ڪتاب جو نالو: اڇن جي مُلڪ ۾ اسين ڪارا
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 1998
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 14 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 400 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 281 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
تعليم جي سلسلي ۾ الطاف شيخ جو جڏهن ٻه سال سئيڊن ۾ رهڻ ٿيو ته اتان جي ملڪن (ڊئنمارڪ، ناروي پڻ)، ماڻهن، سندس يونيورسٽي ۽ ان ۾ ساڻس گڏ تعليم وٺندڙ آفريڪن، ايشين، ۽ آمريڪا جي مختلف ملڪن (ميڪسيڪو، برازيل، چلي، نڪراگئا، وينزوئلا وغيره) جي جهازران ساٿين جو احوال ڪالمن ذريعي اخبارن ۾ ڏيندو رهيو. هي ڪِتاب ”اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا“ انهن ڪالمن جو پهريون مجموعو آهي
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب
  • پيش لفظ
  • گهمندڙ ڦرندڙ انسائيڪلوپيڊيا _ الطاف
  • ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن تائين
  • جهازن جو مالڪ ڪنڊ وٺي روئي
  • هُوور ڪرافٽ خچر وانگر وچ جي شيءِ آهي
  • PIA جا اجر جا ڪم ۽ اسان کان اڳ آيل پاڪستاني
  • مالمو ۽ ڪوپن هيگن ڪياماڙي ۽ منهوڙي جيان آهي
  • عقل وڏو يا پاڏو؟
  • سمنڊ ۾ ٻُڏي مرڻ پوءِ جي ڳالهه آهي
  • فارينر کي ڪهڙي نانگ کاڌو آهي
  • ڪوپن هيگن کان مالمو _ تائين جهازن جا ڪيئي قسم
  • ڪاغذ کٽل آهن
  • يورپ جي ٿڌي هوا کان برف ڪوسي
  • ڪنڊياري کان موري لڏي وڃڻ
  • ڪهڙي بچاءُ لاءِ ڪتا آهن؟
  • هر ڳالهه ۾ اسان پاڪستاني ليٽ
  • جانورن جي کل جي ٽوپي
  • ڪئپٽن ڪڏهن به رستو نه ڀلبو آهي
  • سئيڊن ۾ پهرين عيد
  • ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي
  • هن قسم جي يونيورسٽيءَ جي ضرورت
  • ايتري حفاظت ڇو
  • سمهڻ کپي يا صفائي
  • ريڊ انڊين کان سبق حاصل ڪريو
  • عربن، ايرانين سان گڏ نماز پڙهي
  • حسين حبشڻ _ گهانا جي ايلس
  • اجايو ڊپ ٿا ڪن
  • مارشل آئيلينڊ جو ليري
  • گيانا جو مسٽر انگلش
  • چٻرو با عزت پکي!
  • ناروي جو پوٽو
  • ناروي جي پوليس آفيسر لبنى علي
  • يورپ ۾ مسلمانن جو مسئلو
  • آفريڪا جا شيدي
  • هر ڳالهه ۾ اسان جو ڏوهه
  • اسان جي پنهنجن جو ظلم
  • يورپ جي ويڪ اينڊ
  • فقط برف سستي آهي
  • اسين سڀ دل جا مريض آهيون
  • ڊڪار (سينيگال) جي مائي ايمي
  • هڪ پاڪستاني نوجوان
  • لائيف جئڪيٽ ياد رکجو
  • ماڻهو ولايت ۾ ڇا لاءِ رهي ٿو؟
  • هتي ڪيئن آئين؟
  • بس طلاق ئي سمجهو
  • عرب به سستي مارڪيٽ ڳوليندا وتن
  • نيرن مسئلو ناهي
  • چمڙو ڇو سستو آهي؟
  • پاڳل آهي
  • لوهه جا نه پر شيشي جا هجن
  • ڪهڙي وڻ تي
  • جيترو قاعدو اوترو فائدو
  • ٻار پالجي يا ڪتو
  • ماڪوڙين جا ڪٽنب
  • ٺري مرنداسين
  • وچ واريون نوجوان ڇوڪريون
  • بند روڊ جا خاص وڻ
  • پنهنجو پاڻ کي مشغول رکڻ جو مثال
  • پٿل ماري ويهڻ
  • ولايت ۾ پاڪستاني کاڌا
  • روسي اسان جا مائٽ
  • وڃن مسلمان ٿيندا
  • ٽي وي کي برقعو پارائڻ اجايو آهي
  • گوشت جو حلال حرام جو مسئلو
  • روزو ۽ شراب
  • حبشي ديوَ آدم بو آدم بو ڪندو ايندو
  • عربي ڊريس ۽ سنڌي ٽوپي
  • ٻه ۽ ٻه گهڻو ٿيو؟
  • فنا ٿيندڙ اقليت
  • جوتن جو خيال رک
  • جهاز جا مالڪ فرشتا نه آهن

  • انتساب

    هڪ دلير ايڊيٽر ۽ عظيم انسان
    مرحوم فقير محمد لاشاريءَ


    پيش لفظ

    پُراڻي ۽ نئين تاريخ جي مطالعي مان خبر ٿي پئي ته هن دنيا ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به پيدا ٿيا آهن، جيڪي نه رڳو پنهنجي ذاتي سڃاڻپ بنيا آهن بلڪه سندن ڳوٺ ۽ خطو سندن قابليت ۽ محنت جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو. هالن نون توڙي پراڻن جي ادبي تاريخ تي نظر وجهبي ته ان ۾ ڪئين وڏا عالم، فاضل، حافظ، دانشور شاعر ۽ اديب ڏسڻ ۾ ايندا، جن پنهنجي وقت ۾، پنهنجي علمي و ادبي ڄاڻ موجب ايڏا عظيم۽ شاهڪار ڪم ڪيا آهن،جن جو مثال ملڻ محال نه ته به مشڪل ضرور آهي. الطاف شيخ جو شمار به انهن ۾ ٿئي ٿو.
    الطاف شيخ هالن نون ۾ ڄائو، ابتدائي تعليم به اتي ئي حاصل ڪيائين. بعد ۾ پنهنجي محنت ۽ شوق ۽ ڪوشش سان اعلى تعليم حاصل ڪري بلنديءَ تي پهتو. ساڻس منهنجي پهرين ملاقات 1978-1979ع ۾ اسان جي هالا واري رهائشگاهه جي دروازي يعني ”ڪوٽ واري در“ تي ٿي.ان وقت پاڻ حضرت قبله مخدوم محمد زمان طالب المولى جن سان ملي واپس وڃي رهيو هئو. الطاف سان منهنجو تعارف سندس ڀاءُ اشفاق شيخ ڪرايو پر سچ پچ ته بلڪل ائين نه لڳو ته ڪو اهو پهرئين دفعي مليا هجون! ان جو سبب سندس مقبول سفرنامه آهن جن جي پڙهڻ مان دنيا جي چڱي خاصي معلومات کان علاوه خود سندس ذهني لاڙن سوچن ۽ خيالن سان گڏو گڏ سندس مزاج وغيره جي به واقفيت ٿئي ٿي. ڪنهن به تحرير جو عوام ۾ مقبول ٿيڻ ان جو معراج آهي.
    الطاف شيخ جي نالي وٺڻ سان، ذهن ۾ فوراًهالا جو تاريخي شهر، سمنڊ ۽ سمنڊ جا سفر، بحري جهاز، دنيا جا ساحلي ملڪ، اتي جون ريتون رسمون وغيره اچي وينديون آهن. اهو سندس سليس ۽ ساده لکڻيءَ جو ڪمال آهي. منهنجي راءِ موجب ”الطاف شيخ“ جو نالو سنڌ جي انهن اديبن ۾ اچي ٿو، جن ادبي ميدان ۾ الڳ الڳ لاڙا آندا ۽ طرزون ڏنائون، ٻين لفظن ۾ ته اُهي اديب جن کي Trend setters چيو وڃي ٿو.
    الطاف جو هي سفرنامو ان ملڪ (سئيڊن) بابت آهي، جيڪو يورپ جو آخري حصو سمجهيو وڃي ٿو. اتر قطب جي ويجهو هجڻ ڪري سئيڊن ۽ ان جا آسپاس وارا ملڪ (ناروي، فنلئنڊ وغيره) ڪيترن لاءِ ڏورانهان ۽ اوپراآهن. برف باري، شديد سردي ۽ جهڙڦڙ ۽ اونداهه جو هنن ملڪن تي ٻارهوئي راڄ آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته دنيا جي سونهن، رهائش جي اعلى معيار، بهترين سوشل سيڪيورٽي جي طريقي ۽ Modernization ۾ سئيڊن سڀني ملڪن کان اڳرو آهي. Volvo ڪارن ۽ Saab هوائي جهازن جي هن ملڪ (سئيڊن) ۾ الطاف کي ويجهڙائيءَ ۾ ٻه سال رهڻ جو موقعو مليو، جتي هو واندڪائيءَ ۾ هن ملڪ ۽ ان جي ماڻهن بابت دلچسپ ڳالهيون لکندو رهيو ۽ هاڻ اهي ڪتابي صورت ۾ توهان جي آڏو آهن.
    ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي دنيا جي اڪيلي ۽ Unique يونيورسٽي آهي جيڪا 1983ع ۾ سئيڊن جي ڏاکڻي شهر ۽ بندرگاهه مالمو ۾ ٺهي ۽ جنهن ۾ دنيا جي هڪ سؤ ملڪن ۽ ٻيٽن جا جهازي ڪئپٽن، چيف انجنيئر، پورٽ آفيسر ۽ وزارت مواصلات جا سينئر آفيسر M.sc. جي ٻن سالن جي ڪورس لاءِ اچن ٿا. هيءَ يونيورسٽي U.N.O جي خاص برانچ I.M.O طرفان ٺهرائي وئي آهي ۽ هيستائين پاڪستان مان پڻ ڏهاڪو کن آفيسر گريجوئيٽ ٿي چڪا آهن. الطاف انهن مان هڪ آهي. هن يونيورسٽي ۾ تعليم دوران شاگردن کي اوسي پاسي جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ Field Trips۽ Research work لاءِ وڃڻو پوي ٿو. ان ڪري الطاف جي هن سفرنامي ۾ نه فقط سئيڊن ۽ يورپ بابت احوال آهي پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي دلچسپ ماڻهن جون ڳالهيون پڻ آهن، جيڪي الطاف سان گڏ ٻه سال سئيڊن ۾ هئا. تنزانيا جو دوبيلو، مئڊاگاسڪر ٻيٽ جي لالائو، يمن جو مبارڪ، فلپين جي ڊيزي، ملائيشيا جو ڪئپٽن لي ۽ سينيگال جي ائمي انهن مان چند دلچسپ شخصيتون آهن.
    هن سفرنامي لکڻ تي الطاف ٻن سالن کان مٿي محنت ڪئي آهي ۽ مونکي سندن پهرين سفرنامن کان به وڌيڪ دلچسپ لڳي ٿو. مونکي خوشي آهي ته هن سفرنامي تي ڪجهه لکڻ لاءِ مونکي موقعو ڏنو ويو آهي.
    سرنامو: مخدوم جميل الزمان
    چيئرمين
    طالب المولى اڪيڊمي
    17 جون 1994ع
    Bunglow No. II A,
    2nd Sunset street
    Defence Housing Authority,
    Karachi. Tel. No. 5895711


    گهمندڙ ڦرندڙ انسائيڪلوپيڊيا _ الطاف

    اُها سخت شپڪي واري برسات جي رات هئي. مان پنهنجي ننڍي شهر هالا ۾ پنهنجي گهر جي ماڙيءَ تي ورانڊي ۾ ڪرسي تي ويهي الطاف شيخ جو سفرنامو ”منهنجو ساگر، منهجو ساحل“ پڙهي رهيو هوس. برسات منهنجي پسنديده مُند آهي ۽ مان انهيءَ ۾ اڪثر ڪنهن محبوبه سان رلندو آهيان يا وري ڪنهن محبوب ليکڪ جو ڪتاب پڙهي، انهيءَ ۾ لکيل ڳالهين کي ذهن ۾ وهاري ڇڏيندو آهيان.
    هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن مونکي نئون نئون ڪتاب پڙهڻ جو شوق جاڳيو هو ۽ الطاف جي انهيءَ ڪتاب مون ۾ به هر سنڌي نوجوان وانگر، دنيا گهمڻ جو شوق پيدا ڪيو ۽ گڏو گڏ، جهازن تي نوڪري ڪرڻ جو شوق پيداڪيو. اُها برساتي رات، جنهن ۾ خوش قسمتيءَ سان بجلي بند نه ٿي هئي، مان هڪ ئي وهڪ ۾ الطاف جو اهو ڪتاب پڙهي ويوهوس ۽ انهيءَ ڪتاب ۾ موجود ڪيئي پُرڪشش جملا، لطيفا ۽ گهمڻ واريون جايون ذهن تي نقش ٿيل آهن.
    سنڌ، هڪ تمام ننڍڙو علائقو آهي. هڪ تمام محدود ڌرتي آهي، جنهن کي پنج هزار سال پراڻي تهذيب ۽ ثقافتي ورثا ضرور آهن پر سنڌ جي ترقيءَ ڪرڻ وارو تناسب ٻي ترقي يافته دنيا کان سؤ ڀيرا پوئتي آهي ۽ انهيءَ جو پوئتي هجڻ جو اهم سبب آهي؛ اسان وٽ معلومات جي کوٽ، معاشي سڌارن ۾، ٻين ترقي يافته قومن جي رهڻي ڪهڻيءَ ۽ ثقافت مان سکڻ اسان ماڻهن سکيو ئي ناهي، الٽو اسان سٺين قومن جي سُٺين عادتن کي رد ڪري پنهنجي جسم جو وڏيرڪو ڪنڌ اوچو رکڻ چاهيو آهي.
    الطاف شيخ، انهيءَ وقت سفرناما لکڻ شروع ڪيا جڏهن اندرونِ سنڌ، ماڻهن ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ سفر ڪرڻ جو شعور ئي ڪونه هو ۽ نه ئي جهازن جي نوڪريءَ جي مڪمل ڄاڻ هئي. اها هڪ انتهائي تعجب جهڙي ڳالهه آهي ته گذريل 30-25 سالن کان پاڪستان مئرين اڪيڊميءَ جي داخلا لاءِ هر سال نه ڄاڻ ڪيترائي سنڌي ڇوڪرا ڪوشش ڪن ٿا ۽ ڪيئي ڪامياب پڻ ٿين ٿا.
    الطاف، آڱر کان وٺي هڪ پڙهندڙ کي مُلڪ گهمائي ٿو. هو ريل، بس کان وٺي گهوڙي گاڏين تائين، ڪيئي مزاحيه، معلوماتي ۽ افسانوي خبرون ٻڌائيندو هلي ٿو. سندس سفرناما پڙهڻ کان پوءِ، ڪنهن به ماڻهوءَ کي انهيءَ ملڪ جو جاري ڪيل ٽوئرسٽن لاءِ ڪتاب پڙهڻ لازمي ناهي.جهڙيءَ طرح سان پاڪستان ۾ ضياءُ مُحي الدين کي ٿيٽر پيدا ڪرڻ لاءِ باني ڪوٺي سگهجي ٿو، اهڙيءَ طرح سان الطاف شيخ کي سنڌ ۾ سفرناما لکڻ جو باني ڪوٺي سگهجي ٿو.
    جيتوڻيڪ سندس پڙهندڙن جو تعداد تمام گهڻو آهي جو کيس انهيءَ سلسلي ۾ خط به لاتعداد ملندا رهندا آهن پر ڪجهه ڳالهيون، سندس سفرنامن جي حوالي سان تشريح هيٺ اچڻ گهرجن.
    1. هيءُ هڪ تمام Optimisic ليکڪ آهي. روزمره جي مسئلن کان علاوه جيڪي زندگيءَ جا ڳوڙها مسئلا ٿين ٿا، انهن کان سندس سفرناما وانجهيل هوندا آهن. منهنجو اشارو، ملڪن جي سياسي صورتحال طرف به آهي. گڏوگڏ فلسفي، نفسيات ۽ سماجي سائنس جي طرف به آهي. سفر هڪ ڀرپور تخليق جو نالو آهي جنهن ۾ ماڻهوءَ کي ڪيئي اهڙا ڪردار ملندا آهن جن جو پسمنظرزندگيءَ جي مختلف فلسفن ڏانهن وٺي ويندو آهي ۽ جن جي ڪري انسان جو ڪائناتي تصور واضح ٿيڻ لڳندو آهي. بيشڪ الطاف، جتي به هوندو آهي ڪوشش ڪري، ماڻهن منجهه رهڻ چاهيندو آهي ۽ ڪوشش ڪري سندن زندگيءَ جا راز به معلوم ڪري ڪتابن ۾ لکندو آهي. پر هيڏي ساري پرديس جي زندگيءَ ۾ ڪو اهڙو ڪردار سندس ويجهو نه اچي سگهيو جنهن کي هُو پنهنجي سموري ڪتاب جو موضوع بنائي سگهي. ائين گهرن، بازارن، پارڪن ۽ ميوزم ۾ گهمڻ تمام سٺي ڳالهه آهي، انهن جي معلومات، سنڌي ماڻهن لاءِ هڪ تمام وڏي اهميت پڻ رکي ٿي. پر انهن ملڪن جي سياسي جُلوسن، ماڻهن جي سياسي نفسيات ۽ انهيءَ جو بين الاقوامي سياست سان ڳانڍاپو؛ اهو پڻ سنڌي ماڻهوءَ جو اهم موضوع آهي. جنهن موضوع کي اميد هئي ته الطاف پنهنجي پهرين سفرنامن کان پوءِ ڇهندو پر لکڻ جو سندس ساڳيو انداز، جاري رهيو. جڏهن ته مان سمجهان ٿو، انهيءَ وچ ۾، سنڌي ماڻهوءَ جي نفسيات تبديل ٿيندي رهي. هُن مارشلالا خلاف ويڙهه کاڌي. جمهوريت جي لفظ جي کيس ڄاڻ ٿي. هن بنگال، ويٽنام، فلسطين، سائوٿ آفريڪا، بوسنيا جي قومن جي صورتحال کي ڏٺو ۽ پرکيو ۽ پنهنجو پاڻ کي تاريخ جي آئيني ۾ ڀڳل ٽٽل شڪلين سان ڏسندو رهيو. کيس اڄ تائين اهو سمجهه ۾ نه آيو آهي ته قومپرستي، آخر ڪهڙي حد تي نسل پرستي بنجي ٿي ۽ روسُ جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ جا سبب ڇا آهن؟
    2. اخبارن ۽ رسالن کان وٺي ٽي وي ۽ ڊش اينٽينا جي پيدا ڪيل تصور کان سواءِ هڪ اهڙو به تصور آهي، جيڪو ڪنهن به علائقي جو ليکڪ ڏيئي سگهي ٿو. منهنجو خيال آهي ته هر اهو ماڻهو، جيڪو پنهنجي ڌرتيءَ کان سواءِ ٻي دنيا ڏسي ٿو، انهيءَ کي ڌرتيءَ جي رنگن جي وڌيڪ ڄاڻ ٿئي ٿي ۽ قومن جي تقدير ڦيرائي سگهي ٿو. الطاف شيخ، سنڌي ادب ۾ هڪ علحده شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس اسٽائل هر مصنوعيت کان نرالو آهي. هو گهمندڙ ڦرندڙ انسائيڪلوپيڊيا بنجي ويو آهي.هو پيار جو پانڌيئڙو آهي. تمام تکو ۽ محنت ڪندڙ انسان آهي. هن کي سندس مَن ۾، معصوم ۽ مظلوم ماڻهن لاءِ درد آهي. گڏو گڏ تمام شعوري طور تي هُن سنڌي عام پڙهندڙ ۽ هڪ معاشرتي شعور پيدا ڪيو آهي. سندس شرميلي طبيعت مان هميشه ائين لڳندوآهي ڄڻ ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ سان ملاقات ٿي هجي، جنهن جو تازو مڱڻو ٿيو آهي. اها طبيعت سندس لکڻين ۾ پڻ ظاهر ٿيندي آهي. سنڌي سماج ۾ جهڙيءَ طرح ڪو نوجوان، يونيورسٽيءَ جي پڙهائيءَ دوران هاسٽل مان گهر ايندو آهي ۽ سياري جي راتين ۾ سگري ٻاري گهر وارن کي هاسٽل جون ڳالهيون، مرچ مصالحه ملائي ٻڌائيندو آهي، بلڪل اهڙي طرح الطاف ملڪن کان ٻاهر رهي، ڪچهريءَ جو معيلو مچايو ويٺو هوندو آهي.
    3. هن وقت الطاف شيخ ايتري دنيا گهمي چڪو آهي ۽ دنيا ۾ هر هنڌ تي مختلف ماڻهن سان ايترا تعلقات پکيڙي چڪو آهي جو جيڪڏهن ڪٿي وڃبو ۽ اهو ٻڌائبو ته اسين سنڌ مان آيا آهيون ته هُو چوندا ته جتان جو الطاف آهي. جيئن ته مون پهرين عرض ڪيو ته سنڌ هڪ تمام محدود علائقو آهي تنهن ڪري انهيءَ جي پڙهندڙن جو تعداد (پاڪستان جي تعليمي شرح نظر ۾ رکندي) به تمام معمولي آهي. تمام گهڻا ماڻهو اخبار پڙهنداآهن ۽ ادبي ڪتابن کي هٿ به لاهڻ نه چاهينداآهن. پر اهو ضرور محسوس ڪيو ويو آهي ته هر گهر۾ دوشيزه، اخبار خواتين، سب رنگ، عمران سيريز جي ڪتابن سان گڏ سنڌيءَ جو اهو واحد ليکڪ ڏسڻ ۾ ايندو ۽ سندس سفرناما، هر عُمر جا ماڻهو ڏاڍي شوق سان پڙهن ٿا جن ۾ ڪيئي ماڻهو ريل جي ڊگهي سفر کي موت ڏيڻ لاءِ، هيرالڊرابنس، سڊني شيلڊن جهڙن بيسٽ سيلرز سان الطاف شيخ کي به پڙهن ٿا. جو سندس ڪتابن ۾ اسان جي معاشري جو ڇهاءُ تمام گهڻي پرڪشش انداز ۾ ڏنل هوندو آهي.
    4. فطرت جي گهري ويجهڙائپ، جيڪا ماڻهوءَ کي هڪ خيالي شخص بنائي ڇڏيندي آهي. جنهن ۾ دريائن، پهاڙن، سمنڊن، تارن، پکين، برف ۽ برف سان سلهاڙيل برفاني پيچرن جو ذڪر هوندو آهي جيڪا انسان کي ڪائناتي تصور ۾ امر ڪري ڇڏيندي آهي ۽ انسان غير شعوري طور تي هميشه فطرت جي ويجهو رهڻ چاهيو آهي. جنهن ۾ سائنس ۽ نين سائنسي تخليقات جو ذڪر پڻ اچي ٿو ۽ فطرت کي جتي آئنسٽائين اچي بيهاريو هو، اتان کان انسان جي اندر ۾ ڪهڙ ي ولوڙ پيدا ٿيندي آهي. انهن ساڳين ملڪن ۾ علم طب، ٽيڪنيڪل دنيا، نيوڪليئر انرجي، ماحول جي آلودگي بابت ۽ کوڙ سارن اهڙن دنيا جي مسئلن بابت کوجنا ٿي رهي آهي. جيڪا مختلف اخبارن ۽ رسالن مان معلوم ٿيندي رهندي آهي، جتي الطاف گهمندو رهي ٿو. سندس ڪتابن ۾ اهڙي ڪابه تحقيق واضح نموني ظاهر نه ٿي آهي. هُن انساني روين ۾ ننڍڙين شين کي پنهنجي قلم جو موضوع بنايو، جيڪي هُن لاءِ تمام آسان هيون ۽ سندس زندگيءَ جو حصو پڻ هيون.مونکي ياد پوي ٿو؛ پارسين جي لاشن بابت هُن جيڪو مضمون لکيو هو، جنهن ۾ هُن فوٽوگرافي به ڪئي ته ڪيئين پارسين جي لاشن تي ڳِجهون گهر ڪري اچي وهنديون آهن. ته اهڙي قسم جا چند مضمون تمام لاڀائتا هو لکي چڪو آهي. سندس چوڻ موجب ته هُن انهيءَ مضمون تي ٻه سال محنت ڪئي تڏهن کيس مڪمل معلومات ملي سگهي. ليکڪ کي ڪهڙي شعبن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، انهيءَ جو فيصلو، انهيءَ ٻوليءَ جو پڙهندڙ ئي ڪري سگهي ٿو پر جيڪڏهن هيمنگوي کي هڪ ناول لکڻ ۾ 10 سال لڳي سگهن ٿا ته پوءِ اسان جو ليکڪ هڪ مهيني ۾ هڪ ڪتاب ڪيئن ٿو لکي وٺي. اهڙيءَ طرح الطاف جا اهي موضوع جن تي هُن تمام گهڻي محنت ڪئي آهي يا اُهي ملڪ جن سان کيس ڏاڍو چاهه رهيو آهي، اُهي پڙهندڙ لاءِ تمام وڏو پليٽ فارم کولي سگهن ٿا. جيئن جپان سان گهڻي دل هجڻ ڪري سندس ڪتاب ”جپان جن جي جيءُ سان“ گهڻي وقت کان پوءِ هڪ ڀرپور ڪتاب هيو جنهن ۾ هُن هڪ تشبيهه ڏني هئي ته ”ٿڪل ٽٽل ماڻهو، رات جو گهر پهچي ڪمري ۾ ماچيس جي تيلين وانگر سمهي ٿا رهن.“ پر سندس ڪيئي ڪتاب هڪ ٽوئر گائيڊ طور استعمال ڪري سگهجن ٿا جو سندس ذهن ۾ شايد هميشه اها وابستگي رهي آهي ته ماڻهن کي ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻ گهرجي ته جيئن سندن علم ۾ اضافو ٿئي. پوين 30 سالن ۾ جڏهن کان الطاف شيخ لکي رهيو آهي، اهو ڏاڍي شدت سان محسوس به ڪيو ويو آهي ته سنڌي پڙهندڙ جي معلومات وارو خانو، تمام معمولي تناسب سان ڀرجندو رهيو آهي، جنهن ۾ الطاف شيخ جي سفرنامن جو هڪ اهم ڪردار آهي.
    ڪجهه هن ڪتاب جي باري ۾
    مان قطعي ان لائق نه آهيان جو الطاف شيخ جي ڪنهن ڪتاب تي پيش لفظ لکي سگهان. ڇو ته پهرين مان سندس مداحن مان آهيان. ٻيو ته زندگيءَ جي ڪيترن ئي هنڌن تي هُو منهنجي محسن جيان مون سان گڏ رهيو آهي ۽ همت افزائي ڪئي آهي. ننڍي هوندي سندس ڏنل ڪتابن جي کوکي مان اڃا تائين ڪتاب پڙهي رهيو آهيان. ائين کڻي چئجي ته هُن مون کي پنهنجن ٻارن جيان سمجهيو آهي. پر هُن کي سندس ئي ڪتاب تي پيش لفظ لکڻ لاءِ چئي انگريزيءَ جي شايد هن جملي کي ذهن ۾ رکيو آهي:
    Child is the father of man.
    سندس اِها ڳالهه ساراهڻ جوڳي آهي ته هُو هميشه ننڍن کان به سکڻ چاهيندو آهي. بهرحال هن ڪتاب جي بار ي ۾ جيڪي ڪجهه به لکندس اُها منهنجي راءِ هوندي ۽ نه ڪي پڙهندڙن لاءِ پيش لفظ.
    هن ڪتاب جو رُوح يامرڪزي خيال هن طرح آهي ته يورپ ۾ ايشيا ۽ آفريڪا جي ماڻهن لاءِ ڏاڍا تنگ نظر رويا محسوس ٿين ٿا ۽ پور ي ڪتاب ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ٿيندو رهي ٿو. خاص طور تي آفريڪن شيدين سان هاسٽل جي ڪمري ۾ جيڪو بحث، الطاف، پنهنجي حساس طبيعت جي ڪر ي نوٽ ڪيو آهي ۽ آفريڪي ماڻهن جي احساس کي چڱيءَ طرح محسوس ڪيو آهي، اُهو ڏاڍو نرالو آهي. ان قسم جي مشابهت مان محسوس ٿيندو آهي ته ليکڪ جي اندر ۾ عزت، احترام ۽ اخلاق جا رويا ڪيئن جڙن ٿا. سئيڊن ۾ اتي جي مقامي ماڻهن کي آفريڪي شيدن لاءِ حقارت جي نظر سان ڏسندي، جيڪو درد محسوس ڪري ٿو انهيءَ مان سندس ڪائنات جي باري ۾ هڪ دردمندانه سوچ جي پروڙ ٿئي ٿي. هُو اِها ڳالهه شروع ڪندي ئي لکي ٿو:
    ”آئون دل ۾ سوچيندو آهيان ته هتي جي يورپي ماڻهن کي ڪهڙ ي خبر ته هي جيڪي ڪارا آفريڪي شيدي سندن شهر مالمو ۾ ڦري رهيا آهن، ڪو تعليم بالغان لاءِ نه آيا آهن پر انهن مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ اهم پوسٽ تي آفيسر ۽ پنهنجي پنهنجي ڪم جو ماهر آهي.“
    الطاف هڪ اهڙ ي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم پرائي آيو آهي جتي ساڻس، دنيا جي هر ملڪ جا بهترين ماڻهو گڏ پڙهيا ٿي. انهيءَ پوري ماحول ۾ الطاف کي آفريڪا جي ذهين، معصوم ۽ ڏکويل شيدين جي ويجهو رهڻ پسند آيو. جن کي رنگ ۽ نسل جي بنياد آمريڪا ۽ يورپ ۾ نظر انداز ڪيو ويو آهي. هيءُ بحث شايد انهن ڏينهن ۾ ٿيو هوندو جڏهن اڃا نيلسن منڊيلا جي چونڊن واري ڪئمپ هلي پئي جيڪو هن وقت سائوٿ آفريڪا جو صدر منتخب ٿي چڪو آهي. جيڪا ڳالهه هڪ خوش آئنده جي نشاني آهي ۽ اوندهه ۾ ڏيئو ٻرڻ جي برابر آهي. بهرحال انهيءَ حقيقت کان به مُنهن نٿو موڙي سگهجي ته محروميءَ ۾ هميشه تخليق پيدا ٿيندي آهي تنهن ڪري ئي ڪارن ماڻهن جا ڪارناما، پوري دنيا ۾ ڳايا ويندا آهن. اتر آمريڪا جي هڪ ليکڪ ”بُڪر واشنگٽن“ جي انوکي مثال دنيا جي تاريخ کي ڏڪائي وڌو هو جنهن جي ناول ”Up from Slavery“ جو تقريباً 35_ 30 زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. سنڌيءَ ۾ پڻ مرزا قليچ بيگ، ”غلاميءَ مان چاڙهو“ جي عنوان سان اهو ناول ترجمو ڪيو هو. ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪري اهو بي نام ٻيٽ هاڻ شيدين جي شناخت بڻيل آهي. پر اخبارن ۽ ٽي وي وغيره تي تڏهن به سندن مختلف عادتن کي نشانو بنائي، کين هڪ گهٽ قوم ظاهر ڪيو ويندو آهي. جيئن الطاف واري انهيءَ بحث ۾ Aids (ايڊز) جي حوالي سان پڻ ڪيئي مثال ڏنا ويا آهن. مون کي لڳي ٿو ته شايد اهوئي سبب آهي جو هن ڪتاب جو عنوان: ”اڇن جي ملڪن ۾ اسين ڪارا“ رکيو ويو آهي.
    الطاف شيخ جي سڀني ڪتابن جيان هن ڪتاب ۾ به ڪجهه مخصوص خوبيون واضح آهن، جيڪي هاڻ سندس شخصيت جو حصو بنجي چڪيون آهن. اُهي آهن ننڍڙا ننڍڙا ڀوڳ، سنڌ جي جاگرافي ۽ ثقافت جي مڪمل ڄاڻ، سنڌ سان وابستگي هجڻ جي ڪري ڪيترائي حوالا ۽ تشبيهون ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه هر نئين شيءِ جي معلومات.
    هن ڪتاب جو هڪ انتهائي مختصر مضمون، ”نيرن مسئلو ناهي“ ۾ الطاف شيخ جو فطرت ۽ سنڌ سان پيار واضح ٿي وڃي ٿو. جڏهن ته هن وقت، هو ڪافي دنيا لتاڙي چڪو آهي ۽ عمر ۽ تجربي جي اهڙي حصي ۾ آهي جتي ماڻهو پنهنجي ديس ۽ انهيءَ جي اوڻاين کان ڪڪ اچي ويندو آهي.
    هُو صبح ساڻ الوپ ننڊ مان جاڳي ٿو ۽ سندس ڪنن، اکين، ذهن ۽ روح جي چڻنگين کي، ٻاهر جا پکي ڇيڙين ٿا ۽ هُو پنهنجي مڪمل معلومات کي استعال ڪندي لکي ٿو:
    ”بهرحال هتي جي ٿلهن ڳيرن، ڪبوترن کي اونهاري ۾ شاهه پنجو، باڊهه، بوبڪ هلي ڇڏجي ته ان ئي وقت گذاري وڃن. ساڳي طرح سوڀو ديرو ۽ سانڌاڻ جا پکي سياري ۾ سئيڊن سان جيڪر سرڳواسي ٿي وڃن.“
    فطرت جو حُسن سندس اندر ۾ سمايل آهي تنهن ڪري ئي هو پکين جي رنگن، ٻولين ۽ سندن جيئاپي جو ذڪر ڪري ٿو پر هي اهڙا موضوع آهن جن جو ڪائنات جي سڀ کان وڏي مخلوق، انسان سان گهرو تعلق آهي ۽ هي موضُوع سندس الڳ الڳ ڪتابن جا موضوع بنجي سگهن ٿا.
    الطاف، انهن سينئر ليکڪن مان آهي جن سنڌي ادب جي انهن ماڻهن سان گڏ سفر شروع ڪيو جڏهن اڃا سنڌي ادب جي ڪا تاريخ ئي نه جُڙي هئي يا جيڪڏهن هُئي ته نالي ماتر، مثلاَ، حميد سنڌي، امر جليل، آغا سليم، علي بابا، نسيم کرل وغيره. پر اهڙن ليکڪن جي کيپ ۾ هيءُ واحد ليکڪ آهي جنهن مسلسل لکيو آهي ۽ پنهنجي قلم کي جيئندان ڏيندو آيو آهي. هن وقت نئين نسل جي نوجوانن جو سينئر ليکڪن تي اهوئي الزام يا شڪايت آهي ته هنن هڪ ٻه ڪتاب لکي، پوءِ انهن ئي ڪتابن جو کٽيو کائڻ چاهيو آهي ۽ سندن چند ڪهاڻين ئي کين امرتا بخشي آهي. اهو بحث تمام ڊگهو آهي. الطاف شيخ، شايد، سنڌ ۾ ٿيندڙ ادبي سرگرمين کان چڱيءَ طرح واقف نه هوندو پر هڪ ڳالهه جيڪا ڪنهن انگريزي يا ڪنهن امير ٻولي ءَ جي ليکڪ سان سنڌيءَ ٻوليءَ جي ليکڪ کي ڀيٽڻ تي محسوس ٿئي ٿي، اها آهي، سندس نان پروفيشنل هجڻ. ايترن ڪتابن جو ليکڪ جيڪڏهن، انگريزي، جرمن، فرينچ يا وري ڀلي عربي ۽ روسيءَ جو به ليکڪ هوندو جيترن ڪتابن جو الطاف شيخ آهي ته شايد هڪ وڏي صوبي جيتري جائداد هجيس ها. اسان جا ليکڪ، عظمت جي شوق ۾ به نان پروفيشنل آهن ته وري حالتن پٽاندر پڻ. اها ڳالهه مونکي تڏهن محسوس ٿي جڏهن الطاف شيخ جا هي لفظ، سندس هن سفرنامي ۾ پڙهيم جڏهن کيس ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪو همراهه چانهه پيئاري جهاز تائين وٺي اچي ٿو صرف ان ڪري جو هو سنڌيءَ ۾ مشهور ليکڪ آهي.
    ”لکڻ تان مون جهڙن جي دل ضرور کٽي ٿيندي هوندي ته سنڌي اخبارن جا نه ايڊيٽر ٿا پڇن نه سرڪار سڳوري. پر پوءِ رکي رکي جتوئي ۽ سندس ساٿي پوليس / FIA آفيسرن جا هن قسم جا قرب ڏسي هڪ دفعو وري همت وڌندي آهي.“
    هن ڪتاب ۾ سئيڊن جي سردي ۽ مهنگائي ڏسي ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪو پوڙهو، ڪشتو کڻي پئسا به گهري رهيو آهي ۽ هيٺان ڪنهن ڇٻيءَ ۾ گرم ڪپڙا پڻ گڏ ڪندو وڃي. سندس ايشيائي هجڻ جو اهڃاڻ، سندس اکين جي ڪارن گهٻن مان محسوس ڪر ي سگهجي ٿو. الطاف، چمڙي جي جئڪيٽ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ سندس قيمت جو پڻ جيڪا پاڪستان ۾ هزار رپيا ۽ سئيڊن ۾ ڏهه هزار رپيه ملي ٿي. انهيءَ تي مون کي صوفيه لارين جي انگريزي فلم ”سن فلاور“ (Sun Flower) ياد آئي جنهن ۾ هيرو جڏهن جنگ تي وڃي ٿو ته سندس زال محبوبه کيس چمڙي جي جئڪيٽ آڻڻ لاءِ چوي ٿي. بدقسمتي سان اهو هيرو جنگ ۾ وڃائجي وڃي ٿو ۽ شايد برف ۾ سندس بيمار جسم اٽليءَ جي هڪ ڇوڪري کڻي ٿي جنهن سان هو زندگي بچائڻ جي ڪري شادي ڪري ٿو ڇڏي. ڪيئي سالن بعد جڏهن سندس پهرين زال ۽ محبوبه کيس ڳولهيندي پهچي ٿي ۽ سندس ٻي زال ڏسي واپس موٽي ٿي تڏهن هيرو کيس چمڙي جي جئڪيٽ ڏيئي ٻڌائي ٿو ته هيءَ جئڪيٽ، مون تولاءِ جنگ جي دوران ورتي هئي.
    ان، وقت مون کي سمجهه ۾ نه آيو هو ته چمڙي جي معمولي جئڪيٽ، ان فلم جي هيروئن لاءِ ڪهڙي اهميت رکي سگهي ٿي. پر الطاف جو هيءُ سفرنامو پڙهي ۽ سئيڊن ۾ جئڪيٽ جي اهميت ڏسي محسوس ٿيو ته ان فلم جو هيرو، پنهنجي محبوبه کي هڪ نرالو تحفو ڏنو هو.
    ٿڌ جو ذڪر ڪندي الطاف ڪيئي سهڻيون تشبيهون ڏنيون آهن، جن مان هيءَ تشبيهه ذڪر جوڳي آهي:
    ”۽ هي سئيڊن جهڙا ملڪ اتر قطبي ۽ سائبيريا واري ويڪرائي ڦاڪن جا ملڪ سڏجن ٿا جتي مارچ، اپريل مهينن ۾ به برف باري ۽ ٿڌيون هوائون پيون لڳن ۽ اندران لانگ جان (ڪاٽن يا اون جي ڊگهي گنجي ۽ پجامو)، قميص، پتلون، سئيٽر، ڪوٽ، جئڪيٽ ۽ مفلر ٽوپ پائڻ سان به گهڻي ٿڌ ۾ ائين لڳندو آهي ڄڻ ماڻهو وهنجي ايئرڪنڊيشنر اڳيان اگهاڙو بيٺو آهي.“
    ان کان علاوه سئيڊن توڙي اسڪينڊينيون ملڪن ناروي، فن لئنڊ ۽ ڊينمارڪ ۾ روز شادي روز طلاق جو ڪافي ذڪر آڏو آيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪيئي فلسفا سامهون اچن ٿا. عورت آزاد تحريڪن کان وٺي انسان جي بنيادي آزادين واريون تحريڪون ماڻهو سوچي سگهي ٿو. ساڳئي وقت مذهبي ارتقا کان وٺي ڪميونسٽ سماج جي ٽٽڻ تائين جيڪا نظرياتي ويڙهه، دنيا جي انسانذات آڏو گهمي آئي آهي، تنهن اهو ثابت ڪر ي ڏيکاريو آهي ته هڪ عورت لاءِ هڪ مرد کانسواءِ، ۽ هڪ مرد لاءِ، هڪ عورت کانسوءِ وڌيڪ جنس پرستي ائبنارمل آهي _ ايڊز، قدرت جي پيدا ڪيل تمام وڏي ۽ خطرناڪ بيماري، انسانذات کي ڏڪائي ڇڏيو آهي. جنهن ڪري هاڻ ٿائيلينڊ ۾ به چڪلن تي آهستي آهستي بندش پئجي رهي آهي.
    ائين جلدي ۾ شاديون ڪرڻ ۽ طلاقون ڏيڻ، واقعي پاڪستان يا ايشيا جي غريب ملڪن وارن ماڻهن لاءِ ڪنهن مطلب جي تحت آهي جو ٽين دنيا جي ماڻهوءَ کي هڪ منظم زندگي نه ملي سگهي آهي. هُن ٺڳيءَ کانسواءِ ڪجهه ڪمائڻ ۽ ٺاهڻ سکيو ئي ناهي. باقي هڪ آزاد زندگيءَ جي تصور ۾ پنهنجي مرضيءَ کان بغير زندگي گذارڻ لاءِ اهو قانون ٿي سگهي ٿو. هنن جي آبهوا کي ٺهڪي ايندو هجي. انهيءَ باري ۾ ڪا راءِ تڏهن قائم ڪري سگهجي ها جڏهن الطاف ڪو سنجيده ڪردار سامهون کڻي اچي ها.
    هن سئيڊن ۾ رهڻ دوران تيرهن سؤ صفحا لکيا آهن ۽ هي ڪتاب شايد سندس اوائلي ڇهن مهينن دوران لکيل آهي. ڪيئي ڳالهيون جيڪي پڙهندڙ کي کوٽ محسوس ڪرائينديون هونديون، يقيناً سندس ايندڙ ڪتابن: ملير کان مالمو، جت برف پوي ٿي جام، يورپ جا ڏينهن ۽ راتيون وغيره ۾ پورائو ڪري وينديون.
    امير ابڙو
    Address:
    A_ 16, Shareef Square
    Hussainabad, Hyderabad,Sindh.
    Tel. No. (92 221) 654050
    (92_ 21) _ 5853003


    ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن تائين

    جتي ٻارهن ڪلاڪن جو سفر اتي ڪلاڪ اڌ دير سان نڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. PIA جي هن هوائي جهاز نائين بدران ساڍي نائين ڪراچيءَ جو هوائي اڏو ڇڏيو. ان جهاز جي پائليٽ يا هوائي ڪمپنيءَ جو پڪ ڪو ڏوهه نه هوندو. اڄڪلهه مسافرن ۽ جهاز جي حفاظت خاطر ڪيترائي سخت اُپاءَ ورتا وڃن ٿا جن ۾ دير ٿيو وڃي. نه ته هاءِ جئڪنگ جي فئشن کان اڳ هوائي اڏي تي مسافر اڌ ڪلاڪ کن مس پهرين پهچندا هئا. فقط سامان تورائي اچي جهاز ۾ ويهندا هئا. تڏهن هوائي جهاز جو مسافر عزت لائق سمجهيو ويندو هو. پر هاڻ خبرئي نٿي پوي ته ڪهڙي معصوم منهن واري مسافر جي ميڄالي ۾ جهاز اغوا ڪرڻ جي ماليخوليا هجي. ان ڪري هر مسافر کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، ته ڪٿي هو جهاز ۾ چڙهيل باقي مسافرن ۽ جهاز لاءِ مٿي جو سور ته نه بنيو. ۽ پوءِ نه فقط مسافر ۽ جهاز جي ڪمپني پر اهو ملڪ پڻ مونجهاري ۾ اچيو وڃي جتي ان اغواڪيل جهاز کي لاٿو وڃي ٿو.
    انهن مڙني پريشانين کان بچڻ لاءِ بهتر آهي ته اڏام کان اڳ هر هڪ مسافر جي چڱيءَ طرح چڪاس ورتي وڃي.اليڪٽرانڪ ۽ ايڪسري ذريعي سامان ۽ مسافرن جي چيڪنگ، پاسپورٽ ويزا جي جانچ جونچ ۽ ماهر نفسيات ذريعي هر مسافر جي منهن جي پني جي تپاس، ته خوف، اميد، خوشي، بيخيالي ۽ سوچ جا جذبا ڪنهن ڳجهي راز ڏي ته اشارو نٿاڪن. هونءَ ته رڳو اليڪٽرانڪ Scanner (جانچ واري در مان لنگهڻ) ئي ڪافي سمجهيو ويو ٿي. جو ان مان پستول، خنجريا ڪالوهه واري شيءَ جي موجودگيءَ جي خبر پيئي ٿي. پر اغوا جا ڪيترائي اهڙا ڪيس ٿيا آهن جن ۾ دهشت پکيڙيندڙن ڪاٺ جا ڪاري رنگ جا پستول ۽ بم ڏيکاري جهاز کي اغوا ڪيو آهي. ان ڪري هاڻ مسافرن جي جسم کي هٿن سان پڻ چڱيءَ طرح ڦولهيو وڃي ٿو. مردن جي مرد چڪاس ڪن ٿا ۽ بند ڪمري يا تنبو نما ڪوٺيءَ ۾ ”پوليس عورتون“ مسافر عورتن جي چڪاس ڪن ٿيون.
    ۽ اها چڪاس فقط اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ نه آهي. جتي ڪٿي آهي.ڪوپن هيگن ايئرپورٽ تي لهڻ وقت به سڀني مسافرن جي ڪلاڪ کن هٿن سان چيڪنگ هلندي رهي. مون سمجهيو ته شايد اسان پاڪستاني، بنگلاديشي، انڊين ۽ غريب ايشيائي آفريڪي ملڪن جي مسافرن جي چيڪنگ هلي رهي آهي جيڪي هر وقت اهڙي مصيبت جو نشانو هوندا آهن پر يورپين جي به ايتري ئي سختيءَ سان چڪاس هلي رهي هئي. ٿلهي ڪپڙي جا ٽي چار پارٽيشن ٺهيل هئا جن ۾ بيٺل پوليس جي عملي هڪ هڪ مرد توڙي عورت کي اندر سڏي مٿي کان وٺي پيرن تائين هٿ گهمائي ڏٺو ٿي ته ڪو هٿيار يا اوزار لڪل ته نه آهي. چرس يا گانجي جي ڪا پڙي ڪٿي لڪل ته نه آهي. تيسين ٻيا ٻاهر قطار ۾ بيٺا رهيا. پارٽيشن وارو ڪپڙو زمين کان ڏيڍ فوٽ مٿي هو. ان ڪري اندر بيٺل مسافرن جون مرين تائين ٽنگون نظر اچي رهيون هيون. ڪيترن مردن توڙي عورتن جا ڪپڙا پڻ لهرايائون ٿي. منهنجي به اڳيان پويان، ڪڇن هيٺان، ٽنگن جي وچ ۾ ٽنگن جي چوڌاري هٿ گهمائي چڪاس وٺي اوڪي ( O.K) چوڻ بدران ڊئنمارڪ جي ڊئنش پوليس واري پتلون لاهڻ لاءِ چيو. بيلٽ کولي پتلون لاهڻ وقت سوچڻ لڳس ته هن کي خبر ناهي ڪهڙي ڳالهه شڪ ۾ وڌو آهي. ظاهر ته هن سان منهنجي نه ته ڪا پراڻي دشمني آهي ۽ نه وري ڪنهن پاڙي جي ڏاڍي مڙس بدلو وٺڻ لاءِ هن پوليس واري کي رشوت ڏئي مونکي ذليل ڪرائڻ جو پروگرام رٿيو آهي. پر پوءِ پتلون لاهڻ تي چيلهه جي چوڌاري ٻڌل ويڪري پٽي تي نظر پئي جيڪو پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري سرجن علي محمد انصاريءَ ڪجهه ڏينهن اڳ ٻڌڻ لاءِ ڏنو هو _ جيئن اهو ويڪرو پٽو پٺيءَ جي ڪنڊي جي هڏين ((Vertebrate کي مهيني کن لاءِ گهڻي چرپر کان بچائي. ان رٻڙ جي ڇهه انچ کن ويڪري پٽي جي وچ واري حصي تي ڪنهن ڌاتوءَ جون چار کن ڊگهيون پٽيون پڻ لڳل هيون. منهنجي چڪاس ڪندي انهن لوهي پٽين تي هٿ لڳڻ سان هي پوليس وارو همراهه شڪيو هو.
    ”بيلٽ آهي“ مون پتلون لاهي، ان پٽي ڏي اشارو ڪري پوليس واري کي ٻڌايو. ڊئنش پوليس واري ساعت کن لاءِ مون کي غور سان ڏسي شايد منهنجي شڪل پڙهي اندازو لڳائڻ چاهيو ٿي ته شريف ماڻهو آهيان يا ڦڏي باز. پرلڳو ته هو ڪا راءِ قائم ڪري نه سگهيو ۽ مونکي ان پٽي لاهڻ لاءِ چيو.
    ”آئون ڏسڻ ٿو چاهيان“ _ پوليس واري چيو.
    ”اوڪي ڀلي.“ هائوڪار سان گڏ بيلٽ لاهي سندس حوالي ڪيم.
    هن ان قسم جا ڪيترائي بيلٽ ڏٺا هوندا. يورپ ۾ ته اها هڪ عام ڳالهه آهي. مون پنهنجن ڪيترن ئي جهازي ساٿين کي ڏٺا آهن جيڪي جهاز جي انجڻ روم ۾ يا لوهي ڊيڪ تي هاريل تيل مٿان يا وري سرد ملڪن ۾ رستي تي ڄميل برف مٿان ترڪي پيا هوندا ۽ ڪرنگهي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري ڊاڪٽرن کين اهڙو ويڪرو پٽو ڪجهه عرصي لاءِ ٻڌڻ جي صلاح ڏني هوندي. پر اهي سڀ پٽا ٿلهي بافتي جهڙي ٽاٽ جي ڪپڙي جا هوندا آهن. جن جي چوڌاري ڪنڊا (Hooks) هوندا آهن جن کي ٻڌڻ، کولڻ يا ماني کائڻ وقت ڍرو ڪرڻ وڏي گهل جو ڪم هوندو آهي. پر مونکي ٻڌل هي بيلٽ انهن مڙني يورپين، برٽش، آمريڪن ۽ جپاني ميڊ پٽن کان نرالو هو، ان ڪري هي پوليس وارو ان کي غور سان ڏسڻ لڳو.
    اسان واري آرٿروپيڊڪ سرجن علي محمد انصاريءَ جي هيءَ پنهنجي ايجاد ۽ هوم ميڊ شيءِ آهي جنهن ۾ هن ڪڙن ڪنڍن بدران پلاسٽڪ جي Stickers جو استعال ڪيو آهي. جيڪي رٻڙ جي بوٽن تي ڪهين بدران پڻ لڳل هوندا آهن ۽ ورائڻ سان ٻئي پاسي چهٽي وينداآهن. ڊئنمارڪ جو هي پوليس وارو ڪجهه دير پٽي جي وچ ۾ لڳل ڪپ جهڙين سخت سنهين لوهي پٽين کي هٿ سان ڇهي ڏسندو رهيو. پر پوءِ جڏهن پڪ ٿيس ته اهي بي خطر آهن ته مونکي روانو ٿيڻ لاءِ اوڪي چيو.


    جهازن جو مالڪ ڪنڊ وٺي روئي

    پي آءِ اي جو هي هوائي جهاز ڪراچيءَ مان صبح جو نائين بدران ساڍي نائين بجي Take Off ضرور ڪئي پر پائليٽ اها اڌ ڪلاڪ جي ليٽ رستي تي ڪڍي ورتي ۽ ڊئنمارڪ جي هوائي اڏي (ڪوپن هيگن) تي مقرر وقت موجب ڏيڍ بجي اچي لاٿو. ڪوپن هيگن ۽ ڪراچيءَ جي وقت ۾ چئن ڪلاڪن جو فرق آهي. يعني ان وقت ڪراچيءَ ۾ شام جا ساڍا پنج ٿيا هوندا. مونکي ۽ مون سان گڏ ويٺل ڪئپٽن سليم قاسم کي ڊئنمارڪ جي ڀر واري ملڪ سئيڊن وڃڻو هو. سئيڊن جو شهر مالمو دنيا ۾ جهازي سامونڊي دنيا کان مشهور آهي. دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جي اڪيلي يونيورسٽي _ ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي مالمو ۾ ئي آهي. مالمو جي هن يونيورسٽيءَ ۾ دنيا جي مختلف ملڪن ۽ ٻيٽن کان جهازن، بندرگاهن، شپنگ ڪمپنين ۽ انهن سان واسطيدار وزارتن ۾ڪم ڪندڙ آفيسر M.Sc: ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. پڙهائي مارچ کان شروع ٿئي ۽ ٻه سال هلي، سيمسٽر سسٽم آهي ۽ چار سيمسٽر پوراڪرڻ تي ڊگري ملي ٿي.
    هر اهو ملڪ / ٻيٽ جيڪو يو اين او جو ميمبر آهي، هر سال هڪ کان چار ڄڻا هن يونيورسٽيءَ لاءِ موڪلي ٿو. بنگلاديش برما کان مصر ملائيشيا تائين. مالٽا ۽ مارشل ٻيٽ کان گئمبيا گهانا تائين. سريلنڪا ۽ سيراليون کان سعودي عرب ۽ سينٽ و نيسنٽ ٻيٽ تائين جا جهازن سان تعلق رکندڙ ڄاڻو هن يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد جي حيثيت ۾ اچن ٿا. دنيا جو شايد ئي ڪو اهڙو ڪاليج يونيورسٽي هجي جنهن ۾ انهن قسمن جي رنگن، ويس وڳن، قدبتن ۽ زبانن جا هڪ ئي وقت ماڻهو هجن. جئميڪا ۽ ٽرينڊاڊ جي چاڪليٽي رنگ ۽ منجهيل کوندن جهڙن وارن وارن مٿن کان ملاوي ۽ تنزانيا جا ڪارا ڪنٺ ۽ ماڪوڙن جي ٽنگن جهڙن وارن وارا شيدي ۽ شيدياڻيون نظر اينديون. روس (ازبڪستان ۽ آرمينا) ۽ رومانيا جي سنگتڙن ۽ کور ي ۾ پڪل سرن جهڙي ڳاڙهي رنگ جي شاگردن کان وٺي چلي ۽ وينزوئلا جا ”کير ۾ ڪريل هيڊ“ جهڙا ۽ برازيل ۽ اڪيڊار جا ڦلهير ۽ اٽي جي رنگ جهڙا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ملنديون. سعوري عرب، اردن، مصر ۽ موراڪو جهڙن عرب ملڪن جا اڇي رنگ جا به آهن ته گهنڊي وارن وارا ڪارسرا پڻ. وچ وچ ۾ اسان جهڙا ڪڻڪ رنگا ۽ مشڪي پاڪستاني، بنگلاديشي، هندستاني، ۽ پيلا ڦڪا چيريل ڪاٺ جي رنگ جهڙا چيني، برمي، ٿائي ۽ انڊونيشي پڻ آهن.
    جهاز ي دنيا ۾ رڳو مرد ماڻهو نه آهن. ڪيترن ملڪن جي بندرگاهن يا وزارتن ۾ عورتون پڻ وڏن وڏن عهدن تي آهن. هڪ آمريڪا جي ۽ هڪ گهانا (آفريڪا) جي عورت _ شاگردياڻي جهازن جون ڪئپٽن آهن. تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ايشيا جي ملڪن ۾ سامونڊي دنيا سان واسطو رکندڙ ايتريون عورتون نه آهن جيترو آفريڪا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ملڪن ۾ آهن. آفريڪا جا شيدي جن لاءِ ڪنهن زماني تائين دنيا کي اهوئي وهم هو ته هو جاهل ۽ گهٽ ڄاڻو آهن اهو خيال هتي رهي غلط ثابت ٿئي ٿو.
    ڪراچيءَ ۾ موڪلائڻ وقت ڪئپٽن بشيروسطڙي (جيڪو هن يونيورسٽيءَ جو پهريون پاڪستاني گريجوئيٽ آهي) ان طرف ڌيان ڇڪائيندي ٻڌايو هو:
    ”شيدي عورتون توڙي مرد بيحد محنتي، سلجهيل ۽ هوشيار آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه اسان وانگر چمچاگيري، رک رکاءُ ۽ جي حضوري نٿا ڪن. هو سنئين سڌي ڳالهه ڪن ٿا ۽ بي ڊپا آهن.“
    ۽ هاڻ هتي يونيورسٽيءَ ۾ آفريڪا جي انيڪ ملڪن ۾ اوسي پاسي جي ٻيٽن کان آيل شيدي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميس ۾، هاسٽل ۾، ليڪچر هال ۾ ڏسي، بشير جي ڳالهه جو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو.
    جنهن نموني سان اسان جا هي ڪلاس ميٽ شيدي پروفيسرن کان عقل وارا ۽ ذهين سوال ڪن ٿا يا پاڻ ۾ بحث مباحثو ڪن ٿا اهو ڏسي اسان جون اکيون پٽجن ٿيون ته ويندي آفريڪاجهڙن ملڪن ۾ تعليم جو معيار ڪيڏو مٿانهون آهي، جيڪو اسان وٽ هوندي سوندي به تباهه ٿي ويو آهي.اهوئي حال اخلاق جو آهي. ڪلاس روم ۾ توڙي ڪلاس کان ٻاهر، بس ۾، ميس ۾، ٽي وي روم ۾ مختلف ملڪن جا شيدي مرد ۽ عورتون پنهنجو پاڻ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهيون ٻولهيون چرچا گهٻا ڪندا پر مجال آهي جو ڪو گفتو اخلاق کان ڪريل ڳالهائين. ان معاملي ۾ اسان پاڪستاني هندستاني يا بنگلاديشي ڪمزور ثابت ٿيا آهيون. اسان جي ملڪ مان اڃا ڪابه ليڊي آفيسر هتي شاگردياڻي ٿي نه آئي آهي ۽ چڱو جو نه آئي آهي نه ته اسان جهازي ته ڇا اسان جي جاءِ تي عام شهري هجن ها _ ڀلي ملان مولوي ته به انهن شاگردياڻين تي اهي اهي الزام ۽ عشق جا افسانا ٺاهين ها جو هو پاڻ نه ته سندن مڙس کين واپس گهرائين ها. اسين پنجابي فلمن وارا هيرو ٿي هنن جي حفاظت جو هرو ڀرو ٺيڪو کڻي ٻين جا مٿا ڦاڙيون ها. پر هي آفريڪن ظاهري ظهور کڻي ڇا به سڏجن پر ائين نٿو چئي سگهجي ته هو اخلاق ۾ ڪريل آهن. آئون ته ڪوشش ڪري هر وقت آفريڪي دنيا جي هنن شاگردن جي ويجهو ويهي سندن وارن جا اسٽائيل، ڪپڙن جا تکارنگ ۽ ڳالهيون نوٽ ڪندو آهيان. ڳوٺ ۾، ڪنهن زماني ۾، ماسي ملوڪان نالي هڪ شيدياڻي اسان جي گهرجي ماني پچائيندي هئي. اسان جي ڪلاس ۾ ڪيترن آفريڪن شيدياڻين جي شڪل ان سان ملي ٿي. آئون انهن کي غور سان ڏسي ماسي ملوڪان کي ياد ڪندو آهيان ته هوءَ جيڪڏهن پڙهي ها ته هن ۾ ۽ هنن ۾ ڪو فرق نه هجي ها. پر هاڻ هنن مان ڪي بندرگاهن جون ڊائريڪٽرياڻيون آهن ته ڪي شپ مئنيجمينٽ ۾ آفيسر. ۽ هتان ڊگري حاصل ڪرڻ بعد اڃا به وڏيون آفيسرياڻيون ٿينديون. هنن شيدياڻين جون پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۽ ڊپارٽمينٽ جي ترقيءَ جون ڳالهيون ٻڌي تعجب لڳي ٿو ته هو ڪيڏيون هوشيار ۽ ايماندار پورهيت آهن. سندن ملڪن کي آزادي ڏيڻ وقت انگريزن يا پورچو گالين ۽ فرينچن اهوئي سوچيو هوندوته گورن (يورپين) جي وڃڻ بعد آفريڪا وڌيڪ اونداهو کنڊ ٿي پوندو. پر ائين نه ٿيو.اڄ آفريڪا جي بندرگاهن ۾ جديد ٽيڪنالاجي، وقت جي پابندي، ڪم جو اڇت اڪلاءُ ڏسي سڀني کي حيرت لڳي ٿي ته ڏات ذات تي نه آهي. شيدين ۾ قومي جذبو آهي. هنن ۾ جيئڻ ۽ جياپي جو اتساهه آهي. هو محدود وسيلن هوندي به پنهنجي ملڪ کي مٿاهين کان مٿانهون ڏسڻ چاهين ٿا. تڏهن ته ڊڪار، مپوتو، لئانڊا، ممباسا جهڙا بندرگاهه ڏينهون ڏينهن وڃن ترقي ڪندا. ان جي ڀيٽ ۾ اسان ڪٿي آهيون. ان جو ڇا تجزيو ڪجي. هٿ ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ڪهڙي ضرورت. ڪراچيءَ جو بندرگاهه جيڪو دنيا جي سهڻن ۽ صاف سٿرن بندرگاهن مان هڪ هو اڄ ان جي سونهن ۽ ڪارڪردگي ڪٿي وڃي پهتي آهي _ جهازن جا مالڪ جن جا جهاز سامان کڻڻ يا لاهڻ لاءِ ڪراچيءَ بندرگاهه اچن ٿا، ضرور ڪنڊ وٺي روئندا هوندا. ان کان وڌيڪ سامان گهرائڻ يا موڪلڻ وارا واپاري پنهنجو منهن مٿو پٽيندا هوندا جن کي سامان جي لهڻ چڙهڻ جي ڍرائيءَ ڪري وڌيڪ پئسو ڀرڻو پوي ٿو. پر واپاري ڪڏهن به نقصان پاڻ تي نه کڻندو آهي. هو هميشه جهاز جي Delay ۽ بندرگاهه ۾ سامان لهڻ چڙهڻ جي اينگهه ۽ چور ي چڪاريءَ جو نقصان، شين جي قيمت وڌائي غريب عوام مان پورائو ڪندو آهي. اسان جي ملڪ ۾ جي ترقي ٿي رهي آهي ته فقط نعرن ۽ سلوگن جي. سياسي ۽ سماجي تحريڪن ۾ ته نعرا عام جام آهن پر اسان جي جهازراني ڪمپنين ۽ بندرگاهن ۾ به کوکلي نعري بازي ڪاهي پئي آهي. پورٽ قاسم لاءِ چيو وڃي ٿو:
    Sails into the 21st Century.
    ته وري ڪراچي پورٽ ٽورسٽ لاءِ:
    Shaping for the 21st Century.
    بندرگاهن سان واسطو رکندڙ مقامي توڙي غير ملڪي KPT ۽ پورٽ قاسم جا حال ڏسي پوءِ مٿيان نعرا پڙهي ٽهڪ ڏيندا هوندا.


    هُوور ڪرافٽ خچر وانگر وچ جي شيءِ آهي

    ”ڪيترا ملڪ IMO (بين الاقوامي مئريٽائيم آرگنائيزيشن) جا ميمبر آهن؟“ يونيورسٽي جي ليڪچر هال ۾ منهنجي اڳيان ويٺل هڪ حبشي شاگرد عورت، انگلينڊ کان آيل پروفيسر موريسن کان سوال ڪيو جيڪو IMO جو ڊائريڪٽر آهي ۽ حبشي عورت گهانا جي هڪ پورٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي.
    ”اٽڪل 136.“ پروفيسر جواب ڏنو.
    ”انهن جو Under Developed (ترقي پذير) ڪيترا ملڪ آهن؟“ هن وري ٻيو سوال ڪيو ۽ اسان سوچڻ لڳا سين ته هوءَ ڇا ٿي معلوم ڪرڻ چاهي.
    ”اٽڪل ٻه ڀاڱي ٽيو حصو _ يعني اسي کن ملڪ ترقي پذير آهن.“ پروفيسر وراڻيو.
    ”ته پوءِ ڀلا ائين ڇو آهي ته IMO جي لنڊن واري آفيس ۾ نوي سيڪڙو ڪم ڪندڙ ترقي يافته ملڪن جا آهن ۽ اسان جهڙن ترقي پذير ملڪن کي اهڙن هنڌن تي به رکيو ويو آهي. جيتوڻيڪ خرچ جي ڦوڙي ته اسان کان به ورتي وڃي ٿي.“ هن وار ڪيو.
    پروفيسر ان وقت مڙيئي لولو لنگڙو جواب ڏيئي پنهنجي جان ڇڏائي پر پوءِ هڪ نجي محفل ۾ ان واقعي ڏي اشارو ڪندي چيو: ”آفريڪن کي ڏاڍو قومي جذبو آهي. هو پنهنجي ملڪ ۽ قوم سان بيحد ايماندار نظر اچن ٿا.“
    آئون پڻ پروفيسر جي ان جملي سان سهمت آهيان. شيدن کي سندن ڪاري رنگ ۽ ماضيءَ جي غلاميءَ ڪري گهٽ نه سمجهڻ کپي. ”محنت“ ۽ ”ايمانداريءَ سان پورهيو ڪرڻ“ جيڪڏهن ڪا حيثيت رکي ٿو ته هي سڀ شيدي سڀ ۾ اُتم آهن پوءِ چاهي گهانا جي بندرگاهه جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ائلس هجي يا اسان جي گهر جي ماني پڇائڻ واري ماسي ملوڪان.
    ڊئنمارڪ جو هوائي اڏو ڪوپن هيگن نه فقط يورپ جو مشهور ۽ مشغول هوائي اڏو ۽ سامونڊي بندرگاهه آهي پر ان کي سڄي دنيا ۾ اهم بنائڻ لاءِ هن ملڪ جي حڪومت جاکوڙ ڪري رهي آهي. جيئن دنيا جي مسافر جهازن ۽ ڪارگو (مال برادر) جهازن لاءِ ڪوپن هيگن جو بندرگاهه ائين هجي جيئن ريل گاڏين لاءِ ڪوٽڙي، روهڙي يا ڪا ٻي جنڪشن اسٽيشن. جتان پوءِ مال توڙي ماڻهو ويجهڙائي وارن ملڪن ڏي ٻين ننڍن جهازن يا ريل بس ذريعي وڃي سگهن. اها ساڳي حيثيت حاصل ڪرڻ لاءِ ايشيا جو سنگاپور جاکوڙ ڪري رهيو آهي. ان جدوجهد ۾ ٻئي: ڪوپن هيگن ۽ سنگاپور گهڻي حد تائين اڳيان نڪرندا وڃن. ايتريقدر جو هيڏانهن ڊئنمارڪ جا ٻيا ڀائر يا ڀينر ملڪ: سئيڊن، ناروي، فنلئنڊ وغيره ڊئنمارڪ کي چالاڪ سڏين ٿا ۽ هوڏانهن سنگاپور جا سؤٽ ماسات ملڪ : انڊونيشيا، ملائيشيا، ٿائليند ۽ فلپين وغيره سنگاپور کي تيز ۽ واپاري نوعيت جو سڏين ٿا جو هو مستقبل جو اڳواٽ سوچيو ٻين کان گوءِ کڻيو وڃي ٻئي ملڪ: سنگاپور ۽ ڊئنمارڪ جيتوڻيڪ سائيز ۾ ننڍا آهن، معدني ملڪيت ۾ غريب آهن پر عقل ۾ اڳڀرا هجڻ ڪري دنيا جي واپار تي قبضو ڪندا وڃن.
    ايندڙ وقت مطابق جيڪي آفت جيڏا پاڻيءَ جا جهاز Mega Super Ships ٺهڻ جو پروگرام آهي اهي هر بندرگاهه ۾ اچي نه سگهندا. ان لاءِ بندرگاهه به ان حساب جا کپن ۽ موجوده حالت مطابق اهي آمريڪا کان ڪوپن هيگن ۽ سنگاپور هلندا. جتان پوءِ ننڍا جهاز ٽپالين وانگر يورپ ۽ ايشيا جي ننڍن بندرگاهن ۾ سامان ورهائيندا.
    اهوئي حال هوائي جهازن جو ٿيندو وڃي.يورپ جي ڪيترن اوسي پاسي وارن ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ هوائي جهاز پهرين ڪوپن هيگن اچن ٿا. PIA جي به هر هفتي هڪ اڏام سڌي ڪوپن هيگن اچي ٿي. پوءِ چاهي ان ۾ ڪوپن هيگن جو ڪو رهاڪو هجي يا نه پر جهاز اوسي پاسي جي مسافرن سان ڀريل رهي ٿو. ڇو جو انهن کي خبرآهي ته ڪوپن هيگن ۾ اهڙو بندوبست ٿيل آهي جو کين ان ئي وقت سئيڊن، جرمني، پولينڊ ويندي بيلجم فرانس تائين Connecting Flights ملي وينديون. ان کان علاوه ائيرپورٽ وٽان ئي بس، ٽرين ۽ پاڻيءَ جي جهازن جو بندوبست آهي. اهوئي سبب آهي جو اسان به ڪا ٻي واٽ وٺڻ بدران هي رُخ اختيار ڪيواٿئون. ان ۾ اسان جو سفر به ننڍو ٿي پيو. ڪئپٽن سليم قاسم لاءِ به اها بهترين اڏام هئي جو فقط مهينو ڏيڍ اڳ سندس دل جي وڏي آپريشن ٿي هئي ۽ ڊاڪٽر اڃا هاڻ کيس هلڻ چلڻ جي موڪل ڏني هئي. ڪئپٽن سليم ڪيترائي سال پاڪستان ۽ يونان جا جهاز هلائڻ بعد هاڻ ڪراچيءَ ۾ پاڪستان مئرين اڪيڊميءَ ۾ پڙهائڻ جو ڪم ڪري ٿو.
    اٺن نون ڪلاڪن اندر ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن پهتاسين. ڪوپن هيگن کان سئيڊن جي شهر مالمو ۾ هوائي جهاز رستي به اچي سگهجي ٿو ته بس ۽ بوٽ ذريعي به. اسان کي هوور ڪرافٽ (Hoover Craft) ذريعي بالٽڪ سمنڊ جي ڳچي اڪري ڊئنمارڪ کان سئيڊن اچڻو هو. جيئن خچر، گڏهه ۽ گهوڙي جي وچ واري شيءِ آهي تيئن هوور ڪرافٽ پاڻيءَ جي جهاز ۽ هوائي جهاز جي وچ واري شيءِ آهي.هوور ڪرافٽ ٻاهران ته پاڻيءَ جي جهاز جهڙو آهي پر اندران هوائي جهاز وانگر. مسافرن جي سيٽن ۽ ايئر هوسٽس تائين هوائي جهاز لڳي ٿو. سندس جيٽ انجڻ هوائي جهاز وانگر آهي ۽ هلڻ مهل پاڻيءَ کان فٽ ٻه کن مٿي هلي ٿو. پر بيهڻ وقت پاڻيءَ ۾ تري ٿو يا مٿي خشڪيءَ تي چڙهيو اچي. هيٺان ڦيٿا نه اٿس پر جهاز وانگر ترو اٿس. ان قسم جا جهاز سعود ي عرب جي ريتيءَ مٿان به هلن ٿا.


    PIA جا اجر جا ڪم ۽ اسان کان اڳ آيل پاڪستاني

    ڪراچي کان ڪوپن هيگن ايندي PIA جي هوائي جهاز ۾ نيرن ۽ منجهند جي ماني کارايائون. خدا شل کين جنت نصيب ڪري. ان کان علاوه وچ ۾ جهاز ۾ چڙهيل سئيڊش، ڊئنش ۽ ٻيا يورپي مسافر پئنٽري (رڌڻي) مان ايئر هوسٽس کان ڪوڪا ڪولا، فانٽا يا ڪنهن ٻئي شربت / جوس جي گُهر گُهر ڪندا رهيا. اسان به هڪ ٻه دفعو سيون اپ جهڙو اڇو شربت (شايد اسپرائيٽ يا ببل اپ هجي) وٺي پيتو _ ڪجهه اڃ ڪري ڪجهه وقت گذارڻ خاطر، اٺ نَو ڪلاڪ ڀلا ڇا ڪجي. ويتر جهاز ڏينهن جي روشنيءَ ۾ هلي رهيو هو. رات هجي ها ته ٻين کي ننڊ ڪندو ڏسي اسان به کڻي اکيون بند ڪري ننڊ جو مکر يا ننڊ لاءِ ڪوشش ڪريون ها. پر روشنيءَ ڪري سڀني جو سک ڦٽل هو. ايئرهوسٽس گهڻو ئي چاهيو ته درين جا فلئپر هيٺ ڪيا وڃن ته اوندهه ٿئي ۽ هرڪو جيڪو جت اهو تت ٿي وڃي. پر رکي رکي ڪنهن نه ڪنهن پنهنجي دريءَ جو پڙدو ريڙهي ٻاهر ڏٺو ٿي ۽ سڄي جهاز ۾ تکي روشني ڇانئجي وئي ٿي. جن جي اک لڳل هئي. اهي به اکيون مهٽي سجاڳ ٿي ويا ٿي ۽ پوءِ ٽنگ ڊگهي ڪرڻ لاءِ مسافرن جي ڪاڪوس ڏي، پئنٽريءَ ڏي يا ٺلهي هيڏانهن هوڏانهن. اچ وڃ، اٿ ويهه لڳي رهي ٿي. شربت پيئڻ بعد مون هڪ دفعو ڪافيءَ لاءِ پڻ ايئرهوسٽس کي چيو. مون سمجهيو ته PIA جو ڪئبن عملو ايترو نخرو نه کڻندو. پر تعجب جي ڳالهه آهي ته اسٽيورڊ منهن ۾ بنا ڪنهن گهنج وجهڻ جي چيو:
    ”توهان هلي ويهو ته ائيرهوسٽس هٿان موڪليان ٿو.“
    ٿوري دير بعد ايئر هوسٽس ڪئپٽن سليم ۽ مون لاءِ پلاسٽڪ جي شربت وارن گلاسن ۾ ڪافي کڻي آئي. شايد اهو ان ڪر ي جيئن ٻين مسافرن کي خبر نه پوي ته هاڻ ڪافيءَ جو دور به شروع ٿي ويوآهي. جو پوءِ ضرورت نه هوندي به هرڪو وري ڪافيءَ لاءِ گهر گهر ڪري ها. اهو بلڪل ائين آهي جيئن ڪنهن محفل ۾ ڪو ڄڻو پاڻيءَ جي گهر ڪندو آهي ته ان بعد سڀ شروع ٿي ويندا آهن ۽ پيارڻ وارو ٻه رڪعتون نفل ثواب تان به هٿ کڻي ڇڏيندو آهي.
    اڄڪلهه مڙيئي هوائي ڪمپنيون ايڏيون ته ڪنجوس ٿي ويون آهن جو جهاز ۾ ويهڻ بعد فقط پهريون گلاس شربت يا چانهه ڪافيءَ جو مفت ۾ پيارين ٿيون. ان بعد ڪو وسڪي پئي يا ڪوڪاڪولا، بيئر پيئي يا ٺلهو نل جو پاڻي، پهرين ميدان تي پئسا رکي پوءِ ڳالهه ڪري وارو حساب آهي. ان خيالن کان پي آءَ اي جو اهو پڻ اجر جو ڪم سمجهڻ کپي. سندس هڪ ٻي نيڪي پڻ ياد رکڻ ضروري آهي ۽ ڏينهن قيامت تي ان جو پڻ پي آءِ اي کي اجورو ملڻ کپي. اها ته ڪوپن هيگن ۾ لهڻ وقت ايئرهوسٽس وڏو لفافو گانٺين ۽ چونئرن جو لڪائي هڪ مونکي ڏنو ۽ هڪ ڪئپٽن سليم کي ۽ هڪ وڏي پلاسٽڪ واري ڪوڪا ڪولا جي بوتل ۽ هڪ آب حيات نالي پاڻيءَ جي بوتل پڻ اسان کي ڏني. ان وقت اسان کي انهن شين جي قدر نه ٿيو پر پوءِ ڪوپن هيگن ايئرپورٽ تي جڏهن مالمو هلڻ لاءِ هوور ڪرافٽ جو ٽي ڪلاڪ انتظار ڪيوسين ۽ يورپ جي سيءَ ڇتي بک جو احساس ڏياريو ۽ پيٽ ۾ ڪوئا ڊوڙڻ لڳا ۽ ساڳي وقت سامهون ڪئنٽين ۾ وڪامندڙ چانهه بسڪٽن جا آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ اگهه پڙهياسين ته لفافا کولي اهي گانٺيا بسڪيٽ خوب مزي سان کاڌاسين ۽ ڪوڪا ڪولا پيتيسين. باقي بچيل مال مالمو پهچي پنهنجن پراڻن پاڪستاني ساٿين: حميد قاضي، احمد ڪمال علوي ۽ ڪئپٽن عاشق خان کي تبرڪ طور ڏنوسين. اهي ٽئي ڄڻا گذريل سال هتي سئيڊن آيا هئا ۽ اڃا هڪ سال مالمو (سئيڊن) ۾ رهڻو اٿن.
    عبدالحميد قاضي مون وانگر شروع کان PNSC ۾ جهازن جو چيف انجنيئر آهي. پاڻ ڄائو ۽ پليو نپنو ڪراچيءَ ۾، سندس اصل ڳوٺ سجاول آهي. پاڻ مرحوم قاضي عبدالڪريم جو وڏو فرزند آهي. سندس ڏاڏو قاضي فقير محمد انگريزن جي ڏينهن ۾ بولٽن مارڪيٽ ۾ هيلٿ انسپيڪٽر هو. سندس چاچو قاضي عبدالعزيز پڻ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ آخر تائين هيلٿ انسپيڪٽر ٿي رهيو. سندس پڦيون حيدرآباد ۾ رهيون، ۽ هڪ، مرحوم ڊاڪٽر عبدالعزيز جي گهر واري هئي ۽ ٻي، مرحوم آخوند فتح محمد جي، حميد قاضيءَ جا ناناڻا بروهي آهن ۽ سندس والده ۽ مشهور وڪيل اي.ڪي. بروهيءَ جي زال سوٽ ٿين.
    قاضي حميد سان ڪڏهن به هڪ جهاز تي سفر ڪرڻ جو موقعو نه مليو. البت چيف انجنيئر جو امتحان ڏيڻ وقت هڪ ئي گهر مسواڙ تي وٺي پڙهائي ڪئي هئيسين.ان بعد اسان هميشه مختلف جهازن ۽ بندرگاهن ۾ رهيا سين.
    احمد ڪمال علوي پورٽ قاسم ۾ ڪم ڪري ٿو. جامعه ڪاليج ملير مان 1963ع ۾ انٽر ڪرڻ بعد هو پڻ مون وانگر مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ آيو هو ۽ اسان ٻئي ڪلاس ميٽ هئاسين. مئرين انجنيئرنگ جو پنجن سالن جوڪورس پورو ڪرڻ بعد آئون PNSC جهازران ڪمپنيءَ ۾ آيس جيڪا انهن ڏينهن ۾ NSC جي نالي سان سڏبي هئي. ڪمال علوي ڪواسجي سيٺ جي خانگي جهازران ڪمپني ”پاڪستان شپنگ لائين“ ۾ ويو. انهن کي ”باغ ڊاڪا“ ۽ ”باغ ڪراچي“ نالي ٻه جهاز هئا. بعد ۾ سڀئي جهاز هڪ ئي قومي ڪمپني ۾ ملايا ويا. جيڪا اڄ ڏينهن تائين پاڪستان نئشنل شپنگ ڪارپوريشن جي نالي سان سڏجي ٿي.
    اسان ڪڏهن ڪنهن جهاز تي ته ڪڏهن ڪنهن جهاز تي نوڪري ڪري، Sea – Time پورو ڪيوسين. مقرر مدي تي M.O.T جا امتحان ڏيئي جهاز جي آخري انجنيئري رئنڪ چيف انجنيئري تائين پهتاسين. ڪجهه سال ان آخري رئنڪ تي Sail ڪرڻ بعد ڪناري جي نوڪري (Shore – job) لاءِ هٿ پير هنيوسين. علوي استعيفى ڏيئي هڪ ٻن ٻين ڪلاس ميٽن سان گڏ جهازن جي مرمت لاءِ پنهنجو پرائيويٽ ورڪشاپ کوليو. هونه فقط پڙهائيءَ جي ڏينهن ۾ هوشيار ۽ محنتي هو پر جهاز تي پڻ سندس چاهه ۽ پيار مشينري ۽ پڙهائيءَ سان پختو رهيو. ڪنهن سنئين سبتي ملڪ ۾ هجي ها ته محنت، ايمانداري ۽ ذهانت ڪري. اڄ هو هڪ وڏي شپ يارڊ يا جهازن جي مرمت ڪندڙ ورڪشاپ جو باس هجي ها ۽ نه فقط سوين هزارين ملڪ جا ماڻهو هن جي ورڪشاپ ۾ ڪم ڪري روزگار کي لڳا رهن ها پر ساڳئي وقت غير ملڪي جهازن جي مرمت ڪري ملڪ لاءِ غير ملڪي ناڻو ڪمائي ڏئي ها. پر افسوس جو هونه اٽڪل بازين کان واقف آهي ۽ نه رشوت ۽ حصا پتيون ڏيئي ڪم اڪلائڻ جو هنر ڄاڻي ٿو. سندس فقط ۽ فقط ٽيڪنيڪل ڄاڻ ڪسٽم، بندرگاهه جي استادن، پوليس ۽ غنڊن جي اجائي گُهر گهر اڳيان ساهه پٽي نه سگهي. ابتا سبتا قاعدا قانون کيس ڪم ۾ رنڊڪون وجهڻ لڳا. هو جهاز جي ته هر مشين ٺاهي ان کي Grease _ Up ڪري سگهي ٿي پر واسطيدار عملدارن جي هٿن کي گريز نه لڳائي سگهيو. ٻين لفظن ۾ هو ڏنو پٽ ڇٽي جو ذات جو آسودو ٿي نه سگهيو. هن کي پنهنجو خانگي دڪان سگهوئي بند ڪرڻو پيو. ويتر چڙهي ويل قرض کي موٽائڻ لاءِ سرڪار يا ڪنهن سيٺ جي نوڪريءَ لاءِ هٿ پير هڻڻو پيو. ٻار وڏا ٿيڻ ڪري انهن جي تعليم جو مسئلو پڻ سامهون هوس، نيٺ پورٽ قاسم ۾ نوڪريءَ ملي ويس. ۽ اها عام ڳالهه آهي ته اسان وٽ سرڪاري ۽ ان قسم جي نوڪريءَ ۾ مم گوڏا چٽي ويندي آهي. قابليت ۽ ڏات چنجهي ٿي ويندي آهي. سيٺ يا اعلى عملدار جي مقرر ڪيل هڪ دائري ۾ ڪم ڪرڻ ڪري ماڻهو گهٽ، چاڪيءَ جو ڍڳو وڌيڪ ٿي ويندو آهي. ڪابه Creative شيءِ پيدا نه ڪري سگهبي آهي. هتان سئيڊن مان M.sc ڪرڻ بعد هڪ دفعو وري هن کي ساڳي ئي گهاڻي ۾ وڃي جٽڻو آهي.
    چٽگانگ مان مئرين انجنيئرنگ جي بنيادي تعليم گڏ حاصل ڪرڻ بعد، هاڻ پنجويهه سالن بعد علويءَ سان گڏ رهڻ جو موقعو مليو آهي. وچ ۾ ٻه چار دفعا ڪڏهن ڪنهن ملڪ جي بندرگاهه ۾ يا ڏيهي بندرگاهه ڪراچيءَ ۾ ڪنهن دعوت يا ميٽنگ ۾ ملاقات ضرور ٿي هوندي پر هينئن نه جيئن هاڻ هڪ ئي هاسٽل ۾ رهيل آهيون. هڪ ئي يونيورسٽيءَ ۾ روز ملاقات ٿئي ٿي. ساڳي ميس ۾ گڏ ماني کائون ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ساڳي بس ۾ يونيورسٽي اچڻ وڃڻ ٿئي ٿو.
    اهڙي طرح هن يونيورسٽيءَ ۾ اسان کان هڪ سال اڳ آيل، ٽيون همراهه ڪئپٽن عاشق خان آهي. ڪئپٽن عاشق اسان واري ساڳي جهازران ڪمپني PNSC ۾ ملازم آهي. اسان کان ڪجهه ننڍو آهي ۽ آفيس ۾ ڪم ڪرڻ بدران اڃا تائين هو جهازن تي Sail ڪري ٿو. هن يونيورسٽيءَ مان ايم ايس سي ڪرڻ بعد ضرور هن کي ڪو آفيس جوڪم ڏنو ويندو. خاص ڪري چارٽرنگ جو ان ئي موضوع تي هو ٿيسز پڻ لکي رهيو آهي.


    مالمو ۽ ڪوپن هيگن ڪياماڙي ۽ منهوڙي جيان آهي

    سئيڊن جي شهر مالمو ۾ اچڻ لاءِ هئڻ ته ائين کپي ته اسٽاڪ هوم اچي پوءِ مالمو روانو ٿجي. جو اسٽاڪ هوم سئيڊن جي گاديءَ جو هنڌ ۽ بين الاقوامي هوائي اڏو آهي. پر جيڪي به مالمو ويا آهن اهي اهوئي ٻڌائيندا ته هو اسٽاڪ هوم وڃڻ بدران ڊئنمارڪ جي گاديءَ واري شهر ڪوپن هيگن وڃي اتان پوءِ مالمو (سئيڊن) ويا. نقشي ڏسڻ بنا آئون پڻ اهوئي سوچيندو هوس ته هڪ ملڪ ڊئنمارڪ جي گاديءَ جي هنڌ ڪوپن هيگن جو ٻئي ملڪ سئيڊن جي ننڍڙي شهر مالمو سان ڪهڙو واسطو آهي.
    ۽ هاڻ مالمو اچڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ نقشي تي غور سان ڏٺم ته معلوم ٿيو ته سئيڊن جي گاديءَ واري شهر اسٽاڪ هوم ۽ مالمو جي جاگرافيائي بيهڪ پاڪستان وانگر آهي. اسٽاڪ هوم پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد وانگر آهي ته مالمو ۾ ڪراچي وانگر ڏکڻ ڪنڊ ۾ آهي. ڊئنمارڪ ملڪ جو هڪ ننڍڙو ٻيٽ جنهن تي ڪوپن هيگن آهي، اهو ٻيٽ مالمو جي بلڪل ويجهو ائين آهي جيئن منهوڙو ٻيٽ ڪياماڙي جي ويجهو آهي، جيڪڏهن منهوڙي تي هوائي اڏو هجي ها ته ڪياماڙي وڃڻ لاءِ ڪهڙو فارينر اسلام آباد جي هوائي اڏي تي لهي پوءِ اتان ريل، ڪار يا ڪنهن ٻئي جهاز ذريعي ڪراچي پهچي پوءِ ٽانگي ۾ ڪياماڙيءَ اچي ها؟ هو منهوڙي لهي پوءِ ٻيڙيءَ رستي ڪياماڙيءَ وڃڻ پسند ڪري ها. پوءِ چاهي منهوڙو ساڳي ملڪ جو حصو هجي يا ڌارئين جو. ساڳيو حال مالمو جو آهي جتي وڃڻ لاءِ ڌاريان ماڻهو ڪوپن هيگن جي هوائي اڏي تي لهي پوءِ اتان هلندڙ ٻيڙيءَ ذريعي مالمو پهچن ٿا.
    مالمو سئيڊن جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي. دنيا جون وڏيون سب مئرين ٺاهيندڙ ڪوڪم نالي شپ يارڊ کان وٺي باغن، تواريخي جاين ۽ عجائب گهرن کان مشهور آهي. ڪوپن هيگن ايندڙ ڌاريون ماڻهو سئيڊن جو هي شهر مالمو پڻ ڏسڻ لاٰءِ اچي ٿو. هو اهوئي سوچي ٿو ته اڌ ڪلاڪ جو ٻيو سفر ڪري مالمو جو به چڪر ڏيندو وڃجي جيئن قسم کڻڻ جهڙو ٿجي ته سئيڊن به ڏٺوسين. ۽ ان ڪم ۾ ڊئنمارڪ جي حڪومت به مدد ڪري ٿي.اچ وڃ لاءِ ڊئنمارڪ ۽ سئيڊن وارن جو ن ڪيتريون ئي موٽر لانچون، فيريون ۽ هوور ڪرافٽ اڌ اڌ ڪلاڪ بعد ڪوپن هيگن ۽ مالمو جي وچ ۾ هلن ٿا. ۽ انهن تي نه فقط ماڻهو پر موٽر لاريون پڻ هڪ کان ٻئي شهر تائين وڃن ٿيون. اونهاري جي موسم ۾ جڏهن سيءُ گهٽ ٿئي ٿو ۽ هرڪو ماڻهو گهر کان ٻاهر نڪري گهمڻ ڦرڻ چاهي ٿو ته اهي سامونڊي ٻيڙا پورا نه پونداآهن ۽ پوءِ پولينڊ جا پولش مهاڻا به پنهنجون ٻيڙيون کڻي اچي مسافر ڍوئيندا آهن. مٿيون ٻيڙيون: لانچون، فيرون، هوور ڪرافٽ وغيره هڪ قسم جا ننڍا ۽ آرام ده جهاز سمجهڻ کپن جن ۾ سؤ سوا سؤ مسافرن جو ويهي سگهي ٿو ۽ ڪنهن ڪنهن فيريءَ تي ته هڪ ئي وقت پنجاهه کان سؤ کن ڪارون به بيهي سگهن ٿيون. ڪن وڏين فيرن تي سڄي ريل گاڏي سمنڊ اڪري ٻئي طرف پهچي ٿي.
    اسان جو ڪوپن هيگن کان مالمو تائين هوور ڪرافٽ جو سفر ان پي آءِ اي جي ٽڪيٽ ۾ شامل هو جيڪا ڪراچيءَ مان ورتي هئيسين. هوور ڪرافٽ جي ٽڪيٽ عام جهاز يا فيريءَ کان هميشه مٿي ٿئي ٿي. پر ڪراچيءَ کان مالمو تائين پي آءِ اي وارا ذري گهٽ ايترو ئي ڀاڙو وٺن ٿا جيترو ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن تائين. خبر ناهي SAS هوائي ڪمپني جنهن جا هي هوور ڪرافٽ هلن ٿا، کي پي آءِ اي جا مسافر ڍوئڻ لاءِ پي آءِ اي هوائي ڪمپني ڇا حصو ڏئي ٿي. سندن مٿي جو سور.
    هونءَ هن پاسي جا ماڻهو ڪوپن هيگن ۽ مالمو جي وچ وارو بالٽڪ سمنڊ هوور ڪرافٽ کان وڌيڪ عام فيرين ۾ اُڪرن ٿا جو هوور ڪرافٽ جو ان ننڍڙي سفر لاءِ ڀاڙو تمام ڳرو رکيل آهي. چار سؤ کن ڪرونا _ يعني ڏيهه هزار رپيه کن. ان جي مقابلي ۾ عام فيري چاليهه ڪرونا وٺي ٿي ۽ پولش بادشاهه ان سمنڊ ٽپائڻ جا فقط ڏهه ڪرونا وٺن. اها ٻي ڳالهه آهي ته هوور ڪرافٽ سڀ ۾ تکو آهي ۽ اڌ ڪلاڪ وٺي ٿو. پر پاڻ کي ٽائيم جو ڪهڙو فڪر آهي، اسان ايشيائي رهاڪن وٽ اهائي ته شيءِ گهڻي مقدار ۾ آهي. ڀلي اڌ ڪلاڪ بدران ڪلاڪ ڌيڍ سمنڊ تي جهاز ۾ چڪر لڳي.


    عقل وڏو يا پاڏو؟

    هڪ جهاز ڪمپنيءَ جي ايڪانامسٽ کان پڇيم ته ”اهي پولش درويش جيڪي پڳ پڌي، پنهنجا جهاز پولينڊ کان ڪاهي هتي پراين ملڪن ۾ اچيو ٿا هلائين، اهي ته ان ايتري گهٽ ڀاڙي مان تيل جا پئسا به نه ڪڍي سگهندا هوندا؟“
    هن کلندي وراڻيو:
    ”پوليش همراهن کي اهڙو بيوقوف به نه سمجهجهانءِ. هو ٽڪيٽ مان سو نٿا ڪمائين. باقي جهاز تي شراب، سگريٽ، عطر ۽ چاڪليٽن جهڙيون شيون وڪڻي پئسو ڪڍيو وٺن.“
    سئيڊن، ڊئنمارڪ ۽ ٻين اسڪينڊينيوين ملڪن پاسي کاڌي پيتي جي هر شيءِ بيحد مهنگي آهي. سو پولش جهازن جا مالڪ ڳري اگهه تي شيون وڪڻن ته به سئيڊن وارن کي اهي شيون سستيون لڳن ۽ خوب خريداري ڪن.
    هنن ملڪن جي مهنگائيءَ جو ذڪرڪرڻ ضروري آهي. هتي هر شيءِ جو اگهه چوٽ تي آهي. ويندي ڊئنمارڪ جا ٺهيل بسڪيٽ، مکڻ، پائوڊر وارو کير، جيڪو اسان وٽ پاڪستان، بنگلاديش، ملائيشيا، ٿائلينڊ ۾ ته سستو ملي ٿو پر هتي اهو ٽيڻ چؤڻ تي آهي. ڪمال علوي ته پائوڊر، مِلڪ ۽ بسڪيٽ به پاڪستان کان وٺي آيو آهي. جيتوڻيڪ جپان به مهنگو ملڪ آهي پر هنن ملڪن ۾ ته باهه پئي ٻري. ڊبل روٽي جيڪا اسان وٽ هاڻ ٻارهن رپئي ٿي آهي اها هتي 80 رپئي آهي. چانهه جي پتيءَ جون پنجاهه ٿيلهيون ٽي سؤ رپيه. پارڪر مس جيڪا اسان وٽ ڏهين پنڌرهين رپئي هوندي اها هتي 30 ڪرونا آهي يعني ڏيڍ سؤ رپئي. اسد عابد قاضي ۽ فقير محمد لاشاري نوٽ فرمائين جن جي اخبارن ۾ شايد هي مضمون ڇپجن. ڪنهن سچ چيو ته اخبار جا پبلشر، اسان سنڌي اديبن کي گهٽ ۾ گهٽ مس پني ۽ ٽپال جو خرچ ته ڏين.
    ٻيو ته ٺهيو پر بوهي مڱن، بيضن، کنڊ، صابڻ جا اگهه به آسمان سان پيا ڳالهيون ڪن. ويندي بصر، گجر ۽ پٽاٽا به ائين وڪامن ٿا جيئن پاڻ وٽ ڪابل قنڌار کان آيل پستا، بادام ۽ نيزا. هتي جا ماڻهو جن جا وڏا پگهار آهن اهي به مهنگائيءَ جون دانهون ڪن ٿا. اسان ته ٿياسين پرائي خيرات (اسڪالر) تي پڙهڻ وارا خٿابي شاگرد. پر گهٽ ۾ گهٽ اسان کي اهو ته آسرو آهي ته هڪ ڏينهن پنهنجي ملڪ موٽنداسين. جتي اڃا به ايڏي مهنگائي نه ٿي آهي ۽ رپئي ۾ نان مليو وڃي.
    سچ پچ ته کاڌي جي معاملي ۾ڪڏهن ڪڏهن هتي جي ماڻهن جي غربت جو احساس ٿئي ٿو جن وٽ جهاز ۽ Volvo ڪارون ته ضرور ٺهن ٿيون پر سخت سيءُ ۽ جابلو علائقو هجڻ ڪري اناج نٿو ٿئي ۽ اسان جهڙن ملڪن تي ڀاڙين ٿا. پر هو ڇا چونداآهن ته عقل وڏو يا پاڏو. اهو حساب آهي. هنن ملڪن جا ماڻهو مشينري، ٽيڪنالاجي ۽ هنر ۾ اسان کان زور آهن. ٻين لفظن ۾ اسان کان عقل ۾ مٿاهان آهن. تڏهن ته اسان کان ئي ڪڻڪ وٺي ان مان اعلى کان اعلى بسڪيٽ ٺاهي اسان کي ئي وڪڻي پئسو ٺاهين ٿا. ڌاڳو ۽ سُٽ وٺي ڪپڙو ٺاهي اسان کي مختلف برانڊن ۽ نالن ۾ وڪڻن ٿا. يعني اسان جي شيءِ اسان کي وڪڻي پاڻ ڪمائين ٿا.


    سمنڊ ۾ ٻُڏي مرڻ پوءِ جي ڳالهه آهي

    وڏي سفر تي پي آءِ اي وارايا ٻيون هوائي ڪمپنيون هڪ يا ٻه فلمون ضرور ڏيکارين ٿيون. ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن ايندي وقت اسان کي به هڪ انگريزي فلم ڏيکاريائون. هنن جهازن ۾ پنج ڇهه قطارن بعد هڪ ٽي وي لڳل ٿئي ٿي. ائين سڄي جهاز ۾ ست اٺ کن ٽي ويون ٿيون ۽ هر هڪ کي پنهنجي سيٽ تي ويٺي ويٺي ڪانه ڪا ٽي وي چٽيءَ طرح نظر اچي ٿي. منجهس آواز نه هوندو. آواز لاءِ هرڪو پنهنجا Ear Phone استعمال ڪري سگهي ٿو، جيڪي جهاز هلڻ سان ايئرهوسٽس سڀني کي ورهائي ڏئي ٿي ۽ سيٽ جي هٿي ۾ لڳل آواز جي سئچ کي ڦيرائي آواز گهٽائي وڌائي سگهجي ٿو. فلم کان علاوه ڪيترا ڪارٽون به رکي رکي ڏيکاريندا رهيا جيڪي ٻار توڙي وڏا ڏسي مرڪندا رهيا ٿي. هڪ اڌ ڪلاڪ کن گانن جي ڪئسيٽ پڻ هلائي وئي. هي گانن يا راڳن جي ڪئسيٽ پي آءِ اي وارن پاڪستان ٽي وي وارن جي مدد ۽ صلاح سان ڀرائي آهي ۽ پي آءِ اي جي هر جهاز ۾ گذريل ٽن سالن کان ڏيکاريندا اچن. اها ڪئسيٽ جيئن ئي ٺهي هئي ته مون ڪوالالمپور ۾ هڪ پاڪستانيءَ جي گهر ڏٺي هئي. مون سان گڏ ٻيا به پاڪستاني هئا. هونءَ ملڪ کان گهڻو وقت پري رهڻ بعد ملڪ جي خراب شيءِ به وڻندي پئي آهي. پر اها ڪئسيٽ ان وقت به ڪنهن کي پسند نه آئي هئي. ان وقت مونکي اهوئي گمان هو ته اها ڪئسيٽ ڊوميسٽڪ فلائيٽ ۾ ڏيکاري ويندي ۽ سکر کان ڪراچي يا نوابشاهه کان حيدرآباد ايندي ويندي اسان جا يار اقبال جماڻي، عاشق حسين شاهه ۽ نول راءِ اوڏ جهڙائي ٻڌاندا ۽ ڏسندا.
    عابدا پروين سٺي ڳائڻي آهي. تمام سٺي اڙدو، سنڌي، سرائڪي ۽ شايد پنجابيءَ جابه گانا، راڳ، گيت، ڪافيون، ڏوهيڙا تمام سٺي نموني ڳايا اٿس. پر ضروري ناهي ته ڪنهن ڳائڻي جو هرهڪ گانو Hit هجي. هن پي آءِ اي واري ڪئسيٽ ۾ ٻين ڳائڻن سان گڏ سندس چونڊيل ڊگهو راڳ به اهڙو ئي مٿي جو سور آهي ۽ بقول اسان جي چرچائي دوست اقبال ترڪ جي، عابده پروين جهڙي راڳ جي راڻيءَ کان بهتر آهي ته ڪنهن راڳ جي ڀنگياڻيءَ جو گانو ڏجي پر ڪو سريلو ته ڏجي.
    بهرحال اهي ته ٿيا زبان جي ڄاڻن ۽ نيم ڪلاسيڪي ۽ ميوزڪ کي پسند ڪرڻ وارن جا حال خيال. هاڻ جڏهن وري هن ڪراچي کان ڪوپن هيگن فلائيٽ ۾ پي آءِ اي وارن اها ڪئسيٽ هلائي ته مون کان رهيو نه ٿيو. ۽ اٿي بيهي چوڌاري نهارڪيم ته عابده پروين پٿل ماري جيڪو انءِ انءِ انءِ ڪري پلٽي هڻي رهي آهي اهي ڪنهن لاءِ. سڄي جهاز ۾ ڪئپٽن سليم قاسم ۽ منهنجي علاوه ڪو ٻيو پاڪستاني ئي ڪونه هو. اسان کان سواءِ باقي ويٺل ٻه سؤ کن مسافر وچ يورپ جا هئا. يا نارڊڪ ملڪن: ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن وغيره جا هئا. ”۽ جڏهن اسان ئي بور ٿي رهيا آهيون ته هنن يورپي مسافرن جو ڇا حشر هوند.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو.
    دراصل اهي ئي ڳالهيون آهن جن ۾ انڊيا پاڪستان کان زور ٿيو وڃي. ان جاءِ تي انڊيا وارن جو هوائي جهاز هجي ها ۽ هو پنهنجي ملڪ جا ڳائڻا آڻين ها ته ڪي اهڙا راڳ چونڊين ها جن جا ساز ۽ آواز مغربي طرز جا هجن ها ۽ ڳائڻا / ڳائڻيون پٿل ماري اجرڪ ويڙهي ڳائڻ بدران انهن جون نوجوان ۽ سهڻيون ڇوڪريون اڌ او گهڙ ۾ يا جهرڪندڙ وڳن ۾ ڊانس ڪندي ڳائين ها. جهاز ۾ ويٺل سڀ مسافر مرد توڙي عورتون، ايشيائي توڙي يورپي ويندي ملان مولوي سڀ ڪجهه ڇڏي پنهنجيون اکيون ۽ ڪن ٽي ويءَ حوالي ڪن ها. پر هاڻ رڳو منهنجي اڳيان ويٺل هڪ پوڙهو نارويجين همراهه عابده پروين کي تعجب سان ڏسندو رهيو.
    تعجب جي اها ڳالهه آهي ته هونءَ اسان وٽ ويندي چمڀڙ، تلهار، ٻٻرلوءِ، ڇاڇري، مٺي، ڏيپلي جهڙن ڳوٺن ۾ به انڊين ۽ انگريزي اڌ اگهاڙين فلمن جا ڪئسيٽ عام جام پيا هلن پر هتي پي آءِ اي وارن کي هروڀرو مسافرن جي هئي دل کٽي ڪرڻي يا شايد اهو ٿيو ڏيک ڏيڻو ته اسان جو ملڪ مسلمانن جو ملڪ آهي جنهن ۾ ناچ نچڪي ۽ جهمر جهمڪي تي بندش آهي. يا ته شايد يورپين کي مسلمان بنائڻ جي نيت سان عابده پروين کي مولوي بنائي ويهاري ويو هو. اسين پاڪستاني خبر ناهي ڪڏهن حقيقت پسند ٿينداسين.
    سلمى آغا جڏهن اڃا جهازن جي مالڪ سپيرا صاحب جي مڱيندي هئي ته هڪ دفعو ڪراچي جي ٽي وي بابت شڪايت ڪندي چيائين:
    ”جنهن نموني سان هو چاهين ٿا، ائين ڳائڻ سان ماڻهو نه اسان فنڪارن کي ڏسڻ پسند ڪندا ۽ نه ٻڌڻ.“
    ظاهر آهي ته اها ٽي وي جنهن تان ويندي اکين جا اشارا ڪري ڳائڻ تي به اعتراض ورتو وڃي ته پوءِ اهڙي پابند نموني ڳائڻ سان هڪ چڱي خاصي سهڻي ڳائڻي به مٿي جو سور بنجيو پوي ۽ ٽي وي ڏسندڙ ان جي سئچ ايجاد ڪندڙ کي دعائون ڏين ٿا جنهن کي دٻائڻ سان ٽي ويءَ کان نجات مليو وڃي.
    راڳن جي انهيءَ سڄي ڪئسٽ ۾ بهرحال ڪا سٺي شيءِ هئي ته اها مسرت نذير هئي _ سندس گانو توڙي ڳائڻ جو اسٽائيل! پيريءَ ۾ هيءَ چڱا رنگ ڪڍي رهي آهي. سندس گانو خبر ناهي ٻين کي وڻيو يا نه. پر مون کي وڻيو ۽ تمام گهڻو وڻيو. سندس گاني جا ٻول اڃا تائين دماغ ۾ ٻُري رهيا آهن:
    چلي تو کٽ هي جائي گا سفر_ آهسته آهسته،
    هم اسکي پاس جاتي تهي مگر_ آهسته آهسته،
    ابهي تارون سي کهيلو چاند کي کرنون سي اتلاؤ،
    ملي گي اسکي چهري کي سحر_ آهسته آهسته
    ان گاني جي چونڊ ۽ پيش ڪرڻ لاءِ PIA کي Credit ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو. پي آءِ اي وارا مڙيئي ڪو هڪ اڌ اهڙو ثواب جو ڪم ڪريو ڇڏين. جو ان ۾ سندن باقي ڏوهه گناهه ڌوپجو وڃن. PIA وارن جي هڪ ٻي به سٺي ڳالهه جيڪا شايد ٻي ڪا ايئر لائين نه به ڪندي هجي. اها هيءَ ته مسافرن جي دلچسپيءَ لاءِ رکي رکي ٽي ويءَ جي اسڪرين تي جهاز جي پوزيشن (ته ڪهڙي ملڪ مٿان اڏامي رهيو آهي) رفتار، بلندي ۽ ٻاهر جي ٽيمپريچر جا انگ اکر پڻ ڏنائون ٿي. هوائي جهاز کان ٻاهر جي ٽيمپريچر (ٿڌ) جو سوچي عجيب لڳو ٿي. ڪاٽو چاليهه پنجيتاليهه ڊگريون سردي! ڇا ته ٿڌ هوندي ٻاهر. ڪاٽو چار (-4O0C) تائين ته پاڻي به برف ٿي وڃي ۽ ايڏي گهڻي ٿڌ ۾ ته هوا ۾ موجود ڪاربن گئس به پاڻيٺ يا برف جي شڪل ۾ هوندي. ايڏي اتاهينءَ تي جهاز ڦاٽڻ تي مسافر ٿڌ وگهي ئي مري وڃي. زمين تي اچي ڦهڪو ڪرڻ يا سمنڊ ۾ڪري ٻڏي مرڻ ته ٿيون پوءِ جون ڳالهيون. هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ وقت اهوئي سوچيندو آهيان ته هيڏي وڏي آفت کي هيڏو مٿي وٺي وڃي اندر جو ٽيمپريچر ۽ پريشر اهوئي برقرار رکڻ (جنهن ۾ ماڻهو ڄڻ ته زمين تي گهر ۾ پيو هلي)، ايئرو ڊائنامڪس ۽ Aviation جو ڪمال آهي. ۽ ان بلنديءَ تي بور ٿيندڙ مسافرن کي وڌيڪ بور ڪرڻ لاءِ عابده پروين کان ويهي پلٽا هڻائڻ اهو PTV ۽ PIA جو ڪمال آهي.


    فارينر کي ڪهڙي نانگ کاڌو آهي

    ڪارٽونن، گانن ۽ فلم جي وچ وچ ۾، ذري ذري پي آءِ اي وارن هڪ ٻيو نيڪ ڪم پڻ ڪيو ٿي.جتان جتان جهاز لنگهيو ٿي ته نقشي ۾ اهو هنڌ لڳاتار ڏيکاريائون ٿي ته آيا جهاز ماکيءَ جو مک وانگر سڌو وڃي پيو يا شطرنج جي گهوڙي وانگر منڊڪ منڊڪ ڪندو وڃي. ڪٿي موڙو ٿي کاڌائين ته اتي سڌي ليڪ پاسيري ٿي ٿي ويئي. مون سمجهيو ته جهاز ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن تائين هڪ سڌي ليڪ ۾ ويندو. پاڻيءَ جو جهاز هيڏانهن هوڏانهن ٿئي ٿوجو سامهون ٻيٽ يا ملڪ اچڻ ڪري هن کي رُخ بدلائڻو پوي ٿو. هوائي جهاز گهڻو وقت سڌو هلندو رهيو پر ڪٿي ڪٿي شايد هوا جي خراب رُخ کان بچڻ لاءِ، يا ڪٿي ڪن ملڪن جي خاص هنڌن تان لنگهڻ جي موڪل نه هجڻ ڪري (جتي جنگي حالتون آهن) هن کي مڙڻو پيو ٿي ۽ سڌي ليڪ ڦڏي ٿي ويئي ٿي، ويندي ڪراچيءَ مٿان چڙهڻ بعد پهريون اڌ ڪلاڪ کن مڪران جي ڪناري جي سنوت ۾ ڏکڻ طرف هلندو رهيو. پوءِ مٿي اتر طرف رُخ رکي هڪ خاص هنڌ تان بارڊر ٽپي ايران جي ڌرتيءَ مٿان اڏامڻ لڳو. بهرحال اها شيءِ سڀني کي معلومات توڙي وندر لاءِ وڻندي هوندي ته جهاز ڪهڙي ملڪ يا سمنڊ مٿان هلي رهيو آهي.
    هڪ هنڌ موسم تمام صاف هجڻ ڪري هيٺ ڌرتي بلڪل چٽيءَ طرح نظر اچي رهي هئي ۽ اتي زمين جا ڇلا ڇلا نظر اچي رهيا هئا. وچ ۾ ننڍو ڇلو ان بعد ان جي چوڌاري وڏو ڇلو ۽ ان بعد اڃا به وڏو. اهڙا انيڪ ڇلا نظر آيا ٿي. منهنجي پويان سئيڊش عورت اٿي بيهي، دريءَ مان ڪادير غور سان هيٺ نهاريو، پوءِ مون کان پڇيو:
    ”اهي ڇلا ڇلا ڇا ٿي سگهن ٿا؟“
    آئون ان وقت ڪو جواب ڏيئي نه سگهيس. پر پوءِ هڪدم يادآيو ته اهي پڪ جبل هوندا. مئٽرڪ ۾ اسان جو هڪ سبجيڪٽ هوندو هو مئپ ريڊنگ. ان ۾ اسان جو ٽيچر _ ڪئپٽن عالم جان مسعود (هاڻ رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل) جبلن لاءِ اهو نشان ياد ڪرائيندو هو. يعني مٿان ڏسڻ سان جبل ائين نظر ا يندا آهن.
    پٺيان ويٺل عورت کي مون پنهجو اندازو ٻڌايو.
    ”هائو“ هن واڻيو، ”آئون به اهوئي سمجهان ٿي. جهاز پڪ ترڪيءَ مٿان آهي. طبريز (ايران) کان انقره (ترڪيءَ) تائين اهو سلسلو آهي.“
    ايتري ۾ جهاز جي ٽي وي تي هلندڙ فلم جو هڪ حصو ختم ٿيو ۽ ٻيو شروع ٿيڻ کان اڳ وري نقشو ۽ ان مٿان اسان جي جهاز جي پوزيشن ڏيکاري ويئي ته واقعي جهاز ترڪيءَ مٿان هو ۽ هاڻ اڳيان ڪاري سمنڊ ۽ رومانيا مٿان لنگهڻو هوس. مون هن اتر يورپ جي رهاڪو عورت جي جاگرافيائيءَ ڄاڻ کي داد ڏنو.
    ”ٽيچر آهيو؟“ مون پڇيومانس.
    ”نه. هائوس وائيف آهيان ۽ پنهنجين ساهيڙين سان گڏ گهمڻ لاءِ نڪتي هيس.“
    پاڻ ڪراچيءَ کان هن جهاز ۾ چڙهي هئي.
    ”پاڪستان ڪيئن لڳو؟“ مون پڇيو مانس.
    ”اسين هندستان ويون هيونسين. هتي رڳو جهاز بدلائڻ لاءِ ٻن ٽن ڪلاڪن لاءِ ائيرپورٽ تي لٿيون هيونسين. ڇو جو اسان جو سنگاپورايئرلائين جو جهاز جنهن ۾ بمبئيءَ کان چڙهيونسين اهو ڪراچيءَ بعد دبئي ۽ ان بعد جرمني وڃڻو هو. انڪري ڪراچيءَ ۾ لهي هن پي آءِ اي جي جهاز ذريعي سڌو ڪوپن هيگن وڃي رهيون آهيون.“
    ”اها ڳالهه آهي.“ مون دل ۾ سوچيو. ڪراچيءَ جي رستن تي اڄڪلهه ڪو فارينر نظر ئي نٿو اچي.
    ”آئي سارو پاڪستان به گهمي وڃو ها. ٻيو نه ته ڪراچي يا موهن جو دڙو. توهين هڪ ڏينهن ۾ گهمي سگهيون ٿي.“
    مون کيس ائين چيو، ڄڻ سندس معلومات ۾ اضافو ڪري رهيو هجان ۽ منهنجي ان سهڻي صلاح تي هوءَ افسوس ڪري چوندي ته هن کان غلطي ٿي وئي. واقعي آئي سارو روشنين جو شهر ڪراچي ۽ انسان جي پنج هزار پراڻي تهذيب جو جيئرو ثبوت موهن جو دڙو جنهن تي اسان سنڌين کي ناز آهي، ڏسون ها. پر هن افسوس ڪرڻ بدران هڪدم چيو:
    ”رستي جو امن ۽ رهائش جي سلامتي ڪٿي آهي جو اهڙي پٽ تي وڃجي.“سندس آواز ۾ سخت کهراڻ هئي. هاڻ هن کي ڇا ويهي چوانس ته سنڌ سلامتيءَ جوهندورو آهي. هن کي ڇا ويهي سنڌ جي صوفين ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب بابت ٻڌايان. ڇا ويهي سبق ڏيانس ته سنڌي مهمان نواز آهن. سنڌي سٻاجها ۽ سدورا آهن.
    منهنجي گهڻي Convince ڪرڻ تي وڌ ۾ وڌ هوءَ اهي خوبيون ماضي سان وابسته هجڻ جي مڃتا ڪري ها. انڌي ۽ ٻوڙي ته ڪانه هئي. دنيا جي ماڻهن وانگر هوءَ به اخبارون، ريڊيو، ٽي وي پڙهندي ۽ ڏسندي ٻڌندي هوندي. گذريل ڏهاڪو سالن ۾ دنيا جي ماڻهن جو جيڪو سنڌين لاءِ رويو ۽ رايو ٿيندو وڃي اهوئي هن جو به هوندو. سنڌي جيڪي وتن ڌاڙا ۽ کاٽ هڻندا. سنڌي جيڪي وتن ڍورن وانگر ماڻهن کي اغوا ڪندا. نه ٿا ڇڏين ٻار نه عورتون. مسجدن مان ٻانگن ۽ تراويحون پڙهندڙ پوڙهن کي به کڻيو وڃن. سنڌ جي ڳوٺاڻن جو نصيب اڳهين ڇا هو؟ بيروزگاري، بيماري ۽ بيوسي. ان تي به سندن پنهنجا ئي سنڌ ي راڪيٽن ۽ ڪلاشنڪوفن سان حملا ڪري گهر ٻار ۽ ڳوٺ تباهه ڪيو ويٺا آهن. اتي هڪ فارينر کي ڪهڙي نانگ کاڌو آهي جو سيوهڻ ۾ اچي قلندر شهباز جي سلامي ڀري، سکر ۽ خيرپور اچي الور ۽ ڪوٽ ڏيجي جا قلعا ڏسي، موهن جو دڙو ۽ ڀنڀور ڏسي، درٻيلو ۽ بکر ڏسي. سوچڻ جي ڳالهه آهي.
    آئون ڪوپن هيگن تائين باقي سفر ماٺ ۾ ئي ويٺو رهيس.


    ڪوپن هيگن کان مالمو _ تائين جهازن جا ڪيئي قسم

    جهازن جا ڪيترائي قسم آهن. ڪي هڪ ملڪ کان ٻئي تائين مسافر کڻي هلن ٿا جن کي پئسينجر جهاز سڏجي ٿو. مال برادر (ڪارگو) جهاز اهي آهن، جيڪي سامان ڍوئين ٿا. مختلف قسمن جي سامان مطابق مال برادر جهازن جا ڪيئي قسم آهن. جيڪي چانور، ڪڻڪ جهڙو اناج بنا ڳوڻين جي کڻن ٿا اهي Bulk Carrier سڏجن ٿا ۽ جيڪي پٿر لوهه وغيره کڻن ٿا اهي Ore Carrier سڏجن ٿا. تيل کڻندڙ جهازن کي Tanker سڏجي ٿو. جيئن اسان وٽ رڌ پچاءُ لاءِ گئس جا سلينڊر ٿين ائين ڪن جهاز تي تمام وڏا سلينڊر گئس ڍوئڻ لاءِ هوندا آهن. اهي جهاز Gas Carrier آهن ۽ Chemical Tanker ڪيميائي مال ڍوئن ٿا. ڪارون کڻڻ لاءِ وري مختلف جهاز ٿين ٿا جن جي پڇ وٽ وڏو دروازو ٿئي جنهن ذريعي ڪارون جهاز تي چڙهن. ان ڪر ي اڄ جي شپ اونر کي جهاز خريد ڪرڻ کان اڳ اهو چڱي طرح سوچڻو پوي ٿو ته هن کي کڻڻ لاءِ ڪهڙو مال ملندو ۽ سندس جهاز کي ڪهڙن بندرگاهن ۾ وڃڻو پوندو.
    مسافر جهازن ۾ ڪي وڏا ٿين ٿا، ڏورانهن ملڪن ڏي وڃن ٿا، ظاهر آهي گهڻن ڏينهن جي سفر ڪري انهن ۾ مسافرن جي سهوليت لاءِ ڪمرا، هوٽلون، دڪان، سئمنگ پول ۽ ٻيو سک آهي. جيئن راڻي ايلزبيٿ نالي جهاز جيڪو يورپ ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هلي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ڏي به هلي ٿو. يا جيئن اسان جا پاڪستاني جهاز سفينه عرب ۽ شمس آهن جيڪي حج جي سفر لاءِ مسافر کڻن ٿا.
    انهن جهازن کان علاوه ٻيا مسافر جهاز ننڍي پنڌ تي هلن ٿا ۽ مسافرن سان گڏ سندن ڪارون موٽرون ۽ موٽر سائيڪلون پڻ کڻن ٿا. اهي جهاز فيريون سڏجن ٿيون ۽ هڪ ئي ملڪ جي ٻن بندرگاهن وچ ۾ هلن ٿيون جيئن ملائيشيا ۾ پينانگ ۽ بئروٿ جي وچ ۾ هلن ٿيون يا هانگ ڪانگ جي ٻيٽ وڪٽوريا ۽ ڪولون جي جي وچ ۾ هلن ٿيون. ۽ ٻيون فيريون ويجهن ويجهن ملڪن جي وچ ۾ هلن ٿيون. جيئن انگلينڊ ۽ فرانس جي وچ ۾. سئيڊن ۽ پولينڊ جي وچ ۾، جرمني ۽ هالينڊ جي وچ ۾ يا سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جي وچ ۾.
    ان ڏينهن ڪارن جي چوريءَ جي اچي ڳالهه نڪتي. اسان پاڪستاني، ان چوريءَ جا ستايل، سئيڊن جي رهاڪو جوهر زمان کان پڇيو ته آيا سئيڊن ۾ به ڪارن جي چوري ٿئي ٿي يا نه.
    ”ابوه ڳالهه نه پڇو. اهو ڏينهن خالي ناهي جو سئيڊن ۾ ڪارن جي چوري نٿي ٿئي. پر اهو به شڪر آهي جو هتي جي پوليس ايڏي وٺ وٺان ٿي ڪري جو اڌ کان وڌيڪ ڪارون جهليو وٺي.“
    ”ان معاملي ۾ اسان جي پوليس بيحد سڌي ۽ شريف آهي.“ مون چيومانس.
    ”ها. اهڙي سڌي جو کڻائي پاڻ ٿي.“ جوهر کلندي چيو. ”گذريل مهيني پاڪستان مائٽن سان ملڻ ويو هوس ته سندن ڪار چوري ٿي وئي هئي.“
    ”ڀلا اهو ته ٻڏاءِ“ مون پڇيومانس، ”سئيڊن جهڙي سکئي ستابي ملڪ ۾، اهي ڪير آهن جيڪي چوري ڪن ٿا؟“
    ”ڪي ته هتي جا نوجوان ڇوڪرا آهن جيڪي مستيءَ خاطر ڪارون کڻن ٿا ۽ چڪر هڻي پوءِ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڦٽو ڪريو وڃن ۽ ٻيا وڏا چور پولينڊ جا ماڻهو آهن، جيڪي هتان سئيڊن مان چوري ڪري فيريءَ ذريعي ان ئي وقت پنهنجي ملڪ ڀڄيو وڃن ۽ پوءِ هڪ دفعو ڪار پولينڊ پهتي ته معنى ڪراچيءَ جي شيرشاهه ۾ پهتي. ڪلاڪ ٻن ۾ ئي سندس انجرپنجر ڍرا ڪري اسپيئر پارٽن جي مارڪيٽن ۾ هلايو ويندو اٿس.“
    سو فيريءَ ذريعي نه فقط مسافر پر ڪارون به _ ويندي چوريءَ جون، هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين پيون پهچن.
    فيريءَ کان علاوه پنجاهه سٺ ماڻهو کڻي هلندڙ موٽر بوٽون ۽ لانچون آهن ۽ ڪافي سالن کان هن پاسي هوور ڪرافٽ پڻ مشهور ٿيندو وڃي. جيڪو پاڻيءَ جي جهاز ۽ هوائي جهاز جي وچ جي شيءِ سمجهيو وڃي ٿو. هوور ڪرافٽ پاڻيءَ جي ننڍي جهاز وانگر ٿئي ٿو، کيس پاڻيءَ ۾ هلندڙ پنکي (Propeller) بدران هوائي جهاز وانگرجيٽ ٽربائين انجڻ ٿئي ٿي. اهي جيٽ هوا جي زور تي نه فقط جهاز کي اڳيان ڌڪين پر هوا جو دٻاءُ جهاز هيٺان پڻ پيدا ڪن، جنهن ڪري جهاز فٽ ڏيڍ کن پاڻي يا زمين جي سطح کان مٿي کڄي ويندو آهي ۽ هي نه فقط سمنڊ جي مٿان هلي ٿو پر سڌي پٽ تي پڻ هلي سگهي ٿو. سعودي عرب جي وارياسين پٽن تي پڻ هلن ٿا ۽ ٻي ڳالهه ته هوور ڪرافٽ سمنڊ تي هلڻ بعد مٿي خشڪي تي چڙهي، ڪار لاريءَ وانگر پارڪ ٿي سگهي ٿو.
    سمنڊ جي سطح کان مٿڀرو هلڻ ڪري هن ۾ سامونڊي جهاز وارا لوڏا به نٿا ٿين ۽ ٻين پاڻيءَ وارن جهازن کان تکو به هلي ٿو. ڇو جو پاڻيءَ ۾ هلندڙ جهاز هڪ رفتار کان مٿي تکو هلي نٿا سگهن. چاهي ڪيترو به پيٽرول ساڙي پروپيلر جي رفتار وڌائجي. پاڻيءَ جي جهاز ۽ انجڻ جي کڻي ڪهڙي به ڊزائين رکجي پر سندس رفتار پنجويهه ٽيهه ميلن کان مٿي نٿي وڌي. ان بعد پروپيلر وٽ ايتري ته خلا پيدا ٿيو پوي (جنهن کي Caviation سڏجي ٿو) جو پروپيلر جو اثر نٿو ٿئي. ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ هن قسم جو جهاز جواب آهي. جيڪو اهو خچر آهي جيڪو هوائي جهاز (گهوڙي) ۽ پاڻيءَ جي جهاز (گڏهه) جي وچ واري شيءِ آهي.


    ڪاغذ کٽل آهن

    ان قسم جا هوور ڪرافٽ به فيرين وانگر سڄي يورپ توڙي جپان هانگ ڪانگ ۾ مشهور آهن. مالمو ۽ ڪوپن هيگن بندرگاهن جي وچ ۾ جيڪو بالٽڪ سمنڊ (Baltic Sea) جو حصو آهي اهو ٽپڻ ۾ عام فيريون يا لانچون ڪلاڪ سوا وٺن ٿيون. پر هوور ڪرافٽ ويهه منٽ وٺي ٿو ۽ اتان هوائي اڏي تان ئي هوور ڪرافٽ جي سواري مليو وڃي. ڪوپن هيگن ايئرپورٽ کان مالمو پهچڻ لاءِ اسان هوور ڪرافٽ ۾ چڙهياسين. سندس اندر جو نمونو هوائي جهاز وانگر ٿئي ٿو. جهاز جي هلڻ سان سئيڊش هوسٽس ڇوڪرين هوائي جهاز وانگر اڳيان ٽيبل کولي ان تي چانهه بسڪٽ Serve ڪرڻ شروع ڪيا. اهو سفر ايترو ننڍو ٿئي ٿو جو چانهه پي بس ڪئيسين ۽ ڇوڪرين ٿانو کنيا ته جهاز اچي مالمو بندرگاهه ۾ لنگر انداز ٿيو. بلڪ لئنڊ ڪيو. بلڪ حقيقت اها آهي ته سمنڊ ختم ٿيڻ بعد خشڪي مٿان اڏامي ڪسٽم هاؤس ڀرسان اچي پارڪ ٿيو ۽ اسان سامان جي چڪاس ۽ پاسپورٽ جي جانچ لاءِ قطار ۾ اچي ٻاهر بيٺاسين.
    مون وٽ سئيڊن جي ويزا نه هئي سو ڪوپن هيگن ۾ ئي مونکي اڳتي وڌڻ کان روڪي رهيا هئا. يعني سئيڊن وڃڻ بدران ٻي فلائيٽ ۾ واپس پاڪستان هليو وڃ. ڪراچيءَ ۾ وقت ٿورو هو ۽ اسلام آباد وڃي سئيڊن جي ايمرجنسي (سفارتخاني) مان پاسپورٽ تي ويز ا جو ٺپو هڻائڻ بدران سڌو سئيڊن اچڻ لاءِ مونکي يونيورسٽي وارن لکيو هو. ڪئپٽن سليم جي چونڊ ته گهڻو اڳ ٿي چڪي هئي ۽ جيئن ته هن پاڪستان مان ئي ويزا هڻائي ڇڏي هئي ان ڪري ان لاءِ اهو مسئلو نه هو. پر چڱو جو مون وٽ ان Telex جي ڪاپي هئي جنهن ۾ يونيورسٽيءَ وارن مونکي اهو لکيو هو ته جلدي هليو اچ ويزا جو سئيڊن ۾ بندوبست ڪرڻ لاءِ هو جوابدار آهن. بهرحال اها Telex ڏسي پوءِ مونکي اڳتي جي سفر جي موڪل ڏنائون. نه ته ٻي صورت ۾ يورپ جي ڪيترن هوائي اڏن تان اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي موٽايو ڇڏين.
    ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي ملڪي هوائي اڏن تي به هروڀرو تنگ ڪيو وڃي ٿو. آئون ته احتياط خاطر ٽنڊو قيصر جي شوڪت نظاماڻيءَ کي پاڻ سان وٺي آيس جيڪو انٽيليجنس ۾ شايد ڪم ڪري ٿو. جيئن اهو اجايو تنگ ڪندڙن کي سمجهائي سگهي ته آئون يونائيٽيڊ نئشن طرفان ٻاهر وڃان پيو ۽ مون وٽ سرڪار طرفان NOC آهي، پر اجائي رنڊڪ وجهڻ يا اينگهه ڪرڻ لاءِ ڪوبه ٽرڙي قسم جو آفيسر نه مليو ۽ آرام سان سڀ منزلون اُڪري اچي آخري Stage ۾ جهاز جي انتظار لاءِ ڪرسيءَ تي ويٺس.
    گهڻو اڳ جپان ۾ بيٺل هڪ جهاز جو چيف انجنيئر بيمار ٿي پيو ۽ کيس موڪل ڪرائڻ لاءِ آفيس وارن جلديءَ ۾ هوائي جهاز رستي مونکي اوڏانهن موڪلڻ چاهيو ٿي. ٽڪيٽ، سي ڊي سي (پاسپورٽ)، Joining Letter سڀ تيارڪري ڏنائون. رات جو ٽين بجي اڏام هئي. هڪ بجي ايئرپورٽ تي پهتس. بئگ تورائي هاڻ اندر وڃڻ وارو هوس ته شايد اميگريشن واري همراهه ضد ڪيو ته آئون وڃي نٿو سگهان.
    ”هڪ ته تو وٽ NOC ڪونهي، ٻيو ته تو وٽ واپسيءَ جي ٽڪيٽ ناهي.“ هن چيو.
    کيس گهڻو ئي سمجهايم ته واپسيءَ تي ته هوائي جهاز بدران ڪارپوريشن جو جهاز هلائي اچڻو اٿم. پر هن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
    ”صبح جو نائين بجي منهنجو باس ايندو، اهو ڇڏي ته ان جي مرضي.“ هن پنهنجو آخري فيصلو ٻڌايو.
    سڄي ڏينهن جو ٿڪل هوس. باس جي اچڻ تائين مون وارو هوائي جهاز ته نه ترسندو. بئگ واپس وٺي اچي گهران نڪتس. ٽن ڏينهن بعد وري ٽوڪيو ڏي اڏام هئي. پاڻ سان گڏ آفيس جو پبلڪ رليشن آفيسر به وٺي آيس. ان سان گڏ NOC پڻ. پر ان ڏينهن ڊيوٽي تي بيٺل آفيسرن مان ڪنهن به نه NOC جو پڇيو نه واپسيءَ جي ٽڪيٽ لاءِ. اسان جي ملڪ ۾ لڳي ٿو ته، نه فقط غريب امير لاءِ، ڏاڍي ڪمزور لاءِ جدا جدا قانون آهي پر عوام جي ٽئڪس تي پلندڙ هر آفيسر پنهنجو پنهنجو قانون نافذڪري ٿو.
    بهرحال هن ڀيري تڪليف نه ٿي. ويتر ائير پورٽ سيڪيورٽي آفيسرن مان هڪ ٻه منهنجن ڪتابن جا پڙهندڙ نڪري آيا ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ ٽي وي تي کٽڻهار پروگرام ۾ مون کي ڏٺو هئائون. سو سڃاڻي نه فقط خوش خير عافيت پڇيائون پر چانهه جو ڪوپ پڻ پياريائون ۽ جهاز تائين ڇڏڻ آيا، هن وقت سندن نالا ڌيان تي نه پيا اچن پر هڪ جي قميص تي Jatoi لکيل هو.
    لکڻ تان ڪڏهن ڪڏهن مون جهڙن جي دل کٽي ضرو رٿيندي هوندي ته سنڌي اخبارن جا نه ايڊيٽر ٿا پڇن نه سرڪار سڳوري. پر پوءِ رکي رکي جتوئي ۽ سندس ساٿي پوليس / FIA آفيسرن جا هن قسم جا قرب ڏسي هڪ دفعو ور ي همٿ وڌندي آهي.
    ڪوپن هيگن کان مالمو پهچي ٽيليڪس جي ڪاپي ڪڍي هٿ ۾ جهليم. سئيڊن جي اميگريشن آفيسروٽ منهنجو فوٽو اڳواٽ پهچي چڪو هو. ان کي ڏسي مونکي غور سان ڏسڻ لڳي. منهنجو مٿو سيءَ کان ٽوپ ساڻ ڍڪيل هو. سمجهي ويس ته هن کي سڃاڻپ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي جيئن اسان لاءِ چيني يا سک هڪجهڙا تيئن هنن لاءِ اسين پاڪستاني يا هندستاني هڪجهڙا. مٿي تان ٽوپي لاٿم منهنجي ٺوڙهه ڏسي هن مرڪيو ۽ پاسپورٽ تي Enter جو ٺپو هڻي چيو:
    ”ويلڪم ٽو مالمو. Visa بابت تنهنجي يونيورسٽيءَ سان ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي. ڏينهن ٻن بعد توهان کي سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جي ٻن سالن لاءِ Visa ملي ويندي.


    يورپ جي ٿڌي هوا کان برف ڪوسي

    منهنجو هيڏانهن سئيڊن ڏانهن اچڻ جو فيصلو بلڪل آخري وقت تي ٿيو. آخري ڏينهن تائين ”ها _ نه“ پئي ٿي. اهڙي ٻڏتر واري حالت ۾ ڪنهن مائٽ مٽ يا دوست کي ٻڌائڻ به صحيح نٿي لڳو. ماڻهو اچي موڪلائي وڃن ۽ پوءِ نه ٽڪيٽ اچي ۽ نه وڃڻ جو پروگرام پهچي ته اها خواريءَ جي ڳالهه ٿي. ان کان بهتر آهي ته جيڪو پڇي ان کي آخر تائين اهوئي چئجي ته پڪ ناهي. ۽ هونءَ به چوندا آهن ته:
    There is always a Slip
    Between cup and Lip
    آخري وقت تي به ڪو اهڙو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو. جنهن ڪري انسان جي سوڀ هار ۾ بدلجي سگهي ٿي.
    اسان جي يار غلام سرور کيڙي _ جيڪو اسلام آباد ۽ لاهور پاسي ڪافي رهي چڪو آهي، تنهن کي هفتي ٻن کان ضرور پئي چيم ته اسلام آباد مان واقفڪار کان معلوم ڪرائي ڏي ته منهنجي سئيڊن وڃڻ جي پڪ آهي يا نه، جيئن ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ اتي جي سخت سيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪراچيءَ جي لنڊا بازار مان اوور ڪوٽ وٺي وڃان.
    سئيڊن دنيا جو اهو مهنگو ملڪ آهي جنهن جون دانهون انگلينڊ، اسپين، فرانس ۽ اٽلي جهڙا يورپي ملڪ به ڪن ٿا. چمڙي جي جئڪيٽ جيڪا صدر يا طارق روڊ تي هزار سوا ۾ ملي ٿي. اها انگلينڊ جرمني ۾ پنج ڇهه هزار کائي ٿي ۽ سئيڊن ۾ ڏهه هزار رپين کان گهٽ کان گهٽ نٿي ملي.
    ڪراچي ڇڏڻ کان ٻه چار ڏينهن اڳ پاڙي ۾ رهندڙ ڪئپٽن بشير وسطڙي خوشخبري ٻڌائي:
    “گرم ڪپڙا متان ورتااٿئي.“
    ”ڇو سئيڊن بدران سوڊان پيا موڪلين ڇا؟“ مون پڇيومانس. پاڻ نه فقط ساڳي آفيس ۾ ڪم ڪري ٿو پر ڪجهه سال اڳ سئيڊن ۾ ساڳي ڪورس لاءِ ٻه سال رهي آيو آهي.
    ”رات پراڻيون پيتيون پئي ٺاهيم ته هڪ مان سڀ گرم ڪپڙا نڪري آيا. جيڪي آئون جڏهن سئيڊن ۾ هوس ته استعمال ڪندو هوس.“ هن ٻڌايو ۽ شام جو اوور ڪوٽ، هٿن جا دستانا، مفلر، ڪنهن جانو ر جي کل جو ٽوپ (جنهن کي ورائڻ سان ڪن به ڍڪجي وڃن) ۽ ٻه جوڙا، ٿلهي ان وارا جوراب آڻي اڳيان رکيا.
    ڪوٽ پائي ڏٺم. ٻانهن ۾ ٿورو ننڍو ۽ عجيب چاشنيءَ جهڙي هيڊي رنگ جو هو پر مفت ۾ سٺو هو. دل ۾ آيو ته پڇانس ته چاشنيءَ جي ديڳ ۾ رڳو ڪوٽ ڪِري پيو هو يا ان سان گڏ تون به. بهرحال جيسين ڪو ٻيو سريلو ملي تيسين هي صحيح هو. باقي رڇ جي کل جهڙي ٽوپي ۽ هٿن جا ههڙا ٿلها جوراب کڻڻ کان ڪيٻائي واپس ڪيامانس ٿي ته چتاءُ ڏنائين:
    ”متان اهڙو ڪچو ڪم ڪيو اٿئي. اتر يورپ جي اهڙي سردي اٿئي جو رب ڏئي پناهه. منهنجو چوڻ مڃ ۽ کڻي وڃ.“
    مون کي به ٿوري ٿوري دل سان ڳالهه لڳي. سياري ۾ سئيڊن پهريون ته آيو هوس پر ڊئنمارڪ ۽ ناروي جا ڏينهن ياد هيم. جيتوڻيڪ ان وقت اسان سڀني جي جواني هئي. پر گلگت ۽ ڪوئيٽا پاسي جا پٺاڻ ۽ بلوچ به اتر يورپ جي ٿڌين هوائن کان ڏڪندا هئا.
    ۽ هاڻ جڏهن ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ جي ايئرپورٽ) جو دروازو کولي هوور ڪرافٽ ۾ چڙهڻ لاءِ بس ڏي روانا ٿياسين ته ٿڌي هوا ڄڻ جسم کي چيري ڇڏيو.
    مون سان گڏ آيل ڪئپٽن سليم قاسم رڙ ڪري چيو:
    ”ابا يورپ جي هاڻ دري کلي آهي. هيستائين جهاز اندر يا ايئرپورٽ اندر Heating System ۾ ويٺي ٿڌ جو احساس ئي نه پئي ٿيو.“
    مون يڪدم بئگ کولي منجهانئس ڪئپٽن بشير جا ڏنل رڇ جي کل جا (يا ڪنهن ٻئي جانور _ بگهڙ، لومڙ يا پاڏي جي کل جا) دستانا هٿن تي چاڙهيا ۽ اهڙو لومڙ جو ٻچو _ يعني ٽوپي مٿي تي رکي. في الحال خير ٿي ويو.
    ۽ هاڻ صبح جو گهران نڪرندي ۽ منجهند جو ٻين ٽين بجي ڌاري يونيورسٽي کان موٽندي بشير جي انهن گرم شين کي ڏسي رب جا شڪر ڪندو آهيان ته چڱو جو هُن زوريءَ اهي شيون ڏنيون. جي آئون هتي جي سرديءَ جو پنهنجي گرم ملڪ ۾ خيال نه ڪري تڪڙ ۾ ائين اچان ها ته اڄ مالمو جي رستن تي قلفي ٿي پيو هلان ها ۽ هيءَ اتر يورپ جي ٿڌ، جسم کي اهڙو ڪپي ها جو سگهوئي بستر جي حوالي ٿي وڃان ها. مزي جي ڳالهه ته اسان مارچ ۾ سئيڊن آيا هئاسين ۽ مارچ وري به هتي جي موسم جي لحاظ کان ماڻهپي وارا مهينا سمجهيا وڃن ٿا. بهرحال پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهن ٿا ته آڪٽوبر نومبر، ڊسمبر ۽ جنوري فيبروري وارن مهينن ۾ هنن ملڪن: سئيڊن، ناروي، فنلئنڊ، ڊئنمارڪ وغيره ۾ ڇا ٿڌ ٿيندي هوندي.
    ۽ ائين به نه آهي ته اها ٿڌ رڳو اسان ايشيا ۽ آفريڪا جا رهاڪو محسوس ڪريون ٿا.ساڳيو حال هتي جي ماڻهن جو به آهي جيڪي ڄاو ا نپنا هتي آهن. پاڻ کي ڍڪي هلڻ ۾ هو اسان کان به وڌيڪ خبردار آهن. اسان ته شروع شروع ۾ ڪڏهن گهٽ سيءُ هوندو هو ته اندريون سئيٽر يا اوني گنجي نه پائيندا هئاسين. پر هتي جا ماڻهو هر وقت سڄي حفاظت سان هلن ٿا. اسان جيتوڻيڪ دل ئي دل ۾ پنهنجي بهادري کي داد ڏيئي سوچيندا هئا سين ته اهڙو سيءُ ناهي پر پوءِ جهٽ خبر پيئي ته يورپ جي سرديءَ جو ڪو ڀروسو ڪونهي. اتي جو اتي سج نظر ايندو، موسم سٺي ٿي ويندي. وري اتي جو اتي ڏس ته آسمان ڪڪرن سان ڇانئجي ويندو. بوندا بوندي ۽ تکي هوا اهڙي شروع ٿي ويندي جو ماڻهن توڙي مرن جا ڏند پيا کڙڪندا. هي اهي سرد هوائون آهن جيڪي اسان وٽ آخري ڏاڪي _ يعني سائيبيريا يا اتر قطب جون سڏيون وڃن ٿيون. مديجي مٺي يا ڇلگريون ڇاڇڙي ۾ سيءَ جي لهر ايندي آهي ته چوندا آهيون ڪوئيٽا ۾ برف ڪِري آهي ۽ ڪوئيٽا وارا چوندا آهن ته رو س افغانستان ۾ پارو وٺو آهي ۽ روس جي شهرن (ماسڪو، باڪو، يروان وغيره) جا رهاڪو ڏڪندي چوندا آهن ته سائبيريا ۽ اتر قطب ۾ لڳندڙ ٿڌين هوائن جو اثر آهي.۽ هي سئيڊن جهڙا ملڪ اتر قطبي ۽ سائيبيريا واري ويڪرائي ڦاڪن جا ملڪ سڏجن ٿا جتي مارچ اپريل مهينن ۾ به برف باري ۽ ٿڌيون هوائون پيون لڳن ۽ اندران لانگ جان (ڪاٽن يا اُن جي ڊگهي گنجي ۽ پجامو)، قميص، پتلون، سئيٽر، ڪوٽ، جئڪيٽ ۽ مفلر ٽوپ پائڻ سان به گهڻي ٿڌ ۾ ائين لڳندو آهي ڄڻ ماڻهو وهنجي ايئرڪنڊيشنر اڳيان اگهاڙو بيٺو آهي.
    هڪ ڏينهن، هتي رهندڙ هڪ پاڪستاني واقفڪار مسعود ضيغم جي گهران موٽڻ واقت، اوور ڪوٽ هٿ ۾ جهلي ٻاهر نڪتس جو در وٽ ئي سندس ڪار بيٺل هئي ۽ سندس گهر ۾ ته سخت هيٽر هلي رهيا هئا پرڪار پڻ گرم ٿيل هئي. پاڻ ڪار ۾ ويهڻ سان چيائين:
    ”برادر هڪ نصيحت ڪريان ٿو. دل ۾ نه ڪجو. گهر مان کڻي ٻن منٽن لاءِ نڪرو پر پنهنجي بدن کي گرم ڪپڙن سان چڱيءَ طرح ويڙهي نڪرو. گهر۾ اندر Heating System هجڻ ڪري ٻاهر جي سخت سيءَ جو احساس ئي نٿو ٿئي پر ٻاهر جي ٿڌي هوا خطرناڪ آهي ۽ نمونيا جهڙين بيمارين ۾ ماڻهو مبتلا ٿي سگهي ٿو.“
    ”بلڪل صحيح ٿو چئين،“ مون مسعود جو ٿورو مڃيندي چيو، ”جيئن اسان جي ملڪن ۾ ٿڌي ايئرڪنڊيشن ڪمري مان يڪدم ٻاهر اُس ۾ اچڻ سان ماڻهو بيمار ٿين ٿا.“
    ۽ مسعود وانگر منهنجي پڻ پڙهندڙ کي اهائي نصيحت آهي خاص ڪري انهن کي جيڪي تعليم، نوڪري يا واپار وڙي جي خيال کان يورپ پاسي جو ارادو رکن ٿا ته گرم ڪپڙن بنان ڪڏهن به پنهنجو ملڪ نه ڇڏجو. خاص ڪري آڪٽوبر کان اپريل تائين اتر يورپ جا ملڪ ايڏا ٿڌا رهن ٿا جو ان ٿڌ جي مقابلي ۾ برف به گرم آهي ۽ انگريز، فرينچ، اطالوي ۽ اسپين جا رهاڪو پڻ دانهون ڪن ٿا. سياري ۾ مهينو اڌ ڪوئيٽا ۽ ڪوه مريءَ ۾ به سخت سيءَ ٿين ٿا پر اتي اهي ٿڌيون ڪپيندڙ هوائون نٿيون لڳن، جيڪي يورپ ۾ عام آهن. (برف جي گرم هجڻ جو اهو حساب آهي جو برف جو ٽيمپريچر زيرو ڊگري ٿئي ٿو يا اڃا به گهٽ ته ڪاٽو چار ڊگريون. ۽ هتي جي هوا سياري جي موسم ۾ ڪاٽو ڏهه يا پندرهن تائين ٿڌي رهي ٿي. سو ان ٿڌي هوا جي مقابلي ۾ برف هٿ ۾ جهلڻ سان گرم لڳي ٿي.)


    ڪنڊياري کان موري لڏي وڃڻ

    هونءَ ائين به ناهي ته سستي ڪپڙن جي لنڊا بازار فقط ڪراچي ۽ پاڪستان جي ٻين شهرن ۾ آهي، پر جتي ڪٿي آهي. هتي سئيڊن ۾ جتي هر شيءِ جي قيمت ايڏي خوفناڪ حد تائين هينئين ڦاڙ آهي جو دڪانن جي درين مان ڏسندي (ونڊو شاپنگ ڪندي) به ڀؤ ٿو لڳي. هتي جي مڪاني ماڻهن توڙي ڌارئين رهندڙن يا ڪجهه ڏينهن لاءِ آيل گهمڻ جي شوقينن کي هروقت ان قسم جا ڊپ سوار هوندا آهن ته ڪٿي سندن بوٽ نه ڇڄي، جو هتي ڇنل بوٽ کي ڳنڍائڻ لاءِ هڪ ته موچيءَ کان وقت وٺڻو پوي ٿو، جيئن ڪنهن وڏي سرجن ڊاڪٽر کان Appointment وٺجي ۽ پوءِ بوٽ جي مرمت تي ايترو ئي خرچ اچيو وڃي جيتور پاڻ وٽ هرنيا، D & C ۽ اک جي موتيو پاڻي جهڙي ڪنهن آپريشن ڪرائڻ تي. اهڙي طرح يورپ جي هن ملڪ سئيڊن ۾ ڪپڙا گنديون ۽ ٻيو سامان وڏي اگهه ۾ ملي ٿو ۽ ان جي مرمت يا ڳنڍ ٽوپو ان کان به مهنگو آهي. پر ٻين ملڪن وانگر سئيڊن ۾ به ڪي ڪي اهڙا هنڌ آهن جن کي پاڪستان جو لنڊا بازار چئي سگهجي ٿو. جتي ٿورو گهڻو استعمال شده شيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن نيون نڪوريون ڦلن مٺ تي وڪامن ٿيون.
    ڇنڇر ۽ آچر هتي موڪل جا ڏينهن آهن. انهن ٻن ڏينهن تي شهر ۾ ٻن ٽن هنڌن تي ڪيترائي ننڍا ننڍا اسٽال هڻي ماڻهو پنهنجي گهر جو سامان وڪڻن ٿا. جيئن پاڻ وٽ پاڪستان ۾ جمعي بازار لڳي ٿي. پر جمعي بازار ۾ ڀاڄيون ڪپڙو ۽ ٻيو نئون سامان وڪامي ٿو هتي گهر جو سامان جهڙوڪ: ٿانو ٿپن، هنڌن بسترن، چادرن ٽوالن کان چمچا ڇريون، ڪپڙا گنديون، رانديڪا شوپيس ۽ اليڪٽرڪ جي سامان ۾ به ٽيبل لئپ ۽ ٽوسٽر، استري کان ريڊيو، ٽيپ رڪاڊر، ٿرماس، گهڙيال هر شيءِ اوڻي پوڻي اگهه تي وڪامي ٿي.
    سئيڊن جي هن شهر مالمو ۾ جنهن جي آدمشماري هالا يا ٽنڊو آدم جيتري ٿيندي، ان قسم جا چار پنج هنڌ آهن. ٻه کن ته Bast سپر مارڪيٽ جي ڀرسان آهن. هڪ Marknads Borsen نالي موليوانگي ۾ آهي ۽ هڪ اسان جي يونيورسٽي ڏي ويندڙ رستي تي سينٽرل اسٽيشن وٽ پڻ آهي. هر هنڌ اٽڪل پنجاهه سٺ اسٽال لڳن ٿا جن ۾ زالون مرد گهڻو ڪري سڄي گهر جو سامان نيڪال ڪندي نظر ايندا. پوءِ ڪي ته دڪاندار به آهن جيڪي هر هفتي نظر اچن ٿا. اهي شايد گهر گهر وڃي فالتو سامان وٺي هتي اچي فائدي تي وڪڻن ٿا. ان هوندي به اسان جهڙن لاءِ سستو پوي ٿي. ڪي ٻارين ٻچين هوندا. ڪي اهڙيون فئمليون آهن جن کي سئيڊن جي هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏي لڏڻو پوندو آهي. هو سڄو سامان وڪڻي پوءِ وڃن ۽ نئين شهر پهچي نئون سامان وٺن. ڪي ته هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ نوڪري، تعليم يا واپار لاءِ وڃڻا هوندا آهن. هن پاسي جي ماڻهن جو سئيڊن کان ناروي، يا ڊئنمارڪ کان فنلئنڊ جرمني لڏي وڃڻ ائين آهي جيئن اسان جي ماڻهن لاءِ ڪنڊياري کان موري لڏي وڃڻ يا کپري کان سانگهڙ، شهدادپور. سڀ ملڪ هڪ ٻئي جي ويجهو آهن. کين اسان وانگر ڌارئين ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ ويزا جهڙا ڏهه مسئلا مٿي تي سوار نه هوندا آهن.
    شيون وڪڻندڙن ۾ ڪجهه بيحد پوڙهيون هونديون آهن جيڪي سڀ ۾ سستو سامان ڏين ۽ اگهه تي به گهڻي گهوپي نه ڪن. سنگاپور، ملائيشيا ۽ هانگ ڪانگ جي مارڪيٽن وانگر Bargaining پڻ جام هلي ٿي. استريءَ جا پوڙهي چوندي ويهه ڪرونا (يعني اسي رپيا). چئبس: مهنگي آهي گهٽ ڪر.
    چوندي: ”ڀلا ڏهه.“
    ”اڃا گهٽ ٿي سگهن ٿا؟“
    ”تون ڀلا ٻڌاءِ.“ هوءِ پڇندي.
    ”پنج ڏيانءِ؟“ چئبس.
    ”چڱو ست ڏي.“ ۽ سودو ستن ۾ ٿي ويندو. اهڙي هڪ استري اڄ ڪئپٽن سليم قاسم ورتي آهي. ڪراچيءَ هئاسين ته ٻه سال اڳ هتي رهي ويل چيف انجنيئر بدرمنير ٻڌايو: ”مون ان قسم جي مارڪيٽ مان 15 ڪرونا (60 رپيا کن) جي استري ورتي. ٻه سال سئيڊن ۾ استعمال ڪئي ۽ هاڻ پاڪستان ۾ به ڪري رهيو آهيان.“
    منهنجي خيال ۾ ان جو رڪارڊ اڄ ڪئپٽن سليم ڀڳو. مون کي سيڪ (ٽاڪوڙ) Infra_ Red لمپ جي ضرورت هئي. ڪراچيءَ ۾ ٽن چئين سؤ ۾ ورتو هوم. هتي کڻي اچڻ وسري ويو. جيتوڻيڪ اهو هن پاسي جي ملڪ نيدرلئنڊ جو ٺهيل آهي پر ڪراچيءَ ۾ سستو آهي پر هتي ايترو مهنگو جو روز سوچيندو هوس ته وٺان يا نه. اڄ اوچتو اها شيءِ هن مارڪيٽ ۾ نظر اچي ويئي. وڪڻڻ وارو ويهه ڪرونا چيو ۽ پوءِ نيٺ ڏهن (چاليهه رپيه کن) ۾ وڪيائين. اهڙيءَ طرح ڏهن جو ٽيبل لئمپ ورتم ۽ پنجن ڪرونائن (ويهين رپئي) ۾ باهه تي سئنڊوچ ٺاهڻ جو پڙ (Sandwhich Maker) ورتم. گهر پهچي اهي شيون چيڪ ڪيم بلڪل اي ون حالت ۾ هيون.
    پوڙهين ماين جي اسٽالن کان علاوه ٻيا اسٽال اهڙن نوجوان جوڙن جا هوندا آهن جن جو جهٽ مڱڻو ڦٽ شاديءَ بدران جهٽ شادي ڦٽاڦٽ طلاق ٿيندي آهي ۽ طلاق بعد ٻئي ڄڻا _ گهوٽ ڪنوار، ڏاڍي آرام سان سڄي گهر جو سامان وڪڻي شام تائين ڪمايل پئسن جو اڌو اڌ ڪري، ڇوڪرو پنهنجي نئين گس ڏي ۽ ڇوڪري پنهنجي نئين واٽ وٺي هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويندا آهن. اهڙن طلاق شده نوجوان جوڙن وٽ پڻ سامان نئون ۽ سستو هوندو آهي. هنن کي جلدي هوندي آهي ۽ اگهه تي به يڪراءِ نه هوندا آهن.مڙس هڪڙو ٻڌائيندو ته زال ٻيو. اهڙي جوڙي کان اڄ مون هڪ ڪرسٽل گلاسن جو سيٽ ورتو. اگهه پڇڻ تي هڪ ئي وقت مڙس جي وات مان ويهه ڪرونا نڪتو ته زال جي وات مان ٽيهه ڪرونا. مون ويهه ڪرونا ڪڍيا ته زال چيو: ”اهي گلاس ٽيهن جا آهن.“
    سندس مڙس ڏي اشارو ڪري چيم: ”هن ته ويهه چيا.“ ان تي زال پنهنجي ان سابق مڙس کي گهٽ اگهه ٻڌائڻ تي ٿوري دٻ ڪڍي. پر مڙس سندس ڳالهه کي ليکي ۾ نه آڻي مونکان ويهه ڪرونا وٺي پنج پاڻ وٽ رکيا ۽ پنڌرهن کيس اڇلائي ڏنا ته ”کڻ پنهنجو ففٽي ففٽي حصو ٽيهن جي حساب سان.“
    ڪئپٽن سليم جيڪو دير سان آيو هو تنهن ان جوڙيءَ لاءِ ٻڌايو ته بعد ۾ هو بنهه سستي اگهه ۾ شيون ڏئي منجهند کان اڳ ئي موٽي ويا.
    انهن کان علاوه ڪجهه ٻين به وڪڻڻ وارن سان ڳالهه ٻولهه ٿي. هڪ ٽيونيشيا جو ڪرد ڇوڪرو جيڪو هتي رهي ٿو ۽ هاڻ سئيڊن جي قوميت اٿس، سو مختلف شيون: رانديڪا، ٿانوَ، ڪپڙا، Sovenior ڪتاب وغيره وڪڻي رهيو هو. کانئس پڇيم: ”هي ڇو پيو وڪڻين؟“
    ”آئون شاگرد آهيان. اسان جي ڀرواري فليٽ جي مالڪ پنهنجو فليٽ وڪيو ۽ جنهن فليٽ ورتس تنهن کي چيائين ته فرنيچر ۽ سامان ان سان گڏ مفت ۾ آئيئي. جيڪا هتي هڪ عام ڳالهه آهي جو فليٽ وڪڻڻ وارو اڪثر فقط پنهنجو ضروري ڪم جو سامان کڻي نڪري ٿو. پر هن فليٽ وٺڻ واري چيو ته مونکي اهي ڪن سن مفت ۾ به نه کپن. مون کي خالي فليٽ کپي جيئن ان جي مرمت ڪري پوءِ ان ۾ پنهنجي پسند جو اوچو سامان رکان. هاڻ فليٽ جي پهرين مالڪ ڪچرو کڻڻ واري ٽرڪ کي فون ڪيو ته اچي هي پراڻو فرنيچر ۽ سامان کڻي وڃ ته ان ٻڌايس ته ان جو ڀاڙو پنج سؤ ڪرونا ٿيندو. ان تي مون چيومانس ته مونکي ڏي. ۽ پوءِ پنهنجي دوست جي ويگن ۾ کڻائي هن شهر مالمو ۾ وڪڻڻ آيو آهيان. هاڻ جيڪي به چار سؤ ڪرونا مليا اهي ڄڻ مفت جي ڪمائي ٿي.“
    اهڙيءَ طرح هڪ ٻِي ڇوڪري سئيٽر، ڪوٽ، بوٽ، چئمپل، لپ اسٽڪون ۽ ميڪ اپ جو ٻيو سامان ۽ ڪاپيون، پينسلون وغيره وڪڻي رهي هئي.“
    ”هي ڪنهن جو سامان وڪڻي رهي آهين؟“ مون پڇيومانس.
    ”پنهنجو اٿم.“ هن وراڻيو.
    ڇو ڀلا وڪڻي رهي آهين؟“ مون پڇيو.
    ”بس هي مون وٽ فالتو سامان آهي. “I Want to get rid it” هن وراڻيو.
    ”اسٽوڊنٽ آهين يا نوڪري ٿي ڪرين؟“
    ”اسٽوڊنٽ به آهيان ته نوڪري به ڪريان ٿي.“
    ”هن مان جيڪي پئسا ملندءِ ان کي ڇا ڪندينءِ؟“ مون پڇيومانس.
    ”آئون فرانس گهمڻ جو ارادو رکان ٿي. ان لاءِ پئسو گڏ ڪري رهي آهيان.“ هن ٻڌايو.
    ”فرانس بدران ملائيشيا، سنگاپور، پاڪستان، انڊيا جهڙا ملڪ ڇو نٿي گهمڻ وڃين. جتي تنهنجو گهٽ خرچ ايندو ۽ هڪ Change به محسوس ڪندينءِ. سئيڊن ۽ فرانس ۾ ته ڪو خاص فرق ئي ناهي.“
    ”آئون Skiing (برف تي راند) لاءِ وڃي رهي آهيان.“
    ”مهرباني. مون توکان ائين معلومات لاءِ اهي سوال پڇيا. ٿي سگهي ٿو ڪنهن اخبار ۾ تو بابت اهي ڳالهيون به لکي ڇڏيان.“
    سو اهڙيون مارڪيٽون نه رڳو اسان جهڙن پرديسين لاءِ ڪم جون آهن پر ڪيترا هتي جا ۽ يورپ جي ٻين ملڪن جا ماڻهو گهڻي پگهار هوندي به ضرورت جون شيون ههڙين مارڪيٽن مان حاصل ڪن ٿا.
    هن قسم جون مارڪيٽون نه فقط ضرورت جي شين جي خريداريءَ لاءِ سٺيون آهن پر وندر ۽ وقت پاس ڪرڻ لاءِ به سٺا اڏا آهن جتي ڪيترن ئي ڄاڻ سڃاڻ وارن سان ملاقات ٿئي ٿي. اڄ ملائيشيا جي ڪئپٽن زينل اڪبر جي ٻارن سان ٿي. پاڻ ملائيشيا کان مون وانگر ٻن سالن جي ڪورس لاءِ گذريل سال آيو آهي. ملائيشيا ۾ اسان جي گهر کان هڪ گهر ڇڏي ٻيو هن جو هو. کيس اولاد نه هو، سو هڪ دوست جو پٽ نپايو هئائين. اسان جڏهن ملائيشيا ڇڏي ته ان وقت ذوالفقار چئن سالن کن جو هو. هاڻ هو ستن سالن جو آهي.
    اهڙي طرح بنگالي، اردني، ايراني ۽ سعودي عرب جي ڪلاس ميٽ ۽ سڃاڻن سان به هن مارڪيٽ ۾ ملاقات ٿيو وڃي. سعودي عرب جي صالح پاڪستان نيول اڪيڊمي مان ئي ٽريننگ ورتي آهي ۽ N.E.D ڪاليج مان انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس. ڪراچيءَ ۾ چار سال کن رهڻ ڪري اڙدو سٺي ڳالهائي ٿو. کيس اهڙن هنڌن تي اسان سان پنهنجي اڙدو تکي ڪرڻ جو موقعو مليو وڃي ۽ ساڳي طرح اسان کي ملئي ۽ بنگالي ڳالهائڻ جو سٺو وجهه مليو وڃي.
    گهر جي سامان جي هنن سستين مارڪيٽن کان علاوه هتي ڀاڄي ۽ فروٽ جي پڻ ڇنڇر آچر تي کلئي ميدان تي مارڪيٽ لڳي ٿي جيڪا پاڪستان جي جمعي بازار يا آچر بازار وانگر ٿئي ٿو. ان ۾ پڻ شهر جي دڪانن کان سستي اگهه تي ميوا ۽ ڀاڄيون وڪامن. جيتوڻيڪ ڪا گهڻي سستائي نه هوندي آهي ته به غنيمت آهي ۽ ههڙن مهنگن پٽن تي هن قسم جون مارڪيٽون هتي جي غريب عوام (جيڪڏهن ڪو آهي ته) ۽ اسان جهڙن ايشيائي آفريڪي، سينٽرل آمريڪائي ۽ ڏکڻ آمريڪائي ملڪن جي ماڻهن جي لاءِ جياپي جو آسرو آهن.
    هن پاسي ٿورن ڏينهن لاءِ ايندڙ ٽوئرسٽ لاءِ هڪ دفعو اهو چتاءُ وري لکڻ ضروري سمجهان ٿوته ڪڏهن به هنن مارڪيٽن مان گرم ڪپڙا وٺڻ جي آسري تي پنهنجي وطن کان بنا ڪوٽ يا اوور ڪوٽ جي نه نڪرن. ڇو جو هي مارڪيٽون اهڙي ڪنڊ پاسي تي ٿين ٿيون جو ڪيترن هتي جي ماڻهن کي به خبر ناهي ۽ ٻي ڳالهه ته ضروري ناهي ته گهربل شيءِ يڪدم ملي وڃي. شين جي مقدار جو طلاقن جي تعداد سان به واسطو رهي ٿو. يا ڪنهن پوڙهيءَ جو مڙس مري وڃي، جيڪا هن جا سڄي ڄمار جا گڏ ڪيل سِڪا، ٽڪليون ۽ ٻيا Souveniors اچي وڪڻي.


    ڪهڙي بچاءُ لاءِ ڪتا آهن؟

    گهڻا ڏينهن اڳ هتي جي ماڻهن سان خبرون ڪندي ڳالهه اها نڪتي ته پاڪستانين کي گهڻا ٻار ٿين ٿا. سئيڊن ۾ جنهن کي سڀ کان گهڻا ٻار آهن اهو پاڪستاني همراهه جوهر زمان خان آهي. جنهن جو اخبار ۾ فوٽو پڻ ڇپيو هو.
    جوهر ته اسان جي واقفڪارن مان هو، سو ٻئي دفعي جيئن ئي جوهر سان ملاقات ٿي ته کانئس ٻارن جو پڇيومانس. اسان سمجهيو ته ڏهه نه ته ست اٺ ضرور هوندس. پاڻ کلندي چيائين: ”شادي کان پوءِ ڪيترا سال مونکي اولاد نه پئي ٿيو. حڪيم ڊاڪٽرن وٽ وڃڻ ۾ منهنجو يقين نه آهي. آئون اهوئي چوندو آهيان ته اها ڳالهه قدرت جي هٿ ۾ آهي. جڏهن لکيو هوندو تڏهن ٿي ويندو ۽ ٿيو به ائين. پورن ستن سالن کانپوءِ مونکي هڪ ٻئي پويان چار ٻار ٿيا. جيڪي هتي جي حساب سان تمام گهڻا سمجهيا وڃن ٿا.“
    ”واقعي چار ٻار ته ڪجهه به نه آهن.“ اسان چيو ۽ پوءِ کانئس سئيڊن جي رهاڪن بابت پڇيو ته اهي گهڻا ٻار چاهين ٿا.
    ”هتي ڪجهه موسم جي ڪري ڪجهه رسم وهنوار ڪري هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻه ٻارن جو رواج آهي. ڪيترن کي ته اهي به نه آهن. بلڪ شاديءَ بعد جلدي طلاق تائين معاملو جهٽ پهچيو وڃي. زال مڙس جو اهو ٻنڌن، لاڳاپو ۽ اها ويجهڙائي ۽ پيار گهڻو عرصو نٿو رهي. پوءِ ڪجهه ان Attitude کان ته هڪ ٻئي جي پرواهه ڇو ڪجي. ڪجهه هتي جي سخت سرديءَ واري موسم جو به اثر ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ هرڪو سڪو پارو ٿيو پيو آهي.اها گرمائش ۽ جوش ناهي، شايد، جيڪو گرم ملڪن جي ماڻهن ۾ لڳي ٿو....“
    بهرحال اهو هڪ ذاتي خيال هو جيڪو هتي پنڌرهن سالن کان رهندڙ جوهر صاحب ٻڌايو.
    هڪ ڏينهن يونيورسٽيءَ کان موٽي رهيا هئاسين. يونيورسٽيءَ کان هاسٽل تائين ٻه بسون بدلائڻيون پون ٿيون. وچ واري وڏي اسٽاپ گسٽاو اڊولف (Gustav Adolf Trog) وٽ هتي جي مڪاني ماڻهن جي وچ ۾ آئون ۽ يونيورسٽيءَ جو هڪ ٻيو شاگرد مسٽر مبارڪ پڻ هو. هو يمن کان آيو آهي. سخت سيءُ ۽ ٿڌي هوا کان بچاءُ لاءَ اسان جو سڄو جسم سئيٽر ڪوٽ ۽ اوور ڪوٽ مفلر سان ڍڪيل هو. مٿو ۽ هٿ به گرم ٽوپي ۽ جورابن ۾ ڍڪيل هئا، ان هوندي به سيءَ ۾ ٿڙڪي رهيا هئاسين. ظاهر آهي هي ملڪ سئيڊن انهن اتر قطبي ملڪن مان آهي، جنهن جي مقابلي ۾ انگلينڊ، فرانس، اسپين به گرم ملڪ سمجهيا وڃن ٿا. وقت گذرڻ لاءِ رکي رکي ڪا ڳالهه ٻولهه ڪري رهياهئاسين. ايتري ۾ هڪ سئيڊن همراهه وڏي ٿلهي ڪتي کي رسيءَ کان وٺي اچي اسان جي ڀرسان بس جو انتظار ڪرڻ لڳو. پري کان ئي ڪتي جو منهن خطرناڪ لڳو ٿي. اهڙو خوفناڪ منهن وارو ڪتو مون پهرين نه ڏٺو هوندو. جهڙو جهنگلي سوئر ٿي لڳو. سندس جسم به ائين سڄيل ۽ ڦوڪيل هو.آئون سندس منهن کان پري ٿي ٻي پاسي پڇ وٽ ٿي بيٺس. بس آئي پر آئون نه وڌيس جيئن ڀلي پهرين ڪتي وارو همراهه اڳيان هلي. مبارڪ چيو: ”ڇو هلين نٿو؟“
    ”يار ڀلي هي همراهه پهرين هلي.“ وراڻيومانس.
    ”ڪهڙو ته خطرناڪ منهن وارو ڪتو آهي.“ مبارڪ به ساڳي ڳالهه نوٽ ڪري ان جو ظهار ڪيو.
    بس ۾ ويهندي چيومانس: ”يار مونکي ته لڳو ٿي ته ڄاڻ ته چڪ هنيائين.“
    مبارڪ کلندي چيو: ”ڪڏهن به نه. ڏسين نٿو هرڪو همراهه هتي هڪ عدد ڪتو پاڻ سان وٺيو پيو هلي. پر ڪنهن کي ڪڏهن ڀوڪندي، چڪ هڻندي يا باهوڙ ڪندي ڏٺو اٿئي؟“
    ”هائو ڳالهه ته واهه جي ڪئي اٿئي. شايد هنن پنهنجن ڪتن کي ائين تربيت ڏني آهي.“ مون چيومانس.
    ”ٿي سگهي ٿو. پر سيءَ جي ڪري به ٿي سگهي ٿو. Infact cold climate quietens everything”
    ”ٿڌ هر شيءِ کي خاموش ڪريو ڇڏي.“ هن ساڳيو جملو وري دهرايو ۽ هن دفعي هر شيءِ (Everything) تي زور ڏيئي چيو ۽ سندس Everything جو مطلب سمجهي مون کان ٽهڪ نڪري ويو.
    ”سچ ٿو چوين مبارڪ.“ مون چيومانس.
    ”هائو. بلڪل. ٻيو نه ته وري،“ هن پنهنجي خاص ادا ۾ چيو. پاڻ مون سان گڏ ساڳي انجنيئرنگ سبجيڪٽ ۾ ايم.ايس سي ڪري رهيو آهي سو ڪلاس روم ۾ به روز گڏ هوندا آهيون ۽ سندس چرچن مان محظوظ ٿيندا آهيون.
    ”خبر اٿئي الطاف، ڪجهه سال اڳ آئون صنعا شهر۾ هوس. يمن جو هي شهر منهنجي ڳوٺ عدن وانگر سمنڊ جي ڪناري تي ناهي پر اتاهين ٽڪريءَ تي آهي ۽ سياري ۾ چڱو خاصو سيءُ ٿئي ٿو. هڪ رات آئون دير سان آفيس کان گهرڏي اچي رهيو هوس ته پنهنجي گهٽيءَ ۾ هڪ نه ٻه يڪا سارا ڏهه پنڌرهن ڪتا نظرآيا. مون دل ۾ چيو: ”مُبارڪ اڄ مري ويندين.“ پر ڇا ٿي ڪري سگهيس. سيءَ ۽ ڪتن جي ڊپ کان سڄي گهٽي ڏڪندي لنگهيس. پر ڪمال ٿي ويو، ڪنهن هڪ ڪتي به اٿي جلهه نه ڪئي. ٺلهي ڀؤنڪار به نه ڪئي. اتي جي عدن جا ڪتا هجن ها ته ڇلي وڃن ها. البرذ يهديءَ ڪل شيءِ.“ هن آخري جملو عربيءَ ۾ چئي پوءِ انگريزي ۾ مونکي ترجمو ڪري ٻڌايو ته ٿڌ هر شيءِ کي خاموش ڪريو ڇڏي.
    هونءَ ههڙن ملڪن ۾ ڪتي پالڻ جو شوق ڪرڻ سولي ڳالهه ناهي. کيس وقت بوقت ڊاڪٽر کان تپاس ڪرائي سرٽيفڪيٽ وٺڻو پوي ٿو ته هن کي ڪابه بيماري ناهي. جيئن ننڍي ٻار کي پوليو، ڳڍڙي، وڏي کنگهه ۽ سلهه جهڙين بيمارين کان بچائڻ لاءِ مقرر مدي ۾ ڦڙا، سيون ۽ ٽڪا ڏيارڻا پون ٿا. تيئن ڪتن کي صحتمند رکڻ لاءِ ڪيترن ئي قسمن جون سُيون هڻائڻيون پون ٿيون. کين صاف سٿرو رکڻ لاءِ اهڙن اهڙن خاص صابڻن ۽ شئمپوئن سان وهنجارڻو پوي ٿو. جيڪي پڪ اسان جي فلمي دنيا جون ڏهن مان پنج فلم ائڪٽريسون به استعمال نه ڪنديون هونديون. کين ڳچيءَ ۾ (يعني ڪتن کي ۽ نه فلمي ائڪٽريسن کي) خاص ويڪر ۽ نرمائيءَ وارو پٽو ٻڌو وڃي ٿو ۽ صحتمند رکڻ لاءِ خاص گوشت ۽ وٽامن ۽ پروٽين سان ڀرپور اهي اهي کاڌا کارايا وڃن ٿا جيڪي ڪيترن ملڪن جي ماڻهن کي خاص ڏينهن تي به نصيب نه ٿيندا هوندا.
    ههڙن ملڪن ۾ ڪتن پالڻ وارو سڀ کان وڏو مسئلو کين هنگائڻ مٽائڻ جو هوندو آهي. جتي ڪٿي گهر يا رستن تي، جنهن تنهن وقت، ان ڳالهه جي نه ڪتن کي نه مالڪن کي اجازت هوندي آهي. ان لاءِ وقت ۽ جاءِ مقرر ڪئي ويندي آهي. منهنجي ڪمري جي کاٻي دريءَ مان مين روڊ نظر ايندو آهي ۽ ساڄيءَ مان اسڪول جي عمارت ۽ ان جو گرائونڊ. گرائونڊ جي ڪنڊ تي هڪ ويهه ميٽر ڊگهو ۽ چار پنج ميٽر کن ويڪرو پٽو گهاٽي گاهه ۽ وڻن ٽڻن جو آهي. وچ ۾ هڪ بئنچ به رکيل آهي. صبح جي وقت هڪ ٻئي پويان ڍير گرم ڪپڙن ۾ ڍڪيل پوڙهيون مائيون ۽ مرد پنهنجا ڪتا وٺي ايندا آهن ۽ ان جهنگ جي ٽڪري ۾ پنهنجن ڪتن کي ڦيرائيندا آهن جيسين ڪتو هنگي مُٽي فارغ ٿئي. انهن ماڻهن لاءِ ته ويل ٿيو.ڪنهن رات دير سان سمهندا هوندا ته به پنهنجي پاليل ڪتي لاءِ صبح ساڻ منهن اونداهيءَ ۾ اٿندا هوندا. ڪتا نه ٿيا آزار ٿيو. ڪنهن چيو ته ڪتو انسان جو دوست آهي. هوندو دوست انسان جو. پر سئيڊن جي همراهن لاءِ ته ڪتو وڏو رئيس ٿيو. هو سڄو ڏينهن سندس خذمت ڪن ٿا ۽ کانئن (يعني ڪتن کان) اهو نٿو پڄي ته اسان جهڙن ڌارين کي ڏسي کڻي ڪا ڀؤنڪار ڪن.
    سئيڊن جي ماڻهن جا پئسا بئنڪ ۾ ڳهه ڳٺو پائين ڪونه. عصمت بچائڻ جهڙا جملا فلمن ۾ به نه ٻڌا هوندائون جو هتي جي سوسائٽي Sex _ Free سوسائٽي سڏجي ٿي. باقي ڪتا ڇا جي حفاظت لاءِ رکيا ويا آهن. سمجهه ۾ نٿو اچي.
    اسان جي ساٿي ڪئپٽن سليم قاسم کان اهڙو سوال ڪبو آهي ته ٺهه پهه ساڳي ورندي ڏيندو آهي:
    ”شوق از اي شوق.“


    هر ڳالهه ۾ اسان پاڪستاني ليٽ

    اسان کي پندرهن مارچ کان اڳ سئيڊن پهچڻو هو. 16 تاريخ يونيورسٽي کلي رهي هئي ۽ IMO (انٽرنيشنل مئريٽايئم آرگنائيزيشن) جي سيڪريٽري جنرل ڊبليو.اي . اونيل کي سيمسٽر شروع ٿيڻ جي پهرين پيرڊ ۾ دنيا جي ستانوي ملڪن کان آيل شاگردن کي خطاب ڪرڻو هو. پاڻ هن يونيورسٽي World Maritime University جو چانسلر پڻ آهي. ان بعد ريڪٽر ۽ وائيس رڪيٽر (Recter)، اڪيڊمڪ ڊين (Dean) ۽ پروفيسرن جون تقريرون ۽ تعارف هئا. پر پاڪستان مان هن سال (1992ع) جي ٽن چونڊيل اميدوارن مان ڪئپٽن سليم قاسم ۽ آئون يونيورسٽي کلڻ بعد ٻه ڏينهن دير سان _ يعني ارڙهين تاريخ شام جو پهتاسين ۽ ٽيون درويش چيف انجنيئر راحت عزيز روزانو اڄ نه سڀان جون Telexes موڪليندو رهيو، آخر 28 تاريخ هتي پهتو. دستور موجب ان ۾ اسان مان ڪنهن جو به ڏوهه نه هو. اسان پاڻ ته چاهيو ٿي ته هڪ ٻه ڏينهن اڳ پهچون. جيئن يونيورسٽي شروع ٿيڻ کان اڳ رهائش جو هنڌ، ڪا کٽل ڦٽل شيءِ، يونيورسٽي ڏي ويندڙ رستو، ۽ ٻيو ڪجهه اڳواٽ ڏسي پورائو ڪري ڇڏيون ۽ پوءِ پهرين ڏينهن کان ئي اسان کي پڙهائيندڙ پروفيسرن ۽ ليڪچرارن جا چهرا سڃاڻي سگهون. پر اهڙيون سکائون ڪنهن پاڪستانيءَ جون ورلي پوريون ٿينديون آهن. ڪجهه سال اڳ تائين بنگلاديشين جو به ساڳيو حال هو. ولايت ۾ ڪو سيمينار، ڪورس يا بين الاقوامي ليول جي ميٽنگ ۾ گهڻو تڻو اسان سان گڏ بندگلاديشي به دير سان پهچڻ ۾ ساٿ ڏيندا هئا. پوءِ ٻيا وهنجي سنهجي ٽپ ٽاپ ٿيو ميٽنگ پيا اٽينڊ ڪندا هئا ۽ ان وقت اسين بئگون هٿن ۾، نٽ ڳوراهي، واره يا ميرپور ماٿيلي جي مٽي ۽ ڌوڙ مٿي ۾، ٻارهن ٻارهن يا ڪڏهن ويهن ويهن ڪلاڪن جا ڊگها هوائي سفر طئي ڪري علاؤالدين جي جن وانگر اچي حاضر ٿيندا هئاسين. ميزبان ۽ ٻيا ڏسڻ وارا وات سان ڪجهه نه چوندا هئا پر سندن اکين مان ائين لڳندو هو جيئن ڪو ٻار سڄو ڏينهن مٽيءَ ۾ کيڏي. گهر ۾ گهڙڻ سان بک آهي بک آهي ڪري مانيءَ تي ويهي ۽ سندس ماءُ پيءُ دٻ پٽينس: ”ڇوا! هٿ منهن ته ڌوئي اچ. جڏهن مانيءَ جي وقت جي خبر اٿئي ته اڳواٽ ڇو نٿو اچين!“
    بهرحال بنگلاديش وارا، ٻين ڪيترن شين سان گڏ اها ڳالهه به اسان کان اڳواٽ سکي ويا ۽ هاڻي هو سڀني کان اڳ نه ته ٻين سان گڏ وقت تي اچن ٿا.
    اڃا ڪراچي هئاسين ته يونيورسٽيءَ جي داخلا ڏيندڙ آفسرياڻي سنٿيا مرائگيٽ ) Cynthi Mrigate) سئيڊن کان فون ڪندي رهي:
    ”مسٽر الطاف اچو پيا نه؟“
    ”بلڪل.“
    ”پوءِ ڀلا ڇاجي دير آهي؟“
    ”ٽڪيٽ اڃا نه ملي آهي.“ وراڻيو مانس.
    ”O,My God خبر ناهي ڇو اسلام آباد کان UNDP وارن اڃا توهان کي نه موڪلي آهي. ڀلا تيار ويٺا آهيو يا نه؟“ سنٿيا وري پڇيو.
    ”بلڪل تيار ويٺو آهيون. سامهون بئگ رکي آهي.“ مون کيس ٻڌايو هو.
    ”ڀلا راحت عزيز ۽ ڪئپٽن سليم قاسم؟“
    ”اهي به تيار هئڻ کپن. اڄ صبح جون مونکي مليا هئا. هنن به اهوئي ٻڌايو ته کين ٽڪيٽ جو انتظار آهي.“
    ”منهنجو ڊائريڪٽ ساڻن Contact نه پيو ٿئي. تنهنجو به مس مس فون لڳو آهي. ڀلا هڪ ڪم ڪر. کانئن پڇي پڪ ڪر ته جيڪڏهن آئون ٻي ٽڪيٽ هتان موڪليان ته هو به تو وانگر اڄ رات KLM جي اڏام ۾ هليا ايندا؟ آئون ڪلاڪ کان پوءِ وري فون ٿي ڪريان. ۽ جي ها ٿيو ته ايئرپورٽ تي هليا اچجو. ٽڪيٽ اتي توهان کي ملي ويندي.“
    ”چڱو ڀلا“ چئي مون فون رکيو. رات جو غلط سلط فون نمبرن سمهڻ نه ڏنو سو فون جو پلگ ڪڍي ڇڏيو هوم. ظاهر آهي ڪنهن جو فون ڪيئن لڳندو. شڪر جو ان ئي گهڙيءَ پلگ وڌم ته سنٿيا جو سئيڊن کان فون اچي ويو.
    واچ ۾ وقت ڏٺم منجهند جو ڏيڍ ٿيو هو. ڪلاڪ بعد وري سنٿيا فون ڪندي. ۽ رات جو يارهين وڳي اڏم هئي. مون جلدي جلدي راحت عزيز کي نارٿ ناظم ۽ ڪئپٽن سليم قاسم کي ڊفينس سوسائٽي فون ڪيو. ٻنهي رات جو هلڻ لاءِ هائوڪار ڪئي. راحت عزيز هائوڪار ڪري چيو:
    ”پر ڪجهه وقت نه ملي سگهندو. اڄ رات بدران سڀان ڪري هلجي.“
    ”ڌوڙ اٿئي پئي،“ راحت عزيز مونکان چار پنج سال جونيئر آهي سو هن سان فري ٿيندي چيم. ”اڄ رات ۽ سڀان ۾ فرق ئي ڪهڙو. ائين چوڻ سان اجائي بدنامي ٿيندي. وڌيڪ جيئن چئين تنهنجي پاران اهو نياپو ڪريان.“
    ”توهان جو ڇا خيال آهي؟“ راحت عزيز پڇيو.
    ”حد ٿي ويئي. اهڙين ڳالهين لاءِ خيال وري ڪهڙا. هو ڇا سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته هڪ بي دعوتو ٻيو وري ڪرائتو. .Beggers can not be choosers’ هڪ ته خيرات جي پئسن تي ٿا هلي رهون ڪريون ۽ پڙهون ۽ ٻي وري اينگهه ۽ نخرو. ماڳهين اسان جي خيال کان WMU وارو اهو خيال نه پيش ڪن ته انهن پاڪستانين کي نه گهرايو.“
    ”اها ڳالهه به صحيح آهي. بس آئون سمجهه ته تيار آهيان.“
    پوري اڍائي بجي سنٿيا فون ڪيو. ٻڌايومانس ته اسان تيار آهيون. پرهن اداس لهجي ۾ چيو:
    ”الطاف ويري ساري! مون گهڻو ئي چاهيو ٿي ته اڄ رات ئي اچي وڃو جيئن ڇنڇر۽ آچر جو ڏينهن آرام ڪري سومر ڏينهن چانسلر جو Inaugural Address ٻڌي سگهو، جو سڀني ملڪن جا پهچي ويا آهن سواءِ پاڪستان جي. پر مسئلو هي ٿي پيو آهي ته توهان جي هڪ طرف جي ٽڪيٽ جيڪا سورهن هزار رپيا آهي، هتان وٺي موڪلڻ تي اڍائيڻو مهنگي ملي ٿي. يعني هڪ هڪ ماڻهوءَ جا چاليهه چاليهه هزار رپيا ٿين ٿا. هاڻ هينئن ٿي ڪريان ته اڄ ته جمعو آهي. آفيسون بند آهن. سڀاڻي صبح جو جيئن ئي نائين بجي اسلام آباد واري UNDP جي آفيس کلندي ته کين Instruction ڏيندس ته ڪراچيءَ ۾ آمريڪن ايڪسپريس وارن کي توهان لاءِ ٽڪيٽ موڪلڻ جو بندوبست ڪن. بس رات جو الارم لڳائي ٿي سمهان جيئن پوري نائين بجي فون ڪري سگهان.“
    شام جو ڪئپٽن قاسم سان ڳالهه ڪيم: سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن انشاءَ الله پنهنجي پڪ آهي، جو صبح سان سنٿيا UNDP آفيس ۾ ٽڪيٽ لاءِ فون ڪندي.“
    ”وڄائي ڇڏيئه. انهن جي ڇنڇر ڏينهن آفيس بند هوندي.“ ڪئپٽن قاسم ٻڌايو، ”هو جمع ۽ ڇنڇر موڪل ڪندا آهن.“
    ”هاڻ ته جڏهن به داڻو پاڻي لکيل هوندو ته هلي سئيڊن کان نڪربو. في الحال بي فڪر ٿي هاڻ ننڊون ڪندا وتون.“
    ”۽ سنٿيا اڄ رات جي سا ننڊ ڦٽائي. پاڪستان ۽ سئيڊن جي وچ ۾ چئن ڪلاڪن جو فرق آهي. هوءَ پاڪستان جي وقت مطابق نائين بجي صبح جو فون ڪرڻ لاءِ اُٿي، معنى هن وٽ ته رات جا چار ٿيا هوندا.“ ڪئپٽن قاسم چيو.
    ”حق تي هن پئي چيو ته الارم لڳائي ٿي سمهان.“
    ٻئي ڏينهن _ يعني ڇنڇر ڏينهن اسلام آباد فون ڪيو پر موڪل ڪري سندس Contact نه ٿي سگهيو.
    ”هاڻ سڀاڻي آچر ڏينهن فون ڪري ٻڌائينديس.“ هن مونکي اطلاع ڪيو.
    آچرڏينهن ٻين بجي ڌاري سئيڊن کان سنٿيا جو فون آيو ته ٽڪيٽ جو بندوبست ڪري ڇڏيو اٿم ۽ آمريڪن ايڪسپريس کان وڃي وٺو.
    ڳالهه ٿي کٽائڻي. آچر ڏينهن به نه ملي سومر ڏينهن پڪ ٿي پر دير سان. ان بعد ويجهي اڏام پي آءِ اي جي اربع ڏينهن هئي. صبح جو ستين بجي ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچي وياسين ۽ رات جو ستين بجي ڌاري مالمو بندرگاهه ۾ هئاسين. يونيورسٽي جي همراهن سامان سوڌو اسان کي کڻي اچي هاسٽل لاٿو.
    ”هي توهان جي ڪمرن جا نمبر آهن. هي چاٻيون آهن. هي هاسٽل جي مين گيٽ کولڻ جو ڳجهو نمبر آهي ۽ موڪل وارن ڏينهن ۽ رات جو ڏهين کان پوءِ ڳجهي نمبر سان گڏ هي پلاسٽڪ ڪارڊ وجهڻ بعد ئي دروازو کلندو. ڪارڊ ۽ نمبر ياد رکجو نه ته ٻاهر سيءَ ۾ ڪلفي ٿي ويندوءَ. هي بس ۾ چڙهڻ جو ڪارڊ اٿوَ. هي يونيورسٽي ۾ فوٽو اسٽيٽ مشين استعمال ڪرڻ جو ڪارڊ اٿوَ. هي بئنڪ مان پئسا ڪڍائڻ جو ڪارڊ اٿوَ. (يورپ، آمريڪا ۽ جپان ۾ اڄڪلهه ڪنجين ۽ ڪئش بدران پلاسٽڪ ڪارڊ ئي هلن ٿا) ۽ هاڻ يارهن ڪلاڪن جي سفر بعد اسان ڪارڊ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين. يونيورسٽي وڃڻ لاءِ هي نمبر جون بسون آهن. وچ ته گستاوو جو بس اسٽاپ ايندو ان تان ٻي بس وٺجو. (اهو اسٽاپ ڄڻ ايمپريس مارڪيٽ ٿيو.)“
    هاسٽل پهچي معلوم ٿيو ته گذريل سال وارا ٽي پاڪستاني: ڪئپٽن عاشق خان، قاضي عبدالحميد ۽ احمد ڪمال علوي مهيني کن لاءِ فيلڊ ٽرپ تي ناروي، جرمني ۽ انگلينڊ ويا آهن جو ٻئي سال جي پهرين سيمسٽر ۾ پڙهائي گهٽ فيلڊ ٽرپ گهڻي آهي ۽ مختلف سبجيڪٽن جا شاگرد جپان ۽ آمريڪا، ڪئناڊا تائين، اتي جا شپ يارڊ، سروي ڊپارٽمينٽ، بندرگاهه ۽ جهاز ران آفيسون ڏسڻ لاءِ وڃن ٿا.
    جلدي ڪمري ۾ سامان ٺاهي رات جي ماني ميس ۾ کائي (جنهن جو وقت پنجين کان اٺين بجي تائين آهي)، ٿوري دير خبرون ڪندارهياسين ته ڪٿان کان ڪٿان اچي نڪتا آهيون. ڄڻ خواب هجي. ڄڻ اڃا ڪراچيءَ ويٺا آهيون ۽ سئيڊن هلڻ لاءِ ها نه ها نه پيو ٿئي. ۽ هاڻ دريءَ مان رستي تي ٻرندڙ مرڪري ۽ سوڊيم بلين جي روشنيءَ ۾ برف کي ڪِرندو ڏسي رهيا هئاسين. سنڌ جي ٽاڪ منجهند وانگر رستا سنسان ۽ خاموش هئا. رکي رکي ڪا لاري يا موٽر ڪار گذري ٿي. يا ڪڏهن ڪڏهن ڪو ماڻهو سوڙ جهڙن ٿلهن ڪوٽن ۽ مفلر ٽوپ ۾ ويڙهجي تکو تکو لنگهي ويو ٿي، جن کي ڏسي پنهنجا گرم آٿر ڪڍي سامهون رکياسين.
    ”الله مالڪ آهي. في الحال ننڊ ٿا ڪريون. صبح جو جيئن ٻيا يونيورسٽي ويندا تيئن پاڻ به انهن جي پٺيان پهچي وينداسين.“ مون سليم قاسم کي چيو.


    جانورن جي کل جي ٽوپي

    صبح جو ستين بجي ئي تيار ٿي اچي هيٺ بيٺاسين. ڪئين رنگن، قدبتن ۽ شڪلين جا همراهه هاسٽل ۾ ڦري رهيا هئا. پهريون ٽولو جيڪو نڪتو، اسان به انهن سان گڏ نڪتاسين. جيئن ڪنهن کوريءَ يا بٺيءَ جو دروازو کلندو آهي ته گرمائش منهن ساڙيندي آهي تيئن هاسٽل جو ٻاهر نڪرڻ وارو گيٽ کولڻ سان پاري جهڙي ٿڌي هوا باقي اڻ ڍڪيل منهن جي حصي کي ايڏو ٺاري رکيو جو ٺرڻ ۽ سڙڻ ۾ فرق نه پئي محسوس ٿيو. ڪجهه وکون کڻڻ بعد ٿڌين هوائن ڪوٽ سئيٽرن کي ٿڌو ڪري جسم تائين پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو. ڄڻ ڪپڙن بنا اگهاڙا وڃي رهيا هجون. رکي رکي هوا جو تکو جهوٽو لڳو ٿي ته ڄڻ بدن کي ڪپ وانگر ڪپي ويو ٿي.
    ”اهو اٿئي لالا، اتر يورپ ۽ ان جون ٿڌيون هوائون.“ منهنجي ٿڙڪندڙ وات مان نڪتو.
    ”مارچ جو مهينو ختم پيو ٿئي، ته به ههڙو سيءُ.“ ڪئپٽن سليم قاسم چيو ۽ مون بشير وسطڙو کان ورتل گرم ٽوپي هيٺ ڇڪي ڪن ڍڪيا. تکا تکا هلندا رستا پار ڪري اچي بس اسٽاپ تي، بس جي انتظار ۾ بيٺاسين. بس اسٽاپ وٽ هڪ ڳڙکو هو جيڪو دراصل دڪان ۾ گهڙڻ لاءِ دروازي کان اڳ جي آڏ هئي. هوا کان بچڻ لاءِ ڊوڙي اچي ان ۾ لڪياسين. ٻه ڄڻا اڳهين ٿڌي هوا کان پاڻ بچائڻ لاءِ بيٺا هئا. هڪ ته ڪو آمريڪن هو ۽ ٻيو همراهه منهنجو سڃاڻو نڪتو.
    ”هاءِ! ڪئپٽن لي تون به آيو آهين ڇا؟“
    ڪئپٽن لي زي خيانگ ملائيشيا جو آهي ۽ ملائيشيا جي جنهن اڪيڊميءَ ۾ آئون پڙهائيندو هوس. هو به اتي ليڪچرار هو. هو اهڙن جهازن تي رهيو هو جن تي پاڪستاني هندستاني خلاصي هئا. جن کان هو ڪجهه اڙدوءَ جا لفظ _ خاص ڪري گاريون سکيو هو ۽ ملائيشيا ۾ اڪثر چانهه جي رسيس ۾ هو اسان پاڪستاني هندستاني ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئرن سان اچي چرچا ڀوڳ ڪندو هو ۽ هاڻ کيس هتي اوچتو سيءَ ۾ ڏڪندو ڏسي مون کي سندس اچڻ جي خوشي ٿي.
    ”بس اچي ته ويو آهيان،“ ڪئپٽن لي پنهنجي چرچائي انداز ۾ چيو، ”پر ماءُ پيءُ کي لکيو اٿم ته جي جيئرو موٽي آيس ته نئون پٽ ڄميانوَ.“
    ڪئپٽن سليم قاسم سان سندس تعارف ڪرائي ٻڌايومانس ته ملائيشيا انهن ملڪن مان آهي جتي ٻارهو ئي مينهوڳيءَ جي موسم رهي ٿي ۽ سيءُ ته ڪڏهن به ڪونه پوي. ايتري قدر جو ڪيترن ملئي ماڻهن مرڻ گهڙيءَ تائين ڪڏهن ڪوٽ نه پاتو هوندو.
    ڪئپٽن لي منهنجي ڳالهه کي ٽيڪو ڏيندي، ڪئپٽن سليم قاسم کي چيو: ”برابر الطاف سچ ٿو چوي. اهو ائين آهي جيئن هتي سئيڊن جي ڪيترن ماڻهن ڇت وارو پنکو يا ٽيبل فئن نه ڏٺو هوندو. انهن فقط فوٽن يا فلمن ۾ ڏٺو هوندو. ڇو جو ٻارهوئي هتي ايڏو سيءُ ٿو پوي جو ماڻهو چلهه ۽ سگريءَ اڳيان ويٺو آهي. اهو ته ڀلو ڪري مالمو شهر جي ميونسپالٽيءَ جو جنهن گهر گهر ۾ Heating System مهيا ڪري ڏنو آهي.“
    ”اسان جا سينئر جيڪي هتي رهي ويا آهن، اهي ٻڌائين ٿا ته اونهاري ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ڏينهن اهڙا به اچن ٿا جو ڪافي گرمي ٿئي ٿي ۽ دري کولي گنجيءَ ۾ سمهڻو پوي ٿو.“ مون ٻڌايومانس.
    ”خبر ناهي اهي ڏينهن ڪڏهن اچن ٿا ۽ الائي اهي ڏينهن فقط ٻه ٿين ٿا يا ٽي. مون ته اڄ تائين سئيڊن ملڪ جي ڪنهن شهرجو اهڙو فوٽو نه ڏٺو آهي جنهن ۾ ماڻهو دري کولي بالڪنيءَ ۾ بيٺا هجن. بهرحال هڪ ڳالهه کان هتي گرمي ٿئي به نه.“ ڪئپٽن سليم قاسم چيو.
    ”ڇو ڀلا؟“ ڪئپٽن لي چيو.
    ”انڪري جو گرميءَ ۾ ته هنن بند عمارتن ۾ ساهه گهٽجي ويندو ۽ ڪٿي به ڪو پنکي ٽنگڻ جو ڪنڊو يا سئچ ناهي.“ سليم ٻڌايو.
    ”مڙيئي خير آهي. آئون ته اهڙي گرميءَ ۾ به هن سياري جو سوچي ڏڪندو رهندس.“ ڪئپٽن لي چيو.
    ايتري ۾ بس نمبر 18 اچي ويئي جنهن ۾ اسان کي گستاوو اڊولف (هتي جو صدر ۽ ايمپريس مارڪيٽ) وڃڻو هو. بس جو ڪارڊ ڏيکاري چڙهياسين. بس ۾ گهڙڻ سان فرحت اچي ويئي جو بس اندران سخت گرم هئي. مون هٿن تان جوراب ۽ مٿي تان ٽوپي لاٿي. ڪئپٽن لي ڪجهه دير منهنجي گهاٽن بجن واري کل جي سخت گرم ٽوپي غور سان ڏسندو رهيو. شايد هو اهوئي سوچيندو رهيو ته ههڙي سيءَ لاءِ ان قسم جي ٽوپي ضروري آهي. آخر رهيو نه ٿيس ۽ پڇيائين:
    “A man! From where you got this cap?”
    ۽ پوءِ ان وارن واري کل جي ٽوپيءَ کي هٿ لاهي پاڻ ئي وارڻيائين:
    “You killed a fox?”
    (يعني ڪو لومڙ گدڙ ماري، ان جي کل مان ٺهرائي اٿئي؟)
    ”مونکي به ائين ئي لڳي ٿو. يا جنهن مونکي اها ٽوپي ڏني آهي اهو اتر قطب جي ڪنهن ايسڪيم کان وٺي آيو هوندو. يا ڪو Eskimo مڇيون مارڻ لاءِ ٻاهرنڪتو هوندو ته پٺيان سندس گهر اگلوءَ (Igloo) مان چورائي آيو هوندو.
    بس ٿورو اڳيان هلي ته مون ڪئپٽن لي کان سوال ڪيو: ”ڪئپٽن لي توکي هيڏانهن ڪيئن موڪليئون؟ ملائيشيا جي حڪومت گهڻو ڪري ههڙا موقعا ملئي ماڻهن کي ڏئي ٿي ۽ چينين کي گهٽ. تون چيني ٿي ڪري هيءَ اسڪالر ڪيئن حاصل ڪئي.“
    ڪئپٽن لي اک ڀڃي، وات تي آڱر رکي ماٺ جو اشارو ڪيو ۽ پوءِ چيو: ”ان لاءِ چمچن جو به چمچو ٿيڻو پوي ٿو.“
    مون زور سان ٽهڪ ڏيئي ساڻس هٿ ملايو.
    ”ياد اٿئي الطاف! چمچن جو به چمچو ٿيڻ واري ڳالهه؟“
    ”بلڪل چڱي طرح.“ وراڻيومانس. ۽ پوءِ ڪئپٽن سليم کي ٻڌايم ته هڪ دفعي ڪوالالمپور ۾ ڪو فنڪشن هو جنهن ۾ پنج ڄڻن کي وڃڻو هو.ٽي ملئي موڪليا ويا. هڪ هي چيني لي ڪئپٽن ۽ هڪ مونکي وڃڻ جو موقعو مليو. ڪوالالمپور ۾ هفتو کن هوٽل ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي جو مفت بندوبست هو ۽ سيمينار به اٽينڊ ڪيوسين، جنهن جو سرٽيفڪيٽ پڻ مليو. هاڻ جيڪي ٻيا فارينر هئا، پاڪستاني، هندستانين سميت انهن کي خار لڳا ته هيترن ڄڻن ۾ ملئي ته ٺهيو پر ڪئپٽن لي ۽ آئون ڪيئن وياسين. ضرور اتي جي ڊائريڪٽر جنرل جي چمچي گيري ڪئي اٿئون. جيتوڻيڪ اسان جي ڊائريڪٽر جنرل سان ڪا واقفيت نه هئي. هن پنهنجي سيڪريٽري ڇوڪريءَ کي موڪيلو ته ڪجهه آفيسرن جا نالا اسان وٺي اچ ۽ هوءَ مونکي ۽ ڪئپٽن لي کي ڪئنٽين ۾ ملي ويئي. سو اخلاق طور اسان سو چانهه ضرور پياريس پرنالا پنهنجي مرضيءَ تي لکندي رهي. ٽي نالا لکڻ بعد اسان کي چيائين، توهان به ڪوالالمپور هلندائو. اسان چيس: It will realy be a great pleasure. ۽ هن اسان جا نالا به هڻي ڇڏيا ۽ ان راز جي رڳو مونکي ۽ لي کي خبر هئي ۽ پوءِ جڏهن ٽوئر تان آياسين ته سڀ مٿو کائي ويا. ڪئپٽن لي پڇيو: ”اڙدوءَ ۾ ڇا پيا چون.“
    کلي سڀني اڳيان ٻڌايومانس: ”هي پاڪستان هندستان جا ڪئپٽن پيا چون ته پاڻ ڊائريڪٽر جنرل جا ”چمچا“ آهيون، جيتوڻيڪ پاڻ ان جا نه، پر چمچن جا به چمچا آهيون.“
    ۽ پوءِ ڪيترا مهينا گذرڻ بعد اسان پنهنجين ساٿين کي اهو راز ٻڌايو ته اسان ان سيمينار لاءِ ڪيئن اوچتو چونڊجي ويا هئاسين. شايد اسان جو انهن ڏينهن جو داڻو پاڻي ڪوالالمپور ۾ هو.


    ڪئپٽن ڪڏهن به رستو نه ڀلبو آهي

    بس ڪنگسگاٽن اسٽاپ تي ترسي ته ڪئپٽن ليءَ ٻڌايو ته هاڻ باقي ٽي اسٽاپ آهن. پرهڪ اسٽاپ گذري ٻي تي بس ترسي ته اسان سان گڏ چڙهيل آفريڪي ۽ ميڪسيڪن شاگرد لهي پيا. ليءَ اسان کي به ٻانهن کان ڇڪي چيو:
    ”ان کان اڳ جو بس جو در بند ٿي وڃي لهو.“ تڪڙا تڪڙا هيٺ لٿاسين ۽ اڳيان ويندڙ همراهن پٺيان رستو ٽپندا وڌندا وياسين. لي کي چيم:
    ”هي ڀلا ڇا آهي؟ ڪاٿي رستو نه ڀلجي وڃون.“
    “Here in Sweden you never get lost.” لي وارڻيو.
    ”ڇو ڀلا؟ لهڻو ته ڪنهن ٻئي هنڌ تي هو.“ مون چيو. ليءَ وري وات تي آڱر رکي ماٺ جو اشارو ڪري ملئيءَ ۾ چيو:
    ”جالان مچام اتيڪ. تاڪ مچام ايام.“ (بدڪ وانگر پٺ وٺي هلندو اچ. ڪڪڙ وانگر نه) پوءِ سليم قاسم کي لي چيو: ”ملائيشيا جي بدڪن ۽ ڪڪڙن جي ڳالهه الطاف کان پڇجانءِ ته ڪيئن رستو ٽپنديون آهن.“
    ”ڪئپٽن لي تون ئي ٻڌائينس.“ مون کلندي چيو.
    ”ڇو؟ ياد نه اٿئي ته وهندڙ رستي تان، ڪيئن آرام سان ٻچن سميت بدڪون هڪ پاسي کان ٻئي پاسي پيون وينديون آهن.“ ڪئپٽن لي مونکي چيو ۽ پوءِ ڪئپٽن قاسم کي مخاطب ٿي چيو: ”پارٽنر! بدڪ هميشه پڪي عزم سان اڳتي وڌندي آهي. پر ڪڪڙ سخت بيوقوف آهي. وچ رستي تي پهچي وري سوچيندي آهي ته وڃان يا موٽي اچان. ان ٻڏتر ۽ اڳيان پويان ٿيڻ ۾، رستي تان لنگهندڙ لاري موٽر هيٺان ڇلجي ويندي آهي.“ ڪئپٽن سليم قاسم کلڻ لڳو.
    ”ها بلڪل سچ ٿو چوان. پُڇ الطاف کان، ملائيشيا جي رستن تي ڪڏهن مئل بدڪ ڏٺائين. ڪڏهن به نه، رڳو ڪڪڙن جا لاش نظر ايندا.“
    اسان کان اڳيان ويندڙ آفريڪن، جن کي اسان اهو سوچي فالو ڪري رهيا هئاسين ته شايد هو وڌيڪ سياڻا آهن ۽ هنن ڪا شارٽ ڪٽ ڳولي آهي. پر هو ته رستو ٽپي ساڄي پاسي عمارتن ۽ دڪانن ڏي هلڻ لڳا. آخر ڪئپٽن لي رڙ ڪري پڇين: “Friend! Where are you going?”
    هو ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ چٻاڙا ڏيڻ لڳو. تيسين ڪئپٽن لي چيو: ”هتي مصيبت اها آهي جو سڀ انگريزي ڳالهائيندڙ ملڪن جا نه آهن. آفريڪا جي ڪن ملڪن ۾ فرينچن، اٽلين، پورچوگالين جو به راڄ هو. هاڻ هي جيسين آفريڪي زبان مان پورچو گالي ۾ ترجمو ڪن ۽ پورچوگاليءَ مان انگريزي ۾ ترجمو ڪري اسان کي ٻڌائين تيسين اسان جو سِر ويو.“
    ڪئپٽن لي جواب ۾ سندن مدد ڪرڻ لاءِ هاڻ Objective نموني جو سوال ڪيو. جيئن کين فقط ها يا نه چوڻو پوي:
    “Going for Bus?”
    اسان جي ويجهو جيڪو هو تنهن هٿ جي اشاري سان نه نه ڪندي چيو:
    “Going to Post Office.”
    ڪئپٽن لي مٿي تي هٿ هڻي اسان کي چيو: ”ماري ڇڏيائين. پهرين پيرڊ پڪ مِس ٿي ويندو. موٽ ته موٽون.“
    ”هائو. هونءَ به سمنڊ تي ۽ نئين ملڪ ۾ شارٽ ڪٽ رانگ ڪٽ ٿيندي آهي.“ مون چيو.
    ”تنهنجي معنى ڪئپٽن جي بي عزتي ٿي.“ ڪئپٽن لي افسوس ڪندي ائڪٽنگ سان چيو.
    ”جلدي ڪر يار موٽ. وري ساڳي بس اسٽاپ تي جتان لٿا هئاسين. سيءَ ۾ حالت خراب پئي ٿئي، ڪو سڀاڻي بدڪ سمجهي يا بيوقوف ڪڪڙ، سمجهڻ ڏي.“
    Sir, Very Sorry” ڪئپٽن هميشه صحيح رستو ڏيکاريندو آهي. پر اڄ ذرا مسٽيڪ ٿي ويئي. پر اها ڳالهه ٿي اتي. ملائيشيا ڪنهن ساٿي دوست کي نه لکجانءِ.“
    جهازرانيءَ لاءِ ڇا ضروري آهي؟
    ايڪانامڪس جي پروفيسر الڊرٽن جهازن جي دنيا جو مختر تعارف ڪرائيندي اسان کان وچ ۾ سوال ڪيو:
    ”شپنگ شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ توهان ڇا حاصل ڪندؤ؟“
    ”جهاز.“ ڪنهن چيو.
    ”غلط.“ پروفيسر سندس جواب رد ڪندي چيو.
    ”جهاز جو نقشو.“ ٻئي چيو.
    ”غلط.“
    ”سامان موڪلڻ ۽ گهرائڻ وارا واپاري.“
    ”غلط.“
    ”اخبار ۾ اشتهار.“
    ”غلط.“
    ”ڪا سهڻي سيڪريٽري.“ آذربجان جي چنگيز تيمورلو چيو. اهڙن بحثن کي چٽپٽو ڪرڻ لاءِ ضرور ڳالهائيندو آهي.
    ”غلط.“
    ”بس سائين هاڻ توهان ئي ٻڌايو. منهنجي ڀر ۾ ويٺل ترڪيءَ جي چيف انجنيئر حسن بڪال چيو:
    ”ٻڌايانوَ؟“ پروفيسر چيو: ”ٽيليفون، ٽيليڪس ۽ فئڪس جهڙي شيءِ. جنهن سان رابطو رکي سگهجي.“
    سڀني قبوليو ته بزنس، واپار، جهازرانيءَ لاءِ اڄڪلهه جي دور ۾ ڪميونيڪيشن ضروري شيءِ آهي ۽ جيسين جهاز جي مالڪ، سامان موڪليندڙ، گهرائيندڙ، جهاز هلائيندڙ هڪ ٻئي سان رابطي ۾ نه آهن تيسين پئسي ۽ وقت جي بربادي آهي. اڳين زماني ۾ جهاز جو مالڪ جهاز جو ڪئپٽن هوندو هو. پنهنجو ئي سامان ڍوئيندو هو. جڏهن لنگر ۽ رسا کڻي بندرگاهه ڇڏيندو هو ته پوءِ وري ان جي سلامتي جي خبر تڏهن پوندي هئي جڏهن سڻائو واءُ لڳي ۽ موٽي بندر سان لڳي. تيسين جهازين جون ونيون ڀلي اڀيون بيهي تڙ پوڄين. پر هاڻ ائين نه آهي.
    ڪيمونيڪيشن _ فون، تار، ٽيليڪس، ريڊئي، فئڪس مشين، جهازي دنيا ۾ بنا ڪنهن شڪ شبهي جو وڏو انقلاب آندو آهي ۽ رابطن بنا جهازراني Shipping جو ڪم هلائڻ پنهنجو پاڻ کي اوڙاهه ۾ اڇلائڻو آهي.
    اسان جي ان پروفيسر کي وچ وچ ۾ سوال پڇڻ جي ڏاڍي عادت آهي جيڪا پڙهڻ جي خيال کان سٺي ڳالهه آهي. شاگردن کي سجاڳ رکڻ لاءِ هڪ ماستر لاءِ ضروري آهي ته وچ وچ ۾ سوال پڇي. اسان جي هن پروفيسر الڊرٽن (Prof: Alderton) خبر ناهي ان نڪتي هيٺ اسان کي سوال ڏئي ٿو يا شايد چرچي ڀوڳ ڪارڻ پڇي ٿو. بهرحال اسين ٻئي ڌريون ان قسم جي سوال مان Enjoy ڪندا آهيون.
    هڪ ٻيو سوال ڪيائين: ”واپاري سامان موڪلڻ وقت ڇا ٿو چاهي؟“
    ”جهاز ٿو ڏسي ته نئون آهي يا پراڻو.“ اسان وراڻيس.
    ”غلط.“
    ”جهاز ران ڪمپنيءَ جي وڏي عمارت ٿو ڏسي.“ اسان ڌڪو هنيو.
    ”غلط. گراهڪ منزل تائين سامان جي باحفاظت پهچ (Safe Arrival) ٿو چاهي. هن جو اُن سان ڪو غرض ناهي ته هن جو سامان ڪنهن پهچايو ۽ ڪيئن پهچايو ويو.“
    واپار جي بنيادي ٿيوري تي ليڪچر ڏيندي هڪ ڏينهن چيائين:
    “Trade must be the oldest human Activity.”
    پٺيان ويٺل ڪجهه شاگردن _ خاص ڪري ڏکڻ آفريڪا وارن وٺي ”نو. نو“ ڪيو. Prostitution پهرين آهي.“
    پروفيسر الڊرٽن يڪدم آڻ مڃي چيو:
    ”چڱو ڀلا At least the second oldest“
    ان بعد هو واپار بابت ڪجهه دلچسپ نقطا ٻڌائيندو رهيو:
    اهي ملڪ جن وٽ قدرتي مال آهي جهڙوڪ: تيل، لوهه، سون، يورينيم وغيره. اهي ٻين جي مقابلي ۾ خوش نصيب آهن ۽ ٻين ملڪن سان واپار ڪرڻ ۾ کين فائدو آهي. پران کي هميشه جي طاقت نه سمجهڻ کپي. ٿي سگهي ٿو هنن وٽ ان مال جي موجودگي محدود هجي. ڪجهه عرصي کانپوءِ تيل، لوهه، ٽامو کٽي به سگهي ٿو يا ٿي سگهي ٿو ٻيو ملڪ جنهن وٽ اهو مال نه هجي اهو جياپي لاءِ هٿ پير هڻي ان جو ڪم نعم البدل يا Synthetic Substitute ڳولي وٺي جيڪو ايترو ئي بهتر هجي يا سستو هجي جيترو اصل مال. مثال طور بنگلاديش وٽ سڻي آهي. ملائيشيا وٽ رٻڙ آهي، جنهن جو روزانو اگهه وڌي رهيو آهي. پر ٿي سگهي ٿو (۽ ڪوشش جاري آهي) ته اهي شيون ڪيميائي طرح ٺاهيون وڃن. رٻڙ ته Synthetically ٺهي به ويو آهي. اهڙيءَ طرح تيل جي ڪري عربن جيڪو پنهنجو معيار بلند ڪيو آهي ٿي سگهي ٿو سڀان ان تيل جون نديون کٽي وڃن يا سڪي وڃن تي کين افسوس ڪرڻو پوي. بهرحال جن ملڪن وٽ اهڙو مال ناهي انهن کي اسان بدنصيب چئي نٿا سگهون. بلڪ اهڙا ماڻهو وڌيڪ محنت ڪري ڪا نئين شيءِ ڳولين ٿا جيئن جپان ڪري رهيو آهي.
    1973ع تائين تيل تمام سستو مليو ٿي. انڪري ڪنهن ان جي بدلي ۾ ڪا نئين شيءِ ايجاد ڪرڻ جو سوچيو ئي نٿي. جيئن ئي تيل جا اگهه چڙهيا آهن ته هر ملڪ Alternative جي ڳولا ۾ لڳي ويو آهي.
    آبهوا ۽ ڀلي زمين به قدرتي نعمت سمجهي وڃي ٿي جنهن جا مالڪ ملڪ اهي شيون پوکي سگهن ٿا جيڪي ٻيا نٿا پوکي سگهن. مثال طور: ناروي، گدرا ۽ سنگترا پوکي نٿو سگهي. ڇو جو انهن وٽ اها زمين ۽ موسم ناهي.
    هونءَ اڄڪلهه جي ماڊرن سائنسي طريقن جو فائدو وٺي ناروي چاهي ته هڪ حد تائين گدرا ۽ سنگترا پوکي سگهي ٿو پر ان لاءِ ان قسم جي ڌرتي ۽ گرم هوا پيدا ڪرڻ سان اهي ميوا تمام مهنگا پوندا. ان بابت اسرائيل دنيا کي اهو ڏيکاريو آهي ته وارياسين ۽ ڀنجوءَ جهڙين زمينن تي خرچ ڪري انهن کي پوک لائق بنائي سگهجي ٿو.
    هونءَ سڀ ۾ وڏو پئسو آهي جنهن جو هجڻ اهم ڳالهه آهي. بنا پئسي جي، باقي ٻيون شيون: ڌرتي، آبهوا وغيره ڪنهن خاص ڪم جون ٿي نٿيون سگهن.
    پئسي جي ڪري ٽرانسپورٽ جي ضرورت وڌيو وڃي ٿي. 1973ع ۾ تيل جا اگهه وڌيا ۽ عربن وٽ ناڻو اچڻ شروع ٿي ويو ۽ 1976ع ۾ عرب ملڪن ڏي واپار جي اها ڌم شروع ٿي ويئي جو سامان کڻڻ لاءِ جهاز نه پيا ملن.جهازن جي بيهڻ لاءِ بندرگاهه ۾ جاءِ نه پئي ملي. جهاز کي هلائڻ لاءِ آفيسرن جي پورائي نه پئي ٿئي. هر هڪ جي ڀڄ ڀڄان عرب ملڪن ڏي شروع ٿي ويئي جتي پئسو پئسو ۽ پئسو اچي ويو هو.
    پر اهو هميشه ياد رکڻ گهرجي ته واپار Trade ٻه طرفي مٽاسٽا آهي ۽ نه هڪ طرفي. جيڪڏهن ڪو خريدار ئي نه هوندو ته توهان جي لکها ڪروڙها ڊالرن جي سيڙپ برباد ٿي ويندي. ان ڪري اها امير ماڻهن ۽ ملڪن جي فائدي جي ڳالهه آهي ته هو غريب کي صفا غريب ٿيڻ کان بچائين. کين ڪجهه مفت ۾ نٿا ڏيو سگهن ته اڌارو به ڏين جيئن ان مان غريب ملڪن جا ماڻهو گذر سفر ڪري ڪجهه پوکي سگهن. ڪجهه ٺاهي سگهن. جنهن ذريعي هو وري امير ملڪن سان واپار ڪري سگهن.
    آذربيجانيءَ شاگرد چيو: ”جيئن آمريڪا ٿو ڪري.“
    اڳيان ويٺل رومانيا جي شاگرد (ڪئپٽن ڪانستروت) ٺهه پهه چيس:
    ”۽ توهان روسي وري ڪهڙا چڱا مڙس هئائو. هاڻ الڳ الڳ رياستن ۾ ورهائجي ويا آهيو ته پاڻ کي پيا شريف سمجهو.“
    ”هيءَ ايڪانامڪس آهي، مسٽر! وينزوئلا جي هڪ شاگرد رومانيا واري همراهه کي ماٺ ڪرڻ جو چيو:
    ”آئون به ايڪانامڪس تي پيو ڳالهايان. پاليٽڪس کي ڪونه ٿو ڇهان.“


    سئيڊن ۾ پهرين عيد

    ملائيشيا کان آيل چيف انجنيئر زينورين رمضان جي عيد بابت پڇيو ته ڪڏهن ايندي، چيومانس: ”ماٺ ڪري روزا رکندو وڃ. جڏهن مختلف عرب ملڪن کان آيل همراهن جو پاڻ ۾ بحث مباحثو وڌي وڃي ته سمجهجانءِ ته هاڻ عيد اچي وئي آهي.“
    ۽ پوءِ هڪ ڏينهن زينورين مون وٽ ڊوڙندو آيو:
    ”ٿوري دير لاءِ لئبرري هل.“
    ”ڇو خير ۾؟“ پڇيومانس.
    ”سعودي عرب، اردن، ٽيونيشيا جي عربن جو گرما گرم بحث پيو هلي. شايد عيد بابت.“
    پهتاسين ته عربيءَ ۾ سڀ هڪ ئي وقت زور زور سان ڳالهائي رهيا هئا. رڳو اهي ٻه لفظ سمجهه ۾ آيا Latitude واحد، Longitude واحد......
    زينورين کي چيم: ”بلڪل سؤ سيڪڙو عيد بابت آهي.هاڻ دعا ڪر ته هڪ ڏينهن تي ٿئي.“
    ٿوري دير بعد اردني ان بحث مان نڪري اسان وٽ آيو. انگريزيءَ ۾ پڇيومانس ته خير ته آهي.
    ”عيد تي ڦڏو آهي. اسين سڀان عيد ڪنداسين پر ٽيونيشا وارا پرينءَ ڪرڻ ٿا چاهين. گهٽ ۾ گهٽ ساڳي ويڪرائي ڦاڪ ۽ ڊگهائي ڦاڪ وارا ملڪ ته هڪ ڏينهن تي عيد ڪن.“
    ”ڀلا هي شهر مالمو وارا ڪڏهن ٿا ڪن؟“ زينورين پڇيس.
    ”اهي پرينءَ ٿا ڪن. پر اسين اردن ۽ مصر وارا سڀاڻي صبح ساڻ فيريءَ ۾ڊئنمارڪ جي مسجد ۾ عيد نماز پڙهڻ پيا وڃون، جو ڊئنمارڪ ۾ سڀاڻي عيد آهي. سئيڊن، سعودي عرب ۽ تيونيشيا وارا ڀلي پرينءَ عيد ڪن ۽ نماز پڙهن“
    اتي بنگلاديش جو ڪئپٽن امين اچي ويو جيڪو بنگلاديش شپنگ ڪارپوريشن جومئنيجر آهي ۽ هتي فائينل ييئر۾ آهي. تنهن چيو:
    ”هيئن ڇو نٿا ڪريو ته سڀان کڻي روزو رکو ۽ سڀ گڏجي پرينءَ عيد ڪريون.“
    ”ائين ڪيئن ٿيندو.“ جارڊن جي عايد خلف چيو، ”ٽيهه روزا رکڻ ته حرام آهن. مون توهان کان هڪ ڏينهن اڳ روزا رکڻ شروع ڪيا هئا.“
    ”ته پوءِ اهو هڪ ڏينهن اڳ وارو رمضان جو روزو ته نه ٿيو نه. اهو تو پنهنجي طرفان رکيو.“ ڪئپٽن امين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”پر مون اهو روزو رمضان جي نيت سان رکيو.“
    ”ته پوءِ هيئن ڪر سڀان روزو نه رک. ڀلي ماني کاءُ، باقي صبح ساڻ سيءَ ۾ فيريءَ ۾ چڙهي ٻئي ملڪ ڊئنمارڪ ۾ وڃي نماز پڙهڻ بدران پرينءَ اسان سڀني سان گڏ هتي مالمو (سئيڊن) ۾ ئي عيد نماز پڙهجانءِ.“
    پر فيصلو ٿي نه سگهيو بحث هلندو رهيو. اتي آفريڪا جي ڪجهه ملڪن جا مسلمان به اچي نڪتا. منهنجي ڀر ۾ بيٺل شيدي شاگرد کان پڇيم ته هو ڪٿي جو آهي.
    ”آئون بينن (Benin) جو آهيان. اتي جي پورٽ جو ڪئپٽن آهيان.“
    ”بينن ڪٿي آهي. نائيجيريا ڀرسان؟“ مون پڪ ڪئي.
    ”ها، جنهن کي پهرين ”ڌومي“ سڏبو هو.“
    ”ڀلا ڪئپٽن صاحب عيد جو ڇاڪجي؟“
    ”مونکي ته سمجهه ۾ نٿو اچي. ناٽيڪل المناڪ ڪتاب ذريعي چنڊ جي بيهڪ پوري ڏينهن ته ڇا سيڪنڊن تائين ڪڍي سگهجي ٿي. پوءِ باقي بحث ڇا جو. ان حساب سان سئيڊن ۾ عيد سڀاڻي آهي.“
    ”نه يار. اها ڳالهه ناهي. چنڊ جو ڏسڻ (Sighting) ضروري آهي.“ اتي آيل اسان جي ڪئپٽن سليم قاسم چيو.
    ”پر حد ٿي ويئي. ههڙي موسم ۾ چنڊ ته ڇا سج به نظر نه اچي ٿو؟ گذريل ڇهن ڇهن ڏينهن کان برفباري هلي رهي آهي. مونکي ٻڌاءِ اهو چئي سگهندين سج ڪٿان اڀري ڪٿي لهي ٿو.“ ڪئپٽن امين چيو.
    السڪندريه (مصر) اڪيڊمي جي ليڪچرار ڪئپٽن حنفيءَ فتوى ڏني: ”نه. چنڊ جو ڏسڻ ضروري آهي. هيليڪاپٽر ذريعي ڪڪرن کان مٿي چڙهي وڃي ڏسي سگهجي ٿو.“
    ڪئپٽن امين مون کي ڇڪي چيو: ”هل ته هلون. شام تائين فيصلو ٿي ويندو. اجايو بحث ڪرڻ مان سڀني کي مزو اچي ٿو. ائين ته پوءِ ڀلا سال ۾ هڪ رات اهڙي نه اچي ٿي جنهن ۾ ٻه دفعا چنڊ نظر اچي ٿو.“
    ”واقعي؟“ مون انجنيئر لاءِ اِها ڳالهه نئين هئي.
    ”ها. واقعي. مون کي امتحان ۾ اهو سوال آيو هو، دراصل چنڊ وارو سال سج واري سال کان ننڍو آهي. ۽ سال ۾ هڪ ڏينهن تي مثال طور: 0004 Hours تي چنڊ اڀري ٿو ته ان ئي ڏينهن 2330 ڪلاڪن ڌاري ٻيو دفعو چنڊ اڀري ٿو.“
    زينورين موڪلائڻ مهل عيد جي دعوت ڏني: ”عيد واري ڏينهن شام جو اسان جي گهر ماني اچي کائجو.“
    ”انشاءَ الله.“ مون وراڻيومانس.
    ”تنهن جي معنى تون نه ايندين.“ زينورين چيو ۽ اتي بيٺل سعودي عرب جي شاگرد ڪئپٽن جباريءَ چيو: ”نه. انشاءَ الله جي معنى اها ناهي، انشاءَ الله جو مطلب آهي ته جيڪڏهن الله چاهيو ته.“
    ”اسين سمجهون ٿا. پر اسان توهان سعودي عرب جي پورٽ اٿارٽي وارن جو نقل پيا ڪريون. جن کي جڏهن ويزا لاءِ چئبو آهي ته نه نه پيا ڪندا آهن. پوءِ زور ڀرڻ تي چوندا: اوڪي انشاءَ الله سڀاڻي ڏينداسين. سندن ان انشاءَ الله مان مطلب ٻئي ڏينهن ويزا ڏيڻ جو نه، پر اهو هوندو آهي ته هينئر ٽرو. مٿو نه کائو. سڀاڻي ڏٺو ويندو.“
    جباري کلڻ لڳو، ”ڇو ڀلا سعودي عرب جي پوليس ۽ آفيسر اهڙا آهن ڇا؟“
    ”اهڙا تهڙا!“ ڪئپٽن سليم قاسم چيو، ”انگريزن ۽ گورن سان سو سڌا آهيو، باقي اسان جهڙن پاڪستاني، بنگلاديشي، هندستاني مسلمانن کي ته اهي ڏٽا ٿا ڏيو جو ماٺ ڀلي آهي.“


    ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي

    دنيا جي هن واحد يونيورسٽي ۾ دنيا جي انهن ملڪن جا شاگرد اچن ٿا. جيڪي ملڪ يونائيٽيڊ نئشن U.N.O جا ميمبر آهن. ڪوبه شاگرد پنهنجي مرضي يا پنهنجي خرچ تي پڙهڻ لاءِ هتي اچي نٿو سگهي. هن کي سندس ملڪ جي حڪومت هيڏانهن موڪلڻ لاءِ چونڊي (Nominate) ڪري، نالو سئيڊن جي هن يونيورسٽي (ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي) ڏي آخري چونڊ لاءِ موڪلي ٿي. دراصل هن کي سئيڊن جي يونيورسٽي نٿو چئي سگهجي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن جي عمارت سئيڊن ۾ آهي. هيءَ يونيورسٽي بين الاقوامي (Global Maritime Org:)آهي. جيئن يونائيٽيڊ نئشن جي بلڊنگ جيتوڻيڪ نيويارڪ ۾ آهي پر ان کي آمريڪن چئي نٿو سگهجي. آمريڪا (U.S.A) پٽ ڏنو ۽ U.N.O جي بلڊنگ ۽ ادارو اتي ٺاهيو ويو. اهڙيءَ طرح جڏهن W.M.U ٺهڻ جو پڪو پهه ٿيو ته دنيا جي مختلف ملڪن ۽ ادارن ان کي هلائڻ لاءِ خرچ ڀرڻ جو ذمو کنيو. چاليهه پنجاهه جهازن جي وڏن مالڪن ۽ ادارن کي شاگردن جي ٻن سالن جي خرچ لاءِ پئسا (اسڪالرون) ڏنيون، ڪن ڪن جهازران ادارن ۽ ڪارخانن (جيڪي جهازن لاءِ مشينون ۽ ٻيو سامان ٺاهين ٿا) تن فيلڊ ٽرپ لاءِ شاگردن کي پاڻ وٽ گهرائي پنهنجا ادارا ۽ ڪارخانا ڏيکارڻ جو جملي خرچ، ڀاڙن ۽ رهائش سميت ڀرڻ جو ذمو کنيو. سئيڊن حڪومت هن يونيورسٽيءَ جي بلڊنگ مدد طور ڏني. اهڙي طرح شاگردن جي رهائش لاءِ هن شهر مالمو جي ميونسپالٽيءَ هينرڪ سمٿ هاسٽل نالي بلڊنگ ڏني. جنهن جي فرنيچر، پاڻي، بجلي ۽ مرمت جو خرچ انهن مٿان آهي.


    هن قسم جي يونيورسٽيءَ جي ضرورت

    ڪو زمانو هو جو رڳو چند ملڪن جو جهازرانيءَ تي قبضو هو. انگلينڊ، آمريڪا، يونان، ناروي، اسپين، پورچوگال ۽ ڪجهه عرب ملڪ وغيره. تن ڏينهن ۾ جهاز ڪاٺ جا هوندا هئا. يعني هوا ۽ سڙهن جي طاقت ۽ چپن جي زور تي هليا ٿي. ان بعد ٻاڦ جون انجڻيون ۽ ڊيزل انجڻيون ايجاد ٿيون. سئيز ڪئنال بند ٿيڻ بعد جهازن کي آفريڪا جو وڏو ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي، ان ڪري جهازن جي مالڪن جي اهائي ڪوشش رهي ته وڏي کان وڏا جهاز ٺاهيا وڃن. سَون ٽنن وارن جهازن مان هزار ٻين هزار ٽنن وارا جهاز ٿيا ۽ پوءِ ڏهن پندرهن هزار ٽنن وارا جهاز ٿيا. 1964ع ڌاري چٽگانگ جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهڻ دوران ڪو ويهين هزارين ٽنن وارو جهاز ڏسنداهئاسين ته وات ڦاٽي ويندو هو ۽ پوءِ ته پنجاهه سٺ هزار ۽ لک ٽن جا VLCC ۽ سپر ٽئنڪر ٺهي پيا ۽ هاڻ ته معاملو لک کان به مٿي ٿي ويو آهي.
    جهازن جي سائيز ۽ نمبر وڌڻ سان گڏ جهازران ڪمپنيون به وڌي ويون آهن ۽هر ملڪ ننڍو وڏو پنهنجي ملڪ جي عزت خاطر هڪ عدد نئشنل ڪمپني به ٺاهڻ لڳو آهي. جيئن پاڪستان 1964ع ڌاري نئشنل شپنگ ڪارپوريشن ٺاهي. ان بعد سريلنڪا وارن سلون شپنگ ڪارپوريشن ٺاهيو ۽ پوءِ سنگاپور ملائيشيا وارن ۽ اهڙي طرح اڄ ڪيترن آفريڪي ۽ ڏکڻ آمريڪي ننڍن ملڪن کي پنهنجون قومي جهازران ڪمپنيون آهن ۽ ان کان علاوه ڪئين خانگي ڪمپنيون آهن.
    انهن سڀني ڳالهين مان نتيجو اهو نڪتو ته هر هڪ پنهنجو پنهنجو قاعدو قانون ٺاهي ان موجب هلڻ لڳو. جهازن جي ٺهڻ، لوهه جي ٿولهه کان وٺي هلائڻ وارن جي چونڊ تائين ڪيتريون ڳالهيون هڪ ٻئي کان مختلف ٿينديون پئي ويون. هونءَ ننڍا جهاز هئا.ڀڄندا هئا ته ڪو گهڻو نقصان نه ٿيندو هو. پر هاڻ جڏهن تيل جا سپر ٽئنڪر ڀڄن ٿا ته انهن مان لکين ٽن نڪتل تيل، سمنڊ ۽ ڪناري (Beaches) جا سوين ميل خراب ڪريو ڇڏي ۽ ان ايراضيءَ ۾ رهندڙ مڇيون ۽ سامونڊي پکي، جانور تباهه ٿيو وڃن.
    اڳ ۾ ڪو جهازي ڏنڊي تي مٿي چڙهي سڙهه ٺاهيندي ڪِري پوندو هو ته سندس لاش کي ٽنگ ۾ هٿ وجهي سمنڊ ۾ اڇلي ڇڏيندا هئا. ٻن چئن يا ڇهن مهينن بعد جهاز واپس بندرگاهه ۾ ايندو هو ته جيٽيءَ تي سندس انتظار ۾ بيٺل زال کي جهاز جو ڪئپٽن ڪلها لوڏي چوندو هو، ”مئڊم! مڙسين پير ترڪڻ ڪري مري ويو. ويري ساري.“ ۽ زال روئي پٽي گهر هلي ويندي هئي. پر هاڻ انشورنس ڪمپني چاهي ٿي ته ڪنهن جو حادثو ٿئي. بهرحال هن صديءَ جي جهازي توڙي هر ملڪ جي حڪومت جو اهو نعرو آهي: Safety at sea & Cleaner Oceans. سامونڊي زندگيءَ کي گهڻي کان گهڻو سلامتيءَ وارو بنايو وڃي ۽ سمنڊن کي گند ڪچري (تيل ۽ ٻين نقصانڪار شين) کان بچايو وڃي.
    ۽ ان ڳالهه کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني ملڪن جي واسطيدار ماڻهن کي هڪ هنڌ ويهي سخت کان سخت قاعدا قانون ٺاهڻ کپن، جنهن ۾ جهاز جي لاءِ ڪوڪي ڪليءَ کان جهاز جي لوهي جسم لاءِ لوهه جي ٿولهه ۽ Compostion جو فيصلو ڪرڻ کپي. جهاز هلائيندڙ آفيسر لاءِ ضروري سبجيڪٽ وڌايا وڃن ۽ امتحان ڏکيو ڪيو وڃي، جيئن هن فيلڊ ۾ فقط اهي اچي سگهن جيڪي دماغي ۽ جسماني طرح چست، ذهين ۽ بهتر کان بهتر هجن، جيئن ڏکئي حالت کي سمجهي، جهٽ پٽ سوچي ۽ منهن ڏيئي سگهن ۽ خطري ۽ حادثي جو Chance بنهه Zero Percent رهي. ان کان علاوه جهازي ڪمپنين کي بهتر کان بهتر نموني سان ڪيئن هلائجي، جيئن جهازن جي مالڪن يا ملڪ کي نقصان نه ٿئي يا بندرگاهن کي صحيح ڪيئن رکجي وغيره وغيره. انهن مڙني شين کي يونائيٽيڊ نئشن جو I.M.O ادارو ڏسي ٿو ۽ هيءَ يونيورسٽي آءِ. ايم. او (International Maritime Organization) وارن طرفان ٺاهي ويئي آهي. جتي مختلف ملڪن جي جهازن (ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر) ۽ بندرگاهن سان واسطو رکندڙ آفيسرن ۽ شپنگ منسٽري جي واسطيدارن ٽيڪنيڪل آفيسرن کي ٻن سالن لاءِ تعليم سان گڏ مختلف هنڌن تي فيلڊ ٽرپ لاءِ گهمايو وڃي ٿو. شاگردن جي آخري چونڊ ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي (W.M.U) جو داخلا بورڊ ۽ انٽرنئيشنل مئريٽائيم آرگنائيزيشن (I.M.O) جو ادارو ڪري ٿو. پوءِ ڪنهن ملڪ مان هر سال ٻه يا ٽي گهرايا وڃن ٿا. ڪنهن ملڪ (خاص ڪري فجي، هانگ ڪانگ، سنگاپور، سموئا، ٽونگا جهڙن ٻيٽن) مان هڪ يا ٻه گهرائين ٿا. ڪڏهن نه به. جيئن اسان جي هن سال جي بئچ ۾ ڪيپ وردي ٻيٽ، مارشل ٻيٽ، ترنيڊاڊ ۽ تباگو ٻيٽ جا شاگرد آهن، پر گذريل سال انهن هنڌان ڪوبه نه هو. ۽ گذريل سال (يعني فائينل سال) جي شاگردن ۾ مئڊاگاسڪر (ملاگاسي)، موريسش جهڙن هنڌن جا آهن. ڪيپ وردي ٻيٽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آهي. يورپ انگلينڊ کان نيويارڪ ويندي رستي تي پوي ٿو. مارشل ٻيٽ پئسفڪ سمنڊ ۾ فجيءَ جي اتر ۾ آهي. ٽرنيڊاڊ ۽ ٽباگو ويسٽ انڊيز ٻيٽن مان آهن جتي جا ڪرڪيٽ رانديگر دنيا ۾ مشهور آهن. مونکي به اڃا سڀني جي خبر نه پئي آهي ته ڪير ڪٿان جو آهي. پر ڪرڪيٽ جي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جو چئمپين ٿيڻ تي پهرين هنن همراهن اچي مبارڪ ڏني.
    ”جيتوڻيڪ اسان (ويسٽ انڊيز) وارن نه کٽيو. ان جو ايترو افسوس نه اٿئون جيترو توهان جي کٽڻ جي خوشي ٿي آهي. توهان انگلينڊ جهڙي ملڪ کي پادر هنيا آهن.“ ٽرنيڊاڊ جي شيدي چيف انجنيئر ڊئوڊسن ۽ ڪئپٽن فلپ چيو.


    ايتري حفاظت ڇو

    مختلف ملڪن کان آيل شاگردن جي هاسٽل لاءِ شهر۾، ڊسپوننٽ گاٽن (ڊسپوننٽ روڊ) تي هينرڪ سمٿ نالي هاسٽل آهي. سئيڊش زبان ۾ رستي کي گاٽن سڏجي ٿو. جيئن امير الگاٽن، جبرالٽر گاٽن، ڊراٽنگ گاٽن هن شهر مالمو جا ڪجهه رستا آهن. وڏي رستي کي Vagen سڏجي ٿو. جيئن قورصور ويگن، بوبل ويگن يا سٽيڊلس ويگن (Citadellsvagen) جنهن رستي تي اسان جي يونيورسٽي آهي ۽ اهو رستو سينٽرل اسٽيشن کان شروع ٿئي ٿو ۽ اسان جي يونيورسٽي وٽ ختم ٿئي ٿو. ان کان علاوه هتي جي ڪيترن رستن جي نالي اڳيان نورا، سوڊار، اوستر جا لفظ نظر ايندا جن جو مطلب آهي اتر ڏکڻ اوڀر۽ اولهه. جيئن نيپچون هوٽل وٽ ٻه رستا لنگهن ٿا. اتر پاسي جيڪو آهي ان جو نالو نورا (Norra) نيپچون گاٽن آهي ۽ ڏکڻ پاسي واري جو نالو سوڊار (Sodra) نيپچون گاٽن آهي. هتي جي زبان ۾ اتر کي نورا کان علاوه نور يا نارڊ (Nord) پڻ سڏين. جيئن Nord Banken يعني انگريزيءَ ۾ ٿيو نارٿ بئنڪ.
    هيءَ هاسٽل ڇهه ماڙ آهي. پنهنجي حساب سان پنج ماڙ جو هيٺين پٽ کي گرائونڊ فلور سڏين ٿا. پر چين، جپان، هانگ ڪانگ وانگر هتي پهرين ماڙ گرائونڊ فلور کان شروع ٿئي ٿي. سيءَ جي ڪري هتي جون سڀ عمارتون بند بند ٿين.در دريون سڀ بند نظر اينديون. ڏسڻ ۽ روشنيءَ لاءِ پڙدو هٽائي شيشي مان ڏسي سگهجي ٿو. هاسٽل ۾ گهڙڻ سان هاسٽل جي مئنيجر جي آفيس آهي. جيڪا رسيپشن سڏجي ٿي. در کي کولڻ لاءِ در جي ٻاهر ڪئلڪيوليٽر جهڙي نمبرن واري شيءِ لڳل آهي ۽ مقرر نمبر دٻائڻ سان الارم سان گڏ دروازو کلي ٿو. اڄڪلهه دروازو کولڻ جو نمبر 1190 آهي جيڪو وقت بوقت حفاظت جي خيال کان تبديل ڪيو وڃي ٿو. ان کان علاوه موڪل وارن ڏينهن تي ۽ رات جو ڏهين بجي کان پوءِ، جڏهن گيٽ وٽ رسيپشن آفيس ۾ مئنيجر ۽ سندس سيڪريٽري ڇوڪري موجود نه هوندي آهي ته اهو دروازو فقط ڪوڊ نمبر دٻائڻ سان به کلندو آهي ۽ وڌيڪ حفاظت خاطر هر هڪ کي هڪ پلاسٽڪ جو ڪارڊ مليل آهي جيڪو دروازي ۾ ٺهيل سير ۾ اندر وجهڻ سان اليڪٽرڪ سرڪٽ ۾ چرپر اچيو وڃي ۽ دروازو کليو وڃي. ساڳي طرح يونيورسٽي جي هر ماڙ تي در کولڻ لاءِ ڪوڊ نمبر آهي، جيڪو اڄڪلهه 3570 آهي. دروازو کولڻ جو هي نمبر سسٽم هتي جي ٻين عمارتن ۾ به آهي. پر اسان جي هاسٽل ۽ يونيورسٽيءَ ۾ تمام گهڻو آهي.
    ”هتي سئيڊن ۾ ته ايترا ڏوهه نٿا ٿين پوءِ ايتري حفاظت ڇو؟“ مون پهرين ڏينهن ئي هتي جي هڪ سڪيورٽي آفيسر کان پڇيو.
    ”تڏهن به اسان کي خبردار رهڻ کپي ۽ ڪنهن کي نه موقعو ڏجي ۽ نه پنهنجي طرفان ايڏي ڍر ڏجي جو ٻئي جو من وڌي ۽ ڏوهه ڪرڻ لاءِ Risk کڻي.“ هن ٻڌايو.
    ”پر اسان ته شاگرد ۽ ڌارين ملڪن جا آهيون ۽ پئسي ڏوڪڙ ۾ سڀئي مسڪين ئي آهيون.“ مون چيو.
    ”رڳو پئسي ڏوڪڙ جي ڳالهه ناهي. ڌارين ۽ مختلف ملڪن جا هجڻ ڪري اسان کي ويتر وڌيڪ خبردار رهڻو پو ي ٿو. هتي توهان پاڪستان جا آهيو ته هندستان ۽ بندگلاديش، برما جا به، عراق جا آهن ته ايران، سعودي عرب، مصر، شام جا به، لبيا جا آهن ته چاڊ، موراڪو، الجيريا ۽ ٽيونشيا جا به آهن. ائنگولا جا آهن ته مورزمبيق، ڪينيا، نائيجيريا جا به آهن. اهڙيءَ طرح رومانيا، بلغاريا جا آهن ته ترڪي البانيا جابه ۽ روس جي لٿونيا، آرمينيا، آذربيجان ۽ جارجيا تائين جا شاگرد آهن. پاڻ ۾ ته کڻي توهان نه وڙهندؤ. پر متان ڪو ڌاريو اسان جي ئي ملڪ جو ڪنهن عرب، آفريڪي يا روسيءَ تي بگڙي پنهنجو بدلو وٺڻ لاءِ هيڏانهن هليو اچي ته سڄي ڳالهه جو مزو خراب ٿي پوندو. ۽ هر هڪ کي خبر آهي ته هن هاسٽل ۽ يونيورسٽيءَ ۾ دنيا جي هر ملڪ جا ماڻهو رهن ٿا. انڪري توهانکي Diplomats واري حفاظت ڏيڻ چاهيون ٿا.“
    پهرين، ٻين، ٽين ۽ پنجين ماڙ تي ٽي وي روم ٺهيل آهي جنهن ۾ انگريزي ترجمي لاءِ Decoder پڻ آهي. يورپ ۽ انگلينڊ جا ڪيترائي چئنل نظر اچن ٿا. گهڻا مشهور بي.بي.سي BBC، سي.اين.اين، سپرچئنل، Discovery, Eurosport ۽ هڪ عربن جو چئنل آهي جيڪو شايد قبرص کان ٽيليڪاسٽ ٿئي ٿو. ناروي، ڊئنمارڪ، فنلئنڊ ۽ سئيڊن جون ٽي وي اسٽيشنون به اينديون آهن پر جيئن ته انهن جا گهڻا پروگرام انگريزيءَ ۾ نه آهن، انڪري اهو ڪو ورلي ڏسي. البت ڇنڇر ۽ اربع ڏينهن شام جو (دير سان) انهن مان هڪ يا ٻن تي اڌ اگهاڙيون يا ٺپ اگهاڙيون فلمون اچڻ مهل ٽي وي روم ڏسندڙن سان ڀريل هوندو آهي.
    هاسٽل جي ٻي ماڙ تي لئبرري آهي، جنهن ۾ يا آئون هوندو آهيان يا هڪ بنگالي. آچر ڏينهن ڪجهه آفريڪي شيدي (۽ شايد وچ آمريڪا جي ملڪن جا پڻ ڪجه شاگرد) گڏ ويهي ڪجهه دير بائيبل پڙهندا آهن. نه ته گهڻا تڻا لئبرريءَ ۾ ويهي ڪتاب يا رسالا پڙهڻ بدران پنهنجي ملڪ کان آيل رسالا ڪتاب ڇڏڻ ايندا آهن. هر هڪ جو اهو زور هوندو آهي ته سندس ملڪ بابت سڀ کان گهڻو لٽريچر ۽ معلومات هجي. سو پنهنجن پئسن سان يا پنهنجن سفارتخانن، هوائي ڪمپنين ۽ ٽورسٽ آفيسن کان ڪافي مواد گهرائي هتي رکندا آهن جيئن سندن ملڪ بابت باقي ملڪن جا شاگرد پڙهي، گهڻي کان گهڻو متاثر ٿين. بهرحال ان مقابلي ۾ ڏٺو وڃي ته ايران ۽ ٻئي نمبر تي ڏکڻ آمريڪا جا ڪجهه ملڪ: وينزوئلا، چلي ۽ پيرو سڀ کان اڳ اڳ آهن.
    هاسٽل جي چوٿين ماڙ تي ريڊيو ۽ اسٽيريو جو بندوبست آهي، جيئن ڪنهن کي فقط ميوزڪ ٻڌڻ جو شوق هجي ته اتي ويهي رڪارڊ يا ڪئسٽ ٻڌي. ڇهين جيڪا آخري ماڙ آهي ان تي ڪمپيوٽر روم آهي جتي هر هڪ پنهنجو خط پٽ درخواست يا پنهنجي چونڊيل عنوان جي ٿيسز پوري ڪرڻ لاءِ لکندو يا پرنٽ ڪندو آهي.
    هاسٽل کي هيٺ بهرو (Basement) پڻ آهي جنهن ۾ هڪ وڏي ميس ۽ ڪيفيٽيريا آهي جتي اسان نيرن ۽ رات جي ماني کائيندا آهيون. منجهند جي پاڻ پچايون يا يونيورسٽيءَ جي ڪئنٽينن مان وٺي کائون. ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن به پاڻ پچايون يا هوٽل ۾ کائون. روز جي ان لنچ ۽ موڪل وارن ڏينهن جي مانيءَ جا پئسا يونيورسٽيءَ طرفان ملن، جيڪي پاڻ ئي پچائي کائڻ لاءِ چڱا خاصا ٿين ٿا. پر جيڪڏهن هڪ ويلو به هتي جي هوٽل ۾ کاڌو سين ته باقي ڏينهن چڻن (Peanuts)، ڊبل روٽي ۽ چانهه تي گذارو ڪرڻو پوي ٿو.


    سمهڻ کپي يا صفائي

    هاسٽل جي بهري ۾ ميس کان علاوه ٻه ڪمرا ڪپڙا ڌوئڻ جا آهن جن ۾ هاسٽل طرفان اٺ کن واشنگ مشينون ۽ سڪائڻ جا ڪٻٽ آهن.ڪپڙن ڌوئڻ جو صابڻ پنهنجو کڻي ايندا آهيون.ڪپڙا مشين ۾ وجهي، ڪلاڪ کن بعد ڪڍندا آهيون اهو ڪلاڪ کن هيڏانهن هوڏانهن چڪر هڻڻ يا ٽي وي ڏسڻ لاءِ هليا ويندا آهيون (يا جيئن هن وقت آئون هي مضمون پورو ڪرڻ لاءِ اچي ويٺو آهيان) ڪپڙن ڌوئڻ وارن ڪمرن کان پوءِ ٻيا ڪمرا سانا (ٻاڦ ۾ وهنجڻ)، ورزش ۽ جمناسٽڪ ڪرڻ جا آهن.
    هاسٽل جي هر ماڙ تي ٽيهه کن ڪمرا آهن. يعني ڪل پوڻا ٻه سؤ کن ڪمرا آهن.هن هاسٽل جا ڪمرا اهو سوچي ٺهرايا ويا هئا ته هنن ۾ شاگرد نه فقط اڪيلو آرام سان رهي سگهن پر هو چاهين ته زال سان گڏ به رهي سگهن.”ڇو جو W.M.U يونيورسٽيءَ لاءِ اسان ويهه ٻاويهه سالن جا ڇوڪرا ته نه گهرائي رهيا آهيون.“ هاسٽل جي مئنيجر ٻڌايو، ”اسان جا اهي شاگرد آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ اهم پوسٽ تي پهتل آهن ۽ سڀ ٽيهه پنجٽيهه سالن کان مٿي آهن.“
    هاسٽل جي ڪمري ۾ گهڙڻ سان پهرين هڪ ننڍڙو ڪمرو اچي ٿو، جنهن ۾ ڊريسنگ ٽيبل، ڪپڙا سامان ۽ بئگون رکڻ لاءِ ٽي ڊگها ڪٻٽ ۽ ٽي انهن جي مٿان ننڍا ڪٻٽ رکيل آهن جيڪي ڇت سان وڃيو ملن. ان ئي ڪمري ۾ ڇٽي Umbrella، ٽوپي، رين ڪوٽ، اوور ڪوٽ، مفلر وغيره ٽنگڻ لاءِ به لوهي تختا۽ چار کن ٽنگڻيون آهن. ڇو جو هنن ملڪن ۾ جتي هر وقت برفباري ۽ مينهن پوي ٿو اتي هر هڪ مهمان اهي شيون پاڻ سان کڻي اچي ٿو ۽ هر هڪ گهر ۾ پيل ڇٽي ۽ رين ڪوٽ رکڻ لاءِ در وٽ ئي بندوبست هوندو آهي. جيئن نڪرڻ وقت آيل مهمان يا گهر جو مالڪ چاٻيون ۽ بارش ۽ سيءَ کان بچڻ لاءِ مفلر ڪوٽ ڇٽي ياد ڪري کڻي نڪري.ان بعد ان ڪمري کي ٻه در آهن، هڪ باٿ روم ڏي کلي ٿو ۽ باٿ روم ۾ هر وقت گرم ۽ ٿڌي پاڻيءَ جا نلڪا، ٽب، ڪٻٽ هر شيءِ بين الاقوامي معيار جي اوچي ۽ مضبوط ٺاهي اٿن. جن ۾ 1983ع کان اسان جي ملڪ جا بشير وسطڙو، نذر سجاد، بدرمنير جهڙا ڳراڳرا همراهه ته ڇا پر ڇهه ست آمريڪن رهي ويا آهن پر اڃا تائين ڪا شيءَ ڀڳي ٽٽي يا خراب نه ٿي آهي.
    ٻيو دروازو بيڊ روم ڏي کلي ٿو جنهن ۾ سمهڻ لاءِ پلنگ، بستر، لکڻ پڙهڻ لاءِ Oak Wood جهڙي ڪاٺ جي ٽيبل ۽ ڪرسيون، هڪ پنهنجي ۽ مهمانن جي ويهڻ لاءِ صوفا سيٽ ۽ ڪتاب ۽ ٻيو سامان رکڻ لاءِ ٻه ڪٻٽ، هڪ ٽيبل لئمپ ۽ هڪ اسٽئنڊ لئمپ ۽ ڇت ۾ شئنڊليئر جهڙو بلبي ڇٽ آهي. گرمي ته هنن ملڪن ۾ ٿئي ڪانه سو ڇت ۾ نه پکو ٿئي نه پکي لڳائڻ جو ڪُنڊو.
    رڌ پچاءُ لاءِ هڪ ڪٻٽ وانگر رڌڻو آهي جنهن جا چار طاق کولڻ سان قطار ۾ سامهون ٿانون ڌوئڻ جي ڪونڊي، چلهو، ريفريجريٽر ۽ ٿانون رکڻ لاءِ هڪ ڪٻٽ آهي. اهڙيءَ طرح انهن جي مٿان وڌيڪ ٿانوَ ۽ سيڌو رکڻ لاءِ ٻه ڪٻٽ آهن. ڪمري جون چادرون، ٽوال، وهاڻي جون ڇهون ۽ اگهڻ جا ڪپڙا وغيره هر سومر ڏينهن تي ۽ ڪمري جي صفائي هر اربع ڏينهن تي ٿئي.هاسٽل جي ڪمرن توڙي يونيورسٽي جي صفائيءَ جوڪم هتي جون مڪاني (سئيڊن) عورتون ڪن. جن وٽ Master_Key هر تالي کي لڳندڙ چاٻي آهي ۽ اسان يونيورسٽي هوندا آهيون ته پٺيان در کولي صفائي ڪري وڃن. سندن غلط سلط انگريزيءَ جا ڪيترائي چرچا مشهور آهن. ان ڏينهن نڪراگئا (وچ آمريڪا جي ملڪ) جو هاربر ماسٽر گونزالي چاق نه هو، سو يونيورسٽي نه آيو. پاڻ ٻڌايائين ته ڪمرو صاف ڪرڻ واري عورت بالٽي ٻهارو کڻي اچي اڳيان بيهي رهي. سئيڊش زبان ۾ ڪجهه چوندي رهي. سندس مطلب هو ته اٿ ته بسترو ۽ ڪمرو صحيح ڪريان.
    انگريزيءَ ۾ وراڻيومانس“ ”هاڻ ٻئي هفتي اچي صفائي ڪجانءِ. بخار ڪري جسم ٿو ڀڄي ڀري. اٿي بنهه نٿو سگهان.“
    پر هن کي شايد سمجهه ۾ نه آيو. ۽ پڪ ڪرڻ لاءِ هن اهو معلوم ڪرڻ ٿي چاهيو ته آيا آئون سمهڻ ٿو چاهيان ته هوءَ صفائي نه ڪري ۽ موٽي وڃي. اهو هوءَ پنهنجي زبان ۾ چوندي رهي (جيڪو بعد ۾ هاسٽل جي مئنيجر ٻڌايو) پر جيئن ته مونکي سندس زبان سمجهه ۾ نه پئي آئي، سو مونکي سمجهائڻ لاءِ هن پنهنجي طرفان ڪوشش ڪري انگريزيءَ ۾ ڪجهه هن ريت چيو:
    “Should we sleep or should we clean.”
    پاڻ کي سمهڻ کپي يا صفائي ڪرڻ کپي.
    مٿيون لطيفو پوءِ هاسٽل جي مئنيجر کي ٻڌايوسين. صفائي واري مارگريٽ به اتي بيٺي هئي ۽ سڀني چڱو تنگ ڪيس ته اهڙا انگريزي ڊائلاگ ڳالهائيندينءَ ته اسان کي روز بيمار ڏسندينءَ.


    ريڊ انڊين کان سبق حاصل ڪريو

    سڀ ڪمرا هڪ جيڏا نه آهن پر هڪ ڇڏي ٻيو ڏيڍ وڻو وڏو آهي ۽ ان ۾ بورچيخانو ڪٻٽ الڳ ڪمري ۾ آهي. انهن وڏن ڪمرن ۾ هڪ سال پراڻا شاگرد رهن ٿا. يا اهي جيڪي زالن سان آهن. يونيورسٽيءَ جا مڙيئي شاگرد مرد به نه آهن ڪيتريون عو رتون آهن جيڪي بندرگاهه يا جهازران ڪمپنيءَ ۾ وڏي پوسٽ تي پهتيون آهن يا گورنمينٽ جي اداري، خاص ڪري منسٽري آف شپنگ جي سيڪريٽريٽ ۾ آهن يا مئرين اڪيڊمين ۾ Law، انشورنس ۽ مئنجمينٽ جهڙن سبجيڪٽن ۾ ليڪچرار آهن. فلپين کان آيل شاگردن ۾ ٻه عورتون آهن. هڪ ڊيزي جبولي شپ بلڊنگ جي اسپيشلسٽ آهي ۽ منيلا (فلپين) ۾ ڊپارٽمينٽ آف ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن ۾ ڪم ڪري ٿي. آفريڪا جي ڪيترن ملڪن جون حبشي عورتون آهن. جهڙوڪ: نائيجيريا جي جوليانا ۽ عارت، گهانا جي ائلس وغيره. اهڙيءَ طرح ڪيترن ٻيٽن ۽ ڏکڻ آمريڪا ۽ وچ آمريڪا جي شاگردن ۾ڪيتريون ئي عورتون آهن. هڪ ته ڪولمبيا جي عورت اسان جي قطار ۾ رهي ٿي. پوءِ عورتن ۾ به ڪي اڪيليون رهن ٿيون ڪي مڙسن سان گڏ _ ڪي ٻارن جي تعليم ڪري انهن کي ۽ مڙس کي پنهنجي ملڪ ڇڏي آيون آهن.
    ڪالهه هڪ اهڙي حبشي عورت ميس ۾ مانيءَ تي اهي ئي سور پئي رنا ته هن عمر ۾ پرديس ۾ رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ۽ اهو به ڪجهه ڏينهن لاءِ گهمڻ هجي ته سولو. پر ٻن سالن لاءِ سئيڊن جهڙي هڪ اوپري ملڪ جي ٿڌ ۽ ماحول ۾ رهي Maths ۽ Law جهڙا سبجيڪٽ پڙهڻ پويان مغز ماري ڪرڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، استري ڪرڻ، ماني پچائڻ، ٻه ٻه بسون بدلائي يونيورسٽي وڃڻ سيڌو سامان پاڻهي وٺي اچڻ، اگهائي سگهائي کي منهن ڏيڻ ڪئين مرحلا ٿين ٿا. مڙس پنهنجي آفيس کان چئن مهينن جي موڪل به ورتي پر نه اچي سگهيو.
    ”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيومانس.
    ”بس، سس صاحبا کي ڳالهه نه وڻي، ۽ هنن جو به ڏوهه ناهي. پيريءَ ۾ بنا پٽ جي پنهنجو پاڻ کي ڏسن يا اسان جي ٻارن کي.“ ”گهڻا ٻار اٿئي؟“
    ”هڪ يا ٻه هجن ته انهن کي گهرايان به کڻي. يڪا سارا ڇهه ٻار اٿم.“
    ”ڏاڍي ٻڌائي.“ اسان کلي چيس.
    ”پڙهيل ڳڙهيل ٿي ڪري ايترا ٻار!“
    ”پڙهيل ڳڙهيل آهيان تڏهن ته ايترا ٻار اٿم.“ وراڻيائين.
    ”ڇا مطلب!“ اسان ويتر وائڙو ٿي پڇيس.
    ”ٻين کي ڏهه ڏهه ٻارهن ٻارهن ٻار آهن.“
    پاڻ گهانا جي آهي ۽ سيڪنڊ ييئر جي شاگرد آهي. گهانا ۽ اوس پاس ۾ هلندڙ Fishing vessels مڇين مارڻ وارين ٻيڙين جي Architect ۽ سلامتي Sefety Factor تي ريسرچ ورڪ ڪري ٿيسز لکي رهي آهي ۽ سندس اهو ڪتاب گهانا جهڙي ملڪ لاءِ هڪ ڪارآمد شيءِ ثابت ٿيندو. ان ئي قسم جي عنوان تي اسان جي هڪ پاڪستاني چيف انجنيئر مسٽر قربان پڻ ريسرچ ورڪ ڪيو آهي. پاڻ چار پنج سال اڳ هتي هو. سندس ريسرچ جو دائرو ڪراچيءَ کان گوادر تائين جو هو.
    هر ماڙ ريل وانگر ڊگهي آهي. وچ تي هلڻ جو رستو آهي. آمهون سامهون ڪمرا آهن. ٻڌي نمبر وارا ڪمرا هڪ پاسي ته اڪيءَ وارا ٻئي پاسي. اسان جي فلور تي شروعاتي ڪمرو ترڪيءَ جي شاگرد عدنان جو آهي، جيڪو زال سان رهي ٿو. ان جي سامهون شنگهائي چين کان آيل ڇوڪري رهي ٿي. سندس ڪپڙن گندين مان مائوءَ جو چين، ڳاڙهو هجي يا نه پر ڪافي ماڊرن ٿيندو وڃي جو اهڃاڻ ضرور ملي ٿو. کيس خبر آهي ته آئون لکندو آهيان. ”آئون چين تي پنهنجن سفرن ۽ تجربن جو ڪتاب ”چين _ جنهن ڪيو بي چين“ نالي لکي رهيو آهيان. پر گذريل ويهه ٻاويهه سالن ۾ جيڪي چين ۾ تبديليون آيون آهن انهن کي ڌيان ۾ آڻي سوچيان پيو ته ڪتاب جو نالو: چين! تنهنجا ڪئين روپ“ نالو رکان. پاڻ ۽ ترڪيءَ جو عدنان پڻ ٻئي سال جا شاگرد آهن. ترڪيءَ جي عدنان جي ڀر واري ڪمري ۾ ڪولمبيا جي مٿين ڇوڪري رهي ٿي ۽ هن سال آئي آهي. ان بعد پاڪستان نئشنل شپنگ ڪارپوريشن جي قاضي حميد جو ڪمرو نمبر 318 آهي ۽ 320 ڪئپٽن عاشق جو آهي ۽ 322 منهنجو آهي. حميد قاضي جي سامهون وارو 319راحت جو آهي ۽ 321 احمد ڪمال علويءَ جو آهي ۽ ڪجهه ڪمرا ڇڏي 329 ۾ اسان جي ملڪ جو ڇهون همراهه ڪئپٽن سليم قاسم رهي ٿو. اسان جي فلور کي پاڪستاني فلور به سڏين ٿا. احمد ڪمال علويءَ جي ڀر واري يعني منهنجي سامهون واري ڪمري نمبر 323 ۾ گهانا جي مسز ايلس رهي ٿي. ان بعد باقي ڪمرن ۾ بنگلاديش جو ڪئپٽن امين آهي جيڪو اسان شاگردن جي ڪائونسل جو صدر آهي. پاڻ بنگلاديش شپنگ ڪارپوريشن ڪنهن اهم عهدي تي آهي. چٽگانگ جي ساڳي اڪيڊمي مان پڙهيو آهي جنهن مان مون مئرين انجنيئرنگ جي بنيادي تعليم حاصل ڪئي هئي. سڀ کيس ليڊر مڃيندا آهن. پاڻ آهي سو بنگلاديش جو پر رنگ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو ڍنگ، ڪپڙن جو اسٽائيل، هلڻ چلڻ ۽ عادتن ۾ پڪو انگريز آهي. بس رڳو رستي تي شل نه ڪنهن کي مڇيون وڪڻندو ڏسي. سڀ ڪم ڇڏي مڇين تي بيهي رهندو. احمد ڪمال علويءَ جو چوڻ آهي ته سٺي مڇيءَ جي چونڊ ۽ ان کي ڇلڻ ڪٽڻ ۽ رڌڻ ۾ سندس جواب ناهي. جڏهن کان اسين آيا آهيون هن اڃا مڇي رڌي ڪانهي.
    ڪئپٽن امين کان علاوه عبدالهاديءَ نالي همراهه انڊونيشيا جو آهي ۽ روم نمبر 325 ۾ رهي ٿو، جنهن ڪمري ۾ ٽي سال کن اڳ دادوءَ جو چيف انجنيئر ظهير بابر قريشي رهي ويو آهي. پاڻ فقط ڪجهه مهينا هاسٽل ۾رهيو. ان بعد هن ۽ ان وقت رهندڙ ٻين پاڪستانين ٻار بچا گهرائي ورتا ۽ هاسٽل ڇڏي ٽن ٽن ڪمرن وارا فليٽ وٺي وڃي رهيا.
    هن هاسٽل ۾ فقط زال سان (۽ جي شاگرد عورت آهي ته پنهنجي مڙس سان) رهي سگهي ٿو پر ٻار گهرائڻ سان هاسٽل ڇڏي ٻاهر پنهنجي رهائش جو بندوبست ڪرڻو پوي ٿو. پهرين هڪ ٻن ٻارن وارا هاسٽل ۾ رهندا هئا پر پوءِ ٻارن جي ڊوڙن ڊڪن ۽ گوڙ گهمسان ڪري باقي رهندڙن کي پڙهائيءَ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. ان ڪري، يونيورسٽيءَ وارن اهوئي فيصلو ڪيو ته ٻارن وارو شاگرد هاسٽل ۾ رهڻ بدران ٻاهر فليٽ ڳولي وڃي رهي. ان لاءِ کيس ڪجهه پئسا ڏنا وڃن ٿا، جيڪي ٻاهر جي فليٽ جي مسواڙ جو ڪو چوٿون حصو مس ٿين. هونءَ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهي شاگرد جن کي ٻار نه آهن. انهن لاءِ فقط زال سان هتي رهڻ آئيڊيل آهي. زال لاءِ به ته مڙس لاءِ به. خرچ جي به بچت کان علاوه زال کي ٻه سال گهمڻ ڦرڻ ۽ آرام لاءِ وقت مليو وڃي ۽ مڙس کي پڙهائيءَ لاءِ پڻ ڪافي وقت مليو وڃي جو رڌ پچاءُ، ڪپڙا ڌوئڻ، استري ڪرڻ جهڙن ڪمن کان هو بچيو وڃي.
    چيني ماڻهو ڪافي وڏي عمر ۾ پهچي شادي ڪن ٿا، ملائيشيا ۾ هوس ته اتي جي مئرين اڪيڊميءَ جو هڪ ليڪچرار چيف انجنيئر لائو سينگ هو. هو فقط زال سان گڏ آيو جو هڪ ته هن شادي دير سان ڪئي ۽ ٻيو اڃا ٻار ئي نه پئي ٿيس. هو ٻئي سال هتي هاسٽل ۾ رهيو سواءِ آخري ڇهن مهينن جي، جڏهن کيس هتي ٻار ٿيو. سندس زال کي ٽائيپنگ ۽ ڪمپيوٽر تي به ڪم ڪرڻ آيو ٿي. ان ڪر ي لائو نه فقط رڌ پچاءُ جهڙين شين کان پر پنهنجا Notes ۽ ٿيسز ٽائيپ ڪرڻ کان به ڇٽو پيو هو. هن دفعي ملائيشيامان ٽي ڄڻا آيا آهن. جن ۾ ٻه ته ساڳي اڪيڊمي جاآهن، هڪ زينورين جنهن کي ٽي پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي ۽ ٻيو ڪئپٽن لي زي خيانگ. ڪئپٽن لي جيتوڻيڪ زينورين کان وڏو آهي پر شادي دير سان ڪئي اٿس ۽ اڃا کيس ڪو ٻار ڪونهي. ان ڪري زال سان گڏ هتي هاسٽل ۾ ئي، ٻي ماڙ تي رهي ٿو.
    گذريل سال هتي آيل ٽنهي پاڪستانين مان ڪنهن به فئملي نه گهرائي. پر هن سال اسان ٽئي ڄڻا هاسٽل بدران ٻاهر فئمليءَ سان گڏ رهڻ چاهيون ٿا. زال ۽ ٻارن جي ويزا ٻن ٽن سالن کان سئيڊن حڪومت ڪجهه ڏکي ڪري ڇڏي آهي ۽ جهٽ پٽ ڏيڻ بدران درخواست ڏيڻ تي مهيني بعد اسلام آباد انٽرويو لاءِ گهرائين ٿا. ان بعد ڇهن کان اٺن هفتن تائين ترسائي پوءِ فئمليءَ جي ويزا ڏين ٿا. نه ته اڳ ۾ بولٽن مارڪيٽ ڪراچيءَ ۾ سئيڊش قونصل خاني ۾ درخواست ۽ پاسپورٽ جمع ڪرائي اچبو هو ۽ هفتي ٻن بعد پوسٽ رستي اسلام آباد کان ويزا جو ٺپو لڳي ايندو هو. پر هاڻ ڏينهون ڏينهن پاڪستاني، هندستاني، الباني، فلسطيني، يوگوسلاوين ۽ترڪ ايترا ته سئيڊن ۾ رهڻ لڳا آهن جو هتي جي ماڻهن کي اچي ڊپ لڳو آهي ڪٿي عرب جي اٺ وارو حال نه ٿئي. يعني سيءَ کان بچڻ لاءِ عرب جي تنبوءَ ۾ اٺ پنهنجي فقط ڳچيءَ وجهڻ جي اجازت ورتي. ان بعد عرب کي ڌڪا ڏيئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين ۽ پاڻ سڄو سارو تنبوءَ منجهه. حالت اها آهي جو بقول هتي رهندڙ پراڻن پاڪستانين جي ته هن شهر مالمو جي مسجد ۾ جماعين جون ٽي چار صفون مس ٿينديون هيون. هاڻ سڄي مسجد جو هال ته ڀرجيو وڃي پر ورانڊي ۽ اڱڻ تائين نمازي وڃيو نڪرن ۽ ساڳيو حال ناروي ۽ فنلئنڊ جو آهي. احمد ڪمال علوي رمضان جي مهيني ۾ فيلڊ ٽرپ لاءِ اوسلو (ناروي) ويو هو. ٻڌائين ته اوسلو اهو ٿڌو شهر آهي جنهن ۾ ايشيا ۽ عرب ملڪن جا تمام گهٽ نظر ايندا هئا ۽ هاڻ اها حالت آهي جو اوسلو ۾ ڪيترن هنڌن تي مسجد نظر اچي ٿي ۽ رمضان ۾ باقاعدي تراويح نماز هلي رهي هئي.
    يوگوسلاويه ۾ گوڙ فساد ۽ مسلمانن سان سختيون، روس ۾ سڀني رياستن جو ڇڙو ڇڙ ٿي وڃڻ بعد ڪيترن هنڌن تي، مسلمانن، عيسائين ۽ يهودين سان سختيون، ساڳي وقت عراق، ايران، ترڪيءَ ۾ ڪردن سان ڏاڍيون ۽ البانيا ۽ رومانيا پاسي معاشي حالتون ڏکيون ٿيڻ ڪري جا ماڻهو هنن ڏهاڪو سالن ۾ پاڪستان، هندستان ۽ بنگلاديش جي رهاڪن کان به وڌيڪ هيڏانهن هوڏانهن يورپ جي سکين ملڪن ۾ ٽڙي پکڙجي ويا آهن ۽ جن جن کي سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ رهڻ جي اجازت ملي پئي ته هو گهڻي کان گهڻا ٻار ڄڻي رهيو آهي جيئن هتي جي قاعدي موجب سرڪار طرفان ٻارن جي گهڻائي موجب گهڻو الائونس ملي. اهي سڀ ڳالهيون هتي جي ماڻهن کي خوفزده ڪري رهيون آهن. ايتريقدر جو سئيڊن ۾ هلندڙ ڪيترن ڪارن جي پويان لڳل Stickers تي اهو لکيل نظر اچي ٿو: ”ريڊ انڊين کان سبق حاصل ڪريو. ريڊ انڊين کي پاڻ وٽ رهڻ ڏيئي پاڻ کي ڪمزور ۽ تباهه ڪيو.“ يعني سئيڊن جا ماڻهو ڌارين کي پاڻ وٽ رهائي پنهنجو پاڻ کي مصيبت ۾ وجهي رهيا آهن.


    عربن، ايرانين سان گڏ نماز پڙهي

    آخر عيد جو ڏينهن بلڪل ويجهو اچي پهتو. شام جو، سعودي عرب، مصر، ٽيونيشيا ۽ موراڪو جي عربن ۽ سوڊان، مالاوي، نائجيريا جي شيدي مسلمانن جو آخري دفعو بحث هليو ته هاڻ ڇا ڪجي.
    ”سعودي عرب ۾ ته سڀاڻي جمع جي عيد آهي. اسين ته سڀاڻي صبح جو عيد نماز پڙهڻ لاءِ مسجد مان ٿي پوءِ يونيورسٽي اينداسين. جنهن کي سڀاڻي عيد ڪرڻي هجي اهو اٺين کان اڳ پهچي وڃي. ارڙهون نمبر بس مسجد ڏي وڃي ٿي.“ هنن چيو.
    آئون ان بحث مان کسڪي پنهنجي ڪمري ڏي آيس ته رستي تي اردن جي عبدالڪريم ۽ عايد پڇيو ته آئون عيد ڪڏهن ڪندس.
    کلي وراڻيو مانس: ”هونءَ ته جيترو جهٽ ڪجي اوترو سٺو. جيئن روزا بند ٿين. باقي عيد نماز لاءِ جيڏانهن ٻيا پاڪستاني هلن.“
    اردني عربن کان موڪلائي احمد ڪمال علوي وٽ آيس. مالمو ۾ رهندڙ پاڪستاني چون ٿا ته: ”مالمو (سئيڊن)۾ سڀان عيد ناهي. باقي ٻڌجي پيو ته ڊئنمارڪ، انگلينڊ، فرانس پاسي سڀان ٿي رهي آهي.“
    رات جا ڏهه ٿي رهيا هئا. عيد، يا نه عيد. هتي عيد جي موڪل ته ملندي ڪانه. يونيورسٽي ته وڃڻو پوندو. موٽي ڪمري ۾ آيس. ڪجهه دير ٻئي ڏينهن تي ڏيکارڻ وارو هوم ورڪ ڪري سمهي رهيس. ننڊ نه به ايندي هجي ته به هن عمر ۾ نئپيرين لاگرٿم، ڪئلڪيولس جي Integration ۽ بولين (Boolean) الجبرا ٿور ي دير ڪرڻ سان ننڊ اچيو وڃي.
    ٻئي ڏينهن پهريون پيرڊ سڀني جو پنجين ماڙ تي سري واستا هال ۾ هو. آئون پويان پنهنجي فئوريٽ ڪنڊ واري سيٽ تي ويٺس. کاٻي پاسي کان ملائيشيا جو زينورين هو. ان بعد هڪ شيدي هو ۽ پوءِ ڏکڻ آمريڪا جا همراهه، ليڪچر شروع ٿيڻ کان اڳ سعودي عرب جا چار ۽ جارڊن جا ٻه عرب شاگرد ڪمپليٽ سوٽ ٽاءِ ۾، چڱيءَ طرح شيو ٿيل منهن سان هال ۾ گهڙيا ۽ اچي منهنجي اڳيان ويٺا. ان بعد ايراني ۽ مصري داخل ٿيا.
    ”خير ته آهي اڄ هي سوٽن ٽائين ۾ ٽولن جا ٽولا ٿي آيا آهن؟“ مون تعجب مان زينورين کان پڇيو. سئڊن اهڙو ملڪ آهي جتي جپان، سنگاپور، ملائيشيا يا پاڪستان وانگر لٽي ڪپڙي جي گهڻي ٺاهه جوڙ ناهي. سڀ مست ٿيو پيا هلن. ويندي ايتري قدر جون عورتون مردن جهڙيون قميصون ۽ پتلونون پايو هلن ته مرد عورتن جهڙا ڪوٽ ۽ ٽوپ. سيءَ ۽ برف باريءَ ۾ هرڪو پنهنجي ساهه جي ڪري يا سوٽن شلوارن جي.
    زينورين چيو: ”عرب سڳورا عيد نماز پڙهي آيا اٿئي.“
    ”واقعي.“ مون وري تعجب کاڌو.
    ”ٻيو نه ته وري. عيد ٿي ويئي.“ زينورين چيو.
    ”پوءِ تون عيد نماز تي وئين؟“
    ”منهنجي اک ڪانه کلي. بهرحال مالمو جي شهر ۽ سڄي سئيڊن جا مسلمان سڀان عيد ڪن ٿا.“
    ”اهو ته تمام سٺو. سڀان موڪل به آهي.“ مون زينورين کي چيو.
    سئيڊن ۽ يورپ جي هنن ملڪن ۾ هفتي ۾ ٻه ڏينهن موڪل ٿئي. ڇنڇر ۽ آچر. پر اهو آهي ته باقي ڏينهن سڀ خوب ڍورن وانگر پورهيو ڪن. آفيسون ويندي پوسٽ آفيس ۽ بئنڪون باقي ڏنيهن شام جو پنجين تائين کليون رهن ۽ صبح جو به پوري ساڍي اٺين بجي ڪم شروع ٿيو وڃي.
    سعود ي عرب جي جباريءَ پويان مڙي مون ڏي ڏٺو ۽ مون کيس عيد مبارڪ چيو. اٿي بيهي هٿ ملائي عربن واري کيڪار واريون ٻنهي پاسي چميون ڏنيون. اوسي پاسي ۾ ويٺل سڀ آفريڪي، ڏکڻ آمريڪي ۽ ٻيا وائڙن وانگر ڏسڻ لڳا. کاٻي پاسي ٿورو اڳيان ويٺل ترڪيءَ جي حسن بڪال نماز جو اشارو ڪر ي پڇيو ته اهي عيد نماز پڙهي آيا آهن ڇا؟
    ”ها ۽ تون؟“ مون پڇيومانس.
    ”سڀاڻي.“ هن مختصر جواب ڏنو.
    زينورين چيو: ”ترڪ سڀ سڀاڻي عيد ڪندا. ڇو جو مالمو شهر جي مسجد جو امام ترڪيءَ جو آهي. ان سڀان عيد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.“
    ”پوءِ هنن کي ڪنهن عيد نماز پڙهائي.“ مون پڇيو.
    ”اهي پنهنجو ڪو عربي مولوي وٺي ويا هئا.“ زينورين ٻڌايو.
    ”ڀلا هنن ايران وارن به عيد اڄ ڪئي يا نه؟“
    ”اهي به اڄ عربن سان گڏ عيد نماز پڙهي آيا آهن.“
    مون کلندي زينورين کي چيو: ”اڄ هڪ ڪم واهه جو ٿيو آهي. هونءَ هر ڳالهه ۾ سعود ي عرب ۽ ايران وارا هڪ ٻئي جي مخالفت ڪن ٿا. اڄ اهو نيڪيءَ جو ڪم ٻنهي گڏ ڪيو آهي. يعني عيد نماز گڏ پڙهي اٿن.“
    ايتري ۾ SOLAS (سيفٽي آف لائيف ائٽ سي) سبجيڪٽ پڙهائڻ لاءِ پروفيسر ڪئپٽن وانچيسور اچي ويو ۽ اسان سندس ليڪچر ٻڌڻ لاءِ پنهنجو ڳالهائڻ بند ڪيو.
    ڪئپٽن وانچيسور ايشيا جو واحد شخص آهي جيڪو هن يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي. پاڻ اٺن سالن کان هن يونيورسٽيءَ ۾ ”مئريٽائيم سيفٽي ائڊمنسٽريشن“ جو پروفيسر آهي ۽ سندس تعلق انڊيا سان آهي. پنجهٺ سال جي ڄمارجو ٿيندو. عمر جي لحاظ کان بيحد چست ۽ کڙو تڙو لڳي ٿو. (فقط يونيورسٽيءَ جي ڪمرن جا دروازا کولڻ ۾ منجهندو آهي جيڪو ڪوڊ نمبرن سان کلن ٿا.) پاڻ خوش مزاج ۽ چرچائي پڻ آهي.
    ”پروفيسر وانچيسور! توهان جي ڪاميابيءَ جو ڇا راز آهي؟“ هڪ ڏينهن مون پڇيو مانس.
    ”بابا هر مرد جي ڪاميابيءَ پٺيان ڪنهن وائڙي عورت جو هٿ رهي ٿو.“ پاڻ کلي وراڻيائين.
    پروفيسر وانچيسور جهازي دنيا جي بنيادي تعليم بمبئي جي ڊفرن اڪيڊمي مان ورتي. ڪيترن ئي ڪارگو ۽ پئسينجر جهازن تي ڪئڊٽ کان وٺي ڪئپٽن تائين Sail ڪيو. پاڻ ڪئپٽن ٿيڻ جي آخري امتحان بعد ايڪسٽرا ماسٽر مئرينر جو امتحان به پاس ڪيو، جيڪو اسان وٽ وڏي ڳالهه سمجهيو وڃي ٿو ۽ اڄ جي دور ۾ به ورلي ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا پاڪستان يا هندستان ۾ ڪئپٽن هوندا جن اهو امتحان پاس ڪيو هوندو. سندس ايم ايس سي ۽ پي ايڇ ڊي ”مئرين ائڊ منسٽريشن“ سبجيڪٽ ۾ ٿيل آهي. جهاز جي نوڪريءَ بعد ڇويهه سال انڊيا گورنمينٽ ۾ ناٽيڪل سرويئر ۽ ناٽيڪل ائڊوائيزر ٿي رهيو. ان بعد I.M.O جهڙن بين الاقوامي ادارن ۾ ڪيترائي سال ڪم ڪرڻ بعد هاڻ 1984ع کان هتي يونيورسٽي (W.M.U) ۾ آهي.


    حسين حبشڻ _ گهانا جي ايلس

    پروفيسر وانچيسور جي ليڪچر کان پوءِ ڏهن منٽن جي ٽي بريڪ ۾ هيٺ ٽين ماڙ تي احمد ڪمال علوي سان ملڻ ويس. هن جو ۽ ٻين سيڪنڊ ييئر جي شاگردن جو ڪلاس ٿرڊ فلور تي هلي رهيو هو جتي لئبرري پڻ آهي. پاڻ لئبرري جي ٻاهران ورانڊي ۾ رکيل ڪوچن تي اخبار پڙهي رهيو هو. منهنجي پڇڻ کان اڳ ئي ٻڌايائين: ”پاڻ ۽ هتي سئيڊن جا باقي مسلمان سڀان عيد ڪنداسين. مسعود فون ڪيو آهي ته صبح جو پوري ساڍي ستين تيار ٿيو ويٺا هججو ته هو ۽ ممنون پنهنجين ڪارن ۾ نماز لاءِ پاڻ کي وٺي هلندا.“
    صبح جو منهنجي سوير ئي اک کلي. سٿڻ ۾ اڳٺ وجهي پوءِ دريءَ جي ٿوري سير کولي ٻاهر جي موسم جو اندازو لڳايم ته اهڙي سيءَ ۾ سٿڻ هلي نه سگهندي. سوساٽ ڪندي ٿڌي هوا جسم کي هڪدم ائين ٺاري ڇڏيو ڄڻ ايئر ڪنڊيشن سسٽم جي Freon گئس جو سلينڊر ليڪ ٿي ويو هجي. يڪدم دري بند ڪري هيٺان لانگ جان گرم گنجي ۽ پاجامو پائي مٿان قميص ۽ پتلون پاتم. تنهن مٿان ڊگهين ٻانهن وارو گرم سئيٽر پائي پوءِ ڪوٽ چاڙهيم. اوور ڪوٽ، هٿ جا جوراب، ڪنن سوڌو مٿي ڍڪڻ جي ٽوپي ۽ مفلر ڪڍي ڪرسيءَ تي رکيم ته ڪمري مان نڪرڻ مهل اهي چاڙهي نڪرندس. واچ ۾ وقت ڏٺم. اڃا ڇهه ٿيا هئا. صبح اڃا نه ٿيو هو. جيتوڻيڪ راتيون ننڍيون ۽ ڏينهن وڏا شروع ٿي ويا هئا ۽ سج ڪافي جلد اڀرڻ لڳو هو ۽ شام جو ستين بجي لٿو ٿي. جون جولاءِ ڌاري هيڪاندو وڏو ڏينهن ٿيو وڃي. اٽڪل سورهن سترهن ڪلاڪن جو ۽ اڃا مٿي اسٽاڪهوم ۽ Isundsval شهر۾ ته اونهاري ۾ ڏينهن ويهه ٻاويهه ڪلاڪن جو ٿيو وڃي ۽ رات ٻن ڪلاڪن جي ۽ بلڪل اتر سئيڊن ۾ جيڪو حصو Lappland ۽ Norr Botten سڏجي ٿو اتي ڪجهه ڏينهن لاءِ ته رات ٿئي ئي ڪانه. ڏينهن ئي ڏينهن هوندو آهي.اهڙي طرح وري سياري ۾ اتي راتيون ايڏيون وڏيون ٿين جو چوويهه ئي ڪلاڪ رات هوندي آهي. ڪنهن گهڙي کن لاءِ سج جي هلڪي روشني نظر اچي گم ٿي ويندي آهي.يعني سج نڪري ان ئي وقت غروب به ٿي ويندو آهي.اهڙن پٽن جو احوال هڪ پراڻي ڪتاب ”ارائونڊ دي ورلڊ“ ۾ به لکي چڪو آهيان. جڏهن اسين رمضان جي مهيني ۾ ناروي جي اتراهين شهرٽرنڊام ۾ هئاسين جتي ٻاويهه ڪلاڪن جو روزو ٿيو ٿي ۽ رات ٻن ڪلاڪن جي.
    مسعود ۽ ممنون کي پوري ساڍي ستين اسان کي وٺڻ لاءِ اچڻو هو. ساڍين ستين ۾ اڃا چڱو وقت هو. هيٽر آن ڪري چانهه ٺاهڻ لاءِ پاڻي ۽ کير ملائي گرم ڪرڻ لاءِ رکيم. رستي تي لڳل بلبن جي روشني ۽ صبح ٿيڻ جي هلڪي سوجهري ۾ چوڌاري رستا، ميدان، ڪارن جون ڇتيون ۽ وڻن جي ٽارين جا مٿيان حصا سنهي ٻوري جهڙي برف سان ڍڪيا اڇا ٿيا پيا هئا، ڄڻ ڪنهن اٽي يا پائوڊر جي ڇڻڪار ڪئي هجي. رات سمهڻ بعد ڪا برف باري شروع ٿي هئي ۽ اڃا تائين هلڪي هلڪي هلي رهي هئي. ڪپهه جي ذرڙن جهڙا اڇا ۽ کنڊ مان ٺهيل پشم جهڙا هلڪا برف جا ذرڙا هوا تي ترندا هيٺ ڪِري رهيا هئا ۽ برف جي اڳهين وڇيل چادر مٿان نئون تهه ٺاهي رهيا هئا. برف جي نه ڳرڻ جو اهو ئي مطلب ٿيو ته ٽيمپريچر ڪاٽو (Minus) چئين ڊگرين کان گهٽ آهي. پر هنن ملڪن ۾ رهندڙن کي اهو تجربو هوندو ته ڪاٽو چار ٽيمپريچر جنهن ۾ پاڻي برف ٿيو وڃي، يا ان کان به گهڻي ٿڌ ايتري ڏکوئيندڙ ناهي جيتري ٿڌي هوا. اهوئي سبب آهي جو ڪيترا جيت جڙا ۽ ويندي بدڪون ڏيڏر ٿڌي هوا لڳڻ وقت ڍنڍن ۽ تالابن ۾ ڄميل برف پويان يا ان هيٺان وڃي لڪندا آهن. سائنس هنن جي پڙهيل ڪانهي. پر ايترو سمجهن ٿا ته ڪيتري به ٿڌ وڌي وڃي پر برف اوتري ئي ٿڌي رهندي (يعني زيرو ڊگريءَ کان وڌ ۾ وڌ ڪاٽو چئن ڊگرين تائين.) ان ڪري ڪاٽو ڏهه يا ڪاٽو پندرهن ڊگريون ٿڌي هوا ۾ پارو ٿيڻ بدران برف ۾ بچاءَ وٺجي جيڪا ان هوا کان تمام گهڻو گهڻو گرم ٿي. اهڙيءَ طرح گهڻي سيءَ ۾ هٿ ۾ برف جو ٻورو کڻڻ ۾ هٿ ايترا ٿڌا نٿا ٿين جيترو ٿڌي هوا لڳڻ سان. ان ڪري ههڙن ملڪن ۾ اڪثر ٻاران ٻوري جهڙي برف جا گولا ٺاهي راند کيڏندي نظر اچن ٿا.
    چانهه ٺاهي ٽيبل تي کڻي آيس ۽ پيئڻ سان گڏ يونيورسٽيءَ طرفان موڪل ڪرڻ لاءِ Assignment: ”ايڪنامڪس آف چارٽرنگ“ ڏسڻ لڳس. اڃا ڏهه پندرهن منٽ مس گذريا ته در تي ٺڪ ٺڪ ٿي.
    ”ابا ڪير؟“
    ”ڪئپٽن سليم قاسم آهيان. اٿو اٿو. ساڍي ستين بجي پوري هلڻو آهي.“
    ”اڃا ته ڪافي دير آهي.“ مون دروازو کولي کيس چيو.
    ”تون تيار به ٿي وئين. هي علوي ۽ ڪئپٽن عاشق وارا اڃا ستا پيا هئا. کين مون اچي اٿاريو آهي. نه ته اتي ئي رهجي وڃن ها.“
    سامهون گهانا جي مائي ايلس جاگر جوتن ۾ سامهون اچي رهي هئي.
    ”آفريڪا جي هيءَ حسينا جاگنگ ڪرڻ وئي هئي ڇا؟“ مون ڪئپٽن سليم کي چيو ۽ پوءِ کيس مخاطب ٿي پڇيو: “From where are you coming?” ۽ ان ئي وقت پاڻ به اسان کان ساڳيو سوال ڪيائين:
    “And where are you going?”
    ”اسان مسلمانن جو روزن جو مهينو ختم ٿيو آهي سو اڄ Celeberations اٿئون. صبح ساڻ مسجد ۾ گڏجاڻي ڪندا آهيون ۽ عبادت پڻ.“ مون کيس ٻڌايو ۽ پاڻ ٻڌائين ته هوءَ روز صبح جو اڌ ڪلاڪ لاءِ جاگنگ ڪندي آهي. چاهي عام ڏينهن هجن يا موڪل جا.
    ”سٺي ڳالهه آهي.“ احمد ڪمال علويءَ کيس چيو ۽ پوءِ اسان کي مخاطب ٿي چيو: ”يورپ آمريڪا توڙي آفريڪاجا، مرد توڙي عورتون سڀ سڌرندا وڃن. نٿا سڌرون ته پاڻ. رڳو کائڻ تي ۽ ٿلهو ٿيڻ تي زور اٿئون. سڄو ڏينهن ستا پيا هونداسين يا ٽي وي اڳيان ويهي ڦيڦا پيا ٿينداسين ۽ پاڪستاني زالون ته مردن کان به وڌيڪ ڳريون متاريون ٿينديون وڃن. هر هڪ کي ملڪ ترنم نورجهان ٿيڻ جو شوق آهي.“
    ”نه. هاڻ اهي به انڊين فلمون ڏسي سڌرنديون وڃن. پهرين رڳو صبيحا، نيلو، سنگيتا، انجمن آرا جهڙين کي ڏٺو هئائون.“ مون درستي ڪئي مانس.
    اسان کي ورانڊي ۾ اڃا ڳالهائيندو ٻڌي ايلس در کوليو:
    ”ڀلا سومر ڏينهن Economics of Chartering جو ٽيسٽ ته نه آهي.“ هن پڇيو.
    ”ٽيسٽ آهي پر تنهنجي ڀرسان ويهڻ کان توبهه ڪئيسين.“ ڪئپٽن سليم قاسم چيو ۽ اسان ٽئي ايلس سميت ٽهڪ ڏيڻ لڳاسين. احمد ڪمال علويءَ پڇيو: ”خير ته آهي؟“
    ”يار ڪالهه هن حبشي حسينه ۽ الطاف اسان کي ماڳهين مارايو ٿي. پر بچي وياسين. نه ته انگريزيءَ جي امتحان ۾ سڀ فيل ٿيون ها.“ ڪئپٽن سليم ٻڌايو.
    ”ڪيئن ڪيئن؟“ ڪمال علويءَ تجسس مان پڇيو.
    ”ٽيون ڏينهن ڪمبائنڊ ليڪچر ۾ هيءَ اسان جي اڳيان ويٺي هئي ته هڪ ائنگولا جو شاگرد ذري ذري هن وٽ انگريزي سکڻ پئي آيو (ائنگولا، موزمبق ۽ ڪيپ وردي ٻيٽ تي پورچو گالين جو قبضو هو ان ڪري اتي جا ماڻهو پنهنجي آفريڪي ۽ قبيلي جي ٻوليءَ کان علاوه پورچوگال ڳالهائين ٿا.) انهن کي انگريزي صفا گهٽ اچي ٿي ۽ جيتوڻيڪ اهڙن شاگردن لاءِ يونيورسٽيءَ ٽن مهينن جو اڳواٽ انگريزي سکڻ جو ڪورس شروع ڪيو آهي پر اڃا به ڪيترن کي انگريزي سٺي طرح نٿي اچي. ان ڪري ريڪٽر سڀني لاءِ ا نگريزيءَ جو ڪالهه ٽيسٽ رکيو هو ته جيئن ڪمزور شاگرد سيمسٽر جي موڪل ۾ ڪيڏانهن وڃڻ بدران انگريزي سکن.
    ”سو بهرحال منجهند کان پوءِ پيرڊ ۾ هن سال جي سڀني شاگردن کي ٽيسٽ لاءِ ويهاريو ويو. حسن بڪال چيو ته انگريزيءَ جهڙي ٽيسٽ ۾ ڪنهن سياڻي سان وهجي، باقي هنن عربن سڳورن ۽ ويٽنامي ۽ مائوزي تنگ جي چيني همراهن کان بلڪل پاسو ڪجي. پر سوال آهي ته ڪهڙي قابل انگريزدان ڀرسان وهجي. پوءِ پاڻ ئي چيو، ”تو واري پاڙيسري حسين حبشڻ ان ڳالهه لاءِ بهتر رهندي.“ مون به سهڻي صلاح سمجهي، جو هڪ ڏينهن اڳ کيس انگريزي پڙهائيندي ڏٺو هو. سو يڪدم کيس سڏ ڪري چيومانس، ”تون انگريزيءَ ۾ هوشيار آهين. هيڏانهن خالي ڪرسين تي اچي ويهه ته تنهنجي ڀرسان اسان ويهون.“ پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ويتر ڊاڙون هڻڻ لڳي ته هن قسم جا بي بي سي جا ٽيسٽ هن ڪيترائي ڏنا آهن. ۽ پوءِ جڏهن ٽيسٽ شروع ٿيو ته اهو ماڳهين نئين قسم جو هو. برٽش ماسترياڻين پهرين وڊيو ذريعي هڪ ننڍڙو مزاحيه ڊرامو ڏيکاريو پوءِ ان تي Objective سوالن جا ڏهه کن صفحا ڏنا ته ان ۾ لکيل سؤ سوالن جا ها يا نه ۾ اڌ ڪلاڪ اندر جواب لکي ڏيو. ڏهاڪو کن جا سوال جواب بنا سوچڻ پڙهڻ جي ايلس کي ڏسي لکندا وياسين. پوءِ ڪئپٽن سليم رڙ ڪئي (جنهن تي پڻ اسان قرب ڪري پنهنجي ڀرسان ويهاريو هو) ته ڪجهه سوچيو ته صحيح اها حسين حبشڻ سڀن جون موڪلون بند ڪرائيندي. ۽ پوءِ غور ڪيوسين ته سليم واقعي صحيح هو ۽ باقي جواب پنهنجي عقل جي ڊوڙ ڪري لکياسين. پوءِ آخر ۾ ماڳهين هن به اسان تان ڪاپي ڪري ڪم ٽپايو.“
    ”پر مسٽر الطاف!“ آفريڪن شاگردياڻي ايلس چيو، ”پهرين ته تون ۽ حسن بڪال ٺهي ٺڪي پاڻ ئي مون وٽ آيائو.“
    ”تڏهن ته چئون پيا ته هاڻ تنهنجي ڀرسان نه ويهنداسين.“ مون جواب ڏنو.
    سندس اهو سهڻو نالو ”حسين حبشڻ“ سندس چهري ڪري نه پر وارن جي ٺاهه جوڙ ڪري رکيو اٿئون. ٻيون زالون هڪ يا ٻه يا ٽي چوٽيون ٺاهينديون آهن پر هن ڏهه ٻارهن کن وارن جي هڪ هڪ چوٽي ٺاهي آهي يعني سڄو مٿو سؤ کن سنهين سنهين چوٽين سان ڀريل اٿس. اسان جي ڳوٺ ۾ ڳنڍڻي، آر، ڀرت يا ٻيو پورهيو ڪندڙ عورتون گهڻو ڪري هفتي ۾ فقط هڪ دفعو جمعي ڏينهن چوٽي ٺاهين. پر گهڻو تيل وجهي اهڙي ته ڇڪي ڇڪي ٺاهين جو مجال آهي وري سڄو هفتو هڪ واربه ان چوٽيءَ مان ٻاهر نڪري.سو ايلس به اهو ٻڌايو ته هيڏانهن سئيڊن ۾ اچڻ مهل سندس ماءُ، ڀينرن ۽ سوٽين، ماساتين ٽي ڏينهن گڏجي ويهي اهي سنهيون چوٽيون ٺاهيون، جيئن پرديس ۾ کيس هر هر چوٽي ٺاهڻي نه پوي. کانئس پڇيو هوم: ”اڃا ڪيترا ڏينهن ڇنل کٽ جي هيٺان لڙڪيل واڻ جهڙيون اهي تنهنجيون چوٽيون قائم رهنديون.“
    ”چار پنج مهينا ته گهٽ ۾ گهٽ هلنديون.“ هن ٻڌايو هو.
    ”بس تيسين ڪئميرا هٿ ڪريان ته تنهنجي مٿي جي ان آرٽ ورڪ جو فوٽو ڪڍي پاڪستان جي ڪنهن اخبار ۾ موڪليان.“


    اجايو ڊپ ٿا ڪن

    علوي، قاضي حميد ۽ ٻيا اسان جا پاڪستاني عيد نماز جا ڪپڙا پائي تيار ٿين تيسين جهٽ جهٽ ڪري سڀني لاءِ چانهه ٺاهيم ۽ چانهه پي بس ڪئيسين ته اسان کي هن شهر مالمو جي مسجد ڏي وٺي هلڻ وارا همراهه اچي پهتا. يڪدم اوور ڪوٽ، ٽوپ ۽ مفلر چاڙهي ڪار ۾ ويهڻ لاءِ ٻاهر نڪتاسين. رستي تي هڪ بلڊنگ تي ننڍن بلبن ذريعي وقت ۽ ٽيمپريچر لکجي رهيو هو. ٽيمپريچر ڏٺم ته ڪافي گهٽجي ويو هو ۽ هاڻ فقط چار ڊگريون هو. پر اپريل جي مهيني ۾ چار ڊگرين واري ٿڌ به اسان جهڙن سنڌ جي رهاڪن جي لاءِ تمام گهڻي ٿي. ڪار ۾ اندر ويٺي، وڻن جون ٽاريون لڏنديون ڏسي، محسوس ڪيم ته اندران ڪار گرم آهي سو خبر نٿي پوي باقي ٻاهر سخت ٿڌي هوا لڳي رهي آهي. اهو لکڻ به هتي ضروري ٿو سمجهان ته هتي مئي کان بهار شروع ٿيندي آهي. هن وقت جيڪي سڀ وڻ ٺوڙها ٿيا پيا آهن ۽ منجهن هڪ پن به نظر نٿو اچي، انهن ۾ ڪجهه ڏينهن بعد نوان گؤنچ ۽ گل ڦٽندا ۽ پوءِ مهيني کن کان پوءِ بهار شروع ٿي ويندي ۽ يورپ جي هن پاسي جي ملڪن جو بهار معنى سنڌ جو سيارو، ڏينهن جو گرم ۽ ڳرا ڪپڙا پائڻ بدران سنهي سوئيٽر ۽ ڪوٽ ۾ هلي سگهبو.
    مسجد ۾ نمازين جي گهڻائيءَ جو اندازو ٻاهر بيٺل ڪارن مان ئي لڳائي ورتوسين جو مسجد جي چوڌاري ٻن ٽن فرلانگن ۾ رڳو ڪارون ئي ڪارون هيون. هونءَ هن پاسي جا ماڻهو بس ۾ سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا. پر عيد جي خوشيءَ ۾ هرڪو پنهنجي ڪار کڻي آيو هو. بهرحال ان هوندي به ڪيترائي بس مان به لٿا پئي.
    ”هن ڀيري ته تمام گهڻي خلق آهي. هن کان اڳ ڪڏهن به ايتري نه ٿي.“ مسعود ڪار پارڪنگ ڀريل ڏسي چيو.
    ”چڱو جو عربن هڪ ڏينهن اڳ عيد ڪئي نه ته هيءَ مسجد پوري نه ٿئي ها.“ ممنون چيو.
    ”هونءَ سئيڊن ۾ مسلمانن جو تعداد وڌندو به وڃي.“ مسعود چيو.
    ”ٻاهران پيا اچن يا هتي جي سئيڊش ماڻهو مسلمان پيا ٿين؟“ ڪئپٽن عاشق پڇيو.
    ”ٻاهران به ڪافي ايندا رهن ٿا. پوءِ ڪي لڪ چوريءَ اچن، ڪي سياسي پناهه جي کاتي ۾، پر هنن جا پنهنجا ماڻهو به مسلمان ٿي رهيا آهن. هفتي ۾ ٻه ٽي سراسري طرح مسلمان ٿين ٿا. ان ڏينهن ٽي ويءَ تان به ٻڌايو هئائون.“ ممنون ٻڌايو.
    ”ها سئيڊن ۾ ٻن کان ٽن تائين ۽ فرانس ۾ هفتي ۾ ڏهه کن ماڻهو مسلمان ٿين ٿا.“ مون چيو.
    ”آئون هينئر فيلڊ ٽرپ تي فرانس ۾ هوس.“ قاضي حميد ٻڌايو، ”اتي جي هڪ اخبار ۾ آيو ته فرانس ۾ هڪ هزار کان مٿي مسجدون آهن ۽ يورپ توڙي آمريڪا کي سڀ کان گهڻو ڊپ اسلام کان لڳو رهي ٿو.“
    ”اها ڳالهه صحيح آهي. هيءَ مالمو جي مسجد به وڏن مشڪلن کان پوءِ مس مس هتي جي حڪومت ٺهرائڻ جي موڪل ڏني. ڀر پاسي جي ٻي شهر گوتابرگ (Gotaberg) ۾ ته مسجد لاءِ ڪيترن ماڻهن مخالفت ڪئي ۽ اخبارن ۾ ڏنو. ويندي ان ڪائونٽي يا ايراضيءَ جي چڱي مڙس جو ٽي ويءَ تي انٽرويو به آيو هو. کانئس جڏهن پڇيو ويو ته ”تون مسجد ٺهڻ جي مخالفت ڇو ٿو ڪرين.“ ته وراڻيائين، ”مون کي ڊپ آهي ته اسان جو ڪلچر، رسم رواج وغيره تباهه ٿي ويندو.“ کانئس پڇيو ويو ته، ”ڪنهن کان ڊپ اٿئي، جيڪي ٻاهران مسلمان هتي اچي رهيا آهن انهن کان؟“ وراڻيائين، ”انهن کان نه، پر مسجد ٺهڻ ڪر ي جيڪي روز اسان جا پنهنجا مسلمان ٿيندا.“ مسعود ٻڌايو.
    ”هنن کان ڊپ آهي ته دنيا ۾ مسلمانن جو تعداد وڌي ويندو.“ احمد ڪمال علويءَ چيو.
    مون کلندي چيو مانس: ”اجايو ڊپ ٿا ڪن. يورپ ۾ جيترا روزانو نوان مسلمان ٿي رهيا آهن تن کان وڌيڪ مسلمان، پاڪستان، هندستان، برما ۽ عرب ملڪن ۾ سندن وطني ڌاڙيل، پوليس ۽ فوجون پيون مارين. اخبار کڻي ڏس ته سنڌ ۾ روزانو ڪيترا ماڻهو ڌاڙيلن هٿان، ۽ بسن ۽ ڪارن جي حادثن ۾ مرن ٿا. هندستان ۽ ڪشمير ۾ مسجد مندر جي چڪر ۾ ڪيترا خون ٿين ٿا. برما جي بارڊر تي جيڪي مسلمان برمي حڪومت جي ظلم کان ڀڄيو اچن ٿا انهن کان پُڇ ته سندن ڪيترا مائٽ ساڙيا ۽ ٻاريا وڃن پيا. بنگلاديش جي طوفانن ۾ هر سال ڪيترا ٻڏيو وڃن صدام ۽ ٻين عربن ۾ ڪيترا پنهنجا ماڻهو لڙائين ۾ مارائي ڇڏيا ۽ باقي ٻيا ڪردن ۽ فلسطينين کي تباهه پيا ڪن. سو اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. جنهن وقت آمريڪا ۽ يورپ کي ٿورو به ڊپ لڳو ته مسلمانن مان خطرو آهي ته پاڪستان هندستان وانگر يا عراق، ڪويت ۽ سعودي عرب وانگرهڪ ٻئي کي ويڙهائي حساب برابر ڪري ڇڏيندا.“
    مالمو جي هن مسجد جي هيٺين هال ۾ مردن لاءِ عيد نماز پڙهڻ جو بندوبست رکيل آهي ۽ مٿي عورتن لاءِ، جيڪي پاسي کان ٺهيل ڏاڪڻ ذريعي مٿي وڃي رهيون آهن. اسان جي اچڻ کان اڳ سڄو هال ڀرجي ويو هو، پر اسان کي جيئن تيئن ڪري دروازي وٽ آخري صفن ۾ جاءِ ملي. اڃا اٺ نه ٿيا هئا ۽ ماڻهو ايندا رهيا. وڏي هال ۾ تقريباً ٻه هزار کن ماڻهو ٿيندا. هال ڀرجڻ بعد ان کان پهرين وارو ڪمرو (جنهن ۾ ويهڻ لاءِ ڪرسيون ۽ بوٽ رکڻ لاءِ ڪاٺ جا خانا ٺهيل آهن) کي خالي ڪر ي نمازين کي ويهاريو ويو. ان بعد ته اهو به ڀرجي ويو ۽ نماز جي وقت ويهارو کن ماڻهو ٻاهر کلئي آسمان هيٺان غاليچا وڇائي نماز لاءِ بيٺا. پٽ تي کڻي غاليچو وڇايو ويو هو پر بوٽن بنا اهڙي ولهه ۾ بيهڻ جيڪب آباد ۾ سخت گرمي وارن ڏينهن ۾ پڪي رستي تي بيهي جمعي نماز پڙهڻ برابر آهي.
    اسان جنهن وقت مسجد ۾ آياسين ته مسجد جو امام ترڪي زبان ۾ واعظ ڪر ي رهيو هو. هي ترڪ امام ترڪيءَ کان هن مسجد لاءِ، هتي (سئيڊن) جي مسلمانن پگهار تي گهرائي رهايو آهي. (هڪ ٻيو فيصل آباد پاڪستان کان پڻ ويجهڙائيءَ ۾ گهرايو ويو آهي، جيڪو مالمو شهر جي ٻارن کي قرآن پڙهائيندو.) واعظ بعد نماز پڙهائي ويئي. نماز بعد سڀ ماڻهو ماٺ ڪري خطبو ٻڌڻ لڳا جيڪو ڏهه پندرهن منٽ هليو. خطبي دوران مون چوڌاري ذري ذري ڏٺو پئي ته سڀ پنهنجين پنهنجين جاين ٿي پٿل ماري ويٺا هئا. جن ٻاهر اڱڻ ۾ نماز پڙهي پئي، اهي به نماز ختم ٿيڻ سان اندر اچي خطبو ٻڌڻ لڳا. ننڍي هوندي کان پنهنجي ڳوٺ جي درگاهه تي عيد نماز بعد امام کي رڙيون ڪندي ٻڌندو اچان ته، بابا عيد نماز بعد خطبو ٻڌڻ به ايترو ئي ضروري آهي. پر هيڏا سال گذري ويا، اڄ به جيئن ئي عيد نماز ختم ٿيندي آهي ته اڌ کان وڌيڪ ماڻهو بوڇڻ ڇنڊي اٿي کڙا ٿيندا آهن. ڪي ڀاڪرپائي عيد ملڻ ۾ لڳي ويندا آهن، ڪي بازار جو رُخ رکندا آهن. سو ان ڪري مون ڏٺو ٿي ته هتي آيل ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ کنڊ جي مختلف ملڪن، زبانن جا ماڻهو ڇا ٿا ڪن. پر مون ڏٺو ته آخر تائين ڪوبه نه اٿيو.خطبي بعد دعا پڙهي، پوءِ ڀاڪر پائڻ ۾ شروع ٿي ويا. ڪيترائي پاڪستاني هئا جن ۾ گهڻو تعداد پنجاب پاسي جو هو ۽ ٻئي نمبر تي پٺاڻ ۽ افغاني هئا. پر ان هوندي به هن ملڪ ۾ پاڪستاني اٽي ۾ لوڻ برابر نظر اچن ٿا. بوٽ پاتم ته منهنجي ڀر ۾ چار پنج ڄڻا اڇي کل وارا ڪا يورپي زبان ڳالهائي رهيا هئا. پڇيو مان: ”ترڪ آهيو؟“
    پر نه سمجهيائون. پڇيو مان: ”انگريزي اچنا و ٿي.“ تڏهن به نه سمجهيائون. ڪنهن زبان جو پاڻ نالو وٺي رهيا هئا، جيڪا مونکي سمجهه ۾ نه پئي آئي. آخر منهنجي پڇ پڇ تي هنن مان هڪ ڄڻو پنهنجي ڪنهن مائٽ کي وٺي آيو جنهن ڀڳل انگريزي ڳالهائي ٿي. تنهن ٻڌايو ته هي يوگوسلاويه جا آهن. ٻه سال اڳ لڏي هتي آيا، هاڻ هتي جا شهري آهن. يوگو سلاويه جي پنهنجي ڪنهن صوبي جي زبان ڳالهائين ٿا.
    ڪجهه همراهه روس جي مختلف رياستن تاجڪستان، ڪرغزستان، آذربائيجان جا مليا، جن ترڪي ڳالهائي ٿي يا سئيڊش، بنگالي ۽ آفريڪي به چڱا هئا. آفريڪا جي به ڪيترن ئي ملڪن جا هئا. جيڪي ٻار پنهنجي ماءُ پيءُ سان گڏ آيا هئا سي آخري قطار ۾ ويٺا هئا، جن جا ڪئين رنگ هئا، اڇي کير جهڙي رنگ کان وٺي پاڻيءَ جهڙي اڇي ۽ ڳاڙهي رنگ جا ٻار هئا. ڪارن جا به ڪيترائي Shade هئا. ڪوئلي جهڙي سخت ڪاري ۽ چاڪليٽي رنگ کان وٺي ڪانگ جي ڳچيءَ جهڙي سليٽي رنگ جا. ڪن آفريڪن شايد هتي سئيڊن ڇوڪرين سان شادي ڪئي آهي جو انهن جي وچ وارن رنگن جا پڻ ٻار هئا، ڄڻ ڪنهن آرٽسٽ ڪاري، اڇي، ناسي، پيلي ۽ ميٽوڙي رنگن سان آرٽ ورڪ ٺاهيو هجي.
    ڪجهه چيني همراهه پڻ مليا جن جي ڏاڙهي کنڀ کنڀ هئي. پاڻ ٻڌايائون ته هو پاڪستان جي اتر واري حصي ڪاشگر جا رهاڪو آهن. عمري لاءِ سعودي عرب ويا هئا. اتان هتي پنهنجن مائٽن سان ملي هاڻ واپس چين ويندا.
    هن مسجد ۾ آيل ڪيترن ئي ماڻهن سان ملي چڱيءَ طرح خبر چار وٺڻ چاهيم ٿي پر سخت سيءَ نه هنن کي ۽ نه مون کي وڌيڪ بيهڻ ڏنو.
    علويءَ کان اڳتي جو پروگرام پڇيم.
    ”في الحال هاسٽل هلڻ جو وساري ڇڏ. هتان ممنون ڀائيءَ جي گهر نيرن ڪرڻ ٿا هلون. ان بعد مسعود جي گهر. تيسين چار ٿي ويندا ۽ چئين بجي مالمو شهر جي پاڪستان ايسوسيئيشن Get Together ڪئي آهي، اتي هليا هلنداسين.“ هن ٻڌايو.
    ڪار ۾ ويهڻ کان اڳ مسجد جي ترڪ امام سان موڪلايم ۽ در وٽ رکيل مختلف پنن جي هڪ هڪ ڪاپي کنيم. هڪ ته فطري بابت پراڻو سرڪيولر هو ته عيد کان اڳ فطرو پنهنجي ملڪ موڪلي ڇڏجو يا هتي جي مسجد جي انچارج سلامت سلهري جي حوالي ڪجو. هڪ عيد نماز پڙهڻ جي طريقي بابت پنو هو. هڪ افغاني مجاهدن لاءِ افغانين طرفان چندي جي اپيل هئي. ڪنهن چيو افغاني جهاد پيا ڪن.
    ٻي ڄڻي، جنهن کي اسلام جي ڄاڻ آهي، وراڻيو: ”جهاد اهو آهي جنهن ۾ ڪنهن ڪافر سان جنگ جوٽجي. افغاني جيسين روسين سان وڙهي رهيا هئا جهاد هو. هاڻ روس ته واپس هليو ويو آهي. هاڻ افغاني ڪنهن ڪافر سان نه پر پنهنجو پاڻ ۾ مسلمان مسلمانن سان وڙهي رهيا آهن. ان جنگ ۾ سندن ڇو وڌيڪ مدد ڪجي. هو هڪ ٻئي کي تباهه ڪري رهيا آهن. هاڻ هو اسلام جي نالي تي ڪنهن ڪافر سان نه وڙهي رهيا آهن جو اڃا تائين چندي جون اپيلون ڪندا رهن ٿا.“
    سڀني غور سان ٻڌو. ڳالهه عقل جي هئي. گهٽ ۾ گهٽ اسان کي معقول لڳي.
    ورلڊ مئريٽائم يونيورسٽيءَ جا اسين ڇهه ڄڻا، مسعود ۽ ڪجهه ٻيا پاڪستاني جيڪي ڀر واري ڳوٺ کان هتي مالمو ۾ نماز پڙهڻ آيا هئا، ممنون جي دعوت تي سندس گهر پهتاسين. ممنون جي گهر واريءَ رات کان ڪجهه شيون تيارڪري رکيون هيون. ڇولا، دهي بڙا، کيرڻي، پڪوڙا ۽ ڪواب وغيره. هاسٽل جا پاڻيءَ پسيا چانور ۽ اوٻاريل ڀاڄيون کائي کائي اسان به ٿڪجي پيا هئاسين سو اسان لاءِ هڪ وڏي تبديلي هئي.
    ٿوري دير بعد مالمو جي ڀر واري ڳوٺ کان آيل همراهه جن ۾ فقط هڪ جو نالو ”رضوان“ هن وقت ياد اٿم، موڪلائڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيا. ان سان گڏ مون به عرض ڪيومان ته مونکي به اجازت ڏيو. ڪئپٽن سليم ۽ قاضي حميد گهڻو ئي زور ڀريو ته ويهي ڪچهري ڪر هاسٽل اڪيلو وڃي ڇا ڪندين. پر گهڻي دير ويهي ڪچهري ڪرڻ کان اڪيلي سر ويهي ڪو اخبار رسالو پڙهڻ کي وڌيڪ پسند ٿي ڪيم. سو موڪلائي نڪتس. رضوان وارن کي مالمو شهر جي خبر نه هئي.
    ”توهان مونکي بس ڪنهن به بس اسٽاپ تي لاهي ڇڏيو، پوءِ آئون پاڻهي بسون بدلائي گهران وڃي نڪرندس.“ مون کين چيو.
    هنن مونکي گستاوو ائڊولف ٽورگ بس اسٽاپ تي اچي لاٿو، جنهن لاءِ لکي آيو آهيان ته هتي جو ڄڻ صدر، ريگل (يا ائمپريس مارڪيٽ) وارو اسٽاپ آهي. جتان بسون شهر جي سڀني علائقن ڏي وڃن ٿيون. آئون ارڙهون نمبر بس ۾ يونيورسٽيءَ طرفان مليل ڪارڊ ڏيکاري ويٺس. هتي جي شهر ۾ هلندڙ بس جي ٽڪيٽ ننڍي توڙي وڏي سفر لاءِ يارهن ڪرونا (يعني پنجاهه رپيه کن) آهي پر يڪي مهيني جي ٻه سؤ ويهه ڪرونا ۾ پاس ملي ٿي. جنهن ۾ روز جيترا دفعا وڻي اوترا دفعا سفر ڪري سگهجي ٿو. بس ۾ چڙهڻ جي هيءَ پاس جيڪا اسان کي هر مهيني يونيورسٽي ڏيندي آهي دراصل هن مالمو شهر جي ميونسپل طرفان دنيا جي مختلف ملڪن کان آيل اسان شاگردن لاءِ تحفو آهي. اسان لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو هي تحفو. ڇو جو فقط يونيورسٽي ايندي ويندي. روزانو چئن بسن ۾ چڙهون ٿا ۽ ان کان علاوه هڪ ٻه دفعو پنهنجي ڪم ڪار لاءِ. ڏينهن ۾ پنج ڇهه دفعا پنجاهه پنجاهه رپئي جي ٽڪيٽ اسان جهڙن غريب ملڪن جو ڪهڙو ماڻهو وٺي سگهندو. بهرحال ٿئنڪ يو ويري مچ دي ميونسپل ڪارپورشن آف مالمو سٽي!


    مارشل آئيلينڊ جو ليري

    اڄ بس اسٽال تي ليري (Larry) ۽ آئون يونيورسٽي وڃڻ لاءِ بس جو انتظار ڪري رهيا هئاسين.
    ”ليري! تون ڪهڙي ٻيٽ تان آيو آهين؟“ هيلو هيلو ڪرڻ کان پوءِ مون کانئس پڇيو. پاڻ جڏهن آيو هو ته ڪلاس روم ۾ ٻڌايو هئائين. پر ان وقت آئون سندس ٻيٽ کي سڃاڻي نه سگهيو هوس. فجي جي ڀرسان ته نه آهي مون تڏهن پڇيو مانس، ”نه ان جي اتر ۾ آهي.“ پاڻ ٻڌايو هئائين.
    ”آئون مارشل آئلينڊ کان آهيان.“ هن ٻڌايو.
    ”ها برابر تو اهوئي ٻڌايو هو. پر ان بعد مون کي نقشي ۾ ڏسڻ ۾ وقت نه مليو. هونءَ مارشل آئلينڊ ڪيترن ٻيٽن جو جهڳٽو آهي؟“ مون ڪجهه وقت گذارڻ لاءِ ۽ ڪجهه معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ سوال ڪيو. ڪو زمانو هو جهاز تي Sail ڪبو هو ته ننڍي ننڍي ٻيٽ ۽ بندرگاهه جي واقفيت هئي پوءِ چاهي ان هنڌ جهاز وڃي يا نه. پر هاڻ اهي بهه ۾ سئيءَ جهڙا پئسفڪ سمنڊ جا ننڍا ٻيٽ ايراضيءَ ۾ ڳوٺ ميانداد چنجڻي ۽ چوهڙ جماليءَ جيڏا ڌيان مان ئي ميسارجي ويا آهن. انهن مان ڪي ته وڏيري جي اوطاق جيڏا آهن ۽ ڪي ته وڏيري جي اوطاق ۾ پيل کٽ جيڏا آهن.
    ”اوڻٽيهه ٻيٽ آهن.“ ليريءَ ٻڌايو.
    ”سڀني تي آدم رهي ٿو؟“ مون پڇيومانس.
    ”ها سڀني تي رهي ٿو. ائين ته ننڍا ننڍا ٻه هزار کن ٻيا به آهن پر ڪي ڪي فرلانگ اڌ مس ٿيندا، ڪي ڪجهه وڏا به آهن پرڪو رهي ڪونه ٿو جو اهي ٻيٽ ٻيڙين رستي وڏن ٻيٽن سان ڳنڍيل نه آهن.ڪي ٻيٽ سال جو ڪجهه مهينا نظر اچن ٿا ۽ پوءِ مٿان سمنڊ جو پاڻي چڙهيو وڃين ۽ غائب ٿيو وڃن. ڪي روزانو وڏي وير تي ٻڏيو وڃن ۽ وير لهڻ تي ظاهر ٿيو پون.“
    ”هونءَ Exact ڪنهن جي ڀرسان آهي _ آسٽريليا جي نيوزيليند جي، فجيءَ جي يا انڊونيشيا فلپين جي؟“ مون کي اڃا تائين دماغ ۾ هي ٻيٽ نه اچي رهيا هئا ته پئسفڪ سمنڊ ۾ ڪهڙي هنڌ آهن.
    ”ڪنهن جي به ويجهو نه آهن. سڀني کان هڪ جيترو پري آهن.اڃا به هوائي ۽ گوام ٻيٽ جي ڪجهه ويجهو چئي سگهجن ٿا.“ ليريءَ چيو.
    ”بس هينئر ئي لئبرري پهچي نقشي تي تنهنجا اهي دلچسپ ٻيٽ ڏسان ٿو.“
    ”مون وٽ هتي نقشو آهي.“ ائين چئي ليريءَ هٿن جا جوراب لاهي بئگ کولي نقشو ڪڍيو. سامهون ڏٺم اڃا بس پري پري تائين نظر نه پئي آئي. جلدي جلدي پئسفڪ سمنڊ ۾ هار جي شڪل ۾ موتين جيڏا ننڍا ننڍا مارشل ٻيٽ ڏٺم. نقشو واپس ڪري چيومانس:
    ”شاباس هجن ئي! دنيا جي صفا ٻي ڪنڊ کان آيو آهين. ڀلا هتي ڪيئن پهتين؟ پڪ ترسندو آيو هوندين.“
    ”سڌو پهتس.“ ليريءَ وراڻيو.
    ”ڪمال آهي! ڪهڙي هوائي ڪمپني توهان جي مارشل ٻيٽن کان هتي مالمو اچي ٿي؟“ مون تعجب مان پڇيو.
    ”اوهه! نه نه! مون سمجهيو ته پڇين ٿو ته ڪٿي ڪٿي گهمڻ لاءِ رهيس. هيڏو پر ي کان ڪهڙو جهاز يڪ ساهيءَ ايندو.“
    ”اهوئي ته معلوم ڪرڻ ٿو چاهيان ته پهرين آسٽريليا وئين، نيوزيلينڊ يا فلپين؟“
    ”پهرين هوائي ٻيٽ تي ويس.“ ليري ٻڌايو.
    ”پوءِ؟“
    ”لاس اينجلس.“
    ”ڏاڍي ٻڌايئي. اهو ته وڏو چڪر ٿيو. هن پاسي فلپين يا ٿائلينڊ ڏي هليو اچين ها ته باقي يورپ ڪيترو پري هو. هوائي ۽ لاس اينجلس ڏي ته ويتر ڏور هليو وئين؟“
    ”بس مجبور ي آهي. اسان جي ٻيٽ تي فقط آمريڪا جي هڪ هوائي ڪمپنيءَ جو هوائي جهاز هفتي ۾ هوائي (Hawai) ٻيٽ کان ٻه دفعا اچي وڃي ٿو ۽ اتان ٻي ملائيندڙ اڏام لاس اينجلس اچي ڇڏيو.“ ليريءَ ٻڌايو.
    ”۽ پوءِ.“ مون پڇيومانس.
    ”۽ پوءِ برٽش ايئر ويز ذريعي لنڊن آيس. اتان ٻي ملائيندڙ اڏام پئرس اچي ڇڏيو ۽ پوءِ SAS جهاز ذريعي ڪوپن هيگن آيس ۽ پوءِ هوور ڪرافٽ ذريعي بالٽڪ سمنڊ ٽپي هتي مالمو پهتو آهيان.“
    ”حق تي ٻئي بئگون گم ٿي ويون اٿئي؟“ مون کلندي چيومانس. سندس سامان ٻن هفتن بعد مليو. تيسين ليري ويچارو ڳاڙهو سئيٽر ۾ پئي هليو. کيس هتي جي موسم جي به خبر نه هئي. سندس ٻيٽ جي ٻارهوئي هڪ جهڙي، نه ٿڌي نه گرم موسم ٿئي ۽ اتي جا رهاڪو گهڻو ڪري رڳو چڍي ۽ گلن واري قميص پائين. ليريءَ هتي جي سيءَ جي حملي لاءِ وڌ ۾ وڌ سئيٽرڪافي سمجهيو. بهرحال ٻيو ڏينهن آچر جو هو ۽ کيس هتان جي لنڊا بازار مان پاڻ جهڙا گرم اوور ڪوٽ وٺي ڏناسونس.
    ”ڀلا ليري! ايترا جهاز بدلائي هتي پهچڻ ۾ توکي پڪ ڏينهن ٻه لڳي ويو هوندو.“
    ”بلڪ ٽي ڏينهن ۽ توهان کي؟“
    ”تنهنجي مقابلي ۾ سئيڊن اسان لاءِ ڄڻ گهر جي ڳالهه ٿي. ٻارهن ڪلاڪن اندر پهچي وياسين.“
    ”ڪراچيءَ جا آهيو يا اسلام آباد جا.“ ليريءَ پڇيو.
    کيس پنهنجو ڪارڊ ڏيندي ٻڌايومانس: ”ڪراچيءَ جو. ڪڏهن اسان جي پاسي واري دنيا جي حصي ۾ اچڻ ٿئي ئي ته ڪراچيءَ ضرور اچجانءِ.“
    ”۽ تون به مون وٽ اچجانءِ.“ ليريءَ به دعوت ڏني.
    مون کلي چيومانس. ”اچڻ تي منهنجي دل ڏاڍي چوي ٿي پر ليري اسان جي ملڪ ۾ چيچ وطني، ميانوالي ۽ دورو نارو پهچڻ سولو آهي تو وٽ پهچڻ لاءِ پهرين پئسفڪ سمنڊ ۾ مارشل ٻيٽ ڳولجن. پوءِ انهن اوڻٽيهن ٻيٽن مان اهو ڳولجي جنهن ۾ تون رهين ٿو. ڀلا اهو ٻڌاءِ آدمشماري ڪيتري اٿوَ؟“
    ”ڪل پنجاهه هزار.“
    ”رڳو ان ٻيٽ تي جتي تون رهين ٿو يا سڀني ٻيٽن تي؟“
    ايتري ۾ بس اچي نڪتي ۽ پاس ڏيکاري چڙهياسين. هن کي مون کان پري جاءِ ملي سو هٿ سان کيس O.K چئي موڪلايم ته هاڻ يونيورسٽي خبر ناهي ملاقات ٿئي يا نه. ڇو جو آئون جنهن سبجيڪٽ ۾ ايم ايس سي ڪري رهيو آهيان ان جو واسطو مئرين سيفٽي ائڊمنسٽريشن سان آهي، جنهن جا ڪلاس روم ۽ پروفيسر ليريءَ جي ڪلاس روم وغيره کان مختلف آهن. ليري مئرين ايڊيوڪيشن ۽ ٽريننگ ۾ ايم ايس سي ڪري رهيو آهي. البت مئٿس جو هڪ سبجيڪٽ اهڙو آهي جيڪو گڏ ٿيندو آهي ۽ ان ۾ ملاقات ٿيندي آهي. ليري اسان وانگر جهازي نه آهي پر گورنمينٽ آفيس مان آهي. هن ايڪانامڪس ۾ هوائي يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي آهي. پاڻ سندس ٻيٽ تي سي مين ٽريننگ سينٽر ۾ پڙهائي رهيو هو. ان بعد سال ٻه آسٽريليا ۾ ٽريننگ وٺي مئرين پوليس آفيسر ٿيو. هاڻ جيئن ته سندس ملڪ ۾ جهازين جي ٽريننگ لاءِ وڏي پئماني تي مئرين اڪيڊمي کلي رهي آهي ان ڪري اتي جي حڪومت کيس هيڏانهن Education جهڙي سبجيڪٽ ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي، جيئن واپس پهچي ان اڪيڊميءَ کي صحيح طرح هلائي سگهي.


    گيانا جو مسٽر انگلش

    اڄ لنچ بريڪ ۾ مني کان ڏيڍ بجي تائين ٿئي ٿي. ڪامن ليڪچر روم ۾ اچي ويٺس. پاڪستان کان هن سال آيل ٽيو ڄڻو چيف انجنيئر راحت به اتي ويٺو هو، شايد لنچ بريڪ بعد واري ڪلاس جو ڪو رهيل هوم ورڪ ڪري رهيو هو. ٻيو سڄو هال خالي هو. ايتري ۾ منهنجو ڪلاس ميٽ چيف انجنيئر ڊئوڊسن هڪيٽ (جيڪو ٽرينڊاڊ ويسٽ انڊيز کان آيو آهي) هڪ ٻئي شيدي نما ڪاري سان منهنجي ڀر واري دريءَ وٽ اچي بيٺو. ڪيترن ڏينهن بلڪ هفتن کان پوءِ اڄ اُس نڪتي هئي. چوڌاري ماڻهن جي چهل پهل ۽ رونق هئي. سمنڊ جي ڪناري تي ڇوڪريون، ٻار، پوڙها ڪتن سميت واڪ ڪر ي رهيا هئا. بالٽڪ سمنڊ جي پرئين ڀر ڪوپن هيگن جو شهر چٽوئي چٽونظر اچي رهيو هو. نه ته مينهن جهڙ، برف باري ۽ ڪوهيڙي ڌنڌ ۾ سامهون جو ڏيک گهٽجي ويندو آهي. ڪوپن هيگن جون عمارتون ۽ وچ واري سمنڊ جو ٽڪرو ته ڇا پر هن پاسي وارو مالمو جو بندرگاهه ۽ سامونڊي ڪنارو به نظر نه ايندو آهي.
    ڊئوڊسن ۽ سندس ڪارو دوست سئيڊن جي مهنگائيءَ جو روئڻ روئي رهيا هئا ته هن جهڙي مهنگائي ته جپان ۾ به نه آهي. هيءَ يونيورسٽي لنڊن يا نيوريارڪ ۾ ٺاهين ها ته به سٺو ٿئي ها، جيڪي پئسا هينئر ملي رهيا آهن. انهن مان پاڻ بچت ٿئي ها.
    ”توهان ڪٿي جا آهيو؟“ مون نئين همراهه کان پڇيو. ساڻس جيتوڻيڪ مانيءَ تي ميس ۾ ملاقات ٿيندي رهي ٿي پر ڪلاس ميٽ نه هجڻ ڪري گهڻي واقفيت نه ٿي هئي.
    ”آئون گايانا (Guyana) جو آهيان.“ هن ٻڌايو. سندس نالو برنيٽ انگلش آهي.
    ”ڏکڻ آمريڪا ۾“ مون پڪ ڪئي.
    ”هائو. وينزوئلا جي ڀر ۾ اسان جو ملڪ آهي.“
    ”۽ ٻئي پاسي سري نام (Surinam) آهي.“
    ”هائو. توهان اسان جي ملڪ ۾ ڪڏهن آيا آهيو؟“ مسٽر انگلش پڇيو.
    ”نه. منهنجو ڪڏهن به سري نام وڃڻ نه ٿيو آهي ۽ نه توهان جي ملڪ گايانا ۾. پر جڏهن سئيز ڪئنال بند هو ۽ ڪيپ آف گڊ هوپ کان ڦري هوسٽن يا نيواورلينس وغيره ويندا هئاسين ته هميشه توهان جي ملڪن جو ڪنارو ڏئي مٿي چڙهندا هئاسين، جو اهائي شارٽ روٽ ٿيندي هئي. اهو ڪنارو اسان جهازين لاءِ دلپسند ان ڪري هوندو هو، جو توهان جي ملڪ ۾ ۽ سرينام ۾ ڪافي انڊين، پاڪستاني رهن ٿا. ايتري قدر جو هڪ ريڊيو اسٽيشن تان هميشه انڊين گانا ٻڌندا هئاسين. تن ڏينهن ۾ هي پئرا بولڪ ۽ ڊش ائنٽينائون ايجاد ٿيون هيون، جو هر وقت ۽ هر هنڌ ٽي وي پروگرام ڏسون. تڏهن اسان جو گذارو ريڊيو تان ايندڙ گانن تي ئي ٿيندو هو.“
    ”ها اسان جي ملڪ ۾ به ڪافي هندستاني، پاڪستاني، اسماعيلي ۽ بوهري رهن ٿا، جيڪي زياده تر واپاري آهن.“ هن ٻڌايو.
    ايتري ۾ راحت عزيز به پڙهڻ ڇڏي اچي ڪچهريءَ ۾ بيٺو.
    ”توهان جي پنهنجي ملڪ م ڇا پوزيشن آهي.“ راحت پڇيس.
    ”آئون بندرگاهه جي سينئر پوسٽ تي آهيان. بلڪل ٽاپ پوسٽ آهي.“
    ”سئيڊن ڪيئن ٿو لڳو؟“ راحت وڌيڪ پڇيس.
    ”ٺيڪ آهي پر بيحد مهنگو آهي. هر شيءِ مهنگي آهي.“ هن چيو.
    ”اسان جي ملڪ ۾ هيڏي وڏي ڊبل روٽي ٻارهين رپئي يعني اڌ آمريڪن ڊالر ۾ ملي ٿي ۽ هتي ٻن آمريڪن ڊالرن ۾.“ راحت چيس.
    ”هائو. بلڪل صحيح ٿو چئين. اسان جي ملڪ گايانا ۾ به هيڏي وڏي روٽي سٺ سينٽن جي آهي. سٺي ۾ سٺو ڪوٽ هڪ سؤ ڏهه آمريڪن ڊالرن جو پر هتي ته پنج ڇهه سؤ ڊالرن کان گهٽ ڪٿي به نٿو ملي. ۽ چانور ڪيترا خراب ۽ مهنگا آهن. توهان جي ملڪ پاڪستان ۾ ته دنيا جا سڀ کان اوچا چانور ٿين ٿا. اسان وٽ به چڱا سستا چانور ٿين ٿا.“
    ”ڪمال ته هي آهي ته ڊئنمارڪ جو ٺهيل کير جو اڍائي سير وارو دٻو پاڪستان ۾ ٻه اڍائي سؤ رپين ۾ ۽ هتي ان کير جي پاءَ پاءَ جو پاڪيٽ سٺ رپيا! بس هاڻ تنهنجي زال اچي ته کيس چئجانءِ ته چانور کير مسالن جهڙيون شيون کڻي اچي، اسان به پنهنجين زالن کي چيو آهي ٿورو گهڻو کائڻ جو سامان کڻي اچن.“ راحت صلاح ڏنس.
    ”آئيڊيا ته سٺي آهي پر آئون فيصلو ڪري نه سگهيو آهيان ته زال کي گهرايان يا نه. هوءَ ايڪانامسٽ آهي ۽ گايانا ۾ اهم عهدي تي نوڪري ڪري ٿي. کيس جولاءِ ۾ فقط ٽي هفتا موڪل ملندي، سو هاڻ ٽن هفتن لاءِ هيڏو سفر ڪري اچڻ صحيح نه ٿيندو. پر وري اهو به سوچيان پيو ته جي آئون ٿو وڃان ته به ساڳيو خرچ ٿيندو ۽ مونکي ته فقط ٻه هفتا موڪل ملندي، هن کي ته وري به مونکان وڌيڪ موڪل ٿي، ۽ هن جي اچڻ ڪري هوءَ ٽي هفتا رهي سگهندي.“
    ”۽ سئيڊن گهمي به سگهندي.“ مون چيو.
    ”سئيڊن گهمڻ ۽ نه گهمڻ ڳالهه برابر آهي.“ هن نڪ کي موڙو ڏيندي چيو.
    ”توهان جي ملڪ کان هيستائين ٽڪيٽ ڪيتري آهي؟“ اسان پڇيس.
    ”ٻه هزار آمريڪن ڊالرن کان به مٿي آهي.“
    ”ٻه هزار کان به مٿي. يعني اڌ لک رپين کان به مٿي ٿي.“ مون ۽ راحت تعجب کاڌو ۽ وري پڪ ڪئيسين ته آيا اها هڪ طرفي آهي يا ٻه طرفي.
    ”اوهه! هڪ طرفي. فقط ون وي ٽڪيٽ.“ مسٽر انگلش چيو.
    ”ڏاڍي ٻڌايئي. اسان پيا چئون ته اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.“ اسان چيس.
    ”نه. اسان جو ملڪ گايانا سئيڊن کان تمام پري آهي ۽ اها ڳري ٽڪيٽ ئي ته وڏو مسئلو آهي. نه ته آئون به توهان وانگر زال سان گڏ، ٻارن کي به گهرائي وٺان ها.“
    ”پوءِ هاڻ ڇا سوچيو اٿئي؟“
    ”بس اهو سوچيو اٿم ته هيڏو خرچ ڪري هوءَ جڏهن هيڏانهن اچي پئي ته ٽن هفتن بدران يڪي سال جي آفيس کان موڪل وٺي اچي.“
    ”توهان جي ملڪ جي ايڪانامي ڪيئن آهي؟“ راحت پڇيس.
    ”ٺيڪ آحي. خراب نه آهي ۽ سياسي طرح به ڪو گوڙ فساد ناهي.“ مسٽر انگلش وارڻيو.
    ”گايانا ڇا کان مشهور آهي؟“ مون پڇيومانس.
    ”ڪاٺ تمام گهڻو ٿئي ٿو، کنڊ، باڪسائيٽ (Bauxite) ويندي سون پڻ آهي.“ هن وراڻيو.
    سوال پڇي پڇي هاڻ اسان ماٺ ڪئي ته پاڻ ڪرڪيٽ جون خبرون پڇڻ لڳو ۽ ڪا دير عمران خان ۽ جاويد ميانداد وغيره جو ذڪر هلندو رهيو.
    موڪلائڻ مهل راحت عزيز کي چيم ته پاڪستان کڻي ملائيشيا، جپان، چين، سنگاپور کان پئسي ڏوڪڙ ۽ جديد پڻي ۾ گهٽ هجي پر اسان جي ڪرڪيٽ ۽ هاڪي رانديگرن ڪر ي مٿين ملڪن کان به وڌيڪ مشهوري اٿس.


    چٻرو با عزت پکي!

    اڄڪلهه يورپ جي ماڻهن کي اها سَڌَ ٿي آهي ته جيئن آمريڪا (U.S.A) جو نشان عقاب آهي ۽ چين جو ازدها (Dragon) يا گڏيل روس جو نشان رڇ هو، اهڙيءَ طرح يورپ جو پڻ ڪونشان هئڻ کپي. ان بابت هتي جي اخبارن ۾ ماڻهن جا خطن ذريعي رايا ايندا رهن ٿا. گهڻا ان تي متفق راءِ آهن ته سڄي يورپ (United _ Europe) جو نشان چٻرو هئڻ کپي.
    چٻرو اسان ايشين وٽ، خاص ڪري پاڪستان، هندستان يا عرب ملڪن ۾ باگڙي ڀيل وانگر گهٽ ذات جو پکي سمجهيو وڃي ٿو. ڪنهن کي گار ڏيڻي هجي ته هن پکيءَ سان منسوب ڪجيس. اڃا به وڏي گار جي ضرورت پوي ته هن پکي جو اولاد سڏجيس. چٻرو، چٻ يا اُلو اسان وٽ اونداهين ۾ نظر ايندڙ ۽ ڀڳل ڏارن ۽ ڊٺل عمارتن ۾ رهندڙ پکي آهي، جيڪو مايوسي، برن حالن ۽ ڀينگ (Bankruptcy) جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. پر هيڏانهن يورپ ڏي اُلو (چٻرو) باعزت پکي _ بلڪ شخصيت سمجهيو وڃي ٿو. اهوئي ته ڪارڻ آهي جو يورپ وارا هن پکيءَ کي پنهنجي سڃاڻپ جو Symbol سڏائڻ گهران ٿا. جيئن اڄ جي اخبارن ۾ نيدرلئنڊ جي شهر ائمسٽرڊم مان ڪنهن Jeroen Van Blaaderen نالي هڪ همراهه هن پاسي جي مشهو ر اخبار ”يورپين“ ۾ لکيو آهي:
    ”چٻرو هڪ سهڻو ۽ پُرڪشش پکي آهي. هو عقل ۽ سٺي اخلاق وارو آهي. کيس صبر جو مادو آهي ۽ بيحد ذهين آهي. پاڻ فيصلي ڪرڻ ۾ هوشيار ۽ تکو آهي. هي اسان جي سڀني يورپين ملڪن ۾ موجو د آهي.“


    ناروي جو پوٽو

    آمريڪا وارا توڙي اسپين جا رهاڪو، جتي جو ڪولمبس هو. سندس آمريڪا ۾ پهچڻ جي پنج سهين (500) ورسي وڏي ڌام ڌوم سان ملهائي رهيا آهن. پر اتر يورپ جي هنن اسڪئنڊينيوين ملڪن، خاص ڪري ناروي وارن کي اها ڳالهه بنهه پسند نه آهي. هنن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ڪولمبس نه پر هن پاسي جي رهاڪن (Vikings) ڪولمبس کان به گهڻو اڳ ڳولي لڌي هئي.
    دنيا جي نقشي ۾ ڏسبو ته ناروي، آئيس لئنڊ ۽ ڪئناڊا هڪ ٻئي جي بلڪل ويجهو ويجهو آهن ۽ وائڪنگ ڪي گهٽ جهازي ته نه هئا. بقول اسان جي يونيورسٽيءَ جي نارويجن پروفيسر ڌال نيلسن جي: ” ٻين ملڪن جي ماڻهن جهازراني ته شوق ۾ شروع ڪئي پر اسان ناروي جي ماڻهن لاءِ اها مجبوري هئي. سال جا ڏهه مهينا جنهن ملڪ کان ٻاهر نڪري هٿ پير هڻڻو پوي ٿو.“ ۽ نارويجن صدين کان پنهنجن ٻيڙن ۾ اوسي پاسي ڏي نڪري پيا هئا. ڪولمبس ته اسپين کان نڪتو ته هن لاءِ آمريڪا ڄڻ هڪ ڏورانهون ملڪ ٿي پيو، ۽ ان کي وڏي ڳالهه سمجهي ايڏي مشهوري ڏني جو سڄي يورپ ۾ واءِ واءِ ٿي ويو. وائيڪنگ لاءِ ته ڪئناڊا ۽ آمريڪا سڏ پنڌ تي هئا ۽ هو پئي آيا ويا ۽ هنن ان کي ڪا اهميت نٿي ڏني ۽ ليف ارڪسن نالي هن پاسي جو همراهه ڪولمبس کان به پنج سؤ سال پهرين آمريڪا ڳولي لڌي هئي.
    ويجهڙائيءَ ۾ ناروي وارن جي ان ڪتاب: The Viking Discovery of America تي ڪيترن ئي اسپيني ۽ آمريڪن اهو اعتراف ڪيو آهي ته جڏهن هو ڪولمبس کي مشهور ڪرڻ لاءِ پنج سهين ورسي ملهائي رهيا هئا ته عين موقعي تي ناروي وارن ان قسم جو ڪتاب ڇپرائي سندن لئه خراب ڪئي آهي.
    ناروي وارن جو چوڻ آهي ته اهو ڪتاب جنهن ۾ هنن پنهنجي همراهه کي آمريڪا ڳولڻ جو ڪريڊٽ ڏنو آهي. ڇپائڻ مان سندن مقصد اهو هرگز ناهي ته ڪولمبس جي فنڪشن ۾ ڦيٽاڙو وجهجي ۽ نه ڪنهنکي، ان مان، اسان جي خراب نيت سمجهڻ کپي ته اسان گذريل سال وائيڪنگ جهڙو هوبهو جهاز ٺاهي آمريڪا ۽ ڪئناڊا موڪليو هو، جنهن ۾ ليف ارڪسن (Leif _ Eriksson) چڙهي پهريون دفعو آمريڪا ڳولي هئي. بهرحال ڪولمبس جي آمريڪا ڳولڻ تي ايڏا وڏا ڪاڄ ڇو ٿي رهيا آهن جڏهن ته آمريڪا هن کان گهڻو اڳ ارڪسن ڳولي ڇڏي هئي ۽ ان جا ڪيترائي ثبوت موجود آهن. ان وقت جي اڏيل گهرن مان هينئر به اٺ کن گهر نيو فائونڊلئنڊ (ڪئناڊا) جي اترهين ڳوٺ Land of Meadows ۾ موجود آهن ۽ ڪيتريون هن پاسي جون لوهي شيون اتان مليو ن آهن جنهن جو Radio Corbora ذريعي جائزو ٿو وٺجي ته اهي اڄ کان هڪ هزار سال پراڻيون آهن.
    ”ها اهو ضرور آهي،“ هن پاسي جا نارويجن رهاڪو چون ٿا، ”ڪولمبس آمريڪا کي ڳولڻ بعد ان تي قبضو ڪري ويٺو. اسان جي ارڪسن آمريڪا ڳولڻ بعد قبضو نه ڪيو. ڪجهه عرصي لاءِ گهر ٺاهي ضرور رهيو جيڪو عرصو چئي نٿو سگهجي ته ڏهه ٻارهن سال هو يا سو ٻه سؤ سال.“
    هو ڇا چوندا آهن ته اشتهاربازي به ڳالهه کي مشهور ڪر ي ٿي. ڀلي هن پاسي جي همراهه ارڪسن پهرين آمريڪا کي ڳوليو هجي جنهن جو ناروي جي ماڻهن کي هاڻ هوش آيو آهي پر سالن کان ڪولمبس بابت اخبارن، ڪتابن ۾ ايتري ته ڳالهه هلي آهي جو ٻچو ٻچو آمريڪا کي ڪولمبس سان وابسته ڪري ٿو. سئيڊن، ڊئنمارڪ، ويندي ناروي جي اسڪولي ڪتابن ۾ ڏسندؤ ته اهو لکيل آهي ته ڪولمبس آمريڪا ڳولي لڌي.
    هونءَ نارويجن اها به صلاح ڏني ته ڇو نه وائيڪنگ جهاز جي ڪئپٽن ليف ارڪسن ۽ سئنٽا ماريا جهازجي ڪئپٽن ڪولمبس جو گڏجي ڏينهن ملهايون ته هنن آمريڪا کي ڳوليو هو. پر اسپيني ماڻهو ٻڏتر ۾ آهن ته ائين ڪيئن ٿيندو. ڇو جو سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جڏهن اهو چيو ويندو ته ارڪسن ۽ ڪولمبس آمريڪا ڳولي لڌي ته سڀ ڪو پڇندو، ”ڇا ٻنهي هڪ ئي وقت ڳولي؟“ ته جواب ملندو: ”نه. ارڪسن اڄ کان هزار سال اڳ ڳولي، ڪولمبس ان کان پنج سؤ سال پوءِ ڳولي.“ اها ڳالهه ٻڌي اسان جي ڪئپٽن عاشق خان چيو جتي ٻه اتي ٽئين جو به نالو هڻي ڇڏين.“
    ”اهو وري ڪير؟“ اسان پڇيس.
    ”اهو آئون. ڇو جو ڪولمبس بعد پنج سؤ سال رکي PNSC جو جهاز ”ايم وي نوابشاهه“ وٺي آئون به آمريڪا ويو هوس.
    بهرحال هيءَ اهڙي سوڀ آهي، جنهن ۾ اسپيني ۽ آمريڪن ٻئي ڪنهن کي ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ نٿا ڏين. هونءَ ناروي وارن جي پنهنجي رڌڻي ۾ به ڪجهه رولو آهي. اهو هن ريت ته ناروي ۽ آئيس لئنڊ جيتوڻيڪ هڪ ئي قوم ۽ ملڪ آهي پر ارڪسن تي ڪنهنجو گهڻو حق آهي؟ ناروي وارن جو يا آئيس لئنڊ وارن جو؟ اهو ڪم ڪجهه ڪجهه ائين آهي جيئن ابوالڪلام آزاد تي ڪنهن کي فخر هئڻ کپي انڊيا کي يا پاڪستاني مسلمانن کي. يا نورجهان، ماستر چندر ۽ رونا ليلا جي راڳن تي ڪنهنجو حق هئڻ کپي انڊيا جو، پاڪستان جو يا بنگلاديش جو. ارڪسن جو پيءُ جيتوڻيڪ ناروي جو هو پر پوءِ آئيس لئنڊ ۾ لڏي وڃڻ بعد کيس ارڪسن اتي ڄائو هو.
    مون پنهنجي پوڙهي نارويجن پروفيسر کان ان مسئلي بابت کلندي پڇيو.
    پاڻ ٽهڪ ڏئي وراڻيائين: ”اسان توهان وانگر جوشيلا ۽ جهڳڙالو نه آهيون. ٿوري گهڻي جيڪا اسان جي کٽ ڦٽ هلي پئي اها به اسان هاڻ ختم ڪري ڇڏي آهي.“
    ”سر! اهو ڀلا ڪيئن؟“ مون تعجب مان پڇيو.
    ”هائو. اهو هيئن جو اسان هاڻ اهو چئون ٿا ته ارڪسن آئيس لئنڊ جي ڌرتيءَ جو پٽ هو ۽ اسان جي ناروي جو پوٽو.“


    ناروي جي پوليس آفيسر لبنى علي

    ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ ۽ ڊئنمارڪ جهڙن اتراهين ۽ برفاني ٿڌن ملڪن ۾ اسان جا پاڪستاني، هندستاني يا بنگالي سلوني سڀ کان آخر ۾ آيا ۽ انهن ۾ وڏو تعداد مزور طبقي جو هو. ڇو جو ٿورو گهڻو پڙهيل ڳڙهيل يا هٿ جي هنر واري کي ته آمريڪا، انگلينڊ يا ويندي عرب ملڪن ۾ به نوڪري ملي وئي ٿي. پر هن پاسي اهي ئي آيا ٿي جيڪي ڊاڪٽر، انجنيئر يا کڻي چئجي سائنٽسٽ يا ٽيڪنيشن نه هئا. پر پوءِ انهن پورهيتن پنهنجي ديس ۽ مائٽن کان پري رهي ههڙن ٿڌن ملڪن ۾ محنت مزدوري ڪري نه فقط غريب ڪٽنب جو پيٽ پاليو ۽ سار سنڀال لڌي پر پنهنجن ٻارن کي وت آهر سٺي تعليم ڏيئي، محنت ڪرائي سٺي عهدن تي پهچايو. هاڻ انهن جي ٻي پيڙهي (Generation) مقابلي جي امتحانن ۾ نمبر کڻي وڏن عهدن تي آهي.
    انهن مان هڪ لبنى عليءَ نالي پهرين پاڪستاني ڇوڪري آهي، جيڪا ناروي جي پوليس اڪيڊميءَ جي چار هزار اميدوارن مان ٽي سؤ فائينل ڪامياب ڪئڊٽن مان هڪ آئي آهي. سندس انٽرويو ۽ فوٽو هتي جي هڪ رسالي ۾ آيو آهي.
    “Norwegian Police Academy” جو ٽيسٽ تمام سخت چيو وڃي ٿو ۽ ان کان علاوه اميدوار جو پراڻو رڪارڊ پڻ جاچيو وڃي ٿو. لبنى عليءَ پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو آهي ته، ”مون ٽيسٽ تمام مٿئين ڪلاس ۾ پاس ڪيو ۽ منهنجو گذريل رڪارڊ پڻ شروع کان بهتر رهيو. مون اسڪول ۽ ڪاليج جي امتحان ۾ نمبر کنيا ۽ يونيورسٽيءَ جي تياريءَ واري سيمسٽر ۾ منهنجو Criminology سبجيڪٽ رهيو ۽ تاءِ ڪوان ڊو (Tai _ Kwaon _ Do) ۾ آئون ڳاڙهو بيلٽ رکان ٿي.“
    ”پوليس اڪيڊميءَ مان گريجوئيٽ ٿيڻ تي مونکي پهريون سال اوسلو کان پنجويهه ميل پري هڪ ڳوٺ ۾ رکيو ويو. جتي مونکي ڳوٺ جي ماحول ۾ انهن جهڙو ٿي رهڻو پيو. فقط چند ماڻهن سڃاتو ٿي ته آئون شهر (اوسلو) جي ڇوڪري آهيان ۽ اها خبر ته اڃا به گهٽ کي هئي ته شهر ۾ ڳالهائجندڙ نارويجن زبان کان علاوه آئون اڙدو (منهنجي مادري زبان) ۽ انگريزي به ڳالهايان ٿي. پئٽرولنگ ڪندي يا پوليس اسٽيشن تي جڏهن به آئون ڪنهن سان ملان ٿي ته پوليس واريءَ جي حيثيت ۾ پهرين آهيان۽ عورت پوءِ.“
    ”جنهن وقت آئون ڊيوٽيءَ تي آهيان، اڪيڊمي ۾ آهيان يا پنهنجن نارويجن ساهيڙين سان گڏ آهيان ته منهنجي سوچ ۽ ڪم جو طريقو ناروي جي رهاڪن وارو آهي. گهر ۾ يا پنهنجن پاڪستاني هم جيڏين سان گڏ آئون پاڪستاني آهيان. اڪيڊميءَ ۾ پڙهائيءَ دوران هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ مونکي ڪا تڪليف نه آهي. رمضان ۾ لنچ نه کائڻ يا ڪڏهن به سوئر جهڙي شيءِ کي هٿ نه لائڻ جهڙيون ڳالهيون، هتي جا ماڻهو هاڻ سمجهن ۽ قبول ڪن ٿا ۽ مون ڪنهن کي به اسان بابت پاڻ تي تنقيد يا چٿر ڪندي نه ڏٺو آهي.“


    يورپ ۾ مسلمانن جو مسئلو

    انگريزن جي ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ جا ڪيترائي هندو، سک، عيسائي انگلينڊ توڙي انهن ملڪن ڏي، جن تي انگريزن جو قبضو هو (مثال طور: ملايا، هانگ ڪانگ، ڪينيا، سائوٿ آفريڪا وغيره) لڏ پلاڻ ڪندا رهيا. مسلمان به نڪتا ٿي پر تمام گهٽ. خاص ڪر ي انگلينڊ ۽ اهڙن ملڪن ڏي ننڍي کنڊ جي مسلمانن گهٽ رُخ رکيو ٿي جتي اسلامي ماحول يا ڪلچر نه هو. عربن ۽ مسلمان آفريڪا جي ماڻهن ته يورپ، آمريڪا ڏي بنهه گهٽ رُخ رکيو ٿي.
    اتر آفريڪا، ترڪي ۽ ننڍي کنڊ (هندستان، پاڪستان) جي مسلمانن يورپ ڏي گهڻي تعداد ۾ وڃڻ 1960ع ڌاري شروع ڪيو. جن ۾ گهڻا تڻا اتي جون نوڪريون ۽ وڏا پگهار حاصل ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا ۽ يورپ وارا به خوش هئا ته پورهئي لاءِ کين ماڻهو پيا ملن ۽ جنهن پگهار تي سندن يورپين ٻهاري پوچي جهڙو ڪم نٿي ڪيو ان کان گهٽ تي هندستاني ۽ پاڪستانيءَ خوش ٿي پورهيو ڪيو ٿي. پرپوءِ 1973ع ۾ تيل جون قيمتون ۽ يورپ ۾ بي روزگاري وڌڻ ڪري فرانس، انگلينڊ، ۽ جرمنيءَ جهڙن يورپي ملڪن ڌارين جي وڌيڪ اچڻ تي سختي شروع ڪري ڏني ۽ جيڪو آيو ٿي ان کي يورپ جي قوميت نٿي ڏنائون. بهرحال انهن مردن کي سندن زالن ۽ ٻارن سميت رهڻ ڏنائون ٿي جن کي نوڪريون مليون ٿي يا انهن شاگردن ۽ گهمڻ لاءِ ايندڙن کي هميشه لاءِ رهڻ ڏنائون ٿي جن مڪاني ڇوڪرين سان شادي ڪئي ٿي يا انهن لاءِ ڪنهن يورپين ذمو کنيو ٿي.
    ستر واري ڏهاڪي جي آخري حصي تائين ڏسندي ئي ڏسندي مسلمانن جو ڳاڻيٽو فقط فرانس ۾ پنجويهه لکن تائين ٿي ويو. اهڙيءَ طرح انگلينڊ ۾ پندرهن لک کن ۽ ڏهن لکن کان مٿي جرمنيءَ ۾ ۽ انهن مسلمانن ۾ سڀ ٻاهر کان آيل به نه هئا ڪيترائي مڪاني يورپي به مسلمان ٿيا. 1965ع تائين جتي فرانس ۾ فقط ڏهه مسجدون هيون اتي هاڻ هزار کان به مٿي آهن (نيوز ويڪ 27 جنوري 1992ع واري اشاعت مطابق) ۽ اڃا ته Lyon ۽ Lille شهرن ۾ تمام وڏيون مسجدون تيار ٿيڻ تي آهن. انگلينڊ جي شهر براڊ فورڊ ۾، جتي ستر هزار مسلمان رهن ٿا. (زياده تر بنگالي ۽ پاڪستاني آهن)، چوٽيهه مسجدون آهن. سڄي يورپ ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏي مسجد روم (اٽليءَ) ۾ مڪمل ٿيڻ تي آهي، جنهن جنهن پاڙي ۾ مسلمانن جي گهڻائي آهي اتي قرآن پڙهائڻ لاءِ مدرسا آهن ۽ مختلف مسلمان ملڪن جا ليڊر يورپي حڪومتن کي چئه چواڻ ڪري رهيا آهن ته مسلمانن کي سندن مذهبي ڏينهن تي موڪل ڏيو. جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته سئيڊن ۾ پهريون دفعو مسلمان ٻارن کي هن سال عيد واري ڏينهن موڪل ٿي. عرب ۽ ٻيون مسلمان حڪومتون جن جو هنن ملڪن سان گهڻو واپار ۽ واهپو آهي، ان ڳالهه تي به زور ڏئي رهيون آهن ته يورپ ۾ رهندڙ مسلمانن لاءِ ڌار ڪوس گهر ٺاهيا وڃن جتي اسلامي طريقي سان جانورن کي حلال ڪيو وڃي.آفيسن ۽ ڪارخانن ۾ نماز جي لاءِ بندوبست ڪيو وڃي، وغيره. شايد انهي ئي ڪري اسان جي هاسٽل جي ميس ۾ سوئر (هئم، بئڪن، پورڪ) جي رڌ پچاءَ ۽ Serve ڪرڻ تي بندش آهي ۽ يونيورسٽي توڙي هاسٽل ۾ نماز لاءِ هڪ ڪمري ۾ غاليچا ۽ جا نمازون رکيون ويون آهن. يورپ جي ڪن ملڪن مسلمانن جي انهن وڌندڙ Demands تي بيزاري به ڏيکاري آهي ته ڪيترا ملڪ ان تي عمل به ڪري رهيا آهن، جيئن مسلمان خاص ڪري عرب خوش ٿين. فرانس ۾ هاڻ انهن فوجين کي جيڪي مسلمان آهن حلال کاڌو ملي ٿو. ڪي ته اهو به چون ٿا ته هڪ ڊيموڪريٽڪ سوسائٽيءَ ۾ جهڙا ٻيا آهن تهڙا مسلمان. پر ڪن کي اهو سوچي خيال ٿئي ٿو ته بهرحال هاڻ هو سندن ئي ملڪ جا شهري آهن. سندن خيال نه رکبو ته هنن جي دل ۾ نفرت پيدا ٿيندي.


    آفريڪا جا شيدي

    هن ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي ۾ ايم ايس سي ڪرڻ لاءِ سڀني کي ٻه سال رهڻو پوي ٿو. گذريل سال ۽ هن سال جا ڪل ٽي سؤ کن شاگرد ٿيندا جيڪي سؤ کن مختلف ملڪن ۽ ٻيٽن کان آيل آهن. اڳوڻي سوويت جي به مختلف رياستن آذربائيجان، ليٿونيا، روس ۽ جارجيا جا به شاگرد آهن.رومانيا، بلغاريا ۽ البانيا جا به آهن. ايشيا جا به پاڪستان، هندستان، سريلنڪا، بنگلاديش، انڊيا کان وٺي ملائيشيا، ٿائلينڊ، فلپين، انڊونيشيا ويندي چين ويٽنام، برما جا آهن. آفريڪا جي دور دراز يا بلڪل وچ ۾ ڦاٿل ننڍن ملڪن جا پڻ آهن جهڙوڪ: نائجيريا، نائيجر، گهانا، آئوري ڪوسٽ، سينيگال، ائنگولا، سوڊان، ڪينيا کان وٺي مالاوي، سيراليون، گئمبيا، موزمبق، تنزانيا ۽ برقانا فاسو جا آهن. عرب ۽ آفريڪا جي مسلمان ملڪن ۾ يمن، اردن، مصر کان ايران، ترڪي، سعود ي عرب جا آهن ته لبيا، موراڪو، الجيريا، کان موريطانيا، زئنزيبار ۽ ٽيونيشيا جا آهن.
    ٻيٽن ۾ مئڊاگاسڪر ۽ مالديپ جهڙن هندي سمنڊ جي ٻيٽن جا آهن ته ڪيپ وردي، ٽرنيڊاڊ ٽوباگو جهڙن ائٽلانٽڪ سمنڊن جي ڪيترن ئي ٻيٽن جا آهن. اهڙيءَ طرح پئسفڪ سمنڊ جي فجي، سولومن آئلينڊ، ٽونگا ۽ پاپائي نيوگني کان مارشل آئلينڊس تائين جا شاگرد آهن. ڏکڻ آمريڪا ۽ سينٽرل آمريڪا جو ته شايد ئي ڪو ملڪ هجي جنهن جو شاگرد ڪنهن سال هتي نٿو اچي: ارجنٽائنا، چلي، پيرو، ڪولمبيا، وينزوئلا کان وٺي اڪيڊار، ڪاسٽاريڪا، گئاٽمالا، نڪراگئا ۽ پاناما ۽ ميڪسيڪو تائين جا آهن.
    انهن شاگردن ۾ ڪي مرد آهن ته ڪي عورتون. خاص ڪري ڏکڻ آمريڪا، آفريڪا ۽ فلپين ٿائلينڊ پاسي جون عورتون گهڻيون آهن. اهڙيءَ طرح رنگ به قسمين قسمين آهن. روس ۽ رومانيا جي ڳاڙهي کل وارن شاگردن کان وٺي ڏکڻ آمريڪا جي اسپيني نسل جي اڇي چمڙي وارا شاگرد، چين، ويٽنام ٿائلينڊ جي پيلي رنگ جي چمڙي وارن کان وٺي اسان پاڪستان، هندستان ۽ ڀر وارن ملڪن جا ڪڻڪ رنگا ۽ ميرانجهڙا چوڌاري نظر ايندا ته آفريڪا کنڊ ۽ ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ سمنڊ جا دانگيءَ جهڙي سخت ڪاري رنگ کان وٺي مينهن سان ڀريل ڪاري ڪڪر جهڙا ۽ ڳوڙهي ناسي ۽ سليٽيءَ کان وٺي سڙيل چاش جي رنگ جهڙا ڏسڻ ۾ ايندا. ڪن جا چپ ڊولا، ڪن جا قراقري ٽوپيءَ جهڙا وار گهنڊي، ڪن جو نڪ پڪوڙي جهڙو، ڪي هيڪاندا ڊگها، ڪي بيحد ٿلها.
    هر ڪاري رنگ جو شيدي ضروري ناهي ته آفريڪا جو هجي. ڏکڻ آمريڪا جي ڪن ملڪن (جهڙوڪ: گايانا، گريناڊا، ويسٽ انڊيز ۽ جميڪا جهڙن ٻيٽن جا به ڪارا آهن ته ويندي مصر، لبيا، ٽيونيشيا جهڙن مسلمان ملڪن جا به ڪارا آهن)
    هي ڪاري ڪاري رنگ جي شيدي شاگرد ڪيترن جي نظرن ۾ خاص ڪري يورپ وارن ۽ مغربي پريس کي ائين لڳي ٿو ڄڻ هو نااهل ۽ نڪما آهن. بس ۾ يا رستي هلندي ڏسندو آهيان ته هتي جا سئيڊش باشندا هنن آفريڪن يا ڪارن کي ائين ڏسندا آهن يا پاسو ڪندا آهن ڄڻ قدرت کين نيچ ٺاهيو هجي. اسان جي يونيورسٽيءَ جون حبشي عورتون هتي جي گورين عورتن کان گس پنڌ ڪجهه پڇنديون يا ڳالهائڻ جي ڪنديون ته هوءَ اڌ اکريءَ ۾ جواب ڏيئي لنوائي وينديون. آئون دل ۾ سوچيندو آهيان ته هتي جي يورپي ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته هي جيڪي ڪارا آفريڪن شيدي سندن شهر مالمو ۾ ڦري رهيا آهن ڪو تعليم بالغان لاءِ نه آيا آهن پر انهن مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ اهم پوسٽ تي آفيسر آهي جيڪا هن اعلى امتحان پاس ڪري حاصل ڪئي آهي، ۽ پنهنجي پنهنجي ڪم جو ماهر آهي. پوءِ ڪو سيڪريٽريٽ ۾ آهي ته ڪو بندرگاهه جو آفيسر، ڪو ڪئپٽن آهي ته ڪو مئرين انجنيئر، ڪو جنرل ائڊمسٽريشن ۽ سيفٽي ۾ ڀڙ آهي ته ڪو مئريٽائيم ايڊيوڪيشن ۽ ٽريننگ جو ڄاڻو، ڪو قابل سرويئر آهي ته ڪو اعلى درجي جو نيول آرڪيٽيڪٽ انجنيئر.
    مون ٿوري ئي وقت ۾ محسوس ڪيو آهي ته اهي آفريڪن ڪارا نه فقط پنهنجي پنهنجي ڪم جا ماهر آهن پر هنن کي عام معلومات ۽ دنيا جي معاشي ۽ سياسي حالتن جي پڻ Upto Date ڄاڻ آهي. سندن سوچ، ڪردار، اخلاق ۽ Action صاف سٿرو ۽ بي ڊپو آهي.
    هيڏانهن اچڻ کان اڳ ڪئپٽن بشير وسطڙي پنهنجي ”گروپ“ جو فوٽو ڏيکاريو هو جيڪو هن سان گڏ هتي سئيڊن ۾ هو ۽ پوءِ ان ۾ بيٺل آفريڪن ۽ ڪارن لاءِ چيائين: ”اهي ڏاڍا Bold آهن. گورن يورپي پروفيسرن کان به اهڙا عقل وارا سوال ڪن ٿا جو سڀ دنگ رهجيو وڃن. پوءِ چاهي Seaman Ship جو مسئلو هجي يا شپنگ ايڪنامڪس جو . مئريٽائيم ليجسليشن جو هجي يا جنرل مئنيجمينٽ جو.“
    ۽ هاڻ آفريڪا کنڊ جي ملڪن ۽ پئسفڪ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻيٽن جي هنن ڪارن سان رهڻ بعد ڪئپٽن بشير جي مٿئين ڳالهه جو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو. يونيورسٽيءَ ۾ لئبرري ۽ ٽي بريڪ ۾، هاسٽل جي ميس ۾ توڙي ٽي وي روم ۾ سندن ڳالهيون ۽ بحث مباحثو غور سان ٻڌي هنن جي سوچ، عقل ۽ Self Condfidence کي داد ڏيندو آهيان ۽ دل ئي دل ۾ چوندو آهيان ته جيتوڻيڪ دنيا هنن جي چمڙيءَ جو ڪارو رنگ ڏسي هنن کي بيوقوف يا سادڙو سمجهي ٿي پر ائين ناهي. هنن کي ائين سمجهڻ وارا پاڻ غلط فهميءَ ۾ مبتلا آهن.
    رات مانيءَ مهل ان ٽيبل تي وڃي ويٺس جنهن تي ڪجهه آفريڪن ويٺا هئا. هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندا رهيا. آئون ماٺ ڪر ي ٻڌندو رهيس. اتي اچي Racism جي ڳالهه نڪتي ته ڪارن کي هرڪو ماڻهو گهٽ سمجهي ٿو. مون ڏٺو ته ان بابت هو، هڪ ته To the Point ڳالهه ڪندا رهيا ۽ ٻيو ته جيڪي دليل ڏيندا رهيا، اهي بيحد عقل وارا هئا. سندن ان بابت ڪيل ڪجهه ڳالهيون جيڪي هن وقت دماغ ۾ اٿم ڪجهه هن ريت آهن:


    هر ڳالهه ۾ اسان جو ڏوهه

    ان ۾ ڪا تِر جيتري به غلطي ناهي ته فرعون کان وٺي جيڪي ڪجهه تواريخ جو رڪارڊ موجود آهي ان ۾ هر ان قوم جيڪا پاڻ ڪاري چمڙيءَ جي ناهي اسان ڪارن کي ذلت جي نگاهه سان ڏٺو آهي. اڄ جي ماڊرن دور ۾، ويندي مغربي سوسائٽين ۾، ماڻهن جي اسان ڪارن لاءِ جيڪا راءِ ۽ رويو آهي ان مان جائزو لڳائي سگهجي ٿو ته پنهنجي ملڪ ۾ رهندڙن ڪارن سان هنن جو ڪهڙو برتاءُ آهي. آمريڪا ۽ يورپ جا سڌريل ملڪ انسان ذات جي آزاديءَ جي هام ته هڻن ٿا پر سندن ڪارن لاءِ برتاءُ ڇا آهي. اسان آفريڪن لاءِ ته پوءِ جي ڳالهه آهي پر انهن ڪارن لاءِ ڇا آهي جن جا پڙ ڏاڏا صديون اڳ آفريڪا کان لڏي آمريڪا، انگلينڊ ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ اچي رهيا ۽ انهن جو اولاد هاڻ ان ئي ملڪ جو حصو آهن. هڪ مشرقي يورپ، رومانيا، روس يا اٽلي اسپين جهڙي ٺڳ ملڪ جو گوري چمڙيءَ وارو فقط ڏهه سال اڳ آمريڪا ۾ آيل هوندو ته به هو عزت جي لائق پوءِ ڀلي اندروني طرح چوريون، ٺڳيون ۽ ڪريل حرڪتون ڪندو رهي ۽ هوڏانهن صدين کان رهندڙ شيديءَ جو ڪارو اولاد حقارت جي لائق سمجهيو وڃي ٿو پوءِ اهو ڪارو ڀلي هڪ پڙهيل ڳڙهيل سائنسدان، رانديگر، ڳائڻو يا سوسائٽيءَ جو هڪ اهم حصو هجي. ٻيو ته ٺهيو پر ويندي اتر آفريڪا جي ملڪن لبيا، ٽيونيشيا، الجيريا، موراڪو ۾ يا عرب دنيا ۾ هڪ ڪاري آفريڪن جي اها عزت ناهي، جيڪا اڇي يا ڪڻڪ رنگي عرب، مصري يا ايراني ترڪ جي آهي.
    انگلينڊ ۾ رهندڙ هڪ ڪاري لاءِ ڪا باعزت ۽ سٺي پگهار واري نوڪري ڳولڻ ائين آهي ڄڻ ڌرتيءَ تي جنت حاصل ڪرڻ. ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ کي ڪا نصيب ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن اهو ڪارو آفريڪن آهي ته پوءِ ته اهو ڪم ويتر محال آهي.
    ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هن پار آمريڪا جي جيسي جئڪسن کي صدر جي لائق نه سمجهيو ويو. پر ڊان ڪئيل پنهنجي ناتجربيڪاري ۽سياسي نابالغي جي باوجود وائيس پريزيڊنٽ ٿي ويو (۽ جارج بش جي غير موجودگيءَ ۾ صدر.) ان مان هرڪو سمجهي سگهي ٿو ته جيسي جئڪسن کي ڪاري هجڻ ڪري موقعو نه ڏنو ويو.
    ۽ نه فقط يورپ ۽ آمريڪا ۾ پر روس ۾ ڏسو جتي وڏي واڪ اهو چيو وڃي ٿو ته سوشلزم ۾ ڪميونزم هر ماڻهوءَ کي برابر بنائڻ چاهي ٿي. پر اتي به ڪيترا اهڙا واقعا ٿيندا رهن ٿا جو اسان جي آفريڪي شاگردن کي ڪاري هجڻ ڪري مختلف طريقن سان تنگ ڪيو وڃي ٿو. رو س جا نوجوان آفريڪن کي ڀولڙو سڏين ٿا. ڪيترا روسي ٽئڪسي ڊرائيور ”شيدي مسافرن“ کي پنهنجي ٽئڪسيءَ ۾ ويهڻ لاءِ نفرت سان انڪار ڪن ٿا ۽ روس ۾ پکڙندڙ ايڊز جي بيماريءَ جو الزام آفريڪا کان آيل ڪارن شاگردن تي مڙهيو وڃي ٿو. ڪيترن روسي نوجوانن ڪارن کي تنگ ڪرڻ لاءِ ٽوليون (Gangs) ٺاهيون آهن. اهڙي گئنگ ٻه سال کن اڳ Kiev شهر ۾ مالاوي (آفريڪا جي ملڪ) کان آيل ٻن شاگردن کي بي گناهه ڪُهي ڇڏيو.
    1980ع ڌاري جڏهن ايڊز بيماريءَ جو خوف سڄي دنيا تي ڇانئجي ويو ته هٿ ٺوڪين مغربي کوجنا ڪندڙن ان سڄي بڇڙائيءَ جي پاڙ لاءِ آفريڪا جي ڌرتيءَ کي بدنام ڪيو. آمريڪا جي سائنسدان اها کوجنا ڪئي ته ايڊز بيماري هم جنس سان تعلق رکڻ سان ٿئي ٿي. پر جيئن ته کين خبرهئي ته آفريڪا ۾ هوموسيڪس کي ڪريل نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ اها بڇڙائي آفريڪا ۾ نه پر آمريڪا ۾ آهي، ته هنن يڪدم کڻي پلٽو کاڌو ۽ آفريڪن ساون ڀولڙن واري ٿيوري کڻي پيش ڪئي ۽ پوءِ اوٽ پٽانگ جا تجربا ڪري ان ڳالهه تي لٿا ته آفريڪن ايڊز بيماري هڪ هيٽرو سيڪس جي پيداوار آهي، يعني عورت ۽ مرد جي جنسي تعلقات مان پيدا ٿي آهي. هاڻ کانئن ڪو پڇي ته ڇو مغرب جي ايڊز بيماري بنيادي طرح ڇوڪري بازيءَ جي پيداوار آهي ۽ هاڻ آفريڪن ايڊز، عورت مرد جي تعلقات مان آهي ته هو توهان کي ڪوبه مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهندا.
    اهاڳالهه سمجهڻ لاءِ ڪنهن ميڊيڪل جي ڊگريءَ جي ضرورت ناهي ته ايڊز بيماري آفريڪا جي انهن ملڪن ۾ گهڻي آهي جيڪي مغرب کان ايندڙن ماڻهن لاءِ Tourist _ Spots (گهمڻ جا هنڌ) جهڙوڪ: ڪينيا، تنزانيا، زئمبيا وغيره جتي گهڻي کان گهڻا آمريڪن ۽يورپين وئڪيشن گذارڻ لاءِ اچن ٿا ۽ اتي جي حبشي عورتن سان هٿ چراند ڪن ٿا. توهان ڏسندؤ ته آفريڪا جا ڳوٺ ۽ ٻهراڙيون جتي جي ماڻهن کي هنن مغربي ٽوئرسٽن سان ڪو واسطو نٿو پوي ته انهن کي اهي بيماريون وڏن شهرن ۽ بندرگاهن ۾ رهندڙن کي گهٽ يا نه برابر آهن. ان هوندي به اهو آفريڪن آهن جنهن تي هن بدڪاريءَ جو داغ ٿاڦيو ويو آهي ۽ مغرب جا ماڻهو پنهنجن ڪُڌن ڪرتوتن جي سزا اسان شيدين کي ڏئي رهيا آهن ۽ سڄي دنيا ۾ آفريڪا کي بدنام ڪيو پيو وڃي.
    اولهه آفريڪا جي هڪ ملڪ جي شاگرد چيو: ”دنيا ۾ جتي ڪٿي عام طرح ڪاري چمڙيءَ جا ماڻهو ۽ خاص ڪري آفريڪن Racism جو شڪار رهندا اچن، پرڪجهه ملڪن ۾ هٿ کي رومال سان ڍڪي اسان کي ڀونڊو ڏنو وڃي ٿو _ سونن ورقن ۾ زهر کائڻ ۾ ساڳي تڪليف ٿئي ٿي پر ڪو بي شرم ٿي اهو زهر ظاهرظهور ڏئي ٿو (جيئن ڪجهه عرصو اڳ چينين اسان جي آفريڪن کي ذليل ڪيو) ته اسان کي کپي ته ان جي جواب ۾ اسان به کين سخت موچڙو هڻون.“


    اسان جي پنهنجن جو ظلم

    آفريڪي شاگردن سان چين ۾ ٿيندڙ ان جٺ جو قصو جنهن کي ان وقت اخبارن ۽ ٽي ويءَ وغيره تمام گهڻي Coverage ڏني هئي، منهنجي ڌيان تان لهي ويو هو، سو ڀر۾ ايسٽ آفريڪا جي هڪ شاگرد ياد ڏياريو ته چين جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ هڪ گڏيل ناچ راڳ جي دعوت ۾ ڪجهه چيني ڇوڪريون آفريڪي ڪارن شاگردن سان ڪجهه وڌيڪ ئي ويجهو ٿي ويون. جن تي مڪاني چيني شاگردن کي غيرت اچي ويئي ته ڪارن جي اها مجال جو سندن گڏين جهڙين ڇوڪرين سان فري ٿين. پوءِ ڪي ڏينهن چيني شاگرد نه فقط آفريڪي ڪارن جي ان گروپ جي مارڪٽ ڪندا رهيا پر جيڪو شيدي جنهن چيني شاگرد کي چين جي جنهن شهر ۾ نظر آيو ٿي ان کي موچڙا هنيائون ٿي. نتيجي ۾ ڪيترا آفريڪن شاگرد، جن کي چين حڪومت پنهنجين يونيورسٽين ۾ تعليم لاءِ گهرايو هو، ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا. ڪن پيڪنگ ۾ پنهنجي ملڪ جي سفارتخانن ۾ وڃي پناهه ورتي، ۽ ڪي مارون کائي پاڻ کڻائي اسپتالن ۾ وڃي داخل ٿيا.
    منهنجي ڀر ۾ ويٺل مٿين ڳالهه ٻڌائيندڙ آفريڪن شاگرد جوش ۾ اچي چيو: ”اهو سوچي انسان چريو ٿيو پوي ته توهان جوان ٽهيءَ جا آفريڪن نوجوان شاگردن کي اڪيلي سر يڪو ستن سالن جي ڪورس لاءِ چين ۾ گهرايو ٿا ۽ ڪهڙو نوجوان (جيڪو کدڙو ناهي) ايترا سال صبري ڪري رڳو ڪتابن ۾ منهن وجهي ويهندو. اها انساني فطرت جي تقاضا آهي ته هن کي عورت جي دوستيءَ ۾ مزو اچي ٿو. پر ڇا چيني اها ٿا اميد رکن ته اسين آفريڪا جا ڪارا ڇوڪرين سان نه پر ڪتن ٻلن سان دوستي رکي وقت گذاريون. ڪنهن به صورت ۾ آفريڪن اهڙا ڪريل ۽ جهنگلي نه سمجهيا وڃن. سڀ کان وڏي ڏکوئيندڙ ڳالهه اها آهي ته اهي چيني جن کي اسان آفريڪن جا اها ڳالهه نٿي وڻي ته چيني ڇوڪرين کي ڇو ٿا Dating ڪيون، پاڻ جڏهن آفريڪا ۾ اچن ٿا ته پوءِ سندن جوان توڙي پوڙها آفريڪي عورت سان عيش ڪرڻ پنهنجو موروثي حق سمجهي، آفريڪي عورت راضي هجي يا نه، پر سندس مجبورين جو فائدو وٺي چند ٽڪا منهن ۾ هڻي پنهنجي حوس جي بک اجهائين ٿا.
    وقت اچي ويو آهي ته چين توڙي دنيا جي ٻين ملڪن کي اها ڳالهه وڻي يا نه وڻي پر اها حقيقت قبول ڪرڻ کپي ته آفريڪا ۽ ڪاري چمڙي وري قوم (Race) کي دنيا جي هن گولي تي ئي رهڻو آهي. اسين دنيا جو هڪ اٽوٽ حصو آهيون، ان ڪري اسانجو اهو حق آهي ته اسان کي به ٻين جهڙي عزت ۽ (Courtesy) ڏني وڃي. ظلم جي ان رات جو هاڻ خاتمو ٿيڻ کپي، جنهن جي شروعات ۾ اسان کي زر خريد ٻانهو سمجهيو ويو ٿي. دنيا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ اسان کي جاهل سڏيو ٿي ۽ سمجهيو ٿي ته ڪو اسين باندرن ڀولڙن وانگر وڻن تي رهون ٿا. دنيا کي اهو سمجهي وڃڻ کپي ته اهي ڏينهن وري موٽي نه ايندا جڏهن هنن اسان جي ڏاڏن، نانن کي چند سڪن ۾ وڪيو ۽ خريد ڪيو ٿي. جانورن کان به خراب حالت ۾ رکيو ٿي ۽ پورهيو ورتو ٿي.
    اسان اهو سمجهون ٿا ته سڌريل ۽ ترقي يافته ملڪن جي ماڻهن سان ڪلهو ملائڻ ۾ (جيڪڏهن اسان ملائي سگهياسين ته) صديون لڳي وينديون پر اسان پُر اميد آهيون ۽ بي همت نه ٿينداسين جو اسين ڄاڻون ٿا ته جيڪي اڄ جا ملڪ پاڻ کي سڌريل سمجهن ٿا انهن کي پڻ، ان حالت تائين پهچڻ ۾ صديون لڳي ويون.
    اسان جو اهم مسئلو فقط اسان جي قيادت (Leadership) آهي. اسان ان حقيقت کي بلڪل لڪائڻ نٿا چاهيون ته اسان کي پٺتي ڪرڻ ۽ ترقي جون راهون بند ڪرڻ ۾ سڄو ڏوهه اسان جي ڪجهه لالچي ۽ رڳو پنهنجو ڀڀ ڀرڻ وارن اڳواڻن جو آهي. اسان جي ملڪن ۽ قومن کي هن حالت تائين پهچائڻ ۽ ٻين اڳيان گروي رکڻ ۾ هنن چند ماڻهن جو ئي هٿ اچي جيڪو ڦريو گريو اسان کان ئي ووٽ وٺي اسان کي تباهه ڪن ٿا.
    مثال طور: مونکي ڪو ٻيو ڪارڻ نظر نٿو اچي ته هيتري تيل نڪرڻ بعد به اڄ نائجيريا ملڪ اهوئي غريب آهي. آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ملڪ ۽ قوم جي دولت تباهه ڪري ڇڏي آهي. ديس يا عوام ترقي ڪري يا نه ڪري، پر کين هر حالت ۾ عياشي کپي. جيري خاطر ٻڪري ڪهڻ جنهن کي چئجي اسان جي ڪجهه ڪميڻا صفت سردارن، اڳواڻن ۽ ڏاڍن مڙسن جو وهنوار ٿي ويو آهي. ولايت گهمڻ ۽ اتي دولت گڏ ڪرڻ لاءِ کين ڪميشنون سي ملن باقي ديس ڀلي گروي ٿي وڃي ته ڀلي ٿي وڃي.پنهنجي وڍي جو ڪهڙو ويڄ طبيب. اسان جي پنهنجن مان ئي بنيل اڳواڻ لٽمار جي مال تي ٿلها ٿنڀرا ٿيندا وڃن ۽ هوڏانهن لکين نائجيرين بک، بيروزگاري ۽ بيماريءَ جي حالت ۾ مهنگائيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙجندا رهن ٿا. مون کي پڪ آهي ته انگريز به تعجب کائيندا هوندا جڏهن هي اسان جي نائجيريا جي سردارن، اڳواڻن، حاڪمن کي پنهنجي وطن جو پئسو لٽي لنڊن ۾ وڏن گهرن ۾ رهندو ڏسندا هوندا. چمڪندڙ وڏين ڪارين ۾ مانچسٽر، لورپول ۽ برمنگهام جهڙن شهر ۾ گهمندو ۽ عيش ڪندو ڏسندا هوندا. آئي وئي کي وڏيون دعوتون ڏئي پنهنجي لاءِ اهو مشهور ڪرڻ چاهيندا هوندا ته ”دل جا سخي آهيون.“ ڇا سندن بابي جي ملڪيت آهي جنهن تي ڌارين ملڪن ۾ ويهي سخاوت هلائين ٿا. ايترو پئسو جنهن مان هتي ڪنهن غريب جو سڄو سال گذر سفر ٿئي اهو آئي وئي بئري، مالش ڪندڙ ڇوڪري يا شراب پياريندڙ هوسٽس کي ٽپ طور ڏيئي ٻهه ٻهه ٿين ٿا. آئون چوان ٿو ته قوم جو جي پئسو لٽيو به ٿا ته ان کي فئڪٽرين، ڪارخانن جي روپ ۾ پنهنجي ئي ديس ۾ Invest ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ غريب غربو روزگار ڪمائڻ کي لڳي، پنهنجا ٻچا ته پالي سگهي. ساڳي وقت توهان کي به ڏکئي وقت لاءِ ڪجهه هٿ ۾ هجي.
    ۽ رڳو نائجيريا جو اهو مثال ناهي. گهانا، گئمبيا، گني بسائو کان وٺي زائر زئمبيا ۽ زمبابوي تائين اهو حال آهي. بلڪ هر غريب ملڪ ۾ پهرين ته اسان جي پنهنجن جو ئي هٿ آهي. حق تي سائوٿ آفريڪا جا انگريز کلن ٿا ته شيدين کي آزادي ڏيئي هنن سان ظلم ٿا ڪريون. آزاديءَ جو مطلب جيڪڏهن اتي جي چند ڏاڍن مڙسن جي عياشي ڪرائڻي آهي باقي عوام کي قرضي، غريب ۽ ڏتڙيل حالت ۾ رکڻو آهي ته پوءِ ان مان ڪهڙو فائدو. پنهنجن جي ئي راڄ ۾ مورزمبق، ائنگولا، تنزانيا، سينيگال ۽ مالاويءَ جي شيديءَ کان ته اهي شيدي هزار دفعا خوشحال آهن، جيڪي اسان انگريزن جي راڄ ۾ سائوٿ آفريڪا ۾ رهيا پيا آهن.
    اسان کي پنهنجي سيني اندر جاچي ڏسڻ کپي ته ڪٿي ڪنهنجو ڏوهه آهي. جتي ڌارئين جو آهي اتي ڌارئين تي الزام هڻجي، جتي پنهنجن جو آهي ته پهرين پاڻ کي ۽ پنهنجن کي سڌارجي.


    يورپ جي ويڪ اينڊ

    انگلينڊ ۽ يورپ پاسي هفتي جا پنج ڏينهن، ماڻهو وهٽن وانگر پورهيو ڪن، باقي ٻه ڏينهن ڇنڇر آچر پورهئي ۽ پڙهائيءَ جا پُور پاسيرا ڪري موڪل ۽ موجون ماڻين، جمعي جي ڏينهن جيئن ئي موڪل ٿيندي آهي ته اسڪولن توڙي آفيسن ۾ هڪ ٻئي کي خدا حافظ (باءِ باءِ) چئي موڪلائڻ سان گڏ Wish you a very happy weekend پڻ چون. پوءِ ڀلي ويڪ اينڊ (هفتي جي آخر وارا مٿيان ٻه ڏينهن) ڪمري ۾ ڪن کوٽيندي گذارين يا ميرا ڪڇا ۽ گنجيون ڌوئيندي. هتي جي ماڻهن لاءِ ويڪ اينڊ اسان جي عيد کان به وڌيڪ خوشيءَ جي اهميت رکي ٿي، سواءِ انهن ڇوڪرين جي جن کي ڪمپنيءَ خاطر ڪو بواءِ فرينڊ نه ملي سگهندو آهي يا انهن زالن جي جن جا مڙس رٺل هوندا آهن يا پاڻ کين پادر هڻي گهر کان ٻاهر ڪڍنديون آهن.
    رهيو سوال اسان جي عيد جي خوشيءَ جو ته اها شايد ڳوٺ ۾ رهندڙن لاءِ ته خوشيءَ جو باعث ضرور ٿيندي هوندي پر اها ٽهي جيڪا نه ڳوٺ جي آهي ۽ نه شهر جي، يعني جن جا ماءُ پيءُ ۽ ٻيا مائٽ مٽ ڳوٺ رهن ٿا ۽ پاڻ زال ۽ ٻارن سان گڏ شهر ۾ رهي نوڪري ڪن ٿا، مٿي جو سور هوندي آهي. عيد جي موڪل کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ هي ڳوٺ ويندڙ همراهه ريل يا بس جي ٽڪيٽ وٺي سيٽ رزرو ڪرڻ پٺيان ڊوڙندو آهي، پوءِ ڳوٺ وڃڻ لاءِ سامان هڙن ۽ بئگن ۾ بند ڪندو آهي . پوءِ آخري ڏينهن آفيس مان موڪل کان اڳ سهڪندو گهر پهچندو آهي ۽ گهر يا فليٽ کي تالو هڻي، رڪشائن کي بيهاريندو، بس ۽ ريل ۾ ڌڪا کائي ڳوٺ عيد ملهائڻ لاءِ پهچندو آهي. بعد ۾ موٽندو آهي ته گهر ۾ ڪيتريون شيون چوري ٿيل ملنديون اٿس. ڳوٺ ويندي ايندي رستي تي ڇولا، ٻن ڏينهن جو رکيل مائو ۽ ٻيو ڪجهه کائڻ تي، کيس نه ته ٻارن کي دست گهمرو ضرور ٿيندوآهي ۽ آفيس ۾ وڃڻ تي سندس باس بگڙيل ملندو آهي جو پاڻ آخري ڏينهن تي آفيس مان جلدي ڀڄي ويو هو يا ڳوٺان هڪ ڏينهن دير سان آيو آهي. هڪ طرف اهي پريشانيون ته ٻئي طرف ڳوٺ جي ڪيترن مائٽن جي ناراضگي ته هو ساڻن گهڻي دير نه مليو، سندن ٻارن کي خرچي نه ڏنائين وغيره وغيره. بس هڪڙو مٿي جو سور هوندو آهي. جيڪو اسان جهڙا ڳوٺن جا شهرن ۾ نوڪريون ڪرڻ وارا هڪ ٻئي سان سليندا آهيون ۽ پوءِ هفتي ٻن بعد وڃي ڪجهه ٺاپر ٿيندي آهي.
    هتي ڇنڇر آچر موڪل ٿئي پر ڇنڇر ڏينهن ڪجهه دڪان، مارڪيٽون، اسٽور کليل رهن. آچر ڏينهن اهي به بند رهن. آچر ڏينهن، خاص ڪري صبح جو يورپ جا وڏا شهر قبرستان جيان سانت وارا لڳن. رکي رکي ڪا بس لنگهندي آهي يا ڪو پوڙهو دل جو مريض ڪنڌ هيٺ ڪري واڪ ڪندو نظر ايندو آهي _ ڄڻ چار قل پڙهي ڀرواري قبرستان مان موٽيو هجي.
    ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن تي اسان جي ميس بند رهي، سو ڇنڇر ڏينهن ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ جا اسين پرديسي رڌ پچاءَ لاءِ ڀاڄي ڀتي، چانور، دال، مکڻ ميوو وغيره وٺڻ لاءِ سستن دڪانن ۽ مارڪيٽن جو رُخ ڪندا آهيون.اسان به خوش ته ڇنڇر ڏينهن ڪيتريون شيون سستي اگهه ۾ ٿيون وڪامن ۽ دڪاندرا به خوش ته هو پنهنجو پاروٿو مال تازي ۾ ملائي ڪڍيو وٺن، جيئن پاڻ وٽ جمع بازار ۾ ٿئي ٿو ۽ پوءِ اهڙن سستن دڪانن جي ڳولا ۾ نه رڳو اسان ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جا غريب هوندا آهيون پر هتي جا يورپي، ويندي هن امير ملڪ سئيڊن جا به ڪيترائي همراهه هيڏانهن هوڏانهن نظر ايندا آهن. فرق اهو هوندو آهي ته اسين يعني پاڪستاني، انڊين، بنگالي، چيني وغيره خريداريءَ جي معاملي ۾ چالاڪ آهيون. ڍير مان ڪم جي شيءِ ڳولي وٺندا آهيون ۽ دڪاندار جي ٺڳي بيڪار ٿي ويندي آهي. ان ڪري هتي جا دڪاندار اسان جهڙن گراهڪن بدران پنهنجا سودا (خريداريءَ جي معاملي ۾) هم وطني وڌيڪ پسند ڪن ٿا. پر ڪي ڪي دڪاندار ۽ سپر مارڪيٽون ان اصول هيٺ پنهنجا اگهه گهٽ رکن ٿا، جيئن گهڻي کان گهڻا گراهڪ اچن ۽ گهڻو مال وڪرو ٿئي. اهڙيءَ طرح سڄي ڏينهن ۾ دڪاندارن کي اوتروئي فائدو ٿئي، جيترو گهڻي اگهه تي رکڻ تي حاصل ڪر ي سگهجي ٿو. سئيڊن جي هن شهر مالمو ۾ باست، OBS, Max, Ahlen سپر مارڪيٽون ۽ دڪان انهن مان ڪجهه آهن جن ۾ شين جا اگهه شهر جي ٻين دڪانن کان گهٽ آهن ۽ مٿئين اصول تي وڪرو ڪن ٿا.


    فقط برف سستي آهي

    پر انهن سستن دڪانن ۾ به انگلينڊ، دبئي، سنگاپور جي مهنگين مارڪيٽن کان وڏيون قيمتون رکيل آهن. بقول اسان جي هڪ جهازيءَ جي اسڪينڊينيوئن ملڪن ۾ فقط برف ئي سستي ملي سگهي ٿي. يعني جهڙي مهنگائي سئيڊن ۾ آهي اهڙي فنلئنڊ ۽ ناروي ۾ به آهي. ان معاملي ۾ اڃا به سندن چوٿون ڀاءُ ڊئنمارڪ ڪجهه سستو آهي. سئيڊن جي جنهن شهر مالمو ۾ اسين رهون ٿا، ان معاملي ۾ ڀاڳ وارا آهيون جو ڊئنمارڪ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ وڏو شهر ڪوپن هيگن سڏ پنڌ تي آهي، جتي سئيڊن کان سستائي آهي. مالمو (سئيڊن) ۽ ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) جي وچ ۾ سمنڊ جوڪجهه حصو آهي جنهن کي ٽپائڻ لاءِ پاڻيءَ جون ڪيتريون ئي سواريون آهن. هڪ ته SAS هوائي جهاز ڪمپنيءَ جو هوور ڪرافٽ (جيڪو اڌا هوائي جهاز اڌ پاڻيءَ جو جهاز سمجهڻ کپي) جيڪو ڪڏهن پاڻيءَ جي سطح تان اڏامندو ويندو آهي ته ڪڏهن پاڻي تي ترندو آهي. ان جي ٽڪيٽ سڀ ۾ گهڻي آهي. اوٽ موٽ جي اٽڪل ٽي سؤ ڪرونا _ يعني ٻارهن سؤ رپيا کن. ان ۾ امير ماڻهو چڙهن يا وري ڪمپنيءَ جي خرچ تي سفر ڪرڻ وارا. جيئن اسان ڪراچيءَ کان ايندي وقت ان ۾ آياهئاسين يا وري اهي جن لاءِ وقت تي پهچڻ اهم هجي، جو هي سڀ ۾ تکو هلي ٿو ۽ مني ڪلاڪ ۾ مالمو کان ڪوپن هيگن پهچائي ٿو.
    هوور ڪرافٽ کان علاوه فيريون هلن ٿيون. هڪ ته ڊئنمارڪ جي ڪنهن ڪمپنيءَ جي آهي ۽ 29 ڪرونا يعني سوا سؤ رپيا کن هڪ طرفو وٺي ٿي ۽ ڪلاڪ ۾ ٻيءَ ڀر پهچائي ٿي. ان کان به وڌيڪ هڪ ٻي سستي فيري آهي جيڪا فقط ڏهه ڪرونا وٺي ٿي ۽ سو به اوٽ موٽ جا. يعني پنهنجا چاليهه رپيا ٿيا. اها ڏيڍ ڪلاڪ لڳائي ٿي پر اسان کي ٻيءَ ڀر پهچي ڪهڙو جهاز اڏائڻو آهي جو جلدي ڪريون. خريداري ئي ڪرڻي آهي. اڌ ڪلاڪ جي دير سان پهتاسين ته ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي.
    ”يار ڪمال آهي ڏهه ڪرونا يعني چاليهه رپين ۾ اوٽ موٽ جو سفر ته ڪراچيءَ، ڪلڪتي ۽ ڪولمبو جي حساب سان به سستو آهي. ڪراچيءَ کان حيدرآباد سرڪاري ڀڳل بس جو ڀاڙو به ان کان مٿي هوندو. هي هيڏي ساري فيري ايتري ڀاڙي ۾ هلائين ٿا ان مان ڇا بچت ٿيندي هوندن.“ ڪئپٽن سليم حيرت مان پڇيو.
    ”۽ ضروري ناهي ته هر وقت مسافرن سان ٽٻ هجي.“ مون چيومانس.
    ”پر جي هر دفعي ڀريل به هجي ته به وڌ ۾ وڌ پنج سؤ ماڻهو ويهي سگهن ٿا. يعني پاڪستان حساب سان ويهه هزار رپيا ٿيا ۽ ان مان هيڏي وڏي آفت جهاز جنهن جو اوٽ موٽ ٽن ڪلاڪن ۾ نه فقط تيل سڙندو هوندو ۽ عملي جو پگهار مس ٿيندو هوندو. باقي فائدو ڇا ٿيندو هوندن.“ ڪئپٽن سليم چيو.
    ”۽ ڪڏهن ڪڏهن ته مقابلي ۾ اچي اڃا به ڀاڙو گهٽ ڪندا آهن. گذريل سال اونهاري ۾ پنج ڪرونا (ويهه رپيا) به اوٽ موٽ جو ڀاڙو رکيو هئائون.“ اسان کان هڪ سال اڳ آيل پاڪستاني شاگرد علوي ٻڌايو.
    ”هونءَ پولش (پولينڊ جا رهاڪو) اهڙا بيوقوف ته نه آهن جو ائين ڪن ٿا.“ (هن سستي ڀاڙي وارين فيرين جا مالڪ ڀر واري ملڪ پولينڊ جا آهن ۽ هتي واپار ڪن ٿا.)
    ”اسان جي مئريٽائيم ايڪانامڪس جي پروفيسر الڊرلٽن انهن جي اٽڪل بابت ٻڌايو پئي ته، ڪيئن هي پولش ماڻهو گهٽ ڀاڙي تي به ڪمائي ڪن پيا.“ هڪ ٻئي پاڪستاني شاگرد قاضي حميد ٻڌايو، ”هو مسافرن جي ڀاڙي مان ڪمائڻ بدران جهاز ۾ ٺهيل هوٽل ۽ دڪان مان ڪمائين ٿا. سئيڊن ۾ شراب، سگريٽ، عطر وغيره تمام گهڻو مهنگو آهي. (سگريٽ جو هڪ پاڪيٽ هڪ سؤ رپئي جو آهي) هو اهو ستر رپئي ۾ وڪڻن ٿا ته به هڪ پاڪيٽ تي کين ٽيهه چاليهه رپيا فائدو ٿئي ٿو جو فيريءَ وارا فئڪٽرين مان ڊيوٽي فري اگهه تي ٽيهن رپئي مس خريد ڪن ٿا ۽ سئيڊن جو هر مسافرگهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪارٽن ته وٺي ئي وٺي ٿو. اهڙيءَ طرح شراب، بيئر، چاڪليٽ عطر۽ ٻيون شيون پڻ وٺن ٿا ۽ سراسري هر مسافر مان کين هزار رپيا کن فائدو ٿيو وڃي. ڪيترا سئيڊن جا رهاڪو ڊئنمارڪ وڃڻ جو شوق ۾ نه، پر سمنڊ تي ٽن ڪلاڪن جو سير ڪرڻ ۽ سستو شراب ۽ سگريٽ وٺڻ لاءِ هن فيريءَ ۾ چڙهن ٿا ۽ واپسيءَ تي هنن کي ان تي ٽئڪس نٿو ڏيڻو پوي، جو سئيڊن جي قانون مطابق ولايت مان ٿي ايندڙ مسافر کي ويهه هزار رپين جي خريداريءَ جي ڇوٽ آهي. پوءِ ڀلي ڪو آمريڪا، جپان يا آسٽريليا جهڙي ڪنهن ڏورانهين ديس ۾ ڇهه مهينا يا سال رهي اچي يا سمنڊ جي هن ڀر، سامهون نظر ايندڙ ڊئنمارڪ کي فقط هٿ لاهي موٽي اچي. ٿيو ته ولايت رٽرنڊ!“


    اسين سڀ دل جا مريض آهيون

    جمع ڏينهن شام جو بي بي سي تان خبرون ٻڌڻ بعد ڪئپٽن سليم قاسم ۽ چيف انجنيئر راحت عزيز کان ٻئي ڏينهن ڇنڇر جي پروگرام بابت پڇيم:
    ”ڀلا سيڌو سلف وٺڻ لاءِ سڀان ڪٿي هلجي؟“
    بي بي سي جون خبرون نائين کان ساڍي نائين تائين هلنديون آهن. ساڍا نَو رات هئڻ کپي پر هي ملڪ سئيڊن خط استوا کان ايترو ته پري ۽ اتر ۾ آهي جو هتي ڏهين تائين اڃا روشني هوندي آهي. يعني شام آهي ۽ اڃا ته ڏينهن وڌندو ويندو. ويندي رات جو يارهين تائين روشني رهندي ان بعد رات جي اونداهي ٿيندي. مالمو کان اڃا مٿي ته سئيڊن جا اهڙا به شهر آهن جن ۾ اونهاري جي وچ ڌاري، ڪيترا هفتا رات ٿئي ئي ڪانه، ڏينهن رات سج هوندو آهي ۽ لڳاتار روشني هوندي آهي. بهرحال سمهڻ کان اڳ ٻئي ڏينهن جو پروگرام معلوم ڪرڻ ضرور هو.
    ”يار سڀان هتان شاپنگ ڪرڻ بدران ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) هليا هلون.“ ڪئپٽن سليم چيو.
    ”اهو به صحيح آهي. بنگالي، ايراني ۽ ملائيشيا جا ته هرهفتي ڊئنمارڪ مان خريداري ڪريو اچن ۽چون ٿا ته هر شيءِ جو اگهه سئيڊن کان اڌ جيترو آهي.“ راحت عزيز چيو.
    ”پر فيري الائي ڪيڏي مهل ٿي وڃي؟“ مون پڇيو.
    ”هتان نائين بجي کڻي هلون. بنگالين پئي ٻڌايو ته هر ڏيڍ ڪلاڪ بعد سستي وار ي فيري هلي ٿي. پوءِ جيڪا پهرين ملي ان ۾ هليا هلنداسين.“
    ڪئپٽن سليم چيو.
    ”بلڪل صحيح آهي. پوءِ سڀان نائين بجي صبح جو سڀ تيار هججو.“ مون چيو.
    ”ڀلا سيڪنڊ ييئر جي پاڪستاني همراهن کي ٻڌايون يا نه.“ راحت عزيز چيو.
    ”ٻڌائينداسين سهي پر دعا ڪريو ته ڪاشيءِ آڻڻ لاءِ نه چون.“ مون چيو.
    ”واقعي. نه ته پنهنجو سامان ڍوئجي يا ٻين جو. قاضيءَ ڪڪڙ، دال ۽ نان آڻڻ لاءِ ٿي چيو.“ راحت عزيز چيو.
    ”يار آئون ته آهيان دل جو مريض اڃا هن سال آپريشن ڪرائي اٿم. سو ڊاڪٽر بار کڻڻ لاءِ جهليو آهي.“ ڪئپٽن سليم اعلان ڪيو. ۽ مون کلندي چيو. ”دل جا مريض اسين به آهيون پوءِ کڻي ٻئي نموني سان. سو مهرباني ڪري سامان کڻڻ لاءِ مون کي ڏاهري ٽرڪ ڪمپنيءَ جو مزور نه بڻائجو.“
    ”يار مجنون ۽ فرهاد جهڙا دل جا مريض ته الائي ڇا ڇا پورهيا ڪندا هئا ۽ شڪستون سهندا هئا.“ ڪئپٽن سليم چيو.
    ”اهي ضرور ڪندا هوندا پر هنن کي مالمو ۾ اچي ايم ايس سي نه ڪرڻي پئي هئي. بهرحال چرچو ڪونه ٿو ڪريان. مونکي به ڊاڪٽر سامان کڻڻ کان جهليو آهي. توهان کي ته ياد به هوندو ته هتي اچڻ کان اڳ مهينو کن نيول اسپتال P.N.S Shifa ۾ پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ سور کان مڪمل آرام هيٺ هوس.“
    ”يار مونکي پاڻ پٺيءَ جو سور (Back Ache) آهي.“ راحت اعلان ڪيو، ”آئون ته ڪلاڪ ٻن کان مٿي هلي به نٿو سگهان.“
    ”يار اهو وري ڪيئن؟“ ڪئپٽن سليم ڪوڙو ثابت ڪرڻ لاءِ راحت کي ڇينڀيو.
    ”سچ. ڪوڙ ڪونه ٿو چوان. جهاز جي ڊيڪ تي ڪري پيو هوس. ڪيترا مهينا سخت تڪليف ۾ هوس. هينئر به، خاص ڪري سيءَ ۾ ، سور ٿئي ٿو.“
    ”بهرحال اهو ڏٺو ويندو. ڪجهه پنهنجو سامان گهٽائي پنهنجن پاڪستاني ڀائرن لاءِ کڻي وٺي اچبو. في الحال ڊئنمارڪ پڪ هلبو.“ ڪئپٽن سليم چيو.
    ۽ آئون راحت جي ڪمري مان نڪرڻ وارو هوس ته راحت چيو پنهنجا پاسپورٽ قابو رکجو، جو ٻئي ملڪ ۾ ٿا هلون.
    ”پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ياد ڪري کڻجو.“ ڪئپٽن سليم چيو. هن پاسي جي ملڪن جي اها چڱي خواري آهي ته دڪاندار ٿيلهيءَ ۾ سامان وجهي نه ڏين. هر گراهڪ گهران ٿيلهي کڻي هلندو آهي. ان ڪري هرڪا پوڙهي يا نوجوان پنهنجي اوور ڪوٽ ۾ هڪ عدد پلاسٽڪ جي شاپنگ بئگ (ٿيلهي) ضروري وجهي هلندي آهي ته متان اوير سوير ڪنهن دڪان مان ڪجهه وٺڻو پوي.
    ”ٿيلهيون کڻي هلڻ سان گڏ هڪ ٻي به شيءِ ياد رکجو،“ مون چتاءُ ڏنو مان، ”هڪ يا ٻه عدد سئنڊوچون. خبر ناهي ڪنهن وقت موٽون ۽ جي هوٽل ۾ ماني کاڌيسين ته باقي فائدو ڇا ٿيندو.“
    ”دل ته چوي ٿي ته ٿرماس ۾ چانهه يا ڪافي به کڻي هلجي، جو هتي جي سستي هوٽل ۾ به چانهه جوڪوپ ڏهن ڪرونائن (چاليهه رپئي) کان گهٽ ناهي.“ راحت عزيز چيو، ”ساڳي اسڪالر يا پگهار ۾ هتي جا ماڻهو اسان جي ملڪ ۾ خوب عيش اچيوڪن ۽ اسان سندن ملڪن ۾ بک مريو وڃون.“


    ڊڪار (سينيگال) جي مائي ايمي

    ٻئي ڏينهن پوري نائين بجي پنهنجن پنهنجن ڪمرن مان تيار ٿي فيري اسٽيشن ڏي ويندڙ بس جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. هلڪي هلڪي ڦڙ ڦڙ سان گڏ تکي هوابه لڳي رهي هئي. جيسين بس اچي ۽ بس جي هيٽر اڳيان هلي ويهجي تيسين سيءَ ۽ هوا کان بچڻ لاءِ اوور ڪوٽ جا ڪالر مٿي ڪري کيسن ۾ هٿ وجهي، بس اسٽاپ جي ڀر ۾ ٺهيل دڪان جي ڳڙکي جي اوٽ ۾ ٿي بيٺاسين. تيرهن ۽ سترهين نمبر جون بسون آيون پر اسان کي فيري اسٽيشن تي وڃڻ لاءِ 18۽ 20 نمبر جي ضرورت هئي. رستي تي آچر واري خاموشي نه هئي پر تڏهن به موڪل ڪري ٽرئفڪ ۽ ماڻهن جي چرپر گهٽ هئي. ويتر سيءِ ۽ مينهن ڪري ماڻهن گهر ۾ گرم ٿي ويهڻ ۾ وڌيڪ عافيت سمجهي ٿي. ايتري ۾ سامهون، اسان جي هاسٽل کان اسان جي فلور (ٽي ماڙ) تي لاگوس (گهانا) جي رهندڙ ائلس ۽ چوٿين فلور تي ڊڪار (سينگال) جي رهندڙ مائي ائمي نمودار ٿي. هو به شاپنگ لاءِ نڪتيون هيون ۽ بس لاءِ اسان ڏي وڌيون. ”ائمي! پاسپورٽ اٿئي؟ فقط ڏهه ڪرونن ۾ توکي ڊئنمارڪ گهمائي اچان.“ مون ائمي کي چيو. ائمي جواب ڏيڻ بدران دستور موجب مرڪندي رهي. جواب هن کي هر ڳالهه جو اچي ٿو پر وات ذريعي ٻئي تائين پهچائڻ ۾ هوءَ ايترو وقت لڳائيندي آهي جو تيسين يا ته ان ڳالهه جو ئي موضوع بدلجي ويندو آهي يا بس اچي ويندي آهي يا ڪلاس روم ۾ پروفيسر اچي ويندو آهي يا ٽي ويءَ تان خبرون شروع ٿي وينديون آهن ۽ ائميءَ جو جواب پاروٿو ٿي ويندو آهي يا تخليق ٿي ظاهر ٿيڻ کان اڳ مري ويندو آهي. پورچوگيز، اسپيني ۽ فرنيچ ڪالونين وارن آفريڪن شاگردن وانگر ائميءَ سان به ظلم آهي. يونيورسٽيءَ جي ۽ پاڻ ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي بين الاقوامي زبان انگريزي آهي. جنهن ۾ ائمي صفا ڏڏ آهي. نتيجي ۾ انگريزيءَ ۾ ڪيل سوال جوجواب پهرين هوءَ پنهنجي مادي زبان ۾ سوچي ٿي. جيڪا آفريڪا جي سوين قبيلائي ٻولين مان ڪا هڪ آهي. پوءِ ان آفريڪي زبان جو فرينچ ۾ ترجمو ڪري ٿي جو پاڻ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ فرينچ پڙهي آهي. ان بعد ان فرينچ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ٿي. هوءَ انگريزي پئرس ۾ اچي هڪ فرينچ ماستر کان سکي هئي ان کان علاوه هتي جي ڪورس شروع ٿيڻ کان ٽي مهينا اڳ هتي اچي هڪ سئيڊش ماستر کان پڻ انگريزي سکي (جنهن حقيقت ۾ پهرين آيل انگريزيءَ جو به اڇو مٿو ڪر ي ڇڏيس.)
    ائميءَ سان گڏ گهانا جي هلندڙ ائلس (Alice) جيڪا ائميءَ لاءِ انڌي جي لٺ جو ڪم ڏيندي آهي، انگريزيءَ ۾ چڱو ڀڙ آهي جو هڪ ته گهانا ۾ اسان وانگر انگريزي هلي ٿي ۽ ٻيو گهانا ۾ ايتريون ته آفريڪي ٻوليون عام مروج آهن جو گهانا وارا پنهنجو پاڻ ۾ به انگريزي ڳالهائين. ”اوپن مارڪيٽ کلي چڪي هوندي؟“ ائلس پڇيو.
    ”ها. پر ان لاءِ 17 نمبر بس هاڻ وئي آهي. اڄ موڪل ڪري ٻي بس ويهن منٽن بدران مني ڪلاڪ بعد ايندي. بهتر ٿيندو ته ڪنگس گاٽن واري بس اسٽاپ تان وڃي 17 نمبر بس وٺو.“ راحت ٻڌايس.
    ”توهان ڪونه ٿا هلو.“ ائلس پڇيو.
    ”اسان اڄ ٻئي هنڌ ٿا وڃون.“
    ايتري ۾ 18 نمبر بس آئي اسان سان گڏ هي ٻئي پڻ چڙهيون. ٻيو نمبر اسٽاپ ڪنگس گاٽن جو هو. کيس ياد ڏياريوسين پر هو نه لهي سگهيون.
    ”ٺهيو اسين به توهان سان ئي هلون ٿين.“ ائميءَ مس مس ڪو جملو ٺاهي وراڻيو.
    ”اسين ته ڊئنمارڪ پيا وڃون.“ مون ٻڌايومانس.
    “Realy”? ائميءَ تعجب کاڌو.
    ”ته هي جو مون توکان ڇوٽ ۾ پاسپورٽ جو ڇاجي لاءِ پڇيو. ۽ فيريءَ جي ٽڪيٽ فقط ڏهه ڪرونا آهي. ماڻهو هزارها خرچ ڪري ٻئي ملڪ ۾ ويندا آهن ۽ هتي فقط ڏهه ڪرونا _ يعني ڏيڍ آمريڪن ڊالر ۾ سئيڊن کان ڊئنمارڪ. ان بعد ڊڪار مان نڪرندڙ ڊيلي اخبار ۾ اها خبر اچي ويندي ته ائمي ڏيڍ ڊالر ۾ ڊئنمارڪ مان ٿي آئي.“
    ”۽ ڊئنمارڪ ڇو وئي ۽ ڪنهن سان وئي؟“ راحت کلندي پڇيو.
    ”يار هاڻ هن غريب سان چرچا نه ڪر. اهو ٿوروئي اخبار ۾ ڇپائي کيس ذليل ڪبو ته هڪ پاڪستانيءَ سان گڏ ڊئنمارڪ مان سستي ڊبل روٽي وٺڻ وئي هئي. مون چيو.
    ايتري ۾ بندرگاهه اچي ويو ۽ اسان بس مان لهي پياسين.


    هڪ پاڪستاني نوجوان

    بندرگاهه ۾ هر نموني جي فيري ۽ هوور ڪرافٽ بيٺو هو. سستي واري فيري آخري نمبر تي هئي. ٽڪيٽن تي ويٺل عورت ٻڌايو ته هڪڙي صبح جو ساڍي اٺين وڃي چڪي آهي ۽ هاڻ ٻي ڪلاڪ کن بعد ساڍي ڏهين ويندي ۽ ان بعد ساڍي ٻارهين، ساڍي ٽين ۽ ساڍين ڇهين ويندي ۽ ساڳين وقتن تي سندن ٻي فيري ڊئنمارڪ پاسي کان اچڻ لاءِ رواني ٿئي ٿي.
    اسان ڏهه ڏهه ڪرونا ڏيئي ٽڪيٽ ورتي. اهو ملڪ جتي هڪ بس اسٽاپ کان ٻئي بس اسٽاپ جو ڀاڙو به يارهن ڪرونا آهي. يعني صدر کان سعيد منزل تائين يا حيدرآباد جي پٺاڻ ڪالونيءَ کان بئراج ڪالونيءَ جو سرڪاري بس جو ڀاڙو چوئيتاليهه رپيا سمجهو، اتي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ، هيڏي وڏي پاڻيءَ جي پئسينجر جهاز (Ferry) ۾ ڏيڍ ڪلاڪ اوٽ ۽ ڏيڍ ڪلاڪ موٽ جي سفر جا فقط چاليهه رپيا ۽ اونهاري ۾ اڃا به گهٽجي پنج ڪرونا (يعني ويهه رپيا) ٿيڻ عجيب لڳي ٿو. پر اهي سستي ڀاڙي واريون سواريون، گهٽ اگهه وارا دڪان، فقط اهي معلوم ڪري سگهن ٿا جيڪي هتي رهن ٿا. نه ته ڌارئين آيل مسافر کي ڪهڙي خبر. هو ته بندرگاهه جي منهن ۾ بيٺل هوور ڪرافٽ ۾ اوٽ موٽ جا اڍائي سؤ کن ڪرونا ڏيئي سفر ڪر ي ٿو. يا اهو هڪ ٻه ڏينهن هوٽل ۾ رهڻ وارو مسافر جڏهن هوٽل وارن کان پڇندو ته کيس هو وڏو ماڻهو سمجهي اوچي وار ي سواريءَ جو ئي ٻڌائيندا. يا ان ڪري به اوچي ۽ مهنگي سواريءَ جو ٻڌائيندا جو ان تي کين به ڪميشن ملي ٿي. چاليهه رپئي واري سواري وارن جهازن جا مالڪ هوٽل جي مئنيجرن کي ڇا ڪيمشن ڏيندا. اهو ئي سبب آهي جو اسان جو هڪ سڃاڻو همراهه جيڪو ٻه ڏينهن ڪوپن هيگن ۾ رهيو پر درياهه جي هن پار اسان وٽ مالمو اچي نه سگهيو ۽ بعد ۾ ڪراچيءَ مان وڃي خط لکيائين:
    ”يار اچڻ لاءِ دل ڏاڍو چيو پئي پر اڍائي سؤ ڪرونا ڀاڙو ڏئي پهچڻ مهنگو لڳو. هوٽل وارن کان معلوم ڪيم ته هنن جو ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) کان مالمو (سئيڊن) وٺي هلڻ لاءِ ان ئي سواريءَ جو ٻڌايو.“
    هڪ دفعي سنگاپور جي هڪ هوٽل مئنيجر کي چيم:
    ”توهان يورپين يا آمريڪن کي ڀلي مهنگن دڪانن يا اوچين ٽئڪسين جو ٻڌايو جو هنن وٽ پئسو آهي پر ايشيائي ملڪن جي ماڻهن کي ته سستا هنڌ ٻڌايو، جنهن ۾ هنن جو ڀلو ٿئي.“
    ”سائين اها ڳالهه ناهي. هڪ يورپين يا آمريڪن کي ڪنهن سستي ٽئڪسي، دڪان يا ماني کائڻ لاءِ ريسٽورنٽ جو ٻڌائي سگهجي ٿو پر هڪ ايشيائي همراهه کي نه. جو هو ان کي پنهنجي بي عزتي ٿو سمجهي. کيس کيسي ۾ ڀلي ڪجهه نه هجي. ڳوٺ ۾ سندس ٻار ٻچا زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن لاءِ به سڪي رهيا هجن پر پاڻ هر صورت ۾ پنهنجي لئه اتي يا هتي قائم رکڻ چاهي ٿو. پوءِ ڀلي ان لاءِ هو قرضي ٿي وڃي. يا ان خرچ لاءِ پئسو هٿ ڪرڻ لاءِ، ڀل هن کي چوري، رشوت يا ٻيو ڪو غير قانوني ڌنڌو يا غير اخلاقي ڪم ڪرڻو پوي.“
    مالمو جي بندرگاهه وٽ پهچي ڪئپٽن سليم چيو، ”ڊئنمارڪ هلي بئنڪ وغيره تان پئسا مٽائڻ بدران هتا سئيڊن مان Forex تان مٽائي هلون. بنگالي ٻڌائي رهيا هئا ته ائين صحيح رهي ٿو.“
    فيريءَ ۾ اڃا وقت هوسو ڪئپٽن سليم اسان کان ٻه ٻه سؤ سئيڊن جا ڪرونا وٺي مٽائڻ لاءِ ٻاهر نڪتو. تيسين اسان ڪنڊ وارين ڪرسين تي ويهي چوڌاري ايندڙ ٻين مسافرن کي ڏسڻ لڳاسين ته ڪهڙي قسم جا ماڻهو ڊئنمارڪ ايندا ويندا رهن ٿا. گهڻي ڀاڱي هتي جا سئيڊش هئا جيڪي ٻارن سان موڪل ملهائڻ خاطر چڪر تي نڪتا هئا، يا ڇوڪرين جا ٽولا پنهنجين ساهيڙين سان گڏ هئا. يا ڪجهه ڇهڙا هئا جيڪي ڪم سانگي يا پنهنجن مائٽن مٽن سان ملڻ لاءِ نڪتا هئا جو هن پاسي هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ اچڻ وڃڻ ائين سولو آهي جيئن پشارو، جلال آباد (افغانستان) وٽ يا هيٺ ٿرپارڪر ۽ راجستان جي بارڊر وٽ مال چارڻ وارا ايندا آهن. شاديون مراديون به هڪ ٻئي سان عام جام ڪن ۽ تعليم لاءِ به هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ ايندا ويندا رهن ٿا. بهرحال اهي ماڻهو ڊئنمارڪ ۾ اسان وانگر خريداريءَ جي مقصد سان نه وڃي رهيا هئا. جيڪي ان ڪم لاءِ وڃي رهيا هئا انهن جي هٿن ۾ خالي ٿيلها، بئگون ۽ ننڍيون ٽراليون هيون يا پلاسٽڪ جون ٿيلهيون سندن اوورڪوٽن جي کيسن مان ليئا پائي رهيون هيون ۽ اهي گهڻو ڪري ڌارين ملڪن جا هتي رهندڙ هئا. آفريڪن، عربن، پاڪستاني، هندستاني ۽ چين کي ته سندن رنگ ۽ منهن مهانڊي مان سڃاڻڻ سولو هو، پر جيڪي سئيڊش ماڻهن جهڙا گورا هئا تن جي ڳالهائڻ جي لهجي يا افعالن ۽ ڪپڙن مان معلوم ٿي سگهيو ٿي ته هي پولينڊ، ايسٽ جرمني، البانيا يوگوسلاويا وغيره جا آهن. واپسيءَ تي انهن سڀني جون خالي بئگون سيڌي سامان سان ڀريل هيون ۽ فيريءَ جي ڪرسي يا ٽيبل هيٺان انهن کي رکڻ جي جاءِ نه پئي ملي.
    فيريءَ ۾ چڙهڻ لاءِ هڪ پاڪستاني نوجوان به نظر آيو. پر هپين وانگر سندس ڊگهن وارن جو جوڙو ٺهيل ڏسي اسان چيو ته پڪ سک هوندو يا ڪو ٻيو. هونءَ رنگ اڇو هجيس ها ۽ قد ڊگهو ته سندس افعالن مان کيس سئيڊش سمجهون ها جو وار ڊگها رکي چوٽيون ٺاهڻ يا ڪن ٽوپائڻ جهڙيون ٽرڙپايون اڄڪلهه جي سئيڊش نوجوانن ۾ فئشن ٿي پيو آهي.


    لائيف جئڪيٽ ياد رکجو

    هڪ عرب نموني جي فئملي آئي پر قدبت ۾ ڊگها ۽ رنگ ۾ ايترو ته صاف کير جهڙا هئا جو نوجوان زال مڙس ۽ انهن مان ڪنهن جي پوڙهي ماءُ ۽ سندن ٻارن جا ڳل سيءَ کان گلابي ٿي ويا هئا. راحت عزيز چيو ته عرب نٿا لڳن. ٿي سگهي ٿو ته يوگوسلاويه جا هجن جو ڪيترائي يوگوسلاويه جا مسلمان، اتي جي هنگامن کان ڀڄي هتي سئيڊن ۾ سياسي پناهه وٺي رهيا آهن، بهرحال آهن مسلمان جو عورتن جي مٿي تي ٻوڪي (حجاب /روسري) ٻڌي پئي آهي.“
    مسلمانن جي دنيا ۾ اهو خوب آهي ته ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ ٿائلينڊ جي مسلمان عورت کان وٺي عرب دنيا ۽ آفريڪا ۽ روس جي مسلمان عورت چورس وڏي رومال کي ٻيڻو ڪري ان کي ائين ٻڌندي جيئن سڄو مٿو ڍڪجي وڃي ۽ اهو ڪپڙو بار بار هيٺ نه لهندو آهي.پر فقط پاڪستاني عورت آهي جيڪا سکڻين وانگر پوتي (دوپٽو) اوڍي ٿي، جيڪو مٿي بدران ڳچيءَ ۾ لڙڪي ٿو ۽ جي مٿي تي آهي ته به بار بار هيٺ ڍرڪندو رهي ٿو يا اڌ گابرو مٿو ڍڪي ٿو. اها هڪ اهڙي ڳالهه آهي، جنهن کي مسلمان دنيا ۽ عرب جا ماڻهو گهٽ نگاهه سان ڏسن ٿا ته ان کي غير اسلامي طريقو سمجهن ٿا. هو اهوئي سوچين ٿا ۽ مٿي ڍڪڻ جو هي ڪهڙو اسلامي طريقو آهي. جيڪو پاڪستان ۾ رائج آهي.
    فيريءَ ۾ ويهڻ لاءِ جيئن ئي ماڻهو اٿيا ته مٿين فئملي منهنجي ڀرسان هئي، ۽ مون کانئن سندن ملڪ جو پڇيو:
    ”عرب آهيو.“
    ”نه!“ همراهه نه ڪري، صحيح ٻڌائڻ بدران مونکي سوچڻ لاءِ وقت ڏنو.
    ”ترڪ؟ لبناني؟............... راحت چيس.
    ”نه. Any more guess“
    ”يوگوسلاوين؟“ مون چيو.
    ”نه.“
    ”چڱو ترس ڀلا هڪ ٻيو به نالو وٺڻ ڏي.“ راحت عزيز مونکي چيو ته، هي يورپ جائي آهن پر ملڪ جو نالو هن وقت دماغ ۾ نٿو اچي.
    ”البانيا؟ مون چيو.
    ”نه.“
    ”Ok you Tell us. “ (چڱو تون ئي هاڻ ٻڌاءَ.) اسان چيس.
    ”ڪرد آهيون.“
    ”توهان سان ملي خوشي ٿي. اسان به رات ئي توهان جون ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين ته عرب دنيا ۾ ڪرد تمام بهادر ۽ دلير قوم آهي. شايد ان بهادريءَ جي ڪري ئي انگريز ۽ يورپي خوش نه هئا ۽ ڪردستان کي هڪ طاقتور ملڪ ڏسڻ نه ٿي چاهيائون. ان ڪري، ويندي وقت ٽڪرو ترڪي حوالي، ٽڪرو شام ۽ عراق حوالي ۽ ٽڪرو ايران حوالي ڪري ويا. توهان جو ڪهڙي حصي سان تعلق آهي؟“
    ”اسين ترڪيءَ ۾ رهون ٿا. پر هاڻ هتي سياسي پناهه هيٺ آهيون. ٻه سال ٿيا ته ترڪيءَ مان ڀڄي هتي سئيڊن ۾ اچي رهيا آهيون. اڃا هتي جي قوميت ۽ پاسپورٽ نه مليو آهي. ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو آهي. تيسين هتي جي حڪومت هتي رهڻ جي موڪل ڏني آهي ۽ مهيني سر سرڪاري ڀتو به ڏئي ٿي.“ هن ٻڌايو.
    ”پوءِ اچڻ وقت سئيڊن وارن توهان کي رهڻ جي موڪل ڏني؟“ اسان پڇيس.
    ”نه ائين ڪڏهن به اچڻ نه ڏين. پولينڊ، جرمني ۽ ڊئنمارڪ کان ڦرندا ڦرندا، ننڍين ٻيڙين رستي سمنڊ اُڪري لڪي لڪي سئيڊن ۾ گهڙي پياسين ۽ هاڻ نٿا ڪڍي سگهن جيسين ڪورٽ ڪو فيصلو ڏئي.“
    فيريءَ ۾ ويهڻ لاءِ ٽي چار وڏا هال هئا. هر هڪ ۾ پنجاهه کن مستطيل ٽيبلون رکيل هيون جن جي چوڌاري چارچار ڪرسيون هيون. اسان هڪ ئي ٽيبل تي ويهڻ چاهيو ٿي، جنهن لاءِ کاٻي پاسي دريءَ واري قطار جو هڪ ٽيبل ملي ويو ۽ سليم ۽ مون وڃي ان تي قبضو ڪيو ۽ خالي ڪرسيءَ مٿان ٿيلهو رکي ڇڏيو، جيئن ان تي راحت عزيز ويهي سگهي جيڪو جهاز (فيريءَ) جي انجڻ، باٿ روم، ڊيوٽي فري شاپ ۽ ريسٽورنٽ جو جائزو وٺي ڏهن پندرهن منٽن بعد پهتو ئي مس ته فيري هلڻ لڳي. هن اچڻ سان مٿان سنهن ڪٻٽن ۾ رکيل لائيف جئڪيٽن ڏي اشارو ڪر ي چيو:
    بس رڳو اهو ياد رکجو ته جهاز ٻڏڻ مهل لائيف جئڪيٽ مٿان کڻڻي آهي. هاڻ ڀلي سمهي سگهو ٿا.“


    ماڻهو ولايت ۾ ڇا لاءِ رهي ٿو؟

    مون ٽيبل جي تعريف ڪندي چيو: ”آئينده ڊئنمارڪ هلبو ته يونيورسٽيءَ کان مليل هوم ورڪ يا Assignment گهر۾ ڪرڻ بدران هتي کڻي اچبي. ڪم به ٿي ويندو ۽ وقت به گذري ويندو.“
    ”يا خط ويهي لکبا يا ڪو رسالو مئگزين پڙهڻ لاءِ کڻي اچبو.“ راحت چيو.
    ”آپ پاڪستاني هين؟“ اسان کي زور زور سان اڙدوءَ ۾ ڳالهائيندو ٻڌي اسان جي پويان ويٺل همراهه پڇيو. مڙي ڏٺم ته اهوئي چوٽين ٻڌل نوجوان هو جنهن کي ڪجهه دير اڳ فيريءَ لاءِ انتظار ڪندي ڏٺو هئوسين.
    ”ها. توهان ڪير آهيو؟“ سليم کانئس پڇيو.
    ”آئون به پاڪستاني آهيان.“
    ”پوءِ اچي اسان سان گڏ ويهه. ايڏانهن اڪيلو ويهڻ کان هتي خبر چار ڪندا رهنداسين.“ راحت کيس گڏ ويهڻ لاءِ چيو ۽ هو اڳهين ڪو آتو هو.پاڻ سان آندل ٻنهي ٿيلهن ۾ هٿ وجهي اچي اسان واري ٽيبل تي ويٺو. ٿيلها رکڻ سان، هڪڙي مان شيشي جي بوتلن جو آواز آيو. سليم کلي چيس:
    ”ڊئنمارڪ ڏي هرڪو خالي ٿيلها کڻيو پيو وڃي. پر توهان ڀريل، خير ۾ کنيا آهن؟“
    ”آئون دراصل نزنس ڪندو آهيان. هتان سامان کڻي اوڏانهن وڪڻندو آهيا.“ هن ٻڌايو.
    ”موڪل واري ڏينهن تي شايد توهان اسٽال هڻنداآهيو؟“ مون پڇيو. ڪيترا پاڪستاني مڪاني ماڻهن سان گڏ، موڪل واري ڏينهن تي، رستن تي ٽيبل رکي ڪجهه نه ڪجهه سامان وڪڻندا آهن. خاص ڪري پاڪستان يا سنگاپور، دبئي، هانگ ڪانگ کان آندل سستو سامان ڪجهه فائدي تي وڪڻندا آهن.
    ”نه نه. دڪان نه اٿم. ڪميشن تي ڪئسٽ وڪڻندو آهيان. هانگ ڪانگ، تائيوان مان سستا گهرائي پوءِ هتي ڏهين ڪروني (چاليهه رپئي) وڪڻندو آهيان ۽ اهڙي طرح في ڪئسٽ تي اڌو اڌ فائدو ٿئيم. ڪڏهن ته ٻارهين تيرهين ۾ به وڪڻي ڇڏيندو آهيان. مڙيئي سؤ ڏيڍ سؤ ڪرونا روز ڪمائي وٺان. نوڪر ي ٽوڪري آهي. اها ڪانه ڪريان. سو سرڪار طرفان ٽي چار هزار ڪرونا بيروزگاريءَ جو ڀتو ملي ۽ ٻي هيءَ ڪمائي. موج لڳي پئي آهي.“
    سندس عمر پنجٽيهه، چاليهه سال کن ٿيندي ۽ نالو محبوب ٻڌايائين.
    ”هتي _ يعني سئيڊن ۾ مونکي پندرهن سال ٿي ويا آهن پرهونءَ هن پاسي ويهن سالن کان آهيان. شروعاتي ڪجهه سال ڊئنمارڪ، فنلئنڊ ۽ پولينڊ ۾ رهيس.“
    ”تنهن جي معنى تون ننڍي عمر ۾ ئي هن پاسي کان اچي نڪتين.“
    ”ها. آئون پندرهن سورهن سالن کن جو هوس ته ڊئنمارڪ ۾ آيس.“
    ”ڪيئن آئين؟“ مون پڇيومانس.
    ”ڊئنمارڪ ۾ منهنجو وڏو ڀاءُ رهي ٿو. اڃا به آهي ۽ بس هلائي ٿو. هن مونکي هيڏانهن گهرايو. ٽي مهينا کن رهيس پرڪم نه ٿي سگهيو. يعني وڌيڪ رهڻ جي ويزا نه ملي سگهي. گهڻو ئي لڪيس پر جهلجي پيس ۽ واپس وطن وڃڻو پيو. وڌيڪ ضد ڪيان ها ته وڏي ڀاءُ کي به ڪڍي ڇڏين ها جو هن جي ضمي تي ڊئنمارڪ آيو هوس.“
    ”پوءِ؟“
    ”پوءِ....... ها پوءِ....... ترسو سگريٽ دکايان ته سڄي اسٽوري ٻڌايانوَ ٿو.“
    پاڻ اسان کي به سگريٽ آفرڪيائين. پر اسان مان ڪوبه سموڪر ناهي. سو کيس مهرباني چئيسين.
    ”يار آئون ته بيئر شيئر جو به شوق ڪندو آهيان. آخر ماڻهو والايت ۾ ڇو ٿو رهي.“
    ”تون ڀلي شوق ڪر ۽ ڪجهه کائڻو پيئڻو هجي ته ڀلي کاءُ به. اسان جو فڪر نه ڪر. اسان هاڻ چڱيءَ طرح نيرن پاڻي ڪري گهران نڪتا آهيون.“ اسان ٻڌايس.
    ”تڏهن به ڪافي چانهه هلندي؟“
    ”نه ان جي به ضرورت ناهي. تون ڀلي پيءُ.“
    سو پاڻ سگريٽ دکائي، سامهون اسٽال تان بيئر وٺي آيو.
    ”هتي بيئر مهنگو آهي ڏهه ڪرونا بوتل. آئون ڊئنمارڪ مان وٺي ايندو آهيان ڪڏهن توبرڪ ڪڏهن ڪو ٻيو. فقط ڇهن ڪرورنا ۾ ملي ٿو ۽ خالي بوتل ڏيڻ سان ڏيڍ ڪرونا اڃا به گهٽ ڪن ٿا. سئيڊن ۾ ته خالي بوتل کي ڪو پڇي ڪونه ٿو. هي ڏسو ٽيهه کن خالي بوتلون کڻيو پيو وڃان. هڪ پاڪستانيءَ جي دڪان تان وٺندو آهيان. پنهنجو گرائين به آهي ته يار به آهي، توهان هلندؤ ته توهان کي به زوريءَ ڪجهه پيئڻ لاءِ چوندو. شراب نه ته چانهه، ڪافي ڪوڪا ڪولا. نه ته هنن ملڪن ۾ ته ڪو ٺلهيءَ پاڻيءَ لاءِ به نٿو پڇي. پٽ پيءُ کي پيءُ پٽ کي نٿو پڇي. ايمان سان.“ ائين چئي هو ٽهڪ ڏيڻ لڳو.


    هتي ڪيئن آئين؟

    ”تون اهو ٻڌاءِ ته هتي ڪيئن آئين؟“ راحت ياد ڏياريس.
    ”ها سچي اها ڳالهه اڌ ۾ رهجي وئي. سو پهرين دفعي ڪم نه ٿيو ۽ موٽي لاهور هليو ويس. ۽ پوءِ ڇهه مهينا رکي هڪ ايجنٽ جي معرفت سڌو فنلئنڊ ۾ آيس ۽ اتي جي فنس ڇوڪريءَ سان شادي ڪيم ۽ سال کن اتي ئي رهيو پيو هوس. مزو نه آيو سو زال سان گڏ هتي سئيڊن ۾ هليو آيس.“
    ”ڇا زال به هن وقت توسان گڏ آهي؟“ راحت پڇيس، شايد اهو سوچي جو جنهن وقت هو فيريءَ لاءِ آيو هو ته هڪ عورت سان ڳالهائي رهيو هو. جنهن لاءِ مون به سمجهيو ته سندس زال هوندي. پر ان عورت لاءِ پوءِ بعد ۾ ٻڌايائين ته هو ان سان ”دلپشوري“ ڪري رهيو هو، وقت پاس ڪرڻ لاءِ. بهرحال ان فنلئنڊ واري زال کي گار ڏئي ٻڌايائين:
    ”بس پوءِ هتي اچي هڪ ٻئي کي ڇڏي ڏنوسين.“ هن اهڙي اسٽائيل سان چيو ڄڻ لهڻ وارو بس اسٽاپ تي بس کي ڇڏي ڏجي يا بس مسافر کي لاهي ڇڏي.
    ”چئبو ته اُن سان اِن لاءِ شادي ڪئي جيئن هتي رهي سگهجي.“ اسان چيس.
    ”هتي رهڻ جو اهوئي طريقو آهي. ٻين فلاڻن فلاڻن پاڪستانين به شروع ۾ ائين ڪيو.“ هن بيئر جو وڏو ڍڪ ڀريو.
    ”پوءِ هن فنلئنڊ واري زال سان ملاقات نه ٿي؟“ اسان پڇيس.
    ”ڪڏهن ڪڏهن ٿيندي آهي. هن ڪنهن ٻئي سان شادي ڪئي آهي. مون وري پوءِ پولينڊ جي هڪ ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. ان مان ڌيءَ به اٿم. هي ڏسو ان جي تصوير.“ هن پرس ۾ لڳل سندس زال ۽ ڌيءَ جي تصوير ڏيکاري جيڪا اٺن نون سالن جي ٿيندي.
    ”هي گذريل سال جي تصوير آهي. ڏهن سالن جي ٿيندي.“
    ”بس هڪ ئي ٻار اٿئي؟“
    ”ها بس. ان کانپوءِ اسان هڪ ٻئي کي ڇڏي ڏنو.“ هن ٻڌايو.
    ”ويري سئڊ.“ اسان افسوس جو اظهار ڪيو.
    ”نه پارٽنر. هتي ته ائين ٿيندو رهي ٿو. هنن ملڪن ۾ اها هڪ عام ڳالهه آهي. هن حراميءَ مون سان ڍونگ ڪري مڙيئي شادي ڪئي هئي، جيئن سئيڊن ۾ رهي سگهي، ڇو ته ان وقت تائين مونکي هتي جو پاسپورٽ ۽ قوميت ملي چڪي هئي. مون سان شادي ڪرڻ بعد کيس جڏهن سئيڊن ۾ رهڻ جي اجازت ملي ته آهستي آهستي نخرو ڪرڻ لڳي ته هي به کپيم هو به کپيم. هن کي هن جون ٻيون ساهيڙيون ڇيرا وجهنديون هيون ته سندن مڙس ته هي به کين آڻي ڏين ٿا ته هو به. مون ته چيومانس ايترو آئون ڪٿان آڻيندس. توهان کي مان ڇا ٻڌايان هن پاسي جون عورتون وڏيون......... آهن. اسان کي هو گهٽ ذات ايشيائي سمجهن ٿيون ۽ اسان سان ته ڪڏهن به وفادار ٿي، هلي نه سگهنديون.“ هن ٻڌايو.
    ”صحيح آهي.“ راحت هن جي ڳالهه جي تصديق ڪري مونکان اکين جي اشاري سان داد گُهريو. ان ئي قسم جي ڳالهه لاءِ جنهن بابت صبح جو هاسٽل مان نڪرندي اسان جو بحث ٿيو هو. پاڻ ٻڌايو هئائين ته يورپي ڇوڪريون ڪڏهن به ڪنهن ايشيائيءَ سان گڏ رهي نه سگهنديون ۽ پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ته مهيني ٻن کان مٿي رهي نه سگهنديون.
    ”نه اهڙو ته ڪو سائنسي سبب نه آهي جو ان کي حقيقت چئجي.“ مون چيومانس، ”رهي به سگهن ٿيون. آئون ڪيترا پاڪستاني ملئي، انڊين سنڌي، چيني ۽ سنگاپوري سڃاڻان جن جون زالون انگلينڊ، آمريڪا، يورپ جون آهن ۽ هو ٺيڪ ٺاڪ رهي رهيون آهن. پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ ته ڇا اسان جي ڳوٺ جي ڪيترن جون زالون جپاني، آئرش، آمريڪن ۽ برٽش آهن جيڪي هالا جهڙي ڳوٺ ۾ به رهن پيون. دراصل مرد تي منحصر آهي ته هن ڪهڙي قسم جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي آهي ۽ منجهن ڪيتري قدر سمجهداري آهي.“
    ”اسان جي جهاز تي هڪ مصري عرب انجنيئر هو.“ راحت ٻڌايو، ”هن ڊئنمارڪ مان شادي ڪئي. کيس ان زال مان هڪ ڌيءَ به ٿي. ان بعد زال مڙس جو جهيڙو ٿي پيو ۽ هن زال کي ڪڍي ڇڏيو. ٻن سالن بعد مصري همراهه جي جهاز جو ڊئنمارڪ اچڻ جو پروگرام ٿيو. هن چيو ته کيس سندس ڌيءَ سان ملڻ جو ايڏو شوق هو جو جيئن ئي رات جو جهاز لڳو ته ان ئي وقت پنهنجي طلاق شده زال وٽ پهتو ۽ ڌيءَ کي ڏسڻ آيو آهيان. هن مٿان ئي چيس ته ڇا هي وقت آهي ٻئي کي ڊسٽرپ ڪرڻ جو. جنهن پيرين آيو آهين انهيءَ هليو وڃ. هاڻ طلاق بعد ڪهڙو واسطو رهيو اٿئي. سو اهڙيون آهن يورپي عورتون.“
    ”بهرحال اها ته هڪ طرفي مصريءَ جي واتان ڳالهه ٻڌي هن سان همدردي ٿيڻ لازمي آهي، پر ڪو فيصلو قائم ڪرڻ لاءِ ٻي ڌر جي به ته ڳالهه ٻڌجي. هونءَ هتي جي ماحول موجب عورت ۽ مرد جا برابر حق آهن، جيڪا ڳالهه اسان ايشيائي ماڻهو اڃا تائين ذهني طرح قبول نٿا ڪريون. ۽ نه وري اسان جي پاسي جون ايشيائي ۽ آفريڪي عورتون ويندي جپان ۽ روسي عورتون پنهنجا حق مڃرائي سگهيون آهن. ويتر اسان وٽ ايڪاناميڪلي طاقت صحيح طرح نه ورهائجڻ ڪري مرد اهوئي سمجهي ٿو ته عورت هڪ ٻانهي آهي. هن کي حڪم جوبندو ٿي هلڻ کپي. مرد ڀلي شراب، جوا ۽ اجايو خرچ ڪندو وتي، اخلاق توڙي مذهبي طرح سندس ڏيوالو نڪتل هجي ته به هو پنهنجو پاڻ کي گهر جو بي تاج بادشاهه سمجهي ٿو ۽ پوءِ ان تصور سان اسان جي هيرو جو هتي جو هيروئنن سان ٽڪر ٿئي ٿو ته کيس ڳالهه ڳري لڳي ٿي. خير ائين ته سٺا خراب ماڻهو جتي ڪٿي آهن هتي جون عورتون خراب آهن ته پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ پڻ سٺين سان گڏ خراب به هونديون. ٿورو يا گهڻو، اسان جي ايشيائي عورت، هر ڏک درد قدرت طرفان پنهنجونصيب لکيل سمجهي مڙس جو موچڙي مار کي به اکين تي رکي صبرسان وقت ڪاٽي ٿي. پر هن پاسي جي عورت برابري چاهي ٿي. هوءَ يڪدم چئي ڏيندس ته You Son of a Gun تون ڪو آسمان ته نه لٿو آهيان جو جيئن توکي وڻي ائين ڪر. سڌو ٿي هل نه ته منهنجي زندگيءَ خراب نه ڪر. آئون به پنهنجو رستو ٿي وٺانءِ.“


    بس طلاق ئي سمجهو

    ان وقت راحت وڌيڪ بحث نه ڪيو هو. پرهاڻ جڏهن محبوب هتي جي عورتن خلاف ڳالهايو ته هن اکين جي اشاري سان مونکي اهو ٻڌائڻ چاهيو ٿي ته ڏس هي به ائين پيو چوي نه.
    مون کيس آهستي “Gigo” چيو، جيڪو ڪمپيوٽر جي هڪ ٽرم Garbage in Garbage out تان کنيو اٿئون ۽ ٻٽاڪي ماڻهن لاءِ استعمال ڪندا آهيون. يعني محبوب جون ڳالهيون ائين ئي آهن منجهن ڪابه گهرائي ناهي. منهنجي ان سگنل کي سمجهي راحت يڪدم ”اها ڳالهه آهي“ چئي مون کي Response ڏنو.
    محبوب ان وچ ۾ بيئر جا هڪ ٻه وڏا ڍُڪ ڀري سگريٽ دُکايو. ”بس هاڻ سوچيم اٿم ته پاڪستان مان وڃي شادي ڪري ايندس.“
    ”ڀلا اها پولينڊ واري زال اڄڪلهه ڪٿي آهي؟“ اسان پڇيس.
    ”هتي ئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڌيءَ کي ڏسڻ لاءِ ويندو آهيان، کيس بلڊ پريشرٿي پيو آهي. انڪري ڪڏهن ڪڏهن وٺي دانهون ڪندي آهي.“ محبوب هن جي دانهن جي نقل ڪري، ٽهڪ ڏيڻ لڳو، ”پاڳل آهي.......“ هن گار ڏني.
    ”پوءِ نه وڃيس.“ اسان چيس.
    ”آئون ته نه وڃانس پر وري پاڻ ئي فون ڪندي آهي ته اچ. اچ مون تولاءِ هي پچايو آهي يا چوندي ته تنهنجي ڌيءَ توکي ياد پئي ڪري. يا چوندي اچ ۽ اچي هتي ئي سمهه.“
    ”طلاق ٿي وئي اٿانوَ يا رڳو علحدگي؟“ اسان پڇيس.
    ”بس طلاق ئي سمجهو. هتي شادي به ائين ٿيندي آهي ته طلاق به ائين ئي. هتي نه ڪو قاضي، مولوي ملون آهي۽ نه ان جي ضرورت پوندي آهي.“
    ”اهڙي ته ڳالهه ناهي. هتي ته ترڪي، پاڪستاني ۽ مصر پاسي جا ڪيترائي عالم دين ۽ مولوي پيا هلن.“ اسان چيس.
    ”پر حڪومت ان کي ضروري نٿي سمجهي ڪهڙو جوڙو شادي شده آهي ڪهڙو غير شادي شده. جيڪي زالون الڳ رهن ٿيون انهن کي سرڪار مهيني تي خرچ پکو ڏئي ٿي ۽ جي ٻار اٿن ته اڃا به گهڻو ڏئي ٿي. سو هيءَ اسان واري جوءِ به سرڪارمان ڪڍيو ويٺي آهي ته مون مان به، هينئر به ٻه هزار ڪرونا ڏنامانس. جيڪي ڪمايان ٿو اهو خرچ ڪريو ڇڏيان. هڪ نه ٻئي سال ورلڊ ٽوئر تي به ويندو آهيان. هينئر نيويارڪ مان ٿي آيس. جيڪو ”من هتا“ مان ٿي آيو، اهو ڄڻ پاس ٿي ويو. دنيا ۾ خطرناڪ شهر آهي.“
    ”من هتا نه، پر مئن هٽن“ سليم درستي ڪئي. ”اتي ٽوليءَ ۾ نڪرڻ کپي.“
    ”توهان آمريڪا ڏٺو آهي؟“ هاڻ هن پهريون دفعو اسان بابت معلوم ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. اسان کيس ٻڌايو ته اسين جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ٿي رهيا آهيون ۽ دنيا جا ڪيترائي شهر ڏٺا اٿئون.
    ”آمريڪا واپا رلاءِ ڏاڍو سٺو آهي. مونکي شئنل فائو جي عطر جو نقل ملي ويو ۽ هتي پنجين پنجين ڊالرن جو وڪيم. اتان فقط ڊالر جو وٺي آيس. سنگاپور به سٺو شهر آهي پر ”جوبهارو“ صفا گندو آهي. اتي ملئي ماڻهو پنن تي ڀت رکي کائين ٿا.“
    “جوبهارو نه ”جو هوربارو“ ۽ اهي ملئي نه پر ڏکڻ هندستان جا تامل آهن. انهن جو ڪلچر ۽ رسم رواج اهوئي آهي. اسان ٻڌايس.
    ”يار توهان منهنجي گهر ضرور ماني کائڻ لاءِ اچو. آئون توهان کي پنهنجي زال ۽ ٻين ساهيڙين سان به ملائيندس. مونکي خوشي ٿيندي توهان اچو.“
    ”پر اسان کي ڪهڙي خبر ته تنهنجي ائڊريس ڇا آهي.“
    پوءِ اسان کان پين وٺي ائڊريس لکڻ لڳو. پنج ڇهه منٽن ۾ پنهنجو نالو مس لکيائين، جنهن مان لڳو ته کيس لکڻ ڪونه ٿو اچي ۽ پوءِ پنهنجو شناختي ڪارڊ اسان کي ائڊريس لکڻ لاءِ ڏنائين. ”يار توهان منهنجي ضرور ماني کائڻ لاءِ اچجو.“ هن چيو.
    ”مهرباني. ٻه سال هتي آهيون ڪڏهن واندڪائي ملي ته اچي نڪرنداسين.“ راحت چيس.
    ”آئون ڀلاٻيو بيئر وٺي اچان؟“ هن پڇيو.
    ”ڀلي..........“ اسان وراڻيس.
    ”پرمون وٽ کُلا پئسا نه آهن هڪ ويهه ڪرونا اڌارا ڏيندؤ.“
    اسان هڪ ٻئي جو منهن ڏسڻ لڳاسين. اسان ۾ سڀ کان وڌيڪ شريف ماڻهو سليم قاسم کان رهيو نه ٿيو. پرس مان ويهه ڪرونا ڪڍي ڏنائينس. جيڪي وٺي بيئر خريد ڪرڻ لاءِ اٿيو.
    ”وڏو ڪو ٻٽاڪو آهي. هڙ ۾ لڀيس ڪجهه نه رڳو گشا. جوڻس کي به پاڻ بکون ماريون هوندائين تڏهن هن لتون هڻي ڪڍيو اٿس. هاڻ اهي ويهه ڪرونا هونئن ئي ڪونه ملندا، جو ٻي بوتل پيئڻ بعد رهيل هوش به هليا ويندس. ڪوپن هيگن پهچي ڇا اڌار قبوليندو. پر اهو آهي ته ويهن ڪرونائن ۾ جان ڇٽي. هاڻ اڌار موٽائڻ جي ڊپ کان پاڻ ئي غائب ٿي ويندو. نه ته هن ڪمبل مان سولي جان نه ڇٽي ها.“ سليم چيو.


    عرب به سستي مارڪيٽ ڳوليندا وتن

    ڪالهه آچر جو ڏينهن هو. صبح ساڻ سستي سامان جي مارڪيٽ ۾ وڃڻو هو، جيڪا جبرالٽر گاٽن جي بس اسٽاپ وٽ آهي. رات سمهڻ مهل ڪئپٽن سليم، راحت عزيز ۽ علويءَ سان اوڏانهن هلڻ جو پروگرام ٺاهيو هئوسين. ”صبح جو ذرا جلدي نڪرنداسين، جيئن نائين کان اڳ هتان هاسٽل مان روانا ٿي وڃون.“ علويءَ هڪ ڏينهن اڳهين سڀني کي چتاءُ ڏنو.
    ”نَو لڳي اٺن منٽن تي هڪ بس پنهنجي اسٽاپ وٽان هلي ٿي، ان ۾ هلڻ جي ڪوشش ڪبي.“ ڪئپٽن سليم چيو، ”نه ته پوءِ ٻي بس نَو لڳي چوٽيهه منٽن تي هلندي.“
    هتي ڇنڇر آچر کان علاوه باقي ڏينهن تي بسون ڏهن کان پندرهن منٽن جي وقفي تي هلن پر آچر ڏينهن گهٽ ماڻهو هجڻ ڪري اڌ ڪلاڪ کن جو وقفو ٿئي. پر هر بس، هر اسٽاپ تي، هر ڏينهن، مقرر وقت تي پهچي، ۽ هر بس اسٽاپ تي، بس جو وقت لکيل هوندو آهي. وقت جي ايڏي پابنديءَ تي بسن جو پهچڻ ۽ هلڻ انگلينڊ، آمريڪا ۽ جپان ۾ به نه هوندو. ٿي سگهي ٿو هنن جي ايتري پابندي قائم رکڻ ۾ ان ڳالهه جو به هٿ آهي ته عوام تمام گهٽ آهي. بسن جي سهوليت ڪري، جن کي ڪارون آهن، اهي به بسن ۾ سواري ڪن ٿا. انڪري ٽرئفڪ جام ٿئي ئي ڪانه، ۽ ڊرائيور ان حساب سان بس کي ٿورو آهستي يا تکو ڪري، وقت تي بس اسٽاپ تي اچيو پهچائي. ڪراچي، رنگون، بئنڪاڪ، بمبئي، ڪلڪتي ۽ ڍاڪا جهڙن شهرن ۾، موت وانگر ڪنهن کي خبر ئي ناهي ته، هڪ اسٽاپ ڇڏڻ بعد، اها بس ٻي اسٽاپ تائين پهرين پهچندي به سهي! ٿي سگهي ٿو حادثي ۾، ڪنهن گوڙ گهمسان هڙتال ۾، رستي تي ئي ان کي ساڙيو ٻاريو يا اغوا ڪيو وڃي.
    پاڪستان جي هن وقت آدمشماري 120 ملين آهي يعني ٻارهن ڪروڙ. هن کان اڳ ۾ ملائيشيا ۾ هوس، جيڪو ملڪ پکيڙ ۾ تقريباً پاڪستان جيترو آهي پر سندس آدمشماري ويهه ملين يعني ٻه ڪروڙ هجڻ ڪر ي تعجب لڳندو ته، ڪيتري گهٽ آهي ۽ هاڻ هتي سئيڊن ۾ ان کان به گهٽ آدمشماري نه فقط عجب جي ڳالهه آهي پر گهڻن مسئلن جو حل پڻ آهي. سئيڊن به پاڪستان جيڏو آهي پر، سندس آدمشماري فقط اسي لک آهي. ان کان وڌيڪ ماڻهو ته اسان جي فقط هڪ شهر ڪراچيءَ ۾ رهن ٿا. سو دنيا جي ڪيترن ملڪن جي ترقيءَ جو راز سندن آدمشماريءَ ۾ آهي. بنگلاديش جو هتي رهندڙ هڪ همراهه چوندو آهي:
    ”سئيڊن حڪومت حوالي، فقط هڪ شهر ڪراچيءَ، ڍاڪا يا بمبئي، فقط هڪ سال لاءِ ڪري ڇڏيو ته وايون بتال ٿي وڃنس.“
    بهرحال ٽوڪيو، اوسلو، هيلسنڪي ۽ اسٽاڪ هوم وانگر مالمو پڻ دنيا جو مهنگو ترين شهر آهي جتي بقول اسان جي هڪ ڪلُيگ آصف غيور جي (جيڪو ٻه سال اڳ هتان ايم ايس سي ڪري ويو)، ”سئيڊن جي ڪنهن شهر۾ ونڊو شاپنگ ڪندي به ڊپ ٿو لڳي.“ پر اهڙن مهنگن شهرن ۾ به ڪٿي ڪٿي اهڙا هنڌ (ڪراچي جي کوڙي گارڊن ۽ موتن داس مارڪيٽ وانگر) آهن جتي جون شيون وٺي، هڪ يا ٻه هفتا نه پر يڪا ٻه سال آرام سان گذريو وڃن. هونءَ ته هي ملڪ اهڙا آهن جتي سعودي عرب جا عرب (جيڪي امير ترين چئي سگهجن ٿا ۽ پنهنجي ملڪ توڙي سنگاپور، ڪراچي، بمبئي جهڙن شهرن ۾ وڏي لئه سان پيا هلن.) اهي به هتي جهڙا غريب ۽ وائڙا وائڙا. وتن اسان جهڙن سان گڏ ڦرندا ۽ سستيون بازاريون ڳوليندا. هنن مارڪيٽن ۾ سستيون شيون ضرور ملن ٿيون پر ائين ناهي ته جنهن شيءِ جي ضرورت هجي اهائي ملي وڃي. جيئن پهرين ئي لکي آيو آهيان ته هتي جا ماڻهو اڪثر گهر بدلائڻ وقت پنهنجو سمورو سامان ڦلن مٺ ۾ ڪڻيو ڇڏين. ان کان علاوه هتي طلاقن جو تعداد به تمام گهڻو آهي ۽ نوان نوان جوڙا شادي ڪري، شوق مان نيون شيون وٺندا. ڪجهه ڏينهن / هفتن بعد رُسندا، طلاق ٿيندي ۽ گهر جو سمورو سامان وڪڻي پئسا اڌو اڌ ڪندا. جيئن ڪتابن ۽ اسٽيشنري وارو ڪپڙ ي جو دڪان کولڻ چاهي ٿو يا ڪپڙي جو دڪاندار جاين جي ايجنسي کولڻ چاهي ٿو، پوءِ سندس دڪان جو سامان اهڙي مارڪيٽ ۾ کڻي اچي ٽيبل تي ڍير ڪندو آهي ۽ ڪافي سستي اگهه ۾ نيڪال ڪندو آهي. هيءَ مارڪيٽ فقط آچر ڏينهن هلي، سو به صبح جونائين بجي کان منجهند جو ٽين بجي تائين. پوءِ اسان جهڙا ضرورت جي سامان جي ڊگهي لسٽ ٻٽونءَ ۾ وجهي، هر آچر تي انهن شين جي ڳولا ۾ هوندا آهيون. ڪجهه ديرسان سهي پر سستي اگهه تي ملي ويندي آهي. جيئن ڪالهه تائين منهنجي لسٽ ۾ مهيني کن کان هي شيون درج ٿيل هيون:
    1. ٿرماس.
    2. پنچ مشين (ڪاغذ ۾ سوراخ ڪرڻ لاءِ. هتي جي فائيلن ۾ ڪاغذ وجهڻ لاءِ چار سوراخ ڪرڻا پون ٿا، جن جون مشينون ڪجهه وڏيون آهن ۽ هڪ ئي وقت چار سوراخ ڪن ٿيون)
    3. وال ڪلاڪ.
    4. بٽڻ ۽ سئي سڳو.
    5. ٽوسٽر.
    6. ڪپڙا ٽنگڻ لاءِ پلاسٽڪ جون ٽنگڻيون.
    7. ليڪچر ٽيپ ڪرڻ لاءِ ننڍو ٽيپ رڪارڊر.
    8. پلاسٽڪ جوخانن واري ٽري جنهن ۾ پنا رکجن.
    9. تور جي مشين (Weighing _ Scale).
    10. فيلڊ ٽرپ تي وڃڻ لاءِ ڦيٿن واري ننڍي بئگ.
    11. ڪمپيوٽر جا ڊسڪيٽ رکڻ لاءِ باڪس، وغيره وغيره.
    پوءِ اهي ضرورت جي سامان جون لسٽون هلڻ مهل ٻين کي پڙهائيندا آهيون، ته جيئن سامان جي ڍير ۾، ڪنهن کي به ٻئي جي شيءِ نظر اچي ته، ان کي سڏ ڪري. سامان ٽيبلن جي مٿان ۽ هيٺ رکيل هوندو آهي ۽ اهڙا سؤ ڏيڍ سؤ کن ٽيبل هوندا آهن.


    نيرن مسئلو ناهي

    صبح جو سوير ئي منهنجي اک کلي. ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن ميس بند هوندي آهي ۽ سڀني شاگردن کي ماني پاڻ ٺاهڻي پوندي آهي. چانهه ٺاهي دريءَ وٽ بيهي پيئڻ لڳس. صبح جا ست کن ٿي ويا هئا پر رستا خالي ئي خالي نظر اچي رهيا هئا. سئيڊن جي آدمشماري گهٽ هجڻ ڪري جتي ڪٿي گهٽ ماڻهو نظر اچن ٿا، ويتر سخت سيءَ ۽ موڪل واري ڏينهن تي ته ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ نظر اچي ٿو. رکي رکي هن شهر مالمو جي سائي رنگ جي بس گذري ٿي يا ڪو ڪار وارو. سياري ۾ ٺوڙها ٿي ويل، ناسپاتين ۽ صوفن جي وڻن ۾ هاڻ نوان نوان پن ڦٽڻ شروع ٿيا هئا. هتي فل بهار جي موسم ايندڙ مهيني مئي، جون ۽ جولاءِ ۾ ٿئي. ان بعد وري سخت سيارو شروع ٿئي. هتي جو بهار، موسم جي لحاظ کان جهڙو سنڌ جو سيارو پر ساوڪ ۽ گل ڦلن کان خوب رنگين ٿئي ٿو. سامهون ناسپاتيءَ جي وڻ تي ٻه مئنا جهڙا پکي (پر سندن کنڀن جو رنگ اڇو ۽ ڪارو آهي) ڏهاڙي جي Routine جيان صبح کان هيٺان ڪک پن چونڊي پنهنجي آکيري کي وڏو ڪري رهيا هئا. چار کن ڳيرا پٽ تي ٻولي رهيا هئا ۽ رکي رکي چهنب سان زمين کوٽي ڪو ڪينئون ياڪو داڻو کاڌائون ٿي. هتي جا ڳيرا، ڪبوتر توڙي ڪانگ ۽ ٻيا پکي پنهنجين سرڻين جيڏا وڏا ۽ ٿلها متارا ٿين ٿا. سندن جسم تي گهاٽا کنڀ، کين هتي جي سرديءَ کان بچاءُ ڏين ٿا. ڪڏهن ڪاٽو ٽيمپريچر ۾ وسندڙ برف ۽ ٿڌي هوا ۾ سڄي رات پنن بنا وڻن تي هنن پکين کي ننڊون ڪندو ڏسي تعجب لڳندو آهي ۽ اها هنن پکين جي ايتري ئي ڏکي زندگي آهي جيتري اسان وٽ اونهاري جي چٽ ۽ چاليهي ۾. گذريل سال جي سخت گرميءَ ۾ جيڪب آباد، سبي پاسي ڪيترا پکي اُڏامندا مري ويا هئا.
    بهرحال هتي جي ٿلهن ڳيرن، ڪبوترن کي اونهاري ۾ شاهه پنجو سلطان يا باڊهه، بوبڪ هلي ڇڏجي ته ان ئي وقت گذاري وڃن. ساڳي طرح سوڀوديرو ۽ سانڌاڻ جا پکي سياري ۾ سئيڊن پهچڻ سان جيڪر سرڳواسي ٿي وڃن.
    مون جلدي جلدي چانهه جو ٻيو ڪوپ ٺاهيو ۽ رب جا شڪر بجا آندا ته اڃا وقت پيو آهي ٻيو ڪوپ به نصيب ٿي ويو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته خالي پيٽ تي نيرانو چانهه نه پيئجي. بلڪل صحيح چون ٿا. نه فقط اسان جي ڳوٺ هالا جي ڊاڪٽر خير محمد ۽ ڊاڪٽر يوسف جو چوڻ آهي پرهتي جا به ڊاڪٽر اهوئي چون ٿا. پر خالي پيٽ تي چانهه پيئڻ جو نشو ئي ٻيو آهي. هڪ هتي جو دوست ڊاڪٽر جيڪو بيئر گهڻو پيئندو آهي تنهن پڻ اها ڳالهه ڪئي.
    ”تون خالي پيٽ تي بيئر پي ماني پوءِ ڇو کائيندو آهين؟“ مون کانئس هڪ ڏينهن پڇيو.
    It gives me a Kick” ائين سرور ٿو ملي. نشو ٿو ملي.“ هن چيو.
    کلندي وراڻيومانس، ”اسان جهڙن مستري ۽ اديبن کي وري خالي پيٽ تي چانهه اها Kick ٿي ڏئي.“
    ٻيو ڪوپ چانهه جو پي ويٺي Naval _ Architect جا انگي حساب ڪيم ته اتي علوي اڌ گابرو تيار ٿيل، ڪمري ۾ گهڙي آيو. (اڌ تيار ٿيل معنى ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڪوٽ مٿان اوورڪوٽ، مفلر ۽ ڪوهه قاف جي ڪنهن جن جو ڇڏيل غيباتي ٽوپ پائي اڃا Snow _ man نه ٿيو هو.)
    ”يار هي ڇا ويٺو ڪرين؟ هلڻو ناهي ڇا؟“ هن پڇيو.
    ”ها. بلڪل هلبو. اڃا ته ڪلاڪ پيو آهي“ مون پڇيو.
    ”ته پوءِ تيار ٿي. هي موڪل واري ڏينهن يونيورسٽيءَ جو ڪم ڪرڻ جي بدسوڻي ڇو ٿو ڪرين.“
    ”آخر ڪرڻو ته آهي نه.“ وراڻيومانس.
    ”پر موڪل ته آرام لاءِ ٿي ملي. باقي يونيورسٽيءَ وارا پنج ڏينهن ڇاجي لاءِ آهن؟“ علوي پڇيو.
    ”اخبارن ۽ رسالن لاءِ مضمون لکڻ لاءِ.“ کلندي وراڻيومانس.
    پاڻ به وڏو ٽهڪ ڏنائين: ”يونيورسٽيءَ کي تو چڱيءَ طرح سڃاتو آهي. چڱو جلدي نيرن ڪر ته پوءِ ٿورو جلدي کڻي نڪرون.“
    پنج ڏهه منٽن ۾ تيار ٿيس. مون لاءِ نيرن ڪڏهن به مسئلو نه رهي آهي. گهل ڪرڻ جي همت ۽ موڊ هوندي ته آمليٽ بيضو زندهه باد ۽ اها وڏي ۾ وڏي عياشي ٿي، نه ته ٽيون ڪوپ چانهه جو ٺاهي منجهس ڊبل روٽي ٻوڙي کائيندي، چاليهه پنجيتاليهه سال گذري ويا آهن.
    جلدي جلدي چانهه ٺاهي نيرن ڪيم ته ڪئپٽن سليم ۽ راحت عزيز جا به ٻاهر آواز ٻڌڻ ۾ آيا. سڀ سوڙهن جهڙن ڪوٽن، مفلر، ٽوپن ۾ شاديءَ جا ڳرا ويڙهيل هنڌ بستر لڳي رهيا هئا دريءَ جي ٻاهران لڳايل ٿرماميٽر ۾ ٽمپريچر ڏٺم چار ڊگريون ڏيکاري رهيو هو. جلدي جلدي سئيٽر مٿان سئيٽر ۽ ڪوٽ مان ڪوٽ چاڙهي آئون به انهن جهڙو هڪ ٿي ويس ۽ بس اسٽاپ ڏي هلڻ لڳاسين. رستي تي علوي ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪئي. شايد ڪجهه پڇڻ ٿي چاهيائين پر سندس لفظ به ڄڻ وات مان نڪرڻ بعد برف ٿيو ٿي ويا ۽ ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو. سخت ٿڌ ۽ وات کولڻ سان جيڪا ٻاڦ نڪرندي آهي رڳو اهائي نظر پئي آئي. ڪو جملو سمجهه ۾ آيو به ٿي ته هر ڪنهن پڪائي ڪري جواب نٿي ڏنو. ههڙي سيءَ ۽ ٿڌي هوا ۾ گهڻو وات کولڻ معنى نمونيا جو جهٽڪو لڳڻ.


    چمڙو ڇو سستو آهي؟

    خريداريءَ جي ڊگهي لسٽ مان چڱيون شيون ملي ويون پر اهم شيءِ سئي ڌاڳو نه پئي مليو. ۽ هر ان عورت ۽ مرد کان اشارن سان يا ڊرائينگ سان سئي جو پڇيم ٿي، جنهن پنهنجي گهر جو سامان وڪيو ٿي. سئيڊن ۾ عام طرح سندن سئيڊش زبان ئي هلي ٿي جيڪا ايترو ئي گهڻو انگريزيءَ سان ملي ٿي جيترو کڻي چئجي ته اڙدو يا سنڌي عربيءَ سان يا پارسيءَ سان ملي ٿي. پشتو، جرمن ۽ روسي زبانن وانگر هتي جي زبان جو اُچار ڊگهو، ڏکيو ۽ کهري نموني جو آهي. هتي پهچڻ کان اڳهين اهو سوچيو هوم ته سئيڊن پهچي هتي جي زبان سکڻ تي مغز ماري نه ڪندس جيئن بنگالي جپاني ۽ ملئي زبانون خاص طور ۽ ڪجهه ٻيون زبانون ٿوريون گهڻيون سکڻ جي ڪوشش ڪئي هيم. جيستائين ان ملڪ ۽ قوم سان واسطو رهي ٿو ته زبان ياد رهي ٿي پوءِ وقت سان گڏ آهستي آهستي وسريو وڃي. بنگالي ۽ جپاني ته هاڻ چڱيءَ طرح ڳالهائي نٿي سگهجي. پر ملئي به آهستي آهستي وسرڻ لڳي آهي. اهو به چڱو جو يونيورسٽيءَ ۾ چار کن ملئي ۽ ٻه انڊونيشي شاگرد آهن جن سان ملئي ۾ ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي ۽ بنگالين سان ٿورو گهڻو بنگالي ڳالهائڻ لڳو آهيان. پر سئيڊش سکڻ لاءِ ان جي ڊڪشنري به نه پڇائي اٿم. پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙن موقعن تي سئي سڳي جهڙن لفظن جي سئيڊش زبان معلوم ڪرڻي پوي ٿي.
    مونکي ڪيترن دڪانن تان سُئيءَ جو معلوم ڪندو ڏسي هڪ هتي جي رهاڪو فلپينو منهنجي پاران دڪاندار کي سُئيءَ جو پڇيو ۽ پوءِ مونکي انگريزيءَ ۾ ٻڌايو ته سئي هتان نه ملي سگهندي. پاڻ وڌيڪ ٻڌايائين ته هوءَ فلپين جي آهي پر سندس مڙس سئيڊن جو آهي ۽ اٺ ڏهه سالن کان سئيڊن جي هن شهر مالمو ۾رهي ٿي.
    ”چڱو ڀلا سُئيءَ جو سئڊش لفظ ٻڌاءِ ته آئيندي اهو وٺي پڇايان.“
    ”Noel نوئل.“ هن ٻڌايو ۽ پني تي لکي به ڏنو.
    ”چڱو هاڻ ڇُٽئين. پاڻهي هٿ ڪندس.“ وراڻيومانس.
    ”يار سُئي جي اهڙي ڪهڙي ضرورت آهي. ڀاڀي جڏهن ڳوٺان اچي ته کيس لکجانءِ ته کڻي اچي.“ علويءَ چيو.
    ”ان جي اچڻ ۾ اڃا مهينو ڏيڍ آهي. منهنجي ڪوٽ جو مٿيون ٻيڙو ڇڄي پيو آهي ۽ سيءَ ۾ حالت خراب ٿي ٿئي.“ مون کين ڪوٽ جو ڇنل ٻيڙو کيسي مان ڪڍي ڏيکاريو.
    ”منهنجي خيال ۾ قاضي حميد وٽ سُئي هوندي.“ علويءَ چيو.
    ”ڇو هن درزڪو دڪان کوليو آهي ڇا؟“ مون پڇيو.
    ”انگلينڊ جي هوٽلن ۾ رهڻ واري کي سُئي سڳي جو پاڪيٽ ڏيندا آهن. هو ٽي ڏينهن لنڊن ۾ رهي، ٽيون ڏينهن آيو آهي.“ هن ٻڌايو.
    ان بعد اسان باقي بچيل هٽڙن جي قطار ڏسڻ ۾ لڳي وياسين. هڪ هنڌ اڇي ۽ ڪاري ڌاڳي جا ريل هئا پر سُئي نه هئي. ٺلهو ريل، سستو سستو ته به پنج ڪرونا يعني ويهين رپئي وڪيائين ٿي. ٽاول چادر کان رومال ڌاڳو _ هر اها شيءِ جيڪا ڪاٽن جي آهي هنن Scandinavian ملڪن ۾ مهنگي آهي. ٻارهوئي ٿڌ ۽ برف باري ڪري هتي ڪپهه جي پوک ته نه ٿئي پر ڪپهه مان شيون ٺاهڻ جون فيڪٽريون به نه آهن جيئن جپان، انگلينڊ ۾ آهن. جيڪي پاڪستان ۽ مصر جهڙن ملڪن کان ڪپهه ڌاڳو يا بافتي جهڙو سادو ڪپڙو وٺي ان کي بهتر جنس جو بڻائي مهنگو ڪر يو وڪڻن ٿا. سو سئيڊن ۾ Volvo ڪار کان بوفر بندوقون (جنهن راجيو گانڌي کي سياسي مار ڏني) ته سستيون (۽ ڪميشن تي) ملي سگهن ٿيون. پرڪاٽن جي شيءِ نه. ان ڌاڳن واري کان وري سُئي جو پڇي رهيو هوس ته پهرين واري فلپين عورت به اتفاق سان ان دڪان تي اچي بيٺي.
    ”ڇو اڃا سُئي نه ملي؟“ هن پڇيو.
    ”بنهه اميد نظر نٿي اچي.“ وراڻيومانس.
    ”مون وٽ سُيون سوين پيون آهن پر آئون پري رهان ٿي. تون ليزا کي سڃاڻين؟“
    “ڪير آهي؟“ مون پڇيو.
    ”هوءَ سيڪنڊييئر جي فلپينو شاگرد آهي ۽ توهان سان گڏ هينرڪ سمٿ هاسٽل ۾ رهي ٿي.“ هن ٻڌايو.
    ميس ۽ بس ۾ ٻه چار فلپين، ٿائيلينڊ ۽ڪوريا پاسي جون ڇوڪريون نظر ته اينديون آهن ٿي سگهي ٿوته انهن مان هڪ ليزا به هجي.“
    ها هوءَ پنجين ماڙ تي ڪمري نمبر 517 ۾ رهي ٿي ۽ ويڪ اينڊ (ڇنڇر آچر) تي مون وٽ ايندي آهي. ڪالهه به ٿي وئي آهي. هاڻ ٻئي ڇنڇر تي گهر ايندي ته تولاءِ سُيون موڪليندس.“
    پوري ٻارهين بجي ڌاري ڪئپٽن سليم قاسم سگنل ڏنو ته هاڻ نڪرڻ کپي ۽ بس اسٽاپ تي هلي سوا ٻارهين واري بس جو انتظار ڪجي نه ته ٻي بس هڪ بجي ڌاري ايندي. اسان پنهنجي خريداريءَ جون ٿيلهيون کڻي ان چورس هال وري مارڪيٽ مان ٻاهر نڪتاسين. سئيڊن جي رواج موجب خريداريءَ لا ءِ پلاسٽڪ جون ٿيلهيون، ماڻهو پنهنجي گهران ڪوٽن جي کيسي ۾ وجهي نڪرندا آهن جو هتي جي سپر مارڪيٽ مان هزار رپين کن جو سيڌو وٺ ته به ٿيلهين ۾ نه وجهي ڏيندا. پنهنجين آندل ٿيلهين ۾ سامان وجهي کڻو يا وري هڪ هڪ ڪرونا (چئين چئين رپئي) واريون ٿيلهيون وٺي سامان ان ۾ وجهو.
    راحت عزيز پنهنجو خريد ڪيل سامان هڪ اڍائي فوٽ کن وڏي بئگ ۾ وجهي هلڻ لڳو.
    ”خير ۾. ڪيڏانهن ٻئي شهر ٿو وڃين ڇا؟“ مون پڇيومانس.
    ”مون گهران پلاسٽڪ جون ٿيلهيون آنديون ڪونه هيون. ڪجهه ٿانوَ، اسٽيشنري ۽ ٻيو سامان ورتم جنهن لاءِ ٽي چار ٿيلهيون وٺڻيون پيون ٿي ۽چار پنج ڪرونا خرچ اچي ها ان کان هيءَ سيڪنڊ هئنڊ بئگ ڏهين ڪروني ۾ ملي وئي. سو ان ۾ فائدو سمجهي ورتم.“ هن پنهنجو لاجڪ ٻڌايو جيڪو سڀني کي وڻيو ته ٿوري سامان لاءِ اهڙي بئگ هڪ شهر کان ٻئي شهر تعليمي ٽوئر تي وڃڻ لاءِ کپي ٿي ۽ اسان پاڪستان کان جن بئگن ۾ سامان آندو آهي اهي بيحد وڏيون _ ڪنگ سائيز آهن ۽ راحت ڀاڳ وارو آهي جو خبر ناهي ڪهڙي نڀاڳي جوڙي جي طلاق ۾ کيس اهڙي سستي بئگ ملي ويئي نه ته ڪاٽن جي شين کان به وڌيڪ مهنگيون چمڙي جون شيون آهن. پوءِ چاهي بوٽ ۽ پرس هجن يا بئگون۽ بيلٽ. ان ڪري ته ڪراچيءَ ۾ صدر ڪوآپريٽو مارڪيٽ ۾ هن پاسي جي گورن انگريزن جي چمڙي جي جئڪيٽن، بئگن ۽ ٽوپين پٺيان ڌم هوندي آهي.
    ان ڏينهن خبر ناهي اسان پاڪستانين مان ئي ڪنهن پڇيو: ”پاڻ وٽ چمڙي جون شيون سستيون ڇو آهن.“
    ڪئپٽن عاشق اهڙي موقعي تي کلندي چرچي جي انداز ۾ جواب ڏنو:
    ”ان ڪري جو پاڻ مسلمان آهيون. ان ڪري پنهنجي ملڪ جي ته ڍڳي مينهن کايو چٽ ڪريو ڇڏيون، پر انڊيا جا وهٽ به هيڏانهن ڇڪي کايو ڇڏيون. ۽ پوءِ ظاهر آهي باقي بچن ٿيون انهن جون کلون. تان کي سُڪايو بوٽ، بئگون، بيلٽ ٺاهيو ويٺا آهن.“
    هڪ بجي ڌاري هاسٽل ۾ پهتاسين ته پنهنجي ڪمري ۾ پهچڻ سان هيٽر جو سئچ آن ڪري چانهه لاءِ پاڻي رکي گرم ڪپڙا لاٿم. سيءَ ۾ هلڻ ڪري نيرن تي کاڌل ٻه روٽيءَ جا سلائيس ڪڏهن ڪا هضم ٿي ويا هئا. هاڻ چانهه پي منجهند لاءِ ڪجهه سوچڻ لڳس.
    ڀاڄيون ۽ ميوا فقط ڇنڇر ڏينهن اوپن مارڪيٽ ۾ سستا ملندا آهن جيڪا هتي جي جمعي بازار آهي. دور دراز ڳوٺن کان هتي جا رهاڪو سئيڊن ۽ پولينڊ ۽ ٻين ملڪن کان لڏي آيل، هاري ناري ۽ باغائي پنهنجي زمين ڀور ۾ پوکيل ڀاڄي ميوا کڻي اچي پٽ تي ويهندا آهن. جن کان سياڻا ۽ اسان جهڙا گهٽ پئسي وارا هتي جا رهاڪو سڄي هفتي جي ڀاڄي ۽ فروٽ وٺندا آهن. پئسي وارا ته ڪنهن وقت ۽ ڪٿان به وٺي سگهن ٿا.
    مون ڪجهه رڌڻ لاءِ فرج کولي جائزو ورتو. ڊبل روٽي، پنير، بيضا ۽ کير پيو هو. اڄڪلهه بصر جي داڳ تي رڌل شيءِ کائڻ تي دل چئي رهي هئي. مهيني کن پاڻ وٽ يا ميس ۾ اوٻاريل ڀاڄيون کائي کائي اڄ ڇتائي ٿي رهي هئي. چلهي جي هيٺان وارو خانو کولي ڏٺم، فقط ٽي بصر جون ڳنڍيون هيون. ٽي بصر جون ڳنڍيون هن ملڪ ۾ وڏي ڳالهه آهي جتي بصر، پٽاٽن۽ صوفن جو ساڳيو اگهه ڏهه ڪرونا (چاليهه رپيا) سير آهي. بصر جو داڳ ڪري ان ۾ ڇا رڌي سگهجي ٿو. بيضائي آهن ٻي ڪا خاص Choice ته ناهي. پر بيضا ته هفتي جا پنج ئي ڏينهن، ميس ۾ نيرن تي ملن ٿا ۽ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته چاليهه سالن جي عمر کان پوءِ هفتي ۾ ٽي بيضا کائڻ به گهڻا آهن ۽ اڄ وري بيضو کائڻ معنى ڇهون بيضو کائڻ. صبح جو سوير اٿڻ ڪري ننڊ نه اچي رهي هئي. پر پڪ هيم ته خالي پيٽ تي ننڊ نه ايندي فقط ڦٿڪندو رهندس. پٽاٽا وٺڻ لاءِ ڪئپٽن سليم وٽ پهتس، جيڪو گذريل ڏينهن (ڇنڇر تي) هڪ سير بصر ۽ هڪ سير پٽاٽا وٺي آيو هو.
    ”يار مانيءَ جو ڇا ٿوڪرين؟“ مون پڇيومانس.
    ”بس يار آهي اهو به روز جو مسئلو. خاص ڪري ڇنڇر آچر. ٻين ڏينهن تي گهٽ ۾ گهٽ نيرن ۽ رات جي ماني تي ميس ۾ ٺهيل ٺڪيل مليو وڃي.“
    ”چڱو ٻه يا ٽي پٽاٽا کڻانءِ ٿو. ايندڙ ڇنڇر تي اوپن مارڪيٽ مان آئون ڀاڄي وٺي ايندس ته ڏيندوسانءِ.“ مون سليم کي چيو ۽ سليم ٿڪ جو اظهار ڪري چادر تاڻي چيو:
    مون کلندي چيومانس، ”چئبو ته اها اوڌر سروس چارج ۾ لٿ پٿ ٿي.“
    سليم رڌ پچاءِ جي معاملي ۾ مون کان به سست آهي. مون هائوڪار ڪري ويهي پٽاٽا کنيا ۽ ٻاهر نڪرڻ وقت چيومانس، ”هاڻ سمهي نه رهجانءِ. ٿور ي دير ويهي جاڳ، ۽ ريڊيو ٻڌ يا دعا ڪر ته، الله مونکي همت ڏئي جو ٻوڙ کائڻ لائق ئي رڌي سگهانءِ ۽ نه هارڻ لائق.“
    پٽاٽا کڻي ڪمري ۾ پهتس ۽ بصرن سان گڏ ڌوتم. ”گورن جي ملڪ ۾ هرشيءِ مهنگي آهي پر هر شيءِ جو هنن معيار تمام اوچو رکيو آهي. پيزن ۽ مڪئي جي سنگن کان بصر پٽاٽن تائين هتي جي هر شيءِ صاف سٿري، بهترين ۽ سوادي آهي.“ مون بصرن ۽ پٽاٽن کي غور سان ڏسندي دل ئي دل ۾ سوچيو.
    ايتري ۾ در تي کڙڪو ٿيو.
    ”ابا ڪير؟“ قاضي آهين ڇا؟“
    ”يار مين هون.“ ٻاهر راحت عزيز هو.
    ”توکي به پٽاٽا اڌارا کپن؟“ مون پڇيومانس.
    ”ها. مونکي به اهوئي هن وقت مسئلو اڳيان هو پر في الحال پاڻ سڀني جو مسئلو قدرت طرفان حل ٿي ويو آهي.“ راحت چيو.
    ”ڪيئن؟“ مون پڇيو مانس.
    ”جوهر صاحب منهنجي ڪمري ۾ ويٺو آهي. صبح کان پاڻ کي ڳولي رهيو هو. هو پاڻ کي مانيءَ لاءِ وٺي هلڻ ٿوچاهي. هڪ ٻن ٻين دوستن کي به گهرايو اٿس.“
    ”بلڪل صحيح وقت تي آيو آهي. سڏ ڪر هن ٽئين درويش ڪئپٽن سليم به ته هلي، متان سمهي نه رهي.“ مون پٽاٽا بصر ڇلڻ بند ڪري ٻئي ڇنڇر آچر لاءِ واپس ڪٻٽ ۾ رکي ڇڏيا.
    سئيڊن جي هن شهر مالمو ۾ رهندڙ ڪجهه پاڪستانين مان جوهر زمان به هڪ آهي، جيڪو ڪافي عرصي کان فئملي سان هتي رهي ٿو ۽ سئيڊن جو پاسپورٽ اٿس ۽ هاڻ هتي جو ئي شهري سڏائي ٿو.
    جوهر 1951ع ۾ پشاور ۾ ڄائو. سندس والد صاحب ميجر شير زمان خان خٽڪ شروع کان آرمي ۾ رهيو، جنهنڪري جوهر کي پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ رهڻ جو موقعو مليو. پاڻ مئٽرڪ لاهور مان ڪيائين ۽ انٽر ڪراچي بورڊ مان. ان بعد بي اي (آنرس) ۽ ايم اي (ايڪانامڪس) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.
    ”سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم دوران ڪجهه سنگتي ساٿي يا استاد صاحب جيڪي هينئر به ياد هجنوَ؟“ مون کانئس پڇيو هو.
    ”سنجراڻي صاحب جو پٽ عزيز سنجراڻي منهنجو ڪلاس ميٽ ۽ سٺو دوست هو. آئون سندس ڳوٺ ۾ ويندو هوس ۽ هتي اچڻ بعد به ڪجهه سال خط و ڪتابت رهي، پر پوءِ هرڪو عمر وڏي ٿيڻ سان پنهنجن مشغولين ۾ بزي ٿيو وڃي. پر اڃا به مونکي هو ياد آهي. اسان ڪجهه عرصو سول لائينس ۾ رهنداهئاسين ۽ قاضي عابد ۽ قاضي اڪبر جي ٻارن سان عليڪ سليڪ هئي. ان بعد لطيف آباد ۾ شفٽ ٿي وياسين. هن وقت مونکي چڱيءَ طرح ياد ناهي ته ڪهڙي هنڌ گهر هو پر قمر زمان شاهه صاحب جي بنگلي ڀرسان هو. استادن ۾ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جو پراڻو پروفيسر شوڪت عباس ياد اٿم ۽ ماهتاب چنه جن.“
    ”هتي سئيڊن ۾ ڪڏهن آيائو؟“
    ”سن 1975ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي ڪرڻ بعد آئون سڌو سئيڊن هليو آيس. منهنجيون ٻه ماسيون سئيڊن جي ٻي نمبر وڏي شهر گوتابرگ ۾ رهنديون هيون ۽ وڏو ڀاءُ گوهر زمان به هتي ئي هو، ان ڪري مونکي هيڏانهن اچڻ ۽ Settle ٿيڻ ۾ ڪا خاص درپيش نه آئي هئي.“
    جو هر زمان ڪراچيءَ مان شادي ڪئي ۽ سندس زال نفسيه (جيڪا پڻ ٽيچر رهي چڪي آهي) جو وڏي ڀيڻ بلقيس طاهره اڄڪلهه ڪورنگي جي پي. اي. ايف اسڪول جي پرنسپال آهي. جوهر کي پنج ٻار آهن: زينت نون سالن کن جي ٿيندي ان بعد حسن، عاليه، دانيال ۽ آخر ۾ ڇهن مهينن کن جو محسن ٿيندو، جهنججي ڄمڻ تي هتي جي اخبار ۾ آيو هو ته جوهر زمان کي سئيڊن ۾ سڀ کان گهڻا ٻار آهن ۽ جنهن جو مختصر ذڪر شروع ۾ ڪري آيو آهيان.
    جوهر چيو، ”اوورڪوٽ وغيره نه کڻو، جو در تان کڻي هلانوَ ٿو وري اتي ئي ڇڏي ويندو سانوَ.“
    اسان جي هاسٽل کان سندس گهر جو رستو سڌوئي سڌو آهي. رستي تي اسان کيس ٻڌايو ته مهيني ٻن بعد اسان جون فئمليون اچڻيون آهن ۽ عارضي طرح هولما (Holma) ۾ ايم ڪي بي جا فليٽ بڪ ڪرايا اٿئون. هولما جو علائقو مالمو جي وچ شهر کان ڇهه ست ميل پري ڏکڻ ۾ آهي ۽ ائين آهي جيئن ڪراچيءَ جي ڌوراجي سوسائٽي يا مسلم آباد يا حيدرآباد جي سٽيزن سوسائٽي. منجهس ايم ڪي بي وارن جا ڪيترائي فليٽ آهن جن ۾ گهڻو ڪري فارينر رهن ٿا. ايم ڪي بي ائين آهي جيئن ڊفينس سوسائٽي يا ميونسپل جو ادارو جيڪي سرڪاري يا نيم سرڪاري طرح فليٽ ٺهرائي پوءِ مسواِڙ تي ڏين يا وڪڻن ٿا.
    جوهر چيو: ”بهتر ٿيندو ته هولما بدران ڪنهن ٻئي هنڌ تي وٺو جتي يونيورسٽيءَ کي اڃا ويجهو هجو ۽ پنهنجي ملڪ يا ايراني، بنگالي، انڊين، ملئي همراهن جي پاڙي ۾ رهڻ بدران سئيڊن جي ماڻهن واري محلي ۾ رهو ته اهو تجربو رهندو.
    ”ڀلا فرنيچر وارو فليٽ وٺجي يا بنا فرنيچر جي وٺي پوءِ فرنيچر پنهنجو خريد ڪجي؟“ مون جوهر کان پڇيو.
    ”بهتر ٿيندو بنا فرنيچر وارو گهر وٺو اهو سستو پوندو. باقي فرنيچر ۽ ٿانوَ ٿپا عام جام پيا وڪامن. آچر جي اخبار کڻي ڏسندؤ ته ڪيتريون ئي فئمليون پيون لڏين پلاڻين ۽ وڃڻ وقت ڦلن مٺ ۾ سامان وڪڻن ٿا. پر جي توهان کي جلدي نه ملي سگهيو ته پلنگ بستر، ٽيبل ڪرسيون في الحال آئون ڏيندو سانوَ. ٿانوَ به مون وٽ ڪيترائي فالتو پيا آهن. توهان کان اڳ ۾ ظهير بابر ۽ آصف وارن به اهي استعمال ڪيا هئا. ٿانوَ ڪو گسن ته ڪونه ٿا.“
    سئڊن ۾ اچڻ بعد جوهر پهرين دڪان کوليو پر پوءِ دڪان بند ڪري هاڻ نيڪي جا ڪم کڻي ٿو. ڪٿي رستو ٺهرائڻ آهي، عمارت جي مرمت ڪرائڻي آهي، گاڏي وٺڻي ۽ وڪڻڻي آهي، بلڊنگ جي صفائي ڪرائڻي آهي ته جوهر کي تجربو به آهي ته ماڻهو به آهن جن ذريعي مختلف هنڌن تي مختلف ڪم ڪرائيندو رهي ٿو.
    ”دڪان مان مونکي گهڻو فائدو نه پئي ٿيو ۽ هر وقت پابند رهڻو پيو ٿئي،“ جوهر ٻڌايو، ”پر هنن ڪمن ۾ فائدو به آهي ته آزادي به. دراصل اڄڪلهه سٺي ڪمائي Services وڪڻڻ ۾ آهي. ڪنهن کي گهر جا نلڪا ٺهرائڻا آهن يا اليڪٽرڪ جي فٽنگ ڪرڻي آهي ته آئون حساب لڳائي کيس اُڪو ٻڌائيندو آهيان پوءِ انهن پئسن مان سامان به وٺان. پلمبر يا اليڪٽريشن به وٺي اچان ان بعد به ڪافي پڇيم.“
    ”پوءِ ماڻهو توکي ڪئين ڳولي لهن؟“ ڪئپٽن سليم پڇيس.
    ”آئون هر آچر تي ۽ هفتي جي هڪ ٻن ٻين ڏينهن تي اخبار ۾ اشتهار ڏيندو آهيان. ٻه فون گهر ۾ اٿم ۽ هڪ گاڏيءَ ۾، گهر فون اچن ته نفيسه (زال) نوٽ ڪندي آهي ۽ گاڏيءَ ۾ آئون. پوءِ انهن ماڻهن سان ملي کانئن ڪم جي نوعيت پڇي پنهنجو اگهه ٻڌائيندو آهيان.“
    جوهر پاڻ ٽي ماڙ تي مسواڙ جي فليٽ ۾ رهي ٿو ۽ سندس گهر جيڪو هيٺ مٿي آهي، اهو ٻن فئملين کي مسواڙ تي ڏنو اٿس. رستي تي هن اهو گهر به ڏيکاريو، جنهن جو هيٺيون مسواڙي ايندڙ مهيني ۾ خالي ڪري رهيو آهي ۽ ان بعد ڪجهه مرمت ڪرائڻ بعد جوهر پاڻ ان ۾ شفٽ ٿيڻ چاهي ٿو.
    ”آئون فليٽ ٽن مهينن بعد ڇڏيندس، تيسين ٻه مهينا مون وارو هيٺيون گهر خالي رهندو، توهان مان ڪنهن کي اهي ٻه مهينا جا ءِ کپي ته بنا مسواڙ جي رهي سگهي ٿو.“ جوهر اسان کي چيو. سندس اهي ڳالهيون هتي ايندڙ هر پاڪستاني ساراهي ٿو. 1985ع کان وٺي فقط هن يونيورسٽيءَ ۾ جيڪي آيا آهن انهن سڀني جي وات تي مالمو جي هن جوهر زمان جو نالو آهي يا مسعود ۽ ممنون جو. (جن جو ذڪر ڪنهن ٻئي هنڌ تي ڪبو.) پاڪستاني ته هتي ٻيا به گهڻائي آهن پر مٿين ٽن همراهن جي تعريف جا ڍڪ هر اهو پاڪستاني ڀري ٿو، جيڪو هتان سئيڊن جي هن شهر مالمو مان ٿي وڃي ٿو. عيد نماز لاءِ مسجد تائين وٺي هلڻ ۽ واپس ڇڏڻ لاءِ به هنن کي فون ڪندا آهيون ته ملڪ وڃڻ لاءِ اڳواٽ اڌار تي ٽڪيٽ وٺرائي ڏيڻ لاءِ به هنن کي چوندا آهيون. هتي آيل هر پاڪستانيءَ جي هرڪم ۾ سڄي دل سان مدد ڪرڻ ۾ هنن نيڪ انسانن جو جواب ناهي.
    جوهر جو فليٽ ٽي ماڙ تي آهي. فليٽ ۾ گهڙڻ سان ڄڻ سئيڊن پٺتي رهجي ويو، پاڪستان جي ڪنهن شهر جي ڪنهن پاڙي ۾ اچي ويا هجون. ولايت ۾ به پاڪستانين جو گهر نگاهه، خوشبوءِ ۽ آواز مان پڌرو لڳندو. گهر ۾ چوڌاري نظر ڪبي ته مختلف سائيزن جا ننڍا وڏا بيبي سائيز غاليچا نظر ايندا، ڀتين تي سڄي ڪٽنب جا گروپ فوٽو، ٽي وي، ريڊيو ۽ بخاريءَ مٿان براس ۽ اونئڪس پٿر جون شيون. اهو ته ٿيو ڏسڻ سان. سونگهڻ مان پاڪستانيءَ جو گهر ائين لڳندو جو مرچ مسالن جي سڙڻ جي ڌپ ايندي ۽ خاص ڪري توهان مهمان ٿي پيا وڃو ته توهان جي خاطر جيڪي به ڊش ٺهندا اهي تر تران وارا، جن ۾ بصر جو داڳ پيو ٿيندو، سائو مرچ گرم تيل جي ڪڻڇيءَ ۾ پيو ڦٿڪندو ۽ ٽين چلهه تان مٺين سوين جي چاش ۽ مکڻ جي خوشبوءِ پئي ايندي. ان کان علاوه انڊيا، پاڪستان جي آچارن، سوپارين، ٻارهن مسالن وارن پانن جي رنگارنگ خوشبوءِ پئي ايندي. ان سون تي سهاڳ اهو ته هڪ ٻه اگر بتي پئي ٻرندي.
    آوازن ۾ ائين پاڪستاني گهر لڳندو ته وقتو بي وقتو وي سي آر پيو هلندو ۽ انڊين فلم يا پاڪستاني ٽي وي ڊرامو فل آواز تي پيو هلندو. ٽي وي جي ان آواز جي بئڪ گرائونڊ ۾ رکي رکي ٻارن جون دانهون، ڪنهن جي ڪرڻ جو آواز يا ڪنهن ٿانَ ڀڄڻ جو آواز پيو ايندو. ۽ اهڙي طرح ماحول ۾ اسان بلڪل هوملي محسوس ڪنداآهيون.
    ٿوري دير بعد جوهر جو ٻيو مهمان شبير نالي به ٻارن سان چي ويو. شبير مالمو ۾ ٽئڪسي هلائي ٿو ۽ کيس سئيڊن ۾ رهي ڏهن سالن کان به مٿي ٿي ويو آهي. شبير جي اچڻ سان اسان مانيءَ لا ءِ اٿياسين ۽ ٽي ويءَ تي وي سي آر ذريعي هلندڙ ڪمال جي پاڪستاني فلم ”انسان اور گدها“ ڏسڻ بند ڪري بوريچيخاني ۾ رکيل ٽيبل جي چوڌاري اچي ويٺاسين.
    مانيءَ ۾ نفيسه ڀاڀيءَ تمام گهڻوکڻي ڪيو هو. حليم، دهي بڙا، ڀينڊي، گوشت ۽ ڪڪڙ جي ٻوڙ، ڀت ۽ چانور.
    جوهر چيو ته هو اڳواٽ اطلاع ڪري نه سگهيو هو جو ڊپ هئس ته متان اسان نه اچون ۽ سندس ماني ضايع نه ٿي وڃي.
    ڪئپٽن سليم چيس: ”هو ڇا چوندا آهن ته داڻي داڻي تي کائڻ واري جو نالو لکيل آهي. اسان جي قسمت ۾ هيءَ ماني هئي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اسان کي پٽاٽن کائڻ ۽ رڌڻ جي محنت کان بچايئي.“
    ماني بعد صوف کائي اچي ڊرائينگ روم ۾ ويٺاسين پر جوهر جي رڙ لڳي پئي هئي ته ”نفيسه مٺو ڪونه ٺاهيو اٿئي ڇا.“
    نيٺ نفيسه ڀاڀي مرڪندي اٿي، ڏهن منٽن ۾ سويون ۽ ڪيڪ ٺاهي آئي.
    راحت عزيز کي آهستي چيم، ”جوهر وارن کي وڏي دل ۽ وڏو مائڪرو ويو اوون آهي نه ته پاڪستاني ته جنهن تنهن ملڪ ۾ نظر اچن ٿا.“ اٿڻ مهل جوهر چيو ته هاڻ شام ته هونءَ ئي ٿي وئي آهي. ڏهه منٽ ترسو ته چانهه پي پوءِ هلون. پٺاڻن واري ڪڙڪ چانهه پيئڻ بعد نه فقط اسان کي پر هاڻ جوهر کي به ننڊ جا خمار اچي رهيا هئا.
    اسان کيس واپس ڇڏي اچڻ جي تڪليف ڏيڻ بدران بس ۾ موٽڻ جو ارادو ڏيکاريو، پر نه جوهر مڃيو نه سندس دوست شبير. نيٺ شبير جنهن کي شهر ڏي اچڻو هو، پنهنجي ٽئڪسيءَ ۾ اسان کي هاسٽل وٽ ڇڏي ويو. رستي تي هو سئيڊن جي ماڻهن بابت ٻڌائيندو هليو. خاص ڪري راتوڪي هڪ مسافر بابت جنهن لهڻ وقت پئسا نه ڏنا. شبير چيو: ”هونئن سئيڊن جا ماڻهو اهڙا آهن ڪونه. مونکي ڇهه ست سالن جي ٽئڪسي ڊائيوريءَ ۾ اهو پهريون همراهه مليو جيڪو بنا پئسن جي منهنجي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺو.“
    لهڻ وقت مون چيو مانس: ”شبير صاحب ڀلا ميٽر ته تون آن ڪيو ڪونه. زباني کڻي ٻڌاءِ ته بل گهڻو ٿيو.“
    ”يار ڇو ٿا شرمندو ڪيو. اها ته مون لاءِ عزت جي ڳالهه آهي جو منهنجي دعوت تي توهان منهنجي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺو.“ هن چيو.
    ”چڱو ڀلا ان لاءِ مهرباني پر هاڻ اهو مڃڻو پوندي ته تنهنجي ڇهه ست سالن جي ٽئڪسي ڊرائيوريءَ ۾ هڪ نه، پر اسان به بنا ڀاڙي جي تنهنجي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺاسين.“


    پاڳل آهي

    اڄ ايسٽر جي موڪل آهي. ڪرسمس ڊي جيڪڏهن عيسائين جي وڏي عيد آهي ته ايسٽر ننڍي عيد سمجهڻ کپي، جيڪا هتي سئيڊن ۾ چڱي خاص پئماني تي ملهائي وڃي ٿي. ايسٽر جمع ڏينهن ملهايو وڃي ٿو ۽ ان جمعي کي Good Friday سڏجي ٿو.
    يارهين بجي ڌاري چيف انجنيئر راحت عزيز اچي در کڙڪايو. آئون به ڪافي دير کان پڙهائي ڪري رهيو هوس ۽ هاڻ ٿوري رسيس ڪرڻ جي موڊ ۾ هوس. راحت جو آواز ان وقت ڀاڳ وارن ملائڪن جو سمجهي يڪدم ڪتاب بند ڪيم.
    ”اچ يار اچ. ڪهڙي خبر چار آهي؟“ مون در کولي راحت کي اندر اچڻ لاءِ چيو. پر پاڻ اچڻ بدران هاسٽل جي ڊگهي ورانڊي ۾ ئي بيهڻ پسند ڪيائين. ان ڪري آئون به ٻاهر نڪري بيٺس.
    ”يار اڄ ڀلاري ڏينهن تي پڙهائي ڪري رهيو آهين.“ هن چيو.
    ”ڀلارو آهي ته عيسائين لاءِ جيڪي چرچ ۾ ويا آهن باقي هندو، ٻڌ ۽ ٻيا سڀ امتحانن جي تياري پيا ڪن. بهرحال ڪهڙي خبر چار؟“ هونءَ ڪنهن جي اچڻ ۽ ڊسٽرپ ڪرڻ ۾ مونکي بيزاري ٿيندي آهي پر ان وقت آءُ بڪ شڪ ڪرڻ جي سخت موڊ ۾ هوس. آيل شڪار کي وڃڻ نٿي ڏيڻ چاهيم. ڪير ڪيترو به اڪيلائي پسند هجي ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪيترو به ڪتابن ۽ لکڻ پڙهڻ جهڙن ڪمن ۾ Self Occupied (مشغول) رکي ته به روزانو ڪي اهڙيون گهڙيون ضرور اچن ٿيون جن ۾ هڪ انسان ٻئي سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ چاهي ٿو.
    ”بس ڪا خاص خبر ناهي“، راحت چيو، ”اهو پڇڻ آيس ته ٻاهر وڃين ته مون لاءِ ماکي وٺي اچجانءِ ته ڊبل روٽيءَ سان نيرن ڪريان. اڄ موڪل ڪري ميس ته هرگز نه کلندي. سڀان پرينءَ تي هونءَ ئي ڇنڇر آچر جي موڪل آهي.“
    وڃڻ ته چاهيان ٿو پر ٻڌو اٿم ته ايسٽر ڪري اڄ دڪان بند آهن. ڪنڊ تي جيڪا فلسطيني جي پيڊي آهي اها به اڄ بند آهي.“
    اسان جي هاسٽل جي ٻاهران هڪ فلسطيني رفيوجيءَ جو ننڍڙو هٽڙو آهي، جيڪو هو موڪل وارن ڏينهن تي به کولي رکندو آهي. هرشيءِ جا اگهه سو اهڙا هوندا اٿس جو گراهڪ جي ابتي کل لاهيندو آهي. پر ٻيا دڪان بند هجڻ ڪري، مجبوريءَ جي حالت ۾ ماڻهو هن وٽ به پهچي ويندا آهن. پر اڄ هن جو دڪان بند رکيو آهي، شايد سندس عيسائي پوڙهي محبوبا جي چوڻ تي، عرب ملڪن ۾ جيئن مڪاني عربن کي ٻاهران چار ماڻهو (آيا، بواءِ، ڪُڪ ۽ ڊرائيور) گهرائي پاڻ وٽ رکڻ جي اجازت هوندي آهي (جنهن کي هو اي، بي سي، ڊي ويزا سڏين ٿا) تيئن سئيڊش اڪيلين پوڙهين عورتن کي هڪ عدد ڪتي يا / ۽ هڪ عدد ڌارئين مرد کي پاڻ وٽ ٽڪائڻ جي اجازت آهي. ٻه سال رهائڻ بعد هن کي آٽوميٽيڪلي سئيڊن جي شهريت (پاسپورٽ) مليو وڃي. ان بعد هو ان قيد مان نڪرڻ چاهي ته به آزاد ٿي سئيڊن ۾ رهي سگهي ٿو. سو نه فقط هي فلسطيني سليمان، پر ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جا همراهه هڪ عدد هتي جي پوڙهيءَ سان نڪاح يا بنا نڪاح رهيل نظر ايندا.
    ”پوءِ ڀلا ڇا ڪجي؟“ راحت مونکي خيالن جي دنيا مان ڪڍيو.
    “دڪان ته بند آهن. چئين ته بس ۾ هلي چڪر هڻي اچون. موسم واهه جي ٿي وئي آهي.“ مون صلاح ڏني. پاڻ وٽ موسم واهه جي ٿي وئي آهي معنى جهڙ ٿيو آهي يا بوندا باندي پئي ٿئي. پرهن پاسي _ خاص ڪري يورپ جي اتراهن ملڪن ۾ موسم واه جي تڏهن ٿيندي آهي جڏهن سج نظر ايندو آهي، اس نڪرندي آهي.“
    ”دل ته منهنجي به ڏاڍي چوي ٿي، جو ڪيترن ڏينهن بعد اڄ اس نظر آئي آهي ۽ ٽيمپريچر به پنجن جمان نَو ڊگريون ٿي ويو آهي.“ راحت چيو.
    ”ته پوءِ واروڪر. انکان اڳ جو يورپ جي موسم اسان جو گهمڻ زهرڪري، جلدي شهر جو چڪر هڻي اچون. متان ڪو دڪان به کليل هجي.“
    ”پر منهنجي طبيعت صحيح ناهي. اڄ نه سڀان هلنداسين.“ راحت وراڻيو.
    ايتري ۾ منهنجي ساڄي پاسي وارا ٻه ڪمرا ڇڏي ٽئين ۾ رهندڙ ڪولمبيا جي ائنا روزا سامهون ايندي نطر آئي. پاڻ جتي پوتيءَ ۾ هئي، يعني اوورڪوٽ مفلر ۾“ تنهنجي معنى ٻاهران ٿيو پئي اچي.
    ”مائي ائنا ڪر خبر، دڪان کليل آهن يا بند؟“ مون پڇيومانس، پر هن نه سمجهيو ۽ وائڙن وانگر نهارڻ لڳي.
    ”هاڻ وري آهستي تون پڇينس“، راحت کي چيم، ”هي ڏکڻ آمريڪا جا، اسپيني ڳالهائڻ وارا انگريزي ڏاڍو ڏکيو سمجهن ٿا.“
    منهنجي چوڻ تي راحت هڪ هڪ لفظ الڳ الڳ چئي جملو پورو ڪيو.
    ”ڪجهه بند آهن پر اوپن مارڪيٽ جا کليل آهن، شايد.“ ائنا روزا جيئن تيئن ڪري جملو پورو ڪيو ۽ اسان سندس ڳالهه سمجهي، پر آخر ۾ اهو لفظ شايد (Perhaps) خبر ناهي ڇو ڳنڍيائين. ان اسان کي منجهائي وڌو. هونءَ ته هي اسپيني ۽ فرنيچ ڳالهائيندڙ آفريڪي، جيڪو نئون لفظ سکندا آهن اهو ضرورت هجي يا نه، زور ڪري پيا ورجائيندا آهن- خاص ڪري هيءَ ائنا روزا ته ان ڪم ۾ هيڊ ماسترياڻي آهي.
    ”پوءِ تو ڇا ورتو؟“ راحت يا شايد مون کانئس پڇيو.
    ”مون ڪجهه ڪونه ورتو جو دڪان بند هئا.“ هن وراڻيو.
    ”پر تو ته چيو ته کلُيل آهن.“ اسان تعجب مان پڇيس.
    ”اوپن مارڪيٽ ۾ جهڙو کليل هئا.“ ائنا روزا جيڪا پاڻ ته هميشه وانگر منجهيل آهي، هاڻ اسان کي منجهائڻ لڳي.
    ”ڏس!“ مون آهستي آهستي انگريزيءَ ۾ جملو ٺاهي کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”اوپن مارڪيٽ ۾ ته پٽ تي يا گاڏن تي ڀاڄي ۽ ميوا رکي وڪڻندا آهن. تنهنجو مطلب انهن دڪانن سان آهي؟“
    ”اهي بند هئا. پاسي وارا کليل هئا.“ ائنا ٻڌايو.
    ”انهن تان ڊبل روٽي ۽ بيضا ملي ويندا؟“ مون پڇيو.
    ”کليل هوندا ته ملي ويندا؟“
    ”ڇا مطلب؟ تون ته چئين ٿي ته اهي کليل آهن.“ اسان چيس.
    ”چوان ٿي، پر مونکي پڪ نه آهي ته کليل هئا يا نه.“ ائنا چيو.
    ۽ هاڻ راحت وري ڪجهه پڇڻ وارو هوس پر ايتري ۾ هندستاني شاگرد (مسٽر وجئي هانڊا) اچي ويو، تنهن ائنا روزا جا اهي آخري لفظ ٻڌي، اسان کي اڙدوءَ ۾ چيو:
    ”پاگل هي سالي. سائيڪل جڏهن کان ورتي آهيس، هر وقت لوفرن وانگر هلائيندي وتي. هينئر به ان کي هلائي هِتان هُتان رلي آئي آهي. اوپن مارڪيٽ جي چوڌاري جيڪي فرنيچرن جا دڪان آهن انهن لاءِ سمجهي پئي ته کليل آهن، جيتوڻيڪ اهي به بند آهن پر انهن جون هميشه ٻرنديون رهن ٿيون، سو هيءَ سمجهي ٿي ته اهي کليا پيا آهن.“
    ”پڙهڻ ۾ڪيئن آهي؟“ مون وجئي کان پڇيو، جيڪو ساڳئي سبجيٽ ۾ هن سان گڏ ايم ايس سي ڪري رهيو آهي. وجئي بمبئيءَ ۾ ڪنهن جهازران ڪمپنيءَ جو مئنيجر آهي. بيحد ذهين آهي ۽ پنهنجي ڪلاس ۾ نمبر کڻندو آهي.
    ”صفا چٽ آهي، جنهن کي Density، ماس ۽ واليوم جهڙيون شيون نٿيون اچن، اها ڇا هوشيار هوندي.“ وجئي ٻڌايو.
    ”اها ڳالهه ناهي،“ راحت چيو، ”فزڪس ۾ سو موڳي آهي، اهو پاڻ به چوي ٿي ته هن ننڍي هوندي فزڪس نه پڙهي هئي، باقي حسابن ۾، ايڪانامڪس ۾ يا بندرگاهه جي ڪمن ۾ هوشيار آهي ۽ ايم ايس سي به ان ئي ڪم Ports & Shiping Admimistration ۾ ڪري رهي آهي.“
    ”پر پروفيسر ڪو سوال پڇندو آهيس ته جواب کان آڱوٺو ڪڍي ويهندي آهي.“ وجئي راحت کي چيو.
    ”اهو پاڻ چوندي آهي ته کيس سڀ اچي ٿو پر انگريزيءَ ۾ جواب ڏيندي شرم ٿو اچيس. اسپينيءَ ۾ ڪو پڇيس ته خبر پوي.“ راحت ٻڌايس.
    ”آئون سمجهان پئي وجئي منهنجي گلا ڪري رهيو آهي.“ ائنا روزا آخرڪار ڪڇي.
    ”چوي ٿو تون صفاچٽ آهين.“ راحت چيس.
    ”اڙي ڀائي راحت! هي تون ڇا ٿو چوينس.“ وجئي چيو.
    ”وجئي جنهن ڪمپنيءَ جو مئنيجر آهي ان جي جهازن کي ڏسي رهنديس. رڳو منهنجي ملڪ ڪولمبيا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ سندس ڪمپنيءَ جو ڪو جهاز داخل ٿئي ته Arrrest ٿي ڪرايانس.“ ائنا چيو.
    ”توهان سائوٿ آمريڪن جو ٻيو ڪهڙو ڪم. مڙيئي اهاني بهاني ٿي رشوت وٺڻي.“ وجئي ڪجهه چڙ مان چيو پر جلدي چوڻ تي ائنا سمجهي نه سگهي.ڳالهه جو ٽاپڪ بدلائڻ لاءِ مون وجئي کي مخاطب ٿي چيو.
    “So Vijay! What is good News?” ڪا سٺي خبر ٻڌاءِ.
    وجئي پنهنجي مخصوصي انداز ۾ چيو: ”اڙي ڀائي هتي سئيڊن ۾ ڇا Good News ٿي سگهي ٿي، ها بس اهائي سٺي خبر آهي ته اڄ اس نڪتي آهي. موسم في الحال واهه جي ٿي وئي آهي.“ اهو چئي وجئي به پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو. ائنا ڪجهه گهڙيون ان کان اڳ ئي رواني ٿي چڪي هئي.


    لوهه جا نه پر شيشي جا هجن

    هونءَ ته اسان جهڙن ملڪن ۾ موسم تڏهن سٺي چئبي آهي جڏهن جهڙالو ڏينهن هجي، جو پاڪستان هندستان جهڙا ملڪ خط استوا جي ويجهو هجڻ ڪري سج جا ڪرڻا سڌا پون ٿا ۽ سخت گرمي ٿئي ٿي. پر هتي سئيڊن ۾ يا ناروي، فنلئنڊ ۾ اونهاري ۾ به اسان جي سياري واري سيءَ کان سخت سيءُ آهي. تڏهن به ڪالهه هتي جي هڪ سئيڊش پروفيسر جڏهن اسان کي سئيڊن جي موسم بابت پڇيو ته يمن جي مبارڪ يڪدم چيس:
    ”سر! توهان جي ملڪ ۾ اسان وانگر، نه سرءُ اونهارو ٿئي ۽ نه بهار سيارو. توهان وٽ فقط ٻه مندون ٿين ٿيون.“
    ”ڪهڙيون؟“ هن پڇيو.
    ”هڪ سيارو.............. مبارڪ وراڻيس.
    ”ٻيو اونهارو ڇا.“ پروفيسر چيو.
    ”نه.“ مبارڪ درست ڪندي چيس، ”ٻيو حالت خراب ڪندڙ سيارو آهي.“
    چئن موسمن جو تصور فقط ڪجهه خوش نصيب ملڪن ۾ آهي جن ۾ اسان جو ملڪ به هڪ آهي، نه ته ڪيترن ملڪن ۾ ته فقط هڪڙي موسم ٿئي. جيئن ملائيشيا ۾ ٻاروهوئي فقط مينهوڱيءَ جي موسم هلندي رهي ٿي. مينهوڱي ۽ جهڙ ڦڙ سٺي شيءَ آهي پر ٻاروهوئي اها ڪار لڳي رهي ته انسان فطرتاً بيزار ٿيو پوي ۽ ان شيءِ جو قدر ڪرڻ گهٽايو ڇڏي. ست اٺ سال يڪا اهڙي موسم ۾ رهڻ بعد، پاڪستان ۾ جڏهن پهريون سيارو آيو ته ان وقت احساس ٿيو ته قدرت اسان جي ملڪ تي يورپ ۽ آفريڪا، ملائيشيا، انڊونيشيا جهڙن ملڪن کان وڌيڪ مهربان آهي. پرشايد اسان ماڻهن ۾ افعال ناهي. ۽ چڱو جو ملائيشيا جهڙو مينهن نٿو پوي، نه ته اسان جا ڳوٺ توڙي شهر جيڪي سخت گدلا ٿي ويا آهن، انهن ۾ اهڙي مينهن ۾، ايترا ته جراثيم ۽ پوسل ٿئي جو بيماريون وڪوڙي وڃن. رڳو ٻه ڏينهن مينهن ٿو پوي ته، ڪيترا نوان ٺهيل رستا ۽ سرڪاري عمارتون هيٺ دٻجيو وڃن. سو جي ملائيشيا وانگر مهينو مهينو مينهن وسي ته خبر ناهي ڇا حشر ٿئي.
    ”سو راحت خان ٻي ڪهڙي خبر چار؟“ ائنا ۽ وجئي ته هليو ويو. پر راحت کي وڃڻ کان جهلڻ لاءِ کانئس سوال ڪيم.
    ”بس خبر وري ڪهڙي آهي. ڪڏهن ڪڏهن سخت بوريت ٿئي ٿي.“
    ”ڇو سيءَ جي ڪري.“ مون پڇيو.
    ”نه. سيءُ ته ڪا نئين ڳالهه ناهي. انهن لاءِ ضرور آهي، جيڪي پهريون دفعو هن پاسي آيا آهن. پاڻ ته جهاز ۾ هن کان به وڌيڪ ٿڌ ۾ آيا هونداسين.“
    ”اها ته ڳالهه آهي. پهريون دفعو ٻاهرنڪري ڏٺوسين ته اوڊيسا جي سڄي بندرگاهه ۾ برف جو اڇو ٿلهو تهه ڄميو پيو هو. جهاز کي هڪ جيٽيءَ کان ٻي جيٽيءَ تي شفٽ ڪرڻ لاءِ جڏهن ٽگ بوٽ آئي ته برف جو مٿيون تهه ڀڃندي آئي.“ مون اهي، هن کان ٿڌا ڏينهن ياد ڪري، سئيڊن جي هن سرديءَ مان گرمائش حاصل ڪئي. ائين جيئن ڪو گهر ۾ ويٺي گرميءَ جي دانهن ڪري ته ٻيو سمجهائيس ته شڪر ڪر. اهڙا به ماڻهو آهن جيڪي سڄو ڏينهن ٻاهر اُس ۾ پورهيو ڪن ٿا.
    ”واقعي! راحت ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”لوهي جهاز تي ڪڏهن ڪڏهن سرديءَ جي اهڙي لهرمان گذر ٿيندو هو جو الله ڏئي پناهه. گذريل سال جي ڳالهه آهي. اسان کي اتي فن لئنڊ ۽ جرمنيءَ واري علائقي ۾ ڪي ڏينهن ڪاٽو ويهه کن ڊگريون ٿڌ ملي. ڇا غضب جي سردي هئي. خلاصين ته ٻاهر ڊيڪ تي نڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آخر ماڻهو ڪيترا گرم ڪپڙا پائي لوهي ڊيڪ تي ڪم ڪري سگهندو ۽ ڪيتري وقت لاءِ؟ Fire Mains جي پائيپن مان پاڻي ڊرين ڪرڻ وسري ويو، وال ون (Valves) سميت پائيپ ائين ڦاٽي پيا ڄڻ لوهه جا نه پر شيشي جا هجن. انجن روم ۾ ليوب آئل ۽ ٻين شين جو ٽيمپريچر قائم رکڻ مسئلو ٿي پيو هو.“
    (ٿڌ ۾ هر شيءِ سُسي ٿي پر پاڻي ڄمڻ سان ان جو واليوم وڌي ٿو. نتيجي ۾ جيڪڏهن هن کي وڌڻ لاءِ جاءِ ناهي ته جنهن شيءِ ۾ آهي ان کي ڦاڙيو رکي.)


    ڪهڙي وڻ تي

    اسان ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين ته نائيجيريا جي عارت ماپانڊوڪ اچي نڪتي.
    ”هاءِ!“ هن کيڪاريو ۽ پوءِ منهنجي ڪمري جي سامهون واري 321 نمبر ڪمري ۾ رهندڙ گهانا جي شاگردياڻي ايلس جو دروازو کڙڪايو.
    ”ڪانهي ڪا. چرچ ۾ وئي آهي.“ راحت عزيز چيس.
    “ڪيڏي مهل وئي.“ عارت پڇيس.
    ”صحيح وقت ته خبر نه اٿم پر سندس ملڪ (گهانا) جو ڪئپٽن آرون ٽرڪسن به ان سان گڏ هو مونکان اڌارو ورتل ڪتاب ڏيندو ويو هو.“ راحت ٻڌايس.
    آرون ٽرڪسن اسان پاڪستاني، هندستاني ۽ بنگلاديشي شاگردن ۾ مشهور آهي. مشهور ان ڪري جو شام جو ستين بجي يا نائين بجي جڏهن ٽي ويءَ تي بي بي سيءَ تان خبرون اينديون آهن ته مٿين ٽنهي ملڪن جا اسين موجود هوندا آهيون. سندس جنرل ناليج واقعي قابل داد آهي. باقي ٻيا آفريڪن شيدي توڙي ڏکڻ آمريڪا ۽ فارايسٽ جي ملڪن جا، بليرڊ راند کيڏڻ يا ٽي ويءَ جا ٻيا پروگرام ڏسڻ ۾ مست هوندا آهن. ويندي عرب به پنهنجيءَ ۾ مست هوندا. لبيا ۾ ڀلي ڇا پيو ٿئي. عراق ۽ موراڪو ۾ ڀلي ڇا پيو وهي واپري، قذافيءَ پويان يو اين او ۽ آمريڪن لڳا پيا هجن، ياسر عرفات جو جهاز گم هجي، ڪردن مٿان بمباري پئي ٿئي، ڪنهن کي ڪو فڪر ناهي. نه اردني عربن کي، نه مصرين کي، نه سعودي عرب جي رهاڪن کي نه موراڪو ٽيونيشيا وران کي. ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته ڇا سڀ غم اسان ننڍي کنڊ جي رهاڪن لاءِ آهن. يا ڇا اسان Over _ Sensitive آهيون. جو پنهنجي ملڪ ۽ پاڙي اوڙي جي خوشيءِ غميءَ ۾ ته هيڪاندو گهڻو اظهار ڪيون ٿا پر ڏور رهندڙن سان به ڪونه ڪو ناتو رشتو ڳنڍيو هنن جو ڏک، درد، خوشي ۽ راحت پنهنجي سمجهون ٿا.
    عراق جي صدر صدام حسين کي سُڌ نه سماءُ اسان وتون هن پاران نعرا هڻندا. پاڙي ۾ ٽولا ٺاهي هڪ ٻئي سان وتون بحث ڪندا ۽ پنهنجي ملڪ جون بسون ساڙيندا. ساڳي طرح ياسر عرفات به صدام وانگروتي اسان کان وڌيڪ هندستان سان همدرديون ڪندو ۽ اسان آهيون سو چرين وانگر ”اسان جا مسلمان ڀائر _ هائي ڙي گهوڙا. هائي“ ۽ هي مسلمان ڀائر هر وقت چون ته اسين عرب پهرين آهيون ۽ مسلمان پوءِ. ۽ وري عرب به گڏجن ٿا ته ڪويت، سعودي عرب، بحرين جهڙا امير، وڌيڪ هڪ ٻئي لاءِ ڀائپي جتائين ٿا. يمن جهڙي غريب ملڪ جي رهاڪوءَ کي اڇوت ڪريو ڇڏين.بهرحال سامهون بيٺل عارت کان پڇيم:
    ”ڪر خبر پٽاٽا رڌي ڇڏيئي؟“
    پاڻ کلڻ لڳي. کيس ڪالهه يونيورسٽيءَ مان موٽڻ وقت چيو هوم:
    “Wish you happy long week end and Cocking”
    رڌ پچاءُ ڇو ڀلا؟“ هن پڇيو هو.
    ”ان ڪري جو ڇنڇر آچر ته هونءَ ئي موڪل ڪري ميس بند آهي پر ايسٽر ڪري جمع به موڪل آهي.“ مون ٻڌايومانس. هن ان جي اميد نٿي رکي ته جمع کان ميس جي ماني بند ٿيندي.
    ”ڏاڍي ٻڌائي. مون وٽ به رڌ پچاءُ جو سامان کپي ويو آهي. پر اهو به سٺو جو معلوم ٿي ويو. هاڻ هاسٽل ۾ ڪتاب ڇڏي مارڪيٽ مان سيڌو وٺي اچان ٿي.“
    ۽ پوءِ هاسٽل تائين گڏ ايندي ڏک سور ورجائيندي رهي، جيڪي اسان سڀني جا ساڳيا آهن: ”دنيا ۾ هن قسم جي فقط هڪ ئي يونيورسٽي ٺاهڻي هين ته، آئون چوان ٿي ته هتي هن سئيڊن جهڙي ملڪ ۾ ڇو ٺاهيائون. جتي جي هيڏي ظالم موسم آهي ۽ ان کان علاوه هن ملڪ ۾ مهانگائي اها آهي جو انگريز توڙي فرينچ، جرمن توڙي جپاني ۽ آمريڪن به هن ملڪ ۾ اچي مهنگائيءَ جون دانهون ڪن ٿا. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته توهان ترقي پذير (Under Developed) ملڪن جي ماڻهن لاءِ اعلى تعليم لاءِ هيءَ يونيورسٽي ٺاهي، يعني ان ۾ گهڻائي ايشيا ۽ آفريڪا جي ماڻهن جي آهي ته پوءِ ملائيشيا، سنگاپور، مالٽا، هانگ ڪانگ جهڙن هنڌن تي کڻي ٺاهيو ها. سئيڊن کان ته انگلينڊ يا آمريڪا به سستو آهي.“ عارت چيو.
    ”شايد ان ڪري جو سئيڊن چاليهه سيڪڙو خرچ ڏئي ٿو. يونيورسٽي هاسٽل سميت.“ مون سندس ان پهلوءَ ڏي ڌيان ڇڪايو.
    ”آئون چوان ٿي ته ڇا ضروري آهي ته سئيڊن خيرات ڏئي. نه ڏئي ها. ڪي ٻيا ملڪ ڏئي وجهن ها، ۽ ٻي ڳالهه ته، باقي جيڪو سٺ سيڪڙو آهي اهوئي ايترو گهڻو آهي جو ايمان سان ٻيو ڪو ملڪ هجي ته خوب خرچيون ها ته به بچي ها. هاسٽل ۾ رهڻ ۽ ماني کائڻ بدران هي پنج هزار کن ڪرونا (ويهه هزار رپيا) ڏين ٿا. پر هڪ بيڊ روم واري فليٽ جي به مسواڙ ٽي هزار ڪرونا (ٻارهن هزار رپيه آهي) ان کان علاوه فرنيچر ۽ ماني ٽڪي ڪيڏي مهنگي آهي. اهي پنج هزار ڪرونا نئروبي، اسلام آباد، ڪولمبو، بمبئي جهڙي هنڌ ملن ها ته ڪيڏو سٺو ٿئي ها.“ عارت چيو.
    ”بلڪل صحيح ٿي چوين.“ مون سندس خيال جي پوئواري ڪئي.
    ”۽ ٻي ڳالهه ته سئيڊن جيڪڏهن مدد پيو ڪري ته ڪو ڏوڪڙ اسان پاڻ سان نٿا کڻيو وڃن. هرڪو پاڻ پنهنجي گهران ٻه آڻي هتي پيو خرچ ڪري. سو سندس چاليهه سيڪڙو ته اتي ئي خرچ پيا ٿين، پر ٻين ملڪن ۽ ادارن طرفان باقي مليل سٺ سيڪڙو به اتي خرچ پيو ٿئي.“ هوءَ هاسٽل تائين اهي جوشيلا جملا ٻڌائيندي، پوءِ ڇٻڙي کڻي بصر، پٽاٽا، ٽماٽا وٺڻ رواني ٿي ويئي هئي.
    پاڻ نائجيريا جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ انگريزيءَ جي ليڪچرار آهي. نائجيريا جي ئي يونيورسٽيءَ مان انگلش ۽ ايجوڪيشن ۾ ايم اي ڪئي اٿس. نائجيريا ۾ هونءَ به انگريزن جي حڪومت هئي سو اتي جا سڀ شاگرد سٺي انگريزي ڳالهائين پر هيءَ محترمه عارت (خبر ناهي مس آهي يا مسز) ته هيڪاندي سٺي ڳالهائي ٿي جو سندس سبجيڪٽ ئي اهو آهي. پاڻ عمر ۾ سڀ کان ننڍي ٿيندي پر ٿولهه ۾ سڀ کان گهڻي. گذريل سال جي ڪينيا جي هڪ شاگردياڻي خايومبي ڦيلي جيتوڻيڪ سڀني ۾ آفت آهي پر بقول ڪئپٽن سليم قاسم جي ته جنهن رفتار سان عارت سُڄي رهي آهي، ٻئي سال جي آخر تائين ڦيليءَ جا به رڪارڊ ڀڃي ڇڏيندي.
    ”مس عارت تون چرچ ۾ نٿي وڃين؟“
    ”سوچيم پئي ته وڃان پر هتي جي سڀني ڪليسا گهرن ۾ Service (واعظ) سئيڊش زبان ۾ ٿئي ٿو. سو نه ويس.“
    ”تڏهن به هلي وڃين ها. هتي جي ماڻهن سان ملي اچين ها. يا هتي جا مڪاني ماڻهو ڌارين سان دوستي نٿا رکن؟“ مون پڇيومانس.
    ”صفا ٿڌا آهن. هتي جي موسم وانگر. ڪنهن چيو ته پهرين ويجهو اچڻ کان لنوائين ٿا، پر پوءِ دوستي رکن ٿا ته چڱي پنهنجائپ ڏيکارين ٿا.“ مس عارت چيو.
    ”خبر ناهي ڪڏهن دوستي رکڻ چاهيندا ۽ پنهنجائپ جو اظهار ڪندا،“ مون کلندي چيو، ”ڇا جڏهن ٻه سال پورا ڪري هليا وينداسين پوءِ آخري ڏينهن ايئر پورٽ تي اچي دوستي ڪندا ڇا؟“
    راحت عزيز ۽ هيءَ به کلڻ لڳي. راحت عزيز چيو، ”ڀائي اسان سان ڳالهائڻ ته پري جي ڳالهه پنهنجو پاڻ سان به فري ٿي هتي جي ماڻهن کي ڳالهائيندي نه ڏٺو اٿم. بس ۾ رڳو تڏهن ڳالهائيندا آهن جڏهن چڙهندي يا لهندي سندن يا اسان جو کين ٽڪر لڳي ويندو آهي يا پير چپجي پوندو آهي. پوءِ پنهنجي زبان ۾ معاف ڪجو چون ٿا.“
    ”يا خبر گار ڏين ٿا ته ڪهڙي جنگل کان اسين ڪارا ڪوجها ۽ ڪڻڪ رنگا اچي نڪتا آهيون.“ مون راحت کي چيو ۽ پوءِ نائجيريا جي هن مس عارت کي سنجيدو ٿي چيو:
    ”ڳالهه ٻڌ. مونکي ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته هنن يورپين اڳيان توهان آفريڪن يا اسين ايشيائي ڄڻ ڪا گهٽ قوم هجون. اسين کڻي ڪهڙيون به اوچيون ٽائيون ۽ ڪوٽ هئٽ پائي ”جينٽل مئن“ ٿي هلون، پر هنن جي پنهنجي لنڊي پتلون، ڊگهن وارن ۽ ڪنن ۾ والي پاتل هپي ٽائيپ همراهه کان گهٽ سمجهيا وڃون ٿا.“
    ”بلڪل صحيح ٿو چوين. ڪڏهن ڪنهن هتي جي ڇوڪري يا عورت سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان ته منهن کي ائين موڙو ڏئي، بهانو ڪري هلي ويندي آهي ڄڻ آئون کانئس خيرات گهرڻ ٿي چاهيان. يا مون سان ڳالهائڻ سان کيس ڪا بيماري لڳي ويندي.“
    ”ها واقعي،“ مون سندس ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو، “These are the facts of life.” اسان کي قبول ڪرڻ کپن.“
    مون ڏٺو ته عارت ڪافي اداس ٿي وئي هئي ۽ هاڻ ايتري دير ٿي وئي هئي جو مون به پنهنجي بڪ شڪ کي وڌيڪ قائم رکڻ بدران موڪلائڻ چاهيو ٿي. سو کلندي چيومانس.
    ”هتي جا ماڻهو پاڻ کان نفرت نٿا ڪن پر شرمائين ٿا.“
    ”ڪير ٿو چوي؟ اهڙا ته شرميلا نه آهن. ڏينهن ڏٺي جو وچ رستي تي اڌ اگهاڙي ڊريس ۾ ڇوڪرا ڇوڪريون هڪ ٻئي کي چميون ڏئي سگهن ٿا باقي اسان سان ڳالهائيندي نانگ ٿو کائين.“ عارت ڪجهه چڙ مان ۽ ڪجهه کلندي چيو.
    ”ها کائين واقعي نانگ ٿو. پر کين نانگ جي کائڻ جو ڊپ ناهي.اهو ڊپ اٿن ته متان اسان کين جهلي، ڪچو ئي نه کائي ڇڏيون. آفريڪن بابت ته اهي ڳالهيون وڏن کان ٻڌيون هوندائون ته مُني ديڳ پاڻيءَ سان ڀري ان ۾ گوري يورپين کي پالڪ ميٿيءَ سان گڏ رڌي کائي ڇڏيندا هئا.“ مون ٻڌايومانس.
    ”ڪارو اٿن منهن ٿيو. اسان آفريڪن لاءِ ان قسم جون Phony ڳالهيون ڪٿان ٿا آڻين. ڪالهه يونيورسٽيءَ جا ڪاڪوس صاف ڪندڙ ڀنگياڻي ڇوڪري مونکي ٿي چوي ته آفريڪا ۾ توهان وڻن تي رهندا آهيو؟“
    اتي 319 نمبر ڪمري مان علويءَ منهن ڪڍيو:
    ”آهي ڇا؟ مونکي به ته ٻڌايو ڪلاڪ کن کان ڪچهري پئي هلي.“
    ”چڱو بابا مونکي ته ڏيو موڪل اور بهي غم هين زماني مين.“ مون موڪلايو. جو هاڻ ڪلاڪ کان وڌيڪ بيهڻ جي همت نه هئي. مس عارت به هلڻ لاءِ هٿ لوڏي موڪلائڻ جي ڪوشش ڪئي:
    ”آئون به هلان ٿي. رات ننڊ ئي پوري نه ٿي آهي. هاڻ ٿي وڃي سمهان.“
    ”ڪهڙي وڻ تي؟“ راحت عزيز پڇيو. پر هن ٻڌو ئي ڪونه ۽ هيٺ پنهنجي ڪمري لاءِ گرائونڊ فلور ڏي رواني ٿي وئي.


    جيترو قاعدو اوترو فائدو

    انٽرنيشنل مئريٽائيم آرگنائيزيشن (I. M. O) يونائيٽيڊ نئشن (U. N) جي هڪ اهم شاخ آهي. آءِ ايم او جو خاص مقصد سمنڊن کي گدلو ٿيڻ کان بچائڻ ۽ جهازي زندگيءَ ۾ گهڻي کان گهڻو حفاظت جو پهلو پيدا ڪرڻ آهي.
    پهرين ائين هوندو هو جو سمنڊ کي هرڪو ٻهر اڇلڻ جو ٽوڪرو سمجهندو هو. جيئن اسان وٽ جهلم، چناب ۽ سنڌو درياه کي سمجهيو وڃي ٿو. هنگڻ، مُٽڻ،ڪپڙا ڌوئڻ کان وٺي منجهن گهوڙا، گڏهه وهنجاريا وڃن ٿا، مُئل ڪتا، ٻلا اڇلايا وڃن ٿا ۽ ڪارخانن، فئڪٽرين مان نڪتل زهريلو گند ۽ تيزابيت سان ڀريل مادا هنن درياهن منجهه وهايا وڃن ٿا. ساڳيو حال بنگلاديش، برما ۽ انڊيا جي سرما، ڪرنا ڦلي، برهمپترا، گنگا جمنا ۽ اروادي ندين جو آهي. جيڪي ڪِن سن آيو، درياهه منجهه اڇل. (نه ته جهوني جڳ ۾ فقط نيڪيءَ کي درياهه ۾ اڇلايو ويندو هو.) اهڙيءَ طرح جهازن وارا مڻين بلڪ ٽڻين ڪچرو، گندو تيل يا بنا ڪنهن جي جهل پل جي سمنڊ ۾ اڇلائيندا رهيا ٿي.
    درياهه ته وري به ڪنهن ڪنهن ملڪ جي ملڪيت سمجهيا وڃن ٿا پر سمنڊ جو ڪو ڌڻي سائين نه سمجهيو ويو ٿي. هر هڪ ان کي بيدرديءَ سان استعمال ڪيو ٿي. انجڻين وارن جهازن جي شروعات ۾، ٿورو گهڻو ڪچرو يا ڪنو تيل اڇليو ويندو هو، جنهن کي اٿاهه سمنڊ پنهنجي پيٽ ۾ جذب ڪري ڇڏيندو هو. ڪو خاص اثر نٿي ٿيو، پر سئيز ڪئنال بند ٿيڻ کان پوءِ جڏهن تيل کڻڻ جا جهاز ويهه ٽيهه ٽنن مان ڦري لک ٻن ٽنن جون آفتون ٿي پيون ته پوءِ ”جيڏو اٺ تيڏا لوڏا“ وانگر انهن مان ڪچرو به ان حساب سان اڇلائڻ لڳو ۽ پوءِ اماڪو ڪئڊيز ۽ ايڪسان والديز جهڙا ٽئنڪر ڀڄي پيا ته سڄي دنيا ۾ واويلا مچي وئي. عوام ۽ حڪومتن جون اکيون کلي ويون. هزارين ٽن ڪچرو ڏامر جهڙي تيل فرانس ۽ الاسڪا جي ڪنارن کي ڪارو ڪري ڇڏيو. ان جي اردگرد سوين ميلن تائين رهندڙ مڇيون، گانگٽ ۽ سامونڊي پکي مري ويا يا زهريلا ٿي پيا. جهاز هڪڙن جا، تيل وڪڻڻ وارا ٻيا ۽ خريد ڪرڻ وارا ٽيان ۽ نقصان وري وچئين چوٿين ملڪ کي رسي.
    سمنڊ جهڙي وچ جي شيءِ لاءِ ڪو ته پوليس وارو هجي، جيڪو جهازن جي مالڪن تي، جهازن ٺاهيندڙن ۽ هلائيندڙ تي نظر رکي ته بابا دنيا جا سمنڊ خراب نه ڪريو. جهاز مضبوط ٺاهيو، انهن کي هوشيار ماڻهن کان خيال سان هلرايو. جهازن جون لوهي چادرون ۽ گارڊر بيم مضبوط لوهه مان ٺهرايو. ڪلڪتي ڪراچي ڪولمبو جهڙن ڳتيل بندرگاهن ۾ ڪاڪوس اڇلي ڪالرا، ٽائيفائيڊ جهڙيون بيماريون پيدا ڪرڻ بدران پنهنجي جهاز تي Sewage Plant هڻي ڪاڪوس ڪچري کي اتي ئي ساڙي ٻاري ڇڏيو. جهازن جون تيل هاڻيون ناديون ڌوئي ڪن ڪچرو وچ سمنڊ ۾ اڇلڻ بدران ڪنهن هڪ ٽانڪيءَ ۾ گڏ ڪري پوءِ بندرگاهه ۾ ٽرڪن ذريعي ان تيل کي سمنڊ کان پري موڪلي ڇڏيو جتي ان کي صاف ڪري ڪم جي لائق بڻايو وڃي. يا اهڙي هنڌ تي اڇلايو وڃي جو انسان ذات توڙي هن ڌرتيءَ تي رهندڙ جانور، پکي پکڻ لاءِ نقصانڪار ثابت نه ٿئي.
    اهڙي طرح جهاز هلائيندڙ انجنيئرن ۽ نيويگينٽن جو امتحان اڃا به سخت کان سخت ڪيو وڃي ۽ ملڪ جا اهي نوجوان چونڊيا وڃن جن جي جسماني توڙي ذهني قوت، گهڻي کان گهڻي هجي، جيئن طوفان ۾ ڏينهن جا ڏينهن جاڳڻ ۽ ٿڌ توڙي سخت گرميءَ ۾ ڊيوٽي ڪندي هنن جو هوش سالم رهي ۽ اهڙي ڪا غلطي ڪري نه سگهن جيڪا ٻين جون زندگيون تباهه ڪري.
    مٿين ڳالهين کي ڌيان ۾ رکي دنيا جي ملڪن گڏجي انٽرنيشنل مئريٽائيم آرگنائيزيشن ٺاهڻ جو ارادو ڪيو. 1958ع ۾ پهريون دفعو 23 ملڪن جي حڪومت ان کي لکت ۾ قبول ڪيو. اڄ IMO جا 136 ملڪ ميمبر آهن. سندن هيڊ ڪوارٽر لنڊن ۾ آهي جتي سمنڊ، جهازن ۽ جهاز هلائيندڙ جي انيڪ مسئلن تي نه فقط سوچيو وڃي ٿو پر انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. مثال طور هن کان اڳ هر جهاز لاءِ ٻٽو ترو Double Bottom ضروري هو، جيئن هيٺان ڪا وڏي شيءِ جهاز کي لڳي ته ٻڏڻ کان بچي وڃي ۽ فقط هيٺيون ترو ناس ٿئي. پر هاڻ ڪيترا حادثا ٿيا آهن جن ۾ تيل کڻندڙ جهاز (ٽئنڪر ۽سپر ٽئنڪر) هيٺان ڀڄڻ بدران پاسن کان چيراٽجي پيا آهن. تيل وهڻ ڪري سوين ميل سمنڊ ۽ ڪنارو خراب ٿي ويو آهي. اهڙن حادثن جي بچاءَ لاءِ اهو فيصلو ٿي رهيو آهي ته هاڻ هن سال کان جيڪي به تيل جا جهاز لهندا انهن جو نه فقط ٻٽو ترو هوندو پر پاسا پڻ ٻه هوندا. جيئن هڪ جهاز ٻئي جهاز سان، جيٽيءَ يا برف جي ڇپ (Ice Berg) سان ٽڪرجڻ ڪري نقصان نه ٿئي ۽ جهاز جو جسم چيرجڻ تي به تيل محفوظ رهي.
    دراصل IMO جو ڪم نج پوليس واري جو نه آهي. آءِ ايم او مختلف مسئلن تي ماهرن ذريعي معلومات وٺي ميمبر ملڪن جي حڪومتن کي فقط آگاهه ڪري ٿو ته انسان، جهاز، سمنڊ ۽ اوس پاس جي ماحول (Environment) جي حفاظت لاءِ ڇا هئڻ کپي. پوءِ هر ملڪ جي حڪومت پنهنجي ملڪ جي جهازن جي مالڪن تي زور بار آڻي اهي قاعدا قانون مڃرائي ٿي. مثال طور هر جهاز لاءِ اهو ضروري آهي ته ان ۾ جيترا ماڻهو سفر ڪن، اوتريون لائيف جئڪيٽون هجن. يعني هرماڻهوءَ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ لائيف جئڪيٽ هجڻ ضروري آهي. جيئن جهاز جي ٻڏڻ وقت اڻ تارو به بچي سگهي. پوءِ جهازن جي مالڪن تي ٻڌل آهي ته جي هو چاهين ته هڪ کان وڌيڪ به رکي سگهن ٿا پر حڪومت طرفان هن لاءِ ضروري آهي ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ماڻهوءَ لاءِ هڪ ضرور رکي. ان جي پورائي بنا هو جهاز هلائي نٿو سگهي.
    ڪن ڪن ملڪن جي جهازن جا مالڪ قانون تي پورو نٿا هلن ۽ پنهنجي ملڪ جي واسطيدار عملدارن کي رشوت ڏيو هنن کي ماٺ ڪرايو ڇڏين. پوءِ اهڙا بي قاعدگين وارا جهاز جڏهن ٻئي ملڪ ۾ پهچن ٿا ته جهلجيو پون. هيلسنڪي، هئمبرگ جهڙن ڪيترن يورپي ۽ آمريڪي بندرگاهن ۾ آفريڪا ۽ ايشيا ملڪن جي حڪومت جا جهاز سزا طور ٻڌل نظر ايندا، جنهن مان توهان انهن ملڪن جي حڪومتن ۽ مالڪن جي رشوتخورين جو اندازو لڳائي سگهو ٿا. جهاز هلائيندڙن لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه تڏهن آهي جڏهن سندن ملڪ جي حڪومت ۽ ڌارئين ملڪ جي حڪومت سندن اڻ _ صحيح جهاز کي جهلي سگهي ۽ مالڪ کي نه فقط جهاز حفاظت وارو بنائڻو پوي پر ڳرو ڏنڊ پڻ ڏيڻو پوي. جهاز هلائيندڙ ان ۾ ئي يقين رکن ٿا ته جيترو قاعدو اوترو فائدو.


    ٻار پالجي يا ڪتو

    هڪ سئيڊش عورت کي ڪڇ ۾ ڪتي کي کڻي رستو ٽپندو ڏسي راحت چيو:
    ”هتي جون عورتون ڪتا پالين ٿيون باقي ٻارن کان ڀڄن ٿيون.“
    ”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيومانس.
    ”ظاهر آهي ته ڪتي پالڻ ۾ اها تڪليف ناهي جيڪا ٻار ڄڻڻ ۽ نپائڻ ۾ آهي. ڪتو ته مارڪيٽ مان ان ئي وقت پئسا ڏئي وٺي سگهجي ٿو. ٻار کي ته نوَ مهينا پيٽ ۾ سانڍڻو پوي ٿو. ان بعد ويم جا سور ۽ پوءِ نيپاج پٺيان اوجاڳا ۽ خواري. ظاهري توڙي اندروني طرح عورت جي سونهن ئي ختم ٿيو وڃي. هتي جون عورتون ڪڏهن به نٿيون چاهين ته هنن جي سماجي زندگي اثر انداز ٿئي ۽ ٻار خاطر گهڻو وقت گهر ۾ گذارڻو پوي. هتي جون عورتون هالي ووڊ جي هيروئنن وانگر سنهيون، سهڻيون ۽ آزاد ٿي هلڻ چاهين ٿيون. هو هر گز نٿيون چاهين ته نوَ مهينا ڍُڍُري ڪڍي هلن ۽ ٻار ڄمڻ بعد ان کي ٿڃ ڏين ۽ هنگائڻ مٽائڻ پٺيان جهد پٽين.


    ماڪوڙين جا ڪٽنب

    سئيڊن جي هن سخت سيءَ ۾ هڪ فائدو ضرور آهي ته مکيون، مڇر، منگهڻ، ماڪوڙين ۽ ٻيا جيت جڻيا نٿا ٿين. ڪهڙي مک يا مڇر کي پنهنجي زندگي پياري ناهي جو هيڏانهن رُخ رکي. ان ڪري کنڊ جي دٻي مٿان ڍڪ ناهي ته به پرواهه ناهي ته ڪو ماڪوڙيون اچي وينديون. سج لٿي مهل دري کولڻ سان مڇر يا ڏينهن جون مکيون نٿيون اچن. اسان جهڙن جي ملڪن ۾ ماڻهن، مکين ۽ مڇرن جو ڄڻ ٻارهوئي ميلو لڳو پيو آهي.
    ملائيشيا ۾ مکيون سي نه هونديون هيون پر ماڪوڙين جي ڇا ڳالهه ڪجي. ڪئين قسمن ۽ رنگن روپن جون ماڪوڙيون هر هنڌ موجود هيون ۽ ڇا انهن جا لشڪر هئا. رڳو ڪلاڪ ٻن لاءِ کنڊ جهڙي شيءِ کليل رهجي وڃي يا ڪا شيءِ پٽ تي ڪري پوي. پوءِ ضروري ناهي ته اها بسڪٽ ۽ چاڪليٽ جهڙي مٺي هجي، اٽي ۽ ڳاڙهن مرچن تي به ماڪوڙين جا خاندان دعوتي ٿي ايندا هئا. ماکي ءَ جهڙي مٺي شيءِ تي گهر ۾ رهندڙ ته ڇا ڏور دور جون ماڪوڙيون پهچي وينديون هيون جن جون قطارون پري کان ئي گهر جي گيٽ ڏي اينديون نظر اينديون هيون.
    سئيڊن ان آزار کان آزاد آهي. نه ماڪوڙي مڇر ۽ نه ڪو جيت جيڻو. ههڙي سيءَ ۾ برفاني رڇ به سورن سان ساهه پيا کڻن. ٿڌ جي ڪري، سئيڊن ۾ ڪابه شيءِ بسڪيٽ پٽاٽو چپس کان وٺي لوڻ کنڊ تائين سوڪ ۽ خسته رهي ٿي. اسان وٽ _ خاص ڪري ڪراچيءَ ۾، گهڻي گهم ڪري هڪ ڏينهن جا کليل بسڪيٽ ٻئي ڏينهن ڳلجهيو وڃن. بس پوءِ انهن کي صحيح رکڻ جو اهوئي طريقو آهي نه پڙو کولڻ بعد ريفريجريٽر ۾ ئي رکجي. پر هتي سئڊن سڄو ريفريجريٽر لڳو پيو آهي. لوڻ جهڙي شيءِ کليل پليٽ ۾ مهينو رکي هجي ته ان جو ڪڻو ڪڻو ڌار نظر ايندو. ان ڏينهن ٽماٽا ۽ انگور سستا مليا، وٺي آيس پر ريفريجريٽر ۾ جاءِ نه هئي. بلاڪيٽ ۾ ويڙهي بالڪني ۾ رکي ڇڏيم. بلاڪيٽ ۾ ان ڪري ويڙهيم جو بالڪني ۾ ريفريجريٽر کان وڌيڪ ٿڌ آهي. بلاڪيٽ ۾ ڍڪڻ سان واڌو ٻه کن ٽيمپريچر ٿئي ٿو جيڪو ريفريجريٽر جي ڀاڄي واري خاني جو آهي. نه ته ٻاهر جو ٽيمپريچراڄڪلهه ڪاٽو پنج( -5oc)
    آهي.


    ٺري مرنداسين

    هڪ ٻه ڏينهن وچ ۾ اهڙو آيو جنهن ۾ ٿورو سيءُ گهٽ ٿيو. ايتريقدر جو ڪلاس روم ۾ ڪوٽ لاهي ڇڏياسين. فقط سئيٽر ۾ فرحتي ويٺا هئاسين. پر رومانيا، آذربائيجان، روس ۽ جارجيا جهڙن ٿڌن ملڪن جي شاگردن جو سک ڦٽي پيو. چي گرمي آهي دريون کوليو. نيٺ بلڊنگ جي انچارج کي وڃي چيومانس. اهو هڪ خاص قسم جو اوپنر کڻي آيو ۽ هڪ ٻن درين جا ٿورا ٿورا انچ کن طاق کوليائين. جنهن مان اهڙي ته ٿڌي هوا اچڻ لڳي جو مون ته دعائون گهريون ته ان کان پهرين وارو سيءُ سٺو هو جو گهٽ ۾ گهٽ دريون ته بند هيون ۽ ٿڌي هوا کان بچيل هئاسين.
    دري کلڻ ڪري سيءَ ۽ تکي هوا مٿي ۽ پيرن کي برف ڪري ڇڏيو. روس ۽ رومانيا وارا ته خوش ٿي پنهنجي لکڻ پڙهڻ کي لڳي ويا پر اسان جهڙن ايشيا ۽ آفريڪا جي گرم ملڪن جي رهاڪن جي حالت خراب ٿي وئي. ان ڏينهن ڀر ۾ ويٺل سعودي عرب جي شاگرد (ڪمانڊر يحى جباري) ڪنجهندي منهنجي ڪن ۾ چيو: ”الطاف سئيڊن ۾ پاڻ ٺري مرنداسين.“


    وچ واريون نوجوان ڇوڪريون

    هڪ ڏينهن هتي رهندڙ پاڪستاني همراهه ممنون کي چيم:
    ”يار هتي جون پوڙهيون بس ۾ ڏاڍو سفر ڪن ٿيون. سڄو ڏينهن پيون لهن چڙهن.“
    ان تي علويءَ چيو: ”اسان کان اڳ رهندڙ پاڪستاني شاگرد بدرمنير پڻ اهو ئي چوندو هو ته بس ۾ رڳو اسڪول جا ٻار، يا وري پنجاهه سٺ سالن واريون پوڙهيون آهن وچ واريون نوجوان ڪٿي آهن.“
    ”بلڪل صحيح ٿا چئو،“ ممنون چيو، ”وچ واريون توهان کي بس ۾ ورلي نظر اينديون. هوڪاليجن، آفيسن يا دڪانن تي پنڌ يا سائيڪلن تي وڃن. هڪ ته صحت کي صحيح رکڻ جي خيال کان ٻيو پئسي جي بچاءَ لاءِ.


    بند روڊ جا خاص وڻ

    يورپ جي ڪيترن سڌريل ملڪن ۽ جپان، سنگاپور، وانگر هتي پڻ سائيڪل هلائيندڙن لاءِ ڌار رستو آهي ۽ سائيڪل هلائيندڙ جي نه رڳو همٿ افزائي پر عزت افزائي پڻ ڪئي وڃي ٿي. ان سان نه فقط حادثا گهٽجن ٿا پر دونهون ۽ گئس پڻ گهٽ ٿئي ٿي. هوا ۽ ماحول به صاف سٿرو رهي ٿو. نه فقط انسانن جا ڦڦڙ پر وڻن ٻوٽن جا پن گل ۽ ٽاريون قدرتي رنگن ۾ نظر اچن ٿيون. ڪراچيءَ جي بندر روڊ تي بيٺل وڻن جي پنن وانگر دونهن جي تهه سان ڪارا نشان نظر نٿا اچن. ڪاربن ۽ مٽيءَ جي تهه وارا اهڙا وڻ توهان کي ڪراچيءَ جي بندر روڊ کان علاوه دنيا جي شايد ئي ٻئي ڪنهن حصي ۾ نظر اچن.


    پنهنجو پاڻ کي مشغول رکڻ جو مثال

    هڪ ڏينهن يونيورسٽيءَ کان سوير موٽيس. بس ۾ منهنجي سامهون ويٺل پوڙهيءَ پڇيو:
    ”ڪهڙي ملڪ جو آهين؟“
    ”پاڪستان جو.“ وراڻيومانس.
    ”پاڪستان ۾ به ٿڌ ٿئي ٿي پر اتر ۾ فقط جابلو علائقي ۾.“ هن چيو. سندس عمر سٺ ستر سال ٿيندي پر ڳالهائڻ ۽ جسم ۾ کڙي تڙي هئي. تمام سٺي انگريزي ڳالهائين پئي.
    ”تو پاڪستان ڏٺو آهي؟“ مون پڇيومانس.
    ”ها. پر تمام گهڻو اڳ. ويهه پنجويهه سال کن اڳ.“
    ”ڪهڙي سلسلي ۾؟“
    ”جيالاجيڪل فورم ۾ ڪم ڪندي هيس. منهنجو اهم سبجيڪٽ جاگرافي رهيو آهي. فرم وارن مونکي پاڪستان جي دوري تي موڪليو هو.“ هن ٻڌايو.
    ”توهان انگريزي تمام سٺي ڳالهايو ٿيون. ڇا توهين برٽشر آهيو؟“ مون پڇيومانس.
    ”نه. انگريزي زبان اسڪول ۾ سکيس. مڙس اسپين جو آهي سو سندس ملڪ جي زبان Spanish به سٺي اچيم ٿي ۽ هاڻ فرينچ سکي رهي آهيان.“ هن ٻڌايو.
    تعجب مان کيس ڏٺم ته هن عمر ۾ جنهن کان پاڻ ”قبر ۾ پير لڙڪائي وهڻ“ واري عمر سڏيون ٿا، ان ۾ هيءَ نئين زبان سکي رهي هئي. ڇا مرڻ بعد منڪر نڪير فرنيچ زبان ۾ کيس ”بان زوئر“ چئي اچي کيڪاريندا.
    منهنجي تعجب کي هوءَ سمجهي وئي جيتوڻيڪ اهو سمجهي نه سگهي ته ڪهڙي ڳالهه تان تعجب کاڌم. هن سمجهيو ته مونکي شايد يقين نٿو اچي ته هوءَ ڪا فرينچ سکڻ پئي وڃي. سو پنهنجي پرس مان ڪتاب ڪڍي ڏيکاريائين.
    “It is Surprising.” مون ڪتاب ڏسي چيو،”جڏهن ته توهان کي اڳهين ايتريون زبانون اچن ٿيون.“
    ”بس ائين ئي وقت پاس ڪرڻ لاءِ سکي رهي آهيان. گهر ۾ ويٺي ويٺي بور ٿيان يا گهٽيءَ ۾ نڪري اوڙي پاڙي وارن کي بيزار ڪريان يا پرائي پچار ۾ وقت خراب ڪريان ان کان بهتر آهي ته ڪنهن ڪرت کي لڳي رهان.“ هن وراڻيو.


    پٿل ماري ويهڻ

    ڪيترا اسان جا ديسي همراهه ولايت ۾ ٻه چار مهينا رهي ايندا آهن ته کانئن ڪرسيءَ کان سواءِ ويٺو نه ٿيندو آهي. چي ولايت ۾ پٽ تي پٿل ماري ويهڻ جو موقعو ئي ڪٿي ٿو ملي، سو هاڻ اسان کي پٽ تي ويهڻ ۾ ڏکيائي ٿي ٿئي.
    سئيڊن جي هن شهر مالمو جي مسجد ۾ عيد نماز تي هزارين يورپين کي نماز کان اڳ واعظ ٻڌڻ مهل ۽ نماز بعد خطبو ٻڌڻ لاءِ پٽ تي پٿل ماري ويهندو ڏسي يڪدم ڌيان ۾ آيو ته مسلمان چاهي غريب هجي يا امير، ننڍو نوڪر هجي يا وڏو آفيسرپر نماز مهل ته هن کي پٽ تي ئي ويهڻو پوي ٿو ۽ هي ترڪي، فرانس، جرمني، يوگوسلاويه ۽ سئيڊن جا يورپي گورا مسلمان به ته پٿل ماري پٽ تي ويٺا آهن. سوبه پتلون ۾، شلوار يا گوڏ ۾ ته وري به ويهڻ سولو آهي.


    ولايت ۾ پاڪستاني کاڌا

    عيد واري ڏينهن هتي رهندڙ پاڪستاني مسعود ضيغم جي سئيڊش زال سَوين جو سئيٽ ڊش (مٺو) ٺاهيو جيڪو حميد قاضي مون لاءِ ۽ ڪئپٽن سليم لاءِ کڻي آيو، جو اسان نه وڃي سگهيا هئاسين.
    ڪئپٽن سليم چکي چيو: ”پاڪستاني کاڌا به هتي ولايت ۾ واهه جا لذيذ ٿين ٿا جو هتي هر شيءِ صاف سٿري ۽ سٺي ملي ٿي.“
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستاني مٺايون ۽ کاڌا پيتا ولايت ۾ ٺهيل هميشه پاڪستان ۾ ٺهيلن کان سٺا ٿين ٿا. ڪوالالمپور جي برفي هجي يا براڊ فورڊ جو لڏون، جليبي، سنگاپور جي دال پوري هجي يا لنڊن جو نان ڦڙاٽو. ٻاهر جي شين جي جواب ناهي. هونءَ ڪو زمانو هو پاڪستاني ولايت ۾ ويهي پاڪستان جي کاڌي کي ياد ڪندا هئا. پر هاڻ جڏهن کان پاڪستان ۾ مٽيءَ مليل اٽو، سريل چڻا ۽ ڪني گيهه واريون مٺايون وڪامڻ شروع ٿيون آهن، ولايت ۾ رهندڙ پاڪستانين پنهنجي ملڪ مان کاڌا ۽ مٺايون گهرائڻ کان توبهه ڪري ڇڏي آهي. ڪاڏي ويو ڦليلي ۽ چناب جو پاڻي جنهن جي سڪ ۽ سواد ۾ اسان جي وڏن ولايت ۾ ويهي شاعري ڪئي. هنيئر هتان ولايت کان ڪو وطن وڃي ٿو ته ٻيو ڏهه نصيحتون ٿو ڪريس ته کاڌي پيتي جو خيال رکجانءِ. ٿي سگهي ته ٻارن لاءِ پاڻي به هتان ولايت ۾ مان کڻي وڃ.
    ”هونءَ ان ۾ ڪو شڪ ناهي،“ سليم چيو، ”هتي ٻاهرن ملڪن ۾ هر شيءِ ايڏي اعلى قسم جي ۽ اوچي ملي ٿي جو رڌڻ بعد اها بيحد لذيذ ٿيو پوي. انڊونيشيا کان لونگ، ڦوٽا، ڪارا مرچ اهي اچن ٿا جيڪي اعلى جنس جا آهن. افغانستان کان ڪابلي ڇولا اهي اچن ٿا جيڪي اوچي قسم جا آهن. پاڪستان ۾ ته ڪڏهن ڪڏهن تاريخ موجب کير وٺبو ته به اندران خراب نڪرندو جو صحيح طرح پئڪ ٿيل نه هوندو. پر هتي ولايت ۾ مقابلي ڪري هر ملڪ سٺي ۽ اوچي شيءِ موڪلي ٿو. ٻيو ته هتي خراب شيءِ وڪڻڻ وڏو ڏوهه آهي، جنهن جي سزا سخت رکي وئي آهي ۽ ڪوبه ڏوهاري ان کان بچي نٿو سگهي.“


    روسي اسان جا مائٽ

    پهرين ڏينهن ميس ۾ اسان واري ٽيبل تي جيڪو ٽيون همراهه ويٺو هو. ان لاءِ ڪئپٽن سليم کي آهستي چيم ته، پڇ ته اهو ڪهڙي ملڪ جو آهي.
    پڇڻ تي همراهه ورڻيو.
    ”سابق سوويت ريپبلڪ U.S.S.R جو آهيان.“
    پهرين ڪو ٻڌائيندو هو ته هو سوويت رو س جو آهي ته لنوائي وڃبو هو. هر روسي KGB جو ايجنٽ لڳندو هو. ڪنهن روسيءَ جو ويجهو وڃڻ معنى پنهنجي پويان سي آءِ ڊي لڳرائڻ ۽ هونءَ به ننڍي هوندي مغربي رسالن ۽ اخبارن ۾ U.S.S.R بابت ايتري غلط پروپئگنڊا ٻڌل ۽ پڙهيل هئي جو دنيا جي هر خرابي انهن ۾ لڳي ٿي. هو خطرناڪ ۽ پاپي قسم جا ماڻهو لڳا ٿي. ڪڏهن اهو سوچيو به نه هو ته ڪو هنن وٽ به مذهب يا اخلاق آهي. ڪي مسجدون ۽ ڪليسا گهر آهن. سوويت ۽ روس جو مطلب هميشه ڪميونزم ۽ڪفر سمجهيو ويندو هو ۽ هاڻ ان جي اڌ کن رياستن آذربائيجان، ڪازقستان، تاجڪستان، ترڪمنستان وغيره جي رهاڪن جو ٻڌي لڳي ٿو ته اسان جا مائٽ ته آهن ئي هي. ڏسندي ئي ڏسندي اهو U.S.S.R جنهن جي پاڇي کان پري ڀڄبو هو، ان جا آذربائيجاني يا ترڪمنستاني باشندا اٻوجهه ۽ سادا لڳن ٿا. مولوي ۽ مذهبي لڳن ٿا. آخرڪار اِهي علائقي اهي ئي آهن جتان اسان جا ڪيترائي عالم، بزرگ، ولي، صوفي، مرزا قليچ بيگ کان قلندر شهباز تائين لڏي اسان جي سنڌ ۽ هنڌ ۾ آيا.


    وڃن مسلمان ٿيندا

    ممنون صاحب کي هڪ ڏينهن چيم، ”سئيڊن کان پري ويٺل هرڪو ائين سمجهي ٿو ته سئيڊن اوگهڙ ۾ ته الائي ڇا آهن. ڇو جو صدين کان سئيڊن لاءِ اها چوڻي آهي ته Sex _ Free ملڪ آهي. بلڪ سئيڊن اوگهڙ جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. پر هتي ته چوڌاري ڪابه اهڙي ڳالهه نظر نٿي اچي جيڪا ٻين يورپي يا آمريڪي ملڪن کان وڌيڪ هجي. هن کان وڌيڪ ڇوڪري ڇوڪريءَ جي چوماچٽ انگلينڊ ۽ اسپين جي شهرن ۾ آهي. هن کان وڌيڪ ته بئنڪاڪ، چانگ مائي، پوسان، سيول ۽ بمبئيءَ ۾ بڇڙائي نظر اچي ٿي.“
    ”بس ڏس نه. ماڻهن کي اجايو وهم ويٺل آهي. هتي هرڪو شراب سان پيو هلي. ٻين شهرن جو مثال ڇو ٿو ڏين. ڪراچي، دبئي ۽ لاهور جهڙن شهرن ۾ به اهڙي لوفرائي لڳي پئي آهي جو شل نه ڪنهن جي ماءَ، ڀيڻ يا نياڻي لنگهي. بمبئي، بئنڪاڪ ۾ ته وري به ڪنهن رنڊيءَ تي کڻي ماڻهو رمارڪ ڏين ٿا پر لنڊن، بارسلونا يا پئرس جي رستن تي اهو به نه آهي، ماڻهو پنهنجن زالن يا ساهيڙين سان گڏ لگهندي نظر ايندا. پر ڪراچيءَ جهڙي مسلمان ملڪ ۾ جتي سڀ کان گهڻيون مسجدون، مولوي ۽ مذهبي ماڻهو رهن ٿا، شل نه ڪا اڪيلي عورت لنگهي. رستي جي ٻئي پاسي وارا به ان کي کائي وڃڻ وارين نگاهن سان ڏسندا. ڀرسان لنگهندي هر هڪ جي اها ڪوشش هوندي آهي ته ڪو گندو رمارڪ ڏيئي، پنهنجي اندر جي شيطان کي خوش ڪريان ۽ ذهني لست وٺان. اهو نه سوچيندا ته هن غريب عورت جي ڪيڏي دل آزاري ٿي رهي آهي.“ ممنون چيو.
    ”واقعي ممنون صاحب صحيح ٿا چئو. سئيڊن جهڙا ملڪ اخلاق ۾ وڃن سڌرندا ۽ اسان جهڙا ملڪ ڏينهون ڏينهن وڃن پستي ڏي ڪرندا.“ مون چيو ۽ پوءِ ڪجهه دير بعد يڪدم ٻي ڳالهه ياد آئي:
    ”ممنون صاحب! هڪ ٻي ڳالهه غور طلب آهي. اڄ کان پندرهن ويهه سال کن اڳ منهنجو هن پاسي جي Scandinavian ملڪن ۾ ڏاڍو اچڻ ٿيندو هو. مونکي چڱيءَ طرح ياد آهي ته جتي ڪٿي دڪانن ۽ سئنيما هالن ۾ اگهاڙيون فلمون پيون هلنديون هيون. پورنو (اگهاڙو ڪتابن) جا دڪان به جتي ڪٿي نظر آيا ٿي ۽ بار، پب ۽ ڊسڪوٿي ته گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ هئا. هينئر ڪا اهڙي شيءِ نظر ئي نٿي اچي. ڇا اسان پوڙها ٿي ويا آهيون ان ڪري اهڙي ڪا شيءِ نظر نٿي اچي يا آهي ئي ڪانه.“
    ”ڏسو ٿا ڪيڏي تبديلي آئي آهي. هاڻ توهان جهڙو ماڻهو هن پاسي جي ملڪن جو صحيح طرح قدر ڪري سگهندو جنهن گذريل زمانو ڏٺو هوندو. هينئر اهي سڀ پورنو جا دڪان بند ڪرايا ويا آهن. اگهاڙين فلمن جا دڪان ۽ سئنيما گهر بند ڪرايا ويا آهن. ڪجهه شراب خانا ۽ ڊانس ڪلب آهن پر انهن ۾ 18 سالن کان ننڍو نٿو وڃي سگهي. سڀ سڌا ٿيو پيا هلن. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ هوم ورڪ ايترو وڌائي ڇڏيو اٿن جو آچر (موڪل واري ڏينهن) کان علاوه ورلي ڪو ڏينهن ٻارن کي واندڪائي ملي ٿي.“ ممنون چيو.
    ”واقعي هنن پنهنجي ماحول ۽ معاشري ۾ وڏي تبديلي آڻي ڇڏي آهي.“ مون چيو.
    ”ٻين لفظن ۾،“ ممنون چيو، ”هي وڃن مسلمان ٿيندا ۽ اسان جا مسلمان ڀائر بوتل ۽ بڇڙائيءَ لاءِ وڃن بئنڪاڪ ۽ بمبئي جون بازاريون مئيندا.“


    ٽي وي کي برقعو پارائڻ اجايو آهي

    ائين به نه آهي ته ڪو سئيڊن ۽ هن پاسي جي ٻين ملڪن ڏي ڇوڪرو ڇوڪري چرچو ڀوڳ به نٿا ڪن. ائين به ناهي ته هتي جي ماڻهن کي بيوقوفن جي دنيا ۾ رهڻ لاءِ ٽي ويءَ تان ڪنهن عورت جو پاڇو به نٿا ڏيکارين ۽ جي ڪا عورت خبرون به پڙهڻ اچي ته کيس برقعو اوڍائي ٿا ويهارين. جيئن جيئن رات ٿيندي وڃي ٿي ائين اهڙيون فلمون ۽ ڳالهيون ۽ بحث مباحثا ٽي ويءَ تان هلائين ٿا جيڪي فقط بالغن جي ٻڌڻ لاءِ صحيح سمجهيا وڃن ٿا ۽ هفتي ۾ ٻه ڏينهن اهڙا رکيا ويا آهن (آچر ۽ خميس رات) جن تي آڌي رات کان پوءِ هڪ بجي يا اڃا به دير سان ڪلاڪ ٻن جي بنهه الف اگهاڙي فلم هلائين ٿا.
    ”ائين ڀلا ڇو آهي؟“ هنن جي هڪ ماهر نفسيات کان مون پڇيو.
    ”اهو ضروري آهي جيئن ڪو جي هروڀرو اهڙي بڇڙائي کان رهي نه ٿو سگهي ته پوءِ پنهنجي منهن ويٺو ڏسي. ان لاءِ هڪ ته وقت اهڙو ڏکيو رکيو ويو آهي جو اوستائين جاڳڻ ڏکيو آهي پر جي ڪو جاڳي به ٿو ته پڪ تيستائين ننڍا ٻار سمهي رهيا هوندا.“
    مٿين ڳالهه کان علاوه هڪ ٻي به ان ۾ اوکائي رکي وئي آهي ته اهو چئنل (Filmnet) جنهن تان ان قسم جون اگهاڙيون يا مار ڌاڙ واريون فلمون، هن پاسي جي ملڪن ۾ نظر اچن ٿيون، تيستائين نظر نه اينديون جيسين ٽي وي سان خاص قسم جو Decoder نه لڳائجي. ٽي وي جا مختلف بٽڻ دٻائڻ سان ٻيا چئنل: جهڙوڪ، مالمو، ڊئنمارڪ1، ڊئنمارڪ2، بي بي سي، ڊسڪوري، M.B.C ۽ ٻيا نطر ايندا پر Filmnet وارو بٽڻ دٻائڻ سان اوندهه ئي اوندهه هوندي. ان لاءِ Decoder جيڪو ننڍي ٽيپ رڪارڊر جهڙو ٿئي ٿو مسواڙ تي وٺي سئچ ذريعي ٽي ويءَ سان لڳائڻو پوي ٿو. ان ۾ ڪئڪيوليٽر وانگر ڪئين انگ آهن. پوءِ خاص انگ دٻائڻ سان اهو
    چئنل Filmnet نطر اچي ٿو. معنى ڪنهن وٽ گهر ۾ Decoder پيو به هجي ته ان کي اهوئي استعمال ڪري سگهي ٿو جنهن کي ڪوڊ نمبر جي خبر هجي ۽ اهو ڪوڊ نمبر هر وقت بدلجندو رهي ٿو ۽ مسواڙيءَ کي مسواڙ ڏيڻ وقت ڪمپنيءَ کان پڇڻو پوي ٿو. اهي Decoder وڪامن نٿا پر مسواڙ تي ڏنا وڃن ٿا. ان ۾ اها به اٽڪل رکي وئي آهي ته ان جو نه فقط ڪوڊ نمبر بدلايو وڃي ٿو پران Decoder کي ان نمبر تي دڪاندار کي سيٽ به ڪرڻو پوي ٿو، جيئن اهو نمبر لڳائڻ سان Decoder ٽي ويءَ جي ان سرڪٽ کي Energise ڪري سگهي. مطلب اهو ته ڪو جيڪڏهن چوري به ڪري وڃي ته مهيني ٻن بعد ٽي وي جي ان چئنل جي فريڪئنسي بدلجڻ سان ڪجهه به نظر نه ايندو. ۽ اهو ان ڳالهه جي به چيڪ آهي ته مسواڙي کائي نه وڃي ۽ خبر پوندي رهي ته Decoder بالغ جي ڪنٽرول ۾ ئي آهي.
    ملائيشيا ۾ جتي پنجاهه سيڪڙو کان مٿي مسلمان آهن اتي به رات جو دير سان ڪجهه اوگهڙ واريون فلمون هلن ٿيون. هڪ دفعي اتي جي هڪ دانشور کان پڇيم:
    ”ههڙين فلمن جي ڪري ڇا ٻارن تي خراب اثر پوڻ جو انديشو ناهي جن جو ڪچو ذهن آهي.“
    ”ها. پر انهن کي منع لاءِ شام کان ٽي ويءَ تي ياداشت پيا ڏيندا آهيون ته هي ٽائيم ٿيو آهي. اٺين کان پوءِ ٻارن کي سمهڻ کپي. جيئن مائٽ ٻارن کي سوير ئي سمهاري ڇڏين، جيڪا ڳالهه ٻارن لاءِ به صحتمند آهي ۽ ٻي ڳالهه ته اسان ان ئي ڪري شام جو پنجين کان اٺين تائين ٻارن کي سڀئي پروگرام ڏيکاريو ڇڏيون. جيئن هنن جو ٽي وي ڏسڻ جو شوق پورو ٿي وڃي.“
    ۽ واقعي ان ۾ حقيقت آهي ته ملائيشيا جي ٻارن ۾ سوير سمهڻ ۽ اٿڻ جي تمام سٺي عادت آهي. ٽي وي وارن کي به شاباس هجي جو ٻارن جو پروگرام رات جو ڏهين بجي ڏيڻ بدران شام جو ئي ڏيو ڇڏين ۽ سياسي ۽ سرڪاري پروگرام حقيقت تي مبني ڏيڻ ڪري ماڻهو دير سان به ڏسي معلومات حاصل ڪن ٿا. ٻين لفظن ۾ اهڙن سرڪاري پروگرامن ۾ عوام کي الو گهٽ بڻائين ٿا.
    هڪ ڏينهن ملائيشيا جي هڪ ملئي سياستدان کي چيڙائڻ لاءِ مٿيون (ٽي وي تان اڌ اگهاڙين ڊانسن ۽ فلمن جو) ذڪر ڪيم:
    ”سائين! هي ڀلاڇاهي. پارليامينٽ ۾ اڌ کان وڌيڪ توهان ملئي مسلمان آهيو. ملائيشيا جي ٽي ويءَ تان هن قسم جا پروگرام بند ڇو نٿا ڪرايو؟“
    ادا! ائين ڪرڻ سان ڪو خاص فائدو نه پر الٽو نقصان ٿيندو. پوءِ ماڻهو ملائيشيا جي ٽي وي ڏسڻ ڇڏي ڀر وارن ملڪن سنگاپور ۽ ٿائلينڊ جي ڏسندا. جنهن ۾ کين هن کان وڌيڪ گندو ملندو ۽ ان کان علاوه انهن ڀر وارن يا ڏورانهن ملڪن جا چئنل ڏسڻ لاءِ طاقتور ائنٽينائون هڻندا جن تي هر گهر جو خرچ ٿيندو. معنى سڄي ملڪ جا ڪروڙها اربها رپيا اجايا ضايع ٿي ويندا ۽ مسئلو به ساڳيو رهندو. ان کان علاوه ماڻهو اگهاڙين فلمن جا ڪئسٽ وٺي ايندا ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ خبرناهي ڪهڙن ڪهڙن قسمن جا ڪئسٽ پيا وڪامبا. هر هڪ وي سي آر به وٺي ۽ جيڪو وي سي آر وٺي ٿو اهو ته هڪ بدران وڌيڪ به فلمون ڏسي پنهنجو ذهن ۽ پئسو خراب ڪندو. ان کان بهتر آهي ٽي وي اسٽيشن ذريعي ڪنٽرول انداز ۾ هفتي جي ڪنهن هڪ يا ٻن راتين جو دير سان ڪجهه ان قسم جون هلڪي ڦلڪي اوگهڙ واريون فلمون ڏيکاريون وڃن. جيڪي فقط اهي وڏا ڏسي سگهن جن کي هرو ڀرو ڏسڻو ئي آهي، ٻين لفظن ۾ گهر ويٺي ٻڪ ڌوڙ جو منهن تي هڻي ڇڏي. وچ شهر ۾ بٺي تي بيهي ڇو ڪارو منهن ڪري.


    گوشت جو حلال حرام جو مسئلو

    اسان جي هاسٽل ۾ رهندڙ ٻه سؤ کن شاگرد جي ميس ۾ ماني پچائڻ لاءِ سئيڊش ۽ هڪ چيني بورچي آهي ۽ ماني کارائڻ Serve ڪرڻ لاءِ ٻه سئيڊش ڇوڪريون. هڪ پولش ڇوڪرو ۽ هڪ پاڪستاني طارق نالي، پنجويهن سالن جو نوجوان آهي. طارق کي سئيڊن ۾ رهي ٽي سال ٿيا آهن. پاڻ لاهور جو آهي هتي سياسي پناهه اچي ورتائين. ٻين غير قانوني طرح آيلن وانگر هن جو به ڪورٽ ۾ ڪيس هلندو رهيو. آخر ڪيس سندس فائدي ۾ ويو ۽ هتي جي حڪومت کيس سئيڊن ۾ هميشه لاءِ رهڻ جي هاڻ موڪل ڏني آهي.
    ميس ۾ اسان کي نيرن تي ڪارن فليڪس، بيضي ۽ ڊبل روٽي سان گڏ ڪڏهن ٽرڪي پکيءَ جي گوشت جا سنها سلائيس ملن يا ڳائي گوشت جي سنهي قيمي جون لٺيون جيڪي سنهي آنڊي ۾ ڀريل ٿين جنهن کي هن پاسي Hot Dogs چون ٿا. پهرين دفعي ٽرڪيءَ جي گوشت جو گلاب مايل رنگ ڏسي طارق کي چيم: ”آئون مسلمان آهيان.“
    يورپ پاسي نيرن تي بئڪن يا هئم (سوئر جو گوشت) عام طرح واپرايو وڃي ٿو ۽ هاٽ ڊاگس ۾ به پاسي پورڪ (سوئر جو گوشت) وڌو وڃي ٿو. بلڪ هئم برگر (جيڪو پاڪستان ۾ ڳائي گوشت جو ٺهي ٿو) هتي سوئر جي قيمي مان ٺهي ٿو. سوئر جي ران واري گوشت کي Ham سڏجي ٿو جنهن جو قيمو ٺاهي بن جي وچ ۾ رکي هئم برگر جي نالي سان وڪيو وڃي ٿو يا ڊبل روٽي جي سلائيسن جي وچ ۾ رکڻ سان ان کي هئم سئنڊوچ سڏجي ٿو. اهو برگر جنهن ۾ ڳائي گوشت جو قيمو رکيو وڃي ان کي بيف برگر چئجي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح چڪن برگر يا فش برگر، خبر ناهي ڇو پاڪستان ۾ هر برگر جو نالو هئم برگرپئجي ويو آهي _ ڪنهن گروهه جي شرارت ڪري يا اڻ ڄاڻائي ۽ بيوقوفيءَ ڪري. هڪ يورپي همراهه پاڪستان جي دؤري بعد مونکي اچي چيو: ”تون جو وتين اسلام اسلام ڪندو. تنهنجي پاڪستان جي ته اها حالت آهي جو جنهن ڳوٺ ۾ ويس اتي جي وڏيري پنهنجن هٿن سان شراب ٿي پيش ڪيو ۽ ڪراچيءَ ۾ هئم برگر عام جام پئي وڪيا. اسلام جي نالي تي پاڪستان ضرور ٺاهيو هوندؤ پر هاڻ اهو نه رهيو اٿانوَ. رڳوڳالهيون ڪندا وتو.“
    بهرحال طارق ٻڌايو ته اسان جي ميس ۾ شراب ۽ سوئر جي گوشت تي بندش آهي.
    ”هتي يورپ ۾ جيتوڻيڪ هر شيءِ _ شراب، سوئر عام هلي ٿو پر جيئن ته هن هاسٽل ۾ ڪجهه مسلمان رهن ٿا سو انهن جو خيال رکي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ سئيڊن جي حڪومت اهڙين شين جي استعمال تي بندش وڌي آهي. هتي رڳو ڳائو، رڍ، ٻڪريءَ جو گوشت يا ڪڪڙ مڇي ٽرڪي پچائي وڃي ٿي. ويندي رڌڻ جو تيل يا مکڻ مارجرين به استعال ٿئي ٿو جنهن ۾ سوئر جي چرٻي نه هجي. باقي اهو آهي ته گوشت ايم. ڪي (Muslim killed) ناهي. اسلامي طريقي سان ان کي حلال نه ڪيو ويو آهي.“
    ”پوءِ؟“ مون پڇيومانس.
    ”بس سائين هڪ ٻن ڏينهن لاءِ جيڪي هتي اچن ٿا اهي ان کان به پرهيز ڪري سگهن ٿا پر جن کي هميشه رهڻو آهي يا وڏي عرصي لاءِ رهڻو آهي اهو ڇا ٿو ڪري سگهي. گناهه گناهه آهي پر جيترو ٿي سگهي وڏي ڏوهه کان پاڻ بچائي. سوئر ۽ شراب کي هٿ نه لائجي. باقي اهي جانور پکي جيڪي پاڻ اسلام لاءِ حلال آهن انهن کي کائڻ مهل ڪلمو پڙهي کائي ڇڏجي.“
    هڪ ڏينهن علويءَ چيو: ”آئون ته سڄو سال مڇي کائي بيزار ٿي پيو آهيان.“
    ”توهان ته وري به مڇي کائو ٿا،“ مون چيو مان، ”منهنجو ڇا حشر ٿيندو جو آئون ته پاڻيءَ جي ڪابه شيءِ مڇي پلو، گانگٽ نٿو کائي سگهان جو الرجڪ آهيان.“
    قاضي حميد چيو: ”مون ٻڌو آهي ته ڊئنمارڪ (ڀر واري ملڪ) ۾ هڪ ٻه دڪان آهن جن تي حلال گوشت ملي ٿو.“
    ”يار ڪمال ٿو ڪرين هاڻ گوشت وٺڻ لاءِ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ اهو وڃي سگهي ٿو جنهن وٽ وقت ۽ اڻ ميو پئسو هجي ۽ جنهن وٽ اهي شيون آهن اهو ته هتي هُتي پرديس ۾ ڇو ڌڪڙ کائيندو وتي.“ مون چيو.
    ”منهنجو ته نوڪري جي سلسلي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڊئنمارڪ وڃڻ ٿيندو رهي ٿو.“ سترهن سالن کان هتي رهندڙ پاڪستاني جوهر زمان چيو، ”۽ ڪڏهن ڪڏهن گوشت وٺي ايندو آهيان. پر سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڪنهن کي ڪهڙي ثابتي آهي ته دڪاندار فريزر مان جيڪو گوشت ڪڍي ٿو ڏئي اهو حلال به آهي يا نه.“
    ”بس پوءِ هن جي نيت تي مدار آهي.“ قاضيءَ چيو.
    ”اهو تڏهن کڻي چئجي جڏهن دڪاندار مسلمان هجي ۽ پاڻ ئي گوشت ڪٺو هجيس.“ جوهر چيو.
    ”گذريل سال جي ڳالهه آهي ته،“ جوهر زمان سان گڏ آيل هڪ ٻئي هتي جي رهاڪو پاڪستانيءَ چيو، ”سعودي عرب، جيڪو ڊئنمارڪ کان ڪڪڙيون ۽ ڳائو گوشت گهرائي ٿو. ان کي ڊئنمارڪ وارن هڪ کيپ ۾ ڳائي جي قيمي بدران سوئر جو قيمو موڪلي ڇڏيو ۽ پوءِ جڏهن خبر پئي ته وڏو گوڙ مچي ويو ۽ اخبارن، ٽي وين تي اچي ويو.
    ”سو جڏهن هي ايتري بي ايماني ڪري سگهن ٿا ته پوءِ گراهڪن سان ڪوڙ ڳالهائڻ ته هن لاءِ سولي ڳالهه آهي ته ڍڳي يا ڪڪڙ اسلامي طرح ذبح ٿيل آهي.“ جوهر چيو.
    ”پر مونکي عربن جي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته ڪڪڙ، ڍڳي يا رڍ جو گوشت به ڊئنمارڪ کان گهرائين ٿا پر پنهنجي ويجهي مسلمان ملڪ پاڪستان کان نٿا وٺن. اهي چار پئسا به ڀلي گوري انگريز يورپيءَ کي فائدو ٿئي باقي پنهنجي پاڙيسري غريب ملڪ کي نه ٿئي.“ قاضيءَ چيو.
    ”غريب مسلمان پاڙيسري ملڪ کي پنهنجي ئي کائڻ لاءِ ڍڳيون، ٻڪريون ڪونه آهن. تڏهن ته اڱارو اربع گوشت بند رکيو اٿن، سو ٻين کي ڇا سپلاءِ ڪندو.“ علويءَ چيو.
    ”نه اها ڳالهه ناهي. عرب جي وٺن ته اسان ٻڪريون، رڍون آسٽريليا کان به گهرائي، ذبح ڪري کين گوشت موڪليون. کين به سستو پوندو ته اسان کي به فائدو ٿيندو.“ قاضي چيو.
    ”اهو ته صحيح آهي پر هو اسان جي ڪاساين، مڏن ڪپن ڪاتن، گندگي ۽ مکين کان وٺي گوشت جي Transportation تائين ڀلي ڀت واقف آهن،“ علويءَ چيو، ”عرب انڌا آهن. ڏسن ڪونه ٿا ته ايمپريس مارڪيٽ ۾ جيڪي صبح کان شام تائين ڪڪڙيون ويٺا ڪُهن، نڪو وضو ڪن نڪو ڇا. ڀت جي ڀر ۾ پيشاب ڪريو ويٺا ڪڪڙين تي ڪات هلائين، ۽ ذبح ڪرڻ مهل تڪبير به جهڙي پڙهي تهڙي نه، باقي سڄو ڏينهن گار جي رَئي لڳايو ويٺا آهن. اس کي تو بهن ڪي، اس کي تو مان کي...............
    ”۽ پوءِ ڪٺل ڪڪڙين ۽ ڍڳين مٿان ڪو ڏينهن ته ڪارين ٿلهين مکين جا انبار پيا آنا لاهيندا، جيسين ڪالو مڪراني گڏهه گاڏي ڪاهي اچي ۽ گوشت کي هوائي اڏي يا بندرگاهه تائين پهچائي. ان کليل گوشت تي رستي جي ڌوڙ ۽ مٽيءَ جي ڇَٽَ الڳ ٿيندي آهي. سو عربن کي جيڪڏهن دستن ۽ ڪالرا جو شوق هجي ته ڀلي اهو هٿ ٺوڪيو اسان جو اسلامي گوشت کائين.“
    ”هونءَ هتي سئيڊن جي ذبح گهر (Slaughter House) ۾ مون ڏٺو آهي“ جوهر ٻڌايو، ”هڪ ته هر قسم جي جانور جو الڳ ذبح گهر آهي. رڍن جو الڳ ته ڍڳين جو الڳ. ايتري قدر جو هر هڪ جانور جا ڪپ ڪات به ٻئي تي نٿا استعال ٿين ۽ ٽين ڳالهه ته روزانو ان سلاٽر هاؤس کي مٿان کان هيٺ تائين گرم پاڻيءَ سان ڌوتو وڃي ٿو ۽ جانور کي اليڪٽرڪ شاڪ ڏيئي يا مڻڪو ڀڃي مارڻ بدران سير وجهن ٿا. باقي اهو آهي ته ڪاسائي مسلمان نه آهن جو سير وجهڻ مهل تڪبير پڙهن.“


    روزو ۽ شراب

    هڪ ڏينهن وائيس چانسلر طرفان اسان نون آيلن کي اسان جي هاسٽل جي ميس ۾ دعوت ڏني وئي. ڪڪڙ جا ڪوفتا (هتي ڪڪڙ سڀني گوشتن کان سستو آهي) مڇي، ڳائو گوشت ۽ لئمب اسٽيڪ(رڍ جي گوشت جي تريل چاپ) سلاد، ڀاڄيون وغيره هيون.بوفي ٽائيپ ڊنر هئي. هر هڪ پنهنجي پسند جون شيون کڻي پنهنجن واقفڪارن سان ٽولو ٺاهي، ڌار ڌار ٽيبلن تي پئي ويٺا.هونءَ ماني ته هرڪو پنهنجي پنهنجي وقت تي اچي کائي ويندو آهي. يعني ڊنر جو ٽائيم پنجين کان اٺين تائين آهي. انهن ٽن ڪلاڪن ۾ جنهنکي جنهن وقت وڻي کائي سگهي ٿو. پر اڄ هڪ ئي وقت سڀ موجود هئا. مون ڏسڻ چاهيو ٿي ته ٻين ملڪن جا مسلمان خاص ڪري عرب ملڪن جا ڇا ٿا کائين. ڪنڊ واري ٽيبل تي چارئي سعودي عرب جا، ٻه موراڪو جا ۽ ٻه ٽيونيشيا جا گڏ کائي رهياهئا. سڀني جي پليٽن ۾ ڪڪڙ جا ڪوفتا، ڳائو ۽ ريڍو گوشت هو. ايتري ۾ يمن جو عرب مسٽر مبارڪ پليٽ ۾ ماني کڻي باقي عربن سان گڏ کائڻ لاءِ وڌيو. رستي تي مونکي ڏسي مونسان خيرعافيت ڪيائين:
    “So Mubarak! How is Food?” مون پڇيومانس.
    “صحيح آهي، پر مرچ مسالا گهٽ اٿس.“ هن وراڻيو.
    ”هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ مبارڪ! هتي جي رڌل گوشت بابت ڇا خيال اٿئي؟“ مون پڇيومانس.
    ”او مسٽر الطاف! بس خنزير نه هجي، باقي اهي ذرا پرزا ڳالهيون ديس کان ٻاهر، خاص ڪري يورپ ۾ ۽ اهو به هنن اتر قطبي ملڪن ۾، ڪيستائين ڪير پنهنجي مرضيءَ جي ماني ماڻي سگهي ٿو.“ هن چيو ۽ وڃي باقي عربن سان ويٺو.
    آئون ان ٽيبل تي اچي ويٺس جنهن تي اسانجا پاڪستاني ويٺا هئا.ڳالهاين ڪندي وري اهو حلال حرام گوشت جو عنوان نڪتو ته مون چيو:
    ”يار مونکي ته سمجهه ۾ نٿو اچي، بلڪ تعجب ٿو لڳي ته بنگلاديش، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جا مسلمان ته ڍڳي ٻڪري ڪڪڙ کايو ويٺا آهن، باقي اسان پاڪستاني ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل عالم کان پڇڻ بدران پنهنجو پاڻ ۾ ويٺا بحث ڪريون. ٻيو ته ٺهيو پر سعودي عرب، يمن ۽ موراڪو جا عرب به ويٺا گوشت کائين.“ مون چيو.
    ”اهي ته شراب به پيئن ٿا.“ علويءَ چيو.
    ”نه يار ائين بنا خاطريءَ جي ڪنهن لاءِ ڪيئن چئجي. اسان ته کين نه ڏٺو آهي. بلڪ پنج وقت نماز ۽ روزا رکندي ڏٺو اٿئون.“
    ”جهڙا روزا ائمي ٿي رکي،“ راحت عزيز کلندي ڀر واري ٽيبل تي سينيگال (اولهه آفريڪا) جي حبشڻ عورت ڏي اشارو ڪيو، جيڪا پنهنجي ملڪ ۾ سي ايس پي ٽائيپ آفيسر آهي ۽ ڊڪار بندرگاهه ۾ وڏي عهدي تي آهي،“ هوءَ مسلمان آهي، روزا رکي، ان بعد شام جو بيئر پيئندي هئي.“
    ”يار ائمي ڪا ماڻهو آهي جنهن جي مثال ڏيو.“ ڪئپٽن سليم چيو.
    ”هوءَ ته پاڻ ئي ان گناهه جو اعتراف ڪري ٿي ته سوشل لائيف ۾ شراب جي عادي ٿي وئي ۽ انهي ڏينهن چيائين ته نماز ۽ روزو الڳ شيءِ آهي ۽ شراب الڳ. ڇا شراب پيئان ٿي ان جي معنى نماز روزي کي ڇڏي ڏيان؟ دعا ڪيو ته هڪ ڏينهن شراب پيئڻ ڇڏي ڏيان ۽ انشاءَ الله ضرور ڇڏي ڏيندس.“ ڪئپٽن سليم ٻڌايو.


    حبشي ديوَ آدم بو آدم بو ڪندو ايندو

    آفريڪا جي ملڪن ۽ ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جي ٻيٽن کان آيل شيدي شاگردن جي رنگ بابت لکيو اٿم ته سندن ڪارو رنگ تئي جي پٺ جهڙي ڪار کي وٺي سليٽي ۽ ڦلهير جهڙو ٿئي ٿو.
    سينيگال جي ائمي ايڏي ته سخت ڪاري رنگ جي آهي جو بقول جارڊن جي عرب شاگرد (چيف انجنيئر عبدالڪريم) جي ته ائميءَ جو ڪارو رنگ انفنٽي Infinity وارو ڪارو آهي. مئٿس ۾ انفنٽي جي نشاني لا محدود انگ لاءِ استعمال ٿيندي آهي. جيڪو سوچي سگهي ان کان به وڏو انگ. سو عبدالڪريم به ائميءَ جي ڪاري رنگ لاءِ مئٿس واري انفنٽي استعمال ڪندو آهي. يعني سوچ کان به وڌيڪ ڪارو رنگ اٿس.
    ائمي پورٽس ائنڊ شپنگ ائڊمنسٽريشن ۾ ايم ايس سي ڪري رهي آهي. هفتي ۾ هڪ اڌ پيرڊ اهڙو ٿيندو آهي، جنهن ۾ هڪ ئي ڪلاس ۾ ويهندا آهيون. يا ڪنهن بين الاقوامي سيمينار ۾ اچي گڏ ٿيندا آهيون. هڪ ڏينهن وڏي هال ۾ ائمي اسان جي اڳين قطار ۾ ويٺي هئي. منهنجي ڀر ۾ ويٺل بنگلاديش جي شاگرد (ڪئپٽن فرقان) ائميءَ کي ڪا دير چتائي ڏسي مونکي اڙدوءَ ۾ چيو: ”يار ائميءَ جو رنگ ڪوئل جهڙو ڪارو آهي باقي مُنهن جا نقش ڏاڍا سٺا اٿس. اڇي هجي ها ته واٽ ويندن جو سر وڃائي ها.“
    ”بس ان رنگ کان ته مار کائي وئي آهي.“ مون چيومانس. ”اسان جي سنڌي جي هڪ شاعر امداد حسينيءَ جو ڪنهن ڇوڪريءَ جي اڇاڻ ۽ سونهن تي هڪ شعر آهي جنهن جو مفهوم آهي ته هوءَ ويٺي آهي ته ڄڻ چوڏهينءَ جي چانڊاڻ لڳي پئي آهي. هن جي وڃڻ کان پوءَ ڄڻ اوڻٽيهه جي اونداهي...........
    ”۽ جي تو واري ان شاعر جي هيءَ پاڻ واري ائمي محبوبا هجي ها ته؟“ ڪئپٽن فرقان منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو.
    ”اهوئي ته مان توکي ٻڌايان پيو ته پوءِ مجبوراً هن کي ائميءَ جي شان ۾ اهوئي ڪجهه چوڻو پوي ها ته ائميءَ جي موجودگيءَ ۾ چوڏهن چنڊن کي به گرهڻ لڳيو وڃن.“
    ”پرهڪ ڳالهه آهي،“ فرقان چيو، ”ائميءَ کي کپي ته پاڻ جهڙن ڪارن يا گهٽ ڪارن جي ڀر ۾ ويهي. هاڻ هن يورپي گوري (رومانيا جي ڪئپٽن ڪاستروت) جهڙي اڇي کير جهڙي جي ڀرسان ويهڻ ڪري سندس ڪارَ هيڪاندي تکي لڳي ٿي.“
    اسان ائمي ۽ ڪاسترو جا نالا لڳاتار وٺي رهيا هئاسين. پروفيسر جهڙو ئي ليڪچر ختم ڪري ٻاهر نڪتو ته ائميءَ پٺيان مڙي اسان کان پڇيو:
    “What’s Matter?” ڇا ڳالهه آهي. ڪئپٽن فرقان کلندي چيس:
    ”تنهنجي حسن جي تعريف ڪري رهيا هئاسين.“
    ”گشا پيا هڻون.“ ائميءَ روايتي نموني سان شرمائيندي چيو.
    ”ڀلا قسم کڻون ڇا؟ اهوئي چئي رهيا هئاسين ته “Black is Beautiful”. مون چيومانس.
    ”۽ وائيٽ“ ائميءَ جي ڀر ۾ ويٺل رومانيا جي ڪئپٽن ڪاستروت مونکان پڇيو. اسان کيس ڪو جواب نه ڏئي سگهياسين.
    ”ائمي هي ڪوڙ پيا ڳالهائينئي،“ ڪاستروت ائميءَ کي چيو ۽ پوءِ اسان کي چيو، ”ماڻهو جو رنگ هجي هڪڙو. يا ڪارو يا اڇو. توهان ننڍي کنڊ جي ماڻهن وانگر نه ته، نه اڇن ۾ گڏ نه ڪارن ۾ گڏ. نه گهوڙن ۾ گڏ نه گڏهن ۾ گڏ.“
    ”ائمي ڪاستروت توکي گڏهه پيو چوي.“ فرقان کلندي ائمي کي چيو.
    ”هاڻ نٽايو نه. جواب ڏيو؟“ ڪاستروت چيو.
    ”ڳالهه ٻڌ ڪاستروت،“ مون کيس ڪنهن سنڌي افساني ۾ پڙهيل هڪ نقطو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو شايد آغا سليم جو لکيل آهي. توهان ٻنهي کان وڌيڪ بهتر اسان ايشيائي آهيون. الله تعالى جڏهن پهريون انسان ٺاهيو ته اهو کوري ۾ گهڻو پچي ڪارو ٿي ويو. ان کي آفريڪا کنڊ تي لاٿائين. ان بعد ٻيو جيڪو انسان ٺاهين اهو ڪچو رهجي ويو ان کي يورپ کنڊ مٿان لاٿائين. ان بعد ٽيون ٺيڪ ٺاڪ ٺهي ويو ان کي ايشيا مٿان لاٿائين.“
    ”چڱو ٺيڪ ٺاڪ پڄندڙ بنگالي ۽ پاڪستاني انسانو! ان خوشيءَ ۾ هلي ڪافي پياريو.“ ڪاستروت چيو.
    ”هلو،“ ڪئپٽن فرقان ٻٽون کيسي مان ڪڍندي چيو، ”ائمي تون به ڪافي پيئندينءِ يا کير؟“
    ”ڇڏ يار ائمي سان چرچا،“ مون فرقان کي چتاءُ ڏيندي چيو، ”ٻئي مهيني آفريڪا کان سندس ديوَ جهڙو مڙس آدم بو آدم جو ڪندو اچي رهيو آهي. کيس خبر پيئي ته سرنهن جا داڻا ڪري ڇڏيندءِ.“
    ”نه يار ائميءَ جي اڃا شادي ڪٿي ٿي آهي. اڃا ته هوءِ ڪمسن آهي، نادان آهي، ڀولي ڀالي آهي.“


    عربي ڊريس ۽ سنڌي ٽوپي

    ۽ هتي جي هڪ وڏي هوٽل ”مالمو شيرٽن“ ۾ يونيورسٽيءَ طرفان اسان سڀني شاگردن، اسٽاف ۽ شهر جي واسطيدار ماڻهن کي ڊنر ڏني وئي. اسٽاف ۾ پروفيسرن جي سيڪريٽرين، ڪلارڪ ڇوڪرين کان وٺي صفائي ڪندڙ، ڪئنٽين هلائيندڙ ۽ ٽيڪنيشن مرد ۽ عورتون پڻ هيون. سال جي شروع ۾ هن قسم جي غير رسمي دعوت ٿيندي آهي. جيئن هر هڪ کي ٻئي سان ملڻ ۽ فري ٿيڻ جو موقعو ملي. ڊريس جي ڪا پابندي نه هوندي آهي.گهڻو ڪري سڀ سوٽ ڪوٽ ٽائيءَ بدران پنهنجي قومي لباس ۾ ايندا آهن. فلپين جا شاگرد اڇي ڀرت واري اڇي شرٽ پائي آيا ته ملئي پنهنجي باجوڪرونگ ڊريس. آفريڪن جون ڊريسون ڏسڻ وٽان هيون. وڏيون ڍريون قميصون جن جي پاسن کان بوڇڻ وانگر وڌيڪ ڪپڙو لڙڪي رهيو هو، جيڪو هنن ورائي ڪلهي تي رکيو ٿي. سڀ کان ڌيان ڇڪائيندڙ ان تي ڀرت جو سنهو ڪم هو. ٽوپيون پڻ مختلف رنگن ۽ ڀرتن جون هيون. تنزانيا جي شاگرد ڪامولا (Kamola) کان پڇيم:
    ”ان ڀرت واري قميص جي ڇا قيمت هوندي؟“
    ”تقريباً هڪ سؤ کن آمريڪن ڊالر (يعني اڍائي هزار رپيا.) وراڻيائين ۽ پوءِ پڇيائين، ”ڪيئن ٿو لڳان؟“
    ”او ويري سمارٽ! ڪئميرا نه کڻي آيس نه ته هن ڪلرفل موقعي تي توهان جا ڪجهه فوٽو ڪڍجن ها.“ جواب ڏنومانس.
    ڀر ۾ ويٺل هڪ ايراني شاگرد کي چيم، ”هو جبن وارا پاڻ وارا عرب سڳورا اڃا نه پهتا آهن؟“
    ”ڇو؟“ هن پڇيو.
    ”ڏسجي ته جبن ۽ نوڙن ۾ ڪيئن ٿا لڳن.“ مون چيو.
    ”اهي ڪڏهن به پنهنجي قومي لباس ۾ نه ايندا.“ هن چيو.
    ”ڇو ڀلا؟“ منهنجي ڀر ۾ ان وقت بيٺل قاضي حميد پڇيو.
    ”بس ڏسجؤ ويٺا. سياڻا هوندا ته سوٽن ۾ ايندا.“
    ٿوري دير ٿي ته عرب ملڪن جا شاگرد اچڻ شروع ٿيا. جيڪي ڪجهه ان رات دعوت ۾ آيا سي سڀئي سوٽ ڪوٽ (انگريزي لباس ) ۾ آيا. ايرانيءَ چيو.
    ”ڏٺاوَ، مون اڳواٽ چيو نه. عربن جو لباس هنن مغربي ملڪن ۾ اهڙو خراب خوار ٿي ويو آهي جو اهو لباس پائي هن پاسي گهمڻ معنى پاڻ لاءِ پاڻهي لعنتاڻو کڻڻ.“ ايرانيءَ چيو.
    قاضيءَ کي چيم، ”جڏهن کان دبئي، قطر جهڙين ننڍين رياستن جي عربن ۽ انهن جي لوفر ڊرائيورن عربي ڊريس ۾ ڪراچي ۽ ٺٽي کان بمبئي بئنڪاڪ تائين ۽ لنڊن پئرس کان فرئنڪفرٽ روم تائين بيوقوفي ۽ٽرڙپائيءَ جو اظهار ڪيو آهي، شريف عربن ان پنهنجي روايتي لباس ۾ نڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.“
    ”جيئن اسان وٽ جيڪو گوري کل وارو يورپي اچي ٿو ته ان کي وڏو ماڻهو سمجهون ٿا، تيئن عربن وٽ تيل اچڻ بعد، يورپ پاسي جا ماڻهو هر جبي واري کي عرب سمجهي، اڳيان پويان ٿيا ٿي. ويتر ڪجهه عربن انگلينڊ ۽ يورپ ۾ اچي اهڙا سنسني خيز سخاوت جا ڪم ڪيا جن کي اخبارن رسالن اهڙو رنگ ڏئي مشهور ڪيو جو، هر يورپي عورت جي اها خواهش رهي ٿي ته هڪ عدد اهڙي عرب کي هٿ ڪجي جو پنهنجي شاهه خرچيءَ سان عيش ڪرائي ۽ هنن اڪا ڌڪا ڪجهه اهڙا ڪم ڪيا ٿي جو ڪنهن هوٽل ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ بعد پنهنجي رولس رالس ڪار وڃڻ وقت بئري کي ٽپ طور ڏئي ويو. ڪنهن عرب پئرس جي پنهنجي بنگلي ۾ هڪ فرينچ رنڍيءَ سان هم بستري ڪرڻ بعد صبح جو کيس اهو بنگلو تحفي طور ڏئي ڇڏيو. سڄي يورپ ۾ واهه واهه مچي وئي ۽ پوءِ ڪيترن غير عربن اهي عربن وارا جبا پائي هتي جي ڇوڪرين ۽ دڪاندارن کي خوب بيوقوف به بڻايو. نتيجي ۾ سڄي يورپ ۾ عربي ڊريس بيوقوفي، ٽرڙپائي، هٿ ڦار ۽ عياش هجڻ جي علامت بنجي وئي آهي ۽ هاڻ ڪو شريف ماڻهو ان ڊريس ۾ يورپ ۾ نظر نٿو اچي. گهران (پنهنجي ملڪ مان) نڪري به ٿو ته لنڊن، پئرس، روم جي هوائي اڏي کان هوٽل تائين پهچي پهريون ڪم ان ڊريس کي لاهي ڪٻٽ ۾ رکڻ جو ڪري ٿو.“ ايراني اهو چئي پيئڻ لاءِ ڪجهه کڻڻ ويو. قاضي ۽ آئون اچي دريءَ وٽ بيٺاسين. قاضيءَ چيو:
    ”عربن جي ڊريس جي هن پاسي ائين بدنامي آهي جيئن پاڻ وٽ اڄڪلهه سنڌي ٽوپيءَ جي آهي. هونءَ سنڌي ٽوپي ڳوٺ جو اهم ۽ باعزت ماڻهو پائيندو هو، جيڪا کيس ڳوٺ جا ماڻهو ڪيترن ڏينهن جي محنت سان سنهو ڀرت ڀري ٺاهي قرب ۽ پيار جي نشاني طور ڏيندا هئا. هاڻ هرڪو گرو گنجو دڪان تان ڏهين پندرهين رپئي واري ٽوپي وٺي مڇ کي وٽيندو هلي.“
    ”هڪ ڏينهن ايئرپورٽ تي ڪجهه ڳوٺائي دوستن کي ڇڏڻ پئي ويس. شام جا پنج کن ٿيا هئا. صدرکان وٺي ٽرئفڪ جام هئي. پير پير ۾ ڏئي گاڏيون پئي هليون. فرلانگ کن کليو رستو مليو ٿي ته وري اڳيان جاءِ پئي ڏني، پر ٽرئفڪ جو اهڙو نمونو هو جو هرڪو ٿورو هلي وري اڳيان پويان ساڄي کاٻي کان گاڏين رستا ڀري ڇڏيا ٿي. ان ڳتيل ٽرئفڪ ۾ سوزوڪيءَ ۾ هڪ سنڌي ٽوپيءَ ۾ همراهه هارن مٿان هارن ڏئي سڀني کي ڇتو پئي ڪيو. هر هڪ ان سوڙهه ۾ به پاسو ڪري کيس اڳيان پويان پئي ٿيو. هالينڊي ان هوٽل جي سگنل وٽ هن جي گاڏي اسان جي پويان اچي بيٺي. سگنل بند هو پر هن همراهه جو هارن مٿان هارن تان هٿ ئي نه کڄي. مون سان ويٺل همراهه چيو ته لڳي ٿو ته پنهنجي هوائي جهاز کان به پهرين هن جو جهاز ڇٽڻو آهي. بهرحال مٿي جي سور کان بچڻ لاءِ پنهنجي ڪار کي پاسيرو ڪيم ته جيئن اهو اڳيان ٿي ماٺ ڪري. پر اڳيان وڃي وري هارن ڏئي ٻئي کي ڇتو ڪرڻ لڳو. سڄي ٽرئفڪ ۾ بيٺل گاڏين وارن جو ڌيان هن ڏي هو، جيڪو ٽنڊ تي ٽوپي رکي سگريٽ جا ڪش به هڻي رهيو هو ته فل آواز تي ٽيپ رڪارڊر به ٻڌي رهيو هو، ته هارن به وڄائي رهيو هو. منهنجي گاڏيءَ ۾ ويٺل هڪ ڳوٺائيءَ چيو، اهڙن ماڻهن سنڌين کي بدنام ڪيو آهي. اڳيان رستو لڀي ڪونه پر هارن مٿان هارن ڏيڻ جي ٽرڙپائي بند نٿو ڪري.“
    ”بهرحال اهو هارن مٿان هارن وارو سلسلو هلندو رهيو. سنڌي مسلم سوسائٽيءَ جو سگنل، نرسريءَ جو سگنل، شهيد ملت روڊ وارو سگنل به آيو. هي همراهه ڪڏهن اڳيان ٿيو وڃي ڪڏهن پٺيان. هارن جي اهائي ڌم. ڪارساز واري سگنل وٽ هن جي گاڏي بلڪل منهنجي پاسي کان اچي بيٺي، ”سندهي هو“ مون پڇيومانس. ”نهين ملتان کا هون.“ جواب ڏنائين.
    ”ڇا تمام گهڻي جلدي ۾ آهين؟“ مون پڇيومانس.
    ”ها سائين. صاحب سمبوسا آڻڻ لاءِ چيو هو وسري ويا. روزي کولڻ کان اڳ پهچائڻا آهن نه ته دڙڪا ملندا.“
    ”ڪهڙو اٿئي صاحب؟“ مون پڇيومانس.
    ”فلاڻو جيڪو ڪسٽم ۾ آهي.“
    اتفاق سان منهنجو اهو سڃاڻو هو. کيس پنهنجو ڪارڊ ڏيئي چيم: ”پنهنجي صاحب کي ڏجانءِ ته هي همراهه مليو هو ۽ تو جيڪي هارن ڏئي مٿي ۾ سور وڌو آهي ان کي لاهڻ لاءِ ائسپرو يا ساريڊان موڪلي.“
    اهو ٻڌي پاڻ به شڪي ٿيو ۽ شايد ڪجهه خوف به ٿيس: ”سائين معاف ڪجو غلطي ٿي وئي.....“ وغيره.
    ڪار ۾ مونسان ويٺل ڳوٺائيءَ ان وقت چيس، ” ڪجهه ته شرم ڪر. رمضان ۾ هڪ ته سگريٽ جا سوٽا هڻندو وڃين، پراها به ڌوڙ ڀلي پاءِ، هارن وڄائي ڏيهه کي ڇتو به ڀلي ڪر، پر گهٽ ۾ گهٽ اها سنڌي ٽوپي ته لاهي ڇڏ. تنهنجي انهن حرڪتن تي جيڪو ڪار وارو يا واٽهڙو سڙندو پچندو هوندو اهو سنڌين کي گاريون ڏيندو هوندو.“


    ٻه ۽ ٻه گهڻو ٿيو؟

    سئيڊن جي هن ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ ۾ قانون (Law) جا ڪجهه عنوان پڙهائڻ لاءِ فرانس کان پروفيسر ڪئپٽن ايڊگر گولڊ آيو. هو پئرس ۾ وڪالت ڪري ٿو ۽ گهڻو ڪري جهازن جي مالڪن جا ڪرمنل ڪيس کڻندو آهي. بين الاقوامي قانون موجب ڪنهن به جهاز کي سمنڊ ۾ تيل يا ٻيو گند ڪچرو اڇلڻو ناهي. ان ڏوهه جي سزا تمام ڳري آهي ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جهاز جي مالڪ کي تمام وڏا ڏنڊ ڀري ڏيڻا پون ٿا ۽ جيل پڻ ڪاٽڻو پوي ٿو.
    پروفيسر گولڊ چيو: ”جهازن سان تعلق نه رڳو توهان ڪئپٽنن، انجنيئرن ۽ بندرگاهه وارن جو آهي پر اسان وڪيلن جو پڻ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هر هڪ جو واسطو پنهنجي پنهنجي نوعيت جو آهي.“
    ان بعد هن هڪ دلچسپ لطيفو ٻڌايو.
    ”ڪنهن حسابن جي ماهر کان پڇيو ويو ته ٻه ۽ ٻه ڇا ٿيندو؟
    هو وڏي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. ڪجهه ديرسوچ ويچار ۽ ڪجهه سلائيڊ رول ۽ ڪئلڪيوليٽر کان ڪم وٺي وراڻيائين:
    ”فور ڊيسيمل زيرو زيرو (چارڏهائي ٻڙي ٻڙي ٻڙي) ٿيندو.“
    اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪنهن همراهه کان ساڳيو سوال ڪيو ويو ته ٺهه پهه وراڻيائين:
    ”سون جو اگهه پيا پڇو يا چانديءَ جو؟ بهرحال ٻن ۽ ٻن جو جوڙ ٽن ۽ پنجن جي وچ ۾ ٿيندو.“
    چيف سيڪريٽري کان جڏهن ساڳيو سوال ڪيو ويو ته وراڻيائين:
    ”وزير ڇا ٿا چون؟ (يعني منهنجو به اهوئي جواب آهي.)“
    هڪ واپاريءَ کان پڇيو ويو ته وراڻيائين.
    ”جي مونکي ڏيڻا آهن ته ٻه واڌو ٻه ٽي. پر توکي ڏيڻا آهن ته ٿيندا پنج.“
    ۽ جڏهن وڪيل کان پڇيو ويو ته ٻه ۽ ٻه گهڻو ٿيندو؟ ته ٺهه پهه جواب ڏنائين:
    ”توهان گهڻو چاهيو ٿا ته ٿئي؟“
    يعنى توهان کڻي ڏوهاري هجو يا نه پر وڪيل توهان جي ڳالهه مٿاهين ڪري، توهان کي ڪيس کٽائڻ لاءِ توهان کي سچار بنائي ٿو.
    پروفيسر ڳالهه ختم ڪئي ته هڪ ايراني ڪئپٽن اٿي بيٺو. ”سائين آئون ٻڌايانوَ ته ٻه ۽ ٻه گهڻا ٿيندا؟“
    ”تون مهرباني ڪري ويهي رهه،“ پروفيسر کيس هٿ جي اشاري سان ويهاريندي چيو، ”مون کي خبر آهي ته تون ڇا چوندين تون چوندين ته جيڪو الله کي منظور هوندو.“
    ”هن جو جواب فقير وارو اٿانوَ،“ منهنجي اڳيان ويٺل نائجيريا جي علي جمبا وراڻيو، ”ڪنهن فقير کان پڇيو ويو ته ٻه ۽ ٻه گهڻو ته جواب ڏنائين: ”چار مانيون.“ سو ايراني به چوندا ته ٻه ۽ ٻه معنى آمريڪا تي چار لعنتون.“


    فنا ٿيندڙ اقليت

    پروفيسر ايڊگرگولڊ هيليفئڪس ڪئناڊا جي ڊالموس يونيورسٽيءَ جو پروفيسر هجڻ سان گڏ ڪئناڊين مئريٽائيم لا ايسوسيئيشن جو صدر پڻ آهي. اسان وٽ سئيڊن ۾ وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ سال ۾ هفتو کن پڙهائڻ ايندو آهي. پاڻ سٺ سالن جو، شڪل شبيهه توڙي قدبت ۾ ٺاهوڪو همراهه آهي. اهڙي ئي ٺاهوڪي سندس قانون بابت معلومات آهي. سندس پڙهائڻ ۽ سمجهائڻ جو نمونو، جملن جي ادائگي ۽ انگريزي زبان جي، هرڪو تعريف ڪري ٿو. پاڻ هن ڀيري هيٺين عنوانن تي گهڻو زور ڏنائين:
    • بين الاقوامي سامونڊي قانون.
    • Confict Resolution / Dispute Settlement.
    • قانون جي شروعات. وغيره وغيره.
    سندس دلچسپ ليڪچر ۾ سڀ پنڊ پهڻ ٿي ويندا آهن. وقت جو احساس نه ٿيندو آهي ۽ رسيس جو وقت ئي وسري ويندو آهي. سگريٽ ڇڪڻ وارن کي البت ٿوري گهڻي آنڌ مانڌ رهندي آهي. ان ڏينهن ملائيشيا جي شاگرد (چيف انجنيئر ذينورين) آذربائيجان جي چنگيز کي سگريٽ ڇڪڻ جو اشارو ڪري اٿڻ لاءِ چيو. سعودي عرب جي صالح الشهريءَ کنگهڪار ڪري ٿائلينڊ جي سوتي چائيءَ کي سگريٽ ڏيکاريو. نيٺ ايران جي شاگرد (ڪئپٽن شهريار) پروفيسر گولڊ کي ڳالهائڻ دوران چيو:
    ”سر! اسان مان ڪجهه بي چيني محسوس ڪري رهيا آهن.“
    پوڙهي پروفيسر پنهنجي عينڪ اکين تان لاهي کيسي ۾ وڌي ۽ مرڪندي وراڻيو:
    ”مونکي ان اقليت (Minority) جي خبر آهي.“ ۽ پوءِ سڀني ڏي مخاطب ٿي چيو: “Let Smokers to Smoke” اها دنيا جي Dying Minority آهي.“ (سگريٽ ڇڪڻ وارن جي قوم ڄاڻ ته ختم ٿي).
    ترڪيءَ جي حسن بقال نائيجريا جي عثمان کان سگريٽ اڌارو گهرندي چيو:
    ”في الحال ته عيش ڪيون پوءِ ڏٺو ويندو.“ ۽ پوءِ سگريٽ دکائي ڊگهو سوٽو هڻي عثمان جي ڪنڌ تي هٿ رکي چيو:
    ”منهنجا ڪارا عثمان! پروردگار جا ٿورا مڃڻ کپن جو پاڻ سموڪر آهيون ۽ هڪ سگريٽ ڇڪڻ بعد سڄو ٿڪ لهيو وڃي ۽ وري تازا توانا ٿيو وڃون. سموڪر جي نه هجون ها ته هن چيف انجنيئر مظهراقبال (هن بنگلاديش جي شاگرد ڏي اشارو ڪيو جيڪو اهي رسيس وارا ڏهه منٽ ورانڊي ۾ رکيل صوفا تي اڌ گابرو ٿي سمهي رهندو آهي) وانگر بيهوش ٿي پيا هجون ها.“
    ان بعد حسن بقال چنگيز کي ڀاڪر پائي ترڪي زبان ۾ خبرون ڪرڻ لڳو. آذربائيجان جو هي چنگيز ۽ ترڪيءَ جو حسن پاڻ ۾ سٺا دوست آهن. پاڙيسري ملڪن جا آهن. ٻنهي جي انگريزي پوري پني آهي. ٻنهي جي مادري زبان ترڪي آهي. پر چنگيز کي روسي به اچي ٿي جو سندس ملڪ گڏيل روس ۾ هجڻ ڪري اسڪول ۾ روسي پڙهيو. سلطنت عثمانيه جي ڏينهن ۾ روس جون اهي رياستون ترڪن جي هٿ هيٺ هيون. انڪري اڄ به آذربائيجان جي ڪلچر ۽ ماحول تي ترڪيءَ جو وڏو اثر آهي. بهرحال حسن بقال کي چنگيز تيمورلوو سٺو دوست ملي ويو آهي ۽ ٻئي گڏ گڏ رهن ٿا. ٻئي يار ويس ۽ چرچائي پڻ آهن.
    ترڪي ۽ پاڪستان جي دوستيءَ ڪري حسن ۽ آئون بنا ڪنهن تعارت ۽ تڪلف جي سڃاڻان ٿي وياسين ۽ حسن جي معرفت چنگيز به سٺو سنگتي ٿي ويو آهي.
    اهڙا سبجيڪٽ جن جي اسان کي اڳهين واقفيت هوندي آهي يا پڙهائڻ وارو پروفيسر بور هوندو آهي ته اسان ٽئي ڄڻا ليڪچر هال مان ڀڄي ڪئنٽين ۾ وڃي چانهه پيئندا آهيون. هڪ ڏينهن حسن بقال کي چيم:
    ”سائوٿ آفريڪا کان آيل ته عجيب آهن. هڪ به پيرڊ نٿا گسائين. ڄڻ ننڍا ٻار هجن. اڄ سوچيم پئي ته کين چوان ته ايڏو به سنجيدو نه ٿيو. جيڪي شيون پڙهيل اٿانوَ پيرڊن مان هليا اچو.“
    متان اهڙو ڪچو ڪم ڪيو اٿئي. اهي بيوقوف ائين ئي بيوقوف هجن. هينئر سؤ سوا مان پاڻ جهڙا ست اٺ اٿيو اچن ٿا ۽ ڪنهن کي خبر ئي نٿي پوي. سائوٿ آمريڪا جي هڪ ملڪ جو نڪرندو ته ان پويان نه فقط سڄي کنڊ جي ملڪن جا شاگرد ٻاهر نڪرندا پر وچ آمريڪا جا به هليا ايندا ۽ پوءِ پروفيسر حاضري وجهڻ شروع ڪري ڏيندو ۽ پنهنجي آزادي ختم ٿي ويندي.“
    ”ڳالهه ته واهه جي ڪئي اٿئي.“ مون حسن جي پٺي ٺپري.
    ”گذريل هفتي جهاز جي ڊيڪ جون ماپون وٺڻيون هيون. ڪولمبيا جي شاگردياڻي ائنا روزا چيو: ”ڊيڪ تي مونکي سيءُ ٿو لڳي آءُ ڪانه ٿي هلان.“ ان بعد بولويا جي شاگرد بهانو ڪيو، ان بعد برازيل، ان بعد وچ آمريڪا جي ملڪ ميڪسيڪو جي شاگرد بهانو ڪيو، ان بعد گئاٽمالا، اڪيڊار، ڪاسٽا ريڪا ۽ ان بعد چليءَ جي شاگرد ( ڪمانڊو رڪاڊو) جڏهن بهانو ڪيو ته مون کيس ويهاري چيو: ”تون ته هلي ماپ ڪراءِ. توکي ڇو ٿو سيءُ لڳي. تون چلي ملڪ جو آهين جتي ٻارهوئي سئيڊن جهڙو سيءُ آهي.“ منهنجي ان چوڻ تي ککو وکو ٿي ترسي پيو، نه ته ان بعد باقي رهيل ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن: ارجنٽائين، پيرو وغيره جابه اٿيا ٿي.“


    جوتن جو خيال رک

    چنگيز تيمورلوو جو هي سوشلسٽ ملڪن کان ٻاهر رهڻ جو پهريون موقعو آهي. هتي جي مهنگائيءَ جون ڏاڍيون دانهون ڪندو آهي.
    ”سگريٽ به مون ان ڪري گهٽائي ڇڏيا آهن جو هتي سئيڊن ۾ مهنگا آهن ۽ نه ان ڪري جو صحت خراب ڪن ٿا.“ چنگيز ٻڌايو ۽ پوءِ پنهنجي ٿلهي گول مٽول جسم ڏي اشارو ڪري چيو: ”سگريٽ منهنجي صحت کي ڀيلي به ڪيترو ڀيليندا.“
    اسان جو پاڪستاني ساٿي ڪئپٽن سليم هتي اچڻ کان اڳ دل جي آپريشن (Open Heart Surgery) ڪرائي آيو هو. کيس ڊاڪٽر واڪ لاءِ چيو هو. پر ٻاهر سخت سيءُ هجڻ ڪري واڪ جونالو ئي نٿي ورتائين ۽ پوءِ خبر پيس ته جنهن کي مارجيرين سمجهي مهيني کان نيرن تي کائي رهيو هو اهو مکڻ هو. جنهن کان ڊاڪٽر جهليو هوس. پوءِ ته اچي ڊپ لڳس.
    ”يار هاڻ ته مونکي واڪ ڪرڻي ئي پوندي.“
    ”ڏاڍو سٺو.“ اسان چيس.
    ”پر يار ڪو مونکي ساٿ ڏئي ته هاسٽل کان يونيورسٽيءَ تائين پنڌ اچان وڃان.“ سليم چيو.
    ”آذربائيجان جو اهو ٿلهو چنگيز اٿئي. متان اهو پنهنجي چرٻي ڳارڻ جي موڊ ۾ هجي.“ مون چنگيز ڏي اشارو ڪري صلاح ڏنيمانس.
    چنگيز پڇيو: ”مون لاءِ، ڪار خذمت؟“
    ”سليم واڪ ڪرڻ چاهي ٿو ته کيس پنهنجي ساٿ جي ضرورت آهي.“ مون چيومانس.
    ”ڇو ٿو واڪ ڪرڻ چاهين؟“ چنگيز سليم کان پڇيو.
    ”آئون پنهنجي صحت جو خيال رکڻ چاهيان ٿو.“ سليم ٻڌايس.
    چنگيز ڪا دير ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. ان بعد سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻي، سليم کي ڳراٽڙي پائي وڏي پاٻوهه مان چيس:
    ”منهنجا دوست! سئيڊن جهڙي هن ذليل مهنگي ملڪ ۾ پنهنجن جوتن جو خيال رک. توکي خبر ناهي ڇا ته هتي بوٽ ڇڄڻ يا ترو گسڻ تي ڪيڏو خرچ اچي ٿو؟“
    ۽ پوءِ اڱر سان نڪ کي گهي توبهه ڪندي چيو: ”منهنجي دل ڪمزور آهي. نه ڄاڻ ڪنهن ڏينهن هلندي هلندي بوٽ ڇڄي پيو ته منهنجي دل بيهي ويندي.“


    جهاز جا مالڪ فرشتا نه آهن

    ”دل ۾ نه ڪريو ته هاڻ ڪجهه آئون ڳالهايان. Law جا اڃا ڪيترائي ٽاپڪ رهن ٿا. “ پروفيسر ايڊگر گولڊ چيو.
    چنگيز چيس: ”ڀلي ڳالهايو. اسان سڀ سدورا آهيون. سگريٽ سو پيئون ٿا پر هڪ شڪ نه اٿئون. اها فقط ترڪيءَ جي حسن کي آهي. پر گذريل ٽن ڏينهن کان سندس گلو خراب آهي سو ڳالهائڻ جي همٿ نٿي ٿيس. ان ڪري ڪلاس ۾ سڪون ڇانيل رهندو.“
    ”سر! آئون ماٺ ۾ آهيان. ڳالهائڻ جي پِٽ فلپين کان آيل شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ آهي.“ منهنجي ڀر ۾ ويٺل حسن چيو. پروفيسر گولڊ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري پنهنجو ليڪچر شروع ڪيو.
    ”.......... ويندي سٺو قانون به بيڪار آهي جيڪڏهن اهو چڱيءَ طرح Implement نٿو ڪيو وڃي...........“
    ترڪيءَ جي حسن بقال مونکي ٺونٺ هڻي هڪ فلپينو شاگرد ڏي اشارو ڪيو، جيڪو پنهنجي هم وطن شاگردياڻي (نيول آرڪيٽيڪٽ انجنيئر ڊيزيءَ) سان کسر پسر ڪري رهيو هو.
    ”ڏس سڄو ڏينهن ڊيزيءَ سان ڳالهين ۾ پورو آهي.“
    ”هون.“ مون مختصر جواب ڏئي پنهنجو ڌيان ليڪچر ڏي ڏنو.
    ”اهو نڀاڳو ويچاري ڊيزيءَ کي پڙهڻ نه ڏيندو.“ حسن بقال وري ٺونٺ منهنجي ڪک ۾ هڻي چيو.
    ”پوءِ ڀلا ڊيزيءَ لاءِ پاڻ لٺيون کڻون ڇا؟ سندن ئي ملڪ جي آهي.“ مون چيومانس.
    ”توهان ڪنهنجي پاران ڪورٽ ۾ وڙهندا آهيو؟“
    نائجيريا جي جوليانا پروفيسر ايڊگر گولڊ کان سوال ڪيو.
    ”وڪيل لاءِ Clients سڀ برابر آهن. وڪالت جي ڌنڌي ۾ وڪيل ڪڏهن فرشتن جي پاسي هوندو آهي ته ڪڏهن شيطانن جي. شروع ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته آئون جهازن جي مالڪن Ship Owners جا ڪيس کڻندو آهيان ۽ توهان کي ته خبر آهي ته جهازن جا مالڪ هميشه فرشتا نه هوندا آهن.“


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 345142
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142511
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ