ڪتاب جو نالو: هوائن مٿان گهر
مصنف: سيال حيات
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 15 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 265 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 208 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هوائن مٿان گهر ۔۔۔۔ پياري شاعر محترم سيال حيات جي خوبصورت غزلن تي مشتمل آهي. محترم سيال حيات سنڌ جو بهترين شاعر ، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار آهي پر وسائل نه هجڻ سبب هو مٿي اڀري ڪونه سگهيو ۽ کيس اها پذيرائي ڪانه ملي۔ جيتوڻيڪ سندس ڊرامه مختلف چينلن تان نشر ٿيا آهن ۽ سندس شاعري به اعلى پائي جي آهي۔ سندس لازوال شاعري خاص ڪري غزل تمام گهڻو وڻندڙ آهن۔
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • سيال حيات جي شاعري دل جا تار ڇيڙيندڙ آهي
  • پنهنجي پاران: احساس اُڏاڻل ڳوليان پيو . . . . ( دل جي دفتر مان )
  • اِرادو مٽيو آ ، سڄڻ جو ، ٻُڌو ٿم.
  • غزل

  • خواب مان بنجي پوان ، تون ڪا حسين تعبير ٿي.
  • اڃا اڻ پلي دل ، صنم کي ، سڏي پئي.
  • زندگيءَ جو سفر ، ڪيئن اڪيلي ڪٽيان.
  • اوهان جي شهر جا ، ته پٿر به گُل ڦُل.
  • ڀاڳ جون سڀ ڀوڳنائون ، ساهه کان پياريون اٿم ،
  • ٻانهن ڪري سيراندي ، چنڊ سمهي پيو آ
  • رات ٿيندي ئي شهر ۾ ، روشنيون جھومڻ لڳيون
  • ڀل ڪو ٻيڙيون ، پان کپائي
  • اي يار ، اسان وقت ۽ حالات جا قيدي
  • مان به انائن ۾ پيس ڦاسي،تو به سکيون ڪي بي پرواهيون
  • کليا سين ، ته کلندي ئي ، روئي پياسين
  • ڏينهن ٺاري ، جڏهن ، شام ڌاري ويو.
  • محبت ۾ دغا جا ني , نه تون ڄاڻين نه مان ڄاڻان ،
  • ها جڏهن کان ڌار ٿيا سين ، پاڻ ٻئي
  • ڪو اڃا ڀي اسان کي سنڀاري پيو ، ان جي آلين اکين جي ڪهاڻين چيو
  • ڳوڙهن ڌوتا ڳل ، اوهان کان پوءِ سائين
  • -سونهن جي ڪائنات ، تون آهين
  • کلي کلي هر سزا قبوليم ، سزا سڄي بي خطا قبوليم
  • جيون رنگ رتولڙو
  • اڃا ڪوته سپنن ۾ ، توکي ڏسي ٿو
  • اِرادو مٽيو آ ، سڄڻ جو ، ٻُڌو ٿم.
  • هُو به چريو ، ديوانو ، چئي ٿو
  • ڪاش گلڙن کي ۽ ڪنڊن کي سڃاڻون
  • اقرار جي منزل ڳوليندي ، انڪار جي ماڳ تي پهتاسين
  • پرچندا ، رُسندا رهياسين ، تنهنجون يادون ۽ اسان
  • پيار کي ، پاڳلپڻو ، اغيار چئي ڀل پيو چوي
  • اوهان جي ته دل ، ڪوهسارن جا منظر
  • سونهن جا سردار مان ، دربان تنهنجي در ٿيان
  • جت ذهنن تي هن زنگ لڳل ، ات چاهت چنگ وڄن ته ڪئين
  • تپندڙ ڌرتي ، ٻرندڙ ماڻهو
  • ٻڌايم عشق جا توکي ، قصا انمول ، وسري ويئي
  • جنهن ڏينهن ، اسان وٽ آيو ، اجل
  • اکين کي مليا جو ، اکين جا نيا پا
  • اکڙين جي عظمت جو سارو ، خوا بن مان اندازو ٿئي ٿو
  • اڄ اچڻ جي آسري ۾ ، وار چاندي ٿي ويا
  • اوهان جن کي گهمندي گهٽين ۾ ، ڏٺو آ
  • اسان ڪاڪ جا جي نه راڻا هئا سين، اوهان وٽ به مومل جا ماڻا ڪٿي هئا
  • ڪا ته اندر ۾ اڻ تڻ ٿئي اک آلي ٿئي
  • مون ننڊ ڳولي رات ڀر ، تون بي خبر سپنن ۾ گم
  • ڪيڏو پاڻي تار ، اکين ۾
  • اوهانجي شهر جون ، ڪهاڻيون وڏيون هن
  • گھڙي ويهه توتان ڪي ، نغمات گھوريان
  • جڏهن کان جيءُ ۾ جذبن ، اچي ڪي جھاتڙيون پاتيون
  • هر نظر تي ، بد نظر جي ، آ نظر
  • اي سونهن سِرن سان راند ، نه ڪر
  • وهم وڇڙڻ جا پرين ، تون ساهه جي ، ويجھو نه رک
  • شيشن جا مليل زخم ، سبي ڪير ، هلي آءُ
  • تون به شيشي ڀور وانگيان ، مان به هان سارو ٽٽل ،ڇا حال هڪٻئي کان پڇون
  • دل گھُريئي دلبر جي آ ، مون تي نظر
  • تانگهه تتل ، تندورن وانگي

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پنهنجي وجود جي پهرين ڏينهن کان جيڪي ڪوششون شروع ڪيون هيون انهن جو مقصد ڪمپيوٽر ۽ خاص ڪري انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليء جي واڌاري ۽ ترقيء جو هيو. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو سسلو شروع ڪيو آهي ۽ ان سلسلي جو هي ڇهون ڪتاب محترم سيال حيات جو “هوائن مٿان گهر” پيش آهي. اسين ٿورائتا آهيون محترم سيال حيات جا، جنهن پنهنجي خوبصورت غزلن جو هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. خاص ٿورا سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ پياري دوست اسد علي سيال جا جنهن جي محنتن سان هي ڪتاب ڪمپوز ڪري اوهان تائين پهچائي رهيا آهيون. مهرباني سنڌ سلامت جي سرپرست محترم نثار احمد ناز جي جنهن سائين سيال حيات جي خوبصورت شاعريء جي ڪتاب لاء مهاڳ لکي ڏنو.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپنا

    معصوم مرڪن
    مظلوم لڙڪن
    بي اختيار ٽهڪن
    بي آواز سڏڪن
    بي باڪ جرئتن
    بي داغ چاهتن
    اڻ جهل احساسن
    اُجڙيل ارمانن
    بي لوث دوستن
    بي نانو رشتن
    بي تعبير سپنن
    بي شمار ساروڻين
    ۽
    بي وس دل جي ڌڙڪن
    جـي نــــــانءُ
    ¬¬¬سيال حيات


    سيال حيات جي شاعري دل جا تار ڇيڙيندڙ آهي

    نثاراحمدناز
    سيال حيات جي شاعري جي هن اي ڪتاب جنهن جو نالو“ هوائن مٿان گهر” ئي عام پڙهندڙن کي ضرور متاثر ڪندو، سيال حيات جا جيڪي ڀي غزل هن اي ڪتاب ۾ آهن هر غزل جو عنوان ئي اهڙو آهي جنهن سان سيال حيات صاحب پنهنجو ڪتاب ڇپائي سگهي ٿو. منهنجي خيال ۾ سيال حيات جا هن ڪتاب “هوائن مٿان گهر” ۾ جملي 50 غزل آهن، پهرين غزل “خواب مان بڻجي پوان” کان آخري غزل “دل گُهريئي دلبر جي آ” تائين هڪ هڪ غزل مون باقائده پڙهيو آهي .
    سيال حيات جون پهريون چارسٽو ن جنهن ۾ شاعر پنهنجي هن شاعري جي ڪتاب جو عنوان “هوائن مٿان گهر” سهيڙيو آهي :
    ارادو مَٽِيو آ سڄڻ جو ٻُڌو ٿم،
    ورِي اڄ اسان ڏي اچڻ جو ٻُڌو ٿم،
    اڙي اڻ جهلِي دل، ورِي تُنهنجا ساڳيا،
    هوائن مٿان گهر اڏڻ جو ٻُڌو ٿم ..!
    پڙهي اندر جا تار ڇڙي پيا، سيال حيات جي ڪتاب جو هي پهريون چار سٽو ڏات ۽ ڏانءُ سان ڀرپور آهي ، تخيل جي اُڏار کان وٺي چئن فعولن واري بحر مثمن سالم جي سندس استعمال مان خبر پئي ته شاعر کي پنهنجي ڏات سان گڏ پنهنجي ڏانءُ کي سينگارڻ جو فن به ڀلي ريت اچي ٿو. مونکي ڪنهن پراڻي ڪوي جو شاعر جي باري ۾ هڪڙو پراڻو قول پيو ياد اچي ته “شاعر دنيا جو واحد اڪيلو شخص آهي جو هو پنهنجي خيالن جي وهڪري کي سمنڊ جي اجگر ڇولين جيان روانيون ڏيئي پنهنجي ڪويتائن کي نت نوان انڊلٺ جا رنگ ڏيئي عوام الناس کي پاڻ سان گڏ وٺي ٿو هلي” جيئن تمام جدت سان ڀرپور خيال حيات سيال پنهنجي ڪتاب جي پهرين غزل جي چند بندن ۾ ڏي ٿو ته :

    ترس مان تنهنجو اکين ۾ ، عڪس ويهاري وٺان.
    دل جي ديول ۾ رکيل ، پوتر ڪا ئي تصوير ٿي

    دل رکڻ جي لاءِ ڪوڙو ئي دلاسو ڏي کڻي
    مان وري ايندس سگهو ايڏو نه دلگير ٿِي.

    ٿِي سهارو ، ساهه جو ڪر وار هر واسينگ تي
    ڍال ٿِي مظلوم جِي ،ظالم جي لاءِ ڪو تير ٿِي

    ترس مان تنهنجو عڪس اکين ۾ ويهاري وٺان واري شعر کي پڙهي بي اختيار واهه واهه ڪري ويٺس يا دل رکڻ جي لاءِ ڪوڙو ئي دلاسو ڏي کڻي وارو مجازي ڳالهه دل تي اهڙو لاجواب اثر ٿي ڇڏيو جو وڃي ٿيا ست خير هن غزل جو حاصل طلب ۽ شاهڪار شعر ٿي سهارو ساهه جو ڪر وار هر واسينگ تي ۾ شاعر پڙهندڙن کي بهادري، حوصلي ۽ بردباري جو سڏ ڏيندي مظلوم جي ڍال ۽ ظالم لاءِ تير ٿيڻ جي ڳالهه ڪري مزاحمتي شاعري جي بلندين تي نظر ٿو اچي اهڙي شاعري سنڌ جي موجوده حالتن ۾ نهايت ئي ضروري آهي ، ڇو ته موجوده نفسا نفسي واري دور ۾ جتي اسان جي جوڌن سپوت پُٽن حقن جي ڳالهه ٻُڌڻ ڇڏي ڏنو آهي اتي مونکي يقين آهي ته حيات سيال جي غزل جو هي بند هڪ جوت وانگر ستل قوم ۾ هڪ اُجالي جيان ثابت ٿيندو. ان کان علاوه هن غزل ۾ ڀي سيال حيات ڏات سان گڏ ڏان وارو فن علم عروض واري بحر ٽي فاعلاتن ۽ هڪ فاعلن استعمال ڪيو آهي. مونکي سنڌ جي ڀلوڙ شاعر ايوب کوسي جي ڪتاب “ سنڌ اُداس آهي ” جي هڪڙو مضمون “ شاعري عالمي سچ آهي” ياد پيو اچي جنهن ۾ ايوب کوسي لکيو هو ته :
    “حقيقت اها آهي ته رڳو اسان اُهي پهريان ماڻهون ناهيون جن آرٽ جي آڱر جهلي آهي. يا ڪتابن جي ٻنين ۾ شعرن جا فصل پوکيا آهن ۽ ائين به ڪونهي ته اسان اُهي پهريان ماڻهو آهيون ، جن درد جي رڻ ڪڇ ۾ صُبح وڃائي شامون لٽائي ۽ راتيون کپائي اظهار کي هٿيار ٺاهيو آهي ، ائين بنهه ناهي! اسان کان به گهڻو صفا گهڻو اڳ، هنن پٽن ۽ دڳن ۾ ، ٻيلن ، ٻنين ، صحرائن ۾، شهر جي پنجوڙن ۽ ڳوٺن جي ڌُوڙ ۾ ماڻهن زخم ماڻيا آهن دلين درد ڀوڳيا آهن ۽ آڱرين آرٽ تخليق ڪيو آهي”.(ايوب کوسو ڪتاب سنڌ اُداس آهي).
    سيال حيات جي هن شاعري ۾ ڀوڳنائن جي سفر کان وٺي آڱرين جو آرٽ چوڏهين جي چنڊ جيان نروار آهي،
    ڀاڳ جون سڀ ڀوڳنائون ، ساهه کان پياريون اٿم ،
    سونهن جون ساريون ادائون ، ساهه کان پياريون اٿم.

    دلبرن جيڪي اچي , هن ، دل جي دفتر ۾ ڪيون ،
    درد جون سي دا خلا ئون ، ساه کان پيا ريون اٿم.

    وار تي نئون وار ٿيوِ ۽ وارجي وئي زند گي،
    وقت جون سڀ وارتائون ، ساه کان پيارون اٿم .

    جن نماڻپ مان نهاري ، ڪئي نوازش نينهن جي،
    ناز واريون سي نگاهون ، ساه کان پيارون اٿم ..!
    جيڪو شاعر ڀوڳنائن کي پنهنجو ڀاڳ سمجهي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏي اهو شاعر ڪو معمولي ماڻهو ناهي بلڪل ثابت ٿئي پيو ته حيات سيال حياتيءَ جي رڻ ۾ پنهنجي دردن کي پوکي ، پنهنجون سُندر شامون لُٽائي ۽ مهڪندڙ راتيون کپائي پنهنجي اظهار کي تمام پياري انداز سان پنهنجي شاعريءَ جي روپ ۾ اسان کي ارپي پيو. سيال حيات جي شاعري ءَ ۾ ڪنهن ڪنواري ڪنيا جي چوڙين جي کنڪ آهي ته ڪنهن نرتڪي جي ڇير جي ڇم ڇم به آهي، ڪنهن مظلوم جا وهندڙ گرم ڳوڙها به آهن ته وري محبوبا جي پهرين پيار جي پهرين نيهار به آهي. “ بقول ايوب کوسي جي ته شاعري جهڙي محبوب ۽ معصوم شُعبي ۾ مٿي ڄاڻايل رنگن جو شامل رهڻ ان ڪري به اڻ ٽر آهي جو ماڻهو شاعراڻي اظهار کي سولائيءَ سان سمجهي سگهن ٿا. شاعريءَ کي محبوبيت ان ڪري به ملي ٿي جو اها تخليقي شاعرن وٽ صلاحيت، فڪر، جذبي ۽ احساس جي روپ ۾ پاڻمرادو لهي ٿي”.(ايوب کوسو ڪتاب سنڌ اُداس آهي)
    سيال حيات جي هن شاعري ۾ مون بلڪل ائين ئي محسوس ڪيو آهي ته سيال حيات باقائده هڪڙو پختو ۽ برجستو شاعر آهي، جنهن کي لفظن کي ناچ ڪرائڻ جو فن باقائده اچي ٿو، جڏهن به ان مٿان ڏات جي ديوي مهربان ٿئي ٿي هو بغير ڪنهن دير ڪرڻ جي لفظن جا گُلدستا عام پڙهندڙن کي هُڳاءُ جي روپ ۾ ڏي ٿو، هن شاعري جي فن سان باقائده نڀاء ڪيو آهي. مونکي هتي هڪڙي ڳالهه ضرور لکڻي آهي ته دنيا جون ساريون لائبريريون تقريبن انٽرنيٽ جي حوالي سان آڱرين جي ٽچ تي آهن پر وري به جيڪو مزو ڪتاب هارڊ ڪاپي جي صورت ۾ پڙهڻ جو آهي اهو انٽر نيٽ واري ڪتابن جي پڙهڻ ۾ ڪونهي ، ڀلي انٽرنيٽ تي ڪوبه شاعر پنهنجي شاعريءَ جا خزانه لٽائي ڇڏي پر هو صاحب ڪتاب نٿو سڏجي سگهي. هو تاريخ ۾ امر تڏهن ئي ٿيندو جو هن جا پنهنجا ڪتاب باقائده پرٽنگ پريس مان شايع ٿيا هُجن.
    ان ڪري وري به اسان کي خاص ڪري مونکي اوسيئڙو رهندو ته سيال حيات جو هي اي ڪتاب جيڪو سنڌ سلامت جي سُونهن ٿيو آهي اهو باقائده شاعر طرفان يا ادب دوستن طرفان ضرور ڇپايو ويندو . ان کان علاوه هڪڙي ٻي ڳالهه به ضرور لکڻي آهي ته اسان جي سنڌي قوم سنڌي ڪتاب خريد ڪري پڙهي ئي ڪا نه ٿي هڪڙو مخصوص حلقو آهي جيڪو سنڌي ڪتاب پڙهي به ٿو پر هو ڪتاب خريد ڪري نٿو پڙهي هو صرف اعزازي ڪتاب حاصل ڪري ئي ڪتاب پڙهندو آهي ، اردو ادب ۾ ڏسو ته انهن جي شاعري يا ڪهاڻين جا ڪتاب راتو رات کپي ويندا آهن ان ڪري جو انهن ۾ ڪتابن کي پڙهندڙن جو وسيع حلقو موجود آهي.
    مون هڪڙي اردو شاعر کان پڇيو ته تنهنجو هي ڏهون شاعريءَ جو ڪتاب آهي آخر ڪهڙي طرح تون ايتري رقم خرچ ڪري اهي ڪتاب ڇپرائيندو آهين چوڻ لڳو“ ناز ڀائي جو اداره ميري ڪتابين ڇپواتا هي وه مجهي باقائده اس ڪتاب کي رائلٽي ڀي ديتا هي ”معلوم ٿيو ته اردو ادب وارن کي پنهنجي شاعرن جي شاعريءَ سان گڏ شاعر جي حوصلا افزائي ڪرڻ جو به اونو رهندو آهي، هتي اسان جي سنڌي شاعرن سان اها ويڌن آهي جو پنهنجي شاعري کي ڇپائڻ واسطي پنهنجي سنڌي قوم کي نت نئين ۽ نڪور سوچ کي همڪلام ڪرڻ لاءِ ٽڪو ٽڪو جوڙي هڪڙو ڪتاب ڇپائي ٿو ته اهو ڪتاب صرف اعزازي ڪاپين حاصل ڪرڻ وارن جي ور چڙهيو وڃي جيڪڏهن ڪو شاعر ڀُلجي ڪنهن ڪتاب فروخت ڪرڻ واري اداري کي ڏي ٿو ته اهو ادارو سڀ کان پهرين اها ڳالهه ڪندو آهي ته جڏهن به ڪتاب کپيا ته پنجويهه فيصد شاعر جا ۽ ٻارهن آنا اداري جا. شاعر ويچارو انهي ڳالهه تي به راضي ٿي ويندو آهي پر جڏهن ڪتاب وڪرو ٿي ويندو آهي ته شاعر کي پنجويهه فيصد ڄاڻايل رقم کان به جواب آهي يا ته اها رقم رُئاڙي رُئاڙي ملندي آهي.
    بهرحال محترم سيال حيات جو جو هي اِي ڪتاب “هوائن مٿان گهر” سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي شاعري جي حوالي سان هڪ تمام بهترين ڪتاب ثابت ٿيندو، شاعرن کان وٺي عام پڙهندڙ به هن ڪتاب مان آنند حاصل ڪندا. آخر ۾ منهنجي دُعا آهي ته محترم سيال حيات آئنده به اهڙا لاجواب غزل تخليق ڪندو رهي ۽ پوري سنڌي قوم اها شاعري پڙهي کيس مڃتا عيوض پنهنجا پيار واريندي رهي ۽ جيجل سنڌ جي سيند سائي ٿيندي رهي. آمين.
    خيرانديش
    خادم الادب ۽ خادم سنڌ
    نثاراحمد ناز
    سرپرست اعلى


    پنهنجي پاران: احساس اُڏاڻل ڳوليان پيو . . . . ( دل جي دفتر مان )

    هوائن مٿان گهر ٺاهڻ ڪيڏو اڻانگو آهي ان جو اندازو اسد کي ان وقت ٿيو جڏهن هن موجوده ڪتاب جو ٽائيٽل پيج ٺاهڻ وقت بي وس بنجي مون سان پنهنجا ويچار ونڊيا ۽ ڪجهه آئيڊيا شيئر ڪرڻ لاءِ چيو. تڏهن مون صرف مسڪرايو ۽ دل ۾ چيم ته جيڪڏهن سڀ ڳالهيون منهنجي وس ۾ هجن ها ته اڄ تو وٽ منهنجي شاعري جو E-book ٺاهڻ وقت الائي ڪيترا ڇپيل مجموعا سامهون پيا هجن ها جن جا ٽائيٽل پيج به سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن سريلي مصور جي هٿن جو هڳاءُ پيش ڪن ها ۽ تون انهن کي صرف Scan ڪر ين ها.
    خير . . . ! وقت ۽ حالات مون تي سدائين حاوي رهيا آهن ۽ ان کان به وڌيڪ اثر انداز رهي آهي پنهنجي انا جو ڪيترن ئي مهربانن ڪتاب ڇپرائڻ جي آڇ ڪئي پر احسانن جي بار هيٺان دفن ٿيڻ جي خوف کان بهتر سمجهيم ته ڪنهن اڳيان ڪنڌ جهڪائي صاحب ڪتاب بنجڻ کان بهتر آهي ته صاحب ضمير رهان .
    بس پوءِ ڪجهه شاعري جون ڊائريون خدا جي مخلوق اُڏوهي جي پيٽ ڀرڻ جي ڪم آيون. ڪجهه پنا پراڻا ٿي زبون ٿي ويا ۽ پڙهڻ جهڙا نه رهيا يا کڻي چئجي ته مٽي سان ملي مٽي ٿي ويا ۽ پوءِ ڪجهه عرصو پاڻ کي به اها سوچ ڳڙڪائي وئي ته جڏهن شاعري ڇپرائڻ وس ۾ ناهي ته لکي ڇاڪريان . خالي اڇن پنن تي ڪارا ليڪا پائي پنهنجا ليکا ڇو وڌايان. بس پوءِ هزار خيال آيا ته به پين جي مس سان ملائي پنن تي ڪونه هاريم. پوءِ وري ڪجهه سالن کان ڪمپيوٽر عام ٿيا ته مون به جديد ٽيڪنالاجي مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ شاعري ، ڪهاڻين ۽ ادب کان هٿ ٻڌي هميشه لاءِ موڪلايو ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سڪون ڳولڻ لاءِ نڪتس. پر ڪجهه سالن کان پوءِ احساس ٿيو ته پاڻ کي ڪيترو به مصروف رکيم پر ڏات هڪ پل لاءِ به پيڇو نه ڇڏيو.
    تازوئي اسد صاحب جون صلاحون ۽ مشورا ڪجهه اثرانداز ٿيا ته جديد دنيا ۾ E-book تي ڪوبه خرچ نٿو اچي تنهنڪري ڪجهه نه ڪجهه شاعري کي محفوظ ڪجي . سندس دليل منهنجي ڳالهين کان طاقتور هيا تنهنڪري ڪجهه شاعري سندس حوالي ڪيم . جيئن ته هي ڪتاب ڇپيل صورت ۾ نه ڪنهن مارڪيٽ ۾ موجود هوندو نه ڪنهن لئبرري جي ڪٻٽ ۾ ۽ نه ڪنهن هٿ جي تريءَ تائين پهچندو جو ڪوئي ان ۾ گل رکي. هي صرف نيٽ تي ڪنهن مخصوص ويب سائيٽ تي پڙهي سگهبو يعني هوا جي لهرن ۾ لڙهندو رهندو ۽ هوا جي هٿن سان ئي ورق ورق کولي پڙهي سگهبو. جنهنڪري مونکي مناسب لڳو ته هن جو نالو به هوائن مٿان گهر هجڻ گهرجي. ڇوته جيون جي اٿاهه جذبن کي جيڪڏهن ڪنهن حنا لڳل هٿن جي حوالي نه ڪري سگهيم ته هوائن ۾ ته اڏاري ڇڏيم ، جتان ڳولڻ وارا پيا ڳوليندا. ۽ مان اڃا به هوائڻ ۾ اڇلائڻ لاءِ ڪي پراڻا اڏاڻل احساس ڳوليان پيو. ڇوته جڏهن به مان شاعري لکندو آهيان تڏهن من سار جي سنڌوءَ ۾ ترندو آهي ۽ هاڻي ان جا عڪس اسد جي چوڻ ۽ سنڌ سلامت جي ساٿين جي سهڪار سان هوا جي لهرن ۾ لوڙهن سان به هڪ اڏار جو احساس ساهه کي سرهائي ڏئي ٿو.
    ســـڪ ســـلامـــت
    جيسين
    ســــــنـڌ ســـلامـــت
    ســـيـال حـيــات
    پڪا چانگ، خيرپور ميرس
    2011- جولائي-1
    رابطي لاء
    0333-7036311
    Siyalhayat_sindh@yahoo.com


    اِرادو مٽيو آ ، سڄڻ جو ، ٻُڌو ٿم.

    اِرادو مٽيو آ ، سڄڻ جو ، ٻُڌو ٿم.
    وري اڄ اسان ڏي اچڻ جو ، ٻُڌو ٿم.
    اڙي اڻ جھلي دل ، وري تنهنجا ساڳيا.
    هوائن مٿان گھر اڏڻ جو ٻُڌو ٿم.
    ¬¬سيال حيات


    غزل

    خواب مان بنجي پوان ، تون ڪا حسين تعبير ٿي.

    خواب مان بنجي پوان ، تون ڪا حسين تعبير ٿي.
    مان مُقدر تنهنجو ٿيان ۽ تون منهنجي تقدير ٿي.
    ***
    ترس مان تنهنجو اکين ۾ ، عڪس ويهاري وٺان.
    دل جي ديول ۾ رکيل ، پوتر ڪا ئي تصوير ٿي.
    ***
    دل رکڻ جي لاءِ ، ڪوڙو ئي دلاسو ڏي کڻي.
    مان وري ايندس سگھو ، ايڏو نه تون دلگير ٿي.
    ***
    مان ٿيان ميهار ، تون سُهڻي ٿي منهنجي ساههُ جي.
    يا ته مان رانجھو ٿيان ، تون هر جنم ۾ هير ٿي.
    ***
    ٿي سهارو ساههُ جو ، ڪر وار هر واسينگ تي.
    ڍال ٿي مظلوم جي ، ظالم جي لاءِ ڪو تير ٿي.
    ***
    منٿ مڃ موٽي به آ ، ڪر سوال پورو ”سيال“ جو.
    درد دل جو ڪر ختم ، تون ڪا دوا اڪثير ٿي.


    اڃا اڻ پلي دل ، صنم کي ، سڏي پئي.

    اڃا اڻ پلي دل ، صنم کي ، سڏي پئي.
    نئين ڏينهن تي ،نئين ستم کي ، سڏي پئي.
    ***
    اها زندگيءَ جي ، روايت رهي آ .
    گلابن جي موسم ۾ غم کي ، سڏي پئي.
    ***
    اکين جي اڏي تي ، اچي آس گھايل.
    اڃا تيز گهري زخم کي ، سڏي پئي.
    ***
    انهيءَ دل چريءَ جي ، اها دل لڳي جو.
    هو قاتل کان نظر ِڪرم کي ، سڏي پئي.
    ***
    ٽُٽي اعتمادن جي ، پئي آرسي پر.
    ڀڄي ڀور ٿي ويل ڀرم کي ، سڏي پئي.
    ***
    اها ”سيال“ ڪوئل ڪري ڪُوڪ ، شايد.
    صُبح ساڻ رنج و الم کي ، سڏي پئي.


    زندگيءَ جو سفر ، ڪيئن اڪيلي ڪٽيان.

    زندگيءَ جو سفر ، ڪيئن اڪيلي ڪٽيان.
    ٿي اچي همسفر ، ٿئي حسين ڪاروان.
    ***
    سُڃ آ ، رُڃ آ ، اُڃ ئي اُڃ آ.
    ڇانورن لئـِ ڊُڪان ، سانورن لئـِ سِڪان.
    ***
    اوپرا ، اوپرا ، پيار جا پيچرا.
    ٿيا ڪٺا ڪيترا ، درد جا داستان.
    ***
    هر قدم ، سِر قلم ، هر نظر تي نظر .
    ڪيئن توسان مِلان ، ڪيئن توسان کِلان.
    ***
    رُوح رولي پيو ، موت ڳولي پيو.
    ماٺ ڪيسين رهان ، سُور ڪيسين سهان.
    ***
    هيڪلو مان هتي ، تون رهين پيو ڪٿي؟
    ”سيال“ آهين جتي ، آءُ ته جھُومان نچان.


    اوهان جي شهر جا ، ته پٿر به گُل ڦُل.

    اوهان جي شهر جا ، ته پٿر به گُل ڦُل.
    اسان جي شهر جا ، ته ماڻهو به پاڳل.
    ***
    ڪٿي سمجھه تن کي ، جو سِر کي بچائين.
    نهاريئي جنين ڏي ، کڻي نيڻ قاتل .
    ***
    ڏٺي سون رُڳو مُند ، اکڙين وسڻ جي.
    نه آ ياد ڪڏهين ، ڪو برسيو آ بادل.
    ***
    اها جھاتڙي ، جيءُ جھوري وئي آ.
    انهيءَ ڏينهن کانپوءِ ، جيون آ جل ٿل.
    ***
    سکي سونهن راڻي ، او سپنن جي ملڪه.
    اُجاڙي ڇڏ يئي خواب ، ڪيڏا نه ڪومل.
    ***
    سڄي زندگي ”سيال“ ، ٻي دُعا نه گھُربي.
    ڪرين جي کڻي ، دل جي ڌڙڪن ۾ شامل.


    ڀاڳ جون سڀ ڀوڳنائون ، ساهه کان پياريون اٿم ،

    ڀاڳ جون سڀ ڀوڳنائون ، ساهه کان پياريون اٿم ،
    سونهن جون ساريون ادائون ، ساهه کان پياريون اٿم،
    ****
    دلبرن جيڪي اچي , هن ، دل جي دفتر ۾ ڪيون ،
    درد جون سي دا خلا ئون ، ساه کان پيا ريون اٿم،
    ****
    وار تي نئون وار ٿيوِ ۽ وارجي وئي زند گي،
    وقت جون سڀ وارتائون ، ساه کان پيارون اٿم ،
    ****
    جن نماڻپ مان نهاري ، ڪئي نوازش نينهن جي،
    ناز واريون سي نگاهون ، ساه کان پيارون اٿم ،
    ****
    هاڻ يادون ڄڻ ته کنڊر ۽ اُجڙ دل جو شهر ،
    ڀور ٿي ويل ڀا ونائون ، ساه کان پياريون اٿم ،
    ****
    تون ڀلي ، تڙپاءِ پيو ۽ پنهنجي دل بهلاءِ پيو ،
    جانمن تنهنجون جفائون ، ساه کان پياريون اٿم،
    ****
    ”سيا ل “ ڪهڙي حا ل ۾ آ ، هاڻ ڪاٿي ٿو رهي ،
    پيا ر مان پل پل پڇائون ، ساه کان پياريون اٿم.


    ٻانهن ڪري سيراندي ، چنڊ سمهي پيو آ

    ٻانهن ڪري سيراندي ، چنڊ سمهي پيو آ
    بيٺو ڪو پيراندي ، چنڊ سمهي پيو آ
    *****
    اڻٽيهين جي رات ، پڪو ٿو شڪ پوي
    بنجي ڪاٿي باندي ، چنڊ سمهي پيو آ
    *****
    تارا انجي واٽ ، تڪيندي ٿڪجي پيا
    ڪانه خبر ڪنهن آندي ، چنڊ سمهي پيو آ
    *****
    ڪيڏا ڳوٺ ، ڳليون ۽ رستا ڳوليندي
    رات لڙي هيڪاندي ، چنڊ سمهي پيو آ
    *****
    چئوڌاري چاهت جي ، چاري چاري تي
    مڌ م ٿي پئي چاندي ، چنڊ سمهي پيو آ
    *****
    باک ڦٽڻ جي ويلي سمجھئين سورن جي
    هاڻ ختم ٿي آنڌي ، چنڊ سمهي پيو آ
    *****
    اکڙين جي آکيري ، اوجاڳا ڦٿڪيا
    سار اُٿي سڄڻاندي ، چنڊ سمهي پيو آ
    *****
    ”سيال حيات“ سڄڻ جي ديسان شايد ڪو
    پهتو ناهي پانڌي ، چنڊ سمهي پيو آ


    رات ٿيندي ئي شهر ۾ ، روشنيون جھومڻ لڳيون

    رات ٿيندي ئي شهر ۾ ، روشنيون جھومڻ لڳيون
    سخت ٻانهن ۾ ڪي نازڪ ، زندگيون جھومڻ لڳيون
    *****
    ساهه جي ، سرگوشين جو ، ساز ڇيڙيا ، سانت ۾
    سونهن، سُندرتا جون ساريون ،ساعتون جھومڻ لڳيون
    *****
    مُرڪ جو وِکري ، رخِ مهتاب تي ، مونکي ڏسي
    ڪي اکين جي در ازل جون ، آٿتون جھومڻ لڳيون
    *****
    هٿ مٿان کاڏي رکي ، جو پيار مان گھوري ڏٺئي
    عشق جي ايوان ۾ سڀ ، بندگيون جھومڻ لڳيون
    *****
    ٻارڙو ، پوپٽ کي پڪڙڻ لاءِ جو ڊوڙڻ لڳو
    گل جي سڀني پنکڙين تي ، پارتون جھومڻ لڳيون
    *****
    رات ڪافي وئي لڙي آ ، هاڻ موڪل ڏي وڃان
    لفظ روئي پيا لبن تي ، لرزشون جھومڻ لڳيون
    *****
    ”سيال“ ڏي آئين هلي ، سڪ مان ڀري جو پيرڙا
    ڳوٺ منهنجي جي ڳلين جون، قسمتون جھومڻ لڳيون


    ڀل ڪو ٻيڙيون ، پان کپائي

    ڀل ڪو ٻيڙيون ، پان کپائي
    پر نه ڪوئي ، ايمان کپائي
    *****
    گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ هُو گھورارو
    جيون لئهِ ٿو ، جان کپائي
    *****
    پيٽ ڀرڻ لئهِ پورهيت ، ٺاهي
    پٿر جو ، ڀڳوان کپائي
    *****
    سو ماڻهو ڪهڙو ماڻهو؟ جو
    مانيءَ لئهِ ٿو ، مان کپائي
    *****
    ان ۾ ڪهڙي انسانيت ، جو
    پئسي تي ، انسان کپائي
    *****
    بُک وِگھي ، هُو نيٺ نِڪمو
    گھر جو ، سڀ سامان کپائي
    *****
    نياڻي وڪڻي ائين ، نڀاڳي
    هوٽل تي ڄڻ ، نان کپائي
    *****
    تنهنجي ديس ۾ ، ڪو ديوانو
    دل جو ويٺو ، دان کپائي
    *****
    ”سيال حيات“نه ڪوئي پنهنجا
    آسون ۽ ارمان کپائي


    اي يار ، اسان وقت ۽ حالات جا قيدي

    اي يار ، اسان وقت ۽ حالات جا قيدي
    نيڻن ۾ ، نظر بند ، حوالات جا قيدي
    *****
    محفل ۾ مليا نيڻ ، تري مُرڪ چپن تي
    محبوب سان ان هڪڙي ملاقات جا قيدي
    *****
    جو چور کي به چور چوڻ کان ٿو لنوائي
    سو مصلحت جو آ يا مفادات جو قيدي
    *****
    ڪو پير ڪو مريد ڪو، ڀوتار ڪو نوڪر
    دل جي دنيا کان دور، سي درجات جا قيدي
    *****
    يا پيار ڪريون يا ته ٻڌون پيٽ سان پٿر
    اوڇڻ ۽ اجھي جي سدا فڪرات جا قيدي
    *****
    ڪو سوچ ۾ صدام ڪو بُش بي لغام آ
    سڀ پنهنجي پنهنجي فن جي ڪمالات جا قيدي
    *****
    آ ”سيال“ اسان زندگي هن ريت گذاري
    خوابن جا مسافر ۽ خيالات جا قيدي


    مان به انائن ۾ پيس ڦاسي،تو به سکيون ڪي بي پرواهيون

    مان به انائن ۾ پيس ڦاسي،تو به سکيون ڪي بي پرواهيون
    جذبن کي ويون برف بنائي ، احساسن جون سرد هوائون
    *****
    ڪيڏا چاهت چنگ وڳا پر ، تو تائين ، آواز نه پهتو
    بند دريون ، در تنهنجي دل جا ، سُڏڪي موٽيون ساز صدائون
    *****
    هاڻي تون ٻي پار اُڏرڻو ، موٽي مون وٽ ناهين ورڻو
    مينهن اکين جو ناهي اڪرڻو، رم جھم هاڻي سڀ رچنائون
    *****
    ساٿِيئڙا ڀل سار نه مونکي ، پل ڀر جو ڏي پيار نه مونکي
    پوءِ ته پل پل ياد ڪندين پيو ، ڏورجڏهن ٿي ويندس آئون.
    *****
    تن نه رهين جي جيون ۾ پوءِ ، جھوراڻن کي جھل نه ڪائي
    هاڻ جھڪون هر پاسي جھولا ، ڪاڏي ويون هو ٿڌڙيون ڇائون
    *****
    ڪالهه ته پلڪن ساڻ ڍڪئي ٿي، هر جاءِ تي هئا هٿ هٿن ۾
    هاڻ ته زلفن جون به پري هن، هو گھاٽيون گھن گھور گھٽائون
    *****
    ”سيال حيات“ جا سهڻا سانول ، ڪين هئاسين تنهنجي قابل
    ها پر پوءِ به حياتي ساري ، دل ۾ هونديون دم دم دعائون.


    کليا سين ، ته کلندي ئي ، روئي پياسين

    کليا سين ، ته کلندي ئي ، روئي پياسين
    ملياسين ، جڏهن ڀي ته ، وڇڙي وياسين
    *****
    ڏکيا هئا گھڻا ، پنڌ دل جي شهر جا
    اکين جي سفر ۾ ، عمر ڀر رلياسين
    *****
    جڏهن جنگ جيون جي جوٽيسين جانان
    جيئڻ لئِه جلياسين ، جلڻ لئِه جِياسين
    *****
    اميدون عذابن ۾ ، آٿت پيون ڳولن
    نه واپس ورياسين ، نه تو وٽ پُڳاسين
    *****
    انڌيرن جو چادر وڇائڻ شروع ڪئي
    تڏهن ٻاٽ ۾ ٿي ، ستارا کڙياسين
    *****
    ٿِيو سج ، نيزي ۽ ڌرتي ، ٿي ٽامو
    تڏهن مينگھه ملهار وانگر وسياسين.
    *****
    ڪڏهن هٿ پُسي ويا ،اُگھي لڙڪ ٻين جا
    ڪڏهن پنهنجا ڳوڙها نه روڪي سگھياسين
    *****
    کِلي ”سيال“ سِرڙو ڏنو سين سڄڻ کي
    نه رنج ٿي رُناسين ، نه تڙپيا لُڇياسين


    ڏينهن ٺاري ، جڏهن ، شام ڌاري ويو.

    ڏينهن ٺاري ، جڏهن ، شام ڌاري ويو.
    يادگيريون سڀئي ، هت وساري ويو.
    ****
    سير ۾ ساٿ ڏئي ، ويو ڪنن ۾ ڇڏي.
    ڪير چئي ٿو ، ڪناري اُڪاري ويو.
    ****
    هِن طرف ، هُن طرف ، هر طرف ، هُو وسي.
    نقش اهڙا اکين ، ۾ اُتاري ويو.
    ****
    دل جي ڪعبي منجھان، وهم جا بُت ڪڍي.
    عشق سان من اندر ، کي اُجاري ويو.
    ****
    زندگي قيمتي هئي ، تڏهن پئي خبر.
    پيار جي ڪو نظر سان نهاري ويو.
    ****
    مُرڪ ميڙي سڄي ، پاڻ سان ويو کڻي.
    ۽ ڇڏي ”سيال“ ، سُڏڪن سهاري ويو.


    محبت ۾ دغا جا ني , نه تون ڄاڻين نه مان ڄاڻان ،

    محبت ۾ دغا جا ني , نه تون ڄاڻين نه مان ڄاڻان ،
    سڏائڻ بي وفا جا ني , نه تون ڄاڻين نه مان ڄاڻان ،
    *****
    اسان هڪ سان محبت ڪئي اسان هڪ جي عبادت ڪئي،
    ٻه ٽي جڳ ۾ خدا جاني ، نه تون ڄاڻين نه مان ڄاڻان ،
    *****
    سوين سونا سڪا آڻي ، زمانو دل کي توري ٿو ،
    مگر اهڙي خطا جاني ، نه تون ڄاڻين نه مان ڄاڻان ،
    *****
    اسان دردن سان دل لاتي ، ملي هي ڏات ڏکڙن کان ،
    ڪرڻ غم جي گلا جاني ، نه تون ڄاڻين نه مان ڄاڻان ،
    *****
    اندر ۾ باهه ڀڙڪي پر, ملون هُن غير سان مُرڪي ،
    اها ڪوڙي ادا جاني ، نه تون ڄاڻين نه ما ن ڄاڻان ،
    *****
    قيا مت جي عذابن کان ، ڏکيو آ غم وڇوڙي جو ،
    رهڻ تڏهن جدا جاني ، نه تون ڄاڻين نه ما ن ڄاڻان ،
    *****
    اسان بس پيار پوڄاري ، اسان بس سونهن جا سا ئل ،
    ڏيڻ دردر صدا جاني ، نه تون ڄاڻين نه ما ن ڄاڻان ،
    *****
    حيا تي ”سيال“ آ جيسين ، سلامت ساٿ پيو رهندو ،
    ڇنڻ نا تا ، پڪا جاني ، نه تون ڄاڻين نه ما ن ڄاڻان ،


    ها جڏهن کان ڌار ٿيا سين ، پاڻ ٻئي

    ها جڏهن کان ڌار ٿيا سين ، پاڻ ٻئي
    تڙپندا ، لڇندا ، رهيا سين ، پاڻ ٻئي
    *****
    زندگي ، تنها ، گذاريسين سڄي
    پر ڪٿي تنها مليا سين ، پاڻ ٻئي
    *****
    ڪوزمين پيرن جي هيٺان ويوڪڍي
    ٿورڙو ، گڏجي هلياسين ، پاڻ ٻئي
    *****
    دل جو تحفو ، درد جي نالي ڪري
    دار ڏي ، وڌندا وياسين ، پاڻ ٻئي
    *****
    پيار ٻوليو ، ٿر جي ٻاٻيهي جيان
    مينهن وانگرپئي وسياسين ،پاڻ ٻئي
    *****
    ريت ۽ رسمن جي ڪاري ڪوٽ ۾
    بي خطا باندي بڻياسين ، پاڻ ٻئي
    *****
    مرڪ ۽ ڪجھه لڙڪ جيون کان مليا
    ڪجھه رُناسين ڪجهه کِلياسين ، پاڻ ٻئي
    *****
    گھاءُ ورتا سين ، گلن بدلي ”حيات“
    ”سيال“ ڪي سادا هياسين ، پاڻ ٻئي


    ڪو اڃا ڀي اسان کي سنڀاري پيو ، ان جي آلين اکين جي ڪهاڻين چيو

    ڪو اڃا ڀي اسان کي سنڀاري پيو ، ان جي آلين اکين جي ڪهاڻين چيو
    دل مٿان درد جي دز وئي آ چڙهي ، من مندرجي صحن جي ڪهاڻين چيو
    *****
    ديد انجي به شايد جھڪي ٿي وئي ۽ هٿن مان به طاقت ڇڏائي وئي
    ڪابه ترتيب لفظن ۾ ناهي رهي ، هُنجي تازن خطن جي ڪهاڻين چيو
    *****
    شخص هڪ ڇا ويو آ شهر کي ڇڏي ساري ويڙهي ۾ ٿي سڃ واڪا ڪري
    سال ٿيا هن جي پيرن جي آهٽ ٻڌي ، پنهنجي گھر۽ گھٽين جي ڪهاڻين چيو
    *****
    ڪو شڪاري جڏهن تير تاڻڻ لڳو يا پري کان پئي باز تي ڪا نظر
    ساهه پيارو گھڻو ، زندگي آ مٺي ، وڻ تان اڏريل پکين جي ڪهاڻين چيو
    *****
    گل نه ڪوئي ٽڙيو ۽ نه گونچ ئي ڦٽا ، پن به پيلاڻ مائل ٿي ڇڻندا رهيا
    شل نه مالهي رسي شل بهارون هجن ڪنهن ته اجڙيل چمن جي ڪهاڻين چيو
    *****
    دل ۾ دردن جي شدت جو ڪاٿو ڪرڻ ، سج اڳيان آرسي جي برابر اٿئي
    آهه ۾ باهه ، جا تيز شعلا ڀريل ، خشڪ ٿي ويل چپن جي ڪهاڻين چيو
    *****
    بُک ۽ ڏک ، جيون کي جھوري وڌو ، ڏينهن جوڀن سندا ڏنگ مارڻ لڳا
    ڪنهن مسافرنه ڪئي ڇانوري جي طلب ، چيِڙ ٿي ويل چڳن جي ڪهاڻين چيو
    *****
    چاهه جي راهه ۾ چين هوندو نه آ ،”سيال“ هر حال ۾ درد لِک ديس جا
    ڏات توکي ملي ، بي سبب ڪونه آ ، ڏيهه تنهنجي ڏکن جي ڪهاڻين چيو


    ڳوڙهن ڌوتا ڳل ، اوهان کان پوءِ سائين

    ڳوڙهن ڌوتا ڳل ، اوهان کان پوءِ سائين
    جيون ، آ جل ٿل ، اوهان کان پوءِ سائين
    *****
    گھاڻي منجھه ، گھڙي هر ڪائي گذري ٿي
    پيڙي ٿو هر پل ، اوهان کان پوءِ سائين
    *****
    ساروڻين ، جو ساٿ ڳنڍيو آ ، ساهه اندر
    آسون ٿيون اڻ جھل ، اوهان کان پوءِ سائين
    *****
    هر ڌڙڪن ۾ ، تنهنجو نانءُ اچاري پئي
    دردن ماري دل ، اوهان کان پوءِ سائين
    *****
    تون ڇا وڇڙين، واٽون ساريون وسري ويون
    گُم ٿي وئي منزل ، اوهان کان پوءِ سائين
    *****
    خوشين جو هو خال ، سو جيون ۾ هاڻي
    درد ، ٿيا شامل ، اوهان کان پوءِ سائين
    *****
    ڪهڙي حال ٿو هاڻي ”سيال حيات“ رهي ؟
    ڪير نه لهندو ڪل ، اوهان کان پوءِ سائين


    -سونهن جي ڪائنات ، تون آهين

    سونهن جي ڪائنات ، تون آهين
    درد ، غم کان نجات ، تون آهين
    *****
    پيار جو هر پنو ، پڙهايو تو
    نينهن جا سڀ ، نڪات تون آهين
    *****
    دل جي گلشن ۾ جيڪا گونجي ٿي
    سا ته ڪوئل جي لات ، تون آهين
    *****
    تو جياپي جي جوت ، جاڳائي
    موت منهنجي جي ، مات تون آهين
    *****
    ٿو تصور جي ، تار کي ڇيڙين
    طلب ۽ تانگھه ، تات ، تون آهين
    *****
    منهنجا سپنا ، جتي ستارا ٿيا
    چوڏهين چنڊ رات ، تون آهين
    *****
    ”سيال“ تنهنجو حيات آ ليڪن
    اُن لئِه آبِ حيات ، تون آهين


    کلي کلي هر سزا قبوليم ، سزا سڄي بي خطا قبوليم

    کلي کلي هر سزا قبوليم ، سزا سڄي بي خطا قبوليم
    نگاههِ قاتل گواهه رهجان ، ستم جي ساري ، عطا قبوليم
    *****
    قدم قدم تي اسان ڪُٺاسين ، ڪندا رهياسين گُناههِ اُلفت
    اوهانجي گھُورُن به گھاءُ بخشيا ، عذاب جهڙي ادا قبوليم
    *****
    اکين ۾ ٽانڊا ٻري پيا ۽ چپن تي ، ٿوهر ڦٽي پيا هـِن
    زخم زخم ، زندگي سموري ، ستمگرن جي سخا قبوليم
    *****
    گھڻوئي پنهنجي انا تي سوچيم ، گھڻوئي جيون فنا تي سوچيم
    پٿر جي بت کي نٿي مڃيم پر ، اوهان مٿان ٿيڻ فدا قبوليم
    *****
    ديار ِغم کان هليون هوائون ،خوشين جو گلشن ويون اُجاڙي
    وجود کي ڄڻ وِڇون ڏنگي ويا جڏهن کان ٿيندين جدا قبوليم
    *****
    خلوص سان دلبرن جي قدمن ، سمورو جيون رکي ڇڏيوسين
    اُميد آ ، من ڪڏهن چوي هو ، ”حيات“ تنهنجي وفا قبوليم


    جيون رنگ رتولڙو

    جيون رنگ رتولڙو
    پاڻياريءَ جو چولڙو
    *****
    مونکي ڌار نه ڀائنجان
    آهيان تنهنجو اولڙو
    *****
    هيل هوائن ۾ ٻـُـريو
    ٻيجل جو ڪو ٻولڙو
    *****
    روئندو رهجي ٻار ويو
    ڪانءُ ڦري ويو لولڙو
    *****
    جيڪي ساکي سونهن جا
    آءُ ، انهن جو ، گولڙو
    *****
    يار وڇوڙي جو ، اڃا
    روز گھلي ٿو جھولڙو
    *****
    جيون ”سيال حيات“ جو
    آءَ ته ٿي پئي سولــڙو


    اڃا ڪوته سپنن ۾ ، توکي ڏسي ٿو

    اڃا ڪوته سپنن ۾ ، توکي ڏسي ٿو
    ڀٽائي جي بيتن ۾ ، توکي ڏسي ٿو
    *****
    صبح ويل رابيل گجرن ۾ پوئي ،
    اگھي ماڪ مکڙين ۾ توکي ڏسي ٿو
    *****
    سڄي سنڌ جي تو ۾ خوشبو سمايل
    ۽ ڪينجھر جي ڇولين ۾ توکي ڏسي ٿو
    *****
    تون ان لاءِ جِبران جي ڪا ڪهاڻي
    بخاري جي گيتن ۾ ، توکي ڏسي ٿو
    *****
    اندرجيءُ جهاتي وڌي جنهن به هوندي
    اهودل جي ڌڙڪن ۾، توکي ڏسي ٿو
    *****
    جو مندر ۾ ٿو ، مورتين کي سجائي
    سوديوي جي درشن ۾ ، توکي ڏسي ٿو
    *****
    اوهان مرڪ جي ماڪ جنهن تي وسائي
    سڄي سو ته جيون ۾، توکي ڏسي ٿو.
    *****
    پرين نيهن نگري ڏي جيڪي وڃن ٿا
    انهن”سيال“رستن ۾، توکي ڏسي ٿو


    اِرادو مٽيو آ ، سڄڻ جو ، ٻُڌو ٿم.

    اِرادو مٽيو آ ، سڄڻ جو ، ٻُڌو ٿم.
    وري اڄ اسان ڏي اچڻ جو ، ٻُڌو ٿم.
    *****
    چيو چنڊ کي مون ، وڃي ننڊ ڪر تون.
    ِپياري پرين ءَ جي پُڄڻ جو ، ٻُڌو ٿم.
    *****
    اکيون ڇا اڙايم ، اوهانجي اکين سان.
    ڪروڙن کان پنهنجي ڪُسڻ جو ٻُڌو ٿم.
    *****
    ڪريان دل جي ڌڙڪن کي قابو به ڪيسين.
    سڀئي خواب ساڀيان ٿيڻ جو ٻُڌو ٿم.
    *****
    اڙي اڻ جھلي دل ، وري تنهنجا ساڳيا.
    هوائن مٿان گھر اڏڻ جو ٻُڌو ٿم.
    *****
    جُدائي متان ، ٻي جنم ۾ ختم ٿئي.
    هي جيون ته جيئري جلڻ جو ، ٻُڌو ٿم.
    *****
    لڳي ٿو ته هُن ”سيال“ ، ناهي وساريو.
    وري درد مونکي ڏيڻ جو ، ٻُڌو ٿم.


    هُو به چريو ، ديوانو ، چئي ٿو

    هُو به چريو ، ديوانو ، چئي ٿو
    چاهت کي ، افسانو ، چئي ٿو
    *****
    ڦٽ پاٿي ، هڪ پاڳل ماڻهو
    اکڙين کي آشيانو ، چئي ٿو
    *****
    تو کان پوءِ ته ساري جڳ کي
    وک وک تي ، ويرانو چئي ٿو
    *****
    سمنڊ سڄي کي ، هڪڙو ساڌو
    اڻپورو ، پئمانو ، چئي ٿو
    *****
    سوريهه سنڌي ، ڦاهيءَ ڦندو
    ڳل ، ڳچيءَ جو ڳانو، چئي ٿو
    *****
    ”سيال حيات“ اوهان جي تر کي
    محبت جو مئخانو ، چئي ٿو


    ڪاش گلڙن کي ۽ ڪنڊن کي سڃاڻون

    ڪاش گلڙن کي ۽ ڪنڊن کي سڃاڻون
    غير کي سمجھون ۽ پنهنجن کي سڃاڻون
    *****
    ٻين جي عيبن تي ، نظر ڦيرڻ کان اڳ۾
    هڪ گھڙي جي ، پنهنجي جيون کي سڃاڻون
    *****
    جنهن کي ديوانو چئي ٿا ، ٽهڪ ڏيون پيا
    اڄ اچو انجي به ، اُڌمن کي سڃاڻون
    *****
    ظاهري مرڪن تي موهت ٿيڻ کان پهريان
    ساهه ۾ سانڍيل ته ، سڏڪن کي سڃاڻون
    *****
    ڌاڪ ڌاريئي جي ٻڌي ڇو دهلجون ، جي
    قرب جي ڪيچين جي ، قدمن کي سڃاڻون
    *****
    گھاءُ ڏيندڙ کي نه ڳوليوسين ، ڪڏهن ڀي
    پاڻ بس ، گھايل جي ، زخمن کي سڃاڻون
    *****
    هر سفر پنهنجو ، سڻائو ٿي پوي ، جي
    سونهن سندرتا جي ، ساٿين کي سڃاڻون
    *****
    ”سيال“ ڇو ڀٽڪون ، اسان ائين دربدر ٿي
    جي ڀٽائيءَ رحه جي ته ، بيتن کي سڃاڻون.


    اقرار جي منزل ڳوليندي ، انڪار جي ماڳ تي پهتاسين

    اقرار جي منزل ڳوليندي ، انڪار جي ماڳ تي پهتاسين
    اعتبار جي ٻيڙين ۾ لُـڙهندي ، اغيار جي ماڳ تي پهتاسين
    *****
    غيرن جا گھڙيل هئا گھاٽ مگر سازش ۾ صلاحو سڄڻ به هئا
    پر صبر سهاري ، ڪين اسان ، تڪرار جي ماڳ تي پهتاسين
    *****
    رڻ پٽ صحرا جا رند پُڇي ۽ پريم نگر جا پنڌ پڇي
    هڪ دل جي دنيا ساڻ ڪري ، دلدار جي ماڳ تي پهتاسين
    *****
    ڪجهه رات رني، ڪجھه بات رني، ڪجھه جيت رني، ڪجهه مات رني
    هڪ ڏينهن جڏهن تون مان گڏجي ، ڪنهن سار جي ماڳ تي پهتاسين
    *****
    جي پيار ، وفا جا پانڌيئڙا ، سي ڪلفت جي ويجھو نه ويا
    جي پيڙائن ، پئي پاند ڀريا ، ته به پيار جي ماڳ تي پهتا سين
    *****
    ڪجهه سال گذر ٿيا سجدن ۾ ۽ عمر کپي وئي آزين ۾
    مس مس ته نقاب هٽيا ۽ مس ، ديدار جي ماڳ تي پهتاسين
    *****
    هن پيار ڏنو ، پر دل ورتي ، ڪجھه درد ڏنا ، سُک چين وتو
    اي ”سيال حيات“ اسان شايد ، وڻجار جي ماڳ تي پهتاسين


    پرچندا ، رُسندا رهياسين ، تنهنجون يادون ۽ اسان

    پرچندا ، رُسندا رهياسين ، تنهنجون يادون ۽ اسان
    روئندا ، کلندا رهياسين ، تنهنجون يادون ۽ اسان
    *****
    هر طرف نظرون ڊڪيون ، پر ڏور منزل جو نشان
    دربدر ، رُلندا رهياسين ، تنهنجون يادون ۽ اسان
    *****
    جرم الفت کي پرين ، دل سان قبوليوسين جڏهن
    پوءِ ته پئي جلندا رهياسين ، تنهنجون يادون ۽ اسان
    *****
    زندگي کان ڏور ، تنهائي جي هر هڪ موڙ تي
    مُرڪندا مِلندا رهياسين ، تنهنجون يادون ۽ اسان
    *****
    تون ڪڏهن ملندو رهئين ۽ پوءِ جدا ٿيندو رهئين
    گڏ سدا ، هلندا رهياسين ، تنهنجون يادون ۽ اسان
    *****
    دل جي بي صبري هٿان ۽ تنهنجي مغروري هٿان
    سئوستم سهندا رهياسين ، تنهنجون يادون ۽ اسان
    *****
    هئي سچائي پيار ۾ ، سو ”سيال“ هر ڀيري ”حيات“
    موت سان وڙهندا رهياسين، تنهنجون يادون ۽ اسان


    پيار کي ، پاڳلپڻو ، اغيار چئي ڀل پيو چوي

    پيار کي ، پاڳلپڻو ، اغيار چئي ڀل پيو چوي
    تون نه چئو باقي سڄو،سنسارچئي ڀل پيو چوي
    *****
    عشق کي ايمان چئو ، اتساهه چئو ، ويساهه چئو
    ڪو اناڙي عشق کي ، آزار چئي ڀل پيو چوي
    *****
    هو ته ديوانو آ ، هُن جي ، سوچ تي ڇا تبصرو
    هو ته ٿو هر درد کي ، دلدار چئي ڀل پيو چوي
    *****
    تون ته ٻولي جي اُچارن جو صحيح ڪر استعمال
    لفظ ٻاتا ، ٻاتڙو ڪو ، ٻار چئي ڀل پيو چوي
    *****
    جي نه ٿو توکي وڻي ، تون ڪن نه ڏي آواز تي
    گيت ديوانو ، سرِ بازار چئي ڀل پيو چوي
    *****
    ڪاڻ ڪڍبي ڪانه ، ڪنهن ڪمذات جي ڇا ڀي ٿئي
    پر حُڪم ڪو صاحبِ اختيار چئي ڀل پيو چوي
    *****
    ڇو ڀلا معبود ڪنهنجي تي ڪرين ، تنقيد ٿو
    سونهن کي جي”سيال“ ٿوسردار چئي ڀل پيو چوي


    اوهان جي ته دل ، ڪوهسارن جا منظر

    اوهان جي ته دل ، ڪوهسارن جا منظر
    اسان جون اکيون ، آبشارن جا منظر
    *****
    ائين درد مون وٽ ، ڪٺا ٿي ويا هن
    جئين ڪهڪشان تي ، ستارن جا منظر
    *****
    ڊڪيا ٿي هرڻ ، مينهن وسندي ڀٽن تي
    اٿم ياد ٿر جي ، نظارن جا منظر
    *****
    تصور جي اُ ڀ تي ڦِرن تنهنجون يادون
    جئين ڪي پکين جي ، اُڏارن جا منظر
    *****
    خزائون ڪيو سڀ ، اسان جي حوالي
    رکو پاڻ وٽ سڀ ، بهارن جا منظر
    *****
    سڪل ٺوٺ چپڙن تي ، ٿوهر ڦٽا هِن
    ڏٺا ئي ڪٿي ٿئي ، اڃارن جا منظر
    *****
    جڏهن ”سيال“ سامهون سڄڻ کي ڏسن ٿا
    لڄي ٿا لڳن ، ماهه پارن جا منظر


    سونهن جا سردار مان ، دربان تنهنجي در ٿيان

    سونهن جا سردار مان ، دربان تنهنجي در ٿيان
    چنڊ تون ٿي چوڏهين جو ، مان وري امبر ٿيان
    *****
    تون رسالو شاهه جو ٿين ها ، پڙهان ها هر گھڙي
    هاڻ تون ڪو بيت ٿي ، مان صاف ڪو ڪاڳر ٿيان
    *****
    ٿي نه تون نوري سگھين ۽ مان تماچي ڪين ٿيس
    نينهن جي پوءِ ناوٿي ، مان قرب جي ڪينجھر ٿيان
    *****
    نيڻ تنهنجا ٿي پوان ، تون هر گھڙي ڇيڙين ڇنڀين
    يا ته پائين پيار مان ، ڪو قيمتي زيور ٿيان
    *****
    خون ٿي منهنجي رڳن ۾، جي نه آن رلجي سگھيو
    مئهِ محبت جي ته ٿي ، مان سِڪ جو ساغر ٿيان
    *****
    عڪس بنجي رهه اکيون پنهنجون ٿو ڪيميرا ڪريان
    يا ته تون تصوير ٿي ۽ مان حسين منظر ٿيان
    *****
    ڇو نه آئينو ٿيان ، مون ۾ ڏسين تون ، پاڻ کي
    ”سيال“ مالڪ ساهه جو ٿي ، آءُ تنهنجو گھر ٿيان


    جت ذهنن تي هن زنگ لڳل ، ات چاهت چنگ وڄن ته ڪئين

    جت ذهنن تي هن زنگ لڳل ، ات چاهت چنگ وڄن ته ڪئين
    جت ڏاهپ کي هن ڏنگ لڳل ، ات راڻل رنگ رچن ته ڪئين
    *****
    جنهن محفل گھرو غير هجي ، جت اک اک ۾ ڪو ڦير هجي
    جت مير دلين ۾ ڍير هجي ، ان پاسي پير کڄن ته ڪئين
    *****
    جنهن آڏو لفظ نه نڪرن ٿا ، جت سونهن جا سورج اُڀرن ٿا
    اُن ڏاڍي ماڻهو کي آخر ، ڪي ڏوراپا به ڏجن ته ڪئين
    *****
    جت لهر لهر ۾ شور هجي ، جت چاري چاري چور هجي
    ات پيار وفا جا پانڌيئڙا ، سک چين سان پار پڄن ته ڪئين
    *****
    جت وک وک اڏيل ڄار هجي ۽ تيرن جي وسڪار هجي
    جتي ٿيندو روز شڪار هجي ، اُت سهڻا مور اچن ته ڪئين
    *****
    جي سونهن مٿان ، ٿا ناز رکن ۽ ماڻا بي انداز رکن
    جي يار وفائن کان وانجھيل ، سي پاڙيندا به وچن ته ڪئين
    *****
    ڪو ”سيال حيات“ نه سار لهي ، ڪئين پيار پکي اُن پار لهي
    جن اکڙين پاڻي تار لهي ، ات زندهه خواب بچن ته ڪئين


    تپندڙ ڌرتي ، ٻرندڙ ماڻهو

    تپندڙ ڌرتي ، ٻرندڙ ماڻهو
    پل ، پل جيئندڙ ، مرندڙ ماڻهو
    *****
    ڪنهنجي دل کي ڪيئن ٽوڙيندا
    مِٽي ءَ وانگيان ، ڀُرندڙ ماڻهو
    *****
    نيٺ ڪناري ، پهچي ويندا،
    توڪل ترهي ، ترندڙ ماڻهو
    *****
    سونهن ننگر ۾ ، سوالي آهن
    دان وفا جو ، گھُرندڙ ماڻهو
    *****
    سيس بچائڻ ، ڪين سکيا هن
    سوريءَ ڏي جي ، سُرندڙ ماڻهو
    *****
    ڌرتي رت سان راڱي ويندا ،
    جيون جنگ ۾، جھُرندڙ ماڻهو
    *****
    ”سيال حيات“ ڪٿي جي سگھندا
    نظرن کان جي ، ڪِرندڙ ماڻهو


    ٻڌايم عشق جا توکي ، قصا انمول ، وسري ويئي

    ٻڌايم عشق جا توکي ، قصا انمول ، وسري ويئي
    کلي موتين سان تو منهنجا ڀريا پئي جھول ، وسري ويئي
    *****
    علامه آءِ آءِ جي هئي ، ڀرسان ايلسا ويٺل
    انهن آڏو ڪياسين قرب جا ڪي قول ، وسري ويئي
    *****
    ڪنڌي ڪينجھر جي ويهي جو ، پسايئي پير پاڻي ۾
    صفا مدهوش ٿي پيو هو سڄو ماحول ، وسري ويئي
    *****
    هو ننڍڙا تارڙا هلندڙ ، جڏهن هڪٻئي کي ڏسبا هئا
    ته ڪيڏي عرش تي ٿيندي هئي ڳولان ڳول، وسري ويئي
    *****
    لڌ ئي ڪا سار ، تنهنجي پيار ، پهچايو ڪٿي مونکي
    اڳي ڪيئن جھٽ ۾ چوندو هئين نه ٿي تون رول ، وسري ويئي
    *****
    پري کان اڳ ڪندو اغيار تي ڦٽڪار هئين ، هاڻي
    ڏنئي هٿ غير جي هٿ ۾ پڙهڻ لاحول ، وسري ويئي.
    *****
    وساريئي پيار منهنجو ”سيال“ ڪائي ڳالهه ناهي ، پر
    اٿم حيرت جو پنهنجا ئي ٻڌايل ٻول ، وسري ويئي


    جنهن ڏينهن ، اسان وٽ آيو ، اجل

    جنهن ڏينهن ، اسان وٽ آيو ، اجل
    ڇو تنهنجي نيڻن هاريو ، ڪجل
    *****
    مان ٿر جي ڀٽ تي ، ٿوهر ڪو
    تون ڪينجھرڪپ تي نيل ڪنول
    *****
    مون سڪ آڇي ، تو زر طلبيو
    مون دُعا ڪئي ، تو ماڻي ، منزل
    *****
    مان ، تنها تڙپان ، راهن ۾
    ۽ تو وٽ ، ساڳيو ميڙ ، متل
    *****
    منهنجي کاتي ۾ لِک کوٽ سڄي
    تون پاڻ ڏي ، پوري آڻ ، اُٽل
    *****
    جي عشق ته سِر جو سانگ ڪٿي؟
    ڇا پير پٿون ، ڇا جھنگ ، جبل
    *****
    هُن کوڙ پنا سانڍيا ، جن تي
    هئا ”سيال حيات“ جا شعر ، لکيل


    اکين کي مليا جو ، اکين جا نيا پا

    اکين کي مليا جو ، اکين جا نيا پا
    تڏهن درد دل کي ، ڏنا پئي دلاسا
    *****
    محبت سان من جون مٽيون نيٺ ڀربيون
    اوهان ڀي ته پياسا ، اسين ڀي ته پياسا
    *****
    ڪنهن موڙ تي جي ملياسين ته ويهي
    وڏا هڪٻئي کي ، ڏبا ڏک ڏورا پا
    *****
    جڏهن سنگدل جو ڪئي سنگ باري
    کنيا پاڻ پنهنجي ، وفائن جا لا شا
    *****
    اُتي ئي بهارن جا ، ميلا مچن ٿا
    جتي پيار وارن ، کلي پير پاتا
    *****
    مڃين جي ته مٺڙا ، اهوعرض مڃجان
    متان ڌار ٿين ڪي ، ڳنڍي نيهن نا تا
    *****
    هجوم ِ جهان ۾ ، گهڻا گُم ويا ٿي
    مگر ”سيال“ پنهنجا ته ساجن سڃا تا


    اکڙين جي عظمت جو سارو ، خوا بن مان اندازو ٿئي ٿو

    اکڙين جي عظمت جو سارو ، خوا بن مان اندازو ٿئي ٿو
    دل جي وسعت ۽ حيثيت جو ، دردن مان اندازو ٿئي ٿو
    *****
    ڪالهه اٿيو طوفان هو ڪيڏو ، زور هوائن ڪيڏو لاتو
    ڪيڏي تيزي ساڻ ڪريا وڻ ، پن پن مان اندازو ٿئي ٿو
    *****
    هارياڻي کي سا مهون ڏسندي ، ڏند ڪڍي ، ڏاڍيان ڳا لهائي
    رئيس وڏي جي ، غيرت جو سڀ ، ٽهڪن مان اندازو ٿئي ٿو
    *****
    دنيا ڪيڏا دان ڏنا ۽ نان جي عيوض ، جان وڪاڻي
    پنڻي جي مُٺ ۾ ڦاٿل ڪجهه ، پئسن مان اندازو ٿئي ٿو
    *****
    دل جون ڳالهيون دل ۾رک ، چپ چورڻ جي تڪليف نه ڪر تون
    مونکي تنهنجي مُک تي وکريل ، مرڪن مان اندازو ٿئي ٿو
    *****
    سالن کان پوءِ جيئن ملياسين ، لڙڪن کي روڪي نه سگھياسين
    اڻ جهل احساسن جو دل جي ، دڙڪن مان اندازو ٿئي ٿو
    *****
    جهُوراکين مان جھاتيون پاتيون، جيون جي هر تلخ تجر بي
    ”سيال حيات“ صديون ڪيئن ڪاٽيون،نيڻن مان اندازو ٿئي ٿو


    اڄ اچڻ جي آسري ۾ ، وار چاندي ٿي ويا

    اڄ اچڻ جي آسري ۾ ، وار چاندي ٿي ويا
    ڏينهن ٻن جي واعدي ۾ ، وار چاندي ٿي ويا
    *****
    آخري ڀيرو اچان پي ، تنهنجي پهچڻ کان اڳي
    روز ويندي مئڪدي ۾ ، وار چاندي ٿي ويا
    *****
    هن ڏينهن محرم به ساڳيو ، حال پوئين سال جيان
    ماتمي هن قافلي ۾ ، وار چاندي ٿي ويا
    *****
    کيپ اهڙا ويا چڙهي جو، خواب ٿي وئي هر خوشي
    نينهن جي هڪڙي نشي ۾ ، وار چاندي ٿي ويا
    *****
    تو لکيو ايندس سگهو مان ، هانءُ تون هارين متان
    پيار جي ، ننڍڙي پني ۾ ، وار چاندي ٿي ويا
    *****
    درد دل جا ڌوئيندي ، هن زندگي ڌوئي ڇڏي
    هانءُ ٺاريندي ، ٺري ۾ ، وار چاندي ٿي ويا
    *****
    ڄاڻ ”سيال حيات“ پهتو ، پاڻ کي ٺاهي وٺان
    اک اڙآئي ، آئيني ۾ ، وار چاندي ٿي ويا


    اوهان جن کي گهمندي گهٽين ۾ ، ڏٺو آ

    اوهان جن کي گهمندي گهٽين ۾ ، ڏٺو آ
    اوهان کي انهن پنهنجي من ۾ ، ڏٺو آ
    *****
    جي ڳوڙهن سان ٿا زخم خوابن جا ڌوئن
    ڪڏهن تو انهن جي اکين ۾ ، ڏٺو آ
    *****
    تڏهن پاڻ کي ڀي ، سنوارڻ جو سوچيم
    جڏهن سانوريءَ کي ، سکين ۾ ، ڏٺو آ
    *****
    ڪئين تون نقابن ، حجابن ۾ ڦاٿين
    ڪڏهن تو ڪو پردو ، پکين ۾ ، ڏٺو آ
    *****
    اهو پنهنجو ساٿي مون سمجھو آ ،جنهنجو
    ٻڌل ساهه ، سڪ جي سڳن ۾ ، ڏٺو آ
    *****
    ڪري وهڪرو تنهنجون ، يادون وهن ٿيون
    ڪٿي رت ، پنهنجي رڳن ۾ ، ڏٺو آ
    *****
    جڏهن کان به آ ”سيال“ سانڀر ، تڏهن کان
    نگاهن کي ، تنهنجي دڳن ۾ ، ڏٺو آ


    اسان ڪاڪ جا جي نه راڻا هئا سين، اوهان وٽ به مومل جا ماڻا ڪٿي هئا

    اسان ڪاڪ جا جي نه راڻا هئا سين، اوهان وٽ به مومل جا ماڻا ڪٿي هئا
    وسارڻ گھريئي ، سو وساري ڇڏيئي پر ، وڏا رنج ايڏا رساڻا ڪٿي هئا
    *****
    سڄي رات ٽم ٽم ستارا امبر تي ۽ بلبن جي جھر مر سموري شهر تي
    رڳو تو وسايون بتيون پنهنجي گھر جون ، اڃا ديپ دل جا اُجھاڻاڪٿي هئا
    *****
    اوهان جون نگاهون ته قاتل هيون پر، اسان جي اکين ڀي نه گھٽ ڪئي اسان سان
    پرين شوقِ الفت به جھوري وڌو هو ، رڳو دل جا دشن فلاڻا ڪٿي هئا
    *****
    اسان سر سنگينن رکي ڀي ڏٺو آ ۽ ٻرندڙ اڱارن تان گذري وياسين
    مگر مهل مشڪل جي آئي جڏهن ڀي ، نه ڳولي لڌا دل جا داڻا ڪٿي هئا
    *****
    اٿيا تيز طعنن جا طوفان جڏهن ، وڏا نينهن جا مينهن ، نيڻن وسايا
    اوهان جو کلڻ ڀي کنوڻ جي مثل هو ، جليا هونئن پنهنجا ٺڪاڻا ڪٿي هئا
    *****
    اڳي ٿيا نه جن جا ، پلنگ ڀي پراڻا ، انهن کي وڻيا ، هاڻ واري وڇاڻا
    عطا عشق الفي ڪئي ”سيال“ جن کي ، اهي عشق وارا اياڻا ڪٿي هئا


    ڪا ته اندر ۾ اڻ تڻ ٿئي اک آلي ٿئي

    ڪا ته اندر ۾ اڻ تڻ ٿئي اک آلي ٿئي
    پيار ڪري ڪا ، شايد پيڙا پالي ٿئي
    *****
    پنهنجو اندر کائڻ ، پنهنجا لڙڪ پيئڻ
    نينهن نگر جي ، ريت پريت نرالي ٿئي
    *****
    محبت ۾ هُو ”مير“ ، فقير آ بنجي ويو
    ۽ هُو باهه بٺي ۾ بيٺي ، بالي ٿئي
    *****
    ايٿوپيا جا ، اُن کان وسريا افسانا
    جنهن به ڏٺي هن ڌرتي جي بدحالي ٿئي
    *****
    تيزابن جي تڙپ ، تماشو سمجھي ٿي
    سا اک ، سا دل ، احساسن کان خالي ٿئي
    *****
    جنهن دل سان تون کيڏيو هئين ، اڄ توکان پوءِ
    سا دل ڇورن ٻارن جيئن ، اُٻالي ٿئي
    *****
    دنيا جي درٻارن کان آ ، ڏور گھڻو
    سونهن نگر ۾ ”سيال حيات“ سوالي ٿئي


    مون ننڊ ڳولي رات ڀر ، تون بي خبر سپنن ۾ گم

    مون ننڊ ڳولي رات ڀر ، تون بي خبر سپنن ۾ گم
    هئا نيڻ تولئِه منتظر ، تون بي خبر سپنن ۾ گم
    *****
    تو لاءِ مون ، تارا تڪيا ، چارا به هئا سارا تڪيا
    آخر اکيون ٿي ويون پٿر ، تون بي خبر سپنن ۾ گم
    *****
    جت روشنيون ۽ رنگ هئا ، جت دلبرن جا دنگ هئا
    اُت مان مسافر دربدر ، تون بي خبر سپنن ۾ گم
    *****
    مان جھنگ جھر توڪاڻ ويس ، ڪاهي ڪُنن ۾ پاڻ پيس
    لڙهندو رهيس هرهڪ لهر ، تون بي خبر سپنن ۾ گم
    *****
    تو پاڻ وٽ سانڍي رکيون ، احساس کان خالي اکيون
    ٿي زندگي ڪنهنجي زهر ، تون بي خبر سپنن ۾ گم
    *****
    مان راهه ۾ رلندو رهيس ، جلندورهيس ، هلندو رهيس
    هئا سور مون سان همسفر ، تون بي خبر سپنن ۾ گم
    *****
    جت سونهن هئي سنسار جي ، برسات تنهجي پيار جي
    اُت”سيال“ مان پهتس مگر ، تون بي خبر سپنن ۾ گم


    ڪيڏو پاڻي تار ، اکين ۾

    ڪيڏو پاڻي تار ، اکين ۾
    سڏڪي پئي ڪا سار،اکين ۾
    *****
    جيءُ جياپو آهن ، جيڪي
    گھارياسين پل چار ،اکين ۾
    *****
    سال ٿيا جو ، ترسي پيو آ
    اوجاڳن جو بار ، اکين ۾
    *****
    پيار پکئيڙو، ڪيئن نه ڦاسي
    ڪو ته اڏيل هو ڄار ،اکين ۾
    *****
    ڳوڙها اگھندي ڪالهه چيائين
    پنبڻي جو پيو وار ، اکين ۾
    *****
    ڪوپل ساري جڳ کي ڀلجي
    ويهه اسان جي يار ، اکين ۾
    *****
    ”سيال حيات“ لڪائي سگندل
    خنجر جي ڪا ڌار ، اکين ۾


    اوهانجي شهر جون ، ڪهاڻيون وڏيون هن

    اوهانجي شهر جون ، ڪهاڻيون وڏيون هن
    دلِ منتظر جون ، ڪهاڻيون وڏيون هن
    ********
    هلي هڪ قدم گڏ ، ڪري الوداع ويو
    حسين همسفر جون ، ڪهاڻيون وڏيون هن
    ********
    ٻڌايان سهي پر ٻڌي تون نه سگھندين
    اسان وٽ هجر جون ، ڪهاڻيون وڏيون هن
    ********
    مليا نيڻ هئا ۽ جڏهن پيار ٿيو هئو
    انهي پل پهر جون ، ڪهاڻيون وڏيون هن
    ********
    ڪيئين دل جي دنيا ۾ ، ڌاڙا لڳن ٿا
    نماڻي نظر جون ، ڪهاڻيون وڏيون هن
    ********
    ڦٽي باک ۽ خواب سارا ٽٽي پيا
    اُجڙ ٿيل سحرجون ، ڪهاڻيون وڏيون هن
    ********
    ڪڏهن مئڪدو آ ، ڪڏهن آهي مقتل
    پرينءَ جي نگر جون ، ڪهاڻيون وڏيون هن
    ********
    اهو ”سيال“ جيڪو ، صفا سادڙو آ
    انهيءَ بي خبر جون ، ڪهاڻيون وڏيون هن


    گھڙي ويهه توتان ڪي ، نغمات گھوريان

    گھڙي ويهه توتان ڪي ، نغمات گھوريان
    سڀئي خوبصورت ، خيالات گھوريان
    *****
    سنجھا ويل جون ، سُر مئي ساعتون سڀ
    ۽ پوڄا جي ويلا هو ، پرڀات گھوريان
    *****
    قضا جي به سجدا ٿيا ، سي ادا ٿين
    سڀئي بندگي جا مان ، اوقات گھوريان
    *****
    اکين جي محل ۾ ، اچي ويهه سانول
    ته ڳوڙهن جي موتين جي برسات گھوريان
    *****
    رڳو هيءُ جيون ، ته ڇا هر جنم جا
    سڀئي جرڪندڙ جيءُ ، جذبات گھوريان
    *****
    ڀنيون ماڪ ۾ جي به معصوم مُکڙيون
    ۽ ڪوئل جي توتان مٺي ، لات گھوريان
    *****
    ڏنو ڏانو آ ، ڏيهه ۾ جنهن جيئڻ جو
    اها ”سيال“ توتان پنهنجي، ڏات گھوريان


    جڏهن کان جيءُ ۾ جذبن ، اچي ڪي جھاتڙيون پاتيون

    جڏهن کان جيءُ ۾ جذبن ، اچي ڪي جھاتڙيون پاتيون
    تڏهن کان سونهن جي سپنن، اچي ڪي جھاتڙيون پاتيون
    *****
    رهي ڪجھه ڏينهن نيڻن ۾ ، ويو ڪو ننڊ چورائي
    ته پوءِ اکڙين ۾ اوجاڳن ، اچي ڪي جھاتڙيون پاتيون
    *****
    اوهان جي سا ر بي اختيار ٿي پئي ، ساهه ۾ تڏهن
    اندر ۾ عشق جي اُڌمن ، اچي ڪي جھاتڙيون پاتيون
    *****
    ڀري محفل ، ڏسي توکي ، ٿيا جذ با ت بي قابو
    لبن جي سيج تي مرڪن ، اچي ڪي جھاتڙيون پاتيون
    *****
    ادا ، ڪا دلبري جي آهي ، يا ديوانگي چئجي
    دريءَ جي اوٽ کان سڄڻن ، اچي ڪي جھاتڙيون پاتيون
    *****
    جڏهن کان تنهنجي پهچڻ جي ، ڏني پڪ آ پڪي ماڻهو
    تڏهن کان دل اندر ڌڙڪن ، اچي ڪي جھاتڙيون پاتيون
    *****
    بڻايا ڪوٽ جو ڪڪرن اچي ، ڪلهه چنڊ جي آڏو
    سڄڻ جي ”سيال“ ساروڻين ، اچي ڪي جھاتڙيون پاتيون


    هر نظر تي ، بد نظر جي ، آ نظر

    هر نظر تي ، بد نظر جي ، آ نظر
    هن مٿان ، ساري شهر جي ، آ نظر
    *****
    ڌُنڌ ۾ ڌُنڌلائجي ويون ، زندگيون
    ڳوٺ ساري تي ، ڳھر جي ، آ نظر
    *****
    موت ڀي ويو زلتن جي ور چڙهي
    زندگي تي پئي ، زهر جي ، آ نظر
    *****
    تون پري ٿي وئين ته پيارا پاڻ تي
    هر ڏکي پل ۽ پهر جي ، آ نظر
    *****
    گھور هڪڙي جا گھڻا گھايل ڏٺم
    ڪا قيامت ۽ قهر جي ، آ نظر
    *****
    پنهنجي منزل جو پتو وسري ويو
    وئي ملي هڪ همسفر جي ، آ نظر
    *****
    هٿ ڏسي چوندا نجومي ڀي ايئين
    ”سيال“ تي ڪنهنجي صحرجي،آ نظر


    اي سونهن سِرن سان راند ، نه ڪر

    اي سونهن سِرن سان راند ، نه ڪر
    ۽ پــاڻ به ، آلا پــانـد، نه ڪر
    ********
    ويا ڪيڏا ڪپجي ڪنڌ ايئين
    تون ڇيريون پائي ڇاند ، نه ڪر
    ********
    هر سپنو ، ساڀيان ٿيڻو آ
    تون ايڏي آنڌ ۽ مانڌ ، نه ڪر
    ********
    ڪو ڪيئن جھليندئي ، او جوڌا
    تون ويرين سان ويڙهاند ، نه ڪر
    ********
    ٿو عقل کي تورين ، طاقت سان
    ڏاهپ جي سامهون ڏاند ، نه ڪر
    ********
    جنهن جُوءِ ڇڏي ۽ جوءِ ڇڏي
    اهڙو به ڪميڻو ڪانڌ ، نه ڪر
    ********
    ڪيڏو نه مٺو آ ، ” چنڊ “ چوڻ
    ان لفظ کي ڦيري چاند ، نه ڪر
    ********
    ڪر”سيال“ جي حال تي نظرِ ڪرم
    ائين ستم روا هيڪاند ، نه ڪر


    وهم وڇڙڻ جا پرين ، تون ساهه جي ، ويجھو نه رک

    وهم وڇڙڻ جا پرين ، تون ساهه جي ، ويجھو نه رک
    لوڪ جون ڳالهيون ڪڏهن ڀي چاهه جي ، ويجھو نه رک
    *****
    بيوسي ڪنهنجي کي آڻي ، بي رُخي پنهنجي اڳيان
    پنهنجي ٽهڪن کي تون ڪنهنجي آهه جي ، ويجھو نه رک
    *****
    ڪيترو نقصان ٿيندو ، تون نه ٿو سوچي سگھين
    منٿ مڃ مٺڙا ، ڪپهه کي باهه جي ، ويجھو نه رک
    *****
    ڪر عقيدن کي نه تون ، سوالن جوابن جي نظر
    ڀرم دل جا ، ذهن جي ڀڃ ڊاهه جي ، ويجھو نه رک
    *****
    بدگمانين جي وڃي ، برسات ۾ ڇو ٿو ڀِڄين ؟
    تون اميدن کي انهي اونداهه جي ، ويجھو نه رک
    *****
    راز جون ڳالهيون نه سلجن ، راهه ويندڙ سان ڪڏهن
    پيار پنهنجي کي ته ڪنهن بدخواهه جي ، ويجھو نه رک
    *****
    ”سيال“ سڄڻن ۾ سخا جون ، سئو اميدون رک ”حيات“
    ٿي نه غافل ، پاڻ کي ، گمراهه جي ، ويجھو نه رک


    شيشن جا مليل زخم ، سبي ڪير ، هلي آءُ

    شيشن جا مليل زخم ، سبي ڪير ، هلي آءُ
    دلدار منهنجي دل ۾ ، نه ڪر دير ، هلي آءُ
    *****
    مان راهه ۾ رت ڇاڻ ، اچان ڪيئن اوهان ڏي
    نانگن جا ڏنگيل ، پاڻ ڏسڻ پير ، هلي آءُ
    *****
    وِک توڏي کڻان ڪيئن ، ڏسي لوڪ ٿو سارو
    ڇمڪي ٿي پوي ڇوهه منجھان ڇير ، هلي آءُ
    *****
    رسمن کي مڃون ٿا ته ، ڪري روح ٿو ريهون
    وهمن ته وڌو آهي ، وڏو وير ، هلي آءُ
    *****
    جيئڻ جا مرڻ جا ، جي ڪجن قول ڪنهين سان
    ڀلجي نه ڀڃڻ گھرجي اهو ڀير ، هلي آءُ
    *****
    هر وقت ، عبادت ۾ گھران تو لئهِ دعائون
    ٿو شام صبح تنهنجو گھران خير ، هلي آءُ
    *****
    تون ”سيال“ مٿان ڀال ڪجان ،زندگي جيسين
    ڪنهن عشق مڃيو ناهي ڪو انڌير ، هلي آءُ


    تون به شيشي ڀور وانگيان ، مان به هان سارو ٽٽل ،ڇا حال هڪٻئي کان پڇون

    تون به شيشي ڀور وانگيان ، مان به هان سارو ٽٽل ،ڇا حال هڪٻئي کان پڇون
    تنهنجون اوجاڳيل اکيون ۽ نيڻ منهنجا ڀي ڀنل ، ڇا حال هڪٻئي کان پڇون
    *****
    سي برابر ڏينهن هئا ، محبت جا وسندا مينهن هئا ، هاڻي ته برسن ٿيون اکيون
    ڳل اڃا تنهنجا به آلا ، منهنجو دامن ڀي پسيل ، ڇا حال هڪٻئي کان پڇون
    *****
    ڏينهن راتيون ڏيهه جي ڏک درد سان وڙهندي ويون ، تنهنجون به ۽ منهنجون به من
    مان به چڪنا چور آهيان ، تون به آن ڏاڍو ٿڪل ، ڇا حال هڪٻئي کان پڇون
    *****
    آءُ ته ٻاري باهڙي ، سُجھندو ڪري ، سوچيون ٻئي، ڪئين پير ظالم جا پٽيون
    راهه ساڳي تي ٻنهي جا ، قافلا آهن لُٽيل ، ڇا حال هڪٻئي کان پڇون
    *****
    پيار جي هئي ڇانو ، هيڻي هانو تي ، هاڻي مگر ، آ ڌر تتي ٽامي مثل ،
    باهه تو وٽ ڀي ٻريل ، ۽ دوڌ مون وٽ ڀي دُکيل ، ڇا حال هڪٻئي کان پڇون
    *****
    سار جو آ بار ، تنهنجي ڀي مٿان ، مون جيترو ، سو ”سيال“ پورو ٿم پتو،
    خواب مونکان ڀي کسيل ، ۽ تو کان ڀي سپنا رُٺل ، ڇا حال هڪٻئي کان پڇون


    دل گھُريئي دلبر جي آ ، مون تي نظر

    دل گھُريئي دلبر جي آ ، مون تي نظر
    پيار ڪنهن پوتر جي آ ، مون تي نظر
    *****
    پياس جي مان پهچ کان ، ڏاڍو پري
    ساقيءِ ڪوثر جي آ ، مون تي نظر
    *****
    تو جڏهن کان جيءُ ۾ ، جايون ڏنيون
    تنهنجي ساري تر جي آ ، مون تي نظر
    *****
    شهرِ جانان ، جي آ ، مونتي ڇانو ۽
    ان علم جي درجي آ ، مون تي نظر
    *****
    عشق کي اعزاز ، حسنِ ِ حق ڏنو
    باطن و ظاهر جي آ ، مون تي نظر
    *****
    ”سيال“ ڇوڳوليان ڍنڍون ڍورا ”حيات“
    سونهن جي ساگر جي آ ، مونتي نظر


    تانگهه تتل ، تندورن وانگي

    تانگهه تتل ، تندورن وانگي
    آس ٽٽل ، معذورن وانگي
    *****
    پيارا توکان ، پوءِ ٿا گذرن
    سارا پل ، عاشورن وانگي
    *****
    اُجڙيل آسون ، اُڊڙيل ارمان
    اکڙيون ٻرندڙ ،کورن وانگي
    *****
    تڙپڻ کي به تما شو سمجھي
    مرڪي پيو ، مغرورن وانگي
    *****
    خوشيون ساريون ، خال برابر
    خواب حساب اڻپورن وانگي
    *****
    تنهنجي اک جي بند کولي ۾
    منهنجو من محصورن وانگي
    *****
    ”سيال حيات“سڄوجڳ تو بن
    مون ته ڏٺو، بي نورن وانگي


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 468583
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 187990
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ