ڪتاب جو نالو: برکا بـوند بهار جي
مصنف: گڏيل شاعري
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 17 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1090 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 294 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
“برکا بوند بهار جي” سنڌ جي 16 شاعرن جي شاعريء تي مشتمل گلدستو آهي. پياري دوست ۽ مرڪ پبليڪيشن شهداد ڪوٽ جي سرواڻ مرتضى لغاريءَ کي جس هجي جنهن هن ڪتاب جي سهيڙ ڪئي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌسلامت طرفان
  • ارپـنــا
  • پبلشر نوٽ:
  • مهاڳ
  • اَمهاڳ
  • رچنائن جو ڪويتا نگر
  • عبدالله شاهه ‘اطهر’

  • تعارف
  • سنڌ پنهنجي مٿان، جند گهوري ڇڏيان،
  • وار وکريل وري پار ڪنهن لئه پرين،
  • تنهنجي پيرن جا نِشانا، اڄ به بيٺا هن چِٽا،
  • پيار مون جنهن سان ڪيو سو پيار جي قابل نه هو،
  • ڪهڙا پُڇين ٿو حال وڏيرا،
  • انسان مٿان ظلم ڇو انسان ڪري ٿو،
  • ٻاٽ اوندهه ۾ نه ڀٽڪو درس هي ڏيندا هلو،
  • وائي
  • آ تيل ڪڙاهه ۾ ڪاڙهي ڏس، پر سنڌ ۽ سچ جو نعرو آ،
  • تو جي ڪارو وڳو پنهنجي تن تي ڪيو، سوڳ وار آ زمانو سڄو ٿي پيو،
  • گيت
  • تنهنجي محبت ۾ مان يار گُم ٿي وڃان، پيار ايڏو نه ڏي پيار ايڏو نه ڏي.
  • شفيع محمد ‘شاد”

  • تعارف
  • نظم:اي چنڊ تنهنجي چانڊوڪيءَ ۾!
  • مند آئي آ ملهاري، آءُ وري،
  • من ئي من ۾ ٻري رهيو آهيان،
  • جام جاني ڏنو پِرت مان پُر ڪري، پيار اهڙو مليو جو نشو ٿي ويو.
  • مئڪدو ٿو وڻي مئڪشي ٿي وڻي،
  • جدائي جي علامت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو،
  • نظم
  • وري مئڪشيءَ جو مزو ياد آيو،
  • وائي : جوڀن رُت جو ساءُ
  • آزاد نظم : مالڪ تي ڪُتو ٿو ڀونڪي...!
  • سميع ساجد جوڻيجو

  • تعارف
  • منهنجي اڱڻ تي آيو دلبر،
  • منهنجي توسان محبت ساڳي،
  • ايڏو ڏس ايذاءِ نه مون کي،
  • تون ته وساري آهي ڇڏيو پر،
  • زندگي توسان سُهاني ٿي لڳي سنسار ۾،
  • هن دور ۾ سچي ڪٿ محبت نه ٿي ملي،
  • نگاهن جا اڃا مون کان اهي نشتر نه ٿا وسرن،
  • سڄي سال ۾ تو لڌيون نه سنڀارون،
  • کڙڪي کولي جهاتيون پائي،
  • گيت
  • تون ملين ڄڻ هر خوشي مونکي ملي،
  • فون تي ڳالهيون ڪرڻ ڇو بند ڪيئي،
  • ڪوڙل قربدار

  • تعارف
  • زندگي ته پيار ٿي گهري،
  • اسان جي خوشي پئي نچي ٿي اڱڻ تي،
  • نظم
  • نينهن جي نگاهه سان نهار،
  • جرئتن سان گهار، زندگي!
  • وائي
  • نظم
  • نظم
  • نظم
  • حسين منظر حسين مرڪون حسين جلوه نمائي محفل.
  • ناشاد رشيد سنڌي

  • تعارف
  • گيت
  • هڪ درد مون رکيو آ دل ۾ دوا جي خاطر،
  • پريت پڪي آ پڪ وٺي وڃ،
  • گيت
  • اسين ته تنهنجا مريد آهيون،
  • درد دل جا! دوستي توسان ڪجي،
  • هيکلائي جا سڀئي لمحا ڇڏي،
  • دل جي ويراني ۾ جو اچن ٿيون مڙي،
  • وائي
  • تڙپين ٿو پيو تاسو آهين،
  • رشيد خانواهي

  • تعارف
  • رهيو آ ساٿ سورن جو، سکن جي ڪا خبر ڪانهي،
  • حال منهنجي تي هڙن روئي ڏنو،
  • ڪي سال ٿيا آهن، درشن ڪان سڪيو آهيان،
  • وڇوڙو وجهي ٿو وڏا جهير جاني،
  • حياتيءَ تي ناهي ڪو اعتبار جاني،
  • گيت
  • گيت
  • گيت
  • عورت
  • نظم : سنڌ جو ڪيڏارو
  • چوسٽه
  • وائي
  • پريتم قاضي

  • تعارف
  • زندگي زهر کان به وڌ ٿي ڪڙي آهي.
  • زهر هن زندگي جو آ پيئڻو پيو.
  • ڪري دل جون سڄڻ ڳالهيون اسان کان ڏور ويٺو آ.
  • توسان دلڙي لائي ويٺس.
  • وائي
  • ‘بازارِ حسن”
  • نظم: تنهنجي ياد
  • بيت
  • عمر دراز

  • تعارف
  • وَري وَري ته وکرجي لُڇي لُڇي لوڙيو،
  • ڪٿي قرار ڪرڻ لئه وٺان مزو ڪوئي.
  • رونقون روشنيون نه ٿيون گهرجن.
  • اڄ رُٺل نيٺ سيڻ سرچايا.
  • بيٺي بيٺي يار ڀرجي ٿو وڃان.
  • ديد دل ساهه هڪ دريچي ۾.
  • رات کي هن ڏينهن جي تيلي لڳي.
  • هئه عمر ڀر واقعا ٿيندا رهيا.
  • ٻهڪندڙ ڪي ٻُڪيون نٿيون وسرن.
  • ملي هڪ حياتي اڌوري اڌاري.
  • لڙي دل اسان جي لتاڙي وئي.
  • دل جو ٿورو ٿرٿلو ٿمجي ويو.
  • مٺل سولنگي

  • تعارف
  • هُن جي گهٽيءَ ۾ جهومن ٿا.
  • ٿورڙيون ڪي وفائون ڪري.
  • چوي ٿي دل چري، ايندا.
  • هوءَ وئي اڄ مري هميشه لئه.
  • رات جو چهرو ڍڪيل ڪونهي هتي،
  • جيت تنهنجي ۽ هار منهنجي آ.
  • ماڻهو ڪوئي ڄڻ بيٺو آ.
  • اونداه ۾ ٻرندو ڪر.
  • ٻوڏ آئي ٻُڏي ويا آهيون.
  • توکي هٿ ڌنُ اچي ويو آهي.
  • توکي دل ۾ لهي تلاشڻو آهي.
  • منهنجا سپنا ننڊ نٿا ڪن.
  • جتي ڏسندي سڃاڻيندي.
  • شيخ نديم

  • تعارف
  • گڏ رهڻ جون حسرتون رهجي ويون،
  • چنڊ آهي ڪئي ڳوٺ تي چاندني،
  • درد ۾ ايئن دل جُهريل روئي ڏنو،
  • ڪٿي چنڊ تارا دوا زندگيءَ جي،
  • رات جي اوندهه رهي ٿي سِر مٿان،
  • دل ڏيئن سان سڙي به ڪافي آ،
  • ناهي ڪوئي به گھر هوا وانگي،
  • تو نظارن تي جو ڦيرائي نظر،
  • چنڊ اڀ تي ٻري رهيو آهي،
  • نه آ ٿي يار چانڊوڪي،
  • بي رنگ ٿيا ڄڻ چمن جا پوپٽ،
  • وساريم گھڻو ئي مگر ياد آيو،
  • درد جو دونهون اُٿيو آ رات ڀر
  • سرتاج ڀٽو

  • تعارف
  • اڄ وهي نيڻن منجهان پيا نار هن،
  • توسان جنهن ڏينهن دل لڳائي آ،
  • گيت
  • گيت
  • جيئڻ جي لئه جِئين جاني پساهن جي ضرورت آ
  • سدا سيج سُرهي رهي تنهنجي پياري،
  • گيت
  • هاءِ هاءِ صنم هرجائي، توکي وفا ڀي راس نه آئي،
  • حيوان کان به بدتر انسان ٿي پيو آ،
  • ڳاڙهو جوڙو ٻي نالي جو تنهنجي بدن تي ڪيئن ڏسان مان،
  • منهنجي اکڙين سمائي جا پرين تنهنجي سا صورت آ،
  • بدر انصاري

  • تعارف
  • ٽٽل چوڙين جي وفا کان پُڇي ڏس،
  • سکي سانت کي آ سهارن جي ڳولا،
  • مُرڪي نيڻ ملائيندي آ،
  • نيڻ تنهنجا ڀنل اوپرو ٿا چَوَن،
  • گيت
  • ڪنهن کي ٿا دڳ لائن ڳوڙها،
  • توبن ڪيڏو هيکل آهيان،
  • پيارا لمحا سانوري،
  • نه تنهنجا اسان کي جو سپنا مليا هن،
  • جيئن مصور جي لڳي تصوير اڌ
  • ڪيڏا گهاوَ پراڻا ٿي پيا،
  • ٻُڌا ئي نه تو منهنجا سڏڙا سکي،
  • ڪنگڻ
  • بلال عزيز بروهي

  • تعارف
  • زندگي هڪ پيار وارو دل پسند آهي قصو،
  • امتحان پيو امتحان جو ڏيک ڏئي،
  • ڏين ٿا ڏيک گل سهڻا،
  • من کي ڇڏي ٿي موهي گفتار دلربا جي،
  • اکين ۾ تنهنجا ئي سمايل هي سپنا،
  • گيت
  • گيت
  • نظم
  • ڏٺم چاندني رخ ته چانڊاڻ آهي،
  • خدا جو آهي خاص پيارو لطيف،
  • دوستي هڪ موتين جي کاڻ آ،
  • توريءَ نه دل کي ڪوئي دلبر اچي ٿو ساءُ،
  • ڏسو عاشقن جون اوجاڳيل اکيون،
  • پريت گھمرو

  • تعارف
  • خواب جي ڀر پاسي اونده ٿي تري.
  • مينهن جي ڪيڏي ٿاڌل آهي.
  • پاڻ کي ايڏو ڇو ٿو ٺاهين.
  • ڳوٺ جون گهٽيون وسريون ناهن.
  • اسان جا خواب سڀ ٽوڙي اوهان کي ڇا مليو آخر،
  • دلربا روح ۾ وسي وڃجي.
  • خواب سمورا وکري ويا.
  • نيڻ نماڻا روئي پون ٿا.
  • زندگي هڪ عذاب آ جاني.
  • نيڻ پسائي ويٺي آهي.
  • ڪوئي ڪنهن کان جدا ٿيو آهي.
  • گنهگار آهيون خطا ٿي وئي آ.
  • عائشه ميمڻ

  • تعارف
  • سال پويان پهر جدائي جو.
  • سور سارو بيان ۾ آهي،
  • اکيون پڙهي ڪو ڪتاب آهن،
  • شخص هڪ گم سُم رهيو تصوير ۾،
  • سنڌي ٽوپي اجرڪ پائي ويهندو آهين،
  • حال دل جو ڪٿي لڪائي ٿو،
  • ٿا مصيبت ڏين مرحلا عشق جا،
  • پاڻ وڇڙي جي ڌار ٿينداسين،
  • جميل ڪردار ڪو نه ٿيندو، زبان تي جي جمال ناهي،
  • محبتن جا سلسلا گهٽجن پيا،
  • تو اکيون کولي ڏٺو ڇو نه پياري رات جو،
  • مرتضى لغاري

  • تعارف
  • هي مست موسم، بهار ۽ تون.
  • آس هڪڙي تي هت رڪي وياسين.
  • چاهتن جو سلو بي رُخي ٿي ملي،
  • روشنيءَ کان پو ديد ڪهڙي آ،
  • مرحلو هي خُمار ڏيندو آ،
  • درد زندگيءَ جو باب ٿي ويو آ،
  • تنهنجو پاڙو گهٽي ۽ گهر تنهنجو،
  • جيئن چنڊ کي ڏسبو آ ڪڪرن جي ڀاڪر ۾،
  • عجب زندگيءَ جو تماشو ڏٺوسين،
  • هي پهرين چڪر سان ويو حادثو ٿي،
  • مونکان منهنجي سکي رُٺل آهي،

  • سنڌسلامت طرفان

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........
    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر اٺهتر (78) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “برکا بوند بهار جي” سنڌ جي 16 شاعرن جي شاعريء تي مشتمل گلدستو آهي. پياري دوست ۽ مرڪ پبليڪيشن شهداد ڪوٽ جي سرواڻ مرتضى لغاريءَ کي جس هجي جنهن هن ڪتاب جي سهيڙ ڪئي آهي.
    اسين ٿورائتا آهيون پياري مرتضى لغاريءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني ۽ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. هي ڪتاب مرڪ پبليڪيشن شهداد ڪوٽ پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.
    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپـنــا

    عوامي شاعريءَ جي لازال حصي،

    استاد پيرل قمبر جي نالي

    (جنهن جي پوکيل شاعراڻي باغيچي جا گل اسان به آهيون)

    مرتضيٰ لغاري


    پبلشر نوٽ:

    ٿورا مَ ٿورا ...

    مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ پاران ادارتي سرگرمين هيٺ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ليکڪن کي سهيڙي ٽن ڪيٽيگريز جي ڪتابن آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. جنهن مطابق سينيئر توڙي جونيئر ليکڪن کي گڏيل ڪتاب ۾ آڻي کين تاريخ جو حصو بڻائڻ چاهيوسين.
    1 . شاعرن جو گڏيل ڪتاب
    2. ڪهاڻيڪارن جو گڏيل ڪتاب.
    3. مضمون نگارن جو گڏيل ڪتاب.
    ان خواهش کي دوستن سان شيئر ڪيوسين ته سڀ کان اول شاعر دوستن هن فيصلي کي ترجيح ڏني، جن ۾ ڪجهه شاعرائون پڻ شامل هيون. اهڙي طرح ڊيٽا فارم تيار ڪري ڪجهه دوستن تائين پهچايوسين. جنهن کان پوءِ شاعرن جو مواد ملڻ شروع ٿيو.
    مواد سليڪٽ ڪرڻ کان وٺي ڇپجڻ تائين جيڪي مرحلا ۽ مسئلا پيش آيا، انهن ۾ سندن شاعريءَ جي چونڊ، ڪمپوزنگ، ٽي دفعا پروف ريڊينگ ڊيٽا فارم تان معلومات حاصل ڪري تعارف لکڻ، ڪتاب جو مهاڳ لکرائڻ، تاثراتي پيج لکرائڻ، نالي جي چونڊ، سيٽنگ ۽ ڪتاب کي پريس تائين پهچائڻ دوران پيش آيل مسئلن جي سبب ٽائيم پرابلم به ٿيو ۽ ڪتاب مطابق ڪيل ڪن فيصلن کي بدلائڻو به پيو.
    1 . ٻارنهن شاعرن تي مشتمل ڪتاب آڻڻ جو فيصلو، جيڪو سورنهن شاعرن تائين پهتو.
    2. ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شاعرن کي شامل ڪرڻ بجاءِ آل سنڌ ڪتابي سلسلو جوڙيو ويو. ان کان علاوه به ڪافي ننڍيون وڏيون تبديليون ڪرڻيون پيون جن مان گذري ڪري سورنهن شاعرن کي گڏيل ڪتاب ‘‘برکا بوند بهار جي’’ شڪل ۾ آندو ويو.
    ڪنهن به معاملي ۾ سو سيڪڙو ئي درست هجڻ جي دعوى نه ٿي ڪري سگهجي، ڇو ته انسان جيتري ڪوشش ڪري ٿو، اهو انسان ئي آهي، ڪٿي نه ڪٿي ڪمي رهجي سگهي ٿي. هن ڪتاب جي مهاڳ طور آئون سڀ کان پهريان سنڌ ڌرتيءَ جي بهترين ليکڪه محترم ج.ع.منگهاڻي صاحبه جو بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن پنهنجن تمام مصروفيتن مان وقت ڪڍي، هن ڪتاب جي سورنهن شاعرن تي مهاڳ لکيو.
    سائين مقصود گل صاحب جا به لک ٿورا، جيڪو مرڪ پبليڪيشن سان هر وقت سلهاڙيل رهي ٿو. جنهن جي نيڪ تمنا ڪڏهن به اوپرائپ جو احساس نه ڏياريو آهي.
    عزيز قاسماڻي، هر دلعزيز ماڻهو آهي، جنهن سان کوڙ هجتون آهن، ادارتي مسئلا ۽ مرحلا سڀ ساڻس شيئر ڪري سهڪار وٺندي خوشي محسوس ڪندو آهيان ۽ هو به مون تي گهڻو مهربان، منهنجو حصو آهي.
    ڪنول پبليڪيشن جي دوست سعيد سومري به ان سلسلي ۾، جيڪو سهڪار ڪيو، آءٌ ان لاءِ سندس ٿورائتو آهيان.
    منهنجو دلي دوست جنيد علي سومرو ، جنهن کي هم خيال سمجهان ٿو، ادارتي توڙي ذاتي همسفر آهي. ان کان علاوه جن دوستن جو، مجموعي طور تي هن ڪتاب ۾ سهڪار رهيو، انهن ۾ ڪوڙل قربدار، علي صفدر، شيخ فرازي معشوق علي مگسي، عبدالواحد سومرو سان گڏ، انهن شاعر دوستن جو به ٿورائتو آهيان، جيڪي هن ڪتاب ۾ شامل آهن.

    سنڌ سلامت_ ساٿ سلامت

    مرتضى لغاري
    شهدادڪوٽ
    Cell: 0300-5182494
    0300-3429326
    Murtaza.laghari9@gmail.com


    مهاڳ

    سُونهَپَ ۾ سَپَ گَهڻا...

    شهدادڪوٽ منهنجي مهربانن جو شهر آهي. منهنجي ڀاءُ راجندر مهراج جي راحت گاهه، منهنجي پياري ويناشرنگيءَ جي جنم ڀومي.
    هونئن ته سنڌ سڄي هيرن کاڻ آهي. پر جتان هيرو نڪرندو آهي اهوئي هنڌ جرڪا ڪندو آهي.
    انهيءَ شهر شهدادڪوٽ مان رسالي، ‘نئين آس’ جي ايڊيٽر مرتضى لغاريءَ سورنهن (16) شاعرن جو ڪلام سهيڙي هڪ ڪتاب آڻڻ جي ‘نئين آس’ رکي آهي، جنهن جو مهاڳ مون کان لکرائڻ جي آس اٿس.
    آئون ماڻهو، ماڻهن جهڙي، جنهن جون مصروفيتون البته گهڻن ماڻهن کان گهڻو مختلف بلڪه منفرد آهن جن کي ڳڻائي ڳڻائي ٿڪجي. ۽ هاڻي ته ڦڪي ٿيڻ لڳي آهيان انهن جي اڳيان، جيڪي پنهنجن ڪتابن لاءِ مهاڳ/ٻه اکر يا بئڪ ٽائيٽل مونکان لکرائڻ چاهيندا آهن.
    ڇا ڪريان! مصروفيتون به جهڙيون تهڙيون هجن ته کڻي ٻيو ڪم به هٿ ۾ کڻجي. لطيف رحه تي تحقيق ڪرڻ. ۽ ‘شاهه جو رسالو’ ترتيب ڏيڻ ڀوڳ، مذاق ته ڪونهي. وقت ۽ ذهن مڪمل طرح جڏهن انهيءَ سچي ۽ اوريجنل ڪم لاءِ وقف ڪبا آهن، ارپبا آهن تڏهن ئي انهيءَ باڪمال ڪم لاءِ عمل جو مرحلو ايندو آهي. ۽ ڪاميابيءَ جي آس ڪري سگهجي آهي.
    اها اميد، اهو آسرو پنهنجي ڪم ۾ اٿم.
    جيئن جيئن انهيءَ ڪم ۾ ذهني طور ڳنڍجڻ ۽ ضم ٿيڻ چاهيندي آهيان تيئن تيئن منهنجا مهربان منهنجو وقت ۽ ذهن ٻي پاسي ڪرڻ چاهيندا آهن.
    هاڻي ته پڪو پهه ڪيو هيم ته بيلحاظي ته بيلحاظي ئي سهي. ڪنهن تي به ڪجهه به نه لکنديس. رُسن ٿا ته وڃي ست پچائي کائين.
    اهو سڀ طئي ڪري پنهنجي ڪم ڏانهن مڪمل ڌيان ۽ گيان ۾ هيس ته هي ٻه ڄڻا (مرتضى لغاري ۽ عزيز قاسماڻي) بلڪل منڪر نڪير جيان اچي نروار ٿيا. ۽لطيف رحه چواڻي،
    هي جي ٻه ڄڻا، اونچا الاهي،
    سا پار لنگهائين، اونـهـــي جا اوتــــڙ گـهڙي.
    اسين وري وچڙڻ نٿا چاهيون. فونن جا ڪڙڪاٽ هجن ڪڏهن هِي ته ڪڏهن هُو. خير، اهي ته ٿيا ڀوڳ.
    سنجيده ڳالهه اها آهي ته نيٺ انهن مونکان مهاڳ لکرائڻ جو اقرار ڪرائي ورتو. ۽ ڄڻ انهن سورنهن شاعرن کي مون سان ناراض ڪرائڻ چاهيو.
    سورنهن (16) شاعر هي آهن:
    1. عبدالله شاهه ‘‘اطهر’’ 2. شفيع محمد ‘‘شاد’’ 3. سميع ساجد جوڻيجو 4. ڪؤڙل قربدار 5. ناشاد رشيد سنڌي 6. رشيد خانواهي 7. پريتم قاضي 8. عمر ‘‘دراز’’ 9. مٺل سولنگي 10. شيخ نديم 11. سرتاج ڀٽو 12. بدر انصاري 13. بلال عزيز بروهي 14. پريت گهمرو 15. عائشه ميمڻ 16. مرتضى لغاري
    سچ ٻڌايانوَ، هنن گهڻن شاعرن مان گهڻا ته منهنجا پڙهيل ته ڇا پر ٻڌل به ناهن.
    مرتضى لغاريءَ چيو، ”اوهان جڏهن رسالي، ‘سوجهرو’ ۾ ايڊيٽر اِن چيف هئا تڏهن اوهان هميشه مونکي رد ڪيو هو.
    چيومانس، ‘مرتضى، يقين ڪر ته مون نالو ڏسي (وڏو يا ننڍو) نه ڪڏهن ڪو ليک/شعر ڇپيو آهي ۽ نه ئي نالو ڏسي ڪڏهن ڪو ليک/شعر رد ڪيو آهي.“
    چيائين، ”پوءِ ته هاڻي به توهان مونکي رد ڪندا.“
    پڇيومانس، ‘ڇو؟ ڪيئن؟“
    چيائين، ”هاڻي به اهائي شاعري موڪلي اٿم جيڪا اوهان رد ڪئي هئي.“
    کيس ڪهڙو جواب ڏيان؟
    2003ع ۾ آئون ‘سوجهرو’ جي ايڊيٽر اِن چيف هيس ۽ هاڻي 2013ع پڄاڻي تي آهي يعني انهن 10-11 سالن ۾ هن ڪابه نئين شاعري نه لکي آهي.
    حيران آهيان ته جيڪا سندس شاعري مون رد ڪئي هئي/نه ڇپي هئي اها ئي وري مون ڏانهن ڇو موڪلي آهي؟ ڳالهه آهي حيرت جهڙي! جيڪڏهن سچ آهي ته!! وڏي حيرت جي ڳالهه اها ته هو ان شاعريءَ کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرائڻ چاهي ٿو. ان کان به وڏي حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هو ان جو مهاڳ مونکان لکرائڻ چاهي ٿو. پوءِ ته کيس مهميزون سَهڻيون/برداشت ڪرڻيون پونديون.
    جَان وَاهڙَ ۾ وَهُه، تَان تُون مَڇَ نَه مَوٽِئو،
    ڪَائي ۾ ڪُوهُ ڪَرئين، مَوٽڻ جو پَهُه،
    هاڻي سِرَ مَٿي سَهُه، مَهَميزون مَلاحن جُون.
    (شاهه رحه)
    شاعريءَ جي پرک جو سٺو طريقو ڊبليوايمپس جو آهي،
    ”شاعريءَ کي سمجهڻ نالو آهي انهيءَ عمل جو جنهن وسيلي اسين (نقاد) انهيءَ تخليق کي پنهنجي ذهن ۾ ٻيهر جوڙي سگهون ٿا.“
    ساڳئي ڳالهه سرپرسي نن به ڪئي آهي، ”شعر جي سڃاڻپ جو مطلب شعر کي نئين سِر تخليق ڪرڻ، شاعر ۽ نقاد جي قابل ٿيڻ آهي.“ اهائي سوچ، اسان جو به نيم هئڻ گهرجي. جڏهن ته اسان وٽ مُئي وانگي ڪک به نٿو سهي سگهجي. هر ڪو اهو ٿو چاهي ته سندس تعريف ڪئي وڃي.
    تنقيد سهڻ کان هر ڪو ايئن ٿو ڀڄي، جيئن ڪانءُ ڪمان کان. اهڙي صورت ۾ مونکان مهاڳ لکرائڻ مرتضى لغاريءَ جو درست فيصلو ناهي.
    مون رسالي ‘سوجهرو’ کي ڏنل پنهنجي تازي انٽرويو ۾ به اهوئي چيو آهي، ‘سنڌي شاعر وٽ پنهنجي شاعريءَ جا اسي يا سؤ صفحا گڏ ٿين ٿا ته کيس ڪتاب ڇپائڻ جي هورا کورا، اڻتڻ ٿي پوندي آهي.“
    مونکي ته مرتضى لغاريءَ هر شاعر جا هن ڪتاب ۾ شامل 13/14 صفحا موڪليا آهن، جن کي به اهي شاعر گڏي سڏي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ چاهين ٿا.
    ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ ايڏي تڪڙ ڇو؟ ڄڻ دنيا ختم ٿيڻ واري هجي!! ڇا ٿي پوي جو ٿورو ترسي، ڪنهن جي رهنمائيءَ ۾ ڪجهه سکي، بهتر ۽ وڌيڪ شاعري ڪري پوءِ ڪتاب آڻجي. لطيف پاڪ به ته ايئن ئي فرمائي ٿو،
    ڏَورِ مَ ڏِيئان ڌار، ڏورڻ گهڻو ڏاکڙو
    ڪَوڙين لک هزار، اِن اُونداهيءَ انڌا ڪيا.
    يعني، ڏيئي/روشني کان سواءِ سفر ڏاڍو مشڪل آهي ۽ انهيءَ اونداهيءَ (بنا روشنيءَ) ڪروڙن، لکن، هزارن کي انڌو ڪيو آهي.
    بنا ڪنهن سونهين ۽ واقفڪار جي دشت جو سفر ڪيئن ٿا ڀانيو؟ سواءِ ريتيءَ ۾ داڦوڙا هڻڻ جي ٻيو ڪجهه به نه. شاعري به ايئن ئي رڻ جي سفر وانگي آهي. اڳتي هرڪو مرضيءَ وارو آهي. پر آئون ڇو ڪنهنجي به مرضيءَ تي هلان ۽ واکاڻيون ڪريان.
    هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو ڪو مقصد آهي. اصول آهي/هئڻ گهرجي. منهنجي زندگيءَ جو مقصد آزادي آهي. ۽ اصول، تنظيم ۽ منظم هئڻ آهي.
    لفظ ‘آزادي’ جي معنى ۽ مطلب کان سڀڪو واقف آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پتوڙ (عملي) ڪرڻ جو تصور به تصوراتي دنيا جو ڪو خوبصورت خواب لڳي ٿو.
    ٺيڪ آهي اهي آسائشون ۽ موقعا اسان کي ميسر ناهن. قلم ته آهي. چؤڏسائن ۾ نگاهه ڦيرائڻ کانپوءِ به اها قلمي پتوڙ نظر نٿي اچي.
    سنڌي شاعر جو شاعريءَ ۾ پيار، محبت ۽ عشق رڳو جسماني وابستگيءَ تائين محدود ٿي ويو آهي. پيار، محبت ۽ عشق هڪ لازوال، لافاني جذبو آهي.لطيف رحه چواڻي،
    نڪو سنڌو سور جو، نڪو سنڌو سڪ،
    عدد ناهه عشق، پڄاڻي پاڻ لهي.
    ۽ لطيف پاڪ ايئن به چوي ٿو،
    نَه کِلن نَه کِين ڪِين، نَڪي ڳالهائين،
    ڪنهن جنهن ۾ آهين، سا پروڙڻ ڏاکڙو.
    معنى: نڪو کلن ۽ خوش ٿين ٿا، نه ڪجهه کائين ٿا نه ئي ڳالهائين ٿا. انهن سان ڪهڙي ماجرا آهي/سندن اندر ۾ ڇا آهي. اهو راز پرکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
    ‘آزادي’ لطيف وٽ قيمتي وِٿ آهي،
    سَنهيءَ سُئيءَ سِبيو، مُون مارن سين ساهُه
    وَيٺي سَاريان سُومرا، گَولاڙا ۽ گاهُه
    هِنيون منهنجو هُتِ ٿيو، هِتِ مٽي ۽ ماهُه
    پکن منجهه پَسَاهُه، قالِب آهي ڪوٽ ۾.
    عمر بادشاهه هو. ۽ مارئي سندس رعيت ۾ هڪ عام غريب ڇوڪري.
    اها عام غريب، اڻ پهچ نوجوان ڇوڪري (مارئي) آزاد رهڻ جي عادي هئي. کيس عمر جا محل ۽ ماڙيون، سون ۽ زيور نٿي وڻيا. ۽ هوءَ انهن کي ٿڏي ٿي. ۽ لطيف سرڪار سندس زبان بنجي پوي ٿو،
    ڪارا ڪراين ۾، سون اسان کي سُوءَ
    وَرَ جيڏين سان جوءِ، فاقو فرحت ڀانيان.
    معنى: اسان جي ٻانهن/ڪَراين ۾ ڪارا (سڳا/ڌاڳا) آهن. سَونُ اسان لاءِ سوڳ آهي. پنهنجي جيڏين سان گڏ پنهنجي ملڪ ۾ (آزاد) رهڻ مبارڪ آهي. اتي جو فاقو ۽ بک به مون لاءِ فرحت آهي/راحت آهي.
    هن کي پنهنجن اباڻن سان پيار آهي جيڪي ڏکيا بکيا ۽ ان اگهاڙا آهن. ۽ ولين ۾ ويڙهيا گهمن ٿا. ۽ سندس ساهيڙيون جن جو صحرا/رڻ، سَتُر آهي/پردو آهي. هوءَ انهيءَ قيد ۾ خواب به پنهنجن جا ڏسي ٿي،
    سُتي لَڌم سُوهڻو، لَوئيءَ ۾ لَيٽي
    ته مَنڌي پايو مَٽ ۾، وِلوڙيان ويٺي
    پَکي آئون پَيٺي، کِيرون ڏينم جيڏيون
    (شاهه رحه)
    مارئي جو موضوع بيحد خوبصورت ۽ وسيع آهي. جنهن کي لطيف رحه آزاديءَ جي اهڃاڻ طور چونڊيو آهي. ‘حُب الوطن مِن الايمان’ اهوئي مارئيءَ (سُر) ۾لطيف رحه جو پيغام آهي، ‘الائين مَ هوءِ، جي آئون مران هن بند ۾.’
    اهائي آزاديءَ جو سڪ آهي، ڇڪ آهي جيڪا هنن سورنهن ئي شاعرن ۾ اڻ هوند جيتري آهي سواءِ بي ربط، هڪ ٻن بندن جي.
    سميع ساجد جوڻيجي جو بند،
    قائم رهندي دل ۾ ساجد، سنڌ امڙ جي عظمت ساڳي
    ڪؤڙل قربدار،
    سنڌ تنهنجي ساٿ کان.
    پئي وفا شاعر ٿي گهرجي.
    بند ۾ لفظ، ‘سنڌ’ کانسواءِ ٻيو هو پاڻ ئي سمجهي سگهي ٿو ته ڇا چوڻ چاهي ٿو؟ سندس نظم نالي، ‘سنڌ’ جون هي ٻه سِٽون سٺيون آهن (وزن ۽ بحر جي برعڪس)
    نئين نسل جي هوش جوش کي
    سنڌ جون ڪيان ٿو پارتون.
    سندس نظم، ‘جيءَ جياريو جيجل جهولي’ پڻ سٺو خراج آهي.
    عبدالله شاهه ‘اطهر’ جو شعر،
    سنڌ تنهنجي مٿان، جند گهوري ڇڏيان
    جو به ڏونگر ملي، ان سان ڏوري ڇڏيان.
    سنڌ سان محبت جو اظهار ڪمزور شاعريءَ ۾. الائي ڇا پيو چوڻ چاهي، ‘جو به ڏونگر ملي...’ ‘ڏونگر’ واٽن تي پيل آهن ڇا؟ جو جيڪو به ملي پوي ان سان ڏوري ڇڏي، ان سان ڇا ڏوري ڇڏڻ چاهي ٿو؟ وضاحت ضروري آهي. ايئن ئي سندس وڏي بحر وارو گيت آهي،
    زخم مٿان زخم سهي، اڃا ته مان جيئان پيو
    اڃا ته ويڙهه ٿي هلي اڃا ته مان وڙهان پيو.
    بيدل مسرور بدوي جي آواز ۾ ڳايل شيخ اياز جو گيت، ‘اڃا ته مان جيئان پيو.’ سڀني ٻڌو هوندو. خير، پاڻ ڄاڻن. پر گيت جو آخري بند ڏسو،
    اڃا ته مون ۾ ساهه آ، ڇو آخري پساهه آ
    اي عبدالله شاهه هن آزاديءَ تي ويساهه آ
    نه پٺتي پير آ هٽيو اڳي اڳي وڌان پيو.
    بس بنا ڪنهن تبصري جي بند ڏنو اٿم، جي راءِ ڏيان ها ته عبدالله شاهه اطهر...
    شفيع محمد شاد جو نظم،
    او جيڏا اڄ توسان هڪڙي ڳالهه ڪيان
    او سرتي اڄ توسان هڪڙي ڳالهه ڪيان
    او گنگا... او جمنا.. او ڏونگر... او صحرا... او ڀنورا... او جگنو...
    ايڏي گهل جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ايئن ته ٻيو به گهڻو ئي رهائي ڇڏيو اٿس. يعني، ‘اوچنڊ، او سج، او سمنڊ، او پوپٽ او... او...او... ڪيترو ساري سگهبو؟’
    حالانڪه هيٺ آيل سندس خيال سٺو آهي. ايئن ئي ڪڏهن ڪو خيال ۽ جذبو مختصر لفظن ۾ طاقتور بڻجي پوندو آهي. وزن ۾ بهرحال اهو نظم به کٽل آهي. بلال عزيز بروهي جولطيف رحه تي لکيل غزل سٺو آهي.
    رشيد خانواهيءَ جو نظم، ‘سنڌ جو ڪيڏارو’ درست راهه تي آهي جنهن ۾ لفظ الائي ڇو زوران زوريءَ آندل آهن، نظم جو هڪ بند آهي،
    ڪالهه کسيائون سنڌ جو پاڻي، اڄ ڪٺائون سنڌ جي نياڻي!
    بحر ۽ وزن ڏانهن به کڻي اک نه کڻجي. پر خيال ۽ جذبو ته سنڌ لاءِ/ڌرتيءَ لاءِ هجي، اهو به شعرن ۾ سمايل نظر نه آيو.
    شاعريءَ ۾ مرتضى لغاريءَ جي غزل جو هڪ بند،
    اوهان ٽنهي جو نڀاءُ ڪيئن آ
    سڄو مهينو، پگهار ۽ تون.

    (پهرين پگهار جي ته خبر پوي ته ڪيتري آهي پوءِ فيصلو ڪبو ته نڀاءُ ٿيندو يا نه!) شعر ۾ سنڌي سماج جي غربت جو طاقتور عڪس چٽيل آهي. باقي سندس ٻي شاعريءَ لاءِ ڇا چئي سگهجي ٿو جڏهن هو پاڻ لاءِ پاڻ ئي چوي ٿو ته،
    هي ٽٽل ۽ ڦٽل سٽون جوڙيم
    شاعريءَ جو ڪتاب ٿي ويو آ.
    سميع ساجد جوڻيجي جي شاعري ڪجهه سرت ڀري لڳي. پوءِ به کيس وڌيڪ سکڻ ۽ ڌيان ڏيڻ گهرجي. سندس پهريون غزل آهي:
    منهنجي آڱڻ تي آيو دلبر
    ٻهڪي پيو ٿو گهر جو آڳر
    روايتي ۽ ورجايل ڳالهه ۽ ‘پيو’ ۽ ‘ٿو’ جو گڏيل استعمال غير فصيح آهي. شعر وزن کان خارج آهي:
    يار مليو مون ڀاڪر پائي
    چمڪي پيو آ منهنجو مقدر

    هتي به ساڳيو حال آهي. آخري بند آهي:
    ڪڏهن ڏسان ٿو پاڻ کي ساجد
    ڪڏهن ڏسان ٿو هن کي هر هر

    هتي بحر وزن بنهه مختلف ٿي بيٺو آهي.
    اڄ ڀي آهي دل ۾ تو لئه
    پيار وفا ۽ چاهت ساڳي.
    سٺو غزل آهي ساجد جو.
    مٺل سولنگيءَ جو پهريون غزل آهي:
    هن جي گهٽيءَ ۾ جهومن ٿا
    نيڻ خوشيءَ ۾ جهومن ٿا

    شاعريءَ جو اهو اصول آهي ته پهرين سِٽ سان ٻي سِٽ جو ربط هجي. هتي، هُن جي گهٽيءَ ۾ ڇا ٿا جهومن جو نيڻ به خوشيءَ مان جهومن ٿا؟
    سندس غزل:
    هوءَ وئي اڄ مري هميشه لئه
    ٿي وئي دل چري هميشه لئه
    بحر وزن ۾ پورو آهي:
    پريت گهمرو جي شاعري پڙهي به اٿم ته ڇپي به اٿم. پهرين غزل جو بند اٿس:
    خواب جي ڀرپاسي اوندهه ٿي تري
    چنڊ چهرو ڪاش ڪو هينئر وري
    کيس وزن ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي:
    هوريان هوريان تجربو ٿيندو وڃي
    هانءُ منهنجو ماٺ ۾ سڏڪا ڀري
    بند جي پهرين سِٽ جو غزل جي وزن سان سڱ نه سياڪو. ۽ هتي ڇا پئي چوڻ چاهين پريت!
    اسان جا خواب سڀ ٽوڙي، اوهان کي ڇا مليو آخر
    اسان جون خواهشون لوڙهي اوهان کي ڇا مليو آخر
    سڄو غزل سٺو ۽ باوزن آهي.
    عائشه ميمڻ جي شاعري ۾ وسيع پختگي آهي.
    سندس غزل جو بند آهي،
    لڙڪ هوندا نه درد ڪو هوندو
    پاڻ ٻيهر جي ٻار ٿينداسين.
    يا،
    عائشه اڻ جهل اکين مان آب ٿي
    اوچتو ايئن درد تون وهندو نه ڪر!
    عائشه ميمڻ جي شاعري بهترين آهي.
    مٽي ماڻهو مٽي ٿيندو
    مٽي ناهين ته ٻيو ڇاهين
    واهه سٺو شعر آهي.
    پريتم قاضيءَ جو نالو ۽ شاعري مون لاءِ نئين آهي.
    غزل جو بند آهي:
    زندگي زهر کان به وڌ ٿي ڪڙي آهي
    پوءِ به ماکيءَ کان وڌ مٺي آهي.
    ....
    زهر هن زندگي جو آ پيئڻو پيو
    اسان کي مگر پوءِ به جيئڻو پيو
    ...
    مرڻ جت نه سولو جيئڻ آهي ڏکيو
    آ هر هر جيئڻ لاءِ مرڻو پيو.
    ....
    ڪؤڙل قربدار جو غزل آهي،
    اسانجي خوشي پئي نچي ٿي اڱڻ تي
    مٺي اڄ سينگاريون اچي ٿي اڱڻ تي

    ڪير پئي اچي اڱڻ تي جو، ‘مٺيءَ’ کي به سينگارڻ لاءِ سڏجي پيو. ۽ ‘مٺي’ اچي ڇا کي سينگاري؟ غزل جو بند آهي،
    گلابن جي خوشبو جو مهڪيل هٿن ۾
    ڏيڻ گلدستو اچي ٿي اڱڻ ۾.

    بحر ۽ وزن ته هونئن ئي ڪريل آهي. آئون ته گرامر ۾ ئي منجهي پئي آهيان. سندس نظم،
    نينهن جون نوازشون رهيون
    بي بها ۽ بي مثال اڻ ميون

    ۽ غزل
    جرئتن سان گهار زندگي
    سينو سپر ڌار زندگي

    مخاطب ڪنهن سان آهي؟ پاڻ سان يا زندگيءَ سان؟ ۽ زندگي سينو سپر ڪيئن ڪري؟ البته سندس نظمن ۾ ساهه آهي. حوالي لاءِ ڪائي مخصوص سِٽ نٿي ڏيئي سگهان. باقي مجموعي طور سندس نظمن کي بهتر چئي سگهجي ٿو.
    سرتاج خير محمد ڀٽو جو پهريون غزل آهي:
    اڄ وهي نيڻن منجهان پيا نار هن
    ويا پرين مونکان اکين جا ٺار هن
    بهترين غزل آهي. سرتاج خير محمد ڀٽو وٽ ڏات به آهي ته ڏانءُ به آهي. جنهن کي وڌيڪ ڌيان ۽ گيان جي ضرورت آهي. ‘ضرورت’ وارو سندس غزل،
    جيئڻ جي لئه جيئن جاني پساهن جي ضرورت آ
    تيئن مونکي مٺا تنهنجي ئي چاهت جي ضرورت آ
    استاد بخاريءَ جي ياد ڏياري ويو. استاد بخاري جو شعر آهي:
    ايئن دلدار مونکي تنهنجي محبت جي ضرورت آ
    جيئن دنيا کي بي انداز دولت جي ضرورت آ

    ڪوبه شاعر ڪنهن به شاعر کان متاثر ٿي سگهي ٿو، سٺي ڳالهه آهي. ائين ئي ڪو نئون شاعر وڏي شاعر کان سکندو ۽ اتساهه حاصل ڪندو آهي. پر ان کي جيئن جو تيئن کڻڻ جرم جي زمري ۾ اچي وڃي ٿو، جنهنجو خيال رکڻ انتهائي ضروري آهي. نه ته ٻيءَ صورت ۾ ڏوهن جو کارو ذهني ڪلهن لاءِ وڏو بار ثابت ٿيندو. ۽ اهي ڇڻي يا جهڪي پوندا. ناشاد رشيد سنڌيءَ جو غزل آهي:
    هڪ درد مون رکيو آ، دل ۾ دوا جي خاطر
    ڳوليان پيو مسيحا جڳ ۾ شفا جي خاطر
    سٺو بند آهي. ساڳيئي غزل جا هيٺيان ڪي بند مختلف بحر ۽ وزن ۾ آهن سندس هڪ غزل جو بند مونکي مرڪ ڏيئي ويو،
    توکان ڌار رشيد نه جيئندو،
    مسجد ۾ بيشڪ وٺي وڃ.

    خوبصورت سماجي/روايتي جملو آهي ‘واهه.’ ناشاد رشيد سنڌيءَ وٽ شاعريءَ جا گُنَ (هنر) آهن، ساڳيئي ڳالهه ته شاعري جيڪو ٿورو وقت گهري ٿي اهو ان کي ڏيڻ گهرجي. عبدالله اطهر جو غزل آهي:
    وار وکريل وري پار ڪنهن لئه پرين
    ٿا ڳلن تان وهن نار ڪنهن لئه پرين
    سڄو غزل بهترين آهي پر آخري نالي واري بند (مقطع) ۾ هروڀرو پنهنجو پورو نالو ذات ۽ تخلص سڀ آڻڻ جي ڪري وزن ڪري پيو. بند آهي ته
    عبدالله شاهه ‘اطهر’ سان تو جي ڪيا
    هاڻ ڏس تو اهي عار ڪنهن لئه پرين
    چوڻ به الائي ڇا ٿو چاهي! جيڪو سندس نالي ۽ تخلص جي ور چڙهي ويو آهي. ٺيڪ آهي جتي گنجائش هجي/شعر جي صحت کي ڪو نقصان نه ٿي اتي سڀ ڪجهه بلڪه ولديت به آڻي سگهجي ٿي. باقي نالي ۽ تخلص کي ضرور آڻڻ وارو ضد نقصانڪار ٿئي ٿو. تعجب اهو اٿم ته عبدالله شاهه ‘اطهر’ سٺو شعر سٺن خيالن سان لکندي لکندي واٽ تان هٽي ڇو ويندو آهي.
    بدر انصاري کي شاعري جي تڪبندين سان دلچسپي آهي. اڃا کيس گهڻو سکڻو ۽ شاعريءَ جي لوازمات سان مسلح ٿيڻو آهي.
    سندس غزل:
    جيئن مصور جي لڳي تصوير اڌ
    ايئن سواءِ تنهنجي اٿم تقدير اڌ
    غزل جي آخري بند ۾ آيل قافيو، ‘لڪير’ درست ناهي ۽ وزن به ڪيرائي ٿو.
    عڪس جيون جو بدر پيو ٿو لڳي
    آ هٿن ۾ ڀاڳ جي لڪير اڌ!
    باقي سڄو غزل بهتر آهي. شيخ نديم جو غزل آهي:
    وساريم گهڻو ئي مگر ياد آيو
    ۽ وسريو ڪٿي همسفر ياد آيو

    هيٺيون بند به ڏسي سگهجي ٿو
    سکيءَ جي سڳي ۽ ڦلي جو ڏٺي مون،
    فڪر ياد آيو بحر ياد آيو

    شفيع محمد شاد جو نظم؛
    اي چنڊ تنهنجي چانڊوڪيءَ ۾، تسلسل ۽ وزن آهي. باقي خيال عام ۽ گٺل آهي. سندس غزل جو هي شعر،
    مئڪدو ٿو وڻي مئڪشي ٿي وڻي
    نيڻ اٽڪيا تڏهن زندگي ٿي وڻي
    سٺو شعر آهي. ٻيو غزل اٿس،
    جدائيءَ جي علامت کي نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو
    وڇوڙي جي ملامت کي نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو

    وڇوڙو ملامت نه عذاب هوندو آهي، قهر هوندو آهي. اتي لفظ ‘ملامت’ جي جاءِ تي لفظ ‘طوالت’ (ڊيگهه) اچي سگهي ٿو. آخري بند آهي:
    محبت جي تقاضا جو محبت آ ڀرم رکندي
    اهڙي درسي ديانت کي نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو.

    هڪ ته لفظ ‘اهڙي’ وزن کي ضربي ٿو ٻيو وري ‘خيال’ ٻاتاڙيل آهي. ڇا ٿو چوڻ چاهي، ‘اهڙي درسي’ جو مطلب؟
    بلال عزيز بروهي وٽ ڏات آهي باقي ڏانءُ سکڻ سندس ڪم آهي. ڇوته هو هلندي هلندي سڌي واٽ تان ٿڙي وڃي ٿو. ۽ مون وٽ مثال لاءِ به ڪجهه نٿو ڇڏي پوءِ به آئون سندس هڪ غزل جو حوالو ڏينديس:
    زندگي هڪ پيار وارو دل پسند آهي قصو
    ياد ماضيءَ جو سهارو دل پسند آهي قصو.
    غزل درست آهي وزن وغيره ۾. زندگي، ماضي، حال ۽ مستقبل تائين جي ساٿ ڏي ته، ‘زندگي’ ئي آهي، پوءِ ماضيءَ جو سهارو يا دل پسند قصو ڪيئن ۽ ڇو آهي؟ ‘خيال’ وضاحت چاهي ٿو.
    رشيد خانواهي جو پهريون غزل، مارئي جو عمر سان تخاطب سٺو غزل آهي. ٻين شعرن ۾ به هو ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ بحر ۽ وزن سان نڀائي ٿو. وري اهوئي سڀاڳ بحر ۽ وزن جي علم جي عدم موجودگيءَ جي ڪري ڪٿي ڪٿي شعر لڏندا ۽ ڪرندا رهن پيا. جنهن کي سنڀالڻ سندس ڪم آهي.
    عمر دراز جو غزل،
    ڪٿي قرار ڪرڻ لئه وٺان مزو ڪوئي،
    ڪٿي ملي ته خريدي اچان مزو ڪوئي.

    سڄو غزل مڪمل طرح وزن ۾ پورو غزل آهي. ائين سندس غزل بحر ۽ وزن ۾ ڄڻ ته سڀيئي پورا آهن ڪمي آهي ته خيال جي آهي جيڪو ناپيد آهي، ڪمي آهي ته ‘لفظن جي درست چونڊ جي’ آهي.
    آئون پوءِ به مايوس ناهيان. هي جيڪي سورنهن شاعر آهن انهن جي شاعريءَ مان اميد جا ڪرڻا ٽانڊاڻن جيان ٽِمڪي منهنجي اميد کي نويد ڏيئي رهيا آهن.
    داد ڏي مونکي ته ڪاريءَ رات ۾
    روشنيءَ جي وصل جي اميد ڪئي. (ج.ع.منگهاڻي)
    هوريس لاطيني ادب جو هڪ اهم شاعر ۽ نقاد ٿي گذريو آهي. جنهنجو چوڻ آهي ته، ‘شاعر جو مقصد يا راحت بخشڻ يا ٻئي ڪم آهن.’

    مون سڀني (16) شاعرن جا سڀئي شعر هڪ هڪ ڪري توجهه ۽ دلچسپي سان پڙهيا آهن. ڊرائيڊن جي لفظن ۾ چونديس ته، ”رڳو زندگيءَ جو مشاهدو ئي شاعريءَ لاءِ ضروري ناهي بلڪه ان مشاهدي جي تخيلاتي استعمال سان ئي شاعري وجود ۾ ايندي آهي.“
    اسان وٽ ته زندگيءَ جو به ڪو مشاهدو نظر نٿو اچي ته ان جو تخيلاتي استعمال ڪٿان ٿيندو؟ هتي ته ٽڙيل پکڙيل عجيب الخلقت خواب ميڙي چونڊي اڌورا ٽٽل لفظ ڪتب آڻي ڪتاب ڇپائي ايئن مطمئن ٿي ويهندا آهن جيئن، ‘جنرل انشورنس ٿيل شيءِ جا مالڪ مطمئن هوندا آهن ته نقصان ڀرجي ملندو.’
    اهو ماحول ان ڪري جڙي راس ٿيو آهي جو اسان وٽ مطالعي جو شوق ناهي، پڙهڻ جي عادت ڪانهي. جديد دنيا ۾ ايئن ناهي اتي سڀ کان وڌيڪ اوليت تعليم ۽ مطالعي کي ڏني وڃي ٿي اتي ڪتاب پڙهيا وڃن ٿا. ڀلي سڀ ڪجهه ڪمپيوٽرائزڊ هجي. ڀلي هڪ ئي بٽڻ دٻائڻ سان دنيا جو علم، ادب ۽ آرٽ اڳيان اچي وڃي پوءِ به اتي زورشور سان ناول، ڪهاڻي، شاعري وغيره لکجي، ڇپجي ۽ پڙهي ويندي آهي. ايتري قدر جو جڳ مشهور دانشور بائيبل چوي ٿو، ”آئون پنهنجي مطالعي ۽ ڪتاب جي شوق عيوض دنيا جو تخت ۽ تاج ٺڪرائڻ پسند ڪندس.“
    بس، اهوئي سڀ ڪجهه چوڻو هيم. وڌيڪ ڪنهن به هدايت جي ڪنهن کي به ڪابه ضرورت ناهي. شال جيڪو چاهيان ٿي اهوئي آئينده ڏسي ۽ پڙهي سگهان.
    هَيجُ نَه هُوندَو جِنِ، سَي ڪِيئن وِندر وِينديون
    وِهو وِچ رهن، سهسين سَڌُن واريون.
    (شاهه رحه)


    ج.ع.منگهاڻي
    05 ڊسمبر 2013ع
    ڪراچي


    اَمهاڳ

    اوکو پنڌ پهاڙ جو

    شاعري - سماجي وهڪ، سياست، سياسي اٿل پٿل، نظيرين کان دور نه آهي پر انهن سڀني پهلوئن کان شاعريءَ جو آرٽ ئي وڏي اهميت رکي ٿو.
    عشق تنهنجو اياز آهِ انسان سان
    هو چون ٿا ته تون ناههِ ايمان ۾
    ادب ۾ جيڪي به فڪري، نظرياتي، سياسي تحريڪون هليون آهن انهن جي ڇانوَ ۾ جيڪا تخليق ٿي آهي ان کي دوام ڪيترو آهي...؟ ان کي ادب نويس ڄاڻن ٿا. ان تخليق کي وڌيڪ عمر ٿيندي آهي جنهن ۾ آرٽ هجي ٿو ۽ زندگيءَ جو مڙني احساسن سميت جھنجھيل هجي ٿي.
    سنڌ ۾ جيڪي سنڌ جي سياست جي ڇانوَ ۾ تحريڪون هيلون ان ۾ جيڪا شاعري يا نثر ۾ جيڪو ڪم ٿيو آهي. اهو محذ ماضي ۽ تاريخ آهي؟
    سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ روايت رهي آهي ته شاعرن جا گڏيل شاعريءَ جا مجموعا ڇپجندا رهيا آهن ۽ هن وقت جنهن ڪتاب تي راءِ ڏئي رهيو آهيان اهو به شاعرن جي گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب جو هڪ حسين وکر آهي.
    حالِ جديد جي شاعري پڙهندي اِهو محسوس ٿيندو اٿم ته هو سٺو پڙهڻ ۽ فن جي ڄاڻيندڙ استادن کان ڪوهينِ ڏور ٿا گهارين جنهن جي ڪري خيال جي وسعت، علم ڇند يا عروض جي پابندي رچيل نظر نٿي اچي. ان پاسي جديد دؤر جي شاعرن کي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
    هن ڪتاب ۾ جن شاعرن جو مواد شامل آهي انهن ۾ مرتضى لغاري، عائشه ميمڻ، پريت گهمرو، عبدالله شاهه ‘اطهر’، شفيع محمد ‘شاد’، سميع ساجد جوڻيجو، ڪوڙل قربدار، رشيد خانواهي، ناشاد رشيد سنڌي، پريتم قاضي، مٺل سولنگي، عمر دراز، شيخ نديم، سرتاج ڀٽو، بدر انصاري ۽ بلال عزيز بروهي
    ڪي طئه ٿيل رستا آهن، جن ۾ عربيءَ ۽ فارسي جي شاعريءَ جا قانون. جنهن رستي تي سنڌي شاعرن تمام گهڻو پنڌ ڪيو آهي. انهيءَ قانون جا ارڪان ۽ افاعيل ڌار ڌار ٻوليءَ جي خاصيت سان نٿا ڳڻي سگهن.
    شَمَعَ - هن لفظ ۾ سڀ جو سڀ اکر متحرڪ آهن. فارسي علم موجب متحرڪ کي ساڪن نٿو ڪري سگهجي پر ڇند وديا جو اصول ان ۾ لاڳو نٿو ڪري سگهجي. اهڙين پيچيدگين کي اسان جا گهٽ شاعر سمجھن ٿا.
    اسان وٽ کوڙ اهڙا شاعر آهن جن جي سڃاڻپ نقاد، اسٽيچ جا مقرر ۽ شاعر طور آهي پر هو پنهنجي شاعريءَ جو ڪتاب نٿا ڇپرائن. ڇو ته بظاهر جيڪا هنن جي شخصيت جڙيل آهي ۽ ادب کي هنن ٽن ڏهاڪن کان مٿي وقت ڏنو آهي، ڪتاب اچڻ کان پوءِ انهن جو شاعر وارو ڏيک ويک ۽ علم پڌرو ٿي پوندو!
    پر مان خوشي ٿو محسوس ڪريان ته نوجوان شاعرن ۽ شاعِرائن جو هي گڏيل مجموعو حسنِ اخلاق ۽ جرئت آهي جو ڇپرائن ٿا پنهنجي شاعري. توڙي جو مڪمل شاعريءَ جو ڪتاب هر هڪ شاعر جو اچي سگهي ٿو پر هن روايت کي اهميت ڏيندي مرتضى لغاري هي ڪتاب آڻي ٿو. ۽ سڀ شاعر دلي طرح هن ڪتاب ۾ شامل ٿيا آهن.
    غزل جون جڙون سنڌي ادب ۾ پختيون ٿي ويون آهن. هن وقت سنڌيءَ ۾ جيترو غزل لکيو وڃي ٿو شايد ئي ڪا ٻي صنف هجي. ويجھڙ واري دؤر ۾ صرف ۽ صرف شاعر فارسي جي اثر هيٺ زيرِ اضافت جو استعمال ڪيو آهي. پر هن ڏهاڪي ۾ ته شاعرن جو ان طرف به نه هجڻ وارو رويو رهيو آهي.
    غزل جي زمين کي فارسيءَ جي ترڪيبن مان ڇوٽڪارو شيخ اياز ڏنو آهي، جنهن جي لکڻ کان پوءِ سڀني ان کي دل سان قبول ڪيو ۽ تيزيءَ سان غزل جي پوک جي آبياري ٿيندي ڏسڻ ۾ ٿي اچي. هن ڪتاب ۾ به گهڻي تڙين انداز ۾ غزل ئي آهن. مان چوڻ به اِهو ٿو گهران ته غزل کي، هن ڌرتيءَ جيتري جلا بخشي آهي جو غزل کي خود ناز ٿو ٿئي، جھومي ٿو، خود کي ڳائي ٿو ۽ هتان جو نقاد غزل جي آهنگ، ترڪيبي اظهار ۽ گائڪيءَ کان گهڻو پري بيٺو آهي! نقادن رڳو غزل تي لکڻ، راءِ ڏيڻ بدران، شاعرن جي دامن ۾ خاک رکي آهي ۽ هڪڙن نقادن ته رڳو نظم کي ٽوڙي، ڀڃي ۽ نثر ۾ بيان ڪيو آهي ۽ اهي پاڻ کي شاعريءَ جو نقاب ٿا سمجھن، جيڪي رڳو نظم جو نثر ۾ بيان ڪن ٿا. ان کان وڌيڪ ٻيو ڪم نقاد نه ڪري سگهيا آهن.
    نثر توڙي نظم ۾ اسان وٽ وڌيڪ تجربات ٿيا آهن ۽ لکيو به ويو آهي ته ضرورت يا کوٽ ان ڳالهه جي آهي ته سنڌي ادب جو انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو نه ٿيو آهي. ان ڪتاب ۾ شامل ڪجهه غزل، جن کي سنڌي زبان جي خوشبوءِ سميت، خيال جي اڻت، گائڪي ۽ شاعراڻا ويس وڳا حسين تر پاتل آهن.

    آس هڪڙي تي هت رڪي وياسين
    ڌر تتيءَ تي سڙي سڪي وياسين
    مرتضيٰ لغاري

    تـتا سور، هاڻي ٺري رات آهي
    وري من لجھائڻ ڀڳي ڏات آهي
    عائشه ميمڻ
    دلربا روح ۾ وسي وڃــــجـــي
    هار، ٻانهون ڪري ٻکي وڃجي
    پريت گهمرو
    مئڪدو ٿو وڻي مئڪشي ٿي وڻــي
    نيڻ اٽڪيا تڏهن زندگي ٿي وڻــي
    شفيع محمد شاد

    تو جي ڪارو وڳو پنهنجي تن تي ڪيو، سوڳوار آزمايو سڄو ٿي پيو
    لڙڪ ڪنهن ٿي ڏنا، نيڻ ڇو ٿي ڀنا تنهنجي اکڙين ۾ پاڻي ڀلا ڪيـئن ڀريو
    عبدالله شاهه اطهر

    ٻين شاعرن جي شاعريءَ ۾ به اهڙيون کوڙ خوبيون آهن پر مان حوالي طور مٿئين شاعري ڏني آهي. هن ڪتاب ۾ شامل شاعرن جي لاءِ زندگيءَ جي آرائش گهڻو ڪوهه پري آهي. بس، آرائش موجود ئي نه آهي. ان ڏکئي ماحول ۾ ادب سان دلي لڳاءُ رکڻ، لکڻ، پڙهڻ ۽ مسلسل ادبي عمل سان پاڻ کي سلهاڙي رکڻ خوشيءَ جھڙي ڳالهه آهي. شاعري انساني زندگيءَ جي کوڙ پهلوئن کي پختو ۽ پاڻ ڀرو رکيو آهي. هن پسمانده ملڪ ۾ هنن دوستن جو ادب سان دلي لڳاءُ اُجري ۽ صاف پاڻيءَ جي برابر آهي. جيڪڏهن ڳڻپ ڪبي ته علمي ۽ فني طرح بي شمار هن ڪتاب ۾ حسناڪيءَ سان جھنجھيل تخليقون ملنديون. سنڌي شاعري اوڻويهين ۽ ويهين صديءَ جي نظرياتي محور مان نڪري چڪي آهي. آڳاٽن شاعرن جي شاعري تصوف، مذهب ۽ سياسي نظرين جي ڇانوَ ۾ وڌيڪ رهي آهي. آرٽ جي اِها خوبي آهي ته ادبي نظرين کي وڌيڪ اهم سمجھڻ گهرجي. ان جو بنياد شاهه لطيف رکيو آهي؛ قومي شاعري ٿيندي رهندي، قومون هن وقت به رياستي جبر هيٺ زندگي گذارن ٿيون جيستائين مستحڪم ٿين، تيستائين قومي شاعري ٿيندي رهندي.
    شاعري روح جي وڄندڙ تار آهي.

    عزيز قاسماڻي
    محبوب جو بنگلو - لاڙڪاڻو
    11-12-2013


    رچنائن جو ڪويتا نگر

    مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ جي دوست مرتضى لغاري ‘‘برکا بوند بهار جي’’ نالي سان جيڪو هي رچنائن جو ‘‘ڪويتا نگر’’ جوڙي توهان جو خوبصورت هٿڙن جو سينگار بڻايو آهي، ان ۾ 16 رچنا ڪارن جون قلمي ڪاوشون اوهان جي اکين ۽ دل کان داد وٺڻ لئه هڪ جاءِ تي هٿيڪيون ويون آهن. هن ڪوتا نگر جي پنهنجي حوالي سان ان ڪري به اهميت وڌي وڃي ٿي ڇو ته، هي هڪ ڪتاب جي ڳالهه ناهي، پر سنگت جي سڳنڌ ڀرئي سهڪار سان هڪ ڪتاب مان وڌي ڪيئي ڪتاب به ٿي سگهن ٿا مرڪ پبليڪيشن جو هي ڪتاب ‘‘برکا بوند بهار جي’’ ڪتابي سلسلي جي پهرين ڪڙي آهي، جنهن ۾ شامل 16 رچنا ڪار ٽنهي حوالن سان شامل ڪيا ويا آهن. هڪڙا سينيئر شاعر آهن، جيڪي سينيئر به آهن ۽ معروف به، پر پنهنجي ذاتي مالي حيثيت ڪمزور هجڻ جي ڪري پنهنجو الڳ مجموعو ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آڻي نه سگهيا آهن. اهڙن دوستن ۾ عبدالله شاه ‘اطهر’، ڪوڙل قربدار، ‘ناشاد’ رشيد سنڌي ۽ ڪجهه ٻيا. ڪجهه شاعر اهڙا آهن جيڪي وچٿرا آهن، نه گهڻا سينيئر آهن نه گهڻا معروف، اهڙن شاعرن کي متعارف ٿيڻ جي لاءِ مناسب پليٽ فارم جي ضرورت هوندي آهي، اهڙي پليٽ فارم جو ڪم مرڪ پبليڪيشن ڪري ڄاڻي. جنهن جي نتيجي ۾ تمام نوجوان شاعرن کي اتساهه ملي ٿو ۽ ڪي اهڙا شاعر دوست به آهن، جيڪي پنهنجي حوالي سان ڳچ وقت کان شاعري ڪندا به رهيا آهن ۽ هو پنهنجي حلقي ۾ چڱي ڀلي واقفيت به رکن ٿا، پراسان هن پليٽ فارم تان انهن کي ادبي هلڪي ۾ بلڪل نوآموز شاعرن جي حيثيت سان متعارف ڪرائي رهيا آهيون، اسان جي لاءِ اها ڀي خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته اسان سان اسان جي هن ڪوتا نگر ۾ ڪجهه اهڙا شاعر به شامل آهن ،جيڪي پنهنجي ڪتابن جا صاحب به آهن اهڙن رچنا ڪارن ۾ ڀيڻ عائشه ميمڻ ، رشيد خانواهي، سميع ساجد جوڻيجو ۽ پريتم قاضي جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا.
    مرڪ پبليڪيشن جو هي سلسلو پيار سان پڙهي، پرکي ۽ پنهنجي قابلِ قدر راءِ کان ضرور آگاهه ڪجو ته جيئن اوهان جي راين جي روشني ۾ اسان پنهنجي ٿيندڙ سلسلن کي وڌيڪ خوبصورت ۽ سندر بڻائي پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪري سگهون.
    مقصود گل
    المنظر گهر رتوديرو


    عبدالله شاهه ‘اطهر’

    تعارف

    عبدالله شاهه ‘‘اطهر’’ سان منهنجي پهرين ملاقات 1 مارچ 1995ع تي ٿي. معمول مطابق هن مون سان ملي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. جيئن سندس طبيعت ۾ شامل هيو ته هر نوجوان شاعر کي تمام گهڻو اُتساهه ڏيندو رهيو آهي. عبدالله شاهه ‘‘اطهر’’ 29 جولاءِ 1958ع تي سيد شريف شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس جنم ڳوٺ دلمراد ٽانوري هاڻوڪو تعلقو سجاول آهي. هو تعليم پرائمري تائين حاصل ڪري سگهيو. هن لکڻ جي شروعات 1973ع کان ڪئي. سندس زندگي جو پهريو شعر گيت آهي. عبدالله شاهه ‘اطهر’ شاعري جي فن جو گهڻو ڄاڻو ۽ استاد شاعر آهي، سندس شاعري جي سفر ۾ پرورش استاد الشُعراءُ پيرل قمبر جي رهنمائي هيٺ ٿي. شهدادڪوٽ جي تاريخ ۾ استاد پيرل قمبر جي شاعريءَ واري اسڪول کي برقرار رکندڙ عبدالله شاهه ‘‘اطهر’’ جهڙي طرح نوجوانن کي شاعريءَ جي فن ۾ اکر اکر سان ملائي وزن بحر ٺاهڻ جي سکيا ڏئي ٿو، اهڙي طرح مون ڪنهن شاعريءَ جي استاد کي نه ڏٺو. هو بنيادي طور تي ڌرتيءَ جو شاعر آهي، ڌرتيءَ جو درد، سنڌي قوم سان ٿيندڙ ناانصافي، سماجي، معاشرتي براين جا عڪس سندس شاعري جا اڻکُٽ موضوع آهن. جڏهن ته رومانٽڪ انداز ۾ به شعر جي بناوت خوبصورت ۽ شاندار آهي. هو پنهنجي زندگي ۾ وڏيرا شاهي جو مخالف، مظلوم جو همدرد هر ظالم خلاف بغاوت جو آواز آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هو پنهنجي شعر ۾ به جذباتي انداز ۾ ڪري ٿو، بلڪه گهٽي گهٽي ٿيندڙ هر جلسي جلوس توڙي ادبي سماجي گڏجاڻين ۽ ميڙاڪن ۾ وڏي واڪي بيان ڪري ٿو.
    عبدالله شاهه ‘‘اطهر’’ شاعري جي سڀني صنفن ۾ نباهه چڱي ريت ڄاڻي ٿو. غزل، گيت، وائي، چوسٽو، ٽيڙو ۽ ٻين سڀني صنفن ۾ سندس لکڻ جا ڪامياب تجربا آهن. پر پوءِ به هو غزل ۽ گيت کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو. هو پنهنجي طبيعت ۾ پنهنجي شفيق استاد پيرل قمبر جو مجسمو آهي. ڄڻ ته شاعري سهيڙڻ، گڏ ڪرڻ سندس شوق ۾ ئي شامل نه آهي پر مون جڏهن هن جي وکريل ڪوِتائن تي هڪ نظر وڌي ته محسوس ڪيم سندس شاعري پنجن ڇهن ڪتابن کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿي.
    عبدالله شاهه ‘‘اطهر’’ ادبي سرگرمين ۾ استاد پيرل قمبر جي هوندي سندس ‘‘بزم پيرل قمبر’’ جو سرگرم اڳواڻ رهيو. استاد جي وفات کان پوءِ باقي ‘‘بزم پيرل قمبر’’ جي اڳواڻن سان ڪجهه بنيادي اختلافن سبب هن ‘‘بزم پيرل قمبر’’ کي الوداع چيو. ان کان پوءِ 1999ع ۾ استاد پيرل قمبر جي ننڍي ڀاءُ مولا بخش سومرو سان گڏجي ‘‘پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت سنڌ ‘‘ جي نالي سان تنظيم جو بنياد وڌائين. هو تنظيم جي باني هجڻ سان گڏوگڏ چونڊيل مرڪزي صدر پڻ آهي. هو پنهنجن تنظيمي سرگرمين ۾ سڄي سنگت کان وڌيڪ جاکوڙي ڪردار رهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ هن پليٽ فارم تان لاڙڪاڻي ڊويزن تائين جي سينيئر توڙي جونيئر شاعرن اديبن سان رهاڻيون ميڙاڪا ۽ مشاعرا ٿيندا رهن ٿا.
    استاد پيرل قمبر جي سالياني ورسي پڻ سنڌ سطح تي باقائدي هر سال ٿيندي رهي ٿي. جنهن ۾سڄي سنڌ جا ناميارا ۽ سگهارا اديب شرڪت ڪندا رهن ٿا. استاد پيرل قمبر جي وفات کان پوءِ سندس شاعريءَ کي سهيڙي 2007ع ۾ ‘‘سجدو ادس آ’’ جي نالي سان ڪتاب شايع ڪرائڻ به پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت سنڌ جي سرگرمين ۾ شامل رهيو ۽ استاد پيرل قمبر جو ٻيو ڪتاب به عبدالله شاهه اطهر جي نگراني هيٺ ڪمپوزنگ جي مرحلي ۾ آهي، جيڪو پڻ جلد شايع ٿيندو. هو مستقل مزاج ماڻهو آهي جيڪو ادب جي سفر ۾ ڪنهن به پنڌ تي پري پري تائين ٿڪجڻ جو تصور ئي نه ٿو رکي.
    عبدالله شاهه اطهر هن وقت ڪمبوهه محلا شهدادڪوٽ ۾ رهي ٿو.
    ائڊريس. آفيس پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت سنڌ مرڪز شهدادڪوٽ.
    موبائل: 03342010903
    Email. abdullahshah.pqass@yahoo.com
    مرتضى لغاري 15 ڊسمبر 2013


    سنڌ پنهنجي مٿان، جند گهوري ڇڏيان،

    سنڌ پنهنجي مٿان، جند گهوري ڇڏيان،
    جو به ڏونگر ملي، ان سان ڏوري ڇڏيان.

    ديپ ٻاري ڇڏيان، هي مان رت سان هتي،
    خون پنهنجي سان، ڌرتيءَ کي توري ڇڏيان.

    پير غيرن جا سنڌڙي مٿان جي ڏسان،
    جيءُ جيرا پليتن جا جهوري ڇڏيان.

    قوم جي رت پياڪن کان بدلو وٺان،
    ڇو نه لت ڏئي ڀتر جان مان ڀوري ڇڏيان.

    ظلم ۽ ڏاڍ جي انتها آخري،
    ڪين ڪنهنجي ڪڏهن ڀي مان ٿوري ڇڏيان.

    مان ته باغي منهنجو ڪم بغاوت سهي،
    جهنگ جهر ۾ صفا چڻنگ چوري ڇڏيان.

    ‘‘عبدالله شاهه’’ سنڌ سان منهنجو چاهه آ،
    ويري ‘اطهر’ نه سنڌ جا مان اوري ڇڏيان.

    **


    وار وکريل وري پار ڪنهن لئه پرين،

    وار وکريل وري پار ڪنهن لئه پرين،
    ٿا ڳلن تان وهن نار ڪنهن لئه پرين.

    هڪ ته ڪارا لٽا سي به ليڙون لٽا،
    حال اهڙا ڪيئي ڌار ڪنهن لئه پرين.

    خاڪ ۾ هٿ هڻي پو ٿو منهن تي هڻي،
    زندگي ٿي ويئي بار ڪنهن لئه پرين.

    ڪنهن کان وڇڙي مگر ايڏو اجڙي وئين،
    درد کان ٿي پئين تار ڪنهن لئه پرين.

    بي وفا جي چوان باوفا ڀي چوان،
    جيت ڪنهن کان ڪيئي هار ڪنهن لئه پرين.

    ڌڪ مٿي تي هڻي دانهون ايڏيون ڪري،
    پيو ٿو پنهنجا پٽين وار ڪنهن لئه پرين.

    منهنجي مجبوري هئي تنهنجي هٿ کي چميم،
    توکي ايڏي لڳي خار ڪنهن لئه پرين.

    ‘‘عبدالله شاه اطهر’’ سان تو جي ڪيا،
    هاڻ ڏس تو اهي عار ڪنهن لئه پرين.

    **


    تنهنجي پيرن جا نِشانا، اڄ به بيٺا هن چِٽا،

    تنهنجي پيرن جا نِشانا، اڄ به بيٺا هن چِٽا،
    تو قدم جٿ جٿ رکيا ها، سي قدم ناهن مٽيا.

    آ صحن منهنجو سجايل، ڀونءِ تي خوشبوءِ تنهنجي،
    ساهه سان سانڍي نشان هي، مون رکيا آهن مٺا.

    ياد تڙپائي جڏهن پو، درد مان دانهون ڪري،
    مان رکي سر خاڪ تي ڪيان، سا مٽي خاڪِ شفا.

    هنڌ کٽ تو جنهن تي ويهي، جنهن ۾ هوکاڌو پيتو،
    سو ڪري پوڄا جو منظر، مون رکيو آ دلرُبا.

    چنڊ تارن ڏي ئي ڏسندي، رات ٿي روئندي وڃي،
    آ مٿان محشر بپا پو، ڏينهن آ يا رات آ.

    ايترو ڀي ڪِٿ بُرو هُيم، جيترو سمجهئي مونکي،
    تون اگر هئين باوفا، ڪٿ پو ٿيس مان بي وفا.

    ڪيو جدا قسمت اسان کي، ڏوهه توتي ڇو ڏيان،
    هو لکيل پنهنجو وڇوڙو، ڪا نه آ تنهنجي خطا.

    هي حياتي ساري ‘‘اطهر’’، ظلم ۾ ڪٽڻي پئي،
    وئي ملي جو ‘‘عبدالله شاه’’، زندگي ڀر جي سزا.
    **


    پيار مون جنهن سان ڪيو سو پيار جي قابل نه هو،

    پيار مون جنهن سان ڪيو سو پيار جي قابل نه هو،
    دردِ دل جنهن سان سَليَم، اظهار جي قابل نه هو.

    هو سري محفل هو ويٺو مون جهڪي ان جي اڳيان
    هار پئي جنهن کي وڌا سو هار جي قابل نه هو.

    گڏ مرڻ ۽ گڏ جيئڻ جا واعدا ڪيڏا ڪيا،
    ان ڪيا اقرار پر اقرار جي قابل نه هو.

    زندگي پنهنجي وڃائي ان جي ٺاهيم زندگي،
    مون جنهن کي سينگاريو سينگار جي قابل نه هو.

    ان ها ‘‘اطهر عبدالله شاهه’’ کنيا قسم هر موڙ تي،
    مون ته پئي اعتبار ڪيو اعتبار جي قابل نه هو.

    **


    ڪهڙا پُڇين ٿو حال وڏيرا،

    ڪهڙا پُڇين ٿو حال وڏيرا،
    شل ڪي پوندئي ڪال وڏيرا.

    تنهنجي آ هڪ ڏينهن جي سياست،
    هارين لوڙيا سال وڏيرا.

    هُن کي ڏنا تو مُٺ ۾ داڻا،
    پاڻ ڀريا ٿي جوال وڏيرا.

    تارا تنهنجا ٻلي جهڙا،
    شهپر ٿي ٽي وال وڏيرا.

    مزدور، هاري هڪ ٿي ويندئي،
    پو تون وڄائيندين ٿالهه وڏيرا.

    نارين ۾ هن تنهنجون نظرون،
    بُڇڙا تنهنجا خيال وڏيرا.

    ڪن کي ٻَڌائين ڪِن کي ويڙهائين،
    ڪِن جا ڪهائين لال وڏيرا.

    هارين نارين جون هي ڪثران،
    گهر ۾ ڪڍئي ٿي زال وڏيرا.

    هڪ آ ماريو محنت ‘اطهر’
    ٻيا هن تنهنجا سوال وڏيرا.
    **


    انسان مٿان ظلم ڇو انسان ڪري ٿو،

    انسان مٿان ظلم ڇو انسان ڪري ٿو،
    انسان ڪري جيئن نه حيوان ڪري ٿو،

    الله جو انسان تي ويساهه هيو پر،
    جنت ۾ رهي پوءِ به غلطان ڪري ٿو.

    ظلمات جي ڪوٽن کي ڪيرائڻ ته ڏکيو آ،
    مايوس ٿي انسان ڪو ارمان ڪري ٿو.

    مظلوم جي دانهن کي ڪو ورنائي ڪٿي ٿو،
    لڙڪن جا روان روز هي طوفان ڪري ٿو.

    خاموش خدا ڇو آ ستم ظلم جي هوندي،
    محشر جو بپا ڇو نه هو ميدان ڪري ٿو.

    انصاف جي آواز کي ڪُچلي ٿو زمانو،
    سنسار سان ناحق پيو نادان ڪري ٿو.

    ڏمريل آ وڏيرو جو وڏيري به وڙهي اٿس،
    نادان کي روڪيو جو هو نقصان ڪري ٿو.

    ‘‘اطهر’’ تي عطا آهي رهي روز ازل کان،
    مولا جو مٿس قرب ۽ احسان ڪري ٿو.
    **


    ٻاٽ اوندهه ۾ نه ڀٽڪو درس هي ڏيندا هلو،

    ٻاٽ اوندهه ۾ نه ڀٽڪو درس هي ڏيندا هلو،
    ديپ آزاديءَ جا بڻجي تيل ٿي ٻرندا هلو.

    هي دُٻي جو پاڻي هرگز نيٺ وڃڻو آ سڪي،\
    همتن سان منزلن ڏي وک کڻي وڌندا هلو.

    ضبط ڪيو هر درد دل تي لڙڪ پنهنجا پي ڇڏيو،
    راهه حق جا راهي روئڻ جي بَجا کلندا هلو.

    سنڌي ٻولي جنهن بچائي ان جي هي درٻار آ،
    •هي ادب جي جاءِ آ، هن جاءِ تي جهڪندا هلو.

    ڪيئن تماشو ٿا بڻائن ظلم سان مظلوم کي،
    ان ڪريل ڪردار وارن تي اوهين لکندا هلو.

    روز مارو ٿا مرن بُک جي ڪري ٿر ۾ ڏسو،
    ڪيو شرم انسانيت جو ڪجهه ڀرم رکندا هلو.

    ان شهيدن جو مُقام آ ديس حق لئه جي وڙهيا،
    ساهه زوري ٿو ڇڪي هي تربتون چمندا هلو.

    ٿئي گواهه تاريخ ‘اطهر’ موت ڪيو اهڙو امر،
    ظلم جي ديوار ٽوڙيو ظلم سان وڙهندا هلو.
    *


    وائي

    جڏهين مرندس مان ،
    تڏهين ايندين تون پرين.

    دل ۾ سانڍي حسرتون،
    دم هي ڏيندس مان..!
    تڏهين ايندين تون پرين.

    يا هن دنيا تان صفا،
    مٽجي ويندس مان..!
    تڏهين ايندين تون پرين.

    ڇا هن ڌرتي پيٽ ۾،
    لَٽجي ويندس مان..!
    تڏهين ايندين تون پرين.

    شايد پيالو موت جو،
    ‘‘اطهر’’ پيئندس مان..!
    تڏهين ايندين تون پرين.
    تڏهين ايندين تون پرين.

    **


    آ تيل ڪڙاهه ۾ ڪاڙهي ڏس، پر سنڌ ۽ سچ جو نعرو آ،

    آ تيل ڪڙاهه ۾ ڪاڙهي ڏس، پر سنڌ ۽ سچ جو نعرو آ،
    ڀل مون کي آڙاهه ۾ ساڙي ڏس، پر سنڌ ۽ سچ جو نعرو آ.

    مقتل ۾ آهيان ته به خوش آهيان، هن موت تي ٿيو مايوس ناهيان،
    اڃا ٻي ڪا سزا تون تاڙي ڏس، پر سنڌ ۽ سچ جو نعرو آ.

    هن مير وڏيرن پيرن کان، ڊڄندس نه قفس زنجيرن کان،
    ڀل سال صديون تون واڙي ڏس، پر سنڌ ۽ سچ جو نعرو آ.

    هڪ ڦاهي ٻيو گهاڻو ڏاج منهنجو، منصور بلاول ‘‘اطهر“ آ،
    کڻي چوٽ سوليءَ تي چاڙهي ڏس، پرسنڌ ۽ سچ جو نعرو آ.

    **


    تو جي ڪارو وڳو پنهنجي تن تي ڪيو، سوڳ وار آ زمانو سڄو ٿي پيو،

    تو جي ڪارو وڳو پنهنجي تن تي ڪيو، سوڳ وار آ زمانو سڄو ٿي پيو،
    لڙڪ ڪنهن ٿي ڏنا نيڻ ڇو ٿي ڀنا،تنهنجي اکڙين ۾ پاڻي ڀلا ڪيئن ڀريو.

    تون حقيقت ڪري ڏس ازالو ٿيندو،جو حوالو ڏيندين سو رسالو ٿيندو،
    چمندي دنيا سڄي جيسين ٿيندو ختم ،تنهنجي تاريخ جو جي هي دفتر ٺهيو.

    رنگ قدرت جا تو ۾ ڪروڙين ڀريل،بي مثل آهين جڳ کي تون تحفو مليل،
    ايئن ارادن پنهنجن تي رهيو آن اٽل، ڪو ارادو نه تنهنجو آ ٽوڙي سگهيو.

    تون رنين تولئه دنيا سڄي آ رُني، هي زمين هت رني آسمان هُت رنو،
    شمس تارا ڪتيون ۽ قمر ڪهڪشان، غم جي لهرن ۾ آهي هي عالم سڄو.

    درد ‘‘اطهر’’ نه تنهنجو ڏسي ٿو سگهي، سوچ جي سمنڊ ۾ ٿو ٻڏي ۽ تري،
    دل جگر روح جو آهه رشتو توسان، ساهه سِر جو ڳنڍيل آ سڄڻ سلسلو.

    **


    گيت

    زخم مٿان زخم سهي، اڃا ته مان جيئان پيو،
    اڃا ته ويڙهه ٿي هلي، اڃا ته مان وڙهان پيو.

    اڃان نه جيت هار ٿي، اڃان نه سنڌ ڌار ٿي،
    زندهه ايئن نه موٽبو موٽڻ مون لئه ميار ٿي،
    وڙهي وڙهي ڪري وري مٽي چمي اٿان پيو.

    هي ديس ڌرتي پنهنجي پر غلام ٿي اسان رهون،
    سنڌو درياء آ پنهنجو چڪي پاڻي لئه سڪون،
    مان قيد سنڌ ٿو ڏسان جلان ٻران رجهان پيو.

    بشير خان، روپلو ۽ نورالله تونيو هيو،
    قربان، مظفر ڀٽو تاريخ ۾ امر ٿيو،
    بهادرن جون ڀونءِ لئه شهادتون ڏسان پيو.

    وڙهي وڙهي مري وڃان پنهنجي شهر پڄائجو،
    وڪي آ سنڌ جن اهي غدار منهن نه لائجو،
    اي باغِيو وصيتون اوهان کي هي ڏسيان پيو.

    اڃان ته مون ۾ ساهه آ ڇو آخري پساهه آ،
    اي ”عبدلله شاه’’ هن آزادي تي ويساهه آ،
    نه پٺتي پير آ هٽيو اڳي اڳي وڌان پيو.

    **


    تنهنجي محبت ۾ مان يار گُم ٿي وڃان، پيار ايڏو نه ڏي پيار ايڏو نه ڏي.

    تنهنجي محبت ۾ مان يار گُم ٿي وڃان، پيار ايڏو نه ڏي پيار ايڏو نه ڏي.
    سنڌ جيجل امڙ کي وساري ڇڏيان، پيار ايڏو نه ڏي پيار ايڏو نه ڏي.

    سونهن سڪ جي نشي م مزو ٿو اچي،هوڏانهن سنڌو سڪل آهي سنڌ ٿي سڏي،
    فرض ڪهڙو ادا ڪيان ٿو توکان پُڇان، پيار ايڏو نه پيار ايڏو نه ڏي.

    وڙهندي سنڌ لئه مران سنڌ جو قرض آ ناتو توسان نڀائڻ منهنجو فرض آ،
    فرض ۽ قرض کان جيئن نه قاصر ٿيان، پيار ايڏو نه پيار ايڏو نه ڏي.

    سنڌ ۾ ساهه آ ٻيو توسان چاهه آ، هن ٻنهي تي منهنجو يار ويساهه آ،
    هڪ ڪري پيو محبت ٻنهي سان ڪيان، پيار ايڏو نه پيار ايڏو نه ڏي.

    معاف تاريخ ‘‘اطهر’’ ڪٿي آ ڪندي، ورق اٿلائبا پو ملامت ٿيندي،
    لعنتاڻي انهي کان بچڻ ٿو گهران، پيار ايڏو نه ڏي پيار ايڏو نه ڏي.

    **


    شفيع محمد ‘شاد”

    تعارف

    ميرو خان تعلقي جي شاعرن ۾ شفيع محمد شاد ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي. هو ادبي سرگرمين، صحافت جي دنيا ۽ ذاتي زندگيءَ ۾ به سنجيده ۽ سڀاويڪ شخصيت جو مالڪ آهي.
    هن 1 اپريل 1973ع تي سهراب خان ٽاٽڙي جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ تعليم مئٽرڪ اٿس. هن لکڻ جي شروعات 1990ع کان ڪئي. غزل، گيت، وائي، ٽيڙو ۽ نظم سميت شاعريءَ جي سڀني صنفن تي عبور اٿس.
    سندس شاعري پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته سندس نظم تمام سگهارا آهن. شاعريءَ سان گڏوگڏ هو نثر ۾ مضمون، مقالا به لکندو رهي ٿو، جيڪي مختلف اخبارن توڙي مئگزينن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. شفيع محمد شاد هن وقت تائين نثر توڙي نظم جا چار ڪتاب سهيڙي چڪو آهي، جيڪي اڻڇپيل صورت ۾ موجود آهن.
    هو ميرو خان شهدادڪوٽ، قمبر ۽ لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به ننڍن وڏن ميڙاڪن ۾ شامل ٿيندو رهي ٿو. کيس بهترين شاعر طور سنڌي ادبي سنگت مرڪز طرفان 2010ع ۾ ايوارڊ مليو.
    ادبي سرگرمين ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ميروخان جو سينيئر ميمبر ۽ سرگرم اڳواڻ آهي. ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي مئگزين ‘‘نئين آس’’ شهدادڪوٽ جو مستقل ليکڪ ۽ بورڊ جو ميمبر پڻ آهي. هو صحافت جي دنيا ۾ به سٺي سڃاڻپ رکي ٿو. روزاني ڪوشش سميت مختلف اخبارن ۾ مستقل لکندو رهي ٿو. هو پسنديده ڪتاب شاهه جو رسالو ٻڌائي ٿو. ادبي شخصيت ۾ شيخ اياز ۽ سياسي شخصيت ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پسند اٿس.
    شفيع محمد شاد هن وقت ميروخان شهر ۾ رهي ٿو.
    Cell: 0300-3429734
    ائڊريس: شهباز ٽيلر ميروخان


    نظم:اي چنڊ تنهنجي چانڊوڪيءَ ۾!

    هڪ ماڻهو موتي داڻو آ
    جو روح منهنجي جو راڻو آ
    سو پنهنجي گهر جي آڳر تي
    هڪ بخمل واري بستر تي،
    هو ڄڻ ته گلاب جو گل آهي
    سو گهري ننڊ ستل آهي
    هو جهڙي مهل به جاڳي پئي...؟
    ان سهڻي صورت واري کي،
    ان ساهه کان وڌ پياري کي
    تون ساري هي پيغام ڏجان،
    آداب چئي هي عرض ڪجان،
    ڪنهن هڪڙي عاشق ديواني
    جيئن شمع خاطر پرواني جي،
    دل ۾ اڻتڻ سئن هجي،
    سِر گهورڻ لئه بيچين هجي،
    ڪو اوسيئڙي ۾ الجهن ۾
    پيو وقت گذاري ويدن ۾
    ڪو تڙپي تڙپي گهاري ٿو
    محبوب پنهنجي کي ساري ٿو،
    اهڙي سڪرات جي ساعت ۾،
    ڪو پنهنجي چنڊ جي چاهت ۾،
    بڻجي برسات ڀِنو آهي،
    ڪو ساري رات رُنو آهي،
    ها ساري رات رُنو آهي..!
    اي چنڊ تنهنجي چانڊوڪيءَ ۾!
    **


    مند آئي آ ملهاري، آءُ وري،

    مند آئي آ ملهاري، آءُ وري،
    ٿي چمن ۾ آ بهاري، آءُ وري.

    توبنا ماندو رهي ٿو من پرين،
    ڪر دُکي دلڙي قراري، آءُ وري.

    چوطرف گلڙن آ گلزار ڪئي،
    پر نه تو آ واڳ واري، آءُ وري.

    ٿا لَوَنَ لاتيون مٺيون پيارا پکي،
    اڄ ٻُڌون ٻولي پياري، آءُ وري.

    تو سوا دل جي دنيا ويران آ،
    ڪا گهڙي خوش آ نه گهاري آءُ وري.

    ڏي وري ديدار دلبر ‘‘شاد’’ ڪر،
    سيگهه ۾ ڪر ڪا ستاري آءُ وري.
    **


    من ئي من ۾ ٻري رهيو آهيان،

    من ئي من ۾ ٻري رهيو آهيان،
    ميڻ وانگي ڳري رهيو آهيان.

    جيءُ ۾ جوش اڄ ڀي آ ساڳيو،
    سوز سڪ ۾ سڙي رهيو آهيان.

    عڪس تنهنجو ذهن تي آ طاري،
    سوچ کان ڪٿ بري رهيو آهيان.

    يادگيرين جي ئي سهاري ۾،
    تار درياءَ تري رهيو آهيان.

    ظاهري ‘‘شاد’’ من اداس آهي،
    مل سگهو، مان مري رهيو آهيان.
    **


    جام جاني ڏنو پِرت مان پُر ڪري، پيار اهڙو مليو جو نشو ٿي ويو.

    جام جاني ڏنو پِرت مان پُر ڪري، پيار اهڙو مليو جو نشو ٿي ويو.
    مئڪدي ۾ پرين مست مونکي ڪيو،اهڙو خوش ٿي کليو جو نشو ٿي ويو.

    تڙپي تڙپي گذاري مون ساري عمر قرب ۾ منهنجو مٺڙو ڏئي ويو ڪثر،
    قبر جو آ مليو مونکي اهڙو ثمر واءُ اهڙو گهليو جو نشو ٿي ويو.

    زندگي مون سڄڻ کي آ ارپي ڇڏي،گهور آهي مٿس مال ملڪيت مَڏي،
    حال هيڻي تي نِرمل نظر جو وڌي،روح اهڙو رَليو جو نشو ٿي ويو.

    پِرت جي پڪ پياريائين وڏي پيار مان،ان جي الفت سندو ڪهڙو اظهار ڪيان،
    اهڙي ساعت سعيد ٿو هر هر گهران ڀاڳ اهڙو کليو جو نشو ٿي ويو.

    مست نظرن سان مدهوش مونکي ڪيائين، ناز نخري سان پُر جوش مونکي ڪيائين،
    پيار پيالا مئه نوش موکي ڪيائين،ٽور اهڙي ٽليو جو نشو ٿي ويو.

    ان جي بخمل بدن مان سرور آئيو، لال لبڙن جي لالاڻ من موهيو،
    درد دلبر سمورو دفع اڄ ڪيو ‘‘شاد’’ اهڙو ڇُليو جو نشو ٿو اچي.

    **


    مئڪدو ٿو وڻي مئڪشي ٿي وڻي،

    مئڪدو ٿو وڻي مئڪشي ٿي وڻي،
    نيڻ اٽڪيا تڏهن زندگي ٿي وڻي.

    سونهن ساگر جڏهن ڇلڪندو ڪو ڏسي،
    دلربا ٿو وڻي دل لڳي ٿي وڻي.

    شربتي ديد ۾ عشق جي عيد آ،
    عاشقن کي تڏهن عاشقي ٿي وڻي.

    نينهن وارو نشو جنهن به ماڻي ڏٺو،
    با خدا با خدا بي خودي ٿي وڻي.

    جو پيئڻ مان جيئڻ جو مليو حوصلو،
    ڇو نه ايئن پو چوان بندگي ٿي وڻي.
    **


    جدائي جي علامت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو،

    جدائي جي علامت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو،
    وڇوڙي جي ملامت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو.

    کليا توتي کليا مون تي زماني جا مڙئي ماڻهو،
    رقيبن جي عداوت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو،

    وڏي سازش سان ٿيا ٻئي ڌار هڪ ٻي کان پرين آهيون
    شريرن جي شرارت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو.

    رسڻ پرچڻ محبت جا ٻه پاسا هن سڪي وانگي،
    نڀائڻ جي مهارت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو.

    چيو هي سالڪن آهي محبت مام آ مخفي،
    انهي ڳجهڙي ڳجهارت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو.

    محبت جي تقاضا جو محبت آ ڀرم رکندي،
    اهڙي دُرسي ديانت کي نه تون سمجهو نه مون سمجهو.
    **


    نظم

    او جيڏا! اچ توسان هڪڙي ڳالهه ڪيان،
    او سرتي اچ توسان هڪڙي ڳالهه ڪيان.
    او گنگا اچ توسان هڪڙي ڳالهه ڪيان،
    او جمنا اچ توسان هڪڙي ڳالهه ڪيان،
    او ڏونگر اچ توسان هڪڙي ڳالهه ڪيان،
    او صحرا اچ توسان هڪڙي ڳالهه ڪيان،
    او ڀونرا اچ توسان هڪڙي ڳالهه ڪيان،
    او جگنو اچ توسان هڪڙي ڳالهه ڪيان،
    اچ توسان هڪڙي ڳالهه ڪيان،
    اڄ توسان هڪڙي ڳالهه ڪيان...!
    هي ديس امن جو پيڪر هو،
    انصاف عدل جو محور هو،
    هتي عجب انوکا رنگ هئا،
    هتي ساوا سلا سنگ هئا،
    خوشحال خطو سر سبز ٻنيون،
    گڏ کيڙيندا هئا گهوٽ ونيون،
    هتي مارو مالوند هئا،
    هتي کير کي پير هئا چوندا،
    هتي مچ ڪچهريون ٿينديون هيون،
    هڪ جيڏيون حال ونڊينديون هيون،
    هو ڏيئاٽي جو ڏڻ ٿيندو،
    هتي عيد مشعلا ٿيندا هئا،


    تهذيب تمندن جا چرچا،
    هر ملڪ اندر مشهور هئا،
    هتي فتنو ڪو به فساد نه هو،
    هتي ظالم ڪو جلاد نه هو،
    هتي چشما ڍنڍون هونديون هيون،
    هر پاسي موجون هونديون هيون،
    انسان ته سمجهي ويندو پر،
    هي درد پرندن کان ڪو پڇي،
    سائبيريا کان جي ايندا هئا،
    تن ڪهڙي جنت هئي ڳولي،
    تن هڪڙي جنت هئي ڳولي،
    اڄ هو به نير وهائن ٿا،
    دنيا کي سور ٻڌائن ٿا،
    تن جيڪا جنت هئي ڳولي،
    سا جنت منهنجي ڌرتي آ،
    سا جنت منهنجي سنڌڙي آ،
    ان جنت جهڙي ڌرتيءَ تي،
    بُک بدحالي جو ڪاهي پئي،
    ويساهه ڀرم ئي ڊاهي وئي،
    اچي ويرين اهڙي چال چلي،
    جو ڀاءُ جو ويري ڀاءُ بڻيو،
    هي ويل ڏسي هي قحط ڏسي،
    هڪ ماءُ جهڙي هڪ ماءُ ڀري،
    ٿي پرزا پرزا بي موت هئي،
    نقصان سهي ڀي امر رهي،
    جتي کير کپائڻ عيب هيو،
    اڄ ان ساڳي ڌرتيءَ تي،
    ڇو ماڻهو ماس کپائي ٿو،
    ڇو پنهنجو جگر لٽائي ٿو،
    جنهن ڌرتيءَ توکي دان ڏنو،
    آ عزت عظمت شان ڏنو،
    سا ڌرتي ٿي اڄ جنگ لڙي،
    ڪري دشمن سان ٿي دنگ لڙي،
    ٻوليءَ جي بقا جي جنگ لڙي،
    لوليءَ جي بقا جي جنگ لڙي،
    جهوليءَ جي بقا جي جنگ لڙي،
    ٿي پنهنجي ثقافت لاءِ وڙهي،
    جنهن جيجل جي آ ٿنڃ پيتي،
    سو من ئي من ۾ وچن ڪري،
    جنهن وقت به توکي ماءُ سڏي،
    جند جان پنهنجو سڀ ڪجهه واري،
    او ڌرتيءَ جوڌا خيال ڪجان،
    تون اجرڪ جي ڀي پت رکجان،
    تون ٽوپي جي ڀي پت رکجان،
    او سنڌوءَ ناري خيال ڪجان،
    تون ڀي لوئي جي پت رکجان،
    تون ڀي لوئي جي پت رکجان.
    **


    وري مئڪشيءَ جو مزو ياد آيو،

    وري مئڪشيءَ جو مزو ياد آيو،
    اهو جام ۽ مئڪدو ياد آيو.

    اهو سونهن ساغر اها موج مستي،
    اهو جوش ۽ ولولو ياد آيو.

    سدا مست مدهوش مخمور جنهن ۾،
    اهو ناز وارو نشو ياد آيو.

    اها راهه رندي اها مام مخفي،
    انوکو عجب فلسفو ياد آيو.

    عمر ڀر جا سارا ختم غم ڪيا ها،
    اهو پريم جو ڀروسو ياد آيو.

    هجي ‘‘شاد’’ آباد ساقي سدائين،
    پيارڻ سندو سلسلو ياد آيو.
    **


    وائي : جوڀن رُت جو ساءُ

    ناز ادا مخموري مستي
    موجن جو درياءُ
    جوڀن رُت جو ساءُ

    کيپُ خماريون سندر سپنا،
    سونهن جو هُل هڳاءُ
    جوڀن رُت جو ساءُ

    بيخود بيوس جوش جوالا،
    لونءَ لونءَ منجهه لڳاءُ،
    جوڀن رُت جو ساءُ

    پيار جي پونجي مُرڪن مالها،
    راحت رنگ رچاءُ،
    جوڀن رُت جو ساءُ.

    قُرب ڪشالا روح رهاڻيون،
    جيون جوت جُڙاءُ،
    جوڀن رُت جو ساءُ..

    **


    آزاد نظم : مالڪ تي ڪُتو ٿو ڀونڪي...!

    جو رولاڪ هو رلندو آيو،
    جوتا پادر کائي ٺوڪر،
    رومڙ ڪري رڙندو آيو،
    جنهن تي ترس نه آيو ڪنهن کي،
    ان کي ڳڀو ٽڪر ڏئي،
    پالي تاتي سيوا ڪئي مون،
    سمجهو هو ڪو ڀهرو ڏيندو،
    ڪتو آهي ڪتو بڻجي،
    در تي بيهي پهرو ڏيندو،
    ڪتي جي به ذات ٿئي ٿي،
    رنگ نسل جي تات ٿئي ٿي،
    ڪتو ڪندو آهي وفائي،
    ڪتو ڪڏهن نه ويل وڃائي،
    سوچان ٿو هو ڪتو آهي،
    ڪتو آ يا ڪتو ناهي،
    ڀونڪ به ساڳي رومڙ ساڳي،
    پُڇ لٽڪائڻ پوڇڙ ساڳي،
    ڪتو آهي ڪتو هوندو،
    ڪنهن پاسي کان گٿو هوندو،
    غور فڪر کان بعد مسلسل
    سوچ انهي تي پهتو آهيان،
    عادت ٿيندي آهي عضوو،
    ڇالئه ويٺو مغض کپايان،
    مالڪ تي ٿو ڪتو ڀونڪي،
    سوچ گندي ٿي لوئر جي،
    مينهن پيار مرون کي ڀي،
    ساڳي ذات سوئر جي....!
    **


    سميع ساجد جوڻيجو

    تعارف

    سميع ساجد جوڻيجي جو شمار سنڌ جي سينيئر ۽ انهن ناميارن شاعرن ۾ ٿئي ٿو جيڪي پنهنجي تخليقي اڏام جي بنياد تي سڃاتا وڃن ٿا. شاعري جي سفر ۾ پنهنجن همعصر۽ هم عمر شاعرن جي قطار ۾ ان ڪري به پختو شاعر آهي جو سندس تعلق هڪ علمي ۽ ادبي گهراڻي سان آهي. هن جو والد ڊاڪٽر غلام سرور ‘‘حاذق’’ جوڻيجو پڻ تمام سٺو شاعر آهي.
    سميع ساجد جو جنم 1 اپريل 1963ع تي ٿيو، کيس ڏاڏاڻڪي نانءُ سميع احمد سان سڏيو ويو. سندس جنم ڀومي ڳوٺ نم شريف تعلقو ڳڙهي ياسين آهي. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ نم شريف مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتوديرو مان حاصل ڪيائين. ايم_اي پولٽيڪل سائنس ۽ ايم ايڊ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين.هن وقت ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ پرائمري استاد طور ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو آهي .سميع ساجد جي ادبي سڃاڻپ شاعري آهي، توڙي جو هو سٺو نثر نويس پڻ آهي. هو شاعري جي سڀني صنفن ۾ خيالن جو اظهار ڪري چڪو آهي. پر سندس پسنديده شاعري جي صنف غزل آهي. 1978ع کان لکڻ جي شروعات ٻاراڻي شاعري سان ڪيائين. سندس شاعري سنڌ جي مڙني رسالن توڙي اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي. هن وقت تائين نثر توڙي نظم ۾ پنج ڪتاب سهيڙي چڪو آهي. جن مان هڪڙو ٻاراڻي شاعري جو ڪتاب ‘‘لفظن جا پوپٽ’’ سنڌي ادبي سنگت ضلعي شڪارپور پاران 2007ع ۾ ڇپيو. جنهن سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران بهترين ڪتاب طور ‘‘سنڌ سنگت - محمد خان سيال ايوارڊ 2009ع ‘‘ حاصل ڪيو.
    ادبي سرگرمين ۾ هو سنڌي ادبي سنگت شاخ رتوديرو جو 94 -1993ع کان 04/2003ع تائين سيڪريٽري رهيو. سندس سيڪريٽري شپ دور ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران شاخ رتوديرو کي ڪارڪردگي بنياد تي 1990ع ۾ مڃتا سرٽيفڪيٽ مليو.ان کان علاوه 2007ع ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جو رابطه سيڪريٽري رهيو
    هو پسنديده ڪتابن ۾ قرآن پاڪ ۽ شاهه جو رسالو ، پسنديده ليکڪن ۾ پنهنجو والد ڊاڪٽر حاذق جوڻيجو، قاضي مقصود گل، ۽ روبينه ابڙو ٻڌائي ٿو.
    سميع ساجد جوڻيجو هن وقت مستقل طور تي رتوديرو شهر ۾ رهي ٿو .
    ائڊريس:الغني جيولرز نيو ريشم گلي رتوديرو.
    samisajid@yahoo.com
    موبائل: 03023153388-03463353308


    منهنجي اڱڻ تي آيو دلبر،

    منهنجي اڱڻ تي آيو دلبر،
    ٻهڪي پيو ٿو گهر جو آڳر.

    ڄڻ ته زمين تي چنڊ لٿو آ،
    سهڻو لڳي ٿو اڄ هي منظر.

    يار مليو مُون ڀاڪر پائي،
    چمڪي پيو آ منهنجو مقدر،

    رب جا ٿو احسان مڃان مان،
    دلبر کي جنهن آندو مون در.

    ڪڏهن ڏسان ٿو پاڻ کي ‘‘ساجد’’
    ڪڏهن ڏسان ٿو هن کي هر هر.
    **


    منهنجي توسان محبت ساڳي،

    منهنجي توسان محبت ساڳي،
    تنهنجي مون سان نفرت ساڳي.

    اڄ ڀي آهي دل ۾ تولئه،
    پيار وفا ۽ چاهت ساڳي.

    ڪيڏو توکي چاهيو آ مون،
    پوءِ به تنهنجي فطرت ساڳي.

    ٻارن وانگي روز رسين ٿو،
    تو ۾ آهي عادت ساڳي.

    تنهنجو مون سان روز جو جهيڙو،
    مون لئه آهي قيامت ساڳي.

    ملڪ منجهان انصاف لڏي ويو،
    ڇو جو آهي رشوت ساڳي.

    رسمن جي زنجيرن جڪڙي،
    اڄ ڀي آهي عورت ساڳي.

    تتي ٿڌي ۾ کيڙي ٿو پيو،
    هاري جي آ محنت ساڳي.

    قائم رهندي دل ۾ ”ساجد’’،
    سنڌ امڙ جي عظمت ساڳي.
    **


    ايڏو ڏس ايذاءِ نه مون کي،

    ايڏو ڏس ايذاءِ نه مون کي،
    سياڻو ٿي رنجاءِ نه مون کي.

    دڙڪا ۽ دهمان نه ڏي تون،
    هر هر ايئن هيساءِ نه مون کي.

    مان ته اچان ٿو تون نه ملين ٿو،
    در تي يا ته گهُراءِ نه مون کي.

    روز ملڻ جا ڏئين ٿو دلاسا،
    ٻارن جيئن ريجهاءِ نه مون کي.

    اندر ۾ ٿو غير رکين تون،
    ڪوڙا ڀاڪر پاءِ نه مون کي.

    سڀ ڪجهه ‘ساجد’ سمجهان ٿو پيو،
    سهڻا تون سمجهاءِ نه مون کي.
    **


    تون ته وساري آهي ڇڏيو پر،

    تون ته وساري آهي ڇڏيو پر،
    مون نه وساريو توکي دلبر.

    وقت ٿيو آ وسريا ناهن،
    تنهنجا بوسا تنهنجا ڀاڪر.

    اکڙين آڏو يار ڦرن ٿا،
    توسان گهاريل سارا منظر.

    پنهنجو مست بڻايئي اهڙو،
    ڪو نه وڻي ٿو ٻيو ڪو دلبر.

    مون تي پڙهيا شايد تو هن،
    انتر منتر جادو جنتر.

    قول ڪيا هئي هفتي ايندس،
    گذري ويا ڪي ڇنڇر آچر.

    ‘ساجد’ تولئه آهه ويڳاڻو،
    موٽي آءُ تون ماه منور.
    **


    زندگي توسان سُهاني ٿي لڳي سنسار ۾،

    زندگي توسان سُهاني ٿي لڳي سنسار ۾،
    تو ڪيو اهڙو پرين! پيوند پنهنجي پيار ۾.

    پاڻ تي رک ضابطو ۽ دل هٿيڪي ڪر مٺا،
    ڏس متان لٽجي وڃين تون برهه جي بازار ۾.

    ڏات ناهي ذات تي بس جو وهي سو ئي لهي،
    ڇو سڙين ٿو ساڙ ۾ حاسد مرين ٿو هار ۾.

    ماءُ کي ڪارو ڪري بي درد پُٽ ماري ڇڏيو،
    هي خبر مون آ پڙهي ڪيئي دفعا اخبار ۾.

    ٿا مرن انسان بُک تنهنجا ڪُتا ٿا عيش ڪن،
    تون رڳو مصروف آن ابليس جي وانگار ۾.

    هي ٻئي ڄورون اٿئي خون چوسڻ واسطي،
    ڀروسو رکجانءِ نه هرگز پير ۽ ڀوتار ۾.

    وقت گّذري ئي نٿو توکان سوا ‘ساجد’ سندو،
    دل لڳي ئي ڪين ٿي منهنجي ڪهين ڪم ڪار ۾.
    **


    هن دور ۾ سچي ڪٿ محبت نه ٿي ملي،

    هن دور ۾ سچي ڪٿ محبت نه ٿي ملي،
    نفرت ملي مگر ٿي الفت نه ٿي ملي.

    احساس ناهي ڪنهن ۾ ماڻهو صفا ٿيا سنگدل،
    جاچي ڏٺو مون جڳ کي قربت نه ٿي ملي.

    اخلاق ۽ حياءُ ڪونهي شرم ڪو ڪنهن ۾،
    صورت ملي ٿي ليڪن سيرت نه ٿي ملي.

    هر ڪوئي آ پريشان، ناهي سڪون ڪنهن کي،
    ڪنهن روح کي ڪٿي ڀي راحت نه ٿي ملي.

    اخبار جا پڙهون ٿا ڪُل موت جون ئي خبرون،
    ڪانهي خبر خوشي جي فرحت نه ٿي ملي.

    هر چيز ۾ ملاوٽ ٿي عام جام وئي آ،
    خالص سچي ۽ صاف مُروت نه ٿي ملي.

    پئسن سواءِ ڪنهن جو ڪوئي نه ڪم ٿئي ٿو،
    جيسين ڪا ڪنهن کي ٿوري رشوت نه ٿي ملي.

    لوچي نه ٿو ڪو جيسين تيسين ‘سميع ساجد’،
    ويٺي ڪا ڪنهن کي گهر ۾، دولت نه ٿي ملي.
    **


    نگاهن جا اڃا مون کان اهي نشتر نه ٿا وسرن،

    نگاهن جا اڃا مون کان اهي نشتر نه ٿا وسرن،
    تکا خنجر مون کان اڪثر سچي دلبر نه ٿا وسرن.

    نهاري هڪ نظر سان تو گهڙي پل ۾ ڪيو پنهنجو،
    ٿڌا ٿورا سڀئي تنهنجا مون کان اڪثر نه ٿا وسرن.

    ڪري آغوش ۾ مون کي محبت ۾ ڏنئي لوليون،
    نرم ڳالهيون گرم بوسا مٺا ڀاڪر نه ٿا وسرن.

    لبِ مهراڻ تي ساجن اسان جو هو ملڻ ٿيندو،
    ملاقاتون محبت جون حسين منظر نه ٿا وسرن.

    اکين ۾ ڪو هيئي جادو ڪري ‘ساجد’ ڇڏيئي قابو،
    اُهي انتر اُهي منتر اُهي جنتر نه ٿا وسرن.
    **


    سڄي سال ۾ تو لڌيون نه سنڀارون،

    سڄي سال ۾ تو لڌيون نه سنڀارون،
    اڃا ڀي منجين ٿو اسان ڏي ميارون.

    اسان توکي پويان ڪيا سڏ ۽ واڪا،
    ٻُڌيون ڪين تو پر اسان جون پُڪارون.

    خزائن اجاڙي ڇڏيو باغ دل جو،
    نه دل جي چمن ۾ ڪي آيون بهارون.

    الائي ڪٿي آن ڪٿي پيو رهين تون،
    نه تنهنجون پون ٿيون ڪي خبرون ۽ چارون،

    الئه ڇو وڇوڙو اچي ويو اسان ۾،
    ڏسي جيءُ جهري ٿو پکين جو قطارون.

    رڳو نانءُ تنهنجو رهي ٿو زبان تي،
    پرين روز آهن رڳو تنهنجون سارون.

    ٻڌان ٿو ته ‘‘ساجد’’ سنديون يار ويهي،
    رقيبن سان ڊيلي ڪرين ٿو پچارون.
    **


    کڙڪي کولي جهاتيون پائي،

    کڙڪي کولي جهاتيون پائي،
    گهورن سان ٿي دلڙي گهائي.

    ماکي کان وڌ مٺڙا مون کي،
    ڏاڍا پئي ٿي ٻول ٻڌائي.

    سندر سهڻي نيڻ نشيلا،
    چنڊ به هن کان پيو شرمائي.

    آئيني آڏو ور ور ٿي،
    وينگس ويٺي وار ورائي.

    الهڙ جواني اک مستاني،
    اندر ۾ ٿي باهه لڳائي.

    روز ڪري ٿي روپ انوکا،
    سندرتا کي سيني لائي.

    هن جو آهي پيار نرالو،
    ‘ساجد’ کي ٿي روز ستائي.
    **


    گيت

    منهنجي من جا ميت هلي آ،
    دير ايڏي تو ڇالئه ڪئي آ.

    بوند اُٺي ٿي باغ بهاري،
    ڪڻڪ ڦٽي ۽ سرنهن ڦلاري،
    موٽي آئي مند ملهاري،
    پيارا موسم ٿي آ پياري،
    تولئه منهنجي دل چري آ.

    گل ڦل ٽڙيا جڳ ٿو جرڪي،
    بلبل ٻولي ڪوئل ڪوڪي،
    تولئه منهنجو تن ٿو تڙپي،
    اک ٿي ڦڙڪي دل ٿي ڌڙڪي،
    ڏاڍي تنهنجي سڪ لڳي آ.

    ساوڻ گذريو سيارو آيو،
    تون به اچڻ جو ڪر ڪو سعيو،
    سڪ سيني ۾ شور مچايو،
    مون کي ڇو ٿي يار ڀلايو،
    دل جي دنيا اجڙي وئي آ.

    ساجد کي ٿي ياد ستائي،
    توريءَ چانڊوڪي ٿي گهائي،
    منهنجي من کي آگ لڳائي،
    هير ٿڌي ٿي جان جلائي،
    مون کان منهنجي ننڊ رُٺي آ.
    **


    تون ملين ڄڻ هر خوشي مونکي ملي،

    تون ملين ڄڻ هر خوشي مونکي ملي،
    راحتن جي زندگي مون کي ملي.

    تو سوا بي نُور هو دل جو شهر،
    تنهنجي آئي روشني مون کي ملي.

    عڪس پنهنجو ٿو ڏسان تو ۾ ائين،
    ڄڻ ته ڪائي آرسي مون کي ملي.

    شوق مون سارا ڇڏيا هڪ شوق لئه،
    آ جڏهن کان شاعري مون کي ملي.

    مون ڇڏيو مسجد وڃڻ مندر وڃڻ،
    ڇو جو تنهنجي بندگي مونکي ملي.

    پيار تنهنجي جو قسم ايئن ٿو لڳي،
    ڄڻ پرستان جي پري مون کي ملي.

    مون رکي توسان جڏهن کان دوستي،
    لوڪ جي ڏس دشمني مون کي ملي.

    ساڀيان ‘ساجد’ سڀئي سپنا ٿيا،
    تو پرين جي دلبري مون کي ملي.
    **


    فون تي ڳالهيون ڪرڻ ڇو بند ڪيئي،

    فون تي ڳالهيون ڪرڻ ڇو بند ڪيئي،
    پيار وارا خط لکڻ ڇو بند ڪيئي.

    اڳ پري مون کان پرين ٿيندو نه هئين،
    هاڻ ڏس مون سان ملڻ ڇو بند ڪيئي.

    هٿ ڏئي هٿ ۾ لبِ مهراڻ تي،
    شام جو مون سان ملڻ ڇو بند ڪيئي.

    عيد تي تحفو نه تون مون ڏي مُڪو،
    ۽ مون کان تحفا وٺڻ ڇو بند ڪيئي.

    ڳالهه ڪهڙي تي مون سان ناراض آن،
    منهنجي گهر مون ڏي اچڻ ڇو بند ڪيئي.

    ڇو ڀلا ايڏي پڪي دل يار ڪيئي،
    سار ‘‘ساجد’’ جي لهڻ ڇو بند ڪيئي.
    **


    ڪوڙل قربدار

    تعارف

    ڪوڙل قربدار جو اصل نانءُ، ذوالفقار علي سمون ولد جاڙو خان سمون، جنم 15 فيبروري 1971ع جمع جي ڏينهن ٿيو. سندس جنم ڀومي ڳوٺ فيض محمد بجراڻي تعلقو قمبر آهي. هن 2002ع ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ پرائمري استاد طور هن وقت ڳوٺ حاجي لاشاري خان مغيري تعلقو قمبر ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو آهي. هو لکڻ جي شروعات 1989ع کان ٻڌائي ٿو، ڌرتي تي ٿيندڙ ڏاڍ جبر سندس لکڻين جا موضوع رهن ٿا، نثر توڙي نظم ۾ لکڻ جي ڀرپور صلاحيت رکندڙ ذوالفقارعلي جي ادبي سڃاڻپ شاعر طور ادبي نانءُ ڪوڙل قربدار سان ٿي. شاعري جي سڀني صنفن تي سٺي دسترس هوندي پسنديده شاعري جي صنف غزل اٿس، پر سندس شاعري ۾نظم به اونچو ڳاٽ رکن ٿا.
    قمبر شهر سان نسبت رکندڙ ڌرتيءَ جي بهترين شاعر استاد پيرل قمبر جي رهنمائي هيٺ شاعريءَ جو سفر ڪندڙ، ڪوڙل قربدار ٻڌائي ٿو ته سرمد چانڊيو ۽ خير محمد سوز ڇڄڙائي به سندس لاءِ استاد جي حيثيت رکن ٿا. هو نثر توڙي نظم ۾ چئن ڪتابن جو مواد سهيڙي چڪو آهي. جيڪو اڻڇپيل صورت ۾ موجود آهي.
    گڏيل شاعرن جي ٻن ڪتابن ‘‘چانڊوڻان چمڪن’’ ۽ ‘‘مون ڏات انوکي آندي آ’’ ۾ سندس ڪوتائون ڇپجي چڪيون آهن. ان کان علاوه استاد پيرل قمبر جي زندگي، فن ۽ فڪر تي لکيل مختلف اديبن جا مضمون سهيڙي ‘‘پيرل قمبر - تخليقارن جي آئيني ۾’’ نالي سان ڪتاب ترتيب ڏنو اٿس، جيڪو پڻ ڇپائي هيٺ آهي. سنڌ جي مختلف وڏن وڏن ميڙاڪن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ادبي سفر جي اولين ترجيح آهي.
    پسنديده شاعرن ۾ کيس استاد پيرل قمبر، استاد بخاري، سرمد چانڊيو ۽ قاضي مقصود گل آهن.
    پسنديده ڪتاب، ‘‘شاهه جو رسالو’’، ‘‘سجدواداس آ’’ (استاد پيرل قمبر) ۽ ‘‘رت ڀنا رابيل’’ (مقصودگل) آهن.
    ڪوڙل قربدار ادبي سرگرمين ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ قمبر جو سينيئر ميمبر آهي. 2012ع ، 2013ع لاءِ سنگت قنبر ۾ ‘ڪائونسلر’ رهي چڪو آهي. ان کان علاوه پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت سنڌ شهدادڪوٽ جو اعزازي ميمبر ۽ پيرل قمبر ساهت سنگت لاڙڪاڻو جو باني پڻ آهي. اهڙي طرح سندس ادبي سفر ۾ قدم تڪڙا ۽ ڪارائتا آهن.
    ڪوڙل قربدار جي مستقل رهائش لاڙڪاڻي ۾ آهي.

    ائڊريس: منظور آباد محلا لاڙڪاڻو موبائل: 03463492744


    زندگي ته پيار ٿي گهري،

    زندگي ته پيار ٿي گهري،
    پيار پُر وقار ٿي گهري.

    جيءُ جيءَ ساڻ جوڙ تون،
    ڀاڪرن جو هار ٿي گهري.

    درد جو پهاڙ آ مٿان،
    دل ته هلڪو بار ٿي گهري.

    مُرڪندي حيات ٿي گذر،
    مل سدا بهار ٿي گهري.

    ٿي قريب کان قريب تون،
    ڪا وٿي نه وار ٿي گهري.

    سنڌ تنهنجي تنهنجي ساٿ کان،
    پئي وفا شعار ٿي گهري.
    **


    اسان جي خوشي پئي نچي ٿي اڱڻ تي،

    اسان جي خوشي پئي نچي ٿي اڱڻ تي،
    مٺي اڄ سينگاريون اچي ٿي اڱڻ تي.

    وڏي قرب وڙ ۽ وڏي محبتن سان،
    مٺي پير پنهنجا رکي ٿي اڱڻ تي.

    گلابن جي خوشبو جو مهڪيل هٿن ۾،
    ڏيڻ گلدستو اچي ٿي اڱڻ تي.

    ستارن جي پوشاڪ پهري بدن تي،
    اجهي رات راڻي لهي ٿي اڱڻ تي.

    ڪري آڏو آئينو مرڪي ٿي هر هر،
    اشارن ۾ دل ڏئي وٺي ٿي اڱڻ تي.

    ڪري هار ٻانهن جا منهنجي ڳلن تي،
    مِٺن تي مٺيون ڏئي چوي ٿي اڱڻ تي.

    هي مستي جواني جو پيمانو ڇلڪي،
    پرين ساڻ جو مئڪشي ٿي اڱڻ تي.

    کڙيو کيت مهڪي آخوشبو جو ‘‘ڪوڙل’’
    هي ڦولار ميندي پچي ٿي اڱڻ تي.
    **


    نظم

    نينهن جون نوازشون رهيون،
    بي بها ۽ بي مثال اڻ مَيون.
    پيار ڪائنات جو مليو،
    زندگي جون ساعتون بڻيون.
    آهِه خواب ساڀيان رهيو،
    مان ڳلي ٿو لايان محبتون.
    مان خنجر جي نوڪ تي نچان،
    گيت ڪو سريلو ڳاءِ تون.
    عشق منزلون رسائي ۽،
    بخشي چيتي جان ٿو جرئتون،
    نئين نسل جي هوش جوش کي،
    سنڌ جون ڪيان ٿو پارتون.
    ڪائناتي هن حسن سنديون،
    ڪر ڌڻي آباد رونقون.
    **


    نينهن جي نگاهه سان نهار،

    نينهن جي نگاهه سان نهار،
    ٺار ٺار دل اسان جي ٺار.

    مئڪدي وڃان ته ڇو وڃان،
    جام ڏي نيڻن جو تار تار.

    تون سدا بهار گل جيان،
    بيقرار کي سدا کيڪار.

    تنهنجي آ جواني پيار جي،
    رک نه ٻن اکين ۾ تون ترار.

    پيار محبتون سدا جيئن،
    نفرتن کي سمجهان ٿو مان گار.

    جا ٺهي نه ‘‘قربدار’’ سان،
    دل نه اهڙي يار ڌار ڌار،
    **


    جرئتن سان گهار، زندگي!

    جرئتن سان گهار، زندگي!
    سينو سپر ڌار، زندگي!

    لڪير جو فقير ٿي نه ويهه،
    اُٿ اُٿي سنوار زندگي.

    موت سان اکيون اکين ۾ ڏئي،
    تون بڻاءِ هٿيار زندگي.

    پاڻ گهوٽ ڪو نشو ٿيئي،
    همتون نه هار زندگي.

    ويٺين ڇو مٿي کي ٽيڪ ڏئي،
    ٿي ڏيَئي ميار زندگي.

    منزلِ آ روشني اڳيان،
    کڻ قدم ٻه چار زندگي.

    سنڌ تنهنجي محبتن ۾ ٿي،
    آهه ‘‘قربدار’’ زندگي.
    **


    وائي

    ايڏو پيار ڇو،
    وڻندو وڻندو ٿو وڃي..!
    معصومن جي مُرڪ جان،
    گل خوشبوءِ جهڙو،
    وڻندو وڻندو ٿو وڃي.
    تنهنجي تر ۽ ڳوٺ جو
    ماڻهو من هر ڪو،
    وڻندو وڻندو ٿو وڃي.
    تنهنجي نيڻن جو قسم،
    ساٿ تِرَ ڳل جو،
    وڻندو وڻندو ٿو وڃي.
    تنهنجي چهري تي پرين،
    پهرو زلفن جو،
    وڻندو وڻندو ٿو وڃي.
    تو جو ‘‘ڪوڙل ‘‘ کي ڏنو،
    محبت جو تحفو،
    وڻندو وڻندو ٿو وڃي.
    **


    نظم

    جيءُ جياريو جيجل جهولي،
    جيڏي مٺڙي تيڏي سولي.
    پيار پرولي هيئين هولي،
    سنڌي ٻولي قومي ٻولي،
    جنهن ۾ سمايل پيار محبت،
    سٽ سٽ ۾ خوشبوءَ جي چاهت،
    مرڪن هاڻي ساهه سيباڻي،
    قُرب ڪهاڻي ساهه سيباڻي،
    تاريخن جي ورقن ۾ هي،
    موهن کان آ ڪافي اڳ جي،
    سندر سندر مٺڙي مٺڙي
    زنده آهي زنده رهندي،
    قادن قاضيءَ جي هي ٻولي،
    شاهه سچل سامي جي ٻولي،
    حاجي ۽ حامي جي ٻولي،
    جويي ۽ صوڀي جي ٻولي،
    پنهور ۽ محبت جي ٻولي،
    بيوس ۽ تاجل جي ٻولي،
    منشي ۽ سائل جي ٻولي،
    بيدل ۽ غمدل جي ٻولي،
    سيد سوڀاري جي ٻولي،
    شيخ، بخاري جي هي ٻولي،
    گوبند مالهي جي هي ٻولي،
    ارجن، نارائڻ جي ٻولي،
    هاري ۽ ناري جي ٻولي،
    مرڻي ناهي مرڻي ناهي،
    تنهنجي ٻولي منهنجي ٻولي،
    ٻولي جنهن جي جهول ڪُشادي،
    مقصد پيار امن آزادي،
    دولهه دريا خان جي وادي،
    سنڌ سڀيتا پئي آ جاڳي،
    هاڻ ته ٿيو آ هر ڪو باغي
    قومن ڪيڏو ڀوڳيو آهي،
    پوءِ به ويون ڪي پاڻ مڃائي،
    قوم به پنهنجي لڇندي آخر
    ويندي پنهنجو پاڻ مڃائي
    ٻولي خاطر دودا ڪڏندي
    ڏيندا پنهنجو ڪنڌ ڪپائي.
    سوليءَ تي سِرَ ‘‘ڪوڙل’’ آهن،
    مرڪي ماڻيندا هي منزل.
    **

    _____________

    (حاجي احمد ملاح،ايم _ايڇ_پنهور ۽ محبت ٻرڙو) جو ڪيل ذڪر


    نظم

    ضمير مون تي ڪندو ملامت،
    لکان نه توتي غزل جي پياري،
    حسين تخليق تنهنجي سانئڻ،
    رهون ٿا جنهن جا اسان پوڄاري.
    بهار موکيو جوان رُت تي،
    گلاب مکڙيون سدا ٿيون مرڪن،
    سنڌوءَ جي ڇولين تي سونهن ساگر،
    سهاڳڻن جان ڪراءِ درشن،
    سڪون اک کي سڪون دل کي،
    دماغ کي تازگي رهي ٿي،
    هي سبز چادر جي چنري اوڍيل،
    وشال تنهنجي ڏسي بدن تي،
    رنگين خوشبو هُڳاءُ اوتون،
    هزار ڀونئرا طواف ڪن ٿا،
    خوشي وچان مڌ مست رهن ٿا،
    هي چنڊ تارا ۽ ڪهڪشائون،
    سميت سجدن ۾ آسمان ڀي،
    ديار تي سر جهڪائي هر پل،
    ٿئي ٿو رقصان اعزاز سمجهي،
    ليار لالي ڳنڍير ڳاڱيون
    ليون ۽ لاڻا ڏسي ٺران ٿو،
    سنڌوءَ ڪنارا ڏسي ٺران ٿو،
    رکي اوهان جي پيرن تي اکڙيون،
    چمان سمورا نشان تنهنجا،
    سدا خوشين ساڻ کيڏ کيڏي،
    گهران ٿو ‘‘ڪوڙل’’ اها دعا مان.
    **


    نظم

    تنهنجي جادو نظر تنهنجو خوشبو بدن،
    تنهنجو جوڀن جواني ڀي مست و مگن،
    تنهنجون مرڪون مٺيون کير کنڊ ٿيو پون،
    مرڪ موتيا مشڪ عنبر لڳن،
    موج مهراڻ آن ساهه سرهاڻ آن،
    چاهه چانڊاڻ آن شفق لالاڻ آن،
    ڪيف آور اکيون ٿي جڏهن تو کيون،
    نينهن جا ٿيا نشا مئي خمارن ۾ هون،
    تو مٺن تي مٺيون مونکي ارپي ڇڏيون،
    او سکي دل ڪشيون اڻ ميون محبتون،
    حور جو پرتوو ڇا مان تشبيح ڏيان،
    سونهن جلوا نوان ڪارگر ڪيميا،
    پنهنجي نيڻن مان مئي جي تو سُرڪي ڏني،
    زندگي دائمي تو آ بخشي ڇڏي،
    تنهنجي مرڪڻ سان منهنجي وڌي زندگي
    تنهنجو نالو رکيم زندگي دوستي،
    تون سنڌوءَ جي ڪنارن جان سهڻي لڳين،
    تون ته ڪينجهر جي گل جان ٿي ڪومل رهين،
    تون ڀٽائي، سچل، سامي جي سورمي،
    مور جي ٽور کي ڇهه ڏيو ٿي ڇڏين،
    تنهنجي ساراهه جا گل نڇاور ڪيان،
    سونهن تنهنجي پرين دل جي ڪعبي مٿان،
    پيار جي ڇانو ڪَن رُڃ ۾ بڙ جيان
    سونهن معصوم محبوبا ايئن لڳي،
    جيئن موهن دڙي جي آ ڳاڙهي مٽي،
    دل جي شوڪيس ۾ تنهنجي تصوير هي،
    مون سجائي رکي ها سجائي رکي،
    کيرٿر جان تون اوجر ۽ سندري سکي،
    تنهنجي ريشم جواني آ سورج مُکي،
    ست رنگي چوڙيون گجرا رابيل جا،
    هٿ ميندي رتا ڪيڏا سونهن پيا،
    سون ورني هُڳاءُ سڳداسين سندو،
    تون کٿوري جيان واسي تر آ ڇڏيو،
    تنهنجا گُفتا مکڻ ماکي مصري سندا،
    انب سنڌڙي سندا زنب بُسري سندا،
    کير جهڙي وهي ۽ ٿي لچڪي اڳي،
    شام سُرخي سهاڳڻ ٿي سرهي لڳي،
    هڪ نه ‘‘ڪوڙل’’ رهيو تنهنجي حاضر اڳيان،
    چنڊ تارا سڀئي تنهنجي طابع ٿيا.
    **


    حسين منظر حسين مرڪون حسين جلوه نمائي محفل.

    حسين منظر حسين مرڪون حسين جلوه نمائي محفل.
    بهار موکيو گلاب مهڪيا ڪيڏي نه خوشبوءَ رسائي محفل.

    پيار پوڄا ۽ سونهن سچ جا حسين تصور چٽيا مصور،
    وضو سنڀاري غزل پڙهن ٿا، غزل انهن جي رچائي محفل.

    اکيون اکين سان ملي وٺن ٿيون مٺيون مٺن تي ڳٽن ڳلن تان،
    اداس نيڻن کي سونهن سوڀيا هميشه آهي چمائي محفل.

    اسان جي دنيا آزاد دنيا اسان نه ڄاڻون فساد فتنو،
    اسان امن جا پکي مسافر اسان امن جي سڏائي محفل.

    ڪتاب مقدس جو روح ۽ آن رسالي ڀٽ جي وجود جهڙي،
    پڙهان ٿو ورقن جا ورق ساري قرار جي دل خدائي محفل.

    اسان نه سڌڙيا سنڌوءَ جا عاشق اورانگي باهيون اچون ٿا ڪيئي،
    اکيون اکين ۾ ملائي ڏس تون اسان آهه ڪيئن ملهائي محفل.

    لطيف اڳيان ڪراڙ ڍنڍ تي اياز ويهي قرار ماڻيا،
    گلاب رابيل تازيون مکڙيون ڪمال آهي هُڳائي محفل.

    نظر نظر ۾ جوان رت آجوان رت جو نشو الڳ آ،
    پئون جيئون ٿا پيار پيالو خمار آهي ڀلائي محفل.

    ڏٺم صبح جو چمن ۾ بلبل ڪري پيو تنهن سان گلاب محفل،
    حجاب وچ ۾ رهيو نه ڪوئي هئي ته ڪا با وفائي محفل.

    **


    ناشاد رشيد سنڌي

    تعارف

    شهدادڪوٽ شهر کي شاعرن جي سر زمين سڏيو وڃي ٿو، جتي استاد پيرل قمبر، ڊاڪٽر نذير جروار، حبيب الله حبيب شهدادڪوٽي ۽ زيب مگسي جهڙا بهترين شاعر ٿي گذريا. اهڙن استاد شاعرن نه صرف پنهنجي تخليقي سڃاڻپ کي زندگيءَ جو مقصد سمجهيو پر نئين ٽهيءَ جي شاعرن جي رهنمائي ڪري کين اتساهه ڏيڻ به سندن شوق ۾ شامل رهيو. جنهن جي نتيجي ۾ شهدادڪوٽ تمام خوبصورت شاعرن جومرڪز بڻيو.
    اهڙن خوبصورت شاعرن جي ڊگهي قطار ۾ ناشاد رشيد سنڌي به هڪ نمايان نانءُ آهي. جيڪو ڌرتيءَ جي بهترين شاعر استاد پيرل قمبر جي نهايت ئي ويجهو رهندڙ شاگردن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.
    ناشاد رشيد 01 جنوري1971ع تي شاهه رکيو مستوئي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. جنهن کي عبدالرشيد جي نانءُ سان ذاتي سڃاڻپ ڏني وئي. هو ننڍپڻ کان نهايت ئي سادي سلڇڻي زندگي بسر ڪري ٿو. هميشه مٺو ۽ ماٺو ماڻهو هجڻ سان گڏ تمام سنجيده طبيعت جو مالڪ آهي. جنهن جي ڪري تمام ادبي ۽ ذاتي دوستن ۾ بهترين سڃاڻپ اٿس. پورهيت فيملي جي غربت سبب ناشاد رشيد پنهنجي تعليم پنج درجا کان اڳتي وڌائي نه سگهيو. ٻالڪپڻي کان وٺي اڄ تائين سندس ذاتي ڪرت ۾ محنت مزدوري ئي شامل آهي. هن لکڻ جي شروعات 1988ع کان ڪئي ، کيس نثر توڙي نظم ۾ لکڻ جو بهترين ۽ ڀرپور انداز آهي. مگر ادبي سڃاڻپ شاعري اٿس.
    سندس شاعري جي مطالعي کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته هو گيت ۽ غزل جو بهترين شاعر آهي. ناشاد رشيد جي شاعري ۾ سنڌ جا بنيادي حق ، سنڌي عوام جي مظلوميت ،سنڌ جي نياڻي سان ٿيندڙ ناانصافي ۽ سنڌ جي آزاديءَ جا موضوع نمايان سمايل آهن ته نرتڪيءَ جي نينهن جون نوازشون به نروار آهن. هن وقت تائين نثر توڙي نظم ۾ هو پنجن ڪتابن جو مواد لکي چڪو آهي جيڪو اڻڇيل صورت ۾ آهي.
    1993ع کان وٺي سنڌ جي تمام مئگزينن توڙي اخبارن ۾ سندس ڪوتائون ڇپجنديون رهن ٿيون. جن ۾ ٽه ماهي ‘‘مهراڻ’’، ‘‘پيپلز ٽائيم’’، ماهوار’’مومل’’، ماهوار ‘‘هالار’’، ماهوار ‘‘ادب’’، ماهوار ‘‘سوجهرو’’، ماهوار ‘‘نئين زندگي’’، ‘‘نئين سوچ’’ ۽ ماهوار ‘‘نئين آس’’ مئگزين شهدادڪوٽ شامل آهن.
    ناشاد رشيد سنڌي پسنديده ڪتاب شاهه جو رسالو ،پسنديده ادبي شخصيتن ۾ استاد پيرل قمبر ۽ استاد بخاري ٻڌائي ٿو. سياسي شخصيتن ۾ ڌرتيءَ جي بهترين سياستدان سائين جي_ايم سيد کي پسند ڪري ٿو. ادبي سرگرمين ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ شهدادڪوٽ جو سينيئر ميمبر رهيو، پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت سنڌ شهدادڪوٽ جو مستقل ميمبر آهي ۽ 2002ع کان 2006ع تائين مرڪزي نائب صدر رهي چڪو آهي.
    جڏهن ته سياسي طور تي جيئي سنڌ قومي محاذ جو پڻ پراڻو ڪارڪن آهي .
    ناشاد رشيد سنڌي هن وقت باقر آباد محلا شهدادڪوٽ ۾ رهي ٿو.
    ائڊريس:آفيس نئين آس مئگزين شهدادڪوٽ
    موبائل:03316065911-03052564897


    گيت

    زندگي هڪ عذاب آ لکي ٿو ڇڏيان
    امتحان احتساب آ لکي ٿو ڇڏيان.

    مان ادب جو مسافر هان اصلاح ڪيو،
    هر ڪو چئي لاجواب آ لکي ٿو ڇڏيان

    سٽ سٽ ۾ سهيڙيل منهنجي داستان
    درد ڀريل ڪتاب آ لکي ٿو ڇڏيان.

    چمڪندڙ ڪهڪشان دل قيامت جيان،
    وقت يوم الحساب آ لکي ٿو ڇڏيان.

    عشق اڏري عقل کي وڌو وات ۾،
    حسن هر جا شباب آ لکي ٿو ڇڏيان.

    هيءَ جيون اڃو رُڃ ۾ ٿو رڙي،
    اهڙو تاسو سراب آ لکي ٿو ڇڏيان.

    هوءَ به شرمائي پئي مان به گهٻرائيان،
    پاڻ ۾ ڇا حجاب آ لکي ٿو ڇڏيان.

    دور نئين جون نيون حسرتون ڇا لکون،
    عاشقي انتخاب آ لکي ٿو ڇڏيان.

    ڀل گنهگار ڪوٺي زمانو مونکي،
    پيار تنهنجو ثواب آ لکي ٿو ڇڏيان.

    حسن هلچل وڌي عشق برپا ٿيو،
    هي نئون انقلاب آ لکي ٿو ڇڏيان.

    سوچ آ سنڌ جي هيءَ لوچي لڌم،
    حوصلو ڪامياب آ لکي ٿو ڇڏيان.

    پاڻ قسمت ‘‘رشيد’’ آ گنوائي ڇڏي،
    ڇو مقدر خراب آ لکي ٿو ڇڏيان.
    **


    هڪ درد مون رکيو آ دل ۾ دوا جي خاطر،

    هڪ درد مون رکيو آ دل ۾ دوا جي خاطر،
    ڳوليان پيو مسيحا جڳ ۾ شفا جي خاطر.

    جنهن کي مڃي ٿي دنيا پر ڪنهن ڏٺو ئي ڪونهي،
    سجدي ۾ سر رکياسون اهڙي خدا جي خاطر.

    دنيا جي سمنڊ کي ڄڻ ڪونهين صفا ڪنارو،
    ڪشتي ٻڏي ٿي دل جي ڪنهن نا خدا جي خاطر.

    تون جهول ۾ وفا جي رنجُ الم وجهي ڏي.
    هي رک ڀرم صدا جو پنهنجي سخا جي خاطر.

    پنهنجي مفاد خاطر ڪاري تو ڀيڻ ڪئي آ،
    تنهن کان ٻڏي مرين ها شرم و حيا جي خاطر.

    هي پنجتن جي صدقي ارداس ٿئي الاهي
    مشڪل جهان جي حل ڪر مشڪل ڪشا جي خاطر.

    انسان جو مقدر اهڙو ته ڪو نه هو پر،
    شايد خدا خفا ٿيو آدم حوا جي خاطر.

    اي ڌرتي منهنجي جيجل مونکان وچن وٺي ڇڏ،
    مان شعر جيڪي لکندس تنهنجي بقا جي خاطر.

    تقدير کان اڳي ئي تدبير سوچجي ها،
    ‘‘ناشاد’’ گهرجي اهڙي قسمت قضا جي خاطر.


    پريت پڪي آ پڪ وٺي وڃ،

    پريت پڪي آ پڪ وٺي وڃ،
    ڳاڙهي ڳل تي چڪ وٺي وڃ.

    توکي چنبڙي چاهه منجهان دل،
    چاهت جو چقمق وٺي وڃ.

    پنهنجا ڏي غم درد هي مون کان،
    مرڪ خوشيون ۽ ٽهڪ وٺي وڃ.

    توکي ڏسندي ڌڙڪي ٿي دل،
    دل منهنجي جي ڌڙڪ وٺي وڃ.

    پنهنجي ڏي دل منهنجي وٺي وڃ،
    هن کان ٿيو هان ڪڪ وٺي وڃ.

    توکان ڌار ‘‘رشيد’’ نه جيئندو،
    مسجد ۾ بيشڪ وٺي وڃ.

    **


    گيت

    نيڻن جو ڪو بند ڀڳو آ،
    سنڌوءَ کي ڄڻ کنڊ لڳو آ،
    وارو ڙي وارو ڪيو،
    دل جو شهر او يار بچايو،
    اکڙين جو گهر ٻار بچايو،
    سوچن جو سنسار بچايو،
    ڳڻتين جو هت ڳوٺ ٻڏو آ.
    وارو ڙي وارو ڪيو.
    عشق اندر ۾ وڍ وجهي ٿو،
    جيءُ جهري ٿو روح رڙي ٿو،
    سورن جو پڻ سمنڊ سجهي ٿو،
    بڻجي سايو موت پُڳو آ...!
    وارو ڙي وارو ڪيو.
    نيڻن جا تيلاب ٿا ٻوڙين،
    يادن جا سيلاب ٿا ٻوڙين،
    بند اکين ۾ خواب ٿا ٻوڙين،
    مون جو سپنو رات ڏٺو آ...!
    وارو ڙي وارو ڪيو.
    قسمت جي مان سوڳ ۾ آهيان،
    عشق جي شايد روڳ ۾ آهيان،
    ماڻهن ليکي ڀوڳ ۾ آهيان،
    مون کان منهنجو ڀاڳ رٺو آ..!
    وارو ڙي وارو ڪيو.


    اسين ته تنهنجا مريد آهيون،

    اسين ته تنهنجا مريد آهيون،
    کڻي آيا اڄ اميد آهيون.

    ڏسي نه منهڙو مٽايو جاني،
    ڦٽيل اڳي ئي شديد آهيون.

    اڱڻ ڪڏهن جي اچو ٿا ڀلجي،
    وڇائيندا دل ۽ ديد آهيون.

    ڏسي اوهان کي بنا خوشين جي،
    اسين ڪندا يار عيد آهيون.

    اوهان جي در جا غلام سائين،
    اوهان جا خادم ‘‘رشيد’’ آهيون.
    **


    درد دل جا! دوستي توسان ڪجي،

    درد دل جا! دوستي توسان ڪجي،
    دور نئين جي دلبري توسان ڪجي.

    سڪ سنگت هن سور جي توسان گهڻِي،
    ديد ۽ دل جي ٻڌي توسان ڪجي.

    سور تي ٿا پور پلجن هر گهڙي،
    اهڙي سورن جي سچي توسان ڪجي.

    تون ڏئين آزار تي آزار ڀل،
    پوءِ به دلبر دل لڳي توسان ڪجي.

    ڇو نه پو دل جي هندوري ۾ وجهي،
    حالِ دل جو هر گهڙي توسان ڪجي.

    گل ڏين ڀونئرن کي بوسا باغ ۾،
    ڪيئن ڀلا تن جي ڪچي توسان ڪجي.
    **


    هيکلائي جا سڀئي لمحا ڇڏي،

    هيکلائي جا سڀئي لمحا ڇڏي،
    آ گذاريون پاڻ ۾ جهيڙا ڇڏي.

    تنهنجي وارن ۾ بڪل وانگي پرين،
    مان ٿو چنبڙان لوڪ جا مهڻا ڇڏي.

    ڇڏ اميري ۽ غريبيءَ جي پچر،
    لالچي دنيا سان ڏي ليکا ڇڏي.

    جي خدا بخشي ته حج آهي هتي،
    آ مديني ۾ سڄڻ مڪه ڇڏي.

    ڪيئن ڇڏيان مان سونهن ۽ سنڌ جي پچر،
    جي چوين ‘‘ناشاد’’ هي دنيا ڇڏي.
    **


    دل جي ويراني ۾ جو اچن ٿيون مڙي،

    دل جي ويراني ۾ جو اچن ٿيون مڙي،
    شام جو هي اداسيون عقابن جيئان.

    چاهه چنبڙي پيو سور چهنڊي وڌي،
    برهه بي خود ڪيو آ عذابن جيئان.

    سونهن ۽ سنڌ جي سوچ سانڍي رکيم،
    ها مقدس جهان جي ڪتابن جيئان.

    دل جي هو درميان دوستي داغ ڪو،
    درد اهڙو مليو آ ثوابن جيان.

    چنڊ سان جيئن ستارا به سونهن سڀئي،
    سنڌ سونهين سنڌين سان گلابن جيئان.

    آءٌ ماضيءَ جي لمحن جي ٿو ڳالهه ڪيان،
    ڀل پيون يادون مڙن احتسابن جيئان.
    **


    وائي

    هوريان هوريان گهم،
    هر شيءِ ٿي تنهنجي وڻي.
    وات وارو ڏي مون کي
    کاڌل هي چيگم.
    هر شيءِ ٿي تنهنجي وڻي.
    چولو ٿو چمڪا ڪري ،
    لئي ۾ آهين گُم.
    هر شيءِ ٿي تنهنجي وڻي.
    چوٽيءَ ۾ مان گل جيان،
    توسان رهان هر دم،
    هر شيءِ ٿي تنهنجي وڻي.
    توکي ڏسندي ٿيو وڃا،
    سوچن ۾ گُم سُم،
    هر شيءِ ٿي تنهنجي وڻي.
    ”ناشاد“ سان کنڊ کير جيان ،
    تنهنجو ٿئي سنگم.
    هر شيءِ ٿي تنهنجي وڻي.
    **


    تڙپين ٿو پيو تاسو آهين،

    تڙپين ٿو پيو تاسو آهين،
    عشق اڃارا خاسو آهين.

    سنڌو ساگر آهين پوءِ ڀي،
    ٿر جهڙو ڪو پياسو آهين.

    ٿر جو سمجهان بر جو سمجهان ،
    ڪوهستان جو پاسو آهين.

    پاڻ تماشو پنهنجو ڏسين ٿو،
    دنيا لئه ڪو هاسو آهين.

    سوليءَ تي منصور مُڪا تو،
    ڪيڏو ‘رشيد’ بي قياسو آهين!

    **


    رشيد خانواهي

    تعارف

    رشيد خانواهي پهرين اپريل 1969ع تي عبدالله چانڊيو جي گهر ڳوٺ خانواه تعلقي قبوسعيد خان ۾ پئدا ٿيو. سندس ڇٺيءَ جو نانءُ عبدالرشيد رکيو ويو. ايجوڪيشن ايم_اي سنڌي اٿس. هن وقت گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ ۾ سنڌي سبجيڪٽ جو ليڪچرار آهي. هن لکڻ جي شروعات 1987ع کان ڪئي، سندس شاعري ۾ استاد احمد علي ‘‘صابر’’ ۽ گل محمد شاهه ‘‘گل’’ بخاري آهن. سندس پهريون شعر آهي ‘‘آزادي انسان ٿو چاهي’’ جيڪو نئين سوچ مئگزين ڪراچي جي فيبروري 1990ع واري شماري ۾ شايع ٿيو. ان کان پوءِ به سنڌي ٻوليءَ جي تمام مئگزينن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندو رهي ٿو. رشيد خانواهي نثر توڙي نظم ۾ لڳاتار لکندو رهي ٿو، سندس ادبي سڃاڻپ شاعري آهي. هو شاعري جي صنفن غزل، گيت، وائي، نظم، ڪافي، چوسٽو ۽ ٽيڙو سميت سڀني صنفن ۾ خيالن جو اظهار خوب ڄاڻي ٿو. شاعري جي فن ۽ فڪر جي پختگي سان گڏ هو ڏات ۽ ڏانءُ جو ڀرپور شاعر آهي. هو نثر توڙي نظم ۾ چار ڪتاب لکي چڪو آهي، جن مان شاعري جو ڪتاب ‘‘سڄڻ ۽ ساڻيهه’’ ۽ نثر ۾ ‘‘املهه انسان’’ ڇپجي چڪا آهن. نثر جا ٻه ڪتاب ‘‘سنڌي ادب جا سونهري باب’’ ۽ ‘‘ڌرتي جا ڌنڱ’’ اڻڇپيل صورت ۾ آهن. رشيد خانواهي شهدادڪوٽ جي سينيئر شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو سندس شاعري ۾ عشقيه انداز سان گڏوگڏ، ڌرتي ڌڻين سان ٿيندڙ ناانصافين جا موضوع ملن ٿا.
    رشيد خانواهي سنڌي ادبي سنگت شاخ شهدادڪوٽ جو بنيادي ميمبر آهي ۽ مختلف عهدن تي رهندي هن وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ شهدادڪوٽ جو سيڪريٽري ۽ سنڌ پروفيسرس ۽ ليڪچررس ايسوسيئيشن (سپلا) شهدادڪوٽ يونٽ جو صدر پڻ آهي.
    بهترين شاعر جي حيثيت سان 2006ع ۾ ‘‘پيرل قمبر ايوارڊ’’ ۽ ان کان علاوه ‘‘بيسٽ ٽيچر ايوارڊ’’ پڻ حاصل ڪيو اٿائين. سندس پسنديده ڪتاب شاهه جو رسالو آهي، هو هر انهي ليکڪ کي پسند ڪري ٿو جيڪو سچ ۽ سونهن لاءِ لکي ٿو. پسنديده ادبي شخصيتن ۾ هو شاهه لطيف، استاد بخاري ۽ راشد مورائي ٻڌائي ٿو. موسم بهار، لباس سنڌي، کاڌي ۾ سرنهن جو ساڳ ۽ چانورن جي ماني پسند ڪري ٿو. رشيد خانواهي، هن وقت ڊرٻ محلا شهدادڪوٽ ۾ رهي ٿو.
    ائڊريس: سنڌي ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ.
    موبائل:03342003531-03032003531


    رهيو آ ساٿ سورن جو، سکن جي ڪا خبر ڪانهي،

    رهيو آ ساٿ سورن جو، سکن جي ڪا خبر ڪانهي،
    رهان ٿي قيد ڪوٽن ۾، پکن جي ڪا خبر ڪانهي.

    نه هوندو کير ڌاتو ڪو، نه هوندو گاهه کاڌو ڪو،
    الائي ڪيئن ٿيا ليلا، انهن جي ڪا خبر ڪانهي.

    نه ڪي قاصد، نه ڪي خطڙو، نه ڪي پيغام آيو ڪو،
    نه ڪي وانگي وريو ڪوئي، وطن جي ڪا خبر ڪانهي.

    سدائين سومرا گهارين، پيو باغن ۽ بنگلن ۾،
    اسان جو چاهه چونرن سان، چمن جي ڪا خبر ڪانهي.

    هميشه ئي رهيو آهين، خوشين ۾ ‘‘خانواهي’’ چئي،
    سکن جي سڌ سڄي توکي،ڏکن جي ڪا خبر ڪانهي.
    **


    حال منهنجي تي هڙن روئي ڏنو،

    حال منهنجي تي هڙن روئي ڏنو،
    محب ماڻهن ۽ مِرُن روئي ڏنو.

    گل سڙي ويا ڀونر ويا ڀيرو ڀڃي،
    وئي ڇڏي بلبل چمن روئي ڏنو.

    ڇو نه ٿو پاڙين پرين وعدو وچن،
    آ سگهو سهڻا سخن روئي ڏنو.

    جن به منهنجو حال هي آهي ڏٺو،
    آ قسم رب جو سڀن روئي ڏنو.

    سور ڪيڏا سنگدل آهن مگر،
    پر غمن دردن ڏکن روئي ڏنو.

    ‘‘خانواهي’’ جي هيون کلنديون اکيون
    هجر تنهنجي ۾ انهن روئي ڏنو.
    **


    ڪي سال ٿيا آهن، درشن ڪان سڪيو آهيان،

    ڪي سال ٿيا آهن، درشن ڪان سڪيو آهيان،
    ديدار سوا دلبر، ڪنهن شيءَ جو بکيو ناهيان.

    رُخ پاڪ تنهنجو ڪعبو ۽ تر آ مثل اسود،
    ايمان اٿم پختو، تڏهين ٿو چمڻ چاهيان.

    محبوب مٺي آهي، ماکيءَ کان مٺي تنهنجي،
    ڏي پيار پرين پنهنجو،ڪنهن زر جو بکيو ناهيان.

    هڪ رات رهڻ مون وٽ، منٺار ڪڏهن ايندين،
    سَوَ محل اميدن جا دل ۾ ٿو پيو ٺاهيان.

    مشهور ڪيو مون کي، آ عشق سڄڻ تنهنجي،
    تَنهِن عشق سندا ٿورا احسان پيو ڳايان.

    ان ڏينهن وڃي کسجي هيءَ ڏات ‘‘رشيدڻ’’ جي،
    دنيا جي حسينن کي محبوب جهڙو ڀائيان.
    **


    وڇوڙو وجهي ٿو وڏا جهير جاني،

    وڇوڙو وجهي ٿو وڏا جهير جاني،
    ڏيون ڇو نه تنهن کي ڪا تڪبير جاني.

    سڄڻ ساهه ۾ مون سمائي رکي آ،
    سدا سار تنهنجي ۽ تصوير جاني.

    چٺي تو جا مون ڏي مٺا موڪلي هئي،
    رکي سا مون سانڍي آ تحرير جاني.

    سوا هڪ ٻئي جي گذاري نه سگهبو،
    سگهو سوچ تنهن لاءِ تدبير جاني.

    ڏٺا خواب هئاسين جي گڏجي رهڻ جا،
    سچا شل ٿين تن جا تعبير جاني.

    خدا کان گهرون ٿا دعا ‘‘خانواهي“
    ٿئي شل چڱي پنهنجي تقدير جاني.
    **


    حياتيءَ تي ناهي ڪو اعتبار جاني،

    حياتيءَ تي ناهي ڪو اعتبار جاني،
    ڪڏهن وڃ ڪرائي ڪو ديدار جاني.

    دوا درد پنهنجي جي دلبر ڏئي وڃ،
    ڪيو بره تنهنجي آ بيمار جاني.

    مرڻ بعد هر ڪو آ، مرضي جو مالڪ،
    نه ٿي جيئري جڳ ۾ تون بيزار جاني.

    نه کائڻ، نه پيئڻ، نه جيئڻ وڻي ٿو.
    وڇوڙي ڪيو آهي آزار جاني.

    نٿو جيءُ هاڻي لڳي ڪنهن به ڪم ۾،
    سوا تنهنجي جيون آ بيڪار جاني.

    تتي تن جي ٿر کي مٺا مينهن گهرجي،
    ڪڪر بڻجي ڪر ڪو، تون وسڪار جاني.

    خوشيون ‘‘خانواهي“ کي ڏئي ڪي کلائج،
    ڏئي ڏک نه ايڏا تون روئار جاني.
    **


    گيت

    سکي سڄڻ کي سلام چئجان،
    وڃي پرين کي پيام چئجان.

    چڳن ۾ چيڙهون پيون اچي ڏس،
    اهي ئي پاتل سڳيون اچي ڏس،
    ڏئي وئين ڏکڙا انعام چئجان
    سکي سڄڻ کي سلام چئجان،

    سمورو جيون بيڪار تو بن،
    نه ٿو وڻي ڪو سينگار تو بن،
    نه ٿو وڻي ڪو طعام چئجان،
    سکي سڄڻ کي سلام چئجان،

    مران ٿي ماندي اچي ڏسي وڃ،
    بيمار پئي هان پرين پڇي وڃ،
    لڇان پڇان ٿي مدام چئجان.
    سکي سڄڻ کي سلام چئجان.

    ‘‘رشيد’’ تولئه روئان رڙان ٿي،
    سدائين سڪ ۾ سڪان سڙان ٿي،
    ڪري وئين زندگي حرام چئجان.
    سکي سڄڻ کي سلام چئجان،
    **


    گيت

    جيڏي ٿر ۾ واري جاني،
    تيڏي آ توسان ياري جاني.

    توسان پيار جي راند پيارا،
    جڏهين کيڏيم جيءُ جيارا،
    تو آ کٽيو ساهه سهارا،
    مون آ بازي هاري جاني.

    سور مُڪئي، ٿيا ٿورا تنهنجا،
    ٿورا ناهن ٿورا تنهنجا،
    سهرا لاڏا مورا تنهنجا،
    ڳايان عمر ساري جاني.

    هڪ ته تنهنجي سِر لئه سائين،
    ٻيو ته سنڌوءَ جي سر لئه سائين
    ٽيون هن مٺڙي تر لئه سائين،
    جنگ آ پنهنجي جاري جاني.

    ايندي ويندي کان ٿو پُڇان پيو،
    تولئه تڙپان يار لُڇان پيو،
    راهون ‘‘رشيدڻ’’ روز ڏسان پيو،
    مينهن اکين آ جاري جاني.
    **


    گيت

    آءُ سگهو تون ساجن سائين،آءُ سگهو تون ساجن سائين،
    ڏينهن اچڻ ۾ ڇو ٿو لائين، آءُ سگهو تون ساجن سائين.
    آءُ سگهو تون ساجن سائين..!

    ساهه به توکي ساري پيو ٿو، هينئڙو هنجڙون هاري پيو ٿو،
    موٽ وڇوڙو ماري پيو ٿو، ساهه سهارو تون ئي آهين.
    آءُ سگهو تون ساجن سائين..!

    ساريون سر ڀي نسري پيڙا چِٽ وئي ٿيا ڏينهن به ٿڌڙا،
    توکان وعدا وسري ويڙا، نينهن نٿو ڇو يار نڀائين.
    آءُ سگهو تون ساجن سائين...!

    مونجها ماندا ماڳ ٿا روئن،تو لئه منهنجا راڳ ٿا روئن،
    مونسان منهنجا ڀاڳ ٿا روئن، ٿورا تنهنجا جي ٿو کلائين.
    آءُ سگهو تون ساجن سائين...!

    گذري ويو اونهارو آهي،آيو سرءُ جو وارو آهي،
    ڄاڻ ٿيو ته سيارو آهي، ڀينگ بهار آ، تون جي ناهين.
    آءُ سگهو تون ساجن سائين....!

    جيءُ جدائي جهوريو جاني،ماس ڪپيو ۽ ڪوريو جاني
    هيءُ ‘رشيد’’ به گهوريو جاني،جنهن کي تنهنجي تات سدائين
    آءُ سگهو تون ساجن سائين،
    آءُ سگهو تون ساجن سائين!
    **


    عورت

    عورت ساري جڳ جي سونهن آ،
    عورت ئي بس روح وِِروُنهن آ.
    عورت قدرت جـــــو آ تحفو،
    قدر ڪري ٿو ان جو سڀ ڪو،
    عورت جو آ شانُ به اعلى،
    عورت جو آ مانُ به اعلى،
    مريم ڀي هڪ عورت هئي ڏس،
    قدرت ڪيڏي عزت ڪئي ڏس،
    مارئي ملڪ ملير ملهايو،
    پنهنجو مان و شانُ بچايو،
    سسئي ڪيچين پٺيان ڪاهي،
    پنهل سان وئي پرت نڀائي،
    راڻي خاطر جيءَ جلايو،
    مومل آهي پاڻ ملهايو،
    نوريءَ ۾ هو نياز و نوڙت،
    واهه جو اديون شرم و غيرت،
    جنهن وٽ عزت غيرت آهي،
    سائي عورت، عورت آهي،
    هن سان ڪيڏا رشتا ناتا،
    ماسي مامي ۽ آ ماتا،
    عورت سان ٿو گهر ڀي سونهين،
    عورت سان ٿو بر ڀي سونهين،
    عورت سان ٿي دنيا سونهين،
    عورت سان ٿي عقبى سونهين،
    هيءَ جي ناهي ڪجهه ڀي ناهي،
    دنيا ساري دوزخ آهي.


    نظم : سنڌ جو ڪيڏارو

    رڙيون ريهون راولپنڊي،
    ملڪ سڄي ۾ ماتم ٿي ويو،
    قهرين ڏاڍو قهر ڪيو آ،
    جيون سارو زهر ڪيو آ،
    ڪالهه کسيائون سنڌ جو پاڻي،
    اڄ ڪٺائون سنڌ جي نياڻي،
    هر هڪ اک آ آلي جنهن لئه،
    مان به روئان ٿو ويٺو تنهن لئه،
    اڳ ڀي ڪِيسُ يزيد ڪيو هو،
    سنڌ جو شير شهيد ڪيو هو.
    ظالم جابر ڪين سَٺو هو،
    تنهنجو منهنجو ڀاءُ ڪٺو هو،
    سورهيه سنڌي گهوٽ ڪُٺو هو،
    ارڏو ۽ اڻموٽ ڪٺو هو،
    ذهن ضمير هو زندهه جنهن جو،
    ديس سمورو شاهد تنهن جو،
    اڄ ڀي ان لئه اکيون آليون،
    ڳايون ويٺا تنهنجون ڳالهيون،
    ٻئي تي هاڻي مور نه ڀاڙيو،
    پاڻ اٿي ڪا پنهنجي ٻاريو،
    شاعر جاڳو قوم جاڳايو،
    سنڌ جو يار ڪيڏارو ڳايو،
    سنڌ جو يار ڪيڏارو ڳايو.
    **


    چوسٽه

    سمونڊن کي اڪرڻ ته سولو آ پيارا،
    مگر سڪ جي ساگر کي اڪرڻ ڏکيو آ.
    پني تي ڪرڻ نقش آسان آهي،
    مگر دل جي تختيءَ تي اڪرڻ ڏکيو آ.

    *
    ڪٿي شان ڪنهنجو وڌائي ٿو پئسو،
    ڪٿي مانُ ڪنهنجو وڃائي ٿو پئسو،
    ٿو پئسو پراون کي پنهنجو بنائي،
    ڪٿي دوست ڀائر ڀلائي ٿو پئسو.
    *
    موت کي ماري وجهين بس پو مڃانءِ،
    ڏاڍ کي ڏاري وجهين بس پو مڃانءِ،
    تيز طوفانن ۽ ڪاري رات ۾،
    لاٽ ڪا ٻاري وجهين بس پو مڃانءِ.
    *

    سنائي، گدائي ۽ ساميءَ جي ٻولي،
    بخاري، ڀٽائي ۽ حاميءَ جي ٻولي،
    خدايا سلامت هي رک تا قيامت،
    ‘‘رشيدڻ’’ چئي راشد ۽ جاميءَ جي ٻولي.
    *


    وائي

    هاري ۽ مزدور، او مزدور!
    ساجهر ڪر ڪا يار سجاڳي.

    ماٺ منجهان ئي ملندا آهن،ساجن سائين سُورَ.
    او مزدور! ساجهر ڪر ڪا يار سجاڳي.

    ڪونڌر ڪُوپا ڪسجي ويئڙا،ڪيئي ٿيا معذور.
    او مزدور! ساجهر ڪر ڪا يار سجاڳي.

    ڌرتي هن تي ڌاريا ڪن پيا،ڪيڏا ڪيس ڪلور.
    او مزدور! ساجهر ڪر ڪا يار سجاڳي.

    اُٿ اٿي اڄ لاٽ ڪا ٻاريون،منجهه انڌاري گُهور.
    او مزدور! ساجهر ڪر ڪا يار سجاڳي.

    توکي مونکي راهه ڏيکاري،شينهن ڪراڙي جهور.
    او مزدور! ساجهر ڪر ڪا يار سجاڳي.

    ڏاڍ جو ڏونگر ڏاري وجهه تون،ساجن ساڻ چنجور.
    او مزدور! ساجهر ڪر ڪا يار سجاڳي.

    ‘‘رشيد چانڊيا’’ ناهن ڊڄندا، سوليءَ کان منصور،
    او مزدور! ساجهر ڪر ڪا يار سجاڳي.


    پريتم قاضي

    تعارف

    پريتم قاضي جو بنيادي تعلق قاضي خاندان سان آهي سندس والد قاضي خضر حيات (عبدالحئي) جيڪو ادب جي دنيا جو سگهارو نانءَ آهي. سندس چاچو قاضي مقصود گل هر دل عزيز شخصيت سان گڏو گڏ سنڌي ادب ۾ تمام وسيع سڃاڻپ رکي ٿو.سندس ڏاڏو قاضي عبدالحئي(قائل) پڻ ناميارو اديب ٿي گذريو.
    پريتم قاضي جو جنم 18 ڊسمبر 1974ع تي نئون ديرو لاڙڪاڻو ۾ ٿيو ۽ ڇٺيءَ جو نانءُ سڪندر آفتاب خضر قاضي آهي. هو ايجوڪيشن ۾ بي_سول سيڪنڊ ڪلاس، ماسٽر ان فائن آرٽس ۽ بي ايڊ آهي. هن لکڻ جي شروعات 1988ع کان ڪئي سندس لکڻي نثر توڙي نظم ۾ سٺي سڃاڻپ رکي ٿي، شاعري کان علاوه نثر ۾ مضمون، ڪالم ۽ ڪهاڻيون به لکندو رهي ٿو. مگر ادبي سڃاڻپ شاعري اٿس. پريتم قاضي شاعري جي تمام صنفن تي لکندو رهي ٿو پر غزل جو گهاڙيٽو هن لاءِ سولو ۽ سهڻو خيالن جو اظهار آهي. هن نثر توڙي نظم ۾ چار ڪتاب لکيا آهن جن مان هڪڙو شاعري جو ڪتاب ‘‘احساسن جا عڪس’’ ڇپجي چڪو آهي ۽ گڏيل شاعرن جي ترتيب ڏنل ڪتاب (مون ڏات انوکي آندي آ ) ۾ به شاعري ڇپجي چڪي اٿس. ان کان علاوه عبدالحڪيم ارشد جي شاعري جا ٻه ڪتاب ترتيب ڏنا اٿائين، جن مان هڪڙو ‘‘آجپي جي گيت جهڙي شاعري ‘‘ 2011ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ‘‘ٽٽل عڪس سونهن جا’’ جيڪو پڻ ڇپائي هيٺ آهي.
    پريتم قاضي تخليقي بنياد تي قاضي خضر حيات ۽ قاضي مقصود گل کان رهنمائي وٺي ٿو.ادبي سرگرمين ۾ هو سنڌ جي مختلف ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿيندو رهي ٿو ۽ سڪندر آرٽ گيلري جي نانءَ سان هڪ پليٽ فارم جو بنياد وڌو اٿائين. سنڌي ادبي سنگت شاخ نوابشاهه جو مستقل ميمبر آهي، جڏهن ته جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خزانچي پڻ رهي چڪو آهي. سندس پسنديده ڪتاب شاهه جو رسالو ، ادبي شخصيت قاضي مقصود گل ۽ عبدالحڪيم ارشد ، سياسي طور تي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو کي پسند ڪري ٿو.
    پريتم قاضي جي مستقل رهائش نواب شاه شهر ۾ آهي.
    ائڊريس: سڪندر آرٽ گيلري هائوسنگ سوسائٽي نواب شاه
    03337753811
    ***


    زندگي زهر کان به وڌ ٿي ڪڙي آهي.

    زندگي زهر کان به وڌ ٿي ڪڙي آهي.
    پوءِ به ماکيءَ کان وڌ مٺي آهي.

    هر روز درد سان دل شاد ڪيون ٿا ويٺا،
    اسان وٽ ته شامل خوشيءَ ۾ به غمي آهي.

    هو جو دنيا ۾ درد ونڊي ٿو ويٺو،
    ان پنهنجي اندر ۾ جهاتي به ڪڏهن وڌي آهي

    ڇو آ بدنام زماني ۾ محبت جو وجود؟
    حال الفت جو ڏسي دل ڏيئي مثل ٻري آهي.

    پيار ‘‘پريتم’’ جي ايمان ۾ ئي شامل آ،
    زندگي بي پيار شرمندگي آهي.

    **


    زهر هن زندگي جو آ پيئڻو پيو.

    زهر هن زندگي جو آ پيئڻو پيو.
    اسان کي مگر پوءِ به جيئڻو پيو.

    وئي وقت کان اڳ جواني پرين،
    ڏسي حال پنهنجا آ کلڻو پيو.

    نه بدليو زمانو نه دستور آ،
    ستم ڏاڍ جانڊهه ۾ پِسڻو پيو.

    اٽي لَپَ جي خاطر ٿا ماڻهو مرن،
    اهو پڻ زمانو به ڏسڻو پيو.

    بچو ڪو به منصف هتي ڪين آ،
    عدل لاءِ نه ڪيڏو آ رلڻو پيو.

    اهو ديس جنهن ۾ رهون ٿا اسان
    اتي ڀي جکي آهي جيئڻو پيو.

    مرڻ جت نه سولو جيئڻ آهي ڏکيو،
    آ هر هر جيئڻ لاءِ مرڻو پيو.

    کپي ٿو کپي بس اڃا ٿو کپي،
    رشوت سندو پيٽ ڀرڻو پيو.

    رهيو ڪو نه آ هت امن ۽ امان،
    آ جيري لئه ٻڪري کي ڪسڻو پيو.

    اسان پاڻ پنهنجا ڇو ويري وڏا،
    اسان سان اسان کي آ وڙهڻو پيو.

    اچو پاڻ پنهنجو ڪريون احتساب،
    گناهن جو ڪيتو آ ڪٽڻو پيو.

    ‘‘پريتم’’ وطن ۾ ورهايون وفا،
    ڪيل قول پورو آ ڪرڻو پيو.
    **


    ڪري دل جون سڄڻ ڳالهيون اسان کان ڏور ويٺو آ.

    ڪري دل جون سڄڻ ڳالهيون اسان کان ڏور ويٺو آ.
    مناسب ڪين آهي پر ڪري مجبور ويٺو آ.

    انا جا سڀ کڻي نشتر هڻي ٿو منهنجي سيني ۾،
    ڏئي هن دل نماڻي کي ستم جا سور ويٺو آ.

    سڄڻ سائين اچو مون وٽ ته مان خوش ٿي نچان جهومان،
    اها ئي آس آ دل جي ۽ من مجبور ويٺو آ.

    ڪري ڪاٿو نه سگهنداسي عجيبن جي عطائن جو،
    اکين آڏو ته ناهي پر نه ئي ڪو ڏور ويٺو آ.

    نه آهيان مان سڄڻ سادو نه ڪي آهيان مان سودائي،
    مگر سڪ جي اڏيل سوريءَ تي من منصور ويٺو آ.

    پُڇا آ پيار ۾ ڪهڙي ‘‘پريتم’’ هار يا کٽ جي،
    اسان مجبور محبت ۾ سڄڻ مغرور ويٺو آ.
    **


    توسان دلڙي لائي ويٺس.

    توسان دلڙي لائي ويٺس.
    دل جو درد پرائي ويٺس.

    نيڻن سان ملائي نيڻ،
    پنهنجو هوش ڀلائي ويٺس.

    درد پرين جا جهوليءَ ۾،
    پاند ۾ پنهنجي پائي ويٺس.

    اکڙيون هاءِ اداس ڇو آهن،
    بي وس دل ڦرائي ويٺس.

    تنهنجو جلوو نيڻ چمن ٿا،
    روح کي رنگڙو لائي ويٺس.

    پيار جي پوڄا آهي عبادت ،
    سونهن اڳيان سر نائي ويٺس.

    ‘‘پريتم’’ کان جو دور رهي ٿو،
    ان سان پريم وڌائي ويٺس.
    **


    وائي

    خوابن سان نينهن لايان، سپنا اکين سجايان...!
    ڪيڏو عجيب آهيان.

    ڪوڙ ۽ فريب واري،طوفان تيز تر ۾..!
    سچ جا ڏيئا جلايان.
    ڪيڏو عجيب آهيان....!

    ڇو سچ لڪي ويو آ،نظرن کان دور ٿيو آ،
    ان کي ٿو آءُ ڳوليان.
    ڪيڏو عجيب آهيان...!

    سڪ جو پيامر هان،نفرت بجاءِ الفت،
    ويٺو وفا ورهايان.
    ڪيڏو عجيب آهيان...!

    يادون عذاب ٿي ويون،سوچون سراب ٿي ويون،
    رڻ ۾ ٿو پاڻ روليان.....!
    ڪيڏو عجيب آهيان.

    توکان پري رهي مان، ڏک درد سڀ سهي مان،
    ‘‘پريتم’’ پيار پوڄان......!
    ڪيڏو عجيب آهيان.
    **


    ‘بازارِ حسن”

    نظم
    ____
    هن چيو هيڪر ته اچ،
    پوءِ!!
    کن پل ۾ ئي،
    هوءَ هئي،
    مدهوش ۽ دلفريب ادائن سان،
    رنگين روپ ۾..!
    مون چيو،
    اي بي حيا !اي بي شرم !
    ڪر انسانيت تي رحم !
    آهن هتي،
    مائون، ڌيئون،
    ڀيڻيون،ونيون..!
    ۽،
    تون به هڪ عورت آن،
    رب جي،
    خوبصورت،
    خلقيل مورت آن !
    کلندي چيائين،
    ها !
    مان به هڪ عورت هيس،
    پاڪ سيرت،پوتر،ساوتري،
    ڪنهن جي ڌيءَ،
    ڪنهنجي ڀيڻ،
    ڪنهن جي ونيءَ...!
    تڏهن !
    ڪاٿي هئين تون..؟
    جڏهن منهنجي،
    عصمت لُٽي وئي هئي،
    ها تڏهن،،،،!
    قدرت به رُني هئي..!!
    جنهن ڪيو بي عزت مونکي،
    تنهن پوءِ آندو هو هتي...!!
    هو به هڪ مرد هو،
    تون به هڪ مرد آن...!
    هن ٿي چاهيو،
    آءُ..!!
    روئان، رڙان،
    سڏڪان، مران..!
    عزت،
    پنهنجي کي وڪڻان،،،،،،!
    ڇو ته مان آهيان جتي،
    سڏجي ٿو سو،
    بازارِ حسن...!
    واپس ورڻ جا رستا ناهن اُتي،
    ڪيئن ڪو ايندو سک جتي..!؟
    مجبور هان...!
    لاچار هان..!
    بيزار هان..!
    ڪاڏي وڃان....!
    ڪنهن کي چوان..!؟
    تون ٿو ڏئين مونکي،
    سڀ تهمتون،
    سڀ لعنتون،
    پر،
    تنهنجو،
    به ڪو ڏوهه نه آ،
    توکي..!
    آ ڪهڙي خبر !؟
    آهين مرد تون به پر،
    ايترو چئي وئي هلي،
    تنهن ويل مون هو سوچيو،
    هو به هڪ مرد هو،
    جنهن هن کي هو لٽيو...!
    ڇا.!؟
    مان به مرد هان.!!
    وِڌس ٿي جنهن،.
    سڀ تهمتون،
    سڀ لعنتون،
    هوءَ...!
    مسڪين ته لاچار هئي..!!
    زندگيءَ کان بيزار هئي !!
    ان کي،
    ڇو ڏوهي چوان،،!؟
    ڏوهي ته آهي هو ڪتو،
    ٻڏان، تران،
    تران ٻڏان،
    مران،جيان،
    جيئان،مران،
    ڪاڏي وڃا،
    ڪنهن کي چوان..!؟
    ڇا لکان ؟ ۽ ڇا چوان،
    ٿو ! ڏڪي هاڻي قلم،
    خون ٿو منهنجو جلي !!
    سوچ به ساڻي آٿي !
    آ ٿڪو سارو جسم....!
    ڪو به هت،
    منهنجو نه آ.........!
    ڪو به هت،
    پنهنجو نه آ............1
    جنهن سان،
    سليان مان سور سڀ !
    ڪنهن سان،
    سليان مان سور سڀ...!!!


    نظم: تنهنجي ياد

    تنهنجي ياد ستائي ڇو ٿي؟
    منهنجي دل تڙپائي ڇو ٿي؟
    توکان ڏور وڃڻ جو سائين،
    هر هر چنگ وڄائي ڇو ٿي،
    تو بن منهنجي ننڊ ڦٽائي،
    خوابن سان الجهائي ڇو ٿي،
    تنهنجون يادون دل جو مرهم،
    پوءِ به چين وڃائي ڇو ٿي!؟
    تو بن هر پل زنده رهندس،
    ورد اهو ورجائي ڇو ٿي؟
    منهنجا دلبر منهنجا سائين،
    دل ۾آگ لڳائي ڇو ٿي!؟
    آءُ اڪيلو رڻ جو راهي،
    رُڃ ۾ راه وڃائي ڇو ٿي؟
    تنهائي ۾ تڙپان ٿو مان،
    دل جي تند تپائي ڇو ٿي؟
    توسان اڻٽٽ ناتو منهنجو،
    ‘‘پريتم’’ پوءِ به ستائي ڇو ٿي؟
    **


    بيت

    واڳون هٿ واڳون، پنهنجي دلبر ديس جون،
    جاڳ پرين جاڳون، نه ته هڻبا هٿڙا.

    روز نهاريان راهه، پنهنجي راڻل ڪاڻ،
    ڇو ٻين جي ڪڍان ڪاڻ، تون آن راڻو روح جو.

    هيکل وياڪل راتڙيون، تو بن گهاريون مون،
    مون ۾ آهين تون، ڏور به گهارج ڏينهڙا.

    تنهنجي سار سڄڻ، جهوري وڌو جيءُ،
    پرين پنهنجو ٿيءُ، ته جاليان هن جهان ۾.

    دل جي هر ڪنڊ، واسي تنهنجو واس،
    اکين منجهه اُڪنڊ، پرين تنهنجي پيار جي.

    راڻا تنهنجي راهه، ڏسن منهنجا نيڻ،
    هر هڪ واءُ کڙڪي تي، سٽون کاڌيون ساههُ،
    مونکي پيار پناهه، ڏي ته ٺرن ڏينهڙا.

    منهنجي سڪ سرير ۾، رکين جي هيڪار،
    ته وهواهه ٿي وڻڪار ۾، مرڪن مينگهه ملهار،
    تون سهڻي مان ميهار، آءُ ته پرچون پاڻ ۾.

    توريءَ جاني جيءُ، ۽ جيون رُت اداس،
    تنهنجي راهه نهار ۾، منهنجا نيڻ نراس،
    اٿئي ڪو احساس، پرين منهنجي پيار جو.
    **


    عمر دراز

    تعارف

    لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو ۽ ادبي مرڪز آهي، سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين سميت مختلف تنظيمن ۽ ادارن جي ادبي سرگرمين جي نتيجي ۾ نوجوانن جي لکڻين ۾ پختگي ۽ واڌارو اچي ٿو، اهڙي ماحول ۾ جنم وٺندڙ نوجوان شاعر عمر دراز پڻ اسرندڙ شاعرن ۾ شامل آهي. هو پنهنجي هم عمر شاعر دوستن ۾ غزل گو شاعر جو ڏيک ڏئي ٿو. 1 جنوري 1979ع تي حاجي ارباب علي سومرو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ عمر دراز کي ڇٺيءَ جو نانءُ علي گل ڏنو ويو. محمد انور، محمد پناهه ۽ لال بخش چانڊيو جهڙن استادن جي رهنمائي هيٺ هو پرائمري کان بي_ڪام جي ڊگري تائين پهتو.
    عمر دراز پنهنجي ذاتي زندگي ۾ خوش طبع، سادگي پسند ۽ مستقل مزاج ماڻهو آهي. هن لکڻ جي شروعات 1995ع کان ڪئي. شاعري جي مختلف صنفن تي لکڻ جو ڏانءُ خوبصورت اٿس، مگر پسنديده شاعري جي صنف غزل ٻڌائي ٿو. سندس شاعري ۾ وزن بحر جي پختگي سان گڏ خيالن جو اظهار پڻ سگهارو آهي. هن شاعري جا چار ڪتاب لکيا آهن، جيڪي اڻڇپيل صورت ۾ موجود اٿس. هو پسنديده شاعرن ۾ استاد بخاري ۽ ع.غ تبسم ٻڌائي ٿو. ڪِرت ۾ سندس ذاتي ڪاروبار آهي. عمر دراز هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو.
    ائڊريس: پبلڪ هيلٿ آفيس، ذوالفقار باغ لاڙڪاڻو.
    موبائل: 03003431415


    وَري وَري ته وکرجي لُڇي لُڇي لوڙيو،

    وَري وَري ته وکرجي لُڇي لُڇي لوڙيو،
    ذرو ذرو ته ڳنڍي پاڻ کي اٿم جوڙيو.

    نه ساهه ساهه ۾ ماپي اڃُي اميد مئي،
    قسم ڀرم ۽ تو دل کي ٽڪر ڪري ٽوڙيو.

    جفا جفا ۽ جبر ۾ ڪثر ڇڏي ڪهڙي،
    جسم جگر ته ٺهيو روح کي به تو روڙيو.

    نه پاڻ لاءِ انهن جو اندر ٺريل آهي،
    حقيقي سچ چوڻ سان منهن گهڻن موڙيو.

    لُڇيم ته خير خواهه ٿيا اچي اهي ئي جن،
    ڇڏيو طوفان ۾ تنها ۽ ٻوڏ ۾ ٻوڙيو.

    عليل حال المناڪ هن وڇوڙي ۾،
    چپي چپي تي اوهانکي ‘‘دراز’’ دل ووڙيو.
    **


    ڪٿي قرار ڪرڻ لئه وٺان مزو ڪوئي.

    ڪٿي قرار ڪرڻ لئه وٺان مزو ڪوئي.
    ڪٿي ملي ته خريدي اچان مزو ڪوئي.

    ڪجي ته ڪيئن ڪجي ڪو اگر ڪجي پيدا،
    ڏيو صلاح ته پيدا ڪيان مزو ڪوئي.

    تمام ڏيهه ۾ هر ڪو ٽٽل ڦٽل آهي،
    اداس حال ۾ ڪنهن کان گهران مزو ڪوئي.

    عذاب درد اداسيون پري پري تائين،
    خوشي نه چين ڪٿي ٿو ڏسان مزو ڪوئي.

    سکيو نه جي ته سڄو هي جهان يار ڏکيو،
    نه پاڻ وٽ، نه مليو ٻي وٽان مزو ڪوئي.

    ‘‘دراز’’ جي نه لکيل بخت ۾ سڪون الا!
    لٽيان ته ڪيئن ڀلا وقت کان مزو ڪوئي.
    **


    رونقون روشنيون نه ٿيون گهرجن.

    رونقون روشنيون نه ٿيون گهرجن.
    هاڻ زنده دليون نه ٿيون گهرجن.

    جنهن ۾ هر دم تنگيون تباهيون سي،
    دوستيون دشمنيون نه ٿيون گهرجن.

    سونهن تسڪين روح بن مون کي،
    دلبريون دلڪشيون نه ٿيون گهرجن.

    چنڊ اڄ آسمان تي اچ نه ته،
    ڪهڪشائون ڪتيون نه ٿيون گهرجن.

    بي وجه بي تڪيون ۽ بي وقتيون،
    هي گهڙيون اڻ گهڙيون نه ٿيون گهرجن.

    هاڻ سامان يادگيرين جو،
    ساٿ ڏي سوکڙيون نه ٿيون گهرجن.

    هيل دل جي ‘‘دراز’’ واديءَ تي،
    ويل وڌندڙ وليون نٿيون گهرجن.

    **


    اڄ رُٺل نيٺ سيڻ سرچايا.

    اڄ رُٺل نيٺ سيڻ سرچايا.
    نينهڙي ساڻ نيڻ پرچايا.

    تنگ ٿي ڍنگ رنگ چنگ ڇڏيم،
    سنگ ٿي انگ انگ گرمايا.

    آٿتن جون سدا ڪري آسون،
    تڙپندا ساهه پاڻ ترسايا.

    شوق واري نظر پوڻ سان ئي،
    شان سان ڪي شباب شرمايا.

    سونهن هر ساٿ ساڻ سپنا ڏي،
    عشق جا ڄڻ سڪار سرمايا.

    ڪو به اهڙو ڪجي ته جيئن چون،
    واهه ڙي واهه سنڌ جا ڄايا.

    دوست رب کي چيو دعا گهرندي،
    ڏي نه مفلس ‘‘دراز’’ کي مايا.
    **


    بيٺي بيٺي يار ڀرجي ٿو وڃان.

    بيٺي بيٺي يار ڀرجي ٿو وڃان.
    ويٺي ويٺي هاڻ وٺجي ٿو وڃان.

    غور ڀي ڪهڙو ڪيان غم جو غنڊو،
    جي کنڀي ٿو آنءُ کنڀجي ٿو وڃان.

    هٿ وٺي جاڏي وٺي ٿي سڪ وڃي،
    روئندو تنهن ساڻ رلجي ٿو وڃان.

    ڪي ڌِڪاري ڌار ڪن ٿا ڌڪ هڻي،
    ڪو گڏائي ٿو ته گڏجي ٿو وڃان.

    پوئتان جي پوءِ واريءَ ۾ ‘‘دراز’’
    پوئتي مان پاڻ رهجي ٿو وڃان.

    **


    ديد دل ساهه هڪ دريچي ۾.

    ديد دل ساهه هڪ دريچي ۾.
    ڪجهه به حاصل نه ٿيو نتيجي ۾.

    بي ڪرامت هئي مسيحائي،
    کوکلائي هئي مسيحي ۾.

    شڪ لُٽيو شوق جي جزيري کي،
    غم وڏو ذوق جي ذخيري ۾،

    نينهن نوحي ۾ هو ڀريل ڏاڍو،
    هڪ قيامت هئي قصيدي ۾.

    هر طرح دور پيو بدلجي ٿو،
    هر طرح طور ۽ طريقي ۾.

    وقت کان اڳ ڪڏهن نه ملنداسين،
    ڪنهن سوال آ ڪيو سنيهي ۾.

    دل ڍنڍورن ‘‘دراز’’ ڍنگهرن تي،
    زندگي ٿي پسي پسيني ۾.
    **


    رات کي هن ڏينهن جي تيلي لڳي.

    رات کي هن ڏينهن جي تيلي لڳي.
    نِت نڪوري رُت ۾ تبديلي لڳي.

    هر صبح بيباڪ ٿي اکلي وڃي،
    ويڙهبي هر شام شرميلي لڳي.

    لفظ اهڙا ڄڻ لڪڻ جهڙا لڳا،
    گفتگو پڻ سخت پٿريلي لڳي.

    باهه جهڙي ٿي پوي ٿي پر ڪڏهن،
    چنڊ جي چانڊاڻ برفيلي لڳي.

    شاعري تنهنجي به تو وانگي ‘‘دراز’’
    رمز واري هاڻ رنگيلي لڳي.
    **
    غزل
    يادگيرين سان رکي ياري اٿم
    دل سڪل ڪا ڄڻ ٽٽل ٽاري اٿم.

    وارياسي زندگي بڻجي وئي،
    دل به ڄڻ پنهنجي تسي واري اٿم.

    دل ڪپي ڪوري ڪڍي اُڇلي ڇڏيان،
    تنهن ۾ پر ناري رهي پياري اٿم.

    بي حقيقت خواب پويان خواهمخواهه
    هر خوشي پنهنجي کري کاري اٿم.

    تيل حُب جو صبر جو صابڻ هڻي،
    سڪ اکين پاڻي سان وهنجاري اٿم.

    ڪاڪ جون ناريون ضدي راڻي اڳيان،
    وس وڻائڻ لئه جتن جاري اٿم.

    سونهن ريجهائي رجهائي رمز سان،
    اک ٺنڀي ٺاري ڪڏهن ٻاري اٿم.

    هر خوشي، خواهش چري دل جي ‘‘دراز’’
    يار جيئاري ڪڏهن ماري اٿم.
    **


    هئه عمر ڀر واقعا ٿيندا رهيا.

    هئه عمر ڀر واقعا ٿيندا رهيا.
    ير اسان سان سانحا ٿيندا رهيا.

    ڀروَسن جي ڀاڪرن ۾ دل رهي،
    پوءِ به دل کي وسوسا ٿيندا رهيا.

    پاڻ کي پختو ته سمجهن ٿا مگر،
    وچ ڪچهريءَ ۾ ڪچا ٿيندا رهيا.

    ضد نه ڪر هن عشق جي زد ۾ اچي،
    ڪيترا ارڏا سِڌا ٿيندا رهيا.

    بادشاهي بي وفائي جي ڇڏي،
    بي وفا مان با وفا ٿيندا رهيا.

    پيار جا او يار پيروڪار ڪي،
    نفرتن تي پڻ فدا ٿيندا رهيا.

    هن ته زخمي زندگيءَ تي اي ‘‘دراز’’
    عڪس تو وارا پَها ٿيندا رهيا.
    **


    ٻهڪندڙ ڪي ٻُڪيون نٿيون وسرن.

    ٻهڪندڙ ڪي ٻُڪيون نٿيون وسرن.
    سونهن واريون سکيون نٿيون وسرن.

    ڪامڻيون جلپريون حسينائون،
    پوپريون پدمڻيون نٿيون وسرن.

    جن نهارن ڏنو جياپو ٿي،
    سي هيون دل گهريون نٿيون وسرن.

    چاهه کي ٿي هٿي ملي جن سان،
    سي سنهيون چهنڊڙيون نٿيون وسرن.

    باغِ دل ۾ گهڙي سوا ويهي،
    جي ويون بلبليون نٿيون وسرن.

    ڳوٺ ۾ پينگهه تي سنجها ويلي،
    لاڏليون ڪي لُڏيون نٿيون وسرن.

    ساٿ مشڪل ۾ ڪن ڏنو ته وري،
    ڪن ڏنيون ٿي پُٺيون نه ٿيون وسرن.

    آس پرچاءُ جي ڪري مون کان،
    دادليون ڪي رُٺيون نٿيون وسرن.

    پيار پاٻوهه جون ‘‘دراز’’ ڪٿي،
    آنءُ ٻوليون ٻڌيون نٿيون وسرن.
    **


    ملي هڪ حياتي اڌوري اڌاري.

    ملي هڪ حياتي اڌوري اڌاري.
    سڪي آس ۾ سا به لڇندي گذاري.

    وساري ڇڏيوَ ايئن خط ۾ چيائين،
    ته پنهنجن هئي جيئن سسئي وساري.

    وڏي دل اندر سڪ سموئي رکي آ،
    تڏهن نيڻ آلا ۽ ڳاڙها غباري.

    رکي شوق دل منجهه هلندا رهياسين،
    ڏٺي سونهن جاٿي اُتي دل اتاري.

    پٿر دل اسان ۽ پٿر دل صنم پڻ،
    پٿر دل ملي اڄ پٿر دل پگهاري.

    سمورا سُخُن ساز مُحسن اسان جا،
    مسيحا بڻيا شاهه، تبسم، بخاري.

    ڪڏهن جا پٽي پريت واري پڙهيم،
    عمر ڀر ‘‘دراز’’ آ اهائي اچاري.
    **


    لڙي دل اسان جي لتاڙي وئي.

    لڙي دل اسان جي لتاڙي وئي.
    سڄو جيءُ جيون اجاڙي وئي.

    گلابي خوشيون ٿيون ڦڪيون روح جون،
    مزا ڪِرِمِچي سڀ لئاڙي وئي.

    اميدن ۽ سپنن کي تيلي ڏئي،
    سُڪن ساڻ ساوا به ساڙي وئي.

    کلي کيچلي ٿي چري چِٻَ ڪڍي،
    وڃڻ ساڻ ڳوڙها به ڳاڙي وئي.

    لِڪايا سدا لوڪ ۽ پاڻ کان،
    اهي راز پنهنجا اگهاڙي وئي.

    بندو يار باندو چوي ٿو ‘‘دراز’’،
    ته ويسور ويڌن ۾ واڙي وئي.
    **


    دل جو ٿورو ٿرٿلو ٿمجي ويو.

    دل جو ٿورو ٿرٿلو ٿمجي ويو.
    ڄڻ وڏو ڪو زلزلو ٿمجي ويو.

    ٿڙڪندي اڄ ٿيڙ کائيندي ٿڪيم،
    حِرص ٿيندي حوصلو ٿمجي ويو.

    ٺاهه ٺاهي ٺاهه جا ٺهندي ٺريم،
    ويل جو وو ولولو ٿمجي ويو.

    چُپ ڪٿي ڳالهيون ڪندي روئندي ڪٿي،
    مرڪندي ڪو مسئلو ٿمجي ويو.

    جو هجومن هُل هنگامن سان هَليو،
    سو هجر ۾ هيکلو ٿمجي ويو.

    اُت اسان جي لوچ لاهوتڻ بڻي،
    جت اسان جو قافلو ٿمجي ويو.

    ديد واري برف پوندي ئي ‘‘دراز’’
    سوز وارو سلسلو ٿمجي ويو.
    **


    مٺل سولنگي

    تعارف

    پورو نالو : محمد مٺل
    پيءُ جو نالو : محمد يوسف سولنگي
    ادبي نالو : مٺل سولنگي
    ادبي سڃاڻپ: شاعر
    جنم تاريخ : 11 جون 1977ع
    تعليم : بي _ايس_ سي
    لکڻ جي شروعات : 1995ع کان
    ادبي صنفون: نثر توڙي نظم
    ڇپيل ڪتاب : ڪو به نه
    اڻڇپيل : ٽن ڪتابن جو مواد
    پسنديده شاعري جي صنف : غزل ۽ وائي
    پسنديده شاعر : شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ۽ شيخ اياز
    پسنديده شخصيت : سوڀو گيانچنداڻي
    موسم : پن ڇڻ جي
    ڏينهن : ڇنڇر
    مستقل رهائش : لاڙڪاڻو شهر
    ائڊريس : پاڪ مسلم ميڊيڪل اسٽور لاڙڪاڻو
    موبائل : 03443908381


    هُن جي گهٽيءَ ۾ جهومن ٿا.

    هُن جي گهٽيءَ ۾ جهومن ٿا.
    نيڻ خوشيءَ ۾ جهومن ٿا.

    ڪنهن ته چمن جا آهن هو،
    گل جي سڳيءَ ۾ جهومن ٿا.

    ناهي رهي هوءَ هن جا پر،
    عڪس دريءَ ۾ جهومن ٿا.

    رند محبت پيالو پي،
    بودَ مڳيءَ ۾ جهومن ٿا.

    ‘‘موهن’’ سان ٻيا آهن ڪير؟
    سنڌ نديءَ ۾ جهومن ٿا.

    هُن جي هٿن جي ٺاهيل آ،
    رنگ رلهيءَ ۾ جهومن ٿا.

    **


    ٿورڙيون ڪي وفائون ڪري.

    ٿورڙيون ڪي وفائون ڪري.
    ڍير ويا هن جفائون ڪري.

    پئي سمهي هوءَ آرام ۾،
    دل سچي سان دغائون ڪري.

    ڪهڙو مون سان ڀلا ناتو اٿس،
    جو هوا پئي دعائون ڪري.

    ڪين هن کي مليو ڪو پتو،
    پئي ٿڪي آ پڇائون ڪري.

    ڪو مسيحا ملي شل ‘‘مٺل’’
    جيڪو دل سان دوائون ڪري.
    **


    چوي ٿي دل چري، ايندا.

    چوي ٿي دل چري، ايندا.
    وري پيارا وري ايندا.

    ڏسي وٺندس سندن چهرا،
    هو اونده ۾ ٻري ايندا.

    سچي چاهت اٿن دل ۾،
    سمونڊن ۾ تري ايندا.

    مون سان رشتو پراڻو اٿن،
    هو مونڏي ئي ڦِري ايندا.

    ‘‘مٺل’’ وٺندس سکن واري،
    کڻي مون ڏي ڀري ايندا.

    **


    هوءَ وئي اڄ مري هميشه لئه.

    هوءَ وئي اڄ مري هميشه لئه.
    ٿي وئي دل چري هميشه لئه.

    خواب ۾ رات هن چيو آهي،
    اچ رهون گڏ وري هميشه لئه.

    ذهن جي سمنڊ ۾ ڪٿي ٻڏندي،
    ياد رهندي تري هميشه لئه.

    اڄ وڃان ٿي پري اکيون ٻوٽي،
    ڪنهن اجازت گهري هميشه لئه.

    ڪين هاڻي ڪڏهن کلي سگهندي،
    زندگي پئي جُهري هميشه لئه.

    ڪير ميڙي اچي حياتيءَ کي،
    هي وئي آ ڀُري هميشه لئه.

    هاڻ ٿيندو ‘‘مٺل’’ ڪٿي درشن،
    بند آ در دري هميشه لئه.
    **


    رات جو چهرو ڍڪيل ڪونهي هتي،

    رات جو چهرو ڍڪيل ڪونهي هتي،
    ڪو به اوندهه کان بچيل ڪونهي هتي.

    ڪيئن سگهندين تون سڃاڻي ڪوڙ کي،
    ڪو ٺپو ڪنهن تي لڳل ڪونهي هتي،

    ڄڻ پرائي ديس ۾ پيو ٿو رهان،
    ڄڻ ته منهنجو ڪو ڏٺل ڪونهي هتي.

    نفرتن ئي نفرتن جو ميڙ آ،
    پيار جو ميلو متل ڪونهي هتي.

    راهه تنهنجي ڪالهه جو ڏسندو هيو.
    سو رهيو تنهنجو ‘‘مٺل’’ ڪونهي هتي.
    **


    جيت تنهنجي ۽ هار منهنجي آ.

    جيت تنهنجي ۽ هار منهنجي آ.
    تو لڌي ڪٿ سنڀار منهنجي آ.

    ڪو خوشي جو نه گل ٽڙيو آهي،
    دل اُجاڙي بهار منهنجي آ.

    پنهنجو آهين نه تون پرايو آن،
    تو تي ڪهڙي ميار منهنجي آ،

    هاڻ ڪهڙو چوانس ڌار ٿئي،
    غم ۾ آئي ڄمار منهنجي آ.

    ان سان رشتو ته ڪو ‘‘مٺل’’ هوندو،
    جنهن کي هر هر پچار منهنجي آ.
    **


    ماڻهو ڪوئي ڄڻ بيٺو آ.

    ماڻهو ڪوئي ڄڻ بيٺو آ.
    راهه ۾ هڪڙو وڻ بيٺو آ.

    آڏو جواني مرڪي ٿي پئي،
    ۽ پويان ننڍپڻ بيٺو آ.

    آٿت جهڙو فرحت جهڙو،
    منهنجي سامهون سڄڻ بيٺو آ.

    چنڊ ‘‘مٺل’’ هلندو ئي وڃي ٿو.
    تاڏي برپٽ رڻ بيٺو آ.

    **


    اونداه ۾ ٻرندو ڪر.

    اونداه ۾ ٻرندو ڪر.
    هر راهه ۾ ٻرندو ڪر.

    ٿي ڏيئو اميدن جو،
    ويساهه ۾ ٻرندو ڪر.

    اي درد! ڀلي دل جي،
    درگاهه ۾ ٻرندو ڪر.

    ڪو چڻنگ مان شعلو ٿي،
    اتساهه ۾ ٻرندو ڪر.

    جذبن جي کڻي بجلي،
    هي ساهه ۾ ٻرندو ڪر.

    جو چاهه جيون کي بخشي،
    ان چاهه ۾ ٻرندو ڪر.
    **


    ٻوڏ آئي ٻُڏي ويا آهيون.

    ٻوڏ آئي ٻُڏي ويا آهيون.
    اي ڀٽائي! ٻُڏي ويا آهيون.

    ارڪو ترڪو ٻُڏو، بچيو ناهي،
    پيسو پائي ٻُڏي ويا آهيون.

    وقت جي حاڪمن جي آ ‘سنڌ’ تي،
    هيءَ ڀلائي ٻُڏي ويا آهيون.

    حال ڪهڙا پڇي رهيو آهين،
    حال ڀائي! ٻُڏي ويا آهيون.

    گهاوَ تنهنجا ڏسون يا پنهنجا اڄ،
    چوٽ کائي ٻُڏي ويا آهيون.

    سنڌ واسي هزارين وهمن ۾،
    ڪيترائي ٻُڏي ويا آهيون.

    آ اسان جي ‘مٺل’ سنڌو درياءَ،
    دل رنجائي ٻُڏي ويا آهيون.
    **


    توکي هٿ ڌنُ اچي ويو آهي.

    توکي هٿ ڌنُ اچي ويو آهي.
    مون کي هٿ بنُ اچي ويو آهي.

    ڌار مون کان رهڻ جو توکي ڀي،
    يار ڪو فنُ اچي ويو آهي.

    منهنجي گهر ڪڻو ڀي ڪونهي ڪو،
    تنهنجي گهر انُ اچي ويو آهي.

    ٻيون رهيون ڪيچ جون ڪيئي ناريون،
    توتي ڪيئن منُ اچي ويو آهي.

    ڪڍ ته ٻاهر ‘‘مٺل’’ عذابن ۾،
    پنهنجو جيون اچي ويو آهي.
    **


    توکي دل ۾ لهي تلاشڻو آهي.

    توکي دل ۾ لهي تلاشڻو آهي.
    ننڊ آرام کي وسارڻو آهي.

    تنهنجي خوابن جي روشني اکين ۾ رکي،
    پنهنجو اڳتي سفر وڌائڻو آهي.

    تنهنجون ڳالهيون سدا آ ڳائيندو،
    منهنجو هي روح تنهنجو ڳائڻو آهي.

    تنهنجي محبت جي ڇانوَ جي ضرورت آ،
    توسان جيون ڪٺي گذارڻو آهي.

    رنگ سنسار جا ڏسي متان ُڀلجو
    وقت سان پاڻ کي سنڀالڻو آهي.

    مون ‘مٺل’’ نفرتون ڪڍي ڇڏيون دل مان،
    پيار جو انقلاب آڻڻو آهي.
    **


    منهنجا سپنا ننڊ نٿا ڪن.

    منهنجا سپنا ننڊ نٿا ڪن.
    دل جا جذبا ننڊ نٿا ڪن.

    تنهنجا پير جتان گذريا هن،
    سي سڀ رستا ننڊ نٿا ڪن.

    جاڳن ٿا پيا منهنجي من ۾،
    تنهنجا گفتا ننڊ نٿا ڪن.

    جن ۾ تنهنجي ياد هري ٿي،
    سي سڀ لمحا ننڊ نٿا ڪن.

    دل جا اڌما دل ئي دل ۾،
    کائن ڀڙڪا ننڊ نٿا ڪن.
    **


    جتي ڏسندي سڃاڻيندي.

    جتي ڏسندي سڃاڻيندي.
    ڊُڪي ملندي سڃاڻيندي.

    حياتي جي سفر ۾ گڏ،
    سدا رهندي سڃاڻيندي.

    گلابن جي کڻي خوشبوءَ،
    هوا گهُلندي سڃاڻيندي.

    حياتيءَ ۾ بهارن جي،
    پرهه ڦٽندي سڃاڻيندي.

    دنيا وارن جو مون تي هوءَ،
    نه ڪک سهندي سڃاڻيندي.

    ‘‘مٺل’’ هوءَ ڳوٺ جي هر هڪ،
    گهٽي گُهمندي سڃاڻيندي.
    **


    شيخ نديم

    تعارف

    شيخ نديم 7 فيبروري 1984ع تي حاجي عبدالستار شيخ جي گهر ۾ پئدا ٿيو، سندس ڇٺيءَ جو نانءُ نديم حسين رکيو ويو. تعليمي قابليت بي_ايس_سي اٿس. پرائمري کان وٺي سڀ ڊگريون لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. شيخ نديم شاعري جي سفر جي شروعات 1997ع کان ڪئي. سڀ کان پهريون شعر هن چوسٽي جي روپ ۾ لکيو. ماهوار هالار ڊائجسٽ ۾ ڇپجڻ جي شروعات ڪندي هو سنڌي مختلف مئگزينن ۾ ڇپجندو رهيو. جن ۾ ماهوار ادب، ماهوار مومل، پندرنهن روز عبرت مئگزين، سنڌو مئگزين، ماهوار پرک ۽ ماهوار نئين آس مئگزين شهدادڪوٽ شامل آهن. هو غزل گيت وائي چوسٽو ۽ ٻين شاعري جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو، مگر پسنديده شاعري جي صنف غزل اٿس. هو مسلسل تخليقي پورهيو ڪندي شاعري جا ٻه ڪتاب لکي چڪو آهي، جيڪي اڻڇپيل صورت ۾ آهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو سان مستقل وابستگي رکندي هر گڏجاڻي توڙي مشاعري ۾ اڪثر شرڪت ڪندو رهي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ پنهنجن هم عمر نوجوان شاعرن کان مٿڀرو آهي.
    هو پسنديده ادبي شخصيتن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز ٻڌائي ٿو. پسنديده موسم سيارو ۽ ڏينهن جمع اٿس. شيخ نديم مستقل طور تي لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو. ائڊريس: خدا آباد محلا انور ڪالوني لاڙڪاڻو.
    موبائل؛ 03463399983


    گڏ رهڻ جون حسرتون رهجي ويون،

    گڏ رهڻ جون حسرتون رهجي ويون،
    سڀ ملڻ جون حسرتون رهجي ويون.

    پيار جي جيڪا چَڪي پوکي هئي،
    وڻ ٿيڻ جون حسرتون رهجي ويون.

    هو ڇڏي هُن پار جو آهي ويو،
    خط لکڻ جون حسرتون رهجي ويون.

    هن کنيون ڪجليون اکيون مون ڏي هيون،
    اک ڇنڀڻ جون حسرتون رهجي ويون.

    منهنجو لڙڪن ماڪ سان چهرو ڀنل،
    ڏس کلڻ جون حسرتون رهجي ويون.

    درد جي درياءَ ۾ آهيان ٻڏل،
    ڪُل ترڻ جون حسرتون رهجي ويون.

    جيڪي واعدن جا جلاياسين ڏيئا،
    سي ٻرڻ جون حسرتون رهجي ويون.
    **


    چنڊ آهي ڪئي ڳوٺ تي چاندني،

    چنڊ آهي ڪئي ڳوٺ تي چاندني،
    مُشڪندي آ لٿي ڳوٺ تي چاندني.

    رات پهري ڇڏيو چاندي جهڙو وڳو،
    رقص ۾ آ رُڳي ڳوٺ تي چاندني.

    هر خوشي تيئن آ دل جي واپس وري،
    جيئن ڪئي واپسي ڳوٺ تي چاندني.

    چنڊ وانگي پرين تون جو آئين هتي،
    آ پکڙجي وئي ڳوٺ تي چاندني.

    دل مان ڏکڙا ويا سڀ ختم ٿي ‘‘نديم’’،
    مرڪ مک تي هئي ڳوٺ تي چاندني.
    **


    درد ۾ ايئن دل جُهريل روئي ڏنو،

    درد ۾ ايئن دل جُهريل روئي ڏنو،
    ڄڻ مٿان ڪڪريءَ ڀريل روئي ڏنو.

    مسڪرايو جنهن پئي هر ڳالهه تي،
    تنهن وڇوڙي جي مهل روئي ڏنو.

    پنکڙين تان پئي ڳڙيا شبنم ڦُڙا،
    ايئن لڳو ٿي ڄڻ ته گل روئي ڏنو.

    ڇوڪريءَ هڪڙيءَ پٽيو کلندي مگر،
    پاڙ کان ٽٽندي ڪنول روئي ڏنو.

    ياد ماضي جون ڪري ڳالهيون وري،
    ڪنهن مسافر اڄ ٿڪل روئي ڏنو.

    راهه جيون جي وئي آ خر کٽي،
    زندگي جي پوئين پل روئي ڏنو
    .**


    ڪٿي چنڊ تارا دوا زندگيءَ جي،

    ڪٿي چنڊ تارا دوا زندگيءَ جي،
    نه ٿيا هي نظارا دوا زندگيءَ جي.

    ڪڏهن سمنڊ ڀي ڪين حالي ٿيو آ،
    نه ئي ٿيا ڪنارا دوا زندگيءَ جي.

    سدائين ته سوغات ۾ عشق مون کي،
    ڏنا ويس ڪارا دوا زندگيءَ جي.

    اسان لئه پنهنجي دل جو دروازو کولي،
    ڪندا ڪي اشارا دوا زندگيءَ جي.

    هي رنگين پوپٽ ۽ گلڙن جي نگري،
    نه سمجهي گوارا دوا زندگيءَ جي.

    ڪي جيون ۾ مرڪن جا ڏيئا جلائي،
    ڪڏهن ٿيندا پيارا دوا زندگيءَ جي.
    **


    رات جي اوندهه رهي ٿي سِر مٿان،

    رات جي اوندهه رهي ٿي سِر مٿان،
    روشني جي ڪانه پئي چادر مٿان.

    هڪ ته دردن آ ڪيو زخمي اندر،
    ٻيو ٺٺولين جا لڳا پٿر مٿان.

    هُن جي هٿڙن تي هئا ميندي جا گل،
    يا هيو رنگ پوپٽن جي پر مٿان.

    دوستي جا واسطا سارا ختم،
    هن لکي ايئن موڪليو ڪاڳر مٿان.

    اوٽ جنهن جي مان اشارا هُن ڪيا،
    اڄ لڳل تالو هُيو تنهن در مٿان.
    **


    دل ڏيئن سان سڙي به ڪافي آ،

    دل ڏيئن سان سڙي به ڪافي آ،
    روشني ۾ رڙي به ڪافي آ.

    تنهنجو اوسيئڙو صدين کان آ،
    جي اچين هڪ گھڙي به ڪافي آ.

    مان خوشين جو نه سمنڊ چاهيان ٿو،
    يار هڪڙي ڦڙي به ڪافي آ.

    منهنجي تڙپڻ تي تنهنجي چپڙن تي،
    مرڪ آئي لڙي به ڪافي آ.

    قيد مون کي ڪرڻ جي لئه سائين،
    ساٿ جي هٿڪڙي به ڪافي آ.

    سڏ نه هر هر ‘‘نديم’’ ويندڙ کي،
    هن ڏٺو جي مڙي به ڪافي آ.
    **


    ناهي ڪوئي به گھر هوا وانگي،

    ناهي ڪوئي به گھر هوا وانگي،
    پيو ٿو گذري سفر هوا وانگي.

    جو ڏسڻ لئه نگاه تڙپي ٿي،
    سو نه آيو نظر هوا وانگي.

    تو سوا دل جو گل آ ڪوماڻيل،
    سار ڪيو آ قهر هوا وانگي.

    منهنجي نيڻن مان ٿي وَسي بارش،
    غم جو آيو ڪڪر هوا وانگي.

    اپسرا هوءَ ‘‘نديم’’ وسري ڪيئن،
    ياد جو آ امر هوا وانگي.
    **


    تو نظارن تي جو ڦيرائي نظر،

    تو نظارن تي جو ڦيرائي نظر،
    هي اچي ٿي شام سرمائي نظر.

    شخص تنهن جي آ نه ڪا معنى رهي،
    تو نه جنهن تي آ رکي ڪائي نظر.

    اڄ اها بنجر وئي بڻجي ڏسو،
    ڪالهه جا آئي زمين سائي نظر.

    ڄڻ ته هو اونداهه ۾ روشن ڏيئو،
    تنهنجي صورت ايئن هُئي آئي نظر.

    ساڻ يادن قافلو هر پل ‘‘نديم’’،
    پوءِ اچي ڪيئن مونکي تنهائي نظر.

    **


    چنڊ اڀ تي ٻري رهيو آهي،

    چنڊ اڀ تي ٻري رهيو آهي،
    سمنڊ ۾ شور ٿي رهيو آهي.

    گل تي شبنم ڪري ڄڻ پيارا،
    تنهنجو چهرو پِسي رهيو آهي.

    ننڊ ۾ تنهنجي ئي خواب جو ڏيئو،
    ڪيئن ٻري ۽ وسي رهيو آهي.

    ٿو وڌان پيار جي مان منزل ڏي،
    پر وڇوڙو وڌي رهيو آهي.

    او صنم چيلهه تنهنجي سنهڙيءَ کي،
    گل سڳيءَ جو ڇُهي رهيو آهي.
    **


    نه آ ٿي يار چانڊوڪي،

    نه آ ٿي يار چانڊوڪي،
    اوهان جي سار چانڊوڪي.

    سدا منهنجي حياتي کان،
    رهي ٿي ڌار چانڊوڪي.

    هٽايو وار چهري تان،
    ڪيو چوڌار چانڊوڪي،

    اجالا شهر تو جانان،
    ڪِٿي هن پار چانڊوڪي.

    جيئون ٿا پاٽ ۾ هاڻي،
    اچي ڪر پيار چانڊوڪي.
    **


    بي رنگ ٿيا ڄڻ چمن جا پوپٽ،

    بي رنگ ٿيا ڄڻ چمن جا پوپٽ،
    رکيئي گلن تي هٿن جا پوپٽ.

    ڪري ٿي خوابن ۾ دل به درشن،
    جڏهن سمهن ٿا اکين جا پوپٽ.

    اوهان جي چپڙن جي مئه پيئڻ لئه،
    هي آتا منهنجي چپن جا پوپٽ.

    پرين تون پهتين حيات گل تان،
    اڏامي ويا سڀ غمن جا پوپٽ.

    ائين رهن سانوري سجايل،
    تنهنجي چنيءَ ۾ رنگن جا پوپٽ.

    هوا سمورا ڇڏيا وسائي،
    هياجي روشن ڏيئن جا پوپٽ.

    سدا محبت جي وڻ تي ويٺل،
    هجن هي مرڪن سکن جا پوپٽ.
    **


    وساريم گھڻو ئي مگر ياد آيو،

    وساريم گھڻو ئي مگر ياد آيو،
    ۽ وسريو ڪٿي همسفر ياد آيو.

    ڇڏي ياد اهڙي ستمگر ويو آ،
    نه ڀلجي سگھيو هر پهر ياد آيو.

    جڏهن گل تي شبنم چميو پنکڙين کي،
    پرين جي ڳلن جو پگهر ياد آيو.

    سکيءَ جي سڳي ۽ ڦُلي جو ڏٺي مون،
    فڪر ياد آيو بحر ياد آيو.

    جڏهن پنهنجو پل پل انڌيرن ۾ گھاريم،
    ته جگنون جو مون کي نگر ياد آيو.
    **


    درد جو دونهون اُٿيو آ رات ڀر

    درد جو دونهون اُٿيو آ رات ڀر
    باهه ۾ ڄڻ ڪو سڙيو آ رات ڀر

    جاڳ ۾ تصور هئي تصوير جا
    ننڊ ۾ به سو ڏٺو آ رات ڀر

    واءُ ۽ برسات ۾ ناهي وسيو
    ياد جو ڏيئو ٻريو آ رات ڀر

    نيڻ اوسيئڙي جي ڀاڪر ۾ هئا
    غم رهيو مون سان ڪٺو آ رات ڀر

    ڪين ڪر تون چنڊ جو ڪو آسرو
    ايئن ستارن ڄڻ چيو آ رات ڀر

    پنهنجي سپرينءَ کي سوين سجدا ڪيا
    ڪو عبادت ۾ رهيو آ رات ڀر

    شاعري ڪاغذ ۽ يادون ڍير هو
    ڪنهن چيو ؟ شاعر ستو آ رات ڀر


    سرتاج ڀٽو

    تعارف

    سرتاج ڀٽو 10 آڪٽوبر 1974ع تي شير محمد ڀٽو جي گهر ۾ ڄائو. سندس ڏاڏاڻڪو نانءُ ‘خير محمد’ آهي. هن پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم بنگل ديرو مان ۽ هائر سيڪنڊري رتوديرو مان حاصل ڪئي. سندس اسڪول جي استادن ۾ محمد هارون، امير بخش ڀٽو، عبدالرحمان ۽ منظور احمد شامل آهن. سرتاج ڀٽو جي ادبي سڃاڻپ شاعري آهي. هن 1990ع ۾ شاعري جي شروعات ڪندي پهريون غزل لکيو. سندس ادبي سفر ۾ رهنما قاضي مقصود گل آهي. هن شاعري جي مختلف صنفن تي لکڻ جا تجربه ڪيا آهن پر سندس پسنديده صنف غزل آهي. توڙي جو هر صنف ۾ لفظن جي چونڊ ۽ ترتيب سان سلهاڙڻ جو انداز خوبصورت اٿس. سرتاج وٽ هن مهل تائين شاعري جي ٽن ڪتابن جو مواد اڻڇپيل صورت ۾ موجود آهي، هو وقت به وقت سنڌي مختلف اخبارن ۾ توڙي مئگزينن ۾ ڇپجندو رهي ٿو سندس ڇپيل پهرين تخليق غزل آهي. هو پسنديده ڪتاب ‘‘رت ڀنا رابيل’’ ۽ پسنديده ادبي شخصيت قاضي مقصود گل ٻڌائي ٿو. پسنديده موسم بهار، ڏينهن سومر ۽ لباس شلوار قميص اٿس. سرتاج ڀٽو هن وقت بنگل ديرو تعلقو رتوديرو ۾ رهائش پذير آهي.
    ائڊريس: پوسٽ آفيس بنگل ديرو تعلقو رتوديرو
    موبائل: 03353177510


    اڄ وهي نيڻن منجهان پيا نار هن،

    اڄ وهي نيڻن منجهان پيا نار هن،
    ويا پري مون کان اکين جا ٺار هن.

    ڪيئن ڪيان آهي اندر اجڙي ويو،
    زندگي وڻ جا ٽٽي پيا ٽار هن.

    آ هلي باقي رهيا هن دم ٻه ٽي،
    موت ڀي چوڏس وڇايا ڄار هن.

    ساهه جو سهڪو وڌي ويو آ پرين،
    ساهه ۾ هر پل چڀيا ڪي خار هن.

    پيا پڇن ‘‘سرتاج’’ ڇو روئين پيو،
    مون چيو يارو برهه جا بار هن.

    **


    توسان جنهن ڏينهن دل لڳائي آ،

    توسان جنهن ڏينهن دل لڳائي آ،
    ننڊ نيڻن کي ڪو نه آئي آ.

    ڪوئي ڪونهي هتي جو سار لهي،
    پنهنجي ويڙهي ۾ اوپرائي آ.

    خون ان ۾ اٿئي منهنجي دل جو،
    تو جا ميندي مٺي لڳائي آ.

    تون جي ناهين ته ڇا ڪبو جيون،
    تو سوا زندگي اجائي آ.

    هي جا ٿو ري گهڻي تي ڀڙڪي پئي
    عشق اهڙي دونهين دُکائي آ.

    هي جو سڏڪا ڀري ٿو ‘‘تاج’’ سدا،
    هي به تنهنجي پرين چڱائي آ.
    **


    گيت

    بدنظر کان شل بچين اوڙهي رک منهن تي ردا،
    چنڊ جي چانڊاڻ ڀي تو مٿان آهي فدا.

    آ اها ئي آرزو هر جنم تنهنجو ٿيان،
    پيار تنهنجي جي پرين مان سدا پوڄا ڪيان،
    جيءُ ۾ جايون ڏيان آءُ هلي هيڪر مٺا.

    ڪوڪ ڪوئل جي پرين تو اڳيان جهيڻي لڳي،
    لات تنهنجي جي اڳيان بانسري هيڻي لڳي،
    ڇا ڪري مان ڇا ڪيان سونهن تنهنجي جي ثنا.

    نينهن تنهنجي جو نشو مون مٿان اهڙو چڙهيو،
    وس وڏا ڪيا مون مگر روز هي وڌندو ويو،
    نيڻ نيڻن سان مليا مون ڀلايا مئڪدا.

    ملڪه آهين سونهن جي سونهن تنهنجي کي چمان،
    آبِ زم زم سان قلم ڌوئي ثنا ٿو مان لکان،
    ٿي ويندي هر شيءِ فنا سونهن تنهنجي کي بقا.
    **


    گيت

    هر ويل ورهه جو ماتم آ،
    گهٽ ٿيو نه ڪڏهن ڀي هي غم آ.
    نبريو نه اسان کان ڪو ڪم آ،
    تنهنجون يادون روز رئارن ٿيون.

    درد ڀري تقدير ڏئي ويو،
    لُڙڪن جي جاگير ڏئي ويو،
    يادن جي هڪ ڌنڌلي ڌنڌلي،
    پاڻ پرين تصوير ڏئي ويو،
    ڪو ڪين مزو آ جيون ۾،
    لڳي باهه وئي آ تن من ۾،
    هن دل جي اجڙيل گلشن ۾.

    الفت جي اقرار تان صدقو،
    محبت جي مهڪار تان صدقو،
    دولت شهرت جوت جواني،
    تنهنجي مٺي گفتار تان صدقو،
    اڄ پير ڀري تون اچ جاني،
    پو منهنجي ڏسجان مهماني،
    ٿي تو ۾ ويو هان مان فاني،
    سر ساهه جي ڏيندس قرباني.


    پيار ڪيو من گهايل آهي،
    دلڙي ٿي پئي پاڳل آهي،
    ماري ڇڏيندي هن جي ڇم ڇم،
    تو جا پاتي پايل آهي،
    ورهه ڪيو آ وار پرين،
    وسريو آ سينگار پرين،
    ڏي جلدي تون ديدار پرين.

    مطلب جو هر رشتو آهي،
    ڪو به نٿو ڪنهن ساڻ نڀائي،
    آهي سچو ڪو پيار ڪٿي ڏس،
    پيار ۾ جيڪو جان لُٽائي،
    ‘‘سرتاج’’ سڄو سنسار ڏٺوسي،
    ڪين ڪٿي ڪو پيار ڏٺوسي،
    پيار جو ڪاروبار ڏٺوسي.
    **


    جيئڻ جي لئه جِئين جاني پساهن جي ضرورت آ

    جيئڻ جي لئه جِئين جاني پساهن جي ضرورت آ
    تِئين مونکي مٺا تنهنجي ئي چاهن جي ضرورت آ

    اداسيون چوطرف ڇانئيون مٺا منهنجي حياتي ۾
    کڻو ديدون، ڪيون عيدون،جمالن جي ضرورت آ.

    وڇوڙا ڇو ڀلا ايڏا ڳلن تي ڇو سدا ڳوڙها،
    سڪي ٿو ساهه سڪ وارن سلامن جي ضرورت آ.

    اجالن منهن جڏهن ڦيريو انڌيرن جو وڌيو گهيرو
    کڻو رُک تان پرين پردو اجالن جي ضرورت آ.

    چميو تو نانءُ آ منهنجو پيو مهڪي جو انگ انگ آ،
    چپن سان چپ اچي چمجن خُمارن جي ضرورت آ.

    چمان چهرو سدا تنهنجو عمل اهڙو نه ٿيندو ٻيو،
    ڪيون ڇا لئه قضا سو پل ثوابن جي ضرورت آ.
    **


    سدا سيج سُرهي رهي تنهنجي پياري،

    سدا سيج سُرهي رهي تنهنجي پياري،
    گلابن جان مهڪين مٺي عمر ساري.

    رسي ڪين توکان مٺي مرڪ مٺڙي،
    اسان جنهنجي خاطر آهي جنگ هاري.

    پنهنجو خون ٻاري توکي روشني ڏيان،
    ڀلي ظلم واري هجي رات ڪاري.

    ايئن پياسو آهي سدا ساهه منهنجو،
    جيئن پياسي هوندي آهي ٿر جي واري.

    جلي ٿو پچي ٿو لُڇي ٿو سدائين،
    تنهنجو ‘‘تاج’’ تو بن او منهنجي پياري.
    **


    گيت

    پيار کان مٿي نه ڪا خوشي،
    پيار ئي ته آهي زندگي.

    جي ٿيان ٿو پيار کان پري،
    باهه جان هي دل پئي ٻري،
    رت ۾ رلي وئي آ عاشقي.

    پيار ۾ وڏو آهي مزو،
    پيار جو عجيب فلسفو،
    پيار بن نه گذري ڪا گهڙي.

    عشق جي رچائي راند آ،
    پيار کان پل نه واند آ،
    پيو چمان ٿو چپڙا شربتي.

    جي ٿئي اشارو حسن جو،
    لوڪ ٿي هي سارو حسن جو،
    سونهن ئي ته آهي بندگي.

    عشق بن آ ڪهڙو آدمي،
    پيار اڄ ته آهي لازمي،
    پيار کان نه ڪر تون دل پڪي.
    **


    هاءِ هاءِ صنم هرجائي، توکي وفا ڀي راس نه آئي،

    هاءِ هاءِ صنم هرجائي، توکي وفا ڀي راس نه آئي،
    پاڻ ته پيار ۾ جان جلائي، توکي وفا ڀي راس نه آئي.

    دل ۾ هر پل ماتم آهي پيار جي لٽجڻ جو غم آهي،
    ماري ٿي هر پل تنهائي، توکي وفا ڀي راس نه آئي،

    من جي رڻ ۾ پيار پکيئڙو، روئندو وتي ٿو تولئه جيئڙو،
    وات اٿم بس تنهنجي وائي، توکي وفا ڀي راس نه آئي.

    پيار جي بدلي پيار ڏبو آ ناتو ڪين ائين ڇنبو آ،
    جيئن ڇني وئين تون هرجائي،توکي وفا ڀي راس نه آئي.

    گهاءَ اندر جا روز ٿا سنجرن، پهر وفا جا ڪين ٿا وسرن،
    ڪهڙي تو آ باهه لڳائي، توکي وفا ڀي راس نه آئي.

    ‘‘تاج’’ پرين جي ياد اچي ٿي، تيز برهه جي باهه ٻري ٿي.
    من ڦٿڪي ٿو چوٽ هي کائي، توکي وفا ڀي راس نه آئي.
    **


    حيوان کان به بدتر انسان ٿي پيو آ،

    حيوان کان به بدتر انسان ٿي پيو آ،
    ‘مان’ ‘مان’ ڪري ڏسو هي شيطان ٿي پيو آ.

    مومن سهي پيو صدما هر پهر هي دنيا جا،
    ۽ چور پنهنجي پر ۾ ڀڳوان ٿي پيو آ.

    زردار ساڻ هرڪو رشتا پيو ٿو جوڙي،
    پئسو هتي سڀن جو ايمان ٿي پيو آ.

    پنهنجن کان دور پنهنجا پئسو ڪري ڇڏي ٿو،
    هو آ غريب ۽ هي سلطان ٿي پيو آ.

    جنهن پاسي ٿو ڏسان مان لاشن جا ڍير آهن،
    هي ملڪ سارو جنگ جو ميدان ٿي پيو آ.

    پئسو عجب تماشو پئيسي جو کيل سارو،
    پئسو هتي آ جنهن کي سو خان ٿي پيو آ.

    فرمان مصطفىصه ڏي ڪوئي خيال ڪونهي،
    توڙي جو لفظ هر هڪ قرآن ٿي پيو آ.

    پاڻي جي بوند خاطر سنڌ جو سڪي ٿو سينو،
    هاري غريب ڪيڏو حيران ٿي پيو آ.

    ڪنهن کي به آخرت جو ڪوئي خيال ڪونهي،
    پئسي جي پويان هرڪو ديوان ٿي پيو آ.

    هڪ هت بغير پردي گهمندي وتي ٿي عورت،
    ۽ ٻيو لباس سوڙهو ارمان ٿي پيو آ.
    **


    ڳاڙهو جوڙو ٻي نالي جو تنهنجي بدن تي ڪيئن ڏسان مان،

    ڳاڙهو جوڙو ٻي نالي جو تنهنجي بدن تي ڪيئن ڏسان مان،
    منهنجو دامن ڪنڊا ڪنڊا ڳوڙها تنهنجا ڪيئن اگهان مان.

    جيئن جو تنهنجي نرم هٿن تي، ميندي رچائي تنهنجي سهيلين،
    قيامت جهڙو منظر مون لئه قيامت کان گهٽ ڪيئن لکان مان.

    اڄ به ته منهنجي ساهن ۾ آ تنهنجي هر هڪ ساهه جي خوشبوءِ،
    گڏجي ساهه کنياسين پهريان هاڻي هيڪل ڪيئن کڻان مان.

    تنهنجي سونهن يا عشق هي منهنجو دشمن بڻيو پنهنجو هردم،
    ڪيئن وياسين وڇڙي جانان ويٺي ويٺي روز لڇان مان.

    ‘‘تاج’’ تڏهن ئي روئان ٿو پيو، پيار لُٽي ڪو ويو آ منهنجو،
    روح سڄو رت ڇاڻ ٿيو آ گهاوَ ڀلا سي ڪيئن ڀريان مان.

    **


    منهنجي اکڙين سمائي جا پرين تنهنجي سا صورت آ،

    منهنجي اکڙين سمائي جا پرين تنهنجي سا صورت آ،
    سوا تنهنجي مري ويندس مونکي تنهنجي ضرورت آ.

    پڪاريندين اَڏي ويندس ڌڪاريندين ڌُڏي ويندس،
    مونکي من تنهنجي محبت کان مٿي ڪائي نه دولت آ.

    اداسيون ڇو اچي پهتيون جمالا دور ٿيندا ويا،
    وئي رولي ويرانين ۾ مٺا تنهنجي محبت آ،

    لڪايو جنهن کي اکڙين ۾ سدا ساري زماني کان،
    جهڪايو سر اڳيان جنهن جي اها سنگدل جي صورت آ.


    چرين جان چاهيو مون توکي لڳي سيني سان ڏس جاني،
    لکيل ‘‘سرتاج’’ جي دل تي سڄڻ ساري وضاحت آ.


    بدر انصاري

    تعارف

    بدر انصاري جي شاعريءَ ۾ عشقيه انداز خوبصورت آهي، سندس شعرن ۾ وڇوڙن ميلاپن ۽ انتظارن جا عڪس چٽا نظر اچن ٿا ته وري ڪٿي ميلاپ محبتون به سندس تخيل ۾ خوبصورتي سان سمايل آهن. هو پنهنجن دوستن جي هلڪي ۾ خوش طبع، باضمير ۽ محبتي ماڻهو آهي، سندس زندگيءَ ۾ سنجيدگي ۽ سادگي سمايل آهي.
    28 جولاءِ 1973ع تي پنهنجو جنم ڏينهن ملهائيندڙ بدر انصاري، قمرالدين انصاري جي گهر انصاري محلا قمبر ۾ پيدا ٿيو. سندس ڏاڏاڻڪو نانءُ بدرالدين رکيو ويو. هو ايجوڪيشن ۾ ايم_اي ۽ ايم_ ايڊ آهي، هن وقت ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سان تعلق رکندي پرائمري استاد طور ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو آهي. بدر انصاري لکڻ جي شروعات 2000ع کان ڪئي، سندس ادبي سڃاڻپ شاعري آهي. هو شاعري جي مڙني صنفن تي خيالن جو اظهار ڪري چڪو آهي، پر پسنديده صنف غزل ٻڌائي ٿو. هن مهل تائين شاعريءَ جي ٻن ڪتابن جيترو مواد اڻڇپيل صورت ۾ سهيڙيل اٿس. لاڙڪاڻي شهر جا ناميارا شاعر جواد جعفري ۽ شيخ فرازي سندس شاعريءَ ۾ رهنمائي ڪن ٿا.
    بدر انصاري هن وقت مراد واهڻ لاڙڪاڻو ۾ رهي ٿو.
    موبائل : 03312287210


    ٽٽل چوڙين جي وفا کان پُڇي ڏس،

    ٽٽل چوڙين جي وفا کان پُڇي ڏس،
    تون خاموش دل جي صدا کان ُپڇي ڏس.

    لڪائين ٿي ڳوڙها ڦڪي مُرڪ مُرڪي،
    هٿن تي لڳايل حِنا کان پُڇي ڏس.

    هي ويڻيءَ جو تنها ڪنگڻ منهنجو پُڇندئي،
    ڇڄي وئين ڇو پنهنجي جفا کان پڇي ڏس.

    حصو مان به تنهنجي مٺا ماضي جو هان،
    ڀلي پنهنجي جيون ڪٿا کان پُڇي ڏس.

    ‘‘بدر’’ آ مسافر وري موٽي ايندو،
    اڱڻ واري خوشبو هوا کان پڇي ڏس.

    **


    سکي سانت کي آ سهارن جي ڳولا،

    سکي سانت کي آ سهارن جي ڳولا،
    ها لڙڪن کي آهي بهارن جي ڳولا.

    اچي ڏس تون يادن جا تنها هي منظر،
    آ نيڻن کي اڄ ڀي نظارن جي ڳولا.

    آ ٿڪجي پئي آس لهرن جي پويان،
    آ ڪشتيءَ کي پوءِ ڀي ڪنارن جي ڳولا.

    سڄي رات مون ساڻ گڏجي رُلي ٿو.
    ‘‘بدر’’ چنڊ کي آ ستارن جي ڳولا.

    **


    مُرڪي نيڻ ملائيندي آ،

    مُرڪي نيڻ ملائيندي آ،
    مون سان قُرب وڌائيندي آ.

    خاموشين جا منظر ٽوڙي،
    گيت وفا جا ڳائيندي آ.

    صبح صبح جو منهنجي دڳ تي،
    گلڙا روز وڇائيندي آ.

    منهنجي سهڻي مون ڏي ايندي،
    ڪو نه ڪڏهن گهٻرائيندي آ.

    دروازي کان ‘‘بدر’’ ڏسڻ لئه،
    ليئا هر هر پائيندي آ.

    **


    نيڻ تنهنجا ڀنل اوپرو ٿا چَوَن،

    نيڻ تنهنجا ڀنل اوپرو ٿا چَوَن،
    ڳل تي ڳوڙها ڪريل اوپرو ٿا چون.

    جِن اکين جي ڪري هر ستم آ سٺو،
    تِن اکين جا ڪجل اوپرو ٿا چَوَن.

    جنهن جو اونداهو جيون مون روشن ڪيو،
    اڄ اهي ئي انگل اوپرو ٿا چَوَن.

    درد هِن ۾ ”بدر’’ هوش گُم ٿي ويو،
    هُن جا والا بڪل اوپرو ٿا چَوَن.

    **


    گيت

    هڪ دفعو ئي سهي مُسڪرايو وري،
    دل جي ويران رِڻ کي سجايو وري.

    پنهنجي دل جي سچي اڄ ڪيان ٿو پرين،
    تاسو تولئه صدين کان رهان ٿو پرين،
    منهنجي ويران گهر پير پايو وري.

    ها اوهان جو ملڻ ياد ايندو آهي،
    شام جو گڏ گهمڻ ياد ايندو آهي،
    جيئن هليا ڏُک وڃن هٿ ملايو وري.

    هي زمانو ستم هر جڳهه ڀل ڪري،
    توکان تنهنجو ‘بدر’ ڪو نه ٿيندو پري،
    واڳ مون ڏي ڪڏهن ٿا ورايو وري.
    **


    ڪنهن کي ٿا دڳ لائن ڳوڙها،

    ڪنهن کي ٿا دڳ لائن ڳوڙها،
    ڪنهن کي روز رُلائن ڳوڙها.

    تنهنجي قدمن منجهه ڪري اڄ،
    توکي ٿا پرچائن ڳوڙها.

    گونگا آهن ٻين جي اڳيان،
    توسان ٿا ڳالهائن ڳوڙها.

    جيڪر پنهنجو داد ڪرين من،
    توڏي ٿا واجهائن ڳوڙها.

    ڪنهن نه ڪيو آ پنهنجو ‘بدر’ کي،
    يادون سيني لائن ڳوڙها.

    **


    توبن ڪيڏو هيکل آهيان،

    توبن ڪيڏو هيکل آهيان،
    ڀٽڪيل ڪوئي بادل آهيان.

    تنهنجي چاهت مور نه وسري،
    مان ڀي ڪيڏو پاڳل آهيان.

    ڪين آ پنهنجي منزل ڪائي،
    ڪوئي مسافر ڀٽڪيل آهيان

    ڪين ‘بدر’ کي ٻيو ڪجهه گهرجي،
    سونهن تنهنجي جو سائل آهيان.

    **


    پيارا لمحا سانوري،

    پيارا لمحا سانوري،
    سانڍ سپنا سانوري.

    تو سوا ماتم بڻيا،
    منهنجا نغما سانوري.

    ڪين ٽٽندا ڪر يقين،
    پنهنجا رشتا سانوري،

    لڙڪ بڻجي ويا صبح،
    تنهنجا تحفا سانوري.

    پاڙ پنهنجي پيار سان،
    پنهنجا واعدا سانوري.

    پيا ٻرن تنها ‘‘بدر’’
    ياد ڏيئا سانوري.
    **


    نه تنهنجا اسان کي جو سپنا مليا هن،

    نه تنهنجا اسان کي جو سپنا مليا هن،
    رڳو پاڻ تنها هي رستا مليا هن.

    چوڻ ڪجهه پيا چاهن چئي ڪجهه نه سگهيا،
    صبح تنهنجا خاموش تحفا مليا هن.

    نه توکي اچڻ جي ملي ٿي ڪا فرصت،
    مسلسل اکين کي اوجاڳا مليا هن.

    نه تنهنجي اچڻ جو ڪڪر ڪو وسي ٿو،
    رڳو پاڻ کي پل پياسا مليا هن.

    وري شام سندر ‘‘بدر’’ ٿي پئي آ،
    اوهان جي اچڻ جا اشارا مليا هن.

    **


    جيئن مصور جي لڳي تصوير اڌ

    جيئن مصور جي لڳي تصوير اڌ
    تيئن سوا تنهنجي اٿم تقدير اڌ.

    ويهه ڀر ۾ مان مڪمل هن کي ڪيان،
    منهنجي خوابن جي آهي تعبير اڌ.

    سونهن جي سجدي ۾ وئي گذري عمر،
    ٿي مڪمل جا هئي جاگير اڌ.

    عڪس جيون جو ‘‘بدر’’ پيو ٿو لڳي،
    آ هٿن ۾ ڀاڳ جي لڪير اڌ.

    **


    ڪيڏا گهاوَ پراڻا ٿي پيا،

    ڪيڏا گهاوَ پراڻا ٿي پيا،
    ڳلڙا لڙڪن هاڻا ٿي پيا.

    نيٺ ته پيارا موٽي ايندا،
    واءُ ۾ ديپ اجهاڻا ٿي پيا.

    زنگ لڳي ويو جيون کي ڄڻ،
    پل ۾ ساٿ اياڻا ٿي پيا.

    ڪاٿي الائي منزل پنهنجي،
    پير دڳن ۾ ساڻا ٿي پيا.

    **


    ٻُڌا ئي نه تو منهنجا سڏڙا سکي،

    ٻُڌا ئي نه تو منهنجا سڏڙا سکي،
    هٿن ۾ ها مون کي ته گلڙا سکي.

    الائي ته ڪهڙي تون اُلڪن پٺيان،
    قدم تو وڌايا ٿي تڪڙا سکي.

    جتي پاڻ ملندا هئاسين اڳي،
    سي ويران اڄ ڀي ها دڳڙا سکي.

    منهنجي چيچ جي سونهن بڻيا ‘‘بدر’’،
    مُڪا جيڪي دل سان تو ڇلڙا سکي.

    **


    ڪنگڻ

    ٻانهن تنهنجي ۾ ڪنگڻ،
    ڪيڏو نه سندر لڳندو..!
    جڏهن ڪومل جهڙي انگ انگ کي،
    بخمل جهڙي بدن کي،
    چمندو ۽ ڇهندو،
    ڪيڏو نه سندر لڳندو،
    ٻانهن تنهنجي ۾
    منهنجو ڪنگڻ...!

    **


    بلال عزيز بروهي

    تعارف

    پورو نالو : عبدالعزيز
    پيءُ جو نالو: حافظ دريا خان بروهي
    ادبي نالو : بلال عزيز
    ادبي سڃاڻپ: شاعر
    جنم تاريخ :15 ڊسمبر 1967ع
    جنم ڀومي : شهر قمبر علي خان
    تعليم : گريجوئيشن
    ڪرت : پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ هيڊ ڪانسٽيبل
    لکڻ جي شروعات : 1984ع کان
    نثر توڙي نظم.
    ڇپيل ڪتاب : نعتيه ديوان ‘‘ڪريم ٿي با ڪمال آيو’’
    وڌيڪ اڻڇپيل: ٻاراڻي شاعري سان گڏو گڏ ٽن ڪتابن جو مواد سهيڙيل اٿس.
    شاعري ۾ استاد : (استاد الشعراءَ) استاد لقمان حڪيم
    پسنديده شاعريءَ جي صنف : غزل
    پسنديده شاعر : سرمد چانڊيو ۽ نظام الدين ‘‘نظام’’
    ادبي تنظيمن سان وابستگي : صدر بزمِ سچل لاڙڪاڻو
    مستقل رهائش : لاهوري محلا - لاڙڪاڻو
    ائڊريس : لاهوري محلا لڳ عيد گاهه روڊ - لاڙڪاڻو
    موبائل : 03342061774


    زندگي هڪ پيار وارو دل پسند آهي قصو،

    زندگي هڪ پيار وارو دل پسند آهي قصو،
    ياد ماضيءَ جو سهارو دل پسند آهي قصو.

    تنهنجي دل ۾ گهر ڪرڻ لئه فيصلو اکڙين ڪيو،
    نينهن جو سهڻو نظارو دل پسند آهي قصو.

    زندگي هڪ مسڪراهٽ زندگي سرمايو آ،
    عشق الفت جيءُ جيارو دل پسند آهي قصو.

    اجنبي بڻجي اچان ٿو مان صنم تنهنجي شهر،
    بزمِ خلوت جو سهارو دل پسند آهي قصو.

    رعب تنهنجي حسن جو هي چاهتن جو ٿيو سبب،
    تنهنجي اکڙين جو اشارو دل پسند آهي قصو.

    جي ڪيا محبوب ميلا توسان تنهائي ۾ مون،
    ذوق توسان هي نيارو دل پسند آهي قصو.
    **


    امتحان پيو امتحان جو ڏيک ڏئي،

    امتحان پيو امتحان جو ڏيک ڏئي،
    شاخ هرڪا ٿي خزان جو ڏيک ڏئي.

    ڇو غريبي تي ٺٺوليون هن سدا،
    مسئلو هر آسمان جو ڏيک ڏئي.

    ٿيو حشر برپا ڪراڙي جهور تي،
    جنهنجي شادي نوجوان جو ڏيک ڏئي.

    اجنبيت پنهنجي ئي هن شهر ۾،
    سا به اڄ بارِ گران جو ڏيک ڏئي.

    ساهه هت آهي ڏکيو کڻڻو پيو،
    خون ڏس آبِ روان جو ڏيک ڏئي.

    اجڙيل من سور سهندو ٿو رهي،
    سور هر هڪ داستان جو ڏيک ڏئي.

    خوش فهم نعرن تي ڊوڙون ٿا اسان،
    هُل هنگامو اڄ ڌيان جو ڏيک ڏئي.
    **


    ڏين ٿا ڏيک گل سهڻا،

    ڏين ٿا ڏيک گل سهڻا،
    بهارن ۾ ته مل سهڻا.

    سڪي ماندي ته دلڙي هي،
    ڏسي الفت سان کل سهڻا

    مان ڳايان گيت ٿو تنهنجا،
    اٿم توساڻ دل سهڻا.

    سڄڻ جيون جو ساٿي تون،
    نه آ نعم البدل سهڻا.

    مان تنها ٿي محبت ۾،
    لکان تولئه غزل سهڻا.

    نڀائيندس حياتي ڀر،
    ارادو آ اٽل سهڻا.

    مان خلوت ۾ اي جانِ من،
    پيان جامِ وصل سهڻا.

    ‘‘بلال’’ اهڙو ڪو يادن جو،
    بڻايون هڪ محل سهڻا.
    **


    من کي ڇڏي ٿي موهي گفتار دلربا جي،

    من کي ڇڏي ٿي موهي گفتار دلربا جي،
    من ۾ ئي گهر ڪري وئي ڏس سونهن ماه لقا جي.

    سندر جو چهرو هن جو منهنجي نظر مان گذريو،
    ڇا ڳالهه مان ڪيان اڄ محبوب جي بها جي.

    لبريز دل ٿي وئي هئي هن جي ته گفتگو سان،
    دل کولي ڳالهه ڪئي مون ان ساڻ ئي وفا جي.

    منهنجي وجود ۾ آ مسڪن ٿي ان جي الفت،
    دل ۾ ئي سانڍيل آ تصوير با وفا جي.

    آ ديد ور هي دلبر اڪسير جنهن سان محبت،
    انهي جي گڏ گهمڻ سان اڄ هير آ هوا جي.

    ان کان جدا ٿيڻ جو سوچي نه ٿو سگهان مان،
    ساراهه ٿو ڪيان پيو، ان جي ته مان سخا جي،

    شوخي نه ڪئي ڪڏهن جنهن ڪڏهين نه ٿيو خفا آ
    ناز و ادا وڻي ٿي، اهڙي ئي پارسا جي.

    ان جي سهاري هر دم جڳ ۾ جيان ٿو پيو مان،
    ڪهڙي مان ڳالهه ڪريان ان جي ڀلا عطا جي.

    قربائتيون ڪهاڻيون ان سان ‘‘بلال’’ جڙيل،
    دل کي ئي موهيو آ هن سونهن سوڀيا جي.
    **


    اکين ۾ تنهنجا ئي سمايل هي سپنا،

    اکين ۾ تنهنجا ئي سمايل هي سپنا،
    خوابن جا آهن سجايل هي سپنا.

    حياتي ۾ خوشيون ڏئي وڃ تون جانا،
    سوا تنهنجي منهنجا ته گهايل هي سپنا.

    تڙپ تنهنجي، دل ۾ مچائي ٿي هلچل،
    ٿيا بيقراري ۾ پاڳل هي سپنا.

    تتل ڏينهن جيئن هي ستائي صنم ٿو،
    ايئن سرت ۾ ڏس ستايل هي سپنا.
    **


    گيت

    مون آس جو هي ڏيئو، تولئه رکيو جلائي،
    دلبر ڪراءِ درشن
    واعدو ڪري وئين جو، اچ جلد منهنجا جاني،
    دل جي صحن تي دردن دونهون ڇڏيو دکائي.
    دلبر ڪراءِ درشن.
    الفت جي توسان لونءَ آ، سپرين تو سرت ڀريو،
    هن عشق جو ڏونگر، ڏورڻ پيو ڏُکائي.
    دلبر ڪراءِ درشن.
    محفوظ مون ڪئي آ، تصوير پنهنجي من ۾،
    سکيو وڃي ٿي ويٺين، اڌ ۾ ڇڏيئي رلائي.
    دلبر ڪراءِ درشن.
    توکان سواءِ جاني، ٻوسٽ ۾ ساهه گهٽجي،
    هن آس تي جيان ٿو، ميلاپ ڪو ملائي.
    دلبر ڪراءِ درشن.
    تون الودع جڏهن کان، مونکي چئي هليو وئين،
    راهن ۾ ديد تنهنجي ويٺو آهيان ٽڪائي.
    دلبر ڪراءِ درشن.
    هي وقت آخري آ، منزل ڪا ماڻيون اچ،
    هن عشق جي ته پنڌ کي، ويندس مان ڀي نڀائي.
    دلبر ڪراءِ درشن.
    **


    گيت

    اسان جو عزم آ پختو اي ساٿي!
    عمل جي گواهي چٽي اڄ ڏيون ٿا.

    ڀلائي ۽ خدمت جو اونو اسان ۾،
    ٿيو هر قدم آهي پختو اي ساٿي!
    عمل جي گواهي چٽي اڄ ڏيون ٿا.

    رکون ٿا هميشه سچائي جا جذبا،
    سُخن ۽ قلم آهي پختو اي ساٿي!
    عمل جي گواهي چٽي اڄ ڏيون ٿا.

    سُڄاڳي ڏيون ٿا نئين نسل کي پيا،
    هٿن ۾ علم آهي پختو اي ساٿي!
    عمل جي گواهي چٽي اڄ ڏيون ٿا.

    وطن جي ته حب ساڻ سرشار آهيون،
    وطن جو نظم آهي پختو اي ساٿي!
    عمل جي گواهي چٽي اڄ ڏيون ٿا.

    منظم ته آ قوم پنهنجي هميشه،
    قدم دم بدم آهي پختو اي ساٿي!
    عمل جي گواهي چٽي اڄ ڏيون ٿا.

    وطن تان ‘‘بلاول’’ آ قربان هر شيءَ،
    نه هڪ درد غم آهي پختو اي ساٿي!
    عمل جي گواهي چٽي اڄ ڏيون ٿا.
    **


    نظم

    ٻاٽ اوندهه ۾ تون آن چٽي روشني،
    چنڊ کان به زياده تون آهين چٽي.
    ٿي خزان مان بهارون وئي زندگي،
    تون نهاري ڳلن تي ڏني جو مٺي.
    تو جي ڪجلين اکين ساڻ موڏي ڏٺو،
    بس انهي دم تو منهنجي آ دلڙي جهٽي.
    جاچيو مون ته سنسار سارو پرين،
    اهڙي اڄ تائين صورت نه مون آ ڏٺي.
    رعب ۾ نقش تنهنجا ته گهائي وجهن،
    مان متاثر ٿيس تنهنجو چهرو ڏسي.
    پيار ظاهر ظهور آهي تو سان ڪيو،
    پيار منهجي جي منزل تون آن آخري.
    گيت تنهنجي وفا جا ٿو ڳايان سڄڻ،
    پيار الفت تون ڏيندو آهين هر گهڙي.
    تو سوا آهيان ساجن اڌورو هتي،
    توکي سندر ڌٺم توسان دل وئي لڳي.
    مند پهرين اچي وئي آ بارش سندي،
    مانُ گلشن کي ساجن وري ڏي اچي.
    خوبصورت سنواريل تون هر ويل آن،
    مونکي ويو آن وڻي منهنجي دل جا ڌڻي.
    غم ڀلائي ڇڏيان مان سڀيئي ‘‘بلال’’
    مونکي ساجن ملي توکان اهڙي خوشي.

    **


    ڏٺم چاندني رخ ته چانڊاڻ آهي،

    ڏٺم چاندني رخ ته چانڊاڻ آهي،
    بدن مست جوڀن ۾ مهراڻ آهي.

    ڳنڍيل دل جو ناتو ته آهي توسان،
    منهنجو عشق تنهنجو ئي اهڃاڻ آهي.

    سجايل مهڪ ساڻ محفل سڄي آ،
    مَچائي انهيءَ ۾ تو ماڊاڻ آهي.

    جهٽي وئين لُٽي وئين ته دلڙي ويڳاڻي،
    محبت اڳيان دل ٿي اڻڄاڻ آهي.

    بهلجي وئي دل ته رغبت سان جلدي،
    ڏٺم عشق آتش اکين ساڻ آهي.

    غزل تنهنجي ساراهه ۾ مان چوان ٿو،
    ڇا؟ محبوب توکي ذري ڄاڻ آهي.

    نثار آهي تنهنجي مٿان هر خواهش،
    ٻنهي جي نه وچ ۾ ڪا ڇڪتاڻ آهي.

    ‘بلال’ آهيان تنهنجي وفا جو ته گهايل،
    صبح شام من ۾ تنهنجي تاڻ آهي.
    **


    خدا جو آهي خاص پيارو لطيف،

    خدا جو آهي خاص پيارو لطيف،
    ٿيو سنڌ جو آ سهارو لطيف.

    ائين ڪيئي شاعر ڏسون ٿا مگر،
    ولي آهي الله وارو لطيف.

    ڪڏهن آهي سسئي ڪڏهن آهي ميهر،
    ڪيو پيش سهڻو نظارو لطيف.

    ڪٿي آهي نوري ڪٿي آ تماچي،
    مجسم بڻيو عشق يارو لطيف.

    زماني ۾ بڻجي وڃي ٿو ‘‘عزيز’’
    جڏهن جو ڪري ٿو اشارو لطيف.
    **


    دوستي هڪ موتين جي کاڻ آ،

    دوستي هڪ موتين جي کاڻ آ،
    ڏک سکن سان دوستي ٿي ساڻ آ.

    دوستي گلشن جو هڪڙو گل به آ،
    هر گهڙي جنهن مان ملي سرهاڻ آ.

    دوستي هڪ آهي الفت جو لباس،
    جو ڦٽائي دوستي اڻڄاڻ آ.

    صحبتي جي آ سٺو سو خوشنصيب،
    هر جڳهه ان جي ٿيندي واکاڻ آ.

    دوستي کي آ نڀائڻ ۾ مزو،
    جو نڀائي هن کي سو سرواڻ آ.

    آزمائش ٿئي ڏکي هن ۾ ‘‘بلال’’
    ٿيو ڀرم الفت وفا اهڃاڻ آ.
    **


    توريءَ نه دل کي ڪوئي دلبر اچي ٿو ساءُ،

    توريءَ نه دل کي ڪوئي دلبر اچي ٿو ساءُ،
    توکي به سُڌ ته هوندي، توساڻ آ لڳاءُ.

    موسم جي هر ادا ڀي، تنهنجي مٿان نثار،
    جنهن تون گهٽي مان گذرين اتڙي ٿئي هُڳاءُ.

    هر جا پسان ٿو توکي، تون روبرو آن منهنجي،
    سچ جا هي حرف آهن، هن ۾ نه آ وڌاءُ.

    شدت سان انتظار آ، تنهنجي اچڻ جو مونکي،
    آڻي الله توکي اهڙو گهلي ڪو واءُ.

    گهايل ڪئي تو دل هيءَ، نظرن سان اي پيارا،
    تنهنجي ڪري ته محفل ۾ آ گهڻو رچاءُ.

    هن بيقرار دل کي ڪائي ڀي ننڊ ناهي،
    نظرن جو تون ڪري وئين منهنجي مٿان ڪو داءُ.

    سهڻا نه ڏي تون صدما، اهڙا ‘‘بلال’’ کي،
    تنهنجي جدائي جاني، سيني ۾ ڪيو آ گهاءُ.
    **


    ڏسو عاشقن جون اوجاڳيل اکيون،

    ڏسو عاشقن جون اوجاڳيل اکيون،
    هي ڪجليون ڪڪوريل ڪومايل اکيون،

    هي تنها ئي عاشق نئين ڳالهه ناهي،
    ايامن کان آهن اوساٽيل اکيون.

    گڏو گڏ زماني سان بدلبي آ وٿ،
    ڏسو حسن ۾ هي خوماريل اکيون.

    پيارن ماڻهن جا به ماڻا اکين تي،
    ڏين آٿتون سَوَ بکايل اکيون.

    اداسي جو جهولو ڪري کوکلو ٿو،
    خزائن ۾ هر پل دکايل اکيون.

    چڱي دڳ نه نينديون مسافر کي ڪڏهين،
    هي وک وک تي سڃيون وڇايل اکيون.

    وري ڇو اٿي جهومي جدت نئين،
    سي بد ذوق جي گهيري ڦاٿل اکيون.
    **


    پريت گھمرو

    تعارف

    نالو؛ پريت گھمرو
    پيءُ جو نالو؛ ميهر علي
    جنم جي تاريخ؛ 6 مئي
    جنم جو هنڌ؛ نئو ديرو، ضلعو لاڙڪاڻو.
    ادبي سڃاڻپ؛ شاعره ڪالمنگار، ڪهاڻيڪاره
    شاعريءَ جي شروعات؛ 2003ع
    پهرين ڇپيل تخليق؛ نظم
    ماهوار ڏات خيرپور
    اڻ ڇپيل مواد؛ (1) سنڌڙي. (شاعريءَ جو ڪتاب)
    (2) روح رمتو راڳي (شاعريءَ جو ڪتاب)
    هاڻو ڪو ڏس پَتو؛ پير جو ڳوٺ.
    تعلقو ڪنگري، خيرپور ميرس، سنڌ.


    خواب جي ڀر پاسي اونده ٿي تري.

    خواب جي ڀر پاسي اونده ٿي تري.
    چنڊ چهرو ڪاش ڪو هيڪر وري.

    هوريان هوريان تجربو ٿيندو وڃي،
    هانءُ منهنجو ماٺ ۾ سڏڪا ڀري.

    گنگهرو ئي گنگهرو ٿي پئي وجود،
    هو جي گهر آڳر مٿي وکڙون ڀري.

    باک جي لالاڻ ٿي جرڪي جِتي،
    تن گلن تي ڪاري ڪڪري ٿي ڪري.

    خوشبوءِ خوشبوءِ ساهه کڻندڙ آدمي،
    پنهنجي من ۾ هاڻ ٿو شعلا ڀري.

    پنڊ پاهڻ ٿي وئي آهي ‘‘پريت’’
    ڪوئي جادوگر اچي جيئرو ڪري.
    **


    مينهن جي ڪيڏي ٿاڌل آهي.

    مينهن جي ڪيڏي ٿاڌل آهي.
    دل توسان سلهاڙيل آهي.

    تولاءِ پرين هي دل منهنجي،
    غم ۾ گهايل گهايل آهي.

    غيرن جي محفل ۾ جاني،
    تنهنجو گفتو ڇانيل آهي.

    جيون ٿو الجهن ۾ گذري،
    غم جو حملو پليل آهي.
    **


    پاڻ کي ايڏو ڇو ٿو ٺاهين.

    پاڻ کي ايڏو ڇو ٿو ٺاهين.
    تون ته اڳي ئي سهڻو آهين.

    جيون توبن آهي اڌورو،
    ڇو ٿو منهنجي من کي ڊاهين.

    تون ئي منهنجي دل جو جاني،
    تون ئي منهنجو پيار سدائين.

    توکي ارپيم هيءَ حياتي،
    ڇو نه ٿو منهنجو ميت سڏائين.

    پيار ‘‘پريت’’ سدائين ڳوليو،
    ڇو ٿو منهنجو جيءُ جلائين!؟
    **


    ڳوٺ جون گهٽيون وسريون ناهن.

    ڳوٺ جون گهٽيون وسريون ناهن.
    پياريون وستيون وسريون ناهن.

    شعر ٽشوءَ تي لکيل تنهنجا،
    چاهه جون چهنڊيون وسريون ناهن.

    کوڙ خوابن سنديون سائين،
    تنهنجون مٺيون وسريون ناهن.

    هڪڙو ٺاهيل گهر ڪانن جو،
    گاري ڀتيون وسريون ناهن.

    وسريون ناهن پيار ‘‘پريت’’ کان،
    تنهنجون ڳالهيون وسريون ناهن.
    **


    اسان جا خواب سڀ ٽوڙي اوهان کي ڇا مليو آخر،

    اسان جا خواب سڀ ٽوڙي اوهان کي ڇا مليو آخر،
    اسان جون خواهشون لوڙهي اوهان کي ڇا مليو آخر.

    اسان هون نينهن جا نوڪر ازل کان من ابد تائين،
    اوهان منهن جي ڇڏيو موڙي اوهان کي ڇا مليو آخر.

    اسان هون امن جا پانڌي امن سان پيار آ پنهنجو،
    وطن جي امن کي ٻوڙي اوهان کي ڇا مليو آخر.

    اڙي او بيوفا هردم اهو ئي پيار آ پنهنجو،
    هڻي مونکي پٿر ٽوڙي اوهان کي ڇا مليو آخر.
    **


    دلربا روح ۾ وسي وڃجي.

    دلربا روح ۾ وسي وڃجي.
    هار ٻانهون ڪري ٻکي وڃجي.

    گل تي ڀونر ڏنا پئي ڀيرا،
    پيار کي واٽ سان وٺي وڃجي.

    گل ۽ پوپٽ سنڌوءَ سنديون ڇوليون،
    تن مٿان نانءُ ڪو رکي وڃجي.

    سونهن بس ڪائنات جي سونهن آ،
    ان جو ڪنهن کان ڀلي پڇي وڃجي.
    **


    خواب سمورا وکري ويا.

    خواب سمورا وکري ويا.
    دل جا جذبا اڏري ويا.

    سوچون لوچون رهجي ويون،
    سور سمورا نسري ويا.

    تنهنجو منهنجو ميل ڏسي،
    دشمن سارا پڄري ويا.

    پيار محبت جا هئا جي،
    ‘‘پريت’’ پنا سي وسري ويا.
    * *


    نيڻ نماڻا روئي پون ٿا.

    نيڻ نماڻا روئي پون ٿا.
    هاءِ اياڻا روئي پون ٿا.

    ڪڪرن ۾ آ چنڊ لڪي ويو،
    تارا ساڻا روئي پون ٿا.

    تنهنجي اچڻ جا سارا رستا،
    رند پراڻا روئي پون ٿا.

    پيار جي منزل آخر ٿڪجي،
    ڪيئي راڻا روئي پون ٿا.

    تو آ وسارڻ چاهيو ‘‘پريت’’ کي،
    منهنجا ماڻا روئي پون ٿا.
    **


    زندگي هڪ عذاب آ جاني.

    زندگي هڪ عذاب آ جاني.
    بس گناهه ۽ ثواب آ جاني.

    ڪٿ غريبي سدا غريبي آ،
    ڪو وري ٿيو نواب آ جاني.

    تون پري ڪر نقاب چهري تان،
    پيار ۾ ڇو حجاب آ جاني.

    سونهن تنهنجي ڏسي لڄي چنڊ ٿيو ،
    تنهنجو مک آفتاب آ جاني.

    هي وڇوڙو ‘‘پريت’’ لاءِ هاڻي،
    هڪ نئون انقلاب آ جاني.
    **


    نيڻ پسائي ويٺي آهي.

    نيڻ پسائي ويٺي آهي.
    لڙڪ وهائي ويٺي آهي.

    ڪاري ڪاري رات اکين ۾،
    پاڻ جلائي ويٺي آهي.

    پيار سفر ۾ ڪائي ناري،
    پاڻ ڦرائي ويٺي آهي.

    راهه محبت جي ۾ هلندي،
    ساهه ڀلائي ويٺي آهي.

    پيار ۾ تنهنجي ‘پريت’ به آخر،
    مچ مچائي ويٺي آهي.
    **


    ڪوئي ڪنهن کان جدا ٿيو آهي.

    ڪوئي ڪنهن کان جدا ٿيو آهي.
    پيار تان ڪو فدا ٿيو آهي.

    ڪالهه تائين اسان جو هو ليڪن،
    پنهنجو اڄ هو خدا ٿيو آهي.

    مونکي ڪنهن جي پياس آهي ٿي،
    اڄ هو ڇو بي وفا ٿيو آهي.

    ٿي گذاري ‘پريت’ سورن ۾،
    ڇو پرين اڄ خفا ٿيو آهي.
    **


    گنهگار آهيون خطا ٿي وئي آ.

    گنهگار آهيون خطا ٿي وئي آ.
    حياتي اسان لئه سزا ٿي وئي آ.

    محبت ڪئي سون جيئڻ لاءِ جاني،
    خوشي زندگي کان جدا ٿي وئي آ.

    ملي جي وئين تون ته سڀ ڪجهه ملي ويو،
    وڇوڙي جي بس انتها ٿي وئي آ.

    هي ڪينجهر ڪنارو ۽ مهراڻ موجون،
    سڄي سنڌڙي دلربا ٿي وئي آ.

    ڀري پير ساجن اڱڻ منهنجي آيو،
    نئين زندگي اڄ عطا ٿي وئي آ.
    **


    عائشه ميمڻ

    تعارف

    1990ع کان پوءِ شاعري جي سفر جي شروعات ڪندڙ عورت شاعره عائشه ميمڻ جو شمار سنڌ جي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترين شاعرائن ۾ ٿئي ٿو جيڪي شاعرائون پنهنجي سگهاري سڃاڻپ رکن ٿيون.
    سنڌ ڌرتيءَ جي وسيع آبادي واري ضلعي نوشهرو فيروز ۾ محترم الهندو ميمڻ جي گهر، جنم وٺندڙ عائشه ميمڻ جو ڇٺيءَ جو نانءَ آسيه رکيو ويو. هوءَ هر سال پهرين جنوري تي پنهنجي سالگره جو ڪيڪ ڪٽي ٿي. هن لکڻ جي شروعات 1995ع کان ڪئي، نثر توڙي نظم ۾ مسلسل لکندي رهي ٿي، مگر سندس ادبي سڃاڻپ شاعري آهي. اڄ تائين وٽس پنجن ڪتابن جو مواد سهيڙيل آهي، جن مان هڪڙو شاعري جو ڪتاب ‘‘دليون درسگاهون’’ 2013ع ۾ ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ڇپجي چڪو آهي .شاعري ۾ هوءَ غزل،گيت، وائي، چوسٽو، نظم ۽ ٻين صنفن تي خيال آرائي ڪري چڪي آهي پر غزل جي زمين تي خيالن جي اڏار جو خوبصورت انداز اٿس .
    عائشه ميمڻ جي ايجوڪيشن ايم_اي، ايم_ايڊ آهي، ڪرت ۾ هوءَ سگهڙ عورت هجڻ سان گڏوگڏ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سان تعلق رکي ٿي. سندس شاعري ۾ سڪ، پيار، امن ۽ آزادي جا پيغام سمايل آهن ،جڏهن ته سنڌ جي تهذيب تاريخ پڻ سندس شاعري جا چٽا موضوع نظر اچن ٿا. ادبي سرگرمين ۾ سنڌي ٻولي جي مئگزين ماهوار’’ نئين آس’’ شهدادڪوٽ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ادبي خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. سنڌ جي مڙني سنڌي مئگزينن ۽ اخبارن ۾ سندس مواد ڇپجندو رهي ٿو .
    عائشه ميمڻ سڄي سنڌ جي اديبن طرفان مليل عزت ۽ احترام کي وڏو اعزاز سمجهي ٿي سندس پسنديده ڪتاب ‘‘نه ڪم نبريو نه غم نبريو’’ (استاد بخاري) ۽ ادبي شخصيت شيخ اياز آهي. عائشه ميمڻ جي مستقل رهائش نوشهروفيروز ۾ آهي .
    Aishamemon79@gmail.com


    سال پويان پهر جدائي جو.

    سال پويان پهر جدائي جو.
    مون به پيتو زهر جدائي جو.

    رات ڪاري وصال جي سهڻي،
    ڪين گهرجي سحر جدائي جو.

    روز سڏڪن ۾ ساهه ٿو گُهٽجي،
    آهي قاتل قهر جدائي جو.

    شاعري ۾ نه پر حياتيءَ ۾،
    يار مشڪل پهر جدائي جو.

    ‘‘عائشه’’ شال ٿي تباهه وڃي،
    شاد من ۾ شهر جدائي جو.

    **


    سور سارو بيان ۾ آهي،

    سور سارو بيان ۾ آهي،
    درد دل جي جهان ۾ آهي.

    جو به آهي ته ڀونءِ ۾ آهي،
    ڪو نه ڪو آسمان ۾ آهي.

    سا ڀٽائي ڏسي پيو ساري،
    ڳالهه جيڪا قرآن ۾ آهي.

    گهر مٽيءَ جو ڏسي نه گهٻرايو،
    پيار من جي مڪان ۾ آهي.

    صورتن ۾ اجايو ڳولين ٿو،
    ماڻهو سهڻو زبان ۾ آهي.

    کوڙ مقصد ٻيا به آهن پر،
    زندگي پوري نان ۾ آهي.

    ڍنگ جو ڪم نه ڪار ٿو ڏسجي،
    ڪو نه ڪجهه نوجوان ۾ آهي.

    ‘‘عائشه’’ خيال سان هلو هاڻي،
    هر قدم هِت گُمان ۾ آهي.
    **


    اکيون پڙهي ڪو ڪتاب آهن،

    اکيون پڙهي ڪو ڪتاب آهن،
    هزارين دل ۾ نصاب آهن.

    تون دل جي ڌڙڪن ۾ پيو وسين ٿو،
    رڳون وڄن ٿيون رباب آهن.

    الا ڏئي ڏک خوشيون کڻي وڃ،
    ڪيا نه توسان حساب آهن.

    حجائتيون هن اکيون اکين سان،
    وري به وچ ۾ حجاب آهن.

    پرين اوهان جي اکين ۾ روشن،
    اسان ڏٺا ماهتاب آهن.

    نه ‘‘عائشه’’ هوش آ اسان کي،
    نظر ۾ تنهنجي شراب آهن.

    **


    شخص هڪ گم سُم رهيو تصوير ۾،

    شخص هڪ گم سُم رهيو تصوير ۾،
    ڄڻ وڏو هو راز تنهن ولگير ۾.

    ٻين جي لئه ايئن شعر هو بس خير هو،
    پر ڪوي جو رت هيو تحرير ۾.

    پيار ۾ اڄ آتمي جو ٿي پيو،
    جيئن ملاوٽ ٿي پوي کنڊ کير ۾.

    تير نظرن سان ويو دل تي هڻي،
    پيار ئي من پيار هو هر تير ۾.

    ‘‘عائشه’’ بادِ صبا بيچين ڪيو،
    اڄ پرينءَ جي هئي سڳنڌ ڄڻ هير ۾.

    **


    سنڌي ٽوپي اجرڪ پائي ويهندو آهين،

    سنڌي ٽوپي اجرڪ پائي ويهندو آهين،
    تارن ۾ ڄڻ چنڊ سجائي ويهندو آهين.

    لوڏ لهي لک لالڻ تنهنجي گهور ٿيان،
    جنهن پل مونڏي منهن ڦيرائي ويهندو آهين.

    ڪاوڙ تنهنجي قربن جهڙي آ جانيئڙا،
    ويتر مُک تي گهنڊ سجائي ويهندو آهين.

    ٽهڪ ڏئي من ساز وڄائي ويهندو آهين،
    هر هڪ دل کي پو جهومائي ويهندو آهين.

    ڀاڳ ڀلا ٿي ڀايان جو هر محفل ۾،
    ‘‘عائشه’’ جو محبوب سڏائي ويهندو آهين.

    **


    حال دل جو ڪٿي لڪائي ٿو،

    حال دل جو ڪٿي لڪائي ٿو،
    هو ته نيڻن مان سڀ ٻڌائي ٿو.

    پيار وارا پريت کي چاهن،
    ڏيهه نفرت سندو ستائي ٿو.

    ڪم پوي ڪل پوي چوي سائين،
    يار هر ڪو هتي سڏائي ٿو.

    بي سبب ڪو به ڪجهه ڪندو ناهي،
    نينهن ناچو ڪري نچائي ٿو.

    عشق ناسور عشق سرمد آ،
    هڪ سوليءَ ۽ ٻيو سر ڪٽائي ٿو.

    عشق سِر تي ۽ عشق در تي ڀي،
    مرد سڏبو سو جو نڀائي ٿو.

    ‘‘عائشه’’ مون غزل لکيو ناهي،
    عشق عاشق هٿان لکائي ٿو.
    **


    ٿا مصيبت ڏين مرحلا عشق جا،

    ٿا مصيبت ڏين مرحلا عشق جا،
    پيا دلين ۾ رهن زلزلا عشق جا.

    آزمائش تنين ڀي ڏني هر قدم،
    هيءَ جيڪي هئا دادلا عشق جا.

    ابتدا ڀي اُتي انتها ڀي اُتي،
    ٿي ٻڌائي قصا ڪربلا عشق جا.

    ڏِس عنايت بلاول ۽ منصور کي،
    هي به سارا ٿيا سچ قصا عشق جا.

    عين آ شين سان شين آ قاف سان،
    ڪو نه سگهندو ڪري آ حصا عشق جا.

    کوڙ پانڌيئڙا ڪي اچن ڪي وڃن،
    ڪو نه رڪبا ڪڏهن ڪافلا عشق جا.

    ڪو نه آهي غلط جي خدا مان چوان،
    ٿي نظارا ڏسان جا بجا عشق جا.

    ڪا گهڙي چين سان سي نه آهن ستا،
    جن به رستا سڃاڻي وتا عشق جا.

    واهه ٻي ڪا نه آ سر ڏئي حل ڪجن،
    ڇو ته آهن وڏا مسئلا عشق جا.

    پيڙجن پيرڙا ۽ هڏيون ٿيون ٽُٽن،
    تن مڃو جن ڏٺا حوصلا عشق جا.

    زندگي ٿي وڃي سوچ ان ۾ سڄي،
    پار ڄاڻي نه ڪوئي پتا عشق جا.

    جن مڃي ڳالهه ان جي مئا ظاهري،
    هن عجب دوستو فيصلا عشق جا.

    ٿا مڃون هو به آهي اڪابر مگر،
    ڪو به سمجهي نه ٿو فلسفا عشق جا.

    عشق پنهنجي ڪهاڻي لکي پاڻ ٿو،
    ڪير لکندو فسانا ڀلا عشق جا.

    ‘‘عائشه’’ درد توسان مٽي ٿي وڃي،
    پوءِ به مستان رهندا الا عشق جا.

    **


    پاڻ وڇڙي جي ڌار ٿينداسين،

    پاڻ وڇڙي جي ڌار ٿينداسين،
    ڄڻ ته سنڌوءَ جي پار ٿينداسين.

    پنهنجو هڪڙو وجود آ هاڻي،
    پت پتيون هزار ٿينداسين.

    گهاوَ روحن کي جا رسائي سا،
    ڪو نه اهڙي ترار ٿينداسين.

    لڙڪ هوندا نه درد ڪو هوندو
    پاڻ ٻيهر جي ٻار ٿينداسين.

    دشمنن منجهه ٿرٿلو هوندو
    پنهنجي يارن جا يار ٿينداسين.

    موت ايندو ته ڇا ٿيو جاني،
    پاڻ ساهن جي سار ٿينداسين.

    ‘‘عائشه’’ ڏيل ڀل ڏکي پنهنجو،
    ڪو نه ڪنهن لئه ميار ٿينداسين.
    **


    جميل ڪردار ڪو نه ٿيندو، زبان تي جي جمال ناهي،

    جميل ڪردار ڪو نه ٿيندو، زبان تي جي جمال ناهي،
    ترار تاڻي اگر لٽي دل، اهو وڏو ڪو ڪمال ناهي.

    اڃا حياتي ٿڪي نه آهي، تتي ٿڌي ۾ ڀلي ڪو ڪاهي،
    اڃا پرين ساهه آ سفر ۾، اڃا ڇڏڻ جو سوال ناهي،

    وڏو اهو ڪم ڪري اگر ڪو،کَٽي حياتي سدا ٻين لئه،
    مري ٿو تاريخ ۾ اهو ئي، بڻيو جو بهتر مثال ناهي.

    پڙهي چون ٿا اديب شاعر، نواڻ ڪا شعر منجهه ڪونهي،
    چيم شڪل سور جي آ ساڳي، نئون برابر خيال ناهي.

    اڃا ڏکن ۾ رهي ٿي ‘‘عائشه’’،اڃا ته سڙندي حيات باقي،
    اڃا سکن جو پتو نه آهي،اڃا ڏکن جو زوال ناهي.

    **


    محبتن جا سلسلا گهٽجن پيا،

    محبتن جا سلسلا گهٽجن پيا،
    جو اندر ۾ آدمي مٽجن پيا.

    ڪير دارون ۽ دوا تن جي ڪري،
    روح لفظن سان هتي ڦٽجن پيا.

    ڏوهه جن جا ها اهي آزاد ڇو،
    بي گناهه ماڻهو الا سٽجن پيا.

    پير ڦٽجن زندگيءَ جي پنڌ ۾،
    نيڻ آسي ڪو نه پر ٿڪجن پيا.

    ها وڇوڙن ۾ اڪيلي جند کي،
    يادگيرين جا جٿا ٻکجن پيا.

    ياد کي ڪوئي نه ٿو روڪي سگهي،
    ڇا ٿيو جي رابطا ڪٽجن پيا.

    جي اُٿن هٿ سنڌ جي حق لاءِ ٿا،
    سي سچا هٿ دوستو ڪپجن پيا.

    درد ‘عائشه’ سڀ کڻي ڪيئن پاڻ سان،
    مور ماڻهو ڀونءِ ۾ لٽجن پيا.

    **


    تو اکيون کولي ڏٺو ڇو نه پياري رات جو،

    تو اکيون کولي ڏٺو ڇو نه پياري رات جو،
    تو مٿان بيٺو رهيو چنڊ ساري رات جو.

    ٿو ٿئي محسوس ڄڻ رات ناهي ڏينهن آ،
    دل چيو احساس ناهي هاڻ ڪاري رات جو.

    ننڊ جي لالچ ڏئي پيو ڏکائي روح کي،
    ٿو لڳي هر خواب ڄڻ آ شڪاري رات جو.

    دل ڏکائي ٿو ڪڏهن سانت ۾ سوچي اهو،
    ڪيئن سک هوندي ستي دل ڏکاري رات جو.

    پيهه ۾ جيئن وائڙو ساهه ڪو هيڪل هجي،
    تيئن يادن ۾ رهي دل ويچاري رات جو.

    ‘‘عائشه’’ وسري نه ٿي،سوچ مان نڪري نه ٿي،
    شال سا ٻيهر اچي، ڪلهه گذاري رات جو.

    **


    مرتضى لغاري

    تعارف

    منهنجي بابا سائينءَ پنهنجي زباني اسڪول سرٽيفڪيٽ تي منهنجو جنم ڏينهن 01 مارچ 1981ع لکرايو. شهدادڪوٽ تعلقي يو_سي جمالي جي ڳوٺ تاجو لغاري ۾ منهنجو جنم گل محمد لغاري جي گهر ۾ ٿيو. ڇٺيءَ جو نانءَ غلام مرتضى رکيو ويو. مون پرائمري تعليم پنهنجي ناناڻڪي ڳوٺ مينهون لغاري مان حاصل ڪئي، مڊل سنجر ڀٽي، سيڪنڊري هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ ۽ هائر سيڪنڊري گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ ۽ گريجوئيشن شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي اٿم. منهنجو ننڍپڻ تمام سادگيءَ سان ڳوٺ مينهون لغاري جي گهٽين ۾ سرخرو ٿيندي گذريو.
    پرائمري جي دور ۾ منهنجا رهنما ۽ شفيق استاد غلام سرور لغاري ۽ استاد بهار علي لغاري جن هئا. منهنجي تعليمي سفر ۾ منهنجي ماءُ جو اهم ڪردار رهيو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي ۽ مان اڄ به پنهنجي امان سائنڻ لاءِ ٻاتا ٻول ڳالهائيندڙ پتڪڙو پٽ آهيان ۽ مون انهن استادن کي به نه وساريو آهي جيڪي مڊل کان هائير تائين منهنجا رهنما رهيا. انهن ۾ سائين هيبت علي ڀرڳڙي ۽ عبدالنبي ڀٽي نمايان نانءَ آهن. مون ادبي زندگي جي شروعات 1990ع کان ڪئي، شاعري جي سفر ۾ منهنجي رهنمائي سائين عبدالله شاه ‘‘اطهر’’ ڪئي، جنهن مون کي هٿ کان وٺي هي راهه ڏيکاري. منهنجي زندگيءَ جو پهريون شعر غزل جو روپ رکي ٿو، جڏهن ته نثر ۾ ڪهاڻيون، مضمون، ڪالم وغيره به سهيڙيا اٿم، جيڪي مختلف وقتن تي مختلف مئگزينن، اخبارن ۾ شايع ٿيا. مگر منهنجي ادبي سڃاڻپ شاعري ئي آهي. شاعري جي سڀني صنفن ۾ لکڻ معمول رهيو، پر پنهنجن خيالن جو اظهار غزل جي فارميٽ ۾ خوبصورت ۽ سولو سمجهان ٿو. اڄ تائين نثر توڙي نظم ۾ ٽڙيل پکڙيل تحريرون سهيڙيندس ته ڀايان ٿو پنج کن ڪتاب ٿي سگهن ٿا، جيڪي سڀئي اڻڇپيل صورت ۾ موجود آهن انهن کي ڇپائڻ جي قابل نه ٿي سمجهيو يا اهو ڳرو خرچ ڀرڻ منهنجي وس کان ٻاهر هو.
    1995ع کان ادبي سرگرمين ۾ ‘‘بزم پيرل قمبر’’ کان وٺي ‘‘پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت سنڌ ‘‘ سان وت ۽ وس آهر ناتو جڙيو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. ان کان پوءِ 1999ع ۾ مرڪ پبليڪيشن جي نانءُ سان هڪ اداري جو بنياد وڌو. جتان دوستن جي سهڪار سان سلسليوار ‘‘نئين آس’’ مئگزين شهدادڪوٽ مان شايع ڪرائڻ اول ترجيح ۾ شامل هو. جيڪو هن وقت ماهوار شايع ٿئي ٿو. جنهن ۾ ڪجهه وقت مئنيجنگ ايڊيٽر ۽ پوءِ ايڊيٽر طور ادبي خدمتون سرانجام ڏيڻ منهنجي فرضن ۾ شامل ٿي ويو. ذاتي ڪرت ۾ اٺين ڪلاس کان وٺي محنت مزدوري منهنجي ورثي ۾ آئي، جيڪا اڄ تائين جاري آهي. منهنجي خانداني پسمنظر ۾ ڪو به شخص ادب سان وابسته نه هيو، ويتر اسان تي بلوچ قبيلن جو اثر رهيو جيڪو منهنجي علمي ادبي زندگيءَ تي اثرانداز ٿيو. منهنجي سوچن جڏهن کان بالغ ٿيڻ شروع ڪيو تڏهن کان جاگيردارن جي غلامي کان بغاوت رهي جنهن جي نتيجي، مون وڏيراشاهي جي هن دور ۾ ڪو به سرڪاري عهدو رتبو نه ماڻي سگهيس. جنهن جي ڪري اڄ تائين هڪڙي هٿ ۾ ڪاغذ قلم ۽ ٻي هٿ ۾ محنت ۽ مزدوري جا اوزار منهنجي ذاتي زندگي جي سڃاڻپ آهن. منهنجي تاحيات سوچ، منهنجي خواهش اديبن سان جيئڻ لاءِ جتن ڪندي سنڌي ادب جو پاند ڇڏڻ نه ٿي ڏئي.ان ڪوشش ۽ جدوجهد ۾ ڪيترو سرخرو آهيان، اهو اوهان ادب دوست ئي بهتر سمجهي سگهو ٿا .
    اهڙي طرح 1995ع کان پنهنجي ڳوٺاڻي زندگيءَ کي الوداع چئي پاڻ شهدادڪوٽ ۾ رهائش اختيار ڪيم ، جيڪا اڄ تائين برقرار آهي، هن وقت باقر آباد محلي ۾ ننڍڙي فيملي سان زندگي بسر ڪري رهيو آهيان.

    (مرتضيٰ لغاري)


    هي مست موسم، بهار ۽ تون.

    هي مست موسم، بهار ۽ تون.
    ٿي تنهنجي گهرجي نهار ۽ تون.

    گهران ٿو رب کان ملي پوي من،
    سڄي عمر لئه هي پيار ۽ تون.

    اکين ۾ سپنا ثواب سانئڻ،
    سدائين تنهنجي سنڀار ۽ تون.

    هٿن، چپن تي ۽ دل تي جانان،
    رهي ٿي تنهنجي پچار ۽ تون.

    لٿو نه منظر آ دل تان اڄ ڀي،
    ڪلاس تنهنجي جا ٻار ۽ تون.

    اوهان ٽنهي جو نڀاهه ڪيئن آ؟
    سڄو مهينو پگهار ۽ تون.

    **


    آس هڪڙي تي هت رڪي وياسين.

    آس هڪڙي تي هت رڪي وياسين.
    ڌرتتيءَ تي سڙي سڪي وياسين.

    ڪو نه ڪو ڇانورو نظر آيو،
    رڻ پٽن ۾ صفا رلي وياسين.

    ڪين الفت مان ڪنهن به کيڪاريو،
    ۽ نه ڪنهن در ڪڏهن لڙي وياسين.

    هن جي پاڙي مان ٿيو گذر هڪ ڏينهن،
    نانءُ هن جي پٺيان هلي وياسين.

    زوقِ محبت وٺي ويو هن وٽ،
    ڪير چئي ٿو اسان ڀلي وياسين.

    ڪين منزل نصيب ٿيڻي هئي،
    توڙي هر هر پُڇي پُڇي وياسين.

    **


    چاهتن جو سلو بي رُخي ٿي ملي،

    چاهتن جو سلو بي رُخي ٿي ملي،
    ڪيئن هجت هلان بي وسي ٿي ملي.

    درد جي دوستي ٿي سدائين هلي،
    هر خوشي پاڻ کي عارضي ٿي ملي.

    سونهن سچ جا پوڄاري اسين پيار جا،
    دل لڳي جي گهرون ٿا ٺڳي ٿي ملي.

    ظاهري ۾ ته هر ڪو سڄڻ ٿو سڏي،
    دوستيءَ جي پٺيان دشمني ٿي ملي.

    هي حياتيءَ به سڏڪن ۾ گذري وئي،
    ڪين ڀُل ۾ خوشي جي گهڙي ٿي ملي.

    ‘‘مرتضى’’ موت ڀي آ مهانگو ٿيو،
    جي مرڻ ٿا گھرون زندگي ٿي ملي.

    **


    روشنيءَ کان پو ديد ڪهڙي آ،

    روشنيءَ کان پو ديد ڪهڙي آ،
    تون جي ناهين ته عيد ڪهڙي آ.

    ماتمي ويس ۾ ڏٺو هوندئي،
    مون خوشي ڪئي خريد ڪهڙي آ.

    وقت آڙاهه ۾ ڇڏيو اڇلي،
    پو جيئڻ جي اميد ڪهڙي آ.

    زندگي گڏ رهڻ لکي ڏجئي،
    چاهتن جي رسيد ڪهڙي آ.

    تنهنجي قدمن سان گهلبو آيس،
    مون وفا ڪئي شهيد ڪهڙي آ.

    **


    مرحلو هي خُمار ڏيندو آ،

    مرحلو هي خُمار ڏيندو آ،
    هو جي ٻانهن جا هار ڏيندو آ.

    زندگي منهنجي آ ٺهي پوندي،
    ٿورڙو هو جي پيار ڏيندو آ.

    بي سڪون زندگي ٿو جي ڀايان،
    نانءُ هن جو قرار ڏيندو آ،

    گهر ۾ ٿو ڇوڪرو ڪري دانهون،
    روز استاد مار ڏيندو آ.

    **


    درد زندگيءَ جو باب ٿي ويو آ،

    درد زندگيءَ جو باب ٿي ويو آ،
    هاڻ جيئڻ عذاب ٿي ويو آ.

    مون اميدن جو رُخ ڇڏيو موڙي،
    هو جڏهن کان نواب ٿي ويو آ.

    مان گنهگار آهيان مگر هن جو،
    ڏوهه هر هڪ ثواب ٿي ويو آ.

    پنهنجي مقصد ۾ اڄ سئو فيصد،
    دلرُبا ڪامياب ٿي ويو آ.

    هي ٽٽل ۽ ڦٽل سٽون جوڙيم،
    شاعريءَ جو ڪتاب ٿي ويو آ.

    آهي دنيا سڄي صحي هُن لئه،
    ‘‘مرتضى’’ ئي خراب ٿي ويو آ!

    **


    تنهنجو پاڙو گهٽي ۽ گهر تنهنجو،

    تنهنجو پاڙو گهٽي ۽ گهر تنهنجو،
    ڪيڏو سهڻو آ سچ شهر تنهنجو.
    مان ته جانان وري وري ٿو اچان،
    مون لئه ڪعبي مثل آ در تنهنجو.

    ***


    ايترو ڀي نه فاصلو رکجي،
    تو اڳيان ڪيئن هي فيصلو رکجي.
    جانِ جان ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان،
    پيار جو جاري سلسلو رکجي.
    ***


    جيئن چنڊ کي ڏسبو آ ڪڪرن جي ڀاڪر ۾،

    جيئن چنڊ کي ڏسبو آ ڪڪرن جي ڀاڪر ۾،
    تيئن تنهنجو ڏٺم چهرو زلفن جي ڀاڪر ۾.

    پردي ۾ ڪڍي هٿڙو مون ڏي وڌايو تو،
    مون ٻانهن ڏٺي تنهنجي ڪنگڻن جي ڀاڪر ۾.

    ڪلهه توکي ڏٺو هو مون ڊائجيسٽ هيئي هٿ ۾،
    هئين سڀ کان اتم سانئڻ سکين جي ڀاڪر ۾.

    زلفن ۾ لڪائي ڇڏ مون کي هميشه لئه،
    ڇا رکيو سکي آهي پل کن جي ڀاڪُر ۾.

    ٿي ياد اسر ويلي جو وڃڻ پئي چاهيو مون.
    تو ڪيئن ڀڪوڙيو هو ٻانهن جي ڀاڪر ۾.

    ٿي ختم اداسي وئي هن ڇير ڇمڪائي،
    آواز سمايل هس ڇن ڇن جي ڀاڪر ۾.

    هن قُرب سندا پيارا ڏس ڪيڏا ٿر وارا،
    ڪيڏو نه مزو هوندو آ تن جي ڀاڪر ۾.

    حق تون به گهڻا کاڌا ها اڳ اٻوجهن جا،
    مس مس ته آهين ڦاٿو ڏاڍن جي ڀاڪر ۾.

    درياءَ ۾ ايندو پاڻي ڪر دلجاءِ سنڌياڻي،
    سنڌوءَ کي ڪيئن سهبو غيرن جي ڀاڪر ۾.

    هي ڪهڙي روش آهي آ ڪيڏي بدفعلي،
    باگڙياڻيون ٿيون پلجن سيدن جي ڀاڪر ۾.

    هي دنيا ‘‘لغاري’’ آهي چنڊ تي پهتي،
    ٿا پاڻ رهون اڄ ڀي رسمن جي ڀاڪر ۾.


    عجب زندگيءَ جو تماشو ڏٺوسين،

    عجب زندگيءَ جو تماشو ڏٺوسين،
    پنهنجي سادگيءَ جو تماشو ڏٺوسين.

    ويو چيچلائي سڄي زندگيءَ لئه،
    سندءِ سرڪشيءَ جو تماشو ڏٺوسين.

    ٿيا وار چانديءَ جي چمڪي جان ظاهر،
    ۽ دلڪش وهيءَ جو تماشو ڏٺوسين.

    هو مالڪ رهيو پنهنجي مرضي جو هر دم،
    اسان بي وسيءَ جو تماشو ڏٺوسين.

    قدم هر قدم تي جو اڳتي وڌياسين،
    مگر دل لڳيءَ جو تماشو ڏٺوسين.

    **


    هي پهرين چڪر سان ويو حادثو ٿي،

    هي پهرين چڪر سان ويو حادثو ٿي،
    اسان جي جگر سان ويو حادثو ٿي.

    ٿيو فون تي رابطو پهريان پو،
    نظر جو نظر سان ويو حادثو ٿي.

    تو ڪاري ڪري ڀيڻ ماري ڇڏي آ،
    مگر ان جي وَرَ سان ويو حادثو ٿي.

    سڀن جي زبان تي هي چوٻول آ،
    سڄي ڄڻ شهر سان ويو حادثو ٿي.

    **


    مونکان منهنجي سکي رُٺل آهي،

    مونکان منهنجي سکي رُٺل آهي،
    ڄڻ ته دنيا سڄي رُٺل آهي.

    جيئن مون کان پري ٿي وئي آهي،
    تيئن ئي شاعري رُٺل آهي.

    ايترو تنها ٿي ويو آهيان،
    ڄڻ ته دنيا سڄي رُٺل آهي.

    گهر کان نڪري به مان وڃان ڪاڏي،
    شهر جي هر گهٽي رُٺل آهي.

    رات ڀر چنڊ تون به جاڳين ٿو،
    توکان ڀي ڇا سکي رُٺل آهي؟

    **


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 465576
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 186491
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ