ڪتاب جو نالو: ڌِيمي وَهِڪَ درياهه جي
مصنف: مشتاق سعيد
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 15 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 960 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 222 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڌِيمي وَهِڪ درياء جي سنڌ جي خوبصورت شاعر مشتاق سعيد جي شاعريءَ تي مشتمل آهي
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • پنهنجي پاران
  • مُهاڳ
  • شاعر پاران:
  • دامنِ صحرا ۾ ٽڙيل ڪنول...!
  • نظم/ نثري نظم

  • واچوڙا ڙي
  • موت ڀي ڊڄي ٿو
  • باک ڪا هِت آڻبي
  • طوطن جو غم
  • انتظارِي
  • ٻوليون ڪيئي ڇوليءَ وانگي
  • ڳڀي جي ڳولا...!
  • ڇا هِي سڀ ڪجهه مِٽي آهي؟
  • اي موت...!
  • چنڊ پرولي...!
  • اي قافلا ٿورو رُڪو...!
  • جُوءَ ۾ جهانجهر وڳي...!
  • ايندين آخر ڪيئن ڪِٿان...!
  • رَتَ جي ميندي
  • ٻي جنت ڪهڙي...؟
  • مُراقبو ۽ مسجد
  • ڳاڙهن ڳڀُرن جي ڌرتي
  • گهوڙا ڙي او گهوڙا ڙي
  • تيسين توکي ننڊ اچي وئي...!
  • آس کي ڪا اک ناهي
  • نئون مسيحا
  • بغاوت
  • فتويٰ ٿو ڏيان ڦاسي ڏيوس
  • پِرهه کان پهرين
  • هو جو منهنجو گيت مَري ويو
  • آدم جو اولاد
  • بقا ۽ فَنا
  • غربت جو گيت
  • لاهياري او لاهياري
  • ڇا ڏات اجهامي ويندي آ؟
  • مونکي ڇو نه سڃاڻين ٿو
  • سِبيل چپن جو سڏ
  • ڪڏهن ايندينءَ؟
  • سچ جو آواز
  • مُجري کانپوءِ
  • ماريل ڪونج جو مرثيو
  • چڙهندڙ سج جا پوڄاري - 1
  • چڙهندڙ سج جا پوڄاري - 2
  • پير گَهٽا جي گهورن جا
  • چنڊ کان تنهنجا ڏَسَ پڇان ٿو
  • محفل ۾
  • هوءَ مهاڻي ساماڻي جا
  • ضمير مونکي چوي ٿو شاعر
  • سِڪ جو سنگيت
  • خدا جي ڳولا....
  • گُناهه ...
  • محبتن جي اڻاس
  • شعور ۽ فطرت
  • چنڊ
  • منهنجو بابا نيٺ هليو ويو
  • ماريو ڇو ويس...؟
  • آزاديءَ جي موسم
  • غـــزل

  • ارتقا جا رخ موڙي، ڪين ڪوئي آ سگھيو،
  • حُسن ٿو ڄاڻي حجاب ڇاهي، ڪوي ٿو ڄاڻي ڪتاب ڇاهي،
  • غلامي رڳن جو وئي خون بنجي، اسان سرڪشي ڄڻ سمهاري ڇڏي آ،
  • او آزاديءَ جا متوالا، ڇا آزادي آ پنندي ملندي ؟
  • هن وياڪل وياڪل ڪينجھر تي، ڪوئي نه تماچي آيو آ،
  • رات آڌي ڀِني، ماڪ جا مينهڙا،
  • مندر جا هِنِ ديپ اجھاڻا،
  • ڪوڪ ڪيسين ته ڪن، ڪوئلون رات ۾،
  • ڪورا ڪورا گيت ڪويءَ جا، بک جي باھ ڪيئن وسائن،
  • ڦِٽي ننڊ منهنجي، اُٿي شاعري آ،
  • موت کي تون ڇڏ قبولي، زندگيءَ کي ڇا ڪندين،
  • زندگيءَ جي آ پڇاڙي چيلهه منهنجي وئي جھڪي آ،
  • ڪو ڏيئو مون وٽ آهي ائين لڳي ٿي شاعري،
  • کوڙ پاتم قربتون مان الوداع ٿو اڄ چوان،
  • سرنهن جي گلن ۾، جُھلي ٿي جواني،
  • -تو جو مرڪي نيڻ کنيا هن،
  • وايــون

  • ڪُنَ ڪناري گيت نه ڳائي،
  • تڙ تي ڪپڙا ڌوئي ويٺي،
  • مٽيءَ ۾ دفناءِ،
  • مونکان منهنجو گيت،
  • دل جو مندر ويرانيون آ،
  • پنن جي پانڌ تي، لفظن جا لڙڪ،
  • هُر کُر آ منجهه هانءُ،
  • توکان وڇڙي رات،
  • مونکان منهنجي ڏات،
  • عشق جي آڙاهه ۾،
  • لاڙي ڏي اُڀَ لام،
  • وار نه پنهنجا ڇوڙ،
  • چئو سٽاء

  • چئو سٽا

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ٻاويهون ڪتاب ڌِيمي وَهِڪ درياء جي اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر مشتاق سعيد جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.

    اسين ٿورائتا آهيون سجاول جي سهڻي دوست سارنگ حبيب چانڊيو صاحب جا جنهن نه فقط هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني. هي ڪتاب سچائي اشاعتي گهر دڙو پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپنا

    ڀُونءِ آدم تي اک کو لڻ کانپو ءِ
    شعو ري امرت سان سرشار ڪرڻ ۾
    منهنجي جنم جو موجد منهنجو
    باباسائين “محمد الياس”
    جنهن مونکي علمي ٻاجھه سان نوازڻ لاءِ
    پنهنجو رت ست نچو يو
    ۽ پياري امڙ “نـوران”
    جنهن پنهنجي ڪُک مان جنم ڏئي
    راتين جو ن ننڊ ون ڦٽا ئي مونکي تاتيو
    ھي ادبي پورھيو انهن ٻنهي
    ابي ۽ امڙ جي نالي ارپيان ٿو
    جي منهنجا تخليقڪار آھن ... !


    پنهنجي پاران

    مشتاق سعيد لاڙ جي اُن مٽيءَ مان جنم ورتو آهي، جنهن مان سنڌ ڪيترا ئي اهم ۽ سڄاڻ شخص جنم وٺي چُڪا آهن، جن هر ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي.
    ۽ هاڻ وري مشتاق سعيد، پنهنجي هن پهرينءَ شعري ڳٽڪي ذريعي ان خطي کي هڪ نئين سڃاڻپ ۽ نئون انداز ڏيئي رهيو آهي.
    مشتاق هڪ پورهيت نوجوان آهي، جنهن پورهيت ڪلاس مان ئي جنم ورتو آهي، تنهن ڪري سندس شعر ۾ انهن سڀني پيڙائن جا پاڇا آهن، جيڪي هڪ پورهيت ڪلاس جي فرد ۾ هوندا آهن.
    سچائي اشاعت گهر سدائين، نئين ٽهيءَ جي ليکڪن کي اڳتي آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ پنهنجي وس آهر سنڌي ادب جي عمارت ۾ وقت به وقت پي واڌارو ڪيو آهي، ايئن مشتاق سعيد هڪ نئون واڌارو آهي، مشتاق سعيد جو هيءُ پهريون شعري مجموعو اميد ته پڙهيو ۽ پڙهايو ويندو.

    يوسف سنڌي


    مُهاڳ

    تندرُست تشبيهه جهڙو شاعر

    هوائن جي هٿن مان ڪري پيل خوشبوءَ جي خواب کي ڪوبه کڻڻ لاءِ تيار ئي ناهي.
    ماڻهو بي عقليءَ جي بار سان ايترو ته ڀرجي چُڪا آهن جو، مُحبتن جو معيار ئي ماري ويٺا آهن، سوچون دُٻي ۾ ٻيٺل پاڻيءَ جئيان ڏينهون ڏينهن گدليون ٿي رهيون آهين، ڪا به سچائي سمنڊ جي سيني جئيان اُٿي اُڀي ٿيئڻ لاءِ تيار ئي ناهي.
    پر ڪڏهن ڪڏهن من جي ماٺار مان هڪ گُمان نئين سو گونچ ڪڍڻ لڳندو آهي ۽ ويساهه جي ويڙهيل ورقن کي ورجاءُ جو وطن بڻائي سڦلتا جو سڏ بڻجي شعور جي شهر ۾ گهنڊ جئيان گونجڻ لڳندو آهي.
    اهڙي ئي شاعريءَ جي شعوري گهنڊ جو آواز منهنجي احساسن جي دُنيا ۾ ايئن داخل ٿي پيو آهي، جيئن ٺريل جسم ۾ ٻيهر ساهه جي سلسلي جو سفر شروع ٿي پوندو آهي.
    مشتاق سعيد هڪ باصلاحيت انسان ته آهي، اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي رهي، پر پاڻ ان کان وڌيڪ هڪ باصلاحيت شاعر ۽ نثر نويس آهي، سندس خيالن جي اُڏار چڪور جي چريائيءَ کان به اڳتي اُڏرندي نظر آئي آهي، هن جي شاعريءَ جي سٽ سٽ ۾ سچ جو سقراط وهه جون وٽيون پيئندي نظر اچي رهيو آهي سندس شاعري ۾ ڪافي اهڙا خيال آهن، جيڪي خُدا سان همڪلاميءَ جو حُسن رکن ٿا، ۽ انسانيت جي اهميت کي مذهبن جي ماپي کان مٿاهون ٿا سمجهن، اهڙن احساسن جي امير شاعر کي آخر ڪهڙن وضوع ٿيل لفظن جا ورق اوڍائجن.
    سندس شاعري دودي سومري جي تلوار جي تجلن کان وٺي ڀٽائيءَ جي ڀر ۾ ويٺل تمر فقير جي تبصرن تائين جاڳيل نظر آئي آهي، ته ڪٿ وري
    جوانيءَ ۾ مري ويل کيتو ڪولهڻ جي قصي جو مرثيو بڻجي درد جي ديوار سان ٽڪرائي آهي، سچ پڇو ته هن ڪتاب جي شاعريءَ جو هر موضوع هڪ ڊگهي تبصري جي تاريخ لڳي رهيو آهي، جنهن تي ڀرپور ڳالهائڻ لاءِ يقينن ته وقت پنهنجون اکيون پاڻ ڳهر مان ٻاهر ڪڍڻ ڳالهائڻ لاءِ وڏا ڳاٽ کڻندو، هي حق جي آواز جو الستي شاعر اونداهين ۾ چنڊ اُڀارڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ۽ باک جي ڀنل بدن ۾ تازن ٽڙيل گُلن جي مهڪ ۾ سمائجڻ جون صدائون ڏئي رهيو آهي، ته جيئن پوپٽن جا پنڌ مرڻ جي موسمن کان بچايا وڃن، ۽ روح جي زمين تي هڪ اهڙي مُحبت جو ٻج ڇٽيو وڃي، جنهن مٿان نفرتن جي ڀيل جو اثر ئي نه پوي، اهڙي ئي پيغام جو پنڌ هن ڪتاب جي هر ڪوتا ۾ ڪوسن احساسن جي اکين سان اُڀريل آهي، جنهن جي جمال جي هر جاڳ ۾ نديءَ جهڙي رواني آهي، ۽ بانسريءَ جي بُت مان نڪتل سُرن جي سرور جهڙو رڌم، جنهن کي ٻُڌڻ لاءِ ٻيجل به سُرندن جا ساهه جهڪا ڪري ڇڏيندا آهن، وقت جي بي ترتيبيءَ جي ڀاڪُرن مان نڪري مڪمل ٿيئڻ جي آرزو سان اڳتي وڌڻ لڳندو آهي، ۽ ڪئين اڻ ڳڻيا احساس پنهنجو پاڻ مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ اُڇلون کائڻ لڳندا آهن، خيالن جي وادين جا وهڪرا جڏهن به ڀرپوريت سان وهڻ لڳندا آهن ته هر رُڪاوٽ رولڙي جو شڪار ٿي ويندي آهي، ۽ منزلون مُحبوب جي مرڪ جئيان مهڪندي نظر اينديون آهن، جنهن جي خوشيءَ جو تصور آسمان جي اوچائي کان به وڌيڪ محسوس ٿيندو آهي، ائين ئي مونکي هن ڪتاب “ڌيمي وهڪ درياهه جي” کي پڙهندي خود پنهنجي سوچ ۾ ئي ڪافي نوان شعور جا رستا وشاليت جي وِک سان وڌندي محسوس ٿيا آهن، جڏهن ته هن ڪتاب جي نالي کي پڙهڻ سان ذهن سُستي جي خيال ڏي ته وڃي ٿو پر اندر پڙهڻ سان اکر اکر جي اک ۾ عجيب ۽ اونها اسرار سمايل ٿا ملن، هن ڪويءَ جو هي ڪمالياتي پورهيو هن سماج جي دٻيل ذهنن لاءِ هڪ اُملهه اثاثو آهي، جنهن کي پڙهڻ ۽ محسوس ڪرڻ سان ماڻهو غفلت جي غارن مان ٻاهر نڪري ٿو اچي ۽ پنهنجي سُڃاڻپ لاءِ هڪ نئون سوال پنهنجو پاڻ ۾ ئي کڻي ڀٽڪڻ ٿو لڳي، جنهن جي پُڇاءَ جا پر ٿڪاوٽ جي اُس ۾ هڪ پل به اُداس ٿي ويهڻ پسند ئي نٿا ڪن، هن ڪتاب “ڌيمي وِهڪ درياهه جي” ۾ هر دؤر جي پيڙاءُ سان گڏ ٽُٽل شيشن مٿان اُڇلايل اُميدن جي آهن جو اهڙو ته اثر سمايل آهي، جنهن کي محسوس ڪرڻ سان من جو سڄو سڪون اکين جي آلاڻ ڏي ڌڪجي ٿو وڃي، ۽ ساهه سُڏڪن جي صليب تي لٽڪي تڙپ جي تيرن سان گهائجڻ ٿو لڳي ته ڪٿ وري ڪلا جي ڪُن مان ٻاهر نڪتل لُڙاٽيل لهرن سان گڏجي ڪنڌيءَ تي ويٺل مُهاڻيءَ جي جوان رُتن جهڙا رنگ ڇلرجي ڇٽ سان وجود کي ئي واسيو ٿا ڇڏين، جنهن تي دل به دنبورو بڻجي ڌڙڪڻ ٿي لڳي، سچ پُڇو ته آئون هن ڪتاب سان اڃان به لکڻ ۾ انصاف ناهيان ڪري سگهيو، پر ايترو ضرور محسوس ڪري سگهيو آهيان ته هن هلندڙ سنڌي ادب جي سُٺن ۽ شعوري ذهنن کي لازمي پاڻ ڏانهن متوجه ڪندو ۽ پنهنجي حصي جي مُحبت مان ۽ مُرڪن سان ماڻيندو، ڇو ته ’مشتاق سعيد‘ جي شاعري ڪنهن به سرحد اڳيان سِر جُهڪائي ساهه ٽوڙڻ جي ڳالهه ئي نٿي ڪري، پر ويتر سوچ جي هر وِک کي آزاديءَ جا گُنگهرو پارائي اڳتي وڌڻ جا مضبوط اعلان ڪيا اٿس، ۽ اُميد آهي ته هي تندرست تشبيهه جهڙو شاعر پنهنجي مقصد ۾ ضرور ڪامياب ويندو.

    اياز امر شيخ
    2012-4-12


    شاعر پاران:

    اُڻ تُڻ منهنجي اندر جي...!

    ڪُنيءَ جو ڍڪ لهي چڪو هو، ماڻهن جا انبوهه هئا، قطار ۾ بيهندي بيهندي سانجهه لڙي چُڪي هئي، پر اڃا تائين مونکي اهو مڌ پيئڻ جو وارو نه مليو هو، خالي پيالي کڻي قطار ۾ بيٺو هوس، همت نه هاري هئم، هڪ نه کٽندڙ انتظار پيڙاءُ ڏئي رهيو هو، پر اڃا به آس نه مُرجهائي هئي.
    ڪجهه سئو سال اڳ جيڪا ڪُني ڀٽائيءَ چاڙهي هئي، ان ۾ ڀريل مڌ مَتل هو ۽ جڏهن درازن جي ڌرتيءَ تي لال لطيف اهي اکر اچاريا ته “اسان جيڪا ڪُني چاڙهي آهي ان جو ڍڪ سچل لاهيندو.” تڏهن تاريخ جي شفق تي لالاڻ تري آئي هئي، ڪوهن تائين پنڌ ويندڙ پيادل مسافر درازن جي در تي ويهي رهيا هئا ۽ اکين ۾ اڻ تڻ جاڳي پين ته ڪڏهن ٿو ڪُني جو ڍَڪِ لهي ۽ ان ڪُنيءَ ۾ ڀريل مڌ مان ڪَا سُرڪي پي خشڪ چپن تي نکار آڻين. زمانن جي دز اڏامندي رهي ۽ سج اڀري لهندا ويا، نيٺ سچل ان ڪُنيءَ جو ڍڪ لاٿو جوڳين جا ميڙ هئا، سنڌ مهڪي پئي هئي، دودي سومري ۽ هوشو شيديءَ جي ڌرتي تي ان مڌ جي خوشبوءَ واسو ڪري ڇڏيو هو، ڀٽ جو ڌڻي لاکيڻو لطيف ان ڪُنيءَ مان مڌ ڀريندو ڏيندو ويو ۽ ڪاپڙين جاميڙ، پيالن جا ٽڙڪاٽ، جيئن سانجهه ويلي سَرَ جي ڀرسان ڍنڍ تي اڇا هنج تڙڳي رهيا هجن. مون قطار مان ڪنڌ ڪڍي نگاهه ڪئي، ڀٽائي مڌ ڀري رهيو هو ۽ ڪنچير ڪاپڙي پيالا پيئندا پنهنجي واٽ وٺندا رَمندا رهيا. مون ڀٽائيءَ جي ڀَر ۾ سچل سائينءَ کي ڏٺو جيڪو ڪُنيءَ جو ڍڪ لاهڻ کانپوءِ وجد ۾ اچي جهومي رهيو هو، مون پيهه ۾ اهو نه ڏنو ته هيستائين ڪنهن ڪنهن کي ان ڪُنيءَ جو مڌ مليو هو ۽ ڪنهن ڪنهن کي هاڻي ملڻو هو. چتائي ڏٺم مونکي ڀٽائيءَ جي ڀر ۾ ڪيترائي ڪاپڙي نظر آيا، جيڪي مونکي منهنجي سپنن جي ساڃاهه ڏيندڙ هئا. مون امر جليل کي ڏٺو، خليفي نبي بخش قاسم کي ڏِٺم، شيخ اياز کي ڏٺو، سراج کي ڏٺم، آسي زمينيءَ کي ڏٺم، حسن درس کي ڏِٺم، امر سنڌو ۽ زيب نظاماڻي کي ڏٺم، اياز امر شيخ کي ڏٺم، نجم عباسي ۽ ابراهيم جويي کي ڏٺم، ۽ اڻ ڳڻيا انسان ڏٺم جيڪي سانت ۾ به گونج بڻيل هئا. ٻيجل جو چنگ ٻُري رهيو هو ۽ موهن جي دڙي مان لڌل ناچڻيءَ جي مجسمي ۾ پساهه پئجي ويا هئا، رقص سنڌ کي جهومائي رهيو هو. مون تتل منجهند جو ڪيتريون ئي اُسون ڪاٽيون هيون پر منهنجو وارو اڃا نه آيو هو، بيهه بيهه پيرن جا تَرا تپي پيا هئم، پر خالي پيالي سان ان قطار ۾ بيٺي اڃا اندر جي آس هيڻي نه ٿي هئي.
    من ئي من ۾ سوچيم ته جڏهن وارو ايندو ته آئون لال لطيف کي ٻڌائيندس ته سائين مان پيالي سان گڏ خالي جهولي به کڻي آيو آهيان، عمرَ جي ناڪام عشق کانپوءِ مون مارئيءَ کي چاهيو آهي، آئون کيس کوهه تان کنڀي نه کڻي سگهندس پر مارئي منهنجي من مندر ۾ جرڪندي رهندي راڻي جي وڃڻ کانپوءِ آئون مومل تي به عاشق ٿي پيو آهيان، آئون مومل کي ماڻڻ چاهيان ٿو، پنهونءَ کي جت وٺي ويا، آئون سسئيءَ کي سيني سان لڳائڻ چاهيان ٿو، ميهيار ۾ همت نه هئي جو پاڻ درياهه پار ڪري سهڻيءَ ڏانهن وڃي ها، آئون گهڙي تي تري سهڻيءَ جي هنج ۾ ڪجهه گهڙيون، سندس وارن جو واس وٺڻ چاهيان ٿو. لطيف سائين الائي ڇو منهنجو عشق محدود ناهي رهيو، آئون ان سِٽَ کان منهن موڙي چڪو آهيان ته، “دل جو دلبر هڪڙو گهڻا تان نه ڪجن.” منهنجا ڪيترائي دلبر آهن، مون مارئيءَ کي چاهيو آهي، سسئي، سهڻي ۽ مومل کي ماڻڻ جا به خواب ڏٺا آهن، مونکي الائي ڇو محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته منهنجو وجود، منهنجو واسو انهن سڀني ۾ آهي ۽ انهن سڀني جو واسو منهنجي وجود ۾ آهي، آئون سڀ ۾ سمايل آهيان ۽ سڀ مون ۾ سمايل آهي، ان ڪري مون اڻ ڳڻيا عشق ڪيا آهن پر مونکي ان عشق جو انت لهڻ لاءِ، ان ڪُنيءَ جو مڌ پيئڻو آهي، جيڪا لطيف سائين توهان چاڙهي ۽ سچل ان جو ڍُڪ لاٿو آهي.
    اڻ کٽ قطار ۾ مونکي اڃا به شايد ڪيتريون ئي ويلون انتظار ڪرڻو پوي، پوئين رات جا ڪيئي پهر ائين کلي آسمان هيٺ بيهه گذارڻا پون، ڪيئي ڇيرون ۽ گهنگهرو منهنجي ڪنن ۾ پڙلاءُ ڪندا رهندا ته، “پرهه پري آ پتو نه آهي ته رات ڪيسين ڏهاڳ ڏيندي.” ها پر پوءِ به منهنجي اندر جي اڻ تڻ مونکي موٽي وڃڻ نه ٿي ڏئي، آئون هٿن ۾ خالي پيالي کڻي قطار ۾ بيهه وارو اچڻ جو انتظار ڪري رهيو آهيان ته نيٺ ڪُنيءَ کي ويجهو پهچندس ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي چاڙهيل مڌ مان سُرڪ پيئندس.


    مشتاق سعيد
    03332723101


    دامنِ صحرا ۾ ٽڙيل ڪنول...!

    لهرن سان ويڙهاند ڪري مَڇَ مارڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، لوهه ڪٽي اوزار ڪڍڻ به ڪو سولو ڪم ناهي، اهڙي ريت حُسن، محبت، غم، خوشي ۽ وڇوڙن جي احساسن کي لفظن جي هيرن سان گُهڙي شعرن جي مالا ۾ وزن ۽ بحر سان شاعريءَ جو سهڻو زيور گَهڙڻ جي ڏات به ڪنهن ڪنهن وٽ هوندي آهي، بلڪه ايئن کڻي چئجي ته ان احساس کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ به هڪ ڏات ئي آهي، انسان جڏهن کان شعور جي حدن ۾ داخل ٿي جذبن جي اظهار لاءِ لفظن جو سهارو وٺڻ شروع ڪيو، شايد شاعريءَ جو بنياد تڏهن کان ئي پيو...!
    “سعيد” جو ڀاڳ آهي جو هن لاڙ جي دل ٺٽي جي ماڃر واري علائقي سجاول ۾ جنم ورتو، هيءَ اهائي مٽي آهي جنهن مان سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي ۽ رنگريز سميت انيڪ سنڌي اديبن ۽ انقلابي شاعرن جنم ورتو، شايد اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعريءَ ۾ رقابت رفاقت سميت محب وطني ۽ انقلاب جا روح ولوڙيندڙ جذبا ۽ احساس به ڪرموڙيندي نظر ايندا. پر سعيد جو اڀاڳ اهو آهي جو هن مسڪين پورهيت محمد الياس جي غريب گهر ۾ اک کولي، جنهن سبب هي نسري نه سگهيو آهي ۽ اڀري نه سگهيو آهي. سعيد سان منهنجي پهرين ملاقات 2004ع ۾ ٺٽي جي هڪ خانگي اسڪول ۾ پڙهائڻ دؤران ٿي، جتان کان ئي محبت جو هي ڪاروان روان ٿيو ۽ دعا آهي ته آخري دم تائين الفت حيات رهي. مشتاق سعيد اندر هڪ سٺي ليکڪ، استاد ۽ صحافي سميت انيڪ گڻ موجود آهن جن کان آئون ڪافي متاثر ٿيندو آيو آهيان، ڪن هنڌن تي آئون کيس پنهنجو آدرش مڃيندو آهيان، ڪڏهن ڪڏهن رفاقتن ۾ ڪي شعر چئي ويندو هو پر مونکي اها ڄاڻ نه هئي ته هن وٽ شاعريءَ جي به ڪا ڏات آهي. پر جڏهن هن ڪتاب ڇپرائڻ جو ذڪر ڪيو ته سندس ڪيل پورهئي مونکي دنگ ڪري ڇڏيو.
    آئون هڪ ننڍڙو ماڻهو سو مونکان ڇا لکيو ٿيندو؟ وڏي همت سان هي چند سٽون لکيون اٿم پر اهي صفا ٿورڙيون پيون لڳن ۽ هيڏي املهه شاعريءَ جي وچ ۾ ڄڻ ته انبن وچ ۾ ڪيلي جيان...! خير مختصر ته ڏاتار طرفان ڏنل ڏات ته گهڻي شيءَ پر غربت سعيد کي اسرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، هن شعر جيان ته.
    “خبر ناهي ڪنهن رنگين چمن ۾ ڇو نه ٿياسين پيدا،
    ٽڙياسين دامن صحرا ۾ سڄي خوشبوءَ اجائي وئي.”


    شيراز گل ميمڻ
    گجو، ضلعو ٺٽو


    نظم/ نثري نظم

    واچوڙا ڙي

    ڳاٽ نه کڻ تون واچُوڙا ڙي،
    منهنجي ڀُونگي ڊاهڻ جي لئه،
    ڀُونگيءَ کي جي ڊاهيندين تون،
    سارا ڪَکَ اُڏائيندين تون،
    مان ته گذاري ويندس سِيءَ ۾،
    سياري جون هي ڊگهيون راتيون،
    ڌرتيءَ کي ئي وڇاڻو سمجهي،
    اُڀَ کي سمجهي چادر پنهنجي،
    ليڪن هي جو،
    منهنجو معصوم پُٽڙو آهي،
    منهنجو آهي مستقبل سو،
    جِهرڪيءَ جهڙو ننڍڙو آهي،
    سونه گذاري سگهندو راتيون،
    پوهه جا پارا ۽ برساتيون،
    سامهون هڪڙو مندر آهي،
    مسجد ڀي ان جي ڀَر آهي،
    اوڏانهن وڃ تون،
    پنهنجون ڦيريون پائڻ جي لئه،
    پنهنجو سينو ساهڻ جي لئه،
    ڳاٽ نه کڻ تون واچُوڙا ڙي،
    منهنجي ڀُونگي ڊاهڻ جي لئه.


    موت ڀي ڊڄي ٿو

    زندگي آ ڪائنات،
    موت ان تي آهي گهات،
    زندگيءَ کي مون ڏٺو،
    تڙڳندي آ جَرَ مٿان،
    مان لڳي موٽيو آهيان،
    موت جي مِمبَر مٿان،
    مون ڏٺو آ،
    زندگي جيئن،
    موت کان ڊڄندي آهي،
    موت ڀي ائين،
    زندگيءَ کان،
    ايترو ڊڄندو آهي،
    ڪنهن حَسينا جي اکين،
    جي سڀيتا ۽ ثبات،
    ڪنهن به ڪوئل جا لَنوِي،
    ٻير وَڻ تي آهي لات،
    موت ڇا ماري سگهيو...؟
    لات کي جا آهي ڏات،
    زندگي آ ڪائنات.


    باک ڪا هِت آڻبي

    رهگذر راڪاس جي وَرِ آ چڙهيو،
    ڪافلن جا ڪافلا لُٽبا وڃن،
    منزلن جا فاصلا وڌندا وڃن،
    سج ويو آ سمنڊ جي هن اوٽ ۾،
    ۽ سِتارا بادلن جي ڪوٽ ۾،
    راهه ڪاري آ مگر،
    همتون گڏجن پيون،
    غير تون گرجن پيون،
    پير سان پيرا ملائي ساٿيو،
    هم صلاحيون صحبتون سِرجن پيون،
    نيٺ منزل ماڻبي،
    رات کي چِيري مگر،
    باک ڪا هِتِ آڻبي،
    باک ڪا هِتِ آڻبي.


    طوطن جو غم

    رات،
    پوڙهي بڙ جي ٿُڙ ۾ ويٺل،
    طوطن ٻاهر ٻُوٿ ڪڍيو،
    مڌر چند جي سُهائيءَ ۾،
    جهنگل کي ويران ڏٺو،
    چُڻ ڀُڻ طوطن هيئن ڪئي جو،
    ڪهڙي آ هِتِ ماڪ پئي جو...؟
    جهنگل ٿيو ويران سمورو،
    ڪيڏو آ سُنسان سمورو،
    ڪنهن وقت هتي ٿي مور ٽِليا،
    ۽ هرڻين شور مچايو ٿي،
    ڪونجن جي به قطار هئي،
    ۽ ٻاٻيهن ٻُرايو ٿي،
    اڄ ڪهڙو مارِي آيو آ،
    ٿي بَن تي ڏانئڻ ڇانيو آ،
    اڄ ڪائي ڪُوڪ نه ٻُڌ جي ٿي،
    ۽ هن بڙ تي،
    ڪوئل ڪائي ڪين اچي ٿي،
    هل ته هلون هي بڙ ڇڏي،
    هماليه جي چوٽيءَ تي،
    آکيرا ڪي ڏور اڏي.


    انتظارِي

    سج اُلارِي سونهري ڪَڻِ،
    ڪارو خيمو اُڊڙي پيو،
    اونداهه جو چوغو چيهون،
    ٽِڙِڪائونءَ جيئن ٽِڙِڪي پيو،
    باک ڀَليريءَ پيرا پاتا،
    هارِي جهارِ اُڏائڻ ويو،
    جُهو جُهو ماٽي جُٽجي وئي ۽،
    ڪانگ اُڏاڻا ڍنڍ مٿان،
    ڪيڏو تولئه تڙپيس ليڪن،
    سَرِ تي آئينءَ تون نه ڪِٿان،
    رات نه آئينءَ ڇا لئه تون...؟
    دَرَ ڏانهن ڏسندي ٿي وئي پر ڀات
    نه آئينءَ ڇا لئه تون...؟


    ٻوليون ڪيئي ڇوليءَ وانگي

    تون ته پُڇين ٿو، گيت رڳو ڇو...؟
    گيت سوا گفتار نه آڇا....!
    هاها گيت سوا گفتار به آهي،
    ٻوليون ڪيئي ڇوليءَ وانگي،
    پاڻي درياهه تار به آهي،
    لهرون لهرون سمنڊ لُڇي ٿو،
    لهرن جي لهسار به آهي،
    من ۾ مُجرا روز ٿين ٿا،
    ڇيرن جي ڇمڪار به آهي،
    پوءِ ڀي،
    ڪائناتن جي ڪنڊ ڪنڊ ۾،
    سج، ستارا، چنڊ ۽ ڌرتي،
    هر هڪ کي سُرِ تار به آهي،
    سرگم تي ئي،
    زندگيءَ جو وهنوار به آهي،
    ان ڪري مان،
    گيت لکان ٿو جو هيءَ ڌرتي،
    سُرَن سان ئي مهڪي ٿي ۽،
    ڪائناتن جي ڪنڊ ڪنڊ ۾،
    سُرَ سمايل آهن سانئڻ،
    ڪيئي نڪتا ڳڀرو ڳائڻ،
    ڪيئي نڪتا ڳڀرو ڳائڻ.


    ڳڀي جي ڳولا...!

    مونکي مانيءَ ٽُڪرو گهرجي،
    مانيءَ عيوض،
    مونکان ڪو احساس خريدي...!
    مون وٽ ملڪيت مال نه آهي،
    بُک ڪيو بد حال به آهي،
    منهنجي ڪُلِ زندگيءَ جي پُونجي،
    ڪيئي گيت اڌورا ڪورا،
    ڪيئي آسون، نينهن نِڪورا،
    ڪيئي سپنا خواب اڌورا،
    مون وٽ نرمل يادون آهن،
    هرڻيءَ جهڙي محبوبا جون،
    مون وٽ ڪيئي اداسيون آهن،
    سانوڻ رُت جي سانجهيءَ جهڙيون،
    ڪوئي منهنجو ماسِ خريدي،
    مانيءَ عيوض،
    مونکان ڪو احساس خريدي...!
    مان هان وارث تهذيبن جو،
    خالي هي تابُوت بچيا هِن،
    تاريخن جا سُرخ ڪفن ۽،
    نوحن جهڙا گيت بچيا هن،
    موهن جا آثار بچيا هِن،
    ماتم جهڙيون سُرمئي شامون،
    اوڇنگارون ۽ پار بچيا هِن،
    مقتل جي ديوارن تي هي،
    رَت ڦڙا جي جرڪن پيا ٿا،
    سي ئي منهنجي ملڪيت آهن،
    اوجاڳن ۽ ارمانن جي،
    آکيري ۾ خواب ٽنگيا هِن،
    سي ئي منهنجي ملڪيت آهن،
    ڪوئي مونکان ڪاش خريدي...!
    مانيءَ عيوض،
    مونکان ڪو احساس خريدي...!
    مونکي مانيءَ ٽڪرو گهرجي.


    ڇا هِي سڀ ڪجهه مِٽي آهي؟

    مُلان چيو مان مِٽي ئي آهيان،
    مَري به آخر مِٽي ئي ٿيندس،
    اسان چئون ٿا انگور جيڪي،
    مِٽيءَ منجهاران ڦُٽي پيا هِن،
    وليون ڦلاري ڳُتي پيا هِن،
    شراب اوتي تِني جي رَس مان،
    مچائي موکي پئي ٿو چَس مان،
    انهيءَ جي مَستي مٽي ته ناهي...؟
    جسم جي گهر ۾،
    اندر جي هستي مِٽي ته ناهي...!
    مِٽيءَ منجهان هي ڏيئا ته جُڙيا،
    مگر سُهائي مٽي ته ناهي....!
    مقبرا تو اڏي به ڇڏيا،
    مگر ڀٽائي مٽي ته ناهي...!
    اسانجا نغما مِٽي ته ناهن،
    اسانجا نغما اُڏار آهن،
    سَوَن صدين جي گُنجار آهن،
    تِني کي ڪوئي نه مات ڏيندو،
    اسان دُنيا ۾ نه ئي رهون پر،
    سفر اسانجو صديون تڳيندو.


    اي موت...!

    اي،
    موت تون ايڏو اُٻهرو ڇو آن...؟
    رات به منهنجي مئخاني تي،
    لامارا ڇا لاءِ ڏنا تو...؟
    شايد منهنجا ڏينهن کُٽا ها،
    موت جو ٽاڻو مقرر ٿيو هو،
    سانجهه لَڙِي هُئي، جامَ ڀَريا ها،
    مونکي جيڪو جام مِليو هو،
    سو ته امرتا جو هو پيالو،
    جنهن جي خوشبو،
    موت گَليءَ لئه آهي تالو،
    اي موت، شايد،
    ان جي خوشبوءَ سُنگهڻ کانپوءِ،
    مئخاني تي پهچڻ کانپو،
    موکيءَ جو مڌ جرڪڻ کانپو،
    موٽي وئين تون هٿين خالي،
    منهنجي هٿ ۾ هُئي جو پيالي،
    مونکي پاڻ سان ڪين نِيو تو،
    لامارا ڏئي گس وَتو تو،
    موت مگر مان ڄاڻان ٿو،
    جنهن ڏينهن هٿ مان جامِ ڪِري پيو،
    پيالو پَٽ تي ڀورا ٿي ويو،
    ٻيهر موٽي ايندين تون ۽،
    ساڻ وٺي پو ويندين تون،
    آخر مان ڀي هلڻو آهيان،
    واپس ليڪن ورڻو آهيان،
    روپ نئين سان رچڻو آهيان.


    چنڊ پرولي...!

    آ چنڊ پِرولي ڪنهن نه ڀَڳي،
    تون ڇا لئه چمڪا ڏيندو آن...؟
    هن ٿر جي چؤنري جي ڳڙکين مان،
    تون ليئا پائي لهندو آن،
    هي رات انڌاري ڪوجِهي ڪاري،
    آ توبن ڪيڏي چنڊ، ٻُساري،
    آ تل ترائيءَ جي ڀر ۾،
    هيءَ جوڀن سان جا ڀريل ناري،
    گهاگهر سان گڏ سِرَ تي وينڍا،
    ڇاتيون ان جون جيئن پَپيتا،
    تون تنهن کي گهُوري ڏسندو آن،
    تون ليئا پائي لهندو آن،
    اي چنڊ ٻُڌا مان ڀانيان ٿو،
    آ توکان ڀي ڪو وڇڙي ويو،
    تون روز ازل کان جانچي جانچي،
    اُن کي پيو ڳوليندو آن،
    ۽ مون جيئن جاڳي جيئندو آن،
    ۽ ڏوُر افق تي تَرندو آن.


    اي قافلا ٿورو رُڪو...!

    اي ڪافلا ٿورو رُڪو، اي قافلا ٿورو رُڪو،
    هوءَ سانجهه سان گڏ آ لڙِي، ڍنڍ جي ڪپري مٿان،
    هوءَ نيرڳيءَ جهڙي ڳچيءَ سان هٺيلي پيو ڏسان،
    ڪو گيت پئي ڳائي ٻُڌو،
    اي قافلا ٿورو رُڪو...!
    هوءَ گيت ۾ ئي مَست آ مڌ جهڙي ڇوڪري،
    هوءَ روح صدين جو لڳي چنڊ جهڙي ڇوڪري،
    هوءَ هنس وانگي ٿي هلي مَنڊ جهڙي ڇوڪري،
    ڄڻ ڪونج ڪُرلائي ٻُڌو،
    اي قافلا ٿورو رُڪو...!
    ها منزلون ڏاڍيون پَري پر هتي ٿَمجي وڃو،
    ها گيت ۾ رُخنو نه پَئي ٿورڙو رُڪجي وڃو،
    ها سونهن جي هِن ساز سان روبرو رلجي وڃو،
    ها روح گَرمائي ٻُڌو،
    اي قافلا ٿورو رُڪو...!
    هوءَ آ پڙاڏو سَڏَ جو ديس جي رَمتي اَٿوَ،
    هوءَ وِلهه ٺاريل مڌ جي امرتي سُرڪي اَٿوَ،
    هوءَ ڪاسبي جي ڪنڊ تي ڊوڙندڙ هرڻي اَٿوَ،
    کن پل جي لائي ٻُڌو،
    اي قافلا ٿورو رُڪو...!
    هيءَ پاڻياري جي وئي پو نه ايندي ماڳ تي،
    هي گيت جي رُڪجي ويو جو تتو ڪنهن آڳ تي،
    پو ڪين سگهندو توڙ ٿي زندگي جي راڳ تي،
    ڪو ڪينرو پائي ٻُڌو،
    اي قافلا ٿورو رُڪو...!


    جُوءَ ۾ جهانجهر وڳي...!

    جُوءَ ۾ جهانجهر وڳي،
    تڙ تان نڪتي تِکي،
    هوءَ هرڻيءَ لُوهه جيئن،
    روح ۾ رچجي وئي،
    ڇير پاتل پيرڙا،
    ڌر تتيءَ تي جو ڌري،
    ڏينهن ٽانڊاڻا ٺريا،
    بوند پئي آگم ڪري،
    مڌ جي مٽڪي جئن،
    هوءَ رسيلي ڇوڪري،
    “ڪاسبي” کان ڪاڪ تائين،
    هوءَ ٿريلي ڇوڪري،
    منزلن جي سونهن آ،
    سڀ دلين جي سونهن آ،
    مان به ٿورو ٿَڪ ٿميان،
    ڪي گهڙيون هُن کي ڏِسان،
    اک جي آئيني تي،
    عڪس ڪي هُن جا چٽيان،
    مان پڪاسو ناهيان پر،
    دل جو مصور آهيان،
    ڪي گهڙيون گُهوري وٺان،
    سونهن تي سوري وٺان،
    اپسرا جو آ لنگهي،
    تڙتان نڪتي تِکي،
    جُوءَ ۾ جهانجهر وڳي.


    ايندين آخر ڪيئن ڪِٿان...!

    واچُوڙن آ وار ڪيو ۽،
    ڪَک اُڏاڻا ڪاڪ مَٿان،
    ايندين آخر ڪيئن ڪٿان؟
    ايندين آخر ڪيئن ڪٿان؟
    هي جي مَڌ اُٻرڪي پيا هن،
    ڌؤنري جيئن اُڦرڪي پيا هن،
    کَٽا کارا زهر ٿي پيا هن،
    گيت ڪَسارا ساز ڪَسارا،
    نهر هيا سي لهر ٿي پيا هن،
    تِن سان جيئڙو ڪيئن جَڙيندين؟
    ڪٿان ايندين، ڪيئن ته ايندين؟
    ايندين آخر ڪيئن ڪِٿان؟
    هي جي وَليون واٽ ڦُلاريون،
    گهوڙن سنبن سي چيٿاڙيون،
    ڍَڪجي رکجي وِهه ٿيون هن،
    ورهين جون هي ڪَسيل ناريون،
    تن جي دل جا گيت مَري ويا،
    ڪائي وئي آ ڪاري بڻجي،
    ڪنهن جا ڊپ ۾ ٺپ ٺري ويا،
    پاڻياريون هي پَرڻي کان اڳ،
    پڄري پڄري پوڙهيون ٿيون هِن،
    بادل جون ڏِس گوڙيون ٿيون هِن،
    وسڪاري جا ريلا وِهائي،
    خواب کڻي ويو پاڻي لوڙهي،
    خالي من بي حس رهيو آ،
    تولئه ڪو به نه گَس رهيو آ،
    پنهنجا ديرا ڪِٿ اڏيندين؟
    ڪٿان ايندين ڪيئن ته ايندين؟
    ايندين آخر ڪيئن ڪِٿان؟


    رَتَ جي ميندي

    تون ڪنڌ ڪپائي ايندين جي،
    مان تولئه ميندي ٻوڙيان پئي،
    سي تنهنجا هٿڙا لال ڪري،
    مان چوٽيءَ ۾ سِندور ڀرينديس،
    اوچو پنهنجو ڳاٽ ڪري،
    مان سنڌ کي باکون آڇينديس،
    ۽ لک مبارڪ باسينديس،
    او ڌرتي منهنجي سانئڻ،
    مون گهوٽ ڏنو آ گهورَ ڪري،
    شل اهڙو وارو جلد وري،
    جو توتي ڪيئي گل ٽڙن،
    ۽ پوءِ ڪائي سانجهه نه ٿئي،
    ۽ موتيا مورِ نه مُرجهائجن.


    ٻي جنت ڪهڙي...؟

    ڪنهن ڪنواري ڳڀرو ناريءَ جا،
    جي ڳاڙها ڳاڙها ڳل چُمين،
    آ ان کان وڌ ٻي جنت ڪهڙي...!
    جي ڪارا ڪاڪُل واس ڏين،
    ۽ ٻانهون ٻيئي ونگ وجهن،
    ۽ ڪوسا ڪوسا ساهه کڄن،
    جي اهڙو ڪو پل تون ماڻين،
    آ ان کان وڌ ٻي جنت ڪهڙي...!
    هي لڱ اڃايل سالن جا،
    ڪنهن جوڀن جي ته جُوالن جا،
    جي تن جي اڃ اجهائي سگهين،
    آ ان کان وڌ ٻي جنت ڪهڙي....!
    ڪنهن اک ۾ ڪجلي ڌارِ هجي،
    ۽ جوڀن درياهه تار هجي،
    هڪ سهڻي ٻيو ميهار هجي،
    ۽ هنج ۾ ڪائي ڪونج پَسين،
    آ ان کان وڌ ٻي جنت ڪهڙي...!
    او جنت جا اي سڌڙيا مورک،
    آ منهنجو هيڪر بهشت ڏسي وڃ،
    دل جي اندر بهشت ڏسي وڃ.


    مُراقبو ۽ مسجد

    آ تنهنجي منهنجي واٽ وِڇوٽي،
    منهنجا سي ئي عقيدا ناهن،
    جيڪي تنهنجي من کي ڀائن،
    منهنجي پُوڄا مُراقبو آ،
    ڪنهن دور اڪيلي وستيءَ ۾،
    ڪنهن رڻ جي ٺريل راتين ۾،
    مون منهنجو ڳولي ربّ ڏٺو،
    آ پنهنجي من جي هستيءَ ۾،
    تون ڌر تتيءَ جي لُڪَ نه ڄاڻين،
    تون آرائش جو عادي آن،
    تون اي سي پنکن ساڻ سجائي،
    رنگا رنگي مسجد ٺاهي،
    سک سان ويٺو ربّ کي ڳولين...؟
    تون فطرت جي پرواز نه ڄاڻين،
    تون لهرن جا ڪي ساز نه ڄاڻين،
    تون اندر جو آواز نه ڄاڻين،
    تون پنهنجي مَن کان آهين پري،
    پو توکي مالڪ ڪيئن مِلي...؟
    هر فتويٰ تنهنجي آهي کوٽي،
    آ تنهنجي منهنجي واٽ وِڇوٽي.


    ڳاڙهن ڳڀُرن جي ڌرتي

    هيءَ ڌرتي ڳاڙهن ڳڀُرن جي آ،
    متان سمجهين اڀرن سڀرن جي آ،
    هت طوفانن جي تيک وڏي،
    پر مردانن جي ميکَ وڏي،
    هي تنهنجا تيرَ ته ٿورا آهن،
    هت سِينن جي آ ليکَ وڏي،
    تون ڪنهن تي ڪانئر ڀُليو آن؟
    تون ارڏي ٻار سان اٽڪيو آن،
    هيءَ ماءُ سنڌياڻي جي به ڄڻي،
    سي ٻار ڇَڏِن ٿا روهه ڌُڻي،
    هت پير نه ٽڪندئي پارهيڙي،
    هيءَ جوءَ نه ڳيرن ڪٻرن جي،
    هوءَ دور قطار جا قبرن جي آ،
    سا دودي جهڙن همرن جي آ،
    هيءَ ڌرتي ڳاڙهن ڳڀُرن جي آ،
    متان سمجهين اڀرن سڀرن جي آ.


    گهوڙا ڙي او گهوڙا ڙي

    ڪَٽڪَ وٺي تو گهوڙن جا،
    هِت هنيا جي راتاها،
    منهنجي قوم کي اِيذيو ۽،
    ايڏو تو هو هيِسايو جو،
    صدين تائين،
    هت هزارين نسلن تائين،
    “گهوڙا گهوڙا” ريهه پئي وئي،
    “گهوڙا گهوڙا” ڪِيهه پئي وئي،
    اڄ ڀي منهنجا مارُو جيڪر،
    ڪو ڀي خطرو ڀائن ٿا،
    وائي هيءُ ورنائن ٿا،
    “گهوڙا ڙي او گهوڙا ڙي”،
    سنڌياڻين جي سلوارن ۾،
    ٻِليون تو وِجهرايون ٿي،
    ڪيئي اوچا ڳاٽ ڪپي،
    منڍيون نيزي چاڙهيون ٿي،
    هاڻ بلاول ٽلٽيءَ جي ۽
    ڀٽ ڌڻي هن ڌرتيءَ جي،
    ٻيهر آ تقدير لکي،
    هاڻ جي ڪانئر ايندين تون،
    “گهوڙا گهوڙا” ڪين ڪا ٿيندي،
    سِسِ نه هوندئي ڌڙ مٿان ۽،
    لڱ به ويندئي اَڻا اَڻا ٿي.


    تيسين توکي ننڊ اچي وئي...!

    تون جو سورج سان گڏ اُڀرئين،
    سانجهيءَ کان اڳ ڪيئن سمهي پئين...؟
    تو جي خواب سجايا تن لئه،
    ڌرتي صديون ٻاڪاريندي،
    سَر تي صديون ٻاڪاريندي،
    تو جا سنڌ ۾ سَئن هينئن سي،
    سڏ اڃا پيا اُڏرن اُڀَ ۾،
    هيل ته سانوڻ برسيو ناهي،
    بادل ڪوئي گرجيو ناهي،
    ڳِجَهه اُڏن پيا لامارا ڏئي،
    تيسين توکي ننڊ اچي وئي...؟
    ڌرتيءَ دل ۾ هوشو ڌڙڪيو،
    دودي جو آ هانءُ به تڙپيو،
    خون کِجيو ۽ تند تپي پئي،
    تيسين توکي ننڊ اچي وئي...؟
    صديون تولئه سنڌڙي هاڻي،
    ٻاڪاريندي رهندي سانول،
    لارون لاڙي چوندي رانول،
    ڪين وڃڻ جي مند اچي وئي،
    تيسين توکي ننڊ اچي وئي...؟
    ------
    - محترم بشير خان قريشيءَ جي نانءُ


    آس کي ڪا اک ناهي

    آس کي ڪا اک ناهي،
    تانگهه جو ڪو دنگ ناهي،
    سار شعلو رَکَ ناهي،
    آس کي ڪا اک ناهي،
    ماپ تنهنجيءَ کان مٿي،
    اولڙا هي عشق جا،
    جاڳ بنجن ٿا سَکي،
    رولڙا هي عشق جا،
    آس نستي ڪين ٿي،
    ديپ هي ٽمڪن پيا،
    ساز کي ڪو سُک ناهي،
    آس کي ڪا اک ناهي،
    تون نه ايندين او پرين،
    پو به تنهنجي آس آ،
    پنڌ ڪيڏو آ ڪٺن،
    ٻيو ته ڏاڍي پياس آ،
    پو به ڪوئي ڏک ناهي،
    آس کي ڪا اک ناهي،
    ڪيئن واٽون جانچجن،
    آس کي ڪا اک ناهي،
    ڪيئن ڏسجن ڏوجهرا،
    آس کي سا اک ناهي،
    ڪيئن توڏي پهچجي،
    اُڏي اچي پر پک ناهي،
    آس کي ڪا اک ناهي.


    نئون مسيحا

    هي جو تنهنجو پيٽ وڌيو ۽،
    چيخن سان جنمين پئي جيون،
    شايد ڪو انسان ڄڻين پئي،
    يا ڪو نئون ڀڳوان ڄڻين پئي
    سانوڻ رُت جي سانجهيءَ جهڙو،
    ڪومل ڪومل،
    توکي هو ڀڳوان بنايو،
    نرمل نرمل،
    تنهنجي صورت پُوڄڻ لاءِ،
    پنهنجي مورت پوڄڻ لاءِ،
    ساڳيو سو ڀڳوان سمايو،
    منهنجي اندر،
    منهنجي روپ ۾ توکي چاهيو،
    تون ئي مورت تون ئي مندر،
    تون ئي تنهن ڀڳوان جو هان گهر،
    تنهنجي من جي رس منجهاران،
    پنهنجي چاهت چَس منجهاران،
    ڪوئي نئون ڀڳوان جُڙي پيو،
    تنهنجي اندر گل ٽِڙي پيو،
    اڄ تون تنهن کي جنمين پئي ۽،
    نينهن ڏنو سودان ڄَڻين پئي،
    شايد ڪو انسان ڄڻين پئي،
    يا ڪو نئون ڀڳوان ڄَڻين پئي،
    شيطانن جي شهر نگر ۾،
    ڀڳوانن جو مِيت نه ڪوئي،
    حيوانن جي آکاڙي ۾،
    انسانن جو مِيت نه ڪوئي،
    هي جو تنهنجي جيءُ منجهان آ،
    جلوو اڀريو،
    شايد جڳ جي چرخي کي آ،
    ڦيرڻ سنڀريو،
    تاريخن جي شيشن تي جا،
    دز ڄَمي پئي،
    شايد تنهن کي مهٽي مهٽي،
    ڌوئڻ سنڀريو،
    شايد هن کي سوليءَ تي لٽڪايو ويندو،
    شايد هن کي سرمد وانگي گهايو ويندو،
    پر هي دنيا بدلائيندو،
    جيءُ مان جيڪا جان ڄڻين پئي،
    شايد ڪو انسان ڄڻين پئي،
    يا ڪو نئون ڀڳوان ڄڻين پئي.


    بغاوت

    ايڏا تابعدار فرشتا...!
    پو ڇو ڪئي انسان کي پيدا؟
    ڄاتئي ٿي ته بغاوت ٿيندي،
    تنهنجي دنيا ائين نه هلندي،
    تنهنجي نافرماني ٿيندي،
    پو به اسانکي اشرف ڪوٺيئي،
    آزاديءَ جو شعور به لاتئي،
    تنهنجا سارا پاڪ مَلائڪ،
    تنهنجي خوب غلامي ڪن ٿا،
    شعور فقط انسان ۾ آهي،
    سي ته بغاوت لاءِ اُٿن ٿا،
    شايد توئي سوچي سمجهي،
    اهڙي ڏات عطا ڪئي آهي،
    آزاديءَ جي گهورن کي ئي،
    شعوري لات عطا ڪئي آهي،
    شايد تون بيزار ٿيو آن،
    راڳ غلامي آلاپڻ کان،
    آزاديءَ لئه جذبا جاڳن،
    شايد تون ئي چاهين ٿوڙي،
    تڏهن نافرمان هزارين،
    انسانن کي ٺاهين ٿو ڙي.


    فتويٰ ٿو ڏيان ڦاسي ڏيوس

    فتوى ٿو ڏيان ڦاسي ڏيوس،
    چاڙهي نيزي ٽياس ٽنگيوس،
    انسانيت جي توهين آهي،
    محبت ڪنهن سان ڪونه ڪئي ٿس.
    جنميو آهي دنيا ۾ پر،
    محبت کان بس وانجھيل آهي.
    وارن جو جنهن واس نه ورتو،
    سونهن کي سجدا ڪين ڪيا،
    سوئي ڏَسَ تان ڀليل آهي،
    چاھ منجھان جنهن چس نه ورتو،
    سوئي ڪافر مُشرڪ آهي.
    سونهن حُسن جو مُجرم آهي،
    ٻي ڪا خواهش ڪين ٻُڌوس،
    فتوى ٿو ڏيان ڦاسي ڏيوس.
    ڪنهن سان ڀي جنهن پيار نه اوريو،
    واءُ اُتر تي چاھ نه چوريو،
    وينگس ڪنهن جا وار نه ڇوڙيا،
    چپڙن تي چپ ڪين ڀڪوڙيا،
    گيتن جي گونجار نه ڄاتي،
    مڪليءَ جي ماٺار نه ڄاتي،
    ڪنهن جا ڳاڙها ڳل نه چُميا،
    مڌ منجهان ڪا سُرڪ نه پيتي،
    گُهنگهرن جي ڇنڪار ٻڌي جنهن،
    پنهنجي منهن تي مُرڪ نه پيٺي،
    تنهن جو جيئڻ ڪهڙي ڪم جو،
    ڪنهن جو ڀي سو ميت نه ٿيندو،
    ڪنهن به ڪويءَ جو گيت نه ٿيندو،
    ناتا رشتا سڀ ڇنوس،
    فتوى ٿو ڏيان ڦاسي ڏيوس.
    پيار جو ڪنهن سان پيچ نه پاتئين،
    پنهنجو پاڻ به ڪين سڃاتئين،
    عشق لقاءُ کي سمجھيو ناهي،
    محفل مان ئي دور ڌڪيوس،
    فتوى ٿو ڏيان ڦاسي ڏيوس.


    پِرهه کان پهرين

    تاڪ لڳي ويا مسجد جا ۽،
    مندر ڀي ڏس بند پيو آ،
    مئي خاني ۾ اڃان به جھڳمڳ،
    ويل اويري جاڳ جَھٽيو آ.
    آءُ ته پيارا پرھ کان پهرين،
    جامن ۾ ئي جند ڌريون ٿا،
    پنهنجا معالج پاڻ ئي بڻجون،
    پنهنجي ساڀيان پاڻ ڪريون ٿا.
    هُو جو لڙيو سج سويرو،
    ٻيهر ٻهڪي تجليون ڏيندو،
    دور پپر جي پاڇي ڀرسان،
    اوٽ وٺي ڪو ڪيسين رهندو ؟
    آءُ ته اوتيون پنهنجو پاڻان،
    پيالي ۾ هن پهر پڄاڻان.
    جيسين ٻيجل ٻيهر موٽي،
    گيت نوان ڪي سرجي ساڻان،
    مڌ ۾ وهنتل خوابن هاڻان،
    آءُ ته راڻا منهنجا راڻا،
    مڌ سان بنجي مڌ وڃون ۽،
    سرجيون ڪيئي گيت نواڻان.


    هو جو منهنجو گيت مَري ويو

    هو جو منهنجو گيت مري ويو،
    سرجڻ کان ڀي پهرين پهرين،
    ڪنهن به پني تي اُترڻ کان ڀي پهرين پهرين،
    نوڪ قلم مان نکرڻ کان ڀي پهرين پهرين،
    ذهن جي آڳر تي هو آيو،
    مون نه تراشيو تنهن کي تيسين،
    ڀڙڪڻ کان اڳ ائين ٺري ويو،
    هو جو منهنجو گيت مري ويو.
    اڻ لکيل تنهن گيت جو لاشو،
    ڪلهي کڻي مان بازارن ۾،
    ڏاڍو ڀٽڪيو آهيان بيگاھ،
    موهن جي هن آثارن ۾،
    ڪونه ملي ٿو ڪفن انهيءَ لا،
    مئل گيت جو ايڏو قد آ،
    بت وزن ۾ ايڏو وڌ آ،
    ماپي جو ڪو ڪفن ئي ڪونهي،
    ڪيڏانهن روليان ڪيسين روليان ؟
    هن لاءِ جاءِ دفن ئي ڪونهي،
    تاريخن ۾ تياڳڻ لاءِ،
    ايندي ايندي نيٺ وري ويو،
    هو جو منهنجو گيت مري ويو.


    آدم جو اولاد

    چڪلي جي چئوديواريءَ ۾،
    ڀونگيءَ ۾ پئي بتي ٽمڪي،
    جهيڻي جھيڻي روشن رُت ۾،
    باک جيان پيو جسم جرڪي،
    پاڇولا پيا لُڏڪن لَڙڪن،
    رات ڊسمبر ڦُوھ سيارو،
    پوءِ به پسينو هِڻڪن سَهڪن.
    هڪٻئي سان ائين چنبڙي پيا هن،
    ڄڻ ته صدين جي پيادي پنڌ ۾،
    مس مس پاڻيءَ بوند ملي ٿن.
    ايڏي اُڃ ازل کان آهي،
    انسانن جي جوڀن ۾ ڪا،
    پاپ گناھ جي فتوى ڄاڻن،
    پوءِ ڀي من جو بار ڇنڊڻ لئه،
    هڪٻئي کي ٿا تن تي تاڻِن.
    فطرت جي هن فلسفي تي،
    فتوائون تون ڪيسين ڏيندين. . . ؟
    جبلتن جي جذبي آڏو،
    ڪيسين تون ديوار اڏيندين ... ؟
    مُراقبي سان پنهنجي من جو،
    اڇو اجرو ساڌ ڏسي وٺ،
    چڪلي جي چؤ ديواريءَ ۾،
    آدم جو اولاد ڏسي وٺ.


    بقا ۽ فَنا

    ٻُڌو ٿَئون ته ڏاڍو،
    آ انصاف ڏيندو،
    اڌو اڌ ڪري سڀ،
    ڀلا ۽ بُرا ڪم،
    سڀئي حق، ناحق،
    هُو توري تڪي ۽،
    سزائون جزائون،
    سڀئي صاف ڏيندو،
    ٻڌو ٿئون ته ڏاڍو،
    آ انصاف ڏيندو.
    پڄايوس نياپو،
    اسان کي به گھرجي،
    برابر نياءُ ٿو،
    ڪري فيصلو جو،
    نه فاني اسان ۽،
    نه باقي هو پاڻ،
    بقا ڏي اسان کي،
    فنائي کڻي هو،
    تڏهن چئون برابر،
    آ انصاف ڏيندو،
    ڇا اهڙو سخي ڀي،
    هو ڪنهن ڏينهن ٿيندو .. ؟


    غربت جو گيت

    لڱ وڍيندڙ سيءُ ۾ ڏڪندي،
    برف ڳڙي جيان پاڻ ٺري پئي،
    رات ڪِرِيو جو پارو تنهن ۾،
    هارياڻي هوءَ نيٺ مري وئي.
    آرڻ ۾ هڪ ڀُونگي ٺاهي،
    گدرن ول ۾ رهندي هئي جا،
    ڦوھ جواني ڦٿڪا کائي،
    جنهن مان بنجي باک ڦُٽي ٿي،
    ليلى، نوري، سسئي، سهڻي،
    مارئيءَ جي ڄڻ ساک لڳي ٿي.
    پن ڇڻ وانگي جيون جي وڻ ٽاريءَ تان هوءَ،
    ڇڻجي ڇٽجي هيٺ ڪري پئي،
    رات ڪريو جو پارو تنهن ۾،
    هارياڻي هوءَ نيٺ مري وئي.
    وِيهه ورھيه ٿيا ويرھ ڪندي پر،
    قرض مٿان پئي قرض چڙهيو ٿي،
    خاوند هُن جو رئيس وڏي جي،
    ونگارن ۾ روز وَنگيو ٿي.
    ٽڪو پئسو ڪونه بچيو جو،
    سرديءَ ۾ ڪا چادر وٺجي،
    واءُ اُتر جي وَڍَ وڌا ٿي،
    جوڀن سان ڀرپور بدن ۾،
    اوڍڻ خاطر لِيڙَ نه اڳڙي،
    سوچيائين پئي پنهنجي من ۾،
    سامهون هئي جا رئيس وڏي جي،
    اوچي اوچي لال حويلي،
    سوچيائين ڪَرَ هلي وڃان مان،
    سيءَ بچاءُ لئه هُتِ اڪيلي.
    رئيس جو ڪوئي منشي نوڪر،
    لڄ لُٽي ڪر ڀل لٽي،
    پر سيءُ مان ٿوري جند ڇُٽي.
    تنهن پل غيرت جاڳي پئي،
    ۽ هارياڻيءَ جي هوڏ وڌي،
    هوءَ ڀونگيءَ ڀر مان ڪين چُري،
    ۽ ڏڪندي ڏڪندي باک ڦٽيءَ جو،
    ڀُرڻي ڀِٽ جيان پاڻ ڀُري پئي،
    رات ڪريو جو پارو تنهن ۾،
    هارياڻي هُوءَ نيٺ مري وئي.


    لاهياري او لاهياري

    لاهياري او لاهياري تون،
    ڏانٽي سان جو ايئن جُھڪين ٿي،
    تنهنجون اڀريل ڇاتيون ڇُلڪن،
    منهنجي من جي مت کسين ٿي.
    ڪيڏي تو ۾ ڇڪ رکي آ،
    توکي ٺاهڻ واري مالڪ،
    تون ته صدين جي گونجارن جو،
    سوڀيا بڻيل گيت لڳين ٿي،
    نيڻ ڪٽورا جيئن کڻين ٿي،
    مونکي پاءِ جُوھ ڏسين ٿي.
    مڪليءَ جي ماٺارن وانگي،
    نيل گگن جي تارن وانگي،
    دل تي پنهنجي ڌاڪ رکين ٿي.
    نيڻ اٿئي جي زهر ڪٽورا،
    تن مان ٿورو اوتي ڏيندينءُ،
    پوءِ ڀي مان سقراط نه ٿيندس.
    تنهجي سونهن ته مرڻي ناهي ،
    صدين تائين رهڻي آهي،
    گيت ڪويءَ جو بنجي ڪوئي،
    واپس ور ور ورڻي آهي.
    پر او سنڌ جي سهڻي ناري،
    ڄاڻين ٿي تون تنهجي سونهن جو،
    ويري آخر ڪير آ بنيو . . .؟
    ڪارو ڪوجھو پير، وڏيرو،
    ڪاري توکي ڄاڻائيندو،
    ڀاءُ هٿان ئي ڪُهرائيندو،
    يا ته “چَٽِيءَ” ۾ توکي زوريءَ،
    ڪمدارن سان پرڻائيندو،
    تنهجو داد نه ڪوئي ٿيندو،
    جوڀن تنهجو ڏنڀَ جھليندو،
    اهڙي آهي ڌرتي تنهجي،
    لاهياري او لاهياري ڏس،
    ڪهڙي آهي ڌرتي تنهنجي ... !


    ڇا ڏات اجهامي ويندي آ؟

    جنهن پل ڪاري رات کُٽي ۽،
    پرھ سندي پرڀات ڦٽي،
    ڪوئل جي ڇا لات اجھامي ويندي آ ؟
    شاعر ته بنجي خاڪ آ ويندو،
    ڏات اجھامي ويندي آ ڇا؟
    انڌڪاري جي اوٽ وٺي،
    جي جُگنا جھرمر جرڪن ٿا،
    تاڙي جي به تنوار اچي،
    ۽هنج تلاءُ ۾ ڪرڪن ٿا،
    سا بات اجھامي ويندي آ.. ؟
    ڇا ڏات اجھامي ويندي آ ؟
    مٽيءَ مان جو ماڻهو مهڪيو،
    جيون سان هت ٽِليو ٽهڪيو،
    هڻڪيو، سهڪيو،
    پوءِ ڀي تنهن آ هر پل مرڪيو،
    تاريخن جا تَرَ اُڊوڙي،
    تنهن آ جيڪو گيت ئي سرجيو،
    هوندي سا گونجا ر هميشه،
    شمع ٻرندي، ٻرندي آخر،
    ڪا ته اجھامي ويندي آ،
    ڇا ڏات اجھامي ويندي آ..؟


    مونکي ڇو نه سڃاڻين ٿو

    مونکي ڇو نه سڃاڻين ٿو اڄ . . . ؟
    ڄاڻين ٿومان آهيان ڪير.
    گھاڻي ۾ تو پيڙايو هو،
    ماس هڏن تان ڪپرايو هو،
    سوليءَ تي تو مونکي چاڙهيو،
    هڏ ڪٽيا ۽ چم چٿاڙيو،
    گُھوري تڪي تاڻين ٿو اڄ،
    مونکي ڇو نه سڃاڻين ٿو اڄ . . . ؟
    تنهنجي ٻولي ڪونه پڙهي مون،
    ڄڀ منهنجي ڪٽرائي تو هئي،
    جنهن جي زوري لڄ لُٽي تو،
    سا به ته ڄائي منهنجي ئي هئي.
    جيڪي کيت اجاڙيا ها تو،
    پگھر سان مون پوکيا ها سي،
    جيڪي خنجر گھاڙيا ها تو،
    ڇاتيءَ سان سي روڪيا ها مون،
    ڪُتا بَڇيا ڪڙمين کي تو،
    گيت صدين جا ڳاتا ها مون،
    تنهنجو منهنجو وير ازل کان،
    ڌرتيءَ تي انڌير ازل کان،
    ٻيهر آئون موٽيو آهيان،
    موت مُئي کي مات ڏئي ۽،
    توسان جنگ ۾ جوٽيو آهيان،
    تون ڀي لشڪر آڻين ٿو ۽،
    مونکي ڇو نه سڃاڻين ٿو اڄ . . . ؟


    سِبيل چپن جو سڏ

    هر هر ڪيڏو ساھ مُنجهي ٿو،
    چوڌاري ٿس ڄڻ ڪو ڪوٽ،
    سورنهن ساله ڪنواري ناري،
    پنجاهه ساله پوڙهو گھوٽ.
    جذبن ۾ جا باھ لڳي سا،
    ڀنڀٽ بڻجي ڀڙڪي پئي آ،
    هلڪيون هلڪيون آهون دانهون،
    سُڏڪي سُڏڪي رات ڪٽي آ،
    جيون ٿي پيو زهر نسورو،
    جلد گُھري ٿي هاڻي موت،
    سورنهن ساله ڪنواري ناري،
    پنجاهه ساله پوڙهو گھوٽ.
    نياڻيءَ جا ڄڻ سبيل چپڙا،
    ڪين ڪڍي ڪي ٻِڙڪون ٻاهر،
    پوڙهي پيئر پاڻ جيڏي کي،
    سڱ ڏنو آ پئسن خاطر،
    لالچ لاءِ رت جي رشتن،
    ۾ ڏس آهي ڪيڏي کوٽ،
    سورنهن ساله ڪنواري ناري،
    پنجاھ ساله پوڙهو گھوٽ.


    ڪڏهن ايندينءَ؟

    مڪليءَ جي اوڀر ڪنڌيءَ تي،
    ماتا شنگھه ڀواني مندر،
    ۾ آديپ اجھاڻو آتو.
    چنڊ جي هن چانڊاڻ چِٽيءَ تي،
    ٿوهر ڪوئي گيت آ ڳاتو.
    ڪڏهن ايندينءَ.. ڪڏهن ايندينءَ ؟
    تولئه ديپ اجھاڻو آتو.
    پنهنجي ڪومل ڪومل هٿ سان،
    ديپ جلائي ڪڏهن ويندينءَ ؟
    ڪڏهن ايندينءَ .. ڪڏهن ايندينءَ ؟
    تولئه ديپ اجھاڻو آتو.
    ماتا جي هن مندر ۾ جي،
    تون جو ناهين سڃ لڳي ٿي،
    مندر ڀرسان ٽڪريءَ تي جي،
    ٿوهر بيٺل ڳاٽ اوچي سان،
    تن کي تنهنجي سڪ لڳي ٿي.
    تون او “جنتا” تون او “ڪومل”،
    تون او “برکا” تون او “ڪونپل”
    تو بن هي سڀ ديپ اجھاڻا،
    تو بن ٿوهر ڀي ويڳاڻا.
    سڪ ۾ آتي سانجھي آهي،
    آتي مڪلي آتا ٿوهر،
    مڪليءَ جي اوڀر ڪنڌيءَ تي،
    ماتا شنگھه ڀواني مندر.
    ڪجلي اکڙين سان اوتي تون،
    ڏيئن ۾ جو ڏات ڀريندينءَ،
    ڪڏهن ايندينءَ.. ڪڏهن ايندينءَ ؟
    مڪليءَ جي اوڀر ڪنڌيءَ تي،
    ماتا شنگھه ڀواني مندر،
    ڪڏهن ايندينءَ. . ڪڏهن ايندينءَ ؟


    سچ جو آواز

    ڪالھه ڏٺو مون قيد دريءَ مان،
    سامهون “ڏاڍو” بيٺو هو.
    دهشت ڀريون لال اکيون ۽،
    لَٺ لُواڙيو بيٺو هو.
    سيخن مان مون سڏ ڪيو اچ،
    مونکي هڪڙي ڳالھه ٻڌائي،
    “ڏاڍا” تنهنجي لٺ ٻڌو ٿم،
    ٻن مٿن سان هوندي آهي،
    ڇا هي سچ آ؟ ڇا هي سچ آ ؟
    “ڏاڍي” هڪڙو ٽهڪ ڏنو ۽ ،
    هيبت سان هي جواب ڏنائين،
    هر زمانو منهنجي تابع،
    منهنجي رعب ۽ منهنجي داٻي،
    هيڻن کي هٻڪايو آهي،
    باغين کي لٽڪايو آهي،
    اڄ تون آهين قيدي شاعر،
    توکي ڀي لٽڪايو ويندو،
    منهنجي لٺ سان توکي چٿري،
    نيزي تي ٽنگرايو ويندو.
    “ڏاڍو” آهيان منهنجي لٺ ڀي،
    ٻن مٿن سان هوندي آهي،
    ها هي سچ آ . . ها هي سچ آ . .
    مرڪ پساري کيس چيو مون،
    “ڏاڍا” تنهنجي لٺ ٻڌائي،
    گيتن کي ڇا گھائي سگھي آ ؟
    جذبن کي مارائي سگھي آ ؟
    باک ڀنل جي سپنا جاڳن،
    تن کي لٺ مِٽائي سگھي آ ؟
    هي ڀي سچ آ . . هي ڀي سچ آ ..
    سچ کي ڪين ڪهائي سگھي آ،
    هي ڀي سچ آ . . هي ڀي سچ آ . .


    مُجري کانپوءِ

    مُجري کانپوءِ سوچان ٿو مان،
    نچڻيءَ ڪهڙو گيت هو ڳايو . . . ؟
    مون نه انهيءَ جا ٻول ٻُڌا ۽،
    ڇيرن ۾ جو ساز هيو،
    اُن تي منهنجو راز هيو،
    پيرن جي جا پهل پَٽن تي،
    مون لئه ڄڻ هو لوڻ ڦٽن تي،
    صدين کان ڇنڪار اهائي،
    گونجي منهجي من مندر ۾،
    رات انهيءَ کان سرس سوائي،
    ڇمڪي منهنجي ڇير اندر ۾،
    گَھورَ وڃان تنهن گھنگهروءَ تان جنهن،
    منهنجي من ۾ رَس رچايو،
    مجري کانپوءِ سوچيان ٿو مان،
    نچڻيءَ ڪهڙو گيت هو ڳايو؟


    ماريل ڪونج جو مرثيو

    هوءَ جا،
    هڪڙي ڪونج مري پئي،
    تنهن تي سارو ڏينهن اُتي ئي،
    سڀني ڪونجن ڦيرا پاتا،
    وڳ سڄي پي نوحا ڳاتا.
    مارِيءَ هٿ ۾ ڪانِ کنيل هو،
    ترس نه تنهن کي مُورِ پيو ڪو،
    ڪونج سراپا سونهن لڳي ٿي،
    راحت روح ورونهن لڳي ٿي،
    ان جو ڪنهن سان وير نه ڪوئي،
    دل ۾ ڪنهن لئه مير نه ڪوئي،
    لات لنوي ڪا بات ڪيائين،
    نينهن جو نغمو آلاپيائين،
    ماريءَ کي سو گيت ڏنگي ويو،
    ڪَست منجھان جو ڪانِ هنيائين،
    ڪونج ويچاري،
    ڪرڪي ڪرڪي،
    نيل گگن تان هيٺ ڪِرِي پئي،
    سُر آلاپي ساھ ڏنائين،
    هوءَ جا هڪڙي ڪونج مري پئي،
    تنهن تي سارو ڏينهن اُتي ئي،
    سڀني ڪونجن ڦيرا پاتا،
    وڳ سڄي پئي نوحا ڳاتا.


    چڙهندڙ سج جا پوڄاري - 1

    تون نڪ ڪپائي ويٺو آهين،
    هر بازي تنهنجي آهي ڀاري،
    پيو جانچين ٿو آ ڪنهن جي واري،
    هر چڙهندڙ سج جا او پوڄاري،
    تو ڇا نه وڪيو، ڇا ڇا نه وڪيو آ،
    تو شعور وڪيو، ايمان وڪيو آ،
    تو گيت وڪيا، آواز وڪيا هِن،
    جي روح کي ريڀي ريجھائين ٿا،
    تو اهڙا سارا ساز وڪيا هِن،
    تو ڌرتيءَ جا ۽ ڌرتيءَ وارن،
    تو پيارن پيارن سادن ماڻهن،
    جي روح جا سارا راز وڪيا هِن،
    تون مند مطابق مٽجي ويندين،
    هر سال نئون تون روپ ڍڪيندين،
    تون واعدا پنهنجا وڪڻين پيو ٿو،
    تون ساک وفا ۽ ساڃاھ ساري،
    ۽ جذبا پنهنجا وڪڻين پيو ٿو،
    جو سج نئون ٿو اُڀري تيڏانهن،
    تون جھٽ ۾ ڀڙڪي ڀڙڪو ڏيندين،
    جو سج لهي ٿو ويرانين ۾،
    تون تنهن کي پويان ڀُونڊو ڏيندين،
    تون خالي کوھ ۽ تتل واري،
    ڪا توڏانهن ايندي ڪيئن اُڃاري،
    هر چڙهندڙ سج جا او پوڄاري.


    چڙهندڙ سج جا پوڄاري - 2

    تون نڪ ڪپائي ويٺو آهين،
    هر بازي تنهجي آهي ڀاري،
    پيو جانچين ٿو آ ڪنهن جي واري،
    هر چڙهندڙ سج جا او پوڄاري.
    تو دين وڪيو ايمان وڪيو،
    تو رهبر جو فرمان وڪيو،
    تو ساز وڪيا آواز وڪيا،
    تو انساني انداز وڪيا،
    تو نينهن نڪورا ناز وڪيا،
    تو دل جا پويتر راز وڪيا،
    تو پنهنجو شان ۽ مان وڪيو،
    تو مطلب خاطر ڇا نه وڪيو ؟
    تو پاتي آهي غلاميءَ جي،
    هي چادر دانگيءَ جهڙي ڪاري،
    هر چڙهندڙ سج جا او پوڄاري.
    تون غيرت جي للڪار ٻڌي،
    ڏس ڪنڌ جھڪائي ڇو آڇڏيو؟
    تو قوم ڪُٺي آ قَسمنِ تي،
    تو قوم جو سودو ڪيئن ڪيو ؟
    تو آهي لڄايو دودي کي،
    تون ڀاءُ چنيسر جهڙو آن،
    جيئن ٻگھِه ڦلوڙهي ڍونڍ ڊَهو،
    تون ٻگھه ۽ ڳجھن جهڙو آن،
    تاريخ تي داغن جھڙو آن،
    تون نر نڪوئي آهين ناري،
    هر چڙهندڙ سج جا او پوڄاري.
    تون آزاديءَ جو دشمن آن،
    تو پاڻ غلامي آهي قبولي،
    تو لاءِ ٻڏڻ ئي بهتر آ،
    دودن جي لئه آهي سُولي،
    تون ڪيئن ته ڄاڻين جذبن کي ؟
    تون محبت تي ڀي آهين ٺٺولي،
    آ بهتر تون هيءَ جوءَ ڇڏي وڃ،
    منهنجي پويتر ڀونءَ ڇڏي وڃ،
    تاريخ به توکي ٽنگيندي،
    تو پَرِ اهيا جي آهي پاري،
    هر چڙهندڙ سج جا او پوڄاري.


    پير گَهٽا جي گهورن جا

    پير گَھٽا جي گھورَن جا هي،
    چانڊوڪيءَ جي چورن جا هي،
    ڪيسيتائين وڙول ڪندين تون؟
    چوڌاري چوٻول ڪندين تون؟
    پير ته ڌرتيءَ دڳ تان نڪتا،
    پير افق جي اڳتان نڪتا،
    پير سنڌوءَ جي رکوالن جا،
    آزاديءَ جي متوالن جا.
    ڄڻ ته چڪور ٿي اڏريا آهن،
    نينهن نئين سان نبريا آهن،
    ڪيسين پيرا ڳوليندين تون؟
    ڪيسين خود کي روليندين تون؟
    سانجھه لڙيءَ جو هنج اڏاڻا،
    تن جا لهندين ڪٿ ٺڪاڻا ؟
    گيتن ۾ ئي ڳولي وٺ جان،
    سانوڻ رُت سان جرڪيا جي تِن،
    کيتن ۾ ئي ڳولي وٺ جان.
    ٿر جي دل ۾ دڙڪن ٿا جي،
    پير اٿئي تن مورَن جا هي،
    پير گھٽا جي گھورَن جا هي،
    چانڊوڪيءَ جي چورن جا هي.


    چنڊ کان تنهنجا ڏَسَ پڇان ٿو

    هر رات بدن ۾ باھ لڳي ٿي،
    ڄڻ ڪي کُورا ڀڙڪن ٿا ايئن،
    تازي پرڻيل ڪنوار جي تن ۾،
    پهرين رات جو آس تپي جيئن .
    تون دور هلي وئي آهين جانان،
    چنڊ کان تنهنجا ڏَسَ پڇان ٿو،
    کوري وانگي کامان پيو ٿو،
    پنهنجي من ۾ پاڻ لڇان ٿو.
    تنهجي تن جون گرميون، شوخيون،
    روح جي گھراين ۾ آهن،
    اڄ ڀي سي پل گھايل ڪن ٿا،
    يادن جي آئيني ۾ جي،
    ور ور ڏيئي روز ورن ٿا.
    جيڪي توسان گھاريا ها مون،
    چنڊ جي چوڏهين رات هئي ۽،
    تنهنجي ڳل تي باک ڦٽي هئي.
    منهنجي من جو مِينهن وسيو هو،
    تنهنجِي آڳر آلي ٿي هئي.
    منهنجي ڪوري ڪاغذ جهڙي،
    خالي خالي جيون تي،
    سي پل ٿي تاريخ ويا هِن،
    اونداهيءَ ۾ تنهائيءَ جي،
    گَھرِي بنجي چيخ ويا هِن،
    تو بن جانان ائين ٿو ڀانيان،
    تتل واريءَ تي هان ليٽيل،
    چڳ هٽائي چپ چمڻ لئه،
    من پکيئڙو آهي اڃايل،
    واءُ اُتر جو جيئن گھلي ٿو،
    تنهن جي سُر سان مان به رچان ٿو،
    تون دور هلي وئي آهين جانان،
    چنڊ کان تنهنجا ڏَسَ پڇان ٿو.


    محفل ۾

    منهنجي ننڍڙي محفل ۾ ڪي،
    پيارا ماڻهو ايندا آهن،
    ڪن سان ڀوڳ مذاقون چرچا،
    ڪن سان جهيڙا ٿيندا آهن،
    رنج اسانجو منٽ ٻه ٽي آ،
    ٻيهر پرچي ويندا آهيون،
    ساڳيو قرب ونڊيندا آهيون،
    ڳالهيون ڪونه ڳنڍيندا آهيون.


    هوءَ مهاڻي ساماڻي جا

    چنڊ چڙهيو آ سنڌوءَ تي،
    مئِي ۽ مڪڙي سِيرَ منجهان،
    ڪپ ڏي موٽي هاڻ اچي پئي،
    ڪيڏي هوءَ ته اُڪير منجهان.
    هوءَ جا مهاڻي ساماڻي آ،
    ڄڻ ته وطن جي راڻي آ،
    رات انڌاري ۾ جو اُٿي ٿي،
    ڳل تان وارن چڳ هٽائي،
    ڄڻ ڪا ساجھر باک ڦُـٽي ٿي،
    کِکَ جو کاريون کيس مٿي تي،
    هر هڪ انگ مان نينهن ڇنڊي ٿي.
    هن جو جوڀن جر تي جلوو،
    چنڊ جيان هوءَ چمڪا ڏيئي ٿي.
    هن جو ڪو ميهار نه آهي،
    جنهن لئه درياهه پار ڪري،
    هن جي جيون جي چادر تي،
    ٽِڪَ نه ڪائي ٽاڪيل آهي،
    سپنن سان جو ڄار اُڻي ٿي،
    تنهن تي پنهنجا نير سُبي ٿي،
    نور نچوئي ننڊ ڦٽائي،
    اوجاڳن ۾ رات ڪٽي ٿي.
    هوءِ صدين کان جاڳيل آهي،
    سنڌوءَ جي جا سِيرَ ڪَڇي ٿي.
    درياهه جي دهشت ۽ ڪڙڪا،
    لهرن جا سڀ سُر ٻڌي ٿي،
    جيون جوڀن پاڻ نپوڙي،
    درياهه کي جو دانِ ڏيئي ٿي.
    ان پسيني جي خوشبوء ڀي،
    صدين تائين رهڻي آهي،
    سنڌوءَ جي هن سِيرَ مٿان سا،
    ڇولين سان گڏ ڇُلڻي آهي.


    ضمير مونکي چوي ٿو شاعر

    وڏي حويلي وڏيون ديوارون وڏي ڪا نياڻي اڃان روئي پئي،
    صدين کان آ قيد ۾ ئي ڄمي ساماڻي اڃان روئي پئي،
    قرآن سان پئي لهي ٿي لانئون انهيءَ جون آهون خدا ٻُڌين پيو ؟
    ضمير مونکي چوي ٿو شاعر اُٿي لکي وٺ اڃان ڏسين پيو.

    پَرائي تڙ تي پرايون مايون اڙي ڇڇورا تڪين پيو ٿو،
    جي ڀيڻ پنهنجيءَ جو مائٽ ڪنهن سان کلي ڳالهائڻ ٻڌي وٺين ٿو،
    چوين ٿو ڪاري آ ڀيڻ منهجي هٿن سان تنهن جو ڳلو ڪپين پيو،
    ضمير مونکي چوي ٿو شاعر اُٿي لکي وٺ اڃان ڏسين پيو.

    بڊي جي اُس ۾ ٻني پنهنجيءَ تان، هڻي ڪوڏارون ٿڪي وريو آ،
    بخار ۾ ٿس معصوم پٽڙو، وڏيري هُن کي وري چيو آ،
    ته قرض عيوض ڏي ڇوڪري تون، نه تون جي پئسا ڏئي سگھين ٿو،
    ضمير مونکي چوي ٿو شاعر اُٿي لکي وٺ اڃان ڏسين پيو.

    شهيد جنگ ۾ سپاهي ٿي ويو، وني انهيءَ جي هنجون ٿي هاري،
    ٻه ٽي ڏهاڙا وڏيون انعامون، ٻچا به هاڻي پني ٿي پاري،
    ڏسين پيو جيجل صدا هڻي پئي، اڃان به مؤرخ ننڊون ڪرين پيو،
    ضمير مونکي چوي ٿو شاعر اُٿي لکي وٺ اڃان ڏسين پيو.

    کڻي بندوقون هو ڌاريا ڏس، ته سنڌ کي ڪيئن ڦُرڻ ٿا چاهينِ،
    پليد پيرا رکي هتي هو، ته عصمتون سڀ لُٽڻ ٿا چاهين،
    نه ماءُ ڌرتيءَ جي ياد ڪائي، تون يار تي ئي اڃان لکين پيو،
    ضمير مونکي چوي ٿو شاعر اُٿي لکي وٺ اڃان ڏسين پيو.


    سِڪ جو سنگيت

    اهڙا سنڌ سيارا تون نه ڪڏهن سنڀرين !
    رڦڻي رڦڻي سرد هوا ۾،
    هي جي پارا تون نه ڪڏهن سنڀرين !
    هوءَ جا سرتي ساهڙ جي لئه،
    وار وڇايو ويٺي آهي.
    اُڀَ ۾ تارا ٽمڪن ٿا هوءَ،
    ڪنڌ لمايو ويٺي آهي.
    رات انڌيري من ۾ ماتم،
    ديپ جلايو ويٺي آهي،
    سرديءَ کان بي پرواھ سرتي،
    آس لڳايو ويٺي آهي،
    اکڙين ۾ جا آڳ اُماڙي،
    من گرمايو ويٺي آهي،
    تنهن جو جوڀن ائين ٿو ڀڙڪي،
    سرد هوا ڀي ان کان ٿڙڪي،
    جذبن جيڪا تات ڏني آ،
    سرديءَ کي اُن مات ڏني آ،
    هن جي من جي مسجد مندر،
    ساهڙ جي لئه سجدو ڪن ٿا،
    هن جي من ۾ اُڃ پِيا جي،
    سرديءَ جي ٿس سار نه ڪائي،
    هن جي سڪ سنگيت بڻي آ،
    تنبوري جي تار نه ڪائي.


    خدا جي ڳولا....

    يا رب !
    تون زمين ۽ آسمانن جو نور آهين،
    هي تنهنجي خلقيل مخلوق،
    تنهنجي ڏَسيل ڏَس تان ڀلجي ويئي آهي،
    هي ماڻهو ڪيڙن ۽ ماڪوڙن جيئن،
    ڀٽڪي رهيا آهن.
    هنن توکي گھڻو ئي ڳوليو آهي،
    پر کين تون نظر نٿو اچين ....... !
    هنن اوچيون اوچيون مسجدون ٺاهيون آهن،
    مندر ۽ گرجا گھر اڏيا آهن،
    هو ڪليسا تان بيهي توکي ڏسڻ جي ڪوشش ٿا ڪن !
    تون هنن جي اندر ۾ لڪيل ڪرڀ کي ڄاڻين ٿو،
    هي پنهنجي مفاد جا قانون به،
    تنهنجي نالي تي مڙهڻ چاهين ٿا.
    هنن جي من ۾ اُهي سڀ جبلتون آهن،
    جيڪي ڪنهن چير ڦاڙ ڪندڙ جانور ۾ آهن !
    تون هنن کي واٽ ڏَس،
    تون هنن جي شعور کي سرشار ڪر،
    جو هي اکيون ٻوٽي به توکي پسي سگھن،
    ۽ ائين ماٺا ٿي وڃن،
    جيئن گجندڙ درياهه سمنڊ ۾ سمائجي،
    ماٺو ٿي ويندو آهي.
    يارب !
    مونکي پڪ آهي ته هي جڏهن توکي پسي وٺندا ته،
    ماٺا ٿي ويندا، پُرسڪون ٿي ويندا،
    هنن جون هڪٻئي تي کڄندڙ تراريون ڪِري پونديون،
    ۽ منهن مونن ۾ هڻي ويهي رهندا،
    هي توکي ايئن پيا ڳولين،
    جيئن،
    ڪو انسان پنهنجي دل ۽ گڙدن کي دنيا ۾ ڳولڻ لڳي،
    کيس خبر نه هجي ته پنهنجو اندر چيرڻ سان ئي،
    پنهنجي دل ۽ گڙدا پسي سگھجن ٿا ............... !


    گُناهه ...

    اسان کي ننڍپڻ کان ئي ٻڌايو ويو آهي ته،
    عورت کي ڇهڻ وڏو گناھ آهي.
    ڪنهن عورت کي ڏسڻ به ڏوھ آهي،
    ڪنهن حسين حور جهڙي،
    راڻيءَ جي رسيلي بدن مان
    جوڀن جي موج ماڻڻ ته،
    ناقابل معافي پاپ آهي.
    ته پوءِ،
    اهيو ڪيئن ٿيو جو ...... ؟
    مولويءَ جا ٻه لفظ پڙهڻ کانپوءِ،
    ان عورت سان سمهڻ،
    سندس بدن جي انگ انگ مان مزا ماڻڻ،
    جائز ٿي پيو آهي ...؟
    ذهن سوچي ٿو ته،
    هر ڪبيري گناھ ڪرڻ کان اڳ،
    مولوي کان ٻه لفظ پڙهايون ته پوءِ،
    اهيو جائز ٿيڻ کپي ... !
    مان شراب جي بوتل کي،
    مولوي ڏانهن کڻي وڃان ٿو،
    ٻه لفظ پڙهائي پي ڇڏيندس،
    يقينن پوءِ مونکي ڪو به نه چوندو ته،
    شراب حرام آهي .....


    محبتن جي اڻاس

    محبت،
    هڪ ڪائناتي حقيقت آهي،
    محبت اها ٻولي آهي جنهن کي،
    جانور به سمجھن ٿا.
    محبت،
    جنهن جا ڪي به اصول ناهن هوندا،
    ڪي به سرحدون ناهن هونديون،
    محبت جا ڪي به قانون،
    پابنديون ۽ تهذيبون ناهن هونديون.
    محبت ته قانونن، مذهبن ۽،
    سرحدن توڙي تهذيبن کان بالاتر هوندي آهي.
    پر،
    افسوس جو انسان پاڻ،
    تهذيبن ۽ اصولن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هئڻ ڪري،
    محبت کان وانجھيل آهي.
    انسانن،
    محبت کي به ائين قيد ڪرڻ چاهيو آهي،
    جيئن پاڻ کي اخلاق ۽ تهذيبن ۾ جڪڙي رکيو آهي.
    ان ڪري محبت،
    انسانن جي اندر مان ائين تڙجي ويئي آهي،
    جيئن آدم کي،
    جنت مان تڙيو ويو هيو.


    شعور ۽ فطرت

    صدين جي تاريخ شاهد آ،
    ته فطرت جا رُخ ڪو به موڙي ناهي سگھيو،
    نڪوئي فطرت کي واڳ وجھي سگھيو آ.
    فطرت هڪ بي پناھ قوت آهي،
    جنهن تي غالب اچڻ ناممڪن آهي.
    هزارين سالن جي انساني تاريخ ۾،
    شعور جي ارتقا جا باب کولي ڏسو،
    ملان، ڏاها، استاد، بزرگ ۽،
    سڀئي معتبر ماڻهو،
    ازل کان جنس جا دشمن بڻيل آهن.
    پر،
    ڇا اهي روڪي سگھيا آهن ؟
    جو مٿن جواني نه اچي،
    سندن اولادن ۽ شاگردن کي،
    جنس جي قوت ۽ جذبي کان روڪي سگھيا آهن ؟
    هر نينگري جوان ٿئي ٿي،
    هر نينگر جوڀن سان سرشار ٿئي ٿو،
    ۽ بنا ڪنهن روايتي ناتي ۽ رشتي جي،
    هو آلاپين ٿا،
    “مان تنهنجو هان، مان تنهنجي هان”
    ڇا مولوي جي اجازت کانسواءِ،
    سندن سرير ۾ جنس جو جذبو نٿو جاڳي ؟
    ڇا هو مائٽن، استادن ۽ بزرگن جي،
    اجازت کانسواءِ،
    جيون جي جنسي پُر لُطف لمحن سان سرشار نٿا ٿين ؟
    چئو ته فطرت سڀ رڪاوٽون ٽوڙي ٿي ڇڏي.
    چئو ته،
    ڪا به فتوى فطرت جو رستو نه روڪي سگھي آهي،
    اهي معتبر ماڻهو،
    صدين کان انسان کي پنهنجي ئي وجود خلاف،
    پنهنجي جيون جي جبلتن خلاف،
    ويڙھ جي ترغيب ڏيئي رهيا آهن.
    پر فطرت انهن اصولن کان مٿاهين آهي،
    ۽ انساني جيون ۾ موجود فطري رُخ،
    ضرور ڪَر موڙي جاڳن ٿا،
    ۽ انساني اصولن ۽ تهذيبن کي،
    چڪنا چور ڪندا رهن ٿا.


    چنڊ

    اي چنڊ،
    کير جهڙا اڇا چنڊ،
    چاندي جهڙا چمڪندڙ،
    ۽ سنڌوءَ جي سفيد واريءَ جيان،
    تجلا ڏيندڙ چنڊ،
    تون ڪيڏو نه اڇو آهين،
    تون ڪيڏو نه سهڻو آهين ۽ سندر آهين !
    آئون ازل کان،
    صدين کان،
    هن مايوسين جي ڌرتيءَ تان،
    توکي تڪيندو رهيو آهيان،
    هن ظلم ۽ ستم جي نگريءَ مان جھاتيون پائي،
    تنهجي اڇاڻ ۽ سندرتا کي حسرت مان،
    ڏسندو رهيو آهيان.
    تون مونکي نهايت ئي وڻندڙ ۽ دلڪش لڳندو آهين،
    تون حُسن جو مينار آهين.
    پر ..... !
    چون ٿا ته تون ڪارو آهين،
    ڪوجھو ۽ بدصورت آهين،
    تنهنجي سيني تي کڏا ۽ بدشڪلا، پٿر ئي آهن،
    ۽ ٻيو ڪجھه به نه ... !
    تون ويجھي کان نهايت ئي بدصورت لڳندو آهين.
    پر.... !
    اهيو سڀ ڪجھه اهي انسان ٿا چون،
    جيڪي خلائي جهازن ۾ چڙهي تو تائين پهتا آهن،
    جن تنهجي حُسن تي ڪاھ ڪئي آهي،
    جن تنهجي سونهن ۽ اڇاڻ تي،
    قبضو ڪرڻ ٿي چاهيو.
    پر . . . . . .!
    مون هميشه توکي،
    هن ڌرتيءَ تان بيٺي ڏور کان ڏٺو آهي،
    وڇوڙي جي ويرانين مان ڏٺو آهي،
    جدائيءَ جي حدن مان بيهي،
    حسرت ڀرين نگاهن سان ڏٺو آهي،
    سنگدل انسانن جي وچ مان،
    رات آڌيءَ جو گھر جي ڇت تان،
    جاڳندي ڏٺو آهي.
    مون چڪور جيان توکي چاهيو آهي،
    تون مونکي هميشه سندر لڳو آهين،
    ۽ سندر ئي لڳندو رهندين.
    سائنس جا ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ به،
    آئون اهيو اعتبار هرگز نٿو ڪريان،
    ته ڪو تون ڪارو ۽ ڪوجھو آهين،
    ويجھي کان بدصورت ڏسڻ ۾ ايندو آهين،
    نه هرگز نه ... !
    تون ڪيڏو نه اڇو آهين،
    تون ڪيڏو نه سُندر آهين،
    آئون ازل کان،
    صدين کان هن مايوسين جي ڌرتيءَ تان،
    توکي تڪيندو رهيو آهيان،
    اي چنڊ،
    کير جهڙا اڇا چنڊ.


    منهنجو بابا نيٺ هليو ويو

    مونکي جيجل جيئن ڄڻيو،
    اکڙيون مون ڪين اُپٽيون هيون،
    اهنجي دنيا ڏسڻ کان اڳ،
    ڏاڍو مون ٻاڪاريو هو.
    مونکي دنيا ڀانءِ نه پئي،
    ڪين جيئڻ جي مانگ مون ڪئي،
    مونکي زوريءَ آندو ويو ۽،
    جيون واڙي واڙيو ويو.
    مون ماتم برپا خوب ڪيو،
    مون ٻاڪاريو هو تڙپيو هو،
    ۽ راڙ مچائي رڙيو هو.
    ٻن ورهين جي ويل لنگھي وئي،
    مون، هڪڙو منٽ به ماٺ نه ڪئي،
    مون رات رُنو مون ڏينهن رُنو،
    مون ننڊ ڦٽائي امڙ جي،
    مون تنهن کي سمهڻ ڪين ڏنو،
    مون هر هر ڄڻ ورجايو پئي،
    هيءَ دنيا مونکي ڪونه کپي.
    پوءِ، مونکي آخر ڄڻيو ڇو ويو،
    غير نگر ۾ آندو ڇو ويو . . . ؟
    مونکي ماٺ ڪرائڻ لاءِ،
    بابا ويڄ وڙوليا ڪيئي،
    ننڊ جو شربت پياريو ويو،
    ۽ مونکي ننڊ سمهاريو ويو.
    بابا مون لئه بسڪيٽن جا،
    آڻيندو هو ڪيئي بڪسا،
    کٽمٺيون ڀي آڻيندو هو،
    مونکي ڏاڍو ڀائيندو هو.
    مون لئه آندل کٽمٺين کي،
    پنهنجي ٻاتين ٻولين ۾ ئي،
    “ڇمچون” “چيپون” چوڻ سکيو مون،
    “چيپون” کائي ماٺ ڪري مان،
    سمهي رهيس سانت ڪري مان.
    نيٺ جواني نسري پيئي،
    دل دنيا تي اُتري پيئي،
    جوڀن جا مس گونچ ڦٽا جو،
    منهنجو بابا نيٺ مري ويو . . . . !
    منهنجو سارو جيءُ جھري پيو،
    انگ انگ کان هي ڏيل ڏري پيو،
    بابا جي بي ست بدن کي،
    کٽ تي آڻي ليٽايو ويو،
    کٽ جي سيرانديءَ کان ويهي،
    ڏاڍو مون ٻاڪاريو هو ۽.
    راڙ ڪري مون خوب رنو هو،
    لڙندڙ سج کي للڪاريو هو،
    “ڇمچون” “چيپون” ڪنهن نه ڏنيون،
    منهنجون ڪيڪون ڪنهن نه ٻڌيون،
    منهنجا سارا ڇيھه ڇڄي پيا،
    جيون جا سڀ ٽار ٽٽي پيا.
    منهنجو بابا آرامي آ،
    شهر جي اُترئين قبرستان ۾،
    آئون جيون جا هي سارا،
    ٻوجھه کڻي پيو ڀٽڪان وچڙان،
    من اندر ۾ اڻ تڻ سانڍي،
    هر هر وياڪل سوچان ٿو،
    مونکي دنيا ڀانءِ نه پئي،
    ڪين جيئڻ جي مانگ مون ڪئي،
    مون کي زوري آندو ويو ۽،
    جيون واڙي واڙيو ويو.


    ماريو ڇو ويس...؟

    تون پُڇين ٿو ته “مان ماريو ڇو ويس...؟؟
    انڊيا جي فلم “روبوٽ” ڏِس،
    جنهن ۾
    پُرزا پُرزا ڌار ڪري ميوزم ۾ رکيل،
    روبوٽ “چِٽي” کي ڏسي،
    هڪ اسڪولي ٻارڙي،
    استادياڻيءَ کان پڃيو ته،
    “هن کي ايئن پُرزا ڇو ڪيو ويو...؟
    ته ميوزم ۾ رکيل روبوٽ وراڻيو،
    ان ڪري جو مون سوچڻ شروع ڪيو هو...!


    آزاديءَ جي موسم

    هُن مونکان پُڇيو ته،
    “ڇا آزاديءَ جي به ڪا موسم ٿيندي آهي...؟؟
    چيم “ها”
    جڏهن ڦاهين جا ڦندا،
    گونچ ڪڍي ڦُلارجي پون.
    ۽ انهن ۾ ڪنڌَ،
    ڳاڙهن ٻيرن جيان لُڙڪڻ لڳن،
    ۽ ڌرتيءَ جي سيني تي،
    ڳاڙهي پاڻيءَ جو ريج اچي،
    ۽ مائرون،
    ٻارڙن کي سانجهيءَ ويلي،
    قوميت جون لوليون ڏين،
    ته اِها مُند،
    آزاديءَ جو اُهڃاڻ هوندي آهي...!


    غـــزل

    ارتقا جا رخ موڙي، ڪين ڪوئي آ سگھيو،

    ارتقا جا رخ موڙي، ڪين ڪوئي آ سگھيو،
    انقلابن کي ڀڪوڙي، ڪين ڪوئي آ سگھيو.

    گيت ڳائين جي گَلا سي ڀل گُھٽي ماري ڇڏيو،
    الفتن جا ساز ٽوڙي، ڪين ڪوئي آ سگھيو.

    خاڪ ٿي سي ويا هليا جن ڀي لٽيا هت قافلا،
    سرڪشيءَ جا لاش لوڙهي، ڪين ڪوئي آ سگھيو.

    ڇا ته ڏيندين مات تون جي “غيرتون” گڏجي اُٿيون،
    ڪوڙ جا هت پير کوڙي، ڪين ڪوئي آ سگھيو.

    ٿڃ پيتي جنهن سنڌوءَ جي پاڪ پويتر آب مان،
    تنهن ڏهيسر کي مروڙي، ڪين ڪوئي آسگھيو.

    “سعيد” جنهن دل جي رليءَ تي بيت “ساميءَ” جا سبيا،
    تنهن سچائيءَ کي اڊوڙي، ڪين ڪوئي آسگھيو.


    حُسن ٿو ڄاڻي حجاب ڇاهي، ڪوي ٿو ڄاڻي ڪتاب ڇاهي،

    حُسن ٿو ڄاڻي حجاب ڇاهي، ڪوي ٿو ڄاڻي ڪتاب ڇاهي،
    اسين ته آهيون عقل کان وانجھيل، اهيو نه ڄاڻون آداب ڇاهي.

    ڪنڊا لتاڙي ڪٽيا ڪشالا، ڪنڊن جي پيڙا پڇي سگھو ٿا،
    اسان نه ڪڏهن گھميو آ گلشن، اسين نه ڄاڻون گلاب ڇاهي.

    اسان جون راتيون رڳو اوجاڳا، اوهان جون راتيون ننڊون ۽ سپنا،
    اسان جو پل پل رڙيون ۽ ڪيڪون، اڃان پڇو ٿا عذاب ڇا هي.

    اوهان جي دل کي فڪر نه ڪوئي، اسان جي دل ۾ هزار ڳڻتيون،
    اوهان جا گفتا سنگيت سُر ۾، اسين نه ڄاڻون رباب ڇاهي.

    سوال خود کان پيا پڇون ڇا سڄي حياتي ائين ئي هوندي،
    تڏهن تپون ٿا تڏهن ڌڳون ٿا، جڏهن نه ڄاڻون جواب ڇاهي.

    اسان کي پيدا خدا ڪيو پر، ڪريون پيا ٿا اوهان جي پوڄا،
    حَسينَ تنهنجي حُسن جا قيدي، گناھ نه ڄاڻون ثواب ڇاهي.


    غلامي رڳن جو وئي خون بنجي، اسان سرڪشي ڄڻ سمهاري ڇڏي آ،

    غلامي رڳن جو وئي خون بنجي، اسان سرڪشي ڄڻ سمهاري ڇڏي آ،
    اسان جا سويرا نمازن ۾ جھڪيل، اسان خود شناسي وساري ڇڏي آ.

    اسان جا صبح ٿا غلاميءَ سان سرجن، اسان جون سُمهڻيون به سجدن ۾ جھڪيل،
    اسان ڪيئن پڇون انقلابن جا پنڌڙا، اسان قومي غيرت ٿڏاري ڇڏي آ.

    اسان ڇو ته قومن جي تاريخ سمجھون، اسان ڇوته سچل ڀٽائيءَ کي پرکيون ؟
    اسان خوش رهون ٿا ڳچيءَ ۾ ڳَٽن سان، اسان “پُڇ” پنهنجي به ڍاري ڇڏي آ.

    سڃاڻپ اسان جي رهي ڪين باقي، ازل کان اسان آ غلاميءَ ۾ گهاريو،
    اسان بند اکين سان غلامي ڪيون ٿا، عقل جي به جھرڪي اڏاري ڇڏي آ.


    او آزاديءَ جا متوالا، ڇا آزادي آ پنندي ملندي ؟

    او آزاديءَ جا متوالا، ڇا آزادي آ پنندي ملندي ؟
    انساني اتهاس پڙهي ڏس، آزادي آ ڇنندي ملندي.

    ڪاري ڪُن ۾ ڪيچڙ سان گڏ ڪيسين رهندين روڳي بنجي،
    شام شفق جي لالائي آ آڪاشن ۾ اُڏندي ملندي.

    راند سِرَن جي سودي جي هيءَ، پير نه پويان هٽبو ڪانئر،
    شبنم جي آ مهڪ اوپيارا ماڪ ڦڙن ۾ ڀنندي ملندي.

    هي جو ڳاڙهو رت اٿئي سو، ڌرتيءَ جي آ اَنَ مان اُسريو،
    ڪڻڪ ڦٽي آ پيٽ ڀرڻ لئه ڪاڙهن ۾ آ پچندي ملندي.

    گيت ڏکايل مارُن جا، هي جھونگاريندين جذبا جڙندا،
    “سعيد” هي ساڀيان سپنن جي آ، ويهندي نه پر لُڇندي ملندي.


    هن وياڪل وياڪل ڪينجھر تي، ڪوئي نه تماچي آيو آ،

    هن وياڪل وياڪل ڪينجھر تي، ڪوئي نه تماچي آيو آ،
    ۽ نوري نستي نستي آ، ۽ گندريءَ سُک گنوايو آ.

    هت پاٻوڙا ٿيا ساڻ ڪنول، پر نوريءَ جو آ هانءُ نٻل،
    ڪنهن ساز نه چوريو واءُ لڳي، ۽ گيت نه ڪنهن ئي ڳايو آ.

    هت پاڻي ڪيڏو تار ڏسو، ۽ آڙين جا انبار ڏسو،
    هت مارين جا هي مار ڏسو، جن ڪيڏو رڇ لڳايو آ.

    آ “سعيد” اجائي آس رکي، ۽ پاڻيءَ هوندي پياس رکي،
    ڪيڏيون نه قطارون موکيءَ تي، پر ڪين مون وارو آيو آ.


    رات آڌي ڀِني، ماڪ جا مينهڙا،

    رات آڌي ڀِني، ماڪ جا مينهڙا،
    تون اڃان پيو اُڏين، ڇو، اَڙي پکيئڙا.

    ولر کان ڀي ڇِنين، ساٿ کان ڀي ٽُٽِين،
    ڪيئن اڪيلي ڪٽيئي، پوھ جا سيئڙا.

    رات جي سانت ۾، راز ڪهڙا سلين ؟
    دونھن وانگي دُکين، هاءِ ڙي هينئڙا.

    چنڊ ڀي ڏور ڏاڍو اٿئي او چري،
    واجهه ڪنهن لئه وجھين، پائين ٿي ليئڙا.

    “سعيد” تون ڇو ٻَڌي گھنگھرو پيو جُھمين ؟
    ساز سارا ستل، گيت گم ٿيئڙا.


    مندر جا هِنِ ديپ اجھاڻا،

    مندر جا هِنِ ديپ اجھاڻا،
    تارن جا ڀي ڏور ٺڪاڻا.

    گھر جي آڳر جھانجھر سُر تي،
    ڇيرن جا هِنِ ڇم ڇمڪاڻا.

    ماٽيءَ مان ڪو مڌ ڀري ڏي،
    رات ٺري آ روح ريجھاڻا.

    نينهن نشا نِتِ روز نوان هت،
    موکِي تنهنجا مڌ پراڻا.

    گھرائيءَ ۾ گونج نه ٿيندي،
    لهرون ڪر اي سمنڊ اياڻا.

    پير پُسائي سپيون ڳوليون،
    ويرون وريون وقت پڄاڻان.

    پن ڇڻ ۾ پئي سُرَ آلاپين،
    ڪوئل تنهنجا وقت نه ٽاڻا.

    “سعيد” اسانجو سيڻ نه ڪوئي،
    پاڻ ئي مومل پاڻ ئي راڻا.


    ڪوڪ ڪيسين ته ڪن، ڪوئلون رات ۾،

    ڪوڪ ڪيسين ته ڪن، ڪوئلون رات ۾،
    باک ٿي آ پري، بڙ ڀنو ساٽ ۾.

    ها هٺيلي هئي “ڪاسبي” جي ڪلي،
    چنڊ کي ساڙ هو، رات جي تات ۾.

    ٿر مٿي ٿوهرن ڳاٽ اوچا ڪيا،
    ڪا ڊُڪي ڊيل ٿي، رات جي سانت ۾.

    “چوڙيا” جو مندر، گھنڊَ لوري ڏين،
    چئو کڻي “سعيد” تو، ڇا ڏٺو ڏات ۾


    ڪورا ڪورا گيت ڪويءَ جا، بک جي باھ ڪيئن وسائن،

    ڪورا ڪورا گيت ڪويءَ جا، بک جي باھ ڪيئن وسائن،
    ڏات گھڻي آ پيٽ بکيو آ، آنڊا بک ۾ چڪ ٿا پائن.

    پاڻيءَ لپ تي رات گذاري، ننڊ ئي نيڻان اڏري ويئي،
    ڏس او ڌرتي ڏس او ڌرتي، پو ڀي تنهنجا ڳيچ پيا ڳائن.

    بات بکايل ڏات به گھايل، چنڊ ڏسي پيو اُپڙي اوريان،
    شاعر جي آ جاڳ نه نبري، ميڻ بتيون هي ٽم ٽمڪائن.

    ڪوئل جي آ ڪوڪ ڪپر تي، ساجھر لوڏيا تارن ڏي هٿ،
    سانباها ٿيا سج اچڻ جا، ڪتين ڀي ڪَرَ موڙيا آهن.

    “سعيد” هي تنهنجو ديس ڀلا ڇو، سورن ۾ آ پليو نپيو،
    سسئيءَ جا ڀي سڏ سمهي پيا، مومل جا هت منڊ به ناهن.


    ڦِٽي ننڊ منهنجي، اُٿي شاعري آ،

    ڦِٽي ننڊ منهنجي، اُٿي شاعري آ،
    وري روح مان ڪا، رَڙي شاعري آ.

    ڪڏهن مِينهن وانگي، ڪڏهن شينهن وانگي،
    ڪري گوڙ ڏاڍا، گُڙي شاعري آ.

    ڪڏهن ڪات بنجي، وڍي دل ڇڏي ٿي،
    ڪڏهن سُئيءَ وانگي، چُڀي شاعري آ.

    ڪڏهن واءُ بنجي، ڪڏهن تاءُ بنجي،
    ڪڏهن گھاءُ بنجي، ملي شاعري آ.

    ڪڏهن سج وانگي، ڪڏهن چنڊ وانگي،
    مٿان ذهن منهنجي، ٻري شاعري آ.

    جليا خيال منهنجا، ڪري دانهون ڪوڪون،
    تڏهن مينهن وانگي، وَٺِي شاعري آ.

    جڏهن “سعيد” دل کي، رسيو ڪوئي ڌڪ آ،
    تڏهن نير ڳاڙي، رُني شاعري آ.


    موت کي تون ڇڏ قبولي، زندگيءَ کي ڇا ڪندين،

    موت کي تون ڇڏ قبولي، زندگيءَ کي ڇا ڪندين،
    زندگي آ بي وسي تون بي وسيءَ کي ڇا ڪندين . . . ؟

    نيڻ نيڻن سان ملائي، تو ڪرين ٿو پيو قتل،
    سا ئي آهي رهزني ٻي رهزنيءَ کي ڇا ڪندين . . . ؟

    بندگي آ بندگي پر، شال راضي هو ٿئي،
    جنهن ۾ جانب ٿئي نه راضي بندگيءَ کي ڇا ڪندين . . . ؟

    بي وفا هي آ زمانو، دل لڳيءَ ۾ درد آ،
    دردَ توکان ڪين سهبا دل لڳيءَ کي ڇا ڪندين . . . ؟

    پيار کي اي “سعيد” تون ڇو، ايڏو بهتر ٿو چوين،
    زندگي جا ٿِي اجاڙي بهتريءَ کي ڇا ڪندين . . . ؟


    زندگيءَ جي آ پڇاڙي چيلهه منهنجي وئي جھڪي آ،

    زندگيءَ جي آ پڇاڙي چيلهه منهنجي وئي جھڪي آ،
    هڏ ڀي ڪرڪڻ لڳا پر ياد پوڙهي ڪونه ٿي آ.

    نئين جوانيءَ ۾ جنوني پيار توسان هو ڪيو مون،
    واڳجي وئي يار توسان زندگيءَ جي هر خوشي آ.

    وار منهنجا ٿيا اڇا پر دل چري ڪنهن ٻار وانگي،
    ڪونه سمجھي بي وسي ڇا ؟ ضد پنهنجي تي پڪي آ.

    زندگي ڪيڏي ننڍي سا پوڙهپڻ ۾ پئي خبر آ،
    مختصر آ هِي سفر ۽ ڦوھ جواني عارضي آ.

    اڄ سڀاڻي نيٺ وڃڻو آهي يارو ڏور ڪنهن ڏِسِ،
    گيت توکي ارپيان ٿو مون بقا هي شاعري آ.


    ڪو ڏيئو مون وٽ آهي ائين لڳي ٿي شاعري،

    ڪو ڏيئو مون وٽ آهي ائين لڳي ٿي شاعري،
    ڄڻ انڌي وٽ لٺ آهي ائين لڳي ٿي شاعري.

    ڪيترا چلڪا کڻي تنهن ۾ سمايان سونهن جا،
    سونهن ۾ پر گھٽ آهي ائين لڳي ٿي شاعري.

    موج ۾ ماپي نٿي مهراڻ جيان ٿس مستيون،
    پاڻ پنهنجو مٽ آهي ائين لڳي ٿي شاعري.

    ڄڻ رقاصا رقص پئي ٿي روح مهنجي ۾ ڪري،
    رقص جو اڻ کٽ آهي ائين لڳي ٿي شاعري.

    گيت ڀالا ٿي لڳن ٿا بي ضميرن کي سڌا،
    ڪات يا ڪو ڪرٽ آهي ائين لڳي ٿي شاعري.

    خوب ڪا تنقيد ڪريو سوچ منهنجي هي اٿوَ،
    ڄڻ ته منجھيل سُٽ آهي ائين لڳي ٿي شاعري.


    کوڙ پاتم قربتون مان الوداع ٿو اڄ چوان،

    کوڙ پاتم قربتون مان الوداع ٿو اڄ چوان،
    باغ مان ڪليون کُٽيون مان الوداع ٿو اڄ چوان.

    چنڊ جون هي چاندنيون ۽ رات جون هي راڳڻيون،
    نانءُ تنهنجي سڀ خوشيون مان الوداع ٿو اڄ چوان.

    ماڪ جا ٺاريل پيالا مئي سندا تولئه سڀئي،
    تون ئي ڀرجان سرڪيون مان الوداع ٿو اڄ چوان.

    ڪيئي ڳل تي، ڪيئي چپ تي نيڻ جي آڳر مٿان،
    سارجان پيو سڀ چُميون مان الوداع ٿو اڄ چوان.

    رات جا ڀاڪر گرم ۽ ننڊ هاڻان نيڻ سڀ،
    هاڻ تو لئه ياديون مان الوداع ٿو اڄ چوان.

    زندگيءَ جو اڌ حصو جي گيت جاڳي مون لکيا،
    سي ئي تو لئه سوکڙيون مان الوداع ٿو اڄ چوان.

    جن جي خوابن جي تون ساڀيان جن جي سپنن ۾ سَجين،
    تن جون توکي پارتون مان الوداع ٿو اڄ چوان.

    لهر جا سرگم سڀئي سنڌوءَ سنديون موجون وڏيون،
    هاڻ توکي پرتيون مان الوداع ٿو اڄ چوان.

    سنڌ جي پارت اٿئي هن قوم جو پَٽڪو ٿجان،
    ياد رکجان لوليون مان الوداع ٿو اڄ چوان.


    سرنهن جي گلن ۾، جُھلي ٿي جواني،

    سرنهن جي گلن ۾، جُھلي ٿي جواني،
    تتيءَ ۾ تپي آ، نئين زندگاني.

    ڪتين کان اُڌارا، ستارا گھرياسين،
    افق تون ڏسين ٿو اسان جي ناداني.

    گَھٽا رات آ ڙي، تون چورِي هلِي آ،
    اڙي يار جاني اڙي يار جاني.

    ڪَنول جي ڪلين تي لکين ڀئونر ڀيرا،
    اڏارون اڏارون پرت جي نشاني.

    اڃان “سعيد” منڙو اُتر واءُ وانگي،
    اڃان ڀي سُرن ۾ اهائي رواني.


    -تو جو مرڪي نيڻ کنيا هن،

    -تو جو مرڪي نيڻ کنيا هن،
    ڄڻ جوڀن تي باک ڦُـٽي آ.

    مُرڪ اوهان جي مون لئه جياپو،
    منهنجي من تي باک ڦُـٽي آ.

    ڪوئل ٿي ڏس هر هر ڪوڪي،
    هر پن پن تي باک ڦُـٽي آ.

    عشق اسان جو جوشيلو آ،
    ڏس جذبن تي باک ڦُـٽي آ.

    درشن تنهنجو مون لئه دارون،
    ڄڻ زخمن تي باک ڦُـٽي آ.

    سورج آنئون اڀري آيو،
    ڪپ ۽ ڪُن تي باک ڦُـٽي آ.

    ڪوماڻيل هِنِ سوچون منهنجون،
    دل جي بن تي باک ڦُـٽي آ.


    وايــون

    ڪُنَ ڪناري گيت نه ڳائي،

    ڪُنَ ڪناري گيت نه ڳائي،
    آنڌي ڪائي اچڻي آهي.

    ڀٽ ڌڻيءَ جي اوٽ وٺي پوءَ،
    واين کي ورنائي،
    آنڌي ڪائي اچڻي آهي.

    ناوَ نه تنهنجو بار هي سهندي،
    راڳي راڳ رچائي،
    آنڌي ڪائي اچڻي آهي.

    لهس لهس ۾ آڳ اُلي ٿي،
    ڀنڀٽ ڪو ڀڙڪائي،
    آنڌي ڪائي اچڻي آهي.

    “سعيد” پرينءَ جي سونهن سريران،
    پنهنجو من مهڪائي،
    آنڌي ڪائي اچڻي آهي.


    تڙ تي ڪپڙا ڌوئي ويٺي،

    تڙ تي ڪپڙا ڌوئي ويٺي،
    ڪنواري ناري ٻهراڙيءَ جي.

    پنهنجي گھر جي آڳر تي بيھه،
    آلا وار نچوئي ويٺي،
    ڪنواري ناري ٻهراڙيءَ جي.

    گوڏي تي آ سوٽي ڪپڙو،
    تنهن ۾ ڌاڳا پوئي ويٺي،
    ڪنواري ناري ٻهراڙيءَ جي.

    نياڻيءَ جو حق بخشايل آ،
    پنهنجي پر ۾ روئي ويٺي،
    ڪنواري ناري ٻهراڙيءَ جي.


    مٽيءَ ۾ دفناءِ،

    مٽيءَ ۾ دفناءِ،
    ڪانڌي ڪالھه ويا.

    منهنجو ٻج عدم،
    آدم جئن اُسراءِ،
    مٽيءَ ۾ دفناءِ،
    ڪانڌي ڪالھه ويا.

    تجليءَ هڪڙيءَ مان،
    سهسين روپ بڻاءِ،
    مٽيءَ ۾ دفناءِ،
    ڪانڌي ڪالھه ويا.

    هوندس مان نه هتي،
    هوندس پر هر جاءِ،
    مٽيءَ ۾ دفناءِ،
    ڪانڌي ڪالھه ويا.

    جوهر منهنجو آ،
    گل ڦل جو جرڪاءِ،
    مٽيءَ ۾ دفناءِ،
    ڪانڌي ڪالھه ويا.


    مونکان منهنجو گيت،

    مونکان منهنجو گيت،
    رات رُسي ويو.

    تنبوري جي تار ٽٽي پئي،
    سارو سُر سنگيت،
    رات رُسي ويو.

    ايڏو چنڊ پري ڇو آهي،
    جنهن کي ڀانيم ميت،
    رات رُسي ويو.

    من اڃارو بوند نه باسيئين،
    ڪهڙي سانوڻ ريت،
    رات رُسي ويو.

    “سعيد” اڪابر عشق منجھايا،
    هار به ٿيندي جيت،
    رات رُسي ويو.


    دل جو مندر ويرانيون آ،

    دل جو مندر ويرانيون آ،
    پٿر جي ڏس پوڄا ٿئي پئي.

    ڪعبي مان بت ڊاهي اڏيل،
    منظر جي ڏس پوڄا ٿئي پئي.

    آدم جو اولاد تڙيو ۽،
    ڪافر جي ڏس پوڄا ٿئي پئي.

    گلشن اجڙيو خالي واري،
    بنجر جي ڏس پوڄا ٿئي پئي.

    حُسن هستي ويڳاڻي آ،
    ڪمتر جي ڏس پوڄا ٿئي پئي.

    “سعيد” اڀيچند جي ئي صدقي،
    ننگر جي ڏس پوڄا ٿئي پئي.


    پنن جي پانڌ تي، لفظن جا لڙڪ،

    پنن جي پانڌ تي، لفظن جا لڙڪ،
    پڇين ٿو ته ڪنهنجا هن . . . !

    بدن جي ڀونءَ تي، هيڏا سي چهڪ،
    پڇين ٿو ته ڪنهن جا هن . . . !

    ڀريل هي مَٽِ آ، پيتي مون سُرڪ،
    پڇين ٿو ته ڪنهن جا هن . . . !

    کَسيا جو خواب تو، اکين ۾ اشڪ،
    پڇين ٿو ته ڪنهن جا هن . . . !

    ستارا قطار ۾، ڪتين جا افق،
    پڇين ٿو ته ڪنهن جا هن . . . !

    اڃان “سعيد” توکي، ڇا جي آڇِڪ،
    پڇين ٿو ته ڪنهن جا هن . . . !


    هُر کُر آ منجهه هانءُ،

    هُر کُر آ منجهه هانءُ،
    الا ڙي ڏات ڏنئي ڇو ڏانءُ.

    من جي هرڻي رڻ ۾ ڊوڙي،
    ڪهڙي ڳولي ڇانءُ،
    الا ڙي ڏات ڏنئي ڇو ڏانءُ.

    مڌ ڀريان مان ڇا ۾ مٺڙا،
    ڪونهي ڪوئي ٿانءُ،
    الا ڙي ڏات ڏنئي ڇو ڏانءُ.

    من جي ڪوئل ماٺي ڪيسين،
    ٻولَي ڪيسين ڪانءُ،
    الا ڙي ڏات ڏنئي ڇو ڏانءُ.

    “سعيد” اڄاتي اڻ تڻ من ۾،
    ڪنهن سان اوريان آنءُ،
    الا ڙي ڏات ڏنئي ڇو ڏانءُ.


    توکان وڇڙي رات،

    توکان وڇڙي رات،
    ڪيڏو ٻاڏايو آ !

    گيت رُسي ويا دلبر مونکان،
    تولئه منهنجي ڏات،
    ڪيڏو ٻاڏايو آ !

    هرڻ اڃارو بن ۾ بي وس،
    تنهن لئه ڏس برسات،
    ڪيڏو ٻاڏايو آ !

    ڪنهن لئه ڳائي ڪنهن لئه ڪوڪي،
    ڪوئل جي ڀي لات،
    ڪيڏو ٻاڏايو آ !

    تو بن “سعيد” نه هستي ڪائي،
    دل ۾ تنهنجي تات،
    ڪيڏو ٻاڏايو آ !


    مونکان منهنجي ڏات،

    مونکان منهنجي ڏات،
    ساھ گھريو آ سيڻ ٿيڻ لئه.

    پسي پنهنجو يار، پٿر آتو ميڻ ٿيڻ لئه،
    مون کان منهنجي ڏات،
    ساھ گھريو آ سيڻ ٿيڻ لئه.

    قيدي نڪتو ڪالهه، واپس آيو قيد ڪٽڻ لئه،
    مون کان منهنجي ڏات،
    ساھ گھريو آ سيڻ ٿيڻ لئه،.

    “سعيد” پيو سوچين، جيون آهي يار مرڻ لئه،
    مون کان منهنجي ڏات،
    ساھ گھريو آ سيڻ ٿيڻ لئه،.


    عشق جي آڙاهه ۾،

    عشق جي آڙاهه ۾،
    روز ٿا جذبا جلن.

    دل لڳي بي درد سان،
    بي وفا جي چاھ ۾،
    روز ٿا جذبا جلن.

    پيٽ بکيو ٿورهي،
    مفلسيءَ جي باھ ۾،
    روز ٿا جذبا جلن.

    ٿي وڃي ٿي شاعري،
    ڏات جي هن راھ ۾،
    روز ٿا جذبا جلن.

    سونهن ڪمزوري اٿم،
    سونهن جي ساڃاھ ۾،
    روز ٿا جذبا جلن.


    لاڙي ڏي اُڀَ لام،

    لاڙي ڏي اُڀَ لام،
    تارا ٿورا ڇاڻيان مان.

    ڪيڏا گُگهه انڌيرا آهن،
    منهنجا سارا گس ۽ گام،
    تارا ٿورا ڇاڻيان مان.

    وياڪل وياڪل ڪونج اڏاڻي،
    سرمي جھڙي سندر شام،
    تارا ٿورا ڇاڻيان مان.
    ڇانوَ ڇپر جي ٿي نه سگھين پوءَ،
    هنيئي ڇو ٿي ايڏي هام،
    تارا ٿورا ڇاڻيان مان.

    ويراڳيءَ جو روڳ نپوڙي،
    ڏوڪي ڏس هي روڳي جام،
    تارا ٿورا ڇاڻيان مان.


    وار نه پنهنجا ڇوڙ،

    وار نه پنهنجا ڇوڙ،
    ڳوٺاڻي او ڳوٺاڻي تون.

    تڙ تي تولئه روز اچي ٿو،
    تنهن سان جيئڙو جوڙ،
    ڳوٺاڻي او ڳوٺاڻي تون.

    ڪنهن جي من جي گھرائيءَ جو،
    ڇا ٿي ڳولين توڙ،
    ڳوٺاڻي او ڳوٺاڻي تون.

    ڪنهن جي دل ۾ ڪيڏي سڪ آ،
    پنهنجو پاڻ پروڙ،
    ڳوٺاڻي او ڳوٺاڻي تون.

    چاهي ٿو هي”سعيد” به توکي،
    تنهن جي دل نا ٽوڙ،
    ڳوٺاڻي او ڳوٺاڻي تون.


    چئو سٽاء

    چئو سٽا

    چيڙھ چڳون ۽ چتيون چولي،
    هو جوسامهون پينو ٻار،
    منهنجو سوئي مستقبل آ،
    پني پيو جو رستي پار.
    *

    بکن پيٽ باهيون اڃاري ڏسو پيا،
    پني پئي پَٽن تي لڄاري ڏسو پيا،
    “او چاچا او چاچا خدا ڪاڻ ماني”
    اڙي قوم وارا هي زاري ڏسو پيا.
    *

    اڙي غيرتون ڇو مري ڄڻ ويون هن،
    ننگن تي نسورا جو ڌاڙا لڳن پيا،
    چئي روز ڪاريون اسان جون نياڻيون،
    هو پاپي وڏيرا لڄن کي لٽين پيا.
    *

    جمنا جَلَ ۾ وهنتي آهي،
    “جنتا” منهنجي اجري اجري،
    منهنجو ان ۾ ساھ سماڻو،
    منڙو پيو ٿم نکري نکري.
    *


    تو گل پٽي رابيل سندا،
    ڇو مئي خاني کي سجايو آ؟
    هو مڌ ڏسي ٿا ٻاڪارين،
    تن ماڪ ڦڙن کي چاهيو آ.
    *

    آيا بادل برسڻ جي لئه،
    تن تي تنبو کوڙيو آ مون،
    وڄ جيان هر گيت اُلاري،
    هر هڪ جيءُ جهنجھوڙيو آ مون.
    *

    رات پٽيو آ وات وري،
    سج کي ڳڙڪائڻ جي خاطر،
    مون ڀي کوليون ٻانهون پنهنجيون،
    پياري تو لئه آتو ڀاڪر.
    *

    اڻ پورا جي خواب اکين ۾،
    اکڙين ۾ ئي پوريان ٿو،
    ساھ ڏنو ٿم ڌرتي تو لئه،
    گھاوَ نه پنهنجا گُھوريان ٿو.
    *
    جوڀن جو مون خواب ڏٺو هو،
    ڇرڪ ڀري مان جاڳيو آهيان،
    وار اڇا ۽ سَرَ سَرَ منهن تي،
    ٻيو ڪو هان يا ساڳيو آهيان.
    *

    پل ڀي مون کان ڪون ٿو وسرين،
    ياد جا منظر سِرجن پيا ٿا،
    مان ته ستل هان ننڊ ۾ ليڪن،
    خواب اڃان ڀي جاڳن پيا ٿا.
    *

    هڻي جو چهنڊڙي توکي اهوئي گيت ڳايون ٿا،
    جنجھوڙي جا ضميرن کي اهائي ريت ٺاهيون ٿا،
    نه ڪي سودو ڪيوسين ڪو نه ڪي نوٽن وڪاڻا هون،
    اهو جي پاپ ٿا سمجھو ته پوءِ پاپي پراڻا هون.
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566318
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215655
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ