ڪتاب جو نالو: لفظن جي خوشبو
مصنف: احسان دانش
ڇپائيندڙ: ڏاهپ پبليـڪيـشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 16 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 736 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 279 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
احسان دانش جا شاعراڻا خيال بنيادي طور پيار ۽ محبت جي محور تي رقص ڪن ٿا ۽ مختلف صنفن جي صورت ۾ منظوم آهن. جيئن ته هيءُ احسان دانش جو پهريون شاعريءَ جو مجموعو آهي، ان ڪري ان ۾ سندس شاعريءَ جي به چونڊ آهي، خاص طور هن ۾ ست رنگي نئين شعري صنف آهي جيڪا احسان دانش جي انڊلٺي سوچن جي سهڻائپ مان اُڀري، شاعريءَ جي اُفق تي ست رنگ پکيڙي بيٺي آهي
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • وِکون اڃا اڳتي
  • پياسي من جي صدا
  • غزل

  • غزل تي راءِ
  • رُڃ نيڻن ۾ خواب ٿا پلجن
  • تيرگيءَ سان نڀاءِ چانڊوڪي
  • دل جون آوارگيون ڪيئن ختم ٿي ڪرين
  • ڪڏهن نظرن جي تيرن جا نشانا
  • درد وندن جا ڪري پيا ڳوڙها
  • منهنجا جذبا گلاب جيان مهڪيا
  • غم الم ڇاهي ۽ خوشي ڇاهي؟
  • ساز کي تار کان جدا نه ڪجي
  • پيار ۾ پنهنجو بڻائين ڇونه ٿي
  • ننڊ اکين منجھان آ اڏامي وئي
  • جي ڪجھ به مان ڪڇان ٿو
  • باغن ۾ گلابن زخم ڏنا
  • ڏک جيون جو باب سمجھان ٿو
  • منهنجي خوابن جي تعبير آن تون
  • مـــــاٺ طــــوفان جي عـــلامت آ
  • تنهنجي نيڻن ۾ جو جادو آهي
  • وقتَ ٻيڙيءَ تي تري ٿو ماڻهو
  • چپن جا پوپٽ اڏي رهيا هن، گلاب چهرو چمڻ گھرن ٿا
  • اڄ سموري حيات مرڪي ٿي
  • نيڻ تنهنجا ڪنول
  • هي زندگي آ يا پاڻيءَ تي ڪو حباب آهي
  • پتنگ آهيان پچڻ ٿو چاهيان
  • ڪو چنگ چُري جيڪر
  • ڪيڏي سندر سار رکي ويو نيڻن ۾
  • وحشتون کوڙ واٽ تي ملنديون
  • پيار آ چومکي ڏيئي وانگر
  • بختُ پنهنجو تون آزمائي ڏس
  • اڄ ته چهرو لٿل لٿل آهي
  • حسين لمحا، جميل چهرا، ها ياد آيا شباب سارا
  • قرب جاري هجي
  • منهنجو جيون به ڄڻ ته ٿر آهي
  • اکڙين تي ڪرڻن جي بارش
  • اڄ کُلندا ڏوھ ثواب نوان
  • واءُ جي جھوٽي جيان گذري ويو
  • عشق جي الفي پاتي آ
  • کڻ پنبڻين کي ڪجھ کول اکيون
  • سوچون ۽ سپنا، توکي ڳولن ٿا
  • هي جو هيڏو زيان ٿي ويو آ
  • اڃان رات آهي سويرو به ٿيندو
  • توکي چيم ته مون سان نگاهون ملائي ڇڏ
  • سج سانجھيءَ جو ويو لڙي جاني
  • وقت سچن کي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو
  • جڳ لاءِ حوالو ٿي نه سگھيو
  • جو به آهيان مان بي هنر ناهيان
  • تو بنان راھ ۾ ٿو رُلان هيکلو
  • لمحا ٿا گذري وڃن
  • ڪيترا هن خمار نيڻن ۾
  • توکي سپنن ۾ سمائي ڇڏجي
  • اڄ هوا ساز ڪو وڄايو آ
  • چوطرف ٿي ويو هڳاءُ پرين
  • تو ته مندر ۾ پڄايو ڏيئو
  • چيم ته تنهنجي نظر ۾ قتل جو آ سامان
  • تنهنجي نيڻن منڊي ڇڏي آ دل
  • گل ناهن چمن ۾ شعلا هن
  • نظم

  • نظم تي راءِ
  • اسان جا خواب اڃا ساڀيان رسيا ناهن
  • حُسن
  • منهنجي جيون ۾ پرين تنهنجـو وجود
  • اها رات
  • پـيـار جـو پـنـڇـي
  • هـڪ دَور جـي تـاريـخ
  • ڪـا اک نه آلـي آءٌڏسـان
  • مـحــبـّـت *
  • زنـــدگـــي
  • او ڌرتــي
  • خــوشــبــو
  • دعــا
  • بـي حـسـيءَ جـي بـازار*
  • پـاڻ سـڃـاڻ
  • بـکـيــا
  • تـبـســم
  • دل جـي درسـنــي
  • خـــوف
  • بيت

  • بيت تي راءِ
  • تـنـهـنـجـي ڪـارڻ او پـريـن
  • ڌرتـي مـنـهـنـجـي مــاءُ
  • سُــر ســامــونــڊي
  • سـامـونـڊي طـوفـان جـا بـيـت
  • زلــزلــي جــا بـيـت
  • سـچــوءَ وارو ســچ
  • وائيون

  • وائيءَ تي راءِ
  • او مٽيءَ جا آدمي
  • ماضي ياد ڪري
  • ڪيڏي آ خوشبو
  • راھ آهي ڏکي
  • گھارڻ مشڪل ٿي پيو
  • جيون ٿورو آ
  • جيسين هوندي رات
  • راند پيا کيڏن
  • لوڪ ستل آ ننڊ ۾
  • لاٽ ڀڙڪي پئي
  • هائيڪا / ٽيڙو

  • هائيڪي تي راءِ
  • مـنـظــرَ ۽ احـسـاسَ
  • ٿــر يــاتـــرا*
  • سـنـڌ جـو ڪـيـڏارو*
  • مـنـهـنـجــوپـيــار
  • چوسٽا

  • چوسٽن تي راءِ
  • چوسٽا
  • ست رنگيون

  • ست رنگين تي راءِ
  • ست رنگيون

  • ارپنا

    سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعرن
    ۽ پنهنجن محبوب دوستن


    فياض لطيف، رياضت ٻرڙي ۽ ساجد سنڌيءَ
    جي نالي.

    - احسان دانش


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (170) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”لفظن جي خوشبو“ نامياري شاعر ۽ ليکڪ احسان دانش جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست رياضت ٻرڙي جا جنهن سافٽ ڪاپي موڪلي، ٿورا پياري احسان دانش جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    وِکون اڃا اڳتي

    سنڌي ٻوليءَ ۾سرجندڙ شعري ادب جنهن خوبصورتيءَ سان وڻندڙ راهن تي پنهنجي فڪري ۽ فني سگهه سان، انسانذات جي اجتماعي ڏاهپ کي بنياد بڻائي، ڏکن ۽ سکن جي احساسن کي پاڻ منجهه سمائي، جنهن ماڻهپي جي منزل ڏانهن مسلسل وڌي رهيو آهي سا ڳالھ تحسين ۽ آفرين لائق آهي. يقيناً ان سفر ۾ انيڪ دلربا نانءَ آهن جيڪي هر ان هنڌان نروار ٿيا آهن جتي سنڌي ماڻهو موجود آهن، تنهن هوندي به ان جي پکيڙ اُپکنڊُ تائين وڌيڪ ۽ مرڪزُ سنڌ ديس ئي آهي. ان سهڻيءَ سنڌ جي تاريخي ماڳ موهين-دڙي جي ضلعي ۽ شهر لاڙڪاڻي جو نالي وارو شاعر احسان دانش انهن اهم شاعرن ۾ شامل آهي، جيڪي نئين ٽهيءَ کان اڳتي وڌي، نمايان شاعرن ۾ پنهنجي سڃاڻپ سنڌي ادبي دنيا ۾ ٺاهي چُڪا آهن.
    مون ”سنڌي ادبي دنيا“ جا لفظ ان ڪري ڪتب آندا آهن جو احسان دانش جي سڃاڻپ فقط شاعري ناهي. هُو شاعر هجڻ سميت سٺو ڪهاڻيڪار، مضمون نويس، محقق ۽ ڪالمڪار به آهي. هن جي سرجيل نثر ۽ نظم جو اظهار سندس ڪهاڻين جي مجموعي ”بي سُڪون خواب جو سچ“، تاريخي مقالن جي سهيڙ ”لاڙڪاڻو: تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“، لاڙڪاڻي جي اهم شخصيتن بابت مرتب ڪيل ڪتاب ”ويل نه وسريام“ ۽ موجوده شعري مجموعي ”لفظن جي خوشبو“ مان بخوبي ٿئي ٿو. ان کان سواءِ هُو موهين-دڙي بابت هڪ تحقيقي ڪتاب ”سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو موهن جو دڙو“ پڻ مرتب ۽ ايڊٽ ڪري چڪو آهي، جيڪو ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي.
    احسان دانش جا شاعراڻا خيال بنيادي طور پيار ۽ محبت جي محور تي رقص ڪن ٿا ۽ مختلف صنفن جي صورت ۾ منظوم آهن. جيئن ته هيءُ احسان دانش جو پهريون شاعريءَ جو مجموعو آهي، ان ڪري ان ۾ سندس شاعريءَ جي به چونڊ آهي، خاص طور هن ۾ ست رنگي نئين شعري صنف آهي جيڪا احسان دانش جي انڊلٺي سوچن جي سهڻائپ مان اُڀري، شاعريءَ جي اُفق تي ست رنگ پکيڙي بيٺي آهي. مون کي اميد آهي ته شاعريءَ جا تنقيدنگار ۽ خود شاعر پڻ ان صنف تي ڌيان مرڪوز ڪندا ۽ ان جي ادبي حيثيت کي قبوليت جو شرف ڏيندا.
    ’ڏاهپ پبليڪشن قنبر‘ توڙي ’ڏاهپ اڪيڊمي قنبر‘ جي پلئٽفارم تان، مان اڳ ۾ ڪجھ ڪتاب ڇپي پڌرا ڪيا آهن. ان سلسلي کي نئين سِر، هاڻي لاڙڪاڻي مان، پنهنجي بهترين ۽ دل گھريي ادبي دوست احسان دانش جي ڪتاب ”لفظن جي خوشبو“ سان اڳتي وڌائي رهيو آهيان. اميد اٿم ته اوهان طرفان سڳنڌ ڀريو ساٿ نصيب ٿيندم.
    اوهان جي تعميري راين جو اوسيئڙو رهندو.

    رياضت ٻرڙو


    پياسي من جي صدا

    شاعري منهنجي نظر ۾ زندگيءَ جي مک تي مرڪ جي لڪير وانگر به آهي ته روح جي پاتال مان ٻُرندڙ سُڏڪي وانگر به، جنهن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ هڪ انوکي بصارت ۽ بصيرت جي ضرورت هوندي آهي. ادب ۾ پوسٽ ماڊرن ازم وارو لاڙو ان لحاظ کان اهم آهي ته ان ۾ تخليقڪار کان وڌيڪ تخليقي سگھ جي پرک کي اهميت ڏيندي قاري کي ان تخليق جي گھڻ رخي تشريح جو موقعو ڏنو وڃي ٿو. تخليقڪار جي اهميت پنهنجي جاءِ تي آهي ڇو ته اهو احساسن جي هڪ اڻ ڏٺي دنيا کي جنمي ٿو، پر حقيقت ۾ هڪ بهترين تخليق ان هيري وانگر آهي جنهن جي هر رخ ۾ پنهنجي جوت ۽ جلوو آهي، پر ان جي اهميت کان ڪو اهڙو جوهري ئي آشنا ٿي سگھي ٿو جنهن کي ان جي قدر ۽ قيمت جو اندازو هوندو... هڪ شاعر جيڪا احساس جي دنيا تخليق ڪري ٿو ان کان ڪوئي تيسيتائين لطف اندوز ٿي ئي نه ٿو سگھي جيسيتائين اهو ان تخليقي لطافت کي پنهنجي اندر جي ڪائنات ۾ هڪ تحرڪ وانگر محسوس نه ڪري. هونءَ به هڪ بهترين شعر دل جي دنيا کي ڌوڏي، سوچ ۾ هلچل مچائي ڇڏيندو آهي.
    آءٌ پنهنجي شاعريءَ لاءِ ڪا به دعوى نه ٿو ڪريان. مان پنهنجي تخليقي سگھ جي حوالي سان به ڪنهن خوشفهميءَ جو شڪار نه آهيان، البته اهو ڄاڻان ٿو ته مون جيڪو ڪجھ لکيو آهي اهو روح جي پاتال ۾ پيهي لکيو آهي. ها! منهنجي شاعري منهنجي احساس جي پوترتا جي گواھ آهي. مان پنهنجي هيءَ سموري شاعري اوهان جي مهربان هٿن ۾ رکي آهي. اوهان ئي ان کي انيڪ معنائون ڏئي سگھو ٿا ۽ اوهان ئي منهنجي اندر جي دنيا کي دريافت ڪري سگھو ٿا.
    منهنجي اندر جي دنيا هڪ انوکي پياس سان تاسيل به آهي. منهنجو من ان پياسي سپيءَ وانگر آهي، جيڪا سدا مينهن ڦڙي جي متلاشي هوندي آهي. منهنجو من محبت جي مينهن ڦڙيءَ کي موتي بڻائڻ جي سگھ رکي ٿو. مون کي لڳندو آهي ته ڪبير جو هي دوهو منهنجي پياسي من جي صدا آهي:
    ڪبيرا سيپ سمندر ڪي رٽي پياس پياس،
    اور بوند ڪو ناگهي، سواتي بوند ڪي آس.
    (اي ڪبير! سمنڊ جي سپي اڃ اڃ پڪاريندي رهي ٿي، کيس ٻي ڪا بوند نه کپي، هن کي رڳو مينهن ڦڙيءَ جي آس آهي.)
    آءٌ سوچيان ٿو منهنجي تخليقي عمر جا 21 سال ڪيڏي نه تيزيءَ سان گذري ويا آهن! ياد جي وير ماضيءَ جي انيڪ پلن جا ڪوڏ هٿن ۾ ڏئي وئي آهي. لاڙڪاڻي ۾ مشاعرن جي موسم، وزن بحر جي ڀير تي ڏونڪو، طرحي ترڪتالين جي تال تي نچڻ، ترقي پسنديءَ ۽ رجعت پسنديءَ جا رينگٽ، ادبي اختلاف، ڏي جواب وٺ جواب، نئين شاعريءَ کان نهڪر ۽ اهڙيون ڪيئي ڳالهيون مون کي لاڙڪاڻي جي ادبي ماضيءَ جا اڻ مٽ نشان محسوس ٿينديون آهن. لاڙڪاڻو جنهن جي ڪلهن تي قدامت پسنديءَ جا ڪوٽ اڏيل آهن، ان ئي لاڙڪاڻي ادب ۾ جديديت کي به جنم ڏنو. ڪشنچند بيوس، هري دلگير، اياز قادريءَ، جمال ابڙي ۽ لعل پشپ کان وٺي ڪيهر شوڪت، رزاق مهر، محمد علي پٺاڻ ۽ سعيد ميمڻ تائين، لاڙڪاڻي سنڌي ادب ۾ جدت جو هڪ الڳ جهان جوڙيو آهي، جنهن کان ادب جو شاگرد ڪڏهن به ڪن لاٽار نه ٿو ڪري سگھي.
    منهنجو هڪ ادبي گھر ۾ جنم مون لاءِ خوشقسمتي آهي. دوستن جهڙي والد جي رهبريءَ ۾ مون ادب جا الاهي سبق سکيا آهن ۽ پنهنجي بابا جي رهنمائيءَ کانسواءِ شايد مان ڪنهن ڀٽڪيل ۽ بي سمت بادل وانگر هجان ها.... مان مڃان ٿو ته لاڙڪاڻي جي جنهن ادبي ماضيءَ جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي، ابتدا ۾ ان جو سِڌي يا اڻ سڌي طرح مون به اثر قبول ڪيو پر ستت ئي پنهنجو گس گھڙڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇو ته ادبي پوليوشن (گدلاڻ) منهنجو ساھ گھٽيندي آهي... مون پنهنجي زندگيءَ ۾ لکڻ کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني آهي. قلم سان منهنجو عشق آهي، ڪتاب منهنجي زندگي آهن، لفظ مون لاءِ پناھ گاھ آهن. مون مسلسل لکيو آهي ۽ لکندو رهان ٿو. مون ڪنڊائتو ويهي خاموشيءَ سان ڪم ڪيو آهي، ۽ ڪڏهن به پنهنجي تخليقي اهميت جو هوڪو نه ڏنو آهي، ڇو ته مون کي وقت تي ويساھ آهي. مان جيون جي هڪ هڪ پل کي قيمتي سمجھان ٿو، تنهنڪري منهنجي زندگي سدا تحرڪ ۾ رهي آهي.
    رفتارِ زندگي مين سڪون آئي ڪيا مجال،
    طــوفــان ٺَــهر ڀِـي جـائي تو دريا بَـها ڪري. (ياس)
    مان پنهنجي سموري ادبي سفر ۾ جيتوڻيڪ نثر ۾ ڪهاڻي، مضمون، مقالا ۽ ڪالم به لکندو رهيو آهيان، پر منهنجي پهرين سڃاڻپ نظم (شاعري) آهي. مون پنهنجي ادبي زندگيءَ جي آغاز ۾ سڀ کان پهريان شعر لکيو، ان ڪري پاڻ کي اول ۽ آخر شاعر سمجھان ٿو. اها سڃاڻپ مون کي عزيز آهي. ايليٽ چيو هو ته ”نثر جي بجاءِ نظم احساس ۽ امنگ جي اظهار سان واسطو رکي ٿو.“ ائين ئي مون جڏهن به شاعري ڪئي آهي ته پنهنجي اندر ۾ احساس جي تند کي ڇڙندي محسوس ڪيو آهي. اهو هڪ اتفاق چئجي ته منهنجا پهريان ٽي ڪتاب نثر ۾ آهن جنهنڪري منهنجي شاعر واري بنيادي سڃاڻپ تي ڪجھ ڪوهيڙو اچي ويو آهي سو هي ڪتاب انهيءَ ڪوهيڙي کي هٽائڻ جي ئي هڪ ڪوشش آهي.
    هن ڪتاب ۾ منهنجي گذريل ٻن ڏهاڪن جي شاعري آهي، جنهن ۾ ان دوران ٿيل سماجي اٿل پٿل جا عڪس ۽ اولڙا اوهان کي ضرور نظر ايندا. مان ادب ۾ ان لڏي سان تعلق جوڙڻ پسند ڪندو آهيان جيڪي معيار کي مقدار تي ترجيح ڏين ٿا، اهو ئي سبب آهي جو مون پنهنجي شاعريءَ جي ڊائرين مان اهي ئي اسم هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا آهن جن کي وڌيڪ اهم سمجھان ٿو. اهو ضروري ناهي ته اهي اوهان لاءِ به اوترا ئي اهم هجن. شايد اوهان انهن شعرن کي اهميت جي نگاھ سان ڏسو جن کي آءٌ هن ڪتاب کان ٻاهر رکيو آهي... مان سمجھان ٿو اهو وقت سِر ڪتاب نه ڇپائڻ جو نقصان آهي.
    منهنجا اهي دوست جيڪي مون کي نئين دَور جي چڱن شاعرن جي قطار ۾ بيهاريندا آهن، انهن جو عرصي کان اهو اسرار رهيو آهي ته جتي ڇهنِ مهينن جي ادبي عمر رکندڙ شاعرن جا شعري مجموعا شايع ٿي رهيا آهن، اتي تنهنجي شاعريءَ جو ڪتاب نه اچڻ زيادتي آهي. مان کين سدائين چوندو رهيو آهيان ”ادب ۾ عمر نه پر تخليقي قوت کي ڏسڻ کپي...“ هو مون سان محبت ڪن ٿا تڏهن کين منهنجون خاميون نظر نه ٿيون اچن. ”مون ڏي مديون ٿئين، سڄڻ ساڄاهين ۾. (شاھ)“ پر مان اڄ پنهنجين سمورين خامين سميت اوهان جي سامهون آهيان.
    شاعريءَ جو هي مجموعو محبت جي انهن متوالن لاءِ آهي جيڪي چاھ جي چنڊ کي تڪيندي راتيون گذارين ٿا. هي شعر انهن مستانن کي پنهنجي دل جي قريب محسوس ٿيندا جيڪي پنهنجي سرمستيءَ ۾ صليبن کي به سيني لائڻ کان نه گھٻرائيندا آهن. هنن شعرن مان درد جي اها لذت به ماڻي سگھجي ٿي، جيڪا اندر کي ڪمزور ڪرڻ بدران ويتر سگھ ڏيندي آهي. هي شعر رڳو شعر نه آهن پر هڪ وجود ۽ هڪ دَور جي صدا آهن جنهن کي دل جي ڪنن سان ڪنائي سگھجي ٿو. هن شاعريءَ ۾ اوهان کي حسن ۽ جمال جا جلوى به پسڻ لاءِ ملندا ته عشق جا پتنگ به تڙپندي نظر ايندا. هن مجموعي ۾ اوهان سماجي سور ۽ ناسور به ڏسندؤ ته فطرت جو موھ ۽ منظر به. هن ۾ معصوم خواهشون به آهن ته حسرتون ۽ خواب به. انهن سڀني شين سان گڏوگڏ هن شعري مجموعي ۾ اوهان کي مايوسيءَ جي ڀيٽ ۾ اميد وڌيڪ نظر ايندي.
    اداسين جا پلئه ڇڏ تون مسڪراءِ کڻي،
    جئين اميد جا جگنو به جرڪندا ئي رهن.
    نهار وقت جي نيڻن ۾، لڙڪ روڪ پرين،
    ته جـيئـن درد بـيـابـان ۾ ڀـٽڪندا ئي رهن.
    ٽِي ايس ايليٽ لکيو هو ته ”شاعريءَ ۾ هميشه ڪنهن نئين تجربي جي ورکا ٿئي ٿي يا ڪو مانوس يا ڄاتل تجربو نئين ادراڪ ۽ ڄاڻ سان پيش ٿئي ٿو.“ سنڌي شاعريءَ ۾ هيئت ۽ اسلوب جا انيڪ تجربا نظر اچن ٿا، جن مان ڪن صنفي تجربن کي نه رڳو قبوليت جو شرف مليو آهي پر انهن کي اهميت جي نگاھ سان پڻ ڏٺو وڃي ٿو. مون پڻ سنڌيءَ ۾ هڪ وڌيڪ نئين صنفي تجربي کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي، جنهن کي ’ست رنگي‘ جو نالو ڏنو آهي. سنڌي شاعر ان تجربي کي ڪيتري قدر پنهنجو ڪن ٿا، اهو وقت ٻڌائيندو.
    مون هن شعري مجموعي جو نالو ”لفظن جي خوشبو“ ان ڪري رکيو آهي جو مان سمجھان ٿو ته هر لفظ ۾ پنهنجي خوشبو هوندي آهي، تنهنڪري هي ڪتاب، جنهن ۾ احساسن سان ٽمٽار انيڪ لفظ آهن، ان جو نالو ”لفظن جي خوشبو“ کان سواءِ ٻيو ڪو ٿي ئي نه پيو سگھي.
    هن ڪتاب جي سونهن ۽ خوشبو ۾ اضافو ڪيو آهي اياز گل، تاج جويي، مقصود گل، عادل عباسي، سعيد ميمڻ، حبيب ساجد ۽ ياسر قاضي جي خوبصورت راين. اهي رايا مختصر هوندي به مون لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا. مان انهن سڀني مهربانن جو دل جي گهرائين سان ٿورائتو آهيان. مان ٿورائتو پنهنجن محبوب دوستن رياضت ٻرڙي، روشن گھانگھري، رضوان گل ۽ فياض لطيف جو به آهيان، جن هن ڪتاب جي حوالي سان مفيد مشورا ڏنا. لفظن جي خوشبو اوهان جي ڪومل هٿن ۾ آهي، آس اٿم ته اها خوشبو هٿون هٿ پکڙبي ويندي.

    - احسان دانش
    03003431374
    ahsandanish@yahoo.com


    غزل

    غزل تي راءِ

    سـنـڌي غـزل جو لهجو بدلجي چڪو آهي، فقط گھاڙيٽو غزل جو آهي. ان ۾ فارسي يا اردو غزل جو نالو نشان نه آهي. سنڌي غزل جون روايتون، بندشون، تشبيهون، استعارا، اشارا، محاڪات وغيره فارسي غزل ۽ اردو غزل کان مختلف آهن.... سنڌ پنهنجي شاھراھ ڳولي چڪي آهي، جنهن ۾ ڪي ئي راهون ملي وينديون.

    (شـيـخ ايـاز)

    احسان دانش جي رسالن ۾ ڇپجندڙ شاعري، مان گھڻي وقت کان ڌيان ڏئي پڙهندو رهيو آهيان ۽ سدائين محسوس ڪيو اٿم، ته هن پنهنجي آس پاس جي ماحول کان سدائين هڪ وک اڳتي ئي وڌائي آهي.
    تازو سندس موڪيل غزلَ پڙهي به مون اها ئي خوشي محسوس ڪئي آهي، جيڪا موجوده دور جي سٺن نوجوان شاعرن جي شاعري پڙهي محسوس ڪندو رهيو آهيان. احسان دانش نئين غزل جي مزاج کي سڃاڻي به ٿو ۽ سمجھي به ٿو، تڏهن ئي هن نئين سنڌي غزل جي گھرجن مطابق، غزل رچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. رديف جي سهڻي استعمال سان ڊگھي ۽ ننڍي ٻنهي بحرن ۾ ڪاميابيءَ سان غزل لکڻ، احسان دانش جي تخليقي سگھ کي ظاهر ڪري ٿو.
    منهنجي ذاتي راءِ ۾ هي دور، غزل جي شاعريءَ جو دور آهي. نوجوان شاعرن جو وڏو انگ، غزل جي شاعري ڪري ٿو ۽ خوب ڪري ٿو، تنهن ڪري موجوده دور جي نوجوان غزل گو شاعرن لاءِ اهو پڻ وڏو مسئلو ٿي پيو آهي ته، هو پنهنجي ڌار سڃاڻپ پيدا ڪري سگھن. لازمي آهي ته، ان لاءِ آرٽ ۽ ڪرافٽ ٻنهي تي دسترس حاصل ڪرڻي پوندي. احسان دانش يقينا ان محنت ۽ وقت طلب مرحلي مان گذري رهيو آهي. ان سفر ۾ سندس وڌايل وکون ستت سڦلتا جي ماڳ تي پهچڻ جو ڏسُ ڏين ٿيون.

    - اياز گل


    رُڃ نيڻن ۾ خواب ٿا پلجن

    رُڃ نيڻن ۾ خواب ٿا پلجن
    لمحي لمحي عذاب ٿا پلجن

    تنهنجي نظرن جا گھاوَ ڪير سهي
    آکــيــرن ۾ عقــاب ٿا پلجن

    تـــــو هـٽــايو نقــاب چهري تان
    پــــوءِ به دل ۾ حجاب ٿا پلجن

    وير خوشبوءَ سان نه پاڙي سگھندين
    روز ڀــون تي گلاب ٿا پلجن

    ســاز ۽ سوز آ دل منجھ ڀريل
    هـــا رڳــن ۾ ربــاب ٿا پلجن

    درد مون لاءِ دادلا آهن
    پالڪين ۾ نواب ٿا پلجن

    پنهنجي ڌرتيءَ سان ناهي سچو ڪو
    پر گھٽين ۾ خطاب ٿا پلجن


    تيرگيءَ سان نڀاءِ چانڊوڪي

    تيرگيءَ سان نڀاءِ چانڊوڪي
    نيڻ راهن وڇاءِ چانڊوڪي

    دل جي ڌرتيءَ تان سج لهي ويو آ
    پنهنجا ڪرڻا وَساءِ چانڊوڪي

    آءٌ تــــو لاءِ منتظـــر، تنهنجي
    منهنجي اکڙين ۾ جاءِ چانڊوڪي

    چنڊ چهرو لڪل ڪٿي ٿو ٺهي
    زلف مُنهن تان هٽاءِ چانڊوڪي

    ڌنڌلا خـــواب ســاڀيان ماڻِن
    ٿورڙو مسڪراءِ چانڊوڪي

    دل جو ويران شهر روشن ڪر
    مون سان ناتو نڀاءِ چانڊوڪي

    آس جي پُل پوي نه پرزا ٿي
    آڏو بادل هٽــاءِ چانڊوڪي

    ديپ جي روشني ته جھيڻي آ
    ائين نه ڪنهن کي سَتاءِ چانڊوڪي


    دل جون آوارگيون ڪيئن ختم ٿي ڪرين

    دل جون آوارگيون ڪيئن ختم ٿي ڪرين
    ڇو اجايو تون نيڻن کي نم ٿي ڪرين

    فاصلن ۾ به قربت کي محسوس ڪر
    روح جي رابطن کي مڌم ٿي ڪرين

    پيار پردن ۾ پالڻ جي ڪوشش نه ڪر
    تون الائي ڇو ايڏو وهم ٿي ڪرين

    آرسيءَ جي اڳيان ڪنڌ ڇو ٿو جھڪئي
    او سکي پاڻ کان ڀي شرم ٿي ڪرين!

    عشق کي ڪر نه نيلام بازار ۾
    دل جي دولت جي قيمت ڇو ڪم ٿي ڪرين

    آ خــزائن جي موسم ته گذري وئي
    ڇو بهارن ۾ تازا زخم ٿي ڪرين


    ڪڏهن نظرن جي تيرن جا نشانا

    ڪڏهن نظرن جي تيرن جا نشانا
    ڪڏهن هڪ ديد لئه تڙپن ديوانا

    چمي وڃ منتظر نيڻن کي منهنجي
    محبت کي ڏئي وڃ ڪائي معنى

    ويا وکري اکين مان کوڙ موتي
    لٽايا تنهنجـــي يــــادن ۾ خـــزانا

    حياتيءَ جي حقيقت کي نه سمجھئي
    دکن کي ٿو چوين آهن فسانا

    اندر ۾ بس رڳو پن ڇڻ جي موسم
    نه ڄـــاڻان ڪيترا گـــذريا زمانا

    جدائيءَ لاءِ هڪ لمحي جي رنجش
    ملڻ لئه ڪيترا گھرجن بهانا


    درد وندن جا ڪري پيا ڳوڙها

    درد وندن جا ڪري پيا ڳوڙها
    دل جي زخمن جا ڪري پيا ڳوڙها

    ڪوڪَ ڪاريءَ جي ٻُڌي دل ڌڙڪي
    منهنجي نيڻن جا ڪري پيا ڳوڙها

    وارَ نـــاريءَ جـــا ويــا چـــاندي ٿي
    ڪيئن درپن جا ڪري پيا ڳوڙها

    ســـاز ۾ ســـوز جـــڏهن پيـــدا ٿيو
    پوءِ نغمن جا ڪري پيا ڳوڙها

    ماڪ ترڪي جو پئي شاخن تي
    ڄڻ ته گلڙن جا ڪري پيا ڳوڙها

    رات آڪـــاس تي ســڏڪـي سـڏڪـي
    نيٺ ڪڪرن جا ڪـــري پيا ڳوڙها

    دل جي صحرا ۾ گل ٽڙيو نه ڪوئي
    تڏهن جذبن جا ڪري پيا ڳوڙها

    ڪالھ محفل ۾ ها کلندي کلندي
    کوڙ مستن جا ڪري پيا ڳوڙها

    مون ته روڪڻ گھريا هئا دانش
    پو به لفظن جا ڪري پيا ڳوڙها


    منهنجا جذبا گلاب جيان مهڪيا

    منهنجا جذبا گلاب جيان مهڪيا
    دل جا اڌما گلاب جيان مهڪيا

    جن ۾ توکي ڏٺو هيو جاني
    سارا سپناگلاب جيان مهڪيا

    ها خوشيءَ مان ڪريا هئا جيڪي
    لڙڪ منهنجا گلاب جيان مهڪيا

    جن تان تنهنجو گذر ٿيو هيڪر
    سڀئي رستا گلاب جيان مهڪيا

    تنهنجي تعريف ۾ چيا ها جي
    لفظ منهنجا گلاب جيان مهڪيا

    چوطرف پکڙجي وئي خوشبو
    منهنجا نغما گلاب جيان مهڪيا

    مرڪ تنهنجيءَ مان ڪجھ ٽڙيون مکڙيون
    ٽهڪ تنهنجا گلاب جيان مهڪيا


    غم الم ڇاهي ۽ خوشي ڇاهي؟

    غم الم ڇاهي ۽ خوشي ڇاهي؟
    موت ڇا آهي زندگي ڇاهي؟

    پيار جو مان ڏيئو جلايان ٿو
    لوڪ ڄاڻي ته روشني ڇاهي

    قربَ ۾ ڪنڌ ڪپائي ڇڏجي
    جڳ سمجھي ته دوستي ڇاهي!

    درد جي نانگ جو ڏنگيل آهي
    کيس ناهي خبر خوشي ڇاهي

    زندگي ڀر نه آءٌ سمجھي سگھيس
    ڪوئي سمجھائي آدمي ڇاهي؟

    عشق جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان پو
    هوش ڪهڙو ۽ بي خودي ڇاهي


    ساز کي تار کان جدا نه ڪجي

    ساز کي تار کان جدا نه ڪجي
    گل کي خار کان جدا نه ڪجي

    ساري ڌرتيءَ مٿان لهــو هاري
    سونهن سنسار کان جدا نه ڪجي

    نفرتون ڌار ڪجن جيون کان
    زندگي پيار کان جدا نه ڪجي

    ماڻهو ماڻهوءَ کان ڇو جدا آهي؟
    مٽي هٻڪار کان جدا نه ڪجي

    ڏکَ جي فلسفي کي ڪو سمجھي
    لڙڪَ کي لارَ کان جدا نه ڪجي

    بس خيـــالن ۾ سمـــائي ڇڏجي
    دل کي دلدار کان جدا نه ڪجي

    عشق جي ڌن ۾ ٿي ويو آ غرق
    يار کي يار کان جدا نه ڪجي

    اڄ به منصور کپي ڪو دانش
    سچ کي دار کان جدا نه ڪجي


    پيار ۾ پنهنجو بڻائين ڇونه ٿي

    پيار ۾ پنهنجو بڻائين ڇونه ٿي
    دل چريءَ کي آزمائين ڇونه ٿي

    تنهنجي زلفن ۾ لڪل آ چاندني
    چنڊ تان بادل هٽائين ڇونه ٿي

    مرڪ تنهنجيءَ ۾ آ خوشبو پيار جي
    جڳ ساري ۾ ورهائين ڇونه ٿي

    تنهنجي نظرن ۾ هزارين رنگ هن
    مون کي تون رنگين بڻائين ڇونه ٿي

    آ اڃو مدت کان هي دل جو شهر
    چاھ جون بوندون وَسائين ڇونه ٿي

    هي انڌيرو مونکي ڊيڄاري پيو
    ديپَ لفظن جا جلائين ڇونه ٿي

    هٿ تريءَ تي نانءُ ٿي منهنجو لکين
    پوءِ ڀي منهنجو سڏائين ڇونه ٿي

    ائين ته ٻوسٽ ٿو ٿئي مونکي سکي
    شرم جا پردا هٽائين ڇونه ٿي


    ننڊ اکين منجھان آ اڏامي وئي

    ننڊ اکين منجھان آ اڏامي وئي
    موج ڇولين منجھان آ اڏامي وئي

    مونکي ساڳي محبت کپي ماڻهئو
    جيڪا دلين منجھان آ اڏامي وئي

    جيڪا خوشبو پرينءَ جي شهر ۾ هئي
    سا به گھٽين منجھان آ اڏامي وئي

    جاءِ لڙڪن وتي آ اچي مرڪ جي
    مرڪ چهرن منجھان آ اڏامي وئي

    ڪير موٽائي ڏيندو وري دوستو؟!
    مهڪ گلڙن منجھان آ اڏامي وئي

    وائڙا ٿا سڀئي شهر واسي لڳن
    سوچ ذهنن منجھان آ اڏامي وئي


    جي ڪجھ به مان ڪڇان ٿو

    جي ڪجھ به مان ڪڇان ٿو
    ڪافر سڏيو وڃان ٿو

    آ پــنــڌ سچــوءَ وارو
    سوريءَ کي ڄڻ سڏيان ٿو

    ٿـيـــا پير پٿون آهن
    منزل ڏي پر وڌان ٿو

    اندر جڏهن جلي ٿو
    تڙپي تڏهن لکان ٿو

    ڪو راز آهيان شايد
    جو دير سان کـُـلان ٿو

    بي آب مڇيءَ وانگر
    توکان بنان لُڇان ٿو


    باغن ۾ گلابن زخم ڏنا

    باغن ۾ گلابن زخم ڏنا
    صحرا ۾ سرابن زخم ڏنا

    ٽهڪن جو پڙاڏو سڏڪا هن
    مرڪن جي عذابن زخم ڏنا

    دل ڇيهون ڇيهون ٿي ويئي
    لفظن جي عقابن زخم ڏنا

    ها تنهنجي ادائن تڙپايو
    اکڙين جي عتابن زخم ڏنا

    احساس جي ڌرتي لرزي وئي
    دردن جي ربابن زخم ڏنا


    ڏک جيون جو باب سمجھان ٿو

    ڏک جيون جو باب سمجھان ٿو
    ۽ خوشيءَ کي سراب سمجھان ٿو

    اڄ ملي دل کي آ خوشي جيڪا
    سا الائي ڇو خواب سمجھان ٿو

    تنهنجي وڇڙڻ جي هڪ گھڙي جاني
    مان ڳرو ڪو عذاب سمجھان ٿو

    ڪنهن ڏکويل جي گرم لڙڪن کي
    پنهنجي اکڙين جو آب سمجھان ٿو

    ڪين پُرجھي سگھيم زماني کي
    فلسفي جو ڪتاب سمجھان ٿو

    سنڌ خاطر جو رتُ وهيو آهي
    تنهن کي مشڪ ۽ گلاب سمجھان ٿو


    منهنجي خوابن جي تعبير آن تون

    منهنجي خوابن جي تعبير آن تون
    يا وري منهنجي تقدير آن تون

    مون تصور ۾ جيڪا چٽي هئي
    هوبهو ساڳي تصوير آن تون

    جونِ جي ڪنهن تتل ڏينهن ۾
    جنوريءَ جي ٿڌي هير آن تون

    آءٌ خوشبو جي ڳولا ۾ آهيان
    تون عطر آهين عنبير آن تون

    بي زبان آءٌ دنيا جي آڏو
    منهنجي جذبن جو تفسير آن تون

    آءٌ توکان سوا آهيان مفلس
    ڇوته دانش جي جاگير آن تون


    مـــــاٺ طــــوفان جي عـــلامت آ

    مـــــاٺ طــــوفان جي عـــلامت آ
    ۽ جـــنــون عشــق جــي ضــرورت آ

    دل جي زخمن کي رفو، ڪير ڪندو
    هي ته تنهنجي پرين عنايت آ

    پنهنجي دامن کي بچائي رکجان
    گُلَ سان خار جي رفاقت آ

    خوابَ صحرا جو سفر ٿيندا وڃن
    ڄڻ سرابن سان منهنجي چاهت آ

    آئينه گر کان ڪو پڇي ته ڏسي
    عڪس در عڪس تنهنجي صورت آ

    ڀل زمانو سڄو سڏي ڪافر
    تنهنجو جوڀن ئي منهنجي جنت آ

    پنهنجي ديوانگيءَ کي ڇا چئجي
    هي ته دانش جي دل جي دولت آ


    تنهنجي نيڻن ۾ جو جادو آهي

    تنهنجي نيڻن ۾ جو جادو آهي
    تنهن سندم دل کي ڪيو قابو آهي

    پيار جو انت نه ڪائي سرحد
    پيار احساس جي خوشبو آهي

    دل جي بت خاني ۾ تنهنجي مورت
    ها سدا منهنجي روبرو آهي

    راھ جا خار پنبڻين ۾ پلي
    ڪئي گلابن سان گفتگو آهي

    جان، بيجان کي ڪري زنده
    بس اها منهنجي آرزو آهي

    ڪوئي آواره چوي يا پاگل
    حسن جي مونکي جستجو آهي

    دل جي ويرانين ۾ ڀٽڪي ٿو
    عشق پياسو ڪوئي آهو آهي

    سرخ رهندو ڪڏهن نه ٿيندو زرد
    سچ، مخدوم جو لهو آهي


    وقتَ ٻيڙيءَ تي تري ٿو ماڻهو

    وقتَ ٻيڙيءَ تي تري ٿو ماڻهو
    ميڻ بتيءَ جان ڳري ٿو ماڻهو

    پنهنجي غلطيءَ کي لڪائڻ خاطر
    ٻي تي الزام ڌري ٿو ماڻهو

    ريت ذري کي خدا جي دعوى
    ڪيئن هوائن ۾ تري ٿو ماڻهو

    جي ٻڏي سج ويو ته ڇا ٿي پيو
    هڪڙو ڏيئو ته ٻري ٿو، ماڻهو

    روح جي تارَ تارَ کي ڇيڙي
    ڪيڏو بيتاب ڪري ٿو ماڻهو

    ڪير پياسو آ، پيار جو پاڻي
    دل جي گھاگھر مان ڀري ٿو ماڻهو

    پنهنجي نيڻن مان پياري مونکي
    ڇو گنهگار ڪري ٿو ماڻهو

    شهر جو شهر ٿي ويو قاتل
    ڪيئن ماڻهوءَ تي مري ٿو ماڻهو


    چپن جا پوپٽ اڏي رهيا هن، گلاب چهرو چمڻ گھرن ٿا

    چپن جا پوپٽ اڏي رهيا هن، گلاب چهرو چمڻ گھرن ٿا
    اوهانجا ڪاڪـُل ڪڪر ڪڪوريل، هي دل جون تارون ڇُهڻ گھرن ٿا

    اوهانجي نيڻن جا پيارا جُگنو، اسان جي دل لئه ڏيئن سمان هن
    ائين اجھائي ڇڏيو نه جانان، اڃا هي ڏيئا جلڻ گھرن ٿا

    هي لفظ جيڪي وسن ٿا دل جي اداس ٿر تي ڪنهن وڏ ڦڙي جان
    خدارا تن کي نه روڪجو، ڪجھ پيار جا گل ٽڙڻ گھرن ٿا

    ڪٿي آسورج، ڪٿي آ چندر، ڪٿي ستارا، ڪٿي سمندر
    جڏهن اوهان تي نظر ڄمي ٿي، نه نيڻ پو ڪجھ ڏسڻ گھرن ٿا

    وجود پنهنجو ائين آ وکريل، جيئن زمين تي ڪي ريت ذرا
    اوهانجي ٻانهن جا منتظر هن، ذرا ذرن سان ملڻ گھرن ٿا

    بهار موسم لٿي بدن تي، جوان جذبا به رقص ڪن ٿا
    هي چين جا جلترنگ دل ۾ گھڙي گھڙي پيا ڇڙڻ گھرن ٿا

    هي سارا لمحا جيئن ڪي موتي، ٿاوقت مالها ۾ پوئجن پيا
    هي سارا احساس دل جي اُجري نديءَ ۾ هر هر ترڻ گھرن ٿا

    ها جلوى سارا ۽ روشنيون سڀ، جھڪيون جھڪيون ڪجھ لڳنٿيون شايد
    اوهانجي زلفن جي ڇانوري ۾ هي چنڊ تارا لڪڻ گھرن ٿا


    اڄ سموري حيات مرڪي ٿي

    اڄ سموري حيات مرڪي ٿي
    دل ۾ جو تنهنجي تات مرڪي ٿي

    نيڻ ٻولن ٿا چَپَ چُپِآهن
    تنهنجي من ۾ ڪا بات مرڪي ٿي

    تون ٿي مرڪين ته ٿو لڳي مونکي
    ڄڻ سڄي ڪائنات مرڪي ٿي

    تنهنجي آواز جي خوشبو آ اڃا
    تڏهن ڪمري ۾ سانت مرڪي ٿي

    چنڊ سڏڪي ٿو بادلن پويان
    ها تڏهن ڪاري رات مرڪي ٿي

    لفظ ڪاغذ تي جھومندا ٿا اچن
    ذهن ۾ منهنجي ڏات مرڪي ٿي


    نيڻ تنهنجا ڪنول

    نيڻ تنهنجا ڪنول
    ڪونه تنهنجو بدل

    پيا ڪـُهن ٿا پرين
    ريءَ سرمي ڪجل

    تنهنجو جوڀن جيئن
    ڪوئي تازو غزل

    تنهنجا لب سرخ هن
    يا ڪوئي گل ٽڙيل

    چوڏسا آ سڳنڌ
    ڀونر ڀي آڀليل

    يــاد آهــيــن سدا
    ناهي واندو ڪو پل

    توسان ناتو جڙي
    ٿي حياتي سڦل


    هي زندگي آ يا پاڻيءَ تي ڪو حباب آهي

    هي زندگي آ يا پاڻيءَ تي ڪو حباب آهي
    مان جنهن کي سمجھو حقيقت سو ڪوئي خواب آهي

    ڪَٿيان ٿو وقت جي ميزان ۾ حياتي کي
    خوشي آ ٿورڙي ۽ درد بي حساب آهي

    قدم قدم تي هي شيشا۽ پير هن ننگا
    نه ڄاڻ ڪهڙي جرم جو ٿيو ارتڪاب آهي

    جنم جنم کان جليو هان، مگر جيان ٿو پيو
    لهو مان منهنجي ٽڙيو روز هت گلاب آهي

    وڃائجي نه وڃان عشق جي سمندر ۾
    لهر لهر ۾ آ مستي لڇي پيو آب آهي

    ٽٽي نه آئينو دل جو نه عڪس ڌنڌلو ٿي
    صدين کان ساھ ۾ سانڍيو مون ماهتاب آهي

    تتل آ ريت گھڻي روح جي رستن جي پرين
    مگر نظر جي حدن ۾ اڃان سراب آهي


    پتنگ آهيان پچڻ ٿو چاهيان

    پتنگ آهيان پچڻ ٿو چاهيان
    مان بس ٻه ٽي پل جيئڻ ٿو چاهيان

    سجود ۾ سر رکيو آ جانان
    چپن جي چانئٺ چمڻ ٿو چاهيان

    وجود جو ٿر تتل گھڻو آ
    ڪي پيار بوندون پَسڻ ٿو چاهيان

    گـــلابَ ڪـــــومائجن نه دل جـــا!
    مان خوشبوئن ۾ رهڻ ٿو چاهيان

    نه مونکي ڪوئي بچائي، تنهنجي
    اکين جي نَئي ۾ ٻڏڻ ٿو چاهيان

    کپي نه مونکي هي جڳ سارو
    مان تنهنجي دل ۾ رهڻ ٿو چاهيان

    هي ديد تنهنجيءَ ۾ گھاوَ ڪيڏا
    گھڙي گھڙي مان ڪـُسڻ ٿو چاهيان

    ها تنهنجي لهجي جو سارو امرت
    مان پياسو آهيان پيئڻ ٿو چاهيان


    ڪو چنگ چُري جيڪر

    ڪو چنگ چُري جيڪر
    ڪو ساز ڇــِڙي جيڪر

    بي رنگ حياتي آ
    ڪو رنگ ڀري جيڪر

    دل ساگر ۾، چاهت
    جي ناوَ تري جيڪر

    تڙپي ٿو پتنگو پيو
    ڪا لاٽ ٻَري جيڪر

    مان تارِ محبّت سان
    ڪو پيار گـُھري جيڪر

    ها ماڪ محبّت جي
    دل گلَ تي ڪِري جيڪر


    ڪيڏي سندر سار رکي ويو نيڻن ۾

    ڪيڏي سندر سار رکي ويو نيڻن ۾
    تيز تکي تلوار رکي ويو نيڻن ۾

    ساڀيائن جا پنڇي زخمي ٿيندا ويا
    سپنن جو سنسار رکي ويو نيڻن ۾

    دل ڌرتيءَ تان گلَ سڙي ويا چاهت جا
    پن ڇڻ جا آثار رکي ويو نيڻن ۾

    ٽهڪ ته پاڻيءَ ڦوٽا ها، گم ٿيندا ويا
    پل ۾ لڙڪ هزار رکي ويو نيڻن ۾

    چَپَ سدائين لاءِ اڃارا رهجي ويا
    ۽ هو ڪيڏا نار رکي ويو نيڻن ۾

    جيون جو هي سمنڊ ڪٿي جھاڳي سگھندس
    زخمن جا انبار رکي ويو نيڻن ۾


    وحشتون کوڙ واٽ تي ملنديون

    وحشتون کوڙ واٽ تي ملنديون
    دهشتون کوڙ واٽ تي ملنديون

    زندگــــيءَ جــــو سفــــر اڻــانــگـــو آ
    بي رخيون کوڙ واٽ تي ملنديون

    حوصلو ۽ عزم هجي پختو
    روشنيون کوڙ واٽ تي ملنديون

    بي جرم جي اَڇون ٿيون ڪاريون
    سي ونيون کوڙ واٽ تي ملنديون

    بي گناهن جي رَتُ ۽ ڳوڙهن جون
    ها! نديون کوڙ واٽ تي ملنديون

    پيــــار جـــي راھ جـــي مســافر کـي
    چاهتون کوڙ واٽ تي ملنديون

    بُک جي باھ ۾ جلن ٿيون جي
    زندگيون کوڙ واٽ تي ملنديون


    پيار آ چومکي ڏيئي وانگر

    پيار آ چومکي ڏيئي وانگر
    چئن اکرن ۾ روشني آهي

    ايترو ڀي سماج سَنڍ نه آ
    کوڙ چهرن ۾ روشني آهي

    منهنجي اونداهي دل تي هڪڙي نظر
    تنهنجي نيڻن ۾ روشني آهي

    ڀل اداسيءَ ۾ تير ڀاسن پر
    چنڊ ڪرڻن ۾ روشني آهي

    نيٺ تارا تڪي ٿڪي پوندين
    ريت ذرڙن ۾ روشني آهي

    مرڪ تهنجيءَ ۾ جوت آ ايڏي
    جيڏي بلبن ۾ روشني آهي

    ٻاٽ دهشت جي هر ڳلي دانش
    ڪاٿي شهرن ۾ روشني آهي


    بختُ پنهنجو تون آزمائي ڏس

    بختُ پنهنجو تون آزمائي ڏس
    نينهن جي شينهن کي جھڪائي ڏس

    عڪس هُن جو ملي وڃئي شايد
    لڙڪَ لارون ڪري وهائي ڏس

    هي انڌيرو نه انڌيرو رهندو
    هڪڙو ڀيرو ته مسڪرائي ڏس

    دل جي آرام لاءِ ڪافي آ
    خوابُ نيڻن ۾ ڪو سجائي ڏس

    ’پيار‘ هڪ لفظ نه آ دريا آ
    دل ۾ درياھ کي سمائي ڏس

    چوطرف پکڙجي وئي آخر
    پيار خوشبو آ، آزمائي ڏس


    اڄ ته چهرو لٿل لٿل آهي

    اڄ ته چهرو لٿل لٿل آهي
    اک به منهنجي ڀنل ڀنل آهي

    درد ڌاڳي ۾ مون خوشيون پويون
    هار اڄ سو ڇڳل ڇڳل آهي

    سئه ورهيه ڀل گذارجن ليڪن
    زندگي ڄڻ ته هڪڙو پل آهي

    تنهنجو چهرو هو آئينو منهنجو
    اڄ اهو ڇو ٽٽل ٽٽل آهي

    چوطرف ٽهڪ ٿا پيا گونجن
    پو به من ڇو منجھيل منجھيل آهي

    غم الم سان ڀريل آ جيون هي
    ڄڻ ته شاعر جو ڪو غزل آهي

    تنهنجي دل تي لکيل هو دانش جو
    نانءُ هاڻي ڊٺل ڊٺل آهي


    حسين لمحا، جميل چهرا، ها ياد آيا شباب سارا

    حسين لمحا، جميل چهرا، ها ياد آيا شباب سارا
    نه ڪر تون حائل حيا جو پردو، هٽاءِ رخ تان نقاب سارا

    لبن تي مرڪون، اکين ۾ جگنو، ادائون قاتل ۽ لفظ شبنم
    بدن جي خوشبو سرير سانڍي، کـُـلي ويا دل جا باب سارا

    ڪو چنگ چاهت سندو چُري ٿو، هي دل دنبوري جيان وڄي ٿي
    تڏهن ته رڳ رڳ منجھان او جانان! ڇڙي پيا هن رباب سارا

    ها رنگ و بو جو لڳي ٿو ميلو، ڦرن ٿا ڀونرا، ڪـُـڏن ٿا پوپٽ
    چمن ۾ چاهت جو آهي چرچو، تڏهن ٽڙيا هن گلاب سارا

    مان تنهنجي نيڻن جي ميڪدي مان، پيئان ٿو جانان، جيئان ٿو جانان
    ائين جوانيءَ جا جام ڏي تون، وسار هاڻي حجاب سارا


    قرب جاري هجي

    قرب جاري هجي
    عمر ساري هجي

    چــوطـرف دوسـتو
    بس بَهاري هجي

    شـــــال آلــــي ســدا
    ٿرَ جي واري هجي

    ڪانه گھرجي خوشي
    جا اڌاري هجي

    سنڌ دشمن مٿان
    موتُ طاري هجي

    دشمني جي جڳھ
    يـــــارَ يــــاري هجي

    سچَ جي راھ تي
    وکَ جاري هجي


    منهنجو جيون به ڄڻ ته ٿر آهي

    منهنجو جيون به ڄڻ ته ٿر آهي
    مرڪَ تنهنجي ڪوئي ڪڪر آهي

    ڳولي ڳولي ٿڪس ته ياد پيو
    منهنجي دل ۾ ئي تنهنجو گھر آهي

    سانجھ سرهيءَ ۾ ساٿ آ تنهنجو
    ڪيڏو پيارو پرين پهر آهي

    تنهنجي زلفن ۾ شام آ منهنجي
    تنهنجي چهري ۾ ڄڻ سحر آهي

    ڪوئي ناهي سفر ۾ گڏ ليڪن
    سار تنهنجي ته همسفر آهي

    منهنجي نظرن ۾ ها رڳو تون آن
    تنهنجي نظرن جو هي اثر آهي

    مون لئه امرت آ پيار تنهنجو پرين
    تنهنجي ڪاوڙ جئين زهر آهي

    تون ئي سيراب ڪر اچي سهڻي
    ورنه هي زندگي ته بر آهي


    اکڙين تي ڪرڻن جي بارش

    اکڙين تي ڪرڻن جي بارش
    لفظن تي جذبن جي بارش

    ڪائي ڪوتا سرجيان ٿو مان
    ذهن مٿان سوچن جي بارش

    نيڻن جا بادل ڀرجي ويا
    ڪاغذ تي لڙڪن جي بارش

    دل جي ڌرتي پياسي آهي
    شال وسي قربن جي بارش

    جيون تو بن رُڃَ لڳي ٿو
    هيڪر ڪر ٽهڪن جي بارش

    جيون جي ڪوري ڪاڳر تي
    ڪو ته ڪري رنگن جي بارش

    احساسن جي انڊلٺ نڪتي
    ۽ بند ٿي ڳوڙهن جي بارش


    اڄ کُلندا ڏوھ ثواب نوان

    اڄ کُلندا ڏوھ ثواب نوان
    جيون جي ڪتاب جا باب نوان

    هر ڏينهن ٿو ڳوليان تعبيرون
    هر رات ڏسان ٿو خواب نوان

    دل ڌرتيءَ تي احساسن جا
    ڪي ٽڙندا گل گلاب نوان

    پرواز ڪندو ڪيئن پيار پکي
    ٿا اڏرن روز عقاب نوان

    مرڪي ته نظر کي ڦير نه تون
    مون لاءِ نه خلق عذاب نوان


    واءُ جي جھوٽي جيان گذري ويو

    واءُ جي جھوٽي جيان گذري ويو
    ‎لڙڪُ دامن ۾ ڪٿي گم ٿي ويو

    مرڪ تنهنجي آ ڪيو ايڏو اثر
    دردُ دل مان ٿي دونهون اڏري ويو

    تنهنجي ٻانهن مان جو نڪتو هي وجود
    ريت جي ذرڙن جيان وکري ويو

    هر گھڙي تنهنجي ئي آهيان ڌيان ۾
    مونکان سڀ ڪجھ آپرين وسري ويو

    گــّلَ چونڊيا پئي مون جيون باغ مان
    خارُ دامن ۾ ڪٿان اٽڪي ويو

    پيار جو هڪڙو ڏيئو دل ۾ رکيو
    ڀوتُ نفرت جو ڀَڄي نڪري ويو


    عشق جي الفي پاتي آ

    عشق جي الفي پاتي آ
    هستي هاڻ سڃاتي آ

    چاهت منهنجو مذهب آ
    نفرت جي ڪنڌ تي ڪاتي آ

    تو سان، جيون رنگ رتول
    تـــوبـــن رُڃَ حيــــاتــي آ

    توسان جيءُ جڙي ويو آ
    نــاتـــــــو هــي جـذبــاتــي آ

    دل ۾ درد ائين ويٺو
    ڄڻ ڪوئي گھر ڀاتي آ


    کڻ پنبڻين کي ڪجھ کول اکيون

    کڻ پنبڻين کي ڪجھ کول اکيون
    ايئن سپنن ۾ ته نه رول اکيون

    هيرا به ڀتر، موتي به رتيون
    تنهنجون هي ٻئي انمول اکيون

    مرڪن ٿيون رڳو، ڪجليون ڪاريون
    ٿيون مُنڊي ڇڏن ماحول اکيون

    ڪيئن لوڪ سمورو ساڃاهي
    جو ٻولن ويٺيون ٻول اکيون

    ٻوڙي ٿيون ڇڏن، هڪ لمحي ۾
    ائين سمنڊ جيان ته نه ڇول اکيون

    جاچي مون ڏٺيون جڳ ساري ۾
    اهڙيون نه ڏٺيون مون ڍولَ اکيون


    سوچون ۽ سپنا، توکي ڳولن ٿا

    سوچون ۽ سپنا، توکي ڳولن ٿا
    اندر جا اڌما، توکي ڳولن ٿا

    تو جي پيرن سان، چيڀاٽيا ها سي
    ڪوماڻيل گلڙا، توکي ڳولن ٿا

    دل جي آڳر تي، آهن جي ڦهليل
    هي تنهنجا پاڇا، توکي ڳولن ٿا

    پيارا مون جيڪي، تنهنجا ها رکيا
    سي سارا نالا، توکي ڳولن ٿا

    جن تان گذري تون، مونڏي ايندي هئينءَ
    هاڻي سي رستا، توکي ڳولن ٿا

    تو جي لفظن جي خنجر سان ڪيا ها
    دل جا سي ٽڪرا، توکي ڳولن ٿا


    هي جو هيڏو زيان ٿي ويو آ

    هي جو هيڏو زيان ٿي ويو آ
    درد جو داستان ٿي ويو آ

    رنگ ڌرتيءَ تي هن اداسيءَ جا
    زرد ڪيئن آسمان ٿي ويو آ!

    سنڌ جا نير ڀريندا سنڌو!
    سارو عالم حيران ٿي ويو آ

    دوستيءَ جي هٿن ۾ خنجر آ
    هر ڪوئي بدگمان ٿي ويو آ

    لڙڪ نيڻن ۾ ڦتڪندا ٿا رهن
    دل ۾ برپا طوفان ٿي ويو آ


    اڃان رات آهي سويرو به ٿيندو

    اڃان رات آهي سويرو به ٿيندو
    هتان دور آخر انڌيرو به ٿيندو

    سدائين نه رهندا اهي درد پيارا
    خوشين جو دلين منجھ ديرو به ٿيندو

    ڪڏهن ڀل ۾ ڀي نه سوچيو هيو مون
    ته پيارو ڪوئي من ميرو به ٿيندو

    هميشه دکن جي ته لوري نه ٻڌبي
    ڪڏهن ڀاڳ پنهنجو ڀليرو به ٿيندو

    اسين پيار پنڇي نه آهي ڪوئي گھر
    ڪڏهن دل اوهانجي ۾ ديرو به ٿيندو


    توکي چيم ته مون سان نگاهون ملائي ڇڏ

    توکي چيم ته مون سان نگاهون ملائي ڇڏ
    ۽ تو چيو ته ٻوٽي اکيون من ۾ لاهي ڇڏ

    توکي چيم ته دل جي زخم جو علاج ڪر
    ۽ تو چيو ته لوڻ ڦٽن تي ڇٽائي ڇڏ

    توکي چيم ته حسن تي پردو نه ٿو ٺهي
    ۽ تو چيو ته روح کي اجرو بڻائي ڇڏ

    توکي چيم ته گھور وڃا، ٿي پتنگ مان
    ۽ تو چيو ته آڳ اندر ۾ جلائي ڇڏ

    توکي چيم ته ڪيئن جدا توکان آءٌ ٿيان
    ۽ تو چيو ته گھاوَ اندر جا وڌائي ڇڏ

    توکي چيم ته ڪيڏي آ سرهاڻ گلن ۾
    ۽ تو چيو ته باغ مان ڪنڊا هٽائي ڇڏ

    توکي چيم ته درد اندر جو پيو وڌي
    ۽ تو چيو ديوانو تون دانش سڏائي ڇڏ


    سج سانجھيءَ جو ويو لڙي جاني

    سج سانجھيءَ جو ويو لڙي جاني
    چنڊ چوڏهينءَ جو پيو کِڙي جاني

    مرڪ تنهنجي آ کنڊيڙي خوشبو
    ڄڻ ڪوئي گل پيو ٽڙي جاني

    پيار ٺاريو اندر اسانجي کي
    جڳ سارو ويو سڙي جاني

    تنهنجي هر ڳالھ لکَ جي آهي
    تنهنجي آڏو مان ڄڻ ٻُـڙي جاني

    نيٺ ٺهندو محبّتن جو تلاءُ
    هر ڪوئي ڏي ڦڙي ڦڙي جاني

    پوءِ دشمن نه کڻندو اَکِ ميري
    جي ٿجي گڏ مِڙي سِڙي جاني


    وقت سچن کي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو

    وقت سچن کي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو
    کوڙ جذبن کي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو

    باغ ۾ هڪڙي جھوٽي خزان جي اچي
    سڀني گلڙن کي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو

    بادلــو!ٿــورڙو چنــڊ کــان دور ٿيو
    ڇوٿا ڪرڻن کي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو

    پيار کي ’پاپ‘ ۽ سونهن کي ’زهر‘ چئي
    ائين نه لفظن کي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو

    توکي اڌمو ٻڌايو اندر جو، کِلي
    تو ته جذبن کي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو

    ساڀيان ٿي ملين تون ته مون او پرين
    پنهنجي سپنن کي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو

    تنهنجي تخليق کان پوءِ ڄڻ ڪي خدا
    سڀني رنگن کي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو

    پيار جا گُــل دانش پکيڙيا رڳو
    دڳ جي ڪنڊن کي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو


    جڳ لاءِ حوالو ٿي نه سگھيو

    جڳ لاءِ حوالو ٿي نه سگھيو
    ڇو پيار نرالو ٿي نه سگھيو

    جيون جون بهارو گذري ويون
    دردن جو ازالو ٿي نه سگھيو

    لڙڪن کي سهيڙيو نيڻن ۾
    ۽ دامن آلو ٿي نه سگھيو

    گلشن جون هوائون مهڪن پيون
    صحرا ۾ جھڙالو ٿي نه سگھيو

    ها نيڻ چميا چانڊوڪي پر
    ڇو دل ۾ اجالو ٿي نه سگھيو

    دانش کي اندر ۾ اوتڻ لئه
    ڪو زهر پيالو ٿي نه سگھيو


    جو به آهيان مان بي هنر ناهيان

    جو به آهيان مان بي هنر ناهيان
    آھَآهيان سو بي اثر ناهيان

    زخم ڏيندين ته لڙڪ لاڙيندس
    آدمي آهيان ڪو پٿر ناهيان

    ڪير ٿو چئي ته پاڪ دامن هان
    ڪيئن چوندس خطا جو گھر ناهيان

    منهنجي اندر ۾ جلي ٿو سورج
    مان ڪو اڌ رات جو پهر ناهيان

    تنهنجي درشن جون دعائون ٿو گھران
    آءٌ مڱتو هان مُجاور ناهيان

    تنهنجي نيڻن جي پيالن جو قسم
    هوش هوندي به هوشور ناهيان

    پيار جي پارِ ڳولجو مونکي
    ڇوته ناهيان مان ستمگر ناهيان


    تو بنان راھ ۾ ٿو رُلان هيکلو

    تو بنان راھ ۾ ٿو رُلان هيکلو
    ٿو مسلسل هوا جيان گھلان هيکلو

    گڏ کِليا سين ته مکڙيون به ٽڙنديون رهيون
    تو سوا ڪيئن هاڻي کِلان هيکلو

    روشني جو شهر ڀي ٿو اوندھ لڳي
    ڪائي منزل نه آپيو هَلان هيکلو

    تون ته خوشين ۽ ٽهڪن جي ٻانهن ۾، مان
    درد جي جھول ۾ ٿو پَلان هيکلو

    چنڊ چوڏهينءَ جو تون آن پرين، مان سدا
    سمنڊ جي موج وانگر ڇُلان هيکلو


    لمحا ٿا گذري وڃن

    لمحا ٿا گذري وڃن
    يادون ٿيون رهجي وڃن

    توبن منهنجيون نظرون
    راهون ٿيون ڀلجي وڃن

    توکي هڪ ڀيرو ڏسان
    ۽ لــمحــا رڪــجي وڃن

    سورن جي سيلاب سان
    اکڙيون ٿيون ڀرجي وڃن

    ٽهڪن جي پويان ڏسو
    سڏڪا ٿا رهجي وڃن


    ڪيترا هن خمار نيڻن ۾

    ڪيترا هن خمار نيڻن ۾
    خواب، ڪونجن قطار نيڻن ۾

    ايتري جستجو ڀلا ڇالئه
    حسن جا آرَ پارَ نيڻن ۾

    پيار جي تار سان اڻيل آهن
    اڻ ڳڻيا ڄار، يار نيڻن ۾

    ڪجھ ڪـُـٺل خواب ڦتڪندا ٿا رهن
    حسرتون هن هزار نيڻن ۾

    روز سينگارجن پيا مقتل
    ڪائي خنجر جي ڌار نيڻن ۾

    آ اداسيءَ جي رُڃَ اندر ۾
    درد جا آبشار نيڻن ۾

    تنهنجا جلوا شمار کان ٻاهر
    جگنوئن جي قطار نيڻن ۾


    توکي سپنن ۾ سمائي ڇڏجي

    توکي سپنن ۾ سمائي ڇڏجي
    دل جي ڌڙڪن ۾ سمائي ڇڏجي

    پنهنجي پنبڻين کي ڪري بند، پرين
    ڇونه اکڙين ۾ سمائي ڇڏجي

    شور ساگر کان گھڻو آ دل ۾
    ڪيئن لفظن ۾ سمائي ڇڏجي

    تو سوا ڪيئن رهان مان زنده
    ساھ کي تن ۾ سمائي ڇڏجي

    سونهن لفظن جي وڌي ويندي جي
    پيار لهجن ۾ سمائي ڇڏجي


    اڄ هوا ساز ڪو وڄايو آ

    اڄ هوا ساز ڪو وڄايو آ
    گيت ڪويل خوشيءَ مان ڳايو آ

    لوڪ چاهي ته مونکي ڀل چاهي
    مون ته توکي ئي پرين چاهيو آ

    تنهنجي سڏڪن ۾ مان شريڪ سدا
    تنهنجي مرڪڻ تي مسڪرايو آ

    نفرتن جي سياھ راتين ۾
    پيار جو مون ڏيئو جلايو آ

    راھ تي گل ۽ گلن جي مٿان
    تو لئه نظرن کي مون وڇايو آ


    چوطرف ٿي ويو هڳاءُ پرين

    چوطرف ٿي ويو هڳاءُ پرين
    دل جو گھرو جو ٿيو گھاءُ پرين

    آءٌ توکي اکين ۾ جاءِ ڏيان
    تون به ٿورو ته ويجھو آءُ پرين

    توکي ٻانهن جا هار پارايا
    خوابَ اکڙين سان ڪيو نڀاءُ پرين

    مونکي تون جاءِ ڏي رڳو دل ۾
    پيار جو مان ڪندس پڙاءُ پرين

    ايڏو ڇو ٿو ڊڄين زماني کان
    پيار ناهي ڪوئي انياءُ پرين

    لڙڪ ميڙي اکين جا دل ۾ رکيا
    درد جو ٿي ويو درياءُ پرين

    چاھ جا گــّل ويا سڙي دانش
    هيءُ ڪهڙو وريو آ واءُ پرين


    تو ته مندر ۾ پڄايو ڏيئو

    تو ته مندر ۾ پڄايو ڏيئو
    هي اندر ۾ ڪٿان آيو ڏيئو

    تنهنجي يادن جو پنهنجي لڙڪن سان
    نيٺ آخــر مــون وسايو ڏيئو

    پنهنجي دل جي لهوءَ سان هو مس مس
    پــيـــار جــو جـيـڪـو جـلايو ڏيئو

    موتَ طوفان جو وري ويس ڍڪي
    زنـــدگــيءَ جــو آ اجــھايو ڏيئو

    چــوطـرف گــھـور انـڌيــرو آهي
    قبر منهنجي تي جلايو ڏيئو

    پيار جي روشني پکڙجڻ ڏيو
    ڪٿ به ڪوئي نه وِسايو ڏيئو

    دل جي گھر ۾ هو انڌيرو ڪيڏو
    هاڻ مون آهي سجايو ڏيئو


    چيم ته تنهنجي نظر ۾ قتل جو آ سامان

    چيم ته تنهنجي نظر ۾ قتل جو آ سامان
    چيائين عشق ۾ جانان ڪـُـسڻ ضروري آ

    چيم ته دل جي ٽٽڻ جو سوال آ جاني
    چيائين بي دل ۽ بي نام ٿيڻ ضروري آ

    چيم ته تنهنجي تصور جو ڇيھ ناھي ڇا؟
    چيائين رُڃَ جو راهي هجڻ ضروري آ

    چيم ته زلف ٿا تنهنجا لڳن زنجيرن جيان
    چيائين حُسن جو باندي ٿيڻ ضروري آ

    چيم ته تنهنجي وڇوڙي جي باھ ساڙي ٿي
    چيائين آڳ جي کوري پچڻ ضروري آ

    چيم ته روز ٿو احساس جي سوريءَ ٽنگجان
    چيائين تڙپ جي تند جو تپڻ ضروري آ

    چيم ته بارشن ۾ مور ٿو ٽهوڪي پيو
    چيائين پوءِ ته پنهنجو ملڻ ضروري آ


    تنهنجي نيڻن منڊي ڇڏي آ دل

    تنهنجي نيڻن منڊي ڇڏي آ دل
    تنهنجي مسڪار ڀي پرين قاتل

    تو هٽايو نقاب چهري تان
    شهر ساري ۾ آهي شور متل

    تنهنجي موجودگي ائين آهي
    ڌرتتيءَ ۾ جئين ڀريل بادل

    تنهنجو اندازِ گفتگو اهڙو
    ڄڻ ته صحرا ۾ آهي مينهن اٺل

    تنهنجي هر گام آ لهر وانگر
    تون بيابان ۾ سنڌوءَ جي اٿل

    تون اچين ٿي ته ٿي سڳنڌ اچي
    تو بنان آ ٻسي ٻسي محفل

    تنهنجي زلفن جو ڇانورو ۽ مان
    گل جي هنج ۾ آ ڀونر سُتل

    قرب تنهنجي سان ڪائنات حَسين
    تنهنجي ناراضگي آ موت مثل


    گل ناهن چمن ۾ شعلا هن

    گل ناهن چمن ۾ شعلا هن
    حالتن جي هٿن ۾ شعلا هن

    رک ڪري ٿي ڇڏي وجود سڄو
    ڄڻ سکيءَ جي لبن ۾ شعلا هن

    بارشن ۾ بدن هي ڀڙڪي ٿو
    ڪڪر ناهن گگن ۾ شعلا هن

    ميڻ بتيءَ جيان ڳري نه وڃان
    هن جي سڀني خطن ۾ شعلا هن

    شعر سمجھن ٿا، پر نه ٿا سمجھن
    شاعريءَ جي پنن ۾ شعلا هن

    بيحسيءَ کي به نيٺ تئه ايندو
    چوطرف هن وطن ۾ شعلا هن

    پنهنجي ڌرتيءَ سان وفادار نه هو
    ڏس ته هن جي ڪفن ۾ شعلا هن

    ڪو پتنگو هجي ڪڏي پئي جو
    ديپ جي تن بدن ۾ شعلا هن

    ڄاڻ دک جو دونهون اٿيو دانش
    دل جي هيٺان ڪکن ۾ شعلا هن


    نظم

    نظم تي راءِ

    آزاد نظمفرانسيسي ادب جي علامت نگاري واري دور جي پيدائش آهي..... فني لحاظ کان آزاد نظم ڪا شاعري جي اهڙي الڳ صنف ڪانه آهي جئين غزل، گيت، ڪافي وغيره الڳ الڳ صنفون آهن، بلڪه اهو جديد نظم جي ئي صنف جو هڪڙو نمونو آهي. جئين سانيٽ، مختصر نظم، طويل نظم وغيره ان جا نمونا آهن..... آزاد نظم جي سلسلي ۾ اها غلط فهمي دور ٿيڻ کپي ته اها صنف ڪا اوچتو هوا مان اڏامي اچي سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ٿي آهي، بلڪه اها به سنڌي شاعريءَ جي جديد نظم مان ڦٽي، تجربن مان گذرندي رهي آهي.
    - شمشيرالحيدري





    احسان دانش جا هي نظم سچ ته احسان لکيا نه آهن پر دريافت ڪيا آهن. ڇو ته آڪسيجن جيان هڪ نظم به دريافت ٿيندو آهي. ڀت ۾ لڪل ڪو خيال اوچتو آڏو اچي ويندو آهي ۽ ”ها“ ڪري ڇرڪ ڪڍي دريافت ٿي پوندو آهي. ائين ئي احسان دانش جي نظم جي هي بهار ڪوتا ڪتاب جي ايندڙ صفحن تي پوري جوڀن سان پڙهڻ ۽ دريافت ٿيڻ لاءِ موجود آهي. منهنجي راءِ وارو پنو Avoid ڪري اڳتي هلو ۽ هڪ نئين ۽ اڻ ڇهيل دنيا جي سونهن جو شڪار ٿيندي بي وسيءَ وچان پاڻ کي، پاڻ ئي ڏسو ۽ حيران ٿيو.
    هڪ پرخلوص شاعر جا پُرخلوص نظم منهنجي ڪنهن به Interpretation جا محتاج نه آهن، هنن نظمن جو حسن ۽ جواني انهن جي سادگي ۽ بيساختگي آهي. احسان جا هي نظم نه رڳو ڪنهن ساڃاهوند پر اسٽوپا جي پاڙ ۾ ٻڪريون چاريندڙ ٻڪرار کي به اگر ٻڌائيندوء ته پنهنجي انداز سان اهو به Response ڏيندو. منهنجي خيال ۾ ان کان وڌيڪ ڪنهن شاعر کي ٻيو ڪجھ به نه کپي. احسان دانش جن لاءِ لکي ٿو اهي هن جي ڳالھ سمجھن ٿا، سنڌي ادب ۾ اها سهولت سڀن کي حاصل نه آهي.
    - حبيب ساجد


    اسان جا خواب اڃا ساڀيان رسيا ناهن

    اسان جا خواب اڃا ساڀيان رَسيا ناهن
    هي درد غم جا ڪڪر ڀي اڃان هٽيا ناهن

    اڃا ڳلن تي ڪريل نير ڀي سُڪيا ناهن
    اڃا بهار جي هوندي به گلَ ٽِڙيا ناهن

    اڃا اندر ۾ اسانجي گھڻي اداسي آ
    اڃابه من جي سِپي پيار جي پياسي آ

    اڃا هزار اميدن جا گل ڪومايل
    اڃا آ تڙپ، اڃا ڪيئي روح هن گھايل

    اڃا دکي ٿي پئي ڳوٺ ڳوٺ چرٻيلي
    اڃا به نارِ جي نڪَ ۾ وڌل آ ناڪيلي

    اڃا سنڌوءَ جا ڏسو چَپَ ڪيئن سُڪل آهن
    اڃا هي جيئرا ماڻهو به ڄڻ مئل آهن

    اڃا ته بوءِ ٿي بارود جي اچي ڪيڏي
    اڃا امن جي ڪبوتر تي اکِ آ ٽيڏي

    اڃا ڇني ٿو ڪجي ڌار ماءُ کان ابهم
    اڃا ٺهي ٿو پيو روز نئون ائٽم بم

    اڃا به ڀونءِ تي ماڻهو ڳڀا ڳڀا ٿو ٿئي
    اڃا به ظلم ستم ڪيڏو جابجا ٿو ٿئي

    اڃا ڪـُسن ٿيون پيون ڪيئي بي گناھ نياڻيون
    اڃا رقم ٿيون ٿين روز درد آکاڻيون

    اڃا به شهر شهر خود ڪشن جا حملا هن
    اڃا به چوڏسا چچريل هزارين لاشا هن

    اڃا مرن ٿا پيا مِرگھ بيابانن ۾
    اڃاآ گونج ٻڌو وقت جي ايوانن ۾

    اڃا به ديس جو انصاف آ بيساکين تي
    اڃا به موت جو شهباز آهي ڇاتين تي

    اڃا به زندگي جي ڀيڪ ٿو گھري ماڻهو
    اڃا به ٿورڙي ٺوڪر تي ٿو ڀُري ماڻهو

    اڃاهوا جو بدن چور آهي زخمن سان
    اڃا وفا جي ڳلي پئي جلي ٿي ٽانڊن سان

    اڃا ته گيت سڀئي درد جي لباس ۾ هن
    اڃا هزارين اکيون آجپي جي آس ۾ هن

    اڃا ٽياس تي ٽنگجي رهي آ سچائي
    چوان پو ڪيئن ’محبّت‘ جي آهي رُتِ آئي


    حُسن

    حسن شعلو به آ شبنم به آ ۽ نغمو ڀي
    حسن دوکو به آ دلبو به آ ۽ کٽڪو ڀي

    حسن نيڻن ۾ لڪل ماڻڪيءَ جي اندر آ
    ڪير گھرائي ڪَڇي هي وڏو سمندر آ
    حسن ڪا مورتي ناهي، حسن ته مندر آ
    حسن پونم به آ، سورج به آ ته پاڇو ڀي

    حسن کي تيز تکي آبشار ۾ ڪو ڏسي
    حسن کي عشق جي بي خود نهار ۾ ڏسي
    حسن کي سرءُ ۾ جاچي، بهار ۾ ڪو ڏسي
    حسن مکڙي به آ ۽ گل به آ ته ڪنڊو ڀي

    حسن مومل جي محل جو ڪوئي طلسم آهي
    حسن ليلا جي لبن جو ها تبسم آهي
    حسن ٻيجل جي عجب ساز جو سرگم آهي
    حسن جلوو به آ جادو به آ ۽ سپنو ڀي

    حسن مارئيءَ جي ڪکن ساڻ محبت ۾ آ
    يا ته سسئيءَ جي صدا ۾ ۽ مسافت ۾ آ
    حسن نوريءَ جي نماڻائي ۽ نئڙت ۾ آ
    حسن اتهاس جوجھومر به آ ته ٽِڪو ڀي

    حسن کي ڏسِ سر بازار ڪنهن وڪيو آهي
    حسن يوسف جي جبين جو ها قصيدو آهي
    حسن ڄڻ شوقِ زليخان جو جنون ڪو آهي
    حسن آ مصر جي بازار جو آئينو ڀي

    حسن سوليءَ مٿان منصور جي مُک جي رونق
    حسن مخدوم بلاول جي لهو جي آ مهڪ
    حسن ۾ شاھ عنايت جي عزم جي آ جھلڪ
    حسن سقراط جي هٿڙن ۾ زهر پيالو ڀي

    حسن پُر ڪيف نگاهن جو ڀريل ساغر آ
    حسن دل کي ٿو مُنڊي هي ته ڪوئي ساحر آ
    حسن بس عشق جي آڳر تي اڏيندو گھر آ
    حسن غمزو به آ رونشو به آ ۽ چرچو ڀي

    حسن پارس آ، محبت سان ڇهي ڪو هيڪر
    حسن کي دل جي نظر ساڻ ڏسي ڪو هيڪر
    حسن جو جام ڀري ڳيت ڏئي ڪو هيڪر
    حسن امرت ڀي آ انگو ڀي ۽ ڳوڙهو ڀي

    حسن جا روپ هزارين ٿو ڏسان دنيا ۾
    حسن کان دور نه ٿيان ساڻ هجان دنيا ۾
    حسن جي ڪاڻ مران آءٌ جيان دنيا ۾
    حسن آ زهر حلائل به ۽ هڪ تحفو ڀي

    حسن شعلو به آ شبنم به آ ۽ نغمو ڀي
    حسن دوکو به آ دلبو به آ ۽ کٽڪو ڀي


    منهنجي جيون ۾ پرين تنهنجـو وجود

    هر ادا تنهنجي قيامت ڪئي بپا
    تنهنجي نيڻن تي نثار آهن غزال
    مور جهڙي موهڻي ها تنهنجي چال
    ڪيترا مڌ مست ڪيا تنهنجي جمال
    نرم و نازڪ ريشم و ڪم خواب جيان
    مان بدن تنهنجي جو ڪهڙو ڏيان مثال
    تنهنجي چهري مان ڇڻي ٿي چاندني
    تنهنجي لفظن ۾ لڪل ڪا راڳڻي.

    تنهنجي زلفن ۾ آ جيڪو خم پرين
    منهنجي دل جي ڌڙڪنن کان ڪو پڇي
    ڪيئن ٿو مونکي ڪري بي دم پرين.

    منهنجي دل جي ڌڙڪنن کان ڪو پڇي
    تنهنجي قدمن جون سموريون آهٽون
    توسان گڏ گھاريل سموريون ساعتون
    ذهن جي پاتال ۾ پيهيون اٿم.

    تنهنجي مرڪڻ سان ڇڙيا ڪي ساز هن
    روح ۾ جاڳيا ڪيئي آواز هن
    اي پرين،منهنجا مٺا، ويجھو ته آ

    تنهنجي نيڻن کي چمڻ ٿو چاهيان
    تنهنجي نيڻن ۾ ٻڏڻ ٿو چاهيان
    پنهنجي نيڻن جا تون دروازا ته کول
    مان چمين جون دستڪون پيو ٿو ڏيان.
    ۽ حيا جي ماڪ تنهنجي لب مٿان
    پيار جو پوپٽ پيئي ٿو ۽ جيئي ٿو.

    وهم سارا ويا وماسي من منجھان
    دل جا سارا دڳ روشن ٿي ويا
    عاشقي جا سڀ منارا جرڪيا.

    تنهنجي نالي جي نوا اي دلربا
    ڄڻ ته خوشبو چوڏسا وئي پکڙجي
    دل کي بي پاڙيءَ جيان وئي جڪڙجي.

    منهنجي جيون ۾ پرين تنهنجو وجود
    جيئن خلائن ۾ ٻکيل آ ڪائنات.

    منهنجي جيون ۾ پرين تنهنجو وجود
    ايئن آ ضم ٿي ويو جيئن ريت ۾
    مينهن جا قطرا وڃائن ٿا وجود.

    منهنجي جيون ۾ پرين تنهنجو وجود
    جيئن اٺي کان پوءِ جي پياري سڳنـڌ
    ها وڃي ٻکجي هوائن سان پئي.



    منهنجي جيون ۾ پرين تنهنجو وجود
    سانوڻيءَ جي پهرين بارش وانگيان
    جنهن سان دل جو ٿر وڃي ٿو واسجي
    جنهن سان خوشبو جو سفر ٿئي ٿو شروع
    جنهن سان ٿي هر سو وڃي جل ٿل پيو
    جنهن جي لئه پٿرائجي اکڙيون وڃن.

    منهنجي جيون ۾ پرين تنهنجو وجود
    جيئن سِپيءَ جي من ۾ ڪا بوندڙي.
    توکي سانڍيان ۽ لڪايان لوڪ کان
    توکي دل جي درسني ۾ پيو ڏسان
    پنهنجي نيڻن کي جڏهن مان ٻوٽيان
    تنهنجي ئي تصوير کي سامهون پَسان
    پنهنجي بس تقدير کي سامهون پَسان


    اها رات

    لبن تي مرڪ وڇوڙي جي ويل
    لڙڪ اکين منجھ لڪائي جاني
    ڏني هيم جا ڳلن تي مِٺي نه ٿي وسري
    اداس رات جي تارن جي روشني جھيڻي
    غضب جي رات، تڙپ دل جي ۽ سا بيچيني
    اندر جي ڪائنات جنهن ۾ ٽهڪ ۽ مرڪون
    بهار رُتِ جا ڪي جھونڪا قرار جا نغما
    الاجي ڪيڏيون اتي روشنيون ۽ رنگ مهه وِ رقص هئا
    ڪيئن پل ۾ وکري ويا.
    اڪير، پيار، جنون، بحر ِ بيڪران دل جو
    الاجي ڪيئن سهيڙيو هيو مون ٻانهن ۾
    سڪون ڪيترو مونکي مليو هيو جاني
    نه ڄاڻ ڪيڏا پل پهر تنهنجي سوچن ۾
    گذاريا مون هيا تڙپي وداع ڪري توکي.
    اکين ۾ تو ته سوين حسرتون ۽ خواب رکيا
    هزار منزلن جو موھ تو رکيو دل ۾
    مگر مون پنهنجي محبّت جا سلاسل جاني
    وجود تنهنجي سان ويڙهي ڇڏيا هئا تنهن پل
    مگر تون روشني جي راھ جو مسافر هئين
    زنجير پيار جا ٽوڙي به توکي وڃڻو هو
    جو خوشبوئن جي سفر تنهنجي آجيان ٿي ڪئي
    عجيب رات هئي
    رات جيڪا نيڻن ۾
    مون تنهنجي ياد جا جگنو سجائي ڪاٽي هئي.


    پـيـار جـو پـنـڇـي

    دل جي صحرا ۾ پيار جو پنڇي
    سونهن جي هر سراب جي پويان
    ساڀيائن کان رٺل، ڪنهن ته خواب جي پويان
    مرگھ وانگر رڳو پيو ڀٽڪي.
    دل جي صحرا ۾ پيار جو پنڇي....
    چين بيچينين جي ڀاڪر ۾
    ۽ اکيون آرزو جي آڳر ۾
    ها صدين کان پرين کتل آهن.
    پر نه ڄاڻان ته هي مسافت ڇو
    پنهنجي تڪميل کي رَسي ناهي
    منزلن جي شفاف نيڻن ۾
    ڇو ڏٺي ڪائي آرسي ناهي.
    روح جي ريت جا تتل آهي
    تنهن مٿان خواهشن جا ماڪ ڦڙا
    ڄڻ ته آتش تي آب جا ڇنڊا.
    مان نه ڄاڻان ته موھ آَهي ڇا
    مان نه ڄاڻان ته ڏوھ آهي ڇا
    دل جي صحرا ۾ پيار جو پنڇي،
    جنهن جا پرڙا ويا ڪٿي ڪٽجي
    مان ٿو چاهيان رڳو ته هو جيڪر
    ڪرب جي ڪَرٽَ کان بچي هيڪر
    چاھ جي چودڳي تي پيو چهڪي
    سونهن جي گلستان ۾ پيو اڏري


    هـڪ دَور جـي تـاريـخ

    رهزنن جي جُوءِ ۾
    عجز انڪساريءَ سان
    ڪنڌ نوائي پنهنجو
    جھيڻي جھيڻي لهجي ۾
    سچ جي تسبيح سوري
    چُپِ چَپَن کي چوري
    يا وري وڏي واڪي
    زندگيءَ جي ڀيڪ گھرڻ
    بس رڳو جھڪڻ ۽ گھرڻ
    هي وڏي حماقت آ.

    رهزنن جون تلوارون
    خون جون پياسيون هن
    هي تڏهن اداسيون هن.
    چوڏسا هي ماٺ ڏسي
    دل جي ڌرتي لرزي ٿي
    زندگي جي مانگ بجاءِ
    جان جي امانَ سوا
    بي ڊپو بهادر ٿي
    فخر سان سينو تاڻي
    رهزنن جي راهن تي
    پُر عظم ٿي بيهي رهو.

    زندگي ڪا ڀيڪ نه آ
    ساھ ڪو سڳو ناهي
    جنهن جو جڏهن چاهي
    ڏند ڏئي ڇني به ڇڏي.
    تشنگي به تيسين آ
    جيستائين جيئڻ جو
    ولولونه ٿي پورو.

    اڃ جا ڪنڊا سارا
    پياس جي پريشاني
    ڀونءِ جا سُڪل آهي
    تنهن جي ٺوٺ چپڙن تي
    مرڪ هلڪڙي آهي.
    هوءَ اڃا اداس نه آ
    هوءَ اڃا نراس نه آ
    هن جي اکين جو پاڻي
    ها اڃا سُڪو ناهي.

    رهزنن جي راهن ۾
    ڪير ٿو گلاب رکي
    ڪير ٿو ڪنڊا پوکي
    ها اسانکي ڏسڻو آ
    ۽ نئين مورخ کي
    پنهنجي دور جي هڪ هڪ
    بي ڊپي ۽ گيديءَ جو
    نانءُ چٽو لکڻو آ...... نانءُ چٽو لکڻو آ.


    ڪـا اک نه آلـي آءٌڏسـان

    ( گذريل سالن جو نوحو ۽ ايندڙ سالن لاءِ دعا)

    هن سال ته گذريل سالن جيان
    ڪو خون نه ٿي
    ڌاڙو نه لڳي ۽ ڦر نه ٿئي
    ها لڄ نه نياڻين جي لٽجي
    ۽ گوليءَ جي ٻولي نه هلي
    بس ڪو نه مري مظلوم هتي.

    ڪا آھ نه عرشن تي پهچي
    ڪا دانهن نه دلين کي ڏاري
    ڪا ڪوڪ نه سينن کي چيري.
    ڪنهن ماءُ جي پياري پٽڙي کي
    گولي نه لڳي
    ۽ خون سان ڪو هولي نه ڪري
    ڪنهن ڀيڻ کان پنهنجو ڀاءُ هتي
    ڪو ڪين ڇني
    هر وني سهاڳڻ شال هجي

    ڪو لڙڪ نه اکڙين ۾ ڏسجي
    ڪو گھاءُ نه سينن منجھ پئي
    مان سڏڪو ڪونه ٻڌان ڪوئي
    ۽ مظلومن جي جسمن تي
    مان ڦٽڪو ڪونه پسان ڪوئي.

    هي دهشتگرديءَ جون دانهون
    ماڻهن جون ڪپيل ڄنگھون ٻانهون
    گھرڙن کي چوڌاري باهيون
    هي روئندڙ ٻار، ٻڍا، مايون
    ڪنهن ڪنهن کي ويٺا پرچايون!

    انسان رهيو انسان نه آ
    حيوان ٿيو انسان مٺا
    هي ڪهڙي افراتفري آ!
    هي ڇا جو هُل هنگامو آ!؟
    هي چهرا پيلا پيلا ڇو؟
    هي ماڻهو نانگن وانگر اڄ
    ٿي ويا آهن زهريلا ڇو؟!
    ٿو جذبن جو قتلام ٿئي
    هي ظلم پيو هر گام ٿئي
    ها! نيٺ ته ڪو سورھ ايندو
    ها! نيٺ ته ڪو جوڌو ايندو
    جو درد نگر جي واسين جي
    تقديرن کي بدلائيندو

    هن ڌرتيءَ تي مالڪ سائين
    شل پنهنجو رحم ۽ ڪرم ڪري.
    ڪا اک نه آلي آءٌ ڏسان
    ڪو جھول نه خالي آءٌ ڏسان
    ها ٽهڪن جا ٽانگر جھومن
    ۽ لڙڪن جا ٿوهر نه هجن
    هر پاسي انڊلٺ رنگ هجن
    شل اهڙو سال اچي هيڪر
    جو زخم صدين جا سُڪڙائي
    ۽ امن جي خوشبو ڦهلائي.


    مـحــبـّـت *

    زندگي ڇاهي؟
    روشنيءَ جو سفر.
    موت ڇا آهي؟
    درد جي چادر.
    ۽ محبّت
    ها محبت ڇاهي؟
    ڪو ٻڌائي، ڪو سڻائي مونکي.

    ڇا بهارن ۾ گلستان جو ڪو حسين گل آ
    يا خزائن ۾ شجر جو ڪوئي ڇڻيل پتو
    ڇا اها آهي ڪوئي چنڊ جو حسين ڪرڻو
    يا اماوس ۾ ڪنهن تاريڪ گھر جي چانئٺ تي
    جيڪو ٽمڪي رهيو آديپ
    سو محبت آ.
    ها محبّت ڇاهي؟
    ڪو ٻڌائي ڪو، ڪو سڻائي مونکي.

    دل جي صحرا ۾ هي مهڪار ڪٿان آئي آ !
    هر طرف، هر ڏسا ڏسو ته سهي
    ٿي وئي ڪيڏي روشنائي آ.
    چئن حرفن مان جڙيل لفظ زبان تي آيو
    چاھ جو چنگ چريو، ساز ڇڙيو اندر ۾.
    چهري چهري ۾ چمڪ ڪاٿان اچي وئي ايڏي!
    لمحي لمحي ۾ مهڪ ڪاڏانهن اچي وئي ايڏي!
    ڪو ٻڌائي، ڪو سڻائي مونکيته محبت ڇاهي؟

    ڪوئي سسئي کان، پهاڙن کان يا ٿوهر کان پڇي
    ڪوئي مومل کان، محل کان، ڪوئي طلسم کان پڇي
    ڪوئي مارئي جي ڪکن کان ڪوئي ڪوٽن کان پڇي
    ڪوئي نوريءَ کان پڇي، ڪوئي ته ڪينجھر کان پڇي
    ڪوئي قمبر کان پڇي، ڪوئي رياضت کان پڇي
    ته محبت ڇاهي؟

    ڪوئي سمجھي نه سگھيو
    ڪوئي ڀي پُرجھي نه سگھيو
    هي ڳجھارت ئي رهي
    واءُ ۾ اڏري ويئي
    موت جي ڳجھ ڳهي وئي آخر
    سڀئي احساس لفظ معنائون
    ها هوائن ۾ ٿي تحليل ويون
    پو به هڪ لفظ...... ها اهو ئي لفظ!
    جنهن جي مفهوم جي وسعت جي نه سرحد ڪائي
    جنهن جي گھرائي سمندر کان گھڻي ڄاڻان ٿو
    سڀ چپن تي رهيو سدا زنده
    زندگيءَ جي سفر جو انت ٿيو
    موت ڀي درد جي چادر آڇي
    ۽ ’محبّت‘ !
    ها محبت جي هٿان
    موت کي به مات ملي.
    ____________________
    * محبّت، هڪ احساس ۽ هڪ ماڻهوءَ جي نالي جي معنى ۾. احساس، جيڪو من جي پاتال مان اڀري ٿو ۽ ماڻهو ڊاڪٽر محبت ٻرڙو.


    زنـــدگـــي

    زندگي!
    درد جي ڌوپ ۾ ڇوٿي ساڙين پئي
    زخم آڻين پئي.
    ڇانوَ مونکي کپي
    پيار جي.... سار جي.

    حسن جا اولڙا، جيڪي دل تي پيا
    ڏور ڪاڏي الائي ويا !اوسکي ......
    زندگي!

    وقت جي گل مٿان ماڪ لمحن سندي
    هورڙيان هورڙيان ڪيئن ٿي گم ٿئي
    مان ڏسان ٿو پيو
    ها ڳڻيان ٿو پيو
    ڪيتريون خوبصورت بهارونخزائن ۾ مَٽجي ويون.
    پيار وکري ويو، روح لرزي ويو
    ڇا مان ڇا ٿي ويو تو پڄاڻان پرين،
    چين جي بانسري ، بي سُري ٿي پئي.

    ڪاڏي اڏري وئي
    مرڪ رنگين تتلي
    جا سجائي ڇڏي مون چپن تي هئي.
    تو بنان او پرين!ڪيڏي آهي ٻُسي
    جھاتڙي پائي ڏس ڀي کڻي
    زندگي.........!


    او ڌرتــي

    او ڌرتي
    او منهنجي سرتي
    تنهنجي مٽيءَ جي ذرن ۾
    جيڪا جوتي
    ڄڻ ڪي موتي.
    اوچا ارڏا ڏونگر
    صحرا، جهنگل
    تنهنجي سيني تي جي ساحل
    دريا، ريت، سمندر آهن
    ڄڻ سڀ منهنجي اندر آهن.
    تنهنجي نالي ۽ حوالي
    منهنجي اندر جي دنيا ۾
    هڪڙي نئين ڪائنات بڻائي آهي
    منهنجي وجود جي ساري خوشبو
    تنهنجي ئي نالي سان آهي
    اوڌرتي
    او منهنجي سرتي
    منهنجي دل ۾ تو لئه کوڙ محبت آهي
    عزت آهي


    منهنجي دل ۾ ڪالھ جيان اڄ تائين سانئڻ
    توتان گھور ٿيڻ جو جذبو زنده آهي
    زنده رهندو ساڳيو جذبو
    جيسيتائين منهنجو ساھ سلامت هوندو
    ها ويساھ سلامت رهندو
    او ڌرتي
    او منهنجي سرتي
    ديس ڌڻين جا تنهنجي مٽيءَ مان ورتي آ مورت
    ها ساڳي ئي صورت
    ڪوئي ڌاري ڪونه سگھي ٿو
    ڪوبه وساري ڪونه سگھي ٿو
    سوين سرن جي سا قرباني
    جيڪا تنهنجا جوڌا مرڪي ڏيندا ويا
    سِر گھورڻ جي اها روايت
    صدين جي تاريخ رکي ٿي.
    حق جو ڳاٽ هميشه اوچو
    ۽ باطل جي ڀتِ ڪري ٿي
    ڪانئرتا جي سا ديوار ته اڄ به ڀري ٿي
    ۽ تون اڄ تائين او ڌرتي
    پئي ڄڻين ٿي
    جوڌا، جُنگ، جوان، جيالا
    جن جي هٿن ۾ امرت پيالا
    سچائيءَ جي مڌ پيئن ٿا
    خوب جيئن ٿا
    ڪوڙ ڪپت جو ڪنڌ ڪپن ٿا
    او ڌرتي
    او منهنجي سرتي

    تنهنجو نعرو ديس ڌڻين جي چپڙن تي
    اڄ جيئن زنده آهي
    زنده رهندو.
    هو ڏس هاڻي
    دشمن جيڪو ڄار وڇايو
    ڪيئن ڇڄي ٿو
    ڏس نفرت جو لاش کڄي ٿو
    ۽ الفت جو جانجھ وڄي ٿو
    او ڌرتي
    تنهنجو ذرو ذرو شال
    سورج وانگر چمڪي
    پيار جي چانڊوڪيءَ ۾ جرڪي
    هر مک ٻهڪي
    مکڙي مکڙي گل ٿي مهڪي
    ڳوٺ، شهر شاداب هجن
    هر ماڻهو مرڪي
    او ڌرتي
    او منهنجي سرتي
    او ڌرتي


    خــوشــبــو

    گل جي پتين کي مروٽي نه اڇل
    ڇو ته پوءِ به
    او قاتل!
    تنهنجي هٿن ۾
    انهن جي خوشبو رهجي ويندي


    دعــا

    تنهنجي ٽهڪن سان
    هوا ۾ گل ٿا ٽڙن
    شال تنهنجا اهي ٽهڪ
    ڪڏهن به ائين اڏامي نه وڃن
    جئين پوپٽ کي پڪڙڻ کانپوءِ
    هن جي پرن تان
    رنگ اڏامي ويندا آهن.


    بـي حـسـيءَ جـي بـازار*

    اي ڪربلا جا واسيو!
    اوهانجون آهون ۽ دانهون
    هڪ ڏينهن امن جي ويريءَ کي
    ضرور ڌوڏي وجھنديون

    اي ام قصر جا ماڻهئو!
    اوهانجو زخمي بدن۽ بي ڪفن لاش
    هڪ ڏينهن انسانيت جي ضمير کي
    ضرور جھنجھوڙيندا.

    اي بصرى جا باشندوء!
    اهو ڏينهن قريب آهي
    جنهن ڏينهن اوهانجو خون رنگ لائيندو.

    اي بغداد جا بي وس انسانو!
    اوهان پَڪ ڄاڻو
    بمن ۽ ميزائيلن جي ڀيانڪ آوازن ۾ دٻجي ويل
    اوهانجي معصوم ٻچڙن جون
    آهون ۽ ڪيهونعرش ڏاري وجھنديون
    ۽ سندن لڙڪبارود جا گولا بڻجي
    بي حسيءَ جي بازارن تي
    ضرور وسندا.
    ________

    * هي نظم 2003 ۾ آمريڪا طرفان عراق تي ڪيل حملي کانپوءِ لکيل آهي.


    پـاڻ سـڃـاڻ

    مان ته پاڻيءَ جو قطرو آهيان
    سمنڊ کان جدا ٿي
    صحرا ۾ گم ٿي ويو آهيان
    صحرا جي خشڪي
    مونکي پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏيو آهي
    پر منهنجي اندر ۾
    اڄ به هڪ سمنڊ لڇي رهيو آهي.


    بـکـيــا

    خوابن جي سِڪن سان
    منهنجي نيڻن جو ڪشڪول ڀريل آ
    مان پنهنجي عمر ڀر جي بِکيا
    توکي ارپڻ لئه تيار آهيان.


    تـبـســم

    تنهنجو تبسم
    منهنجي دل جي خاموش نديءَ ۾
    اڇلايل پٿر وانگر آهي
    جنهن جون لهرون
    مونکي زنده هجڻ جو احساس ڏيارين ٿيون.


    دل جـي درسـنــي

    نيڻن جي نيري نديءَ ۾
    جڏهن خوابن جا سونهري پکي
    تڙڳڻ لڳندا آهن
    ۽ آشائن جي آکيري ۾
    جڏهن حاصلاتن جا هنج نظر ايندا آهن
    ته دل جي درسني ۾
    هر منظر مرڪندي محسوس ٿيندو آهي.


    خـــوف

    مان ڊڄان ٿو
    سياري جي سرد ۽ خاموش رات ۾
    ڪنهن هلڪي کڙڪي کان
    گھڙيال جي ٽِڪ ٽِڪ کان
    دل جي ڌڪ ڌڪ کان
    منهنجو خوف
    گھري اونداهيءَ رات کان
    وڌيڪ گھرو آهي
    ڇوته منهنجو خوف
    شايد منهنجي ذهن جي
    گھري اونداهي قبر مان جنم وٺي ٿو.


    بيت

    بيت تي راءِ

    بيت سنڌي زبان جي منفرد صنفِ سخن آهي. شايد ئي دنيا جي ڪنهن ٻوليءَ جي مقفـّى شعر ۾، هم قافيه لفظ ائين سٽ جي وچ ۾ ملندا، جيئن بيت ۾ آهن. اهو سنڌي بيت جو ڪمال آهي ته ان جي پهرينءَ ۽ پوئينءَ سِٽ جي آخر ۾ نه قافيو آهي نه رديف، پر ان جي باوجود بيت ۾ ترنم ۽ هم آهنگي ٻيءَ هر صنفِ سخن کان زياده آهي.
    - شيخ اياز

    بيت جي صنف کي شاھ لطيف ڪمال جي بلندين تائين پهچايو. سندس هم عصرن مان توڙي ان کان پوءِ ڪوبه شاعر لطيف جهڙا بيت نه لکي سگھيو. صدين جي سانت کان پوءِ سنڌ ۾ اياز جو آفاقي آواز بلند ٿيو جيڪو هڪ جينيس شاعر هو ۽ هن سنڌي شاعريءَ جي ڪايا پلٽي ڇڏي. اياز بيت جو گھاڙيٽو لطيف وارو ئي رکيو پر ان کي نون خيالن ۽ نون موضوعن سان روشناس ڪرايو. پوءِ ته ٻيا شاعر به بيت لکڻ لڳا. اياز کان علاوه ڪهڙن شاعرن جا بيت سگھارا آهن، اهو فيصلو نقادن حوالي ڪندي پاڻ ذڪر ڪريون ٿا احسان دانش جو، جنهن جي ”جديد بيت“ ۾ انوکا رنگ، نوان عڪس ۽ نفيس شاعراڻو ادراڪ ملي ٿو، جيڪو سليس ٻولي ۽ نرم لهجي ۾ بيان ٿيل هڪ اهڙو دلڪش اظهار آهي جيڪو پڙهڻ کان پوءِ ڏاڍو پنهنجو پنهنجو ۽ سندر لڳي ٿو.
    احسان جي بيتن ۾ جتي دلڪش رومانوي عڪس پسجن ٿا اتي موجوده دور جو ڪرب به ڪروٽون کائيندو محسوس ٿئي ٿو. ان ڳالھ جي شاهدي 2005 ۾ بالا ڪوٽ ڪشمير ۾ آيل زلزلي ۽ مئي 99ع ۾ بدين ۽ ٺٽي ضلعي ۾ آيل سامونڊي طوفان جي پس منظر ۾ لکيل سندس بيت ڏين ٿا. جن ۾ انساني الميي جو ڏاڍو دل جھوريندڙ اظهار آهي جن مٿان هي قدرتي آفت ڪڙڪي. ٻي پاسي احسان پنهنجي بيتن ۾ سـچـل وارو سـچ چئـي تصوف جي منصوري رايتن کي به زنده ڪيو آهي.
    احسان دانش سڀني صنفن سان فني تقاضائن جو پورائو ڪندي، زيبائتو نڀاءُ ڪندڙ شاعر آهي. سندس شاعري ڄڻ ”رستو سونهن نگر جو“ آهي. جنهن سان ويندي اکيون هر پاسي ڏاڍا سهڻا نظارا ڏسن ٿيون. مونکي اميد آهي ته هو ڏات جي ”سونهن نگر“ ۾ اهڙو سندر ”وکر وهائي“ ويندو جيڪو پئي پراڻو نه ٿيندو.
    - سعيد ميمڻ


    تـنـهـنـجـي ڪـارڻ او پـريـن

    ڪالھ جيان او ڪامڻي، توسان ساڳيو نينهن
    رات به مون لئه ڏينهن، اوجـــاڳا اکين ۾

    اڄ بــه تـنـهـنـجـــي يـــاد، اک ڪـــئــي آلــي
    مڱــتـو تـنـهـنـجــي مــوھ جـــو، آهيــان ســوالي
    جھــولي هــي خـالي، اڃــــــا آهي او پـــرين

    اڄ بــه تـنـهـنـجــي ڪــاڻ، نـيـڻ جـھــڙالا هــن
    لڙڪ حوالا هن، تنهنجي يــادن جا پــرين

    ســاجــن تـنـهـنـجــو سـور، سـيـنـي ۾ نسـريـــو
    ڄاڻ پکي اڏريـــو، منهنجي هــن وجود جو

    آهي تنهنجي آرزو، سرتي صدين کان
    هيڪل وياڪل من کي، تنهنجي تانگھ اڃان
    تنهنجي تصور سان رڳو، ڪيئن ڀلا ڍاپان
    گـــــڏ هجون تـــون مــان، وسڪاري جي مند ۾

    سرتي تنهنجي سونهن جي، ڪانهي ڪائي ڪَٿ
    چمي تنهنجا هـٿ، ٻيئـي اکين تي رکـــان

    *

    تنهنجي مرڪڻ سان پرين، ٽڙي پيا هن گل
    خوشبو خوشبو هر ڳلي، شهر سڄي ۾ هُلَ
    او منهنجي مومــل، سڀ ڪجھ مُنڊي تـو ڇڏيو

    آءٌ نه ڪنهن سان ڀيٽيان، سانئڻ تنهنجي سونهن
    ملي مــن ورونـهن،تنهنجي ڳــالهين مان مٺي

    ڪالھ جيان او ڪامڻي، توسان ساڳيو چاھ
    تنهنجو چهرو جو ڏٺو، وسريو چوڏهينءَ ماھ
    توتي ئـي ويســاھ، جـــڳ سمورو جھوٽ آ

    تنهنجي ڪارڻ او پرين، هئين ۾ هلچل
    ڏوريان توکي ڏيھ ۾، اڃان پنڌ ڳپل
    اوسيئڙي ۾ هن ڀريا، نيڻن جا بادل
    مدت کان آهي مٺي، پياسو هي سائل
    هڪڙو پل ئي مل، لهندا ٿڪَ صدين جا


    تو پڄاڻان او پرين، منهنجو هيءُ وجود
    ڀانئيان ٿو ڄڻ ڪي هجي، پڃري منجھ قيود
    هـــاڻي آ بـي ســـود، جيئـــڻ هــن جهــان ۾

    تــوکـي ســانڍيــو آ پــريـــن، سـاهـن منجھ سـدا
    ساکي هڪ خـــدا، آهي پنهنجي پيـار جــو

    ڪيڏو سونهين ٿو سَکي، تنهنجي ڳل تي تر
    سئه سئه ڀيرا واريان، توتان پنهنجو سِرُ
    بڻجي تون ساحر، ويٺيمنڊين من کي


    تنهنجي ياد اندر ۾، ائين آ سرتي
    ڄڻ ڪا ميڻ بتي ، اونــــداهيءَ ۾ ٿي ٻري

    اونداهيءَ ۾ ٿي ٻري، ڄڻ ڪا ميڻ بتي
    سنهنجي سونهن رتـــي، جيون جرڪائي ڇڏيو

    منهنجو هيءُ وجود، ڄڻ ڏيئي جي وٽ
    لمحي لمحي گھَٽ، ٿئي ٿي منهنجي روشني


    تون ڄڻ ڪائي بوند، منهنجي دل سپيءَ جيان
    توڙي منجھ سمــونڊ، پوءِ به پيـــاسي ٿي رهي

    مان ٿر ٻاٻيهو، تون ٿر تي ڪڪريءَ جيان
    تو مــان جي نه پيئان، تــڙپي تڙپي مــان مــران

    اکين اڃ صدين جي، پل ۾ ڪيئن لهي
    سرتي ســـال رهي، ته اوجاڳن جو انت ٿي


    ڌرتـي مـنـهـنـجـي مــاءُ

    ايڏي ننڊ نه ڪر، اوڌرتيءَ جا پٽَ
    غيرن جــي هي گھٽ، مــــاري وجھندئي اوچـــتو

    ڌرتي منهنجي ماءُ، پاليا ڏک صدين کان
    سڄر سـور مٿـــان، هـــاڻ نه سهندي سنڌڙي

    ڏينهون ڏينهن اچن پيا، ڌوڪيندا لشڪر
    مدد خان جا ڦر، ٿا حق جتائن سنڌ تي


    مان ڌرتيءَ جو پٽ هان، ڌرتي منهنجي ماءُ
    آهي پيار اٿاھ، اوتيان ڪيئن سٽن ۾


    ڪاٿي آھ گلن ۾، جو مٽيءَ منجھ هڳاءُ
    ڳليءَ ڳليءَ ۾ تنهنجي، سنڌڙي عجب ساءُ
    پوءِ به گھرو گھــاءُ، پنهنجا ٿــا توکي ڏين

    چوڏس چپ چپات، ماڻهو گونگا ٿي ويا
    ڌرتي رُني رت ڦڙا، آهي سڄي رات
    قاتــل جي هٿ ڪــات، هيسيل چهرا هر طرف

    کهرا کاٻر آدمي، ڇوٿي لڳئي بڇان
    اندر ئي اندر ۾، ويٺو آءٌ لڇان
    ڪنهن کــان نيٺ پڇـان، رستو سونهن نگر جو


    سُــر ســامــونــڊي

    ( وڻجاري جي ونيءَ جون آهون)

    وڌا ٻــيـــــڙا ٻـــــار ۾، ســـاجـــن ســـويــلــي
    وڇــــوڙي جـــــو وقــت هــــو، پـڄـــاڻــان مـيـلـي
    قيـــامت ويـــلي، هڄـــي پيـــو هينئـــڙو

    ڍوليا تنهنجو مڪڙو، موٽيو ڪونه وري
    تــيــلا تــيــلا تـــڙ ٿـيــو، بچــي ڪــانه ذري
    پــيــو ڏيـــل ڏري، تـــو پـڄـاڻــان اوپــريـن

    تو پڄاڻان او پرين، منهنجو ڪهڙو حال
    ســرتـيـن ســاهيـڙيــن ۾، مــرڪــڻ آھ محــال
    هـــاڻي آءٌ وبـــال، ڀـانئيان پنهنجــــو جندڙو

    تو پڄاڻان او پرين، منهنجي جند جڏي
    نه ڪي ســاءُ سمــونــڊ ۾، نه ڪــي مــالَ مــڏي
    تنهنجي ساروڻين جي، جھوپي جيءَ اڏي
    ايندو چين تـــڏي، تــوسان جڏ ملندس پرين

    ســاري تــوکي او پرين، ســڏڪـــي پيــو ساھ
    ڏيـنـهــن قيــامت تــائين، اجـــرو رهـنـدو چـاھ
    هاڻ نه سُجھي راھ، گـــوندر مــاري آهيـان


    سـامـونـڊي طـوفـان جـا بـيـت

    ســامـونـــڊي طــوفــان سـان، جھري ويا جھوپا
    سونــا ۽ روپـــا، مــاڻهــو ڪــيئن مري ويا

    وڻـجــارن جــي مــاڳ تـــي، آئـــي قـيـامـت
    هـــــا ايــڏي آفت، اڳ نه ڏٺئــون ڪـــڏهين

    درديـلـيـون دانــهــون، وڻــجــارن ونـيـن جــون
    تڪنِ ٿيو راهـــون، سڄـڻ ايندا مان ڳري

    وڻجارن جي ونين جون، اکيون هن آليون
    ياد ڪري روئين ٿيون، ماضيءَ جون ڳالهيون
    رُتــــون جھــڙاليـون، جھــوري ويــن جيئــڙو

    هـئـي هـئـي ايــڏو انــڌ، سـاحل تي او سرتيون
    هـــاڻي ڏکيو پنــڌ، ٿي ويو هن حيات جو

    ســامــونـــڊيــن جـــا سـيـر ۾، ٻــڏي ويــا ٻـيـڙا
    لــڙهي پـهتــا لهرن مـــان، لاشــن جـــا مـيـڙا
    قهــر هــي ڪـهڙا، مهـاڻن ســــان ٿــيويـــا

    لـُــڙهــي آيـــا لاش، وڻـــجـــارن جـــا ويــر مــان
    ڳري وين مــــاس، سامونڊي پـاڻيءَ انـــــدر
    *

    ڪــيـــڏا قـهــر ڪــيـــا، طـــوفــانــي سـيـلاب
    غرق ٿيا غوراب، ســــامونڊين جا سير ۾

    ســامـونـڊيــن جــا سـيـر ۾، غــرق ٿــيا غوراب
    آيـــا ڪــيئن عــذاب، ملاحــن جي سِــرَ تي

    ســامـونــڊيــن جــي سِـــرَ تـي، آيا ڪيئن عذاب
    کُليا نـــوان بـــاب، درد جــي اتهــــاس جـــــا

    درد جـــي اتــهـــاس جـــا، کُليــا نـــوان بــــاب
    اهـــڙا اڳ ڏٺـــا نه ڪـنـهـن، ڀـيـانــڪ هـا خواب
    ڪــــومــايــا گلاب، مائــرن جي جھولين جا

    مـــائـــرن جـــي جھـــولـــيـــن جـا، ڪومايا گلاب
    طــوفــان ۽ سيلاب، ڪيئي لعل لَٽي ويــا

    ڪــيئي لعـــل لٽــي ويـــا ، طــوفـان ۽ سيـلاب
    اونـــــڌا ڪــــيا آب ، مــــلاحـــن جـا مڪـــڙا
    ______________________
     مئي 1999 ۾ بدين ۽ ٺٽي ضلعن ۾ سامونڊي طوفان سوين ماڻهن جون جانيون ورتيون هيون. مٿيان بيت انهيءَ حوالي سان لکيل آهن.


    زلــزلــي جــا بـيـت

    مــنـــظــر قيــامـت جـــو، ڏســن ٿـيــون اکــيـــون
    ڀـــاءُ جــدا ٿـيــو ڀـــاءُ کــان، ڀـيـڻـن کـان ڀيڻون
    اچـــو سڀ ميڙيون، ڳـوڙها نيڻن مان ڪريل

    ڪچــليل لاشـــا بـي ڪـــفــن، پـــڌري پٽ پـيــا
    ڪـــيڏا ڪيس ڪـيا، ڌرتيءَ جي ڌوڏي هُتي

    رشــــتـــــا نـــاتـــا رک ۾، ســـارا دٻــجـــي ويــا
    آهُـــن ۽ دانــهـــن ڪَــنـــان، سڏڪا رڪجي ويا
    ماڻهـــو گھٽجي ويـــا، ملبي هيٺان اوچتــو

    رات به اهـــڙي رات، جـنـهـن ۾ ســــور اَکـُــٽ
    ڪيئــن اچـــانڪ زلـــزلي، ساهـــن وڌي گــھٽ
    هــــــر پـــاســـي آ ٻٽ، هــر چهرو حيـران آ

    ٻالــڪ جـي اسڪــول ويــا، مـوٽيا ڪونه وري
    ٻــاتـــا ٻــــول چــپــن تـــان، ڪيـئـن ويـن اڏري
    ڪاپيون، قلم، ڪتاب سڀ، پل ۾ ويا وکري
    ڳـــوري ڇت ڪِري، مُکڙيون، گـــل چيڀاٽيا


    سڏڪـا سڏڪـا سـاھ ۾، ڪونهي ڪو پنهنجو
    ڀينر، ڀــائر، مـــاءُ، پـــيءُ، سڀ ڌرتيءَ ڳڙڪيو
    قيامت جو ڌڏڪــــو، پرزا پرزا ويو ڪري

    ڪــيــڏي بـــالاڪـــوٽ تــي، اچـــي وئـــي آفـــت
    گـھر گــھر ۾ ميت، دفن ٿي ويــو اوچتو

    ٻـــن پــهــاڙن وچ ۾، هـــــوءَ ســهــڻـــي وادي
    جتي هئي ڪالھ رات جو، ڄڃ ، ٻڪي، شادي
    هيءَ ڪـهڙي تعـــدي، صبح سويري ٿي ويـن

    ســادا ســودا ئي هـيــا ، ڪــشـمـيـريــن جــا گــھر
    ڌڏڪــــي ويــــا، جـيـئــن ئـــي،ڇُـلي پـــيــا ڇپر
    سـاڳــيا گـھـــر قبــر،بڻــجــي ويــن اوچتـــو

    زخـمــي زخـمــي روح آ، نــاهـــي غـــم ڪـــاٿو
    هاڻي ڪــو ڳــوڙهــو، نيڻــن ۾ نـــاهـي رهـيـو
    ___________
     مٿيان بيت 8 سيپٽمبر 2005 تي ڪشمير ۽ بالا ڪوٽ ۾ آيل قيامت خيز زلزلي جي پس منظر ۾ لکيل آهن. ان زلزلي هزارين معصوم ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو هو.


    سـچــوءَ وارو ســچ

    آهي ڪوئي راز الستي، سچوءَ وارو سچ
    ساڙي دوئي دل جي اندر، ٻار عشق جو مچ
    منصوريءَ جي موج ۾، ڪنڌ ڪپائڻ اچ
    ڳـڀا ٿـيـنـدئـي ڳـــــچ، آکيئي ”اناالحق“ جـي

    ڪيني ۽ ڪروڌ جي، ڪيرايو ديوار
    دل جي ڌرتيءَ تي رڳو، ڪري حڪومت پيار
    چــــاھ بنان بيڪـــار، جـڳ سمورو ڀانئيان

    اندر تون اجار، ڪوري ڪَٽُ قلوب جي
    لاھ لبادو لوڀ جو، ڪلفت ڀڃ ڪپار
    الفي پائج عشق جي، ”اناالحق“ اُچار
    دوئيءَ کي ڌڪار، وٺ سچوءَ جي واٽ تون


    وٺ سچوءَ جي واٽ تون، ڪستا سڀئي ڀڃ
    روشن راهون روح جون، سڌيون ورتيون وڃ
    ڳالھ سچـــل جي مڃ، ڳولي لهندين پاڻ کي

    مستيءَ ۾ سر مست ٿي، ٻوليو تو جو ٻول
    سچل تنهنجي شاعري، اکر اکر انمول
    ڪوڙ، ڪُپت، ڪيني کي، هنيئي هٿ ڪڙول
    ڀـــري ڏنئي جھــول، عــالم کي الفت جــا


    وائيون

    وائيءَ تي راءِ

    وائيڏکڻ سنڌ يعني ’لاڙ‘ جو هڪ مقامي ۽ نج سنڌي لفظ آهي ۽ لغت جي اعتبار سان معنى اٿس: آواز ۽ سر، ڀڻڪو، بيان، گفتو، زبان ۽ ڳالھ ٻولھ وغيره. ليڪن سنڌي شعر جي هيءَ قديم سريلي صنف جئين ته ڳائڻ مان ئي سرجي آهي، تنهن ڪري مولانا گرامي صاحب جو خيال آهي ته: ”وائيءَ جو تعلق ’واءِ واءِ‘ يعني آه و پڪار سان آهي.“ سنڌ جي هيءَ قديم صنف اسانجي مقامي ڳائڻ جي ئي فطري ارتقا جو ثمر آهي ۽ ڪنهن ٻاهرين دنيا مان اسان تي مڙهيل نه آهي.... سنڌ ۾ وائي جو وجود اڄ کان ٻه صديون اڳ شمار ٿئي ٿو.
    - پروفيسر محرم خان

    احسان دانش جون وائيون ان گھاٽي ڪڪر جيان آهن، جيڪو اونهاري جي جھولن دوران گرميءَ جي حدت ۾ ڪي پل آسيس ڏي ٿو. پر اها به حقيقت آهي ته وائين جي ڪن رس دوران اندر جي تاس گھٽجڻ بدران ويتر وڌي ٿي ۽ اسان اڃا به گھڻو ڪجھ پيئڻ جي آس رکون ٿا. ها ايترو به ضرور آهي ته سندس وائيون احساسن کي Rehydrate ڪن ٿيون.
    جيڪڏهن شاعر جي ذهن ۾ آس ۽ اميد جي ڪا هلڪي چڻنگ به دکي رهي آهي ته پوءِ اها ڪنهن وقت به دونهاٽجي ويل ساڀيائن کي ڀڙڪائي سگھي ٿي. احسان دانش جي وائين ۾ به اهڙيون انيڪ چڻنگون ڀڙڪي باھ ٿيڻ لاءِ آتيون آهن.
    سچ جي واٽ تي
    ٿي وڃان مان امر
    راھ آهي ڏکي
    جيڪڏهن اسان پنهنجي ڪنن مان ڪپھ ڪڍي، احسان جي وائين کي ٿورڙي به ٻڌڻ جي زحمت ڪندا سين ته سندس وائيون ڪلهن تي ٻنهي ٻانهن سان لٺ پڪڙي هلندڙ ڌنار جي سينڍ سمان لڳنديون، جن مان احساس جا ڪيترا ئي سُر فضا ۾ اڏامندا، اسان جي ڪنن ۾ نچڻ لڳندا :
    اجرا موتي موھ جا
    جلدي جھوليون ڀر
    او مٽيءَ جا آدمي.

    کلندي کلندي اوچتو
    اکڙيون ٿيندئي تر
    او مٽيءَ جا آدمي.

    ____
    - عادل عباسي


    او مٽيءَ جا آدمي

    آڪــڙ ائـين نه ڪــر‎
    او مٽيءَ جا آدمي

    ڪوھ اڏامين ٿو پيو
    ڌرتــــيءَ پـير ته ڌر
    او مٽيءَ جا آدمي

    اجرا موتي موھ جا
    جلدي جھوليون ڀر
    او مٽيءَ جا آدمي

    کلندي کلندي اوچتو
    اکڙيون ٿيــنـدئي تر
    او مٽيءَ جا آدمي


    ماضي ياد ڪري

    دل ۾ يادون رهجي وينديون
    ماضي ياد ڪري

    نظرون رستا ڀلجي وينديون
    ماضي ياد ڪري

    ڪوڙيون مرڪون کسجي وينديون
    ماضي ياد ڪري

    اکڙيون ٻيهر ڀرجي وينديون
    ماضي ياد ڪري

    ساريون خوشيون رڪجي وينديون
    ماضي ياد ڪري

    سوچوندانش رلجي وينديون
    ماضي ياد ڪري


    ڪيڏي آ خوشبو

    تنهنجن لفظن ۾
    ڪيڏي آ خوشبو

    ڪاوڙ ڇونه هجي
    تنهنجنجمـلن ۾
    ڪيڏي آ خوشبو

    توسان گڏ گھاريل
    سڀني لمحن ۾
    ڪيڏي آ خوشبو

    جاني جيون جي
    پيارن رنگن ۾
    ڪيڏي آ خوشبو

    ڏاهپ جي دانش
    سارن نڪتن ۾
    ڪيڏي آ خوشبو
    ڪيڏي آ خوشبو


    راھ آهي ڏکي

    ڪو نه آ همسفر
    راھ آهي ڏکي
    ڪو کپي راهبر
    راھ آهي ڏکي

    سج آهي تـــــکو
    ڪوبه ناهي ڪڪر
    راھ آهي ڏکي

    آهي مشڪل گھڻو
    زندگيءَ جو سفــر
    راھ آهي ڏکي

    ســـچ جي واٽ تي
    ٿي وڃان مان امـر
    راھ آهي ڏکي

    لڙڪ ناهن ڪريـا
    اک اڃان آهي تــر
    راھ آهي ڏکي


    گھارڻ مشڪل ٿي پيو

    هڪڙو هڪڙو پل
    گھارڻ مشڪل ٿي پيو

    ڪوئي ڪيئن بچي
    دنــــيـــا آ دلــــدل
    گھارڻ مشڪل ٿي پيو

    تو ۾ منهنجو ساھ
    ڍوليا هــاڻ ته مل
    گھارڻ مشڪل ٿي پيو

    ســـــاگـــــرُ مون آڏو
    پــوءِ به تاسـايــل
    گھارڻ مشڪل ٿي پيو

    ڪــوھ چيئي جاني
    دانش کي پاڳـــل

    گھارڻ مشڪل ٿي پيو


    جيون ٿورو آ

    پيــار ڪرڻ گھرجي
    جيون ٿورو آ
    سونهن پَسڻ گھرجي
    جيون ٿورو آ

    مـنـــزل مــاڻـــڻ لـئه
    پنڌ ڪــرڻ گھرجي
    جيون ٿورو آ

    پيــار جي ساگر ۾
    ٻـــڏڻ تـرڻ گھرجي
    جيون ٿورو آ

    نفرت کان نفرت
    يار ڪرڻ گھرجي
    جيون ٿورو آ

    خـــامــوشي ٽــوڙي
    ڪجھ ته ڪُڇڻ گھرجي
    جيون ٿورو آ

    روئندڙ جي ڳل تان
    لڙڪ اگھڻ گھرجي
    جيون ٿورو آ


    جيسين هوندي رات

    تيسين ٿيندي بات الو ميان
    جيسين هوندي رات

    درد انـدر ۾ رهجي ويندا
    جي ٿيندي پرڀات الوميان
    جيسين هوندي رات

    چانڊوڪيءَ ۾ لکندو رهندس
    مور نه کٽندي ڏات الو ميان
    جيسين هوندي رات

    بند نه ٿيندي وسندي رهندي
    سوچن جي برسات الو ميان
    جيساين هوندي رات

    توکان جانان پيار سندي پيو
    گھرندس مان خيرات الو ميان
    جيسين هوندي رات


    راند پيا کيڏن

    ڪــاغذ تي ڪـــرڻا
    منهنجن لفظــن سان
    راند پيا کيڏن

    چانڊوڪيءَ ۾ ناخدا
    ڇوهين لهـــــرن سان
    راند پيا کيڏن

    چترڪار سڀئي ڏسو
    ڪيئن نه رنگن سان
    راند پيا کيڏن

    ٻار گھٽيءَ جي موڙ تي
    مٽـــيءَ ذرڙن سان
    راند پيا کيڏن

    ماڻهو ڇو ماڻهن جي
    ويٺـــا جــذبــن سان
    راند پيا کيڏن

    ماڻهن تي جادو ڪري
    راڳـــي راڳــــن سان
    راند پيا کيڏن


    لوڪ ستل آ ننڊ ۾

    جـــاڳي پيــو جيئــڙو
    لوڪ ستل آ ننڊ ۾

    مونکي تنهنجو او پرين!
    آهــــــــي اوسـيـئــڙو
    لوڪ ستل آ ننڊ ۾

    شهر سڄو خــامــوش آ
    پــــــاءِ ڪـــوئي ليئڙو
    لوڪ ستل آ ننڊ ۾

    جھوپي اندر رات جــو
    ٻــــري ٿـــــــو ڏيـئـــڙو
    لوڪ ستل آ ننڊ ۾

    ويـٺـــو اُڻـي وسوسا
    مــــن جــــو تانيئئڙو
    لوڪ ستل آ ننڊ ۾

    ڀٽڪي ٿو بنواس ۾
    ڪيئن هو جـــوڳيئڙو
    لوڪ ستل آ ننڊ ۾


    لاٽ ڀڙڪي پئي

    مـــرڪ تنهنجي مٺي
    اڄ به جرڪـــي پئي
    لاٽ ڀڙڪي پئي

    منهنجي شيشي جي دل
    روز ٽڙڪـــــي پئي
    لاٽ ڀڙڪي پئي

    مان ته خاموش هان
    سوچ کڙڪي پئي
    لاٽ ڀڙڪي پئي

    زندگي زخم ڏئي
    لوڻ ٻُرڪــــي پئي
    لاٽ ڀڙڪي پئي

    ديپ جي روشـــني
    ڄڻ ته سڏڪــي پئي
    لاٽ ڀڙڪي پئي


    هائيڪا / ٽيڙو

    هائيڪي تي راءِ

    هائيڪـومتعلقسندس خالقن منجھان هڪ جاپاني شاعر باشو لکيو آهي ته ”جنهن هائيڪو مان موضوع جو ستر کان اسي سيڪڙو اظهار ٿئي، اهو سٺو آهي ۽ جيڪو هائيڪو پنجاھ کان سٺ سيڪڙو موضوع جو اظهار ڪري اهو چڱو آهي... ڪوبه موضوع اهڙو ناهي جيڪو هائيڪو لاءِ ٺهڪندڙ ناهي.... اهو جيڪو ٽن کان پنجن تائين هائيڪو پنهنجي زندگيءَ ۾ تخليق ڪري ٿو سو هائيڪو جو شاعر آهي ۽ اهو جيڪو ڏهن تائين پهچي ٿو، سو هائيڪو جو استاد آهي.
    هائيڪو جاپاني صنف آهي پر اها سنڌي ۾ ايترو ته کُپي وئي آهي جو، اڄ ڪلھ ڌاري ئي نه ٿي لڳي.
    - ڊاڪٽر تنوير عباسي


    احسان دانش نئين ٽهيءَ جي نمائنده شاعرن مان آهي. هن پنهنجي شاعريءَ جو سفر سندس ئي ٽهيءَ جي ٻن خوبصورت شاعرن سعيد ميمڻ ۽ جواد جعفريءَ سان گڏ شروع ڪيو. ٽنهي جو پنهنجو پنهنجو رنگ آهي، هڪ ٻي کان مختلف ۽ ساڳي وقت منفرد. احسان دانش هر صنف تي قابليت ۽ پختگيءَ سان لکي پنهنجي هم عصرن ۾ پنهنجي جاءَ جوڙي ورتي آهي. هن ٻين صنفن سان گڏ هائيڪو ۽ ٽيڙو جي صنف تي به لکيو آهي.
    عام طور هائيڪي ۽ ٽيڙو کي لکڻ آسان سمجھيو ويندو آهي ۽ هر نئون شاعر ان تي طبع آزمائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر هائيڪو ۽ ٽيڙو لکڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ نه آهي. هائيڪو اصل ۾ جاپاني شاعريءَ جي هڪ خوبصورت صنف آهي، جيڪا ظاهري طرح ته ٽن سٽن تي مشتمل ۽ لکڻ ۾ آسان لڳي ٿي پر منهنجي نظر ۾ جنهن شاعر کي هن صنف جو اصل پس منظر معلوم آهي ان لاءِ لکڻ ايترو آسان نه آهي، ڇو ته هائيڪو هڪ پل جو عڪس ۽ هڪ لمحي جو احساس آهي. هائيڪي / ٽيڙو جي ٽن سٽن ۾ زمان ۽ مڪان، حد ۽ لاحد جا سنڌا ۽ سيڙها ميٽڻ معولي ڳالھ ڪونهي. سادا احساس، سادن لفظن ۾ سادي انداز ۽ سادي هيئت ۾ لکڻ هن صنف جو ڪمال آهي. خاص ڪري اختصار ۽ اشاريت هن صنف جو حسن آهي. هڪ پل جي ڪهاڻي، هڪ لمحي جو درد، هڪ کن جو احساس ۽ جذبي کي لفظن جي لباس ۾ سمائڻ ئي ڪامياب هائيڪي ـــ ٽيڙو جي تخليقي جوهر کي ظاهر ڪري ٿو. احسان دانش جي هائيڪن جو اڀياس ان سموري پس منظر کي اکين آڏو آڻي بيهاري ٿو. هن وٽ فطرت نگاري، حقيقت نگاري، منظر نگاري ، عڪس نگاري ۽ جذبات نگاري هڪ ئي وقت نظر اچي ٿي ۽ معلوم ٿئي ٿو ته هن نه رڳو جاپاني هائيڪي جو حسن پسيو آهي پر کيس سنڌي ٽيڙوءَ جي اصل روح جي شناسائي پڻ آهي. هن جا هائيڪو ــ ٽيڙو سنڌي ادب جا حسين هائيڪو ۽ ٽيڙو آهن. هو هڪ ئي وقت ڪهاڻيءِ ۾ منظرن کي سمائي ٿو ۽ منظرن کي ڪهاڻي بڻائي ٿو.
    احسان دانش جا هائيڪو زمان استمراري جي تاڃي پيٽي ۾ جڙيل آهن ۽ وٽس موسمن جو حسن پڻ موجود آهي، ۽ اهو سڄو پس منظر سندس هائيڪن ۽ ٽيڙن ۾ تخليقي سونهن کي ظاهر ڪري ٿو.
    - تاج جويو


    مـنـظــرَ ۽ احـسـاسَ

    منــظــر هـــاڻ ســٺــو
    اوٿر آنديون ڪڪريون
    اجھــــو ميــنهــناٺـــو

    اونــــدھ انـــڌوڪـــار
    سارنگ سرمستيءَ ۾
    وســي پــيـــا ولــهـار

    جھڙ ڦڙ ميگھ ملهـار
    پٽن تي پيرون ڦٽا
    ۽ گلڦـل چـــوڌار

    چــــوڌاري مهـڪــار
    واٽون ڦلن ڇانئيون
    آتـــا ٻــانـهــن هــــــار

    تــنــهنــجي نــيــڻ نـهار
    دل جي پياسي ٿر تي
    ڄڻ ٿي بوند بهار

    ڪــارونــڀــار ڪــڪــر
    مسين سج ڪَني ڪڍي
    پــکيــن ســوئـيـا پــــر

    مرڪــن جــا مــوتي
    من جي اونداهيءَ ۾
    جرڪي پئي جوتي

    سامهون سج لهي پيو
    پاڻياريءَ جي چيلھ تي
    دلو ڇا ته ٺهي پيو

    اوچـــــــــــو آبــشــــــار
    اجري پاڻيءَ جي ڏسو
    ڪــيــڏي ســنــدر ڌار

    ڪــاٺين چُــلھ ٻــري
    نمــاڻيءَ جــي نيڻـن ۾
    آيــــا لــــــڙڪ تـــري

    ڪــيــڏي گھـري رات
    تـــڏن جـــو آواز بـــس
    چـــوڌاري آ ســانـت

    ڪــونـجـن جـي قـطار
    ڪــيــڏي ٿـي سونهين
    نـيـري اڀ تـي يــــار


    ساگر جون ڇوليون
    مــونکي ٻـڌائين ٿيون
    پــــريـت پـــرولــيـــون

    جــذبــن جــــو ســمنــڊ
    اٿلون کائيندو جــڏهـن
    چاھ جو کڙيو چنــڊ

    ڪــيــڏا پـــن ڇــڻن پيا
    سـرءُ جــي موســم کي
    ننگا وڻ وڻن پيا

    ڪــيــڏي ســرد هــــوا
    اڌ اگھــــاڙو آدمـــي
    پــاري ۾ پـيــــو آ

    مـهـــيــنــو جـــــــولاءِ
    پــٿــر ٿو پُرزا ڪــري
    مـــاڻهوپـيـٽ لاءِ

    سورن جي سانجھي
    رات رني پئي رتُ ڦڙا
    آهُن جي آنڌي



    هيل ملي شل ديد
    تو بن پيارا منهنجي
    عيـد به ڪهڙي عيد

    مـــــن مــنــدر ۾
    خـــــوابــن جــي تـــــون
    هــــــر منــظـر ۾

    دل جي ڌرتــيءَ تــي
    هـــر ڪـــوئي مـــاڻـهـو
    پيـــارَ سَــلـــو پوکـي

    ڪـــيـــڏو آ ســـنـــســــار
    ايڏو ئي جيڪـر هجي
    هـــــر سـيـني ۾ پـيــــار


    سچائيءَ جو ساز
    ٻاڙو ناهي ٻڌ تون
    اندر جو آواز


    ٿــر يــاتـــرا*

    اَڃــــا اُڃـــا پَٽَ
    بارش بيهڻ جي نه ڪر
    ٿــر جي پياس اَکٽ

    ول ول ۾ آ واس
    آهي ڪارونجھر ڏسو
    پاتــو سبز لباس

    گوردڙئي جو پنڌ
    خوابن جي واديءَ جو
    ڄڻ ڪــو آهــي رنـد

    سارڌڙئي منجھ تلاءُ
    ڌوئن پيا ديوانَ اُت
    ســــارا ڏوھ گنـاھ

    ڇاجا سنڌڙي انبَ
    ٿر واسين جو کاڄ هن
    ڏونـــرا، للــر، لُنــبَ

    ڪارونجھر جي ڪور
    ٿر جي نارين جي ڏسو
    مــورن جهڙي ٽـور


    گوڙيءَ جو مندر
    اجڙيل ۽ ويران آ
    جيئن منهنجــو انـدر

    ڀٽن تي ڀٽڪان
    ڀوڏيسر جي ڀونءِ تي
    ٿڪجي رات سمهان

    مندر گھنڊُ وَڳو
    مور ٽهوڪيو ڪاسبي
    بــــــادل اُتِ پــڳــــو

    پيرن ۾ آڪاس
    تارا ٽمڪن ٿا پيا
    گَــڊي ڀٽ جي پاس

    مٿي چوڏهينءَ چنڊ
    تارا هيٺ زمين تي
    ڪــيڏو گــڊيءَ منڊُ
    ____________
    * آگسٽ 2008 ۾ ٿر ياترا دوران ڪارونجھر جي ماڳن(گوردڙو، سارڌڙو، ڪاسبو) ۽ مٺيءَ ۾ چوڏهينءَ رات گڊي ڀٽ ڏسڻ کان پوءِ لکيل هائيڪا / ٽيڙو.


    سـنـڌ جـو ڪـيـڏارو*

    ســنڌ تــي اڄ وري
    ڏينــهــن آيــــا ڏکــيــا
    ڳــالھ ٿي آ ڳــري

    ســــنــڌ ۾ اڄ وري
    ظلـــم جــي آ ڏســو
    بــاھ چــوڏسٻري

    انــــدر چڪـــنا چُــور
    بــدامنيءَ جـــو زخــم آ
    بڻجي ويـــو ناسور

    هاءِ اڀاڳي رات
    گــولين ڪيڏا گھاوَ ڏنا
    سنـــڌ سڄي ســڪرات

    اڀ ڏارينـــدڙ دانهن
    هئي معصوم نياڻيءَ جي
    ظالم جي هٿ ٻانهن

    ڪــيڏو ڪيــس قهر
    ويريءَ جي آ وَرِ چڙهيو
    ويـچـاريءَ جــــو وَرُ


    اجــــڙيو ڪــوئي گھــر
    ڳڀــرو رنڱيــل رت ۾
    ڪنهن جو هوندو وَرُ

    اڄ وري آ ڏٺـــــو
    روڊ تــي ڦتـڪــنــدڙ
    ڪنهن ته ظالم ڪـُـٺـو

    ڪونهي ڪو احساس
    ماڻهو ويٺو ماڻهوءَ جو
    ڪيئن پَٽي ٿو ماسُ

    ڪــيسيتائين رهـــنـدو
    ڏاڍ سندو هي ڏونگر
    نيٺ ته آخر ڊهندو

    گھـــاءَ گھـــرا ٿــا لڳــن
    هر طــرف مـايـوسيون
    زرد چهرا ٿا لڳن
    ___________________
    * 89_ 1988 جي لساني جھيڙن ، بدامني ۽ ظلم ۽ زيادتيءَ جي حوالي سان ان وقت لکيل ٽيڙو. افسوس جو اهي اڄ جي حالتن سان به ٺهڪي ٿا اچن .


    مـنـهـنـجــوپـيــار

    چــاهــت ســـان ٽـمـٽـار
    منهنجي دل وانگر هجي
    هــي ســــاروسـنـســار

    هــــي ســـارو سـنـسـار
    رهندو ڪهڙي ڪم جو
    پـيـــار بـنـــان او يــــار

    پـــيـار بـــنـا او يـــــار
    جــيـــون ڀـــاسي ائيــن
    جئين اونداهي غـــار

    جيـئـن اونــــداهي غـــــار
    تــــوکـان ســـوا او پريــن
    جـيـــــون آ بيــڪــــار

    جـيــــون آ بـــيـــڪــار
    رسمــن جــي ڪيرائجي
    هـــــــا اوچــي ديـــــوار

    هــــــا اوچـــي ديـــوار
    جيسين هوندي جڳ ۾
    پـيـــار نه رهـنــدو پــيـــار
    *
    پـــيــار نه رهــنــدو پـــيــار
    ان ۾ جــي نـاهي مٺــي
    گل جهــڙي هٻڪــــار

    گــل جـهــڙي هٻڪــار
    سيني ۾ سانڍي رڳو
    پــيـــارا تنهنجي سـار

    پــيـــارا تـنـهـنـجــي سار
    انــدر ۾ اڻ تــڻ وِڌي
    مونسان مل هڪ وار

    مــونسان مــل هــڪ وار
    هيءَ حيــاتي ٿــورڙي
    ڪونه ڪجان انڪــار

    ڪــونه ڪــجــان انڪار
    سنــڌوءَ جــل وانگر مٺي
    پنهنجـــو پــوتــر پيــــار


    چوسٽا

    چوسٽن تي راءِ

    چوسٽوچئن سٽن تي مشتمل هڪ اهڙو مختصر نظم آهي، جيڪو پنهنجي ننڍڙي وجود ۾ وسيع معنى سمائي ڪنهن مسئلي يا موضوع جي مڪمل ترجماني ڪري ٿو. چوسٽي يا چار سٽي جو پراڻو نالو ’قطعو‘ آهي ۽ ڪنهن به غزل يا نظم جي ٽڪري کي قطعو چيو ويندو هو، پر هاڻي جديد دور جي تقاضائن موجب چوسٽو پنهنجي جدا حيثيت مڃائي هڪ علحده صنف جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. سنڌي ٻولي ۾ بهترين چوسٽا لکيا ويا آهن.
    -مقصود گل



    نوجوان شاعر احسان دانش چوسٽي تي ڀرپور نموني قلم آزمائي ڪئي آهي، ڪتاب جي ايندڙ صفحن تي اوهان کي سندس خوبصورت چَوسٽا پڙهڻ لاءِ ملندا.
    چئن سٽن جو ننڍڙو عشقيه ۽ رنگ برنگي نظم لکڻ ته سولو ڪم آهي پر چئن سٽن ۾ وڏو مقصد سمائي ڪو قومي مسئلو بيان ڪري واقعاتي ۽ انقلابي نظم لکي چوسٽو ٺاهڻ ڏکيو نه سهي پر محنت طلب ڪم ضرور آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي چوسٽي لکڻ ۾ قومي درد سان گڏ گھري سوچ ۽ دانشمنديءَ جو وڏو عمل دخل آهي. احسان دانش جي چوسٽن ۾ اها دانشمني ۽ مقصديت نظر اچي ٿي. احسان هي جيڪي چئن سٽن وارا ننڍڙا نظم لکيا آهن سي خوب آهن. مونکي اميد آهي ته اسان جو هي سدا بهار مرڪڻو، ملڻو کلڻو ۽ من ڇهڻو شاعر پنهنجي فني، فڪري ۽ شعري سفر کي جاري رکي سنڌ جيجان جي ادبي سونهن ۽ سڀيتا کي ائين ئي سدائين سندرتائون ۽ واسنائون ارپيندو رهندو.
    - مقصود گل


    چوسٽا

    هڪڙي معنى ۾ هزارين نظرون
    هڪ نظر جون هزار معنائون
    پيار اک ۾ هجي يا اکرن ۾
    ڪيئن سمجھون ۽ ڪيئن سمجھايون

    ===


    پيار جو ڪو سوال اوکو ڏي
    جان جو ئي کڻي تون جوکو ڏي
    مان ته مدت کان منتظر آهيان
    دل نه ٿي ڏئين ته ڪوئي دوکو ڏي

    ===


    ڏيھ کي ڏکَ جي اڏوهي ٿي چٽي
    جو اندر کولي ڏسو پورو آ
    درد نگري جي دکي ماڻهن کي
    پيار جيڏو به ڏجي ٿورو آ

    ===


    مان ته موهن شهر جو راڳي هان
    تون ڪٿي آهين منهنجي سمبارا!
    منهنجا سُر تال اڌورا تو بن
    تنهنجي ڇيرن تي ٿا جھومن تارا

    ===

    تير نظرن جا هڻي ويو ڪوئي
    منهنجي دل پل ۾ کڻي ويو ڪوئي
    مون ته سوچيو هو محبّت نه ڪبي
    نيٺ مونکي به وڻي ويــو ڪوئي

    ===


    رڻ ۾ جھنگل لڳنــدو آهي
    دانـــش پاڳــل لڳنــدو آهي
    جڏهن به دل خوش هوندي آهي
    خـــار به ڄــڻ گل لڳنــدو آهــي

    ===


    درد جا ساز ڪيئن ڇيڙي ويو
    دل جا ٽاڪــا وري اڊيــڙي ويو
    ڪوئي مئه نوش هيو هو شايد
    لــڙڪ اکڙين جـا سڀئي ميـڙي ويو

    ===


    هـــڪ آس نــراس نه ٿـــئي هــا
    جـي پيــار جي آس نه ٿــئــــي هــا
    ڀــل رنـگ هــجــي هــا دانـش
    پــر گــل ۾ واس نه ٿـئـي هــا

    ===

    سوچڻ تي مجبور ڪري ويندا آهن
    لوچڻ تي مجبور ڪري ويندا آهن
    جذبا اڻ جھل آهن پوءِ به ڇو پيارا
    روڪڻ تي مجبور ڪري ويندا آهن

    ===


    کوڙجي حق سچ جو جھنڊو کوڙجي
    چورجي چپڙن کي هاڻي چورجي
    پيار ۽ پاٻوھ واري ڀونءِ تي
    گھورجي جـنــد جــان پنهنجي گھورجي

    ===


    مـــوت کي مــات ڏئي ويـــو آهي
    ســونهــن ســوغـات ڏئي ويـــو آهي
    چـــاھ جــو ڏينهن کڻي ويـــو سـورج
    درد جـيرات ڏئي ويــو آهي

    ===


    سوچ خوشبو جي چمن ۾ ويڙهيل
    لفظ ڪاغذ جي ڪفن ۾ ويڙهيل
    روح تڙپي ٿو، دل لڇي ٿي پئي
    درد آ زخــمـي بــدن ۾ ويڙهـيل

    ===


    رتو رت پير جي ٿي ويا ته ڪهڙي ڳالھ آ ناصح
    ڪنڊاون پيچرن تي ٿو هلڻ لئه حوصلو گھرجي
    اسانجون منزلون اوکيون، اسان جو پنڌ سورج ڏي
    اجھو ڀڙڪيا سي شعلن ۾، ٻرڻ لئه عشق ٿــو گھرجي

    ===


    ويٺي ويٺي صديون ڀي گذري وينديون
    ٿوري همت، حرڪت گھرجي جيون ۾
    قدم قدم تي پوءِ اوهانجي منزل آ
    بي باڪي ۽ جرئتگھرجي جيون ۾

    ===


    اڃا سجاڳ نه ٿيندين ته پيسجي ويندين
    اگھور ننڊ صدين جي ڦٽاءِ تون هاڻي
    اڃا به وقت تي ويساھ ٿو ڪرين پيارا
    اجـــائي خـــام خيالي مِــٽاءِ تـــون هاڻي

    ===


    اداسين جا پلئه ڇڏ، تون مسڪراءِ کڻي
    جئين اميد جا جگنو به جرڪندا ئي رهن
    نهار وقت جي نيڻن ۾، لڙڪ روڪ پرين
    ته جيئـن درد بيــابـان ۾ ڀٽڪــنـــدا ئي رهـن

    ===


    مِٽائڻ جي ڪوشش ڀلي ڪر تون مورک
    سندم نانءُ تاريخ لکندي ئي رهندي
    گلابن جي خوشبو گھُٽي ڪونه سگھندين
    هــــوائن ۾ سرهــاڻ اڏنــدي ئي رهندي

    ===


    محبتن جي جڳھ نفرتون ڪٿان آيون!
    قربتون ڪاڏي ويون وحشتون ڪٿان آيون!
    خوشين جا ڏينهن ويا موڪلائي ڇو آخر؟
    رڳو غمن سان ڀريل ساعتون ڪٿان آيون!

    ===


    ڪنڌ ڪوري ٿو سِرَ ڏيڻ بدران
    دورِ حاضر جو راءِ سياڻو آ
    ظلم جي تند سرندي کان تکي
    تنهنجو ٻيجل فضول ماڻو آ

    ===


    ويو اڏامي آ گــّـل گــّـل مان واس
    آ دلـيـن مــان مــري ويـــو احسـاس
    مــاڻپي جــــو کڄــــي ويــــو ميت
    درد جي ديس جو لِکو اتهاس


    ماڻهپي جو ڪال ٿيندو ٿو وڃي
    ۽ دلين ۾ خال ٿيندو ٿو وڃي
    نفرتن جا ڳاٽ اوچا ٿا ٿين
    پـيار ڇــــو پامــال ٿيندو ٿو وڃي

    ===



    تــنــهـــجـــــي اک ميــــري
    مـــــــن ۾ ٿـــئــي ڪــيري
    ڌرتــــيءَ جــــــا دشـــمن!
    ڄـــــــاڻ پـُـــڳـــئي پــــــيـــري

    ===


    ظلم سان ڏار ڏار ٿي ڌرتي
    سِنـــڌُ جو سَنـــڌُ سَنـــڌُ چُڻڪي ٿو
    زخم گھرا اڃا ڀريا ناهن
    پـو به ويري ڏسو ته ڀڻڪي ٿو

    ===


    رتُ جو ريج نه ڏي ڌرتيءَ کي
    قربَ جي ٻج جي ضرورت آ
    ظلم جي رات انڌياري نه کپي
    امن جي سج جي ضرورت


    ست رنگيون

    ست رنگين تي راءِ

    ست رنگي هڪ نئين شعري صنف آهي. جنهن کي منهنجي ناقص ذهن جنميو آهي. هي صنف پنهنجي نالي وانگر انڊلٺ جهڙن ستن رنگن تي مشتمل آهي. هن جي ستن رنگن مان مراد ست موضوع آهن. يعني هر سٽ ۾ الڳ موضوع ، احساس يا منظر پنهنجي مڪمل معنى ۽ مفهوم سان شامل آهي. ۽ ڪنهن به سٽ جو ٻي سٽ سان موضوعي لحاظ کان براه راست ڪو تعلق نه آهي، البته سموريون سٽون هم قافيه ۽ هم وزن آهن..هيءَ نئين صنف مجموعي طور هر شاعر ۽ خاص طور غزل لکندڙ شاعرن کي ضرور قبول پوندي. هن صنف کي هٿي وٺائبي ته سنڌيءَ ۾ هڪ نئين صنف جو اضافو ٿيندو.
    - احسان دانش


    احسان دانش جو شمار سندس ٽهيءَ جي نمائنده شاعرن ۾ ٿئي ٿو، هن نه فقط جديد ۽ روايتي صنفن ۾ پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ جي سهائيءَ سان، ادب جي افق تي رنگ برنگي تارن جهڙا ٻول وکيري، پنهنجو ڌار مقام جوڙيو آهي، بلڪه ”ست رنگي“ نالي نئين صنف سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرائي هڪ ”نواڻ پيدا ڪندڙ شاعر“ هجڻ جو اعزاز به ماڻيو آهي. مونکي اها پڪ آهي ته هن اها صنف اهو اعزاز ماڻڻ جي شوق ۾ هرگز ڪانهي متعارف ڪرائي، پر جيئن هر شاعر تي هر هڪ سٽَ پنهنجي اظهار جو ٺهيل ٺڪيل ويس اوڍي لهندي آهي، تئين ئي دانش جي فڪر جي اڱڻ تي هيءَ صنف پنهنجي جداگانه انداز سان ڪنهن سرمئي شام ۾ چوري چوري دٻيل قدمن سان پنهنجا پر پکيڙي اچي لٿي هوندي، جنهن جو ادراڪ خود شاعر کي به پني جي سيني تي ستن ئي سٽن جي مڪمل طور درج ٿي وڃڻ کان پوءِ ٿيو هوندو. ڇاڪاڻ ته احسان دانش جون ست رنگيون پڙهندي، ڪٿي به شعوري ڪوشش جو رنگ ۽ انگ نظر نه ٿو اچي ۽ هن صنف جي بيساختگي، ان جو پاڻ مرادو ارتقا جو بيان ڏئي ٿي.
    احسان دانش جي تخليق ڪيل هن سهڻي صنف ۾ ستن سٽن ۾ ساڳي قافيي جي پابندي هوندي، هر سٽ ۾ موضوع جي لحاظ کان الڳ الڳ اظهار فقط ڏکيو ئي نه بلڪه شاعريءَ جي ”مڪتبه عشق“ (جنهن کي ٻين لفظن ۾ ’مڪتبه سخن‘ چئجي) جي گوسڙو شاگردن لاءِ هڪ سخت سزا وانگر به آهي، جنهن کان يقينا کوڙ سارا شاگرد لنوائڻ ۽ ڀڄڻ جي ڪوشش به ڪندا ۽ کوڙ شاگرد شايد احسان جي آندل نواڻ کي قبول به نه ڪن. پر احسان دانش کي آءٌ مبارڪون ڏيندي اهو واضح طور چوڻ چاهيندس ته کيس يا سندس تخليق ڪيل هن سهڻي صنف ”ست رنگي“ کي ڪنهن به روايتي نقاد پاران قبوليت واري سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ ته ”ست رنگي“ جي انفراديت ۽ اسلوب جو حسن خود سندس سرٽيفڪيٽ آهي.مونکي پڪ آهي ته سنڌي ادب جو هر غير جانبدار نقاد هن صنف جو دل سان آڌر ڀاءُ ڪندو.
    - ياسر قاضي


    ست رنگيون

    مان نه ڄاڻان ته سَکي ڇو آ رُٺي

    سنڌ ڄاوا نه سنڌ کي ڏي پُٺي

    وڏڦڙي سان وري برسات اُٺي

    بي سُري راڳ کان آ سينڍ سُٺي

    نارِ پنهنجن جي هٿان آهي ڪـُٺي

    زندگي زهر هجي پو به مِٺي

    طنز جي ڇيت لڳي ڪنهن نه ڏِٺي

    ===

    منهنجا جذبا جوان ۽ اڻ جھل

    آ امن جو پکي اڃا گھايل

    سونهن جي سُرت نه توکي پاڳل

    ڪيترو اڄ اداس آ ساحل

    قيمتي زندگي جو هڪ هڪ پل

    نازنينن جي نظر آ قاتل

    بس دعائن ۾ هجان مان شامل

    ===


    تنهنجي يادن جو وريو آهي واءُ

    سير آ سڀ ڪو هتي ڪو به نه پاءُ

    سجَ لهندڙ اڳيان تري پئي ناءُ

    آ ڏکيو دوستيءَ ۾ يار نڀاءُ

    ڪير ڌرتيءَ جو ڀريندو هي گھاءُ

    جونِ جي سجَ ۾ آ ڪيڏو تاءُ

    ڪيئن ڪَپي ٿو پيو ڳلو، ڀاءُ جو ڀاءُ


    ===

    امن جي آڙ ۾ ايڏي وحشت!

    بي رخي ايڏي، چوين ٿو چاهت!

    تون آن ڪاهل ته ڇا ڪندي قدرت

    سنڌ واسي اڃان منجھل ٿئي مت!

    ماڻهپو ڪاڏي ويو ڪاڏي قربت؟

    ڇا ڪندين ميڙي ايتري دولت

    ڀيڻ جو ڪنڌ ڪپيئي، هي غيرت؟!


    ===


    آسمان تي ڪيئي ستارا هن

    ناوَ هڪڙي آ ٻه ڪنارا هن

    ذري ذري ۾ سئه اشارا هن

    ڪيئي دنيا ۾ بي سهارا هن

    هاءِ درياھ ڀي اڃارا هن

    درد جا جيءَ منجھ جارا هن

    سنڌ جا ڪَکَ پَنَ به پيارا هن


    ===

    ڪيڏو جھڙ ڦڙ ميگھ ملهار

    گوريءَ کوليا ڀنڀا وار

    تِتِليون گلڙن جي چوڌار

    ڇوهي آ سنڌوءَ جي ڌار

    آڳر تي کيڏن ٿا ٻار

    چونڪ چونڪ تي رت جي لار

    پوڙهو پيءُ، اکين مان نار


    ===


    ڪيڏي اڄ خوشگوار آ موسم

    حق چئبو ڀلي چيري ڪو چم

    گند جي ڍير تي ابنِ آدم

    منهنجي اندر ۾ وڇوڙي جو غم

    ڇو ٿو اڇلائين پيو ائٽم بم

    ڪو ته ڇيڙي ٿو سريلا سرگم

    هو بکيو ٻار سندس نيڻ به نم


    ===

    چاھ کپي خيرات نه گھرجي

    سنڌوءَ کي سڪرات نه گھرجي

    ڏنڀ نه ڏي جا ڏات، نه گھرجي

    جيت گھران ٿو مات نه گھرجي

    مفلس جي ڪنڌِ ڪات نه گھرجي

    واريءَ جو محلات نه گھرجي

    هوش هجي جذبات نه گھرجي


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515324
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205431
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ