ڪتاب جو نالو: ممبئي ياترا
مصنف: انور پيرزادو
ڇپائيندڙ: انور پيرزادو اڪيڊمي
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2008
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 05 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 392 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 283 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ممبئي ياترا سنڌ جي عاشق انور پيرزادي جو بمبئي بابت سفرنامو آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ عام رواجي سفرنامو ناهي. هيءُ سفرنامي سان گڏ هڪ تاريخي ڳٽڪو به بڻجي ويو آهي. جيڪو هند ۽ سنڌ جي قديم توڙي جديد تاريخ کي قلمبند ڪري ٿو. انڪري هن سفرنامي کي پاڪستان جي حڪومت، هند ۽ پاڪ جي بهتر لاڳاپن لاءِ هن ڪتاب کي گائيڊ لائين جي به حيثيت ڏئي سگهي ٿي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • سفما وفد جو ممبئي دورو ۽ انور پيرزادو
  • مهاڳ
  • سڀ مهاجر هڪجهڙا آهن
  • مُمبا ديوي
  • ڪراچي ـــــــ مُمبئي معاشقو
  • هندُ جا سنڌي هِندُو
  • حسن، سنگيت ۽ سرمستي
  • ڏکڻ ايشيا جو خواب
  • ڪراچي ۽ بمبئي وچ ۾ جهاز راني
  • پاڙي ناهه پروڙ، ته ڪا رات رنجائي گذري ...
  • پاڪ_ هند، امن جي ڪُنجي
  • نفرت جي ديوار
  • علمُ، عالمَ ۽ انسان
  • سرحد پار سنڌي
  • ساڳا ڪُنا ساڳ جا

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر پنجاهه (50) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ممبئي ياترا سنڌ جي عاشق انور پيرزادي جي بمبئي بابت سفرنامو آهي.
    ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري موڪليو. لک قرب پياري دوست امر پيرزادي جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    انور پيرزادو اڪيڊمي انور صاحب جي ٻن ڪتابن “متان وساريو” ۽ “ڀٽائي” کانپوءِ هي ٽيون ڪتاب “ممبئي ياترا”سنڌ جي ادبي تاريخ کي پيش ڪري رهي آهي.
    انور پيرزادو اڪيڊميءَ جو اهو ئي مقصد آهي ته جلد کان جلد انور صاحب جي لکيل تحريرن کي ڪتابي شڪل ڏئي ڪري هڪ ته سندس حياتيءَ ۾ سندس ذاتي تخليقي ڪتاب نه ڇپجي سگهڻ واري نقصان جو ازالو ڪجي ۽ ٻيو انور پيرزادي جي فڪر ۽ ازم کان ماڻهن کي روشناس ڪرائي کين ان مان فيضيابي جو موقعو به ڏجي توڙي نئين سنڌ جي نئين نسل جي تربيت به ڪري سگهجي.
    انور پيرزادي جي حياتيءَ ۾ سندس ڀائيٽي ۽ ناليواري شاعر شاهه محمد پيرزادي سندس شاعري جو ڪتاب “اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجانءِ” 2005ع ۾ ڇپايو هو. جڏهن ته 7 جنوري 2007ع تي انور صاحب جي لاڏاڻي کانپوءِ جيڪا انور پيرزادو اڪيڊمي ٺهي آ تنهن هاڻي انور صاحب جي ادبي، تحقيقي ۽ صحافتي موادکي ڪتابي شڪل ڏيڻ جي ذميواري پنهنجي سر کنئي آهي.
    انور پيرزادو اڪيڊمي جي محدود مالي وسيلن باوجود انور صاحب جا ڪتاب ڇپائڻ جي حوالي سان اها ڪوشش ضرور ڪندي آهي ته هڪ ته هن ڪتابي سلسلي کي ڪنهن ريت به ٽٽڻ نه ڏجي ۽ ان مقصد کي برقرار رکڻ لاءِ اڪيڊميءَ سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪتاب منظر عام تي آڻڻ جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو آهي ته جيئن اهو ڪم تيز رفتاريءَ سان هلندو رهي ۽ٻيو ته ڪوشش ڪجي ته انهن ڪتابن جي صورت ۾ انور صاحب جي مختلف پهلوئن کي ريڪارڊ تي آڻي سگهجي. ان حوالي سان سندس شاعريءَ وارو پهلو ڪتاب “اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجانءِ” پورو ڪيو آهي. صحافتي پهلوءَ کي سندس مشهور شارٽ ڪالمن واري ڪتاب “متان وساريو”پورو ڪيو ۽ ڪتاب “ڀٽائي” سندس ڀٽائي متعلق اختيار ڪيل جديد نقطئه نظر جو ريڪارڊ آهي. انور صاحب پنهنجي ذات ۾ وڏو جاکوڙي ۽ مهمجو به هو. انور صاحب چوندو هو ته “علم فيلڊ ۾ آهي لائبريرين ۾ ڪتاب هوندا آهن”سو “ممبئي ياترا” به هڪ اهڙو علمي، مشاهداتي ۽ تجزياتي مواد آهي جيڪو “فيلڊ” مان آندو ويو آهي. جنهن کي هاڻي انور پيرزادو اڪيڊمي ڪتابي شڪل ڏئي ڪري ان کي لائبريرين جي زينت بڻائي رهي آهي ۽ ائين هيءُ ڪتاب انور جي سياحتي پهلوءَ کي پورو ڪري رهيو آهي.
    هيءُ ڪتاب سائوٿ ايشيا فري ميڊيا ايسوسيئيشن(سفما) جي 2006ع واري پنجن ڏينهن جي دوري جو دستاويز آهي جنهن جي 30 ڄڻن واري وفد جو انور صاحب به ميمبر هو. ان سفما واري دوري جو مقصد ڪراچي _ ممبئي وچ ۾ عوامي رابطا پيدا ڪرڻ، ٻنهي بحري بندرن وچ ۾ قديم تاريخي لاڳاپا قائم ڪرڻ واري ماحول کي هٿي ڏيڻ هو. سفما جو اهو به مقصد هو ته ان ڏس ۾ سول سوسائٽي ۽ عام ماڻهو پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ اهو ڪم عوامي سطح تي ظاهر آهي ته واپاري، دانشور، ليکڪ، صحافي، فنڪار ۽ ڳائڻا ئي ڪري سگهن ٿا. ان مقصد لاءِ سفما انور صاحب کي سينئر صحافي، اديب ۽ دانشور جي حيثيت ۾ پنهنجي وفد ۾ شامل ڪيو. جيئن ئي اهو دورو ختم ٿيو ته انور صاحب ان دوري جو احوال سفرنامي جي صورت ۾ عوامي آواز ۾ قسطن طور ڇپائڻ شروع ڪيو. اسان عوامي آواز ۾ ان سفرنامي جي ڇپيل 15 قسطن جي اهميت ۽ ضرورت کي محسوس ڪندي ان کي ڪتابي شڪل ڏني آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ عام رواجي سفرنامو ناهي. هيءُ سفرنامي سان گڏ هڪ تاريخي ڳٽڪو به بڻجي ويو آهي. جيڪو هند ۽ سنڌ جي قديم توڙي جديد تاريخ کي قلمبند ڪري ٿو. انڪري هن سفرنامي کي پاڪستان جي حڪومت هند ۽ پاڪ جي بهتر لاڳاپن لاءِ هن ڪتاب کي گائيڊ لائين جي به حيثيت ڏئي سگهي ٿي.انور صاحب هن دوري کي پنهنجي دانشوراڻي، صحافتي ۽ شاعراڻي اک سان ڏٺو انڪري هيءُ سفرنامي وارو ڪتاب شاعراتي نثر سان گڏوگڏ بيحد معلوماتي ۽ تاريخي مقام رکي ٿو.


    زرار پيرزادو
    انور پيرزادو اڪيڊمي


    سفما وفد جو ممبئي دورو ۽ انور پيرزادو

    انور پيرزادي جي جنهن پهلوءَ مونکي سڀ کام گهڻو متاثر ڪيو هو سو اهو هو ته هن سان جڏهن به ملبو هو ته هو شعوري طور تي وقت سان گڏ اڳتي وڌيل ئي محسوس ٿيندو هو. انور کي مان وڏي وقت کان سڃاڻيندو هوس. ساڻس منهنجي پهرين نظرياتي ۽ سياسي واقفيت ٿي ۽ پوءِ اڳتي هلي هن اسان سان عوامي عواز اخبار ۾ ايڊيٽر طور ٻه سال گڏ ڪم ڪيو. ان کانپوءِ به ساڻس ٻيون ملاقاتون ٿينديون رهيون.
    انور سان گڏ رهڻ جو آخري موقعو مون کي سال 2006ع ۾ سفما تنظيم(سائوٿ ايشيا فري ميڊيا ايسوسئيشن) مهيا ڪيو جنهن جي ڪراچي _ممبئي ايڪسچينج پروگرام جو مان ڪوآرڊينيٽر هيس. مون ئي سفما جي ممبئي ويندڙ وفد ۾ انور پيرزادي کي شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني. انور کي درخواست ڪيم ۽ هو جيڪو هونئن ئي سياحتي ۽ مُهمجُو ماڻهو هو تنهن خوشيءَ مان حامي ڀري ۽ ايئن انور اسان جي وفد ۾ شامل ٿي ويو. مون کي هتي اهو چوندي ڪا هٻڪ محسوس نٿي ٿئي ته ان دوري ۾ هو اسان سڀني کان وڌيڪ ايڪٽو(Active) ۽نمايان نظر آيو.انور سان 23 کان 27 مئي 2006ع تائين پنج ڏينهن ممبئيءَ ۾ رهيس ۽ ان دوري جي موٽ ۾ جڏهن وري هندستان کان 30 ڄڻن جو هڪ وفد 10 جون کان 16 جون تائين ڪراچيءَ آيو ته سفما ڪراچي چيپٽر ئي ان وفد جي ميزباني ڪئي ۽ انور کي ان دوري جي ميڊيا ڪوريج لاءِ مقرر ڪيو ويو انور ان موقعي تي بيحد سرگرم نظر آيو. مون کي اهو ڏسي به ذاتي طور خوشي ٿي ته انور ڪمپيوٽر، انٽر نيٽ ۽ ليپ ٽاپ چڱيءَ ريت استعمال ڪرڻ ڄاڻين پيو. مونکي انور جي ايڏي اپ ڊيٽ هئڻ جو اندازو نه هو. جيئن مون چيو ته انور سفما پروگرام ۾ ڪافي سرگرم نظر آيو سو هيءُ ممبئي ۾ به ڪيترن سنڌي پروگرامن ۾ ويو ۽ دوردرشن ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ به شرڪت جي دعوت مليس.

    ان دوري دوران انور پيرزادي ڪراچي ۽ ممبئي کي انڊس ڊيلٽا رستي ملائڻ جي هڪ شاندار ۽ انوکي آئيڊيا به ڏني. انور ان حوالي سان ممبئي ۾ اتان جي پروگرامن ۾ ۽ پريس آڏو توڙي هتي ڪراچيءَ ۾ ڀرپور انداز سان اها تجويز ڏني ته “ڪراچي_ممبئي فيري سروس” يعني ٻنهي شهرن کي انڊس ڊيلٽا جي سنڌو درياهه وارين کارين مان ننڍين ۽ هوڙهن ذريعي پاڻ ۾ ملايو وڃي ته ان سان ڀاڙو ڪرايو به گهٽ ٿيندو، مفاصلو به گهٽجي ويندو ته گهري سمنڊ جي خطرن کان مسافر محفوظ رهندا ۽ وقت به گهٽ لڳندو. انور جي ان تجويز جي هندستان ٽائيمز اخبار به حمايت ڪئي هئي ته واقعي به ان حوالي سان ٻنهي ملڪن ۾ ڪو ٺاهه ٿيڻ گهرجي. مونکي ذاتي طور تي به اها تجويز ڏاڍي پسند آئي.انور جو اهو خيال ڏاڍو Visionary هو.ڪراچي ۽ ممبئي کي ملائڻ واري ٻيڙي سروس کولڻ سان ڪراچيءَ جي پسگردائي ۾ سياحت کي به هٿي ملندي ۽ ماهيگيري کي به وڏا فائدارسندا.
    انور سفما جي وفد جو پهريون ميمبر هو جنهن سڀ کان اڳ ۾ ممبئي دوري بابت سفرنامو لکيو جيڪو روزاني اخبار عوامي آواز ۾ قسطن ۾ شايع ڪيو.مونکي خوشي آهي ته انور پيرزادو اڪيڊميءَ عوامي آواز سفرنامي کي ڪتابي شڪل ۾ آڻي ان کي تاريخي ۽ دستاويزي حيثيت ڏئي ڇڏي آهي.

    ڊاڪٽر جبار خٽڪ
    چيف ايڊيٽر
    روزاني “عوامي آواز” ڪراچي


    مهاڳ

    هڪ ڀيري منهنجي باري ۾ لکندي انور پيرزادي چيو هو ته “سوڀو ڄاڻ جي کاڻ آهي.” پر سندس هي سفرنامو “ممبئي ياترا” پڙهندي مون کي احساس ٿيو ته پنجن ڏينهن جو ممبئي جو سفر ڪندي ڪيترو نه علم ۽ ڄاڻ انور ان پرٽي آهي.
    انور ڄائو هڪ فقيراڻي گهراڻي ۾ ۽ رهيو هڪ اهڙي ڳوٺ ۾ جيڪو وک وک تي اوتارن سان ڀريو پيو هو.شاهه جمال، ڀرپور فقير ۽ ٻين ڪيترن اوتارن تي اڄ به ڪيترائي راڳي ۽ شاعر ڳائيندا وڄائيندا ۽ ميلو مچائيندا پيا اچن. شاهه لطيف ۽ ٻيا صوفي شاعر ان ڳوٺ جي ماڻهن جي رت ۾ شامل آهن. جن مان انور انسپائريشن ورتي.
    جوانيءَ جي ڏينهن ۾ الائي ڪٿان کيس شيخ اياز جو ڪتاب “ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” هٿ چڙهيو جيڪو منهنجي نالي ڪيل هو اهو پڙهي جلديءَ ۾ اچي مون سان منهنجي ڳوٺ “ٻنڊي”۾ مليو جتي مان نظر بند ڪيل هوس.
    اڪثر دادو ڪئنال جي ڪڙ تي مان پنهنجي ڪارخاني (ان ڇڙائيءَ جو سيلر) جي سامهون ڇانوَ ۾ کٽ وجهائي ويهندو هوس ۽ انور سان ڪچهريون ڪندو هوس.
    1965ع _ 1967ع واري دور ۾ ڊاڪٽر ڊيلس سان گڏ موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ وقت انور به شامل هو. هن سڄي عمر جبلن ،تاريخي آثارن ، ٿر جي ماڳ مڪانن ۽ درياهه جي وهڪرن تي کوج ڪئي.۽ انهن ماڻهن سان ساٿ ڏنو جيڪي ان ڪاريه ۾ هن سان گڏ رهيا. بدرابڙو، ڪليم لاشاري. ايم ايچ پنهور ۽ حاڪم علي شاهه بخاري هن جا اتساهه ڏيندڙ يار رهيا.
    انور کي روزگار جي حاصلات ۽ پير کوڙڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪرڻي پئي. پرائمري ماستر کان سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي ۾ ليڪچرار ٿيڻ ۽ اتان ايئر فورس۾ پائلٽ ٿيڻ بعد جو چوٽيءَ تان ڌڪو کاڌائين ته سڌو وڃي جيل وسايائين.
    اهو معجزو چئجي جو اتان صحيح سلامت ٻاهر نڪتو ۽ پوءِ هن جي پهرين اسائمينٽ “روزني هلال پاڪستان” (جيڪا پيپلز پارٽيءَ پارن سراج ميمڻ ايڊيٽر جي حيٿيت ۾ هلائي رهيو هو) ۾ بحيثيت سب ايڊيٽر جي ٿي.
    اُتان ٽٽو ته ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل “رشين ايمبسي” جي پاران نڪرندڙ هڪ رسالي جو ايڊيٽر بڻيو. تڏهن اسان جا ڪي اديب ته ڇتا ٿي سندس پوئتان پئجي ويا ۽ ڪن ته هن جي باري ۾ مونکي الائي ڇا ڇا لکيو۽ الزام تراشيون ڪيون پر هو ثابت قدم رهيو۽ دليريءَ سان لکندو ۽ ڌرتيءَ جي مسئلن جي اپٽار ڪندو رهيو.
    ضياءُ الحق اقتدار ۾ آيو ته ڪراچيءَ مان “رشين ايمبسي” کي بند ڪيو ويو ۽ هن جي اُها نوڪري ختم ٿي وئي.بعد ۾ لاڙڪاڻي ۾ روزاني “ڊان” جو نمائندو بڻيو ۽ ستت ئي سکر ۾ “ڊان” طرفان نڪرندڙ اخبار “دي اسٽار” جو بيورو چيف ٿيو.
    پوءِ ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران جيل ويو جتان ٻاهر نڪري ڪراچيءَ ۾ ڊان جو استاف رپورٽر ۽ بعد ۾ “عوامي آواز” ۽ سنڌ سجاڳ اخبارن جو ايڊيٽر بڻيو ۽ مونکان محمد علي پٺاڻ جي معرفت هفتيوار ڪالم لکايائين.
    انور پيرزادي جو انهن اڪيچار ڪارنامن ۾ امريڪا جو سفر ۽ هي هندستان جو سفر به آيو.
    هي سفر جيئن مون مٿي چيو ته رڳو پنجن ڏينهن لاءِ هو پر ان ۾ ممبئي جي تاريخ، ممبئيءَ جا سنڌ سان لاڳاپا .ورهاڱو، هاڻوڪي بمبئيءَ جي ترقي، اتان جي سياست، مرهٽن ۽ سنڌين جا تعلقات ۽ وري مهاجرن ۽ سنڌين جي تعلقاتن تي به وڏي روشني پوي ٿي.
    انور مون واري کاڻ کي کوٽيندي پاڻ به وڏو کوجي ۽ عالم ٿي ويو. موت هن کي وقت نه ڏنو نه ته مونکي يقين آهي ته ادب ۽ عالمي ڄاڻ جي ميدان ۾ هو اڃا به وڏا ڪارناما سرانجام ڏئي ها.
    هن جو هڪ ڪارنامو اهو به آهي ته هن موهن جي دڙي جو چوڌاري ڏهه ڪوهيءَ ۾ نوجوانن ۾ علم جي روشني ڦهلائي نياڻين ۾ تعليم جي سجاڳي آندي انهن لاءِ ڳوٺ ۾ اسڪول کولرايائين.ڳوٺ جو رستو پڪو ٺهرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪيائين ۽ انسان دوستيءَ کي ايترو فروغ ڏنائين جو سندس ڳوٺ جو نالو ئي “لٽل ماسڪو” پئجي ويو.سنڌ ۾ ورلي ڪو اهڙو اديب هوندو جنهن انور مان نه پرايو هوندو.
    ايڏو اورچ محنتي ۽ کاهوڙي انور پيرزادو هن پنجن ڏينهن جي بمبئيءَ جي سفرنامي مان به ظاهر آهي. هن بمبئيءَ جي سُٽ کي سلجهائڻ لاءِ تاريخ جاگرافي ۽ سياست سڀني تي بيباڪ نموني پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي.
    مون هيل تائين جيڪي سفر ناما پڙهيا آهن.انهن جي ڀيٽ ۾ جيتري ڄاڻ انور جي سفرنامي مان حاصل ٿي آهي اوتري شايد کي ڪن ٻين سفرنامن مان حاصل ٿي هجي.
    مان مڃان ٿو ته انور پيرزادي نه صرف مون کان سکيو پر هن به مونکي گهڻو ڪجهه سيکاريو جنهن تي مونکي فخر آهي.


    سوڀو گيانچنداڻي
    لاڙڪاڻو
    2007_06_02


    سڀ مهاجر هڪجهڙا آهن

    ڪراچيءَ کان بمبئي ويندڙ هوائي جهاز جيئن ئي زمين کان آسمان جو رخ ڪيو ته مون پاسي ۾ ويٺل مسافر ڏانهن ڏٺو. هو سانوري رنگ جو هڪ ڪلين شيو ٿيل نوجوان هو. وقت پاس ڪرڻ لاءِ هن سان ڳالهائڻ شروع ڪيم ته هن هڪ اهڙي ڳالهه ٻڌائي جنهن مونکي ڇرڪائي وڌو!!
    اوهان سنڌي آهيو؟ جن منهنجي سنڌي ٽوپي ڏسي پڇيو، “جي ها!”
    “بمبئي ۾ اوهان کي ڪيترائي سنڌي ملندا”
    “اڇا واهه واهه”
    “پر اوهان دل ۾ نه ڪيو ته سنڌين بابت اوهان کي هڪ ڳالهه ٻڌايان!”
    “ها ها! بلڪل ٻڌايو جيڪڏهن حقيقت آهي ته حقيقتون تسليم ڪبيون آهن! دل ۾ ڪرڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟”
    هندستان جي ڪيترن علائقن ۾ محاوري طور مشهور آهي ته “جيڪڏهن اوهان جي ڀرسان نانگ ۽ سنڌي اچي لنگهن ته اوهان نانگ کي ڀلي ڇڏي ڏيو پر سنڌي کي نه ڇڏيو.”
    “اوهه واقعي؟ ڇا اهو سچ آهي ته سنڌين بابت ائين چيو ويندو آهي؟”
    “سَرِ مان اها حقيقت ٿو ٻڌايانوَ پر مائينڊ ته نه ٿا ڪريو؟!
    “آءِ ڊونٽ مائينڊ اٽ آل” مون چيو ۽ مونکي حر تحريڪ تي يورپي مصنف لمبرڪ جي ڪتاب “ٽيررسٽ” ۾ پڙهيل اها ڳالهه ياد آئي جنهن ۾ هن لکيو آهي ته “سنڌ ۾ مون هڪ محاورو عام طور تي ٻڌو ته جيڪڏهن نانگ ۽ پنجابي اوهان جي آڏو اچي گزرن ته اوهان نانگ کي ڀلي ڇڏي ڏيو پر پنجابيءَ کي نه ڇڏيو.” اهو سوچي مان جهاز ۾ ڀرسان واري سيٽ تي ويٺل دهليءَ جي هندو نوجوان نالي نيتن شري وستوا ڏانهن حيرت سان ڏسڻ لڳس.
    هن چيو “سر مون گستاخي ته ڪانه ڪئي؟”
    مون چيو “بلڪل نه”پر مان سمجهڻ ٿو گهران ته هندستان ۾ سنڌين لاءِ ائين ڇو ٿو سمجهيو وڃي؟”
    ان تي انهيءَ نوجوان جيڪو ڪراچي جي هڪ ڪيميڪل ڪمپنيءَ ۾ ڪنهن يورپي ملڪ طرفان ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري رهيو هو ۽ بمبئي کان ٻئي جهاز ذريعي دهلي موڪل تي پئي ويو. تنهن چيو ته در حقيقت 1947ع ۾ورهاڱي کانپوءِ سنڌ مان آيل سنڌي شرنارڌي (مهاجر) جيئن ئي بمبئي آيا ته اتي جي ڌنڌي واپار تي قابض ٿي ويا ۽ مقامي مرهٽا نسل جا ماڻهو جيڪي اڳي ئي پٺتي پيل هئا سي وڌيڪ احساس محرومي ۾ مبتلا ٿي ويا. اهڙو سلسلو هر هنڌ موجود هو.جتي جتي سنڌي هندو پهتا هئا.
    اها ڳالهه ٻڌي مونکي هڪ واقعو ياد آيو جيڪو مون ڪنهن دوست کان ٻڌو هو ته ورهاڱي کانپوءِ سنڌ مان لڏ پلاڻ ڪري ويل هڪ غريب سنڌي هندو هندستان جي هڪ شهر ۾ کنڊ جو واپار ڪرڻ لڳو ۽ ٿورڙن ڏينهن اندر سڄي شهر جي بزنيس تي ڇانئجي ويو جڏهن هن کان سندس ڪاميابي جي راز بابت معلوم ڪيو ويو ته هن چيو ته مان جنهن قيمت تي کنڊ خريد ڪندو آهيان.انهيءَ قيمت تي وڪرو ڪندو آهيان.انڪري سڄي بازار ۾ منهنجو مال سستو هوندو آهي ۽ ان ڪري ٻين جا دڪان بند ٿيڻ لڳندا آهن.
    ان تي هن کان وري پڇيو ويو ته پوءِ اهڙي واپار مان توکي فائدو ڪهڙو ٿو ملي؟ ته هن وراڻيو ته کنڊ وڪرو ٿيڻ کانپوءِ ان جي خالي ٿيل ٻوري جا پئسا منهنجو نفعو هوندو آهي.
    اهو قصو جڏهن مون پنهنجي همسفر هندستاني نوجوان کي ٻڌايو ته پوءِ هن کي دلجاءِ ٿي ٿه سنڌين بابت پاڻ کان عمر ۾ وڏي ماڻهوءَ کي مون جيڪا ڳالهه ٻڌائي آهي.ان تي هو اندر ۾ ناراض نه ٿيو آهي پر منهنجي ڳالهه جي تائيد ڪري رهيو آهي.
    هندستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سنڌين کي نانگ کان به وڌيڪ خطرناڪ سمجهڻ واري اها ڳالهه مون جڏهن ڪراچيءَ کان بمبئي ويندڙ وفد م شامل ڪراچيءَ جي هڪ مهاجر دوست کي ٻڌائي ته هن چيو ته “اها مهاجر نفسيات آهي.” جيڪو ماڻهو پنهنجي وطن ڇڏي (۽ وطن گهڻو ڪري مجبوريءَ کان ڇڏيو آهي) ٻئي ملڪ ۾ ويندو آهي. سو اتي وڃي وڏي جفاڪشي سان سخت پورهيو ڪندو آهي. جنهن ڪري هن جي مالي حالت پڻ سڌري ويندي آهي ۽ هو ٻين تي حاوي به ٿي ويندو آهي. اهڙي ماڻهوءَ ۾ لالچ، لوڀ، ظالماڻي ترقيءَ جو تصور ۽ ڪڏهن ڪڏهن خوفناڪ خود پرستي ۽ موقعي پرستي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ غير انساني هلت هلڻ (پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ) جهڙا لاڙا پيدا ٿيندا آهن.
    مان سوچي رهيو هوس ته واقعي پنهنجو وطن ترڪ ڪرڻ انسان لاءِ ڪيڏي نه بد بختي آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو هند توڙي سنڌ ۾ وڏو مانُ آهي ڇاڪاڻ ته هن ۽ هن جي خاندان ٻين به ڪيترن ئي هندو خاندانن سان گڏ 1947ع واري بحران کي برداشت ڪري سنڌ نه ڇڏي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ تي رهي سختيون برداشت ڪرڻ جي باوجود شانائتي زندگي گذاري.
    ان تي مون کي هڪ ٻي ڳالهه به ذهن تي تري آئي جيڪا ڪنهن دوست ڪجهه وقت اڳ مونکي ٻڌائي هئي. هن چيو ته هڪ غريب ماڻهو جنهن جي معاشي حالت خراب هئي ۽ نه سڌرندي هئي سو اسلام جي پيغمبر وٽ آيو ۽ کين چيائين ته سائين منهنجي معاشي حالت نه ٿي سڌري مان ڇا ڪيان؟ پيغمبر اسلام هن کي چيو ته ابا تون هجرت ڪر. هن هجرت ڪئي ۽ لڏ پلاڻ ڪري ڪنهن ٻئي ملڪ ويو جتي هن محنت مزوري ڪئي ۽ حالت ڪجهه بهتر ٿي ويس پر وري هو موٽي آيو ۽ کيس چوڻ لڳو ته سائين منهنجي حالت اڃا به نه ٿي سڌري!! ان تي هن کي وري به صلاح ڏني وئي ته تون وري به هجرت ڪر!!!
    سو واقعي پرڏيهه وڃڻ سان ماڻهو نئين ماحول ۾ داخل ٿئي ٿو اوپري ملڪ ۾ رهڻ سبب هن ۾ غير يقيقني ،غير محفوظ رهڻ ۽ بي پاڙيءَ واري ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي.جنهن ڪري هو پنهنجي وطن جي مقابلي ۾ وڌيڪ محنت ڪري ٿو ۽ خوشحال ٿئي ٿو.
    اهو ئي سبب آهي جو سنڌ مان لڏپلاڻ ڪري ويل سنڌي هندو هن وقت الهاس نگر ۾ چون ٿا ته ڏاڍا خوش آهن،سکيا ستابا آهن ۽ دولتمند ٿي ويا آهن پر سنڌ کان وڇوڙي وارو سور سندن اندر ۾ ناسور ٿي ويو آهي.
    آ بدلیا ،کر بینتی کون تمہارا دیس
    سکھ تو اپنے گھر میں دکھ تاں پردیس
    ڀٽائي چيو:
    سڃو جي ساڻيهه ته به ونهيان ئي وترو
    گهوريو سو پرڏيهه توڙي ڦلن ڇانئيو
    يعني پنهنجو ديس ڀلي غريب هجي پر پوءِ به شاهوڪارن کان شاهوڪار آهي(ونهين ويڙهيچن لاءِ يعني سکين ستابن يا شاهوڪارن ماروئڙن لاءِ) ۽ پرديس گهوريو ڀلي ته گلن سان ڇانئيو پيو هجي.
    البته ان جي اها معنيٰ تh ماڻهو پنهنجو ملڪ ڇڏي ڪاڏي به نه وڃي. دنيا گهمڻ ،سڌريل ملڪن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ پرڏيهه ۾ وڏين پگهارن واريون نوڪريون ڪرڻ يا وڻج واپار ڪرڻ وغيره انسان کي اڳتي وڌڻ جو دڳ ڏيکارڻ جي برابر آهي پر گهمي ڦري پنهنجي ديس وطن، ڳوٺ ۽ گهر ۾ اچڻ سان ماڻهو ائين سڪون محسوس ڪري ٿو جيئن ٻار ماءُ جي هنج ۾.
    2001ع ۾ آمريڪا جي گاديءَ واري شهر واشنگٽن (ڊِي سي) ۾ اتان جي اونهاري (هتان جي هلڪي سياري جهڙا چار مهينا) (مئي کان سپٽمبر تائين) گذاري موٽيس ته اتي هڪ ايشيائي ملڪ جي پي ايچ ڊي خاتون مون کي چيو ته “انور آمريڪا بي روح سماج آهي.” ۽ جڏهن مان هن کي ڀٽائي جو مٿي ڏنل “گهوريو سو پرڏيهه” وارو بيت معنيٰ سان پڙهي ٻڌايو ته ان ڏينهن هن فيصلو ڪيو ته اٺن سالن کان آمريڪا ۾ رهائش ختم ڪري پنهنجي ملڪ موٽي وينديس.
    سو، بمبئي ۾ گهاريل پنجن ڏينهن جي ڪٿا جي هيءَ ابتدا آهي. هي موقعو مون کي سائوٿ ايشيا فري ميڊيا ايسوسئيشن (سفما) پاران روزاني عوامي آواز جي ڊاڪٽر جبار خٽڪ ڏنو جيڪو ان تنظيم جو پاڪستان ۾ ڪوآرڊينيٽر آهي. 23 کان 27 مئي تائين 30 ڄڻن واري وفد ۾ ڪراچي ۽ بمبئي وچ ۾ عوامي رابطا پيدا ڪرڻ ٻنهي بحري بندرن وچ ۾ قديم تاريخي لاڳاپا قائم ڪرڻ ۽ ڪراچي بمبئي جاڙا شهر ٻيهر بحال ڪرائڻ جي سلسلي ۾ هي پروگرام رٿيو ويو هو. جنهن جي موٽ ۾ وري هندستان کان 30 ڄڻن جو وفد 10 جون کان 16 جون تائين ڪرچي اچڻو آهي.
    سفما جو ان حوالي سان پروگرام يا ان جي سوچ ڏاڍي انوکي آهي. ان جو خيال آهي ته سول سوسائٽي ۽ عام ماڻهو پنهنجو ڪردار نڀائن. مثال ڪراچي جي پريس ڪلب جيڪڏهن بمبئي جي پريس ڪلب سان تعلقات قائم ڪري گڏيل پروگرام شروع ڪري ته کيس ڪير به ڪونه روڪيندو. اهڙي طرح هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ عوامي سطح تي واپارين، دانشورن، ليکڪن، فنڪارن، ڳائڻن ۽ ٻين ماڻهن وچ ۾ امن ۽ دوستي جا ناتا قائم ٿي سگهن ٿا ۽ اهڙو ڪم ٻنهي ملڪن جي حڪومتن جي پاليسين جو انتظار ڪرڻ بنا هاڻي کان ئي شروع ڪري سگهجي ٿو.


    مُمبا ديوي

    ڪراچيءَ جي سامونڊي ڪناري کان ڏکڻ اوڀر ڏانهن وڃبو ته 200 ناٽيڪل ميلن تي بمبئي جو شهر ايندو اڳتي وڃبو ته “گوئا” نالي هڪ ٻيو شهر ايندو جنهن لاءِ اسان جي وفد ۾ شامل لورن ڊي سوزا جو چوڻ آهي ته اهو بمبئي ۽ ڪراچي ٻنهي کان سهڻو علائقو آهي.
    چون ٿا ته بمبئي قديم زماني ۾ ستن ٻيٽن تي پکڙيل علائقو هو جنهن ۾ گهڻو ڪري ميربحر ۽ مڇيرا ماڻهو رهندا هئا جن کي “ڪال” يا “ڪيل” سڏيو ويندو هو. دراوڙي نسل جا اهي ٻيٽاري ماڻهو هڪ ديويءَ جي پُوڄا ڪندا هئا جنهن جو نالو “مُمبا ديوي” هو انڪري جنهن علائقي يا شهر کي سنڌي “بمبئي” سڏين ٿا ۽ انگريز “بامبي” (Bombay) ڪوٺين ٿا. ان کي ديسي لوڪ پنهنجي ٻوليءَ ۾“ممبئي” چون ٿا. هندستان حڪومت هن شهر جو هن وقت سرڪاري طور نالو“مُمبئي” رکي ڇڏيو آهي. (نوٽ) “ڪيل” ماڻهو اسان سنڌو درياهه جي ڪنارن تي پنجاب ۾ به ڏٺا 1989ع واري Expedition Indus دوران).
    پر اسان سنڌي جن جي وطن سنڌ کي انگريزن 1843ع ۾ فتح ڪرڻ کانپوءِ بمبئيءَ سان ملائي ڇڏيو هو جتان سنڌ کي 1936ع ۾ جدا ڪيو ويو ۽ اها تحريڪ سر شاهنواز ڀٽي، جي ايم سيد ۽ هُن جي هم عصر مسلم ليگي اڳواڻن، هندو مسلم ورهاڱي واري خيال سان هلائي هئي. جنهن کانپوءِ سنڌ کي چيو ويو ته اوهان جو تاريخي ۽ جاگرافيائي طور “بامبي پريزيڊنسي” نه پر پنجاب سان تعلق آهي. اهڙي طرح انهيءَ سوچ جو منطقي نتيجو پاڪستان جي صورت ۾ 1947ع ۾ نمودار ٿيو. پنجاب ۽ سنڌ برابر سنڌو ماٿري واري مهين جي دڙي ۽ هڙپا تهذيب جي ثقافتي پٽيءَ ۾ واقع آهي. جڏهن ته برٽش انڊيا ۾ بمبئي سنڌ اتحاد وڌيڪ آسان لڳندو هو. جڏهن ته هندو مسلم ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۽ پنجاب جو اتحاد فطري ڳالهه ٿي وئي.
    سو سنڌين لاءِ هڪ چوڻيءَ مطابق “ادو مئو، ادي ڄائي، اسان اهڙا جي تهڙا”واري ويڌن ٿي. اڳي بمبئي اسان تي راڄ ڪندي هئي. پوءِ الهندو پنجاب راڄ ڪرڻ لڳو، وچ ۾ ڪجهه وقت دل پشوري ڪرڻ جو ٿورو موقعو ڏنو ويو ۽ ڪراچي کي پاڪستان جو گاديءَ وارو هنڌ مقرر ڪيو ويو ۽ اسان سنڌين کي چيو ويو ته اوهان کي بمبئي کان آزاد ڪيو اٿئون هاڻي اوهان ڪراچيءَ جي ماتحت آهيو جيڪا سنڌ ۽ پاڪستان ٻنهي جو گادي وارو هنڌ آهي. اسان اڃان اها خوشي ملهائي پوري ئي نه ڪئي ته فيلڊ مارشل جنرل محمد ايوب خان پاڪستان جي گادي ڪراچي مان منتقل ڪري اسلام آباد کڻي هليو ويو.
    هاڻي هوائي جهاز جيترو وقت ڪراچي کان اسلام آباد ٿو وٺي. اوترو وقت ڪراچي کان بمبئي وڃڻ تي به لڳي ٿو پر اسان تي حڪمراني بمبئي جي نه اسلام آباد جي آهي. جنهن جي روڊ تي هٿ جي آڱر گسائي نڪ تي رکي، سنگهي هڪ بنگالي دانشور بنگله ديش ٺهڻ کان اڳ هڪ دفعي چيو هو ته “مونکي ان سِڻيءَ جي بوءِ ٿي اچي.”
    ياد رهي ته گڏيل پاڪستان ۾ يعني جڏهن پاڪستان جو وڏو اڌ (اوڀر پاڪستان) گڏ هوندو هو تڏهن سڻي جو پرڏيهي واپار پاڪستان کي ڪافي شاهوڪاري ڏيندو هو. سو ان بنگالي دانشور جو مقصد اهو هو ته اسلام آباد بنگال جي سڻي وڪڻي تعمير ڪيو ويو آهي. سولي سنڌيءَ ۾ ائين چئبو.
    خير 93 سال بمبئي سان گڏ رهڻ کانپوءِ 70 سال وڇوڙي جا گذاري هاڻي جڏهن سائوٿ ايشيا فري ميڊيا ايسوسئيشن(سفما) جي پليٽ فارم تان امتيازعالم ۽ ڊاڪٽر جبار خٽڪ اسان 30 ڄڻن واري وفد کي “ڪراچي بمبئي ايڪسچينج پروگرام” تحت هندستان جي وڏي ۾ وڏي سامونڊي بندر ۽ معاشي مارڪيٽ ڏانهن وٺي ويا ته مون واٽ تي ڪيترن دوستن کان اهو سوال ڪيو ته جيڪڏهن اوهان کي هي سڀ ڪجهه ڪرڻو هو ته پوءِ 1947ع ڇو پيدا ڪيو ويو؟
    ان سوال جو جواب ممتاز صحافي صبيح الدين غوثي به ڏنو. جنهن ٻڌايو ته هو بمبئي جي هڪ اسپتال ۾ ڄائو هو ۽ وفد ۾ شامل ڪراچي جي ڪيترن وڏن واپارين سان چئمبر آف ڪامرس ائنڊ انڊسٽري اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ جوڙيا بازار جي سربراهه واپارين به ڏنو. سندن جواب مان ائين پئي لڳو ته گڏيل هندستان ۾ اقليت طور رهندڙ گهٽ شاهوڪار واپاري جنهن ٽاٽا ۽ برلا جهڙن هندو سيٺين سان مقابلي جي سگهه نه پئي ساري سگهي. سو ڪوٽا سسٽم جي بنياد تي پاڪستان نالي پنهنجو ننڍڙو مارڪيٽ ٺاهي گذريل 58 سالن ۾ ايترو شاهوڪار ٿي ويو آهي جو هاڻي هو هندستان جي وڏي واپاريءَ سان وڻج واپار ڪندي خوفزده نٿو ٿئي. اڃان به هنکي هندستان جي هڪ ارب انساني آبادي ڏسي وات ۾ پاڻي ڀرجي رهيو آهي ۽ هو سوچي رهيو آهي ته هو پنهنجي واپاري وکر لاءِ هندستان ۽ ڏکڻ ايشيا وارو وڏو مارڪيٽ ڇو نه ڳولي وٺي. رڳو پاڪستان تائين محدود ڇو رهي؟؟؟؟؟
    ان معاشي مامري تي ڳالهين جي ڏي وٺ، بحث مباحثو، واعظ نصيحتون ۽ تقريرون بمبئي جي پنجن ڏينهن واري دوري دوران برابر ٿينديون رهيون. جنهن دوران ٻنهي ڌرين يعني هندستاني ۽ پاڪستاني ماڻهن، واپارين، دانشورن، صحافين ۽ ٻين لوڪن جواهو خيال هو ته سرحدون ختم ٿيڻ گهرجن.
    سرحدون ته انٽرنيٽ اڳيئي ختم ڪري ڇڏيون آهن. اڳي چوندا هئاسون ته پاڪستان ۽ هندستان جون حڪومتي هڪٻئي سان دوستي ڪن ته اسان ٺٽي ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني طرفان قائم ڪيل واپاري ڪوٺين جو رڪارڊ وڃي پڙهي اچون جيڪو انڊيا آفيس ۾ رکيل آهي. انٽرنيٽ اچڻ کانپوءِ هاڻي ان لاءِ سرحد پار ڪرڻ ضروري ناهي. پنهنجي گهر جي ڪمري ۾ ويهي سنڌو درياهه جي سيني تي ترندڙ ٻيڙي ۾ ڪاڇي ۾، ڪچي ۾ يا ڪنهن شهر ۾ ويهي انٽرنيٽ ذريعي اوهان هندستان جي انهيءَ لائبريري ۾ داخل ٿي سگهو ٿا، جتي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو ٺٽي ۾ ٿيندڙ ڪاروبار جو پوتا ميل رکيل آهي.
    سو ان ڪري سفما جو چوڻ هو ته هاڻي انتظامي ۽ سياسي سرحدون رڳو اکين جو ڍءُ وڃي بچيو آهي ۽ اها ڳالهه حقيقت به ثابت ٿي جڏهن پاڪستان ۽ هندستان جا واپاري بمبئي ۾ پاڻ ۾ گڏيا ۽ اسان صحافي وات ۾ آڱر وجهي اچرج وچان سندن ڳالهيون ٻڌي رهيا هئاسون. هو چئي رهيا هئا ته هن وقت هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ سرڪاري طور سڌو واپار جيڪڏهن هڪ رپئي جو هلي رهيو آهي ته سنگاپور ۽ دبئي وغيره جهڙن ٽياڪڙ ملڪن وسيلي ٻنهي ملڪن وچ ۾ جيڪو وڌندڙ واپار آهي سو گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو رپين جي ماليت کي وڃي رسيو آهي.
    انڪري ٻنهي ڌرين جو چوڻ هو ته پاڻ ۾ سڌو واپار ڪجي ته جيئن ٻنهي ڌرين کي سڌو نفعو ٿئي ۽ ٽين ڌر يعني Middle man ٻنهي ڌرين جو نفعو هڙپ نه ڪري وڃي جيڪو هن وقت ٿي رهيو آهي.
    ان حوالي سان ٻه ٻيا ويچار ڏاڍا اهم هئا جيڪي پاڪستان پيپلز پارٽي جي تاج حيدر ۽ سفما جي هندستاني توڙي پاڪستاني قيادت پئي ونڊيا. بحث مباحثي ۾ حصو وٺندي تاج حيدر ان ڳالهه تي زور ڏيندو رهيو ته پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ سڌو واپار وڌائڻ سان ٻنهي ملڪن جا سرمائيدار ڀلي اڃان به موٽا ٿين پر ٻيلي ٻنهي ڌرين کي گهرجي ته انهيءَ غريب ٽين ڌر جو سوچين جنهن کي “صارفين” ڪوٺجي ٿو. جيڪي واپاري وکر جا خريدار آهن. سو غريبن جو خيال رکي پوءِ ئي سرمائيدارن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ملڻ گهرجي.
    ان حوالي سان سفما يعني سائوٿ ايشيا فري ميڊيا ايسوسيئيشن جي اڳواڻن امتياز عالم (پاڪستان) ۽ ڪي ڪي ڪٽيال توڙي ونود شرما (هندستان) جو چوڻ هو ته عام لوڪن کي هاڻي اڳتي وڌي پنهنجو موقف زوريءَ حڪمرانن تي مڙهڻ گهرجي. يعني هندستان ۽ پاڪستان جا صحافي پنهنجي ليکي گڏيل پروگرام ٺاهين. ليکڪ پنهنجي سطح تي سهڪار ڪن. يونيورسٽيون پاڻمرادو ٺاهن ته صحيحون ڪن ۽ واپاري چئمبر ڪنهن ٽين ڌر کان پڇڻ بغير هڪ ٻئي سان واپار وڌائين. سول سوسائٽي ائين ڪندي ته حڪومتون پاڻ مجبور ٿي وينديون ۽ هڪ ٻئي سان صلح ۽ شانتي ۾ رهنديون.
    سو اهي بحث پنهنجي جاءِ تي پر مونکي وڏي تانگهه اها هئي ته ڪراچي ايئرپورٽ تان جهاز اڏامندو ۽ سامونڊي ڪنارو وٺي هلندو ته مان هيٺ انڊس ڊيلٽا جو نظارو ڪندس. پر ٿيو ائين جو ڪراچي جو آسمان ڪڪرن سان ڀريو پيو هو سو چتائي ڏسي ڏسي ڪڪرن ۽ جهڙالي وچان ڪي ڪي ٽڪرا ڊيلٽا جا نظر آيا نه ته باقي رڳو ڌنڌ هو. ساڳي حالت بمبئي ايئرپورٽ تي به هئي. اتان جو آسمان به ڪڪرن سان ڇانيل هو انڪري مٿان آسمان کان بمبئي جو نظارو ڪرڻ محال ٿي لڳو. ڪراچي ۽ بمبئي وچ ۾ شايد اها به هڪجھڙائي هئي.


    ڪراچي ـــــــ مُمبئي معاشقو

    ڪنهن زماني ۾ ڪراچي ۽ بمبئي“جاڙا” شهر ڪري ليکيا ويندا هئا. گڏيل هندستان ۾ ورهاڱي کان اڳ توڙي پاڪستان ۽ هندستان وارن جدا جدا ملڪن ۾ ٻنهي شهرن جي اهميت ساڳي هئي ڇاڪاڻ ته اهي بحري بندر پنهنجي مُلڪ لاءِ هئا. بحري بندر انسان جي جسم ۾ دل جيان ٿئي ٿو جتي سڄي جسم جو رت جمع ٿي ورهائجي جسم جي ذري ذري ۾ پکڙجي وڃي ٿو. بحري بندر تي پڻ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اقتصادي ۽ زرعي وکر جمع ٿين جن جو بعد ۾ وڻج واپار ٿئي ٿو. بحري بندر تان مال ٻاهرين ملڪن ڏانهن وڪري لاءِ وڃي ٿو ۽ ٻاهرين ملڪن کان خريد ڪيل سامان ملڪي استعمال لاءِ اچي ٿو.
    ڪراچي جو بندر جنهن جو ماضي ديبل بندر هو سنڌو ماٿريءَ جي جاگرافي ۾ اهم جاءِ والاري ٿو ڇاڪاڻ ته سنڌو ماٿري جو سمنڊ سان رابطو پيدا ڪري ٿو. سمنڊ سان رابطي سبب دنيا سان رابطو قائم ٿي وڃي ٿو. جنهن جا فائدا ۽ نقصان هڪ جهڙا آهن. سڄي دنيا سان وڻج واپار وسيلي ترقي به ڪري سگهجي ٿي. ۽ سموري دنيا جي ملڪن جون جلهون ۽ جارحيتون به ڀوڳڻيون پون ٿيون.
    اهو ئي سبب آهي جو اڄ پاڪستان جو سڀ کان اهم صوبو سنڌ آهي ڇاڪاڻ ته ان جون سرحدون سمنڊ سان لڳن ٿيون. پنجاب کي مليل اهميت هٿراڌو آهي. سياسي نوعيت جي آهي ڇاڪاڻ جو اهو حڪمرانن جي رهائش جو علائقو آهي نه ته آمدني جي لحاظ کان وري به ڪراچي شهر ملڪ جي مڙني حصن کان وڌيڪ ناڻو ڪمائي پاڪستان کي ڏئي ٿو جنهن ڪري اين ايف سي ايوارڊ جي آمدني يا آبادي جي بنياد تي ورهاست جو مطالبو ترتيبوار سنڌ ۽ پنجاب ڪندا رهيا آهن.
    بمبئي شهر به ڀلي ته هندستان جي مهاراشٽر رياست جي گاديءَ جو هنڌ آهي پر سڄي هندستان جي معيشيت لاءِ ڪرنگهي جو ڪم ڏئي ٿو.
    دنيا جي سڀ کان وڏن 20 شهرن مان 15 شهر سامونڊي ڪنارن تي اڏيل آهن. بمبئي ۽ ڪراچي به انهن مان ٻه وڏا شهر آهن. باقي شهرن جا نالا هي آهن ٽوڪيو، ڍاڪا، سائوپالو، دهلي، .مئڪسيڪو سٽي، ڪلڪتو، لاگاس، لاس اينجلس، شنگهائي، ميترومينبلا، بيجنگ ۽ قاهره. آبادي جي لحاظ کان دنيا جي انهن 15 وڏن شهرن مان بمبئي ٻئي نمبر تي ۽ ڪراچي نائين نمبر تي آهي. هونئن بمبئي ايريا جي لحاظ کان ڪراچيءَ کان تمام ننڍڙو شهر آهي ان جي پکيڙ 4355 چورس ڪلوميٽر آهي جڏهن ته ڪراچي جي پکيڙ انکان ٽيڻي آهي ۽ ڪراچيءَ کي سمنڊ واري پاسي کانسواءِ باقي پاسن ڏانهن وڌڻ لاءِ اڻ کٽ زمين آهي ان جي مقابلي ۾ بمبئي کي زمين جي کوٽ آهي. بمبئي بنيادي طور 7 ٻيٽن تي مشتمل هڪ علائقو هو انهن ٻيٽن جانالا (1)ڪولابا (2)فورٽ (3)ڀائيڪَلا (4)پَريل (5)ورلي (6)ماٽونگا (7)مهيم آهن. جڏهن شهر وڌڻ لڳو ته حڪومت هٿراڌو طور مٽي وجهي مختلف ٻيٽن کي هڪ ٻئي سان ملائي شهر ٺاهيو. اهوئي سبب آهي جو بمبئي شهر جي وچ وچ تي سامونڊي ڪنارا ۽ مئرين ڊرائيو آهن جن سان شهر جو حسن ٻيڻو ٿي وڃي ٿو. رات جي وقت شهر جي وچ ۾ سامونڊي ڪناري جو هڪ اڌ گول اهڙو آهي جنهن تي جڏهن بلبن جي قطار ظاهر ٿئي ٿي ته اهو نظارو روشنين جي هار جيان لڳي ٿو ان ڪري ان کيQueen’s Necklace يعني راڻيءَ جو هار سڏين ٿا. ڪراچيءَ ۽ بمبئي ۾ ڪيتريون ئي هڪجهڙايون ۽ ڪيترا فرق آهن. هڪ فرق اهو به آهي ته ڪراچي شهر جو سامونڊي ڪنارو ڏسڻو هجي ته قصد ڪري ڪلفٽن، هاڪس بي يا پيراڊائيز پوائنٽ وغيره وڃڻو پوندو پر بمبئي شهر۾ روز مره جي ڪم ڪار لاءِ جيڪو به ماڻهو گهر کان ٻاهر نڪرندو سو ٻه ٽي دفعا ضرور سامونڊي ڪناري تان گذرندو ڇاڪاڻ ته سامونڊي ڪنارا شهر جي وچ ۾ آهن. هاڻي ته حڪومت سامونڊي پاڻي مٿان 22 ڪلوميٽر ڊگهو رستو ٺاهڻ جي رٿا جوڙي آهي ته جيئن شهر تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿي سگهي. ان سان شهر جو حسن اڃان به وڌي ويندو.
    بمبئي شهر کي زمين جيئن ته گهٽ آهي ان ڪري ان جون عمارتون آسمان جو رخ ڪن ٿيون ۽ ٽريفڪ هلائڻ لاءِ انڊر گرائونڊ ميٽرو ريلوي جي رٿا تيار ڪئي وئي آهي. هن وقت شهر ۾ تعميرات جو ڪم تيزي سان هلي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته شهر جو 55 سيڪڙو ڪچيون آباديون آهن. شهر ۾ گهرن ۽ پلاٽن جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. اسان کي پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته گهر لاءِ پلاٽ جو چورس فٽ چاليهه هزار رپين ۾ ملي ٿو ۽ هڪ فليٽ جي رقم5 يا 7 ڪروڙ رپين کان گهٽ ناهي ان ڪري ڪيترا ماڻهو پنهنجن ٻارن جون شاديون نه ٿا ڪرائين ڇاڪاڻ ته وٽن جاءِ ڪانهي. مالابار هِلِ جهڙن خوبصورت علائقن ۾ ته هاڻي نه ڪو ماڻهو پنهنجو گهر وڪڻي ٿو ۽ نه ڪو ٻيو ماڻهو نئون گهر خريد ڪري ٿو.
    شهر جي اهڙي صورتحال جي روشنيءَ ۾ چچ غريب ماڻهن جي جياپي جو وڏو مسئلو آهي. مثال بمبئي شهر جي عملدارن پاڻ پئي ٻڌايو ته اڌ کان وڌيڪ ماڻهو ڪچين آبادين ۾ رهن ٿا جڏهن ته 65 لک ماڻهو رستن جي وٽ ۾ آسمان هيٺان سمهن ٿا ڇاڪاڻ ته کين گهر گهاٽ ناهي. سو هنن جو چوڻ هو ته 12 لک ننڍا گهر اڏڻ جي هڪ رٿا تيار ڪئي اٿئون جنهن ۾ هوريان هوريان هنن ماڻهن کي منتقل ڪنداسين. بمبئي جي ميٽروپوليٽن ڪمشنر ڊاڪٽر ٽِي چندر شيڪر جو چوڻ هو ته اسان وڌيڪ غير قانوني طور ايندڙ ماڻهن تي ڪنٽرول ڪرڻ کانپوءِ ڪچين آبادين ۾ ويٺل ماڻهن کي آباد ڪرڻ واري پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن جو چوڻ هو ته رهائش انسان جو بنيادي انساني حق آهي جنهن کان هن کي محروم ڪري نه ٿو سگهجي ۽ نه وري هندستان سرڪار ڪنهن غريب ماڻهوءَ جو گهر بلڊوز ڪرڻ جهڙي ڏاڍائي ڪري سگهي ٿي. ان ڪري اسان نوان گهر ٺاهي ماڻهن کي انهن ۾ ويهاري هر ڪٽنب کي ويهه هزار رپيا روڪ به ڏيون ٿا ته جيئن اهي پاڻ کي ۽ گهر کي ٿانئيڪو ڪري سگهن.
    بمبئي شهر جا عملدار جيڪي گهڻو تڻو نوجوان ۽ ننڍي عمر جا پئي لڳا تن ۾ وڏي ڄاڻ ۽ سگهارو جذبو پئي نظر آيو. البته سوالن جا جواب معلوم ڪرڻ کانپوءِ اندازو ٿي رهيو هو ته هو ڪن ڳالهين کي وڌائي پيش ڪري رهيا هئا ۽ ڪي ڊاڙون به هنيائون پئي جن تان سوالن جي جوابن دوران ڦري ويا، پر هڪڙي ڳالهه واضح هئي ته هو ترقي جي راهه تي گامزن هئا. شهر ۾ فلاءِ اوور ٺهي رهيا هئا. ڪنهن به مصروف ترين روڊ تي دونهون نظر نه آيو، سڀئي گاڏيون ۽ رڪشائون سي اين جي سان هلي رهيون هيون. شهر ۾ پنج ڏينهن گهمندي ڦرندي اسان ڪو روڊ حادثو نه ڏٺو ۽ نه ان بابت اخبار ۾ ڪا خبر پڙهي. شهر ۾ ڏوهه، ڪرائيم، ڦر جا واقعا ۽ قتل وغيره شايد بلڪل ئي نه هئا. پرڏيهي سياح ۽ خاص ڪري اڪيليون عورتون رات ڏينهن هر جاءِ تي بي خوف نظر پئي آيون. شهر جي وچ سامونڊي ڪنارن تي مقامي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڀاڪر پايون ويٺا نظر آيا پر کين ڪارو ڪاري قتل ڪرڻ وارا ڪونه هئا. شهر جي وچ وچ تي مندر مورتيون، ڳئون ماتا، نرڙ تي سَسنڌور جا ٽِڪا ۽ ڌوتي پاتل عورتون پهريون دفعو نظر آيون. سفما جي هن پروگرام دوران ڪيترن ئي اهم معاملن تي ڏاڍيون ڪارگر ڪانفرنسون ٿيون. خاص ڪري شهري زندگي ۽ Urbanization تي جيڪا ڪانفرنس ٿي ان ۾ ڪراچي جي نمائندگي نثار ميمڻ (سينيٽر) غازي صلاح الدين (صحافي) لورين ڊي سوزا (شهري اين جي او) بابر اياز ۽ جميل يوسف (سٽيزن پوليس لائزان ڪميٽي) ڪئي. هنن جو خيال هو ته ڪراچي شهر ۾ ترقي وارن ڪمن کي اڳتي وڌائڻ ۽ ترقياتي رٿا بندي جي سلسلي ۾ بمبئي جي تجربي مان سبق حاصل ڪرڻ تمام ضروري ٿيندو. بمبئي شهر ۾ چار ضلعا، ست ڪارپوريشنون، تيرنهن ميونسپل ڪائونسلون، ست شهري مرڪز ۽ 950 ڳوٺ آهن. ستن ڪارپوريشنن مان هڪ الهاس نگر آهي جيڪا سنڌ مان لڏي آيل سنڌين جو ڳڙهه آهي. مون کي الهاس نگر ڏسڻ جوموقعو ملي نه سگهيو پر مون ان شهر بابت ڪجهه معلومات هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مونکي ٻڌايو ويو ته 13 چورس ڪلوميٽرن ۾پکڙيل ان شهر جي آبادي 8 لک آهي. الهاس نگر ۾پڻ غير قانوني آباديون آهن جن کي ريگولرائيز ڪيو پيو وڃي. اسانکي خبر پئي ته هندستان ۾ هڪ ننڍڙي آمريڪا آباد آهي يعني USA جنهن جواصلي نالو الهاس نگر سنڌي ايسوسئيشن آهي. هن شهر ۾ اوهان کي هر انهيءَ شيءِجي نقل سستي اگهه ۾ ملي ويندو جيڪا آمريڪا ۾ ايجاد ٿي چڪي آهي يا ٿيڻي آهي.
    دنيا جي هنن ٻن وڏن شهرن مان ڪنهن ۾ ڪا خاص ڳالهه ڀلي هوندي ته ڪا وري ڪا خاص اوڻائي به هوندي پرهڪ خاص ڳالهه جيڪا قدرتي طور بمبئي کي ڪراچيءَ کان بهتر رکي رهي آهي سا آهي برسات. سال ۾سراسري طور بمبئي ۾ ان جو ماپو 3200 ملي لٽر آهي. لورين ڊيسوزا جوچوڻ هو ته بمبئي ۾ جيڪڏهن سال ۾ 200 انچ مينهن وسي ٿو ته ڪراچي ۾ وڌ ۾وڌ 5 انچ برسات پوي ٿي.
    بمبئي باغ پئي لڳو قدرتي وڻڪار ۽ ساوڪ گل ۽ ٻوٽا قدرتي طور ماحول کي خوبصورت بڻائي رهيا هئا اسان جيڪي ڏينهن اتي هئاسون انهن دوران ٻه دفعا هلڪي برسات به پئي ۽ ٻڌايو ويو پئي ته هتي چوماسو شروع ٿي چڪو آهي، البته برساتي موسم ۾ مينهن وسڻ کانپوءِ جيڪو سج نڪري آڙنگ ڪندو آهي سا گرمي به اسان بمبئي ۾ چکي. اتان جي هڪ انگريزي اخبار ۾ اهڙي به خبر پڙهي سون ته “اڄ ڪالهه ڪراچي بمبئي کان وڌيڪ ٿڌو شهر آهي.”


    هندُ جا سنڌي هِندُو

    چون ٿا ته “هند توڙي هندو لفظ سنڌو مان نڪتل آهن. سنڌو درياهه کي سنسڪرت ۾ “سپت سنڌو” ڪري سڏيو ويو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي “ستن دريائن جو اڳواڻ”. اهي ست درياهه آهن پنجاب جا پنج درياهه (جهلم، راوي، بياس، چناب ۽ ستلج) ڇهون درياهه ڪابل جيڪو اٽڪ وٽان اباسين سان اچي ملي ٿو ۽ افغانستان جي جبلن مان مينهن جو پاڻي ميڙي جهجهي لٽ سميت اچي ٿو سنڌو درياهه ۾ وجهي. هن درياهه جو 15 ايم ايف کن پاڻي سنڌ جي پڇاڙ وارن علائقن جهڙوڪ ٺٽي ۽ بدين جي ڊيلٽا تائين وهي اچي ٿو ۽ سپت سنڌو جو ستون درياهه “سرسوتي” هو جيڪو زلزلي جي نتيجي ۾ زمين ۾ ٽٻي ڏئي گم ٿي ويو. انگريزي ۾ انکي Lost River به چوندا آهن اهو درياهه جڏهن زمين جي مٿاڇري تي وهندو هو ته اوڀر طرف پنجاب لتاڙي سنڌ مان وهي ٿر جي ننگرپارڪر لڳ پاري نگر وٽ ڊيلٽا ٺاهيندو هو ۽ اتي سمنڊ سان وڃي ملندو هو. ان سامونڊي پٽيءَ کي “گلف آف ڪڇ” چوندا هئا پر مظهر يوسف پئرس مان هڪ قديم نقشو آندو هو جنهن ۾ گلف آف ڪڇ جي جاءِ تي “گلف آف سنڌي” لکيو پيو هو. جنهن مان ان حقيقت جي ثابتي ملي ته جنهن کي اسان عربي سمنڊ ڪوٺيون ٿا ان جو اصلي نالو “سنڌي سمنڊ” آهي. ڇاڪاڻ ته ڪڇ جو رڻ هن وقت جتي آهي اتي 1819ع واري زلزلي کان اڳ سمنڊ لهرون هڻندو هو. زلزلي ڪري زمين مٿي ٿي وئي ۽ پاڻي هيٺ لهي ويو جنهن ڪري “رڻ” پيدا ٿي پيو. هاڻي به چون ٿا ننگر پارڪر ۽ ڪراچيءَ وچ ۾ رڻ جي هڪ اهڙي پٽي آهي جنهن جي کوٽائي ڪري اها مٿانهين روڙي ڇڏجي ته ڪراچي واري سمنڊ جو پاڻي ننگر پارڪر وٽ پهچي وڃي.
    سو ڳالهه نڪتي هئي سپت سنڌوءَ جي جيڪو ستن دريائن جو سرواڻ آهي ۽ هماليه جبل مان ڪرندڙ مڙني دريائن مان وڏي ۾ وڏو درياهه آهي جنهن کي ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان وڏو درياهه سڏڻ رڪارڊ جي درستگي لاءِ بيحد ضروري آهي.
    انهيءَ “سپت سنڌوءَ” کي قديم ايراني سلطنت جي بانين جن کي Achaemenian سڏجي ٿو تن قبل مسيح ۾ پنهنجي ٻاتي ٻوليءَ سان “هيت هندو” ڪري اچاريو، آريا جيڪي هتي آيا تن مان هڪڙا ٻاتا ۽ ٻيا ڪڙڪ آواز ڪڍڻ وارا ماڻهو هئا انهن مان Soft spoken آرين جڏهن “سپت سنڌو” مان “س” کي “هه” جي اچار سان اچاريندي “هيت هندو” چيو تڏهن لفظ “هند” ۽ “هندو” ايجاد ٿيا.
    اهو سنسڪرت ٻولي وارو زمانو هو، هندو برهمڻ راڄ ڪندا هئا، سنڌو ماٿري واري تهذيب جو زوال اچي چڪو هو اهو زوال ايترو زوردار ۽ خوفناڪ هو جو ماڻهن کان پنهنجي ٻوليءَ جي رسم الخط ئي وسري وئي هئي. ان دور کان هڪ هزار سال پوءِ هندو ڌرم جي برهمڻن “برهمي” لپي ايجاد ڪئي جنهن جي بدليل صورت اڄ تائين ديوناگري ۽ هندي ڀاشا سان هلندي اچي. ان وچ ۾ برهمڻ هندن جي پاڪ پوتر ۽ مقدس ويدن واري ٻولي سنسڪرت 200 ق.م ۾ فوت ٿي وئي ۽ Dead language بڻجي ويئي. ڪاليداس انهيءَ ختم ٿي ويل ٻوليءَ جو عظيم ليکڪ آهي. سنسڪرت جي ختم ٿيڻ جو ڪارڻ اهو هو ته اها عام لوڪن جي ٻولي نه هئي پر وڏ گهراڻن هندو برهمڻن پنهنجي پاڪ ڪتابن لاءِ اها ٻولي پاڻ ٺاهي هئي ۽ جيئن ته ٻولين کي عام لوڪ ۽ عوام زندهه رکندا آهن انڪري سنسڪرت زندهه رهي نه سگهي ۽ مري ويو.
    ان کانپوءِ پالي ٻولي رائج ٿي جيڪا ٻڌ ڌرم جي پاڪ زبان آهي. ٻڌ ڌرم جي باني گوتمن ٻڌ هندو ڌرم سان ذات پات جي مامري تي بغاوت ڪئي هئي. ٻڌن جي “پالي ٻولي” 600 ورهيه سنڌ ۾ سرڪاري ٻوليءَ طور راڄ ڪيو ۽ ان جي اثر ڪري ان جا ڪيترائي لفظ سنڌي زبان ۾ داخل ٿي ويا پر پوءِ اها حقيقت آهي ته سنڌي ٻولي دنيا جي چند وڏين ۽ اٿاهه ٻولين مان هڪ آهي ايسيتائين جو لسانياتي ماهر حيران پريشان آهن ته سنڌي ٻوليءَ مان جيڪڏهن سنسڪرت، پراڪرت، عربي، فارسي، هندي ۽ ٻين ٻولين جا لفظ ڪڍي ٿا ڇڏيون تڏهن به پوئتي سوين لفظ اڃا سنڌيءَ ۾ بچن ٿا جيڪي خبر ناهي ته ڪهڙيءَ ٻوليءَ جا آهن ٿي سگهي ٿو ته اهي مُهين جي دڙي واري ٻوليءَ جا هجن پر وسوخ سان تڏهن چئي سگهبو جڏهن سنڌو لکت پڙهي ويندي.
    بهرهال اهو ته ٿيو “ڳالهه” مان “ڳالهوڙو” اصل ڳالهه اها هئي ته بمبئي ۾ڪجهه سنڌي هندن سان منهنجي جيڪا مختصر ملاقات ٿي. ان بات مان لکڻ پئي گهريو.
    سڀ کان اول اسانکي جيڪي ماڻهو بمبئي جي دوري تي وٺي آيا هئا ۽ جن جومقصد ڪراچيءَ ۽ بمبئي وچ ۾ سهڪار پيدا ڪرڻو هو ان تنظيم جي انڊيا آفيس وارن همراهن اهڙو ته مصروف پروگرام ٺاهيو هو جو رات جو سمهڻ لاءِ چند ڪلاڪن کانسواءِ باقي يا ته ڪانفرنسون هيون يا مختلف ادارن کي وزٽ ڪرڻ هو يا لنچ هئي يا ڊنر هئي ۽ هر رات موسيقي جو پروگرام هو جنهن ۾ پاڪستاني وفد ۾ شامل ٽينا ثاني به ڳائي پئي ۽ ٻيا مرد فنڪار به حصو وٺن پيا انڪري بمبئي شهر ۾ پنج ڏينهن رهڻ جي باوجود ايترو وقت نه مليو جو گهٽ ۾ گهٽ بمبئي جي سنڌين کي فون ڪري هنن سان ملاقات ڪجي ها.
    مونکي پنهنجي دوست محمد علي پٺاڻ لاڙڪاڻي مان ڪامريڊ سوڀي کان ڪافي سنڌي هندو ليکڪن جا فون نمبر وٺي موڪليا هئا پر انهن سان ڇا رابطو ڪجي جو جيڪڏهن ملڻ لاءِ چوي ته ان کان معافي وٺڻي پوي ان ڪري سوچيم ته “مٺي به ماٺ، ته مٺي به ماٺ” بهر حال ميڊيا ڪانفرنس ۾ دور درشن ٽي وي جو ڊائريڪٽر مڪيش شرما جو آيو ته هن پنهنجي ٽي وي تي هلندڙ هڪ سنڌي پروگرام“سرويچ سنڌي” ۾ اچڻ جي ڪوٺ ڏني ۽ ان سانگي رام جواهراڻيءَ سان ملاقات ٿي جنهن بمبئي جي هڪ هوٽل روز روڊ ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ سڏيو جيڪا هند جي بيحد قابل ماڻهو ۽ قانوندان رام ڄيٺملاڻيءَ جي مان ۾ ٿي رهي هئي. ڇاڪاڻ ته انڊيا جي وزيراعظم هن کي (رام ڄيٺملاڻي کي) راجيا سڀا يعني پارليامينٽ ۾ ميمبر نامزد ڪيو هو رام ڄيٺملاڻي هند جو سابق قانون جو وزير رهي چڪو آهي هن سان منهنجي پهرين ملاقات آمريڪا جي گاديءَ واري شهري واشنگٽن ۾ ٿي هئي جتي هو منور لغاري جن پاران ورلڊ سنڌي انسٽِيٽيوٽ جي پليٽ فارم تان بين الاقوامي سنڌي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ آيو هو.
    مونکي ياد آهي ته رام ڄيٺملاڻي ان موقعي تي ٻه ڪيڏيون اهم ڳالهيون ڪيون هيون، هڪ ته هن پنهنجي تقرير ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين کي بين الاقوامي قانون جي روشنيءَ ۾ “حق خود اختياري” بابت نصيحت ڪندي ٻڌايو ته هن حق ۽ عليحدگي ءَ ۾ وار جيترو فرق آهي، ان ڪري دنيا جي ڪابه رياست پنهنجن ماڻهن کي اهو حق ڏيڻ نه چاهيندي.
    ٻيو هن اسلام جي پيغمبر جو هڪ قول ٻڌايو هو ته “عالم جي قلم واري مس شهيد جي خون کان برتر آهي.”
    ۽ ٽيون ته رام ڄيٺملاڻي وري زاهد مخدوم جو گهرو يار هو سو انڪري هن سان اڃان به ويجهڙائيءَ ۾ ملاقات ٿي هئي، زاهد مخدوم، خالد مخدوم، احمد حسين مخدوم ۽ ثريا مخدوم جو ڀاءُ اڄ ڪالهه ڪئناڊا جي وئينڪور شهر ۾ رهي ٿو ۽ اتي جج آهي.
    سو بمبئي ۾ رام ڄيٺملاڻي سان ملاقات ڪري ڏاڍي خوشي ٿي هن به زاهد مخدوم ۽ منور لغاري کي ياد ڪيو ڪجهه جهونو پئي لڳو پر ساڳيو علم جو ڀنڊار ۽ پيارو ماڻهو.
    اهو پروگرام مالهي ڪلچرل اڪيڊمي طرفان ڪيو ويو سو ان جو سڄو انتطام گوبند مالهي جي ڌيءَ شوڀا چندناڻي ڪري رهي هئي جيڪا هندستان جي ريلوي کاتي ۾ آفيسرياڻي آهي ۽ کيس مشينن جي اوزار ٺاهڻ جي هڪ فيڪٽري به آهي. اڪيڊمي گوبند مالهي جي نانءُ ٺهيل هئي جنهن پنهنجي ڪتاب “ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون” ۾ لکيو هو ته “امان مونکي چوندي هئي ته ڪڏهن جيڪڏهن ڪنهن ذهني بحران ۾ ڦاسي پوين ۽ ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچئي ته ٻن ڪتابن مان ڪو هڪ ڪتاب هٿ ڪري ڪٿان به کولي ويهي پڙهندين ته ذهني بحران مان ٻاهري اچي ويندين اهي ٻه ڪتاب آهن:
    (1) بابا گرونانڪ جو گرو گرنٿ صاحب
    (2) شاهه جو رسالو
    هن پروگرام ۾ اوچتو امر جليل سان ملاقات ٿي جيڪو 15 مئي کان هندستان آيل هو ۽ هتي هن کي ادب تي هڪ اعليٰ ايوارڊ ڏنو ويو هو مونکي ڏسي هميشه وانگي منهنجي ڪنڌ ۾ لڙڪيل عينڪ هٿ سان پاسي ڪري ڇڪي ڀاڪر پاتائين.امر چوندو آهي ته “يار عينڪ ته پري ڪر ته دل دل سان ملي” بمبئي جي هوٽل ۾ ملڻ سان چيائين ته “پاڻ ڪراچي ۾ رهندي به نه ملي سگهندا آهيون ۽ هتي بمبئي ۾ ٿا ملون.”
    بمبئي واري سنڌي ادبي پروگرام ۾ نند جويري، رام بخشاڻي، ڪرشن راهي، ڊاڪٽر ٻلديو بختراءِ مٽلاڻي، هرداس مکيجا (الهاس نگر جو اڳوڻو ميئر) پهلاج نهالاڻي ۽ سريش ڪيسواڻي (منارٽي ڪمشنر) ۽ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي جو لکمي کلاڻي موجود هئا. مان پروگرام پوري ٿيڻ کان ٿورو اڳ ۾ اٿيس ڇاڪاڻ ته اهو ڏينهن 26 مئي جو هو ۽ اسان کي 27 مئي تي واپس ڪراچي ورڻو هو سو مونکي انتظار هو ته واپس ورڻ کان اڳ بمبئي مان ننڍي پٽ امر پيرزادي جي شادي ۾ ڪنوار لاءِ ڪا ساڙهي وٺيون وڃان ٻاهر نڪتس ته نند جويري مليو جيڪو ڪنهن چنتا سان ڪيڏانهن وڃي رهيو هو. هن ٻڌايو ته امر جليل هن وٽ رهيل آهي هن مونکي پنهنجي ڪار ۾ هڪ ٻن ساڙهين جي دڪانن تي وٺي هليو پر دڪان بند ٿي چڪا هئا پوءِ هن مونکي هڪ جاءِ تي ڇڏيو جتان ٽيڪسي ڪري مان پنهنجي هوٽل “تاج محل” اڳوڻو ۽ هاڻي “تاج پريزيڊنٽ” هليو آيس.
    هڪ ڏينهن اڳ تاج هوٽل ۾ هڪ عمر رسيده سنڌي هندو عورت سان ملاقات ٿي جنهن ٻڌايو ته “شيخ ذات جا ماڻهو هڪڙا يهودي ٿيندا آهن ٻيا لوهاڻا ۽ ٽيان عرب شيخ” اتي مون سان گڏ پروفيسر محمد علي شيخ، پرنسپال سنڌ مدرسو ڪراچي به گڏ بيٺو هو ۽ مان سوچي رهيو هوس ته “مان ڪهڙو شيخ آهيان؟” منهنجي ڳوٺ جو نالو “حاجي لعل بخش شيخ” آهي جيڪو مُهين جي دڙي لڳ سنڌو درياهه جي ڪناري تي آباد آهي ڳوٺ تي جنهن ماڻهوءَ جو نالو پيل آهي سو منهنجو سڳو نانو آهي ۽ مان سندس ڏوهٽو هڪ ٻن نسلن کانپوءِ “پيرزادو” ٿي ويو آهيان. ڇا اهو “کڳي مان يقين شاه” وارو معاملو ته ناهي؟ واقعي ويچارا سنڌي پيڙهيل هئڻ ڪري احساس محرومي جو شڪار آهن. “ڪلهوڙا” چون ته اسان “عباسي” آهيون “شيخ” چون ته اسان عرب کان آيا آهيون. هر ٻيو ماڻهو سچو سيد چورائڻ ۾ فخر محسوس ڪري سواءِ ان سوچڻ جي ته خود عربن جو وات سنڌو تهذيب جو ٻڌي پاڻي پاڻي ٿيندو آهي.


    حسن، سنگيت ۽ سرمستي

    مون هڪ دفعي سائين علي احمد بروهي (مرحوم)کان پڇيو هو ته “اهو ڪهڙو راز هو جو اوهان سنڌي ماڻهو ٿي ڪري گڏيل هندستان جي بحري فوج واري بغاوت(Naval Mutiny of (1946 جا ليڊر ٿي ويا هئا؟” ته هن پنهنجي روايتي مزاحيه انداز ۾ جواب ڏيندي چيو هو ته “هڪ ته منهنجا مهانڊا مرهٽن جهڙا هئا ۽ ٻيو مونکي پنجابي ٻولي ڇوٽ ڳالهائڻ ڏانءُ ايندي هئي انڪري مان ليڊر ٿي ويس.”
    ان زماني ۾ مون کي اندازو نه هو ته مرهٽا وصفن ۾ ڪيئن هوندا آهن پر بمبئي شهر ۾ پنج ڏينهن رهڻ سان خبر پئجي وئي ته ڪيتري ويهين سئو آهي.
    23 مئي 2006ع تي جيئن ئي ڪراچيءَ کان ٻن ڪلاڪن جي اڏام کانپوءِ هوائي جهاز بمبئي ايئر پورٽ تي ساڍي 12 وڳي ڌاري لٿو ۽ اسان ٽيهه ڄڻا گروپ جي صورت ۾ ايئر پورٽ اختيارين جهڙوڪ ڪسٽم، اميگريشن وغيره کان ٿيندا سامان چيڪ ڪرائي ايئر پورٽ کان ٻاهر نڪتاسين ته ذري گهٽ ٻنپهرن جا 2 ئي لڳا.
    ٻاهر نڪرڻ سان پهرين فرصت ۾ مون ڪراچي واري گهر فون ڪرڻ چاهي ته جيئن معلوم ڪري سگهان ته منهنجي نُنهن جيڪا ننڍڙي ڌيءَ سان گڏ ڪالهه شام يورپ جي ملڪ آسٽريا جي گادي واري شهر ويانا رواني ٿي هئي سا اُتي خيريت سان پهتي يا نه؟ هو اتي پنهنجي مڙس سان گڏ رهڻ لاءِ رواني ٿي هئي. جنهن کي اسان سڀئي گذريل ڏينهن ڪراچي ايئر پورٽ تي ڇڏي آيا هئاسون. اتي هن جو مڙس يعني منهنجو ٽيون نمبر پٽ زيد احمد پيرزادو مائڪرو بائلاجي ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. هن جو اتي پهچڻ جو وقت 10 وڳي صبح هو، انهيءَ وقت منهنجو جهاز بمبئي لاءِ ڪراچي کان روانو ٿيڻو هو جنهن ڪري موبائيل فون بند رکڻي هئي. گهر وارن کي ته 10 وڳي اها خبر پئجي وئي هئي پر مونکي اها خبر بمبئي پهچڻ کانپوءِ ئي پئجي سگهي پئي سو مون ايئر پورٽ جي ٻاهران اتي جو اتي هڪ پي سي او تي فون ڪري دلجاءِ ڪئي ته قطر ايئر لائين ذريعي دوها ۾ ڊراٻو ڪري هوءَ ويانا خير سان پهچي وئي آهي. جتي هن جو مڙس کيس وٺڻ آيو هو.
    ان کان اڳ ايئر پورٽ تي لهڻ سان مختلف ڪائونٽرن تي مرهٽا مرد ۽ عورتون نظر آيون جن کي ڏسي مونکي ڀٽائي جو هي بيت ذهن تي تري آيو:

    ڪاريون ڪوجهيون ڪُوڙيون مور نه موچاريون
    وٺي ويٺيون واٽ تي کِکِيءَ جون کاريون
    اُنين جون آريون، سَمي ريءَ ڪير سَهي
    دراوڙي رنگ ۽ نسل جا مرهٽا ماڻهو جنگ وڙهڻ ۾ ڏاڍا بهادر (ڇاڪاڻ ته هنن جي شيواجي اورنگزيب کي شڪست ڏني هئي) ڪم ڪار جا محنتي، ايتري تائين جو سموري هندستان جي معاشي ترقي ۾ سندن وڏي ۾ وڏو حصو آهي. وڏي ڳالهه اها آهي ته ڪمپيوٽر جي جهان ۾ انهن ڪارڙن ڪوجهڙن ماڻهن ڏاڍي ترقي ڪئي آهي. سندن عورتون مردن کان وڌيڪ ذهين ۽ محنتي پيون لڳن ۽ پنهنجي مادري ٻولي مرهٽي کان وڌيڪ انگريزي ٻولي ائين پيون ڳالهائن ڄڻ ڄمڻ کان ان سان واهپو هجين.
    چيف منسٽر شري ولاس رائو ديش مُکُ نوجوان سانورو سهڻن وصفن وارو سادي ڊريس پهريل هو. بمبئي پهچڻ سان موٽر ڪارون ۽ وڏيون بسون اسان کي تاج هوٽل تي وٺي ويون جتي اسان سڀني کي نرڙ تي سنڌور جو ريٽو تلڪ هڻڻ لاءِ به خوبصورت نوجوان ڇوڪريون هٿن تي ڏياٽيون ٻرندڙ ٿاليون کنيون بيٺيون هيون اسان جي گائيڊ مسز ڊمپل گانڌي اسان کي هوٽل جي ڪمري جون ڄاٻيون حوالي ڪيون اهي ڄاٻيون لوهه جون نه پر ڪمپيوٽر ڪارڊ جي صورت ۾ هيون جيڪي هوٽل جي ڪمري واري در جي هڪ سوراخ ۾ وجهڻ سان در کلي پيو وڃي. مون اهو سسٽم پهريون دفعو آمريڪا جي شهر شڪاگو جي فاءِ اسٽار هوٽل شيرٽن ۾ ڏٺو هو. تاج محل جنهن جو سڄو نالو تاج پريزيڊنٽ هو سو به فاءِ اسٽار هوٽل هو ۽ دنيا جي وڏن هوٽلن مان هڪ هو. هن هوٽل جو ذڪر ڪيترن ڪتابن، ناولن ۽ سفرنامن ۾ ملي ٿو. سنڌ جو سيد ميران محمد شاهه جيڪو ڀٽ شاهه تي ڀٽائي جي ميلي لڳائڻ ۽ ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر جو بني آهي ان جو چوڻ آهي ته، نه مون کي ڪڏهن بمبئي جي “تاج محل” هوٽل، لنڊن جي “وارچيسٽر هوٽل”، پئرس جي “جارج سنئڪ هوٽل” يا جرمني جي “فرئنڪفرٽ هوف ڪلب” يا مئڊرڊ جي “ڪيفي روزا” جي ماحول ۾ سيني جو سرور ۽ دلي سڪون حاصل ٿيو، جو دائود موچيءَ جي دڪان قاسم کٽيءَ جي ايوان يا برهان لوهار جي دُود مان ويلن جي ويلا ويهي، جهونجهارن جون جنگيون ۽ جلهون، سگهڙن جون ڪويتيون ۽ ڪهاڻيون، شاعرن جون في البعيد وايون ۽ وراڻيون ۽ ٻڍي ڳنڀير جون ڳجهارتون ۽ ڳالهيون ٻڌي حاصل ٿين (ڏسو ص 111 ۽ 112 ڪتاب”ڀٽائي جو ثقافتي ورثو”ليکڪ منظور احمد قناصرو)
    30 ڄڻن واري وفد جي هر ماڻهوءَ کي الڳ ڪمرو هو منهنجو ڪمرو نمبر 320 هو يعني ٽين ماڙ تي جڏهن ته 15 هين ماڙ تي به ڪمرا هئا.هوٽل کي سئمنگ پول، ريسٽوران، ڪمري ۾ ننڍڙي بار، پيئڻ ۽ کائڻ لاءِ مختلف شيون ۽ سڪون باٿ روم ۾ لوشن، شيمپو، ڪريمون، وهنجي پائڻ لاءِ گائون، بيڊروم سلپرس، ٽيليفون ۽ ٻيون سهولتون هيون.
    هوٽل ۾ ڊراٻو ڪري جلدي “جي واءِ ڀون” نالي جاءِ تي وٺي ويا جتي رياست جي وڏي وزير اسان جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي مسٽر ڪمار ڪيٽڪر ايڊيٽر “لوڪ سته” مسٽر ڪي ڪي ڪٽيال پريزيڊنٽ سفما، مسٽر ونود شرما (ايڊيٽر هندستان ٽائمز) ۽ جنرل سيڪريٽري سفما، امتياز عالم سيڪريٽري جنرل سفما، مسٽر چيني ۽ نين پٽيل تقريرون ڪيون. رات جو چيف منسٽر جي ڊنر هئي ڊنر کان اڳ نوشاد جي ياد ۾ سنگيت جو پروگرام هو جنهن ۾ بمبئي مان هڪ ميوزڪ گروپ گهرايو ويو هو اصل ڳائڻي هڪ جنت جي حور جهڙي Teenage ڇوڪري هئي جنهن جوهار سينگار، حسن، ناز وانداز، آواز ۽ هندي، مرهٽي ۽ انگريزي ٽنهي ٻولين تي دسترس ڏسي ۽ هن باڊي لئنگويج پڙهي سمجهه ۾ اچي پيو ته هندستان ۾ موسيقي واري اداري کي ڪيڏي جماليات سان سينگاري ترقي ڏني وئي آهي.
    ان موقعي کي شرف بخشڻ لاءِ دليپ ڪمار ۽ سائره بانو به محفل ۾ موجود هئا جن جو بار بار ذڪر ٿي رهيو هو. دليپ ڪمار ننڍي کنڊ جو Legendary اداڪار آهي ۽ سائره بانو سندس اڃان تائين ساٿياڻي آهي. چوڻ وارا چون ٿا ته لتا کان وٺي بيشمار خوبصورت ۽ نامور عورتون دليپ کي دل ڏيڻ گهرن پيون پر هن پنهنجي دل سائره بانو جي پرس ۾ رکي ڇڏي هئي ان جو فائدو کيس هن عمر ۾ ملي رهيو هو. مون ڏٺو ته سائره بانو، دليپ کي هٿ کان وٺي ڊنر ۾ گهمائي رهي هئي خبر ناهي هن جي نظر خراب هئي يا دل جي تڪليف ڪري هلڻ ۾ تڪليف محسوس ڪري رهيو هو. بمبئي جي نوجوان ۽ حسين ڳائڻيءَ پنهنجي ڏات جو جادو جرڪائي بس ڪئي ته پاڪستاني وفد ۾ شامل ٽينا ثاني ءَ سڄيءَ ماحول جا ٽائر اٿاري ڇڏيا. جڏهن هن مائي ڀاڳي جو لوڪ گيت “کڙي نيم ڪي نيچي.......” سنڌي ڀيروي ۾ ڳاتو ۽ لڳي پيو ته هن جو آواز ڳلي مان نه پر اندر جي پاتال مان نڪري رهيو آهي.
    ان محفل ۾ مهاراشٽر رياست جي وڏي وزير جو پٽ به نمايان هو جنهن تازو اداڪاري شروع ڪئي آهي ۽ ڏاڍي ڪا ڪاميابي ماڻي اٿائين.
    ٻئي ڏينهن هڪ پروگرام ۾ ٽينا ثاني سان منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿي ڪنهن هندستاني ميزبان منهنجي مٿي تي سنڌي ٽوپي ڏسي چيو ته اوهان سڀئي سنڌي آهيو؟ ته ٽينا ثاني تڪڙ ۾ جواب ڏنو ته “مان پنجاپڻ آهيان!” ان وقت مون کڻي چپ ڪئي پوءِ پروگرام کانپوءِ چانهه پاڻي وقت وڃي هن جي ڀر ۾ ويٺس ۽ کيس چيم ته پنجابي ۽ سنڌي توڙي سرائيڪي سنڌو تهذيب جي ساڳي ثقافتي پٽيءَ ۾ ويٺل هڪجهڙا ماڻهو آهن ڇا هنن سڀني کي تبت کان وٺي ڪراچي تائين سنڌي چوڻ تاريخي طور غلط آهي ڇا؟ ان تي خيالن جي ڪجهه ڏي وٺ کانپوءِ ۽ خاص ڪري ڀٽائي جي ذڪر نڪرڻ کانپوءِ هن چيو ته پيرزادا مون کي ڀٽائي جو راڳ پنهنجي لئپ ٽاپ مان ٽرانسفر ڪري ڏي ته مان ٻڌان مون کيس تاڪيد ڪيو ته سنڌو ماٿري جو دائمي درد ڳائڻو اٿئي ته ڀٽائي جو راڳ ٻڌ ۽ ڳاءِ هن ڀٽ شاهه تي به هلڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ۽ وڌيڪ ان سلسلي ۾ ڪراچي پهچي رابطا ڪرڻ جي طئي ٿيو.
    بمبئي جي پنجن ڏينهن واري دوري دوران هر رات ثقافتي ورونهه جو پروگرام هجي، حسن، سنگيت ۽ ناچ مٿان وري موکي جا چڪايل مَٽَ، سرور، مستي، انسان جو پنهنجي انا، ٻهروپي، وحشي جيوت ۽ جانور واري آپي مان نڪري سرمستي ۾ اچي سچل سرمست ٿي پوڻ، ڳالهيون سلڻ نه جهڙيون ۽ ڪرڻ نه جهڙيون ڪرڻ ۽ مهين جي دڙي واري ڪنگ پريسٽ جي اڌ کليل خماريل اکين سان ڊانسنگ گرل کي ڏسڻ!.........۽ صبح جو نارمل انسان ٿي هوش حواس سان سوچي سمجهي هڪ هڪ دليل هڪ هڪ رپئي جيان جمع ڪري پونجي ٺاهي غربت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ٽين دنيا جي ٻن ملڪن جي تقدير تبديل ڪرڻ جا ڏينهن ڏٺي جو جاڳندي خواب ڏسڻ!!!!!!!


    ڏکڻ ايشيا جو خواب

    دنيا جي پنجن کنڊن (ايشيا آفريڪا، يورپ، آمريڪا ۽ آسٽريليا) مان ايشيا کي وري “ڏور اوڀر” (فار ايسٽ) وچ اوڀر (مڊل ايسٽ) وچ ايشيا، وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ورهايو ويو آهي. سائوٿ ايشيا ۾ هندستان، پاڪستان، بنگله ديش، سريلنڪا، نيپال، ڀوٽان ۽ مالديپ شامل آهن. اگسٽ 1983ع ۾ نئين دهلي ۾ انهن ستن رياستن تي ٻڌل هڪ تنظيم “سارڪ” جو بنياد وڌو ويو (SAARC) يعني سائوٿ ايشين ايسوسئيشن فار ريجنل ڪوآپريشن.
    دنيا جو اقتدار ڦرندڙ گرندڙ گولو رهيو آهي اها به هڪ جوا آهي. ڳوٽون اڇلايو ڪَڻِي پوي يا ڇڪو ڀينگ ٿي وڃي يا پئون ٻارنهن اقتدار جو اُٺُ ڪڏهن هڪ پاسي ته ڪڏهن ٻئي پاسي جھُڪي ٿو. برٽرنڊ رسل برطانيا جي فلاسافر ۽ ڏاهي Reflections on Reawakening East عنوان سان هڪ مضمون لکيو هو جيڪو انٽر جي شاگردن لاءِ انگريزي جي پيپر ۾ لازمي هوندو هو. اهو مضمون جيئن ته ڏکيو هوندو هو ان ڪري شاگرد ۽ استاد ٻئي ان کي ڇڏي باقي سبق پڙهي امتحان جي تياري ڪندا هئا. پر مان ماستري واري دور ۾ اڳ ۾ ئي اهو مضمون شاگردن کي پڙهائيندو هوس جيڪو شروع ۾ کين ڏکيو لڳندو هو پر پوءِ ان جهڙو دلچسپ مضمون ٻيو کين ڪونه سُجهندو هو. ان ۾ تفصيل سان ڄاڻايل آهي ته دنيا جو اقتدار مختلف دورن ۾ ايشيا، يورپ ۽ آمريڪا واري عالمي ٽڪنڊي جي ٽن ڪنڊن سان ڪيئن ۽ ڪڏهن ٽڪرائيندو رهيو آهي.
    بهرحال اها حقيقت آهي ته سڀ کان اول عالمي اقتدار ايشيا ۾ آيو ان عالمي اقتدار واري سلطنت جو نالو انڊس ويلي سولائزيشن (سنڌو تهذيب) هئي ۽ ان جي گادي جو هنڌ مهين جو دڙو هو. هڙپا ۽ ٻيا ڪيترائي شهر انهيءَ ڏهه هزار ورهيه پراڻي تهذيب ۾ موجود هئا ان وقت آمريڪا جو کنڊ اڃا ڪولمبس ڳولي ڪونه لڌو هو ۽ يورپ اونداهو کنڊ ليکيو ويندو هو.
    پوءِ چوڻ وارا چون ٿا ته ايشيا جي انهيءَ عظيم تهذيب جو زوال آيو ۽ جنهن طاقت ان تهذيب کي ڪمال ڏنو هو. ان ئي کيس زوال ڏنو يعني سنڌو درياهه جيڪو شِوِ ڀڳوان وانگي تخليق ۽ تباهي، ڄم ۽ موت جو ديوتا آهي Creator, Destroyer and Preserver وري ڪي چون ٿا ته زلزلي جي نتيجي ۾ مهين جو دڙو تباهه ٿيو ته ڪي چون ٿا ته سوين سال لاڳيتو سوڪهڙو ٿيڻ ڪري ماحولياتي خرابي ان جو ڪارڻ هو.
    بهرحال پوءِ ڪڏهن ايشيا ته ڪڏهن يورپ ۽ هاڻي آمريڪا جي ڪلهي تي عالمي اقتدار وارو پکي اچي ويٺو آهي.
    هن وقت ايشيا جي حالت اها آهي ته عرب ماڻهو زمين تي زور سان بوٽ جي کڙي ٿا هڻن ته تيل نڪري پوي ٿو. عربن جو تيل پيٽرو ڊالر ڪمائي ٿو پر عرب ايڏي اٿاهه ملڪيت مان دنيا جي وڏي طاقت ٿي نه سگهيا آهن. ڇاڪاڻ ته هنن عياشيءَ تي پنهنجا جملي پئسا گهوري ڇڏيا آهن، بلڪل سنڌي وڏيري جيان جيڪو ڪراچي جي ڊفينس ۽ ڪلفٽن جي ڪنهن ايئر ڪنڊيشنڊ بنگلي ۾ نچندڙ حسين عورت تان گهورڻ لاءِ هزار روپين واري دستي جي لوهي پن ڪڍي نوٽن جي ٿهيءَ کي ڇت ۾ تيز ڦرندڙ بجليءَ جي پکي ڏانهن اڇلائي هڻندو آهي....پوءِ سڄي هال ۾ ڪڙڪ نوٽن جي ڪڙڪڙ ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ هڪڙا همراهه اٿندا آهن جيڪي اهي نوٽ ميڙيندا آهن. رات جو انهن ماڻهن کي انگريزي ۾ Pimp چئبو آهي جڏهن ته ڏينهن جو ساڳيا ماڻهو پنهنجن پنهنجن علائقن جا “دادا” هوندا آهن.
    سو اهو حال ته ٿيو عربن جو باقي ايشيا ۾ جپان ٽيڪنالوجي واري ميدان ۾ آمريڪا کي به شهه ڏئي ڇڏي آهي ان کانپوءِ چين آهي جنهن اقتصادي ترقي ۾ دنيا جا وڻ وڄائي ڇڏيا آهن. آمريڪا حيران پريشان آهي ته هن جن کي بوتل ۾ ڪيئن بند ڪجي روس جي ٽٽڻ کانپوءِ چين خود بخود سوشلزم کي جھڪو ڪري سرمائيداري کي ٿورو تيز ڪيو آهي ۽ ان جي آبادي ارب کان ٽپي وئي آهي جڏهن ته ٻارن پيدا ڪرڻ جي رفتار ٻڙي ٿي ويئي آهي. انڪري هاڻي چيو وڃي ٿو ته ايندڙ ڏهاڪي دوران چين دنيا جي عظيم اقتصادي طاقت ٿيڻي آهي چين کانپوءِ هندستان آهي جنهن جي آبادي پڻ ارب کان ٽپي وئي آهي ۽ ان جي دعويٰ آهي ته چين جي اقتصادي ترقي جي شرح ڪيتري به وڌيڪ هجي پر هندستان جي معيشيت مارڪيٽ ايڪانومي واري آهي جڏهن ته چين کي عالمي مارڪيٽ ناهي.
    سو چين ۽ ڀارت ٻه وڏا طاقتور سانَ آهن جن جي پيرن ۾ ڪيترا ٻوڙا لتاڙجي ويندا جيڪڏهن اهي پاڻ ۾ وڙهڻ جو ڪر فيصلو ڪندا البت اقتصادي ترقي جي لوڀ ۾ ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي سان “وڙهه گِير” بند ڪري ڇڏي آهي. (“گير لفظ جو مصدر گِرڻُ آهي ڪتو گِرندو آهي ڀونڪڻ کان اڳ)
    ايشيا جي انهن ٽن ملڪن جهڙوڪ چين انڊيا ۽ جپان کانپوءِ ڏکڻ ايشيا جون ننڍيون رياستون پاڪستان، بنگله ديش، سريلنڪا، نيپال، ڀوٽان ۽ مالديپ پڻ ترقي ڪرڻ گُهرن ٿيون.
    انڪري اڄ ڪلهه هڪ سوچ پيدا ٿي آهي ته جيڪڏهن هندستان، ڏکڻ ايشيا جي ٻين ڇهن رياستن سان سهڪار ڪري ته سارڪ ملڪ گڏجي سڏجي شايد ايشيا جي نمبر ون طاقت ٿي سگهن ٿا ۽ چين کان ان ڊوڙ ۾ اڳ ڪڍي سگهن ٿا.
    اهڙي عالمي منظر ۾ شايد آمريڪا کي به دلچسپي هوندي ڇاڪاڻ ته روس کان پوءِ سوشلزم جو ڳڙهه چين رهيو آهي. شايد آمريڪا به چاهيندو هوندو ته ايشيا ۾ هندستان وڏي طاقت ٿئي ۽ چين نه ٿئي انڪري هندستان سان ايٽمي سهڪار جو معاهدو به آمريڪا ڪيو آهي.
    هوڏانهن وري ڏکڻ ايشيا جون ننڍيون رياستون پنهنجي معيشت لاءِ هندستان جهڙي وڏي ۽ اٿاهه مارڪيٽ کي غنيمت سمجهن ٿيون. پاڪستان سوچي ٿو ته هتان جو انب، زيتون، ڪپهه، فٽ بال يا ڪو اوزار، کجور، ڳاڙها مرچ هڪ ارب عوام واري مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيڻ لاءِ وڃن ته ٻيو ڇا کپي؟
    سنڌ جو به ان ۾ فائدو آهي ته جيڪڏهن هندستان وارو بارڊر کلي ٿو ته پنجاب کي مجبوري وچان سستي اگهه تي پنهنجا وکر وڪڻڻ بدران سٺي اگهه تي گجرات، ڪڇ، مهاراشٽر يا اتر پرديش وغيره ۾ وڪرو ڪري سگهجن ٿا. ان سان گڏ ثقافتي مٽا سٽا ادبي اچ وڃ، قديم آثارن جي شعبي ۾ تعاون، هندستان ۾ ڀٽائيءَ جا آثار ۽ سنڌو تهذيب جا اهڃاڻ هٿ ڪرڻ ۾ پڻ هٿي ملندي.
    سو اهو ڏکڻ ايشيا جو خواب آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ هي خطو ايشيا جو ٽائيگر ٿي سگهي ٿو شرط اهو آهي ته سول سوسائٽي هندستان ۽ پاڪستان جي حڪومتن تي دٻاءُ وجهي ته اهي جنگ کان پاسو ڪن. ڪشمير جو مسئلو حل ڪن هٿيارن تي پئسو ضايع نه ڪن ۽ ٻنهي ملڪن جي غريب عوام جي حق ۾ ٻه طرفا لاڳاپا وڌائين. مثال ڪراچي ۽ بمبئي کي ڳنڍڻ لاءِ سنڌوءَ جي ڊيلٽائي علائقي مان ننڍين ٻيڙين ذريعي سنڌو درياهه جي کارين جي سمنڊ سان ملندڙ منهن وٽان سفر ڪري سير ڪريڪ اورانگهي بستا کان ٿيندو پور بندر پهچي اڳتي وڌي بمبئي هليو وڃجي. اهڙي طرح ڪراچي کان سڄي پاڪستان ۽ سنڌ جا وکر سنڌ جي جبلن جون شيون، ٿر جو سامان، انب، کارڪون، زيتون، اجرڪ، جتيون ،ڳاڙها مرچ، ڪپهه، جڙي ٻوٽيون، گرينائيٽ، چيني مٽي ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا کڻي بمبئي جي مارڪيٽ ۾ وڪڻي سنڌ کي آسودو بڻائي سگهجي ٿو ۽ ان سان ڊيلٽائي عوام کي روزگار به ملندو ۽ درياهه جي پڇاڙ ۾ سياحت کي به هٿي ملندي.


    ڪراچي ۽ بمبئي وچ ۾ جهاز راني

    بمبئي ياترا جنهن سلسلي جي ڪڙي هئي سو هو سفما (سائوٿ ايشيا فري ميڊيا ايسوسئيشن) پاران پاڪستان ۽ هندستان جي عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ جي سلسلي ۾ “ڪراچي _ ممبئي مٽا سٽا وارو پروگرام” ان پروگرام مطابق 23 مئي کان 27 مئي تائين ڪراچي مان 30 ڄڻن جو هڪ وفد بمبئي جو دورو ڪري آيو ۽ اڄ جون 10 تي ان جي موٽ ۾ بمبئي مان 35 ڄڻن جو وفد ڪراچي پهچي رهيو آهي.
    هندستاني وفد ۾ برک صحافي، وڏا واپاري، اعليٰ سرڪاري عملدار، سياسي اڳواڻ، فلم انڊسٽري سان تعلق رکندڙ ماڻهو، عورتون ۽ مرد شامل هوندا جن کي هندستان جي سفما واري شعبي جا سرگرم اڳواڻ ڪراچي وٺي ايندا.
    ڪراچي ۾ هندستاني دوستن کي شهر جون ڪيتريون ئي جايون ماڳ مڪان، واپاري مرڪز پريس ڪلب، موهاٽا پئلس (مهتا محل) سامونڊي ڪنارو ۽ ڪي ايم سي توڙي ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري وغيره گهمايا ويندا.
    سنڌ جو وڏو وزير ڊاڪٽر ارباب رحيم آواري هوٽل ۾ شام جو سندن آجيان ڪندو جنهن کانپوءِ ڪراچي ممبئي لاڳاپن جي سياسي واپاري ۽ صحافتي پهلوئن تي صلاح مشورا ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.
    دوري دوران ڪراچيءَ جو ناظم مسٽر ڪمال مصطفيٰ ۽ بمبئي جو ميٽرو پوليٽن ڪمشنر ڊاڪٽر چندر شيڪر ٻنهي شهرن جي ترقياتي رٿائن جا تفصيل بيان ڪندا ۽ ان جو جائزو وٺندا ته ٻنهي شهرن وچ ۾ ان حوالي سان ڪهڙو تعاون ڪري سگهجي ٿو.
    هندستاني وفد کي سنڌ اسيمبلي جو پڻ دورو ڪرايو ويندو جتي ڊپٽي اسپيڪر مس راحيلا ٽوانا سندن مان ۾ ڊنر ڏيندي ان موقعي تي راڳ رنگ جو پروگرام پڻ ٿيندو.
    بمبئي جي دوري دوران ٻنهي شهرن جي تعليمي ماهرن پاڻ ۾ هڪ ٺاهه تي صحيحون ڪيون هيون جنهن جو مقصد ٻنهي شهرن جي شاگردن ۽ استادن کي ٻنهي شهرن جا دورا ڪرائڻ ۽ بمبئي توڙي ڪراچي جي تعليمي سهولتن مان ٻنهي شهرن جي شاگردن ۽ استادن کي فائدو رسائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ هو. ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي بمبئي يونيورسٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي ڪمپيوٽر واري شعبي ۾ تعليم لاءِ ڪا اڳڀرائي حاصل ٿي سگهي.
    اهڙي طرح ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته ڪراچي واسين جي ممبئي واري دوري کانپوءِ ممبئي ڪارن جي ڪراچي واري دوري دوران ٻنهي عظيم واپاري شهرن وچ ۾ ڪو واپاري ٺاهه صحيح ڪيو وڃي. اهڙو ٺاهه ٻنهي شهرن جي پريس ڪلبن، ثقافت وارن کاتن، قديم آثارن وارين اٿارٽين، شهري حڪومتن سامونڊي ڪناري جي سنڀاليندڙن، سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ دلچسپي رکندڙن، الهاس نگر ۽ ڪراچي جي سنڌي آبادين، سنڌي پريس جي مالڪن، صوفي شاعرن ۽ بزرگن جي درگاهن جي رکوالن ۽ عام ماڻهن وچ ۾ پڻ صحيحون ڪيون وڃن جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي شهرن جي تجربن ۽ قابليت کي هڪ ٻئي لاءِ استعمال ڪيو وڃي.
    پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن بهتر انداز سان طئي ٿي سگهندو جڏهن ٻنهي شهرن وچ ۾ آمدرفت يعني اچ وڃ لاءِ بمبئي جو قائونصل خانو ڪراچي ۾ کلي وڃي. جنهن سان ڪراچي واسي بمبئي لاءِ ويزا ڪراچي مان حاصل ڪري سگهن. اڃان به ائين ٿيڻ گهرجي جيئن سفما تجويز ڪيو آهي ته صحافين، ليکڪن، فنڪارن ۽ واپارين لاءِ ويزا ختم ڪئي وڃي.
    ان لاءِ ٻيو اهم ڪم ٻنهي شهرن کي سامونڊي رستي پاڻ ۾ ملائڻ آهي اهو ڪم پڻ هن ئي دوري دوران ٿيڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان ڪنهن حتمي ٺاهه تي صحيح ٿيڻ گهرجي. ان حوالي سان هتي ڪراچيءَ ۾ توڙي بمبئي ۾ اتان جي پريس آڏو مون مشورو ڏنو هو ته ڪراچي بمبئي فيري سروس يعني ٻنهي شهرن کي انڊس ڊيلٽا جي سنڌو درياهه وارين کارين جي تانگهي پاڻيءَ مان ننڍين ٻيڙين ۽ هوڙهن ذريعي پاڻ ۾ ملايو وڃي. جنهن سان ڀاڙو ڪرايو گهٽ ٿيندو، مفاصلو گهٽجي ويندو گهري سمنڊ جي خطرن کان مسافر محفوظ رهندا ۽ وقت به گهٽ لڳندو. ان تجويز جي هندستان ٽائيمس اخبار حمايت ڪئي هئي ۽ ان تي هڪ اسٽوري به ڇاپي هئي. ان حوالي سان به هن ئي دوري دوران ڪو حتمي ٺاهه ٿيڻ گهرجي. ان ۾ ڪهڙين ڌرين کي ملوث ڪري سگهجي ٿو. ان جو تفصيلي جائزو ورتو وڃي ۽ ڪوشش ڪئي وڃي ته ڪنهن وڏي سرمائيدار ڪمپنيءَ کي اهڙو ٺيڪو ڏيڻ بدران اهو ڪم مقامي ماهيگيرن جي مدد سان ڪرڻ گهرجي ته جيئن هنن جي روزگار جي دري به کلي پوي. انڊس ڊيلٽا جي مقامي ماهيگيرن جي روز گذران جي چنتا ڪرڻ انڪري به ضروري آهي ڇاڪاڻ ته سنڌو درياهه ۾ پنجاب پاران پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪرڻ کانپوءِ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ گذريل ٻن ٽن ڏهاڪن دوران پاڻيءَ جو ڦڙو به نه آيو آهي جنهن ڪري سنڌو درياهه جي پڇاڙ ۾ ڪچي واري علائقي توڙي ڊيلٽائي علائقي ۾ ايتري تباهي آئي آهي جنهن جو تصور ڪري نه ٿو سگهجي ۽ ان سان گڏ خود سمنڊ جو قدرتي ماحول به خراب ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ سنڌوءَ جو مٺو پاڻي نه پيو آهي. سو ان پس منظر ۾ انڊس ڊيلٽا ذريعي ڪراچي ۽ بمبئي کي ملائڻ واري ٻيڙي سروس کولڻ سان ڪراچي جي پسگردائيءَ ۾ سياحت کي به هٿي ملندي ۽ انڊس ڊيلٽا جي ڪيترن ٻيٽن تي جيڪي عوامي ميلا لڳندا آهن انهن ۾ ان ڪري به جان پئجي ويندي ڇاڪاڻ ته انهن ۾ هندستاني ماهيگيرين جا پڻ هوڙها شريڪ ٿي سگهندا.
    اها ٻي ڳالهه آهي ته ان لاءِ پاڪستان ۽ هندستان جي واسطيدار اختيارين کي سِيز ڪريڪ واري سامونڊي سرحد طئي ڪرڻي پوندي ۽ ٻنهي ملڪن جي مئري ٽائيم سيڪيورٽي اٿارٽين کي ضمانت ڏيڻي پوندي ته اهي خانگي ماهيگيرن جي هوڙن ۽ انهن جي اچ وڃ تي روڪ ٽوڪ نه ڪندا.
    ڪراچي ۾ پاڪستان نيوي جا آفيسر، سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتو پاڪستان فشر فوڪ فورم ۽ سفما گڏجي سڏجي اهو معامرو طئي ڪري سگهن ٿا جنهن کانپوءِ ڪراچي _ ممبئي فيري سروس تي سيڙپ بمبئي ۽ ڪراچي جي واپارين وسيلي سفما به حاصل ڪري سگهي ٿي.
    سو سفما جنهن انگوڇي وڇائڻ لاءِ هي ميلو لڳرايو آهي ان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ 10 جون کان 14 جون 2006ع تائين وارا پنج ڏينهن سونهري موقعو آهن جنهن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي.


    پاڙي ناهه پروڙ، ته ڪا رات رنجائي گذري ...

    يعني پاڙي وارن کي اها خبر ئي ڪانهي ته ٻئي پاڙيسريءَ جي رات رنج، غم، الم، ڏک يا درد ۾ گذري آهي.
    سسئي پنهون واري عشقيه داستان جي پنجن سرن مان سر حسينيءَ جو هي بيت ڀٽائي هنئين سڄو ڪري چيو آهي.

    پاڙي ناهه پروڙ ته ڪا رات رنجائي گذري
    ٻانڀڻ عشق ٻروچ جي گهائي وڌي گهور
    هڪ سسئي ٻيو سور، ويا پٽيندي پاڻ ۾

    ڀٽائي هي بيت چوندي جڏهن “پاڙي” جو ذڪر ڪيو هو ته هن جي مراد “ڪيچ مڪران، پنهون، ڏير، ٻروچ، آريچا” وغيره هئا يا هن جي معشوق واري ڌر هئي جنهن کي اها ڄاڻ ئي ڪانه هئي ته سندس عاشق جي رات ڪيئن ٿي گذري.
    پر مان جڏهن موجوده دور ۾ ڀٽائي جي انهيءَ بيت ۾ استعمال ٿيل لفظ “پاڙو” لکان ٿو ته منهنجو مقصد “هندستان ۽ پاڪستان” آهي ٻنهي ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن کي سرحد پار جي تمام گهٽ ڄاڻ آهي ۽ اها اڻ ڄاڻائي ئي آهي جنهن ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي کان اڃان به گهڻو پري ڪري ڇڏيو آهي. انڪري جيڪي ماڻهو فرد يا ادارا ٻنهي ملڪن جي ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ گهرن ٿا. انهن جو پهريون مطالبو اهو آهي ته سرحد پار معلومات جي اچ وڃ، علم، ڄاڻ، اخبارون، ڪتاب، رسالا، ليکڪ ، صحافي ۽ عام ماڻهن جي اچ وڃ کوليو ته جيئن 58 سالن جي دُوري آهستي آهستي ختم ٿئي.
    دنيا ۾ پري پري رهندڙ ماڻهو ڀلي اسان جا مسئلا سمجهي نه سگهن پر اسان کي خبر آهي ته سنڌ ۾ مالوند ماڻهو جتي مينهن پوندا آهن اتي مال ڪاهي ويندا آهن ٿر وسي پيو ته ڪاڇي ۽ جبل جا ماڻهو مال ڪاهي ٿر هليا ويندا. ڪاڇو وسيو ته جبل جا ماڻهو هيٺ لهي ايندا. جبل وٺو ته ڪاڇي جا ماڻهو مٿي چڙهي ويندا پر جي ڪٿي به وسڪارو نه ٿيو ته جتان ڪٿان جا ماڻهو ڪچي هليا ايندا ڇو ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌو درياهه جي ڪنارن تي ته ساوڪ هوندي ئي هوندي.
    هتي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ۽ وسارڻ نه گهرجي ته سنڌي سماج مجموعي طور تي زرعي کان وڌيڪ مالوند آهي جنهن کي انگريزي ۾Livestock oriented society چوندا آهن. ٿر هجي، جبل هجي ڪاڇو هجي يا ڪچو هجي يا انڊس ڊيلٽا هجي. عام ماڻهن جي دولت چوپايو مال هوندو آهي. سنڌي ماڻهو زراعت ان ڪري ڪندا آهن ته مال پالي سگهن. هنن جي هر گهرج چوپائي مال وڪڻڻ سان پوري ٿيندي آهي. ٻار جي ڇٺيءَ کان وٺي شادي تائين حياتيءَ کان مماتيءَ تائين ۽ قرضن لاهڻ کان حج ڪرڻ تائين اوکيءَ مهل غريب سنڌيءَ کي چوپايو مال يا ڍور ڪم ايندو. جيڪو وڪڻي ضرورت پوري ڪندو فصل ته لهندو ٽئين يا ڇهين مهيني.
    سو اها ڳالهه ان ڪري نڪتي ته هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ سرحدون بند ٿيڻ سبب ڪيترائي مسئلا پئدا ٿي پيا. مثال ٿر ۾ ڏڪار آ پر راجستان ۾ وسڪارا ٿيا آهن يا صورتحال ان جي ابتڙ آهي ته راجستان ۾ ڏڪار آ ۽ ٿر وٺو آ اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن سرحد کليل هجي ته ڏڪار ڪٿي به محسوس نه ٿئي. ٿر وارا راجستان هليا وڃن ۽ راجستان وارا ٿر هليا اچن.
    ان ڪري دنيا جي سڀني ملڪن وچ ۾ موجود سرحدون کُلڻ گهرجن. ملڪن جون سرحدون بند ڪرڻ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي يا ڀڃڪڙي آهي
    Close borders should be considered as serious Violation of basic human rights every where in the world
    سو سرحدون بند هجڻ ڪري جيئن هندستان جي ماڻهن کي پاڪستان جي خبر ناهي ۽ پاڪستان جي ماڻهن کي هندستان جي خبر ناهي. اهڙي طرح ڪراچي جي ماڻهن کي بمبئي جي خبر ناهي ۽ بمبئي جي ماڻهن کي ڪراچيءَ جي خبر ناهي.
    پر ان صورتحال جو الميو اهو آهي ته 1947ع ۾ جيڪي سنڌ جا سنڌي هندو سرحد پار ڪري لڏي هندستان ۾ وڃي رهيا آهن. انهن کي سنڌ ۾رهندڙ نه سنڌي مسلمانن جي چڱي طرح خبر آهي ۽ نه سنڌي هندن بابت مڪمل ڄاڻ آهي.
    ان حقيقت جو اندازو تازو بمبئي ۾ دور درشن ٽي ويءَ تي انٽرويو ڏيندي به ٿيو. بمبئي ۾ ٿورڙن سنڌين سان ملاقات دوران به ٿيو ۽ 2001ع ۾ آمريڪا جي گاديءَ واري شهر واشنگٽن ۾ رهندڙ سنڌي هندن سان ملي پڻ ٿيو.
    “پاڙي ناهه پروڙ” واري المئي جو ڪارڻ هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ 58 سالن واري دشمني واري فضا به آهي ته دشمن جي خوبين يا خاصيتن جو ته ذڪر نه ڪندو، اهو ته ڪمزورين ،اوڻاين ۽ اوڳڻن جي اپٽار ڪندو. گلا ڪندو نيڪي ته سڄڻ جي ڪبي آهي ڏجڻ جي ته نه ڪبي آهي.
    اهوئي سبب آهي جوسنڌي هندو، سنڌي مسلمان کي “ڄٽ” ڪوٺيندو هو. تازو سنڌ جو هڪڙو قابل هندو سنڌي هندستان ويو ته هن کان پڇا ڪيائون ته “سنڌ جا ڄٽ ڪيئن آهن؟” هن جواب ڏنو ته “هاڻِ اهي ڄٽ نه پر ماهر ٿي ويا آهن ۽ اوهان سنڌ بابت ڄاڻ جي حوالي سان ڄٽ ٿي ويا آهيو!!”
    اهڙي طرح سنڌي مسلمانن ۾ پڻ سنڌي هندن لاءِ تعصب جي تاريخ موجود آهي. مثال هڪ چوڻي آهي ته “ڍءُ جهلي هڪ مينهن ٻيو واڻيو” اهو محاورو سنڌي مسلمانن ۾ مشهور آهي، جڏهن ته سنڌي هندن ۾ اها ساڳي چوڻي هن ريت آهي “ڍءُ جهلي هڪ مينهن ۽ ٻيو گاگڙو ڇڄُ” اها چوڻي مونکي لاڙڪاڻي جي دوست محمد علي پٺاڻ لاڙڪاڻي جي هڪ اهڙي هندو سنڌي عورت جي حوالي سان ٻڌائي جيڪا ڀٽائي جي رسالي جي حافظياڻي آهي.
    سو سنڌي لوڪ ادب ۾ اهڙيون ڪيتريون چوڻيون، پهاڪا، لطيفا، چرچا، ڀوڳ، ٽيڪا ٽپڻيون ۽ ڪهاوتون آهن جن ۾ هندو مسلم ورهاڱو موجود آهي. هي ورهاڱو رڳو سياسي ڪونه هو پر لساني، تاريخي، جاگرافيائي ۽ نفسياتي وغيره به هو، پر جيڪو ڪجهه هيو ان جي پويان اقتصادي ۽ سياسي مفاد پڻ هئا ورنه انسانيت جي ڳالهه ڪبي ته جهڙو سئو تهڙيون پنج ويهون.
    سنڌي مڙوئي سنڌي آهن پوءِ اهي مسلمان هجن يا هندو ڪراچي ۾ رهندا هجن يا بمبئي يا دهلي ۾ اهي درويش ۽ سنت به آهن ته ڌاڙيل ۽ دهشتگرد به آهن. سڄڻ به آهن ته ڏڄڻ به آهن. باقي هونئن پنج آڱريون برابر نه ٿينديون آهن سو دور درشن ٽي وي تي انٽرويو دوران مون کان اهو به سوال پڇيو ويو ته 1947ع ۾ عالم ۽ ودوان سنڌي هندن جي لڏپلاڻ کانپوءِ سنڌي ادب ۽ ٻولي تاريخ ۾ جيڪو خال ٿيو هو سو اڃا ڀريو آهي نه؟
    مون کي جواب ڏيڻ کان اڳ ڏاڍي کل آئي ۽ پوءِ مون محسوس ڪيو ته واقعي سرحدن بند ٿيڻ سبب معلومات ٻنهي پاسن ڏانهن اچڻ توڙي وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ مون کي ياد آيو ته سفما جي سيڪريٽري جنرل امتياز عالم بمبئي جي هڪ ڪانفرنس ۾ تقرير ڪندي صحيح چيو هو ته سفما جو نيوز ليٽر پاڪستان کان هندستان موڪلڻ تي مونکي پنج سو رپيا خرچ ڪرڻا پيا آهن. سو جي اها حالت آهي ته پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڇوٽيون ڪيئن دور ٿينديون؟
    بهرحال مون دور درشن جي ڪمپيئر رام جواهراڻي کي چيو ته ڪاڪي ڀيرو مل ۽ مرزا قليچ بيگ وقت گڏيل هندستان هيو ان کانپوءِ جڏهن ورهاڱو ٿيو ته برابر اسان وٽ خال پيدا ٿيو پر پوءِ جڏهن شيخ اياز پيدا ٿيو، شمشير الحيدري، تنوير عباسي، امداد حسيني ۽ نياز همايوني پيدا ٿيا ته شاعري وارو خال ڀرجي ويو. ڪهاڻي واري خال ڀرڻ لاءِ جمال ابڙو، علي بابا، ماڻڪ، رسول بخش پليجو، شوڪت شورو، امرجليل، نورالهديٰ شاهه ۽ ويندي رسول ميمڻ تائين ڪهاڻيڪار پيدا ٿيا. تحقيق ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ايم ايچ پنهور، عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر الانا، سنديلوصاحب، محمد سومار شيخ ۽ بدر ابڙي وغيره جهڙا ماڻهو پيدا ٿيا. اهڙي طرح ورهاڱي جو خال ڀرڻ کانپوءِ سنڌ جيڪا اڳتي وڌي آهي ان جو اهڃاڻ سنڌي پريس آهي. هند ۾ ته ايڏيون وڏيون سنڌي اخبارون آهن ۽ ايڏا وڏا ٽي وي چينل آهن ان جوسبب اهو آهي ته سنڌ جيڪڏهن قبو آهي ته اسان ان جا مجاور آهيون. هندستان ۾ جملي لڏ پلاڻ ڪري 12 لک سنڌي هندو آيا هئا انهن مان هينئر 2 لک کن زنده آهن جڏهن ته ڇڙوڇڙ ٿي رهندڙ سنڌي هندن جي سڄي هندستان ۾ جملي آبادي ڪن ماڻهن مطابق 35 لک ڪن مطابق 40 لک ۽ ڪي وڌائي ان کي 80 لک به چون ٿا، پر الهاس نگر جي سرڪاري انگن اکرن مطابق جملي آبادي 8 لک آهي پوءِ خبر ناهي ته انهن مان غير سنڌي ڪيترا آهن.
    ۽ سنڌ ۾ سنڌين جي آدم شماري گهٽ ۾ گهٽ اڍائي يا ٽي ڪروڙ آهي سو فرق صاف ظاهر آهي.


    پاڪ_ هند، امن جي ڪُنجي

    وڏن شهرن ۽ وڏن جيلن ۾ ائين ٿيندو آهي. ڪراچي ۽ بمبئي به دنيا جا ٻه وڏا شهر آهن. ڄڻ جهنگل جا بادشاهه مرضي پوين ته انڊا ڏين مرضي پوين ته ٻچا ڏين. 1983ع ۾ سکر جيل ۾ به ائين هو يا ته بئريسٽر کرل جهڙي پ پ جي اڳواڻ کي چيلهه سان اڳڙين جو ٻهارو ٻڌي. ان کي گٽر جي بدبودار پاڻي ۾ آلو ڪري جيل جي مٽي.....هاڻي اڱڻ کي پوچي هڻڻ جي سزا ڏني ويندي هئي ۽ وري جڏهن ايم آر ڊي جي قيدين جي شورش سبب جيل ڀڳو ته ڄڻ سنڌ يونيورسٽي جي انٽر نيشنل هاسٽل ٿي وئي جو ٻاهران هر شيءِ اندر اچي رهي هئي. ريڊيا، ٽيپون، وسڪي، ايتري تائين جو مون زندگيءَ ۾ هرڻ جي سِجي صرف هڪ دفعو کاڌي آهي سا به سکر جيل ۾ ان وقت نصيب ٿي جڏهن مانڌل شر جا مائٽ هن سان ملاقات ڪرڻ آيا ۽ ٺري ميرواهه واري پاسي ۽ اڃا به اوڀر ۾ اڇڙي ٿر مان هرڻ ماري ان جي سِجي کجيءَ جي پنن مان ٺهيل ڇٻيءَ ۾ اخباري پني اندر لڪائي جيل ۾ کڻي آيا.
    سو وڏن شهرن ۽ وڏن جيلن ۾ ائين ٿيندو آهي. بمبئي به وڏو شهر آهي. ان ۾ رهائش لاءِ چورس فٽ زمين جي قيمت چاليهه هزار رپيا آهي ۽ ننڍو فليٽ 5 يا 6 ڪروڙ هندستاني رپين ۾ ملي ٿو. هندستاني رپيو پاڪستاني رپئي کان ڪجهه مهانگو آهي. پاڪستاني رپيا ساٺيڪو کن جيڪڏهن هڪ ڊالر ۾ آهن ته هندستاني رپيا 48 هڪ ڊالر برابر آهن.
    اهو ئي سبب آهي جو بمبئي شهر ۾ 65 لک ماڻهو رستن تي سمهندا آهن ڇاڪاڻ ته ايڏي وڏي شهر ۾ ڇت هيٺيان سمهڻ مهانگو آهي.
    ۽ پوءِ مان سج اڀرڻ مهل فائيو اسٽار هوٽل تاج پريزيڊنٽ جي لگزري اپارٽمينٽ جهڙي ڪمري مان اٿي “ارلي مارننگ واڪ” ڪرڻ لاءِ جيئن ئي هيٺ لهندو هوس ته اهي سُڪل، سيپڪ ۽ سانورا مرهٽا وڏن ماڻهن جي موٽر ڪارين کي ڌوئيندي ۽ شيشي جي گلاس ۾ چانهه پيئندي نظر ايندا هئا.
    هوٽل سان لڳو لڳ هڪ باغ هوندو هو جنهن ۾ صبح جو واڪ ڪرڻ ۽ ورزش ڪرڻ لاءِ ڪيترا ئي مرد ۽ عورتون ٻارن سميت موجود هوندا هئا. واڪ لاءِ خاص رستا ٺهيل هئا ۽ مختلف ورزشن ڪرڻ جا اوزار به موجود هوندا هئا. پر اهي ڏينهن جيڪي مون بمبئي ۾ گذاريا انهن دوران صبح سوير به فضا ۾ اهڙي ته ٻُٽ هوندي هئي ۽ انگريزي وڻن جي بانس ڄڻ ته ساهه منجهائي ڇڏيندي هئي جنهنکي ڏسي وطن جي تانگهه ٿيڻ سان گڏ اهو به احساس ٿيندو هو ته “صبح جو واڪ ڪرڻ جو مزو جيڪو ڪراچي شهر جي گلشن حديد واري علائقي ۾ آهي سو شايد دنيا جي ڪنهن به وڏي شهر ۾ ناهي!!!!”.
    بمبئي ۽ ڪراچي وچ ۾ هڪجهڙايون گندگي، غربت ۽ ڪچين آبادين جي شعبي ۾ آهن. پر ائين به ناهي ته ٻنهي شهرن ۾ جتي ڪٿي اوهان کي گندگي غربت ۽ ڪچي آبادي ملندي. بلڪل ائين جيئن ڪراچي جو ڪلفٽن ۽ ڊفينس وارو علائقو آمريڪا لڳو پيو آهي ۽ باقي شهر آفريقا آهي (سواءِ سائوٿ آفريقا جي جنهن لاءِ منور لغاري پئي ٻڌايو ته جنت جهڙو ملڪ ٺاهي رکيو اٿن) ساڳي طرح بمبئي ۾ مالابارهِل ۽ مئرين ڊرائيو جي اوسي پاسي وارا علائقا ڇڏي “مني رور” جي ڪناري تي وڃبو ته اوهان کي لياري ندي جي ڪناري تي باڪسن جي سائيز جون جھوپڙيون نظر اينديون جن جا ڪاڪوس نديءَ واري پاسي ٻاهر نڪتل هوندا ته جيئن غلاظت سنئون سڌو وڃي نديءَ ۾ ڪري.
    ڊاڪٽر چندرشيڪر جيڪو بمبئي ميٽرو پوليٽين جو ڪمشنر آهي تنهن جڏهن هندستان جي هن شهر جي ترقي بابت پاڪستاني وفد کي Presentation ڏني ۽ چيائين ته اسان ممبئي کي “ورلڊ ڪلاس سٽي” ٺاهڻ جي پلاننگ ڪئي آهي ۽ اسان جو مقابلو ٽوڪيو، نيويارڪ، سنگاپور ۽ ماسڪو سان آهي ته مون اٿي هن کان سوال ڪيو ته “جنهن کي اوهان مِني ندي ٿا ڪوٺيو ان جا ڪنارا ياد ڪري مون کي هاڻي به اٻڙڪا ٿا اچن سو اهڙي ماحول ۾ اوهان بمبئي کي ورلڊ ڪلاس سٽي ڪيئن ٺاهي سگهندو؟” ته هن وارڻيو ته “سر! اوهان ٻئي دفعي هن شهر ۾ گهمڻ لاءِ ايندءُ ته ان علائقي ۾ رنگ برنگي گلن کانسواءِ اوهانکي ٻي ڪاشيءِ نظر نه ايندي.”
    مون “لٻاڙي ڪلچر” کي ذهن ۾ رکي سوچي ڏٺو ڇاڪاڻ ته اسان اترادي سنڌي لٻاڙ هڻڻ جا ماهر هوندا آهيون ۽ اهڙا ڦرڙاتي هوندا آهيون جو ڪنهن لاڙي ماڻهوءَ کي ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ڪچو کائي وڃون. پر مون کي سنجيدگي سان نظر آيو ته ڊاڪٽر شيڪر ڪوڙ نه پئي ڳالهايو. سڄي شهر جي هر جاءِ کوٽي پئي هئي. هر جاءِ تي ڪم هلي رهيو هو ۽ ائين پئي لڳو ته ممبئي ننڍڙو نيو يارڪ اڏجي رهيو آهي. اسان هنن کان پڇيو ته هي پئسا ڪٿان ٿا اچن ته هن وراڻيو ته اهي دنيا جي ملٽائي نيشنل ڪارپوريشن جا پئسا آهن يعني بين الاقوامي خانگي ڪمپنين جي مدد سان هو دنيا جا عظيم شهر ڊاهي رهيا آهن جنهن کانپوءِ اهي پئسا آهستي آهستي قرض واپس ڪري لاهيندا. جيئن ڪا ڪار پارڪنگ ٺاهجي ۽ ڪار بيهارڻ جي في وٺجي ۽ ان مان اهو قرض لاهجي جنهن مان اها جاءِ ٺاهي وئي آهي بهرحال بمبئي پاڻ به شاهوڪار ملڪ آهي ايتري تائين جو سڄي هندستان جي آمدني جو 55 سيڪڙو هن بحري بندر تان اچي ٿو.
    اسان جو ڪراچي شهر به ايترو ئي شاهوڪار آهي پر اسان وٽ پئسي خرچ ڪرڻ جا شعبا ٻيا آهن. اسان ڏينهن جو ڦٽاڪا ساڙيندا آهيون، رات جو عياشيون ڪندا آهيون ۽ باقي ڏينهن ٽريفڪ جام هئڻ ڪري وچ روڊ تي بيٺا هوندا آهيون. جيسيتائين آفيسن جو ٽائيم ختم ٿي وڃي. اهڙي طرح اسان جو ڪوبه ڪم نه ٿيندو آهي. حڪومتون “ڪنگ ميڪرز” ٺاهيندا آهن. عوام کي رڍن ۽ ٻڪرين وانگي واڙي ڇڏبو آهي. وسڪارا ٿيا ۽ گاهه ڦٽو ته کائيندا نه ته پنهنجي نصيب کي چون ميان نواز شريف ته هڪڙي دفعي صاف صاف چيو هو ته “گاهه کائينداسين پر ايٽم بم ضرور ٺاهينداسين”.
    هڪ طرف پاڪستان جو جنگي هٿيارن بابت مواد موڊ ڪجهه اهڙو آهي ۽ ٻئي طرف هندستان تازو آمريڪا سان ايٽمي ٺاهه ڪري ورتو آهي. ٻنهي ملڪن وٽ اڳيئي ايٽمي بم موجود آهن جنهن ڪري سڄي دنيا کي تشويش آهي ته ڏکڻ ايشيا کي مڪمل بربادي کان بچائڻ لاءِ ان کي نيوڪليئر فري زون Nuclear Free Zone قرار ڏنو وڃي.
    اها ٻي ڳالهه آهي ته بمبئي جي مئرين ڊرائيو تي سامونڊي ڪناري سان لڳندڙ پاڻي جي ماٺي آواز ۾ مون کي امن جي آس نظر آئي ۽ ڀٽائي جي سٽ ياد آئي ته:
    ڪي جو ڪُن ڪرين،ڀنيءَ ڀُڻ جهُڻ پاڻ ۾
    ۽ اتي ويٺل جوڙا جنهن شانت واري ماحول ۾ هڪ ٻئي سان پيار ونڊي رهيا هئا تن کي بم ته ڇا پر ڦٽاڪي جو آواز به نه ڀائيندو.
    ساڳئي صورتحال پاڪستان جي آهي. هتي به ماڻهو امن چاهين ٿا جنگ نه ٿا گهرن ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ آهي. سنڌ ڀٽائي جي ڌرتي آهي جنهن چيو هو:
    رُس مَ رسڻ گهوريو،رات مَ رَندِ
    سڄڻ لئه چنڊ، اَور ته ٺرن اکيون
    ڀٽائي سنڌ ۾ امن ۽ سڪون جو اهڙو ماحول چاهي ٿو جهڙو رات جي پوئين پهر چنڊ لهڻ واري سمي محسوس ٿيندو آهي. اهڙو سمو جنهن ۾ “اور ته ٺرن اکيون” جهڙا هلڪڙا ۽ ٿڌا آواز آهن. ترش آوازن جا لفظ به استعمال ٿيل ناهن.
    هوڏانهن پاڪستان مان 30 ڄڻن جي وفد بمبئي ۾ وڃي جيڪي تقريرون ڪيون انهن ۾ ٻنهي ملڪن ۽ ٻنهي شهرن وچ ۾ امن جا مطالبا دهرايا ويا. صبيح الدين غوثيءَ چيو ته مان بمبئي جي فلاڻي اسپتال ۾ ڄائو هوس. لورن ڊي سوزا “شهري تنظيم” واري چيو ته ڪراچي ممبئي ۽ گوئا ۾ منهنجا رت جا رشتيدار رهن ٿا وفد ۾ شامل ڪيترن واپارين جا بمبئي ۾ گهر ۽ ڪاروبار هئا. ٻيو ته ٺهيو پر قائد اعظم محمد علي جناح جيڪو باباءِ پاڪستان آهي اهو ڀلي ته جھرڪن ۾ ڄائو ۽ ڪراچي جي وزير مينشن ۾ وڏو ٿيو پر هن وڪالت وارو سمورو عرصو ممبئي ۾ گذاريو ۽ وڏي محنت سان وڪالت واري پيشي ۾ نالو ڪڍرايو.
    اهڙي طرح جڏهن 35 ڄڻن جو وفد ممبئي مان ڪراچي آيو ته هنن ڏاڍيون جذباتي تقريرون ڪيون. ڪنهن چيو ته منهنجو خواب آهي ته منهنجو پٽ ممبئي کان ڪراچي اچي ته هن کي ويزا جي ضرورت محسوس نه ٿئي. ڪنهن چيو ته ٻنهي شهرن جو عوام هاڻي ٻنهي حڪومتن تي ڪنٽرول ڪري پنهنجي حڪومت قائم ڪئي آهي ۽ ٻنهي شهرن جي وچ ۾ امن قائم ڪرڻ جو آخري فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو Irreversible آهي يعني جيڪو واپس ٿي نه ٿو سگهي.
    اهڙين دل خوش ڪندڙ جذباتي تقريرن کانپوءِ سنڌ جو وڏو وزير ڊاڪٽر ارباب رحيم ڊائيس تي آيو ۽ جنهن کي اردو ۾ “دوٽوڪ” انداز چئبو آهي. ان ۾ ڳالهائيندي چيائين ته “جيسيتائين ڪشمير مسئلو حل نه ٿيندو تيسيتائين پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ امن قائم ٿيڻ محال آهي.” هن چيو ته “صدر پرويز مشرف هندستان سرڪار کي هڪ کان وڌيڪ حل تجويز ڪيا آهن ته جيئن ڪشمير جو مسئلو حل ڪيو وڃي. هندستان ۽ پاڪستان جي امن لاءِ جاکوڙيندڙ سفما وارن وفدن کي صلاح ڏني ته جيڪڏهن واقعي اوهان امن گهرو ٿا ته خاص ڪري هندستاني وفد ۾ شامل ماڻهو پنهنجي حڪومت تي زوري ڀرين ته ڪشمير جو مسئلو حل ٿي سگهي. ڊاڪٽر ارباب هڪ مثال ڏيندي ايئن به چيو ته “تازو اسان کوکرو پار ريلوي لائين کولي آهي جنهن تي ڪافي خرچ آيو آهي ۽ هندستان سان اچ وڃ شروع ٿي آهي پر تازو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿورڙي به ڇڪتاڻ ٿي هئي ته محسوس پئي ٿيو ته اهي سڀ پئسا ضايع نه ٿي وڃن ۽ اها ريلوي لنڪ بند نه ٿي وڃي.”
    آخر ۾ سنڌ جي وڏي وزير جنهن جا اسلام آباد سان گهاٽا ناتا آهن تنهن البته اها ڳالهه ضرور ڪئي ته “جيڪڏهن عوام جي دٻاءُ هيٺ برلن جي ديوار ڪري سگهي ٿي ته هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ به امن قائم ٿي سگهي ٿو.”
    سو هندستاني وفد ڪراچي واري دوري دوران ٿيل ڳالهيون ۽ سنڌ سرڪار جو موقف ٻڌي مونکي محسوس ٿيو ته هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ امن قائم ڪرڻ واري ڪُنجي اڃا تائين هڪ مضبوط ٽجوڙيءَ ۾ بند پيل آهي. ٻنهي ملڪن جي امن کي 58 سالن کان لڳل تالي تي جيڪي مينهن پيا آهن انهن جي ڪري مٿانئس ڪافي ڪَٽُ لڳي چڪي آهي. خبر ناهي جنهن ڏينهن ٽجوڙي مان امن جي ڪنجي نڪرندي ۽ ان سان امن کي لڳل قلف کولڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته قلف الائي کلندو الائي نه!!!!!!!!!!؟؟؟؟؟؟؟؟؟
    مونکي ناميدي سان سوچڻ نه گهرجي پرمنهنجي ذهن تي هڪ خيال اهو به اڀري آيوته ايوب خان تاشقند ڊڪليئريشن تي صحيح ڪئي ته هن جي حڪومت خلاف مرحوم ڀٽي تحريڪ هلائي. يحيٰ خان اقتدار ۾ آيو ته ملڪ ٽٽي ويو، بچيل پاڪستان ۾ ڀٽي صاحب جي حڪومت آئي. هن مسز اندرا گانڌي سان ملاقات ڪري 90،000 جنگي قيدي آزاد ڪرايا فتح ڪيل علائقا خالي ڪرايا ۽ بنگله ديش کي تسليم ڪيو ويو ته هن جو تختو اونڌو ڪيوويو ان کانپوءِ افغان جهاد جي اجوري طور شاهدي غائب ڪرڻ لاءِ جنرل ضياءَ جو جهاز ڪيرايو ويو، جنهن کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو حڪومت ۾ اچي راجيو گانڌي سان ملاقات ڪئي ته هن جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو. جنهن کانپوءِ پنجابي وزير اعظم ميان نواز شريف آيو جنهن واجپائي کي بس سميت هندستان مان دعوت ڏئي گهرايو ته سندس اقتدار هليو ويو ۽ هاڻي جڏهن جنرل پرويز مشرف ڪارگل جنگ کانپوءِ هندستان سان صلح صفائي جو اعلان ڪيو ته مٿس هڪ کان وڌيڪ قاتلاڻا حملا ٿيا.


    نفرت جي ديوار

    ننڍي کنڊ يا گڏيل هندستان جو ورهاڱو جيڪو 1947ع ۾ ٿيو. ان جو ماحول 711ع کان جڙڻ لڳو هو جڏهن عربن سنڌ فتح ڪئي هئي. ڏکڻ ايشيا ۾ مسلمانن جي آمد اٺين صدي عيسوي جي ابتدا ۾ سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ ئي ٿي. البته سينٽرل ايشيا کان مسلمان صوفي بزرگ قلندر شهباز ۽ هن جا همعصر گهڻو اڳي سنڌ ڏانهن هجرت ڪرڻ لڳا هئا ۽ اسلام انهن پکيڙيو هو، محمد بن قاسم ته رڳو جنگ کٽي هئي.
    اسلام جي اثر هيٺ سڀ کان اول بنگالين پنهنجي وطن بنگال جو ورهاڱو 1905_06۾ ڪيو 1911ع ۾ انگريزن انهيءَ ورهاڱي کي (اولهه بنگال ۽ اوڀر بنگال) کي ختم ڪيو. 1931ع ۾ مسلم ليگ جو قيام لنڊن جي هڪ هوٽل ۾عمل ۾ آيو. 1945ع ۾ ٻي مهاڀاري جنگ پوري ٿي جيڪا 1939ع ۾ شروع ٿي هئي. ٻي مهاڀاري جنگ جي پوري ٿيڻ کان ٻه سال پوءِ 1947ع ۾ انگريزن گڏيل هندستان کي ورهائي آزاد پاڪستان ۽ آزاد هندستان نالي ٻه ملڪ ٺاهيا.
    اهو ورهاڱو ڇو ٿيو؟ ان بابت مختلف تجزيا آهن:
    ◙ مهاتما گانڌي جي سول نافرماني واري تحريڪ انگريزن کي ننڍي کنڊ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو.
    ◙ 1945ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي پوري ٿي ته ان ۾ آمريڪا ۽ برطانيا سوڀ حاصل ڪئي جڏهن ته جرمني جي هٽلر هار کاڌي ۽ خود ڪشي ڪئي. برطانيه جيئن ته ان عالمي جنگ ۾ اولهه پنجاب جا وڏي پئماني تي سپاهي ڀرتي ڪيا هئا سي جڏهن جنگ تان سوڀارا ٿي موٽيا ته هنن مطالبو ڪيو ته جيئن ته اهي مسلمان آهن ۽ هندن سان گڏ رهي نه ٿا سگهن. ان ڪري کين به جدا ملڪ ٺاهي ڏنو وڃي. ان سلسلي ۾ برٽش انڊيا جي فوج ۾ بغاوت به ٿي جنهن کي (1946ع واري بحري فوج جي بغاوت) Naval Mutiny of 1946 سڏيو وڃي ٿو. جنهن جو سربراهه مرحوم علي احمد بروهي ٿيو هو. پوءِ جڏهن اها بغاوت ڪچلي وئي هئي ۽ ان جي باغي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو تڏهن علي احمد بروهيءَ کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي وئي هئي. ڦاسي جي اها سزا انگريزن وڏي دٻاءَ کانپوءِ واپس ورتي هئي. جڏهن مهاتما گانڌي، نهرو ۽ هندستان جي مرڪزي سياستدانن توڙي بين الاقوامي سطح تي مطالبا ڪيا ويا هئا ته علي احمد بروهيءَ جي ڦاسي واري سزا معاف ڪري هن کي آزاد ڪيو وڃي. مرحوم هڪ انٽرويو ۾ مونکي ٻڌايو هو ته “منهنجي پٺيءَ جي کل ڳري وئي هئي ڇاڪاڻ ته اسان کي بحري جهازن جي تهه خانن ۾ سخت قيد جي سزا ڀوڳڻي پئي هئي.”
    آخر ڪار بروهي صاحب هيرو ٿي قيد مان آزاد ٿيو هو بس اهي انگريز هئا جن ۾ ڪجهه نه ڪجهه سياسي اخلاق هو پر جي جنرل ضياءَ جي هٿ ۾ هجي ها ته بروهي صاحب ڦاسي کائي وڃي ها. سو پاڪستان ٻي مهاڀاري جنگ تان موٽندڙ پنجابي سپاهين کي تحفي طور ٺاهي ڏنو ويو.
    ٽين راءِ اها هئي ته خود هندستان جي قيادت جڏهن حساب لڳائي ڏٺو ته اولهه ۽ اوڀر پنجاب جي فوج جملي هندستان جي فوج جي 50 سيڪڙو کان مٿي آهي ته هنن سوچيو ته اها فلم ڳچيءَ ۾ پئجي ويندي ۽ هڪ ئي نسل جي فوج ۾ اڪثريت مارشلائي ڪلچر پيدا ڪندي ان ڪري هنن ورهاڱي کي قبول ڪيو. جنهن ڪري اولهه پنجاب جي فوج پاڪستان جي حصي ۾ اچي وئي ۽ اوڀر پنجاب جي فوج جو وقت گذرڻ سان سيڪڙو گهٽائي چون ٿا 11 سيڪڙي تائين پهچايو ويو آهي ڇاڪاڻ ته هندستان جي ٻين قومن جي ماڻهن کي به فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويو آهي. اهڙو تجزيو آمريڪا جي هڪ ٿنڪ ٽينڪ ڪيو آهي.
    ان کان علاوه اهو به چيو ويندو آهي ته انگريزن “ورهايو ۽ راڄ ڪيو” جي اصول هيٺ گڏيل هندستان تي راڄ ڪري ويندي ويندي ان کي ورهائي ڇڏيو.
    پر اها به حقيقت آهي ته گڏيل هندستان ۾ جڏهن رڳو هندو ڌرم هوندو هو ته سڀئي ماڻهو ڄڻ ته هڪ مذهب جا هئا. ڀلي پوءِ ٻڌ ڌرم، جين ڌرم، ذات پات سبب شودر وغيره اندر ۾ ناخوش هئا. دراوڙن ۽ آرين جا تضاد به هئا سو ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته 1947ع واري ورهاڱي جي تاريخ هڪ طويل ڪهاڻي آهي ۽ ان جا ڪردار، ان جا باني سانڊي جيان رنگ مٽائيندا رهيا آهن، جيڪي هيرو هئا بعد ۾ تن کي غدار قرار ڏنو ويو ۽ جيڪي غدار هئا سي بعد ۾ هيرا ٿي ويا.
    علي احمد بروهي نيوي بغاوت جو سرواڻ هو ته سوڀو گيانچنداڻي ڪراچي بندر روڊ تي جامع ڪلاٿ مارڪيٽ وٽ لٺيون کاڌيون پر پاڪستان سرڪار وٽ ٻنهي اڳواڻن جي فائلن ۾ ڇا لکيل آهي. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته سوڀي کي ته لاهور جي شاهي قلعي ۾ ٽارچر پڻ ڏنو ويو.
    سو ڳالهه اصل ۾ اها اهي ته 1947ع وارو ورهاڱو هڪ خوفناڪ عمل هو جنهن ۾ بنگالي ۽ پنجابي اڳرا هئا ان کانپوءِ پٺاڻ جذباتي هئا. بلوچ ته 1947ع ۾ پاڪستان جو حصو ئي ڪونه هئا. سال پوءِ 1948ع ۾ فوجي ايڪشن ذريعي خان آف قلات کي زوريءَ پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو هو.
    اهوبه تاريخ جو انوکو عمل آهي ته جيترو بنگالين کي پاڪستان ٺاهڻ جو شوق هو هو سزا به کين ايتري ملي ٻئي نمبر تي سزا سنڌين کي ملي جن 1938ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪيو. جنهن کي بعد ۾ 1940ع وارو لاهور جو ٺهراءُ سڏيو ويو ۽ جنهن ماڻهوءَ اهو ٺهراءُ پاس ڪرايو تنهن هٿڪڙين ۾ وفات ڪئي.
    سو اهو ته ٿيو ورهاڱي جو سياسي پهلو پر ورهاڱي جو مذهبي ۽ ثقافتي پهلو به هو. ڪامريڊ سوڀو چوندو آهي ته هندو ۽ مسلمانن ۾ بنيادي 4 فرق آهن.
     هندو لاش کي ساڙين ۽ مسلمان پورين.
     هندو ڳئون ماتا جو گوشت نه کائن ۽ مسلمان کائن
     مسلمان سئوٽ ماسات سان شادي ڪن ۽ هندو انهن کي ڀيڻ تصور ڪن
     هندو ختنو يا طهر نه ڪرائن ۽ مسلمان ڪرائن.
    هن سموري بحث ۽ تاريخي حقيقت ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾جيڪا نفرت جي ديوار صدين کان تعمير ڪئي وئي آهي ان جو ڪو جواز هو پر هاڻي ان کي ڊاٺو وڃي. سفما کي پڻ ان ايجنڊا تي خاص زور ڏيڻ جي ضرورت آهي. مونکي بمبئي جي دوري دوران ۽ جڏهن ڪراچيءَ ۾ بمبئي جو 35 ڄڻن جو وفد دوري تي آيو ته ٻنهي ڌرين مان ڪيترن اهڙن ماڻهن جون تقريرون ٻڌي اندر ۾ کل پئي آئي ڇاڪاڻ جو مونکي اندازو هو ته اڄ جيڪي ماڻهو “هندو مسلم ڀائي ڀائي” جا نعرا هڻي رهيا آهن سنڌ ۾ خونريز فساد انهن جي اچڻ کانپوءِ ئي ٿيا هئا.
    سو اها به تاريخي حقيقت آهي ته ڀلي سنڌي هندو، سنڌي مسلمانن کي ڄٽ، چوندا هجن ۽ ڀلي ته سنڌي مسلمان سنڌي هندن کي “يهودين” جهڙا لقب ڏيندا هجن پر مغربي دنيا جي جملي مصنفن ان ڳالهه جو چڱي طرح اقرار ڪيو آهي ته هندو مسلم فساد سڄي ننڍي کنڊ ۾گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ ٿيا هئا ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ مذهبي ڪٽرپڻو گهٽ آهي.
    مونکي ذاتي طور تي خبر آهي ته منهنجي ڳوٺ ٻلهڙجي (لڳ مهين جو دڙو تعلقو لب درياهه، چانڊڪو پرڳڻو) مان ڪيترائي هاري پنهنجي ڏاند گاڏيءَ تي سون پاتل سنڌي هندو عورتن کي سندن مردن سان گڏ رات وڳڙي حفاظت سان ويجهي ريلوي اسٽيشن تي پهچائي آيا هئا ته جيئن اهي حفاظت سان هندستان هليا وڃن ۽ منهنجي ڳوٺ ۾ ائين به ٿيو هو (جيڪو مون ڳوٺ وارن کان ٻڌو هو) ته ڪيترن سنڌي هندن پاڙي جي سنڌي مسلمانن کي وڏي واڪي ٿي چيو ته “ڀائي اڃا ته اسان ويٺا آهيون. سڀاڻي وينداسين اوهان اڄ ئي اسانجو سامان ڇو ٿا کنيون وڃو!” ٻيلي ڊڄو ان ڏينهن کان جو اسان جهڙو حشر اوهان جو به ٿئي اهو حشر 1988ع ۾ اسان برابر ڪراچيءَ ۾ سنڌين وستين سان ٿيندي ڏٺو.
    سو اهي تاريخ جون اهڙيون حقيقتون آهن جن تي پردو ڏيڻ سان نه سج ڍڪجي ويندو ۽ نه ڪوڙ چٽو ٿي نظر ايندو. سائوٿ ايشيا فري ميڊيا ايسوسئيشن (سفما) واري نالي ۾ لفظ “فري ميڊيا ” ۾ جي سنڌي معنيٰ “صحافتي آزادي” “سچي صحافت”، “اخباري حقيقت” ۽ “سارو سچ” آهي.
    سو برک هندستاني دانشور ،ليکڪ ۽ صحافي ايم جي اڪبر صحيح لکيو هو ته

    “Rivers of blood started flowing when cow was converted into beef”
    (جڏهن “ڳئون ماتا”کي(ڪهي کائڻ لاءِ)”وڏي گوشت” ۾ تبديل ڪيو ويو تڏهن ننڍي کنڊ جون نـــــديون رت سان وهڻ لڳـــيون هيون)

    بهرحال ان ۾ ڏوهه نه هندن جو هو ۽ نه مسلمانن جو ٻئي مجبور هئا پنهنجي مذهب ۽ روايتن سبب هندن سان ويڌن ته اها هئي ته اهي مُهين جي دڙي واري زماني کان سنڌي هئا بعد ۾ جڏهن انهن مان ڪي ماڻهو مذهب مٽائي ٻڌ ٿيا يا جين ٿيا يا مسلمان ٿيا ته ان حقيقت کي هو تڪڙ ۾ تسليم نه ڪري سگهيا ان صورتحال کي بيني پرساد جي ڪتاب (India's Hindu-Muslim Questions) ۾ تفصيل سان روشني وڌل آهي جنهن کي پڙهي مونکي احساس ٿي رهيو هو ته جيئن هندن هندستان ۾ مسلمانن کي تسليم ڪرڻ ۾ بخل ڏيکاريو ائين جيڪڏهن سنڌين سنڌ ۾ مهاجرن سان ڪيو ته پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ به 1947ع پيدا ٿي سگهي ٿو(خدا نه ڪري!!!!)
    ان قسم جو هندو_مسلم فرق ڏسي خود گڏيل هندستان جي ڪميونسٽ پارٽي ورهاڱي کي قبول ڪيو هو ان جو اکين ڏٺو شاهد ڪامريڊ سوڀو حال حيات آهي جيڪو چوندو آهي ته “اسان انگريزن کان آزاد هندستان ۾ آزاد پاڪستان جي گهُر ڪئي هئي.”
    اها صورتحال باوجود ان جي خاص ڪري سنڌ ۾ برقرار آهي ته هزارين سالن کان هندو ۽ مسلمان سنڌ ۾ گڏجي رهيا آهن. هڪ ٻئي جي ڏڻن ۾ شريڪ ٿيندا رهيا آهن. ايسيتائين جو ڪيترن مندرن جون تقريبون تيسيتائين مڪمل نه ٿينديون آهن جيسيتائين پاڙي وارا مسلمان چڱا مڙس نه ايندا آهن.
    سو ڳالهه دراصل اها آهي ته سنڌ ۾ ڌرمي محبت قديم روايت طور موجود هئي. ان کي جديد دور جي سياسي مصلحت پسندي ۽ اقتداري حوس واريءَ موقعي پرستي گدلو ڪري ايترو خراب ڪيو جو ڳالهه وڃي خون خرابي تائين پهتي. بهرحال اهوئي سبب هو جو مان بمبئي جي دوري دوران وفد ۾ شامل ذهين مردن ۽ عورتن کان بار بار اهو سوال پڇندو رهيس ته هاڻي جيڪڏهن اوهان هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ واپار ۽ دوستي چاهيو ٿا ته پوءِ اوهان 1947ع ڇو پيدا ڪيو؟؟؟
    ۽ مونکي ان حوالي سان جيڪي جواب مليا انهن مان مونکي اندازو ٿيو ته واقعي 58 سالن کان پوءِ اڳي جو ڏتڙيل مسلمان واپاري هاڻي ايترو مضبوط ٿي چڪو آهي جو هو هندستاني سيٺ سان وڻج واپار ڪري سگهي. ٻيو هن جو مفاد ان ۾ به آهي ته هو صرف ٽي وکر برآمد ڪري ٿو ۽ انهن لاءِ هن کي هڪ ارب آدم وارو وسيع مارڪيٽ ملي وڃي ته کيس ٻيو ڇا گهرجي ۽ ٽيون آمريڪا جو به اهو ارادو آهي ته ڏکڻ ايشيا جي سڀئي ملڪ گڏجي پون ته چين کي دنيا جي نمبر ون طاقت ٿيڻ کان روڪي سگهجي.
    سو دنيا جو جيڪو نئون وايو منڊل جڙيو آهي ان ۾ زندهه رهڻ لاءِ جيئن ديوار برلن کي ڊاٺو ويو آهي تيئن هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ نفرت جي ديوار کي ڊهڻو پوندو. برلن واري ديوار ته خير ان ڪري هٽائي وئي جو سوويت يونين ٽٽي ويو جيڪو اڀرندي يورپ کي ڪميونسٽ ڪري هلائيندو هو ۽ آمريڪا الهندي يورپ جي سرمائيدار قوت طور همت افزائي ڪندو هو. اهاٻي ڳالهه آهي ته يورپ جي ٻنهي حصن وچ ۾ ساڳي ڪلچر ۽ يورپي قومپرستي وارو جذبو موجود هو. جنهن ديوار برلن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته گڏيل يورپ جو سڪو جنهن جو نالو “يورو” آهي هاڻي آمريڪا جي ڊالر کان به مهانگو ٿي ويو آهي. سو جيڪڏهن هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ نفرت جي ديوار ڀڄي پوي ۽ سموري ڏکڻ ايشيا ملي ڪري هڪ سڪو رائج ڪري ته اهڙو سڪو يورو، ڊالر ۽ يين (چين) جي سڪن جيترو مضبوط ٿي سگهي ٿو.
    بهرحال پاڪ _ هند نفرتي ديوار ڊاهڻ لاءِ ڪنهن غير معمولي ڀڃ ڊاهه جي ضرورت به ناهي بس ٿورو “بزنس مائينڊ” ٺاهڻو آهي ڇاڪاڻ ته اهو پڻ هڪ اهم اقتصادي اصول آهي ته جيڪي ملڪ پاڻ ۾ سيڙپ ڪندا آهن ۽ هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ پئسا لڳائيندا آهن سي هڪ ٻئي سان جنگيون نه ڪندا آهن. آمريڪا اڄ ڪلهه چين ۾ ڌڙا ڌڙ سيڙپ ڪري رهيو آهي انڪري اهو چين تي ڪڏهن به حملو ڪرڻ نه ٿو گهري ۽ چين پڻ اعلان ڪيو آهي ته اهو اڄ کانپوءِ هندستان سان ڪابه جنگ نه ڪندو.
    سو دنيا امن ڏانهن قدم وڌائي رهي آهي انڪري اسان کي گاهه کائڻ ۽ ايٽم بم واري عياشي کانسواءِ ڪجهه ٻيو به سوچڻ گهرجي.


    علمُ، عالمَ ۽ انسان

    هوٽل جي ڪمري مان تيار ٿي ناشتو ڪرڻ لاءِ هيٺ ريسٽوران ۾ اچڻ لاءِ جيئن ئي لفٽ ۾ داخل ٿيس ته اتي اڳي ئي هڪ يورپي عورت سوار هئي. لفٽ هيٺ لهڻ لڳي ته ان وچولي قد جي يورپي مائيءَ اکيون کڻي منهنجي مٿي تي پيل سنڌي ڪاون واري ٽوپي ڏانهن چتائي ڏٺو ۽ انگريزي ۾ چيائين ته هي اهڙي خوبصورت ٽوپي ڪٿان خريد ڪئي اٿوَ؟ مون کي ممبئي جي مارڪيٽ ۾ ته اڄ تائين اهڙي شيءِ نظر نه آئي آهي!!!
    ۽ پوءِ مون موقعي مان فائدو وٺي هن کي هڪ ڊگهو ليڪچر ڏنو جنهن ۾ کيس ٻڌايم ته سنڌ دنيا جي ڪهڙي خطي کي چئبو آهي، “هند” لفظ خود “سنڌ” لفظ مان نڪتو آهي. هي ٽوپي سنڌي ۽ بلوچي ڪلچر جو حصو آهي ۽ ڀرت واري دستڪاري جي هنر جو ڪمال آهي. ان کي خاص ڪري عورتون ٺاهينديون آهن ۽ ان ۾Thread work توڙي Glass work ٻئي شامل هوندا آهن.
    جيسيتائين اسان اها ڪچهري ڪئي تيسيتائين ناشتو به ڪري ورتوسون......انگريزياڻي هڪڙي پاسي رواني ٿي وئي ۽ مان پاڪستان مان آيل 30 ڄڻن واري وفد سان گڏ مس ڊمپل گانڌي (جيڪا اسان جي ٽوئر انچارج هئي) جي سربراهيءَ ۾ بمبئي يونيورسٽي گهمڻ لاءِ وڏي بس ۾ سوار ٿي روانو ٿيس.
    اها سنڌي ٽوپي جنهن بمبئي جي ڪيترن ئي ماڻهن جو ڌيان مون ڏانهن ڇڪايو هو سا مونکي دادو ضلعي جي سيتا ڳوٺ لڳ ڪنهن جاءِ تان منهنجي سوٽ يا ماسات جنهن کي اسان “ڏاڏو هادن” ڪوٺيندا آهيون، ان ٺهرائي ڏني هئي. هن ٽوپيءَ جي خاص ڳالهه ها آهي ته ان ۾ شيشا به آهن ۽ شيشن کان خالي سوراخ به آهن جن مان مٿي کي هوا لڳي ٿي ۽ ٽوپي مٿي ۾ سور نه ٿي وجهي.
    مان سوچي رهيو هوس ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ واپار کُلي پوي ۽ اها دري سموري ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ڏانهن کلي پوي ۽ سنڌ مان ڀرت جو سامان، سنڌي ٽوپي، اجرڪ، سوسي، ٿر جو دستڪاري وارو سامان، جيڪو مٺي شهر مان ملي ٿو. جيل، ڊيلٽا، ڪچي ۽ ڪاڇي وغيره جون سوکڙيون هڪ ارب آدم واري ملڪ هندستان ۽ ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن ڏانهن برآمد ڪجن ته جا سنڌي ٽوپي سيتا ۾ اڳي هڪ هزار رپين ۾ ملندي هئي ۽ هاڻي کڻي ڏيڍ هزار تي ملندي هوندي سا بمبئي ۾ خوشيءَ سان ماڻهو ٻن اڍائي هزارن ۾ وٺي ويندا، خاص ڪري يورپي ماڻهو ته اهڙين شين جي قيمت اڃا به وڌيڪ ڏيندا ۽ سرها به ٿيندا.
    مائيڪ جي آواز مونکي ٻلهڙجي ۽ سيتا، ڀائو شبير ۽ ڏاڏي هادن، سيٺ قاسم ۽ هن جي دڪان تي بيٺل لسي ڇوڪر سجاد جي خيالي دنيا مان موٽائي بمبئي يونيورسٽيءَ جي آديٽوريم ۾ موٽائي آندو، هڪ نوجوان انگريزي ٻوليءَ ۾ يونيورسٽي بابت معلومات ڏئي رهيو هو. مونکي اهو ڏسي حيرت ٿي ته هندستان جي موجوده قيادت نوجوان ماڻهن ڏانهن منتقل ٿي چڪي آهي. ممبئي اسٽاڪ ايڪسچينج تي جنهن ماڻهوءَ اسان پاڪستاني وفد کي بريفنگ ڏني، ان جي عمر 40 سالن جي لڳ ڀڳ هجي. بمبئي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر 50 سالن کان مٿي جي عمر جو هجي پر جيڪو يونيورسٽي جو انچارج هو سو 40 سالن جو نوجوان پئي لڳو. ممبئي ميگا سٽي جو ڪمشنر ڊاڪٽر چندر شيڪر نوجوان هو. ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ اسان سان رابطي ۾ ايندڙ سڀئي نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا هئا. مون کانئن پڇيو ته اوهان هتي ڪهڙي تعليم حاصل ڪندا آهيو؟ هنن چيو ته هتي سڀئي شعبا آهن پر اسان ڪمپيوٽر سان واسطيدار ڪورس ڪندا آهيون. مون چيو پوءِ اوهان کي نوڪري ملي وڃي؟ هنن چيو ته نوڪري ڪورس پوري ٿيڻ کان اڳ ملي ويندي آهي. هن شهر ۾ لاتعداد پرائيويٽ ڪمپنيون آهن جن کي آءِ ٽي (انفارميشن ٽيڪنالوجي) جا ماڻهو کپن. سو اسان جيئن ئي ڪورس پاس ڪري نڪرندا آهيون ته اسان کي گهٽ ۾ گهٽ 5 هزار رپيا پگهار ملندي آهي، جيڪا بعد ۾ وڌي 35 هزار به ٿيندي آهي ۽ لکن ۾ به هوندي آهي.
    ممبئي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر جئه خولي ٻڌايو ته اسان جا شاگرد هاڻي ڪروڙن ۾ٿي ويا آهن. اسان تعليم اها ڏيون ٿا جيڪا نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي فوري طور روزگار فراهم ڪري ٿي، ان سان يونيورسٽي جي آمدني به وڌي ٿي ۽ بيروزگاري به ختم ٿئي ٿي. هن چيو ته نومبر ۾ اسان يونيورسٽيءَ جي 150 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون سو سنڌ ۽ پاڪستان ۾ هن يونيورسٽيءَ جا گريجوئيٽ هجن ته اسان انهن کي دعوت ڏيون.
    مان سوچي رهيو هوس ته ڪمپيوٽر ڪورس ته ٽيڪنيڪل آهي سي ته ڪجهه استادن جي قابليت سبب، ڪجهه شاگردن جي محنت سبب ۽ ڪجهه نوڪري جي لالچ ۾ شاگرد سکي وڃن ٿا پر اهو ڪهڙو راز آهي جو هندستان جا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون صحيح تز ۽ فراوانيءَ سان انگريزي ڳالهائن ٿا. ان معيار جي انگريزي اسان جي يونيورسٽين جا گريجوئيٽس به ڳالهائي نه ٿا سگهن ۽ ڪيترا استاد به انگريزي ۾ جڏا آهن. مون ڏٺو ته هندستان ۾ هوٽل جا بيرا ۽ ڀنگي به “گڊ مارننگ”، “گڊ آفٽر نون”، “گڊ نائيٽ” چئي رهيا هئا.
    مون ممبئي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کان سوال ڪيو ته اوهان پنهنجي بريفنگ ۾ سنسڪرت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم جو ذڪر ڪيو آهي. مون انٽرنيٽ تي پڙهيو آهي ۽ آمريڪا ۾ ڪن هندو سنڌي دوستن مونکي ٻڌايو هو ته هندستان جا خود سنڌي ماڻهو انگريزي ڏي وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيا آهن. هوڏانهن گوبند مالهيءَ هڪڙي دفعي سوڀي گيانچنداڻي کي چيو هو ته “منهنجو ڏوهٽو هڪ دفعي مونکي ڪن ۾ اچي چئي پيو ته تون ۽ ناني پاڻ ۾ ڪهڙي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي رهيا آهيو؟”
    سو مونکي مهرباني ڪري ٻڌايو ته ممبئي يونيورسٽي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم جي صورتحال ڇا آهي؟ِ
    ان تي ڊاڪٽر خولي صاف صاف لفظن ۾ ٻڌايو ته نه رڳو سنڌي پر هندستان جي سڀني مقامي ٻولين بدران ماڻهو انگريزي ۽ ڪمپيوٽر (ڇاڪاڻ ته انگريزي انٽر نيٽ جي زبان آهي) ڏانهن وڌيڪ توجهه ڏئي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته ان سان هنن جي روزگار جو مسئلو حل ٿئي ٿو.
    بهرحال اسان سنڌي ٻولي کي هندستان جي آئين مطابق ڏنل سرڪاري حيثيت آهر اهميت ڏيون ٿا. اسان هاڻي سنڌي ڪميونٽي مان چندا ڪري سنڌي ڊپارٽمينٽ کي وڌائي رهيا آهيون ۽ ساڳي ڪاوش سنسڪرت لاءِ ڪيون ٿا. هن وقت بمبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو سربراهه ٻلديو مٽلاڻي آهي جنهن “شاهه ۽ سچل جي شاعريءَ جو تقابلي جائزو” واري عنوان سان ٿيسز لکي سنڌيءَ ۾ پي ايچ ڊي حاصل ڪئي آهي.
    ياد رهي ته سفما پنهنجي پروگرام ۾ واضح ڪيو آهي ته ڪراچي _ بمبئي ايڪسچينج پروگرام ڪراچي يونيورسٽي ممبئي يونيورسٽي سان خانگي طور ڪو تعليمي سهڪار جو ٺاهه صحيح ڪري، هندستان توڙي پاڪستان حڪومت کي ان تي ڪو اعتراض نه هوندو.
    هونئن بمبئي جي پنجن ڏينهن واري دوري دوران پاڪستاني وفد ۾ شامل پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي شيخ (جيڪو ان وقت سنڌ مدرسي جو پرنسپال هو) تنهن ۽ ڊاڪٽر جبار خٽڪ ممبئي جي ڪائونٽر پارٽس سان تعليم جي شعبي ۾هڪ MOU(Memorandum of under standing) تي صحيحون ڪيون آهن.
    بهتر ٿيندو ته ڪراچي يونيورسٽيءَ جو سنڌي ڊپارٽمينٽ پروفيسر سليم ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي شاهه لطيف چيئر ڊاڪٽر فهميده حسين جي سربراهيءَ ۾ڪراچي يونيورسٽي چانسلر پيرزاده قاسم رضا صديقي هاير ايجوڪيشن جي سربراهه پروفيسر عطاءُ الرحمان جي آشيرواد سان ممبئي يونيورسٽي سان تعليمي سهڪار ڪن ته هوند ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي ٻين وڏن شهرن جي گهٽين ۾ وڏا وار رکايون ۽ لنڊا بازار جي پينٽ پايون نوجوان ڇوڪرا ٽي ٽي پستولن سان رانديون ڪندي ۽ نشا پتا ڪندي پنهنجو جيڪو وقت ضايع ڪري رهيا اهن سو جيڪر سڦل گذاري سگهن.
    ڪمپيوٽر جي جهان ۾ گِهڙي وڃڻ سان روزگار سان به لڳي وڃن ۽ سماج ۾ ڏوهه به گهٽجي وڃن. نوجوان عورتن جي تعليم ۾ به اضافو ٿي سگهي ۽ شڪارپور جي ڊاڪٽر آغا گل جهڙا ماڻهو جن جا ڪمپيوٽر سائنس تي لکيل ڪتاب آمريڪا جون يونيورسٽيون پنهنجن شاگردن کي پڙهائي رهيون آهن (هو شڪاگو يونيورسٽي ۾ڪمپيوٽرسائنس جو پي ايچ ڊي ڊاڪٽر ۽ پروفيسر آهي) ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي (مرحوم) جي پٽ سرمد عباسي جهڙا ماڻهو پئدا ٿين جنهن پڻ ڪمپيوٽر سائنس ۾ پي ايچ ڊي آمريڪا جي هڪ يونيورسٽي مان ڪئي هئي ۽ جڏهن هن پي ايچ ڊي جي ڊگري ملي رهي هئي ته سڄي يونيورسٽي جو عملو استادن سميت هن جي اعزاز ۾ اٿي بيٺو هو ۽ اعلان ڪيو ويو ته ان آمريڪن يونيورسٽي جي تاريخ ۾ ايتريون مارڪون ڪنهن شاگرد نه کنيون آهن. انهيءَ ڊاڪٽر سرمد عباسيءَ کي آڇ نه سنڌ يونيورسٽي نوڪري ۾ رکڻ لاءِ آفر ڏئي ٿي ۽ نه ڪراچي يونيورسٽي. هو لاهور جي لمس (لاهور يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنس) ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي جتي سندس گهرواري ڊاڪٽر ريڪو دتا جيڪا ماليڪيولر بائلاجي ۾ پي ايچ ڊي آهي سا به رهي ٿي، پر سنڌ جي يونيورسٽين کي اهڙن قابل ماڻهن جي ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي.
    ڊاڪٽر گل آغا ته خير آمريڪا جي يونيورسٽي ڇڏي هيڏي ڪونه ايندو پر سندس گهرواري جيڪا هڪ آمريڪي خاتون آهي تنهن ڀٽائي جي ڪلام ۾ آوازن جي موسيقي Phonology تي پي ايچ ڊي ڪئي آهي. ان کي ته شايد دعوت ڏئي سگهجي ٿي ته اها سنڌ يونيورسٽي ۾ اچي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج ترنم تي ڪو ليڪچر ڏئي. ٻيو ته ان پئماني جو عالم ۽ پي ايڇ ڊي پروفيسر رامچند اوڏ آهي جنهن گڏيل قومن جي خرچ تي سم ۽ ڪلر واري موضوع تي ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي. هيئنر هو ٽين دنيا ۾ ڪنسلٽنٽ ٿي ايندو ويندو آهي. سنڌ جي شهر ڪنڊياري سان هن جو تعلق آهي. اوڀر پاڪستان ۾ آپريشن خلاف منهنجو لکيل خط جنهن جي بنياد تي مون تي بغاوت جو ڪيس هليو هو 1971ع ۾ ۽ مون کي ان ڏوهه جي ست سال قيد واري سزا ٻڌائي وئي جڏهن ته مان پنج مهينا قيد ڪاٽيو ان خط ۾ رامچند اوڏ ڏانهن سلام لکيل هئا جنهن ڪري هتي هن جو جيئڻ جنجال ٿي پيو هو. هو آمريڪا هليو ويو هو، رامچند انجنيئرنگ ڪاليج ۾ ۽ ضياءُ جلباڻي ۽ مان انگريزي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچر هئاسون جنهن ڪري مون هن ڏي سلام موڪليا هئا جيڪي هن لاءِ زحمت به بڻيا ۽ رحمت به ثابت ٿيا.


    سرحد پار سنڌي

    هند ۽ سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي ٻنهي هنڌن تي ٻوليءَ جو استعمال، ترقي، ادب، ڪتابن جي ڇپائي، ڪمپيوٽر تي سنڌي جو استعمال، سنڌيءَ کي انٽرنيٽ جي ٻولي بنائڻ، ان جي مختلف شعبن جهڙوڪ شاعري، ڪهاڻي، ناول، مضمون نگاري، تنقيد، لوڪ ادب ۽ لطيفيات وغيره ۾ٿيل ترقي، ڪلاسيڪل سنڌي ادب جي ڳولا، حفاظت ۽ پذيرائي، سنڌي ٻوليءَ جي لپي يا رسم الخط سان تعلق رکندڙ مامرا ۽ آخر ۾ لسانيات جي شعبي ۾ اهڙيون ڪاوشون جنهن جي مدد سان سنڌو لکت پڙهي سگهجي يعني مُهين جي دڙي واري ٻولي جو پڙهڻ وغيره آهي مقصد آهن جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هند ۽ سنڌ جيڪڏهن گڏجي ڪوششون ڪن ته وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري سگهن ٿا.
    هن وقت جيڪا صورتحال آهي انکي سنڌ جي دادوءَ واري علائقي مان لڏ پلاڻ ڪري ويل پروفيسر ستيش ڪمار روهڙا جنهن ڪجهه وقت ڪڇ جي اديپور ۾ قائم انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي کي سنڀالڻ جو بخوبي ڪم ڪيو هو ۽ هند جي وڏن دانشورن مان هڪ آهي. ان جي لفظن ۾ “سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ڌرتي آهي هند ۾ سنڌيءَ کي ڌرتي ناهي. باقي وڌڻ ويجهڻ جا جھجھا موقعا آهن.” هن جو دادا ڪيرت ٻاٻاڻي توڙي “سنڌ اسٽوري” جي مصنف ملڪاڻي جو خيال هو ته جيڪڏهن هند ۽ سنڌ جا سنڌي ٻولي ۽ ادب، ثقافت ۽ ائنٿروپالاجي، لطيفيات ۽ لوڪ ادب تي کوجنا ڪن ۽ ڪم کي جنبي وڃن ته هوند سنڌو لکت به جيڪر پڙهڻ ۾اچي وڃي.
    هن وقت هند ۽ سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب ڪهڙي حالت ۾ آهي سو موضوع ريسرچ گهري ٿو ان جو حقيقي روپ ڏيکارڻ ان موضوع تي ڪا مستند راءِ ڏيڻ يا تفصيلي جائزو وٺڻ جي مون ۾ في الحال سگهه ناهي ڇاڪاڻ ته ان حوالي سان گهربل ڊيٽا مون وٽ موجود ڪونهي.
    پر مونکي عام طور تي ايتري خبر آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن کي روزگار حاصل ڪرڻ اعليٰ سائنسي علم حاصل ڪرڻ، بين الاقوامي وڻج واپار ۾ اڳتي وڌڻ مقامي ۽ بين الاقوامي سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ جهڙوڪ گڏيل قومن، عالمي بئنڪ ۽ ٻين بيشمار پرڏيهي ادارن ۾ وڏين پگهارن تي نوڪري ڪرڻ ۽ ملٽائي نيشنل ڪارپوريشنن ۽ خانگي ڪمپنين ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ انگريزي ٻوليءَ ڄاڻڻ جي وڌيڪ ضرورت پوي ٿي.
    هندستان جي سرڪار ته پنهنجي معاشري کي مغربي طرز تي هلائي ڇڏيو آهي هندستان دنيا جو انگريزي ڳالهائيندڙ وڏي ۾وڏو ملڪ ٿي ويو آهي ۽ ان حوالي سان انگلستان ۽ آمريڪا کان به گوءِ کڻي ويو آهي. آمريڪا کي اربين ڊالرن جو ڪمپيوٽر سافٽ ويئر برآمد ڪندڙ ملڪ انڊيا آهي ۽ اهو سڀ ڪم مرهٽي يا هنديءَ ۾ نه پر انگريزي ۾ ٿي رهيو آهي. ان ڪري هند جا سنڌي ۽ انهن جو نئون نسل انگريزي ڏانهن وڌي رهيو آهي اها ٻي ڳالهه آهي ته ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي جيڪو بمبئي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو سربراهه آهي ان جو چوڻ هو ته اڄ ڪلهه سنڌي ٻولي پڙهڻ ڏانهن سنڌي هندن ۾ لاڙو وڌيو آهي ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ لاءِ شاگردن جو تعداد 15 کان 50 ٿيو آهي. سنڌي ۾ پرائمري کان يونيورسٽي تائين ۽ پي ايچ ڊي تائين تعليم ڏني وڃي ٿي. جڏهن ته انڊيا جي آئين ۾ سنڌي ٻولي کي هندستان جي قومي ٻولين وارو درجو مليل آهي.
    وري هت سنڌ ۾ جيڪا صورتحال آهي انجو اسان کي اندازو ڪجهه وڌيڪ آهي. هتي سنڌي اسڪولن (پرائمري ۽ سيڪنڊري) توڙي سنڌي ڪاليجن جو تعداد هند جي مقابلي ۾گهڻو وڌيڪ آهي ڇاڪاڻ ته سنڌين جي آبادي وڌيڪ آهي. هند ۾ سنڌي سنڌي ٿورا آهن ۽ ڇڙوڇڙ ٿي مختلف شهرن ۽ رياستن ۾ رهن ٿا جتي جي ڪلچر ۾ پاڻ کي ضم ڪرڻ سان ئي اهي زندهه رهي سگهن ٿا.
    ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ طرفان 16 مئي 2001ع تي عالمي سنڌي ڪانفرنس جي موقعي تي واشنگٽن ۾ هندستان مان آيل سنڌي هندو ليکڪن پئي ٻڌايو ته ايل ڪي آڏواڻي جيڪو حڪمران جماعت بي جي پي جو سربراهه ۽ گهرو معاملن جو وزير هو ۽ اصل سنڌ جي حيدرآباد شهر جو رهواسي هو سو دهلي ۾ سنڌين کي چوندو هو ته اوهان کي جيڪا مدد کپي سا مان اوهان کي ڏيندس پر اوهان مون سان کلم کلا نه اچي ملندا ڪريو، ڇاڪاڻ ته مان سڄي هندستان جو گهرو معاملن جو وزير رڳو سنڌي ووٽن سان نه ٿيو آهيان ۽ نه بي جي پي (حڪمران جماعت) جو سربراهه مون کي سنڌين ڪيو آهي.
    ان وقت مونکي ڀٽو صاحب ياد آيو هو جنهن کي پڻ ملڪي سربراهه بنائڻ ۾ سنڌين کان وڌيڪ پنجاپين جي ووٽ جو عمل دخل هو يا کڻي ائين چئجي ته هو صرف سنڌين جي ووٽ جي زور تي صدر يا وزيراعظم نه ٿيو هو.
    سو ظاهر آهي ته هند ۾ سنڌي برابر اقليت ۾ آهن هڪ ارب کان وڌيڪ آدمشماري واري ملڪ ۾ ڇڪي تاڻي جيڪڏهن سندن آبادي هڪ ڪروڙ به هجي (جيڪا يقينن ناهي) ته ان جي مقابلي ۾ چار ڪروڙن جي تعداد ۾ سنڌ اندر رهندڙ سنڌي وڏي اڪثريت رکن ٿا.
    پر حالت هتي وري اها آهي جو شيخ اياز جهڙي 20 صديءَ جي عظيم شاعر جي شاعريءَ جو ڪتاب يا ته هڪ هزارڪاپيون مس هلي ٿو يا ڇڪي تاڻي ان انگ کي ٻه ٽي هزار ڪري سگهجي ٿو. هتي اسان وٽ سنڌي اخبارن جو سرڪيوليشن حيرتناڪ حد تائين وڌيڪ آهي. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ٻهراڙيون آهن پر پوءِ سنڌ ۾ وڌ ۾وڌ وڪرو ٿيندڙ سنڌي اخبار جو سرڪيوليشن جيترو لاڙڪاڻي ۾ آهي اوترو ڪراچي ۾ ناهي ان جو سبب اهو به آهي ته ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي انگريزي به ڄاڻن ٿا ۽ هند وانگي دنيا جي Main stream ۾ رهڻ چاهين ٿا.
    ها باقي سنڌ جي اڪير برابر هند جي سنڌي هندن ۾ وڌيڪ آهي ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي ماتر ڀوميءَ کان پري آهن ۽ سرحدون بند آهن. جنهن ڪري اهي هيڏانهن سولائيءَ سان ۽ آزادي سان اچي وڃي نه ٿا سگهن. هند جا سنڌي ڪالهه ڪلهوڪي اسان وانگي سنڌ جي مختلف ڳوٺڻ ۽ شهرن ۾رهندا هئا. ورهاڱي انهن کي لڏپلاڻ لاءِ مجبور ڪيو اها ڳالهه برابر بنيادي انساني حقن جي خلاف آهي ته ڪنهن انسان کي پنهنجي ديس ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي پر هتان لڏي ويل ڪي اهڙا به ماڻهو هئا جن کي هندستان ۾ وڃي وڻج واپار ڪري اڳتي وڌڻ جا موقعا هتان جي مقابلي ۾ وڌيڪ جاذب نظر پئي آيا ۽ ڪي اهڙا ماڻهو به هئا جن جون هتي زمينداريون ۽ ملڪيتون ايتريون وڏيون هيون جو هنن ڪس کائي به هتي رهڻ کي ترجيح ڏني سو هجرت ڪرڻ ڪو مهڻو ناهي:
    ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو ، مٿو اگهاڙو
    منهنجو ڪڄاڙو،ڀينر هن ڀنڀور ۾
    (ڀٽائي)
    قومپرستي، ڪارل مارڪس، اينگلس ۽ لينن جي فڪر مطابق قومي بورجوازي جو فلسفو هوندو آهي. مسلمانن پنهنجي لاءِ الڳ وطن ان ڪري به حاصل ڪيو ڇاڪاڻ ته هو هندستان ۾ ٽاٽا ۽ برلا سان واپار ۾ مقابلو ڪري نه پئي سگهيا ۽ سنڌ ۾ وڏيرا هئڻ سبب هو جو 1947ع ۾ هندن جي لڏپلاڻ کانپوءِ سنڌ ۾ 60 سيڪڙو زرعي زمينون خالي ٿي ويون جن کي حڪومت اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي يا اينيمي پراپرٽي(خاص ڪري بعد وارين جنگين کانپوءِ ٿر ۾) قرار ڏنو هو ۽ هندستان مان آيل مهاجرن ۾ ورهائي ڇڏيون هيون. ان خلاف سنڌ ۾ “الاٽي تحريڪ” هلي هئي جنهن جومقصد اهو هو ته اهي خالي ٿيل زمينون مقامي بي زمين هارين ۾ ورهايون وڃن. پر ائين ٿي نه سگهيو، اهي زمينون مهاجرن کي ڏنيون ويون جن موٽائي ڏوڪڙن تي سنڌي مسلمان زميندار کي وڪيون ۽ پاڻ ڪراچي ۾ وڃي گهر وٺي ويهي رهيا.
    سو اها ورهاڱي جي تلخ تاريخ اُٺ جيڏي ڊگهي، ڏکن ۽ سورن، موقعي پرستي ۽ سازشن، دلبي ۽ دٻاءَ توڙي زورآوري ۽ زيادتي سان ڀري پئي آهي. ان کي ورهائڻ سان سُتل سور ئي جاڳي پوندا ٻيو ڪجهه هٿ نه ايندو.
    هن وقت سوچڻ جي اها ڳالهه آهي ته سنڌي ٻولي ۽ ادب کي جيڪڏهن هٿي وٺائڻي آهي، جيڪڏهن سنڌو لکت پڙهڻي آهي ۽ جيڪڏهن ڇپيل سنڌي ڪتابن جو مارڪيٽ هڪ ارب آبادي واري ملڪ هندستان تائين وڌائڻو آهي جتي اڌ ڪروڙ کن آسودا سنڌي رهن ٿا ان لاءِ سنڌ ۽ هند جون ادبي تنظيمون هڪ ٻئي سان سهڪار ڪن. هڪ ٻئي سان ٺاهه ڪن ۽ گڏجي سڏجي ڪوششون ڪن.
    اهو ڪم سرڪاري سطح تي ٿيڻ ڏکيو ٿو لڳي ان ڪري اهو ڪم خانگي سطح تي اين جي اوز جي پليٽ فارم تي ٿي سگهي ٿو.
    جيڪڏهن سنڌ حڪومت ان جو تعليم وارو کاتو، ثقافت وارو کاتو، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ يونيورسٽي، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، سنڌي لئنگيوئيج اٿارٽي، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سنڌ الاجي ۽ سنڌ پروانشل ميوزيم، انڊيا جي اهڙن ادارن سان گڏجي ڪم ڪري نه ٿا سگهن ته اهو ڪم سنڌي اديب ۽ ليکڪ خانگي تنظيمون ٺاهي ڪري سگهن ٿا.
    هن وقت پاڪستان ۽ هندستان جي حڪومتن جو رويو ڪافي بدليل آهي اهو به ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت جو ڪو سرڪاري ادبي ادارو پاڪستان جي وفاقي حڪومت کان اهڙي اجازت وٺڻ جي ڪوشش ڪري ته ٿي سگهي ٿو ته کيس اهڙي اجازت ملي وڃي. پر جي اهو ممڪن ناهي ته خانگي سطح تي اهڙو ڪم شروع ڪيو وڃي جنهن جي ڪاميابيءَ جا امڪان موجود آهن.
    سائوٿ ايشيا فري ميڊيا ايسوسئيشن (سفما) اهڙي امڪان سبب ٻنهي ڪشميرن، ٻنهي پنجاپن ۽ ٻنهي سامونڊي بندرن (ڪراچي۽ ممبئي) وچ ۾وفدن جي مٽا سٽا ڪئي ۽ انڪم ۾ کين ٻنهي ملڪن جو آشيرواد به حاصل رهيو ۽ خرچ پکو پڻ ناروي ۽ هالينڊ مهيا ڪيو.


    ساڳا ڪُنا ساڳ جا

    سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته “هڪ ڏينهن عيد، ٻئي ڏينهن گِيد ٽئين ڏينهن ساڳا ڪُنا ساڳ جا”
    هن چوڻي جو اصلي مقصد ته اهو آهي ته غريب ماڻهو پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ جيڪو ڪجهه لسي، ڀت يا دال ماني کائيندو آهي ان ۾ عيد واري ڏينهن اوچتو تبديلي اچي ويندي آهي. عيد تي غريب غربو نوان لٽا پائيندو آهي ۽ لذيذ طعام کائيندو آهي ان لاءِ جيڪڏهن پنهنجا پئسا نه هوندس ته قرض پکو به وٺي زرچ ڪندو ۽ موقعي کي مانُ ڏيندو. اهڙي طرح عيد واري ڏينهن جيڪا عياشي ڪندو ان مان بچت سچت ٻئي ڏينهن به کائيندو ۽ پوءِ ٽئين ڏينهن “ساڳا ڪُنا ساڳ جا” يعني اهو ساڳيو لسي ڀت يا دال ماني وغيره.
    هن چوڻي کي ان وقت به استعمال ڪبو آهي جڏهن ماڻهو يڪسانيت واري زندگيءَ مان تبديليءَ ڏانهن وڃي وري ساڳي يڪسانيت واري زندگي ڏانهن موٽي ايندو آهي. سو اسان جڏهن بمبئي جي فاءِ اسٽار هوٽل جا سڻڀا کاڌا ۽ رهائش جون عياشيون ماڻي هندستاني حڪومت جا سرڪاري مهمان (پاڪستان ۾ سياسي محاوري طور سرڪاري مهمان جيل ۾ وڌل قيديءَ کي چئبو آهي) ٿي ڪري بمبئي ۾ پوليس ٿاڻي تي رپورٽ ڪرڻ کان آجا ٿي وي آءِ پي طريقي سان گهمي ڦري 27 مئي 2006ع تي واپس ڪراچي پهتاسين ته وفد ۾ شامل هڪ سنڌيءَ کي اها چوڻي ياد آئي ته “ساڳا ڪُنا ساڳ جا”.
    ساڳ سرنهن جو به ٿئي ته چڻن جي پليءَ جو به ساڳ چئجي مٽرن جي پلي، پالڪ ۽ مريئڙو به ساڳ واري ڀاڄين ۾ شامل آهي پر مونکي ذاتي طور مريڙو(مريئڙو) باقي سڀني ساڳن کان وڌيڪ لذيذ لڳندو آهي.
    مريڙي جو هڪڙو ذائقو ته مون کان زندگيءَ ڀرنه وسرندو، ٿر جي دوري تي هجون خالد مخدوم، منظور چانڊيو، فيض خاصخيلي ۽ بشير ميمڻ وغيره دوست گڏ هجن پورٽ قاسم ۾ ڊي جي ايم هئڻ ڪري خالد مخدوم پجيرو هٿ ڪيو هجي جنهن ۾ سفر ڪري رهيا هئاسون. اسان ڪارونجهر جبل کي طواف ڪيو هو ۽ وسڪارن کانپوءِ ان جبل مان نڪرندڙ اٺن وڏين ندين ۽ چئن ننڍين ندين جي پاڻي مان پجيرو کي منظور چانڊئي ٻاهر ڪڍي اسان کي جڏهن ڇاڇري تعلقي ۾ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي ڳوٺ جھنجھيءَ م آندو هو ته تڏهن ڄام جي امڙ حال حيات هئي. هن مونکي پنهنجي گهر جي چوئنري ۾آڻائي ڪراچي جي گهروارن ڀاتين جو پڇو هو ۽ خاص ڪري منهنجي گهرواريءَ (مرحومه) جي شگر واري بيماريءَ بابت پڇا ڳاڇا ڪئي هئي ۽ پوءِ جڏهن مان واپس دوستن سان پجيرو ۾ وڃي ويٺو هوس ته اسان کي ٻاجهريءَ جي مانيءَ مٿان مريڙي جوچاڻو رکي موڪليو هئائين، جيڪو اسان سڀني سفر جي ساٿين ٿورو ٿورو ڪري کاڌو هو ان جو ذائقو بمبئي جي فاءِ اسٽار هوٽل جي بُوفيءَ ۾ موجود لاتعداد کاڌن، ڀاڄين، ميون، ساس ۽ الائي ڇا ڇا شين مان ڪنهن به کاڌي ۾ ڪونه هو.
    سنڌ ۾ (چڻن يا مٽرن جي) پلي واري ساڳ جي هڪڙي خاص ڳالهه آهي ته هيءَ اهڙي ڀاڄي آهي جنهن جي لاڳيتي کائڻ جي باوجود ماڻهو ان مان ڪڪ يا بيزار نه ٿيندو آهي. ٻي هر ڀاڄي يا ٻوڙ گهڻو کائبو ته ماڻهو بيزار ٿي پوندو. ماڻهو روزانو گوشت کائيندي کائيندي ٿڪجي پوندو. مڇي، آنا ۽ ٻيون شيون لاڳيتو کائڻ سان ٿڪائي وجهنديون پر مکڻ سان مکيل چانورن جي ماني، پلي ۽ کير ماڻهو سڄي عمر خاص ڪري رات جي وقت کائي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته ڪڪ نه ٿيندو.
    خبر ناهي اسان سنڌين جو نئون نسل جيڪو ذري گهٽ انگريزدان ٿي ويو آهي وڏن شهرن ۾ رهي ٿو ۽ پيزا کائي ٿو سو هي ساڳ پليءَ واري ٻولي سمجهي به سگهندو هوندو الائي نه پر اسان پنهنجي هڪ دوست زاهد مخدوم جي پورچوگيز زال کي سنڌ جي دوري دوران چڻن جي پلي کارائي ته هن ان تي تبصرو ڪندي چيو ته هن سڄي زندگي اهڙي سبزي ڪڏهن به نه کاڌي آهي.
    سو جنهن زماني ۾ سنڌي ماڻهو شام جو پٽڙو ڀت کائيندا هئا صبح جو راتوڪو ڄميل ۽ ٺريل چانورن جو ڀت ۽ مٿان ڌونئرو وجهي کائيندا هئا. رات جو کير صبح جو لسي مکڻ ۽ ماکي ۽ هڪ ويلو ڪو ٻوڙ کائيندا هئا تڏهن سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس نالي ڪا بيماري ڪانه هوندي هئي، جنهنکي هاڻي جيري جي ڪئنسر به چون ٿا. ان زماني ۾ سنڌي ماڻهو صحتمند هئا دل جون بيماريون گهٽ هيون ۽ روزاني زندگيءَ ۾ محنت مزدوري سبب ماڻهن جي ڄمار به ڊگهي ٿيندي هئي.
    سو بمبئي جي سفر پڄاڻيءَ وارو ڏينهن هو اسان کي ناريل جا پيتل پاڻي، منرل واٽر ۽ جنهن کي پاڪستان ۾ بندش سبب دٻيل لفظن ۾ صرف “پاڻي” ڪوٺبو آهي ان جون يادون پاسي واري کيسي ۾ وجهي مهاراشٽر جي چيف منسٽر ۽ ڊپٽي چيف منسٽر جي ڊنرن ۽ لنچن ۾ کاڌل لذيذ کاڌن جو ذائقو ياد ڪري وات ۾ پاڻي آڻي ميزبانن کان موڪلائي (ميزبانن موڪلائڻ مهل ڀاڪر پئي پاتا ۽ انهن ۾ سڀ مرد شامل نه هئا) وڏي سائيز جي ايئر ڪنڊيشنڊ بس ۾سوار ٿي بمبئي جي “راڻيءَ واري هار” يعني شهر اندر اڌ گول سامونڊي ڪناري بمبئي يونيورسٽي جي خوبصورت ٽاور، آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ ڊگهين عمارتن، اسڪوٽر هلائيندڙ نوجوان ڇوڪرين ۽ اڌڙوٽ عورتن کي بس جي شيشي اندران هٿ لوڏي الوداع چوندي انهيءَ شهر کان موڪلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسون جنهن جي پريزيڊنسي ۾ سنڌ 93 سال گذاريا هئا ۽ جنهن کان 1936ع ۾ عليحدگي اختيار ڪري شروع ۾ ڪراچي پوءِ اسلام آباد ۽ بعد ۾ ون يونٽ وارن ڏينهن دوران لاهور واري گهاڻيءَ ۾ پيڙبا رهيا هئاسون.
    بمبئي کان ڪراچي ڏانهن واپسي واري سفر ۾ جڏهن مون پنهنجي سامان تي نظر وڌي ته هڪ ڳالهه سوچي مان لڄي ٿيڻ لڳس. منهنجي سامان ۾ نه رڳو بمبئي پر هندستان جي ٻين به ڪيترن ئي شهرن جي خوبصورت ۽ اهم تاريخي ماڳن مڪانن بابت ڪيترائي پمفليٽ موجود هئا. مان سوچي رهيو هوس ته جڏهن بمبئي مان 30 يا 35 ڄڻن جو وفد ڪراچي ايندو ته کين ڏيڻ لاءِ اسان وٽ مهين جي دڙي، ساڌ ٻيلي، ڀنڀور، انڊس ڊيلٽا، سنڌو درياهه، ڀٽ شاهه، منڇر ڍنڍ، حمل ڍنڍ، ڪينجهر، هاليجي، ملڪي، ڪلان ڪوٽ، پير پٺي، سسئي جي مزار، سهڻي جي مزار، ماروي جي ڀالوا ڳوٺ واري کوهه، ٿر جي جين ڌرم وارن مندرن، ڪارونجهر جبل، کير ٿر جبل، ڪائي واري نخلستان، ست گهري، ڀت جبل، سيوهڻ، شڪارپور، رني ڪوٽ، شاهجهان مسجد (ٺٽو)، پورن داس مندر، ڪلفٽن وارو مندر، قلندر شهباز جو روضو، چوڪنڊي قبرستان، سکر بئراج، ستين جو آسٿان، بکر جو قلعو، جند پير، روهڙي واري محلات، ڀوڏيسر واري مسجد ۽ گوڙي مندر وغيره جهڙن ماڳن مڪانن بابت ڪي به ڇپيل پمفليٽ ته ڪونه آهن. پوءِ اسان موٽ ۾ پنهنجي بمبئي جي مهمانن کي ڇا ڏينداسين؟!!!!!!!!!!!
    اهو سوچيندي ايئر پورٽ تي پهچي وياسين بمبئي جي سرڪار هڪ نئون ايئر پورٽ ٺهرائي رهي آهي هن وقت بمبئي ۾ جيڪو هوائي اڏو آهي سو ڪراچي جي جديد ايئر پورٽ جي مقابلي ۾ ڄڻ ڪجهه به ناهي پر ان تي ٽريفڪ تمام گهڻي آهي. درآمد ۽ برآمد جام آهي پر شوبازي صفا ڪونهي.
    ايئر پورٽ تي امر جليل مليو مون کي گذريل رات بمبئي ۾ نند جويري ٻڌايو هو ته امر جليل به اوهان واري فلائيٽ ۾ ڪراچي هلندو، پري پري کان نند سان به باءِ باءِ ٿي هئي. امر جليل ٻڌايو ته هن جي ٽڪيٽ ڪنفرم ٿيڻ ۾ڪو مسئلو پيدا ٿيو هو جو بعد ۾ حل ٿي ويو پوءِ ته اسان جهاز جي حوالي ٿي وياسون، بمبئي شهر ۽ انهن جا ماڻهو سامونڊي ڪنارا ۽ اتي ويٺل جوڙا، سفما انڊيا آفيس ۽ انهن جا سرگرم صحافي سڀ پوئتي رهجي ويا ۽ اسان کي پي آءِ اي جهاز جي پائلٽ ٻڌايو ته پاڻ سوا ڪلاڪ اڏام ڪري ڪراچي پهچنداسين.
    مان سوچي رهيو هوس ته بمبئي ۽ ڪراچي هڪ ٻئي کان سوا ڪلاڪ پنڌ تي آهن تن کي 58 سالن تائين پاڻ ۾ ملڻ ڇو نه ڏنو ويو آهي؟ چون ٿا ته دنيا الله تعاليٰ ٺاهي آهي پر ان تي ماڻهوءَ جيڪي ليڪون ڪڍيون آهن سي نئين لوح محفوظ جي صورت وٺي ڪروڙين انسانن جي زندگيءَ کي متاثر ڪري رهيون آهن.
    جهاز ۾لنچ کارائڻ جو جوڳو بندوبست هو ايئر هوسٽس ۽ اسٽيورڊ جُوس، بوائل چانور، سبزي ۽ گوشت، سويٽ ڊش وغيره کنيون بيٺا هئا. اسان کي ٻنپهرن جي ساڍي ٽين وڳي ڌاري ڪراچي پهچڻو هو سو منجهند جي ماني کائڻ ضروري هو اڃا لنچ مان فارغ مس ٿياسون ته جهاز هيٺ لهڻ لڳو ۽ اڃا جهاز جي عملي پنهنجا ٿانو ٿڦا ميڙي ئي مس ورتا ته جهاز جا ڦيٿا زمين تي هلڪي ڌڌڪي سان لڳي ڦرڻ لڳا. جهاز هوريان هوريان هلندي هلندي بيهي رهيو. جهاز جي پائليٽ اعلان ڪيو ته اسان ڪراچي ايئر پورٽ تي لهي چڪا آهيون. ائين چئي هن اسان کان موڪلايو ۽ جيئن ئي اسان جهاز کان ٻاهر نڪري ايئرپورٽ جي وسيع بلڊنگ ۾ بجلي تي هلندڙ رستن ذريعي تيزيءَ سان ٻاهرين در ڏانهن وڌي رهيا هئاسون ته منهنجي موبائيل ۾ ساهه پئجي ويو ۽ گهنٽي وڄڻ لڳي، بٽڻ کولي ڪن تي رکي هيلو ڪيم ته لاڙڪاڻي مان محمد علي پٺاڻ پڇيو ته “ڪاٿي پهتو آن” مون چيو بلڪل هاڻي ئي ڪراچي آيو آهيان. هن چيو “تون گهر اچ ته تفصيل سان ڳالهايون ٿا بهرحال شڪر ٿيو تون خير سان پهتين.” ان وقت ٻي فون گهران امڙ ڪئي ۽ اطمينان ٿيس ته مان خير سان واپس پهچي ويو آهيان.
    ٻاهر نڪري امر جليل کان موڪلائي ريڊيو ڪئب وٺي گلشن حديد روانو ٿيندي مون کي ياد آيو ته سفما جا دوست بمبئي جي دوري دوران بار بار مطالبو ڪري رهيا هئا ته هندستان ۽ پاڪستان جي عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مواصلات جي اهڙي سهولت پيدا ڪئي وڃي جيئن موبائيل فون جي ساڳي سم هندستان ۽ پاڪستان ۾ هر جاءِ تي ڪم ڪري ۽ ماڻهو ائين محسوس ڪن ته واقعي سندن وچ ۾ وڇوٽيون ختم ٿي چڪيون آهن ۽ هو ساڳي ملڪ ۾ رهن ٿا جتي مرضي مطابق ڪنهن به وقت ڪنهن به ماڻهوءَ سان ساڳي فون تي ڳالهائي سگهن ٿا.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 465629
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 186505
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ