ڪتاب جو نالو: ڏهر منجهه ڏيئا (ڀاڱو پهريون)
مصنف: گڏيل شاعري
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 17 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1221 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 325 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”ڏهر منجهه ڏيئا“ سيتاروڊ جي 17 شاعرن بشير سيتائي ، پيرل پرديسي سيتائي ، قادر بخش قلندر ، مجبور ميمڻ سيتائي، محمد بچل بيوس، سقراط سيتائي، مسرور سيتائي، سليم ، دلشاد بلوچ ، وسيم آڪاش سيتائي، اصغر سيتائي ، سڄڻ سيتائي ، گهائل غلام مصطفي ، شاڪر عزيز سيتائي، عزيز سيتائي ، منظور سيتائي ، ۽ ذاڪر سيتائي جي شاعريءَ جو گڏيل مجموعو آهي جنهن جو مرتب وسيم آڪاش سيتائي صاحب آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب:
  • سنڌ سلامت پاران :
  • سيتا صدين کان
  • مُهاڳ:سيتاروڊ جي شاعرن جي روايتي ۽ غير روايتي تخليقي تحريڪ
  • بشير سيتائي

  • تعارف
  • ڪنهنجا لُطف ۽ ڪَرم، ڪٿان آڻيان.
  • ايوارڊ آف ريڪگنيشن
  • ڏِس! يزيدن جي روبرو آهيون.
  • تصوير جو موت
  • اسان کي عمر ڀر جو غم ڏنو ٿئه،
  • نام نهاد دانشور
  • ڇنال
  • ڊپلوميسي
  • چشم تر ٿو رهان، دربدر ٿو رهان،
  • دل ڏيو، دل وٺو، ڏسي ٿا وٺون،
  • سون ورني هو سحر، آهي ڪٿي،
  • پيرل پرديسي سيتائي

  • تعارف
  • هر حال جو شامل حال اٿم، سو عشق به آ، استاد به آ،
  • هر ڪو پنهنجي پر ترڪيو آ،
  • ٿيڻا ڪٿي ته ٿي به ويا، ڪي ڪم نه ٿي نه ٿيا،
  • اچي وڃي ٿو جي عشق سائين، ته عقل کي پوءِ جواب آهي،
  • اي حسن تنهنجي ذات جو ۽ پات جو ناهي پتو،
  • نه ٿا سهي جي ڪيو ته ان لاءِ پُڇو به ڇا ٿا، ته ڇا ڪري ٿو،
  • نظم
  • وائي
  • بيت
  • چوسٽا
  • قادر بخش قلندر

  • تعارف
  • نعت
  • “فڪر فنا في الله قلندر”
  • پيرل پرديسي جي نانءُ
  • “ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نانءُ”
  • سِرَ جو هجي يا دل جو سودو هجي رضا جو،
  • رحماني تي رنگ رتو آ،
  • “سُگهڙ فَن، تاريخ ۽ سُگهڙ”
  • “درويشن جون درگاهون”
  • مجبور ميمڻ سيتائي

  • تعارف
  • شاعر شعور وارا
  • عقل ڪر ائين چئبو ناهي، دوستيءَ کي ڇا ڪبو،
  • مون کان منهنجو حال نه پُڇ،
  • استاد بخاري جي نانءُ
  • مون ڳالهه ڪئي تنهنجي، طوفان کڙو ٿي پيو،
  • مايوس مان نه ٿيندس، مايوس ڇو ٿيان مان،
  • منهنجي محبت جو رکيو تو نه ڀرم، سمجهان ٿو،
  • پيرل پرديسي جي نانءُ
  • محمد بچل بيوس

  • تعارف
  • خدا ڪري ته اچن ڏينهن ڪي قرارن جا،
  • تنهنجي معصوم نگاهن جو اثر ڪو ته ڏسي،
  • /
  • تنهنجي هر وقت سڄڻ ياد ته ماري وجهندي،
  • زندگي جيئن به هي گذري سا گذاري ويندس،
  • مون ڇا ٿي ڏسڻ چاهيو ڇا ڇا نه نظر آيا،
  • تنهنجي گر پيار جي ذرڙي به عطا ٿي پوندي،
  • خبر نه ٿي ڪا پوي دلربا اڃا تائين،
  • دوستن سان دُشمني ڇو ٿا ڪيو،
  • چوسٽا
  • سقراط سيتائي

  • تعارف
  • اُٿ ورهايون اڄ هلي هر جاءِ تي،
  • هُن ڪيو پاڻ زماني جي حوالي مون کي،
  • اچي ٿي سانجهي اُداسيءَ جون اجرڪون اوڍي،
  • نظم : محبت ڌوٻڪو ڌنڌو ڪري ٿي درد وندن سان،
  • مُلاقات
  • گيت
  • وائي
  • ماپ جي فڪر ڊيگهه ويڪر ۾،
  • رستي تان ورندِي،
  • حالتن سان نه ٿو ٺهين سُقراطَ،
  • مسرور سيتائي

  • تعارف
  • وائي
  • ڀڳڙن مُٺ هن جذبا منهنجا،
  • منهنجي دل سڙي سانورا سحر تائين،
  • ناهين، هتڙي ميل به ڪهڙا،
  • رُساما نه ڪر تون رُسڻ ٺيڪ ناهي،
  • دل جا خالي ايوان ته ڏس،
  • دنيا ادب جي ۾ اچڻ ٿو گُهران،
  • پاڳل من پرچائي ويٺو،
  • خيالن ۾ ٺاهي ٿو واريءَ جو گهر،
  •   چوسٽا
  • سليم سيتائي

  • تعارف
  • هو چنڊ کان چٽو به ڇو چهرو اداس آ،
  • عشق جي ابتدا کڻي سمجھو،
  • ياد ڪنهنجون جو اُلفتون آيون،
  • تنهنجي پوڄا من مندر ۾،
  • جيئن دل لڳي جا سهڻا سودا نه ٿي نه ٿيا،
  • ڇو ڍڪين ٿو نقاب سمجهان ٿو،
  • نوٽن سان ٿو راند ڪري ڪو،
  • عشق جا پائي ڳچيءَ پانڌ ۽ ڳارا نڪتا،
  • وارن جو جو ور ترڪيو آ،
  • گيت
  • دلشاد بلوچ

  • تعارف
  • زندگي هي به هڪـ ڪتاب آهي،
  • پيار اُلفت ۾ عطا آزار ٿيندا ٿا وڃن،
  • حال پنهنجي ڏي ڏسي ماحول تي سوچيان پيو،
  • سک جو ڪو سج اڃا نه اڀريو رات اڃا ڀي ڪاري آ،
  • جهڙا هُو ته نماڻا آهن،
  • وقت ڏاڍو قهار ٿو ڏسجي،
  • الائي دلربا کي ته ڇا ٿي ويو آ،
  • نينهن لايو ٿا نڀايو ڇو نه ٿا،
  • وائي
  • ڪافي
  • وسيم آڪاش سيتائي

  • تعارف
  • مون کان پري نه ٿيءُ، حياتي آ بي بقا،
  • نفاست ۽ نزاڪت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو،
  • ڄڻ تکي تلوار تان گذران پيو،
  • باک جئين رات مان ڦُٽي نڪتي،
  • چانڊوڪيءَ جي رات هُجي، ۽ يار هُجي،
  • زندگي پنهنجي فنا، ڪير ڪري،
  • بيقراريءَ جي راحت مقدر رهي،
  • نيڻ ڄڻ ڪا ندي خواب نيرڳ هئا،
  • زندگاني زوال جي بستي،
  • خود خُوديءَ ۾ خدا، ڪٿان آڻيان،
  • اصغر سيتائي

  • تعارف
  • يار کي اغيار مان سمجھان نه ٿو،
  • يار جهڙو به آ پر سٺو ٿو لڳي،
  • مارو شال اچن، مارو شال اچن،
  • وائي
  • وائي 2
  • وائي 3
  • جنهن وار صنم تو وارن جو، ڪو وار ڪيو هوندو،
  • تون ڪر نه ائين پيارا، نقصان ٿي نه پئي،
  • بيت
  • چوسٽا
  • سڄڻ سيتائي

  • تعارف
  • پوءِ ته تنهنجا پير چُمان مان
  • ڪڏهن غم ڪڏهن ڪم، ڪڏهن ڪنهن خوشيءَ جا،
  • زندگي تنهنجي حوالي مون ڪئي،
  • منهنجو ڏوھ اهو ئي آهي
  • جيجل ڌرتي جنت وانگي،
  • دُک درد جي اي دوست ڪا مون وٽ ڪمي نه آ،
  • سنڌ کان ڌاريو ڌار نه ٿيندو،
  • وائي
  • چوسٽا
  • گهائل غلام مصطفيٰ

  • تعارف
  • لوڻ زخمن مٿان ئي جي هارين
  • ڏئي گهاوَ، تن تي پها ٿي رکي
  • تنهنجون توکان اکيون پُڇندئي،
  • وائي
  • اوٽ در جي ڪري ڏسي پئي ڪا،
  • گيت
  • هجي ڏينهن يا ڪا هجي رات دلبر،
  • گيت
  • پل پل ساجن تنهنجو سارون،
  • گيت
  • شاڪر عزيز سيتائي

  • تعارف
  • ڏٺا جي مون تولئه سپنا، سي سپنا زندگي آهن،
  • دل جي گلشن ۾ گلابن جي ڪمي ٿي پئي آ،
  • خدا ٿو ڄاڻي ته توسان ٿي دل لڳي آهي،
  • اکين جو اکين سان ملڻ خوب هو،
  • پڙهي ڪنهن پيار جي ڪتاب جو مزو ماڻيون،
  • منهنجي نيڻن ۾ ننڊ جا خمار ڏسي،
  • محافظ خود بڻيو ويٺو آ قاتل تنهنجي چهري تي،
  • نه ڪي ساٿ ڪنهنجو نه سنگت رهي،
  • مان سنڌو ساگر سڏجان ٿو
  • عزيز سيتائي

  • تعارف
  • نظم: ادب جي چمن جو آهي شهر سيتا
  • هن دل ڏُکي جي راز کي ڄاڻي به ڇا ڪندي،
  • خاموش چاهتن کي آهي زبان پيارا،
  • “وڏا وزير”
  • وائي
  • تنهنجي زمين تي خدا، غريب مارجي پيو،
  • ٽيڙو
  • منظور سيتائي

  • تعارف
  • گهڻي جستجو پر صفا، عمر ٿوري،
  • اسان جي سنڌ سان ڪمال نسبت،
  •   هلچل هلايون
  • وائي
  • “سيتا”
  • گيت
  • هي تنهنجو تحفو تنهائي،
  • ڪري دل جا ٽڪرا طبيعت نه پُڇ،
  • سيتا نگر
  • ذاڪر سيتائي

  • تعارف
  • تنهنجي وارن تي لکان يا ڳوٺ وارن تي لکان،
  • تنهنجون مون تي نوازشون آهن،
  • منهنجو جانان توبن جيون،
  • پنهنجو بار هلڪو ڪرڻ ڏي مون کي،
  • مون کي ڏاڍو پرين هُو خفا ٿو ڪري،
  • سهڻو ڏاڍو لڳو چوڻ تنهنجو،
  • قيد شاهه و گدا ۽ مير هئا،
  • جنهن ۾ الفت خوشي وفا نه هجي،
  • جيڪا من ۾ مورت آهي،
  • وائي

  • انتساب:

    هي ڪتاب سيتا وليج_سيتاروڊ جي ماضيءَ جي انهن عظيم انسانن جي نانءُ جن علم،ادب ۽ سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کي اُجاگر ڪيو.

    1- حڪيم جمعه خان “غريب”
    (1855_1953) معروف شاعر ۽ اديب

    2 - آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي
    (1865_1938) معروف عالم دين فقيه مدرس ۽ خطاط

    3 - مولوي محمد صديق سيتائي
    (1866_1933) معروف عالم دين ۽ مدرس ۽ فقيه

    4 - فقير صوفي نياز علي چنا
    (1878_1958) ڪافي گو شاعر

    5 - آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائي
    (1886_1973) معروف عالم دين ۽ مذهبي اسڪالر

    6- ليلا رام “شاعر”آوتراءِ دولتاڻي
    (1890_1947 لڏپلاڻ) ناميارو شاعر ۽ اديب

    7- آچاريه جوتومل چيتن مل لهاڻو
    (1909_1947 لڏپلاڻ) بهترين استاد ۽ اسڪالر

    8- تارا چند چوهڙ مل لهاڻو
    (1909_1947 لڏپلاڻ) مشهور گويه ۽ سازندو

    9- سيد عالم شاھ
    (1909_1942) بهترين گويه ۽ سازندو

    10- مولوي عبدالغفور سيتائي
    (1910_1981) معروف صحافي، قلمڪار، ايڊيٽر الوحيد ۽ نوائي سنڌ ڪراچي

    11- سيد حاجن شاھ “هموطن” سيتائي
    (1913_1970) بهترين شاعر،مذهبي اسڪالر فقيه شيعا

    12- استاد خيرل ڀٽي
    (1913_1971) بهترين طبله نواز

    13- بولچند هوتومل ڪيسوملاڻي
    (1916_1947 لڏپلاڻ) مهان مصور ۽ استاد

    14- پيرل سولنگي
    (1923_1988) مشهور الغوزا نواز

    15- پيرل پرديسي سيتائي
    (1947_2002) بهترين شاعر


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (169) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ڏهر منجهه ڏيئا“ سيتاروڊ جي 17 شاعرن بشير سيتائي ، پيرل پرديسي سيتائي ، قادر بخش قلندر ، مجبور ميمڻ سيتائي، محمد بچل بيوس، سقراط سيتائي، مسرور سيتائي، سليم ، دلشاد بلوچ ، وسيم آڪاش سيتائي، اصغر سيتائي ، سڄڻ سيتائي ، گهائل غلام مصطفي ، شاڪر عزيز سيتائي، عزيز سيتائي ، منظور سيتائي ، ۽ ذاڪر سيتائي جي شاعريءَ جو گڏيل مجموعو آهي جنهن جو مرتب وسيم آڪاش سيتائي صاحب آهي.
    هي ڪتاب سنڌي ادبي شاخ، سيتا روڊ پاران 2015ع ۾ ڪنول پبليڪيشن قنبر وٽان ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري دوست وسيم آڪاش جا جنهن سافٽ ڪاپي موڪلي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    سيتا صدين کان

    جتي مون فطرت جي حسين سنگم سان رچيل ڪائنات ۾ زندگيءَ جون پهريون اکيون کوليون، ۽ ٻاروتڻ کان وٺي جواني جون بهارون ماڻيون، هن شهر سان پنهنجي محبت جو ڪاٿو لڳائڻ منهنجي شعوري سگهه جي وس ناهي، هن شهر جي مٽيءَ جو هُڳاءُ روح کي تسڪين بخشيندو آهي، حسن درس چواڻي “ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو”، سنڌ ته منهنجي خمير ۾ شامل آهي، سنڌ ته منهنجي عشق جو محوَر آهي، پر سيتاروڊ جيڪا منهنجي جنم ڀومي آهي، اُن سان ناتا به ازلي آهن، مون کي ادبي کيتر ۾ هن وقت تائين تيرنهن سال ٿيا آهن، پر انهن تيرنهن سالن ۾ مون کي موزون لفظ نه ملي سگهيا آهن يا نه ٿا ملن، جنهن سان پنهنجي جنم ڀومي کي ڀيٽا ڏئي سگهان ۽ پنهنجي روحاني محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪري سگهان، سيتاروڊ جي مٽي ادبي حوالي سان ڏاڍي زرخيز رهي آهي، سيتا هر دؤر ۾ قداور شخصيتن کي جنم ڏيندي آئي آهي، هي خطو علم ۽ ادب جو مرڪز پڻ رهيو آهي، مولوي محمد صديق سيتائيءَ کان حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ علامه دائود پوٽه جهڙا عظيم انسان ابتدائي سبق وٺي ويا، هتان جي شاعرن، اديبن، عالمن، ڏاهن، سُگهڙن، صحافين، گلوڪارن، فنڪارن، اداڪارن، صداڪارن مطلب ته فنون لطيفه جي هر شاخ سان سلهاڙيل شخصيتن پنهنجون سموريون علمي ۽ ادبي صلاحيتون خرچ ڪري سيتاروڊ ۽ سنڌ سميت پوري جڳ ۾ پاڻ مڃرايو آهي،
    اُن کان پوءِ وضاحت ڪندو هلان ته سيتا جي ماضيءَ جي تاريخي ۽ ادبي ڪارگذارين جو سمورو احوال مختلف ڪتابن مان حوالا کڻي ڪري سهيڙيو آهي، جنهن ۾ گهڻو تڻو حصو بلوچ صحبت علي جي مرتب ڏنل ڪتاب ’’سيتا جا سدا بهار ماڻهو‘‘ مان کنيل آهي، جنهن ۾ ’’سيتا جو تاريخي پسمنظر‘‘ ۽ ’’سيتا جو ادبي پسمنظر‘‘ بشير سيتائي جو لکيل آهي، جنهن ۾ ويجهڙائي جي ادبي ڪارگذارين جو وڌيڪ احوال ڏئي هن ڪتاب ۾ شامل ڪري رهيو آهيان،
    (1) سنڌ ۾ ڪجھه اهڙا ڳوٺ به آهن جيڪي روڊ جي نالي سان مشهور آهن جهڙوڪ لاکاروڊ، ڀريا روڊ، باقراڻي روڊ وغيره، اهڙي طرح سيتا روڊ به تعلقي خير پور ناٿن شاھ جو مشهور ۽ معروف شهر آهي، سيتا ڳوٺ جيڪو جاگرافي حدن مطابق تعلقه دادو ۾ اچي ٿو، ان ڳوٺ کي انگريز سرڪار هڪ ريلوي اسٽيشن ڏني جنهن کي ’’سيتاروڊ‘‘ جو نالو ڏنو ويو.
    سيتا ڳوٺ هڪ تاريخي ۽ قديمي ڳوٺ آهي جيڪو ديھه پڪو سيتا، تپو پاٽ ۾ آهي، سيتا سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي دادو تعلقي جي يونين ڪائونسل ’’پاٽ‘‘ جي حد ۾ آهي، هي ڳوٺ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، ٻن ٽن بلاڪن جي وڇوٽي آهي، ان ڪري ان کي سيتا وڏي ۽ سيتا ننڍي جي نالي سان سڏن ٿا، ماضي بعيد ۾ هي هڪ ئي ڳوٺ هيو، انگريزن جي دؤر کان سرڪاري رڪارڊ ۾ هڪ ئي ڳوٺ ’’سيتاوليج‘‘ جي نالي سان هلندو پيو اچي، سيتا ڳوٺ هڪ تاريخي ۽ قديمي ڳوٺ آهي، هتي انگريزن جي منزل گاھ هئي ۽ هڪ وڏو اناج جو ڊيپو پڻ هيو، سيتا ڳوٺ جنهن کي انگريزن پنهنجي دؤر ۾ سيتاوليج جو نالو ڏنو، اهو سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي واقع آهي، اُتي انگريز سنڌو درياءَ جي سروي ڪندا هيا، درياءَ ۾ آگبوٽ هلائيندا هيا، سنڌو ڪپ تي ٻيلي مان عمارتي ۽ جلائو ڪاٺ وڍيندا هيا، اُتان جو اناج ۽ ٻيو سامان سنڌ ۽ هند جي ٻين شهرن ڏانهن موڪليندا هيا، ان ڪري انهن اهو ضروري ڄاتو ته سيتاوليج کي ساڳي ئي نالي سان ريلوي اسٽيشن ڏجي، ان ڪري انهن اناج، سامان، ڪاٺ ۽ ٻين شين جي نقل و حرڪت، روانگي ۽ آمدني واسطي هڪ ريلوي اسٽيشن منظور ڪري ان کي سيتا روڊ جو نالو ڏنو ۽ پو اُتي سمورو مال گڏ ڪري ٻين شهرن ڏانهن موڪليندا هيا، ان ڪري اتان جا مقامي ماڻهو سيتاروڊ کي ’’انگريزن جي گودي‘‘ به ڪري سڏيندا هيا، ان اسٽيشن جي وجود ۾ اچڻ جي ڪري ڀرپاسي جي ڪيترن ئي ننڍن وڏن ڳوٺن مان ڪيترا ئي خاندان ۽ قبيلا لڏي اتي اچي آباد ٿيا ۽ اهڙي ريت سيتاروڊ هڪ شهر جي صورت اختيار ڪري ورتي،
    سيتاروڊ جاگرافي حوالي سان خيرپور ناٿن شاھ ۾ اچي ٿو، جيڪو سيتاوليج جي اولھه ۾ ستن ميلن جي فاصلي تي آهي، سيتا روڊ جو وجود 1885ع ۾ پيو، جڏهن انگريزن ريلوي جاري ڪري هتي ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي، ۽ اڄ هي شهر هڪ سٺو واپاري مرڪز آهي 1).
    (2) سيتا ڳوٺ جي ڪنهن تاريخ جي حوالي سان ڪا مستند روايت جي آڌار اهو نه ٿو چئي سگهجي ته سيتا ڳوٺ تي سيتا جو نالو ڪئينءَ پيو، تاريخ جي اوائلي قديمي ڪتابن ۾ هن ڳوٺ جو تذڪرو ناپيد آهي، ماضي قريب جي تاريخي ڪتابن ۾ ڪٿي اڻ لکي ۽ منجهائيندڙ عبارت آهي، سنڌ جي ڳوٺن جي تاريخ تي اڃا ڪو به خاطر خواه ڪم نه ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن جي صحيح تاريخ جو پتو نه پئجي سگهيو آهي، جنهن ڳوٺ جي تاريخ اونداهي ماضي ۾ دفن ٿيل هجي، اتي لوڪ روايت جي ئي آڌار تي ان جي تاريخ استوار ڪري سگهجي ٿي، سيتا جي ڳوٺ جي لاءِ عام طرح هڪ رومانوي داستان ’’ستي ديوڪي‘‘ ۽ ’’ساکرو‘‘ جو وابسته آهي جو صدين کان منتقل ٿيندو موجوده ماڻهن جي سينن تائين پهتل نظر اچي ٿو، قديم زماني کان وٺي هن خطي جا وڏڙا، ڀٽ، چارڻ وڏي ڊرامائي انداز سان اهو رومانوي داستان پيش ڪندا پئي آيا آهن، اهو قصو هندو ديو مالائي قصن وانگر آڳاٽو ٿو لڳي، ان ڪري ڳوٺ جي قدامت به اوتري ئي پراڻي سمجھڻ گھرجي، ڪنهن زماني ۾ شايد (سنڌ جي قبل از تاريخي دؤر ۾) جڏهن سنڌ ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون بادشاهيون ۽ حڪومتون هيون، تڏهن هتي هڪ راجا جنهن جو نالو ’’ڌرمپال‘‘ چيو وڃي ٿو، حاڪم هيو، ان جي ڪنيا (ڌيءُ) جنهن جو نالو ’’ديوڪي‘‘ هيو، هڪ برهمڻ نوجوان ساکرو سان سويمور کان سوا چوري ڇُپي پريم رچايو هيو ۽ اهو پريم اڳتي هلي آخر پڌرو ٿي پيو ۽ راجا لاءِ منجهائيندڙ مسئلو بڻجي پيو، ايتري قدر جو راجا پنهنجن گھڻ گُھرن سڄڻن ۽ پيارن منترين کان ان بدنامي جي داغ کي ڌوئڻ جو حل پڇيو، جن مان سڀن ٻنهي کي مارائڻ جو مشورو ڏنو ۽ فقط مها منتري راجا کي چيو ته، جيو هتيا مها پاپ آهي، هنن پاڻ ۾ پريم ڪيو آهي، پريم ڪو پاپ نه آهي، پريم دنيا ۾ وڏي شڪتي آهي، ماڻهن ۽ کوهن جا وات بند نه ٿيندا، اوهان ٻنهي جي شادي ڪرائي ڇڏيو، ڪجھه ڏينهن گذرڻ بعد راجا سوچي پنهنجي راءِ ظاهر ڪئي ته، آئون پنهنجي ڪنيا جي شادي برهمڻ نوجوان سان ڪرائيندس، پر ان سلسلي ۾ پنهنجي ڪنيا کان سخت آزمائش وٺندس، يعني ته هوءَ اگني پار ڪري پنهنجو ست ثابت ڪري ڏيکاري، ڇو ته هن هڪ برهمڻ ڳڀرو سان چوري پريم رچائي مون کي پنهنجي پرجا ۽ دنگئي راجائن وٽ بدنام ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو سڀ چون ٿا ته راجا جي ڌيءُ ڪاري ٿي چُڪي آهي، آخر ۾ راجا جي حڪم تي کليل وڏو آڙاھ مچايو ويو، هر عام خاص کي ڪوٺ ڏني وئي، پري پري جا ماڻهو مقرر ڏينهن تي اچي مڙيا، ديوڪي کي آندو ويو، ڌرمي رسمون ادا ٿيون ۽ پو راجا ئي ڪنيا کي باھ مان گذرڻ لاءِ چيو ويو، جنهن مان هن پار ٿي پنهنجو ست ثابت ڪري ڏيکاريو، راجا جي ويل ساک بحال ٿي ۽ پوءِ راجائي وچن هيٺ هُن ٻنهي جي شادي ڪرائي وئي، ان کان پوءِ هوءَ ستي ۽ سيتا سڏجڻ لڳي، سيتا جي معني ئي آهي ست واري يا سچي، صدين کان پو ان جي ياد تازه رکڻ جي لاءِ ڳوٺ تي ان قصي جي پسمنظر ۾ سيتا جو نالو پيو،
    ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته تمام قديم زماني ۾ ’’سيتا‘‘ ۽ ’’ناري‘‘ پاڻ ۾ ٻه ساهيڙيون هيون، سونهن، سوڀيا، ديا ۽ وديا ۾ تمام مشهور هيون، جن پنهنجي نالي سان ٻه ڳوٺ ٻڌرايا، اهي ٻئي ڳوٺ سيتا ۽ ناري اڄ به سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي موجود آهن، ڪجه ماڻهن جو چوڻ آهي ته شري رامچندر ۽ سيتا واري ڌرمي ڪٿا مان سيتا جي ڪردار کان متاثر ٿي ڪيئي صديون اڳ هتان جي اوائلي قديمي ماڻهن پنهنجو هڪ وڏو ڳوٺ ٻڌو جنهن تي هنن سيتا جو نالو رکيو،
    اها ڳالھه پنهنجي جاءِ تي اٽل ۽ حقيقت آهي ته هن ڳوٺ کي پنهنجي هڪ شاندار لازوال تاريخ آهي، راجائي دؤرن کان وٺي هي ڳوٺ صدين جي لاهين چاڙهين مان گذرندو رهيو آهي، ڪنهن دؤر ۾ اوج تي رسيو ته ڪڏهن اجڙي ويو، هڪ مقامي روايت مطابق مست ۽ پورالي سنڌو هن کي چار دفعا پاتو ۽ هر دفعي تاريخي اثاثا پنهنجي پيٽ ۾ نيندو رهيو، ساکرو ۽ سيتا وارو قديم ڳوٺ هن وقت درياءَ جي پيٽ ۾ ئي هوندو، هتان جي ماڻهن جو سنڌو ءَ سان اٿاھ عشق جو ثبوت ان ڳالھه ۾ آهي جو هڪ ڳوٺ مڪمل طرح پائجي وڃڻ کان پوءِ ڀر ۾ ٻيو ڳوٺ اڏيندا رهيا ۽ موجوده سيتا وليج جو ڳوٺ جيڪو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، چوٿون ڀيرو اڏيل ڳوٺ آهي، جو پڻ قدامت جو حامل آهي ۽ ڪيئي تاريخي مرحلن مان گذري چُڪو آهي، ارغونن ۽ مغلن ڀيليو آهي،نادر ۽ مدد خان پارن ڪيترن ئي لُٽيو آهي، شاھ حسن ۽ همايون جي پاٽ اچڻ واري زماني ۾ لشڪرن جي ڇاوڻين طور استعمال ٿيو آهي، هن ڳوٺ جي سيني ۾ زماني جون سياسي، سماجي، ڌرمي، عشقي، ادبي، بزمي ۽ رزمي ڳالهيون ڳتيل آهن جو پنهنجي خاموش زبان سان هر ايندڙ ويندڙ سان سلي رهيو آهي، گذريل دؤر جي تهذيب ۽ ثقافت سندس پيٽ ۾ لڪيل آهي، تقسيم هند و پاڪ کان اڳ جي هندن جا گهر، مندر، پاٺشالائون، ودياله، ڌرمشالائون، پنچائت گهر ۽ سنگيت گهر ڊهندا ڪرندا ۽ ڪجھه مقامي ماڻهن طرفان منهدم ٿيندا زمين سان هموار ٿيندا ويا، تانجو موجوده وقت ڪا به هندو دؤر جي سالم بچيل نشاني نه آهي، هاڻ ته ڪجھه اڻ لکا اهڃاڻ به مفقود ٿيندا پيا وڃن،
    هن ڳوٺ جا قديم قبيلا برهمڻ، آريا، لهاڻا، ڀاٽيا (ڀٽي)، جاٽيا، ٺڪر، راجپوت، ماڇي، ميربحر، ميمڻ، سک، راوڙا، آرهيڙي، ڀٽ، ڀان، چارڻ، شڪاري، جوڳي، کتري، سومرا، ٻڙا، سولنگي ۽ چنا هيا.هندن جي لڏ پلاڻ کان پوءِ کٽي، ڀٽي، سومرا، سولنگي، چنا، لهاڻا، ميمڻ، ماڇي ميربحر بدستور موجود آهن، عربن جي دؤر حڪومت ۾ هي ڳوٺ سيدن جو به آمجگاھ بڻيو.
    انهي کان علاوه هن ڳوٺ ۾ خاصخيلي، صديقي، ڀنڀورائي، سمه، ڪلهوڙا، ڀُرٽ، ڀچ ۽ ٻيون ذاتيون به عرصه دراز کان سڪونت پذير آه، سيتا ڳوٺ جي ڀروارن قبيلن ۽ ذاتين ۾ چانڊيا، ماڇي، منگي، ڀُرٽ، شر، لاشاري، لغاري، کوسا، ڪولاچي، لاکير، کوکر، ٽڳا، گھلو، سرائي، راهوجا، هنڱورجا، لاکا ۽ پلھه آهن، جن مان ڪيترن ئي قبيلن جا پنهنجا ڳوٺ ٻڌل آهن،
    قديم زماني کان وٺي هن ڳوٺ ۾ هندو ڌرم ۽ فرقا جهڙوڪه هندو ڌرم (سناٿن ڌرم) جين ڌرم، ٻڌ ڌرم، دريا پنٿي، مها ڪالي پنٿي، ويشنو پنٿي ۽ گرونانڪ پنٿي هئا، عربن جي فتوحات کانپوءِ هن ڳوٺ ۾ اسلام پکڙيو ۽ مٿين ڌرمن ۽ پنٿين جو اوج ٽٽڻ لڳو، تان جو 1947ع ۾ هندو قبيلا لڏي ويا ۽ رهيل کهيل هندو معاشرو به ختم ٿي ويو.
    هندو معاشري واري زماني ۾ هتان جا پنڊت، مهراج، ٻاوا، ٻانڀڻ، ديوان، عامل، جوتشي، گويا، ڀڳت، مُکي، بت تراش، مصور، شاعر ۽ ڳائڻا مشهور هئا، ان دؤر جي مشهور شخصيتن ۾ مهراج ڪرشنا نند، پنڊت فتن داس، ٻائو لڇمڻ داس، مکي طوطل داس ٽهلياڻي، ايسر مل خانچنداڻي، آچاريه جوتو مل، شاعر ليلا رام، مصور بولچند، استاد ڪوڏڻ مل، گويو تارا چند وغيره آهن،
    اسلامي معاشري کي استوار ڪرڻ ۾ هتي سيد دارا شاھ، حاجي اشرف شاھ، سيد فتح محمد شاھ، سيد علي مراد شاھ پيش پيش رهيا، ديني عالمن ۾ مشهور عالم دين ۽ مدرس آخوند مولانا ڇُٽو ڀٽي،آخوند عبدالرحمان ڀٽي، آخوند مولانا الهه بخش ڀٽي، آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي ۽ مولوي محمد صديق سيتائي جهڙا اسلامي بزرگ قابل ذڪر هئا، هتان جي عالمن فقيهن ۽ بزرگن جي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر به هاڪ هئي، آخوند محمد صالح ڀٽي سنڌ ۾ کوڙ سارا شاگرد پيدا ڪيا جن مان مولوي الهرکيو معرفاڻي جو قمبر جي پاسي جو هيو، وڏو جيد ۽ مشهور زمانه عالم بڻيو، آخوند محمد صالح ڀٽي جو ننڍو ڀاءُ آخوند محمد دائود ڀٽي به پنهنجي دؤر جو بلند پايه عالم، مذهبي اسڪالر ۽ فارسي زبان جو بهترين شاعر هو،جڏهن ته مولوي محمد صديق سيتائي کان حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ علامه دائود پوٽه جهڙا عظيم انسان ابتدائي سبق وٺي ويا.
    سيتا اڄ به هر شعبه زندگي ۾ نهايت نالي وارا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، سيتا علم ۽ فيض جو سرچشمو رهي آهي ۽ اڄ به هتي وڏڙن جي جوت جلندڙ آهي.
    سيتا ڳوٺ جو شاندار ماضي گواھ آهي ته هي ڳوٺ علم ۽ ادب جو هر دؤر ۾ مرڪز رهيو آهي، هندن جي دؤر ۾ ساهت سنگتون ۽ ڪوتا منڊليون قائم هيون، ان دؤر ۾ ساهت، سڀيتا کي زور وٺائڻ لاءِ ننڍيون وڏيون تنظيمون موجود هيون، ادبي پروگرام محفلون ۽ مشاعره ڪرائڻ ۾ هندو اديب ۽ شاعر پيش پيش رهيا، ناٽڪ لکڻ ۽ ناٽڪ منڊليون قائم ڪرڻ ۽ انهن ناٽڪن کي اسٽيج ڪرائڻ به انهن جو محبوب مشغلو هيو، ناٽڪن ۾ سماجي رنگ اجاگر ڪرڻ، ٻڌي ۽ ايڪي جهڙا موضوع ماڻهن تائين پهچائڻ جي شعوري ڪوشش هوندي هئي، جن جو ذڪر هتان جا پڙهيل ڪڙهيل وڏڙا اڪثر ڪندا هئا، پر اهڙين ڪارگذارين جو ڪو به تحريري دفتر سرد ست موجود نه آهي جو تفصيلي طرح ٻڌائي سگهجي ته ان دؤر ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون سڀائون ۽ منڊليون هيون، وڏڙا ٻڌائن ٿا ته نه رڳو ادبي منڊل ٿيندا هئا پر راڳ ۽ رنگ جون محفلون به ٿينديون هيون، جن جي ذريعي هندو ڪوي پنهنجو ڪلام ڳوٺاڻن تائين پهچائيندا هئا، هندن جي لڏپلاڻ سبب ڪجھه هندو اديب، ڪجھه ڳائڻا، ڪجھه مصور ادب ۽ فن سان دلچسپي رکندڙ مور ماڻهو سيتا کي خير آباد چئي ويا، انهن مان ليلا رام ’’شاعر‘‘ سيتائي جنهن جو تخلص ئي “شاعر” هيو، تارا چند گويو، پرسورام (ڳائڻو)، هولا رام (ڀڳت) به سيتا جي وڻن کي هميشه لاءِ خير آبا چئي ويا، بولچند ڪيسوملاڻي ماهر استاد شاعر ۽ مصور هيو، جو 1947ع ۾ لڏي ويو، جنهن جي هڪ شاهڪار تصوير ( هڪ هندو ناري ۽ ڪاز پکيءَ جي )پرائمري اسڪول سيتا وليج جي هڪ ڪلاس جو ديوار تي ٺاهيل هئي ( جنهن کي ڏسي متاثر ٿي بشير سيتائي هڪ نظم به لکيو هيو جيڪو سندس ڪتاب “ڏات نه ٿيندي مات” جي صفحي نمبر 36 تي آهي ۽ ان تصوير جي بربادي بابت نظم به هن مجموعي ۾ پڻ موجود آهي) سيتا ڳوٺ جي ان وقت ڊگهي بازار چوڪ کان پرائمري اسڪول تائين، هوندي هئي، ۽ ان ۾ مشاعرا، ست سنگ، ناٽڪ ۽ راڳ جون محفلون ٿينديون هيون، ۽ هندياڻيون ماڙين ۽ ڪوٺن تي چڙهي اهو رنگ ڏسنديون هيون، پري پري جا شاعر، سنگيتڪار، راڳي. گويا، ناٽڪن جا اداڪار ۽ صداڪار به ايندا هئا، ڪي منڊل ۽ ميڙاڪا مندر جي ايوانن تي به ٿيندا هئا،
    “بشير سيتائي، جيڪو سيتا جي ماٿي جو سندور آهي ۽ هن سموري تاريخ جو ليکڪ پڻ آهي”، تنهن سيتا ڳوٺ جي ماضي جي ڪن منظرن بابت ڳوٺ جي وڏڙن کان معلومات وٺي هڪ مضمون “ جڏهن سيتا، سيتا هئي” جو عنوان سان ڇپايو هيو. جنهن ۾ ڳوٺ جي ماضي جي تعليم، ادب، ثقافت رهڻي ڪهڻي، هندن جي رسمن رواجن ۽ ست سنگ ۽ ڀڳت جي محفلن ۽ رهاڻين بابت انهن جون يادون قلمبند ڪيون هيون، المقصد سيتا ڳوٺ جو ادبي ۽ ثقافتي حوالي سان هڪ شاندار ماضي هيو، هندو لڏي ويا ته اهي سڀ رونقون پاڻ سان گڏ کڻي ويا، اڄ فقط انهن جون ڌنڌليون يادون آهن جي پڻ هن وٺ پُڄان جي دؤر ۾ ميساربيون پيون وڃن ۽ ايندڙ نسل ته ان جو تصور به نه ڪري سگهندو، اڄ اهي ادب ۽ ثقافت جا پرستار ۽ سهائتا ڪندڙ سيٺ هيمراج، سيٺ ٺاڪو مل، سيٺ ڏاسو مل، سيٺ لکو مل، سيٺ ورند مل، سيٺ پوپٽ مل، مکي طوطل داس، ٻالچند، حڪيم تارو مل، مينگهومل باغائي، استاد ڪوڏڻ مل، جوتو مل، ڀيرو مل، ۽ سرپئنچ ايسرداس به ڪونهن، وقت جو واءُ انهن کي الائي ته ڪاڏي کڻي ويو، نه اهي مندر، نه منڊليون، نه سنگيت گهر، ۽ نه ساهت گهر.2)
    ماضي قريب ۾ ادبي ڪارگذارين جو ٿورو گھڻو وچور ملي ٿو، جنهن تي بلوچ صحبت علي جي مرتب ڏنل ڪتاب “ سيتا جا سدا بهار ماڻهو ” ۾ بشير سيتائي پاران تفصيلي مضمون ڏنل آهي، جنهن ۾ 1880 کان وٺي 1990 جي وچ واري عرصي جي پوري تفصيلي ڪارگزاري ڏني وئي آهي، جنهن ۾ هُن صاحب ٻڌايو آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان ڪي سال اڳ ۽ پوءِ مرحوم جمعه خان غريب هن ڳوٺ ۾ وڏي ادبي هلچل پيدا ڪئي ۽ هن ڳوٺ مان ماهوار رسالو طالب الموليٰ پڻ جاري ڪيو،
    سيتا روڊ جو سدا حيات شاعر پيرل پرديسي سيتائي جيڪو “استاد” پيرل پرديسي سيتائي جي نالي سان سڏجڻ لڳو تنهن سيتاروڊ ۾ اهڙو ته ادبي باغ لڳايو، جنهن مان ڪيترا ئي شگفته گل ڦُٽي نڪتا، جن پنهنجون سموريون ادبي توانايون ۽ صلاحيتون خرچ ڪري سيتا سميت پوري سنڌ ۾ پاڻ مڃرايو آهي، جن ۾ مجبور ميمڻ سيتائي (جنهن جو شاعري مجموعو “ٻرندي ٻرندي لاٽ” 2013 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو)، سقراط سيتائي، قمرڀان، حقير بلوچ، صابر پريمي، فدا سومرو، بيوس بچل سيتائي، منصور سيتائي، مشهور ميمڻ، مسرور سيتائي، سهڻل سيتائي، ادنيٰ جانوري، درد جانوري، سڄڻ سيتائي، شهزاد سيتائي، اصغر سيتائي ( جنهن جا ٻه شاعري مجموعا “ اکڙيون اوسيئڙا” سال 2002ع ۾ ۽ “سونهن کي سلام” 2014ع ۽ سندس حمد ۽ نعتن جو تخليقي مجموعو “موتي ميڙيا مون” 2012 ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا.)، غريب گل سيتائي، آس اسماعيل سولنگي ۽ ٻيا ڪيترا ئي نالا شامل آهن.
    استاد پيرل پرديسي سيتائي جو شاعري مجموعو “ دل آئينو پٿر دنيا” 1992ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جو مهاڳ سنڌ جي مشهور ۽ معروف شاعر استاد بخاري لکيو، ۽ ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي بشير سيتائي جا تاثرات آهن. مُهاڳ ۾ استاد بخاري پيرل پرديسي سيتائي کي “ادب جو ادارو” ڪري سڏيو آهي، ان کان پو سيتاروڊ ۾ ادبي سرگرميون پنهنجي عروج تي هيون، ۽ ڪيترا ئي ننڍا وڏا مشاعرا ڪرايا ويا، جن ۾ مقامي توڙي غير مقامي اديبن ۽ شاعرن وڏي پئماني تي حصو ورتو،“پيرل پرديسي سيتائي 29 ڊسمبر 2002ع ۾ وفات ڪئي”.
    سال 1984ع ۾ فياض بلوچ جي ڪوششن سان شاھ عنايت شهيد لائبريري سيتاروڊ جو قيام عمل ۾ آيو.فياض بلوچ، ابراهيم سومرو، غريب گل سيتائي ۽ منصور سيتائي بلترتيب ان جا انچارج رهيا، 1984ع ۾ ئي فياض بلوچ ۽ قمر ڀان جي ڪوششن سان “سنڌي ادبي سنگت” سيتاروڊ جي “شاخ” جو بنياد وڌو، سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتاروڊ ڪيترائي مشاعرا ۽ ليڪچر ڪرايا، مختلف موضوعن تي جن صاحبن ليڪچر ڏنا انهن ۾ استاد بخاري، ناظم منگي، نواز رڪڻائي، بشير سيتائي، نشتر ناٿن شاهي، تاج جويو، ناز سنائي، شمس سومرو، تاج صحرائي، حاڪم علي شاھ بخاري، عزيز ڪنگراڻي، علي دوست عاجز، راهي چنا، سنڌو ميراڻي ۽ پروانو سيوهاڻي قابل ذڪر آهن. هن سنگت هتان جي مقامي ۽ ٻين شاعرن، عالمن ۽ اديبن جي ياد ۾ ننڍا وڏا ميڙاڪا ۽ محفلون پڻ ڪرايون آهن، جن ۾ مرحوم جمع خان غريب، محمد رمضان ثاقب، آخوند محمد صالح ڀٽي، مولوي محمد صديق سيتائي، مولوي عبدالغفور سيتائي، سيد حاجن شاھ هموطن سيتائي، سر شفيع، ناظم منگي، استاد بخاري ۽ مرحوم استاد پيرل پرديسي سيتائي وغيره اچي وڃن ٿا. سنگت جي ان روايت مطابق مرحوم اديبن جا ڏهاڙا ۽ حال حيات اديبن سان رهاڻيون ملهايون وڃن ٿيون، مرحوم پيرل پرديسي سيتائي جنهن هن شهر ۾ پنهنجا لاتعداد شاگرد پيدا ڪري ادبي ماحول سنواريو ۽ سجايو ان جي هر سال ورسي نهايت عقيدت، ادب ۽ احترام سان ملهائي وڃي ٿي،
    پيرل پرديسي سيتائي جي پيدا ڪيل شاگردن به ( جنهنجا نالا مٿي ڏئي آيو آهيان) سيتاروڊ ۾ پنهنجا ڪيترائي نوجوان شاگرد پڻ پيدا ڪيا جن ۾ مون مضمون نگار وسيم آڪاش سيتائي ( شاعري مجموعو “هوائن ڇير ڇمڪائي” 2014 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو)، گهائل غلام مصطفيٰ سولنگي، عاجز فهيم ميمڻ سيتائي، فياض منصور، آصف علي خاصخيلي سيتائي، منور ملاح، عزيز سيتائي، حليم باغي سيتائي، منظور سيتائي، عزيز شاڪر، ذاڪر سيتائي، راجا اشفاق سميت ڪيترا ئي نالا شامل آهن. جيڪي وڏڙن جي روايت کي برقرار رکندي مسلسل اڄ تائين سنڌي ٻولي جي بقا واري عمل کي هٿي ڏئي سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجھه واري عمل ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
    سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتاروڊ ويجھڙائي ۾ منصور سيتائي جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ ڪاوشن سان پڻ وڏي پئماني تي ادبي ميڙاڪا ڪرايا آهن جنهن ۾ دادو ضلعي جي مختلف شهرن سميت گھوٽڪي، ڏهرڪي، شهداد ڪوٽ، ڪراچي، حيدر آباد، لاڙڪاڻو سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وڏي انگ ۾ اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي آهي!سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتاروڊ پنهنجا ادبي فرائض بدستور سرانجام ڏئي رهي آهي ۽ هر قدم تي ان جو مرڪز سان پڻ ڳوڙهو ڳانڍاپو آهي.
    (3.سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتاروڊ جا سلسليوار سيڪريٽري هيٺ ڄاڻايل صاحب رهيا.
    فياض بلوچ 1984ع
    قمرڀان 1985ع ۽ 1986ع
    فياض بلوچ 1987ع ۽ 1988ع
    بشير سيتائي 1989ع
    منصور سيتائي 1990ع
    صابر پريمي 1991ع ۽ 1992ع
    فدا سومرو 1993ع
    منصور سيتائي 1994ع
    مشهور ميمڻ 1995ع، 1996ع ۽ 1997ع
    غريب گل سيتائي 1998ع، 1999ع ۽ 2000ع
    منصور سيتائي 2001ع، 2002ع، 2003ع کان مئي 2014ع)
    عزيز سيتائي جون 2014ع کان ڊسمبر 2014ع
    منصور سيتائي جنوري 2015ع کان هلندڙ..........!

    سيتا جي سموري ادبي سفر دؤران جيڪي به عاليشان مشاعرا، ميڙاڪا ۽ ڪانفرنسون ٿيون، انهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان جيڪي بزرگ ۽ نوجوان اديب_شاعر اڪثر مشاعرن ۽ ادبي محفلن ۾ قرب جا قدم ڀري ايندا رهيا انهن جو ذڪر ڪرڻ پڻ ضروري ٿيندو، انهن جا نالا هي آهن.
    حافظ محمد احسن چنا، عبدالله اثر لاڙڪاڻوي، احمد خان آصف، محسن ڪڪڙائي، آثم ناٿن شاهي، احمد خان سيال، احمد خان مدهوش، استاد بخاري، نواز رڪڻائي، جگر سنڌي، نشتر ناٿن شاهي، علي حيدر حيدري، سيد فيروز حسين شاھ، “ظفر” سيوهاڻي، مظهر سيوهاڻي، اسحاق راهي، محمد علي عيان دائود پوٽو، محمد اشرف “منصور” ٽلٽائي، محمد نواز محزون، محمد عالم شبنم ڏوگر، لونگ خان لائق سيتائي، اڪرم ٻورڙائي، مخدوم غالب ملڪاڻي، مفتون ملڪاڻي، تاج صحرائي، عبدالله مگسي، اڪبر شاهاڻي، سومر سودائي، خدا بخش خادم، عبدالله همدم، مولوي عبدالغفور سيتائي، سرتاج لڪياري، هموطن سيتائي، مشتاق سچاوري، غلام حيدر سيوستاني، ڪمال الدين سولنگي، حبيب الله ٻاٽائي، يار محمد جهانگي، نثار بزمي، مقصود گل، دادن فقير، ملنگ حيدري، سرڪش سنڌي، خادم رفيقي، هذارو خان مجاهد، پيرل قمبر، گل حسن گوپانگ، محمد رمضان آزاد، علي حسن گدا، محبوب ڏيپر، جوهر بروهي، علي دوست عاجز، نواز عباسي دادوي، عبدالمجيد پياسي، الهورايو مسرور، خليل عارف سومرو، الطاف لاکير، آزاد سچل اعواڻ، غلام قادر عطاش، اختر بروهي، فياض بلوچ، ناظم منگي، وفا ناٿن شاهي، راز ناٿن شاهي، راهي چنا، اطهر منگي، بخشل لڌاڻي، سيد عبدالرحمان شاھ اظهر، عبدمگسي، سڪندر آه ،شاهنواز مسافر، عبدالغفار تبسم، ذوالفقار گاڏهي،گلزار سيال، معصوم بخاري، تابش بخاري، مولائي منظور، مارو جمالي، گلزار پاٽائي، اعظم ميمڻ، زخمي زاهد، محبوب زنگيجو، احسان زنگيجو، نماڻو صديق مهيسر، گوهر گل ڳورڙ، اسحاق سميجو، عزيز ڪنگراڻي، لياقت علي لياقت، صابر سيد پوري، جميل سومرو، مفتون ڪورائي، پريم پتافي،امر کهاوڙ، مير علي مير، فقير عابد علي، غلام مجتبيٰ لاڙڪ، عزيز قاسماڻي، عاجز سرگاڻي، الطاف جانوري، رجب آزاد، شبيرڻ پاٽائي سميت ڪيترائي نالا شامل آهن،
    انهن سڀني اهل علم ۽ اهل قلم حضرات جو سيتاڳوٺ_ سيتاروڊ جي ادبي محفلن کي رونقون بخشڻ ۾ تمام وڏو هٿ آهي،
    هن وقت سيتاروڊ جي موجوده ادبي هلچل پنهنجي شاندار ماضيءَ جئان عروج تي آهي، سيتاروڊ ۾ هن وقت تقريبن ٻٽيهه شاعر مسلسل لکي رهيا آهن، ايترن سارن شاعرن جي هوندي منهنجي ذهن ۾ خيال جنم ورتو ته ڇو نه سيتاروڊ جي شاعرن جو گڏيل شاعريءَ جو مجموعو ترتيب ڏجي. تنهن کان پوءِ باقاعدگيءَ سان پنهنجي خيال کي حقيقت جو روپ ڏيڻ ۾ لڳي ويس، ان مرحلي ۾ ڪيترن ئي ڏکاين مان گذرڻو پيو، پر سڀ کان وڌيڪ اهم مسئلو اهو هيو ته ٻٽيهن شاعرن جي شاعريءَ کي هڪ هنڌ هڪ مجموعي ۾ ڪئين پوئجي، گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ ان فيصلي تي پهتس ته ڇو نه هن گڏيل شاعريءَ جي مجموعي کي ٻن حصن ۾ ورهائي ’’ڏهر منجهه ڏيئا“ ڀاڱو پهريون ۽ ’’ڏهـر منجهه ڏيئا‘‘ ڀاڱو ٻيون جي صورت ۾ ڇپائجي، ۽ تنهن کان پوءِ سينيئرز ۽ جونيئرز جي مليل سنگم تي هن مجموعي کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو، ۽ مان الله تعالي جو شُڪر ادا ڪريان ٿو، جو هن مجموعي ۾ شامل شاعرن جي شاعري سهيڙڻ کان وٺي ڪمپوزنگ ۽ ڇپائي تائين سڀئي مرحلا منهنجي هٿان ٿي گذريا، ۽ انشاالله هن مجموعي جو ٻيون حصو به جلد پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي ويندي،
    مان بشير سيتائي جو بيحد ٿورائتو آهيان جنهن هن مجموعي جي خيال کان وٺي ڇپجڻ تائين منهنجي رهنمائي ۽ رهبري ڪئي، اُن کان پوءِ پنهنجي محسن، ٻاجهاري ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نقاد خليق ٻگهيو جو نهايت ئي ٿورائتو آهيان جن پنهنجي مصروف زندگيءَ مان وقت ڪڍي صرف ٻن هفتن ۾ هن مجموعي ۾ شامل شاعرن جي تخليقي پورهئي تي مهاڳ لکي اُن ۾ روح ڦوڪي ڇڏيو ۽ تخليقن کي عمر جو شرف عطا ڪيو، جوهر بروهي ۽ پريم پتافي جو به ٿورائتو آهيان جن هن مجموعي جو بيڪ ٽائيٽل لکيا، ان پوري سلسلي ۾ ساٿ ڏيندڙ سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتاروڊ جي سمورن دوستن منصور سيتائي، مشهور ميمڻ، قمرڀان، غريب گل سيتائي، ربنواز سولنگي، احمد نواز سولنگي، عاجز فهيم ميمڻ سيتائي، آصف سيتائي ۽ فياض منصور سميت سڀني جو پڻ ٿورائتو آهيان، ۽ پنهنجن ڀائرن جهڙن دوستن، سجاد حسين ميمڻ، سعيد احمد ميمڻ، امجد علي ميمڻ، آزاد ميراڻي، سعيد احمد سولنگي، سيد عبدالستار شاھ، سليمان سومرو، جو پڻ ٿورائتو آهيان، جن هر وک تي منهنجي حوصله افزائي ڪئي ۽ مون کي اُتساھ ڏنو.



    وسيم آڪاش سيتائي
    سيتاروڊ_سنڌ
    Cell: 03008735469
    ________________________
    حوالا:
    1.دادو ضلعو هڪ اڀياس_ محمد عرس “اظهر“ سولنگي
    2. سيتا جا سدا بهار ماڻهو _مرتب بلوچ صحبت علي.
    “سيتا جو تاريخي پسمنظر”_ بشير سيتائي
    3. سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتاروڊ جي هلچل ۽ قيام_ منصور سيتائي


    مُهاڳ:سيتاروڊ جي شاعرن جي روايتي ۽ غير روايتي تخليقي تحريڪ

    شاعري آرٽ جي اُها هيئت هوندي آهي، جنهن ۾ لفظن جي تنظيم عبارت کي جنم ڏيندي آهي ۽ عبارت پنهنجي متن ۾ ڪَئين معنائون سمائي ويهندي آهي، يا اِئينءَ چئجي ته هر متن ٻئي متن جو نقيب هوندو آهي ۽ اِئينءَ شاعري معنائن جي اَڻ ـــ کُٽ اظهار کي سميٽي متن در متنInter_texuality پيدا ڪندي آهي، جنهن ۾ نه صرف فرد جي اندر واري ڪائنات جا اولڙا پَسي سگهبا آهن، پر اُنهيءَ سان گڏو گڏ پنهنجي ثقافتي توڙي سماج جا روپ _ سروپ به دريافت ڪري سگهبا آهن، دنيا جي موجوده پوسٽ ماڊرن صورتحال شاعريءَ کي پنهنجي پنهنجي ثقافت قدرن ڏانهن موٽائي ٿي، جئين ادب کي پنهنجي اصلوڪي تهذيب واري سڃاڻپ کان ڌار نه ڪري سگهجي، شاعري جڏهن موضوعي سطح تي پاڻ اظهاريندي آهي، تڏهن اُها انساني جذبن، احساسن ۽ اُمنگن جي ترجمان بڻجي ويندي آهي، پر جڏهن شاعري معروضي سطح تي براجمان ٿيندي آهي، تڏهن انقلابن جي داعي ۽ محرڪ بڻجي ويندي آهي، جهڙيءَ طرح خوبصورتيءَ، خدا ۽ خوشبوءَ کي ڪڏهن به مڪمل طرح ڊفائين نه ٿو ڪري سگهجي، تهڙيءَ طرح شاعريءَ جي به ڪا اهڙي مقرر وصف بيان ئي نه ٿي ڪري سگهجي، جيڪا پنهنجي نوع توڙي ادراڪي جوهر ۾ مڪملتا واري ساک رکندي هجي، پر پوءِ به شاعريءَ جون انيڪ وصفون آهن، شاعريءَ بابت چيو وڃي ٿو ته:
    The poetry is a literary work in wich the expression of feelings and ideas is given intensity by the use of distinctive style and rhythm poems collectively or as a genre of literature.
    شاعري اُهو ادبي پورهيو آهي، جيڪو جذبي ۽ احساس کي اظهاري ٿو، ۽ اُنهيءَ ڪَم يا پورهئي ۾ خيال ڏنا وڃن ٿا، جن خيالن ۾ شدت به هوندي آهي، پر اُنهيءَ ۾ انداز بيان جا تفاوت هجن ٿا، ۽ شاعري موزونيت جو دامن وٺي موسيقيت پڻ خَلقي ٿي، ورڊس ورٿ چَيو هو ته شاعري سگهاري محسوسات جو پاڻهي اُٿلي پوڻ Spontaneous over flow of power ful feelings جو نالو آهي، پر ڊائي لنDylan Thamas چوي ٿو ته:
    Poetry is what makes me laugh or cry or yawn what makes my toenails twinkle, what makes me want to do this or that or nothing.
    شاعري جي محرڪ قوتن جا انيڪ روپ آهن، شاعري ڪڏهن روئاري ٿي ۽ ڪڏهن کِـلائي ٿي، ڪڏهن سنجيده فِڪر جون وشالتون کڻي ڦُٽي ٿي ۽ ڪڏهن مسڪراهٽن جون نيون نويدون اُڻي ٿي، ڪڏهن دَردن کي به وسعت بخشي ٿي ۽ ڪڏهن ذِهني ۽ روحاني سُڪون جو ڪارج بڻجي ٿي، ڪڏهن نعري بازي واري عبوري عهدَ جو درشن ڪرائي ٿي، ته وري ڪڏهن نج ۽ اصلوڪي حياتي جي ابدي مسرتن سان نوازي ٿي، شاعري نه صرف مهذب سماج جي تشڪيل لاءِ ڪُوشان رهندي آهي، پر شاعري فرد جي لاشعوري جو به پڌرنامو هوندي آهي، شاعري نه رڳو عقلي، منطقي ۽ فڪري سائنس جي سهڪاري هوندي آهي، پر شاعري وجداني سطحن جي ويراڳين جي به امين هوندي آهي، پو به هر تخليقڪار وٽ شاعريءَ جو الڳ نظريو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته جھڙيءَ طرح شاعري جي وصفن جو بي ڪران سمنڊ ڇوليون هڻي ٿو، تهڙي طرح جدلياتي مادي شعور به مُسلسل تبديل ٿيندو رهي ٿو. شاعري جي مقرر ڪا به هڪ وصف ڪانهي جنهن تي اڪتفا ڪري سگهجي، معنائن جو هڪ بي پناھ جهان آهي. جھڙيءَ طرح محبت، پيار اخلاق، نيڪي، سچ، ايمانداريءَ، وفاداريءَ وغيره جي ڪا به وصف ۽ تشريح ڪانهي، تهڙيءَ طرح ادب ۽ شاعريءَ کي به مقرر پئمانن تي ڊفائين نٿو ڪري سگھجي، ڇاڪاڻ ته ادب يا شاعريءَ جو خالص تعلق رڳو معروصيت سان ڪونهي، پر انهيءَ ۾ داخليت به شامل ٿيو وڃي، داخليت جون پنهنجون الڳ ڏسائون ۽ جهتون آهن، جن جي سمتن کي به مقرر/ بيٺل يا جمود واري دنيا ڪانهي، پر گوناگونيت آهي، رنگا رنگي آهي، ائين حسن، عشق، محبت، پيار جيان شاعريءَ جي وصفن توڙي تشريحن definations and interpretations جون الڳ الڳ رنگينيون آهن، اُنهن جي مُڪملتا جا ساکي ته نه آهيون، پر اُنهن وصفن ۽ تشريحن کي سمجهي شاعريءَ جي آرٽ ڏانهن تخليقي اڳڀرائي ڪري سگهجي ٿي ۽ سُرور، مزو/ لطف به وٺي سگهجي ٿو، شاعريءَ لاءِ اهو به چَيو ويندو رهيو آهي ته:
    Poetry is the chiseled marble of language, its paint spattered canvas, but the poet uses words instead of paint and the canvas is you.
    شاعراڻي ڪينواس تي آرٽ جي رڌمِڪ هيئت جيتري سگهاري هوندي، آرٽ جي اوتري ئي سگهاري اثر پذيري ٿيندي، شاعريءَ جو حُسن رڳو ان جي فني حسناڪيءَ تي نه هوندو آهي، پر تخيل ۾ فڪر جي ڊائيورسٽي به پنهنجي غالب حيثيت جي مظهر هوندي آهي، فن ۽ فڪر جي سگهاري ۽ خوبصورت امتزاج يا سنگم سان شاعري هڪ نئين exciting pleasure جنميندي آهي ۽ ائينءَ شاعراڻو تخيل thought نون نون حِسي ادراڪن جون رُونمِائيون ڪندو آهي ۽ شاعراڻي آرٽ به پنهنجي مڪملتائن جي ساکي بڻجي ويندي آهي.
    سنڌي شاعري پنهنجي اوائلي ڪِلاسيڪيت کان وٺي جَديديت جي گُوهر ـــ افشانين تائين پنهنجي تخليقي سَفر کي جاري ساري رکندي پئي اچي، مقداري حوالي سان جيتري شاعري وڌندي پئي وڃي، معياري حوالي سان اُها سست رفتاري جي ور چڙهي وئي آهي، اُنهيءَ جا وڏا فِڪري مِحرڪ هي آهن ته هتي نه صرف تخليقڪارن وٽ مطالعي ۽ مشاهدي جي کوٽ آهي، پر اُنهيءَ سان گڏوگڏ تخليقڪارن وٽ ’’ورلڊ ويوز‘‘ جو ڏڪار به پنهنجا آثار کِــنڊيريندو ٿو رهي، هِتي فڪرَ جي همئه گير وسعت کي گهڻو تڻو ڄڻ پُٺي ڏئي ورجاءَ جا جهولَ ڀريا ويا آهن، ڪِنهنجي شاعري صرف خوبصورت فن جي آمجگاھ آهي ته وري ڪِنهنجي شاعري فن جي حُسن ـــــ ڪارين کي نظرانداز ڪري، رڳو فڪري جهتن ۾ پرواز ڪرڻ ٿي چاهي، جيستائين فن ۽ فڪر جو حَسين ميلاپ نه ٿو ٿئي تيستائين شاعريءَ جي خوبصورت زمين ڪڏهن به هٿ اچڻي ناهي، شاعري هڪ کيتي آهي، تخليقڪار پنهنجي ئي کيتيءَ جو هاري به آهي ته مالڪُ به آهي، اُنهي ڪري شاعريءَ جي کيتي سرسبز ڪرڻ جي لاءِ رياضت، محنت ۽ وَسيع تخليقي پورهئي جي گُهرج آهي، جيڪا اڄڪلهه جي شاعرن مان مُوڪلائيندي پئي وڃي، پر ’’ اڃا ڪي آهين ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي‘‘ جي مصداق شاعريءَ ۾ معيار جي ويرائٽي آڇڻ وارا ڪجهه تخليقڪار آهن، جيڪي پنهنجي شاعراڻي آرٽ ۾ غير معمولي extra-ordinary پورهيو ڪن ٿا، تخيلن ۾ نين سُندرتائن کي پالين ٿا، ٻوليءَ جي ندرتائن کي واڳين ٿا، نئين اسلوب جو اَئٽُ اُڻين ٿا، آرٽ جي اَن داتا تي ايمان آڻن ٿا، فِطرتن جي تاج پُــوشي ڪن ٿا، رنگينين جا داعي بڻجن ٿا، فن جي قدرتن جا ساکي هجن ٿا ۽ فڪري ابلاغ جا مُبلغ هجن ٿا، اُهي آرٽ جي سگهه سان نئين دنيا اڏڻ چاهن ٿا، جئين ماڻهو کي اصلوڪي انساني تهذيب جي پاڙن ڏانهن موٽائي سگهجي، اهڙن ئي خوبصورت تخليقڪارن مان ’’سيتاروڊ‘‘ جا به ڪجهه تخليقڪارَ آهن، جيڪي سنڌي سماج جي وڃايل روحاني ۽ ثقافتي قدرن جو نه صرف نئين سِري سان فڪري سڀاءُ پنهنجي آرٽ ۾ واسين ٿا، پر ماضي جي خوبصورت روايتن کي پڻ پنهنجي آرٽ جي وسيلي جَلا بخشڻ جا سعيا ڪن ٿا، سندن آرٽ ۾ نه صرف حياتي جي گوناگونيت آهي، پر حياتيءَ جي پيچيدگيءَ ڏانهن نفيس سلجهاءَ واريون جهتون به آهن، هي ڪتاب ’’ڏهر منجهه ڏيئا‘‘ نه صرف سيتاروڊ جي اُتهاسي وشالتن کي يڪجا ڪرڻ جو تواريخي محرڪ آهي، پر هي ڪتاب ثقافتي، مقامي ۽ علاقائي سطح تي سيتاروڊ جي شاعرن جي مجموعي آرٽسٽڪ سَگهه جو پڻ عڪاس آهي، هيءُ ڪتاب هڪ اهڙي گلدستي جي مثل آهي، جنهن ۾ هر گل/شاعر جي پنهنجي منفرد خوشبوءِ آهي ۽ اُها رنگا رنگي مجموعي طرح جديد ادب جي آڪاس تي ستارن جي جهرمر يا جهڳمڳ ڪهڪشان جي رُوپ سَروپ ۾ نروار ٿي بيٺي آهي، هن ڪتاب ۾ ڪل سترنهن شاعر آهن، ڪي سينئر شاعر ۽ ڪي جديد شاعري جا معروف نالا آهن، ۽ ڪي نالا اڃان شهرتن جي ديوين تائين عرفانيت حاصل نه ڪري سگهيا آهن. گڏيل شاعرن جو مجموعو ڇپجڻ ڪو ايترو پراڻو ٽرينڊ ته ڪونهي، اُها ويجهي ماضيءَ جي ڳالهه آهي، جو ٻِـــن ٻِـــن شاعرن جي شاعريِءَ جو ڪتاب ادبي زمين واري کيتر ۾ هڪ نئين ٽرينڊ جي روپ ۾ پاڻ پسائڻ لڳو، ۽ ’’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘‘ واري گڏيل شاعريءَ جي مجموعي ۾ شيخ اياز جي مهاڳ سُون تي سهاڳو هجڻ جو ڪم ڪيو ۽ اُنهيءَ کان پوءِ اُنهيءَ ٽرينڊ ۾ شدت پيدا ٿيندي وئي، ۽ ڏِسندي ڪيترا ئي گڏيل شاعريءَ وارا مجموعا بي ــــ ڌڙڪ ڇپجڻ لڳا، جن جي مڪمل تاريخ ته طوالت ۾ وٺي ويندي پر تازو ئي اِهڙن ڇپجندڙ ڪتابن جو جيڪڏهن ذڪر ڪجي ته ضلعي سطح تي گڏيل شاعري جا مجموعا اُنهيءَ لاڙي ۾ وري نئين خوبصورتي کڻي آڻي آيا آهن. ضلعي سطح کانپوءِ هاڻي گڏيل شاعرن جا مجموعا تعلقي سطح کان ويندي هڪ شهر،ڳوٺ جي شاعرن جي شاعريءَ تي پڻ ڇپجي رهيا آهن، مون وٽ گڏيل شاعريءَ وارا جيڪي مجموعا آهن، تن جو پڻ مختصر ذڪر ڪندس، ’’موکيءَ مَٽُ اُپٽيا‘‘ گڏيل شاعريءَ وارو مجموعو 2005ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ ڏهن شاعرن جي شاعري هُئي، هن ڪتاب جو مرتب ڏيندڙ ذوالفقار گاڏهي هو، جڏهن ته هن ڪتاب جو مهاڳ امداد حسينيءَ لکيو. 2013ع ۾ ’’چوٽا تيل چنبيليا‘‘ جي عنوان سان مارو جماليءَ گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب ’’اُڏام پبليڪيشن دادو‘‘ جي طرفان پڌرو ڪيو، جنهن ۾ تيرنهن شاعرن جي شاعري هئي، جڏهن ته هن ڪتاب جو مهاڳ تاج بلوچ لکيو، ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ ٻيو به گڏيل شاعريءَ جو مجموعو گهوٽڪيءَ مان پڌرو ٿيو، هن ڪتاب جو نالو ’’تارا تارا جهول ۾‘‘ هو، هن ڪتاب جا مرتب امرکهاوڙ ۽ دوست سومرو هُئا، 2013ع ۾ ڇپيل هن ڪتاب ۾ سترنهن شاعرن جي شاعري موجود آهي ۽ هن ڪتاب جو مهاڳ به امداد حسينيءَ لکيو. 2014ع ۾ ڪتاب ’’برکا بوند بهار جي‘‘ پڻ گڏيل شعري_مجموعو ڇپيو، جنهن ۾ سورنهن شاعرن جي شاعري هئي، هيءَ ڪتاب مرتضيٰ لغاري مرتب ڪيو. مرتضيٰ لغاريءَ گڏيل شاعريءَ وارو هڪ ٻيو مجموعو به سامهون آندو آهي، هن ڪتاب جو نالو آهي ’’نئون نئون مَڌ آ‘‘، جڏهن ته هن شاعري مجموعي ۾ سورنهن شاعرَ آهن ۽ هن ڪتاب جو مهاڳ سعيد سومري لکيو آهي، هيءَ ڪتاب پڻ 2014ع ۾ شايع ٿيو. تازو ئي ڳيريلي جي سترنهن شاعرن تي مشتمل ڪتاب ’’روشنيءَ جون ريکائون‘‘ شايع ٿيو آهي، هن ڪتاب جو مهاڳ روبينه ابڙو لکيو آهي، هن ڪتاب جا مرتب حبدار سولنگي ۽ ياسين چانڊيو جن آهن.
    انهيءَ سموري ادبي پس_منظر جي فڪري تسلسل ۾ سرفهرست ٿيندڙ هي ڪتاب ’’ڏهر منجهه ڏيئا‘‘ به پنهنجي افاديت توڙي ماهيت کان هڪ منفرد ڪتاب آهي. سيتاروڊ جي مختلف شاعرن جي شاعريءَ جي انوکن، سَوادن ۽ روايتي توڙي غير روايتي رسُ_چَـــسُ کي جنميندڙَ هِن گڏيل شاعريءَ جي مجموعي جو مرتب نفيس ۽ نرمل احساسن جو نيٽ ورڪ سرجيندڙ شاعر وسيم آڪاش سيتائي آهي. هن ڪتاب جي سترنهن شاعرن جا نالا هن ريت آهن، 1، بشير سيتائي 2، پيرل پرديسي سيتائي 3، قادر بخش قلندر 4، مجبور ميمڻ سيتائي 5، مسرور سيتائي 6، محمد بچل بيوس 7، سقراط سيتائي 8، سليم سيتائي 9، دلشاد بلوچ 10، وسيم آڪاش سيتائي 11، اصغر سيتائي 12، سڄڻ سيتائي 13، گهائل غلام مصطفي 14، شاڪر عزيز سيتائي 15، عزيز سيتائي 16، منظور سيتائي 17، ذاڪر سيتائي.



    1ـــ بشير سيتائي
    بشير سيتائي سنڌي ادب جو هڪ معروف نانءُ آهي، سندس ٻه شعري مجموعا ’’ڏات نه ٿيندي مات‘‘ ۽ ’’جهرڻو منهنجو جيءُ‘‘ پنهنجي ادبي ماهيتي ۽ افادي پهلوءَ کان منفرد سگهارا ۽ خوبصورت شعري مجموعا آهن، ۽ انهيءَ کان سواءِ سندس ٻين ادبي خدمتن کان سواءِ سندس نهايت اهم ڪنٽري بيوشن عمر خيام جي رباعين جو سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾ ترجمو آهي، بشير سيتائي ادب جي هڪ گهڻ پاسائتي شخصيت آهي، هُـــو هڪ ئي وقت مؤرخ، شاعر، نثرنويس ۽ عالمُ آهي، هُــو هڪ ئي وقت انگريزي، فارسي ۽ سنڌي ٻوليءَ تي قابلِ ـــ رشڪ دسترس رکندڙ ماڻهو آهي، ضلعي دادوءَ جي ادبي دنيا ۾ آئون هن کان وڌيڪ علمي فضيلت رکندڙ شخصيت سان ڪڏهن به نه مليو آهيان، هُــو دنيا جي اُنهن گهڻ ـــ پاڙهُــو تخليقڪارن مان به آهي، جيڪي پنهنجي آس پاس واري سماجي سطحن جي ڏيوالي نڪرڻ جي ڪري دانشوارانه اڪيلائپIntellectual Isolation جو شڪار ٿين ٿا، پر حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته اُنهيءَ جي باوجود هن سينئر شاعر جي حيثيت ۾ انيڪ شاعرن جي شاعري جي فني ۽ فڪري آبياري پئي ڪئي آهي، جنهن جي ڪري هاڻ هُــو هڪ اُستادَ شاعرَ جي حيثيت سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو.
    شاعريءَ سان شعور ڦهـلايو،
    سچ لکندا رهو، ڏسي ٿا وٺون. (بشير سيتائي)
    بشير سيتائيءَ جي شاعريءَ ۾ سماج جو جدلياتي شعور جھاتيون پائي ٿو، هُن جي تخليقن ۾ شعورُ زندگيءَ جو تعين نه ٿو ڪري، پر زندگي شعورَ جو تعين ڪري ٿي، هُن جي آرٽ ۾ جيڪي لاشعوري سمتون آهن، تن لاشعوري سمتن ۾ ڄڻ ته صدين جي ستمگرين جون ٿڪاوٽون آهن، جيڪي حياتي جي تلخ تجربن مان ڦُٽي نروار ٿي بيٺيون آهن، پر اُنهن تلخ تجربن توڙي مشاهدن جي ٿڪاوٽن جي باوجود هُن وٽ آڪاس جي وشالتا جيڏا حوصلا آهن ۽ همت توڙي خودداريءَ جو بي ڪَران سمنڊُ آهي:
    جـڳ ستمگـر ته آهي صديـن کان،
    پنهنجو ڀي حوصلو، ڏسي ٿا وٺون. (بشير سيتائي)
    بشير سيتائيءَ جي غزلن ۾ رنگِ _تغزل جا ڪيترائي اَنواعَ پاڻ پَسائين ٿا، هُن جي غزلن ۾ نه رڳو نفيس لهجا موجود آهن، پر اُنهيءَ سان گڏوگڏ رنگين تصورن، نِرملتائن سان واسيل ٻوليءَ ۽ احساسِ لطافت بخشيندڙ رُوماني عڪسَ پڻ آهن، جيڪي نه صرف سندس غزلن جي تغزل جي سگهاري عمارت سازي ڪن ٿا، پر کيس غزل جو خوبصورت شاعر پڻ ثابت ڪن ٿا، هن جي غزلن جي احساساتي ڪئنواس کي ڏسجي ته هن وٽ عشق جي اُساٽِ جون اُوڙاڪون به آهن ته وري جوڀن جي جوت جون بي پناھ روانيون به آهن، هن جي تخليقن ۾ نيڪيءَ،سچَ ۽ حُسن سان سقراط جي فلسفي جھڙو زميني حقيقتن سان عشق ڪرڻ جهڙو خوبصورت ورتاءُ نظر اچي ٿو، اُنهيءَ کانسواءِ بشير سيتائي وٽ غزل ۾ خوبصورت رديف جو رچاءُ مسحورڪن ۽ حيرت انگيز هوندو آهي، جئينءَ هِن غزل کي هُن ”ڪٿان آڻيان‘‘ جي رديف جي حُسناڪيءَ سان پڌرايو آهي:
    هـت ته مرڪون مهانـگيون آهن،
    ٽهـڪڙا دمبدم ڪـٿان آڻـيـان.
    جو بدل بڻجي تنهنجي چپڙن جو،
    ها! اُهو جامِ ــ جم ڪٿان آڻـيـان. (بشير سيتائي)
    بشير سيتائيءَ جو هيءُ غزل به نه صرف رديف جي زبردست رچاءَ ۾ اوتيل آهي، پر اُنهيءَ خوبصورت رديف ’’آهي ڪٿي‘‘ معنائن جا اڻ_ڏٺل جهان به دريافت ڪيا آهن، هن غزل ۾ مرڪب لفظ ’’اوندھ ــــ پچر‘‘ کان وٺي ’سرمد‘ واري محاڪات/تلميح تائين ڪيتريون ئي تخليقي ڪاميابون ڏسڻ وٽان آهن، سُرور، مزو ۽ درد تي هير گھلڻ جھڙو احساس تخليق ڪندڙ بشير سيتائيءَ جو هيءُ غزل فونٽيڪ ردم سان به سرشار آهي ۽ غزل جي مقطع ۾ موضوعي سطح تي اهل_نظر کان ڪيل شڪايت به نهايت دلِ آويزان ۽ پُرڪشش آهي:
    سُون ورني هو سحر،آهي ڪٿي،
    ڏس! ڇڏي اوندھ پچر،آهي ڪٿي.
    روز سرمد جي سري لهندي اچي،
    ختم ٿيو پاپي مگر،آهي ڪٿي.
    گهاءُ گهرو جيترو آهي ’’بشير‘‘،

    ايتري ڪنهن وٽ نظر،آهي ڪٿي. ( بشير سيتائي)
    بشير سيتائيءَ وٽ ’’سرمدي سوچ‘‘ ۽ ’’هوڏ منصوري‘‘ جهڙيون خوبصورت ٻوليءَ جون ترڪيبون آهن، جيڪي محاڪاتي ۽ تلميحاتي طور نه صرف تواريخ جي مادي شعور کي حال جي جدلياتي شعورَ سان واڳين ٿيون، پر اِهي ٻوليءَ جون خوبصورت ترڪيبون خود خوبصورت استعارا پڻ بڻجي ويا آهن، اِئينءَ هڪ تخليقڪار جي حيثيت ۾ هن وٽ جيڪو به وحدت الوجود Monoism وارو فلسفو آهي، تنهن فلسفي جي ادراڪي جوهر ۾ سرمدي سوچ ۽ هوڏ منصوري پنهان آهي، سرمدي سوچ Unity of existence کي صرف نفيNegation ۾ ورتو ۽ يونٽي آف اگزسٽينس جي اثبات ’’هوڏ منصوري“ ۾ ٿي. بشير سيتائيءَ اُنهيءَ سموري فڪري وشالتا کي مختصر غزلن جي ڏانءَ سان نهايت خوبصورتيءَ سان اُڻي ٿو. سندس هي غزل نه صرف حياتيءَ جي بي معينه_مدت وارين ڪهاڻين نما احساسن کي پَلٽي ٿو، پر ازل کان ابد جي اُساٽ کي به ساڃاهي ٿو، توڙي جو غزل فڪر عظمتن جي آئيني ۾ Over confident آهي، پر عشق تي ايمان رکڻ جو داعي ضرور آهي:
    سرمدي سوچ، هوڏ منصوري،
    ان ڪري ئي لَهو لَهو آهيون.
    جڳ ته بدنام خوار ٿو سمجهي،
    عشق چئي ٿو ته آبرو آهيون.
    پنهنجي عظمت جي آئيني ۾ ’بشير‘،
    ڪامياب آهيون،سرخرو آهيون. (بشير سيتائي)
    بشير سيتائي وٽ غزل جي فني ۽ فڪري کيتيءَ ۾ تشبيهن ۽ استعارن جون ڪيتريون ئي سرسبزيون آهن، جيڪي هڪ طرف ذهني راحت جا سامان ميسر ڪن ٿيون، ٻي طرف سندس ٻوليءَ تي نِدرت توڙي قدرتن جون گواههَ آهن، جئينءَ هي ٻه خوبصورت استعارا آهن. دل جو ٿر ۽ درد جو درهم، اهي ٻئي استعارا دلفريب به آهن ته وري حياتيءَ جي اُلجهيل سُٽَ جا به آئينه دار آهن:
    نه دل جي ٿر جي جنهن مان اُڃ اُجهامي،
    اکين کي اهڙو ڇو آگم ڏنو ٿئه.
    ’بشير‘ آيو جڏهن به تنهنجي در تي،

    ته هُــن کي درد جــو درهـــم ڏنـو ٿـئه. ( بشير سيتائي)
    بشير سيتائيءَ وٽ جتي مختصر سِٽن واري غزل ۾ اٿاھ فڪر سمائڻ وارو خوبصورت ڏانءُ آهي، اُتي سندس ٻوليءَ جي استعمال واري سادگيءَ جو حسن به پنهنجي ڪماليت جو مظهر آهي، ٻوليءَ جي اهڙي سادگي واري سندس حسناڪي آرٽ جي دقيق تصورن جي آجيان نه ٿي ڪري، پر اُها عام سماجي واهپي ۾ آساني سان ڪميونيڪيٽ ٿيڻ جهڙي فني خاصيت رکي ٿي. بشير سيتائيءَ جا غزل روايت ۽ جدت جو سنگم آهن، کيس پنهنجي غزل جي ٻُوليءَ توڙي فڪر کي باقائدي مڪمل جَدت ۽ جديديت ڏانهن آڻڻ جي ضرورت آهي ۽ اها اميد به بشير سيتائيءَ جهڙن علمي فضيلت ماڻيندڙ شخصيت مان ڪريون ٿا ته هُن جي آئيندي واري شاعريءَ ۾ اڃا به وڌيڪ جديديت توڙي بعد جديديت وارين فلاسافين جي اُپٽار هجي، جئينءَ هُن پنهنجي نظم_نثري نظمن ۾ جديد عهد جي انٽليڪچوئل صدا کي ورنايو آهي، تهڙيءَ طرح سندس غزلَ به انهيءَ عصري تقاضائن جا گهُرجائو آهن، بشير سيتائيءَ جو نثري نظم ’’نام نهاد دانشور‘‘ انٽليڪچوئل سطحن تي ٿيندڙ حرامپائين جي مُنهن تي زبردست لپاٽ آهي، ائينءَ سندس هڪ ٻيو نثري نظم ’’ڊپلوميسي‘‘ به ايڪهين صدِي جي جدت جو پوراءُ ڪندڙ نظم آهي، هِن نظم ۾ جديد عهدَ جي ’’لفظياتي منافقين‘‘ جي کُوکلي پَــڻَ کي رُومانوي عمل جي اڳيان وقت جو خوبصورت زيان ثابت ڪري جديد حِسي ادراڪ کي ڇُهاءُ بخشيو ويو آهي. ’’ڇنال‘‘ سندس اهڙو نظم آهي جنهن ۾ ڪمال جي لفظي آهنگ آهي ۽ سماجي ڪربن ۽ ناڪارين خلاف اَڇو چٺو آهي، اِئينءَ بشير سيتائيءَ جو ’’ايوارڊ آف ريڪگنيشن‘‘ جديد عهد ۾ سچ لکڻ واري مينو فسيٽو تي عمل ڪرڻ کان پوءِ سماج پاران مليل ناڪاريت جو عملي مظهر آهي ۽ ”تصوير جو موت‘‘ سندس هڪ اهڙو نظم آهي، جنهن ۾ رشتن توڙي ثقافتي، سماجي اصلوڪي قدرن توڙي آرٽ سان عشق ڪرڻ وارو درس موجود آهي، بشير سيتائي هن گڏيل شاعري جي مجموعي جو سرموڙ شاعر آهي.



    2.پيرل پرديسي سيتائي
    پيرل پرديسي جي شاعري مُوضوعاتي سطح تي گهڻ_رُخي شاعري آهي، هن وٽ به جدت ۽ روايت جو خوبصورت امتزاج آهي، هن وٽ مختصر سٽن وارن مختصر غزلن ۾ نه صرف رڌمڪ سحر آهي، پر فڪري سطحن تي به هُن وٽ زمانه گيري جي مشاهداتي قوت به داد ڏيڻ جي لائق رهي آهي، جيتوڻيڪ هاڻي هُو هِن بي بقا دنيا کي الوداع چَئي چڪو آهي، پر سندس شاعريءَ جي آرٽ جي سگھه کيس هميشه زنده جاويد رکندي ايندي، هن جي مختصر پر پُرمقصد غَزلن ۾ حياتي جي ڳوڙهي مشاهدي توڙي محبوب دلربائن سان عشق ڪرڻ واريون روايتون آفاقي قدر آڇين ٿيون، پيرل پرديسي سيتائي هڪ چڱو معروف نانءُ به رهيو ۽ سندس ڪتاب ’’دل آئينو پٿر دنيا‘‘ پنهنجي نالي مان ئي واضح ڪري ٿو ته سندس شاعريءَ جا ٻه فڪري زاويا رهيا، هڪ دل جي ڪائنات ۽ ٻي پٿر جهڙي هيءَ ڪائنات، ائين فڪري سطح تي هُن پنهنجي آرٽ ۾ نه صرف موضوعيت subjectivity ڏني، پر معروضيت bjectivity وارن پاسن کي به خالي نه ڇڏيو، هُن پنهنجي دؤر جا ڪيترا ئي يادگار غزل لکيا، جئينءَ سندس هي غزل آهي، جنهن ۾ انهن سڀني خوبين سان گڏوگڏ رديف جي سرجڻ توڙي کڻت کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي،
    هر ڪو پنهنجي پر ترڪيو آ،
    ڪرڻي ڀرڻي ڀر ترڪيو آ.
    اندر جو آ اندر انڌ ۾،

    ٻـاهر سـو ٻاهـــر تـرڪيـو آ. ( پيرل پرديسي سيتائي )
    پيرل پرديسي سيتائي نه صرف ننڍي وزن تي غزل لکيا، پر هُن وڏي وزن تي پڻ ڪمال سان لکيو، پر وڏي يا ڊگهي وزن توڙي سٽن ۾ هُن جو رڌم ڪٿي متاثر نه ٿيو، هُن جي ڊگهن غزلن ۾ عشق ڄڻ ته خصوصي سبجيڪٽ بڻيل آهي، جڏهن ته اهڙن غزلن ۾ هن نه صرف زمانه_سازيءَ جي قدرن جي حسين عڪس بندي ڪئي آهي، پر روايتي سماج ۾ اخلاقي ۽ ناصحانه قدرن جو پڻ فڪري ابلاغ ڪيو آهي:
    هـر حال جو شامل حـال اٿم، سو عشـق به آ، اسـتاد به آ،
    جنهن خوب ۾ خوب خيال ڏنم، سو عشق به آ، استاد به آ. (پيرل پرديسي سيتائي)
    پيرل پرديسي جي ڊگهن غزلن ۾ ڪٿي ڪٿي سُگهڙائپ جو فن به آهي ته ٻوليءَ تي حاصل ڪيل قدرتي سگهه به آهي، هُــو ڪڙين حقيقتن کي مانائتي ۽ مٺن پيارن لفظن ۾ اظهارڻ جو فن ڄاڻيندڙ تخليقڪار هو، جئينءَ سندس هيءُ غزل آهي جنهن ۾ زمانه گيريءَ کان زمانه سازيءَ جي عهدَ تائين ڪَــڙين حقيقتن جي نفيس انداز ۾ عڪس بندي ڪئي وئي آهي، ساڳي وقت سماجي قدرن جي رونمائي کان وٺي سُگهڙائپ جي فن جون نِدرتائون به هِن غزلَ جي سُونهن بڻجي اُڀري پون ٿيون:
    مٺي ۾ آهي مٺاڻ جيڏو، ڪڙي ۾ تيڏي ڪڙاڻ آهي،
    مٺو برابر مٺا ڪري ٿو، ڪڙو ته ماڻهو ڪڙا ڪري ٿو. (پيرل پرديسي سيتائي)
    پيرل پرديسي جا غزل ڄڻ ته پنهنجي عهد جي محبت جا دستور ناما ڀاسجن ٿا. پيرل پرديسيءَ پنهنجي سماج جي زميني حقيقتن کي نه صرف پنهنجي آرٽ ۾ اوتيو، پر تجنيس حرفيءَ کي به خوبصورتي سان پنهنجي آرٽ جو مَحورُ بڻايو، جنهن ڪري هن فونٽيڪ رڌم ۾ ڪسر نه ڇڏڻ جا سعايا ڪيا ۽ وڏن رديفن سان خوب نڀايو:
    ٿيـڻا ڪـٿي ته ٿـي به ويا، ڪـي ڪم نه ٿـي نه ٿـيا،
    خوشيون به ٿي نه ٿيون، ڪٿي ڪي غم نه ٿي نه ٿيا. (پيرل پرديسي سيتائي)
    پيرل پرديسيءَ جي شاعريءَ ۾ تصوف جو رنگ پڻ شامل رهيو، هُن موضوعاتي حدبندين تصوف توڙي ويدانت وسيلي عرفانيت تائين پهچڻ وارا سعيا پئي ڪيا.
    باطن باطن ۾ آ بتيلو،
    ظاهر سو ظاهر ترڪيو آ.
    مسجد، مندر دل جي اندر،
    مسجد ۽ مندر ترڪيو آ.
    (پيرل پرديسي سيتائي)
    پيرل پرديسي پنهنجي عهد جي روايتي اسلوب سان نڀاءُ ڪيو ۽ پنهنجن غزلن ۾ تصوف کان سواءِ لوڪ ادب جي ڏاهپ folk wisdom کي به فڪر جو بنيادي مرڪز سمجهيو، پيرل پرديسي سيتائي نه صرف غزلن ۾ به زماني جي ڪڙين حقيقتن کي پڌرو ڪيو پر نظم جي شاعري ۾ به هو ’’ڀــيرَ تي ڏونڪو‘‘ هڻي پنهنجي ڳالهه بردباريءَ سان اظهاري ويو، اُها بيباڪي ڄڻ ته سندس دين هئي، جئينءَ سندس نظم جو بند آهي ته:
    اسان جي سُکن کي ڏنل ليڪ آهي،
    دماغي توازن تڏهن ٺيڪ ناهي،
    جي ڇيڙيو ته ڇيڙيو اسان کي به ڇاهي،
    چريا آهيون پنهنجي چرين سان پئي آ. (پيرل پرديسي سيتائي)
    پيرل پرديسي سيتائي جي وائين ۾ روايت ۽ جدت جو سنگم ڏسڻ وٽان آهي، جدت جي باوجود هن وائين کي اصلوڪي صورت ۾ بحال رکڻ جي ڪوشش ڪئي، هِن وائي ۾ درد دانهن، پڪار به آهي ته وري جدت جي حوالي سان جاڳرتا جو سَڏ به آهي:
    جاڳو ڙي جاڳو،
    ننڊ نه واجب نينهن ۾.
    پرديسي اُٿ پيار جو،
    ســور اُٿـي ڌاڳـو،
    ننڊ نه واجب نينهن ۾.
    (پيرل پرديسي سيتائي)



    3. قادر بخش قلندر

    استاد قادر بخش قلندر جي شاعري صوفيانه به آهي ته سگهڙانه پڻ آهي، هن جو اسلوب نهايت ئي خوبصورت آهي، هڪ سگهڙ شاعر جي حيثيت ۾ هُن وٽ تُز قافين جي خوبصورتي دلفريب آهي، هُن مختلف شخصيتن کي پنهنجي شاعراڻي مهارت سان ڪي نه وسرندڙ ٽربيوٽس ڏنا آهن، هن جي متصوفانه ڪلام ۾ ڪي رندي رمزون به ڏسڻ وٽان آهن، هن پنهنجي تصوف واري شاعريِءَ ۾ وَلين، بزرگن ۽ درويشن جي خدمت ۾ پنهنجا عقيدت جا گُل نذراني طور پيش ڪيا آهن، جيڪي گل روحاني سطحن تي وجداني ڪيفيتون بخشين ٿا:
    رحماني تي رنگ رتو آ،
    محبت جو ڪو ميل متو آ.
    پيار وارن کي پيو پتو آ،
    پهتو هرڪو جتو ستو آ.
    سڄڻ ساٿين ڏنو وتو آ،
    رحماني تي رنگ رتو آ.

    استاد قادر بخش قلندر حضرت قلندر شهبازرح جن کي جيڪي عقيدت جا گل پيش ڪيا آهن، تن ۾ تصوف جي اعتبار کان فنا ۽ بقا جي فلسفي جي سگهاري تشريح موجود آهي،
    عشق اُتم عرفان قلندر، عشق سندو عنوان قلندر،
    ظاهر ۾ ذيشان قلندر، باطن ۾ برهان قلندر،
    گرو نانڪ گيان قلندر، ابراهيمي ايمان قلندر،

    ظاهر حق زبان قلندر، قاري صاف قرآن قلندر، (قادر بخش قلندر)
    قادر بخش قلندر جو ڪلام نه صرف تشبيهن ۽ استعارن جي رنگا رنگي رکي ٿو، پر فصاحت کانسواءِ سندس ڪلام ۾ ٻوليءَ جي هڪ جهڙن _هم معنيٰ ۽ هم آواز لفظن جي ترتيب به ڪمال جي آهي،جنهن مان ٻيا صوفي شاعر ۽ سگهڙ شاعر رهنمائي وٺي سگهن ٿا، فڪري سطح تي هُن صوفي شاعرن کانسواءِ سنڌ جي ڪيترن ئي علمي ادبي شخصيتن کي خوبصورت ٽربيوٽس پيش ڪيا آهن، جئينءَ هن ڪلام ۾ هو تجنيس حرفيءَ جي استعمال سان گڏوگڏ هڪ رڌمڪ سحر ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي نهايت قابلِ داد ٽربيوٽ پيش ڪري سندس ادبي خدمتن جو اعتراف ڪري ٿو:
    سڄي صديءَ جو ڏاهو ماڻهو،
    سڄي صديءَ جو سياڻو ماڻهو،
    ساھ سُرت سيباڻو ماڻهو،
    جنهن جو جوڙ ۽ جي نه جڳ ۾،

    ڄاڻ ۾ وڏو ڄاڻون ماڻهو. (قادر بخش قلندر)
    قادر بخش قلندر سُگهڙ فن، سُگهڙ تاريخ ۽ سُگهڙن جي ڪردار تي پڻ ڪلام چيو آهي، جنهن ڪلام ۾ ’’سُگهڙ ـــ فڪر‘‘ جي آشنائي حاصل ٿئي ٿي ته سنڌ جي سگهڙن ڪئينءَ نه ماضي ۾ لوڪ ادب کي پئي جنميو آهي:
    سنڌ سگهڙ ساٿ جي سرواڻي سلامت،
    راز ربي رحم، اُها اڳواڻي عنايت،
    الفاظن ۾ آڻن اهڙي فڪري وضاحت،

    ڏٺ ڳجهارت ڏور ۾ بهترين بلاغت. (قادر بخش قلندر)
    مجموعي طرح قادر بخش قلندر جو ڪلام لفظياتي هنر منديءَ جو عمدو مثال آهي، هن وٽ لفظن/آهنگ توڙي معنائن جو بي بها خزانو آهي، ڪا به سگهڙانه شاعري وزن بحر جي ڪسوٽي تي پرکڻ جي بجاءِ صوتياتي آهنگ ۾ ڪمال گيري ڏيکاريندي آهي، هن جي لفظن،جملن ۽ سٽن جو ميلاپ وارو فن توڙي آهنگ انتهائي خوبصورت آهي، جنهن مان وجد، مستي ۽ سرمستي پيدا ٿئي ٿي، هُــو هڪ صوفي شاعر جي حيثيت ۾ پنهنجي فني ۽ فڪري ڪارج ۾ پنهنجو رُوحاني پيغام ڪنورٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
    سُگهڙ سڏائي ڪوڙ ڪمائي ڪُڌي ڪراهت،
    ڪِرڀ ڀريو ڪرتُوتُ نه ڪن، نه ڪي ڦِڪي ڦڪاوت.
    (قادر بخش قلندر)

    4. مجبور ميمڻ سيتائي
    مجبور ميمڻ سيتائي پيرل پرديسي سيتائيءَ ۽ بشير سيتائيءَ جن جو ادبي شاگرد آهي، مجبور ميمڻ سيتائيءَ جي شاعريءَ جا ڪيترا ئي فڪري، سماجي، تاريخي، ثقافتي ۽ ادبي زاويا آهن، پر سندس شاعريءَ ۾ موجود قومي رنگ وارو اُتساھ هر جاءِ تي پڌري_پٽ آهي. سندس شاعري هڪ طرف جديد عهد جي منفي ۽ مصنوعي قدرن تي تنقيد جو روپ ڌاري ٿي ته ٻئي طرف اصلوڪي سماجي قدرن جي ڦهلاءُ ۽ بحاليءَ ڏانهن تاڪيد ڪري ٿي، هُو هِن دؤر جي سرمايادارانه فلاسافيءَ جي ڪُک مان ڦُٽندڙ حَوس، حَرص ۽ اخلاقي پَستين تي نهايت ئي خوبصورت پيرائي ۾ تنقيدي ٽيڪا ٽپڻي ڪري ٿو:
    هر ڪو امير ٿيڻ جي آهي هتي چڪر ۾،
    ڪوئي نه ٿو گهٽائي انسان پنهنجي پر ۾،
    ماڻهو سدائين آهي ماڻهو جي هت نظر ۾،
    نڪري وڃي نه ڪوئي مون کان هتي سفر ۾،
    هي دؤر آهي سمجهو دوکي رڳي دغا جو،

    هي شهر ٿو لڳي ڄڻ منظر آ ڪربلا جو. (مجبور ميمڻ سيتائي)
    مجبور ميمڻ سيتائيءَ جي شاعريءَ جا سمورا روحَ سنڌي سماج جي روح اندر پيوست آهن، تخليقڪارانه سطح تي هوُ اندران ئي اندران نهايت ئي حساسيت رکي ٿو، هُــو غزل ۾ سماجي توڙي عمرانياتي سطحن تي پيار محبت سڪ وفا دوستي خلوص ۽ اخلاص جي خالص پڻي تي زور ڏئي ٿو، ثقافتي قدرن جي نئين سر واپسيءَ جو تمنائي آهي، هُن جي تخليق جا پئمانا اڪثر ترقي پسند قدرن کي جلا بخشڻ جا داعي آهن، هُـو اصلوڪي قدرن جي واپسي واري خواب جي ساڀيا جو آرزو مند آهي، اچو ته ان ڏس ۾ سندس هڪ غزل پڙهون:
    عقل ڪر ائين چئبو ناهي دوستيءَ کي ڇا ڪبو،
    ڪهڙي ڪم جي آهي آخر،دشمنيءَ کي ڇا ڪبو.
    دل آزاريءَ ساڻ ڪنهنجي، جا خوشي حاصل ٿئي،
    درد بهتر آ اُن کان،تنهن خوشيءَ کي ڇا ڪبو.
    انس جنهن ۾ ناهي سو انسان ڪو چئبو به ڇا،

    انس ڌر انسان ٿي ۽ چئه بنديءَ کي ڇا ڪبو. (مجبور ميمڻ سيتائي)
    مجبور ميمڻ سيتائي روايتي تسلسل ۾ مختصر غزلن کي پُـر مقصد بنائڻ جو فن ڄاڻي ٿو، سندس ڪِن غزلن ۾ تـُـز قافيه جو استعمال نهايت متاثر ڪندڙ آهي، هُن وٽ ٻوليءَ جي نوعيت عام واهپي واري آهي، هن جو انداز بيان پنهنجي سادگيءَ جي حسناڪيءَ سان پڙهندڙن تائين جلد ڪميونيڪيٽ ٿيڻ جهڙي فني صلاحيت رکي ٿو، مجبور ميمڻ سيتائي جي غزلن جا ڪي رديف نوان،اوپرا ۽ نرالا آهن:
    منهنجي محبت جو رکيو تـو نه ڀـرم، سمجهان ٿو،
    مون تي ڇو ٿو تون ڪرين ايڏو ستم، سمجهان ٿو. (مجبور ميمڻ سيتائي)
    توڙي جو مجبور ميمڻ سيتائيءَ جا غزل روايتي تاڃي پيٽي کان ٻاهر ڪمال نه ڏيکاري سگهيا آهن، پر روايت به اسان جو ثقافتي ۽ ادبي ورثو آهي، جنهن کي سنڀالڻ جي گهرج آهي، پر مڪمل طرح روايت تي ڀاڙي نه ٿو سگهجي، مجبور ميمڻ سيتائي خيالن جو ڪئنواس جديد عهد مان اخذ ڪيو آهي، پر کيس پيش ڪرڻ واري ٻولياتي توڙي اسلوبي انداز ۾ اڃا وڌيڪ جدت پيدا ڪرڻي پوندي، اُن باوجود به سندس روايتي غزل ۾ خيال کي مختصر طرح ئي سمائڻ وارو فن نهايت خوبصورت آهي، جئينءَ هن غزل ۾ سندس اهڙي هنر مندي لاجواب آهي:
    مون کان منهنجو حال نه پُڇ،
    ساڳيو هر هر سوال نه پُڇ.
    اڄ به اڳي کان اڳرو آ،

    هـن جي جوت جمال نه پُــڇ. ( مجبور ميمڻ سيتائي)
    مجبور ميمڻ جي اها فني ۽ فڪري خاصيت آهي ته هُو وڏن رديفن ۾ به ٿاٽ کي مُڪملتا ڏيڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ٿو:
    مون ڳالھه ڪئي تنهنجي، طوفان کـڙو ٿي پــيو،
    ڪنهن هڪ نه ٻُڌي منهنجي، طوفان کڙو ٿي پيو. ( مجبور ميمڻ)
    مجبور ميمڻ وٽ روايتي فڪر ۾ چوڻين Proverbsکي سَميٽڻ وارو ڏانءُ به پنهنجي خوبصورتيءَ جي علامت آهي:
    ڪاٺي سڌي تي بيشڪ هوندو آ بار يارو،
    آهيان سڌو،تڏهن ٿو هيڏو وزن کڻان مان. (مجبور ميمڻ)
    مجبور ميمڻ سيتائي پيرل پرديسي کي خوبصورت ٽربيوٽ پيش ڪيو آهي، پر ادبي سطح تي هُو استاد بخاريءَ کان به گهٽ متاثر نه ٿو لڳي:
    ڪري ياد اُستاد يارن رُنو،
    رڳو مان نه هڪ پر هزارن رُنو،
    ٻُڍا جهور ڇا، طُفل ٻارن رُنو،
    ڀريا سُڏڪا سنڌوءَ ڪنارن رُنو،
    پنهنجو يار وارو وڄائي ويو آ،
    ڏکوين کي ويتر ڏکائي ويو آ..
    (مجبور ميمڻ سيتائي)



    5. محمد بچل بيوس
    محمد بچل بيوس جي شاعري پنهنجي فطري جوهر ۾ روايتي نڀاءَ واري شاعري آهي، سندس شاعري فڪري سطحن تي حسن و جمال جي رنگينين جي مؤجد آهي، هوُ ٻِـــن ٻِـــن، ٽِـــن ٽِــن لفظن جا خوبصورت رديف تخليق ڪري پڙهندڙن تائين نئون رَسُ چَسُ پهچائڻ واري فني قابليت ڄاڻي ٿو:
    حُسن يوسف کي ڏسي ويٺيون سڀئي هٿڙا ڪٽي،
    هــي به هڪ حُسن جو آ لـُطف بحـر ڪو ته ڏسي. (بچل بيوس)
    محمد بچل بيوس جي ٿاٽ ۾ دُعائن جون پناهون آهن، مثبت سوچPositvism جون لهرون آهن ۽ حياتيءَ جي روشن پهلوءَ Optmisticسوچ وارن روين جي پڌرائي آهي:
    دُکي دُکي نه ٻري باھ ڪا پوي همدم،
    سڙي ٻري نه وڃن گهر به پاڙي وارن جا. (محمد بچل بيوس)
    محمد بيوس بچل جي غزلن ۾ وحدت الوجود unity of existence نظر اچي ٿو:
    ڳائي جنهن کي هي زمانو ۽ پڙهن صديون اُهو،
    قصئه مـنصـور ٿي يا طُــور جو افـسانـو ٿــي. (بيوس بچل)
    هڪ قابل شاعر جي حيثيت ۾ محمد بچل بيوس پنهنجي شاعري ۾ حياتيءَ جي گوناگون ۽ پيچيده حالتن کي تواريخي تناظر ۾ آڻي ٿو، اُنهيءَ تواريخي تناظر ۾ هوُ نه صرف خوبصورت محاڪات ۽ تلميحات کي پڻ سرجڻهاري هيٺ آڻي ٿو، پر پنهنجي مشاهداتي توڙي تجرباتي سطح تي حياتيءَ جي منجهيل سُٽ کي پڻ سُلجهائيندو نظر اچي ٿو، جئينءَ هِن ساڳي ئي غزل ۾ هُن جتي منصور جهڙي صوفي ۽ طُــور سينا واري يادگار تاريخيت کي محاڪات ۽ تلميحات جي خوبصورت روپ ۾ تحليل ڪيو آهي. تهڙيءَ طرح پنهنجي عهد جي زماني جي فرعون خلاف پڻ للڪار جو سڏ ڏنو آهي:
    وقت جو ٿيءُ موسيٰ وقت جو فــرعون ڏس،
    وقت جي فرعون لاءِ ڪو موت جو پروانو ٿي. (بچل بيوس)
    هوُ محاڪات جي زاويي هيٺ پنهنجي عهد جي باريڪ بينين تي عقاب جهڙي نگاھ رکندڙ تخليقڪار آهي، حضرت يوسفعه ۽ زليخا جي تواريخي ڪئنواس کي ڏسو ڪيتري نه خوبصورتيءَ سان محاڪاتي ۽ تلميحاتي فن ۾ اُڻي ٿو:
    يوسف ۽ زليخا جيئن ڪي ٻيا به سوين جڳ ۾،
    صـورت جا ۽ سيـرت جا سلطان نظر آيا. (محمد بچل بيوس)
    محمد بچل بيوس جو شاعراڻو انداز سڌو سنئون ۽ چِــٽو آهي، هُن وٽ تجريدت ڪانهي، پر پيغام ۾ سندس شاعري جو Transparent شفاف هئڻ به هڪ خوبي ئي آهي:
    خبر نه ٿي ڪا پوي دلربا اڃا تائين،
    اٿئي ڪا دل ۾ الائي ته ڇا اڃا تائين. (محمد بچل بيوس)
    محمد بچل بيوس جي شاعري پنهنجن ئي اصولن جي فڪر پاسداري آهي:
    زنـــدگي جيئن به هيءَ گذري سا گذاري ويندس،
    ڪنهن جي اڳيان نه ڪا ڪمزوري ڏيکاري ويندس. (بچل بيوس)
    محمد بچل بيوس جي گهڻي تڻي شاعري مجازي پينٽنگ ڪري ٿي:
    تنهنجي هر وقت سڄڻ ياد ته ماري وجهندي،
    هيءَ جُدائي ته جگر جيرا به ڳاري وجهندي. (بچل بيوس)
    محمد بچل بيوس ’’تفسير_وفا‘‘ جهڙا مرڪب لفظ جوڙي پڙهندڙن کي مُــوهي وجهي ٿو:
    راھ الــفـت ۾ ڪا تـفسيـر ـــ وفا ٿي به پئي،
    اهل الفت جي اڳيان منهنجي گلا ٿي پوندي. (بچل بيوس)
    محمد بچل بيوس جي غزلن ۾ جدت ۽ جديديت جي توڙي جو ڪَمي آهي، پر هوُ ٻوليءَ جي سادگيءَ جي حُسن جي سرفرازيءَ سان رومانس وارين ڳالهين کي پيش ڪرڻ وارو ڪرافٽ ڄاڻي ٿو، هُن وٽ خوبصورت رديفن جي رچاءَ سان حياتيءَ جي سماجي قدرن جو سهڻو ابلاغ آهي:
    ڪنهن جي دل کي ڪو متان صدمو رسي،
    ڳــالـهه اهـڙي بـي سُـري ڇـو ٿـا ڪـيـو. (محمد بچل بيوس)
    محمد بچل بيوس جا چؤسٽا سندس غزلن کان وڌيڪ سگهارا ۽ خوبصورت آهن، جن ۾ هُن سماجي سطح تي وڌندڙ بک، بدحالي، بيروزگاري، ناخواندگي ۽ طبقاتي جبر جي خوبصورت عڪس بندي ڪئي آهي، چؤسٽن ۾ هُن سماجي حياتيءَ جي عڪس بنديءَ سان گڏ سماجي ناڪارين خلاف به اجتمائي دردن واري دانهن ڪئي آهي:
    ڪٿي انگ اُگهاڙا بکارا ٿا ڏسجن،
    ڪِٿي ماڻهو ڀي گهر پيارا ٿا ڏسجن،
    وڏو مسئلو آ اٽي ۽ لٽي جو،

    هي بيوس هزارين ويچارا ٿا ڏسجن. ( محمد بچل بيوس)





    6. سقراط سيتائي
    سقراط سيتائي جديد عهد جي عصري تقاضائن جو پورائو ڪندڙ هڪ جديد شاعر آهي، هن جي غزلن ۾ جتي موضوعاتي سطحن جون بي نقابيون آهن، اُتي معروضي سطح جي پرتوئن جون رازداريون به آهن، ائين هُن سبجيڪٽوٽي ۽ آبجيڪٽوٽي جي فني سنگم توڙي فڪري آهنگن جا ڪي خوبصورت امتزاج جوڙي ورتا آهن، هُن جي ڳوڙهي اڀياس مان اخذ ڪيل ڪي فني ۽ فڪري امتزاج جون آئينه داريون ڪجھه هن طرح آهن، جو سندس ڪي بند موضوعي توڙي معروضي ٻنهي سَطحن جي هڪ ئي وقت ڊبل عڪس بندي ڪن ٿا، جئين هي بند آهي:
    در کي محفوظ ڪيئن سمجهان مان،
    جـــي اُڏوهـــي لـڳـل آ ســر در ۾. (سقراط سيتائي)
    سقراط سيتائي جي گهڻي ــ تڻي شاعري پنهنجي ئي حياتي جي موضوعي ۽ معروضي احساسن ۽ عمل جي وارتائن/ڪارگذارين جي ڄڻ ته مشاهداتي آتم ڪٿا آهي ۽ اُنهيءَ آتم ڪٿائي تخليقي ۽ شاعراڻي ڪرت ۾ هوُ سماجي سطحن تي شان ۽ عظمت ڀريا جيــئَــڻَ جا قدر آڇي ٿو:
    تنهن کي گهر جو پتو ٻُڌايان ڪيئن،
    جـنـهـن ٿـي احـوال ورتــا بــازر ۾. (سقراط سيتائي)
    هُو موضوعي رازدارين جون بي نقابيون خوبصورت نفاست سان چِٽڻ جو فن ڄاڻي ٿو:
    پــيـار تـنهنجـو حجاب ۾ ويـڙهيل،
    تنهنجي ’هائو‘ لڪل هئي نهڪر ۾. (سقراط سيتائي)
    سقراط وٽ غزل جي فني زمين نئين نڪور ۽ جدت سان همڪنار نظر اچي ٿي، هن جي اسلوب ۾ پنهنجي ئي الڳ انفراديت آهي، هوُ وسيع گهراين کي مختصر وزن وارين سِٽن ۾ اِئينءَ سميٽي وٺي ٿو ڄڻ ته هُــو ’’درياھ کي ڪوزي ۾ بند‘‘ ڪندو هجي، هُن فني سطح تي ٿيندڙ روزانه تجربن جي به آجيان ڪئي آهي، هُن جا تخيل علامتن ۾ سرجن ٿا، هُن وٽ ادبي مزاجن جي منفرد ٽيسٽ آهي، تجرباتي سطح تي هُــن بنا رديف جي غزل پڻ چيا آهن، هُن جي فن جي اوک _ ڊوک ڪجي ته هن وٽ آرٽسٽڪِ تصورن جي آئيڊيالاجي جوڙڻ جي منفرد هنرمندي آهي، سقراط سيتائي جي شاعريءَ جي لاشعوري اتهاس ۾ رُوسو جي فلسفي جيان فطرت ڏانهن واپسيءَ جا سڏ ۽ پڙاڏا آهن، جن جي گونج ڄڻ ته جذبي جي اُڇل کي جنمي ٿي:
    اسان کان ڳوٺ جون ڳالهيون ٿا شهر وارا پُڇن،
    آهـي ڪـو ڳـوٺ ۾، هيـڏي جواب اُمـاڻي جـو. ( سقراط سيتائي)
    سقراط سيتائيءَ جي شاعريءَ ۾ جتي ڳوٺاڻي تهذيب ۽ ڳوٺاڻي نفسيات سان بي ڪَران ۽ بي پناھ عشق آهي، اُتي جديد شهري تهذيب مان بيزارگيءَ جو عالم پڻ ڪَر کڻي ٿو:
    شهـر جي شـان کي لـيـکيـو ئي نه ٿي مون ليڪن،
    ڳوٺ پنهنجــو نه ڪيو هڪ وار هـڪـالي مون کي. (سقراط )
    سقراط وٽ ڳوٺ لاءِ به ڪي پيار ڀريون دانهون آهن، شڪايتن جا پڌرناما آهن، پر سندس فطرت پسندي وليم ورڊس وٿ جيان روح جي اوسِ رشتن کي ڳنڍي ٿي، هُن جي آرٽ جا فِڪري پاسا ڳوٺ ۽ شهري تهذيب جي تضادن کي ڳوليندي ٻنهي تهذيبن جي نفسياتي رُجحانن کي هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ بيهارين ٿا، هوُ نه صرف فطرت پسنديءَ واري آرٽ کي تسڪين جو باعث سمجهندڙ سرجڻهار لڳي ٿو، پر هوُ ڳوٺن جي دردن مان اُجالا ڳوليندڙ به سهڻو تخليقڪار آهي:
    صبح سان سونهن جڳائي يا وڄي ساز ڪو،
    ائين فطرت جي کڻي هنج ۾ پـالي مون کي. (سقراط سيتائي)
    سقراط تجرباتي سطح تي بنا مطلع جي غزل پڻ لکيا آهن، جن غزلن جي تخيل ۾ خوبصورت فن به آهي ته وري نيون نويليون/ڪنواريون ٻوليءَ جون ترڪيبون به آهن. سڪر جا سپنا به هڪ خوبصورت ترڪيب آهي، جيڪا ڌرتيءَ جي دردن ۽ اميدن جي آئينه دار ترڪيب آهي:
    توهان ته تن کان صليبون کڻائيندا آهيو،
    سُڪر جا سپنا اُڻي جو ۽ ساڀيان آڻي جو.

    سقراط حياتي جي سادگين ۽ سچاين کي بنا رک_رکاءَ جي جئين جو تئين پيش ڪرڻ جي ندرت ۽ قدرت جو ساکي شاعر آهي، هوُ پنهنجي نالي کي به رديف جي رچاءَ سان واڻي ٿو:
    حالـتـن سان نه ٿـو ٺهيـن سُقراط!
    تون به مشڪل هتي رهين سُقراط! (سقراط سيتائي)
    سقراط پنهنجن نظمن ۾ نئين گهاڙيٽي جو مُتلاشي شاعر آهي، هُن وٽ جهڙيءَ طرح ادبي لفظن جي خصوصي چونڊ آهي، تهڙيءَ طرح سندس نظم محبت جي آئين پڌارڻ وارا نظم آهن، جئين هيءَ سندس نظم ’’محبـت ڌوٻڪو ڌنڌو ‘‘ نئين تمثيل، نج ادبي لفظن توڙي جديد پڙهندڙن جي مزاجن ترتيب ڏيڻ وارو نظم آهي، ۽ گهاڙيٽو به منفرد آهي:
    محــبـــت ڌوٻــڪو ڌنـڌو،
    ڪري ٿي نينهن وارن سـان،
    پُـسائي، کُـنـڀ تي چـاڙهي،
    ڏئي ٿي آڳ انــدران کان،
    مٿان کان ميري چادر ڏئي،
    نهائين ــ نينهن جو ناتو، نڀائي ٿي... (سقراط سيتائي)
    سقراط جا ڪي نظم رومانوي ڪهاڻين نما نظم آهن، جن ۾ پنچوئيشن جي مدد سان اشاراتي ۽ علامتي هم ڪلاميءَ جي ڊائيورسٽي موجود آهي:
    ’’ڪيئن آهيو‘‘ ۽ ’’ڪاٿي آهيو؟‘‘
    هيڏو عرصو ڪيئن گذاريوَ ؟
    ڪيڏا سطحي سوال پڇياسين_ (سقراط سيتائي)
    سقراط وٽ جديديت جون اڃا ڪيتريون ئي فلاسافيون ناپيد آهن، هُن کي يورپ جي جديد فلاسافين سان گڏوگڏ تجريدت کي اڻَ لَــکِي سطح تي نه پر وسيع پئمانن تي آڻڻ گهرجي، هُن جي شاعريءَ ۾ تجسيم توڙي پوسٽ ماڊرن خيالن جي اڻهوند نظر اچي ٿي، کيس جديد شاعر جي حيثيت ۾ نين صنفن ڏانهن به اچڻ گهرجي.



    7. مسرور سيتائي
    مسرور سيتائيءَ جي شاعري پڙهندي اُهو احساسُ جاڳي ٿو ته مسرور سيتائي خوبصورت رُومانوي ۽ جمالياتي تصورن جي تعمير وارو شاعر هو. هُن وٽ شاعري ڪرڻ جو منفرد ڏانءُ هو، هُن جي لهجي ۾ صداقت ساھ کڻندي نظر اچي ٿي، ائين چَئجي ته هُــو حياتيءَ جي انفرادي توڙي اجتماعي اضطرابن توڙي ڪربن جي سچائين جي اصلوڪي عڪس بندي ڪرڻ وارو شاعر هو، توڙي جو جِدت ۽ جديديت جي حصار ۾ سندس آرٽ پنهنجي وجود جو مڪمل عڪس پسائي نه سگهي، پر روايت جي خوبصورتين کي يڪجا ڪري هُن ڪي يادگار غزل سرجيا، جن ۾ ڊگهي رديف سان متوازن نڀاءُ کان وٺي هن جي رواني ڏسڻ وٽان هئي،هُن وٽ اظهار توري پيشڪش ۾ ڪا به دقت پسندي ليئو نه ٿي پائي:
    ڀُڳڙن مُٺ هن جذبا منهنجا،
    ڪي ٿا ڀورن، ڪي ٿا هارن. (مسرور سيتائي)
    مسرور سيتائيءَ جي آرٽ مان ڪيترائي رومانوي ’درد جا پکي‘ اُڏامن ٿا ۽ وري لهن ٿا، اظهار ۾ هُن وٽ سادگيءَ جو حسن هو، پر اندازِ بيان ۾ هُــو سَهل پسند به ڪو نه هو:
    منهنجي دل سڙي سانورا سحـر تائيـن،
    نه پـيـڇو ڇـڏيو غـم يـڪو قبـر تائيـن. (مسرور سيتائي)
    تصورن جي تعمير ۾ هُن وٽ گوناگون رنگيني جلوه افروز هئي. مسرور سيتائيءَ وٽ سگهڙائپ توڙي روايتي سڀاءَ جي باوجود پوئٽڪ آئيڊيالاجي حيرت انگيز هئي، هُن وٽ لفظياتي چونڊ جي حُسنڪاريءَ کان وٺي تصوراتي جماليات تائين قابلِ قدر ادبي مزاجن جون رنگينيون پاڻُ پَسائيندڙ رهيون. هُن جي هر غزل ۾ نوان،اوپرا ۽ منفرد رديف پڙهندڙن کي نئون رَس چَسُ پهچائن ٿا، هُن وٽ جماليات جي تجديد مسحور ڪُن هئي، ناسٽلجيا جي عڪس بندين کان وٺي فطرتي هڳائن تائين هُن جي شاعري اڄ به روح ۾ تازگيءَ جي لرزش پيدا ڪندڙ آهي، جئينءَ سندس هيءُ غزل انهن سڀني ڳالهين جو گواھُ آهي:
    ناهين هتڙي ميل به ڪهڙا،
    توبن ساجن کيل به ڪهڙا.
    تارن ۾ ناهي ڪا جهرمر،
    رات اُٻاڻي ويل به ڪهڙا.
    فرحت تنهنجي ڀڳل بدن جي،
    مُـشـڪ عـنبر ۽ تيل به ڪهڙا. (مسرور سيتائي)
    مسرور سيتائيءَ جي غزلن ۾ فني سطح تي تغزل جو مٺاس ۽ سواد سندس غزلن کي معتبري آڇڻ لاءِ ڪافي رهيو، هُن جي غزلن ۾ جيڪا مرڪزي ڪيفيت پَروان چڙهي ٿي، سا ساڳي مجموعي ڪيفيت هر بند کي پنهنجي سحر ۾ وڪوڙي بيهي رهي ٿي، جنهن جي ڪري هُو غزل کي تغزل ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيو، اُنهيءَ کان سواءِ سندس غزلَ ۾ ٻوليءَ جي رنگيني توڙي لهجن جي نفاست پڻ تغزل جي خوبصورتيءَ ۾ واڌارو ڪندڙ خاصيتون رهيون:
    دل جــا خـالـي ايـوان ته ڏس،
    پنهنجن جا هي احسان ته ڏس. (مسرور سيتائي)
    مسرور سيتائيءَ وٽ هر معمولي احساس کي غير معمولي احساس ۾ ڪنورٽ ڪرڻ جو فن هو. هُن وٽ هيءَ آرٽ هيو ته غزل جي صنف کي پنهنجي زمين ڪيئنءَ ڏجي؟ ۽ مسرور پنهنجي خيالن جي تشبيهن ۾ نه رڳو حياتيءَ جي مشاهداتي ڪارگذارين مان ناصحانه قدر کڻي، پوءِ اُنهن جو ابلاغ ڪندو هو، پر هُن وٽ تشبيهن جي چونڊ به پورهيت طبقي جي نمائندگي ڪري ٿي:
    خـيـالن ۾ ٺـاهي ٿو واريءَ جو گهر،
    ڊهي ٿو پوي جئين هـاريءَ جو گهر. (مسرور سيتائي)
    مسرور سيتائي جي چؤسٽن ۾ ماضيءَ جي ناسٽلجا آهي، جيڪا سندس حياتيءَ جي عهد تائين ڦهلاءَ جي صورت ۾ نمايان نظر اچي ٿي.



    8. سليم سيتائي
    سليم سيتائي روايت کان جدت ڏانهن ايندڙُ شاعر آهي، جدت ۾ هُن وٽ خيالن جي تجريديت ضرور جلوه افروز آهي، جئين هن بند ۾ ڳوڙها آٿت ڏين ٿا ۽ ڳوڙها اداس ٿين ٿا:
    هُـن کي ڏيـن ٿا آٿت ڳوڙها ڳـڙي ڳـڙي،
    ڳل کي چُمي ٿو ڳـوڙهو، ڳوڙهو اداس آ. (سليم سيتائي)
    پر سليم سيتائي وٽ ڪي وجداني ڇهاءُ آهن، جنهن کي ماوراءِ حسي ادراڪ extra ordinary perception چئي سگهجي ٿو، جيئنءَ هيءُ بند آهي:
    عشق جي پنهنجي آهي هڪ دنيا،
    حـسـن اُن جو خـدا کڻي سمجهو. (سليم سيتائي)
    سليم سيتائيءَ جي هيءَ شاعري نه صرف حُسن ۽ عشقَ جي شاعري آهي پر ائينءَ به چَئي سگهجي ٿو ته فڪري سطح تي هُن جو آرٽ تصوف ۽ مزاج جي وچ واري پيرائي جو هڪ تخليقي سفر آهي، هُن وٽ اظهار جي صاف گوئي به آهي ته وري رواني ۽ رَڌم جو سُٻنڌ به آهي، هن نيون ۽ غير امڪاني ٻوليءَ جي لهجن واريون ترڪيبون ايجاد ڪيون آهن،جئين هي ترڪيب ’’روح_دل‘‘ آهي:
    ياد ڪنهنجون اُلـفـتون آيون،
    روح، دل کي به راحتون آيون. (سليم سيتائي)
    تجريدي آرٽ ۾ هُن وٽ تصورن جو هڪ اهڙو خوبصورت جَهان براجمان ٿئي ٿو، جيڪو پڙهندڙن تي جمالياتي سحر طاري ڪري وٺي ٿو، هُن وٽ مختصر وزن/سِٽن ۾ مُشاهداتي سطح جي وڏي ڳالهه ڪرڻ واري ٽيڪنڪ ’’ڏات جي ڇانوَ ۾‘‘ پلجي ٿي، هُـو غزل ۾ ٻوليءَ جي نرم لهجن جو داعي شاعر آهي، تخليقي سطح تي هُو هڪ باشعور شاعر جيان مشاهدي جي باريڪ بين تجربن کي جمالياتي ادارڪ ڏانهن وٺي اچڻ جو سعيو ڪندڙ شاعر آهي. هُــو ’’وارن جي ور جي ترڪڻ واري‘‘ باريڪ لهجن کان وٺي ’’منظرن جي ترڪڻ‘‘ تائين خوبصورت جمالياتي حس بخشيندڙ شاعر آهي، اُها سندس تجريدي وٿ آهي:
    وارن جـو، جو ور ترڪيو آ،
    سـو سو ڪاريهر ترڪيو آ.
    تــر آ ڳـل تي پاڳل تـر تي،
    نظـرن ۾ مـنظـر ترڪيو آ. (سليم سيتائي)
    ٻوليءَ جي ترڪيبن کانسواءِ هن وٽ لفظي جوڙا ٺاهڻ واري قدرت اضافي ندرت آهي، ’’پل پل ۽ پهر پهر ۾‘‘ ۽ ’’ڳوٺ ڳوٺ“ ’’شهر شهر“ جھڙا لفظي جوڙا به خوبصورتي خلقڻ جا محرڪ آهن. هن جو آرٽ فڪر جي ڳوڙهي رازداري آهي جيڪا پڙهندڙن کي سُوچرائي ٿي.
    سليم سيتائي پنهنجي آرٽ ۾ ڦرلٽ ڪندڙ استحصالي قوت نه پر پورهيت طبقي جي پاسي بيهندڙ شاعر آهي، مارڪسٽ ادبي نظريي موجب پورهيت جي پگهر ۾ به جماليات آهي، سليم سيتائي اهڙيون تشبيهون چُونڊي ٿو، جنهن ۾ پورهيت جي پَگهر جي عظمت نمايان ٿئي ٿي:
    پاڪ تنهنجي پگهر منجهان پيارا،
    پـاڪ ڪـوثر جو آب سمجهان ٿـو. (سليم سيتائي)
    هُن وٽ محاڪات،تلميحن،استعارن ۽ تشبيهن جي کوٽ ڪانهي، هن بک، بدحالي، زمانه گيريءَ جي بابت به سُهڻيون تخليقون سرجيون آهن، هُن جي گيتن ۾ گيت واري ٻُولي، گيت جو مزاج ۽ گيت جو سواد ڪَــرُ کڻي بيهي ٿو، پر روايت جي ڪيترن ئي پاسن کان هاڻي هن کي الوداع چئي باقائدي ۽ مڪمل طرح جديديت ڏانهن اچڻ کپي.



    9. دلشاد بلوچ
    دلشاد بلوچ هڪ ئي وقت مجازي،صُوفي ۽ سماجي حقيت نگاريءَ جو شاعر آهي، هوُ پنهنجن غزل ۾ ڪي محبت ناما آڇي ٿو، قربتن ۽ چاهتن جو فڪري ابلاغ جو هي داعي شاعر آهي، هو تجرباتي ڪئنواس مان حياتي جا سهڻا قدر هن طرح سيکاري ٿو:
    نينهن لايو ٿا نڀايو ڇو نه ٿا،
    ڪي قدم قربئون وڌايو ڇو نه ٿا.
    ٿا محبت جي ڪيو دعويٰ ته پو،
    دم محبت جو پُڇايو ڇو نه ٿا.

    دلشاد بلوچ هڪ سينيئر شاعر آهي، هو پنهنجي عهد جي ادبي ۽ فني روايتن جو امين ۽ پاسداري ڪندڙ شاعر آهي، هُن روايت سان سهڻو نڀاءُ ڪيو آهي:
    الائـي دلـربا کــي ته ڇـا ٿـي ويـو آ،
    خبر ناهي ته ڇا کنئون خفا ٿي ويو آ. (دلشاد بلوچ)
    هن وٽ حياتيءَ جو تجربو آهي، اُنهيءَ تجربي کي هن شاعري جي روايتي ڪئنواس تي استعاراتي، تمثيلي ۽ ناصحانه انداز ۾ نهايت خوبصورتيءَ سان اُوتي نئين نسل کي اصلوڪن سنڌي سماج جي ثقافتي ۽ اخلاقي قدرن جو درس ڏنو آهي، سماجي ڪرب ۽ اضطرابي جو پرتووُ ماڻهوءَ جي اندر جي ڪائنات تي پوي ٿو، دلشاد بلوچ وٽ به درد جون پَٽيون آهن، يادِ ماضيءَ جا عذاب آهن ۽ زماني جون ستم گيريون آهن، جيڪي سندس غزلن جي ڪائنات ۾ ساھ پساھ جيان آهن، دلشاد بلوچ وٽ زماني جي ڪٿَ آهي، جنهن ۾ بي انصافي ۽ حق تلفيءَ خلاف زبردست دانهن آهي ۽ وک وک تي رکيل غدارين خلاف اڇا چٽا آهن:
    وک وک تــي رڪـاوٽــون آهن،
    گهٽ گهٽ پيو غدار ٿو ڏسجي. (دلشاد بلوچ)
    دلشاد بلوچ جي واين ۾ زبردست رواني آهي، هر بند هڪ نئون تصور ۽ هر وراڻي بند سان ٺهڪندڙ آهي:
    جهوريو جهوليءَ واءُ
    سوچو مـنـهنجا ڀـاءُ
    تـتي ويتر تاءُ... (دلشاد بلوچ)
    هُن جو ڪلام غنايت ۾ سُرتال_لئه جي سنگت سان وڌيڪ اثر پذيري ڏيکاري سگهي ٿو، هن جي واين ۾ صوفي ازم جون خوبصورت جهلڪيون معنيٰ خيـــز وَجـدُ ونڊين ٿيون:
    عشق پڙهائي نماز،
    سڄڻ ڏٺوسين، سجدو ڪيوسين (دلشاد بلوچ)



    10. وسيم آڪاش سيتائي
    وسيم آڪاش سيتائي هِن ڪتابَ جو مُرتب ڪندڙ سَرواڻ شاعرُ آهي، هُن سان جڏهن به ملندو آهيان ته هُن جي ڳالهه ڳالهه مُـرڪن جي برسات پاڻ سان گڏ کڻي ايندي آهي، ۽ هُن جو نرم نفيس لهجو ۽ مسڪراهٽون وقت جي آلودگين کي ڄڻ ته مِٽائي ڇڏينديون آهن، سندس خوش مزاجي ۽ خوش طبيعت ويراڳي ماڻهو کي به روح جي نئين تازگيءَ ڏانهن وٺي ايندي آهي:
    نفاست ۽ نزاڪت کي، نه تو سمجهـو نه مون سمجهو،
    خدا جي ان عنايت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو.
    (وسيم آڪاش سيتائي)
    وسيم آڪاش سيتائي منهنجي همعصر عهد جو همعصر شاعر آهي، هُن وٽ روايت نه آهي، پر جديد دؤر جي عصري تقاضائن جي سڀاويڪ ۽ سوادي اُڻاوت آهي، هوُ هن دؤر جي جديد شاعرن جي فهرست ۾ تيزيءَ سان اچي شامل ٿيو آهي ۽ جلد ئي ادبي حلقن ۾ پنهنجي منفرد سڃاڻپ پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، فيس بوڪ جي گليمر واري غير ادبي سَوشل محاذ کان وٺي هُن پنهنجي عملي زندگيءَ جي مشاهداتي بي چينين تائين اڻ_ميا رَنڊا رُوڙيا آهن، بي رُونقين ۽ تلخين کي پاڻي جيان پيتو آهي ۽ وري هر ڀيري نئين روشن خياليءَ ۽ اُميد پرستيءَ جي نَون نَون جَهانن جي دريافتن جا خواب ڏٺا آهن، جيڪي ساڀيا ۽ اڻ_ساڀيا جي وچ واري خط -استوائي ليڪ تائين اڃا بيٺل آهن. وسيم آڪاش سيتائي جي تخليق جو فڪري محرڪ ۽ تخليقي آمجگاھ سندس ٻوليءَ جون نيون نيون، منفرد ۽ حيرت جو پُراسرار جَهان دريافت ڪندڙ ترڪيبون آهن، هوُ ٻوليءَ جي اهڙن نين ۽ منفرد ترڪيبن سان تخليقي آڪاشُ سجائي ٿو، ’’پُــورَ کي پيرَ ڪڙيون پائڻ‘‘، ڪيڏي نه نئين اڇوتي ۽ نويڪلي ٻوليءَ جي ترڪيب آهي، جيڪا اڳ ڪڏهن به مون سنڌي ادب ۾ نه ڏٺي آهي، ۽ ’’يادگيرين سان دغا‘‘ ڪيتري نه غير روايتي ۽ خوبصورت ترڪيب آهي، ٻئي ترڪيبون خيال جي نازڪ نفيس پردن کي کولڻ جون ٽرينڊ_ميڪر ترڪيبون آهن:
    پُــورَ کي پيرَ ڪڙيون پايون پر،
    يادگيرين سان دغا ڪير ڪري. (وسيم آڪاش سيتائي)
    ’’متلاشي فڪرات‘‘ به هڪ اهڙي ئي خوبصورت ٻوليءَ جي ترڪيب آهي، جيڪا پڙهندڙ کي نه صرف serious thought ڏانهن مدَعو ڪري ٿي، پر رس چَس به وکيري ٿي.
    ظاهـر ۽ بـاطن جو راز پــروڙڻ لـئه،
    متلاشي فڪرات هجي، ۽ يار هجي. (وسيم آڪاش سيتائي)
    هڪ ئي غزل جي هر ٻي سٽَ ۾ وسيم آڪاش وٽ ٻوليءَ جون ترڪيبون ۽ تخليقي تحريڪ جون آمجگاھ آهن، جئين هيءُ غزل آهي، جنهن ۾ زوال جي بستي، ڪمال جي بستي، خيال جي بستي، ڪلال جي بستي، حال جي بستي ۽ وصال جي بستي، سموري غزل جو شاھ هُـنر بڻجي تخليقن جي جوهر جون محرڪ ترڪيبون بڻجي آيون آهن، پر’’پلال جي بستي‘‘ هن غزل جي شاھ بندَ جي شاھ ترڪيب آهي:
    درد جا ديپ ٿا ٻرن دل ۾،
    ۽ بـدن آ پـلال جي بستي. (وسيم آڪاش سيتائي)
    وسيم آڪاش وٽ تغزل جي رُونمائي کان وٺي هر غزل جي بند ۾ ’’هرڻي وارو ڇال‘‘ نظر اچي ٿو ۽ هر غزل ۾ ڌرتيءَ جو درد پنهنجي حصيداريءَ وارو فرض نڀائيندي نظر اچي ٿو، هُن جي غزل ۾ ٻُــولين جي انيڪ جڙاوتن واري حسن کانسواءِ نوان نوان استعارا ۽ ڪنايا آهن، جيڪي سندس غزلن جي رنگارنگيءَ جا مؤجد آهن، جيئنءَ هي سنجيده دردُ استعاري ۾ آهي:
    تـاريـخ جـي پـنـن تـي هُـئا داغ خــون جـــا،
    جيئن رات ڪا اُماس جي، ائين سنڌ جي ڪٿا. (وسيم آڪاش)
    وسيم آڪاش جون ترڪيبون به ڪِٿي ڪِٿي استعاراتي شڪل جي مظهر ۾ آهن، جئين هن بند ۾ ’’غلامي جي اُماوس‘‘ ۽ ’’آجپي جو سج‘‘ ٻه خوبصورت ترڪيبون/ استعارا به آهن:
    مان غلاميءَ جي اُماوس رات ۾،
    آجـپي جـو سـج ٿـي اُڀـران پيو. (وسيم آڪاش سيتائي)
    وسيم آڪاش وٽ استعارن کانسواءِ ڪيترا ئي محاڪات ۽ تلميحي تصور آهن، جن تلميحي ۽ محاڪاتي تصورن ۾ هُــو تمثيلي سطح تي معنائن جي اَڏاوتن کي گهَرو به ڪري ٿو ۽ تواريخي ڪهاڻين، منظرن، آثارن جي به پرده ڪُشائي ڪري اُتهاسي رونق بخشي ٿو:
    ديبل جي دانهن دردُ هان، مڪليءَ جي ماٺ يا،
    مــوهن دڙي جي روح جي آهيان دٻـيـل صـدا. (وسيم آڪاش)
    وسيم آڪاش جي فن جي حُسناڪي تشبيهن سان پڻ گهري وابستگيءَ جي حامل آهي. وسيم آڪاش جي ٻي فني خاصيت ٻِــن ٻِـــن چَئن چئن لفظن جا خوبصورت رديف آهن، ائينءَ چئجي ته ٻوليءَ جي ترڪيبن کانپوءِ سندس غزل جي ٻي اهم پيش قدمي رديف جو رچاءُ آهي، جيڪو ڊگهين لفظي قطارن جي باوجود نکريو بيٺو آهي:
    بيقراريءَ جي راحت مقدر رهي،
    زنـدگيءَ جي مُسافت مقدر رهي. (وسيم آڪاش)
    وسيم آڪاش وٽ لفظن جي چُـونڊ توڙي انهن جي استعمال جي هڪ ڪرافٽمئنشپ Craftmainship آهي، هُو ادبي ٻوليءَ جي مزاج جي تسڪين بخشيندڙ شاعر آهي، جئينءَ هيءُ ادبي مزاج ته ڏسو ڪيترو سندر آهي ته ساڀيا جي نيڻن ۾ خواب ڪُرن ٿا ۽ اَڻپُـوري چاهت تقدير بڻجي وڃي ٿي:
    خواب ساڀيا جي نيڻن ۾ ڪُرندا رهيا،
    مـن جي اڻـپـوري چاهت مقـدر رهي. (وسيم آڪاش سيتائي)
    توڙي جو وسيم آڪاش جا شاعراڻا اظهار دٻيل احساسن جي هيٺ آهن ۽ اڃا اُنهن ۾ ’’سج ۽ سچ‘‘ جهڙي چٽائي موجود ڪانهي، پر هُن جي تخيل imagination تي فطري پيار اچي ٿو:
    چانڊوڪيءَ جي رات هجي ۽ يار هجي،
    ڪـويل جـي ڀي لات هجي ۽ يار هـجي. (وسيم آڪاش)
    وسيم آڪاش غزل جي کيتيءَ ۾ تصوف جي بي ڪران ڪائنات ۾ علامه اقبال جي خوديءَ واري فلسفي جي اُتهاس ۾ نوان نوان فڪري پَــر منفرد سوال پوکي ٿو:
    خود خُوديءَ ۾ خدا، ڪٿان آڻيان،
    ابــد جهـڙي بـقـا، ڪٿـان آڻـيان. (وسيم آڪاش سيتائي)
    هُو محاڪاتي ۽ تلميحي تصورن کي روح جي اُساٽ، ويراڳيءَ ۽ اڻهوند ۾ کڻڻ جو فن ڄاڻي ٿو، هن وٽ جديد دؤر واري unity of existence آهي پراُنهيءَ وجودي هيڪڙائيءَ جي اندر به هُـــو محرومي جي شڪايت ڪري ٿو ۽ علامه اقبال جهڙي شڪايت ڪري ويهي ٿو ته سمنڊ مان پياسي کي ماڪ جو قطرو مليو ته اُها ڪهڙي سخاوت چئبي!؟
    مان ته موسيٰ هان، طور سينا هان،
    نــيــڻ جـلـوه نما، ڪـٿان آڻيان. (وسيم آڪاش)
    وسيم آڪاش جِتي ڊبل ۽ ٽرپل خوبصورت رديفن جي زمين ڳولي ٿو، اُتي هن بنا رديف جي به غزل چيا آهن، پر سماجي حقيقت نگاري سندس فن جي ڪائنات ۾ بسيرو نه ٿي ڪري:
    نيڻ ڄڻ ڪا ندي خواب نيرڳ هُئا،
    ۽ مُـقـدر شڪـاريءَ جي بـندوق آ. (وسيم آڪاش سيتائي)
    سماجي حقيقت نگاريءَ جي اظهارن جي پئمانن کي ڳولجي اُن لاءِ سماجي تبليغ نما اظهار نه هئڻ کپي، جيئن هيءَ سماجي تبليغ وارو اظهار آهي:
    ڪـنـهـن ڪـيئن به ڪئي پـاڻ عـداوت نه ڪـئي آ،
    ڪنهن سان به ڪڏهن ڪنهنجي شڪايت نه ڪئي آ.(وسيم آڪاش سيتائي)





    11. اصغر سيتائي
    اصغر سيتائيءَ جي شاعري جدت، جديديت جي سمورن فني ۽ فڪري اظهارن کان ٿوري اڳ جي ڪيل شاعري نظر اچي ٿي، هو سينئر شاعر ڀاسجي ٿو، اسلوب ۽ پيشڪش ۾ هُن جا ڪي غزل نواڻ کڻي اچن ٿا، اصغر سيتائيءَِ جي غزلن ۾ جتي روايتي رديف آهن، اُتي غير روايتي رديفن جي به گُلڪاري واسيندڙ آهي، هن وٽ رواني قابلِ رشڪ آهي، رڌم هن جي غزلن ۾ ڪِٿي ڪِٿي ڏاڍو دلڪش آهي ۽ هُن جو اسلوب دلفريب آهي:
    يار کي اغيار مان سمجهان نه ٿو،
    پيار کي واپار مان سمجهان نه ٿو. (اصغر سيتائي)
    هُن وٽ عشق ئي هر دل جو علاج آهي، هو عشق کي آزار نه سمجهندڙ شاعر آهي، هُن جي غزلن جا رديف خوبصورت ڳالهائڻ جا خوبصورت لهجا خلقين ٿا:
    عشق ئي هر دل جو هوندو آ علاج،
    عشق کي آزار مان سمجهان نه ٿو. (اصغر سيتائي)
    اصغر سيتائي وٽ غزلن ۾ روايت جو نڀاءُ به آهي:
    يار جهـڙو به آ، پر سٺو ٿو لـڳي،
    پيار کارو کٽو، ته به مٺو ٿو لڳي. (اصغر سيتائي)
    اصغر سيتائي جي آرٽ ۾ ڪلاسيڪي هُڳاءُ به گوناگون ڇانيل آهي، جنهن ۾ ڪلاسڪي فن کانسواءِ ماروئڙن جي ڏکن سُکن، سُڪارن ۽ ڏُڪارن جون به فنڪارانه عڪس بنديون آهن:
    مارو شال اچن، مارو شال اچن،
    جن کي ساري ساري منهنجا هي ٿا نيڻ ٽمن (اصغر سيتائي)
    اصغر سيتائي جي وائين ۾ روايتن ۽ جدتن جو سنگم آهي، ۽ فڪري سطح تي پورهيت طبقي جون ڳڻتيون به آهن ۽ سرسبزي سان لانئون لهڻ واري فطرت پسندي ۽ ڌرتيءَ جي درد ۾ پيوست ٿيڻ واري لهرَ به هُن جي فن جي حسناڪيءَ جو باعث آهي:
    ڪاهيو ڪاهي هر،
    آباديءَ جي آسري
    ولر واهيري وريا،
    هُــو نه موٽيو گهر،
    آباديءَ جي آسري ( اصغر سيتائي)
    اصغر سيتائي وٽ گهڻو تڻو روايت جو نڀاءُ آهي، پر ڪٿي اڻ_لکو جدت وارو اظهار آهي:
    ننڍپڻ ساريندي،
    جوڀـن ماڻيندي،
    پهرين واري سادگي،
    ڪيڏي ننڍڙي ٿي لڳي (اصغر سيتائي)


    12. سڄڻ سيتائي
    سڄڻ سيتائي جي شاعري پنهنجي ادبي روايت جي حصار ۾ پاڻ پسائي ٿي، هُن جا موضوع عام سماجي/ اجتمائي زندگيءَ جي آئينه داري ڪن ٿا، پر هُن کي رومانيت ۽ ڌرتيءَ جو شاعر سڏجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو:
    مان چمڪي چنڊ ستارن سان،
    ۽ گـڏجي ساٿيـن سارن سان،
    ڪـي گيت انـوکا ڳايان ٿـو..... (سڄڻ سيتائي)
    سڄڻ سيتائي جا گهڻا غزل رومانوي آهن، جن ۾ زبردست ڪشش آهي:
    تنهنجي چاهت تنهنجي عظمت کي ڏسي،
    بـنـدگـي تـنـهنجي حـوالي مـون ڪـئـي. (سڄڻ سيتائي)
    سڄڻ سيتائي وٽ محبتن ونڊڻ جي سڀاويڪ پرچار نهايت خوبصورت آهي،
    اسان مـان انديشا نه رک دشمـنيءَ جـا،
    اسين درسَ ڏيندا آهيون دوستيءَ جا. (سڄڻ سيتائي)
    هُن وٽ ڪي تشبيهون نهايت تُز ۽ اڇوتيون آهن، جيڪي پيغام ۾ صاف گوئي رکن ٿيون:
    اسين سج ناهيون چئون ٿا مڃون ٿا،
    مگر عڪس آهيون چِٽا روشنيءَ جا. (سڄڻ سيتائي)
    سڄڻ سيتائي ڪي غزل نظم جي سڀاءَ ۾ اُوتيا آهن، جن ۾ مٽيءَ جي مهڪ ۽ ثقافتي ڪئنواس آهي:
    سنڌو درياءُ، منڇر، ڪينجهر،
    ڪاڇو تنهنجي رحمت وانگي. (سڄڻ سيتائي)
    هُن جا ڪي غزل عاميانه نوعيت جا آهن، اُنهن ۾ وڌيڪ گهرائي تخليق ڪرڻ جي ضرورت هئي:
    سنڌ کان ڌاريو ڌار نه ٿيندو،
    اهـڙو حـرامـي ٻـار نه ٿيندو. (سڄڻ سيتائي)
    سڄڻ سيتائي وٽ ڪي غزل_نما وائيون نهايت حُسناڪ آهن، غزل نما اُنهيءَ ڪري آهن، جو اُنهن جي وراڻي ڪٽجي ته غزل جو فارميٽ بنجي ويندو، هڪ اهڙي سندس هيءَ وائي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي خوبصورت عڪس آهن ۽ تشبيهون به وڻندڙ آهن:
    او ماکيءَ جهڙي مٺڙي!
    ٽوهن جهڙي ٽـوليءَ ۾،
    ڏَس ڪنهن کي ٿي ڳولين (سڄڻ سيتائي)
    سڄڻ سيتائيءَ کي سلوگن جي سحر مان ٻاهر نڪري اصلوڪي حياتيءَ جي ڏکن سُکن جي اوک_ڊوک ڪرڻ گهرجي، سڄڻ سيتائيءَ جي غزلن، وائين توڙي چؤسٽن ۾ جتي به اجتماعي درد جي دانهن آهي، اُها ڏاڍي سپڪ،سواد ۽ خوبصورت آهي ۽ اُها دانهن ادبي ڪارج جي سڦلتا ڏانهن وٺي ويندڙ آهي:
    راحتون ڪنهن کي مليون ناهن ڪٿي،
    چاهتون ۽ محبتون آهن ڪٿي.
    دور دهشت گرد کان ڪاڏي ڀڃي،

    درد واريون هي دليــون دانهـنِ ڪـٿي. (سڄڻ سيتائي)



    13. گهائل غلام مصطفيٰ سولنگي
    گهائل غلام مصطفيٰ جي شاعريءَ ۾ قافيي توڙي رديف ۽ وزن بحر جي بندش ڏاڍي خوبصورت آهي:
    مان مڃان جي تون گهائل گهوري ڏسين،
    هيــر ٿـڌڙي ٿي تـون هانءُ ٺـارين ته پـو. (گهائل غلام مصطفيٰ)
    گهائل غلام مصطفيٰ وٽ صنف نازڪ جا احساس غزل جي جماليات جا رنگ چٽين ٿا:
    وجهي گهُنڊ منهن ۾ ڏسي ٿي مگر،
    هو پنهنجـن اکيـن ۾ شفـا ٿي رکي.
    نـئـين سـج پـهـري نـوان ويس ٿي،
    ڳـچـيءَ ۾ به سُـونا سـڳـا ٿي رکي. (گهائل غلام مصطفيٰ)
    گهائل غلام مصطفيٰ جا غزل ڄڻ ته عورت جي سورنهن سينگارن جي خوبصورت عڪسبندي ڪندڙ آهن، جن ۾ نفيس لهجا براجمان ٿين ٿا ۽ جمالياتي رنگارنگي ڪهڪشان بڻجيو وڃي:
    پير جي پايل ٻانهن جي چُوڙي،
    وارن جون ٻئي سڳيون پُڇندئي.
    ڪَن جون واليون ۽ ڦُلي نڪَ جي،
    هٿڙن جون سڀ منڊيون پُڇندئي. (گهائل غلام مصطفيٰ)
    گهائل غلام مصطفيٰ جي آرٽ ۾ جدت اڃا مڪمل طرح جلوه افروز ناهي ٿي، پر روايتي ۽ عاميانه نوعيت جي فن ۾ به هُــو هڪ سٺو روايتي جمالياتي شاعر لڳي ٿو. گهائل جي گيتن ۾ گيتن جون ڪيتريون ئي فني ۽ فڪري گهرجون مڪملتا ڏانهن ويندڙ آهن، هن گيتن کي نه صرف اُنهن جي فني ۽ فڪري زمين ڏني آهي، پر اسلوب کي به پُرڪشش ڪري اظهاريو آهي، هن جي گيتن جي ٻولي فني ضرورت موجب نرم، نرمل، نازڪ ۽ ريشمي ڇهاءُ جهڙي آهي:
    گهاگهر نه مٺي سـڀـئي،
    جي چيلهه کڻي ڀريئي،
    سڀ گهر جا دلا مٽيون،
    آ توکي سنڀارن ٿيون (گهائل غلام مصطفيٰ)
    گهائل غلام مصطفيٰ جي ڪن گيتن کي وائي نما گيت ته نه ٿو ڪوٺي سگهجي، پر اُنهن گيتن ۾ سمايل ٻولي، تصور، جڙاءَ، اسلوب ۽ انداز وائيءَ جهڙا آهن يا ائين چئجي ته اُهي گيت، واين جهڙو سڀاءُ ۽ سحر بخشيندڙ آهن:
    اسان جا گهر ڪکن جا ٿئي،
    اسان جي حال تي هلندي.
    وڻن جي ڇانوَ ٿڌڙي ۾،
    ٿڌا پاڻي مَـٽن جا ٿئي،
    اسان جي حال تي هلندي. (گهائل غلام مصطفيٰ)
    گهائل غلام مصطفيٰ خوبصورت وايون به تخليق ڪيون آهن، پر انهن جي جڙاوت ڄڻ ته شاھ لطيف جي دؤر جي آهي، جديد دؤر ۾ ڪافي نما وايون ۽ غزل نما وايون ئي گهڻيون لکيون ويون آهن، هيڪوٽي ۽ ڏيڍوڻي وارا اصطلاح ڄڻ ته پراڻا ٿي ويا آهن، گهائل غلام مصطفيٰ کي به فني توڙي فڪري سطح تي جدت ڏانهن اچڻ گهرجي.
    ساجن سگهڙو اچ،
    آهيان تنهنجي آسري.
    توريءَ ڪنهن سان اوريان،
    ڳالهيون آهن ڳچ،
    آهيان تنهنجي آسري. (گهائل غلام مصطفيٰ)




    14. شاڪر عزيز سيتائي
    شاڪر عزيز سيتائي روايتن جو امين شاعر آهي، هُن وٽ هڪ ئي وقت رومانوي، سماجي ۽ جمالياتي شاعريءَ جي گلن جي جِــهرمِـــر ۽ جهڳــمڳ آهي. هُــن ننڍي توڙي وڏي وزن تي رواني ۽ رڌم سان ادبي ثابت قدميءَ کي برقرار رکيو آهي، هُن جي جمالياتي شاعري روح جي اُداسين کي نئين مُسرت سان آشنا ڪري ٿي:
    هوائن ۾ تنهنجي خوشبو، جي چورين تون پنهنجا چپڙا،
    تـنـهنجي گـفـتار جا لـهـجا، سي لهـجا زنـدگي آهــن. (شاڪر عزيز)
    شاڪر عزيز وٽ جوڀن جي جوت ۽ تصوراتي جماليات جو سوادُ حُسناڪي خلقي ٿو:
    ڪڏهن زلف وکريا، ڪڏهن رئو ٿي سرڪيو،
    هــوا جـو اوهـان سـان کـيـڏڻ خـوب هــو. (شاڪر عزيز)
    هُــو سُونهن جي پيڪر کي سميٽڻ واري جماليات جو خوبصورت شاعر ڀاسجي ٿو:
    پڙهي ڪنهن پيار جي ڪتاب جو مزو ماڻيون،
    سُهڻن جي سونهن جي عتاب جو مزو ماڻيون. (شاڪر عزيز)
    جمالياتي تخيل کي فني ۽ فڪري سڀـيتا ڪيئنءَ ڏجي؟ هُــو چڱي طرح ڄاڻي ٿو ۽ هُن جي موضوعي داخلي شاعري ڄڻ ته روح جي نئين آبياري ڪري ٿي:
    دل جي گلشن ۾ گلابن جي ڪَـمـي ٿي پئي آ،
    يار جي ويندي ئي يارن جي ڪَمي ٿي پئي آ. (شاڪر عزيز)
    هُن وٽ سچي محبت ۽ سچائي جا روايتي پر خوبصورت تصور آهن، جن ۾ درد ــ ڪٿائون آهن:
    وفا جي ڪائي تمنا نه وفا جي ڪائي توقع،
    سـچـي آ منهنجي محـبـت نه مـطلبي آهي. (شاڪر عزيز)
    هُن وٽ عشق جا تواريخي/ محاڪاتي ۽ تلميحي انداز پڙهندڙ کي ماضيءَ سان ڳنڍين ٿا:
    ٿيو رانجهي ۽ پنـهون، مجنون ۽ فرهاد سان ڇا،
    اســيــن به عـشـق جـي عـذاب جو مزو ماڻيون. (شاڪر عزيز)
    شاڪر عزيز وٽ زمانه گيري ۽ زمانه سازيءَ کان شڪايتون آهن، هُــو وفائن کي بيوفائين، ڪَــرمن کي ڏمَــرن، اخلاقَ کي بد اخلاقين، مُحبّــت کي نفـرتن، اتحادن کي نَــفــاقـــن، سچاين کي منافقين، اَمُـــن کي بدامنين ۽ آبادين کي غير آبادين ۾ ڏسندي هڪ حساس شاعرَ جيان تڙپي اُٿي ٿو:
    نه ڪي ساٿ ڪنهنجو نه سنگت رهي،
    زمــانــي ۾ آخــر ڇــو نـفـرت رهي. (شاڪر عزيز سيتائي)



    15. عزيز سيتائي
    عزيز سيتائيءَ جي شاعري سماجي اوک_ڊوک جي شاعري آهي، هُن جي آرٽ جي ڪُک ۾ قومي دردن جون ڪَيئن آشائون ٻَــرن ٿيون، هُـــو سماج جي بُک، بَــدحالي، بيروزگاريءَ، مهانگائيءَ، ڦُـــرلٽ، ڪرپشن، بد امنين ۽ ڪربن جي خلاف پنهنجي شاعريءَ ۾ سراپا احتجاج بڻيل آهي، هُــو سماجي بيحسيءَ جي خوبصورت عڪس بندي ڪندي ادب جي سماجي محرڪ جي آبياري ڪندڙ شاعر آهي:
    ڪنهن آھَ ۾ نه ڇِـرڪيو، هي انسُ ڪهڙي جنسَ آ،
    جــڏهن ته فـرش پـيـو ڌُڏي ۽ عرش ڏارجي پـيو. (عزيز سيتائي)
    عزيز سيتائي پنهنجي ٻُــوليءَ جي سِڌي سادي حسناڪ اظهار ۾ ماروئڙن جي دردن کي آرٽ جي فريم ۾ ڀرڻ جو خوبصورت هنر ڄاڻيندڙ شاعر آهي، هُن جي حساس نرم، نفيس دل، ماروئڙن جي بک بدحالي ۽ سماجي توهين تي تڙپي پوي ٿي:
    هي مائرون قطار ۾ فقير ٿي پنائين ٿو،
    ذلـتـن سنـدو نه ٿو انـاج جو ڪَٽو کپي. (عزيز سيتائي)
    عزيز سيتائي اجتمائي سطح تي قومي فڪر جي چشمن سان سيراب ٿيندڙ قومي اصلاح ۽ قومي رهنمائي وارو به شاعر آهي، هُــو پنهنجي ڏاهپ جي چؤواٽي تان تخليقي سوجهري جو داعي شاعر آهي، ان ڪري کيس ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي ته بُک ۽ ڏڪار سٽيل سنڌي سماج ۾ ادبُ، هڪ ماڻهو کي هڪ ويلي جو ماني/نانُ به نه ٿو کارائي سگهي:
    تون شاعري بُکايل مسڪين کي ٿو ارپين،
    تنهنجي غزل جو گفتو ناهي ڪو نانُ پيارا. (عزيز سيتائي)
    هر انتها پسندي خراب هوندي آهي، هر جنون پرستيءَ ماڻهو کي سماجي ۽ روحاني هاڃو عطا ڪيو آهي، هر بنياد پرستيءَ سماج کي اُڏهيءَ جيان کائيندي آهي، عزيز سيتائي سماجي سطح تي هر بنياد پرست سوچ جي نفي ڪري ٿو، جيڪا بنياد پرستي ڪنهن به روپ ۾ انساني سماج جي لاءِ هاڃيڪار آهي، عزيز سيتائي جو ٽيڙو پڙهو؛
    تعـويـذن جي آڙ،
    بـيـوس ۽ بـيـمار تي،
    ڀـوپـي جي آ واڙ. (عزيز سيتائي)
    هُــو طعـنن جي ناجائز تيرن توڙي لفظن جي ٻُرڪيل لوڻ کي ڪيڏي نه خوبصورت تشبيهه ۾ کڻي ٿو، جڏهن اُنهن نشانن کي موهن جي دڙي جي نشانن سان ڀيٽي ٿو:
    طعنن جا تير تاڻي، لفظن جو لوڻ ٻُرڪي،
    مـوهـن دڙي مثـل ڪي آهن نشان پيارا! (عزيز سيتائي)
    عزيز سيتائي جي سموري شاعري روايت جي نڀاءَ ۾ مصروف آهي، هُن کي نواڻ ڏانهن آرٽ کي مدعو ڪرڻ گهرجي، مُوضاعاتي ڪئنواس کي به عالمگيريت ڏيڻ کپي، سندس وائيءَ جو هي بند موهيندڙ آهي:
    دلڙيءَ جي درگاھ تي،
    دردن جـا هـن ونـــڊ،
    آهي ڪو اوسيئڙو (عزيز سيتائي)





    16. منظور سيتائي
    منظور سيتائي عشق، محبت، سماج ۽ سنڌيت جو گهڻ رُخو شاعر آهي، هُن جي شاعريءَ ۾ قومي ثقافتي عڪس بندين جون ڪي اڻ_مِٽ تصويرون به آهن ته وري قومي مزاج جي تسڪين جي به شعوري سيرابي آهي، هُن وٽ مٽيءَ سان عشق جا بي ڪَران سمنڊَ محوِ رقص به نظر اچن ٿا ۽ هُن وٽ سماجي زندگيءَ جي غير مهذب_پڻيءَ جي خلاف به هڪ زبردست دانهن آهي:
    سڃاڻپ ثقافت اسان جي نرالي،
    لڳون گهوٽ جي ٽوپي اجرڪ ٿا پايون.
    رني ڪوٽ مڪلي ۽ موهن دڙو ڀي،

    هــي تاريـخ تـهذيـب خوشحال ڳـايون. (منظور سيتائي)
    منظور سيتائي حياتي جي بي رونقين جي ڪَٿَ، هڪ باشعور شاعر جيان ڪري ٿو، حياتيءَ جي بي سوادگيءَ ۽ ڦڪائين توڙي بي رنگينين جي هڪ بهترين آرٽسڪ ائپروچ سندس شاعريءَ ۾ نظر اچي ٿي، جيئنءَ هڪ وائي جي بند ۾ هُــو اهڙين محرومين کي ٿـوهـر ۽ بـــي نُــــوريءَ سان هن طرح تشبيهه ڏئي ٿو:
    تـوبن ٿـوهر زندگي،
    بي رونــق بــي نور،
    موُر نه وسرينءَ تون مٺي (منظور سيتائي)
    منظور سيتائيءَ جا گيت ۽ وايون بهترين آهن، توڙي جو سندس ڪي تشبيهون روايتي نڀاءَ سان سٻنڌ جوڙين ٿيون، جنهن ڪري اُهي اساسي توڙي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ڪُک مان جنميل آهن، پر اڄ به هڪ سُٺي قاريءَ کي سواد، تسڪين بخشين ٿيون، مثال طور هڪ گيت ۾ سندس هي تشبيهون پڙهي ڏسو:
    سُـون چـانـدي بـدن، ڏنـد مـوتي مڃان،
    چنڊ چهرو چوان، مَٽُ نه ڪنهنجي ڪيان.
    حورون پريون سڪن، سونهن توکان گھرن. (منظور سيتائي)
    منظور سيتائيءَ وٽ اساسي ۽ روايتي شاعريءَ واري جماليات به ڏسڻ وٽان آهي:
    وار ڪارا تون ڇوڙي ڪرين ٿـو قـهر،
    کـوڙ تـڙپـي مــرن، طلـسـمي آ نظر،
    آفـتـابـي حُسـن تي ملائڪ جُهڪن. (منظور سيتائي)
    منظور سيتائي جو آرٽ ٻوليءَ، ادب ۽ انقلاب جي عڪاسي ڪندڙ آرٽ آهي.
    وڏي انـقـلابي ڪـا هـلچل هلايون،
    قلم علم رستي سان اڳـتي وڌايـون. (منظور سيتائي)



    17. ذاڪر سيتائي
    ذاڪر حسين سيتائيءَ جي شاعري تِصوف ۽ عشق جي شاعري آهي، جيڪا شاعري پنهنجي فطري جوهر موجب گيڙوءَ رنگَ ۾ واسجي ’’جُز ۽ ڪُلَ‘‘ جي فلسفي ۾ تحليل ٿي وڃي ٿي، پر مجازي محبت ۾ هُن وٽ خوبصورت جمالياتي حدبنديون آهن، جيڪي رُوح کي نئينءَ تازگيءَ سان سرفراز ڪن ٿيون، ذاڪر سيتائي جي فن ۾ حُسن، محبت، عشق ۽ خصوصي طرح جماليات جا منفردَ دڳَ آهن:
    قـيـد شـاھ وگـدا ۽ مـيـر هُـئـا،
    زلف تنهنجا ڪڙيون زنجير هُئا. (ذاڪر سيتائي)
    ذاڪر سيتائيءَ جي تخليقن جي اهم ماهيتي ۽ افاديتي خاصيت هيءَ آهي ته هُــو تشبيهن جو هڪ خوبصورت شاعر آهي:
    گـفـتو لارَ هئي ڪا ماکيءَ جي،
    تنهنجا بوسا کنڊون ۽ کير هئا. (ذاڪر سيتائي)
    توڙي جو ذاڪر سيتائي وٽ ڪي روايتي ۽ اساسي شاعريءَ واريون تشبيهون آهن، پر سندس اظهار بيان جي نفاست بوريت نه ٿي جنمي:
    تون سرهاڻ آن، مــان به هان ڀُـونئر ڪو،
    پـنـهنجو واس ٿـورو وٺــڻ ڏي مـون کي. (ذاڪر سيتائي)
    هيءَ تشبيهه ڪيتري نه خوبصورت آهي جو تخليقڪار پاڻ کي برسات جي ڪنايي ۾ پيش ڪري ٿو، اُها ئي تخليقي انفراديت آهي؛
    اکـيـن ۾ سـدائيـن ڪـڪـر ٿـا رهن،
    مان برسات آهيان وسڻ ڏي مون کي. (ذاڪر سيتائي)
    ذاڪر حسين جي فن جي فڪري ربط ۾ ڊبل مائينڊيڊ ماڻهوءَ جون ڊبل مائينڊيڊ عڪس بنديون آهن، خيالن جي ٻِـــن ٻِـــن ڇيــڙن جي حدبنديءَ جو تعين ڪرڻ ۽ اُنهيءَ سان خوبصورت نڀاءُ ڪرڻ سندس شاعراڻي خوبي آهي:
    تنهنجي وارن تي لکان، يا ڳوٺ وارن تي لکان،
    ڇـو نه جانان مـان بُـکايـل پـيٽ ٻارن تي لکان. (ذاڪر سيتائي)
    ذاڪر سيتائي جي شاعري پنهنجي اسلوب جي نزاڪت توڙي پيشڪش جي انداز ۾ رواني پيدا ڪري ٿي، هڪ رڌمڪ سحر سندس فن جي ٻي خوبي آهي:
    سنڌ جي تسبيح صبح سانجهي،
    سُــورڻ مـنـهـنجي عـادت آهي. (ذاڪر سيتائي)
    ذاڪر سيتائي جي واين ۾ درد_بندي ۽ المياتي ڪئنواس آهن، هُن جي واين ۾ ادبي ٻوليءَ جي لفظن جي چونڊَ به قدَر شناسيءَ جي لائق آهي، هُن جون منظر نگاريون دل جي صحرا ۽ روح جي ساگر تائين وسيع ڦهلاءُ رکن ٿيون، پر آرٽ ۾ اڃا به هُن کي جديد غزل جي جديد ترين اظهار،اسلوب ۽ فڪر ڏانهن اچڻ کپي، هُن جي وائيءَ جو هي بندُ روح جي تشنگيءَ جو ثـمـر آهي:
    ساگر صحرا پاهڻن،
    سـنـڌوءَ ڇــولين ۾،
    توکي ئي ڳوليو پئي (ذاڪر سيتائي)

    مجموعي طرح سيتاروڊ جي شاعرن جو هيءُ گڏيل شعري مجموعو هڪ مقامي تخليقي تحريڪ جيان آهي، جنهن ۾ سنڌي سماج جي مُني صديءَ جون سماجي،ادبي ۽ فني رياضتون جلوه افروز آهن. هر شاعر وٽ پنهنجي الڳ فني/ فڪري زمين ۽ خوشبوءِ آهي. هِن تخليقي تحريڪ جي فني ۽ فڪري سمتن توڙي تخليقي جهتن ۾ اساسي يا روايتي شاعريءَ سان به تواريخي ادبي نڀاءُ آهي ۽ جديد عهد جي عصري تقاضائن جا ڪي اَڻ ڇُهيل ادراڪ به آهن، جيڪي جدت ۽ جديديت جا پيرا کڻن ٿا، هِن مجموعي ۾ جتي روايت ۽ جديد شاعريءَ جو خوبصورت امتزاج پاڻُ پَسائيندڙ آهي، اُتي ڪي شيون فني توڙي اسلوبـياتي سطح تي بلڪل روايتي آهن. روايت سان نڀاءُ به ضروري هوندو آهي، پر مُسلسل روايت سان نڀاءُ ڪرڻ جي برعڪس، آرٽ کي جدت ۽ جديديت توڙي بعد جديديت جي فڪري ڦهلاءَ تائين وسعت ڏيڻ جي گهرج آهي، ڇو ته پاڻ جديد عهد جي نئين صديءَ جي دهليز تي دستڪ ڏئي چڪا آهيون، ۽ عصري گهرجون ئي ’’ادبي مينو فيسٽو‘‘ جون داعي آهن، پر اُنهيءَ ڳالهه کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته هي شعري مجموعو رڳو روايتي ۽ غير روايتي شاعرن جي شاعريءَ جو سنگم ڪونهي، پر هِن مجموعي جو بنيادي مقصد ’’سيتاروڊ‘‘ جي تخليقي تحريڪ جو رڪارڊ تواريخ ۾ محفوظ ڪرڻ به آهي، ’’سيتاروڊ‘‘ جي شاعرن جي هِن گڏيل مجموعي ۾ ڪيتريون ئي آرٽسڪ نفاستون به آهن، جمالياتي نرملتائن جا ڇُهاءَ به آهن، بيانن جون شائستگيون به آهن، اڻ ڇُهيل ٻوليءَ جون ترڪيبون، استعارا، ڪنايا ۽ حُسناڪ تشبيهون به آهن، لهجن جي سٻاجهائپ به آهي، روحاني ڪرشما به آهن، سماجي استدلالن وارا ادبي منطق به آهن، تخليقي ندين جا وهڪرا به آهن، ڪي غلطيون به آهن ته ڪي رهبريون به آهن، ڪي رنگارنگيون به آهن ته ڪي نزاڪتون ۽ باريڪ بينيون پڻ آهن، بُک، بَدحالي، بيروزگاريءَ ۽ مهانگائيءَ جي هِن وحشي جبلتن واري عهد ۾ گڏيل شعري مجموعن جو ڇپجڻ، سماجي، معاشي، تواريخي ۽ ادبي سطحن تي هڪ بهترين سَــوَڻ ۽ بهترين ٽرينڊ آهي. انهيءَ ڏسا ۾ اُميد ڪري سگهجي ٿي ته هيءُ ڪتاب ’’ڏهـر منجهه ڏيئا ‘‘ سنڌي ادب ۾ هڪ خوبصورت اضافو ثابت ٿيندو.

    خليق ٻگهيو
    مورو_سنڌ
    cell: 03337083523 - 03053383254


    بشير سيتائي

    تعارف

    نالو، بخشل ڀٽي ولد آخوند محمد موسيٰ ڀٽي،
    ادبي نالو، بشير سيتائي،
    پيدائش جي تاريخ، 8 جولاءِ 1949ع
    جنم ڀومي، سيتا ڳوٺ ضلعو دادو
    تعليم، ايم اي (سنڌي ادب)،ايم اي (فارسي ادب)۽ ايل ايل بي.

    ڇپيل ڪتاب،

    1،سج سريکو سچ (شاعري) 1987ع ۾،
    2، ڏات نه ٿيندي مات (شاعري) 1993ع ۾،
    3،جهرڻو منهنجو جيءُ (شاعري) 2000ع ۾،
    4، اکر اکر ۾ اُٿاھ الفت (اديبن جا خط) 2001ع ۾،
    5، ڏاها ڏات ڌڻي (دادو ضلعي جي عالمن،اديبن ۽ شاعرن جي ڊائريڪٽري) 2004ع ۾،
    6، فارسي گرامر 2006ع ۾(ايم اي فارسي جي ليول تائين)
    7، اداس من جي اداس موسم (شاعري) 2006ع ۾،
    8، رباعيون عمر خيام جون (سنڌي ۽ انگريزي ۾ ترجمو) 2007ع ۾
    9، خط خوشبو جهڙا (بلوچ صحبت جو ترتيب ڏنل)

    ڇپجي پڌرا ٿيا، ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جو تعداد ويهارو کن آهي.!

    هيل تائين کيس مليل ايوارڊ،

    1، ايوارڊ آف ريڪگنيشن سنڌي ساهت سال 1981ع (سنڌي ادبي ثقافتي سنگت سيتاوليج طرفان مولوي عبدالغفور سيتائي هٿان)
    2، بهترين اديب ۽ شاعر جو ايوارڊ 2002ع سنڌي ادبي سنگت دادو ۽ شهيد عادل سخيراڻي ادبي فورم دادو طرفان(محترم آصف مٺياڻوي هٿان)
    3، بهترين مترجم جو ايوارڊ 2007ع، انجمن دوستداران فارسي ضلعو دادو( علامه مخدوم غالب ملڪاڻي هٿان)
    4،بهترين شاعر ۽ اديب جو ايوارڊ 2014ع، سنڌي ادبي سنگت ميهڙ طرفان(محترم الهڏتو وگهيو سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو هٿان)
    5، لائيف اچيومينٽ ايوارڊ 2014ع، سنڌي ادبي سنگت سيتاروڊ طرفان (محترم تاج جويو سيڪريٽري سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد هٿان)
    6، بهترين شاعر ۽ اديب جو ايوارڊ 2014ع، شهيد مخدوم بلاول ادبي فورم دادو طرفان.
    ۽ ڪيترن ئي ادبي ۽ سماجي تنظيمن طرفان مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ مليا اٿس.


    ڪنهنجا لُطف ۽ ڪَرم، ڪٿان آڻيان.

    ڪنهنجا لُطف ۽ ڪَرم، ڪٿان آڻيان.
    اي دِلِ محترم، ڪٿان آڻيان.

    دل جي بُتخاني کي سجائڻ لئه،
    مِثل هُن جي صنم، ڪٿان آڻيان.

    هِتِ ته مُرڪون مَهانگيون آهن،
    ٽهڪڙا دمبدم، ڪٿان آڻيان.

    وِيا سُڪي آبشار اکڙين جا،
    تون ئي چئو، نيڻ نَم، ڪٿان آڻيان.

    جَڳ جو دستور ڪيئن بدلايان،
    ايترو دَم ۽ خَمُ، ڪٿان آڻيان.

    جو ڏِئي ساٿُ دُکَ جي صحرا ۾،
    همسفر، همقدم، ڪٿان آڻيان.

    جو بَدل بڻجي تنهنجي چپڙن جو،
    ها! اُهو جامِ جَم، ڪٿان آڻيان.

    ڪو سُخن فهم ناهي يار “بشير”،
    همزَبان، همقلم، ڪٿان آڻيان.


    ايوارڊ آف ريڪگنيشن

    اي منهنجا،
    قابل احترام،
    سائين!
    مولوي عبدالغفور سيتائي!
    1981ع ۾ سنڌي ساهت سال جو،
    ايوارڊ آف ريڪگنيشن،
    ڏيندي تو چيو هو،
    “سچ لکو ۽ اُوچي ڳاٽ جيئو”،
    هي تنهنجو “قول” ۽ ڏنل ايوارڊ،
    اڄ به ساھ جئان سانڍيندو پيو اچان،
    اهڙي ديس ۾،
    جتي جُهڪي جيئڻ جو دستور،
    روا رکيو ويو هُجي،
    اُتي سچ لکڻ، ۽ اوچي ڳاٽ جيئڻ جي،
    مون کي ڳري قيمت،
    ادا ڪرڻي پئجي وئي آهي.
    مان تنهنجي ان قول ۽ ايوارڊ جو،
    شان رکندي رکندي،
    هيل تائين،
    سٺ سيڪڙو مري چڪو آهيان!
    ۽،
    سو سيڪڙو پاڳل ٿي ويو آهيان!
    **


    ڏِس! يزيدن جي روبرو آهيون.

    ڏِس! يزيدن جي روبرو آهيون.
    سَچَ صداقت جي گفتگو آهيون.

    وقت جو زهر ٿا پيون هر هر،
    دوست! سقراط هوبهو آهيون.

    سرمدي سوچ، هوڏ منصوري،
    اِن ڪري ئي لَهُو لَهُو آهيون.

    مئڪدن ۾ تون، بُتڪدن ۾ تون،
    ۽ اسين محض جستجو آهيون.

    جَڳ ته بدنام خوار ٿو سمجهي،
    عشق چئي ٿو ته آبرو آهيون.

    بس ازل کان وٺي ابد تائين،
    ڪا طلب، ڪا ته آرزو آهيون.

    پنهنجي عظمت جي آئيني ۾ “بشير”،
    ڪامياب آهيون، سُرخرو آهيون.


    تصوير جو موت

    اسڪول جي پُراڻي عمارت جي هڪ ديوار تي،
    منهنجي ڳوٺ جي مهان مصور،
    بُولچند جي ٺاهيل قداور شاهڪار تصوير،
    جيڪا منهنجي تهذيب ۽ ثقافت جي علامت هُئي،
    جنهن سان لاڳاپيل هو منهنجو شاندار ماضي!!
    جنهن سان وابستگي هُئي،
    فنون لطيفه سان هر محبت ڪرڻ واري جي،
    منع ڪرڻ جي باوجود به،
    اي بدذوق ٺيڪيدار !
    اسڪول جي مرمت ڪندي تو مسمار ڪري ڇڏي،
    توکي ڪهڙي خبر ته،
    ان تصوير جي رنگن ۾،
    منهنجي مصور ڀاءُ جو خون مليل هو،
    اُن جي هر سونهن سنوار ۾،
    منهنجو به ساھ سلهاڙيل هو،
    ڪاش !
    هٿوڙا هڻي ان کي ڊاهڻ کان اڳ،
    پهريون هٿوڙو،
    منهنجي مٿي ۾ هڻين ها،
    ۽ وقت جو مورخ هي واقعو لکندي،
    منهنجو احتجاج،
    رڪارڊ ڪري ها !
    ***


    اسان کي عمر ڀر جو غم ڏنو ٿئه،

    اسان کي عمر ڀر جو غم ڏنو ٿئه،
    هي پنهنجي پر ۾ ڪهڙو ڪم ڏنو ٿئه.

    هي آهون، دانهون، سُڏڪا روڄ راڙو،
    رڳو حسرت سندو ماتم ڏنو ٿئه.

    ڏنو ٿئه پيار جو هي نانءُ جنهن کي،
    اذيت جو سو هڪ عالم ڏنو ٿئه.

    نه ڇُٽندڙ زخم آ پنهنجو مقدر،
    نه ڪو دارون، نه ئي مرهم ڏنو ٿئه.

    نه دنيا جي، نه رُغبت دين جي آ،
    مزاج اهڙو صفا برهم ڏنو ٿئه.

    نه دل جي ٿَرَ جي جنهن مان اُڃَ اُجهامي،
    اکين کي اهڙو ڇوآگم ڏنو ٿئه.

    ’’بشير‘‘ آيو جڏهن به تنهنجي دَرَ تي،
    ته هُن کي دردَ جو درهم ڏنو ٿئه.


    نام نهاد دانشور

    نام نهاد دانشور،
    ٺوٺيون هڻي،
    اديبن جي صف ۾ شامل ٿي ويو آهي،
    ڪتابن جا گُدام گڏ ڪري،
    الماڙين ۾ سجائي،
    اسان تي علميت جو رعب ڄمايو ويٺو آهي،
    ڪارو ڪنگ،
    اڇو پاڻي ڪالورڻ آيو آهي،
    قلم ۽ ڪَلا جو شانُ مانُ وڃائڻ آيو آهي،
    تاريخ کي مسمار ڪرڻ آيو آهي،
    قوم جي ٿوُڪاريل،
    غاضبن، ظالمن، موقع پرست،
    ۽ اقتدار پرست حڪمرانن کي،
    هيرو بڻائي پيش ڪري رهيو آهي،
    پنهنجي بي علمي ۽ بيشرمائيءَ تي کيس شرم نه ٿو اچي،
    الٽو رِوالونگ چيئر تي جهومي جهومي،
    وڏا ٽهڪ ڏئي رهيو آهي !
    **


    ڇنال

    اڳ هوءَ ڇنال رَنَ،
    شهر جي،
    ڇُڙواڳ ڇورن تي،
    ڪندي هُئي گذارو،
    هاڻ هُن جي،
    نازن نخرن جو اگُهه،
    چڙهي ويو آهي،
    جڏهن کان بڻي آهي،
    تَر جي وڏيري جي،
    پريمڪا !!
    تڏهن کان لهرائي ٿي،
    چڱن ڀَلن جا پٽڪا !


    ڊپلوميسي

    جان من !
    کوڙ ساريون فضول ڳالهيون کڻي،
    اسان بحث جو موضوع بڻايون آهن،
    “ محبتون، چاهتون،
    قربتون، رفاقتون،
    خلوص، عهد پيمان،
    حسرتون، رنج ۽ ارمان”
    ڪيترا نه دلفريب موضوع آهن !
    زندگي جي طويل راتين کي کُٽائڻ ۾،
    انهن موضوعن فقط ٻارڻ جو ڪم ڏنو آهي،
    هيل تائين اسان اجائي جک هنئي آهي،
    وقت برباد ڪيو آهي،
    پڪ ڄاڻ،
    اسين هڪ ٻئي لاءِ خوبصورت مُنافق آهيون،
    ۽ هميشه پنهنجون اهي خوبصورت منافقيون،
    مخلصين جي غلاف ۾ ويڙهي،
    هڪ ٻئي کي ڏنيون آهن،
    سڄي ڄمار اسان ٺلهن لفظن جي تحفن جي مٽاسٽا ڪئي آهي،
    تنهنجي منهنجي ڪهاڻي،
    ته فقط هڪ ئي جملي چوڻ سان،
    پنهنجي (climex ) تي پهچي وڃي ٿي،
    ۽ اُهو هي آهي ته،
    اسان ٻنهي فقط،
    پنهنجي پنهنجي تقاضائن جو پورائو ڪيو آهي !


    چشم تر ٿو رهان، دربدر ٿو رهان،

    چشم تر ٿو رهان، دربدر ٿو رهان،
    تون ضرور اچڻي آن، منتظر ٿو رهان.

    ٻاهران چُپُ، اندر ۾ اٿم ڳالهيون،
    آهَ ۾ ڄڻ لڪل هڪُ شرر ٿو رهان.

    هر سفر منهنجو تو تائين ٿو ختم ٿئي،
    مختصر ٿو جيان، مختصر ٿو رهان.

    هر ڪو پٿر هڻي آزمائي پيو،
    هڪ شجر آهيان، پُر ثمر ٿو رهان.

    ماضي ۽ حال کان آهيان واقف اڳئي،
    آئنده کان به مان باخبر ٿو رهان.

    پنهنجي خِلوت ۾ ڀي بزم آهيان بڻيل،
    سِپّ ۾ ڪو سمايل گُهَرَ ٿو رهان.

    همنشيني ته هڪ پل جي تو سان رهي،
    مان هُڳائن سان نِت همسفر ٿو رهان.

    محض ناهيان سُخن ۾ سچو اي “بشير”
    پنهنجي معنيٰ ۾ پڻ معتبر ٿو رهان.


    دل ڏيو، دل وٺو، ڏسي ٿا وٺون،

    دل ڏيو، دل وٺو، ڏسي ٿا وٺون،
    پوءِ جيڪي ٿيو، ڏسي ٿا وٺون.

    جڳ ستمگر ته آهي صدين کان،
    پنهنجو ڀي حوصلو، ڏسي ٿا وٺون.

    اچُ محبت سندو گناھ ڪيون،
    جي خدا ڀي رٺو، ڏسي ٿا وٺون.

    ڪيڏي چاهت سان ٿو ڏئي ساقي،
    تون به پي ڏس چُڪو، ڏسي ٿا وٺون.

    ڪيسين تاريڪين سان ٺاھ ڪبو،
    هڪڙو ٻاري ڏيئو، ڏسي ٿا وٺون.

    قتل گاهن کان ڇو ٿا گھٻرايو،
    ڳاٽُ اوچي هلو، ڏسي ٿا وٺون.

    شاعريءَ سان شعور ڦهلايو،
    سچُ لکندا رهو، ڏسي ٿا وٺون.

    پنهنجي خالص خلوص جو اي “بشير”،
    ڪهڙو ملندو صلو، ڏسي ٿا وٺون.


    سون ورني هو سحر، آهي ڪٿي،

    سون ورني هو سحر، آهي ڪٿي،
    ڏسُ ! ڇڏي اوندھ پچر، آهي ڪٿي.

    روز سرمد جي سِري لهندي اچي،
    ختم ٿيو پاپي مگر، آهي ڪٿي.

    تنهنجي من کان منهنجي من تائين مٺي،
    ڪاٽا ٿي وئي رهگذر، آهي ڪٿي.

    تون هجين ۽ ڀاڪُرن جو ڀر هجي،
    زندگي ٿي ائين بسر، آهي ڪٿي.

    هر گھڙي ڄڻ مان صليبن تي ٽنگيل،
    بي خبر ! توکي خبر، آهي ڪٿي.

    مون کان جيئڻ جو وتو هر ڪنهن خراج،
    ڪنهن ڏني مون کي ڪسر، آهي ڪٿي.

    گھاءُ گهرو جيترو آهي “بشير”
    ايتري ڪنهن وٽ نظر، آهي ڪٿي.


    پيرل پرديسي سيتائي

    تعارف

    نالو: محمد پيرل سولنگي ولد محمد پريل سولنگي
    ادبي نالو: پيرل پرديسي سيتائي
    جنم جو هنڌ:گرماڻي چانڊيو ۽ پوءِ مستقل رهائش سيتاروڊ
    جنم جي تاريخ: پهرين نومبر 1947
    وفات: بروز جمعه 29.12.2002
    ادبي سفر: 1965 کان 2002 تائين
    ڇپيل ڪتاب: دل آئينو پٿر دنيا (شاعري)1992ع
    اڻ ڇپيل مواد: ٻن ڪتابن جي شاعري


    هر حال جو شامل حال اٿم، سو عشق به آ، استاد به آ،

    هر حال جو شامل حال اٿم، سو عشق به آ، استاد به آ،
    جنهن خوب ۾ خوب خيال ڏنم، سو عشق به آ، استاد به آ.

    انسان اهو به ڪو آهي ڇا، ڪنهن عشق سوا، استاد سوا،
    جنهن سائين اهڙو سوال پڇم، سو عشق به آ، استاد به آ.

    ڪو گهاڻي ۾ پيڙيو ته وري، ڪو چاهت سوليءَ تي چاڙهيو،
    ڪٿ جنهن جو ڪو نه مثال ٻڌم، سو عشق به آ، استاد به آ.

    ويهي سڀ ڪجھه چوڻ، ڪا ڳالھه نه آ، وڌي ڪجھه به ڪرڻ آه ڳالھه وڏي،
    جنهن اهڙي چتائي ڳالھه چيم، سو عشق به آ، استاد به آ.

    آهي يار ته يار به اکڙين جو پر نورُ اي “پيرل پرديسي”
    جنهن ڪوٺي قرب ڪمال ڪيم، سو عشق به آ،استاد به آ.


    هر ڪو پنهنجي پر ترڪيو آ،

    هر ڪو پنهنجي پر ترڪيو آ،

    ڪرڻي، ڀرڻي ڀر ترڪيو آ.

    اندر جو آ اندر انڌ ۾،
    ٻاهر سو ٻاهر ترڪيو آ.

    باطن باطن ۾ آ بتيلو،
    ظاهر سو ظاهر ترڪيو آ.

    مسجد، مندر، دل من اندر،
    مسجد ۽ مندر ترڪيو آ.

    هر هڪ آ، هڪ آئيني جيئن،
    هر هڪ ان آهر ترڪيو آ.

    “ميم” ڏسي ۽ “ري” کي ڏسجي،
    وني نه ترڪي، ور ترڪيو آ.

    “پرديسي” هڪ پرينءَ جي خاطر
    ترڪيو آ، سو سر ترڪيو آ.


    ٿيڻا ڪٿي ته ٿي به ويا، ڪي ڪم نه ٿي نه ٿيا،

    ٿيڻا ڪٿي ته ٿي به ويا، ڪي ڪم نه ٿي نه ٿيا،
    خوشيون به ٿي نه ٿيون، ڪٿي ڪي غم نه ٿي نه ٿيا.

    هن امتحانِ عشق ۾ عالي جناب ايئن،
    ڪي کيت ٿي نه ٿيا ڪٿي، ڪي ڏم نه ٿي نه ٿيا.

    سچ جي به ساک پرک جا، ساکي ۽ پارکو،
    سگهيا عدم نه ٿي ڪٿي، ابهم نه ٿي نه ٿيا.

    دل کان ۽ دل جي درد کان، بي درد بي خبر،
    همدرد ٿي نه ٿيا ڪٿي، همدم نه ٿي نه ٿيا.

    بي جرم بي خطا به ڪي مجرم قرارُ پر،
    باجرم، باخطا به ڪي مجرم نه ٿي نه ٿيا.

    اندر جا هوُ ٻيا ته هوُ ٻاهر جا ڪجھه ٻيا،
    هن دؤر ۾ ڀي درهم و برهم نه ٿي نه ٿيا.

    پرچڻ، رسڻ ته پيار ۾ ٿيندو به آ مگر،
    پرچڻ رسڻ جا پيار ۾ پرچم نه ٿي نه ٿيا.

    ويراڳ راڳ آ، وڏو ويراڳ راڳ ۾،
    سرگم نه ٿي ٿيا اُتي، سِر گُم نه ٿي نه ٿيا.

    درشن سواءِ يار جي حاذق حڪيم خود،
    گھُورن جي زخم گھاوَ جي مرهم نه ٿي نه ٿيا.

    پرديسي پنهنجي اُن پرينءَ، آڏو آ سِرُ به خم،
    باقي هجن به سوَ ڪٿي، سرخم نه ٿي نه ٿيا.


    اچي وڃي ٿو جي عشق سائين، ته عقل کي پوءِ جواب آهي،

    اچي وڃي ٿو جي عشق سائين، ته عقل کي پوءِ جواب آهي،
    هي عقل آهي، ڄڻ انهيءَ جو نوڪر، ۽ عشق ان جو نواب آهي.

    هي عقل چئي ٿو سوچي لکُ تون، ۽ عشق چئي ٿو جيڪي اچئي لکُ،
    هي عقل چئي ٿو صحيح به ليڪن، هي شوق ڏاڍو شُتاب آهي.

    ايندو ڏسي عشق کي پري کان، هي عقل ويچارو ڀڄي ٿيو پاسي،
    ٿي عشق لئه وِيو آ عيش ليڪن، ڇا عقل لئه ٿيو عذاب آهي.

    جنون جي هنڌ تي هي عقل ويچارو، ويو عشق جي ڪو ور چڙهي آ،
    پچي ويو عشق لال ٿي ۽ هي عقل ٿيو اُت ڪباب آهي.

    جتي رسائي ٿو عشق پيرل، نه عقل جي اُت ڪا آه حاجت،
    هي عقل آ هڪ چِڙيءَ برابر ۽ عشق ان جو عقاب آهي.


    اي حسن تنهنجي ذات جو ۽ پات جو ناهي پتو،

    اي حسن تنهنجي ذات جو ۽ پات جو ناهي پتو،
    تنهنجي ڪشش ۽ قرب جو ڪنهن بات جو ناهي پتو.

    تنهنجو ملڻ آ زندگي، پر جي پُڇين ڪنهن کان ته پوءِ،
    ڪنهن کي اُنهيءَ جي ساھ جو سڪرات جو ناهي پتو.

    تنهنجي عجب تخليق ٿي پو ڏينهن هو يا رات هئي،
    ڪنهن ڏينهن جو ناهي پتو، ڪنهن رات جو ناهي پتو.

    ڪيڏو نه توکي ڏانءُ آ، ڪيڏي نه تو کي ڏات آ،
    ڪنهن ڏانءَ جو ناهي پتو، ڪنهن ڏات جو ناهي پتو.

    “پرديسي” تنهنجي نانءَ جو ۽ ذات جو آهي غُلام،
    باقي ٻئي ڪنهن نانءَ جو ۽ ذات جو ناهي پتو.


    نه ٿا سهي جي ڪيو ته ان لاءِ پُڇو به ڇا ٿا، ته ڇا ڪري ٿو،

    نه ٿا سهي جي ڪيو ته ان لاءِ پُڇو به ڇا ٿا، ته ڇا ڪري ٿو،
    ڪري جو منهن تي گھڻي خوشامد، اُهو ئي پرپٺ گلا ڪري ٿو.

    نه ماڻهو ماڻهو کي جيڪو پرکي، اُهو آ ماڻهو به ڪهڙو ماڻهو،
    اجايو ڪنهن سان مِلي جُلي ڪو، اجايو ڪنهنجي ثنا ڪري ٿو.

    نه جنهن کي پنهنجو به آهي ڪو ئي، ٻئي جو اُن کي پتو به ڪهڙو،
    ڪري ٿو خود کي فنا نه جيڪو، اُهو ڪٿي ڪيئن بقا ڪري ٿو.

    مِٺي ۾ آهي مٺاڻ جيڏو، ڪڙي ۾ تيڏي ڪڙاڻ آهي،
    مٺو برابر مٺا ڪري ٿو، ڪڙو ته ماڻهو ڪڙا ڪري ٿو.

    وفا جفا جو آ ڏيھُه، جنهن ۾ وفا به آهي جفا به آهي،
    وفا جو گھُورو وفا ڪري ٿو، جفا جو گھُورو جفا ڪري ٿو.

    خراب خود ۽ ٻئي کي جيڪو، ڪري خوار ۽ خراب سمجهي،
    خراب آ سو خراب، اُن جو خراب خانو خدا ڪري ٿو.

    جڏهن تڏهن مان نه ٿو چوان پر، ڪڏهن ڪڏهن من ڪري ڪو ڀيرو،
    پُڇيو نه جنهن آ اُنهيءَ جي “پيرل” ڄڻي ڄڻي کان پُڇا ڪري ٿو.


    نظم

    خوشي ڪنهن کسي آ،
    رڳو آهي مون کي يا توکي به غم آ،
    جي تو کي به غم آ، ته ڪنهن کي خوشي آ،
    کسي تو نه مون کان نه ڪا مون به تو کان،
    ته آ پوءِ ڳوليون، خوشي ڪنهن کسي آ.

    ڪيون ان جي ڳولا، لهون اُن کي ڳولي،
    ڦُريو آهي رهزن، يا رهبر ٿو رولي،
    وري نه ته اسان کي ٻڌائي ڪو کولي،
    ته هيءَ رهبري آهي يا رهزني آ.

    اسان سان غمن جو گذارو به ڇو آ،
    اسان کان سُکن جو ڪنارو به ڇو آ،
    اڌارو، اڌارو، اڌارو به ڇو آ،
    اسان لئه نه آئي ڪا سُک جي گهڙي آ.

    اسان جي سُکن کي ڏنل ليڪ آهي،
    دماغي توازن تڏهن ٺيڪ ناهي،
    جي ڇيڙيو ته ڇيڙيو اسان کي به ڇاهي،
    چريا آهيون پنهنجي چرين سان پئي آ.

    چئون ٿا ته چريا ۽ پاڳل ٿا سڏجون،
    نه ٿا چئون ته ڪائنر ۽ بزدل ٿا سڏجون،
    ۽ بزدل به پرديسي پل پل ٿا سڏجون،
    ته ڪيڏي ۽ ڪنهنجي اها بزدلي آ.


    وائي

    جاڳو ڙي جاڳو،
    ننڊ نه واجب نيهن ۾

    جاڳڻ ريءَ جهان ڪو،
    راس نه موراڳو،
    ننڊ نه واجب نيهن ۾

    سي مَرُ سوُنهنِ ٿيون جنين،
    اکڙين اوجاڳو،
    ننڊ نه واجب نيهن ۾

    پل پل پور پرينءَ جو،
    سور اٿم ساڳو،
    ننڊ نه واجب نيهن ۾

    پرديسي اُٿ پيار جو،
    سور اُٿي ڌاڳو،
    ننڊ نه واجب نيهن ۾


    بيت

    تون سهڻن ۾ سهڻو ايئن، جيئن گُلن منجھه گلاب،
    تنهنجي حسن سونهن جو، ناهي ڪو به جواب،
    پرديسي کي باب، آهي تنهنجي برھ جو.

    ناهي من مايوس، نه ئي دل غمگين،
    اٿم هيءُ يقين، ايندم يار اڱڻ تي!

    وري وريا سُپرين، وريو وصل واءُ،
    سدائين سوداءُ، هيو جن جو هينئڙي.

    ڄاڻون ٿا سونهنِ، ڀائر ڀائن ساڻ،
    اڪيلا اڻ ڄاڻ، ڀائو سمجھو ڀونءِ!

    هجن ڪڪر قرب جا، وسن محبت مينهَن،
    خوشين ڀريا ڏينهَن، سدا ڏسجن ڏيھه ۾.

    ڌرتي جنين دل، ديد به جيئن مهراڻ،
    تنين ڪُوپنِ ڪاڻ، واديون واڌاين جون.

    مون کي ماڻهون چون، مان آهيان ماڻهو رول،
    جهليو ڪنهن به نه خير جو، منهنجي خاطر جهول،
    منهنجو، منهنجا ڍول، آ ڍينگو ئي ڍير سڄو.


    چوسٽا

    انسان ٻڌايو ته هي انسان جو در آ،
    احسان جي ڳايو ته هي احسان جو در آ،
    انسان ۽ احسان تي ايمان کي آڻي،
    ايمان وڌايو ته هي ايمان جو در آ.

    ===

    محبوب ساڻ آ، ته بيشڪ سُرور آ،
    جي ناهي ته پو حشر آ، ڪو ڄڻ ڪلور آ،
    مولا ڪري ائين نه ٿئي جو هو جدا ٿئي،
    مطلب جو آهي منڍ اُهو، مقصد جو موُر آ.

    ===

    لکڻ اڄ ڪلهه اديبن جو نه هيڏي ٿيو نه هوڏي ٿيو،
    ملڻ قافين رديفن جو نه هيڏي ٿيو نه هوڏي ٿيو،
    لکيو هڪڙي ٻڌايو ٻئي، ته نالو ڪنهن اڃا ٽئين جو،
    گهڻن اهڙن غريبن جو نه هيڏي ٿيو نه هوڏي ٿيو.


    قادر بخش قلندر

    تعارف

    نالو، قادر بخش ولد ڌڻي بخش ميمڻ
    ادبي نالو، استاد قادر بخش قلندر
    تعليم، فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن
    اديب،عالم فاضل استاد، سگهڙ ۽ صوفي شاعر
    جنم جو هنڌ، ڳوٺ ويجي لڳ سيتاروڊ
    جنم جي تاريخ، 16.02.1938
    ڪرت،سرڪاري ملازمت (رٽائرڊ)
    مليل ايوارڊ، سنڌ سگهڙ ڪانفرنس طرفان بهترين سگهڙ جو سرٽيفڪيٽ،
    سنڌ فنڪار تنظيم طرفان بهترين صوفي راڳي سرٽيفڪيٽ،
    آفرين نامه، بهترين ڪارڪردگي،بهترين اسڪول، بهترين استاد ۽ تعليم جي ميدان ۾ لازوال خدمتن عيوض ٻيا ڪيترا ئي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ .
    پتو، ميمڻ محله وارڊ نمبر 4 سيتاروڊ
    فون، 03463639742


    نعت

    شان وارا سڀ نبي پر مصطفيٰ جو شان ڏس،
    معراج واري رات ۾ مالڪ سندو مهمان ڏس.

    سير سُبحٰنَ الّذي اَسريٰ سندو اسرار ڏس،
    محبوب جي هن مرتبي جو ماڳ ۽ مڪان ڏس.

    والضُّيٰ اندر واحد ڪيو ولَسوف وارو واعدو،
    وَاَنَا رضائَڪَ يا نبي الله جو احسان ڏس.

    الف لام ۽ ميم ۾ راز ۽ رمزون رکيل،
    رکيل لڪائي لوڪ کئون هي سِڪ سندو سامان ڏس.

    ٿيو اطيع الله سان جنهن جي الاعت جو امُر،
    سو نبي نورُالهديٰ قادر سندو قرآن ڏس.

    ڏس پڙهي يٰسين طٰھٰ قرب قادر جا ڪيل،
    رحمتھ للعٰلمين هي فيض ور فرمان ڏس.

    کول اکيون جان ۽ دل ساڻ پڙھ علم و حديث،
    اول تا خلقُ الله نوري عشق ۽ عرفان ڏس.


    جنهن جي لئه جڳ آه جُڙيو جملي هي جهان ڏس،
    اَنت محبوبي پڙهي محبوبيت جو مان ڏس.

    اَنَ وَاَنا مِن نبي ارشاد ٿيو بَعدالنبي بيان ڏس،
    خَلقِ عَظيم خيرُ الوريٰ خاصو خدائي خان ڏس.

    جنهن جو ذڪر زَبور ۾ ۽ تات تنهن توريت ۾،
    انجيل ۾ ان جو اچڻ جو اڳ ۾ ئي اعلان ڏس.

    چهچٽو چئه طرف آه صلوات سرور جي مٿي،
    ايران ۽ افغان ڏس، مڪو معتبر ملتان ڏس.

    عشق وارن جي عقيدت ابتدا تا انتها،
    جنهن جو نبي تنهن جو خدا، اقرار ۽ ايمان ڏس.

    طارح ڏني آهي طرح هي “پرديسي پيرل” پيار مون،
    “شان وارا سڀ نبي پر مصطفيٰ جو شان ڏس”

    شَمسِ الضّحٰي بَدرِ الدّجٰي صَدِرلعليٰ نور الهديٰ،
    ناتي نبي جي نانءَ تئون ’قلندر‘ ڪَيئي قربان ڏس.


    “فڪر فنا في الله قلندر”

    عشق عطاء الله قلندر، الست امر الله قلندر،
    خُلص خليل الله قلندر، ظرف ذبيح الله قلندر،
    رحمت روح الله قلندر، امر اطيع الله قلندر،
    قالب ڪرم الله قلندر، عابد عبدالله قلندر.

    عالم علم الله قلندر، صدق ثناءُ الله قلندر،
    برھ بهاءِ الله قلندر، زهد زڪاءُ الله قلندر،
    ذڪر ضياءُ الله قلندر، عجز عبادُ الله قلندر،
    قرب ڪلام الله قلندر، فڪر فنا في الله قلندر.

    عشق اُتم عرفان قلندر، عشق سندو عنوان قلندر،
    ظاهر ۾ ذيشان قلندر، باطن ۾ برهان قلندر،
    گرونانڪ گيان قلندر، ابراهيمي ايمان قلندر،
    ظاهر حق زبان قلندر، قاري صاف قران قلندر.

    احديت اعلان قلندر، نور نبي نيشان قلندر،
    شريعت جو شان قلندر، فيض ڀريو فيضان قلندر،
    مڪو مصر ملتان قلندر، عرب عجم ايران قلندر،
    هادي هندستان قلندر، جرمن ۽ جپان قلندر.

    دين ۽ دنيا دان قلندر، درد وندن درمان قلندر،
    رضي الله رضوان قلندر، شاڪر ۽ شڪران قلندر،
    خلقنالانسان قلندر، مسلماني جو مان قلندر،
    اُمت تي احسان قلندر، مردِ حق مردان قلندر.

    عشق عجب اسرار قلندر، الستي اظهار قلندر،
    آفاقي آثار قلندر، ميثاقي مهندار قلندر،
    قالو بليٰ جي ڪار قلندر، نور هديٰ نروار قلندر،
    اِلي الله اقرار قلندر، ڪلمي ساڻ قرار قلندر.

    سبحاني سيپار قلندر، ربي رضا ڪار قلندر،
    ياسينن جو يار قلندر، طاسينن تنوار قلندر،
    مزمل جي مهڪار قلندر، مدثر جي ملهار قلندر،
    ونحن واقفڪار قلندر، قراني ڪردار قلندر.

    مرسل جو منٺار قلندر، حيدري آ حبدار قلندر،
    حينيت هروار قلندر، عباس علمدار قلندر،
    غوثن جو غمخوار قلندر، ابدالن اوتار قلندر،
    ابن علي اطوار قلندر، پنجتن پورو پيار قلندر.

    مستن جو مهندار قلندر، صوفن جو سالار قلندر،
    نانگن نگهه دار قلندر، ملنگن جو مختار قلندر،
    سخينن جو سالار قلندر، درويشن ديدار قلندر،
    لکي لڄادار قلندر، راڄن جو راڄار قلندر.

    حاذق حڪمت دار قلندر، گوهر گنج گفتار قلندر،
    دائم هي دستار قلندر، گل ڦل ۽ گلزار قلندر،
    جهنڊڙن جي جهنڪار قلندر، مينديءَ جي مهڪار قلندر،
    مسلماني مينار قلندر، مشعل راھ مزار قلندر.


    تو در تي ڌارو ڌار قلندر، عقيدتن اظهار قلندر،
    ڌمالون ڌڌڪار قلندر، نمازون نروار قلندر،
    موج ۾ موسيقار قلندر، پيارا سڀئي پار قلندر،
    ڪنهن کي ڪونهي عار قلندر، ترڪ مڙئي تڪرار قلندر.

    ڌرمي ڌارون ڌار قلندر، ذاڪر هو يا زوار قلندر،
    پرت جا سڀ پوڄار قلندر، هڙئي هت حبدار قلندر،
    تنهن جا تعبيدار قلندر، نفرت ناهي ڪار قلندر،
    حيرت آهي هروار قلندر، حيرت منجهه هزار قلندر.

    پياري هر پچار قلندر، ذڪر ۽ اذڪار قلندر،
    سڀ آيا تو آڌار قلندر، ٻاجهه گهرڻ ٻاجهار قلندر،
    زاريون ڪن زردار قلندر، روئن زارو زار قلندر،
    نيڻن وهائن نار قلندر، هي عشق جا سڀ آثار قلندر.

    پرت وارن جي پڪار قلندر، سانگيئڙن سُڌار قلندر،
    جهيڙا جهڳرا ٽار قلندر، سنڌڙي منجهه سُڪار قلندر،
    ڏوٿن لاھ ڏڪار قلندر، ڏک نه تنين ڏيکار قلندر،
    سڀ جا سانگ سنوار قلندر، سهڻو ٿئي سنسار قلندر.

    سيوهڻ جي سرڪار قلندر، سنڌڙي جا سردار قلندر،
    ڪامل ڪلنگي دار قلندر، جانب جلوي دار قلندر،
    سڪاين لهه سار قلندر، محسن مددگار قلندر،
    پرتئي سڀ پينار قلندر، معاف مڙئي مونجهار قلندر.


    آيا تو آڌار قلندر، پورهيت ۽ پنهوار قلندر،
    ڏوري آيا ڏيسار قلندر، پيڙائن جا تار قلندر،
    واٽهڙو نه وسار قلندر، پرھ سندا بيمار قلندر،
    لاغر ۽ لاچار قلندر، بخش بديون ۽ بار قلندر.

    مرشد مهربان قلندر، شاهي آ تو شان قلندر،
    ميمڻ جو رک مانُ قلندر، تو در جو دربان قلندر،
    نڪري غير گُمانُ قلندر، جرڪي جيءَ ۾ جان قلندر،
    هي اندر جو ارمان قلندر، ٿئي راضي رب رحمان قلندر.

    آلِ نبي اولاد علي، اي لال لکي لجپال قلندر،
    ساري گذري سرڪ ۾ تنهن جي، سرڪندي ٿيا هن سال قلندر،
    صدقي پنجن ٻارنهن جي هن، هيڻي جا ٻڌ حال قلندر،
    اورڻ آيس در تي تنهنجي، اندر جا احوال قلندر.

    قلب قراري اندر اُجاري، سائل جا هي سوال قلندر،
    دل داناءُ ۽ حق هدايت، ڀررئي تي ڪر ڀال قلندر،
    هن حياتي ۾ نه اچي ڪا، من تي مونجهه ملال قلندر،
    قادر بخش سان قربت قائم، نينگي تون ننگپال قلندر،


    پيرل پرديسي جي نانءُ

    جن جڳ ۾ جيئڻ سيکاريو هو،
    جن سچ سلڻ سيکاريو هو،
    جن حُب هلڻ سيکاريو هو،
    جن قرب ڪرڻ سيکاريو هو،
    اُهي جيءَ جيارا ماڻهو ها،
    اُهي پيرل پارا ماڻهو ها،
    اُھي ڏاڍا پيارا ماڻهو ها.

    جن ڪنهن کي ڪين رنجايو ٿي،
    جن محبت ساڻ مڃايوٿي،
    جن سِڪ جو سانگ سجايو ٿي،
    جن رُٺلن کي پرچايو ٿي،
    اُهي ساھ سهارا ماڻهو ها،
    اُهي پيرل پارا ماڻهو ها،
    اُهي ڏاڍا پيارا ماڻهو ها.

    جن پنهنجو پاڻ سُڃاتو هو،
    جن رب جي راز کي ڄاتو هو،
    جن پيچ پريت جو پاتو هو،
    جن نيهن نڀايو ناتو هو،
    اُهي سنڌ سُڌارا ماڻهو ها،
    اُهي پيرل پارا ماڻهو ها،
    اُهي ڏاڍا پيارا ماڻهو ها.

    هي املھه ڪي انسان هُئا،
    هي جوڳي منجهه جهان هئا،
    هي فيض ڀريا فيضان هئا،
    هي محفلن جو مان هئا،
    الفت جا اُڃارا ماڻهو ها،
    اُهي پيرل پارا ماڻهو ها،
    اُهي ڏاڍا پيارا ماڻهو.

    جن جيءُ جهريل جهان ڏٺو،
    جن آزاريل انسان ڏٺو،
    جن انساني ارمان ڏٺو،
    جن اڙين تي احسان ڏٺو،
    اُهي ڀونءِ ڀلارا ماڻهو ها،
    اُهي پيرل پارا ماڻهو ها،
    اُهي ڏاڍا پيارا ماڻهو ها.

    جن جي نالي نسبت ناتي سان،
    هي رسي رهاڻيون رنگ رچن،
    جن يارن جي يادن ۾ اڄ،
    محبت جا هي ميل مچن،
    اُهي نينهن ۾ نيارا ماڻهو ها،
    اُهي پيرل پارا ماڻهو ها،
    اُهي ڏاڍا پيارا ماڻهو ها.

    جن کي ڌرڻو ڌڻيءَ ڌيان ڏنو،
    جن کي الستي ايمان ڏنو،
    شاهي جن کي شان ڏنو،
    جن محبت کي مان ڏنو،
    اُهي ديس دلارا ماڻهو ها،
    اُهي پيرل پارا ماڻهو ها.
    اُهي ڏاڍا پيارا ماڻهو ها.

    جيڪي ڏينهن ڏُکن جا گهاري ويا،
    جيڪي سڪ جا سبق سيکاري ويا،
    انهن محبن ۽ محبوبن کي،
    رب بخشي تن جي روحن کي،
    اُهي قلب قرارا ماڻهو ها،
    اُهي پيرل پارا ماڻهو ها،
    اُهي ڏاڍا پيارا ماڻهو ها.


    “ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نانءُ”

    سڄي صديءَ جو ڏاهو ماڻهو
    سڄي صديءَ جو سياڻو ماڻهو،
    ساھ سُرت سيباڻو ماڻهو،
    جنهن جو جوڙ ۽ جي نه جڳ ۾،
    ڄاڻ ۾ وڏو ڄاڻون ماڻهو.

    سڄي صديءَ جو سهڻو ماڻهو،
    ماڻڪ ۽ من مهڻو ماڻهو،
    دلبر ساري ديس پنهنجي جو،
    ڏاهپ ڏات ڏهوڻو ماڻهو.

    سڄي صديءَ جو سونو ماڻهو،
    جيءَ پنهنجي ۾ جهونو ماڻهو،
    سچو ساٿي سنڌ سڄي جو،
    علم ادب ۾ اونهو ماڻهو.

    سڄي صديءَ جو سگهارو ماڻهو،
    پنجتن پاڪ جو پيارو ماڻهو،
    سونهن ۽ سُرت سهارو ماڻهو،
    دانائي دل وارو ماڻهو.

    سڄي صديءَ جو سُرهو ماڻهو،
    سڄي صديءَ جو سَرهو ماڻهو،
    سَرهو جو سو ساٿ نڀائي،
    گوهر گُفتي گهرو ماڻهو.

    قرب قرابت ڪامل ماڻهو،
    علم ادب ۾ عاقل ماڻهو،
    پيار پريت سان پورهيو جنهن جو،
    فهم فڪر ۾ فاضل ماڻهو.

    صديءَ جو سچ سچارو ماڻهو،
    نبي بخش نينهن نيارو ماڻهو،
    بلوچ هي باغ بهارو ماڻهو،
    جڳ جو جيءُ جيارو ماڻهو.

    هر هنڌ هي هاڪارو ماڻهو،
    حوصلي همت وارو ماڻهو،
    ڊاڪٽر سونهن سڃاڻپ جنهن جي،
    عاشق عشق اُڃارو ماڻهو.

    سڄي صدي سرواڻي ماڻهو،
    علم ادب اڳواڻي ماڻهو،
    سونهون ساٿي ساٿ سڄي جو،
    قادن قرب ڪهاڻي ماڻهو.


    سِرَ جو هجي يا دل جو سودو هجي رضا جو،

    سِرَ جو هجي يا دل جو سودو هجي رضا جو،
    نيبهه نڀاءُ ٿيندو اُهو عشق ابتدا جو.

    ظاهر زبان سان ۽ دل سان قبول ڪرڻو،
    ميدانِ عشق ۾ آه ڌُريان هي ڌيان ڌرڻو،
    پُرجهي هي پير ڀرڻو خئم نه پوي خطا جو.

    صادق صداقتن سان سَرهو ٿي سر ڏجي،
    ميدان امتحان ۾ ٻاڙو نه ٻولجي،
    ڪربل ۾ ڪيسُ ڪيڏو پر قرب هو قضا جو.

    سڀ ڪجهه ٿي جنهن لُٽايو پر دين پئي بچايو،
    راضي رهي رضا تي ناتو پئي نڀايو،
    سجدي ۾ سِر رکي ۽ ڏنئون درس ٿي دعا جو.

    خوش ٿي خليل آيو آڙاھ جي اندر ۾،
    ناتو نڀائڻو جنهن کي نينهن هو نظر ۾،
    سِر ڏئي ٿي ورتو ساجن سودو اُهو سخا جو.

    ذڪر ذَبيحُ الله ڏس جنهن عشق پئي اُجاريو،
    ڪوٺي جنهن ڪُهڻ لاءِ پنهنجي پيءُ پئي پڪاريو،
    وحدت وصال وارو ڪيو واعدو وفا جو.

    سِر ڏياچ جي ڏيڻ لاءِ ٻيجل پئي ٻاڏايو،
    سُر سوز سازن سان ٿي جنهن قرب هي ڪمايو،
    ڏنون ڪنڌ ڪات هيٺان ڪري مرد مرحبا جو.

    احسان عشق جو آه مالڪ جي مهرباني،
    پنجتن سان پيار پنهنجو جانب هي جيءُ جاني،
    اهو قرب آهي ڪيڏو قلندر تي ڪبريا جو.


    رحماني تي رنگ رتو آ،

    رحماني تي رنگ رتو آ،
    محبت جو ڪو ميل متو آ،
    پيار وارن کي پيو پتو آ،
    پهتو هر ڪو متو ستو آ،
    سڄڻن ساٿين ڏنو وتو آ،
    رحماني تي رنگ رتو آ.

    رحماني تي رنگ رچن ٿا،
    محبت جا هت ميل مچن ٿا،
    اوريان پريان سڀ اچن ٿا،
    نانگا پنهنجي نينهن نچن ٿا،
    رحماني تي رنگ رچن ٿا.

    رحماني تي رتو آهي رنگ،
    ننگي پرور توتي ننگ،
    چُريو چئه طرف آهي چنگ،
    جهرمر جهرمر جهرمر جهنگ،
    رحماني تي رتو آهي رنگ.

    رحماني تي رنگ رتا هن،
    محبت جا ڪي ميل متا هن،
    هي عشق وارن جا پار پتا هن،
    ۽ ڇورين ڇوڙي ڇڏيا ڇتا هن،
    رحماني تي رنگ رتا هن.
    رحماني جي ريت نرالي،
    جنهن جي در تي سَوَ سوالي،
    ملنگ توڙي مست موالي،
    ڪو نه وري ٿو ڪو ئي خالي،
    رحماني جي ريت نرالي.

    رحماني سان راز رکي ڏس،
    سُرت سندو هي ساءُ چکي ڏس،
    هي لالڻ اٿئي لال لکي ڏس،
    برهه جي جاٿي باهه بکي ڏس،
    رحماني سان راز رکي ڏس.

    رحماني تي راز رباني،
    حاصل جنهن وٽ حق حقاني،
    بات جنهن وٽ برهه بياني،
    محبت جنهنجو ماڳ مڪاني،
    رحماني تي راز رباني.

    روح جي راحت رحماني سان،
    رب جي رحمت رحماني سان،
    راھ رباني رحماني سان،
    سڪ سبحاني رحماني سان،
    روح جي راحت رحماني سان.

    رحماني جي راھ وٺي ڏس،
    ٻري برھ جي باھ بٺي ڏس،
    خلق خدا جي ڪُل ڪٺي ڏس،
    پي ڪا پاڻ به ورھ وٽي ڏس،
    رحماني جي راھ وٺي ڏس.
    رحماني تي رب جو راز،
    سُري چيو آهي سڪ جو ساز،
    نيهن وارن وٽ نوڙت نياز،
    ڪا هت ڪونج ته ڪو هت باز،
    رحماني تي رب جو راز.

    تون جو پنهنجو پاڻ سڃاڻين،
    رحماني جي راز کي ڄاڻين،
    توڪل وارو تُرهو تاڻين،
    محبت وارا ميل ڪي ماڻين،
    ساجهر توسان صاحب ساڻين،
    تون جي پنهنجو پاڻ سڃاڻين.

    “ري” سان راحت روح کي ٿيندي،
    “ح” سان حُب حقيقي ٿيندي،
    “ميم” سان محبت مولا واري،
    “الف” سان ٿيندي اندر اُجاري،
    “نون” سان نينهن سان نياز نوڙت،
    “يي” سان يا ڪي يار سان ياري،
    من مان ڪڍ تون مونجهه مڪاري،
    سچ سان گذرئي عمر ساري.

    رنگيءَ جي ڪي رنگ هتي هن،
    عبرت جا ڪي انگ هتي هن،
    چارڻ چوريا چنگ هتي هن،
    ماڻهو مست ملنگ هتي هن،
    پروانا ڪي پتنگ هتي هن،
    اٻوجهه ڪي اڙٻنگ هتي هن،
    سُڪا ساوا سنگ هتي هن،
    ڪي ڀايڙا پيئندا ڀنگ هتي هن،
    وجهندا ويرين ونگ هتي هن،
    ڪونجن سان گڏ ڪنگ هتي هن،
    ڪي ڏائڻَ هڻندا ڏنگ هتي هن،
    رنگيءَ جا ڪي رنگ هتي هن.

    هت قرب ڪهاڻيون ٿينديون هن،
    هت رس رهاڻيون ٿينديون هن،
    هت ڌن ڏياڻيون اينديون هن،
    هت چريون سياڻيون اينديون هن،
    هت عقل اياڻيون اينديون هن،
    هن انڌيون ڪاڻيون اينديون هن،
    هت ميئه مهاڻيون اينديون هن،
    هت ساھ سيباڻيون اينديون هن،
    هت راڄ جون راڻيون اينديون هن،
    هت قرب ڪهاڻيون ٿينديون هن.

    هيءَ گل گلزاري ڏس هتي،
    پر ڪا قبر ڪاري ڏس هتي،
    ڪا نرمل ناري ڏس هتي،
    ڪا مومل ماري ڏس هتي،
    ڪا پنهنجي پياري ڏس هتي،
    ڪا اندر آزاري ڏس هتي،
    ڪا حُسن واري ڏس هتي،
    پر اک عبرت واري ڏس هتي،
    هيءَ گل گلزاري ڏس هتي.

    ________________

    سيتاروڊ ۾ واقع بزرگ رحماني سرڪار جي مزار تي سالياني ميلي جي موقعي تي لکيل24.11.1995


    “سُگهڙ فَن، تاريخ ۽ سُگهڙ”

    سنڌ سُگهڙ ساٿ جي سرواڻي سلامت،
    راز ربي رحم، اها اڳواڻي عنايت.

    اشرف المخلوق جو ڏئي شان ۽ شرافت،
    اڳي جي احسان سان ملي خاصن خلافت.

    امين ڪيو انسان کي ڏئي سچ جي سڃاڻپ،
    ته ڌرتي ڌڻي تي ڪندو هيءَ حق جي حفاظت.

    علم القران جي ڪئي ڪاتب ڪتابت،
    اُجاريائين انسان کي ڏئي علم امانت.

    لِکُ لفظن ۾ پڙھ حرفن ۾ جڙيل جڙاوٽ،
    ڌريئون رکي ڌيان وارن لاءِ ڌڻي ڌراوت.

    پهريون پَرولي پيار جي هيءَ ڳُجهڙي ڳجهارت،
    مالڪ جي پنهنجي محبوب سان علمي عبارت.

    پرور سندي پيار جي بهترين بشارت،
    لڪائي سڄي لوڪ کان هيءَ والي وضاحت.

    اهڙي رکي الفاظن ۾ هيءَ باري بناوت،
    سمجهي سڀ ڪو ڪو نه سگهيو سَوَلي سلامت.

    اهڙي وسيلي واحد ڪئي پنهنجي قرب قرابت،
    مالڪ ڏني مام رکڻ جي مخفي مهارت.

    وقُولُولِنّاسِ حُسنيٰ هيءَ حق جي هدايت،
    سِڪ سُرڪ ساءَ جي سَري سُگهڙن سعادت.

    عشق ۽ الفاظ گڏيا ٿي قدر ڪرامت،
    سچائيءَ جو ساٿ هي سُگهڙن جي صداقت.

    ٻهراڙين تي ٻاجهه ٿي رَسي روحن کي راحت،
    اجاري اڇي ڪئي جن سنڌي ثقافت.

    الفاظن ۾ آڻن اهري فڪري وضاحت،
    ڏٺ ڳجهارت ڏور ۾ بهترين بلاغت.

    رسولاڻي راھ تي جن رڙهن رياضت،
    ڪوري ڪڍيو قلب مون جن کوٽ ۽ خيانت.

    پوتيءَ پڳ سان پيار پنهنوارن رسم روايت
    لوئي لڄ نڀائڻ واري ننگي ننگاوت.

    حال فقيري خيال اميري دُهري دانائپ،
    ميڙي ڪڍئي ملڪ مون جا جملي جهالت.

    سُگهڙ سڏائي ڪوڙ ڪمائي ڪُڌي ڪراهت،
    ڪِرڀَ ڀريو ڪرتوت نه ڪن نڪي ڦِڪي ڦڪاوت.

    عباسيءَ جي اڳواڻي روشن رفاقت،
    پرتِ ڀريا پيغام جنهن جا نينهن ۽ نزاڪت.

    سڪ جا سيکاريا سبق جنهن ساڻ سخاوت،
    محنت مرڪ مردن جو هيءَ خاصي خصالت.

    سڄڻن ساٿين ساڻ سدائين رحم ۽ رعايت،
    راھ ٽڙين سان راس نه ڪڏهين رتيءَ جي رعايت.

    هيرا ڦيري حيف جُنين خلاقي عداوت،
    فڪر فهم فيض انهن تي ازلئون عنايت.

    امن ۽ انصاف جي انساني امانت،
    حق جو ڪلمو هر ڪهين کي بغير بناوت.

    بي حيائي بد اخلاقي جي نه انهن اجازت،
    نيڪ نيتون ۽ اندر اڇايون سهڻي سياست.

    ڏاڍ ڏمر ۽ ڏوھ نه ڪن حقير حماقت،
    حسني حسيني حيدري حق جي حمايت.

    سڄي عمر سچائيءَ سان رغبت رياضت،
    بڇڙائي بدڪاريءَ سان بلڪل بغاوت.

    اهرن اعمالن تي اڏيل انهن عمارت،
    ڪڏهين قبولين ڪين ڪي شيطاني شرارت.

    جُڙي جن جي جان ۾ لفظن جي لطافت،
    اجرڪ پٽڪي بوڇڻ واري سنڌي سجاوت.

    سچا سڄن سنڌ جا سُگهڙ سلامت،
    سُگهڙ سلامت سنڌ سلامت سنڌي سلامت.

    دليون نڪتي هيءَ دعا ته اها جملي جماعت،
    سُکِ وسي سُگهڙن جي سنڌ ۾ “قلندر” قيادت.


    “درويشن جون درگاهون”

    بسم الله جي برڪت سان هيءَ برھ جي بات بيان،
    ته الله پيارن ٻانهن جا ڏِس اَڳهه ۽ آستان،
    درويشن جي درگاهن تي ڌري ڏس تون ڌيان،
    فيض وارن هن فقيرن جا ڏس مڙهيون ماڳ مڪان،
    فاعتبرويا اُولي لابصار هي فائق جو فرمان،
    اکين وارن لاءِ عبرت جو هي آفاقي اعلان،
    ته وحدت تي ويساھ وڌي جيڪو حاصل ڪُل ايمان،
    هي درگاهون هن ڌرتي تي آهن نوراني نيشان،
    هن درگاهن جو ڌرتي تي آهي مولا وڌايو مان،
    هي مرڪز آهن محبت جا ۽ محبوبي مئه خان،
    خالق جي هن خلقت جي ڪ ڪل پوي ٿي ڪان،
    ٿا ملن محبت وارن کي هن درگاهن تون دان،
    نوِڙائي ڪنڌ نينهن سان هت اچن جي انسان،
    جيڪو ڪهي اچي قصد ڪري تنهن کي ڪس لڳي ٿي ڪان،
    ٿا پنن هت پينار ٿي ڀلي ڀٽ هجن يا ڀان،
    ڪهڙا به ڪوجها ڪُوَڙا وٺن ڏاتر وتئون ڏان،
    دائم انهيءَ درگاهن تي ڪيئي صاحب ۽ سلطان،
    ڳڻي نه سگهبا ڳاڻيٽي ڪري ظاهر سان زبان،
    پرچائن ٿا پرکي ٿي محبت سان مهمان،
    روئي ريجهائن رب کي ڪڍي اندر جا ارمان،
    ڏکويل ڏک واران جا هت دارون ۽ درمان،
    آهن اٻوجهن تي هت اڻ ڳڻيا احسان،
    جهڪي پيا جهوليون جهلي هت ڪي ئي سُرت سبحان،
    اچن جيڪي اندر اجاري ڪڍي غير گمان،
    من مون ڪڍي مير ٿي من جا مسلمان،
    ته قرب جي بدلي قرب ٿا ڪن هي ڪامل قدردان،
    پينار ڪي ئي پُر ٿيا هن در تئون وٺي دان،
    سُڃ ته سنڌ ۾ ٿيڻي ناهي هت امينن آستان،
    ڏين ٿا ڏکوين کي جي ڀري پُر پئمان،
    فائق آهن فيض ڀريا هي فائض ۽ فيضان،
    “قادن” جهڙا ڪيترا هن درن مٿي دربان،
    وڌائي ساک سيتا جي مالڪ ملڪ منان،
    رحماني جي هن نگري کي جو رنگ ڏنو رحمان،
    سينگاريا سڀ سيتا جا سڀ بر ۽ بيابان،
    سهڻا ٿا لڳن سڀئي هي جي اڱڻ ۽ ايوان،
    سڏايو آهي سڀني کي هت دليون دريا خان،
    شاعرن کي شوق سان جيڪو د_هر ڏيندو هو دان،
    هن ٻگهيه تي آ ٻاجهه وڏي ۽ راضي رب رحمان،
    جنهن جي دل ديدرا ميمڻ سان پرت ۽ پيمان،
    شاعر سُگهڙ سڀ سڏائي عالم علم دان،
    هر ميلي جي هر موقعي تي عشق سندا اعلان،
    قربا ٿيئون هت ڪچهريون هرپل هر زمان،
    اڃا ڪي جيارا جوءِ ۾ آهن جوڳي جنگ جوان،
    هلي آيا هن محفل ۾ اڄ مرد ڪي ئي مردان،
    حافظ عبدالروُف جهڙا سهڻا ثناخوان،
    مچايو شغل شاعري جو آهي پيرل پهلوان،
    مجبور، مشهور، منصور وارا سارا سُرت سُبحان،
    گلڻ فقير جا ٻول به ٿي پيا گل ۽ گلستان،
    مهڪايو محفل کي رنگ ڏئي رمضان،
    صوفي رنگ جي سوز سُرَ سان محبت ۾ مستان.


    مجبور ميمڻ سيتائي

    تعارف

    نالو، غلام قادر ولد محمّد ميمڻ
    ادبي نالو، مجبور ميمڻ سيتائي
    ڄمڻ جو سال، 1965
    ادبي سفر جي شروعات، 1979
    ادبي استاد، پيرل پرديسي سيتائي ۽ بشير سيتائي
    جنم جو هنڌ، ڳوٺ ويجي شريف لڳ سيتاروڊ
    مليل ايوارڊ، سيتاروڊ هاءِ سڪول طرفان عنايت شاھ ايوارڊ،
    ايڊمن دريا خان سيتاروڊ طرفان بهترين شاعر جو ايوارڊ
    ۽ سندس ڪيترائي سرٽيفڪيٽ مليا.


    شاعر شعور وارا

    شهرت جي آهي سڀ کي شان جي ضرورت،
    انسان کي نه آهي انسان جي ضرورت،
    پنهنجي ئي پيٽ جي آ ۽ نان جي ضرورت،
    ڪاٿي وڃي رهي آ ايمان جي ضرورت،
    دشمن پيو ٿي جاني آهي ادا ادا جو،
    اڄ وقت ناهي رهيو ڪاٿي به چئه چوا جو.

    اخلاق جي اسان ۾ دولت رهي نه آهي،
    ڪاٿي به ڪا سچي اڄ صحبت رهي نه آهي،
    ڪنهن کي به سچ چوڻ جي جُرئت رهي نه آهي،
    برڪت پوي به ڪئين، جو برڪت رهي نه آهي،
    پُڇندو ڪو “پوُز” ڇا لئه، ڇا جي ڪندو پُڇا جو،
    هو پاڻ ٿو هڻي ڌڪ ويٺو وڏا وڏا جو.

    ڪنهن کي به يار ڪنهنجي صورت نه ٿي وڻي اڄ،
    حق ۽ حلال جي ڪا اجرت نه ٿي وڻي اڄ،
    محنت لئه تيار ناهي، محنت نه ٿي وڻي اڄ،
    غربت ٿو گار سمجھي، غربت نه ٿي وڻي اڄ،
    ڪنهنجو به ڏوھ ناهي ڪنهنجي نه آ خطا جو،
    هر چيز چوٽ تي آ بازار ۾ صفا جو.

    هر ڪو امير ٿيڻ جي آهي هتي چڪر ۾،
    ڪو ئي نه ٿو گھٽائي انسان پنهنجي پر ۾،
    ماڻهو سدائين آهي ماڻهو جي هت نظر ۾،
    نڪري وڃي نه ڪوئي مون کان هتي سفر ۾،
    هي دؤر آهي سمجهو دوکي رڳي دغا جو،
    هي شهر ٿو لڳي ڄڻ منظر آ ڪربلا جو.

    جنهن کي به کول ٿورو، ڀائو ڀريو پيو آ،
    نهنَ کان هو چوٽيءَ تائين سارو ٻريو پيو آ،
    جھوريءَ ۾ ڄڻ ته هُن جو جيءُ ئي جھُريو پيو آ،
    آسن تي سمجھ اُن جي ڦيريو ڦريو پيو آ،
    اهڙو ته ڪو ئي آيو جهوٽو آهي هوا جو،
    ساڙي ويو سمورا سڪ قرب جا سلا جو.

    شاعر شعور وارا ڇا ٿا لکن ڏسو ٿا،
    هرڪو ٻڌي سڻي ٿو، موتي جيڪي پوئن ٿا،
    پيغام قوم کي هو ڪهڙو آخر ڏين ٿا،
    مجبور در حقيقت ڪم آ سڄو پُڇا جو،
    سِرَ جو هجي يا دل جو، سودو هجي رضا جو.


    عقل ڪر ائين چئبو ناهي، دوستيءَ کي ڇا ڪبو،

    عقل ڪر ائين چئبو ناهي، دوستيءَ کي ڇا ڪبو،
    ڪهڙي ڪم جي آهي آخر، دشمنيءَ کي ڇا ڪبو.

    دل آزاريءَ ساڻ ڪنهنجي،جا خوشي حاصل ٿئي،
    درد بهتر آهي اُن کان تنهن خوشيءَ کي ڇا ڪبو.

    آدمي آهي اُهو جو آدمي جي ڪم اچي،
    گر ائين ناهي ته اهڙي آدميءَ کي ڇا ڪبو.

    جيترو به ٿي سگھئي تون نفرتن کان ڏور ڀڄُ،
    سڀ کان پهريان نفس پنهنجي نفرتيءَ کي ڇا ڪبو.

    انس جنهن ۾ ناهي سو انسان ڪو چئبو به ڇا،
    اُنس ڌر انسان ٿي ۽ چئه بنديءَ کي ڇا ڪبو.

    مان ڪرڻ وارو ٿو ماڻهو مان ۾ ئي رهجي وڃي،
    جي وڌڻ اڳتي ٿو چاهين پو خوديءَ کي ڇا ڪبو.

    قوم جي تقدير بدلائي نه ٿي مجبور جا،
    سا نه گهرجي شاعري، ان شاعريءَ کي ڇا ڪبو.


    مون کان منهنجو حال نه پُڇ،

    مون کان منهنجو حال نه پُڇ،
    ساڳيو هر هر سوال نه پُڇ.

    يار اسان ماڻهن جو ڄڻ،
    جيئڻ آ جنجال نه پُڇ.

    شعر اندر جو اُڌمو آ،
    آيو ڪئين سو خيال نه پُڇ.

    هرڻي جهڙا آئي ٿئي،
    ڇوري ڏيندي ڇال نه پُڇ.

    پنهنجو مٽ آ پاڻ هو رئيس،
    رئيس وڏي جي ڳالھ نه پُڇ.

    راتو رات امير ٿي وِيو،
    ڪئين آيو سو مال نه پُڇ.

    اڄ به اڳي کان اڳرو آ،
    هُن جي جوت جمال نه پُڇ.

    مجبور ڏسيوَ مجبوري ڇا،
    اوندھ آ احوال نه پُڇ.


    استاد بخاري جي نانءُ

    ڏُکوين کي ويتر ڏُکائي ويو
    ڪري ياد استاد يارن رُنو،
    رڳو مان نه هڪ پر هزارن رُنو،
    ٻُڍا جهور ڇا، طُفل ٻارن رُنو،
    ڀريا سڏڪا سنڌوءَ ڪنارن رُنو،
    پنهنجو يار وارو وڄائي ويو،
    ڏُکوين کي ويتر ڏُکوئي ويو.

    ڏنو روئي ڌرتيءَ نظارن رُنو،
    رنو باغ گلڙن ۽ خارن رُنو،
    خزان خود رُني ۽ بهارن رُنو
    عقيدي چيم چنڊ تارن رُنو،
    دلي دوست صدمو رسائي ويو،
    ڏُکوين کي ويتر ڏُکائي ويو.

    پريتم رُنا ۽ پريمين رُنو،
    رُنا خوب کيتر ۽ کيتن رُنو،
    ڇا سازن سُرن ۽ سنگيتن رُنو،
    ڀٽائي جي وايُن ۽ بيتن رُنو،
    ڪري قرب بيشڪ ڪمائي ويو،
    ڏُکوين کي ويتر ڏُکوئي ويو.

    رُنو هر ڪو بزمي ۽ بزمن رُنو،
    غزل گيت دوهن ۽ نظمن رُنو،
    ڇا قافين رُنو ۽ رديفن رُنو،
    ويٺا بحر روئي ۽ وزنن رُنو،
    وڏو نانءُ جڳ ۾ وڌائي ويو،
    ڏُکوين کي ويتر ڏُکوئي ويو.

    چوان ڪِيئن ته مجبور ماري ويو،
    ويو پاڻ جي، ۽ جياري ويو،
    سبق سهڻا سهڻو سيکاري ويو،
    سڌي راھ آهي ڏيکاري ويو،
    ٻڌل جا نه هُئي سا ٻُڌائي ويو،
    ڏُکوين کي ويتر ڏُکوئي ويو.


    مون ڳالهه ڪئي تنهنجي، طوفان کڙو ٿي پيو،

    مون ڳالهه ڪئي تنهنجي، طوفان کڙو ٿي پيو،
    ڪنهن هڪ نه ٻُڌي منهنجي، طوفان کڙو ٿي پيو.

    بس نانءُ اڃا تنهنجو مون يار کنيو ئي مس،
    ڦڙڦوٽ وئي پئجي، طوفان کڙو ٿي پيو.

    ير تو ته ڪيو پنهنجي اظهار محبت جو،
    پر ويري ويا وٺجي، طوفان کڙو ٿي پيو.

    خارن کي لڳيون خارون، خارن جو وڏو اُن دم،
    سمجهوُ ته ويا سمجهي، طوفان کڙو ٿي پيو.

    ڪاوڙ مان ڏسي ڪوڙهين مون کي ٿي چيو ڇاڇا،
    موضوع ئي ويو مٽجي، طوفان کڙو ٿي پيو.

    گلڙن جو چيم گڏ گڏ هر حال هجن پر ڇا،
    خارن جو ملي گڏجي، طوفان کڙو ٿي پيو.

    چاهت جي فقط چاهيم ڪا هير گھُلي ليڪن،
    نفرت جو ڪُڌو بڻجي، طوفان کڙو ٿي پيو.

    محفل ۾ ٻڌو هر ڪنهن آواز اهو آيو،
    مجبور ويو رهجي، طوفان کڙو ٿي پيو.


    مايوس مان نه ٿيندس، مايوس ڇو ٿيان مان،

    مايوس مان نه ٿيندس، مايوس ڇو ٿيان مان،
    ملندو ضرور ملندو جو حق پيو گھُران مان.

    ڍائو ته آهي ڍائو، بُکيو بُکيو ئي آهي،
    ڍائي سان اوگرايون بُک جون ويٺو ڏيان مان.

    ڪاٺي سڌي تي بيشڪ هوندو آ بارُ يارو،
    آهيان سڌو تڏهن ٿو هيڏو وزن کڻان مان.

    گهڙڻو ته پوءِ ڪنهن کان ڪهڙو ڪو گھيڙُ پڇڻو،
    فڻگون لڳيون ته ڇاهي، ڦڻگن کان ڇو ڊڄان مان.

    سچ ٿو چوان هميشه سچ ساڻ آهيان شامل،
    ڪچ ڪوڙ جي ڪڏهن ڀي اوڏو نه ٿو اچان مان.

    پنهنجي جو آهيان ٻانهو، پنهنجي جو آئون ٻيلي،
    ڪنهن غير ساڻ ڪو ئي رستو نه ٿو رکان مان.

    هن قوم حُسن جي لئه استاد هيئن چئي ويو،
    ڇا قوم تي لکان مان، ڇا حسن تي لکان مان.

    مختيار ڪين ليڪن مجبور مان به آهيان،
    هيءَ ڳالهه ڇو لڪايان، هيءَ ڳالهه ڇو رکان مان.


    منهنجي محبت جو رکيو تو نه ڀرم، سمجهان ٿو،

    منهنجي محبت جو رکيو تو نه ڀرم، سمجهان ٿو،
    مون تي ڇو ٿو تون ڪرين ايڏو ستم، سمجهان ٿو.

    وار نظرن جو ڪري ۽ تو ورائي نه ڏٺو،
    ڪير ڪريو هو، ويو ڪنهنجو هو دم، سمجهان ٿو.

    تنهنجي مرضي او مٺا جيئن به هلين تون مون سان،
    مان ته دنيا کان سڄڻ توکي اُتم، سمجهان ٿو.

    پيار مجبور ڪبو پوءِ ڀلي ڇا به ٿئي،
    پيار کي ڏوھ نه ڪو مان ڪو جُرم، سمجهان ٿو.


    پيرل پرديسي جي نانءُ

    چيو شمس ڪنهن ستارو چيو آ،
    بُخاريءَ به جنهن کي ادارو چيو آ،
    ۽ پرديسي ماڻهو پيارو چيو آ،
    ونڊيندو علم جي سو دولت اچي پيو،
    ادب جي ڪندو خوب خدمت اچي پيو.

    نمايان ادب ۾ سندس نام آهي،
    لڪيل آ نه ڪنهن کان نه گمنام آهي،
    ڏنو جنهن محبت جو پيغام آهي،
    هتي خاص آهي ۽ هو عام آهي،
    ڪندو شوق الفت ۾ شهرت اچي پيو.

    ڪندو هر ماڻهو سان وڏو پيار آهي،
    ڏيندو قرب ڏاڍو آ، قربدار آهي،
    سدائين سو يارن سندو يار آهي،
    سچو آهي ساٿي ۽ سچار آهي،
    ڪندو حق ۽ سچ جي حمايت اچي پيو.

    انهيءَ کي هي سمجھي نه سمجھي زمانو،
    مگر يار بيشڪ سو آهي يگانو،
    ۽ پنهنجو ته آهي، نه آهي بيگانو،
    وٽس علم دولت جو آهي خزانو،
    ونڊيندو علم جي سو ئي دولت اچي پيو.

    سدا هر گهڙي جو مون کي ياد آهي،
    سو منهنجو ته سائين ۽ استاد آهي،
    مون مجبور کي به ڏيندو داد آهي،
    زنده باد آهي، زنده باد آهي،
    ڪندو هڪ اِها ڄڻ عبادت اچي پيو،
    ادب جي ڪندو خوب خدمت اچي پيو.


    محمد بچل بيوس

    تعارف

    نالو،محمد بچل ولد خدا بخش سولنگي
    ادبي نالو،محمد بچل بيوس
    جنم جو هنڌ، سيتاروڊ
    جنم جو سال، 1957
    ادبي سفر جي شروعات، 1980
    اڻ ڇپل مواد هڪ مجموعي جيترو
    ايڊريس، نزد ميمڻ محله اسڪول سيتاروڊ
    فون، 03443053023


    خدا ڪري ته اچن ڏينهن ڪي قرارن جا،

    خدا ڪري ته اچن ڏينهن ڪي قرارن جا،
    اي دوست قرب محبت ۽ دم ديدارن جا.

    ملن سلام نوان روز يار جي طرفان،
    ۽ روز ميلا هُجن هوند يار يارن جا.

    پڪا ۽ پختا هُجن پنهنجي نِينهن جا ناتا،
    ٽُٽَن نه چاهي هجن اُن ۾ هٿ هزارن جا.

    روئن ته دوست لڳي ماٺ عشق وارن کي،
    کلن ته گل به ٽڙي ٿا پون بهارن جا.

    ٽپي ٽپي ۽ ڪٿي دل نه پئي ٽُٽِي ڇو جو،
    رکي رکي ٿا پَوَن پُور مونکي پيارن جا.

    دُکي دُکي نه ٻري باهه ڪا پوي همدم،
    سڙي ٻري نه وڃن گهر به پاڙي وارن جا.

    دعا قبول پوي هوند هِن دُعاڳوءَ جي،
    کُٽي ۽ ختم ٿين ڏينهن انتظارن جا.

    الائي ڪهڙو سبب آهي ۽ الائي ڇو،
    پِٽي ٿو سور هِتي هر ڪو حُسن وارن جا.

    هُجان ته برهه ۾ بيوس بچل سدائين هُجان،
    ۽ خوب لطف هُجن نينهن جي خُمارن جا.


    تنهنجي معصوم نگاهن جو اثر ڪو ته ڏسي،

    تنهنجي معصوم نگاهن جو اثر ڪو ته ڏسي،
    تون جتان گُذرين ته ماڻهن جو حشر ڪو ته ڏسي.

    گر ڏنگي نانگ مڃان ٿو سو بچي ٿي ٿو سگهي،
    پر بچي ڪيئن ڏنگيل تنهنجو زهر ڪو ته ڏسي.

    حُسنِ يوسف کي ڏسي ويٺيون سڀئي هٿڙا ڪٽي،
    هي به هڪـ حسن جو آ لطفِ بحر ڪو ته ڏسي.

    جت نقابن کان سوا حسن ٿو پرواز ڪري،
    اُت هي قهرام سرِعام قهر ڪو ته ڏسي.

    هيڏي دنيا مان کڻي سرڙو تريءَ تي عاشق،
    آيو محشر ۾ قيامت جو ثمر ڪو ته ڏسي.

    ابتدا عشق آ منصوري ۽ ڪربل ته آهي،
    انتها عشق جو هي پويون پهر ڪو ته ڏسي.

    تنهنجو بيوس هي بچل يار سيتائيءَ جي مٿان،
    آهي هر وقت هي رحمت جو ڪڪر ڪو ته ڏسي.


    /

    /

    الف جو رک عشق دل ۾ ميم جو مستانو ٿي،
    دوست ايڏو ٿيءُ دانا يا ڪوئي ديوانو ٿي.

    عشق جو آڙاهه ٿي يا مشڪـ جو ڪو سمنڊ تون،
    شمع ٿي جل ڪِٿي يا شوق ۾ پروانو ٿي.

    نينهن ۾ ڪو شينهن ٿي ۽ ڪر ڪوئي شاهي شڪار،
    يا وري ڪنهن ديد ور جي ديد جو نيشانو ٿي.

    ڪنهن جي دل جو راز ٿي يا قوم جو آواز ٿي،
    ڪر دليري ڪا اُٿي ڪو مرد ٿي مردانو ٿي.

    وقت جو تون ٿيءُ موسيٰ وقت جو فرعون ڏس،
    وقت جي فرعون لاءِ ڪو موت ٿي ويرانو ٿي.

    ڳائي جنهن کي هي زمانو ۽ پڙهن صديون اُهو،
    قِصئه منصور ٿي يا طُور جو افسانو ٿي.

    وس ۾ تنهنجي آهي جيڪي سو تون پنهنجو وس ته ڪر،
    اي بچل بيوس نه ٿي ۽ تون نه ڪو بيگانو ٿي.


    تنهنجي هر وقت سڄڻ ياد ته ماري وجهندي،

    تنهنجي هر وقت سڄڻ ياد ته ماري وجهندي،
    هي جُدائي ته جگر جيرا به ڳاري وجهندي.

    زندگي ڀر مون سوين سور سَٺا هِن جيڪي،
    سي سڀئي سور وري دل ۾ اُڀاري وجهندي.

    تنهنجي هن درد جي دونهين جا دُکي ٿي دل ۾،
    سا دُکي نيٺ دُکي باهه ڪا ٻاري وجهندي.

    آ خبر توکي ڏسڻ لئه ٿي ڪيڏي دل تڙپي،
    تنهنجي هڪـ جهلڪـ سڄي عمر سنواري وجهندي.

    هيڏيون منٿون ۽ هي ميڙون به ڏِسي پو ته هي دل،
    جي نه پرتين ته روئي راڄ روئاري وجهندي.

    تنهنجي هِن درد کان جا دانهن ٿي نڪري دل مان،
    سا سڄڻ دانهن سڀئي عرش به ڏاري وجهندي.

    ڪيڏي بيوس کي هي سڪرات هُجي پوءِ به مگر،
    تنهنجي آمد هي سڄڻ موت به ٽاري وجهندي.


    زندگي جيئن به هي گذري سا گذاري ويندس،

    زندگي جيئن به هي گذري سا گذاري ويندس،
    ڪنهن جي اڳيان نه ڪا ڪمزوري ڏيکاري ويندس.

    زندگي ڀر نه شڪايت ڪا زبان تي رهندي،
    جئين ٺري باهه سڄڻ دل جي سا ٺاري ويندس.

    پنهنجي هستيءَ کي ڏئي مات ساري دنيا ۾،
    تنهنجي الفت جي ستاري کي اُڀاري ويندس.

    هي جُدائيءَ جو زهر دوست مان سُقراط جان پِي،
    خون اکين مان عيوض آب جي هاري ويندس.

    منهنجو هي موت جو منظر ڀي ڀيانڪـ هوندو،
    واٽ ويندن کي ڀي رستن تي روئاري ويندس.

    ايڏو بيوس نه آهيان پوءِ به مگر تنهنجي ڪري،
    جيت هوندي به بازي عشق جي هاري ويندس.


    مون ڇا ٿي ڏسڻ چاهيو ڇا ڇا نه نظر آيا،

    مون ڇا ٿي ڏسڻ چاهيو ڇا ڇا نه نظر آيا،
    ادنيٰ به ڪڏهن اعليٰ انسان نظر آيا.

    قاصد جو کڻي آيو پيغام محبت جو،
    محبوب اچڻ جا اڄ امڪان نظر آيا.

    محبوب جي محفل ڀي محبوب هئي جنهن ۾،
    حورون ٿي نظر آيون غلمان نظر آيا.

    يوسف ۽ زليخا جيئن ڪي ٻيا به سوين جڳ ۾
    صورت جا ۽ سيرت جا سلطان نظر آيا.

    ماڻهن جي ته نظرن ۾ ماڻهو ئي نه ها جي سي،
    مڪي ۽ مديني جا مهمان نظر آيا.

    هي شمع محبت جي ٻرندي هي رهي پوءِ ڀي،
    توڙي جو هزارين اُت طوفان نظر آيا.

    بيوس ته آهي بيوس باوس به مگر مون کي،
    محبوب اڳيان يارو بي جان نظر آيا.


    تنهنجي گر پيار جي ذرڙي به عطا ٿي پوندي،

    تنهنجي گر پيار جي ذرڙي به عطا ٿي پوندي،
    دل جي هر درد جي اي دوست دوا ٿي پوندي.

    تون بنا پردي ملين مون سان ته هڪـ بوسي جي،
    ڪيڏو ڪنٽرول ڪيان پوءِ به خطا ٿي پوندي.

    راههِ الفت ۾ ڪا تقسيرِ وفا ٿي به پئي،
    اهلِ اُلفت جي اڳيان منهنجي گِلا ٿي پوندي.

    تون ڏسي ناز مان مرڪين ته قسم تنهنجي لئه،
    دل مان جا آهه ٿڌي نڪتي دُعا ٿي پوندي.

    منهنجي ڪکڙن ۾ اچين پير ڀري منهنجي لئه،
    تنهنجي قدمن جي مٽي خاڪـِ شفا ٿي پوندي.

    زندگي ڀر نه مگر هڪڙي گهڙي بيوس وٽ،
    ٿيندي مهمان سڄڻ پوري صدا ٿي پوندي.


    خبر نه ٿي ڪا پوي دلربا اڃا تائين،

    خبر نه ٿي ڪا پوي دلربا اڃا تائين،
    اٿئي ڪا دل ۾ الائي ته ڇا اڃا تائين.

    اٿم ڪو تنهنجو وڏو سور ڇا پُڇين ٿو تون،
    ٽِمن ٿا نيڻ ٿو ڄاڻي خدا اڃا تائين.

    ڏسي ته غير کي توساڻ مونکي تنهنجو قسم،
    سڙي ٻري ٿو وڃان مان صفا اڃا تائين.

    ڪيا جي قول تو مونسان هُئا اهي جاني،
    وساريان ڪيئن سي وسرن نه ٿا اڃا تائين.

    ڀلي نه ڪر تون وفا بي وفا چوين ڇو ٿو،
    ڪندو اچان ٿو سڄڻ مان وفا اڃا تائين.

    ڪيو تو راز سڄو غير سان ته منهنجو پر،
    کُلي نه تنهنجي مٺا ڳالهه ڪا اڃا تائين.

    هي بي رُخي نه بچل ساڻ توکي واجب آ،
    اچين نه ٿو تون اڱڻ ڇو ڀلا اڃا تائين.


    دوستن سان دُشمني ڇو ٿا ڪيو،

    دوستن سان دُشمني ڇو ٿا ڪيو،
    دشمنن سان دوستي ڇو ٿا ڪيو.

    ڪنهن جي حسرت کي ملائي خاڪـ ۾،
    زهر ڪنهن جي زندگي ڇو ٿا ڪيو.

    خود ڪري هٿ سان قتل ان جي مٿان،
    قبر تي پوءِ روشني ڇو ٿا ڪيو.

    دوستي ۽ دشمني ظاهر رکو،
    وار پردي ۾ لڪي ڇو ٿا ڪيو.

    ڪنهن جي دل کي ڪو متان صدمو رَسي،
    ڳالهه اهڙي بي سُري ڇو ٿا ڪيو.

    واجبي بي واجبي اي دوستو،
    ڪنهن جي جڳ ۾ دل دُکي ڇو ٿا ڪيو.

    جو ڏسي دنيا ڪري نفرت ڀلا،
    ايتري ڀي سادگي ڇو ٿا ڪيو.

    هر گهڙي بيوس بچل سان بي رُخي،
    ايتري بي واجبي ڇو ٿا ڪيو.


    چوسٽا

    ڪِٿي انگ اُگهاڙا بکارا ٿا ڏسجن،
    ڪٿي ماڻهو بي گهر پيارا ٿا ڏسجن.
    وڏو مسئلو آ اٽي ۽ لٽي جو،
    هي بيوس هزارين ويچارا ٿا ڏسجن.

    ==
    ڏکيو يار ڏاڍو سويرو لڳي پيو،
    وڏيرو واپاري لُٽيرو لڳي پيو.
    ڏيون دانهن ڪنهن کي کڻون ڪنهن جو نالو،
    ڏسون ٿا ته پنهنجن جو پيرو لڳي پيو.

    ==
    جيئڻ ۽ جيارڻ جي جڳ ۾ او سائين،
    جيو ۽ سدائين جياريو ته وهوا.
    سچائي وفائي جو ساگر تي ساگر،
    پيئو ۽ هٿن سا پيئاريو ته وهوا.
    ==
    قرب تنهنجو تمام هوندو آ،
    دل کي فرحت آرام هوندو آ.
    تون آن رسندو ته پوءِ سڄڻ منهنجو،
    کاڌو پيتو حرام هوندو آ.
    ==
    ياد تنهنجي اگر وري پوندي،
    باهه دل ۾ دُکي ٻري پوندي.
    ياد سان گڏ جي تون اچي نڪرين،
    پوءِ ته رڳ رڳ سڄڻ ٺري پوندي.


    سقراط سيتائي

    تعارف

    نالو، شبير احمد سومرو ولد محمد حسن سومرو
    ادبي نالو، سقراط سيتائي
    جنم جو هنڌ، مرک پور دادو
    ادبي سفر جو شروعات، 1977
    ادبي اُستاد، پيرل پرديسي سيتائي،

    ڇپيل ڪتاب اردو ۾،
    1،زلزله داستان، 2، زلزله داستان، (ڪشمير ۽ سرحد ۾ آيل ڌرتي ڌوڏ جي متاثرن جون حقيقي ڪهاڻيون ۽ تباهي جي رپوتاز)
    3، لهو ميرا رائگان نهين هي (لعل مسجد سانحي جي تحقيقي رپورٽ.
    4، سنڌ ڪلاسڪ (اردو) (سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جو اردو ويسُ)
    5، ميري کهاني (پاڪستان جي مشهور شخصيتن جون آتم ڪٿائون)
    سنڌي ڪتاب،6، جيڏانهن ڪريان پرک....(ايران جي سدا ملوڪ شاعره ۽ مبلغه قرت العين طاهره تي جميلا هاشميءَ جي ناول جو سنڌي ترجمو)
    7، “misfit ماڻهوءَ جي شاعري” (شاعريءَ جو مجموعو ڇپائي هيٺ)
    فون، 03313328823


    اُٿ ورهايون اڄ هلي هر جاءِ تي،

    اُٿ ورهايون اڄ هلي هر جاءِ تي،
    پرھ جي آمد سندا پرچا، پرين.

    ماڻهپي جي موت تي ماتم ڪري،
    بار دلين جا، ڪريون هلڪا، پرين.

    هر ڪو سوگهو ٿي سگهي ٿو ڏوھ ۾،
    ڪنهن جا ڪنهن جا مان کڻان نالا، پرين.

    هر ڪو چهري جي مٿان چهرا رکي،
    ٿو هتي ڏيندو وتي دوکا، پرين.

    جو مان سوچان ٿو، اُهو ٿئي سچّ ۽،
    شال سپنن جي ڏسون ساڀيا، پرين.

    ڪجھه ڏهاڙا ڏک جا گذرن رڳو،
    پاڻ ڀي پو تو جيان آجا، پرين.

    هرڪو آدرشن پُٺيان ڊوڙي پيو،
    هرڪو پنهنجا ٿو رکي ماپا، پرين.


    هُن ڪيو پاڻ زماني جي حوالي مون کي،

    هُن ڪيو پاڻ زماني جي حوالي مون کي،
    منهنجي وکرڻ تي وري ڇو ٿي سنڀالي مون کي.

    شهر جي شانَ کي ليکيو ئي نه ٿي مون ليڪن،
    ڳوٺ پنهنجو نه ڪيو هڪ وار هڪالي مون کي.

    راتيون رستن کي رضا مند ڪندي ٿم گذريون،
    سوجهرو سوچ ڪيو عرض اُجالي مون کي.

    صبح سان سونهن جڳائي يا وڄي ساز ڪو،
    ايئن فطرت جي کڻي هنج ۾ پالي مون کي.

    ميم_ الف_ نُون جو ورجاءُ هيو سِٽَ سِٽَ ۾،
    ڏاڍو بيزار ڪيو تنهنجي مقالي مون کي.

    مون ڌرم_دين جي اوندھ ۾ ٿاڦوڙا ٿي هنيا،
    رستو مسجد جو ڏسيو رات شِوالي مون کي.

    ڪالهه تائين ته محبت جي وڏي دعوا هئي،
    اڄ سندس چئي تي پيو ڳوٺ هڪالي مون کي.


    اچي ٿي سانجهي اُداسيءَ جون اجرڪون اوڍي،

    اچي ٿي سانجهي اُداسيءَ جون اجرڪون اوڍي،
    ۽ لاهي لاش ڍڪي ٿي سڄي گهراڻي جو.

    پچار ڪا نه ڪيئين، پيڙجي بلاول ويو،
    ڀُتو ٿيڻ نه ڏنائين ڀروسو به گهاڻي جو.

    سواد سچ جو ڪڙو آ تڏهن ته ماڻهن جي،
    زبان زهر ڀري ۽ مزاج ماڻي جو.

    توهان ته تن کي صليبون کڻائيندا آهيو،
    سُڪر جا سپنا اُڻي جو ۽ ساڀيان آڻي جو.

    سموري رات اڪيلو جليو ۽ روئندو رهيو،
    پتنگ پاڙيسري هو ڏيئي اُجهاڻي جو.

    هتان کان سونهون اسان جو اهو ٿئي جيڪو؛
    اسان جي ڳوٺ جي ڏک کي وڌيڪ ڄاڻي جو.

    اسان کان ڳوٺ جون ڳالهيون ٿا شهر وارا پُڇن،
    آهي ڪو ڳوٺ ۾، هيڏي جواب اُماڻي جو؟

    اڃا ته نينهن جي آهيوَ ڇوڪراڻي وهي،
    اوهان کي قدر به ڪهڙو آ غم پُراڻي جو.


    نظم : محبت ڌوٻڪو ڌنڌو ڪري ٿي درد وندن سان،

    پُسائي، کُنڀ تي چاڙهي،
    ڏئي ٿي آڳ اندران کان،
    مٿان کان ميري چادر ڏئي،
    نِهائين نينهن جو ناتو،
    ته ٻاهر ٻاف نا نڪري
    لهي ٿو کُنڀ جڏهين پوءِ
    هڻي صابڻ اُجاري ٿي
    ڪڍي ٿي داغ تن من جا
    سَٽي پٿر تي ماري ٿي
    ڏئي غوطا گُليءَ ۾ ٿي
    ڇنڊي ڌُپ ۾ پڌاري ٿي
    لڳي ٿي اُس اداسي جي
    سُڪائي ساھ، اُتاري ٿي
    ٿئي ٿي استري ڳاڙهي
    تپي تن تي تنواري ٿي
    لهن ٿيون سلوٽون سڀئي
    جُسو نئين سر جياري ٿي _
    تِهان پوءِ ٿا اُگهامُون ۽
    ملڻ واجب ٿئي محبت سان _
    محبت ڌوٻڪو ڌنڌو
    ڪري ٿي درد وندن سان.


    مُلاقات

    ويهن ورهين بعد ملياسين،
    ڏسندي هڪ ٻئي کي، ڇرڪياسين.

    ’’ڪيئن آهيو‘‘ ۽ ’’ڪاٿي آهيو‘‘؟
    ’’هيڏو عرصو ڪيئن گذاريوَ؟‘‘
    ڪيڏا سطحي سوال پڇياسين _

    هن جي چيچ سان سهڻو ننڍڙو،
    مون سان گڏ هئي منهنجي گڏڙي _

    هوڏانهن منهنجو “صاحب” آهي،
    ۽ هن پاسي هوءَ منهنجي “مسز” آ

    “ اڄ ڪلهه ڪهڙي مصروفيت آ”
    شعر اڃا ڀي لکندا آهيو؟

    هُن جي سَوَلن سوالن جو ڀي،
    مون وٽ ڄڻ ته جواب نه هو ڪو،
    اکيون کڻي هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺوسين،
    ايئن جواب سڀئي پڙهياسين،
    ۽ پوءِ هي ٻاتا ٻول ٻُڌاسين،

    اَمي ! انڪل روئي ڇو ٿو؟
    اَبو! آنٽي روئي ڇو ٿي؟”

    ويهن ورهين بعد ملياسين !!


    گيت

    آهين جي تون ته ناهي،
    ناهين جي تون ته آهي_
    هي درد منهنجي دل جو، ڇا ٿو الائي چاهي.

    چاهت جون چاڙهيون چڙهندي،
    مون کي ٿو هيٺ لاهي_
    هي درد منهنجي دل جو، ڇا ٿو الائي چاهي.

    ٻُڌُ! دوستيءَ جي پٺيان،
    منهنجو مفاد ڇاهي_
    هي درد منهنجي دل جو، ڇا ٿو الائي چاهي.

    سو پڻ آ گهر جو ڀاتي،
    جو گهر تي آيو ڪاهي_
    هي درد منهنجي دل جو، ڇا ٿو الائي چاهي.

    ڪو پيار پيو ٿو پالي،
    ڪا سونهن پئي ٿي ساهي_
    هي درد منهنجي دل جو، ڇا ٿو الائي چاهي.

    هي دوست جو چوڻ آ،
    هو ڏس ڏنو هو ڏاهي_
    هي درد منهنجي دل جو، ڇا ٿو الائي چاهي.

    جنهن ڪو جيئڻ مرڻ جو،
    رستو ڇڏيو ئي ناهي_
    هي درد منهنجي دل جو، ڇا ٿو الائي چاهي.

    دل کي ٿو داد ڏئي ۽،
    ٿو سهپ کي ساراهي_
    هي درد منهنجي دل جو، ڇا ٿو الائي چاهي.


    وائي

    شهر اچي ڀوتار،
    آکي ٿو ڪمدار،
    ڳالهه اچيم ٿي سمجهه ۾.

    پرديسيءَ کي ڪو پتو،
    ڪو نه ڏسين ٿا يار،
    ڳالهه اچيم ٿي سمجهه ۾ .

    شهر گُهمڻ جي لئه کپن،
    سڀ کيسا ٽُٻ ٽار،
    ڳالهه اچيم ٿي سمجهه ۾ .

    ڪونهي قرب ذري ڪٿي،
    سوداگر سنسار،
    ڳالهه اچيم ٿي سمجهه ۾.

    چار اکر ٿم پيٽ ۾،
    بخش ڪجو ڀوتار،
    ڳالهه اچيم ٿي سمجهه ۾.


    ماپ جي فڪر ڊيگهه ويڪر ۾،

    ماپ جي فڪر ڊيگهه ويڪر ۾،
    عمر گذري ڪِرائي جي گهر ۾.

    در کي محفوظ ڪئين سمجهان مان؟
    جي اُڏهي لڳل آ سَر در ۾.

    منهنجي پاڙي جي هيءَ سڃاڻپ ٿئي؛
    ڪي ئي تالا لڳل هر در ۾.

    تنهن کي گهر جو پتو ٻُڌايان ڪئين،
    جنهن ٿي احوال ورتا بازر ۾.

    ريز گاري به هو ڪندو واپس،
    اهڙي اُميد نه هُئي هاڪر ۾.

    پيار تنهنجو حجاب ۾ ويڙهيل،
    تنهنجي “هائو” لڪل هئي نهڪر ۾.

    جيسين مان هُو گهٽي مُڙيس تيسين،
    هوءَ بيٺي هُئي در جي اوڍر ۾.

    هُن به ڪو فيصلو اڃا ڪيو ناهي،
    مان به آهيان اڃا ته ٻُڏتر ۾.

    ساٿ سقراط جو جي پنهنجا ڏين،
    ساري دنيا ٿئي پنهنجي ٺوڪر ۾.


    رستي تان ورندِي،

    رستي تان ورندِي،
    هٿ مهٽي مرندِي.

    سوچ نه مشڪل لاءِ،
    ايندِي يا ٽرندِي.

    بي وقتين ڳالهين جي،
    وقت گُهري ورندِي.

    اوسيئڙا _ آسون،
    عمر وڃي ڳرندِي.

    راھ _ مسافر لاءِ،
    لاٽ پئي ٻرندِي.

    سچ جي هر ٻيڙي،
    لُڏندي پئي ترندِي.

    منهنجي ڪا نه سَري،
    تنهنجي ڪئين سَرندِي؟


    حالتن سان نه ٿو ٺهين سُقراطَ،

    حالتن سان نه ٿو ٺهين سُقراطَ،
    تون به مشڪل هتي رهين سُقراطَ.

    تنهنجي هوندي ته عرس ۽ عيدون،
    نه ته محرم جي آ ڏهين سُقراطَ.

    تون به ٻين جئان ٿي ئي وڃين خوشحال،
    ٿورڙو هيٺ جي لهين سُقراطَ.

    تنهنجا ساٿي اڳوڻا ڪاڏي ويا،
    هيڪلو ڏاڍ پيو سهين سُقراطَ.

    ايتري گهر ۽ پيٽ جي ڳڻتي،
    ڍور وانگيان پيو وهين سُقراطَ.

    اڳتي پنهنجن سان گڏ ئي گُهمندو ڪر،
    ڏاڍو پنهنجن سان ٿو ٺهين سُقراطَ.


    مسرور سيتائي

    تعارف

    نالو، رستم علي ولد حمزه علي ميمڻ
    ادبي نالو، مسرور سيتائي
    ڄمڻ جو هنڌ، اُميديرو لڳ سيتاروڊ
    ڄمڻ جي تاريخ، 01.04.1971
    ادبي سفر 1985 کان 2011 تائين
    ڇپيل ڪتاب، ڪو به نه
    وفات، 21 نومبر 2011


    21 نومبر 2011 تي سرجيل سندس آخري تخيل.


    وائي

    مون کي جيڏيون ڏَسڙو ڏس،
    مان پهچان پار پنهل جي

    مون کي وٺي وئي ننڊ وري،
    پنهل کڻي ويا زورئون زوري،
    هاڻي ڪو نه هلي ٿو وس،
    مان پهچان پار پنهل جي

    چوليءَ منهنجي داغ لڳي ويو،
    ڪنڌ شرم کان يار جھُڪي ويو،
    ڌوئڻ سان ڪا نه لهي ٿي ڪس،
    مان پهچان پار پنهل جي

    پنڌ پراهون رات انڌيري،
    ڪو نه ڪئي ڪا تُرت تياري،
    واٽون هن ويھهَ، ناهي هڪڙو گس،
    مان پهچان پار پنهل جي


    ڀڳڙن مُٺ هن جذبا منهنجا،

    ڀڳڙن مُٺ هن جذبا منهنجا،
    ڪي ٿا ڀورن، ڪي ٿا هارن.

    قيمت ڄڻ ڪا ناهي تن جي،
    ڪي ٿا لوڙهن، ڪي ٿا وارن.

    شايد سّڪو کوٽو آهيان،
    ڪي ٿا اُڇلن، ڪي ٿا ٽارن.

    مِشنين جو ڪو پرزو آهيان،
    ڪي ٿا ٺاهن، ڪي ٿا کارن.

    مست ديوانو پاڳل سمجهي،
    ڪي ٿا گهائن، ڪي ٿا مارن.

    سپنا منهنجا ڏين ٿا ڌوڪا،
    ڪي ٿا ٻوڙن، ڪي ٿا تارن.


    منهنجي دل سڙي سانورا سحر تائين،

    منهنجي دل سڙي سانورا سحر تائين،
    نه پيڇو ڇڏيو غم يڪو قبر تائين،

    پُڳو ڪو نه قاصد آ پرديس شايد،
    ويو لاش لٽجي هِتي، خبر تائين.

    اجهو هيڏِهان يا ته هوڏانهن ايندو،
    وڙهيس موت سان آخري پهر تائين.

    ڪناري ڪنڌيءَ جي نهاري نهاري،
    مون ڳوليو آ هُن کي حَد_ نظر تائين.

    وڪوڙن ٿيون ويتر اي “مسرور” هاڻي،
    ڀُلائي ڏٺو مون وڏي جبر تائين.


    ناهين، هتڙي ميل به ڪهڙا،

    ناهين، هتڙي ميل به ڪهڙا،
    توبن ساجن کيل به ڪهڙا.

    ساڳي خوشبو ناهي چمن ۾،
    گل پوءِ ٽڙيا هيل به ڪهڙا.

    تارن ۾ ناهي ڪا جهرمر،
    رات اُٻاڻي ويل به ڪهڙا.

    فرحت تنهنجي ڀِڳل بدن جي،
    مُشڪ عنبر ۽ تيل به ڪهڙا.

    جڪڙيو آهيان عشق ۾ تنهنجي،
    مسرور اڃا جيل به ڪهڙا.


    رُساما نه ڪر تون رُسڻ ٺيڪ ناهي،

    رُساما نه ڪر تون رُسڻ ٺيڪ ناهي،
    ڳنڍي نيهن ناتو ڇنڻ ٺيڪ ناهي.

    ٺهي ٿو ته سامهون اچي وار ڪر تون،
    پُٺيان تير پُٺ ۾ هڻڻ ٺيڪ ناهي.

    جدائي جو لمحو آ سڪرات مون لئه،
    مٿان ڪا سزا ٻي ڏيڻ ٺيڪ ناهي.

    جُڳائي ٿو توکي ته بيمار کان پُڇ،
    ڀلا ڇا اسان کان پُڇڻ ٺيڪ ناهي.

    ٿو اغيار اڳيان ڏسين منهن ڦيرائين،
    کِلي غير سان ائين ملڻ ٺيڪ ناهي.


    دل جا خالي ايوان ته ڏس،

    دل جا خالي ايوان ته ڏس،
    پنهنجن جا هي احسان ته ڏس.

    ڀريل پيار سان دليون ڀورن،
    ويري اڄ جا انسان ته ڏس.

    راتيون جاڳي جيڪي سارن،
    ڏينهن جا سي نادان ته ڏس.

    هڪ وائي تي روئن ويٺا،
    شاعر جا ڪي ديوان ته ڏس.

    اکين ۾ هن جايون جنهن لئه،
    نخريلا سي مهمان ته ڏس.

    انسانن جي شڪلين وارا،
    هي ڍور ڍڳا حيوان ته ڏس.

    اونڌي ڪاتيءَ ساڻ ڪُهن ٿا،
    “مسرور” مُڏا سامان ته ڏس.


    دنيا ادب جي ۾ اچڻ ٿو گُهران،

    دنيا ادب جي ۾ اچڻ ٿو گُهران،
    وزن بحر سارو سکڻ ٿو گُهران.

    ڪو ڳولڻ به چاهي نه ڳولي سگهي،
    گهرائي ۾ اهڙو وڃڻ ٿو گُهران.

    مان مايوس هرگز نه ٿيندس ڪڏهن،
    ڪڙي ويل سان منهن ڏيڻ ٿو گُهران.

    شمع کي ٿو شعلو مان سمجهان پرين،
    پتنگ ٿي اُنهيءَ ۾ پچڻ ٿو گُهران.

    حَسين رات گذري سڄڻ ساڻ گڏ،
    کڻي ڍير خوشيون وڃڻ ٿو گُهران.

    نه “مسرور” وسري سڄي زندگي،
    اهڙو شعر ڪوئي چوڻ ٿو گُهران.


    پاڳل من پرچائي ويٺو،

    پاڳل من پرچائي ويٺو،
    گيت ملڻ جا ڳائي ويٺو.

    جڏهين اکڙيون لڳيون آهن،
    دل جو چين وڃائي ويٺو.

    نيٺ اسان ڏي ميت به ايندا،
    ڳوڙهن سان ڳالهائي ويٺو.

    اکڙين جا ٿيا جهرمر شيشا،
    خالي جھول پُسائي ويٺو.

    نيهن ۽ ناتو ڇنبو ناهي،
    پانڍين کي سمجهائي ويٺو.

    وقتي مرڪي وقتي روئي،
    ٿڌڙا ساھ لڪائي ويٺو.

    عشق جي دنيا آباد هُجي،
    مچ “مسرور” مچائي ويٺو.


    خيالن ۾ ٺاهي ٿو واريءَ جو گهر،

    خيالن ۾ ٺاهي ٿو واريءَ جو گهر،
    ڊهي ٿو پوي جئينءَ هاريءَ جو گهر.

    پناهن جو مُتلاشي پانڌيئڙو ڏس،
    پُڳو آ اُتي، جت انڌاريءَ جو گهر.

    نه ڪو داد آهي، نه فرياد آهي،
    نه قاضي جو آ هي، قهاريءَ جو گهر.

    سُهاڳڻ وئي ٿي ڏهاڳڻ آ هڪدم،
    ويو آهي لُٽجي ويچاريءَ جو گهر.

    اي مسرور زخمي پيو روح ٿي آ،
    وسن ٿا پٿر، ڄڻ آ ڪاريءَ جو گهر.


      چوسٽا

    پنهنجو آيو وارو آهي،
    ورڻو سڀ کي يارو آهي،
    خالي عڪس ۽ خالي پاڇا،
    دنيا سڀ ڏيکارو آهي.
    ==
    چڪوري نه چانڊاڻ ڪائي رهي آ،
    نه محفل اُها آ،نه ٻائي رهي آ،
    ويا ڏَس مسرور پتنگا هي ڪاڏي،
    اندر کي اونداهي کائي رهي آ.
    ==
    وريو واءُ آ ٿورو ٿورو،
    مند ۾ ساءُ آ ٿورو ٿورو،
    آهي مسرور اڃا آسرو،
    وڌيو گهاءُ آ ٿورو.
    ==
    آ ٿيو سڀ ڪجھ ويران دوست،
    گهر جو جليو سامان دوست،
    هاڻي ڪهڙا ليکا ڪنهن سان،
    منٽ جو آهيان مهمان دوست.
    ==
    گهاءَ لڳن ٿاڏاڍا گهرا،
    قيد ته ڪي ٻيا هيسيل چهرا،
    ساھ کڻڻ ڀي آهي مشڪل،
    ساڳي وردي ساڳيا پهرا.


    سليم سيتائي

    تعارف

    نالو، محمد وارث سولنگي ولد الله ڏنو سولنگي
    ادبي نالو، سليم سيتائي
    جنم جي تاريخ، 14.02.1966
    جنم جو هنڌ، راڌڻ اسٽيشن
    ادبي سفر جي شروعات، 1988 (شاعر،ڪهاڻيڪار)
    ادبي استاد، پيرل پرديسي، انور شاد
    اڻ ڇپيل مواد، هڪ مجموعي جيترو
    مليل ايوارڊ، ڀٽائي آرٽس ڪلب دادو طرفان ايوارڊ بيسٽ ڪهاڻيڪار 1992
    استاد بخاري آرتس ڪلب دادو طرفان ايوارڊ بيسٽ ڪهاڻيڪار 1992
    ڀٽائي آرٽس ڪلب راڌڻ طرفان ايوارڊ بيسٽ ڪهاڻيڪار 2005
    مستقل پتو، وارڊ نمبر 5 سولنگي محله سيتاروڊ
    هاڻوڪو پتو، نيو بس اسٽينڊ ڇاڻو شاه آباد دادو
    فون، 03423809372


    هو چنڊ کان چٽو به ڇو چهرو اداس آ،

    هو چنڊ کان چٽو به ڇو چهرو اداس آ،
    ذلفن جو هن جي رخ تي پهرو اداس آ.

    هن کي ڏين ٿا آٿت ڳوڙها ڳڙي ڳڙي،
    ڳل کي چُمي ٿو ڳوڙهو، ڳوڙهو اداس آ.

    سُک ناهي ڪو به ڪنهن کي ناهي قرار ڪو،
    هن يار ڪشمڪش ۾هر ڪو اداس آ.

    مُردو ته ڪنهن نه ڪم جو جيئرو به ناهي جيئرو،
    جيئرو اداس آ ڪٿي مُردو اداس آ.

    ڪنهنجي ٻُڌي نه ڪو ٿو هر ڪو آ پنهنجي ڌُن ۾،
    ٻوڙو اداس آ ڪٿي گونگو اداس آ.

    جا ٿي جو آهي جو ئي سوئي سليم سمجھه،
    تنها اداس آ ڪٿي جوڙو اداس آ.


    عشق جي ابتدا کڻي سمجھو،

    عشق جي ابتدا کڻي سمجھو،
    حُسن جي انتها کڻي سمجھو.

    عشق جي پنهنجي آهي هڪ دنيا،
    حُسن اُن جو خدا کڻي سمجهو.

    جنهن کي جيڪي وڻي ڪري سمجهي،
    ڳالھه دل جي صفا کڻي سمجهو.

    سر به هڪ آ ته دل به هڪڙي آ،
    هڪڙو ئي دلربا کڻي سمجهو.

    جسم ۽ جان جئين رهي ٿو هو،
    ڀل ته هُن کي جدا کڻي سمجهو.

    هيءَ به هن جي سليم آهي ثنا،
    سا ته هڪڙي ثنا کڻي سمجهو.


    ياد ڪنهنجون جو اُلفتون آيون،

    ياد ڪنهنجون جو اُلفتون آيون،
    روح_ دل کي به راحتون آيون.

    ساھ سانڍي رکيون اٿم ساريون،
    جيڪي هُن جون امانتون آيون.

    ڳالهيون پنهنجون سڀئي سچيون سهڻيون،
    سي ته بڻجي حقيقتون آيون.

    پيار پنهنجو هيو پڪو پختو،
    ڪين اُن ۾ عداوتون آيون.

    عشق ۽ پيار ۾ ويون گذري،
    جي به سر تي مُصيبتون آيون.

    چاھ چاهيو سليم هو هُن جو،
    چاھ آيو ۽ چاهتون آيون.


    تنهنجي پوڄا من مندر ۾،

    تنهنجي پوڄا من مندر ۾،
    تنهنجو مظهر هر منظر ۾.

    توسان منهنجي روح جو رشتو،
    تون آن منهنجي روح اندر ۾.

    سهڻن ۾ تون سهڻو آهين،
    تو جيئن ناهي ساري تر ۾.

    تنهنجو چهرو روشن روشن،
    ڇاهي رکيو شمس و قمر ۾.

    تنهنجي سونهن کي سِڪَ جا سجدا،
    پل پل ۾ ۽ پهر پهر ۾.

    گيت سليم ٿو ڳائي تنهنجا،
    ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾.


    جيئن دل لڳي جا سهڻا سودا نه ٿي نه ٿيا،

    جيئن دل لڳي جا سهڻا سودا نه ٿي نه ٿيا،
    تيئن اک لڳي جا ساڀيان سپنا نه ٿي نه ٿيا.

    جت آهي دل لڳي ڀڳي، اُت اک به ڇا لڳي،
    دل جا ۽ اهڙي ديد جا درجا نه ٿي نه ٿيا.

    ورجائڻا هئا به جي الفاظ پيار جا،
    گويا اُهي به گوهري گفتا نه ٿي نه ٿيا.

    ڪرڻا هيا ڪيا به مون ڪنهن پر جُهڪي مگر،
    سِڪ جا ۽ سونهن جا اهي سجدا نه ٿي نه ٿيا.

    دل ۾ ويا ته رهجي ظاهر نه ٿيا ڪڏهن،
    ارمان پنهنجي دل سندا پورا نه ٿي نه ٿيا.

    لاڙيندي لڙڪ نيڻ سندم خُشڪ ٿي ويا،
    منهنجا ته نيڻ خُشڪ هي آلا نه ٿي نه ٿيا.

    مولا بغير طلب ۽ طالب به ڇا سليم،
    طالب اُهي ئي طالب مولا نه ٿي نه ٿيا.


    ڇو ڍڪين ٿو نقاب سمجهان ٿو،

    ڇو ڍڪين ٿو نقاب سمجهان ٿو،
    ڇو ڪرين ٿو حساب سمجهان ٿو.

    ڏاڍو محبوب آهين او دلبر،
    ناهي تنهنجو حساب سمجهان ٿو.

    پاڪ تنهنجي پگهر منجهان پيارا،
    پاڪ ڪوثر جو آب سمجهان ٿو.

    ٿو چُمي مان رکان اکڙين تي،
    توکي سهڻو ڪتاب سمجهان ٿو.

    ڀيٽ توسان به ڪندو ڪهڙي،
    آهي سڀ کي جواب سمجهان ٿو.

    ڇو نه توکي سليم سارا هي،
    تنهنجي ساراھ ثواب سمجهان ٿو.


    نوٽن سان ٿو راند ڪري ڪو،

    نوٽن سان ٿو راند ڪري ڪو،
    کوٽن سان ٿو راند ڪري ڪو.

    ڪنهنجو سڏڪن ساڻ گذارو،
    ٽهڪن سان ٿو راند ڪري ڪو.

    پيٽ بکيو آ خالي ڪنهنجو،
    ڍوڍن سان ٿو راند ڪري ڪو.

    آڌي رات اُٿي هو لوچي،
    لفظن سان ٿو راند ڪري ڪو.

    شيشي جهڙو نازڪ ماڻهو،
    پٿرن سان ٿو راند ڪري ڪو.

    جذبا آڻي ٿي جذباتي،
    جذبن سان ٿو راند ڪري ڪو.

    ڪوئي ڊڄي ٿو ڏينهن ڏٺي جو،
    راتين سان ٿو راند ڪري ڪو.

    نيڻن سان هو نيڻ ملائي،
    نيڻن سان ٿو راند ڪري ڪو.

    اهل_ سُخن ٿي سليم به هڪ،
    سخنن سان ٿو راند ڪري ڪو.


    عشق جا پائي ڳچيءَ پانڌ ۽ ڳارا نڪتا،

    عشق جا پائي ڳچيءَ پانڌ ۽ ڳارا نڪتا،
    نيهن الفت ۾ هڻي نيهن جا نعرا نڪتا.

    ڪنهن ڇڏيو دين ڌرم کي ۽ ڇڏي ڪنهن دنيا،
    ڪي ڇڏي تاج اُهي تخت هزارا نڪتا.

    ڪنهن ڏٺو سيرَ ۾ سِر ۽ ڪي چڙهيا سوليءَ تي،
    ڪي ڏسو گهاڻي اندر پيڙهجي پيارا نڪتا.

    ڪنهن وسايو ڇا وڃي ٿاڪ ڪري ٿر بر کي،
    ڪي ته فرحاد بڻي دوست سگهارا نڪتا.

    هڪ رڳو مان نه مگر منهنجي نظر ۾ اي سليم،
    سونهن صورت کي پسڻ ڪاڻ هي سارا نڪتا.


    وارن جو جو ور ترڪيو آ،

    وارن جو جو ور ترڪيو آ،
    سو سو ڪاريهر ترڪيو آ.

    ڳاڙهي ڳاڙهي ڳل تي هُن جي،
    ڇا ته غضب جو تر ترڪيو آ.

    تر آ ڳل تي پاڳل تر تي،
    نظرن ۾ منظر ترڪيو آ.

    هي ڇا هو ڇا هُن جي آڏو،
    گُفتي جو گوهر ترڪيو آ.

    هن جي دهشت کان دل دهڪي،
    دل جي دري ۽ در ترڪيو آ.

    تيز تکي تلوار ته ڇا پر،
    خوني هٿ خنجر ترڪيو آ.

    زهر به ڏوڪي ويندڙ لئه ڏس،
    ڪو نه آب_ ڪوثر ترڪيو آ.

    هڪڙو مان نه سليم هزارين،
    جا ٿي سو هرهر ترڪيو آ.


    گيت

    هرپل يادن ۾،
    رهندو آهين تون مٺا

    جان جسم ۽ ساھ ۾،
    دل ۾ ڌڙڪن ۾،
    رهندو آهين تون مٺا

    تنهنجي حُسن جي حاڪ هرجاءِ،
    واهڻ وستين ۾،
    رهندو آهين تون مٺا

    خوشبوئن سان جڳ ٿو واسين،
    گلڙن گلشن ۾،
    رهندو آهين تون مٺا

    سنڌو نگر جا سڀ رنگ سهڻا،
    سنڌو رنگن ۾،
    رهندو آهين تون مٺا

    گيت لکيا هي سليم مون جيڪي،
    سارن گيتن ۾،
    رهندو آهين تون مٺا


    دلشاد بلوچ

    تعارف

    نالو، گل محمد ولد لال بخش چانڊيو
    ادبي نالو، دلشاد بلوچ
    جنم جي تاريخ، سال 1953
    جنم جو هنڌ، ڳوٺ گل حسن چانڊيو لڳ سيتاروڊ
    ڪِرت، هارپو
    لکڻ جي شروعات، 1987ع
    اڻ ڇپيل مواد، هڪ مجموعي جيترو


    زندگي هي به هڪـ ڪتاب آهي،

    زندگي هي به هڪـ ڪتاب آهي،
    جنهن ۾ سارو لکيل حساب آهي.

    ورق ان جو آ جنهن ڀي اٿلايو،
    اُن جي اکڙين مان آيو آب آهي.

    ڪيئن گذري ۽ ڪيئن پئي گذري،
    هي به سوچڻ وڏو ثواب آهي.

    پنهنجي ماضي ۽ حال کي ڏِسجي،
    ڇا سُٺو آهي يا ڇا خراب آهي.

    سمجهه وارن لاءِ آهي سمجهاڻي،
    رڍ ڇا ڄاڻي ته ڪو رباب آهي.

    ڪي ئي خاميون اسان کان ٿيون هونديون،
    جن تي آيل مٿان نقاب آهي.

    گل محمد جي ڳالهه سُڻ پيارا،
    هِي ڪيو جنهن کُلي خطاب آهي.


    پيار اُلفت ۾ عطا آزار ٿيندا ٿا وڃن،

    پيار اُلفت ۾ عطا آزار ٿيندا ٿا وڃن،
    زندگي جا ڏينهن سر تي بار ٿيندا ٿا وڃن.

    روح کي راحت ڏيڻ لئه ڪالهه هيو گلشن عجيب،
    اڄ الائي ڇو گلن مان خار ٿيندا ٿا وڃن.

    يا الاهي ڇا سبب آ جو سڪون ڏيندي سڄڻَ،
    لوڻ زخمن تي وجهڻ لئه تيار ٿيندا ٿا وڃن.

    پيار الفت ۾ ته جيئن ڀي ٿو رهان ثابت قدم،
    تيئن وري هُو بي وفا بيزار ٿيندا ٿا وڃن.

    ڪيئن رهان دلشاد آهيان مان انهي ويچار ۾،
    راز پوشيده به ڪي اظهار ٿيندا ٿا وڃن.


    حال پنهنجي ڏي ڏسي ماحول تي سوچيان پيو،

    حال پنهنجي ڏي ڏسي ماحول تي سوچيان پيو،
    زندگي ۾ خوب ايندڙ ڏول تي سوچيان پيو.

    بدنصيبي جو نصيحت ڏي ڏنو مون ڪو نه ڌيان،
    اڄ وري مان ناصحن جي ٻول تي سوچيان پيو.

    مون خدا پنهنجو وساري بت پرستي ڇو ڪئي،
    مان انهيءَ پنهنجي نسوري ڀول تي سوچيان پيو.

    ڪا نه ٿي پوري تمنا هو اجايو ڀروسو،
    هاڻ مان پنهنجي اجائي حول تي سوچيان پيو.

    انتها ٿي مان اچي اُن جي ڏسان ٿو ابتدا،
    ڪنهن چيو هو ڇا انهي جي قول تي سوچيان پيو.

    ڪا نه پنهنجي سوچ سُرهي ٿي اڃا دلشاد آ،
    پوءِ به پنهنجي مان پياري ڍول تي سوچيان پيو.


    سک جو ڪو سج اڃا نه اڀريو رات اڃا ڀي ڪاري آ،

    سک جو ڪو سج اڃا نه اڀريو رات اڃا ڀي ڪاري آ،
    هر پاسي آ گُگُهه انڌارو هر پاسي دشواري آ.

    ظلم جو آهي ڄار وڇايل جنهن ۾ جيون زهر بڻيو،
    مشڪل تي ڪا آهي مشڪل ڪنهن آ نه ٽاري آ.

    هاءِ الاهِن ٻاٽ ۾ آهي ڪنهن به نه ٻاري لاٽ اڃا،
    ڪو به نه آهي پنهنجي اوڏو ڪنهن نه ڪئي پوئواري آ.

    تنهائي ۾ تڙپي تڙپي آه ته نڪتي آهي مگر،
    ڪنهن نه ٻڌي ڪا دانهن اندر جي ڪنهن ڏني دلداري آ.

    رحم نه آهي روح ۾ ڪنهن کي ناهي ڪنهن وٽ ڪو احساس،
    ماڻهو ماڻهو جو آ دشمن ماڻهو ماڻهو ماري آ.

    ڪنهن کي پنهنجو ساٿي سمجهي ڪنهن سان سلجي دل جو سور،
    ڪنهن نه ڪئي دلشاد اڃا ڀي رهندي ڳڻتين ڳاري آ.


    جهڙا هُو ته نماڻا آهن،

    جهڙا هُو ته نماڻا آهن،
    تهڙا ساهه سيباڻا آهن.

    سادا سودا پيارا ماڻهو،
    موتين جا ڪي داڻا آهن.

    ڏاڍن ڏکڙن ۾ سي مارو،
    سچ پچ ٿي پيا ساڻا آهن.

    تن جا نيڻ نماڻا سائين،
    ڳلڙا ڳوڙهن هاڻا آهن.

    پوءِ به نه آ احساس انهن ۾،
    مارن سان ڇو ماڻا آهن.

    ڪير ڪري دلشاد انهن جي،
    ورهين کان ويڳاڻا آهن.


    وقت ڏاڍو قهار ٿو ڏسجي،

    وقت ڏاڍو قهار ٿو ڏسجي،
    ڏينهن رات ۾ شمار ٿو ڏسجي.

    وک وک تي رڪاوٽون آهن،
    گهٽ گهٽ پيو غدار ٿو ڏسجي.

    پار پهچي ته پهچي ڪيئن ڪوئي،
    اڄ ته تانگهه به تار ٿو ڏسجي.

    لهر لهر پيو ليلائي سچ،
    ڪوڙ سچ تي سوار ٿو ڏسجي.

    حق ترسي نه آهي جاٿي ڏس،
    ناحق ئي بي قرار ٿو ڏسجي..

    تون ٿو جنهن لاءِ مرين پيو دلشاد،
    سو ڀي توکان بيزار ٿو ڏسجي.


    الائي دلربا کي ته ڇا ٿي ويو آ،

    الائي دلربا کي ته ڇا ٿي ويو آ،
    خبر ناهي ته ڇا کنئون خفا ٿي ويو آ.

    جنهن جي حسن جي ٿي ڪيم ڪالهه پوڄا،
    اهو ناخدا ڄڻ خدا ٿي ويو آ.

    وفائن جي عيوض ڏئي ٿو جفائون،
    سراسر هو ظالم صفا ٿي ويو آ.

    آهي صرف ان کي نه سجدو ڪيو مون،
    اهو وقت مون کان قضا ٿي ويو آ.

    جنهن جي پيار لاءِ هُوم سڀ ڪجهه لُٽايو،
    اهو هاڻ مون کان جدا ٿي ويو آ.

    يا هُو حسن پنهنجي جي آهي انا ۾،
    هي دلشاد جنهن لاءِ فنا ٿي ويو آ.


    نينهن لايو ٿا نڀايو ڇو نه ٿا،

    نينهن لايو ٿا نڀايو ڇو نه ٿا،
    ڪي قدم قربئون وڌايو ڇو نه ٿا.

    ٿا محبت جي ڪيو دعوا ته پو،
    دم محبت جو پڄايو ڇو نه ٿا.

    هار ٿيڻي حق جي ناهي ڪڏهن،
    حق جو نعرو لڳايو ڇو نه ٿا.

    جيڪڏهن آهن اوهان ۾ همتون،
    همتن کي آزمايو ڇو نه ٿا.

    تار ۾ ڪشتي پئي پنهنجي ٻُڏي،
    ساٿيو اُن کي بچايو ڇو نه ٿا.

    ديس پنهنجي جا او ديسي دوستو،
    چپ رهو ٿا ڇو ڳالهايو ڇو نه ٿا.

    ڇا اٿوَ دلشاد مرضي دل سندي،
    ڳالهه ڪا دل جي ٻڌايو ڇو نه ٿا.


    وائي

    جهوريو جهولي واء،
    سوچو منهنجا ڀاءُ،
    تتي ويتر تاءُ...

    ڏاڍا ڏک جا ڏينهن،
    جن ۾ سُک نه ساءُ،
    تتي ويتر تاءُ

    حيرت جهڙي ڳالهه،
    سِٽن منجهه سماءُ،
    تتي ويتر تاءُ

    ليکڪ جو هي ليک،
    ۽ اُن جو ورجاءُ،
    تتي ويتر تاءُ

    جيئڻ جي لاءِ دلشاد،
    ڪريو ڪو ته اُپاءُ،
    تتي ويتر تاءُ...


    ڪافي

    عشق پڙهائي نماز،
    سڄڻ ڏٺوسين سجدو ڪيوسين.

    صورت بڻجي پاڻ ڏيکارين عشق وارن جي دلڙي ڌتارين،
    وهوا تنهنجا راز...
    سڄڻ ڏٺوسين سجدو ڪيوسين.

    عشق ڪري جنهن تي امارو تنهن کي جهٽي جهٽ ڏيئي جهارو،
    شوق وڏو آ شهباز..
    سڄڻ ڏٺوسين سجدو ڪيوسين.

    حسن وارن کي ناز سيکارين عشق وارن کي نياز سيکارين،
    مالڪـ تون بي نياز..
    سڄڻ ڏٺوسين سجدو ڪيوسين..

    عشق وارن جون عشق پچارون سڻ دلشاد هي خبرون چارون،
    اندر جا آواز.
    سڄڻ ڏٺوسين سجدو ڪيوسين.


    وسيم آڪاش سيتائي

    تعارف

    نالو، محمد صديق عرف (وسيم) ولد ممتاز علي ميمڻ
    ادبي نالو، وسيم آڪاش سيتائي
    جنم جي تاريخ، 10 اپريل 1984ع
    جنم ڀومي، سيتاروڊ
    ادبي سفر جي شروعات، 2003ع
    ڇپيل ڪتاب، هوائن ڇير ڇمڪائي(شاعري) 2014
    تعليم، بي اي سائنس
    ڪرت، خانگي ملازمت
    پتو، وارڊ نمبر 4 ميمڻ محله سيتاروڊ
    فون نمبر، 03008735469


    مون کان پري نه ٿيءُ، حياتي آ بي بقا،

    مون کان پري نه ٿيءُ، حياتي آ بي بقا،
    وکريل وجود ڪير سهيڙيندو تو سوا.

    ديبل جي دانهن دردُ هان، مڪليءَ جي ماٺ يا،
    موهن دڙي جي روح جي آهيان دٻيل صدا.

    جهاڳيان پيو جهان جو جهنجهٽ اڃا پرين،
    فطرت جو ڀانءِ ڀيد، ازل منهنجي ابتدا.

    توبن خزان جي زرد پتن وانگيان ڇڻيل،
    گمنام ڪنهن ته راھَ جو رهگير هان مٺا.

    عربن جي دؤر شور لتاڙيو جو ديس کي،
    ڏاهر جي پاڪ سنڌ جا اُڊڙي بکيا ويا.

    تاريخ جي پنن تي هُئا داغ خون جا،
    جيئن رات ڪا اُماس جي، ايئن سنڌ جي ڪٿا.


    نفاست ۽ نزاڪت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو،

    نفاست ۽ نزاڪت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو،
    خدا جي ان عنايت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو.

    صدين کان دانھَن ڌرتيءَ جي ڪنن ۾ پئي ٻُري ٿي پر،
    غُلاميءَ جي غلاظت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو.

    ڳڀي لئه ڪو سِڪي ٿو پيو، ڪٿي هن طعام سينواريل،
    سخيءَ جي ان سخاوت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو.

    گھڙيءَ تي ڀروسو ناهي گھڙيءَ کان پوءِ ڇا ٿيندو،
    حياتيءَ جي ڳجهارت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو.

    مليا مرڪي مگر ماڻهو پُٺيءَ ۾ تير کوڙي ويا،
    زماني جي عداوت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو.

    ويو آ وياج جهڙي مرض ۾ ٿي مبتلا ماڻهو،
    ندامت جهڙي لعٰنت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو.

    ٽڙڻ جي مند ۾ ڪومائجي وِيا هن شعوري گل،
    بهارن جي بغاوت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو.


    ڄڻ تکي تلوار تان گذران پيو،

    ڄڻ تکي تلوار تان گذران پيو،
    بيوسيءَ جي باھ ۾ پڄران پيو.

    هن سماجي گندگيءَ جي ڍير مان،
    مان ڪنول وانگي ڦُٽي اُسران پيو.

    وئي حياتيءَ کي حياتي آ ملي،
    ڪنهن نگاھِ ناز مان نسران پيو.

    مان غُلامي جي اُماوس رات ۾،
    آجپي جو سج ٿي اُڀران پيو.

    ظلم جي طوفان ۾ آڪاش تي،
    عزم جو شهباز ٿي اُڏران پيو.


    باک جئين رات مان ڦُٽي نڪتي،

    باک جئين رات مان ڦُٽي نڪتي،
    جيت ائين مات مان ڦُٽي نڪتي.

    هُن سهيڙيو وجود منهنجي کي،
    عمر سڪرات مان ڦُٽي نڪتي.

    فاصلن جي وشال صحرا ۾،
    تانگھه هُئي تات مان ڦُٽي نڪتي.

    يار جي انتظار جي اذيت،
    من جي محلات مان ڦُٽي نڪتي.

    ڏانءُ آڪاش جي هُيو وس پر،
    شاعري ڏات مان ڦُٽي نڪتي.


    چانڊوڪيءَ جي رات هُجي، ۽ يار هُجي،

    چانڊوڪيءَ جي رات هُجي، ۽ يار هُجي،
    ڪويل جي ڀي لات هُجي، ۽ يار هُجي.

    مٽيءَ جي خوشبو سان فطرت مهڪي پئي،
    سانوڻ جي برسات هُجي، ۽ يار هُجي.

    ظاهر ۽ باطن جو راز پروڙڻ لئه،
    مُتلاشي فڪرات هُجي، ۽ يار هُجي.

    موتُ پٽي جي پاڙون منهنجي جيون جون،
    ساهَن کي سڪرات هُجي، ۽ يار هُجي.

    سامهون آڳ هُجي ۽ پويان پاڻي جي،
    گردش ۾ حالات هُجي، ۽ يار هُجي.

    شعرن مان آڪاش جڏهن ڀي شعر ڦُٽن،
    رقصان منهنجي ڏات هُجي، ۽ يار هُجي.


    زندگي پنهنجي فنا، ڪير ڪري،

    زندگي پنهنجي فنا، ڪير ڪري،
    عشق جو سجدو، قضا ڪير ڪري.

    عمر جا گھاوَ ڀرڻ آيو جو،
    تنهن مسيحا جي دوا، ڪير ڪري.

    پورَ کي پيرَ ڪڙيون پايون پر،
    يادگيريُن سان دغا، ڪير ڪري.

    مطلبي اڄ جي زماني ۾ ائين،
    پاڻ سان ڀي ٿو وفا، ڪير ڪري.

    سنڌ جي فرض جا قرضي آهيون،
    فرض جو قرض ادا، ڪير ڪري.

    عرشُ آڪاش وجهي لوڏي جا،
    وقت جي اهڙي صدا، ڪير ڪري.


    بيقراريءَ جي راحت مقدر رهي،

    بيقراريءَ جي راحت مقدر رهي،
    زندگيءَ جي مُسافت مقدر رهي.

    خواب ساڀيان جي نيڻن ۾ ڪُرندا رهيا،
    من جي اڻپوري چاهت مقدر رهي.

    حُسن آڏو رُڪوع ۾ رهياسين سدا،
    عاشقيءَ جي امامت مقدر رهي.

    ڪجھه نه ماڻي به حاصل ڪيوسين گھڻو،
    سونهن تنهنجي سخاوت مقدر رهي.

    بيوسيءَ همتن کي ڪيو جهونڙو،
    حوصلن جي ملامت مقدر رهي.

    نرڙ تي هو غُلاميءَ جو ڪارو ٽِڪو،
    گار جهڙي غلاظت مقدر رهي.

    ديسُ آزادُ آڪاش اکڙيون ڏسن،
    آجپي لئه بغاوت مقدر رهي.


    نيڻ ڄڻ ڪا ندي خواب نيرڳ هئا،

    نيڻ ڄڻ ڪا ندي خواب نيرڳ هئا،
    ۽ مُقدر شڪاري جي بندوق آ.

    دؤر بدذوق ماڻهن جو پاسو وٺي،
    ذوق جي جسم تي گهاءَ آهن ڏنا.

    دل جو ديبل لُٽيندا رهن پيا اڃا،
    دردَ آهن قزاقن جا ڄڻ قافلا.

    مون جي انسان کي رب جو پاڇو سڏيو،
    مون تي الزام عائد ڪُفر جا ٿيا.

    بي سُڪوني جو عالم هيو ننڊ ۾،
    جاڳ اڻ کُٽ عذابن جي آ انتها.

    ڪي ئي آڪاش اسلام جي آڙ ۾،
    منهنجي ڌرتيءَ جي سيني ۾ خنجر لڳا.


    زندگاني زوال جي بستي،

    زندگاني زوال جي بستي،
    پو به آهي ڪمال جي بستي.

    عشق مون کي شعور ارپيو آ،
    عشق ارپي خيال جي بستي.

    منهنجي دنيا رهي ٿي مون ۾ ئي،
    مئڪدو آ ڪلال جي بستي.

    درد جا ديپ ٿا ٻرن دل ۾،
    ۽ بدن آ پلال جي بستي.

    روح منهنجو ۽ ٿر جو ساڳيو آ،
    ساڳي ماضي ۽ حال جي بستي.

    ياد آڪاش جي ڪيان ڪاڏي،
    ڪيئن وساريان وصال جي بستي.


    خود خُوديءَ ۾ خدا، ڪٿان آڻيان،

    خود خُوديءَ ۾ خدا، ڪٿان آڻيان،
    ابد جهڙي بقا، ڪٿان آڻيان.

    بي بقا پنڌ جو هان پانڌيئڙو،
    ماڳ مان لافنا، ڪٿان آڻيان.

    مان ته موسيٰ هان، طور سينا هان،
    نيڻ جلوه نما، ڪٿان آڻيان.

    واٽ تي رهبري به رولي پو،
    راھَ ۾ رهنما، ڪٿان آڻيان.

    تون به ناهين، نه ڪا مسيحائي،
    درد دل جي دوا، ڪٿان آڻيان.

    پورو ماحول جا ڪري خوشبو،
    توکي ڇُهندڙ هوا، ڪٿان آڻيان.

    هر قدم، هم قدم هلي همدم،
    دوستُ سو با وفا، ڪٿان آڻيان.

    مان به آڪاش سان وڃي گڏجان،
    پَرَ مگر باز جا، ڪٿان آڻيان.


    اصغر سيتائي

    تعارف

    نالو،اصغر حسين ولد محمد حسن سولنگي
    ادبي نالو، اصغر سيتائي
    جنم ڀومي، ڳوٺ عيسيٰ خان سولنگي تعلقه خيرپور ناٿن شاھ
    تعليم، مڊل پاس
    ڪرت، سرڪاري ملازمت (رٽائرڊ)
    ڇپيل مجموعا، اکڙيون اوسيئڙا (شاعري) 2002
    موتي ميڙيا مون ( نعتيه شاعري) 2012
    سونهن کي سلام (شاعري) 2014
    اڻ ڇپيل شاعري. ٻن مجموعن جو مواد
    سنڌ جي 100 کان مٿي فنڪارن پڻ سندس شاعري ڳائي آهي.


    يار کي اغيار مان سمجھان نه ٿو،

    يار کي اغيار مان سمجھان نه ٿو،
    پيار کي واپار مان سمجهان نه ٿو.

    عشق ئي هر دل جو هوندو آ علاج،
    عشق کي آزار مان سمجهان نه ٿو.

    گل ته هوندو گل ئي آهي، جو به آ،
    گل کي ڪوئي خار مان سمجهان نه ٿو.

    زندگيءَ جو چاهي هر پل آ ٻُسو،
    زندگيءَ کي بار مان سمجهان نه ٿو.

    نيڻ ڪنهن جي سار ۾ ساگر بڻيا،
    پر انهن کي نار مان سمجهان نه ٿو.

    هو رهي “اصغر” ٿو هر دم ساھ سان،
    ڌار هڪڙو وار مان سمجهان نه ٿو.


    يار جهڙو به آ پر سٺو ٿو لڳي،

    يار جهڙو به آ پر سٺو ٿو لڳي،
    پيار کارو کٽو، ته به مٺو ٿو لڳي.

    عشق ۽ حسن کي مان ٿو توريان جڏهن،
    عشق جو مون کي پاسو ڳرو ٿو لڳي.

    لڙڪ اکڙين جا ڪهڙي طرح روڪيان،
    درد جو هي ڊگهو سلسلو ٿو لڳي.

    حسن هُن جي جي ڪهڙي مان تعريف ڪيان،
    چنڊ! آڏو اُنهيءَ جي ڦڪو ٿو لڳي.

    شهر ساڳيو اھو، ماڻهو ساڳيا اُهي،
    هو جي ناهي ته ڪيڏو ٻُسو ٿو لڳي.

    شهر پنهنجي ۾ “اصغر” ڏسو دوستو،
    اجنبي ٿو لڳي، اوپرو ٿو لڳي.


    مارو شال اچن، مارو شال اچن،

    مارو شال اچن، مارو شال اچن،
    جن کي ساري ساري منهنجا هي ٿا نيڻ ٽمن.

    مند مٽي ٿيون مينگهه ملهارون،
    ڪڪرن جون چوطرف قطارون،
    وسڻا هوند وسن، مارو شال اچن.

    باغن ۾ آ بلبل آئي،
    گل گل ۾ آ ٿي سرهائي،
    جهليو ٻور وڻن، مارو شال اچن.

    موج ڪئي مهراڻ وري آ،
    پاڻي اکين ۾ آيو تري آ،
    ڇوليون ڇوھ ڏين، مارو شال اچن.

    ميل ميلاپ جا ڏينهن اچي ويا،
    “اصغر” آهن رنگ رچي ويا،
    لاتا رنگ رنگن، مارو شال اچن.


    وائي

    توڻي آهي وڏي هڪ صديءَ جيڏي،
    پوءِ به پنهنجي زندگي،
    ڪيڏي ننڍڙي ٿي لڳي

    هن سان منهنجي جئين هئي،
    پڪي ۽ پختي ۽ سچي،
    ننڍپڻ واري دوستي،
    ڪيڏي ننڍڙي ٿي لڳي
    ننڍپڻ ساريندي،
    جوڀن ماڻيندي،
    پهرين واري سادگي،
    ڪيڏي ننڍڙي ٿي لڳي

    جوڀن جي ويندي،
    پيريءَ ۾ ايندي،
    مون کي منهنجي هر خوشي،
    ڪيڏي ننڍڙي ٿي لڳي

    سچن سالڪن،
    اڳيان اُستادن،
    “اصغر” جي هيءَ شاعري،
    ڪيڏي ننڍڙي ٿي لڳي


    وائي 2

    رات کُٽي آ، باک ڦُٽي آ،
    اوسيئڙي ۾ آهن اکڙيون،
    تانگهه لڳي آ، ڳالهه سچي آ،
    اوسيئڙي ۾ آهن اکڙيون.

    تنهنجون ڳالهيون ساري ساري،
    رات ڇڏي مون روئي گذاري،
    تون به نه آئين دل جي دُواري،
    اوسيئڙي ۾ آهن اکڙيون.

    واٽ نهاري ديد ٿَڪي آ،
    تو به ٽُٻي هنئين يار يَڪي آ،
    ڪيڏي ڪئي تو دل ته پَڪي آ،
    اوسيئڙي ۾ آهن اکڙيون.

    نازڪ آهي نينهن نويلو،
    هاڻي ته ساجن آءُ سويلو،
    تو بن “اصغر” آهي اڪيلو،
    اوسيئڙي ۾ آهن اکڙيون.


    وائي 3

    ڪاهيو ڪاهي هر،
    آباديءَ جي آسري

    سارو لوڪ سُتو رهيو،
    اُٿيو ويل اَسُر،
    آباديءَ جي آسري

    جڙي جوٽيائين جوڳ تي،
    ڪري الله توهار،
    آزاديءَ جي آسري

    وهي آيو واھ جو،
    ڀڳائين ڀينڊ ڀتر،
    آزاديءَ جي آسري

    ولر واهيري وريا،
    هو نه موٽيو گهر،
    آباديءَ جي آسري

    پيو بُک ۾ پاھ ٿئي،
    هن جو نور نظر،
    آباديءَ جي آسري

    چيائين “اصغر” اَن سوا،
    ٿيندو ڪنءِ گذر،
    آباديءَ جي آسري


    جنهن وار صنم تو وارن جو، ڪو وار ڪيو هوندو،

    جنهن وار صنم تو وارن جو، ڪو وار ڪيو هوندو،
    سِرُ هي ڌڙ کان ۽ ڌڙ سِر کان مون ڌار ڪيو هوندو.

    جنهن رات ڦٽي ننڊ هوندي ۽ تن تڙپيو، لُڇيو، ڦٿڪيو هوندو،
    تنهن رات سڄي سڪرات جيان بيقرار ڪيو هوندو.

    اک منهنجي ڦَري هوندي يا جڏهن ڪنهن ڪانگ اڱڻ ٻوليو هوندو،
    سچ پچ اي سڄڻ! مون تنهنجو سڄڻ انتظار ڪيو هوندو.

    مکڙيءَ مان جو نڪتو گل هوندو، يا ڪوڪيو ڪٿي ڪوئل هوندو،
    ان وقت برابر مون تنهنجو، ها ياد پيار ڪيو هوندو.

    “اصغر” مون سنڀاريو آ جڏهن ۽ توکي پُڪاريو آ جڏهن،
    تصور ۾ تڏهن تنهنجو دلبر، ديدار ڪيو هوندو.


    تون ڪر نه ائين پيارا، نقصان ٿي نه پئي،

    تون ڪر نه ائين پيارا، نقصان ٿي نه پئي،
    ڪنهن سوُد جي بجاءِ، ڪو ئي زيان ٿي نه پئي.

    هر ڪنهن کي پنهنجي پيار جون ڳالهيون ٿو ٻڌائين،
    منهن مٺڙو ڪو اندر جو مروان ٿي نه پئي.

    منهن ۾ ته هر ڪو ماڻهو، موسيٰ پيو لڳي ٿو،
    پر ڪهڙي خبر ڪوئي، شيطان ٿي نه پئي.

    ايڏي به هُجت ڪنهن سان چڱي ڪا نه آ پرين،
    ايمان وارو ڀي متان بيمانُ ٿي نه پئي.

    حد کان وڌيڪ پيار تون “اصغر” کي ڪين ڏي،
    سيتائي مٺا تو وٽ، مهمان ٿي نه پئي.


    بيت

    سنڌي آهن سڀ، سورهيه ۽ اڻموٽ،
    ڪيري وجهندا ڪوٽ، جوڌا اُٿيا جنهن گهڙي.

    سهڻا ماڻهو سنڌ جا، سهڻو سنڌي ويسُ،
    سهڻي ململ سنڌ جي، سهڻو کٿي، کيسُ،
    جنهن ۾ لعل لطيف آ، جنهن ۾ شاھ اويسُ،
    “اصغر” پنهنجو ديسُ، ٿو جرڪي هن جهان ۾.

    اکيون منهنجي عجيب جون، جهڙا تکا تير،
    اُلري “اصغر” ٿيون وجهن، ماري هي مهمير،
    قرب ڏئي ٿيون قيد ڪن، ڪيئي پير فقير،
    دلاور دلگير، آهن آڏو عجيب جي.

    نه ئي دنيا ٿي کپي، نه ڪو گهرجي مالُ،
    نه ئي جاءُ جنت ۾، جوڙڻ جو آ خيالُ،
    نه ئي بڻائج بوءِ علي، نه ئي بڻا نج لالُ،
    تنهنجي سر جو سوال، اٿم ڪيو اصغر چوي.

    جانب ناهي جوءِ ۾، اچي ٿو نه آرام،
    سڪ ته سڄڻ يار جي، آ تپايو تمام،
    نه ئي ننڊ حرام، “اصغر” عجيب لئه.


    چوسٽا

    اڳ وقت هي انسان کي انسان جي ڳولا،
    عزت، وقار، شانُ ۽ هئي مانَ جي ڳولا،
    هن وقت ۽ هُن وقت ۾ هي فرق آ “اصغر”
    هن وقت رڳو آهي، سڀ کي نانَ جي ڳولا.
    ==
    مسئلن ۾ محبتون ويڙهي نه ڏي،
    ڪاغذن ۾ قربتون ويڙهي نه ڏي،
    ٿو ڏيڻ چاهين ته “اصغر” کي پرين،
    دل کولي ڏي، چاهتون ويڙهي نه ڏي.
    ==
    بظاهر ٿو مرڪي مگر دوستو،
    ڪوي ٿو اندر ۾ رکي ڪربلا،
    هو گهاڻي ۾ پيڙي جڏهن پاڻ کي،
    تڏهن ماڻهپي جا وڌن حوصلا.
    ===
    هيڏي دهشت گرديءَ هوندي،
    هيڏي هت بيدرديءَ هوندي،
    پوءِ به چون ٿا آزاديءَ آ،
    ڪاريءَ خاڪيءَ ورديءَ هوندي.
    ===
    جڳُ جڳائيندڙ او جيئڙا،
    شال جيئين تون جانيئڙا،
    منهنجي دل سڄي آ سارون،
    آهن اکڙيون اوسيئڙا.


    سڄڻ سيتائي

    تعارف

    نالو، محمد هاشم چنا ولد خيرمحمد چنا
    ادبي نالو، سڄڻ سيتائي
    جنم جو سال، 1972ع
    جنم جو هنڌ، سيتاروڊ
    لکڻ جو شروعات، 1991ع
    ڪرت، مزدوري
    تعليم، سنڌي پنج درجا
    اڻ ڇپيل مواد، هڪ مجموعي جيترو
    هاڻوڪو پتو، يقين شاھ محلا خيرپور ناٿن شاھ
    فون نمبر، 0305.3117646


    پوءِ ته تنهنجا پير چُمان مان

    مان چمڪي چنڊ ستارن سان،
    ۽ گڏجي ساٿين سارن سان،
    ڪي گيت انوکان ڳايان ٿو،
    ۽ اڳتي وِکَ وڌايان ٿو !
    شل منهنجي روئڻ ڳائڻ تي،
    شل منهنجي لوچڻ سوچڻ تي!
    جيڏا تنهنجي ننڊ ڦِٽي پئي،
    تنهنجي ڀي من اک کُلي پئي،
    پنهنجي ڌرتي لئه تون سوچين،
    ڌارين سان تون جنگيون جوٽين،
    جي تون منهنجو سڏ ورنائين،
    مون سان هٿ ۾ هٿ ملائين،
    پوءِ ته تو تان گهور وڃان مان!
    پوءِ ته توتي گُل ڇٽيان مان!
    پوءِ ته توتي گيت لکان مان!
    پوءِ ته تنهنجا پير چُمان مان.


    ڪڏهن غم ڪڏهن ڪم، ڪڏهن ڪنهن خوشيءَ جا،

    ڪڏهن غم ڪڏهن ڪم، ڪڏهن ڪنهن خوشيءَ جا،
    لکون روز قصا پيا زندگيءَ جا.

    اسان مان انديشا نه رکُ دشمنيءَ جا،
    اسين درسَ ڏيندا آهيون دوستيءَ جا.

    اسين سج ناهيون،چئو ٿا، ڃون ٿا،
    مگر عڪس آهيون چِٽا روشنيءَ جا.

    سدا سونهن سچ جي سلامت رکيِ جن،
    سي ڪردار بڻيا سندم شاعريءَ جا.

    “سڄڻ” آهي خوشبو اسان ۾ مٽيءَ جي،
    تڏهن گيت ڳايون ٿا ماتا مٽيءَ جا.


    زندگي تنهنجي حوالي مون ڪئي،

    زندگي تنهنجي حوالي مون ڪئي،
    هر خوشي تنهنجي حوالي مون ڪئي.

    تنهنجي چاهت تنهنجي عظمت کي ڏسي،
    بندگي تنهنجي حوالي مون ڪئي.

    پاڻ اونداهين ۾ گهاري هر گهڙي،
    روشني تنهنجي حوالي مون ڪئي.

    روپ ڌاري ڪو نئون آئي به جا،
    شاعري تنهنجي حوالي مون ڪئي.

    تانگھه تنهنجي ۾ پيو تڙپان لُڇان،
    هر گهڙي تنهنجي حوالي آ ڪئي.


    منهنجو ڏوھ اهو ئي آهي

    سچ جو آهيان مان پوڄاري،
    ڏوھ انهي جو هان ڏوهاري.
    سوز ۽ نينهنُ،ٻئي منهنجا ساٿي،
    جن جي آهي ڪنڌ تي ڪاتي،
    ڌرتي کي جو لوڪ ڪُهي ٿو،
    تنهن مان ريٽو رت وهي ٿو،
    جابر تي جا ٿوڪاري ٿي،
    سا رت مون کي پوڪاري ٿي،
    تنهن جا هڙئي سڏ سُڻان ٿو،
    جاڳان ٿو آئون جاڳان ٿو!
    پنهنجي هٿ ۾ قلم کڻان ٿو،
    سنڌڙي، تو لئه شعر لکان ٿو،
    تنهنجن اُڌمن احساسن کي،
    تنهنجن دردن پيڙائن کي،
    خالي پني تي پلٽيان ٿو،
    تنهن ۾ سچ جا رنگ ڀريان ٿو!
    منهنجو ڏوھ اهو ئي آهي،
    ڪوڙن سان ياري ئي ناهي،
    سچ جو آهيان مان پوڄاري،
    ڏوھ انهي جو هان ڏوهاري.


    جيجل ڌرتي جنت وانگي،

    جيجل ڌرتي جنت وانگي،
    مٺڙي آهين محبت وانگي.

    مُلڪن ۾ مشهور سدا تون،
    اُلفت وانگي چاهت وانگي.

    ڌرتي تنهنجي مٽي مون لئه،
    آهي مانُ ۽ عزت وانگي.

    سنڌو درياءُ،منڇر، ڪينجهر،
    ڪاڇو تنهنجو رحمت وانگي.

    تنهنجا شاعر تنهنجا ليکڪ،
    سنڌڙي آهن پورهيت وانگي.

    پيار محبت کي ڪو سمجهي،
    آهي پيار عبادت وانگي.

    پيار عيوض جي زهر مليو ڀي،
    پيئنداسين ته به شربت وانگي.


    دُک درد جي اي دوست ڪا مون وٽ ڪمي نه آ،

    دُک درد جي اي دوست ڪا مون وٽ ڪمي نه آ،
    آرام جي ته ڇانوَ ڇا، سُک جي گهڙي نه آ.

    ظلمات اڄ به اوج تي ڏسجي ٿي ڏيهه ۾،
    اونداهين جي ديس ۾ ڪا روشني نه آ.

    جذبا دُکي ٻري به پيا، ٻرندڙ جبل جئان،
    هر دل دُکي ٻريو ٿي پئي، ڪائي ٿڌي نه آ.

    تنهنجي پڄاڻان درد ۽ هڪ آس ئي رهي،
    ديدار جي سا آس آ، جيڪا وئي نه آ.

    تون ساڻ آهين پو ته “سڄڻ” دل بهار آ،
    هي زندگي سواءِ تو ڪا زندگي نه آ .


    سنڌ کان ڌاريو ڌار نه ٿيندو،

    سنڌ کان ڌاريو ڌار نه ٿيندو،
    اهڙو حرامي ٻار نه ٿيندو.

    توسان آهي پيار او سنڌڙي،
    توريءَ ڪنهن سان پيار نه ٿيندو.

    ڏيهه ڌڻين جا لاش ڏسون ٿا،
    ڏسندي ڇا ويچار نه ٿيندو.

    جيسين ڪو ڀي سچ نه چوندو،
    تيسين سو سچار نه ٿيندو.

    ظلم ڏسان ۽ ماٺ ڪيان مان،
    مون کان ائين ڪنهن وار نه ٿيندو.

    سِر به “سڄڻ” جي سنڌڙي گهرندي،
    ان کان ڪو انڪار نه ٿيندو.


    وائي

    جون مهيني جهولي ۾،
    چيڙھ چنيءَ ۽ چولي ۾،
    ڏس ڪنهن کي ٿي ڳولين

    ٿڌڙي ٿڌڙي ڇانوَ ڇڏي،
    اُڀري اُڀ جي اولي ۾،
    ڏس ڪنهن کي ٿي ڳولين

    او ماکيءَ جهڙي مٺڙي،
    ٽوهن جي تون ٽولي ۾،
    ڏس ڪنهن کي ٿي ڳولين

    آزادي او آزادي،
    ڌرتي جي هن گولي ۾،
    ڏس ڪنهن کي ٿي ڳولين


    چوسٽا

    منهنجي دل جي ويراني ۾،
    تنهنجي پيار جي تُربت آهي،
    پر جا توکان ڏور رکي ٿي،
    سا من منهنجي غُربت آهي.

    ==
    راحتون ڪنهن کي مليون ناهن ڪٿي،
    چاهتون ۽ محبتون آهن ڪٿي،
    دورِ دهشتگرد کان ڪاڏي ڀڄي،
    درد واريون هي دليون دانهن ڪٿي.
    ==

    ماٺ نه مون کي ٿيئڻو آهي،
    جڳ ۾ جرڪي جيئڻو آهي،
    سوريءَ تي ڀي چڙهندي مون کي،
    سچ جو هوڪو ڏيئڻو آهي.
    ==

    اڌ ڪُٺل ڪنهن پنڇي وانگر،
    اڄ روڄ قضا ۾ ڦٿڪي ٿو،
    ڪا آس ٿي جيءَ ۾ وڍ وجهي،
    ڪو برھ جو ڀنڀٽ ڀڙڪي ٿو.

    ==

    آئون آهيان پوتر بر ۾،
    روح ٿو ڀٽڪي تنهنجي تر ۾،
    آس ٽياس تي لٽڪي ٿي ائين،
    جئين ڪڙو ٿو لڙڪي در ۾.

    ==
    وک وک تي جي گهاو سهان ٿو،
    ڪا ته کنيون مان آس وتان ٿو،
    پنهنجي ساري سوچ سموهي،
    ڌرتي تو لئه گيت لکان ٿو.

    ==
    ڪا مسجد ٺهي يا ڪو مندر ٺهي،
    سو هيڪر ڊهي ڇو نه ٻيهر ٺهي،
    مگر جي به بي گهر ٿا ڀٽڪن پيا،
    انهن لئه خدايا نئون گهر ٺهي.

    ==
    ڏيھه وارن سان ڏنگايون بند ڪر،
    قياس جوڳيون ڪاروايون بند ڪر،
    جنهن کي ٻڌندي وار ٿا ڪانڊارجن،
    ڏاڍا اهڙيون تون ڏاڍايون بند ڪر.


    گهائل غلام مصطفيٰ

    تعارف

    نالو، غلام مصطفيٰ سولنگي ولد محمد يوسف سولنگي
    ادبي نالو، گهائل غلام مصطفيٰ
    ادبي سفر جي شروعات،1998ع
    جنم جو تاريخ،01.04.1976
    جنم جو هنڌ،ڳوٺ پريا لڳ سيتاروڊ
    تعليم، ايف،ايس،سي
    ڪرت، خانگي ملازمت
    اڻ چپيل مواد، هڪ ڪتاب جيترو
    پتو، وليج پريا لڳ سيتاروڊ
    فون نمبر، 03438272924، 03049725688


    لوڻ زخمن مٿان ئي جي هارين

    لوڻ زخمن مٿان ئي جي هارين ته پو،
    تون به مون کي اگر جي وسارين ته پو.

    مان ته هر هر اچان در اوهان جي پرين،
    تون ئي دڙڪا ڏئي جي ڌڪارين ته پو.

    صبح کان شام تائين ڏسان راھ مان،
    تون اچين ۽ نه مون ڏي نهارين ته پو.

    پنڌ اوکو هجي رات ڪاري هجي،
    ڪو ڏيئو راھ ۾ تون نه ٻارين ته پو.

    مان جئان آسري يار تنهنجي پيو،
    تون به ڀُلجي مون کي جي نه سارين ته پو.

    مان مڃان جي تون گهائل کي گهوري ڏسين،
    هير ٿڌڙي ٿي تون هانءُ ٺارين ته پو.


    ڏئي گهاوَ، تن تي پها ٿي رکي

    ڏئي گهاوَ، تن تي پها ٿي رکي،
    وڏي خوبصورت ادا ٿي رکي.

    وجهي گُهنڊ منهن ۾ ڏسي ٿي مگر،
    هو پنهنجي اکين ۾ شفا ٿي رکي.

    چوي ٿي ته تنهنجي نه ٿيندس ڪڏهن،
    ۽ دل ۾ اسان لئه وفا ٿي رکي.

    نئي سج پهري نوان ويس ٿي،
    ڳچيءَ ۾ به سونا سڳا ٿي رکي.

    جڏهن وار ڇوڙي ڇڏي ٿي مٺي،
    وڏو زور ويتر هوا ٿي رکي.

    نظر کي نظر سان ٿي گهائل ڪري،
    نظر ۾ به پنهنجي دوا ٿي رکي.


    تنهنجون توکان اکيون پُڇندئي،

    -تنهنجون توکان اکيون پُڇندئي،
    منهنجون سڀئي سکيون پُڇندئي.

    پير جي پايل، ٻانهن جي چوڙي،
    وارن جون ٻئي سڳيون پُڇندئي.

    ڪن جون واليون ۽ ڦُلي نڪ جي،
    هٿڙن جون سڀ مُنڊيون پُڇندئي.

    پيار منجهان تو جيڪي پاتا،
    ڀاڪر ۽ سڀ چُميون پُڇندئي.

    ڪنهنجي راھ ۾ ٻارين ٿي تون،
    ٻاريل سڀئي بتيون پُڇندئي.

    ڪالهه توسان گڏ هو ڪوئي،
    شهر پنهنجي جون ڳليون پُڇندئي.

    گهائل ويندو گهائل کان پو،
    ڌرتيءَ جون سڀ سرتيون پُڇندئي.


    وائي

    ساجن سگهڙو اچُ،
    آهيان تنهنجي آسري

    ساھ ۾ ڪيسين سانڍيان،
    محبت جهڙو مچُ،
    آهيان تنهنجي آسري

    ايڏو ڇا لئه ڏور تون،
    منهنجي روح ۾ رچُ،
    آهيان تنهنجي آسري

    توريءَ ڪنهن سان اوريان،
    ڳالهيون آهن ڳچُ،
    آهيان تنهنجي آسري

    مون ۾ عيب هزارين،
    صاحب تون ئي سچُ،
    آهيان تنهنجي آسري

    گهائل مون ڏي گهوُر تون،
    نينهن ۾ مون سان نچُ،
    آهيان تنهنجي آسري


    اوٽ در جي ڪري ڏسي پئي ڪا،

    اوٽ در جي ڪري ڏسي پئي ڪا،
    هاءِ، مون کان وري لڪي پئي ڪا.

    هو چوي يا نه، مان ته سمجهان ٿو،
    جا به اکڙين سان ڪجهه چوي پئي ڪا.

    ڪالهه مون کي گهڻو ستايو ڪنهن،
    سور مون لاءِ اڄ سهي پئي ڪا.

    عشق آتش جئان پيو ڀڙڪي،
    پيار پاڻي جئان وجهي پئي ڪا.

    ڪا محبت ڪري هڻي پئي هٿڙا،
    نينهن ۾ نروار ٿي نچي پئي ڪا.

    سور ناسور ٿي ويا گهائل،
    اڄ انهن تي پها رکي پئي ڪا.


    گيت

    هي ڳوٺ سنديون ڳليون،
    ۽ در تي سُڪل وليون،
    آ تو کي سنڀارن ٿيون

    گل ڦُل هي ٻنيون ٻارا،
    هڪ چنڊ ته ٻيا تارا،
    ۽ درد ڀريون دلڙيون،
    آ توکي سنڀارن ٿيون

    جنهن تنهن کي تنهنجو ڳالهيون،
    هر ڪنهن جون اکيون آليون،
    سي تنهنجون سڀئي سرتيون،
    آ تو کي سنڀارن ٿيون

    هي مينهون تنهنجون ڪاريون،
    کيتن ۾ جي تو چاريون،
    هي ساڳ چڻا پليون،
    آ تو کي سنڀارن ٿيون

    گهاگر نه مٺي سڀئي،
    جي چيلهه کڻي ڀريئي،
    سڀ گهر جا دلا مٽيون،
    آ توکي سنڀارن ٿيون

    ڌس ڪيڏيون رُنيون آهن،
    ڄڻ ڇوريون ڇنيون آهن،
    “گهائل” هي منهنجون اکڙيون،
    آ توکي سنڀارن ٿيون


    هجي ڏينهن يا ڪا هجي رات دلبر،

    هجي ڏينهن يا ڪا هجي رات دلبر،
    اوهان جي آ هر پل رُڳي تات دلبر.

    چئي ڇا ٻُڌايان سڄو نور آهين،
    وتي چنڊ توکان آ خيرات دلبر.

    ڏسي ڪئين نه توکي ڪندو خوب خوشيون،
    هُجي ڀل جي ڪنهن کي ڪا سڪرات دلبر.

    ڀلي سونهن وارا سڀئي گڏ ٿين پر،
    تون ويندي سڀن کي ڏئي مات دلبر.

    لکڻ جي اسان کي نه طاقت هئي ڪا،
    نوازش اوهان جي ملي ڏات دلبر.

    مٿان هڪ نه گهائل هي قربان ٿيندو،
    ڪندو گهور توتان سڄِي ذات دلبر.


    گيت

    ڏسي توکي جيئن ٿا جي،
    انهن جي سار لهندو ڪر

    جدائي زهر جهڙي آ،
    مگر تو لئه پيئن ٿا جي،
    انهن جي سار لهندو ڪر

    ڇڏي ڪم ڪار دنيا جا،
    تنهنجون واٽون ڏسن ٿا جي،
    انهن جي سار لهندو ڪر

    جنين جو تون سهارو آن،
    تنهنجي سڪ ۾ سڪن ٿا جي،
    انهن جي سار لهندو ڪر

    ڪڏهن ڪنهنجا ٿيا ناهن،
    مگر تنهنجا ٿين ٿا جي،
    انهن جي سار لهندو ڪر

    مٿان تنهنجي ته ڪيئن گهائل،
    پنهنجو سرُ ساھ ڏين ٿا جي،
    انهن جي سار لهندو ڪر


    پل پل ساجن تنهنجو سارون،

    پل پل ساجن تنهنجو سارون،
    هينئڙو منهنجو ڦارون ڦارون.

    گهاوَ پُراڻا ڪين ٿا ڀرجن،
    درشن تنهنجو دردن دارون.

    سور به آخر ڪئينءَ سهان مان،
    هڪڙي دل آ تنهن ۾ ڏارون.

    اُڀ تي بادل هير ڏکڻ جي،
    اکڙين ۾ هن لڙڪن لارون.

    جيڏو مون کان ڏور وڃين ٿو،
    تيڏيون تنهنجون تانگهه تنوارون.

    تيز هوائون، سانوڻ مينهڙا،
    گهائل ڪن پو ڪئينءَ اُڏارون.


    گيت

    اسان جا گهر ڪکن جا ٿئي،
    اسان جي حال تي هلندي

    اوهان لئه ڪجهه نه آهن پر،
    اسان جا گهر لکن جا ٿئي،
    اسان جي حال تي هلندي

    وڻن جي ڇانوَ ٿڌڙي ۽،
    ٿڌا پاڻي مٽن جا ٿئي،
    اسان جي حال تي هلندي

    هنداڻا جام هت ملندئي،
    مٺا ميها پٽن جا ٿئي،
    اسان جي حال تي هلندي

    ڪڏهن صحرا ڪڏهن ساوڪ،
    هتي پاڻي جهٽن جا ٿئي،
    اسان جي حال تي هلندي

    وري به سوچجانءِ گهائل،
    لاها چاڙها لڪن جا ٿئي،
    اسان جي حال تي هلندي


    شاڪر عزيز سيتائي

    تعارف

    نالو، عزيز احمد ولد محمد علي خان ٻگهيو
    ادبي نالو، شاڪر عزيز سيتائي
    ادبي سفر جي شروعات، 1990
    جنم جو هنڌ، سيتا روڊ
    جنم جي تاريخ، 01.02.1969
    تعليم، بي،اي. بي،اي،سي (باٽني) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
    ڪرت، پرائمري استاد


    ڏٺا جي مون تولئه سپنا، سي سپنا زندگي آهن،

    ڏٺا جي مون تولئه سپنا، سي سپنا زندگي آهن،
    تنهنجي يادن جا سڀ لمحا، سي لمحا زندگي آهن.

    تنهنجو مرڪڻ، تنهنجو گهورڻ، ادائون شوخ ۽ چنچل،
    تنهنجا انداز ۽ نخرا، سي نخرا زندگي آهن.

    هوائن ۾ تنهنجي خوشبو، جي چورين تون پنهنجا چپڙا،
    تنهنجي گفتار جا لهجا، سي لهجا زندگي آهن.

    منهنجي چاهت منهنجي حسرت منهنجا احساس ۽ ارمان،
    وابسته توسان اي سهڻا، سي سهڻا زندگي آهن.

    گلابن جئان حَسين چهرا ڪي مثل ڪي چنڊ چوڏهينءَ پر،
    منهنجي محبوب جا جلوا، سي جلوا زندگي آهن.

    ٻڌايان ڇا توکي شاڪر ڪيڏا عزيز آهن مون کي،
    اُهي لمحا مون لئه چريا، سي چريا زندگي آهن.


    دل جي گلشن ۾ گلابن جي ڪمي ٿي پئي آ،

    دل جي گلشن ۾ گلابن جي ڪمي ٿي پئي آ،
    يار جي ويندي ئي يارن جي ڪمي ٿي پئي آ.

    هر گهڙي روح ۾ آ روڄ، پرين تو کي ڏسان،
    روح بي چين آ، پيارن جي ڪمي ٿي پئي آ.

    اي صبا يار کي چئجان ته سگهو موٽ ڪري،
    منهنجي جيون ۾ بهارن جي ڪمي ٿي پئي آ.

    هر خوشي منهنجي آ منسوب تو سان ماھ لقا،
    ها سوا تنهنجي سهارن جي ڪمي ٿي پئي آ.

    موڪلائي جو وئين مون کان جدا ٿي شاڪر،
    منهنجي نظرن ۾ نظارن جي ڪمي ٿي پئي آ.


    خدا ٿو ڄاڻي ته توسان ٿي دل لڳي آهي،

    خدا ٿو ڄاڻي ته توسان ٿي دل لڳي آهي،
    سوا تنهنجي لبن تي نه ڳالھه ٻي آهي.

    منهنجا خيال منهنجا خواب ڳولهن ٿا توکي،
    منهنجي نظر ۽ تصور کي تشنگي آهي.

    اُڃارو آهيان مگر پياس پاڻي جي ناهي،
    تنهنجي ديدار جي دلبر جو طلب ٿي آهي.

    وفا جي ڪائي تمنا نه وفا جي ڪائي توقع،
    سچي آ منهنجي محبت نه مطلبي آهي.

    ڪيان مان ڇو نه فدا زندگي خوشي تو تان،
    تو سان ته عشق آ منهنجو ۽ عاشقي آهي.

    چيم اي دل ناهي ڪو خوف ناهي ڪو فڪر ڇو جو،
    رکي آ جنهن به توڪل سو ويو تري آهي.

    جيئڻ مرڻ جو وچن تو سان ئي ته آ شاڪر،
    جنم جنم جا ملي زندگي تنهنجي آهي.


    اکين جو اکين سان ملڻ خوب هو،

    اکين جو اکين سان ملڻ خوب هو،
    اوهان جو اسان کي ڏسڻ خوب هو.

    ڪڏهن زلف وکريا ڪڏهن رئو ٿي سرڪيو،
    هوا جو اوهان سان کيڏڻ خوب هو.

    محبت هئي ڇا جو ٿي پئي اوهان سان،
    اچانڪ هي گُم سُم رهڻ خوب هو.

    هُئي اهڙي حالت نه بي چين دل،
    جو دل ۾ اوهان جو هجڻ خوب هو.

    سويري صبح کان ويندي رات تائين،
    اوهان لاءِ لکڻيون لکڻ خوب هو.

    عجب ڪشمڪش مان پيو گذري شاڪر،
    هي لُڇ پُڇ جو عالم ٿيڻ خوب هو.


    پڙهي ڪنهن پيار جي ڪتاب جو مزو ماڻيون،

    پڙهي ڪنهن پيار جي ڪتاب جو مزو ماڻيون،
    سهڻن جي سونهن جي عتاب جو مزو ماڻيون.

    ٿيو رانجهي ۽ پنهون، مجنون ۽ فرهاد سان ڇا،
    اسين به عشق جي عذاب جو مزو ماڻيون.

    ڪي گهڙيون يار تصور ۾سندن عڪس ڳوليون،
    اکين کي بند ڪري خواب جو مزو ماڻيون.

    لکياسين پيار جا پتر آيو آ مس مس ڪو،
    ڏنو آ يار ڇا جواب جو مزو ماڻيون.

    رهيو ساقي جي هٿن ۾ اثر هلو يارو،
    شبابِ يار ۾ شراب جو مزو ماڻيون.

    ڏئي سجدا به ٿڪاسين ته ڇو نه اي شاڪر،
    ديدار يار ۾ ثواب جو مزو ماڻيون.


    منهنجي نيڻن ۾ ننڊ جا خمار ڏسي،

    منهنجي نيڻن ۾ ننڊ جا خمار ڏسي،
    تو ڇا سمجهو ته شايد اوجاڳو هوندو.

    مان خيالن ۾ سوچيان ۽ لوچيان پيو،
    سنڌ ڏکن ۾ آ ساري هي سمجهان پيو،
    ڪجھه مصلحت جا زنجير پيرن ۾ آهن،
    ڪجھ پنهنجا به ويٺا هت غيرن ۾ آهن،
    ڳٽ غلامي جو منهنجي ڳچيءَ ۾ ڏسي،
    تو ڇا سمجهو ته تعويذ ڌاڳو هوندو.

    منهنجي رت ۾ رچيل اهڙيون ريتون آهن،
    چُپ زهر جون وٽيون ڪي مون پيتيون آهن،
    مان امن ۽ محبت جو پوئلڳ آهيان،
    مان سچل ڀٽائيءَ وارو دڳ آهيان،
    دودي دولھه هنيو جيڪو نعرو هيو،
    منهنجي لب تي به نعرو سو ساڳو هوندو.

    رات ڪاري کان پو ٿيندي پرڀات آ،
    نيٺ ٿيئڻي ختم ظلم ظلمات آ،
    ڄاڻ برسيا ڪڪر آزادي جا،
    گيت چئباسنڌ جي شادابي جا،
    جو سنڌڙيءَ لئه جهيڙي ٿو شاڪر،
    سو سچ پچ سچو پُٽ سڀاڳو هوندو.


    محافظ خود بڻيو ويٺو آ قاتل تنهنجي چهري تي،

    محافظ خود بڻيو ويٺو آ قاتل تنهنجي چهري تي،
    پرين شهڪار آ هڪ تر سجايل تنهنجي چهري تي.

    ستارن جي گهٽائن جي نظارن جي ادائن جي،
    سڄي قدرت سندي آ سونهن سمايل تنهنجي چهري تي.

    اُڏاري هوش ٿو پل ۾ نهارڻ سان نظر هڪ ۾،
    هجي پُر جام جو پيالو ڪو ٺاهيل تنهنجي چهري تي.

    چوڏهين جي چنڊ آڏو جئين، ڪڪر بيهي ڪري پاڇو،
    نهاريم هوبهو منظر هو آيل تنهنجي چهري تي.

    متان الزام ڪو مون تي اچي ڄڻ بت پرستي جو،
    الهامي جوت جو جلوو هو ڇانيل تنهنجي چهري تي.

    هٽائن جي ڪيم ڪوشش هٽن پر ڪين ٿيون شاڪر،
    منهنجون حسرت ڀريل نظرون به ڦاٿل تنهنجي چهري تي.


    نه ڪي ساٿ ڪنهنجو نه سنگت رهي،

    نه ڪي ساٿ ڪنهنجو نه سنگت رهي،
    زماني ۾ آخر ڇو نفرت رهي.

    پکي ڀي ويڇارا ڇڏيون ٿا وڃن،
    نه ڌرتي تي پاڻي سهولت رهي.

    ڏسو حال ٿر جو نه ڪي مال ماڻهو،
    اتي بس مُصيبت ۽ آفت رهي.

    آهي سنڌ سراپا واويلا واڪا،
    ٻڌڻ جي نه ڪنهن ۾ ڪا طاقت رهي.

    آهي جيڪو جنهن سان انهيءَ سان ئي بس،
    نه ٻئي ڪنهن سان انهيءَ جي محبت رهي.

    هي هندو هي مسلم هي عيسائي يهودي،
    آ مذهبن جي نالي شناخت رهي.

    هي قرآن انجيل توريت گيتا،
    پڙهو ٿا نه معنٰي جي اهميت رهي.

    آهي درس سڀ جو انسانيت مگر،
    نه انسان ۾ ڪا انسانيت رهي.

    جبر ظلم برپا آ محشر هتي،
    حياتي ڇو لت پت آ رت ۾ رهي.

    خدا ڀي ڇڏيو ڇا ڏسڻ اي شاڪر،
    نه ڪائنات جي ڪا ضرورت رهي.


    مان سنڌو ساگر سڏجان ٿو

    پنهنجي اکين جي پنبڻين ۾،
    مان سانڍيان ٿو ڪي خواب نوان،
    ها، ڏور جبل جي چوٽين تي،
    مان بادل بڻجي برسان ٿو،
    قطرو قطرو ٽپڪي ٽپڪي،
    گهري جهيل ۾ گڏجان ٿو،
    جت ڇولين جا ڪي شور ڪري،
    بند ٽوڙيان ٿو مان زور ڪري،
    ڪٿ اونچايون ڪٿ گهرايون،
    مان مست لهرن کي لهرايون،
    ها سنڌو ساگر بڻجان ٿو،
    مان سنڌو ساگر بڻجان ٿو،
    واسينگن وانگر ور ڪندو،
    خاموش ڪٿي ڪا ڇر ڪندو،
    سرسبز ڪندو مان شادابيون،
    آباد ڪندو ڪي آباديون،
    ايئن ٽڪرين کان ميدانن ۾،
    مان پهچان ٿو ايوانن ۾،
    جت منهنجي ڪُک ۾ خنجر سان،
    ٿا گهاءَ ڪري ڪي ڊيم ڀرن،
    ۽ ڪاغظ جي چند ٽڪڙن تي،
    ٿا منهنجي اوچ ۽ نيچ لکن،
    مان پنهنجي وڃايل مرڪ ڏسي،
    ۽ پياسن لئه هڪ سُرڪ ڏسي،
    مان تڙپان ڦٿڪان پڄران ٿو،
    ۽ درد مان ٻڙڪي ڀڙڪان ٿو،
    ڪي ٻوڙيان ٿو ڪي لوڙهيان ٿو،
    ۽ رڙهندو رڙهندو ڊوڙان ٿو،
    مان زخمن سان ٿيو چور آهيان،
    معزور هوندي مجبور آهيان،
    ٿڪجي ٿڪجي هوري هوري،
    پنهنجي وجود کي سوري سوري،
    ٿو سنڌ امڙ جا پير چُمان،
    ۽ روئندي روئندي کيس چوان،
    اي سنڌ امان اي سنڌ امان،
    مان جهول تنهنجي ۾ ننڊ ڪيان،
    ائين شاڪر پنهنجن نيڻن کي،
    ٿو نير وهائي بند ڪيان،
    پنهنجن اکين جي پنبڻين ۾،
    ٿو سانڍي ڪي ئي خواب رکان!
    ٿو سانڍي ڪي ئي خواب رکان!


    عزيز سيتائي

    تعارف

    نالو، عبدالعزيز ولد علامه قادر بخش سومرو
    ادبي نالو، عزيز سيتائي
    تعليم، ايف،ايس،سي
    جنم جي تاريخ، 15.02.1979
    جنم جو هنڌ، سيتاروڊ
    ادبي سفر جي شروعات، 1997 کان
    ادبي شعبو، شاعر، ڪهاڻيڪار
    ڪرت، سرڪاري ملازمت
    ايڊريس، وارڊ نمبر 5 سومرا محله سيتاروڊ


    نظم: ادب جي چمن جو آهي شهر سيتا

    ادب جي چمن جو آهي شهر سيتا،
    محبت، عقيدت سندو سحر سيتا.

    علم آشنائن سندا واس آيا،
    پريم چند، موتي، موهن داس آيا،
    ۽ عبدالغفور سيتائي ياد رهندا،
    ڪي آخوند دائود آيا ڪي ايندا،
    وسايا فڪر جا پئي ابر سيتا،
    ادب جي چمن جو آهي شهر سيتا.

    سُهاني سٽن ۾ آ اُستاد پيرل،
    غزل گيت ۾ آهي آباد پيرل،
    ۽ بشير سيتائي به فولاد بڻيو،
    ضعيفن، غريبن جي فرياد بڻيو،
    سدا ڳائجي ٿو تنهنجو ذڪر سيتا،
    ادب جي چمن جو آهي شهر سيتا.

    قادر بخش “افسر” رهيا منهنجا رهبر،
    هو عالم ۽ فاضل، ٻيو سڏجي قلندر،
    اُٿي اُڀ تي آيا ڪڪر ڪي علم جا،
    ڪي اُستاد ادبي شفا جي قلم جا،
    اُٿاري علم جي سدا لهر سيتا،
    ادب جي چمن جو آهي شهر سيتا.

    قمرڀان، اُستاد، فنڪار، ليکڪ،
    ۽ سُقراط شاعر سّچار ليکڪ،
    لکن خوب مجبور مشهور ميمڻ،
    اٿن انقلابي سچن ۾ سچو گُڻ،
    آهي سُرهي سوچن سندي نهر سيتا،
    ادب جي چمن جو آهي شهر سيتا.

    محبت جا منصور احساس ارپي،
    چنبيلي جي گُل جو ٿو ڄڻ واس ارپي،
    رکي دل اميري غريب گل سيتائي،
    ڪوتا ۾ جنهن جي ڀٽائي سچائي،
    سچن تي سچي آ ڪئي مهر سيتا،
    ادب جي چمن جو آهي شهر سيتا.

    گلابي گُلن ۾ ٿو آڪاش مهڪي،
    سندس شاعريءَ جو ٿو هر ٽار ٽهڪي،
    سچائي جا سُرها لکي گيت بيوس،
    ڪڍي عرق سچ جو جئين موتئو رس،
    ستارن سان چمڪي ٿي هر پهر سيتا،
    ادب جي چمن جو آهي شهر سيتا.

    امر، دين محمد لکن ٿا نرالا،
    ڪري شاد دلشاد دل ۾ اُجالا،
    بقا جي جهان ۾ آ مسرور رستم،
    غزل گيت جا هُن بڻايا ها مرهم،
    علم جو ادب جو ڏنو اجر سيتا،
    ادب جي چمن جو آهي شهر سيتا.

    ڪهاڻين جي ماٿي جو سندور آهي،
    مٺو محبتي ماڻهو منظور آهي،
    اداڪار داد غني جا ها جوهر،
    شهيدِ فنونِ لطيفي سڪندر،
    رهيو فن جي جيءَ جو آهي جگر سيتا،
    ادب جي چمن جو آهي شهر سيتا.

    جئين لاٽ ٻرندي قلمدان رهندا،
    سدائين اديبن جا عنوان رهندا،
    مٿاهان علم جا هي ايوان رهندا،
    سندم جنم ڀوميءَ جا احسان رهندا،
    الف، بي، پڙهايا ٻئي اکر سيتا،
    ادب جي چمن جو آهي شهر سيتا.

    ڪوئي آس اصغر ۽ ساحل سڏائن،
    ٿا ٻوليءَ جي لوليءَ کي ڳائن وڄائن،
    ۽ فياض، منور اُٿاري جا خوشبو،
    محبت ڪوتا جي هٻڪار هرسو،
    ڪري شاعرن کي پئي امر سيتا،
    ادب جي چمن جو آهي شهر سيتا.

    گنن گن ۾ گونجي ٿو رمضان ڳائي،
    ڇنن ڇن کي خادم گُلڻ ٿو نڀائي،
    ڌنن ڌن سان محبوب ڍولڪ وڄائي،
    ڪو ڪوهياري، راڻو سُرن ۾ سجائي،
    آهي ساز سنگيت جو بحر سيتا،
    ادب جي چمن جو آهي شهر سيتا.

    عدم ۽ امن جون امن آشيائون،
    هتي شاعرن جي فڪر جون فضائون،
    ڪٿي درد شاڪر لکن نينهن نظارا،
    اُتر لاڙ سنڌ تي ۽ ڪينجهر ڪنارا،
    لکن ٿا لکڻ جو ڏنو هنر سيتا،
    ادب جي چمن جو آهي شهر سيتا.

    ڪو عاجز، ڪو آصف، ڪو باغي، ڪو گهائل،
    رهيا سارا فطرت جي رنگن جا مائل،
    لِسانِ محبت جي ڪا وائي آهيان،
    منهنجو شهر سيتا، مان سيتائي آهيان،
    “عزيز” الفت جو آهي اثر سيتا،
    ادب جي چمن جو آهي شهر سيتا.


    هن دل ڏُکي جي راز کي ڄاڻي به ڇا ڪندي،

    هن دل ڏُکي جي راز کي ڄاڻي به ڇا ڪندي،
    ٽڪرن کي سوئي ميڙي ۽ ماڻي به ڇا ڪندي.

    مون وانگيان آ دوست سڄو منهنجي دل جو برُ،
    پٿر ۽ ڪنڪرين کي ڇاڻي به ڇا ڪندي.

    ناسور سور سار جو شامل آ ساھ ۾،
    دارون دوا ڪو درد تي آڻي به ڇا ڪندي.

    هن روح دل تنوار جي هر تار آ ٽُٽل،
    نازڪ نفيس تند کي واڻي به ڇا ڪندي.

    دل جي تڙپ ۽ تانگهه ته اونهي اتانگ آ،
    حد عشق جي عزيز پُڇاڻي به ڇا ڪندي.

    ______
    اَتانگ، بي ترو ( جنهن کي ترو نه هجي)


    خاموش چاهتن کي آهي زبان پيارا،

    خاموش چاهتن کي آهي زبان پيارا،
    نيڻن جي ٿا نميءَ مان ڇُلڪن بيان پيارا.

    طعنن جا تير تاڻي لفظن جو لوڻ ٻُرڪي،
    موهن دڙي مثل ڪي آهن نشان پيارا.

    جيئڙو پيو ٿو ٻولي جيڪر ٻڌين ڪنائي،
    جو جيءَ چوي ٿو جي، جي سو جي جوان پيارا.

    تون شاعري بُکايل مسڪين کي ٿو ارپين،
    تنهنجي غزل جو گفتو ناهي ڪو نان پيارا.

    شڪوا محبتن جي ناهي عزيز ڪرڻي،
    رسوا نه ٿي پوي ڪٿ الفت جو مان پيارا.


    “وڏا وزير”

    وڏا وزير سنڌ جا نه قوم کي ڏٽو کپي،
    لوئي ۽ لڄ ۾ سدا اَجهو، لَٽو، اَٽو کپي.

    هي مائرون قطار ۾ فقير ٿي پنائين ٿو،
    ذلتن سندو نه ٿو اناج جو ڪَٽو کپي.

    اسيمبليءَ جي حال ۾ تون چهچٽا ڪرين پيو،
    بي روزگار جي دلين اندر به چهچٽو کپي.

    اليڪشن جي دؤر ۾ وچن ۽ واعدا ڪيا،
    جو بي ضمير ٿي ويو نه ٿو سو من مَٽو کپي.

    لڪير جي فقير جو نه ڏي فڪر تون قوم کي،
    عزيز کي وزير کان نه ڀيک جو وَٽو کپي.


    وائي

    ناهي نيڻن ننڊَ،
    آهي ڪو اوسيئڙو

    پر ڪو آيو ڪينڪي،
    اُڀريا ڪي ئي چنڊَ،
    آهي ڪو اوسيئڙو

    ڪيسين تو ۾ پيسجانءِ،
    جيون جا اي جنڊَ،
    آهي ڪو اوسيئڙو

    دلِڙي جي درگاھ تي،
    دردن جا هن ونڊَ،
    آهي ڪو اوسيئڙو

    جيئڻ لئه اي زندگي،
    رکيئي ڪيڏا ڏنڊَ،
    آهي ڪو اوسيئڙو

    منهنجن خوابن جا عزيز،
    خالي آهن منڊَ،
    آهي ڪو اوسيئڙو


    تنهنجي زمين تي خدا، غريب مارجي پيو،

    تنهنجي زمين تي خدا، غريب مارجي پيو،
    انڌن جي پيڙ ۾ هتي، سڄو لتاڙجي پيو.

    ڪٿي ته درس گاھ تي، ڪٿي ته مسجدون مندر،
    ڪو مذهبي جنون آڙ ۾ جلائجي پيو.

    ڪنهن آھ ۾ نه ڇرڪيو، هي انس ڪهڙي جنس آ،
    جڏهن ته فرش پيو ڌُڏي ۽ عرش ڏارجي پيو.

    ڪا نوجوان ڇوڪري ڪري ڪٿي جا نوڪري،
    ڪو بي حيا هٿان حيا شرم اُجاڙجي پيو.

    ڏنئي امن ۽ شانتي سندو ڪتاب اي خدا،
    پرائجي نه ٿو مگر، رڳو سنوارجي پيو.


    ٽيڙو

    تعويذن جي آڙ،
    بيوس ۽ بيمار تي،
    ڀوپي جي آ واڙ.

    دهشت جا اي دؤر،
    ڪيسين تنهنجي ويڙھ ۾،
    مرندا رهندا مورَ.

    اِنَ ۾ ڇا جا شڪَ،
    مُلان جي ايمان ۾،
    کوٽي آهي پڪَ.

    او مُلان بي ايمان،
    مذهب جي پيو آڙ ۾،
    مارائين انسان.

    مُرشد گهڙيو گهر،
    مسڪينن جون نينگريون،
    تڪي ٿو هر هر.

    يادن جا زنجير،
    جڪڙي منهنجي جيءَ کي،
    پورَ ڏين ٿا سير.


    منظور سيتائي

    تعارف

    نالو، منظور علي سولنگي ولد بخشل خان سولنگي
    ادبي نالو، منظور سيتائي
    ادبي شعبه، شاعر، ڊراما ليکڪ، اداڪار، هدايتڪار ۽ ڪمپيئر
    جنم تاريخ: 06.01.1983
    جنم جو هنڌ، سيتاروڊ
    ادبي سفر جي شروعات، 1997
    ڪرت، خانگي ملازمت (سابقه اسڪرپٽ ايڊيٽر مهراڻ ٽي وي)


    مليل ايوارڊ،

    ڪي ٽي اين طرفان بيسٽ رائيٽر ايوارڊ 2005
    سنڌ پبلڪ اسڪول سيتاروڊ طرفان بيسٽ ٽيچر جو ايوارڊ 2008
    س.ا.س شاخ پاٽ شريف طرفان ڊاڪٽر قربان جهتيال هٿان دادا غني سولنگي مڃتا سرٽيفيڪيٽ 2007
    ليڊي ڊائنه ويلفيئر حيدرآباد طرفان بيسٽ رائيٽر، بيسٽ ايڪٽر ايوارڊ 2011
    مهراڻ ٽي وي طرفان فيوز ٽاڪ ايوارڊ بيسٽ پرفارمس 2011
    سٽي اسڪول سيتاروڊ طرفان بيسٽ پرنسپال ايوارڊ 2011
    ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ طرفان شاھ ڀٽائي ايوارڊ بيسٽ ناٽڪ نويس 2014
    س.ا.س شاخ سيتاروڊ طرفان عبدالغفور سيتائي ايوارڊ بيسٽ ڊرامه رائيٽر 2014
    پتو، وارڊ نمبر 4 جوکيه محله سولنگي گهٽي سيتاروڊ. 03463644334، 03133644389


    گهڻي جستجو پر صفا، عمر ٿوري،

    گهڻي جستجو پر صفا، عمر ٿوري،
    گلن جئان ڏني جو خدا، عمر ٿوري.

    پئي پيسجي سوچ جيون جي جنڊ ۾،
    ملي فطرتي ڀوڳنا، عمر ٿوري.

    مرڻ بعد ڪردار تاريخ بڻجي،
    ٿئي جسم خاڪي فنا، عمر ٿوري.

    ڀلا ڇا ڪجي مختصر زندگي ۾،
    سڄي زندگي پل الا، عمر ٿوري.

    سوين سور صدما ۽ احساس اُڌما،
    جلي جان جندڙي سدا، عمر ٿوري.

    هجي رسم خاطر رکي دوستي جو،
    اُها بي بقا ۽ خفا، عمر ٿوري.

    هجي ساھ سنسار محبوب جيڪو،
    پري تنهن پنهل کان سزا، عمر ٿوري.

    ڪو ماڻهو ڪنڊو ڪو گلابن سندو گل،
    طبيعت به رب جي عطا، عمر ٿوري.

    لکي سور سنڌ جا ڪيان جو عبادت،
    ادا پوءِ نمازون قضا، عمر ٿوري.

    ڪيو عزم منظور آهي لکڻ جو،
    لکڻ بندگي ۽ دعا، عمر ٿوري.


    اسان جي سنڌ سان ڪمال نسبت،

    اسان جي سنڌ سان ڪمال نسبت،
    مري ڪندا هون مثال نسبت.

    اسين موهن جي دڙي جا وارث،
    پيا لکون لازوال نسبت.

    اسان جو اڀياس رت سان رنگيل،
    آهيون حلالي حلال نسبت.

    صدين کان رشتو آهي ته سنڌ سان،
    سچي حقيقت نه خيال نسبت.

    ڪري ٿو منظور عشق سنڌ سان،
    ڪڏهن نه ٽُٽندي مجال نسبت.


      هلچل هلايون

    وڏي انقلابي ڪا هلچل هلايون،
    قلم علم رستي سان اڳتي وڌايون.

    آيا غير دشمن پُڪاري ٿي ڌرتي،
    لکون سچ ٻري مچ منافق ڀڄايون.

    وڏيرن، ڀوتارن ۽ پيرن فقيرن،
    لُٽي سنڌ ساري ته ڇاڇا لڪايون.

    امڙ سنڌ ٻوليءَ جي مٺڙي آ لولي،
    پڙهون ۽ پڙهايون سا ٻولي بچايون.

    سُڀاڻي جو سوچون اُٿي اڄ ئي لوچون،
    سهيڙي ڪا تاريخ سنڌ جي لکايون.

    سوا علم جي هت سُڌارو نه ايندو،
    ادب علم رستي جهالت مِٽايون.

    بُکارا اڃارا ٿري ٻار سارا،
    مرن مور ماڻهو، اهو ٿر سجايون.

    خدا ڪو نه بدلي ٿو تقدير پاڻهي،
    گُهري معجزو ڪو دعا ٿا لڄايون.

    مقدر جو مهڻو ڪيون گڏجي ڪوڙو،
    ڏڪر ۽ ڏمر جا به بادل هٽايون.

    بلاول ڀٽائي سچل صوفين جا،
    ڏني واٽ حق جي، اُها ڇو وڃايون.

    سنڌو ديش پنهنجو ٿو آزاد گهرجي،
    ڪري غور ويچار ان تي ڳالهايون.

    مڃون ٿا، جهڪون ٿا ۽ پوڄي چئون ٿا،
    اسان سنڌ کي قعبو قبلو ٿا ڀايون.

    سڃاڻپ ثقافت اسان جي نرالي،
    لڳون گهوٽ جي ٽوپي اجرڪ ٿا پايون.

    رني ڪوٽ مڪلي ۽ موهن دڙو ڀي،
    هي تاريخ تهذيب خوشحال ڳايون.

    ختم جر جو پاڻي نه ٿيو آ نه ٿيندو،
    ائين شاعري آ اسان ڇا کُٽايون.

    ملي موت منظور قومي سفر ۾،
    مرون سرخرو ٿي، مٽي ماٿي لايون.


    وائي

    پل پل تنهنجو پورُ،
    موُر نه وسرينءَ تون مٺي

    وڇڙي تحفو تو ڏنو،
    دل جو دل ۾ سورُ،
    موُر نه وسرينءَ تون مٺي

    سوُر مٺو سِڪَ سار جو،
    تنهنجي تات سُرورُ،
    موُر نه وسرينءَ تون مٺي

    تنهنجن يادن ۾ آهن
    چَڪ چُميون ڀرپورُ،
    موُر نه وسرينءَ تون مٺي

    توبن ٿوهر زندگي
    بي رونق بي نورُ،
    موُر نه وسرينءَ تون مٺي

    منهنجا سجدا سونهن کي
    محبت آ منشورُ،
    موُر نه وسرينءَ تون مٺي

    توکي ساري ٿو پيو
    سيتائي منظورُ،
    موُر نه وسرينءَ تون مٺي


    “سيتا”

    روح اندر جي تات ۾ سيتا،
    سوچ فڪر جذبات ۾ سيتا.

    ماءُ ڏني آ لولي سنڌي،
    پيءُ پڙهائي ٻولي سنڌي،
    ڀاڳ ڏني سوغات ۾ سيتا.

    هڪ ماءُ ڄڻي ٿي ڏيھه ڏسي،
    ٻي ماءُ وري ٿي گود وٺي،
    منهنجي موت حيات ۾ سيتا.

    سنڌ سان جهڙا رشتا ناتا،
    سيتا ڀي آ تهڙي ماتا،
    ساھ وجود ذات ۾ سيتا.

    سيتا تي لکڻ فرض ٿو سمجهان،
    سنڌ جئان مان قرض ٿو سمجهان،
    علم عقل جي بات ۾ سيتا.

    منهنجي عشق شعور ۾ سيتا،
    سيتائي منظور ۾ سيتا،
    شعر ڪهاڻين ۽ ڏات ۾ سيتا.


    گيت

    شان تنهنجو هجي شعر منهنجا هجن،
    لفظ منهنجا پرين سونهن تنهنجي چُمن.

    سون چاندي بدن، ڏند موتي مڃان،
    چنڊ چهرو چوان مٽُ نه ڪنهنجي ڪيان،
    حورون پريون سِڪن، سونهن توکان گُهرن.

    سادگي، تازگي، زندگي، بندگي،
    دلربا دلنشين نازنين او خوشي،
    ڇا لکان سڀ اسم لقب توکي سونهنِ.

    وار ڪارا تون ڇوڙي ڪرين ٿو قهر،
    کوڙ تڙپي مرن، طلسمي آ نظر،
    آفتابي حُسن تي ملائڪ جُهڪن.

    شعر تعريف ۾ جي نه تنهنجي هجن،
    قافيا سڀ ڦڏا ۽ وزن ٿا کُٽن،
    بيت وايون غزل ٿي ڦِڪا گل رُلن.

    خاص تخليق تحفو خدا جو آهين،
    خوشنصيبي چوان جو تون منهنجو آهين
    شعر منظور جا سارا توکي سڏن.


    هي تنهنجو تحفو تنهائي،

    هي تنهنجو تحفو تنهائي،
    رات به مون کي ننڊ نه آئي.

    رات کُٽي پرڀات ڦُٽي پئي،
    سڪ سار سندي سوچ سجائي.

    ننڊ جي ديوي مون کان رُٺي جو،
    منٿ ڪري به نه مون پرچائي.

    تون نه سهي تنهنجي ياد سهي،
    جيون جرڪي جائي پائي.

    تنهنجون يادون ساھ ۾ سانڍيون،
    تو نه نڀائي ياد نڀائي.

    هنياري وارو هانءُ آ منهنجو،
    تهڙي جيءَ ۾ جوت سچائي.

    تولئه سهڻل ساھ سڪي ٿو،
    موٽ مٺا ڇڏ هاڻ پڪائي.

    منظور چوي موت نه ماري.
    ايڏي ته نه ڪر يار پڪائي.


    ڪري دل جا ٽڪرا طبيعت نه پُڇ،

    ڪري دل جا ٽڪرا طبيعت نه پُڇ،
    سرِعام پنهنجي فطرت نه پُڇ.

    تکا لفظ تلوار وانگر وڍن،
    زباني ۽ ذهني سا نفرت نه پُڇ.

    رهي ڀوڳنا سوچ ۾ عمر ڀر،
    سدا ساھ سوليءَ تي اذيت نه پُڇ.

    ٺهن شعر شاعر جا پيڙاءَ سان،
    ملي ڪو نه ٿي مفت شهرت نه پُڇ.

    اڄوڪي سياست آهي پيٽ لئه،
    وڪاميل وڏيرن جي غيرت نه پُڇ.

    رکي هٿ چپن تي مان خوش هان،
    ڪُهي حسن ڪئين ٿو مهارت نه پُڇ.

    هُئا تجربا دل لڳيءَ جا مگر،
    اکين کان اکين جي ته عادت نه پُڇ.

    سچو ۽ سِڌو آدمي دربدر،
    مُنافق ۽ ڪوڙي جي قسمت نه پُڇ.

    هيو توسان منظور مخلص مٺا،
    وڃائي پوءِ هيري جي قيمت نه پُڇ.


    سيتا نگر

    مقدس مٽي مون لاءِ سيتا نگر آ،
    ڪيو شان منهنجو به سيتا شهر آ.

    منهنجو جيءُ جيون محبت به سيتا،
    چيم چاھ چاهت ۽ اُلفت به سيتا،
    ڪيو پيار پنهنجي جو مون تي سحر آ.

    آهي سونهن سنڌ جي ۽ سرهاڻ سيتا،
    هي دادو جي دل چاهتن ساڻ سيتا،
    عزت آبرو ۽ ادب جو ذڪر آ.

    سچن دوستن جون مثالي وفائون،
    نه ئي ڪوڙ ڪُلفت نه آهن جفائون،
    گُلن جو آ گلشن خوشي جو اثر آ.

    سويري ئي سرگمَ سوين ساز سورنِ،
    ٿي هٻڪار هر هنڌ پکي چنهب چورن،
    نرالو نظارو هتي هر پهر آ.

    مان منظور سيتائي دنيا ۾ سڏجان،
    ڪري عشق سيتا سان تاريخ بڻجان،
    عطا عشق اهڙي تي مون کي فخر آ.


    ذاڪر سيتائي

    تعارف

    نالو، ذاڪر حسين ولد شبير احمد سولنگي
    ادبي نالو، ذاڪر سيتائي
    ڄمڻ جو هنڌ، سيتاروڊ
    ڄمڻ جي تاريخ، 05.04.1980
    ادبي سفر جي شروعات، 2013
    تعليم، مئٽرڪ
    فون، 03442525478


    تنهنجي وارن تي لکان يا ڳوٺ وارن تي لکان،

    تنهنجي وارن تي لکان يا ڳوٺ وارن تي لکان،
    ڇو نه جانان مان بکايل پيٽ ٻارن تي لکان.

    ٿيون وڻن تنهنجون ادائون پر چوان ٿو ڇو نه مان،
    ساڌ ٻيلي سنڌو درياء جي نظارن تي لکان.

    رات هڪڙي پنهنجي ٻانهُنِ ۾ ڪرين جي قيد تون،
    رات تنهن تي مان لکان يا چنڊ تارن تي لکان.

    شاهه جو سڀ سورميون ۽ سورما زندهه رهن،
    سنڌ جي لاءِ جان ڏيندڙ جان نثارن تي لکان.

    تنهنجي ذلفن جي ڪڪر هيٺان مان سندر ڇانوَ ۾،
    واس وارن جو وٺي پيو هن خمارن تي لکان.

    ڇو ڪيان ذاڪر ذڪر حورن ۽ غلمانن سندو،
    ڇو نه آخر پنهنجي سنڌ جي آبشارن تي لکان.


    تنهنجون مون تي نوازشون آهن،

    تنهنجون مون تي نوازشون آهن،
    تڏهن توساڻ محبتون آهن.

    منهنجي هستي وجود ناهي ڪو،
    تنهنجون مون ۾ علامتون آهن.

    دم ٿو گهُٽجي وڃين رُسين ٿو پو،
    ۽ چوين ٿو شرارتون آهن.

    رحمتون ٿيون وسن سدا سچ تي،
    ڪوڙ جي مُنهن ۾ لعنتون آهن.

    مون جيان ڪِٿِ ڀلا ڪُڇي سگهندو،
    جنهن کي تنهنجون شڪايتون آهن.

    مون کي پيو ٿو سڪائين هر دم تون،
    ٻي دنيا لئه سخاوتون آهن.

    درد تنهنجو به ڏئي مزو ٿو پر،
    تنهنجي ٽهڪن ۾ لذتون آهن.

    تن ۾ ڀي ٿو نظر اچين ذاڪر،
    جيڪي مندر ۾ مورتون آهن.


    منهنجو جانان توبن جيون،

    منهنجو جانان توبن جيون،
    آهي هيرڻ پن جئين جيون.

    جنهن ۾ تنهنجو ساٿ نه سائنڻ،
    سارو سو آ اُلجهن جيون.

    سنڌ امڙ تان آهي فدا سڀ،
    يارو منهنجو تن من جيون.

    تو نه سنڀاليو ٻانهن ۾ پو،
    ٿي ويو آهي پن پن جيون.

    جي مان تنهنجي پيرن ۾ هان،
    پو آ منهنجو ڇن ڇن جيون.

    ڪئين هلن ٻئي گڏ گڏ ذاڪر،
    پٿر هوُ، ۽ درپن جيون.


    پنهنجو بار هلڪو ڪرڻ ڏي مون کي،

    پنهنجو بار هلڪو ڪرڻ ڏي مون کي،
    ٻه ڳوڙها ٻه آهون ڀرڻ ڏي مون کي.

    تون سُرهاڻ آن، مان به هان ڀوئنر ڪو،
    پنهنجو واس ٿورو وٺڻ ڏي مون کي.

    نه ٿو جيءَ ۾ جاءِ ڏين تون ته پو،
    مٺا شهر ۾ ئي رهڻ ڏي مون کي.

    پوان ٿي نه هيراڪ ڪاٿي پرين،
    چوان ڪئين ته ڳلڙا چُمڻ ڏي مون کي.

    اکين ۾ سدائين ڪڪر ٿا رهن،
    مان برسات آهيان وسڻ ڏي مون کي.


    مون کي ڏاڍو پرين هُو خفا ٿو ڪري،

    مون کي ڏاڍو پرين هُو خفا ٿو ڪري،
    رات جو چنڊ تنهنجي پُڇا ٿو ڪري.

    مون ته هر هڪـ جنم هُن جي نالي ڪيو،
    مون کي پل ٿو ڳنڍي پل جدا ٿو ڪري.

    ٿو هُو نظرون هٽائي نظر کان جڏهن،
    منهنجا سجدا سڀئي پو قضا ٿو ڪري.

    تون به مارڻ جيئارڻ ۾ استاد آن،
    ڪيئن چوان پو ته سڀ ڪجهه خدا ٿو ڪري.

    ڪا خبر ناهي هاڻي ڇو منهنجي مٿان،
    هر گهڙي ظلم جي انتها ٿو ڪري.

    هر گهڙي ٿو ڪري هو ڪرم مون مٿان،
    مان خطا ٿو ڪيان هو عطا ٿو ڪري.

    شام جنهن سان ڪڏهن تو نه گهاري ڪِٿي،
    توتان ذاڪر عمر سو فدا ٿو ڪري.


    سهڻو ڏاڍو لڳو چوڻ تنهنجو،

    سهڻو ڏاڍو لڳو چوڻ تنهنجو،
    مون کي ذاڪر چئي سڏڻ تنهنجو .

    ڪير سمجهي سگهيو نه محفل ۾،
    منهنجو ڳولڻ وري لڪڻ تنهنجو.

    ڪوئي ناهي فرق شمع تو ۾،
    مون جيان آ سدا جلڻ تنهنجو.

    چنڊ شرمائي ويو لڪي جهڙ ۾،
    اهڙو ڀاڪر ۾ هو ڀرڻ تنهنجو.

    خوشبو خوشبو سڄو شهر ٿي ويو،
    ٿيو آ شايد مٺا اچڻ تنهنجو.

    تنهنجي آئي ملي حياتي ٿي،
    دم ڪڍي ٿو وري وڃڻ تنهنجو.


    قيد شاهه و گدا ۽ مير هئا،

    قيد شاهه و گدا ۽ مير هئا،
    زلف تنهنجا ڪڙيون زنجير هئا.

    دل ته اُن لاءِ بي قرار هئي،
    روح کي جنهن ڏنا هي جِهير هئا.

    سي ڪيا تو ذرا ذرا ڇا لئه،
    منهنجا سپنا ته سڀ صغير هئا.

    گفتگو لار هئي ڪا ماکيءَ جي،
    تنهنجا بوسا کنڊون ۽ کير هئا.

    قيد ڪنهن کان نه ٿي سگهيا سي ئي،
    تنهنجي نظرن جا جي اسير هئا.

    مرڪون چپڙن مٿان هيون ذاڪر،
    ۽ اکين ۾ سدائين نير هئا.


    جنهن ۾ الفت خوشي وفا نه هجي،

    جنهن ۾ الفت خوشي وفا نه هجي،
    ڪنهن جي ائين زندگي خدا نه هجي.

    اهڙو مذهب نه ٿو کپي جنهن ۾،
    حسن توکي جهڪڻ روا نه هجي.

    درد ڪنهن کي نه ٿو سگهي ڏئي سو،
    جنهن جي هٿ ۾ به ڪا شفا نه هجي.

    تَنهن جو پُڇندو وتان پيو اڄ ڀي،
    جنهن ڪئي منهنجي ڪڏ پڇا نه هجي.

    سو ته دوزخ به جنت چئبو،
    يار ذاڪر کان جي جدا نه هجي.


    جيڪا من ۾ مورت آهي،

    جيڪا من ۾ مورت آهي،
    ساجن تنهنجي صورت آهي.

    پيار پويتر سنڌ امڙ سان،
    سنڌين سان ئي محبت آهي.

    ڌيئن هوندي ڌيءُ تڪين ٿو،
    مون کي توتي حيرت آهي.

    نانَ ٽُڪر لئه مانُ وڃايئه،
    ڪهڙي تو ۾ غيرت آهي.

    سنڌ جا قاتل توتي منهنجي،
    جنم جنم ۾ لعنت آهي.

    ڪينجهر منڇر ٿر ۽ ڪاڇو،
    سنڌو درياء نعمت آهي.

    سنڌ جي تسبيح صبح سانجهي،
    سورڻ منهنجي عادت آهي.

    سڀ ڪجهه هوندي سنڌ م ذاڪر،
    ڪين ختم ٿي غربت آهي.


    وائي

    پنهنجن نيڻن ۾،
    ڪوسن ڳوڙهن ۾،
    توکي ئي ڳوليو پئي.

    هڪڙو مان نه هيس پرين،
    دل ڀي دهڪن ۾،
    توکي ئي ڳوليو پئي.

    جاڏي نظرون پئي کنيون،
    سڀني چهرن ۾،
    توکي ئي ڳوليو پئي.

    ساگر،صحرا پاهڻن،
    سنڌوءَ ڇولين ۾،
    توکي ئي ڳوليو پئي.

    ماڪـ صبح جي هير ۽،
    ڪويل ٻولين ۾.
    توکي ئي ڳوليو پئي.

    دل ۾ ذاڪر پئي ڏٺو،
    من ۽ سوچن ۾،
    توکي ئي ڳوليو پئي...


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515332
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205431
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ