ڪتاب جو نالو: روشنيءَ جون اکيون
مصنف: پريم پتافي
ڇپائيندڙ: رم جهم پبليڪيشن دادو
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 16 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 480 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 222 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”روشنيءَ جون اکيون“ ڀلوڙ شاعر پريم پتافي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.

‘پريم پتافيءَ’ جي شاعريءَ ۾ ڪيترين ئي محرومين جو درد جهلڪي ٿو، اُهي محروميون هُن جون ڪي ذاتي ناهن، اقتصادي، سماجياتي، نفسياتي، شخصي ۽ جبلي تجزيو ڪنداسين ته خبر پوندي ته اُهي محروميون سموري سنڌي قوم جون محروميون آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • “ڏيئو، هڪڙي تيلي يا ننڍڙي ڪا وٽ ئي،
  • ارپنا
  • پريم تنهنجا پار
  • پهاڙ جا جهنگ جهرڻا
  • خوشبُوءَ- نگر
  • دنيا جو عرفان هُجي ته شاعريءَ جنم وٺندي آهي
  • گليان پريم نگر ديان
  • پنهنجو پريم
  • چنڊ پٺيان ڊُڪندي
  • مُرڪندڙ ماڻهو ۽ ڀلوڙ شاعر
  • منهنجو ادبي سفر
  • تنهنجي در کي جو به نهاري آيو آ،
  • هر گهٽي پنهنجو هڪڙو اثر ٿي رکي.
  • سار تنهنجي بهار وانگي آ.
  • حادثن کي لتاڙي جيئون ٿا.
  • اسان رات تنهنجي شهر ۾ رهياسين.
  • سجّ ته لهندو ٿو وڃي.
  • ڇا ڪو منهنجي ساٿ ۾.
  • ڇو تون سانول وو!
  • ساريندي رهجانءِ.
  • هِن ڪوتا ـ گهر ۾.
  • ايترو نه ڪنهن کي سارجي.
  • روز نيڻن کي خواب ڏيندي آن.
  • جڏهن کان اوهان کان جُدا ٿي ويا هون.
  • نت نئون ڪوئي سور جاڳي ٿو.
  • حادثن کي شُمار ۾ رکجان.
  • غضب آ تُنهنجي نهار جانان.
  • چوطرف سناٽو آ.
  • ڪيئن اڪيلي نڪتي آهين!؟
  • او سڄڻي! هيل ته اچ ني!
  • توريءَ منهنجا گيت اڌورا،
  • لهرون ٿو ٺاهي.
  • رهياسين”ڀٽائي” جي ڀر ئي رهياسين،
  • ڪيڏو رولاڪ ٿي ويو آهيان.
  • لاب پيو آ ڪڻڪن ۾.
  • مون ۾ هڪڙو جنون جاڳي ٿو.
  • ڪا سار ڏئي وئي آ،
  • هڪ ڊگهي ڄڻ سزا کي ڀوڳيون ٿا.
  • ارپنا
  • سڄڻي! پنهنجي اُجري من ۾.
  • توئي ته لکيو هو اِهو.
  • سوچون ۽ جذبا.
  • تنهنجون ڳالهيون هاءُ ڳهيلي!
  • خوبصورت جهان ڳولي ٿي.
  • سونهن تنهنجي کي گيتن ۾ ڳايان پيو.
  • واسطا ويا وڌي.
  • ڪٿي پاڻ روڪي سگهيا هون پرين!
  • نيڻ تنهنجا چُمي ويا آهن،
  • تنهنجي گهر جا سارا رستا،
  • سمنڊ ٻانهون ٿو کولي ڪري آجيان،
  • شاعري هي شعور ڏيندي آ،
  • ڏاها! ويٺو تون،
  • سوچيو اِئنءَ نه هو،
  • ڪيڏا جاڳي ٿا پون،
  • رستا اوسيئڙي ۾،
  • منهنجو نانءُ وٺي،
  • تون جي ٻولين ٿي مِٺي!
  • تارا، ڪتيون، چنڊ،
  • سانوري! سانوري! دل چوي ٿي وري،
  • آءٌ تنهنجي بِنا،
  • منهنجي چاهت ۽ زندگي آهين،
  • توڙي جو ٿڪل آهن،
  • ڌار توکان نه ڪو پَل جِئي ٿي پئي،
  • خوبصورت يار جا سپنا سمائي ٿو ڇڏيان،
  • پير تنهنجا چُمي، موٽي وئي،
  • درد دل جو وڌي ويو آهي،
  • ڏيئي ڪيڏا عذاب ويندا هن،
  • ملندي آزادي،
  • گهر کان، چارن کان،
  • مُرڪي مهڪي ٿيون پون،
  • هوءَ ڪيڏي سڪ مان،
  • ڪوي، ڪو يتائون،
  • کوڙ ملندئي سلام نيڻن ۾،
  • ڪيڏو منهنجي لئه هاڻ سوچي ٿي،
  • اوهان لئه اُداسي اسان جون اکيون،
  • ڪُڇجان نه ڪڏهن سڄڻي! سڀ سور سهي وڃجان،
  • ڪيترو منفرد ۽ ڪورو آ،
  • تنهنجي سونهن سنديون،
  • هي جو پنهنجو پيار ڳهيلي!
  • نِوڙتون احترام سجدي ۾،
  • وري خوبصورت وڻي ڇوڪري آ،
  • نڪي ڪنڌ لوڏيو نه هو هٿ ملايو،
  • کوڙ توکان شڪايتون آهن،
  • حادثن جو شمار ڪونهي ڪو،
  • سُندر سُندر رنگ ٿا جَرڪن،
  • ڍوليا! تون هُن پار،
  • تنهجا نيڻ جواز،
  • تو وٽ نه اگهاڻي،
  • منهنجي من جون سُندر مُندون،
  • پِنندو ئي رهجان،
  • موٽي آياسين،
  • نيڻن مان جي نڪتا آهن.
  • سُور اُڻي ٿي سار اُڻي ٿي.
  • چنڊ ڪٿي ناهي
  • توکي ٿيون سارين
  • بِيهي منهنجي واٽ تي
  • ڪي پَل روڪي هُن کي ڪوئي
  • اَڃا ڪي ڏاتار
  • ڍوليا! وِسرن ڪيئن
  • ڪاٿي الائي
  • باقي آهن ڪيترا
  • هر شخص فنا آهي.
  • هڪڙو ئي ‘حُسين عه’ آهي.
  • ڪير سمجهي؟ ڪير ڄاڻي؟.
  • ڳولي ڳوٺاڻي
  • پاڇو ئي آهيان
  • ڏيئا ٻاري رت سِين،
  • رکيم تنهنجي راهه تي،
  • ڀري گُلن- جهولڙيون
  • پاڻ نه هونداسين

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر پنجهٺ (65) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “روشنيءَ جون اکيون” ڀلوڙ شاعر پريم پتافي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.

    اسين ٿورائتا آهيون پريم پتافي صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني. هي ڪتاب رمجهم پبليڪيشن دادو پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    “ڏيئو، هڪڙي تيلي يا ننڍڙي ڪا وٽ ئي،

    “ڏيئو، هڪڙي تيلي يا ننڍڙي ڪا وٽ ئي،
    کڻو، روشنيءَ جون اکيون بند آهن”
    (واسديو موهي)


    ارپنا

    جديد سنڌي شاعري جي ٽمورتي
    شيخ اياز
    اُستاد بُخاري
    ۽ امداد حسيني جي نانءِ
    جن جديد سنڌي شاعري کي
    نوان رُخ ۽ لاڙا ڏنا.


    پريم تنهنجا پار

    رمجهم پبليڪيشن پاران جڏهن به ڪو ڪتاب ڇپائڻ لاءِ هٿ ۾ کڻي “پبلشر نوٽ” لکڻ ويل ويهي سوچجي ٿو ته ‘مشتاق ڀرڳڙي’ جي ياد هر ڀيري اکيون آليون ڪري وڃي ٿي.
    هن اداري جي رهيل ڪم کي جاري رکڻ لاءِ ‘مشتاق’ سان ڪيل وچن نڀائيندي اسان نوجوان ۽ اُڀرندڙ شاعر ‘پريم پتافي’ جي شاعري جو پهريون مجموعو ‘روشني جون اکيون’ ڇپائي اوهان جي هٿن تائين پڄائيندي نهايت سرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون.
    ‘روشني جون اکيون’ ڪتابن جي دنيا ۾ ‘پريم’ جي پهرين وک آهي جنهن ۾ ڪجهه آڏيون ڦڏيون وکون به ضرور ٿي سگهن ٿيون پر اهي اهڙيون به ناهن جو نظرانداز ڪري نه سگهجن. هن جي لکڻين ۾ ڌرتي جي درد سان گڏ سرتي جي سونهن ۽ سِڪ پُڻ سمايل آهي.
    اسانکي اميد آهي ته هي ڪتاب ‘پريم پتافي’ کي پڙهندڙن وٽان سٺي موٽ ڏياريندو.
    هڪ پبلشر جي ناتي پڙهندڙ دوستن جون صلاحون ۽ مشورا اسان لاءِ واٽ جي لاٽ جو ڪم ڏيندا.

    گلزار/ ذوالفقار گاڏهي
    03313481132
    03063250132


    پهاڙ جا جهنگ جهرڻا

    چوندا آهن ڪجهه به ناس نه ٿيندو آهي، اهو “ڪجهه” صرف روپ ڦيرائيندو آهي. اسان جا مشاهدا، اسانجا آزمودا، اسان جا احساس اندر ۾ ڀلي “مئل” ڀاسن، رک لڳن، پر انهن هيٺيان دٻيل ڪا چيتنا، ڪا چڻنگ ضرور هجي ٿي، جا پنهنجي موزون وقت تي اسان کي زندگيءَ جو ڇُهاءَ ڏيئي وڃي ٿي. شاعري ان ڇُهاوَ جو نالو آهي. انڪري، منهنجي نظر ۾ هر شخص شاعر ٿيڻ جي صلاحيت رکي ٿو جيڪڏهن وقت هن کي ساٿ ڏئي، جن کي وقت ساٿ نه ڏيندو آهي ۽ جيڪي شاعر/ادبي نه بڻجي سگهندا آهن، اُهي وڻن ٻوٽن کي هندو مسلمان بڻائڻ ۾ مصروف هوندا آهن.
    پريم پتافي خوشنصيب آهي جو هُو رک کي ڪُريدي، چڻنگ کي رک مان ٻاهر ڪڍي اچڻ ۾ ڪامياب ويو آهي: هيءَ ڪتاب “روشنيءَ جون اکيون” انجو سگهارو ثبوت آهي. شاعر پنهنجي اندر کي نظر ۾ رکندو آهي. “اندر” هن کي چڻنگ طرف اشارو ڪندو آهي ۽ شاعريءَ کي لفظ ملي ويندا آهن، بند دريون کُلي وينديون آهن ۽ ڏينهن بسنت پنچمي ٿي پوندو آهي.
    سونهن تنهنجي کي گيتن ۾ ڳايان پيو،
    کنڊ کي کير سان ايئن ملايان پيو.
    هر شاعر پنهنجي شاعريءَ جي شروعات ‘پريم’/پيار سان ڪندو آهي ۽ ‘پتافيءَ’ جو ته نالو ئي پريم آهي:
    اوهان جي بدن تي جا گذري هُئي،
    سڄي رات چنڊ تي رهيا هون پرين!
    سڄي عمر تنهنجي طوافن ۾ وَئي،
    اسان ڀي ته ڪيڏا چريا هون پرين!
    سچ آهي ته اندر جي ندي ڪنارا ٽوڙڻ جي ڪوشش ٿي ڪري جڏهن ڪو پيار ٿو ڪري، ڪتاب جي کُلندڙ پيج تي سُونهي اهڙي ڪويتا ٿي جنمي، جڏهن ڪو پيار ٿو ڪري:
    نيڻ ٽڪراءُ سان
    حادثا ويا وڌي
    هن جو مرڪي ڏٺو
    حوصلا ويا وڌي
    ڪيئن توسان ملان
    ضابطا ويا وڌي.
    مذڪوره شعرن ۾ ‘پريم پتافي’ خوبصورتيءَ سان ننڍي وزن ۾ پنهنجي ڳالهه چئي سگهيو آهي. اهڙي قسم جا ڪي ٻيا شعر به ڌيان ڇڪائيندڙ آهن:
    توڙي جو ٿڪل آهن
    جذبا ته اٽل آهن
    ڇو هانءُ پيو لاهين،
    پورهيا ته سڦل آهن
    قبرون ته سڀئي ثابت،
    ڪتبا ڇو ڊٺل آهن؟
    سُرمي ۾ ٻڏل اکڙيون
    ڄڻ گيت غزل آهن.
    اڄوڪي زماني جي شاعريءَ جي خوبي اِها آهي ته اها ڪنهن هڪ واڙي ۾ پاڻ کي ٻڌي نٿي ڇڏي، شاعر ڪنهن مقرر سوچ جي خميس پائي نٿو گهمي ايتريقدر جو هو پنهنجي ئي بيان جي ابتڙ بيان، هڪ ئي ساهه ۾ ڪري سگهي ٿو. بعد جديد شاعريءَ جي اها وڏي خاصيت مَڃي ويئي آهي. ‘پريم پتافيءَ’ جي هڪ ئي غزل جا ٻه شعر آهن:
    تنهنجي پويان ڪڏهن نه مرندو هُو،
    هاڻ جيئڻ سکي ويو آهي.

    رات ڪنهن جا رڱيا ويا هٿڙا،
    رات ڪوئي مري ويو آهي.
    ساڳي طرح هيٺ ڏنل ڪي شعر ڏسون:
    ڏاڍي ٿوري بچي حياتي آ
    اس ۾ ماڪ ٿي ويو آهيان
    هاڻ ڦٽندا نوان سِلا مون مان،
    خاڪ ئي خاڪ ٿي ويو آهيان،
    گهاوَ جيڪي وڻئي تون ڏي مون کي،
    هاڻ مان چاق ٿي ويو آهيان.
    مٿي ڪوٽ ڪيل شعرن م تضادن جي وضاحت ڪرڻ جي ضرورت نٿي لڳي، بلڪل ظاهر آهن. (قافين جي اعرابن کي البت درگذر ٿا ڪريون، جيڪي ڪن ٻين غزلن ۾ به ڪرڻا پوندا جيئن ص 101 تي ڏنل غزل ۾).
    پريم پتافي پنهنجن احساسن کي مڪاني رنگ ڏيئي انهن جي تاثر ۾ اضافو آڻي ڇڏي ٿو. اُهي احساس پڙهندڙ اندر هڪ قسم جي پنهنجائپ پيدا ڪن ٿا ۽ انهن کي لڳي ٿو ته شاعر سندن ڳالهه ڪري رهيو آهي:
    ڪيترو منفرد ۽ ڪورو آ
    نينهن تنهنجو ته ڄامشورو آ
    ۽ ڪي ٻيا شعر به، ان سلسلي ۾:
    روز پڙهندي ڏنئي، نئين معنيٰ
    شاهه جي ڄڻ ته شاعري آهين.
    نيڻ تُنهنجا ٻئي “ڄامشوري” جيان،
    هُونءَ ساري تون گهوٽڪي آهين.
    تون ته “استاد” جي غزل جهڙي،
    خوبصورت ڪا ڇوڪري آهين.
    ڪي اظهار بيحد پيارا هوندا آهن ۽ ڪنهن به شاعر کي لڀائيندا آهن. سجاڳ شاعر وٽان اهڙي اميد هوندي آهي ته هُو اهڙن ڦنڌن م پاڻ کي نه ڦاسائي.
    مثال طور جڏهن ڪو شاعر ڪا ڳالهه ڪري ٿو ته انجي جائزگيءَ جي پرک لازمي بڻجي پوي ٿي، وَرنه بيان صرف ڪن پيارن لفظن جو جهڳمٽ بڻجي پوندو.
    هڪ شعر ڏسون:
    روز اک ٿو هڻي سڀن کي ڪئن!
    چلولو چنڊ ڄڻ ڪو ڇورو آ.
    مٿي ڪوريل شعر ۾”اک هڻڻ”، “چلولو چنڊ”، “ڇورو” دلڪش لفظ آهن، جيڪي اظهار کي قد بخشڻ جو ڪم بخوبي ڪري سگهن ٿا. پر ٿورو ڌيان ڏينداسين ته پائينداسين ته جنهن مرڪزي خيال کي شاعر اظهاري ٿو سو اڻ ٺهڪندڙ آهي: چنڊ اک نه ڀڃندو، تارن سان “اک ڀڃڻ” جو بيان ڪيترن ئي شاعرن ڪيو آهي جيڪو جائز آهي. جو تارا ٽمٽائيندا آهن. شاعر کي نواڻ جي چڪر ۾، اظهار جي موضونيت قربان ڪرڻ نه کپي. ساڳئي نموني هيٺ ڏنل شعر ۾ “مڌ”، “خمار” بي ميل آهن:
    تنهنجي نيڻن جو مڌ هُيو پيتو،
    اڄ تائين خمار ۾ آهيون.
    هونئن به اک سان مئي، خُماريءَ وغيره جهڙا جوڙ ڪيستائين پيا ڪُٽينداسين، سڄي دنيا پيئي آهي، ڇو نه ڪو نئون دڳ وٺون. ان ئي حوالي ۾ صفحي 32 تي ڏنل غزل نسبت ننڍي ڀاءُ پريم پتافيءَ کي جيڪر صلاح ڏيان ته قافيي کي حذف ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. نه صرف ايترو، لفظ جي شروع ۾ آيل گرو ماترا کي حذف ڪري لگهو ماترا ڪرڻ به سهوليت پسنديءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي، ان ڳالهه کي مثالن سان سمجهون:
    حادثن کي لتاڙي جيئون ٿا،
    پنهنجي وعدن کي پاڙي جيئون ٿا.
    تنهنجي دل کي ڇڏئي زمانو ٿيو،
    ڪنهن جي نظرن جي پاڙي جيئون ٿا.
    درد پهتو لتاڙي سڀ ليڪا
    هر گهڙي ڄڻ آکاڙي جيئون ٿا.
    (ص 32)
    ليڪ ڏنل لفظ حذف ڪيل آهن جيڪي حذف نه ڪرڻ کپن. اڌ صدي اڳ اهي چوٽون اسان به وٺندا هُئا، ليڪن هاڻي، جڏهن سوچ جو دائرو موڪرو آهي ۽ اظهار جا بهتر آپشنس ميسر آهن، ته هروڀرو “چلتا هي” وارو رُخ ڇا لاءِ اپنايون، ياد ڪريون ته پئراشوٽ تڏهن ئي ڪارائتا هوندا آهن جڏهن کليل هوندا آهن. اسان کي پنهنجو اکيون کُليل رکڻيون آهن. پر، ايترو ضرور چونداس ته ‘پتافيءَ’ ٻه دفعا “پاڙي” قافيي جو استعمال، الڳ الڳ معنائن ۾ ڪري، پنهنجي تخليقي قوت جو پرچو ڏنو آهي.
    ٽيڪنيڪي ڳالهين ۾ وڌيڪ وقت نه وڃائيندي ان وشواس سان ته وقت سان سڀ صحيح ٿي ويندو آهي، مان ‘پتافيءَ’ کي ان ڳالهه لاءِ مبارڪون ضرور ڏيندس ته هن پهريان قدم بلڪل پختا کنيا آهن.
    هن مجموعي ۾، ‘پتافيءَ’ غزلن سان گڏ وايون ۽ گيت به ڏنا آهن جيڪي پنهنجي ليکي شاعر جي، ٻين اسلوبن ۾ دلچسپيءَ جو ضامن آهن. هڪ اڌ وائي ڏسڻ سان اندر ۾ ڪي ترنگ اٿندا، خاطري آهي.
    لهرون ٿو ٺاهي،
    ڪيڏو شور سمونڊ کي
    پنهنجي هستي پاڻ ئي،
    ٺاهي ۽ ڊاهي،
    ڪيڏو شور سمونڊ کي،
    گيت اسان جي پيار جا
    لهر لهر ڳائي،
    ڪيڏو شور سمونڊ کي.
    ڪنهن جا پير چمڻ جي لئه،
    ڊوڙون ٿو پائي،
    ڪيڏو شور سمونڊ کي.
    ڪيتريون ئي ٻيون دِل-ڇُهه وايون آهن، مان ٿوري ۾ سنتوش ٿو ڪريان. دوستو! ڪنهن به پهاڙ ۾ ايئن ته ڪن کي صرف سخت پٿر ئي نظر ايندو آهي، پر جن کي نظر هوندي آهي، سي پهاڙ تان جهرڻا ۽ وڻ ٽِڻ به ڏسي سگهندا آهن. پريم پتافيءَ جو هيءَ مجموعو جهيڻي نظر جي طلب ڪري ٿو.



    واسديوَ موهي
    A-355 Nayan-Nagar
    Sahijpur Bogha
    Ahmed Abad (India)
    382345
    Cell: 0091-9427049946


    خوشبُوءَ- نگر

    مـوجوده وقت ۾، ادب جي هڪ صنف شاعريءَ ۾ ڪافي تبديليون اچي ويون آهن/اچي رهيون آهن. اختصار (مختصرنويسي) نئين شين جا نوان نالا، روز مره جي ٻوليءَ ۾ نون لفظن جو اچي وڃڻ، معيشت ۽ معاشرت ۾ جديد لفظن جي آمد، وقت جي تقاضائن ۽ ٻولين ۾ ٻين ٻولين جي مداخلت جي سببن کان نيون تشبيهون، ترڪيبون، اصطلاحون ۽ محاورا گهڙڻ ۽ زندگيءَ سان لاڳاپيل عملن جي اُپٽار ۽ ڪوريج، اِهي ۽ اهڙيون ٻيون ڪيئي شيون اڄ جي شاعريءِ جو سينگار ٿين ٿا. اڄ جي شاعريءِ ۾ جيترا ٻٽا لفظ وڌيڪ آهن، اوترو ئي اُها خوبصورت ۽ دلچسپ ٿئي ٿي.
    مون کي اُهي شاعر ۽ انهن جي شاعريءِ نه وڻندي آهي، جيڪي غزل جهڙي نرمل، ڪومل ۽ نفيس صنف کي “جانِ عالم ـ انجمن آرا” ۽ “ممتاز ـ دمساز” جي قصي ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. هـُو ايڏن ڊگهن (طويل) بحرن ۾ غزل لکندا آهن. جو رسالي جو پورو پيج ويڪر ۾ والاري ويندا آهن ۽ ڊگهائي ۾ ته ٽي چار صفحا يا اڃا به وڌيڪ رسالي جا صفحا ڳڙڪائي ويندا آهن. ڳالهه اها آهي ته انهن دوستن کي ٻوليءَ تي دسترس نه هوندي آهي، مطالعو وسيع ڪونه هوندو آهي ۽ مشاهدي ۾ به “ڪورا” رهجي ويل هوندا آهن. پوِءِ هو غزل جي سوچيل شعرن کي پورو ڪرڻ لاءِ ويندا آهن لفظ وجهندا/وڌائيندا، پيا لکندا، جيستائين جو سوچيل خيال وڃي ڪمپليٽ ٿئي، تيستائين غزل جا شعر ڪوريئڙي جي ڄاريءِ وانگر ڪڇ ـ ماپ جهڙا ناهن رهندا. انهن کي انسانن وانگر اهڙي “الرجي” ٿي ويندي آهي. جنهن ۾ نڪ جو پاڻي سُڪندو ئي ناهي نڪ اُگهي اُگهي ڳاڙهو “ٽماٽو” ٿي ويندو آهي ۽ ناکوٽا پچي پوندا آهن. هر دفعي، هر غزل، ايڏي وڏي وزن ۾ لکڻ سان پڙهڻ واري جو ذهن به پچي پوندو آهي، ۽ هو بور/ بيزار ٿي پوندو آهي. ساڳي طرح ٻٽا (مرڪب) لفظ به ٻولي تي عبور رکڻ وارو شاعر ئي استعمال ڪري سگهي ٿو، سڀڪو نه!!
    بهرحال شاعريءِ ۾ اختصار ۽ ٻٽا لفظ مطالعي/مشاهدي ۽ ٻوليِءَ تي پوري پهچ ۽ اُن جي استعمال جو ماهر شاعر ئي ڪري سگهي ٿو. سنڌ جي اُتر واري ڇيڙي تي ڪيئي خوبصورت ليکڪ پيدا ٿي چُڪا آهن ۽ ٿي رهيا آهن؛ “داداسنڌي” (تاريخ دان) “اميربخاري” (اديب/ شاعر) “اظهر گيلاني” مشهور شاعر / ايڊيٽر وغيره ۽ هِن وقت ۾ مشتاق گبول، مبارڪ لاشاري، جبار بوزدار ۽ آڪاش بوزدار وغيره، ادب (خاص ڪري شاعريءَ) جي ميدان ۾ ڪاميابين طرف وکون وڌائي رهيا آهن. انهن جو ئي هڪ دوست به، ساٿي به، هم عصر به، همسفر به، پنهنجي ٽهيءِ (ڪٽيگري) جي شاعرن ۾ چٽو ـ پٽو نظر اچڻ وارو شاعر آهي “پريم پتافي”. هيءِ جَوان ڏاڍي سُهڻي/ ساءَ واري ۽ دل تائين پهچي وڃڻ واري شاعري پيو ڪري/ ڪري رهيو آهي. هن کي پنهنجي تخليقي سگهه سبب اختصار تي اختيار نصيب ٿيو آهي:

    سُرمي ۾ ٻُڏل اکڙيون،
    ڄڻ گيت غزل آهن.
    *
    هٿ هوا جا به کيچلا ڪيڏا،
    ڳلّ تنهنجا ڇُهي ويا آهن.

    تنهنجو سارو بدن شهر وانگي،
    نيڻ منهنجا گُهمي ويا آهن.
    *
    هاڻ ڦُٽندا نوان سلا مون مان،
    خاڪ ئي خاڪ ٿي ويو آهيان.
    *
    جيڪا دنيا جو درد ڳالهائي،
    سوچ اهڙي زبان ڳولي ٿي،

    ڀٽ تي ڳائي ٿو علڻ
    شاھ جي بيتن مان.
    خوشبو جهومي ٿي پئي.
    شاعريءَ ۾ اختصار کان سواءِ به ڪافي صلاحيتون ۽ ذهانتون قدرت هن کي سونپيون آهن. اڳتي هلي انهن جو ذڪر به ڪنداسين. في الحال مٿي ڪوٽ ڪيل شعرن ۾ ڏسو ته ڪيڏيون وڏيون ڳالهيون “پريم” مختصر/ مناسب ۽ ٺهڪندڙ گهربل لفظن ۾ ڪيون آهن. “سُرمي پاتل اکين” کي “گيت غزل سمجهڻ”. هوا جا هٿ”! ڇا هوا کي هٿ هوندا آهن؟ ها! هونداآهن کيچلا/ شرارتي. اُهي ڪنهن جا ڳل ڇُهي ٿا وڃن. هڪ خوشبودار بخملي بدن کي؛ پريم جا نيڻ “پيرس” (شيشي جي شهر) وانگي گهمي ٿا اچن، پريم ڪنهن جي برھ جي باھ ۾ جلي خاڪ ٿي ويو آهي، پر اها خاڪ رائگان نه ويندي. اُن خاڪ مان ققنس پکيءَ وانگر، پريم وري وري سَلن جي روپ ۾ پيو ڦُٽندو، “دنيا جو درد” بيان ڪرڻ لاءِ “سوچ کي هڪ نئين زبان” جي ضرورت آهي. علڻ فقير ڀٽ تي ڳائي يا ڪٿي به “شاھ جا بيت” ۽ “علڻ جو آواز” خوشبو ئي خوشبو نه هوندو ته ٻيو ڇا هوندو. علڻ هونءَ به نه وسرڻ/ وسارڻ جهڙو آرٽسٽ آهي. ‘پريم’ جي هن وائيءَ علڻ کي امرتا ڏني آهي/ سداحيات بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هڪ شعر هي به؛ جيڪو عاشق جي آواز ۾ “نرمي ۽ ميٺاج” جي عيوض “گرمي ۽ ڪڙاڻ” جو خود اعتراف ٿو ڪري؛
    “ڪيڏا ڪوڙا سوال هن منهنجا،
    ڪيڏا مٺڙا جواب ڏيندي آن”
    محبوبا با اخلاق با مرّوت/ مان ۽ مرجات واري هوندي آهي، نه ته عاشق جون اکيون”ڪانگن” وٽ. “جي ٻي در واجهائين ته ڪڍي ڪانگن کي ڏيان”. (شاھ)
    يا: ڪاگا! سب تن کهائيو، چُن چُن کائيو ماس
    دو نينا مَت کهائيو، انهين پيا ملن ڪي آس”
    انهن شعرن ۾ اختصار سان گڏ نوان استعارا، نڪور محاورا، ادراڪ کي سُهڻيون لڳندڙ ترڪيبون ۽ اصطلاحون به آهن. اهڙي ئي شاعري کي نرمل به چئبو آهي نازڪ به ۽ نفيس به. “نازڪ خيالي” به شاعريءَ جو هڪ سُندر انگ آهي. ۽ اهو ڪنهن فطري ڏاهي شاعر وٽان ئي اظهار جي سگهي ٿو.
    اسان رات تنهنجي شهر ۾رهياسين،
    پرين! ڄڻ ته خوشبوءَ-نگر ۾ رهياسين.
    پرين پاڻ ته الائي ڇا هوندو آ، پر پرينءَ جو شهر به “خوشبوءَ- نگر!!”“اسحاق سميجي” منهنجي نئين آيل ڪتاب”ڇا چيس آئيني” جو مُهاڳ لکندي، لکيو آهي ته: “آثم جي شاعري هڪ نئون جهان”نينهن ـ نگر” تخليق ڪيو آهي”. ۽ مان وري چوان ٿو ته پتافيءَ به ساهت جي ساڻيهه ۾ خوشبو ـ نگر اڏيو آهي. ۽ ائين هُن به سنسڪرت شاعر “دامودر گپت” واري “ڪاشي- نگر” جي اڏاوت ۾ ڪُجهه حصو ضرور ورتو آهي؛ جهڙو نگر هُن پنهنجي نظم “نٽمني متنم” ۾ ڏيکاريو هو.

    جڏهن کان اوهان کان جُدا ٿي ويا هون،
    تڏهن کان اسان ڀي حصا ٿي ويا هون،

    ڪڏهن نانءُ تنهنجو پُڇيو ڪنهن کان ناهي،
    شهر تنهنجي مان سو دفعا ٿي ويا هون،

    اوهان جي شهر ۾ اسان جا حوالا،
    لڳي ٿو ته هاڻي قصا ٿي ويا هون.
    *
    ڳالهه تنهنجي سونهن جي ۽ تذڪرو ٻيو سنڌ جو،
    شاعريءَ ۾ کير، ماکيءَ سان ملائي ٿو ڇڏيان،
    *
    هن ڪچي اوڏڪي ڪوٺڙيءَ جي اندر،
    هڪ بتي آ، جا ڪنهن کي سڏي ٿي پئي،
    *
    ڪيڏي ڪمري ۾ ماٺ ڇانيل آ،
    پاڻ جيئري مزار ۾ آهيون،
    *
    اوهان جي بدن تي جا گذري هئي،
    سڄي رات چنڊ تي رهيا هون پرين!
    *

    تنهنجي پويان هي ڏس غزل منهنجو،
    نئين جوانيءَ سان “جُون” جاڳي ٿو،
    *
    آءُ پاسي ۾ ويهه تون منهنجي،
    هيڪلائي خُدا کي سونهي ٿي،
    *
    لڙڪ ناهن اهي، جي سمجهي ڪو،
    منهنجي اکڙين جون آيتون آهن،
    *
    ڇالئه پارا پوھ جا،
    گهارين هيڪل وو!
    مُند نه سارين ٿو!؟

    سُهڻا سُر ساري پئي،
    منهنجي پايل وو!
    مُند نه سارين ٿو !؟
    *
    ڪيئن ٿو نيڻن سان ڇهان،
    پنهنجي نيڻن کان،
    پُڇجان منهنجي پيار جو.
    *
    ڏات ـ نگر کان ڏور ڪٿ،
    ڪوي ـ ڪويتا،
    ٿڪ نٿا ساهن ڪڏهن.
    *

    تنهنجي سونهن سنديون
    ڪيڏيون ڳالهيون ڳوٺ ڪري ٿو.

    تنهنجي هرهڪ لفظ منجهان ڄڻ،
    نڪرن، نينهن ـ نديون
    ڪيڏيون ڳالهيون ڳوٺ ڪري ٿو.
    *
    هي جو پنهنجو پيار ڳهيلي
    ڳالهيون ڳالهيون ڳوٺ ٿيو
    جيئن ڪائي خوشبو وکري،
    تيئن تنهنجو پيار ڳهيلي،
    ڳالهيون ڳالهيون ڳوٺ ٿيو.
    *
    توريءَ منهنجا گيت اڌورا،
    من ۾ کامن ڪيئي کُورا،
    قلم هٿن ۾،
    ديد دڳن ۾،

    اڻپورا ڪي گيت ٿا سڏني،
    او سڄڻي! هيل ته اچ ني.
    آثم ناٿن شاهي




    ____________________________




    مٿيان شعر هن ڪتاب جا اُهي اسم آهن، جن کي سائين آثم ناٿن شاهي هن ڪتاب جي پيشِ لفظ لاءِ چونڊي ته ڇڏيو هو، پر سائين اُنهن تي پنهنجو رايو ڏئي، اُنهن ۾ ڪُجهه لکي، وقت کيس اها مهلت ڪانه ڏني ۽ هُو، هِن ڪتاب جو پيشِ لفظ اڌورو ڇڏي ويو. هي سائين جي آخري لکڻي آهي.
    پريم پتافي


    دنيا جو عرفان هُجي ته شاعريءَ جنم وٺندي آهي

    عاشقيءَ جي واٽ ڪنهن ڪُنواريءَ ڪنيا وانگي سُندر هوندي آهي. شاعري به عاشقيءَ جي واٽ آهي ۽ سونهن جي چاهت پڻ عاشقيءَ جي واٽ آهي، ‘پريم پتافي’ جي عاشقيءَ جي هِن سُندر واٽ تي بيهي ڏسان ٿو ته سندس غزل ڪنهن ڇوڪريءَ جي الهڙ وهي محسوس ٿين ٿا، جيڪا وهي پيار جي ڪٿا آهي ۽ انهي ڪٿا ۾ وڇوڙي، دُوري ۽ دڳن جي رولاڪي جو درد جهلڪي ٿو. سندس وايون ڪنهن حسينا جي چنچل شوخ ۽ مُرڪندڙ اکڙين وانگي خوبصورت آهن. جن ۾ ڪنهن حسينا جي لوڏ جهڙي رواني آهي، جن ۾ محبوبا جي ڏنل ٽهڪن جهڙي سلاست ۽ بلاغت آهي. واين ۾ سندس اندازِ بيان بُلڪل فطرتي آهي، جيڪي ڪنهن آبشار جي پاڻيءَ وانگي صاف، شفاف ۽ چانديءَ جي رنگ جهڙيون محسوس ٿين ٿيون. جن ۾ سمنڊ جهڙي اونهائي آهي. مجموعي طرح ‘پريم’ جي شاعري ڪوري بدن جهڙي ڪوري آهي. جيڪا چوڏهين جي چنڊ جي چاندنيءَ جهڙي اُجري آهي. جنهن ۾ سندس فڪري اُڏام بُلندين تائين پهچڻ جي آرزومند آهي.
    ‘پريم پتافيءَ’ جي شاعريءَ ۾ ڪيترين ئي محرومين جو درد جهلڪي ٿو، اُهي محروميون هُن جون ڪي ذاتي ناهن، اقتصادي، سماجياتي، نفسياتي، شخصي ۽ جبلي تجزيو ڪنداسين ته خبر پوندي ته اُهي محروميون سموري سنڌي قوم جون محروميون آهن.
    هي دور ڀڃ ڊاھ ۽ اڳتي وڌڻ جو دور آهي، ۽ ‘پريم پتافيءَ’ جي شاعري انهي ڀڃ ڊاھ جي شاهد ۽ اڳتي وڌڻ جي عاشقيءَ جي پهرين وِک آهي.

    مشتاق گبول
    03013829447


    گليان پريم نگر ديان

    اهو پريم ئي آهي، جنهن جي ڪري سُقراط کي وهه جو وٽو پيئڻو پيو. شاهه عنايت کي شهادت ملي، هيموءَ کي ڦاهيءَ جو ڦنڌو چُمڻو پيو، سسئي سُڃَ جي سفر ۾ نڪتي، ان کانسواءِ ڪيترن ئي انسانن کي ان پريم لاءِ ڇا ڇا نه ڪرڻو پيو!؟ پريم نه هُجي ها ته دُنيا جا رنگ ئي ڦِڪا لڳن ها، ساز جا سُر مزو ئي نه ڏين ها ۽ ڪنهن گيت تي ڪو ڪنڌ ئي نه لُڏي ها!. ڪنهن جو ڪنهن سان، ڪنهن جو ڪنهن سان پريم ۽ پيار ئي آهي جو ڪائنات وڻي ٿي، سُرن مان سرور ملي ٿو، گيت گونجن ٿا ۽ ڪتاب ڇپجن ٿا. اهو به پريم ئي آهي جو ‘پريم پتافي’ جو ڪتاب “روشنيءَ جون اکيون” پڌرو ٿيو آهي. ‘پريم’ سان پراڻو پريم اٿم. آءٌ ‘پريم’ جي شروعاتي ادبي وکن کان هن وقت تائين جي سفر جو شاهد آهيان. ‘پريم’ ۽ اُن جي شاعري وڻندڙ آهي، ‘پريم’ جو اکرن سان پُختو پريم رهيو آهي، هو وقفي وقفي سان لُڇندو ۽ لکندو رهيو آهي، جيئن سانوڻ جي برسات وسندي ۽ بيهندي آهي، هر شاعر جي اِها ئي ڪيفيت هوندي آهي. ‘پريم پتافيءَ’ سان هزارين لمحا پني عاقل توڙي جروار ۾ گڏ گُذريا. سندس سِٽون سامهون اينديون رهيون ۽ مون اندازو لڳايو هو ته ‘پريم’ اندران ئي شاعر آهي. هڪڙا ٻاهران شاعر هوندا آهن، پئسي تي پبلسٽي خريد ڪرڻ وارا. اِهو ‘پريم’ جو اکرن سان چاهه ئي آهي جو هن خوبصورت گيت ۽ غزل سرجيا آهن، وايُن ۾ واڪا وِڌا آهن. ‘پريم’ جي شاعريءَ ۾ هر پيار ڪندڙ انسان جي ترجماني آهي. ‘ورڊ سورٿ’ جو خيال آهي ته “جيڪڏهن ڪو به شاعر انساني جذبن جي ترجماني ڪرڻ ۾ ناڪام ٿو رهي ته ان کي شاعر سڏائڻ جو ڪو به حق ناهي.” شاعري جذبن جي ٻولي آهي، ‘پريم پتافي’ جا جذبا هن شعري مجموعي ۾ ڳالهائن ٿا، جيڪي جذبا پريم- نگر جي هر واسيءَ جا به آهن ۽ اِهي پريم- نگر جون ڳليون ئي آهن جن ۾ هر ڪو پنهنجي جذبي جو اظهار وتي ٿو ڪندو. ڪو مصّوري سان، ڪو راڳڻي سان ته ڪو شاعريءَ سان.

    بقول غمدل فقير جي:
    گليان پريم نگر ديان، حضرت عشق گُهمايم
    جوڳي رمز رلايم
    ‘پريم’ جي هن پريم ڀريي پورهئي تي ناصحانه راءِ ڏيڻ بدران، ‘پريم’ کي جس ڏيندي هي چوان ٿو ته شاعر جي شاعري ۽ ليکڪ جي لکڻي جو اصل نقاد پڙهندڙ آهي، سرجڻهار جو اصل ايوارڊ به پڙهندڙن جي محبت آهي.

    بيخود بلوچ


    پنهنجو پريم

    پريم پتافي جو نانءُ ٻُڌڻ سان ائين لڳو ته ٻروچ ۽ پريم جو پاڻ ۾ ڪهڙو سُٻنڌ؟ مگر ڏسڻ ۽ ويجهڙائپ کانپوءِ منهنجا اندازا بلڪل ابتڙ نڪتا.
    هِن دور ۾ انا جي قرباني ڏاڍي ڏکي آهي ۽ رس لاءِ ڪس کائڻ ته ان کان به ڏکيو ڪم آهي. مگر اِهي ٻيئي خوبيون پريم پتافي ۾ ڏسي، اچرج سان گڏ فخر محسوس ٿئي ٿو.
    ڪاش! منهنجي ڌرتيءَ جا سڀ تخليقڪار ائين ٿي پون ته جيڪر لال لطيف جو خواب سچو ٿي پئي ته (محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو)،
    ننڍڙي وزن ۾ خوبصورت خيال ‘پريم’ الائي ڪٿان سکيو آهي. جيڪا ڏات ڌڻين کي وڏي مشق ۽ رياضت کانپوءِ به مشڪل سان نصيب ٿيندي آهي. هي سڀ ڪجهه هن کي شايد سهپ ۽ سڄڻپي جي عيوض مليو هُجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. دعا آهي ته پريم پنهنجي تخليقي سفر ۾ سڀ سڦلتائون ماڻي جيڪي ڪنهن سُٺي ڪوي لاءِ تمام ضروري آهن.

    مفتون ڪورائي
    مگسي ڳوٺ ميرپورماٿيلو


    چنڊ پٺيان ڊُڪندي

    پريم شاعريءَ ۾ عام رواجي موضوع ڇڏي غير معمولي موضوع کنيا آهن. ۽ انهن سان خوب نڀايو آهي. سندس شاعريءَ ۾ زندگيءَ جا سڀ روپ ۽ انهن جون ڪيفيتون تمام سهڻي نموني نڀايل آهن. هن گهڻو تڻو شعر جذباتي (Emotive) انداز سان لکيو آهي ۽ پنهنجي شاعريءَ کي (Abstract) يعني رکائپ کان به بچايو آهي. سندس شاعري رنگين ۽ رسيلي آهي، جا فني مونجهارن کان به گهڻي حد تائين آزاد آهي. سندس موسيقيءَ سان آشنائي ڪري هن جي شاعريءَ ۾ رواني ۽ ردم ڀرپور آهي. سندس شاعراڻو فارم ايترو ته سهنجو آهي، جو جڏهن ڪو ڪلاڪار هن جا لکيل غزل گيت، وائي يا نظم جهونگاري ٿو ته راڳيءَ پٺيان لي ائين ڊوڙون پائي ٿي جيئن ڪا ڪنواري ناري ندي ڪناري، پيرن ۾ جهانجهر پائي چانڊوڪيءَ جي سوجهري تي چنڊ پٺيان ڊُڪندي هجي.
    پريم چاهتن جا نفيس جذبا کڻي شاعريءَ جي سفر تي نڪتو آهي. ڏسجي ته لفظن جي هن سندر چترڪار کي سنڌي ادبي کيتر جا ساٿي ڪهڙي موٽ ٿا ڏين!.

    جميل سومرو


    مُرڪندڙ ماڻهو ۽ ڀلوڙ شاعر

    جيڪي به خوبيون سُٺي شاعريءَ لاءِ هئڻ گهرجن. اهي سڀئي خوبيون پريم پتافي جي شاعريءَ ۾ موجود آهن. منهنجي ساڻس پهرين مُلاقات گهوٽڪيءَ ۾ هڪ فنڪشن ۾ ٿي، سندس ڌيمي لهجي ۾ شائسته شاعراڻي گفتگو مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو.
    پريم پتافي جي شاعريءَ جي هر صنف وزنائتي ۽ مقصد واري آهي. جيڪا پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جي دل کي متاثر ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي، منهنجو جڏهن به اُتر سنڌ ۾ وڃڻ ٿيو ته کيس مهمان نوازيءَ سان سرشار هُجڻ سان گڏ خوش اخلاق ۽ خوش پوشاڪ ڏٺم مون کي هِن شخص وٽان ٽي شيون مليون، هڪ مُک تي مُرڪ، ٻي خوبصورت شاعري۽ ٽين مهمانوازي.
    پريم جي شاعري ۾ رومانس جا انڊلٺي رنگ نمايان ۽ دلڪش آهن.
    غضب آ تنهنجي نهار جانان!
    لُٽي وئي آ قرار جانان!
    *
    اوهان جي مُرڪو ته گل ٽڙن ٿا،
    کِلو ته کنوڻين ـ خمار جانان!
    *
    اسان رات تنهنجي شهر ۾ رهياسين،
    پرين ڄڻ ته خوشبو ـ نگر ۾ رهياسين،
    *
    رهياسين ڀٽائيءَ جي ڀر ئي رهياسين،
    سدا سونهن سان همسفر ئي رهياسين،

    تنهنجي خوشبو هوا کڻي آئي.
    هاڻ ڪيڏي قرار ۾ آهيون،
    *
    سندس رشتا نڀائڻ، هر ننڍي وڏي جي عزت ڪرڻ ۽ هر ماڻهو کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ جو ڏانءُ آهي. فطرت جي دلڪشي ۽ منظرن جو حسن ۽ پيار محبت جا عنصر وٽس موجود آهن.
    سندس گهڻي شاعري ته اهڙي آهي جنهن کي ڪوبه راڳي آساني سان ڪنهن سٺي ڪمپوزيشن جو روپ ڏئي سگهي ٿو، مون پاڻ جڏهن سندس ڪجهه گيت پڙهيا ته فوراً هڪ بهتر ڌُن منهنجي ذهن ۾ اچي وئي جيڪا اچڻ واري البم لاءِ ريڪارڊ ڪرايم، سندس لاءِ آئون ايترو ضرور چونديس ته پاڻ هڪ سُٺو انسان آ. اِن دعا سان ته پاڻ سنڌي ادب ۾ جوڳي جاءِ ماڻي. آمين.

    شهنيلا علي
    ڪراچي


    منهنجو ادبي سفر

    سنڌي شاعريءَ جي پنڌ تي هلندي مون کي سترهن سال ٿيا آهن. ماضيءَ تي جڏهن هڪ پل لاءِ نظر ٿو وجهان ته 1992ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جروار جي اُها پهرين گڏجاڻي آئيني جيان منهنجي سامهون آهي. منهنجي پهرئين تخليق تي عاجز گبول، سرور گبول، نازڪ شيدائي، درگاهي گبول ۽ مشتاق گبول جا رايا اڃا تائين چٽا پٽا ياد اَٿم. سنگت جروار جي دوستن ايتري حد تائين پيار ۽ مان ڏنو جو مون کي سُتت ئي ٿيندڙ اليڪشن ۾ سنگت جروار جو سيڪريٽري چونڊي ڇڏيائون. پوءَ اهي سنگت جون گڏجاڻيون، سنگت جا پروگرام ۽ ائين ئي سڄي سنڌ جي اديبن، شاعرن، رسالن، اخبارن ۽ ڪتابن سان هڪ رابطو جڙي پيو. هونئن ته منهنجو خاندان گهوٽڪي ضلعي ۾ ادبي خاندان طور سڃاتو ويندو آهي، منهنجا وڏا فارسيءَ جي اثر هيٺ شاعري ڪندا رهيا آهن. جن مان ڪي پنهنجي دور جا وڏا نالا به ٿي گذريا آهن. جن ۾ مولوي بهاؤالدين بهائي ۽ مولوي عبدالرحمان ضيائي، جن جا ڪيترا شاعري توڙي نثر جا ڪتاب نواب آف بهاولپور جي پريس مان ڇپيل آهن. پر مون شروع کان ئي پنهنجي جُدا سڃاڻپ جوڙڻ لاءِ پنهنجي خاندان جي آڱر وٺڻ بدران پنهنجو رستو جوڙڻ شروع ڪيو. شايد ان جو هڪ سبب پنهنجي دوستن جو حلقو ۽ سنگت جروار جي دوستن جو ساٿ ۽ جديد سنڌي شاعريءَ جي سرواڻ شاعرن شيخ اياز، استاد بخاري، امداد حسيني، شمشير ۽ تنوير جي شاعريءَ جو اثر به آهي، جن مونکي عبدالرزاق پتافي مان پريم پتافي بڻائي ڇڏيو. شاعريءَ ۾ منهنجا استاد ادبي سنگت جا دوست ۽ سنگت جون گڏجاڻيون رهيون آهن، جن وٽان مون تمام گهڻو سکيو آهي، تن ۾ عطا قاضي، مفتون ڪورائي، مشتاق گبول نمايان آهن، جن منهنجي وِک وِک تي رهنمائي ڪئي. شاعريءَ ڇا آهي؟ ڇا هجڻ گهرجي؟ انهي بحث کان هٽي ڪري، مون جيڪو سوچيو، ڀوڳيو، ٻُڌو ۽ ڏٺو آهي سو لکيو آهي. ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته شاعري منهنجو آئينو آهي، جنهن ۾ اوهان مون کي پنهنجين عاشقين کان ويندي پنهنجي دوستن جي محبتن، نفرتن، پنهنجي ڌرتيءَ جي ڏکن، سکن، ظالم جي ظلم ۽ مظلوم جي مظلوميت تائين ڏسي سگهندوءَ. مون تمام ٿورو ۽ مختصر لکيو آهي ۽ جيڪو لکيو اٿم سڄي جو سڄو منهنجي هن ڪتاب ۾ شامل آهي. جنهن ڪري اوهان کي کوڙ ڪچايون ۽ ڦڪايون به نظر اينديون، خاص ڪري غزلن واري ڀاڱي ۾ کوڙ شروعاتي دور جا غزل آهن، ۽ واين واري حصي ۾ به کوڙ اهڙيون وايون آهن جيڪي منهنجي شروعاتي دور جون آهن.
    شاعري اندر جو آواز آهي ۽ منهنجي هن اندر جي آواز کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جا سڀ مرحلا منهنجا دوست مشتاق گبول، ذوالفقار گاڏهي، گلزار، ساٿي محبوب، ضمير لاڙ ۽ امر کهاوڙ پنهنجي ذمي نه کڻن ها ته هي ڪتاب ڪڏهن به ڇپجي نه سگهي ها. شاعري فيئر ڪرڻ ويندي ڪمپوزنگ ۽ پريس جي سڀ مرحلن تائين سڄو ڪريڊٽ انهن دوستن ڏانهن وڃي ٿو. مان سندن بيحد ٿورائتو آهيان. سنڌي شاعريءَ جي هڪ منفرد ۽ انوکي نالي سائين آثم ناٿن شاهيءَ کي ڪيئن ٿو وساري سگهان، جنهن پنهنجي زندگيءَ جي آخري لمحن ۾ بيماريءَ ۽ موت سان جهيڙيندي منهنجي ڪتاب جو پيش لفظ لکيو. مان سندس لاءِ ڌڻيءَ دَر دعاڳو آهيان ته الله تعاليٰ کيس پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ ڏي. (آمين).
    ٿورا محترم سائين اياز گل جا جنهن منهنجي ڪتاب جو بئڪ پيج لکيو ۽ ٿورا سنڌ جي خوبصورت گلوڪاره شهنيلا عليءَ (جيڪا منهنجي فيوريٽ آرٽسٽ آهي)، منهنجي ڀائرن جهڙي دوست جميل سومري، مفتون ڪورائي، بيخود بلوچ جا جن پنهنجا تاثرات لکيا ۽ ٿورا ديس جي هن پار انڊيا رهندڙ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر، نقاد سائين واسديو موهيءَ جا جنهن ڪتاب جو مهاڳ لکيو.

    پريم پتافي
    31117092-0300


    تنهنجي در کي جو به نهاري آيو آ،

    تنهنجي در کي جو به نهاري آيو آ،
    پنهنجي پويان درد قطاري آيو آ.

    پل ڪو تنهنجي نيڻن ۾ ڇا ترسيو هو،
    پنهنجا سارا خواب وساري آيو آ.

    ويندي ويندي چؤواٽي تي بيهي ڪو،
    سوچي ٿو هُو ڪنهنجي لاري آيو آ.

    رات ڀٽائي جي محفل ۾ شعر پڙهي،
    شاعر پنهنجا شعر اُجاري آيو آ.

    اڳ ۾ اهڙو ڪو نه ڪڏهن هو درد مِليو،
    جاني! جهڙو هيل سياري آيو آ.


    هر گهٽي پنهنجو هڪڙو اثر ٿي رکي.

    هر گهٽي پنهنجو هڪڙو اثر ٿي رکي.
    هر جُهڳي ڪاڻ هڪڙو هُو در ٿي رکي.

    ڪين ويٺي ڪڏهن آهي هڪ جاءِ تي،
    سوچ جاري سدائين سفر ٿي رکي.

    هوءَ چري ڇوڪري بس اسان تي رُڳو،
    نيڻ پنهنجا سدا مختصر ٿي رکي.

    جا ڪڏهن ڀي لُڇي ۽ ڪُڇي ڪانه ٿي،
    پنهنجي سيني ۾ اهڙو جگر ٿي رکي.

    هوءَ جڏهن ڀي ملي ۽ جتي ڀي ملي،
    پنهنجو کولي سمورو اندر ٿي رکي.


    سار تنهنجي بهار وانگي آ.

    سار تنهنجي بهار وانگي آ.
    ڪنهن ڪنواريءَ جي پيار وانگي آ.

    تنهنجو مُرڪڻ لڳي ٿو اِئن مون کي،
    مَڌ جي ڄڻ خُمار وانگي آ.

    ساري دنيا هي خوبصورت ڄڻ،
    تنهنجي پهرين نهار وانگي آ.

    پير پاتو نه تو اڃان آهي،
    گهر به لڳندو مزار وانگي آ.

    روز توسان ملڻ جو سوچي ٿي،
    دل هي منهنجي به ٻار وانگي آ.


    حادثن کي لتاڙي جيئون ٿا.

    حادثن کي لتاڙي جيئون ٿا.
    پنهنجي وعدن کي پاڙي جيئون ٿا.

    تنهنجي دل کي ڇڏئي زمانو ٿيو،
    ڪنهنجي نظرن جي پاڙي جيئون ٿا.

    جي جليو طور سينا ڇا ٿي پيو،
    ڏس اسان پاڻ ساڙي جيئون ٿا.

    حال ڪهڙو پُڇين ٿو شاعر جو،
    جيئن قافيا ڏکيا! ڙي جيئون ٿا.

    درد پهتو لتاڙي سڀ ليڪا،
    هر گهڙي ڄڻ آکاڙي جيئون ٿا.


    اسان رات تنهنجي شهر ۾ رهياسين.

    اسان رات تنهنجي شهر ۾ رهياسين.
    پرين! ڄڻ ته خوشبُوءَ ـ نگر ۾ رهياسين.

    ملي ڪانه منزل اسان کي ڪڏهن ڪا،
    حياتي سموري سفر ۾ رهياسين.

    نه توسان مِلياسين، کِلياسين، رُناسين،
    زماني جي ظالم نظر ۾ رهياسين.

    تڏهن سونهن ساڃهه اسان وٽ ملي ٿي،
    ڀٽائي جي سُهڻي اثر ۾ رهياسين.

    نڪي پاڻ ٺاهيم، نڪي گهر کي ٺاهيم،
    سدا عشق تنهنجي چڪر ۾ رهياسين.

    ڪڏهن سنڌ کي بس ملي آجپو ٿو،
    سدائين انهي ئي فڪر ۾ رهياسين.


    سجّ ته لهندو ٿو وڃي.

    سجّ ته لهندو ٿو وڃي.
    پاڇن پويان ڪو.
    ڪيڏو ڊوڙي ٿو!

    رشتا ٽُٽڻ لئه هُيا،
    رشتن پويان ڪو،
    ڪيڏو ڊوڙي ٿو!

    رستا کُٽڻا ڪو نه ها،
    رستن پويان ڪو.
    ڪيڏو ڊوڙي ٿو!

    سپنا، ساڀيان ڪو نه ٿيا،
    سپنن پويان ڪو.
    ڪيڏو ڊوڙي ٿو!


    ڇا ڪو منهنجي ساٿ ۾.

    ڇا ڪو منهنجي ساٿ ۾.
    ڌرتيءَ کان هلندو!
    سورج سوچي ٿو ،

    تنها هڪڙو ماڻهپو،
    ڪيسين پيو رڙهندو!
    سورج سوچي ٿو.

    ڇا، هي ديس ڪڏهن ڀلا،
    آزادي ڏسندو!؟
    سورج سوچي ٿو.

    ائن ڏاڍن سان ڪو نه ڪو،
    وڙهندو ئي رهندو؟!
    سورج سوچي ٿو.


    ڇو تون سانول وو!

    ڇو تون سانول وو!
    مُند نه سارين ٿو؟!

    ڇالئه پارا پوھ جا،
    گهارين هيڪل وو!
    مُند نه سارين ٿو؟!

    چاڳ چري ڪهڙا ڪري،
    ماندي مومل وو!
    مُند نه سارين ٿو؟!

    سُهڻا سُر ساري پَئي،
    منهنجي پايل وو!
    مُند نه سارين ٿو؟!


    ساريندي رهجانءِ.

    ساريندي رهجانءِ.
    شام سمي جو سوچن ۾ تون.

    منهنجي ياد جو ننڍڙو ڏيئو،
    ٻاريندي رهجانءِ.
    شام سمي جو سوچن ۾ تون،

    ڏينهن ۾ ڏھ ڏھ خطّ لکي،
    ساڙيندي رهجانءِ.
    شام سمي جو سوچن ۾ تون.

    منهنجا خط ۽ فوٽو هڪ هڪ،
    ڦاڙيندي رهجانءِ.
    شام سمي جو سوچن ۾ تون .

    مون جان تنها جيون جا پَل،
    گهاريندي رهجانءِ.
    شام سمي جو سوچن ۾ تون.


    هِن ڪوتا ـ گهر ۾.

    هِن ڪوتا ـ گهر ۾.
    درد نٿا ماپي سگهن.

    هر مَن موهن جو دڙو،
    پنهنجي هن ٿر ۾ .
    درد نٿا ماپي سگهن.

    قيدي سُڏڪن ٿا پيا،
    هِن ڦاسيءَ-گهر ۾.
    درد نٿا ماپي سگهن.

    ڪيڏو ڀوڳي ٿو پيو!
    شاعر اندر ۾.
    درد نٿا ماپي سگهن.


    ايترو نه ڪنهن کي سارجي.

    ايترو نه ڪنهن کي سارجي.
    ايترو نه خود وسارجي.

    ايترو نه، زندگي لڳي،
    ايترو نه پاڻ وارجي،

    ايترو نه سوچجي ڪڏهن،
    ايترو نه پاڻ ڳارجي،

    ايترو نه، دل ٽُٽي پوي،
    ايترو نه هانءُ - هارجي،

    ايترو نه، ڪو مري پوي،
    ايترو نه خود سينگارجي.


    روز نيڻن کي خواب ڏيندي آن.

    روز نيڻن کي خواب ڏيندي آن.
    تون به ڪيڏا عذاب ڏيندي آن.

    لوڪ توکي ڏئي ٿو ڏُک ۽ تون،
    چاهتن جا گُلاب ڏيندي آن.

    ڪيڏا ڪوڙا سوال هِن منهنجا،
    ڪيڏا مٺڙا جواب ڏيندي آن.

    پاڻ تون سوکڙي جيان آهين،
    ڪنهن کي تحفي- ڪتاب ڏيندي آن.

    توکي پيارو “پريم” آ، تڏهين،
    ان کي ايڏا عذاب ڏيندي آن؟!


    جڏهن کان اوهان کان جُدا ٿي ويا هون.

    جڏهن کان اوهان کان جُدا ٿي ويا هون.
    تڏهن کان اسان ڀي حصا ٿي ويا هون.

    ڪڏهن نانءُ تنهنجو، پُڇيو ڪنهن کان ناهي،
    شهر تنهنجي مان سؤ دفعا ٿي ويا هون.

    ڪُٺل هون، جو مقتل سان ياري رهي آ،
    اچي ميڙيو، جو ڳڀا ٿي ويا هون.

    اوهان جي شهر ۾ اسان جا حوالا،
    لڳي ٿو ته هاڻي قصا ٿي ويا هون.

    اسان لوڪ وانگي نه جيئڻ سِکيو آ،
    جفائون سهي باوفا ٿي ويا هون.


    نت نئون ڪوئي سور جاڳي ٿو.

    نت نئون ڪوئي سور جاڳي ٿو.
    ذهن ۾ جو شعور جاڳي ٿو.

    ذهن تي سوچ جا رکي ڪنڊا،
    ڪوئي اُلڪو، ڪو پور جاڳي ٿو.

    لوڪ سارو سُتو پيو آهي،
    پر ڪٿي ڪو غيور جاڳي ٿو.

    ڪنهنجي هٿ جي ڇهاءُ لئه آتو،
    شاھ! تنهنجو تنبور جاڳي ٿو؟!


    حادثن کي شُمار ۾ رکجان.

    حادثن کي شُمار ۾ رکجان.
    ڪُجهه ته تون اختيار ۾ رکجان.

    ڀَل مان وسري وڃان زماني کان،
    تون رُڳو بس، سنڀار ۾ رکجان.

    آءٌ ايڏو نه لازمي تو لئه،
    جنهن کي چاهين، نهار ۾ رکجان،

    سونهن وڪرو نه ڪر وکر وانگر،
    سونهن دل جي ديار ۾ رکجان.

    آءٌ ڀَلجان سڪون لئه تڙپان،
    پاڻ کي تون قرار ۾ رکجان.


    غضب آ تُنهنجي نهار جانان.

    غضب آ تُنهنجي نهار جانان.
    لُٽي وئي آ قرار جانان.

    اوهان جي وارن جي ڇانوري ۾،
    اسان جي آهي بهار جانان.

    اوهان جي مُرڪو ته گُل ٽڙن ٿا،
    کِلو ته کنوڻين- خُمار جانان.

    جڏهن به گُذرو، ته گُلّ رکجو،
    اوهان جي رستي-مزار جانان.

    ملين ته مُرڪون، وڃين ته غم جا-
    ڇڏي اسان وٽ ڀنڊار جانان.

    اوهان جي گهر ۽ گهٽي اڳيان ڪو،
    رُلي ٿو ڪنهنجو پيار جانان؟!

    اسان نه سوچيو ڪڏهن اِهو هو،
    ٿِبو اوهان کان ڪو ڌار جانان!


    چوطرف سناٽو آ.

    چوطرف سناٽو آ.
    ڏسون ڪير ٿو ورنائي؟
    هڪ سڏ پيو گونجي!

    جيڪو سنڌ ڏنو ساڳيو،
    جيڪو شاھ ڏنو ساڳيو،
    سو فڪر پيو واجهائي.
    هڪ سڏ پيو گونجي!

    اظهار به مُشڪل آ،
    اقرار به مُشڪل آ،
    پر من پيو تڙپائي.
    هڪ سڏ پيو گونجي!


    ڪيئن اڪيلي نڪتي آهين!؟

    ڪيئن اڪيلي نڪتي آهين!؟
    سڄڻي ڪنهنجا پور پچائي،
    من ۾ ايڏا مچ مچائي،
    چوٽا تيل ڦُليل سجائي،
    چيٽ اکين ۾ ڄڻ ته سمائي،
    چانڊوڪي سان چاھ رچائي،
    ريءَ سهيلي نڪتي آهين!
    ڪيئن اڪيلي نڪتي آهين؟
    مُک تي هلڪا ٽهڪ سجائي،
    رنگ برنگي ڪپڙا پائي،
    ۽ ٻيو ماٿي-تلڪ لڳائي،
    ويندڙ وقت جي واڳ ورائي،
    اوڙي پاڙي واس ورهائي،
    ڄڻ ته چنبيلي نڪتي آهين.
    ڪيئن اڪيلي نڪتي آهين؟
    تنهنجي ديد وِڌو آ گهائي،
    سڀ ڪو تنهنجا دڳ واجهائي،
    سڀ ڪنهن سيني آڳ لڳائي،
    هر ڪنهن دل ۾ دود دکائي،
    ڳوٺ سڄي جا ڳڀرو گهائي،
    او البيلي! نڪتي آهين.
    ائين ڳهيلي نڪتي آهين؟!
    ڪيئن اڪيلي نڪتي آهين؟
    ايئن اڪيلي نڪتي آهين؟!


    او سڄڻي! هيل ته اچ ني!

    او سڄڻي! هيل ته اچ ني!
    او سڄڻي! هيل ته اچ ني!

    مٽرن، ڄانڀي ڦول جهليا هن،
    اوسيئڙي جا زخم ٽڙيا هن،
    چيٽ جي رُت آ،
    ڄڻ ته بَسنت آ،
    چپ، هوا جا گيت ٿا چَوَنَي،
    او سڄڻي! هيل ته اچ نِي!


    توريءَ منهنجا گيت اڌورا،

    توريءَ منهنجا گيت اڌورا،
    من ۾ کامن ڪيئي کورا،
    قلم هٿن ۾،
    ديد دڳن ۾،
    اڻپورا ڪي گيت ٿا سَڏَني!
    او سڄڻي! هيل ته اچ نِي!

    لهرون لهرون ڇاتي ڇُلڪي،
    سانوڻ ۾ جيئن سنڌو اُٿلي،
    لهر نچي ٿي،
    موج مچي ٿي،
    ڇاتيءَ تي ڄڻ گيت ٿا رَچَني،
    او سڄڻي! هيل ته اچ نِي!

    ساھ سڪي ٿو، آءُ گهڙي پَل.
    درد اسان جا ٿي پيا اَڻ جهل.
    رُتّ چوي ٿي،
    تو لئه سِڪيِ ٿي،
    مٺڙي! هاڻ پڪائي ڇَڏَنِي!
    او سڄڻي! هيل ته اچ نِي!


    لهرون ٿو ٺاهي.

    لهرون ٿو ٺاهي.
    ڪيڏو شور سمونڊ کي.

    پنهنجي هستي پاڻ ئي،
    ٺاهي ۽ ڊاهي.
    ڪيڏو شور سمونڊ کي.

    گيت اسان جي پيار جا،
    لهر لهر ڳائي.
    ڪيڏو شور سمونڊ کي.

    ڪنهنجا پير چُمڻ جي لئه،
    ڊوڙون ٿو پائي.
    ڪيڏو شور سمونڊ کي.


    رهياسين”ڀٽائي” جي ڀر ئي رهياسين،

    رهياسين”ڀٽائي” جي ڀر ئي رهياسين،
    سدا سونهن سان همسفر ئي رهياسين.

    نه پنهنجو اَجهو ڪوئي ڳولي سگهياسين،
    سدائين ٻين لئه ڇپر ئي رهياسين.

    اسان پنهنجي نيڻن ۾ لُڙڪن جو هڪڙو،
    ٻَڌي خوبصورت شهر ئي رهياسين.

    لڳل ڪوئي ڪَتبو، نه ڪائي سُڃاڻپ،
    ڦٽل ڄڻ ته ڪائي قبر ئي رهياسين.


    ڪيڏو رولاڪ ٿي ويو آهيان.

    ڪيڏو رولاڪ ٿي ويو آهيان.
    ڄڻ ته بي ٿاڪ ٿي ويو آهيان.

    ڪيڏي ٿوري بچي حياتي آ،
    اُسّ ۾ ماڪ ٿي ويو آهيان.

    ڪيئن مون کي پرين وساريندو،
    جنهنجو ادراڪِ ٿي ويو آهيان.

    هاڻ ڦُٽندا نوان سلا مون مان،
    خاڪ ئي خاڪ ٿي ويو آهيان.

    گهاوَ جيڪي وڻئي تون ڏي مون کي،
    هاڻ مان چاق ٿي ويو آهيان.


    لاب پيو آ ڪڻڪن ۾.

    لاب پيو آ ڪڻڪن ۾.
    آءُ، ملي پئون جوڀن ۾.

    آءٌ اڪيلو، ڪاري رات،
    تڙپان، پڄران سوچن ۾.

    شعرن مان شعلا نڪرن،
    باھ ٿي ڀڙڪي لفظن ۾.

    گوري، نِيرنِ نيڻن سان،
    روز اچي ٿي سپنن ۾.

    پاپ ـ نگر جي پاپين جي-
    ڳولين ڇا ٿي نيڻن ۾؟

    روز نئون محشر برپا-
    شاعر! تنهنجي جذبن ۾.


    مون ۾ هڪڙو جنون جاڳي ٿو.

    مون ۾ هڪڙو جنون جاڳي ٿو.
    جنوري ۾ به جون جاڳي ٿو.

    شهر سارو سُتو پيو آهي،
    شخص هڪ بي سڪون جاڳي ٿو.

    سنڌ جي سينڌ کي سنواريندس،
    مون ۾ ‘هوشوءَ’ جو خون جاڳي ٿو.

    درد دل ۾ سُتو ڪڏهن ناهي،
    حال توڙي زبون، جاڳي ٿو.

    تنهنجي پويان هي ڏس غزل منهنجو،
    نئين جوانيءَ سان “جُون!” * جاڳي ٿو.

    * جُون ايليا اردو جو مشهور شاعر.


    ڪا سار ڏئي وئي آ،

    ڪا سار ڏئي وئي آ،
    مهڪار ڏئي وئي آ.

    هر سوچ پُٺيان سڄڻي،
    سنسار ڏئي وئي آ.

    بي ربط خيالن جا،
    ڀنڊار ڏئي وئي آ.

    هِن منهنجي ڏکي دل کي،
    آڌار ڏئي وئي آ.

    هوءَ پيار جي صورت ۾،
    شهڪار ڏئي وئي آ.

    اکڙين کي ته اُلڪن جا،
    انبار ڏئي وئي آ.


    هڪ ڊگهي ڄڻ سزا کي ڀوڳيون ٿا.

    هڪ ڊگهي ڄڻ سزا کي ڀوڳيون ٿا.
    پاڻ پنهنجي وفا کي ڀوڳيون ٿا.

    ڪين ڪنهنجي اڳيان جُهڪيا آهيون،
    توڙي پنهنجي انا کي ڀوڳيون ٿا.

    جنهن سان پنهنجي نه همسري ڪائي،
    خوبصورت خُدا کي ڀوڳيون ٿا.

    ڪنهن ڏني هُئي جا مون کي جيئڻ جي،
    اڄ انهي ئي دعا کي ڀوڳيون ٿا.

    روز ڦاسيءَ جي گهر ۾ گُذري ٿي،
    درد جي انتها کي ڀوڳيون ٿا.


    ارپنا

    سوچيان ٿو.
    توکي تنهنجي جنم ڏينهن تي،
    ڇا آڇيان؟
    ڪوتا آڇيان،
    هي من آڇيان
    پنهنجو پاڻ سمورو آڇيان،
    ڪائي ياد پُراڻي آڇيان.
    ڇاآڇيان؟
    چنڊ جي اُجري چانڊوڪي،
    يا ڪنهن ماڪ ڦُڙي جهڙو
    لُڙڪ ڦڙو!
    سوچيان ٿو مان
    مون وٽ جي سوچون آهن.
    پرھ ڦُٽيءَ جهڙيون اُجريون سوچون،
    ۽ ڪُجهه آسون اڻ پوريون،
    جن ۾ منهنجا سپنا آهن،
    آزاديءَ جا، خوشحاليءَ جا. سوچيان ٿو،
    توکي پنهنجو سڀ ارپيان!


    سڄڻي! پنهنجي اُجري من ۾.

    سڄڻي! پنهنجي اُجري من ۾.
    ڪيڏا درد ٽِڪايا ٿئي!
    ايڏا ڪيئن سمايا ٿئي!؟

    ڳوٺ سڄي جا سارا ڳڀرو،
    تاڙن توکي، لوچن توکي،
    تن جي تاڙ ۽ لوچ کان ڪيئين،
    پنهنجا نيڻ بچايا ٿئي؟!

    ٿي سرتي سرتي ڳالهه ڪري،
    ٿي پنهنجي ڌرتي ڳالهه ڪري،
    ڪالهه هُئين تون نچڻي، ڪُڏڻي،
    اڄ ڇو درد ورايا ٿئي؟!

    مون آھ ٻُڌو، سرتين وچ ۾،
    پنهنجن سارين جيڏين وچ ۾،
    جُهومي جُهومي لهرا پائي،
    منهنجا گيت ٻُڌايا ٿئي!


    توئي ته لکيو هو اِهو.

    توئي ته لکيو هو اِهو.
    مون کي چٺيءَ ۾،
    توکي چاهيان ٿي مٺا!

    ڦاٿل ٻن چپڙن جي آ،
    ننڍڙي وِٿيءَ ۾،
    توکي چاهيان ٿي مٺا!

    ويندي ويندي ڪنهن چيو،
    مون کي گِهٽيءَ ۾،
    توکي چاهيان ٿي مٺا!

    ڪوڙ ڳالهايان ڪانه ٿي،
    سچي پچيءَ ۾.
    توکي چاهيان ٿي مٺا!


    سوچون ۽ جذبا.

    سوچون ۽ جذبا.
    ٿڪّ نه ٿا ساهن ڪڏهن.

    ڪيڏا ڊوڙن ٿا پيا،
    روڊن تي ڦيٿا.
    ٿڪّ نه ٿا ساهن ڪڏهن.

    ڏات ـ نگر کان ڏُور ڪٿ،
    ڪوي ـ ڪويتا،
    ٿڪّ نه ٿا ساهن ڪڏهن.

    هرپَل آهن پنڌ ۾،
    هي جوڳي رمتا.
    ٿڪّ نه ٿا ساهن ڪڏهن.


    تنهنجون ڳالهيون هاءُ ڳهيلي!

    تنهنجون ڳالهيون، گيت ڳهيلي!
    راڳيءَ لئه سنگيت ڳهيلي!
    ڪنهن جي من جون ميت ڳهيلي!
    ڄڻ ڪنهن جي لئه جيت ڳهيلي!
    تنهنجون ڳالهيون هاءُ ڳهيلي!

    تنهنجون ڳالهيون نور ڳهيلي!
    سينڌ ۾ ڄڻ سيندور ڳهيلي!
    گهايو تنهنجي گُهور ڳهيلي!
    سڀ کي تنهنجا پُور ڳهيلي!

    تنهنجون ڳالهيون هاءُ ڳهيلي!
    تنهنجون ڳالهيون ناز ڳهيلي!
    ڄڻ ته سُريلو ساز ڳهيلي!
    ‘ڀاڳيءَ’ جو آواز ڳهيلي!
    ڪهڙو آ، هي راز ڳهيلي!

    تنهنجون ڳالهيون هاءُ ڳهيلي!
    تنهنجون ڳالهيون سنڌو جل ڄڻ،
    تنهنجون ڳالهيون گيت غزل ڄڻ،
    تنهنجون ڳالهيون موھ مثل ڄڻ،
    تنهنجون ڳالهيون باک مهل ڄڻ،
    تنهنجون ڳالهيون هاءُ ڳهيلي…


    خوبصورت جهان ڳولي ٿي.

    خوبصورت جهان ڳولي ٿي.
    دل خُدا جو ڌيان ڳولي ٿي.

    جيڪا دنيا جو درد ڳالهائي،
    سوچ اهڙي زبان ڳولي ٿي.

    چند ڳوڙها وڃن جِتي وِڪجي،
    دل ڪو اهڙو دڪان ڳولي ٿي.

    تنهنجي هر عڪس مان ئي منهنجا، ڇو؟
    هاڻ دنيا نشان ڳولي ٿي.

    ساري دنيا کان ڏُور، هوءَ تنهنجي،
    ديد پاسي مڪان ڳولي ٿي.


    سونهن تنهنجي کي گيتن ۾ ڳايان پيو.

    سونهن تنهنجي کي گيتن ۾ ڳايان پيو.
    کنڊ کي کير سان اِينءَ مِلايان پيو.

    جنوري رات آ، آءٌ هيڪل هِتي،
    ياد تنهنجي جو “هيٽر” جلايان پيو.

    پنهنجا گوڏا ڀڃي مان ڀٽائي اڳيان،
    شعر پنهنجو نئون اڄ ٻُڌايان پيو.

    ٿوري تڪليف سان نيٺ ويندس پُڄي،
    چنڊ! تو ڏانهن وِک وِک وڌايان پيو.


    واسطا ويا وڌي.

    واسطا ويا وڌي.
    رابطا ويا وڌي.

    نيڻ ٽڪراءُ سان،
    حادثا ويا وڌي.

    هُن جو مُرڪي ڏٺو،
    حوصلا ويا وڌي.

    ڪيئن توسان مِلان،
    ضابطا ويا وڌي.

    پنهنجي وچ ۾ “پريم”!
    فاصلا ويا وڌي.


    ڪٿي پاڻ روڪي سگهيا هون پرين!

    ڪٿي پاڻ روڪي سگهيا هون پرين!
    وري تنهنجي پاسي هليا هون پرين!

    کڻي سار تنهنجي، سکر جون گهٽيون،
    اسان رات ساري رليا هون پرين!

    اوهان جي بدن تي جا گُذري هُئي،
    سڄي رات چنڊ تي رهيا هون پرين!

    سڄو ڏينهن رولي ڪي يادون اسان،
    لڙي شام جو گهر وَريا هون پرين!

    سڄي عمر تنهنجي طوافن ۾ وئي،
    اسان ڀي ته ڪيڏا چَريا هون پرين!


    نيڻ تنهنجا چُمي ويا آهن،

    نيڻ تنهنجا چُمي ويا آهن،
    خط سمورا بچي ويا آهن.

    هٿ هوا جا به کيچلا ڪيڏا،
    ڳلّ تنهنجا ڇُهي ويا آهن.

    ڪو به سپنو رهيو نه آ باقي،
    لُڙڪ ٿي سڀ وهي ويا آهن.

    تنهنجو سارو بدن شهر وانگي،
    نيڻ منهنجا گُهمي ويا آهن.


    تنهنجي گهر جا سارا رستا،

    تنهنجي گهر جا سارا رستا،
    ڄڻ پٿّر جا سارا رستا.

    مون تي بند ڪيا ويا آهن،
    هڪڙي گهر جا سارا رستا.

    نُوري! تو لئه ترسن ٿا پيا،
    مَن ـ ڪينجهر جا سارا رستا.

    ڀُلجي نيڻن کان ته ويا هن،
    ننڊ ـ نگر جا سارا رستا.

    تنهنجي پيرن ۾ وچڙي ويا،
    درد شهر جا سارا رستا.


    سمنڊ ٻانهون ٿو کولي ڪري آجيان،

    سمنڊ ٻانهون ٿو کولي ڪري آجيان،
    آءُ رمتا! هلون چاهتن جي پُٺيان.

    ڇو ٿي ڏانوڻ وجهين مون کي زلفن سندا.
    ڇڏ ته سرتي! هوائن سان اُڏري وڃان.

    ڇو تو ايڏي اسان کي آ شڪتي ڏني،
    اوخُدا! ڇڏ ته ڪُجهه مان ڳران ۽ ڀُران.

    ڇو تو رستن سان ياري رکي آ چريا!
    نيندئي هي ڪٿي! تون اچين پيو ڪٿان؟

    جوت پنهنجي سان هي جڳ اُجاري ڇڏيان،
    چنڊ! توکان وري روشني ٿو گُهران.


    شاعري هي شعور ڏيندي آ،

    شاعري هي شعور ڏيندي آ،
    “ڄڻ ته انڌي کي نور ڏيندي آ”.

    مُرڪ تنهنجي هزار رنگن جا،
    منهنجي نيڻن کي پُور ڏيندي آ.

    عشق تو ساڻ ٿي ويو شايد!
    ياد تنهنجي سرور ڏيندي آ.

    جي نه چاهي ٿي، ڇا جي لئه پوءِ،
    ڇوڪري مون کي سور ڏيندي آ.


    ڏاها! ويٺو تون،

    ڏاها! ويٺو تون،
    ڳولين راھ فرارجي!

    راس نه آئي ڪئن اِها،
    توکي تنهنجي ڀُون.
    ڳولين راھ فرار جي!

    جيون جهيڙيئي ڏاڍ سان،
    باقي ڏينهن به ڏون.
    ڳولين راھ فرار جي!

    ڪهڙي ڳالهه ڳڱاٽيون،
    چَئهُ، تنهنجون سوچون؟!
    ڳولين راھ فرار جي!


    سوچيو اِئنءَ نه هو،

    سوچيو اِئنءَ نه هو،
    مون کي رُئندو ڇڏي،
    ڪوئي ويندو هليو.

    جاڳ جي آڳ ۾،
    جيءُ جَلندو ڇڏي.
    ڪوئي ويندو هليو.

    گيت سُهڻا پرين!
    ايئن لکندو ڇڏي.
    ڪوئي ويندو هليو.

    جو صدين جو هيو
    ساٿ هلندو ڇڏي
    ڪوئي ويندو هليو.


    ڪيڏا جاڳي ٿا پون،

    ڪيڏا جاڳي ٿا پون،
    اندر مان احساس،
    تنهنجا خط پڙهي ڪري.

    پنهنجي جيون جو اچي،
    ڪندو هان اڀياس،
    تنهنجا خط پڙهي ڪري.

    مَنّ اُڃايل ٿر جي،
    لاهيندو هان پياس،
    تنهنجا خط پڙهي ڪري.

    مونسان گڏ مُرڪن پيا،
    چنڊ، ڪَتي، آڪاس.
    تنهنجا خط پڙهي ڪري.


    رستا اوسيئڙي ۾،

    رستا اوسيئڙي ۾،
    راتيون جاڳن ٿا.

    ڪوي نيڻن جا،
    سپنا اوسيئڙي ۾،
    راتيون جاڳن ٿا.

    ماٺ نه اندر ۾،
    جذبا اوسيئڙي ۾،
    راتيون جاڳن ٿا.

    چنڊ کِڙيو ناهي،
    تارا اوسيئڙي ۾،
    راتيون جاڳن ٿا.

    درد لڪائي ڪي،
    جهوپا اوسيئڙِي ۾،
    راتيون جاڳن ٿا.


    منهنجو نانءُ وٺي،

    منهنجو نانءُ وٺي،
    ڇاتون سوچيندي آن؟

    مون جيئن ڪڏهن اوچتو،
    آڌيءَ رات اُٿي.
    ڇا تون سوچيندي آن؟

    جيڪي توڏي مون لِکيا،
    منهنجا خط پڙهي.
    ڇا تون سوچيندي آن؟

    سڄڻي! پنهنجي نانءُ سان،
    منهنجو نانءُ لکي.
    ڇا تون سوچيندي آن؟

    تنهنجي گهٽي ۾ وئي.
    ڪنهنجي شام لڙي.
    ڇا تون سوچيندي آن؟

    لڪي لڪي لوڪ کان،
    هانءُ تي هٿّ رکي،
    ڇا تون سوچيندي آن؟


    تون جي ٻولين ٿي مِٺي!

    تون جي ٻولين ٿي مِٺي!
    تنهنجن لفظن مان،
    خوشبوءَ جُهومي ٿي اُٿي.

    توکي پاتل گج جي،
    گؤنچن گُلڙن مان،
    خوشبو جهُومي ٿي اُٿي.

    واءُ ڪري پئي کيچلون،
    ٿڌڙن جهونڪن مان،
    خوشبوءَ جُهومي ٿي اُٿي.

    ڀِٽ تي ڳائي ٿو “علڻ”،
    شاھ جي بيتن مان،
    خوشبو جُهومي ٿي اُٿي.


    تارا، ڪتيون، چنڊ،

    تارا، ڪتيون، چنڊ،
    پڪ ڏيارن پيا،
    رات کُٽڻ تي آ.

    ڪارن جارن ۾،
    ڏيئا ٽمڪن پيا.
    رات کُٽڻ تي آ.

    خيال ڪويتا ڏي،
    ڪيڏو ڊوڙن پيا.
    رات کُٽڻ تي آ.

    ڪنهن جي گهر کي هُو،
    تارا ڳولن پيا.
    رات کُٽڻ تي آ.


    سانوري! سانوري! دل چوي ٿي وري،

    سانوري! سانوري! دل چوي ٿي وري،
    نيڻ تنهنجا چُمان، ساھ تنهنجا ڇُهان.
    سانوري! سانوري!

    تنهنجي خوشبو منجهان، واس ٿورو وٺان،
    پاڻ گهوري ڇڏيان، پاڻ واري ڇڏيان،
    پوپٽن جا سڀئي رنگ تنهنجي مٿان،
    سانوري! سانوري!

    تنهنجي پايل منجهان، گيت جيڪي ڦُٽن،
    تنهنجي ٽهڪن منجهان، چنگ جيڪي وڄن،
    تن جي پويان پويان، مان ڀي جُهومان نچان،
    سانوري! سانوري!

    تون جڏهن ڀي ملين، مونسان هڪ ٿي وڃين،
    دل چوي ٿي سدا، منهنجي ڀر ۾ هُجين،
    توسان ڏک ۾ هُجان، توسان سک ۾ هُجان.
    سانوري! سانوري!.


    آءٌ تنهنجي بِنا،

    آءٌ تنهنجي بِنا،
    ڪونه ٿو جِي سگهان،
    تون نه ڄاڻين پرين!

    سجّ تنهنجي اڳيان، چنڊ تنهنجي اڳيان،
    گُلّ تنهنجي اڳيان، رنگ تنهنجي اڳيان،
    ڪيڏا ڪوجها ڪِنا.
    تون نه ڄاڻين پرين!

    زهر مون کي لڳي، ٿي حياتي مٺي!،
    توسوا هر گهڙي پئي ٿي گذري ڏکي،
    ڪئن ٿو تڙپان! لُڇان!
    تون نه ڄاڻين پرين!

    ڇا تڙپ پيار جي، تنهنجي ديدار جي،
    ڇانءُ ٿيندي ڪڏهن، ديد-دلدار جي،
    پيو ٿو سوچان! سِڪان!
    تون نه ڄاڻين پرين!


    منهنجي چاهت ۽ زندگي آهين،

    منهنجي چاهت ۽ زندگي آهين،
    منهنجو غم تون منهنجي خوشي آهين.

    توکي ڏِسيو ٺريو پون اکڙيون،
    سونهن جي ڪائي نرسري آهين.

    روز پڙهندي ڏنئي، نئين معنيٰ،
    شاھ جي ڄڻ ته شاعري آهين.

    نيڻ تنهنجا ته “ڄامشوري” جيان،
    هونءَ ساري تون “گهوٽڪي” آهين.

    تون ته “اُستاد” جي غزل جهڙي،
    خوبصورت ڪا ڇوڪري آهين.


    توڙي جو ٿڪل آهن،

    توڙي جو ٿڪل آهن،
    جذبا ته اٽل آهن.

    ڇو هانءُ پيو لاهين،
    پورهيا ته سڦل آهن.

    اکڙيون ته پيون جاڳن،
    پر خواب سُتل آهن.

    قبرون ته سڀئي ثابت،
    ڪَتبا ڇو ڊٺل آهن؟

    سُرمي ۾ ٻُڏل اکڙيون،
    ڄڻ گيت، غزل آهن.


    ڌار توکان نه ڪو پَل جِئي ٿي پئي،

    ڌار توکان نه ڪو پَل جِئي ٿي پئي،
    دل لڳي آ، تڏهن دل جلي ٿي پئي.

    هن ڪچي اوڏڪي ڪوٺڙي جي اندر،
    هڪ بتي آ، جا ڪنهن کي سڏي ٿي پئي.

    منهنجي سامهون پرين! تنهنجو چهروئي آ،
    ديد جاٿي به منهنجي وڃي ٿي پئي.

    آءٌ اڳتي وڃان ٿو پيو هيڪلو،
    راھ مان راھ مون کي ملي ٿي پئي.

    ڪالهه ويو جو هِتان آھ ڪوئي لڏي،
    سار اُن جي ۾ وستي رُئي ٿي پئي.


    خوبصورت يار جا سپنا سمائي ٿو ڇڏيان،

    خوبصورت يار جا سپنا سمائي ٿو ڇڏيان،
    شام ٿيندي ئي اکين جا در ورائي ٿو ڇڏيان.

    نيڻ ها سجدي ۾ پيا ۽ دل وتو پئي تنهنجو نانءُ،
    پاڻ پنهنجو مان عبادت ۾ ڀُلائي ٿو ڇڏيان.

    تون نه ايندين، پڪ اٿم، پر پوءِ به هڪڙي آس ۾،
    نيڻ پنهنجا واٽ تي تو لئه وڇائي ٿو ڇڏيان.

    ڳالهه تنهنجي سونهن جي ۽ تذڪرو ٻيو سنڌ جو،
    شاعري ۾ کير ماکيءِ سان ملائي ٿو ڇڏيان.


    پير تنهنجا چُمي، موٽي وئي،

    پير تنهنجا چُمي، موٽي وئي،
    لهر جُهومي نچي، موٽي وئي.

    تنهنجو سارو بدن آ ڳوٺ ڄڻ،
    ديد منهنجي گُهمي، موٽي وئي.

    چاندني، چنڊ کان ٿيندي اچي،
    تنهنجا ڳلڙا ڇُهي، موٽي وئي.

    تنهنجي ڪوري بدن جي او پرين!
    هيِر خوشبو ڏئي، موٽي وئي.

    ڪنهنجي تربت تي لاڙي لُڙڪ ڪي،
    ڇوڪري گُل رکي، موٽي وئي.


    درد دل جو وڌي ويو آهي،

    درد دل جو وڌي ويو آهي،
    شخص هڪڙو رُسي ويو آهي.

    تنهنجي پويان ڪڏهن نه مرندو هُو،
    هاڻ جيئڻ سِکي ويو آهي.

    رات ڪنهنجا رڱيا ويا هٿڙا،
    رات ڪوئي مري ويو آهي.

    هٿ نيڻن تي هو ڏئي پنهنجا،
    منهنجي سامهون لنگهي ويو آهي.

    اُن کي ٻيهر نه جوڙ اي جاني!
    جيڪو رشتو ٽُٽي ويو آهي.


    ڏيئي ڪيڏا عذاب ويندا هن،

    ڏيئي ڪيڏا عذاب ويندا هن،
    يار! وسري جي خواب ويندا هن.

    منهنجي هر هڪ سوال جا اڪثر،
    رهجي تو وٽ جواب ويندا هن.

    چوري چوري اوهان جي نيڻن مان،
    ڪيترا پي شراب ويندا هن.

    تن کي چئجو؛ ڀڃي وڃن ڀيرو،
    جيڪي آڇي گُلاب ويندا هن.

    تن جي پيرن کان پنڌ جو پُڇجو،
    جن جي کاتي سراب ويندا هن.


    ملندي آزادي،

    ملندي آزادي،
    سيّد سوچي ٿو.

    ٿيندي پنهنجي ڀونءِ جي،
    سُک سان شادي.
    سيّد سوچي ٿو.

    ڪيسين رهندي ماٺ ۾،
    هيڏي آبادي؟!
    سيّد سوچي ٿو.

    پنهنجي دشمن جي اجها،
    ٿيندي بربادي.
    سيّد سوچي ٿو.

    آهي سنڌ اتهاس ۾،
    آدي جُڳادي.
    سيّد سوچي ٿو.


    گهر کان، چارن کان،

    گهر کان، چارن کان،
    در۽ درين کان،
    پُڇجان منهنجي پيار جو.

    جڏهين سامهون ٿي اچين،
    دل جي ڌڙڪن کان.
    پُڇجان منهنجي پيار جو.

    ٿوري فرصت جي ملئي،
    تون پنهنجي من کان.
    پُڇجان منهنجي پيار جو.

    ڪئن ٿو نيڻن سان چُمان،
    پنهنجي نيڻن کان.
    پُڇجان منهنجي پيار جو.


    مُرڪي مهڪي ٿيون پون،

    مُرڪي مهڪي ٿيون پون،
    جڏهين ڳائين تون،
    وايون شاهه لطيف جون
    سُک سموري ڏيهه جا،
    “شهني” * پائين تون.
    ڄڻ ته سُرن جي روح ۾،
    رهندي آهين تون.
    ڳائيندي ‘ڀاڳيءَ’ سنديون،
    سِڪون لاهين تون.
    رهندي آهين روح ۾،
    وسري ناهين تون.
    مُرڪي مهڪي ٿيون پون،
    جڏهين ڳائين تون.
    وايون شاهه لطيف جون

    ____
    * “شهني”: شهنيلا علي سنڌ جي خوبصورت گلوڪاره.


    هوءَ ڪيڏي سڪ مان،

    هوءَ ڪيڏي سڪ مان،
    ليئا پائي ٿي.
    ڪنڌيءَ ـ وٿين مان.

    گهايل منهنجي من کي،
    ڪيڏو گهائي ٿي.
    ڪنڌيءَ ـ وٿين مان.

    ڪنهن کي ايندو هوءَ ڏسي،
    پاڻ لڪائي ٿي.
    ڪنڌيءَ ـ وٿين مان.

    ڪائي آس رکي ڪري،
    هوءَ واجهائي ٿي.
    ڪنڌيءَ ـ وٿين مان.


    ڪوي، ڪو يتائون،

    ڪوي، ڪو يتائون،
    تو کان ڪجهه گُهرن پيون.

    ساڀيائن جي ڏيهه لئه،
    مَن جون آشائون.
    تو کان ڪجهه گُهرن پيون.

    آيون هُن جي شهر کان،
    سُرهيون هوائون.
    تو کان ڪجهه گُهرن پيون.

    اُجڙيل هر وستيءَ منجهان،
    تون ٻُڌ صدائون.
    تو کان ڪُجهه گُهرن پيون.


    کوڙ ملندئي سلام نيڻن ۾،

    کوڙ ملندئي سلام نيڻن ۾،
    پيار جا ڪي پيام نيڻن ۾.

    تنهنجو منهنجو امام نيڻن ۾،
    سونهن! تنهنجو قيام نيڻن ۾.

    تنهنجون اکڙيون حسين مندر جان،
    ڄڻ ته رهندو آ، رام نيڻن ۾.

    صبح منهنجي، اوهان جي چهري تي،
    ۽ رهي آھ شام، نيڻن ۾.

    هاءِ! ڪيڏو نه جام آڇن ٿا،
    آهي ويٺو ‘خيام’ نيڻن ۾.

    تنهنجي نيڻن جو لوڪ شيدائي،
    تو رکيو ڪهڙو دام نيڻن ۾.

    روز لُڙڪن جا قافلا ڏسجن،
    هي ڇو هيڏو هشام! نيڻن ۾.


    ڪيڏو منهنجي لئه هاڻ سوچي ٿي،

    ڪيڏو منهنجي لئه هاڻ سوچي ٿي،
    لمحو لمحو عذاب ڀوڳي ٿي.

    آءُ پاسي ۾ ويهه تون منهنجي،
    هيڪلائي خُدا کي سونهي ٿي.

    پنهنجي اکڙين کان پنهنجي دل تائين،
    هوريان هوريان ڪو درد سوري ٿي.

    بند نيڻن جا در ڪري شايد،
    نقش ڪنهنجو ڪو دل تي ڪوري ٿي.


    اوهان لئه اُداسي اسان جون اکيون،

    اوهان لئه اُداسي اسان جون اکيون،
    صبح توڙي سانجهي اسان جون اکيون.

    سندءِ نيڻ ڪينجهر سندءِ آر نُوري،
    بڻيون ڄڻ ‘تماچي’ اسان جون اکيون.

    سدا نيڻ آلا، سدا ويس گيڙو،
    اٿئي يار جوڳي اسان جون اکيون.

    سڄي سنڌ پنهنجي بدن جان لڳي ٿي،
    اِنهيءَ ۾ ڪراچي اسان جون اکيون.

    لڳي روح ‘امداد’، ‘اُستاد’ پنهنجو،
    ‘اياز’ ۽ ‘ڀٽائي’ اسان جون اکيون.

    ____
    امداد حسيني ـ اُستاد بُخاري ـ شيخ اياز.


    ڪُڇجان نه ڪڏهن سڄڻي! سڀ سور سهي وڃجان،

    ڪُڇجان نه ڪڏهن سڄڻي! سڀ سور سهي وڃجان،
    بيدرد زماني جي دردن سان ٺهي وڃجان.

    جي آءٌ مران تولئه، هي ياد رکي ڇڏجان،
    گُل چار قبر تي تون تازا ڪي رکي وڃجان.

    مون سيج سجائي آ، اکڙين جي ستارن جي،
    هِن سيج مٿي چاهين، هڪ رات رهي وڃجان.

    سچ سونهن کي ساراهن ۽ پيار امن چاهن،
    جي جوت ڏين جڳ کي، سي گيت لکي وڃجان.

    جنهن پار وڃين ٿو تون، سو پار ڏُکيو آهي،
    پر چيچ ‘ڀٽائي’ جي، تنهن پار وٺي وڃجان.

    دل هُن جي اٿئي، دادو، ۽ ساھ، سکر، آهي،
    هُن ڏانهن نهاري تون، ڄڻ سنڌ ڏسي وڃجان.

    هن دل جو شهر ڪيڏو بي چين “پريم” آهي،
    هڪڙو ئي دفعو ليڪن تون پاڻ گُهمي وڃجان.


    ڪيترو منفرد ۽ ڪورو آ،

    ڪيترو منفرد ۽ ڪورو آ،
    نينهن تنهنجو به ڄامشورو آ.

    تنهنجي تخليق اُن خُداوند جو،
    هن زماني سڄي تي ٿورو آ.

    حُسن هٿ ۾ سڄي خُدائي آ،
    عشق اُن کان به پاڻ زورو آ.

    روز اک ٿو هڻي سڀن کي ڪئن،
    چلولو چنڊ ڄڻ ڪو ڇورو آ.

    جسم تنهنجي جو مختصر تعارف،
    خوبصورت، چِٽو ۽ گورو آ.


    تنهنجي سونهن سنديون،

    تنهنجي سونهن سنديون،
    ڪيڏيون ڳالهيون ڳوٺ ڪري ٿو.

    تنهنجي هر هڪ لفظ منجهان ڄڻ،
    نڪرن نينهن ـ نديون.
    ڪيڏيون ڳالهيون ڳوٺ ڪري ٿو.

    هڪڙي پَل جي دُوري، توکان-
    ڀاسي سال صديون.
    ڪيڏيون ڳالهيون ڳوٺ ڪري ٿو.

    پنهنجن ۾ هي ايڏيون وِٿيون-
    ڊوهي ڪنهن ته وِڌيون.
    ڪيڏيون ڳالهيون ڳوٺ ڪري ٿو.

    ڪين لڪائي ڄاڻي ڪڏهين.
    ساريون يار سِڌيون.
    ڪيڏيون ڳالهيون ڳوٺ ڪري ٿو.


    هي جو پنهنجو پيار ڳهيلي!

    هي جو پنهنجو پيار ڳهيلي!
    ڳالهيون ڳالهيون ڳوٺ ٿيو آ.

    جيئين ڪائي خوشبوءَ وکري،
    تيئين تنهنجو پيار ڳهيلي!
    ڳالهيون ڳالهيون ڳوٺ ٿيو آ.

    مَن جي بَن ۾ سوچيان ويٺو،
    پنهنجو ئي ڇو پيار ڳهيلي!
    ڳالهيون ڳالهيون ڳوٺ ٿيو آ.

    سرتي سرتي کان ٿي نڪتو،
    آ، هي جيڪو پيار ڳهيلي!
    ڳالهيون ڳالهيون ڳوٺ ٿيو آ.


    نِوڙتون احترام سجدي ۾،

    نِوڙتون احترام سجدي ۾،
    تنهنجي سامهون سلام سجدي ۾.

    چنڊ تارن سُميت فطرت جو،
    آ سمورو نظام سجدي ۾.

    تنهنجي اکڙين جي سامهون سائين!
    ميڪدا ۽ هي جام سجدي ۾.

    وڻ سمورا قيام ۾ بيٺل،
    ۽ جُهڪيل هڪڙي لام سجدي ۾.

    سر تي تيرن جي بارشن هوندي،
    آهي حق جو امام سجدي ۾.


    وري خوبصورت وڻي ڇوڪري آ،

    وري خوبصورت وڻي ڇوڪري آ،
    وري دل جي مالڪ بڻي ڇوڪري آ.

    اسان جي اکين ۽ اسان جي دلين تي،
    وئي نيٺ ڌاڙو هڻي ڇوڪري آ.

    اکين کي به لُڇ پُڇ ۽ دل کي به اُڻ تُڻ،
    نئين تانگهه ڪنهن ۾ تڻي ڇوڪري آ.

    سڄو روح ٿي ويو آ ٿڌڪار منهنجو،
    ٿڌي مينهن جي ڄڻ ڪڻي ڇوڪري آ.

    نه سينگار سُرمون نه ٻانهن ۾ گجرا،
    ڏيڻ ڀُلجي ويئي ڦڻي ڇوڪري آ.

    نِسورو گناهن جو هي ديس سارو،
    اڙي ماءُ! تو ڇو ڄڻي ڇوڪري آ؟


    نڪي ڪنڌ لوڏيو نه هو هٿ ملايو،

    نڪي ڪنڌ لوڏيو نه هو هٿ ملايو،
    پري کان ئي چُپ چپ پرين موڪلايو.

    نزاڪت، نفاست جا، هي رنگ سارا،
    کڻي جسم پنهنجو پرين ٿا سجايو.

    جيئن تون چوين ٿو، اِيئن ڪونه توکي،
    اسان ان طرح سان ڪٿي هو ستايو.

    اسان جي چپن تي چُمين جا ڪي سانئڻ!
    نوان گيت نغما اچو اڄ سجايو.

    اوهان جي وڇايا، ها ميڙي ڇڏيا هن،
    اچو يار! ٻيهر ڪي ڪنڊا وڇايو.


    کوڙ توکان شڪايتون آهن،

    کوڙ توکان شڪايتون آهن،
    تنهنجون ساڳيون نه چاهتون آهن.

    لڙڪ ناهن اِهي، جي سمجهي ڪو،
    منهنجي اکڙين جون آيتون آهن.

    نيڻ تنهنجا ايمان وارن لئه،
    ڄڻ پويتر زيارتون آهن.

    تنهنجي چهري چُمڻ جي خواهش ۾،
    منهنجون جاري رياضتون آهن.

    روز جيئڻ، مرڻ ۽ جيئرو ٿيڻ،
    ڪيڏيون اوکيون هي حالتون آهن!


    حادثن جو شمار ڪونهي ڪو،

    حادثن جو شمار ڪونهي ڪو،
    سازشن جو شُمار ڪونهي ڪو.

    پنهنجي جيون ۾ ڇا ڏسيان توکي،
    واسطن جو شُمار ڪونهي ڪو.

    روز ڪُسجن ٿيون سنڌ جون ڄايون،
    قاتلن جو شُمار ڪونهي ڪو.

    وقت وچ ۾ اچي وِڌا آهن،
    فاصلن جو شُمار ڪونهي ڪو.

    تنهنجي هڪڙي ئي فون سان پُهتيون،
    راحتن جو شمار ڪونهي ڪو.


    سُندر سُندر رنگ ٿا جَرڪن،

    سُندر سُندر رنگ ٿا جَرڪن،
    ڄڻ ڪي کيت ڦلاريا مهڪن.
    تنهنجي چُنريءَ ۾ او سرتي!

    تارا تارا چِٽ اِنهيءَ ۾،
    ڪيڏا پيارا چِٽ اِنهيءَ ۾،
    خوشبو خوشبو گيت ٿا سرجن.
    تنهنجي چُنريءَ ۾ او سرتي!

    تنهنجون اکڙيون ڄڻ ته غزل هن،
    تنهنجون ڇاتيون نيل ڪنول هن،
    جَرڪي جنهن مان تنهنجو جوڀن.
    تنهنجي چنريءَ ۾ او سرتي!


    ڍوليا! تون هُن پار،

    ڍوليا! تون هُن پار،
    آءٌ اڪيلي تو سوا!.

    تو جي لاتا ڏينهڙا،
    هيڪل هينئڙو بار.
    آءٌ اڪيلي تو سوا!.

    هي جي پارا پوھ جا،
    ساجن! گڏجي گهار.
    آءٌ اڪيلي تو سوا!.

    ياد ڪري پئي ٿي رُئان،
    ڳالهيون ماکيءَ- لار.
    آءٌ اڪيلي توسوا!.


    تنهجا نيڻ جواز،

    تنهجا نيڻ جواز،
    جاني! منهنجي جيئڻ جو.

    تنهنجا نيڻ اسان لئه ڄڻ،
    جئن ڪا جاءِ- نماز،
    تنهنجا نيڻ جواز.
    جاني! منهنجي جيئڻ جو.

    توريءَ ڪنهن سان مان سليان،
    نينهن جا راز نياز،
    تنهنجا نيڻ جواز.
    جاني! منهنجي جيئڻ جو.

    پيار انوکو تنهنجو آ،
    سمجهي ڪوئي راز،
    تنهنجا نيڻ جواز.
    جاني! منهنجي جيئڻ جو.


    تو وٽ نه اگهاڻي،

    تو وٽ نه اگهاڻي،
    آهه! اسان جي شاعري.

    هونئن ته ساري جڳّ لئه،
    رات سندي راڻي.
    آهه! اسان جي شاعري.

    مايا! تنهنجي موھ تي،
    ناهي وڪاڻي.
    آهه! اسان جي شاعري.

    توڙي سارو فلسفو،
    تولئه ٻاراڻي.
    آهه! اسان جي شاعري.


    منهنجي من جون سُندر مُندون،

    منهنجي من جون سُندر مُندون،
    ساريون قيد ڪري،
    راڻا! ڪهڙي پار هليو وئين؟

    هيکل هينئڙو هنڌ نه هڪڙي،
    ڏيئي عشق اري.
    راڻا! ڪهڙي پار هليو وئين؟

    تنهنجي راھ تي روز رکان ٿي،
    ڏيئا نيڻ ڪري.
    راڻا! ڪهڙي پار هليو وئين.

    من جي ڪاڪ ڪڪوري تو لئه،
    اچ تون پير ڀري.
    راڻا! ڪهڙي پار هليو وئين.


    پِنندو ئي رهجان،

    پِنندو ئي رهجان،
    بيماريءَ جي نانءُ تي.

    پنهنجو پاڻ ٽڪن تي،
    وِڪندو ئي رهجان.
    بيماريءَ جي نانءُ تي.

    پنهنجا عيب ڍڪي، ٻين جا،
    ڪڍندو ئي رهجان.
    بيماريءَ جي نانءُ تي.

    پنهنجا قول ۽ فعل ٻئي،
    مٽندو ئي رهجان.
    بيماريءَ جي نانءُ تي.


    موٽي آياسين،

    موٽي آياسين،
    ڳوٺ گُذاري موڪلون.

    وڻ وڻ هڪڙي ڪيترا،
    ڀاڪر پاتاسين.
    ڳوٺ گُذاري موڪلون.

    کير، مکڻ ۽ ڏُڌ لسي،
    کاڌا پيتاسين.
    ڳوٺ گُذاري موڪلون.

    پنهنجي دل جا ڪيترا،
    درد وڃاياسين.
    ڳوٺ گُذاري موڪلون.

    ٿڪّ سمورا شهر جا،
    وڃي لاٿاسين.
    ڳوٺ گُذاري موڪلون.

    وسريل يادن جا ڪئي،
    ورق وراياسين.
    ڳوٺ گُذاري موڪلون.


    نيڻن مان جي نڪتا آهن.

    نيڻن مان جي نڪتا آهن.
    لڙڪ نه ڄَڻ ڪي لاشا آهن.

    پَنهنجا نيڻ مقامن وانگر،
    خواب کڻي دفنايا آهن.

    تو به ته وقت! اسانجا سڏڙا،
    ٻوڙن جيئن ورنايا آهن.

    سياري ۾ احساس ڪَمبل جو،
    تنهنجي ڳل تي بوسا آهن.

    دِل جي گهر ۾ درد سَمورا،
    اک جي رستي آيا آهن.

    ڪير اسان جا نيڻ سهيڙي،
    ڪِٿ ڪِٿ يار وڃايا آهن.


    سُور اُڻي ٿي سار اُڻي ٿي.

    سُور اُڻي ٿي سار اُڻي ٿي.
    سوچ به ڪيڏا ڄار اُڻي ٿي.

    منهنجي مَن جي موسم تولئه،
    تانگهه اُڻي ٿي تار اُڻي ٿي.

    منهنجي ڪَوتا سُهڻي وانگر،
    ساهڙ جا سينگار اُڻي ٿي.

    ڇوري سُونهن سدوري تُنهنجي،
    ڇورن لئه ڄڻ دار اُڻي ٿي.


    چنڊ ڪٿي ناهي

    چنڊ ڪٿي ناهي
    ويٺو آءٌ سوچيان

    هي ڇو ڪتو رات کان
    ڪنهن تي پيو باهي
    ويٺو آءٌ سوچيان

    ويندي پنهنجي ماڳ ڏي
    ٿڪ نٿو ساهي
    ويٺو آءٌ سوچيان

    آءٌ اڳاهون پنڌ ۾
    پويان ڪو آهي
    ويٺو آءٌ سوچيان


    توکي ٿيون سارين

    توکي ٿيون سارين
    سنگت جون گڏجاڻيون

    پائي ڏک پلاند ۾
    هنجون ٿيون هارين
    سنگت جون گڏجاڻيون

    ٽالهيون، نِم، کٽولڙا
    راهون نِهارين
    سنگت جون گڏجاڻيون

    توريءَ يار! ‘پريم’ هتي
    ڳوڙها ٿيون ڳاڙين
    سنگت جون گڏجاڻيون


    ________________

    نوجوان شاعر ‘عاجز ڪريم بخش چاچڙ’ لاءِ، جنهن کي قبيلائي تڪرار ۾ بيگناهه شهيد ڪيو ويو.


    بِيهي منهنجي واٽ تي

    بِيهي منهنجي واٽ تي
    جوڀَن ٻه ٽي پَل
    پنهنجي راهه رَمي وَيو

    ڳنهِي سِر ڏياچ جو
    موت بڻي ٻيجل
    پنهنجي راهه رَمي وَيو

    وڙهندي ويڙهه وَجود جي
    ساٿي هڪ نسل
    پنهنجي راهه رَمي وَيو

    مون کي ڪيڏا پُور ڏئي
    چهرو نيل ڪنول
    پنهنجي راهه رَمي وَيو

    شاعر! تُون ته اِتيئي پر
    تنهنجو هوش عَقل
    پنهنجي راهه رَمي وَيو


    ڪي پَل روڪي هُن کي ڪوئي

    ڪي پَل روڪي هُن کي ڪوئي
    ريل جيان ڊُڪندو
    سِج پرانهين پار وَڃي ٿو

    شايد سڏ ‘ميهر’ جو هن کي
    ‘سُهڻي’ جان لڙهندو
    سِج پرانهين پار وَڃي ٿو

    ڪِرڻا ڪِرڻا نيڻ ڪري ۽
    ڌرتي کي چُمندو
    سِج پرانهين پار وَڃي ٿو

    تَن کي ڏاڍو تاءُ ڏَئي ڇو؟
    لُڪ جيان لڳندو
    سِج پرانهين پار وَڃي ٿو

    ڪَنهنجي ڳولا ۾ نِڪتو آ
    ڪنهنجو ڏس پڇندو
    سِج پرانهين پار وَڃي ٿو


    اَڃا ڪي ڏاتار

    اَڃا ڪي ڏاتار
    باقي ناهن جڳ ۾!؟

    تو ڇا سمجهيو وائڙا!
    سَچا سرجڻهار
    باقي ناهن جڳ ۾!؟

    پالڻهار! ٻُڌاءِ تون
    اڄ به بُک تي ٻار
    باقي ناهن جڳ ۾!؟

    هوشو ۽ هيمون جِها
    امر ڪي ڪردار
    باقي ناهن جڳ ۾!؟

    ڇا سي ساڳيا مَنگتا
    ڇا سي ڏِيڻهار
    باقي ناهن جڳ ۾!؟


    ڍوليا! وِسرن ڪيئن

    ڍوليا! وِسرن ڪيئن
    ڳانڍاپي جُون ڳالهڙيون

    اُڀريو اچن اوچتو
    منهنجي تن مَن ڪيئن
    ڳانڍاپي جُون ڳالهڙيون

    آيا سانَوڻ مِينهڙا
    توريءَ مهڪن ڪيئن
    ڳانڍاپي جُون ڳالهڙيون

    آهن توکان وِسريون
    او ڙي جوڀن! ڪيئن؟
    ڳانڍاپي جُون ڳالهڙيون


    ڪاٿي الائي

    ڪاٿي الائي
    هن جا جوڀن ڏينهڙا!

    ڪيڏا گهنج نراڙ تي
    وقت ويو ڳڙڪائي
    هن جا جوڀن ڏينهڙا!

    ناهي نانءُ نشان ڪو
    دريا ويو پائي
    هن جا جوڀن ڏينهڙا!

    ڳولي، سوچي ۽ رُئي
    شايد ڪو موٽائي
    هن جا جوڀن ڏينهڙا!


    باقي آهن ڪيترا

    باقي آهن ڪيترا
    امن جا امڪان
    سوچي ڏس تون وائڙا!

    ائٽم ٺاهيندڙ! اڙي
    تون به ته ڪو انسان
    سوچي ڏس تون وائڙا!

    ڇا تي روز ڪهين پيو
    ماڻهو ڙي نادان
    سوچي ڏس تون وائڙا!

    دهشتگردي کي گهڻو
    ڀوڳي نيٺ جهان؟
    سوچي ڏس تون وائڙا!


    هر شخص فنا آهي.

    هر شخص فنا آهي.
    ۽ فن کي بقا آهي.

    ايمان بچايوُن شل!
    ٿيو شخص خدا آهي.

    بي فيض رهيا ناهيون،
    جيجل جي دُعا آهي.

    مٽي مان ٿيل پيدا،
    فطرت جو لقا آهي.

    هن دور ۾ شاعر ئي،
    ‘موسيٰ’ ۽ ‘عَصا’ آهي.

    اَڄ سوڳ ۾ ٻيهر ڏس،
    ‘زينب’ جي رِدا آهي.

    ڪرتوت هِي ماڻهو جا،
    ابليس خفا آهي.

    ڇڪجي ٿا وڃن ماڻهو،
    جنهن طرف هوا آهي.

    آدم جي حصي ۾ ڀي،
    هڪڙي ئي خطا آهي.


    بي ڍنگ رهيا آهيون.
    بي رنگ رهيا آهيون.

    سڀ ساٿ ڇڏي سُهڻا،
    تو-سنگ رهيا آهيون.

    ڪَنهن سوز ڀرئي چپ تي،
    ڄڻ، چنگ رهيا آهيون.

    پنهنجن ئي افعالن تي،
    اڄ دنگ رهيا آهيون.

    دنيا جي رواجن کان،
    بس، تنگ رهيا آهيون.

    محبوب جي وارُن جو،
    ها، ونگ رهيا آهيون.

    جا هار ۽ جيت بنا،
    سا، جنگ رهيا آهيون.

    ڪوئي نه سگهيو ڳائي،
    سو، انگ رهيا آهيون.

    فطرت جي تماشي تي،
    بس، دنگ رهيا آهيون.


    هڪڙو ئي ‘حُسين عه’ آهي.

    هڪڙو ئي ‘حُسين عه’ آهي.
    ڏس! کوڙ يزيد آهن.

    پئسي ئي ڪَيا ڪيڏا،
    اِيمان خريد آهن.

    اڄ کوڙ ٿيا ماڻهو،
    پاڙي جا پليد آهن.

    ‘موهن’ جي مِٽي ڀرسان،
    مدفون شهيد آهن.

    ها، يار گهڻا ٿي پيا،
    لاغرض بي ديد آهن.

    توُن سڀ کان نرالو آن!
    هُون کوڙ ‘سعيد’ آهن.

    ڇو خيال پراڻا هِن؟
    ماڻهو ته جَديد آهن.

    _______________
    سعيد: خوبصورت شاعر سعيد ميمڻ


    ڪير سمجهي؟ ڪير ڄاڻي؟.

    ڪير سمجهي؟ ڪير ڄاڻي؟.
    فلسفا، ڪيڏا اکين ۾.

    نِت نئين ڪنهن خون جي لئه،
    ولولا، ڪيڏا اکين ۾.

    روز ڏنگجن ڪيترا ئي،
    ازدها، ڪيڏا اکين ۾.

    عڪس تنهنجي ياد جا هِن!
    يا خدا! ڪيڏا اکين ۾.

    ماتمي نظرن رکيا ها،
    مرثيا، ڪيڏا اکين ۾.

    زرد ها ڪلهه خواب مُنهنجا،
    تو ڏٺا، ڪيڏا اکين ۾؟.

    لڙڪ ڀي ڄڻ لاش ڪيئي،
    سرد ها، ڪيڏا اکين ۾.

    هن سموري ڏيهه جا ڏک،
    مون رکيا، ڪيڏا اکين ۾.


    ڳولي ڳوٺاڻي

    ڳولي ڳوٺاڻي
    شهر ۾ ٿِي سادگي!

    وِک وِک تي چالاڪيون
    ڪيڏي ويڳاڻي
    شهر ۾ ٿِي سادگي!

    جهڙي پنهنجي ڳوٺ ۾
    ڪاٿي او راڻي!
    شهر ۾ ٿِي سادگي!

    ڳولي پنهنجي پيار کي
    ٿڪجي آ ساڻي
    شهر ۾ ٿِي سادگي!


    پاڇو ئي آهيان

    پاڇو ئي آهيان
    آئون ڄڻ اتهاس جو!

    لٽڪيل ڄڻ ته صليب تي،
    لاشو ئي آهيان.
    آئون ڄڻ اتهاس جو!

    ازل کان ٿي اَبد جو،
    ڪاٿِو ئي آهيان.
    آئون ڄڻ اتهاس جو!

    صدين کان ڪنهن ساٿ جو،
    سايو ئي آهيان.
    آئون ڄڻ اتهاس جو!


    ڏيئا ٻاري رت سِين،

    ڏيئا ٻاري رت سِين،
    رکيم تنهنجي واٽ.
    او شل آزادي اَچين!

    ڪُسجي ڪونڌر ڪيترا،
    ويا اوچي- ڳاٽ.
    او شل آزادي اَچين!

    نيٺ ته ڪندي سوجهرو،
    مون جا ٻاري لاٽ.
    او شل آزادي اَچين!

    گهوريم توتان جندڙي،
    ۽ ٻيو سوٽ، ڦڦاٽ.
    او شل آزادي اَچين!


    رکيم تنهنجي راهه تي،

    رکيم تنهنجي راهه تي،
    ٻاري نيڻ – بتيون.
    او شل اچين آجپو!

    بيٺا اُوچي ڳاٽ هِن،
    ڪونڌر واٽ-وتيون.
    او شل اچين آجپو!

    توسان پنهنجون موسمون،
    توسان چيٽ – ڪَتيون
    او شل اچين آجپو!

    آڏو ايندڙ ڪيترا،
    ٿيندا روهه- رتيون.
    او شل اچين آجپو!


    ڀري گُلن- جهولڙيون

    ڀري گُلن- جهولڙيون
    سنڌ سڄي آئي
    سِنڌو تنهنجي مانُ ۾.

    کڻي بيت ‘لطيف’ جا،
    ‘اياز’ جي وائي.
    توسان ساهه- پَساهه ۽
    توسان سَرهائي.
    پَسون ساڳيون ڇولڙيون،
    هر ڪنهن هي وائي.
    تو ۾ جيڪا تِک هُئي،
    اڄ نه اُها ئي.
    تنهنجا وارث ڪيترا،
    جاڳيا هِن جا ئي.
    ڪري ساڻ عقيدتون،
    ۽ ٻيو نهٺا ئي
    سِنڌو تنهنجي مانُ ۾.


    پاڻ نه هونداسين

    پاڻ نه هونداسين
    رهجي وينديون ڳالهڙيون.

    جوڀن تنهنجي ساٿ ۾،
    ڪيسين رهنداسين.
    ڌرتي تنهنجي هنج ۾،
    نيٺ ته اينداسين.
    جُوٺي جڳ ۾ ماڻهپو،
    موکي وينداسين.
    پاڻ نه هونداسين
    رهجي وينديون ڳالهڙيون.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 345140
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142510
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ