ڪتاب جو نالو: ممباسا شيدي باڇا همباشا
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 17 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 950 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 362 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
پاڻي جهاز ذريعي الطاف شيخ کي ڪيترائي دفعا آفريڪا جي بندرگاهن ممباسا (ڪينيا)، ائنزبار (تنزانيا)، موپوتو (موزبق) ۽ ٻين ۾ وڃڻ ٿيندو رهيو ٿي خاص ڪري اهي سال جيڪي سئيز ڪئنال بند رهيو. ان صورت ۾ هر جهاز کي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪري يورپ يا آمريڪا پهچڻو پيو ٿي. پر هي سفر الطاف شيخ جو جهاز هلائيندڙ جي حيثيت ۾ نه پر هڪ پئسينجر جي حالت ۾ ٿيو ۽ هي سفر باءِ ايئر، باءِ ٽرين ۽ باءِ روڊ ڪيو ۽ اهو هينئر ويجھڙائيءَ ۾ ئي ٿيو جڏهن ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي طرفان کيس ممباسا (ڪينيا) جي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ ڪجه ڏينهن لاءِ ليڪچر ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو. اتي پهچڻ لاءِ الطاف ڪوالالمپور کان باءِ ايئر ممبئي اچي ٿو جِتان ٻي اڏام ۾ ڪينيا جي گادي واري شهر نئروبي ۾ پهچي ٿو جِتان ٻئي ڏينهن باءِ روڊ ممباسا پهچي ٿو. هن ڪِتاب ۾ ممباسا، نئروبي ۽ يوگنڊا جي شهرن ۾ رهندڙ بوهري، آغا خاني ۽ بلوچن بابت ۽ انهن جي ٺهرايل تعليمي ادارن ۽ سماجي خذمتن جو پڻ احوال لکيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب
  • ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪريءَ جا اصول ۽ مجبوريون
  • ڪجهه اڇا پنا ۽ قلم ضروري آهي
  • اجنبي عورت سان ڳالهائڻ ۾ خطرو
  • آفريڪا ڏي ايشيائي ماڻهن جي آمد
  • خطِ استوا تي برف سان ڍڪيل جبل
  • آفريڪا جو شهر ڏسي حيران ٿي وياسين
  • نئروبي شهر جو وجود
  • ڪينيا جي مائي جوري
  • واسڪوڊاگاما ڪو چڱو مڙس به نه هو...
  • پورچوگال کان ممباسا ۽ ڪاليڪٽ
  • ڪينيا جي مختصر تاريخ
  • آدمخورن جي شهر ۾. . .
  • ڪينيا جا اسڪول وڏيرن جون اوطاقون ڇو نه آهن؟
  • ٻن دلين جو ميلاپ نه ٿي سگهيو
  • چئن زالن وارو صدر جومو ڪينياتا
  • آفريڪا ۾ تعليم ۽ هڪ کان وڌيڪ شاديون
  • ٽنگ ڀڄڻ بعد هونو لولو پهتو.....
  • هر خرابيءَ جو بنياد- عورت!
  • انگريز راڄ جا دڪان
  • هندي فلمن جو دلپسند شهر ممباسا
  • ابنِ بطوطا ۽ ٻين جي ممباسا ۾ آمد
  • اسماعيلين لاءِ آفريڪي شيدين کي عزت
  • ممباسا جو “علي ڏنو وسرام هاءِ اسڪول”
  • ڪينيا جو هڪ ٻيو آغا خاني.... اِيبو پيرڀائي
  • ڪينيا جا ڪجهه بوهري
  • آفريڪا ويندي خبرداريءَ کان ڪم وٺو
  • آفريڪا وڃڻ ۾ ڪيترو خوف ڪيتري خوشي
  • آفريڪا جون بيماريون
  • ’زهينگ هي‘ جا آفريڪا ڏي سفر
  • آفريڪا ۾ عورتن جي طُهر جو آزار
  • يوگنڊا کي پنهنجن ئي تباهه ڪيو
  • فوجي آمر جي اچڻ تي يوگنڊا جي عوام مٺايون ورهايون
  • سياستدان ملڪ کي ٺاهين به ٿا ته ڊاهين به ٿا
  • يوگنڊا جو عيدي امين
  • يوگنڊا تي هاڻ ڪنهن جي حڪومت آهي...
  • آفريڪا بابت ڪجهه دلچسپ ڳالهيون
  • آفريڪا بابت ڪجهه حقيقتون
  • آفريڪا جا مونجهاري وارا ملڪ
  • زئمبيا، گئمبيا ۽ مختلف گِني ملڪ

  • انتساب

    پنهنجي پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جي دوست
    عبدالجبار عباسي نالي
    عبدالجبار عباسي سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ ۽ دوستي کي هن وقت اڌ صدي کان مٿي عرصو ٿي ويو آهي. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ جڏهن آءٌ مئٽرڪ ڪلاس ۾ پهتس ته عبدالجبار عباسيءَ اٺين ڪلاس ۾ اچي داخلا ورتي هئي. هيءُ سال 1960ع جي ڳالهه آهي. دراصل عبدالجبار عباسي جي والد، چاچي حاجي محمد عيسيٰ سان منهنجي اڃان به ٻه ٽي سال اڳ جي سڃاڻپ ٿي هئي، جڏهن هو صاحب اسان جي ڳوٺ جو مختيارڪار ٿي آيو هو. منهنجو والد گل محمد شيخ به ساڳي نوڪري ۾ رهي چڪو هو ۽ نه فقط عبدالجبار عباسي جي والد جو همعصر هو (ٻنهي جي ڄم جو سال 1920ع آهي) پر ننڍپڻ کان دوستي پڻ هئي. ظاهر آهي ان وقت سنڌ جا مسلمان تعليم ۾ گهٽ هئا ۽ جيڪي هئا انهن هڪ ٻئي کي سڃاتو ٿي.
    عبدالجبار عباسي جي ڏاڏي محمد ڇتل کي ٽي پٽ هئا: حاجي محمد اسماعيل، حاجي محمد موسيٰ ۽ سڀ ۾ ننڍو عبدالجبار عباسي جو والد محمد عيسيٰ هو، جنهن پرائمري تعليم مَلڪن جي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ 1938ع ۾، مٺياڻي هاءِ اسڪول مان ڪئي. مئٽرڪ کان پوءِ پاڻ ڪراچيءَ ۾ اچي ڪامرس ۾ داخلا ورتي. ان دوران کين انسپيڪٽر فار راشننگ جي نوڪري ملي وئي، جيڪا ڪليڪٽر جي هٿ هيٺ هئي. 1947ع ۾ ريوينيو ۾ آيا ۽ 1950ع ۾ هائير پاس ڪيائون، جنهن بعد هو مختيارڪار ٿيا ۽ مختلف شهرن: رتوديرو، شهدادپور، هالا، ٽنڊوالهيار ۾ مختياڪار جي حيثيت سان نوڪري ڪيائون. 1973ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڊئريڪٽر سيٽلمينٽ، سرويز ۽ انسپيڪٽر جنرل رجسٽريشن ٿيا، ان بعد 1977ع ۾ ميمبر بورڊ آف ريوينيو مقرر ٿيا، جنهن بعد 1980ع ۾ رٽائرڊ ٿيا. سندن پيشورانه ڄاڻ ۽ قابليت ڪري، رٽائرمينٽ بعد به هو ڏهه سال کن سنڌ چئمبر آف ائگريڪلچر جا سيڪريٽري جنرل ٿي رهيا ۽ 1991ع کان 1993ع تائين اسلام آباد ۾ فيڊرل لئنڊ ڪميشن جا چيئرمن پڻ ٿيا. سندن وفات ڪجهه سال اڳ 87 ورهن جي ڄمار ۾ 2007ع ۾ ٿي.
    چاچي محمد عيسيٰ عباسي کي ٽي پٽ آهن: وڏو عبدالخالق، ننڍو محمد اسحاق، اسان وارو پيٽارين دوست عبدالجبار عباسي وچين نمبر تي آهي. سندن ڄم جي تاريخ 15- ڊسمبر 1948ع آهي. عبدالجبار وارن جو موري تعلقي سان واسطو آهي. هو ٻڌائيندو آهي ته سندن اصل ڳوٺ جتي سندن وڏا رهندا هئا اهو درياهه ڪناري ڪلهوڙن جو ڳوٺ سڏبو هو. پوءِ 1928ع واري وڏي ٻوڏ ۾ سندن والد جو ڏاڏو محمد رمضان ڪلهوڙو اتان لڏي مَلڪن جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو، جتي ٻين ذاتين جا ماڻهو پڻ رهيا ٿي، خاص ڪري کيڙا جن جي هڪ مشهور شخصيت خانصاحب گل محمد کيڙو ميمبر صوبائي اسيمبلي پڻ آهي. ان لڏپلاڻ وقت عبدالجبار جي والد جي عمر 8 سال هئي. بهرحال 1988ع واري ٻوڏ ۾ کين اتان به لڏڻو پيو ۽ ڏيپارجا ۾ اچي رهيا، جتي هنن جا اڄڪلهه گهرگهاٽ آهن. چاچي حاجي محمد عيسيٰ جن جو هتي ٺهرايل مدرسو ۽ ڇوڪرين جو اسڪول سنڌ جي بهترين درسگاهن مان آهن.
    عبدالجبار عباسيءَ بنيادي تعليم نوابشاهه مان خوجا صاحب هيڊماستر جي اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ آيو. کيس ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هو پر جيئن ته انهن ڏينهن ۾ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ فقط پري انجنيئرنگ جا ڪلاس هئا، ان ڪري عبدالجبار کي مئٽرڪ بعد ڪئڊٽ ڪاليج ڇڏڻو پيو ۽ پري ميڊيڪل جا ٻه سال حيدرآباد جي گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي مان پڙهيو. ان بعد هن جي چونڊ ڍاڪا (مشرقي پاڪستان) جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿي جتي وڃڻ کان هن سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ کي بهتر سمجهيو. 1972ع ۾ انٽرنيشنل رليشن ۾ M.A ڪرڻ بعد ايڪانامڪس ۾ ايم.اي ڪئي ۽ ان دوران هن سول سروس جي چونڊ جو امتحان ڏنو جنهن ۾ ڪامياب ٿيڻ تي هن جي ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي ٽريننگ ٿي، ان بعد هو حيدرآباد ۾ علائقه ۽ ميونسپل ماجسٽريٽ ٿيو. 1980ع ۾ هو ڪوٽڙي جو اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو ۽ ان بعد ڏهه سال کن سندس ان پوسٽ تي سيوهڻ، تعلقو حيدرآباد، عمرڪوٽ، ڪراچي هاربر ۽ ملير ۾ نوڪري رهي. 1991ع ۾ ڊپٽي سيڪريٽري هيلٿ ۽ 1992ع ۾ حيدرآباد جو ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ٿيو. ان بعد 1994ع ۾ ميرپورخاص جو ۽ 1996ع ۾ سکر جو ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ بعد ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جو ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ٿيو. پاڻ 15- ڊسمبر 2008ع تي سرڪاري نوڪري مان ميمبر بورڊ آف ريوينيو کان اڳ واري پوسٽ تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. ان کان اڳ وارا ڏهاڪو سال پاڻ جن مختلف نوڪرين تي رهيو، انهن مان ڪجهه هن ريت آهن: سکر بئراج جو ڪالونائيزيشن آفيسر، بورڊ آف ريوينيو جو ايڊيشنل سيڪريٽري، WASA (واٽر سيوريج اٿارٽي) جو M.D، سنڌ ڳوٺ آباد جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر، سيٽلمينٽ، سروي ۽ لئنڊ رڪارڊس جو ڊائريڪٽر وغيره.
    وقت ۽ حالتن سان گڏ انسان بدلجيو وڃي ٿو پر عبدالجبار عباسي جي اها حيرت انگيز ڳالهه آهي ته هو اڄ به اهڙوئي معصوم طبعيت، ٻئي جو خيرخواهه، هرهڪ جو ڀلو گهرندڙ ۽ دوستي ۾ بيحد سچار رهيو آهي. جهڙو هو اسڪول جي ڏينهن ۾ هو. هيڏين نوڪرين تي رهڻ دوران به هو هرهڪ سان نياز نوڙت سان هلندو رهيو ۽ بنا لالچ جي انسانذات جي مدد ڪندو رهيو، مون جهڙي سست ۽ موڊي ماڻهوءَ جي جڏهن عبدالجبار عباسي جي عادتن سان ڀيٽ ڪريان ٿو ته پاڻ ڏي خبر ناهي ڪيتريون ڪوتاهيون محسوس ڪريان ٿو، پر شاباس هجي عبدالجبار کي جنهن ڪڏهن به ناراضگي جو اظهار نه ڪيو. بقول شاهه لطيف جي ”ڪڏهن ڪوسا نه ٿيا ڏوراپا ڏيئي…“ اڄ ڏينهن تائين هو پنهنجو پير پنڌ قائم رکندو اچي. ڳوٺ ۾ دعوت ڪندو يا حيدرآباد ۾ ته به منهنجي اهائي غيرحاضري! سندس سامهون اچڻ تي پنهنجي سستي ۽ غلطي جي اظهار لاءِ اڃان ٻه لفظ معافيءَ جا ڪڍندو آهيان ته يڪدم ڀاڪر پائي چوندو آهي ته ادا مڙيئي خير آهي توهان منهنجا وڏا آهيو.
    هن دفعي پيٽارين ائسوسيشن جي گڏجاڻيءَ تي چيومانس ته ”سڄي عمر تنهنجي ڳوٺ نه آيس، پر هاڻ پوڙهائپ ۾ ڏيپارجا وڃي توهان جي والد صاحب جو ٺهرايل مدرسو ۽ گرلس اسڪول ڏسڻ جو شوق ٿيو آهي.“
    عبدالجبار عباسيءَ وارا اهي تعليم يافته وڏيرا ۽ ڪامورا آهن، جيڪي نه فقط پنهنجي فئملي جي ماڻهن کي، بلڪ سڄي ڳوٺ ۽ اوسي پاسي جي علائقي کي تعليم جي زيور سان آراسته ڏسڻ چاهين ٿا، جنهن لاءِ هو پنهنجي وس آهر ڪم ڪندا رهن ٿا.
    عبدالجبار عباسي جي 1972ع ۾ شادي ٿي ۽ کيس ٽي پٽ آهن. وڏو ڊاڪٽر جاويد لياقت يونيورسٽي مان MBBS ڪرڻ بعد نيفرولاجي ۾ MRCP ڪئي ۽ ڪجهه وقت برمنگهام جي ”ڪُئين ايلزبيٿ“ اسپتال ۾ رجسٽرار جي عهدي تي رهڻ بعد وڌيڪ پڙهائي ڪئي ۽ اڄ هو ڊربي شائر ۾ GP (جنرل پرئڪٽيشنر) آهي. ٻيو نمبر پٽ جنيد عباسي جيڪو اڄڪلهه زمينون سنڀالي ٿو، مهراڻ يونيورسٽي مان MBA فائننس ۾ ڪرڻ بعد اڄڪلهه سنڌ گورنمينٽ ۾ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪري ٿو. دعا آهي ته هو پنهنجن وڏن جي نقش قدم، نيڪ ريتن ۽ روايتن تي عمر ڀر قائم رهي ماڻهن جون دعائون حاصل ڪندا رهن.
    الطاف شيخ
    25- اپريل 2011ع


    ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪريءَ جا اصول ۽ مجبوريون

    ملائيشيا ۾ نوڪريءَ لاءِ جڏهن پهتاسين ته هنن پهرين ٽن سالن جي contract موجب اسان کي پهچڻ سان فرنشڊ گهر ڏنو يعني ان ۾ فرنيچر، چلهو، هنڌ بسترا ۽ پڙدا وغيره هئا ۽ نئين ڪار وٺڻ لاءِ بنا وياج جي اوڌر ڏني، جيڪا هر مهيني آسان قسطن ۾ ٽن سالن اندر لاهڻي پئي. ڪار وٺڻ مهل اهو شرط ضرور وڌو ويو هو ته ڪار جي ٿرڊ پارٽي نه پر فل انشورنس ڪرڻي آهي. ظاهر آهي پئسا هنن ٿي ڏنا، سڀاڻي ڪنهن حادثي ۾ سڄي ڪار تباهه ٿي وڃي ته پئسا ڪير ڀريندو. اسان مان هڪ ڌارئين (Expatriate) جيڪو انگلنڊ جو ڪئپٽن هو، ان جي پهرين مهيني ئي نئين ورتل ڪار تباهه ٿي وئي. هو ڪوالالمپور جي مرديڪا گرائونڊ واري پارڪنگ ۾ ڪار بيهاري جالان (شاهراههِ) تنڪو عبدالرحمان تي شاپنگ لاءِ ويو. ملائيشيا ۾ مينهن ۽ کنوڻ ڪِرڻ جا ٺڪاءَ ته هر وقت لڳا رهن ٿا. ان وقت مرديڪا گرائوند وٽ ڪا کنوڻ ڪري جنهن ۾ هن جي ڪار ۽ ڀر ۾ بيٺل ٻه موٽرسائيڪلون سڙي خاڪ ٿي ويون. انشورنس ڪمپنيءَ پئسا ڀري ڏيڻ لاءِ ٿوريون گوٿناٿيون ڪيون ته: هي Act of God آهي. يعني هي ڪم قدرت طرفان ٿيو آهي پر پوءِ اسان جي آفيس طرفان زور ڀرڻ تي پئسا ڀري ڏنائون ۽ هن اسان جي انگريز ساٿيءَ وري وڃي نئين ڪار ورتي. بهرحال ڪار جي ان انشورنس جا پئسا اسان ڪار جا مالڪ ڀريندا هئاسين. جيڪا رقم ڪا گهڻي نه هئي اسان جي ملڪ ۾ ڪارن جي انشورنس جي ادائگي گهڻي ان ڪري آهي جو اسان وٽ ڪارن جي چوري تمام گهڻي آهي ملائيشيا ۾ نه برابر آهي. آئون نٿو سمجهان ته ڪڏهن ڪو مون پنهنجي ڪار گئريج اندر بيهاري هجي يا لاڪ ڪئي هجي.
    اسان جي آفيس وارن اسان سڀني ڌارين توڙي پنهنجن ماڻهن جي پڻ انشورنس ڪرائي جيڪا شايد اسان جي بيمار ٿيڻ جي هئي جنهن جي سالياني في آفيس وارا ئي ادا ڪندا هئا. اسان يا اسان جي فئملين جو ڪو ماڻهو بيمار ٿيندو ته هو مختلف ڊاڪٽرن يا اسپتالن ۾ علاج لاءِ پهچي ويندا هئاسين. ڪن ملڪن ۾ ويندي آمريڪا ۽ سئيڊن ۾ پڻ، انشورنس باوجود ڊاڪٽري تپاس، دوا درمل يا اسپتال جي خرچ جو ڪجهه سيڪڙو مريض کي به ڏيڻو پوي ٿو پر ملائيشيا جي جنهن اداري ۾ اسان نوڪري ڪئي ٿي انهن اسان کان هڪ پئسو به نٿي ورتو. ڏندن جو علاج ان انشورنس ۾ شامل نه هو پر ان لاءِ اسان جي آفيس اسان کي ملٽري اسپتال موڪليندي هئي جتي اسان جو اهو علاج به مفت ۾ ٿيندو هو جو اسان جي آفيس جو ملائيشيا جي نيويءَ سان واسطو هو.
    هڪ دفعي اسان ڌارين مان، هڪ انڊيا جو ڪئپٽن بيمار ٿي پيو. هو ملاڪا شهر جي اسپتال ۾ هفتو کن رهيو. بعد ۾ جڏهن موٽيو ۽ پنهنجي ڊيوٽي شروع ڪيائين ته هڪ ڏينهن کيس خبر پئي يا شايد اسان ڌارين مان ڪنهن کي آفيس جي ڪنهن ڪلارڪ کان خبر پيئي، تنهن اچي هن انڊين ڪئپٽن کي ٻڌايو ته سندس هفتو بيمار رهڻ جو انشورنس ڪمپنيءَ نه فقط علاج ۽ اسپتال جو خرچ ڏنو پر في ڏينهن جي حساب سان هڪ هفتي جي چڱي خاصي رقم جيڪا هفتي جي پگهار کان ٻيڻي ٽيڻي ٿي ٿئي، اها پڻ آفيس وارن کي ڏني آهي. اسان ڌارين اڳيان هي هفتي کن جي بيماري جو ڪيس پهريون دفعو ٿيو هو. اها ڳالهه ٻڌي اسان انڊين ڪئپٽن جي ڀاڳ تي ريس ڪرڻ لڳاسين ته سندس لئه ٿي وئي. هڪ ته هفتو کن ڊيوٽيءَ کان بچي ويو ٻيو انشورنس وارن به پئسا ڏنا اٿس جيڪي مهيني جي پهرين تاريخ تي پڪ پگهار سان گڏ آفيس وارا کيس ڏيندا.
    اسان وارو انڊين ڪئپٽن به خوش هو جنهن لڪ ڇپ ۾ پڪ ڪرائي ورتي هئي ته واقعي انشورنس ڪمپنيءَ بيماري وارن ڏينهن جا سندس پگهار جي حساب سان آفيس وارن کي ٻيڻا پئسا ڏنا آهن. پر پوءِ جڏهن اها ۽ ٻئي مهيني جي به پهرين تاريخ گذري وئي ته نه فقط هن انڊين ڪئپٽن کي پر سندس ملڪ ۽ ٻين ملڪن جي اسان ڌارين کي حيرت ٿي ته: ملائيشيا وارا هونءَ ته هر ڳالهه ۾ ايماندار آهن پر هن ۾ ائين ڇو ڪيو اٿن. هر هڪ اهو پئي سوچيو ته سڀاڻي اسان به بيمار ٿي سگهون ٿا بلڪ ڪوشش ڪري ٻن بدران چار ڏينهن ٿينداسين، پر انشورنس جا پئسا اسان کي به نه ملندا. روز صبح جو يارهين بجي واري چانهه تي اسان جي ان موضوع تي به ٽيڪا ٽپڻي هلندي هئي ۽ هر هڪ اهو ئي سوچيندو هو ته ڪنهن طرح سان انتظاميه کان ان بابت پڇيو وڃي ته هنن انشورنس طرفان مليل پئسا، بيمار کي ڏيڻ بدران پاڻ وٽ ڇو رکي ڇڏيا آهن؟
    هڪ ڏينهن کڻي ٿي کُٽي اسان جي باس جي جو آفيشل ميٽنگ بعد اسان Expatriates (ڌارين ملڪن کان آيلن) کان پڇي ويٺو ته اسان کي ملائيشيا ۾ يا سندس اداري ۾ نوڪري ڪندي ڪا تڪليف ته نه آهي. دراصل اهو پوءِ ثابت ٿيو ته هن کي کٽيءَ نه کنيو اسان کي کٽيءَ کنيو جو هن جي پڇڻ تي اسان يڪدم انشورنس واري ڳالهه ڪڍي ته فلاڻي انڊين ڪئپٽن کي هفتو کن بيمار ٿيڻ جا پئسا ڇو نه مليا.
    اسان جي ملائيشين باس کي پهرين ته اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي پر پوءِ ڌيان ۾ اچڻ تي هن پڪ اسان جي بيوقوفي ۽ اڻ ڄاڻائي تي دل ئي دل ۾ کليو هوندو ڇو جو سندس جواب ٻڌي اسان کي به شرمندگي ٿي. اسان سڀني هيڏا سال فقط جهاز هلايا هئا ۽ اسان کي ڪناري جي آفيسن، انهن جي انتظاميه جي اصولن جي ڪا خبر نه هئي ته ترقي يافته ادارن ۾ انهن کي مضبوط رکڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو وڃي ٿو. اسان جي باس ٻڌايو ته نوڪريءَ جي معاهدي موجب هو اسان جي ميڊيڪل سهولت لاءِ هر سال انشورنس جي ادائگي ڪن ٿا جيئن اسان جو مفت علاج ۽ اسپتال وغيره جو خرچ انشورنس ڪمپني ڀري سگهي. ان کان علاوه اسان جو آفيس کان غير حاضر رهڻ جو هنن انشورنس ڪرايو آهي. ”جيئن ڪو آفيسر بيماري يا حادثي ڪري آفيس اچڻ بند ڪري ته اسان عارضي طرح ڪو ماڻهو لڳائي سگهون ۽ ڪنهن به صورت ۾ آفيس يا اداري جي ڪارڪردگي پٺتي نه رهي. ان عارضي ڊيوٽي لاءِ هر ڪو نارمل پگهار کان گهڻي جي گُهر ڪندو. ان ڪري اسان ان جو حساب ڪتاب ڪري ان موجب سالياني انشورنس في ڀريون ٿا ۽ جيئن ته اها في آفيس ڀري ٿي ان ڪري انشورنس جا پئسا به آفيس کي ئي ملن ٿا. توهان کي جي اهڙو شوق هجي ته ڀلي توهان پنهنجي غير حاضري جو، پنهنجي پگهار کان ٻيڻو يا ٽيڻو چؤڻو انشورنس ڪرايو ۽ ان بعد پنهنجي کيسي مان ان جي سالياني في پڻ ادا ڪريو.“
    اسان سڀ چپ ٿي وياسين. ان ڏينهن اسان ڌارين، خاص ڪري پاڪستانين شڪر ڪيو ته چڱو جو اهو قصو هڪ انڊين ڪئپٽن سان ٿيو ۽ چڱو جو ميٽنگ ۾ سوال به هڪ انڊين ئي ڪيو.
    ملائيشيا جي هن آفيس ۾ ڪجهه ٻيا به پاڪستاني جهازن جا چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن اچي ويا. اسان مان هڪ ڪئپٽن جو هي ڌارئين ملڪ ۾ نوڪري ڪرڻ جو پهريون تجربو هو. هو ڳالهه ڳالهه ۾ مڪاني ملائيشين آفيسرن سان پنهنجي ڀيٽ ڪندو هو ته هنن کي هي هي سهولتون آهن جيڪي اسان ڌارين کي نه آهن. آئون هميشه هن کي زميني حقيقتن کان آگاهه ڪندو هوس ته هي اسان جو ملڪ نه آهي. اسان هڪ مقرر ڪيل معاهدي تي مقرر مدي لاءِ نوڪري لاءِ آيا آهيون. اهو ئي سبب آهي جو اسان جو پگهار مڪاني آفيسرن کان تمام گهڻو آهي. جي ڪڏهن اسان هنن کي گهڻو بيزار ڪنداسين ته هي اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ بدران انڊيا، بنگلاديش، سنگاپور ۽ ڪوريا جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي ترجيح ڏيندا جيڪي ڪيل Contract (معاهدي) موجب شڪر ۽ صبر سان نوڪري ڪندا رهن ٿا. اسان جي اڃا به گهڻو تنگ ڪنداسين ته هو اسان کي بقايا ڏئي هينئر ئي ٽپڙ ٻڌڻ لاءِ چوندا.
    پر اسان جي ملڪ جي هِن نوجوان ڪئپٽن کي مڙيئي منهنجيون ڳالهيون سمجهه ۾ نٿي آيون، هڪ ڏينهن نيٺ اسان جي باس سان بحث ڪري ويٺو. اسان جي آفيس مان هر سال ملائيشيا جا ٻه آفيسر يونائٽيڊ نئشن طرفان اعليٰ تعليم لاءِ سئيڊن موڪليا ويا ٿي. اسان جي هن ڪئپٽن جو اهو ضد هو ته هو رڳو ملائيشيا جا ڇو ٿا موڪلين اسان ڌارين مان ڪنهن کي ڇو نه؟ تنهن تي هن سمجهايس ته بابا هيءَ اسڪالر هر ملڪ کي ملي ٿي. بلڪ پاڪستان جي ته چئن ماڻهن کي ملي ٿي. اسان ملائيشيا وارا جيڪڏهن ڪنهن ڌارئين ملڪ جي ماڻهوءَ جو نالو ڏينداسين ته به UNO وارا قبول نه ڪندا. ٻي ڳالهه ته اسان وٽ ماڻهن جي کوٽ هجڻ ڪري اسان توهان کي ڳرا پگهار ڏئي هتي نوڪري ڪرڻ لاءِ گهرايو آهي نه ڪه توهان کي عياشيءَ لاءِ ٻاهر موڪلڻ لاءِ؟ ۽ پوءِ هو ڦلهڙو منهن ڪري موٽيو. اهو ٻڌي اسان سڀني پاڪستانين کي افسوس ٿيو ته اسان جي ساٿيءَ اجايو بيوقوفيءَ جو ثبوت ڏنو. انهيءَ ڪري پرديس ۾ نوڪري ڪرڻ جي حامي ڀرڻ واري کي آئون هميشه ئي اها نصيحت ڪندو آهيان ته گهر ڇڏڻ کان اڳ نوڪري جي معاهدي نامي (Contract) کي غور سان پڙهي ۽ پوءِ هڪ دفعو هائوڪار ڪرڻ تي ڌارئين ملڪ پهچي ان موجب ڪم ڪري ۽ اهو پگهار، موڪلون ۽ ٻيون سهولتون Expect ڪري. انهن ۾ جي کوٽ ٿا ڪن ته انهن لاءِ ضرور پڪاري پر فالتو ڳالهين لاءِ پنهنجي انتظاميه کي تنگ نه ڪري نه ته ان جو اثر هو پنهنجي ملڪ جي ماڻهن تي وجهي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو جپان، ملائيشيا ۽ عرب ملڪن جهڙا امير ملڪ بنگلاديشي، فلپينو ۽ ڪورين کي خوشيءَ سان نوڪريون ڏين ٿا جو اهي چئيوان، محنتي، ٿوري ۾ راضي ٿيڻ وارا، اجايو بحث نه ڪرڻ وارا ۽ گهٽ موڪلون ڪرڻ وارا ثابت ٿيا آهن.


    ڪجهه اڇا پنا ۽ قلم ضروري آهي

    ملائيشيا ۾ نوڪري دوران هڪ دفعي اسان جي آفيس وارن اسان مان ڪنهن هڪ کي وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ ممباسا موڪلڻ چاهيو ٿي جتي جي هڪ انجنيئرنگ ڪاليج يا شايد نيول اڪيڊمي ۾ ”مئرين بئالرن ۽ فيول ٽيڪنالاجي“ تي هفتو کن ليڪچر ڏيڻا هئا. هي ڪم نوڪري جي معاهدي مطابق اسان لاءِ ضروري نه هو پر انتظاميه چاهيو ٿي ته اسان ڌارين مان ڪو وڃي ته سندن اداري جو سٺو نالو ٿي سگهي، آخر ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي جيتوڻيڪ نوڪري جي معاهدي ۾ نه آهن پر انتظاميه ڪَس کائي اسان کي فائدو ڏئي ٿي.
    هي پهريون دفعو هو جو اسان مان ڪنهن کي ايڏو پري وڃڻ لاءِ چيو ويو هو نه ته ملائيشيا جو ملائيشيا ۾، خاص ڪري ملائيشيا جي ڏاکڻي شهر اپوح جي پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ جتي مئرين انجنيئرنگ به پڙهائي وئي ٿي ۽ جنهن لاءِ جپاني انجنيئر رکيا ويا هئا پر هاڻ هنن جي وڃڻ ڪري ان سبجيڪٽ جو بار اسان جي اداري کنيو هو ۽ هر مهيني ڏيڍ بعد، ڏينهن ٻه پڙهائڻ لاءِ مون کي موڪليو ويو ٿي. هي ڪم اهڙو هو جنهن ۾ ڪو مالي فائدو نه هو پر هڪ نئين شهر ۾ وڃي، نون ماڻهن ۽ نوجوان شاگردن سان ملي مون کي خوشي ٿي ٿي ۽ اپوح شهر جون ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون لکڻ جو موقعو مليو. اسان مان ڪجهه ڌاريان ان ڪم لاءِ تيار ضرور ٿيا پر جڏهن خبر پين ته ان ڪم جا پئسا کين ملڻ بدران اسان جي آفيس واري اداري کي ملندا ته هو ڍرا ٿي ويا. ان ڊيوٽي لاءِ پئسا نه ڏيڻ جو انتظاميه طرفان اهو سبب ڏنو ويو ته جيڪڏهن آچر واري ڏينهن يعني موڪل واري ڏينهن تي جي پڙهائڻو پوندو ته ان ڏينهن جا پئسا اسان کي ضرور ملندا باقي هفتي جي ڏينهن جا پئسا نه ملندا، جو هفتي جا ڇهه ڏينهن پڙهائڻ اسان جي ڊيوٽي ۾ شامل آهي. چاهي ملاڪا پڙهايون يا اپوح شهر ۾. بهرحال اپوح شهر ۾ وڃڻ لاءِ هوائي جهاز جو اوٽ موٽ ڀاڙو، فور اسٽار هوٽل ۾ رهائش، ماني ٽڪي، ٽئڪسي جي ڀاڙي سان گڏ روزاني چانهه پاڻيءَ جو خرچ آفيس طرفان ڏنو ويو ٿي. ۽ هاڻ ڪينيا جي هن بندرگاهه ممباسا ۾ وڃڻ لاءِ به ساڳيا اصول هئا. ممباسا پري هجڻ ڪري ڪنهن به رضا مندي نه پئي ڏيکاري.
    اسان جي پاڪستاني ساٿين اهو خيال ڪيو ته ڪم ۾ انتظاميه جي مدد ڪجي ته هو به خوش ٿيندا ۽ اسان جي ملڪ جي به تعريف ٿيندي. هنن جو خيال ته نيڪ هو پر کين اهو ڪم Un pleasant ٿي لڳو. هو ميڙ ٺاهي مون وٽ اهو سوچي آيا هئا ته اپوح وانگر ممباسا لاءِ به من آئون کڻي هائوڪار ڪريان.
    ”ڀائي آخر آئون ڇو وڃان؟“ مون کانئن پڇيو.
    ”توهانجي ان ۾ دلچسپي به آهي.“
    ”لاحول والله! ڇا مطلب؟ ممباسا ۾ منهنجي ڪا پراڻي ساهيڙي رهي ٿي!“
    ”نه سر!“ هنن چيو، ”اسان جو مطلب آهي ته توهان کي سفرنامو لکڻ لاءِ مختلف جاين گهمڻ جو شوق آهي.“
    ”اهو ته صحيح آهي جيتوڻيڪ اهو سڀ ڪجهه ڊيوٽي جي مجبوري ڪري آهي. پر توهان سچ پچ ٻڌايو ته توهان کي وڃڻ ۾ قباحت ڇو ٿي ٿئي.“
    منهنجي ان سوال جي جواب ۾ هنن هي نقطا ٻڌايا.
    • هو ٽيچنگ لائين ۾ اڃا هاڻ داخل ٿيا آهن ان ڪري ڪنهن اوپري هنڌ تي، بنا تياريءَ جي پڙهائڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪن ٿا. صحيح آهي. سالن کان پڙهائڻ ڪري مون لاءِ اها ڏکي يا پريشاني جي ڳالهه نه هئي.
    • ٻي پائنٽ جنهن کان منهنجا هم وطني ساٿي ڀڄي رهيا هئا اهو ممباسا تائين پهچڻ جو ٿڪائيندڙ سفر هو. ملائيشيا مان ڪابه اڏام سڌو ممباسا ڏي وڃڻ واري نه هئي. ڪوالالمپور مان ممبئي وڃڻو پيو جتي ٻي اڏام لاءِ اٺ ڪلاڪ ايئرپورٽ تي انتظار ڪرڻو هو ۽ پوءِ ڪينيا جي گادي واري شهر نئروبي ۾ پهچي ٽن ڪلاڪن بعد ٻي اڏام ۾ ممباسا پهچڻو هو. اهو ٻڌي مون کين هائوڪار ڪئي جو ايئرپورٽ تي انتظار ڪرڻ يا هوائي جهاز جو ڊگهو سفر مون لاءِ مسئلو نه هو. مسئلو ته پاڻيءَ جي جهاز ۾ سفر ڪرڻ ۾ به نه آهي. بشرطيڪ اهو به هلائي ڪو ٻيو، اسان رڳو ننڊون ڪندا رهون يا اخبارن لاءِ ڪالم لکندا رهون. ايئرپورٽ يا هوائي جهاز جي ماحول جي ته ڪهڙي ڳالهه ڪجي. خاموشي، ٿڌڪار ۽ چوڌاري خوشبوءِ ئي خوشبوءِ... جنهن وقت دل چوي سوچجي، جنهن وقت دل چوي ڪا پراڻي ڳالهه ياد ڪري لکجي، يا ڀر ۾ ويٺل مسافرن سان خبر چار ڪجي. چانهه، ماني سڀ ڪجهه اتي جو اتي ملندو رهي... ٻيو ڇا کپي؟ ناروي جي هڪ ايئرپورٽ اوريسنڊ ۾ موسم جي خرابيءَ ڪري اسان جي اڏام 24 ڪلاڪ ليٽ ٿي وئي. اوريسنڊ ننڍڙو شهر بلڪ فشنگ وليج آهي جنهن ۾ ايترن مسافرن کي ٽڪائڻ لاءِ ڪا وڏي هوٽل به نه هئي. سڀني مسافرن کي ايئرپورٽ جي صوفن تي ويهي وقت گذارڻو هو. ايئرپورٽ کان ڪو ٻاهر به نڪري نٿي سگهيو جو سخت طوفان ۽ برفباري ڪري ٿڌ جو پد ڪاٽو ويهن کان به هيٺ هو. ايئرپورٽ جي چوڌاري ڪنهن شيشي جي دريءَ ۾ تر جيتري به سير هئي ته اتان اندر ايندڙ ٿڌي هوا جسم کي ڄڻ ڇريءَ وانگر ڪپيو ٿي. سڀ مسافر پريشان هئا. منهنجي ته ڄڻ الله ٻڌي. ڪائونٽر تان ڏهه ٻارهن ڪورا ڪاغذ وٺي اچي پراڻيون ڳالهيون لکڻ شروع ڪيم. پنج ڇهه صفحا لکي ڪائونٽر تان چانهه ۽ بسڪٽ وٺي ٿي آيس. ماني جو بندوبست نه هو پر هوائي ڪمپنيءَ طرفان اسان مسافرن کي هر وقت چانهه، ڪافي، بسڪيٽ ۽ سئنڊوچ ملڻ جو مفت بندوبست هو. پورڪ جي خيال کان مون لاءِ سئنڊوچ يا پيزا ۽ برگر ممنوع هئا، ان هوندي به ٺلهي چانهه ۽ بسڪٽ به غنيمت هئا. ڪلاڪ ٻه لکيم ٿي ته ڪلاڪ ٻه سوچيم ٿي ۽ اهڙو ڪلاڪ ٻه ويٺي ويٺي جهوٽو به کائي ورتم ٿي. خبر ئي نه پيئي ته ڪيئن اک ڇنڀ ۾ 24 ڪلاڪ گذري ويا ۽ اعلان ٿيڻ تي اسان پنهنجو سفري ٿيلهو کڻي اچي جهاز ڀيڙا ٿياسين. ۽ ان ڳالهه جو اظهار جيڪڏهن ٻين مسافرن سان ڪريان ها ته پڪ مارَ ڏين ها جيڪي ايئرپورٽ تي ايڏو انتظار ڪري اڌ چريا ٿي پيا هئا.
    اهڙن موقعن تي ڪئڊٽ ڪاليج جي ڏينهن ۾ اسان جو درويش صفت انگريز پرنسپال ياد ٿو اچي جيڪو اسان کي هر وقت ڪتاب پڙهڻ ۽ ڪجهه لکڻ لاءِ زور ڀريندو هو. چوندو هو ته جنهن کي پڙهڻ جي عادت پئجي ويندي اهو جنگل ۾ اڪيلو به بور نه ٿيندو. اسان ان وقت اٺين ڪلاس ۾ پهتا هئاسين ۽ هي ڪاليج پيٽارو بدران ميرپورخاص جي بلڊنگ ۾ عارضي طور هو ته ڪرنل ڪومبس جيڪو سيڪنڊ ورلڊ وار ۾ جپانين جو قيدي (POW) به ٿي رهيو هو، اهو انگلينڊ کان اسان وٽ پرنسپال ٿي آيو. پهرين هفتي ئي هو اسان کي بس ۾ وهاري ميرپورخاص ڀرسان وهندڙ جهلوري نالي هڪ شاخ تي گهمائڻ لاءِ وٺي هليو. اسان سڀ ڳوٺن جا هئاسين ۽ ان جهلوريءَ کان وڏيون شاخون ته اسان جي ڳوٺن ۾ وهندي ڏٺيون هيونسين. اسان کي پنهنجي هن گوري پرنسپال تي ڏاڍي حيرت ٿي. اسان ته جڏهن گهمڻ جو ٻڌو ته اسان ته اهو ئي سوچيو ته هو اسان کي بس ۾ حيدرآباد وٺي ٿو هلي جتي صدر جي نيو ميجيسٽڪ سئنيما ۾ انگريزي فلم پڻ ڏيکاريندو پر هي اسان کي ڌوڙاٽيل پاڻيءَ واري جهلوري شاخ جي ڪناري تي وٺي آيو. اسان مان ڪجهه ان ميرانجهڙي پاڻيءَ ۾ جهڙي تهڙي سئمنگ به ڪئي ۽ گپ لڳل پيرن ۾ بوٽ پائي وري اچي هاسٽل جي باٿ روم ۾ وهنتا هئاسين. ٻيو ڏينهن آچر جو هو. هاسٽل جي ميس ۾ اسان جو پرنسپل نموندار ٿيو ۽ چيائين ته هو جهلوري شاخ جي ٽرپ بابت ڪجهه ڳالهائيندو. اسان سمجهيو ته هو اسان کي جهلوري شاخ تي وٺي هلڻ ۽ بور ڪرڻ لاءِ افسوس جو اظهار ڪندو ۽ ان جي بدلي ۾ اڄ حيدرآباد وٺي هلڻ لاءِ چوندو. پر اهي سڀ اسان جا ٻليءَ وارا خواب هئا. ڪرنل ڪومبس پنهنجي ڪڙڪدار آواز ۾ چيو ته ڪالهه توهان کي آئون جهلوري شاخ تي گهمائڻ لاءِ وٺي ويو هوس. اڄ توهان پنهنجي ڪمري ۾ ويهي ان سير تي انگريزيءَ ۾ مضمون لکو جنهن جو عنوان ٿيندو:
    Our Trip to Jhilory
    اسان ته اهو ٻڌي ويتر پريشان ٿي وياسين ته ”کھایا پیا کچھ نھیں، گلاس توڑا بارہ آنا" وارو حساب ٿيو. پر سائين اهو پهريون ۽ آخري دفعو نه هو. پنج سال جيڪي اسان ڪئڊٽ ڪاليج ۾ گذاريا اهي پنج ئي سال ڪرنل ڪومبس اسان جو پرنسپال رهيو ۽ هن خبر ناهي اسان کان لئبرري جا ڪيترا ڪتاب پڙهايا ۽ ڪيترا مضمون لکرايا ۽ ڪيتريون تقريرون ڪرايون جو اڄ سندس مون جهڙا ڪيترائي شاگرد لکڻ پڙهڻ جا Addict (عادي) ٿي پيا آهن. هنن کي اڪيلائي ۽ بک به نٿي ستائي جيڪڏهن هنن کي پڙهڻ لاءِ ڪو ڪتاب آهي يا لکڻ لاءِ ڪجهه اڇا پنا ۽ قلم آهي.


    اجنبي عورت سان ڳالهائڻ ۾ خطرو

    جهاز ڪوالالمپور مان اڏامڻ بعد سنگاپور مان ٿيندو ممبئي پهتو. ڇهه ڪلاڪن جو هي سفر توڙي ممبئي ايئر پورٽ تي اٺ ڪلاڪن جو Stay لکڻ پڙهڻ ۽ ننڊن ۾ گذريو ۽ هاڻ ممبئي کان نئروبي جي ڊگهي اڏام ۾ لنچ بعد وقت گذارڻ خاطر مون ڀر ۾ ويٺل مسافرن سان خبر چار ڪرڻ ٿي چاهي. هونءَ به چوندا آهن ته وقت پاس ڪرڻ جو سٺو طريقو اهو ئي آهي ته ٻئي سان حال احوال ڪجي ۽ وٺجي. جيلن ۾ ساڳي ڪوٺڙيءَ ۾ بند قيدي اهو ئي ڪندا آهن. ڊگهن سفرن تي پاڻي جي جهاز ۾ سوار به اهو ئي ڪندا آهن. منهنجي ڀر واري سيٽ تي هڪ عورت هئي. هوءَ ڪا ٽين ايجر ڇوڪري به نه هئي. نوجوان عورت چئي سگهجي ٿو. بهرحال مون کان ڪافي ننڍي هئي. سهڻي به ضرور هئي. گهڻي نه ته ڪجهه ڪجهه ڪپڙن ۽ ٻه چار پاتل زيورن مان امير به لڳي ٿي. جنهن سٺي هئنڊ رائٽنگ ۾ هن پني ڀور تي ڪجهه Notes لکيا ان مان هوءَ پڙهيل ڳڙهيل به لڳي ٿي. مرد يا عورت سان ڳالهائڻ جي شروعات ڪرڻ مون لاءِ مسئلو نه رهيو آهي، ڀلي کڻي پهرين جي سڃاڻپ نه هجي. پر ويجهڙائيءَ ۾ هڪ لطيفو پڙهڻ ڪري هاڻ آئون ٻڏ تر محسوس ڪري رهيو هوس. اهو لطيفو پهرين توهان به پڙهو.
    هڪ هوائي اڏام ۾ مون جهڙي هڪ مرد مسافر پنهنجي ڀر ۾ ويٺل ڇوڪريءَ سان فري ٿيڻ جي ڪوشش ۾ هن کي چيو ته ”سفر ڊگهو آهي. ڳالهه ٻولهه سان وقت گذريو وڃي. ڇو نه پاڻ ڪنهن ٽاپڪ تي هڪ ٻئي جي خيالن جي ڏي وٺ ڪيون.“
    ”مثال طور ڪهڙي عنوان تي؟“ ڇوڪريءَ پڇيو.
    دلپشوري جي شوقين مرد مسافر خوش ٿي چيو: ”مثال طور فضائي آلودگي يا گلوبل وارمنگ وغيره تي.“
    ڇوڪريءَ چيو”ڳالهه ٻڌ! مونکي پهرين هن ڳالهه جو جواب ڏي. ٻڪري، گڏهه ۽ مينهن ٽئي جانور گاهه کائين ٿا پر اهو ڇو آهي ته ٻڪري پولڙيون لاهي ٿي، گڏهه لِڏ ۽ مينهن ڇيڻو؟“
    همراهه چپ ٿي ويو. ڇوڪريءَ چيس: ”توکي خبر آهي Shit جي به ڪانه، سو هليو آهين گلوبل وارمنگ ۽ Atmospheric Pollution جهڙن اشوز تي بحث ڪرڻ.“
    ڪنهن عورت سان ڳالهائڻ جو جوکم سوچي سمجهي کڻجي ان ڪري مون به هن اڏام ۾ چپ رهڻ جو ئي سوچيو پر جيئن منهنجي پاڙيسرياڻيءَ مون کان ٻه ٽي سوال پاڻ ڪيا ته آئون به پهلوان مڙس ٿي پيس جنهن کي سنڌيءَ ۾ ”هسبنڊ مئن“ به سڏيندا آهن.
    ”هيءَ فلائيٽ نئروبي لوڪل ٽائيم مطابق ڪنهن وقت پڄندي؟“ هن پڇيو ۽ ان بعد اهو به پڇيو ته آئون نئروبي وڃي رهيو آهيان يا اڳيان ڪمپالا (يوگنڊا)... وغيره، ته مون يڪدم پنهنجو تعارف ڪرائي ٻڌايومانس ته آئون مئرين انجنيئرنگ جو پروفيسر آهيان ۽ نئروبيءَ ۾ هن اڏام مان لهي رات اتي ترسي ٻي ڏينهن باءِ روڊ ممباسا ويندس.
    پاڻ ٻڌايائين ته هن جا ماءُ پيءُ گجراتي آهن ۽ هن جي وڏن جو ڳوٺ کمڀاٽ آهي پر پاڻ ڄائي نپني ڪمپالا ۾ ۽ بنيادي تعليم ڪمپالا ۽ نئروبيءَ مان حاصل ڪرڻ بعد ڊاڪٽري جي اعليٰ تعليم انگلنڊ مان حاصل ڪئي ۽ هينئر هوءَ يورولاجسٽ آهي. ڊاڪٽر رجني ديشمک اهو ٻڌائي مون کان پڇيو ته مون کي حيرت ته لڳي هوندي ته هوءَ گجراتي ٿي يوگنڊا ۾ ڪيئن ڄائي نپني!
    ”نه مونکي ان تي حيرت بلڪل نه لڳي آهي“، مون ٻڌايومانس، ”مون کي خبر آهي ته هن پاسي يعني يوگنڊا، ڪينيا، تنزانيا پاسي، گهڻي عرصي کان گجراتي، هندو، آغا خاني، سنڌي هندو ۽ بلوچ رهن ٿا. هاڻ ته ڪيترائي انگلينڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ لڏي ويا آهن، پر سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۾ جڏهن منهنجو جهاز ممباسا ۽ آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي ٻين بندرگاهن ۾ ايندو هو ته اسان جي ڪيترن ئي سان ملاقات ٿيندي هئي. هو هن تَر جي واپار تي ڇانيل هئا. بهرحال مون کي هڪ ٻي ڳالهه جي ضرور حيرت ٿي آهي.“
    ”ڪهڙي ڪهڙي؟“ هن اها ڳالهه جهٽ پٽ معلوم ڪرڻ ٿي چاهي ۽ جيسين آئون چانهه جو آخري ڍڪ ڀري ڪوپ کي ايئر هوسٽس حوالي ڪريان، مون ڏٺو ته هن جي چهري تي تمام گهڻو تجسس هو. جواب ۾ دير ڪرڻ تي هن وري پڇيو ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي.
    ”ڪا خاص ڳالهه ناهي. مون سمجهيو ٿي ته يورلاجسٽ فقط مرد ٿيندا هوندا.“
    مون کيس ٻڌايو ته اهڙي طرح آئون اهو سمجهندو هوس ته گائنڪالاجسٽ فقط عورتون ٿين ٿيون. پوءِ 1960ع ۾ جڏهن آئون مئٽرڪ ۾ هوس اسان جي حيدرآباد جي سول اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر سالارزار نالي ٻڌوسين ته اهو گائنڪالاجسٽ آهي. ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾، جتان هن وقت آئون اچي رهيو آهيان 1985ع تائين هڪ به ليڊي ڊاڪٽر نه هئي گائناڪالجسٽ سڀ مرد هئا. چيني ۽ انڊين عورتون ته ڇا سلطانن جي مسلمانن زالن جي ڊليوري به مرد ڊاڪٽرن ڪئي ٿي.
    بهرحال ڊاڪٽر رجني بيحد دلچسپ شخصيت لڳي، يا ته هن کي به ڳالهائڻ جي عادت هوندي يا هوءَ به وقت پاس ڪرڻ جي چڪر ۾ هئي جو هوءَ ڪجهه مون بابت ۽ منهنجي پروفيشن بابت پڇندي رهي ڪجهه پاڻ بابت ۽ سندس ڊاڪٽري فيلڊ بابت ٻڌائيندي رهي. سندس ڪجهه ميڊيڪل ڄاڻ جون ڳالهيون خاص ڪري بڪين (گردن) ۾ پٿريون پيدا ٿيڻ بابت ڪجهه نقطا پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هتي لکي رهيو آهيان، ڇو جو هن مرض ۾ ايڏو ته شديد سور ٿئي ٿو جو هڪ دفعي جهاز جي خلاصيءَ کي اها تڪليف ٿيڻ تي اسان کي جهاز موڙي بندرگاهه جو رخ ڪرڻو پيو. عام حالتن ۾ مريض کي ڪنهن نه ڪنهن قسم جي دوا ڏيئي جهاز کي مقرر ڪورس تي ئي رکيو وڃي ٿو جيسين شيڊول مطابق جهاز منزل تي پهچي ۽ پوءِ اتي مريض کي اسپتال ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو. مون اها ڳالهه ڊاڪٽر رجنيءَ کي ٻڌائي ته ڪيئن اسان هڪ دفعي اسپين جي بندرگاهه بارسلونا مان لنگر کڻي ميڊيٽرينين سمنڊ جي مالٽا ٻيٽ ڏي روانا ٿياسين ته رستي تي جهاز جي هڪ پوڙهي خلاصيءَ کي گردي ۾ پٿريءَ جو اهڙو ته شديد سور ٿيو جو هو ڪرڙي وانگر پئي ڦٿڪيو. اسان کيس هر قسم جا Pain Killer ڏنا ته جيئن ڏينهن ٻه هو آرام ۾ اچي وڃي ته کيس مالٽا پهچي اتي اسپتال داخل ڪرايون. ڇو جو اسان جو وقت تي، مالٽا پهچڻ به ضروري هو. پر مريض کي ايڏي ته بي چيني ٿي جو انساني جان بچائڻ ڪارڻ اسان وري پٺيان پير ڪري بارسلونا موٽياسين جتي ڊاڪٽرن هن جي يڪدم آپريشن ڪئي.
    ”بلڪل صحيح ٿا چئو“، ڊاڪٽر رجنيءَ چيو، ”پٿريءَ جو هي سور عورت جي Delivery Pains وانگر بيحد شديد ٿئي ٿو. توهان کي خبر آهي ته قديم زماني جا حڪيم چوندا هئا ته گردي جون پٿريون مردن کي قدرت طرفان عورت جي ٻار ڄڻڻ جي سور جو احساس ڏيارڻ جو ذريعو آهي.“
    ڊاڪٽرياڻيءَ جو اهو ئي مطلب هو ته مريضن کي ان وقت فرحت محسوس ٿئي ٿي جڏهن هيءَ اذيت رسائيندڙ پٿري پيشاب ذريعي خارج ٿئي ٿي.
    • گردي ۾ پيدا ٿيندڙ هي پٿريون مختلف ڪيميائي جزن جون ٿين ٿيون جيڪي گردن ۾ ڦاسي بيهن ٿيون. انهن پٿرين ۾ ڪي ته ايڏون ننڍڙيون ٿين ٿيون جو انهن کي فقط دوربين سان ئي ڏسي سگهجي ٿو ته ڪي بادام جيڏيون به ٿين ٿيون.
    • ننڍيون پٿريون مثاني مان ٿينديون پيشاب مان نڪريو وڃن پر وڏيون پٿريون پيشاب جي ناليءَ ۾ ڦاسيو پون ۽ سخت سور جو سبب بڻجن ٿيون ڇو ته گردن کان مثاني تائين واري نالي تمام سوڙهي ٿئي ٿي.
    • تقريباً ڏهه سيڪڙو ماڻهن جو زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾، گردي جي پٿري سان واسطو پوي ٿو. هڪ اندازي مطابق پنجن مريضن ۾ چار مرد ٿين ٿا.
    • هڪ دفعو گردي مان پٿري نڪرڻ بعد پنجاهه سيڪڙو ان ڳالهه جو امڪان رهي ٿو ته ڇهه ست سالن بعد توهان وري ان تڪليف ۾ مبتلا ٿي سگهو ٿا.
    • گردي جي پٿرين کي سرڪندڙ پٿريون به سڏين ٿا جو اهي گردن مان سِرڪي پيشاب جي ناليءَ ڏي اچن ٿيون ۽ پوءِ ماٺ مٺوڙي ۾ خارج ٿيو وڃن يا پنهنجي موجودگيءَ جو قيامت خيز اعلان ڪن ٿيون.
    • گردي ۾ پٿريءَ جون علامتون هي آهن: چيلهه وٽ پٺيان سخت سور جيڪو لهڻ جو نالو نه وٺي.
    • پيشاب ۾ رت جو اچڻ يا پيشاب جو رنگ گلابي نظر اچڻ.
    • پٿري جيڪڏهن پيشاب جي ناليءَ ۾ لهي ٿي ته پيشاب ۾ ساڙو ۽ هر هر اچڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.
    • گردي ۾ جيڪي پٿريون يا هڪ پٿري ٿئي ٿي اها گهڻو ڪري ڪئلشيم واري ٿئي ٿي. ڪئلشيم جيتوڻيڪ انسان جي نارمل کاڌي جو صحتمند جزو ٿئي ٿو، جيڪو هڏن ۽ مشڪن (Muscles) لاءِ ضروري آهي. فالتو ڪئلشيم گهڻو ڪري گردا، پيشاب ۾ ٻاهر ڪڍي ڇڏين ٿا پر ڪن ماڻهن جي گردن ۾ ڪئلشم اتي ئي رهجيو وڃي ۽ پٿريءَ جي شڪل اختيار ڪري ٿو. هڪ ٻي پٿري جيڪا Struvite سڏجي ٿي ان ۾ مئگنيشيم ۽ امونيا جا پراڊڪٽ ٿين ٿا. اهڙين پٿرين جي موجودگي ۾ ڊاڪٽر مريض کي لوڻ ۽ چڪنائي وارين شين جي استعمال لاءِ منع ڪري ٿو.
    • پيشاب ۾ گهڻي تيزابيت ڪري جيڪا پٿري ٿئي ٿي اها يورڪ ائسڊ واري پٿري سڏجي ٿي ان ۾ مريض کي گوشت گهٽ کائڻ کپي.
    • هر صورت ۾ گهڻي کان گهڻو پاڻي پيئڻ کپي. ڪوشش ڪري ڏينهن ۾ ٻارهن گلاس پاڻي پيئجي. چانهه يا ڪافي گهٽائي ڇڏجي. علاج لاءِ ڊاڪٽر دوائون به ڏئي سگهي ٿو، جيئن ڪئلشيم يا يورڪ ائسڊ پٿريون نه ٺهن.
    • اڳ ۾ پٿري ڪڍڻ جو طريقو صرف وڍ ڪٽ هو يعني سرجري هو، پر هاڻ اهڙا به طريقا نڪري پيا آهن جن ذريعي پٿري کي ختم ڪري سگهجي ٿو. انهن مان هڪ ته لِٿو ٽرپسي (سڄو نالو: Extracorporeal shock wave lithotripsy يعني ESWL) سڏجي ٿو. هن ۾ ڊاڪٽر شاڪ ويوز ذريعي وڏي پٿريءَ کي ڀڃي ذرڙا ڪري ٿو جيڪي پيشاب ذريعي نڪريو اچن.
    • گردي جي پٿري هڪ هلڪي سرجري ذريعي به ڪڍي وڃي ٿي جيڪا (Tunnel Surgery) سڏجي ٿي. هن ۾ سرجن مريض جي پٺ ۾ هڪ سنهڙو سوراخ ڪري ان ۾ هڪ اوزار وجهي پٿريءَ کي ڪڍيو وٺي. هن کي نيفرو لٿوٽومي پڻ سڏجي ٿو.
    • گردي يا پيشاب جي ناليءَ ۾ ڦاٿل پٿري کي يوريٽرو اسڪوپ ذريعي به ڪڍيو وڃي ٿو Ureteroscope هڪ ڊگهي ٽيوب جهڙو ٿئي ٿو جيڪو مريض جي پيشاب واري ناليءَ (Urethra) مان لنگهائي اڳيان مثاني (Bladder) ۽ Ureter تائين پهچايو وڃي ٿو. يريٽر اها سوڙهي نالي آهي. جنهن ذريعي پيشاب گردن مان مثاني ۾ پهچي ٿو. هن ٽيوب ۾ ڪئميرا به ٿئي ٿي جنهن ذريعي ڊاڪٽر پٿريءَ کي ڏسي ان کي ڀڃي به سگهي ٿو ته ڇڪي ٻاهر به ڪڍي سگهي ٿو.
    • بهرحال هن مرض جي ماهر ڊاڪٽرياڻيءَ جو اهو ئي ميسج آهي ته اسان کي گهڻي کان گهڻو پاڻي پيئڻ کپي، ڏينهن ۾ 12 کن گلاس، جيئن اسان جا گردا گند ڪچري کان هر وقت صاف رهن.


    آفريڪا ڏي ايشيائي ماڻهن جي آمد

    گذريل مضمون ۾ جنهن ليڊي ڊاڪٽر رجنيءَ جي ڳالهه لکي آهي ۽ جنهن مون سان گڏ ممبئي کان نئروبي تائين سفر ڪيو تنهن ٻڌايو ته هن جو ڏاڏو يا شايد پڙڏاڏو انگريزن جي راڄ ۾ گجرات (انڊيا) جي بندرگاهه کنڀاٽ کان آفريڪا جي زئنزيبار ٻيٽ تي 1895ع ڌاري آيو هو. هن اتي هڪ ڪاٺياواڙي کوجي جي دڪان تي نوڪر ٿي ڪم ڪيو ۽ پوءِ ممباسا اچي پنهنجو هٽڙو کوليو. ”منهنجو پيءُ 1950ع ۾ اسان جي ڏاڏي سان گڏ ڪمپالا اچي رهيو. 1960ع ۾ هن جي منهنجي ماءُ سان بڙودا ۾ شادي ٿي ۽ آئون ڪمپالا ۾ ڄايس ۽ وڏي ٿيس.“ هن ٻڌايو.
    توهان کي آفريڪا جي هن اوڀر واري ڪناري جي ملڪن ۾، خاص ڪري ڪينيا، زئنزيبار ۽ يوگنڊا ۾ جتي انگريزن جي حڪومت رهي، ڪيترائي ننڍي کنڊ جا ماڻهو ملندا. انهن ۾ سڀ کان گهڻا گجرات جا هندو آهن ۽ ٻئي نمبر تي انڊيا جي مختلف سامونڊي ڪنارن وارن شهرن جا کوجا (آغا خاني)، بوهري، سک، هندو سنڌي، ڪاٺياواڙي ميمڻ ۽ ٻيا نظر ايندا. انگريزن ملايا (اڄ واري ملائيشيا)، سنگاپور کان آمريڪا جي ملڪن ۾، جتي جتي سندن راڄ هو، اتي آفيسون، دڪان، ريلوي کاتو ۽ ٻيون شيون ٺاهڻ چاهيون ٿي. هنن کي ان ڪم لاءِ سڀ کان سلجهيل، هنرمند، عقلمند ۽ پڙهيل ڳڙهيل ننڍي کنڊ جا ماڻهو لڳا ٿي. ان ڪري انگريزن هنن جي همٿ افزائي ڪئي ته پنهنجو وطن ڇڏي مختلف ملڪن ۾ ڪمائڻ لاءِ هلي رهن. انگريزن هنن کي امن امان به ڏنو ٿي ان ڪري ڪيترن ماڻهن انگريزن جي هٿ هيٺ آيل ملڪن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. جيئن سنگاپور ۾ ريلوي جي ڪم لاءِ انگريزن ڏکڻ هندستان جي تامل رهاڪن کي گهرايو، تيئن 1860ع ۾ انگريز سرڪار ننڍي کنڊ جي 30 هزار ماڻهن کي ٽن سالن جي مقاطي (Contract) تي ممباسا کان ڪمپالا تائين جهنگ صاف ڪرڻ ۽ ريل جا پٽا وڇائڻ لاءِ آفريڪا ۾ گهرايو. هنن ۾ وڏو تعداد سکن جو هو، جن مان ڪجهه مري ويا ٻيا وطن واپس هليا ويا، اٽڪل 7000 کن هندستانين ڪانٽرئڪٽ ختم ڪرڻ بعد آفريڪا جي ئي شهرن ۾ رهڻ پسند ڪيو. انهن سان گڏ ڪيترائي گجراتي هندو توڙي مسلمان واپار جي خيال کان هيڏانهن ممباسا، زئنزيبار، ڪمپالا، نئروبي، دارالسلام آيا ۽ ٽڪي پيا.
    وقت سان گڏ هي انڊين، جن ۾ پنجاب ۽ سنڌ جا هندو واپاري به شامل هئا، خوشحال ٿيڻ لڳا. ان وقت پاڪستان وجود ۾ نه آيو هو ان ڪري هي سڀ انڊين سڏبا هئا چاهي ڪو بڙودا جو گجراتي هجي، امرتسر جو سک، لاهور جو پنجابي يا شڪارپور جو سنڌي هجي. انهن جو اولاد اڄ به پاڻ کي انڊين سڏائي ٿو جيتوڻيڪ نئروبي، ممباسا يا ڪمپالا جي گهٽين ۾ ڪيترا اهڙا آغا خاني (کوجا)، بوهري ۽ سنڌي هندو ملندا جن جا مائٽ تلهار، سکر ۽ حيدرآباد ۾ رهن ٿا.
    ان وقت انگريزن جي ڏينهن ۾ آيل کوجا، بوهري، سنڌي، هندو ۽ گجراتي دڪاندار ۽ سوداگر هئا، باقي ٻيا محنت مزدوري ۽ پورهئي لاءِ آفريڪا اچي رهي پيا پر پوءِ هنن جي ٻي ۽ ٽي ٽهي (generation) تعليم حاصل ڪري سرڪاري آفيسن، بئنڪن ۽ ٻين ادارن ۾ نوڪريون به حاصل ڪيون ته پئسو گڏ ڪري ننڍو وڏو ڌنڌو ۽ امپورٽ ايڪسپورٽ جو ڪم به شروع ڪيو. انگريزن به هنن جي همت افزائي ڪئي ٿي جو مڪاني ماڻهن (شيدين) کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ ۽ آفيسن جو ڪم ڪار هلائڻ لاءِ هنن کي انڊين ڪلارڪ، پٽيوالا ۽ ننڍي ليول جا آفيسر کتا ٿي، جيڪي پڙهيل ڳڙهيل هجڻ کان علاوه چئيوان ۽ محنتي به هئا.
    هونءَ ائين هرگز نه آهي ته انگريزن هندستان جي ماڻهن کي آفريڪا جي ڪناري تي آندو. انگريز ته انڊيا ۽ آفريڪا پوءِ پهتا، ان کان گهڻو گهڻو اڳ هندستان جي اولهه ڪناري يعني اڄ جي ڪراچيءَ کان گوادر، پسني، چها بهار (ايران ۽ عمان) جا ماڻهو آفريڪا آيا ويا پئي. جيڪڏهن توهان هندي وڏي سمنڊ جي نقشي ڏي نظر ڪندائو ته توهان کي حيرت نه ٿيندي ته عرب ملڪن، اوڀر آفريڪا ۽ اولهه انڊيا جي ڪنارن وارن بندرگاهن جي وچ ۾ واپار وڙو عام جام هليو ٿي، جنهن جون نشانيون 2000 سال پراڻيون آهن. انگريزن کي ته هنن سمنڊن جي خبر گهڻو گهڻو پوءِ پيئي، انهن کان اڳ جڏهن پورچوگالي ناکئو ۽ explorer واسڪو ڊاگاما 1497ع ۾ موزمبق، ممباسا ۽ لِنڊيءَ پهتو ته: هن کي اتي وڏي تعداد ۾ عرب ۽ هندستاني ڏسي عجب لڳو. واسڪو ڊاگاما آفريڪا کنڊ جو ڪيپ آف گڊ هوپ وٽ ڦيرو ڪري مٿي اوڀر ڪناري وٽ ان لاءِ پهتو هو ته ڪنهن نموني سان سمنڊ رستي انڊيا پهچڻ جو گس ڳولجي. خشڪي رستي ته يورپين ۽ انگريزن کي چين ويندي ڄاڻ ٿي چڪي هئي پر هنن کي اهو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته سمنڊ رستي ڪيئن پهچجي. پوءِ يورپين ۾ پهريون واسڪو ڊاگاما هو جيڪو هندستان جي ڏاکڻي ڪناري تي پهتو پر آفريڪا ۾ رهندڙ ڪانجي مالم نالي هڪ هندستاني جي مدد سان.
    واسڪو ڊاگاما جن ڏينهن ۾ آفريڪا پهتو ته هن ڏٺو ته عرب ملڪن کان خوبصورت ڌائو ٻيڙيون آفريڪا آيون ٿي ۽ ڪيترائي عرب آفريڪا جي ڪناري وارن شهرن ۾ مسجدون ۽ گهر ٺاهي رهيا پيا هئا. انڊين گهڻي ڀاڱي عارضي طور رهيا ٿي. چؤماسي جي هوائن سان گڏ آيا ويا ٿي. انهن ڏينهن ۾ انجڻ اڃا ايجاد نه ٿي هئي سڄو ڪم سڙهن تي هلندو هو. ننڍن وڏن ٻيڙن کي هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ٿلهي ڪپڙي جا سڙهه (Sails) هوندا هئا. هوا جنهن طرف کان لڳندي هئي ان جي ٻئي طرف اهي ڪاٺ جا ننڍا جهاز هلندا هئا. هوشيار ناکئا (Navigators) سڙهن کي ٿورو پاسيرو رکي پنهنجن ٻيڙن کي ٿورو ساڄي يا کاٻي ڪري سگهندا هئا. پر پٺيان پير ڪري نه سگهندا هئا. هوا جي بند ٿيڻ تي جهاز اتي بيهي ويندو هو يا لهرن جي رخ تي توائي ٿيندو هو. اهڙن موقعن تي ڪنارن وٽ لڪل سامونڊي چور پنهنجين چپن وارين ٻيڙين ذريعي انهن جهازن تي پهچي ڦرلٽ ۽ مار مارا ڪري ڀڄي ويندا هئا. انهن ڏينهن جا ناکئا اسان وانگر کلئي سمنڊ ۾ جهاز نه هلائيندا هئا. هو ڪنارو ڏيئي هلندا هئا جن تي سامونڊي ڌاڙيل (قذاق) آسانيءَ سان پهچي ويندا هئا. اڄ طاقتور انجڻن ڪري اسان جهازن کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ کلئي سمنڊ مان وٺي وڃون ٿا پر ڌاڙيلن جو ڊپ اڄ به رهي ٿو. هو هاڻ چپن وارين ٻيڙين (Rowing Boats) بدران اسپيڊ بوٽ م اچن ٿا ۽ اڄ هنن وٽ ڪهاڙين ۽ ڇرن بدران آٽوميٽڪ هٿيار آهن.
    بهرحال پاڻ آڳاٽي زماني جي هندستانين جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جڏهن هو سڙهه جي ٻيڙين ۾ سفر ڪندا هئا، جن جو دارومدار فقط ۽ فقط هوائن جي رخ تي هوندو هو. سنڌ واري ڪناري ۽ گجرات جي پُوربندر، اوکا، ڪنڊلا، ڀاونگر، سورت، کمڀات، رتناگري، ڪاليڪٽ ۽ ڪوچين جهڙن بندرگاهن مان سنڌي هندو، گجراتي مسلمان، آغا خاني، اثنا عشري، بوهري ۽ ڪڇي وغيره سياري واري چؤماسي ۾ يعني ڊسمبر کان فيبروري مهيني اندر انڊيا کان ٻيڙا هاڪاريندا هئا ته اچي آفريڪا کان نڪرندا هئا. جتي ٽي چار مهينا مال جي خريد و فروخت ڪري جيئن ئي اونهاري واريون چؤماسي جون هوائون مانسون (Monsoon) لڳنديون هيون ته آفريڪا جو ڪنارو ڇڏي پنهنجي وطن انڊيا ورندا هئا. واپار وڻج جو اهم وکر عاج (هاٿيءَ جا ڏند)، مسالا، شيدي غلام، ڪپڙو ۽ ڪپهه وغيره هوندو هو.
    اوڻهين صديءَ ۾ هن روٽين ۾ اهم تبديلي آئي. عرب حاڪم سلطان سعيد سيد جيڪو 1806ع کان عمان جو حاڪم ٿيو هو، ان پنهنجي حڪومت جي گاديءَ جو شهر 1832ع ۾ مسقط مان بدلائي زئنزيبار ٻيٽ ڪيو. زئنزيبار اڄ ڪلهه تنزانيه ملڪ ۾ آهي پر انهن ڏينهن ۾ سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ وانگر الڳ ملڪ هو. عرب حاڪم جي زئنزيبار ۾ لڏي اچڻ ڪري عمان جي اهميت گهٽجي وئي ۽ زئنزيبار ۽ اوڀر آفريڪا ۾ واپار وڙو وڌڻ لڳو. عمان ۾ ۽ ننڍي کنڊ ۾ رهندڙ ڪيترا بلوچ پنهنجي سلطان سان گڏ زئنزيبار هليا آيا. هي اهي بلوچ هئا جن بعد ۾ ايندڙ پورچوگالين جو مقابلو ڪيو ۽ ڪينيا ۾ جيڪا بلوچ ڪميونٽي رهي ٿي اهي هنن بلوچن جو اولاد آهي جن بابت تفصيلي تواريخي احوال ”هي ٻيٽ هي ڪنارا“ سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان. بهرحال هتي اهو لکندو هلان ته شروع ۾ ننڍي کنڊ کان جيڪي آفريڪا آيا ٿي انهن ۾ مسلمانن جو تعداد وڏو هو. هندو جيڪي آيا ٿي انهن ۾ سنڌي هندو گهڻا هئا. هونءَ جيتوڻيڪ خشڪي رستي ڪيترائي گجراتي هندو سيام ۽ ملايا ڏي هڪ طرف، ته چين ۽ عربستان ڏي ٻي طرف وڃي نڪتا ٿي، پر ڪيترن هندن ۾ سمنڊ مٿان سفر ڪرڻ taboo سمجهيو ويو ٿي، پر سنڌي هندن سان مختلف ڳالهه هئي، هو ساڌ ٻيلو ۽ اڏيري لعل جا پوڄاري هئا. هنن لاءِ پاڻي خوف ۽ نفرت نه پر پاڪ ۽ پيارو هو. هو نه فقط خشڪي رستي، پر سمنڊ رستي آفريڪا جي ملڪن کان علاوه ڏورانهن ٻيٽن ڏي وڃي نڪتا. ستر واري ڏهي ۾ منهنجو جهاز جڏهن لاس پاماس، برمودا، ٽرنيڊاڊ جهڙن ٻيٽن تي پهتو ته اتي مون کي سنڌي هندن جي سيڪنڊ ۽ ٿرڊ جنريشن نظر آئي. برمودا جي ٻيٽ تي مليل هڪ سنڌي هندو فئملي بابت اڄ کان 40 سال کن اڳ واري هڪ سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته هن جڏهن اجرڪ بابت پنهنجي پيءُ کان پڇيو ته اها ڇا ٿيندي آهي ته پيءُ بدران هن جي ڏاڏي کيس جواب ۾ ٻڌايو ته اها هڪ ڳاڙهن گلن واري چادر آهي، جيڪا سنڌ ۾ مسلمان ڄٽ اوڍين ٿا.
    بهرحال وقت سان گڏ ننڍي کنڊ مان نه فقط بوهري، کوجا، ڪاٺياواڙي ميمڻ ۽ هندو سنڌي آفريڪا ڏي ايندا رهيا، پر آهستي آهستي گجراتي هندو، ملباري ۽ ڪوڪني وغيره به اچڻ لڳا. پر هندو برهمڻن سندن زالن کي سمنڊ ٽپڻ لاءِ سختيءَ سان منع ڪيو ٿي. نتيجي ۾ هو آفريڪا ۾ ٻه ٽي سال ڪمائڻ بعد وري انڊيا موٽي آيا ٿي. جڏهن زئنزيبار جو سلطان سيد بارقش ٿيو ته هن هندن کي پنهنجين زالن کي وٺي اچڻ لاءِ ڏاڍو همٿايو. ايتريقدر جو پهرين هندو عورت جڏهن زئنزيبار اچڻ لاءِ تيار ٿي ته سلطان هن لاءِ پنهنجو ذاتي جهاز موڪليو ۽ هن کي 250 شلنگ اوارڊ طور ڏنا. هن هندو عورتن جي رهائش لاءِ زئنزيبار جو پراڻو قلعو ڏيڻ جو واعدو ڪيو جنهن ۾ پاڻيءَ جي پائيپن ۾ چانديءَ جا نلڪا لڳايا ويا. انهي دوران گجرات جي هندو عورتن، برهمڻ ٻاون خلاف بغاوت جو آواز بلند ڪيو ۽ هو ڪامياب ٿيون ۽ هو آهستي آهستي ٿي پنهنجن مڙسن سان گڏ آفريڪا روانيون ٿيڻ لڳيون.
    هڪ ڳالهه آهي جتي انڊين (کوجن، بوهرين، هندو، سنڌين، گجراتين، سکن ۽ ٻين) آفريڪا ۾ اچي پاڻ ڪمايو ۽ پنهنجي لاءِ خوشحالي حاصل ڪئي اتي هنن انگريزن جي سسٽم کي سٺي نموني سان هلڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ان ڌرتي ۽ ان جي رهواسين لاءِ به بهتري ڪئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪجهه انڊين جي غلط ڪرتوتن، ڪنجوسپائي ۽ ڌرتيءَ جي ڌڻين کي ڪمتر سمجهڻ ڪري، هنن لاءِ مڪاني ماڻهن جي دلين ۾ سخت نفرت هئي. اسان جڏهن سٺ جي ڏهي کان آفريڪا جي مختلف بندرگاهن ۾ وڃڻ شروع ڪيو ته ڪيترن ملڪن کي سندن انگريز، پورچوگالي ۽ فرينچ حاڪمن آزادي ڏني هئي. يا ڏئي رهيا هئا. بهرحال ڪينيا، يوگنڊا، موزمبق، سينيگال جهڙن ملڪن مان انگريز ۽ يورپين جي لڏي وڃڻ بعد انڊين اتي ئي رهيا ۽ وڏي خير خوبي سان ملڪ جو معاشي ڪاروبار هلائي رهيا هئا، پر پوءِ ڏٺوسين ته هنن لاءِ مڪاني ماڻهن (آفريڪن) جي دلين ۾ نفرت وڌندي وئي. هو اهو محسوس ڪرڻ لڳا ته يورپين مان جان آزاد ڪرائيسين ته هي انڊين حاڪم ٿي ويهي رهيا آهن ۽ سڄي ملڪ جو ڪاروبار هنن جي هٿن ۾ آهي ۽ مڪاني ماڻهو ساڳي غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو آهي. ان جو نتيجو اهو ئي نڪتو ته عيدي امين جهڙن ليڊرن انڊين کي پنهنجي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو. 4 آگسٽ 1972ع تي يوگنڊا جي صدر عيدي امين يوگنڊا ۾ رهندڙ انڊين کي (جن ۾ 90 سيڪڙو گجراتي هئا) ملڪ ڇڏڻ لاءِ 90 ڏينهن ڏنا. هن تقرير ۾ اهو چئي حڪم ڏنو ته هن خواب ۾ ڏٺو آهي ته خدا هن کي انڊين کي ڏيهه نيڪالي ڏيڻ لاءِ چئي رهيو آهي. گجراتي هڪ هڪ ٿي ملڪ ڇڏي ويا. ڪي پاڪستان ۽ انڊيا ته ڪي آمريڪا، ڪئناڊا. گهڻا انگلنڊ هليا ويا جو انهن کي برٽش پاسپورٽ هو. يوگنڊا جي فوج ۽ مڪاني داداگيرن لڏي ويل انڊين جي دڪانن ۽ گهرن ۾ ڦرلٽ ڪري في الحال خوب جاوا ڪيا. انڊين جو ڪاروبار ۽ نوڪريون مڪاني ماڻهن جي هٿن ۾ اچي ته ويون پر هو نه هنر مند هئا، نه انڊين وانگر پڙهيل ڳڙهيل ۽ نه وري واپار وڙي جي آرٽ کان واقف. نتيجي ۾ چند سالن اندر يوگنڊا جي ايڪانومي وڃي پٽ سان لڳي. ان کان علاوه عيدي امين به ملڪ جي ڀينگ ڪري ڇڏي. آخر ۾ سعودي عرب ڀڄي وڃي هن پنهنجي جان بچائي. گجراتين کي وري يوگنڊا ۾ گهرايو ويو. کين واپار جون سهولتون ڏنيون ويون. ڪجهه موٽيا گهڻا نه آيا. انهن ئي موٽي اچڻ وارن ۾ ڊاڪٽر رجني جا والدين به آهن جنهن جو احوال گذريل مضمون ۾ ڪيو اٿئون.
    عيدي امين جي منجهيل شخصيت ۽ سندس ڪيل ظلمن، خاص ڪري سالن کان رهندڙ انڊين کي ملڪ مان ڪڍڻ جي ڪهاڻيءَ جا ڪيترائي ڪتاب ۽ فلمون اچي چڪيون آهن انڊين کي يوگنڊا مان ڏيهه نيڪالي ڏيڻ جي بهترين عڪاسي The last king of Scotland نالي ناول ۽ ان ئي تي 2006ع ۾ ٺهيل فلم ۾ ڪئي وئي آهي. ڏيهه نيڪالي واري ڪهاڻي 1991ع جي هڪ فلم ”مسي سپي مسالا“ ۾ به ڪئي وئي آهي. شهناز نانجي جي هڪ ناول Child of Dandelions ۾ پڻ ان جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
    مغرب جي ماڻهن کي يوگنڊا ۾ ٿيل هن ڏيهه نيڪاليءَ جي ظلم کان سڀ کان پهرين ويسٽ انڊيز جي انڊين ناول نويس وي. ايس. نائيپال پنهنجي ناول A bend in the River ذريعي ڪرايو.


    خطِ استوا تي برف سان ڍڪيل جبل

    ڪينيا ايئرويز جي هوائي جهاز جنهن جي پُڇ تي انگريزيءَ ۾ Pride of Africa لکيل هو، رات جو اٺين بجي ڌاري بتين سان جهڳ مڳ ڪندڙ شهر نئروبيءَ مٿان ڦيرو ڪري ڏکڻ اوڀر واري ڪنڊ تي هتي جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لئنڊ ڪيو. جهاز جي هڪ مڪاني حبشڻ ايئرهوسٽس ٻڌايو ته ڏينهن جو وقت هجي ها ته مون واري دريءَ مان هتي جو مشهور جبل مائونٽ ڪينيا نظر اچي ها ۽ ٻئي پاسي واري دريءَ مان مائونٽ ڪلمجارو نظر اچي ها.
    ڪينيا جبل (Mount Kenya) هن ملڪ جو سڀ کان اتاهون جبل آهي، جنهن جون اتاهيون چوٽيون باتيان (Batian) 5200 ميٽر، نيلائن (Nelion) 5100 ۽ لينانا 5000 کن ميٽر آهن. ياد رهي ته اسان جي ايشيا جي هماليا جبلن جي اتاهين چوٽي وارو ايوريسٽ جبل 8850 ميٽر اتاهون آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ اتاهون جبل مڃيو وڃي ٿو. سندس هي انگريزي نالو 1865ع ۾ انڊيا جي برٽش سرويئر جنرل ائنڊريو واگهه جي سفارش تي رايل جاگرافيڪل سوسائٽي وارن رکيو، نه ته ان کان اڳ ايوريسٽ جبل Peak XV يعني پنڌرهين چوٽي سڏبو هو. اهڙي طرح ڪينيا جبل کي اتي جا مڪاني قبيلا مختلف نالن سان سڏيندا هئا پوءِ 1849ع ۾ هن جو نالو انگريزن ڪينيا جبل رکيو. انهن ڏينهن ۾ ڪينيا ملڪ جو وجود نه هو. آفريڪا جو هي علائقو جيڪو اڄ ڪينيا ملڪ آهي، British East Africa Protectorate سڏبو هو. 1920ع کان پوءِ انگريزن اهو نالو بدلائي ڪينيا جبل تان هن ملڪ جو نالو ڪينيا رکيو، جيڪو پهرين Kenia لکيو ويو ٿي پوءِ Kenya لکجڻ ۾ آيو. 1963ع ۾ جڏهن هن ملڪ کي انگريزن خود مختياري ڏني ۽ جومو ڪينياتا ملڪ جو پهريون صدر بڻيو ته هن به اهو ئي نالو برقرار رکيو. سندس ڪِي ڪُويُو قبيلي بابت هڪ تمام مشهور انگريزي ڪتاب آهي جنهن جو نالو آهي: Facing Mount Kenya ان جو پهريون ايڊيشن 1938ع ۾ ڇپيو هو. ڪينيا جو هي صدر جومو ڪينياتا جيڪو هتي جي ماڻهن لاءِ اسان جي محمد علي جناح جو درجو رکي ٿو، ان جو احوال اڳتي هلي ڪنداسين. انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ دوران جومو ڪينياتا جيڪي پرجوش تقريرون ڪندو هو، اهي اسان ڪاليج وارن ڏينهن ۾ (جڏهن 1960ع ۾ مئٽرڪ ۾ هئاسين) اهڙي شوق سان ٻڌندا هئاسين ۽ جوموکي ائين هيرو تصور ڪندا هئاسين جيئن ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد ذوالفقار علي ڀٽي جون تقريرون ٻڌندا هئا ۽ هن کي هيرو تصور ڪندا هئا.
    ڪينيا جبل تي ۽ ان جي چوٽين باتيان، نيلائن وغيره تي چڙهي وڃڻ (expedition) جي احوال جا ڪيترائي ڪتاب مارڪيٽ ۾ آهن، جهڙوڪ: سر هالفورڊ ماڪندر جو ڪتاب The First Ascent of Mount Kenya جنهن ۾ هن جبل جي باتيان چوٽيءَ تي پهچڻ جي ڪهاڻي آهي. هڪ ٻيو ڪتاب H.W.Tilman جو ڪتاب Snow on the Equator آهي. هن ڪتاب تان مون کي ياد آيو ته جڏهن 1849ع ۾ جوهان لڊوگ ڪراف نالي هڪ جرمن يورپي پهريون دفعو هن جبل جي هجڻ جو احوال دنيا کي ڏنو ته سائنٽيفڪ سوسائٽي اهو ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويئي ته لڊوگ ڪراف جيڪوهن جبل جي چوٽين کي برف سان ڍڪيل چوي ٿو، واقعي سچ به آهي يا نه جو هي جبل جنهن جي Location بلڪل خط استوا وٽ آهي ۽ خطِ استوا وارو بيلٽ معنيٰ ٻارهوئي سخت گرمي اتي ڀلا برف ڪيئن ٿي ٿي سگهي! هي ائين آهي جيئن ماڻهن جڏهن چيو ته گورک هل جي چوٽيءَ تي جون جولاءِ جي مهينن ۾ به ايڏو ٿڌڪار رهي ٿو جو رات جو سوڙ پائي سمهڻو پوي ٿو ته پهرين سڀني کي ڏندين آڱريون اچي ويون ته دادو جهڙو ضلعو، جتي انهن مهينن ۾ پاڻي به ٽهڪي ٿو اتي اهڙي ٿڌ ڀلا ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿي.
    ڪينيا جبل خط استوا واري زيرو ڊگري ويڪرائي ڦاڪ جي بلڪل ڏکڻ ۾ آهي ۽ نئروبي شهر کان ايترو پري آهي جيترو ڪراچيءَ کان ٺٽو. هن جبل جي آسپاس واري علائقي جي هڪ مشهور قبيلي ماسائي (Maasai) جا ماڻهو (جيڪي نيم بَدو طبيعت جا آهن)، رهن ٿا جيڪي پنهنجا وهٽ جبل جي چوڌاري چراگاهن ۾ چارين ٿا. هو هن جبل کي Ol Donyo Keri سڏين ٿا.
    ڪينيا جبل سان واسطو رکندڙ ڪجهه ٻيا ڪتاب جيڪي نئروبي جي ايئرپورٽ واري بڪ اسٽال ۽ هوٽلن جي لائونج ۾ نظر اچن ٿا، اهي آهن:
    • محمد امين ۽ ٽيٽلي جو لکيل On God’s Mountain
    • هامش ماڪلنيس جو The Price of Adventure
    • فيلائس جو No Picnic on Mount Kenya وغيره.
    آفريڪا کنڊ جي سڀ کان اتاهين جبل ڪلمنجارو جو نالو اسان تڏهن ٻڌو جڏهن اسڪول جي ڏينهن ۾ اسان کي انگريزي ڪتاب پڙهڻ جو نئون نئون شوق پئدا ٿيو هو ۽ اسان جي دلپسند ليکڪن ۾ ارنيسٽ هيمنگوي به هڪ هو. انهن ڏينهن ۾ اسان هن ليکڪ جو ڪتاب The Snows of Kilimanjaro پڙهيو هئوسين. ارنيسٽ هيمنگوي 1899ع ۾ آمريڪا جي رياست الينوس ۾ ڄائو. مٿيون ڪتاب هيمنگوي جو ماسٽر پيس مڃيو وڃي ٿو جيڪو هن آفريڪا جي ٽوئر بعد لکيو، جتي هو اخباري نمائندي جي حيثيت سان ويو هو ۽ هي ڪتاب 1936ع ۾ پهرين Esquire مئگزين ۾ ڇپيو هو.
    ڪلمنجارو جبل ڪينيا جي ڀر واري ملڪ تنزانيا ۾ آهي. جيڪو اسان جي اسڪول وارن ڏينهن ۾ ٽي الڳ ملڪ ٽانگا نيڪا، زئنزيبار ۽ نياسا لئنڊ هئا جن جون خوبصورت ٽپال جون ٽڪليون حاصل ڪري اسان خوش ٿيندا هئاسين. ڪلمنجارو جبل (جنهن جي اوحرو چوٽي 5900 ميٽر اتاهين آهي) سڄي آفريڪا کنڊ ۾ اتاهون جبل آهي جنهن کان پوءِ ٻي نمبر تي مائونٽ ڪينيا آهي. جپان جي فُوجي جبل وانگر آفريڪا جا هي ٻئي جبل خوبصورت نظر اچن ٿا جن جون چوٽيون برف سان ڍڪيل رهن ٿيون. مائونٽ ڪينيا ۽ فُوجي جبل ۾ ته تمام گهڻي هڪ جهڙائي لڳي ٿي جيڪي پاسن کان هڪ جهڙو Slope ٺاهين ٿا. جبلن جي شوقينن کي فرينچ ليکڪ رولانڊ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب From Kenya to Kilimanjaro ڪتاب پڙهڻ جي ضرور صلاح ڏيندس.
    خوبصورت حبشڻ ايئر هوسٽس کان سندس ايئرلائين يعني ڪيينا ايئرويز بابت پڇيم. آخري دفعو جڏهن منهنجو جهاز ڪينيا جي بندرگاه ممباسا ۾ 1975ع ۾ آيو هو ته ان وقت خواب خيال ۾ به نه هو ته ڪينيا، يوگنڊا ويندي دبئي، دوحا عرب امارت جهڙا ملڪ به ڪا هوائي جهاز ڪمپني کولي سگهندا يا ان کي هلائي سگهندا. ان وقت جهاز راني توڙي هوائي ڪمپني (PIA) هلائڻ ۾ اسان جي ملڪ جو بول بالا هو. اسان کي اهو ئي ٽانءُ هو ته اسان وڏي ڳالهه آهيون. ان وقت اهو سوچيو به نه هئوسين ته بُرن افعالن ڪري اسان جو اڄ جهڙو حال به ٿي سگهي ٿو ۽ سنگاپور، ملائيشيا ۽ UAE جهڙن ملڪن جون هوائي ڪمپنيون، جيڪي اسان جي ئي ماڻهن شروع ڪيون، دنيا جون مشهور آرامده ۽ امير هوائي ڪمپنيون ثابت ٿينديون.
    ناديا نالي عيسائي ڪينين ايئرهوسٽس ٻڌايو ته ڪينيا جي هيءَ قومي هوائي ڪمپني (Kenya Airways) 1977ع ۾ شروع ٿي ۽ اڄ هن وٽ 26 وڏا هوائي جهاز آهن جن جي سراسري عمر اٺن سالن کان به گهٽ آهي. سندن جهاز آفريڪا، يورپ ۽ ايشيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ وڃن ٿا. گذريل ڇهن مهينن ۾ 15 لک مسافرن سفر ڪيو آهي ۽ هيءَ هوائي ڪمپني آفريڪا جي اعليٰ ۽ امير ڪمپنين مان آهي جنهن جا جهاز مقرر وقت تي هلن ٿا ۽ مسافرن جو بيحد خيال رکيو وڃي ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته حفاظت جي پهلوءَ کي هر وقت ترجيح ڏني وڃي ٿي.“ ناديا ٻڌايو، ”ٽيهن سالن ۾ اسان جي ڪمپنيءَ کي فقط ٻه حادثا پيش آيا آهن.“ ۽ انهن ٻنهي حادثن کان آئون چڱي ريت واقف هوس.
    ڪينيا ايئرويز جو پهريون موتمار حادثو 31 جنوري 2000ع تي ٿيو هو جڏهن سندن فلائيٽ نمبر 431 جي A310 ايئربس 179 ماڻهن سان ڪوٽا ڊي آئوري ملڪ جي هوائي اڏي عابد جان تان ٽيڪ آف ڪيو ۽ ڪجهه ڪلاڪن بعد ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ وڃي ٽٻي هنئي. هن اڏام ۾ فقط ڏهه ماڻهو بچيا هئا 169 مري ويا.
    ڪينيا ايئرويز جو ٻيو وڏو حادثو 5 مئي 2007ع تي ٿيو. سندن بوئنگ 800-737 نئروبيءَ مان 26 ملڪن جا 105 مسافر کڻي عابد جان وڃڻو هو. رستي تي هن کي دوآلا (Douala) هوائي اڏي تان ڪجهه مسافر کڻڻا هئا، پر ايئرپورٽ پهچڻ کان ٽي چار ميل اڳ ئي جهاز تباه ٿي ويو. جهاز تي موجود ماڻهن مان هڪ به بچي نه سگهيو.


    آفريڪا جو شهر ڏسي حيران ٿي وياسين

    ڪينيا ايئرويز جي هوائي جهاز ۾ آرامده سفر ڪرڻ تي جتي خوشي ٿي اتي دل ۾ ساڙ به پئدا ٿيو ته آفريڪا جي ڪينيا جهڙي ملڪ جي هوائي ڪمپني به اسان جي قومي هوائي ڪمپنيءَ کان گوءِ کڻي وئي آهي. نئروبي ايئرپورٽ جي واش روم جي حالت ڏسي به دل ۾ ساڙ ٿيو، جيڪا اهڙي ته صاف سٿري هئي جهڙي يورپ جي هوائي اڏن تي هوندي آهي. هڪ شيدي واش بئسن جي سامهون لڳل آرسين کي صاف ڪري رهيو هو. هر شيءِ چمڪي پئي، ٻاهر نڪرڻ وقت هو منهنجي راه روڪي نه بيٺو جيئن ڪراچي جي هوائي اڏي تي مسافر کان زوريءَ ٽپ پنڻ جي بهاني صفائي وارو در کي آڏ ڪري بيهندو آهي. هتي هي ڪينين ڪم وارو پنهنجي ڪم ۾ مشغول رهيو. واش روم ۾ اها يورڪ ائسڊ جي ڌپ به نه هئي جيڪا اسان جي ملڪ جي ڪراچي، لاهور توڙي اسلام آباد جي هوائي اڏن جي Uriners وٽ هوندي آهي.
    نئروبيءَ کان ممباسا وڃڻ جي اڏام جو جيسين فيصلو ٿئي تيسين آئون ايئرپورٽ جي هن عمارت جي پنجين ماڙ تي ٺهيل سمبا (Simba) نالي ريسٽورنٽ ۾ اچي ويٺس. چوڌاري مختلف ملڪن جا ماڻهو، خاص ڪري يورپ جا گورا مرد ۽ عورتون چڍين ۽ اسڪرٽن ۾ ڏسي اندازو لڳايم ته: جيتوڻيڪ هاڻ انگريزن جو راڄ نه آهي، هن ملڪ جا شيدي حاڪم ۽ بيوروڪريٽ ايڏو ايماندار نه آهن، پر ان هوندي به ايڏو امن آهي ۽ ايڏي آزادي آهي جو اڄ به ڪيترائي يورپي پنهنجي ملڪي ويس وڳن ۾ هتي ٽوئرزم لاءِ پيا اچن. اسان وٽ به ڪنهن زماني ۾ ڪراچي جهڙن شهرن ۾ ائين فارين ٽوئرسٽ ۽ دنيا جي مختلف جهازن جا Sailors نظر ايندا هئا. هاڻ عورتون ته ڇا مردن کي به سندن جهاز ران ڪمپنيون اهو چتاءُ ڏين ٿيون ته جيترا ڏينهن جهاز ڪراچي ۾ رهي بندرگاه کان ٻاهر هرگز نه نڪرجو. ورلي ڪو اڪو دڪو ڪرغستان، ازبڪستان، ترڪمنستان يا ڪزاڪستان جهڙن ملڪن جو ڪنگلو شهر ۾ نظر اچي ٿو.
    نئروبي جي ايئرپورٽ تي هن ”سمبا“ ريسٽورنٽ کان علاوه ٻيون به ٻه کن ڪيفيٽراءِ، پب ۽ هڪ هوٽل نظر آئي. ان کان علاوه جتي ڪٿي وينڊنگ مشينون به نظر اچي رهيون هيون، جن ۾ سِڪا وجهي ماڻهو پنهنجي ضرورت موجب کائڻ پيئڻ جون شيون ڪڍي رهيا هئا. قيمتون ڀيٽيم ته اهي ئي هيون جيڪي ممبئي، ڪولمبو، ڪوالالمپور، تهران ويندي منيلا ۽ هانگ ڪانگ ايئرپورٽن تي آهن. هڪ اسان جو ڪراچيءَ جو ايئرپورٽ آهي ۽ ٻيو جدي جو جتي خبر ناهي ڇو مسافرن کي ڦريو وڃي ٿو ۽ ها، ٽيون دبئي وارو هٿ ٺوڪيو ”ڊيوٽي فري“ ايئرپورٽ! يارو ايڏي مهانگائي ته اوسلو، ڪوپن هيگن ۽ اسٽاڪهوم جي هوائي اڏن تي به نه آهي، جيڏي ڪراچي، دبئي ۽ جدي ايئرپورٽ تي آهي.
    نئروبيءَ جو هي بين الاقوامي ايئرپورٽ شهر جي ڏکڻ اوڀر ۾ ايمباڪاسي نالي هڪ غريباڻي علائقي ۾ آهي. سمجهو ته ڪراچيءَ جو ماريپور ۽ يونس آباد آهي. هي ايئرپورٽ 1958ع ۾ ”نئروبي ايمباڪسي ايئرپورٽ“ جي نالي سان ٺهيو هو. تن ڏينهن ۾ انگريزن جو راڄ هو ۽ هن ايئرپورٽ جو افتتاح راڻي ايلزبيٿ اول (اڄ واري راڻي ايلزبيٿ جي ماءُ) کي ڪرڻو هو، پر هن کي آسٽريليا ۾ هلندڙ پروگرامن ۾ دير ٿي وئي ۽ نئروبي واري هن فنڪشن ۾ پهچي نه سگهي. ڪجهه عرصي بعد هن هوائي اڏي جو نالو نئروبي انٽرنيشنل رکيو ويو. 1970ع ڌاري پراڻي هوائي اڏي جي بدلي هي نئون ايئرپورٽ ٺاهيو ويو جنهن جو نالو ”جوموڪينياتا انٽرنيشنل ايئرپورٽ“ آهي. هن نئين ٽرمينل کي ٽي يونٽ آهن. بين الاقوامي اڏامن لاءِ آمد ۽ روانگي لاءِ ۽ ٽيون ڊوميسٽڪ اڏامن لاءِ آهي جتان هوائي جهاز رستي ممباسا وڃي سگهيس ٿي. ممباسا ويندڙ هاءِ وي به هتان ايئرپورٽ جي ڀرسان لنگهي ٿو پر مون کي اها رات نئروبيءَ ۾ ئي رهڻ لاءِ چيو ويو ۽ آئون سمبا ريسٽورنٽ ۾ چانهه ۽ سئنڊوچ جا پئسا ڏئي ٽئڪسي ذريعي نئروبي جي مرڪزي علائقي ۾ هليو آيس، جيڪو سينٽرل بزنيس ڊسٽرڪٽ سڏجي ٿو ۽ ايئرپورٽ کان ڏهه ميل کن پري ٿيندو.
    منهنجي خيال ۾ منهنجو پهريون دفعو 1970ع يا شايد 1969ع ۾ آفريڪا جي بندرگاه ممباسا ۾ اچڻ ٿيو هو. ان کان ڏهه سال کن اڳ جڏهن مئٽرڪ ۾ هئاسين ته آفريڪا کنڊ بابت جاگرافيءَ جي ڪتاب ۾ پڙهندا هئاسين ته اهو اونداهو کنڊ آهي جنهن ۾ اڌ اگهاڙا ۽ جهنگلي قسم جا ماڻهو رهن ٿا. پرممباسا پهچي حيرت ٿي ته هتي جا روڊ رستا، ٽرئفڪ جو نظام، پوليس، مختلف ادارا ۽ ماڻهن جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ فضيلت جو معيار اسان کان به وڌيڪ نظر آيو. مون کي ياد آهي ته ممباسا جي مارڪيٽ ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ پئڪ ٿيل تازو کير ۽ ڪاسائين جا صاف سٿرا دڪان ڏسي مون هڪ مڪاني کوجي واقفڪار کي چيو هو ته هتي ته جهڙو يورپ لڳو پيو آهي. ياد رهي ته انهن ڏينهن تائين اسان وٽ اهڙيون سپر مارڪيٽون شروع نه ٿيون هيون ۽ نه ائين ٿيليهن ۾ کير، ڀاڄي يا گوشت پئڪ ٿي مليو ٿي.
    ”يار هي ڪهڙو اونداهو کنڊ آهي؟“ مون هڪ دفعو وري هن کوجي سان اظهار ڪيو، جيڪو ڪينيا جو شهري آهي ۽ سندس ڏاڏو 1930ع ۾ سنڌ جي تلهار يا بدين شهر مان لڏي هتي ممباسا ۾ اچي رهيو هو، ”هتي جا شيدي ته اسان کان به وڌيڪ سلجهيل ۽ بااخلاق نظر اچن ٿا.“
    ”تڏهن ته آئون چوان ٿو ته انگريزن کي ننڍو کنڊ ايترو جلد نه ڇڏڻ کپندو هو.“ کوجي ڪينيائي همراه اڌ سنڌي اڌ ڪڇي لهجي ۾ چيو، خاص ڪري سنڌ ۾ ته اڃان به رهن ها. ڇو جو انگريزن جي وڃڻ بعد سنڌ جو پڙهيل ڳڙهيل طبقو هندو به هليو ويو ۽ سنڌ جي جاهل پير، مير، وڏيري سنڌ ۽ سنڌ جي عوام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
    سندس اها ڳالهه ٻڌي مون کي آمريڪا ۾ رهندڙ اترادي دوست ڊاڪٽر ياد اچي ويو جيڪو سندس ڳوٺ ۾ وڏيري جي ظلمن جو روڄ روئي چوندو آهي ته ”انگريزن سنڌ تي ٿوري ٿوري ته به هڪ سئو سال حڪومت ڪئي پر لڳي ٿو ته هنن جي حڪومت جو اسان جي ڳوٺ تي هڪ ڏينهن جو به اثر نه ٿي سگهيو آهي. اسان جا وڏيرا، سياستدان ۽ ڀوتار اهي ئي ڄٽ ۽ ظالم آهن. تعليم، انصاف، انسانيت جهڙي ته ڪا به شيءِ، نه اسلام مان ۽ نه انگريزن کان سکي سگهيا آهن.“
    بهرحال يورپ جي ملڪن جا بندرگاه گهمڻ بعد آفريڪا جو هي بندرگاه ممباسا مون کي بيحد سهڻو ۽ عجيب لڳو. چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ، جهڙالي موسم، نه يورپ جهڙو سخت سيءُ ۽ برفباري نه وري مهانگي سواري! هر هڪ ماڻهو جهڙو واندو واندو ۽ پُرسڪون! جنهن کان کڻي رستو پڇ ته هو نه فقط اهو ٻڌائي پر پيو گڏ هلي ۽ گائيڊ ڪري. مختلف قسمن جي رنگين پوشاڪن ۾ شيدي مرد ۽ عورتون، ساڙهين ۾ کوجا، بوهري، گجراتي، عورتون جن لاءِ هتي هڪ ئي ٽرم ”انڊين“ استعمال ٿئي ٿو، چڍين ۾ انگريز ۽ يورپي، دڪانن اڳيان اونهاري ۾ به اڇو ڪوٽ ۽ مٿي تي پڳ رکي هلندڙ سنڌي هندو ۽ پارسي.... سندن اهو اسٽائيل هن وقت به اکين اڳيان ڦري رهيو آهي، جڏهن هو زنجير ۾ ٻڌل ناس جي دٻليءَ جيڏي ”ميڊ ان سئيز“ واچ ڪڍي وقت ڏسندا هئا. ان سنهي زنجير جو ٻيو ڇيڙو سندن قميص ۾ لڳل سونن ٻيڙن مان هڪ ۾ اٽڪيل هوندو هو. انهن ڏينهن ۾ ڪٿي هيون ائين عام واچون، جيئن اڄ آهن. ڪنهن خوش پوشاڪ کي ڏسي وقت پڇبو هو يا شهر جي گهنٽا گهر وٽان لنگهندي ٽائيم ڏسبو هو. پر 1970ع اهو سال هو جنهن ۾ جپاني واچون خاص ڪري سيڪو ۽ سٽيزن دنيا ۾ مشهور ٿي ويون هيون. نه ته ان کان اڳ اسان جهازي آفيسر ڊيوٽي فري بندرگاهن مان فئورلوبا نالي سئٽزرلئنڊ جي واچ وٺندا هئاسين. اوميگا واچ سڀ کان مهانگي هئي ۽ اسان جي وس کان ٻاهر هئي. وطن وربو هو ته ويجها مائٽ ۽ دوست ولائتي واچ جي فرمائش ڪندا هئا. اڄ ڪلهه ته ويهين رپئي ملندڙ چين يا تائيوان جي اليڪٽرانڪ واچ به صحيح ٽائيم ٻڌائي ٿي. پر 1970ع کان اڳ مڪينيڪل واچون هونديون هيون، جن مان فقط ناليرين ڪمپنين جون واچون هر وقت صحيح ٽائيم ڏينديون هيون. باقي واچون ڪجهه وقت استعمال ڪرڻ بعد مستري کان ان جا ڪانٽا، اسپرنگ يا گراڙيون (Gears) پيون ٺهرائبيون هيون.
    ممباسا ۾ هانگ ڪانگ، عدن ۽ ڪولمبو جهڙا ڊيوٽي فري شاپنگ مال ۽ انگلنڊ جهڙا بار، پب ۽ ڪيفيٽراءِ ڏسي تعجب ٿيندو هو ته: هي ڪهڙي قسم جو بندرگاه آهي جيڪو آهي ته آفريڪا جي سرزمين تي پر ان جا رهاڪو مڪاني شيدين کان علاوه ايشيائي ماڻهو پڻ آهن ۽ جنهن بندرگاه جي ڪلچر ۽ ماحول مان انگلنڊ جو هڳاءُ اچي ٿو، جنهن جي نائيٽ لائيف ۾ يورپ جي سڳنڌ (۽ ڌپ پڻ) آهي! اسان جي مڪاني جهاز ران آفيس جو هڪ سک ڪلارڪ آيو تنهن ٻڌايو ته هو ڄائو نپنو نئروبيءَ ۾ ۽ اڄ به هن جا مائٽ اتي ئي رهن ٿا، هو فقط نوڪريءَ ڪري ممباسا ۾ رهي ٿو ۽ جيئن ئي هن کي موقعو ملندو ته هو پنهنجي بدلي نئروبي ڪرائي ويندو.
    ”يار ڪمال آهي!“ مون حيرت مان چيومانس، ”ممباسا جهڙو زبردست شهر ڇڏي ويندين؟“ مون ان وقت تائين ڪينيا ته ڇا سڄي آفريڪا کنڊ جو هي پهريون شهر ڏٺو هو. (مصر جي شهرن جي ڳالهه نٿا ڪريون جيڪو ملڪ ايشيا ۾ به آهي ته آفريڪا کنڊ ۾ به – جيئن ترڪي يورپ ۾ به آهي ته ايشيا ۾ به).
    منهنجي چوڻ تي سک ٺهه پهه چيو: ”منهنجي شهر نئروبي سان ڪير نه پڄي.“
    ”پر ممباسا بندرگاهه هجڻ ڪري چوڌاري سمنڊ آهي ۽ اونهاري ۾ به موسم خوشگوار آهي نه ته ڪينيا جو ملڪ خط استوا واري پٽي تي هجڻ ڪري ڪينيا ۾ جتي ڪٿي ٻارهوئي گرمي هوندي.“
    ”بلڪل صحيح ٿا چئو پر منهنجي شهر نئروبيءَ ۾ اونهاري ۾ به ٿڌڪار رهي ٿو جو اهو سطح سمنڊ کان تمام گهڻو اتاهون آهي جيئن توهان وٽ ڪوئٽيا يا ڪوه مري آهي.“
    اها به مون لاءِ واقعي حيرت جي ڳالهه هئي جو منهنجي دماغ ۾ اهو ئي ويٺل هو ته آفريڪا اونداهو کنڊ يعني جاهل ۽ ڄٽن جو ملڪ آهي جتي نه پاڻي آهي ۽ نه کاڌو، جتي ٻارهوئي سخت گرمي ٿئي ٿي. سو هي ڳالهيون ٻڌي منهنجو حيران ٿيڻ نارمل هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته پوءِ اڳتي هلي خبر پيئي ته رهوڊيشيا ۽ سائوٿ آفريڪا خط استوا (Equator) کان ايڏو پري آهي جو اتي ٻارهوئي ٿڌ رهي ٿي ۽ سياري ۾ ته برف باري ٿئي ٿي.
    انهن ڏينهن جي يعني 1970ع جي هڪ ٻي ڳالهه به ياد ٿي اچي ته مٿئين سک کي جڏهن اسان پنهنجي ملڪ ۽ ڪراچي بندرگاهه جون ڳالهيون ٻڌائي Impress ڪري رهيا هئاسين (ياد رهي ته ان وقت جي ڪراچي بندرگاه جي صاف سٿري ۽ Efficient هجڻ جي آمريڪن به تعريف ڪندا هئا ۽ ڪراچي شهر جي سونهن سوڀيا ۽ ماڊرن ٽيڪنالاجي ۾ پينانگ، ڪوالالمپور، جڪارتا ويندي بئنڪاڪ ۽ منيلا به ڪجهه نه هئا) ته ڳالهين ڪندي مون سک کي ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ ڊرائيو-ان سئنيما به آهي. جتي اسان ڪار ۾ ويهي فلم ڏسندا آهيون ته هن ٺهه پهه چيو نئروبيءَ ۾ ته ٻه آهن ۽ پوءِ ٽهڪ ڏيندي چيو ”اسان سک ڪميونٽي جا نوجوان دوست ڪڏهن ڪڏهن مستي ۾ اچي ٽرڪ ۾ چڙهي ڊرائيو، ان سئنيما ۾ فلم ڏسڻ ويندا آهيون ۽ ٽڪيٽ فقط هڪ گاڏيءَ جي ڏيندا آهيون.“
    اهي ڳالهيون ٻڌي اسان وائڙا ٿي ويا هئاسين، ته آفريڪا سڄو رڃ ۽ سڃ به نه آهي. آفريڪا ۾ ممباسا ۽ نئروبي جهڙا شهر به آهن جيڪي انگلش اسٽائيل شهر چئي سگهجن ٿا ۽ لارينزو مارڪس (جيڪو هاڻ موپوٽو سڏجي ٿو)، ڊڪار ۽ عابد جان ۽ خارطوم جهڙا شهر به آهن. جيڪي نه صرف آفريڪا ۽ ايشيا جي خوبصورت شهرن جو ڏيک ڏين ٿا پر پورچوگال ۽ فرانس جي شهرن جون به سڪون لاهين ٿا.


    نئروبي شهر جو وجود

    نئروبي نه فقط ڪينيا ۾ پر سڄي دنيا ۾ هڪ عجيب شهر آهي، جنهن ۾ ٻارهوئي دنيا جا ٽوئرسٽ ايندا رهن ٿا، صاف سٿرو ۽ سهڻو شهر آهي. منجهس جتي ماڊرن ۽ اتاهيون عمارتون ۽ هوٽلون آهن. اتي سفاري (جانورن کي کلي فضا ۾ گهمندو ڏسڻ جا موقعا)، مائونٽينرنگ (جبل تي چڙهڻ) ۽ شڪار جا شوق پورا ڪرڻ جا به بندوبست آهن. نئروبي سياسي ۽ معاشي طرح به هڪ اهم شهر آهي، جتي ڪيترين ئي بين الاقوامي ڪمپنين ۽ آرگنائيزيشنن جون آفيسون آهن. نئروبي ۾ UNO جون آفيسون به آهن. نئروبي اسٽاڪ ايڪسچينج (NSE) آفريڪا جي سڀ کان وڏي آهي ۽ ٽريڊنگ واليوم ۾ آفريڪا جي چوٿين نمبر تي آهي جيڪا روزانو هڪ ڪروڙ سودا (Trades) ڪرڻ جي طاقت رکي ٿي. جيئن ڏور اوڀر ڏي ٽوڪيو، هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور جهڙا شهر آهن ۽ عرب دنيا ڏي بيروت ۽ قاهره آهن ۽ اسان پاسي ممبئي آهي، تيئن آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري ڏي نئروبي شهر آهي. فرق فقط اهو آهي ته ٻيا سڀ شهر آڳاٽا آهن، نئروبي هڪ سؤ سال به پراڻو ناهي. ويهين صدي جي شروعات ۾ يعني 1900 ۾ به ڪنهن کي خبر نه هئي ته ڪو نئروبي به شهر آهي، بلڪ هو ئي ڪونه ته ڪنهن کي ڪهڙي خبر!
    يورپي قومن جهاز ٺاهي سمنڊ تي حڪمراني حاصل ڪرڻ بعد آفريڪا ۽ ايشيا جا ملڪ ڳولڻ ۽ هٿ ڪرڻ جي چڪر ۾ اچي ويا. آفريڪا جو ڪو حصو اٽليءَ وارن کنيو ته ڪنهن تي فرينچن ۽ پورچوگالين قبضو ڪيو، ڪنهن تي اسپين ۽ انگلنڊ وارن قبضو ڪري پنهنجو راڄ قائم ڪيو. آمريڪا ملڻ تي اوڏانهن اسپين ۽ پورچوگالين وارن گهڻي ڊوڙ پاتي، ان ڪري سواءِ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ ملڪن ۽ ٻيٽن جي، باقي تي هسپانوي ۽ پورچوگالي ڇانئجي ويا ۽ اڄ چلي ۽ ڪولمبيا کان USA جي ڏاکڻين رياستن ميڪسيڪو، ٽيڪساز ۽ لوزيانا وغيره تائين آمريڪا ۾ اسپيني زبان هلي ٿي. (اسپيني ۽ پورچوگالي زبانن ۾ فقط اوڻهين ويهين جو فرق آهي، جيترو ڊئنش ۽ سئيڊش ۾ آهي يا جيترو پنجابي ۽ سرائڪيءَ ۾ آهي.)
    آفريڪا جي اوڀر ڪناري وارو هي حصو جيڪو هاڻي ڪينيا ۽ يوگنڊا وغيره سڏجي ٿو انگريزن جي قبضي ۾ اچي ويو. ٻين يورپين جي ڀيٽ ۾ انگريزن جو اهو گڻ ڳائڻ جوڳو آهي ته: هنن جتي به حڪومت ڪئي، ان کي ٻين يورپين وانگر ڦريو لٽيو به دل وٽان، پر هڪ سٺي ڳالهه ڪيائون ته اتي امن امان، جوڊيشري، پوسٽ جو نظام، پوليس کاتو، تعليمي نظام، ويندي روڊ رستا ۽ ريلوي سسٽم ٺاهيائون. اهو ئي سبب آهي جو ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) ۽ سنگاپور کان هانگ ڪانگ ۽ انڊيا ۾ ريل جي پٽن جي ڄار وڇايل آهي ۽ انگريزن جون ٺهيل آڳاٽيون ريلوي اسٽيشون اڄ به ڪيترن شهرن ۾ قائم آهن. ويندي ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاهور کي ئي کڻي ڏسو.
    آفريڪا جي اوڀر ڪناري وارو علائقو (جيڪو اڄ ڪينيا ۽ يوگنڊا سڏجي ٿو) جيئن ئي انگريزن جي هٿ ۾ آيو ته هنن ممباسا کان ڪمپالا تائين ريل هلائڻ جو ارادو ڪيو. هيءَ 1899ع جي ڳالهه آهي. انهن ڏينهن ۾ نئروبيءَ جو نالو نشان به نه هو. پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ممباسا ۽ ڪمپالا ان وقت جا بَلي بَلي ۽ تاريخي شهر هئا. ممباسا بندرگاه ۽ وڻج واپار ڪري، ڪمپالا وڪٽوريا ڍنڍ تي هجڻ ڪري تمام سٺي موسم ۽ اهميت وارو شهر هو. انگريزن کي ڪينيا ۽ يوگنڊا ۾ چانهه، ڪافي، ڪاٽن ۽ ٻيا فصل ممباسا آڻي پنهنجي وطن انگلنڊ پهچائڻا هئا، ان ڪري ٽرانسپورٽ لاءِ ٽرين ضروري هئي. ريل جا پٽا ۽ ڪاٺ جا سليپر وغيره وڇائڻ ۽ جهنگ صاف ڪرڻ لاءِ هنن ننڍي کنڊ مان هزارين مستري ۽ مزور گهرايا. خاص ڪري پنجاب کان سک- جيڪي سخت جان ۽ محنتي به هئا ته ان ڪم جا ڄاڻو به هئا.
    ريلوي وڇائڻ جو جڏهن ڪم شروع ٿيو ته هنن اڄ واري نئروبي واري هنڌ کي سامان رکڻ جو ڊيپو بڻايو، جو هڪ ته اهو ممباسا ۽ ڪمپالا جي بلڪل وچ ۾ آيو ٿي. جيئن ڪراچي حيدرآباد سپر هاءِ وي ٺاهڻ وارن اطالوين، نوري آباد وٽ وچ ٺاهيو جتي رستو ٺاهڻ جون مشينون ۽ ٻئي سامان جو ڊيپو ٺاهيو ويو. نئروبي وارو هي هنڌ نه فقط هن ريلوي لائين جو وچ ٿي ٿيو پر ان هنڌ کي ٻيون به خوبيون هيون. مٿاهين Elevation تي هجڻ ڪري ٿڌڪار هئي ۽ مزور ۽ انجنير آرام جي ننڊ سمهي سگهيا ٿي. اتان ئي هڪ ندي وهي ٿي جنهن کي اتي جي مڪاني قبيلي ماسائي جي ماڻهن ’انڪاري نائي روبي‘ سڏيو ٿي. بهرحال ريلوي تي ڪم ڪندڙن ۽ انگريزن هن نديءَ جو نالو نئروبي ندي رکيو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ريلوي وارن جي ننڍڙي ڪالونيءَ مان ننڍڙو شهر ٿي ويو جنهن ۾ انگريزن جا سهڻا بنگلا ۽ باغ باغيچا ڏسڻ وٽان هئا ۽ هاڻ هي ننڍڙو شهر نئروبي سڏجڻ لڳو. ڪيتريون ئي سرڪاري آفيسون ۽ واپارين جون ڪوٺيون ممباسا مان شفٽ ٿي نئروبي اچي ويون ۽ سال 1907ع ۾ هن علائقي جي گاديءَ جو هنڌ ممباسا بدران نئروبي ڪيو ويو. ياد رهي ته هن علائقي جو ڪينيا نالو اڃان مقرر نه ٿيو هو. هي سڄو ملڪ ۽ يوگنڊا وارو ڳپل حصو اڃان ”برٽش ايسٽ آفريڪا“ جي نالي سان سڏجي رهيو هو. بعد ۾ ڪينيا جبل تان هن ملڪ جو نالو ڪينيا رکيو ويو.
    1963ع ۾ انگريزن جي وڃڻ بعد مڪاني ماڻهن به هن ملڪ جو ساڳيو نالو ڪينيا رکيو ۽ ملڪ جو ساڳيو گاديءَ وارو شهر نئروبي قائم رهڻ ڏنو. بهرحال نئروبيءَ جو شهر سطح سمنڊ کان 1800 ميٽر مٿاهون آهي ۽ شهر مان نئروبي ندي ائين وهي ٿي جيئن لنڊن جي وچ مان ٿيمس ندي ۽ ملاڪا شهر مان ملاڪا ندي وهي ٿي.
    هونئن جن ڏينهن ۾ ممباسا کان ڪمپالا ريلوي لائين وڇائجي رهي هئي، تن ڏينهن ۾ نئروبي وارو هي علائقو، جيڪو اڄ يورپ جي ڪنهن ماڊرن شهر جو ڏيک ڏئي ٿو گهاٽي جنگل، ڊگهي گاهه ۽ پوسل ڪري اهڙو ئي هو جهڙو شروع جي ڏينهن ۾ گپ وارو شهر ڪوالالمپور. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي جام هو ۽ ٿڌڪار ڪري منجهند جو به فرحت محسوس ٿي ٿي، پر مڇر ۽ ان ڪري مليريا جو مرض ايڏو هو جو اهو ڏينهن ڪو خالي نه هو جو ڪنهن جو لاش نٿي کڻڻو پيو ۽ هڪ دفعو ته هي شهر ڇڏي ماڻهو لڏڻ لاءِ به تيار ٿي ويا هئا.
    انگريز راڄ ۾ هي شهر تمام تيز رفتار سان وڌيو. ايتري قدر جو اوسي پاسي ۾ رهندڙ ماسائي قبيلي جا ماڻهو پنهنجي چوڌاري وڻن جي وڍجڻ ۽ عمارتن جي ٺهڻ ڪري سخت بگڙي ويا. ان بعد ڪي ڪُيو قبيلي جا ماڻهو به ڪاوڙجي پيا جن چاهيو ٿي ته انگريز جيڪي زمينون ڦٻائي مالڪ بڻجي ويا آهن، اهي کين واپس ڪيون وڃن. انگريزن هنن جي protest کي دٻائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر سندن غم ۽ غصو وڌندو ويو تان جو سندن قبيلي جي هڪ ماڻهو جومو ڪينياتا ’مائو مائو‘ نالي هڪ تحريڪ ٺاهي ۽ انگريزن خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو.
    جوموڪينياتا کي جيل ۾ به وڌو ويو پر ٺاپر نه ٿي. ٻي جنگ عظيم ڪري انگريز به ڍرڙا ٿي پيا. ننڍو کنڊ جنهن تي کين فخر هو، اهو به سندن هٿن مان نڪري چڪو هو. چوڌاري سندن مٿان پريشر وڌڻ لڳا. ملائيشيا، سنگاپور، نائيجيريا... هر ملڪ آزاد رهڻ لاءِ گهُر ڪرڻ لڳو. آخر 1963ع ۾ انگريزن ڪينيا کي خود مختياري ڏني ۽ پاڻ ٽپڙ کڻي وڃي لنڊن، لورپور، هل ۽ مانچسٽر جون اباڻيون گهٽيون وسايائون.
    نئروبي آفريڪا جو هڪ شهر آهي پر هن ۾ ايترا ته غير ملڪي ادارا، بين الاقوامي بزنيس فرم ويندي يونائيٽيڊ نئشن جون آفيسون آهن، جو ڌارين ملڪن جي ماڻهن جي، خاص ڪري يورپ ۽ آمريڪا جي باشندن جي ڌم لڳي رهي ٿي. انهن ماڻهن جي رهائش لاءِ اعليٰ قسم جون هوٽلون ۽ ٽوئرسٽن لاءِ گهٽ بجيٽ وارين هوٽلن جي چوڌاري ڄار وڇائي پئي آهي. هڪ ڌاريون ماڻهو هوٽلن جي گهڻائي ۽ ٽورئسٽن جي آزاديءَ مان ملڪ جي امن امان جو اندازو لڳائي سگهي ٿو. افغانستان ۽ برنڊي جهڙن آفريڪي ملڪن وانگر اسان وٽ ڪراچي جهڙي شهر ۾ به گذريل ٽيهه پنجٽيهه سالن کان اهي ئي چار پنج فائو اسٽار هوٽلون آهن ۽ اهي به خالي خولي رهن ٿيون. اسان جي پيٽارو جو دوست محمود باويجا هر وقت چوندو آهي ته سندس ”ريجنٽ هوٽل“ (اڳوڻي تاج محل) ٽيهه سيڪڙو به ڀريل نٿي رهي. ”ڪمائي ته هڻو کڏ ۾ ملازمن جا پگهار ۽ لائيٽ ۽ گيس جا بل به خبر ناهي ڪيئن ٿا ڇڪي پورا ڪريون.“ ڪوالالمپور، سنگاپور، ممبئي، دهلي، تهران وانگر نئروبيءَ جي به گهٽي گهٽي ۾ خوبصورت هوٽلن جون عمارتون ڏسي حيرت ٿئي ٿي. مڪاني شيدي ۽ گورا ٽوئرسٽ رات جو دير تائين نئروبي جي روڊن ۽ پارڪن ۾ واڪ ڪندو ڏسي دل ۾ خواهش پئدا ٿئي ٿي، ته ڪاش اسان جي ملڪ ۾ به اهي حالتون موٽي اچن. سٺ واري ڏهي ۾ ۽ ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ ڪراچيءَ جي شهر ۾ به ائين امن امان هوندو هو، پر هاڻ اسلام آباد ۽ لاهور ۾ به نه رهيو آهي. نئروبيءَ جي رستن تان هلندي نظر ايندڙ ڪجهه هوٽلن جا نالا جيڪي هن وقت ياد اچي رهيا آهن.
    سٽي سينٽر واري علائقي ۾ هوٽل گرانڊ ريجنسي، هلٽن هوٽل، انٽر ڪانٽيننٽل هوٽل، نئروبي سيرينا هوٽل، دي نور فوڪ، دي اسٽينلي وغيره، جيڪي فائو اسٽار هوٽلو آهن، جن جي روز جي مسواڙ 90 کان 130 ڊالر آهي. ٿڪا روڊ تي سفاري پارڪ هوٽل پڻ فائو اسٽار هوٽل آهي. جنهن جي مسواڙ 95 ڊالر آهي جيڪا اڄ جي حساب سان به 8 هزار رپيا ٿئي ٿي ۽ هيڏانهن اسان وٽ شيرٽن ۽ PC جهڙين هوٽلن جي روزانا مسواڙ ڏهه ٻارهن هزار رپين کان به مٿي آهي.
    نئروبيءَ ۾ هڪ هنڌ ونڊسر گولف ۽ ڪنٽري ڪلب نالي پڻ فائو اسٽار هوٽل نظر آئي جنهن جي مسواڙ 100 ڊالر آهي. آءٌ سلور اسپرنگس نالي هڪ فور يا شايد ٿري اسٽار هوٽل ۾ رهيس، جنهن جي مسواڙ 43 ڊالر هئي ۽ UNO وارن کي جيڪو 10 سيڪڙو ڊسڪائونٽ ڏين ٿا اهو به ڏنائون. نيروبيءَ ۾ ان جهڙيون فور ۽ ٿري اسٽار هوٽلون به ڪيتريون ئي آهن جهڙوڪ فيئر ويو هوٽل، بليوارڊ هوٽل، هاليڊي اِن، Jacaranda هوٽل، لينانا مائونٽ هوٽل وغيره.


    ڪينيا جي مائي جوري

    اسان جڏهن نائن اليون، القاعده، افغانستان واري جنگ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ڪينيا جي هن شهر نئروبي کي به ياد ڪيون ٿا جتي 7 آگسٽ 1998ع تي آمريڪا جي سفارتخاني تي بم سان حملو ڪري سفارتخاني جي عمارت کي تباهه ڪيو ويو، جنهن ۾ 12 آمريڪين سميت 212 ماڻهو مارجي ويا ۽ 4000 زخمي ٿيا.
    بمن جا هي ڌماڪا ڏهن منٽن جي وٿيءَ سان آفريڪا ۾ ٻن آمريڪي سفارتخانن تي ٿيا. هڪ هتي نئروبيءَ ۾ ۽ ٻيو ڀر واري ملڪ تنزانيا جي شهر دارالسلام ۾، جتي به 11 کن ماڻهو مارجي ويا ۽ 85 زخمي ٿي پيا. هنن بمن جو واسطو مصر جي اسلامڪ جهاد سان جوڙيو ويو، جنهن جا ماسٽر مائينڊ اوساما بن لادن ۽ ايمن الزواهري قرار ڏنا ويا. هن حملي جي جواب ۾ آمريڪا جي صدر بل ڪلنٽن ڪروز ميزائيل ذريعي سوڊان ۽ افغانستان تي حملو ڪيو. سوڊان ۾ انهن ميزائيلن اتي جي الشفا فارماسوٽيڪل فئڪٽري تباهه ڪئي جنهن ۾ سوڊان جي ماڻهن ۽ جانورن جي بيمارين جون 85 سيڪڙو دوائون ٺهيون ٿي. ڪلنٽن جي انتظاميا اهو ئي چيو ته هنن وٽ ثبوت موجود آهن ته هن فئڪٽري ۾ ڪيميائي هٿيار ٺهن ٿا، پر ميزائيلن جي ڪيل تباهيءَ بعد جڏهن چڱي طرح تفتيش ڪئي وئي ته خبر پيئي ته آمريڪا جي انٽيليجنس ڊپارٽمنٽ جي اها رپورٽ غير اعتبار جوڳي هئي.
    نئروبيءَ ۾ هاڻ جيڪا آمريڪا جي ايمبسي آهي، اها نئين هنڌ تي نئين ٺاهي وئي آهي. پراڻي تباهه ٿيل ايمبسي (سفارتخاني) جي جاءِ تي يادگار طور ”ميموريل پارڪ“ ٺاهيو ويو آهي.
    جيئن ڪراچيءَ جو مرڪز، صدر وارو علائقو چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح نئروبي شهر جو وچ ”سٽي اسڪائر“ آهي. جتان چوڌاري شهر ٻاهر ڏي وڌيو آهي. ڪينيا جي پارليامينٽ بلڊنگ، هولي فئملي ڪئٿيڊرل، نئروبي سٽي هال، نئروبي جون ڪورٽون، ڪينياتا ڪانفرنس سينٽر جهڙيون اهم عمارتون، هتي سٽي اسڪائر ۾ آهن. جيئن ڪراچيءَ جو شهر ڪلفٽن، ڪياماڙي، چاڪيواڙي، رنڇوڙ لائين، ناظم آباد، لياقت آباد، ملير، ماريپور جهڙن علائقن ۾ ورهايل آهي، تيئن نئروبيءَ جا اهم علائقا آهن: مڪادار، ڪامُوڪنجي، لنگاتا، ويسٽ لئنڊس، ڪاساراني، ايمباڪاسي وغيره. ڪيترن علائقن، عمارتن ۽ رستن جا انگريزي نالا آهن، جن سان برٽش راج جون يادون وابسته آهن.
    نئروبي خوبصورت پارڪن ۽ باغن جو شهر آهي، شايد ان ڪري نئروبيءَ کي “Green City in the Sun” به سڏيو وڃي ٿو. روڊ رستن تي به گهاٽا وڻ نظر اچن ٿا. شهر مان درياءُ وهي ٿو. خط استوا تي هجڻ ڪري ٻارهوئي مينهن وسي ٿو. اتاهين ليول تي هجڻ ڪري ٿڌڪار آهي. هڪ ڌارئين کي نئروبي ۾ لهڻ تي، ڪارا ماڻهو ڏسي ”نئروبي“ آفريڪا جو شهر لڳي ٿو نه ته نئروبي يورپ جي شهر جو ڏيک ڏئي ٿو. جيئن اڄ ڪلهه ڪوالالمپور، بئنڪاڪ ۽ سنگاپور ٿي پيا آهن. شهر ۾ کلا ميدا به جام آهن. لڳي ٿو، نئروبي شهر لئنڊ مافيا کان بچيل آهي. ظاهري طرح ته آفريڪي شهر آهي ۽ آفريڪا جي ڪيترن ملڪن جا حال پورا سارا آهن، پر ڪينيا ۾ وري به قانون قاعدو سخت آهي، ان ڪري ان جي نئروبي، ممباسا توڙي ٻين شهرن جي رونق ۽ سونهن برقرار آهي. نئروبيءَ جو سڀ کان بهترين پارڪ اوهورو (Uhuru) پارڪ آهي. اوهورو جي معنيٰ آزادي آهي. عوام کي ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙ ايندي آهي ته لنڊن جي هائيڊ پارڪ وانگر ماڻهو هتي اچي مظاهرا ڪندا آهن ۽ حڪومت جي خلاف تقريرون ڪندا آهن. هن پارڪ جي وچ ۾ ملڪ جي اڳئين صدر ڊئنيل آراپ موئيءَ پنهنجي سياسي پارٽي KANU جي لاءِ 62 ماڙ هيڊ ڪوارٽر ٺاهي پارڪ جي ستياناس ٿي ڪئي، پر عوام گوڙ ڪيو، خاص ڪري ”مئڊم اومگاري ماٿائيءَ“ صدر خلاف وڏي مهم هلائي جنهن ۾ هن کي ڪاميابي نصيب ٿي. ماٿائيءَ جي ان قسم جي جدوجهد ۽ عوام جو ساٿ ڏيڻ جي خدمتن جي بدلي ۾ کيس 2004ع جو نوبل امن ايوارڊ مليو.
    ماٿائي (سڄو نالو Wangari Muta Maathai) لاءِ سال 2004ع ۾ جيئن ئي نوبل انعام جو اعلان ٿيو ته سڀني کي، خاص ڪري آفريڪا جي شيدين کي، بيحد خوشي ٿي جو هيءَ پهرين آفريڪن عورت هئي جنهن کي هيڏي وڏي انعام لاءِ چونڊيو ويو هو. اسان کي به اهو معلوم ڪري ته هوءَ ڪينيا جي آهي هورا کورا ٿي ته ڪهڙي شهر جي آهي. هو ڇا پڙهيل ڳڙهيل آهي. هوءَ ڪهڙي نوڪريءَ ۾ آهي ۽ هن امن لاءِ ڪهڙيون خذمتون انجام ڏنيون آهن.
    ماٿائيءَ جي زندگيءَ جي ڪهاڻي به عجيب آهي. هوءَ هڪ غريب جي گهر ۾ ڄائي، جنهن جو پيءُ هڪ انگريز جي فارم تي ڏهاڙيءَ تي ڪم ڪيو ٿي ۽ هڪ اهڙي ٻهراڙي واري علائقي ۾ رهيو ٿي جتي ڪو پرائمري تعليم به مشڪل سان حاصل ڪري سگهي. ماٿائي اڳتي هلي اعليٰ تعليم يافته عورت ثابت ٿي ۽ ڪينيا جي پهرين عورت آهي جنهن ڊاڪٽوريٽ (Ph.D) ڪئي.
    ماٿائي پهرين اپريل 1940ع تي ڪينيا جي نائيري (Nyeri) ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ وانگاري مُوتا نالي سان ڄائي. سندس واسطو ڪي ڪُويو (Kikuyo) قبيلي سان آهي. جنهن سان هن ملڪ جي پهرين صدر جومو ڪينياتا جو پڻ هو. ماٿائي جي پيءُ ٻنين تي مزوري ڪئي ٿي ۽ ماٿائيءَ پنهنجن ڀائرن سان گڏ ماءُ جي ڳوٺ ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪئي. يارهن سالن جي ٿي ته کيس نائيري شهر ۾ هڪ عيسائين جي بورڊنگ اسڪول ۾ رکيو ويو، جتي کيس عيسائي بڻائي ميري جوزفين نالو رکيو ويو. هِن اسڪول ۽ بعد ۾ ڪاليج ۾ اول پوزيشن کنئي. ان بعد هن ڪمپالا جي ”يونيورسٽي آف ايسٽ آفريڪا“ ۾ داخلا وٺڻ جو پروگرام ٺاهيو. هي 1960ع وارو زمانو هو،آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انگريز راڄ آخري پساهن ۾ اچي رهيو هو. ڪينيا جي هڪ سياستدان ٽام بويا اها ڪوشش ورتي ته سندس وطن جي نوجوانن کي ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم لاءِ گهرايو وڃي. انهن ڏينهن ۾ جان ايف ڪينيڊي آمريڪا جو سينيٽر هو، تنهن ڪينيا جي هن سياستدان جي ڳالهه قبول ڪئي ۽ سندس Kennedy خاندان جي فائونڊيشن ذريعي ڪينيا مان 300 هوشيار شاگردن کي آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو، جن ۾ ماٿائي به هڪ هئي. هتي اهو به لکندو هلان ته نه فقط ٽام بويا (Tom Mboya) پر ڪينيا جي ٻين به ڪيترن سياستدانن پنهنجي تَر جي سوين ڳوٺاڻن نوجوانن کي يورپ ۽ آمريڪا جي مختلف ادارن کي Convince ڪري اعليٰ تعليم ۽ صحت جي ڊگرين لاءِ اسڪالرون وٺرائي ڏنيون جيئن هو تعليم ۾ ڀڙ ٿي وڃن. ملائيشيا ۾ به اتي جي سياستدانن جو اهو ئي ڪردار رهيو ۽ جنگل جهڙو ملڪ اڄ يورپ ٿي پيو آهي. در اصل اهي ئي شيون آهن، جن ۾ اسين مار کائي ويا آهيون.
    ماٿائيءَ کي آمريڪا جي ڪنساس رياست ۾ پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي جتان جي ڪاليج مان هن 1964ع ۾ بائلاجي ۾ گريجوئيشن ڪئي. ان بعد آمريڪا جي يونيورسٽي آف پيٽسبرگ مان M.Sc ڪئي. 1966ع ۾ تعليم ختم ڪرڻ بعد هن کي نئروبيءَ ۾ پڙهائڻ جو جاب مليو. جتي هن جي وانگي ماٿائي (Mwangi Mathai) سان ملاقات ٿي. وانگيءَ به هن وانگر آمريڪا مان تعليم حاصل ڪئي هئي. نئروبي اچڻ تي ماٿائيءَ پنهنجو عيسائي نالو ختم ڪري پنهنجو ڄمڻ وارو نالو ’وانگاري موتا’ واپس رکيو ۽ پوءِ وانگيءَ سان شادي ٿيڻ تي پنهنجي نالي سان گڏ مڙس جي ذات ماٿائي لڳايائين ۽ پروفيسر ماٿائي سڏجڻ لڳي.
    سال 1967ع ۾ ماٿائي ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ لاءِ جرمني جي يونيورسٽي آف ميونخ ۾ داخلا ورتي. ائناٽامي سبجيڪٽ ۾ Ph.D ڪيائين Ph.D ڪرڻ بعد 1969ع ۾ هوءَ واپس نئروبي آئي ۽ نئروبي يونيورسٽيءَ ۾ اهو ئي سبجيڪٽ Anatomy پڙهائيندي رهي. کيس ٻه ٻار ٿيا. هڪ پٽ واويرو نالي ۽ هڪ ڌيءَ ونجيرا نالي. سال 1977ع ۾ سندس مڙس کانئس علحدگي اختيار ڪئي ۽ ٻن سالن بعد هن زال تي الزام هڻي ڪورٽ ۾ طلاق لاءِ درخواست ڏني. جج طلاق جي فيصلي ۾ مڙس جي ڳالهه کي صحيح قرار ڏنو. هن ڪيس کان ڪجهه ڏينهن پوءِ پروفيسر ماٿائيءَ Viva مئگزين کي انٽرويو دوران جج لاءِ رمارڪ ڏنا ته اهو Incompetent ۽ Corrupt آهي. هن انٽرويوءَ جج کي سخت ڪاوڙ ڏياري ۽ ماٿائيءَ تي Contempt of Court جو ڪيس هليو جنهن ۾ هوءَ ڏوهارڻ قرار ڏني وئي ۽ کيس ڇهه مهينا جيل جي سزا اچي وئي.
    1982ع ۾ ماٿائيءَ پارليامينٽري اليڪشن وڙهي، بلڪ وڙهڻ ٿي چاهي ته هن کي قانون موجب نوڪري ڇڏڻ لاءِ چيو ويو. هن يونيورسٽي آف نئروبي مان استعيفا حاصل ڪري اليڪشن لاءِ فارم ڀريا جيڪي ملي ڀڳت ڪري حڪومت طرفان رد ڪيا ويا. ان بعد کيس وري يونيورسٽيءَ جي نوڪري به نه ملي سگهي. هن جو چوڻ آهي ته ملڪ جو صدر آراپ موئي هن جي خلاف هو، جو هن جو واسطو سندس مخالف قبيلي ”ڪِي ڪُويو“ سان هو. ايتريقدر جو کيس يونيورسٽي ڪئمپس واري گهر مان به يڪدم ڪڍيو ويو جنهن ۾ استعيفيٰ بعد به ڇهه مهينا رهڻ جي اجازت ٿئي ٿي. ماٿائي 2002ع واري اليڪشن ۾ وري حصو ورتو جنهن ۾ نه فقط پاڻ کٽيائين پر سندس سياسي پارٽي National Rainbow Coalition حڪومتي پارٽي ”ڪينيا آفريڪن نئشنل يونين“ کي شڪست ڏني. کيس هن اليڪشن ۾ 98 سيڪڙو ووٽ مليا. ان ڪري ته جيڪب آباد پاسي جي مائي جوريءَ لاءِ چوندو آهيان ته ٿي سگهي ٿو ٻي دفعي هوءَ پنهنجي تڪ مان وڏي اڪثريت سان اليڪشن کٽي وڃي. آخرڪار مئڊم ماٿائيءَ لاءِ به ڪنهن ٿي سوچيو ته هوءَ قبيلائي سردارن، وڏيرن ۽ ڀوتارن سان مقابلو ڪري سگهندي! ڪينيا جي وزارت قدرتي وسائل ۽ ماحوليات جي هوءَ 2003ع کان 2005ع تائين نائب وزير به ٿي. هوءَ ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي ماحوليات کي گدلاڻ کان بچائڻ ۽ عورتن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهي. جنهن وقت مئڊم ماٿائي کي نوبل پرائيز وٺڻ لاءِ سڏ ٿيو ته هن جي تعارف خاطر هي پڻ اعلان ڪيو ويو ته هن ظالم حڪومت جي خلاف هر وقت آواز بلند ڪيو ۽
    She has served as aspiration for many in the fight for democratic rights and has specially encouraged women to better their situation.
    هتي اهو به لکندو هلان ته جنهن پروگرام هيٺ مئڊم ماٿائي آمريڪا ۾ پڙهي ان ۾ هن سان گڏ آمريڪا جي هاڻوڪي صدر اوباما جو پيءُ پڻ هو. باراڪ اوباما 2006ع ۾ جڏهن آمريڪا جو سينيٽر هو ته هو آگسٽ جي مهيني ۾ نئروبي ۾ آيو هو ۽ ماٿائي سان گڏ هن اوهورو پارڪ ۾ هڪ وڻ جو ٻوٽو لڳايو. ٻوٽو هڻڻ وقت اوباما پريس جي آزاديءَ جي عزت لاءِ زور ڀريندي چيو هو:
    Press freedom is like tending a garden. It continually has to be nurtured and cultivated
    ماٿائي 2007ع واري اليڪشن ۾ به حصو ورتو پر ان ۾ هوءَ هارائي وئي. سندس هيٺيون تصنيفون پڙهڻ وٽان آهن:
    • Bottle-necks of Development in Africa.
    • Unbowed: A momoir (2006).
    • Rain water Harvesting (2003).
    • The challenge of Africa.


    واسڪوڊاگاما ڪو چڱو مڙس به نه هو...

    آفريڪا کنڊ جا جيڪي سڀ کان گهڻا فضيلت وارا، ماڊرن ۽ بهتر امن امان وارا ملڪ آهن ۽ جن ۾ ڪيترين قومن ۽ مذهبن جا ماڻهو آزاديءَ سان رهن ٿا، انهن مان ڪينيا هڪ آهي. سندس گاديءَ واري شهر نئروبيءَ جي به وڏي ڌوم آهي، جيڪو آفريڪا سان گڏ ايشيائي ۽ برطانوي شهر لڳي ٿو، جتي عرب، سک، انگريز، پارسي، آغاخاني، مسلمان ۽ هندو به نظر اچن ٿا. سئنيما ٿيٽرن جي ٻاهران انگريزي، عربي ۽ هندي فلمن جا پوسٽر به نظر اچن ٿا. نئروبي شهر اوچين عمارتن ۽ خوبصورت پارڪن جو شهر آهي، جنهن جي Skyline ڏسڻ وٽان آهي. شهري سهولتن سان پُر هي شهر لنڊن، ممبئي، لاهور ۽ قاهره وانگر آڳاٽو لڳي ٿو، پر توهان کي حيرت ٿيندي ته جڏهن انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي ان وقت نه هن ملڪ جو نالو ’ڪينيا‘ وجود ۾ آيو هو ۽ گاديءَ جو شهر نئروبي يا ان جو نالو! 1843ع ته ماضي بعيد ٿيو. جنهن کي 167 سال ٿي ويا... 120 سال اڳ به نه ڪينيا هو ۽ نه نئروبي.
    1899ع ۾ انگريزن ممباسا کان ڪمپالا تائين جڏهن ريلوي ٿي ٺاهي ته انهن ٻنهي شهرن جي وچ ۾ (جيڪي اڄ ڪينيا ۽ يوگنڊا ۾ آهن) هڪ هنڌ درياهه نئروبيءَ وٽ ريلوي ڊپو ٺاهيو، جيڪو پوءِ وڌي وڌي ڳوٺ ۽ ننڍو شهر ٿي ويو ۽ نئروبي سڏجڻ لڳو، ۽ ڪينيا ملڪ جو نالو ته 1920ع تائين به وجود ۾ نه آيو هو. هي اڄ وارو ڪينيا ۽ يوگنڊا وارو علائقو جيڪو انگريزن جي قبضي هيٺ هو، ”برٽش اِيسٽ آفريڪا“ پروٽريڪٽوريٽ سڏيو ويو ٿي. ان بعد هن حصي جو نالو هتي جي مشهور جبل مائونٽ ڪينيا تان Kenya رکيو ويو.
    ڪينيا ملڪ جي بيهڪ ڏاڍي سٺي هنڌ تي آهي. هندي وڏي سمنڊ سان لڳولڳ خط استوا وٽ آهي. جڏهن انگريزن هن علائقي تي قبضو ڪيو ته هن پاسي اڄ وارن ملڪن جون نه سرحدون هيون نه ملڪن جا نالا. ممباسا، داراسلام ۽ زئنزيبار جهڙا شهر ۽ بندرگاهه پراڻا ۽ آڳاٽا هجڻ ڪري سندن پري پري تائين هاڪ هئي. اڄ جي هن ملڪ ڪينيا جي اتر ۾ اٿوپيا ۽ سوماليا آهي، ڏکڻ ۾ تنزانيا ۽ اولهه ۽ اتر اولهه ۾ يوگنڊا، دنيا جي مشهور ڍنڍ وڪٽوريا ۽ سوڊان آهي.
    پورچوگالي پهريان يورپين هئا، جيڪي اوڀر آفريڪا جي ڪناري تي پهتا. 1498ع ۾ پورچوگالي ناکئو (Navigator) ۽ کوجي (Explorer) پنهنجي سڙهن واري ٻيڙي کي ڪيپ آف گڊ هوپ وارو خوفناڪ سمنڊ ٽپائي آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي مشهور بندرگاه ممباسا ۾ اچي پهتو. هتان پوءِ هو انڊيا آيو ۽ اڳيان چين تائين سمنڊ رستي وڃڻ جي يورپين کي معلومات ٿي. هتي اهو لکندو هلان ته ائين نه آهي ته ڪو يورپين کي انڊيا يا چين وغيره جي خبر نه هئي. مارڪوپولو ته ان کان به اڳ چين پهتو هو ۽ ٻين کي به خبر هئي ۽ هنن جو واپار وڙو به هليو پئي پر اهو سمورو ڪم خشڪي رستي ٿيو ٿي، هو عرب ۽ ايران ملڪن مان ٿيندا، چين هليا ويا ٿي. هنن جو سفر اٺن جي قافلن تي ٿيو ٿي. ڪٿي ڪٿي ايراني نار سمنڊ ۽ بحر احمر جهڙا سمنڊ هنن جهازن رستي ٽپيا ٿي. پر هنن کي اها خبر نه هئي ته ميڊيٽرينين سمنڊ مان جبرالٽر وٽان ٻاهر نڪري جيڪو ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اچجي ٿو، اتان آفريڪا کي ڦيرو ڪرڻ سان آفريڪا جي وچ اوڀر واري ڪناري (ممباسا، دارالسلام، زئنزيبا وغيره) ۾ پهچي سگهجي ٿو. جتان انڊيا جو ڪنارو اوڀر ڏي سڌو ئي سڌو آهي.
    ترڪي جي عثمانيه سلطنت جڏهن يورپين جا ترڪي، ايران، عربستان ۽ مصر وٽ خشڪي جا رستا روڪيا ۽ هنن جي واپار تي بندش هنئي، ته پوءِ يورپين مجبور ٿي پيا ته ڪاراه ڳولجي، نتيجي ۾ پورچوگال ڪامياب ٿيو ۽ آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪري جهازران واسڪوڊاگاما ممباسا پهچي ويو. پورچوگال جي لئه ٿي وئي ۽ ڪئين سالن تائين هنن ممباسا يا اوڀر آفريڪا جي ڪناري جي ٻي ڪنهن بندرگاه تائين پهچڻ جو نقشو راز ۾ رکيو.هي ائين آهي جيئن اڄ ڪلهه مختلف کاڌن ٺاهڻ جا طريقا نه فقط ڪتابن ۽ اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا پر ٽي وي چئنلن تان چوويهه ئي ڪلاڪ ڏيکاريندا رهن ٿا. پر اڄ کان پنجاهه سٺ سال اڳ ڳوٺن جون پوڙهيون ڪنهن کي آچار سنڌڻ يا ٻاجهريءَ جي ماني پچائڻ جي ترڪيب به نه ٻڌائينديون هيون.
    اڄ دنيا جي سڀني سمنڊن جا نقشا آهن، سمنڊ جو هڪ هڪ ميل ماپيل ۽ مئيل آهي. ڪنهن هنڌ ڪو جهاز ٻڏي ٿو ته ان جي به نقشي ۾ نشاندهي ٿيو وڃي ته هن هنڌ تي سمنڊ هيترو اونهو آهي، جتي جهاز ٻڏل آهي. ان ڪري ان مٿان هلندي خيال ڪجو. سڄي سال جا چارٽ ملن ٿا، جن کي المناڪ سڏجي ٿو، ان ۾ اڳواٽ لکيل آهي ته فلاڻي ڏينهن تي فلاڻي وقت تي وير چڙهندي ۽ فلاڻي وقت تي لهندي، جنهن کي ڌيان ۾ رکي جهاز جو رخ موڙيو وڃي ٿو. نقشا به نه رڳو پني جا پر اليڪٽرانڪ ٿي پيا آهن، توهان کي بندرگاه ۾ پهچي دڪان تان نئين نقشي وٺڻ جي ضرورت ناهي. ڪمپيوٽر تي آٽوميٽڪ نيون ڳالهيون ظاهر ٿي وڃن ٿيون. پر واسڪوڊاگاما وارو اهو زمانو هو جڏهن ماڻهن کي خبر ئي نه هئي ته آفريڪا کنڊ ڪٿي ٿو دنگ ٿئي ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪيڏانهن ٿو وڃي. واسڪوڊاگاما جي انڌي واري لٺ هلڻ بعد اسين تصور ڪري سگهون ٿا ته هن جي ڪيڏي لئه ويٺي هوندي ۽ ٻين يورپي ملڪن جا ناکئا سوچ ۾ پئجي ويا هوندا ته هي ڪيئن ٿا انڊيا پهچن! واسڪوڊاگاما اهو راز پنهنجي ملڪ جي بادشاه کي ئي ٻڌايو هوندو ته سائين هتان پورچوگال کان نڪ سامهون ڏکڻ ڏي ويس پوءِ کاٻي پاسي اوڀر ڏي ٻه ٽي ڏينهن هلي پوءِ اتر ڏسي وڌيس ته ممباسا اچي ويو ۽ پوءِ ممباسا کان اوڀر ڏي ويس ته ٻن ٽن هفتن جي سمنڊ بعد ڪوچين (يا ڪاليڪٽ) انڊيا جو ڪنارو اچي ويو. بهرحال اها ڳالهه اڄ جي دور ۾ به ڪا وڏي ڪانه آهي، پر ان وقت جڏهن ڪاٺ جا سڙهه تي هلندڙ ٻيڙا هئا، کاڌي پيتي جا مسئلا هئا، سمنڊن جي خبر نه هئي، سو ٻين يورپي درويشن جو ته ساهه ٿي ويو. جيڪي پنهنجا ٻيڙا آفريڪا کنڊ جي ڇيڙي تائين وٺي به آيا ته اهي ڪيپ آف گڊ هوپ جي خطرناڪ سمنڊ ۾ غرق ٿي ويا ٿي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته ممباسا کي ڪو پروچوگالين ڳولي نه لڌو پر هنن پورچوگال کان ممباسا تائين پهچڻ جو رستو ڳولي لڌو. جيستائين ممباسا بندرگاهه جو سوال آهي ان ۾ ته واسڪوڊاگاما جي پهچڻ کان ٻه صديون اڳ عرب، ايراني، ڪڇي، سنڌي، ملباري ۽ گجراتي وڻجارا پئي آيا ويا، جو هو اتي ئي هندي وڏي سمنڊ جي بندرگاه ۾ هئا ۽ چؤماسي جي هوائن جو ايڏو بهترين سسٽم آهي جو سال جا مهينا مقرر ٿيا پيا هئا ته ڪهڙن مهينن ۾ هوا جو رخ ڪيئن هوندو ۽ ڪيڏانهن وڃڻ کپي.
    واسڪوڊاگاما به ممباسا تائين پنهنجي مڙسي سان پهچي ويو، پر پوءِ به انڊيا جي رستي جي خبر ڪانه ٿي پيس. پوءِ هڪ هندستاني ناکئي جي مدد سان انڊيا جي اولهه واري ڪناري تي پهتو. ان بعد هو اهڙو سياڻو ٿي ويو جو پورچوگال پهچي هڪ ٻئي پويان چڪر هڻندو رهيو. ايتري قدر جو ستن سال اندر، 1505ع ۾ پورچوگال جا جنگي جهاز ڊان فرانسڪو ڊي الميڊا جي ڪمانڊ ۾ آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري وٽ پهچي ويا ۽ هنن مڪاني ماڻهن سان جنگ جوٽي قلوا (Kilwa) فتح ڪيو. قِلوا اڄ واري تنزانيا جي ڏاکڻي حصي ۾ هڪ ٻيٽ آهي.
    هتي ڪجهه سٽون واسڪوڊاگاما (Vasco Da Gama) بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪو پنهنجي ملڪ پورچوگال جو ته هيرو مڃيو وڃي ٿو پر اسان جي ننڍي کنڊ ۽ آفريڪا جي اوڀر وارن ڪنارن تي هڪ ظالم ۽ بدمعاش پڻ سڏيو وڃي ٿو. ايتري قدر جو سائوٿ آفريڪا جي هڪ ميوزيشن ماسيڪيلا جو سامراجن خلاف Anti Colonialist راڳ آهي، جنهن جو عنوان آهي ”واسڪو ڊا گاما – دي سيلر مئن“ جنهن جي هڪ مصرع آهي:
    “Vasco Da Gama was no friend of mine”
    بعد ۾ هن بيٺڪي راڄ خلاف هڪ ٻيو گانو ”Colonial Man“ پڻ ٺاهيو.
    واسڪوڊاگاما جتي پنهنجي ملڪ لاءِ جهاز رانيءَ جون راهون ڳوليون ۽ انڊيا ۽ آفريڪا مان خوب ريشم، سون، عاج ۽ مسالا ڦري پورچوگال کي امير ڪيو ۽ پنهنجن ماڻهن (پورچوگالين) ۾ هيري جو درجو حاصل ڪيو. اتي عرب، انڊين، مسلمان، آفريڪا جا شيدي کيس گاريون به ڏين ٿا، جن جي گهرن کي هن شخص بارود ذريعي باهيون ڏنيون، جن جا بندرگاهن ۾ بيٺل جهاز ساڙيا، ايتريقدر جو هڪ دفعي حاجين جي جهاز جي اچڻ جو ٻڌي واسڪوڊاگاما گجرات وٽ سمنڊ ۾ انتظار ڪرڻ لڳو. مڪي کان جيئن هي ”مِري“ نالي مسافر جهاز هندستان جي ڪناري جي ويجهو پهتو ته هنن پورچوگالين حاجين کي پنهنجين بندوقچين ذريعي ڏهڪاءُ پيدا ڪري، سڀ مال متاع ڦري ورتو. ان بعد سڀني حاجين کي هڪ جهاز جي هڪ فالڪي (گدام) ۾ بند ڪري سڄي جهاز کي تيلي ڏئي ساڙي ڇڏيو.


    پورچوگال کان ممباسا ۽ ڪاليڪٽ

    ڪينيا جي بندرگاه ممباسا ۾ پهچڻ واري پهرين يورپي واسڪوڊاگاما جو واسطو پورچوگال سان هو. هو 1469 ۾ پورچوگال جي ڏاکڻي بندرگاه سائينس (Sines) ۾ نوسا سنيهورا ڪليسا گهر جي ڀر واري گهر ۾ ڄائو جتي اڄ ڪلهه سندس قد آدم مورتي (statue) به نظر اچي ٿي. انهن ڏينهن ۾ هي بندرگاه هڪ ننڍڙو فشنگ وليج (مهاڻن جو ڳوٺ) هو. پاڻ بنيادي تعليم ڀر واري شهر ايوورا (evora) مان حاصل ڪيائين، جتي لڳي ٿو ته هن مئٿس ۽ نيويگيشن به ضرور پڙهي هوندي. ان کان علاوه ڳوٺ جي مهاڻن ۽ ناکئن کان هن تارن جي معلومات (Astronomy) پڻ سکي هوندي جو انهن ڏينهن ۾ رستو ڳولڻ يا سڃاڻڻ جو وڏي ۾ وڏو اوزار ناس جي دٻليءَ جي سائيز جو قطب نما هو، جنهن ۾ گول ڦرندڙ سئي هر وقت اتر طرف اشارو ڪري ٿي. نيويگيشن جو باقي سڄو ڪم تارن جي بيهڪ ۽ چرپر کي جانچڻ سان هليو ٿي. ڪمال جي ڳالهه اها آهي ته اڄ به اسانجا ڪيترائي مهاڻا فقط ۽ فقط تارن کي نظر ۾ رکي دبئي، ايران ۽ ڀوڄ، کنڀاٽ کان وڃيو نڪرن. ڪمزور ٻيڙين ۽ سمنڊ تي لڳندڙ طوفانن ڪري هو توائي ٿيو وڃن، سندن ٻيڙا به ٻڏيو وڃن پر هو نه رستو ۽ نه منزل کان ڀلجن ٿا. ڪراچي جي علائقي ماريپور، يونس آباد، گريڪس ۽ شمس پير تي ڪجهه اهڙن ناکئن سان به آئون مليو آهيان، جيڪي بنا ڪنهن Navigation aids (سمنڊ تي رستو ڳولڻ جي اوزارن) جي فقط تارن جي مدد سان جبوتي ۽ مساوا (سوماليا) کان وڃيو نڪرن. پر هنن کي پنهنجن وڏن يا استادن کان اها ڄاڻ مليل آهي ته ڪهڙو بندرگاه ڪٿي آهي. واسڪوڊا گاما جي ڪيس ۾ هن کي تارن ذريعي رستو ڳولڻ يا پنهنجي پوزيشن معلوم ڪرڻ جو علم ضرور هو پر هن کي پهرين دفعي اهو معلوم نه هو ته ممباسا يا انڊيا ڪٿي آهن. بلڪ هن کي اها به پڪ نه هئي ته ائٽلانٽڪ سمنڊ ذريعي اتي پهچي سگهجي ٿو.
    جنهن ڳوٺ ۾ واسڪوڊاگاما پيدا ٿيو اتي ننڍپڻ کان هن کي ٻيڙيون هلائڻيون پيون ۽ جيئن اسان جا مهاڻا، انڊيا ۽ ايران جي سامونڊي علائقن ۾ به وڃيو نڪرن تيئن پورچوگال، اسپين ۽ فرانس جا مهاڻا به نه فقط هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ وڃي نڪتا ٿي پر وجهه ملڻ تي اتان ڦرلٽ به ڪري آيا ٿي. هي يورپي سڀ هاڻ سڌريا آهن ۽ هڪ ٻئي سان وڙهڻ بند ڪيو اٿن. تن ڏينهن ۾ غربت به اوج تي هئي. ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن مان آندل ڦرجي مال مان يورپي خوشحال ٿيا.
    1492ع م پورچوگال جي سيتوبل بندرگاه ۾ جيڪو لسبان جي ڏکڻ ۾ آهي، ڪجهه فرينچ جهاز داداگيري ڪري اچي بيهي رهيا. ان وقت جي پورچوگالي بادشاه جان ٻئي (Jhon II) واسڪوڊاگاما کي ڪجهه فوج سميت ان بندرگاه ڏي موڪليو ته هو فرانس جا جهاز سوگها ڪري اچي، جيڪو ڪم هن خيرخوبيءَ سان سرانجام ڏنو ۽ سندس واه واه ٿي وئي ته ڊاگاما نه فقط سٺو جهازران آهي پر داداگير به آهي.
    يورپ جي ماڻهن کي اها ڄاڻ پئجي چڪي هئي ته چين، انڊيا، ملايا ۽ ڏور اوڀر پاسي نه فقط مسالا پر ريشم، سون، عاج، هيرا جواهر ۽ ٻيو قيمتي مال آهي. ٻي ڳالهه ته مال ته گهڻو ئي آهي پر هو ٽيڪنيڪلي هوشيار نه آهن نه اٿن بم بارود نه ماڊرن جهاز- جهڙا يورپين ٺاهي ورتا هئا. هاڻ هو ان چڪر ۾ هئا ته انڊيا ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ پهچڻ جو سامونڊي رستو ڳولجي ته آيا آهي به يا نه ۽ جي آهي ته ڪٿان ڪٿان ڦري وڃجي. ظاهر آهي انهن ڏينهن ۾ اڄ وارا نقشا يا ائٽلس ڪٿي هئا، جن کي ڏسي ٻار به ٻڌائي سگهي ٿو ته فلاڻي ملڪ ۾ پهچڻ لاءِ سامونڊي رستو آهي يا نه؟ ۽ جي آهي ته ڪيئن پهچي سگهجي ٿو. نه وري تن ڏينهن ۾ هوائي جهاز يا سئٽلائيٽ هئا جن ذريعي خبر پئجي سگهي ته دنيا جي گولي تي سمنڊ ڪٿي ڪٿي آهي ۽ ڌرتي ڪٿي آهي.
    انڊيا واري ڪامياب سفر کان اڳ واري سفر ۾ واسڪوڊاگاما سمنڊ تي مهينو کن رهڻ بعد موٽي ويو سندس 120 ماڻهن مان 50 کن به ڪي مس بچيا.
    ان بعد 8 جولاءِ 1497ع تي واسڪوڊاگاما چئن جهازن جو ٻيڙو وٺي لسبن (پورچوگال) کان روانو ٿيو. ڏٺو وڃي ته انهن ڏينهن جي جهازن ۾ سفر ڪرڻ جنهن ۾ نه کاڌي جو سامان نه پاڻي جو بندوبست رهيو ٿي خودڪشي ڪرڻ برابر هو. واسڪوڊاگاما جيڪي چار جهاز پاڻ سان کڻي هيڏي وڏي سفر تي هليو هو، ان جون ماپون ۽ وزن موجود آهن. اڄ جا ڪل تي هلندڙ لوهي جهاز جن کي اسان ننڍو سمجهون ٿا اهي به 600 فٽ کن ڊگها ٿين ٿا ۽ گهٽ ۾ گهٽ ويهه پنجويهه هزار ٽن وزن کڻن ٿا ۽ وڏا جهاز ته هڪ لک ۽ ان کان به مٿي ٽنن جا جهاز آهن. ان جي مقابلي ۾ واسڪوڊاگاما جي چئن جهازن کي ڏٺو وڃي ته ان ۾ سڀ ۾ وڏو جهاز ‘Sao Gabrial’ جيڪو واسڪوڊاگاما پاڻ ٿي هلايو، فقط 178 ٽن جو هو، جنهن جي ڊيگهه 90 فٽ مس هئي! ائٽلانٽڪ يا هندي وڏي سمنڊ ۾ جڏهن موسم خراب رهي ٿي يا ڪيپ آف گڊ هوپ وٽ اسان جي اڄ جي لوهي جهازن جي به حالت اها هوندي آهي جو چيچاٽ پيا ڪندا آهن، ڄڻ ته اجهو ٿا وچ تان اڌ ٿين ۽ رکي رکي وڏي ڇول تي ائين مٿي کڄي وڃڻ بعد هيٺ اچي ڦهڪو ڪندا آهن، جو ڄڻ آنڊا ٿا ٻاهر نڪرن. هر هڪ Seasickness جي اثر هيٺ هوندو آهي، جيسين ان علائقي مان ڏينهن اڌ بعد جهاز گذري وڃي. اڄ جا جهاز انجڻ جي ڪري هلن به تکو ٿا، پر انهن ڏينهن جي سڙهن وارن جهازن جو سوچجي ته ڇا حال هوندو! جتي جهاز هلائيندڙن کي سڄي ڏينهن ۾ مانيءَ جو هڪ ويلو به مس ٿي نصيب ٿيو ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي هروقت اڻاٺ رهي ٿي. سندن جهاز انجڻ بدران سڙهن جي زور تي هليا ٿي جيڪي هوا جا پابند هئا. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته؛ واسڪوڊاگاما جڏهن ممباسا کان انڊيا لاءِ نڪتو هو ته کيس هندستان جي هڪ گجراتيءَ صحيح وقت تي ممباسا جي ڀرواري بندرگاه مالنديءَ مان ٻاهر ڪڍيو ۽ هو 23 ڏينهن بعد انڊيا جي بندرگاه ڪاليڪٽ ۾ اچي پهتو. واپسي تي هو چؤماسي ‘Monsoon’ جي هوائن کي ڌيان ۾ رکڻ بنا تڙ تڪڙ ۾ ڪالڪيٽ کان روانو ٿيو نتيجو اهو ٿيو جو مالندي کان ڪالڪيٽ جو 23 ڏينهن جو سفر ڪاليڪٽ کان واپس مالندي پهچڻ لاءِ 132 ڏينهن ۾ پورو ٿيو. يعني هنن کي ساڍا چار مهينا سمنڊ تي گذارڻا پيا. هن سفر ۾ واسڪوڊاگاما جي 170 ماڻهن مان 90 کن ماڻهو رستي تي مري ويا هئا ۽ باقي جيڪي بچيا. انهن مان به ڪيترا هڏن ۽ چمڙي جي بيماري ۾ مبتلا ٿي پيا جيڪا بيماري سمنڊ تي صحيح غذا نه ملڻ ڪري اڄ به عام آهي.
    واسڪوڊاگاما جي جهاز کان علاوه باقي جيڪي 3 جهاز هئا انهن مان ٻه ته اڃان به ننڍا هئا. انهن ٻن ننڍن جهازن مان هڪ کي سيڌي سامان سان ڀريو هئائون جيڪو جهاز ڪيپ آف گڊ هوپ ته ٽپي ويو پر ان بعد اوڀر آفريڪا ڪناري وٽ خليج سائو براس (Sao Bras) پهچي ناکئن سميت ٻڏي ويو.
    يورپ ڇڏڻ وقت ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڪيپ وردي نالي ٻيٽ آهن. جن تي اڄ تائين پورچوگالين جو قبضو آهي. يورپ کان آمريڪا ويندي اسان به هڪ ٻه دفعو ڪيپ وردي ٻيٽ تي جهاز لنگر انداز ڪري جهاز ۽ خلاصين لاءِ تيل ۽ سيڌو سامان ورتو هو. واسڪوڊاگاما جي ڏينهن ۾ به اها روٽ عام هئي، يعني يورپ ڇڏڻ بعد ڪيپ وردي ٻيٽ تي ساهي پٽي پوءِ آفريڪا جي اولهه واري ڪناري تي جهاز آيا ٿي. واسڪو ڊاگاما هن ٻيٽ کان پوءِ آفريڪا جي اڄ واري ملڪ سيراليون تائين ڪنارو ڏئي آيو، پوءِ هن ڏکڻ ڏي سڌو رخ ڪيو ۽ سڄا سارا ٽي مهينا، هو کُلئي سمنڊ ۾ اٽڪل 6000 ميلن کان مٿي جو سفر ڪري پوءِ ڪيپ آف گڊ هوپ تي مڙيو ۽ ڪناري جي ڀرسان جتي هنن 25 ڊسمبر وارو ڪرسمس ڊي ملهايو، ان هنڌ جو نالو ناتال رکيائون. سائوٿ آفريڪا جو اڄ وارو ناتال شهر اهو ئي آهي.
    ڪيپ آف گڊ هوپ لتاڙڻ بعد، هو آفريڪا جو اوڀر وارو ڪنارو وٺي اتر ڏي وڌڻ لڳا. موزمبق ملڪ جيڪو پوءِ پورچوگال جي ڪالوني ٿي رهيو ان وقت ان جو حاڪم مسلمان سلطان هو. واسڪوڊاگاما کي اها ڄاڻ هئي ته آفريڪا جي هن ڪناري وارن بندرگاهن ۾ عربن جو وڏو اثر آهي. هن کي اهو ڊپ هو ته متان هتي جا مڪاني ماڻهو عيسائين جي خلاف هجن، سو واسڪو ڊاگاما پاڻ کي مسلمان ظاهر ڪيو ۽ موزمبق جي سلطان سان ملاقاتون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. پر سگهو ئي مڪاني ماڻهو هنن جي مختلف حرڪتن ڪري شڪي ٿي پيا. جيئن لارينس آف عربيا (رچرڊ برٽن) هڪ مسلمان ٿي حاجين سان گڏ پئي هليو. ڪنهن کي به هن تي شڪ نه هو ته هو ڪو عيسائي آهي، پوءِ هڪ ڏينهن هو مڪي شهر ۾ جبي ۾ بيهي پيشاب ڪري رهيو هو ته پري کان هڪ ٻار ڏسي دانهون ڪيون ۽ ٻين جي به هن تي نظر پئجي وئي. اهڙي طرح واسڪو ڊاگاما به ڪن ڳالهين ۾ ظاهر ٿي پيو، جيڪي اسلام يا عرب ڪلچر کان مختلف هيون. پوءِ ته مڇريل ماڻهن هن کي موزمبق مان ڀڄائي ڪڍيو. بندرگاه ڇڏڻ وقت ماڻهن کي ڊيڄارڻ خاطر هن شهر ڏي توبن ذريعي ڪيترائي گولا وسايا.
    موزمبق مان نڪرڻ کان پوءِ واسڪوڊاگاما پنهنجن ٽن جهازن سان گڏ (چوٿون جهاز جنهن ۾ سيڌو سامان هو، اهو ته ٻڏي چڪو هو) اڄ واري ڪينيا ملڪ جي ڪناري جي ويجهو اچي لنگر انداز ٿيو ۽ قذاقن وارا ڪم ڪرڻ لڳو. يعني عرب سوداگرن جا ٻيڙا جيڪي ممباسا ۽ زئنزيبار ڏي آيا ٿي ۽ جيڪي بنا هٿيارن جي هئا انهن کي هنن پنهنجي Cannons (توبن) ذريعي ڊيڄاري، ڌمڪائي لٽ مار ڪئي ۽ پنهنجاز جهاز ڀريا. ان بعد چڱا مڙس ٿي ممباسا بندرگاهه ۾ داخل ٿيا پر ماڻهن جي پاڻ لاءِ نفرت محسوس ڪري اتان ڀڄي نڪتا ۽ پوءِ ڪجهه مٿي اتر ۾ مالندي بندرگاه ۾ اچي لنگر ڪيرايو جتي هنن جو دوستاڻو آڌرڀاءُ ڪيو ويو جو هن بندرگاه مالندي جا وڏيرا ۽ سردار ممباسا جي چڱن مڙسن سان وڙهيل هئا ۽ ان قسم جون حالتون يورپي ڦورن کي وڻيون ٿي جو هنن گهر جي جهيڙي ۾ ٽپي هڪ ڌر جو پاسو کڻي فائدو حاصل ڪيو ٿي. بهرحال مالندي (Malindi) بندرگاهه ۾ رهي واسڪوڊاگاما هڪ سونهون ناکئو هٿ ڪيو جنهن کي هندي سمنڊ ۽ ان تي لڳندڙ هوائن جي ڄاڻ هئي. ڪي ٿا چون ته هي عرب نيويگيٽر ابن مجيد هو ته ڪن جو چوڻ آهي ته اهو گجراتي مسلمان هو، جنهن واسڪوڊاگاما جي رهنمائي ڪئي ۽ انڊيا جي بندرگاهه ڪاليڪٽ وٺي آيس. ڪاليڪٽ جو انهن ڏينهن ۾ زمورين نالي حاڪم هو. پورچوگالين چاهيو ٿي ته هنن کي گجرات ۾ واپار جي اجازت ملي پر مڪاني ماڻهن ۽ عرب سوداگرن سخت مخالفت ڪئي. واسڪوڊاگاما پنهنجا ڪجهه ماڻهو ڇڏي وطن وريو. 8 جولاءِ 1497ع تي هو پنهنجي ملڪ جي لسبن بندرگاه کان نڪتو هو ۽ آگسٽ 1499ع ۾ پورن ٻن سالن بعد وطن پهتو. ان بعد 12 فيبروري 1502ع تي هو وري ٻي سفر تي نڪتو پر ان کان اڳ پورچوگال جي هڪ ٻئي ناکئي پيڊرو ڪابرال کي ان روٽ تي انڊيا موڪليو ويو. هي اهو نيويگيٽر آهي جنهن اڳتي هلي برازيل ڳوليو. ڪابرال انڊيا پهتو ته خبر پيس ته سندس هم وطني جن کي واسڪوڊاگاما ڪاليڪٽ ڇڏي ويو هو، انهن کي مڪاني ماڻهن قتل ڪري ڇڏيو آهي. مڪاني ماڻهن جي پاڻ لاءِ مخالفت ڏسي هن ڪاليڪٽ شهر تي سخت بمباري ڪئي. ان بعد ڪوچين آيو جتي هن جو وڏي مان شان سان آڌر ڀاءُ ڪيو ويو ۽ انڊيا ڇڏڻ وقت سندس جهاز کي سلڪ، ريشم ۽ سون سان ڀريو ويو. ان بعد جڏهن واسڪوڊاگاما ٻئي سفر تي آيو ته پاڻ سان جنگي جهاز وٺي آيو ۽ اوڀر آفريڪا وارو بندرگاه قلوا جيڪو عربن جي هٿ ۾ هو ان تي حملو ڪري پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. ان بعد انڊيا جي بندرگاه ڪاليڪٽ ۾ بيٺل 29 جهاز تباه ڪيا ۽ ڪاليڪٽ جي حاڪم زمورين واسڪوڊاگاما کي واپاري سهولتن جي نالي ۾ هر شيءِ لکت ۾ ڏئي ڇڏي ۽ هو خوش ٿي پورچوگال موٽيو. ان بعد هو جڏهن ٽي سفر ۾ ڪاليڪٽ آيو ته 1524ع ۾ مليريا وگهي مري ويو ۽ کيس انڊيا جي شهر ڪوچي ۾ سينٽ فرانسز چرچ ۾ دفن ڪيو ويو. بعد ۾ 1539ع ۾ هن جا هڏا ڪڍي سون ۽ هيرن سان جڙيل پيتيءَ ۾ رکي پورچوگال موڪليا ويا جتي لسبن ۾ دفن ڪيا ويا اُن مٿان سندس وڏو مقبرو ٺهيل آهي.
    واسڪوڊاگاما ۽ سندس زال ڪاٽرينا کي ڇهه پٽ ۽ هڪ ڌيءُ هئي جن مان هڪ پٽ Estevao انڊيا جو يارهون گورنر 1540ع کان 1542ع تائين ٿيو. هڪ پٽ ”ال وارو“ ملاڪا (ملايا) جو ڪئپٽن به ٿيو. ياد رهي ته ملاڪا (ملايا) تي پهرين پورچوگالين قبضو ڪيو، ان بعد ڊچ آيا ۽ پوءِ اهي پَٽَ انگريزن حوالي ٿيا. بهرحال ڏٺو وڃي ته پورچوگال کي طاقتور ۽ امير بنائڻ ۾ واسڪوڊاگاما جو وڏو هٿ رهيو. اهو ئي سبب آهي جو پورچوگالي هن کي وڏو پير ٿا سمجهن. انڊيا جي رياست گوا جيڪا انڊيا جي آزاديءَ تائين به پورچوگال جو حصو سمجهي وئي ٿي ان جي هڪ بندرگاه جو نالو اڄ به ”واسڪوڊاگاما“ آهي. چنڊ تي هڪ گهِٻ Crater جو نالو به واسڪوڊاگاما آهي. برازيل ۾ ٽي فٽ بال ڪلب اهڙا آهن جن جو نالو واسڪوڊاگاما آهي. ڏکڻ هندستان جي ڪيرالا صوبي جي هڪ شهر ڪوچيءَ ۾ هڪ ڪليسا گهر جو نالو پڻ واسڪوڊاگاما آهي. ڪيپ ٽائون شهر جي هڪ ٻهراڙيءَ واري علائقي جو نالو پڻ واسڪوڊاگاما آهي. پورچوگال جي گاديءَ واري شهر لسبن ۾ ته ڪيترن رستن ۽ چوواٽن جي نالن کان علاوه هڪ پل ۽ هڪ ٽاور نما بلڊنگ جو نالو هن نيويگيٽر مٿان رکيل آهي.


    ڪينيا جي مختصر تاريخ

    آفريڪا جي هن خوبصورت، ماڊرن، يونيورسٽين واري ۽ ممباسا جهڙي تاريخي ۽ جهوني بندرگاهه واري ملڪ ڪينيا (Kenya) جي تارخ ڏي نظر وجهبي ته ڪا خاص پراڻي نظر نه ايندي. عربن (خاص ڪري عمان وارن)، ايرانين ۽ ننڍي کنڊ جي گجراتي، سنڌي، آغا خاني، ڪڇي ميمڻ ۽ بوهري سوداگرن جي، هِن طرف (يعني آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري ڏي) ۽ هوڏانهن عربستان ڏي هڪ ٻن صدين کان اچ وڃ لڳل هئي، جو اهي سڀ هندي سمنڊ جي ڪناري تي رهيا ٿي. هنن علائقن جا ماڻهو چؤماسي جي هوائن کان به واقف هئا، سو انهن جو فائدو وٺي سال جي مقرر وقتن ۾ هڪ کان ٻئي هنڌ آيا ويا پيا. انجڻيون ته گهڻو گهڻو پوءِ، سمجهو ته هاڻ ڏيڍ صدي کن اڳ ۾ ايجاد ٿيون، نه ته دنيا جا جهاز صدين کان سڙهن ذريعي سمنڊن تي هليا ٿي. سڙهه ڪپڙي جون وڏيون بئرکون ٿين جن کي هوا لڳڻ تي جهاز کي اڳيان ڌڪين ٿيون. بهرحال هي سڀ وڻجارا هئا. هنن جو وڻج واپار سان واسطو هو ۽ هنن جي موجودگي فقط ڪناري وارن شهرن تائين محدود هئي. ڪوچين، کمڀاٽ، دوارڪا، ديبل (ٺٽي) کان سامان کڻي ممباسا، مَلنڊي، زئنزيبار دارالسلام وغيره آيا ٿي ۽ پوءِ اتان ئي ٻيو مال وٺي موٽيا ٿي. هو اندروني انڊيا يا اندروني آفريڪا ۾ نٿي ويا. ٻي ڳالهه ته ان دور تائين انڊيا جا پٺاڻ، سک يا پنجابي (هندو ۽ مسلمان) آفريڪا جي هنن پٽن ۾ نه پهتا هئا. اهي، گهڻو گهڻو پوءِ 1899 ڌاري، جڏهن انگريزن ممباسا کان ڪمپالا تائين ريل پٽڙي وڇائڻ جو ڪم شروع ڪيو، ته هنن انڊيا کان اهي ماڻهو گهرايا جيڪي اندروني آفريڪا ۾ ڪم ڪرڻ لڳا ۽ انهن مان ڪجهه اتي ئي Settle ٿي ويا نه ته شروع جي دور وارا گجراتي، عرب، آغاخاني ۽ سنڌي وغيره آفريڪا ۾ رهيا ٿي ته به ڪناري وارن شهرن ۾.
    آفريڪا جي اولهه واري ڪناري تي جتي موراڪو، سينيگال ۽ موريطانيا جهڙا ملڪ آهن اتي يورپي ماڻهو گهڻو اڳ پهچي ويا هئا جو اهي ملڪ فرانس، اسپين ۽ پورچوگال کان ويجها هئا پر آفريڪا جي اسان واري پاسي يعني اوڀر واري ڪناري تي پهريان يورپي جيڪي پورچوگالي هئا، 1498ع ۾ پهتا ۽ کين اهو رستو ڏيکارڻ وارو واسڪو ڊاگاما هو. پورچوگالين وٺ پڪڙ ڪري آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري تي ٻن ٽن هنڌن تي پنهنجو قبضو ڄمايو. پوءِ ته هو ڄڻ علائقي جا داداگير ٿي پيا. جيڪو جهاز هيڏانهن هوڏانهن ويندو ڏسن ته هن کان زبردستي ڀتو وٺن، انڪار ڪرڻ تي سندن جنگي جهازن هن تجارتي جهاز تي بارود جو وسڪارو ڪري ٻوڙي ڇڏيو ٿي. 1593ع ۾ هنن پورچوگالين ممباسا ۾ فورٽ جيسز نالي هڪ قلعو ٺاهي پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪئي. ساڳي وقت يورپ جون ٻيون قومون به هڻي ڌڻي ڪيپ آف گڊ هوپ اڪري هندي وڏي سمنڊ ۾ اچي پهتيون ۽ هنن نٿي چاهيو ته پورچوگالي اڪيلي سر موج مزا ڪن. ان ڪري ڊچ ۽ انگريز، هنن جا پَرَ ڪٽڻ لڳا. ساڳي وقت عمان جا عرب ۽ بلوچ، جيڪي هنن يورپين کان گهڻو اڳ کان آفريڪا ۾ موجود هئا، پورچوگالين جي مخالفت ڪرڻ لڳا. هو پورچوگالين جي ٺهيل قلعن تي قبضو ڪرڻ ۽ سندن جنگي جهاز تباهه ڪرڻ ۾ چڱو ڪامياب ثابت ٿيا. پورچوگالين جي تاريخ رهي آهي ته هو جتي به رهيا آهن، ته اتي هنن مڪاني ماڻهن کي عيسائي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پوءِ اهو چاهي گوا هجي يا ملاڪا، موزمبق هجي يا لئانڊا، مڪائو هجي يا برازيل. هتي آفريڪا جي اوڀر ڪناري تي به ديرو ڄمائڻ بعد هو مڪاني آفريڪي ڪارن ۽ ايشيا جي ماڻهن کي عيسائي بنائڻ لڳا. سندن چيو نه مڃڻ وارن تي ظلم ڪيا ويا. جڏهن ظلم وڌي ويا ته مڪاني ماڻهن مسقط (عمان) جي ان وقت جي سلطان امام سيف بن سلطان اليروبي کان مدد حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ وفد موڪليو.
    سلطان سڄو احوال ٻڌي ممباسا ۽ ان جي اوس پاس جي شهرن جو جائزو وٺڻ لاءِ پنهنجو هڪ خاص ماڻهو موڪليو. ان شخص جو نالو مير شهداد هو ۽ هي بلوچ هو. مير شهداد پهرين ميلنڊي آيو ۽ پوءِ ممباسا پهتو ۽ پورچوگالين بابت لڪ ڇپ ۾ معلومات حاصل ڪرڻ لڳو. مَلنڊي (Malindi) ممباسا کان 70 کن ميلن جي فاصلي تي اتر ۾ هڪ بندرگاه آهي ۽ اڄ ڪلهه ڪينيا ۾ اچي ٿو. ان وقت هي بندرگاهه به ممباسا جي ٽَڪر جو هو. ميلنڊي اڄڪلهه ٽوئرزم جي ڪري به مشهور آهي، جتي ان وقت جي جامع مسجد، گرجا گهر (Church) ۽ 1498ع ۾ واسڪو ڊاگاما جو اڀو بيهاريل ٿنڀو Coral Pillar اڄ به موجود آهي. بهرحال مير شهداد هنن شهرن ۾ پورچوگالين جي جاسوسي قائم رکي. پورچوگالين کي هن ۾ شڪ پئجي ويو ۽ کيس گرفتار ڪري ورتو. هو ڪجهه عرصو قيد ۾ رهيو. ان بعد اتان ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ عمان پهچي سلطان کي سڄو احوال ٻڌايو ۽ پورچوگالين جي فوجي قوت ۽ انهن جي ڪمزورين کان آگاهه ڪيو. نتيجي ۾ سلطان جي فوجين مير شهداد جي سربراهيءَ ۾ ممباسا جي قلعي (فورٽ جيسس) جو گهيراءُ ڪيو ۽ اڍائي سالن جي محاصري بعد سن 1689ع ۾ ان قلعي تي قبضو ڪري ورتو. سلطان آف عمان مير شهداد جي بهادريءَ ۽ وفاداريءَ مان متاثر ٿي پنهنجي ڀيڻ جي شادي هن سان ڪرائي. ان کان پوءِ مختلف جنگي مهمن ۾ بلوچ سپاهي سلطان جي فوج سان گڏ ايسٽ آفريڪا جي ڪناري تي ايندا رهيا. اڄ جيڪي بلوچن جا پاڙا، نئروبي ۽ ممباسا شهرن ۾ نظر اچن ٿا، اهي ان وقت جي ٽِڪيل (Settled) بلوچن جو اولاد آهن. بهرحال گهڻي ڀاڱي ۾ بلوچ مستقل طور آفريڪا ۾ ان وقت آباد ٿيا، جڏهن اوڻهين صديءَ جي آخري اڌ ۾ عمان جي بوسعيدي حاڪمن پنهنجي گادي مسقط کان زنئزيبار منتقل ڪئي. ان وقت ممباسا جي بندرگاه ۾ جنهن هنڌ تي بلوچ اچي رهيا، اهو علائقو آهي جتي اڄ ڪلهه آغا خان اسپتال ۽ گرلز اسڪول آهي. ممباسا ۾ ته اڄ به ايترا ته بلوچ آهن جو هڪ گهٽيءَ جو نالو بلوچي اسٽريٽ آهي. ممباسا ۾ بلوچن جون ٻه مسجدون به آهن جن جا نالا مبارڪ مسجد ۽ بلوچي مسجد آهن.
    بهرحال بلوچن ۽ مڪاني ماڻهن پورچوگالين جي ايڏي ته مخالفت ڪئي جو هنن کي ڪينيا ۽ تنزانيا وارا ڪنارا 1730ع تائين ڇڏڻا پيا. هونءَ به پورچوگيز سلطنت جي مسالن جي تجارت (Spice Trade) ۾ دلچسپي نه رهي جو ان ۾ هاڻ ڪو خاص فائدو نه رهيو هو. هنن جي حڪومت فقط موزمبق تائين محدود وڃي رهي جيڪو 1975ع تائين هنن جي هٿ ۾ رهيو.
    سامونڊي زندگيءَ ۾ اسان جو موزمبق جي ٻن بندرگاهن، لارينزو مارڪس ۽ بيرا ۾ پورچوگالين جي حڪومت دوران هڪ ٻه دفعو ۽ هڪ ٻه دفعو پوءِ وڃڻ ٿيو، جنهن جو تفصيلي احوال انهن ڏينهن جي سفرنامن ۾ لکندو رهيس. لارينزو مارڪس پورچوگالي نالو آهي، جيڪو شهر اڄڪلهه موپوتو جي نالي سان سڏجي ٿو، جيئن اسان وٽ لائل پور، مونٽگمري، جيمس آباد جهڙن شهرن جا انگريزن جا رکيل نالا بدلجي چڪا آهن.
    پورچوگالين جي ٿڌي ٿيڻ تي ممباسا، زئنزيبار، مَلنڊي، دارالسلام وارن شهرن ۽ اوس پاسي تي، عماني سلطانن جو راڄ هلڻ لڳو. پهرين هنن جي دلچسپي فقط ڪناري وارن شهرن يعني بندرگاهن سان ڳنڍيل هئي. پر پوءِ لونگن جي پوک ۽ شيدي غلامن جي وڪري مان ملندڙ وڏي ناڻي ۽ 1839ع ۾ عمان جي گادي مسقط مان زئنزيبار شفٽ ڪرڻ بعد هنن پنهنجي طاقت کي اندروني آفريڪا ۾ پڻ وڌائڻ ۽ قائم رکڻ شروع ڪيو. اوڻهين صدي جي اڌ بعد آهستي آهستي انگريز، جن جو راڄ انڊيا مٿان ته قائم ٿي چڪو هو، آفريڪا جي هن ڪناري وارن بندرگاهن ۾ به دلچسپي وٺڻ لڳا ۽ عماني عربن جي هر معاملي ۾ ٽنگ اٽڪائڻ لڳا. اوڻهين صديءَ جي آخري سالن ۾ انگريزن، آفريڪي غلامن جي چرپر ۽ وڪري تي بندش هنئي. عماني عرب ڪُڇي نه سگهيا جو انگريزن وٽ طاقتور جنگي جهاز هئا. سمنڊ تي هلندڙ هر ملڪ جي جهاز کي انگريزن جو حڪم مڃڻو پيو ٿي. آخرڪار آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري تي ڪينيا ۽ يوگنڊا واري علائقي تي انگريزن جو ئي راڄ هلڻ لڳو. عماني عربن جو داٻو فقط زئنزيبار ۽ پيمبا ٻيٽ تي وڃي رهيو، جيڪو 1964ع واري انقلاب بعد اهو پڻ ختم ٿي ويو. بهرحال عماني عربن جي اولاد جو اڄ به ڪينيا جي ڪناري وارن شهرن ۾ وڏو سياسي اثر آهي ۽ اهي امير ترين ماڻهو سمجهيا وڃن ٿا. 1885ع ۾ زئنزيبار تي پهرين جرمنن جو قبضو ٿيو، پر پوءِ سگهو ئي انگريزن جي اثر هيٺ رهيو. انگريزن انڊيا ۽ ملايا وانگر آفريڪا ۾ به ريل گاڏي هلائڻ چاهي ٿي جنهن جو ڪم 1899ع ۾ ممباسا کان ڪمپالا تائين شروع ڪيو ويو.


    آدمخورن جي شهر ۾. . .

    انگريزن جي ريل گاڏي هلائڻ تي ڪينيا ۽ يوگنڊا جي ڪيترن ئي قبيلن خاص ڪري ناندي قبيلي احتجاج ڪيو. هڪ ته ريل جا پٽا جهنگ ۽ هنن جي وستين مان گذريا ٿي ۽ انهن پٽن ۽ ريل گاڏين لاءِ مڪاني ماڻهن کي عجيب خوف، وسوسا ۽ شڪ شبها هئا ته ريل گاڏي جي وجود سان سندن تباهي اچي ويندي. هنن قبيلن لڳاتار ڏهه سال کن 1895ع کان 1905ع تائين سخت مظاهرا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي، پر انگريزن هر صورت ۾ ريلوي لائين وڇائي ريل گاڏي هلائي پوءِ ساهه پٽيو. ريل جي ڪم لاءِ انگريز حاڪم ننڍي کنڊ مان مستري ۽ پورهيت گهرائيندو رهيو ۽ جتي هنن کي سٺي پگهار جي آفر ڏني وئي ٿي، اتي هنن لاءِ آفريڪا ۾ ڪيترائي خطرا به لاحق هئا. هن ريلوي لائين جي تياريءَ ۾ اڌ کن ننڍي کنڊ جا سک، پنجابي، پٺاڻ ۽ مڪاني ورڪر موت جو شڪار ٿيا، جن مان گهڻا مليريا، سؤ پيرين نانگ بلائن، وڇن جي ڏنگن وگهي مري ويا. ڪجهه ته جنگلي جانورن جو به کاڄ ٿيا. هيءَ ان دور جي ڳالهه آهي جڏهن ريلوي لائين جو ڪم ساوو (Tsavo) وٽ هلي رهيو هو ته ڪيترا سک توڙي مڪاني شيدي ورڪر اتي جي ٻن آدمخور شينهن جي حملن جو شڪار رهيا. هي ٻه شينهن دنيا ۾ Tsavo Maneaters جي نالي سان مشهور آهن. هنن جي مرڻ بعد هنن جي کلن ۾ بهه ڀري اصلي وانگر ٺاهيا ويا، جيڪي هاڻ شڪاگو فيلڊ ميوزيم ۾ رکيل آهن. نئروبيءَ کان ممباسا، باءِ روڊ ويندي سلطان همود، ڪب ويزي (Kibwezi) ۽ انديئي شهرن بعد هي Tsavo شهر اچي ٿو، جنهن جي نالي اِهي آدمخور شينهن دنيا ۾ مشهور آهن. اڄ جي هن ماڊرن ۽ سهڻي شهر ۾ ريلوي اسٽيشن جي هڪ ايئر ڪنڊيشنڊ ريسٽورنٽ ۾ چانهه پيئندي آئون هڪ صدي اڳ جو زمانو سوچيندو رهيس، جڏهن اسان جي کنڊ جا غريب سک، پنجابي ۽ پٺاڻ پنهنجون زالون ۽ معصوم ٻچا پٺيان ڇڏي روزگار لاءِ هتي جي سخت گرمي ۽ جيتن ۽ نانگ بلائن سان ڀريل جهنگ ۾ اچي ڪم ڪيو ٿي ۽ سندن گهر ڀاتين کي سندن ۽ سندن ڪمايل ناڻي جي پهچ بدران سندن موت جي خبر ملي ٿي. امرتسر ۽ پشاور ۾ رهندڙ ماڻهن، مڇرن ۽ مليريا جو ته سوچي سگهيو ٿي پر هنن کي ڪهڙي خبر ته هنن جا پيارا جنهن ڌرتيءَ تي ڪم ڪن ٿا اتي اهڙا به شينهن آهن، جيڪي هرڻ، ٻڪري يا ٻئي ڪنهن جانور کي مارڻ بدران ستل انسانن کي گهلي وڃن ٿا.
    ڪينيا جي هن روهڙي ۽ ڪوٽڙي جهڙي شهر جو نالو Tsavo نديءَ تان پيو آهي، جيڪا هن شهر مان لنگهي ٿي. درياه اڪرڻ لاءِ هن مٿان پل ٺهيل آهي، جيڪا 1898ع ۾ ريلوي جي هلندڙ ڪم دوران ٺهرائي وئي هئي. هن پل ٺهرائڻ جو پروجيڪٽ برطانيا جي آرمي جي هڪ ڪرنل جان هينري پئٽرسن حوالي هو. هن شهر Tsavo سان وابسته اُنهن آدم خور شينهن جي مون کي به خبر نه پوي ها ته اهي ڪي اهڙا مشهور آهن، پر ڪينيا اچڻ کان فقط مهينو ٻه اڳ مون کي مٿين ڪرنل پئٽرسن جي ڪتاب “The Man-Eaters of Tsavo” جا ڪجهه چئپٽر پڙهڻ جو موقعو مليو ۽ هڪ فلم ”دي گهوسٽ ائنڊ دي ڊارڪ نيس“ ڏٺم جيڪا ساوو جي آدمخور شينهن بابت آهي، هيءَ فلم 1996ع جي آهي، ساوو (Tsavo) جي هنن ٻن آدمخور شينهن بابت هڪ ٻي بيحد پراڻي فلم، Bawana Devil جي نالي سان پڻ آهي. جيڪا 1952ع ۾ ٺهي هئي. ساوو جي بس اسٽاپ تي هڪ بڪ اسٽال واري ٻڌايو ته ان فلم جي سي ڊي نئروبي ۽ ممباسا جي وڊيو دڪانن تان ملي وڃي ٿي.
    انگريز آفريڪا ۾ اڄ کان 110 سال کن اڳ ممباسا بندرگاه کان ڪمپالا (اڄ جي يوگنڊا جي گاديءَ جي شهر) تائين جيڪا ريل جي لائين وڇرائي رهيا هئا ان لائين کي ساوو (Tsavo) نالي ڳوٺ وٽان به لنگهڻو هو. جتي اها لائين شهر مان لنگهندڙ درياه تي پل ٺاهي، ان مٿان ٽپائڻي هئي. هي شهر (ويندي نئروبي) اڄ ههڙا ماڊرن ٿا لڳن نه ته ان وقت سواءِ ممباسا ۽ ملينڊي جي ٻيا سڀ ڳوٺڙا هئا ۽ چوڌاري سخت گهاٽو جهنگ ۽ جانور هئا. رات جي وقت ڪو به اڪيلو پنهنجي ڪئمپ کان پري وڃي نٿي سگهيو. جهنگ جا جانور جڏهن ڪنهن کي اڪيلو ڏسن ٿا ته ان تي ته حملو ڪن ٿا پر ٽولن ۾ ويٺلن جي ويجهو ويندي ڊڄن ٿا. ٻي ڳالهه ته ڪو به جانور پاڻ تي حملو ٿيندو ڏسي، يا خوف جي صورت ۾ انسان ذات تي حملو ڪري ٿو. نه ته عام حالتن ۾ هو ننڍن جانورن کي کائي پيٽ گذر ڪن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن اهڙا جانور به پيدا ٿين ٿا، خاص ڪري شينهن ۽ چيتا وغيره، جن جي زبان انساني رت تي هريو وڃي ۽ اهي ٻي شڪار جي هوندي به هر وقت انسان جي ڳولا ۾ رهن ٿا.
    ساوو (Tsavo) جي هنن ٻن نر آدمخور شينهن وڏي عرصي کان مڪاني شيدين کي پئي کاڌو ۽ هي شينهن مڪاني ماڻهن جي وٺ پڪڙ کان زور هئا. 1898ع ۾ جڏهن انگريزن ”ممباسا ڪمپالا ريلوي لائين“ جي سلسلي ۾ ساوو نديءَ تي ڪم شروع ڪيو ته سڄا سارا 9 مهينا هي شينهن انڊيا جي سک، پنجابي ۽ پٺاڻ ورڪرن کي رات جو سندن تنبن مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي ٿي ويا. هنن مزورن شينهن کان پاڻ بچائڻ لاءِ گهڻو ئي ڪي ڪجهه ڪيو. ڊيڄارڻ لاءِ سڄي سڄي رات باهيون ٻاريون، نغارا وڄايا، پر هي شينهن اهڙا نود ۽ بي ڊپا هئا جو باز نٿي آيا. ان بعد مزدورن جي ڪئمپن جي چوڌاري هتي جي سخت ڪنڊن وارن وڻن Bomas جا لوڙها ٺاهيا ويا، پر هي شينهن انهن کي به هٽائي يا انهن جي هيٺان ريڙهيون پائي اندران ماڻهو کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ٿي. آخر سوين مزور ڪم ڇڏي ساوو مان ڀڄي ويا ۽ پل ٺهڻ جو ڪم رڪجي ويو. ان بعد هن پل جي پروجيڪٽ انچارج پئٽرسن ڪيترن قسمن جا ڪوڙڪا منڊيا پر ڪاميابي نصيب نه ٿيس. هي شينهن ڪٿان نه ڪٿان ماڻهو کڻي ٿي ويا. آخرڪار 9 ڊسمبر 1898ع تي پهريون شينهن ٿري ناٽ ٿري جي گوليءَ سان ماريو ويو.
    پورن ٽن هفتن بعد ٻيو شينهن وٺ ۾ اچي ويو ۽ کيس گوليءَ سان ماريو ويو. پهرين شينهن جي ڊيگهه ورتي وئي ته اها نڪ کان پڇ جي آخري ڇيڙي تائين 9 فٽ 8 انچ هئي يعني 3 ميٽر ٿي. سندس لاش کي اٺ ماڻهن کڻي ڪئمپ تائين پهچايو. پل ٺاهڻ وارا مستري ۽ مزور ڪم تي موٽي آيا ۽ هيءَ پل جنهن جي ڀر واري ريسٽورنٽ ۾ چانهه پي پوءِ اڳتي جي سفر تي روانو ٿيس، فيبروري 1899ع ۾ ٺهي راس ٿي. هنن ٻن شينهن ڪيتريون انساني جانيون هضم ڪيون، ان جو چڱي طرح رڪارڊ ناهي. هڪ اندازي موجب 135 ماڻهو چيا وڃن ٿا جن ۾ 35 کن انڊيا جا پورهيت مزور هئا ۽ باقي مڪاني قبيلن جا شيدي هئا.
    پئٽرسن پنهنجي ڪتاب The Man-Eaters of Tsavo ۾ لکي ٿو ته... مون پهرين شينهن تي مارٽني انفيلڊ رائيفل ذريعي گولي هلائي جيڪا هن جي پٺئين حصي ۾ لڳي ۽ هو ڀڄي ويو. ان بعد هو وري ٻي رات آيو ۽ مون مٿس گولين جو وسڪارو ڪيو، ان هوندي به هو مون تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ پويان پير ڪيائين. اسان سندس پيرا کنيا ۽ صبح ڌاري هڪ هنڌ مئل ڏٺوسين... ٻئي شينهن کي 5 گوليون لڳڻ جي باوجود اسان تي حملو ڪندو رهيو. ان بعد مارٽني هينري ڪاربائين ذريعي هن کي ماريو ويو.
    انهن ٻنهي شينهن جي کل پئٽرسن جي ڊرائنگ روم ۾ اٽڪل اڍائي ڏهائيون سال وڇائي رهي. 1924ع ۾ آمريڪا جي شڪاگو فيلڊ ميوزم وارن پئٽرسن کان هنن ٻن شينهن جون کلون 5000 ڊالرن ۾ خريد ڪيون ۽ انهن ۾ بهه ڀري انهن کي اصلي صورت ۾ پنهنجي موزيم ۾ رکيو، جيئن ايندڙ ٽهي هنن شينهن کي ڏسي انهن غريب ماڻهن جو سوچين جن کي هنن چيري ڦاڙي کاڌو هو.
    ڪيترا ماڻهو اهو سوچين ٿا ته اهي ڪهڙيون مجبورين هيون جن جي ڪري هنن شينهن ڪنهن ٻئي جانور کي کائڻ بدران هر وقت انسانن جو گوشت کاڌو ٿي؟ توهان هن تَر جي ماڻهن کان پڇندائو – يعني هن شهر ساوو ۽ ڀر وارن شهرن ووئي (Voi)، مارياڪاني يا ممباسا مان پڇندائو ته توهان جو مختلف ٿيورين سان واسطو پوندو جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
    • انهن ڏينهن ۾ مٿئين علائقي ۾ رنڊرپيسٽ نالي وبا پکڙي هئي، جنهن ۾ اهي سڀ جانور گهٽجي ويا جن تي شينهن جو گذر ٿئي ٿو. نتيجي ۾ هو انسانن کي کائڻ لاءِ مجبور ٿي ويا.
    • ساوو (Tsavo) شهر جا اهي شينهن آدمخور ان ڪري به ٿيا هجن جو انهن ڏينهن ۾ زئنزيبار ڏي ويندڙ غلامن جا قافلا هتان وهندڙ نديءَ وٽان لنگهندا هئا. انهن قافلن ۾ مري ويل غلام اڪثر هن نديءَ ۾ اڇليا ويندا هئا ۽ هن نديءَ جا واگهه ۽ شينهن ماڻهن جا لاش کائي کائي آدمخور ٿي پيا. ياد رهي ته عماني عرب ۽ ڪجهه يورپي قومن جا ماڻهو انهن ڏينهن ۾ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ وڃي نوجوان شيدين کي ماري ڪُٽي يا نشو پياري زنجيرن ۾ ٻڌي غلام بنائيندا هئا. پوءِ اهي غلام زئنزيبار پهچايا ويندا هئا، جن مان ڪجهه وڪرو ٿي سنڌ پهچندا هئا ته ڪجهه عرب رياستن ۾، ته ڪجهه ترڪي جي حرمخانن ۾، جتي هنن کي کدڙو ڪري گهر جي ڪم ڪارين ۽ سريتن جي خذمت چاڪريءَ لاءِ رکيو ويندو هو. ان جو احوال مون واري سفرنامي ”هي ٻيٽ هي ڪنارا“ ۾ اچي چڪو آهي. بهرحال هتي اهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته اهي شيدي غلام گهڻي موچڙي مار، بک يا نشي وگهي رستي تي مري به ويندا هئا، جن کي هتان ساوو وٽان لنگهندي درياهه ۾ لوڙهيو ويندو هو.
    • ڪيترن جي اها به ٿيوري آهي ته ريلوي لائين تي ڪم ڪندڙ ڪيترائي هندو سندن ساٿيءَ جي مرڻ تي هن کي اڌ گابرو ساڙيل حالت ۾ ڇڏي ڏيندا هئا جن کي کائڻ ڪري هي شينهن آدم خور ٿي پيا.
    • ڪيترن جو اهو به چوڻ آهي ته ٻن شينهن مان جيڪو پهريون ماريو ويو هو ان جا ڪنهن حادثي ۾ ڏند ڀڄي پيا هئا ان ڪري هو قدرتي طرح شڪار ڪرڻ بدران تنبن ۾ ستل ماڻهن کي ڇڪي ويندو هو.
    بهرحال اڄ ڪلهه ڪينيا جي حڪومت ۽ عوام اهو چاهي ٿو ته اهي ٻئي شينهن آمريڪا جي شڪاگو ميوزم کان واپس حاصل ڪري ڪينيا جي نئشنل ميوزيم ۾ رکيا وڃن.


    ڪينيا جا اسڪول وڏيرن جون اوطاقون ڇو نه آهن؟

    پاڻ ڪينيا جي تاريخ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هن علائقي ۾ پورچوگالين ۽ عماني عربن جي زور بعد انگريزن ڌاڪو ڄمايو. هندي سمنڊ جي ٻئي پاسي، ويندي سري لنڪا، ملايا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ انگريزن جي هٿ ۾ هو. انگريز نه فقط پنهنجو پاڻ ۾ آرگنائيز هئا پر هنن هڪ مضبوط فوج ۽ نيوي قائم ڪري رکي هئي، ان ڪري ڪنهن مڪاني حڪومت يا يورپي طاقت کي همٿ نٿي ٿي ته انگريزن جو مقابلو ڪري. هنن ڦرلٽ جي باوجود ايشيائي توڙي آفريڪي ملڪن ۾ تعليم، عدل انصاف، ريلوي، ٽپال ۽ تار جا ادارا قائم ڪيا. منهنجو ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڃڻ ٿيو آهي پر جهڙو ٽپال ۽ ريل جو سسٽم انگريزن جي ڪالونين ڪينيا، يوگنڊا، نائجيريا، هانگ ڪانگ، پاڪستان، انڊيا، ملائيشيا وغيره ۾ آهي، اهڙو ڪنهن به فرينچ، پورچوگالي، هسپانوي، جرمن يا اطالوي ڪالونين ۾ نظر نٿو اچي، پوءِ اهي ملڪ کڻي موزمبق، لئانڊا هجن يا سينيگال ۽ لبنان.
    ڪينيا ۽ يوگنڊا واري علائقي تي جيئن ئي انگريزن جو قبضو ٿيو، تيئن هنن ممباسا کان ڪمپالا تائين ريلوي لائين وڇائڻ جو ڪم شروع ڪيو. هن کان اڳ پورچوگالين جو يا عمان جي عربن جو واسطو فقط ڪناري وارن شهرن (يعني بندرگاهن) سان رهيو ٿي. پر انگريز جتي به رهيا هنن اندر تائين Explore ڪيو ۽ مال حاصل ڪري پنهنجي ملڪ موڪليو. هتي آفريڪا ۾ به چانهه، ڪافي ۽ ٻين شين جي پوک ۽ ڪچي مال کي حاصل ڪرڻ لاءِ هنن ريلوي جو ڪم شروع ڪيو، جيئن مال کي اندروني آفريڪا کان ممباسا بندرگاه تائين پهچايو وڃي جتان بحري جهازن رستي هنن انگلنڊ جي بندرگاهن ڏي موڪليو ٿي.
    ريل جي هلڻ ڪري جتي انگريزن ۽ مڪاني ماڻهن جي ڪمائي ۽ سک ٿيو اتي مڪاني ماڻهن ۽ مختلف افريڪي قبيلن جي زندگي ڏکي ٿي ۽ هو هنن ڌارين جي خلاف ٿي پيا. هنن لاءِ اهو برداشت ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو ته سندن زمينن جا مالڪ ڌاريان ٿي پون.
    پورچوگالين توڙي انگريزن اچڻ سان مڪاني ماڻهن کي جيتوڻيڪ عيسائي بنائي ٻئي جهان ۾ سندن سک جي ضمانت ڏني پر هاڻ هي شيدي ڏسڻ لڳا ته ڏورانهن ڏيهن کان هي جڏهن هتي آيا ته بائيبل هنن جي هٿن ۾ هئي، ۽ زمين مڪاني شيدين جي هئي. هاڻ روز بروز زمينون انگريزن جي قبضي ۾ ٿينديون وڃن ۽ بائيبل سندن هٿن ۾. ريل جي ٺهڻ ۽ انگريز پوليس ۽ فوج جو اندر تائين ڪنٽرول رکڻ ڪري انگريزن جي اچڻ جو تعداد وڌندو ويو. هو شڪار خاطر جهنگلي جانورن کي هڪ طرف مارڻ لڳا ته ٻئي طرف زمينن تي زوريءَ قبضو ڪري ان تي پنهنجي حساب سان پوکون ڪرڻ لڳا. انگريزن جي قانون موجب ڪو به مڪاني شيدي زمين تي ڪليم نٿي ڪري سگهو. ان جا مالڪ انگريز هئا.
    آگسٽ 1914ع ۾ ٻي عالمي جنگ شروع ٿي. ان بعد انگريزن جو آفريڪن ۽ ايشين ملڪن تي وڌيڪ مارو ٿيو. ڪينيا ۾ 30 هزار انگريز اچي رهيا، جن چانهه ۽ ڪافي جي پوک تي ڪنٽرول ڪيو. کين سياسي عهدا پڻ ڏنا ويا. مڪاني ماڻهن ۾ انگريزن خلاف احتجاج ٿيڻ لڳا، جن کي هو في الحال ڏنڊي جي زور تي دٻائڻ لڳا. ٻي عالمي لڙائيءَ بعد انگريزن جي اها طاقت نه رهي. سگهو ئي انڊيا جي آزادي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد، هنن آفريڪي ملڪن کي به راهه ڏيکاري ۽ ڪيتريون ئي تحريڪون اهڙيون نمودار ٿي پيون جن انگريزن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿي ڪرڻ چاهيو. انهن تحريڪن ۾ سڀ کان مشهور ۽ طاقتور تحريڪ مائو مائو (Mau Mau) هئي، جنهن جي گوڙ ڪرڻ تي انگريزن 1952ع کان 1959ع تائين امرجنسي هنئي. هيءَ امرجنسي آڪٽوبر 1952ع ۾ لڳي، جنهن کان فقط 6 مهينا اڳ فيبروري جي مهيني ۾ انگلنڊ جي بادشاه جارج ڇهين جي وفات تي، سندس ڌيءُ ايلزبيٿ راڻي ٿي جيڪا اڄ به موجود آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته ان وقت ايلزبيٿ جيڪا اڃان شهزادي هئي، نئروبي گهمڻ آئي هئي. نئروبي ۾ منهنجي گائيڊ نئروبي جي ٽري ٽاپس هوٽل ڏيکاريندي چيو هو: ”سر هيءَ اها هوٽل آهي، جنهن ۾ گهڙڻ وقت ايلزبيٿ، شهزادي هئي ۽ نڪرڻ وقت راڻي بڻجي وئي.“
    مون کي هن گائيڊ جي ڳالهه پهرين سمجهه ۾ نه آئي پر پوءِ خبر پيئي ته ايلزبيٿ جي نئروبي واري دوري ۾ ڪينيا جي چيف جسٽس سر هوريس هيڪٽر (جيڪو 1951ع تائين سلون جو چيف جسٽس هو ۽ هاڻ هتي ڪينيا ۾ بدلي ٿي آيو هو) 5 فيبروري 1952ع تي ايلزبيٿ کي نئروبيءَ جي مٿين هوٽل ۾ سرڪاري طرح ڊنر ڏني. ڊنر دوران هنن کي اطلاع مليو ته انگلنڊ جو شهنشاهه (ايلزبيٿ جو پيءُ) جارج ڇهون وفات ڪري ويو. ظاهر آهي، هن جي مري وڃڻ بعد وسيعت موجب، انگلنڊ جي تخت ۽ تاج جي مالڪياڻي ايلزبيٿ ٿي وئي. يعني هوٽل مان نڪرڻ وقت هوءَ راڻي هئي.
    ڪينيا جي آزادي جي تحريڪ ۾ مڪاني ماڻهن جي آواز کي ڪافي حد تائين گهُٽيو ويو. مائو مائو تحريڪ جي ماڻهن کي Detention ڪئمپن ۾ بند ڪري مٿن سخت کان سخت ظلم ڪيا ويا. ان ڪم پٺيان برطانيا جي وزيراعظم سر ونسٽن چرچل جي به آشيرواد هئي. برطانوي فوج ۽ مڪاني ”ڪنگس آفريڪن رائيفل“ جي سپاهين مائو مائو تحريڪ جا اٽڪل 4700 ماڻهو ماري ڇڏيا، جيڪي هنن جي حساب سان تحريڪ جا 42 سيڪڙو ماڻهو ٿيا ٿي. 21 آڪٽوبر تي مائو مائو جي هڪ ليڊر ديدان ڪيماٿي جي قتل بعد في الحال ٺاپر اچي وئي ۽ ظاهري طرح ائين ئي لڳو ته مائو مائو تحريڪ کي شڪست اچي وئي. پر انگريز به سمجهي ويا ته هاڻ چل چلائو جو وقت اچي ويو آهي ۽ حڪومت جون واڳون ڪنهن چمچي حوالي ڪري، ميلو متل ڇڏي هلجي. پر هنن جهڙو ماڻهو چونڊرائڻ چاهيو ٿي اهو چونڊجي نه سگهيو. 1957ع ۾ انگريزن آفريڪن جي ليجسليٽو ڪائونسل جي اليڪشن ڪرائي. انگريزن مطابق Moderate قسم جي سياسي پارٽي جو ڪو سياستدان چونڊجي نه سگهيو. اليڪشن مخالف پارٽي KANU (ڪينيا آفريڪن نئشنل يونين) کٽي ۽ جومو ڪينياتا حڪومت ٺاهي، جيڪو اڳتي هلي 12 ڊسمبر 1963ع تي ڪينيا کي خود مختياري ملڻ تي ملڪ جو پهريون صدر ٿيو. 1978ع ۾ ڪينياتا جي وفات تي ڪينيا جو صدر ڊئنيل ارپ موئي (Deniel Arap Moi) صدر ٿيو ۽ سال بعد 1979ع ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ هو بنا مقابلي جي صدر چونڊيو ۽ پوءِ ته هر اليڪشن ۾ صدر ٿيڻ جو ڄڻ ته هن کي ٺيڪو ملي ويو. هڪ ئي ماڻهوءَ کي ايڏو پاور ملڻ ڪري هو ڄڻ بادشاه سلامت ٿي پيو. 2002ع ۾ مس مس منجهانئس جان ڇٽي ۽ عوام کي نئين صدر وائي ڪباڪي (Mwai Kibaki) جي صورت ۾ روشنيءَ جو تروڙو نظر آيو. وائي ڪباڪي ڪينيا جو ٽيون صدر آهي ۽ سندس تعلق NARC (نئشنل رينبو ڪوليشن) سياسي پارٽي سان آهي. پاڻ گذريل اليڪشن جيڪا 2007ع ۾ ٿي ان ۾ به کٽيائين ۽ ملڪ جي صدارت جي ٻي ٽرم جو قسم نامون به کنيائين. پاڻ 1931ع ۾ ڪينيا جي نائيري (Nyeri) ضلعي ۾ ڄائو. اٽليءَ جي هڪ عيسائي تبليغي جماعت ذريعي هن کي عيسائي بڻائي ايميلو اسٽينلي نالو رکيو، پر هي اڄ تائين وائي ڪباڪي سڏجي ٿو.
    ڪباڪي ننڍي هوندي کان پڙهائيءَ ۾ هوشيار هو ۽ هميشه پهريون نمبر آيو ٿي. پنهنجي ضلعي جي اسڪولن مان پڙهي او ليول ڪيائين. هو پنهنجي ڳوٺ جي ٻن پوڙهن سپاهين مان بيحد متاثر هو، ان ڪري هن پاڻ به سپاهي ٿيڻ چاهيو ٿي، پر انگريز حڪومت هن کي اهو چئي فيل ڪري ڇڏيو ته هن جو ڪيڪويو (Kikuyu) قبيلي سان تعلق آهي، جيڪو قبيلو انگريزن جي ڪينيا ۾ موجودگي جي سخت خلاف هو. ان کان علاوه ايمبو ۽ مُيرو قبيلا پڻ اهڙا هئا، جيڪي انگريزن جي خلاف هئا ۽ انگريز انهن کي به پنهنجي فوج ۾ ان خوف کان ڀرتي نٿي ڪرڻ چاهيو ته متان سڀاڻي هو سندن خلاف نه ٿي بيهن. بهرحال ڪينيا جي هن موجوده صدر ڪباڪي فوج ۾ نه چونڊجڻ ڪري ڪمپالا جي ماڪريري يونيورسٽي ڪاليج ۾ داخلا ورتي، جتي هن جا سبجيڪٽ ايڪانامڪس، هسٽري ۽ پوليٽيڪل سائنس رهيا. هو پنهنجي ڪلاس جي شاگردن ۾ پهريون نمبر آيو ۽ بي اي آنرس جي ڊگري ايڪانامڪس ۾ حاصل ڪيائين. گرئجوئيشن بعد ڪباڪيءَ شيل ڪمپنيءَ ۾ اسسٽنٽ سيلز مئنيجر جي حيثيت سان نوڪري شروع ڪئي. ساڳئي سال هن کي برٽش يونيورسٽي جي ڪنهن تعليمي اداري مان پوسٽ گرئجوئيشن ڪرڻ جي اسڪالر ملي. ڪباڪيءَ لنڊن اسڪول آف ايڪانامڪس مان پبلڪ فائننس ۾ مٿاهين پوزيشن سان ڊگري حاصل ڪئي. ان بعد 1958ع ۾ هو ليڪچرار جي حيثيت سان ڪمپالا جي ماڪريري (Makerere) يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ لڳو. 1962ع ۾ ڪباڪيءَ جي هڪ اسڪول هيڊ ماستر جي ڌيءَ لوسي مٿونيءَ سان شادي ٿي، جيڪا اڄ ڪينيا جي فرسٽ ليڊي سڏائي ٿي. کين چار ٻار آهن. جن مان ٻيو نمبر جِمي ڪباڪي سياستدان جي حيثيت سان اڀري رهيو آهي. ڪجهه وقت اڳ ميڊيا ۾ اها خبر آئي هئي ته صدر ڪباڪيءَ کي ميري وامبوئي نالي ٻي زال به آهي، جنهن مان وانگوئي نالي ڌيءَ به آهي. جن ڏينهن ۾ آئون ممباسا ۾ هوس ته ڪباڪيءَ پنهنجي فرسٽ ليڊي لوسي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري ميڊيا اڳيان ان خبر جي سختيءَ سان ترديد ڪئي. هن ٻڌايو ته هن کي فقط هڪ زال آهي.
    بهرحال ڪينيا جي شيدي صدر يا شيدي وزيرن کي هڪ زال هجي يا ٻه يا چار. پر هڪ ڳالهه جيڪا آئون واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ بيحد متاثر آهيان ته هي آفريڪا جا سياستدان جن کي دنيا ڪارو چئي ٿي، جاهل چئي ٿي، جنگلي چوي ٿي يا اسين کين ڪاوڙ مان شيدي چئون ٿا يا پيار مان ڏاڏا، هڪ ڳالهه مڃڻ لائق آهي ته هو اسان جي سياستدانن کان وڌيڪ سلجهيل ۽ پڙهيل ڳڙهيل آهن. ان ڪري مون ڄاڻي واڻي ڪينيا جي هن موجوده صدر ڪباڪيءَ جو ننڍپڻ جو احوال لکيو آهي ته هو هڪ ڳوٺ جو ٿي ڪري ڳوٺ جي اسڪولن مان پڙهي يونيورسٽين تائين پهتو، جتي هن نه رڳو ڊگريون حاصل ڪيون، پر سڄي ڪلاس ۾ ٽاپ ڪيائين. ان جي مقابلي ۾ اسان جي ڪيترن سياستدانن جي ٿرڊ ڊويزن ۾ B.A به نه ٿيل هوندي. ٻي ڳالهه اها ته نئروبيءَ کان ممباسا بس ۾ ويندي منهنجو ڪيترن ئي سنڌ جي قمبر، چنبڙ، ٺري ميرواه، سرهاڙي ۽ قبو سعيد خان جهڙن ڳوٺن مان لنگهه ٿيو، جتي جا صاف سٿرا ۽ سهڻين عمارتن وارا اسڪول ۽ منجهن مرڪندڙ چهرن وارن ٻارڙن جا ميڙ ڏسي دل ۾ خيال آيو ته وڏيرا ۽ سردار ڪينيا جي ڳوٺن ۾ به موجود آهن پوءِ ڪينيا جي ڳوٺن جا اسڪول اسان جي اسڪولن وانگر وڏيرن جون اوطاقون يا گڏهن جا وٿاڻ ڇو نه آهن؟ اسان جي ڳوٺن ۾ ته ڏاڙهين وارا ٽيچر به اغوا ٿيو وڃن ۽ هتي ڪينيا جي ڳوٺن جي اسڪولن جون ڪوئلن جهڙيون سهڻيون ماسترياڻيون، اسڪرٽ پائي پيون هلن ته به کين ڊپ ناهي. ان کان علاوه ناروي ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن جون ٽوئرسٽ عورتون به ڪينيا جي ڳوٺن ۾ کنڊهرن ۽ جهنگلن جو سير ڪنديون وتن. سچي ڳالهه اها آهي ته اڄ ڪينيا، يوگنڊا، موزمبق يا سينيگال، دنيا لاءِ خوفائتا ملڪ نه رهيا آهن، اڄ دنيا جا ماڻهو اسان جهڙن ملڪن ۾ ايندي ڊڄن ٿا، ڀلي کڻي اسان وٽ موهن جو دڙو، ڪوٽڏيجي يا اروڙ ۽ گورک هل جهڙيون تاريخي ۽ تفريحي مقام هجن!


    ٻن دلين جو ميلاپ نه ٿي سگهيو

    ڪينيا جو سڀ کان اتاهون جبل مائونٽ ڪينيا آهي، جنهن تان هن ملڪ تي نالو رکيو ويو. اهو جبل 17000 فٽ (اٽڪل 5200 ميٽر) بلند آهي. ڪينيا ملڪ جي پکيڙ 580400 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ دنيا جي ملڪن ۾ 47 نمبر تي وڏو ملڪ آهي. ڪينيا کي توهان ملائيشيا وانگر گهڻ قومو ۽ گهڻ مذهبو ۽ ملٽي ڪلچرل ملڪ چئي سگهو ٿا، جنهن ۾ گهڻائي عيسائين جي آهي. 45 سيڪڙو پروٽيسٽنٽ عيسائي ٿيندا ۽ 33 سيڪڙو رومن ڪئٿولڪ آهن، جيڪي اسان جي ملڪ ۾ به آهن. مسلمان به ڏهه سيڪڙو ٿيندا. خاص ڪري ممباسا، ملنڊي ۽ ٻين ڪنارن وارن شهرن ۾ تمام گهڻا مسلمان رهن ٿا. هندن جي به چڱي آدمشماري آهي ۽ سڄي ڪينيا ۾ 5 لکن کان مٿي هندو ۽ سک رهن ٿا. ڪليسا گهرن سان گڏوگڏ جتي ڪٿي مسجدون، مندر ۽ سکن جا ٽِڪاڻا به نظر اچن ٿا. ملڪ جي سرڪاري زبان سواحلي (Swahili) آهي جيڪا نه فقط ڪينيا ۾ ڳالهائي وڃي ٿي پر آفريڪا جي اوڀر ڪناري تي، ويندي اتر موزمبق تائين ۽ آفريڪا جي ڪيترن اندروني ملڪن ۾ پڻ سواحلي، يا ته سرڪار زبان آهي يا عام ڳالهه ٻولهه (Communication) جي آهي. انگريزن جي ڏينهن ۾ ڪينيا جي زندگيءَ جو حال احوال معلوم ڪرڻو هجي ته ڪينيا جي مشهور ليکڪ گوگي واٿيانگو (Ngugi Wa Thiong’o) جو ڪتاب Weep Not, Child ضرور پڙهجي. هي ناول آفريڪا ۾ هڪ بهترين ناول سمجهيو وڃي ٿو. هي ناول 1964ع ۾ ڇپيو هو ۽ پهريون ناول آهي، جيڪو ڪنهن اوڀر آفريڪا جي باشندي لکيو آهي. واٿيانگو جيڪي به ناول لکيا آهن، انهن ۾ مڪاني آفريڪي ماڻهن ۽ آفريڪا ۾ رهندڙ استعماريت پسند Colonialists گورن جي تعلقات بابت آهن. هن برطانوي ڪالونيل راڄ تي بيحد گهڻي تنقيد ڪئي آهي. Weep Not, Child ناول ۾ هن مائو مائو تحريڪ جي زور وٺڻ جو احوال لکيو آهي. مڪاني ماڻهن کان سندن آبائي زمينون کسجڻ جي ڪهاڻي بيان ڪئي آهي. گوگي وا ٿيانگو هي ناول ان وقت لکيو جڏهن هو ڪمپالا ۾ ماڪريري يونيورسٽيءَ جو شاگرد هو.
    Weep Not, Child ٻن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ سندس 18 چئپٽر آهن. ناول جو پهريون حصو جارج (Njorge) جي تعليم سان تعلق رکي ٿو. جارج هن ناول جو اهم ڪردار آهي، جنهن جي سڄي ڪتاب ۾ اها خواهش (goal) آهي ته هو جيترو ممڪن ٿي سگهي. گهڻي کان گهڻو تعليم يافته ٿي سگهي. ڪتاب جي ٻئي حصي جو تعلق ڪينيا ۾ وڌندڙ انقلابي قوتن ۽ انگريزن خلاف هنگامن بابت آهي.
    ناول جي ڪهاڻي هن ريت آهي ته: جارج نالي هڪ نوجوان ڇوڪري کي سندس ماءُ اسڪول وڃڻ لاءِ زور ڀري ٿي. هي پنهنجي ڪٽنب جو پهريون ٻار آهي، جنهن کي اسڪول ۾ پڙهائڻ لاءِ سندس والدين همٿ ساري آهي. جارج جا ماءُ پيءُ، جارج ۽ سندس ٻين ڀائرن سان گڏ جئڪب نالي هڪ مڪاني شيدي جي زمينن تي جهوپڙي اڏي رهيا ٿي. جئڪب انهن ماڻهن مان هو جنهن ڌارئين ڏيهه کان آيل هنن گورن غاصبن جي چمچاگيري ڪري پئسو ٺاهيو هو. جئڪب مسٽر هائلنڊس نالي هڪ جاگيردار انگريز وٽ ڪمدار هو. جارج جو هڪ ڀاءُ ڪمائو ڳوٺ جي واڍي وٽ ڪم سکيو ٿي. سندس وڏو ڀاءُ جنهن کي انگريز سرڪار ٻي عالمي لڙائيءَ ۾ هڪ ٻئي ڀاءُ سان گڏ زوريءَ وڙهڻ لاءِ لڳايو هو، ان جي دماغ تي پنهنجي ڀاءُ جي موت ۽ پنهنجي ڏکويل تجربن جا پريشان ڪندڙ اثر موجود آهن. جارج جو پيءُ گوٿو (Ngotho) جيڪو تر جو هڪ معزز ماڻهو مڃيو وڃي ٿو اهو مسٽر هائلنڊس جي فصل جي نظرداري ڪنهن اجوري جي ڪري نٿو ڪري پر اهو سوچي ڪري ٿو ته هيءَ زمين سندس ڏاڏن پڙ ڏاڏن جي آهي ۽ ٿي سگهي ٿو هڪ ڏينهن وري کين واپس ملي وڃي.
    اسڪول ۾ پهرين ڏينهن وڃڻ تي جارج جي ملاقات هڪ وِهاڪي (Mwihaki) نالي ڇوڪريءَ سان ٿئي ٿي. جيڪا انگريز جاگيردار جي شيدي ڪمدار ۽ چمچي جيڪب جي ڌيءَ آهي. وهاڪي جارج کان هڪ سال مٿئين ڪلاس جي شاگردياڻي آهي. جارج کي اها بيحد وڻي ٿي ۽ ساڻس دوستي رکڻ چاهي ٿو. گهر ۾ جارج جي ڀاتين جي سڀ کان وڏي وندر ڪچهري آهي. شام جي وقت جارج جو پيءُ گوٿو ڪانڀ ٻڌي وهندو هو ۽ چوڌاري جارج جا سڳا ۽ ويڳا ڀائر ۽ گوٿو جون ٻئي زالون يوڪابي (Nyokabi) ۽ جيري (Njeri) سندس چوڌاري دائري ۾ ٿي وهندا هئا. هڪ ڏينهن جارج جو پيءُ گوٿو پنهنجي گهر جي ڀاتين کي ٻڌائي ٿو ته ڪيئن هي زمينون، جن تي اڄ انگلنڊ جا گورا قبضو ڪري پنهنجيون سمجهي ويٺا آهن. اهي اسان جي ڏاڏن پڙ ڏاڏن جون آهن.
    هن ناول ۾ ليکڪ ڏيکاري ٿو ته جارج پنهنجي ڪلاس جي سڀني شاگردن ۾ هوشيار آهي. هن کي هڪ ئي سال ٻه ڪلاس ڪرايا وڃن ٿا. اهڙي طرح هو ساڳي ڪلاس ۾ اچي وڃي ٿو، جنهن ۾ جئڪب جي ڌيءَ وِهاڪي آهي. هڪ ڏينهن جاگير تي ڪم ڪندڙ پورهيت مزوري وڌائڻ لاءِ هڙتال تي سڏ ڏين ٿا. جارج جي پيءَ گوٿو کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هو پنهنجي ماڻهن جو پاسو کڻي يا انگريز جاگيردار جو. ڇو جو انگريز ۽ سندس چمچي ڪمدار جئڪب جو پاسو نه کڻڻ تي هن جي نوڪري هلي وڃڻ جا امڪان هئا. آخرڪار هو اهو فيصلو ڪري ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ هو پورهيتن جي ميٽنگ ۾ شامل ٿئي. جيتوڻيڪ سندس ٻئي زالون کيس ائين ڪرڻ کان جهلين ٿيون. ميٽنگ دوران پورهيت پگهار وڌائڻ لاءِ نعرا هڻن ٿا ۽ اتي اوچتو اوچتو وهاڪي جو پيءُ جئڪب نمودار ٿئي ٿو. هو هن اسٽرائيڪ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جنهن تي جارج جي پيءُ گوٿو حملو ڪيو. پوءِ ته ٻئي هڪ ٻئي کي مار ماران ۾ لڳي ويا. سڀني چيو ته اڄ ٻنهي جا لاش ئي کڻڻا پوندا. بهرحال جئڪب بچي ويو ۽ هن گوٿو کان بدلو وٺڻ جو قسم کنيو. جارج جي فئمليءَ کي زميندار جي زمين تان ٽپڙ ٻڌايا ويا ۽ نوڪريءَ مان به ڪڍيو ويو. ان بعد جارج جي پڙهائيءَ جو خرچ سندس ڀائر هِتي هُتي پورهيو ڪري ڀرڻ لڳا.
    وِهاڪي ۽ جارج جي وچ ۾ سندن پيئن جي جهيڙي ڪري ڪا دُوري نٿي اچي. هو هڪ ٻئي جا سٺا دوست رهندا هلن ٿا ۽ اسڪول ۾ به ڪاميابي حاصل ڪندا رهن ٿا. اڳتي هلي هنن جي ان ڪري جدائي ٿئي ٿي جو وِهاڪي هاڻي هڪ اهڙي اسڪول ۾ داخلا وٺي ٿي، جيڪو فقط ڇوڪرين لاءِ آهي ۽ بورڊنگ اسڪول هجڻ ڪري هن کي هاسٽل ۾ رهڻو پوي ٿو. جارج جو ٻيو اسڪول به سندس گهر ڀرسان ئي آهي.
    سڄي قوم سان گڏ هنن جو ڌيان به جوموڪينياتا تي هلندڙ ڪيس جي فيصلي تي آهي. جومو ڪينياتا هن ديس جي مڪاني ڪارن ماڻهن جو پيارو ليڊر آهي جيڪو ڪينيا جي آزاديءَ خاطر تحريڪ هلائي رهيو آهي ۽ انگريزن جي ڦر مار جي خلاف آهي. ڪينيا جي وڏي اڪثريت اهو سوچي رهي هئي ته هو اجهو ٿو آزاد ٿئي ۽ ملڪ کي به آزاد ڪرائي، پر جوموڪينياتا هي ڪيس هارائي ويو ۽ کيس جيل اچي ويو. انگريزن سمجهيو ته جومو کي قيد ڪرڻ سان سندس تحريڪ ماٺي ٿي ويندي، پر ائين نه ٿيو. سڄي ملڪ ۾ احتجاج ۽ گوڙ گهمسان جي لهر شروع ٿي وئي. ساڳي وقت انگريز سرڪار هن ملڪ جي ڪارن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ هنن تي وڌيڪ مارڪٽ ۽ گوليون هلائڻ شروع ڪري ٿي.
    انگريز جاگيردار مسٽر هائلنڊس ۽ سندس چمچو ڪارو ڪمدار مائو مائو تحريڪ جي وڌندڙ احتجاج ۽ ماڻهن کي بندوقن جي زور تي دٻائڻ لڳا. مائو مائو ڪينيا جي مڪاني باشندن جي اها تحريڪ هئي، جن نٿي چاهيو ته انگريز کين بي گهر ڪري، سندن ڌرتيءَ جا مالڪ ٿي رهن. هنن پنهنجي وطن ڪينيا کي معاشي، سياسي ۽ تهذيبي طور هڪ آزاد ملڪ ڏسڻ چاهيو ٿي. پر انگريز جن هندستان ۽ سري لنڪا کي ته آزاد ڪري ڇڏيو هو پر هنن نٿي چاهيو ته ڪينيا کي ڇڏي ڏجي. ان ڪري مائو مائو تحريڪ جي هڪ هڪ ميمبر کي ڳولهي ان کي موت جي ننڊ ٿي سمهاري. جيئن آزاديءَ جي اٿندڙ آواز جو ڳلو گهٽجي وڃي. وِهاڪي جي پيءُ جارج جي پيءُ گوٿو کان بدلو وٺڻ لاءِ هن تي الزام هنيو ته هو مائو مائو تحريڪ جو ليڊر آهي ۽ سڄي فئملي کي جيل موڪلڻ جي ڪوشش ڪيائين. انگريز جاگيردار مسٽر هائلنڊس جارج کي اسڪول مان ڪڍائي تفتيش (interrogation) لاءِ موڪليائينس. ٻنهي پيءَ پٽن کي پڇاڻي دوران سخت مار ڏني وئي. پيءُ ته بلڪل مرڻينگ حالت ۾ گهر موٽيو. انهي دوران ڏسندي ئي ڏسندي ملڪ جون حالتون بيحد بگڙجڻ لڳيون. سندن ڳوٺ مان ڇهه ڪارن کي پوليس رات جي اوندهه ۾ گهران ڇڪي وئي. جيڪي واپس نه موٽيا. ٻئي ڏينهن جهنگ ۾ سندن لاشن کي جانور ۽ ڳجهون پٽي رهيون هيون.
    هڪ ڏينهن بورڊنگ اسڪول مان موٽڻ تي وِهاڪيءَ جي جارج سان گس پنڌ تي ملاقات ٿي وئي. پيءُ جي جهيڙي ڪري هنن جي تعلقات ۾ رخنو پئدا نه ٿيو هو. ان بعد جارج ڪنهن اهم اسڪالر لاءِ داخلا جو ٽيسٽ ڏئي ٿو جنهن ۾ هو مٿاهين نمبر ۾ پاس ٿئي ٿو. جارج جي ههڙي ڪاميابيءَ جو ٻڌي سڄو ڳوٺ خوش ٿئي ٿو ۽ چندو ڪري جارج کي تعليم لاءِ هاءِ اسڪول موڪلين ٿا.
    ڪجهه مهينن بعد جئڪب قتل ٿي وڃي ٿو. مائو مائو تحريڪ جو ڪو ميمبر هن کي سندس آفيس ۾ قتل ڪري ڇڏي ٿو. هن قتل ۾ جيتوڻيڪ جارج جي فئمليءَ جو ڪو به هٿ نه هو پر ان جو سڄو ڏوهه جارج جي ڀائرن تي ٿاڦيو وڃي ٿو ۽ ڪمائو (جارج جي ڀاءُ) کي عمرقيد جي سزا اچي وڃي ٿي. جارج جو ٻيو ڀاءُ بورو، مائو مائو جو وڃي ليڊر ٿئي ٿو. جارج جو پيءُ جيڪو پوليس جي وحشياڻي مار ڪري کٽ تي پيل هو اهو زخمن جو تاب نه جهلي آخر مري وڃي ٿو. فقط جارج ۽ هن جون ٻه مائرون جيل کان ٻاهر رهن ٿيون. مائرن ۽ پنهنجي پيٽ گذر لاءِ جارج پڙهائي ڇڏي ٿو ڏئي ۽ سخت نااميد ٿي پوي ٿو.
    جارج کي هاڻ فقط اها اميد وڃي رهي ٿي ته من سندس محبوبا وِهاڪي هن جي ڪا مدد ڪري سگهي. پر هوءَ پنهنجي پيءُ جي قتل ٿيڻ تي سخت غم ۽ غصي ۾ آهي. جارج هن کي پيار جو واسطو ڏئي ٿو پر هن تي ايڏو ته خوف طاري آهي جو هوءَ جارج سان شادي ڪرڻ لاءِ دل نٿي ٻڌي سگهي. جارج آخر هي شهر ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ٿو ۽ پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائڻ لاءِ خودڪشيءَ جو پڪو پهه ڪري ٿو، پر جيئن ئي سندس مائرن کي خبر پوي ٿي ته هو هن کي ريهي ريڀي ان ڳالهه تان لاهين ٿيون. ناول جي آخر هڪ بيحد مايوسي جي ماحول ۾ ٿئي ٿي جنهن ۾ جارج پنهنجا هوش حواس وڃائي ويهي ٿو...
    هن ناول جي ليکڪ گوگي واٿيونگو لاءِ هتي ٻه اکر وڌيڪ لکندو هلان ته پاڻ 5 جنوري 1938ع تي ڄائو، يعني اسان واري امر جليل کان 4 سال ننڍو آهي. هن جا ٻيا به ڪيترائي ناول، افسانا، مضمون ۽ ڊراما لکيل آهن. پر مٿيون ناول ”ويپ ناٽ، چائلڊ“ واقعي ماسٽر پيس آهي. ڪينيا ۾ ڪنهن کي نوڪري يا بزنيس لاءِ گهڻو وقت رهڻ جو موقعو ملي ته هن کي ڪينيا جي ڪلچر، آزاديءَ لاءِ جدوجهد ۽ تاريخ کي سمجهڻ لاءِ هي ناول ضرور پڙهڻ کپي.
    گوگي واٿيونگو کي پڻ آزادي جي جدوجهد ۾ جيل اچي ويو هو ۽ 1977ع ۾ جيل مان آزادي ملڻ بعد هو آمريڪا ۾ رهيو جتي هن اتي جي Yale يونيورسٽيءَ ۾ ڪجهه سال پڙهايو. ان بعد نيويارڪ يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا ۾ پڻ پروفيسر جي حيثيت سان Comparative Literature ۽ پرفارمنس اسٽڊيز ٻه سبجيڪٽ پڙهايا.
    گوگيءَ مٿيون ناول 1964ع ۾ ان وقت لکيو جڏهن هو انگلنڊ جي University of Leeds ۾ پڙهي رهيو هو. هن ناول جي ان ڪري به گهڻي اهميت آهي جو هي انگريزي زبان جو پهريون ناول آهي، جيڪو ڪنهن آفريڪي لکيو ۽ آفريڪا ۾ ڇپيو. يعني اوڀر آفريڪا ۾ ڇپيو. Weep Not, Child بعد گوگيءَ (Ngugi Wa Thiong’o) ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيا. جن مان هڪ ٻيو ناول “The River Between” سال 1965ع ۾ لکيو. جيڪي پڻ تمام گهڻو مشهور آهي. اهو ناول به مائو مائو بغاوت جي پس منظر ۾ لکيو ۽ ان ۾ هن عيسائين ۽ غير عيسائين جي وچ ۾ ناڪام معاشقن بابت لکيو آهي. گوگيءَ جو هي ڪتاب ڪينيا جي سيڪنڊري اسڪولن جي سليبس تي رکيل آهي.


    آفريڪا جي غلام حسين وساڻجي کان ميران تائين

    ڪينيا ۾ انگريزن جي حڪومت کان وٺي اڄ به ننڍي کنڊ جي ماڻهن جو وڏو تعداد رهي ٿو. اڄ جيڪي ممباسا، نئروبي يا ڪينيا جي ٻين شهرن ۾ سک، گجراتي، ملباري، مارواڙي ۽ سنڌي نظر اچن ٿا، انهن مان ڪيترا ٽي يا چوٿين جنريشن جا آهن. 1970ع ۾ ممباسا ۾ جيڪي بوهري کوجا، سنڌي هندو يا ميمڻ ڪاٺياواڙي دڪاندار ملندا هئا، اهي ٻڌائيندا هئا ته هنن جا پيءُ يا ڏاڏا هتي آيا ۽ ممباسا ۾ رهندڙ بلوچن جا وڏا ته سڀ کان گهڻو اڳ آفريڪا جي ڪناري وارن شهرن ۾ پهتا. ڪينيا جي تاريخ، تهذيب، ثقافت، انگريزن جي راڄ جا داستان نه فقط هتي جي مڪاني شيدين قلمبند ڪيا آهن، پر ان سلسلي جا ڪيترائي ناول ڪينيا ۾ رهندڙ انڊين به لکيا آهن. اهڙن مان هڪ ايم.جي وساڻجي آهي جنهن جو 2003ع ۾ ڇپيل “The In Between World of Vikram Lall” ناول ڪينيا جي انگريز راڄ جي عڪاسي ڪري ٿو. هي ناول هڪ افسانوي (Fictional) يادگيريون آهن، ان ڪينيا جي انڊين شهريءَ جون، پنهنجي انڊين ورثي جون ۽ پنهنجي فئملي بابت جيڪو ڪينيا ۾ انگريز راڄ جي ڏينهن ۾ انڊيا کان لڏي نئروبيءَ ۾ اچي رهي ٿو. هن کي ان وقت ۽ انگريزن جي وڃڻ بعد پاڻ کي ڪينيا ۾ Adjust ڪرڻ ۾ ڪهڙيون مشڪلاتون سامهون اچن ٿيون، انهن جو احوال ڏنل آهي. ايم جي وساڻجي (سڄو نالو معيز غلام حسين وساڻجي) کي هن ڪتاب تي Giller Prize به ملي چڪو آهي.
    غلام حسين 30 مئي 1950ع تي ڪينيا جي گاديءَ واري شهر نئروبيءَ ۾ ڄائو ۽ سندس اسڪول وارا ڏينهن دارالسلام ۾ گذريا جيڪو اڄ ڪلهه تنزانيا جو شهر آهي.
    غلام حسين جو آغا خانين سان تعلق آهي ۽ سندس ڏاڏو 1925ع ۾ ٺٽي پاسي جي ڪنهن ڳوٺ کان ممباسا آيو هو. هي ۽ هن جهڙا ٻيا، جن جا وڏا سنڌ يا بلوچستان کان هتي آيا، اڄ ڪلهه انڊين ڪينين سڏجن ٿا جو انهن ڏينهن ۾ جڏهن هنن جي وڏن پنهنجو وطن ٺٽو، تلهار، حيدرآباد، شڪارپور، ڪوئيٽا ۽ سبي ڇڏيو، ان وقت اهي شهر انڊيا جا شهر سڏيا ويا ٿي ۽ اڄ به اهڙن ماڻهن جي پاسپورٽن تي ان وقت کان لکيل ”انڊين“ هلندو اچي. بهرحال معيز غلام حسين جيڪو پنهنجي ذات ”وساڻ جي“ سان M.G.Vassanji سڏائي ٿو، منهنجي نظرن ۾ بيحد قابل ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو آهي ۽ کيس سندس ڪتابن تي ڪيترائي بين الاقوامي ايوارڊ ملي چڪا آهن. دنيا ۾ هي پهريون اديب آهي، جنهن کي Giller Prize ايوارڊ ٻه دفعا ملي چڪو آهي. مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب تي سال 2003ع ۾ ۽ هڪ ان کان اڳ 1994ع ۾ The Book of Secrets تي ايوارڊ مليو.
    يونيورسٽي آف نئروبيءَ ۾ پڙهڻ دوران وساڻجيءَ کي آمريڪا جي مساچوسيٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ نيوڪليئر فزڪس پڙهڻ لاءِ اسڪالر ملي. ان بعد هن يونيورسٽي آف پينسلوانيا مان Ph.D مڪمل ڪئي. ان بعد 1978ع ۾ ڪئناڊا نوڪري لاءِ هليو ويو. ٻه سال نوڪري ڪرڻ بعد هن لکڻ جو سوچيو ۽ 1980ع ۾ ٽورنٽو اچي رهيو. اڄ ڪلهه هو ٽورنٽو ۾ ئي آهي ۽ پنهنجي زال نورجهان عزيز ۽ ٻن پٽن سان گڏ رهي ٿو. وساڻجي جي ناولن ۽ افسانن ۾ گهڻي ڀاڱي انهن انڊين جو احوال آهي جيڪي اوڀر آفريڪا ۾ رهن ٿا. جن ٻه ٻه دفعا هجرت ڪئي. هڪ انڊيا کان آفريڪا ڏي. ان بعد آفريڪا کان انگلنڊ، آمريڪا وغيره ڏي. معيز غلام حسين وساڻجي جا ڪجهه ناول ۽ افسانن جا مجموعا هن ريت آهن:
    • The Gunny Sack – هي سندس پهريون ناول آهي، جيڪو 1989ع ۾ ڇپيو.
    • No New land (1991ع)
    • Amriika (1999ع)
    • The Assassin’s Song
    • Uhuru Street (افسانن جو مجموعو جيڪو 1992ع ۾ ڇپيو).
    • When She was a Queen (2005).

    آفريڪا جي گهٽ ڄاڻ رکندڙ اهو ئي سمجهن ٿا ته آفريڪا اونداهو کنڊ آهي، جتي جا ماڻهو تعليم ۽ ٽيڪنالاجي ۾ پٺتي پيل آهن. آئون به ننڍي هوندي اهو ئي سوچيندو هوس. پر پوءِ سئيڊن جهڙي يونيورسٽيءَ مان تعليم دوران پنهنجن آفريڪي ڪلاس ميٽن سان جڏهن خيالن جي ڏي وٺ ٿي ته مون کي بيحد حيرت ٿي ته هو ڪن ڪن ڳالهين ۾ اسان کان به سلجهيل آهن. ڪينيا جهڙن ملڪن جي سياستدانن جي زندگيءَ جو احوال پڙهيم ته معلوم ٿيو ته کين ڄٽ چوڻ ائين آهي جيئن؛ مينهن ڍڳيءَ کي، پڇ ڪاري سڏي. آفريڪي ماڻهن جي لکيل ڪتابن، ٺاهيل فلمن ۽ آرٽ جي دنيا مان سندن ذهانت جي خبر پوي ٿي. اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻهو اسماعيلي، بوهري، ڪڇي، سک، گجراتي، سنڌي هندو ۽ ٻيا، جيڪي پنهنجو وطن ڇڏي واپار وڙي، پورهئي مزوري يا ڪنهن ٻئي روزگار لاءِ ڪينيا، يوگنڊا يا آفريڪا جي ٻين ملڪن ۾ پهتا، انهن جي اولاد ڪيترين تعليمي ڳالهين ۾ نالو پئدا ڪيو. آفريڪا جي يونيورسٽين مان پڙهي آمريڪا ۽ انگلنڊ جي يونيورسٽين ۾ اتي جي مڪاني گورن انگريزن ۽ آمريڪن کي پڙهايو. اهڙن مان هڪ ”علي الامين مزروئي“ هو. جيڪو 1933ع ۾ ممباسا ۾ ڄائو ۽ دنيا ۾ مشهور ليکڪ مڃيو وڃي ٿو. پاڻ آفريڪن ۽ اسلامڪ اسٽڊيز جو تعليمي ۽ سياسي ليکڪ سڏجي ٿو.
    علي مرزوئيءَ ممباسا جي اسڪولن مان بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ بعد 1960ع ۾ مانچسٽر يونيورسٽي انگلنڊ مان B.A ڪئي ۽ نيويارڪ جي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان M.A ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان Ph.D ڪئي. ان بعد هو مڪاريري يونيورسٽي ڪمپالا (يوگنڊا) ۾ پوليٽيڪل سائنس جو هيڊ ۽ 1966ع ۾ سوشل سائنسز فيڪلٽيءَ جو ڊين ٿي رهيو. هن يونيورسٽيءَ ۾ هُن 1966ع کان 1973ع تائين نوڪري ڪئي. ان بعد عيدي امين جي حڪم تي ته ڪو به انڊين آفريڪا ۾ نه رهي، علي مرزوئيءَ کي به ملڪ بدر ٿيڻو پيو ۽ 1974ع ۾ هن کي يونيورسٽي آف مشيگان ۾ پروفيسري ملي وئي، جتي هو 1978ع کان 1981ع تائين افرو آمريڪن ائنڊ آفريڪن اسٽڊيز سينٽر جو ڊائريڪٽر ٿي رهيو. 1989ع ۾ هو بنگهمٽن يونيورسٽي ۽ اسٽيٽ يونيورسٽي آف نيويارڪ جو Albert Schweitzer پروفيسر ٿي رهيو جيڪو بيحد وڏو اعزاز آهي. نوڪري جي آخري سالن ۾ جومو ڪينياتا يونيورسٽي آف ائگريڪلچر ۽ ٽيڪنالاجي، نئروبي جو چانسلر ٿي رهيو ۽ 1999ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. پاڻ BBC جي ٽيليويزن سيريز The Africans: A Triple Heritage کان آفريڪا ۽ يورپ ۾ مشهور آهي.
    اهڙو ئي هڪ ٻيو آفريڪا جو رهاڪو انڊين محمود ممداني آهي جنهن کي انگريزي، هندي ۽ گجراتي سان گڏوگڏ فرينچ، پنجابي، اڙدو ۽ آفريڪي سواحلي، گولاح ۽ لگانڊا زبانون به آيون ٿي. پاڻ 1947ع ۾ ڪمپالا ۾ ڄائو ۽ اڄ ڪلهه آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ ائنٿروپالاجي ۽ پوليٽيڪل سائنس جو پروفيسر آهي. محمود ممداني جو ڏاڏو آفريڪا آيو هو. بنيادي تعليم ڪينيا ۽ يوگنڊا مان حاصل ڪئي. ان بعد 1962ع ۾ جيئن ئي يوگنڊا کي خود مختياري ملي ته ممدانيءَ کي اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا طرفان اسڪالر شپ ملي. هن B.A يونيورسٽي آف پٽسبرگ مان ۽ M.A ٽفٽس يونيورسٽي مان ڪرڻ بعد 1974ع ۾ هارورڊ يونيورسٽيءَ مان Ph.D ڪئي.
    ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ بعد ممداني يوگنڊا پهتو ته عيدي امين ٻين انڊين سان گڏ، هن کي به ملڪ بدر ڪري ڇڏيو. هو ڏيهه نيڪالي وارا ڏينهن انگلنڊ ۾ رهيو، پر پوءِ سگهو ئي کيس تنزانيا جي يونيورسٽي آف دارالسلام ۾ نوڪري ملي وئي. عيدي امين جي سعودي عرب ڀڄي وڃڻ ۽ ملٽن اوبوٽي جي نئين صدر ٿيڻ تي ممداني يوگنڊا موٽي آيو ۽ اتي جي ماڪريري يونيورسٽي ڪمپالا ۾ نوڪري ڪئي. ان بعد 1996ع کان 1999ع تائين يونيورسٽي آف ڪيپ ٽائون (سائوٿ آفريڪا) ۾ پڻ پروفيسر ٿي رهيو.
    پروفيسر محمود ممدانيءَ تمام گهڻو ۽ تمام سٺو لکيو آهي، مطالعي جي شوقينن لاءِ هتي ڪجهه ڪتابن جا نالا لکندس، جيڪي ممدانيءَ مختلف وقتن تي لکيا آهن:
    • From citizen to Refugee
    • Politics & Class Formation in Uganda
    • When Does a Settler Become Native
    • Good Muslim Bad Muslim وغيره وغيره.
    پروفيسر ممداني انڊيا ۽ پاڪستان جي ماڻهن ۾ ايترو مشهور نه آهي جيترو سندس زال آهي. سندس زال جو نالو کڻندس ته انڊين فلمي دنيا جا شوقين هن کي ضرور سڃاڻندا. منهنجي به ساڻن واشنگٽن ۾ يوگنڊا جي قومي ڏينهن واري فنڪشن تي ڪينيا جي هڪ دوست سڃاڻپ ڪرائي ته مون کي به حيرت ٿي هئي. پروفيسر ممداني جي زال نيو يارڪ ۾ رهندڙ انڊين فلم ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر مِيرا نَير آهي جنهن جو ”سلام بامبي“ ۽ ”مسي سپي مسالا“ انگريزي فلون ڏاڍيون مشهور ٿيون ۽ يورپ ۽ آمريڪا ۾ وڏي شوق سان ڏٺيون ويون.
    ميرا نير (Mira Nair) به ڪافي پڙهيل ڳڙهيل ۽ قابل عورت آهي. سندس مڙس پروفيسر ممداني وانگر ميرا به هارورڊ يونيورسٽي جي گريجوئيٽ آهي، پر هنن جي ملاقات يونيورسٽيءَ ۾ نه پر ڪمپالا (يوگنڊا) ۾ ٿي، جڏهن مِيرا 1988ع ۾ پنهنجي انگريزي فلم Mississippi Masala (مسي سپي مسالا) جي سلسلي ۾ پهريون دفعو يوگنڊا پهتي هئي. پروفيسر ممداني وڏي عرصي کان يوگا ڪندو آيو ٿي. ميرا فلم جي شروعات فلم جي عملي جي يوگا ڪرڻ سان ڪئي ٿي، جنهن لاءِ هن کي ممداني سان صلاح مشورو ڪرڻو پيو هو.
    ميرا 1957ع ۾ انڊيا جي اوڙيسا جي شهر روڙڪيلا ۾ هڪ سرڪاري ڪاموري جي گهر ۾ ڄائي. هن بنيادي تعليم شملا جي هڪ ڪانوينٽ اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد دهلي يونيورسٽي مان سوشالاجي ۾ گريجوئيشن ڪئي جنهن کان پوءِ هڪ ڊراما ڪمپني ذريعي اسٽريٽ ٿيٽر ۾ حصو ورتو. 1976ع ۾ جڏهن هوءَ 19 سالن جي هئي ته هن کي اسڪالر شپ ملڻ تي آمريڪا وڃڻو پيو ۽ هارورڊ يونيورسٽيءَ مان ساڳي سجبڪيٽ سوشالاجي ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي.
    ميرا جي پهرين فلم سلام بامبي آهي، جيڪا هن 1988ع ۾ ٺاهي. هيءَ فلم هندي ۽ انگريزي زبانن ۾ آهي. ميرا هن فلم جي ڪهاڻيڪار، ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر آهي. هن فلم جا اداڪار آهن، شفيق سيد، هنسا وٺل، چندا شرما، انيتا ڪنور، نانا پاٽيڪر ۽ رگوير ياديو. هيءَ فلم بمبئي جي گهٽين ۾ هلندڙ رول ٻارن بابت آهي، جنهن ۾ ڏيکاريل بي گهر ٻار سچ پچ ممبئي جي گهٽين جا آهن جن کي ائڪٽنگ جي ٽريننگ ڏني وئي. 1989ع ۾ ميرا هڪ ”سلام ٻالڪ ٽرسٽ“ نالي سوسائٽي ٺاهي جنهن ذريعي فلم ۾ ڏيکاريل تقريباً سڀني ٻارن کي روزگار سان لڳائي گهر گهاٽ مهيا ڪيو ويو. ميرا جي هيءَ سوسائٽي اڄ به ممبئي، دهلي ۽ ڀوبن شِور شهر جي گهٽين ۾ گهمندڙ بي گهر ۽ يتيم ٻارن جي سار سنڀال جو بندوبست ڪري ٿي. هن فلم ۾ ڪرشنا جو رول ادا ڪندڙ شفيق سيد اڄ ڪلهه بئنگلور ۾ رڪشا ڊرائيور آهي.
    ميرا جي هڪ ٻي فلم جيڪا فقط انگريزي زبان ۾ آهي، مسي سپي مسالا آهي، جيڪا 1991ع ۾ آمريڪا ۽ انگلينڊ ۾ رليز ٿي هئي. هن فلم ۾ ڊينزل واشنگٽن، روشن سيٺ، ساريتا چوڌريءَ ۽ شرميلا ٽئگور پڻ ائٽڪنگ ڪئي آهي. 1972ع ۾ يوگنڊا جي صدر عيدي امين هڪ ڏينهن صبح جو اٿڻ سان اهو حڪم جاري ڪيو ته سندس ملڪ ۾ رهندڙ سڀ انڊين (جن ۾ هندو، مسلمان، گجراتي، ڪڇي، آغا خاني، سنڌي اچي ويا ٿي) 30 ڏينهن اندر هٿين خالي يوگنڊا ڇڏي وڃن ۽ سندن جاين، جڳهين، دڪانن ۽ واپار تي مڪاني شيدين، خاص ڪري عيدي امين جي سپاهين خوب جاوا ڪيا. ڪجهه عرصي لاءِ ته هنن عيش ڪيو پر پوءِ جيئن ته واپار جهڙو ڪاروبار هلائي نه سگهيا ۽ نه دنيا ۾ ساک قائم ڪري سگهيا، ان ڪري هن ملڪ جي حالت اهڙي تباهه ٿي وئي، غربت ۽ مهانگائي ايتري وڌي وئي جو اها ئي قوم عيدي امين جي ايترو ته خلاف ٿي وئي، جو ملڪ جو هي ڊڪٽيٽر پنهنجو ملڪ ڇڏي سعودي عرب ۾ وڃي لڪيو. ٻي ڳالهه ته ڪينيا يا يوگنڊا جي ملڪ ۾ جيڪي انڊين (جن ۾ گهڻائي گجراتي کوجن، بوهرين، ڪڇين، هندن ۽ سني مسلمانن جي هئي) اچي Settle ٿيا، اهي بندوق جي زور تي نه آيا. هنن کي انگريزن پورهئي ۽ دڪان هلائڻ لاءِ سڏايو. آفريڪا ۾ رهي، هنن خير جا ڪم ڪيا. امن امان سان هليا. پنهنجي اولاد کي پڙهايو، جن مڪاني شيدين کي تعليم ڏني. ڊاڪٽر، وڪيل، انجنيئر ٿي ڪينيا ۽ يوگنڊا جي عوام ۽ ملڪن جي خدمت ڪئي ۽ هاڻ سندن ٽي چوٿين ٽهي هتي رهي ٿي ۽ هنن گجرات کي نه پر يوگنڊا ۽ ڪينيا کي ئي پنهنجو وطن سمجهيو ٿي ته هڪ ڏينهن ملڪ جي دماغ ڦريل صدر ۽ ظالم ڊڪٽيٽر کين بي گهر ۽ بي وطن ڪري ڇڏيو.
    ميرا نير جي انگريزي فلم ”مسي سپي مسالا“ دراصل هڪ اهڙي ٿرڊ جنريشن، يوگنڊا جي انڊين فئملي جي ڪهاڻي آهي، جيڪا يوگنڊا جي گاديءَ واري شهر ڪمپالا ۾ رهي ٿي جنهن کي 1972ع ۾ عيدي امين جي حڪومت ملڪ بدر ڪري ڇڏيو آهي. هن فئملي جو پيءُ (روشن سيٺ) پنهنجي زال (شرميلا ٽئگور) ۽ ڌيءَ مينا (ساريتا چوڌري) سان گڏ مسي سپي (USA) هليا وڃن ٿا، جتي هنن جي مائٽن جو موٽل بزنيس آهي. 1990ع ۾ چوويهه سالن جي ڌيءَ مينا جيڪا انيل (رنجيت چوڌري) جي موٽل مانٽي ڪرسٽو ۾ صفائيءَ جو ڪم ڪري ٿي ڊميٽرس (ڊينزل واشنگٽن) نالي هڪ آفريڪي آمريڪن (يعني آمريڪا جي هڪ شيدي جنهن جا وڏا آفريڪا مان غلام بڻجي آمريڪا آيا) سان عشق ٿي وڃي ٿو. ڊميٽرس ان ساڳي موٽل ۾ غاليچا صاف ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو. هاڻ سڄو چڪر اهو هلي ٿو ته هڪ طرف انڊين ڇوڪري آهي ته ٻئي طرف شيدي. مينا جا مائٽ ان ڳالهه کي خراب ٿا سمجهن ۽ نٿا چاهين ته ڇوڪريءَ جي شادي هڪ شيديءَ سان ٿئي پر ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جو هڪ ٻئي سان بي انتها پيار آهي ۽ ڇوڪري (مينا) پنهنجي عاشق ڊميٽرس جي گاڏيءَ ۾ هن سان گڏ ڀڄي وڃي ٿي. انهي دوران يوگنڊا جو عيدي امين هليو وڃي ٿو ۽ ان جي جاءِ تي چونڊيل نئون صدر ملڪ مان تڙيل انڊين کي يوگنڊا موٽڻ ۽ پنهنجي ملڪيت حاصل ڪرڻ لاءِ اعلان ڪري ٿو. جئه ڪمپالا موٽي پنهنجي گهر کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪري ٿو.... وغيره وغيره.
    هن فلم جي ڪهاڻي نيويارڪ جي علائقي بروڪلن ۾ تيار ڪئي وئي جنهن تي ميرا سان گڏ سندس هارورڊ جي ڪليگ تراپوريوالا ڪم ڪيو آهي. مسي سپي واريون سينون مسي سپي جي شهرن گرين ووڊ، گريناڊا، بلاڪسي ۽ اوشن اسپرنگ ۾ ورتل آهن ۽ يوگنڊا واريون ڪمپالا ۾ نڪتل آهن. بهرحال توهان آفريڪا جي تاريخ کان واقف آهيو ۽ فلمن جا شوقين آهيو ته پڪ اٿم ته توهان کي ميرا جون فلمون پسند اينديون. مٿين ٻن فلمن کان علاوه ميرا جي هڪ مزاحيه فلم The Perez Family ۽ مون سون ويڊنگ به ڏسڻ وٽان آهن. دي پرز فئملي 1995ع ۾ ٺهي جيڪا آمريڪا ۾ پناهه وٺندڙ ڪيوبا جي رهاڪن بابت آهي. Monsoon Wedding جي ڪهاڻي سابريانا ڌاون جي لکيل آهي، جنهن جي ڊئريڪشن ميرا نير ڪئي ۽ 2001ع ۾ رليز ٿي. هيءَ هڪ رومانٽڪ قسم جي فلم آهي، جنهن ۾ هڪ روايتي قسم جي پنجابي شادي دهليءَ ۾ ڏيکاريل آهي.


    چئن زالن وارو صدر جومو ڪينياتا

    ڪينيا جي ماڻهن لاءِ جوموڪينياتا ائين آهي جيئن اسان پاڪستانين لاءِ قائدِ اعظم محمد علي جناح آهي. جيئن جناح صاحب پاڪستاني قوم جو ابو سمجهيو وڃي ٿو تيئن جوموڪينياتا ڪينيا وارن لاءِ آهي. جيئن اسان جي ملڪ ۾ ڪيترين ئي شين جو نالو جناح صاحب سان منسوب آهي، تيئن نئروبيءَ جي هوائي اڏي جو نالو، ملڪ جي وڏي ۽ اهم يونيورسٽيءَ جو نالو يا ڪيترن ئي شهرن جي اهم روڊن، عمارتن، پارڪن ۽ پُلين جو نالو جوموڪينياتا آهي. جومو ڪينياتا هن ملڪ (Kenya) کي انگريزن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي سال جدوجهد ڪئي، جيل ڪاٽيا، عام ماڻهوءَ ۾ شعور پيدا ڪيو. پاڻ ڪينيا جو پهريون صدر ٿي گذريو آهي. جتي ڪينيا ۽ جوموڪينياتا جي ڳالهه ٿي هلي اتي ڪيڪويو (Kikuyu) ۽ مائو مائو (Mau Mau) جا نالا به اچن ٿا. مائو مائو ڪينيا جي اها تحريڪ آهي، جيڪا جوموڪينياتا جهڙن هلائي ۽ انگريزن کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو. انگريزن هن تحريڪ جي ميمبرن جو وڏو انگ قتل ڪيو. ڪيڪويو ڪينيا جو هڪ قبيلو آهي جنهن سان جوموڪينياتا ۽ ٻين ڪيترن مائو مائو جي ميمبرن جو واسطو هو.
    آفريڪا جي ٻين ملڪن وانگر ڪينيا ۾ به ڪيترا ئي قبيلا آهن جن ۾ ملڪ جا ماڻهو ورهايل آهن. هر قبيلي جو پنهنجو ڪلچر، رسم رواج ۽ اصول آهن.
    ڪيڪويو ڪينيا جو سڀ کان وڏو قبيلو آهي، جنهن جي ماڻهن سنڌ جي حرن وانگر، انگريز راڄ جي سڀ کان گهڻي مخالفت ڪئي. ڪيڪويو جنگجو قسم جا ماڻهو آهن، جيئن انڊيا ۾ سک ۽ گورکا – جن کي انگريزن پنهنجي فوج ۾ رکيو. ڪيڪويو قبيلي جي ماڻهن انگريزن جي فوج ۾ نوڪري لاءِ وڃڻ به چاهيو ٿي ته به انگريزن کين رکڻ نٿي چاهيو، جو انگريزن کي هنن جي وفاداريءَ تي هميشه شڪ رهيو ٿي. بهرحال هن قبيلي بابت ڪو عام ماڻهو يا ائنٿروپالاجي جو شاگرد معلومات حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندو هجي ته هن کي جومو ڪينياتا جو ڪتاب Facing Mount Kenya پڙهڻ کپي.
    ڪينيا جو هي باباءِ قوم اسان جي جناح صاحب کان ڪافي ننڍو هو. محمد علي جناح 18 سالن جو هو ته جومو ڪينياتا 1894ع ۾ گاتندو ۾ ڄائو. چوڌاري انگريزن جو راڄ هو. هن ملڪ جو اڄ وارو نالو ڪينيا اڃان وجود ۾ نه آيو هو. هي علائقو ”برٽش ايسٽ آفريڪا“ سڏبو هو. جومو ڪينياتا (JOMO KENYATTA) جو ڄمڻ وقت نالو ڪمائو (KAMAU) هو. ڪي ماڻهو، خاص ڪري مسلمان ملڪن جا اهو ٿا سمجهن ته جومو مسلمان هو ۽ سندس نالو جمعو هو، جيڪو نالو اڄ به آفريڪا جي مسلمانن ۾ عام آهي. جوموءَ پنهنجي ڪتاب ۾ پنهنجي طهر جو به احوال لکيو آهي. دراصل اڄ به آفريڪا جي ڪيترن قبيلن ۾ ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جو پنهنجي قبيلي جي ڪلچر مطابق طهر ٿئي ٿو. آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ويندي ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ ڇوڪرين جي هن قسم جي طهر بابت تفصيلي احوال آئون پنهنجي اڙدو واري سفرنامي ”سمندر ڪي دن“ ۾ لکي چڪو آهيان. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا هي طهر ٽولن ۾ ٿين ٿا ۽ هو ان ٽولي جي نالي سان ائين سڏبا آهن جيئن ڪو پنهنجي ڪاليج جي بئچ جي نالي سان سڏائي ٿو، يا جيئن CSP آفيسر پنهنجي گروپ ۽ بئچ جي نمبر سان سڃاڻپ ڪن ٿا. هي طهر وڏي عمر ۾ گهڻو ڪري شاديءَ کان اڳ ڪيا وڃن ٿا. جومو ڪينياتا جو طهر به اسڪول جي پڙهائي پوري ڪرڻ بعد، 1912ع ۾ جڏهن هو 18 سالن جو هو ته قبيلي جي ٻين هم عمر ٻارن سان گڏ رسمن مطابق اجتماعي طهر ٿيو ۽ ڪيڪويو قبيلي جي ان گروپ جو نالو Kihiu Mwiri رکيو ويو.
    سو جومو ڪينياتا جڏهن ڄائو ته سندس پيءُ ’موئي گائي‘ ۽ ماءُ، ’وام بوئيءَ‘ پنهنجي پٽ جو نالو ”ڪمائو“ رکيو. ڪمائو اڃان ننڍو ئي هو ته سندس پيءُ گذاري ويو، جنهن کان پوءِ سندن قبيلي جي وهنوار مطابق سندس چاچي کيس پٽ ڪري پاليو ۽ پنهنجي چاچي گينگي (Ngengi) جو پٽ سڏجڻ لڳو ۽ قبيلي جي رسم مطابق سندس ماءُ، گينگيءَ جي زال ٿي رهڻ لڳي. سگهوئي سندس ماءُ پڻ گذاري وئي ۽ ڪمائو پنهنجي ڏاڏي وٽ اچي رهيو، جيڪو جڙين ٻوٽين جو حڪيم هو ۽ مُٿيگا ڳوٺ ۾ رهيو ٿي. ڪمائو ڏهن سالن جو هو ته کيس پيرن ۾ ڦٽ ٿي پيا ۽ سندس ڏاڏو انگريز عيسائين جي هڪ گرجا گهر (Church) واري اسپتال ۾ وٺي ويس، جتي هڪ انگريز ڊاڪٽر سندس ٻنهي پيرن ۽ هڪ ٽنگ جي آپريشن ڪئي. ڪمائوءَ لاءِ هي پهريون موقعو هو جو هن يورپي قوم جي گورن کي ڏٺو ۽ هو بيحد متاثر ٿيو.
    ڪمائوءَ جي جتي آپريشن ٿي اتي هن عيسائين جي گرجا گهر سان گڏ هڪ تبليغي جماعت جو مشنري اسڪول به هو. هن اسڪول ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ڪمائوءَ کي سندس ڊاڪٽر ۽ ٻين عيسائين مطمئن ڪيو هو. سو چاق ٿيڻ بعد هڪ ڏينهن ڏاڏي جو گهر ڇڏي اچي، هن اسڪول جي هاسٽل ۾ رهيو. اسڪول جي في ڀرڻ لاءِ هو اسڪول جي ڀر ۾ رهندڙ انگريز جي گهر ۾ شام جي وقت نوڪر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. اسڪول ۾ ڪمائو جا سبجيڪٽ انگريزي، مئٿس، بائيبل ۽ ڪارپينٽري (واڍڪو ڪم) هو.
    1912ع ۾ اسڪول جي پڙهائي مڪمل ڪرڻ بعد هن واڍڪو ڪم شروع ڪيو ۽ ساڳي وقت سندس قبيلي ڪيڪويو جي رسمن رواجن مطابق هن جو طهر ٿيو ۽ قبيلي جو هڪ بالغ فرد قرار ڏنو ويو. ٻن سالن بعد ڪمائوءَ پنهنجي اسڪول واري گرجا گهر جي پادرين جي سمجهائڻ تي عيسائي مذهب اختيار ڪيو ۽ پنهنجو نالو پيٽر ڪمائو ۽ پوءِ ڪجهه مهينن بعد جانسن ڪمائو رکرايو. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن پهرين عالمي جنگ (World war I) شروع ٿي چڪي هئي ۽ انگريز حڪومت ڪيڪويو قبيلي جي صحمتند نوجوانن کي زبردستيءَ ونگار ۾ ڪم تي لڳائڻ شروع ڪري ڏنو هو. جوموڪينياتا پنهنجو قبيلو ڇڏي ناروڪ نالي هڪ شهر ۾ ماسائي قبيلي جي ماڻهن سان اچي رهيو، جتي هو هڪ گجراتي سيٺ وٽ ڪلارڪ ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. هن کي هاڻ انگريزن لاءِ سخت نفرت پئدا ٿي پئي، جو هنن ڪيڪويو قبيلي لاءِ جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو. هي اهو وقت هو جڏهن جوموءَ پنهنجي قبيلي جي علامتي نشاني خاطر موتين وارو بيلٽ ٻڌڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي ڪيڪويو قبيلي سان واسطو هجڻ جو اعلان ڪيو. قبيلي جي هن بيلٽ (پَٽي) کي سندن زبان ۾ ڪينياتا سڏجي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي ”ڪينيا جي روشني“. هتي ڪينيا جبل ڏي اشارو آهي، جنهن تان هن ملڪ جو Kenya نالو پيو. ڪينياتا سواحلي زبان جو لفظ آهي، جيڪا آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري تي تمام گهڻي ڳالهائي وڃي ٿي.
    1919ع ۾ ڪمائوءَ جي پهرين زال ”گريس واهو“ سان ملاقات ۽ شادي ٿي، جنهن مان سال بعد کيس پهريون پٽ ”پيٽر موئي گائي“ ڄائو. ڪمائو روزگار خاطر مختلف نوڪريون ۽ پورهيا ڪندو رهيو، جن مان هڪ ترجمي ڪار (انٽر پريٽر) جو به هو. هن نئروبي جي هاءِ ڪورٽ ۾ انگريزي ۽ سواحلي جو ترجمو ڪيو ٿي. ان کان علاوه هن هڪ سيڌي جو هٽ به کوليو. 1922ع ۾ هن پنهنجا سمورا پراڻا نالا ختم ڪري، نئون نالو ”جومو ڪينياتا“ اختيار ڪيو. جوموڪيڪويو قبيلي جو نالو آهي، جنهن جي معنيٰ ٻرندڙ ڀالو آهي. جوموءَ ڪجهه عرصو نئروبي شهر جي ميونسپالٽي جي نلڪن جو ميٽر ريڊر به ٿي ڪم ڪيو. هي اهي ڏينهن هئا جو جوموءَ سياست ۾ دلچسپي ورتي ۽ 1924ع ۾ ڪيڪويو سينٽرل ائسوسيئيشن (KCA) جو ميمبر ٿيو ۽ پوءِ هن تحريڪ جي اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ۽ 1928ع ڌاري پاڻ KCA جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ان بعد هن ميونسپالٽي جي نوڪري ڇڏي ڏني. انگريز سرڪار کان مڪاني ماڻهن جا حق حاصل ڪرڻ لاءِ جومو 1929ع ۾ لنڊن روانو ٿيو پر هن کي ڪاميابي حاصل ڪرڻ بنا موٽڻو پيو. مئي 1931ع ۾ KCA جي نمائندي جي حيثيت ۾ جومو کي هڪ دفعو وري لنڊن وڃڻو پيو. پر هن جي هر ڳالهه ۽ درخواست تي ڪن لاٽار ڪئي وئي. جومو ڪينياتا واپس اچڻ بدران انگلنڊ ۽ روس جي مختلف ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪندو رهيو ۽ پنهنجي ملڪ کان 15 سال ٻاهر رهيو. يونيورسٽي ڪاليج، لنڊن ۾ تعليم دوران هن پنهنجي قبيلي ڪيڪويو جي زبان ۽ انگريزي جي ڊڪشنري تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. 1938ع ڌاري جڏهن هو اسڪول آف ايڪاناماڪس لنڊن ۾ ائنٿروپالاجي پڙهي رهيو هو ته: هن Facing Mount Kenya ڪتاب لکيو جيڪو سندس ايم اي پاس ڪرڻ ۾ ٿيسز هو. هي ڪتاب ايڏو مشهور آهي جو اڄ ڏينهن تائين لڳاتار ڇپبو رهي ٿو. هن ڪتاب ۾ جومو ڪينياتا عورتن جي طهر جي حق ۾ تمام گهڻو لکيو آهي ۽ سندس قبيلي Kikuyu جي ان رسم کي قائم رکڻ لاءِ هن تمام گهڻي وڪالت ڪئي آهي. بهرحال جومو جي هن ڳالهه به تمام گهڻي Controversy پيدا ڪئي آهي.
    انگلنڊ ۾ رهائش دوران ۽ خرچ جو پورائو ڪرڻ لاءِ هو مختلف پورهيا ۽ نوڪريون ڪندو رهيو. گهڻو وقت هن هارپو ڪيو ٿي، ڪڏهن ڪڏهن مختلف ڪاليجن ۾ ليڪچر به ڏنا ٿي، ٻنين ۽ باغن ۾ ڏهاڙيءَ (Wage Worker) جي حساب سان ڪم ڪيو ٿي. هڪ فلم جيڪا 1943ع ۾ Sanders of the River جي نالي سان رليز ٿي ان ۾ ايڪسٽرا جو رول ڪيو اٿس. 1942ع ۾ جومو ڪينياتا ايدنا ڪلارڪ نالي هڪ انگريز آيا سان ٻي شاي ڪئي جنهن مان کيس پيٽر مئگنا نالي پٽ ڄائو.
    جيئن جيئن ٻي عالمي جنگ (World war-II) وڌندي وئي، انگريزن جي حالت ڪمزور ٿيندي وئي. انڊيا جهڙا ڪيترائي ملڪ انگريزن ۽ يورپين کان آزاديءَ جي گهُر ڪرڻ لڳا. مختلف ملڪن جا پڙهيل ڳڙهيل ۽ آزاديءَ جي تحريڪن جا پرجوش آفريڪي ۽ ايشيائي ميمبر، جيڪي لنڊن ۾ رهيل هئا، اهي هڪ هنڌ گڏجي ميٽنگون ڪرڻ لڳا ۽ پنهنجن پنهنجن ملڪن کي غلاميءَ جي ڄار مان ٻاهر ڪڍڻ جو سوچڻ لڳا. ڊاڪٽر هئسٽنگس بانڊا (Banda) جيڪو پوءِ ملاوي (Malavi) ملڪ جو صدر چونڊيو ويو، ٻي جنگ دوران لنڊن ۾ ئي ڦاسي پيو جو مسافر کڻڻ وارا جهاز بيهي ويا هئا. بانڊا کي لنڊن ۾ پنهنجو گهر هو جتي جومو ڪينياتا ۽ آفريڪا جا ٻيا ليڊر آزاديءَ بابت ميٽنگون ڪرڻ لڳا. انهن مان ڪيترا آزادي ملڻ بعد پنهنجن ملڪن جا صدر ۽ وزيراعظم ٿيا، جيئن ته گهانا جو ڪوامي نڪرما، رهوڊيشيا جو هئري موانگا ڪوبولا، ڏکڻ آفريڪا جو ناول نويس پيٽر ابراهام ۽ ٻيا.
    سيپٽمبر 1946ع تي ڪينياتا پنهنجي برٽش زال کي اتي ئي ”ڦِٽو ڪري“ ڪينيا موٽيو ۽ گريس وانجيڪو نالي حبشڻ سان ٽي شادي ڪيائين ۽ گٿونگوري شهر جي ”ڪينيا ٽيچرس ڪاليج“ جو پرنسپال ٿي رهيو. سندس پراڻي پارٽي KCA تي انگريزن طرفان بندش لڳي چڪي هئي، ان جي جاءِ تي هاڻ KAU (ڪينيا آفريڪن يونين) ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪري رهي هئي، جنهن جو ڪينياتا کي 1947ع ۾ صدر بنايو ويو. ڪينياتا سڄي ملڪ جا دورا ڪري ماڻهن ۾ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ سجاڳي پيدا ڪئي.
    1950ع ۾ جوموڪينياتا جي ٽين زال ٻار ڄڻڻ دوران مري ويئي ۽ سال کي هن جي غم ۾ ڪاٽي نگيه مُوهوهو نالي هڪ ٻي حبشڻ سان چوٿين شادي ڪيائين. ان ئي سال برٽش حڪومت مائو مائو جي تخريبي ڪمن جي آڙ ۾ جوموڪينياتا کي جهلي مٿس ڪيس هلايو. هي ڪيس ٽي چار مهينا هلندو رهيو. ڪورٽ جي جج کُلي طرح جومو جي مخالفت ڪئي. هن ڪيس کي سڄي دنيا ۾ وڏي مشهوري ملي. جج جوموڪينياتا کي ڏوهاري قرار ڏيئي ست سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ڏني. جومو جي جيل دوران برطانيا راڄ مائو مائو تحريڪ تي وڏي وٺ پڪڙ ۽ مار ماران ڪئي ۽ هن تحريڪ کي ذري گهٽ نابود ڪري ڇڏيو. جوموڪينياتا جي غير حاضري ۾ تحريڪ ۽ سياسي پارٽي جو ڪم ٽام مبويا (Tom Mboya) هلائيندو رهيو ۽ KAU پارٽي کي هڪ نئين سياسي پارٽي KANU (ڪينيا آفريڪن نئشنل يونين) سان ملايو ويو. 21 آگسٽ 1961ع تي جومو ڪينياتا کي ان شرط تي آزاد ڪيو ويو ته هو ڪنهن به سياسي پارٽي جو عهديدار نه ٿيندو. انگريز سرڪار به هاڻ تڏا ويڙه جي تيارين ۾ هئي. حالتن جو جائزو لڳائي انگريزن اهو ئي سوچيو ته ڪينيا کي هاڻ سندن ماڻهن حوالي ڪيو وڃي. هنن ڪينيا کي آزادي ڏيڻ کان اڳ ملڪ ۾ چونڊون ڪرايون ۽ جوموڪينياتا حڪومت ٺاهي. 12 ڊسمبر 1963ع تي انگريزن ڪينيا کي آزادي ڏني، جنهن جو پهريون وزيراعظم جوموڪينياتا ٿيو. هڪ سال بعد صدارتي نظام قائم ڪيو ويو ۽ جوموڪينياٽا صدر چونڊيو ويو. 1977ع ۾ جومو کي دل جو دورو پيو پر بچي ويو. 14 آگسٽ 1978ع تي هن ممباسا ۾ پنهنجي سڄي فئملي جي گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ سندس انگلنڊ وارو پٽ پيٽر به پنهنجي فمئلي سان ممباسا ۾ اچي مليو. پوري هفتي بعد 22 آگسٽ تي جوموڪينياتا ننڊ ۾ گذاري ويو. پاڻ ان وقت 80 ورهين جي ڄمار جو هو. کيس 31 آگسٽ 1978ع تي نئروبيءَ ۾ دفن ڪيو ويو جتي سندس وڏو مقبرو ٺهيل آهي.
    جومو ڪينياتا جي وفات وقت ملڪ جو نائب صدر ڊئنيل اراپ موئي هو جيڪو پوءِ جومو جي جاءِ تي ملڪ جو صدر ٿيو.


    آفريڪا ۾ تعليم ۽ هڪ کان وڌيڪ شاديون

    ڪيترن جي شايد اها سوچ هجي ته آفريڪا جا شاگرد ائين ئي صفا موڳا مٽر آهن. گهٽ ۾ گهٽ پوسٽ گرئجوئيشن ڪرڻ کان اڳ تائين مون به اهو ئي سوچيو ٿي. پوءِ جڏهن سئيڊن جي ”ورلڊ يونيورسٽي مالمو“ ۾ MSc ڪرڻ جو موقعو مليو ته يونيورسٽي ۾ توڙي هاسٽل ۾ آفريڪا جي مختلف ملڪن جي حبشي شاگردن جي ذهانت ۽ پازيٽو سوچ کي ڏسي بيحد حيرت ٿي. جنهن جو اظهار مون پنهنجن Scandinavia وارن سفرنامن: ڪراچي کان ڪوپن هيگن، ملير کان مالمو جهڙن سفرنامن ۾ ڪيو آهي. اسانجي 200 کن شاگردن جي ٽولي ۾ 60 کن شاگرد آفريڪا کنڊ جي ملڪن جا هئا. هر ليڪچر بعد هنن سوال ڪيا ٿي، ليڪچر غور سان ٻڌا ٿي ۽ امتحانن ۾ مٿانهون نمبر آيا ٿي. انهن 60 کن شاگردن ۾ 20 کن عورتون هيون جيڪي ڪمپالا، نئروبي، دارالسلام جي يونيورسٽين مان گرئجوئيشن ڪري آيون هيون. اڄ آئون پنهنجو پاڻ کي انهن يونيورسٽين جي سرزمين (آفريڪا کنڊ) تي موجود ڏسي عجيب محسوس ڪري رهيو آهيان.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته نئروبي جون يونيورسٽيون ممبئي، ڪلڪتي يا لاهور جي يونيورسٽين وانگر بيحد آڳاٽيون نٿيون چئي سگهجن. جتي نئروبي جهڙو شهر ئي هڪ سؤ سال کن پراڻو هجي اتي ان شهر جون يونيورسٽيون ڀلا ڪيتريون آڳاٽو ٿي سگهن ٿيون. ڪينييا جي سڀ کان جهوني يونيورسٽي ”دي يونيورسٽي آف نئروبي“ آهي. جيڪا 1956 ۾ وجود ۾ آئي ۽ يونيورسٽي آف ايسٽ آفريڪا جو هڪ حصو سڏجڻ لڳي. ان جا باقي حصا ڪمپالا ۽ دارالسلام واريون يونيورسٽيون هيون. بهرحال هن يونيورسٽيءَ 1970 ۾ خودمختياري حاصل ڪئي. يعني هن يونيورسٽيءَ کان ته ڄام شورو جي مهراڻ يونيورسٽي جهوني ٿي. منجهس 22000 شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته يونيورسٽي ۾ سخت ڊسپلين نظر اچي ٿو. ان کان علاوه شاگرد پوري وقت تي اچن ٿا. پڙهائڻ وارا تعليم يافته، تجربيڪار ۽ محنتي نظر اچن ٿا.
    نئروبي جي هڪ ٻي يونيورسٽي ڪينياٽا يونيورسٽي آهي. جيڪا UON (يونيورسٽي آف نئروبي) کان پوءِ ٻئي نمبر تي وڏي يونيورسٽي آهي. شهر جي مرڪزي علائقي کان 20 ڪلوميٽر پري ”نئروبي-ٿيڪا“ روڊ تي ڪاهاوا نالي علائقي ۾ آهي. 1965ع ۾ انگريزن جي فوجي بئرڪن (ٽيمپلر بئرڪس) ۾ ڪينياٽا ڪاليج نالي هڪ ٽيچر ٽريننگ انسٽيٽيوٽ کولي وئي ان بعد 1985ع ۾ هن ڪاليج جو نالو بدلائي ڪينياٽا يونيورسٽي رکيو ويو.
    ڪينيا جي هڪ ٻي مشهور يونيورسٽي ”ڪماٿي يونيورسٽي ڪاليج آف ٽيڪنالاجي“ (KUCT) آهي. جيڪا نائيري شهر ۾ آهي. ٻين يونيورسٽين ۽ ڪاليجن کان علاوه ڪينيا ۾ آغا خان يونيورسٽي (aku) پڻ آهي. آغا خان يونيورسٽيون دنيا جي ٽن کنڊن تي 8 ملڪن ۾ موجود آهن. جن مان سڀ کان وڏي ۽ پراڻي ڪراچيءَ ۾ آهي.
    ٻئي نمبر تي هيءَ ڪينيا واري آهي. اڄ ڪلهه هڪ aku يونيورسٽي تنزانيا جي شهر اروشا ۾ پڻ ٺهي رهي آهي. آغا خان يونيورسٽي جا ميڊيڪل ڪاليج اڪثر HARVARD OF THE EAST سڏجن ٿا.
    ممباسا جي ”پوليٽيڪنڪ يونيورسٽي ڪاليج“ ۾ جنهن ڏينهن پهتس ته ان ڏينهن ڪينيا جا سڀئي ڪاليج، يونيورسٽون ۽ آفيسون بند هيون. خبر پيئي ته هي ڏينهن باراڪ اوباما جي صدر ٿيڻ جو ڏينهن آهي جنهن کي ڪينيا ۾ عام موڪل ڪيو ويو آهي. گذريل سال به اهو قومي ڏينهن قرار ڏيئي موڪل ملهائي وئي ۽ هن سال پڻ اهو ڏينهن موڪل ڪيو ويو آهي. سچ ته مونکي ڏاڍي حيرت ٿي اسان جهڙا ڪيترائي ملڪ، جن کي دنيا، آمريڪا جو چمچو هجڻ جو الزام هنيو آهي. اهي آمريڪا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڇا ڇا نٿا ڪن پر ڪينيا جو اهو ڏينهن موڪل ڪرڻ ته حد ٿي وئي! جنهن ملڪ آمريڪا جو هو صدر آهي اڃان به اهو ملڪ ان ڏينهن تي موڪل ڪري ته اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي. ٻئي ڏينهن ”ميٽلرجي“ جي پروفيسر چپن تي ٽوڪ واري مرڪ آڻي چيو ته ”اسانجي ملڪ کي فخر آهي ته اوباما اسانجي ملڪ جي حبشيءَ جو پٽ آهي“. ”واه سائين واهه!“ مون چيو، ”چئبو ته اوباما جو اصل ملڪ ڪينيا آهي! واقعي حيرت ۽ خوشي جي ڳالهه آهي جو ڪينيا جو حبشي: آمريڪا جهڙي وڏي، امير ۽ طاقتور ملڪ کي هلائي رهيو آهي“.
    ”سر مڙيئي اسان چريا پيا خوش ٿيون ته اوباما اسان جو آهي“، هن مونکي سرٻاٽ ۾ چيو، ”آمريڪا اسان کي کنگهي به ڪونه، باقي اسان کيس وڏو مائٽ سمجهيو ويٺا آهيون“. ان بعد هن هڪ شيدڪي اسٽائيل ۾ ٽهڪ ڏيئي مونکي چيو: ”آمريڪا جهڙي ملڪ جو صدر ٿي پيو آهي ته هاڻ هن کي سڄو ملڪ پيو پنهنجي سڏي، نه ته پيءُ به، نه پئي کنگهيس. ڏهن سالن ۾ هڪ دفعو سندس شڪل ڏسڻ گوارا ڪيائينس.“
    اهي ڳالهيون ٻڌي آئون به کلندو رهيس. دراصل ان وقت انهن ڳالهين جي حقيقت تان نه، پر جنهن چرچائي اسٽائيل ۾ METALLURGY جو هي پروفيسر ڳالهائي رهيو هو، ان اسٽائيل تان آءٌ کلندو رهيس. هونءَ به شيدين جي ڳالهائڻ جو پنهنجو انداز هوندو آهي. هو چاهي ماتلي، منگهو پير مڪران ڪوسٽ (ڪناري) جا هجن يا ممباسا، موزمبق، مشيگان يا مسي سپي رياست جا هجن. هو غمگين ڳالهه کي به اهڙي نموني سان ڪندا جو ان مان کل، خوشي يا چرچو پيو بکندو. پر پوءِ ممباسا ۾ باقي ڏينهن بارڪ اوباما ۽ سندس سڳي ماءُ پيءُ ۽ ويڳي پيءَ جي زندگي بابت سوچيندو رهيس. ته ممباسا يونيورسٽي جي هن پروفيسر صاحب جي ڳالهين ۾ پڻ حقيقت لڳي ٿي ۽ واقعي ڪينيا بدران ته انڊونيشيا کي موڪل ڪرڻ کپي جتي وري به اوباما پنهنجي ماءُ ۽ ويگي پيءُ سان ڪافي سال رهيو، ۽ اتي ئي بنيادي تعليم حاصل ڪيائين ۽ ٿوري گهڻي ملئي زبان (يعني ڀاسا انڊونيشيا) ڳالهائي به ٿو. ڪينيا ۾ ته هو هڪ ڏينهن به نه رهيو. سندن زندگي جو مختصر احوال هيٺ کڻي لکان ٿو ۽ مونکي پڪ آهي ته پڙهندڙن کي پڻ مون وانگر ڪجهه ڳالهين ڏي ضرور ڌيان ويندو.
    انهن ڏينهن ۾ ڪينيا ( ۽ آفريڪا جي ٻين ملڪن ۾ به، پر جيئن ته هتي اسان جو فوڪس ڪينيا آهي ان ڪري انهيءَ حوالي سان ڳالهه ڪنداسين.) هر سياسي ليڊر يا چار درجه وڌيڪ پڙهيل، پنهنجي رتبي جي وڌڻ سان ان مطابق شادي ڪئي ٿي. هرهڪ شادي يعني پهرين شادي پنهنجي رسم مطابق پنهنجي قبيلي مان ڪئي ٿي ۽ پوءِ تعليم دوران يا نوڪري دوران ٻي، ٽي ۽ چوٿين پنجين شادي ڪئي ٿي يا هڪ عورت ڇڏي ٻي سان ڪئي ٿي. اهو رواج، اسان جي ملڪ گذريل ٽهي ۾ به هو. خاص ڪري سنڌ جي مسلمانن ۾ نظر آيو ٿي. اسانجي ڪيترن پيرن ميرن، وڏيرن، سرڪاري ڪامورن، ڪارخانيدارن ۽ سينيٽرن پهرين شادي ننڍي هوندي ڪئي ٿي اها ڏاڏي پوٽي واري سڏي وئي ٿي. اڳتي هلي اها ڳوٺ جي ڪوٽن ۾ ئي رهندي هئي. اسان جو هيرو وڏن شهرن مان ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل يا ڪنهن ڳائڻي يا اداڪاره سان شادي ڪري ايندو هو جيڪا ڳوٺ ۾ پڙدو ڪري ويهڻ بدران مڙس سان گڏ شو پيس ٿي هلندي هئي. اهو ئي فيشن آفريڪا ۾ هو. ڪينيا جي پهرين صدر جوموڪينياتا به چار يا پنج شاديون ڪيون جن مان هڪ ته انگريز به هئي. جيتوڻيڪ پاڻ ۽ ٻين آفريڪي قومپرستن انگريزن سان نفرت ڪئي ٿي پر ساڳي وقت پنهنجي ملڪ جي ڪارن تي لئه رکڻ لاءِ هڪ عدد انگريز يا يورپي گوريءَ سان به شادي رچائي ٿي. پوءِ اها گوري کڻي کانئن عمر ۾ وڏي هجي، ڌوٻياڻي هجي، ڀنگياڻي هجي، پر سندس چمڙي اڇي هجي. جوموڪينياتا جيتوڻيڪ پاڻ هيڏو پڙهيل ڳڙهيل هو. اها رسم يا STATUS SYMBOL اسان جي ننڍي کنڊ ۾ به هڪ عرصو قائم رهيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻ اسان جو توڙي آفريڪا، جو نوجوان هڪ ئي شادي ڪري ٿو ۽ زال جي چونڊ اهو سوچي ڪري ٿو ته هن کي زندگي جي ساٿي جي ضرورت آهي هو عورت کي هاڻ رڍ ٻڪري نٿو سمجهي ۽ نه ان کي SHOW PIECE طور استعمال ڪري ٿو.
    آمريڪي صدر جي پيءُ، چار پنج شاديون ڪيون. هڪ ننڍي هوندي پنهنجي قبيلي مان ڪيائين ته ٻي آمريڪا پڙهڻ ۾ پڙهڻ دوران اتي جي گوريءَ (اوباما جي ماءُ) سان ڪيائين ۽ هن کي وري ٻڌايئين به ڪونه ته هو اڳي ئي شادي شده آهي. پوءِ بعد ۾ چيائين ته منهنجي قبيلي واري زال مونکي ٻي شاديءَ جي موڪل ڏيئي ڇڏي هئي. پاڪستان ۾ به مرد جو هڪ بعد ٻي شادي ڪرڻ کي DISCOURAGE ڪرڻ لاءِ ايوب خان قانون ڪڍيو ته ڪوبه مرد پنهنجي پهرين زال جي اجازت بنا شادي نه ڪندو. هن شايد سمجهيو ته هاڻ ڪنهن به مرد لاءِ اهو ڪم سولو نه ٿيندو پر اسان جا وڏيرا، ڀوتار، جاگيردار، سياستدان ۽ ڪامورا ٻي شادي ڪندا رهيا. پهرين ڏاڏي پوٽي واري زال کي ڇا مجال جو اها ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍي- هن لاءِ ته مٿي لکي چڪو آهيان ته هن جي حيثيت رڍ ٻڪريءَ کان به گهٽ هئي.
    مزي جي ڳالهه اها ته ملائيشيا جهڙو ملڪ جنهن کي توهان اڄ يورپ جهڙو ڏسو ٿا ۽ جتي يورپ وانگر جوڙا جوڙا نظر اچن ٿا ۽ اڄ جو نوجوان گهڻو ڪري هڪ ئي شادي ڪري ٿو ۽ ٻي شادي فقط مجبوري جي حالت ۾ ڪري ٿو. يعني پهرين زال جي مرڻ يا ان سان ٺاهه نه ٿيڻ تي ان کان علحدگي اختيار ڪري پوءِ ٻيءَ شادي ڪري ٿو. پر ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ جڏهن منهنجو پهريون دفعوملائيشيا جي شهرن ۾ وڃڻ ٿيو ته اهو ڏسي حيرت ٿي ته ڪيترائي ملئي سياستدان، زميندار، وڏيرا ۽ رٽائرڊ پوڙها ڪامورا هڪ عدد جوان عورت کي زال طور وٺي هليا ٿي. سندن COMBINATION عجيب لڳندي هئي. زال ننڍي نيٽي ڌيءَ برابر پڪا پڪا پوڙها ۽ وري پاڻ کي جوان بنائڻ لاءِ ٽڪڻ تي رهيل چند وارن کي خضاب ڪري هلندا هئا. تن ڏينهن ۾ وارن جا رنگ به اهڙا سادا هوندا هئا جو وارن کي ڪارو ڪرڻ سان گڏ ٽڪڻ تي به ڪارا لينگها ٺهي ويندا هئا. سندن ڳچيءَ جي کل پئي لڙڪندي، ڏند پيا ڌڏندا، ۽ پيريءَ ۾ پرڻيل جوان زال سان تڪڙو هلندي پيا ٿاٻڙندا پر خوش نظر ايندا هئا ته هنن هڪ ننڍي نيٽيءَ سان شادي ڪري وڏي کيپ کٽي آهي. اهو ئي حال آفريڪا ۾ گذريل صديءَ ۾ هو. جن مان هڪ باراڪ اوباما جو پيءُ به هو.


    ٽنگ ڀڄڻ بعد هونو لولو پهتو.....

    پاڻ آمريڪا جي صدر اوباما جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته ڪينيا جي ماڻهن کي خوشي ۽ فخر آهي ته آمريڪا جو صدر هڪ ڪينيا جي باشندي جو پٽ آهي. ان خوشي ۽ عزت جو اظهار ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هنن اوباما جي صدر ٿيڻ واري ڏينهن کي هميشه لاءِ قومي ڏينهن قرار ڏيئي عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي.
    آمريڪا جي چوئيتاليهين ۽ موجوده صدر اوباما جو سڄو نالو ”باراڪ حسين اوباما“ آهي. مزي جي ڳالهه اها ته سندس پيءُ جو نالو پڻ ساڳيو باراڪ حسين اوباما (BARACK HUSSAIN OBAMA) آهي. پٽ ۽ پيءُ جي سڃاڻپ خاطر پيءُ باراڪ اوباما ون“ يا ”باراڪ اوباما سينيئر“ سڏجي ٿو ۽ پٽ ”باراڪ اوباما ٽو“ يا ”باراڪ اوباما جونئر“ سڏجي ٿو.
    اوباما (سينيئر) 1936ع ۾ ڪينيا جي ڪنيا ڌيانگ ڳوٺ جي لوئر قبيلي ۾ ڄائو. هي ڳوٺ وڪٽوريا ڍنڍ جي ڪناري تي آهي. آفريڪا جي هيءَ وڏي ڍنڍ جيڪا مختلف مڪاني نالن سان به سڏي وڃي ٿي، آفريڪا جي هڪ خوبصورت ۽ وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آهي، جنهن جي پکيڙ 70 هزار ڪلوميٽر آهي. مينهن جي پاڻيءَ کان علاوه مختلف ندين جو پاڻي هن ۾ اچي ڇوڙ ڪري ٿو. هن ڍنڍ مان فقط هڪ ندي جيڪا سفيد نيل ندي (WHITE NILE) سڏجي ٿي. اها اڳيان هلي مصر واري نيل ندي ٺاهي ٿي. وڪٽوريا ڍنڍ جي چوڌاري يوگنڊا، تنزانيا ۽ ڪينيا جا ملڪ آهن. ڍنڍ جو ڪنارو وٺي هلجي ته 5000 ڪلو ميٽر ٿيندا. ڍنڍ جي چوڌاري ڪنارن تي ڪيترائي جهونا، تاريخي ۽ ماڊرن سهڻا شهر آهن. جن مان گهڻا يوگنڊا ۽ تنزانيا جا شهر آهن. ڪينيا جي حصي ۾ هيءَ ڍنڍ فقط 6 سيڪڙو اچي ٿي. آمريڪي صدر اوباما جي ڏاڏي کي ٽي زالون هيون جن مان ٻيو نمبر زال حبيبا اڪومو مان اوباما سينئر (يعني آمريڪي صدر جو پيءُ) ڄائو پر کيس ٽيون نمبر زال ساران نپايو. ڇو جو حبيبا اوباما سينئر ڄڻڻ بعد، مڙس سان سگهوئي رسي طلاق وٺي هلي وئي. انهن ڏينهن جي آفريڪن جون ڪهاڻيون پڙهندا ته توهان کي اها شيءِ عام نظر ايندي. جهٽ پٽ شاديون جهٽ پٽ طلاقون، هڪڙن جا ٻار ٻين وٽ پلجن ڪٿي ته اوباما وانگر پيءُ ۽ پٽ جو ساڳيو ساڳيو نالو. ڪن جو پيءُ گذاري ويو ته نه فقط هو چاچي جو پٽ ٿي ويو، پر هن جي ماءُ به چاچي جي زال ٿي وئي. سو ان قسم جون ڳالهيون ٻڌي آفريڪا ايندڙ هڪ نئين ماڻهو لاءِ حيرت پئدا ٿئي ٿي. ان کان علاوه ڪو دهريو آهي يا پنهنجي قبيلي جي رسم رواج مطابق ڪنهن وڻ ٽڻ يا جانور يا پکيءَ کي پوڄي ٿو، ته ڪو ڪنهن عيسائي پادري جي ور چڙهڻ سان يڪدم عيسائي ٿيو پوي. وري واپس دهريو ٿيندي کيس ويرم ئي نٿي لڳي. وري ڪنهن عرب يا آغا خاني وٽ نوڪري ڪرڻ سان سني، شيعو يا اسماعيلي ٿيو پوي، وري ڇهن مهينن بعد واپس عيسائي ٿيو وڃي! يعني گذريل زماني ۾ ٿوري ٿوري عرصي بعد حالتن ۽ موڊ مطابق جوءِ يا مذهب مٽائڻ ڪا ڳالهه ئي نه هئي. جنهن وقت اوباما سينيئر ڄائو ان وقت سندس پيءُ اون يانگو عيسائي هو ۽ سندس زال حبيبا مسلمان هئي. اون يانگو هڪ يورپيءَ وٽ بورچي هو. جنهن سان هو يورپ، انڊيا ۽ زئنزيبار (زنجبار) ٻيٽن تي رهيو، جتي هو رومن ڪئٿولڪ (عيسائيءَ) مان مسلمان ٿيو ۽ سندس پٽ بارڪ حسين اوباما (آمريڪا جي صدر جو پيءُ) ننڍي هوندي مسلمان هو پوءِ دهريو (ATHEIST) ٿيو. هو 1950ع کان 1953ع تائين ماسينو شهر ۾ عيسائين جي بورڊنگ اسڪول مان پڙهيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو ڳوٺ جو ڇوڪرو ٿي ڪري بيحد هوشيار هو. سندس اسڪول جي پراڻي ريڪارڊ بڪ (رجسٽر) تي ان وقت جي هيڊ ماستر جا اوباما سينئر لاءِ رمارڪ آهن ته:
    He is very keen, steady, trust worthy and friendly. Concentrates, reliable and out going”
    هن اسڪول مان فارغ ٿيڻ بعد 1954ع ۾ جڏهن هي ارڙهن سالن جو هو ته هن قبيلائي رسمن موجب ڪيزيا آئوڪو (Kezia Aoko) نالي خاندان جي هڪ ڇوڪريءَ سان شادي ٿي ۽ 23 سالن جو ٿيڻ تي هن کي آمريڪا جي ’يونيورسٽي آف هوائي ۾ اعلى تعليم حاصل ڪرڻ جي اسڪالرشپ ملي. هو پنهنجي پيٽ سان زال ۽ پٽ کي ڪينيا ۾ ڇڏي آمريڪا پهچي ويو. ان سان گڏ هن اسلام به ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ کي دهريو سڏائڻ لڳو. آمريڪا جي پنجاهين رياست هوائي جي شهر Maui ۾ هن جي ملاقات ساڻس گڏ پڙهندڙ انگريز نسل جي آمريڪن ڇوڪري ائن ڊنهام سا ٿي. 2 فيبروري 1961 تي هنن جي شادي ٿي ۽ 4 آگسٽ 1961ع تي کين اوباما جونئر (آمريڪا جو هاڻ وارو صدر) ڄائو. ائين انگريز زال کي اها به خبر نه هئي ته سندس گهوٽ اڳي ئي شادي شده ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ آهي. اها ڄاڻ کيس گهڻو گهڻو پوءِ پيئي. ٻار ڄمڻ تي هن جي نيپاج خاطر هوءَ پنهنجي پڙهائي ڇڏي گهر ۾ اچي ويٺي ۽ هن پنهنجي مڙس کي پڙهڻ جو موقعو ڏنو. (اوباما سينئر) 1962ع ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد وڌيڪ پڙهائيءَ لاءِ هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. جتان هن ايڪانامڪس ۾ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪئي. پٺيان هن نه آمريڪن زال جو ۽ نه ان مان ڄاول ٻار اوباما جونئر جو خيال رکيو. نتيجي ۾ ائن ڊنهام هونولولو جي ڪورٽ ۾ اچي طلاق لاءِ درخواست ڏني سندس مڙس ڪورٽ ۾ شنوائيءَ تي ئي ڪونه آيو ۽ هن جي طلاق ڪورٽ طرفان قابل قبول ڪئي وئي. اها مارچ جي 20 تاريخ ۽ 1964ع جو سال هو.
    هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ اوباما سينئر رُٿنڊسئنڊ نالي هڪ ماسترياڻيءَ سان عشق ڪري ٽي شادي ڪئي. جنهن کي پڙهائي مڪمل ڪرڻ بعد پنهنجي ملڪ ڪينيا ۾ وٺي آيو. هن ٽين شاديءَ مان کيس ٻه ٻار ڊئوڊ ۽ مارڪ ٿيا جن مان وڏو ڊئوڊ موٽر سائيڪل جي حادثي ۾ مري ويو ننڍو مارڪ نئروبي ۾ آهي سندس لکيل نيم آتم ڪٿا بيحد مشهور آهي.
    اوباما سينئر جي هيءَ ٽي شادي به ڪا ٻه ٽي سال مس هلي زال گهرو ظلم جا الزام هڻي طلاق حاصل ڪئي ان بعد اوباما سينئر جائل (jael) نالي ڪينيا جي هڪ حبشڻ سان چوٿين شادي ڪئي جنهن مان کيس جارج اوباما نالي پٽ ٿيو.
    آمريڪا کان 1965ع ۾ موٽڻ بعد اوباما سينئر ڪينيا جي وزارت ٽرانسپورٽ ۽ ان بعد وزارت خزانا ۾ سينئر ايڪانامسٽ ٿي رهيو. 1969ع ۾ ڪينيا جي سياسي ليڊر ٽام مبويا (Tom Mboya) جي قتل بعد اوباما سينئر جو زوال شروع ٿيو. جوموڪينياتا (ڪينيا جي پهرين صدر) اوباما سينئر جي ڏنگي چال کي نظر ۾ رکي نه فقط کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو پر کيس ڪينيا ۾ بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو. ان دوران هن جو هڪ خطرناڪ روڊ حادثو ٿيو ۽ تقريباً سڄو سال کيس اسپتال ۾ گذارڻو پيو. ان بعد 1971ع جي آخري مهينن ۾ جڏهن هو پنهنجي پٽ (اڄ واري آمريڪي صدر) سان ملڻ لاءِ هوائي ويو ته هن جي حادثي ۾ هڪ ٽنگ بيڪار ٿي چڪي هئي، جنهن جو ذڪر اوباما جونئر (اڄ واري صدر) پنهنجي ڪتاب ”ڊريمس فرام ماءِ فادر“ ۾ صفحي 64-71 ۽ 212-219 تي ڪيو آهي.
    اوباما سينئر جي باقي زندگي شراب ۽ غربت ۾ اهڙي ته ڦاسي وئي جو هو ان مان ٻاهر نڪري نه سگهيو. بدقسمتي اهڙي ٿي جو هن جو ٻيو به ڪار ائڪسيڊنٽ ٿيو جنهن ۾ ٻئي ٽنگون ضايع ٿي ويس ۽ جيڪا ٿوري گهڻي خانگي نوڪري ڪري رهيو هو اها به هلي ويس. 46 سالن جي ڄمار ۾، 1982 ۾ هن جو ٽيون ڪار ڪرئش ٿيو جنهن ۾ هو مارجي ويو. کيس سندس اباڻي ڳوٺ نيانگوما ۾ دفنايو ويو.
    هوڏانهن اوباما جونئر (آمريڪا جي 44 هين صدر) جي ماءُ ائن ڊنهام جو احوال ڪجي جيڪا آمريڪا جي ”هوائي يونيورسٽي“ جي روسي زبان جي ڪلاس ۾ اوباما سينئر سان ملي هئي. سندن شاديءَ بعد سگهوئي طلاق ٿيڻ بعد هڪ ٻئي فارين شاگرد لولو سوئيتورو سان شادي ڪئي، جنهن جو تعلق انڊونيشيا سان هو. 1967 ۾ جڏهن انڊونيشيا جو فوجي ليڊر سهارتو پاور ۾ آيو ته هن ولايت ۾ پڙهندڙ سڀني شاگردن کي پنهنجي وطن ورڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو. لولو سوئيتورو پنهنجي زال ائن ڊنهام ۽ ان جي پهرين مڙس مان ڄاول پٽ اوباما (اڄ واري آمريڪي صدر) سان گڏ جڪارتا جي مينيٽنگ علائقي ۾ اچي رهيو. ان وقت اوباما جي عمر 6 سال هئي. هو ڏهن ورهن جي ڄمار تائين جڪارتا جي بيسوڪي پبلڪ اسڪول ۽ سينٽ فرانسز اسڪول ۾ پڙهيو. 1971ع ۾ اوباما پنهنجي ناني وٽ هونولولو (هوائي ٻيٽ) ۾ اچي رهيو. هي اهو سال آهي جڏهن سندس ڪينيا وارو سڳو پيءُ ساڻس پهريون دفعو ملڻ آيو. صدر اوباما جونئر پنهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين ۾ پنهنجي پيءُ لاءِ لکي ٿو ته: هونولولو جي جنهن محلي ۾ هو پنهنجي ناني سان گڏ رهيو ٿي، اتي پري پري تائين پڻس جهڙو ڪو ڪارو شيدي نظر نٿي آيو، هو وڌيڪ لکي ٿو ته:
    My father was black as pitch, my mother was as milk.
    اوباما جي ماءُ ائن ڊلهام اوباما کي ڏسڻ لاءِ هونولولو ايندي رهي ٿي پر هن نوڪري جڪارتا ۾ ڪئي ٿي. هن يونيورسٽي آف هوائيءَ مان ائنٿرا پالاجي ۾ Ph.D ڪئي هئي ۽ هن فوڊ فائونڊيشن طرفان جڪارتا ۾ ڪم ڪيو ٿي. آخري ڏينهن ۾ هن کي ڪئنسر ٿي پئي ۽ هونولولو موٽي آئي، جتي 1995ع ۾ گذاري وئي. سندس ڄم جو سال 1942 هو.
    اوباما ڪجهه سال هوائي ۾ رهڻ بعد وڌيڪ تعليم لاءِ 1979ع ۾ لاس اينجلس اچي رهيو. ٻه سال رهڻ بعد 1981ع ۾ هن نيويارڪ جي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. اتي حيدرآباد سنڌ جي عبدالرزاق شيخ جو شالامار نالي ڪپڙن ۽ ڪوڙن زيورن جو دڪان هو، جتي ڪولمبيا يونيورسٽي جي اسٽوڊنٽس جو هر وقت ميڙاڪو هوندو هو. اسانجو جهاز جڏهن به نيويارڪ جي بندرگاه ۾ لنگر انداز ٿيندو هو ته اسان لاءِ عبدالرزاق شيخ جو هي دڪان شالامار اوطاق هوندو هو يعني وطن جي ماڻهن سان meeting place هو. جتي شالامار دڪان هلائيندڙ سليم شاه، ڀيڻ پروين، سپريم ڪورٽ جو وڪيل عبداللطيف انصاريءَ جهڙا هر وقت نظر ايندا هئا. ان کان علاوه ٽنڊو قيصر جو نور احمد نظاماڻي، جهڏي جو مير مبارڪ ٽالپر ۽ پير پاڳاري جو سؤٽ سعيد آباد جو پير فضل الحق شاه به اتي ئي ويجهو رهيا ٿي. ٿي سگهي ٿو اوباما به ڪڏهن يا ڪيترائي دفعا ان دڪان تي آيو هجي پر ان وقت اسان جي يارن مان ڪنهن کي خبر ته هي اوباما اڳتي هلي آمريڪا جو صدر ٿيندو. انسان کي جي مستقبل جي ڄاڻ هجي ها ته پوءِ هن جو سڳو پيءُ ههڙي پٽ کي ڇو ڇڏي ڏئي ها. کيس ڄمڻ وقت به نه ڏٺائين ته منهنجو پٽ ڪهڙي مهانڊي آهي. جيتوڻيڪ هو ان ئي شهر هونولولو ۾ رهيو پيو هو. پوءِ جڏهن ٽنگ ڀڳس، نوڪري ويس، دارون لاءِ پئسو نه هوس ته خبر ناهي ڪٿان ٽڪيٽ جا پئسا هٿ ڪري پٽ کي ڏسڻ لاءِ نئروبي کان هوائي آيو هو.


    هر خرابيءَ جو بنياد- عورت!

    پهاڪا ۽ چوڻيون ٻڌڻ منهنجو ننڍپڻ کان شوق رهيو آهي. پهاڪن جو هڪ انگريزي ڪتاب Proverbs of Far East ۽ هڪ سنڌي ڪتاب ”رُٺي آهي گهوٽ سان“ اڄ کان ويهه سال اڳ ڇپجي چڪو آهي. Proverbs of far East يعني ’ڏور اوڀر جي پهاڪن‘ ۾ مون چين، جپان ۽ ملائيشيا (جن ملڪن ۾ منهنجو سڀ کان گهڻو وقت وڃڻ يا رهڻ ٿيو) جا پهاڪا ڏنا آهن سنڌي پهاڪن جي ڪتاب ۾ سنڌي ۽ اڙدو جي پهاڪن جي Collection آهي.
    پهاڪن مان نه فقط عقل ۽ ڏاهپ جي ڳالهين جي خبر پوي ٿي پر ان ملڪ ۽ قوم جي ڪلچر، سوچ ۽ حالتن جي به خبر پوي ٿي، ”ڏنو پٽ ڇٽي جو ذات جو آسودو“ جهڙي چوڻي ڀلا اسان جهڙن ملڪن جي ئي ٿيندي. سئيڊن يا سعودي عرب جي ته ٿي نٿي سگهي. ”آسمان تان ڪريو، کجيءَ ۾ اٽڪيو“ جهڙي چوڻي ته هر ملڪ جي ٿي سگهي ٿي پر ”شينهن نه ڏيکيا ته ڏيک ٻلاڙا، چور نه ڏيکيا ته ڏيک سونارا“ فقط اسان جي ننڍي کنڊ جي ملڪن جي ئي ٿي سگهي ٿي. ”اڻ ڏٺو چور پيءُ برابر“ يا ”تڪڙ ڪم شيطان جو“ ڀل ته دنيا جي هر ملڪ ۾ عام هجي پر ”ڄنگهون يارن هٿ ۾، هلي آهي گمبٽ گهمڻ“ يا ”ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي الهيار“ اسان جي سنڌ جا ئي پهاڪا ٿي سگهن ٿا. اهڙي طرح هتي آفريڪا ۾ به ڳالهه ڳالهه تي جيڪي پهاڪا، چوڻيون يا مثال ٻڌايا وڃن ٿا، انهن ۾ ڪي ته اهڙا آهن جيڪي نه فقط اسان جي ملڪن ۾ پر ڏور اوڀر جي ملڪن ۽ يورپ ۾ به ساڳيا يا ٿوري گهڻي ڦيرڦار سان استعمال ٿين ٿا. پر ڪي بنهه اهڙا آهن جن جو واسطو آفريڪا جي ملڪن يا ڪلچر سان آهي. مثال طور، اسان وٽ يا يورپ ۾ ڪيترائي پهاڪا ۽ چوڻيون عورت خلاف ضرور آهن، جنهن جو سبب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته اهي پهاڪا ٺاهڻ وارا مرد حضرات آهن، پر جپان ۾ ان قسم جا پهاڪا هيڪاندا گهڻا آهن جو اتي جي عورت هر وقت موچڙي مار ۽ ڦِٽ لعنت هيٺ گهڻي آهي. چي: نانگ کان وڌيڪ عورت کان خبردار رهجي. جپانين لاءِ نڀاڳي به عورت ته بيوقوف ۽ خوفناڪ شيءِ به عورت! جيئن اسان وٽ عورت لاءِ هڪ چوڻي عام آهي ته عورت جو عقل ڏائي کڙيءَ ۾ ٿئي ٿو.... سو به هلندي ڪريو پوي. ان ۾ ته ڪا اهڙي حقيقت آهي ئي ڪانه. ان ڳالهه پويان ڪهڙو سائنسي يا ميڊيڪل دليل آهي جو ان کي مڃيو وڃي؟ ان پويان فقط اهو سبب آهي جو اسان جي سوسائٽي Male Dominated آهي. ان کان علاوه ان قسم جا پهاڪا ٺاهڻ وارا، لکڻ وارا ۽ ڇپڻ وارا سڀ مرد حضرات آهن ۽ جپان جي سوسائٽي ته اڃان به وڌيڪ مرداني طاقت واري آهي ته اتي عورت کي اڃان به وڌيڪ ذليل ڪيو وڃي ٿو. چي: ”شادي جي پهرين ڏينهن تي زال کي درست ڪجي“. يا ”گهر صاف رکڻ واريون زالون دوزخ کان بچي سگهن ٿيون“. يعني اهو به نه آهي ۽ جنت ۾ وڃي سگهن ٿيون. جنت ۾ رڳو جپاني مرد ويندا، شايد- جيڪي شراب به پيئن ته ساهيڙيون به رکن. يا هڪ ٻيو پهاڪو آهي ”عورت اها وفادار جيڪا دير تائين جاڳي مڙس جو انتظار ڪري“. يا هڪ ٻيو جپاني پهاڪو ياد اچي رهيو آهي. ”عورت تي ڪڏهن به ڀروسو نه ڪجي، ڀلي کڻي هن ست پٽ ڄڻي ڏنا هجن“. وغيره وغيره.
    اهو ئي حال هتي جي آفريڪي معاشري جو آهي. آفريڪا جو اُهو ڪهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ عورت جي خلاف پهاڪا نه هجن. ڪيترائي پهاڪا عورت کي ذليل ۽ نيچ ثابت ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن. سچ ته اها ڳالهه آهي ته هاڻ مڙيئي جتي ڪٿي سڌارو اچي رهيو آهي، جو سڄي دنيا هڪ گلوبل ڳوٺ ٿي پئي آهي. نه ته ستر واري ڏهي يا ان کان اڳ وارن سالن ۾ جڏهن اسان جو آفريڪا جي اوڀر توڙي اولهه ڪناري وارن بندرگاهن ۾ تمام گهڻو اچڻ ٿيندو هو، ته هتي جي عورتن جو حال ڏسي اسان کي پنهنجي ملڪ خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جا نظارا ياد ايندا هئا. آفريڪا ۾ عورت جو قدر هڪ گڏه کان به گهٽ نظر آيو ٿي ۽ ان بابت طنز طور لکي چڪو آهيان ته ڪنهن آفريڪي مرد کان جڏهن پڇيو ويو ته ”توهان گاه جون هيڏيون وڏيون ڀريون يا ٻه ٻه ٽي ٽي پاڻيءَ جا مٽڪا عورتن کان کڻائڻ بدران هڪ گاڏو (Wheel Borrow) ڇو نٿا رکو جنهن تي ايڏو وزن آسانيءَ سان ڍوئي سگهو“. هن کي اها ڳالهه واري ۾ نه آئي ۽ دليل ڏنائين ته گاڏي (ريڙهي) ۾ ڪڏهن ڦيٿو خراب ٿيو پوي ته ڪڏهن ان جي بيئرنگ بدلائڻي پوي ٿي يعني ان ۾ خرچ ئي خرچ آهي.
    آفريڪا جو مرد جسماني قوت توڙي اخلاق ۾ پاڻ کي وڏي وٿ سمجهي ٿو، جنهن اڳيان هتي جي عورت ٻهاري يا ڇنل چئمپل مثال آهي. هتي جو هڪ مشهور ۽ عام پهاڪو آهي ته ”عورت مرد ٿي نٿي سگهي“. يعني مرد ڀلي ڪاهل، سست، بداخلاق ۽ ڪمينو هجي، پر هو هڪ اهڙو پير مرشد ۽ اهم مخلوق آهي، جنهن جي برابري عورت ڪري ئي نٿي سگهي. مونکي جپاني ياد ٿا اچن. هڪ عام ٽوئرسٽ کي محسوس نٿو ٿئي، پر جيڪڏهن ڪو مون وانگر جپانين سان گڏ گهڻو وقت رهيو آهي ته ان کان پڇي سگهو ٿا ته؛ جپاني عورت جي سندس معاشري ۾- خاص ڪري اڌ صدي اڳ تائين ڇا حالت رهي آهي؟ ايتريقدر جو 1950ع تائين جپاني عورت کي قدرتي چشمن جي پاڻيءَ ۾ وهنجڻ جي اجازت نه هوندي هئي. هن کي ايڏو پليد سمجهيو ويو ٿي، جو هن کي پاڪ فوجي ياما (جبل) کي ڏسڻ جي موڪل نه هئي. بهرحال آفريڪا جا هي شيدي ته انهن کان به گهڻو گهڻو اڳ آهن، جنهن جو احساس سندن پهاڪن مان ئي پئجيو وڃي ٿو. چي:
    ”اهڙي عورت سان شادي هرگز نه ڪجي جنهن جا پير توهان کان وڏا هجن،. اهڙي ئي نموني جا ڪجهه ٻيا پهاڪا آهن:
    • عورتن کي وات ناهي
    • ڏاڙهيءَ وارو وات ڪڏهن به ڪوڙ نٿو ڳالهائي. (يعني مرد ئي سچا ٿين ٿا. ظاهر آهي ڪهڙي عورت کي ڏاڙهي ٿئي ٿي).
    آفريڪا ۾ ڪيترائي مرد هڪ کان وڌيڪ زالون رکندا يا هڪ زال ڇڏي ٻي سان شادي ڪندا وتن ۽ ان ڪم کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ، يا جيئن کين ڪوبه ان بابت نه ٽوڪي، ڪيترائي پهاڪا ٺاهيا آهن. مثال طور:
    • فقط هڪ زال رکڻ هڪ اک هجڻ جي برابر آهي. (يعني بهتر زندگيءَ لاءِ، بهتر ڏسڻ لاءِ هڪ کان وڌيڪ زالون ضروري آهن).
    • هڪ زال وارو فقط انهن جو ئي سردار ٿي سگهي ٿو جيڪي مرد غير شادي شده آهن.
    • خراب زال کي سزا ڏيڻ لاءِ بهتر طريقو نئين زال کي آڻڻ آهي.
    • اهي مرد جن کي فقط هڪڙي زال آهي ته هن جي بيمار ٿيڻ تي مڙس ڪمزور ٿيو پوي. (يعني هر مرد لاءِ ٻه ٽي زالون رکڻ ضروري آهن جيئن هڪ بيمار ٿئي ته ٻي مرد جي خذمت چاڪري ۽ رڌ پچاءُ وغيره ڪري).
    • عورت بنا مڙس جي ”ٻج بنا ٻني“ آهي
    • جيڪڏهن ڪا ڇوڪري شادي کان انڪار ٿي ڪري ته سندس ڇاتين ڍرڪڻ جو انتظار ڪر.
    عورت کي موچڙو مار ڪرڻ ۽ ان کي justify ڪرڻ لاءِ پڻ ڪيترائي پهاڪا آهن:
    • جيڪڏهن توهان پنهنجي زال کي واقعي پيار ڪريو ٿا ته هن کي مار به ڏيندا ڪريو.
    • ڏنگي زال موچڙي سان ئي ڪنٽرول ۾ رهي ٿي.
    • خوبصورت زال گهر ۾ بيماريون ئي آڻي ٿي.
    • سست عورت چونڊي (ڦٽيءَ جي چونڊي يا اناج جي ڪٽائي) جي موسم ۾ ئي پيٽ سان ٿئي ٿي.
    بهرحال عورتن جي خلاف پهاڪن کي ڇڏي ڪجهه ٻيا آفريڪي پهاڪا ڏسون ٿا.
    • ڏينڀو ڏينڀوءَ کي نٿو ڏنگي
    (هڪ انسان ٻئي انسان کي ئي نقصان رسائي ٿو).
    • گڏهه کي سونٽي هڻڻ سان هو ’مهرباني‘ چوي ٿو.
    • ڪوئا مار اهو نٿو ڏسي ته هن ۾ ڏوهاري يا معصوم ڪوئو ڦاسندو.
    • ٻڏندڙ جهاز کي ڪئپٽن جي ڪهڙي ضرورت.
    • ڦڏين ٽنگن واري کي زراف جي شڪار لاءِ نڪرڻ نه کپي.
    • توهانجي مٿان کڻي ڪيترو به مينهن پوي ته به توهان پنهنجي مٿي تي ڪيلو پوکي نٿا سگهو.
    • پيريءَ ۾ غريب ٿيڻ کان بهتر آهي ته جوانيءَ ۾ رهجي.
    • نون ۽ ڏهن ۾ ڪو وڏو فرق ته نه آهي (اهو ائين آهي جيئن ڪنهن شي ۾ گهٽ فرق هوندو آهي ته اسين چوندا آهيون ته اوڻهين ويهين جو فرق آهي.)
    • هڪ آڱر سان جؤن مارڻ محال آهي. (جيئن چوندا آهيون ته تاڙي ٻن هٿن سان ئي وڄي ٿي. جؤن به ٻن ننهن جي وچ۾ ڇيڀاٽي ماري سگهجي ٿي.)
    • ڪڪڙين جي پِٽن تي عقاب پريشان نٿا ٿين.
    (ان قسم جي اسان وٽ هڪ چوڻي عام آهي ته ”ڳجهن جي پِٽن تي ڪڏهن ڍور مئا؟“)
    • جيڪو سانَ جا سڱ کائي چڪو هوندو. اهو ڪاري رنگ جي ڍڳيءَ کان به پيو ڊڄندو.
    • اهو ماڻهو وڏو بيوقوف آهي جنهن جي رڍ ٻيو دفعو ڀڄي وڃي.
    • جنهن ڪورٽ جا جج باز هجن اتي ڪهڙي جهرڪي باعزت بَري ٿي سگهندي.
    آخر ۾ ڪجهه ٻيا عورت بابت آفريڪي پهاڪا:
    • عورت ۽ آسمان کي اڄ ڏينهن تائين ڪو سمجهي نه سگهيو آهي.
    • عورت مڪئي جو سنگ ناهي. جنهن کي سڃاڻڻ لاءِ فقط کلون لاهڻ ڪافي آهن.
    • عورت پاڇي وانگر آهي. هن جي پٺيان وڃ ته هوءَ اڳيان وڌندي ويندي. هن کي ڇڏي ڏي ته توهان جي پٺيان پٺيان ايندي.
    • عورت جي سونهن فقط سندس ڇاتيون نه آهن. ٻه ٿڻ ته ٻڪريءَ کي به ٿين ٿا.
    • خالي گهر کان خراب عورت به چڱي.
    • عورت گٿي مثال آهي. جنهن کي اوڍڻ سان چڪ ٿا لڳن ۽ لاهڻ سان سيءُ ٿو پوي.
    • جيڪڏهن توهان ٻار لاءِ بي صبرا آهيو ته ڪنهن ڳورهاري زال سان شادي ڪريو.
    • جهيڙالو زال کان بهتر آهي ته سج جي گرميءَ ۾ وڃي سمهجي.
    • عورت هر خرابيءَ جي پاڙ آهي. هن جي نقصان کان اسانکي فقط اسانجو روح بچائي سگهي ٿو.


    انگريز راڄ جا دڪان

    جيتوڻيڪ اڄ جي دور ۾ يورپ ۽ آمريڪا سان گڏ آفريڪا به ڪيترن ڳالهين ۾ ماڊرن ٿي ويو آهي جتي توهانکي جپاني ۽ جرمن ڪارون نظر اچن ٿيون، ڪمپيوٽر ۽ ٽي وي چئنل نظر اچن ٿا. آفريڪا جي هر ملڪ ۾ جيتوڻيڪ ڪيترائي ماڻهو پڙهيل ڳڙهيل نظر اچن ٿا پر مجموعي طور سڄو آفريڪا گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد لڳو پيو آهي. وري به ڏٺو وڃي ته انهن سڀني ملڪن ۾ ڪينيا بهتر آهي.
    آفريڪا جا اتراهان ملڪ مصر، لبيا، ٽيونيشيا، آلجيريا ۽ موراڪو، اهي ڀونچ (ميڊيٽرينين) سمنڊ وارا ملڪ آهن، جيڪي يورپ جي ويجهو ۽ تيل ۽ ٽوئرزم ڪري امير ملڪ آهن. باقي صحرا رڻ پٽ کان هيٺ وارو سڄو آفريڪا اڄ به هيڻن حالن ۾ آهي. آفريڪا کنڊ جو هيٺ پوڇڙ وارو ملڪ جيڪو سائوٿ آفريڪا سڏجي ٿو، ان کي اسان هنن ۾ شامل نٿا ڪريون، جو اهو ملڪ اڄ به گورن انگريزن جي هٿ ۾ آهي ۽ اهو ٻيو انگلنڊ لڳي ٿو. باقي ٻيا ملڪ ائنگولا ۽ نميبيا هجي يا زئمبيا ۽ ملاوي، برنڊي ۽ روانڊا هجي يا چاڊ ۽ برڪانو فاسو.... ڪرپش، چوري، ٺڳي، غير قانونيت، بدامني جام آهي. اهي ناسور اسان جي ايشيا جي ملڪن ۾ به آهن، پر ڪي ڪي ملڪ جپان، ملائيشيا، سنگاپور، ڪويت، سعودي عرب به آهن جيڪي يورپ جي ملڪن جي برابري ڪن ٿا ۽ ٻيا ڪيترائي ڪوريا، فلپين، ٿائلنڊ، دبئي، ايران ۽ انڊيا جهڙا انهن کي فالو ڪن پيا.
    اسان هتي فقط ڪينيا ۽ آفريڪا کنڊ جي اوڀر واري ڪناري جي ملڪن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، جن سان صدين کان انڊيا، ايران ۽ عرب ملڪن جو واپار هو. جتي اسان جي ملڪن جا ماڻهو واپار وڙي، نوڪري ۽ پورهئي لاءِ ويا ٿي ۽ اُتان لونگ، چانهه ۽ شيدي غلام اسان وٽ پهتا ٿي ۽ جن ملڪن جي ٻولي ۽ ڪلچر تي هڪ ٻئي جو اثر رهيو. آفريڪا کنڊ جي اوڀر واري ڪناري جو مٿان کان جائزو وٺبو ته اٿوپيا ۽ سوماليا کان شروع ٿئي ٿو. اٿوپيا جنهن کي ڪنهن زماني ۾ ائبيسينيا به سڏبو هو ۽ عربي زبان ۾ حبش سڏبو هو، جيئن زئنزيبار ’زنجبار‘ سڏبو هو ۽ اڃان به عرب ان نالي سان سڏين ٿا. حبش (اٿوپيا) دراصل بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) جو ملڪ آهي. هڪ طرف سعودي عرب آهي ته ٻئي پاسي حبش آهي. حضور ﷺ جن جي ڏينهن ۾ حبش وڏو امير ملڪ هو، جنهن بادشاهه جي سلطنت يمن تائين هئي. مڪي جا مسلمان ٻيڙين ذريعي هجرت ڪري حبش پهتا هئا. حضرت بلال هن ملڪ جو هو. عربن جو گهڻو واسطو حبش جي ماڻهن سان رهيو ٿي، جيڪي ان وقت حبشي سڏبا هئا. بعد ۾ جڏهن سوڊان، ڪينيا، تنزانيا ۽ آفريڪا جي ٻين ملڪن جا شيدي پهتا ته اهي پڻ حبشي سڏجڻ لڳا، جو اهي سڀ حبش کان ٿيندا سعودي عرب پهتا ٿي ۽ ماڻهن هنن کي حبش جو سڏيو ٿي. جيئن ملايا (اڄ واري ملائيشيا) ۾ آڳاٽي زماني ۾ هر هڪ ڌاريون ماڻهو بنگال واري ڪناري کان ٿيندو اتي پهتو ٿي ۽ بنگالي سڏيو ويو ٿي. پورچوگالي به خليجِ بنگال وارو ڪنارو ڏيئي ملايا پهتا ته انهن کي به ملئي ماڻهن بنگالي سڏيو پر شڪل جا گورا هجڻ ڪري کين اڇو بنگالي (پوتيح بنگالي) سڏيو. سو اهڙي طرح اسان وٽ به هر آفريڪن لاءِ ”حبشي“ لفظ استعمال ٿئي ٿو. بهرحال اڄ ان حبش ملڪ (اٿوپيا) جي حالت سڀ کان خراب آهي، جنهن جا ماڻهو ڪينيا ۾ امير ترين سڏيا ويا ٿي پر هاڻ سوماليا ۾ به سخت بدامني آهي. يمن وانگر جتي ڪٿي اغواڪاري لڳي پئي آهي. هيٺ ملاوي، موزمبق، سوازي لئنڊ ۾ به اهو ئي حال آهي. وري به يوگنڊا، تنزانيا ۽ ڪينيا انهن ۾ بهتر آهن جن تي انگريزن جو راڄ هو. اهي ٽئي ملڪ وڪٽوريا ڍنڍ جي چوڌاري آهن. انگريزن جي ڏينهن ۾ اهو علائقو ”ايسٽ آفريڪا“ سڏبو هو ۽ سڄو علائقو سلجهيل سمجهيو ويو ٿي. يوگنڊا جي ستياناس عيدي امين ڪئي، تنزانيا جي به سياستدانن حالت خراب ڪري رکي آهي. ان ڪري بچيو وڃي ڪينيا آهي. ان ڪري ڪنهن يورپي يا آمريڪن کي آفريڪا گهمڻ جو شوق ٿئي ٿو، ته هو ڪينيا جو رخ ڪري ٿو. پوءِ اتان ڪو اڌ، هڪ فارينر ڀر واري آفريڪي ملڪ ۾ به وڃي ٿو.
    ڪينيا جا نئروبي ۽ ممباسا سڀ کان مشهور شهر آهن. جتي تمام گهڻا ٽوئرسٽ اچن ٿا. ڏٺو وڃي ته نئروبي ته ائين آهي جيئن اسلام آباد يعني نئون آباد ٿيل شهر. پوءِ اسلام آباد کڻي اڌ صدي اڳ ٺهيو ۽ نئروبي هڪ صدي اڳ ٺهيو. پر ان جي مقابلي ۾ ڪينيا جو شهر ۽ بندرگاه ممباسا ائين آهي، جيئن اسان وارو ٺٽو. پاڪستان جي وجود کان به صديون اڳ ٺٽو هو. اهڙي طرح ڪينيا ملڪ جون سرحدون ٺهڻ ۽ مٿس اهو نالو پوڻ کان صديون پراڻو ممباسا هو، جتي عربستان، ايران (جيڪو ان وقت پرشيا سڏبو هو) ۽ انڊيا جا سوداگر چؤماسي جي هوائن جو فائدو وٺي پنهنجين ڌائون (ٻيڙين بتيلن) سان اچي ممباسا کان نڪرندا هئا. ممباسا اڄ ڪينيا جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي پر صدين تائين ممباسا سڄي اوڀر آفريڪا ۾ پئسي ڏوڪڙ، عمارتن، وڻج واپار، ٽوئرسٽن ۽ خوشحاليءَ ۾ اول نمبر شهر هو جنهن جو مقابلو زئنزيبار ۽ دارالسلام جهڙن بندرگاهن سان هليو ٿي. گهڻو پوءِ، يوگنڊا جو شهر ڪمپالا مشهور ٿيو ۽ پوءِ انگريزن جي راڄ ۾ جڏهن انگريزن ڪمپالا کي ريل رستي ممباسا سان ملايو پئي ته ان وقت يعني 1900ع ۾ اڄ واري نئروبي شهر واري هنڌ تي ريلوي ڊپو ۽ ٻه ٽي گودام ۽ مزدورن ۽ آفيسرن لاءِ چار گهر ٺهرائي ’نئروبي‘ شهر جي شروعات ڪئي وئي. سٺي آب هوا، مٺي پاڻي ۽ ريلوي اسٽيشن ڪري هي شهر هڪ سئو سالن ۾ ڏکڻ آفريڪا جو بهترين ۽ ماڊرن شهر ٿي پيو آهي. ملڪ جي گادي جو هنڌ هجڻ کان علاوه بين الاقوامي ايئرپورٽ به نيروبي ۾ آهي. پر ممباسا جي حيثيت اڄ به اهم آهي. جو ممباسا اڄ به نه فقط ڪينيا جو پر اوسي پاسي جي ملڪن ۾ اهم ۽ وڏو بندرگاهه مڃيو وڃي ٿو. يوگنڊا جهڙن ملڪن جو سامان به ممباسا مان اچي وڃي ٿو جو افغانستان وانگر يوگنڊا کي پنهنجو بندرگاهه ناهي.
    1968ع ۽ 1973ع جي وچ ۾ منهنجو هن بندرگاهه ۽ اوڀر آفريڪا جي ٻين بندرگاهن: زنجبار، دارالسلام، لارينزو مارڪس (جيڪو اڄڪلهه موپوتو سڏجي ٿو)، بيرا وغيره ۾ تمام گهڻو اچڻ ٿيو. انهن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال بند هو، ان ڪري جنهن به جهاز تي بدلي ٿي ٿي ته اهو جهاز هتان ضرور لنگهيو ٿي ۽ ممباسا ۾ ڪارگو نه هجڻ جي باوجود اسان کي جهاز جي لاءِ تيل پاڻي ۽ جهاز جي عملي لاءِ راشن وٺڻ لاءِ ممباسا ۾ ڏينهن ٻه ترسڻو پيو ٿي. ممباسا ۾ انڊين ۽ مسلمان دڪاندار هجڻ ڪري اسان کي هر شيءِ مرچ مسالن کان حلال گوشت ملي ويو ٿي. جهاز جي مرمت لاءِ سڄي آفريڪا ۾ اهڙو ڪو سٺو بندوبست نه هو جهڙو جپان يا يورپ جي بندرگاهن ۾ نظر آيو ٿي پر تنهن هوندي به ممباسا وري به غنيمت سمجهيو ويو ٿي ۽ معمولي مرمت لاءِ به هفتو ڏيڍ لڳي ويو ٿي پر ڪم ٿي ويو ٿي. ان بعد باقي سمنڊ جا ڏهه پندرهن ڏينهن گذاري يورپ يا آمريڪا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ پهچي وياسين ٿي.
    جپان چين يا يورپ جي بندرگاهن مان ٿي ممباسا پهچبو هو ته عجيب احساس ٿيندو هو. خاص ڪري آدم شماري جي خيال کان. ڇا هوڏانهن ماڻهن جا ميڙ ۽ گاڏين موٽرن جا گوڙ شور ۽ ڇا ممباسا ۾ خاموشي، وڻ وڻڪار! ماڻهو ڇيڻو، پکي پکڻ هر هڪ جهڙو واندو نظر ايندو. منجهند جو جڏهن دنيا جي ٻين ملڪن ۾ رش ۽ ماڻهن جي پيهه پيهان هوندي هئي، هتي ممباسا ۾ ماٺ مٺوڙو هو. انهن ڏينهن ۾ انگريز راڄ کان اهو دستور اڃان هلندو رهيو ٿي ته منجهند جو اڍائي ڪلاڪ کن موڪل ٿي ٿي جيئن هر ڪو ڪجهه دير ننڊ ڪري ۽ ڏينهن ٺاري پوءِ ڪم، پورهئي يا پڙهڻ لاءِ اچي. اسان وٽ سنڌ ۾ به انگريزن جو ٺهيل اهو قانون ڪافي عرصو هليو ۽ اسان جي ڏينهن ۾ پرائمري اسڪول ٻن قسطن ۾ ٿيندو هو. آدمشماري جي حساب سان ممباسا اڄ به اهڙو ئي لڳي ٿو. حيدرآباد جيڏي شهر جي اڄ ڪلهه 8 لک کن آدمشماري آهي. 1970ع ۾ ان جي اڌ برابر چئي وئي ٿي. سنگاپور ۽ ڪوالالمپور وانگر هتي ممباسا ۾ به ڪافي تبديلي اچي وئي آهي نه ته ڪلنڊني روڊ (جيڪو هاڻ اڳوڻي صدر جي نالي سان موئي ايونيو سڏجي ٿو) جا دڪان ائين انگريزي اسٽائيل جا هئا جيئن ڪوالالمپور ۾ باتو روڊ (جيڪو هاڻ جالان تنڪو عبدالرحمان روڊ سڏجي ٿو) ۽ سنگاپور جي هاءِ اسٽريٽ جهڙا دڪان هئا. وڏا، ڪشادا ۽ مٿاهين ڇتين وارا هوادار دڪان، سندن اڳيان ڇت وارا ورانڊا ۽ پوءِ فٽ پاٿ ۽ گاڏين جي هلڻ جو رستو هوندو هو. مون کي ٽنهي شهرن جي دڪانن اڳيان انهن دڪانن جا سنڌي هندو، گجراتي ۽ پارسي سيٺ سفيد ڪوٽن ۽ ٽوپين ۾ واڪ ڪندي اڄ به اکين اڳيان تري رهيا آهن. 1960ع کان اڳ تائين ڪراچي جي صدر وارن دڪانن جو به اهو حال هوندو هو. پوءِ آدمشماري، لاريون، موٽرون ۽ ٽوئرسٽ وڌڻ ڪري اهي سڪون وارا ڏينهن ختم ٿي ويا. پر اسي واري ڏهي جي شروعاتي سالن تائين ان قسم جا دڪان ويسٽ انڊيز (ڏکڻ آمريڪا) پاسي برمودا، ٽرينڊاڊ ۽ ڪيوبا پاسي ضرور موجود هئا. اتي به هاڻي ختم ٿيندا وڃن جو زمين جو اگهه ايڏو ته وڌي ويو آهي جو هڪ فٽ هزارين بلڪ هڪ لک رپئي تائين ٿي ويو آهي. تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ممبئي، جيڪا انگريزن جي ڏينهن ۾ بامبي ۽ بمبئي سڏبي هئي اتي فورٽ واري علائقي ۾ اڃان به ڪيترائي دڪان ان قسم جا ملن ٿا. ڪراچي ۾ جيڪڏهن ان دور جو ڪو دڪان ڏسڻو اٿانوَ ته صدر جي علائقي ۾ جتي فوٽو گرافرن ۽ واچن ڪئميرائن جا دڪان آهن، اتي پرشن بيڪري نالي سؤ سال کن پراڻو دڪان ان شڪل ۾ اڃان موجود آهي، جيڪو ايرانين جو آهي ۽ سندن ڊبل روٽي، پاپا، پيٽيز ۽ ڪيڪن جو سواد اهو ئي هلندو اچي. 50 کن سالن کان ته آئون به ڏسندو اچان ۽ سندس منهنجي عمر جا مالڪ جيڪي 1960ع ۾ پهريون دفعو ڏٺا هئم ته مون وانگر ڇوڪرا هئا. هاڻ مون وانگر پوڙها ٿي ويا آهن. هن دڪان وٽان لنگهندي آئون توهان کي Suggest ڪندس ته اندر تائين هليا وڃجو جتي ڪم وارا اَٽو پيا ڳوهين ۽ کوري ۾ ڊبل روٽي ۽ بسڪٽ پيا پچائين. ان هڪ دڪان مان ڀر ۾ ٺهيل اڄ وارن دڪانن جهڙا گهٽ ۾ گهٽ ٻارنهن تيرهن ٺهي وڃن. سو ان قسم جا آڳاٽا دڪان يا حيدرآباد جي بامبي بيڪري جهڙا شاپ هائوس ملائيشيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪجهه نه ڪجهه اڄ به موجود آهن. جن مان انگريز راڄ ۾ انگريزن ۽ يورپين خريداري ڪئي ٿي.


    هندي فلمن جو دلپسند شهر ممباسا

    ممباسا هڪ عجيب شهر آهي جيڪو آفريڪا جو ٿي ڪري عرب نموني جو لڳي ٿو. ڪجهه ڪجهه ته بلڪل دبئي ۽ دوحا جهڙو به لڳي ٿو پر دبئي دوحا اڄ وارا نه پر 1968ع وارا، جڏهن آئون جونئر انجنير جي حيثيت سان ”سندر بنس“ نالي جهاز ذريعي پهريون دفعو اتي پهتو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ته ننڍپڻ وارو ڏٺل هيرآباد يا ڪولمبو لڳي ٿو. ڇو جو هتي آفريڪا جي مڪاني ڪارن ماڻهن کان علاوه عرب ۽ ايراني (خاص ڪري شيراز جا) نظر اچن ٿا ته سک، گجراتي، آغا خاني ۽ سنڌ جا هندو به جام آهن. اندروني آفريڪا ۾ دونهين جهڙا ڪارا شيدي نظر ايندا جيئن آمريڪا جي صدر اوباما پنهنجين يادگيرين ۾ پنهنجي پيءَ لاءِ لکيو آهي ته ”چهچ ڪارو هو.“ سو ممباسا ۾ اهڙا ڪاري رات جهڙا بيحد ڪارا شيدي به ملندا ته ڦلهير جهڙا به ۽ انهن ٻن رنگن جي وچ ۾ مختلف ڪارسرن Shades جا به ملندا. اهو ان ڪري جو شروع ۾ جيڪي عرب ۽ ايراني آيا اهي شادي شده هوندي به ممباسا ۾ اڪيلا آيا پوءِ هتي اچي مڪاني شيدي عورتن سان شادي ڪيائون. انهن جو اولاد ۽ غلام ڪنيزائن جو اولاد مختلف شيڊن وارو نظر اچي ٿو. انگريز ان معاملي ۾ خبردار هئا باقي پورچوگالين ته کلئي عام مڪاني حبشي عورتن سان شادي ڪئي ٿي يا انهن کي Concubine طور رکيو ٿي ۽ سندن اولاد کي سندن راڄ وارن ملڪن (موزمبق، ائنگولا وغيره) ۾ توڙي پورچوگال ۾ ڪافي حد تائين سهولتون مليون ٿي. سو ممباسا رڳو آفريڪي شهر نٿو لڳي پر ڪجهه ڪجهه ايشيائي، عرب ۽ انگلستاني شهر لڳي ٿو.
    ممباسا ۾ ڌارين ملڪن جي ماڻهن جو اچڻ وڃڻ ڪو هاڻ ويجهڙائيءَ کان نه آهي پر ستين اٺين صدي کان شروع ٿيو. انگريز ته سڀ کان آخر ۾ پهتا. انگريزن البت اهو ڪيو جو هونءَ هر ڪو فقط بندرگاهه ممباسا تائين آيو ٿي يعني فقط ڪناري وارن شهرن تائين آيو ٿي ۽ اتي ئي رهيو ٿي، پر انگريزن اندر تائين رستا ۽ ريلون ٺاهي ڳانڍاپو ڪري ڇڏيو. پلين، گهرن، رستن ريلن ٺاهڻ لاءِ هنن سکن، پنجابين ۽ ٻين اتر انڊيا جي ماڻهن کي آندو جيڪي لاهور ۽ دهلي پاسي اهڙن پراجيڪٽن تي ڪم ڪري چڪا هئا. سنگاپور ۽ پينانگ پاسي به انگريزن ائين ڪيو. اهي ٻئي ٻيٽ انگريزن حوالي ٿيڻ کان اڳ ڀڙڀانگ ۽ سخت ويران هئا. اڄ به انهن جهڙا ويران ٻيٽ اوسي پاسي ۾ جام آهن. انگريزن جي قبضي کان اڳ هنن ٻيٽن تي فقط سامونڊي چور ۽ قذاق رهيا ٿي جيڪي هتان هتان ملاڪا ڳچي سمنڊ ۽ چيني سمنڊ مان ڦرون ڪري انهن ٻيٽن تي اچي لڪيا ٿي. سو به ڪناري واري مختصر علائقي ۾، اندر گهاٽو جنگل، نانگ بلائون، سؤ پيريون ۽ ڀٽون هئا. پوءِ انگريزن اچي صفائيون ڪرايون ۽ پاڻ به رهيا ته ٻين لاءِ به امن امان ۽ واپار جون سهولتون پئدا ڪري ڏنائون. بهتر حالتون، انصاف، جان ۽ مال جي سلامتي ڏسي نه فقط اوسي پاسي جا ملئي ۽ چيني اچي رهيا پر ڏورانهن ملڪن کان، خاص ڪري جن ملڪن تي انگريزن جو راڄ هو، اتي جا پئسي وارا سودي ۽ واپار وڙي لاءِ، غريب ماڻهو روزگار ڪمائڻ لاءِ، هنن ٻيٽن تي اچي رهيا. انگريز ممبئي (بامبي) کي به ائين ورسايو ۽ هڪ ويران ٻيٽ مان ڪاسموپوليٽن شهر ٿي ويو ۽ جيئن پينانگ ۽ سنگاپور ڀر وارن جهونن شهرن کان به وڏا ۽ سهولت وارا ٿي پيا تيئن ممبئي ۽ نئروبي به ڏسندي ئي ڏسندي صدين کان وڏن ۽ مشهور شهرن، سورت، بڙودا، گوا ۽ ممباسا ۽ مليندي کان به گوءِ کڻي ويا. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هندي وڏي سمنڊ ۾ جتي انڊيا جي اولهه ڪناري وارا شهر سورت، پوربندر، ڪاليڪٽ ۽ ڪوچين مشهور ۽ مشغول بندرگاهه هئا، اتي هن پاسي آفريڪا کنڊ جي اوڀر واري ڪناري تي ممباسا ۽ زئنزيبار صدين کان سَتڙ هئا جتي ٻارهوئي چؤماسي جي هوائن مطابق ناکئن ۽ وڻجارن جا ميلا متل هئا. هنن جي ٻيڙن اچڻ سان هنن بندرگاهن ۾ رونقون اچي ويون ٿي ۽ پوءِ هوائن جا رخ بدلجڻ ۽ لنگر کڻڻ تي هنن بندرگاهن جون بازاريون سڃيون ۽ ويران ٿي ويون ٿي.
    اوڀر آفريڪا جي ممباسا ۽ زنجبار (Zanzibar) جو اسان جي ننڍي کنڊ (خاص ڪري سنڌ، گجرات ۽ ڏکڻ هندستان جي اولهه ڪناري) جي شهرن تي تمام گهڻو Influence هو. آئون مئٽرڪ ڪلاس ۾ هوس يعني 1960ع جي ڳالهه آهي ته مون ٽنڊو قيصر ۽ حيدرآباد ۾ ٻه اهڙيون پوڙهيون شيدياڻيون به ڏٺيون جيڪي زئنزيبار کان ڊئريڪٽ سنڌ ۾ وڪرو ٿيون هيون يعني اهي پهرين جنريشن جون هيون بعد ۾ انگريزن Slave Trade (غلامن جي وڪري) تي سختيءَ سان بندش هڻي ڇڏي. بهرحال ان کان علاوه ٻين به ڪيترين شين جو بزنيس اسان جي پاسي جي شهرن جو ممباسا سان هليو ٿي. هاڻ ريڊيو، ٽي وي، جيٽ جهاز، انٽريٽ معرفت دنيا ڳنڍجي وئي آهي نه ته اسان ننڍا هئاسين ته اسان جي ڏاڏين نانين جي واتان لنڊن، عروس (روس) ۽ جرمن بعد ممباسا، زنجبار، دارالسلام، عدن ۽ ڪولمبو جا نالا ٻڌبا هئا. ڪوالالمپور، بئنڪاڪ، جڪارتا جهڙا نالا هاڻ مشهور ٿيا آهن. جڪارتا واري ملڪ انڊونيشيا جا اڃان به جاوا ۽ سماترا مشهور هئا جتي شڪارپور ۽ حيدرآباد جا سنڌي هندو واپار لاءِ ويندا هئا ۽ شاهه لطيف به پنهنجن بيتن ۾ جاوا، عدن ۽ لنڪا جوذڪر ڪيو آهي. اڄ ڪلهه ته پاڪستاني فلمون ۽ ٽي وي ڊراما به لنڊن، پئرس ۽ ڪوالالمپور ۾ فلمائجن ٿا. 1973ع ۾ اسان پهرين انڊين فلم ”ايوننگ ان پئرس“ ڏٺيسين جيڪا فرانس ۾ فلمايل هئي نه ته ان کان اڳ واريون فلمون جيڪي اسڪول وارن ڏينهن ۾ ڏٺيون سين انهن ۾ ڪا فارين فلمايل هوندي هئي ته معني ممباسا، زئنزيبار يا ٽئنگانيڪا ۾ فلمايل هوندي هئي. هڪ اهڙي فلم جو گانو هن وقت به ياد اچي رهيو آهي ته: ”تم ني ديکها کيا بهلا، گر نا ديکها آفريکا! ٽانگا نيکا ٽانگا نيکا!“ وغيره.
    هاڻ ته ٽانگانيڪا جو ملڪ به نه رهيو آهي نه ته اهو ۽ زئنزيبار الڳ الڳ ملڪ هئا. هاڻ تانگا نيڪا، زئنزيبار ۽ نياسالئنڊ ملڪن گڏجي هڪ نئون ملڪ تنزانيا ٺاهيو آهي جيئن ملايا، سباح ۽ سراواڪ گڏجي نئون ملڪ ملائيشيا ٺاهيو.
    سو ممباسا جو ماضيءَ ۾ وڏو مان ۽ شان هو. زئنزيبار وانگر ممباسا به فقط آفريڪي نه پر انڊين، عرب ۽ پرشن (ايراني) بندرگاه سمجهيو ويو ٿي. ڪينيا، يوگنڊا ۽ تنزانيا اندر سواحلي ۽ آفريڪي زبانون هليون ٿي پر زئنزيبار، دارالسلام ۽ ممباسا ۾ عربي، فارسي، گجراتي ۽ اڙدو زبانون به ڳالهايون ويون ٿي ۽ اڄ به ڳالهايون وڃن ٿيون.
    سنگاپور، پينانگ ۽ هانگ ڪانگ وانگر ممباسا هڪ شهر به آهي، بندرگاهه به آهي ته ٻيٽ به آهي. انگريزن جي قبضي کان اڳ تائين ممباسا جي الڳ ٿلڳ حيثيت هئي ۽ زئنزيبار وانگر هڪ ننڍڙو ملڪ سمجهيو ويو ٿي جنهن تي سڀ کان گهڻو اثر عربن جو هو. انگريزن ڪينيا جو ملڪ ٺاهي ممباسا ٻيٽ ان جو حصو بنايو. اڄ به ممباسا جا امير ماڻهو انهن ڏينهن جي عربن جو اولاد آهن ۽ ڪينيا ۾ سڀ کان گهڻا مسلمان ۽ مسجدون هتي ممباسا ۾ آهن. ويندي ممباسا نالو عربيءَ جو آهي جيڪو منبعثة لکيو وڃي ٿو ۽ انگريزيءَ ۾ به پهرين Manbasa لکيو ويو ٿي پر پوءِ Mombasa ٿي ويو جيئن بمبئي پوءِ بامبي ٿي ويو. آفريڪا جي مڪاني زبان سواحليءَ ۾ هن ٻيٽ (ممباسا) کي Kisiwa Cha Mvita سڏيو وڃي ٿو. يعني جنگ جو ٻيٽ! اهو انڪري جو هن ٻيٽ جي مالڪيءَ تان ڪيترن مڪاني ۽ ڌارين ڌرين جي وچ ۾ جنگ هلندي رهي جن ۾ عرب، ايراني، پورچوگالي، بلوچ، انگريز سڀ اچي ويا ٿي.
    ممباسا ٻيٽ ڪينيا جي سرزمين سان اتر طرف نيالي نالي پُل سان ڳنڍيل آهي جيئن سنگاپور ڪازوي برج ذريعي ملائيشيا جي سرزمين سان ڳنڍيل آهي. هيءَ پل ڪنڪريٽ ۽ گرڊر جي ٺهيل آهي ۽ هيٺان جيڪو سامونڊي نالو آهي اهو Tudor Creek سڏجي ٿو. ممباسا جو ٻيٽ اوڀر پاسي Makupa ڪازوي ذريعي ڪينيا جي سرزمين سان ڳنڍيل آهي. سنگاپور واري ڪازوي وانگر هن ڪازوي تان ڪارن، بسين کان علاوه ريل گاڏي به هلي ٿي، جيڪا ڪينيا مان ٿيندي يوگنڊا جي شهر ڪمپالا ۾ دنگ ڪري ٿي. ان کان علاوه فيري سسٽم به آهي جنهن ذريعي ماڻهو ۽ سندن سواريون ممباسا کان ڪينيا جي شهر لِڪوني جي وچ ۾ اچ وڃ ڪن ٿيون، جيئن هانگ ڪانگ ۾ ”اسٽار فيري سسٽم“ وڪٽوريا ٻيٽ ۽ ڪولون جي وچ ۾ هلن ٿيون. هتي جي فيري ڪمپنيءَ جو نالو Likoni Ferry آهي، جيڪا انگريزن 1937ع کان شروع ڪئي. هن فيريءَ ۾ مسافر مفت ۾ سفر ڪري سگهن ٿا، باقي ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن لاءِ في ڏيڻي پوي ٿي. ان کان علاوه رش اَور ۾ ممباسا ۽ Mtongwe شهر جي وچ ۾ هڪ پئسينجر فيري هلائي وڃي ٿي جنهن جي ٽڪيٽ رکيل آهي. 1994ع ۾ هيءَ فيري ڪناري کان فقط 40 ميٽرن جي فاصلي تي اونڌي ٿي ويئي. هن فيريءَ جي Capacity فقط 300 مسافر هئا. پر گهڻي رش هجڻ ڪري ان ۾ 400 مسافر چاڙهيا ويا هئا جن مان 272 ٿڏي تي مري ويا. سمنڊ جي جنهن ٽڪري کي هيءَ فيري ڪراس ڪري ٿي ان کي ڪِلندني (Kilindini) ڪريڪ سڏجي ٿو. اتي ئي ڪلندني هاربر آهي، جنهن ۾ اسان جو جهاز اچي بيٺو ٿي. بندرگاه کان شهر جي وچ تائين وهندڙ ويڪرو رستو پڻ ڪلندني روڊ سڏبو هو پر هاڻ Moi ايوينيو سڏجي ٿو جيڪو هن ملڪ جي سابق صدر جي نالي آهي. ڪِلندني سواحلي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ اونهو (Deep) آهي. ڪينيا ۾ ڪيتريون ئي شيون آهن، جن جو نالو ڪِلندني آهي.


    ابنِ بطوطا ۽ ٻين جي ممباسا ۾ آمد

    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اوڀر آفريڪا وارو ڪنارو جنهن کي هندي وڏو سمنڊ ڇهي ٿو، ان تي ممباسا تمام جهونو ۽ مشغول بندرگاهه ليکيو ويو ٿي. پورچوگالي، انگريز ۽ ٻيا يورپي ته گهڻو گهڻو پوءِ آيا پر ايراني، مصري، عرب، سومالي ننڍي کنڊ جا واپاري، هنرمند، پورهيت صدين کان ممباسا ۾ ايندا رهيا. هو پاڻ کي به خوشحال بڻائيندا رهيا ته ممباسا کي به سکيو ستابو ٺاهيندا رهيا. اڄ به انهن ماڻهن جي پنجين يا ڇهين ٽهي (جنريشن) ممباسا جي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. ماضيءَ ۾ ممباسا ائين هو جيئن اتر ۾ عدن، ڏکڻ ۾ ڪولمبو ۽ اوڀر ۾ جاوا – جنهن لاءِ سنڌ ۾ چوڻي مشهور آهي ته ”جيڪي ويا جاوا، سي هميشه ٿيا ساوا.“
    ممباسا بابت لکت ۾ گهڻو مواد پورچوگالي ڊائرين ۽ Chronicles مان ملي ٿو. سڀ کان آڳاٽيون لکڻيون 16 صديءَ جون آهن. هي لکڻيون ان وقت جون آهن جڏهن پورچوگالين ٺٽي کي 1555ع ۾ ساڙيو ٻاريو. 1558ع ۾ آدم شاهه ڪلهوڙي جي وفات ٿي، بعد ۾ ان صديءَ جي آخر ۾ 1592ع ۾ مرزا جاني بيگ ترخان کي شڪست آئي ۽ مغل شهنشاهه اڪبر سنڌ کي دهليءَ سان شامل ڪري ڇڏيو. بهرحال پورچوگالين جا ممباسا بابت لکيل هي Chronicles تواريخِ طاهري کان به آڳاٽا آهن جيڪا مير طاهر محمد نسيانيءَ 1621ع ۾ لکي.
    ممباسا بابت ابن بطوطا به پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي. ابن بطوطا هڪ مسلمان سياح هو. سندس نالو ابوعبدالله محمد هو. پاڻ 1304ع عيسوي سن ۾ موراڪو (مراڪش) جي شهر طنج (Tangir) ۾ ڄائو. يعني مغل شهنشاهه همايون ۽ بابر کان به گهڻو اڳ ڄائو. 21 سالن جي ڄمار ۾، يعني 1325ع ۾ هو گهران حج لاءِ نڪتو پر پوءِ موٽڻ کان اڳ ملڪ ملڪ گهمندو رهيو. هو سنڌ ۾ به آيو ۽ پنهنجي سفر ۾ بکر، سيوهڻ، لاهري بندر ۽ ٺٽي جي ڳوٺ جنهاڻ سومرا جو به احوال لکيو اٿس. هو عدن پهچڻ بعد اوڀر آفريڪا وارو ڪنارو ڏيئي ممباسا پهتو هو. عدن کان پهرين زيلا شهر پهتو جنهن ۾ هن کي چار ڏينهن لڳا. اڄ جو ماڊرن شهر زيلا (Ziala) جبوتي کان 24 ميل پري ڳاڙهي سمنڊ (Red Sea) جي ڪناري تي آهي. هن سمنڊ جي اتراهين ڪناري تي جده ۽ عدن جهڙا شهر آهن ته ڏاکڻي ڪناري تي جبوتي ۽ زيلا وغيره. زيلا لاءِ ابن بطوطه لکي ٿو ته ”هن شهر جا مسلمان ڪارا شيدي آهن ۽ بربرا سڏجن ٿا. هو امام الشافعي مڪتبِ فڪر جا مسلمان آهن. ڪيترائي شيعا مسلمان آهن جيڪي رڍون ۽ اٺ چارين ٿا.“
    زيلا بعد ابن بطوطا مغديشو (سوماليا) آيو. اڄ جي حساب سان اهو ٽن چئن ڏينهن جو سامونڊي سفر آهي پر ابنِ بطوطا جنهن تختي واري ٻيڙيءَ ۾ ۽ جنهن زماني ۾ سامونڊي سفر ڪري رهيو هو ان ۾ اڃان انجڻيون ايجاد نه ٿيون هيون. اهي سڙهن وارا ٻيڙا، هوا جي رحم و ڪرم تي هليا ٿي ۽ ابن بطوطا کي زيلا کان مغاديشو پهچڻ ۾ مهينو لڳي ويو. انهن ٻيڙين ۾ ڇا ته سِي سڪنيس ٿيندي هئي ان جو اندازو توهان ابن بطوطا جي هن ڳالهه مان ئي لڳائي سگهو ٿا: ”مغديشو ۾ سڪل مڇي ۽ اٺن جي رت جي ايڏي ته ڌپ هوندي جو رات جو پنهنجي جهاز تي وڃي سمهندو هوس جيتوڻيڪ رف سمنڊ ڪري سڄي رات جهاز لڏندو رهيو ٿي.“ يعني ان زماني جي جهازن جي بندرگاه ۾ به اها حالت هئي.
    مغديشو ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ ۽ اتي جي سلطان جون دعوتون کائڻ بعد ابن بطوطا وڌيڪ ڏکڻ ڏي سفر شروع ڪيو. سوماليا کان پوءِ ڪينيا ۽ تنهن بعد تنزانيا ۽ موزمبق آهي.
    ابن بطوطا لکي ٿو ته هن جو جهاز ڪِلوا ۽ زنج بعد ممباسا پهتو. ممباسا لاءِ ابنِ بطوطا لکي ٿو ته ”اتي اناج جي پوک نٿي ٿئي. ممباسا جي رهواسين لاءِ سمورو اناج ڀر وارن ٻيٽن ۽ شهرن کان آيو ٿي. ممباسا جي ماڻهن جو عام کاڌو مڇي ۽ ڪيلو آهي. ممباسا جا مسلمان شافعي آهن. هو بيحد ايماندار ۽ اعتبار جوڳا لڳن ٿا. هنن جون مسجدون ڪاٺ جون ٺهيل آهن. هر مسجد جي در اڳيان هڪ يا ٻه کوهه آهن. مسجد ڏي هر هڪ اگهاڙن پيرن سان وڃي ٿو....“
    ڪِلوا (Kilwa Kisiwani) اوڀر آفريڪا جي هڪ ٽريڊنگ پوسٽ هئي. 9 صديءَ ۾ هن ڪناري جي هڪ آفريڪي امير حبشيءَ اها ايران جي سوداگر علي بن الحسن (جنهن بعد ۾ شيرازي گهراڻي جو بنياد رکيو) کي وڪڻي ڏني. علي بن الحسن سوداگر اتي هڪ خوبصورت مسجد پڻ ٺهرائي. تيرهين صدي تائين ڪِلوا هڪ بيحد طاقتور ۽ امير شهر ٿي پيو، جتي تنزانيا کان عاج ۽ غلام وڪري لاءِ آيا ٿي ۽ ايشيائي ملڪن کان ڪپڙو، زيور، چينيءَ جا ٿانوَ ۽ مسالا آيا ٿي. ڪِلوا جو اثر ڏورانهن ٻيٽن تائين هو جيئن اتر ۾ پيمبا ٻيٽ تائين (جيڪو اڄ ڪلهه تنزانيا جي قبضي ۾ آهي ۽ ڏکڻ ۾ صوفارا شهر تائين صوفارا (Sofara) موزمبق ملڪ جو اڄ وارو بيرا (Beira) بندرگاه آهي جتي ڪيترا دفعا اسان کي پڻ جهاز وٺي اچڻ جو موقعو مليو. ڪِلوا (Kilwa) جي ٻاهرين دنيا سان واقفيت ابن بطوطا ڪرائي. ابن بطوطا جي گهمي وڃڻ کان پورا 170 سال پوءِ پورچوگالي هنن پَٽن تي پهتا. پورچوگالين کي ان ڳالهه جو جس ضرور ڏيڻ کپي ته هنن ڪِلوا جي تاريخ لکي. جتي ابن بطوطا کي مغديشو ۽ زيلا جهڙا بندرگاه نه وڻيا اتي هي ڪلوا ۽ اتي جي ماڻهن جي سونهن ۽ سوڀيا مان بيحد متاثر ٿيو.
    هڪ ٻيو عرب سياح ۽ جاگرافر پڻ ٿي گذريو آهي. جنهن ممباسا بابت ابنِ بطوطا کان به گهڻو اڳ لکيو، جنهن کي نقشا ٺاهڻ ۾ اڄ به ماهر مڃيو وڃي ٿو. جنهن جا سمنڊن ۽ ملڪن جا ٺهيل نقشا ۽ جاگرافي جي ڄاڻ مان واسڪوڊاگاما ته ڇا پر ڪولمبس به فائدو وٺندو رهيو. اهو ٽوئرسٽ، نقشن ٺاهڻ جو ڄاڻو، جاگرافر ۽ مصر جو ماهر ابو عبدالله محمد الادريسي هو. جيڪو مغرب جي دنيا ۾ فقط الادريسي (Al-Idrisi) سڏيو وڃي ٿو. الادريسي سِسلي (اٽلي) ۾ رهيو ٿي ۽ شهنشاهه راجر دوم جي ڪورٽ ۾ نوڪري ڪيائين ٿي. پاڻ اتر آفريڪا جي بندرگاهه صبٽاح ۾ 1100ع ۾ ڄائو جيڪو هاڻ سيوٽا (Ceuta) سڏجي ٿو ۽ اسپين جي حڪومت هيٺ آهي. جيتوڻيڪ جاگرافيائي طور اهو مراڪش جو حصو آهي ۽ ان سان ئي مليل آهي. بهرحال الادريسي جي ڏينهن ۾ سيوٽا (صبٽاح) الموراود سلطنت جي قبضي ۾ هو. الادرسي آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن جو چڱو سير سفر ڪيو ۽ هن پنهنجي سير ۽ جاگرافيائي ڄاڻ بابت به ٻه کن ڪتاب لکيا. هڪ عربي ۾ ”ڪتاب نزهت المشتاق“ آهي ۽ ٻئي ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهي، جنهن جو نالو آهي:
    “A diversion for the man longing to travel to far off places.”
    پاڻ ممباسا لاءِ لکي ٿو ته ”هڪ شاهوڪار بندرگاه آهي جتي هندي، عربي ۽ ايراني ماڻهو نظر اچن ٿا. جتي سون، عاج ۽ مسالي جو وڏو واپار هلي ٿو.“ الادريسيءَ 1166ع ۾ سِسليءَ (Sicily) ۾ وفات ڪئي ۽ اتي ئي دفن آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته الادرسي سٺو فارماڪالاجسٽ ۽ ڊاڪٽر پڻ هو.
    1415ع ۾ چين جو هڪ مسلمان ائڊمرل ’زهينگ هي‘ هڪ يا ٻن جهازن سان نه پر سڄي فليٽ سان ممباسا آيو هو. هن نيول فليٽ ۾ جنهن جي اڳواڻي ”زهينگ هي“ پاڻ ڪري رهيو هو، اٽڪل ڏهه کن وڏا جهاز جن مان هرهڪ تي 500 کن ماڻهو هئا ۽ ٽيهه چاليهه کن ننڍا جهاز هئا. زهينگ هيءَ هن سفر سميت ڪل ست وڏا سفر ڪيا. سامونڊي دنيا ۾ زهينگ هي جنهن جو نالو حاجي محمود شمس هو هڪ زبردست قسم جو جهازران، ڊپلومئٽ، فليٽ ائڊمرل ۽ Explorer ٿي گذريو آهي. جنهن ابنِ بطوطا ۽ مارڪوپولو کان به وڌيڪ سفر ڪيا. جيئن اسان وٽ ابن بطوطا ۽ سند باد سامونڊي سفرن جي حوالي سان ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا، تيئن چين، ملائيشيا ۽ ڏور اوڀر پاسي زهينگ هي هڪ طلسماتي شخصيت ٿي گذريو آهي، جنهن هر ان بندرگاه کي ڇهيو جنهن تي هندي وڏي سمنڊ جون ڇوليون پهچن ٿيون.
    ”زهينگ هِي“ جو تفصيل سان ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي ۽ ان جو احوال الڳ چئپٽر ۾ ئي ڪريون ٿا.
    ’زهينگ هي‘ چيني سياح بعد 1498ع ۾ واسڪوڊاگاما ممباسا آيو. هي پهريون يورپي شخص هو جيڪو سمنڊ رستي آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري تي پهتو. آفريڪا جي اولهه واري ڪناري تي ته صدين کان يورپي ائين پئي آيا جيئن عرب، ايراني، سنڌي، گجراتي ۽ بلوچ اوڀر ڪناري تي پئي آيا ويا. يورپ ۽ انگلنڊ جا جهازي آفريڪا جي اولهه واري ڪناري جي ملڪن: موراڪو، موريطانيا، سينيگال، گئمبيا ويندي لائبيريا تائين ته آرام سان (ڏکڻ طرف وٺي) پهچي ويا ٿي جو ساڳيو ائٽلانٽڪ سمنڊ هو. ان بعد به ساڳيو ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي پر آفريڪا کنڊ جي شڪل اهڙي آهي جو لائبيريا کان پوءِ وڌيڪ ڏکڻ ۾ وڃڻ سان ان وقت جا جهاز ڪنارو hit ڪري نه پئي سگهيا. ٽي چار ڏينهن اڳيان وڃي وري ڊپ ۾ موٽي ٿي آيا جو انهن ڏينهن ۾ اهو به ثابت نه ٿي چڪو هو ته دنيا گول آهي. هر هڪ اهو ٿي سمجهيو ته دنيا رومال وانگر flat آهي جنهن جي اندين (borders) تي پهچڻ کان پوءِ هيٺ ڪنهن کاهيءَ ۾ ڪري پئبو. پوءِ اڳتي هلي آهستي آهستي آئوري ڪوسٽ، گهانا، نائيجيريا، ڪئمرون کان گئبن، ائنگولا ۽ لئانڊا تائين به پهچي ويا پر سائوٿ آفريڪا واري موڙ وٽ، جتي هندي وڏو سمنڊ اچي ائٽلانٽڪ سمنڊ سان ملي ٿو ۽ ٻن سمنڊن جي ٽڪراءَ ۽ ڇولين جي اٿل پٿل ڪري هنن جا ان زماني جا سڙهن وارا جهاز سَٽ جهلي نٿي سگهيا. بهرحال واسڪوڊاگاما پهريون يورپي هو جيڪو ڪيپ آف گڊ هوپ (ڏکڻ آَفريڪا جو هيٺيون حصو) پار ڪري آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري تي پهچي ويو. جتان پوءِ هو ممباسا پهتو ۽ اڳيان ميلنڊي بندرگاه ۾ ڪجهه عرصو ترسي پوءِ انڊيا آيو.


    اسماعيلين لاءِ آفريڪي شيدين کي عزت

    اڄ کان چاليهه سال کن اڳ جڏهن اسان جي جهاز ران ڪمپني جي جهازن جو افريڪا جي مختلف بندرگاهن ۾ تمام گهڻو اچڻ وڃڻ هو تڏهن ٽوئرزم جو ايڏو رواج نه هو ۽ نه هوائي جهاز جو سفر ايڏو آسان هو. هاڻ نئروبي ۽ ممباسا اچڻ کان اڳ سوچي رهيو هوس ته اڄ ڪلهه جڏهن جتي ڪٿي بدامني لڳي پئي آهي، ڪهڙو ٽوئرسٽ آفريڪا گهمڻ لاءِ نڪرندو هوندو؟ صحيح آهي، انگريزن ۽ يورپين جي ڇڏڻ بعد ۽ آفريڪا جي ملڪن کي آزادي ملڻ بعد، آفريڪا جي حالت ويتر خراب ٿي پئي آهي پر يارو تڏهن به سلون وانگر ڪينيا اهڙو ملڪ آهي، جتي روز بروز ٽوئرسٽن جي پيهه پيهان وڌندي رهي ٿي. ٺيڪ آهي سريلنڪا (سلون) وانگر ڪينيا جي شهر نئروبي ۾ القاعده وارن جي بمباري ٿي، ممباسا ۾ هنگامو ٿيو پر اهي سڀ اڪا دڪا ڪيس آهن. ڪجهه به هجي ڪينيا اهو آفريڪن ملڪ آهي، جتي ڪافي حد تائين امن امان آهي. اتي جي يونيورسٽين ۽ شاگردن کي ٿو ڏسجي ته حسرت ٿي ٿئي ته اسان وٽ به وري اهڙو نظام موٽي اچي. نئروبي ۽ ممباسا ته ٿيا وڏا شهر ميهڙ، شهدادڪوٽ ۽ ٺل جهڙن سنڌ جي ڳوٺن جهڙا ڪينيا جا ڪِلفي، ميلندي ۽ واتامو جهڙا ڳوٺ ٿا ڏسجن ته اتي جون هوٽلون به ڌارين ملڪن جي سياحن سان ڀريون پيون آهن. چوڌاري گورا ٽوئرسٽ نظر اچن ٿا. ان جو مطلب ڇا آهي؟ اهو ئي ته ملڪ ۾ امن امان آهي. تڏهن ته ٻهراڙين ۽ ويران ڳوٺن ۾ به ڌاريا پيا اچن ۽ سمنڊ جي ڪناري تي مرد ۽ عورتون ڪڇن ۽ بڪنين ۾ ليٽيا پيا آهن. امن امان ۽ ملڪ جي حالت صحيح نه هجي ته هي گورا هتي ڪڏهن به نه اچن. اڄڪلهه جي اليڪٽرانڪ ميڊيا، ريڊيو، ٽي وي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دور ۾ هر هڪ کي گهر ويٺي خبر پئي پوي ته ٻين ملڪن ۾ ڇا پيو وهي واپري. تڏهن ته سئيڊن جي ڪجهه عورتن کان جيڪي ڪراچيءَ مان مون سان گڏ ساڳي جهاز ۾ ڪوپن هيگن لاءِ سوار ٿي رهيون هيون، مون پڇيو ته ”توهان جڏهن ڪراچي آيون آهيو ته 5000 سال پراڻو موهن جو دڙو ڏسڻ لاءِ اندروني سنڌ ڇو نٿيون وڃو“ ته هنن مون کي ائين گهوري ڏٺو ڄڻ ڪو چريو هجان ۽ پوءِ چيو: ”اسين خبرون نٿيون ٻڌون ڇا؟“ ۽ آئون ڦلهڙو منهن ڪري کانئن پري وڃي ويٺس. هاڻ چاليهه سالن بعد ممباسا، نئروبي ۽ ٻيا اوسي پاسي جا آفريڪي ڳوٺڙا ٿو ڏسان ته پاڻ کي ڪيڏو پٺتي محسوس ڪريان ٿو. آفريڪا جا ملڪ ته ڇا ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙا ملڪ به اسان کان پٺتي هئا. اڄ اسان جي ملڪ کي خبر ناهي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي، جو اسان جي ملڪ جي سڪي جي ڪينيا جهڙي آفريڪي ملڪ جي سڪي جيتري عزت به نه رهي آهي. ممباسا جي هڪ دڪاندار کان پڇيم ته توهان وٽ لائيٽ وڃي ٿي. وراڻيائين ”ها“.
    ”ڪنهن وقت؟“ مون پڇيو.
    ”جنهن وقت به سئچ آف ڪريون ٿا ان وقت هليو وڃي.“
    سعودي عرب ۾ ٽي سال نوڪري ڪرڻ بعد جڏهن دادو جي هڪ فئملي پنهنجي ڳوٺ موٽي ته انهن جو چئن سالن جو ٻار معصوميت مان پنهنجي ماءُ پيءُ کان پڇي ٿو ته ”هتي لائيٽ آٽوميٽڪلي ڪيئن هلي وڃي ٿي؟ جدي ۾ ته پاڻ جڏهن سئچ آف ڪريون ٿا تڏهن ئي لائيٽ وڃي ٿي.“
    ممباسا ٻيٽ سنگاپور ۽ پينانگ ٻيٽن کان به ننڍو آهي. سندس ڊيگهه 15 ڪلوميٽر ۽ ويڪر 13 ڪلوميٽر آهي. ممباسا جو اهو روڊ موئي (Moi) ايوينيو آهي جيڪو انگريزن جي راڄ ۾ ۽ ان بعد به ڪافي سال ڪلنڊني روڊ جي نالي سان سڏيو ويو ٿي. هن روڊ تي هاٿيءَ جي نيشن (Tusks) جهڙو اڇي رنگ جو ٺهيل دروازو هر ٽوئرسٽ جي نظر جو مرڪز رهندو اچي. چئن هاٿي ڏندن جي شڪل مان ٺهيل ٻه دروازا اصل عاج جا نه پر ڪنهن ڌاتوءَ جا آهن جن کي هاڻ زنگ لڳي چڪو آهي ۽ مرمت جي سخت ضرورت آهي. هنن دروازن اڳيان بيهي اسان به جوانيءَ جي ڏينهن ۾ (ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾) چڱا فوٽو ڪڍرايا هئا. اسان جو جهاز جڏهن به ممباسا ۾ لنگر انداز ٿيندو هو ته اسان جون شامون هن روڊ (ڪلنڊني) تي گذرنديون هيون جتي ڪيترن ئي گجراتين، کوجن ۽ سنڌي هندن جا دڪان هئا جن مان هڪ جو نالو ته ”سنڌ جنرل اسٽور“ هو. پر هاڻ انهن دڪانن مان هڪ به نظر نه آيو. يوگنڊا ۾ عيدي امين جي ظلمن جي ڊپ کان ڪينيا جا به ڪيترائي انڊين هي ملڪ ڇڏي ويا. بهرحال هن روڊ تي ٺهيل ڪئسل هوٽل، استنبول بار، ڪينيا ڪافي هائوس اڃان به ساڳين نالن سان قائم آهن.
    دنيا جي ٻين شهرن وانگر جن تي انگريزن ۽ يورپين جو راڄ هو، پنهنجن پراڻن گورن حاڪمن جا نالا بدلائي نوان رکيا ويا آهن. موئي ايونيو جي بلڪل سڌائيءَ ۾ وهندڙ (parallel) روڊ جو نالو هيل سلاسي روڊ رکيو ويو ۽ ان جي سڌائيءَ وارو روڊ ملڪ جي پهرين صدر جومو ڪينياتا نالي آهي. انهن ٽنهي اهم روڊن کي ملائڻ وارا رستا آهن: شيبو روڊ، سنيفو ڪومبو اسٽريٽ، ڊيگو روڊ وغيره. موئي روڊ اوڀر ۾ نڪرما روڊ ٿيو وڃي. اتر ۾ جتي نيو پيپلز هوٽل ۽ الناصر لاج آهن، مصر جي وزيراعظم عبدالناصر نالي روڊ گذري ٿو. اهڙي طرح ڏکڻ ۾ نريري ايوينيو پڻ آهي.
    موئي روڊ تي جتي هاٿيءَ جي ڏندن جا ٻه دروازا ٺهيل آهن ۽ جتي ٽوئرسٽ آفيس پڻ آهي اتان اتر ڏي ويندڙ روڊ آغا خان نالي آهي. آغا خانين (اسماعيلين) جا مماباسا توڙي نئروبيءَ ۾ ڪيترائي سماجي ۽ تعليمي ڪم آهن. اوشنڪ هوٽل وٽ هڪ روڊ جو نالو پرنس ائنڊريو پڻ آهي. باقي وڪٽوريا ۽ ڪئينس روڊ جهڙا رستا هتي پڻ زيب النسائون اسٽريٽ ٿي ويا آهن. هن روڊ جي هيٺان بلڪل سمنڊ جو ڪنارو ڏئي وهندڙ روڊ ماما نگينه روڊ آهي، جنهن تي ڪيترائي تعليمي ادارا آهن. هي روڊ اتر ڏي وڃي نريري ايوينيو ۽ مبارڪي روڊ سان ملي ٿو.
    ڪينيا جي ڪيترن ئي شهرن سان اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن جون يادون وابسته آهن. ممباسا ۾ ته هڪ سڄي گهٽي بلوچن جي آهي، جن جا وڏا پسني گوادر ۽ عمان کان لڏي آيا هئا. ان کان علاوه لامو ڀرسان هڪ سڄو ڳوٺ بلوچن جو آهي. آغا خانين جي موجوده امام پرنس ڪريم آغا خان جو ننڍپڻ ڪينيا جي گاديءَ واري شهر نئروبيءَ ۾ گذريو. شروعاتي تعليم، هن گهر ۾ پرائيويٽ ٽيچر ذريعي حاصل ڪئي. هن جي ڏاڏي آغا خان سوم، علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جو هڪ اسڪالر مصطفيٰ ڪمال، ٻنهي ڀائرن پرنس ڪريم ۽ پرنس امين کي رکي ڏنو هو.
    ننڍي کنڊ جي ٻين ماڻهن سان گڏ ڪيترائي سنڌ ۽ گجرات پاسي جا آغا خاني آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي شهرن ممباسا، ملينڊي، لامو، زئنزيبار (زنجبار)، دارالسلام ۽ هوڏانهن وڪٽوريا ڍنڍ جي ڪناري وارن شهرن ڪمپالا ۽ جنجا (جيڪي هاڻ يوگنڊا ۾ اچن ٿا) رهيا ٿي. اهڙي ئي هڪ فمئليءَ جو ذڪر مون پنهنجي هڪ سفرنامي ”هي ٻيٽ هي ڪنارا“ ۾ ڪيو آهي ته ڪيئن هڪ غريب ڇوڪرو گجرات کان سڙهن واري ٻيڙيءَ ذريعي پهرين زئنزيبار اچي هڪ گجراتي جي دڪان تي نوڪر ٿئي ٿو پوءِ آهستي آهستي پئسو گڏ ڪري پاڻ به دڪان کولي ٿو. وطن وڃي فاطمه نالي هڪ ڇوڪريءَ سان شادي ڪري وري آفريڪا اچي ٿو ۽ هاڻ زئنزيبار بدران وڪٽوريا ڍنڍ واري شهر ۾ ڪاروبار ڪري ٿو. هو ڪيئن مشڪلاتن کي منهن ڏئي ٿو. لوفر قسم جا شيدي هن جي دڪان جي ڦُر ڪن ٿا، جهيڙو ڪن ٿا، انهن کان علاوه هڪ آدم خور قسم جو شينهن سندس گهر تي ان وقت حملو ڪري ٿو جڏهن هن جي زال گهر ۾ اڪيلي، ٿڃ تي هڪ ٻار سان گڏ آهي. هي زال مڙس ڪيئن ان قسم جي ڏاکڙن کي منهن ڏين ٿا ۽ پنهنجي جياپي لاءِ جدوجهد ڪن ٿا، هڪ قسم جو مثال آهي، جنهن مان پڙهندڙن کي Idea ٿي سگهي ٿي ته ڪيئن اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن پنهنجي ٻچن جي مستقبل کي بهتر بنائڻ لاءِ پنهنجي وطن جا ڪک ڇڏي پرديس ۾ خطرن کي منهن ڏنو ۽ ڪاروبار ڄمائڻ لاءِ محنت ۽ مزدوري ڪئي. هنن مختلف مڪاني طور پيدا ٿيندڙ سياسي ۽ سماجي حالتن کي به منهن ڏنو ٿي.
    1880ع ڌاري يورپي قومن جو آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري تي قبضو ٿي ويو ۽ هنن ناني ڪنڙو ڪري آفريڪا جا حصا پتيون ڪري پاڻ ۾ ورهائي کنيو. ايتريقدر جو زنجبار (Zanzibar) جنهن تي عماني سلطان جي حڪومت هئي اهو به هنن پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو. هن بيٺڪي راڄ آغا خانين (اسماعيلين) لاءِ ڪيتريون ئي رنڊڪون پئدا ڪيون، هنن جي حق جو خيال نه رکيو ويو. هنن کي مڪمل طرح سياسي آزادي ڏيڻ ۽ مرضي موجب جتي وڻي اتي بزنيس ڪرڻ کان روڪيو ويو. يورپين نٿي چاهيو ته ايشيائي ماڻهو واپار وڙي ۾ سندن مقابلو ڪن يا حڪومت جو حصو بڻجن. هنن اهو به نٿي چاهيو ته انڊيا جا يا ايران ۽ عرب ملڪن جا ماڻهو جتي وڻين اتي Settle ٿيندا رهن.
    ڪينيا ۾ رهندڙ اسماعيلين حالتن کي منهن ڏيئي ان موجب هلڻ چاهيو ٿي. خير ان وقت تائين ته نه ڪينيا جو نالو وجود ۾ آيو هو ۽ نه نئروبي جو نالو. جيڪو اڄ ڪينيا، يوگنڊا ۽ تنزانيا آهي، اهو ان وقت ايسٽ آفريڪا سڏيو ويو ٿي ۽ اهو انگريزن جي هٿ چڙهيو. اهڙي طرح چاڊ، زائر ۽ نائيجر جهڙا ملڪ فرينچن حوالي ٿي ويا ۽ انهن ملڪن وارو علائقو سينٽرل آفريڪا سڏبو هو. موزمبق ۽ ائنگولا پورچوگالين رکيا. ممباسا، زنجبار، ڪمپالا ۽ جنجا پاسي رهندڙ اسماعيلين سمجهيو ٿي ته ڪجهه به هجي ته انگريز ۽ سندن حڪومت ڪرڻ جو طريقو وري به ٻين يورپين کان بهتر آهي. هنن کي انڊيا ۾ رهڻ ڪري برطانيا راڄ جو تجربو هو ته انگريزن جي حوالي جيڪي به ملڪ ٿيا (انڊيا هجي يا هانگ ڪانگ، ملايا هجي يا سنگاپور) هنن اتي سيڪيورٽي ۽ مواصلات جو تمام سٺو بندوبست رکيو ٿي. هو انگريزن جي ورڪنگ کان واقف هئا ۽ ساڳي وقت آفريڪا ۾ ڪافي عرصو رهڻ ڪري هو آفريڪا ۽ اتي جي مڪاني ماڻهن کان به واقف هئا. نتيجو اهو نڪتو ته اسماعيلي جيڪي انگريزن کان اڳ جا آفريڪا ۾ ٽِڪيل هئا گذارو ڪري ويا ۽ انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ به ترسي پيا ۽ اڄ تائين آهن ۽ پاڻ به خوشحال زندگي گذارين ٿا ته مڪاني ماڻهن جو به خيال رکن ٿا. بنگلاديش ٿيڻ بعد جڏهن چٽگانگ ۾ پنهنجي ڪلاس ميٽ دوست وٽ گهمڻ ويس ته آغاخانين کي ساڳي پوزيشن ۽ بزنيس ۾ ڏسي مون هن کان پڇيو ته ”توهان پنجابين ۽ بهارين کي ته ملڪ بدر ڪري ڇڏيو پر اسماعيلين کي نه؟“
    ”ان ڪري جو آغا خاني جهيڙي فساد وارا ماڻهو نه آهن ۽ نه وري مڪاني ماڻهن جي ڪلچر ۽ زبان سان هٿ چراند ڪن ٿا. هو واپار ۽ تعليم ذريعي پاڻ به سکيا ستابا ٿين ٿا ۽ مڪاني ماڻهن جو به خيال رکن ٿا.“
    مون کي حيرت ٿي جڏهن مون ممباسا جي ٽيڪنيڪل ڪاليج جي هڪ پروفيسر کان اهو سوال ڪيو ته هن به ساڳيو جواب ڏنو ۽ مون کي ڪينيا ۾ اهي تعليمي ادارا ۽ اسپتالون ڳڻائڻ لڳو جيڪي اسماعيلي ڪميونٽيءَ مڪاني ماڻهن جي خذمت لاءِ ٺاهيا آهن.


    ممباسا جو “علي ڏنو وسرام هاءِ اسڪول”

    توهان جو جيڪڏهن ممباسا، نئروبي يا ڪينيا جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ اچڻ ٿئي ته اتي رهندڙ اسماعيلين (آغا خانين) سان خبر چار ڪري هنن کان سندن فئملي بابت پڇي سگهو ٿا ته سنڌ، ڪڇ يا گجرات کان هنن جا وڏا ڪڏهن ۽ ڪيئن آفريڪا ۾ آيا. آفريڪا ۾ پهرين ڪهڙي شهر ۾ آيا ۽ پهرين ڪهڙو ڌنڌو يا مزوري ڪيائون... وغيره. هر هڪ جي دلچسپ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڪهاڻي آهي. 1970ع وارن ڏينهن ۾ جڏهن منهنجو ممباسا، زئنزيبار ۽ لارينزو مارڪس (هاڻ اهو شهر موپوتو سڏجي ٿو) اچڻ ٿيو ته منهنجي ڪيترن ئي اسي نوي سالن جي پوڙهن اسماعيلين سان ملاقات ٿي جن گجراتي ڳالهائي ٿي ۽ ڪن سنڌي به ڳالهائي ٿي يا شايد اها ڪڇي گاڏڙ سنڌي هئي، انهن مان ڪيترائي پهرين جنريشن جا ماڻهو هئا ۽ هنن پنهنجو فرسٽ هئنڊ اڪائونٽ ٻڌايو ٿي ته هو ڪيئن سورت، ڀاءُ نگر يا ڪراچيءَ کان ڪاٺ جي ڪمزور ٻيڙن ذريعي آفريڪا آيا. ان سفر ۾ ڪيترا ڪمزور دلين ۽ صحت وارا ته رستي تي ئي مري ويا ٿي جيڪي سلامت پهتا ٿي تن کي به سڄو سفر Sea Sickness ساڻو ڪري وڌو ٿي. هڪ ڪراڙي ٻڌايو ته انهن سڙه ذريعي هلندڙ ڪاٺ جي جهازن تي جيڪڏهن ڪارگو ۾ چانور هوندا هئا ته اسين خوش ٿيندا هئاسين ته جيڪڏهن جهاز توائي ٿي ويو ۽ منزل تي پهچڻ لاءِ گهڻا ڏينهن لڳي ويا ته کائڻ لاءِ ڪارگو مان چانور ڪڍي موت سان مقابلو ڪري سگهجي ٿو. پاڻيءَ لاءِ هر وقت آسمان ڏي اکيون هونديون هيون ته مينهن وسي ته چمڙي جي چادرن ۾ گڏ ڪري دٻا ڀرجن. لنگر کڻڻ وقت جيڪو پاڻي کڻندا هئاسين اهو هفتي ڏيڍ ۾ ختم ٿي ويندو هو، جو اهو هڪ مقرر انداز ۾ کڻندا هئاسين جو ان جهاز ۾ ماڻهن کي به وهارڻو پيو ٿي ته واپار لاءِ کنيل وکر به کڻڻو پيو ٿي. هوا جو رخ سڻائو هوندو هو ته ٻن اڍائي هفتن ۾ به پهچي وڃبو هو نه ته سورت کان زئنزيبار پهچڻ ۾ مهيني کان مٿي لڳي ويندو هو، خاص ڪري تڏهن جڏهن هوا لڳڻ بند ٿي ويندي هئي، يا پٺيان لڳڻ بدران سامهون کان لڳڻ شروع ٿي ويندي هئي.
    اڄ کان هڪ ٻه صدي اڳ آفريڪا جو اوڀر وارو ڪنارو انڊيا جي ماڻهن لاءِ ائين هو جيئن اسان لاءِ ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ دبئي، ڪويت يا سعودي عرب هو. انڊيا جا ماڻهو پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ آفريڪا ايندا هئا جتي هنن کي روزگار حاصل ڪرڻ جا بهتر طريقا ميسر هئا. جيتوڻيڪ سفر جون صعوبتون هڪ طرف هيون ته آفريڪا جي جنگلي قبيلن، نانگن بلائن، وڇن سؤپيرين ۽ ٻين وحشي جانورن جو خوف ٻئي طرف هو. پوءِ هنن اهي سڀ Risk کنيا ٿي. منجهانئن ڪي ڪامياب ٿيا ٿي ته ڪي سامونڊي ڇولين ۽ مِرن جو به کاڄ ٿي ويا ٿي.
    انڊيا کان جيڪي به آفريڪا ڏي آيا ٿي ته هو پهرين زنجبار (Zanzibar) لٿا ٿي جو اهو ٻيٽ پهرين ٿو اچي. زئنزيبار ۾ هنن اتي جي پهرين آيل اسماعيلي، گجراتي ۽ سنڌين جي دڪانن ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪري تجربو هڪ طرف حاصل ڪيو ٿي ته پئسو ڏوڪڙ، مڪاني رسم و رواج ۽ نمونا سمونا ۽ سندن زبان سواحلي سکي ٿي. ان بعد هو مٿي تي سامان جون هڙون رکي آفريڪا جي اندروني ويجهن حصن ۾ ريزگاري وڪرو ٿي ۽ پوءِ سائيڪلن تي سامان رکي ڪجهه وڌيڪ اندر ويا ٿي. پوءِ ڪجهه پئسو بچت ٿيڻ تي ڪجهه ڏورانهين ڳوٺن ۾ دڪان کوليا ٿي. انڊيا کان آيل ڪپڙو ۽ ٻيو سامان آفريڪا جي ماڻهن کي وڪيو ٿي ۽ هاٿين جو عاج، لونگ، ڪافي، چانهه ۽ ٻيو سامان اتان خريد ڪري ممباسا ۽ زئنزيبار وڏين سيٺين ڏي موڪليو ٿي، جن اهو سامان انڊيا ۽ عرب ملڪن ڏي موڪليو ٿي. ان سڄي ڀڄ ڊڪ ۾ هر وقت ڪمائي نٿي ٿي. ڪيترا دفعا مڪاني ماڻهو اوڌر کائي ويا ٿي، چوريون ۽ ڌاڙا به عام هئا. مليريا، ٽائيفائيڊ ۽ هئڊو بخار (Yellow Fever) جهڙين خوفناڪ بيمارين جو هر وقت ڊپ پڻ رهيو ٿي. نه رڳو ننڍو واپاري مارجي ويو ٿي پر وڏا وڏا سيٺ به فقير ٿي ويا ٿي. خاص ڪري جهاز ٻڏڻ تي هنن جو هر مال لڙهي ويو ٿي. مڪاني لڙائين خاص ڪري پهرين جنگ عظيم ۾ ته ڪيترائي ترپٽ ٿي ويا. پر ان هوندي به هنن پرديسي سوداگرن همت نٿي هاري. بئڊلڪ جي حالت ۾ هڪ علائقو ڇڏي ٻئي ۾ وڃي ڀاڳ آزمايو ٿي. پئسو ڪمائڻ ۽ خوشحال ٿيڻ تي نه فقط هنن پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان کي سُکي بنايو ٿي پر مڪاني ماڻهن جو به سوچيو ٿي، خير خيرات ڪيا ٿي، ڏکويل انسانن جي خدمت ڪئي ٿي. انگريزن جي راڄ ۾ جيئن ئي تعليم عام ٿي ته هو پاڻ به پڙهيا ۽ مڪاني ماڻهن جي ڀلي لاءِ هنن خيراتي اسڪول ۽ اسپتالون کوليون. جيئن ممبئي ۾ پارسين، سنڌي هندن، بوهرين، کوجن، گجراتين، عيسائين ۽ ويندي يهودين جا ڪيترائي خيراتي اسڪول، اسپتالون، پارڪ، مسافرخانا، کيڏڻ جا ميدان ۽ يتيم گهر آهن، تيئن آفريڪا جي هنن شهرن ۾ اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن جا ٺهيل آهن. هو هتي اچڻ وقت غريب هئا، مسڪين هئا. هنن محنتون ۽ پورهيا ڪيا، پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي. ڪي الله کي يڪدم پيارا ٿي ويا ڪي وڏا امير ٿي ويا. هنن پنهنجي ڪمايل دولت ۾ هتي جي ماڻهن جو به حصو سمجهيو ۽ هنن انهن ماڻهن جي به سک ۽ ڀلائيءَ جو سوچيو.
    اڄ کان چاليهه سال کن اڳ جڏهن آئون پهريون دفعو ممباسا آيو هوس ته ان وقت به ۽ هاڻ به ممباسا ۾ ”علي ڏنا وسرام هاءِ اسڪول (AVHS)“ اڳيان بيهي فوٽو ڪڍرايم. ممبئي جي ساسون لئبرري، گرانٽ ڪاليج، وي ٽي اسٽيشن وانگر يا ڪراچي جي ڊي.جي.ڪاليج، ميونسپل ڪارپوريشن ۽ امپريس مارڪيٽ وانگر ممباسا جي هن اسڪول (هاڻ شايد ڪاليج ٿي ويو آهي) جي بلڊنگ به اهڙي آهي جو هتي ايندڙ هر ٽوئرسٽ ڪشش محسوس ڪري ٿو ۽ هن اسڪول جي عمارت اڳيان بيهي تصوير ڪڍرائي ٿو. منهنجو هي سفرنامو جنهن اخبار، رسالي يا ڪتاب ۾ ڇپجي ان جو ايڊيٽر يا پبلشر جاءِ جي قلت ڪري شايد تصويرون نه ڏئي سگهي ۽ پڙهندڙ اهڙين تصويرن ڏسڻ کان محروم رهجي وڃن ان ڪري ممباسا ۽ نئروبي جون تصويرون NET تي وجهي رهيو آهيان ۽ پڙهندڙ هي تصويرون picasa.com جي ويب سائيٽ کولي ان ۾ search جي خاني ۾ Altaf Shaikh Mombasa ۽ اهڙيءَ طرح ”الطاف شيخ نئروبي“ ۽ ”الطاف شيخ ڪينيا“ لکي آفريڪا بابت منهنجن فوٽن جا مختلف آلبم ڏسي سگهن ٿا. انهن مان ڪجهه فوٽو ”گوگل اميجز“ ۾ به مٿيان عنوان انگريزيءَ ۾ لکڻ سان اچي سگهن ٿا.
    ممباسا جو علي ڏنا وسرام (Allidina Visram) هاءِ اسڪول ٺهرائڻ وارو علي ڏنو ڪير هو؟
    سيٺ علي ڏنو وسرام ڪائرا ڳوٺ جو ڪڇي آغا خاني (اسماعيلي) هو جيڪو 1863ع ۾ (يعني اڄ کان ڏيڍ سؤ سال اڳ) هندستان جي ملبار ڪناري کان جهاز رستي زئنزيبار ٻيٽ تي پهتو. هو ان وقت ڏهن ٻارهن سالن جو ڇوڪرو هو. زئنزيبار جي مختلف خوجا ۽ گجراتي سيٺين وٽ مزوري پورهيو ڪري هن آفريڪا جي باگامويو ڳوٺ کان پنهنجي ڌنڌي جي شروعات ڪئي. هن اتي ويهي اُجي جي تائين پنهنجو ڌنڌو هلايو ٿي ۽ واپار وڙي ۾ هن کي وڏي ڪاميابي نصيب ٿي. ايتريقدر جو 1899ع ۾ جڏهن هو 50 ورهن جي ڄمار جو هو ته امام سلطان محمد شاهه هن کي ممباسا لاءِ پارت ڪئي، ته ان شهر کي به هو پنهنجو ڪري سمجهي. علي ڏنو هاڻ سڄي تر ۾ سيٺ سڏيو ويو ٿي ۽ هن جا ڪيترائي ڌنڌا هليا ٿي. اناج کان علاوه آفريڪا جي ڏورانهن علائقن ۾ پنهنجا نائب موڪلي لونگن، ميڻ (Wax) ۽ عاج جو سوڌو ڪيو ٿي جنهن جي بدلي ۾ هن انڊيا کان گهرايل ڪپڙو وڪيو ٿي. يورپ کان ايندڙ شڪار جي شوقينن کي هن بندوقون، ڪارتوس ۽ ٻيو شڪار جو سامان سپلاءِ ڪيو ٿي. انگريزن جڏهن ممباسا کان ڪمپالا تائين ريلوي لائين وڇائڻ شروع ڪئي ته ان تي ڪم ڪندڙ سوين مڪاني شيدي مزورن ۽ انڊيا کان گهرايل سک پورهيتن جي کاڌي پيتي جو سامان سيٺ علي ڏني وسرام ڪيو ٿي ۽ انگريزن پوءِ هن کي pay ڪيو ٿي. ريلوي لائين ٺهڻ بعد سيٺ وسرام يوگنڊا جي ڪيترن ئي شهرن: ڪمپالا، جنجا، اينتيبي ۽ ماساڪا ۾ پنهنجا واپاري مرڪز کوليا. هن ڪپهه جي خريداري، ٽاڻڻ ۽ ايڪسپورٽ جو ڪم پڻ شروع ڪيو. هن وٽ 100 کان به مٿي دڪان ٿي ويا هئا، جتي انڊيا کان ايندڙ خوجن نوڪري ڪئي ٿي. ڪجهه پئسو ٿيڻ تي هن کين پنهنجو الڳ ڪاروبار شروع ڪرڻ تي همٿايو ٿي. اڄ به ممباسا ۽ نئروبيءَ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون اسماعيلي فئمليون آهن جيڪي ٻڌائين ٿيون ته هنن جا وڏا جڏهن مسڪينيءَ جي حالت ۾ آفريڪا جي ڪناري تي پهتا ته سيٺ علي ڏني وسرام هنن لاءِ روزگار مهيا ڪيو. ان وقت جي آغا خان سيٺ علي ڏني وسرام جي انسان ذات جي خذمتن خاطر کيس ’وزير‘ جو خطاب ڏنو جيڪا هڪ وڏي عزت جي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي.
    سيٺ علي ڏني وسرام جي سماجي ۽ خيراتي ڪمن ۽ سندس مختلف بزنس جي لسٽ تمام ڊگهي آهي. هو هڪ اهم شخصيت سمجهي وڃي ٿي. آخر ۾ مختصر طور هي لکندو هلان ته هڪ سج ٻه پاڇا. ڌنڌي جي لحاظ کان سيٺ وسرام جا آخري ڏينهن ڏاڍا ڏکيا گذريا. ان جو سبب پهرين وڏي لڙائي هئي. ’فرسٽ ورلڊ وار‘ ۾ جتي دنيا جا ٻيا ملڪ عتاب ۾ اچي ويا اتي آفريڪا ۾ به مصيبت ۽ ڏڪار جي حالت پئدا ٿي وئي. ماڻهو اوڌرون کائي ويا، ڌنڌو ڌاڙي بيهي ويو. آفريڪا ۾ رهندڙ انڊين دڪاندارن تي سڀ کان گهڻو اثر ٿيو. سيٺ وسرام به وڏي نقصان ۾ اچي ويو، جنهن جو پورائو ڪرڻ لاءِ هو نيون راهون ڳولهڻ لڳو. هو ڪينيا، تنزانيا ۽ يوگنڊا ۾ اکين سان پنهنجي بزنس جي تباهي ڏسي ڪانگو ڏي روانو ٿيو، جيئن اتي ڪو هٿ پير هڻي سگهي پر افسوس جو کيس ڪاميابي نصيب نه ٿي. هو وري پنهنجو ڌنڌو ڄمائي نه سگهيو. هر هنڌ هن کي ناڪامي نظر اچڻ لڳي. 1916ع ۾ 66 ورهن جي ڄمار ۾ گذاري ويو. اڄ سندس ٺهرايل اسڪول اڳيان بيهي اهو ئي سوچي رهيو آهيان ته ههڙو خوبصورت اسڪول ٺهرائڻ واري انسان جي دل ڇا ته خوبصورت هوندي. توهانجو ممباسا اچڻ ٿئي ته هن اسڪول کي ضرور ڏسجو.


    ڪينيا جو هڪ ٻيو آغا خاني.... اِيبو پيرڀائي

    گذريل مضمون ۾ پاڻ سيٺ علي ڏنا وسرام جي ڳالهه ڪئي سين. جيڪو هڪ ڪڇي اسماعيلي مخير (Philanthropist) ۽ بزنس مئن هو جنهن ڪينيا جي مختلف شهرن ۾ ڪيترائي خير جا ڪم ڪيا. ڪينيا ۾ اڄ به ڪيترائي اسماعيلي (آغا خاني) نظر اچن ٿا جيڪي تمام سکيا ستابا آهن ۽ سندن مڪاني سوسائٽيءَ ۾ وڏي عزت آهي. هنن جا نئروبي ۽ ممباسا ۾ ڪيترائي ٽرسٽ آهن جيڪي خيراتي قسم جون اسپتالون ۽ تعليم جا ادارا هلائين ٿا، جن مان نه فقط اسماعيلي ڪميونٽي پر مڪاني شيدي به فائدو حاصل ڪن ٿا.
    اسماعيلين جا ڪينيا ۽ يوگنڊا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪميونٽي، سينٽر ۽ جماعت خانا آهن جن ۾ پسگردائي ۾ رهندڙ اسماعيلي عبادت لاءِ يا خوشي ۽ غميءَ جي موقعن تي گڏجاڻي ڪن ٿا. ممباسا جي مختلف علائقن ۾ ويندي جن جماعتخانن تي نظر پيئي اهي هن ريت آهن:
    • ممباسا جماعت خانو: هي بام بُوري علائقي ۾ آغا خانين جي بام بوري سينٽر اندر ئي آهي. عرفان سامجي هن جماعت خاني جو انچارج آهي سندس فون نمبر به هتي لکي رهيو آهيان: 294929-720-254.
    • ممباسا جي ڪوزي (Kuze) روڊ وارو جماعت خانو جيڪو سڏجي ئي ”ممباسا ڪوزي جماعت خانو“ ٿو. هن ۾ مکي نوردين صدردين دوسا نالي هڪ اسماعيلي انچارج سان ملاقات ٿي.
    • اسماعيلين جو هڪ جماعت خانو: منهنجي هوٽل واري رستي ٽام مبويا ايوينيو تي آهي جيڪو ممباسا ٽيوڊر جماعت خانو سڏجي ٿو. هن جو مکي سليم فضل جمال آهي. سندس فون نمبر 715210-722-254 آهي ۽ اي ميل ائڊريس آهي.
    Saleem @ africaonline.co.ke.
    ڪينيا ۾ رهندڙ اسماعيلين جي ڳالهه نڪتي آهي ته ڪجهه سٽون پيرڀائيءَ بابت نه لکڻ ناانصافي ٿيندو. ديوان سَر اِيبو پيرڀائي ڪينيا جو اهو آغا خاني باشندو آهي جنهن جي خذمتن جو اعتراف نه فقط سندس اسماعيلي ڪميونٽيءَ جا ڪندا پر مڪاني شيدي پڻ. 85 ورهن جي ڄمار ۾ 4 جنوري 1990 تي جڏهن پيرڀائيءَ لنڊن ۾ وفات ڪئي ته اتي جي پارڪ لئنڊ اسماعيلي ڪلچرل سينٽر هال ۾ جنازي جون رسومات ان وقت جي ڪينيا جي صدر ڊئنيل اراپ موئي، وائيس پريزيڊنٽ ۽ وزير خزانا نئروبي کان هلي، لنڊن اچي اٽينڊ ڪيون هيون.
    پيرڀائي (Diwan Sir Eboo Pirbhai) 1905 ۾ پيرڀائي گانگجيءَ جي گهر ۾ ممبئي ۾ ڄائو. سندس پيءُ وڏي عزت ۽ پئسي وارو هو جنهن جو ٿورو گهڻو ڪاروبار پهرين کان آفريڪا ۾ هلي رهيو هو. 1910 ۾ جڏهن ايبو پيرڀائي 5 سالن جو هو ته هن جي فئملي، ممبئي مان لڏي، زنجبار آئي جتان پوءِ هو نئروبيءَ ۾ اچي رهيا. بنيادي تعليم ڊيوڪ آف گلوسٽر (هاڻ Jamhuri) هاءِ اسڪول مان ڪرڻ بعد هو واپار ۾ گهڙيو. 1926 ۾ جڏهن هو 21 سالن جو هو ته هن هڪ ٽئڪسي وٺي هلائڻ شروع ڪئي ۽ پوءِ ويو هڪ مان ٻه ٻن مان چار ٺاهيندو. اهڙي طرح هن وٽ مختلف گاڏين جو فليٽ ٿي پيو جن مان ڪجهه ٽئڪسي طور هلائڻ لڳو ٻيون انهن يورپين کي مسواڙ تي ڏيڻ لڳو جيڪي ڪينيا ۾ سفاريءَ لاءِ آيا ٿي. يعني هنن گاڏين ۾ چڙهي هتي جي مقرر جنگلن ۾ جانورن کي ويجهڙائيءَ کان ڏسڻ چاهيو ٿي.
    ايبو پيرڀائيءَ جي ڪينيا ۾ رهندڙ هڪ انڊين سيٺ ڪرم علي ناٿو جي ڌيءَ ڪلثوم سان شادي ٿي جيڪا Seaforth ڪاليج ۽ ڪئمبرج ۽ چيلتين هيم ليڊيز ڪاليج، انگلنڊ جي پڙهيل هئي. 1937ع ۾ ايبوءَ جي اها خوش قسمتي سمجهي وئي ته هو ان وقت جي اسماعيلي امام جي ڪار هلائڻ لڳو ۽ 1944ع ۾ پرنس علي خان ۽ ان جي زال جو پرائيويٽ سيڪريٽري ٿي رهيو 10 آگسٽ 1946ع ۾ جڏهن آغا خان جي دارالسلام ۾ ڊائمنڊ جوبلي ملهائي پئي وئي ته هن پنهنجي ڪميونٽي ۽ امام خاطر وڏيون خذمتون ۽ قربانيون ڏنيون. امام هن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي ۽ کيس هڪ عدد پيٽرول پمپ کولڻ جي صلاح ڏني. ان پيٽرول پمپ مان ايبوءَ ايڏو ڪمايو جو هو اوڀر آفريڪا جو ٽاپ جو ڪار ڊيلر بڻجي ويو.
    ايبوپيرڀائي بزنس کان علاوه سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ به حصو وٺندو رهيو. هو نئروبي جي ميونسپل ڪائونسل جو ميمبر رهيو ۽ پوءِ 1948ع کان 1960ع تائين ڪينيا ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر رهيو ۽ جومو ڪينياتا جي اڳواڻيءَ ۾ ڪينيا لاءِ آزادي حاصل ڪئي. ملڪ جو پهريون صدر جوموڪينياتا ايبوپيرڀائي جو تمام ويجهو دوست هو ساڳي طرح ملڪ جو ٻيو صدر ڊئنيل اراپ موئي پڻ پيرڀائي جو گهاٽو دوست ٿي رهيو. ايبوپيرڀائي جي سماجي ڪمن ڪري انگريز به منجهانئس خوش رهيا ٿي. سندس خدمتن جي ڪري برطانيا جي شهنشاه جارج ڇهين هن کي 1946ع ۾ OBE (آرڊر آف برٽش ايمپائر) جو ايوارڊ ڏنو ۽ 1956ع ۾ راڻي ايلزبيٽ هن کي نائيٽ هڊ ڏني ۽ sir جو خطاب ڏنو.
    ايبو پيرڀائي 1938ع کان 1958ع تائين ڪينيا جي ”سينٽرل مسلم ائسوسيشن“ جو صدر به ٿي رهيو ۽ مسلمانن جا ڪم ڪرڻ ڪري کيس 1956ع ۾ Brilliant Star of Zanzibar ۽ 1966 ۾ ”دي ڪمانڊ آف گرين ڪريسينٽ ڪراس آف ڪومورس“ جو خطاب عطا ڪيو ويو.
    1972ع ۾ جڏهن يوگنڊا جي صدر عيدي امين انڊين سان گڏ ڪيترن ئي اسماعيلين کي به ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي ته پيرڀائيءَ پنهنجي امام آغا خان جي رهنمائيءَ هيٺ دربدر اسماعيلين کي ڪئناڊا ۾ Settle ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. هن جي مختلف سماجي ۽ خيراتي ڪمن ڪري کيس علي جاه ۽ راءِ صاحب جا به خطاب ڏنا ويا. 1946ع ۾ آغا خان طرفان کيس ’وزير‘ جو لقب پڻ ڏنو ويو. 7 جولاءِ 1983ع تي جڏهن اسماعيلين جي لنڊن ۾ وڏي پئماني تي سلور جوبلي ملهائي وئي ته ان ۾ آغا خان پيرڀائيءَ کي ’ديوان‘ جو لقب پڻ ڏنو. سڄي ڪينيا ۾ ڪوبه مڪاني شيدي، انڊين يا يورپي نه هوندو جنهن کي ايترا لقب ۽ خطاب مليا هجن جيترا ديوان سر ايبو پيرڀائي وزير کي مليا. ان کان علاوه پاڻ بزنيس ۾ به گهڻن کان اڳرو هو. پاڻ ڪيترين ئي ڪمپنين جو مالڪ هو. ان کان علاوه جوبلي انشورنس ڪمپنيءَ جو چيئرمين ٿي رهيو. انڊسٽريل پروموشن سروسز (IPS)، ٽوئرزم پروموشنل سروسز (TPS) ۽ ڊائمنڊ ٽرسٽ جو سينئر ڊئريڪٽر هو، ۽ ڪينيا جي آغا خان فائونڊيشن جو چيئرمين ٿي رهيو. سندس وفات وقت سندس زال ڪلثوم، ٽي ڌيئون، ٻه پٽ ۽ ڪيترا ڏهٽا پوٽا هئا جن مان اڄ ڪلهه ڪجهه انگلنڊ ۽ ڪجهه ڪئناڊا ۾ رهن ٿا. ايبوپيرڀائيءَ جي وفات تي ڪينيا جي روزنامي انگريزي اخبار ”ڊيلي نئشن“ ۾ ايڊيٽوريل ۾ آيو هو ته:
    “The Death of Sir Eboo Pirbhai closes a chapter of Kenyan history- a history in which he played a distinguished role as one of the most influential leaders of the Asian communities in the country….”


    ڪينيا جا ڪجهه بوهري

    ڪينيا ۾ جيڪي ننڍي کنڊ جا ماڻهو رهن ٿا انهن ۾ نه فقط اسماعيلي پر ڪيترائي سک، سنڌي هندو، گجراتي، ڪڇي، ميمڻ پڻ ناليرا آهن. هنن جي وڏن جون هن ملڪ لاءِ ڪيل خدمتن جي واکاڻ هتي جا مڪاني شيدي به ڪن ٿا. اڄ به هنن جا ٺهرايل خيراتي اسڪول، ڪاليج، اسپتالون ۽ پارڪ وغيره ڏسي هتي جي ماڻهن جي دلين مان دعائون نڪرن ٿيون. اڄ به هتي رهندڙ ننڍي کنڊ جا ماڻهو جن جا ڏاڏا يا پڙڏاڏا سورت، دوارڪا، ڪوچين ۽ سنڌ کان هتي اچي Settle ٿيا، بزنيس ۽ تعليم ۾ هن ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. گذريل مضمونن ۾ ننڍي کنڊ جي ماڻهن مان هڪ ٻن اسماعيلي (آغا خانين) جو ذڪر ڪيوسين جن جي جماعت خانن يا خاص ڪري عليڏنو وسرام هاءِ اسڪول جي عمارت اڳيان لنگهه ٿيو ٿي. ممباسا ۾ هڪ ٻي آڳاٽي زماني جي بلڊنگ وٽان لنگهڻ تي فوٽو ڪڍڻ لاءِ دل چيو ٿي اها ممباسا ۾ رهندڙ بوهرا ڪميونٽي جي ٺهرايل آهي جنهن تي انگريزيءَ ۾ ”برهانيا بلڊنگ“ لکيل آهي. پاڪستان، انڊيا، سنگاپور وانگر ڪينيا ۾ رهندڙن بوهرين جو به گهڻو واسطو بزنيس سان آهي. ڪينيا جي وڏن شهرن نئروبي ممباسا توڙي ننڍن شهرن ۾ جيڪي سندن دڪان آهن، انهن ۾ گهڻي ڀاڱي رنگ روغن ۽ هارڊويئر جا آهن، يعني انهن تي نٽ، بولٽ، پانا، هٿوڙا ۽ ان قسم جو لوهي ۽ اليڪٽرڪ جو سامان نظر اچي ٿو. رکي رکي ڪٿي برهان دين، سيفي يا سيدنا جهڙي نالي جي سائن بورڊ مان بوهرين جي موجودگي جو احساس ٿئي ٿو. نئروبي جو خوبصورت ”جيوانجي گارڊنس“ به بوهرين جو ٺهرايل آهي. بلڪ سڄي ڪينيا ۾ اهو ئي هڪڙو باغيچو (Jeevanjee) آهي جيڪو هتي جي عوام جو آهي جيڪو علي ڀائي مولا جيوانجي نالي هڪ بوهري طرفان نئروبي جي غريب عوام کي donate ٿيل آهي. هن پارڪ جي سار سنڀال هڪ ٽرسٽ طرفان هلائي وڃي ٿي.
    علي ڀائي (Ali bhai Mulla Jeevanjee) لاءِ سندس پڙڏوهٽي زرينا پٽيل ٻڌايو ته هو 1856ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو هو. يعني انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي، ان کان تيرهن سالن بعد ڄائو. تن ڏينهن جي ڪراچي ۾ رهندڙ بوهرين وانگر جيوانجيءَ به گجراتي ۽ سنڌي ڳالهائي ٿي ۽ هن جي فئمليءَ جو سنڌي هندن وانگر انڊيا جي مختلف شهرن ۽ اوڀر آفريڪا ۾ سنهو ٿلهو بزنس هليو ٿي.
    زرينا پٽيل اڄ ڪلهه جي سٺي ليکڪا، جنرلسٽ، آرٽسٽ ۽ انسانن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ مڃي وڃي ٿي. ڪينيا مان نڪرندڙ انگريزي رسالي ‘Awaaz’ جي ايڊيٽر پڻ آهي. سندس رسالو سائوٿ ايشين هسٽري ۽ ڪلچر کي فوڪس ڪري ٿو. سال ٻه اڳ نئروبي جي بلڊر مافيا ۽ ڪجهه سياستدانن جيوانجي پارڪ جي ڪجهه حصن تي قبضو ڪرڻ چاهيو ٿي جنهن جي بچاءَ لاءِ زرينا پٽيل ڪراچيءَ جي ايڊلجي ڪواسجي وانگر اخبار ۾ ڪالم لکي ۽ عوام جون ريليون ڪڍي پارڪ کي آزاد ڪرايو. زرينا پٽيل هڪ سٺي ليکڪا به آهي. ۽ سندس ڪجهه ڪتاب آمريڪا جي مشيگان اسٽيٽ يونيورسٽي پريس پڻ ڇپيا آهن، جهڙوڪ:
    • Challenge to Colonialism
    • Unquiet: The life & Times of Makhan Singh
    زرينا پٽيل هڪ ڪتاب پنهنجي ناني جيوانجي بابت پڻ لکيو آهي جنهن ڪتاب جو نالو ئي آهي: The Grand old man of Kenya- “Alibhai Mulla Jeevanjee”
    علي ڀائي 34 سالن جو هو ته 1890ع ۾ هو اوڀر آفريڪا لڏي آيو هو. ڪينيا جا جيڪي اوائلي بزنيس مئن ۽ مخير حضرات (Philanthropist) هئا انهن مان هڪ آهي. نئروبي شهر لاءِ شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته اهو ڪو پراڻو شهر ناهي. 1895ع ڌاري جڏهن انگريزن ممباسا کان ڪمپالا تائين ريلوي لائين وڇائڻ جو سوچيو ته ان وقت هن شهر جو نه نالو هو ۽ نه ڪو گهر به ٺهيل هو. پوءِ انگريزن هن شهر واري هنڌ کي مزدورن ۽ انگريز آفيسرن جا ڪواٽر ٺاهي اها حيثيت ڏنائون جيڪا اٽليءَ وارن جڏهن ڪراچي کان حيدرآباد سپر هاءِ وي ٺاهيو هو ته نوري آباد کي ڏني. نئروبي درياء جي ڪناري تي ۽ مٿاهين Elevation تي هجڻ ڪري ٿڌڪار سبب هرڪو هتي رهڻ لڳو ۽ ويهارو سالن اندر نئروبي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي مان شهدادپور ۽ ٽنڊو آدم جهڙو ٽائون ٿي ويو. علي ڀائي جيوانجيءَ ان زماني ۾ يعني اڄ کان 90 سال کن اڳ پنهنجي هڙون زمين خريد ڪري هي خوبصورت پارڪ ٺهرايو ان کان علاوه عوام لاءِ هن ٻيا به ڪم ڪيا. هو وڏو سخي مرد هو. قدرت طرفان هن جو بزنيس ڏينهون ڏينهن وڌ ٿيندو ويو. جنهن ڳالهه ۾ هن هٿ وڌو ٿي اها سون ٿي پئي ٿي. هن انگريز حڪومت جي به ڪافي رهنمائي ڪئي پر ساڳي وقت هو ڪينيا جي ماڻهن ۽ ڪينيا جي رهندڙ انڊين جي آزادي لاءِ پڻ وڙهندو رهيو. هن ”ايسٽ آفريڪا انڊين نئشنل ڪانگريس“ جو بنياد رکيو جيڪا اڳتي هلي انگريزن جي راڄ خلاف طاقتور تحريڪ ثابت ٿي. زرينا پٽيل علي ڀائي جيوانجي جي زندگي تي لکيل ڪتاب ”ڪينيا جو بزرگ شخص“ ۾ ان تحريڪ بابت پڻ لکيو آهي. جيوانجي بوهري پهريون غير گورو (Non-white) هو جيڪو ليجسليٽو ڪائونسل (Legco) جو ميمبر ٿيو جيڪا 1905ع ۾ ٺاهي وئي هئي. جيوانجيءَ ڪينيا مان The Africa Standard نالي 1901ع ۾ انگريزي اخبار ڪڍي جيڪا هاڻ East African Standard جي نالي سان سڏجي ٿي.
    283 صفحن جي ڪتاب ۾ زرينا پٽيل پنهنجي ناني علي ڀائي جيوانجي جي مالي زندگيءَ بابت لکيو آهي ته هو ڪيئن غربت مان اڀري ملڪ جو امير ترين ماڻهو بڻجي ويو. وري نصيب جو اهڙو ڦيرو آيو جو هو بيحد مسڪين ٿي ويو. هن جو الهه تلهه چٽ ٿي ويو. جيوانجي 1901 ۾ ممباسا ۾ بوهرا مسجد ٺهرائي جنهن کي هن پوءِ وري وڏو ڪرايو ۽ وڌيڪ خوبصورت بڻايو. 1969ع ۽ 1970ع وارن ڏينهن ۾ اها مسجد اسان به ڏٺي جنهن جي اڳيان بيهي فوٽو ڪڍراياسين. پر هاڻ ممباسا وڃڻ تي اها مسجد نه ڏسي حيرت ٿي. خبر پيئي ته اها مسجد 1982ع ۾ بوهرين خود ڊاهي ڇڏي جو چيو ويو ته ان جو قبلو درست نه آهي. زرينا پٽيل کي ان جو ڏاڍو ڏک آهي ته سندس ناني جي ٺهرايل تاريخي مسجد کي ڊهرايو ويو. هوءَ ان ڳالهه جو ڏوهه پنهنجن بوهري عالمن کي ڏئي ٿي. ”نئروبي ۾ رهندڙ بوهري سؤ سالن کان هن مسجد ۾ نماز پڙهي رهيا هئا،“ زرينا ٻڌايو، ”مسجد جا عامل (امام) به اهي ٿيندا رهيا ٿي جيڪي سيدنا appoint ڪيا ٿي. هڪ سئو سالن تائين نئروبي جا رهاڪو هن مسجد ۾ نماز پڙهندا رهيا پر ڪڏهن به، ۽ ڪنهن کي به هن مسجد جي قبلي ۾ نقص نظر نه آيو پر، 1982ع ۾ ان وقت جي موجوده سيدنا ’برهان الدين صاحب‘ کي هڪدم محسوس ٿيو ته هن مسجد ۾ قبلو صحيح رکيل ناهي!“
    زرينا پٽيل چيو ته توڻي کڻي قبلو درست نه هو ته به سڄي مسجد ڊهرائي پٽ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. زرينا جو اهو الزام آهي ته ڪينيا جي بوهرا مذهبي ڪميونٽي AMJ(علي ڀائي مولا جيوانجي) جي ڪنهن به سياسي، ثقافتي، معاشي خذمت (Contribution) کي فخر جي نگاه سان نٿي ڏسي. علي ڀائي جيوانجيءَ بوهرا ڪميونٽي توڙي عام پبلڪ لاءِ ڪينيا، انڊيا ۽ پاڪستان ۾ ڪيترائي خير جا ڪم ڪيا آهن. ڪيتريون ئي مسجدون، قبرستان، ڪميونٽي هال، اسڪول، پارڪ، باغيچا، رستا ۽ دڪان جيڪي جيوانجيءَ ٺهرايا انهن جو تفصيلي احوال زرينا پٽيل پنهنجي ڪتاب The Grand Old Man ۾ ڪيو آهي جيڪو مون کي پڪ آهي ته اسان پاڪستانين، خاص ڪري ڪراچيءَ جي بوهرين لاءِ دلچسپ ثابت ٿيندو جو جيوانجيءَ جا وڏا ڪراچيءَ ۾ رهندڙ انهن اوائلي بوهرين مان آهن جيڪي سر چارلس نيپيئر جي سنڌ فتح ڪرڻ کان به اڳ ڪراچيءَ ۾ رهيا ٿي ۽ سنڌي، ڪڇي ۽ گجراتي ڳالهايو ٿي.
    نئروبي ۾ جيوانجي پارڪ ۾ انگلنڊ جي مهاراڻي وڪٽوريا جي لڳل مورتي (Statue) اڄ تائين قائم آهي. هيءَ 1906ع ۾ لڳائي وئي هئي جنهن جي نقاب ڪشائي ڊيوڪ آف ڪناٽ ڪئي هئي. ڊيوڪ آف ڪناٽ نالي سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ اهم روڊ آهن ۽ دهلي ۾ ڪناٽ پليس نالي شاپنگ سينٽر پڻ آهي.
    ڪينيا جي هڪ ٻي اهم سماجي ۽ سياسي بوهري شخصيت سيف الدين ڪريم ڀائي انجار والا ٿو ياد اچي. جنهن جو واسطو ايشيا ۽ ايسٽ آفريڪا جي نامياري ٽريڊنگ ڪمپني ”طيب علي عبدالحسين ائنڊ ڪمپني“ وارن سان آهي. سيف الدين انجار والا ڪينيا جو تمام مشهور وڪيل ۽ ڪينيا جي آزادي ڪارڻ جدوجهد ڪرڻ وارن مان هڪ آهي. پاڻ 15 ڊسمبر 1932ع تي نئروبي (ڪينيا) ۾ سيٺ ڪريم ڀائي عبدالحسين انجار والا جي گهر ۾ ڄائو. ننڍي هوندي کان سيف الدين پڙهائي ۾ هوشيار هو. نئروبي جي عليڏنا وسرام هاءِ اسڪول مان هن هميشه ٽاپ ڪيو. هو نه فقط پڙهائيءَ ۾ مٿاهين درجي جو شاگرد هو پر راندين ۽ ڊبيٽ تقريرن ۾ ساڻس ڪو مقابلو ڪري نٿي سگهيو. ننڍپڻ کان هن ۾ اعلى قسم جي ليڊر شپ جون خصلتون نظر آيون ٿي جن ڳالهين کي هن پاڻ به سمجهيو ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هن پيءُ جو هيڏو بزنيس ڇڏي پڙهائيءَ کي ترجيح ڏني.
    سيف الدين نئروبيءَ مان تعليم مڪمل ڪري قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ”لنڪن ان انگلنڊ“ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. هي ٻي وڏي لڙائي ختم ٿيڻ بعد (Post war) وارا سال هئا. ايشيا ۽ آفريڪا جا ڪيترائي ملڪ پنهنجن يورپي آقائن مان جان ڇڏائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا. سيف الدين جي انگلنڊ ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي هم خيال شاگردن سان ملاقات ٿي جيڪي اڳتي هلي پنهنجن ملڪن جا سياسي ليڊر ٿيا. هن اهڙين آفريڪي تنظيمن جي دل و جان سان مدد ڪئي ٿي جن آفريڪي ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافي ۽ رنگ ۽ نسل تي نفرت جي خلاف آواز اٿاريو ٿي.
    سيف الدين انجار والا 1954ع ۾ اعلى پوزيشن سان امتحان پاس ڪيو ۽ بئريسٽر ٿيو. ان بعد نئروبي موٽي اچي وڪالت شروع ڪئي. سيف الدين ايمانداري، قانوني ڳالهين ۾ نيڪ صلاح ڏيڻ، ڪورٽ ۾ ٻين کي مطمئن ڪرڻ جي آرٽ ۽ پرفارمنس ۾ سڄي ڪينيا ۽ ڀر وارن ملڪن ۾ مڃيو ويو ٿي. ڪينيا جي آزادي جي تحريڪ ۾ هن سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو. گاما پنٽو، ڪي.پي. شاهه، ڪي.ڊي. تراوادي، چنن سنگهه ۽ ٻين ڪينيائي انڊين سان گڏجي هن ”گروپ 31“ ۽ ”ڪينيا فريڊم پارٽي“ (KFP) ٺاهي. آزاديءَ بعد هو هڪ آزاد ميمبر جي حيثيت سان ممباسا جي علائقي مان ڪينيا پارليامينٽ جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو. ڪينيا جي KANU سياسي پارٽيءَ سندس تمام گهڻي عزت ڪئي ٿي جو هو تمام گهڻو پڙهيل ڳڙهيل ۽ قابل وڪيل هو. کيس پئسي جي لالچ نه هئي بلڪ هر وقت غريب عوام جي خذمت ڪيائين ٿي. ملڪ جي پهرين صدر جومو ڪينياتا کيس ”سماجي خذمتن“ جو وزير به بڻايو. ان بعد ٻي اليڪشن ۾ هن سياست مان رٽائرڊ ٿي. مرڻ گهڙيءَ تائين وڪالت جاري رکي. پاڻ ڪيترن ئي خيراتي ٽرسٽن جو چيئرمئن ٿي رهيو. جهڙوڪ سر يوسف علي ٽرسٽ، مدرسة المحمد يا ايڊوڪيشن سوسائٽي، بوهرا ڊسپينسري ليگ ۽ پنهنجي فئملي جو ٽرسٽ T.G.K انجار والا چئرٽيبل ٽرسٽ.
    پنهنجي زال حياتي ٻائي سان گڏجي هن مڪاني سخي ماڻهن جي مدد سان سڄي ملڪ ۾ Mkomani نالي ڪلنڪون کوليون جن مان ڪينيا جو هر باشندو فائدو حاصل ڪري سگهيو ٿي. 1995ع ۾ سندس وفات ٿي.


    آفريڪا ويندي خبرداريءَ کان ڪم وٺو

    اڄ ڪلهه اسان پاڪستانين تي دهشتگردي جي سچن ڪوڙن الزامن لڳڻ ڪري ۽ اسان جي ملڪ جي ناڻي جو قدر بنهه ڪرڻ ڪري اسان لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ وڃڻ مسئلو ٿي پيو آهي. چاهي گهمڻ لاءِ وڃون يا ڪنهن سيمينار اٽينڊ ڪرڻ يا جاب ملڻ تي نوڪريءَ تي چڙهڻ لاءِ وڃون، ڌارئين ملڪ جي ايئرپورٽ جي اميگريشن ۽ ڪسٽم پوليس کان جنهن پاڙي ۾ رهون ان جا پاڙيسري اسان تي شڪ ڪن ٿا ته ڪٿي اسان سندن امن ۾ رخنوته نه وجهنداسين. ڪي نشي واريون شيون ته سمگل نه پيا ڪريون، ڪٿي ڪو بم ڦاڙڻ لاءِ ڪو اليڪٽرانڪ سرڪٽ ته نه پيا ٺاهيون، گهر جي مسواڙ ڏيڻ بنا ڀڄي ته نه وينداسين. ٻيا ملڪ ته ٺهيو پر حج لاءِ سعودي عرب ٿا وڃون ته اتي به معلم اسانجو پاسپورٽ پاڻ وٽ ائين ٿو ضبط ڪري ڄڻ ته قيدي هجون. ايئرپورٽ تي اسانجي ملڪ جي مردن جي ته ڇا عورتن جي به اهڙي سخت چڪاس ڪئي وڃي ٿي جو دل ۾ اچي ٿو ته مذهب ۽ فرض جي پوئواري ڪري آيا آهيون گهمڻ لاءِ هرگز نه اچجي. پر ڏٺو وڃي ته هنن ڌارين ملڪن جو ڏوه ناهي. سنگاپور ۽ سعودي عرب جهڙن ملڪن جو به ڏوه ناهي، جتي چرس هيروئن يا ڪو ٻيو نشو کڻي وڃڻ موت جي سزا آهي ان هوندي به اسان جا ماڻهو نٿا مڙن. ڪيترائي دفعا مرد ته مرد پر عورتون جدي ايئرپورٽ تي جهليون ويون جيڪي چرس ۽ هيروئن نه فقط پنهنجن چئمپلن ۾ لڪائي حج لاءِ پهتيون پر ڪئپسولن هي صورت ۾ پنهنجي پيٽ ۽ زنانن عضون ۾ لڪائي ايئرپورٽ مان سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪهڙو ملڪ آهي جيڪو برداشت ڪندو ته هڪ ڌاريون مهمان گهمڻ يا عبادت جو بهانو ڪري هنن جي ملڪ ۾ هنن جي ماڻهن کي نشي جي عادت وجهي هنن جي زندگي تباه ڪري.
    سو اڄ ڪالهه اسان پاڪستانين لاءِ ڌارين ملڪن ۾ وڃي سير سفر جو ته ڪو سُک نه رهيو آهي. هر ڪو شريف ماڻهو چاهي ٿو ته ان کان گهر ۾ ويٺو هجان. ڪنهن کي نوڪري يا روزگار ملڻ تي به هو اهڙي خوشيءَ مان پرديس نٿو وڃي جيڪا خوشي اڄ کان چوٿو يا اڌ صدي کن اڳ ٿي ٿي. پاڪستان جي وزير مواصلات ۽ جهاز راني بابر غوري ٻڌايو ته هن پاڪستانين جي تفريح لاءِ هڪ ڪروزر (مسافرجهاز) جو ڪراچي ۽ دبئي جي وچ ۾ هلائڻ جو بندوبست ڪيو. وڏي مشڪل سان دبئي جي حڪومت اجازت ڏني پر اهو جهاز فقط هڪ Vayage ڪري سگهيو. ڪراچي کان دبئي پهچڻ تي، جيتوڻيڪ مسافرن جي هيڏانهن هوڏانهن ٿي وڃڻ جي ڊپ کان، سندن پاسپورٽ دبئي جي اميگريشن پوليس پنهنجي قبضي ۾ ڪري، پوءِ انهن پاڪستاني مسافرن کي دبئيءَ گهمڻ لاءِ بندرگاه کان ٻاهر ڪڍيو. ٻن ڏينهن بعد جڏهن جهاز دبئي مان لنگر کڻڻ وارو هو ته خبر پيئي ته چار ڄڻا واپس نه موٽيا جن جا پاسپورٽ پوليس وٽ هئا. هنن ضرور سوچيو هوندو ته پاڪستان وانگر دبئي يا ٻين ملڪن ۾ به، غير قانوني طرح رهڻ ۽ نوڪري ڪرڻ سولو ڪم آهي. پر، افسوس جو ائين ناهي. ڪجهه ڏينهن اندر هو جهلجي پيا ۽ هاڻ ٻن سالن کان اتي جي جيلن ۾ آهن. هنن پنهنجي لاءِ به مصيبت پيدا ڪئي ۽ ٻين جو به سير تفريح بند ڪرايو. اڄ دبئي ۾ انڊيا، سري لنڪا ۽ ٻين ملڪن جا ڪروزر لائينر (سير و سياحت وارا مسافر آڻيندڙ جهاز) ايندا رهن ٿا، پر پاڪستان جي ان سامونڊي سفر بعد اسان جي مسافر جهاز کي دبئي جي بندرگاه ۾ گهڙڻ کان منع ڪيو ويو آهي.
    بهرحال اڄ کان ويهارو سال اڳ تائين مختلف ملڪن جي سير و سفر لاءِ نڪرڻ تمام آسان هوندو هو. ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ 1990ع تائين ۽ جپان ڪوريا جهڙن ملڪن ۾ 1980ع تائين ڪنهن اڳواٽ ويزا وٺڻ جي به ضرورت نه پوندي هئي. بس دڪان تان هوائي جهاز جي ٽڪيٽ خريد ڪري جهاز ۾ چڙهبو هو ۽ ٽوڪيو يا ڪوالالمپور جي هوائي اڏي تي ان ملڪ جو اميگريشن آفيسر اسان جي سائي پاسپورٽ تي ٻن، ٽن ۽ ڪڏهن ته ڇهن مهينن جي ويزا جو به ٺپو هڻي ڏيندو هو. انهن ڏينهن ۾ نه رٽرن ٽڪيٽ جو پڇيو ويو ٿي ۽ نه بئنڪ اڪائونٽ جي سلپ ڏيکارڻ جي ضرورت پئي ٿي ته آيا اسانجي اڪائونٽ ۾ ڪافي بئلنس آهي يا نه. منهنجو مطلب آهي ته انهن ڏينهن ۾ انگلنڊ، آمريڪا يا يورپ جپان وڃڻ ڪو اهڙو ڏکيو نه هو. ٻاهر وڃڻ لاءِ ”ويزا“ جو مسئلو ٿو ٿئي سا اسان کي سولائيءَ سان ملي وئي ٿي. پر انهن ڏينهن ۾ جيڪڏهن ڪي ڌاريان ملڪ هئا جن ۾ وڃڻ مسئلو هو ته اهي آفريڪا جا ملڪ هئا. اڄ به آفريڪا جي ملڪن ڪينيا ۽ تنزانيا هجي يا موزمبق ۽ يوگنڊا، ائنگولا ۽ چاڊ هجي يا ڪانگو ۽ نائيجيريا، وڃڻ ايڏو سولو ناهي جهڙو ايشيا، يورپ يا آمريڪا جي ملڪن ڏي. ان ڏکيائيءَ جو سبب ويزا ملڻ کان انڪار ناهي، پر آفريڪا ۾ ڪجهه اهڙيون بيماريون آهن، جن تي انهن ملڪن جي حڪومت ڪنٽرول ڪري نه سگهي آهي، جيئن ته ييلو فيور آهي. هن بخار جا جراثيم جڏهن مڇر ذريعي انسان جي رت ۾ داخل ٿين ٿا ته هن جو جيرو خراب ٿيو پوي ۽ سخت بخار سان گڏ جسم جو رنگ هئڊو ٿيو وڃي ۽ جلد ئي موت کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جيئن اسان وٽ يا انڊيا ۾ ايندي يورپ پاسي جا ماڻهو مليريا ۽ ٽائيفائيد جي ڪري ڊڄن ٿا ۽ اچڻ کان گهٻرائين ٿا. مليريا مڇرن جي ڪري ٿئي ٿي ۽ مڇر ته آمريڪا توڙي جپان ۾ به آهن. ملائيشيا جهڙو ملڪ ته جهنگل آهي، جيڪو مڇرن سان ڀريو پيو آهي، پر اتي جي حڪومتن مليريا واري جراثيم Parasite جو خاتمو آڻي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ توڙي کڻي مڇر چڪ هڻي ته به ڪنهن کي مليريا نٿي ٿئي. اهڙيءَ طرح هنن پوليو ۽ ٽائيفائيڊ بيماريون پئدا ڪندڙ جراثيمن جو به خاتمو ڪري ڇڏيو آهي.
    آفريڪا ويندڙن کي جن موذي بيمارين کان پاڻ کي بچائڻ کپي هئڊو بخار (Yellow Fever) انهن مان هڪ آهي. هن بيماريءَ جا جراثيم (Parasites) مادي مڇر ذريعي انسان جي رت ۾ داخل ٿين ٿا. مڇر جي چڪ بعد ٽن کان ڇهن ڏينهن اندر هن بيماريءَ جون علامتون ظاهر ٿين ٿيون. ڪيترين حالتن ۾ هيءَ بيماري هلڪي نوعيت جي ٿئي ٿي. مريض کي فلو، بخار، مٿي جو سور، پٺيءَ جو سور ۽ ٿڌ ٿئي ٿي. بک صفا مريو وڃي. دل ڪچي ۽ الٽيون به ٿين ٿيون، پر هي سڀ ڪجهه چار پنج ڏينهن مس رهي ٿو ۽ بنا دوا جي به مريض صحيح ٿيو وڃي. ان بعد ساڳي بيماري جو جيڪو ٻيو دفعو حملو ٿئي ٿو اهو خوفناڪ آهي. 20 سيڪڙو مريضن کي هيءَ بيماري اٿلي ٿي ۽ ان ۾ بخار سان گڏ مريض جو جيرو به تباهه ٿيو وڃي ۽ سخت قسم جي سائي (Jaundice) ڪري هن جو رنگ هئڊو ٿيو وڃي- جنهن تان هن بيماريءَ جو نالو پيو آهي. مريض کي چيلهه ۾ سور سان گڏ وات، اکين ۽ آنڊي مان رت اچڻ شروع ٿئي ٿو. الٽيءَ ۾ به رت اچي ٿو ۽ هيءَ بيماري موت جو سبب بڻجي ٿي.
    اڳ ۾ هيءَ بيماري فقط آفريڪا کنڊ تائين محدود هئي پر پوءِ سورهين صديءَ ۾ غلامن جي واپار ڪري، هيءَ بيماري ڏکڻ آمريڪا ۾ به پکڙجڻ لڳي، جتي آفريڪا مان آندل غلامن کي، جهنگ صاف ڪرڻ ۽ ڪيلي ۽ ڪمند پوکڻ جهڙن ڪمن ۾ جوٽيو ويو ٿي. يورپ ۽ انگلنڊ کان جيڪي گورا ايشيا ۽ آفريڪا آيا ٿي انهن مان ڪيترائي همراه مليريا ۽ ييلو فيور ڪري مرڻ لڳا. ايتري قدر جو آفريڪا کنڊ سفيد کل واري ماڻهوءَ جو قبرستان سڏجڻ لڳو. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته آفريڪا جي شيدين کي غلام بنائي وڪري لاءِ ڏکڻ آمريڪا پهچايو پئي ويو، جيڪي پاڻ سان ان قسم جون بيماريون، اتي به پکيڙي رهيا هئا. ان جو مثال فقط هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته 1890ع ۾ جڏهن آمريڪا (USA) جي سپاهين ڪيوبا تي حملو ڪري، ان کي پنهنجي قبضي ۾ آندو ته هن جنگ ۾ آمريڪا جا جيترا ماڻهو ميدان جنگ ۾ مئا ان کان تيرهوڻا ماڻهو Yellow fever ڪري مري ويا. يورپين ۽ انگريزن جون وايون بتال ٿي ويون ته هي هئڊو بخار ڪيئن ٿئي ٿو. آيا بيمار جي ٿانون ۾ کاڌو کائڻ ڪري يا بيمار جي جسم کي ڇهڻ ڪري. هيءَ بيماري مريضن جي ساهه ذريعي پکڙي ٿي يا ٽائفائيڊ وانگر مريض جي Toilet مان لڳي ٿي. پوءِ 1900ع ۾ وڃي پڪ ٿي ته اها بيماري مڇرن جي چڪ لڳڻ سان transmit ٿئي ٿي ۽ 1930ع ڌاري هن بيماريءِ جي بچاءَ لاءِ وئڪسين ڊيولپ ڪئي وئي، جيڪا 1951ع ۾ ڪامياب طريقي سان بنائي وئي. هن دوا جي ايجاد ڪندڙ کي نوبل پرائيز ڏني وئي هئي.
    اسان جو جهاز سال ڏيڍ کن يورپ ۽ ملائيشيا ۽ چين پاسي جا چڪر هڻي هاڻ 1969ع ۾ ڪراچي کان جپان وڃڻو هو ته اوچتو شيڊول ۾ تبديلي آئي ته ڏور اوڀر ڏي وڃڻ بدران ممباسا ۽ موزمبق جي بندرگاه موپوتو مان ٿي انگلنڊ وڃڻو پوندو. ان سان گڏ اها به خبر ڏني وئي ته جهاز جي سڀني ماڻهن کي Yellow Fever جي سئي لڳندي. اسان لاءِ اها اڻ وڻندڙ ڳالهه هئي جو اسان کي اها به خبر پيئي ته ييلو فيور بخار جي سئي لڳڻ ۾ سور ٿئي ٿو ۽ ٻه ڏينهن کن بخار رهي ٿو. جهاز جلدي لنگر کڻڻ وارو هو. ڪجهه کي اهي سيون لڳيون، ٻيا بچي ويا. پر ممباسا جي ويجهو پهچي خبر پيئي ته اسان جي جهاز ران ڪمپنيءَ باقي رهيلن کي هتي سئي لڳرائڻ جو بندوبست ڪيو آهي. ممباسا جي ٻاهران کلئي سمنڊ ۾ لنگر ڪيرائي بيٺاسين. اميگريشن جي عملي سان گڏ ڪينيا جي هيلٿ ڊپارٽمينٽ جو ڊاڪٽر به آيو ۽ باقي رهيلن کي جڏهن سيون لڳي ويون ته پوءِ جهاز کي بندرگاه ۾ اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي. بعد ۾، جڏهن آفريڪا جا بندرگاه ڪري انگلنڊ پهتاسين ته خبر پيئي ته اسان جي جهاز جي ڪجهه ماڻهن ممباسا جي ڊاڪٽر کي ڪجهه رشوت ڏيئي پنهنجو پاڻ کي سئي هڻائڻ کان بچائي ورتو هو. ان وقت ته اسان کي انهن تي ڏاڍي حسرت ٿي ته هو وڏا سياڻا نڪتا پر پوءِ جڏهن اسان کي هن موذي مرض جي ڄاڻ ٿي ته اهو ئي محسوس ڪيوسين ته آفريڪا جي ڪنهن به ملڪ ۾، چاهي کڻي سائوٿ آفريڪا جهڙو ماڊرن ملڪ هجي، ييلو فيور جي بچاءَ واري سئي لڳرائڻ بنا هرگز نه وڃجي.


    آفريڪا وڃڻ ۾ ڪيترو خوف ڪيتري خوشي

    پاڻ آفريڪا جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته آفريڪا جي ڪنهن به ملڪ ۾ اچڻ اهڙو سولو ڪم ناهي جهڙو يورپ، ايشيا، آمريڪا يا آسٽريليا کنڊ جي ڪنهن ملڪ ۾. هتي اسان ويزا حاصل ڪرڻ جي ڳالهه نه ڪري رهيا آهيون. اها ته هر ملڪ جي ان جي قاعدي مطابق ان جي سفارتخاني مان يا ان ملڪ جي هوائي اڏي تي پهچي اسان کي وٺڻي پوي ٿي. پر هتي پاڻ سفر ۾ درپيش ايندڙ انهن ڏاکڙن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، جيڪي آفريڪا ۾ ظاهر ٿين ٿا. خاص ڪري بيمارين جي حوالي سان ۽ جيتن جڻين جي ڏنگن ۽ چڪن جي مصيبتن کان.
    آفريڪا جي ڪنهن به ملڪ ۾، خاص ڪري صحارا رڻ پٽ کان هيٺ وارن ملڪن ۾ اچڻ واري کي پنهنجي ملڪ مان Yellow Fever (هئڊي بخار) جي بچاءَ جي سئي هڻائي اچڻ کپي. صحارا کان مٿي وارا ملڪ آهن: مصر، الجيريا، ٽيونيشيا، لبيا ۽ مراڪش وغيره. ميڊيٽرينين سمنڊ جي ويجهو وارا، آفريڪا جا هي ملڪ تمام گهڻو بهتر آهن. صحت ۽ سائنس ۾ توڙي امن امان ۽ خوشحاليءَ ۾. صحارا رڻ پٽ کان هيٺ وارا ملڪ هن ريت آهن: ڪينيا، يوگنڊا، موزمبق، ائنگولا، گئمبيا، نائجيريا، نائيجر، گهانا، سينيگال، ڪئمرون، گئبن، ڪانگو، چاڊ، برنڊي، بينن، برڪينا فاسو، لائبيريا، روانڊا، تنزانيا، سيريا ليون، زائر وغيره. هنن ملڪن ۾ مليريا، ٽائيفائيڊ، ييلو فيور جهڙيون بيماريون به آهن ته نانگ بلائن، وِڇن، سؤپيرين، چيلاٽن، تسي تسي زهريلي مکين جي ڏنگن ۽ چڪن جي به مصيبت آهي. قدرت به انهن ملڪن تي ايترو مهربان نٿي لڳي.
    هنن بدنصيب ملڪن ۾ ڪو سال ٻه سڪار هوندو ته سال ٻه صفا مينهن بند. چوڌاري سوڪڙ ئي سوڪڙ. مينهن نه وسڻ ڪري فصل ته سڪي ويندو پر گاه به اٺ جي ڏاس جهڙو ڀورو ٿي ويندو. وهٽن ۽ انسانن جي پيئڻ لاءِ پاڻي نه ملندو. وري جو مينهن وسندو ته اهڙو جو ٻوڙ ٻوڙان. ڌرتيءَ ۾ ڇَٽل ٻج به لڙهي ويندو. غريبن جون جهوپڙيون ٻڏي وينديون. هر هڪ وري پٺيءَ اگهاڙو پوٺي تي ويٺو يورپ يا آمريڪا جي امداد لاءِ واجهائيندو.
    يورپ، آمريڪا يا ايشيا کان ايندڙ ڪوبه ٽورئسٽ آفريڪا جي ڪنهن به ملڪ ۾ بي ڌڙڪ ۽ بي خوف ٿي اچي نٿو سگهي. هن کي هر وقت ڪي خاص دوائون کڻي هلڻو پوي ٿو يا Yellow Fever جهڙين بيمارين جي بچاءَ لاءِ هن کي اهي سيون هڻائڻيون پون ٿيون. آفريڪا جي ڌرتيءَ تي پير رکڻ کان گهٽ ۾ گهٽ 10 ڏينهن کن اڳ ييلو فيور جي سئي لڳائڻ کپي جو ان جو اثر ڏهه ڏينهن کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. پر اهو ضرور آهي ته هڪ دفعو سئي لڳرائڻ بعد هن تي گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سال کن Yellow Fever جو اثر نٿو ٿئي. ڪيترن تي ٽيهن سالن تائين نٿو ٿئي.
    ماکيءَ جي مکين، ڏينڀن، چيلاٽن، ڪورئيڙن جهڙن ڏنگيندڙ جيتن جو آزار ته جتي ڪٿي آهي پر اهي ايترا خطرناڪ نه آهن، جهڙي آفريڪا جي تسي تسي (Tsetse) نالي مک. مٿيان جيت تڏهن ڏنگين ٿا جڏهن توهان هنن کي جهليو ٿا يا جڏهن توهان جو هٿ هنن جي مانارن يا لِڪڻ جي جاءِ تي اچي ٿو ۽ پوءِ هو پنهنجي بچاءَ لاءِ توهان کي ڏنگين ٿا پر تسي تسي مک جو جياپو مڇر وانگر انسانن ۽ وهٽن جي رت تي آهي. هيءَ مک اسان جي گهرن ۾ هلندڙ عام مک جهڙي ٿئي ٿي ۽ صحارا رڻ پٽ کان وٺي هيٺ ڪَلهاري رڻ پٽ تائين، سمجهو ته آفريڪا کنڊ جو وچ وارو سڄو حصو هن مک جي آزار ۾ ورتل آهي. هن کي تباهه ڪرڻ جون به ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون پر ڪاڪروچن وانگر هنن ۾ وڏي ويجهه آهي. هيءَ مک سال ۾ چار ٽهيون پئدا ڪري ٿي. يعني ٽن مهينن بعد اها مک جيڪا آنا ڏئي ٿي ۽ مکيون پئدا ڪري ٿي اهي ٽن مهينن بعد پنهنجي ماءُ سان گڏ آنا لاهين ٿيون. اهڙي طرح هنن مکين لاءِ چيو وڃي ٿو ته پنهنجي زندگيءَ ۾ اٽڪل 30 کن Generations پئدا ڪن ٿيون. هن مک جون 22 مختلف جنسون آهن ۽ هر سال اڍائي کان ٽي لک ماڻهو هن مک جي ڏنگڻ ڪري موت جو شڪار ٿين ٿا. هيءَ مک مڇر وانگر هڪ ماڻهوءَ يا وهٽ مان رت چوسي ٻئي ۾ داخل ڪري ٿي ۽ انسانن کي ننڊ واري بيماري (Sleeping Sickness) وٺيو وڃي.
    هن مک ذريعي پيدا ٿيندڙ بيماريءَ جو پهريون دفعو علاج 1910ع ۾ ايجاد ڪيو ويو پر ان سان مريض نابين ٿي پيو ٿي. هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ ڪجهه بهتر علاج ڪڍيا اٿن پر ان هوندي به هيءَ مک مڪاني ماڻهن، کير ڏيندڙ جانورن ۽ ڌارين ملڪن کان ايندڙ ٽوئرسٽن لاءِ عذاب آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسين ٻين ملڪن جي ٻهراڙين ۾ به گهمڻ ڦرڻ لاءِ هليا وڃون ٿا. پر آفريڪا جي ملڪن ۾ پنهنجو پاڻ کي شهرن تائين محدود رکون ٿا. خاص ڪري رات جي وقت ته ٻاهر نڪرڻ بيحد خطرناڪ آهي. ائين ته ملائيشيا به سڄو جنگل آهي، جتي مون ڏه سال کن گذاريا پر اتي اهي پئراسائيٽ نه آهن. ملائيشيا ۾ مڇر ضرور آهن پر مليريا ناهي. هتي آفريڪا ۾ نه رڳو مليريا آهي پر ڊينگي بخار جو به خطرو آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي ملڪ ۾ اڃان تائين مليريا تي ته ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي پر ويتر روز بروز ڊينگي بخار جو مرض به وڌندو وڃي. ملائيشيا ۾ جيڪڏهن ڪو ٽوئرسٽ بخار جي حالت ۾ پهچي ٿو ته هن کي يڪدم ڪارنٽائين ۾ اڪيلو رکيو وڃي ٿو، جيسين پڪ ٿئي ته هن کي مليريا يا ڊينگي بخار ته نه آهي. ڇو جو اهڙي ماڻهوءَ کي جي ڪنهن مڇر چڪ هنيو ته معنيٰ هو ان بخار جا جراثيم ٻئي جي رت ۾ وڃي Inject ڪندو ۽ بيماري پکڙجي ويندي.
    بهرحال آفريڪا جي ڪنهن به شهر ۾ اچڻ واري – پوءِ اهو گهمڻ لاءِ اچي ٿو يا ڪنهن مائٽ مٽ سان ملڻ، نوڪريءَ لاءِ اچي ٿو يا ڪو سيمينار، ڪانفرنس اٽيند ڪرڻ. منهنجي اها ئي صلاح آهي ته هو بيحد خيال سان اچي ۽ جن بيمارين جي بچاءَ لاءِ سُيون لڳرائڻ ضروري آهن اهي لڳرائي ۽ شهر کان ٻاهر نڪرڻ کان اڳ مڪاني ماڻهن سان ضرور صلاح ڪري. ڇو جو ڏينڀو يا چيلاٽي، وڇون يا سئو پيري جي ويجهو نه وڃي توهان پنهنجو پاڻ کي بچائي سگهو ٿا پر هن قسم جي ٽسي ٽسي مکين جي ويجهو کڻي نه وڃو پر هو مڇر وانگر پنهنجي بک اجهائڻ خاطر توهان جو رت چوسڻ لاءِ حملو ڪري ٿي. هونءَ هتي اهو به لکندو هلان ته تُسي تُسي مک هتي جي آفريڪي زبان جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ئي آهي مک. ان ڪري انگريزيءَ ۾ به هن کي فقط تسي تسي (Tsetse) سڏيو وڃي ٿو. ان تان مون کي ياد آيو ته هن مک کي ”تسي تسي مک“ سڏڻ ائين آهي، جيئن ”آبِ زم زم جو پاڻي“ يا ”سنگمرمر جو پٿر“ چوڻ. ڇو ته آب جي معنيٰ ئي پاڻي آهي. اهڙي طرح سنگ جي معنيٰ پٿر آهي. هڪ ٻي ڳالهه ته هن مک (تسي تسي) کي هن ملڪن ۾ ٽِڪ ٽِڪ مکيون (Tik Tik Flies) به سڏيو وڃي ٿو.
    آفريڪا کنڊ تمام وڏو ۽ گهمڻ جوڳو آهي. يورپ يا ايشيا جي ملڪن وانگر ويزا يا ٻين ڳالهين جي ڪا ايڏي سختي نه آهي پر هتي صحت جي خيال کان بيحد خبردار رهڻو پوي ٿو. ان ڪري پاڻ کي آزاد محسوس ڪرڻ بدران دماغ تي هر وقت ٽينشن رهي ٿو. آفريڪا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين انيڪ مرض ۽ بيماريون آهن، جن ۾ مڪاني ماڻهوءَ کان وڌيڪ ڌاريون ڦاسيو پوي ٿو جو هن جي قوت برداشت ايتري ناهي. مڪاني ماڻهو ته ڪچيون پڪيون ڀاڄيون به کايو وڃن ته واٽر ڪورس جو گپ هاڻو پاڻي به پيو وڃن پر ايشيا يا يورپ کان ايندڙ ماڻهوءَ کي وڏو خيال رکڻو پوي ٿو جو ڪي بيماريون کاڌن مان ته ڪي پاڻيءَ مان لڳن ٿيون. ڪي درياهه يا سئمنگ پول ۾ وهنجڻ مان ته ڪي مريض کي ڇهڻ سان. ڪيترين بيمارين جون ته علامتون (Symptoms) به ساڳيون آهن. ڪيترين خوفناڪ بيمارين جي بچاءَ جون سيون ۽ ٽُڪا (Vaccines) به ايجاد ٿي چڪا آهن. ڪيترين بيمارين کان بچاءَ لاءِ توهان کي کاڌي پيتي جي شين تي خيال رکڻو پوندو. هونءَ ته توهان کڻي ڪيڏو به خبردار رهو پر ڪي اهڙيون ڳالهيون آهن، جن کان توهان بچي نٿا سگهو، جيئن ته پيٽ جي گڙٻڙ. موسم جي تبديلي، کاڌي جي فرق ۽ گرميءَ ڪري توهان جو پيٽ ڪجهه ڏينهن لاءِ ضرور Upset رهندو. بهرحال هتي هڪ اها به ڳالهه لکندس ته جيتري قدر ٿي سگهي بيمارين جي بچاءَ لاءِ سيون هڻائي نڪرو، پاڻ سان ترت علاج لاءِ دوائون به کڻي نڪرو، پر ساڳي وقت دماغ تي گهڻي ٽينشن به نه رکو، نه ته گهمڻ ڦرڻ سڀ زهر ٿي ويندو. پوءِ رڳو آفيس ۽ گهر تائين محدود ٿي ويندائو. پوءِ ڀلا اهڙي نڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟ زندگيءَ ۾ ته هر ڳالهه ۾ ٿورو گهڻو Risk جو پهلو ته اچي ئي اچي ٿو. ڪيترا ماڻهو ته قلندر جي ميلي تي به پاروٿو کاڌو ۽ مکين هاڻو ڇانهينءَ جو شربت پي پوءِ مهينو کن ڪالرا يا ڊائرا جا مريض ٿي اچي کٽ تي پوندا آهن. سو بهرحال خبردار رهڻ کپي پر هو ڇا چوندا آهن ته:
    لازم ہے دل کے پاس رہے پاسبانِ عقل،
    لیکن کبھی کبھی اسے تنہا بھی چھوڑ دے۔

    توهان خود سوچيو جي آئون تمام گهڻو خبردار رهان ها ۽ هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ ۽ مختلف جاين، مسجدن، مندرن، مارڪيٽن، ٻهراڙي جي علائقن ڏي نه وڃان ها ته اڄ هي منهنجو سفرنامو به فقط ٻن سٽن جو هجي ها ته ”ممباسا پهتس. صبح جو نيرن ڪري نڀاڳن ڇورن کي پڙهائڻ ويندو هوس ۽ شام جو ماني کائي سمهي رهندو هوس....“
    بهرحال هتي الڳ مضمون ۾ ڪجهه انهن بيمارين جو مختصر احوال لکندس جن بابت اسان جهاز وارن کي ان وقت آگاهه ڪيو ويندو هو، جڏهن اسان جو جهاز آفريڪا جي ڪنهن بندرگاهه ڏي روانو ٿيندو هو.


    آفريڪا جون بيماريون

    هتي ڪجهه اهڙين بيمارين جو مختصر احوال لکان ٿو جيڪي آفريڪا کنڊ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عام آهن ۽ جن بابت، جڏهن به اسان جو جهاز ممباسا، ڊڪار، عابد جان، زئنزيبار، موپوتو يا آفريڪا جي ڪنهن ٻئي بندرگاه ۾ ويو ٿي ته اسان کي خبردار ڪيو ويو ٿي جيئن اسان پنهنجو پاڻ کي انهن بيمارين کان بچائي رکون. ڪن بيمارين جي بچاءَ لاءِ ته سُيون ۽ ٽُڪا (Vaccines) به لڳرائڻا پيا ٿي. ڪن مکين، مڇرن ۽ ڪينئن کي جسم تي وهڻ کان ڀڄائڻ لاءِ جسم کي مَکڻ لاءِ ڪجهه دوائون ۽ Spray به رکڻا پيا ٿي.
    • ائڊز (Aids) – سڄي آفريڪا ۾ HIV ۽ Venereal بيمارين جو، جنهن ۾ باد فرنگ (سفليز)، گنورهيا (پرميل) ۽ ٻيون اچي وڃن ٿيون، وڏو آزار آهي. ان جو سبب غربت ۽ صحت جي اصولن کان اڻڄاڻائي آهي. هتي جا ماڻهو گورن يورپين تي ڏوهه هڻن ٿا ته اهي بيماريون هنن اچي هنن جي ملڪ ۾ پکيڙيون آهن. ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته ننڍي کنڊ ۾ اهي بيماريون يورپين ۽ انگريزن پکيڙيون، جنهن جي ثابتي انهن بيمارين جي نالن مان ئي ملي ٿي. جيئن ته ”بادِ فرنگ“ جنهن جي معنيٰ آهي فرنگين جي پکيڙيل هوا. اڄ اهي يورپي يا آمريڪن تعليم ڪري ۽ صحت جي سهوليت ڪري انهن موذي مرضن کان بچيل آهن. هيڏانهن آفريڪا توڙي اسان وٽ ايشيا ۾ انهن بيمارين ۾ وڃن ماڻهو جڪڙندا. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته تعليم ۽ هائجن جي کوٽ ڪري اڄ سنڌ ۾ ائڊز جو مرض تمام تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. بهرحال آفريڪا ايندڙن کي (ساڳي وقت ٿائلنڊ جهڙن ملڪن ڏي ويندڙن کي) آئون اهو ئي مشورو ڏيندس ته پنهنجي صحت جو خيال رکن ۽ ڌارين سان ازدواجي زندگي کان پاسو ڪن ۽ پنهنجين زالن کي ائڊز جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ڪرڻ کان بچائين.
    • بلحارظيا (Bilharzia): هيءَ بيماري جيڪا Schistosmiasis به سڏجي ٿي سڄي آفريڪا ۾ جتي جتي درياه، نديون، نالا وهن ٿا عام آهي. بلحارظيا کان مصر به بچيل ناهي جو اتي جي وهندڙ نيل ندي يوگنڊا جي وڪٽوريا ڍنڍ کان شروع ٿئي ٿي. هن بيماريءَ جا جراثيم (Parasites) مٺي پاڻي (درياهن وغيره) ۾ رهندڙ سِنيل (Snails) اندر رهن ٿا ۽ وڌن ويجهن ٿا. Snail ڪينئون، هي جراثيم (Larvae) ٻاهر ڪڍي ٿو ۽ اهي انسان اندر داخل ٿي وڃن ٿا. هي لاروا چمڙيءَ ذريعي انسان جي جسم ۾ گهڙي وڃن ٿا. انسان جي جسم ۾ ڀلي ڪو زخم نه هجي ته به هو انسان جي کل اندر گهڙيو وڃن. ان بعد هيءَ بيماري هڪ ماڻهوءَ مان ٻئي ۾ مريض جي پيشاب ذريعي پکڙي ٿي. جڏهن ڪو مريض درياه جي ڪناري تي پيشاب ڪري ٿو ته هي Parasite پاڻيءَ ۾مليو وڃن ۽ ان پاڻيءَ ۾ ڪو به وهنجي ٿو ته هن جي کل (Skin) مان هن جي جسم ۾ داخل ٿيو وڃن. بلحارظيا جو هاڻ ٻڌو اٿم ته علاج نڪتو آهي، پر اسان کي هميشه درياه جي پاڻيءَ ۾ توڙي سئمنگ پُول ۾ وهنجڻ کان منع ڪيو ويو ٿي. پر هن دفعي ڏٺم ته ڪيترائي فارينر، جنهن هوٽل ۾ آئون رهيل هوس، ان جي سئمنگ پول ۾ سئمنگ ڪري رهيا هئا. پاڻيءَ ۾ گهڙڻ کان اڳ ۾ هنن Deet نالي هڪ لوشن (Repellent) پنهنجي جسم کي هنيو ٿي جنهن لاءِ هنن چيو ٿي ته ان جي بوءِ ڪري بلحارظيا جا پئراسائيٽ انسان جي کل جي ويجهو نٿا اچن. وهنجڻ بعد هنن يڪدم پنهنجي جسم کي ٽوال سان خشڪ ڪيو ٿي. هن بيماريءَ ۾ ماڻهوءَ جو نُور هليو وڃي ٿو.
    • ڪالرا: آفريڪا ۾ ڪالرا تمام گهڻي آهي، جيڪا گندي پاڻيءَ ۽ بئڪٽريا واري کاڌي مان لڳي ٿي. هوٽل يا آفيس کان ٻاهر نڪرو ته پاڻ سان صاف پاڻيءَ جي بوتل کڻي نڪرو. گهٽ رڌل مڇي يا گانگٽ ۽ ڪچي ڀاڄي ۽ سلاد کائڻ کان پرهيز ڪريو. ڪالرا ۾ الٽيون ۽ دست ٿين ٿا. ماڻهوءَ جي جسم جو پاڻي (Dehydrate) خشڪ ٿيو وڃي جنهن جي پورائي لاءِ گهڻي کان گهڻو پاڻي ۽ لوڻ استعمال ڪجي. اها حالت گهڻا ڏينهن هلڻ تي بلڊ پريشر گهٽجيو وڃي، ٽيمپريچر ۽ پيشاب گهٽجيو وڃي ۽ ماڻهو ڪوما ۾ (بيهوشيءَ جي عالم ۾) هليو وڃي ٿو.
    • ڊائريا ۽ پيٽ جو خراب ٿيڻ: توهان کڻي ڪيڏو به خيال سان هلو پر مون ڏٺو آهي ته آفريڪا ۾ اچي هڪ ٻه ڏينهن پيٽ ضرور خراب رهي ٿو. بهتر علاج اهو ئي آهي ته آرام ڪجي، گهڻي تيل ۽ گيهه واريون شيون نه کائجن. ڪوشش ڪري ڌوري ڀت تي گذارو ڪجي پر جي ٽن چئن ڏينهن بعد آرام محسوس نه ٿئي ته معنيٰ خطري جي نشاني آهي، ڪنهن ڊاڪٽر سان صلاح ڪجي.
    • هيپاٽائيٽس ’A‘ ۽’B‘: آفريڪا ۾ هيپاٽائيٽس به ڏاڍي عام آهي. هيپاٽائيٽس Aاهڙي خطرناڪ ناهي. خراب پاڻي پيئڻ ۽ صفائي جو گهڻو خيال نه رکڻ ڪري انسان جي جيري تي اثر ٿئي ٿو جنهن ڪري بخار، جسم ۾ سور، سائي ۽ پيشاب جو دونهاٽيل رنگ رهي ٿو. هن بيماريءَ ۾ جيتوڻيڪ موت نٿو اچي پر مريض ساڻو ٿيو پوي ۽ هن کان گهمڻ ڦرڻ ڇڏائجيو وڃي. هيپاٽائيٽس A جي بچاءَ جون اڄ ڪلهه سيون ايجاد ٿي چڪيون آهن، جيڪي ڪافي اثر واريون آهن، باقي هيپاٽائيٽس ’B‘ جيڪا رت جي Transmit يا Sex ڪري ٿئي ٿي، بلڪل موتمار آهي، جنهن ۾ چند هفتن ۾ جيرو تباهه ٿيو وڃي. ڪن حالتن ۾ هن بيماريءَ جو علاج ٿيو به وڃي ٿو نه ته گهڻين حالتن ۾ مريض سڄي عمر هن بيماريءَ ۾ ورتل رهي ٿو.
    • لاسا بخار (Lassa Fever) هيءَ بيماري آفريڪا جي اولهه وارن ملڪن ۾ ڏاڍي آهي. اسان جو جهاز جڏهن به سينيگال، آئوري ڪوسٽ، نائيجيريا، سيريا ليون جهڙن ملڪن جي ڪنهن بندرگاهه ڏي روانو ٿيندو هو، ته اسان کي هن بيماري لاءِ خبردار ڪيو ويندو هو، جيڪا بيحد موتمار بيماري آهي ۽ هڪ دفعو لڳڻ سان ان مان بچڻ مشڪل آهي. اڄ ڏينهن تائين هن بيماري لڳڻ جي سبب جي خبر پئجي نه سگهي آهي. فلوءَ وانگر هڪ کان ٻئي کي لڳي ٿي جيڪا گهڻي بخار، الٽين، کنگهه ۽ ڪمزوريءَ سان شروع ٿئي ٿي.
    • مليريا- مليريا اهڙي بيماري آهي، جيڪا اسان وٽ به عام آهي. جيتوڻيڪ ايشيا جا ڪيترائي ملڪ ان مان جان ڇڏائي چڪا آهن، پر اسان وٽ ۽ ڪجهه بنگلاديش، انڊيا ۽ سريلنڪا جهڙن ملڪن ۾ اڃان قائم آهي. پر اهو آهي ته هفتيوار بئسو ڪيئن يا نيواڪيئن جهڙي گوري کائڻ سان ۽ ڄاريءَ اندر سمهڻ سان بچاءُ ٿيو وڃي. پر آفريڪا ۾ ڪيترائي اهڙا جيت آهن. جهڙوڪ تسي تسي مک جيڪا ڏينهن ڏٺي جو به اچيو ڏنگيو وڃي. آفريڪا ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي پاڻي اهڙو آهي، جو ان جي پيئڻ سان ڪالرا، دست، پيچش ۽ ويندي هيپاٽائيٽس اي ٿيو پوي ۽ جنهن سان وهنجڻ تي بلحارظيا ٿيو پوي. بهرحال مليريا به هڪ موذي مرض آهي جيڪو سفر دوران ماڻهوءَ کي بي پهچ ڪريو ڇڏي. انڊيا، ايران، بنگلاديش وڃڻ ٿئي ته به Mospel جسم تي مکڻ جهڙي ڪا دوا ۽ باسو ڪئن يا نيوا ڪئن جهڙيون گوريون پاڻ سان ضرور کڻي نڪرڻ کپن.
    • رئبيز (Rabies) – نه فقط ڪتن ٻلن ۾ پر آفريڪا ۾ ڪيترن ئي جانورن ۾ رئبيز جا جراثيم آهن. ان ڪري پالتو جانورن کان به پاسو ڪرڻ کپي. هن بيماريءَ جون هڪ دفعو جي علامتون ظاهر ٿي پون ته پوءِ هي لاعلاج مرض آهي. ان ڪري جيئن ئي ڪو ڪتو ٻلو چڪ هڻي ته يڪدم ڊاڪٽر وٽ پهچي احتياط حاصل ڪجي. رئبيز لاءِ Pre-exposure وئڪسين ٿئي ٿي پر ان هوندي به چَڪ لڳڻ تي، زخم کي صابڻ ۽ پاڻيءَ سان صاف ڪري ڊاڪٽر وٽ پهچي وڃجي.
    • ننڊ جي بيماري (Sleeping Sickness): هن بيماريءَ بابت گذريل مضمون ۾ لکي چڪو آهيان ته تسي تسي مک جي ڏنگ هڻڻ سان ٿئي ٿي. هن بيماريءَ ۾ بخار ٿئي ٿو. جسم جي چمڙيءَ تي ڦٽ ٿيو پون ۽ انيميا پڻ ٿئي ٿي. يڪدم علاج نه ڪرائڻ سان ڊپريشن، بک جو مري وڃڻ، ڳالهائڻ ۾ هٻڪ ۽ سخت ٿڪاوٽ محسوس ٿئي ٿي ۽ اڳتي هلي مغز Damage ٿيو پوي ۽ موت جو سبب ٿئي ٿو.
    • ٽي بي (Tuberculosis): آفريڪا ۾ مٽي، ڌوڙ، صحيح طرح پاڻي جي نيڪال نه هجڻ ڪري ڪن ڪن هنڌن تي ٽي بي جو مرض تمام گهڻو آهي. مريض جي کنگهڻ يا ڇڪون ڏيڻ سان هن مرض جا جراثيم ٻي ماڻهوءَ جي ڦڦڙن تائين پهچي سگهن ٿا. ٽي بي جون هيٺيون علامتون آهن:
    بخار، ٿَڪُ، وزن گهٽجڻ، کنگهه، ڇاتيءَ ۾ سور، ساهه ۾ سهڪ، رات جو پگهر اچڻ ۽ ٿُڪَ ۾ رت اچڻ.
    • مدي جو تپ (Typhoid): هن بيماريءَ ۾ کاڌي ۽ پاڻيءَ ذريعي مريض جا بئڪٽيريا ٻين تائين پهچن ٿا. هن بيماريءَ ۾ مريض جو آنڊو خراب رهي ٿو. هن کي ٿَڪ، بخار ۽ پيٽ ۾ سور رهي ٿو. علاج نه ٿيڻ تي مريض کي آنڊي مان رت به اچڻ شروع ٿيو وڃي ۽ Coma (بيهوشيءَ) ۾ هليو وڃي ٿو. آفريڪا کنڊ جي ڪنهن به ملڪ ۾ ايندڙ ٽوئرسٽ لاءِ ييلو فيور وانگر ٽائيفائيڊ جي بچاءَ جي سئي لڳرائڻ پڻ ضروري آهي.
    بهرحال انهن چند ڳالهين مان پڙهندڙن کي idea ٿي وئي هوندي ته آفريڪا ڏي روانو ٿيڻ ائين سؤلو ناهي جيئن ڪو حج لاءِ سعودي عرب يا گهمڻ لاءِ ملائيشيا يا لنڊن جو ارادو ڪري ٿو ته هن کي فقط ڪپڙن جي بئگ ٺاهڻي پوي ٿي ۽ ٽڪيٽ خريد ڪرڻي پوي ٿي پر آفريڪا جي ڪنهن شهر ۾ اچڻ کان اڳ ڪيترين ئي بيمارين جي بچاءَ لاءِ سيون هڻائڻيون پون ٿيون، ان بعد آفريڪا جي سرزمين تي پهچڻ بعد به پنهنجو پاڻ کي جيتن ۽ جانورن کان بچائڻو پوي ٿو.


    ’زهينگ هي‘ جا آفريڪا ڏي سفر

    گذريل هڪ مضمون ۾ پاڻ ڪجهه اهڙن ناليوارن سياحن (Tourists) جي ڳالهه ڪئي آهي جيڪي آڳاٽي زماني ۾ آفريڪا جي هن اوڀر واري ڪناري جي بندرگاهن ممباسا ۽ مليندي Malindi ۾ آيا جيڪي اڄ ڪلهه ڪينيا جا شهر آهن. انهن ٽوئرسٽن ۾ ابن بطوطا جيڪو مراڪش کان آيو ۽ پورچوگال جو واسڪو ڊاگاما به آهي. ابن بطوطا خشڪي رستي حج لاءِ مڪي پهتو. اتان پوءِ ٻيڙيءَ رستي بحر احمر Red Sea ٽپي پوءِ اوڀر آفريڪا جو ڪنارو وٺي ممباسا پهتو. هوڏانهن واسڪوڊاگاما گهران (لسبن کان) سامونڊي سفر ڪيو ۽ پهريون يورپي آهي جيڪو ڪيپ آف گڊ هوپ جو سمنڊ اڪري ممباسا ۽ مليندي پهتو. اهڙي طرح انهن ڏينهن ۾ زهينگ هي Zheng Heنالي هڪ مسلمان سياح، جهازران Mariner، نئين دنيا جي ڳولائوءَ Expolorer ۽ جهازن جي فليٽ ائڊمرل پنهنجي شان شوڪت ۽ رعب تاب سان آفريڪا جي هنن بندرگاهن ۾ پهچي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. واسڪوڊ اگاما ته پاڻ سان 5 جهاز کڻي ڳوٺان نڪتو هو جنهن مان ٻه جهاز ته ڪيپ آف گڊ هوپ وٽان مڙندي ٻڏي ويا هئس. ابن بطوطا هڪ عام ڪمزور تختن واري ٻيڙيءَ ۾ آيو پر زهينگ هي (جنهن جو نالو حاجي محمود شمس هو، زهينگ هي سندس چيني لقب هو) هڪ نه ٻه نه پر 200 کن جهازن جي فليٽ سان گڏ سفر ڪيو ٿي جنهن ۾ پنجاهه سٺ کن جهاز ته بيحد وڏا، سهڻا ۽ قيمتي تحفن سان ڀريل رهيا ٿي جيڪي تحفا هن چين جي حاڪم طرفان مختلف سلطنتن ۽ ملڪن جي سردارن، بادشاهن ۽ حاڪمن کي ڏنا ٿي. اهي جهاز ٽريزر شپ (خزاني وارا جهاز) سڏبا هئا ۽ انهن جهازن جي اڏاوت ۽ ڪاريگريءَ نه فقط ان وقت جي عام ماڻهو ۽ جهاز سازن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو پر اڄ به اسين تعجب کائون ٿا ته ان وقت جڏهن هر ڳالهه جي تر جيتري ترقي مس ٿي ٿي اتي چيني ماڻهن جهاز سازيءَ ۾ ايڏي وڏي پئماني تي ترقي ڪيئن ڪئي!
    ملائيشيا جو ملاڪا شهر، جتي ڏهه سال کن رهيس ۽ اهڙا ڏهه سال ان علائقي ۾ جهاز هلايم، هن چيني جهازران حاجي محمود شمس (Zheng He) جي يادگيرين ۽ يادگارن سان ڀريو پيو آهي. هن ان وقت جن چيني مسلمانن کي پنهنجي هر سفر دوران ملاڪا ۾ Settle ڪرايو انهن جو اولاد اڃان تائين اتي هلندو اچي. انهن ڏينهن ۾ جيئن آفريڪا پاسي ممباسا هو تيئن ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ملاڪا هو. ممباسا ۽ ملاڪا صدين کان پنهنجي پنهنجي تر جا وڏا، مشغول ۽ امير ترين شهر، بندرگاهه ۽ گاديءَ جا هنڌ هئا. اڄ کان فقط هڪ ڏيڍ صدي اڳ نئروبي، ڪينيا، ملائِيشيا، ڪوالالمپور، پينانگ ۽ سينگاپور جو نه وجود هو ۽ نه ڪنهن نالو ٻڌو هو. ”زهينگ هيءَ“ 1405ع کان 1433ع تائين جهازن جي لَڏي Fleet سان ست سامونڊي مسافريون ڪيون. ان بعد ٻن سالن کان پوءِ 1435ع ۾ وفات ڪيائين. سندس جهاز چين کان نڪري اولهه جو رخ اختيار ڪيو ٿي ۽ چيني سمنڊ، خليج بنگال، هندي وڏي سمنڊ، اوڀر آفريڪا (ڪن جو ته چوڻ آهي ته ڪيپ آف گڊ هوپ ٽپي اولهه آفريڪا ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ) جي بندرگاهن ۾ به پهتو ٿي. اسان وٽ- يعني ننڍي کنڊ ۾ ابن بطوطا، سندباد سيلاني ۽ مارڪو پولو جهڙا سامونڊي سياح مشهور آهن جو اهي اسان جي شهرن ۾ آيا پر ملائيشيا، سري لنڪا، سيام (ٿائلنڊ) ويٽنام ۽ آفريڪا پاسي ’زهينگ هي‘ جو نالو هر هڪ جي زبان تي آهي ۽ هن جي دليراني ۽ پُر اعتماد سامونڊي سفرن تي هو واقعي داد لهڻي. سندس سفرن جو احوال پهرين چيني زبان ۾ آيو ۽ هاڻ ته دنيا جي ڪيترين ئي زبانن ۾ اچي ويو آهي. جنهن جو هر زبان ۾ عنوان آهي: ”هڪ کدڙي سان بائو جو مغربي سمنڊن ڏي سفر.“
    “Eunuch Sanbao to the Western Ocean”
    بهرحال هن سفرنامي ۾ ’زهينگ هي‘ جي ستن سفرن جو احوال آهي جيڪي هن 28 سالن ۾ (1405ع کان وٺي 1433ع تائين) مڪمل ڪيا. اٺين سفر تي هرمز (ايراني نار) وٽ 1935ع ۾ سندس جهاز جو ڪنهن آبدوز ٽڪريءَ سان ٽڪر ٿيڻ ڪري ڇيتيون ڇيتيون ٿي ويو ۽ زهينگ هي 78 ورهين جي ڄمار ۾ الله کي پيارو ٿي ويو. سندس قبر انڊونيشيا جي ٻيٽ جاوا تي ’سيمارنگ‘ نالي شهر ۾ آهي. سيمارنگ (Semarang)15 لک آدم شماري وارو جاوا ٻيٽ جي اتر ڪناري وارو شهر آهي. جڏهن سڄي انڊونيشيا تي ڊچن جو راڄ هو ته انهن ڏينهن ۾ سيمارنگ هڪ اهم بندرگاهه هو. هينئر به انڊونيشيا جو پنجون نمبر وڏو شهر آهي. سندس گهڻي آدم شماري چيني ماڻهن جي آهي جن جا وڏا ’زهينگ هي‘ جي ڏينهن ۾ هتي پڻ اچي رهيا. هتي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن شهر جو نالو سيمارنگ ”زهينگ هي“ جي ننڍپڻ جي نالي سان بائو تان ”سان بائو لُونگ“ يعني سان بائو جو شهر رکيو ويو جيڪو وقت سان گڏ اچارڻ ۾ بدلجي ’سيمارنگ‘ ٿي ويو. بهرحال جاوا ۽ سماترا جي علائقي ۾ وڏو عرصو جهاز هلائڻ ۽ پاڙي ۾ رهڻ ڪري ان بابت ٻه ٽي سٽون وڌيڪ لکي ويٺو آهيان ۽ اهو به لکندو هلان ته جاوا ٻيٽ تي اسان جي سنڌ جا وڻجارا صدين کان ويندا رهيا ۽ اڄ به ڪيترائي سنڌي هندو رهن ٿا، ان ٻيٽ (جاوا) جو هي شهر Semarang يونيورسٽين ۽ تعليمي درسگاهن کان مشهور آهي. انهن مان هڪ يونيورسٽي ”سلطان اگونگ اسلامڪ يونيورسٽي“ پڻ آهي. ’ائڊ مرل زهينگ هي‘ پهريون دفعو هن شهر ۾ پنهنجي پهرين سفر (Voyage) ۾ 1405ع ۾ آيو هو ۽ سندس ان وقت جي آمد جي ياد ۾ ’سان بائوڪانگ‘ نالي چيني مندر ٺاهيو ويو هو جيڪو اڄ تائين قائم آهي. بهرحال موسم، امن، سونهن، سستائي ۽ سياحت جي خيال کان هن پاسي جا هي شهر سيمارنگ يا سوربايا ۽ بالي وغيره ڏسڻ وٽان آهن، جتي توهان کي هندن جا آڳاٽا مندر، مسلمانن جون مسجدون ۽ ڊچن جا ڪليسا گهر (ڪئٿيڊرل) به نظر اچن ٿا ته ماڊرن عمارتون، ڪلب ۽ ڪاليج يونيورسٽيون به ملن ٿيون ۽ سمنڊ جو ڪنارو، مينهن بارش ۽ گهاٽا جنگل ۽ گل گلڪاريون ته جتي ڪٿي آهن.
    چين جو مشهور سياح، جهاز ران، دنيا جو ڳولائو (Explorer) زهينگ هي (Zheng He) جيڪو چينگ هو به سڏجي ٿو، جنهن جو ڄمڻ وقت نالو (Ma Ha) ۽ ماسان بائو پڻ هو. چين ۾ اهي نالا ائين آهن جيئن اسان وٽ ڪو ٻار ٻن يا ٽن ٻارن مرڻ بعد، ڄمي ٿو ته ان کي مٿس رکيل نالي کان علاوه ’الله بچايو‘ به سڏين ٿا، سندس نالو ڪنهن وڏي جو آهي ته پوءِ ڪي مائٽ هن کي ڏاڏا به سڏيندا ته ڪي نانا به. ڪو شاعر يا اديب هجڻ ڪري ساقي، مدهوش، بيوس، صحرائي يا ٿري پيو سڏبو. سو چين ۾ به نالن جو وڏو مونجهارو آهي خاص ڪري ڌارئين ماڻهوءَ کي خبر نٿي پوي ته ”ڊاڪٽر رخسانا پريت چنڙ“ يا ”ڊاڪٽر عبدالڪريم محمد صالح ادل سومرو“ ۾ اصل نالو ڪهڙو آهي ۽ سندس تخلص، ذات ۽ ڳوٺ ڪهڙو آهي؟ سو هن چيني مسلمان سياح جو به اسلامي نالو حاجي محمود شمس هو باقي ٻيا نالا ائين آهن جيئن پاڻ وٽ پپو، گُلو، بابو يا بابا وڏو، رب ڏنو، الله ورايو وغيره. هن سياح کي دنيا جنهن نالي سان سڃاڻي ٿي اهو ”زهينگ هي“ آهي پر چين ۾ مختلف چيني لکڻين ڪري نالن ۾ ائين فرق اچي ٿو جيئن علي ڏنو اڙدو ۾ لکڻ سان علي ڊنو ٿيو وڃي ۽ ٻٻر لوءِ شهر ببرلو ٿيو وڃي. بهرحال هتي پاڻ به حاجي محمود شمس کي ”زهينگ هي“ ئي سڏينداسين جيڪو ڏور اوڀر ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ وڌيڪ عام آهي.
    زهينگ چين جي ڏاکڻي صوبي يون نان (Yunnan)۾ هڪ مسلمان گهراڻي ۾ 1371ع ۾ ڄائو. پاڻ هن فئملي ۾ ٻيو پٽ هو جنهن کي چار ڀيڻون پڻ هيون. زهينگ جو ڏاڏو ۽ پڙڏاڏو ”حاجي“ سڏبا هئا يعني هو مڪي مان حج ڪري آيا هئا. زهينگ پاڻ کڻي سمنڊ رستي جدي پهچي حج ڪيو پر سندس ڏاڏي ۽ پڙڏاڏي خشڪي رستي حج ڪيو ۽ جنهن چين جي صوبي يوننان ۾ هي رهيا ٿي اهو سعودي عرب ته ڇا پاڪستان کان به پري آهي يعني ميانمار (برما) ، لائوس ۽ ويٽنام جي بارڊر تي آهي. هنن جو واسطو ۽ وفاداري ان وقت جي ان علائقي جي حاڪمن منگولن سان هئي. سن1381ع ۾، جنهن سال زهينگ هي جو پيءُ وفات ٿو ڪري، چين جي منگ حاڪم يون نان ۾ منگولن کي ماٺ ڪرائڻ ۽ سندن طاقت کي ٽوڙڻ لاءِ وڏي فوج موڪلي جنهن يون نان صوبي ۾ وڏي تباهي مچائي ۽ منگولن کي آڻ مڃڻي پيئي. محمود شمس جيڪو ان وقت ’ماهي‘ (Ma He) پڻ سڏبو هو فقط يارهن سالن جو هو. ٻين ٻارن سان گڏ هن کي به ان وقت جي منگ بادشاهه ”جيان وين“ (Emperor Jianwen) جي درٻار ۾ موڪليو ويو جتي هن کي کدڙو ڪري حرم جي ڪم ڪار لاءِ رکيو ويو. حرم ۾ کيس هرڪو ’سان بائو‘ معنيٰ ٽن هيرن وارو سڏيو ٿي ۽ شهنشاهه جي 21 ورهين جي ڄمار واري شهزادي يونگل جي خذمت ۾ لڳايو ويو. يونگل (جنهن جو ڄمڻ وقت نالو زهودي Zhudi هو ۽ جيڪو Chu Ti به پڙهيو ويو ٿي جيئن ٺٽو اڙدو ۾ ٺٺا لکيو وڃي ٿو ۽ ڪيترا ان کي ٽهٽهه به پڙهن ٿا) 1360ع ۾ ڄائو هو ۽ اڳتي هلي پنهنجي پيءُ ”جيان وين“ کي تخت تان لاهڻ بعد 1402ع کان 1424ع تائين منگ سلطنت جو ٽيون نمبر شهنشاهه ٿيو. چون ٿا، بلڪ ائين لکڻ کپي ته اها تاريخي حقيقت آهي ته زهنگ هي (جيڪو محل ۾ سان بائو کدڙو سڏيو ويو ٿي) پنهنجي آقا يونگل جي نه فقط ايمانداري سان خذمت ڪئي پر هن کي پڻس کان تخت و تاج حاصل ڪرڻ واري اٽڪل بازي ۾ وڏي مدد ڪئي. انهن خذمتن ڪري شهزادي يونگل شهنشاهه ٿيڻ تي محمود شمس کي سان بائو کدڙو سڏڻ بدران زهينگ هي“ جي خطاب سان نوازيو. 1924ع ۾ شهنشاهه يونگل جي وفات بعد سندس پٽ ’هانگ زي‘ (Hongxi) تخت تي ويٺو جنهن 1925ع ۾ زهينگ هي کي نانجنگ جو سالار مقرر ڪيو. ان ئي سال هانگ زي 47 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ۽ ان جو پٽ زئان دي (Xuande) تخت ٿي ويٺو. هن بادشاهه جي ڏينهن ۾ ۽ هن بادشاهه جي حڪم تي زهينگ هي 1928ع ۾ نانجنگ ۾ نوماڙ ٻوڌي مندر دابائوئِن (Buddhist temple Da Baoen) ٺهرايو جنهن کي ڏسڻ لاءِ اڄ تائين دنيا جا سياح چين پهچي نانجنگ ۾ وڃن ٿا. منگ گهراڻي جو ٽيون شهنشاهه يونگل 1402ع ۾ جيئن ئي تخت تي ويٺو ته هن زهينگ هي کي جهاز ٺاهي سامونڊي سفر شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جيڪي هن 1405 کان شروع ڪيا. يونگل بعد منگ گهراڻي جي چوٿين شهنشاهه ۽ پوءِ پنجين جي ڏينهن ۾ به هن سفر قائم رکيا ۽ هن شهنشاهه جي ڏينهن ۾ ست سفر 1433ع ۾ مڪمل ڪري اٺين لاءِ نڪتو هو، جو 1435ع ۾ جڏهن زهينگ هي جا ٻيڙا (fleet) هرمز کان موٽي رهيا هئا ته سندس وفات ٿي. ان ئي سال منگ گهراڻي جي هن پنجين شهنشاهه Xuande پڻ وفات ڪئي، ان بعد چين جي هنڌ ٽريزر جهازن (Treasure Ships) جيڪي 200 کان 300 جي تعداد ۾ ٽولو (Fleet) ٺاهي سمنڊ تي وڏي شان ۽ دٻدٻي سان هليا ٿي انهن جي سفرن کي ٻنجو اچي ويو. ”زهينگ هي جو مقبرو چين ۾ آهي ۽ سيمارنگ (جاوا) ۾ قبر آهي جن تي ’زهينگ هي‘ جي تعارف خاطر ڪتبا پڻ لڳل آهن پر انهن جي هيٺ ڪجهه به ناهي ڇو جو ’زهينگ هي‘ جو موت ائين ٿيو جيئن جهازرانن جو سمنڊ تي ٿيندو آهي ۽ کين سمنڊ اندر ڦٽو ڪيو ويندو آهي.
    منهنجي جهاز ساز (Architect) انجنيئر دوستن ۽ عام پڙهندڙ جي معلومات لاءِ لکندو هلان ته ائڊمرل زهينگ هي (حاجي محمود شمس) جي فليٽ ۾ هڪ هڪ جهاز ايڏو وڏو ۽ سهڻو هو جو ان دور ۾ سؤ سال کن اڳ ۽ پوءِ ڪاٺ جا اهڙا جهاز ٺهي نه سگهيا. مثال طور زهينگ هي 1405ع ۾ جڏهن پهرين سفر تي نڪتو ته هن سان گڏ 62 ٽريزر (treasure) جهاز هئا ۽ 190 ننڍا جهاز هئا. وڏن جهازن تي 500 کن ماڻهو به رهي سگهيا ٿي ۽ ان پهرين سفر ۾ جملي ماڻهو 27800 هئا. هڪ هڪ ٽريزر شپ 416 فٽ ڊگهو ۽ 170 فٽ ويڪرو هو. ڏٺو وڃي ته اڄ جي ماڊرن دور جي حساب سان به هن قسم جي جهاز کي وڏو چئي سگهجي ٿو. يعني تقريباً فٽ بال گرائونڊ جيڏو هو. هرهڪ جهاز 1500 ٽن سامان کنيو ٿي. جي مڻن جو حساب لڳائڻ چاهيو ٿا ته 1500 کي 28 سان ضرب ڏيو. ان وقت جي جهاز کي جيڪڏهن اڄ جي دور سان ڀيٽ ڪندائون 1200 ٽنن جو جهاز فقط 200 فٽ ڊگهو ٿئي ٿو. اهي جهاز جن سان گڏ ڪولمبس آمريڪا ڏي نڪتو هو، اهي 70 کان 100 ٽن وزن جا هئا جن جي ڊيگهه 55 فٽ هئي. سو ان مان پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهن ٿا. ته چين جي جهازن جي فليٽ جو ڇا رعب رهندو هوندو. هرهڪ جهاز آفت هو جنهن کي 9 کوها (masts)هئا ۽ چار ماڙ ڊيڪ (decks) هئا. جن مان هرهڪ تي 500 کن ماڻهو رهي سگهيا ٿي ان کان علاوه تمام گهڻو وزن پڻ کنيائون ٿي. انهن ماڻهن ۾ ڪيترائي ناکئا (Navigators)، سولجر، خلاصي، ڊاڪٽر، ڪم ڪار وارا، ترجمو ڪندڙ ۽ روز مره جي ڊائري لکڻ وارا هوندا هئا.
    جن جو دبئي اچڻ وڃڻ ٿيندو رهي ٿو اهي اتي جي ابن بطوطا مال ۾ نمائش لاءِ رکيل زهينگ هي ۽ ڪراسٽافر ڪولمبس جي جهاز جي ڀيٽ ڪري اندازو لڳائي سگهن ٿا ته زهينگ هي جا جهاز ڪيڏا وڏا هئا. 1405ع ۾ جيڪي جهاز زهينگ هي هلايا ان سائيز جا جهاز 400 سالن بعد اوڻهين صديءَ ۾ لوه جا ٺاهيا ويا، جڏهن ٻاڦ جي انجڻ ايجاد ٿي هئي.


    آفريڪا ۾ عورتن جي طُهر جو آزار

    ڇوڪرن جو طهر نه فقط انهن ملڪن ۾ جتي مسلمان رهن ٿا پر ڪيترن عيسائي ۽ يهودي خاندانن ۾ به عام آهي. اڄ کان چوڏهن سؤ سال اڳ جيڪا ڳالهه مذهبي نقطي نگاهه کان ضروري ڪئي وئي اها گذريل صديءَ ۾ ميڊيڪل سائنس طرفان صحيح ۽ صحتمند ثابت ٿي. اڄ جا ڪيترائي پڙهيل ڳڙهيل ۽ هائجن جو خيال رکندڙ ماڻهو مرد لاءِ طهر ضروري سمجهن ٿا. هن کان اڳ سوڊان جي هڪ سفرنامي ۾ ڇوڪرين جي طهر بابت لکي چڪو آهيان جيڪو سڄي آفريڪا ۾، يمن ۽ مصر جهڙن ڪجهه عرب ملڪن ۾ ۽ اوڀر پاسي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ عام آهي. ملائيشيا پاسي هاڻ اهو رواج (جنهن کي ڪجهه ماڻهو مذهبي رسم سمجهن ٿا)، هن صديءَ جي شروع ٿيڻ سان ڪافي گهٽجي ويو آهي نه ته اسي واري ڏهي جي شروع ۾ مون جڏهن سمنڊ جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري جي شروعات ڪئي هئي ته پهريون دفعو پنهنجي آفيس جي ڪلارڪ ڇوڪريءَ کان سندس شاديءَ جو ڪارڊ وٺڻ وقت اهو ٻڌي حيرت ٿي هئي ته فلاڻي تاريخ سندس شادي ٿيندي ۽ ان کان هڪ ڏينهن اڳ سندس نڪاح ۽ طهر ٿيندو جنهن ۾ فقط عورت کي مدعو ڪري رهي آهي. مون کي ڪجهه گهڙين لاءِ ائين به محسوس ٿيو ته صباريا پنهنجي لاءِ نه پر شايد پنهنجي گهوٽ عبدالرحمان جي طهر لاءِ چيو هجي جيڪو پڻ اسان جي نيول اڪيڊمي ۾ لئبررين هو. ملائيشيا ۾ اچي اهو مون ضرور نوٽ ڪيو ته ٻهراڙيءَ ۾ ڪن ڪن ٻارن جو وڏي عمر ۾ طهر ٿئي ٿو يا جڏهن ڪنهن مسلمان ملئي ڇوڪري ءَ جي ڪنهن چيني عيسائي يا ٻڌ ڇوڪري سان شادي طيءَ ٿئي ٿي ته شادي کان اڳ هو مسلمان ٿي طهر ڪرائي ٿو. بهرحال بعد ۾ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ٻي ملئي ڇوڪريءَ کان جڏهن پڪ ڪيم ته هن به اهو ئي ٻڌايو ته ٽائپسٽ صباريا جو طهر ٿيندو.
    ائين به نه آهي ته عورتن جو طهر مون لاءِ نئين ڳالهه هئي. آفريڪا جي بندرگاهن ۾ جهاز وٺي وڃڻ دوران عورتن جي طهر جا قصا هر بندرگاهه ۾ عام ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. اهو ڪهڙو آفريڪا جو ملڪ آهي جتي عورتن جو طهر (Female Circumcision) نٿو ٿئي. سوڊان ۽ اٿوپيا کان ڪينيا، تنزانيا ۽ موزمبق تائين، گهانا ۽ سينيگال کان نائيجريا ۽ ڪانگو تائين، هر مذهب جا آفريڪي ماڻهو (ويندي مسلمان به) عورتن جو طهر ضروري سمجهن ٿا، جنهن سان عورت معاشري ۾ عزت لائق سمجهي وڃي ٿي. شادي ءَ وقت هن جو گهوٽ هن کي ورجن ۽ شريف سمجهي ٿو. عورتن جو هي طهر هڪ مذهبي رسم کان وڌيڪ سماجي ۽ ثقافتي رسم و رواج سمجهيو وڃي ٿو. ايتريقدر جو مون سان سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ M.Sc ڪندڙ ڊڪار (سينيگال) جي هڪ ڇوڪريءَ موڪلن ۾ لنڊن وڃي هڪ گجراتي انڊين ڊاڪٽر کان طهر ڪرائي آئي. انگلنڊ ۾ عورتن جي طهر تي سخت بندش آهي پر هن گجراتي جهڙا ڪيترا انگلنڊ جا شهري ڊاڪٽر غيرقانوني طور لِڪ ڇپ ۾ آفريڪي ملڪن کان ايندڙ حبشي ڇوڪرين جا طهر ائين ڪندا رهن ٿا جيئن ڪيترن ملڪن ۾ قانون جي خلاف Abortions ڪيون وڃن ٿيون. هتي اهو به لکندو هلان ته هن سينيگالي ڇوڪريءَ جو طهر بگڙي پيو ۽ ايتري تي Infection ٿي پئي جو مهينو کن يونيورسٽي کان گسائيندي رهي ۽ مزي جي ڳالهه اها ته لنڊن وارو اهو ڊاڪٽر پوري سال بعد هڪ ڪيس ۾ جهلجهي پيو. اسان انهن ڏينهن ۾ لنڊن هئاسين. اها خبر جڏهن اخبار ۾ آئي تڏهن اسان جي هن سينيگالي محترما اسان کي ٻڌايو. هن وڏي رقم وٺي هي غيرقانوني ڪم شايد بنا انسٿيزيا جي غير sterilized ٿيل اوزان سان ڪيا ٿي.
    عورتن جي طهر ۾ ڇا ٿو ڪيو وڃي؟ مختلف ملڪن جي مختلف قومن ۽ قبيلن ۾ عورتن جي طهر جي مختلف ليول آهي. جنهن ۾ عورت جي زنانن عضون جي وڍ ٽڪ ڪئي وڃي ٿي. ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ هلڪي قسم جي سرجري ڪئي وڃي ٿي جنهن ۾ عورت جي Clitoris جي مٿين حصي جي معمولي کل لاهي وڃي ٿي جنهن ڪري هن آپريشن کي مردن جي طهر وانگر عورتن جو طهر سڏجي ٿو، پر ڪيترن هنڌن تي خاص ڪري آفريڪا کنڊ جي ته سڀني ملڪن ۾، ويندي مصر ۽ يمن ۾، جيئن ئي ڇوڪري ٽن چئن سالن جي ٿئي ٿي ته ان عمر کان وٺي بالغ ٿيڻ کان اڳ تائين هن جو ظاهر ٿيل سڄو Clitoris ڪئنچي يا بليڊ سان ڪٽيو وڃي ٿو. هتي ڪينيا ۽ ڪيترن آفريڪي ملڪن ۾ اڄ ڪلهه جي دور ۾ جيتوڻيڪ عورت جي ڪنهن به عضوي ڪٽڻ تي سخت سزا آهي پر عوام جو وڏو حصو اڄ به ان کي غلط ڳالهه يا ڏوهه جو ڪم نٿو سمجهي پر هو سمجهن ٿا ته اهو ڪم ڇوڪرين لاءِ صحيح آهي. هنن جو ان ۾ يقين آهي ته ڪلائيٽورس ڪٽجڻ تي هن کي شهوت نٿي ٿئي ۽ هوءَ شادي تائين پاڪدامن Virgin رهي ٿي. جيتوڻيڪ ممباسا جي هن هوٽل ۾، جنهن ۾ آئون رهيل آهيان، ڀر وارن ڪمرن ۾ رهندڙ يوگنڊا جي ڊاڪٽرن مان هڪ ٻڌايو ته سوڊان ۾ 300 ڇوڪرين جي اها سرجري ڪري مٿن تجربو ڪيو ويو ته هنن مان 90 سيڪڙو ڇوڪرين کي اها ساڳي شهواني خواهش محسوس ٿي، ساڳي لذت ۽ اهائيOrgasm ٿي جيڪا هنن کي هن آپريشن يعني طُهر کان اڳ ٿي ٿي! پر اهو ڪمال آهي ته آفريڪا جي ڪنهن به پڙهيل يا اڻ پڙهيل نوجوان کان ان طهر بابت (جنهن کي يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو (FGC) Female Circumcisionعورتن جي نازڪ عضون جي وڍ ٽڪ ۽ Female Genital Mutilation (FGM) يعني عورت جي نازڪ عضون جي بگاڙ سڏين ٿا، کڻي پڇ ته هو ان جي خلاف ضرور آهن پر هو پنهنجي لاءِ اهڙي حبشڻ ڪنوار چاهين ٿا جنهن جو طهر ٿيل هجي يعني Clitoridectomy (ڪلائيٽورس جي ڪٽائي) ٿيل هجي يا هن جي زناني عضوي جي شاديءَ کان اڳ تائين سلائي (Infibulation) ٿيل هجي.
    ممباسا ۾ جنهن هوٽل ۾ آئون رهيل هوس ان ۾ نه فقط مٿيان يوگنڊا جا ڊاڪٽر رهيل هئا پر ڪجهه ٻين آفريڪي ملڪن جا پڻ هئا جو شهر جي ڪنهن هال ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن طرفان عورتن ۽ ٻارن جي صحت خاطر هن عنوان تي ڪانفرنس هلي رهي هئي.
    Traditional practices affecting the health of women & children عورتن جي طهر ۽ سندن نازڪ عضون جي وڍڪٽ تي هي مضمون لکڻ جي ڳالهه مون کي شايد ڌيان ۾ نه اچي ها پر رات هوٽل جي ڊائننگ هال ۾ يوگنڊا جي ڊاڪٽرن سان جڏهن مون اها ڳالهه ڪئي ته مليريا ۽ تسي تسي مکين جي چڪ ڪري آفريڪا ۾ تمام گهڻا موت ٿين ٿا ته هنن ڊاڪٽرن منهنجي ان ڳالهه جي تصديق سان گڏ ترديد ڪندي چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مليريا ۽ تسي تسي مکين جي ڏنگڻ ڪري سليپنگ سڪنيس بيماريءَ ڪري جيترا موت آفريڪا کنڊ تي ٿين ٿا اوترا ڪنهن ٻئي ملڪ يا کنڊ ۾ نٿا ٿين. ساڳي وقت گهرو طريقن سان زناني طهر ۽ عورتن جي عضون جي وڍ ڪٽ ڪري پئدا ٿيل خرابين، زنانين بيمارين، حيض جي روانگي ۾ دقت ۽ ٻارن جي ڏکي ڄم ڪري جيتريون عورتون موت جو شڪار ٿين ٿيون اوترو مرد ۽ عورتون ملائي به ڪنهن ٻي بيماري ۾ نٿا مرن.
    مٿي ٻن قسمن جي عورتاڻي طهر بابت لکيو اٿم جيڪي هلڪي قسم جا آهن جن ۾ Clitoris جو ٿورو حصو يا سڄو ڪلائيٽورس ڪٽيو وڃي ٿو ۽ ان سان گڏ ڪن حالتن ۾ Prepuce (جيڪو Clitorial hood سڏجي ٿو) ڪٽيو وڃي ٿو. هن قسم جو طهر ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ اڄ به مسلمانن ۾ عام آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ملائيشيا ۾ تمام گهڻي تعليم، دين جي ڄاڻ ۽ صحت ۽ هائيجن لاءِ Awarness اچڻ ڪري هاڻ ڪافي حد تائين گهٽجي ويو آهي. اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن توڙي ٻين مذهبن ۽ قومن ۾ ان قسم جو رواج يا سوشل عادت ناهي. البته ڪجهه بوهرين بابت چيو وڃي ٿو ته هو پنهنجين ڇوڪرين جو مٿين قسم جو طهر ڪرائين ٿا. ان قسم جي ڳالهه سينگاپور ۾ رهندڙ هڪ بوهري فئملي کان ٻڌي هيم. هو ان کي مذهبي رسم سمجهن ٿا. بهرحال ان مٿئين قسم جي زناني طهر کي سرجن Clitoridectomy يا Excision سڏين ٿا.
    عورتن جي مٿين قسم جي طهر کان علاوه ڪن حالتن ۾، بلڪ آفريڪا جي گهڻن حالتن ۾ ڪلائيٽورس کان علاوه Labia Minora به ڪٽيو وڃي ٿو ۽ ڪيترن علائقن ۾ Libia Majora ڪٽيو وڃي ٿو. اهو سڀ ڪجهه سڄي آفريڪا ۾ مسلمان توڙي ٻين قومن ۽ قبيلن ۾ عام طرح ٿئي ٿو. بقول يوگنڊا جي ڊاڪٽرن جي ”ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ٿئي ٿو ۽ نه فقط ٻهراڙي جا جاهل ماڻهو پر شهر جا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو به پنهنجي ڇوڪرين جو هن قسم جو طهر ڪرائيندي شرف ۽ فخر محسوس ڪن ٿا جو آفريڪا ۾ ماڻهن جي اها سوچ آهي ته جيڪا ڇوڪري ان قسم جو طهر نه ڪرائي پنهنجي شهوت کي لغام نٿي ڏئي اها وڏي ڪميڻي آهي.“
    هنن ڊاڪٽرن ٻڌايو ته WHO (ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن) طرفان ۽ آفريڪا جي ڪيترن ملڪن جي حڪومتن طرفان هن قسم جا سيمينار ۽ ڪانفرنسون ڪرايون وڃن ٿيون جيئن ماڻهن کي جانڪاري ملي ۽ هنن جي سوچ بدلجي ته هي ظلم جو ڪم آهي. جيڪو توهان پنهنجين نياڻين سان ڪريو ٿا. پر ڏٺو وڃي ته هن قسم جي وڍ ڪٽ ڪري، ٿيندڙ بيمار عورتن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي. هڪ ته آدم شماري به وڌي رهي آهي پر معاشري ۾ هن لعنت جو زور به ايترو ئي وڌندو رهي ٿو. سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ اسان سان گڏ تعليم حاصل ڪندڙ مٿين سينيگال جي ڇوڪري جيڪا لنڊن مان هڪ جاهل ڊاڪٽر کان لڪ چوريءَ طهر ڪرائي آئي ۽ شايد صحيح طرح آپريشن نه ٿيڻ ڪري يا شايد آپريشن بعد صحيح طرح care نه ڪرڻ ڪري هن کي Infection ٿي پيو ۽ مهينو کن سخت پريشان رهي، ان کان جڏهن يورپ ۽ ايشيا جي ڇوڪرين پڇيو ته پڙهيل ڳڙهيل هجڻ جي باوجود هن اهو ڪم ڇو ڪيو ته هن اهوئي جواب ڏنو ته هوءَ مجبور هئي. ان طهر بنا هن جي شادي ٿيڻ ناممڪن آهي. گهوٽ هن تي طرح طرح جا شڪ ڪري سگهي ٿو. هتي اهو به لکندو هلان ته سينيگال جي شهر ڊڪار جي هيءَ شاگردياڻي عيسائي هئي ۽ عيسائين جون تبليغي جماعتون ۽ سماجي ادارا سڄي آفريڪا ۾ FGM (Female Genital Mutilation) جي خلاف ماڻهن کي سمجهائي رهيا آهن. تڏهن به هيءَ سماجي رسم ايڏي ته طاقتور آهي ۽ ماڻهن جي ذهن تي ايڏي ته پختي ويٺل آهي جو هي ماڻهو پنهنجين نياڻين سان ظلم ڪري سمجهن ٿا ته هو ڪو خير جو ڪم ڪن ٿا. هو هن ڳالهه کي ڄڻ مذهبي فرض سمجهي ان جي ادائيگي ڪن ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي ثواب جو مستحق سمجهن ٿا.
    آفريڪا ۾ رهندڙ يورپين سان جڏهن ان عنوان تي ڳالهه ٿي نڪري ته هو ان جو الزام مسلمانن تي هڻن ٿا ته اهي جاهل آهن ۽ هيءَ عورتن سان ظلم واري رسم فقط مسلمانن ۾ آهي. پر ائين ناهي. جيئن آئون مٿي لکي آيو آهيان ته اسان جي آفريڪي ڪلاس ميٽ ڇوڪري جنهن لنڊن ۾ پنهنجو طُهر ڪرايو اها ڪرسچن هئي. ٽي سال کن اڳ آمريڪا جي ڪورٽ اٿوپيا جي هڪ عيسائيءَ کي پنهنجي ٻن سالن جي ڌيءَ جو Clitoris ڪٽڻ جي ڏوهه ۾ ڏهه سال جيل جي سزا ڏني. خالد آدم نالي اديس ابابا جو حبشي 1995ع ۾ آمريڪا جي رياست جارجيا ۾ هڪ پيٽرول پمپ تي ڪلارڪ ٿي لڳو جتي هن فارچونيٽ نالي سائوٿ آفريڪا کان لڏي آيل هڪ شيدياڻيءَ سان شادي ڪئي. جنهن مان هن کي ڌيءَ ڄائي. 2003ع ۾ هن کي ٻارن تي ظلم ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جهليو ويو. پوءِ ڪورٽ ۾ ڪيس هلندو رهيو. آدم جو اهو مؤقف رهيو ته هن پنهنجي نياڻيءَ کي پاڪ دامن رکڻ لاءِ اهو ڪم ڪيو جيئن هوءَ بالغ ٿي خراب راه تي نه هلي. عورتن جي طهر تي اٿوپيا ۾ ڪابه جهل پل ناهي. اٿوپيا حڪومت جيتوڻيڪ همٿ افزائي نٿي ڪري پر عوام ۾ اها رسم فرض برابر سمجهي وڃي ٿي. بهرحال 2 نومبر 2006ع تي ڪورٽ آدم کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ۽ 5 هزار ڊالر ڏنڊ هنيو. انساني حقن جي اداري ان جي تعريف ڪئي ته آمريڪا آدم کي سزا ڏئي سٺو ڪيو. مغرب جي دنيا اٿوپيا تي حيرت کاڌي ته هي ڪهڙو ملڪ آهي جتي اهڙن ماڻهن کي سزا ڏئي صحيح ڇو نٿو ڪيو وڃي. ان گوڙ جي جواب ۾ اٿوپيا جي وزيراعظم Meles Zenawi جو آمريڪا جي اخبارن ۾ بيان آيو هو ته:

    “If a whole community is involved in this practice, you cannot jail an entire community. You have to change the mindset, and that takes time…”
    ڪينيا جي وڏي ۽ طاقتور شيدي قبيلي ماسائي (جيڪو مردن توڙي عورتن جي طهر کي ثقافتي ورثو ٿو سمجهي) جي ليڊر بين ڪوئيس سابا آمريڪا جي هن فيصلي کي سخت نديو ۽ چيو ته آدم پنهنجي ڌيءَ جي ڀلائي ۽ هن جي مستقبل جي فائدي لاءِ اهو ڪم ڪيو.
    بهرحال Clitoridectomy يا Excision جنهن ۾ نابالغ ڇوڪريءَ جو Clitoris ۽ زناني عضوي جا مٿيان حصا ڪپيا وڃن ٿا ايڏي وڏي آپريشن ناهي جيڪا سڄي آفريڪا کنڊ ۽ بحر احمر (Red Sea) وارن ملڪن کان وٺي ائٽلانٽڪ سمنڊ وارن ملڪن تائين کلئي عام گهرن ۾ ائين ڪئي وڃي ٿي جيئن اسان وٽ ڳوٺن ۾ حجام ڇوڪرن جو طهر ڪن ٿا ۽ ڪا جراثيم ڪش دوا لڳائڻ بدران ڦلهير هڻيو ڇڏين. ان سلسلي ۾، يعني عورتن جي نازڪ عضون جي وڍ ڪٽ ۽ بگاڙڻ واري سرجري ۾ سڀ کان خراب Infibulation آهي جنهن کي هتي جا ماڻهو فرعوني طهر(Pharaonic Circumcision) به سڏين ٿا ۽ ان جو رواج سوڊان، سوماليا، اتر ڪينيا، اٿوپيا ۽ بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) جي ڪناري وارن ملڪن ۽ اولهه آفريڪا جي ملڪن ۽ مالي ۽ ان جي ڀروارن علائقن ۾ تمام عام آهي. هن آپريشن ۾ اٺ ڏهه سالن جي ڇوڪريءَ جا زنانا عضوا ڪلائيٽورس، Labia Minora ۽ Labia Majora جو اندريون حصو ڪوريو (ڪُپيو) وڃي ٿو ۽ پوءِ لابيا مئجورا جا ٻاهران حصا ڪنڊن يا سئي سڳي سان سبي ملايا وڃن ٿا. هتي جو هر هڪ ماڻهو ڊاڪٽر توڙي عام عورتون، اهو ئي ٻڌائين ٿيون ته هيءَ جراحي ڪيڏي تڪليف واري ٿئي ٿي جيڪا حبشي عورتون ۽ دايون گهرن ۾ ڪن ٿيون، جن وٽ نه ڊاڪٽري اوزار آهن ۽ نه دوائون آهن. هو ڪنڊا (Thorns) به وڻن مان پٽي استعمال ڪن ٿيون ۽ نه وري انسٿيزيا جو بندوبست آهي. هن جراحي (وڍ ڪٽ) ۽ ان بعد زخم ڇٽڻ جي تڪليف جو ٻڌي آفريڪا جي هر شهر جون سوين ڇوڪريون گهر ڇڏيو ڀڄيو وڃن. پر هتي جي نياڻين جا والدين ان کي پنهنجو مان سمجهن ٿا ۽ هتي جي سوسائٽيءَ ۾ هو پاڻ کي منهن ڏيکارڻ لائق سمجهن ٿا.
    هن سرجري (Infibulation )بعد ڇوڪرين جون ٻن کان ڇهن هفتن تائين ٽنگون ٻڌيون وڃن ٿيون جيئن Labia Majora جا ٻئي چپ ملي هڪ ٿي وڃن. پيشاب ۽ حيض جي نڪرڻ لاءِ تمام سنهو سوراخ ڇڏيو وڃي ٿو. اهو سوراخ قائم رکڻ لاءِ سنهڙي ٽاريءَ جو ٽڪرو ڦاسايو ويندو آهي جيئن ايتري جاءِ کليل رهي. هيءَ جراحي (Infibulation) عورت کي ورجن رکڻ لاءِ ڪئي وڃي ٿي جيئن شاديءَ کان اڳ هوءَ ڪنهن آشنا سان کڻي ٺهي به وڃي ته به همبستري جهڙي عمل جي پوئواري نه ڪري سگهي ۽ نه وري ڪو بدمعاش کيس rape ڪري سگهي. ان ڪري هن جراحي (سرجري) واريون حبشي ڇوڪريون رات جون اڪيلون هلنديون رهن ٿيون ته به هنن کي پنهنجا ۽ پراوا، هتي جي حساب سان، حيا واريون ڇوڪريون سمجهن ٿا ۽ اهڙين آپريشن وارين ڇوڪرين لاءِ سٺا رشتا اچن ٿا، ڇو جو هتي ورجن ڇوڪري ئي عزت واري سمجهي وڃي ٿي ۽ اها ڇوڪري سئو سيڪڙو ورجن سمجهي وڃي ٿي جنهن جي سندس والدين ننڍي هوندي ئي Infibulation جهڙي آپريشن ڪرائي ڇڏين ٿا جيئن Sex جهڙي عمل جي ڪا به گنجائش نه رهي. شادي بعد مڙس صاحب جي تصديق ڪرڻ ۽ مطمئن ٿيڻ تي ته هن جي آپريشن ٿيل آهي ۽ هن جي خراب هجڻ جو ڪو چانس نه هو اها آپريشن وري ابتي ڪئي وڃي ٿي يعني Reverse Infibulation ڪئي وڃي ٿي ۽ سوراخ کي وڏو ڪري نارمل حالتن ۾ آندو وڃي ٿو. سوراخ کي ٿورو وڏو ڪرڻ لاءِ بليڊ يا ڪئنچيءَ سان چيريو وڃي ٿو جيئن زال مڙس ازدواجي حق ادا ڪري سگهن. ٻار ٿيڻ تي ڊليوري کان مهنو کن اڳ ان سوراخ کي وڌيڪ موڪرو ڪيو وڃي ٿو جيئن ٻار جو ويم آسانيءَ سان ٿي سگهي. ڊليوري بعد ڪيترن مردن جي خواهش يا خانداني رسم ڪري عورت Opening کي گهٽ ڪرڻ لاءِ هن جي عضون کي وري سبيو وڃي ٿو. ٻن ٽن هفتن لاءِ هن جون ٽنگون وري ٻڌيون وڃن ٿيون ۽ آفريڪا جي بيوس عورت کي ڊليوري جي تڪليف بعد هڪ دفعو وري Infibulation جو عذاب سهڻو پوي ٿو. هن آپريشن جي تڪليف، خوف، هراس ۽ Hemorrhage ڪري ڪيتريون ڇوڪريون زندگي ڀر صدمي ۾ هليون وڃن ٿيون جنهن وگهي هو موت جو به شڪار بنجن ٿيون. ڪيتريون عورتون Infection جون مريض بنجيو وڃن ۽ هو سنڍ (Infertile) بنجيو وڃن ۽ هو ٻار نه ڄڻڻ جي ڏوه ۾ سڄي عمر ساهيڙين جي ٿڪ لعنت سهنديون رهن ٿيون. آفريڪا ۾ توڙي کڻي مڙس ۾ خرابي هجي، هو مڪمل طرح کدڙو هجي ته به ٻار نه پيدا ڪرڻ جو جرم عورت تي عائد ڪيو وڃي ٿو. ڪيترين عورتن جي رورس انفيبُولئشن وقت Opening صحيح طرح نه کلڻ ڪري ٻار جي ڊليوري ناممڪن ٿيو پوي ۽ بچه ۽ زچه ٻئي مريو وڃن ۽ مڙس ٻئي ڏينهن ئي هڪ عدد نئين ڪنوار وٺيو اچي. ڇو جو ههڙي سائٽيءَ ۾ هر مرد اهو پير مرشد آهي جنهن تي توهان ڪنهن به ڏوهه جو الزام هڻي نٿا سگهو. آفريڪا ۾ عورتن جي ههڙن موتن ۽ ڏک دردن جون ڳالهيون ٻڌي هڪ ڌارئين کي ته افسوس ضرور ٿئي ٿو پر هتي جي مردن لاءِ اها ڄڻ ته نارمل ڳالهه آهي. هتي جي هن بي حسيءَ کي ڏسي سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ڳوٺن جي حالت اکين اڳيان ڦري ٿي جتي جو پير، مير، وڏيرو، ڀوتار ڄڻ ته عياشي ڪرڻ لاءِ ڄائو آهي باقي غريب ماڻهن جي حالت جانورن کان به بدتر آهي جن کي ڀلي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي نه ملي، ٻه ويلا کاڌو نه ملي، هنن جي اولاد کي ڀلي تعليم نه ملي، هنن جون زالون اسپتالن ۾ دوائون يا ڊاڪٽرياڻيون نرسون نه هجڻ ڪري ويم جي سور ۾ سڄي رات تڙپي مري وڃن ته به ڪا ڳالهه ئي ناهي، ڪو احساس ئي ناهي. اها ئي سوچ ۽ feeling آفريڪا جي مردن جي عورتن بابت آهي. هتي جي مڪاني شيدين جي اهائي ذهنيت آهي ته عورتون ڀلي پير اگهاڙا ڪري سڄو ڏينهن اُس ۽ واريءَ تي پورهيو ڪن، ڀلي بيمار ٿيو پون هلن پر هنن سان طهر جهڙو ظلم ٿيڻ ضروري آهي جو ان ۾ هتي جي نرن جي ناموس آهي. نياڻين سان ان ستم بعد هو پاڻ کي ڳاٽ اوچو ڪري هلڻ جهڙا سمجهن ٿا. جيئن اسان وٽ سنڌ جا وڏيرا يا پاڻ کي اوچي ذات سمجهڻ وارا پاڻ ڀلي ٻه ٻه ٽي ٽي شاديون ڪن ۽ ان کان علاوه چڪلي جون رنون رکن پر سندن ڀيڻن يا ڌيئرن کي فطري شادي ڪرائڻ بدران قرآن سان شادي ڪرائي پاڻ کي وڏو شريف ۽ مذهبي سڏائين ٿا. آئون به گذريل چاليهارو سالن کان ڏسندو اچان ٿو ته آفريڪا جي هن رسم جي نالي ۾ عورتن سان ٿيندڙ ظلم جي خلاف مغربي ۽ ملڪي تنظيمون گوڙ ڪنديون اچن، ماڻهن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪنديون اچن ته پنهنجين نياڻين سان هي ظلم بند ڪريو پر هي معاملو گهٽ ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي جيئن اسان وٽ ڪارو ڪاري ۽ سڱ چٽيءَ ۾ ننڍڙين معصوم ڇوڪرين جون پوڙهن سان شادي ڪرڻ جون رسمون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن. هي ملڪ ڪينيا جنهن جي سفر جو احوال هتي لکي رهيو آهيون، ان جي اڳوڻي صدر ڊئنيل اراپ موئيءَ ۽ ٻين عورتن، عورتن جي هن طهر ۽ سندن نازڪ عضون جي وڍ ڪٽ خلاف ڏاڍي مهم هلائي پر هتي جا ماڻهو ٻڌائين ٿا ته وريو ڪجهه به نه. سرڪار طرفان هن قسم جي طهر تي بندش وجهڻ سان عورتون اسپتالن ڏي رخ ڪرڻ بدران مختلف ڳوٺن ۾ ڪم ڪندڙ دائين ڏي وڃڻ لڳيون جنهن ڪري موتن جو تعداد وڌي ويو.
    هن سال جيڪا ايمنسٽي انٽرنيشنل جي رپورٽ ڇپي آهي ان موجب هن وقت آفريڪا، عرب رياستن ۽ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ 13 ڪروڙ عورتون اهڙيون آهن جيڪي ڪنهن نه ڪنهن قسم جو هلڪو طهر Clitoridectomy يا Infibulation ڪرائي چڪيون آهن ۽ هر سال 30 لک ڇوڪرين جو طهر جي نالي ۾ FGM (Female Genital Mutilation) زنانين عضون جي وڍ ڪٽ ۽ بگاڙ ٿئي ٿي. اهو ڪم هن ماڊرن دور ۾ به آفريڪا جي 28 ملڪن ۾ عام ٿئي ٿو ۽ گهڻي کان گهڻو مصر ۾ ٿئي ٿو ان بعد سوڊان، اٿوپيا ۽ ماليءَ ۾ ٿئي ٿو. مصر ته تازو هاڻ ان جي خلاف قانون به پاس ڪرايو آهي.
    اها ٻي ڳالهه آهي ته جتي عورتن جو طهر Female Grcumcision آفريڪا جي ملڪن ۾ هر مذهب، قوم ۽ قبيلي ۾ کلئي عام ٿئي ٿو اتي مشرق وسطيٰ (Middle East) جي ملڪن ۾ لڪ ڇپ ۾ ٿئي ٿو. هر ڪو ان کي خراب سمجهي ٿو پر ان هوندي به هو رسم جو غلام ثابت ٿئي ٿو. جيئن اسان وٽ ٽيجهو ڪرڻ يا شاديءَ تي ٻڪي ۽ ونهه جي رسمن کي غير اسلامي ۽ هندن جون رسمون چيو وڃي ٿو پر ان هوندي به انهن جي پوئواري ڪرڻي پوي ٿي جو سوسائٽي يا معاشرو طعنا ٽوڪون هڻي ٿو. ائين ئي سمجهو ته هتي آفريڪا، عرب دنيا ۽ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ ڇوڪرين جي طهر جي رسم آهي. عربي کنڊ ۾ يعني يمن، عمان، سعودي عرب ويندي اردن ۽ مسقط پاسي هي طهر انهن سني مسلمانن ۾ عام آهي جيڪي آفريڪي نسل جا عرب آهن يا جيڪي سعودي عرب ۾ نوڪريون ڪن ٿا. هنن ۾ پهرين ۽ ٻي ٽائيپ جو طُهر عام آهي جنهن ۾ Clitoris ۽ ڪجهه حصو Labia Minora جو ڪپيو وڃي ٿو.
    گذريل اڌ صديءَ ۾ ڪيترائي آفريڪي ۽ عرب ملڪن جا مسلمان ۽ عيسائي عرب، يورپ جي مختلف ملڪن ۾ settle ٿيا آهن جتي پڻ هو اها پرئڪٽس قائم رکندا اچن. انگريزن ۽ يورپين کي پهرين خبر نه پيئي پر پوءِ ڪيترين ڇوڪرين جا زخم خراب ٿيڻ تي يا ويم ۾ مشڪلاتون درپيش اچڻ تي ۽ ڪيترين وارداتن مان ڇوڪريون ان تڪليف کان بچڻ لاءِ گهران ڀڄي پوليس اسٽيشن تي رپورٽ ڪرڻ تي هر عام ۽ خاص ماڻهوءَ کي خبر پئجي وئي. هونءَ يورپ جي ملڪن ۾ ٻارن سان ظلم ڪرڻ جي خلاف قانون ضرور هو پر ان جي ايڏي وڏي سزا رکيل نه هئي پر پوءِ هر يورپي ملڪ ۾ عورتن جي طهر تي والدين ۽ طهر ڪندڙ لاءِ سزا مقرر ڪئي وئي. انگلنڊ ۾ به پهرين 5 سال جيل هو پر هاڻ ان ڏوه جي سزا 14 سال ڪئي وئي آهي. ان بابت انگلنڊ جي هوم منسٽر جو اخبارن ۾ بيان ڇپيو هو ته:
    “Female genital mutilation is a very harmful parctice that is already rightly illegal in this country. Regardless of cultural background, it is compeletly unacceptable and should be illegal whereover it takes place.”
    ولايت ۾ رهندڙ آفريڪي يا ٻيا جيڪي پنهنجين ڇوڪرين جو ان قسم جو طهر ڪرائڻ واري رسم جي هر صورت ۾ پوئواري ڪرڻ چاهين ٿا، اهي عورتاڻي طهر جي حق ۾ ڪيترائي سبب ڏين ٿا، مثال طور:
    • ان سان عورت جي عصمت (Virginity) جو بچاءُ رهي ٿو.
    • ان سان صفائي رهي ٿي. آفريڪا جي ماڻهن جو اعتقاد آهي ته Clitoris انساني جسم جي هڪ گدلي شيءِ آهي جيڪا ڪيترين ئي براين جي پاڙ آهي. ان کي ختم ڪري ڇڏڻ بهتر آهي.
    • عورت جي طهر ٿيڻ بعد هو نيڪ ٿي رهن ٿيون، جو هنن جون شهواني خواهشون گهُٽجيو وڃن.... وغيره وغيره.
    بهرحال اهي مٿيون ڳالهيون ڇوڪرين جا والدين يا سندن آفريڪي معاشري ۾ قبول ڪيون وڃن ٿيون. ڇوڪريون پاڻ هن زناني طهر جي عمل کان ڏڪنديون رهن ٿيون. هنن کي انگلنڊ ۽ يورپ جي ملڪن ۾ رهي ڪري به سڪون ناهي. هنن جو ساهه هر وقت مٺ ۾ رهي ٿو. حڪومتن جي هيڏين سختين بعد به ماهرن جي اندازي موجب انگلنڊ ۾ رهندڙ آفريڪي مهاجرن جي پهرين ٽهي مان 74000 عورتن جو طهر ٿيل آهي ۽ اڄ به لڪ ڇپ ۾ فقط انگلنڊ جي شهرن ۾ هر سال اٽڪل 7000 ڇوڪرين جا طهر ٿين ٿا. جن جون عمرون 4 کان 13 سال ٿين ٿيون. هتي ڪينيا ۾ جتان هي مضمون لکي رهيو آهيان. هن سال گهٽ ۾ گهٽ 100 کن ڇوڪريون هن طهر جي ڊپ کان گهر ڇڏي ڀڄي ويون آهن. ڪيتريون اڻ ڄاڻ جاين تي لِڪل آهن، ڪن ڪينيا جي ڏکڻ اولهه واري حصي ۾ ٺهيل عيسائي چرچن (ڪليسا گهرن) ۾ وڃي پناهه ورتي آهي.
    آفريڪا ۾ ڪيترائي اهڙا قبيلا آهن جيڪي عورتن جو طهر پنهنجي مذهب يا عقيدي جو حصو سمجهن ٿا. ڪيترائي آفريڪي نسل جا عرب، ملائيشيا جا مسلمان ان کي سنت سمجهن ٿا. ڪيترن مسلمانن جو اهو چوڻ آهي ته اها مذهبي نه پر سماجي رسم آهي. هتي ممباسا ۾ ڪيتريون ئي مسجدون آهن. هڪ ته مانڌري مسجد نالي تمام آڳاٽي 1570ع جي ٺهيل آهي. اهڙي طرح پراڻي ڪلينڊني روڊ تي باشيخ مسجد آهي. هڪ ميمن مسجد ۽ هڪ بوهرا مسجد به آهي. جن ۾ نماز پڙهڻ بعد اتي جي پڙهيل ڳڙهيل مولوين سان ڪينيا يا آفريڪا جي ٻين ملڪن بابت خبر چار ڪندو آهيان. هڪ ڏينهن ممباسا جي بلوچ مسجد ۾ اهڙا مولوي ملي ويا جن جا وڏا ٽي پيڙهيون اڳ ايران يا پاڪستان واري بلوچستان کان هتي آيا هئا. دراصل ممباسا جي بلوچ مسجد به انهن بلوچن جي ٺهرايل آهي، جيڪي عمان جي سلطان جي فوج ۾ هئا. هن مسجد جي ٺهڻ جو سن 1875ع لکيل آهي. بهرحال بلوچ مسجد ۾ مليل هنن مولوين مان هڪ جيڪو مفتي جي رئنڪ جو لڳو ٿي تنهن ڇوڪرين جي طهر بابت چيو ته جيڪي مسلمان هن طهر کي (جنهن ۾ فقط Clitoris جو هلڪو حصو ڪٽڻو آهي) حضور صلعم جن سان وابسته ڪن ٿا اها حديث ڪافي Controversial آهي ۽ هن حديث جي صحيح هجڻ جي خاطري نه ٿي سگهي آهي. ڪيترا مسلمان اسڪالر ان کي (Refute) ڪن ٿا. ممباسا جي هن مولويءَ چيو ته هن حديث کي جي صحيح به سمجهيو وڃي ته ان ۾ حضور صلعم جن فقط اجازت ڏني آهي. ان کي ضروري قرار نه ڏنو آهي.
    عورتن جي طهر بابت هڪ عورتن جي ڪانفرنس جي رپورٽ On line پڙهي رهيو هوس ته FGM (يعني عورتن جي نازڪ عضون جي وڍ ڪٽ ۽ بگاڙ) جنهن کي زنانو طهر (Female Circumcision) به سڏجي ٿو، اها ويجهڙائيءَ جي رسم ناهي. پر زماني جهاليه (اسلام کان اڳ واري دور) کان هلندي اچي. بلڪ ڪن محققن جو ته اهو چوڻ آهي ته 2000 سال پراڻي رسم آهي. قرآن توڙي بائيبل انجيل (پراڻي ۽ نئين Testament) ۾ ان جو ڪوبه ذڪر ناهي. هتي جي مسلم وومين ليگ مطابق. هن طهر بابت هڪ حديث ۾ حوالو ملي ٿو.
    ”جيڪي ماڻهو اسلامي نقطي نگاه کان زناني طهر يا FGM جي وڪالت ڪن ٿا اهي هيٺين حديث جو حوالو ڏيئي عورتن جي طهر کي سنت جو حصو قرار ڏين ٿا.
    ”عم عطيه انصاريه جو چوڻ آهي ته هڪ ڏينهن مديني جي هڪ عورت طهر ڪرائڻ چاهيو ٿي. آنحضرت صلعم جن هن کي فرمايو: ”گهڻو نه ڪٽرائجي جو ان ۾ ئي عورت جي بهتري ۽ مڙس جي چاهت آهي“.(8، 1)
    ان حديث جي هڪ Interpretaion اها چئي وڃي ٿي ته اها عورت هر صورت ۾ طهر لاءِ وڃي رهي هئي جنهن کي حضور صلعم جن اهائي صلاح ڏني ته هوءَ پنهنجي عضوي (Clitoris) جو ٿورو ئي حصو ڪپرائي ته سٺو آهي. لڳي ٿو ته هوءَ جهاليه واري دور وانگر ڪجهه وڌيڪ ئي ڪپرائڻ جي ارادي سان وڃي رهي هئي.
    ان حديث بابت مون دارالعلوم ڪورنگي (ڪراچي) جي مفتي اصغر علي ربانيءَ کان به پڪ ڪئي ته هن ٻڌايو ته ان حديث کي هن به پڙهيو آهي. جيڪا عم عطيه انصاريا جي معرفت آهي. اها حديث کڻي صحيح به آهي ته به ان مان عورتن جو طهر نه فرض ۾ اچي ٿو ۽ نه ڪنهن سنت ۾.
    مسلم وومين ليگ طرفان اهو بيان جاري ٿيل آهي ته ”فقه سنة جي ليکڪ ۽ مسلمانن جي ناليري اسڪالر سيد سبق جي اها فتوى آهي ته عورتن جي طهر بابت جيڪي به حديثون آهن اهي Non Authentic آهن.“
    هتي جا ماڻهو، يهودي توڙي مسلمان مولوي عورتن جي وحشي ۽ تڪليفده سرجري جي خلاف ماڻهن کي سمجهائيندا رهن ٿا ۽ اهو ئي واعظ ڪن ٿا ته قدرت انسان جي خوشي ۽ مزي وڌائڻ خاطر عورت کي Clitoris جهڙو عضوو عطا ڪيو آهي. قرآن يا حديث ۾ ڪوبه اهڙو حڪم نه آيو آهي ته ان کي جراحي رستي ڪٽيو يا Modify ڪيو وڃي. ان ڪري ان کي نه ڪپيو وڃي ۽ نه سائيز ۾ ننڍو ڪيو وڃي.
    بهرحال اڳ ۾ فقط آفريڪا ۽ بحراحمر سمنڊ جي ڪناري وارن ملڪن ۾ پر گذريل اڌ صديءَ کان (جڏهن کان آفريڪا ۽ ايشيا جي ماڻهن جي يورپ ڏي ڪافي لڏ پلاڻ ٿي آهي ته) يورپ ۾ پڻ عورتن جو طهر وڏو آزار بڻجي پيو آهي جنهن جي نالي ۾ معصوم ۽ اڻ شادي شده ڇوڪرين جي نازڪ عضون جي وڍ ڪٽ ۽ بگاڙ آڻڻ ڪري هنن کي سخت جسماني توڙي ذهني تڪليف رسي ٿي. ان سماجي رسم تي ڪيترائي ڪتاب، مضمون ۽ فلمون ٺهي چڪيون آهن. انهن مان سڀ کان گهڻو مشهور ڪتاب آسٽريا ۾ رهندڙ هڪ سومالي فلم ائڪٽريس حبشاڻي” واريس ديري“ (Waris Dirie) جو ”ڊيزرٽ فلاور“ نالي آتم ڪٿا وارو ناول آهي جيڪو 1999ع ۾ ڇپيو. هن ۾ ديريءَ پنهنجي ننڍپڻ جون يادون بيان ڪيون آهن ته ڪيئن هن جي زنانن عضون کي ڪٽيو ويو هو. هن ڪتاب جا ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجما نظر اچن ٿا ۽ يورپ ۾ هڪ وڏو عرصو ڪتاب ”بيسٽ سيلر“ رهيو.
    سوماليا جي هن خوبصورت ليکڪا، فلمي ائڪٽرس، ماڊل گرل ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ واريس ديريءَ جي ڪهاڻي به بيحد دلچسپ آهي. سندس فوٽو ڏسڻ سان اسان جي ملڪ جا انگلنڊ، يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ ته هن کي سڃاڻي ويندا پر اهي پاڪستاني به جيڪي گلئمر، ووگ ۽ Elle جهڙا انگريزي رسالا پڙهن ٿا ڇو جو ديريءَ جو ماڊل گرل جي حيثيت سان ڪيترن ئي عطرن، ميڪ اپ جي سامان ۽ فئشني ڪپڙن جي ڪمپنين جهڙوڪ شئنل (Chanel)، ريولان، L’Overal ۽ ليوي جي اشتهارن ۾ سندس تصويرون انگريزي رسالن ۾ ۽ پئرس، لنڊن ۽ نيويارڪ جي رستن تي لڳل بِل بورڊن تي ڪنهن زماني ۾ عام هيون.
    واريس ديريءَ 1965ع ۾ سوماليا جي ”گالڪا چيو“ علائقي جي هڪ بدو قبيلي ۾ جنم ورتو. 13 سالن جي ٿي ته هن جي مائٽن سندس شادي هڪ 61 ورهن جي پوڙهي مڙس سان ڪرائڻ جو ارادو ڪيو. جنهن ڪري هوءَ گهر ڇڏي هيڏانهن هوڏانهن ٽلڪندي اچي لنڊن کان نڪتي، جتي هن جا ڪجهه امير مائٽ رهيا ٿي، جن وٽ هن اچي رهائش ۽ نوڪري اختيار ڪئي. پوءِ ڪجهه حالتون اهڙيون به ٿيون جو ديريءَ کي پنهنجي شاهوڪار مائٽن جو گهر ڇڏڻو پيو ۽ هوءَ لنڊن واري مئڪڊونالڊ تي نوڪري ڪري پنهنجو گذر سفر ڪرڻ لڳي. هن دڪان تي هڪ ڏينهن ملڪ جي مشهور فوٽو گرافر (Terence) جي هن تي نظر پئي جنهن هن جي تصوير Pirellic جي 1987ع جي ڪئلينڊر جي ڪور تي ڏني. ان تصوير بعد ديريءَ جي ماڊلنگ جو ڪئريئر شروع ٿيو ۽ پوءِ هن کي ڪيترن ئي اشتهارن ۾ موقعو ڏنو ويو ۽ دنيا جي فئشن ۽ فلمي مئگزينن ۾ فوٽو اچڻ لڳو. 1995ع ۾ BBC وارن ديريءَ جي هڪ ڊاڪو مينٽري ٺاهي ڏيکاري هئي جنهن جو نالو هو:
    “A Nomad in New york” (نيو يارڪ ۾ هڪ بدو عورت). هن فلم بعد واريس ديريءَ جي ماڊلنگ اوج تي هئي ته ان وقت عورتن جي مشهور رسالي Marie Claire ۾ هن جو هڪ تفصيلي انٽرويو ڇپيو هو. جنهن ۾ هن راز جي اها ڳالهه فاش ڪئي، ته هوءَ جڏهن ٻار هئي ته هن جو زوري طهر ڪيو ويو هو. جنهن ۾ هن جو Clitoris ۽ Labia Minora ڪپيا ويا هئا جنهن جو صدمو ۽ خوف هوءَ اڄ به محسوس ڪري ٿي، ۽ هوءَ نٿي چاهي ته ٻين معصوم نياڻين سان اهو ظلم ٿئي.
    واريس ديريءَ جو هي انٽرويو ڏاڍو مشهور ٿيو ۽ ان کي ميڊيا ۾ تمام گهڻي Coverage ملي. انهي سال ديريءَ کي يونائٽيڊ نئشنس (UN) جو زناني طهر خلاف سفير بنايو ويو. ان بعد هوءَ سوماليا پنهنجي ماءُ سان ملڻ پڻ وئي. 1998ع ۾ هن مٿيون ڪتاب ”ڊيزرٽ فلاور“ لکيو. ان بعد ڪجهه ٻيا ڪتاب: ”ڊيزرٽ ڊان“، ”ليٽرٽُ ماءِ مدر“، ”ڊيزرٽ چلڊرين“ لکيا، جيڪي سڀ ڪامياب ٿيا ۽ اڄ تائين يورپ ۽ آفريڪا ۾ وڏي شوق سان پڙهيا وڃن ٿا. 2007ع ۾ يونائٽيڊ نئشنس ۾ پريس ڪانفرنس ۾ واريس ديريءَ جو چيل هي جملو اڄ به جتي ڪٿي Quote ڪيو وڃي ٿو:
    (We can given no more excuses for FGM (female gentinal multilation). This is pure crime against a child. And we are doing it…. Not God or nature.”
    عورتن جي طهر بابت ڪيترين ئي ڇوڪرين جي دردناڪ واقعن ۽ زخميل احساسن جي عڪاسي ڪيترن ئي ناولن ۾ نظر اچي ٿي ۽ هن عنوان تي آفريڪي عورتن توڙي يورپين تمام گهڻو لکيو آهي، ريتا وليمس جو هڪ ناول “No laughter Here” جي عنوان سان آهي. جنهن ۾ هڪ ڏهه سالن جي نائيجيرين ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي. جنهن جي طهر ۾ هن جي زخمي عضون ۾ Infection ٿي پئي ۽ هوءَ ڪيترائي سال سخت اذيت ۾ مبتلا رهي. اهڙي طرح ڪميلا (Camilla Gibb) جو هڪ سفيد فام مسلمان عورت بابت افسانوي ناول آهي جنهن مسلمان عورت جي سامهون ان عورت جي ٻن ٻارڙين جو طهر ڪيو وڃي ٿو جنهن سان گڏ هيءَ آفريڪي شهر هرار ۾ رهي ٿي.
    اهڙي طرح فوزيا قاسنجا جي Do They Hear you when you cry آپ بيتي آهي جنهن ۾ فوزيا(Fauziya Kassindja) پنهنجي طهر جي رسم کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ پنهنجي گهر مان ڀڄي وڃي ٿي. هوءَ ڪيتريون ئي تڪليفون سهي آفريڪا کان ڀڄي آمريڪا ۾ پناه وٺڻ لاءِ پهچي ٿي. جتي پهرين ته هن کي جيل اچيو وڃي. ان بعد آمريڪا جي اميگريشن طرفان 1996ع ۾ هن کي پناه ڏنو وڃي ٿو. فوزيا هي يادگيرين جو ڪتاب 1999ع ۾ لکيو.


    يوگنڊا کي پنهنجن ئي تباهه ڪيو

    ڪينيا جي ڳالهه ڪندي ان جي پاڙيسري ملڪن جو مختصر احوال ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. ڪينيا لاءِ تنزانيا، يوگنڊا، سوماليا، اٿوپيا، سوڊان ۽ روانڊا ۽ برنڊي ملڪ ايئن آهن جيئن پاڪستان لاءِ ايران، انڊيا، افغانستان، سري لنڪا، بنگلاديش ۽ عرب امارت.
    صدين تائين ٻاهر جي دنيا جي يعني ننڍي کنڊ، ايران ۽ عرب ملڪن جي آفريڪا کنڊ سان واقفيت ۽ اچ وڃ فقط آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري تي قدرتي بندرگاهن وارن شهرن ۽ ٻيٽن سان رهي. جهڙوڪ ممباسا، دارالسلام، ملينڊي، زنجبار وغيره. انهن ئي شهرن تي مختلف ملڪن ۽ قومن جا جهيڙا لڳا رهيا ٿي. آفريڪا ۾ اندر گهڙڻ جي ڪنهن به ضرورت محسوس نٿي ڪئي ۽ ضرورت هئي به ڪهڙي؟ انڊيا کان، ايران کان يا عرب رياستن کان جيڪي سوداگر مال سان ٻيڙا ڀري آيا ٿي انهن جو وڪرو هنن ڪناري وارن شهرن (بندرگاهن) ۾ ئي ٿي ويو ٿي. ان مال کي کپائڻ لاءِ هنن کي آفريڪا جي اندروني حصن ۾ وڃڻ جي ضروت ئي ڪهڙي هئي ۽ ساڳي طرح هنن کي اتان ئي ڪافي، عاج ۽ شيدي غلام ملي ويا ٿي جن کي خريد ڪري پنهنجن ملڪن ڏي مهانگي اگهه تي وڪڻڻ لاءِ روانا ٿيا ٿي. هنن کي ان سان ڪو سروڪار نه هو ته پنج ڇهه سؤ ميل اندر خوبصورت ڪليمنجارو جبل به آهي يا وڪٽوريا ڍنڍ جهڙي وڏي ۽ خوبصورت ڍنڍ آهي....
    اوڻهين صديءَ تائين ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ عرب، انڊين گجراتي يا ايران جو شيرازي اندروني آفريڪا ڏي ويو هوندو. هُو اڄ واري سامونڊي ڪناري واري ملڪ ڪينيا، تنزانيا ۽ موزمبق جي ئي اندرين حصي ۾ نٿي گهڙيا. يوگنڊا، ڪانگو، روانڊا زئمبيا ۽ برنڊي جهڙا ملڪ ته ٿيا گهڻو ڏور. هي ائين آهي. جيئن راجا ڏاهر جي ڏينهن ۾ عرب، آفريڪي ۽ سري لنڪن سوداگرن جو واپار وڙو ڀنڀور، ٺٽي ۽ ديبل جهڙن شهرن ۾ ئي ٿي ويو ٿي. هنن کي ڪهڙي ضرورت جو اٺن، گڏهن تي چڙهي ملتان، لاهور، پشاور يا خاص ڪري افغانستان وڃن جيڪو اڄ به ائين Land Locked ملڪ آهي جيئن آفريڪا جي اوڀر ڪناري تي يوگنڊا آهي. يوگنڊا هڪ سهڻو ۽ سر سبز ملڪ آهي. جنهن تي ان وقت ميوو اناج ايترو ته گهڻو ٿيو ٿي جو رهندڙ ماڻهن جي کائڻ بعد به ٽنن ۾ بچي پيو ٿي. چوڏهين صديءَ ڌاري يوگنڊا واري سر زمين تي ننڍيون ننڍيون بادشاهتون قائم ٿيون، جن ۾ بوگنڊا، بُن يورو، تورو، ان ڪولي ۽ بوسوگا هيون. ڪجهه صدين بعد بوگنڊا قبيلي جي ماڻهن (جيڪي باگنڊا Baganda سڏجن ٿا) انهن آخرڪار هڪ طاقتور سلطنت ٺاهي جنهن جو اثر يوگنڊا جي وڏي حصي تائين پکڙيل رهيو. هن قبيلي جا ماڻهو يوگنڊا جي آدمشماري جو 20 سيڪڙو آهن. هنن جو بادشاه ڪاباڪا سڏبو هو.
    اوڻهين صدي جي اڌ ڌاري جڏهن يوگنڊا تي ڪاباڪا موانگا (Kabaka Mwanga) جو راڄ هو ته يوگنڊا جي ماڻهن ۽ اتي جي ڌرتيءَ جو، عرب سوداگرن ۽ ان بعد يورپي Explorers سان واسطو پيو. ان بعد عيسائي مشنري (تبليغڪار) جيڪي آيا اهي ڏاڍو ناپسند ڪيا ويا. شيدي نوجوانن کي جهلي وڪري لاءِ زئنزيبار ۽ ممباسا نيئڻ ڪري ۽ مڪاني ماڻهن جي زمينن تي قبضا ڪرڻ ڪري باگنڊا ۽ تورو قبيلن جي حاڪمن کي هنن لاءِ نفرت ٿي پيئي ۽ عيسائي يورپي ۽ عرب مسلمانن جي وڏي پئماني تي خونريزي ڪئي وئي. سمجهو ته عرب سوداگر ڪناري وارن شهرن کان اندروني ملڪ يوگنڊا 1830ع ڌاري کان اچڻ شروع ٿيا ته انگريز Explorer (ڌرتي جي ڳولا ڪندڙ يا اڄ جي زبان مطابق لئنڊ مافيا) 1860ع کان يوگنڊا پهچي ويا. هنن کي اهو به فڪر هو ته نيل ندي جيڪا مصر کي سيراب ڪري بحر احمر ۾ ڇوڙ ڪري ٿي اها شروع ڪٿان ٿئي ٿي؟ 1877ع کان پروٽيسٽنٽ عيسائي پنهنجي مذهب جي تبليغ ڪرڻ ۽ ڪليسا گهر ٺاهڻ لاءِ پهچڻ لڳا ۽ ٻن سالن بعد 1879ع ۾ ڪئٿولڪ عيسائين جا پادري پڻ پهچي ويا. برطانيا وارن ڪينيا ۽ يوگنڊا واري سڄي علائقي جو ڪاروبار هلائڻ لاءِ برٽش ايسٽ آفريڪا ڪمپني کي مقرر ڪيو.
    1890ع ۾ برطانيا ۽ يورپ جي ملڪن جي جرمني ۾ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ Treaty of Berlin مطابق آفريڪا جي ملڪن جي ورهاست ڪئي وئي ته آفريڪا جي ڪهڙي ملڪ تي يورپ جو ڪهڙو ملڪ راڄ ڪندو. ڪينيا، يوگنڊا ۽ ٻه ٻيٽ زنجبار ۽ پيمبا (جيڪي اڄ ڪلهه تنزانيا جو حصو آهن) انگريزن حوالي ٿيا. 1894ع کان انگريز هنن سڀني ملڪن کي برٽش پروٽيڪٽوريٽ جي نالي سان هلائڻ لڳا. هنن هتي اڻ سڌي طرح حڪومت هلائڻ جي پاليسي اختيار ڪئي جيئن انڊيا جي ڪجهه رياستن جو انتظام اتي جي نوابن معرفت هلايو ٿي. يوگنڊا ۾ هڪ طرف مختلف قبيلائي سردارن کي ٿوري گهڻي هڪ حد تائين ڇوٽ ڏني ته ٻئي طرف باگنڊا قبيلي کي لکيل پڙهيل بڻائي سول سروس جو ڪم انهن حوالي ڪيو. ٻين قبيلن جا ماڻهو باگنڊا قبيلي جي ماڻهن وانگر ڪامورا نه ٿيڻ تي انگريز راڄ ۾ ٻيون نوڪريون ڳولڻ لڳا. مثال طور اچولي (Acholi) ۽ لانگو (Lango) قبيلي جا ماڻهو برطانيا جي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لڳا ۽ يوگنڊا جي مليٽري ۾ انهن جي اڪثريت ٿي پيئي. اڄ جو پڙهيل ڳڙهيل يوگنڊا جو باشندو، انگريزن جي ان حرڪت کي نندي ٿو ته هنن هن ملڪ جي ماڻهن ۾ ان ريت شروع کان ئي نفرت جو ٻج وڌو جنهن ڪري يوگنڊا کي جيئن ئي انگريزن آزادي ڏني تيئن مختلف قبيلا هڪ ٻئي جون ٻوٽيون پٽڻ لڳا. يوگنڊا ويندڙن يا يوگنڊا جي تاريخ يا سفرنامو پڙهندڙن لاءِ ضروري آهي ته هو گهٽ ۾ گهٽ هنن ٽن قبيلن جا نالا باگنڊا، اچولي ۽ لانگو ضرور ياد رکن، پوءِ هنن کي يوگنڊا جي سياست وڌيڪ سمجهه ۾ ايندي.
    جيئن سري لنڪا (سلون) کي ايتري خون خرابي بعد آزادي نه ملي جيترو گهڻو انڊيا ۽ پاڪستان ۾ ٿيو. تيئن ڪينيا ۾ ۽ ان کان ڪجهه گهٽ ليول تي تنزانيا ۾ آزادي لاءِ مڪاني ماڻهن وڏيون قربانيون ڏنيون. ساڳي وقت انهن ملڪن ۾ انگريزن جو تمام وڏو تعداد رهيو ٿي ۽ هر شيءِ پنهنجي قبضي ۾ ڪريو ويٺا هئا. پر يوگنڊا ۾ ائين نه هو. اتي انگريزن مختلف قبيلن جي ماڻهن جي همت افزائي ڪئي ٿي ته هو مختلف فصل پوکين ۽ ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ انگريزن کي وڪڻن. ان ڪري يوگنڊا جي ماڻهن پنهنجي ملڪ جي خود مختياريءَ لاءِ ڪينيا ۽ تنزانيا کان گهڻو پوءِ آواز اٿاريو. ايتريقدر جو باگنڊا قبيلي جي ماڻهن ته اهو ئي چاهيو ٿي ته انگريز ويٺا ئي هجن. 1954ع يا 1955ع ڌاري لانگو قبيلي جي هڪ اسڪول ٽيچر ڊاڪٽر ملٽن اوبوٽي (Obote) مڙيئي تنظيم ٺاهي جنهن اڳتي هلي يوگنڊا کي آزاد ڪرڻ لاءِ هُل مچايو ۽ 1962 ۾ يوگنڊا کي ان وعدي تي آزاد ڪيو ويو ته باگنڊا قبيلي کي Autonomy ڏني ويندي.
    يوگنڊا آزاد ٿيو. لانگو قبيلي جو ملٽن اوبوٽي ملڪ جو پهريون وزيراعظم ٿيو ۽ باگنڊا قبيلي جو ڪاباڪا (بادشاه) ’ايڊورڊ مُوتيسا‘ ملڪ جو صدر ٿيو ۽ بوسوگا قبيلي جو سردار وليم ناديوپ (Nadiope) نائب صدر ٿيو. اهو جلدي ئي ظاهر ٿي پيو ته ابوٽي (Obote) ڪنهن به صورت ۾ باگنڊا قبيلي جي بادشاهه ايڊورڊ سان پاور شيئر ڪرڻ نٿو چاهي. صدر کي هٽائڻ لاءِ هن دير نه ڪئي. صدر طرفان مقرر ڪيل وزيرن کي کڻي جيل ۾ وڌو ۽ عيدي امين جيڪو ان وقت آرمي جو چيف هو تنهن کي صدر ڪاباڪا ايڊورڊ جي محل تي قبضو ڪرڻ جوحڪم ڏنو. محل تي قبضي ٿيڻ تي ڪاباڪا (ملڪ جو صدر) پنهنجن ڪجهه ساٿين سان گڏ لنڊن ۾ وڃي پناهه ورتي جتي 5 سالن بعد گذاري ويو. اوبوٽي پاڻ صدر ٿي ويٺو ۽ باگنڊا قبيلي جي راڄ جو خاتمو ٿي ويو ۽ عيدي امين جي لوفرپائيءَ جو ستارو ان وقت کان چلڪڻ لڳو.
    آفريڪا، ايشيا ۽ آمريڪا کنڊن جا انيڪ ملڪ، بلڪ ائين چوڻ وڌيڪ صحيح رهندو ته سواءِ چند ملڪن جي باقي ٻيا ملڪ انگريزن ۽ يورپي قومن جي هٿ ۾ هئا. ٻي جنگ عظيم کان پوءِ هڪ هڪ ٿي سڀني کي Independence (خودمختياري) ملي. سنگاپور ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ ته اڄ يورپ جهڙا ٿي ويا آهن. ملڪ جي عوام، سياستدانن، سرڪاري ڪامورن ۽ فوج پنهنجن ملڪن کي ٺاهي ڇڏيو. هيڏانهن آفريڪا جي ملڪن ڏي نظر ٿي ڪجي ته سواءِ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ جي باقي سڀني جا هيڻا حال آهن. ڪن ملڪن کي سندن سياستدانن، ڪن کي ملڪ جي فوج ته ڪن کي بيوروڪريٽن هڻي تباه ڪري ڇڏيو آهي. قتل عام جاري آهي. حاڪم طبقو، پوءِ ان جو واسطو کڻي سياستدانن سان هجي يا فوج سان، وڃي پنهنجو پاڻ کي امير بڻائيندو ۽ عيش ۾ پورو آهي. غريب عوام ڏينهون ڏينهن وڃي مسڪين ٿيندو. ڪن ڪن آفريڪي ملڪن جي ته اهڙي فقيري واري حالت ٿي جو هنن کي يورپ ۽ آمريڪا اڳيان ڪشتو کڻڻو پيو ۽ وري جڏهن سندن ملڪ کي بچائڻ لاءِ ڪنهن امير ملڪ کين ناڻو ڏنو ته ملڪ ۽ عوام جي حالت بهتر بڻائڻ بدران حاڪم ان پن جي پيسي تي به پاڻ عيش ڪن ٿا ۽ شرم کان ڪنڌ جهڪائڻ بدران اوچو ڳاٽ ڪري هلن ٿا ۽ ولايت ۾ وڃي ان پن ۽ عوام کان لٽيل پئسي مان ائين محل ماڙيون اڏرائين ٿا ۽ هوٽلن، چڪلن ۽ مئه خانن ۾ ائين عيش ڪن ٿا ۽ جوا خانن ۾ ائين وڏا وڏا داءَ لڳائين ٿا ڄڻ اهو سندن پيءُ جو پئسو هجي.
    انگريزن جي دور ۾ يوگنڊا ڇا ته خوبصورت هوندو هو. اهو اڄ به قدرتي سونهن ۾ مالا مال آهي پر لاقانونيت، چورين چڪارين، مهانگائيءَ بيروزگاريءَ، کاڌي جي کوٽ ۽ بيمارين هن جنت جهڙي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هي اهو ملڪ آهي جنهن جي سونهن ۽ امن کان متاثر ٿي انگريز وزيراعظم سر ونسٽن چرچل چيو هو ته ”يوگنڊا آفريڪا جو هيرو آهي“. 1962ع ۾ انگريزن هن ملڪ کي خودمختياري ڏيئي حڪومت جي واڳ مڪاني ماڻهن حوالي ڪئي، پر 25 سالن اندر يوگنڊا قبيلائي جهيڙن ۾ تباهه ٿي ويو. سياستدان حڪومت ۾ اچي عوام جي زندگي بهتر بنائڻ بدران پنهنجا ڀڀ ڀرڻ لڳا. پنهنجين ستن پيڙهين کي خوش حال بنائڻ لاءِ هنن پنهنجي لاءِ پئسي ميڙڻ کي ئي سياسي خذمت سمجهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ست پيڙهيون ڇا پئسي پٺيان سندن ”اولاد“ جن نه صحيح طرح تعليم حاصل ڪئي ۽ نه اخلاقيات سکيو، سندن حياتيءَ ۾ ئي سڀ ڪجهه دڦ ڪري ويهي رهيو.
    يوگنڊا جي بدبختي ڏسي مونکي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي سنڌ ٿي ياد اچي جيڪا 50 سال اڳ ۾، جڏهن آئون مئٽرڪ ۾ هوس ته ڇا سڪون ڀري هئي. نه هئي امن امان جي حالت خراب، نه بک ۽ بيروزگاري جو راڪاس. اڄ اسان جي سنڌ ذهني، جسماني ۽ اخلاقي بيمارين ۾ وڪوڙجي وئي آهي. منهنجا ٻين صوبن جا پاڪستاني دوست ٻڌائين ٿا ته پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جي به اها حالت آهي. ضرور هوندي، مون يوگنڊا ملڪ جا ٻيا صوبا نه ڏٺا آهن پر ڪراچيءَ ۾ رهندڙ پوڙهن آغا خانين ۽ بوهرين کان مون ننڍي هوندي يوگنڊا جون ڳالهيون ضرور ٻڌيون آهن. انهن بوهرين، ڪڇين ۽ آغا خانين مان ڪيترا سنڌي به ڳالهائيندا هئا ۽ هو پاڻ يا هنن جا والدين يوگنڊا جي سهڻن شهرن ڪمپالا، جنجا، اينٽيبي، ماساڪا ۽ موروتو وغيره ۾ رهي آيا هئا. هنن فقط خوشحالي ۽ سڪون جي ڳالهه ٿي ڪئي پر يوگنڊا کي خودمختياري ملڻ بعد هن ملڪ جي پيرن، ميرن، وڏيرن ۽ فوجين پنهنجي يوگنڊا کي پنهنجن هٿن سان تباه ڪري ڇڏيو. جنهن کي جتان وجهه لڳو اتان هن ناس ڪيو ٿي. غريب عوام کي ڪهڙو ڏوهه ڏجي، هُن ملڪ جي بهتريءَ لاءِ جن نمائندن کي چونڊيو اهي ئي ويري ٿي بيهي رهيا.


    فوجي آمر جي اچڻ تي يوگنڊا جي عوام مٺايون ورهايون

    ننڍي کنڊ مان نڪرڻ کان اڳ انگريز حاڪمن رعيت کي پنهنجو پاڻ ۾ جوٽڻ لاءِ هڪ طرف هندو مسلمانن ۾ هيٺ مٿاهيون پيدا ڪيائون. هڪڙن کي انگريزي تعليم ۽ سرڪاري نوڪريون ڏيئي ٻين تي حاوي ڪيائون، ٻئي طرف مسلمانن ۾ پيدا ٿيل فرقن کي زور وٺائي ۽ قاديانين جهڙن مذهبن جي پٺڀرائي ڪري هڪ ٻئي سان لڳرائي ڇڏيو. ان کان علاوه هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪشمير جو اڻپورو نبيريل مسئلو ڇڏي ويا جيئن هرڪو پنهنجيون ٻوٽيون پٽيندو رهي ۽ اهو ئي چوندو رهي ته هن حال کان ته انگريزن جي حڪومت بهتر هئي.
    انگريزن اهو ڪم ذري گهٽ آفريڪا ۽ ايشيا جي سڀني ملڪن ۾ ڪيو. پوءِ ملائيشيا جهڙي ملڪ جا سياستدان سياڻا ۽ نيڪ نيت هئا ته هنن هر ڳالهه جو فيصلو انصاف موجب ڪري سڄي ملڪ ۾ سڪون جو واءُ ورايو. تصور ڪريو ملائيشيا جي ملڪ ۾ چيني ۽ ملئي اڌو اڌ آهن. انگريزن کان آزاديءَ بعد هو پرانگ (ملئي خنجر) ڪڍي هر شهر جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ هڪ ٻئي کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا . حڪومت ايمرجنسي لڳائي لا ائنڊ آرڊر جي حالت هڪ طرف سخت ڪئي ته ٻئي طرف ٻنهي ڌرين کي سمجهايو ته هڪ ٻئي جو ويري ٿيڻ اجايو آهي. چيني جيڪي اڄ کان اڌ يا مني صدي اڳ پورهئي لاءِ چين کان لڏي هتي ملايا (ملائيشيا) آيا انهن کي توڙي انهن جي اولاد کي مرڻو پرڻو هتي ئي آهي. اهڙي طرح ملئي ماڻهو جيڪي ڳوٺن ۾ رهن ٿا جن ۾ تعليم گهٽ آهي اهي به هن ئي ملڪ جا شهري آهن. کين جي جاهل ۽ بيروزگار رکبو ته هو جيئڻ خاطر ٻيو نه ته چوريون ۽ ڌاڙا هڻندا. ان ڪري هڪ قوم جي حيثيت سان هڪ ٿي ملڪ کي مضبوط ڪريو ۽ پنهنجا ويري ٿي اولاد جو مستقبل تباهه نه ڪريو. اڄ ملائيشيا ۾ ٻهراڙي ۽ جهنگلن ۾ رهندڙ ملئي مسلمان به تعليم يافته آهن. هر هڪ کي حق حلال جو روزگار يا نوڪري آهي. هر سياستدان ۽ ڀوتار جو گهر، ملڪيت، پراپرٽي پنهنجي ملڪ ۾ ئي آهي ۽ سندن ٻار پنهنجي ملڪ جي ئي اسڪولن ۾ پڙهن ٿا. ان روشنيءَ ۾ اسان پنهنجو پاڻ جو جائزو وٺون ته ڪٿي بيٺا آهيون! مونکي ٻين صوبن جي خبر ناهي رڳو سنڌ ۾ ٿو ڏسجي ته 63 سال گذرڻ بعد به اڃان تائين سنڌي مهاجر جي وچ ۾ چڻنگ ٻرندي رهي ٿي ان کان علاوه مسلمان هندو جو چڪر هڪ طرف آهي ته ٻي طرف تيغاني، مهر، جتوئي، ڏاهري، کوسا وغيره جي قبيلائي جهيڙن هڪ ٻئي جو سڪون چٽ ڪري ڇڏيو آهي.
    اهو ئي حال هن خوبصورت آفريڪي ملڪ يوگنڊا جو انگريزن کان آزادي ملڻ بعد ٿيو آهي. هڪ جنت جي ٽڪري جهڙو خوبصورت ملڪ جنهن کي چرچل جهڙي انگريز وزيراعظم به Pearl of Africa سڏيو، اهو تباه ٿي ويو آهي. سياستدانن انصاف ڪرڻ بدران پنهنجي پنهنجي قبيلي کي ورسائڻ ۽ مٽن مائٽن کي نوڪريون ڏيڻ، ملڪ جو خزانو لٽڻ ۽ سياسي طرح طاقتور ٿيڻ جي شوق ۾ هن سهڻي ۽ خوشحال ملڪ کي ڀيلي رکيو آهي. انگريزن هن ملڪ کي ڇڏڻ وقت بئلنس برقرار رکڻ لاءِ اليڪشن ذريعي وزيراعظم هڪ قبيلي جو ڪيو ته Ceremonial عهدي جو صدر ٻئي قبيلي جو ڪيو ته نائب صدر ٽئي قبيلي جو. جيتوڻيڪ ملڪ جي وزيراعظم اوبوٽي (Appolo Milton Obote) کي سڀ کان گهڻا پاور مليل هئا پر تنهن هوندي به هن صدر ۽ نائب صدر کي معمولي پاور ڏيڻ به نٿي چاهيا. هن انهن کي هٽائڻ لاءِ هڪ فوجي ”عيدي امين“ کي اڳيان ڪيو، جنهن فلحال صدر جو پتو ڪٽي ڇڏيو ۽ پوءِ اوبوٽو آئين ۾ تبديليون آڻي صدر ۽ سڀني سياسي Powers جو مالڪ پاڻ ٿي ويٺو. پر پوءِ عيدي امين به نه ڇڏيس. پاڻ ملڪ جو والي وارث ٿي لٽ ڦر شروع ڪري سائي ستابي ملڪ کي کوکلو ڪري ڇڏيو. سڄي ملڪ ۽ ماڻهن جي اهڙي بدنامي ڪرايائين جو يوگنڊا جي ماڻهن کي پنهنجي قوميت ٻڌائيندي شرم ٿي آيو، جيتوڻيڪ ان ۾ هنن جو ڏوه ته نه هو. ڪن هڪڙا سياستدان يا فوجي، ڀَري وري غريب عوام!
    يوگنڊا جو هي پهريون وزيراعظم 1925ع ۾ اتر يوگنڊا ۾ ڄائو ۽ لانگو قبيلي جي سردار جو پٽ هو. هن پنهنجي پرائمري تعليم ليرا شهر جي عيسائي اسڪول مان حاصل ڪئي ان بعد وڌيڪ تعليم بوسوگا ڪاليج ۽ مڪاريري يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. Busoga ڪاليج يوگنڊا جي جنجا ضلعي ۾ آهي جتي ڪمپالا بعد ٻئي نمبر تي انڊيا جا گجراتي سوداگر رهيا ٿي. هي اسڪول 1911ع ۾ انگريزن کوليو. لاهور جي ايڇيسن ڪاليج وانگر هتي به پهرين يوگنڊا جي سردارن ۽ بادشاهن جا ٻار پڙهيا ٿي پر پوءِ ٻي جنگ عظيم کان پوءِ، عام ماڻهن جي ٻارن کي به داخلا ملڻ لڳي. ڪمپالا جي Makerare يونيورسٽي 1922ع ۾ ٽيڪنيڪل اسڪول جي حيثيت ۾ کلي. 1963ع ۾ اها يونيورسٽي آف ايسٽ آفريڪا سڏي وئي. 1970ع ۾ اها ٽن خودمختيار قومي يونيورسٽين ۾ ورهائي وئي جنهن مان هڪ ڪينيا ۾ ’يونيورسٽي آف نئروبي‘ سڏجڻ لڳي، ٻي تنزانيا ۾ ’يونيورسٽي آف دارالسلام‘ ٺهي ۽ ٽي هيءَ ڪمپالا واري ’ماڪريري يونيورسٽي‘ جي نالي سان سڏجڻ لڳي. اڄ هن Makerere يونيورسٽيءَ ۾ 22 فئڪلٽيون، انسٽيٽيوشنون ۽ اسڪول آهن جن ۾ 30 هزار انڊرگرئجوئيٽ ۽ 3 هزار پوسٽ گرئجوئيٽ شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا. هيءَ يونيورسٽي سمجهو ته لاهور واري پنجاب يونيورسٽي آهي جنهن مان نه فقط يوگنڊا جو هي پهريون وزيراعظم “ملٽن اوبوٽي“ پڙهيو پر تنزانيا جو صدر جوليس نائريري، ڪينيا جو صدر موائي ڪباڪي ۽ آفريڪا جون ٻيون اهم شخصيتون پڙهيون. نوبل ايوارڊ حاصل ڪندڙ ٽرنيڊاڊ (ويسٽ انڊيز) جو هندو ليکڪ V.S نائيپال، نوردين فراح، علي مازروئي، پال ٿيروڪس، ڀيٽر نزرٿ، اوڪيلو اوڪولي جهڙا آفريڪي دنيا جا اديب ۽ شاعر يوگنڊا جي هن Makerere يونيورسٽي جا گرئجوئيٽ آهن.
    1962ع ۾ جيئن ئي يوگنڊا کي انگريزن طرفان Independence (خودمختياري) ملي ۽ ملٽن اوبوٽي ملڪ جو پهريون وزيراعظم ٿيو ته پهريون ڪم هن ڪهڙو ڪيو؟ ملائيشيا جي پهرئين وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان يا سنگاپور جي پهرين وزيراعظم لي ڪئان يو وانگر عوام ۽ ملڪ جي سڌاري ۽ خوشحالي لاءِ ترقياتي ڪم ڪرڻ بدران فوج جي ڊپٽي چيف عيدي امين سان گڏجي سون جي اسمگلنگ ڪئي. ان تي ملڪ جي پارليامينٽ جڏهن investigation لاءِ ڊمانڊ ڪيو ۽ عيدي امين کي فوج مان فارغ ڪرڻ لاءِ گهُر ڪئي ته رئيس يعني وزيراعظم اوبوٽي صاحب ماڳهين آئين کي Suspend ڪري، پنهنجو پاڻ کي ملڪ جو صدر بنائي، ملڪ ۾ امرجنسي لڳائي ڇڏي. ڪابينا ۾ جيڪي وزير مخالف قبيلن جا هئا انهن کي بنا ڏوه جي جهلي قيد ڪري ڇڏيو. عيدي امين کي سندس غلط ڪارين ڪري فوج مان ڪڍڻ بدران پروموشن ڏيئي چيف بنائي ڇڏيو. ملڪ جي صدر (جيڪو مخالف قبيلي جو بادشاه هو) ان اعتراض ڪيو ته هن جي محل تي عيدي امين حملو ڪري ان کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو ۽ بادشاه کي ڏيهه نيڪالي ڏيئي ڇڏي جيڪو لنڊن ۾ پنجن سالن بعد 1972ع ۾ گذاري ويو.
    ملڪ جي بدمعاشن، ڌاڙيلن، سمگلرن ۽ ٺڳن کي نياپو ملي ويو ته هن ملڪ ۾ هاڻ سندن ئي عيش آهي. پاڻ به کائو پيئو ۽ اعلى حاڪمن کي به عيش ڪرايو. اوبوٽي آئين بدلائي ان ۾ سڀ پاور صدر کي يعني پاڻ کي سونپيائين.
    اوبوتو جي حڪومت هڪ ظلم ۽ وحشي پڻي جي حڪومت رهي جنهن ۾ عوام کي ڊيڄاريو، ڌمڪايو ۽ ٽارچر ڪيو ويو. ائگريڪلچرل ملڪ هوندي به کاڌي جي کوٽ رهي. شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا. 1969ع ۾ اوبوتي تي ڪنهن حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هو بچي ويو ۽ ان بعد هن سڀني سياسي جماعتن تي بندش وجهي ڇڏي. پوءِ ته هو سڀ ڪجهه پاڻ بڻجي ويو جيڪو اديب، شاعر، سياستدان، مفڪر تعليمدان کيس سندس خلاف لڳو ٿي ان کي بنا ٽرائل جي قتل ڪرائي ڇڏيو ٿي، هي اهي ڏينهن هئا جڏهن اسان جا جهاز ممباسا، دارالسلام ۽ زئنزيبار اچڻ لڳا هئا. ڀر واري هن ملڪ يوگنڊا جي ڪرپشن ۽ ظلم جون ڳالهيون هڪ طرف اخبارن ۾ پڙهبون هيون ته ٻئي طرف يوگنڊا جي شهرن ڪمپالا، جنجا، اينتيبي، ماساڪا ۽ مبارا شهرن کان ڀڄي آيل پوڙهن آغا خانين، بوهرين، ميمڻن ۽ سنڌي هندن کان يوگنڊا جي سونهن، حسن، ماضي جي امن امان ۽ سڪون جون ڳالهيون ٻڌي حيرت ٿيندي هئي ته ڪيئن هڪڙو سياستدان يا حاڪم سڄي ملڪ کي ڀينگ ڪري ڇڏي ٿو. ملڪ جي هن حاڪم اوبوتو هاڻ ملڪ ۾ نئون نظام سوشلزم آڻڻ جو اعلان ڪيو جنهن ۾ غريب ۽ امير کي هڪ ڪرڻ جي چڪر ۾ پاڻ ۽ سندس چمچن ملڪ جي بچيل سچيل ڪارخانن، بئنڪن ۽ ٽريڊنگ ڪمپنين کي ڦري لٽي تباه ڪري وڌو.
    فوج جو چيف عيدي امين هاڻ پاڻ کي سڀ ڪجهه سمجهڻ لڳو ۽ جيئن وڻيس ٿي تيئن ڪيائين ٿي. اوبوتو سان گڏجي هن ملڪ جي وڏي ڦر لٽ ڪئي هئي ۽ هاڻ اوبوتو کي به اکيون ڏيکارڻ لڳو. جنوري 1971ع تي اوبوتو يوگنڊا جي صدر جي حيثيت سان سنگاپور ۾ ڪامن ويلٿ ملڪن جي ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ويو ته پٺيان عيدي امين انقلاب جي نالي ۾ پاڻ ملڪ جو صدر ٿي ويٺو. ماڻهن مٺايون ورهايون ته سندن اوبوتو جهڙي ڊڪٽيٽر مان جان ڇٽي. کين ڪهڙي خبر ته فوجي چيف عيدي امين ان کان وڏو ظالم نڪرندو. اوبوتو جي ڏينهن ۾ انگلنڊ وارن جو به وڏو نقصان ٿيو هو جو هن سوشلزم جي نالي ۾ يوگنڊا ۾ جيڪي انگريزن جا ڪارخانا ۽ فئڪٽريون هيون سي نئشنلائيز ڪري ڇڏيون هيون. سو اوبوٽو جي دفع ٿيڻ تي انگريز به خوش ٿيا ۽ برطانيا پهريون ملڪ هو جنهن يوگنڊا جي هن نئين حڪومت کي تسليم ڪيو ۽ چرئي عيدي امين کي مان ڏنو.
    اوبوتو کي سنگاپور مان موٽڻ تي يوگنڊا اچڻ نه ڏنو ويو ۽ هو ڀر واري ملڪ تنزانيا ۾ جلا وطني جي زندگي گذارڻ لڳو.


    سياستدان ملڪ کي ٺاهين به ٿا ته ڊاهين به ٿا

    ملائيشيا، سنگاپور، جپان، ڏکڻ ڪوريا ويندي انڊيا ۽ ايران جهڙن ملڪن جي ترقي جو راز ان ۾ به آهي جو اتي صحيح طرح جهموريت آهي. ملڪ جو چونڊيل حاڪم پنهنجو مدو پورو ٿيڻ تي ماٺ ميٺ ۾ صدارتي محل يا وزيراعظم هائوس جي پچر ڇڏي پنهنجن اباڻن ڪکن ۾ اچيو رهي ۽ نئين چونڊيل صدر يا وزيراعظم کي عوام جي خذمت جو موقعو ڏئي ٿو. هر چونڊيل نمائندو ملڪ ۽ عوام جي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ محنت ڪري ٿو ڇو جو هن لاءِ سياست معنى عوام جي خذمت ڪرڻ آهي. اسان وٽ ايشيا ۾ ڪجهه اهڙا ملڪ آهن ۽ آفريڪا ۾ ته ڪيترائي، جن جا چونڊيل نمائندا ملڪ جا حاڪم ٿيڻ تي پنهنجو وقت ۽ ملڪ جا ادارا ۽ خزانو عوام جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ وقف ڪرڻ بدران ان جاکوڙ ۾ لڳائين ٿا ته ڪنهن طرح سان هن مليل تخت ۽ تاج کي چنبڙيو رهجي. ڪيئن ملڪ جو ناڻو ڦري لٽي پنهنجون ٽجوڙيون ڀرجن ۽ جمهوريت طرفان مليل عهدي کي ڪيئن شهنشاهي راڄ ۾ تبديل ڪجي ۽ هڪ طرف سمورا پاور پنهنجي قبضي ۾ ڪجن ته ٻئي طرف هي راڄ پشت به پشت هلندو رهي. پر هو ڇا چوندا آهن ته نادر نادر آهي ته قادر به قادر آهي. يا کڻي چئجي ته بندي جي من ۾ هڪڙي ته الله جي من ۾ ٻي. ۽ بيشڪ الله به وڏو Planner آهي. ائين نه هجي ها ته هيءَ دنيا ظلمن وگهي ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪي هجي ها. اسانجي ايشيائي توڙي آفريڪي حاڪمن کي افسوس جو اڄ تائين تاريخ مان اهو سبق نه مليو آهي. هو پنهنجي حساب سان پاڻ کي ايڏو ته مضبوط حاڪم بنائين ٿا ۽ واقعي ان ۾ ڪو شڪ ناهي، هر ڏسڻ واري کي ائين لڳندو آهي ته هي حاڪم هاڻ ايڏو ته طاقتور بڻجي ويو آهي جو دنيا جي ڪا طاقت هن کي هٽائي نه سگهندي. پر شايد اسان توڙي اهو حاڪم ان سوچ کان کوکلو هوندو آهي ته دنيا جي طاقت کان وڌيڪ قدرت جي طاقت آهي ۽ پوءِ اسان جي اکين اڳيان اهڙا ڪيترائي مثال جنم وٺندا آهن جن ۾ ظالم حاڪم جيڪو اهي ئي خواب لهندو وتندو آهي ته هن کان پوءِ هن جا پٽ، پوٽا ۽ پڙپوٽا حاڪم ٿيندا، اهو پاڻ ئي هن دنيا مان غائب ٿي ويندو آهي. اهڙن مثالن سان آفريڪا کنڊ جا ملڪ ڀريا پيا آهن. اسان وٽ به ضيا جو مثال مشهور آهي جيڪو هوائن ۾ ائين ڇيتيون ڇيتيون ٿي ويو جو دفن لاءِ هڪ انسان جو جسم نه پيو ٺهي سگهي!
    يوگنڊا هڪ سکيو ستابو، قدرتي نظارن سان ڀرپور، واپار وڙي ۾ بيحد امير ملڪ هو. ايترا تعليمي ادارا انگريزن سنڌ ۽ پنجاب ۾ به نه ٺهرايا جيترا يوگنڊا ۾ قائم ڪيا، ڊسيپلينڊ فوج ۽ پوليس، اڻ ميو کاڌو خوراڪ ۽ هر ڳالهه جو بلند معيار هو. ايتريقدر جو ڪينيا، يوگنڊا ۽ تنزانيا کي آزادي ملڻ کان پوءِ سگهوئي اسان جو جڏهن ممباسا، دارالسلام ۽ زئنزيبار جي بازارين ۾ وڃڻ ٿيو ته ايئر ڪنڊيشنڊ ۽ مکين کان پاڪ گوشت مارڪيٽون، لنڊن ۽ هئمبرگ وانگر هتي به ٿيلهين ۽ بوتلن ۾ پئڪ ٿيل کير، وڪامندو ڏسي مون کي ياد آهي ته اتي رهندڙ گجراتين ۽ پوڙهن بوهري دڪاندارن کان آئون حيرت مان پڇڻ لڳس ته توهانجو هي آفريڪا ته اسان جي پاڪستان کان به ماڊرن آهي! مون ته سمجهيو ٿي آفريڪا جهنگلين جو ملڪ آهي. دراصل سٺ واري ڏهي تائين اسان وٽ نه اهي شاپر شروع ٿيا هئا جن ۾ اڄ ڪلهه هر شئي ملي ٿي ۽ نه مون پنهنجي ملڪ ۾ ڪا اهڙي صاف سٿري گوشت ۽ مڇي مارڪيٽ ڏٺي هئي. ان ڪري منهنجي حيرت هڪ نارمل ڳالهه هئي ۽ منهنجي هن حيرت تي ممباسا جي هڪ آغا خاني کوجي (جنهن جا ڏاڏا پڙڏاڏا ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي شهر تلهار يا ٺٽي کان هتي اچي رهيا هئا تنهن) اهو ئي سبب ٻڌايو ته شايد هنن وٽ انگريز دير تائين رهيا. هن جو مطلب هو ته اسان کي ته انگريزن 1947ع ۾ ڇڏي ڏنو پر ڪينيا، تنزانيا ۽ يوگنڊا جهڙن ملڪن کي مزيد 16 سال ”سڌارڻ“ بعد 63-1962ع ڌاري آزاد ڪيو. ان ڪري هنن جو معيار ۽ ماڊرن هجڻ اسان کان وڌيڪ آهي.
    سو اها حقيقت آهي ته انگريزن جنهن وقت هنن ملڪن جي پچر ڇڏي ته هي ملڪ هر لحاظ کان ٺيڪ ٺاڪ هئا. تصور ڪريو ته ڪينيا ۽ يوگنڊا جو اسان جي ملڪ کان بهتر ريلوي سسٽم هو. يوگنڊا جي وڪٽوريا ڍنڍ جي ڪناري واري شهر ڪمپالا کان ريل گاڏي هلي ٿي ته سڄو يوگنڊا لتاڙي ڪينيا ملڪ ۾ داخل ٿي ٿي، جتي جي گاديءَ واري شهر نئروبيءَ مان ٿي سڄو ڪينيا لتاڙي ممباسا ٻيٽ تي اچي ٿي دنگ ڪيو. يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو هن خوبصورت سفر جو مزو ماڻڻ ۽ سفاري (جنگلي جانورن کي آزاد هلندو چلندو ڏسڻ) لاءِ يوگنڊا آيا ٿي ۽ فقط ان ڳالهه مان يوگنڊا وارن هر سال ڪروڙها ڪمايا ٿي. جيئن يورپي ماڻهو اڄ به بئنڪاڪ اچي ريل جو سفر ڪن ٿا جيڪا سڄو ٿائلنڊ لتاڙي پوءِ ڏکڻ ۾ ملائيشيا جو بارڊر ٽپي ملائيشيا اندر داخل ٿئي ٿي ۽ پينانگ، ڪوالالمپور، اپوح، سيگامت ۽ جوهر بارو جهڙا شهر لتاڙي سڄو ملائيشيا اڪري سنگاپور جي ٻيٽ تي اچي دنگ ڪري ٿي. ملائيشيا ۽ سنگاپور جي ريلوي لائين به انگريزن ممباسا ۽ ڪمپالا وانگر انهن ئي سالن ۾ ٺهرائي ۽ ڪوالالمپور، سنگاپور، نئروبي ۽ ڪمپالا ريلوي اسٽيشن جي عمارت جو ڏيک حيدرآباد ڪراچي، لاهور ۽ دهلي ريلوي اسٽيشن سان تمام گهڻو ملي ٿو ۽ هرڪو پهرين نظر ۾ ئي سمجهيو وڃي ته ان جو ٺاهڻ وارو ساڳيو آهي.
    مون ريل رستي سنگاپور کان بئنڪاڪ ته تمام گهڻو سفر ڪيو آهي جنهن جو احوال پنهنجي هڪ سفرنامي ”اي جرني ٽ ٿائلنڊ“ ۾ پڻ ڪيو آهي پر هيڏانهن آفريڪا ڏي ممباسا کان نئروبي هڪ ٻه دفعو ريل رستي آيو آهيان. ٻنهي سفرن کي ڀيٽيان ٿو ته هي آفريڪا وارو سفر وڌيڪ خوبصورت ۽ تفريح وارو آهي پر افسوس جو انگريزن جي وڃڻ بعد ڏهاڪو سالن اندر آزاد حڪومتن هن ڪمائيءَ جي ذريعي کي به ائين ستيا ناس ڪري ڇڏي جيئن اڄ اسان PIA جي ڪري ڇڏي آهي.
    سو اهڙي طرح انگريزن جي وڃڻ وقت هنن آفريڪي ملڪن جو نه فقط ريلوي نظام پر ٽپال کاتو، ڪورٽون، تعليم، پوليس.... هر کاتو انگلنڊ جهڙو هو. ماڻهو سک، سڪون ۾ هئا. ملڪ خوشحال هئا ۽ ترقي ڏي گامزن هئا. ملڪ کي ڦرڻ لٽڻ وارا انگريز ست سمنڊ ڏور پنهنجي وطن روانا ٿي چڪا هئا. پر افسوس جڏهن گهر جون واڳون گهرڌڻين حوالي ٿيون ته گهر جا ڀاتي ان کي ٺاهڻ بدران پنهنجي گهر جي ڀينگ ڪرڻ لڳا. يوگنڊا ڇڏڻ وقت يوگنڊا جي قبيلن، مختلف رياستن جي طاقتور بادشاهن ۽ سردارن کي انگريزن ڌيان ۾ رکي هڪ قبيلي جي سردار جي پڙهيل ڳڙهيل پٽ ملٽن اوبوٽو کي وزيراعظم جي ڪرسي ڏني جيڪا ملڪ جي طاقتور (executive) پوسٽ هئي. باقي ٻن بادشاهي قبيلن مان هڪ کي ملڪ جو صدر ۽ ٻئي کي نائب صدر بنايو. ٿوري به ايمانداري ۽ ملڪ لاءِ پيار هجي ها ته يوگنڊا جو ملڪ اڄ 50 سالن بعد ملائيشيا ۽ سنگاپور کان به ماڊرن هجي ها، ڇو جو 1962ع ۾ يوگنڊا کي آزادي ملڻ وقت يوگنڊا اهڙن ملڪن، بلڪ ٿائلنڊ ۽ انڊونيشيا کان به، هر ڳالهه ۾ وڌيڪ ماڊرن ۽ آزاد هو. پر افسوس جو ملڪ جي واڳ جنهن حاڪم کي ملي ان مال ملڪيت ۽ سياسي طاقت کي يڪدم حاصل ڪرڻ لاءِ ان ڪڪڙ کي ئي ماري ڇڏيو جنهن روزانو هڪ سونو آنو ٿي ڏنو.
    ملڪ جي پهرين وزيراعظم پئسو ٺاهڻ لاءِ فوج جي ڊپٽي (عيدي امين) سان گڏجي ڀر واري ملڪ کي پنهنجي فوج جا هٿيار وڪڻي ان جي بدلي ۾ سون ۽ عاج جي سمگلنگ ڪئي. هن عيدي امين کي چئي ملڪ جي صدر جي محل تي حملو ڪرائي ان کي جلاوطن ڪيو. هُن ملڪ جو آئين رد ڪري ايمرجنسي لڳائي، پاڻ صدر ٿي ويٺو ۽ سڀ پاور پنهنجي حوالي ڪري پنهنجي سياسي پارٽي کي ڇڏي باقين تي بندش هنيائين. پنهنجي ڪابينا جا اهي وزير جن جو تعلق سندس قبيلي سان نه هو انهن کي بنا ڪنهن سبب ۽ trial جي جيل حوالي ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ ملٽن اوبوٽو پڙهيل ڳڙهيل هو، هڪ سردار جو پٽ هو، جنهن وٽ هونئن ئي پئسي ڏوڪڙ ۽ عزت جي کوٽ نه هئي پر امير کان امير تر ٿيڻ جي چڪر ۾، هو ويو ملڪ جي خزاني تي ڌاڙا هڻندو. هوڏانهن فوج جو هاڻ چيف عيدي امين جيڪو هونئن ته سمجهو ته گهر جو چوڪيدار ٿيو، تنهن کي اوبوتو وزيراعظم ٿيڻ شرط چور بنايو سو هاڻ وڏو ڌاڙيل ٿي پيو. هو اهو ئي سوچڻ لڳو ته طاقت مون فوجيءَ جي هٿ ۾ آهي، هن ٺڳ وزيراعظم جو ماتحت ڇو ٿيان ۽ هن کي جيئن ئي موقعو مليو ته گهر جو مالڪ يعني ملڪ جو حاڪم پاڻ ٿي ويٺو. اوبوٽو جيئن ئي سنگاپور ويو پٺيان عيدي امين انقلاب جو بهانو ڪري پاڻ صدر ٿي ويٺو ۽ اعلان ڪيائين ته آئون فوجي ماڻهو آهيان آئون مهيني اندر اليڪشن ڪرائي بيرڪس ۾ واپس وڃڻ چاهيان ٿو.
    عوام ملٽن اوبوٽو مان ايڏو بيزار هو جو واه واه ٿي وئي. عيدي امين جي ريڊيو تي تقرير ٿيڻ تي ماڻهو مٺايون ورهائڻ لڳا ۽ خوشيءَ وچان گهٽين ۾ ناچ ڪرڻ لڳا. ويندي يورپ ۽ انگلنڊ ۽ اسرائيل وارا به خوش ٿيا جو اوبوٽو انهن کي به ڪڙائي رکيو هو. پر سائين جڏهن عيدي امين صدر ٿيو ته ڪجهه ڏينهن بعد جيڪي هن قتل عام ڪيا ۽ جيڪا هن ڦر لٽ ڪئي جو سڀ ڪنهن چيو ته هن کان ته هو پهريون سول ڊڪٽيٽر سٺو اهو ڏسي. عيدي امين ست سالن جي حڪومت ۾ 8 لک کن ماڻهو مارايا، ويندي انگريز ۽ يورپي پادري ۽ يونيورسٽين جا پروفيسر به نه ڇڏيا. سندن سر ڌڙ کان ڌار ڪري ريفريجريٽرن ۾ رکي ڇڏيندو هو. آمريڪا، برطانيا ۽ ٻين يورپي ملڪن پنهنجا سفارتخانا بند ڪري ڇڏيا. ملڪ جو ڪاروبار انڊين، خاص ڪري گجراتي هلائي رهيا هئا انهن کي رات اندر ملڪ مان ڪڍي انهن جي مال ملڪيت تي قبضو ڪري ڇڏيائين. ملڪ جي ايڪانامي تباه ٿي وئي. خزاني ۾ هڪ پئسو نه رهيو. پوءِ مسلمانيءَ جو ڍونگ رچائي لبيا ۽ سعودي عرب کان پن ڪيائين. هڪ ئي وقت ڇهه ڇهه زالون رکيائين. پنهنجو پاڻ جي، اسان واري صدر ايوب وانگر، پروموشن ڪرائي جنرل ۽ پوءِ فيلڊ مارشل ٿيو. سندس تفصيلي احوال الڳ مضمون ۾ ڪنداسين جو عيدي امين دنيا جو هڪ عجيب عجوبو ۽ مسخرو حاڪم مڃيو وڃي ٿو. هو هڪ عجيب چريو، ظالم ۽ نفسياتي قسم جو مريض هو. منجهانئس مس مس ملڪ جي ماڻهن ۽ دنيا جي جان بچي. 1979ع ۾ پاڙي واري ملڪ تنزانيا جو ڪجهه حصو حاصل ڪرڻ لاءِ امين پنهنجن فوجين کي حملي لاءِ موڪليو. نشي ۾ ڌت سندس فوجي، ڪجهه ڪري نه سگهيا. ماڳهين تنزانيا جي فوج يوگنڊا جي گادي واري شهر ڪمپالا کان اچي ٺڪاءُ ڪيو. ان کان اڳ عيدي امين پنهنجو ڪمپالا وارو صدارتي محل ڇڏي جنجا شهر ۾ اچي لڪو، جتان هن پنهنجين پنجن زالن ۽ ٽيهارو کن ٻارن سميت جدي ۾ اچي پناهه ورتي.
    ان بعد هڪ دفعو وري پهرين وارو حاڪم ملٽن اوبوٽو، جيڪو ڏيهه نيڪالي جا ڏينهن تنزالنيا ۾ گذاري رهيو هو، يوگنڊا جو صدر ٿيو.


    يوگنڊا جو عيدي امين

    منهنجي خيال ۾ آفريڪا جي ڳالهه ڪندي عيدي امين جو ذڪر نه ڪرڻ سان سفرنامو ٻُسو ٻُسو لڳندو. عيدي امين 1971ع ۾ يوگنڊا جو صدر ٿيو ۽ 1979ع ۾ جان بچائي پنهنجي ملڪ کان ڀڳو ۽ جلدي ۾ عربن وٽ اچي پناه ورتائين. پنهنجي صدارت واري دور ۾ هن ڇا ڇا نه ظلم، خرمستيون، بيوقوفيون، ٽرڙپايون، ڦرلٽ، عياشيون ۽ مذهب جا ڍونگ ڪيا.
    80 هزار ايشيائي بزنيس مين کي هڪ ئي آرڊر سان ڏيهه نيڪالي ڏيڻ ۽ ٻيا جيڪي هن ڦڏا ڪيا ان نه فقط آفريڪا ۽ ايشيا کنڊ کي حيران ۽ پريشان ڪيو پر يورپ آمريڪا ۽ ويندي برطانيا- جنهن هن جي صدر ٿيڻ تي خوشيون ملهايون هيون، اهي به وائڙا ٿي ويا ۽ بقول اسان جي اصطلاح جي منهن مٿو پٽڻ لڳا. عيدي امين جي 8 سال صدارت وارو اهو دور هو جنهن ۾ سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري يورپ ۽ آمريڪا ويندي يا ايشيا ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن (چين، جپان، ڪوريا) کان موٽندي، اسان کي ڪم نه هوندي به آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي ۽ مختلف بندرگاهن تي ترسي جهاز جي ضروري مرمت ڪرائڻي پئي ٿي يا ڪنهن بندرگاهه مان اڳتي جي سفر لاءِ راشن پاڻي وٺڻو پيو ٿي جو يورپ آمريڪا يا جپان کان وري به آفريڪي بندرگاهن ۾ گوشت، مڇي، ميوا، ڀاڄيون سستا هئا.
    تن ڏينهن ۾ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ اڃان ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جو ذريعو عام نه ٿيو هو. بندرگاه ۾ پهچي اخبار پڙهي دنيا جي حالتن جي خبر پوندي هئي يا وري ڪينيا، تنزانيا، نائيجيريا، سائوٿ آفريڪا جهڙن ملڪن جي ڪنارن ويجهو لنگهڻ وقت انهن جي ريڊيو تان خبرون ٻڌبيون هيون، جن ملڪن ۾ انگريزي عام آهي. آفريڪا جي باقي ملڪن ۾ جرمن، فرينچ، ڊچ ۽ اطالوي هلي ٿي جو انهن تي فرانس، جرمني، بيلجم، اٽلي ۽ پورچوگال جهڙن ملڪن جو راڄ رهيو هو. بهرحال جنهن به آفريڪي ملڪ ۾ ايندا هئاسين ته هر دفعي عيدي امين جون ڳالهيون ٻڌبيون هيون. ڪڏهن سندس بيوقوفين ۽ ٽرڙپاين جو ٻڌي کل ايندي هئي ته ڪڏهن سندس ظلمن جا داستان ٻڌي هر هڪ کي سخت ڪاوڙ ايندي هئي ۽ هن شخص لاءِ دل ۾ نفرت پئدا ٿيندي هئي. فنڪار ۽ ڊرامي باز به اهڙو هو جو ڪڏهن انگلنڊ جي واکاڻ ۾ اهڙيون ته بانسريون وڄائيندو هو جو انگلنڊ، آمريڪا ۽ ويندي اسرائيل هن تان فدا پيا ويندا هئا. ڪڏهن وري انهن کي نه رڳو ڪچيون گاريون ڏيندو هو پر کلئي عام اعلان ڪندو هو ته جرمنيءَ لکين يهودي ماري دنيا تي احسان ڪيو آهي ۽ ساڳي وقت هٽلر کي هيرو سڏي هن جي تعريف جا ڍُڪ ڀريندو هو. سندس ملڪ يوگنڊا ۾ آمريڪا، اسرائيل، انگلنڊ پنهنجا سفارتخانا بند ڪري ڇڏيا. يوگنڊا، جنهن جي سرڪاري خزاني جون ٽجوڙيون عيدي امين خالي ڪري ڇڏيون هيون، تنهن کي هاڻ هنن هر قسم جي مالي امداد ڏيڻ تي پابندي وجهي ڇڏي. وري هڪ دفعي آفريڪي بندرگاهن ۾ آياسين ته هر بندرگاه جا مسلمان شيدي عيدي امين کي يهودين جو ايجنٽ ۽ انگريزن جو چمچو سڏڻ بدران اسلام جو وڏو حامي سڏڻ لڳا. يوگنڊا جي شهر ۾ مسجدون ٺهرائڻ واري ڪم کي ساراهڻ لڳا ته سبحان الله عيدي امين جهڙو ٻيو ڪير نيڪ مسلمان ٿي سگهي ٿو! شايد ڪجهه عرصي لاءِ هن پنهنجي زالن جو تعداد گهٽائي چئن تائين به آندو ۽ ان عياشيءَ جي کوٽ کي Compensate ڪرڻ لاءِ هن سريتن (Concubines) جو تعداد وڌائي ڇڏيو هو. خبر پيئي ته مغرب کان امداد بند ٿيڻ تي هن اسلام جي ناتي سعودي عرب ۽ لبيا جي ڪرنل قذافيءَ کان پنڻ شروع ڪيو آهي. ڪانگ کي لڙ ۾ مزو. انهن ڏينهن ۾ جنهن آمريڪا کي گاريون ٿي ڏنيون ڪرنل قذافيءَ ان جي واه واه ڪئي ٿي. عيدي امين لکين ماڻهن ۾ ڪيترائي مسلمان قتل ڪري ڇڏيا، اهي گناهه سڀ معاف باقي مسجدون ٺهرائڻ جي ”نيڪ ڪم“ جي قذافي تعريف ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي ملڪ جي تيل جي دولت مان خرجينيون ڀري عيدي امين ڏي موڪلڻ لڳو. ڪرنل قذافي جي آسري تي آفريڪا جو سڀ کان وڏو ۽ اعلى فوجي آفيسر سڏائڻ واري عيدي امين پاڙيسري ملڪ تنزانيا تي حملو ڪيو پر هو چوندا آهن ته وئي سڱن لاءِ ڪن به ڪپائي آئي. سندس فوج تنزانيا جي بارڊر واري صوبي تي قبضو ڪرڻ لاءِ وئي پر بُري طرح پسپا ٿي وئي. ماڳهين تنزانيا جي فوج اچي ڪمپالا کان ٺڪاءُ ڪيو. ڪرنل قذافيءَ سندس مدد لاءِ هڪ فوجي به نه موڪليو. مجبور ٿي عيدي امين ڍير بئگن، زالن، ٻارن ۽ نوڪرن سان پنهنجو ملڪ ڇڏي جدي ۾ وڃي پناهه ورتي جتي مرڻ گهڙيءَ تائين پنهنجي عياشي، پنهنجي ملڪ ۽ اتي ٺاهيل بي انتها مال ملڪيت لاءِ سڪندو رهيو.
    عيدي امين 1925ع ۾ ڪمپالا جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ امين دادا نالي هڪ مسلمان جي گهر ۾ ڄائو. عيدي امين ڪڏهن ڪڏهن ”عيدي امين دادا“ به سڏايو ٿي ته ڪڏهن دادا به. مغرب توڙي ڏور اوڀر ڏي فقط ’عيدي‘ جي نالي سان مشهور رهيو. عيدي امين جو ڏاڏو عيسائي هو ۽ عيدي امين جو پيءُ به ڄمڻ وقت ائنڊرياس نيابر نالي عيسائي هو جيڪو پوءِ 21 سالن جي ڄمار ۾ 1910ع ۾ مسلمان ٿيو ۽ پنهنجو نالو امين دادا رکيائين.
    عيدي امين ٿورو ئي وڏو ٿيو ته ڏنگاين ڪري سندس پيءُ آق (abandon) ڪري ڇڏيس ۽ هو پنهنجي ماءُ اسا آتي (Assa Aatte) جي مائٽن وٽ وڃي رهيو.
    عيدي امين وڏو ڍڳو ٿي 16 سالن جي ڄمار ۾ 1941ع ۾ بومبو (Bombo) ڳوٺ جي اسلامي اسڪول ۾ داخلا ورتي جتي ڪجهه سالن بعد، هن پڙهائي ڇڏي ڏني. هو فقط ان اسڪول ۾ چار درجا کن پڙهيو. انهن ڏينهن ۾ انڊيا، ڪينيا ۽ ٻين انگريزن جي راڄڌانين ۾، پهريان چار درجا پرائمريءَ جا هوندا هئا ان بعد ست درجا پڙهي مئٽرڪ ڏبي هئي. سو عيدي امين جي سڄي تعليم فقط پرائمريءَ جا اهي چار درجا هئي. اسڪول ڇڏڻ بعد عيدي امين مختلف پورهيا مزدوريون ڪندو رهيو. ڪڏهن ڪنهن دڪاندار سيٺ مهيني جي پگهار تي ٿي رکيس ته ڪڏهن ڪنهن ڪارخاني واري ڏهاڙيءَ تي ٿي ڪم ورتس. جسم جو ڏٽو ڪٽو ۽ قد جو 6 فٽ 4 انچ هو. تعليم نه هيس سو جتي ڪٿي ”گدها مزدوريءَ“ لاءِ موزون سمجهيو ويو ٿي.
    عالمي جنگين ڪري برطانيا وارن کي نه فقط ننڍي کنڊ ۾ پر آفريڪا جي ملڪن ۾ به هنن کي پنهنجي مفاد جي بچاءَ لاءِ فوج رکڻي پيئي. 1946ع ۾ عيدي امين انگريزن جي فوج جي King’s African ريجمينٽ ۾ اسسٽنٽ بورچي جي حيثيت ۾ رڪروٽ ٿي ويو. هن کي ڪينيا ۾ رکيو ويو. اها ٻي ڳالهه آهي ته مرحوم عيدي امين سڄي زندگي ماڻهن تي اها لئه رکندو رهيو ته هو ٻي جنگِ عظيم ۾ انگريزن پاران برما ۾ وڙهيو پر سڀ هن جا گشا آهن. رڪارڊ موجب هو انگريزن جي فوج ۾ ٻي جنگ عظيم کانپوءِ آيو ۽ سال ڏيڍ تائين نائب بورچي جي حيثيت سان رڳو پٽاٽا، بصر ۽ ٻيون ڀاڄيون ڇليندو رهيو. ها 1949ع ۾ جڏهن صوماليا ۾ بغاوت ٿي ۽ انگريزن ڪينيا کان فوج موڪلي ته ان ۾ عيدي امين به شامل هو. 1952ع ۾ انگريزن ڪينيا جي مائو مائو تحريڪ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ جيڪا برگيڊ قائم ڪئي ان ۾ عيدي امين کي پڻ شامل ڪيو ويو. کيس هاڻ بورچي بدران ڪارپورل جي پوسٽ ڏني وئي ۽ سال بعد 1953ع ۾ کيس سارجنٽ بنايو ويو. ۽ اها سا واقعي ڪمال جي ڳالهه آهي ته برٽش آرمي جي تاريخ ۾ ڪنهن جون به اهڙيون تڪڙيون پروموشنون نه ٿيون. عيدي امين پڙهيل ڳڙهيل ته نه برابر هو پر اهو آهي ته پهلوان مڙس هو. صحتمند ۽ سخت جان هو. بک، اڃ، گرمي ۽ سردي جو بيحد پڪو هو. بيحد قداور مڙس هو. بهرحال ڪارپورل ٿيڻ بعد ٻئي سال 1953ع ۾ سارجنٽ ٿيو ۽ پوءِ 1958ع ۾ سارجنٽ ميجر يعني پلٽون ڪمانڊر ٿيو ۽ 1958ع ۾ وارنٽ آفيسر ٿيو، جيڪا هيٺين ليول جي فوجين جي آخري ۽ اتاهين رئنڪ ٿي. هتي آفريڪا ۾ ان پوسٽ کي مڪاني زبان ۾ افندي (Effendi) به سڏيو وڃي ٿو. انهن ڏينهن ۾ انگريز فوج ۾ مڪاني ڪارو کڻي ڪيترو به پڙهيل ڳڙهيل هجي يا تجربيڪار هجي هو فقط ان پوسٽ تائين پهچي سگهيو ٿي. سو اسان واري بورچي عيدي امين لاءِ ان پوسٽ تائين پهچڻ وڏي ڳالهه ليکي وئي. هو جنهن سال (1961ع ۾) جڏهن ڪينيا مان بدلي ٿي يوگنڊا پهتو ته هن کي ليفٽيننٽ بڻايو ويو جيڪا پوسٽ ڪميشنڊ آفيسر جي ٿئي ٿي. سڄي يوگنڊا ۾ فقط ٻه آفريڪن ان پوسٽ تي پهتا هئا جن مان عيدي هڪ هو. ان بعد يوگنڊا کي انگريزن طرفان 1962ع ۾ آزادي ملي ۽ عيدي امين کي ڪئپٽن بڻايو ويو ۽ ٻئي سال 1963ع ۾ ملڪ جي وزيراعظم طرفان ميجر جي رئنڪ عطا ڪئي ويس. اهڙي طرح 1964ع ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 1965ع ۾ ڪرنل ٿي ويو. توهان جو جيڪڏهن فوج سان واسطو آهي يا توهان جو ڪو دوست فوجي آهي ته ان کان پڇي ڏسو ته آهي نه هيءَ ڪمال جي ڳالهه! جتي ڪرنل ٿيڻ تائين ٽيهه ٽيهه سال ٿيو وڃن اتي عيدي امين چئن پنجن سالن ۾ ڪرنل ٿي ويو. ڪجهه مٿس ملڪ ڇڏي ويندڙ انگريزن جي به مهرباني هئي ته ڪجهه آزاد ملڪ جي وزيراعظم اسان واري ڄام صادق وانگر حڪومت جي خرچ تي سخاوت پئي هلائي. ڪجهه اوبوتو (وزيراعظم) جي مجبوري به هئي. هن هڪ فوجي آفيسر عيدي امين کي ڊسپلين ۾ رکڻ ۽ ملڪ جي بارڊرن جي حفاظت ڪرائڻ بدران هن کي پنهنجي فوج جون بندوقون ۽ بارود چوري ڪري بارڊر جي ٻئي پاسي ڪانگو (زائر) وارن کي وڪڻڻ ۾ کڻي پارٽنر بنايو. ان کان علاوه ٻئي ڄڻا گڏجي ڪانگو ۽ ڪينيا مان عاج ۽ سون سمگل ڪري ملڪ جي گجراتي سيٺين کي وڪڻڻ لڳا. ڪمايل پئسو شراب، جوا ۽ عورتن پٺيان خرچ ڪرڻ لڳا ۽ هوڏانهن انڊين بزنيس مين پنهنجو واپار وڌائڻ ۽ وڌيڪ امير ٿيڻ لڳا. اوبوتو ۽ عيدي امين کي اها به ڳالهه نه وڻي. هنن ٻين کي ته ڪنهن به صورت ۾ سکيو ستابو ٿيندو نٿي ڏسڻ چاهيو.
    بهرحال پاڻ عيدي امين جون فوج ۾، تڪڙين تڪڙين Promotions جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته 1965ع تائين پنجن سالن ۾ هو ليفٽيننٽ کان ڪرنل تائين پهچي ويو. ان وقت عيدي جي عمر 40 سال هئي. منهنجي خيال ۾ اهو ته ڪجهه به نه آهي. ڪرنل بعد برگيڊيئر ۽ پوءِ ميجر جنرل جي پوسٽ آهي. عيدي امين کي ڪرنل جي رئنڪ ڏيڻ بعد ٽن سالن کانپوءِ 1968ع ۾ ڊائريڪٽ ميجر جنرل بنايو ويو. 25 جنوري 1971ع تي يوگنڊا جو صدر اوبوتو جيئن ئي سنگاپور ويو ته عيدي امين ملڪ جو ايئرپورٽ سِيل ڪري ڇڏيو. پاڻ ملڪ جون واڳون سنڀالي ويٺو. عيدي امين کي ملڪ ۾، چاهي ٻاهر جي دنيا خوش آمديد چيو. عيدي امين يڪدم سياسي قيدي آزاد ڪيا ۽ اعلان ڪيو ته ملڪ ۾ جلد اليڪشن ڪرائي جمهوريت آندي ويندي. اڃان هفتو به ڪو مس گذريو ته عيدي امين اعلان ڪيو ته اڄ ڏينهن کان هو پاڻ ملڪ جو صدر آهي، فوج جو ڪمانڊر ان چيف آهي ۽ بري ۽ هوائي فوج جو سربراهه آهي. هن ڪيترن سول ادارن جا هيڊ پنهنجا فوجي آفيسر رکيا، ويندي ڪجهه وزير بدلائي پنهنجي مرضيءَ جا رکيا ۽ پنهنجو هڪ جاسوسي جو ادارو قائم ڪيو. جنهن اداري جي اهلڪارن جنهن به ماڻهوءَ تي شڪ ڪيو ٿي، ان کي ٿڏي تي ئي ماري ڇڏيو ٿي يا غائب ڪري ڇڏيو ٿي.
    هوڏانهن ملڪ جي صدر اوبوتو پاڙي واري ملڪ تنزانيا جي صدر جوليس نائريري وٽ وڃي پناه ورتي. عيدي امين جيڪي سابق صدر جا ماڻهو ملڪ بدر ڪيا اهي به (اٽڪل 20،000 کن) تنزانيا ۾ وڃي رهيا. ان بعد عيدي امين 8 سال کن جيڪا يوگنڊا تي حڪومت ڪئي اها خوف ۽ ظلم جو داستان آهي. يوگنڊا ۾ جيڪي 80 هزار کن انڊين واپاري رهيا ٿي انهن کي ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي. هن ڪيترن ملڪن سان تعلقات ختم ڪري ڇڏيا. ملڪ جي ڀينگ ٿيندي رهي پر هو پاڻ شاديون ڪندو رهيو. ملڪ جو خزانو خالي ڪري لبيا ۽ سعودي عرب کان پنندو رهيو. 1975ع ۾ هن پنهنجو پاڻ جي پروموشن ڪئي ۽ جنرل مان فيلڊ مارشل ٿي ويو. هو پنهنجو پاڻ کي مختلف لقبن سان سڏائڻ لڳو، جيئن ته: هز ايڪسيلنسي، پريزيڊنٽ آف لائيف، فيلڊ مارشل الحاج ڊاڪٽر عيدي امين دادا، وائيس چانسلر، ڪانڪرر آف دي برٽش ايمپائر CBE وغيره وغيره.
    عيدي امين جي انهن چريائپ وارن ڪمن کي دنيا جي ميڊيا خوب مشهور ڪيو ۽ سندس ڪوڙيون سچيون ڳالهيون هر وقت اخبارن جي زينت رهيون ٿي. هن بابت ڪي ڪهاڻيون يا خبرون ٺلها افواه ۽ Myth به هئا ته ڪيترين ۾ حقيقتون به هيون. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو سٺو باڪسر هو. ايتريقدر جو ڀر وارن ملڪن تنزانيا، ڪينيا يا ڪانگو جي حڪومت سان اختلاف ٿيندو هوس ته اتي جي ليڊرن کي دڙڪو ڏئي چوندو هو ته توهان پاڻ کي سمجهو ڇا ٿا. طاقت اٿانوَ ته اچي مون سان باڪسنگ جو مقابلو ڪريو. سٺو گٽار وڄائڻ وارو ۽ تارو Swimmer به هو. ڪوڙ به ڳالهائيندو هو. پاڻ به پڏائيندو هو. تعليم فقط چار درجا هئس پر غلط سلط انگريزي ڳالهائيندي شرم ته نه ايندو هوس بلڪ پاڻ کي وڏو انگريزدان سمجهندو هو. بي انتها ظالم ۽ خوني هو. سندس لاءِ مشهور آهي ته مخالفن جا سر ريفريجريٽر ۾ رکي ڇڏيندو هو جن کي وقت بوقت ڏسي خوش ٿيندو هو. هڪ دفعو ته سندس لاءِ اهو به مشهور ٿيو ته عيدي امين آدمخور آهي يعني انسانن جو گوشت کائي ٿو. اسان به اها خبر 1977ع ۾ يوڪوهاما (جپان) ۾ اساشي انگريزي اخبار ۾ پڙهي. سخت گرميءَ ۾ به ڪلاڪن جا ڪلاڪ فل يونيفارم ۾ بيهي فوجين کان سلامي وٺندو هو. ڳالهه ڳالهه تي پاڻ کي ايوارڊ طور ميڊل ڏيندو هو ۽ انهن ميڊلن (انعامي ٻِلن) جو تعداد ايترو ته وڌي ويو جو هن پنهنجي ٽيونڪ (اڇي رنگ جي شيرواني ٽائيپ ٿلهي بشرٽ) کي گوڏن کان به هيٺ تائين ڊگهو سبرايو هو، جيئن ان اتي سڀ ميڊل لڳي سگهن. فيلڊ مارشل ايوب وانگر هن به پنهنجو پاڻ کي فيلڊ مارشل جو عهدو عطا ڪيو. ظاهر آهي يوگنڊا جي فوج جو سپريم ڪمانڊر ”جنرل عيدي امين“ به پاڻ هو ته ملڪ جو صدر به پاڻ هو. ان صورت ۾ صدر عيدي امين فوج جي جنرل عيدي امين کي ترقي ڏئي فيلڊ مارشل بنايو. هن لاءِ اهو به مشهور ٿيو ته هن پنهنجين اڌ ڊزن زالن مان هڪ کي چچري ماري ڇڏيو. اها ڳالهه 1980ع واري انگريزي فلم Rise & Fall of Idi Ameen دنيا ۾ مشهور ٿي. سندس ظلمن جا داستان ۽ چريائپ جا قصا هڪ ٻي انگريزي فلم ”دي لاسٽ ڪنگ آف اسڪاٽلنڊ“ ۾ به ڏيکاريا ويا آهن. جيڪا فلم 2006ع ۾ رليز ٿي هئي.
    عيدي امين جيسين پاور ۾ هو يوگنڊا جي پريس جيڪا ظاهر آهي سندس چنبي هيٺ هئي، کيس وڏو اڪابر، ڏاهو، پهلوان، دلير ۽ دانشور طور پيش ڪندي رهي. پاڻ به پنهنجن چمچن کان تعريف ٻڌي گد گد ٿيندو رهيو پر ٻاهر جي پاپولر ميڊيا کيس چريو، ظالم، ٺڳ، لٻاڙي، ڪوڙو ۽ ڊراميباز چوندي رهي. 1977ع ۾ ٽائيم هفتيوار مئگزين ۾ عيدي امين تي مضمون ڇپيو هو جنهن ۾ Time مئگزين عيدي امين لاءِ لکيو هو ته هو “Killer & Clown, Big Hearted Buffoon & Strutling Martinet” آهي. ڪيترن ملڪن جون اخبارون ته اهو به لکنديون هيون ته عيدي امين دنيا کي ڄاڻي ٻجهي مسخري ۽ چرئي جو Image ان ڪري ڏئي ٿو جيئن سندس وحشياڻي قتلام ۽ خونريزيءَ تي پڙدو رهي.
    تنزانيا جو بارڊر وارو صوبو حاصل ڪرڻ لاءِ 1979ع ۾ عيدي امين پنهنجي فوج کي تنزانيا تي حملو ڪرڻ لاءِ موڪليو. هو ڇا چوندا آهن ته ڳوهه کي کڻي کُٽي ته ڳولهي شڪارين جا گهر. عيدي امين جي حملي بعد تنزانيا جي فوج تياري ڪري يوگنڊا تي حملو ڪيو ته بنا رنڊڪ جي اچي عيدي امين واري محل ۽ گادي واري شهر ڪمپالا کان پهتي. عيدي امين پهرين لبيا ڀڄي ويو پوءِ سعودي عرب ۾ وڃي پناهه ورتائين جتي پهريان ڪجهه سال ته جدي ۾ فلسطيني روڊ تي Novotel نالي هوٽل جي مٿين ٻن فلورن تي رهيو. 1980ع ۾ جيڪو سندس پهريون انٽرويو BBC جي نمائندي برئان بئرون ڏنو ان ۾ عيدي امين اهو ئي اظهار ڪيو ته هن کي ان ڳالهه جو ذرو به افسوس ناهي ته هن جي دورِ حڪومت ۾ يوگنڊا جو ملڪ ۽ ماڻهو تباه ٿي ويا. بلڪ هن چيو ته ”اڄ به يوگنڊا جا ماڻهو هن کي پنهنجي ملڪ ۾ واپس اچي حڪومت ڪرڻ لاءِ چون ٿا.“ 1989ع ۾ عيدي امين کي يوگنڊا موٽڻ جي تمام گهڻي ڇڪ ٿي پر جيئن ئي هو ”زائر“ (هاڻ ”ڪانگو“ سڏجي ٿو) ملڪ جي گادي واري شهر ڪنشاسا ۾ پهتو ته اتي جي صدر موبوتو هن کي زوريءَ سعودي عرب موٽائي ڇڏيو.
    20 جولاءِ 2003ع تي عيدي امين جي زالن مان مدينه نالي هڪ اطلاع ڪيو ته عيدي جدي جي ڪنگ فيصل اسپتال ۾ بيهوشيءَ جي عالم ۾ آهي ۽ پوين پساهن ۾ آهي. هن ان وقت جي يوگنڊا جي صدر يوويري موسيوني کي اپيل ڪئي ته عيديءَ کي يوگنڊا اچڻ جي اجازت ڏني وڃي پرموسيوني جواب ڏنو ۽ چيو ته ”ان لاءِ هن کي پهرين ڪورٽ جي ڪيسن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ پنهنجن ڪيل ڏوهن جو جواب ڏيڻو پوندو.“
    پوري مهيني بعد عيدي امين گذاري ويو. کيس جدي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
    عيدي امين جون گهٽ ۾ گهٽ ڇهه زالون ته هيون. هن پهرين مس مليامو ۽ ٻي مس ڪي (Kay) سان 1966ع ۾ شادي ڪئي. ٻئي سال 1967ع ۾ هن نورا سان شادي ڪئي، ان بعد 1972ع ۾ مدينا سان شادي ڪئي. ان بعد 1974ع ۾ عيدي امين ريڊيو تان اعلان ڪيو ته هن مليامو، نورا ۽ ڪي کي طلاق ڏئي ڇڏي آهي. ان بعد ملياموءَ کي ڪينيا جي بارڊر وٽ سمگلنگ جي واردات ۾ جهليو ويو. ان بعد هوءَ لنڊن مان وڃي نڪتي. ڪي ان ئي سال جي آخر ۾ مري وئي. هن لاءِ اهو ئي ٻڌايو ويو ته هن جو ڊاڪٽر مڪاسا نالي هڪ همراهه سان لڪ چوريءَ عشق هلي رهيو هو، جنهن مان هن کي پيٽ ٿي پيو ۽ هن ابارشن دوران زال کي ماري وڌو. ان بعد ڊاڪٽر پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏي. 1975ع ۾ ڪمپالا جي هڪ ڪانفرنس ۾ عيدي امين کي ساران نالي هڪ ڇوڪري نظر آئي جنهن سان هن شادي ڪئي. شاديءَ کان اڳ ساران پنهنجي بواءِ فرينڊ سان گڏ رهي ٿي، اهو ان بعد وري نظر نه آيو. عيدي امين کي ڪيترا ٻار هئا انهن جي تعداد بابت مختلف راءِ ملي ٿي. بهرحال اهي 30 کان 45 تائين هئا.
    عيدي امين تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. بلڪ آئون ته اهو ئي چوندس ته آفريڪا جو شايد ئي ڪو اهڙو حاڪم هجي جنهن تي ايتريون فلمون ۽ ڪتاب لکيا ويا هجن. ڪجهه پڙهڻ لاءِ ۽ مشهور ڪتاب هن ريت آهن:
    • هينري ڪيمبا جو: State of Blood
    • جارج ايوان سمٿ جو: Ghosts of Kampala
    • ٿامس پئٽرڪ جو: Hitler in Africa
    • ڊئوڊ مارٽن جو: General Amin
    • جميلا صديقيءَ جا ٻه ڪتاب: The Feast of Nine Virgins ۽ Bombay Gardens
    • ٽريور ڊونالڊ جو ڪتاب: Confessions of Idi Amin
    عيدي امين پنهنجي دورِ حڪومت ۾ رکي رکي ڪي ڳالهيون اهڙيون ته چرچي ڀوڳ جون ڪندو هو جو سڄي دنيا ان تي ڪڏهن کلندي هئي ته ڪڏهن ڪڏهن منهن مٿو به پٽيندي هئي. آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن جڏهن واٽر گيٽ اسڪئنڊل ۾ ڦاٿو ته يوگنڊا کان عيدي امين کيس Get Well Soon جو ڪارڊ موڪليو.
    • عيدي امين هڪ دفعي يونائيٽيڊ نئشنس (UNO) جي سيڪريٽري ڪرٽ والڌيم ۽ اسرائيل جي وزيراعظم گولڊا مير کي ٽيليگرام موڪليو ته: ”هٽلر جرمنيءَ ۾ 60 لک يهودين کي ساڙي ڇڏيو ڇاڪاڻ ته هن سمجهيو ٿي ته يهودي دنيا لاءِ نقصانڪار آهن.“
    • عيدي امين هر وقت چوندو رهيو:
    ”مون اسڪولن کان کڻي تعليم حاصل نه ڪئي پر مون کي Ph.D پڙهيلن کان به وڌيڪ ڄاڻ آهي... ڇو جو آئون فوجي ماڻهو آهيان “I know how to act, I am a man of action”.
    • بڪنگهام محل لنڊن ۾ اسٽيٽ ڊنر تي هن راڻي ايلزبيٿ اڳيان تقرير ۾ چيو هو:
    “Sir, mister queen, horrible guests, before I undress you, let me put down my testicles…etc.”
    هو هميشه راڻي ايلزبيٿ کي مخاطب ٿيڻ وقت کيس Sir ۽ مسٽر ڪُئين چوندو هو.


    يوگنڊا تي هاڻ ڪنهن جي حڪومت آهي...

    يوگنڊا کي آزادي ڏيڻ کان اڳ 1962ع جي شروع وارن مهينن ۾ انگريزن اليڪشن ڪرائي جنهن ۾ يوگنڊا جي ”لانگو“ قبيلي جي سردار جو پٽ ”ملٽن اوبوٽي“ کٽي ويو ۽ ملڪ جو پهريون وزيراعظم مقرر ٿيو. ملڪ جو عوام جيڪو سالن کان يوگنڊا کي انگريزن کان ڇڏائڻ ۽ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ جي جدوجهد ۾ هئو اهو بيحد خوش ٿيو ته هاڻ سندن ملڪ تمام گهڻي ترقي ڪندو پر سندن پهريون ئي وزيراعظم اوبوتي ناڪارو ۽ نڪمو ثابت ٿيو. هن کي عوام جي اون ۽ خوشحاليءَ بدران هر وقت پنهنجي ڪرسي مضبوط ڪرڻ ۽ گهڻي کان گهڻو پاور ۽ دولت حاصل ڪرڻ جو فڪر لڳو رهيو. ملڪ جي صدر کي جيڪي ٿورا گهڻا پاور مليل هئا اهي به پاڻ کسي هڪ طاقتور وزيراعظم بنجي هر مخالف جو خاتمو آڻيندو رهيو. بي انتها دولت ڪمائڻ جي چڪر ۾ هن هڪ بيڪار فوجي آفيسر عيدي امين کي اعليٰ عهدي تي رکي پوءِ هن سان ملي ڪري ڀر واري ملڪ ڪانگو مان سون ۽ عاج جي سمگلنگ ڪرائڻ لڳو ۽ جڏهن پارليامينٽ ان بابت سوال اٿاريا ۽ عيدي امين کي فوج مان ڪڍڻ لاءِ زور ڀريو ته هن ماڳهين آئين کي suspend ڪري پاڻ صدر ٿي ويٺو ۽ ايمرجنسيءَ جو اعلان ڪيائين. هيءَ 1966ع جي ڳالهه آهي. اوبوتي سڀ ڪجهه پاڻ ٿي ويٺو جيڪي وڻيس ٿي اهو ڪيائين ٿي. مخالف قبيلن جي سياستدانن کي بنا ڏوهن جي جيل اماڻيو ٿي يا غائب ڪرائي ڇڏيو ٿي. ملڪ جي خزاني جون ٽجوڙيون خالي ڪرائي ڇڏيائين. سندس قبيلي جي ماڻهن، دوستن ۽ خوشامدڙين کي جيئن وڻيو ٿي تيئن ڪيو ٿي. يوگنڊا جهڙو ملڪ جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ سڄي آفريڪا ۾ امن ۽ سانت وارو هڪ سهڻو ملڪ سمجهيو ويو ٿي اهو پنهنجي ماڻهوءَ جي ڪنٽرول ۾ اچڻ بعد سڌريو ته نه پر ماڳهين تباهه ٿي ويو. اهو ملڪ جنهن جي هر شهر ۾ يورپ ۽ ايشيا جا ٽوئرسٽ سُک سان گهمندي نظر آيا ٿي، اتي هاڻي مڪاني ماڻهو به خوف کائڻ لڳا. جتي ڪٿي چوريون، خون ۽ اغوائون عام ٿي پيون. نه رڳو انگريز ۽ يورپين جي پراپرٽي تي قبضا ۽ انهن جا قتل ٿيڻ لڳا پر گرجا گهرن جي پادرين کي به نه ڇڏيو ويو. ملڪ جا ماڻهو توڙي ڌاريان ان انتظار ۾ هئا ته هن مان جان ڇٽي. آخر جنوري 1971ع ۾ اوبوتي جيئن ئي سنگاپور جي ٽوئر تي ويو ته پٺيان سندس فوجي جنرل عيدي امين (جنهن لاءِ چون ٿا ته شروع ۾ انگريزن به چاهيو ٿي ۽ سندس ڳجهه ڳوه ۾ مدد ڪئي هئي) ملڪ جون واڳون سنڀالي ويهي رهيو. اوبوتي جي جهاز کي يوگنڊا ۾ لهڻ کان روڪيو ويو ۽ هن ڀر واري ملڪ تنزانيا ۾ وڃي پناهه ورتي.
    عيدي امين صدر ٿيندي ماڻهن کي سک جو ساهه پٽڻ بدران اهڙا ته وٺي ڪم ڪيا جو سگهو ئي هر هڪ چوڻ لڳو ته ان کان ته پهريون وارو حاڪم بهتر هو. ملڪ ۾ بک ۽ بيروزگاري بيحد وڌي وئي. عيدي امين ان جو سبب ملڪ ۾ رهندڙ انڊين کي ٺهرائي کين 30 ڏينهن جي نوٽس تي پنهنجو مال ملڪيت پٺيان ڇڏي ملڪ مان نڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو. هن مڪاني ۽ ڌارين ماڻهن جون خونريزيون ته ايتريون ڪيون جو ماڻهو هن کي آفريڪا جو هٽلر سڏڻ لڳا. انگريزن ۽ آمريڪن کي به اهڙيون سڌيون ٻڌايائين ۽ گاريون ڏنائين جو هو پنهنجا سفارتخانا ئي پٽرائي هليا ويا. پنهنجن ۽ ڏورانهن سان هٿ چراند ڪرڻ بعد هاڻ هن پاڙيسري ملڪ تنزانيا تي فوج چاڙهي هن جو ڪجهه حصو پنهنجو ڪرڻ لاءِ حملو ڪيو پر ان ۾ هو مار کائي ويو. تنزانيا جون فوجون اچي سندس گاديءَ واري شهر ڪمپالا کان نڪتيون ۽ هن سعودي عرب ڀڄي جان ڇڏائي.
    1979ع ۾ عيدي امين يوگنڊا ڇڏي سال ڏيڍ کن (1980ع ۾ اليڪشن ٿي) انٽر گورنمنٽ ۾ ٽي کن صدر ٿيا: مُووانگا، يوسف لُول ۽ گاڊ فري. اليڪشن ۾ اوبوتي جي يوگنڊا پيپلس ڪانگريس (UPC) سياسي پارٽي کٽي وئي ۽ اوبوتي هڪ دفعو وري ملڪ جو صدر ٿي ويو. سڀني مخالف پارٽين اهو ئي چيو ته اليڪشن ۾ ٺڳي هلي آهي. ملڪ ۾ ماڳهين گوريلا جنگ شروع ٿي وئي، ڪيترائي مليٽري گروپ حڪومت جي خلاف ويڙهاند ڪندا رهيا جن ۾ هڪ UNLA (يونائيٽيڊ نئشنل لبريشن آرمي) پارٽي به هئي جنهن جي قيادت يوويري مُوسيونيءَ ڪئي. 27 جولاءِ 1985ع تي اوبوتي کي طاقت جي زور تي حڪومت مان زوريءَ ڪڍيو ويو. هي انقلاب جن ٻن فوجي آفيسرن برگيڊيئر اولارا اوڪيلو ۽ جنرل ٽيٽو اوڪيلو آندو اهي ڪجهه مهينن لاءِ ملڪ جا حاڪم ٿي ويٺا پر سڄي ملڪ ۾ ايڏي ته بدامني ۽ گوڙ گهمسان وڌي ويو جو هنن جي وس کان ڳالهه زور ٿي وئي. ان بعد موسيونيءَ جي پارٽيءَ ڪنٽرول سنڀاليو. ملڪ ۾ هن دفعي فوجي انقلاب اچڻ تي اوبوٽي هڪ دفعو وري تنزانيا ۾ پناهه ورتي، جتان پوءِ هو زئمبيا هليو ويو. 10 آڪٽوبر 2005ع تي سائوٿ آفريڪا جي شهر جهانسبرگ جي هڪ اسپتال ۾ سندس گردن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ سندس موت ٿيو. کيس هڪ سابق صدر جي حيثيت سان ڪمپالا ۾ دفنايو ويو، جنهن ۾ صدر موسيونيءَ به شرڪت ڪئي جيڪا ڳالهه يوگنڊا جي ڪجهه قبيلن کي پسند آئي، ڪجهه سخت ناراض به ٿي پيا.
    بهرحال 1986ع کان وٺي يوگنڊا جو صدر يوويري موسيوني (Yoweri Museveni) هلندو اچي. هو حڪومت جو به هيڊ آهي ته رياست جو به. يوگنڊا جي نئين آئين مطابق ملڪ جو صدر وزيراعظم جي چونڊ ڪري ٿو جنهن جو ڪم سندس مدد ڪرڻ آهي. اڄ ڪلهه اپولو نيسبامبي وزيراعظم آهي. نئشنل اسيمبلي پارليامينٽ ٺاهي ٿي جنهن جا 332 ميمبر ٿين ٿا. انهن مان 228 ميمبر چئن سالن لاءِ اليڪشن ۾ چونڊجي اچن ٿا. باقي 104 ميمبر ملڪ جي مختلف گروپن (ويندي فوج) ذريعي چونڊجن ٿا. گذريل اليڪشن جيڪا 2006ع ۾ ٿي هئي ان ۾ به موسيونيءَ کي سوڀ حاصل ٿي.
    موسيوني گذريل 24 سالن کان يوگنڊا جو صدر هلندو اچي. هو ڪو ملڪ لاءِ مهاتر ۽ لي ڪئان يو ته ثابت نه ٿي سگهيو آهي جن ڏهن سالن اندر ملائيشيا ۽ سنگاپور جي قسمت بدلي ڇڏي پر وري به پهرين ٺڳن ڦورن اوبوتي ۽ عيدي امين کان بهتر ثابت ٿيو آهي. هن يوگنڊا جو اميج ڪجهه بهتر بڻايو آهي. بهرحال هي صدر موسيوني توڙي سندس وزيراعظم اپولو (سڄو نالو اپولورابن نِسبامبي) پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو آهن. مُوسيوني (سڄو نالو يوويري ڪاگوتا مُوسيوني) منهنجو همعمر آهي. يعني هو 1944ع ۾ ڄائو آهي. پاڻ اوبوتي يا عيدي امين وانگر ڪنهن قبيلي جي سردار جو پٽ هجڻ بدران هڪ غريب ڌراڙ (مال چاريندڙ) جو پٽ آهي. مختلف اسڪولن مان بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ بعد هن يونيورسٽي آف دارلسلام مان ايڪانامڪس ۽ پوليٽيڪل سائنس ۾ گرئجوئيشن ڪئي. يونيورسٽي جي ڏينهن ۾ ئي هن يونيورسٽي جي شاگردن جو آفريڪن ريوالشنري فرنٽ ٺاهيو هو ۽ پورچوگالين جي قبضي ۾ آيل ڀر واري ملڪ موزمبق مان گوريلا جنگ جي سکيا حاصل ڪئي. 1970ع ۾ جڏهن يوگنڊا جو صدر اوبوتي هو ته هن انٽيليجنس سروس ۾ نوڪري حاصل ڪئي. 1971ع ۾ جڏهن ميجر جنرل عيدي امين ملڪ ۾ انقلاب آندو ۽ اوبوتي کي ڀر واري ملڪ تنزانيا ۾ پناه وٺڻي پئي ته هي موسيوني به تنزانيا ڀڄي ويو. پوءِ 1979ع ۾ عيدي امين جي لڏڻ بعد هي پنهنجي وطن موٽي آيا. موسيوني دراصل انگريزي جي لفظ Seven يعني ستن مان نڪتل آهي. يعني ’سيون وارو‘. هي سيون نمبر انگريزن جي فوج جي هڪ بٽالن (پلٽون) Seventh Battalion of King’s African Rifles تان ورتل آهي. جنهن ۾ ڪيترن ئي يوگنڊا جي سپاهين نوڪري ڪئي ۽ ٻي جنگ عظيم ۾ انگريزن پاران جرمن آفريڪي فوجين جو مقابلو ڪيو. هن بٽالن ۾ نوڪري ڪرڻ وڏي فخر جي ڳالهه سمجهيو ويو ٿي ۽ نه رڳو انهن فوجين پر انهن جي اولاد به پاڻ کي مُسيوني (Museveni) سڏائيندي فخر محسوس ڪيو ٿي. مُسيوني جي لفظي معنيٰ آهي Seven جو فرزند (Son of Seven).
    انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته مسيوني ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي سٺو مقرر ۽ ليکڪ آهي. ائين ته يوگنڊا جو پهريون صدر ملٽن اوبوتي به يوگنڊا جي مڪاريري يونيورسٽي جو شاگرد هو جنهن ۾ انگريزن جي ٻارن به تعليم حاصل ڪئي ٿي. پر اوبوتي تعليم مڪمل ڪري نه سگهيو. Misconduct ڪري کيس يونيورسٽيءَ مان رسٽيڪيٽ ڪيو ويو هو. جيتوڻيڪ پاڻ اهو ئي ٻڌائي ٿو ته هن پاڻ پڙهڻ ڇڏي ڏنو. بهرحال هتي پاڻ يوگنڊا جي موجوده صدر موسيوني جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هو سٺو ليکڪ پڻ آهي. سندس هڪ ڪتاب، بلڪ ڪو سگهه ساري ته ٻه ڪتاب ضرور پڙهڻ کپن. خاص ڪري اڄ جي نوجوان سياستدانن کي ۽ سياست جي مضمون سان دلچسپي رکندڙ شاگردن کي پڙهڻ کپي. اهي هن ريت آهن.
    1- Sowing the Mustard Seed هي ڪتاب يوگنڊا جي آزادي ۽ جمهوريت کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جو آهي ۽ مڪملن ايڊيوڪيشن وارن 1997ع ۾ ڇپايو. سندس ISBN نمبر آهي 1-64234-333-0.
    2- What’s Africa’s problem? هي ڪتاب آمريڪا جي يونيورسٽي آف منيسوٽا پريس وارن سال 2000 ۾ ڇپايو.
    بهرحال موسيوني جي سٺي Reputation هوندي به هن پنهنجن مائٽن مٽن کي خوب ورسايو آهي. ملڪ جون ٻه اهم ۽ امير ترين شخصيتون جنرل سليم صالح ۽ ڊاڪٽر وائليٽ ڪاجو بِيري صدر موسيوني جو ڀاءُ ۽ ڀيڻ آهن. جنرل سليم صالح جيڪو ڄمڻ وقت عيسائي هو ۽ سندس نالو Caleb Akandwanaho هئو صدر صاحب جو صلاحڪار ٿي رهيو. فوج ۾ هجڻ جي باوجود پلاٽن ۽ گهرن جي خريد وڪرو ۽ Aviation جو بزنيس ڪندو رهيو. ان کان علاوه پرڏيهي ڪمپنين ۽ بئنڪن ذريعي ڪميشن ۽ ڪرپشن جي حد ڪري ڇڏيائين. 1998ع ۾ يوگنڊا جي فوج لاءِ ناڪاره قسم جا هيليڪاپٽر خريد ڪري ڪميشن کائڻ تي جڏهن گهڻي بدنامي ٿيس ته هن فوج مان استيفا ڏني جنهن لاءِ صدر موسيوني اهو ئي چوندو رهيو ته هن کي ڪرپشن ڪري نه پر هر وقت نشي ۾ رهڻ ڪري فوج مان ڪڍيو ويو.
    يوگنڊا جي صدر جي ڀيڻ ڪاجوبِري (سڄو نالو Violet Kajubiri Froelich) يوگنڊا جي جنگلي جيوت جي ڪلبن جي جنرل سيڪريٽري آهي. هوءَ ايڊيوڪيشن سروس ڪميشن جي به ميمبر آهي. بهرحال اهو آهي ته هوءَ ڪافي پڙهيل ڳڙهيل آهي. هن بايولاجي ۾ M.Sc ۽ سائنس ۾ Ph.D ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح صدر صاحب جي زال جينيٽ به ڪافي پڙهيل ڳڙهيل آهي. هن ويلس انگلنڊ مان پوليٽيڪل سائنس فلاسافي ۽ انگلش لٽريچر ۾ تعليم حاصل ڪئي. ان بعد هن ”ايسٽ آفريڪن ايئرويز“ هوائي ڪمپنيءَ ۾ گرائونڊ هوسٽس ٿي ڪم ڪيو. 1971ع ۾ عيدي امين جڏهن حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته هوءَ تنزانيا لڏي وئي ۽ پوءِ 1979ع ۾ عيدي امين جي حڪومت ختم ٿي ته هوءَ يوگنڊا موٽي آئي. 1981ع ۾ جڏهن سندس مڙس موسيونيءَ ان وقت جي صدر اوبوتي جي حڪومت خلاف گوريلا جنگ شروع ڪئي ته جينيٽ ٻارن کي وٺي نئروبي (ڪينيا) هلي وئي جتي ٻه سال رهڻ بعد هوءَ سئيڊن جي شهر گوٿنبرگ ۾ وڃي رهي. 1986ع ۾ جيئن ئي سندس مڙس يوگنڊا جو صدر ٿيو ته هوءَ ڪمپالا (يوگنڊا) موٽي آئي. کيس هڪ پٽ مُوهوزي (جيڪو ڪرنل آهي) ۽ ٽي ڌيئون نتاشا، پئشنس ۽ ڊائنا آهن. اڄ ڪلهه جينيٽ کي سندس مڙس صدر موسيونيءَ ملڪ جو رياستي وزير مقرر ڪيو آهي.
    هتي ٻه چار سٽون يوگنڊا جي وزيراعظم اپولو نسبامبي لاءِ به لکندو هلان جيڪو تمام گهڻو قابل ماڻهو آهي. يعني تعليم جي حوالي سان ۽ يوگنڊا جي ماڪيريري (Makerere) يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايو پڻ اٿس ۽ هيءَ يونيورسٽي دنيا جي سٺين يونيورسٽين مان مڃي وڃي ٿي جنهن ۾ انگريزن ۽ يورپين جي ٻارن پڻ پڙهندي فخر محسوس ڪيو ٿي. نوڪريءَ جا آخري 25 سال کن منهنجو به ٽيچنگ سان واسطو رهيو ۽ اڃان تائين وزٽنگ ليڪچرر جي حيثيت سان دنيا جي مختلف تعليمي ادارن ۾ وڃڻ ٿيندو رهي ٿو. يورپ جي ڪجهه ملڪن سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ يوگنڊا جي هن يونيورسٽي ماڪيريري جي به ڪجهه آفريڪي ۽ يورپي شاگردن ۽ استادن سان ملاقات ٿي آهي جن مان آمريڪن پال ايڊورڊ ٿيروڪس به هڪ آهي. جنهن جا ناول ۽ سفرناما مشهور آهن. هن ڪجهه سال يوگنڊا جي هن ماڪيريري يونيورسٽيءَ ۾ پڻ پڙهايو. هن جو هڪ مشهور سفرنامو Dark Star Safari نالي آهي جنهن ۾ هن يوگنڊا جي هن وزيراعظم اپولو رابن جو سال 2001ع ڌاري ورتل انٽرويو ڏنو آهي. انهن ڏينهن ۾ اپولو ماڪيريري يونيوسٽيءَ ۾ پوليٽيڪل سائنس ڊپارٽمينٽ جو سربراهه (Head) هو.
    يوگنڊا جو هي وزيراعظم اپولو رابن ملڪ جي صدر موسيونيءَ کان 6 سال وڏو آهي ۽ 1938ع ۾ ڄائو هو. پاڻ يونيورسٽي آف لنڊن مان B.Sc ۽ ايڪانامڪس ۾ آنرس جي ڊگري حاصل ڪيائين. ان بعد آمريڪا جي يونيورسٽي آف شڪاگو مان پوليٽيڪل سائنس ۾ M.A ڪيائين ۽ ڪينيا (آفريڪا) جي يونيورسٽي آف نئروبيءَ مان Ph.D ڪيائين. پاڻ (پروفيسر اپولو رابن نسبامبي) 1978ع کان 1987ع تائين ماڪريري يونيورسٽي جي سائنس فئڪلٽي جو ڊين ٿي رهيو. ان بعد هو 1994ع تائين هيڊ رهيو ان بعد ماڪريري انسٽيٽيوٽ آف سوشل ريسرچ (MISR) جو 1996ع تائين ڊائريڪٽر ٿي رهيو. ان بعد 1999 تائين تعليم ۽ راندين جو وزير ٿي رهيو. ان کانپوءِ اڄ تائين هو يوگنڊا جو وزيراعظم آهي. سندس پهرين زال جي وفات بعد 2003ع ۾ هن موجوده زال سان شادي ڪئي. اولاد ۾ هن کي چار ڌيئرون آهن.
    مٿي اسان واري يار آمريڪن پروفيسر پال ايڊورڊ ٿيروڪس جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن سان منهنجيون سنگاپور ۾ ملاقاتون ٿينديون هيون. هن کي به مون وانگر آفريڪا جا شهر ممباسا، نئروبي، دارالسلام، زئنزيبار ۽ ڪمپالا بيحد پسند هئا. پاڻ آمريڪا جي ميڊ فورڊ شهر ۾ 1941ع ۾ ڄائو يعني اسان واري حميد سنڌي ۽ عنايت بلوچ جو همعمر آهي. سندس ماءُ اطالوي آهي ۽ پيءُ فرينچ ڪئناڊين هو. پاڻ جڏهن يوگنڊا جي ماڪريري يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي رهيو هو ته هو ائين ئي خوش هو جيئن اسان ملائيشيا جي ميريٽائيم اڪيڊمي ۾ پڙهائيندي خوشي محسوس ڪري رهيا هئاسين. پروفيسر پال ٿيروڪس ٻڌايو ته هڪ ڏينهن ناراض عوام جي جلوس اڳيان سندس زال جي ڪار اچي وئي. هوءَ آخري مهينن سان پيٽ سان هئي. حڪومت خلاف نعرا هڻندڙ مظاهرين، هن جي زال جي ڪار کي اونڌو ڪري باهه ڏيڻ ٿي چاهي، پر پوءِ ڇڏي ڏنائونس. هي اهڙو واقعو هو جنهن پال ٿيروڪس کي ڪمپالا ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو. جتان پوءِ هو سنگاپور هليو آيو، جتي منهنجي ساڻس ملاقات ٿيندي رهي.
    پال ٿيروڪس جا ڪيترائي ناول ۽ سفرناما مشهور آهن جن مان هڪ The Great Railway Bazaar آهي. جنهن ۾ هن لنڊن کان ٽوڪيو تائين ٽرين ذريعي ڪيل اوٽ موٽ جي سفر جو احوال لکيو آهي. هن جو هڪ ٻيو سفرنامو The Old Pataganian Express آهي جنهن ۾ پڻ هن ٽرين جي سفر جو احوال لکيو آهي جيڪو سفر هن بوسٽن (USA) کان ارجنٽائنا تائين ڪيو. ان کان علاوه هن جو هڪ چين جو سفرنامو Riding the Iron Rooster ۽ پئسفڪ سمنڊ جي سفر جو The Happy Isles of Oceania آهي. سندس سڀ کان بهترين سفرنامو، گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نظر ۾ Dark Star Safari آهي جنهن ۾ پال ٿيروڪس قاهره (مصر) کان ڪيپ ٽائون (ڏکڻ آفريڪا) جي سفر جو احوال ڏنو آهي. هن ڪتاب جي ڪجهه بابن (Chapters) جا عنوان هن ريت آهن:
    • Up and Down the Nile
    • The Djibouti Line to Harar
    • The Longest Road in Africa
    • Figawi Safari on the Bandit Road
    • The Bush Train to Dares Salaam
    • The Kilimanjaro Express to Mboya
    • River Safari to the Coast……
    وغيره وغيره.


    آفريڪا بابت ڪجهه دلچسپ ڳالهيون

    نئروبي (ڪينيا) جي هوٽل ۾ جيڪا حبشي عورت منهنجو ڪمرو صاف ڪرڻ آئي ان کي ٿوري گهڻي انگريزي به آئي ٿي. اها ڪا حيرت جي ڳالهه ناهي. ڪينيا، تنزانيا، نائجيريا، گهانا، يوگنڊا جهڙا آفريڪي ملڪ جتي انگريزن جي حڪومت رهي، اتي جي وڏن شهرن ۾ ٿوري گهڻي انگريزي هرڪو سمجهي ٿو. بهرحال هوٽل جا ڪمرا صاف ڪندڙ هيءَ عورت قد ۾ ڪجهه ننڍي هئي ۽ آمريڪا جي پهلوان حبشي عورتن جي قد بت جو سوچي هن کي ائين ئي چرچي ۾ کڻي چيم ته ”خير ته آهي تون قد ۾ ننڍي آهين؟“ هوءَ ڪا اڳهين ڀري ويٺي هئي. لڳي ٿو ڪجهه درجا پڙهيل ۽ تاريخ جاگرافيءَ کان به واقف هئي. بهرحال اهو ته چوندس ته هوءَ بيحد حساس ٿي لڳي. منهنجي ائين ئي هڪ بي خيالي قسم جي سوال تي هن سنجيدو ٿي چيو: ”جي ها. اسين ننڍي سائيز جا آهيون ان ڪري جو جڏهن هنن غلاميءَ لاءِ کنيو ٿي ته ٿلهن متارن کي ئي کنيو ٿي.“
    هن جي ڳالهه جو درد آئون سمجهي ويس. منهنجي اکين اڳيان تاريخ جا اهي صفحا ڦرڻ لڳا جن ۾ يورپي توڙي اسان جا عرب مسلمان، هن کنڊ جي صحتمند ۽ جانٺن جوانن کي جانورن وانگر جهلي سوگهو ڪيو ٿي ۽ پوءِ زئنزيبار ۽ ڊڪار جي مارڪيٽن ۾ واڪ ڏئي وڪرو ڪيو ٿي. هي خريد ڪيل غلام آمريڪا ۽ سنڌ، ترڪي ۽ عرب دنيا جي مارڪيٽن ڏي موڪليا ويا ٿي جتي هنن جي هڪ دفعو وري ٻولي لڳي ٿي. ڪمزور، ڏٻرن ۽ ننڍي قد وارن کي ڪنهن به خريدار پسند نٿي ڪيو جو اهي ائٽلانٽڪ سمنڊ يا هندي سمنڊ لتاڙيندي مري ٿي ويا. يا صحيح سلامت پهتا به ٿي ته مالڪ انهن مان ايڏو پورهيو وٺي نٿي سگهيا. ان ڪري اهي گهٽ اگهه تي نيلام ٿيا ٿي.
    * * * *
    هڪ ڏينهن ممباسا جي بندرگاه ۾ جتي ڀر واري ملڪ تنزانيا جو جهاز به بيٺو هو، ان جي هڪ آفيسر سان خبر چار پئي ڪيم. هو پنهنجو پاڻ کي ڪينيا جي رهاڪن کان وڌيڪ مهذب سڏائي رهيو هو. هن چيو ته ڪينيا جي مقابلي ۾ تنزانيا جا ماڻهو وڌيڪ Civilised ۽ سُلجهيل آهن. ”جهيڙو جهٽو يا ڦڏو ڪرڻ هميشه ڪينيا جي رهاڪن جو ڪم آهي“، هن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي مونکي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”ڪينيا وارن لاءِ مڙس ته ڦڏو نه ته جڏو. ۽ جڏهن هنن کي وڙهندو نه ڏسين ته پڪ سمجهه ته اهي ڪينيا جا نه پر تنزانيا جا آهن.“
    * * * *
    اسان وانگر هتي جا ماڻهو به گورن کي گاريون ڏين ٿا پر Impress به انهن مان ئي آهن. ممباسا جي هن بندرگاه ۾ 1973ع جي هڪ ڳالهه ياد ٿي اچي. اسان جي جهاز ايم وي چناب تي هڪ دعوت ۾ آيل مڪاني مهمانن ۾ هڪ پوڙهي عورت اسان جي جهاز مان متاثر ٿي چوي ٿي: ”واه جو آهي!“ پوءِ مون سمجهيو ته هوءَ پڪ چوندي ته ”شاباش هجي توهان کي جو هن لوهي آفت کي سمنڊ تي هلايو ٿا“. پر ان بدران پاڻ چيائين: ”موزونگو! ڇا ته عظيم آهي!“ هن انگريزن جي واکاڻ ڪندي چيو (جيئن پاڻ انگريزن کي گورا يا فرنگي سڏيون ٿا تيئن هتي جا ماڻهو انهن کي Muzungo چون ٿا) ۽ پوءِ چوڌاري نظر ڦيرائي چيو: ”هنن ڇا ته ڪمال جي شيءِ ٺاهي آهي! اسان هڪ لوه جي ٽڪر تي ويٺا آهيون تڏهن به نٿا ٻڏون.“
    * * * *
    آفريڪا جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ تمام گهڻي غربت آهي ۽ عورت ته ويتر بي وس نظر اچي ٿي. هن جو سڄو ڏينهن پنهنجي مڙس، ٻارن ۽ مڙس جي سواري واري وهٽ جي خذمت ۾ گذري ٿو. عياشيءَ جي شين جي ته ڳالهه ٿي پري، هن کي هر وقت جياپي لاءِ چند ضرورت جي شين کي حاصل ڪرڻ لاءِ فڪر رهي ٿو. نئروبيءَ کان ممباسا ويندي واٽ تي Kibwazi ريلوي اسٽيشن تي رڌل گجر وڪڻندڙ عورت کان پڇيم ته هن جي زندگيءَ جون ڪهڙيون ضروري شيون آهن ته هن ٺهه پهه وراڻيو:
    ”کنڊ، مڪئي، صابڻ ۽ رڌ پچاءَ لاءِ چرٻي يا تيل“.
    * * * *
    ڪينيا جي هڪ ڳالهه آهي ته ڊوڙ جي عالمي مقابلن ۾ گهڻو ڪري ڪينيا جو همراهه کٽيو وڃي. مونکي ياد آهي ته 1988ع ۾ پريس وارن ڪينيا جي مشهور Runner نور دين مورسيليءَ کان جڏهن پڇيو ته Do you fear from other runner ته جواب ۾ هن وراڻيو:
    “The new Kenyans. There are always new Kenyans”.
    * * * *
    ڪينيا جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ۽ ملڪ جي پهرين وزيراعظم جومو ڪينياتا جي هيٺين چوڻي تمام مشهور آهي. آفريڪا کي غريب بنائڻ ۾ يورپين ۽ انگريزن کي ڏوهاري بنائڻ لاءِ هن Quotation جو سهارو ورتو وڃي ٿو.
    “When the missionaries Came to Africa they had the Bible and we had the land. They taught us to pray with our eyes closed. When we opened them, we had the Bible in our hand, and they had the land”.
    ”جڏهن هي عيسائي تبليغي، آفريڪا ۾ آيا ته هنن وٽ انجيل مقدس هئي اسان وٽ ٻنيون ٻارا. هنن اسان کي اکيون بند ڪري پڙهڻ سيکاريو ۽ پوءِ جڏهن اسان اکيون کوليون ته مذهبي ڪتاب اسان جي هٿن ۾ هو ۽ اسانجي ڌرتي هنن جي قبضي ۾ اچي وئي......“
    * * * *
    اڄ ڪينيا جي وزيراطلاعات جو اخبارن ۾ تمام سٺو بيان آيو آهي ته ”اسان ڪينيا جي رهاڪن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ سکڻ کپي رڳو پِن ۽ قرض وٺڻ جي ڪلچر کي ختم ڪرڻ کپي.“ منهنجي خيال ۾ اهو پيغام اسان جهڙن ڪيترن ملڪن لاءِ پڻ آهي.
    هڪ دفعي ڪينيا جي صدر موائي ڪباڪيءَ عوام اڳيان تقرير ڪندي چيو هو ته ”حڪومت ڪرڻ قدرت طرفان ليڊرن کي موقعو ٿو ملي ته جيئن هو غريب عوام جي زندگي بهتر بڻائين ۽ نه پنهنجي هٻڇ جو پورائو ڪن“. ۽ پوءِ جلدي هر هڪ کي اها ڄاڻ ٿي وئي ته هنن ڪيڏا فراڊ ۽ ٺڳيون ڪري ملڪ جي خزاني جي ڀينگ ڪئي. موائي ڪباڪي (Mwai Kibaki) ملڪ جو صدر ٿيڻ کان اڳ پنهنجي تقرير ۾ اعلان ڪيو هو ته “Corruption will now cease to be a way of life in Kenya” ”ڪينيا جي روزمره جي زندگيءَ ۾ جيڪا ڪرپشن آهي، ان کي آئون ٻنجو ڏئي ڇڏيندس“ ۽ پوءِ جڏهن صدر ٿيو ته فراڊ جي سڀ کان وڏي واردات ۽ اليڪشن ۾ ٺڳي ڪرڻ ۾ هو جهليو ويو.
    * * * *
    ايشيا، آفريڪا توڙي ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن کي انگريزن، فرينچن، پورچوگالين ۽ ٻين يورپين کان جڏهن آزادي ملي ته ڪن ملڪن ۾ اهڙا ته سٺا سياستدان ۽ حاڪم ٿيا جو هنن پنهنجن ملڪن کي سکيو ستابو بڻائي ڇڏيو.
    سنگاپور ۽ ملائيشيا انهن ملڪن مان آهن. پر افسوس ته ڪيترن ملڪن ۾، خاص ڪري آفريڪا کنڊ جي ملڪن ۾ اهڙا ته اڳواڻ پيدا ٿيا جن پنهنجي ملڪ کي ٺاهڻ بدران ان کي ڦريو لٽيو. ملڪ جو خزانو هنن پنهنجي ۽ پنهنجن مائٽن ۽ دوستن جي ملڪيت سمجهي انهن تائين محدود رکيو. ان ڊپ کان ته متان عوام بغاوت ڪري ۽ کين هٿين خالي ملڪ مان ڪڍيو وڃي. هنن ان صورت کي ڌيان ۾ رکي ملڪ جي ملڪيت غير ملڪي ناڻي ۾ تبديل ڪري سئٽزرلئنڊ، انگلنڊ ۽ آمريڪا جهڙن ملڪن جي بئنڪن ۾ رکي ڇڏي. نتيجي ۾ سندن ملڪ جي سڪي جو اگهه ڪري پيو، مهانگائي وڌي وئي ۽ غريب ويتر غريب ٿي ويو ۽ ملڪ جا چند سياستدان ۽ طاقتور ماڻهو ملينئر ۽ بلينئر ٿي ويا. ڪينيا جي هڪ هڏ ڏوکي سياستدان جي.ايم ڪاريئڪي (J.M.Kariuki) جنهن کي پوءِ جيئڻ نه ڏنو ويو ۽ قتل ڪيو ويو. ان جو پنهنجي ملڪ ڪينيا لاءِ چيل هي قول ٿو ياد اچي ته:
    Kenya has become a country of ten millionaires & a ten million Beggers…
    ”اسانجو ملڪ ڏهن ملينئرن ۽ ڏهه ملين فقيرن جو ملڪ بنجي ويو آهي“.
    اها ڳالهه هن 1973ع يا 1974ع ڌاري چئي هئي. سچي ڳالهه اها آهي ته وري به تڏهن به ۽ هينئر ته وڌيڪ، ڪينيا، يوگنڊا ۽ تنزانيا جهڙا ملڪ گهڻن کان بهتر آهن. آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن جو ڪهڙو ويهي ذڪر ڪجي. سياستدانن ۽ حاڪمن هڻي پنهنجي ملڪن جي ستيا ناس ڪري ڇڏي آهي. ماڻهن کي هڪ ويلو رکيءَ مانيءَ جو ناهي، هو ڦاٽل ڪپڙن ۾ پيا هلن، دوا وٺڻ لاءِ هنن وٽ خالي شيشيءَ جا پئسا نه آهن ۽ سندن سياستدانن کي لنڊن ۽ يورپ جي ملڪن ۾ فائو اسٽار هوٽلن ۾ رهندو، هزارين روپيه سلائي وارا ٿري پيس سوٽ پائيندو ۽ ڪلبن ۽ بارن ۾ مهانگا شراب پيئندو ڏسي شرم ايندو آهي. هو ته پنهنجي پَر ۾ پاڻ کي انگريزن، فرينچن، اطالوين يا جرمنن جهڙو ٿا تصور ڪن پر يقين ڪريو ته اهي يورپي هنن تي کلندا رهن ٿا جو هنن کي خبر آهي ته اهڙا سياستدان ملڪ جي ماڻهن کي غريب ۽ بکيو رکي چوريءَ جي پئسي تي لئه ويٺا رکن.
    * * * *
    آفريڪا جي نيل ندي دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي ندي آهي جيڪا يوگنڊا، اٿوپيا، سوڊان ۽ مصر مان وهي ٿي. سندس ور وڪڙ جي سڌا ڪجن ته اها خط استوا کان اسڪاٽلنڊ تائين هلي وڃي. بهرحال هينئر به يوگنڊا (جتان شروع ٿئي ٿي) مصر تائين ماپيو وڃي ته 6700 ڪلو ميٽر ٿئي ٿي.
    نيل ندي کي انگريزي ۾ دي نائيل(The Nile)، اڙدو ۽ سنڌيءَ ۾ نيل ۽ عربي ۾ النيل سڏيو وڃي ٿو. نيل نديءَ کي هميشه مصر سان لاڳاپيو وڃي ٿو ۽ گهڻا ماڻهو اهوئي سمجهن ٿا ته نيل ندي فقط مصر مان وهي ٿي جيئن سنڌو ندي پاڪستان ۾، گنگا ۽ جمنا انڊيا ۾ يا اراودي برما (ميانمار) ۾- پر ائين ناهي. نيل ندي جنهن جي ڊيگهه اٽڪل 6700 ڪلوميٽر آهي ان جو فقط 22 سيڪڙو مصر مان وهي ٿي، باقي آفريڪا جي ٻين اٺن ملڪن سوڊان، يوگنڊا، تنزانيا، ڪينيا، اٿوپيا، روانڊا، زائر، برنڊي مان وهي ٿي. ائين ته مصر به آفريڪا جو ملڪ آهي ۽ جيئن ترقي ملڪ جو هڪ حصو يورپ کنڊ ۾ آهي ته ٻيو ايشيا ۾ تيئن مصر جو هڪ حصو آفريڪا ۾ آهي ته ٻيو ايشيا ۾.
    هونءَ اهو ضرور آهي ته مصر لاءِ هيءَ ندي اهم آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مصر هن نديءَ جو تحفو آهي. هيءَ ندي نه هجي ته مصر به ائين رڻ پٽ هجي جيئن سنڌو ندي بنا سنڌ ٿي پوي. پنجاب، انڊيا، بنگلاديش يا برما ۽ ملائيشيا ۾ ته ٻيون به نديون آهن ته بارش به پوي ٿي. ٻي ڳالهه اها ته صدين تائين دنيا کي اها خبر ئي نه هئي ته نيل ندي ڪٿان شروع ٿئي ٿي. اڄ ڪلهه ته هوائي جهاز يا هيليڪاپٽر ذريعي هر ندي يا ٻي ڪنهن شيءِ جو مٿي وڃي نقشو ٺاهي سگهجي ٿو پر تن ڏينهن ۾ ڪير نيل نديءَ ۾ اوڀارو وڃي معلوم ڪري ته اها ڪٿان شروع ٿئي ٿي. رستي تي ميلن تائين اتر سوڊان جو رڻ پٽ آيو ٿي، ڏکڻ سوڊان ۽ يوگنڊا جا گهاٽا جنگل آيا ٿي. بهرحال هڪ صدي اڳ کن انگريزن هن نديءَ جي سروي ڪئي ۽ هاڻ هر هڪ کي معلوم آهي ته مصر مان وهي ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ نيل ندي کي ٻه نديون: سفيد نيل جنهن کي مڪاني ماڻهو النيل الابيض سڏين ٿا ۽ ٻي بلو نيل (جيڪا النيل الازق سڏجي ٿي.) ملي ٺاهين ٿيون.
    سفيد نيل يوگنڊا جي وڪٽوريا ڍنڍ کان شروع ٿئي ٿي بلڪ ائين کڻي چئجي ته هيءَ ندي برنڊي ۽ روانڊا ملڪن مان شروع ٿي تنزانيا جي شهر بُوڪوبا وٽ وڪٽوريا ڍنڍ ۾ داخل ٿي پوءِ يوگنڊا جي شهر جنجا وٽان اڳتي وڌي ٿي. ياد رهي ته آفريڪا کنڊ جي مشهور، تاريخي ۽ سهڻن شهرن/ بندرگاهن واري هيءَ وڪٽوريا ڍنڍ ٽن ملڪن يوگنڊا، تنزانيا ۽ ڪينيا جي وچ ۾ آهي. يعني وڪٽوريا ڍنڍ جي چوڌاري اهي ٽي ملڪ آهن. بهرحال اتان پوءِ يوگنڊا مان لنگهندي هيءَ ندي ٻن ٻين ڍنڍن: ڪيوگا ۽ البرٽ کي به ڀري ٿي ۽ پوءِ سوڊان ۾ داخل ٿئي ٿي. اتي هن نديءَ کي بحرالجبل به سڏين ٿا جو اها يوگنڊا ۽ سوڊان جي جابلو علائقن مان ٿيندي اتي پهچي ٿي. هتي اهو به لکندو هلان ته سوڊان ۾ انگريزي ۽ عربي ڳالهائي وڃي ٿي. ان ڪري سوڊان ۾ ڪيترين ئي شين جا نالا عربي ۾ آهن.
    هڪ ٻي نيل ندي جيڪا بلو نيل سڏجي ٿي. اها اٿوپيا جي جبلن مان شروع ٿي، اٿوپيا لتاڙي سوڊان ۾ اوڀر کان گهڙي ٿي. هيءَ ندي 1400 کن ڪلوميٽرن جو سفر طئي ڪري سوڊان جي گاديءَ واري شهر خارطوم ۾ سفيد نيل (بحرالجبل) سان ملي پوءِ سوڊان جو اتراهون حصو پورو ڪري مصر ۾ ”النيل“ جي نالي سان داخل ٿئي ٿي. اتان ئي اسان جا جهاز سئيز ڪئنال ۾ داخل ٿي ٻئي پاسي ڳاڙهي سمنڊ (Red Sea) ۾ پهچن ٿا. هتي اهو به لکندو هلان ته سوڊان جي هيٺين اڌ (ڏاکڻي) وارا، جتي يوگنڊا کان ايندڙ سفيد نيل کي بحرالجبل سڏين ٿا اتي اٿوپيا کان ايندڙ هن بلو نديءَ کي بحرالغزل سڏين ٿا.
    قاهره، خارطوم، گونڊوڪورو، اسوان، ڪارناڪ، الينگزينڊرا ۽ Thebes هن نديءَ جا قديمي، تاريخي ۽ مشهور شهر آهن.


    آفريڪا بابت ڪجهه حقيقتون

    آفريڪا هڪ تمام وڏو کنڊ آهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي نديون آهن. نيل ندي سڀ کان ڊگهي ندي آهي (اٽڪل 6700 ڪلوميٽر). ان کان پوءِ ٻي نمبر تي ڪانگو ندي آهي جيڪا وچ آفريڪا مان وهي ٿي، ٽي نمبر تي نائيجير آهي. جنهن تان انهن ملڪن جا نالا ڪانگو ۽ نائيجر پيا. ڪانگو ندي 4700 ڪلوميٽر ڊگهي آهي ۽ نائجر ندي 4200 ڪلوميٽر آهي. انهن کان علاوه زمبيسي، ابانگي، ڪاسائي، آرينج، لمپوپو ۽ سينيگال نديون مشهور نديون آهن جن جي ڊيگهه ڏيڍ هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ آهي. سينيگال ندي ”سينيگال“ مان وهي ٿي ۽ ان نديءَ تان ئي هن ملڪ جو نالو سينيگال پيو آهي. جنهن جي گاديءَ جو شهر ۽ وڏو بندرگاه ڊڪار آهي جتي اسان جا جهاز سڀ کان گهڻو ويا ٿي.
    * * * *
    آفريڪا کنڊ ڏٺو وڃي ته ذري گهٽ آسٽريليا وانگر ٻيٽ آهي. هن جي چوڌاري سمنڊ آهي. آفريڪا کنڊ فقط مصر وٽ ايشيا سان ڳنڍيل آهي باقي چوڌاري ڪو نه ڪو سمنڊ آهي. آفريڪا کنڊ جا اتر هان ملڪ جهڙوڪ الجيريا، ٽيونيشيا ۽ لبيا ڏٺا وڃن ته انهن جي چوڌاري ميڊيٽرينين سمنڊ آهي. ان بعد مصر آهي. جنهن جي ڪجهه حصي کي مٿيون ميڊيٽرينين سمنڊ ڇُهي ٿو. مصر کانپوءِ سوڊان، اريٽيريا، جبوتي ۽ سوماليا جو ڪجهه حصو ڳاڙهي سمنڊ تي آهي ۽ سوماليا جو باقي حصو، ڪينيا، تنزانيا، موزمبق وغيره هندي وڏي سمنڊ جي ڪناري تي آهن. ان بعد سائوٿ آفريڪا بلڪل هيٺ پڇڙيءَ تي آهي. جتي هندي وڏو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ملن ٿا ۽ آفريڪا جي اولهه ڪناري وارا سڀ ملڪ ائٽلانٽڪ سمنڊ تي آهن. انهن ۾ نميبيا، ائنگولا، ڪانگو، گئبن، ڪئمرون، نائيجيريا، ٽوگو، گهانا، آئوري ڪوسٽ، لائيبيريا، سيريا ليون، گئمبيا، گِني بسائو، سينيگال، ماريطانيا ۽ موراڪو وغيره اچي وڃن ٿا.
    سئيز ڪئنال کليل هجڻ ڪري آفريڪا کنڊ اسان جهازين لاءِ هڪ ٻيٽ ئي آهي جنهن جي چوڌاري اسان ڦري سگهون ٿا. جيئن آسٽريليا کي ڦيرو ڪري سگهجي ٿو. اهڙي طرح پاناما ڪئنال جي ڪري ڏکڻ آمريڪا به سامونڊي آمدرفت جي معاملي ۾ اسان لاءِ ٻيٽ آهي. پر ايشيا، يورپ ۽ اتر آمريڪا (USA ۽ ڪئناڊا) جي چوڌاري جهاز کي ڦيرائي نٿا سگهون جو اتر ۾ ايڏي ته ٿڌ آهي جو اونهاري ۾ به سمنڊ سخت برف رهي ٿو جنهن ۾ برف ڪٽيندڙ جهاز (Ice Cutters) به رستو ٺاهي نٿا سگهن. ياد رهي ته يورپ ۽ ڪئناڊا جي ڪجهه اتراهن علائقن ۾، اونهاري ۾ برف جو تهه ايڏو ٿلهو نٿو ٿئي ۽ برف ڪٽيندڙ جهاز عام جهازن جي اڳواڻي ڪري، برف ڪٽيندو ويندو آهي ۽ سندس پٺيان ٻين جهازن جو يڪو قافلو اڳيان وڌندو ويندو آهي. واپسي تي موٽڻ مهل وري اهو Ice Cutter جهازن جي قافلي لاءِ رستو ٺاهيندو آهي. جهازن لنگهڻ بعد برف جا تهه وري ملي ميدان ٺاهي ڇڏيندا آهن جن تي توهان فٽ بال کيڏندا رهو يا سائيڪلون هلائيندا رهو.
    * * * *
    دنيا جي پنجن تکي ۾ تکو ڊوڙندڙ جانورن مان چار آفريڪا ۾ رهن ٿا. هڪڙو چيتو جنهن جي رفتار 115 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي. ٻيو وائلڊ بيسٽ، ٽيون شينهن ۽ چوٿون هرڻ (Gazelle) آهي. وائلڊ بيسٽ. جيڪو antelope جانور جهڙو ٿئي ٿو ۽ سندس منهن ڪجهه گڏهه ۽ ڪجهه پاڏي سان ملي ٿو. مٿو وڏو ٿئيس ۽ سڱ چٻا ٿينس، 8 فٽ کن ڊگهو ٿئي ۽ قد ۾ ساڍا چار فٽ ٿئي. هي جانور 70 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب سان ڊوڙي سگهي ٿو ۽ گهڻو ڪري ڪينيا ۽ ڀرواري ملڪ تنزانيا ۾ نظر اچي ٿو. هتي جا ماڻهو کيس ”وائلڊ بيسٽ“ سڏين پر ان جي اسپيلنگ Wild Beast بدران Wildebeest لکن. ڪن هنڌن تي هن جانور کي نُو (Gnu) به سڏين.
    * * * *
    آفريڪا ۾ جتي ڪٿي جنگلي جانورن جو خوف رهي ٿو. خاص ڪري آدمخور شينهن جو. هتي جي ڪيترن ماڻهن جو انت شينهن جي پيٽ ۾ ٿئي ٿو. پر جانورن طرفان انسانن جي موت جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته آفريڪا ۾ سڀ کان گهڻا ماڻهو واڳن جو شڪار ٿين ٿا. آفريڪا ۾ پاڻيءَ جو وڏو مسئلو آهي. هر اڃايل انسان توڙي جانور درياه، ڍنڍ يا پاڻيءَ جي دُٻي تي پهچي ٿو. جتي واڳن جو هجڻ ضروري آهي.
    آفريڪا جي صحارا ڊيزرٽ (رڻ پٽ) دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي آهي. دنيا ۾ فقط ٽي ملڪ آهن جيڪي صحارا رڻ پٽ کان وڏا آهن. روس، ڪئناڊا ۽ چين. ان کان پوءِ ٻي نمبر تي وڏو رڻ پٽ (Desert) ڪَلهاري آهي. جيڪو ڏکڻ آفريڪا ۾ آهي. صحارا جي پکيڙ 90 لک چورس ڪلوميٽر آهي.
    آفريڪا کنڊ ۾ 53 ملڪ آهن جن مان 6 ملڪ خط استوا جي پٽي تي اچن ٿا، اهي آهن: سوماليا، ڪينيا، يوگنڊا، ڪانگو، DRC (ڊيموڪريٽ ريپبلڪ آف ڪانگو) ۽ گئبن.
    نائيجيريا جي آدمشماري سڀني ۾ گهڻي آهي- 140 ملين جي لڳ ڀڳ ٿينديس. ٻئي نمبر تي مصر آهي جنهن جي آدمشماري 80 ملين ٿيندي. سڀ کان گهٽ آدمشماري سيشلز ٻيٽن جي آهي جيڪا ٽوٽل هڪ لک ٿيندي. ۽ جي توهان ملڪن بدران شهرن جي آدمشماري جي ڀيٽ ڪندائو ته بنا شڪ جي مصر جو قاهره جنهن کي انگريز ’ڪيرو‘ سڏين ٿا سڀ کان گهڻو ڳتيل شهر آهي. جنهن جي آدمشماري 17 ملين آهي. يعني لڳ ڀڳ ڪراچيءَ جيتري. جيڪڏهن توهان گهٽ آدمشماري واري شهر جي ڳالهه ٿا ڪريو ته پوءِ اهو ليسوٿو ملڪ جي گاديءَ جو شهر مَيسرو (Maseru) آهي جنهن جي آدمشماري 14 هزار آهي.
    آفريڪا ۾ ڪيترائي قبيلا آهن جن کي ڳڻڻ ناممڪن ڳالهه آهي. باقي اهم ۽ وڏا قبيلا 3000 کن چيا وڃن ٿا جن مان فقط نائيجيريا ۾ 380 قبيلا آهن جيڪي رڪارڊ تي موجود آهن. سڄي آفريڪا ۾ اٽڪل 2000 زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. سڀ کان گهڻي عربي ڳالهائي وڃي ٿي جيئن ته موراڪو، موريطانيا، الجيريا، ٽيونيشيا، لبيا، مصر، سوڊان، جبوتي، سوماليا، اٿوپيا وغيره ۾. جيڪڏهن توهان اهو معلوم ڪرڻ چاهيو ٿا ته آفريڪا جو ڪهڙو شهر آهي جنهن کي گهمڻ لاءِ گهڻي کان گهڻا ماڻهو اچن ٿا ته اهو مصر جو قاهرو آهي، جتي جا اهرام ۽ ٻيون آڳاٽيون ۽ تاريخي شيون ڏسڻ لاءِ ماڻهو اچن ٿا. جيڪڏهن توهان ملڪن جي ڳالهه ڪندائو ته پوءِ سڀ کان گهڻا ماڻهو سائوٿ آفريڪا گهمڻ لاءِ اچن ٿا. ان کان علاوه موراڪو، موزمبق، سينيگال ۽ گئيمبيا ۾ به ڪافي آمريڪن ۽ يورپي اچن ٿا. آفريڪا ۾ سڀ کان وڏو ٻيٽ مئڊاگاسڪر آهي جيڪو موزمبق جي سامهون هندي وڏي سمنڊ ۾ آهي.
    * * * *
    آفريڪا جي جاگرافي جي ٿوري گهڻي ڄاڻ هوندي، آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ جهاز وٺي وڃڻ جي باوجود ۽ آفريڪا جي تقريباً سڀني ملڪن جي شاگردن سان ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي، سئيڊن ۾ پڙهڻ ۽ جهازرانن سان گڏ مختلف ملڪن ۾ سيمينار ۽ ڪانفرنسون اٽينڊ ڪرڻ جي باوجود اڄ به آفريڪا جي ڪيترن ملڪن جي نالن ۾ مون کي مونجهارو ٿيو وڃي. جيئن گني (Guinea) نالي ملڪ آهي. هاڻ ان نالي وارو هڪ ملڪ ڏکڻ آمريڪا ۾ به آهي ته آسٽريليا پاسي به آهي جيڪو هاڻ پاپاءِ نيو گني سڏجي ٿو ته آفريڪا ۾ به هڪ نه ٻه، پر ٽي گني ملڪ آهن: ريپبلڪ آف گِني (جنهن کي ڪي ماڻهو Guinea Konakry به سڏين ٿا)، ٻيو گني بسائو نالي ملڪ آهي ۽ ٽيون اِڪيٽوريل گني يعني ”خط استوا وارو گني“ نالي ملڪ آهي جيڪو اصل ۾ خط استوا (Equitor) واري ليڪ تي آهي ئي ڪونه.
    مونکي اڪثر مالي ۽ مالاوي ملڪ به منجهائيندا آهن ته ساڳي وقت نائيجر ۽ نائيجيريا به! اهڙي طرح زئمبيا ۽ گئمبيا به. آفريڪا جا ٻه ملڪ جيڪي ڪانگو سڏجن ٿا، جن مان هڪ کڻي ريپبلڪ آف ڪانگو سڏجي ٿو ته ٻيو ڊيموڪرئٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو پر تڏهن به چڱو مونجهارو پئدا ڪن ٿا ڇو جو اهو ٻيو نمبر ڪانگو ماضيءَ ۾ ڊيموڪرئٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو بدران ”ڪانگو فري اسٽيٽ“ سڏبو هو، ان کان اڳ بيلجئن ڪانگو سڏبو هو، اڃان به ڪجهه سال اڳ ڪانگو ليپولڊول، ڪانگو ڪنشاسا ۽ زائر سڏبو هو. اهڙي طرح ماريشس ۽ ماريطانيا ملڪ به گهڻن لاءِ مونجهاري جو سبب بنجن ٿا. ڪيترن ملڪن يا شهرن جا ته نالا به بدلجيو وڃن. موزمبق جي مشهور بندرگاه لارينزو مارڪس ۾ ٻه دفعا جهاز وٺي آياسين. ٽئي دفعا موزمبق مان ڪارگو کڻڻ لاءِ اسان کي موپوتو گهرايو ويو. نقشي ۾ کڻي ڏسون ته اهو بندرگاه موزمبق ۾ ته ڇا پر اوسي پاسي جي ملڪن ۾ به نظر نه اچي. پوءِ خبر پيئي ته پورچوگالين طرفان خودمختياري ملڻ تي موزمبق جي حڪومت لارينزو مارڪس بندرگاه جو نالو موپوتو رکيو آهي ڇو جو لارينزومارڪس پورچوگالي نالو هو. اهڙي طرح مئڊاگاسڪر مالاگاسي ٿي ويو. ان بعد وري مئڊاگاسڪر ٿي ويو آهي. بهرحال ايندڙ مضمون ۾ پاڻ مٿين ملڪن بابت مختصر احوال ڏينداسين. هتي آفريڪا جي هڪ اهم ۽ پاپلور جانور هاٿيءَ جي ڳالهه ڪنداسين.
    * * * *
    آفريڪي هاٿي هتي جي ماڻهن لاءِ ائين اهم جانور آهي جيئن عربستان ۾ اٺ آهي. هاٿيءَ کان سامان ڍورائڻ جو ڪم هڪ طرف ورتو وڃي ٿو ته سندس عاج وڏي اگهه ۾ ٻئي طرف وڪيو وڃي ٿو. آفريڪا جو هاٿي اسانجي ايشيائي يعني انڊيا، سريلنڪا يا ملائيشيا جي هاٿيءَ کان قد بت ۾ وڏو ٿئي ٿو. سندس کل (چمڙي) وارن بنا ٿئي ٿي. آفريڪي هاٿيءَ جا ڪن به وڏا ٿين ٿا پر ٻڌڻ ۾ اهڙو سُرلو ناهي سندس ڪنن جو پويون حصو سڀ ۾ گهڻو نرم ٿئي ٿو ان ڪري هاٿي هلائڻ وارو هن تي ڇوه ڇنڍڻ وقت ڪن جي پٺيان ٿُڏا يا لڪڻ هڻي ٿو. آفريڪن هاٿي جو وزن 700 ڪلو ٿئي ٿو يعني سترهن ارڙهن مڻ کن ٿئي ٿو. سندس قد ڏهن کان تيرهن فٽن تائين ٿئي ٿو. يعني ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ جي ڪلهن تي بيهي تڏهن هن جي برابر ٿيندو.
    هتي جي (يعني ممباسا جي) هڪ رهاڪوءَ کي چيم ته آفريڪا ۾ تمام گهڻا هاٿي آهن. جنگلن ۾ ته نظر اچن ٿا پر ممباسا يا نئروبي شهر ۾ ڪنهن زميندار، وڏيري يا سيٺ جي گهر ۾ نه آهن. جيڪي آهن اهي شهر جي چڙيا گهر ۾ آهن. وراڻيائين: ”هاٿيءَ کي ڪير شهر ۾ رکي سگهندو جو هن کي روزانو کارائڻ لاءِ 250 ڪلو يعني 6 مڻ ڪتر يا گاه کپي ۽ ايترو ئي پاڻي کپي. سو شهر ۾ ڪٿان اچي؟“
    هن ٻڌايو ته هاٿيءَ جي عمر 70 سال ٿئي ٿي ۽ هو روزانو 16 ڪلاڪ کائڻ ۾ مشغول رهي ٿو ۽ عام طرح 4 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي ٿو ۽ ڪافي مفاصلو تري به سگهي ٿو. آفريڪي هاٿيءَ جي نه فقط ٻڌڻ جي پر ڏسڻ جي قوت به گهٽ آهي. آفريڪي هاٿيءَ جو سائنسي نالو Loxodonta Africana آهي.


    آفريڪا جا مونجهاري وارا ملڪ

    آفريڪا جي ملڪن جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ هن کنڊ جو نقشو ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي. آفريڪا کنڊ جو نقشو ماڻهوءَ جي منهن سان گهڻي مشابهت رکي ٿو جنهن جي کاڏي سمجهو ته سائوٿ آفريڪا آهي. جنهن تي جيڪڏهن ٻه تر هجن ته انهن مان هڪ سوازيلئنڊ ملڪ آهي ته ٻيو ليسوٿو (Lesotho) آهي. آفريڪا جا هي ٻه ننڍڙا ملڪ سائوٿ آفريڪا ۾ ئي اچن ٿا. بهرحال آفريڪا کنڊ ان ماڻهوءَ جي منهن جيان آهي جيڪو توهان جي سامهون بيٺو آهي. سندس نرڙ يا مٿو آلجيريا، لبيا، ٽيونيشيا ۽ ڪجهه مصر جو حصو آهي جواهي ملڪ آفريڪا کنڊ جي اتر ۾ آهن جن مٿان ميڊيٽرينين سمنڊ آهي- يعني ان ماڻهوءَ جي منهن مٿان وارن واري جاءِ تي Mediterranean سمنڊ آهي. سندس کاٻي پاسي وارو ڪن- يعني اسانجي کاٻي هٿ واري پاسي جو ڪن (جيڪو دراصل هن جو ساڄو ڪن ٿيو جو هن جو منهن اسان ڏي آهي) سمجهو ته موراڪو، ماريطانيا ۽ سينگال وغيره ٿيو ته ٻئي پاسي وارو ڪن مصر، سوڊان، اريٽيريا، جبوتي، اٿوپيا ۽ سوماليا ٿيو. آفريڪا کنڊ ايشيا کنڊ سان فقط مصر ملڪ جي ڪجهه حصي سان ڳنڍيل آهي يعني هن ماڻهوءَ جو منهن سندس ڪن جي مٿين حصي سان ڪنهن وڻ يا ڀت سان چنبڙيل آهي. ان ماڻهوءَ جو اهو ڪن ان مٿئين حصي وٽان (جيڪو ڀِت يا وڻ سان چنبڙيل آهي). ٽوپيل آهي ته اهو ٿيو ڄڻ سئيز ڪئنال. هڪ ماڪوڙي جيڪڏهن چاهي ته ان منهن جي چوڌاري ٽوپيل ڪن جي چوڌاري ڦيرو ڪري سگهي ٿي. اهڙي طرح اسان جا جهاز به آفريڪا کنڊ جي چوڌاري ڦيرو ڪري سگهن ٿا جو هن کنڊ جي مٿان يعني اتر ۾ ميڊيٽرينين سمنڊ آهي. ساڄي پاسي يعني اوڀر ۾ هندي وڏو سمنڊ آهي ۽ اولهه پاسي ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي ۽ هيٺ تري ۾ جتي آفريڪا کنڊ جو نقشو ماڻهوءَ جي منهن جي کاڏي ٺاهي ٿو اتي هي ٻه سمنڊ ملڻ ڪري سخت ڇوليون پئدا ڪن ٿا ۽ سمنڊ جو اهو حصو ’ڪيپ آف گڊ هوپ‘ سڏجي ٿو.
    بهرحال سامهون بيٺل ماڻهوءَ جي منهن جو ساڄي پاسو وارو ڳل آفريڪا جو اوڀر وارو ڪنارو آهي يعني اهو ڳل ڪينيا، تنزانيا ۽ موزمبق وغيره آهي ته ٻئي پاسي وارو ڳل (اولهه ڪنارو) گهانا، نائيجيريا، ائنگولا ۽ نميبيا جهڙا ملڪ آهن. منهن جو وچ يعني وات ۽ نڪ وغيره سمجهو ته سينٽرل آفريڪا آهي جنهن ۾ ڪانگو، چاڊ، نائيجر، مالي، ملاوي ۽ زئمبيا جهڙا ملڪ اچي وڃن ٿا.
    * * * *
    آفريڪا جا سڀ کان گهڻو منجهائيندڙ ملڪ نائيجر ۽ نائجيريا آهن جن کي گهڻا ماڻهو هڪ ئي ملڪ سمجهن ٿا پر اهي الڳ الڳ ٻه پاڙيسري ملڪ آهن. انهن ملڪن تي نائيجر نديءَ تان اهي نالا پيا آهن جيڪا ندي انهن مان وهي ٿي. نائيجيريا آفريڪا جي اولهه واري ڪناري تي آهي جنهن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ڇُهي ٿو. نائيجر ٿورو مٿڀرو، نائيجيريا جي اتر ۾ ائين آهي جيئن افغانستان پاڪستان جي اتر ۾ آهي. ۽ افغانستان وانگر نائيجر (Niger) به هڪ Land Locked ملڪ آهي. يعني هن جي چوڌاري سمنڊ ناهي. اسان نائيجر مان سامان کڻڻ لاءِ پنهنجي جهاز کي هميشه نائيجيريا جي بندرگاه لاگوس يا بينن جهاز کي وٺي ويندا هئاسين. نائيجر ۾ خشڪسالي (drought) جي ڪري ڏڪار جي حالت رهي ٿي ۽ ائين رڻ پٽ آهي جيئن بئراجن کان اڳ سنڌ هو. ڪافي عرصي کان اسلامي ملڪ آهي ۽ مسلمانن جي آدمشماري وڌيڪ آهي. هوڏانهن نائيجيريا جي آدمشماري آفريڪا جي ملڪن ۾ سڀ کان گهڻي آهي ۽ مختلف قسمن جون قومون، قبيلا ۽ مذهبن سان واسطو رکندڙ ماڻهو رهن ٿا. نائيجيريا جي هڪ وڏي شهر جو نالو بينن (Benin) پڻ آهي. ڪيترا ماڻهو هن شهر بينن ۽ نائيجيريا جي پاڙيسري ملڪ بينن ۾ به مونجهارو محسوس ڪن ٿا. ڪجهه سال اڳ جڏهن اسان ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسين ته بينن ملڪ جو نالو ڌاهومي (Dahomey) هو. هي ملڪ ٽپال کاتي جي خوب صورت ٽڪلين ڪري اسان شاگردن لاءِ اهم سمجهيو ويو ٿي.
    نائيجيريا تي انگريزن جي حڪومت رهي ان ڪري اتي انگريزي ڳالهائي وڃي ٿي. آفريڪا جو هي واحد ملڪ آهي جتي سڀ کان گهڻو تيل، پيٽرول ۽ گئس ملي ٿي پر حڪومتي انتظام صحيح نه هجڻ ڪري هر وقت قرض کڻندو رهي ٿو يا قرض معاف ڪرائيندو رهي ٿو. ملڪ جي وزيرن، سياستدانن، وڏيرن، ڪارخانيدارن، فوجين ۽ سرڪاري عملدارن جا ملڪ اندر يا ٻاهر شان ٿا ڏسجن ته لڳي ٿو ته هنن جو واسطو برونائي يا ڪويت جهڙن ملڪن سان هجي پر عوام کي ٿو ڏسجي ته سندن غربت تي حيرت ۽ ڏک ٿو ٿئي!
    نائيجر تي فرينچن جو قبضو رهيو. ان ڪري نائيجر ۾ فرينچ ڳالهائي وڃي ٿي. هن ملڪ کي 1960ع ۾ خود مختياري ملي. نائيجيريا جا ماڻهو نائيجيرين سڏجن پر نائيجر جا نائيجرئي (Nigers) سڏجن ٿا ۽ سندن اسپيلنگ Niggers سان ملڻ ڪري هنن کي افسوس ٿئي ٿو ته ڪي ماڻهو هنن کي نائيجر (Niger) سڏڻ بدران نگر (Nigger) سڏين ٿا جيڪو لفظ آمريڪا، يورپ ۽ ٻين ڪيترن ملڪن ۾ آفريڪي ڪارن ماڻهن کي توڙي آمريڪا ۾ رهندڙ شيدين کي نفرت مان سڏڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. تازو نائيجر جي هڪ وزير ڀوفاسا ممباڪو لاس ائنجلس ۾ سندن ملڪ جي قونصل خاني ۾ تقرير ڪندي چيو:
    ”اسان هڪ G وارا نائيجر آهيون جن جو واسطو آفريڪا جي نائيجر ملڪ سان آهي جنهن مان نائيجر نالي ندي پڻ وهي ٿي. اسان ٻن G وارا نگر نه آهيون“.
    هن ملڪ نائيجر جو دراصل 80 سيڪڙو صحارا رڻ پٽ آهي. هتي ٻه ٽي سٽون نائيجر نديءَ تي لکڻ ضروري سمجهان ٿو جيڪا آفريڪا جي اهم ندين مان هڪ آهي ۽ آفريڪا جي اولهه ڪناري وارن ملڪن ۾ سڀ ۾ وڏي ندي آهي جيڪا 4180 کن ڪلوميٽر ٿيندي.
    نائيجر ندي گني (ريپبلڪ آف گني) ملڪ جي ڏاکڻي حصي کان شروع ٿئي ٿي ۽ سندس وهڪرو عجيب طرف (direction) اختيار ڪري ٿو. دنيا جون ڪيتريون نديون ڏکڻ کان اتر يا اتر کان ڏکڻ وهن ٿيون (جيئن سنڌو ندي) يا وري اوڀر کان اولهه يا اولهه کان اوڀر جيئن گنگا ندي وغيره. پر هيءَ نائيجر ندي ڏکڻ کان ٿي مٿي اتر ڏي مالي ملڪ ۾ پهچي پوءِ اتي جي تاريخي شهر ٽمبڪٽو وٽان يڪدم هيٺ ڏکڻ جو رخ ڪري ٿي ۽ نائيجر مان ٿي نائيجيريا ۾ هيٺ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اچيو ڇوڙ ڪري. هي ائين آهي جيئن سمجهو ته اسان واري سنڌو ندي ڪوئيٽا کان نڪري ۽ مٿي لاهور بلڪ ڪابل تائين هلي وڃي جتان پوءِ وري يوٽرن ڪري هيٺ ڏکڻ ڏي موٽي ۽ انڊيا ۾ داخل ٿي گجرات يا راجستان وٽان ٿيندي گهوٽڪي سکر مان ڦرندي ڪراچي يا پورٽ قاسم م اچي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري.
    انگريز ۽ يورپي ماڻهو آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي بندرگاهه ۽ انڊيا جي ڪوچين، ڪاليڪٽ وغيره ۾ ته گهڻو پوءِ آيا جو ڪيپ آف گڊ هوپ وارو سمنڊ ڪراس ڪندي سندن سر ۽ ٻيڙا ٿي غرق ٿيا، پر آفريڪا جي اولهه ڪناري وارن ملڪن تي ته هنن سورهين صديءَ کان اچڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. پاڻ کي هنن فقط ڪناري تائين محدود ٿي رکيو. ڪناري تي پهچي خشڪي رستي اندروني علائقي ۾ نٿي ويا. اندر فقط تڏهن ويا ٿي جڏهن ڪا ندي آئي ٿي. پر نائيجر ندي ذريعي اندر داخل ٿيڻ ۾ هنن کي ٻه کن صديون لڳي ويون پوءِ وڃي هنن يورپين کي خبر پيئي ته اتي نائيجر ندي آهي. ڇو جو سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ نديون جيڪو ڊيلٽا ٺاهين ٿيون. اهو نائيجر نديءَ جو تمام گهڻو آهي. سمجهو ته سنڌو ندي جي ڊيلٽا جيڪڏهن ڪراچيءَ کان ماندوي يا ڀاونگر (گجرات) تائين هجي ته عربي سمنڊ مان لنگهندڙ جهازي ته وائڙا ٿي ويندا ته آيا اهو ڪنهن نديءَ جو ڇوڙ آهي يا آبي آماجگاه (Wetland) ۽ جيڪڏهن اهو ڪنهن نديءَ جو ڇوڙ (delta) آهي ته ڪهڙي هنڌ تان جهاز کي اندر گهيڙيو وڃي جو ڪوٽڙي يا سکر تائين پهچي سگهجي ۽ ائين نه ٿئي جو اڳتي هلي اها شاخ سوڙهي يا تانگهي ٿي وڃي ۽ جهاز خشڪي تي چڙهي وڃي.
    هن ندي (نائيجر) تي ڪيترائي تاريخي شهر آهن پر انهن ۾ ٽمبڪٽو جو جواب ناهي. اهو مالي ملڪ ۾ اچي ٿو ۽ مالي سلطنت جي ڏهين منسا (حاڪم) منسا موسى جي ڏينهن ۾ هي شهر دنيا جو بلي بلي ۽ امير ترين شهر هو جتي جا مسلمان سون سان اٺ ڀرائي حج جي سفر لاءِ نڪرندا هئا. هي شهر ان دور ۾ يعني 15 ۽ 16 صدي ۾ به آفريڪا ۾ اسلامي علم ۽ تبليغ جو مرڪز سڏيو ويو ٿي. ٽمبڪٽو اڄ به سنڪور (Sankore) يونيورسٽي ۽ مدرسن کان مشهور آهي. هن شهر جي تعريف ابن بطوطا پنهنجي 1352ع ۽ 1353ع جي وچ واري عرصي جي سفر ۾ ڪئي آهي. پر ٽمبڪٽو جو سڀ کان مشهور احوال ليو فريڪنس جي سفر نامي ۾ ملي ٿو جيڪو سفر هن 1520ع ڌاري ڪيو. هو لکي ٿو ته: ”ٽمبڪٽو ۾ جيتوڻيڪ باغ يا فصل نه آهن پر ماڻهن کي ايڏو ته پئسو آهي جو ڏورانهن ڏيهن کان هر قسم جو اناج ۽ ميوو هتي اچي ٿو. مڪئي ۽ ڍور ڍڳا به جام آهن. کير ۽ مکڻ جي به کوٽ ناهي.“
    ليو افريڪنس لوڻ بابت لکي ٿو ته هتي لوڻ مهانگي ۽ نادر شيءِ سمجهي وڃي ٿي. ”هتي جي بادشاه پنهنجون ٻه ڌيئون هتي جي امير واپارين سان پرڻايون آهن. اناج ۽ وهٽن جي ته هتي کوٽ ئي ناهي پر لوڻ تمام ڏکيو ملي ٿو جو اهو تيغازا شهر مان ڪڏهن ڪڏهن اچي ٿو جيڪو ٽمبڪٽو کان گهٽ ۾ گهٽ 500 ميل پري آهي. آئون ان ڏينهن شهر جي مارڪيٽ ۾ موجود هوس ته منهنجي سامهون لوڻ جا وڏا توبرا لٿا ۽ ماڻهن سون جا سڪا ڏيئي لوڻ خريد ڪيو.“
    هتي ليو افريڪانس (Leo Africanus) سياح نالي لکندو هلان ته هو 1485ع ۾ اسپين جي شهر غرناطا ۾ هڪ مسلمان جي گهر ۾ الحسن بن محمد الوزانز ضيا جي نالي سان ڄائو. 1492ع ۾ اسپين کي واپس حاصل ڪرڻ تي بادشاه فرڊينڊ ۽ سندس راڻي اسابيلا جڏهن اسپين جي هزارين مسلمانن کي ڏيهه نيڪالي ڏني ته الحسن پنهنجي والدين سان گڏ موراڪو اچي رهيو. هن موراڪو جي شهر ’فيض‘ مان تعليم حاصل ڪئي ان بعد پنهنجي چاچي سان گڏ اتر آفريڪا جي ٽوئر دوران هن کي ٽمبڪٽو گهمڻ جو موقعو مليو. ان سامونڊي سفر دوران هي قذاقن (pirates) جي ور چڙهي ويو. قذاقن طرفان اٽلي جي پوپ ليو ڏهين جي خذمت ۾ الحسن هڪ پڙهيل ڳڙهيل غلام جي حيثيت ۾ پيش ڪيو ويو جنهن پئسا ڏئي هن کي آزاد ڪيو ۽ کيس عيسائي بنائي مٿس نئون نالو رکيو ويو ۽ هن تي اهو ڪم رکيو ويو ته آفريڪا کنڊ بابت اطالوي زبان ۾ پنهنجي سفر جو احوال لکي. هن جي ان سفرنامي Descrittione dell Africa مان يورپ جي ايندڙ ڪيترن نسلن کي آفريڪا بابت وڏي ڄاڻ ٿي. هن ڪتاب جو انگريزي ۾ به ترجمو آهي. ان ۾ هڪ هنڌ الحسن (يعني ليو افريڪانس) لکي ٿو ته....
    ”ٽمبڪٽو جي امير بادشاه وٽ تمام گهڻيون سون جون پليٽون ۽ چمچا آهن.... جن مان ڪجهه جي تور 1300 پائونڊ ٿيندي. هن سان گڏ هر وقت 300 گهوڙيسوار رهن ٿا ۽ هن جي ڪورٽ ۾ ڊاڪٽرن، ججن، مذهبي عالمن ۽ ڄاڻو ماڻهن جو وڏو تعداد نظر اچي ٿو جن کي بادشاه جي خزاني مان پگهار ڏنو وڃي ٿو.....“
    هتي ٻه اکر ٽمبڪٽو جي سانڪور (Sankore) يونيورسٽي بابت پڻ لکندس ته اها 1581ع (يعني 989 هجري سال) ۾ ٺهي. دراصل اها يونيورسٽي سو سال کن پهرين هڪ مدرسي جي حيثيت ۾ ٻي هنڌ ٺهي جتان پوءِ موجوده شڪل ۾ آئي. قرآن ۽ حديث جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پري پري جي شهرن جا نوجوان هن يونيورسٽي ۾ آيا ٿي.
    آفريڪا جي هڪ جهوني چوڻي آهي ته:
    ”لوڻ اتر کان اچي ٿو، سون ڏکڻ کان، ۽ چاندي گورن (يورپين) جي ملڪ کان پر الله جو نالو ۽ عقل جا خزانا فقط ٽمبڪٽو ۾ آهن“.
    اڄ جي ٽمبڪٽو شهر کي ايئرپورٽ به آهي ۽ سندس آدمشماري 33000 آهي. ٽمبڪٽو جون مٽي جون ٺهيل ٽي آڳاٽيون مسجدون ڏسڻ وٽان آهن:
    • جن گربر(Djinguereber) مسجد جيڪا 1327ع ۾ ٺهي
    • سانڪور مسجد جيڪا هاڻ سانڪور يونيورسٽي به سڏجي ٿي جيڪا پنڌرهين صديءَ ۾ ٺهي.
    • سِدي يحى مسجد جيڪا 1441ع ۾ ٺهي.


    زئمبيا، گئمبيا ۽ مختلف گِني ملڪ

    آفريڪا جا اهي ملڪ جن جا نالا مونجهارو پئدا ڪن ٿا، انهن ۾ زئمبيا ۽ گئمبيا به آهن. آفريڪا جو نقشو جي ماڻهوءَ جي منهن وانگر سمجهيو وڃي ته گئمبيا توهان جي سامهون بيٺل ماڻهوءَ جي کاٻي پاسي واري ڳل جي مٿين حصي ۾ آهي ۽ زئمبيا هن جي هيٺين چپ وٽ آهي. زئمبيا اسانجو ڪڏهن به وڃڻ نه ٿيو جو اهو ملڪ افغانستان وانگر Land Locked آهي. يعني هن جي چوڌاري ٻيا ملڪ آهن، سمنڊ ناهي، ان ڪري پاڻيءَ جو جهاز اتي وڃي نٿو سگهي.
    زئمبيا جي چوڌاري هي ملڪ آهن: ڪانگو (DRC)، تنزانيا، ملاوي، موزمبق، زمبابوي، بوٽسوانا، نميبيا ۽ ائنگولا. لوساڪا (Lusaka) سندس گاديءَ وارو شهر آهي جتي ملڪ جي آدمشماريءَ جو وڏو حصو رهي ٿو.
    زئمبيا ان ڳالهه کان آفريڪا ۾ مشهور آهي ته هتي سڀ کان اڳ موبائيل فون ٺهيا ۽ اڄ به سڄي آفريڪا ۾ زئمبيا اڪيلو ملڪ آهي جتي موبائيل فونن جا ڪارخانا آهن. هن ملڪ تي انگريزن جو 18 صديءَ ۾ قبضو ٿيو ۽ جڏهن 1964ع ۾ کيس خودمختياري ملي ته هتي جي رهاڪن پنهنجي ملڪ جو نالو زئمبيزي نديءَ تان زئمبيا رکيو. ملڪ جو پهريون صدر ڪينيٿ ڪائونڊا 1964ع کان 1991ع تائين ٿيو جنهن جو واسطو يونائيٽيڊ نئشنل انڊپينڊنس پارٽي سان هو. ان بعد 1991ع کان 2002ع تائين زئمبيا تي صدر فريڊرڪ چِلوبا جي حڪومت رهي جنهن جو واسطو ملٽي پارٽي ڊيموڪريسي سان آهي. ٻين آفريڪي ملڪن وانگر زئمبيا ۾ به غربت ۽ ائڊز جي بيماري گهڻي حد تائين آهي. ملڪ جو جيڪو حاڪم ٿئي ٿو اهو عوام جي بهتري بدران پنهنجي خاندان کي امير بڻائي ٿو ۽ ملڪ جي مري جان ڇڏي ٿو يا کيس، کانئس وڌيڪ لوفر فوجي جنرل يا سياستدان ڌڪا ڏيئي ملڪ کان ڪڍي ٿو. زئمبيا کي خود مختياري ملڻ وقت هن ملڪ ۾ 70 هزار يورپي رهيل هئا پر پوءِ انهن مان ڪيترا ملڪ ڇڏي ويا. بهرحال ملڪ جو ڪاروبار اڄ به ڪيترن ئي چيني ۽ ايشيا ئي واپارين جي هٿ ۾ آهي. ملڪ جي سرڪاري زبان انگريزي آهي جنهن ۾ هر قسم جو ڪاروبار هلي ٿو. اسڪولن ڪاليجن ۾ به هر سبجيڪٽ انگريزيءَ ۾ پڙهايو وڃي ٿو. هونءَ هتي جون اهم مڪاني زبانون ٻه آهن. نيانجا ۽ بيمبا. ان کان علاوه 13 dialects ۽ 72 ٻيون زبانون آهن. هڪ خيال کان ڏٺو وڃي ته هن ملڪ جي ماڻهن کي انگريزي زبان ئي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو آهي جيئن ملائيشيا ۾ مختلف زبانون ڳالهائيندڙ چينين کي ملئي زبان ڳنڍيو آهي.
    گئمبيا اولهه آفريڪا جو ملڪ آهي جنهن جي جاگرافيائي شڪل عجيب آهي. سندس ٽن پاسن کان سينيگال آهي ۽ هڪ پاسي کان ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي. بلڪ ائين کڻي چئجي ته گئمبيا سينيگال اندر ملڪ آهي. ائين سمجهو ته هڪ وڇايل دوپٽو سينيگال ملڪ آهي، جنهن تي ويٺل نانگ گئمبيا آهي گئمبيا نانگ وانگر ڊگهو ملڪ آهي جيڪو گئمبيا نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي آهن. هي ملڪ ڪنهن به هنڌ 30 ميلن کان وڌيڪ ويڪرو ناهي. سندس ٽوٽل پکيڙ 1500 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ آدمشماري 18 لک آهي. آفريڪا جو سڀ کان ننڍي ۾ ننڍو ملڪ آهي. هي ملڪ انگريزن جي قبضي ۾ هو جن هٿان 18 فيبروري 1965 تي خودمختياري مليس. زرعي ملڪ آهي. ظاهر آهي وچ مان ندي وهي ٿي ۽ ندي جوهر طرف 15 ميل ڪپر ته سرسبز هجڻ کپي. انگريزن کان آزادي ملڻ بعد ملڪ سانت ۾ هلي رهيو آهي. 1994ع ۾ مڙيئي هڪ فوجي ڊڪٽيٽر مسخري ڪئي ۽ ملڪ جي ڀينگ ڪئي پر بچاءُ ٿي ويو. امن امان هجڻ ڪري ڪافي يورپي سياح اچن ٿا ۽ سندس ٽوئرزم مان ڪمائي آهي. ان کان علاوه مڇي ۽ گانگٽن جي فارمن مان به ڪمائي اٿس. پر تنهن هوندي به ملڪ جي آدمشماريءَ جو ٽيون حصو غربت واري ليڪ کان گهڻو هيٺ آهي جنهن جي روزانو ڪمائي 100 رپين کان به گهٽ آهي.
    گئمبيا ۾ ڏهين صدي کان پهرين عرب عالم ۽ سوداگر آيا. هنن سون ۽ عاج جو واپار ڪيو ٿي. پورچوگالي 15 ۽ 16 صديءَ ۾ آيا. ان بعد انگريز آيا. کين خود مختياري ملڻ وقت مٿن انگريزن جي حڪومت هئي ۽ ڀر واري ملڪ سينگال تي فرينچن جي هئي.
    مونکي ياد نه پيو اچي ته اسانجو ڪو جهاز گئمبيا ويو پر ڪيترائي دفعا سينيگال جي بندرگاه ڊڪار ۾ وڃڻ ٿيو ۽ گئمبيا گهمڻ لاءِ باءِ روڊ ڊڪار کان وڃڻو پيو ٿي.
    گئمبيا غلامن جي وڪري کان به ڪافي بدنام رهيو آهي. ٽي صديون کن اولهه ڪناري جي ملڪن جي غلامن جو هتي وڪرو ٿيو ٿي ۽ هتان هنن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪرائي آمريڪا جي نيلام مارڪيٽن ۾ نِيو ويو ٿي. چون ٿا ته هتان لڳ ڀڳ 30 لک غلام آمريڪا موڪليا ويا. هن واپار ۾ يورپين سان گڏ مڪاني شيدي وڏيرن، ڀوتارن ۽ سردارن پڻ حصو ورتو. هنن هِتان هُتان مضبوط قد ڪاٺ وارا شيدي پڪڙي يورپين کي وڪرو ڪيو ٿي، جن جهازن رستي، کين سمنڊ جي ٻي پار آمريڪا موڪليو ٿي.
    آفريڪا ويندڙن لاءِ گني (Guinea) جو ملڪ به مونجهارو پيدا ڪري ٿو جو ان نالي وارا آفريڪا کنڊ ۾ ٻه ٽي ملڪ آهن. جيڪڏهن ڪو فقط گِني جي ڳالهه ڪري ٿو ته هن جو مطلب ريپبلڪ آف گني سان آهي جيڪو سندس وڏي شهر ڪوناڪري (Konakry) ڪري ”گني ڪوناڪري“ به سڏجي ٿو. هي ملڪ آفريڪا جي کاٻي ڪناري تي آهي. سندس ئي ڀرسان يعني پاڙي ۾ هڪ ٻيو ننڍڙو ملڪ گني نالي آهي جيڪو سندس بسائو شهر ڪري ”گني بسائو“ سڏجي ٿو. گني بسائو جي ٻئي پاسي سينيگال آهي ۽ کاٻي پاسي ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي.
    گني (يعني ڪوناڪري) جي پکيڙ اڍائي لک چورس ڪلوميٽر آهي. سندس چوڌاري سينيگال، گني بسائو، مالي، سيرياليون، لائبيريا ۽ ڪوٽا ڊي آوري (جيڪو پهرين آئوري ڪوسٽ سڏبو هو) آهن. اولهه پاسي کان ائٽلانٽڪ سمنڊ اٿس. هن ملڪ تي مختلف حڪومتون راڄ ڪنديون رهيون. آخر ۾ فرانس حوالي ٿيو جنهن کان کيس 2 آڪٽوبر 1958ع تي خود مختياري ملي. گني کي ان وقت کان وٺي ڊڪٽيٽر نموني جا حاڪم نصيب ٿيا جن پاڻ کي ته امير ترين بنايو پر ملڪ کي غريب ترين بنائي ڇڏيو. دنيا لاءِ اليومينم پئدا ڪرڻ وارو هي ملڪ اڄ يورپي ملڪن اڳيان ڪشتو جهليو بيٺو آهي.
    گنيءَ کي 1958ع ۾ خودمختياري ملڻ تي احمد سيڪاٿ توري ملڪ جو صدر ٿيو جنهن 1984ع تائين ملڪ کي خوب ڀيليو ۽ حڪومت کي چهٽيو رهيو. ان بعد لانس ڪونٽي ملڪ ۾ ڪوڊي ٽئٽ (انقلاب) آندو ۽ پاڻ ٺهي ٺڪي ملڪ کي 28 سال چوسيندو رهيو ۽ ملڪ کي قرضي بڻائي ڇڏيائين. 2008ع ۾ مليٽري جو جرنل صدر ٿي ويٺو جيڪو پوءِ سال بعد فوج جي گوڙ ڪرڻ تي لاٿو ويو ۽ جن ماڻهن هن صدر ڪامارا جي حق ۾ مظاهرا ڪيا انهن کي گنيءَ جي فوج هن جهان مان ئي ختم ڪري ڇڏيو. هاڻ نائب صدر سيڪوبا ڪوناٽي جيڪو هن ملڪ جو ڊفينس منسٽر به رهي چڪو هو اهو اڄڪلهه صدر آهي.
    هوڏانهن ڀر واري ملڪ گني بسائو جو به ڪجهه اهو ئي حال آهي. سخت غربت ۽ بدامني جو عالم آهي. سندس GDP دنيا ۾ هيٺائين ليول تي آهي. يورپين جي اچڻ کان اڳ توڙي يورپين جي ڏينهن ۾ خوشحال گذاريندڙ هي ملڪ اڄ بک، بيحالي، بيماري ۽ بيروزگاري ڪري دنيا ۾ عبرت جو مڪان آهن. سندن سياستدان، حاڪم فوجي ۽ بيروڪرئٽ اڄ به ڏسو ته توهان کي ائين محسوس ٿيندا ڄڻ ڪويت يا برونائي جي بادشاهن جو اولاد هجن پر عوام جو حال ٿو ڏسجي ته اکين ۾ ڳوڙها تري اچن ٿا. ههڙن ملڪن کي ڏسي مون کي هڪ اڄاتو خوف هر وقت پنهنجي ملڪ جي مستقبل بابت پڻ ڊيڄاريندو رهي ٿو جيڪو اڄ قرض ۾ غرق آهي. ڪڻڪ پيدا ڪندڙ اسان جي ملڪ ۾ ماڻهو اٽي لاءِ قطارن ۾ چپجي رهيا آهن، ڪپهه پيدا ڪندڙ اسان جي ملڪ ۾ ماڻهو چتين لڳل ڪپڙن ۾ هلي رهيا آهن، اسان جي دريائن جي ملڪ ۾ ماڻهو قطارن ۾ ٻاڙي پاڻيءَ لاءِ دٻا جهليو بيٺا آهن.
    هي ملڪ (گني بسائو) آخري وقت ۾ پورچوگالين جي قبضي ۾ هو جن طرفان کيس 24 سيپٽمبر 1973ع تي خود مختياري ملي.
    گِني ڪوناڪري ۽ گِني بسائو کان علاوه هڪ ٽيون گِني نالي ملڪ آفريڪا کنڊ ۾ آهي جيڪو اڪيٽوريل گني يعني خط استوائي گني جي نالي سان سڏجي ٿو. جيتوڻيڪ هن ملڪ جو خط استوا (Equitor) سان ڪو واسطو ناهي. هي وچ آفريڪا ۾ هڪ ننڍڙو ملڪ آهي جنهن جي پکيڙ 28 هزار چورس ڪلوميٽر آهي. هي هڪ امير ملڪ آهي پر ملڪ جي دولت چند سرڪاري ڪامورن، سياستدانن ۽ ڪارخانيدارن جي هٿن ۾ آهي. امير ته پاڪستان به آهي پر ڪٿي آهي عوام خوشحال؟ اهو ئي حال آفريڪا جي هن ۽ ٻين ملڪن جو آهي. ڀليون زمينون، جبل معدنيات سان ڀريل، عوام محنتي، ته به ڪيترن کي کائڻ لاءِ ٻه ويلا رُکي ماني به ميسر ناهي. UNO جي انگ اکرن موجب هن ملڪ جي 70 سيڪڙو ماڻهن جي روزانو ٻه ڊالر به ڪمائي ناهي!
    هن گني (Equitorial Guinea) جي چوڌاري ڪئمرون، گئبن ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي. آفريڪا جي ملڪن ۾ انگريزي بعد فرينچ ۽ پورچوگالي زبانون ٻئي نمبر تي آهن. پر هي ملڪ اهڙو آهي جنهن جي سرڪاري زبان هسپانوي آهي. ان کان علاوه هسپانوي زبان آفريڪا جي فقط هڪ شهر سيوٽا ۾ هلي ٿي جيڪو جبرالٽر جي سامهون ۽ موراڪو جي ڀرسان هڪ شهر آهي. هي شهر اڄ به اسپين جو حصو آهي جيئن ڪجهه عرصو اڳ تائين گوا پورچوگال جو شهر سڏيو ويو ٿي.
    هي ملڪ خط استوائي گني پهرين انگريزن جي هٿ ۾ هو پر پوءِ 1843 ۾ برطانيا هن کي اسپين حوالي ڪيو ۽ 1968ع ۾ اٽڪل سوا صديءَ جي حڪومت بعد پورچوگال هن ملڪ کي خودمختياري ڏني. نگيئيما (Nguema) سنگل پارٽي ٺاهي ملڪ جو حاڪم ٿيو ۽ 1979ع تائين هن خون ۽ قتل جي حڪومت هلائي. ملڪ جي آدمشماريءَ جو ٽيون حصو خوف کان ملڪ ڇڏي ويو. ٽي لک آدمشماريءَ مان 80 هزار ماڻهو قتل ڪيا ويا. ملڪ جي معيشيت تباه ٿي وئي. 1979ع ۾ ٽيوڊورو اوبيانگ خوني انقلاب ذريعي پاڻ حاڪم ٿي ويٺو آهي. پر ملڪ جا ساڳيا حال آهن پِنَ تي گذر ٿي رهيو آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566300
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215654
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ