ڪتاب جو نالو: ڀلي پار تان ڀيرو
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 20 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1785 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 419 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
الطاف شيخ جا انيڪ سفرنامه پڙهيا آهن جيڪي گهڻو ڪري سمنڊ جي دنيا سان لاڳاپيل هئا۔ پر سندس هي سفرنامو "ڀلي پار تان ڀيرو" مڪمل طور اسلام جي هڪ اهم رڪن حج ۽ عمري کي سمجهڻ لاء ۽ ادا ڪرڻ لاء گهڻو فائديمند رهندو۔ هن کان اڳ سندس سعودي عرب بابت ڪتاب "اي روڊ ٽه مدينه" پڻ ڇپيل آهي۔
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سامي سفر ھليا
  • حج جو خيال ـ حج جي تياري
  • سفر جي تياري ۽ سامان جي لسٽ
  • جدي ايئر پورٽ تي
  • احرام، حج عمرو ۽ ميقات
  • حج جو طريقو
  • مختلف شين جي ڄاڻ
  • ڪعبو: الله جو گھر
  • مڪي شريف بابت
  • مڪي پھچي طواف ۽ سعي ڪرڻ
  • مڪو شريف ۽ ڪعبة الله
  • حضرت ابراھيم عليه السلام ۽ ڪجهه ٻيا نبي
  • حج ۽ عمري لاءِ ضروري ڳالھيون
  • عمري جو طريقو
  • حج جو طريقو
  • مڪي ۾ رڌ پچاءُ ۽ ٻيون ڳالھيون
  • دعائون
  • عرب ۽ شاعري
  • ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي
  • مڪي ۾ رھائش دوران
  • چنڊ جو ٻه اڌ ٿيڻ
  • مڪي جي زيارتن جو احوال
  • حج جا پنج ڏينهن
  • زم زم جو پاڻي
  • مديني روانو ٿيڻ
  • مديني ۾ رھائش
  • مسجد قبا ۽ مسجد نبوي
  • مديني منوره جون ڪجهه زيارتون
  • ھڪ گائيڊ سان مديني جي زيارت
  • حضرت سلمان فارسي رضه الله عنه
  • ڪجهه سعود خاندان بابت
  • قرآن مجيد ۽ حديث شريف جون دعائون
  • حج : حديثن جي روشني ۾
  • نيوز پيپر ڪٽنگز

  • پڙهندڙن لاءِ
  • انگلينڊ کان آيل حاجي
  • قربانيءَ جو گوشت ٻين ملڪن ڏي
  • غير شريفاڻي نموني سان پئسو ٺاھڻ
  • جمراہ (شيطانن) کي پٿريون ھڻڻ
  • سمارٽ ينگ حاجيز
  • ڏھن ڏينھن ۾ اٺ ڪروڙ ٽيليفون ڪالز
  • اسلامي اھم شخصيتن لاءِ فنڪشن
  • وڇڙيل حاجين کي ملائڻ
  • ڪعبي شريف جو ڪسوه (غلاف) اڄُ بدلبو
  • فهد حاجين لاءِ ڏهه لک قرآن جون ڪاپيون ڇپرايون
  • جدي ۾ ويهه هزار حج پرمٽون جاري ڪيون ويون
  • منى لاءِ 30 ايمبولينسون
  • ٿائي مسلمان ليڊر جو اظهار
  • خوشنصيب حاجياڻي
  • اسلامڪ لٽريچر جي ڊمانڊ
  • حاجين جي خدمت لاءِ اسپتالون
  • حاجين ۾ پاڻي مفت ورهايو ويو
  • هزارين حاجي روزانو گم ٿين ٿا
  • جدي جو ايئرپورٽ روسي حاجين جي مارڪيٽ
  • حج لاءِ ايندر ڪئناڊئن جو وڏو تعداد
  • دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڪوس گھر
  • حاجين لاءِ 12000 بسون
  • 76 سالن جي سعوديءَ کي چار زالون 45 ٻار
  • 14 لک کان وڌيڪ پاڪيٽ ورهايا ويا
  • رهجي ويل ڪجهه ڳالهيون

  • سامي سفر ھليا

    آفيس ۾ چانهن جي وقت سڀ جھازي ويٺا ھئاسين. ڳالھ پئي ھلي مسافر جھازن(passenger Ships) جي ته انهن تي مال بردار (Cargo) جھازن کان پگھار وڌيڪ آھي پر پئسينجر جھاز تي ڪم جو دٻاءُ تمام گھڻو رھي ٿو. وقت تي بندرگاھ ۾ پھچڻ ۽ وقت تي لنگر کڻڻ جو شيڊول قائم رکڻ لاءِ انجنيئر توڙي نيويگيٽر آفيسر کي خبردار رھڻو پوي ٿو. انجڻ جي معمولي ائبنارمل آواز تي به ان کي کولي جاچڻو پوي ٿو ۽ منجھس شڪي پرزو ٺاھڻو پوي ٿو يا بدلائڻو پوي ٿو. ان ڪري بندرگاھ ۾ به جيڪو وقت ملي ٿو اھو انجڻين جي سار سنڀال ۾ لڳيو وڃي، انه ھوندي به ھر وقت ذھني ڇڪتاڻ رھي ٿي ته متان جھاز سمنڊ تي خراب نه ٿي پوي.
    ڪارگو جھاز تي جھازيءَ کي ايڏو خبردار نٿو رھڻو پوي. ھلڪا ڦلڪا مشينري نقص ھو درگذر ڪريو ڇڏي. چي جڏھن خرابي ٿيندي تڏھن ڏٺو ويندو ۽ پوءِ سمنڊ تي ڪلاڪ بدران ٻه ڪلاڪ لڳي ويا ته به مڙيئي خير آھي.
    ڪجھ دير بعد پوءِ ڳالھ اچي نڪتي حاجين جي جھازن جي. اسان جي ننڍي کنڊ جا حاجي ڪي صديون پيرين پنڌ يا اٺن گڏھن تي ھند سنڌ لتاڙي مڪران جو ڪنارو ڏئي ايران لتاڙي ڪويت پھتا ٿي، جتان پوءِ عربستان جا وارياسا رڻ پٽ جھاڳي مڪي مديني پھتا ٿي. ڪي ايران جي ھاڻوڪي بندرگاھ بندر عباس تائين پھچي پوءِ ھرمز جو سوڙھو سامونڊي ڳچي سمنڊ ٻيڙين رستي لتاڙي عمان، دبئي، ابو ڌابيءَ مان ٿي يا وري يمن کان ٿي عربستان پھتا ٿي. مڪي مديني تائين پھچڻ ۾ مھينا به لڳي ويا ٿي. رستي تي ڪيترا بيمارين، جانورن ۽ زھريلي جيتن جڻين جو شڪار ٿي ويا ٿي. منزل تي پھچڻ بعد ڪي وطن وريا ٿي ته ڪي واپسيءَ جي مسافريءَ جون مصيبتون سوچي ڀلي پٽ تي ئي رھي پيا ٿيا.
    ويھين صديءَ جي ٻي چوٿي کان انگريزن جي سرپرستيءَ ۾ حاجين لاءِ باقاعدي جھاز ھلڻ لڳا، جيڪي شروعاتي ته اھڙا تهڙا ئي ھئا. ان بعد ويھين صديءَ جي ٽي ۽ چوٿين چوٿيءَ جي اڌ (1990ع) تائين حاجين جا جھاز جيڪي اسان ڏٺا يا جيڪي اسان ھلايا اھي به ڪي خاص رومانٽڪ نه ھئا. سڀ ۾ وڏو جھاز سفينئه حجاج ھو، جيڪو ٻي وڏي جنگ ۾ جرمن فوج جا سپاھي ڍوئيندو ھو. جرمنن جنگ ھارائي. ٻين جھازن سان گڏ اھو جھاز به انگريزن کي مليو تن پاڪستان تي ٿڌو ٿورو ڪرڻ لاءِ ورھاٽي وقت پئن اسلامڪ شپنگ ڪمپنيءَ کي وڪڻي ڏنو، جيڪو جھاز 1980ع تائين ته اسان جو ڪلاس ميٽ ۽ دوست چيف انجنيئر آصف غيور ھلائيندو رھيو.74ــ1973 ڌاري اھو جھاز وڏي مرمت (Dry Docking) لاءِ ھانگ ڪانگ آيو ھو، جتي منهنجو جھاز رنگامٽي ۽ روھڙي جي ڪئپٽن عالم شيخ جو جھاز چناب (يا شايد سرفراز رفيقي) پڻ سامان (Cargo) کڻڻ يا لاھڻ لاءِ آيو ھو. اسان ٻئي گڏجي آصف غيور سان ملڻ سندس حاجين جي جھاز سفينئه حجاج تي وياسين. ھو انهن ڏينهن ۾ ان جھاز جو سيڪنڊ انجنيئر ھو (يعني جھاز جي چيف انجنيئر کانپوءِ ٻئي نمبر تي سينئر انجنيئر ھو.) 1932ع جي ٺھيل ھن جھاز ۽ سيڪنڊ انجنيئر جي رھائش جو ڪمرو ڏسي خوف ٿي لڳو. يعني جھاز ھلائيندڙ ايڏي سينئر آفيسر جي رھائش اھا ھئي ته ٻين جي ڇا ھوندي ۽ ويچارا حاجي جنهن ڊيڪ ڪلاس (جنهن کي عام طرح ديڳ) سڏجي ٿو، اھو ڇا ھوندو. لوھ جا وڏا ڀانڊا جيڪي ٻين جھازن تي سامان رکڻ لاءِ (Holds) ھوندا آھن، اتي حاجين کي سارڊين مڇين وانگر سٿيو ويندو ھو. سون ھزارن جي حسابن سان حاجي چڙھندا ھئا. غربت ڪري ھنن کان ٽڪيٽ جا معمولي پئسا ورتا ويندا ھئا. پوءِ ظاھر آھي کين ماني به قيدين جھڙي ڦنگي دال ۽ ڊڳڙ ملندا ھئا. پر سچ ته ان کي ايمان جي سلامتي چئو يا پيرين پنڌ جي سفر کان وري به بهتر سفر سمجھي ھو ھميشه خوش گذاريندا ھئا. بحراحمر (ڳاڙھي سمنڊ) جي اونهاري جي گرمي (جنهن ۾ اڄ جا ماڊرن ايئرڪنڊيشنڊ جھاز به Uneasy محسوس ڪن ٿا) ھجي يا جھاز جي لوڏن ۾ سندن اٻڙاڪ ۽ الٽيون ـ ھو صلواتون ۽ درود پڙھندا ويندا ھئا. کاڌي پيتي ۽ Sanitation جي اڻ صحتمند حالتن ۾ ڪيترا موت جو شڪار ٿي ويندا ھئا ۽ ھرڪو سر جو آھو کڻي مائٽن مٽن کان موڪلائي ھن سفر تي نڪرندو ھو. پويان ڇڏيل عزيزن دوستن کي سفر جي سھنج جي دعا گھرڻ لاءِ چئي روانا ٿيندا ھئا.
    اھو ئي حال حاجين جي ٻين جھازن، سفينئه عرب ۽ شمس جھڙن جھازن جو ھو. پر ھڪ ڳالھ آھي ته آدمشماري گھٽ ھجڻ ڪري يا شايد سفر جي ھنن ڏاکڙن ڪري حج تي ايترا حاجي نه ھوندا ھئا، جيترا اڄڪلھ گڏ ٿين ٿا. سفر سو تمام ڏکيو سمجھيو ويندو ھو پر ھڪ دفعو ڀلي پٽ تي پھچڻ بعد سڀ سک ٿي ويندو ھو. جلد موٽڻ جي به پابندي يا سختي نه ھوندي ھئي. سعودي عرب جا بندرگاھ ھاڻ يورپ وانگر ماڊرن ٿي ويا آھن. جھاز بندرگاھ جي ويجھو پھچڻ سان مڪاني پائليٽ بندرگاھ جي لانچ ۾ پھچيو وڃي ۽ جھاز کي يڪدم اندر بندرگاهه ۾ وٺيو اچي ۽ ڌڪي سان ٻڌڻ سان سامان لھڻ ۽ چڙھڻ جو ڪم شروع ٿيو وڃي نه ته ستر واري ڏھاڪي تائين نائجيريا، سوڊان ۽ ٻين ڪيترن ملڪن وانگر سعودي عرب جي بندرگاھن جو به اھو حال ھوندو ھو جو ھر ھڪ جھاز ٻه ٻه ٽي ٽي مھينا بندرگاهه کان ٻاھر ۽ پوءِ اندر بيٺو ھوندو ھو، جيسين سامان لھڻ ۽ چڙھڻ جو وارو اچي. نه ھئا بندرگاهه ماڊرن ۽ نه سامان لاھڻ چاڙھڻ جون اُڇت ڪم ڪندڙ ڪرينون ۽ نه وري سامان ڍوئڻ جون ٽرڪون ۽ ٽرالر. سواءِ مون جھڙن چند جھازين جي (جن جو جھاز ڪڏھن جدي نه ويو) ھر جھازيءَ ڪيترا عمرا ۽ حج ڪيا. ڪارگو جھاز تي ڪم ڪندڙن تي حج ۽ عمرا ڪيا ٿي پر حاجين جي پئسينجر جھاز وارن به آخري ٽرپ ۾ حج ڪري ورتو ٿي. انهن ڏينهن جا اھي حاجين وارا مسافر جھاز کڻي آرامدهه نه ھئا پر تڏھن به جھازين حاجين جي ڊيڪ ڪلاس کي ڏسي پاڻ کي خوشنصيب سمجھيو ٿي ۽ جدي ۾ توڙي مڪي يا مديني ۾ نه ايڏي مھانگائي ھئي ۽ نه ايڏو رھائش جو مسئلو ھو.
    ھاڻي ته پاڻيءَ جا اھي سڀ جھاز کپي، سڙي ويا آھن. انهن پراڻن جھازن مان جھاز ھلائيندڙ عملي جي به جان ڇٽي چڪي آھي. حج تي ويندڙ حاجين کي به سعودي حڪومت ٽيھ چاليھ ڏينهن کان مٿي نٿي رھڻ ڏئي. ھاڻي ھوائي جھاز ھلن ٿا. احرام پائي ھتي قدم رکو ته چند ڪلاڪن ۾ جدي پھچيو وڃجي. ڇا جا پيدل پنڌ ۽ سفر جا خطرا، ڇا جا سامونڊي لوڏا ۽ الٽيون جن ۾ ھفتي ڏيڍ بعد جڏھن مسافر جدي جي بندرگاهه تي پھچندو ھو ته سڪي ڪنڊا ٿي ويندو ھو. شايد سفر جي اڄوڪين سھوليتن ۽ ھوائي جھازن جي عام ھجڻ ڪري يا ءُ ۽ ملائيشيا، انڊونيشيا، برونائي، لبيا، ٽيونيشيا، موراڪو جھڙن ڏورانهن ملڪن جي امير ٿيڻ ڪري انهن پري جي پنڌ وارن ھنڌن تان به ايترا ماڻھو اچن ٿا جيترو ويجھڙائيءَ کان ۽ پوءِ ظاھر آھي سعودي حڪومت جي باوجود دلي ڪوششن جي آيل حجاج لاءِ اھي سھوليتون ۽ سھنج مھيا ٿي نٿا سگھن جيڪي ھجڻ کپن ۽ اڄ جي حاجيءَ کي ڀلي پٽ تي پھچڻ بعد ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ سفر ۾، رھائش ۾، مقرر وقت کان وڌيڪ رھڻ ۾ اھا سھوليت ۽ آساني نٿي ملي. جيڪا اڳ ۾ ھئي.
    پنهنجي ساٿي انجنيئر گوھر رحمان جنهن سان منهنجو گذريل ٽيھن سالن کان جھازي دنيا ۾ ساٿ رھيو آھي ۽ ڪيترائي دفعا ساڳي ساڳي جھاز تي Sail ڪيو اٿئون، تنهن کي ٻين دوستن جي اٿڻ بعد ٻڌايم ته آئون ھن سال حج تي وڃڻ جو ارادو رکان ٿو. بلڪ پھريون دفعو ويندس.
    ”ماشاءَالله. پر ڇا تنهنجو جھاز ڪڏھن به جدي نه ويو؟“ ھن تعجب مان پڇيو.
    ”ڪڏھن به نه ويو، بس عجيب اتفاق آھي. ھر ڪو ٻڌي تعجب ٿو کائي“.
    مون ٻڌايو مانس.
    ”بهرحال خوشيءَ جي ڳالھ آھي.“ ھن وراڻيو.
    گوھر کي چيم ته اسان غلطي ڪئي جو حج تي ھن عمر ۾ وڃي رھيا آھيون، جڏھن سٺ جي ويجھو اچي پھتا آھيون. اھا ھمت ۽ انرجي نه رھي آھي، اٽ از اي ليٽ ايوننگ آف آور لائيف، حج جو فرض جوانيءَ ۾ پورو ڪرڻ کپي. يا وڌ ۾ وڌ چاليھ پنجيتاليھ سالن جي ڄمار اندر.
    ”ڇو ڀلا؟“ گوھر پڇيو.
    ”ان ڪري جو جتي اڄڪلھ حج جو سفر آسان ٿي پيو آھي، اتي حج ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آھي ـ رھائش ۽ گھڻي حجاج ڪري“. مون گذريل سال جي سڃاڻن حاجين جي ٻڌل ڳالھين جي آڌار تي پنهنجي ھڪ اڻ ڄاتي خوف جو اظھار ڪيو.
    ”نه“ گوھر مون کي دلجاءِ ڏيندي ھمت ڏياري، ”مولا سڀني جي سڻائي ڪندو. تون ھر وقت قل، سورت فاتح ۽ درود شريف پڙھندو رھ ۽ الله کان ھر وقت اھا دعا گھرڻ کپي ته حج آسان ٿئي ۽ حج قبول پوي“.
    گوھر جھاز جي اليڪٽرڪ سائيڊ جو انجنيئر آھي. منهنجي سامونڊي دنيا ۾ اچڻ کان اڳ ھو اڳھين موجود ھو. مون کان ٻه سال کن وڏو آھي. ائبٽ آباد پاسي جو پٺاڻ ۽ جانٺو جوان آھي. پنهنجي اليڪٽرڪ جي ڪم کان علاوه ڏکين مھلن تي ھن منهنجي مڪينيڪل مسئلن ۾ پڻ مدد ڪئي ۽ مون سان ڪيترن ئي نون ۽ پراڻن جھاز تي زندگيءَ جا ڏکيا سامونڊي سفر سرانجام ڏنا. نيڪ ۽ پرھيزگار ھجڻ ڪري ھو اسان جي ھر جھاز جي مسجد جو پيش امام پڻ ھوندو ھو. پنهنجن ٻارن (پٽ ۽ ڌيءَ) کي پھرين قرآن جو ياد حافظ بنايائين، ان بعد اسڪولن ۾ داخل ڪرايائين. قرآن کي صحيح طرح پڙھڻ ۽ سمجھڻ کي ھو سڀ کان اھم سمجھي ٿو. اسان جھڙن جن ننڍي ھوندي ڳوٺ جي خٿاب ۾ چڱي طرح قرآن نه پڙھيو، انهن گوھر جھڙن کان سکيو. مون به وڏي عمر ۾ پھچي پوءِ گوھر کان تلفظ صحيح ڪرايو. زير، زبر، تنوين، مد، جزم، تشديد ڇا آھي، ڪٿي ڪٿي ترسجي ۽ اُچار کي ڪيئن صحيح رکجي، ان ۾ گوھر جھڙن دوستن وڏي مدد ڪئي، جنهن لاءِ انهن جو نه فقط ٿورائتو آھيان پر کين دعا ٿو ڪريان ۽ ھينئر به جوانيءَ جا ڏينهن سمنڊ تي بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي جھاز ھلائڻ بعد اڄ جڏھن ھڪ مسافر جي حيثيت ۾ ھڪ آرامدھ ۽ ماڊرن ھوائي جھاز ۾ حج تي وڃي رھيو آھيان ته منهنجي ڪنهن اڄاتي خوف جي ڪيفيت محسوس ڪندي گوھر ھڪ دفعو وري منهنجي ھمٿ افزائي ڪئي:
    ”ھن سفر تي ڪنهن مسافر کي فڪر ئي نه ڪرڻ کپي. توھان الله جا مھمان ٿي وڃي رھيا آھيو. اھو ئي توھان جي مشڪل آسان ڪندو ۽ سفر سولو ڪندو“.
    اھو چئي گوھر سمنڊ تي خطري ۾ آيل اسان جي ڪمپنيءَ جي ھڪ جھاز جي چيف انجنيئر کي فون ذريعي ھدايتون ڏيڻ لڳو، جيئن ھو انهن Directions جي روشنيءَ ۾ آيل مصيبتن مان نجات حاصل ڪري، پنهنجي جھاز کي ڪنهن ويجھي بندرگاهه تائين سلامتيءَ سان آڻي سگھجي.


    حج جو خيال ـ حج جي تياري

    ڪو زمانو ھو، بلڪه ويھارو سال کن اڳ 1980ع تائين جڏھن پاڪستان کان حاجين جو وڏو تعداد پاڻي جي جھاز ذريعي سعودي عرب ويندو ھو ته ھن کي اتي ٽي چار مھينا رھڻ جي اجازت ھوندي ھئي، جنهن سان ھو ڪجھ عرصو مڪي شريف ۾ گذاريندو ھو ته ڪجھ مديني پاڪ.
    اڄڪلھ ھوائي جھاز ۾ ويندڙ حاجي ٽيھن کان چاليھ ڏينهن کن سعودي عرب ۾ رھن ٿا، جن مان ڏھاڪو کن ڏينهن مديني ۾ باقي ڏينهن مڪي ۾ ترسن ٿا. پوءِ اھي مديني وارا ڏينهن ڪي حاجي حج کان پھرين مديني ۾ گذارين ٿا ته ڪي (جيڪي پوءِ وارن ڏينهن ۾ سعودي عرب پھچن ٿا) پھرين حج ڪن ٿا ۽ پوءِ مديني پاڪ مسجد نبوي ۽ حضور ﷺ جن جي روضي مبارڪ جي زيارت تي پھچن ٿا. ھونئن حج لاءِ پنج ڏينهن ضروري آھن، جن ۾ سڄي دنيا کان آيل مسلمان احرام جي حالت ۾ مڪي کان منى پھچن ٿا. رات منى ۾ گذاري ٻئي ڏينهن عرفات جي ميدان ۾ پھچن ٿا. عرفات جي ميدان تي پھچڻ سڀ کان اھم ۽ ضروري آھي، جنهن بنا حج ھرگز نه آھي. ٽي چار سال اڳ جڏھن منى جي تنبن ۾ باھ لڳي ۽ ڪيترا سوين ماڻھو مري ويا ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، جيڪي ھلي به نه ٿي سگھيا، تن کي سعودي حڪومت ايمرجنسي ۾ ايئرڪنڊيشنڊ گاڏين ۽ اسٽريچرن تي کڻائي مغرب (سج لھڻ) کان اڳ عرفات جي ميدان تي پھچايو ھو. جيئن جنهن مقصد (حج ڪرڻ) لاءِ ھو ھيڏيون قربانيون ڏيئي پھتا ھئا. ان جو اھم رڪن (عرفات جي ميدان ۾ حاضري ڏيڻ) پورو ٿي وڃي.
    سج لھڻ کانپوءِ عرفات جو ميدان ڇڏي مزدلفه روانو ٿيڻو پوي ٿو، جتي سڀني حاجين کي رات کلئي آسمان ھيٺان گذاري ٻئي ڏينهن فجر نماز پڙھي وري منى ڏانهن روانو ٿيڻو پوي ٿو. اھو ڏينهن وڏي شيطان کي پٿريون ھڻڻ جو آھي. پٿريون ھڻڻ بعد رڍ، ٻڪري يا ڍڳي، اٺ (جن ۾ ست پتيون ٿين ٿيون) جي قرباني ڪرڻي پوي ٿي. قرباني بعد مڪي پھچي حلق يعني مٿي جا وار ڪوڙائڻا پون ٿا، جنهن بعد احرام لباس مان آجو ٿي وڃجي ٿو. وھنجي عام ڪپڙا پائي سگھجن ٿا ۽ پوءِ طواف (ڪعبي جي چوڌاري ست ڦيرا ڪرڻ) ۽ سعي (صفا ۽ مرواه جي وچ ۾ ڊوڙ) ڪرڻي پوي ٿي ۽ پوءِ رات جو ئي منى موٽڻو پوي ٿو، جتي وڌيڪ ٻه ڏينهن رھي روانو ٽنهي شيطانن کي پٿريون ھڻڻيون پون ٿيون ۽ پوءِ آخري ڏينهن ـ يعني پنجين ڏينهن شام جو منى مان موٽي مڪي اچي طواف وداع ـ الوداعي طواف ڪرڻو پوي ٿو.
    سعودي عرب جا حج لاءِ آيل مڪاني ماڻھو گھڻو ڪري اھي پنج ڏينهن موڪل وٺي حج لاءِ اچن ٿا ۽ ڇھين ڏينهن آفيسرن ۽ ٻارن جا اسڪول کليو وڃن. اسان جا جھازي دوست به ائين حج ڪندا ھئا. حج وارن ڏينهن ۾ جھاز جدي جي بندرگاهه ۾ ايندو ھو ته موقعي مان فائدو وٺي جھاز جا اڌ آفيسر ۽ خلاصي پنج ڏينهن کن موڪل ڪندا ھئا ۽ بس يا ٽئڪسي ذريعي مڪي ھليا ويندا ھئا ۽ باقي اڌ ماڻھو جھاز جي ڊيوٽي ڪندا ھئا. حاجين جي جھازن وارا ته اڌ کان به وڌيڪ حج ڪري وٺندا ھئا، جو حاجين جي جھازن تي چڙھڻ وارا مسافر خود حج ڪرڻ ۾ مشغول ھوندا ھئا. حج جا پنج ڏينهن پورا ٿيڻ بعد حاجين جي پھرين کيپ جدي موٽندي ھئي ۽ کين کڻي جھاز ڪراچي روانو ٿيندو ھو.
    حاجين جا جھاز ھر سال جدي اچڻ ڪري انهن جي ھلائيندڙن کي ٻن سالن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ دفعو حج ضرور نصيب ٿي ويندو ھو ۽ اھڙي طرح ڏھ ٻارھن سالن جي نوڪري ۾ ھنن جا ڪيترائي حج ٿي ويندا ھئا. مال بردار جھاز ھلائيندڙن جي قسمت جي ڳالھ رھي ٿي. ڪي حج وارن ڏينهن ۾ اچيو نڪرن ۽ حج ڪريو وٺن ڪيترن کي فقط عمرو نصيب ٿئي ٿو. منهنجو جھاز سعودي عرب ۾ ضرور آيو پر ھميشھ ايراني نار جي بندرگاهه دمام ۾، جيڪو مڪي کان ايترو پري آھي، جيترو ڪراچي کان بمبئي، ھڪ دفعو به ڳاڙھي سمنڊ (Red Sea) جي بندرگاهه جدي ۾ نه آيو. ھڪ اڌ دفعو وري پنهنجن عرب دوستن سان ملڻ لاءِ ھوائي جھاز رستي سعودي عرب اچڻ ٿيو پر حج ڪرڻ جي موڪل نه ملي سگھي. سعودي عرب ۾ رھندڙ ڌارئين توڙي مڪاني عرب کي کلي اجازت ناھي ته ھن کي جڏھن وڻي حج لاءِ مڪي ھليو وڃي. منهنجي خيال ۾ ھنن کي پنجن سالن ۾ فقط ھڪ دفعو حج جي پرمٽ ملي ٿي، جيڪا چاھين ته ھو پاڻ استعمال ڪن يا سندن وٽ رھندڙ ڌارئين مھمان يا ملازم کي ڏين. بهرحال پنهنجي ڪتاب (اي روڊ ٽ مدينه) ۾ لکي چڪو آھيان ته ھي سڀ قسمت ۽ داڻي پاڻيءَ جو چڪر آھي، جنهن کي قدرت طرفان سڏ ٿئي ٿو، اھو ھر صورت ۾ اچيو حاضر ٿئي. ھڪ اھڙو وقت ھو، سترجي ڏھاڪي وارا سال، جڏھن حج لاءِ ڪُڻا نڪرندا ھئا. ڪيترا لڳاتار ٽي ٽي سال درخواست موڪليندا ھئا پر سندن پُکو نه نڪرندو ھو. منهنجو پھرين دفعي ۾ ئي نالو نڪري آيو پر ان وقت ڪو اھڙو انجنيئر ڪراچي ۾ نه ملي سگھيو جو مون کان جھاز جي چارج وٺي، مون کي موڪل ڪرائي، جيئن آئون حاجين جي جھاز يا ھوائي جھاز ۾ مسافر ٿي حج لاءِ ھليو وڃان. 1990ع ۾ ملائيشيا مان موٽڻ بعد اسان جي پيٽارو جي دوست ENT (ڪن، نڪ ڳلي) جي سرجن ڊاڪٽر سرفراز شاھ مون کان ھڪ ڏينهن پڇيو: ”الطاف حج ڪيو اٿئي“.
    ”نه يار“ وراڻيومانس.
    ”ته پوءِ ھن سال تيار ٿي وڃ. آئون توکي حج ڪرائي ايندس“، پر ان سال به حج منهنجي قسمت ۾ نه ھو. ڪجھ ڏينهن بعد ھن نيڪ ۽ من پسند انسان ۽ غريبن جي خدمت ڪندڙ ھڪ قابل سرجن کي دھشتگردن سندن گھر اڳيان عباسي شھيد اسپتال ۾ قتل ڪري ڇڏيو، جتي ھو ڏھاڪو سالن کان نوڪري ڪري چڪو ھو. بنا ڪنهن ڏوھ سبب جي ھڪ اھڙي انسان کي ماريو ويو، جنهن، آئون نه ٿو سمجھان ته ڪنهن کي رنجايو ھوندو. ان بعد سرفراز جھڙو دوست ۽ ٿڌي طبيعت وارو سفر جو ساٿي نه رھيو ھو ۽ حج جو پروگرام آئون ويس ’پوءِ‘ تي ٽاريندو.
    گذريل سال ھڪ ڏينهن خيرپور پاسي جي ھڪ دوست ڊاڪٽر نظام الدين ڏانور وٽ PAF ويس، جتي ھو ايئر ڪموڊور (برگيڊيئر) جي رئنڪ سان نوڪري ڪري ٿو. ھو ڪيترن ڏينهن کان نظر نه پئي آيو، سو معلوم ڪرڻ لاءِ ويو ھوس. خبر پيئي ته ھو حج تي ويو ھو ۽ ھفتو کن اڳ ئي موٽيو ھو. ايئر ڪموڊور نظام کي سعودي عرب جي تمام گھڻي ڄاڻ آھي جو ھن فوج طرفان ھڪ وڏو حصو سعودي عرب ۾ نوڪري ڪئي آھي.
    ”يار مون کي خبر ھجي ھا ته آئون به توسان گڏ حج تي ھلان ھا“. مون ڊاڪٽر ڏانور کي چيو.
    ”ڇو توھان حج نه ڪيو آھي؟“ ھن تعجب مان مون کان پڇيو.
    ”افسوس جو اڃا تائين اھو فرض پورو ڪري نه سگھيو آھيان“. جواب ڏنومانس.
    ”يو مسٽ گو، مون کي خبر ھجي ھا ته توکي زوريءَ وٺي ھلان ھا“. ڪموڊوز ڊاڪٽر ڏانور چيو.
    مون کي ڏاڍي شرمساري ٿي ۽ آئون ان وقت پڪو پھ ڪري آيس ته ھاڻ رڳو اخبار ۾ حج جو اچي ته فارم ڀريندس.
    منهنجي خيال ۾ اڳ ۾ ته ائين ھوندو ھو ته ھرڪو پنهنجو فارم ڀريندو ھو يا وڌ ۾ وڌ گھر جي ڀاتين جو ـ پوءِ جنهن جو پُکو نڪري، ھزارن جي تعداد ۾ مسافر پاڻي جي جھاز ۾ چڙھنداھئا ۽ پوءِ جدي يا مڪي پھچي معلم (مڪاني سونهون) ڳولبو ھو، جيڪو رھائش جو بندوبست ڪندو ھو ۽ حج جا ارڪان پورا ڪرڻ ۾ رھنمائي ڪندو ھو. معلم گھڻو ڪري اھي عرب ھوندا ھئا، جيڪي اصل کان ھند، سنڌ کان لڏي وڃي اتي رھيا پر ھاڻ حاجين جو سفر آسان ڪرڻ لاءِ سعودي عرب جي ۽ پاڪستان جي حج وزارت وچ ۾ پوي ٿي. معلم ۽ مڪتب ھاڻ حڪومت طرفان چونڊجي ملن ٿا. مڪي ۾ رھائش لاءِ گھر، فليٽ يا ھوٽلون پڻ اتان جي يا اسان جي سرڪار اڳواٽ بندوبست ڪري مھيا ڪري ٿي، جنهن لاءِ ڪراچي ۾ اڳواٽ پئسا ڪٽيا وڃن ٿا. گذريل سال تائين ته مڪي کان مديني يا منى وغيره وڃڻ لاءِ پنهنجي مرضي سان بس يا ٽئڪسي ڪبي ھئي پر ھاڻ انهن بسن جو بندوبست پڻ سرڪار معلم جي معرفت ڪري ٿي ۽ انهن جا ڀاڙا ڀتا به اڳواٽ ڪٽيا وڃن ٿا، پوءِ چاھي توھان ان بس ۾ ويھو يا نه ويھو.
    ھر بس ۾ پنجاھ کن ماڻھو ويھن ٿا. منى ۾ جيڪي تنبو لڳل آھن، انهن ۾ به پنجاھ کن ماڻھو سمھي سگھن ٿا ۽ ڪنهن عمارت ۾ پنج، ڇھ ڪمرا آھن ته پنجاھ کن ماڻھن جو گروپ رھي سگھي ٿو. ان ڪري پنجاھ جي لڳ ڀڳ اھو تعداد آھي، جيڪو نه ننڍو آھي ۽ نه وڏو. پنجاھ کان ٻه ٽي ماڻھو مٿي يا گھٽ آھن ته به سھولت سان سفر ٿيو وڃي. سو ڪيترن سالن کان سعودي عرب توڙي پاڪستان حڪومت جي اھا خواھش رھي آھي ته ماڻھو پنجاهه پنجاهه جي ٽولي ۾ ٿي حج لاءِ درخواستون ڏين، يا وري ڏھن يا ويھن جي ٽولن ۾ جن کي پاڻ ۾ ملائي پنجاهه جو گروپ ٺاھڻ سولو ڪم آھي.
    جن کان پنجاهه يا ڏهه ويھن جو گروپ نه ٿو ٺھي ته پوءِ اڪيلي سر درخواست ڏين ٿا. پوءِ اھا بئنڪ، جنهن ۾ حج جو خرچ جمع ڪرڻو پوي ٿو. اھا يا پاڪستان جي حج وزارت انهن ڌار ڌار آيل ماڻھن جا پاڻ ويھي ٽولا ٺاھي ٿي، پوءِ جيڪو جنهن ٽولي ۾ آيو.
    اخبار ۾ جيئن ئي آيو ته حج لاءِ فارم ڀريو ۽ جي خرچ جا پئسا جمع ڪرايو ته مون ڪجهه ساٿي پنهنجي پروفيشن جي ڳولڻ شروع ڪيا. جيئن گھڻا نه ته چار پنج ڄڻا ته سڃاڻا ھجون، پوءِ ٻيا کڻي ڪھڙا به گروپ ۾ ھجن. ٽي چار ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ پراڻن جھازي ساٿين کي پڇندو رھيس پر جنهن کان پڇان ته اھو ٻڌائي ته ھن حج ڪيو آھي، ان ڪري چپ ٿي ويس ۽ ٻين جھازي ھمراھن کان پڇڻ ڇڏي ڏنم. جيتوڻيڪ پوءِ آخر ۾ وڃي خبر پيئي ته مون وانگر ٻيا به ڪيترائي مرچنٽ نيوي جا حج تي ھلي رھيا ھئا. جيڪي منهنجا سڃاڻا ھئا ۽ انهن مان ھرھڪ آتو ھو ته ڪو ٻيو به ساٿي ملي وڃي ته ساڳي گروپ ۾ ٿي ھلجي ۽ ھڪ ٻئي جي پھرين جي واقفيت ھجڻ ڪري فائدو رھي. ٻيا ته ٺھيو پر منهنجو ڳوٺائي ۽ پاڙي جو ڪئپٽن رشيد ابڙو به حج تي ھليو پر ھن کي خبر نه ھئي ته آئون به ھن سال حج تي وڃڻ جو ارادو رکان ٿو. ان کان علاوه ڪئپٽن ابرار، ڪئپٽن شميم ويندي اسان جو پراڻو جھازي ۽ واقفڪار چيف انجنيئر حاذق صالح پڻ ھو پر ڪراچي ۾ ھڪ ٻئي کي خبر نه پئجي سگھي. ھرھڪ پنهنجي منهن پروگرام پئي ٺاھيو ۽ پنهنجي منهن حج جي موڪل جو بندوبست پئي ڪيو، پوءِ جڏھن حج لاءِ PIA ۽ سعوديه ايئر لائين جي ھوائي جھازن جون اڏامون شروع ٿيون ته ھڪ ٻي جي خبر پيئي، بلڪه ڪيترن دوستن جي ته حج ڪري اچڻ بعد خبر پيئي يا ته اتي مڪي، مديني، منى، مزدلفه ۾ اوچتي ملاقات تي خبر پيئي.
    منى ۾ غسلخانن اڳيان لڳل قطار ۾ منهنجون ڇھون ستون نمبر ھو، جيسين ھڪ ھڪ ٿي فارغ ٿئي. سڀ احرامن (ٻن اڇين چادرن) ۾ لوٽو ھٿ ۾ جھلي پنهنجي پنهنجي واري جي انتظار ۾ بيٺا ھئاسين. اڳيان بيٺلن ۾ گھڻو ڪري پنجاب پاسي جي ٻهراڙي جا ھاري ناري لڳا ٿي. ڏسندي ڏسندي منهنجي پويان به ڪافي ماڻھو گڏ ٿي ويا. منهنجي بلڪل پويان عرب شڪل جو ھمراهه ھو. انگريزي ۾ پڇيومانس:
    "Can you speak English?"
    ”جي ھان“ ھن فرسٽ ڪلاس لھجي ۾ جواب ڏنو.
    ”ڪھڙي ملڪ جا آھيو؟“ مون کانئس سوال ڪيو.
    ”مصر جو آھيان“ ھن جواب ڏئي شايد اھو سوچي ته منهنجو ٻيو ڪھڙو سوال ھوندو، اڳواٽ ٻڌايو، ”آئون مصري فوج (Army) جو ليفٽيننٽ جنرل آھيان.“
    ”سبحان الله“ مون دل ئي دل ۾ رب پاڪ جي تعريف ڪئي، ”ڇا ته وقت ۽ پٽ آھي! نه يونيفارم نه تمغا! ھيڏو وڏو آفيسر ھڪ طرف ۽ اڳيان بيٺل پنجاب جي ڳوٺن جا غريب ھاري ٻئي طرف سڀ ھڪ ئي قسم جي ڪفن جھڙي ڪپڙن جي گوڏين ۾ بيٺا آھن ۽ ھي ڇا! مصر جي ان آرمي آفيسر جي بلڪل پويان اسان جي جھازن جو پراڻو چيف انجنيئر حاذق صالح ھٿ ۾ لوٽو جھليو بيٺو آھي! اسان کي ھڪٻئي کي سڃاڻڻ ۾ دير لڳي، خاص ڪري مون کي جو اسان وارو يار ان وقت بيحد ڪمزور لڳي رھيو ھو ۽ ڏاڙھي پڻ رکائي ھئائين. جواني جي ڏينهن جون وڏيون مڇيون جنهن تي ھن کي ناز ھو اھي نه برابر ٿي ويون ھيون. جھاز ھلائڻ وارن ڏينهن ۾ امر جليل جو افسانو پڙھي کيس چيڙائيندو ھوس ته سائين ايڏين وڏين مڇن تي طوطو ويھاريندائو ڇا؟ چوندو ھو: ”ھي مڇون ناھن، مڇون ٻلن کي ٿينديون آھن. ھي شھپر آھن. شھپر جوڌن کي ٿيندا آھن.“
    ستر واري ڏھاڪي ۾ جڏھن حاذق صالح پاڻي جا جھاز سيڪنڊ انجنيئر (۽ پوءِ چيف انجنيئر) جي صلاحيت سان ھلايا، جن ڏٺو ھوندو، اھي مڃيندا ھوندا ته ھو واقعي جوڌو ھو. شينهن وانگر گجندو رھندو ھو. جونيئر انجنيئر ۽ انجن روم جو ٻيو اسٽاف کانئس ڏڪندو ھو. پنهنجي ڪئبن مان ڪنهن سان فون تي ڳالھائيندو ھو ته ٻڌڻ وارو سندس آواز بنا ٽيليفون پيس جي ٻڌي سگھندو ھو. ايڏو ڪڙڪو ھو سندس آواز ۾! اھڙا تهڙا مشيني پرزا جيڪي ٻيا چين بلاڪ (Chain Block) ذريعي مٿي کڻندا ھئا، ھي ھٿن سان ڇڪي ٻاھر ڪڍندو ھو ۽ انجڻين ۾ فٽ ڪندو ھو. ايڏي طاقت ھئي ھن جي ھٿن ٻانهن ۾! ڪيترا دفعا بندرگاهه ۾ اسان جا جھاز ھڪ ئي جيٽي (ڌڪي) تي ھڪٻئي سان لڳي (Along Side) ٿي بيٺا ۽ پوءِ اھڙن موقعن تي ماني ھن جي جھاز تي يا اسان جي جھاز تي گڏجي کائيندا ھئاسين. ھن جي جھاز جا اسٽيورڊ ته ھميشه ٽپ ٽاپ رھندا ھئا پر جنهن ڏينهن ھو منهنجي جھاز تي ماني لاءِ ايندو ھو ته اسان جي جھاز جا اسٽيورڊ (بئرا، بٽلر) ڪجهه وڌيڪ ئي سجاڳ ۽ سمارٽ ٿي ويندا ھئا. حاذق صالح لاءِ ڪمپني جا سڀ جھاز ھن جا پنهنجا ھئا ۽ ھن ڪمپني جي ڪنهن به ماڻھوءَ کي سست يا غير سمارٽ ڏسڻ نه ٿي چاھيو. کيس پائيپ پيئڻ جو شوق ھوندو ھو. ڊيڪ تي ھوا کائڻ لاءِ بيھندو ھو ته به پائيپ ساڄي ھٿ ۾ ۽ تماڪ جو دٻو کاٻي ھٿ ۾ وڏي شان سان جھلي بيھندو ھو. اڄ پورن 52 سالن کانپوءِ مٺن پيشابن ۽ پيريءَ ڪري بيحد نستو ۽ نٻل لڳي رھيو ھو ۽ سندس ھٿ ۾ پائيپ ۽ ولائتي تماڪ جو دٻو ھجڻ بدران پاڻي سان اڌ ڀريل پاڪستاني سادي قسم جي پلاسٽڪ جونيري رنگ جو لوٽو ھو!
    ”اڙي سائين توھان!“ اسان ھڪ ٻئي کي تعجب مان ڏسي کيڪاريو. منى ۾ اسان ٻنهي جا تنبو ويجھا ھئا پر وضو لاءِ ڊگھن قطارن ۾ بيھڻ، نمازون پڙھڻ ۽ ميل ٻن جو اڌ ڪلاڪ جو پنڌ، گھڻي رش ھجڻ ڪري ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ پورو ڪري شيطانن کي پٿريون ھڻڻ ۾ ئي وقت گذري ويو ٿي. ٻئي ڏينهن شام جو منى ۾ ٺھيل عارضي دڪانن (بقالائن) مان ھڪ تان ڇولن جھڙي دال ۽ ڀت وٺي حاذق صالح جي تنبوءَ ۾ آيس. پاڻ پٽ تي چادر وڇايو ستو پيو ھو. فلو ۽ بخار کان سندس جسم ٻري رھيو ھو. ڪجهه گھڙيون اڳ پئناڊال جون ٻه گوريون کاڌيون ھئائين. مون کيس اٿاري ويھاريو. ٻه چار گرانهن رکي ڀت جا مون سان کاڌائين. ان بعد اسان جو منى ۾ آخري ڏينهن ھو. ھو پنهنجي گروپ سان آئون پنهنجي گروپ سان بسين ۾ چڙھي مڪي شريف ڏي روانا ٿياسين. ڪجهه ماڻھن بي پناهه ٽرئفڪ ۾ بس جي آھستي چرڻ کان مڪي پڻ وڃڻ کي ترجيح ڏني. بهرحال اسان کي اتي ئي پھچي خبر پيئي ته ڪراچي ۾ اڳواٽ خبر پوي ھا ته ٿي سگھي ٿو، اسان ھڪ ئي گروپ ۾ اچون ھا.
    حج جو فارم ڀرڻ کان اڳ مون ڪنهن گروپ سان شامل ٿيڻ لاءِ ڳوٺ مان به معلوم ڪرايو. خبر پيئي ته اسان جي ڳوٺ مان ھن سال 89 کن ماڻھو حج لاءِ تيار ٿيا، جن پنهنجا ٻه گروپ ٺاھي حج لاءِ فارم جمع به ڪرائي ڇڏيا آھن. اھو ٻڌي افسوس ٿيو، خاص ڪري اھو معلوم ڪري ته ان ۾ ڪجهه منهنجا ھم عمر، سڃاڻا ۽ مائٽ به ھئا، جن سان سفر ڪرڻ ۾ ڪچھري جو سٺو موقعو ملي ھا ۽ مھيني سوا جي مدي ۾ ڳوٺ جون ڪيتريون ئي خبرون ٻڌجن ھا، جن جي ڳوٺ کان پري رھڻ جي ڪري ڄاڻ نه ٿي رھي.
    پر منهنجي ھڪ جھازي دوست پڇتاءُ ڪرڻ کان مون کي منع ڪندي نصيحت ڪئي ته ڪڏھن به پاڙي يا ڳوٺ جي ماڻھو سان گڏ سفر نه ڪجي، خاص ڪري وڏي عمر ۾.
    ”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيومانس.
    ”سفر کڻي ڪيڏو به مختصر ۽ سھولت وارو ھجي“. ھن پنهنجي راءِ ۽ تجربو پيش ڪيو، ”پر سفر دوران ٿوري گھڻي کِٽ پٽ ضرور ٿئي ٿي. پوءِ جيڪڏھن سفر جو ساٿي ڳوٺ يا پاڙي جو آھي ته پوءِ اھي بعد ۾ اختلاف قائم رھن ٿا ۽ جڳ جھان کي به خبر پئجيو وڃي“.
    ”سفر ۾ ڪا غلط فھمي ٿي يا ڪنهن ڳالهه تي رسامو ٿيو ته سفر تان موٽڻ تي پاڙي واري جي ھجڻ ڪري ٻين پاڙي وارن کي خبر پئجيو وڃي ته ھي وڃڻ وقت ته گڏ گڏ قرب ونڊيندا خوش ٿي ويا ۽ ھاڻ ھڪٻئي سان ڳالھائين نه ٿا. پوءِ پاڙي وارا ھرھڪ کان وضاحتون پڇندا ۽ رٺل ڌريون پنهنجو پاڻ کي ڏوھاري نه ثابت ڪرڻ لاءِ ھڪٻئي تي الزام ھڻنديون ۽ ٻڌڻ وارا پاڙيسري انهن ۾ مرچ مصالحا وجھي سڄي محلي ۾ کين خوار ڪندا رھندا ۽ ڌرين جي وچ ۾ ايڏو ويڇو وجھي ڇڏيندا، جو پوءِ ھو پرچڻ چاھيندي به شرمندگي محسوس ڪندا“.
    ”يا وري ائين به ٿئي ٿو ته ھڪ ته ھر سفر ۾ ڪجهه نه ڪجهه تڪليف ته رھي ٿي، ڇو جو سفر ۾ ھرھڪ ماڻھو کي پنهنجي گھريلو روزمرھ جي Routine ڇڏڻي پوي ٿي. ان ڪري ماڻھو نفسياتي طور منجھيل ۽ پريشان رھي ٿو ۽ ٻي ڳالهه ته ھر ڳالهه بابت ھرھڪ جو پنهنجو خيال ۽ راءِ ٿئي ٿي ۽ پوءِ ھرھڪ پنهنجي گھر جو وڏو ھجڻ ڪري کيس پنهنجي گھر ۾ ته عزت ۽ واکاڻ ملي ٿي، پر ڌارين ۾ اھا راءِ يا خيال پيش ڪندي ضروري نه آھي ته کيس ان ڳالهه جي مڃتا ۽ قبوليت ملي. مثال طور: توھان سفر جي ساٿين جو خيال رکي، ھنن کي پنهنجي خرچ مان کارايو پياريو ٿا، پوءِ انهن مان ڪو توھان جي ان ڳالهه جي تعريف ڪرڻ بدران ڳوٺ اچي پاڙي وارن کي ٻڌائي ته ”فلاڻو ته ھٿ ڦاڙ ھو، رڳو پئسو پئي ضايع ڪيائين. شايد حرام جو ڪو ھوس“ ۽ توھان کي اھو ٻڌي، ٿي سگھي ٿو ڏک ۽ ڪاوڙ اچي ۽ ورندي ۾ توھان به ڪجهه چئي ڏيو يا ٿي سگھي ٿو، توھان کي ڪي شيون نه وڻنديون ھجن، ان ڪري توھان اھي نه کائيندا ھجو پر ڪو ڳوٺ اچي ٻڌائي ته ”فلاڻو ته ڪنجوس ھو، بک پئي مئو ته به پنهنجي پيئڻ لاءِ به ڪوڪا ڪولا نه ٿي ورتائين. وغيره“. ھاڻ ھن کي حقيقت جي ڪھڙي خبر ته توھان ڪوڪا ڪولا ان ڪري نه ٿي پيتي جو توھان ان کي صحت لاءِ خراب ٿي سمجھو... وغيره.“
    بهرحال مون ھن جي ڳالهه سمجھي، ڇو جو آئون پاڻ ٻاھر ويندڙن کي اھو چوندو آھيان ته ولايت ۾ قانوني طرح يا غير قانوني طرح پڙھڻ يا نوڪري لاءِ وڃو ته پنهنجي ڳوٺ يا شھر جي ماڻھو سان گڏ ته نه رھجو پر پنهنجي ملڪ جي ماڻھو کان به پري رھجو، پھريان ڏينهن اڪيلائي محسوس ٿيندي پر پوءِ توھان لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. ساڳيو حال سفر جو آھي. ورلي ڪو الله جو نيڪ بندو ھوندو، جو سڄو سفر صبر سان ڪري موٽندو ھوندو. نه ته حاجين جي جھاز تي به مسافر ويندي وقت ھڪٻئي تان قربان پيا ٿيندا آھن پر واپسي وقت وڙھڻ لاءِ کين انيڪ سبب ھوندا آھن.
    بهرحال ان جو بهترين علاج يا کڻي چئجي ته ان مرض مان ٿوري گھڻي نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ھڪ اھو نسخو به آھي ته ڪنهن به سفر تي وڃجي ته پھرين کان ئي اھو ذھن ۾ رکجي ته ڪيترائي مسئلا ۽ تڪليفون درپيش اچي سگھن ٿيون. اھا ڳالهه ذھن ۾ رکڻ ان ڪري ضروري آھي، جيئن ڪا تڪليف اچي وڃي ته ان کي ھمٿ سان منهن ڏجي ۽ صبر کان ڪم وٺجي. رڳو سٺيون ڳالھيون Expect نه ڪجن. ھونئن به چوڻي آھي ته:
    Happy are those who do next expect anything
    ۽ حج جي سفر ۾ ته ھر وقت ڏکيائين جو سوچجي جو ھڪ ته حج ڪو گھمڻ ۽ تفريح ناھي پر عبادت آھي ۽ ھڪ مقرر مدي ۾ مقرر ارڪان ھڪ ئي وقت سڀني کي گڏ پورا ڪرڻا پون ٿا، جنهن ۾ ڪافي مشقت ڪرڻي پوي ٿي ۽ ڪو به گھر جھڙي سک يا سھولت جي اميد رکي نه ٿو سگھي. ان ڪري ته حج لاءِ چون ٿا ته ھر وقت الله تعاليٰ کان دعا گھرجي ته: ”حج آسان ٿئي“ ۽ واقعي اھي قدرت جا ڪمال آھن، جو ھيڏا Masses ٽيھارو کن لک ماڻھن جا مڪي جھڙي شھر ۾ ھڪ ئي وقت مسافر ٿي رھن ٿا. ھڪ ئي وقت منى مزدلفه ۽ عرفات ڏي پنج ڏينهن تائين اچ وڃ ڪن ٿا. اولمپڪ راندين ۾ لک کن ماڻھن جو به حڪومت جون وايون بتال ڪريو ڇڏي. آيل ماڻھن جا روز ھنگاما ٿين ٿا ،کاڌا پيتا کٽيو وڃن پر حج تي لکين ماڻھو جن ۾ اڌ کان وڌيڪ پوڙھا ۽ ڪمزور آھن. مڪاني زبان کان اڻ واقف آھن. ڏينهن ۾ پنج دفعا پيا حرم پاڪ ۾ اچن وڃن. ماڻھن جي تعداد جو اھو حال آھي جو نماز مھل مڪي جي ھر گھٽي مان ماڻھن جو درياهه حرم پاڪ ڏي ويندو نظر اچي ٿو ۽ وري ساڳيو سيلاب پيهه پيھان ۾ موٽي ٿو. زالون، مرد، پوڙھا، جوان آفريڪا جا قداور توڙي ملائيشيا جا بندري قد جا ڪمزور، ترڪي ۽ ايران جا ڀورا ،گورا توڙي ڪڻڪ رنگا پاڪستاني، ھندستاني، مختلف لباس ۾ خاموشي سان ھلندي نظر ايندا. نه ھنگامو، نه گوڙ، نه لٺبازي، نه گار گند، جيڪو اڄڪلهه دنيا جي ميلن، ملاکڙن، ڪارنيوال، ماردي گراس، مئچن ۽ سئنيمائن ۾ عام ٿي ويو آھي پرھتي مڪي مديني ۾ ٽيھن ڏينهن جي حج تي ٽيهه لک ماڻھن مان ٽن چئن ماڻھن کي ٽن چئن منٽن لاءِ به مارڪٽ ڪندي نه ڏٺو. اڃ، بک، اس، گرمي، جاءِ جي کوٽي ۽ رش ھوندي به سڀڪو خاموش آھي ۽ اھا ئي ڪرامت ۽ ڪرشمو آھي، جيڪو غير مسلم کي پريشان ۽ وائڙو ڪريو ڇڏي. ھڪ قسم جو خوف ۽ دھشت ڏياريو ڇڏي ۽ ھو اسلام جي طاقت کان مرعوب ٿيو وڃي.
    حج تي آيل ھر مسلمان ٻئي کي تڪليف ڏيڻ کان گريز ڪري ٿو. ھو پنهنجي مسلمان ڀاءُ کي ڏک نه ٿو پھچائڻ چاھي، ڇو ته ھن کي خبر آھي ته بندي کي ناراض ڪري رب کي سرچائي نه ٿو سگھجي. ان معاملي ۾ سعودي حڪومت به مختلف زبانن ۾ ڇپيل پمفليٽن ذريعي حاجين کي آگاهه ڪندي رھي ٿي ته ڪنهن به انسان کي تڪليف نه ڏيو. مثال طور: حجر اسود کي رش ڪري چمي نه ٿا ڏئي سگھو ته ھٿ لائڻ ئي ڪافي آھي پر جي ھٿ نه ٿا لائي سگھو ته پري کان ئي ھٿ جي اشاري سان ھن کي چُمي ڏيو پر ٻين ماڻھن کي ڌڪا ٿيلھا ڏيئي پنهنجي لاءِ رستو پيدا ڪرڻ گناهه جو ڪم آھي.
    ان ئي قسم جي ڳالهه اسان جي گروپ ليڊر احسان الاھي به ڪئي. ڪراچي ۾ کيس جرمن ڪمپني باش جي ايجنسي آھي. ھو وڏي پئسي وارو آھي پر سندس شوق ھر سال حج ڪرڻ ۽ حاجين جي مدد ڪرڻ آھي. جيئن ھو سولائي سان ۽ صحيح طرح حج جا ارڪان پورا ڪري سگھن. جدي ھلڻ کان اڳ توڙي مڪي مديني ۾ ھن جي ھر وقت اسان کي اھا نصيحت ھوندي ھئي ته توھان اھو نه سوچيو ته توھان کي ٻيو ڪو مدد ڪندو پر ھر وقت اھو سوچيو ته توھان کي ٻين جي خدمت ڪرڻي آھي ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آھي ته وڏي عمر جي باوجود ان جو مثال پاڻ به سڄي سفر ۾ ڏيندو رھيو.
    ڊفينس سوسائٽي جي فيس فور واري ھڪ مسجد (شفقت مسجد) جتي منهنجو اڪثر وڃڻ ٿيو ٿي، جي ھڪ ٻن جماعتن سان منهنجي سٺي سلام دعا ٿي وئي ھئي. انهن مان ھڪ پنجاب پاسي جو ٺيڪيدار اسرارالحق ھو، جنهن جو ڪم جايون ٺھرائڻ آھي. ھي مسجد به ھن پنهنجي خرچ سان ٺھرائي ھئي، پلاٽ سو وڙھي جڙي ڊفينس سوسائٽي وارن کان ھٿ ضرور ڪيو ھئائين. پاڻ اڇي ڪاري ڏاڙھي سان چاليهه ورھين جو ويجھو ٿيندو. ھڪ ٻيو قرآن جو ياد حافظ ـ حافظ سعيد احمد ھو، جيڪو پڻ وڏي ڏاڙھي سان چاليهه پنجيتالهه جي وچ جو ٿيندو. جسم ۾ تمام گھڻو صحتمند ۽ پھلوان، مسجد ۾ ڪڏھن ڪڏھن ٻانگ ڏنائين ٿي ۽ نماز پڙھائين ٿي. آواز سندس بيحد مٺو آھي. جناح اسپتال جي در سامھون سندس ميڊيڪل اسٽور آھي. مون اسرار کي فون ڪري حج لاءِ پڇيو ته آيا ھن حج ڪيو آھي يا نه ۽ ھن سال سندس يا سندس ڪنهن ٻئي ڄاڻ سڃاڻ واري جو حج تي ھلڻ جو ارادو آھي يا نه.
    ”الطاف ڀائي واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي“. اسرار الحق کي ڄڻ ڪا وسري ويل شيءِ ياد اچي وئي. ”ان بابت ته مون سوچيو ئي نه ھو. انشاءَ الله ھن سال ئي حج ڪرڻ چاھيان ٿو ۽ گڏجي ھلنداسين“.
    ”پوءِ ڀلا ڪيئن ھلجي. مون کي ته اھا به خبر ناھي ته فارم ڀري ڪنهن کي ڏجي“ مون کيس اڳواٽ ڪن کڻايو ته جيئن کيس خبر پوي ته آئون انهن ڳالھين ۾ بنهه اڻ ڄاڻ آھيان. متان ھو منهنجي سامونڊي سفرن جي ڳڻپ ڪري مون کي ڪو سياڻو سمجھي.
    ”يار خبر ته مون کي به نه اٿئي، پر پنهنجو حافظ سعيد احمد ان معاملي ۾ سياڻو آھي. ھو ويجھڙائي ۾ حج ڪري آيو آھي ۽ وڏو ھمت وارو آھي. پاڻ کي صحيح طرح Guide ڪري سگھندو.“
    حافظ سعيد ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ڪيترائي ادارا آھن، جيڪي حاجين جي مدد لاءِ گروپ ٺاھي کين حج تي وٺي ھلن ٿا ۽ ٻي خوشخبري اھا ٻڌائين ته ھو پڻ ھن سال به حج ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ”ٻه سال کن اڳ آئون زال کي حج تي ويٺي ويو ھوس ۽ ھن سال پنهنجي ڀيڻ کي حج ڪرائڻ چاھيان ٿو“. ھن ٻڌايو ۽ اھو پڻ ٻڌايائين ته ان مسجد جو ھڪ ٻيو جماعتي نسيم گلزار نالي پنهنجي زال سان گڏ حج ڪرڻ چاھي ٿو ۽ پاڻ سان ئي شامل ٿيندو. اسرار مون کي بي فڪر رھڻ لاءِ چيو: ”ٻن ڏينهن اندر جائزو وٺي توکي اطلاع ڪنداسين ۽ جيئن به ھلڻ ٿيو ته پوءِ ٽولو گڏ رھندو.“
    ۽ پوءِ ٻه ڏينهن به نه گذريا ته اسرار فارم ڀرڻ لاءِ گھرايو. ”پاڻ عالمگير ٽرسٽ وارن جي معرفت ھلي رھيا آھيون. انهن سان اسان ڳالھايو آھي. ھنن جا اٽڪل ٽيهه کن گروپ ھر سال حج تي وڃن ٿا. ھنن جا گروپ ليڊر ڪيترائي حج ڪري چڪا آھن ۽ نه فقط مڪي مديني ۾ سٺي رھائش ھٿ ڪرڻ ۾ ھوشيار آھن پر مذھبي ڄاڻ به اٿن. تون فارم لاءِ ھن سائيز جا ھيترا ھيترا بليڪ ائنڊ وائيٽ فوٽو اڄ ئي ڪڍرائي وٺجانءِ ۽ ھيترا پئسا حافظ سعيد کي موڪلي ڏي. رھائش لاءِ ھينئر ئي پئسا ڏيڻا آھن، سي به ڊالرن ۾. ان ڪري حافظ سعيد رھائش جي مسواڙ ڊالرن ۾ مٽائي رکي ۽ باقي پئسن جو بئنڪ مان ڊرافٽ ٺھرائي وٺ.
    مون اسرار جي چوڻ موجب فوٽن ۽ پئسن جو بندوبست ڪيو. ھن سفرنامي ۾ حج جو ارادو رکندڙ پڙھندڙن لاءِ ھتي ٻن ٽن ڳالھين جي سمجھاڻي لکڻ ضروري ٿو سمجھان.
    فوٽو ڪڍرائڻ گناهه آھي يا نه پر حج جو فارم ڀرڻ لاءِ مردن توڙي عورتن کي فوٽن جو گھربل تعداد ڏيڻ ضروري آھي. جن مان ھو پاسپورٽ، پئسن جي رسيد، شناختي ڪارڊ وغيره تي فوٽو لڳائين ٿا. ھيترن ماڻھن جي سڃاڻپ، گم ٿيڻ کان بچڻ ۽ ڏوھن کي روڪڻ لاءِ فوٽو ضروري ڪيو ويو آھي. بهرحال فوٽو ڪڍرائڻ کان اڳ فوٽن جو تعداد سائيز ۽ رنگ وغيره ته آيا، فوٽو بليڪ اينڊ وائيٽ ھجن يا رنگين. چڱي طرح معلوم ڪري پوءِ ڪڍرائڻ کپن. اڄڪلهه عورتن جي فوٽو لاءِ ضروري ڪيو ويو آھي ته ھن جو مٿو چڱي طرح ڍڪيل ھجي، جيئن ھڪ وار به نظر نه اچي.
    حج جا فارم ڀرڻ لاءِ اڄڪلهه پاڪستان ۾ ٻه اسڪيمون آھن. ھڪ ”ريگيولر“ يعني حج تي وڃڻ وارو پاڪستاني پئسا پاڻ ڀري وڃي رھيو آھي ۽ ٻيو ”اسپانسرشپ“ اسڪيم آھي، جنهن ۾ حج تي ويندڙ ڪنهن دوست يا مائٽ کان ٻاھر پئسا (ڊالرن ۾) گھرائي حج جو خرچ ڏئي ٿو. اسپانسرشپ وارن کي حج تان روڪ نه ٿي ٿئي ۽ جيڪو فارم ڀري ٿو، ان کي حج جي موڪل ملي ٿي. ريگيولر وارن جا ڪُڻا ڪڍيا وڃن ٿا. مثال طور: پاڪستان جي حج وزارت يا سعودي حڪومت اھو فيصلو ڪيو ويو آھي ته ھن سال (2000ع) پاڪستان فقط ھڪ لک ماڻھو حج لاءِ موڪلي. ھاڻ جي درخواستون لک کان مٿي آھن ته پوءِ پکا (ڪڻا) ڪڍيا وڃن ٿا ۽ جيڪي لک ۾ اچن، اھي ئي حج لاءِ وڃي سگھن ٿا. اھا ٻي ڳالهه آھي ته ھن سال (2000ع) لاءِ جنهن ۾ مون کي حج جي سعادت نصيب ٿي، پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو جنرل پرويز مشرف سڀني کي حج ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ ھن سال پاڪستان مان ھڪ لک ڏهه ھزار ماڻھن حج ڪيو.
    گھڻو اڳ حج تي ويندڙن کان فقط پاڻي جي جھاز جي ٽڪيٽ جا پئسا ورتا ويندا ھئا، جدي پھچي مختلف ھنڌن (مڪي، مديني، منى، مزدلفه، عرفات) تي وڃڻ لاءِ ھو پاڻ بسون ڪندا ھئا. رھائش لا ءِگھر پڻ ھو ،پاڻ ئي ڳوليندا ھئا ۽ معلم به پنهنجي مرضي سان ڪندا ھئا. خاص ڪري سنڌ جا ماڻھو محمد ھاشم سنڌي جھڙو معلم ڪندا ھئا، جيڪو اصل ۾ سنڌ کان لڏي سعودي عرب ۾ وڃي رھيو ۽ اتي ئي شادي ڪيائين. کيس سنڌي اچڻ ڪري اسان جي سنڌ جي رھاڪن لاءِ وڏي سھولت رھي ٿي . (محمد ھاشم گذاري ويو آھي، سندس پٽ معلم جو ڪم ڪري ٿو پر کيس سنڌي نه ٿي اچي) اھڙي طرح پنجاب جي ماڻھن اھڙو معلم ڪيو ٿي، جيڪو ھنن جي زبان سمجھي سگھي. ڪيترائي پنجاب جا اتي رھن ٿا، جيڪي گھڻو اڳ، اڄ کان سٺ ستر سال اڳ سعودي عرب ۾ رھڻ ڪري، ھنن وٽ سعودي عرب جو پاسپورٽ آھي ۽ عرب سڏجن ٿا. بهرحال ھر حاجي پنهنجي مرضي سان معلم ڪيو ٿي. معلم معنى اھو ماڻھو، جنهن کي علم ھجي يعني (سونهون Guide). معلوم نه فقط حاجين جي رھائش ۽ ڪاغذ پٽن جو بندوبست ڪري ٿو، پر حج جا ارڪان پورا ڪرائڻ ۾ پڻ مدد ڪري ٿو. اڄ به ڪيترائي ترڪ، انڊونيشي ۽ ٻيون قومون آھن، جن کي گھڻي عربي نه ٿي اچي، پوءِ معلم يڪو جٿو وٺي طواف، سعي، منى ۽ عرفات دوران ھنن جي اڳيان اڳيان ھلي ٿو ۽ زور زور سان دعائون پڙھي ٿو، جنهن پويان ٻيا پڙھندا ھلن ٿا. مثال طور: طواف چوندو ”ربنا“ ته سندس پويان ھلندڙ پنجاهه يا سئو کن ماڻھن جو جٿو زور سان چوندو ”ربنا“ پوءِ معلم چوندو ”آتنا“ ته سڄو جٿو زور سان ورجائيندو ”آتنا“ اھڙي طرح اھي ماڻھو جن کي قرآن جون آيتون، دعائون وغيره ياد نه آھن. اھي معلوم پٺيان پڙھي ثواب حاصل ڪن ٿا پر ساڳي وقت ڪيترن ئي اھو چوندي ٻڌو ويو ته ائين زور زور سان پڙھڻ سان ٻيا ڊسٽرب ٿين ٿا ۽ ساڳي وقت سڄي جٿي جي گڏ گڏ ھلڻ ڪري ٻين کي ڌڪا ۽ ٿيلھا لڳن ٿا. ڇو ته اڪيلو ھلندڙ ماڻھو لاءِ ڪڏھن ڪڏھن اڳيان پويان ٿيڻ ۾ ڪو فرق نه ٿو پوي. پر ٽولي جو ھرھڪ ماڻھو پنهنجي ٽولي سان گڏ گڏ ھلڻ چاھي ٿو، ڇو ته ھو نه ٿو چاھي ته پنهنجي ٽولي کان وڇڙي وڃي، سو ان چڪر ۾ ھو ٻين کي ڌڪا ٿيلھا ڏئي به اڳيان وڌڻ چاھي ٿو.
    بهرحال ھاڻ حج تي ويندڙن لاءِ حڪومت رھائش، بسين ۾ سفر ڪرڻ ۽ معلم حاصل ڪرڻ جو بندوبست پاڻ ۽ اڳواٽ ڪري ٿي. ڇو جو ڪيترن کي مڪي پھچي سولائي سان رھائش ملي وڃي ٿي پر گھڻن کي ڏکيائي ٿئي ٿي، خاص ڪري انهن کي جيڪي آخري ڏينهن ۾ مڪي پھچن ٿا، سو انهن ڳالھين کي ڌيان ۾ رکي، حاجين جي سھولت لاءِ پاڪستان، ھندستان، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن جي حڪومتن، سعودي عرب سان گڏجي حاجين جي رھائش جو اڳواٽ بندوبست ڪيو آھي. جيئن حاجي کي جدي پھچي خبر پئجي وڃي ته ھن کي ڪٿي رھڻو آھي ۽ مسافر بس کيس جدي مان کڻي مڪي يا مديني ۾سندس رھائشگاهه تي اچي ڇڏي ۽ ھو يڪدم سامان رکي آجو ٿي طواف لاءِ ھليو وڃي يا ڪجهه دير چاھي ته آرام ڪري وٺي.
    مڪي جي گھٽين مان لنگھبو ته ڪيترين عمارتن جي ٻاھران ڪپڙن جي وڏن بئنرن تي لکيل نظر ايندو ”پاڪستانيون ڪي لئي رھائشگاهه نمبر 9“ يا ڏهه، يارھن يعني اھي عمارتون پاڪستان حڪومت يا سعودي عرب حڪومت پاڪستاني حاجين لاءِ اڳواٽ مسواڙ تي وٺي ڇڏيون آھن ته جيئن اھي پاڪستاني ان ۾ اچي رھن. اھا ٻي ڳالهه آھي ته سڀ عمارتون ھڪ ئي پاڙي ۾ نه ٿيون ملن. پنجاهه کن جاين مان ڪي ويجھو آھن ته ڪي پري ملن ٿيون. ڪي نيون ۽ سٺيون آھن ته ڪي جھونيون ۽ ڊٺل آھن. پوءِ اھا نصيب جي ڳالهه آھي ته ڪنهن کي ڪھڙي ملي ٿي. ھونئن حرم پاڪ جي ويجھو وارين عمارتن جي مسواڙ ڳري آھي ۽ پري واريون سستيون آھن، پر حڪومت ھر حاجي جي ھڪ سراسري مسواڙ ڪٽي ٿي. پوءِ جيڪي حرم پاڪ جي ويجھو وارين عمارتن ۾ رھن ٿا. اھي پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ خوشنصيب سمجھن ٿا.
    پاڪستانين جي رھائش وارين جاين سان گڏ ھندستان ۽ بنگلاديش کان آيل ماڻھن جون جايون پڻ ھر گھٽي ۾ نظر اچن ٿيون. جن جي ٻاھران انهن ملڪن جا جھنڊا پڻ لڳل ٿين ٿا، جيئن ھرھڪ حاجي پري کان پنهنجي جاءِ سڃاڻي اتي پھچي وڃي، ٻين ملڪن جي ماڻھن جي رھائشگاهه پڻ ان ريت مقرر ٿيل آھن پر اتي پھچي وڃي، ٻين ملڪن جي ماڻھن جا رھائشگاهه پڻ ان ريت مقرر ٿيل آھن پر پاڪستان، ھندستان، بنگلاديش ،ايران، ترڪي، انڊونيشيا، ملائيشيا جھڙن ملڪن جا وڌيڪ نمايان آھن، جو اتان اچن به لکن جي تعداد ۾ ٿا.
    بهرحال ھر حاجي جي رھائش جي مسواڙ جا پئسا اڳواٽ ڪٽجيو وڃن پر جيڪڏھن ڪو سرڪار طرفان رھائش جو بندوبست پسند نه ڪري ته پوءِ ڪراچي ڇڏڻ کان اڳ اطلاع ڪري سگھجي ٿو ۽ آخري ڏينهن تي حاجي ڪئمپ ۾ ھن کي اھي مسواڙ وارا پئسا موٽي ملن ٿا. بهرحال ان بابت ھو فارم ڀرڻ وقت بئنڪ وارن کان معلوم ڪري سگھي ٿو، جو ڪيترين ڳالھين جا قاعدا قانون مسئلن مطابق ھر سال ڦرندا گرندا رھن ٿا.
    اسان اسپانسرشپ اسڪيم ھيٺ عالمگير ٽرسٽ وارن جي مھيا ڪيل سھولت موجب وڃي رھيا ھئاسين، جيڪي رھائش جو بندوبست پاڻ ڪن ٿا ۽ ڪوشش ڪري سڀ عمارتون ھڪ ئي علائقي ۾ وٺن ٿا، جيئن ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ بس ۾ ھلڻو پوي ته سڀ ھڪ ھنڌ موجود ھجن ۽ گھڻو انتظار نه ڪرڻو پوي. ٻيو ته حرم پاڪ جي ويجھو واريون عمارتون مسواڙ تي ڪن ٿا، جيڪي ظاھر آھي، وڌيڪ مھانگيون آھن. مثال طور: سرڪاري طرح مڪي ۾ رھائش جي مسواڙ في ماڻھو 300 کن ڊالر آھي پر اسان کي 450 ڊالر ڏيڻا پيا، يعني 32 ھزار کن رپيا پر اھو به آھي ته ھنن يڪا فليٽ مسواڙ تي ڪيا، جن ۾ رھائش جي ڪمرن کان علاوھ ورانڊو، ھر ڪمري کي بالڪني، ٻن ڪمرن لاءِ ھڪ ھڪ غسلخانو، وڏو رڌڻو، ھر فليٽ ۾ ٽي ريفريجريٽر ۽ ھڪ واشنگ مشين ھئي، ھر فليٽ ۾ چار ڪمرا ھئا، جن مان ھرھڪ ۾ ڇھن کان اٺ ماڻھو ستا ٿي. بهرحال رھائش لاءِ سعودي حڪومت طرفان ھرھڪ لاءِ اڍائي فوٽ باءِ ڇهه فوٽ جاءِ مقرر ٿيل آھي ته مڪي ۾ ھر حاجي کي ايتري جاءِ گھٽ ۾ گھٽ ملڻ کپي. مديني ۾ ان کان گھڻي آھي ۽ منى ۾ ان کان گھٽ (ٻه فوٽ باءِ ساڍا پنج فوٽ) آھي.
    وچين نماز کان ٿورو اڳ اسان عالمگير مسجد پھتاسين، جيڪا مسجد عالمگير روڊ تي بهادرآباد ۾ آھي. مسجد جي ٻي ۽ ٽي ماڙ جي ٺھڻ جو ڪم ھلي رھيو ھو. مسجد ٻاھران ڪيتريون ئي ايمبولينس گاڏيون بيٺيون ھيون، جن تي عالمگير ويلفيئر ٽرسٽ لکيل ھو. آئون سمجھي ويس ته ھي عالمگير نالي ھڪ خدمت خلق جو ادارو آھي. جيئن ايڌي جو ادارو آھي يا ٻيا ڪيترا سماجي ادارا آھن. جي الله ڪارڻ غريبن ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪن ٿا. مسجد جي در وٽ ٻه چار ھمراهه سبيل ۽ ڪچي ڪپڙي جون ٿيلھيون ٺاھي رھيا ھئا. انهن ٻڌايو ته ھي ڪپڙا ڪن ماڻھن خيرات ڏنا آھن. جيڪي ھو شام جو ڪراچي جي ھڪ غريب علائقي اورنگي ۾ رھندڙ ماڻھن ۾ ورھائيندا. مسجد جي ٻاھران ٺھيل دڪانن ۾ حج جو سامان، احرام، چيلهه جو پٽو، ٽوپيون، تسبيحون وڪامي رھيون ھيون. ھن ٽرسٽ جي ھڪ ڪارڪن ٻڌايو ته عالمگير ويلفيئر ٽرسٽ انٽرنيشنل جا ھي مقصد آھن.
    • غريب ۽ حقدار مريضن جو علاج ڪرايو وڃي ٿو.
    • يتيم ۽ مجبور ڇوڪرين جي شادي تي سامان جي مدد ڏني وڃي ٿي.
    • رمضان جي مھيني ۾ اٽڪل چار ھزار ماڻھن کي (خاص ڪري قيدين کي) افطار ڏني وڃي ٿي.
    • غسل ميت ۽ ڪفن دفن جو مڪمل انتظام 24 ڪلاڪن ۾ ٿئي ٿو.
    • حاجين لاءِ احرام ۽ وھيل چيئر جو بندوبست ڪيو وڃي ٿو. وغيره.
    اسان جي حاجين واري پنجاهه جي گروپ ۾ ھڪ پنجھٺ ستر سالن جو اڇي ڏاڙھي سان نور احمد چاندنا نالي حاجي ھو. پاڻ ھن کان اڳ به ڪجهه حج ڪيا اٿس ۽ عالمگير ٽرسٽ جي ڪارڪنن مان ھڪ آھي. پاڻ خدا ڪارڻ بنا ڪنهن پگھار جي ڪيترن سالن کان ڪراچي جيل ۾ قيدين کي قرآن شريف پڙھائيندو رھي ٿو، کيس بوھرا پير ۾ رنگ روغن جو ڪاروبار آھي. سندس تعلق دھلي، پنجابي سوداگران جماعت سان آھي. اتفاق سان اسان جي گروپ ۾ ٽيھارو کن حاجي انهي جماعت سان تعلق رکندڙ ھئا. ھونئن ھي عالمگير ٽرسٽ ڪنهن ھڪ جماعت جو نه آھي، پر ھن مسجد ۾ ايندڙ جماعتي ۽ ڪارڪن گھڻي ڀاڱي دھلي، پنجابي سوداگر آھن، جو انهن جي ڪميونٽي جو وڏو حصو ھن مسجد عالمگير جي آسپاس واري علائقي ۾ رھي ٿو. ٻئي نمبر تي ڪراچي ميمڻن جون مختلف جماعتون آھن، جن جا گھر پڻ بهادر آباد کان ھل پارڪ واري علائقي ۾ آھن.
    دھلي، پنجابي سوداگران پاڪستان ٿيڻ تي دھلي کان لڏي آيا ۽ سندن واسطو واپار سان آھي. بقول اسان جي گروپ جي ھڪ ٻئي حاجي نواب عبدالستار جي ته اسان جي ڪميونٽي جي ماڻھو کي دڪان نه ھوندو ته به فٽ پاٿ تي بوڇڻ رکي شيون وڪڻندو پر نوڪري نه ڪندو. ھاڻ مڙيئي ايڪڙ ٻيڪڙ نوڪرين تي آيا آھن، جن مان ھڪ نوجوان ڊاڪٽر فضل ربي، دل جو سرجن ۽ اسسٽنٽ پروفيسر پڻ اسان جي گروپ ۾ ھو، بلڪه مڪي ۾ مون واري ڪمري ۾ رھيو ٿي، پر ھو به ٻين وانگر حليم طبيعت جو ھو ۽ ڪنهن به ڪنڊ کان سرڪاري ڪامورو يا ٺٺ ٺانگر ۽ اجائي لئه ڏيکارڻ وارو ڊاڪٽر نه ٿي لڳو. ٽيھارو سال کن عمر ٿيندس، جنهن مان اٺ سال کن انگلينڊ ۾ رھي آيو ھو. ھر وقت پاڪيٽ سائيز قرآن ھٿ ۾ ھوندو ھوس ۽ پاڻ ۽ سندس زال طواف ڪرڻ ۽ قرآن جا ختما پورا ڪرڻ ۾ ھوندا ھئا. حج کانپوءِ ھڪ ڏينهن خريداري لاءِ ويو ۽ مون کي ان وقت خبر پئي ته کيس ھڪ ٻار (ڇھن سال کن جو) پڻ آھي، جنهن کي ڪراچي ڇڏي آيو آھي، ان لاءِ رانديڪو ورتائين.
    ساڳيو حال ھن ڪميونٽي جي ٻين نوجوانن جو ھو، جيڪي شادي ڪري حج تي آيا ھئا يا حج تان وڃي شادي ڪرڻ جو ھو. ذري گھٽ سڀني کي ڏاڙھيون ھيون ۽ سڀئي قرآن جا حافظ نه ھئا ته به قرآن جو وڏو حصو کين ياد ھو. چوڌري ماھتاب نالي ھڪ حاجي ٻڌايو ته: ”اسان جي ڪميونٽي جي ٻارن کي ننڍي ھوندي ئي حج ڪرايو وڃي ٿو، جيئن ھنن کي دين جي ڄاڻ پوي ۽ زندگي ۾ پنهنجي لاءِ بهتر رستي جو تعين ڪري سگھن.“
    ھڪ ٻئي حاجي فيروز احمد ٻڌايو ته سندن وڏا پنجاب جا ھئا، پوءِ مغلن جي ڏينهن ۾ ڪنهن مغل شھنشاهه، دھلي ۾ کين دڪان کولڻ جي اجازت ڏني ۽اتي وڃي لڏي ويٺا ”اڄ به اسان جي ڪميونٽي جا ڪيترائي ماڻھو دھلي ۾ رھن ٿا پر ھاڻ سڀ دھلي ۾ رھندڙ توڙي ڪراچي وارا پنجابي وساري ويٺا آھيون ۽ اڙدو ۾ ئي ڳالھايون ٿا “.
    وچين نماز کانپوءِ مون ڏٺو ته عالمگير مسجد جي ورانڊي ۾ چوڌاري رکيل ڪاٺ جي ڊيسڪن پويان وڏي عمر جا وڏين ڏاڙھين سان اچي ويٺا. اسان (اسرار، گلزار ۽ حافظ سعيد) ھڪ ھمراهه جي اڳيان اچي ويٺاسين. حافظ سعيد اسان پاران سمورا فوٽو، رھائش لاءِ آمريڪن ڊالر، پاڪستاني رپين جو ڊرافٽ وغيره ھن کي ڏنو، جنهن ھر شيءِ چيڪ ڪرڻ بعد ھرھڪ جو فارم ڀرڻ شروع ڪيو. فارم ڀرڻ ۾ ٻه ڳالھيون مون کي سٺيون لڳيون. ھڪ ته پاڪستان سرڪار، بلڪه وزارت ج ’فارم‘ تمام مختصر ٺاھيو آھي. حج تي ويندڙ جو نالو، والد جو نالو، شناختي ڪارڊ نمبر، ائڊريس ۽ وارث جو نالو ۽ پتو (جيئن حج تي ڪو گذاري وڃي يا ڪا اھڙي ڳالهه ٿي پوي ته ان کي اطلاع ڪيو وڃي) فارم ۾ ٻي ڪا لانڍ نه ھئي ته ڪٿي ڄائو آھي، ڪھڙي سن ۾ ڄائو آھي. مادري زبان ڪھڙي اٿس. نوڪري يا ڌنڌو ڇا اٿس. جيل ۾ ڪڏھن ويو آھي يا نه. فلاڻي بيماري ڪڏھن ٿي اٿس يا نه، وغيره وغيره. جن قسم جون اجايون سجايون ڳالھيون، اسان وٽ ڪيترن ڳالھين لاءِ فارم ڀرڻ تي لکيون وڃن ٿيون. (ويندي قد ڪيترو آھي، اکين جو رنگ ڇا آھي، وارن جو رنگ ڇا آھي؟ ھاڻ ھڪ پنجاهه سٺ ورھين جي ڄمار واري حاجي جي مٿي تي ڪھڙا وار ھوندا ۽ جي ھوندا ته انهن جو رنگ اڇو ئي ھوندو).
    ٻي سٺي ڳالهه اھا ته فارم به عالمگير مسجد جي والنٽيئرن ئي ڀريا ٿي. اسان کان رڳو نالو، ائڊريس وغيره پڇندا ويا. جي پاڻ ڀرڻا ھجن ھا ته شايد آئون ايترا ننڍا اکر لکي ننڍن خانن ۾ مڪمل ائڊريس وغيره نه لکي سگھان ھا. اسان جي ڀر واري ھمراهه کان ٺٽي جو ھڪ ڪراڙو مڙس پنهنجو ۽ پنهنجي زال جو فارم ڀرائي رھيو ھو. منهنجي پڇڻ تي ٻڌايائين ته ٺٽي، گھاري ۽ گجي پاسي جا ڪيترائي سنڌي ھتان اچي فارم ڀرائيندا آھن، جو ھنن کي تجربو آھي ۽ ھو ٻهراڙي وارن جي سٺي رھنمائي ڪن ٿا ۽ اھو به ضروري ناھي ته ڪو توھان ھنن (عالمگير ٽرسٽ وارن) سان گڏ حج تي وڃو. فارمن جو ڪم پورو ٿيڻ تي فارم ڀرڻ واري مولانا صاحب ٻڌايو ته ھو ڪراچي جو بزنس مئن آھي ۽ ھتي پاڙي ۾ ئي رھي ٿو. حج جي ڏينهن ۾ عصر نماز کان عشاءِ تائين حج تي ويندڙن جا فارم ڀرڻ ۾ مدد ڪندو آھي اھڙي طرح ٻيا به ڏھاڪو کن اھو ڪم ڪن ٿا، جن جو ان سلسلي ۾ پراڻو تجربو آھي. پاڻ اھو پڻ ٻڌائين ٿا ته حاجين جا ٽولا ٺاھي حج تي وٺي ھلڻ ۽ اتي رھنمائي ڪرڻ لاءِ عالمگير مسجد وارن جو ھي الڳ شعبو آھي، جيڪو انصار الحجاج سڏجي ٿو ۽ ان شعبي طرفان، حج تي روانو ٿيڻ کان اڳ عالمگير مسجد ۾ ڇهه کن ليڪچر ڏنا وڃن ٿا، جيئن حج تي ويندڙن کي حج بابت ھر ڳالهه جي ڄاڻ ھجي.
    اھي ليڪچر مون به اٽينڊ ڪيا، صبح جو ڏھين کان اڳين (ظھر) نماز تائين ھلندا ھئا، جن لاءِ اسان کي اھي مقرر ڏينهن اڳواٽ ٻڌايا ويا ھئا. ليڪچر ڏيڻ وارن عالمن، مولوين وغيره ۾ ھڪ مولانا مفتي عبدالرئوف سکروي پڻ ھو، جنهن جو ٻڌايل ”حج جو طريقو: قدم بقدم“ ھتي پڙھندڙن لاءِ ڏيان ٿو، جيئن کين ڪجهه آئيڊيا ٿي سگھي. بهرحال ھن قسم جا ليڪچر منهنجي خيال ۾ تمام ضروري ۽ فائديمند ثابت ٿين ٿا ۽ انسان ڪيتريون غلطيون ڪرڻ کان بچيو وڃي. ملائيشيا ۾ ھوندو ھوس ته اتي به حاجين کي حج تي وڃڻ کان اڳ ھر شھر جي مسجد ۾، اتي جي حج کاتي طرفان، حج ڪرڻ جو طريقو ٻڌايو ويندو ھو. ان جو نتيجو اھو ئي آھي ته ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جا حاجي صبر ۽ تحمل سان حج ڪن ٿا. ڪنهن ٻئي حاجي کي ڌڪا ٿيلھا ڏئي تڪليف نه ٿا پھچائين. آئون به حجر اسود کي چمڻ لاءِ ڳوٺ جي ماڻھن کان ٻڌندو ھوس ته رش ۾ ھو ڪيئن ڌڪا ۽ ٺونٺيون ھڻي حجر اسود کي چمڻ ۾ ڪامياب ٿيا ٿي ۽ مون به سمجھيو ٿي ته اھو اجر کٽڻ لاءِ مون کي به ائين ڪرڻو پوندو پر عالمگير مسجد جي ليڪچر ٻڌڻ بعد مون کي ڄاڻ ٿي ته ڪنهن انسان کي تڪليف پھچائڻ غلط ۽ ڏوهه جھڙو ڪم آھي ۽ ثواب بدران گناهه ملي ٿو. ڪنهن به صورت ۾ ٻئي ڪنهن انسان کي ڌڪا ڏيئي نه تڪليف رسائجي ۽ نه دل رنجائجي.
    ھونئن دنيا جي ڪيترن حاجين کي پاڪستانين، ترڪن، ڪجهه آفريڪي ملڪن جي ماڻھن ۽ خاص ڪري ايرانين سان شڪايت رھي ٿي ته ھو ڏاڍائي ٿا ڪن ۽ ٻين حاجين کي اڪثر تڪليف رسائين ٿا. ھڪ ايراني جنهن کي انگريزي به آئي ٿي، معمول جي خلاف خاموشي ۽ صبر سان ويٺل ڏسي مون کي تعجب لڳو، پڇڻ تي ھن روميءَ جو شعر ٻڌايو، جيڪو ھتي پڙھندڙن لاءِ بي محل نه ٿيندو.
    دل بدست آر ڪه حج اڪبر است،
    از ھزارھا ڪعبھائي يک دل بهتر است
    ڪعبه بناءَ خليل آذر اڪبر است،
    دل گذرگاهه رب جليل است

    (دليون کٽ ڇو ته دليون کٽڻ حج اڪبري آھي،
    ھزارن جي ڪعبن کان ھڪ دل جو درجو وڌيڪ آھي،
    ڇو ته ڪعبو آذر جي پٽ خليل جو ٺھيل آھي،
    ۽ دل رب جليل جي جلوه گاهه آھي.)

    مطلب ته جيتري قدر ٿي سگھي ته حج تي وڃڻ کان اڳ گھڻي کان گھڻي واقفيت حاصل ڪجي، جيئن ڪنهن ڳالهه بابت غلط اعتقاد نه رھي ۽ ڪنهن غلطي ڪرڻ جي اجائي گنجائش نه رھي ۽ پنهنجو پاڻ کي اھڙوDisciplined رکيو وڃي، جو ٻئي کي تڪليف نه رسي.
    حج جو فارم ڀرڻ بعد ٻن ڏينهن کانپوءِ اسان کي ٻڌايو ويو ته عالمگير مسجد جي شعبي انصار الحجاج طرفان اسان کي ھن سال 2000ع جي ٻاويھين گروپ ۾ رکيو ويو آھي، جنهن جو گروپ ليڊر جناب احسان الاھي شيخ آھي ۽ حج جي تربيت ڏيڻ لاءِ فلاڻا فلاڻا ڏينهن مقرر ڪيا ويا آھن، جن تي عالمگير مسجد ۾ اچي عالم دين ۽ حج کان واقفڪارن کان ليڪچر ٻڌي سگھجن ٿا.
    عالمگير مسجد طرفان ٽيھارو کن گروپ ٺھيا. ھر دفعي ليڪچر بعد ھر گروپ جا پاڻ ٽولو ٺاھي ويٺا ٿي ۽ گروپن جي ليڊرن کين وڌيڪ ڪم جون ڳالھيون ٻڌايون ٿي ته اتي ڪيئن رھبو. ماني ٽڪي جو ڇا بندوبست ڪبو. ڪھڙو ڪھڙو سامان کڻي ھلبو... وغيره وغيره. ساڳي وقت اسان پنهنجي گروپ جي ماڻھن جون شڪليون ڏسي ڏسي ھڪٻئي کان ڪافي مانوس ٿي وياسين. حج تي رواني ٿيڻ کان اڳ اسان جي گروپ جي ھڪ ٻن ھمراھن پنهنجي گھر ۾ دعوت به ڪئي. ان ڪري اڃا به ھڪٻئي سان وڌيڪ ڏيٺ ويٺ ٿي وئي.


    سفر جي تياري ۽ سامان جي لسٽ

    پاڪستان ۾ حج جون درخواستون ۽ پئسا گھڻو اڳ ورتا وڃن ٿا. مثال طور: ھن سال (2000ع ۽ 1420 هه) حج مارچ جي 15 ڌاري ٿيو ۽ حاجين جون حج لاءِ اڏامون 20 فيبروري کان شروع ٿيون ھيون پر حج لاءِ فارم ۽ حج جي خرچ جا پئسا ڇهه مھينا اڳ (سيپٽمبر 1999ع) ۾ بئنڪن ۾ جمع ڪرايا ويا ۽ 30 سيپٽمبر آخري تاريخ ھئي. پوءِ ڊسمبر ڌاري حڪومت پاڪستان جي وزارت مذھبي امور، اسلام آباد کان پھريون ڪارڊ مليو ته، ”توھان کي مڪي ۽ مديني ۾ ذاتي رھائش اختيار ڪرڻ جي اجازت آھي ۽ ان رھائشگاهه جي ائڊريس پنهنجي بئنڪ معرفت وزارت کي ٻڌايو ۽ توھان جو درخواست نمبر ھي آھي“. اھو درخواست نمبر پاسپورٽ نمبر پڻ سمجھڻ کپي، حج تي روانو ٿيندڙ حاجين کي ھڪ الڳ قسم جو پاسپورٽ ملي ٿو، جنهن ذريعي فقط حج ئي ڪري سگھجي ٿو .ان پاسپورٽ ذريعي نه ته ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃي سگھجي ٿو ۽ نه سعودي عرب ۾ وڌيڪ رھي سگھجي ٿو. اھو پاسپورٽ حج لاءِ روانو ٿيڻ کان ھڪ ڏينهن اڳ حاجي ڪئمپ مان فارين ايڪسچينج (ريال ۽ ٽريولرس چيڪ) وٺڻ وقت ملي ٿو ۽ جدي جي ايئر پورٽ تي پھچڻ سان اھو پاسپورٽ معلم حوالي ٿيو وڃي. واپس ھٿ ۾ وري تڏھن ملي ٿو. جڏھن حج ڪري وطن ورڻ لاءِ جدي ايئر پورٽ تي پھچي ٿو. تيسين دوران حج پاڪستان حڪومت ۽ معلم طرفان مليل ڪارڊ پاڻ سان رکڻو پوي ٿو. بلڪھ ٻنهي جو ھار ٺاھي ڳچي ۾ پائڻو پوي ٿو. ان ۾ منى جي مختلف معلومات لکيل ٿئي ٿي، جيئن چڪاس وقت يا حادثي جي صورت ۾ اھا ڄاڻ پئجي سگھي ته ھمراهه ڪير آھي ۽ آيا قانوني طرح آيو آھي يا لڪي ڇپي. ان ڳالهه لاءِ ھر وقت پوليس جون گاڏيون ڇاپا ھڻنديون رھن ٿيون. ان ڪري حاجين کي ھر وقت تاڪيد ڪئي وڃي ٿي ته پنهنجي سفر جا ڪاغذ ھو سوگھا رکن ۽ ھر وقت پاڻ سان رکن. عورتن ۽ ٻارن جا پڻ انهن جي ئي حوالي ڪن، جيئن چڪاس مھل ھو ڏيکاري سگھن.
    ھڪ پاڪستاني ھمراهه ٻڌايو ته ھنن جي گروپ ليڊر کي پوليس مڪي مان جھلي ڪراچي واپس موڪلي ڇڏيو. ٿيو ھيئن جو ھو وھنجي ڪپڙا تبديل ڪري سندن رھائشگاهه جي سامھون، رستي جي ٻئي پاسي واري دڪان تان نان وٺڻ ويو ته اتي پوليس جي گاڏي اچي لنگھي ۽ ٻين سان گڏ ھن کان به ڪاغذن جي گھر ڪيائون، جيڪي وھنجڻ مھل ھن کان ميرن ڪپڙن ۾ رھجي ويا ھئا. ھن گھڻو ئي پوليس کي سمجھايو ته اھي ميرن ڪپڙن ۾ رھجي ويا آھن. سامھون گھر ۾ رھان ٿو. ھينئر جو ھينئر کڻي اچان ٿو پر سعودي حڪومت جي پوليس ڪٿي ٿي ٻڌي. ٻين غير قانوني آيل ماڻھن سان گڏ ھن کي به پوليس وئن ۾ ويھاري مڪي جيل وٺي ويا، اتي پھچي خبر پئي ته مڪو جيل ته سڄو فل آھي. ان بعد اھو فيصلو ٿيو ته فالتو ڏوھارين کي رياض موڪليو وڃي. رياض سعودي عرب جي گادي جو شھر آھي.
    رياض ۾ ڪو اھو فيصلو ڪيو ويو ته اڳھين ٻيا ڏوھاري گھڻا آھن. ھنن غير قانوني آيلن کي رکڻ اجايو آھي. ان ڪري کين سندن ملڪ جي سفارتخاني جي خرچ تي سندن ملڪ موڪليو وڃي. رياض پھچي حج لاءِ آيل ھن گروپ ليڊر گھڻي ئي ھاءِ گھوڙا ڪئي پر ھتي ڪنهن کي آھي ٻڌڻ لاءِ وقت ۽ ھمدردي. سعودي حڪومت کي آخر ھمدردي به ڇو ٿئي، جڏھن سالن کان ڌارين ملڪن جي ماڻھن سندن ملڪ ۾ غير قانوني طرح اچي کين بازاري ڪري رکيو آھي ۽ پوءِ نه فقط نوڪريون ڳوليندا وتن ٿا پر غلط ڌنڌا ۽ ڪيترن ئي قسمن جا ڏوهه به ڪندا رھن ٿا. جھلجڻ تي سوين ڪوڙا بهانا ٺاھين ٿا. بهرحال ھتي ھن حج ڪرڻ لاءِ قانوني طرح آيل ھن حاجي وٽ جيتوڻيڪ ڪاغذ پٽ سڀ ھئا پر ھو ڇا چوندا آھن ته سڪن سان گڏ آلا به، ھونءَ به ھو اھا غلطي ڪري ويٺو ھو جو ڪاغذ پٽ پاڻ سان نه رکيا ھئائين. بهرحال ھو ان ئي وقت ڪراچي کان اچي نڪتو. اثر رسوخ وارو ماڻھو ھو. يڪدم اسلام آباد اچي وزارت ۾ گوڙ ڪيائين ته ھي انڌير ٿيو آھي. پوءِ ھن خاطر پاڪستان جي واسطيدار وزارت جا آفيسر سعودي حڪومت جي ڪارندن کي فئڪس ذريعي ٽي ڏينهن دانهون موڪليندا رھيا پر ڪو به جواب نه مليو. چوٿين پنجين ڏينهن فون ذريعي نيٺ سندن Contact ٿي ويو پر رياض (سعودي عرب) کان جواب ملين ته ”وعليڪم سلام و رحمت الله. ھاڻ ان کي ٻئي سال ئي حج تي موڪلجو ۽ چئجوس ته جيڪڏھن قانوني طرح اچين ٿو ته قانوني ڪاغذ پاڻ سان رکندو ڪر“.
    ھي ڳالهه فقط ان ڪري لکي اٿم ته حج تي ويندڙ اسان جا حاجي انهن ڪاغذن جي اھميت سمجھن ۽ جيڪي ڪاغذ پاڻ سان گڏ کڻي ھلڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. اھي پاڻ سان ھر وقت گڏ رکن، جيئن اوچتي چڪاس مھل پوليس کي ڏيکاري سگھن. دراصل سعودي حڪومت سان به مصيبت آھي. جڏھن کان ھنن وٽ تيل نڪتو آھي ۽ ملڪ ۾ خوشحالي آئي آھي، ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻھو نوڪرين جي ڳولا ۾ غير قانوني طرح سعودي عرب ۾ گھڙي پيا آھن. سعودي حڪومت انهن جي جھل ۾ لڳي پئي آھي پر تڏھن به انهي بهاني، خاص ڪري حج ۽ عمري بهاني اچي لڪيو ٿا وڃن يا جيڪي قانوني طرح ويزا ذريعي سال يا ٻن لاءِ اچن ٿا، اھي مقرر مدو پورو ٿيڻ تي پنهنجي وطن موٽڻ بدران لڪيو وڃن، ڪيترا وري اھڙا آھن، جيڪي سعودي عرب جي مختلف شھرن ۾ نوڪريون ڪن ٿا ۽ پوءِ حج جي ڏينهن ۾ بنا اجازت لڪ چوري ۾ مڪي پھچيو وڃن. سعودي حڪومت نه ٿي چاھي ته سعودي عرب جي ٻين شھرن ۾ رھندڙ توڙي کڻي سندن پنهنجا عرب ھجن، جنهن سال وڻين، ان سال حج تي ھليا اچن. ائين جي آزاد ڇڏيو وڃي ته ھيڪاندي رش وڌي وڃي ۽ ٻاھرين ملڪن کان آيل حاجين خاص ڪري پوڙھن، ڪمزورن ۽ بيمارن لاءِ وڌيڪ مسئلو ٿي پوي. ان ڪري سعودي حڪومت پنهنجن ماڻھن کي به حج لاءِ پرمٽ ڏئي ٿي، جيڪا کين شايد پنجن سالن ۾ ھڪ دفعو ملي ٿي. سو اھڙي صورت ۾ ضروري آھي ته اھم ڪاغذ پاڻ سان رکجن.
    حج تي سنڌ جي ڪيترن ڳوٺاڻن کي جڏھن ان ڳالهه لاءِ ڌيان ڇڪايم ته ھنن اھو ئي جواب ڏنو ”نه سائين اسان کي ڪير جھليندو. اسان ته حج لاءِ آيا آھيون. ڪاغذن لاءِ اڄ ڏينهن تائين ڪنهن نه پڇيو آھي“.
    بلڪل صحيح ڳالهه آھي. ٿي سگھي ٿو ته سڄي سفر ۾ ڪو ڪاغذن جو نه پڇي پر ھي چڪاس اوچتي ۽ ڪٿي ڪٿي (Random) ڪئي وڃي ٿي ۽ پوءِ شل نه ڪو آئيءَ ۾ اچي وڃي. ٻي ڳالهه ته رش ۾ ڪو گم ٿي وڃي يا گرمي ڪري يا ٻي سبب ڪري بيھوش ٿي وڃي ته ڪاغذن مان خبر پئجي سگھي ٿي ته ھن جو واسطو ڪھڙي ملڪ سان آھي ۽ حج دوران ھن جو معلم ۽ مڪتب ڪھڙو آھي.
    بهرحال ڪراچي ۾ حج جي درخواست سيپٽمبر ۾ ڏيڻ بعد جنوري جي آخري ھفتي ڌاري، ٽپال رستي ڏنل ائڊريس تي وزارت مذھبي امور اسلا م آباد کان حج لاءِ وڃڻ جو پروگرام ملي ويو ته فلاڻي ڏينهن ۽ وقت تي فلاڻي فلائيٽ ذريعي ڪراچي کان جدي وڃڻو آھي. ڪراچي ڇڏڻ کان ٻه ڏينهن اڳ حاجي ڪئمپ مان ھوائي جھاز جي ٽڪيٽ ۽ غير ملڪي ناڻو ـ گھڻو ڪري ٽريولرس چيڪ جي صورت ۾ ملي ٿو. اتي ھر بئنڪ جي برانچ آھي ۽ جنهن بئنڪ ۾ توھان درخواست ۽ حج جو خرچ ڏنو ھو، ان جي برانچ کان ملي وڃي ٿو.
    ٽريولرس چيڪ تي ٻه دفعا صحيحون ڪرڻ تي اھو مٽجي ملي ٿو. ھڪ صحيح ڪراچيءَ ۾ حاجي ڪئمپ ۾ ئي ڪرائي وڃي ٿي ۽ ٻي صحيح مڪي يا مديني ۾ چيڪ ڪئش ڪرڻ مھل ڪرڻي پوي ٿي. صحيح ۾ ردوبدل تي مڪي يا مديني جي بئنڪ وارا اھو چيڪ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري سگھي ٿو. ان ڪري ڪراچي ۾ چيڪن تي آرام سان اھا صحيح ڪريو، جيڪا توھان ڪندا رھو ٿا ۽ جنهن جي توھان کي پرئڪٽس آھي. ٽريولرس چيڪ سان گڏ جيڪا رسيد ملي ٿي، ان تي به اھا ئي صحيح ڪرڻي آھي جو مڪي يا مديني ۾ ڪجهه بئنڪن وارا ۽Money Changers (پئسا مَٽي ڏيڻ وارا دڪاندار) ان رسيد تي ٿيل صحيح جي به جانچ ڪن ٿا.
    ھوائي جھاز ۾ چڙھڻ لاءِ حاجين کي ٽي چار ڪلاڪ اڳواٽ ايئر پورٽ تي گھرايو وڃي ٿو. سامان به ايئر پورٽ تي ئي ورتو وڃي ٿو. پر ماضي ۾ حاجين کي سامان حاجي ڪئمپ ۾ ئي ڏيڻو پوندو ھو. بهرحال ان قسم جا قاعدا قانون ھر سال بدلبا رھن ٿا ۽ ان بابت چڱي طرح ڄاڻ رکڻ ضروري آھي.
    احرام، پلاسٽڪ جو ٿرماس، چيلهه سان ٻڌڻ جو پٽو، وڏو پائوچ جنهن ۾ پاسپورٽ، بئگن جون چاٻيون ۽ ٻيو ھلڪو سامان وجھجي، ڪٿان به ملي سگھي ٿو، شھر مان صدر مان يا ٽاور وٽ ميمڻ مسجد ٻاھران عالمگير مسجد ٻاھران يا حاجي ڪئمپ مان وٺي سگھجي ٿو، حاجي ڪئمپ مان بنا خوشبو وارو صابڻ به ملي ٿو، جيڪو ھوائي جھاز ۾ ۽ بعد ۾ منى عرفات وغيره ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿو، ڇو جو احرام جي حالت ۾ خوشبو جي منع آھي. ھڪ صابڻ ڪافي آھي ۽ ڪيترائي استعمال ڪري سگھن ٿا.
    ڪيتريون بئنڪن يا ھوائي ڪمپنيون پنهنجي اشتهار بازي لاءِ ٿرماس، پائوچ ۽ ڇٽيون ڏين ٿيون، ٽئي شيون اھم آھن. ٿرماس جو ھجڻ بيحد ضروري آھي. سعودي عرب سنڌ کان به وڌيڪ جابلو ۽ وارياسو ملڪ آھي. سخت گرمي ٿئي ٿي ۽ ڏينهن لڳڻ ۽ Dehydration کان بچڻ لاءِ گھڻي کان گھڻو پاڻي پيئجي. ان لاءِ ھڪ ڏيڍ لٽر جو پلاسٽڪ جو ٿرماس ھجڻ ضروري آھي. ڪيترن ھنڌن تي سعودي حڪومت ٿڌي پاڻي جا ڪولر ھڻي ڇڏيا آھن پر ڪڏھن ڪڏھن انهن ۾ بيحد ٿڌو پاڻي ٿئي ٿو ۽ بهتر اھو ئي آھي ته توھان پنهنجي ٿرماس ۾ مڪس ڪري پوءِ پيئو. حرم پاڪ ۾ به زم زم جي ٿڌي پاڻي جا ڪولر ڀريا پيا آھن. انهن مان ھڪ ٻن ۾ تازو پاڻي به آھي ۽ انهن ڪولرن جي ٻاھران غير مجرب لکيل رھي ٿو. اس ۾ طواف ڪرڻ بعد يا ٻاھران گرمي مان اچي ٿڌو پاڻي پيئڻ بدران تازو پيئڻ کپي.
    سعودي عرب ۾ سج جي ڪرڻن کان پاڻ بچائجي جو اتي تمام گھڻي تپش ٿئي ٿي ۽ ڏينهن لڳڻ جا امڪان آھن. مٿي تي ٽوپي ۽ رومال رکجي. جيئن ڪنڌ به ڍڪيل رھي يا ڇٽي کڻجي. حج وارن پنجن ڏينهن ۾ منى ۽ عرفات تي ته ڇٽي جي تمام گھڻي ضرورت پوي ٿي جو تمام گھڻي اس ۾ ھلڻو پوي ٿو. اسان کي ھن ڀيري پي آءِ اي وارن ھڪ سنهڙي ڪپڙي جي ڇٽي ڏني، جيڪا ڏئي ھنن پنهنجي ڪمپني جي اشتهاربازي ته ضرور ڪئي پر ان ڇٽي جي ٻاھران پي آءِ اي وڏن اکرن ۾ لکيل ھو پر حاجين سان وڏو ظلم ڪيائون، خاص ڪري پوڙھن ۽ بيمار ماڻھن سان، ڇٽي جو ڪپڙو ايڏو ته سنهو ۽ شفاف ھو جو ھن مان اس آرپار آئي ٿي ۽ ويچار حاجي پگھر ۾ شل ٿي ٻين ملڪن جي ماڻھن کي حسرت ڀريل نگاھن سان ڏسي رھيا ھئا، جن وٽ ڪاري رنگ جون ۽ ٿلھي ڪپڙي مان ٺھيل ڇٽيون ھيون ۽ اھي ھليا ٿي ته ڄڻ ڇانوَ ۾ پئي ھليا. پوءِ مون ڏٺو ته اسان جي ملڪ جي ڪجهه ماڻھن پي آءِ اي جون اھي سنهيون ڇٽيون اڇلائي، اتان مھانگي اگهه تي ٻيون ورتائون پڪ اٿم ته ڪيترا ئي گرمي ۽ ڏينهن لڳڻ ڪري بيمار پڻ ٿي پيا ھوندا، ان ڪري ڇٽي صحيح کڻجي.
    احرام ٽوال جي ڪپڙي جا به ٿين ٿا ته لٺي جي چادرن جا به. اسان جي گروپ ليڊر اسان کي ڪراچي ۾ ئي اھا سٺي صلاح ڏني ته ھڪ ٽوال وارو خريد ڪريو ۽ ھڪ لٺي جو. يعني اھي ٿيون ٻه ٽوال جون چادرون ۽ ٻه لٺي جون چادرون، پوءِ گوڏ طور لٺي جي چادر ٻڌو ۽ مٿين جسم لاءِ ٽوال جي چادر اوڍيو. ٻه احرام ضروري آھن، جيئن رستي تي يا خاص ڪري منى، مزدلفه ۾ حج وارن ڏينهن ۾ ھڪ خراب ٿي پوي ته ٻيو استعمال ڪري سگھجي.
    چپل به ٻه کڻڻ ضروري آھن جو نمازن تي ھيٺ مٿي ٿيو وڃن ۽ پوءِ ھڪ ڇڄي پوڻ تي يا گم ٿي وڃڻ تي ٻيو استعمال ڪري سگھجي پر چپل (خاص ڪري اسپنج جا ھوائي ٽائيپ جيڪي اڄڪلهه گھڻو استعمال ٿين ٿا)، جٿي ڪٿي ملي سگھن ٿا. ھڪڙو گم ٿيڻ تي ٻيو ڀر واري دڪان تان ٽن ريالن ۾ وٺي سگھجي ٿو. منهنجا به ٽي چار کن گم ٿي ويا، جن کي دراصل گم ٿيڻ يا چوري ٿي وڃڻ نه ٿو چئي سگھجي. ڪيترا ماڻھو اھو سمجھن ٿا ته حاجين مان ڪو حاجي سندن چپل چورائي ٿو وڃي. سوچڻ جي ڳالهه آھي ته ھر حاجي جيڪو لک رپيا کن خرچ ڪري ههڙي ڀلاري پٽ تي پھچي ٿو. پنهنجا گناهه بخشرائڻ يا توھان جو کارادر مان ورتل 20 رپين وارو چپل چورائڻ، جيڪر وڪڻي ته ڏهه رپيا به نه ملنس
    دراصل ڳالهه اھا آھي ته جتي ھيڏو وڏو اجتماع ٿئي، ھڪ ئي وقت پندرھن ويهه لک ماڻھن جا اچي گڏ ٿين، اتي چپل سنڀالڻ ڏکيو ڪم ٿيو پوي، پاڻ سان گڏ رکي نماز پڙھڻ به سٺو نه ٿو لڳي ۽ ٻاھر رکي اچڻ سان ڪيترا دفعا وسريو وڃي ته ڪٿي رکيو ويو. خاص ڪري پوڙھا ۽ ٻهراڙي جا جتي پاڻ به ڀلجيو پوي، اتي کانئن اھو وسريو وڃي ته ھنن پنهنجو چپل ڪٿي رکيو. پوءِ حرم پا ڪ مان نڪرڻ مھل ڄاڻي واڻي يا ڀل ۾ پنهنجو سمجھي ٻئي جو کڻيو وڃن ۽ ان جو مالڪ جڏھن پنهنجو چپل نه ٿو ڏسي ته ھو به ڪنهن ٻئي جو پايو نڪري. ھونءَ حقيقت ۾ ائين ھرگز نه ڪجي. ڇو جو ائين ڪيترائي ماڻھو ڊسٽرب ٿيو وڃن. بهتر آھي ته نئون خريد ڪجي ۽ ٻي مخلوق کي تڪليف نه وجھجي.
    چپل وڃڻ جوھڪ ٻيو به سبب آھي ته حرم پاڪ ۾ ڪيترن ھنڌن تي چپل رکڻ جي جھل آھي، پر اسان کي خبر نه ٿي پوي، پوءِ صفائي ڪرڻ وارا ان ھنڌ تي صفائي ڪر ڻ وقت اھي چپل ٻاھر ڦٽا ڪريو ڇڏين ۽ مالڪ سمجھي ٿو ته شايد سندس چپل چوري ٿي ويو.
    ھڪ دفعي چپل رکڻ جي مون کي جاءِ نه ملي. اندر گھڙڻ واري دروازي جي طاق پويان ٻين کي رکندو ڏسي مون به کڻي اتي رکيا. جيتوڻيڪ ان ئي وقت مون کي احساس ٿيو ته اتي رکڻ صحيح ڳالهه نه ھئي، جو اتي گيٽ تي بيٺل پوليس جي پيئڻ لاءِ پاڻي جو ڪولر رکيل ھو. نماز پڙھي ڪجهه دير ويھي ٻاھر نڪتس ته چپل غائب ھئا. در وٽ بيٺل پوليس واري کي اشاري سان سمجھايم ته ھتان منهنجا چپل کڄي ويا آھن (يعني توھان جي ھوندي سوندي چوري ٿي ويا آھن). مون سمجھيو ھو مون سان ھمدردي ڪندو پر اکين جا دوڏا ڪڍي ھٿن جي اشاري سان جيڪو ڪجهه عربي ۾ چيائين، ان جو مفھوم سمجھي ويس ته ھو چئي رھيو آھي ته، ”ھي جاءِ چپل رکڻ جي آھي جو توھان چپل رکيا آھن. پاڻي جو سڄو ڪولر چپلن سان ڍڪجي ويو آھي“. آئون ڳالهه سمجھي ويس ۽ سخت شرمندو ٿيس. منجھند جو وقت ھو، اس ۾ پير ساڙيندو ڀر واري دڪان تان ٻيا چپل اچي ورتم، جيتوڻيڪ ھو ڪجهه چئي رھيو ھو ته ھنن اھي چپل اتان کڻي ڪنهن ٻئي ھنڌ ڦٽا ڪيا آھن، جتان وڃي کڻو.
    بهرحال اھو به مون کڻي پوليس واري کان پڇيو. ٿي سگھي ٿو ته ٻين ھمراھن مان ڪجهه جن جا چپل اتان ھٽايا ويا ھئا. پنهنجو چپل نه ملڻ تي ڪنهن ٻئي جو پائي روانا ٿي ويا ھجن ۽ ٻيا ٽين جا ۽ ٽيان چوٿن جا... وغيره وغيره.
    حرم پاڪ ۾ ڪم ڪندڙ ھڪ پاڪستاني ٻڌايو ته روزانو آڌي رات جو جڏھن حرم پاڪ جي صفائي ڪئي وڃي ٿي ته ماڻھن جا وساريل، ھيٺ مٿي ٿيل يا لاوارث چپلن جو گاڏو ڀرجي وڃي ٿو، جيڪو ٻئي ڪچري سان گڏ گند کڻڻ واري ٽرڪ کڻي وڃي ٿي.
    ھڪ ٻه دفعو ته مون کان چپل ھن ريت گم ٿي ويو جو جلدي ۾ رکڻ واري جاءِ صحيح طرح ياد نه ڪيم. واپسي تي ھيڏانهن ھوڏانهن ٻه چار جايون ڏٺم پر چپل نه مليو جو مون ڪنهن ٻئي ھنڌ رکيو ھو. سو آئون نه ٿو سمجھان ته ڪو ھلي ملي چپلن جي چوري ڪري ٿو. پنهنجي ئي غلطي ڪري ھيٺ مٿي ٿيو وڃي. يا ڪيترا پوڙھا يا غريب ماڻھو سندن چپلن نه ملڻ يا چپل رکڻ واري جاءِ نه ملڻ تي ٻئي جو ئي پايو وڃن.
    حج جي سفر تي پاڻ سان ڪھڙو سامان کڻي وڃجي، ان جي لسٽ توھان کي اھي دوست ۽ مائٽ ٻڌائي سگھن ٿا، جيڪي حج ڪري آيا آھن. توھان جو گروپ ليڊر ٻڌائي سگھي ٿو. حڪومت طرفان مليل ھدايتن ۽ معلومات جي ڪتاب مان خبر پئجي سگھي ٿي وغيره. پر سڀ ۾ ضروري ڳالهه اھا آھي ته سامان فقط اھو کڻجي، جنهن جي ضرورت ھجي، ڇو جو اھي سامان توھان کي ڍوئڻو پوي ٿو ۽ خاص ڪري توھان ڪنهن پوڙھي مائٽ کي وٺي پيا وڃو ته ان جي سامان جو به ڪجهه حصو توھان کي کڻڻو پوي ٿو ۽ حج تي پھچي ڪمرن ۾ سامان رکڻ جو مسئلو آھي، جو رھائش، خاص ڪري مڪي ۾ تمام سوڙھي ملي ٿي، مسواڙ جي ڪن ڪن جاين ۾ سامان رکڻ لاءِ اسٽور روم يا پڇٽي آھي، نه ته ڪيترن جو سامان سندن سيراندي يا پيراندي کان رکيل نطر آيو ۽ ان ڳالهه تان به ڪيترن حاجين جون ھڪٻئي سان رنجشون رھيون ٿي، جو اتي ئي سامان پيو آھي، جتي کين سمھڻو پوي ٿو.
    فقط 35 ڏينهن جي سفر لاءِ ڪي ماڻھو ڇهه وڳا (سٿڻيون قميصون) کڻي ھلن ٿا، ڪي اٺ، اسان جي گروپ جي ھڪ ھمراهه ڏهه وڳا آندا ھئا، منهنجي خيال ۾ 4 وڳا به گھڻا آھن، جيڪڏھن توھان کي پنهنجا ڪپڙا ڌوئڻ جي عادت آھي ته، مون ٻه وڳا (سٿڻ قميصون) کنيا ۽ ٻه پتلونون بشرٽون کنيون. ھي پتلونون سفر لاءِ خاص ٺھرائي کنيون ھيم، جيڪي پجامن وانگر ڪجهه سنهي ڪپڙي جون ڍريون ڍاريون ھيون. پٺئين ۽ پاسن جي کيسن کان علاوھ ھڪ وڏو کيسو زپ سان گوڏن وٽ به ٺھرايو ھيم، جنهن ۾ پاسپورٽ جي سائيز جا ڪاغذ پٽ، پئسا، ڄاري جي ٽوپي ۽ تسبيح رکيم ٿي. اتفاق سان اسان جي رھائشگاهه تي واشنگ مشين ھئي، جنهن ۾ (پر جي نه ھجي ھا ته ڪنهن پلاسٽڪ جي باردي ۾ يا ھٿ منهن ڌوئڻ جي گينڊي ۾) ڪپڙا ڌوئي ڇڏيندو ھوس. نج ڪاٽن بدران ٽيٽران جي تند مليل ڪپڙا ھئا، ان ڪري استري جي به ضرورت نه ھئي. رات جو پجامو پائي سمھندو ھوس سو به اتان 5 ريالن ۾ ورتم. سڄي عرب دنيا جا ماڻھو رات جو سمھڻ مھل يا ڏينهن جو جبي (ثوب) ھيٺيان اھو پجامو پائين. سڄو ڏينهن پتلونون پائي ھلندو ھوس. منهنجي گروپ جي ھڪ ٻن حاجين شروع ۾ کلندي چيو:
    ”سائين ھي ڇا آھي، توھان جي ڀٽي صاحب ته شلوار قميص جو اھڙو فيشن وجھي ڇڏيو جو اسان مھاجرن به پتلونون ۽ پجاما ڇڏي کڻي شلوار قميص کي پنهنجو بڻايو آھي“. وراڻيومان ته ”اڄ ھو ھتي ھجي ھا ته ھو به پتلونون پائي ھا جو ھي ڪاغذ پٽ ۽ سامان پتلون جي کيسن ۾ ئي سلامت رھن ٿا. آخر ھي اڌ کان وڌيڪ حاجي: ترڪ، ايراني، مراڪش، ملائيشيا، انڊونيشيا جا ۽ آفريڪا جا بيوقوف ته نه آھن جو پتلونون يا پتلونن نما پاجاما پايو پيا ھلن“.
    حج تان واپسي تي پنهنجي ڪليگ ڪئپٽن وسطڙو کي (جيڪو ڪجهه عرصو جدي ۾ نوڪري به ڪري چڪو آھي) جڏھن اھا ڳالهه ٻڌايم ته کلي چيائين (عرب ملڪن ۾ پتلون پائي ھلڻ ۽ انگريزي ڳالھائڻ سان ويندي پوليس جو شرطو به فضيلت سان ڳالھائي ٿو، جو پوءِ ھو منجھيو پوي ته ھي ننڍي کنڊ جو ماڻھو آھي (جنهن کي رڳو دڙڪا ۽ ڇڙٻون ڏجن) يا ڪو ترڪ، ايراني آھي يا انگلينڊ يا آمريڪا جي قوميت رکندڙ پاڪستاني ھندستاني (جنهن صورت ۾ ھن سان آرام سان ڳالھائجي).
    حرم پاڪ ۾ ڏاڪڻين تي ويٺل بمبئي جي ھڪ بوريءَ سامھون ايندڙ عرب پوليس کي ڏسي مون کي چيو: ”ھاڻ ڏسجو ھي پاڻ کي ھتان اٿڻ لاءِ ڇڙٻون ڏيندو پر سامھون ويٺل ايرانين کي ھرگز نه چوندو جو عرب ايرانين کان ڊڄن ٿا.“
    ۽ پوءِ واقعي ائين ٿيو، بهرحال ڏاڪڻين تان اٿارڻ ۾ ته ھن صحيح ڪم ٿي ڪيو جو ھرھڪ ڏاڪڻين تي ويھڻ شروع ڪندو ته پٺيان ايندڙن لاءِ لنگھڻ ۾ تڪليف ٿيندي. باقي اھو ٿي سگھي ٿو، عرب پوليس کي فارسي جا لفظ نه ايندا ھجن جو ايرانين کي دڙڪا ڏئي .ھن کي فقط ”چلو چلو“ ۽ ”اٺو اٺو“ آيو ٿي.
    اھڙي طرح گنجيون به ٻه ڪافي آھن. جيڪي ميريون ٿيڻ تي يڪدم ڌوئي ٻي ڏينهن پائي سگھو ٿا. ٽوال فقط ھڪڙو ڪافي آھي پر ٻئي جي توھان کي ضرورت به پوي ٿي ته اتان وٺي سگھو ٿا.
    اڄڪلهه موسم ٿڌڪار واري آھي ۽ پنج ڇهه سال 2005ع تائين سياري واري موسم رھندي. جنهن ۾ فجر ۽ عشاءِ نمازن تي سيءُ ٿئي ٿو، جنهن لاءِ توھان کي سئيٽر جي ضرورت پوندي يا بهتر ته اھو آھي ته مون وانگر ھڪ کٿي (يا لوئي، اجرڪ) کڻي وڃو، جنهن کي مٿان پائي سمھي به سگھو ٿا.
    سامان کڻڻ لاءِ لوهه، ڪاٺ، چمڙي کان ڪپڙي جي بئگ وڌيڪ ھلڪي رھي ٿي ۽ ھڪ ئي اھڙي سائيز جي بئگ کڻجي، جنهن ۾ سڀ سامان اچي وڃي ۽ ٻيو ڳچي جو ٿيلھو کڻجي، جيڪو ھوائي جھاز ۾ پاڻ سان رکي سگھجي ٿو يا حج وارن پنجن ڏينهن تي منى، مزدلفه ۽ عرفات جي سفر تي کڻي سگھجي ٿو.
    پنهنجي پسند جي ڇٽي Umbrella کڻي وڃڻ چاھيو ٿا ته ڪاري رنگ جي اھا ڇٽي وٺو، جيڪا بند ڪرڻ ۾ننڍي به ٿي سگھي ۽ توھان جي ھئنڊ بئگ ۾ آساني سان اچي وڃي.
    مون کي جيڪا سامان جي لسٽ ملي ھي، ان ۾ بوٽ جي پالش ۽ برش به لکيل ھو. خبر ناھي بوٽ پائڻ جي ڪٿي ضرورت پوي ٿي. ڪراچي مان احرام ٻڌي چپل ۾ نڪرجي ٿو ته سڄو سفر چپل ۾ ئي گذريو وڃي. ھا البته ڪراچي موٽڻ مھل ڪراچي ايئر پورٽ تي بوٽ شوٽ پائي لھي سگھو ٿا، سو به تڏھن جڏھن توھان پنهنجن مائٽن، دوستن، آفيس جي عملي کي پنهنجي آڌرڀاءُ لاءِ تڪليف ڏني آھي ته گلن جا ھار کڻي اچن. اھڙي صورت ۾ واقعي توھان کي ٺش مش ٿي بوٽن ۾ ايئر پورٽ کان ٻاھر نڪرڻو پوندو. نه ته ٻي صورت ۾ مون وانگر انهن ساڳين ھوائي چپلن ۾ ٽئڪسي ۾ چُپڙي ڪري گھر پھچي سگھو ٿا. باقي سئي سڳو، ننڍڙي قئنچي، شيونگ جو سامان، ٽٿ برش ۽ پيسٽ، ضروري دوائون ۽ پلاسٽڪ جو ھٿ جو پکو (وڃڻو) کڻي سگھو ٿا.
    جنهن زماني ۾، يعني اڄ کان ٽي چار سال اڳ تائين جڏھن منى جي تنبن ۾ ايئر ڪنڊيشن (ڪولر) نه لڳل ھئا ته سخت گرمي ڪري ھرھڪ لاءِ ھٿ جو پکو ضروري ھو، پر ھينئر به ڪن ڪن ھنڌن تي عرفات جي ميدان تي يا ڪڏھن ڪڏھن بس ۾ پکي جي ضرورت پئجيو وڃي. حج جي سفر تي پاڻ سان دوائون کڻي وڃڻ بيحد ضروري آھن، جو اھي سعودي عرب ۾ تمام مھانگيون آھن. مثال طور، کنگهه جو شربت جيڪو پاڪستان ۾ ويھن پنجويھن رپئي ملي ٿو. سعودي عرب ۾ 51 ريالن کان گھٽ جو نه ٿو ملي. يعني ٻه اڍائي سئو رپيا ٿيا. اھڙي طرح سر بيڪس ٽي کان وٺي عام پئناڊال، پونسٽان جھڙيون دوائون پڻ تمام مھانگيون آھن. دوائن ۾ ھڪ ته اھي دوائون کڻي وڃجن، جن جا توھان عادي آھيو يا عام طرح واپرايو ٿا ، جيئن ته بلڊ پريشر، مٺي پيشابن جھڙين بيمارين کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ ھر وقت استعمال ڪريو ٿا ۽ ٻيون دوائون احتياط طور، بخار، مٿي جي سور، ٿڌ، زڪام، کنگهه، ڳلي جي خراش جھڙين بيمارين لاءِ اڳواٽ وٺي وڃو، ڇو جو وائرس فلو، ٿڌ، تپ ۽ کنگهه جھڙيون بيماريون ته سڀني کي ٿيو پون. قبضي ۽ ڊائريا جي به ماڻھن کي شڪايت رھي ٿي. ٽيون دوائون طاقت لاءِ، جيئن ته سربيڪس ۽ وٽامن سي وغيره.
    اسان جي گروپ ۾ ٻه ڊاڪٽر ھئا، ھڪ دل جو سرجن ڊاڪٽر فضل ربي ۽ ٻيو جنرل فزيشن ڊاڪٽر شفيق احمد جيڪو تازو آمريڪا جي ڪنهن اسپتال ۾ ڇهه سال ڪم ڪري آيو ھو. ٻنهي وٽ دوائن جو وڏو اسٽاڪ ھو ويندي اينٽي بائٽڪ به ھين ۽ ڪڏھن کانئن ته ڪڏھن فارميسي (دوائن جي دڪان) تان دوائون وٺندا ھئاسين. اسان جي گروپ ۾ ھڪ فارماسسٽ اسان وارو يار حافظ سعيد احمد به ھو، جنهن وٽ به دوائن جو وڏو اسٽاڪ ھو. ھن غريب جيتوڻيڪ پنهنجي استعمال لاءِ دوائون آنديون ھيون پر اسان به کانئس ڪڏھن مٿي جي سور جي ته ڪڏھن ننڊ جي گوري وٺي ڦڪيندا رھياسين، بلڪه ٻنهي ڊاڪٽرن کان جلد حافظ سعيد دوا تجويز ڪندو ھو، ھو ٻئي ڊاڪٽر سوچيندا رھندا ھئا ۽ ڏينهن ٻه بنا اينٽي بائٽڪ دوا جي ڪڍڻ چاھيندا ھئا، جو ھنن نه ٿي چاھيو ته مريض کي يڪدم ڳريون دوائون کائڻ لاءِ چئجي پر حافظ سعيد پري کان پنهنجي بستري تي ليٽي ليٽي پيو چوندو ھو ته ”بابا اھو مبشر اس ۾ ھلي ٿڌو پاڻي پي آيو آھي ۽ ان کي سخت قسم جي وائرس ٿي پئي آھي. ان کي ھينئر ئي اينٽي بائٽڪ جو پنجن ڏينهن جو ڊوز شروع ڪرايو، جيئن منى ڏي ھلڻ لاءِ وقت کان اڳ تيار ٿي وڃي“.
    حافظ سعيد ـ جنهن جو جناح اسپتال جي در وٽ دوائن جو دڪان آھي کي ھڪ ڏينهن کلندي چيم: ”يار ڊاڪٽرن ۽ توھان فارماسسٽن (دوائون وڪڻندڙن) به ھر ماڻھو کي نپوڙي رکيو آھي“ ۽ پوءِ ھڪ لطيفو ٻڌايومانس ته ھڪ مريض چيو ته: ”ھر مھيني ڊاڪٽر کي ٻڪ پئسن جا ڏئي دوائون لکايان ٿو. آخر ھن کي به ته جيئرو رھڻو آھي. پوءِ پئسا ڏئي دوائن جي دڪاندار کان دوائون وٺان ٿو. آخر ھن کي به ته جيئرو رھڻو آھي ۽ پوءِ گھر پھچي اھي دوائون ڪچري جي دٻي ۾ اڇلايان ٿو. آخر مون کي به ته جيئرو رھڻو آھي“.
    حج تي دوائون کڻي وڃڻ لاءِ ڪيترن منع ڪئي ته جدي ۾ ڪسٽم وارا دوائن جي اجازت نه ٿا ڏين ۽ جيڪي دوائون حج تي کڻي وڃڻ چاھيو، اھي حاجي ڪئمپ ۾ ويٺل ڊاڪٽر کان ھيلٿ ڪارڊ تي لکائي پوءِ کڻي وڃو، پر مون ڏٺو ته جدي ۾ عرب ڪسٽم وارن دوائن تي اعتراض نه پئي ڪيو.
    پر عربن جي موڊ بابت ڪجهه چئي نه ٿو سگھجي. ھڪ مثال منهنجي اکين اڳيان آھي. ڪجهه سال اڳ آئون باءِ ايئر سعودي عرب جي اتراھين شھر دھران جي ھوائي اڏي تي لٿس ته ھڪ پاڪستانيءَ کي روڪي ڇڏيائون. ھن وٽ Surbex T وٽامن جي شيشي ھئي، جنهن ۾ گھم چوسڻ لاءِ اڇي ننڍڙي ڳوٿري ۾ Absorber ٿئي ٿو. ڪسٽم واري کي سمجهه ۾نه اچي ته دوائن جي شيشي ۾ اھا ڪھڙي شيءِ آھي. ان شايد ان کي چرس سمجھيو ۽ پوءِ ڪلاڪ ڏيڍ بعد سرڪاري ڪيمسٽ اچي ان کي چيڪ ڪري جڏھن رپورٽ ڏني ته ان ۾ ڪا خاص شيءِ ناھي، تڏھن ان مسافر جي جان ڇٽي.
    کائڻ پيئڻ جي شين، مٺائي، فروٽ وغيرھ کڻي وڃڻ تي پڻ روڪ ٿيل آھي. ان ڪري بهتر آھي ته ان قسم جون شيون نه کڻي وڃجن. ھر مسافر کي ٽيهه ڪلو وزن کڻڻ جي اجازت جيڪو چٽو خاصو وزن آھي. ھونءَ عام انٽرنيشنل پئسينجر کي ڪنهن به ملڪ ويندي فقط ويهه ڪلو بار کڻڻ جي اجازت ھوندي آھي.
    مديني ۾ گھڻو ڪري رھائش ھوٽلن ۾ ٿئي ٿي. ڪجهه ھوٽلون ته بلڪل فليٽن جھڙيون آھن. بهرحال مديني ۾ کٽون يا پلنگ ملن ٿا، انهن سان گڏ چادرون پڻ پر مڪي ۾ جتي ڪٿي رھائش پٽ تي ڪئي وئي آھي ۽ ھر مسافر کي سمھڻ لاءِ اڍائي فوٽ ويڪرو ۽ ڇهه فوٽ کن ڊگھو اسٽيج جو گاديلو ۽ وھاڻو ملي ٿو. مٿان اوڍڻ لاءِ پنهنجي چادر استعمال ڪرڻي پوي ٿي. ايئر ڪنڊيشنر ھلڻ ڪري رات جو ٺار ٿئي ٿو، ان ڪري بهتر آھي ڪا ٿلھي چادر پاڻ سان کڻي وڃجي، نه ته به احرام واريون چادرون استعمال ڪري سگھجن ٿيون.
    بهتر اھو ئي آھي ته تالي واري بئگ استعمال ڪجي، ان کان علاوه ان بئگ کي ڪنهن نئلان جي رسي سان پڻ ٻڌي ڇڏجي، ڇو جو ڪڏھن ڪڏھن ھوائي جھاز ۾ سامان چاڙھڻ ۽ لاھڻ وارا تمام بيدردي سان سامان کي اڇلين ٿا ۽ تالو ٽٽڻ تي سامان سنڀالڻ مسئلو ٿيو پوي. پاڻ سان پلاسٽڪ جي پليٽ، چانهه لاءِ مگ ۽ ھڪ ننڍو ۽ ھڪ وڏو چمچو رکڻ بهتر آھي. مصلو (جاءِ نماز) پاڻ سان ھتان به کڻي وڃي سگھو ٿا ۽ اتي به توھان کي ھر قسم جو مصلو ۽ ٽوپي ملي سگھندي. بار گھٽائڻ لاءِ جيترو ٿي سگھي سنهو مصلو کڻجي.
    حاجي ڪئمپ ۾ گردن ٽوڙ بخار جي سئي پڻ لڳائي وڃي ٿي، جيڪا مسافر جي حق ۾ بهتر آھي ته ضرور لڳرائي. ھيلٿ ڪارڊ تي ان جو ٺپو ھڻائي، ڇو ته جدي ايئر پورٽ تي پھچي ان بابت پڇيو وڃي ٿو. اھا سئي ته سرڪاري طرح ضروري آھي پر بهتر اھو آھي ته فلو يا وائرس جي به سئي ھڻائي. مڪي ۾ جڏھن سڀني کي بخار ٿي پيو ته ڪيترن جي واتان اھو ٻڌو ته بهتر ھو ته 200 رپيا خرچ ڪري ڪراچي مان فلو وائرس جي خلاف سئي لڳرائي اچجي ھا.
    مڪي ۽ مديني ۾ حاجين لاءِ سعودي حڪومت طرفان اسپتالون پڻ آھن. جتي ھن کي مفت دوائون ملن ٿيون پر اتي به گھڻي ڌم ائنٽي بائٽڪ تي آھي پر اھو آھي ته دوائون بيحد اوچيون ڏين ٿا. مون به مڪي ۽ مديني جي اسپتالن مان کنگهه جو شربت ورتو، جيڪو سئٽزرلينڊ جي ڪنهن ڪمپني جو ٺھيل ھو پر کنگهه نه لٿي، کنگهه ان پاڪستاني دوا مان لٿي، جيڪا ھڪ ڳوٺ جي حاجي ڏني. جنهن دوا جي شيشي ٻاھران جھرڪي ٺھيل آھي، جنهن جو ڪو ڳلو پيو نپوڙي. ھن وقت ان دوا جو نالو ياد نه اٿم، پر مطلب اھو ته ڪيترين حالتن ۾ اسان لاءِ اسان جي ملڪ جون ٺھيل دوائون وڌيڪ ڪارآمد ثابت ٿيون آھن. شايد اھي اسان جي مزاج مطابق ٺاھيون وڃن ٿيون.


    جدي ايئر پورٽ تي

    حج جي سفر کي مختلف ڏاڪن ۾ ورھائي سگھجي ٿو.
    1. گھر کان حاجي ڪئمپ جنهن کي بيت الحجاج به سڏجي ٿو. سنڌ جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن جا ماڻھو پنهنجي گھرن کان ڪراچي جي حاجي ڪئمپ ۾ پھچن ٿا، جتي ھو ٻه يا ٽي ڏينهن رھي حج بابت تربيت وٺن ٿا ته حج ڪيئن ڪجي. آخري ڏينهن تي حج جي سفر جا ڪاغذ پٽ، پاسپورٽ ۽ غير ملڪي ناڻو وٺن ٿا.
    2. بيت الحجاج (حاجي ڪئمپ) ڪراچي کان ڪراچي جي ايئر پورٽ ڏي روانگي.
    ڪيترا ئي حاجي خاص ڪري ڪراچي جا حاجي ڪئمپ وڃڻ بدران گھر کان سڌو ايئر پورٽ پھچن ٿا. حاجي ڪئمپ مان ھو فقط ڪاغذ پٽ وغيره ھڪ ڏينهن اڳ وٺيو ڇڏين.
    3. جدي ايئر پورٽ تي پھچڻ ۽ بس ذريعي مڪي روانگي.
    4. مڪي شريف کان مديني منور ڏي بس ذريعي روانگي ۽ ھفتي ڏيڍ بعد وري مڪي واپس اچڻ.
    5. مڪي شريف کان منى، عرفات، مزدلفه ڏي بس ذريعي (يا ڪٿي ڪٿي پنڌ) روانگي ۽ پنجن ڏينهن بعد مڪي واپسي.
    6. مڪي شريف کان وطن واپس موٽڻ لاءِ جدي ايئر پورٽ تي پھچڻ ۽ ھوائي جھاز رستي ڪراچي موٽڻ.
    اھي مسافر جيڪي حج جي ويجھن ڏينهن ۾ مڪي پھچن ٿا، اھي حج ڪرڻ بعد سفر جا، آخري ڏينهن مديني ۾ گذارين ٿا ۽ پوءِ مديني مان ئي وطن ورن ٿا، يعني مديني کان سڌو جدي ايئر پورٽ تي اچن ٿا.
    جدو مڪي جي ويجھو ھئڻ ڪري ۽ ڪراچي وانگرCommercial City (واپاري شھر) ھجڻ ڪري ڪيترا حاجي خريداريءَ لاءِ پنهنجن مٽن مائٽن سان ملڻ لاءِ مڪي کان جدي بس يا ٽئڪسي ذريعي ايندا ويندا رھن ٿا. پر ھاڻ سعودي عرب جي حڪومت ان تي به سختي ڪئي آھي ۽ ھن سال ڪيترن حاجين کي جدي شھر ڏي ويندي يا جدي کان سندن مائٽن کي مڪي ايندي ڏنڊ ھنيو آھي. ٿي سگھي ٿو ٻئي سال کان حاجين جي ان غير قانوني چرپر تي اڃا به وڌيڪ سختي ٿئي.
    حاجين کي اھو معلوم ھئڻ کپي ته ھو حج جي پاسپورٽ تي فقط مڪي ۽ مديني شھرن ۾ رھي سگھن ٿا. وڌ ۾ وڌ انهن شھرن جي اوس پاس جون مذھبي ۽ تواريخي شيون (زيارتون) ڏسي سگھن ٿا. جيئن ته غار حرا، غار ثور، مسجد عائشه، مسجد قبه وغيره وغيره. جدي فقط موٽڻ مھل وڃي سگھن ٿا، سو به سڌو ايئر پورٽ جي حج ٽرمينل تي. شھر ۾ گھمڻ جي اجازت نه آھي، جيڪڏھن ڪو جدي شھر ۾ وڃي به ٿو ھو اھو غير قانوني ڪم ڪري ٿو.
    اسان پي. آءِ. اي جي ھوائي جھاز ذريعي جدي پھتاسين، اسان جي ڪراچي کان فلائيٽ صبح جو ستين بجي ھئي. چار ڪلاڪ گھٽ ۾ گھٽ اڳ پھچڻو ھو. يعني گھران ٽي بجي ڌاري نڪرڻو پيو. ڪلاڪ ٻه تياري ڪرڻ، احرام ٻڌڻ، نفل پڙھڻ ۾ لڳي ٿو. يعني اھا رات ڪير ستو ھوندو. دراصل صبح جو 6 يا 7 جھڙو اڏام جو وقت رکڻ انٽرنيشنل مسافر لاءِ به مصيبت آھي. يعني جيڪو گھمڻ لاءِ ٻئي ملڪ وڃي ٿو. ان لاءِ به اھو ڏکيو ٽائيم آھي پر ان لاءِ گھٽ ۾ گھٽ اھو ته سک آھي ته ھو سنگاپور، ڪوالالمپور يا دبئي تهران جي ھوائي اڏي تي پھچي سڌو ھوٽل روانو ٿئي ٿو ۽ سمھيو رھي.
    حاجين جي اڏامن جو پروگرام ٺاھڻ وارن کي گھٽ ۾ گھٽ اھو سوچڻ کپي ته حاجين کي فقط جدي ايئر پورٽ تائين پھچڻو نه آھي. ھنن جو سفر ته اڃا به اڳتي مڪي تائين آھي ۽ مڪي شريف به پھچي ھنن کي لت کوڙي ٻارھن ڪلاڪ سمھڻو نه آھي پر طواف ۽ سعي لاءِ پنڌ ڪرڻو آھي. جماعت سان نمازون پڙھڻيون آھن ۽ پوءِ جنهن اسٽائيل ۾ ھنن کي رھڻو پوي ٿو. جنهن قسم جي ھنن کي زندگي گذارڻي پوي ٿي. اھا ھڪ قسم جي Camp Life آھي.
    سعودي عرب حڪومت، بنا ڪنهن شڪ جي حاجين جي سک لاءِ ڏاڍا اپاءَ ورتا آھن. ان لاءِ ھرڪو تعريف ڪري ٿو پر اڃا به ڪن ڪن ھنڌن تي ھنن جو نظام ۽ طريقو تمام ناقص ۽ اچرج ۾ وجھندڙ لڳي ٿو. انهن مان ھڪ ته جدي ايئر پورٽ تي حاجين جي Entry (داخل ٿيڻ) ۽ واپسي لاءِ Exit (ٻاھر نڪرڻ) آھي. عام طرح ڪنهن به ملڪ ۾ توھان وڃو ٿا ته ھيئن ٿئي ٿو: جھاز جي پھچڻ سان توھان ھٿ جو سامان کڻي ھوائي جھاز مان نڪري ايئرپورٽ ۾ گھڙو ٿا، جتي اميگريشن کاتي وارا توھان جو پاسپورٽ چيڪ ڪن ٿا. ھوائي جھاز جي سائيز مطابق ھڪ يا ٻه آفيسر چڪاس لاءِ بيھن، جن اڳيان ھر مسافر قطار ۾ ايندو ويندو آھي ۽ ھو بنا ڪنهن انتظار ڪرائڻ جي ھرھڪ جو پاسپورٽ، ويزا ۽ ھيلٿ ڪارڊ ڏسندو ويندو آھي.
    پئسينجر اميگريشن وارن کان پاسپورٽ تي Entry جو ٺپو ھڻائي ٻئي ھال ۾ پھچندو آھي ته سامان اچڻ شروع ٿي ويندو آھي،جيڪو گول پٽي تي پير ڦرندو آھي. ھر ڪو پنهنجو سامان ٽراليءَ تي رکي ڪسٽم وارن کان چيڪ ڪرائي ٻاھر ھليو ويندو آھي ۽ آجو ٿي ويندو آھي. ڪنهن وٽ اعتراض جوڳو سامان ھوندو آھي ته ھو ترسي ٽيڪس يا ڊيوٽي ڀريندو آھي. اھڙي طرح حاجين جي به Entry ٿي سگھي ٿي. پر جدي ايئرپورٽ تي حج لاءِ آيل مسافرن کي ھوائي جھاز مان لھي ھڪ ھال ۾ اچي انتظار ڪرڻو پوي ٿو. جتي جيتوڻيڪ پلاسٽڪ جون ڪرسيون رکيون آھن پر ايتريون نه آھن جو سڀ ويھي سگھن ۽ جيتوڻيڪ ايئرڪنڊيشنر ھلندو رھي ٿو پر ماڻھن جي وڏي تعداد ڪري گھٽ (Suffocation) رھي ٿي. ھرڪو ان انتظار ۾ رھي ٿو ته اجھو ٿي جان ڇٽي ۽ ٻاھر ڪڍن، ان آسري تي ھو ھر وقت نماڻيون اکيون کڻي ڪلف لڳل وردين ۾ بي نياز ٿي ھلندڙ سعودي اميگريشن پوليس ڏي نهاريندو رھي ٿو. آخر اڌ ڪلاڪ کن بعد پوليس ٿورا ٿورا ڪري ٻئي ڪمري ۾ ماڻھو موڪلي ٿي جتي پاسپورٽ چيڪ ڪيا وڃن ٿا ۽ ھيلٿ ڪارڊ ڏٺا وڃن ٿا. جيتوڻيڪ ٿيڻ ته ھيئن کپي (جيئن ٻين ايئرپورٽن تي ٿئي ٿو) ته ھوائي جھاز مان جيڪو لھندو وڃي اھو پاسپورٽ ڏيکاري ٺپو ھڻائيندو وڃي پر ھتي تيسين پاسپورٽ جي چڪاس جو ڪم شروع نٿا ڪن جيسين سڄي جھاز جا مسافر اچي گڏ ٿين ۽ پوءِ به ڪافي دير ويھاري پوءِ پاسپورٽ جو ڪم شروع ڪن ٿا.
    بهرحال پاسپورٽ ۽ ويزا وغيره جي چڪاس لاءِ ڏهه ڏهه ويهه ويهه ڪري ٻئي ڪمري ۾ گھرايا وڃن ٿا. جن جا ھيلٿ ڪارڊ صحيح نه آھن ۽ سيون لڳل نه آھن انهن کي اتي لڳرائڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ۽ پوءِ انهن کي ٽئي ڪمري ۾ موڪليو وڃي ٿو جتي ھوائي جھاز مان لھندڙ سامان ايندو رھي ٿو يا اچي گڏ ٿي چڪو آھي. ھاڻي ان ٽئي نمبر ڪمري ۾ جيڪو اڌ کان وڌيڪ ته سامان سان ڀرجي چڪو آھي، آيل مسافرن کي پنهنجو پنهنجو سامان کڻي اڳتي وڌڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي پر انهن کي اتي وري انتظار ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو، جتي ويھڻ لاءِ اڃان به گھٽ ڪرسيون رکيل آھن. پوءِ ويچارا مجبور مسافر ڪڏھن ھڪ ٽنگ تي ته ڪڏھن ٻي ٽنگ تي بيٺا رھن ٿا. ڪيترا ويچارا پوڙھا، ڪمزور ۽ بيمار پٽ تي ويھو رھن،جيسين ڏهه ڏهه ويهه ويهه ٿيندا سڄي ھوائي جھاز جا مسافر ان ٽئي ڪمري ۾ گڏ ٿين، ڪو پنهنجي سامان ۾ ھٿ وجھندو آھي يا اونڌي ٿيل بئگ کي سڌو ڪندو آھي ته سامان لاھڻ وارا انچارج، پوليس، ويندي پورٽر (Coliee)جيڪي اسان جي تر وارن ملڪن (بنگلاديش، سائوٿ انڊيا ۽ سريلنڪا) جا آھن، اھي به ان مسافر کي دڙڪو ڏيندا آھن ته صبر ڪر صبر، ٿورو پٺيان ٿي بيهه ۽ پوءِ ڪجهه دير بعد نه پويان بيھڻ جي جاءِ ھوندي آھي نه اڳيان وڌڻ جي ماڻھوءَ جي ساهه سان ساهه پيو ملندو آھي.Suffocation گُھٽ ايڏي وڌي ويندي آھي جو ھلندڙ ايئرڪنڊيشنر ۾ به پگھر پيو ايندو آھي ھڪ ٻن عورتن کي ته ان حالت ۾ اٻڙاڪ ۽ الٽيون ڪڍندي ڏٺم.
    سامان به جيئن جيئن ايندو آھي، تيئن تيئن پھرين جو آيل سامان دٻجي ويندو آھي ۽ ھر ھڪ پريشان ھوندو آھي ته چار سو کن مسافرن جي ڇهه سو کن ننگن مان پنهنجي بئگ ۽ ٿيلھو ڪيئن ڳولجي، ھر ھڪ جو ٿَڪُ ۽ پريشاني وڌندي رھندي آھي. گھر کان ڪراچي ايئرپورٽ ۽ ھوائي جھاز ۾ سڄو سفر جن الله جي بندن تازگي محسوس پئي ڪئي اھي به ھاڻ ٿڪاوٽ محسوس ڪن ٿا. ھوائي جھاز مان لھڻ تائين جيڪا بلند آواز ۾ تلبيھ ٻڌڻ ۾ اچي رھي ھئي ان ۾ نستائي اچي وڃي ٿي. رکي رکي لبيڪ اللھم لبيڪ... آئون حاضر آھيان يا الله آئون حاضر آھيان.... جو آواز ته اچي ٿو پر ھر ھڪ جون اکيون ۽ ڌيان پنهنجي سامان ڏي رھي ٿو. اتي پوليس وارو وڏي شان سان اشارو ڪري ٿو ته پنهنجو پنهنجو سامان کڻي ڪسٽم چيڪنگ لاءِ ھلو. پوليس جي اشاري ڏيڻ سان ھر ھڪ مسافر سامان تي ڪري پوي ٿو. منهنجي بئگ، منهنجو ٿيلھو، فلاڻا منهنجي فلاڻي رنگ واري پيتي ڏٺئي، عجيب حال رھي ٿو ۽ ھي حال ڇا ھن دفعي ٿي رھيو آھي؟ مون سوچيو. ھرگز نه لڳي ٿو ھي ڪم سالن کان ائين ٿي رھيو آھي جو ممتاز مفتي 1968ع ۾ ڪيل حج جي ”لبيڪ“ نالي سفرنامي ۾ پڻ ان ڳالهه جو نظارو چٽيو آھي جو سندس اکرن ۾ ھن ريت آھي:
    ”ھٿن ۾ ٿيلھا، ٽوڪريون، پاڻيءَ جون بوتلون، ڪلھن تي رکيل ڪمبل لوئيون ۽ ھر ھر ھيٺ سر ڪندڙ احرام جي مٿين چادر کي سنڀاليندا ھو سڀ بئگن، سوٽ ڪيسن، ٽرنڪن ۽ ھنڌ بستري ڏي وڌيا ۽ پوءِ ھڪ گوڙ مچي ويو. ”ھيءَ بئگ منهنجي آھي.“ ”منهنجي بئگ ڪيڏانهن وئي؟” ”منهنجي ٽوڪري ھتي پئي ھئي؟“ ”منهنجو سامان نه آيو؟“ ”منهنجو سامان نظر نه پيو اچي“ لڳاتار ٻن ڪلاڪن تائين نفسا نفسيءَ جو عالم رھيو. مسلسل ٻه ڪلاڪ سامان سامان، سامان، سامان جو آواز گونجندو رھيو. ”سامان ڪيڏانهن ويو؟“ ”سامان سنڀال.“ ”سامان چيڪ ڪر.“ ”سامان گم نه ڪجانءِ“ ”سامان جھلجانءِ“. ”سامان ڏجانءِ.“ ”منهنجو سامان.“ ”ھاءِ منهنجو سامان“۔
    اھي چپ جيڪي ھوائي جھاز ۾ چري رھيا ھئا اھي ھتي اچي ھڪ ھنڌ بيھي رھيا. تسبيحون جيڪي سفر دوران آٽرين ۾ سريون پئي اھي ڪراين تي واچن وانگر چڙھي ويون. چھرا جيڪي تقدس سان ڀريل اميدن سان منور ھئا سامان جي چاهه ۾ فڪرمند ٿي وسامي ويا.
    ”ان وقت ائين ٿي لڳو ڄڻ اسان سڀني ھيڏو ڊگھو سفر فقط ان لاءِ اختيار ڪيو ھو ته جدي ايئرپورٽ تي پھچي پنهنجو سامان حاصل ڪري سگھون. ان وقت سامان کانسواءِ ڪائنات ۾ڪجهه به نه ھو. سامان اسان جي منزل ھو سامان اسان جي مراد ھو. سامان لاءِ اسان جون اکيون واجھائي رھيون ھيون ڪنهن کي اھو ياد نه پئي آيو ته اسين مسافر آھيون ۽ حج جي غرض سان آيا آھيون. ڪنهن کي شعور نه پئي ٿيو ته ھيءَ اھا سرزمين آھي جتي بي سرو ساماني سامان بڻجيو وڃي. ھو سڀ رڙيون ڪري رھيا ھئا: ”اي سامان آئون حاضر آھيان. تنهنجو ڪو شريڪ ناھي. اي سامان آئون حاضر آھيان“۔
    بهرحال مس مس مسافرن کي سامان ملڻ شروع ٿيو ۽ جنهن جو ھڪ يا ٻه ننگ ھئا اھي جلد آزاد ٿيندا ويا جو ھنن کي ٻين کان اڳ ملي پئي ويا جن جا وڌيڪ ننگ ھئا، خاص ڪري انهن مردن جا جن سان گڏ عورتون ھيون يا پوڙھو پيءُ، چاچو ھو. انهن کي ٻين جون به بئگون ڳولڻيون پيون ٿي. بلڪ ڳولھي انهن پوڙھن ۽ عورتن وٽ گڏ ڪندا ويا، پوءِ ڪسٽم واري وٽ پھتا ٿي. ڪسٽم واري ڪنهن جو چڱي طرح سامان کولي ڏٺو ٿي ته ڪنهن جو فقط مٿاڇري انداز ۾، جن جو سڄو سامان ٻاھر ڪڍيو ويو ٿي انهن لاءِ ان ساڳي بئگ يا سوٽ ڪيس ۾سامان واپس وجھڻ مسئلو ٿي پيو ٿي. زمين ۾ کڏ کوٽي وري ساڳي مٽي واپس وجھڻ سان ڪجهه مٽي ضرور بچي پوندي آھي. بئگ مان نڪتل سامان به مٽيءَ وانگر آھي. گھر ۾ ته ھڪ ھڪ شيءَ چڱي طرح ھڪ ٻئي سان ملائي بئگ ۾ رکي وڃي ٿي. ھتي تڙ تڪڙ ۾ ڪٿي ٿي ائين سيٽ ٿي سگھي. ان ڪري ھميشه چوندا آھن ته بئگ سامان کان ڪجهه وڏي ھجڻ کپي. جيئن رستي تي پاڻ کولي ڪو سامان ڪڍڻ تي يا ڪسٽم چيڪنگ بعد سمورو سامان بئگ ۾ اچي وڃي. يا ٻي صورت ۾ ھڪ يا ٻه ٿلھي پلاسٽڪ جا شاپر کڻجن، جيئن بئگ ۾ نه ويندڙ سامان انهن ٿيلھين ۾ کڻي سگھجي.
    بئگن جي اٿل پٿل ڪري ڪن ھمراھن جون بئگون کلي پيون يا تالو ٽٽڻ ڪري سامان ٻاھر نڪري آيو. ويچارا سخت پريشان ھئا. عجيب نفسا نفسيءَ جو عالم ھو جنهن ۾ ھر ھڪ مجبور نظر آيو ٿي، ھو ڇا ٻئي کي مدد ڪري. انهي ڪري شروع ۾ سامان جي لسٽ ۾ لکي آيو آھيان ته بئگ ۾ ڀلي کڻي تالو ھجي پر نئلان جي رسيءَ سان ضرور ٻڌجي يا بئگ ۾ ڪجهه رسي ضرور رکجي، جيئن ههڙي ايمرجنسيءَ ۾ ڪم اچي سگھي.
    ڪسٽم وارن کي سامان ڏيکاري، کانئن بئگ جي ٻاھران مارڪر سان منڌيئڙو ھڻائي ايئرپورٽ جي بلڊنگ کان ٻاھر نڪري رستي تي آياسين ته ڪجهه ھمراهه پاڪستاني اسان جو سامان کڻائڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ آيا. ھو وڏيون ٽراليون کڻي آيا ھئا جن ۾ ٽيھارو کن بئگون، ٿيلھا اچي ويا ٿي. اسانکي ھاڻي جدي جي ان ھوائي اڏي کان بس ذريعي مڪي شريف پھچڻو ھو. مون سمجھيو ھي سامان سوڌو اسان کي بسن تي چاڙھيندا ۽ اسان کي مڪي پھچي اھو سامان ملندو. پر اسان کي اشارو ڪري ٻڌايو ويو ته توھان سامھون حاجي ڪئمپ ۾ ويھو سامان به اتي ٿو اچي.
    جدي واري حاجي ڪئمپ وڏن تنبن جي ٺھيل آھي. جنهن ۾ مختلف ملڪن جا سيڪشن آھن. ويھڻ لاءِ ڪيترائي ڪوچ رکيل ھئا. ٿوري ٿوري فاصلي تي مردن ۽ عورتن جا ڌار ڌار ڪيترائي غسلخانا نظر آيا ۽ وضوءَ لاءِ به ويھارو کن نلڪيون ۽ صندليون ھيون، جن تي ويھي وضو ڪري سگھجي ٿوري ٿوري فاصلي تي ڪارڊ وارا ٽيليفون ھئا. مختلف شين جا دڪان ھئا، وڏي ڳالهه ته ٿڌي ٿڌي ھوا پئي لڳي. ان ٿڌي ھوا ڪري يا ٿڪ ڪري، ھر ھڪ کي ننڊ پئي آئي. پر ان گھيرٽ مان ھر ھڪ پاڻ کي سجاڳ ڪري رکي رکي سامان جو ٿي پڇيو. آخر جواب اھو ئي مليو پئي ته سامان اچي ويندو، تيسين ھر ھڪ گروپ جا ڌار ڌار ٿي ويھو جو ھر بس ھڪ گروپ جيترا ماڻھو (يعني پنجاهه) کن کڻي مڪي ھلندي.
    ماڻھو ھڪ ھڪ ٻه ٻه ٿيندا ايئرپورٽ کان ايندا ويا. صبح جو ستين بجي ڪراچيءَ کان ھوائي جھاز اڏاڻو ھو ۽ ٽن ڪلاڪن بعد جدي جي مقامي وقت مطابق اٺين بجي پھتو (يعني پاڪستان ۾ ان وقت ڏهه ٿيا ھئا، جو پاڪستان سعودي عرب جو وقت جي وچ ۾ ٻن ڪلاڪن جو فرق آھي.) ماڻھن جو حاجي ڪئمپ ۾ گڏ ٿيندي ٿيندي منجھند جا ٻارھن ٿي ويا ۽ پوءِ خبر پئي ته سڀني ماڻھن جو سامان ھڪ دفعو وري گڏوگڏ اچي رھيو آھي. ھڪ دفعو وري ماڻھن ٽرالين مٿان الرون ڪيون ۽ پنهنجو پنهنجو سامان کڻي پنهنجي گروپ واري ڪنڊ ۾ پنهنجي اڳيان اچي رکيو. ان بعد سڀني گڏجي جماعت سان ظھر نماز پڙھي. پي آءِ اي وارن ھوائي جھاز مان لھڻ وقت ھرھڪ کي کاڌي پيتي جي ٿيلھي ڏني ھئي، جيڪا کولي کائڻ شروع ڪئيسين.
    اسان جي گروپ جي بس ٻي بجي ڌاري آئي، جنهن جي ڇت تي بس جي ماڻھن سامان چاڙھيو.
    بهرحال جدي جي ايئرپورٽ تي چار پنج ڪلاڪ گذارڻ جي ڪٿا فقط ان ڪري بيان ڪئي اٿم ته جيئن ھن سفر جي مسافرن کي معلوم رھي ته ھيئن به ٿئي ٿو ۽ ھنن کي اھا ڳالهه ذھن تي ھجي ۽ان کي برداشت ڪرڻ لاءِ ھو پاڻ ۾ اڳواٽ ھمت قائم رکن. بلڪ اھڙن موقعن تي جڏھن اسان سڀ سامان جي ھڻ وٺ ۾ بيٺا ھئاسين، ڪي ڪي مسافر ڪنڊ پاسو وٺي، ڀت کي ٽيڪ ڏئي آرام پئي ڪيائون يا ويٺي ويٺي ننڊ پئي ڪيائون. سڀ ۾ بهتر اھي رھيا جو ھو ھر وقت فريش نظر آيا ٿي.
    ٿي سگھي ٿو اڳتي ھلي سعودي حڪومت ان سلسلي ۾ ڪو نئون طريقو اختيار ڪري جنهن ۾ حاجين جو وقت به بچي پوي ۽ ساڳي وقت کين سامان ڳولڻ ۽ ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ، ھر ھر ڍوئڻ کان نجات ملي وڃي، تيسين ھر حج جي مسافر کي ھيءَ تڪليف Expect ڪرڻ کپي ۽ صبر سان منهن ڏيڻ کپي. ساڳي حالت واپسيءَ تي به ٿئي ٿي ۽ چار پنج ڪلاڪ ضايع ٿيو وڃن. دراصل انهن ڳالھين ڪري حج لاءِ ايندي وقت ۽ حج ڪري ڪراچي واپس موٽڻ وقت، چڱا ڀلا ماڻھو به بيمار ٿيو پون.
    جدي کان مڪي شريف واري سفر ۾ ھي ڳالھيون ٿين ٿيون:
    سڀني کي پنهنجا پاسپورٽ، بس ۾ چڙھڻ کان اڳ ڊرائيور کي ڏيڻا پون ٿا، جيڪي مڪي پھچي اھي پاسپورٽ معلم حوالي ڪري ٿو. ھن سفر جو ڀاڙو مسافرن کي ڏيڻو ناھي. اھو حڪومت پاڪستان ادا ڪري ٿي ۽ اھو ڀاڙو توھان کان اڳواٽ درخواست سان گڏ وصول ڪيو وڃي ٿو.
    مڪي پھچي معلم توھان کي توھان جي رھائشگاهه تي وٺي ھلي ٿو. جيڪو حڪومت پاڪستان طرفان توھان لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي، (اسان جي گروپ رھائش جو پاڻھي بندوبست ڪيو ھو ان ھوندي به مڪي پھچي پھرين معلم جي آفيس ۾ کيس اطلاع ڪيوسين. بلڪ بس وارو پھررين معلم جي آفيس ۾ وٺي آيو) معلم سڀني جا پاسپورٽ پاڻ وٽ رکي، ان جي عيوض پاسپورٽ جو ھڪ صفحو ڦاڙي توھان کي ڏيندو، جيڪو توھان جو شناخت نامون ۽ مڪي ۾ رھڻ جو اجازتنامو ھوندو جيڪو توھان کي ھر وقت پاڻ سان رکڻو پوندو. ان کان علاوه توھان جو معلم توھان کي معلم ڪارڊ به ڏيندو، جنهن ۾ معلم بابت معلومات ۽ توھان جي مڪي جي رھائش جي ائڊريس ھوندي، ان ڪارڊ کي به توھان کي پاڻ سان رکڻو آھي.
    مڪي ۾ پھچڻ بعد توھان کي پھريون ڪم اھو ڪرڻو آھي ته عمرو ادا ڪجي جيئن توھان احرام جي حالت مان نڪري سگھو. ھتي احرام بابت ڪجهه لکڻ بي محل نه ٿيندو.


    احرام، حج عمرو ۽ ميقات

    احرام
    احرام جي معنى آھي حرام ڪرڻ. حاجي جڏھن حج يا عمري جي نيت ڪري ٿو ۽ تلبيھ پڙھي ٿو ته ھن تي ڪجهه شيون حرام ٿيو وڃن، جيڪي ھونءَ جيتوڻيڪ حلال آھن. مثال طور: خوشبوءِ لڳائڻ، مٿو ڍڪڻ، ننھ ڪترڻ، جانورن يا پکين جو شڪار ڪرڻ وغيره وغيره. ساڳي وقت احرام انهن سفيد اڻ سبيل چادرن کي به چئجي ٿو، جن کي حاجي احرام جي حالت ۾ استعمال ڪن ٿا. انهن مان ھڪ چادر گوڏ طور استعمال ڪجي ٿي ته ٻي جسم جو مٿيون حصو ڍڪڻ لاءِ احرام جي حالت ۾ ڪوبه سبيل ڪپڙو سٿڻ قميص، پتلون پجامو، گنجي سئيٽر، جئڪيٽ ڪوٽ، ڪڇو جوراب پائي نٿو سگھجي. پيرن جو مٿيون حصو، جيڪو ٽنگ سان ملي ٿو، اگھاڙو رکڻو آھي. ان ڪري پيرن ۾ پائڻ لاءِ ھوائي قسم جو ٻن پٽن وارو اسپنج جو چپل مناسب شيءِ آھي.
    احرام جي حالت ۾ عورتون سبيل ڪپڙا پائي سگھن ٿيون. انهن مٿان عبا يا وڏي چادر اوڍين ۽ رومال سان مٿي کي چڱي طرح ڍڪين، جيئن ھڪ به وار نظر نه اچي. ھنن کي پنهنجو منهن کليل رکڻ کپي. جيڪڏھن ڪٿي پڙدو ڪرڻو آھي ته ڪپڙو اھڙي طرح منهن اڳيان لڙڪائين يا رکن، جيئن منهن کي نه لڳي بهرحال ان بابت وڌيڪ تفصيل ته احرام جي حالت ۾ ڪھڙين شين کان پري رھجي. عورت جي ناپاڪ ھجي ته ھن کي ڇا ڪرڻ کپي. وغيره، ”ڪتاب الحج“ نالي ڪتابن مان معلوم ٿي سگھي ٿو. ھن قسم جي دعائن ۽ طريقن جا ڪتاب نه فقط بازار ۾ عام ملن ٿا پر حج تي ويندڙن کي ڪيترائي ادارا ۽ ڪمپنيون، خير جو ڪم سمجھي ڏين ٿا. جدي ايئرپورٽ تي به سعودي حڪومت طرفان ملن ٿا. ان کان علاوه جنهن عالم، مولوي مفتي کان توھان جي دل چاھي پڇي سگھو ٿا.
    احرام (يعني سفيد لٺي، ٽوال يا ڪنهن ٻي ڪپڙي جون چادرون) ٻڌڻ ۽ عمري يا حج جي نيت ڪرڻ بعد ٽي دفعا تلبيھ پڙھيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ ھر تبديليءَ وقت تلبيھ پڙھڻ ضروري آھي. مثال طور: سمھندي، جاڳندي، اٿندي ويھندي، بلندي تي چڙھندي، ڪنهن سواري ۾ سوار ٿيندي، لھندي پڙھي وڃي ٿي.
    لغت جي حساب سان تلبيھ جي معنى آھي، ڪنهن جي سڏ کي قبول ڪرڻ ۽ حاضر ٿين. الله تعالى پنهنجي رحمت سان پنهنجن ٻانهن کي جو سڏرايو آھي ٻانهي جي طرف کان ھيءَ تلبيھ ”لبيڪ اللھم لبيڪ...“ ان ڏس جو جواب ۽ حاضريءَ جو اعلان آھي.
    ھر ھڪ حاجيءَ لاءِ ضروري آھي ته ھو تلبيھ برزبان ياد رکي:
    لَبيڪَ اَللھُم لَبيڪَ
    لَبيڪَ لاشَريڪَ لَڪَ لَبَيڪَ
    انَ الحَمدَ واَلَنعمَة لَڪَ وَالمُلڪَ
    لاَ شَرِيڪَ لَڪَ
    ”آئون حاضر آھيان، يا الله آئون حاضر آھيان،
    آئون حاضر آھيان، تنهنجو ڪو شريڪ ناھي، آئون حاضر آھيان.
    بيشڪ سڀني تعريفون ۽ نعمتون تنهنجي لاءِ آھن ۽ ملڪ پڻ،
    تنهنجو ڪو شريڪ ناھي.“
    حج ۽ عمري ۾ فرق
    حج ۽ عمرو زندگيءَ ۾ فقط ھڪ دفعو فرض آھي، جيئن حديث صحيح ۾ رسول الله ﷺ جو ارشاد آھي: ”حج ھڪ دفعو فرض آھي. ھڪ کان وڌيڪ دفعا ڪرڻ تي اھو نفل آھي.“
    عمر کي ننڍو حج به سڏجي ٿو. عمرو ڪڏھن به ڪري سگھجي ٿو، سواءِ حج جي پنجن ڏينهن جي. عمري جا ھي فرائض آھن:
    1. ميقات يا حل (حرم جي حدن کان ٻاھر واري جاءِ) کان احرام ٻڌڻ ۽ تلبيھ پڙھڻ.
    2. خانه ڪعبه جو طواف ڪرڻ.
    3. صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي (ست ڦيرا) ڪرڻ.
    ان بعد مٿي جا وار ڪوڙائڻ يا ٺوڙهه ڪرائڻ واجب آھي ۽ ان کانپوءِ توھان احرام وارين پابندين کان آزاد ٿيو وڃو ۽ احرام (ٻه چادرون جن سان توھان جسم کي ڍڪيو آھي) لاھي عام ڪپڙا پائي سگھو ٿا.
    حج 9 ھجريءَ ۾ فرض ٿيو. ان ئي سال رسول الله ﷺ جن حضرت ابوبڪر صديق رضه جن کي امير الحجاج ٺاھي ان سان گڏ سو کن اصحابين جو ٽولو حج جي قافلي لاءِ موڪليو. ياد رھي ته ان کان اڳ بيت الله کي حضرت ابراھيم عليه السلام جي ڏينهن کان وٺي ڪافرن توڙي وحدانيت ۾ يقين رکڻ وارن الله جو گھر سمجھيو ٿي. حضور صلعم جن جي ولادت واري سال ۾ جڏھن يمن کان اتي جو سردار ابرھ ڪعبي تي حملي لاءِ وڏو لشڪر وٺي آيو ھو، تڏھن به ڪعبي جي سنڀال ڪندڙ سردار عبدالمطلب ۽ ٻين سردارن الله کان دعا گھري ته، ”تون ئي ھن گھر جو مالڪ آھين، تون ئي پنهنجي گھر کي بچاءِ.“ جيتوڻيڪ ظاھري طرح ته ھنن بتن جي پوڄا ڪئي ٿي، جيڪي ھنن ڪعبي ۾ رکيا ھئا. انهن مان ڪجهه لات، عزا جھڙن نالن وارا بت ته وڏي ڌاڪ وارا سمجھيا ويا ٿي پر ان ھوندي به مشڪل وقت تي ھنن ھڪ الله کان ئي مدد گھري ٿي. اھڙيءَ طرح ڪيترائي ماڻھو ھر سال عربستان جي ڪنڊڪڙڇ کان مڪي ۾ حج لاءِ آيا ٿي ۽ ڪعبي جي چوڌاري طواف به ڪيائون ٿي پر اھا ٻي ڳالهه آھي ته ھنن پنهنجن پنهنجن طريقن سان طواف ۽ حج ڪيو ٿي.
    حج جو صحيح طريقو حضور ﷺ جن پاڻ ڏھين ھجريءَ ۾ ٻڌايو. جڏھن پاڻ ڪريم ﷺ جن ھڪ لک کان مٿي اصحابي سڳورن جو ٽولو ساڻ وٺي حج تي نڪتا ھئا. حضور صلعم جن جو اھو پھريون ۽ آخري حج ھو. ان حج کي حجته الوداع به سڏجي ٿو.
    حج اسلام جي پنجن بنيادي رڪنن مان ھڪ اھم رڪن آھي. جنهن کي الله تعالى پنهنجن ٻانهن تي سڄي عمر ۾ ھڪ دفعو ادا ڪرڻ فرض قرار ڏنو آھي. پر ان لاءِ به ڪجهه شرط آھن ۽ حج فقط ان لاءِ فرض آھي، جيڪو:
    1. مسلمان ھجي.
    2. عاقل ھجي. يعني ھوش حواس صحيح ھجنس. دماغي طرھ ناچاق (Mentally retarded) يا ديوانو نه ھجي.
    3. آزاد ھجي. ڪنهن جو غلام يا قيد وغيره ۾ نه ھجي.
    4. پئسي وارو ھجي. يعني پنهنجي اھل عيال جي خرچ پکي ڪڍڻ کانپوءِ به ھن وٽ ايترو پئسو ھجي جو ھو سولائيءَ سان حج جو خرچ ادا ڪري سگھي.
    5. تندرست ھجي ـ معذور نه ھجي.
    ان کان علاوه اھو به ضروري آھي ته مڪي شريف پھچڻ تائين امن وارو رستو ھجي. جيڪڏھن رستي تي بدامني آھي، جان ۽ مال جي ضايع ٿيڻ جو وڏو خطرو آھي ته پوءِ اھڙي حالت ۾ حج فرض نه آھي.
    عورت لاءِ جيئن ته محرم بنا سفر ڪرڻ شرعي طرح حرام آھي ان ڪري ھن تي حج ان وقت فرض ٿئي ٿو، جڏھن ھن سان گڏ ڪو محرم حج ڪرڻ وارو ھجي، پوءِ اھو محرم چاھي پنهنجي خرچ سان حج ڪري رھيو ھجي يا عورت ان جو خرچ برداشت ڪري. محرم مڙس يا وري اھو جنهن سان نڪاح ھميشه لاءِ حرام آھي ـ مثال طور: پيءُ، ڀاءُ، چاچو، مامو وغيره.
    حج جا دراصل ٽي قسم آھن: افراد، قرآن ۽ تمتع.
    • افراد حج ان طريقي کي سڏجي ٿو، جنهن ۾ فقط حج لاءِ احرام ٻڌو وڃي. حج لاءِ آيل ھن احرام ۾ عمرو نٿا ڪن. ھو فقط حج ئي ڪن ٿا.
    • قرآن حج اھو طريقو آھي جنهن ۾ حج تي آيل ماڻھو عمري ۽ حج لاءِ ھڪ ئي وقت احرام ٻڌن ٿا. ھي حج خاص ڪري سعودي عرب ۾ رھندڙ يا اوسي پاسي جي ويجھن ملڪن جا رھاڪو ڪن ٿا. ھي ماڻھو حج جا ڏينهن شروع ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ احرام جي حالت ۾ مڪي شريف پھچن ٿا. پھرين عمرو ڪن ٿا. جنهن ۾ ھو عمري جي فرائض: طواف (خانه ڪعبي جي چوڌاري ست چڪر) ڪن ٿا ۽ پوءِ سعي (صفا ۽ مروه جي وچ ۾ ست ڦيرا) ڪن ٿا. ان بعد ٻين وانگر احرام مان نڪرڻ لاءِ وار نٿا ڪوڙائين. ھو احرام ۾ ئي رھن ٿا ۽ حج جو اتنظار ڪن ٿا. حج ڪرڻ بعد، يعني منى، عرفات، مزدلفه مان ٿي اچڻ بعد وار ڪوڙائي پوءِ احرام جي حالت مان نڪرن ٿا. مطلب اھو ته عمرو ڪرڻ بعد جيسين حج نٿو ڪري، تيسين ھو احرام ۾ ئي رھي ٿو.
    ڪڏھن ڪڏھن ته ڪيترائي قرآن حج ڪرڻ وارا حاجي حج کان ھفتو ٻه يا مھينو کن اڳ به پھچيو وڃن ۽ ھو ايترا ڏينهن احرام جي حالت ۾ ئي رھن. ان دوران احرام جو ڪپڙو (چادرون) ميرو ٿئي ٿو يا ناپاڪ ٿئي ٿو ته ان کي بدلائي سگھي ٿو پر ھن تي احرام واريون سڀ پابنديون حج ڪرڻ تائين لاڳو رھن ٿيون.
    • تمتع حج
    اسان پاڪستان جا يا ھن پاسي جي ملڪن (انڊيا، سريلنڪا، بنگلاديش، ملائيشيا وغيره) جا تمتع حج ئي ڪريون ٿا. ھن طريقي موجب ميقات کان يا ان کان اڳ (پنهنجي گھران يا ڪراچي ايئرپورٽ تان) احرام ٻڌي ٻه رڪعتون نماز نفل پڙھي عمري جي نيت ڪري تلبيھ پڙھڻ شروع ڪريون ٿا. مڪي پھچي عمرو ادا ڪري (يعني طواف ۽ سعي ڪري) وار ڪوڙايون ٿا. (وار ڪوڙائڻ کي حلق ۽ صفا ٺوڙهه ڪرائن کي قصر سڏجي ٿو) ان بعد احرام جي حالت مان ٻاھر نڪري اچون ٿا ۽ روز مره جا ڪپڙا پائڻ لڳو ٿا. احرام جون سڀ پابنديون ختم ٿيو وڃن ۽ پوءِ جڏھن حج جا ڏينهن اچن ٿا (جنهن ۾ منيى، عرفات، مزدلفه وغيره وڃڻو پوي ٿو) ان کان پھرين ـ يعني 8 ذوالحج فجر مھل کان احرام ٻڌون ٿا ۽ عمري بدران حج جي نيت ڪريون ٿا ۽ حج جا فرائض پورا ڪريون ٿا.

    حج جا فرائض
    • احرام ٻڌڻ ۽ تلبيھ پڙھن.
    • وقوف عرفات ـ يعني عرفات جي ميدان تي ترسڻ، حج جو سڀ کان وڏو رڪن وقوف عرفات آھي. اتي بيمار يا معذور ماڻھوءَ جي موجودگي به لازمي آھي.
    • طواف زيارت ڪرڻ.

    حج لاءِ واجب ڳالھيون
    • سج لٿي مھل عرفات جي ميدان تان موٽي رات مزدلفه ۾ کلئي آسمان ھيٺ گذارڻ. مزدلفه ۾ سانجھي سومھڻي نماز گڏ پڙھڻ.
    • سعي، صفا ۽ مروھ جي وچ ۾ ست ڦيرا ڪرڻ.
    • قرباني ڪرڻ.
    • وار ڪوڙائڻ.
    • آفاقي لاءِ طواف وداع ڪرڻ. يعني اسان آفاقي آھيون جو اسان ميقات وارين حدن کان ٻاھر رھون ٿا. (ميقات ڇا آھي ان جو احوال اڳتي ڏجي ٿو.)


    حج جو طريقو

    احرام ٻڌي ٻه رڪعتون نفل ادا ڪرڻ کانپوءِ قبلي ڏي منهن ڪري حج جي نيت ڪري، ان کانپوءِ ٽي دفعه تلبيھ (لبيڪ اللھم لبيڪ...) پڙھي. (مرد کي تلبيھ وڏي آواز ۾ پڙھڻ کپي پر عورت کي خاموشيءَ سان) ان کانپوءِ ھر تبديليءَ کانپوءِ تلبيھ پڙھندو رھڻ کپي. سمھندي، جاڳندي، بس ۾ سوار ٿيندي، وغيره.
    اٺين8 ذوالحج تي سج اڀرڻ کانپوءِ منى پھچڻ کپي، جيئن ظھر نماز اتي پڙھي سگھجي. رات منى ۾ گذاري ۽ اتي پنج نمازون پوريون ڪري، ٻئي ڏينهن 9 ذوالحج تي سج اڀرڻ کانپوءِ عرفات ڏي روانو ٿجي (9 ذوالحج کان پھرين يا ان ڏينهن سج چڙھڻ کان اڳ عرفات روانو ٿيڻ سنت جي خلاف آھي.) 9 ذوالحج تي عرفات جي ميدان تي ترسڻ ـ چاھي ٿوري دير لاءِ ئي سھي، بيحد ضروري آھي، ڇو جو ھي رڪن (وقوف عرفات) حج جو رڪن اعظم آھي. ھتي مسجد نمره ۾ ظھر ۽ عصر جي نماز گڏ پڙھجي. خطبو ٻڌڻ سنت آھي. سج لھڻ بعد مزدلفه ۾ اچجي. (سج لھڻ کان اڳ عرفات جي ميدان مان نڪرڻ جائز ناھي).
    مزدلفه ۾ مغرب ۽ عشاءَ جي نماز گڏ پڙھي ويندي آھي ۽ انهن نمازن کي جمعته الصلاتين سڏين ٿا. مزدلفه ۾ سڄي رات گذاري ٻئي ڏينهن يعني 10 ذوالحج تي صبح سوير (فجر نماز پڙھڻ بعد) منى لاءِ نڪرجي. رستي تي وادي محسر (جتي ابرھ تي پکين حملو ڪيو ھو) جلدي جلدي نڪري وڃڻ کپي. مزدلفه مان پاڻ سان 94 کن پٿريون کڻجن، جن مان ست پھريون ڏينهن وڏي شيطان (جمرة الاولى) کي ھڻجن. شيطان کي پٿريون ھڻڻ کي رمي سڏجي ٿو. رميءَ بعد قرباني ڪئي وڃي.
    قربانيءَ مان واندو ٿي ڪعبي ڏي منهن ڪري ٺوڙهه ڪرائجي يا وار ڪوڙائجن. عورتن کي کپي ته آٽر جيترا وار ڪترين. ھاڻ احرام جي ڪري جيڪي شيون ھن تي حرام ھيون سي حلال ٿي ويون، سواءِ زال جي ويجھو وڃڻ جي. ھاڻ حاجيءَ کي کپي ته ھو مڪي واپس اچي طواف زيارت ڪري. 10 ذوالحج تي ئي طواف زيارت ڪرڻ وڌيڪ بهتر آھي نه ته ٻارھين ذوالحج سج لھڻ تائين ڪري سگھي ٿو. ھي طواف فرض ۾ شامل آھي. طواف کانپوءِ سعي (صفا مروه جي وچ ۾ ست ڦيرا) ڪري. ان بعد وري منى موٽي اچي رات گذاري ۽ ٻارھين ذوالحج تائين منى ۾ رھڻو پوندو آھي. يارھين ۽ ٻارھين تاريخ ٽنهي شيطانن (جمرات) تي رمي ڪرڻي پوندي آھي ـ يعني ھر ھڪ شيطان کي ست پٿريون ھڻڻيون پونديون آھن. ان بعد مڪي اچي رھڻو پوندو آھي. مڪي شريف کان پنهنجي وطن روانگي تي طواف وداع ڪرڻ واجب آھي.
    مٿيون احوال حج جي طريقي جو مختصر طور آھي. ان بابت تفصيل ۽ دعائون حج بابت لکيل ڪتابن ۾ ڏسي سگھجن ٿيون، جيڪو ھر وقت پاڻ سان رکڻ ضروري آھي.

    ميقات
    مڪي جي چوڌاري ڪجهه جايون مقرر ڪيون ويون آھن، جن کي ميقات سڏجي ٿو. مختلف ملڪن کان حج يا عمري لاءِ مڪي ڏي ايندڙ ماڻھن کي ھنن جاين تائين پھچي احرام ٻڌڻ کپي. ھنن جاين کان اڳتي بنا احرام جي مڪي ڏي وڌڻ تي منع ٿيل آھي. جيڪي ماڻھو مڪي جي انهن حدن اندر رھن ٿا اھي ميقاتي سڏجن ٿا. جيڪي ٻاھر رھن ٿا، اھي آفاقي سڏجن ٿا.
    ھي جايون (ميقات واريون) حضور صلعم جن مقرر ڪيون آھن. مديني منوره کان ايندي وقت احرام ٻڌڻ لاءِ جيڪا جاءِ (ميقات) مقرر ڪئي وئي آھي، اھا ذوالحليفه آھي، جيڪا مديني کان 6 ميل آھي. اھڙي طرح نجد کان ايندڙن لاءِ واٽ تي قرن المنازل نالي جاءِ آھي. مصر ۽ شام کان ايندڙن لاءِ جحفه آھي. ھيءَ رابغ شھر جي ويجھو ھڪ ويران بستي آھي. اڄ جا نوان رستا ينبو بندرگاهه کان جدي يا مديني ايندي وقت رابغ کان لنگھن ٿا جيڪو شھر تيل جي ڪارخانن کان تمام گھڻو امير ٿي ويو آھي. مصر ۽ شام وارن کي باءِ روڊ يا پاڻيءَ جي جھاز رستي ايندي جدي کان وڌيڪ ينبو بندرگاهه ويجھو ۽ سولو آھي. عراق پاسي کان ايندڙن لاءِ ذاتي عراق نالي ميقات آھي اڳئين زماني ۾ ته اھي جايون ائين ئي رڻ پٽ ۽ ڳوٺڙا ھئا پر ھاڻوڪي دور ۾ انهن ھنڌن تي عمارتون ٺاھيون ويون آھن جيئن حج يا عمري لاءِ ايندڙ اتي ويھي آرام ڪن. وھنجن ۽ وضو ڪن ۽ احرام اوڍين.
    پاڪستان کان جي ڪو پيرين پيادو نڪري (اڳئين زماني ۾ ته حج لاءِ ماڻھو ائين ئي پيرين پيادا يا اٺن تي نڪرندا ھئا. تيرھن صديون کن اھو سلسلو ھلندو رھيو. چوڏھين صدي ھجري ۾ پاڻي جا جھاز ۽ پوءِ ھوائي جھاز ھلڻ شروع ٿيا) ته ھن لاءِ ميقات جي جاءِ يلملم آھي. ھيءَ جاءِ مڪي جي ساڄي پاسي يمن طرف آھي. جدو مڪي جي ٻي طرف کاٻي پاسي آھي. پاڪستان ھندستان يا ملائيشيا، انڊونيشيا پاسي کان ھوائي جھاز (توڙي پاڻيءَ جي جھاز) ۾ ويندڙ مسافر پھرين يلم لم مٿان گذرن ٿا. ان بعد مڪو شريف ۽ پوءِ جدي جو ھوائي اڏو اچي ٿو. ان ڪري ھوائي جھاز رستي ويندڙ مسافرن کي ڪراچيءَ مان ئي احرام ٻڌي چڙھڻ کپي. يلم لم (ميقات) وادي جاءِ ويجھو اچڻ تي ھوائي جھاز جو پائليٽ مسافرن کي اڳواٽ اطلاع ڪري ٿو پر ھوائي جھاز ۾ احرام ٻڌڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي. وڌ ۾ وڌ نيت ڪري سگھجي ٿي. باقي پاڻيءَ جي جھاز وارا يلم لم جي ويجھو اچي احرام ٻڌن. سوڊان، ڪينيا، سائوٿ آفريڪا پاسي کان جدي ايندڙ حاجي جدي پھچي جدي ۾ يا پوءِ مڪي ويندي واٽ تي ايندڙ ميقات تي احرام ٻڌي سگھن ٿا، ڇو جو ھنن جو ھوائي جھاز جنهن طرف کان اچي ٿو، ان طرف پھرين مڪو معظم نٿو اچي پر پھرين جدي جو ھوائي اڏو اچي ٿو.
    ميقات ھڪ قسم جي Starting point آھي، جنهن ھنڌ کان اڳتي بنا احرام جي وڌڻو ناھي ۽ اھي Points مختلف ملڪن ۽ ھنڌن کان حج يا عمري لاءِ مڪي ڏي ايندڙ مسافرن لاءِ رستي تي حضور ﷺ جن جي ڏينهن کان مقرر ٿيل آھن. جيڪي نوان رستا اڄ جي دور ۾ ٺاھيا ويا آھن، اتي ھاڻ مقرر ڪيا ويا آھن. جيئن مصر ۽ اتر اولهه پاسي کان ايندڙ مسلمان ڳاڙھي سمنڊ جي ڪناري واري شھر رابغ وٽ پھچي احرام ٻڌن ٿا ۽ احرام جي حالتن ۾ رھڻ شروع ڪن ٿا. ٻي ڳالهه ته اھي سموريون Points (ميقات) مڪي کان ھڪ جيتري فاصلي تي نه آھن. ميقات واريون ڪي جايون مڪي کي ويجھو آھن ته ڪي تمام پري. خاص ڪري ذوالحليفه مڪي کان سڀ ۾ گھڻو پري آھي. اھا جاءِ مديني جي بلڪل ڀر ۾ (اٽڪل ڏھن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي) آھي. ذوالحليفه (جيڪا مديني پاسي کان ايندڙ ميقات آھي) کي ابيار علي به سڏجي ٿو. حضور ﷺ جن جي ڏينهن ۾ ذوالحليفه سڏبي ھئي.
    مديني حجرت ڪرڻ بعد مڪي جي ڪافرن حضور ﷺ جن کي حج يا عمرو ڪرڻ کان جھليو. نيٺ حضور ﷺ جن ذوالقعد 6 ھجري ۾ پاڻ سان 1400 کن صحابي سڳورا وٺي عمري لاءِ روانا ٿيا ۽ ھن جاءِ بئر علي (ذوالحليفه) تي عمري جو احرام ٻڌو ۽ قربانيءَ لاءِ پاڻ سان ستر اٺ کنيا. ھر ھڪ پاڻ سان ھڪ ھڪ تلوار کنئي، جيڪا سڀني زائرين حرم کي عرب جي رواج ۽ قاعدي موجب رکڻ جي اجازت ھئي. ھنن ٻيو ڪوبه جنگي سامان نه کنيو. اھڙي ريت ھي قافلو لبيڪ لبيڪ جي صدا بلند ڪندو بيت الله ڏي روانو ٿيو.
    ان وقت مڪي ۽ مديني جي ماڻھن جي وچ ۾ جيڪي تعلقات ھئا، ان کان سڄي عرب دنيا واقف ھئي. مڪي ۾ رھندڙ قريش مسلمانن جا سخت دشمن ھئا ۽ اھڙي حالت ۾ مسلمانن جو مڪي ڏي اچڻ قريش جي ماڻھن لاءِ سخت پريشانيءَ جو سبب ھو. ھنن نٿي چاھيو ته مسلمان اچن ۽ ساڳي وقت ھنن کي عمري کان جھلڻ به صحيح نٿي لڳو جو ذوالقعد جو مھينو انهن مھينن مان آھي جيڪو صدين کان عربستان ۾ حج ۽ زيارت لاءِ احترام وارو سمجھيو وڃي ٿو ان مھيني ۾ ڪنهن کي به حق نه ھو ته ھو ڪنهن به قافلي جي ماڻھوءَ جو نالو وٺي جيڪو احرام ٻڌي حج يا عمري لاءِ وڃي رھيو ھجي. مڪي ۾ رھندڙ قريشي جي ماڻھن اٽڪل ڪري مسلمانن جو رستو روڪڻ لاءِ ھڪ ھمراهه کي ٻه سو سوارن سا عسفان جي اڳيان ذي طوى نالي ھڪ جاءِ تي موڪليو ته حضور ﷺ جن جي ساٿين سان ھٿ چراند ڪري جيئن ھو ڪاوڙ ۾ اچي لڙائي ڪن ۽ پوءِ سڄي ملڪ ۾ مشھور ڪيو وڃي ته ھي ماڻھو (مسلمان ) لڙائي ڪرڻ لاءِ آيا ھئا.
    مسلمانن کي قريش جي ماڻھن جي ان چالبازيءَ جو اطلاع ملي ويو ۽ ھو رستو بدلائي ھڪ نهايت ڏکئي رستي کان سخت تڪليفون سھي مڪي ڏي وڌڻ لڳا ۽ اچي حديبيه پھتا، جتان حرم پاڪ جي حد شروع ٿي ٿي. حديبيه واري جاءِ جدي کان مڪي ڏين ويندڙ رستي تي آھي. مڪي کان ھن جو فاصلو اٽڪل تيرھن ميل آھي ۽ ھاڻ اھا جاءِ شميئي جي نالي سان سڏجي ٿي. ھن ھنڌ تي مسلمانن ۽ مڪي جي ماڻھن ۾ ھڪ معاھدو ٿيو، جنهن کي اھم تاريخي حيثيت حاصل آھي ۽ حديبيھ جو صلح نامون سڏجي ٿو. جيڪو ظاھري طرح لڳو ٿي مسلمانن جي خلاف آھي ۽ مسلمانن جي ھار سمجھيو ويو ٿي پر حقيقت مسلمانن جي اھا وڏي سوڀ (فتح) ھئي. ان ئي موقعي تي قرآن شريف جي سورة الفتح نازل ٿي آھي. اھا سورة مسلمانن جي مڪي کان مديني واپس وڃڻ وقت ضجنان وٽ لٿي ھي ھنڌ مڪي کان اٽڪل 25 ميلن جي پنڌ تي آھي.
    ۽ مٿي جنهن ھمراهه جو حضور ﷺ جن جو رستو روڪڻ ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي ساٿين سان ھٿ چراند ڪرڻ لاءِ ٻه سو سوارن سان گڏ پھچڻ جو ذڪر ڪيو ويو آھي. اھو ٻيو ڪو عام ماڻھو نه پر خالد بن وليد ھو، جيڪو ان وقت اڃا مسلمان نه ٿيو ھو. اڳتي ھلي ھو تاريخ ۾ مشھور فاتح ثابت ٿيو ۽ مسلمانن لاءِ ڪيتريون ئي جنگيون وڙھيون ۽ پنهنجو ۽ اسلام جو نالو روشن ڪيو.


    مختلف شين جي ڄاڻ

    ڪجهه اھڙيون شيون آھن جن جي ڄاڻ / معلومات ھر حاجيءَ لاءِ ضروري آھي ۽ انهن شين سان ھن جو ھر وقت واسطو پوي ٿو. حج جون ڳالھيون ٻڌڻ يا ھن قسم جا سفر ناما پڙھڻ وارو ان وقت ھيڪاندو گھڻو شوق رکي ٿو، جڏھن ھن کي حج سان واسطو رکندڙ شين جي ڄاڻ آھي. انهن جي تاريخي يا مذھبي حيثيت کان آگاهه آھي. جيئن گذريل چئپٽر ۾ احرام ۽ ميقات بابت لکي چڪو آھيان. اھڙي طرح ٻيون به ڪيتريون ئي شيون آھن، بلڪ ڪيترا ته عربي جا لفظ آھن. جن سان حج دوران واسطو پوي ٿو. مثال طور: طواف، سعي، رمل، رمي، صفا مروه، ملتزم، مقام ابراھيم، منى، مزدلفه، عرفات، حطيم، ميزاب رحمت وغيره وغيره. ھتي ڪجهه شين جي معنى، سمجھاڻي، تاريخي حيثيت وغيره لکڻ ضروري سمجھان ٿو، ڇو جو آءٌ پڻ حج تي روانو ٿيڻ کان اڳ جڏھن حج بابت ليڪچر ٻڌندو ھوس يا ڪتاب پڙھندو ھوس ته سمجهه ۾ نه ايندو ھو ته رمي، رمل، سعي، ملتزم، استلام، اضطباع وغيره ڇا آھي ۽ پوءِ اھو ليڪچر يا ڳالهه چڱي طرح سمجهه ۾ نه ايندي ھئي. انڪري جلد ئي اھي اھم لفظ معلوم ڪرڻا پيا.

    مسجد الحرام
    مڪي شريف جي اھا مسجد جنهن ۾ ڪعبو يعني بيت الله (الله جو گھر) آھي. ھن مسجد لاءِ انگريزي اخبارن ۽ رسالن ۾ اڪثر Grand Mosque of Mecca لکيل ھوندو آھي.

    ڪعبو يا بيت الله
    الله تعاليٰ جو گھر جنهن جو حج ۽ طواف ڪيو وڃي ٿو. ھن مقدس گھر کي خانه ڪعبه يا ڪعبة الله پڻ سڏجي ٿو. ھن ڌرتيءَ تي سڀ کان پھريون ھي گھر آھي. جيئن قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ فرمايو آھي.
    ”بيشڪ سڀ کان پھريون گھر جو ماڻھن (جي عبادت) لاءِ تجويز ڪيو ويو، اھو آھي جيڪو مڪي ۾ آھي“.
    ھڪ روايت موجب ھي گھر پھرين ملائڪن ٺاھيو. ان بعد حضرت آدم عليه السلام ملائڪن جي مدد سان ھن جي تعمير ڪئي. ٽيون دفعو شيث عليه السلام جو نالو ڪعبي جي ٺاھيندڙن ۾ اچي ٿو.
    طوفان نوح ڪري ھيءَ عمارت غائب ٿي وئي. چوٿون دفعو حضرت ابراھيم عليه السلام ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي ھٿن سان بيت الله جي تعمير ٿي.
    پنجون دفعو جرھم قوم(جن ۾ حضرت اسماعيل عليه السلام جي شادي ٿي) نئين سنئين ڪري ٺاھيو.
    ڇھين دفعي عمالقه (جيڪو مصر ۽ شام جو حاڪم ھو) ڪعبو شريف ٺھرايو. ستين دفعي اھا سعادت مڪي جي قريش جي حصي ۾ آئي. ان وقت حضور ﷺ جن 24 سالن جا ھئا. ان تعمير ۾ پاڻ به حصو ورتائون.
    اٺون دفعو، بيت الله کي حضرت عبدالله بن زبير حضور ﷺ جن جي خواھش مطابق حضرت ابراھيم عليه السلام جي قائم ڪيل بنيادن تي ٺاھيو ۽ حطيم کي ڪعبي شريف سان ملائي ڇڏيو. ان وقت ڪعبي شريف جا ٻه دروازا رکيا ويا ھئا. ھڪ اندر داخل ٿيڻ جو ٻيو ٻاھر نڪرڻ جو.
    نائين دفعي حجاج بن يوسف ڪعبي شريف کي قريش جي رکيل بنيادن تي تعمير ڪرايو ۽ ڏکڻ وارو دروازو بند ڪرائي ڇڏيو ۽ حطيم کي وري الڳ رکيو. اھڙي طرح ڪعبو شريف عھد نبوي صلعم واري تعمير تي اڄ تائين قائم آھي ۽ ان کانپوءِ ڪعبي شريف ۾ ڪابه ردوبدل نه آئي آھي. البت ھن جي مرمت ۾ ترڪ حاڪم سلطان مراد شاندار حصو ورتو.
    ھاڻ موجوده دور ۾ويهه پنجويهه سال اڳ شاهه سعود جي حڪومت ۾ ڪعبي جي مرمت ٿي. ان دفعي ڇت سڄي بدلائي وئي ۽ ڪعبي جو دروازو سون چانديءَ جو ٺھرايو ويو.
    حجر اسود جي ساڄي پاسي بيت الله جو دروازو آھي، جيڪو زمين کان اٽڪل ست فوٽ مٿي آھي. ڪعبي ۾ اندر داخل ٿيڻ لاءِ ڏاڪڻ رکي وڃي ٿي.

    خانه ڪعبي جو غسل
    سال ۾ ٻه دفعا بيت الله شريف کي اندران غسل ڏنو وڃي ٿو. ھڪ دفعو حج جي موسم ۾ يعني ستين ذوالحج تي ۽ ٻيو دفعو محرم ۾ جڏھن سڀ حاجي پنهنجي وطن روانا ٿي وڃن ٿا. ھي رواج حضور ﷺ جن جي زماني کان ھلندو اچي. اڄ به بادشاهه ۽ سلطنت جا خاص خاص ماڻھو اچي ڪعبي شريف کي آب زم زم، گلاب، مشڪ عنبر سان غسل ڏين ٿا.

    ڪعبي جو احرام
    بيت الله شريف کي ستين ذوالحج واري ڏينهن تي غسل ڏيڻ کانپوءِ احرام ٻڌو وڃي ٿو. يعني بيت الله جي ھيٺين حصي ۾ سفيد چادر ٻڌي وڃي ٿي. پوءِ ڏھين ذوالحج تي نئون غلاف چڙھايو وڃي ٿو ۽ پراڻو غلاف ھونءَ ته وڪرو ڪيو ويو ٿي، يعني ماڻھو تبرڪ طور تي ننڍا ننڍا ٽڪر خريد ڪري ويا ٿي ۽ فريم ڪري گھرن ۾ رکيو ٿي. اڄڪلهه فروخت نٿو ڪيو وڃي. شاھي مھمانن کي تحفي طور پيش ڪيو وڃي.
    ھڪ عرصي تائين ھي غلاف مصر جي حڪومت لکن جي خرچ تي تيار ڪرائي موڪليو ٿي پر ھاڻي 1962ع کان وٺي سعودي حڪومت ان جو بندوبست پاڻ ڪري ٿي.

    حجرا سود
    ھي ڪاري رنگ جو پٿر آھي. روايت آھي ته حضرت آدم عليه السلام کي جڏھن جنت مان ڪڍيو ويو ھو ته ھن اھو پٿر نشاني طور پاڻ سان آندو ھو. پر ڪن جو چوڻ آھي ته ھي پٿر ڪعبي جي تعمير وقت حضرت جبرائيل عليه السلام حضرت ابراھيم عليه السلام کي آڻي ڏنو. جنت مان اچڻ وقت ھي پٿر کير جھڙو اڇو ھو پر آدم جي اولاد جي گناھن ھن کي ڪارو ڪري ڇڏيو آھي. ھي پٿر بيت الله جي اوڀر ڏکڻ واري ڪنڊ ۾ کتل آھي. ھن جي چئني پاسن کان چانديءَ جو فريم چڙھيل آھي.
    موقعو ملڻ تي حجر اسود کي چمڻ مسنون آھي. يعني سنت جو ڪم آھي. چمڻ ممڪن نه ھجي ته ھٿ سان ڇھي ھٿ چمڻ کپن ۽ جي ھٿن سان به نه ڇھي سگھجي ته پري کان چمڻ جو اشارو ڪجي ته به مسنون آھي. حجر اسود کي ڇھڻ يا اشارو ڪرڻ وقت بسم الله الله اڪبر يا رڳو الله اڪبر چوڻ پڻ سنت ۾ شمار آھي.
    حضرت عبدالله بن عمر رضه جو چوڻ آھي ته مون حضور ﷺ جن کي اھو فرمائيندي ٻڌو ته حجر اسود ۽ رڪن يماني کي ڇھڻ سان گناهه ميسارجيو وڃن. (اھو ابن خزيمه روايت ڪيو آھي).
    حضرت عبدالله بن عمر رضه جن جو اھو پڻ چوڻ آھي ته نبي اڪرم ﷺ بيت الله شريف جي طواف لاءِ ايندا ھئا ته حجر اسود جو استلام (Receive) ڪندا ھئا ۽ ان وقت بسم الله الله اڪبر چوندا ھئا.
    حضرت عبدالله بن عباس رضه جو چوڻ آھي ته، حضور ﷺ عليه وسلم جن حجر اسود بابت ھيءَ ڳالهه ارشاد فرمائي، ”الله جو قسم! قيامت واري ڏينهن تي الله تعاليٰ حجر اسود کي اھڙي طرح اٿاريندو ڄڻ ھن کي به اکيون ھجن جن سان ھو ڏسندو ۽ ھن کي زبان ھوندي جنهن سان ھو ڳالھائي سگھندو ۽ ھر ان شخص جي حق ۾ شاھدي ڏيندو، جنهن ايمان سان گڏ ھن کي ڇھيو ھوندو.“ (اھو ترمذي روايت ڪيو).
    پاڻ ڪريم ﷺ وسلم جن طواف وقت رڪن يماني واري ڪنڊ کان وٺي حجر اسود تائين ھيءَ دعا گھرندا ھئا.
    ”ربنا آتنا في الدنيا حسنته و في الآخرت حسنت وقنا عذاب النار“
    (اي اسان جا پروردگار! اسان کي دنيا ۾ ڀلائي عطا فرمائي ۽ آخرت ۾ به ڀلائي عطا فرماءِ ۽ باهه جي عذاب کان بچائجانءِ)

    رڪن يماني
    بيت الله جي ڏکڻ اولهه واري ڪنڊ جنهن جو رخ يمن ڏي آھي.

    رڪن عراقي
    بيت الله جي اتر اوڀر واري ڪنڊ جيڪا عراق طرف آھي.

    رڪن شامي
    بيت الله جي اولهه اتر واري ڪنڊ جنهن جو رخ شام ڏي آھي.

    حطيم
    ڪعبة الله جي ناري واري ڀت جي سامھون ننڍڙي گول ڀت آھي. ان جي اندرين حصي کي حطيم سڏجي ٿو. ھي حصو خانه ڪعبه ۾ شامل آھي. نبي ڪريم ﷺ جن جي مبارڪ زماني ۾ ڪعبي جي تعمير وقت ڪنهن سبب ڪري ھيءَ جاءِ خالي ڇڏي وئي ھئي ھن حصي ۾ نماز ادا ڪرڻ خانه ڪعبه جي اندر نماز پڙھڻ برابر آھي. طواف ڪرڻ وقت ھن حصي کي ڪعبي سان شامل ڪرڻ واجب آھي. حطيم برڪتن واري جاءِ آھي. نفل نماز يا استغفار جو موقعو ھن جاءِ تي ملي وڃي ته ضرور ڪجي.
    حضرت عائشه رضه سکا ڪئي ھئي ته جڏھن مڪو شريف فتح ٿيندو ته ڪعبي اندر ٻه رڪعتون نماز ادا ڪنديس. جڏھن مڪو فتح ٿيو ته ام المومنين رضه ڪعبي ۾ نماز ادا ڪرڻ چاھي ته حضور ﷺ جن فرمايو ته، تون حطيم ۾ ئي نماز ادا ڪر، ڇو جو حطيم ۾ نماز پڙھڻ ڪعبي جي اندر نماز پڙھڻ برابر آھي.

    ملتزم
    خانه ڪعبي جو اھو حصو جيڪو حجر اسود ۽ ڪعبي جي دروازي جي وچ ۾ آھي ان کي ملتزم سڏجي ٿو. ملتزم جي معنى چنبڙڻ جي آھي. ھتي ماڻھو ڪعبي جي ڀت جي ان حصي کي چھٽي رئندي رئندي رب پاڪ کان دعا گھرن ٿا. ان ڪري ان جو نالو ملتزم آھي ۽ ھيءَ دعائن جي قبوليت جي جاءِ آھي. پاڻ ڪريم ﷺ جن ھن جاءِ تي رئندي دعائون گھريون ھيون. ھيءُ بيحد متبرڪ جاءِ آھي ان ڪري ھن ھنڌ تي ھر وقت ماڻھن جو ھجوم رھي ٿو. توھان کي ھر ھڪ اھائي نصيحت ڪندو ته ٻين کي تڪليف ڏيڻ بنا توھان کي ملتزم وارو ھنڌ ڇھڻ جو موقعو ملي ته ھن کي چھٽي رب پاڪ کان نهايت عاجزي سان ضرور دعا گھرو. توھان الله جي گھر جي در جي چانئٺ وٽ ئي بيٺا آھيو.

    استلام ڪرڻ
    حج کان اڳ حج بابت اٽينڊ ڪيل ليڪچرن ۾ توڙي حج دوران ھي لفظ استلام ضرور ٻڌندائو. حجر اسود جي سامھون ٿي بيھڻ ۽ ان کي چمڻ يا ھٿن سان ڇھي ھٿن کي ڇھڻ يا لڪڻ سان ڇھڻ يا پري کان ھٿن جي اشاري سان ڇھي ھٿن کي چمڻ استلام ڪرڻ آھي. استلام ڪرڻ سنت آھي ۽ حضور ﷺ عليه وسلم جن مٿين طريقن سان ڪري ڏيکاريو آھي.
    طواف، حجر اسود جي سامھون کان بيھي استلام ڪري شروع ڪجي ۽ طواف جي ستن چڪرن (شوطن) مان ھر چڪر (شوط) پورو ڪرڻ تي حجر اسود جي سامھون بيھي استلام ڪجي، حاجين جي سھوليت لاءِ حجر اسود جي سامھون فرش تي ٿلھي ڪاري رنگ جي پٽي ٺاھي وئي آھي، جيئن پري کان طواف ڪندڙ کي به خبر پئجي وڃي ته ھو ھاڻ حجر اسود جي سامھون اچي ويو آھي ۽ ان پٽي تي ڪجهه سيڪنڊن لاءِ بيھي استلام ڪري وٺي. اتي ڪاري پٽي کان علاوه سائي رنگ جي ٽيوب لائيٽ به ٻرندي رھي ٿي، رش ۾ ھيڏانهن ھوڏانهن ٿيڻ يا گم ٿيڻ تي اڪثر اھا سائي بتي نشاني طور رکي ويندي آھي ته گم ٿيل ماڻھو اتي اچي ترسي ۽ پنهنجي ساٿين جو انتظار ڪري.

    ميزاب رحمت
    ڪعبة الله جي ڇت تي ٺھيل نارو (نيسارو) جتان مينهن جو پاڻي ھيٺ ڪري ٿو، ان ھنڌ کي ميزاب رحمت سڏجي ٿو. ھن ناري جي ھيٺان قبوليت لاءِ دعائون گھريون وڃن ٿيون.

    مقام ابراھيم
    ڪعبة الله جي دروازي کان ڪجهه وکن تي ھڪ شيشي جو خانو رکيل آھي، جنهن ۾ چانديءَ جي فريم ۾ ڍڪيل ھڪ پٿر آھي. ھن پٿر تي حضرت ابراھيم عليه السلام جي پير مبارڪن جا نشان ٺھيل آھي. پاڻ ھن پٿر تي بيھي ڪعبي جي تعمير فرمائي ھئي. روايت آھي ته ھن پٿر لفٽ طور ڪم ڪيو ٿي ۽ اھڙي طرح حضرت ابراھيم عليه السلام کي ڪعبي جون ڀتيون ٺاھڻ وقت ھيٺان کان مٿي تائين پٿر رکڻ ۾ آساني رھي. ھن جاءِ کي، جتي اھو پٿر رکيل آھي، مقام ابراھيم سڏجي ٿو.
    ھيءَ اھا متبرڪ جاءِ آھي جتي دعائون قبول ٿين ٿيون. طواف پورو ڪرڻ بعد زائرين مقام ابراھيم وٽ (جيڪڏھن مڪروه وقت نه آھي ته) ٻه رڪعتون نماز واجب الطواف ادا ڪن ٿا. (ھونءَ مقام ابراھيم وٽ جاءِ نه ملي ته زوريءَ ڌڪا ٿيلھا ڏئي ٻين کي ھٽائي اتي نماز پڙھڻ بدران مسجد الحرام ۾ ڪٿي به نماز ادا ڪري سگھجي ٿي).
    رب پاڪ قرآن مجيد ۾ مقام ابراھيم جو ٻن ھنڌن تي ذڪر فرمايو آھي.
    ”۽ مقام ابراھيم کي نماز جي جاءِ ٺاھي ڇڏيو.“ (البقرت: 125)
    ” ھن (خانه ڪعبه ۾) ظاھر ظھور نشانيون آھن. جن مان ھڪ مقام ابراھيم آھي. (آل عمران: 97)

    مقام جبرائيل
    ڪعبي جي دروازي جي سامھون اٺ کن چورس فوٽ جاءِ آھي. جتي رسول الله ﷺ جن حضرت جبرائيل عليه السلام سان گڏ نماز ادا فرمائي ھئي.

    باب السلام
    عھد نبوي ۾ باب السلام اھو دروازو ھو جنهن مان لنگھي ماڻھو حرم پاڪ ۾ آيا ٿي. اڄڪلهه اھو دروازو نه آھي پر ان جاءِ تي سنگ مرمر جا ٻه ٿنڀا ۽ انهن مٿان خوبصورت محراب ٺھيل آھي. اڄڪلهه جيڪو دروازو ھن محراب جي بلڪل سامھون آھي اھو باب السلام سڏجي ٿو. عمري جي طواف لاءِ ھن دروازي مان حرم پاڪ ۾ داخل ٿيڻ افضل آھي.

    طواف
    خانه ڪعبه جي چوڌاري ست ڦيرا ڪرڻ کي طواف سڏجي ٿو. ھر ڦيري کي ”شرط“ سڏجي ٿو. حج توڙي عمري لاءِ طواف ڪرڻ ضروري آھي. ان کان علاوه به ڪو چاھي ته ڪيترا به طواف ڪري سگھي ٿو. طواف حجر اسود کان شروع ٿئي ٿي، جتي نشاني خاطر زمين تي ڪاري ليڪ نڪتل آھي ۽ مٿان سائي بتي پڻ ٻري ٿي ۽ تختيءَ تي عربي، اڙدو ۽ انگريزي ۾ لکيل آھي ته: ”طواف ھتان شروع ٿئي ٿو.“
    عمري لاءِ آيل زائرين مڪي پھچڻ سان طواف ڪن ٿا. اھو طواف احرام جي حالت ۾ احرام وارين چادرين ۾ ڪيو وڃي ٿو. حج تي آيلن لاءِ 10 ذوالحج کان 12 تائين طواف ڪرڻ کپي. حج لاءِ پڻ اھو طواف عمري وانگر فرض آھي. ان طواف کي طواف زيارت، طواف فرض، طواف حج ۽ طواف رڪن پڻ سڏجي ٿو.
    ڏھين ذوالحج تي منى ۾ وڏي شيطان کي ست پٿريون ھڻڻ کان پوءِ قرباني ڪئي وڃي ٿي. جنهن بعد مٿي جا وار لھرائي احرام جو وڳو لاھي عام ڪپڙا پائي ھر ڪو مڪي اچي ھي طواف ڪري ٿو، ڪو ڏھين تاريخ ھي طواف (طواف زيارت) نٿو ڪري سگھي ته ھو يارھين يا ٻارھين به ڪري سگھي ٿو. بهرحال اھي ٽئي ڏينهن بيحد گھڻي رش رھي ٿي جو انهن ٽن ڏينهن اندر حج لاءِ آيل سڀني حاجين کي طواف ڪرڻو پوي ٿو.
    طواف اھڙي شيءَ آھي جيڪو جنهن وقت وڻي ۽ جيترا دفعا وڻي ڪري سگھجي ٿو، جنهن جو تمام گھڻو اجر آھي. آخر ۾ مڪي مان رخصت ٿيڻ وقت طواف وداع ڪرڻ ضروري آھي. ھي طواف ھر آفاقي تي واجب آھي. آفاقي اھو ماڻھو آھي جيڪو مڪي جي حدن کان ٻاھر رھي ٿو، جيئن اسين پاڪستاني آفاقي ٿياسين.
    طواف جي ستن ڦيرن مان پھريان ٽي ڦيرا ٿورو تکو تکو ھلڻ کپي، تڪڙين تڪڙين ۽ ننڍين وکن سان ڪنڌ لوڏي فوجين وانگر ھلڻ کپي. ان عمل کي رمل سڏجي ٿو.
    ياد رھي ته ذوالقعد 7 ھجري ۾ رسول اڪرم ﷺ عمري لاءِ مڪي شريف آيا ته مشرڪين مڪه مسلمانن کي ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. انهن کي اھو شڪ ھو ته مديني منوره جي آبهوا مسمانن کي ڪمزور بنائي ڇڏيو ھوندو بهرحال حضور ﷺ جن صحابن رضه کي دوران طواف پھرين ٽن چڪرن ۾ تکو تکو ڊوڙڻ جو حڪم ڏنو جنهن کي رمل چئجي ٿو. مشرڪن جڏھن مسلمانن کي ائين چاق و چوبند ڏٺو ته چوڻ لڳا، ”ھي ماڻھو جن جي باري ۾ اسين سمجھي رھياھئاسين ته بخار ۽ بيمارين ھنن کي ڳاري رکيو ھوندو، ھي ته طاقتور ماڻھن کان به وڌيڪ طاقتور ۽ چست لڳي رھيا آھن.“ اھڙي طرح حضور ﷺ جن جي حڪمت عملي سان مشرڪن جي غلط فھمي دور ٿي وئي.
    عمري واري طواف، حج بعد طواف زيارت ۽ مڪو شريف ڇڏڻ وقت طواف وداع ۾ رمل ڪرڻ کپي جو انهن طوافن بعد سعي پڻ ڪجي ٿي. (صفا ۽ مروه جبلن جي وچ ۾ ڦيرا ڪرڻ کي سعي سڏجي ٿو.) انهن طوافن کان علاوه عام طواف ۾ رمل جي ضرورت ناھي. يعني ھر اھو طواف جنهن بعد سعي نٿي ڪجي ان ۾ رمل جي ضرورت ناھي. ٻي ڳالهه ته جنهن طواف بعد سعي ڪرڻ ضروري آھي ان طواف ۾ جيڪڏھن احرام ۾ آھي ته مٿين چادر ساڄي ڪڇ ھيٺان ڪڍي کاٻي ڪلھي تي رکڻ کپي. ان کي اضطباع سڏجي ٿو.
    ڏٺو وڃي ته حج ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه ناھي. نماز پڙھڻ ۾ ئي اسين ڪيتريون ڳالھيون سکون ٿا، جيئن ته وضو ڪرڻ، نماز جي نيت ڪرڻ، نمازن جا مختلف قسم يعني فرض، سنت، نفل وغيره ۽ نماز ۾ مختلف Actions جيئن ته رڪوع، سجدو، سلام ورائڻ ۽ نماز لاءِ خاص ڪپڙن جو ھجڻ وغيره وغيره. اھڙي طرح حج جي فرض ۾ ته ڪيتريون ئي ڳالھيون اچن ٿيون، جن لاءِ بهتر آھي ته حج تي روانو ٿيڻ کان اڳ انهن جي تعليم ۽ تربيت وٺجي ۽ ان بابت حج جا ڪتاب چڱي طرح پڙھجن.
    خانه ڪعبه جي چوڌاري ست ڦيرا ڪرڻ کي طواف سڏجي ٿو پر صحيح طرح طواف ڪرڻ لاءِ طواف جي نيت ڪرڻ، صحيح جڳهه کان شروع ڪرڻ، رمل ۽ اضطباع جھڙين شين جي ڄاڻ پڻ ضروري آھي. ھونءَ ڪا شيءَ رھجي وڃي ٿي ته الله تعاليٰ غفور ۽ رحيم آھي، ھو ضرور بخش ڪندو پر اسان لاءِ اھو ضروري آھي ته ٿوري تڪليف وٺي حج سان واسطو رکندڙ ڳالھين جي ڄاڻ ۽ تربيت وٺي پوءِ حج لاءِ روانو ٿجي ته وڌيڪ افضل آھي، جيئن ھر ڳالهه صحيح ڪري وڌيڪ ثواب ماڻي سگھجي.
    ڪعبة الله جي چوڌاري جتي طواف ڪجي ٿو ان جاءِ کي مطاف سڏجي ٿو. توھان اڪثر ماڻھن کان اھو ٻڌندائو ته اڄ مطاف ۾ نماز پڙھڻ جي سعادت حاصل ٿي ـ معنى ڪعبة الله جي بلڪل ويجھو جتي طواف لاءِ چڪر ھڻجن ٿا اتي نماز پڙھڻ جي جاءِ ملي وئي.
    حديث شريف ۾ روايت آھي ته، ملائڪن ۾ الله جي نظر ۾ سڀ کان گھڻي بلند مرتبي وارو اھو فرشتو آھي، جيڪو ھن جي عرش مولى جو طواف ڪري ٿو ۽ زمين وارن ۾ سڀ کان بهتر اھو انسان آھي جيڪو خانه ڪعبه جو طواف ڪري ٿو.
    طواف دوران مختلف دعائون گھري سگھجن ٿيون، جن جو تفصيلي احوال حج وارن ڪتابن ۾ ملي ٿو. ھي ڪتاب ھڪ عام قسم جو فقط سفرنامو آھي جنهن مان سفر بابت آئيڊيا لڳائي سگھجي ٿي.

    سعي
    صفا ۽ مروه ٽڪرين جي وچ ۾ ست ڦيرا لڳائن کي سعي سڏجي ٿو. صفا ۽ مروه دراصل ٻه ٽڪريون ھيون، جيڪي ھاڻي نه برابر وڃي رھيون آھن. انهن جي ڀرسان ئي اھا جاءِ ھئي جتي حضرت ابراھيم عليه السلام الله تعاليٰ جي حڪم جي پيروي ڪندي پنهنجي گھر واري حضرت ھاجره ۽ ٿڃ تي ٻار حضرت اسماعيل عليه السلام کي ڇڏي ويو ھو. پاڻيءَ جي ڳولھا ۾ بيبي ھاجره صفا ۽ مروه جي وچ ۾ ست ڀيرا ڊوڙون پاتيون، انهن ٽڪرين جي وچ ۾ زمين جو ڪجهه حصو ھيٺائين تي ھجڻ ڪري اتي پھچڻ مھل بيبي حاجره جي نگاهه معصوم اسماعيل عليه السلام تي نٿي پيئي. ان ڪري ان ھنڌ وٽان لنگھڻ مھل ھوءَ تکو تکو ڊوڙي ھئي. حضرت ھاجره جي ان سعي (ڊوڙ) کي الله تعاليٰ بيحد پسند ۽ مقبول فرمائي معصوم اسماعيل عليه السلام جي کڙين ھڻڻ واري جاءِ تان زمين اندران پاڻي جاري ڪيو. پاڻيءَ کي ائين وھندو ڏسي حضرت ھاجره ان جي چوڌاري مٽي ۽ پٿر ڏئي ان وھندڙ پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ زم زم (ترسي وڃ ترسي وڃ) چيو. ان تان ھن پاڻي جو نالو اڄ تائين زم زم آھي.ھي پاڻي اڄ ڏينهن تائين نٿو کٽي ۽ ھن جو کوهه ڪعبي ڀر ۾ ئي آھي. حرم پاڪ کي ھن سعودي حڪومت جيئن ته تمام وڏو ڪيو آھي ان ڪري ھي زم زم جو کوهه ۽ صفا مروه جون ٽڪريون حرم پاڪ اندر اچي ويون آھن.
    حضرت ھاجره جي ان ڊوڙ جي ياد ۾ صفا ۽ مروه جي وچ ۾ مردن توڙي عورتن کي ست چڪر ھڻڻا پون ٿا يعني صفا کان مروه تائين ھڪ چڪر، مروه کان صفا تائين ٻيو چڪر، وري صفا کان مروه تائين ٽيون چڪر ٿيون. اھڙي طرح ستون چڪر مروه تي ختم ٿئي ٿو.
    ھاڻ صفا ۽ مروه ٽڪرين جي وچ ۾ سنگ مرمر جو ٻماڙ ورانڊو ٺھيل آھي، جيئن ڪجهه ماڻھو ھيٺ ته ڪجهه مٿي سعي ڪري سگھن ۽ رش گھٽ رھي. جنهن ھيٺاھين ھنڌ تي حضرت ھاجره کي حضرت اسماعيل عليه السلام نظر نٿي آيو ۽ ھوءَ ان ھنڌ تان تکو ڊوڙي ھئي، ان ھنڌ تي سائي رنگ جون بتيون لڳايون ويون آھن، جيئن مرد ماڻھو ھر ڦيري ۾ اتان لنگھڻ وقت ڊوڙ پائي گذرن. اڳئين زماني ۾ اھو ھنڌ ھيٺاھين تي ھو پر ھاڻي ان کي باقي پٽ سان ليول ڪيو ويو آھي. ان ھنڌ کي نمايان ڪرڻ لاءِ ٻنهي طرفن کان ٻه سائي رنگ جا ٿنڀا پڻ لڳايا ويا آھن، جن مٿان سائي رنگ جون بتيون ٻرن ٿيون، انهن ٿنڀن کي ميلين اخضرين سڏجي ٿو. يعني ميلين اخضرين واري علائقي ۾ مردن کي ھلڻ بدران ڊوڙڻو آھي.
    صفا کان مروه وارو پٽ جنهن تي سعي ڪجي ٿي ان پٽ کي مسعي سڏجي ٿو. مسعي واري ڊگھي پٽي جيڪا اڌ ميل کن ٿيندي ٻن حصن ۾ ورھايل آھي. صفا کان مروه ويندڙ ساڄي پاسي کان ھلن ٿا ۽ مروه کان صفا موٽندڙ ٻئي پاسي کان ھلن ٿا. وچ وارو حصو مريض ۽ پوڙھن لاءِ آھي جيڪي Wheel Chair تي ھلن ٿا. اھي ڪرسيون حرم پاڪ مان به ملي سگھن ٿيون ته پنهنجيون به آڻي سگھجن ٿيون.


    ڪعبو: الله جو گھر

    ھڪ ڳالهه ھتي واضح طور لکڻ چاھيان ٿو، جيئن ھڪ عام ماڻھوءَ کي اھا غلط فھمي نه رھي جيئن مون کي پڻ ڪنهن زماني تائين ھئي ته حضور ﷺ جن کي نبوت ملڻ کان اڳ مڪي جي عربن ڪعبي کي الله جو گھر نٿي سمجھيو. مختلف روايتن ۽ قصن مان صاف ظاھر ٿئي ٿو ته عربن جيتوڻيڪ ڪعبي ۾ بت رکي بت پرستي ڪئي ٿي پر ھنن کي دل ۾ اھو احساس ضرور ھو ته ھي الله جو گھر آھي ۽ مشڪل وقت تي ھنن بتن کي ڇڏي الله کان ئي دعا گھري ٿي. جيئن يمن جو حبشي سردار ابرھ 71ــ570ع ۾ 60 ھزار فوج وٺي مڪي ڏي روانو ٿيو ته مڪي جي ماڻھن الله اڳيان ھٿ ٽنگيو، جنهن جو ذڪر تاريخ جي ڪتابن ۽ انهن ڏينهن جي شاعري ۾ پڻ آھي ته ھنن جي دعائن ۾ الله واحد کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو نالو نه ھو. ھو بتن جي پوڄا ضرور ڪندا ھئا پر ھنن کي حجر اسود (ڪاري پٿر) جي مان ۽ شان جو به احساس ھو جو مٿئين قصي کان ويھارو سال کن پوءِ جڏھن ڪعبي جي مرمت ڪرائي وئي ته مڪي جي سڀني قبيلن جو ان تي اچي بحث ھليو ته اھو پاڪ پٿر ڪير کڻي مقرر جاءِ تي رکندو. (جنهن جو فيصلو حضور ﷺ جن ڪري سڀني کي خوش ڪيو.) ۽ ھي اھي ڏينهن ھئا جڏھن حضور ﷺ جن اڃا اسلام جي پرچار شروع نه ڪئي ھئي.
    ابرھ جو ڪعبي تي حملي جو قصو جنهن جو ذڪر قرآن شريف جي سورة الفيل ۾ آيل آھي، پڙھندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ ھتي لکڻ ضروري سمجھان ٿو. ھي واقعو ان سال ٿيو جنهن سال حضور صلعم جن جنم ورتو. ڪعبي ۾ جيتوڻيڪ بت رکيل ھئا پر عرب دنيا جا ماڻھو ھر سال ذوالقعد ۽ ذوالحج وارن مھينن ۾ ڪعبي جو طواف ۽ حج ڪرڻ مڪي اچي پھچندا ھئا. پوءِ اھا ٻي ڳالهه آھي ته ھو ھڪ الله جي عبادت ڪرڻ بدران ڪعبي ۾ رکيل بتن جي پوڄا ڪندا ھئا ۽ ڪيترا ته اگھاڙا ٿي طواف ڪندا ھئا ۽ عجيب جاھل واريون رسمون اختيار ڪندا ھئا. بهرحال ھر سال انيڪ ماڻھو اچي گڏ ٿيندا ھئا ۽ ھن ميلي ۾ مذھب کان وڌيڪ تجارت جو پھلو ھو. جيئن اڄ به ڪو ميلو لڳرائي ٿو ته زيارت کان وڌيڪ ھن کي ڪمائيءَ جو خيال رھي ٿو. ٽي ڏينهن کن لڳل ميلي ۾ جيڪي عارضي طور دڪان کلن ٿا ۽ ٻيون جيڪي شرطون ۽ جانورن جون ويڙھيون لڳن ٿيون، ان مان وڏي ڪمائي ٿئي ٿي.
    ان طرح مڪي ۾ سڄي عرب جا ماڻھو جڏھن ٻن ٽن مھينن لاءِ اچي گڏ ٿيندا ھئا ته مڪي وارن جي خوب ڪمائي ٿيندي ھئي ۽ ان ڪمائيءَ مان سڄو سال عيش ڪندا ھئا. مڪي يا عرب دنيا ۾ انهن ڏينهن ۾ نه ھو ايگريڪلچر نه انڊسٽري، ڪمائيءَ جو واحد ذريعو حج ھو. عرب دنيا جي مختلف ماڻھن قبيلن جي نالي بت رکيل ھئا، جن جي پوڄا پاٺ لاءِ ھو پري پري کان ڪھي ايندا ھئا. خوب ميلو لڳندو ھو ۽ مڪي وارن جي وڏي ڪمائي ٿيندي ھئي ان ڪري ته جڏھن حضور ﷺ جن اسلام ۽ ھڪ الله جي ڳالهه ڪئي اھو پڻ ته الله تعاليٰ جتي ڪٿي حاضر ناظر آھي ته مڪي جا ڪافر ڊڄي ويا ته ھاڻ ھنن بتن کي پوڄڻ لاءِ ڪير ايندو.
    بهرحال مڪي جي تجارت ۽ خوشحاليءَ جو ھي حال ڏسي يمن جي حبشي سردار ابرھ يمن جي شھر صنعاءَ (Sanna) جيڪو اڄ به يمن جي گادي جو ھنڌ آھي، ھڪ ڪليسا ٺاھيو. انهن ڏينهن ۾ يمن حبش جي ھٿ ھيٺ ھو. عيسائيت جو زور ھو. حبش ۾ ته ڪيترائي ڪليسا گھر ھئا ابرھ نه فقط صنعا (يمن) ۾ ڪليسا گھر ٺاھيو پر ھن جي اھا نيت ۽ خواھش ھئي ته عرب دنيا جا ماڻھو ھر سال مڪي وڃڻ بدران ھتي صنعا اچن. ان پويان فقط مذھبي جذبو ھو پر معاشي ۽ سياسي غرض به ھئا. بلڪ اھي ئي ان جا اصل محرڪ ھئا.
    ظاھري طرح ابرھ جي ڪليسا کي باهه لڳي يا لڳائي وئي ۽ ھن خانه ڪعبي کي ڊاھڻ جو پڪو پهه ڪيو. ھو 60 ھزار فوج ۽ تيرھن ھاٿي ساڻ کڻي مڪي ڏي روانو ٿيو. رستي تي يمن جي ھڪ سردار (ذونفر) عربن جو ھڪ لشڪر گڏ ڪري ابرھ جو مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھن شڪست کاڌي ۽ گرفتار ٿي ويو. پوءِ خشعم جي علائقي ۾ ھڪ عرب سردار نفيل بن حبيب خشعمي پنهنجي قبيلي جي ماڻھن کي وٺي مقابلي لاءِ آيو پر ھن به ھار کاڌي ۽ گرفتار ٿي ويو. سندس جان بچائن لاءِ اھو شرط رکيو ويو ته ھو ابرھ جي فوج کي مڪي تائين رستو ڏيکاريندو.
    انهن ڏينهن ۾ مڪي جو سڀ کان وڏو سردار حضور ﷺ جو ڏاڏو عبدالمطلب ھو. مڪي جي ويجھو پھچي ابرھ اوسي پاسي جي ماڻھن جو چوپايو مال پنهنجي قبضي ۾ ڪيو، جنهن ۾ عبدالمطلب جا به ٻه سو اٺ ھئا. ان کانپوءِ ھن پنهنجا ايلچي مڪي موڪلي نياپو ڪيو ته آئون وڙھڻ لاءِ نه آيو آھيان پر ھن گھر (ڪعبي) کي ڊاھڻ لاءِ آيو آھيان، جيڪڏھن توھان نه وڙھندائو ته توھان کي توھان جو مال موٽائي ڏيندس.
    عبدالمطلب ايلچيءَ کي چيو ته ابرھ جي ھيڏي لشڪر سان وڙھڻ جي اسان کي طاقت نه آھي. ڪعبو الله جو گھر آھي. ھو چاھيندو ته پنهنجي گھر کي بچائي وٺندو. ايلچيءَ چيس ته مون سان گڏ ابرھ وٽ ھل. ھو ان تي راضي ٿي ويو ۽ ايلچيءَ سان گڏ ابرھ وٽ پھتو. عبدالمطلب شڪل صورت ۽ قدبت جو اھڙو ته ٺاھوڪو ھو جو ابرھ به ھن مان متاثر ٿي ويو ۽ تخت تان لھي اچي ھن جي ڀرسان ويٺو ۽ پوءِ عبدالمطلب کان پڇيو: ”توھان ڇا چاھيو ٿا؟“
    ”منهنجا اٺ جھليا ويا آھن، اھي مون کي واپس ڪيا وڃن.“ عبدالمطلب چيو.
    ان تي ابرھ چيو: ”آئون توھان کي ڏسي ڏاڍو متاثر ٿيو ھوس. پر توھان جي ان ڳالهه توھان کي منهنجين نظرن ۾ ڪيرائي وڌو آھي. توھان پنهنجن اٺن جو مطالبو ڪري رھيا آھيو ۽ ھي گھر (ڪعبو) جيڪو توھان جي دين جو آبائي قبلو آھي ان جي باري ۾ توھان ڪجهه به نٿا چئو؟“
    عبدالمطلب وراڻيو: ”آئون ته فقط پنهنجن اٺن جو مالڪ آھيان ۽ انهن جي لاءِ ئي عرض کڻي آيو آھيان. اھڙي طرح ھن گھر (ڪعبي) جو به ھڪ مالڪ رب آھي. اھو پاڻ ھن جي حفاظت ڪري وٺندو“.
    ابرھ چيو: ”تنهنجو رب ھن ڪعبي کي منهنجي ھٿن مان نه بچائي سگھندو.“
    عبدالمطلب وراڻيو: ”اھو توھان ڄاڻو ۽ ھو ڄاڻي.“ اھو چئي اھو ابرھ وٽان اٿيو ۽ ھن کي سندس ٻه سو اٺ موٽائي ڏنا ويا.
    ڪجهه روايتن ۾ آھي ته عبدالمطلب سان گڏ قريش جا ڪجهه ٻيا سردار به ھئا، جن ابرھ جي اڳيان اھا رٿ پيش ڪئي ته جيڪڏھن ھو بيت الله سان ھٿ چراند نه ڪري ۽ واپس موٽي وڃي ته ان جي بدلي ۾ کيس سڄي تهاما (حجاز) جي پيداوار جو ٽيون حصو خراج طور ڏنو ويندو. پر ابرھ ان ڳالهه کي نه مڃيو. عبدالمطلب ابرھ جي لشڪرگاهه کان موٽي قريش وارن کي چيو ته پنهنجن ٻارن ٻچن کي وٺي جبلن تي ھليا وڃو جيئن انهن جو قتل عام نه ٿئي. پوءِ ھو ۽ قريش جا چند سردار حرم ۾ حاضر ٿيا ۽ ڪعبي جي دروازي جو ڪنڍو جھلي ھنن الله تعاليٰ کان دعائون گھريون ته ھو پنهنجي گھر ۽ ھن جي خادمن جي حفاظت فرمائي.
    ان وقت ڪعبي ۾ 360 بت موجود ھئا، مگر ھنن ماڻھن ان نازڪ مھل تي انهن سڀني کي وساري ڇڏيو ۽ ھنن فقط الله جي اڳيان ٻڪ کنيا. عبدالمطلب شاعر به ھو. ان وقت جا چيل شعر ابن ھشام سيرت ۾ نقل ڪيا آھن، جن مان پڻ ان جي شاھدي ملي ٿي.
    لاھُمَ اِنَ العَبد يَمنع رَحلھ فَامنع حِلالَڪ
    (يا الله! انسان پنهنجي گھر جي حفاظت ڪري ٿو، تون به پنهنجي گھر جي حفاظت فرماءِ).
    بهرحال دعائون گھري عبدالمطلب ۽ ھن جا ساٿي جبلن ڏي ھليا ويا. (مڪي ۾ چوڌاري جبل ئي جبل آھن.) ٻئي ڏينهن ابرھ مڪي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اڳتي وڌيو پر سندس خاص ھاٿي ”محمود“ جيڪو اڳيان اڳيان ھو، ڏسندي ئي ڏسندي ھڪ ھنڌ بيھي رھيو. ھن کي گھڻي ئي چٽ ۽ لٺ ڏيکاريائون پر ھو اڳتي وڌڻ کان پڙ ڪڍي بيھي رھيو.اتر، ڏکڻ ۽ اوڀر ڏي موڙين تي ھلي پر مڪي ڏي ھڪ وک به نه کڻي. ڪيترو ئي مارڻ ڪٽڻ تي به نه ھلي. ايتري ۾ پکين جون قطارون نظر آيون، جن مان ھر ھڪ وٽ ٽي پٿريون ھيون. ھڪ چھنب ۾ ۽ ٻه چنبن ۾. واقعي جي روايت آھي ته ھي پکي عجيب قسم جا ھئا جيڪي ھن کان پھرين ڪڏھن به ڏٺا نه ويا. ھو قد بت ۾ ڪبوتر کان ڪجهه ننڍا ھئا. سندن چھنبون پکين جھڙيون ھيون ۽ پير ڪتن جي پيرن جھڙا. پکين جي ھنن ولرن ابرھ جي لشڪر تي پٿريون ھڻڻ شروع ڪيون. لڳو ٿي ته پٿرين جي ڄڻ بارش ٿي رھي ھجي. جنهن کي به ھيءَ پٿري لڳي ٿي ته جسم مان پار ٿي وئي ٿي ۽ ان جو جسم ان ئي وقت ڳرڻ ۽ سڙڻ لڳو ٿي.
    حضرت ابن عباس رضه کان ھڪ روايت آھي ته، پٿريءَ جي لڳڻ سان ان ماڻھوءَ جي جسم مان گوشت ۽ رت پاڻيءَ وانگر وھڻ لڳو ٿي، ابرھ جي لشڪر ۾ افراتفري مچي وئي. لشڪر جا ماڻھو يمن ڏي ڀڄڻ لڳا. نفيل بن حبيب خشعمي جنهن کي ابرھ وارا سونهين (Guide) طور وٺي آيا ھئا، تنهن کي ڳولي منٿون ڪيائونس ته اسان کي ھتان ڪڍي يمن ڏي ويندڙ رستو ٻڌاءِ. پر ھن صاف صاف انڪار ڪندي ھنن کي چيو ته ھاڻ ڀڄڻ جي جاءِ ڪٿان آئي، جڏھن ته خدا توھان جي پٺيان آھي ۽ نڀاڳو (ابرھ) ھاڻ ھار ۾ آھي سوڀ ۾ نه.
    ھي واقعو مزدلفه ۽ منى جي وچ ۾ وادي محسب جي ويجھو محسر نالي جاءِ تي پيش آيو. صحيح مسلم ۽ ابو دائود کان روايت آھي ته، رسول الله ﷺ جي حجتة الوداع جو قصو، جيڪو امام جعفر صادق پنهنجي والد امام محمد باقر کان ۽ انهن حضرت جابر بن عبدالله کان نقل ڪيو آھي، ان ۾ ھو فرمائين ٿا ته، حضور ﷺ جن جڏھن مزدلفه کان منى ڏي روانا ٿيا ته محسر وٽ ھلڻ جي رفتار وڌائي ڇڏي ھئي. ان ڪري سنت اھا آھي ته ھن ھنڌ تان جلد نڪري وڃجي.
    حج کان ٻه ڏينهن اڳ آئون ٽئڪسي ڪري مڪي جي آسپاس جون زيارتون ڏسڻ ويس. مزدلفه کان منى ڏي ھلڻ وقت وادي محسب مان ٽيڪسي ڊرائيور گاڏي تکي ڪري ڪڍي ويو ۽ ھن به اھو ئي ذڪر ڪيو ته ھيءَ اھا جاءِ آھي جتي اڄ تائين ڦٽڪار وسندي رھي ٿي.
    امام مالڪ کان روايت آھي حضور ﷺ جن فرمايو ته مزدلفه سڄو ئي آرام لاءِ ترسڻ جو ھنڌ آھي پر محسر جي واديءَ ۾ ترسڻ نه کپي.
    ھن واقعي کانپوءِ ٽن چئن سالن اندر يمن ۾ حبش حڪومت جو راڄ ختم ٿي ويو. قصه فيل جي ھن واقعي کانپوءِ جتي ڪٿي يمني سردارن بغاوت جو جھنڊو کڻي بلند ڪيو ۽ 575ع ڌاري حبشي حڪومت مڪمل طور يمن ۾ ختم ٿي وئي.
    جنهن سال ھي واقعو ٿيو، يعني ابرھ ھاٿي تي چڙھي ڪعبي تي حملي ڪرڻ جي نيت سان وڏو لشڪر وٺي آيو ھو. اھو سال عرب دنيا ۾ عام الفيل (ھاٿين جو سال) سڏيو وڃي ٿو ۽ ان ئي سال حضور ﷺ جن جي ولادت مبارڪ ٿي. اصحاب الفيل جو واقعو محرم ۾ پيش آيو ھو ۽ حضور ﷺ جن جي ولادت پورن 50 ڏينهن بعد ربيع الاول ۾ ٿي.
    ”عرب دنيا“ جا عرب ان ڳالهه سان سھمت ھئا ته ابرھ جي ان حملي مھل ڪعبي جي حفاظت ڪنهن ديوي يا ديوتا نه ڪئي پر الله تعاليٰ پاڻ ڪئي. الله ئي کان قريش جي سردارن مدد لاءِ دعائون گھريون ھيون ۽ ڪجهه سالن تائين قريش جا ماڻھو ان واقعي مان ايترو ته متاثر رھيا جو ھنن الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت نٿي ڪئي.

    نوٽ
    مٿي ذڪر ڪيل ملڪ حبش دراصل Abyssinia (ائبيسينيا) آھي. تن ڏينهن ۾ ائبيسينيا (حبش)، مصر (Egypt)، شام (Syria)، يمن وغيره بلي بلي ملڪ ھئا. سعودي عرب اڃا وجود ۾ نه آيو ھو. بلڪ اھو ته ھاڻ منو صدي کن اڳ نقشي تي ظاھر ٿيو آھي نه ته اھو سڄو علائقو جنهن ۾ يمن به اچي وڃي ٿو، عربستان سڏبو ھو. اڄ جي سعودي عرب وارو علائقو نجد ۽ حجاز سڏبو ھو، مڪي ۽ مديني (يثرب) وارو حصو حجاز ۾ اچي ويو ٿي. حبش جيتوڻيڪ آفريڪا کنڊ ۾ آھي پر جيئن ته پراڻي زماني ۾ جڏھن ته اڃا ھوائي جھاز، بسون ڪارون ويندي سائيڪلون به ايجاد نه ٿيون ھيون، تن ڏينهن ۾ ٻيڙين رستي سامونڊي سفر رڻ پٽ بيابانن ۾ ھلندڙ اٺن کان به وڌيڪ سولو ھو ۽ حبش (Abyssinia) سامونڊي رستي عربستان کي ويجھو ۽ ڄڻ ته پاڙيسري ملڪ ھو، بحر احمر جنهن کي اسين ڳاڙھو سمنڊ (Red Sea) سڏيون ٿا، ان جي ھڪ پاسي يمن ۽ حجاز ھو ته ٻئي پاسي حبش (Abyssinia) ۽ مصر. ڳاڙھو سمنڊ دنيا جي وڏن سمنڊن جي مقابلي ۾ ھڪ ڪئنال ئي آھي، جنهن جي گھڻي کان گھڻي ويڪر (سعودي عرب جي بندرگاهه جيزان وٽ) ڏيڍ سو کن ناٽيڪل ميل (زمين وارا 180 کن ميل) آھي. جدي وٽان سوڊان جي سرزمين ۽ مديني جي ڀرواري بندرگاهه ينبو کان مصر جي سرزمين مٿين فاصلي جي به اڌ جيتري آھي جو انهن ھنڌن تي ڳاڙھو سمنڊ تمام سوڙھو ٿيو وڃي. ڳاڙھو سمنڊ به خراب ٿئي ٿو. ان جو ويرون ۽ طوفان اڄ جي وڏن جھازن کي به منجھائين ٿا پر سال جو وڏو حصو سانت ۾ رھي ٿو ۽ ننڍيون ننڍيون ٻيڙيون به آسانيءَ سان ڳاڙھو سمنڊ پار ڪري يمن ۽ سعودي عرب واري پاسي کان حبش، سوڊان ۽ مصر اينديون وينديون رھن ٿيون. اھو ئي سبب آھي جو اڄ به ھيڏي سختي ھوندي حبش پاسي جا ماڻھو آسانيءَ سان غيرقانوني طرح سعودي عرب ۾ پھچيو وڃن. مڪي ۽ مديني جي رستن تي ڪيترا فقير (خاص ڪري عورتون) حبش پاسي جا آھن. مڪي جي گھٽين ۾ پٽ تي ويھي تسبيحون، منڊيون، ميندي، لونگ ۽ بوھي مڱ (pea Nuts) وڪڻندڙ عورتن ۾ ڪيتريون ئي حبش جون آھن، غيرقانوني آيل ماڻھن جي پڪڙ ڌڪڙ ۾ سعودي عرب جا سپاھي لڳا رھن ٿا پر پوليس جي گاڏيءَ جو ھارن ٻڌي ھي سڀ پنهنجون گڊڙيون ۽ ھٽ ڇڏي لڪي وڃن ٿيون. ڪڏھن ڪڏھن ته پوليس کين جھلڻ ۾ ڪامياب به ٿيو وڃي. ھڪ پوليس واري کان پڇيم ته حڪومت ھنن کي اچڻ ئي ڇو ٿي ڏئي.
    ”بس لڪ ڇپ ۾ ھليا اچن.“ ھن ٻڌايو، ”سعودي عرب حڪومت طرفان جيتوڻيڪ خاص خاص بندرگاھن تي ڪوسٽ گارڊ جو سخت پھرو آھي پر تنهن ھوندي به ڪيترا ڪامياب ٿيو وڃن جو جيزان کان وٺي تبوڪ تائين اٽڪل ٻه ھزار ڪلوميٽر ڪنارو آھي ۽ ڪوبه رات جي اونداھيءَ ۾ ڪنهن به ھنڌان ڳاڙھو سمنڊ اڪري پھچي سگھي ٿو.
    بهرحال اسلام کان اڳ وارن ڏينهن ۾ حبش (Abyssinia) وڏي ڳالهه ھو. عيسائيت جو اتي وڏو زور ھو. ايتريقدر جو يمن به سندن ھٿ ۾ ايئن ھو جيئن انگريزن يا فرينچن جي ھٿ ۾ ايشيا يا آفريڪا جا ملڪ ھئا. پر پوءِ جيئن جيئن يمن جھڙيون ڪالونيون ھنن جي ھٿن مان نڪرنديون ويون ۽ يورپي قومون سامونڊي طاقت ۽ بارود حاصل ڪرڻ ڪري آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن کي پنهنجيون بيٺڪون ٺاھينديون ويون، حبش (Abyssinia) به غريب ٿيندو ويو. ويتر غلامن جي واپار ۽ قدرتي ڏڪارن ھن کي ترپٽ بڻائي ڇڏيو آھي. پنجين ڇھين صدي ۾ حبش جو رھاڪو (حبشي) جيڪو وڏي ڳالهه سمجھيو ويندو ھو ۽ قومن ۾ پير و مرشد مڃيو ويندو ھو، اھو ڪوئلن ۽ ڇوڏن جيان غلامن جي بازارين ۾ وڪامڻ لڳو. سندن اندروني جھيڙن جنگين مان فائدو وٺي يورپي ملڪن کين وڌيڪ ڪمزور بنائڻ لاءِ حصن پتين ۾ ورھائي ڇڏيو. اڄ حبش جو نالو نقشي تان ڊھي ويو آھي. ان جي جاءِ تي اٿوپيا (Ethiopia) ۽ اريٽريا (Eritrea) ٿي ويو آھي. ٻنهي ملڪن جا ماڻھو ڏڪار ۽ ڏکين سياسي حالتن ڪري پنهنجي ملڪ توڙي پناهه ڏيندڙ ملڪن ۾ جيئڻ لاءِ جتن ڪري رھيا آھن.


    مڪي شريف بابت

    مڪو شھر ته حضرت ابراھيم عليه السلام ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جھڙن نبين ٺاھيو. انهن جي ڪري ھي شھر ”عرب دنيا“ جو مقدس ترين مرڪزي شھر ٿيو. حضرت ابراھيم عليه السلام ئي ھيءَ دعا گھري ته:
    رَبِ اجعَل ھذَا آمِنا (سورھ البقرة ـ 126)
    (اي منهنجا رب ھن کي ھڪ پرامن شھر بناءِ)
    ۽ انهيءَ دعا جي ئي برڪت ھئي جو عرب دنيا ۾ پکڙيل بدامني جي وچ ۾ فقط ھي ئي شھر اڍائي ھزار سالن کان امن جو شھر ھو.
    ھن شھر (مڪه مڪرمه) جي اھا عزت آھي جو رب پاڪ سورة التين ۾ ھن شھر جو قسم کڻي ڳالهه ڪئي آھي:
    وَھذَا البَلَدِ الاَمِين ـــ لَقَد خَلَقَنَا الانسَانَ فِي اَحسَنِ تَقويم ـــ
    (قسم آھي ھن امن واري شھر (مڪي) جو. اسان انسان کي بهترين ساخت سان پيدا ڪيو آھي.)

    حضرت ابن عباس رضه جن فرمائين ٿا ته، حضور ﷺ وسلم جن مڪي کي خطاب فرمائيندي چيو ته: تون ڪيڏو ته سٺو شھر آھين ۽ مون کي ڪيڏو ته گھڻو پسند (محبوب) آھين. جيڪڏھن منهنجي قوم مون کي نه ڪڍي ھا ته تو کانسواءِ ڪنهن ٻئي شھر ۾ نه رھان ھا.

    ڪنهن ھنڌ انگريزي پريس ۾ مڪي شريف لاءِ خوب لکيل ھو:
    "Mecca relates perfecting inner en vironment. Mecca was the unviling of the microcosm, Medina was the living macrocosm."


    مڪي پھچي طواف ۽ سعي ڪرڻ

    جدي کان مڪو شريف ايترو پري آھي، جيترو ڪراچي کان نوري آباد يا ھالا کان قاضي احمد اٽڪل پنجاهه کن ميل. سٺن ڪشادن رستن ڪري ھڪ اوچي قسم جي ڪار ڪلاڪ کن ۾ پھچائي سگھي ٿي ۽ اوترو ئي ٽائيم بس وٺي ٿي پر اسان کي ٽي چار ڪلاڪ لڳي ويا. رستي تي حاجين جي ڪاغذن جي چڪاس ۾ ڪافي دير لڳي ۽ وري مڪي پھچي معلم جي آفيس وٽ بس اچي بيھي رھي. اتي به ڪاغذن جي چڪاس ٿي. پاسپورٽ وغيره معلم جي حوالي ٿيو، اسان کي ان جو ھڪ صفحو مليو، ھر ھڪ کي ٻانهن ۾ ٻڌڻ لاءِ ھئڊي رنگ جي چمڙي جي پونچي (Arm band) ملي، جنهن تي اسان جي معلم جو نالو ۽ ائڊريس ھئي. مختلف ملڪن کان آيل ماڻھن کي مختلف رنگن جون اھي Bands ڏنيون وڃن ٿيون. جيئن مصر ۽ ٻين عرب ملڪن کان آيل ماڻھن کي شايد سفيد رنگ جون ھيون. آمريڪا ۽ يورپ کان آيل ماڻھن کي بلو رنگ جون وغيره. اسان واري رنگ جون اوڀر ڏکڻ ايشيا جي ملڪن (جھڙوڪ انڊيا، سريلنڪا، ملائيشيا، ٿائيلينڊ، انڊونيشيا) وارن حاجين کي مليل ھيون. اھي سڀ سڃاڻپ لاءِ آھن، خاص ڪري منى ۽ عرفات لاءِ جتي ماڻھن جي گم ٿي وڃڻ جو گھڻو خطرو رھي ٿو ۽ انهن ھنڌن تي مختلف علائقن جي مختلف ملڪن جا الڳ تنبو لڳل رھن ٿا، مڪي ۽ مديني ۾ ايترا ماڻھو گم نه ٿا ٿين. ھڪ دفعو ماڻھو کي پنهنجي گھٽي ۽ گھر ياد ٿي وڃي ته پوءِ ھن کي مڪي جي شھر ۾ ڪٿي به کڻي ڇڏ ته ھو گھر ڀاتين تائين آساني سان پھچي سگھي ٿو. بس رڳو پھريون دفعو ھو اھو ڏسي ياد ڪري ڇڏي ته ھن جو گھر حرم پاڪ جي ڪھڙي دروازي وٽ آھي. پوءِ ھو شھر ۾ ڪٿي به گم ٿئي ته ڪنهن به دروازي مان حرم پاڪ اندر ھليو اچي ۽ پوءِ پاڻ واري دروازي مان (جتان ھو روز اچي وڃي ٿو) ٻاھر نڪري گھر ڏي ھليو وڃي، يا اُتي ويٺو ھجي، ھن جا مائٽ يا گروپ جا ماڻھو نماز جو وقت اچڻ تي ھن کي ڏسي وٺندا.
    ھونئن پھرين ڏينهن پھريون دفعو گھر کان حرم پاڪ ڏي ويندي ھر ھڪ کي کپي ته مڙي مڙي پنهنجي گھر جي Location ڏسي ته اھو ڪھڙي ھنڌ تي آھي. ڪھڙي ھوٽل يا دڪان ڀرسان آھي ۽ حرم پاڪ پھچڻ تائين ڪيتريون گھٽيون لتاڙڻيون پون ٿيون يا رستا ٽپڻا پون ٿا ۽ انهن تي ڪھڙا اھم دڪان ۽ عمارتون يا ھوٽلون آھن. گھر جي پري آھي ته انهن اھم دڪانن جا نالا پني تي لکي ڇڏجن، جيئن واپسي تي انهن دڪانن وٽان ٿيندو گھر تائين پھچجي. ھڪ يا ٻه دفعا اچڻ وڃڻ ۾ ئي ياد ٿيو وڃي ۽ پوءِ ڀلي شھر ۾ ڪٿي به ھليا وڃو، رستو نه ملڻ تي حرم پاڪ ۾ ھليا اچو، جتان گھر پھچي سگھو ٿا. ھونئن به مڪي شھر جو وچ حرم پاڪ آھي. بلڪه حرم پاڪ جي چوڌاري مڪي جو شھر ٻڌل آھي. اھو ئي حال مديني جو آھي، جتي پڻ توھان گم نه ٿا ٿي سگھو، بشرطيڪه پھرين ڏينهن پنهنجي گھر ۽ گھٽي جي Location مسجد نبوي جي ويجھو دروازي کان ڏسي ڇڏيو. حرم پاڪ ۽ مسجد نبوي جي چوڌاري ڪيترائي دروازا آھن. ھرھڪ دروازي جو پنهنجو نالو ۽ نمبر آھي . مثال طور حرم پاڪ جي ڪجهه دروازن جا ھي نالا آھن: باب الفھد (عربي ۾ دروازي کي باب سڏجي ٿو). باب الملڪ عبدالعزيز، باب اجياد، باب اسماعيل، باب ھاشم، باب منى، باب الفتح، باب ابن زبير، باب عمر فاروق، باب المھدي، باب المدينة. المنورة، باب العمرة وغيره وغيره. اھڙي طرح مسجد نبوي جي دروازي جا ڪجهه نالا ھن ريت آھن. باب الملڪ عبدالعزيز، باب سعد بن زيد، باب الخليفه عثمان بن عفان، باب سعد ابن ابي وقاص، باب عمر بن خطاب، باب حمزه بن عبدالمطلب، باب السيده زينب، باب علي بن ابي طالب، باب الحسن بن بن علي، باب اسلام، باب ابوبڪر صدي، بابر الرحمة، باب النساءَ، باب البقيع، باب جبريل، باب عمر بن عبدالعزيز، باب السيده فاطمه، باب السيده خديجه وغيره وغيره.
    بهرحال انهن سڃاڻپ جي ڪارڊن ۽ پٽين (Bands) جو وڏو فائدو منى ۽ عرفات جھڙن ھنڌن تي گھڻو آھي، جتي رڳو تنبو ئي تنبو آھن، سي به سئو سوا نه پر ھزارن جي تعداد ۾. ظاھر آھي جتي ٽيهه لک ماڻھو ھڪ ھنڌ ۽ ھڪ وقت اچي گڏ ٿين، اتي انهن جي رھائش لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ لک کن تنبو ته کپن ۽ پوءِ ڪيترائي ٻار ۽ پوڙھا (ڪڏھن ڪڏھن ته پڙھيل ڳڙھيل به) پنهنجو تنبو وڃايو ڇڏين. تنبوءَ مان نڪري ڪو باٿ روم ڏي نڪتو يا پاڻي ڀرڻ يا دڪان تان خريداري لاءِ نڪتو، پوءِ موٽڻ مھل ٿورو به بي خيالي ڪرڻ سان ھو رستو وڃايو ويھي، پوءِ ھڪ اس ۽ سخت گرمي، ھرڪو سخت ٿڪل ۽ اڻ واقف، مدد ڪرڻ جو چاھيندي به ڪيترا مجبور آھن ۽ گم ٿيل کان به پريشاني ۾ پنهنجي مڪتب ۽ تنبوءَ جا نمبر وسريو وڃن. اھڙي حالت ۾ ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڪارڊ ۽ ھٿ ۾ ھي چمڙي جي پونچي (پٽي) ذريعي ھن جي ٺام ٺڪاڻي جي خبر پئجيو وڃي. عام حاجي نه ته سعودي حڪومت طرفان ان ڪم لاءِ مقرر ڪيل مختلف ملڪن جا مختلف زبانون ڳالھائيندڙ ملازم ۽ مڪاني اسڪائوٽ ڇوڪرا گم ٿيل حاجي کي ھن جي صحيح ھنڌ تي پھچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
    معلم جي آفيس ـ جتي اسان جي بس اچي بيٺي ۽ اسان کي نشاني خاطر ڪارڊ ۽ چمڙي جون پونچيون مليون (جن تي معلم جا اتا پتا ۽ فون اھڙي ته مس سان لکيل ھئا جو پاڻي لڳڻ تي به نه ٿي ڊٺا) ۽ آڌرڀاءَ لاءِ ڪولڊ ڊرنڪ، ڪيڪ ۽ ڪتل ملي. مڪي شھر ۾ ئي ھئي ۽ ٽرئفڪ جي گھڻي ھجڻ ڪري اسان جي بس کي ڏاڍي ڏکيائي سان جاءِ ملي ۽ ڪم لھڻ بعد ان کان به گھڻي ڏکيائي سان بس کي ڪڍي اوڏانهن موڙيوويو، جنهن پاسي اسان جي رھائش ھئي. اسان جي رھائش بلڪل حرم پاڪ جي باب الملڪ عبدالعزيز (دروازي) وٽ ھوٽل شبرا وٽ ھئي. بس جيئن اڳيان وڌندي وئي، تيئن تيئن ٽرئفڪ وڌندي. ڪارين ۽ بسن کان وڌيڪ ماڻھن جو سيلاب ھو. آئون بس جي درين مان مڪي شريف جو چوڌاري ديدار ڪرڻ لڳس. عجيب شھر آھي ھي مڪو! دنيا جا شھر سمنڊ جي ڪناري تي ھوندا آھن، دنيا جا پراڻي کان پراڻا شھر دريائن جي ڪپرن تي ھوندا آھن يا دنيا جا شھر اتي ھوندا آھن، جتي بارش گھڻي ھوندي آھي ۽ پوک بي انتها ٿيندي آھي پر دنيا جو ھي واحد شھر آھي، جيڪو درياھن، سمنڊن، بارشن ۽ پوکن کان پري تپندڙ واري تي جيڪا ميلن تائين پکڙيل آھي. ٺوڙھن، ڪارن ۽ اڀائتن (Steep) پٿرن واري جبل جي وچ ۾ آھي. دنيا جو ھي واحد قديمي شھر آھي، جيڪو درياهه، سمنڊ ۽ بارش جي ڪري نه پر الله جي گھر (ڪعبي) جي ڪري آباد ٿيو.
    آئون مڪي شھر جي چوڌاري پکڙيل ڪارن جبلن کي ڏسڻ لڳس، جن مان ڪنهن ڪنهن کي ٽڪي سرنگون (Tunnels) ٺاھيون ويون آھن، جيئن وڏو چڪر ڪرڻ بدران لاريون، موٽرون ۽ ماڻھو انهن سرنگن ذريعي جبل اڪري ٻئي پاسي پھچي سگھن. آئون آمريڪي معيار جي پڪي رستي تان ھلندڙ بس مان رستي جي ٻنهي ڪنارن تي دڪان ۽ دڪانن ۾ سٿيل سامان ۽ ھجومن جا ھجوم ماڻھن جا ڏسڻ لڳس .ڪٿي ملئي ماڻھن جا انبوهه ھئا ۽ ائين ٿي لڳو ته اھو ھنڌ ملائيشيا جي ڪنهن شھر جو حصو ھجي، ڪٿي آفريڪا جا ڪارا شيدي ھئا ته ڪٿي عرب، شلوار قميص ۾ پاڪستاني ننڍڙين ڏاڙھين سان ايراني ۽ خاڪي سليٽي رنگ جي بشرٽ پتلون ۾ ترڪ ته جتي ڪٿي نظر اچي رھيا ھئا. ڪجهه ڪجهه ماڻھو احرام جي چادرن ۾ ڦري رھيا ھئا. ”ڪمال آھي ڪعبي جو طواف ڪري احرام کان آجا ٿيڻ بدران ھتي دڪانن تي گھمي ڦري رھيا آھن“. مون دل ئي دل ۾ سوچيو پر پوءِ بعد ۾ مون کي خبر پيئي ته اھي اسان وانگر حج تمتع ڪرڻ بدران حج قرآن ڪرڻ آيا آھن. حج تمتع وارا ـ جيئن اسين پاڪستاني، ھندستاني، بنگلاديش، ملائيشيا، انڊونيشيا پاسي جا ماڻھو جيڪي مڪي شريف پھچي عمرو ڪري پوءِ احرام کولي عام ڪپڙا پائيندا آھيون ۽ وري جڏھن حج جا ڏينهن ايندا آھن ته حج لاءِ احرام ٻڌي احرام جي حالت ۾ اچي ويندا آھيون پر ھي ماڻھو خاص ڪري سعودي عرب جا ۽ ڀر وارن ملڪن جا عرب حج ۽ عمري لاءِ يڪو احرام ٻڌي مڪي شريف ۾ گھڙن، مڪي پھچي طواف وغيرہ يعني عمرو ڪن. ان بعد احرام مان آزاد ٿيڻ بدران احرام ۾ ئي رھن. تان جو حج جا ڏينهن اچيو وڃن. پوءِ حج ڪن ۽ حج ڪري پوءِ احرام کولين ۽ احرام جي مقرر ٿيل پاندين مان آزاد ٿين. انهي قسم جو حج قرآن سڏجي ٿو، سو اھي ماڻھو جيڪي شھر ۾ احرام ۾ گھمندا رھن ٿا، حج قرآن لاءِ آيل آھن.
    آئون بس مان مڪي شريف جون گھٽيون ۽ انهن جي پاسن کان دڪان ۽ ھوٽلون ۽ ماڻھن جا انبوهه ڏسڻ لڳس. ھر گھٽي ماڻھن سان ڀريل ھئي. اڃا ته مارچ جي ٻي تاريخ ھئي. 15 مارچ تي حج ھو ۽ ڏھين مارچ تائين دنيا جي مختلف ملڪن کان حاجين جون اڏامون اچڻيون ھيون ۽ اھي اڏامون ڪي ھڪ ڏينهن ۾ ڏهه ٻارنهن نه ٿي آيون. جدي ايئر پورٽ تي حاجي ڪئمپ ۾ بس جي انتظار ۾ ويٺي ويٺي جنهن وقت به مٿي نظر وئي ٿي ته ڪنهن نه ڪنهن ملڪ جي ھوائي جھاز کي سامھون واري مسجد جي مناري وٽان ٽيڪ آف ڪندي ڏٺو ٿي. لبنان ايئر لائين جي نشان وارو ھوائي جھاز، مصر ايئر لائين، انڊين ايئر لائين، ترڪ ھوائي ڪمپني، پي آءِ اي، ملائيشين ايئر سسٽم جو ھوائي جھاز، سنگاپور انٽرنيشنل ايئر لائين جو ھوائي جھاز، نائيجيريا، سينيگال، مالي، سوڊان، موريطانيا، موراڪو، لبيا، ٽيونيشيا، ڪھڙي ملڪ جو نالو کڻي ڪھڙي ملڪ جو نالو کڻجي جنهن جو ھوائي جھاز نظر نه ٿي آيو ۽ ھر ٽن چئن منٽن بعد ڪو نه ڪو ھوائي جھاز پنهنجي ملڪ جا مسافر لاھي مٿي اڏاڻو ٿي. معنى ڪلاڪ ۾ ڏهه ھوائي جھاز ٻڌا وڃن ته به سڄي ڏينهن رات ۾ اڍائي سئو کن جھاز ٿيا، جيڪي ڌارين ملڪن کان ماڻھن کي حج لاءِ جدي پھچائي رھيا آھن ۽ ھر ھوائي جھاز ۾ ٽي سئو کن ماڻھو به سارجن ته سڄي ڏينهن ۾ منو لک ماڻھن جو جدي ۾ يعني مڪي ۾ پھتو. اڃا اٺ ڏينهن کن ماڻھو ايندا، معنى اڃا 6 لک کن ٻيا به ايندا، اھي ته ٿيا ھوائي جھاز رستي ايندڙ حاجي، يمن، شام، عمان، ڪويت، عراق پاسي کان ته باءِ روڊ، بسين ذريعي اچن ٿا، مصر ۽ آفريڪا جي ڪيترن ملڪن کان پاڻي جي جھاز ۾ به اچن ٿا ،يعني اڃا ته حج لاءِ ڏھاڪو کن لک ماڻھن جو اچڻو آھي، پر مون کي ان وقت ئي پيهه پيھان لڳي رھي ھئي، ايترا سارا دڪان، ھوٽلون ۽ رستن تي ھلندڙ ايترا ماڻھو ڪھڙي ملڪ ۾ ھوندا، مون به دنيا جا ڪيئي ملڪ ڏٺا آھن، ايڏو وڏو مجموعو ڪٿي ھوندو.
    بس آھستي آھستي چُرڻ لڳي. خبر پيئي ته مغرب نماز جو وقت ٿيڻ ڪري حرم پاڪ جي چوڌاري ماڻھن جي رش وڌي ويئي آھي ۽ نماز پوري ٿيڻ تائين ٽريفڪ بند رھندي. اسان بس ۾ ئي ويٺا رھياسين ۽ تلبيه پڙھندا رھياسين. اڌ ڪلاڪ بعد بس کي اڳتي وڌڻ جي اجازت ملي. مغرب نماز پڙھي پوري ٿي چڪي ھئي ۽ ماڻھو گھرن ڏي روانا ٿي رھيا ھئا ۽ ڇا ماڻھن جا انبوهه ھئا. چوڻ کي ته ڇهه ست لک ماڻھو چوڻ سولي ڳالهه آھي پر حقيقت ۾ ماڻھن جو اھو وڏو تعداد آھي. مون به پھريون دفعو ڏٺو، بس جي سيٽ مٿانهين ھجڻ ڪري پري پري تائين ماڻھو ئي ماڻھو نظر اچي رھيا ھا. اڇين ۽ رنگين ٽوپين ۽ رومالن ۾ ماڪوڙين وانگر ماڻھو ھئا، جيڪي ھڪ ٻئي سان لڳي ھلي رھيا ھئا. ھو جيڪو چوندا آھن ته تِر ڇٽڻ جي جاءِ نه ھئي. ان وارو حساب ھو. ايڏي رش مون ڪٿي ڏٺي ھوندي. مون پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو. ”عورتون ۽ مرد ائين خاموشي ۽ سڪون سان ڪھڙي اسٽيڊيم، سيمينار يا ويندي روم وٽيڪان سٽي ۾ يا اولمپڪ راندين جي گرائونڊ مان موٽندي ڏٺا ھوندا؟“ ۽ ھتي حرم پاڪ ۾ ماڻھن جو اھو سيلاب ڏينهن ۾ ھڪ دفعو نه پر پنج دفعا ٿئي ٿو ۽ روزانو ٿيندو رھي ٿو. ان ماڻھن جي ميڙ ۽ بنا جھيڙي جھٽي جي رستن تان لنگھڻ جي نظاري کي مون جھڙا ماڻھو وڌيڪ ساراھي سگھن ٿا، جن دنيا جي ملڪن ۾ ھڪ لک کان به گھٽ آيل تماشبينن کي فٽ بال جهڙين راندين تان موٽندي هنگاما ڪندي ڏٺو ھوندو ۽ يورپ ۽ آمريڪا جھڙن ”سڌريل“ ملڪن جي Well trained پوليس به انهن کي بنا مارڪٽ جي ماٺو ڪري نه سگھي ھوندي. مڪي ۾ دنيا جي مختلف ملڪن، زبانن، رنگن ۽ شڪل شبيهه وارن ماڻھن جي ان سمنڊ کي ائين Discipline سان ۽ صبر ۾ رمندو ڏسڻ لاءِ اڄ ڪيترائي غير مسلم ويس ۽ نالو بدلائي ھتي پھچن ٿا. اسلام دشمن قومون مسلمانن جي نه پئسي ۽ دولت مان مرعوب آھن، نه آرمي (فوج) ۽ امونيشن کان ڊڄن ٿيون .ھنن کي خوف آھي ته فقط ان ڳالهه جو ته ھڪ ٻانگو مسجد جي مناري تي بيھي ٻانگ ٿو ڏئي ته عورتون توڙي مرد، جوان توڙي پوڙھي، امير توڙي غريب، وڏي عھدي ۽ رتبي وارا توڙي اڻ پڙھيل ھاري ۽ مزور اچيو ھڪ ھنڌ گڏ ٿين ۽ مٿو زمين تي ٽيڪين. آئون حرم پاڪ جي باب الملڪ عبدالعزيز جي منارن کي ڏسڻ لڳس، جيڪي اتان چٽا نظر اچي رھيا ھئا، جتي اسان کي بس اچي لاٿو. اھي اٺ ماڙ عمارت ھئي، جنهن جي گرائونڊ فلور تي دڪان ھئا ۽ مٿي ھر ماڙ تي ڇهه، ست فليٽ، ھر فليٽ ۾ ٽي چار ڪمرا ۽ ھڪ ڊرائننگ روم ھو، ڪمرن جون بالڪنيون رستي واري پاسي کليون ٿي. اسان جي گروپ ليڊر ”عالمگير مسجد ڪراچي“ جي انصار الحجاج اداري جي ذريعي ھن عمارت (جنهن جو نالو ”عمارت اشرف“ ھو) ۾ ٻه فليٽ ھڪ لک ويهه ھزار سعودي ريالن تي مسواڙ تي ورتا ھئا. مڪي ۾ ورتل ھنن ٻن فليٽن مان ھڪ ۾ عورتون رھيون، جن جو تعداد 24 ھو ۽ ٻئي ۾ اسين 25 مرد رھياسين. عورتن جي حوالي رڌ پچاءَ جو ڪم ھجڻ ڪري، ھنن کي چئن وڏن ڪمرن وارو فليٽ ھو ۽ اسان جي فليٽ ۾ ٽي ڪمرا ھئا. ڊرائنگ روم ۾ ٻنهي فليٽن ۾ ھو جتي مردن پنهنجي فليٽ ۾ عورتن پنهنجي ۾ گڏجي ماني کاڌي ٿي. ھر فليٽ ۾ چئن چُلھن واري تمام وڏي ڪچن ھئي، جنهن ۾ ٿانوَ پليٽون ۽ ڪجهه رڌ پچاءَ جو سامان اڳھين موجود ھو. ڪجهه اسان جي گروپ ليڊر احسان الاھي شيخ ڪراچيءَ کان آڻڻ جو بندوبست ڪيو ھو. ھر فليٽ ۾ ٻه وڏا غسلخانا ھئا، جن مان ھڪ ۾ ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ واشنگ مشين پڻ ھئي .ان کان علاوه ھر فليٽ ۾ ٻه ريفريجريٽر ۽ ھڪ ڊيپ فريزر رکيل ھو. ھر ماڻھو لاءِ اسپنج جو ھڪ ھڪ گاديلو اڍائي فوٽ باءِ ڇهه فوٽ جو مليل ھو، جيڪو ھرھڪ کڻي ڪمري ۾ وڇايو. ھر ڪمري ۾ اٺن ماڻھن جي سمھڻ جي جاءِ ھئي، يعني اسپنج جا اھڙا اٺ گاديلا وڇائي سگھياسين ٿي، پر ٻن ٽن ماڻھن ڊرائنگ روم ۾ سمھڻ پسند ڪيو. ان ڪري ھر ڪمري ۾ ست ماڻھو ٿي رھياسين. سامان رکڻ لاءِ ڌار اسٽور روم ھو ۽ ڊرائنگ روم ۾ پڻ لوهه جا رئڪ رکيل ھئا، جن تي ھرھڪ پنهنجون پيتيون ۽ ٿيلھا رکيا
    منهنجن پھرين جي واقفڪارن مان حافظ سعيد ۽ نسيم گلزار ھڪڙي ڪمري ۾ ھنڌ وڇايو. يعني پنهنجو گاديلو رکيو ۽ اسرار الحق ڊرائنگ روم ۾ سمھڻ جو ارادو ڏيکاريو، مون به اتي گاديلو وڇائڻ چاھيو ٿي پر پوءِ يڪدم خيال آيو ته ھتان لنگهه ھجڻ ڪري ھر وقت بتي ٻرندي رھندي، ھر وقت ماڻھو لنگھندا رھندا ۽ ريفريجريٽر به ھتي ھجڻ ڪري ڊسٽربنس رھندو، سو پنهنجو گاديلو کڻي ڪمرا ڏسڻ لڳس. ھڪ ۾ ڇهه گاديلا وڇائجي چڪا ھئا، اڃا به ٻن ڄڻن جي جاءِ ھئي، سو مون پنهنجو گاديلو اتي وڇايو. باقي ڇهه ڄڻا به منهنجي ئي گروپ جا ٿيا. ڪراچي ۾ عالمگير مسجد ۾ ٿيل چئن، پنجن ملاقاتن ۾ سندن چھرن کان مانوس ٿي چڪو ھوس پر اڃا گھڻي واقفيت نه ٿي ھئي. ڪمري ۾ ايئر ڪنڊيشن ھلي رھيو ھو، جنهن ڪمري کي ٿڌو به ڪيو پئي پر منجھانئس آواز جھاز جي انجڻ روم جھڙو اچي رھيو ھو ۽ اھڙو ئي گوڙ گھمسان وارو ڇت ۾ لڳل پکو ھو. مون پٽ تي وڇايل اڍائي فوٽن جي ويڪر وارن سوڙھن گاديلن ڏي نظر وڌي. چار ھڪ قطار ۾ ۽ ٽي ٻي قطار ۾ اھڙي طرح وڇايل ھئا، جو پاسن ۽ پيرانديءَ کان ھڪ ٻئي سان مليا ٿي. اسڪول وارن ڏينهن ۾ اسڪائوٽنگ لاءِ ڪوئيٽا وڃبو ھو ته تنبن ۾ ائين سمھبو ھو پر انهن ڏينهن ۾ ھنن ڏينهن جي وچ ۽ عمر جو وڏو گئپ اچي چڪو ھو. ھاڻ عادتون بگڙي چڪيون آھن. مون پنهنجين عادتن جو تجزيو ڪيو. سمھڻ کان اڳ ڪلاڪ ڏيڍ ڪو ڪتاب پڙھڻ مون لاءِ ضروري بنجي چڪو آھي. ان بعد ننڊ تيسين نه اچي، جيسين ڪمري جون بتيون بند ٿين پر ورانڊي ۽ اڱڻ جون بتيون به بند ٿين. ڪيترا ماڻھو آھن، جيڪي سمھڻ تائين ڪچھري ڪندا رھندا. اڪيلائي کان ماڻھن جي محفل پسند اچين ۽ مون کي ھڪ معمولي حد تائين ڳالھائڻ ٻولھائڻ بعد باقي وقت خاموشي ۽ ماٺ پسند اچي. ھتي سامھون واري ۽ پاسن وارين ڀتين ۾ ٻرندڙ ٽيوب لائيٽون ھيون، جيڪي خبر ناھي ڪنهن وقت بند ٿين، ايئر ڪنڊيشنر جو بي ڊولو آواز ۽ بي ڊولي ھوا جي Distribution ھئي، جنهن جي ھوا جو رخ پاڻ ڏي ٿي ٿيو ته ڪن ۾ ڄڻ ڪنهن ڦوڪون ٿي ڏنيون ۽ پري ٿي رکيو ويو ته گرمي ٿي ٿي، مون کي پنهنجي حال تي رحم اچڻ لڳو. دل ئي دل ۾ رب پاڪ کان دعا گھرڻ لڳس ته: ”منهنجا مولا حج قبول ڪجانءِ ۽ حج آسان ڪجانءِ. منهنجي ھن حال جي توکي سڀ پروڙ“. آئون ڪا دير ٽٻيءَ ۾ پئجي ويس ته الائي ڇا ٿيندو. اڄ حج بعد جڏھن ھي لکي رھيو آھيان ته سوچيان پيو ته ڪيئن اُھي ڏينهن خواب ٿي ويا. ڪيئن بنا ٽيبل لئمپ ۽ ڪتاب پڙھڻ جي ننڊ اچي ويندي ھئي. تقريبن سڄي رات بتيون پيون ٻرنديون ھيون جو رات جو به ڪي دير دير تائين طواف ڪري موٽندا ھئا. ڪي آڌي رات جو پيا ويندا ھئا، پر مون کي سمھڻ سان ننڊ وٺي ويندي ھئي ، منهنجي ھڪ پاسي وارو ڪراڙو کنگھندو رھندو ھو ۽ ٻئي پاسي وارا ايڏا زور سان کونگھرا ھڻندو ھو جو ٻي قطار جو آخر وارو به دانهون ڪندو ھو پر مون کي ڪجهه محسوس نه ٿيندو ھو.
    ۽ ھاڻ اھو پڻ سوچي رھيو آھيان ته ھيترن لکن ۾ ڪيئي ھزار اھڙا ھوندا، جن جون عادتون مون کان به ڏکيون ھونديون پر اھو عجيب ڪمال آھي جو ھر حاجي جي واتان اھو ئي ٻڌڻ ۾ ايندو ھو ته ھيترين تڪليفن ھوندي به مون سان رب پاڪ جي مھرباني ٿي ۽ سڀ ڪم آسان ٿي ويو. ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته حج ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه آھي. حج دوران ھر ماڻھو کي فوجي ڪئمپ واري زندگي گذارڻي پوي ٿي، سمنڊ تي ايندڙ طوفانن وارن ڏينهن وانگر اوجاڳا ڪرڻا پون ٿا . ھڪ مقرر وقت Time frame ۾ سڀ ارڪان پورا ڪرڻا پون ٿا ۽ ڪن ھنڌن تي اس ۽ گرمي ۾ ميلن جا ميل پنڌ ڪرڻو پوي ٿو. اھي سڀ ڳالھيون ڏسي غير مسلم دھلجيو وڃن. ڊڄيو وڃن ته ھي ڪيئن ممڪن ٿئي ٿو، پر اھو مسلمان جو ايمان آھي، جنهن جي زور تي ھن کي ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه نه ٿي ٿئي. جوان ته جوان پر پوڙھا ۽ جڏا به سڀ ارڪان خوش اسلوبي سان پورا ڪريو وڃيو پار پون. مون اسي سالن جي پوڙھن کي مزدلفه کان منى تائين پيرين پنڌ ھلندي ڏٺو. مون ڪيترن جڏن کي مونڙيون ۽ بانبڙا پائي ڪعبي جي چوڌاري طواف ڪندي ڏٺو، ڪيترا دفعا مون نائيجيريا جي ٽنگن ڪپيل شيدي کي پنهنجي ڀرسان نماز پڙھندي ڏٺو، ڇانوَ ۾ جاءِ نه ملڻ ڪري اس ۾ ڦاٽل گتو (دفتري جو پنو) وڇائي، ان تي سجدو ڪندو ھو. سندس گوڏا رستي ۾ گرم ڏامر تي سڙندا رھندا ھئا. ھڪ غريب داغستاني (روسي) جيڪو ڀاڙو ڪري حج تي پھتو ھو، پر ھن کي کائڻ لاءِ پئسو نه ھو. نماز بعد ھٿ جا ٺھيل لڪڻ وڪڻي ڪمايل پئسن مان ماني وٺي کائيندو ھو. ھڪ جھور پوڙھي ايرانڻ پاڻ کان وڌيڪ پوڙھي ۽ معذور مڙس کي ويل چيئر Wheel chair تي وٺي نماز لاءِ ايندي ھئي، ھي ماڻھو نارمل زندگي ۾ ته ھلي چلي به نه سگھن پر ھتي ھي ڪيئن ھلي چلي رھيا آھن! سندن منهن تي ھر وقت سرھاڻ ۽ شڪراني جا جذبا آھن، ڪنهن چيو ھي اندر جي طاقت آھي. ھي ايمان جو جذبو آھي، جيڪو کين ھمٿ ٿو ڏئي ۽ ھنن لاءِ ڪا ڳالهه مشڪل نه ٿي رھي. ھي اھو جذبو آھي ۽ ايمان آھي، جنهن لاءِ انگريزي ۾ ھڪ چوڻي آھي ته:
    Faith can move a mountain.
    سامان رکڻ بعد اسان جي گروپ ليڊر احسان الاھي شيخ اسان کي جلدي جلدي حرم پاڪ ھلي طواف ۽ سعي ڪرڻ لاءِ چيو، جيئن احرام جي حالت ختم ٿي وڃي ۽ احرام لاھي عام ڪپڙا پائي سگھون.
    ”حرم پاڪ جيتوڻيڪ ويجھو آھي، ان ھوندي به پنهنجي رھائشگاهه کي چڱي طرح ڌيان ۾ رکي وڃو، جيئن واپسي تي ھيڏانهن ھوڏانهن گم نه ٿي وڃو“. گروپ ليڊر اسان کي سمجھايو. ”مختلف ڪارڊ ۽ ٻانهن جون پٽيون ھميشھ پاڻ سان رکو. ھتان باب عبدالعزيز ويجھو آھي، جنهن مان گھڙڻ سان ڪعبو پاڪ يڪدم نظر اچي ٿو. ان ڪري اندر گھڙڻ مھل اکيون ھيٺ ڪري حرم پاڪ ۾ گھڙجو ۽ پوءِ ٿورو اڳيان ٿي ڪعبي تي پھرين نظر وجھجو ۽ دعا گھرجو ۽ پوءِ طواف وغيره ۽ ٻيا ارڪان پورا ڪجو. جن بابت ڪراچي ۾ عالمگير مسجد ۾ توھان کي بار بار ليڪچر ڏنا پئي ويا ۽ جيڪي پھريون دفعو حج تي آيا آھن. اھي اڪيلو وڃڻ بدران ڪنهن سان گڏجي وڃن“.
    اسرار الحق ۽ آئون احسان الاھي گروپ ليڊر ۽ حافظ سعيد سان گڏ ھلياسين، جيڪي حج ڪري چڪا ھئا ۽ اسان کي ھر قدم تي سمجھائي سگھيا ٿي. ڪعبي تي پھرين نظر پوڻ ھڪ Powerful عمل جي گھڙي آھي، جنهن لاءِ ڪيتريون ئي خوبصورت تشبيھون (Similes) ڏئي سگھجن ٿيون. ھر انسان جو حج تي اچڻ فرض جي پورائي ڪرڻ آھي. ھو الله ۾ ڀروسو ڪري ٿو. ھن جو ايمان آھي ته ڪعبو الله جو گھر آھي. ھو پنهنجو فرض پورو ڪرڻ سان گڏ پنهنجا گناهه بخشائڻ اچي ٿو. ھو پنهنجي باقي زندگي ۽ ٻئي جھان جون خوشيون ۽ ضرورتون ھڪ اھڙي داتا کان پنڻ اچي ٿو، جنهن وٽ ڪنهن شيءِ جي کوٽ ناھي. ھي اھو ھنڌ آھي، جتي ھر بندو (ٻانهو) فقير بڻجي اچي ٿو. ڪعبي تي پھرين نظر پوڻ تي ڇا محسوس ٿئي ٿو. ھر انسان جون پنهنجون ذاتي Feelings آھن، جيڪي بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھن. اھي گھڙيون انسان جي زندگي جون قيمتي گھڙيون آھن، جنهن کان ڪو به انڪار ڪري نٿو سگھي. ھي اھو الله جو گھر آھي، جنهن لاءِ اسين ھر نماز ۾ چوندا رھون ٿا ته منهن ڪعبي ڏي... ۽ اڄ نه فقط اسان جو منهن ڪعبي ڏي آھي پر ڪعبو سامھون اکين اڳيان آھي. ڪيترا انسان، نبي پيغمبر، ولي اولياءِ، اصحابي امام، مولوي مفتي گذريل ھزارين سالن کان ھتي بيھي ويا. اڄ ھڪ مون جھڙي گناھگار کي ههڙي ھنڌ تي پھچڻ جي سعادت نصيب آھي. ”مون سان پرين ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا“ وارو حساب ھو.
    ھڪ بزرگ کان ڪنهن پڇيو ته توھان ڪعبي ۾ داخل ٿيا؟
    ھن فرمايو ته ھي پير ته ان جي قابل به نه آھن جو منهنجي رب جي گھر جي چوڌاري ڦرن ته پوءِ آئون انهن کي ان جي قابل ڪيئن ٿو سمجھان، جو انهن کي پاڪ گھر اندر داخل ڪريان. مون کي منهنجن پيرن جو حال معلوم آھي ته اھي ڪٿي ڪٿي ھليا آھن ۽ ڪھڙن ڪھڙن خراب ارادن سان ھليا آھن.
    اڄ اھي احساس مون کي ڪعبي پاڪ جي سامھون بيٺي ٿي رھيا ھئا.

    ڪعبه ڪس مُنه سي جائو گي غالب
    شرم تم ڪو مگر نهين آتي.
    ايران جي ھڪ فارسي شاعر جو شعر آھي:
    بز مين چو سجده کر دم زرمين ندا برآمد
    که مرا خراب ڪردي تو بسجده ربائي
    بطواف ڪعبه رفتم بحرم رھم نداوند
    که برون درچه ڪردي که درون خانه آئي.
    ”چون ٿا ته جڏھن زمين تي سجدو ڪيم ته زمين مان ھي آواز آيو ته تو ھن ڏيکاءَ جي سجدي سان مون کي ڇو خراب ڪري رکيو.
    ۽ جڏھن آئون ڪعبي ڏي ويس ته مون کي اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو ۽ ھي آواز آيو ته ٻاھر تو ڪھڙا چٽا ڪم ڪيا آھن جو اندر اچڻ جي توکي تانگهه پيدا ٿي آھي“
    پر بقول لطيف جي:
    ”آسرو مَ لاھيج، سڄڻ ٻاجھيندڙ گھڻو“.
    ۽ ”توڻي تڙئين تون، يا الڳ تو در توءِ نه ڇڏيان“. آئون ٻُڪ کڻي دعا گھران ٿو. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪٿان شروع ڪريان، ڪٿي ختم ڪريان. ”چوڻ چارو ناهه ڪو بديون بيشمار“ واري ڳالهه آھي. بس ”عيبن ڀري آھيان، ستر ڪج ستار“.
    ”ھاڻ پاڻ کي طواف ڪرڻو پوندو“. حافظ سعيد مون کي سجاڳ ڪندي چيو ۽ حجر اسود واري ڪنڊ جي سامھون وٺي آيو. جنهن جي سڌائي ۾ زمين تي ڪري رنگ جي پٿر جي پٽي لڳل آھي. اسان احرام جي مٿين چادر ساڄي ڪلھي تان لاھي ساڄي ڪڇ ھيٺان ڦيرائي کاٻي ڪلھي مٿان ڦيرائي چڪا ھئاسين ۽ ھاڻ طواف جي نيت ڪئي. اسان کي عالمگير مسجد ۾ حج جي ليڪچرن دوران ٻڌايو ويو ھو ته ضروري ناھي ته نيت عربي ۾ ڪجي. نماز جي نيت وانگر طواف، عمري، حج وغيره جي نيت به پنهنجي مادري زبان ۾ ڪري سگھجي ٿي.
    ”اي الله آئون تنهنجي رضا لاءِ عمري جو طواف ڪريان ٿو. تون ھن کي منهن جي لاءِ آسان ڪجانءِ ۽ قبول ڪجانءِ.
    ماڻھن جي تمام گھڻي رش ھئي، اسان کي ڪافي پري کان جاءِ ملي. ان ڪري حجر اسود کي ڇھڻ بدران پري کان استلام ڪيوسين، يعني ٻئي ھٿ پنهنجن ڪنن تائين آڻي پوءِ ھٿن جون تريون حجر اسود ڏي ڪري ”بسم الله، الله اڪبر“ چئي ھٿ چمياسين ۽ پوءِ طواف شروع ڪيوسين. طواف ۾ ڪعبي جي چوڌاري ست چڪر ھڻڻا پون ٿا، جن مان پھريان ٽي جاگنگ وانگر ننڍن ننڍن قدمن سان تکو تکو ھلڻو پوي ٿو. باقي چئن چڪرن ۾ عام طرح ھلڻو پوي ٿو. ھر چڪر حجر اسود واري ڪنڊ تي پورو ٿئي ٿو ۽ چڪر پورو ٿيڻ تي ھر دفعي استلام ڪجي. طواف دوران ھڪ ٻئي سان ڳالھائڻ بدران دعائون گھرڻ کپن، عربي ۾ ياد نه ھجن ته پنهنجي زبان ۾، خاص ڪري رڪن يماني واري ڪنڊ کان وٺي حجر اسود واري ڪنڊ تائين سنت مطابق ھرڪو ربنا آتنا... واري دعا گھري ٿو:
    ”اي اسان جا پروردگار!
    اسان کي دنيا ۾ به ڀلائي عطا فرماءِ
    ۽ آخرت ۾ به.
    ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچاءِ... “
    طواف دوران ماڻھو اڪثر ٽيون ڪلمو بار بار پڙھن ٿا. اسان جي رھنمائي لاءِ طواف ۽ عرفات جي ميدان ۾ پڙھڻ لاءِ دعائون ”حج جي ڪتابن ۾ لکيل آھن، جيڪي پاڪستان جا ڪيترائي ادارا ۽ سعودي عرب حاجين جي سھوليت ۽ ثواب لاءِ ورھائيندا رھن ٿا. ھر حاجي کي کپي ته اھي چڱي طرح پڙھي.
    نفلي طواف ۾ حجر اسود ۽ رڪن يماني کي ھٿ لائي سگھجي ٿو پر احرام جي حالت ۾ پري کان استلام ڪجي ٿو، جو انهن تي خوشبو لڳل رھي ٿي ۽ احرام جي حالت ۾ خوشبو عطر يا ويندي خوشبو وارو صابڻ به استعمال نه ٿو ڪري سگھجي.
    طواف بعد اسان مقامِ ابراھيم جي پٺيان بنا مٿو ڍڪڻ جي ٻه رڪعتون واجب طواف ادا ڪيون سين ۽ دعا گھري سين. ان بعد زم زم جو پاڻي پي پوءِ ھڪ دفعو وري حجر اسود جو استلام ڪري پوءِ سعي لاءِ ”صفا“ ڏي وياسين.
    عمري ۽ حج ڪرڻ جو ھڪ خاص طريقو ٿئي ٿو. يعني Step by Step ڇا ڪرڻ کپي. اھو ڪنهن ھنڌ تي الڳ باب ۾ ڏيڻ بي محل نه ٿيندو، جنهن مطابق اسان سڀ ڪجهه ڪري رھيا ھئاسين. ان کان علاوه اھي سڀ ڳالھيون ”حج جي ڪتاب“ ۾ به ڏنل ھونديون آھن يا ڪنهن مفتي عالم کان پڇي سگھجن ٿيون پر ھر صورت ۾ حج يا عمري تي نڪرڻ کان اڳ حج ۽ عمري جي طريقي کان واقف ٿي نڪرجي ۽ پوءِ مڪي پھچڻ تي به ڪوشش ڪري، ڪنهن اھڙي سان گڏ گڏ طواف، سعي ويندي منى ۾ شيطان کي پٿريون ھڻڻ لاءِ، نڪرجي، جنهن پھرين به ھڪ ٻه حج ڪيو ھجي ۽ ھو انهن طريقن کان واقف ھجي ۽ توھان جي رھنمائي ڪري سگھي. ڪا به غلطي ڪرڻ تي يا ڪو ارڪان ڇڏڻ تي صدقو يا ”دم“ ڏيڻو پوي ٿو. ڪنهن جانور ٻڪري يا رڍ جي قرباني ڏيڻ کي ”دم“ سڏجي ٿو.
    صفا ۽ مروه پھاڙين جي وچ ۾ ست ڦيرا ڪرڻ کي سعي سڏجي ٿو، عمرو ڪرڻ وارا طواف ڪرڻ ۽ زم زم جو پاڻي پيئڻ بعد سعي ڪندا آھن. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو ارشاد آھي ته زم زم جو پاڻي جنهن نيت سان پيتو وڃي ٿو، اھو ئي فائدو ان مان ٿئي ٿو.
    ھڪ ٻي حديث ۾ آيو ته، جيڪڏھن تون زم زم جي پاڻي کي اڃ لاھڻ لاءِ پيئندين ته اھو ان جو ڪم ڏيندو ۽ جيڪڏھن ڪنهن مرض کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ پيئندين ته توکي صحت نصيب ٿيندي. ھي حضرت جبرائيل عليه السلام جي خدمت آھي ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي سبيل آھي (اتحاف). حضرت جبرائيل عليه السلام جي خدمت جو مطلب اھو آھي ته ان جي ڪوشش سان ھي چشمو زمين مان ڦٽو ھو، جنهن جو قصو مشھور آھي.
    حضرت عائشه رضه زم زم جو پاڻي پاڻ سان کڻي ويندي ھئي ۽ اھو ٻڌائيندي ھئي ته حضور ﷺ جن به کڻي ھلندا ھئا. ھڪ حديث ۾ آھي ته حضور ﷺ جن زم زم جو پاڻي پاڻ سان کڻي ھلندا ھئا ۽ بيمارن مٿان ڇڻڪيندا ھئا.
    سعي (يعني صفا ۽ مروه پھاڙين جي وچ ۾ ست ڦيرا) حج ۽ عمري جو رڪن آھي. اھو ادا نه ڪرڻ سان حج ٿئي ٿو ۽ نه عمرو. سعي لاءِ باب صفا مان لنگھي صفا پھاڙي تي اچڻ کپي ۽ رستي تي قرآن مجيد جي آيت ”ان الصفا والمروه من شعائر الله“. (بيشڪ صفا ۽ مروه الله تعاليٰ جي نشانين مان آھن). پڙھڻ کپي. صفا پھاڙي تي ايترو چڙھڻ کپي جو بيت الله شريف نظر اچي ۽ قبلي ڏي منهن ڪري دعا گھرڻ کپي ۽ سعي جي نيت ڪرڻ کپي.
    ”اي الله آئون تنهنجي رضا خاطر صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي (ست ڦيرا لڳائڻ) جو ارادو ڪريان ٿو. تون ان کي مون لاءِ آسان فرماءِ ۽ قبول فرماءِ.“
    صفا کان مروه ۽ مروه کان صفا ڏي ويندي وقت سائي رنگ جي ٿنڀن (ميلين اخضرين) جي وچ ۾ ڊوڙڻ يا تکو تکو ھلڻ کپي. مروه پھاڙي وٽ پھچي وري دعا گھرڻ کپي. ساون ٿنڀن جي وچ ۾ ڊوڙڻ جو حڪم فقط مردن لاءِ آھي ، عورتن لاءِ نه، پيري يا بيماري جي حالت ۾ ڊوڙڻ ضروري ناھي.
    سعي جو ستون ڦيرو مروه وٽ پورو ٿئي ٿو، جتي سعي ختم ٿئي ٿي. ان بعد مٿي جا وار ڪترايا وڃن ٿا، جنهن کي حلق يا قصر سڏجي ٿو. مروه واري دروازي مان نڪرڻ سان به ٻه ٽي پنجابي ٽون ۾ اردو ڳالھائيندڙ حجام نظر آيا، جن ٺوڙهه ڪرائڻ جا ڏهه ريال گھريا ٿي پر حافظ سعيد جي ڪجهه بحث بعد ھو ٽي ريال وٺڻ لاءِ راضي ٿي ويا ۽ پنهنجي دڪان تي وٺي آيا ۽ مٿي تي بنا خوشبو وارو صابڻ ھڻي اسان جي ٺوڙهه ڪئي. وار ڪوڙائڻ بعد عمرو پورو ٿيو وڃي ۽ احرام جون پابنديون ختم ٿيو وڃن. گھر پھچي خوشبو واري صابڻ سان وھنجي شلوار قميص پاتي سين ۽ سڀني گڏجي ماني کاڌي. گروپ جي ليڊر ڪڪڙ جو ٻوڙ رڌيو ھو. نان (خبزه) ھيٺيان دڪان تان وٺي آيو، اسرار الحق چيو پھريون دفعو ماني احسان شيخ (گروپ ليڊر) ڪندو آھي. سڀاڻ کان ٻه ٻه زالون ٻوڙ رڌينديون ٻه ٻه مرد گوشت ۽ سيڌو وٺي انهن کي پھچائيندا. ھرھڪ ماڻھو، راشن پاڻي جي سلسلي ۾ (ٻه ٻه سئو) ريال گروپ ليڊر وٽ جمع ڪرايا.


    مڪو شريف ۽ ڪعبة الله

    مڪو شريف (Mecca) ڳاڙھي سمنڊ (Red Sea) جي بندرگاهه جدي (Jeddah) کان 46 ميل (74 ڪلوميٽر) اوڀر ۾ آھي. ٿورن گھڻن ميلن جو فرق رھي ٿو، ڇو ته Depend ٿو ڪري ته توھان ڪھڙي رستي ذريعي سفر ڪري رھيا آھيو، پراڻي رستي ذريعي يا نئين ايڪسپريس روڊ ذريعي.
    مڪو شريف سمنڊ جي ڪناري کان نَو سؤ فوٽ کن اتاھون ”وادي ابراھيم“ نالي ماٿري ۾ آھي. جنهن جي چوڌاري ڪارن وڏن ۽ ٺوڙھن پٿرن جا جبل ۽ ٽڪر آھن يا وري رڻ پٽ بيابان. اھي جبلن جون قطارون ”سيرت جبل“ سڏجن ٿا، جن مان ڪجهه جبل تمام گھڻو مشھور آھن، جھڙوڪ جبل: اجياد جيڪو 1332 فوٽ (406 ميٽر) اتاھون آھي. اجياد نالي مڪي شھر ۾ ڪيتريون ئي شيون آھن، جيئن ته اجياد روڊ، اجياد سرنگ (Tunnel) حرم پاڪ جي باب ملڪ عبدالعزيز نالي دروازي جي سامھون ٺھيل وڏي اسپتال جو نالو پڻ اجياد اسپتال آھي. بلڪه شارع اجياد ۽ شارع اجياد سد جي وچ وارو علائقو اجياد (Ajyad) سڏجي ٿو. (جيئن ڪراچي ۾ ناظم آباد، نارٿ ناظم، لياقت آباد، صدر، ڪلفٽن جا علائقا آھن، تيئن مڪي جا مختلف علائقا آھن، جھڙوڪ اجياد، القشاشية، القراره (Al Qararah)، الشاميه، الشبيڪه (Shubaikah' Al). اھي سمجھو ته حرم پاڪ جي چوڌاري ويجھا وارا علائقا آھن. ان بعد الطندباوي، الھنداويا، الرصيفه، الزھراه، المسفة، الفيصلية، العتبية، المعابده ۽ العزيز وري انهن جي ڀر وارا يا ٿورو پرڀرا علائقا آھن.
    اجياد جبل کان علاوه ھڪ ٻيو جبل ابو قوبيز آھي، جنهن جي چوٽي 1220 فوٽ (يعني 372 ميٽر) اتاھين آھي. اھي جبل اوڀر پاسي آھن. اولهه پاسي جبل قوايقان مشھور جبل آھي، جنهن جي چوٽي 1401 فوٽ (427 ميٽر) اتاھين آھي.
    اسلامي تاريخ جي مشھور جبل حرا جي چوٽي 2080 فوٽ (634 ميٽر) اتاھين آھي، ھي جبل مڪي جي اتر اوڀر ۾ آھي. ھن جبل ۾ حرا نالي غار آھي. جنهن ۾ حضورﷺ جن نبوت ملڻ کان اڳ اڪيلائي ۾ ويھي غور ۽ فڪر ڪندا ھئا ۽ ھتي ئي حضور ﷺ جن تي وحي لٿو ۽ کين قرآن شريف جي پھرين آيت: ”اِقرا بِاسِمِ رَب...“ پڙھائي وئي.
    مڪي شريف جي ڏکڻ ۾ جبل ثور آھي، جيڪو 2490 فوٽ (759 ميٽر) اتاھون آھي. ھن جبل ۾ به ھڪ غار آھي، جنهن ۾ حضور ﷺ جن حضرت ابوبڪر صديق رضه سان گڏ مديني ھجرت ڪرڻ وقت ترسيا ھئا، مڪي جا ڪافر کين ڳوليندا ھن غار تائين پھتا پر غار جي منهن وٽ ڪوريئڙي جي ڄار ۽ ڪبوترن جو آکيرو ڏسي سندن اکين ۾ سرمو گھمي ويو ۽ ھو ٻاھران ئي موٽي ويا. اھڙي طرح رب پاڪ حضور ﷺ جن جي حياتي بچائي ورتي.
    ــــــــــــــــــــــــــ
    مڪي جو شھر وڌندو وڃي ۽ وڃن جبل ٽڪيندا. شھر کان ٻاھر نڪرڻ لاءِ ۽ ٽرئفڪ جئم گھٽائڻ لاءِ شھر جي چوڌاري ڪيترن ئي جبلن کي ٽڪي سرنگھون (Tunnels) ٺاھيا ويا آھن ۽ جبل جي چوڌاري وڏو ڦيرو ڪرڻ بدران بسيون، ڪارون ۽ ٽرڪون وغيره سرنگھن مان ٻاھر نڪريو وڃن. جبلن اندران کوٽيل سرنگهه کي عربي ۾ نفق (انفاق) سڏجي ٿو. ڪٿي ڪٿي ته گاڏين موٽرون (سيارات) لاءِ الڳ سرنگھون آھن ته پيادي ھلڻ وارن (مشاة) لاءِ الڳ سرنگھون آھن. خاص ڪري انفاق السد سرنگهه جيڪا منى مان شيطانن (جمرات) وٽان شروع ٿي ٿئي ته حرم پاڪ وٽ اچيو نڪري. گاڏين ڪارن لاءِ ”انفاق السد ـ سيارات“ سرنگهه منى کان مڪي اجياد روڊ سان اچيو ملي. جيڪو اجياد اسپتال تائين پھچي ٿو ۽ ڀر ۾ حرم پاڪ جو دروازو باب ملڪ عبدالعزيز آھي ۽ پيادن جي ھلڻ لاءِ سرنگهه ”انفاق السد ـ مشاة“ منى کان شروع ٿئي ٿي ته حرم پاڪ وٽ مروه پھاڙي وٽان اچيو ٿي نڪري. منى کان واپس مڪي ايندي ڪيترا حاجي ھن سرنگهه رستي حرم پاڪ انهن کان جلد پھچيو وڃن، جيڪي بسين ۾ نڪرن ٿا ۽ ٽرئفڪ جئم ڪري انهن کي ٽي ٽي، چار چار ڪلاڪ لڳيو وڃن ۽ ھوڏانهن پيادا منى کان ڪلاڪ ۾ پھچيو وڃن.
    بهرحال اتر اوڀر طرف وارو اھو لنگهه منى مزدلفه، عرفات ۽ اڳتي طائف شھر ڏي وڃي ٿو. اتر اولهه وارو لنگهه مديني ڏي وڃي ٿو. اولهه واري لنگهه (Tunnel) ذريعي جدي وڃي سگھجي ٿو ۽ ڏکڻ طرف يمن جي شھر صنعا ڏي ويندڙ رستو آھي.
    مڪو شريف صدين کان تجارتي مرڪز رھيو آھي. حضور ﷺ جن جي ولادت (يعني 570) کان به گھڻو اڳ. ھي اھو شھر آھي، جتي حضرت آدم عليه السلام جھڙا ڪيترا نبي ۽ الله جا ٻيا نيڪ ٻانها رھيا. ”مڪي“ جو تاريخ ۾ذڪر سڀ کان اڳ پٽولمي (Ptolemy) ڪيو، جنهن شھر کي مڪورابا Makoraba سڏيو آھي. پراڻي زماني ۾ يعني Bibilical Times ۾ مڪي شھر تي يمني قبيلن جي حڪومت ھئي. ھڪ قبيلي جو ڪمزور ٿيڻ تي ٻئي قبيلي واڳون سنڀاليون ٿي. قريش جي ڏينهن ۾ مڪو سنگاپور وانگر ھڪ City State ٿي پيو، يعني مڪي کي ھڪ شھر جي به حيثيت حاصل ھئي ته ھڪ ملڪ جي به. قريش جي ڏينهن ۾ مڪي شھر جا ڪيترن ئي ملڪن سان تجارتي تعلقات رھيا. خاص ڪري سڄي عربستان سان (جنهن ۾ يمن به اچي ويو ٿي) اٿوپيا (حبش) سان ۽ يورپ جي ويجھڙائي وارن حصن سان، سڄي عربستان ۾ مڪي جو ننڍڙو شھر اھم تجارتي مرڪز ھو، جو اھو شھر ٻن اھم لنگھن جي جنڪشن وٽ ھو. ھڪ اتر ڏکڻ وارو رستو ھو، جنهن شام ۾ ڀونچ سمنڊ (Mediterranean) کي يمن ۽ ھندي سمنڊ سان ڳنڍيو ٿي. (ياد رھي ته انهن ڏينهن يورپ جا جھازران اڃا سائوٿ آفريڪا وارو Cap of Good Hope ڪراس ڪري سمنڊ رستي انڊيا نه پھچي سگھيا ھئا. ھنن جو سڄو واپار وڙو خشڪي رستي ھليو ٿي) ۽ ٻيو اوڀر اولهه وارو رستو ھو، جيڪو عراق ۽ ايران کان آفريڪا ۽ ڀونچ سمنڊ تائين ھليو ٿي. ھنن ٻنهي رستن جا مسافر مڪي شھر وٽان لنگھيا ٿي ۽ مڪي جي جاگرافيائي پوزيشن ائين اھم ٿي پئي، جيئن سامونڊي لنگھن تي سنگاپور جي آھي. سنگاپور وانگي مڪي ۾ به نه پوک فصل ھو، نه ڌاتو، کاڻيون پر مختلف ملڪن کان آيل مال جي وڪري مان ڪمائي ٿي ٿي. سو مڪو تجارت، زيارت ۽ شعر و شاعري جي محفلن کان ان وقت جي دنيا ۾ تمام گھڻو ناليرو ٿي پيو.
    عرب دنيا ۾ شعر و شاعري جي وڏي اھميت ھئي، ڪنهن جا ڳڻ ڳائڻا ھوندا ھئا ته به شاعري کان ڪم ورتو ويندو ھو. ڪنهن کي خوار خراب ڪرڻو ھوندو ھو ته به شاعري ذريعي. ھڪ سال جي ٽيپ ڪنهن کي ايترو خوار نه ٿي ڪيو، جيترو ڪنهن جي خلاف لکيل شعر جي ٻن سٽن، شاعرن جو وڏو قدر ھو. ماڻھن وڏي شوق سان شعر ٻڌا ٿي. انهن تي داد ڏنو ٿي ۽ بحث مباحثو ڪيو ٿي.
    ـــــــــــــــ
    مڪي ۾ ھر سال ميلو مچڻ ڪري ھن شھر جي پنهنجي اھميت رھي پئي، ڪعبي ۾ بت رکيل ھئا، جن جي عرب مشرڪن پوڄا پاٺ ڪئي ٿي ۽ زيارت لاءِ پري پري کان ڪھي آيا ٿي. مڪي ۾ ماڻھن جي گڏ ٿيڻ ۽ سٺي واپار ھلڻ جو ھڪ اھو به سبب ھو، مڪي شھر جي وڏي ڪمائي انهن آيل زيارتين (Tourists) مان ھئي، عربن جي سڀني قبيلن اھي حج وارا ڏينهن جن ۾ مشرڪن پنهنجي نموني جو طواف ۽ پوڄا پاٺ ڪئي ٿي، جھيڙي جھٽي ۽ قافلن جي ڦر ڪرڻ کان گريز ڪئي ٿي. جيئن ماڻھو بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي مڪي ڏي ايندا ويندا رھن.
    ـــــــــــــــ
    570ع ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن مڪي شريف ۾ ڄاوا. نبوت ملڻ بعد 622ع ۾ مڪي کان ھجرت ڪري مديني وڃڻو پيو، جتان پو ءِ 629ع ۾ مڪو فتح ڪرڻ تي ڪعبي ۾ پھتا ته پاڻ ﷺ ھڪ ھڪ ڪري سڀ بت ڊاھي ڇڏيا. حضور ﷺ جن انسان ذات کي ھڪ الله جي عبادت ڪرڻ جو سبق ڏنو، جيڪو سڀني جو پروردگار آھي.
    ـــــــــــــــ
    930ع ۾ Carmathians (ڪرامتا) مڪي تي حملو ڪيو ۽ پاڻ سان حجر اسود پٿر کڻي ويا ۽ ٻاويهه سالن تائين پاڻ وٽ رکيائون.
    ـــــــــــــــ
    مڪي جو شھر سڄي تاريخ ۾ خودمختيار ٿي رھيو. جيتوڻيڪ شھر کي ھلائيندڙ مختلف خليفن جي حڪومتن جي طاقت جي مڃتا ڪندا رھيا، جيئن ته دمشق وارن جي ۽ ان بعد بغداد جي عباسي گھراڻي جي. 1269ع ۾ مڪو مصر جي مملوڪ سلطانن جي ڪنٽرول ھيٺ پڻ رھيو.
    ـــــــــــــــ
    1517ع ۾ مڪو ترڪن جي سلطنت عثمانيه (Ottoman Empire) جي انتظام ھيٺ رھيو. جن جي گادي جو ھنڌ قسطنطنيه (Constantinpole) يعني ھاڻوڪو استنبول ھو. ترڪن جي حڪومت بعد مڪي جو شھر تمام خوشحال ٿيو، واپار وڙي ۾، شھري سھولتن ۾، سفر لاءِ سوارين ۾ وغيره، ترڪن جي ڏينهن ۾ سعودي عرب ۾ ريل گاڏي به ھلي ھئي. مديني کان ينبو ۽ اڳتي ترڪيءَ تائين ھلندي ھئي. اڄ به ان وقت جا ڪجهه ريل جا دٻا مديني کان ميقات يا مسجد قبا ڏي ويندي رستي تي نظر ايندا. سھولتن ڪري حج ۽ عمري لاءِ ايندڙن جو تعداد پڻ وڌڻ لڳو.
    ـــــــــــــــ
    اوڻھين صدي جي شروعات ۾ پھريون جنگ بعد ترڪ ڍرا ٿي پيا ۽ مڪو وھابين جي انتظام ۾ آيو پر 1833ع ۾مڪي تي وري ترڪن جو قبضو ٿيو ۽ انتظام ”محمد (Mehmet) علي“ جي حوالي آيو، جنهن پنهنجي پٽ ابراھيم الشيخ الحرام کي اتي رکيو.
    ـــــــــــــــ
    1916ع ۾ بادشاهه (ملڪ) عبدالعزيز ابن سعود مڪي کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ھن شھر مڪي کي سعودي عرب ملڪ جو حصو بڻايو ۽ حجاز ۽ نجد جو يڪو نالو سعودي عرب رکيو.
    ـــــــــــــــ
    مڪي شھر ۾ ڪو خاص مينهن نه ٿو پوي. سڄي سال ۾ پنجن انچن کان به گھٽ بارش وسي ٿي سا به سياري ۾. سياري جي ٻن ٽن مھينن (نومبر، ڊسمبر، جنوري ،فيبروري ۽ مارچ) کان علاوه سڄو سال سخت گرمي رھي ٿي ۽ ٽيمپريچر 54 ڊگري سينٽي گريڊ (311 فارن ھائيٽ تائين پھچيو وڃي.
    ـــــــــــــــ
    پاڻي جي کوٽ ڪري کاڌو خوراڪ ڀر وارن علائقن (وادين) مان گھرايو وڃي ٿو، جھڙوڪ :وادي فاطمة، طائف، بلاد غامد ۽ بلاد ظاھران وغيره مان ۽ ھاڻ ته ڪيتريون ئي شيون ٻاھرن ملڪن کان گھرايون وڃن ٿيون، جيڪي جدي ھوائي اڏي ۽ بندرگاهه ذريعي مڪي ۽ سعودي عرب جي ٻين شھرن ۾ پھچن ٿيون.
    ـــــــــــــــ
    مڪي ۾ پاڻي جدي کان اچي ٿو، جتي سمنڊ جي کاري پاڻي کي ٽھڪائي، مٺو پاڻي ٺاھيو وڃي ٿو. زم زم جو پاڻي به جتي ڪٿي پھچايو وڃي ٿو. حج جي ڏينهن ۾ ھر حاجي لاءِ روزانو ھڪ لٽر زم زم جو پاڻي ھن کي سندس رھائشگاهه تي پھچايو وڃي ٿو. مڪي شھر جي ماڻھن جو پاڻي لاءِ گھڻو دارومدار ڀر وارين وادين تي آھي، جتي مينهن جو پاڻي گڏ ٿئي ٿو يا قدرتي چشما آھن. سڀ کان گھڻو مشھور ”عين زبيده (زبيده جو چشمو) آھي. جيڪو اٺين صدي ۾ ٺھرايو ويو. زبيده اسلامي تاريخ جي مشھور خليفي ھارون رشيد جي زال ھئي. ھن مڪي شھر کي پاڻي پھچائڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون. شھر جي ٻاھران ھڪ جبل جي چوڌاري پراڻي ڀت نظر ايندي، جنهن بابت اسان جي ٽئڪسي ڊرائيور ٻڌايو ته پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ اھا پڻ زبيده ٺھرائي ھئي، جتان شاخن ذريعي پاڻي کي مڪي شھر ۾ پھچايو ويو ٿي. ان کان علاوه وادي نعمان جيڪا ويهه ميل پري آھي. ان کان پڻ مڪي ۾ پاڻي اچي ٿو. وادي شاميا جيڪا مڪي شھر کان 60 ميل پري آھي، اتي عين العزيزه نالي چشمو آھي، جتان پائيپن ذريعي مڪي شھر ۾ پاڻي پھچايو وڃي ٿو.
    ـــــــــــــــ
    ٻي جنگ عظيم کانپوءِ سعودي عرب ۾ تيل نڪرڻ ڪري انڊسٽري ۽ اليڪٽرسٽي عام ٿي وئي آھي. گھر گھر ۾ بجلي ۽ پاڻي جا نلڪا نظر اچن ٿا. اليڪٽرسٽي پيدا ڪرڻ لاءِ مديني واري رستي تي تيل تي ھلندڙ وڏا جنريٽر آھن.
    مڪي شھر جي پنهنجي آدمشماري ڪا خاص ناھي. 1965ع ۾ لکن کان به گھٽ ھئي ۽ اڄ به ڪا خاص ناھي. پنج لک کن ڪا مس ٿيندي، شھر ۾ چوڌاري نيون نيون عمارتون ٺھي رھيون آھن. نيون نيون آباديون ظاھر ٿي رھيون آھن. ھن وقت خاص رھائشي علائقا ھي آھن. منى واري رستي تي العزيز ۽ فيصليہ آھن ۽ جدي ۽ مديني واري رستي تي الظاھر، الظھرا ۽ شارع المنصور آھن. ھنن نون علائقن مڪي شھر کي ھڪ ماڊرن شھر جي حيثيت ڏئي ڇڏي آھي.
    ـــــــــــــــ
    شروع وارن ڏينهن ۾ مڪي جي ماڻھن ڪعبي جي عظمت ۽ ھيبت کان تمام پري جبلن جي غارن ۽ چُرن ۾ پنهنجا گھر ٺاھيا ٿي. قصى بن ڪلاب جي زماني ۾ ڪعبي جي ڀر ۾ گھر ٺاھڻ جي موڪل ڏني وئي ۽ ماڻھن جا ڳاھٽ ٿي ويا. ھڪ ٿوري جاءِ کانسواءِ ڪعبي جي چوڌاري ڪا جاءِ باقي نه بچي، ان جاءِ کي مطاف سڏيو ويو ٿي، جنهن تي ماڻھن ڪعبي جي چوڌاري طواف ڪيو ٿي، ماڻھن ان ڳالهه جو ضرور خيال رکيل ته پنهنجو پنهنجو گھر گول چڪري ۾ ٺاھيو ٿي، جيئن سندن گھر جي شڪل ڪعبي سان نه ملي ۽ گھرن جي اوچائي به ڪعبي جي ڀتين کان گھٽ رکي ٿي. ان کان علاوه ھر ٻن گھرن جي وچ ۾ گھٽي ڇڏي ٿي، جيئن مطاف تائين پھچي سگھجي.
    اسلام کان اڳ خانه ڪعبه انهي حالت ۾ ئي رھيو، ان ڪري جو ان وقت تائين طواف کان وڌيڪ ٻي ڪا به شيءِ نٿي ٿي. نه سعي (صفا ۽ مروه جي وچ ۾ ڦيرا) نه جماعت سان نماز وغيره. طواف ڪرڻ وارا به سڀ پنهنجو پاڻ ۾ عرب ھئا. ان ڪري چوڌاري ڀتيون ڏيارڻ جي ضرورت نه پئي.
    عھد نبوت ۽ پھرين خليفي حضرت ابوبڪر صديق رضه جي دور خلافت ۾ به ڪعبو ان ئي حالت ۾ برقرار رھيو. ٻئي خليفي حضرت عمر بن خطاب رضه جي عھد خلافت ۾ جڏھن گھڻا ماڻھو مسلمان ٿيڻ لڳا ته ڪعبي واري جاءِ کي وڌائڻ جي ضرورت پئي. جيئن گھڻي کان گھڻا ماڻھو ھڪ ئي وقت طواف ڪري سگھن. جماعت سان نماز پڙھي سگھن ۽ صفا ۽ مروه ڏي ويندي کين گھرن وٽان نه لنگھڻو پوي. حضرت عمر رضه ڪعبي جي ڀر وارا گھر خريد ڪري حرم ۾ داخل ڪيا. ان کان علاوه چئني طرف ڀتيون ڏياريون ۽ ڏيا ٻارڻ جو حڪم ڏنو. حضرت عمر رضه پھريون ماڻھو ھو، جنهن خانه ڪعبي ۾ دروازو ٺھرايو. ان کانپوءِ ڪيترن خليفن، حاڪمن ۽ بادشاھن ھن کي وڌايو ۽ سھڻو بڻايو.
    ـــــــــــــــ
    حج جي موسم ۾ ڌارين ملڪن کان حاجين جي اچڻ ڪري مڪي جي آدمشماري تمام گھڻو وڌيو وڃي. 1973ع ۾ حاجين جو تعداد يارھن لک ٿيو ھو ته دنيا جي اخبارن ان ڳالهه جي وڏين سرخين سان خبر ڏني ھئي. ماڻھن کي ڏندين آڱريون اچي ويون ھيون ته ايڏو وڏو تعداد ماڻھن جو ڪو ناچ گاني يا اولمپڪ راندين ڏسڻ يا ڀت جي دعوت تي نه پر عبادت ۽ حج جو فرض پورو ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيو آھي. پنهنجا ڏوهه گناهه بخشرائڻ ۽ الله کان دل جون مرادون پنڻ لاءِ اچي نڪتو آھي ۽ اھو به ھڪ ڏينهن لاءِ نه پر ھفتن جا ھفتا رھڻ لاءِ. نماز لاءِ به حرم پاڪ ۾ ھڪ دفعي جي Gathering لاءِ نه پر ڏينهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنج دفعا ماڻھن جا ميڙ حرم پاڪ ڏي وڃن ۽ موٽن ٿا. ھن سال (2000ع ــ 1420هه ۾) يعني چوٿين صدي کان بعد حاجين جو تعداد وڌي ٽيهه لک تي وڃي پھتو آھي. ھي سڀ الله جا مھمان آھن. ظاھري طرح ته سعودي حڪومت کي جس ھجي، جيڪا ھيڏن ماڻھن جو بندوبست ڪري ٿي پر ھرڪو سمجھي ٿو ته ھيترن ماڻھن کي قدرت ئي منهن ڏئي ٿي. نمازن جي وقت تي حاجين جا سيلاب مڪي جي گھٽين ۾ يا عرفات جي ميدان تي ڏسڻ سان ھڪ دھرئي (Althiest) کي به رب پاڪ جي عظمت ۽ موجودگي جو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو.
    ـــــــــــــــ
    ڪعبي جي ڊيگهه 40 فوٽ آھي ۽ ويڪر 33 فوٽ آهي. ڪعبي کي ڪا دري ناھي، فقط ھڪ در آھي. ڪعبي جي اوڀر واري ڪنڊ تي زمين کان اٽڪل پنج فوٽ کن مٿي پاڪ پٿر حجر اسود ڀت ۾ لڳل آھي. ڪعبي شريف جي مٿان ڪاري رنگ جر بروڪيڊ ڪپڙي جو غلاف چڙھيل رھي ٿو، جنهن کي ڪسود سڏجي ٿو. غلاف تي سوني ۽ چاندي جي ڌاڳن سان قرآن مجيد جون آيتون لکيل آھن.
    ـــــــــــــــ
    ڪعبو سڄي دنيا جي مسلمانن جو قبلو آھي، جنهن ڏي منهن ڪري اسين نماز پڙھون ٿا. اسين پاڪستان ۾ الھندي (مغرب) ڏي منهن ڪري نماز پڙھون جو سامھون مغرب ڏي ڪجهه ھزار ڪلوميٽر جي سڌائي ۾ الله جو گھر ڪعبو آھي. اھڙي طرح يورپ ۽ روس جا ماڻھو ڏکڻ ڏي مھاڙ ڪري نماز پڙھن ٿا، جو اتان ڪعبو ڏکڻ ۾ آھي. سوڊان، لبيا، آلجيريا ويندي ميڪسيڪو ۽ آمريڪا (USA) جا مسلمان اڀرندي طرف منهن ڪري نماز پڙھن ٿا جو اتان ڪعبة الله اڀرندي طرف آھي ۽ سائوٿ آفريڪا پاسي جي مسجدن جا منهن اتر طرف آھن، جو اتان قبلو اتر ڏي آھي.
    سڄي دنيا جا مسلمان ڪعبي ڏي منهن ڪري نماز پڙھن ٿا، اھا امت مسلمه جي وحدت جي علامت آھي. ٿورو غور ڪجي ۽ دنيا جي نقشي تي نظر وجھبي ته معلوم ٿيندو ته چوويهه ئي ڪلاڪ دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن ھنڌ الله جي وڏائي جو اعلان ڪيو وڃي ٿو. الله اڪبر... الله وڏو آھي. ڌرتي جي گولي تان ٻانگ (اذان) جي روپ ۾ چوويهه ئي ڪلاڪ گونج ٿيندي رھي ٿي. الله وڏو آھي، الله وڏو آھي، آئون شاھدي ٿو ڏيان ته الله کانسواءِ ڪو ٻيو ناھي ، محمد الله جو رسول آھي، اچو نماز لاءِ، اچو فلاح لاءِ، دنيا جي گولي جي ڪنهن نه ڪنهن حصي، ڪنڊ تي ھر وقت مسلمان قبلي ڏي منهن ڪري الله کي سجدو ڪندا رھن ٿا. جپان ۾ ھوندا ھئاسين ته صبح جو پوڻي ڇھين بجي ڌاري فجر جي ٻانگ ايندي ھئي. ان وقت پنهنجي وطن پاڪستان جو عوام گھاٽي ننڊ ۾ ھوندو ھو، جو ان وقت پاڪستان ۾ رات جا پوڻا ٻه ٿيندا ھئا. پاڪستان ۾ ۽ جاپان جي وقت ۾ چئن ڪلاڪن جو فرق آھي.
    اڌ ڪلاڪ کن بعد ڪوريا، انڊونيشيا ۽ چين جي ڪجهه حصن ۾ (خاص ڪري دئرين وغيره ۾) فجر جي ٻانگ اچڻ شروع ٿئي ٿي. ان بعد فلپين، برونائي ۽ آسٽريليا ۾ ٻانگ شروع ٿيو وڃي ۽ اھڙي اڌ ڪلاڪ بعد ملائيشيا ۽ ڪمبوڊيا وغيره ۾ ۽ ان بعد ٿائلينڊ ۽ روس جي ڪجهه حصن ۾ ۽ پوءِ برما ۽ انڊونيشيا جي ٻيٽ سماترا ۾، ان بعد بنگلاديش ۾۽ جيئن جيئن سج اولهه ڏي وڌڻ شروع ٿئي ٿو يا ٻين لفظن ۾ اسان جي ڌرتي اوڀر پاسي ڦرندي وڃي فجر ٿيندي وڃي ۽ ان بعد سج جا ڪرڻا ڌرتي تي پوڻ ڪري صبح ٿيندو وڃي. بنگلاديش جي مسجدن ۾ فجر جي ٻانگ اچڻ تي جيئن ئي نمازي گڏ ٿي نماز شروع ڪن ٿا ته ھندستان ۽ سريلنڪا وغيره ۾ فجر جو وقت ٿيو وڃي ۽ فجر جون ٻانگون شروع ٿيو وڃن. ان بعد پاڪستان، افغانستان، ازبڪستان ۾. ان بعد ترڪمانستان، ايران قزاقستان وغيره ۾. ائين اڳتي وڌندي وڌندي سڄو آفريڪا ۽ يورپ لتاڙي فجر جو وقت ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اچي ٿو ته ان وقت جپان ۾ اڳين (ظھر) نماز جون ٻانگون شروع ٿيو وڃن ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ھڪ پاسي آمريڪا ۽ ڪئناڊا ڏي فجر جون ٻانگون پيون ھلن ته ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻئي پاسي يعني آفريڪا، ايشيا، يورپ جي ملڪن ۾ ظھر نماز جون ٻانگون شروع ٿيو وڃن ۽ جپان پاسي وارن ملڪن ۾ ته عصر نماز جي تياري ٿيو وڃي. مطلب ته ھن دنيا جي گولي تي ھر وقت ڪٿي نه ڪٿي ۽ ڪنهن نه ڪنهن ھنڌ الله جي توحيد ۽ وڏائي جو نعرو گونجندو رھي ٿو ۽ الله جا نيڪ ٻانها ڪعبي ڏي منهن ڪري سجدو ادا ڪندا رھن ٿا. ساڳي طرح حرم پاڪ ۾ چوويهه ئي ڪلاڪ ڪعبي جي چوڌاري طواف ھلندو رھي ٿو. سواءِ فرض ۽ جنازي نماز جي، ڪجهه گھڙين جي، ان وقت ھرڪو نماز لاءِ بيھي رھي ٿو.
    ـــــــــــــــ
    شروع ۾ مسلمان (اسلام جي ابتدائي ڏينهن ۾) بيت المقدس ڏي رخ ڪري نماز ادا ڪندا ھئا. 2 ھجري کان الله جي حڪم موجب قبلي جو رخ ڪعبي ڏي ٿيڻ تي ڪعبي ڏي منهن ڪري نماز پڙھڻ شروع ڪيائون ۽ گذريل چوڏھن سئو سالن کان دنيا جا مسلمان ڪعبي ڏي منهن ڪري نماز پڙھندا اچن ۽ قيامت تائين ڪعبو اسان جو قبلو رھندو، انشاءَ الله. گذريل چوڏھن سئو سالن کان دنيا جا مسلمان ڪعبي جو حج ڪندا اچن. دنيا جون سموريون قومون ھتي اچيو ٿيون گڏ ٿين. ھڪ عظيم ۽ شاندار اجتماع ٿئي ٿو، جنهن جي اڳيان اولمپڪ جي راندين جو ميڙاڪو به ڪجهه ناھي. سڀ مسلمان ھڪ ئي رنگ ۽ ھڪ ئي نموني جي لباس، ٻن سفيد چادرن ۾ اچيو گڏ ٿين. ھنن جا جذبا ۽ تمنائون به ساڳيون آھن. احساس به ساڳيا آھن. مقصد ۽ خيال به ساڳيا آھن ۽ سندن زبان تي ٻول به ساڳيا آھن. لبيڪ اللھم لبيڪ...
    ”آئون حاضر آھيان، يا الله آئون حاضر آھيان.
    آئون حاضر آھيان، تنهنجو ڪو شريڪ ناھي، آئون حاضر آھيان.
    بيشڪ سڀ تعريفون ۽ نعمتون تو لاءِ آھن.
    ۽ ملڪ به.
    تنهن جو ڪو به شريڪ ناھي“.
    ـــــــــــــــ
    ڪعبو دراصل لفظ ڪعب مان نڪتو آھي. جنهن جي معنى آھي بلندي يا اوچائي. انگريزيءَ جو لفظ Cube به عربي جي لفظ ڪعب مان نڪتو آھي، جيئن ٻيا ڪيترائي انگريزي لفظ عربي لفظن مان جُڙيا آھن. الجبرا، ڪيمسٽري، ازمٿ وغيره. ڪعبي واري جاءِ يعني ان علائقي (مڪي) کي اھو القرى به چون ٿا ته بڪه به.
    بڪه جي اصليت ڏي اشارو ڪندي اصمعي ارشاد ڪيو آھي ته بڪه لفظ بڪ مان ٺھيو آھي، جنهن جي معنى آھي ڌڪو ڏيڻ، ٿيلھو ڏيڻ، ڇو ته طواف دوران ايترا ماڻھو ٿين ٿا جو ھو پنهنجو پاڻ ھلڻ بدران ھڪٻئي کي ٿيلھيندا رھن ٿا. ان ڪري ھن کي بڪه سڏين ٿا. مجاھد جو چوڻ آھي ته دراصل لفظ بڪه جي ب ميم (م) ۾ تبديل ٿي وئي ۽ ھاڻ مڪه سڏجي ٿو.
    ڪجهه سال اڳ جنگ اخبار ۾ ھڪ مضمون دارين صديقي جو ”بيت الله، دنيا جي عظيم ترين عمارت“ عنوان ھيٺ پڙھيو ھوم. ان موجب جڏھن حضرت آدم عليه السلام الله تعاليٰ جي حڪم سان زمين تي موڪليو ويو ته ھر وقت روئندو رھيو ٿي ۽ الله تعاليٰ کان معافي گھرندو رھيو ٿي. ھڪ ڏينهن حضرت جبرئيل عليه السلام جن آيا ۽ فرمايائون ته اي آدم تون وفات کان اڳ حج ڪري وٺ. آدم موت جي خبر ٻڌي ڏاڍو رنو ۽ حج جو رادو ڪيو. ياد رھي ته جڏھن الله تعاليٰ حضرت آدم ۽ بي حوا کي زمين تي لاٿو ته روايتن موجب آدم عليه السلام کي سرانديپ (ھاڻوڪي سريلنڪا ٻيٽ) تي ۽ بي بي حوا کي خراسان ۾ الڳ الڳ لاٿو. آدم سرانديپ کان مڪي ڏي حج جي نيت سان روانو ٿيو. جڏھن ھو مڪي جي ويجھو پھتو ته سڀئي ملائڪ ھن وٽ آيا ۽ چيو ته اي آدم اسان ٻن ھزار سالن کان ھن گھر جو طواف ڪري رھيا آھيون. ان وقت ھن جو نالو بيت المعمور ھو ۽ الله تعاليٰ جي طرفان اھو فقط فرشتن (ملائڪنﷺ لاءِ طواف گاهه ھو. ھي عمارت حضرت آدم عليه السلام کان به پھرين جي ھئي ۽ حضرت نوح عليه السلام تائين زمين تي قائم رھي. حضرت نوح کي به ملائڪن چيو ته اي نوح تون بيت المعمور جي زيارت ڪري وٺ، ڇو ته الله تعاليٰ ان کي آسمان تي کڻڻ چاھي ٿو ۽ نوح جي زيارت بعد الله تعاليٰ ان عمارت کي آسمان تي کڻائي ورتو ۽ اڄ به اھا عمارت آسمان تي موجود آھي.
    جڏھن الله تعاليٰ حضور ﷺ جن کي معراج لاءِ گھرايو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن سڀني ملائڪن سان گڏ بيت المعمور ۾ ٻه رڪعتون نماز ادا ڪئي ھئي ۽ اڄ جيڪا اسين خانه ڪعبه جي عمارت ڏسون ٿا، اھا عمارت ھن عمارت جي بلڪل ھيٺان آھي، جيڪا آسمان تي آھي (بي بي حوا بابت روايت آھي ته ھن جي حضرت آدم عليه السلام سان ملاقات حج بعد عرفات جي ميدان تي ٿي).
    ان کانپوءِ حضرت ابراھيم عليه السلام جو دور آيو ته ھن کي الله تعاليٰ طرفان ڪعبي (الله جو گھر) ٺاھڻ جو حڪم ٿيو، جيئن ماڻھو ان جي زيارت لاءِ اچن ۽ طواف ڪن. طوفان نوح بعد ڪعبي جا نشان ڊھي ويا ھئا ۽ ان ھنڌ جي نشاندھي لاءِ حضرت جبرئيل عليه السلام جن حضرت ابراھيم جن کي ٻڌايو ته توھان اٺ تي سوار ٿي ھن کي ھلڻ لاءِ چئو. الله جي حڪم سان ان اٺ تي ھڪ ڪڪر جي ڇانو رھندي، جيڪا اٺ سان گڏ گڏ ھلندي رھندي، جتي بيھي رھي ۽ اتي جيتري ٽڪر تي ڪڪر جي ڇانو رھي. ان سائيز جو گھر ٺاھجانءِ، پوءِ جڏھن اٺ ان جاءِ تي پھتو (ھي اھا جاءِ آھي جتي اڄڪلهه ڪعبي جي عمارت آھي). حضرت ابراھيم عليه السلام اٺ تان لھي ھڪ ڪاٺي جي ٽڪر سان ان حصي تي ليڪون پاتيون، جنهن تي ڪڪر جي ڇانوَ ٿي ھئي.
    حضرت ابراھيم عليه السلام پنهنجي پٽ اسماعيل سان گڏجي الله تعاليٰ جو گھر ٺاھيو، جنهن ۾ الله جي حڪم سان حضرت جبرئيل پڻ مدد ڪئي ۽ پنجن جبلن: ڪوھ لبنان، ڪوھ حرا، ڪوھ صفا، ڪوھ مروه ۽ ڪوھ ابو قيس تان کين پٿر آڻي ڏنا. ڪعبي شريف جي ٺھڻ بعد حضرت ابراھيم عليه السلام الله تعاليٰ کان مڪي شريف لاءِ دعا گھري ته اھو امن امان جو شھر رھي ۽ ان جي رھاڪن کي روزي ملي.
    تعمير ڪعبه بعد حضرت ابراھيم عليه السلام پنهنجي ملڪ شام ڏي روانو ٿي ويو ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام پنهنجي ماءُ سان گڏ اتي ئي مڪي ۾ ٽڪي پيو ۽ ڪعبي جي نگھباني ڪرڻ لڳو. حضرت اسماعيل ۽ ھن جي والده بي بي حاجره جي وفات بعد انهن جي اولاد ڪعبي جي نگھباني جو فرض ادا ڪيو. پوءِ جڏھن حضرت اسماعيل جي اولاد جو سلسلو وڌيو ته اھي قبيلن ۾ ورھائبا ويا. انهن قبيلن مان ھڪ قبيلو قبابعد ھو. ھڪ روايت آھي ته قبابعد قبيلي جا ماڻھو حج بيت الله ڪندا ھئا ۽ ڪعبي کي نهايت عزت احترام جي نگاهه سان ڏسندا ھئا. انهي قبيلي جو ھڪ بادشاهه پھرين پھرين بيت الله تي غلاف چڙھايو، جيئن اھو پاڪ صاف رھي.
    حضرت اسماعيل عليه السلام جي اولاد کانپوءِ ڪعبي جي نگھباني جو سھرو جرھم کي ٻڌو ويو، جيڪو حضرت اسماعيل جو مامو ھو، جرھم جي نگھباني کانپوءِ اھو فرض خزاع نالي قبيلي جي حوالي ٿيو ۽ ان بعد اھا سعادت قريش قبيلي جي حصي ۾ آئي، پوءِ قصى بن ڪلاب جو دور آيو، جيڪو قريش قبيلي جي ھڪ اھم شخصيت ھئي ۽ قصى بن ڪلاب جي پنجين پشت مان پيغمبر آخر محمد مصطفى ﷺ جن پيدا ٿيا. حضور ﷺ جن جي ولادت کان اٽڪل 130 سال اڳ قصى بن ڪلاب جي حڪومت قائم ٿي ھئي. ھي پھريون ماڻھو ھو، جنهن جي ڏينهن ۾ ڪعبي جي مرمت ٿي ۽ مٿان ڇت پئي. ان کانپوءِ ڪعبي جي تعمير حضور ﷺ جي ڏينهن ۾ ٿي، جڏھن پاڻ 35 سالن جا ھئا، يعني اعلان نبوت کان پنج سال اڳ 605ع ۾ ٿي.
    انهن ڏينهن ۾ ڪعبي جي عمارت فقط ماڻھو جي قد جيڏي اتاھين ھئي. ڀتين مٿان ڇت به نه ھئي ۽ ان جو فرش ايڏو ته ھيٺ ھو جو مينهوڳي جي ڏينهن ۾ بارش جو پاڻي حرم پاڪ ۾ گڏ ٿي ويندو ھو ۽ عمارت کي ھر وقت نقصان رسيو ٿي. جنهن ڪري ھر سال مرمت ڪرائڻي پئي ٿي. آخرڪار اھو فيصلو ٿيو ته ان عمارت کي ڪيرائي نئين سر مضبوط ڪري ٺاھي وڃي. مختلف قبيلن عمارت جا مختلف حصا پاڻ ۾ ورھائي کنيا، جيئن ڪو به ھن عزت کان محروم نه رھي. ھن متبرڪ ڪم ۾ خود حضور ﷺ جن حصو ورتو ۽ ٻين سان گڏ پٿر کڻندا رھيا. ڪعبي جي تعمير خلوص سان جاري رھي پر جڏھن حجر اسود کي لڳائڻ جي مھل آئي ته جھيڙو ٿي پيو، ھر شخص چاھيو ٿي ته اھو ڀلارو ڪم ھن کي ڪرڻ جو موقعو مليو.
    ھي جھيڙو چئن ڏينهن تائين جاري رھيو. آخر پنجين ڏينهن اھو فيصلو ڪيو ويو ته سڀاڻي صبح جو سڀ کان پھرين جيڪو ماڻھو باب صفا واري پاسي کان حرم ۾ داخل ٿيندو، اھو ئي حجر اسود کي ڀت ۾ لڳائڻ جو حقدار قرار ڏنو ويندو. ان راءِ کي سڀني مڃيو ۽ پسند ڪيو. خدا جو ڪرڻ ائين ٿيو جو سڀ کان پھرين حضرت محمد مصطفى ﷺ جن حرم پاڪ ۾داخل ٿيا. کيس ڏسي سڀني چيو ”امين اچي ويو، اسان کي ھن تي اعتماد آھي“.
    فيصلي مطابق حضور ﷺ جن کي ئي حجر اسود لڳائڻو ھو پر حضور ﷺ جن اھو ڪم اڪيلي سر ڪرڻ بدران ھڪ چادر گھرائي، اھا زمين تي وڇائي، پوءِ ان جي وچ ۾ حجر اسود رکيو ۽ قبيلن جي سردارن کي فرمايو ته ھاڻ ان چادر کي جھلي ھلن. جڏھن چادر ان جاءِ تي پھتي، جتي حجر اسود کي لڳائڻو ھو ته حضور ﷺ جن پنهنجن ھٿن سان ان کي کڻي ڀت جي ان ھنڌ تي رکيو، جتي ھينئر موجود آھي. اھڙي طرح حضور ﷺ جن جي ڏاھپ سان مڪي جا مختلف قبيلي ھڪ وڏي خطرناڪ جنگ کان بچي ويا.
    ـــــــــــــــ
    رب پاڪ ڪعبي شريف لاءِ قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو: ”بيشڪ“ سڀ کان پھرين جيڪو گھر ماڻھن جي (عبادت) لاءِ ٺاھيو ويو، اھو ئي آھي، جيڪو مڪي ۾ آھي، برڪتن وارو ۽ سڄي جھان کي ھدايت ڪرڻ وارو“.
    الله تعاليٰ مسجد حرام جو ان نالي سان قرآن ۾ پندرھن دفعا ذڪر ڪيو آھي ۽ ان کان علاوه ٻين نالن سان به ياد ڪيو آھي. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ھن گھر کي ڪيترو تقدس ۽ جلال حاصل آھي ۽ ان کي ڪيڏي احترام ۽ عزت سان اسان کي محسوس ڪرڻ کپي.
    ـــــــــــــــ
    حضرت ابراھيم عليه السلام ۽ سندس فرزند حضرت اسماعيل عليه السلام ھن گھر جي تعمير ڪئي. ان بعد ھن جي ڪيترن حصن جي ترميم ۽ تعمير ٿيندي رھي، جيئن شروع ۾ بيان ڪيو ويو آھي. حضرت عمر بن خطاب رضه 17 ھجري ۾ ڪعبي جي مرمت ڪرائي. ان بعد ٽئين خليفي حضرت عثمان بن عفان رضه 26 ھجري ۾ ھجري ۾ مسجد حرام ۾ واڌارو آندو ۽ مسجد مٿان پھريون دفعو ڇت وجھرائي.
    66 ھجري ۾ حضرت عبدالله بن زبير رضه مسجد ۾ واڌارو ڪيو ۽ ان کان اڳ 64 ھجري ۾ خانه ڪعبي جي نئين سنئين مرمت ڪرائي. حضرت عبدالله بن زبير جي ولادت ھجرت کان ڏهه مھينن بعد مدينه منوره ۾ ٿي، ھجرت کانپوءِ مسلمان مھاجرن ۾ سڀ کان پھرين ھن جي ولادت ٿي، جنهن تي سڀ مسلمان ڏاڍو خوش ٿيا ھئا. پاڻ تمام رحمدل، متقي ۽ شجاعت جو مالڪ ھو. پاڻ حضور ﷺ جن جي خواھش مطابق حطيم واري حصي کي ڪعبي اندر داخل ڪيو ۽ دروازي کي ھيٺڀرو ڪري زمين جي ويجھو ڪيو ۽ ٻيو دروازو پٺئين پاسي واري ڀت ۾ قائم ڪيو، جيئن ھر قسم ڪعبي اندر سولائي سان داخل ٿي سگھي ۽ ٻي در کان نڪري سگھي.
    حضرت عبدالله بن زبير جي انتقال کانپوءِ عبدالملڪ بن مروان جي حڪومت واري زمين ۾ حجا بن يوسف 91 ھجري ۾ ڪعبي کي وري ساڳي نموني ۾ رکيو، يعني حطيم پاسي واري ڀت کي ڊھرائي پھرين واري جاءِ تي ڪيو ۽ حڪيم وارو حصو ٻاھر ئي رکيو ۽ اندر واري حصي جو ڀراءُ ڪري ڪعبي جي اندر واري حصي جو سطح مٿڀرو ڪري دروازي کي پھرين وانگر مٿي رکيو ۽ سامھون وارو ٻيو دروازو بند ڪرائي ڇڏيو. بعد ۾ جڏھن خليفي کي اصل حقيقت جي خبر پئي ۽ کين حضرت عائشه رضه واري حديث ٻڌائي وئي ته ھن کي پنهنجي ان فعل تي ڏاڍو افسوس ٿيو.
    ان کانپوءِ خليفي ھارون رشيد پنهنجي دور ۾ ڪعبي جي عمارت ۾ وري ڦيرڦار آڻي حضرت عبدالله بن زبير واري حالت ۾ آڻڻ لاءِ ان وقت جي عالم دين حضرت امام مالڪ رح کان فتوى گھري. حضرت امام مالڪ رح اھو ارادو ترڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ فرمايو ته: ”بيت الله شريف کي بار بار تڪليف ڏيڻ سان ھن جي عظمت ماڻھن جي دلين مان ويندي رھندي ۽ ھي بادشاھن جي ھٿن ۾ ھڪ رانديڪو ٿي پوندو“. ان بعد خليفي پنهنجو ارادو لاھي ڇڏيو ۽ ڪعبو شريف اڄ تائين ان حالت ۾ آھي، جنهن ۾ حضور ﷺ جن ڏينهن ۾ ھو.
    160 ھجري ۾ عباسي خليفو مھدي جڏھن حج ڪرڻ آيو ته ڏٺائين ته نمازين لاءِ مسجد سوڙھي ٿي رھي ھئي. ھن اتر ۽ اوڀر کان ان جو واڌارو ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان وقت خانه ڪعبه جي ڏکڻ طرف به گھٽ زمين ھئي. ان ڪري 164 هه ۾ جڏھن ھو ٻئي دفعي حج تي آيو ته ڏکڻ طرف به واڌارو ڪرايائين، جيئن ڪعبو مسجد جي وچ ۾ ٿي بيھي.
    284 ھجري ۾ عباسي خليفي معتضد بالله مسجد جي وري نئين سنئين مرمت ڪرائي ھڪ دروازي جو واڌارو ڪيو، جيڪو ”باب الزيارة“ جي نالي سان سڃاتو ويو.
    306 ھجري ۾ عباسي خليفي مقتدر بالله ”باب ابراھيم“ دروازي جو واڌارو ڪيو.
    604 هه ۾ مسجد ۾ باهه لڳڻ ڪري مسجد جو ھڪ حصو ڊھي پيو. ان بعد ٻوڏ آئي، ان بعد مصر جي حاڪم سلطان فرد بن محمد برقوف مسجد جي ڊٺل حصي کي چڱي طرح ٺاھڻ جو حڪم ڏنو.
    979 ھجري ۾ سلطان سليم عثمانيءَ سڄي مسجد کي وري ٺھرائڻ جو حڪم ڏنو. ڇت کي گنبذ (جيڪو عثماني طرز عمارت جو نمونو آھي.) جي شڪل ۾ ۽ سڄي مسجد کي بهترين نموني سان ٺھرايو. سلطان سليم جي وفات بعد باقي ڪم ھن جي پٽ سلطان مراد پورو ڪرايو، جيڪو 984 ھجري تائين ھلندو رھيو.
    اڄ جي سعودي خاندان مان بادشاهه (ملڪ) عبدالعزيز آل سعود حرم پاڪ تي تمام گھڻو ڪم ڪرايو، جنهن جي نالي دروازو (باب) پڻ آھي. پاڻ 1375 ھجري (1955ع) ڌاري مسجد تي ڪم ڪرايو، صفا ۽ مروه مان مسجد ڏي نڪرڻ لاءِ 16 دروازا ٺھرايا، ٻوڏ کان مسجد کي بچائڻ لاءِ ھڪ خاص قسم جو ڊرينيج ٺھرايو. صدر دروازي کان علاوه ٻيا به ڪيترائي دروازا ٺھرايا. جن جو تعداد 51 ٿئي ٿو. اھم دروازن مٿان 92 ميٽرن جا ڊگھا مينار ٺھرايا ،جن مٿان چنڊ ٺھرايو. حاجين جي سھولت لاءِ ماڊرن قسم جي غسلخانن جو انتظام پاڻي جو بندوبست ۽ ٻين ڳالھين جو بندوبست نه فقط حرم پاڪ ۽ مڪي ۾ پر منى، مزدلفه ۽ عرفات ۾ پڻ سعودي حڪومت جو ھر بادشاهه ڪندو رھي ٿو.


    حضرت ابراھيم عليه السلام ۽ ڪجهه ٻيا نبي

    قرآن مجيد ۾ حضرت ابراھيم عليه السلام جو نالو 69 دفعا آيو آھي.
    حضرت ابراھيم عليه السلام حضرت نوح عليه السلام جي اولاد مان آھي. (ابراھيم بن تارخ بن ناحور بن سروج بن رعو بن فالغ بن عابر بن شالخ بن ارفخشد بن سام بن نوح)
    چون ٿا ته حضرت ابراھيم عليه السلام جي والد جا ٻه نالا ھئا. ھڪ آزر ٻيو تارخ. قرآن شريف ۾ آزر آيل آھي.
    حضرت ابراھيم عليه السلام ڌرتي جي جنهن حصي تي جنم ورتو، اھو اڄ جو عراق آھي. انهن ڏينهن ۾ بابل سڏبو ھو، جنهن تي نمرود نالي ھڪ ظالم بادشاهه جي حڪومت ھئي.
    نمرود بادشاهه ھڪ رات خواب ڏٺو ته آسمان تي ھڪ تاري جو اڀرڻ ڪري سج ۽ چنڊ جي روشني ختم ٿي وئي آھي. نمرود جي دربار جي جادوگرن ۽ ڀوپن ان خواب جو اھو تعبير ڪڍيو ته ان سال ھڪ نينگر ڄمندو، جيڪو وڏو ٿي نمرود جي بادشاھي ناس ڪندو.
    اھو ٻڌي نمرود ان سال جيڪي به ڇوڪرا ڄمندا ويا، انهن کي مارائي ڇڏيو. الله تعاليٰ جي قدرت سان حضرت ابراھيم عليه السلام ان ئي سال ڄائو پر زندھ رھيو. وڌي جوان ٿيو. نمرود جو مقابلو ڪيائين ۽ ھن جي تباھي جو ڪارڻ ٿيو.
    نمرود پاڻ کي به توبه نعوذ باالله خدا ٿي سمجھيو ۽ سندس رعيت کيس سجدو ڪيو ٿي. حضرت ابراھيم کيس نه مڃيو ۽ ھن نمرود کي توڙي عوام کي اھو ئي چيو ته نمرود ۽ بتن جي پوڄا نه ڪريو، الله ھڪ آھي. جنهن اسان کي پيدا ڪيو آھي ۽ اسان جو موت توڙي حياتي ھن جي وس ۾ آھي.
    قرآن شريف ۾ سورة البقرة ۾ پکين جو احوال آھي ته حضرت ابراھيم الله تعاليٰ کي عرض ڪيو ته اي منهنجا پالڻھار مون کي ڏيکار ته تون مري ويلن کي وري ڪيئن ٿو جيارين. پوءِ الله جي حڪم سان حضرت ابراھيم چئن پکين کي ڪُھي قيمو ڪري انهن کي سڏ ڪيو ته ھو جيئرا ٿي ھن وٽ ھليا آيا.
    نمرود کي حضرت ابراھيم عليه السلام جي ڳالهه بلڪل نه آئڙي ته الله ھڪ آھي، جيڪو سڀني جو خلقڻھار آھي ۽ سڀني کي ھلائي ٿو. نمرود حضرت ابراھيم عليه السلام کي سزا ڏيڻ لاءِ باهه جو ھڪ وڏو مچ ٻارائي حضرت ابراھيم کي ساڙڻ لاءِ ان ۾ اڇلايو، پر باهه حضرت ابراھيم کي ساڙڻ بدران گلزار ٿي وئي.
    نمرود جو موت به ٻين لاءِ عبرت جو مقام بڻيو. اھو بادشاهه جنهن پاڻ کي بي پناهه طاقت جو مالڪ سمجھيو ٿي، تنهن کي ھڪ خصوصي منڊڙي مڇر جنهن نمرود کي رلائي رلائي ماريو. ھو نمرود جي نڪ مان گھڙي سندس ميڄالي کي چڪڻ لڳو، جنهن سان نمرود سخت تڪليف ۾ اچي ويو ۽ کيس فرحت فقط ان وقت آئي ٿي، جڏھن ھن جي مٿي تي جوتن جو وسڪارو ڪيو ويو ٿي. نمرود چاليهه ڏينهن اھا سزا ڀوڳي ڀوڳي نيٺ موت جو شڪار ٿي ويو.
    حضرت ابراھيم عليه السلام پھريون انسان ھو، جنهن ماڻھن کي تمام گھڻي صفائي ۽ سٺائي سيکاري. طھر جي شروعات به ھن جي ڏينهن کان ٿي. ان ڪري طھر کي سنت ابراھيمي پڻ سڏيون ٿا، جيڪا اڄ ڏينهن تائين ھلندي اچي.
    حضرت ابراھيم عليه السلام اٽڪل 175 ورھين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ۽ فلسطين ملڪ ۾ حبرون يا الخليل شھر وٽ دفن ٿيل آھي.
    حضرت لوط عليه السلام حضرت ابراھيم عليه السلام جو ڀائيٽو ھو، يعني ھاران جو پٽ ھو. يتيم ھجڻ ڪري ھن ننڍپڻ حضرت ابراھيم عليه السلام سان گذاريو. وڏو ٿي الله جي حڪم ۽ حضرت ابراھيم عليه السلام جي صلاح سان سدوم شھر ڏي لڏي ويو، جيئن اتي جي ماڻھن کي نصيحت ڪري سگھي، جنهن جا ماڻھو نهايت بداخلاق ۽ بڇڙا ھئا. سدوم شھر بحرِ مردار (Dead Sea) وٽ آھي.
    حضرت ابراھيم عليه السلام کي ٻه گھر واريون ھيون. بي بي ساران جيڪا سندس سئوٽ ھئي ۽ ٻي بي بي حاجران، جيڪا ننڍي زال ھئي ۽ مصر جي رھاڪو ھئي.
    حضرت ابراھيم عليه السلام کي 86 ورھين جي ڄمار ۾ننڍي زال بي بي ھاجران مان پٽ ڄائو ۽ نالو رکيائونس اسماعيل (عليه السلام) حضرت اسماعيل عليه السلام اڃا ٻن چئن ڏينهن جو مس ٿيو ته الله تعاليٰ حضرت ابراھيم عليه السلام تي ھڪ آزمائش آندي. ھن کي حڪم مليو ته ھو پنهنجي معصوم پٽ اسماعيل کي سندس والده بي بي ھاجران سميت پاڻ کان پري رھائي ڇڏي. يعني ٻنهي کي فلسطين (جتي ھو انهن ڏينهن ۾ رھيل ھئا) مان وٺي ڪعبي شريف واري جاءِ تي ڇڏي اچي، جتي انهن ڏينهن ۾ ڪجهه به نه ھو.
    حضرت ابراھيم پنهنجي رب جو حڪم مڃيو ۽ اٺ تي چڙھي مڪي پھتو ۽ ڪعبي واري جاءِ تي بي بي ھاجران ۽ ننڍڙي اسماعيل کي ڇڏي واپس موٽيو. بي بي ھاجران کي يقين ھو ته رب پاڪ سندس سار سنڀال ضرور لھندو.
    ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ آندل پاڻي ۽ کاڌي جون شيون ختم ٿي ويون ۽ پاڻي نه ملڻ ڪري سندس ٿڃ به سڪي وئي. معصوم ٻار کي اڃ ستائڻ تي بي بي ھاجران صفا ٽڪري ڏي وڃي وري مروه ٽڪري ڏي وئي ٿي. ھو ٻار کي ڇڏي گھڻو پري به نه ٿي وڃي سگھي، متان ڪو جانور معصوم ٻار کي نقصان پھچائي. ھن پاڻي جي ڳولا ۾ صفا کان مروه ۽ مروه کان صفا ڏي ست ڦير ا ڪيا. بي بي ھاجران جو معصوم ٻار جي لاءِ پاڻي جي ڳولا ۾ ائين ڊوڙڻ الله تعاليٰ کي ايڏو ته پسند آيو جو حج ۽ عمري ڪرڻ وارن لاءِ اھو حڪم ڪيو ويو ته ھو صفا ۽ مروه جبلن جي وچ ۾ ست چڪر ھڻن.
    صفا ۽ مروه جي وچ ۾ ھڪ ھنڌ تي ڌرتي تمام ھيٺاھين ليول تي ھئي، جتي پھچڻ تي بي بي ھاجران کي پنهنجو ٻار نظر نه ٿي آيو .ان ھيٺان ٽڪري تي ھوءَ تکو تکو ڊوڙي آھي، اھو حصو ھينئر ليول ڪرايو ويو آھي پر ان ٽڪري جي ڄاڻ لاءِ سائي رنگ جا ٿنڀا آھن، جن تي سائي رنگ جون بتيون ٻرن ٿيون ،انهن ساون رنگن جي ٿنڀن جي وچ ۾ جتي بي بي ھاجران ڊوڙ پائي لنگھي ھئي، مردن ان کي سعي دوران ھر ڦيري ۾ تکو ڊوڙڻو آھي. باقي عورتن کي ساڳي رفتار رکڻي آھي.
    بي بي ھاجران جي ستين چڪر تي جنهن ھنڌ تي ننڍڙو اسماعيل اڃ ۾ پاهه ٿي کڙيون ھڻي رھيو ھو. اتي پاڻي جو چشمو ڦٽي آيو. بي بي ھاجران پاڻي ڏسي ڏاڍو خوش ٿي. ھن ھٿ آلا ڪري ننڍڙي اسماعيل جي چپن تي رکيا. ان کي پياري پوءِ ٻڪ ڀري پاڻ پيتائين. پاڻي آھستي آھستي وڌندو رھيو. بي بي ھاجران پٿريلي مٽي سان پاڻي جي چوڌاري ٻنو ٻڌي ان کي وھڻ کان روڪي چوڻ لڳي زم زم معنى بيهه بيهه. ان ڪري ھن چشمي مان نڪتل پاڻي جو نالو پئجي ويو زم زم.
    حضرت اسماعيل عليه السلام جي قرباني وارو واقعو به مشھور آھي. اسان مسلمان ان قرباني جي ياد ۾ ذوالحج جي ڏھين تاريخ عيد ملھايون ٿا ۽ قرباني ڪريون ٿا.
    حضرت اسماعيل عليه السلام پنهنجي پيءُ حضرت ابراھيم عليه السلام سان گھمڻ ڦرڻ جھڙو ٿيو. (اٽڪل ستن سالن جي عمر جو ٿيو) ته حضرت ابراھيم کي خواب ذريعي الله تعاليٰ طرفان حڪم ٿيو ته پنهنجي پٽ کي قربان ڪر. حضرت ابراھيم عليه السلام پنهنجي پٽ سان ڳالهه ڪئي. تنهن وراڻيس: ”تون الله جو نبي سڳورو آھين، توکي الله تعاليٰ جيڪو حڪم ڪيو آھي، اھو ضرور پورو ڪر. آئون انشاءَ الله سڀ ڪجهه صبر سان سھندس“. (ان قصي جو احوال قرآن مجيد جي سورة صفت ۾ آھي).
    مڪي کان منى ٽي چار ڪلوميٽر پنڌ آھي. ھي ٻئي پيءُ پٽ اوڏانهن پنڌ ڪندا ويا. واٽ تي ٽن جاين تي حضرت ابراھيم عليه السلام کي شيطانن ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي ته تنهنجو اڪيلو پٽ آھي. ان کي قربان نه ڪر پر حضرت ابراھيم عليه السلام ھر دفعي شيطان کي پٿريون ھڻي ڀڄائي ڪڍيو. انهن جاين تي اڄ به ”جمرا“ ٺھيل آھي. يعني پٿرن جا ٿنڀا نشاني طور ٺھيل آھن، جتي ھر سال ذوالحج جي ڏھين، يارھين ۽ ٻارھين تاريخ انهن ٿنڀن (جمرات) کي حاجي ست ست پٿريون ھڻي ابراھيمي سنت پوري ڪن ٿا.
    ۽ پوءِ جڏھن حضرت ابراھيم عليه السلام جو حڪم مڃي پٽ جي مٿان ڪاتي ڦيري ته الله جي حڪم سان ڪاتيءَ ھيٺيان گھيٽو اچي ويو. اھڙي طرح الله تعاليٰ حضرت ابراھيم عليه السلام سان ڀال ڪيا. کيس پٽ به بچائي ڏنائين ته قرباني به قبول ڪيائين.
    ڪجهه عرصي کانپوءِ حضرت اسماعيل عليه السلام ڪجهه وڏو ٿيو ته حضرت ابراھيم عليه السلام الله جو حڪم سان زم زم جي کوهه ڀرسان ڪعبو ٺاھيو، جنهن جي ٺاھڻ ۾ حضرت اسماعيل عليه السلام به سندس مدد ڪئي.
    حضرت اسماعيل عليه السلام کي ٻارھن پٽ ۽ ھڪ نياڻي اولاد ٿيو، قرآن مجيد ۾ آھي ته ”ڪَنا يَامَرُ اَھلَہٗ بالصلواة والزڪواة) يعني اسماعيل عليه السلام پنهنجي اھل و عيال کي نماز ۽ زڪوات جو حڪم ڪندو ھو. ھو الله جو پيارو ٻانهو ۽ وڏو سچار ھو.
    حضرت اسماعيل عليه السلام جو نالو قرآن مجيد جي اٺن سورتن ۾ ڪل يارھن دفعا آيو آھي.
    بيت المقدس گھڻو پوءِ حضرت ابراھيم جي پوٽي ۽ حضرت اسحاق جي پٽ حضرت يعقوب جوڙايو. بيت المقدس مسلمانن، عيسائين توڙي يھودين لاءِ ڀلاري جاءِ آھي. ان جي ڀرسان ڏکڻ ۾ مسجد الاقصيٰ آھي. جتي اسان جو پيارو نبي حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ معراج واري رات ڪعبة الله کان آيو. بيت المقدس ڪيترن نبين سڳورن جو مرڪز رھيو آھي. اھو اردن (Jordan) ملڪ جي ڀرسان فلسطين واري علائقي ۾ آھي، جيڪو اڄڪلهه اسرائيل جي قبضي ۾ آھي. بيت المقدس جي معنيٰ آھي مقدس گھر يعني پاڪ گھر.
    حضرت يعقوب عليه السلام (حضرت يوسف عليه السلام جي والده ۽ حضرت ابراھيم عليه السلام جي پوٽي) جا ٻه نالا ھئا: ھڪ يعقوب جيڪو نالو قرآن شريف ۾ 16 دفعا آيو آھي ۽ ٻيو اسرائيل جيڪو نالو قرآن شريف ۾ ٻه دفعا آيو آھي. اسرائيل عبراني ٻولي جو لفظ آھي. اسر معنيٰ ٻانهو يا عبد ۽ ايل معنيٰ الله. يعني الله جو ٻانهو يا عبدالله. ان نالي ڪري حضرت يعقوب عليه السلام جي اولاد کي بني اسرائيل چون ٿا يعني اسرائيل (يعقوب) جو اولاد.
    حضرت يعقوب عليه السلام جو پٽ يوسف عليه السلام پڻ نبي ٿيو. حضرت يوسف جو قصو قرآن شريف جي سورة يوسف ۾ آھي ۽ ھن کي ”احسن القصص“ يعني سڀني قصن ۾ سھڻو قصو چيو ويو آھي.
    حضرت يوسف عليه السلام کي ھي شرف به حاصل آھي ته پاڻ، سندس والد يعقوب، ڏاڏو اسحاق ۽ پڙ ڏاڏو ابراھيم سڀئي نبي ھئا. يعني سندن چار پيڙھيون نبوت سان نوازيل آھن.
    حضرت يوسف عليه السلام جي باقي زندگي مصر ۾ ئي گذري. پاڻ 120 ورھين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائون. کين ٻه پٽ افرائيم ۽ منشا ھئا ۽ ھڪ ڌيءَ رحمت نالي اولاد ھو. حضرت يوسف عليه السلام مصر ۾ نيل ندي جي ڪناري تي دفن ٿيل آھي.
    حضرت يوسف جي وفات کان ڪجهه سئو سال پوءِ حضرت موسيٰ عليه السلام پيدا ٿيو، جنهن بني اسرائيل کي آزادي ڏياري ۽ کين مصر مان وٺي وري اچي فلسطين آباد ڪيو.
    حضرت موسيٰ عليه السلام کانپوءِ حضرت عيسيٰ عليه السلام پيدا ٿيو. يعني اڄ کان ٻه ھزار سال اڳ پيدا ٿيو. حضرت موسيٰ جي ڄمڻ جي ڪا صحيح تاريخ نه ٿي ملي پر اندازو آھي ته اڄ کان چار پنج ھزار سال اڳ فرعونن جي ڏينهن ۾ ڄائو. جن جي اھا تاريخ مصر جي احرامن مان معلوم ٿئي ٿي ۽ اھڙي طرح اندازي مطابق حضرت ابراھيم عليه السلام اڄ کان اٽڪل پنج ڇهه ھزار سال اڳ پيدا ٿيو. يعني مقام ابراھيم واري پٿر کي. ڪعبي جي نئين سنئين ٺھڻ کي (يعني حضرت نوح عليه السلام جي زماني جي ٻوڏ ۾ ڊھي وڃڻ بعد وري ٺھڻ ۾) زم زم جي پاڻي کي ھلندو ھلڻ ۾ اڄ اٽڪل ڇهه ھزار سالن کان مٿي اچي ٿيا آھن.


    حج ۽ عمري لاءِ ضروري ڳالھيون

    حج جي لغوي معنيٰ ارادو ڪرڻ يا ڪنهن جاءِ تي پهه ڪري وڃڻ آھي پر شريعت جي اصطلاح ۾ مڪي شريف وڃي بيت الله جو طواف، منيٰ ۾ رھڻ عرفات جي ميدان تي حاضري ڀرڻ، مزدلفه ۾ رات ٽڪڻ ۽ جبل صفا مروه جي وچ ۾ سعي (چڪر ھڻڻ) آھي.

    حج جا ھي فرض آھن:
    • نيت ڪرڻ، احرام ٻڌڻ ۽ تلبيھ پڙھڻ.
    • وقوف عرفات يعني عرفات جي ميدان تي ترسڻ.
    • طواف زيارت ڪرڻ جيڪو 10 ذوالحج کان 12 ذوالحج اندر ڪري سگھجي ٿو پر 10 ذوالحج تي ڪرڻ وڌيڪ افضل سمجھيو وڃي ٿو.
    ۽ ھيٺيون شيون واجب آھن:
    • عرفات کان واپسيءَ تي رات جو مزدلفه ۾ ترسڻ ۽ اتي مغرب ۽ عشاءَ جون نمازون گڏ پڙھڻ.
    • صفا مروه جي سعي ڪرڻ.
    • شيطان کي پٿريون ھڻڻ.
    • قرباني ڪرڻ.
    • وار ڪترائڻ يا ٺوڙهه ڪرائڻ.
    • مڪو شريف ڇڏڻ کان اڳ الوداعي طواف (طواف وداع) ڪرڻ.

    • عمري لاءِ ھي ضروري آھي:
    • نيت ڪرڻ، احترام ٻڌڻ ۽ تلبيھ پڙھڻ.
    • طواف ڪرڻ ـ يعني خانه ڪعبه جي چوڌاري ست چڪر ڏيڻ.طواف ڪعبه عمر جو خاص عمل آھي، جيڪو عمري جو فرض سڏجي ٿو.
    • صفا مروه جي سعي ڪرڻ ـ عمري لاءِ ھي ضروري عمل واجب آھي.
    • حلق يا قصر ڪرڻ ـ وار ڪترائڻ يا ٺوڙهه ڪرائڻ، ھي عمل پڻ عمري لاءِ واجب آھي.


    عمري جو طريقو

    (قدم بقدم ـ پڙھندا وڃو، ڪندا وڃو)

    احرام جي تياري
    حجامت، غير ضروري وارن جي صفائي، ننهن ڪترڻ بعد احرام جي نيت سان غسل يا رڳو وضو ڪريو

    احرام ٻڌڻ
    ھڪ سفيد چادر سان گوڏ ٻڌو ۽ ٻي سفيد چادر سان مٿين جسم کي ڍڪيو (ٻنهي ڪلھن کي ڍڪيل رکو.)
    ھن وقت ڦڻي ڏيڻ، بدين تي ھلڪو عطر ھڻڻ سنت آھي.
    (ڇو جو اڃا احرام جون پابنديون شروع نه ٿيون آھن).
    (عورتون پنهنجن ڪپڙن ۾ ئي احرام جي نيت ڪنديون).

    نفل نماز
    ھاڻ مٿو ڍڪي ٻه رڪعتون نفل ادا ڪريو.

    نيت
    مرد مٿو اگھاڙو ڪري (عورتون مٿو ڍڪي) نيت ڪن.
    ”اي الله آئون تنهنجي رضا جي لاءِ عمري جو ارادو ڪريان ٿو، تون منهنجي لاءِ آسان ڪجانءِ ۽ قبول ڪجانءِ.“

    تلبيھ
    نيت ڪرڻ سان ئي مرد بلند آواز سان ۽ عورتون آھستي ھي ٽي دفعا پڙھن
    لبيڪ اللھم لبيڪ، لبيڪ لا شريڪ لڪ لبيڪ
    ان الحمد، و نعمت. والملڪ، لا شريڪ لڪ.

    دعا
    اللھم اني اسئلڪ رضاڪ والجنة، واعوذبڪ من عضبنڪ ونار.
    (اي الله آئون توکان تنهنجي رضا ۽ جنت گھران ٿو ۽ تنهنجي ناراضگي ۽ دوزخ کان تنهنجي ئي پناهه چاھيان ٿو).
    ان کانپوءِ ٻيون به ڪي دعائون چاھيو ته گھرو.

    احرام جون پابنديون
    تلبيھ پڙھندي ئي توھان تي احرام جون پابنديون شروع ٿيو وڃن. ڪپڙا نه پائڻ، مٿو نه ڍڪڻ، عطر نه ھڻڻ، بوٽ نه پائڻ جھڙي پابندي جو تفصيل حج جي ڪتاب ۾ ڏسو ۽ ان تي عمل ڪريو.

    دوران سفر
    گھڻي کان گھڻي تلبيھ پڙھندا رھو

    مڪي شريف پھچڻ
    ذوق شوق، عظمت و محبت ۽ عاجزي سان لبيڪ پڙھندا ۽ دعائون گھرندا مڪي جي شھر ۾ داخل ٿيو.

    حرم پاڪ جي حاضري
    وضو ڪري حرم ۾ وڃو.
    جڏھن مسجد حرام ۾ داخل ٿيو ته دل سان وڏي ادب مان پھرين سڄو پير رکو ۽ ھي دعا گھرو
    بسم الله واصلواة والسلام علي رسول الله
    رب اغفرلي ذنوبي وفتح لي ابواب رحمتڪ
    ان کانپوءِ اعتڪاف جي نيت ڪريو: ”اي الله! آئون جيتري دير ھن مسجد ۾ رھان، اوتري دير جي لاءِ اعتڪاف جي نيت ڪريان ٿو“. ان بعد بنا ڪنهن کي تڪليف ڏيڻ جي اڳتي وڌو.
    خانه ڪعبي تي نظر پوڻ سان ٽي دفعا الله اڪبر ۽ ٽي دفعا لاالله الا الله پڙھي پوءِ دعا لاءِ ھٿ کڻو ۽ درود شريف جي چڱي طرح دعا گھرو، ڇو جو دعا جي قبوليت جو ھي خاص موقعو آھي.

    طواف جي تياري
    باوضو ھجڻ ضروري آھي، تلبيھ پڙھڻ بند ڪريو.
    مرد ماڻھو اضطباع ڪن (يعني ساڄو ڪلھو چادر مان ڪڍي ڇڏين).
    ھاڻ حجر اسود يا اُن جي سڌائي ۾ فرش تي ٺھيل ڪاري پٽي جي کاٻي پاسي بيھي خانه ڪعبي ڏي منهن ڪري طواف جي نيت ڪن.
    ”اي الله! آئون تنهنجي رضا لاءِ عمري جي طواف جي نيت ڪريان ٿو، تون ان کي مون لاءِ آسان ڪر ۽ قبول فرماءِ“.
    نيت بعد ٿورو اڳيان رڙھي ڪاري پٽي تي اچو ۽ ٻئي ھٿ ڪنن تائين آڻي ھي چئو:
    ”بسم الله، الله اڪبر، و لله الحمد“ ۽ ھٿ ڇڏي ڏيو، پوءِ ان ئي ھنڌ تي بيٺي بيٺي ٻيو دفعو بسم الله الله اڪبر، و لله الحمد چوندي حجر اسود جو استلام ڪريو يا استلام جو اشارو ڪري پنهنجا ھٿ چُمو.

    طواف شروع
    استلام کانپوءِ ساڄي پاسي مڙي طواف شروع ڪريو.
    (ھدايت: حجر اسود، رڪن يماني ۽ ملتزم تي خوشبوءِ لڳل ٿئي ٿي، ان ڪري احرام جي حالت ۾ انهن کي ھٿ نه لڳايو نه ته دم وغيره جو خطرو آھي). حجر اسود کي استلام يا اشاري وقت کان علاوه طواف دوران خانه ڪعبه ڏي منهن يا پٺ ڪرڻ جائز نه آھي. ان جو خاص خيال رکو.

    رمل
    طواف جي پھرين ٽن چڪرن ۾ ننڍن ننڍن قدمن سان ڪجهه تکو تکو ھلڻ کپي. باقي چار چڪر عام طرح ھلجي، عورتن کي رمل ڪرڻو (تکو تکو ھلڻ) ناھي.

    طواف ختم
    ست چڪر پورا ٿيڻ تي حجر اسود جو اٺون دفعو استلام يا اشارو ڪري طواف ختم ڪجي ۽ ھاڻ ٻنهي ڪلھن کي چادرن سان ڍڪي ڇڏجي.

    ملتزم
    ھاڻ ملتزم تي وڃڻ به افضل آھي پر جيئن ته اڄڪلهه اتي خوشبو لڳل رھي ٿي. ان ڪري احرام جي حالت ۾ اوڏانهن نه وڃجي يا ڪجهه پري کان بيھي دعائون گھرجن.

    مقام ابراھيم
    ھاڻ مقام ابراھيم جي پٺيان مٿو ڍڪڻ بنا ٻه دڪعتون واجب طواف ادا ڪريو ۽ دعا گھرو

    زم زم پيئڻ
    زم زم جو پاڻي پيئو ۽ دعا گھرو.
    ”اڄ الله آئون تو کان فائدو ڏيڻ وارو علم، ڪشادو رزق ۽ ھر بيماري کان شفا گھران ٿو“.

    نائون استلام
    ھاڻ سعي ڪرڻ لاءِ ھڪ دفعو وري حجر اسود جو استلام يا اشارو ڪريو ۽ صفا ڏي روانا ٿيو. سعي باوضو سنت آھي.

    صفا کان سعي تائين جي شروعات
    صفا تي پھچي سعي جي نيت ڪريو:
    ”اي الله! آئون تنهنجي رضا خاطر صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي (ست ڦيرا ڪرڻ) جو ارادو ڪيان ٿو. تون ھن کي مون لاءِ آسان فرماءِ ۽ قبول فرماءِ.
    پوءِ الله جي حمد و ثنا بيان ڪري ھٿ کڻي ڪعبي ڏي منهن ڪري دعا گھرو.
    مروه ڏي روانگي صفا تان لھي مروه ڏي ھلو. ساون ٿنڀن / بتين جي وچ ۾ ڊوڙ پائي لنگھو (عورتون پنهنجي عام رفتار سان ھلن) صفا ۽ مروه جي وچ ۾ گھڙڻ لاءِ ھڪ مسنون دعا آھي:
    رب اغفر وارحم انڪ انت الاعز الاڪرام.

    مروه تي پھچي
    مروه تي پھچي قبلي ڏي منهن ڪري وري دعا گھرو. اھو ھڪڙو چڪر ٿيو. ٻيو صفا تي ٽيون مروه تي.

    سعي جو مڪمل ٿيڻ
    اھڙي طرح ستون چڪر مروه تي پورو ٿيندو. ياد رھي ته ھر چڪر ۾ مردن کي سائي رنگ جي ٿنڀن / بتين جي وچ ۾ ڊوڙڻو آھي پر عورتن کي نه.

    نفل شڪرانه
    جيڪڏھن مڪروه وقت نه ھجي ته شڪراني جا ٻه نفل حرم ۾ ادا ڪريو.

    حلق يا قصر
    عمري جو آخري ڪم وار ڪوڙائڻ آھي. مردن کي ٺوڙهه ڪرائڻ کپي ۽ عورتن کي آڱر جي ڳتري جيترا وار قئنچي سان ڪترائڻ کپن (ان بابت تفصيل سان حج واري ڪتاب ۾ پڙھي سگھي ٿو يا ڪنهن ديني عالم کان پڇي سگھو ٿا).
    حلق يا قصر بعد عمرو مڪمل ٿيو وڃي ۽ احرام جون پابنديون ختم ٿيو وڃن. احرام (چادرون) لاھي عام ڪپڙا پائڻا آھن.

    نفلي طواف
    مٿيون طريقو سڄي عمري جو آھي. ان بعد فقط طواف ڪرڻ ۾ احرام ضروري ناھي ۽ توھان خوشبو لڳائي سگھو ٿا ۽ حجر اسود، ملتزم، رڪن يماني وغيره کي ھٿ سان ڇھي سگھو ٿا. جن تي (خوشبو لڳل ٿئي ٿي) ۽ ان طواف (جنهن کي نفلي طواف سڏجي ٿو) ۾ رمل ۽ اضطباع نٿو ٿئي ۽ ان طواف کانپوءِ سعي به نه آھي.


    حج جو طريقو

    (قدم بقدم)

    عمرو ته ڪنهن به وقت ڪري سگھجي ٿو پر حج سال ۾ فقط ھڪ دفعو 8 ذوالحج کان 12 ذوالحج تائين ٿئي ٿو.

    8 ذوالحج ـ پھريون ڏينهن
    حج جي تياري
    اٺين8 ذوالحج تي منيٰ وڃڻ جي تياري مڪمل ڪريو. يعني ٻه ٽي ڏينهن اتي رھڻ لاءِ چادر، وھاڻو، ڪجهه کاڌي جو سامان، جاءِ نماز، دوائون وغيره ٿيلھي ۾ ٺاھي رکو. ڌوپ ڇٽي ۽ پاڻي لاءِ پلاسٽڪ جو ٿرماس پڻ کڻو.

    احرام جي تياري
    حجامت، غير ضروري وارن جي صفائي ۽ ننهن وغيره ڪترڻ بعد احرام جي نيت سان غسل ڪريو يا رڳو وضو ڪريو.

    احرام جون چادرون
    مرد ماڻھو ھڪ سفيد چادر گوڏ طور ٻڌن ۽ ٻي مٿان اوڙھين. بوٽ لاھي چپل پائين، عورتون پنهنجي ڊريس ۾ رھن، مٿي کي چڱي طرح ڍڪين، جيئن ھڪ وار به نظر نه اچي.

    نفل نماز
    مڪروه وقت نه ھجي ته مرد حرم شريف ۾ اچي احرام جي نيت سان ٻه رڪعتون نفل مٿو ڍڪي ادا ڪن ۽ عورتون ھي نفل گھر ۾ ئي پڙھن.

    نيت ۽ تليبه
    نفل بعد مٿو اگھاڙو ڪري ھن طرح نيت ڪن:
    ”اي الله آئون حج جي نيت ڪريان ٿو / ٿي، ان کي منهنجي لاءِ آسان ڪر ۽ قبول فرماءِ آمين“ ۽ پوءِ يڪدم ٽي دفعا لبيڪ (تلبيه پڙھجي)

    احرام جي پابندي
    تلبيه پڙھڻ سان احرام جون پابنديون شروع ٿيو وڃن ٿيون. انهن پابندين جو تفصيل حج جي ڪتابن ۾ پڙھي سگھجي ٿو.

    منيٰ ڏي روانگي
    اٺين8 ذوالحج جي سج اڀرڻ کانپوءِ ڪنهن وقت به منيٰ روانو ٿي سگھجي ٿو، جيئن ظھر نماز تائين پھچي وڃجي. رستي تي گھڻي کان گھڻي تلبيه ۽ ٻيون تسبيحون پڙھجن.

    منيٰ ۾
    منيٰ ۾ اھو ڏينهن ۽ رات رھڻي پوندي آھي ۽ انهي عرصي دوران ظھر، عصر، مغرب، عشاءِ ۽ نائين ذوالحج جي فجر (پنج نمازون) اتي پڙھجن.


    9 ذوالحج ـ حج جو ٻيو ڏينهن
    عرفات روانگي
    نماز فجر منيٰ ۾ ادا ڪري تڪبير تشريق چئجي، لبيڪ پڙھجي ۽ تياري ڪري سج جي زوال تي عرفات پھچي وڃجي.

    غسل
    غسل ڪريو، نه ته رڳو وضو ڪريو ۽ ماني ٽڪي کان واندو ٿي ڪجهه دير آرام ڪريو.

    وقوف عرفات
    سج جي زوال ٿيڻ تي وقوف شروع ڪريو ۽ شام تائين لبيڪ پڙھي دعائون پڙھو، توبه استغفار ڪريو ۽ چوٿون ڪلمو پڙھو. وقوف بيھي ڪرڻ افضل آھي پر ويھي ڪرڻ به جائز آھي.

    ظھر ۽ عصر جي نماز
    ظھر جي نماز ظھر جي وقت ۽ عصر جي نماز عصر جي وقت اذان ۽ تڪبير سان باجماعت ادا ڪريو.

    مزدلفه روانگي
    جڏھن عرفات تي سج لھي وڃي ته مغرب جي نماز پڙھڻ بنا، ذڪر و تلبيه ڪندو، مزدلفه روانو ٿجي.

    مغرب ۽ عشاءِ جي نماز
    مزدلفه ۾ مغرب ۽ عشاءِ جي نماز ملائي عشاءِ جي وقت ۾ ادا ڪريو، ٻنهي نمازن لاءِ فقط ھڪ ٻانگ ۽ ھڪ اقامت چئي وڃي. پھرين مغرب جي فرض نماز باجماعت ادا ڪريو، پوءِ تڪبير، تشريق ۽ لبيڪ چئو ۽ ان کانپوءِ يڪدم عشاءِ جو فرض باجماعت ادا ڪريو، ان کانپوءِ مغرب جون ٻه سنتون ۽ پوءِ عشاءِ جون ٻه سنتون ۽ وتر پڙھو.

    ذڪر ۽ دعا
    ھي تمام گھڻي ڀاڳن واري رات آھي. جنهن ۾ ذڪر، تلاوت، درود شريف پڙھو، لبيڪ پڙھو ۽ گھڻي کان گھڻيون دعائون گھرو ۽ ڪجهه دير لاءِ آرام به ڪريو.

    پٿريون
    پنجاهه کن چڻن جيڏيون پٿريون چونڊي پاڻ وٽ رکو، جو ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ اھي شيطانن (جمرائن) کي ھڻڻيون آھن.

    نماز فجر ۽ وقوف
    صبح ٿيڻ تي اذان ڏئي فجر نماز پڙھي وقوف ڪريو، يعني ڪجهه دير لاءِ بيھي دعائون ۽ توبه استغفار ڪريو.

    منيٰ ڏي موٽڻ
    سج نڪرڻ تي منيٰ ڏي روانو ٿجي.

    10 ذوالحج ـ حج جو ٽيون ڏينهن

    جمرة عقبيٰ جي رمي
    منى پھچي جمرة العقبه (وڏي شيطان) تي ست پٿريون ھڪ ھڪ ڪري ھڻجن (گھڻي رش ڪري جان جو خطرو ھجي ته پٿريون شام جو يا رات جو ھڻڻ مناسب آھي).

    تلبيه بند
    جمرة العقبه کي پٿريون ھڻڻ سان ئي لبيڪ چوڻ بند ڪريو ۽ رمي (پٿريون ھڻڻ) بعد دعا لاءِ نه ترسو ۽ پنهنجي جاءِ تي ھليا اچو. ان کانپوءِ قرباني ڪريو.

    قرباني
    قرباني لاءِ ٽي ڏينهن مقرر آھن. 10، 11 ۽ 12 ذوالحج. ڏينهن جو رات جو جڏھن چاھيو قرباني ڪري سگھو ٿا. 11 ذوالحج تي قرباني ڪرڻ اڪثر سولي رھندي آھي جو رش گھٽجيو وڃي. قرباني پاڻ ڪجي يا ڪنهن اعتبار جوڳي ماڻھو کان ڪرائجي.

    حلق يا قصر
    قرباني مان فارغ ٿي مرد مٿي جا سڀ وار ڪترائي ۽ عورتون آڱر جي پوري کان ڪجهه وڌيڪ سڄي چوٽي جا ايترا وار ڪترين جو گھٽ ۾ گھٽ مٿي جي چوٿين حصي جيترن وارن جي ڪترڻ جي پڪ ٿي وڃي.

    طواف زيارت
    ھاڻ مڪي اچي طواف زيارت ڪريو. ان جو وقت ڏھين ذوالحج کان ٻارھين ذوالحج سج لھڻ تائين آھي. ڏينهن جو يا رات جو جڏھن چاھيو طواف ڪري سگھو ٿا. طواف زيارت جو اھو ئي طريقو آھي، جيڪو عمري جي طواف جو آھي، طواف ۾ باوضو ھجڻ ضروري آھي.

    حج جي سعي
    ان کانپوءِ سعي (يعني صفا ۽ مروه جي وچ ۾ ست ڦيرا) ڪيو.

    منيٰ واپسي
    سعي مان واندا ٿي مڪي کان منيٰ پنهنجي تنبوءَ ڏي موٽي اچو ۽ رات منيٰ ۾ ئي گذاريو.

    11 ذوالحج ـ حج جو چوٿون ڏينهن

    جمراة (شيطان) جي رمي (پٿريون ھڻڻ)
    يارھين تاريخ سج جي زوال کانپوءِ ٽنهي جمراة (شيطانن) تي ست ست پٿريون ھڻڻيون آھن. عمومًا سج لھڻ کان ٿورو اڳ ۽ رات جو رمي ڪرڻ آسان ٿئي ٿو.

    دعا گھرو
    جمرة اوليٰ (ننڍي شيطان) تي ست پٿريون ھڻي ٿورو اڳيان وڌي قبلي ڏي رخ ڪري ھٿ کڻي الله جي حمد و ثنا ڪري، جيڪو دل ۾ اچي دعا گھري سگھو ٿا.

    دعا گھرو
    ان کان پوءِ جمرة وسطى (وچئين شيطان) کي ست پٿريون ھڻي قبلي طرف منهن ڪري رب پاڪ جي حمد و ثنا ڪرڻ بعد ڪا به دعا گھري سگھو ٿا.

    دعا نه گھرو
    ان کانپوءِ جمرة عقبيٰ (وڏي شيطان) کي ست پٿريون ھڻو ۽ رمي کانپوءِ بنا دعا گھرڻ جي پنهنجي جاءِ ـ يعني تنبو ۾ پھچي وڃو.

    12 ذوالحج ـ حج جو پنجون ڏينهن

    جمراة جي رمي
    حج جي پنجين ڏينهن (يعني 12 ذوالحج) تي ٽنهي شيطانن جي رمي (پٿريون) ائين ھنيون وينديون آھن، جيئن چوٿين ڏينهن (يعني 11 ذوالحج) تي. آخر ۾ جمرة عقبه (وڏي شيطان) کي پٿريون ھڻڻ بعد دعا نه گھرجي ۽ ان بعد حاجين جي مرضي تي آھي ته منيٰ ۾ وڌيڪ رھن يا موٽي مڪي اچن.

    طواف وداع
    حج بعد جڏھن مڪي شريف کان واپس وطن موٽڻ جو ارادو ٿئي ته طواف وداع واجب آھي. (ھن طواف جو طريقو نفل طواف وانگر آھي).


    مڪي ۾ رڌ پچاءُ ۽ ٻيون ڳالھيون

    ڪراچي ڇڏڻ کان اڳ اسان جي گروپ ۾شامل ھڪ ھمراهه جيڪو ھن کان اڳ به عالمگير مسجد وارن جي ھڪ گروپ سان گڏ حج ڪري چڪو ھو، تنهن ٻڌايو ته حج تي عالمگير گروپ وارا کاڌي پيتي جو بندوبست ڪن، ھتان ٿانوَ ٿپا کڻي ھلن ۽ مسواڙ تي جايون به اھڙيون ڪن، جن ۾ رڌ پچاءَ جو بندوبست ھجي . پوءِ ڀلي ان جي مسواڙ ڪجهه وڌيڪ ھجي.
    مون کي ان ڳالهه تي يقين نه ٿي آيو ۽ نه اھا Idea مون کي پسند ھئي. ڳوٺ جي حاجين کان ٻڌو ھوم ته مڪي ۾ ھزارين ھوٽلون آھن. ھر گھٽي ۾ انيڪ ھوٽلون آھن. ھر ملڪ جي ٽيسٽ جي کاڌن جون ۽ پاڪستاني قسم جي ننڍين وڏين ھوٽلن جو ته ڪو ڪاٿو ئي ناھي. پوءِ ڀلا پاڻ پچائڻ جي ڇو تڪليف ڪجي ۽ وقت برباد ڪجي. خاص ڪري مون لاءِ ته اھا ڳالهه بنھ فائدي ۾ نه ھئي ته ٻوڙن جا ھنڊا پيا چڙھن ۽ ان لاءِ روز مارڪيٽ ۾ گوشت مڇي، بصر، پٽاٽا ۽ مصالحا پيا خريد ڪجن ۽ رڌ پچاءَ تي وقت وڃائجي. ڪيترا اھڙا ماڻھو آھن، جن کي جيسين روز رس وارو پاڪستاني اسٽائيل ٻوڙ نه ملي، تيسين ھنن جو گذر نه ٿو ٿئي ۽ پوءِ ان ڪري پرديس ۾ مليل نوڪريون به ڇڏيو اچن. ڪيترا اسان جا جھاز ھلائڻ وارا فارين جھازن تي نوڪري ان ڪري نه ٿا ڪن جو اتي کين کائڻ لاءِ ٻوڙ ماني نه ٿو ملي پر مون لاءِ ته ٻوڙ ماني کان وڌيڪ ڊبل روٽيون، سئنڊوچ، کير جو گلاس، بيضو آمليٽ جھڙيون شيون صحيح آھن ۽ مڪي جي ھوٽلن ۾ ته ٻوڙ ماني به ملي ٿي.
    ڪجهه سال اڳ جڏھن آئون ھڪ عرب دوست جي گھر مديني رھيل ھوس ته گھر ۾ ماني کائڻ بدران مسجد نبوي ھليو ويندو ھوس ،جنهن جي ٻاھران پاڪستاني ھوٽلن وارا اڦراٽا ۽ پوريون ٺاھي وڪڻي رھيا ھئا. ملئي ۽ انڊونيشي ماڻھو مي گورينگ (ٻوڙ جي رس ۾ فراءِ ٿيل سيويون) ۽ مرتباڪ (قيمي وارو افراٽو) ٺاھي وڪڻي رھيا ھئا. بنگالي ھوٽلن وارا پنهنجي نموني جو کاڌو ته ڏکڻ ھندستان جا تامل پنهنجي سواد جو کاڌو وڪڻندي نظر آيا. آئون پنهنجي مرضي سان نه فقط کاڌو کائي پر انهن ملڪن جون يادون جن ۾ مون زندگي جا ڪيترا ڏينهن گذاريا، ڌيان ۾ آڻي خوش ٿيندو ھوس، دڪاندارن سان بنگالي يا ملئي زبان ۾ڳالھائي پنهنجائپ محسوس ڪندو ھوس ۽ ھينئر به مون ان قسم جي آزادي چاھي ٿي ٿا. پنهنجي مرضي جو کاڌو ،پنهنجي وقت تي بنا ٽائيم ضايع ڪرڻ جي. پر ائين ٿي نه سگھيو. پنهنجي گروپ جي سامان ۾ ٿانوَ ٿپا ۽ ديڳڙا ھنڊيون ڏسي سمجھي ويس ته اھا شيءِ مرضي جي خلاف رھندي. اھا ٻي ڳالهه آھي ته گروپ جي حيثيت ۾ ميجارٽيءَ جو خيال رکڻو پوندو ۽گروپ ليڊر جو حڪم مڃڻو پوندو پر ان ھوندي به مون کي اميد ھئي ته ٿي سگھي ٿو مڪي پھچي Choice پڇي وڃي ته ڪير ھتي کائڻ پسند ڪندو، ڪير ٻاھر پنهنجو کائيندو. مون کي پنهنجي گروپ ۾ ھڪ ھم خيال ڊاڪٽر شفيق ملي ويو، جيڪو آمريڪا ۾ 6 سال رھي اعليٰ تعليم حاصل ڪري، حج جي فارم ڀرڻ وارن ڏينهن ۾ ڪراچي پھتو ھو. ھن جو به اھو ئي ٿي چاھيو ٿي ته کاڌو ٻاھر کائجي پر مڪي پھچي گروپ ليڊر گھر ۾ پچائڻ لاءِ چيو، جنهن کي تقريبن سڀني خوشي سان قبول ڪيو ۽ اسان ٻئي ڄڻا چپ ٿي وياسين. مون ڪجهه مريل مريل آواز ۾ ڀڻڪيو ته ان سان ته وقت برباد ٿيندو.
    ”نه، ان سان پاڻ وقت بچندو. اسان مان ھرھڪ تي ٻارھن ڏينهن ۾ فقط ھڪ دفعو رڌ پچاءَ جو وارو ايندو“. منهنجي ڀرسان ويٺل چوڌري مھتاب نالي ھڪ بزنس مئن چيو، جيڪو ههڙن گروپن سان ڪيترائي حج ڪري چڪو ھو ۽ آئون چپ ٿي ويس. پوءِ ڏينهن ٻن ۾ ئي احساس ٿي ويوته ھي واقعي بهترين طريقو آھي. مديني ۾ ھوٽل ۾ کائڻ جي ڳالهه جيڪا مون مٿي لکي آھي، اھا انهن پنجن ڏينهن جي آھي، جن ۾ مديني ۾ ھڪ به حاجي نه ھو ۽ ھو حج لاءِ منى، مزدلفه، عرفات ۽ مڪي ۾ ھئا. ھوٽل وارا واندا ويٺا ھئا. تڏھن ويٺي ڪچھريون ڪيائون ۽ ھاڻ اھا حالت ھئي جو پئسا به اڳواٽ ڏيڻا پيا ٿي. اڌ ڪلاڪ کن قطار ۾ به بيھڻو پيو ٿي، پوءِ به شيءِ صحيح نه ٿي ملي، جنهن وقت وڃ ھوٽلن اڳيان رش. ھوٽلون کڻي سوين ھيون پر حاجي به ته لکين ھئا. عرب دنيا جا مشھور ”شوارما“ جيڪي مديني ۾ (حج وارن ڏينهن ۾ جڏھن اتي حاجي موجود نه ھئا) ۽ ينبع ۽ جدي ۾ کاڌا ھئم. انهن جو نالو نشان ئي نه ھو، شوارما ٺاھڻ وارو ڊگھي بن کي ڪٽي تئي تي چڱي طرح سيڪي پوءِ وچ ۾ پڪل گوشت جا ڪيترا پترا رکي ڪيچ اپ ۽ ساس وجھي ڏيندو ھو ۽ ھاڻ پئسا ڏيڻ، قطار ۾ بيھڻ بعد جيڪو شوارما مليو ٿي، ان جي ڊبل روٽي مان ڪچي اٽي جي بوءِ ٿي آئي ۽ گوشت جا سنها ڇلر رکي بنا ڪيچ اپ جي ائين ڏنو ويو ٿي، ڄڻ دڪاندارن احسان ٿي ڪيو. وٺو نه وٺو نه ته ٻيا خريدار کوڙ.
    اھو ئي حال چانھن جي دڪان تي ٿيو، توھان ڀلي رڙيون ڪندا رھو ته کنڊ گھٽ يا گھڻي، کير گھٽ يا گھڻو پر مجال آھي جو دڪاندار ٻڌي. جنهن نموني سان وڻيس ھو توھان کي چانهن ڏئي. بلڪه گھڻي رش ڪري پاٺي جي گلاسن ۾ کير کنڊ ۽ چانهن جي پڙي اڳھين وڌي ويئي ٿي. پوءِ گلاس ۾ گرم پاڻي وجھي ڏنو ويو ٿي. چانهه ٺاھيندڙ بنگالي نوڪر کي چيم ته کنڊ ته ڪجهه ڪڍ، آئون ايتري مٺي چانهن نه پيئندو آھيان.
    ”مون کي ڪو وقت آھي“ بنگالي نوڪر بيرخيءَ ۽ اٻهرائي مان ڳالھايو، ”جو توھان لاءِ اسپيشل چانهن ٺاھيان. مٺي گھٽ پيئندا آھيو ته کنڊ کي کڻي گھٽ گھمايو.
    آئون سندس منهن ڏسندو رھيس. يارو بنگالي بيحد غريب ۽ ھيسيل رھن ٿا پر ھتي جي دڪانن ۾ ھنن کي توھان نرالو پائيندائو. ان ۾ ھنن جو به ڏوهه ناھي. دڪان جا عرب مالڪ يا ڪفيل ھنن کي گھڻي کان گھڻو پئسو ڪمائي ڏيڻ لاءِ چون ٿا ۽ فجر نماز کان وٺي آڌي رات تائين ھنن کي بيٺي پير شين جو وڪرو ڪرڻو پوي ٿو ۽ گراھڪن کي سڏڻ ۽ ڌيان ڇڪائڻ لاءِ رڙيون ڪرڻيون پيون ٿي. اڻ پوري ننڊ، خوراڪ ۽ پگھار ڪري ھنن جا ھوش خطا رھن ٿا ۽ نفسياتي مريض ٿيو پون.
    بهرحال جلد ئي مون محسوس ڪيو ته اسان جو رڌ پچاءَ وارو سسٽم سٺو آھي، جنهن ھر وقت چانھن ۽ ڪافي پيئندا رھون ٿا، سا به پنهنجي ٽيسٽ ۽ نموني جي ھڪ اليڪٽرڪ ڪيٽل به رکي وئي ھئي، جنهن ۾پاڻي يڪدم بوائل ٿي ويو ٿي ۽ ڪوپ ۾ ڪافي يا چانهن جي ٿيلھي وجھي چانهن ٺاھي ورتي ٿي يا پتيليءَ ۾کير، کنڊ ۽ چانهن جي پتي وجھي پٺاڻن واري دود پتي چانهن ٺاھي وئي ٿي. اسان جي ڏنل ٻه ٻه سئو ريالن جي ڦوڙيءَ مان گروپ جي ليڊر ھر شيءِ وٺي ڪچن جا ڪٻٽ ۽ فرجون ڀري رکيون ھيون. ڪوڪا ڪولا، سيون اپ ۽ ڪيترن ئي Juices جا ڪريٽ، کير جا دٻا، جئم، مکڻ، ماکي، پنير وغيره. صبح جو روزانو ڊبل روٽي ۽ خبز (نان) گھرايا ويندا ھئا، جنهن کي جنهن وقت نيرن وڻي ڪري ۽ جيڪا شيءِ پسند اچيس اھا کائيندو رھي. ڪنهن تي جھل پل نه ھئي. ڪيلو، اورينج ۽ صوفن جا ٻه کوکا گھرائي رکيا ويا ھئا. منجھند جي ماني ۽ رات جي ماني گڏ ويھي کائيندا ھئاسين. روزانو ھر ويلي تي ٻارھن کن ڪڪڙين جو ٻوڙ رڌبو ھو ۽ نان، ڊبل روٽي يا چپاتيون ڊيوٽي وارو ھمراهه ٻاھران وٺي ايندو ھو، جنهن جا پئسا مقررڪيل خزاني کان وٺبا ھئا. ڪنهن ڏينهن چانور به رڌيا ويندا ھئا. ڪڪڙين (Frozen Chickens) جا به يڪا کوکا وٺي ڊيپ فريزر ڀريا ويا ھئا. مرچ مصالحو به اڳواٽ ھول سيل ۾ ورتو ويو ھو. تنهن ھوندي به روزانو ڊيوٽي وارا ٻه مرد عورتن کان پڇا ڪندا ھئا ته ڪھڙي شيءِ جي ضرورت پوندي، جيڪا ٻاھران وٺي صبح سوير پھچائبي ھئي ۽ اھي ڏھين يارھين تائين ٻوڙ رڌي وٺنديون ھيون. ظھر نماز کانپوءِ ڊيوٽي وارا مرد ماني وٺي ايندا ھئا ۽ ڏيڍ بجي ڌاري مرد پنهنجي فليٽ جي ڊرائنگ روم ۾ ۽ عورتون پنهنجي فليٽ جي ڊرائنگ روم ۾ پٽ تي غاليچي مٿان پلاسٽڪ وڇائي ماني کائيندا ھئاسين. ماني بعد گروپ جو ليڊر ايندڙ ڏينهن جي پروگرام بابت ٻڌائيندو ھو ته سڀاڻي مڪي جي اوس پاس جون زيارتون ڏسڻ لاءِ بس جو بندوبست ڪيو ويو آھي. فلاڻي ٽائيم تي سڀ تيار ھجن يا ڪا ٻي ڳالهه ھوندي ھئي ته ان جو اعلان ان وقت ٿيندو ھو. ان بعد ”تعليم“ ٿيندي ھئي، جنهن ۾ گروپ جو ليڊر احسان الاھي شيخ يا حافظ قرآن سعيد احمد حج بابت ڪنهن عنوان تي ليڪچر ڏيندو ھو يا قرآن مجيد جي ڪنهن سورت جو تفسير يا حديث ٻڌائيندو ھو . ان بعد ڪلاڪ کن آرام ڪري پوءِ عصر جي نماز تي ويندا ھئاسين.
    رات جي ماني سومھڻي (عشاءِ جي نماز بعد نائين بجي ڌاري ٿيندي ھئي. رات جي ماني بعد جن جي کاڌي جي ٻئي ڏينهن ڊيوٽي ھوندي ھئي. اھي زناني فليٽ تان معلوم ڪندا ھئا ته سڀاڻي جي ماني لاءِ ڪنهن شيءِ جي ضرورت ته نه آھي، جيئن ھو رات جو ئي وٺي اچن يا ٻئي ڏينهن صبح جو فجر نماز کانپوءِ اڪثر ڪجهه شين جي کوٽ ٿيندي رھندي ھئي. جيئن ته ڌورو کپي، سلاد، اچار، بصر، ٽماٽا، ڌاڻا، ڦودنو، پڪوڙن لاءِ بيسڻ کپي وغيره وغيره. روزاني ڪڪڙ جو ٻوڙ ٺھندو ھو . ھڪ يا ٻه دفعا ٻاڪرو رڌيو ويو پر شايد گھڻن کي پسند نه آيو. آخري ڏينهن ڌاري ڪيترن دانهون ڪيون ته روز روز ڪڪڙ کائي ٿڪجي پيا آھيون. ڀاڄي به رڌجڻ کپي پوءِ خبر پئي ته ڀاڄي رڌڻ لاءِ ڀاڄي جي ڇلڻ کان ھر عورت ڀڄي ٿي. ڪڪڙيون ته اڳھين ڇليل آھن، رڳو ڪات سان ننڍا ٽڪر ڪيا وڃن ٿا، جيڪو ڪم ڊيوٽي وارا مرد ڪن ٿا، پنهنجن منهن اسان ٻن ٽن ڄڻ شروع وارن ڏينهن ۾ شڪايت ڪئي ته ائين ڪرڻ سان کاڌي پيتي تي تمام گھڻو خرچ ايندو پر پوءِ خبرپئي ته جنهن مارڪيٽ مان ۽ جنهن ھول سيل اگهه تي ھي اسان جا گروپ وارا خريداري ڪن ٿا، تمام سستو پوي ٿو، اسان واري سڃاڻي اسرار الحق مون کي جيتوڻيڪ ان بابت پھريون ڏينهن تي ٻڌايو ھو ته پاڻ سان گڏ ستر سيڪڙو اھڙا آھن، جن جو واسطو تجارت سان آھي. ھو ڪيترا عمرا ۽ حج ڪري چڪا آھن. انهن کي ائين گڏ ۾ کاڌو ڪرڻ ۾ ضرور فائدو نظر آيو ھوندو، نه ته ھو ٻاھر ھوٽلن تي ئي کائين ھا.
    ۽ پوءِ منهنجي واري اچڻ تي جنرل راشن جون ڪيتريون ئي شيون ختم ٿي چڪيو ن ھيون ۽ اسان کي گروپ جي ليڊر ٻه اڍائي ھزار کن ريال ڏنا ته مڪي کان ٻاھران گوشت ۽ فروٽ مارڪيٽ مان سامان وٺي اچو. مون سان گڏ ڊيوٽي گلزار جي ھئي پر اسرار کي به پاڻ سان کنيوسين. سعودي ٽي وي تي ھڪ پاڪستاني ھمراهه عبدالشڪور ڪم ڪري ٿو، جيڪو گذريل ويھارو سالن کان ھتي آھي ۽ اسان جي گروپ ليڊر جو واقف آھي. اھو پڻ اسان سان ھليو. بلڪه ھن کي اسان ساڻ کنيو جو ھتي جو واقف آھي ۽ عربي به سٺي اچيس ٿي. ھو اسان کي ھتان ھتان ڦيرائي ھڪ روڊ تي اچي پھتو، جتان ٽئڪسيون ۽ پرائيويٽ ڪارون مسافر کڻن ٿيون. ان مارڪيٽ ۾ وٺي ھلڻ لاءِ ھڪ ڪار وارو ٻارھن ريالن ۾راضي ٿي ويو. مڪي شھر جي رستن تان حج لاءِ آيل ماڻھن جي درياهه مان ڪار ڪڍي شھر جي ٻاھر پھتو ۽ پوءِ جلد ئي شھر جون عمارتون ختم ٿي ويون ۽ نانگ وانگر پڪا ڏامر جا ڪارا رستا ھئا يا ڪارن لسن پٿرن وارا پھاڙ ۽ پوءِ وڏيون گدامن جھڙيون عمارتون نظر آيون، اھي کاٻي پاسي ھيون. ان ڪري ڪار وارو ھڪ ھنڌان مڙي وري شھر ڏي ايندڙ رستي تي آيو ۽ اسان کي انهن عمارتن وٽ ڇڏيو. سعودي عرب ۾ آمريڪا وانگر رائيٽ ھئنڊ ڊرائيور آھي، يعني رستي جو ساڄو پاسو وٺي ھلڻ ۽ ڪارين بسن ۾ ڊرائيونگ ويل کاٻي پاسي ٿئي. اسان وٽ پاڪستان انڊيا، ملائيشيا وغيره ۾ ان جي ابتڙ آھي جو اسان برٽش سسٽم فالو ڪريون ٿا.
    اھي عمارتون جتي اسان خريداري لاءِ لٿاسين، ھتي جي ھول سيل مارڪيٽ (سبزي منڊي نموني) جي ھئي، جتي ھر قسم جي شيءِ لاءِ الڳ الڳ حصو ھو. ميوي لاءِ الڳ جتي دنيا مان ايندڙ ھر قسم جي ميوي جا کوکا رکيا ھئا. ويندي آسٽريليا، نيوزيلينڊ جو Kiwi فروٽ، وچ آمريڪا ۽ فلپين ڪو ڪيلو، مصر ۽ موراڪو جا سنگتڙا، فلوريڊا آمريڪا جا صوف وغيره. پاڪستان جا ڪينو به ھئا پر افسوس جو ھڪ ته پئڪنگ جا کوکا سادا ھئا. ان ڪري خريدارن جو ان طرف ڌيان گھٽ ھو ۽ ان کان وڌيڪ افسوس جي ڳالهه اھا ته منجھس فروٽ به صحيح قسم جو نه ھو يا شايد پئڪ ڪرڻ وقت باغائين سٺي جنس جو ڪينو وڌو ھجي پر باغن تان ڀر وارن شھرن ۾ انهن شھرن کان ڪراچي يا لاھور جي ھوائي اڏي تي ۽ ھوائي اڏي تان ھوائي جھاز ۾چڙھڻ لاءِ ايڏي ته انگهه ڪئي وئي ھجي، جو ھتي جي مارڪيٽ ۾ پھچندي پھچندي اڌ کان وڌيڪ ميوو پاروٿو ٿي چڪو ھو. دڪاندارن انهن مان جان ڇڏائڻ لاءِ خريدارن کي Discount اگهه تي ٿي ڏنو ته به وٺڻ لاءِ ڪو راضي نه ھو. اسان پنهنجي ملڪ جي شيءِ سمجھي ھڪ کوکو کڻي ورتو پر اسان جي گروپ مان ڪنهن به پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي سمجھي کڻي نه کاڌو.
    ڪُٺل ۽ ٿڌيون ٿيل ڪڪڙين جي مارڪيٽ مان سٺ کن ڪڪڙيون ورتيوسين. ھڪ ڳالهه نوٽ ڪيم ته ان قسم جو فروزن مال ۽ کير وغيره ڊئنمارڪ جھڙن ملڪن کان سعودي عرب ايندو ھو پر ھاڻ سعودي عرب ۾ کير جا به ڪارخانا کلي پيا آھن، جتي بين الاقوامي معيار جو تازو کير پئڪ ٿئي ٿو ته ڪڪڙين جا فارم به. ڪڪڙين جي خوراڪ لاءِ ٻاھران Feed گھرائي اھي ھتي پاليون تاتيون وڃن ٿيون ۽ ھاڻ گھڻي کان گھڻيون شيونProduct of Saudi Arabia آھن. ھڪ ٻي ڳالهه نوٽ ڪيم ته سڄي دنيا ۾ ھيڏي مھانگائي ٿيڻ جي باوجود ھتي ڪيتريون شيون سالن کان ساڳي اگهه تي وڪامن ٿيون.
    اڄ کان پنج ڇهه سال اڳ ينبو سعودي عرب آيو ھوس. تڏھن به شھر جي دڪانن تي سڄي فروزن ڪڪڙ جي قيمت ڇهه ريال ھئي. اڄ کان ويهه سال اڳ جھاز کي سعودي عرب جي اتراھين بندرگاهه دمام وٺي آيا ھئاسين ته ان وقت به اھا قيمت ھئي ۽ اڄ به شھر ۾ سڄي ڪڪڙ جي قيمت ڇهه ريال آھي. اھا ٻي ڳالهه آھي ته اسان کي مھنگي به لڳي ٿي جو اسان جي ملڪ جي خراب حالتن ڪري اسان جي سڪي جي قيمت ڪري پئي آھي ۽ ويهه سال اڳ جيئن ته ھڪ ريال ٽن رپين برابر ھو ته اسان کي 18 رپئي ڪڪڙ لڳندي ھئي ۽ ھاڻ 51 رپئي ريال ٿيڻ ڪري 90 رپئي جي لڳي ٿي پر تنهن ھوندي به ھي ڪڪڙ وڌيڪ سستي ۽ صحتمند آھي ۽ اسان کي ته ھن مارڪيٽ مان ھول سيل جي اگهه ۾ ساڍن چئن ريالن جي پئي ٿي. اھڙي طرح ڪوڪا ڪولا يا سيون اپ جو دٻو جيڪو شھر جي ھوٽلن يا دڪانن ۾ ھڪ ريال جو ملي ٿو. ھن مارڪيٽ مان اڌ ريال کن جو مس ٿي پيو، اھڙي طرح فروٽ، داليون، مصالحا وغيره ھر شيءِ سستي پئي ٿي ۽ آخري ڏينهن تي جڏھن حساب ڪيو ويو ته في ماڻھو جو سڄي ڏينهن جو خرچ ڏهه ريالن کان به ٿورو گھٽ آيو، جنهن ۾ ٽي ويلا ماني کاڌيسين ٿي ۽ فروٽ، کير ۽ چانهيون الڳ، سو ان خيال ۾ اسان جي گروپ ليڊر يا انصار الحجاج (عالمگير مسجد) جي انتظاميا وارن جي عقلمندي چئجي جو ھو ان قسم جي جاين تي گھڻي مسواڙ ضرور ڏين ٿا پر رھائش جي آرام سان گڏ کاڌي پيتي تي گھٽ خرچ ٿئي ٿو ۽ ھرھڪ پرديس ۾ پيٽ ڀري کائي ٿو ۽ وقت به ايترو ضايع نه ٿو ٿئي. جيترو پھرين سوچيوسين. ھر ويلي تي ھوٽل ۾ قطار ٺاھي بيھڻ ۾ وڌيڪ وقت ضايع ٿئي ٿو.
    مٿي ذڪر ڪيل مارڪيٽ مان سامان وٺڻ مھل آئون دڪان جي ٻاھران رکيل ڪرسي تي ويٺو رھيس، مون سان گڏ آيل ھمراھن دڪان اندر گھڙي ضرورت جو سامان ڏسي دخل تي ويٺل سيٺ کي لکائي پئسا ڏنا ۽ بعد ۾ دڪان جي مزورن اسان جو ۽ ٻين گراھڪن جو سامان دڪان اڳيان بيٺل مزدا گاڏين ۾ چاڙھيو ٿي. جيڪي سوزوڪي پڪ اپ ۽ ٽرڪ جي وچ جي سائيز جون ٿيون ٿيون. ھرھڪ دڪان چڱو خاصو سپر اسٽور ھو ۽ اھي دڪان قطار ۾ پري پري تائين ھليا ويا ٿي. دڪانن جي وچ وچ ۾ ڪجهه ڪولڊ اسٽوريج به ھئا جو رکي رکي جدي کان وڏا ٿڌا Refrigerated ڪنٽينر اچي رھيا ھئا. جن مان فروزن ڪڪڙين جا کوکا، سڄيون سڄيون ڪٺل ۽ ٿڌيون (Frozen) ٻڪريون، آئيس ڪريم ۽ مکڻ جا دٻا ۽ ٻيو سامان لھي رھيو ھو، جيڪو سعودي عرب جي مختلف فئڪٽرين جو مال ھو يا وري جدي جي بندرگاهه تان ـ جيئن ته ڪٺل ٻڪريون، رڍون ۽ ڍڳيون پڪ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ کان Refrigerated جھازن ۾ آيون ھونديون. دڪانن جا مزور انهن ڪنٽينرن مان سامان لاھي ڪولڊ اسٽوريج ۾ رکي رھيا ھئا ۽ وري ضرورت پوڻ تي، جيئن اسان کي اٺ ڪڪڙيون جا دٻا کتا ٿي (ھر دٻي ۾ ڏھاڪو کن ڪٺل ۽ ٿڌيون ٿيل ڪڪڙيون ھيون) ته ھنن ڪولڊ اسٽوريج مان ڪڍي اسان جي پڪ اپ ۾ چاڙھيا ٿي. خريدارن ۾ گھڻو ڪري مڪي جي ھوٽلن جا مالڪ ھئا، جن ۾ ڏکڻ ھندستان جا تامل ۽ پنجاب پاسي گھڻا ھئا. انهن کي فئملي ھوٽلون ھيون. يعني ھوٽل جو مالڪ يا ڪفيل کڻي عرب ھو پر ھلائي ھنن ٿي، جنهن ۾ سڄي فئملي ڪم ڪيو ٿي. يعني ڀائرن، ڀائٽين، پيءُ چاچي، وغيره، بنگالين جون به مڪي ۾ ڪافي ھوٽلون لڳن ٿيون، جن بابت انهن ھوٽل وارن خريدارن کان پڇندو رھيس، مون کان به پڇڻ لڳا ته منهنجي به ڪا ھوٽل آھي. وراڻيومان ته بس سمجھو ته اسان جي به ھڪ ھوٽل آھي، جنهن جا پنجاهه کن پرمننٽ گراھڪ آھن ۽ اھڙا چار پنج ٻيا مھمان به روز اچيو وڃن ٿا.
    سامان کڻڻ وارا تقريبن سنڌي ۽ بلوچ ھئا، جيڪي سامان ڍوئڻ دوران سنڌي ۾ ڳالھائي رھيا ھئا ته چرچا ڀوڳ به ڪري رھيا ھئا. اٿڻ مھل ھڪ ٻن کان پڇيم ته ھو ڪٿي جا آھن ته ٻڌايائون ته اتر سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ جا آھن، ھونئن به عربستان جي وارياسين پٽن، گرمين ۽ لوھن لڪن ۾ جيڪب آباد ۽ سکر جا ئي ماڻھو پورھيو ڪري سگھن ٿا پر افسوس جي ڳالهه فقط اھا آھي ته ھتي ڌارين کان جيتري پورھيو ۽ ڪم ورتو وڃي ٿو، اوترو اجورو نه ٿو ڏنو وڃي. ان جي ڄاڻ ۽ فڪر نه عرب مالڪ کي آھي ۽ نه حڪومت کي.
    حڪومت ڪا نئين مارڪيٽ ٺاھي ٿي ته ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ عرب پنهنجن پئسن سان دڪان خريد ڪري ٿو نه ته اسان جي ملڪ جو پئسي وارو واپاري، پنجابي، پٺاڻ، بنگالي، تامل (ڏکڻ ھندستان جا به ڪافي آھن)، ڪنهن عرب جي نالي تي پنهنجن پئسن سان دڪان کولي ٿو، ڇو جو عرب ملڪ ۾ ڪنهن به ڌارئين کي پراپرٽي خريد ڪرڻ جي اجازت ناھي. پوءِ به ڪنهن عرب سان دوست ڪري، دڪان، ھوٽل يا فئڪٽري خريد ڪري ٿو، بلڪه ڪيترن عربن ان کي ڌنڌو ڪري سمجھيو آھي ۽ ھو ڌارين ملڪن جا اھڙا امير ڳوليندا وتن ٿا، جيڪي ھنن جي نالي ۾ ڌنڌو ھلائين ۽ گھر ويٺا بنا سيڙپ جي کين پئسو پھچائين. ڪيترا ته اھڙا به واقعا ٿيا آھن، جن ۾ مڪاني عرب لالچ ۾ اچي يا ڪاوڙ ۾ اچي گھڻي پئسي جي گھر ڪن ٿا. ايترو گھڻو جو وڪڻڻ وارو اصل مالڪ بيزار ٿيو پوي ۽ پوءِ ٺڳي تي لھيو اچي. مال ڪسو ٿو ڏئي، شيءِ مھنگي ٿو ڪري، جيئن پنهنجي ڪفيل کي خوش ڪري سگھي. جنهن طرفان پريشر لڳو رھي ٿو ته گھڻي کان گھڻو پئسو ڏي نه ته دڪان ٻئي جي حوالي ڪري، توکي تنهنجي ملڪ ٿو موڪليان. ڪن حالتن ۾ ته انهن تي ڪوڙا ڪيس ڪري ملڪيت ڦٻايو وٺن. جيڪا ھونئن ئي سندن نالي ٿيل ھوندي آھي. ڌاريون غريب پنهنجي کل بچائي نڪرندو آھي.
    اھڙي صورت ۾ دڪان، ھوٽل، اسٽور ھلائڻ وارو اھا ئي ڪوشش ڪري ٿو ته اھڙو مزور گھرايان، جيڪو غريب ملڪ جو مجبور ۽ بيروزگار ھجي ۽ پنهنجي ملڪ پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش وغيره کان نڪتل مزور اھو سوچي سعوي عرب پھچي ٿو ته اجھو ٿو عربن وٽ پھچي مال ڪمايان جو عرب پئسي وارا آھن ۽ مون کي به عيش ڪرائيندا، پر ھتي پھچي ھن کي پنهنجي ئي ملڪ جي ماڻھو وٽ ڪم ڪرڻو پوي ٿو ۽ موسم ۽ رھڻ جون Conditions سندن ملڪ کان به خراب ملن ٿيون. پاسپورٽ به اھو پنهنجو ملڪ جو شوخ طبيعت وارو سيٺ يا عرب ڪفيل سوگھو ڪريو ڇڏي. ان ڪري مقرر پورھئي جي مدي کان اڳ ڀڄي پنهنجي ملڪ به نه ٿو اچي سگھي ۽ نه وري ھن کي ٽڪيٽ جا پئسا آھن، جيڪي ھيس سو الهه تلهه وڪڻي ويزا ۽ ڀاڙو ڏئي ويتر قرض ٿي ته ھتي پھتو، مڪي ۽ مديني جھڙن شھرن ۾ رھي به ھنن کي موڪل نه ٿي ملي ته وڃي پاڪ جاين جو ديدار ڪن يا مٽن مائٽن سان ملن، ھتي جا ست ئي ڏينهن پورھيو ڪرڻو پوين ٿو. گھٽ پگھار تي.
    ھڪڙا سنڌي ھمراهه چار کن پٽڪن ۽ سنڌي ٽوپين ۾ چڱو خاصو راشن وٺڻ لڳا، پڇڻ تي ٻڌايائون ته ھو حج لاءِ آيل آھن ۽ ھنن مڪي شھر کان پري ٻهراڙي ۾ مسواڙ تي جاءِ ورتي آھي، جتي گھر ڪشادا آھن ۽ مسواڙ گھٽ آھي. رڌ پچاءَ ھنن به اسان وانگر گھر ۾ ڪيو ٿي پر اسان جي جاءِ حرم پاڪ جي ويجھو ھجڻ ڪري ڳري مسواڙ واري ھئي. ”پوءِ ڀلا نمازن لاءِ حرم پاڪ ۾ ته ايندي تڪليف ٿيندي ھوندائوَ“. مون پڇيومان.
    ”اسين فجر پڙھي بس ۾ موٽي ايندا آھيون ۽ پوءِ ظھر نماز تي بس يا ٽئڪسي ۾ ويندا آھيون ته چارئي نمازون پڙھي عشاءِ بعد موٽون، يڪو وقت حرم پاڪ ۾ ويٺا ھوندا آھيون. شھر کان پري گھر وٺڻ ۾ اسان جي وڏي بچت ٿئي ٿي“. ھنن ٻڌايو.
    ساڳي ڳالهه اسان جي پيٽارو ڪاليج جي دوست عبدالقادر قريشي ڪئي، جيڪو پڻ حج تي آيل ھو ۽ اوچتو مديني ۾ ملاقات ٿي. ساڻس گڏ سندس ڀائٽيا (مرحوم احمد علي قريشي جج جا ٻار) مقصود، مسعود ۽ محمود ھئا ۽ اي اين جي عباسي جو ڀائٽيو (اعجاز جو پٽ) عبداللطيف ھو. مقصود ڪراچي ۾ SDM آھي. ھن چيو ته شھر جي وچ ۾ (يعني مڪي ۾) سوڙھين جاين ۽ ھوٽلن ۾ رھڻ کان بهتر آھي ته شھر کان ٿورو پري مسواڙ تي جاءِ وٺي رھجي. پوءِ نمازن لاءِ ڀلي ٽئڪسي ڪري اچجي اھو ڪم سستو آھي. گھٽ ۾ گھٽ رھڻ لاءِ ڪمرا ته وڏا ملي ويندا ۽ تمام سستا پڻ.
    در اصل ڪيترا به کڻي حاجي اچن پر ان جو اثر مديني شھر تي نه ٿو پوي، جو اُتي انهن جو فقط ھڪ حصو ھر وقت موجود رھي ٿو. يعني ٽي چار لک حاجي ھفتو ڏهه ڏينهن رھي موٽن ٿا ۽ پوءِ ٻيا وڃن ٿا. ان ڪري مديني ۾ رھائش ڪشادي، سستي ۽ آساني سان مليو وڃي ۽ مڪي وانگر پٽ تي سوڙھا گاديلا وڇائي سمھڻ بدران مديني ۾ نوي سيڪڙو رھائشگاھن ۾ پلنگ آھن. مڪي ۾ رھڻ جو وڌيڪ مسئلو ان ڪري آھي جو ھڪ اھڙو وقت اچي ٿو. حج کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۽ پوءِ، جو سڀ حاجي اچيو اتي گڏ ٿين. ڇو جو حج لاءِ سڀني کي مڪي ۾ گڏ ٿيڻو آھي. جتان پوءِ پنج ڏينهن حج وارا منى، عرفات ۽ مزدلفه ۾ گذارڻا آھن ۽ ھي پنج ڏينهن سڀني حاجين کي ساڳيا ڪم ساڳي ساڳي ڏينهن تي ڪرڻا پون ٿا.
    مڪي ۾ رھڻ دوران ھر حاجي حرم پاڪ ۾ نماز پڙھڻ چاھي ٿو ۽ طواف ۽ عمرا ڪرڻ چاھي ٿو. ظاھر آھي. ھتي اچڻ جو مقصد ئي عبادت آھي. نمازن جي وچ ۾ھرڪو گھر ۾ اچيو آرام ڪري يا کاڌي خوراڪ لاءِ ھوٽلن ڏي ڀڄي ٿو يا پنهنجي مڪي ۽ مديني ۾ رھڻ دوران پوندڙ ضرورتن جي شين جي خريداري ڪري ٿو يا پنهنجن ٻارن، ٻچن، دوستن يارن لاءِ سوکڙيون خريد ڪري ٿو. مڪي توڙي مديني جي گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ دڪان آھن ۽ دڪان شين سان اٿلندي نظر اچن ٿا. اوچيون شيون ۽ اوچا دڪان به آھن پر تمام گھٽ. سستي قسم ۽ چمڪ دمڪ وارين شين جا دڪان گھڻا آھن جو ميجارٽي غريب ماڻھن جي آھي. گھڻن تڻن اميرن وٽ به جاين جون ڳريون مسواڙون ڏيڻ ۽ کاڌي خوراڪ جا بل ڀرڻ بعد ايترا پئسا نه ٿا بچن جو اوچي قسم جي دڪان يا شين ڏي وڌن. ان ڪري سستي قسم جي دڪانن تي گراھڪن جي وڏي رش نظر اچي ٿي . خاص ڪري اھي دڪان جن تي ھر شيءِ ھڪ ريال، ٻه ريال يا ٽن ريالن جي رکيل آھي. واچن جي ڪن دڪانن ۾ ھر قسم جي واچ 15 ريال به ھئي. گھڻو مال چين جو نظر آيو ٿي. عام طرح شيون ايڏيون سستيون نه آھن، پر ڪي ڪي شيون ننڍن اگھن وارن دڪانن ۾ ايڏو سستيون جو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته دڪاندار ۽ فئڪٽري واري کي ان تي ڇا فائدو ٿيندو ھوندو، جيئن ھڪڙو الارم گھڙيال ٽن ريالن ۾ ورتم، جنهن لاءِ ھن پھرين پنج ريال چيو پر پوءِ ٽن تي راضي ٿي ويو. ھاڻ انهن ٽن ريالن واري شيءِ تي ھانگ ڪانگ، تائيوان کان اڌ ريال ته ڀاڙو ۽ ٻيو خرچ لڳو ھوندو. ھڪ ريال دڪاندار ڪمايو، ھڪ ريال فئڪٽري واري به نفعو رکيو ھوندو ته ڇا گھڙي جي باڊي ۽ ان ۾ اندر پيل انيڪ پرزن جي قيمت اڌ ريال ٿي؟
    مڪي ۾ ڪھڙين شين جو گھڻو وڪرو ھو: واچون، ڇٽيون، چپل، عطرن جون ننڍيون ننڍيون شيشيون، رولڊ گولڊ جون چوڙيون ۽ ڪنگڻ مختلف ٻُڙن واريون منڊيون (Rings)، ٿرماس، ڪي چين، صابڻ شئمپون، بنگلاديش جون مختلف نمونن ۽ ڀرت جون ٽوپيون، سرمو (Antinomy)، چانهن جون مختلف ماپن ۽ قسمن جو ڪٽليون، ٻارن جا ڪپڙا، غنجن نالي اگربتيون، ميندي (راني ڪون). اھا شايد پاڪستاني شيءِ ھئي ۽ ٻي ھاشمي سرمو گھڻو ٿي ھليو. سنگاپور، ملائيشيا پاسي جو ٽائيگر بام ۽ ابوفاس ڏاڍو ٿي وڪاميو ۽ مختلف ”تيل“ مالش جا، جن مان ھڪ ”منياڪ داب“ به ھو. منياڪ معنيٰ تيل ۽ داب معنيٰ سانڊو. اھو ملئي نالو آھي، اھو تيل ٿي سگھي ٿو سعودي عرب جو ھجي يا ملائيشيا ۽ انڊونيشيا کان وڪري لاءِ ھتي آيو ھجي يا ٿي سگھي ٿو ڪنهن ٻئي ملڪ کان آيو ھجي پر ان جا وڏا خريدار ملئي ۽ انڊونيشي آھن. ھنن جي نظرن ۾ سعودي عرب جي رڻ پٽ جو سانڍو (داب) اوچي شيءِ آھي .جنهن مان نڪتل تيل مرد جو Sexual Power وڌائي ٿو. ملائيشيا جا سعودي عرب ۾ تعليم وٺندڙ شاگرد به واپسي تي سانڊا وٺي ملائيشيا جي ايئر پورٽ تي لھندا آھن، جن کان مڪاني حڪيم ڳرين قيمتن تي خريد ڪري انهن مان تيل ڪڍندا آھن.
    ٻين شين ۾ وئپورب بام، آمريڪن ويسلين جي ڪاپي ڪيل پاڪستاني ويسيلن، نيويا ڪريم، بمبئي جي توراب النيل ۽ پاڪستان جي مشق جامد ڪريم ۽ مينديون پڻ عام شيون آھن، جن کي مختلف ملڪن جا ماڻھو خريد ڪن ٿا.
    دڪانن کان علاوه فوٽ پاٿن تي، مختلف ماڻھو خاص ڪري اٿوپيا جون شيدياڻيون ۽ ڏکڻ ٿائلينڊ جون مسلمان شاگرد ڇوڪريون ڪاري ميندي، چونئرا، منڊين جا ٻڙا (Stones)، لونگ ۽ ان قسم جون شيون وڪڻنديون نظر اچن ٿيون. ھي عورتون غير قانوني طرح شيون وڪڻن ٿيون، ان ڪري پوليس جي گاڏي جو ھارن ٻڌي سامان به ڇڏي ڀڄي وڃن ٿيون. شيدياڻيون (حبش ملڪ جون ھي آفريڪن ڪاريون عورتون) سڀ ھڪ جھڙا ڪارا برقعا پائي وھن، جنهن ۾ سندن منهن ڍڪيل ٿئي ٿو، فقط ٻه اکيون نظر اينديون آھن ۽ سڀ ھڪ جھڙيون لڳن. اسان واري عمارت واري روڊ تي رھندڙ لونگن واريءَ وٽ نائيجيريا، گھانا ۽ مالي ملڪن جي شيدي مردن جي وڏي رش لڳندي ھئي. ھڪ دفعي نيٺ کانئن پڇيم ته ھو لونگ ڪھڙي ڪم لاءِ وٺن ٿا.
    ”اسان وٽ چانهن ۾ وجھندا آھن“. آفريڪن شيديءَ ٻڌايو.
    ”توھان جي ملڪن ۾ نه وڪامن ڇا؟“ مون پڇيومانس.
    ”وڪامن پر تمام مھنگا آھن ۽ سٺي جنس جا نه آھن. ان ڪري ھرھڪ جو مٽ مائٽ حج تان لونگ آڻڻ جي فرمائش ڪندو آھي“. ھن وراڻيو.
    ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ گھڻو ڪري ماڻھو ناريل جي کير ۾ رڌل چانور نيرن تي کائيندا آھن. وڻ مان پٽيل تازي ناريل جي چوري ۾ پاڻي وجھي کير ٺاھين. نيرن تي ڀت کائڻ ھڪ عجيب ڳالهه آھي پر ھتي ناريل جي کير ۾رڌل چانور جيڪي ملئي زبان ۾ ناسي ليما (Nasi Lemak) سڏجن ٿا، ڪجهه ڏينهن کائڻ بعد ماڻھو اھڙو عادي ٿيو پوي جو حلوا پوريون ھڪ طرف ۽ ھي ناسي ليما ٻئي طرف. مون کي به خبر پيئي ته ھڪ گھڻي ۾ ملئي عورتون صبح سان ناسي ليما وڪڻن ٿيون. پھرين دفعي منهنجي پھچڻ کان اڳ کپي ويو. ٻئي دفعي فجر نماز پڙھي اچي بيٺس، چار پنج عورتون گھران ٺاھي فوٽ پاٿ تي ديڳڙا رکي وڪڻي رھيون ھيون. ناسي ليما ملائيشيا ۾ به اخبار جي پنن ۾ پڙيون ٺاھي وڪيو ويندو آھي. 25 سينٽن ـ يعني پنجين رپئي کن جي ھڪ پڙي وڪامي، ھتي ان کان به ننڍيون پڙيون ٺھيل ھيون، جھن مان ڇهه ست گراهه ٿين ۽ ٻن ريالن ۾ وڪامي رھيو ھو. يعني 30 رپيا في پڙي. منجھس اھڙو سواد نه ھو، جھڙو ملائيشيا جي ناسي ليما ۾ ٿئي ٿو. ظاھر آھي سعودي عرب ۾ ڪٿان آيو ته ايترو تازو ناريل؟ ملائيشيا ته ملڪ ئي ناريلن جو آھي پر ناسي ليما جي نالي ۾ خوب وڪرو ھليو ٿي ۽ وڪڻڻ وارن جي خوب ڪمائي ٿئي ٿي. اھي وڪڻڻ واريون عورتون گھڻو ڪري حج تي آيل حاجياڻيون ھيون، جن جي حج سان گڏ ڪجهه ڪمائي به ٿيو وڃي ۽ حج جو ڪجهه خرچ پکو نڪريو وڃين.
    سعودي حڪومت جيتوڻيڪ اھڙن غير قانوني دڪاندارن کي شيون وڪڻڻ لاءِ منع ڪري ٿي پر تنهن ھوندي به ڪم ھلندو رھي ٿو ۽ ھتي جي پوليس به اک ٻوٽ ڪندي رھي ٿي، روس جي علائقي داغستان جا ھر نماز بعد حرم پاڪ جي ويجھو فوٽ پاٿ تي سندن ملڪ جون ڪاتيون، ڇريون، قئنچيون ۽ ھٿ ۾ کڻي ھلڻ جا لڪڻ وڪڻندي نظر ايندا ھئا. بوزنيا جا حاجي حرم پاڪ ۽ مسجد نبويءَ جون وڏيون تصويرون ۽ ڀرت جون قرآني آيتون وڪڻندا ھئا. جن مان ھو غريب حج جي سفر جو ڪجهه خرچ ڪڍندا ھئا. ڪپڙي گندي ۾ به ھو بيحد غريب لڳندا ھئا. ٻه سنڌي ھمراهه گھوٽڪي جو غلام اصغر چنه ۽ محب الله چنه تسبيحون وڪڻندي نظر آيا. مڪي ۽ مديني ۾ تسبيحن ۽ مصلن جو به وڏو وڪرو ٿئي ٿو. ھنن ٻڌايو ته بهاولپور مان يا شايد پنجاب جي ڪنهن ٻئي شھر مان ڪاٺ جي داڻن جون تسبيحون گھرائي پوءِ ھتي ھول سيل ۾ دڪاندارن کي وڪڻن.
    ڪنهن زماني ۾ اسان جي ڳوٺ ھالا جا به ڪجهه ماڻھو ھر سال حج تي ويندا ھئا، ڇو جو حج جا ٽي ڏينهن ڪاسائي ڳولھيو نه ٿو ملي. ھڪ ٻڪري تي سير وجھڻ جا ڏهه ريال يعني ڏيڍ سئو رپيا .ڪي ته ان کان به وڌيڪ ڏين، گھٽ نه. ھونئن به حج واري عيد تي سعودي عرب جي سڀني شھرن ۾ ڌارين ملڪن جا ماڻھو، خاص ڪري مصري ۽ پاڪستاني پورھيت ھٿ ۾ ٻه ڪاتيون کڻي گھٽين ۾ چڪر پيا ڏيندا آھن ته من ڪو قرباني لاءِ کين سڏ ڪري، پر ھاڻ سرڪار طرفان وڏا وڏا مذبح گاهه (Slaughter House) کلڻ بعد اھو ڪم سرڪار پنهنجن ھٿن ۾ کنيو آھي ۽ ڪاسائي به حڪومت طرفان مقرر ٿيل آھن. ان ھوندي به غير قانوني طرح حج تي آيل حاجي ۽ سعودي عرب ۾ نوڪري ڪندڙ ڌاريان، ڪاسائي جو ڪم ڪندا رھن ٿا پر ھاڻ سندن اھا ڪمائي نه آھي، جيڪا ڪجهه زمانو اڳ ۾ ھئي.
    اھو ئي حال ڌارين ملڪن کان آيل حجامن جو آھي. ڏھين ذوالحج تي وڏي شيطان کي پٿريون ھڻڻ بعد قرباني ڪئي وڃي ٿي. ان بعد ھر حاجي کي مٿو ڪوڙائڻو پوي ٿو، جيڪي ڏھين تاريخ تي قرباني نه ٿا ڪن. اھي ٻئي ڏينهن يارھين تاريخ قرباني ڪن ٿا ۽ يارھين تاريخ ٺوڙهه ڪرائين ٿا. يعني انهن ھڪ ٻن ڏينهن ۾ حاجين کي وار ڪوڙائڻا پون ٿا. ھن سال (2000ع) چيو ويو ته اٽڪل ٽيهه لک حاجي ھئا، جن مان اڌ عورتون ٻڌجن ته به 15 لک مرد ٿيا، جن مان پنج لک کڻي پاڻ ھڪٻئي جي ٺوڙهه ڪن (ڇو ته ڪيترا حاجي ائين به ڪن ٿا) ته به ڏهه لک حاجي حجامن وٽ وڃن ٿا. ھن سال کان حجامن جو بندوبست به سعودي سرڪار پاڻ ڪيو آھي، ڇو جو غير قانوني حجام غلط بليڊ ۽ پاڪيون استعمال ڪرڻ سان حاجين کي زخمي ڪريو وجھن، ان بندوبست لاءِ منى ۾ شيطانن وٽ سرڪار طرفان ست سئو حجام ورھايل ھئا ۽ ھر حجام اڳيان ماڻھن جي رش ھئي. اسان جو گروپ شيطان کي پٿريون ھڻي ۽ قرباني جو ڪم لاھي مڪي پھچي ويو ھو. اتي به حجام جام آھن پر ان ڏينهن تي اتي به حجامن جي دڪانن اڳيان ايڏي ڊگھي قطار ھئي، ڄڻ فلم جي ٽڪيٽ لاءِ قطار لڳل ھجي، جنهن بلڊنگ ۾ رھيل ھئاسين. ان ۾ ڪم ڪندڙ بنگالي ڇوڪرن کان پڇيم ته ھنن ٻڌايو ته ھو اھو به ڪم ڪن ٿا ۽ پوءِ اسان جي سڄي گروپ انهن کان ٺوڙهه ڪرائي. بهرحال ھنن حج وارن ڏينهن ۾ بلڪه حج جي موسم حجامن جي خوب ڪمائي ٿئي ٿي جو ھر عمري بعد به وار ڪوڙائڻا پون ٿا ۽ پوءِ حج تي آيل ڪيترا حاجي پڻ حج جو خرچ پکو ڪڍڻ لاءِ اھو سائيڊ بزنيس ڪن ٿا.
    ھڪ ٺٽي جو سنڌي حجام مليو. پڇيومانس ڳوٺ اھو به ڌنڌو ڪرين.
    ”نه سائين ھتي مڙيئي چار ڏوڪڙ ڪمائڻ لاءِ حجامڪو ڪم ڪريان ٿو“. ھن ٻڌايو.
    ”ڀلا ھتي اچي حجامڪو ڪم سکئين يا ڳوٺان سکي ائين؟“ مون پڇيومانس.
    کلي وراڻيائين ”سائين ھتي ڪھڙا ھيئر ڪٽ جا ڏهه اسٽائيل ٺاھڻا پون ٿا. ھرھڪ کي ٺوڙهه ڪرائڻي آھي. صابڻ ھڻي بليڊ سان مٿي جا ڪنهن به ھنڌ کان شروع ٿي ويندا آھيون“.
    بهرحال وقت جي ضرورتن موجب مختلف ملڪن جا ماڻھو روزگار ايجاد ڪندا رھن ٿا، جيئن ھنن جي سفر جو خرچ نڪري پوي. سڀ کان سٺي ڪمائي جدي ايئر پورٽ جي حاجي ڪئمپ ۾ ھڪ افغاني جي ھلي رھي ھئي، جنهن اسان جي پاڪستاني ڪئمپ ۾ چانهم پئي وڪي.
    حج ڪرڻ بعد جڏھن آخري ڏينهن مديني کان جدي واپسي ٿي رھي ھئي ته مديني کان بس، رات جي ٻارھين بجي ھلڻ شروع ڪيو. ڪلاڪ ٻه رستي تي سعودي حڪومت جي حج آفيس ۾ اسان حاجين جي جاچ پڙتال ٿي ته سڀني وٽ ڪاغذ پٽ صحيح آھن يا نه. اھو ڪم ته ڪو پندرھن منٽن جو به نه آھي پر ان ڪم تي مقرر ڪيل نوجوان عرب آفيسر حاجين جو تيل ڪڍيو ڇڏين. ڪا دير ته بس انتظار ڪندي رھي ۽ اسان کي لھي ٽنگ ڊگھي ڪرڻ جي به موڪل نه ھئي. مس مس عرب انچارج بس ۾ چڙھيو ۽ مسافرن جو تعداد ڳڻيو ۽ پوءِ ڊرائيور کان پاسپورٽ وٺي اھي ڳڻيا ۽ پوءِ ھڪ ھڪ پاسپورٽ کولي ماڻھو جو نالو کڻيو ويو ۽ ان جي تصوير ڏسي ان کي ھٿ ۾ ڏيندو ويو. بس ۾ ويٺل حاجين اعتراض ڪيو ته ھرھڪ کي ھٿ ۾ ڏيڻ ضروري آھي ڇا. خاص ڪري عورتن کي ۽ ھڪ ھڪ پاسپورٽ لاءِ اڳيان پٺيان وڃي وقت ٿو ضايع ڪرين. عرب آفيسر پھرين نه مڃيو ۽ چيو ته اھو ھن ملڪ جو قاعدو آھي پر پوءِ اسان جي گروپ جي ڪجهه ماڻھن جن کي عربي آئي ٿي، تن عربي ۾ سوال جواب ڪري کيس Convence ڪيو ته اسين سڀ پورا آھيون، ڪو به توھان جي ملڪ ۾ نه رھجي ويو آھي.
    بهرحال ھن اسان کان مطمئن ٿي اڌ گابري چڪاس نه ڪئي پر ھونءَ ئي ڇڏي ڏنو، نه ته ھن کي خبر آھي ته اسان پاسي جي ملڪن جو ھرھڪ ائين چوي ٿو، تنهن ھوندي به غير قانوني ڪم ڪندا رھون ٿا ۽ سعودي عرب ۾ ترسيو پئون.
    سڄي رات گاڏي ھلندي رھي، رستي تي ٻه دفعا ترسي چانھن پيتي سين. ھڪ ھوٽل جو ته نالو ”پھلوان“ ھو ۽ سڄو عملو پاڪستاني ھو. چانهن جي ڪوپ جا ٽي ريال يعني 45 رپيا کن وٺي رھيا ھئا پر گھڻي ٽھڪندڙ پاڻي جي نه ھجڻ ڪري منجھس ڪو خاص مزو نه ھو. مديني کان مڪي يا جدي واري ھاءِ وي تي ھوٽلون ائين آھن ۽ اھڙي نموني جون جھڙيون ڪراچي حيدرآباد سپر ھاءِ وي تي. فجر نماز جو وقت به رستي تي ٿيو. جدي تائين ساڍي نائين ڌاري پھتاسين ۽ بس تان سامان لاھي جدي ايئر پورٽ جي سامھون ٺھيل حاجي ڪئمپ ۾ اچي رکيوسين. ھر ملڪ جا الڳ حصا ھئا. جتي حاجي صاحب پنهنجي ملڪ ويندڙ اڏامن جو انتظار ڪري رھيا ھئا. اسان جي فلائيٽ ٻئي ڏينهن صبح جو چئين بجي ڌاري ڪراچي لاءِ اڏامڻي ھئي. ھرھڪ پنهنجي فراسي، تڏو، تونئري يا اسپنج جو بسترو پٽ تي وڇائي ان تي ويھي يا ليٽي رھيو. ويھڻ لاءِ رکيل سڀ صوفا ۽ بئنچون اسان کان اڳ آيل پاڪستاني حاجين سان والاريل ھئا. ٿڪ ڪري دل چانهن پيئڻ تي چئي رھي ھئي. اسان جي گروپ جي ھڪ حاجي ڊاڪٽر شفيق جائزو وٺي اچي ٻڌايو ته ٻه بلاڪ کن اڳيان جتي بنگلاديشي ۽ ملائيشيا جي حاجين جو حصو آھي. اتي ڪيترائي دڪان ۽ ھوٽلون آھن. جتان کائڻ پيئڻ جي شيءِ يا چانهن يا ٿڌو وٺي سگھجي ٿو. آئون ته ڊگھو ٿي ليٽي پيو ھوس. دل چانهن پيئڻ تي به چيو پئي پر اھو به سوچيم پئي ته ھيڏو پنڌ به ڪري وڃجي پر چانھن پسند وٽان به ھجي يا نه. اڃا اھو سوچي رھيو ھوس ته ھڪ قداور افغاني ھمراهه پنجاهه ورھين جو ڊگھو ڏاڙھي سان ”علاءُالدين جي جن“ وانگر مٿين اچي بيھي رھيو. سندس ساڄي ھٿ ۾ گرم چانهن جي وڏي ڪٽلي ھئي، جنهن جي منهن مان ٻاڦ نڪري رھي ھئي ۽ کاٻي ھٿ ۾ پلاسٽڪ جا Disposable گلاس.
    ”چائي گرم“ ھن اسان جو ڌيان ڇڪايو.
    ”واهه سائين واهه“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو، ”انڌو گھري ھڪ اک، ھتي ته ٻه پئي مليون“.
    ”خانصاحب ھڪ گلاس مون لاءِ“ آئون ٽپ ڏيئي اٿيس. چانهن فرسٽ ڪلاس دود پتي واري ھئي ۽ قيمت به فقط ھڪ ريال ھيس. چانھن جو ڍڪ پي چيومانس ته واهه جي چانهن آھي، پر ٻيو دفعو آڻي ته کنڊ ٿوري گھٽ وجھجانءِ. مون سان گڏ ٻين به ورتي، ان بعد خانصاحب ٻين تنبن ڏي ھليو ويو، پندرھن ويهه منٽن بعد خانصاحب موٽيو ته ڪٽلي خالي ھيس. کيس مون گھٽ مٺي چانهن آڻڻ لاءِ ياد ڏياريو. ”ابهي لاتا ھون“. ھو اھو چئي اسان جي سامھون غسلخانن واري ڀت وٽ رکيل پنهنجي سامان وٽ پٺيرو ٿي ويٺو رھيو. ٻه کن وڏيون لوھي ٽرنڪون ھيس. ھڪ ٻه ٿيلھا ھيس. ھو ھڪ پيتي جو ڍڪ کولي ڪجهه ڪڍندو رھيو. شايد سامان ٺاھيندو رھيو. ”خبر ناھي ھاڻ ھي افغاني وري ڪيڏي مھل ھوٽل تان چانهن آڻي“. مون دل ئي دل ۾ سوچي اکيون بند ڪري ٿوري دير سمھڻ جي تياري ڪئي پر اڃا ٻه ٽي منٽ به اکيون مس بند ڪيون ھوندم ته ”چائي گرم“ جي ھوڪي تي اک کلي ولي. ھي ھمراهه منهنجي مٿان بيٺو. ”صاحب چيني ڪم ڊالي ھي“.
    اٿي چانهن جو گلاس وٺي ريال ڏيومانس، واهه جي چانھن ٿو آڻي. خبر ناھي ڪٿان ٿو آڻي. ٻيو ڪوپ چانهن جو پي ڪجهه دير سمھي رھيس. اک کلي ته وري اھو افغاني چانهن وڪڻندي نظر آيو. ههڙي سستي ۽ سٺي چانهن ههڙي ھنڌ تي ويٺي ويٺي ملي وڃي ته ٻيو ڇا کپي. خانصاحب جنهن طرف ٿي ويو خريدار کوڙ ۽ ڏسندي ڏسندي ڪٽلي خالي ٿي ٿي ويس ۽ پوءِ وري اچي پنهنجين لوھي پيتين وٽ ويٺو ٿي. پوءِ سمجھيس ويس ته چانهن اتي ئي ڪاڙھي رھيو آھي. جيئن ھو چانهن جي ڪٽلي کڻي روانو ٿيو ته جائزو وٺڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيس ته ھي حاجي صاحب ڪٿي باهه ٻاري چانهن ٺاھي رھيو آھي پر سندس سامان جي ويجھو اچي ڏٺم ته نه کير، نه پتي، نه باهه نه ديڳڙا، لوھي ٽرنڪن پويان ڏٺم، ڀر ۾ ڀت جي پويان ھڪ کانچو ٺھيل ھو، جتي غسلطانا صاف ڪرڻ وارن بنگالي مزورن جا ٻهارا ۽ ٻيو صفائي جو سامان رکيل ھو. اتي ليئو پائي ڏٺم ڪو ديڪڙو نظر نه آيو، ڪا ٻرندي ڪاٺي يا ڪوئلو نظر نه آيو. ڪو اليڪٽرڪ ھيٽر يا سئچ ڏسڻ ۾ نه آيو. ڏاڍو تعجب لڳم ته ھي خانصاحب ماڻھو آھي يا جن. ڪٿان ٿو چانهن آڻي. مرداڻن غسلخانن جي چوڌاري چڪر ھڻي وري اچي خانصاحب جي سامان وٽ بيٺس. اتي مينهن واءُ ڪندو خانصاحب به پھچي ويو.
    ”ڪيا چاھئي“ خانصاحب کي منهنجو اتي بيھي نوس نوس ڪرڻ پسند نه آيو. پر ساڳي وقت ھو مون کي اتي بيھڻ کان منع به نه ٿي ڪري سگھيو، جو ايئر پورٽ ۽ حاجي ڪئمپ سعودي حڪومت جي ھئي.
    ”خانصاحب چانهن کپي پر ھڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ چانهن ٺاھين ڪٿي ٿو؟“ مون پڇيومانس.
    ھو ٿورو مرڪيو پو ٽٽل ڦٽل اردو ۾ ٻڌايو ته ھو اسان وانگر حج تي آيو ھو ۽ ھر سال حج تي ايندو آھي، پوءِ واپسي تي ھتي مھينو کن ترسي چانهن وڪڻي پوءِ آخري فلائيٽ ۾ ڪابل ويندو آھي.
    ”ٻڌايان ٿو، دراصل ھي غير قانوني ڪم آھي، سعودي پوليس ڏسندي ته مون کي ان ئي وقت ٽپڙ ٻڌائيندي. ائين چئي ھن پنهنجي لوھي ٽرنڪن جا تالا کولي ھڪ ھڪ جو ڍڪ مٿي کنيو ته ھڪ ۾ چلهه ٻري رھي ھئي. جنهن مٿان ڪٽلي ۾ چانهن اٻري رھي ھئي ۽ ٻي ۾ گئس جو سلينڊر ھو. جنهن جو رٻڙ پائيپ پيتي ۾ ٿيل ٽنگ مان نڪري ٻي پيتي ۾ چلهه سان ڳنڍيل ھو. مون کي کل به آئي ۽ تعجب به لڳو ته ھڪ ته ھي وڏي دل وارو آھي جو حاجين جي سامان ”پيتين“ جي ڀر ۾ باهه جي پيتي رکي چانهن ٺاھي رھيو آھي.
    ”خانصاحب! تو ته ڪمال ڪري ڇڏيو. ڀلا ھي ھيترا سارا صفائي وارا بنگالي پيا ھلن، اھي نه توتي چغلي ھڻن؟“
    ”نه اھي نه ھڻندا، جو انهن کي روز خرچي ڏيان ٿو. بلڪھ ھن پاسي ڪو پوليس وارو رخ ڪري ٿو ته مون کي يڪدم اطلاع ڪن ٿا ۽ آئون باھيون وسايو چپ ڪريو ٻين وانگر مٿي تي ھٿ رکي پنهنجي اڏام جو انتظار ڪريان ٿو“.
    ”ڀلا اھو ته ٻڌائي روز ڪيترا ڪوپ وڪڻين؟“ مون پڇيومانس.
    ”بس الله جو شڪر آھي. صبح جو 3 بجي کان رات جو عشاءِ نماز تائين اٽڪل پنج ڇهه سئو کن ڪپ وڪڻان ٿو، جن تي اڌواڌ فائدو ٿئيم ٿو“.
    يعني روزانو 300 ريال فائدو ٿئي ته مھيني ۾ 9 ھزار ريال يعني ڏيڍ لک رپيا کن مھيني سوا ۾ ڪمايو وٺي. حق ته پنهنجي پھرين فلائيٽ مس ڪريو ڇڏي. اٺ ڏهه ھزار رپيا ٽڪيٽ جا ويا ته مڙيئي خير آھي، ان کان ڏھوڻو ڪمايو وٺي.
    ”خانصاحب تنهنجي ڪھاڻي پنهنجي ملڪ جي اخبار ۾ ڏيان“. مون پڇيومانس.
    ”ڀلي“.
    ”ڀلا فوٽو ڪڍانءِ“.
    ھونءَ افغاني فوٽو ڪڍرائيندي آر محسوس ڪندا آھن پر ھن ان لاءِ به ھا ڪئي.
    سومھڻي نماز بعد ماني کائي آياسين ته ان وقت خانصاحب وھنجي سھنجي اسان وانگر پٽ تي ھنڌ وڇائي سمھڻ جي تياري ڪري رھيو ھو. اسان جي گروپ ليڊر کيس چيو: ”خانصاحب ڇا چانهن نه پياريندين؟“
    ”نه، ھي وقت منهنجي سمھڻ جو آھي. رات جو 3 بجي کان وٺي ھل ھلان ٿو ڪريان. ڏاڍو ٿڪجيو پوان“.
    ڊاڪٽر فضل ربي اسان جي گروپ جي ”دل جو سرجن“ چيو ته سڄو ڏينهن ھلي ٿو، فزيڪلي ٿڪجي پوندو ھوندو.
    ”ان کان وڌيڪ مينٽلي ٿڪبو ھوندو“. مون کيس ٻڌايو. ”جنهن ذھني خوف ۽ ڇڪتاڻ (Tention) ۾ ھي ڪم ڪري ٿو. ان جو ڪو سوچي نه ٿو سگھي. ڄڻ بارود مٿان چڙھي سگريٽ ٿو پيئي“.


    دعائون

    حج تي رواني ٿيڻ وقت ڪيترن دوستن، عزيزن ۽ مخير حضرات وٽان حج جا ڪتاب يا دعائن جا پنا ملن ٿا، جيئن طواف ۾ ڪھڙي ڪھڙي دعا گھرجي يا عرفات جي ميدان تي ڪھڙيون دعائون گھرجن وغيره. ھونئن ته دعائن جي ڪا به پابندي نه آھي. اسلام اھو مذھب آھي، جنهن ۾ رب ۽ بندي جو Direct تعلق رھي ٿو، وچ ۾ ڪنهن به ٻائي ٻانڀڻ، پادري، پنڊت جي ضرورت ناھي ۽ مسلمان جو اھو ئي يقين آھي ته رب پاڪ ھر ھنڌ ۽ ھر وقت موجود آھي ۽ ھونئن به دعا لاءِ چيو وڃي ٿو ته دعا پڙھي نه پر پني وڃي ٿي. دعا اھا آھي جيڪا دل سان گھري وڃي پر تنهن ھوندي به Guide Line طور مختلف جاين تي مختلف دعائون پڙھڻ لاءِ ڪاغذ ملن ٿا، جيئن اسين انهن کي ياد ڪري سگھون. عربي جا لفظ صحيح طرح اچاري سگھون. ھڪ دفعي حج جي ليڪچرن دوران ڪراچي جي عالمگير مسجد ۾ ھڪ مولويءَ جڏھن چيو ته اسان مان ڪيترا آھن، جيڪي ڪلمو به صحيح طرح نه ٿا پڙھن. اھو ٻڌي مون کي تعجب لڳو ھو. پر پوءِ ھنڌن تي اسان کان زير، زبر پيش وغيره جي غلطي ٿيو وڃي ۽ عرب اھا زبان آھي، جنهن ۾ ان قسم جي معمولي چُڪ سان مطلب بدليو وڃي. ھونءَ ته دعا اھڙي شيءِ آھي، جيڪا اسان پنهنجي مادري زبان ۾ به گھري سگھون ٿا پر ڪي ڪي اھڙيون شيون آھن. تلبيھ، ڪلما قرآن جون آيتون وغيره، جيڪي عربي ۾ ئي پڙھجن ٿيون ۽ ان لاءِ انهن جو ھڪ ھڪ لفظ صحيح اچارڻ ضروري آھي. ان لاءِ وڏي عمر وارن کي ھيڪاندي گھڻي محنت ڪرڻي پوي ٿي. سچي ڳالهه اھا آھي جو وڏي عمر ڪري فقط تلبيھ (لبيڪ اللھم لبيڪ...) ياد ڪرڻ ۾ ئي مون کي ڪيترا ڏينهن لڳي ويا. اھڙي طرح ٽيون ۽ چوٿون ڪلمو ياد ڪرڻو ۾ چٽو وقت لڳو، جيڪو افسوس جو ننڍي ھوندي ياد نه ڪيا ھيم، جيڪي اڄڪلهه ھڪ ننڍو ٻار به اسڪول ۾ ياد ڪريو وٺي. بهرحال انسان جي مرڻ تائين عمر سکڻ جي آھي. جيتري قدر ٿي سگھي ھڪ مسلمان کي گھڻي کان گھڻيون سورتون، آيتون، ڪلما، درود ۽ دعائون عربي ۾ ئي ياد ڪرڻ کپن. اھا ٻي ڳالهه آھي ته حج، عمري، نماز يا ٻين شين جي نيت ۽ دعا پنهنجي مادري زبان ۾ به گھري سگھجي ٿي. حج لاءِ روانو ٿيندڙ جي حيثيت ۾ مون کي به ڪيتريون ئي دعائون پڙھڻ لاءِ دوستن، سڄڻن کان مليون، جيڪي ھتي ڏئي نه ٿو سگھان جو ھڪ ته اھو ڊپ اٿم ته ڇپائي ۾ عربي جون چڪون نه رھجي وڃن ۽ ٻيو ته اھي دعائون حج جي ھر ڪتاب ۾ موجود آھن ۽ اڄڪلهه ڪراچي توڙي جدي ايئر پورٽ تي حاجين کي ڏنيون وڃن ٿيون يا اڳواٽ حاصل ڪرڻ لاءِ بهتر اھو ئي آھي ته ڪنهن حج تان آيل حاجي کان وٺي ان جون فوٽو ڪاپيون ڪرائي ڇڏجن. ھتي فقط ٻه چار سنڌي ۾ لکيل دعائون ڏئي رھيو آھيان، جيڪي ڪنهن سڄڻ حج تي ويندي وقت موڪلائڻ مھل ڏنيون ھيون.

    مڪي شھر تي نظر پوڻ تي دعا
    اي الله مون کي ھن شھر ۾ قرار ۽ حلال روزي عطا فرمائج. اي الله ھي شھر تنهنجو شھر آھي ۽ ھي گھر تنهنجو گھر آھي. آئون تنهنجي رحمت جي طلب لاءِ آيو آھيان ۽ تنهنجي حڪمن جي پيروي ڪندي تنهنجي رحمت جو طلبگار آھيان ۽ تنهنجي اطاعت جو قصد ڪريان ٿو ۽ تنهنجي تقدير تي راضي رھندي ۽ تنهنجا حڪم مڃيندي سوال ٿو ڪريان، ھڪ پريشان حال سواليءَ وانگر، جيڪو تنهنجي عذاب کان ڊڄندو ھجي. حسرت اٿم ته منهنجي معافيءَ سان گڏ منهنجي معذرت قبول ڪر ۽ پنهنجي رحمتن جي ڪري اسان کي درگذر ڪر ۽ اسان کي پنهنجي جنت ۾ داخل ڪر.

    مڪي شھر ۾ داخل ٿيڻ وقت دعا
    اي الله! ھي تنهنجو ۽ تنهنجي رسول ﷺ جو حرم آھي، بس منهنجي گوشت، خون، ھڏين ۽ کل کي باهه لاءِ حرام ڪري ڇڏي. اي الله مون کي پنهنجي عذاب کان محفوظ رک، جنهن ڏينهن تون پنهنجن بندن کي وري اٿاريندين، مون کي پنهنجي ولين ۽ اطاعت گذارن مان ڪج ۽ مھنجي طرف توجهه فرمائج. بيشڪ تون توبه قبول ڪرڻ وارو وڏو مھربان آھين.

    زمين حرم ۾ داخل ٿيڻ جي دعا
    اي الله! بيشڪ تنهنجي ۽ تنهنجي رسول ﷺ جي (زمين) حرم آھي. اي الله! عطا فرماءِ اسان کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڀلائي ۽ بچاءِ اسان کي باهه جي عذاب کان. اي الله! آئون توکان اها ڀلائي گھران ٿو جيڪا توکان تنهنجي نبي ڪريم ﷺ جن گھري ۽ آئون ان برائي کان تنهنجي پناهه گھران ٿو، جنهن کان تنهنجي نبي حضرت محمد ﷺ جن پناهه گھري.

    خانه ڪعبه تي نظر پوڻ سان ھي پڻ گھرجي
    الله اڪبر، الله اڪبر، الله اڪبر، لاالــٰہ اِلاالله والله اڪبر.


    عرب ۽ شاعري

    شروع ۾ ھڪ ھنڌ لکي چڪو آھيان ته مڪي ۾ شعر و شاعري جا فنڪشن ٿيندا ھئا.
    اڄ جي دور ۾ خاص ڪري ٻي جنگ عظيم کانپوءِ سعودي عرب ۾ تيل نڪرڻ ڪري اڄ جو عر ب ھڪ مختلف خوشحالي جي زندگي گذاري ٿو. ھن کي سفر لاءِ وڏيون ڪارون آھن. ھوائي جھاز آھن، کائڻ پيئڻ لاءِ دنيا جو ھر ميوو، ڀاڄي ۽ کاڌو خوراڪ موجود آھي. رھائش لاءِ ايئر ڪنڊيشنڊ گھر ۽ بنگلا آھن. وندر لاءِ ريڊيو، ٽي وي، ٽيليفون ۽ ڪمپيوٽر جھڙيون شيون آھن. پر اھو سوچجي ته ھزارين سالن تائين ريتي جي ھن عربستان واري ٻيٽ تي رھندڙ عرب مختلف زندگي گذري ٿي. ھنن گرم ۽ وارياسن بيانن ۾ رھندڙ ھڪ عرب جي بنيادي ملڪيت جن چند شين تي مشتمل ھئي. انهن ۾ بقول رومانيا جي ھڪ مشھور دانشور ۽ عربي جي ڄاڻو مسٽر ڪونسٽن ويرزڊ جي ھڪ تنبو ھو، جيڪو ھن کي سج جي تپش کان بچائي، ھڪ اٺ ھو، جنهن کي ھو ضرورت وقت سواري لاءِ استعمال ڪري سگھي يا جنهن جو کير ھن لاءِ اھم غذا ھئي. ھڪ تلوار ھئي، جنهن کي ھو پنهنجي بچاءَ لاءِ استعمال ڪري سگھي، پر انهن ۾ ڪا به اھڙي شيءِ نه ھئي، جيڪا ھن جي ذوق جو خزانو ثابت ٿئي. ڪو به اھڙو شوق نه ھو، جيڪو ھن جي روح کي تسڪين رسائي. نقاشي ھو نه ٿي ڪري سگھيو، جو رنگن کان محروم ھو. ھن کي چوڌاري ريتي ئي ريتي نظر آئي ٿي. جنهن جو ھڪڙو ئي غير رومانوي رنگ ۽ ڍنگ ھو. بهرحال عربن جي مختلف قبيلن جو ذوق يا ھنر فقط ھڪ طرف مائل رھيو ۽ اھا شيءِ ھئي سخنوري يا ڪھاڻي ٻڌائڻ جو طريقو، جيڪو ھن شاعري جي روپ ۾ ڪيو ٿي.
    فرانس جي ھڪ مشھور فلاسفر ۽ دانشور مسٽر ايرنسٽ رونان جو چوڻ آھي ته جيڪڏھن ٻين قومن جي علم و ثقافت کي (خاص ڪري ايراني قوم جي علم و ثقافت کي، جيڪي اسلام کانپوءِ ”عرب دنيا“ ۾ داخل ٿيا) عرب قوم کان جدا ڪيو وڃي ته پوءِ فقط عرب رھجيو وڃي ۽ ٻيو ھن جو اٺ.
    پر رومانيا جي مٿين دانشور (جيڪو پنهنجي ملڪ جو وزير خارجه پڻ رھيو ۽ عربستان ۾ ويهه سال رھي تحقيق ڪيو ۽ جنهن حضور ﷺ جي زندگي ۽ انهن ڏينهن جي ماحول تي فرينچ زبان ۾ ڪتاب لکيو، جنهن جو ترجمو ڪيترين ئي زبانن ۾ ٿي چڪو آھي). ايرنسٽ سان اختلاف ڪندي لکي ٿو ته ھن اھا ڳالهه بنا سوچي سمجھي چئي آھي، ڇو جو جيڪڏھن ٻين قومن جو علم ۽ ثقافت عربن کان واپس ورتو وڃي ته به ھن وٽ جيڪا شيءِ باقي رھجي وڃي ٿي، اھا آھي سخنوري يا علم بيان!
    عرب جيتوڻيڪ معماري، مجسمي سازي ۽ نقاشي نه ڪري سگھيا پر انهن شين کي انداز بيان ذريعي تخليق ڪندا رھيا. شاعري جي روپ ۾ ڳالهه بيان ڪرڻ ان دور جي عربن جو اڪيلو ثقافتي ۽ قومي خزانو تصور ٿئي ٿو. عربن جي تاريخ، ادب ۽ ثقافت سڀ ڪجهه شاعري تي ئي ختم ٿئي ٿو.
    جيڪڏھن ڪو عربن جي تاريخ ۽ تمدن بابت ڄاڻڻ چاھيندو ھو ته ھن کي ان کان علاوه ٻي ڪا واهه نه ھئي ته عرب شاعرن جي ڪلام جو مطالعو ڪري، ٻين ھنڌن تي شاعر فقط ھڪ اديب ھوندو آھي پر عرب دنيا ۾ ھڪ شاعر نه فقط شاعر ھوندو، ھو ھڪ حڪيم، ھڪ مذھبي رھنما، ھڪ محتسب ۽ ھڪ دانشور تصور ڪيو ويو ٿي. ايتري قدر جو شاعر کي ھڪ اھڙو شخص سمجھيو ويو ٿي، جو پنهنجي زھر ڀريل ڪلام سان دشمن کي نيست و نابود ڪري سگھيو ٿي، يا پنهنجي آرام بخش ڪلام ذريعي ڪنهن بيمار لاءِ شفايابي جو سبب ٿي سگھي ٿو. حضرت محمد مصطفى ﷺ جن پيغمبر ٿيڻ کانپوءِ ھڪ جنگ دوران (حضرت) حسان بن ثابت رضه نالي شاعر کي، جو ان جنگ ۾ شريڪ ھو، خطاب ڪندي چيو:
    ”ھنن (يعني دشمنن کي) پنهنجي شعرن جي عتاب جو نشانو بڻاءِ. ڇو جو تنهنجا شعر ان تير کان به وڌيڪ موثر آھن، جيڪو اونداھي ۾ دشمن تي اڇلايو وڃي ۽ يقين ڪر ته جبرئيل به تنهنجو ساٿ ڏيندو“.
    عرب قبيلن ۾ ”شعر“ سج ۽ ھوا وانگر ضروريات زندگي ۾ شمار ٿيندو ھو ۽ عرب قوم وٽ زندگي جي مختلف حالات، خوشي يا غم، خوش قسمتي يا بدقسمتي، شادي يا موت ۽ صلح يا جنگ لاءِ خاص قسمن جي شعرن جو وڏو ذخيرو موجود ھوندو ھو. ھڪ عرب جڏھن غمگين ھوندو ھو ته ”زھير“ جا شعر جھونگاريندو ھو، خوف جي عالم ۾ ھو ”نابغه“ جا شعر پڙھندو ھو، جيڪڏھن چڙ ۾ ھوندو ھو ته ”اعشي“ جي شعرن کي زبان تي آڻيندو ھو ۽ جڏھن ڪنهن سان مقابلي جو ارادو ڪندو ھو ته ”عنتره“ جا شعر پڙھندي ھن تي حملو ڪندو ھو.
    اسلام کان اڳ مڪي جي عڪاظ بازار ۾ ھر سال عرب شاعرن جو اجتماع ٿيندو ھو ۽ انهي بازار ۾ محفل سخن به منعقد ٿيندي ھئي، پھريون نمبر کڻندڙ شاعر کي انعام اڪرام ڏنا ويند اھئا ۽ ھن جا شعر سونهري لفظن ۾ ريشمي ڪپڙي تي لکي ڪعبي جي ديوار تي لڙڪايا ويندا ھئا. جيئن ٻيون عرب قومون جڏھن مڪي اچن ته انهن شعرن کي پڙھي لطف اندوز ٿي سگھن ۽ اھي شعر ڪعبي جي ڀت تي سڄو سال لڳل ھوندا ھئا ۽ انهن کي ”معلقات“ سڏيو ويو ٿي.
    عرب جي مشھور شاعرن ۾ ھڪ ”امري القيس“ نالي آھي، جنهن کي سڀ عرب سڃاڻن ٿا، ھو انهن ستن ناليرن شاعرن مان ھو، جنهن جا قصيدا ڪعبي جي ڀتين تي لڳايا ويا ٿي ۽ ھو سڀني ۾ وڌيڪ مشھور سمجھيو ويو ٿي.
    ڪونسٽن ويرزل، رومانيا جو دانشور، ٻڌائي ٿو ته؛ اھي ست قصيدا يا غزل ايترا ته فصيح ۽ بليغ ۽ دل کي لوڏڻ وارا آھن، جو ھن (رومانيا جي دانشور) عربي زبان ۾ ان کان وڌيڪ بهتر ۽ خوبصورت ڪلام نه پڙھيو ھوندو. سواءِ قرآن مجيد جي.
    ابن ھشام، ابو دائود، امام حنبل رح، حميد الله ۽ ابن سعد جو ڳاڻيٽو، اسلامي تاريخدانن ۾ ٿئي ٿو. اھي ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته حضور جن کي شعر پسند ھوندا ھئا ۽ پاڻ ڪڏھن ڪڏھن عرب شاعرن جو ڪلام زبان تي آڻيندا ھئا.
    اھي حضرات جن کي عربي زبان تي عبور حاصل آھي، ڄاڻن ٿا ته قرآن شاعري نه آھي پر ان جون ڪجهه آيتون موزون ضرور آھن. خاص ڪري قرآن جون اھي مختصر آيتون جيڪي مڪي ۾ نازل ٿيون. مثال طور سورة اخلاص، احد، العقل، تبت، ڪافرون، ڪوثر، قريش، الفيل، العصر، تڪاثر، القارعة، زلزلة، التين، المنشرح، والضحى، واليل، والشمس، والبلد، الفجر، غاشية، الطارق وغيره. اھي سڀ سورتون مڪي ۾ نازل ٿيون ۽ موزون آيتن تي مشتمل آھن ۽ ڪجهه سورتن ۾ وزن کان علاوه قافيو پڻ موجود آھي.
    جيئن ته مڪي ۾ نازل ٿيڻ واريون آيون مقفي قافيه دار (Rhymed) ھيون. ان ڪري مسلمان انهن کي دلنشين انداز ۾ پڙھندا ھئا. حضرت ابوبڪر صديق رضه لاءِ ته مشھور آھي ته ھو جڏھن گھر ۾ ويھي پڙھندو ھو ته ٻاھران لنگھندڙ چاھي اھي اسلام جا دشمن ڇو نه ھجن، بيھي رھندا ھئا ۽ ڪن ڏيئي قرآني آيتن کي ٻڌندا ھئا.
    باديه نشين عرب جي ھڪ اھا به خصوصيت ھئي ته ھو خوبصورت ۽ دلنشين انداز ۾ ادا ڪيل ڪلام کان چشم پوشي نه ڪري سگھندو ھو. ھڪ يورپي دانشور ڪلان ھو آرٽ (Colmon hort) جو پڻ اھو ئي چوڻ آھي ته فطرت عربن کي چئن شين سان نوازيو آھي، پھرين اٺ، ٻيو تنبو، ٽين تلوار ۽ چوٿون شعر.


    ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي

    سفر کڻي ڪھڙو به ھجي اھو ”في نفسه مشقت“ جو سبب آھي. انهي ڪري شريعت سفر ۾ خصوصي رعايت ان حد تائين فرمائي آھي جو فرض نمازون چئن رڪعتن بدران ٻه ڪيون آھن. خود نبي ڪريم ﷺ جن جو ارشاد آھي ته ”السفر قطعته من النار“ ـ سفر باهه جو ٽڪرو آھي. ان ڪري سفر ۾ مشقت (محنت ۽ تڪليف) ته ٿئي ئي ٿي.
    ۽ مولانا محمد زڪريا (جنهن جو ڪتاب ”فضائل حج“ ڪتب خانه فيضي لاھور وارن ڇپرايو آھي.) جي چواڻي حج جو سفر ته خاص عاشقاڻو سفر آھي. سچن عاشقن وانگر ئي ان کي طئه ڪرڻ کپي، پوءِ ھن مسافرن کي چاھي ڪو خواب چوي، گاريون ڏئي، پٿر ھڻي ـ جيڪي جنهن کان وڻي اھو ڪري ھن کي پنهنجن خيالن ۾ مست ۽ پنهنجي ذوق شوق ۾ مگن رھڻ کپي.
    ـــــــــــــــ
    امام غزالي رح ھڪ ھنڌ لکيو آھي ته حج جي سفر ۾ انسان جيڪي ڪجهه خرچ ڪري اھو خوش ٿي وڏي دل سان خرچ ڪري ۽ جيڪي نقصان جاني يا مالي رسيس ان تي ملول نه ٿئي جو اھو ھن جي حج جي قبول ٿيڻ جي نشاني آھي حج جي رستي ۾ مصيبت يا تڪليف وٺڻ جھاد ۾ تڪليف کڻڻ برابر آھي، جنهن جو تمام وڏو اجر آھي. ان ڪري جيڪو به مشقت يا نقصان برداشت ڪندو، الله ان کي تمام وڏو فائدو ڏيندو. ھن جون تڪليفون ڪڏھن به ضايع نه ٿيون وڃن.
    ـــــــــــــــ
    نبي ڪريم ﷺ جن ھڪ حديث پاڪ ۾ ارشاد فرمايو ته حج جي خوبي نرميءَ سان ڳالھائڻ ۽ ماڻھن کي کاڌو کارائڻ آھي. ان ڪري ڪنهن سان تکو ٿي نه ڳالھائجي، ڪنهن تي چڙ نه ڪجي. ھر ھڪ سان خوش اخلاقيءَ سان پيش اچجي. علمائن اڳيان خوش خلقي اھا ناھي ته ٻئي کي تڪليف نه پھچائجي پر ٻئي جي تڪليف کي برداشت ڪجي. سفر جي معنى عربي ڊڪشنريءَ ۾ ”ظاھر ڪرڻ“ جي آھي، عالمن جو چوڻ آھي ته سفر کي سفر ان ڪري چيو وڃي ٿو جو ھن ۾ ماڻھوءَ جو اخلاق ظاھر ٿئي ٿو.
    ـــــــــــــــ
    حضرت عمر رضي الله تعالى عنه ھڪ شخص کان معلوم ڪيو ته ھو فلاڻي ھمراهه کي سڃاڻي ٿو ته ھو ڪيئن آھي؟
    ھن عرض ڪيو ته ھا سائين سڃاڻانس ٿو.
    حضرت عمر پڇيس ته ڇا تو ڪڏھن ڪو سفر ھن سان گڏ ڪيو آھي؟
    ھن عرض ڪيو ته نه، سفر ته مون ڪڏھن به ھن سان گڏ نه ڪيو آھي.
    حضرت عمر فرمايو ته، پوءِ تون ھن کي نٿو سڃاڻين.
    ـــــــــــــــ
    ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته حج ھڪ گھڻن مقصدن ۽ فائدن واري عبادت آھي، جنهن جا بيشمار ديني ۽ دنياوي فائدا آھن. الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ ان حقيقت جو اظھار ھنن لفظن ۾ فرمايو آھي:
    ”ترجمو: يعني ماڻھو ھتي اچن ۽ اچي ڏسن ته حج ۾ ھنن لاءِ ڪھڙا ڪھڙا ديني ۽ دنياوي فائدا آھن.“
    حاجي گھر، ٻار، مٽ مائٽ ۽ پنهنجا سڀ ڌنڌا ڌاڙيون ڇڏي الله جي گھر جي زيارت لاءِ ھڪ ڊگھي ۽ ڏکئي سفر لاءِ نڪرن ٿا. سفر جي دوران ھو خالص الله جي رضا لاءِ تڪليفون ۽ پريشانيون برداشت ڪن ٿا ۽ اھا ڳالهه ھنن جي نفس کي پاڪ ۽ بهتر بنائي ٿي.
    دنيا جي مختلف حصن ۾ رھڻ وارن، مختلف زبانون ڳالھائڻ وارن، مختلف لباس پائڻ وارن، مختلف رنگن ۽ مختلف نسلن سان تعلق رکڻ وارن ماڻھن جو ھڪ ئي سادو فقيراڻو ڪفن جھڙو لباس (احرام) پائي ھڪ ھنڌ اچي گڏ ٿيڻ ـ برابري (مساوات) جو ھڪ اھڙو سبق ڏئي ٿو، جنهن جو مثال دنيا جي ڪنهن ٻئي مذھب ۾ نٿو ملي، امير، غريب، شاهه، گدا، عربي، عجمي ـ سڀني ماڻھن جو ھڪ ئي لباس ۾، ھڪ ئي توحيد جو ترانو بلند ڪندي پنهنجي خلقڻھار ۽ پروردگار جي حضور ۾ مٿو ٽيڪڻ (سجده ريز ٿيڻ) بس ھڪ ئي امت، ھڪ ئي قوم، قوم رسول ھاشمي بنجڻ جي تعليم ڏئي ٿو. حرم ۾ داخل ٿيڻ جون پابنديون. احرام جون پابنديون، پنهنجو پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان امن ۾ سلامتي ۽ عزت و احترام سان زندگي گذارڻ جو طريقو سيکارين ٿيون. سڀ کان وڏي ڳالهه دوران حج ھر حاجيءَ کي توحيد ۽ سنت جي تعليم ملي ٿي، جيڪا ھر مسلمان لاءِ ضروري آھي.
    ـــــــــــــــ
    توحيد جو عقيدو ۽ سنت جي پيروي اسلام جون ٻه بنيادي ۽ اھم ترين تعليمات آھن. دين اسلام ۾ توحيد جو عقيدو سڀ ۾ اھم ۽ لازمي شيءَ آھي عقيدو توحيد جيڪڏھن صحيح نه آھي ته ڪيڏو به وڏي ۾ وڏو نيڪ عمل به رب پاڪ وٽ قبول نٿو ٿئي. قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ ارشاد فرمايو آھي:
    ترجمو: ”جيڪڏھن تو شرڪ ڪيو ته تنهنجي ڪئي ڪرائي محنت (عمل) ضايع ٿي ويندو ۽ تون نقصان (خسارو) حاصل ڪرڻ وارن مان ٿي ويندين.“ (سورة زمر، آيت 65)
    سورة مائده ۾ الله تعاليٰ واضح طور فرمايو آھي ته مشرڪ (شرڪ ڪرڻ واري) لاءِ جنت حرام آھي ۽ ھو ھميشه جھنم ۾ رھندو.
    حج ھر حاجي جي ”عقيده توحيد“ کي پختو بنائڻ جو ذريعو بڻجي ٿو. احرام ٻڌڻ سان ھو الله جي وحدانيت، تعريف، وڏائي ۽ عظمت تي ٻڌل تلبيھ پڙھڻ شروع ڪري ٿو. مڪي پھچي طواف جي شروعات الله جي ھيڪڙائي ۽ وڏائيءَ جا ڪلمات ادا ڪرڻ سان شروع ڪري ٿو ۽ ھر چڪر ۾ حجر اسود وٽ اچي اھي ساڳيا ڪلمات ورجائي ٿو. طواف دوران به الله جي توحيد، وڏائي پاڪائي ۽ تقدس جا گڻ ڳائي ٿو. سعي جي شروعات ڪرڻ کان اڳ ھو صفا پھاڙي وٽ ۽ دوران سعي ڳائي ٿو. منى کان عرفات، عرفات کان مزدلفه ۽ مزدلفه کان منى ويندي وقت لڳاتار تلبيھ، تحميد ۽ تقديس جا ڪلما پڙھڻ کي ئي ته حج مبرور چيو ويو آھي. قرباني ڪرڻ وقت ھو الله جو نالو ۽ وڏائي جو اظھار ڪري ٿو. رمي جمار (شيطان کي پٿريون ھڻڻ) وقت ھر پٿري اڇلڻ سان گڏ الله تعاليٰ جي وڏائيءَ جو نعرو بلند ڪري ٿو. مطلب ته حج جي دوران قدم قدم تي حاجي جي زبان تي رب پاڪ جي توحيد، تڪبير، تحميد ۽ تقديس جو ڪلمو ھجڻ ڪري ھر حاجيءَ جي دل ۽ دماغ تي عقيده توحيد پختي طرح وھيو وڃي.
    ـــــــــــــــ
    عقيده توحيد بعد دين اسلام ۾ ٻئي نمبر تي سنت جي پيروري اھم بنياد آھي. رسول جيئن ته الله تعاليٰ جو پيغامبر ۽ نمائندو ٿئي ٿو ان ڪري رسول جي پيروري درحقيقت الله تعاليٰ جي پيروي آھي. قرآن مجيد جي سورته نساءَ جي 80 نمبر آيت آھي ته، ”جنهن رسول جي اطاعت ڪئي تنهن دراصل الله جي اعات ڪئي“. ۽ خود رسول اڪرم ﷺ وسلم جن ھڪ حديث ۾ اھا ئي ڳالهه ارشاد فرمائي آھي ته، ”جنهن منهنجي اطاعت ڪئي ان ڄڻ ته الله جي اطاعت ڪئي ۽ جنهن منهنجي نافرماني ڪئي ڄڻ ته الله جي نافرماني ڪئي.“ (بخاري و مسلم)
    ھڪ ٻي حديث ۾ حضور ﷺ جن فرمايو آھي ته: ”جنهن منهنجي سنت کان منهن موڙيو اھو مون مان نه آھي.“ (بخاري و مسلم). ھڪ ٻي حديث ۾ حضور ﷺ جن واضح طور اھو ٻڌايو آھي ته جنهن ثواب خاطر اھڙو ڪم ڪيو جيڪو منهنجي شريعت ۾ موجود نه آھي اھو عمل الله وٽ مردود ۽ غير مقبول ٿيندو. (بخاري و مسلم) ۽ ھر خطبي ۾ حضور ﷺ جن ھي لفظ ارشاد فرمائيندا ھئا:
    ”دين ۾ نئين ڳالهه ايجاد ڪرڻ بدترين ڪم آھي ۽ دين ۾ ھر نئين ڳالهه بدعت آھي ۽ ھر بدعت گمراھي آھي ۽ ھر گمراھيءَ جو نتيجو باهه آھي“.
    حج جي طريقن کي شروع کان آخر تائين ڏسبو ته ڪيئن اھي ھڪ حاجيءَ کي سنت جي پيروي ڪرڻ جي تعليم ڏين ٿا. 8 ذوالحج تي حاجي مسجد الحرام (مڪو شريف) ڇڏي ھڪ غيرآباد پھاڙي علائقي (منى) ۾ پنهنجو پاڻ کي تنبن حوالي اچيو ڪري. ڏٺو وڃي ته منى جي مقابلي ۾ حرم پاڪ ۾ پڙھيل نمازن جو ثواب لکين درجا زياده ٿئي ٿو پر پوءِ به حاجي حرم پاڪ ڇڏيو ڏئي. منى ۾ ھڪ مختصر رھائش بعد ٻئي ڏينهن 9 ذوالحج تي سج اڀرڻ بعد حاجي سفر لاءِ نڪري ٿو ۽ پنڌ يا بس ذريعي ھڙ ھٿ ۾ کڻي عرفات جي ميدان تان وڃيو نڪري. اھي ئي تنبو، اھا ئي ريتي ۽ وارياسو پٽ، اھي ڪارا جبل ۽ اھا ئي آبهوا، عرفات ۾ آخر ڪھڙي اھڙي خوبي آھي جيڪو منى ۾ نه آھي، مڪي ۾ نه آھي، پر لکھا ماڻھن جو (ھن سال2000ع ۾ اٽڪل ٽيهه لک کن حاجي ھئا.) منى جي حدن مان نڪري ھڪڙي وقت عرفات جي ميدان ۾ گڏ ٿيڻ پنهنجي اندر ڪھڙي حڪمت رکي ٿو؟ اھا ئي ته اسان جي رسول اڪرم ﷺ جي ائين ڪيو.
    عرفات ۾ چند ڪلاڪ ترسي مغرب کانپوءِ مغرب جي نماز پڙھڻ بنا حاجي مزدلفه جي سفر تي نڪري ٿو. رات مزدلفه ۾ اچيو گذاري. ھو رات مزدلفه ۾ ڇو ٿو گذاري ۽ عرفات تي ڇو نه؟ ۽ سانجھي (مغرب) جي نماز عرفات جي ميدان تي پڙھي نڪرڻ بدران مزدلفه پھچي اتي مغرب ۽ عشاءَ جون نمازون گڏ ڇو ٿو پڙھي؟ جيتوڻيڪ نماز وقت تي ادا ڪرڻ کپي ۽ اول وقت ۾ نماز پڙھڻ افضل ترين عمل آھي پر ھن موقعي تي حاجي ڄاڻي واڻي مغرب جي نماز ۾ دير ڪريو ڇڏين. آخر ڇو؟ ان ڪري جو ھو سنت رسول ﷺ جي پيروي ڪرڻ چاھين ٿا.
    مزدلفه ۾ حاجي سڄي رات سمھيو گذارين ٿا ۽ ڄاڻي واڻي تهجد نماز ترڪ ڪريو ڇڏين. آخر ڀلا ڇو؟ فقط ان ڪري جو رسول الله صلي الله عليه وسلم جن ان تهجد جي نماز ادا نه ڪئي ھئي.
    فجر نماز پڙھڻ بعد حاجي مزدلفه کان وري منى ۾ اچن ٿا، ان ڪري جو حضور اڪرم ﷺ جن ائين ڪيو ۽ اسان کي به ائين ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي.
    ڏھين ذوالحج تي منى پھچي حاجي صرف جمرة عقبه (وڏي شيطان) کي پٿريون ھڻن ٿا، جيتوڻيڪ باقي ٻه يا ٽي ڏينهن ھو جمرة عقبه سان گڏ جمرة وسطي (وچين شيطان) ۽ جمرة اولى (ننڍي شيطان) کي به پٿريون ھڻن ٿا. ان جو سبب فقط اھو آھي ته حضور ﷺ جن ائين ڪيو.
    ڏھين ذوالحج تي حاجي قرباني ڪري مٿي جا وار ڪوڙائين ٿا، ان بعد وھنجي سھنجي مڪي شريف طواف زيارت لاءِ وڃن ٿا. طواف بعد رات مڪي ۾ گذارڻ بعد موٽيو منى اچن ٿا، فقط ان ڪري جو رسول اڪرم ﷺ جن ائين ڪيو ھو.
    حضرت عمر فاروق رضه طواف دوران حجر اسود کي مخاطب ٿي چيو: ”الله جو قسم! آئون چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو ته تون ھڪ پٿر آھين. نه نقصان پھچائي سگھين ٿو نه فائدو ڏئي سگھين ٿو. جيڪڏھن رسول اڪرم ﷺ کي توکي چمندو نه ڏسان ھا ته توکي ڪڏھن نه چمان ھان.“ اھو چئي حجر اسود جو استلام ڪيو، پوءِ چيو: ”ھاڻ اسان کي طواف (عمري) جي پھرين ٽن چڪرن ۾ رمل ڪرڻ (تکو تکو ھلڻ) جي ڪھڙي ضرورت آھي. رمل ته مشرڪن جي لاءِ ھو ۽ ھاڻ الله تعاليٰ انهن کي تباهه ڪري ڇڏيو.” (1) پوءِ پاڻ فرمايو، ”رمل اھا شيءِ آھي جنهن کي نبي اڪرم ﷺ جن ڪيو ۽ نبي اڪرم ﷺ جي سنت ڇڏڻ اسان کي پسند ناھي.“ (صحيح بخاري)
    ڪيتريون ڳالھيون آھن جن جو مطلب يا مقصد اسان جي محدود عقل ۾ نٿو اچي پر جيئن ته انهن لاءِ الله تعاليٰ حڪم ڪيو آھي يا رسول الله ﷺ جي سنت آھي ان ڪري انهن تي اسان کي عمل ڪرڻو پوي ٿو. سو ظاھري طرح کڻي ڇا به ھجي پر اسان کي اھو سوچڻ کپي ته ان ۾ آھي ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.
    سو حج اھا عبادت آھي جنهن ۾ ھر حاجيءَ کي توحيد ۽ سنت جي پيروي ڪرڻ جي تعليم ملي ٿي.

    (هن جاءِ تي حاشيو لکڻو آهي جيڪو سيٽنگ وقت لکيو ويندو ۽ اهو حاشيو ڪتاب جي صفحي نمبر 183 تي موجود آهي)


    مڪي ۾ رھائش دوران

    حج تي رھائش دوران ھرھڪ حاجي ڏھاڪو کن ڏينهن مديني ۾ پڻ گذاري ٿو. باقي ڏينهن (ويھارو کن) مڪي ۾ رھي ٿو ۽ پنج ڏينهن منى، عرفات، مزدلفه، منى (مزدلفه ۾ رات رھڻ بعد وري منى اچي ٿو ۽ ان ڏينهن وڏي شيطان کي پٿريون ھڻڻيون پون ٿيون ۽ قرباني ڪرڻي پوي ٿي)، مڪي (طواف زيارت ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪلاڪ وري مڪي اچڻو پوي ٿو) ۽ وري منى ۾ اچي رھڻو پوي ٿو. اھڙي طرح حج لاءِ مليل 35 ڏينهن کن جي ويزا ختم ٿيو وڃي.
    حج تي اچڻ مھل سڀني کي جدي ايئر پورٽ تي پھچي پھرين مڪي اچڻو پوي ٿو. جيئن يڪدم عمري جا ارڪان (طواف ۽ سعي) وغيره پورا ڪري احرام جي حالت مان نڪري سگھجي. ان بعد ڏينهن ٻه ترسي حاجي مديني وڃن ٿا پر جيڪي حاجي آخري ڏينهن ۾ حج لاءِ اچن ٿا، جيئن اسان 2 مارچ تي ڪراچي کان نڪتاسين (۽ 15 تاريخ ڌاري حج ھو) انهن کي مديني حج بعد وڃڻ ڏين ٿا ۽ پوءِ اتان ئي (مديني کان) کين جدي موڪليو وڃي ٿو، جيئن پنهنجي وطن ھليا وڃن. جيڪي پھرين ڏينهن ۾ حج لاءِ اچن ٿا. اھي جيئن مٿي لکيو اٿم ته ڏينهن ٻه مڪي ۾ رھي، پوءِ مديني روانا ٿيو وڃن. مديني ۾ ڏھاڪو کن ڏينهن رھي، پوءِ مڪي موٽن ۽ حج جي ڏينهن جو انتظار ڪن ٿا. حج وارا پنج ڏينهن منى، عرفات ۽ مزدلفه ۽ وري منى ۾ رھي مڪي موٽن ٿا. جتان پوءِ ھو واپس وطن ورن، منى، عرفات ۽ مزدلفه مڪي شھر کان ائين آھي، جيئن حيدرآباد شھر، کان سٽيزن سوسائٽي ڄامشورو واري پل ۽ گلستان سجاد.
    سٽيزن سوسائٽي جيتوڻيڪ حيدرآباد جي ايڏو ويجھو ناھي تيئن منى مڪي کان ايڏو ويجھو ناھي پر حج جي ڏينهن ۾ جڏھن ھڪ ئي وقت ٽيهه لک حاجي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ وڃن ٿا ته ٽرئفڪ ايڏي جئم ٿيو وڃي جو پنڌ ھلندڙ بسين وارن کان اڳ پھچيو وڃن. مزدلفه منى ۽ عرفات جي وچ ۾ آھي ۽ مزدلفه ۽ منى ھڪٻئي جي ائين ويجھو آھي، جيئن گلستان سجاد ۽ سٽيزن سوسائٽي(يا کڻي قاسم آباد سمجھو).
    يا ڪراچي ۾ ٽاور مڪو سمجھو ته منى سٽي ڪورٽ جيترو پري آھي. جتان عرفات صدر جيترو پري آھي ۽ مزدلفه اڙدو بازار ۽ ريڊيو پاڪستان وارو علائقو چئي سگھجي ٿو. ڪراچي ته شھر ئي شھر آھي. پر ھيڏانهن رڻ پٽ، واري ۽ جبل آھن. ھفتو اڳ تنبو لڳڻ شروع ٿين ٿا، ان ڪري يورپ وارا منى شھر کي Tent City (تنبن وارو شھر) سڏين ٿا ۽ پوءِ اٺين تاريخ حج لاءِ آيل سڀ حاجي منى جو رخ اختيار ڪن ٿا ۽ 13 تاريخ شام کان اتي وري خاموشي ۽ ماٺ ڇانئجيو وڃي. ان ڪري عام معلومات جي سوالن (Quiz) ۾ اھو سوال اڪثر پڇيو ويندو آھي ته اھو ڪھڙو شھر آھي، جيڪو ھڪدم Populated ٿيو وڃي ۽ پوءِ خالي به ھڪدم ٿيو وڃي.
    منى ۾ ته وري به پنج ڏينهن کان رھائش ٿئي ٿي. عرفات جي ميدان تي ته اڌ ڏينهن مس ٿو رھڻو پوي. منجھند کان وٺي سج لٿي تائين، جيئن ئي شام ٿيندي آھي ته تنبو ھڻڻ وارا سعودي حڪومت جا مزور، تنبن جون پاسن واريون قناتون (پڙدا) کولڻ شروع ڪندا آھن ۽ رات تائين سڀ تنبو کولي ڇڏيندا آھن. ڏينهن ٻن بعد عرفات جي ميدان تان لنگھڻ مھل يقين نه ايندو آھي ته ھي اھو ميدان ھو، جتي تنبو ئي تنبو ھئا ۽ ٽيهه لک عرب، حبشي، انڊين، پاڪستاني، ملئي، انڊونيشي، چيني، ايراني، ترڪ، افغان، يورپي، آمريڪي ڀانت ڀانت جون زبانون ڳالھائڻ وارا اڇي ڪفن جھڙي چادر ۾ ماڪوڙين وانگر ائين پکڙيا پيا ھئا، جيئن ڪو ٽيبل مٿان سنهو لوڻ يا کنڊ ھاريل ھجي. اھڙن موقعن جون ھيليڪاپٽر مان نڪتل تصويرون ڏسي رب پاڪ جي وڏائي ۽ عظمت جو ھڪ دھرئي کي به احساس ٿئي ٿو.
    حج وارا ھي پنج ڏينهن پورا ٿيڻ بعد ٻئي ڏينهن کان مقامي ماڻھو ۽ اوسي پاسي جي ملڪن، يمن، عراق، شام، مصر وغيره جا ماڻھو ڪارن ۽ بسين ۾ پنهنجي ملڪ روانا ٿيڻ شروع ٿين ٿا، ڏورانهن ملڪن جا اھي ماڻھو جيڪي پھرين اڏام ۾ آيا ھئا، اھي به ھلڻ شروع ڪن ٿا، جيڪي پوءِ آيا ھئا ۽ مديني نه ويا ھئا، اھي مديني روانا ٿين ٿا ۽ جيڪي حج کان اڳ مديني مان ٿي آيا ھئا ۽ مڪي ۾ گھٽ ڏينهن رھيا ھئا، اھي مڪي ۾ رھائش جا ويهه ڏينهن کن پورا ڪن ٿا.
    مڪي ۾ رھائش دوران ھر حاجي جي اھا خواھش رھي ٿي ته حرم پاڪ ۾ جماعت سان پنج ئي وقت نماز پڙھجي. ان کان علاوه ھرھڪ پنهنجي وت آھر طواف ۽ عمرا ڪري ٿو. ٻيو نه ته حرم پا ڪ ۾ ويھي ڪعبي شريف کي ڏسي ٿو ۽ تسبيحون پڙھي ٿو، جيئن گھڻي کان گھڻو ثواب حاصل ڪري سگھي. حضرت عبدالله بن عمر رضه جن جو چوڻ آھي ته مون حضور ﷺ جن کي اھو فرمائيندي ٻڌو ته جنهن بيت الله شريف جو طواف ڪيو ۽ ٻه رڪعتون ادا ڪيون، ان ڄڻ ھڪ غلام آزاد ڪيو. (ابن ماجه روايت ڪيو).
    حضور ﷺ جن جو ارشاد آھي ته ”رب پاڪ طرفان روزانو ھڪ سئو ويهه رحمتو ن ھن گھر (ڪعبي) تي نازل ٿين ٿيون، جن مان سٺ طواف ڪرڻ وارن تي، چاليهه نماز پڙھڻ وارن تي ۽ ويهه بيت الله کي ڏسڻ وارن تي نازل ٿين ٿيون.
    سو ان مان ظاھر ٿئي ٿو ته بيت الله شريف کي فقط ڏسڻ به عبادت آھي. ھي اھو گھر آھي، جتي ھرڪو پنهنجو گناهه بخشائڻ ۽ دعا گھرڻ لاءِ اچي ٿو. ھونئن ته مڪو معظم سڄو شھر اھڙو آھي، جتي ھر ھنڌ دعا قبول ٿئي ٿي پر ڪجهه اھڙا خاص ھنڌ به آھن، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اتي دل مان نڪتل ڪا به دعا قبوليت بنا نه ٿي موٽي.
    حضور اڪرم ﷺ جن جو ارشاد آھي ته توھان جو رب وڏو رحيم ۽ ڪريم آھي .جڏھن بندو ھن جي سامھون پنهنجي ٻڪ جھلي ٿو ته ھو ھن کي خالي نه ٿو موٽائي. عالمگير مسجد ۾ ليڪچر دوران ۽ حج جي ڪتابن ۾ پڻ، ھر حاجيءَ کي اھا نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته دعا دل سان گھري ۽ ھر دعا کان اڳ الله تعاليٰ جي واکاڻ ۽ وڏائي بيان ڪجي. پنهنجن گناھن جي معافي گھرجي ۽ درود شريف پڙھڻ کپي.
    ڪجهه اھڙين جاين جو ذڪر ڪيو وڃي، جتي دعا جي قبوليت يقيني سمجھي وڃي ٿي.
    1. ڪعبي تي پھرين نظر پوڻ تي دعا گھرجي.
    2. حطيم اندر، حطيم لاءِ چيو وڃي ٿو ته اھو ڪعبي شريف جو ئي حصو آھي. حضرت عائشه رضه جن فرمائين ٿيون ته منهنجي دل چوندي ھئي ته آئون ڪعبي شريف جي اندر وڃي نماز پڙھان. حضور ﷺ جن منهنجو ھٿ جھلي حطيم ۾ داخل ڪيو ويو ۽ فرمايو: ”جڏھن تنهنجي ڪعبي ۾ داخل ٿيڻ تي دل چوي ته ھتي اچي نماز پڙھندي ڪر، ھي ڪعبي جو ئي حصو آھي. تنهنجي قوم جڏھن ڪعبي جي تعمير ڪئي ته ھن حصي کي (خرچ جي کوٽ ڪري) ڪعبي کان ٻاھر ڪري ڇڏيو“.
    3. ميزاب رحمت جي ھيٺان بيھي دعا گھرجي.
    4. طواف ڪري مقام ابراھيم جي ويجھو يا پرتي ٻه رڪعتون پڙھڻ بعد دعا گھرجي.
    5. خانه ڪعبي جي دروازي جي ھيٺان ملتزم تي.
    حضرت ابن عباس رضه حضور اڪرم ﷺ جن طرفان نقل ڪري ٿو ته ”ملتزم اھڙي جاءِ آھي، جتي دعا قبول ٿئي ٿي ۽ ڪنهن به اتي اھڙي دعا نه ڪئي ھوندي جا قبول نه ٿي ھوندي“.
    ملتزم، حجر اسود کان وٺي ڪعبي شريف جي دروازي تائين جو حصو سڏجي ٿو. شايد ان ڪري جو ان جو نالو ملتزم رکيو ويو آھي، جنهن جي معنى آھي چھٽڻ جي جاءِ.
    ابو دائود ۾ حضرت ابن عباس رضه کان نقل ڪيو ويو آھي ته ھنن ان جاءِ (ملتزم) وٽ بيھي پنهنجي ڇاتي ۽ منهن ان ڀت سان ملائي ڇڏيو ۽ ٻنهي ھٿن کي ڀت تي وڇائي چيو، مون ان ريت حضور اڪرم ﷺ جن کي ھتي دعا گھرندي ڏٺو.
    6. حجر اسود وٽ
    7. رڪن يماني ۽ حجر اسود جي وچ ۾.
    حضرت عبدالله بن عمر رضه جو چوڻ آھي ته مون رسول الله ﷺ جن کي اھو فرمائيندي ٻڌو ته حجر اسود ۽ رڪن يماني کي ڇھڻ سان گناهه ختم ٿيو وڃن (ان کي ابن خزيمہ روايت ڪيو).
    حضور اڪرم ﷺ جن جو ارشاد آھي ته رڪن يماني تي ستر ملائڪ مقرر آھن، جيڪو شخص ان تي وڃي ھي دعا پڙھي ٿو: اَللھُمَ اِنِي اَسئَلُڪَ العَفوَ وَالعَافِيت.ُ فِي الدُنيا والاخرت رَبَنا آتنا فِي الدنيا حَسنَت.ُ وَ فِي الاخِرتِ حَسنَت.ُ وَ قِنا عَذابُ النارِ.
    ته اُھي ملائڪ ھن جي دعا تي آمين چون ٿا.
    8. چاهه زم زم وٽ.
    9. سعي دوران ۽ صفا مروه وٽ بيھي ڪعبي ڏي منهن ڪري.
    10. مولد النبي صه تي وڃي.
    11. جبل ابو قبيس تي.
    12. جبل رحمت وٽ.
    13. غار حرا ۾.
    14. مزدلفه ۾.
    15. غار ثور ۾.
    16. طواف ڪندي.
    17. عرفات جي ميدان تي.
    18. منى ۾ ۽ شيطانن کي پٿريون ھڻڻ وقت. وغيره وغيره.
    حضور اڪر مﷺ جن جو ارشاد آھي ته ماڻھو جيڪڏھن گھر ۾ نماز پڙھي ٿو ته فقط ھن نماز جو ثواب ھڪ کي ملي ٿو ۽ محلي جي مسجد ۾ ستاويهه دفعا گھڻو ثواب ملي ٿو ۽ جامع مسجد ۾ پنج سئو دفعا ثواب وڌيڪ ملي ٿو ۽ بيت المقدس جي مسجد ۾ ھڪ نماز جو ثواب پنجاهه ھزار نمازن جيترو ملي ٿو ۽ منهنجي مسجد ۾ يعني مديني پاڪ جي مسجد ۾ پڻ پنجاهه ھزار نمازن جيترو ثواب آھي ۽ مڪي شريف جي مسجد ۾ ھڪ لک نمازن جو ثواب آھي.
    پاڪستان مان نڪرڻ وقت اسان عمري جو احرام ٻڌي نڪرون ٿا ۽ مڪي شريف پھچي عمري جا ارڪان: طواف، سعي، حلق يا قصر سرانجام ڏيون ٿا ۽ اھڙي طرح عمرو ٿئي ٿو ۽ احرام جي پابندين ۽ ڪپڙن کان آزادي ملي ٿي. مڪي بعد مديني وڃڻ ٿئي ٿو ۽ مديني مان وري مڪي اچڻ مھل اسان رستي تي (مديني جي ڀرسان) ھڪ ڳوٺ ذوالحليفه (جنهنجو اڄڪلهه نئون نالو بئر علي آھي) تان عمري لاءِ احرام ٻڌون ٿا. ذوالحليفه مديني کان ايندڙن لاءِ ميقات آھي.
    انهن عمرن کان علاوه مڪي ۾ رھڻ دوران وڌيڪ عمرا ڪرڻ لاءِ ميقات واري جاءِ تي عمري لاءِ احرام ٻڌڻ خاطر تنعيم يا جعفرانه وڃڻو پوي ٿو. ھي ٻه جايون مڪي جي ويجھو آھن ۽ بس يا ٽئڪسي ۾ وڃي سگھجي ٿو. ياد رھي ته تنعيم ۽ جعفرانه ميقات نه آھن پر حدود حرم کان ٻاھر آھي. اتي مسجدون ٺھيل آھن، جتي ٻه رڪعتون ادا ڪري عمري جي نيت ڪئي وڃي ٿي. مسجد تنعيم مسجد عائشه ۽ مسجد عمرا به سڏي وڃي ٿي، ڇو ته حضرت عائشه رضه حضور اڪرم ﷺ جن جي حڪم مطابق عمري لاءِ احرام ھتان ٻڌو ھو. ھي مسجد مڪي مڪرمه کان ٽي ميل اتر ۾ جدي ڏي آھي.
    جعفرانه طائف شھر ڏي آھي. ھي اھا تاريخي جاءِ آھي، جتي صحابه ڪرام رضه سان گڏ حضور ﷺ جن تشريف فرما ٿيا ھئا. ھن جاءِ تان به احرام ٻڌي عمرو ڪيو وڃي ٿو ۽ ماڻھو ان عمري کي وڏو عمرو سڏين. شايد ان ڪري جو ھي ھنڌ جعفرانه تنعيم کان پري آھي. جعفرانه مڪي شريف کان اٽڪل 25 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آھي.
    مڪي ۾رھڻ دوران عبادتن بعد دنيا جي ڪمن ۾ حاجين لاءِ اھم ڪم کاڌي پيتي جو بندوبست ٿئي ٿو. پوءِ ڪن اسان وانگر گھر ۾ رڌ پچاءَ جو بندوبست ڪيو ھو ته ڪي ھوٽلن ۾ کائيندا ھئا. ھينئر ته مڪي (۽ مديني ۾ پڻ) دنيا جي ھر شيءِ ملي ٿي. قدم قدم تي ھوٽلون ۽ کاڌي پيتي جا دڪان آھن، نه ته اڄ کان پنجاهه سٺ سال کن اڳ جن حج ڪيو، اھي ٻڌائين ٿا ته ھو کاڌي پيتي جي ھر شيءِ پنهنجي ملڪ مان کڻي ويندا ھئا. مون کي پڻ ننڍپڻ جا ڏينهن ياد آھن ته پاڙي جا ماڻھو حج تي ويندا ھئا ته ڪي مھينا ھو حج جي تياري ڪندا ھئا. پاڻ سان چانور ۽ اٽي جھڙيون شيون ته دٻا ڀري کڻي ويندا ھئا پر گوشت ۽ مڇي به سڪائي پاڻ سان کڻندا ھئا ۽ چڱو جو انهن ڏينهن ۾ ھوائي جھاز بدران پاڻي جي جھاز ۾ سفر ٿيندو ھو، نه ته رڳو ھرھڪ حاجي سان گڏ سامان جا ايترا سارا دٻا ڪھڙي ھوائي ڪمپني پنهنجي ھوائي جھاز تي ڍوئڻ پسند ڪري ھا.
    حج بابت ھڪ سفرنامو پڙھي رھيو ھوس، جنهن جي لکڻ واري 1925ع ڌاري حج ڪيو ھو. پاڻ دھلي (يا شايد لکنئو) کان پاڻي واري جھاز ۾ چڙھڻ لاءِ بمبئي پھتو ۽ بمبئي ۾ ٻارنهن ڏينهن حج جي سفر لاءِ سامان پئي ورتائين ۽ ان سامان ۾ کاڌي پيتي جي سامان کان علاوه ٿانوَ ٿپا، ديڳڙا، چالھيون، لالٽين، ھنڌ بسترا، بالٽيون وغيره وغيره پڻ وٺڻا پيا، جو انهن ڏينهن ۾ مڪي ۽ مديني ۾ ھر شيءِ حاجي کي ڪرڻي پئي ٿي. عربستان ۾ اڃا تيل جي پئسن جو استعمال شروع نه ٿيو ھو. ھندستان جا شھر ۽ رستا ۽ ٻيون سھولتون (پاڻي ۽ بجلي وغيره) وڌيڪ بهتر ھيون ۽ ٻين حاجين وانگر ھن حاجي کي به رکي رکي ننڍي کنڊ جون ھوادار ۽ سھڻيون جايون، رستا ۽ لاريون، گاڏيون ۽ بگيون ياد ٿي آيون. انهن ڏينهن ۾ وري اھو به شڪر آھي جو ننڍيون لاريون نڪتيون ھيون، جيڪي عربي سڏبيون ھيون ۽ مديني کان مڪي ڏينهن ٻن ۾ اچي پڄائينديون ھيون. منجھس چوڏھن کن ماڻھو سوڙھا سگھورا ٿي ويندا ھئا. سامان ھفتو کن اڳ اٺن تي موڪلبو ھو. جو اھي پھچڻ ۾ ھفتو کن وٺندا ھئا.
    بهرحال ان ھوندي به حاجي سڳورا خوش ھئا، جنهن جو اظھار مٿين ھمراهه به ڪيو آھي ته اھو به شڪر آھي جو ھاڻ پاڻي واري جھاز تي ماني جو بندوبست مسافرن کي نه ٿو ڪرڻو پوي ۽ جھاز جي بورچيخانن ۾ ماني ٺاھي وڃي ٿي، نه ته 1925ع کان اڳ حاجين کي سامونڊي سفر جا اٺ ڏهه ڏينهن ڊيڪ تي رڌ پچاءُ جو بندوبست ڪرڻو پوندو ھو. خراب موسم ۽ گرمي ۾ جڏھن ٺھيل ٺڪيل کاڌو ملي ٿو ته اھو ئي اھڙي حالت ۾ سمنڊ کي کاڌو نه ٿو ٿئي. اتي مسافرن کي پاڻ رڌ پچاءُ ڪرڻ ۽ جھاز جي لوڏن کان پاڻ کي ۽ پنهنجي سامان کي بچائڻ لاءِ ڪيتريون تڪليفون ۽ اوجاڳا ڪرڻا پوندا ھئا. ھڪ جھاز ھلائڻ وارو يا سامونڊي زندگي کان واقفڪار ئي سمجھي سگھي ٿو. ان حساب سان اڄڪلهه حج جو سفر ڪو ڏکيو نه رھيو آھي. اھا ٻي ڳالهه آھي ته حج تي ماڻھن جو تعداد وڌڻ ڪري دوران حج (خاص ڪري حج وارن ڏينهن ۾) طواف يا سعي ۾ گھڻي رش رھي ٿي.
    حاجين جو کاڌي پيتي جي ھوٽلن ۽ دڪانن کان علاوه ٻين دڪانن تي پڻ چٽو وڃڻ ٿئي ٿو. خاص ڪري آخري ڏينهن ۾، حج جو فرض پورو ٿيڻ بعد پبلڪ ٽيليفونن تي به چڱي رش رھي ٿي. ھرھڪ پنهنجن مٽن مائٽن ۽ ٻارن جي خبر چار لھڻ لاءِ يا پنهنجي ايندڙ ڏينهن جو پروگرام مائٽن کي ٻڌائڻ لاءِ ٽيليفون ڪري ٿو. اڄڪلهه ٽيليفون ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم ناھي. پئسا خرچيو ته سيڪنڊن جا فيصلا آھن. مڪي توڙي مديني ۾ جڳهه جڳهه، گھٽي گھٽي ۾ ٽيليفون بوٿ لڳل آھن، جن ۾ ڪارڊ وجھي فون ڪري سگھجن ٿا. ھڪ سئو يونٽن جو ڪارڊ پنجاهه ريالن ۾ ملي ٿو ۽ ڪٿي ته 55 ريالن جو به مليو ٿي، جنهن ذريعي مڪي يا مديني کان پنهنجي ڳوٺ ڏهه ٻارھن منٽ ڳالھائي سگھجي ٿو. ڪيترائي ٽيليفون جا دڪان پڻ آھن، جتي ڏهه ٻارنهن ننڍا ڪمرا (Cubicles) ٺھيا پيا آھن. ڳالھائڻ بعد دڪان جو مالڪ منٽن مطابق توھان کي بل ڏيئي سگھي ٿو. پنهنجي ملڪ، شھر ۽ گھر فون ڪرڻ لاءِ پھرين ٻه دفعا زيرو ملائڻو پوي ٿو، ان بعد ملڪ جو ڪوڊ يعني پاڪستان جو 92 ٿيو. ان بعد شھر جو مثال طور دادو جو نمبر 229 ٿيو ۽ پوءِ گھر جو 610614 يعني ٽيليفون کڻي ان ۾ ڪارڊ وجھي يڪو نمبر ملائڻو پوندو0092229610614..
    پنجاهه جي سڄي گروپ مان روز ڪجهه ماڻھو پنهنجي وطن فون ڪندا ھئا ۽ پوءِ شام جو ٻين جي دلچسپي لائق خبرون ٻڌائيندا ھئا ته ڪراچي ۾ ڦڙ ڦڙ وسي. اسلام آباد ۾ ڪلنٽن اچي رھيو آھي. پاڪستان ۾ ذوالحج جو چنڊ نه ڏٺو آھي. ھن سال حاجين جي ڪراچي ايئرپورٽ موٽڻ تي ڪسٽم چيڪنگ نه ٿيندي.
    منجھند جو اڳين (ظھر) نماز کان ڪلاڪ ٻه اڳ ۾ ۽ عشاءِ نماز بعد گروپ جا سڀ کان گھڻا حاجي ڪمري ۾ موجود ھوندا ھئا ۽ پوءِ ڪڏھن ديني ڳالھين جو دور ھلندو ھو ته ڪڏھن دنيا جي خبرن جو. اسان جي گروپ ۾ جيئن ته واپاري ڪميونٽي جا ماڻھو گھڻا ھئا. ان ڪري واپاري جون ڳالھيون گھڻيون ھلنديون ھيون. اھي ٻڌي مون کي تعجب لڳندو ھو ته ان سبجيڪٽ تي ھنن جي ڄاڻ ۽ ذھانت ڪيڏي وسيع آھي. جيتوڻيڪ اڌ کان وڌيڪ مئٽرڪ تائين مس پڙھيل ھئا پر تعليم جي پنهنجي اھميت آھي ته تجربي جي پنهنجي ھنن کي ابن ڏاڏن کان ڌنڌي جو مليل ھنر ۽ تجربو ايڏو آھي جو پرئڪٽيڪل زندگي ۾ ھڪ ڪامرس ۽ فائننس جو Ph-D به ھنن جو مقابلو نه ڪري سگھي.
    نور احمد چاندنا جنهن جو رنگ (Paints) جو واپار آھي. تنهن ٻڌايو ته اسان جي ملڪ (پاڪستان) ۾ اوڌر جو ڏاڍو مرض آھي، ھر ڪو شيءِ وٺي وڃي ٿو پر اوڌر تي. پوءِ رلائي رلائي قسطن ۾ پئسا ڏئي ٿو. ڪيترا ته قسطن ذريعي به ڪجهه پئسا ڏئي ڪجهه کائي ويندا ۽ پوءِ ماڳھين نظر نه ايندا، پوءِ کين اسان ڳوليندا وتنداسين.
    ”کانئن رھيل پئسا وصول ڪرڻ لاءِ؟“ مون چيومانس.
    ”نه، کين چوندا آھيون ته باقي رھيل پئسا کڻي نه ڏيو پر وڌيڪ مال وٺڻ لاءِ ته اچو، ڇو ته اسان اھو ئي چاھيون ٿا ته پئسا کڻي ڪجهه گھٽ ملن پر مال ته نڪرندو رھي ۽ جي سختي ٿي ڪجي ته ڪو به نه ٿو اچي. ھو ٻين کان وڃيو وٺن. جيڪي اوڌر ڏين ٿا“. ھن ٻڌايو.
    اڪثر بنگلاديش ۽ انڊونيشيا جو گھڻو ذڪر نڪرندو ھو، جن جون ٽوپيون مردن جون قميصون ۽ ٻارن جا ڪپڙا مڪي جي سڄي مارڪيٽ ۾ ڇانيل ھئا.
    ”سان ايڪسپورٽ ۾ پٺتي ٿي ويا آھيون. حڪومت هڪ طرف مدد يا ھمت افزائي نه ٿي ڪري. مزورن جو مسئلو ٻئي پاسي آھي. رشوت ۽ ڀتا خوري ٽئين طرف آھي. نتيجي ۾ اسان جي ملڪ ۾ ٺھيل ھر شيءِ جي قيمت ايڏي گھڻي ٿيو وڃي جو بين الاقوامي مارڪيٽن ۾ اسان مقابلو نه ٿا ڪري سگھون. ڪيتريون شيون ته پنهنجي ملڪ ۾ به مھانگيون پون ٿيون. ان ڪري ڪيتريون شيون جيڪي ٻاھرن ملڪن ۾ ٺھي اسان جي ملڪ ۾ اچن ٿيون. انهن جي قيمت اسان جي ملڪ ۾ ٺھيل شين کان گھٽ آھي“. ھڪ بزنيس مئن ٻڌايو.
    ڊاڪٽر فضل ربي جيڪو دل جو سرجن آھي ۽ دل جون آپريشنون ڪري ٿو. ان سان اڪثر انگلينڊ جي ڏينهن جي ڳالهه ٻولهه ٿيندي ھئي، جتي ھو اٺ سال کن رھي آيو ھو. ھڪ ڏينهن ڳالھين ڪندي ھن ٻڌايو ته پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ اھو فرق آھي جو انگلينڊ ۾ سينئر پروفيسر (سرجن) ڏکيون آپريشنون پنهنجي ھٿ ۾ ٿو کڻي. ھتي جيڪا ڏکي آپريشن ھوندي، جنهن ۾ مريض جي بچڻ جي گھٽ اميد ھوندي اھا جونيئر حوالي ڪري ڇڏيندو، جيئن مريض مري پوي ته خواري جونيئر جي ٿئي. سولي آپريشن بس سمجھو ته پليٽ ۾ حلوو کائڻ آھي ته اھو ڪم پاڻ کڻندا، جيئن سندن ناموس ٿئي ته ”ھو وڏا قابل ڊاڪٽر آھن، سندن ھر آپريشن ڪامياب ٿي وڃي ۽ جونيئر ڊاڪٽر ماڻھو ٿا مارين“. ساڳي وقت ھيٺين پوسٽن وارن جي پروموشن به ڏکي ۽ دير سان ڪئي وڃي ٿي.
    ڪڏھن ته چرچا ڀوڳ به ھلندا ھئا. اسان جي گروپ ۾ محسن نالي بزنيس مئن آھي، جيڪو نه فقط ننڍي عمرجو آھي (اٽڪل 28 سال کن جو ٿيندو) پر قد ۾ به ننڍو آھي. مصري عرب جيڪا جبا (توب) پائين ٿا، اھي بيحد ويڪرا ۽ ھيٺ وڏي گھير وارا ٿين ٿا. نماز تي ماڻھن جو گھڻو تعداد ۽ جاءِ جي سوڙهه ھجڻ ڪري ھڪٻئي جي پويان ايترو ويجھو بيھڻو پوي ٿو جو سجدي لاءِ مس جاءِ ملي ٿي. اھڙي صورت ۾ انهن مصري عربن جي وڏي گھيري وارا توب (پھراڻ) سجدي ۾ پويان بيٺل ھمراهه جي مٿان وڇائجيو وڃن ۽ ڪيترا دفعا سجدي مان اٿي بيھي سڌو ٿيڻ مھل پٺئين ھمراهه جو ڪنڌ ھنن جي توب ۾ ڦاسيو پوي. مٿين ھمراهه محسن چيو ته ھو ته ھڪ دفعي ذري گھٽ اڳيان بيٺل عرب جي توب (جبي، پھراڻ) ۾ اندر ھليو ويو ھو.
    ھڪ دفعي منجھند جي ماني تي اچي ڳالهه نڪتي ته نارمل انسان لاءِ ڪيتري خواري ضروري آھي.
    ”ڇا ڪئلورين جي حساب سان؟“ ڊاڪٽر شفيق پڇيو.
    ”نه وزن جي حساب سان“ اسان جي ٽولي جي ليڊر احسان شيخ صاحب چيو.
    ”ھڪڙي ڪڪڙ“. ڪنهن جواب ڏنو.
    ”اڌ ڪڪڙ. پر ڪڪڙ ڪيتري وزن جي ٿئي ٿي؟“ ڪنهن ٻئي چيو. ”ڪڪڙ ته ھڪ ڪلو، ڏيڍ ڪلو ۽ ٻن جي به ٿي سگھي ٿي پر صاف ٿيڻ ۽ پچڻ بعد سڪي اڌ ڪلو به ٿي سگھي ٿي“. احسان صاحب چيو ”بهرحال انسان جي ھر ويلي تي وڌ ۾ وڌ خوراڪ ڇهه سئو، ساڍا ڇهه سئو گرام آھي. آئون پھلوانن، جوڌن، جپاني سومون ٿلھن جي ڳالهه نه ٿو ڪريان. ھڪ نارمل ماڻھو جي ڳالهه ٿو ڪريان“.
    ”ڪي ڪي نارمل ماڻھو به گھڻو کائين ٿا. ڪٿي ڪٿي بوفي ٽائيپ لنچ يا ڊنر ھوندي آھي ته ڀينگ ڪري ڇڏيندا آھن“. شميم احمد ٻڌايو جنهن کي ڪراچي ۾ شادي ھال آھي.
    ”ھا صحيح ٿا چئو“. فيروز سندس ڳالهه جي تائيد ڪندي ٻڌايو، پر ڪراچي جا ماڻھو ڪمزور، پريشان ۽ ھر وقت ڀڄ ڊڪ ۾ اھڙو رھن ٿا جو سندن معدو صحيح نه ٿو رھي“.
    ”آئون پنجاب پاسي جي ماڻھن جي ڳالهه ٿو ڪريان.“ شميم چيو. ”ھا پنجاب پاسي جا ماڻھو صحتمند آھن ۽ گھڻو کائين ٿا پر لاھور پاسي جا ايترو نه ٿا کائين جيترو گجرانوالا جا“. ھڪٻئي ٻڌايو.
    شميم صاحب ٻڌايو ته واقعي گجرانوالا جي ماڻھن سان کائڻ ۾ ڪير نه پڄي سگھندو. اسان وٽ جڏھن ڪو شادي جو ھال بُڪ ڪرائڻ ايندو آھي ته ماني جو في ماڻھو جي حساب سان اگهه پڇندو آھي ته اسان اگهه ٻڌائڻ کان اڳ کائنس اھو معلوم ڪندا آھيون ته شادي ۾ دعوتي ڪير ھوندا؟ ڪراچي جا پڙھيل ڳڙھيل يا اوسي پاسي جي ٻهراڙي جا؟ سنڌ جي ڳوٺن جا يا پنجاب جا؟ ۽ پنجاب جا به ڪٿي گجرانوالا جا ته نه ھوندا؟ ڇو جو جتي اسان ٻين لاءِ اڌ ڪڪڙ جي حساب سان پئسا چارج ڪندا آھيون، اتي گجرانوالا کان آيل لاءِ ڄڃ لاءِ في ماڻھو ڏيڍ ڪڪڙ جي حساب سان چارج ڪندا آھيون. بلڪھ ڪيتريون ڪئٽرنگ ڪمپنيون گجرانوالا کان آيل مھمانن جو ٻڌي جواب ڏئي ڇڏينديون آھن.
    ”يارو آئون توھان کي ڇا ٻڌايان“. ھڪ ٻئي بزنيس مئن ٻڌايو، جنهن کي ڌنڌي جي لحاظ کان پنجاب وڃڻو پوندو آھي. ”ھڪ دفعي پنهنجي پنجابي بزنيس مئن دوست وٽ گجرانوالا ويس. منجھند جي ماني ھن جي گھر کاڌيم. اسان ٻه ڄڻا ھئاسين. ٽيون سندس پٽ، سندس بورچي وڏو ڊش ٻوڙ جو اچي رکيو، جنهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ يا ٻن ڪڪڙين جيترو گوشت ھوندو. کائڻ جو آئون به مڙس ماڻھو آھيان. ٻه چار ٻوٽيون پليٽ ۾ رکي ماني سان ٿي کاڌيم ته ميزبان دوست رڙ ڪري چيو ته ھي ڇا؟
    ”ڇو؟“ مون وائڙو ٿي پڇيو.
    ”ماني سان گوشت ٿو کائين؟ گوشت ته رکو کائڻ کپي“. ھن چيو.
    ”ته پوءِ ھي ماني ڇا جي لاءِ آھي؟“ مون تعجب مان پڇيو.
    ”اھا ته آخر ۾ منهن اگھڻ لاءِ آھي“. ميزبان جواب ڏنو.
    ڪڏھن ڪڏھن ديني مسئلن تي به اچي بحث ٿيندو ھو. جنهن لاءِ جيتوڻيڪ اسان کي شروع کان بلڪه ڪراچي ڇڏڻ کان اڳ اسان جي گروپ ليڊر احسان الاھي سڀني کي سختي سان چيو ھو ته ھرھڪ پنهنجو عقيدو پاڻ تائين رکي. ٻئي سان بحث نه ڪري پر پوءِ ڪنهن وقت گروپ ليڊر نه ھوندو ھو ته شروع ٿي ويندا ھئاسين. بس اسين ماڻھو عادت کان مجبور جيسين بحث مباحثا نه ڪريون، تيسين ماني ھضم نه ٿئي. ڪڏھن ڪڏھن ته اڌ گابرو رسي به اٿندا ھئاسين. جيتوڻيڪ اصل ڳالهه ۾ ڪجهه به نه ھوندو ھو. جيئن مثال طور: ھڪ اھڙو بحث ھن وقت ياد پيو اچي ته ڪنهن کڻي چيو ته ”مولانا مودودي کي عربي نه ايندي ھئي“، پوءِ ته سڀ شروع ٿي ويا. ڪي ان جي Favour ۾ ته ڪي ان جي مخالفت ۾. اھڙي طرح ٻين عنوانن تي بحث ھلندو ھو. جن مان ھن وقت ڪو ياد نه آھي.
    ڪڏھن ڪڏھن بحث دوران ھڪ ٻئي کي سٺيون ڳالھيون به ٻڌايون وينديون ھيون. نواب عبدالستار، حافظ سعيد ۽ چوڌري مھتاب جھڙا ڪيتريون ئي سٺيون سٺيون اسلامي ڳالھيون ۽ حديثون ٻڌائيندا ھئا. بلڪھ گھڻو وقت سٺين ڳالھين ۾ گذرندو ھو. عالمگير مسجد جي ٻين گروپن جا ليڊر ايندا ھئا ته اھي به ھميشھ مذھبي ڳالھيون ڪندا ھئا. ھرھڪ جا ڪيترائي حج ۽ عمرا ٿيل ھئا. ھو عربي زبان کان به واقف لڳي ٿا. ان ڪري اسان جھڙن جاھلن ۽ نون حاجين ھنن مان پرايو ٿي. ان ڪري ڪراچي ۽ اوسي پاسي جا ماڻھو جيڪي اڪيلا آھن ۽ گروپ ٺاھي نه ٿا سگھن يا کين حج جي گھڻي واقفيت ناھي، انهن کي آئون اھا ئي صلاح ڏيندس ته ھو عالمگير مسجد ۾ ھليا وڃن، جيڪا بهادر آباد ۾ آھي، جن جو شعبو انصار الحجاج ھنن جي مدد ۽ رھنمائي ڪري سگھي ٿو ۽ اسان وانگر توھان کي ڪنهن گروپ سان شامل ڪري حج تي روانو ڪري سگھي ٿو يا ٻين اھڙن ادارين سان گڏجي وڃجي.
    مڪي پھچي (توڙي مديني پڻ)، سعودي حڪومت جي ويجھي اسپتال ضرور ڏسي ڇڏجي، جيئن ٿڌ بخار يا ٻي بيماري ۾ دوا درمل وٺي سگھجي. اھڙين اسپتالن ۾ دوا توڙي ايڪسري ۽ ٻيا ٽيسٽ مفت ٿين ٿا، ڪي بيماريون کنگهه، تپ جھڙيون عام ٿين ٿيون، جنهن لاءِ دوائن جو دڪاندار (فارميسي وارو) به ڪا دوا Suggest ڪري سگھي ٿو ۽ گروپ ۾ جيڪڏھن ڪو ڊاڪٽر آھي ۽ توھان پنهنجي وطن کان گھربل دوائون کڻي آيا آھيو ته اھو ته اڃا به سٺو جو دڪانن تي دوائون ڪافي مھانگيون آھن.
    اسان جي رھائش واري جاءِ جي سامھون يعني رستي جي ٻئي پاسي اجياد اسپتال ھئي، جنهن ۾ ڪم ڪندڙ ھڪ پاڪستاني ڊاڪٽر عبدالغني اسان جي گروپ جي ھڪ حاجي جو ڀائٽيو ھو ۽ ٻئي ٽئي ڏينهن منجھند جي ماني تي اسان وٽ ايندو ھو ته اسان جي گروپ جا ڪيترائي حاجي ھن سان دوا درمل جي ڳالهه ڪندا ھئا. مون کي به ٻه ٽي دفعا بخار ٿيو ۽ آخري ڏينهن ۾ کنگهه ٿي ته واپس ڪراچي تائين رھي. منهنجي خيال ۾ ڏينهن ٻن جي بخار لاءِ ڪا پونسٽان، ڊسپرين، پئناڊال جھڙي گوري پاڻ ئي کائي ڇڏجي ۽ سعودي اسپتال جي ڊاڪٽر وٽ نه وڃجي ته بهتر، جو ھرھڪ کي ڪا نه ڪا ائنٽي بائٽڪ ڏيو ڇڏين ۽ ائين معمولي معمولي ٿڌ تپ لاءِ ڳريون دوائون کائڻ به ته صحيح ناھي.
    مڪي ۾ واندڪائي ۾ حاجي پنهنجي مٽن مائٽن، ڄاڻن سڃاڻن سان به ملندا رھن ٿا، پوءِ ڪنهن جي ڪنهن سان حرم پاڪ ۾ ملاقات ٿيو وڃي ته ڪنهن جي شھر جي بازارين ۾، اسان جي ڳوٺ جا به سئو کن حاجي مختلف اڏامن ۾ آيا ھئا، تفصيل سان خبر نه ھيم ته ڪير ڪير آيا آھن پر اھا خبر ھيم ته انهن ۾ ھڪ اسان جو مائٽ محمد عيسيٰ ميمڻ ۽ ان جي پوڙھي والده به ھئي. ھو اسان کان ھفتو کن اڳ واري فلائيٽ ۾ آيا ھئا پر اسان کي ھڪ ٻئي جي رھائش جي خبر نه ھئي. اسان پھرين ڏينهن کان وٺي کين حرم پاڪ اندر توڙي ٻاھر ماڻھن جي انبوهه ۾ ڳوليندا رھياسين ٿي پر ٽيهه لک ماڻھن ۾ ڪنهن کي ڳولڻ ائين آھي، ڄڻ بهه ۾ سئي ڳولڻ، اڃا به ڪنهن جو لنگهه حرم پاڪ جي ساڳي دروازي مان آھي ته پوءِ ھڪ ٻئي سان ملاقات آسان آھي. پنج وقت نمازن مان ڪنهن ڏينهن ڪنهن نماز لاءِ ويندي يا موٽندي ان در وٽ ملاقات ٿيو وڃي. باقي مختلف در آھن ته پوءِ ڏکيو ڪم ٿيو پوي. مون کي جڏھن به وقت ملندو ھو ته پنهنجي گھٽي ۾ ٿي بيھندو ھوس ته من ڪو اسان وارو مائٽ يا ھالا جو ڪو ماڻھو ملي، پر ھزارين ماڻھن ۾ ڪي ٿورا پاڪستاني مھانڊا نظر ايندا ھئا، سي به پٺاڻ، افغاني يا پنجابي ھوندا ھئا، نه ته ڳاھٽن جا ڳاھٽ ترڪ، عرب، آفريڪن، ملئي، انڊونيشي وغيره ھوندا ھئا.
    ھڪ ڏينهن سنڌي ۾ ڳالھائيندي ٻه ٽي ڄڻا اچي لنگھيا. پاڻ سانگھڙ پاسي جا ميان ۽ لغاري ھئا. ”ڀائو ڪھڙي پاسي ٿا رھو؟“. مون پڇيومان.
    ”او ايڏانهن پل جي ھن پاسي کاٻي گھٽي ۾“. ھنن ٻڌايو.
    ”ايڏانهن ڪي ھالن جا آھن؟“ مون پڇيومان.
    ”نه. ھالن جا ته نه آھن پر اسان جي بلڊنگ ۾ خيرپور ۽ سکر پاسي جا آھن، ڀر واري بلڊنگ ۾ لاڙ جا رھن ٿا پر ھالا جا نه آھن“.
    اھڙي طرح ڪنهن به سنڌي ڳالھائيندي يا سنڌي ٽوپي ۾ ڏسندو ھوس ته پڇندو ھوس ته پاڻ ڪير آھي ۽ مڪي شريف ۾ ڪٿي رھي ٿو. آخري ڏينهن ۾ حج بعد جڏھن ھاڻ اسين مديني وڃي رھيا ھئاسين ته آخر ڳوٺ وارن سان ملاقات ٿي وئي.
    مڪي ۾ رھائش دوران حاجي مڪي کان ٻاھر، ويجھڙائي وارين ڪجهه اھم جاين جو پڻ ديدار ڪن ٿا. جھڙوڪ غار حرام، ثور جبل، جبل رحمت، مولود النبي وغيره. ڪجهه اھڙين زيارتن جو مختصر احوال ٻئي چئپٽر ۾ ڏيان ٿو.


    چنڊ جو ٻه اڌ ٿيڻ

    حج يا عمري جو اھڙو سفر آھي جنهن ۾ ماڻھو ٻين سفرن يا سيرن وانگر پنهنجي يا Guide جي مرضي موجب گھمي ڦري نه ٿو. ھرھڪ عبادت ۾ مشغول رھي ٿو ۽ حقيقت به اھا آھي ته ھرھڪ ھيڏو خرچ ڪري، مٽ، مائٽ، دوست احباب ڇڏي ھيڏو سفر ڪري ھتي جو پھتو آھي، فقط ان ڳالهه لاءِ.
    ھڪ ڏينهن صبح جي پھر ستين ساڍي ستين بجي ڌاري باب اجياد واري در وٽ لڳل ھلندڙ ڏاڪڻين(Escalators) ذريعي حرم پاڪ جي مٿين ماڙ (ڇت) تي ھليو ويس. تهجد ۽ فجر تي آيل ماڻھن مان ڪيترائي اشراق پڙھي گھرن ڏي روانا ٿي چڪا ھئا ۽ ان ڏينهن باقي ڏينهن کان ھونئن به رش گھٽ ھئي. آئون ڇت جي چوڌاري چڪر ڏئي ھيٺ بيت الله ۽ حرم پاڪ جي ٻاھران ٺھيل ڊگھين عمارتن ۽ انهن جي پويان جبلن جو نظارو ڪري رھيو ھوس. دل ۾ آيو ته ڪو اھڙو ھتي جو واقفڪار ملي وڃي ته ان کان تاريخي نقطي نگاهه ان ڪجهه شيون پڇجن. خاص ڪري ڇت تان جيڪي ٽي گنبذ نظر اچي رھيا ھئا يا حرم پاڪ جي ڪجهه حصن کي ايئر ڪنڊيشنڊ رکڻ جي سسٽم بابت پر ڇت تي جيڪي موجود ھئا. انهن قرآن شريف جي تلاوت پئي ڪئي يا تسبيح پئي پڙھي. رکي رکي اڪيلي سر يا ننڍن ٽولن ۾ ترڪ، ايراني يا مصري لنگھيا ٿي پر پڪ ھيم ته اھي منهنجي انگريزي نه سمجھندا جو ھو اڪثر پنهنجي مادي زبان ترڪي، ايراني يا عربي ڳالھائين ٿا. اتي ھڪ سنهڙو جوان سنڌي ٽوپي ۾ اچي لنگھي، ڪجهه ڏينهن ملتاني لڳي رھيو ھو. ان کان اڳ جو مون کي ڪراس ڪري، گھڻو پري نڪري وڃي، مون کيس ٻانهن ۾ ھٿ وجھي پڇيو: ”ڀائو سنڌي آھين؟“ اھو پڇڻ سان مون کي پاڻ به شرمندگي ٿي، جو اھو جملو سنڌ ۾ (۽ توبه نعوذ بالله ھتي ڀلارن پٽن تي پڻ) ڪو ان قسم جو سوال ڪري ٿو ته: ”آپ ڪا تعلق پاڪستان سي ھي؟ يا اردو سمجھتي ھين؟“ معنى ان کانپوءِ اڳلو پنهنجي کيسي ڪترڻ ۽ مدد ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو.
    ھن سنڌي ٽوپي واري ھمراهه به شايد اھا ڳالهه ڌيان ۾ رکي پھرين مون کي گھوري چڙ مان ڏٺو، (جيئن آئون کيسي ڪترڻ واري ڳالهه ڪرڻ جي موڊ ۾ ھجان ته سندس منهن جو غير-ھمدرانه پنو ڏسي دل-شڪستو (Discouraged) ٿي وڃان) پر پوءِ الائي ڇو، شايد ھو منهنجي شڪل مان سمجھي ويو يا ائين ئي دل ۾ آيس جو منهن تي مرڪ آڻي ھائوڪار ڪيائين. سندس منهن ۾ نور ۽ ڏاڙھي ته اڳھين ھئي ۽ ھاڻ مرڪ سان سندس منهن ھيڪاندو ملوڪ ٿي پيو، ڪجهه ڳالھائڻ خاطر پڻ. جو منهنجي ٽولي جي 25 مردن ۾ مون کان سواءِ ڪو به سنڌي ڳالھائڻ وارو نه ھو. سنڌي ڳالھائڻ تي دل چئي رھي ھئي، جيئن ڪڏھن ملائيشيا جي ماڻھن کي ڏسي ساڻن ملئي ڳالھائي دل خوش ڪيم ٿي، کانئس خبر چار وٺڻ لڳس. معلوم ٿيو ته پاڻ ڪنڊياري جو آھي (افسوس جو ھن وقت سندس نالو ياد نه پيو اچي) ۽ نوابشاهه ۾ سنڌ حڪومت جي زڪوات کاتي يا شايد اوقاف کاتي ۾ نوڪري ڪري ٿو.
    ”توھان جو پھريون حج آھي؟“ مون پڇيومانس.
    ”نه ھي منهنجو ٽيون حج آھي“. ھن وراڻيون ۽ مون کي خوشي ٿي ته ٿي سگھي ٿو ته ھن کي ھتي جي جاين جي ڪجهه ڄاڻ ھجي ۽ واقعي اھا ڳالهه صحيح نڪتي. پاڻ مون کي حرم پاڪ جون ڪيتريون ئي شيون تاريخي ۽ مذھبي نقطي نگاهه کان ٻڌائيندو رھيو.
    ”سامھون جتي Neon Sign جو بورڊ لڳل آھي. اتي اھا عمارت آھي، جتي حضور ﷺ جن جي ولادت ٿي . اڄڪلهه اھو مڪتب (لائبريري) آھي. توھان ھي رستو وٺي اوڏانهن وڃي سگھو ٿا“. ھن مون کي حرم پاڪ جي ڇت تان رستو سمجھايو.
    ”۽ ھي جيڪو باب عبدالعزيز جي ٻاھران پھاڙي تي اڄڪلهه عرب بادشاھن جو محل آھي، اتي حضور اڪرم ﷺ جن چنڊ کي ٻه اڌ ڪرڻ جو معزو ڏيکاريو ھو“. ھن ٻڌايو.
    ان محل (جيڪو ڪنهن زماني ۾ ٽڪر ھو) جي پويان اجياد اسپتال آھي ۽ رستي جي ٻي ڪپر تي ”عمارت اشرف“ آھي، جنهن جي ٻي ماڙ وارن فليٽن تي اسين رھيل ھئاسين. ڪنڊياري جي مٿئين ھمراهه سان ملاقات بعد جڏھن به آئون پنهنجي فليٽ جي بالڪني ۾ بيھندو ھوس ته منهنجي دماغ ۾ جڏھن چوڏھن سئو سال وارو نقشو ڦرندو ھو. جڏھن مڪي شھر جا جملي گھر بيت الله جي آسپاس ھئا. باقي چوڌاري رڳو جبل ئي جبل ھئا. انهن مان ھڪ ھي جبل پڻ (جنهن تي اڄڪلهه شاھي محل آھي، جنهن ھيٺ چوڪيدار ۽ سنتري پھري تي بيٺا آھن ۽ انهن کان نظر بچائي آيو ويو، ڪبوترن لاءِ چوڳو پيو اڇلي ۽ ڪبوتر ماڻھن جي پيرن کان پاڻ بچائي داڻو چڳڻ ۾ مشغول آھن). رب پاڪ جي قدرت سان چنڊ نه فقط ٻه اڌ ٿي پيو ھو پر ھرھڪ اڌ ٻئي کان ايترو پري ٿي ويو جو ھڪ اڌ جبل جي ھڪ پاسي کان نظر اچڻ لڳو ته ٻيو اڌ ٻئي پاسي کان ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ٻئي اڌ ھڪٻئي سان وري ملي پورو چنڊ ٿي بيٺو.
    ٿي سگھي ٿو ته اھو جبل کڻي ھي نه ھجي، جنهن لاءِ ڪنڊياري جي ھن ھمراهه ٻڌايو پر چنڊ جو ٻڌ اڌ ٿيڻ ھڪ اھڙي حقيقت آھي، جنهن جو ذڪر قرآن شريف جي 54 نمبر سورة القمر جي پھرين ئي سٽن ۾ آھي ته: ”اَقتربت الساعت. وانشَقَ القَمَرُ...“ قيامت جي ساعت ويجھي اچي وئي ۽ چنڊ ڦاٽي ويو. پرھنن ماڻھن جو اھو حال آھي ته کڻي ڪھڙي به نشاني ڏسن منهن موڙيو ڇڏين ٿا ۽ چون ٿا ته ھي ته ھڪ ھلندڙ جادو آھي“...
    شق القمر يعني چنڊ جي ٽٽڻ جو حيرت انگيز واقعو ان ڳالهه جي پڪي نشاني ھو ته اھا قيامت جنهن جي اچڻ جي خبر رسول الله ﷺ جن ڏئي رھيا ھئا. بلڪل برپا ٿي سگھي ٿي ۽ جنهن جي آمد جو وقت تمام ويجھو اچي لڳو آھي. چنڊ جھڙو عظيم سيارو ھنن جي اڳيان ڦاٽو ھو، اھو ان ڳالهه جو کليل ثبوت ھو ته ھي ”نظام عالم“ غيري فاني نه آھي. اھو وکرجي سگھي ٿو. وڏا وڏا تارا ۽ سيارا ڦاٽي سگھن ٿا ۽ اھو سڀ ڪجهه ٿي سگھي ٿو، جنهن جو نقشو قيامت جا تفصيل بيان ڪندي قرآن ۾ چٽيو ويو آھي. حضور اڪرم ﷺ جن ماڻھن کي ھن واقعي ڏي ڌيان ڇڪرايو ۽ چيو ڏسو ۽ شاھد ٿجو پر ڪافرن ان کي جادو جو ڪرشمو قرار ڏنو ۽ پنهنجي انڪار تي رھيا.
    ھن واقعي جو ثبوت قرآن شريف جي مٿين سورة (القمر) مان ملي ٿو ۽ روايتن مان تفصيل معلوم ٿئي ٿو ته ھي ڪڏھن ۽ ڪيئن پيش آيو. ھنن روايتن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٽي بزرگ اصحابي حضرت عبدالله بن مسعود، حضرت حذيفه ۽ حضرت جبئر بن معطم عيني شاھد آھن. يعني ھنن پنهنجين اکين سان اھو واقعو (چنڊ جو ڦاٽڻ ۽ وري گڏجي وڃڻ) ڏٺو.
    سڀني روايتن کي گڏ ڪرڻ سان تفصيل معلوم ٿئي ٿو ته ھجرت کان پنج سال اڳ ھي واقعو ٿيو. چنڊ واري مھيني جي چوڏھين ھئي. چنڊ اڃا ھاڻ ھاڻ اڀريو ھو ته اھو ھڪدم ڦاٽي ٻه ٽڪرا ٿي پيو، ان جو ھڪ ٽڪرو سامھون واري پھاڙي جي ھڪ طرف ته ٻيو ٽڪرو ٻئي طرف نظر آيو. ھي ڪيفيت فقط ھڪ لحظي لاءِ رھي ۽ پوءِ ٻئي ٽڪرا ھڪٻئي سان ڳنڍجي ويا. نبي ڪريم ﷺ ان وقت منى ۾ ھئا. پاڻ ماڻھن کي چيائون ته ڏسو ۽ شاھد ٿجو. ڪافرن چيو ته محمد ﷺ جن اسان تي جادو ڪري ڇڏيو ھو، ان ڪري اسان جون اکيون دوکو کائي ويون. ٻاھر جي ماڻھن کي اچڻ ڏيو ته انهن کان به پڇون ته ھي واقعو ھنن به ڏٺو آھي يا نه. پوءِ ٻاھران جڏھن ڪجهه ماڻھو آيا ته انهن به شھادت ڏني ته ھو به اھو منظر ڏسي چڪا آھن.
    ھن واقعي لاءِ ڪڏھن ڪڏھن اھو سوال اٿاريو وڃي ٿو ته ھن واقعي جي حقيقت نوعيت ڇا ھئي، ڇا ھي ھڪ معجزو ھو، جيڪو مڪي جي ڪافرن جي مطالعي تي رسول پاڪ ﷺ جن پنهنجي رسالت جي ثبوت ۾ ڏيکاريو ھو يا ھي ھڪ حادثو ھو، جيڪو الله تعاليٰ جي قدرت سان چنڊ ۾ پيش آيو ۽ حضور ﷺ جن جي معجزن ۾ شمار ڪري ٿو ۽ انهن جو خيال آھي ته ڪافرن جي مطالبي تي اھو معجزو ڏيکاريو ويو ھو، حضرت مولانا مفتي محمد شفيع صاحب رح قرآن جي تفصيل ”معارف القرآن“ ۾ ان جي تائيد ڪئي آھي. يعني ڪافرن جي مطالبي تي حضور ﷺ جن اھو معجزو ڪري ڏيکاريو.
    بهرحال اعتراض ڪندڙ ھن واقعي بابت ٻه اعتراض ڪن ٿا. ھڪ ته ھنن جي اڳيان اھا ھڪ ناممڪن ڳالهه آھي ته چنڊ جھڙو ھيڏو وڏو Planet ٻه ٽڪر ٿي ڌار ٿي وڃي ۽ سوين ميل ھڪ ٻئي کان پري وڃي وري ڳنڍجي وڃي. ھنن جو ٻيو اعتراض اھو آھي ته جيڪڏھن ائين ٿيو ھجي ھا ته ھي واقعو سڄي دنيا ۾ مشھور ٿي وڃي ھا. ان جو ذڪر نه تاريخن ۾ آھي ۽ نه ئي علم نجوم جي ڪتابن ۾.
    پھريون اعتراض انهن ڏينهن ۾ شايد وزني لڳو ھجي پر اڄ جي دور ۾ انسان کي سيارن جي مواد متعلق جا معلومات حاصل ٿي آھي، ان جي آڌار تي اھا ڳالهه بلڪل مڪمل آھي ته ڪو به سيارو پنهنجي اندر بي پناهه گرمائش ڪري ڦاٽي به سگھي ٿو ۽ پري وڃي پنهنجي مرڪز جي چقمقي قوت ڪري ھو ھڪٻئي سان واپس ملي به سگھي ٿو.
    ٻيو اعتراض به بي وزن چيو وڃي ٿو، جو اھو واقعو ھڪ ته اوچتو ٿيو ۽ ٻيو ته فقط کن ساعت لاءِ پيش آيو، ضروري ناھي ته ان لحظي لاءِ سڄي دنيا جو نگاھون چنڊ ڏي کتل ھجن ۽ نه وري ڦاٽڻ سان گڏ ڌماڪو ٿيو، جو ماڻھن اوڏانهن ھليو وڃي . پھرين کان ان جو ڪو اطلاع نه ھو، جو ماڻھو ان جي انتظار ۾ آسمان ڏي گھوريندا رھن ھا ۽ ھونئن به چنڊ کي سڄي دنيا ھڪ ئي وقت ڏسي به نه ٿي سگھي. انهن ڏينهن ۾ تاريخ نگاري جو ذوق ۽ فن به ايڏي اوج تي نه ھو ته مشرقي ملڪن ۾ جيڪي ڪجهه ماڻھن ڏٺو، ان کي قلمبند ڪيو وڃي ھا. بهرحال ھندستان جي مشھور ۽ مستند ”تاريخ فرشته“ ۾ ان جو ذڪر ضرور موجود آھي ته ھندستان جي مھاراجه مالابار اھو واقعو پنهنجي اکين سان پاڻ ڏٺو ۽ پنهنجي روزنامچي ۾ لکرايو ۽ اھو ئي واقعو ھن جي مسلمان ٿيڻ جو سبب بڻيو.


    مڪي جي زيارتن جو احوال

    مڪي ۾ رھائش دوران ماڻھو شھر کان ٻاھر نڪري اوس پاس جون اھم مذھبي، تاريخي ۽ يادگار جاين جي زيارت ڪن ٿا. ھڪ ڏينهن آئون به فجر نماز بعد نيرن ڪري اھي جايون ڏسڻ لاءِ رستي تي اچي بيٺس، جتان ٽئڪسيون، وئگنون ۽ پرائيوٽ ڪارون ھر ماڻھو کان ڏهه ٻارھن کن ريال وٺي وڃي رھيون ھيون. ڪيترا مسافر ته ٽئڪسي وارن سان اڳھين طئي ڪري پوءِ ٿي چڙھيا ته ھي ھي جايون ڏيکاريڻيون اٿانوَ. آئون اھڙي ٽئڪسي ڊرائيور جي ڳولا ۾ ھوس ، جيڪو اڙدو ڳالھائي سگھي، جيئن ھو مون کي ھر شيءِ چڱي طرح سمجھائي سگھي. مديني ۾ ته کوڙ آھن پر مڪي ۾ به سنڌي ۽ پنجابي ڊرائيور ڳولڻ سان مليو وڃن. مون اڌ منو ڪلاڪ کن ان ڳولا ۾ وڃايو. پوءِ نيٺ ھڪ ٽئڪسي ۾ ويھي رھيس، جيڪا ھڪ پرائيويٽ ڪار ھئي ۽ حج جي موسم ۾ چار پئسا ڪمائڻ لاءِ ھو ڀاڙي تي ھلائي رھيو ھو. ڊرائيور عربي ڊريس يعني توب (جبي) ۾ ھو پر اڙدو به آيس ٿي، ويھڻ سان سندس حال احوال ورتم ته ھن ٻڌايو ته سندس نالو حسن عبدالحڪيم آھي. اصل بنگالي آھي، پر ھو چاليھن سالن کان مڪي ۾ رھي ٿو ۽ مڪي جي پوليس ۾ ترجمو ڪرڻ جا فرض ادا ڪري ٿو. سعودي عرب اچڻ کان اڳ جڏھن ھو ننڍو ڇوڪرو ھو ته ڪراچي ۾ پڻ ٽي سال پورھيو ڪيائين. ان ڪري کيس اڙدو به آئي ٿي. بنگالي ته سندس مادري زبان ئي ۽ عربي ھتي رھي سکيو. سندس زال به عرب آھي.
    ”پر افسوس جو مون کي سعودي عرب جو پاسپورٽ ناھي“. ھن ٻڌايو ”جڏھن ڪاغذ پٽ ٺھي رھيا ھئا ته مون ڪڏھن انهن ڳالھين ڏي ڌيان به نه ڏنو. انهن ڏينهن ۾ ڪنهن کي خبر ھئي ته شناختي ڪارڊ يا پاسپورٽ ايڏي اھم شيءِ آھي. منهنجي ته زال به ھتي جي ھئي، سو مون کي ته سعودي عرب کان ٻاھر ڳوٺ وڃڻ جو ارادو نه ھو، سو پاسپورٽ ۽ ٻيا ڪاغذ پٽ نه ٺھرائي سگھيس. سچي ڳالهه اھا آھي ته مون سڄي جواني دوستن سان ڪچھريون ڪرڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ ۾ برباد ڪري ڇڏي ۽ اھڙين اھم ڳالھين ڏي ڌيان وڃي نه سگھيو“.
    ”پوليس کاتي ۾ ڪھڙي نوعيت جي ڊيوٽي ڪريو؟“ مون پڇيومانس: ٽرئفڪ جئم ھجڻ ڪري اسان اڃا مڪي شھر جي گھٽين ۾ ئي ڦاٿا پيا ھئاسي ۽ مون اھو ئي بهتر سمجھيو ته جيسين اتي ئي آھيون، تيسين آئون ٻين ڳالھين بابت ڪچھري ڪندو ھلانس. ٻاھر نڪري پوءِ پاڻ مختلف جاين بابت Explain ڪري.
    ”آئون ھتي ڏوھارين کان پڇيل سوال جواب عربي ۾ ترجمو ڪندو آھيان“. حسن عبدالڪريم ٻڌايو. ”اھي ننڍي کنڊ (بنگلاديش)، انڊيا، پاڪستان، افغانستان جا ڏوھاري جن جو سر قلم ڪيو ويندو آھي ۽ انهن کان سندن زبان اردو يا بنگالي ۾ پڇي عربي ۾ ترجمو ڪري ھتي جي پوليس کي ٻڌائيندو آھيان. خاص ڪري وصيعت بابت، ڏوھارين کان سر ڪپڻ کان ٻه ڪلاڪ اڳ وصيعت پڇي ويندي آھي ته ھنن تي قرض آھي يا نه، جي آھي ته اھو ڪير لاھيندو، جيئن ان کي اطلاع ڪيو وڃي ۽ پٺيان ھو ڪھڙي ملڪيت ڇڏي پيو وڃي، جيڪا سندس ڪھڙن مٽن مائٽن کي ڏيڻي آھي، وغيره“.
    ”ڪھڙن ڏوھن تي سِر ڪپيو وڃي ٿو؟“ مون پڇيومانس.
    ”وڏن ڏوھن تي، جھڙوڪ خون، زنا، چرس جي اسمگلنگ وغيره. باقي ننڍن تي چھن سان ماريو وڃي ٿو يعنيCaning ڪئي وڃي ٿي“.
    ”ھر مھيني ڪيترن جا ڪنڌ ڪپيا وڃن ٿا؟“ مون پڇيومانس.
    ”مھيني جي حساب سان نه پر سال جي حساب سان لڳايو وڃي ٿو، جو ھي ٻه مھينا کن حج وارا محرم تائين سزا نه ڏني ويندي آھي. ھونئن سال ۾ فقط مڪي جي علائقي ۾ سئو سوا سئو کن ڏوھارين جا سر ڪپيا وڃن ٿا، پر اھو آفيشل تعداد آھي. جيڪو ٽي وي، ريڊيو تي ٻڌايو وڃي ٿو ۽ سر ڪپڻ کان اڳ انهن جي ڏوھن جو اعلان ڪيو وڃي ٿو. ھونئن تعداد ان کان تمام گھڻو رھي ٿو“.
    جنهن عمارت (عمارت الاشرف) ۾ اسان رھيل آھيون، ان جي سامھون واري الجياد اسپتال جي ھڪ پاڪستاني ڊاڪٽر ٻڌايو ته گذريل مھيني (ذوالقعد) کان ان ڏينهن (2 ذوالحج) تائين جيڪو مھينو کن ٿئي ٿو، سر ڪپڻ وارن ڏوھارين جو تعداد 400 ٿي چڪو آھي، پر انهن سڀني کي محرم کانپوءِ سزا ملندي، ڇو جو ذوالحج ۽ محرم جي مھينن ۾ ڪنهن کي به سزا نه ڏيندا آھن، محرم بعد انهن ڏوھارين کي گھڻو ڪري ملڪ عبدالعزيز دروازي جي ٻاھران بيھاري ھنن جو ترار سان ڌر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويندو آھي“.
    ھن ڪار واري کان منهنجي پڇڻ تي ته سڀ کان گھڻي سزا ڪھڙي ملڪ جي ماڻھن کي ملي ٿي. ٻڌايو ته افغاني ۽ پاڪستان جي پٺاڻن کي گھڻي سزا ملي ٿي، جيڪي چرس، ھيروئن وغيره جو ھتي ڪاروبار ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا يا خونريزي ۾به سندن ھٿ آھي پر بهرحال انهن جو اعلان نه ٿو ٿئي.
    ”ڇو ڀلا؟“ مون ھن کان پڇيو.
    ”ان ڪري جو اعلان ڪرڻ سان سعودي حڪومت جا انهن ملڪن سان ڊپلوميٽڪ تعلقات خراب ٿي سگھن ٿا ۽ بين الاقوامي طور به رڙ پئجي ويندي ته ھي ماڻھن جو نه پر ٻڪرين جو ڪوس پيو ھلي“. ڪار جي مالڪ ٻڌايو.
    ”ايتري ۾ اسان شھر کان ٻاھر نڪري آياسين ۽ جبل نور وٽ اچي پھتاسين، جتي غار حرا آھي. ڪار جي ڊرائيور حسن عبدالحڪيم مون کي ھڪ ھڪ شيءِ سمجھائڻ لڳو. ھو چاليهه سالن کان ھن علائقي جو واقف ھو، کيس سٺي اڙدو آئي ٿي ۽ منهنجي دوستاڻي رويي ڪري ۽ اھو معلوم ڪري ته آئون اخبارن، رسالن ۾ لکندو رھان ٿو، ھو پنهنجي ٽائيم جي پرواهه نه ڪندي، مون کي ھڪ ھڪ شيءِ چڱي طرح لھي يا گاڏي بيھاري ڏيکارڻ لڳو. جيتوڻيڪ ھفتي کن کانپوءِ حج لاءِ اسان کي منى ۽ عرفات وغيره اچڻو ھو پر منهنجي شوق تي ھن انهن ئي پئسن ۾ مون کي منى ۽ عرفات جو به چپو چپو ڏيکاريو، جتي انهن ڏينهن ۾ بنگلاديش ۽سريلنڪا جي مزورن تنبو پئي ھنيا ۽ رستا پئي صاف ڪيا، آخر ۾ واپسي تي حضور ﷺ جن جي رھائش مولود نبي ڏيکاري گھر وٽ لاھي ويو. ھتي مڪي جي ڪجهه اھم جاين ۽ ھنڌن جو احوال لکان ٿو:

    جبل نور
    ھن پھاڙي تي اھا مشھور ۽ مبارڪ ”غار حرا“ آھي، جنهن ۾ حضور ﷺ جن نبوت کان اڳ ڪيترائي سال عبادت ۾ گذاريا، جبل نور مڪي شھر جي اتر اوڀر ۾ آھي ۽ حرم پاڪ کان جتان مون کي ڪار کنيو، ويهه ڪلوميٽر (يعني ٻارھن ميل) پري آھي. ھي جبل (جبل نور) اسان جي روحاني تاريخ جو اھم نشان آھي. جبل جي چوٽي تي غار حرا آھي، جتي الله تعاليٰ پنهنجي ملائڪ جبريل عليه السلام جي معرفت قرآن جون پھريون آيتون حضور ﷺ جن تي نازل ڪيون. ان ڪري ھر مسلمان جون ھن جبل سان خاص Feelings وابسته آھن.
    حضور اڪرم ﷺ جن جنهن دور ۾ ولادت ورتي، ان دور ۾ عيسائي ھئا. يھودي ھئا ۽ ٻيا سندن قبيلي، شھر ۽ علائقي جا عرب ھئا، جن ڪعبي ۾ رکيل بتن جي پوڄا ڪئي ٿي. پاڻ ڪريم ﷺ جن انهن ڳالھين کان پري رھي ھن جبل جي چوٽيءَ تي ٺھيل غار ۾ اڪيلو اچي ان پروردگار جو سوچيو ٿي، جنهن ھن سڄي جھان کي خلقيو آھي. پاڻ کاڌي پيتي جو سامان گھران کڻي ھن غار ۾ ڪجهه ڏينهن اچي رھندا ھئا. ان بعد وري بيبي خديجه رضه وٽ واپس ايندا ھئا، جيڪا کين وڌيڪ ڪجهه ڏينهن جو سامان مھيا ڪندي ھئي. ھڪ ڏينهن جڏھن پاڻ غار حرا ۾ ھئا ته اوچيو مٿن وحي نازل ٿيو ۽ ملائڪ کين پڙھڻ لاءِ چيو. حضور ﷺ جن فرمايو ته آئون ته پڙھيل نه آھيان. پوءِ ملائڪ کين سورة العلق جون پھريون پنج آيتون جيڪي ”اِقرا بِاسِمِ رَبِڪ“ کان شروع ٿين ٿيون پڙھي ٻڌايون.
    ترجمو: پڙهه (اي نبي) پنهنجي رب جي نالي سان، جنهن پيدا ڪيو، ڄميل رت مان انسان جي تخليق ڪئي، پڙهه ۽ تنهنجو رب وڏو ڪريم آھي. جنهن قلم جي ذريعي علم سيکاريو، انسان کي اھو علم ڏنو، جنهن کان ھو اڻ ڄاڻ ھو.
    ھن جبل کي ڏسڻ لاءِ نه فقط حج ۽ عمري تي آيل ڌارين ملڪن جا ماڻھو پر مڪاني عرب باشندا به ٻارھوئي ايندا رھن ٿا، جبل جي چڙھائي ڪا ايڏي سولي نه آھي جو بيحد کڙکٻائتا ۽ اڀکڙا پٿر آھن. تنهن ھوندي به جبل جي قدمن کان وٺي چوٽي تائين ھزارين ماڻھو نظر آيا ٿي ۽ اھڙا ٻيڻا ٽيڻا ھيٺ بيھي دعا گھري رھيا ھئا. انهن ۾ جوان توڙي پوڙھا ۽ مختلف ملڪن جا ھئا. ان ڏينهن گھڻائي ترڪن، ملئي ۽ پاڪستانين جي ھئي. آئون مٿي چوٽي تائين نه ويس پر منهنجي ڊرائيور ٻڌايو ۽ آئون پاڻ به محسوس ڪري رھيو ھوس ته جوان ماڻھو کي چوٽيءَ تائين پھچڻ ۾ ڪلاڪ کن لڳيو وڃي ۽ بهترين وقت فجر نماز بعد آھي، جيئن وڌ ۾ وڌ نائين بجي ڌاري ماڻھو واپس ھيٺ پھچي وڃي. ڇو جو نائين بجي ڌاري سج جي سخت تپش ٿيو وڃي ۽ مٿي چڙھڻ ۾ تمام گھڻي ٿڪاوٽ ٿئي ٿي.
    حسن عبدالحڪيم ٻڌايو ته جبل جي چوٽي تائين پھچڻ ۾ ٽي منزلون آھن. پھرين منزل ڏکي آھي ۽ اتان شروع ٿئي ٿي، جتي انگريزي، اڙدو ۽ عربي زبانن ۾ زيارت لاءِ آيل مھمانن لاءِ نوٽيس لڳل آھي ته ھو جبل تان ڪنهن به قسم جي خاڪ، پٿريون، ٻوٽا وغيره نه کڻن. چوٽي تائين پھچڻ جو ٻيو مرحلو ڪجهه گھٽ ڏکيو آھي جو پير رکڻ لاءِ اڇي رنگ سان پٿرن تي نشان ٿيا پيا آھن. يعني مٿي چڙھڻ لاءِ ڪٿي ڪٿي قدم رکندو وڃجي. ھن اسٽيج تي پير رکڻ لاءِ ويجھا ويجھا پٿر آھن ۽ ڪٿي ڪٿي ته انهن کي ڏاڪن جي صورت ڏني وئي آھي. آخري ۽ ٽيون مرحلو تمام سولو آھي، رضاڪارن طرفان پٿرن جا ڏاڪا ٺاھيا ويا آھن، جن تي پير رکي مٿي وڃي سگھجي ٿو. ھن حصي ۾ ريسٽ ھائوس ٺھيل آھي، جتي زيارتي پاڻي، شربت، چانهن وغيره وٺي پي سگھن ٿا. ان کان علاوه ننڍڙيون ننڍڙيون سوغاتون، تسبيحون، منڊيون، مصلا وغيره وڪامن ٿا.
    ڊرائيور کان ٻڌي تعجب لڳو ۽ پوءِ ساڳي ڳالهه 9 مارچ 2000ع جي سعودي عرب مان نڪرندڙ عربي اخبار ۾ به پڙھيم ته ”ڪجهه پاڪستاني ھڪ اٺ کي جبل جي چوٽي تائين وٺي ويا آھن ۽ پولرائيڊ ڪئميرا سان ماڻھن جا اٺ سان گڏ في فوٽو ڏھين ريالين ڪڍي رھيا آھن ۽ جيڪو پنهنجي ڪئميرا سان فوٽو ڪڍڻ چاھي ٿو ته ان کان پنج ريال وٺن ٿا“. ان قسم جون ڳالھيون اسان پاڪستانين لاءِ ڪھڙي قسم جو Image ڏين ٿيون، ان جو اندازو توھان پاڻ ڪري سگھو ٿا. اخبار ۾ ان بابت مضمون ڏيندڙ عرب ليکڪ عمر الضمواحيءَ اھو لکيو آھي ته:
    The camel, wearing a decorated saddle, belongs to some Pakistanis who have made a business using the unfortunate animal.
    ”جبل نور جي چوٽيءَ تان جيڪا سطح سمنڊ کان پنج سئو کن ميٽر مٿانهين آھي، سڄي مڪي شھر جو خوبصورت نظارو ٿئي ٿو“. ضرور ٿيندو ھوندو جو ھڪ ته مڪو شھر بلڪل سامھون آھي ۽ ٻيو ته ھتي نه يورپ جھڙو ڌنڌ آھي ۽ نه اسان جھڙن ملڪن جي شھرن جھڙو دونهاٽيل ماحول. ڪراچي ۽ ڪلڪتي جھڙن شھرن ۾ ايترو دونهون رھي ٿو جو ھوائي جھاز ٽي چار ميل ويجھو پھچي ٿو ته به عمارتون چٽيون نظر نه ٿيون اچن.
    ڊرائيور ٻڌايو ته ان جبل (جبل نور) تي ڪيترائي گھر آھن، جيڪي سعودي عرب جي ھڪ اصل ۽ جھوني قبيلي ھدئيل جي ماڻھن جا آھن، جبل جي چوٽي چھنبائتي ھجڻ بدران سڌي (Flat) آھي ۽ پوءِ اتي غار جو منهن آھي.
    اسان جي ھڪ پاڪستاني جيالاجسٽ مسٽر نصرت ڪمال صديقي جو به سال کن اڳ Dawn اخبار ۾ غار حرا بابت مضمون پڙھيو ھوم. ھو غار حرا تاريخ، آرڪلاجي ۽ جيالاجي جي خيال کان گھمڻ ويو. ھو نه فقط جبل نور جي چوٽي تي ويو پر اندر غار حرا پڻ ويو. ھن جي مضمون موجب: ”ھي غار اھڙي ته لڪل ۽ خاموشي واري ھنڌ تي آھي، جو ڀلي کڻي ڪو جبل جي چوڌاري ڦيرو ڪري پر ھن کي ھيٺان خبر نه پئجي سگھندي ته ھن جبل جي چوٽيءَ تي ڪا غار آھي . مٿي پھچڻ بعد به اھا يڪدم نظر نه ٿي اچي. غار جو منهن ٽڪنڊو آھي .جنهن جو 120Base سينٽي ميٽر آھي ۽ Base کان مٿين ڪنڊ 175 سينٽي ميٽر آھي. بهرحال ماڻھو سوڙھو سنگھوڙو ٿي اندر وڃي سگھي ٿو. ڊگھي قد جو بيھي نه ٿو سگھي پر وڏا پٿر اھڙي طرح آھن، جو انهن تي آرام سان ڪرسيءَ وانگر ٽيڪ ڏيئي ويھي ۽ ليٽي سگھجي ٿو. ھتي ويھي حضور اڪرم ﷺ جن سوچيو ھوندو. پنهنجي خلقڻھار بابت، ان وقت معاشري ۾ موجود خرابين، بابت ڪعبي ۾ موجود بتن کي ختم ڪرڻ بابت. ھن مڪمل ماٺ ۽ اڪيلائي ۾ ھڪ اھڙي ھنڌ ويھي قدرت جو سوچيو، جتان کين سامھون مڪو شھر نظر آيو ٿي پر ساڳي وقت ھي جبل ڪو مڪي جي ويجھو به نه آھي. پکي وانگر سڌو اڏامي وڃجي ته به 5 ڪلوميٽر پري آھي“.
    ھن غار جون ڪيتريون ئي خوبيون چيون وڃن ٿيون. غار ۾ ويھي سامھون ڪعبي تي نظر پوي ٿي. بيحد سانتيڪي غار آھي، جنهن کي ڪنهن جو ڳولڻ ۽ ان تائين پھچڻ سولو ڪم ناھي. جبل جي چوٽيءَ تي پھچڻ بعد به غار ۾ اندر گھڙڻ سولو ڪم ناھي. ھي غار بيحد ھوادار آھي، جنهن مان ھوا جو لنگهه آرپار ٿئي ٿو .سج جا ڪرڻا اندر تائين پھچن ٿا. ھي جبل ۽ غار جن پٿرن (Granitic Rocks) جو ٺھيل آھي. ان تي عربستان جھڙي سخت موسم ۾ به اثر نه ٿي ڪري سگھي ۽ جيئن ھيرن لاءِ چيو ويندو آھي ته:
    Dimond are for ever
    تيئن ھن قسم جي پٿرن لاءِ پڻ چيو وڃي ٿو ته:
    Granitic rocks are for ever
    ۽ ھي پٿر اڄ به ان اصلي حالت ۾ موجود آھن، جڏھن حضور اڪرم ﷺ جن ھن غار ۾ ويھي عبادت ڪندا ھئا ۽ انشاءَ الله دنيا جي خاتمي تائين اھي ان ئي صورت ۾ رھندا. ھنن پٿرن وٽان لنگھندي احساس ٿئي ٿو ته اڄ کان چوڏھن کن صديون اڳ حضور ﷺ جن ھتان لنگھيا ھئا، ھنن پٿرن کي ڇھندي زيارت لاءِ آيل ماڻھن کي اھو سوچڻ کپي ته انهن ئي پٿرن کي اسان جي نبي ڪريم ﷺ جن ڇھيو ھوندو.
    غار حرا يا جبل نور وٽ پھچي ھڪ مسلمان کي اھا به سوچ دماغ ۾ اچي ٿي ته ھي سڀ ڪجهه ھتان شروع ٿيو. حضور اڪرم ﷺ جن تي پھريون وحي 610ع ۾ ھتي لٿو. ان بعد ھنن اسلام جي تبليغ شروع ڪئي. پھرين پنهنجن ويجھن عزيزن، مائٽن ۽ دوستن وٽ ۽ پوءِ 613ع ۾ ٻيو دفعو وحي لھڻ تي پاڻ ڪريم ﷺ جن کليو کلايو عام پبلڪ ۾ اسلام جي پرچار شروع ڪئي.
    انسان جي تاريخ ۾ ھڪ صدي ڪا وڏي ڳالهه ناھي. اسان رڳو پنهنجو جائزو وٺون ته اڌ صدي ۾ ڇا ڪري سگھيا آھيون. جڏھن ته اڄ جي دور ۾ سائنس جي ترقي ڪري ھر سھولت موجود آھي پر اڄ کان چوڏھن صديون اڳ اسلام جو سوچجي ٿو ته ھڪ صدي اندر ڪٿان کان ڪٿان پھچي ويو. بقول پروفيسر ڪمال جي:
    The spread of Islam was so phenomenal that in less than a centurythe Arab Bedouins, inspired by the Holy Quran and the examples of the Holy Prophet (PHUB), had carved out than empire streatching from sindh to Southern fance the largest empire the world had seen till then.

    جبل ثور
    ھي جبل مڪي شريف کان اٽڪل چار پنج ميل کن پري آھي. چڙھائي تمام اڀکڙي (Steep) اٿس ۽ جبل جي بلندي اٽڪل ڏيڍ ميل آھي، ھن جبل جي چوٽي وٽ اھا مشھور غار آھي، جنهن ۾ حضور اڪرم ﷺ جن ھجرت جي موقعي تي حضرت ابوبڪر صديق رضه جن سان گڏ ٽن راتين تائين قيام فرمايو ھو ۽ ڪافرن کين گرفتار ڪرڻ لاءِ چئني طرف سواريون موڪليون ھيون. ان کان علاوه ھڪ سئو اٺن جو انعام به مقرر ڪيو ھو. انهن مان ڪجهه سوار قدمن جي نشانن کي ڏسي غار جي منهن تائين اچي پھتا به ھئا، انهن مان شايد ھڪ ڄڻي اھو به چيو ته شايد ھن غار ۾ محمد ﷺ جن لڪل ھجن. ان تي ٻئي جواب ڏنس ته ھن ۾ ڪنهن جو به اندر وڃڻ نه ٿيو آھي، ڇو جو غار جي منهن وٽ ڪوريئڙي جي ٺھيل ڄار قائم آھي ۽ ڪبوترن جا آکيرا پڻ آھن. ھي اھي ٻئي ڳالھيون ڏسي ٻئي پاسي ڳولا لاءِ ھليا ويا.
    جبل ثور جي ھي غار ھڪ وڏي متبرڪ جاءِ آھي. چون ٿا ته دل سان گھربل دعا ھتي قبول ٿئي ٿي.

    منى
    مڪي معظم کان 5 ڪلوميٽر کن اوڀر ڏي جبلن جي وچ ۾ ھي ھڪ وادي ماٿري آھي، جتي حاجي حج وارا پنج ڏينهن گذارين ٿا. ھتي شيطانن (جمارن) کي پٿريون ھنيون وڃن ٿيون، جنهن کي رمي سڏجي ٿو. قرباني پڻ. ھتي (منى ۾) ڪئي وڃي ٿي.
    اٺين8 ذوالحج تي ظھر نماز کان اڳ حاجي منى ۾ پھچي ويندا آھن ۽ ظھر (اڳھين) نماز کان وٺي ٻئي ڏينهن يعني 9 ذوالحج تائين ھتي پنج نمازون پڙھيون وڃن ٿيون. 9 ذوالحج تي حاجين کي منى کان عرفات وڃڻو پوندو آھي ۽ رات جو واپس اچي مزدلفه ۾ ترسڻو پوندو آھي ۽ پوءِ 10 ذوالحج تي فجر نماز کانپوءِ مزدلفه کان وري منى لاءِ نڪرڻو پوندو آھي، جتي رمي جمار (شيطان کي پٿريون) ۽ قرباني ڪرڻي پوندي آھي. ان بعد مٿو ڪوڙائي احرام لاھڻو پوندو آھي ۽ مڪي وڃي طواف زيارت ڪبو آھي. طواف ۽ سعي ڪري وري رات اندر واپس منى موٽي اچڻو پوندو آھي ۽ باقي 2 ڏينهن 11 ۽ 12 ذوالحج جا به منى ۾ گذاربا آھن، ھي ٻئي ڏينهن ٽنهي شيطانن کي ست ست پٿريون ھڻڻيون پونديون آھن.
    منى ۾ ٽن ھنڌن تي پٿرن جا چورس ٿنڀا ٺھيل آھن، جيڪي ٽن شيطانن کي Represent ڪن ٿا ۽ جمرات سڏبا آھن. پھرين کي جمرة الاوليٰ (وڏو شيطان) ٻئي کي جمرة الوسطيٰ (وچولو شيطان) ۽ ٽيون جمرة الصغرى (ننڍو شيطان) سڏجي ٿو. انهن شيطانن وٽ تختين تي عربي، اڙدو، انگريزي ۽ فارسي ۾ لکيل آھي ته ڪھڙو جمرو (شيطان) آھي. ھن وقت فقط وڏي شيطان جو فارسي نالو ”شيطان بزرگ“ ياد آھي.
    منى ۾ تنبن کي باهه لڳڻ ڪري سعودي عرب جي حڪومت هاڻ Fire Proof ڪپڙي جا تنبو لڳرايا آھن. ھي تنبو 3 ملين چورس ميٽر ايراضي تي پکڙيل آھن، جن جي لڳائڻ تي جملي خرچ 2600 ملين سعودي ريال آيو آھي، پر اھو آھي ته ھاڻ منى وارا ڏينهن حاجي سڳورا سک ۾ گذارين ٿا. اٽڪل 44000 کن تنبو آھن، ھر تنبو کي ٿڌو رکڻ لاءِ ان ۾ Desert Cooler لڳل آھي. جيڪو ٿڌي ھوا مھيا ڪري ٿو. ڪولرن کي پاڻي مھيا ڪرڻ لاءِ 30 ڪلوميٽر ڊگھي پائيپ لائين آھي. سڄي ايراضيءَ ۾ ٻه لک کن بلب ٻرن ٿا ۽ اليڪٽرسٽي جي ورھاڱي لاءِ ٽي ھزار کن سئچ بورڊ آھن.
    منى ۾ لڳل تنبن جي مختلف سائيز آھي. ڪي 8 باءِ 8 ميٽر چورس تنبو آھن. ڪي 8 باءِ 6 ميٽر آھن. ڪي 4 باءِ 4 ميٽر ته ڪي وري 12 باءِ 8 ميٽر آھن. انهن تنبن جي وچ ۾ ٿلھا پردا آھن، جيئن زالن لاءِ الڳ ۽ مردن لاءِ الڳ حصا ڪري سگھجن يا مختلف فئملين لاءِ ھڪ ئي تنبوءَ ۾ ڌار ڌار حصا ڪري سگھجن. تنبن جي ڇت اھڙي لاهه سان ٺاھي وئي آھي جو مينهن جو پاڻي تنبوءَ ۾ اچڻ بدران پاسي تي ٺھيل Catch Box ۾ گڏ ٿي پائيپ رستي Drain ٿيو وڃي. ھنن تنبن جي بناوت جو گھڻي ڀاڱي ڪم جپانين ڪيو آھي.
    تنبن ۾ لڳاتار بجلي سپلاءِ ڪرڻ خاطر ٻه وڏا ايمرجنسي جنريٽر آھن. جيئن جيڪڏھن لائيٽ ھلي وڃي ته ھي جنريٽر آٽوميٽيڪلي ھلڻ شروع ڪري ڏين. منى ۾ پنج ڏينهن رھڻ دوران ماڻھن جي کاڌي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ فقط انهن ڏينهن لاءِ 800 کن عارضي دڪان کوليا وڃن ٿا.
    منى ۾ حاجين جي سھولت لاءِ 16000 غسلخانا ٺھيل آھن ۽ جملي 24000 صفائي ڪرڻ وارا ٽن شفٽن ۾ ڪم ڪن ٿا. پيئڻ جي پاڻي لاءِ مختلف ھنڌن تي 40 فوٽن جا 450 ڪولر لڳل آھن.
    منى ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو سلاٽر ھائوس ھن سال 2000ع کان شروع ٿيو آھي. جنهن ۾ ڏهه لک کن رڍون يا ٻڪريون ۽ 15 ھزار اٺ ۽ ڳئون نه فقط ذبح ڪري سگھجن ٿا پر صاف ڪري ورھائڻ لاءِ پڻ تيار ڪري سگھجن ٿا. ھر جانور ذبح ڪرڻ لاءِ فقط ڏهه ريال ورتا وڃن ٿا ۽ گوشت ٺاھڻ لاءِ 15 ريال في آھي.
    قرباني کانپوءِ حاجين کي ٺوڙهه ڪرائڻي پوندي آھي. جنهن لاءِ ست سئو حجامن جي ويھڻ جو بندوبست جمرات واري پل ھيٺيان سعودي عرب جي حڪومت طرفان رکيل آھي. ٽيليفون جي سھولت لاءِ منى واري علائقي ۾ اٽڪل 16000 ٽيليفون لڳل آھن.
    منى کي دنيا جو تنبن وارو شھر سڏجي ٿو ۽ منى اھو شھر آھي، جنهن ۾ سال جا فقط پنج ڏينهن لکھا ماڻھو رھن ٿا. (ھن سال انهن جو تعداد 30 لک ھو) پنجن ڏينهن بعد يعني 13 ذوالحج جي شام ڌاري اھو ھڪدم خالي نظر اچي ٿو. منى لاءِ مغربي دنيا ۾ اڪثر چيو ويندو آھي ته:
    Mina is world's fastest populated city and fastest deserted city.
    منى ۾ ٻه مسجدون آھن. ھڪ الخفيف مسجد جيڪا ڏاکڻي پاسي آھي. جنهن ۾ اڌ لک کن نمازي نماز پڙھي سگھن ٿا ۽ ٻي مسجد اتراھين پاسي ملڪ عبدالعزيز پل تي آھي، جنهن ۾ پندرھن ھزار کن نمازين جي جاءِ آھي.
    مسجد الخفيف منى جي سڀ کان وڏي مسجد آھي. ھي اھا مبارڪ مسجد آھي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ھتي ستر پيغمبرن نماز ادا ڪئي آھي. حضور اڪرم ﷺ جن ھن مسجد ۾ جتي وقوف فرمايو، اھا جاءِ محفوظ ڪئي وئي آھي. ان جاءِ تي نفل پڙھڻ سنت ۾ شمار آھي ۽ ھي جاءِ دعا جي قبول ٿيڻ جي آھي.

    عرفات
    مڪي معظم کان اڀرندي ڏي جبل رحمت وٽ اھو ميدان، جتي ھر سال 9 ذوالحج تي حج ٿئي ٿو. عرفات جي ميدان منى کان ست ميل (يارھن ڪلوميٽر کن) پري آھي.
    نائين9 ذوالحج تي سج چڙھڻ بعد منى کان عرفات وڃڻ کپي ۽ بعد زوال کان 10 ذوالحج جي صبح تائين ڪجهه وقت اتي ترسڻ کپي. جنهن بابت تفصيل حج جي ڪتابن مان يا ديني معلومات رکندڙ عالمن کان معلوم ڪري سگھجي ٿو.
    عرفات جي ميدان ۾ ترسڻ کي وقوف عرفات يا وقوف عرفه چئجي ٿو. عرفات جي ميدان ۾ ترسڻ حج جو رڪن اعظم آھي. ان بغير حج ٿي نه ٿو سگھي.

    جبل رحمت
    ھي جبل ميدان عرفات تي آھي، جنهن جي قدمن ۾ بيھي امام خطبو پڙھندو آھي ۽ جتي حضور اڪرم ﷺ جن حجت الوداع جو خطبو پڙھيو ھو. انهي جبل کي جبل عرفات به چون ٿا جو ھتي حضرت آدم عليه السلام ۽ بي بي حوا ٻنهي جي جنت مان نڪرڻ بعد ملاقات ٿي ھئي ۽ توبه قبول ٿي ھئي.

    ضب
    مسجد خفيف سان مليل ھڪ ٽڪري جتان عرفات ڏي ويندڙ حاجين جو گذر ٿيندو آھي.

    مزدلفه
    ھي عرفات ۽ منى جي وچ ۾ ميدان آھي. مزدلفه، منى کان اوڀر ڏي اٽڪل 2 ميل پري آھي.
    حاجي نائين ذوالحج تي شام جو سج لھڻ بعد عرفات جي ميدان تان مزدلفه پھچندا آھن ۽ مزدلفه ۾ سانجھي ۽ سومھڻي نماز گڏي پڙھندا آھن. پھرين سانجھي جو فرض ۽ پوءِ سومھڻي جو فرض. ان بعد ھرھڪ جون سنتون ۽ آخر ۾ سومھڻي (عشاءِ) جو وتر پڙھبو آھي. رات مزدلفه ۾ گذارڻ بعد حاجي 10 ذوالحج تي سج اڀرڻ کان اڳ منى ڏي روانا ٿي ويندا آھن.

    جنت المعلى
    ھي مڪي شريف جو مشھور ۽ تاريخي قبرستان آھي. ھتي ڪيترن ئي صحابين، اوليائن ۽ بزرگن جون قبرون آھن. ھتي حضور اڪرم ﷺ جن جي پھرين گھر واري ام المومنين حضرت خديجة الڪبرى رضه جن به آرام فرما آھن.
    ھي قبرستان مديني واري قبرستان جنت البقي کان پوءِ دنيا ۾ نهايت ڀلارو قبرستان آھي. وچ مان رستو وھڻ ڪري ھي قبرستان ٻن حصن ۾ ورھايل آھي. اتراھين حصي ۾ جيڪو منى طرف آھي. ھڪ ڪمپائونڊ ٺھيل آھي. جنهن اندر حضرت خديجه رضه ۽ حضور جن جي وڏن جون قبرون آھن. عرب ۽ انڊو پاڪ جي مشھور عالم حاجي امداد الله مھاجر مڪي جي قبر پڻ ھتي آھي.
    ھن قبرستان جي زيارت به مسنون آھي. اتي وڃي ماڻھو درود شريف، سورة فاتحه، سورة اخلاص ۽ ياسين شريف وغيره پڙھي ارواح مقدس کي ثواب پھچائين ٿا ۽ پنهنجي مغفرت لاءِ دعا گھرن ٿا.
    ھي قبرستان مسجد الجن جي ڀرسان غازا روڊ تي آھي ۽ اھو رستو منى ڏي وڃي.

    مسجد الجن
    ھن تاريخي جاءِ تي حضور اڪرم ﷺ جن کان جنن ڪلام پاڪ ٻڌو ھو. ان ڪري ھن جاءِ جو نالو مسجد جن پئجي ويو. ھي مسجد مڪي شريف جي قبرستان جنت المعلى جي ڀرسان آھي، جنهن جو ذڪر مٿي اچي ويو آھي. ھن مسجد کي بيعت مسجد پڻ سڏجي ٿو. ھن مسجد جي سامھون ھڪ ٻي تاريخي مسجد اشجره پڻ آھي.
    جنن جو حضور پاڪ ﷺ جن کان قرآن شريف ٻڌي پنهنجي قوم ۾ اسلام جي تبليغ ڪرڻ جو واقعو تفصيل سان قرآن شريف جي سورة نمبر 72 الجن ۾ آھي.
    بخاري ۽ مسلم ۾ حضرت عبدالله بن عباس رضه کان روايت آھي ته رسول الله ﷺ جن پنهنجن ڪجهه اصحاب سڳورن سان گڏ بازار عڪاظ ڏي وڃي رھيا ھئا. واٽ تي نخله نالي ھنڌ تي پاڻ ڪريم ﷺ جن صبح جي نماز پڙھائي. ان وقت جنن جو ھڪ ٽولو اتان اچي لنگھيو. تلاوت جو آواز ٻڌي ترسي پيا ۽ غور سان قرآن پاڪ ٻڌندا رھيا. ان واقعي جو ذڪر سورة الجن ۾ آھي. ھي واقعو نبوت جي شروعات واري دور جو آھي.

    جبل ابو قيس
    ھي جبل صفا جي ويجھو بيت الله شريف جي بلڪل سامھون آھي ۽ مڪي جي پھاڙين ۾ سڀ کان گھڻو افضل آھي. حضرت ابن عباس رضه کان روايت آھي ته جبل ابو قيس سڀ کان پھريون جبل آھي، جيڪو دنيا جي سطح تي نظر آيو ۽ ٻي روايت موجب طوفان نوح عليه السلام کانپوءِ حجر اسود ھن ئي جبل تي امانت طور محفوظ رھيو. حضور ﷺ جن جي معجزي شق القمر ـ آڱر جي اشاري سان چنڊ جا ٻه ٽڪرا ڪرڻ جو جنهن مشھور واقعي جو بيان قرآن ڪريم ۾ پڻ آيو آھي. ھن ئي جبل تي دنيا وارن کي ڏيکاريو ويو ھو.
    ھن جبل تي ھڪ ننڍي مسجد آھي، جيڪا مسجد بلال رضه جي نالي سان مشھور آھي. ھن مسجد ۾ نفل پڙھڻ ۽ دعا گھرائڻ ثواب جو ڪم آھي.

    مسجد الڪبش
    ھي اھا جاءِ آھي، جتي حضرت ابراھيم عليه السلام، حضرت اسماعيل عليه السلام کي ذبح ڪرڻ لاءِ وٺي آيو ھو. ان وقت ھتي ڪا مسجد نه ھئي ھڪ وڏو ڪاري رنگ جو پٿر رکيل ھو.
    ھن مسجد جي زيارت ڪرائيندي بنگالي ٽئڪسي ڊرائيور چيو ته ھن ھنڌ تي ان دعا کان علاوه ٻي ڪھڙي دعا گھرجي ته الله تعاليٰ اسان کي به پنهنجي سچي محبت ۽ فرمانبرداري عطا فرمائي. جنهن جو ثبوت حضرت ابراھيم عليه السلام ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام ھن مبارڪ ھنڌ تي صديون اڳ ڏنو ھو.

    دار خديجة الڪبرى
    ھن مبارڪ مقام تي حضرت فاطمه رضه ۽ حضور اڪرم ﷺ جن جو ٻيو اولاد حضرت قاسم رضه، حضرت عبدالله رضه، حضرت زينب رضه، حضرت رقيه، حضرت ام ڪلثوم رضه پيدا ٿيون ھيون.
    ھي تاريخي جاءِ شارع فيصل تي ھڪ گھٽي ۾ موجود آھي. ھتي ھڪ دارالحفاظ قائم ڪيو ويو آھي، جتي ٻار قرآن پاڪ حفظ ڪن ٿا.

    مولود النبي
    يعني حضور اڪرم ﷺ جي جنم وٺڻ جي جاءِ. ھي گھر قشاشيه محلي ۾ شوق اليل نالي گھٽي ۾آھي. ھن جاءِ ۾ پھرين ڊاهه ڊوهه اچي وئي ھئي پر ھاڻ الله جي فضل سان ھتي ھڪ شاندار عمارت ٺاھي وئي آھي، جنهن ۾ ھڪ ڪتبخانو ۽ ھڪ مدرسو قائم ڪيو ويو آھي ۽ ھي عمارت مڪتبه مڪةالمڪرمه پڻ سڏجي ٿي. جاءِ کي وڏو ڪرڻ ڪري ھاڻ اھو گھر رستي جي بلڪل ڪناري تي ٿي پيو آھي ۽ ھن رستي جو نالو شارع ملڪ سعود رکيو ويو آھي.


    حج جا پنج ڏينهن

    ۽ پوءِ جيئن ئي حج جا ڏينهن ويجھا ٿيا ته حج لاءِ آيل حاجين جو تعداد مڪي شھر ۾ ايڏو وڌي ويو جو گھٽين، بازارن مان لنگھڻ مشڪل ٿي پيو. حرم پاڪ جي اندر نماز پڙھڻ لاءِ ان کي جاءِ ملي سگھي ٿي. جيڪو ٻانگ کان گھڻو اڳ پھچي ويو ٿي. ٻانگ بعد ايندڙن کي مسجد کان ٻاھر گھٽين ۾ جاءِ ملي ٿي. حرم پاڪ جي ٻاھرن دروازن کان چوڌاري ميل اڌ تائين رستا، فوٽ پاٿ، گھٽيون، نمازين سان ڀرجي ويون ٿي. طواف لاءِ به ھيٺ ڪعبي جي چوڌاري سولائي سان جاءِ نه ٿي ملي. ملي به ٿي ته ايڏي پيهه پيھان ٿي وئي جو پنهنجي مرضي سان گڏ ھلڻ گھٽ، ھڪ ٻئي جي ڌڪن تي آھستي آھستي چرڻو ٿي پيو. بلڪ پھرين ماڙ ۽ ڇت تان طواف ڪرڻ ۾ به ڪافي رش ھئي. ظاھر آھي، ڏورانهن ملڪن جا حاجي ته اچي ويا ھئا پر سعودي عرب ۽ ويجھن عرب ملڪن جا به ھنن ڏينهن ۾ پھچي ويا. حج وارا ٻه ٽي مھينا، شوال، ذوالعقد، ذوالحج وغيره ۾ ھر وقت چار پنج لک ماڻھن جا مديني ۾ به رھيل ٿين ٿا پر حج جا ڏينهن (جيڪي 8 ذوالحج کان 12 ذوالحج ٿين) ويجھو اچڻ تي مديني ۾ زيارت لاءِ ترسيل حاجي به مڪي پھچيو وڃن جو 8 ذوالحج تي صبح جو ھرھڪ کي احرام جي حالت ۾ مڪي کان منى روانو ٿيڻو پوندو آھي.
    اٺين8 ذوالحج ۾ باقي ٻه ٽي ڏينهن بچيا ته اسان جي گروپ ليڊر اسان کي صلاح ڏني ته جيتري قدر ٿي سگھي ھي ٻه ٽي ڏينهن آرام ڪريون، جو حج وارا پنج ڏينهن وڏي جفاڪشي ۽ محنت ڪرڻي پوي ٿي ۽ ننڊ به پوري نه ٿي ٿئي. ھن عورتن کي طواف ڪرڻ کان بلڪل منع ڪري ڇڏيو جو متان ڪا ٿڪجي ساڻي ٿي پوي يا بيمار ٿي پوي ۽ ايندڙ حج جي پنج ڏينهن ۾ ھن کي ھلڻ ۾ دقت ٿئي.
    آخر اھو ڏينهن يعني 8 ذوالحج جو به نمودار ٿيو ۽ اسان پنهنجي مڪي واري رھائش کي پنجن ڏينهن لاءِ الوداع ڪري ھيٺ فوٽ پاٿ تي منى ڏي روانو ٿيڻ لاءِ سامان جو ٿيلھو يا ھڙ، ٿرماس ۽ ڌوپ ڇٽي کڻي اچي بس جو انتظار ڪيوسين. سامان ھڪ ڏينهن اڳ پئڪ ڪيو ھئوسين. سامان ۾ ڇا ڇا کڻجي، ان لاءِ توھان کي اھا ڳالهه ۾ ذھن ۾ ھجڻ کپي ته ھن سفر ۾ توھا نکي پنج ڏينهن چار راتيون مڪي شھر کان ٻاھر گذارڻيون پون ٿيون، جن مان ٽي راتيون منى ۾ تنبوءَ ۾ جنهن ۾ ھرھڪ ماڻھو جي حصي ۾ مڪي واري رھائش کان به گھٽ جاءِ ملي ٿي ۽ ھڪ رات مزدلفه ۾ ته کلي آسمان ھيٺان پٽ تي گذارڻي پوي ٿي. سمھڻ لاءِ توھان چاھيو ته ملٽي فوم جا گاديلا، پٿراڻيون، بلاڪيٽ، چادريون ۽ ٻه ٻه وھاڻي کڻي سگھو ٿا پر ياد رکو ته اھي سڀ شيون مڪي کان منى، منى کان عرفات، عرفات کان مزدلفه، مزدلفه کان منى ۽ پوءِ آخر ۾ منى کان مڪي تائين پنهنجي مٿي تي ڍوئڻيون پون ٿيون. بس ۾ جاءِ ملڻ جو ايڏو مسئلو ٿو ٿئي جو اھا جاءِ ماڻھن لاءِ پوري مس ٿئي ٿي، اتي گھڻو بار ڪٿي رکجي ۽ ڪيترن مرحلن تي سخت گرمي ۾ لوھ جي بس ۾ قيد ٿي (جنهن جو نٽھڻ اس ۾ ايئر ڪان به ڪم ڪرڻ ڇڏيو ڏئي. ھلڻ کان ھرڪو پيرين پنڌ ھلڻ بهتر سمجھي ٿو). خاص ڪري مزدلفه کان منى ۽ منى کان واپس مڪي، سو جيترو سامان گھٽ ھجي اوترو سٺو.
    منهنجي تجربي ۽ سوچ مطابق ھنن پنجن ڏينهن لاءِ مڪي ڇڏڻ وقت ھي سامان پڻ ساڻ کڻجي. سامان لاءِ پاٺي جي سخت بئگ بدران ڪپڙي جو ڪو ٿيلھو کڻجي. سڀ ۾ بيسٽ ٻن ٽن ريالن وارو ريگزين جو يا ٿلھي پلاسٽڪ جو اھو ٿيلھو آھي، جنهن ۾ Zip به لڳل ٿئي ٿي ۽ 8 ذوالحج کان اڳ، توھان کي ڪيترائي حاجي ان قسم جو ٿيلھو خريد ڪندي نظر ايندا ۽ پنجن ريالن وارو پلاسٽڪ جو تڏو به Ideal شيءِ آھي. پلاسٽڪ جي ھن ٿيلھي کي توھان وھاڻي طور استعمال ڪري سگھو ٿا ۽ ھيٺان وڇائڻ لاءِ پلاسٽڪ جو ھي تڏو ھلڪو پڻ ٿئي ٿو ۽ سمھڻ لاءِ ٺيڪ ٺاڪ رھي ٿو. ھونئن به 1998ع ۾ منى ۾ باهه لڳڻ بعد اتي نه فقط بهترين قسم جا تنبو ٺاھيا ويا آھن پر ھر تنبو ۾ ايئر ڪنڊيشنر لڳايو ويو آھي. پٽ تي چڱا ٿلھا غاليچا وڇايا ويا آھن، جن مٿان سنهي چادر به ڪافي آھي پر ان کان بهتر ۽ ھلڪو ھي پلاسٽڪ جو تڏو آھي. جنهن سان گڏ ڦوڪڻي جھڙو وھاڻو به چنبڙيل ٿئي ٿو، جنهن ۾ ھوا ڀري سگھجي ٿي پر ان ھوا ڀريل وھاڻي کان ٿيلھو يا احرام ڪنڌ ھيٺان رکي سمھڻ بهتر آھي. اھو ئي تڏو مزدلفه لاءِ به صحيح آھي. جتي پھرين جو وڇيل ڪو گلم غاليچو ناھي. پٿريلو پٽ آھي. ڪي ڪي ماڻھو اسپنج جا نرم گاديلا ۽ ھنڌ کڻي ھلن ٿا پر پوءِ ھو انهن کي ڍوئڻ ۾ پورا ھوندا آھن. مزدلفه ۾ پھچندي پھچندي ۽ نمازون پڙھندي ٻارھن ھڪ ٿيو وڃي ۽ فجر پڙھي وري منى لاءِ نڪريو پوي ٿو. سو رات جو پھر ٻه پٿريلي پٽ تي سمھڻ ڪو مشڪل ڪم نه آھي. البته ھڪ ٿلھي ڪپڙي جي چادر مٿان وجھڻ لاءِ ضرور کڻو جو مزدلفه ۾ به رات ٺري ٿي ۽ منى جي تنبن ۾ به ايئر ڪولر ھلڻ ڪري رات جو سيءُ پوي ٿو.
    سامان ۾ پاڻ سان ھڪ احرام ضرور کڻجي، جسم تي پھريل خراب ٿي پوي ته ٻيو اوڍي سگھجي. ھڪ ڪاٽن جو وڳو (شلوار قميص) جو آخري ٻه ڏينهن پائي سگھجي. 10 ذوالحج تي شيطان کي پٿريون ھڻڻ، قرباني ڪرڻ ۽ وار ڪوڙائڻ بعد احرام کان آجو ٿيو وڃجي ۽ باقي ٻه ڏينهن سٿڻ قميص ۾ رھڻو پوي ٿو. پاڻ سان ٿلھي ڪپڙي جي ڌوپ ڇٽي به ضرور کڻجي جو عرفات جي ميدان تي توڙي منى ۾ پاڻ کي اس کان بچائجي. ھن سال (2000ع) ۾ حج مارچ جي وچ ۾ ٿيو ته به ڏينهن جو سخت گرمي ھئي. ھڪ فالتو چمپل کڻجي، جو منى ۾ شيطان کي پٿريون ھڻڻ وقت رش ۾ پوئين ماڻھو جو پير توھان جي چمپل تي اچڻ تي اھو توھان کان جدا ٿيو وڃي ۽ اھڙي صورت ۾ ڪڏھن به، جھڪي نه کڻجي جو اھڙين حالتن ۾ ايندڙ ماڻھن جو ريلو چپيو رکي. ساڳي وقت اس ۾ پير ساڙڻ بدران ڪٿي کلئي پٽ تي ڪنهن جو اڇلايل چپل نظر اچي ته في الحال پائي ڇڏجي، چاھي ڪھڙي به رنگ يا ڊزائين جو ھجي، پوءِ تنبوءَ ۾ پھچي پنهنجو فالتو آندل چپل پائجي يا ڪنهن دڪان تان خريد ڪجي. پاڻ سان پاڻي جو ٿرماس ضرور کڻجي. مڪي مان نڪرڻ وقت يا شيطان کي پٿريون ھڻڻ لاءِ منى جي تنبو مان نڪرڻ وقت ڪيترن کي ائين ٿو لڳي ته کين اڃ نه لڳندي پر سخت گرمي ۽ ماڻھن جي رش ۽ اٻس ڪري ڪيترائي سخت پريشان ۽ بيمار ٿيو پون يا رستي تي ٿڌي پاڻي جي ڪولرن مان يڪساھي ٿڌو پاڻي پيئڻ ڪري گلي جي تڪليف ٿيو پوين. ان ڪري پاڻ سان ٿرماس کڻڻ ضروري آھي ۽ جيتري قدر ٿي سگھي پاڻي جون ٿڌيون بوتلون ۽ کٽا مٺا جيوس Avoid ڪجن. پاڻ سان ننڍو ٽوال کڻجي ۽ منى عرفات ۽ مزدلفه ۾ کائڻ لاءِ خشڪ قسم جون ڪجهه شيون بسڪٽ، صوف، ڪيڪ وغيره کڻجن، جيئن جيسين ڪا شيءِ ڪنهن دڪان يا ھوٽل تان ملي، تيسين کائي سگھجي. روزمره جي استعمال جون دوائون ۽ ھلڪي ۽ پوري پني سائيز جي جاءِ نماز به کڻجي.
    اٺين ذوالحج تي مڪي کان منى وڃڻ لاءِ اسان جي گروپ ليڊر بس جي بندوبست لاءِ ڏينهن ٻه اڳ معلم سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ٻڌايو ته اسان لاءِ ھن جيڪا بس مقرر ڪئي آھي. اھا اسان کي صبح جو ساڍي اٺين بجي اسان وري بلڊنگ وٽان اچي کڻندي. رات جي ماني تي اسان جي گروپ ليڊر ھڪ دفعو اسان کي وقت جي پابنديءَ جي تاڪيد ڪئي. ”بس لاءِ اسان کي انتظار ڪرڻو پوندو“ اسان جي گروپ ليڊر احسان الاھي شيخ چيو ”بس وارا اسان جو انتظار نه ڪندا. ان ڪري صبح جو اٺين کان اڳ ھرھڪ تيار ٿي پوري اٺين بجي سامان سان رستي تي ھلي انتظار ڪرڻو آھي“. گروپ ليڊر ٻه ٽي نوجوان مقرر ڪيا، جن جو ڪم پنهنجو سامان کڻڻ کان علاوه کاڌي پيتي جو سامان کڻڻ پڻ ھو. کاڌي پيتي جي سامان جا به اٺ ڏهه کن دٻا ٿيا، جن ۾ ڊبل روٽي، جئم، بسڪيٽ، ڪيڪ، صوف، ڀڳڙا، چونئرا، کجور، کير جا دٻا، کنڊ، چانھن جي پتي، ويندي چانهن ٺاھڻ لاءِ اليڪٽرڪ ڪيٽل کنيائون جو منى جي تنبوءَ ۾ اليڪٽرسٽي جا سئچ لڳل آھن، جنهن سان Extension wire ڳنڍي ڪٽلي ۾ گرم پاڻي ڪري چانهن ٺاھي سگھجي ٿي. ڪنهن زماني ۾ حاجي منى جي تنبن ۾ گئس جا چلھا کڻي ھلندا ھئا، جن تي رڌپچاءُ ڪندا ھئا پر ھاڻ انهن چلھن ۽ رڌ پچاءَ تي بندش وڌي وئي آھي، جو گئس جي سلينڊرن جي ڦاٽڻ ڪري باهه لڳڻ جا واقعا ٿيا ٿي. سڀ کان وڏو واقعو 1998ع ۾ ٿيو، جنهن ۾ ھزارين جانين کي نقصان رسيو ۽ تنبو سڙي خاڪ ٿي ويا. ان واقعي کانپوءِ ھاڻ تنبو به Fire Proof ڪپڙي جا استعمال ٿي رھيا آھن ۽ رڌ پچاءُ بدران ھرھڪ خشڪ سامان کائڻ لاءِ کڻيو ھلي ٿو. منى ۾ چوڌاري ڪيترائي دڪان به کلن ٿا، جن جو تعداد پڻ سون ۾ آھي پر حاجين جو ايڏو وڏو تعداد آھي جو ھر دڪان تي وڏي رش رھي ٿي ۽ ھر ويلي تي ڊگھي قطار ۾ بيھڻ وقت جي بربادي آھي. ان ڪري بهتر اھو آھي ته ھرھڪ پاڻ سان کائڻ جي خشڪ شيءِ کڻي ھلي، جنهن مان ڪجهه عرفات جي ميدان ۽ مزدلفه ۾به کائي سگھي ٿو. عرفات جي ميدان تي ڪيترائي نيڪ ۽ سخي مڙس ويندي سعودي جي حڪومت حاجين لاءِ کاڌي پيتي جو بندوبست مفت ڪري ٿي پر حاجين جو ايڏو وڏو تعداد آھي. جو صحيح طرح ورھاست ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي. ڪن ھنڌن تي کاڌي جون شيون بچيون پيون ھونديون آھن ته ڪن ھنڌن تي کٽل ھونديون آھن. ان ڪري ھر صورت ۾ پاڻ سان کاڌي جون ڪجهه شيون ۽ پاڻي جو ٿرماس رکجي.
    اسان مڪي جي الجياد اسپتال واري روڊ تي پوڻي اٺين وڳي کان بس جو انتظار ڪيو. ڪيتريون بسون اينديون رھيون ۽ مقرر ملڪ ۽ گروپ جا ماڻھو کڻنديون رھيون. ھڪ ٻئي پويان ايتريون بسيون آيون ٿي، جو پارڪنگ جي جاءِ نه ٿي ملي ۽ پارڪن ٿيڻ سان پوليس وارن سيٽيون وڄائي حاجين ۽ بس جي ڊرائيور کي خبردار ٿي ڪيو ته پئسينجر چاڙھي اڳتي روانو ٿيو. ماڻھو بلڊنگون ڇڏي مختصر ٿيلھن ۽ ھڙن سان رستي تي ائين اچي بيٺا ھئا، ڄڻ گھرن کي باهه لڳي ھجي ۽ ھرھڪ پنهنجي جان بچائي ٻاھر نڪري آيو ھجي. اڄ جو ڏينهن يعني 8 ذوالحج اھو ڏينهن آھي، جنهن جو ھرھڪ حاجي انتظار ڪري ٿو ۽ اڄ جي ڏينهن تي ھرھڪ کي مڪي کان منى ڏي سفر ڪرڻو آھي. اڄ جي ڏينهن تي اٽڪل ٽيهه لک انسانن کي اڇي رنگ جي ڪفن جھڙي ڪپڙي جي احرام ۾ ڍڪجي ڪنهن به صورت ۾ منى پھچڻو آھي. ھڪ طرف بسين ڏي نظر ٿي ڪئيسين ته تعجب ٿي لڳو ته ھيتريون بسيون پر وري ماڻھن ڏي نگاهه ٿي ڪئي سين ته اھي بسيون ٿوريون ٿي لڳيون. نَو ساڍا نَو ٿي ويا پر اسان واري مڪتب جي بس نظر نه آئي. رکي رکي ھرھڪ باٿ روم لاءِ پنهنجي پنهنجي فليٽ ڏي ويو ٿي يا ٿورو اڳيان دڪانن تان چانھن يا ڪوڪا ڪولا وٺڻ لاءِ ويو ٿي پر ھرڪو يڪدم موٽي آيو ٿي، جو ھرھڪ کي خبر ھئي ته ڪنهن وقت به بس اچي ويندي ۽ بس ايندي ته پوءِ ترسندي ڪا نه ۽ ڪنهن به پنهنجي گروپ کان ڇڄڻ نه ٿي چاھيو، ڇو جو پوءِ اڪيلو ٻي بس ۾ پھچي منى پھچي پنهنجي گروپ جو تنبو ڳولڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي. جيتوڻيڪ ھاڻ ھر تنبو جو نمبر آھي، جنهن کان ھرھڪ واقف ڪيو وڃي ٿو، بلڪه ان تنبو جي نمبر جو ڪارڊ ڳچي ۾ وجھي ھلڻو پوي ٿو پر ٽيهه لک ماڻھن جا تنبو به سٺ ھزار کن ٿين ٿا، جيڪي ميلن تائين پکڙيل آھن.
    آخر ڏھين بجي اسان جو گروپ ليڊر ۽ ھڪ ٻه ٻيا چڱا مڙس جن کي عربي زبان آئي ٿي. اھي معلم جي آفيس ۾ ويا، جنهن ٻڌايو ته ٽرئفڪ ايتري جئم آھي جو اھا بس اڃا پھريون ڦيرو ڪري نه آئي آھي. بهرحال ھن ٻي بس جيڪا ان وقت پھتي ھئي، اسان لاءِ ڏني ۽ اسان ٽپڙ رکي چڙھي پياسين. بس صحيح قسم جي ايئرڪنڊيشنڊ ھئي ۽ ويھڻ لاءِ 53 سيٽون ھيون ۽ اسان پنجاهه ڄڻا ھئاسين. سامان ڇت تي رکيو ھئوسين. ان ڪري وڏي آرام ۾ ھئاسين. فقط تلبيھ پڙھندا ھلياسين ۽ دري مان مڪي جون بازاريون (جيڪي ھاڻ سنسان ٿي رھيون ھيون جو سڀ حاجي مڪو ڇڏي منى روانا ٿي رھيا ھئا) ويڪرا رستا، ويڪرن رستن تي نئين ماڊل جون اوچيون بسيون، بسين ۾ ويٺل مختلف ملڪن جا ماڻھو، جبل، جبلن ۾ کوٽيل ٽنل ۽ ٽنلن (سرنگھن) ۾ بجلي ۽ گئس ڇڪڻ جا Exhasust پنکا ڏسندا ھلياسين. اڳتي ھلي ٽرئفڪ جئم به ٿي پر اھڙي نه ٿي، جھڙي ماضي ۾ ٿيڻ جو ٻڌو اٿئون. چپي چپي تي بيٺل شرطا (پوليس وارا) زوردار سيٽين ۽ ڇڙٻن سان ٽرئفڪ کي جئم ٿيڻ کان بچائيندا رھيا، مڪي کان منى ھونئن ته رستو 15 منٽن جو به نه آھي پر ان ڏينهن مڙيئي ڪلاڪ ڏيڍ لڳي ويو، خاص ڪري تنبن جي شھر منى جي گھٽين ۾ پنهنجي مڪتب ۽ ان ۾ پنهنجي تنبو نمبر 18 ڳولڻ ۾.
    منى لاءِ جھونن حاجين کان ڏاڍيون ڀوائتيون ڳالھيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ته اڄ کان چوٿون صدي کن اڳ تائين منى ۾ رھائش ڏاڍي تڪليف واري ھوندي ھئي ۽ واقعي ھئي. جتي پيئڻ لاءِ پاڻي نه ملي، اتي وضو ۽ غسلخاني لاءِڪٿان پاڻي اچي. عورتون توڙي مرد پاڻ سان پاڻي سان ڀريل دٻا ڪلھن تي رکي پيرين پنڌ منى پھچندا ھئا، ھڪ ھڪ گلاس پاڻي جو قيمتي ھوندو ھو. رڌ پچاءَ لاءِ چلھا، ديڳڙا ۽ گئس جا سلينڊر پڻ ڍوئيندا ھئا. غسل خانا ٺھيل نه ھئا. پوءِ گروپن ۾ ماڻھو کڏا کوٽي ان ۾ دٻو رکي سنداس نموني جو ڪاڪوس ٺاھيندا ھئا. جنهن کي پاسن کان انبن جي کوکن جھڙا تختا ھڻي ڀتيون ٺاھيندا ھئا ۽ در جو ڪم چادر کان ورتو ويندو ھو. باٿ روم ڏي وڃڻ وارو ھڪ ٻئي حاجي کي به پاڻ سان وٺي ويندو ھو، جيڪو پڙدو جھلي بيھندو ھو ۽ ماڻھن کي اندر وڃڻ کان جھليندو ھو. لالٽين ڏيا ۽ پوءِ گولا (گئس بتيون) ٻاريون وينديون ھيون. تنبن ۾ گرمي ۽ گھٽ اھڙي ٿيندي ھئي جو ھر وقت وڃڻي ھٿ ۾ ھوندي ھئي.
    ان مقابلي ۾ منى جي اڄ جي رھائش ڳالهه ٻي ٿي پئي آھي. فرسٽ ڪلاس ڇڪيل تنبو، جنهنجي ڍري ٿيڻ يا ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. چاھي اونهاري جون لڪون لڳن يا سياري جا واچوڙا، ھر تنبو ۾ ٿڌي پاڻي جو ڪولر ايئر ڪنڊيشنر (Desert Cooler)، ٿڌي روشني وارا ۽ اڌ ۾ لڪيل بلب جيئن سندن روشني سامھون اکين ۾ به نه لڳي، پٽ تي چڱو ٿلھو غاليچو، جنهن تي بنا چادر جي به سمجھي سگھجي. تنبن جي ڀتين جا مٿيان حصا رسين کي ڇڪڻ سان کلي به سگھن ٿا، جيئن ڪو ايئر ڪولر ھلائڻ نه چاھي ته ڀيتن کي کولي قدري ٽيمپريچر واري ھوا کائي، تنبو ۾ گھڙڻ سان ٿڪل ماڻھو فرحت ۾ اچيو وڃي.
    اٺ ڏهه تنبن لاءِ اٺ ڏهه غسلخانن جي قطار، جن ۾ انڊين توڙي يورپي ڪموڊ لڳل، وھنجڻ لاءِ شاور ۽ وضوءَ لاءِ نلڪا ۽ نه فقط نلڪا لڳل آھن پر منجھن پنج ئي ڏينهن پريشر سان پاڻي کي ايندي ڏٺوسين.
    تنبن ۾ ٿڌي پاڻي جا ڪولر ڏيڻ کان علاوه ھر تنبوءَ لاءِ پنج کن ڪلو (Ice Cubes برف جا ٽڪرا) ۽ ھر روز مھيا ڪيا ويا ٿي. ھر تنبو جي ٻاھران گند ڪچرو ڦٽو ڪرڻ لاءِ ھڪ وڏي باردي رکيل ۽اھي بارديون نه رڳو رکيل ھيون پر ڏينهن ۾ ٻه ٽي دفعا خالي ڪري صاف ڪيون ويون ٿي. اسان تنبو ۾ گھڙي ان جو وچيون پردو ڇڪي تنبو کي ٻن حصن ۾ ورھايو. جيئن ھڪ ۾ عورتون ۽ ٻئي ۾ مرد گڏجي رھون. ان بعد ھرھڪ پنهنجا پنهنجا بسترا ٻن قطارن ۾ وڇايا. يعني ٻارھن کن مرد ھڪ قطار ۾ 12 يا 13 ٻي قطار ۾ ماچيس جي تيلين وانگر سڌا ٿي ليٽي پياسين. اسان جي گروپ جي چوڌري مھتاب ۽ سندس فرزند فھيم بجلي جي سئچ بورڊ ۾ پنهنجي فون جي بيٽري چارج ٿيڻ لاءِ ۽ پاڻي جي ڪٽلي چانھن ٺاھڻ لاءِ رکي خير جو ڪم ڪيو. يعني اسان ٿڪلن کي چانهن پياري ۽ ان سان گڏ بسڪٽ ۽ ڪيلا کارايا.
    ڪلاڪ ڏيڍ ٿڪ ڀڃي وضو لاءِ اٿياسين ۽ ظھر نماز جماعت سان تنبو ۾ پڙھي سين. عورتن پنهنجي تنبو ۾ جماعت ڪئي. ان بعد فيروز، ڊاڪٽر شفيق ۽ اسرار گڏجي پئسن مان ڪجهه پئسا گروپ ليڊر کان وٺي ٻاھران ھڪ بنگالي جي ھوٽل تان ڀت ۽ دال وٺي آيا. چانور ۽ دال بهترين جنس جا ھئا ۽ بنگالي رڌيو به بهترين نموني سان ھو. وڏي ڳالهه ته بک به بهترين لڳي ھئيسين. ڏاڍو مزو آيو، رکن چانورن مان به خوشبو پئي آئي ۽ سالن تائين منى جو اھو دال ڀت نه وسرندو. رات جي ماني تي نمڪو کاڌوسين. جيڪو نوراحمد ۽ ڀائي متين ڪراچي کان آندو ھو. رات جي سمھڻ مھل ايڏو سيءَ لڳو جو ايئر ڪولر بند ڪرڻو پيو.
    ٻيو ڏينهن نائين ذوالحج جو ھو. يعني عرفات جي ميدان تي وڃڻ جو منيٰ کان عرفات ڪو پري ناھي. عام حالت ۾ ھتي جا رستا اھڙا ته سٺا ۽ ويڪرا آھن جو ڏھن منٽن ۾ پھچي سگھجي ٿو پر جيئن ته ھي Movement به ھڪ ئي وقت تي سڀني حاجين کي ڪرڻي آھي.ان ڪري رستي تي رڳو بسيون ۽ ماڻھو نظر اچن ٿا ۽ تر ڇٽڻ جي جاءِ نظر رڳو ھلي وارو حساب آھي. اسان جو جنهن بس سان حساب ڪتاب رکيل ھو. ان کي يارھين ٻارھين بجي ڌاري اچڻو ھو. ڪنهن زماني ۾ يعني اڄ کان ٻه ٽي سال اڳ تائين حاجين جي مرضي تي ڇڏيل ھو ته وڻين ته سواري جو بندوبست پاڻ ڪن يا معلم جي بس ۾ چڙھن پر ھاڻ ھن سال کان ھر حاجي لاءِ ضروري ڪري ڇڏيو اٿن ته معلم جي بس ۾ چڙھي ۽ جي ھو پنهنجو بندوبست ڪندا ته به معلم ھنن جو ڀاڙو ڪٽي ڇڏيندو. يعني ڪو به جدي پھچي معلم کان Claim نه ٿو ڪري سگھي يا مون تنهنجي بس Avail نه ڪئي. ان ڪري ان جي ڀاڙي جا پئسا واپس ڪر، جيڪي تو اڳواٽ اسان کان ورتا ھئا.
    معلم وٽ ڪجهه پنهنجون بسيون آھن، ڪجهه ٻين بسن جي مالڪن کي ٺيڪا ڏئي ٿو ته منهنجي فلاڻي مڪتب جا ماڻھو منى کان عرفات پھچائجو. انهن کي زور زور سان ڌڪ ھڻي ماڻھن کي عرفات تي ھلڻ لاءِ اٿارين ٿا. جيتوڻيڪ منى ۾ پنجين نماز پڙھي پوءِ صبح جو نڪرڻ کپي پر جاھل ڊرائيورن کي پنهنجي ٺيڪي پوري ڪرڻ سان مطلب ٿئي ٿو ته جھٽ ماڻھن کي منى مان کڻي عرفات رسايون، پر اسان جي گروپ جي ليڊر اسان کي اڃا منى ۾ ئي ترسڻ لاءِ چيو ۽ جلدي ڪرڻ کان منع ڪئي. يارھين بجي ڌاري اسان سامان جو ٿيلھو، ڇٽي ۽ پاڻي جو ٿرماس کڻي اچي رستي تي بس جي انتظار ۾ بيٺاسين.
    منى ۾ 8 ذوالحج جي نماز ظھر، عصر، مغرب، عشاءِ 9 ذوالحج جي نماز فجر، پنج نمازون مڪمل ڪرڻ مسنون آھن. يعني حضور اڪرم ﷺ جن پڻ ائين ڪيو ھو. حضرت جابر رضه کان حجة الوداع جي حديث ۾ روايت آھي ته جڏھن يوم ترويھ (يعني 8 ذوالحج) جو ڏينهن آيو ته اصحاب سڳورن (مڪي مڪرمه مان ئي) احرام ٻڌو ۽ منى لاءِ روانا ٿيا. رسول اڪرم ﷺ جن سواري تي نڪتا ۽ منى ۾ ظھر، عصر، مغرب ۽ عشاءَ ۽ 9 ذوالحج جي فجر نماز ادا ڪئي ۽ پوءِ جڏھن سج اڀري مٿي آيو، ان بعد عرفات روانا ٿيا (اھا مسلم کان روايت ٿيل آھي).
    دوران حج منى، عرفات، مزدلفه، ھر جاءِ تي مڪاني توڙي ڌارين ماڻھن کي سڀ نمازون قصر ادا ڪرڻ کپن . يعني سفر جي حالتن ۾ پڙھڻ کپن. مثال طور: ظھر نماز ۾ چئن بدران فقط ٻه فرض پڙھجن وغيره. حضرت حارث بن وھب رضه جن فرمائين ٿا ته ھن حجة الوداع جي موقعي تي نبي ڪريم ﷺ جن جي پٺيان نماز پڙھي، ان موقعي تي پاڻ ڪريم ﷺ جن سان ڪيترائي مڪاني ۽ ڌاريا ماڻھو ھئا. پاڻ ڪريم ﷺ جن حج جو سڄو عرصو سڀني کي ٻه رڪعتون (يعني قصر) نماز پڙھائي. (ان کي پڻ مسلم روايت ڪيو آھي).
    نائين9 ذوالحج (يوم عرفه) تي سج اڀرڻ بعد منى کان عرفات روانو ٿيڻ کپي ۽ رستي تي تڪبير (الله اڪبر) تهليل (لا الٰہ الا الله) ۽ تلبيھ (لبيڪ اللھم لبيڪ...) چوڻ کپي. اڄ جو ڏينهن حاجين جي عبادت ۽ حج جو اھم ڏينهن ٿئي ٿو. وقوف عرفات ـ يعني عرفات جي ميدان تي ترسڻ حج جي ارڪانن ۾ سڀ کان اھم ۽ ضروري رڪن آھي. ان بنا حج ٿي نه ٿو سگھي. ٻين ارڪانن جي مجبوريءَ ۾ پورائي نه ڪرڻ تي دم يا صدقو ڏئي پورائو ڪري سگھجي ٿو پر عرفات جي ميدان تي پوڙھي توڙي بيمار کي پھچڻو ئي پھچڻو آھي. ڪو ھلي چلي نه ٿو سگھي ته ھن کي پاڻ کڻائي به عرفات جي ميدان ۾ پھچڻ کپي.
    حضرت عبدالرحمان بن يعمر رضه جو چوڻ آھي ته آئون حضور اڪرم ﷺ جن جي ويجھو بيٺو ھوس ته ڪجهه ماڻھو آيا ۽ حج جي باري ۾ پڇيو ته حضور اڪر م ﷺ جن فرمايو: ”حج عرفات ۾ ترسڻ جو نالو آھي، جيڪو ماڻھو مزدلفه جي رات (يعني 9 ۽ 10) ذوالحج جي وچ واري رات) طلوع فجر کان اڳ عرفات ۾ پھچي وڃي ته ان جو حج ادا ٿي ويو“. (اھو نسائي کان روايت ٿيل آھي).
    ان بابت وضاحت آھي ته جيڪڏھن ڪو شخص ڀُل ۾ وادي عرفات جي بدران وادي نمره ۾ وقوف ڪيو ته ھن جو حج ادا نه ٿيندو ۽ جو ماڻھو 10 ذوالحج جي سج اڀرڻ کان اڳ گھڙي کن لاءِ به ميدان عرفات ۾ پھچي وڃي ته ھن جو حج ٿي ويو. (حج ۽ عمري جا مسئلا ـ موقف محمد اقبال ڪياني صفحو 140).
    حضرت عبدالله بن عباس رضه جو چوڻ آھي ته رسول اڪر مﷺ جن فرمايو: ”ميدان عرفات سڄي جو سڄو موقف آھي پر وادي عرنه (يعني نمھر) کان بچاءُ ڪيو (يعني ان ۾ وقوف نه ڪريو) ۽ مزدلفه سڄي جو سڄو موقف آھي پر وادي محسر کان بچاءَ ڪريو ۽ منى سڄي جو سڄو قربان گاهه آھي.“ (ان کي طحاويءَ روايت ڪيو). واديءَ عرفان ۽ وادي نمره ٻئي ھڪٻئي سان مليل آھن ۽ ان بابت شروع ۾ پڻ لکي چڪو آھيان ته مسجد نمره جو ھڪ حصو وادي عرفات ۾ آھي ۽ ٻيو حصو وادي نمره ۾. مسجد جي اندر بورڊ ھڻي ان ڏي ڌيان به ڇڪايو ويو آھي. بهرحال مسجد نمره ۾ ترسڻ کان اڳ عرفات جي حدن جي خاطري اڳواٽ ڪري ڇڏڻ کپي، جيئن حج باطل نه ٿئي
    بهرحال اڄ جي ڏينهن (9 ذوالحج) جو وقوف عرفات وارو رڪن حج جو اھم رڪن آھي ۽ ھر ھڪ ماڻھو جيڪو حج ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، ان کي ھر صورت ۾ عرفات جي ميدان تي پھچڻو پوي ٿو. اسان کي عرفات جي ميدان تي وٺي ھلڻ لاءِ جيڪا بس ملي اھا ايئرڪنڊيشنڊ نه ھئي ۽ سج جي تپش به اوج تي ھئي. اڃا ته مارچ جو مھينو ھو، جيڪو چڱو ٿڌو ٿئي ٿو. انهن حاجين جو سوچي انهن کي داد ڏيڻ تي دل چوي ٿي جيڪي جون جولاءِ آگسٽ سيپٽمبر جھڙن مھينن ۾ حج ڪري چڪا آھن يا ھن وقت ھزارن جي تعداد ۾ الله جا نيڪ ٻانها اس ئي اس ۾ پيرين پنڌ ڪري رھيا ھئا يا بسين جي لوھي ڇتين تي بنا ڌوپ ڇٽي جي سفر ڪري رھيا ھئا. اڃ ۾ اسان جي ٿرماسن جو پاڻي ختم ٿي چڪو ھو پر الله ڇڏي نٿو. رستي تي ڪيترن ئي سخي مردن رستي تان لنگھندڙ حاجين کي پاڻيءَ جون بوتلون ۽ جوس جا دٻا اڇلائي اڇلائي پئي ڏنا. ڪن بوتلن تي انگريزيءَ ۾ لکيل ھو ته ھي ملڪ جي بادشاهه طرفان الله جي مھمانن لاءِ گفٽ آھي. ٻئي ڏينهن اخبار ۾ پڙھيم ته سعودي حڪومت جو شاھي خاندان ھر سال ڏيڍ لک پاڻي جون بوتلون حاجين ۾ ورھائي ٿو. اھڙيءَ طرح سان پاڻي ۽ جيوس ڪجهه بين الاقوامي شھرت جون ڪمپنيون پڻ ورھائي رھيون ھيون. ھڪ ھنڌ ته ھڪ بوھري (شايد ڪراچي يا بمبئي جو رھاڪو ھجي يا يورپ يا آمريڪا جو، جو ڪيترا بوھري اتان به اچن ٿا) پاڻيءَ جون بوتلون ۽ فروٽ ورھائي رھيو ھو.
    ھزارين بسين ۽ لکين پيدل ھلندڙن جو قافلو عرفات جي ميدان ڏي چرندو رھيو. ھر ھڪ ماڻھو اڇي انگ جي احرام ۾ ھو. ٽيهه لک ماڻھو ڪو گھٽ عوام ناھي. ھوائي جھاز مان نڪتل فوٽن مان ھي عوام ماڪوڙين وانگر لڳي ٿو جن مٿان ڄڻ ته ڪنهن لوڻ يا پائوڊر جھڙي اڇي رنگ واري شيءَ ٻرڪي ڇڏي ھجي.
    عرفات جي ميدان ۾ جنهن تنبوءَ ۾ اسان کي به ترسڻو ھو ان ۾ اڳ جي آيل ماڻھن اسان جي اچڻ تي پھرين ٿورو گھڻو Resist ڪيو جو ھو اڳواٽ آيل ھئا ۽ چادرون وڇائي ڪي مانيون کائي رھيا ھئا ته ڪي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ليٽيا پيا ھئا. اسان جي ٽولي (پنجاهه کن ماڻھن) جي اچڻ ڪري ھنن کي ڪجهه ڪجهه جاءِ ڏيڻي پيئي. ڪن خوشيءَ سان اسان کي ڀر ۾ ويھاريو، ڪن کي ٿورو سمجھائڻ سان ته اسان سڀني کي ھتي فقط چند ڪلاڪ ترسڻو آھي ۽ ھي تنبو اسان سڀني لاءِ معلم طرفان مقرر ٿيل آھي ۽ ھتي نه ترسنداسين ته ڪيڏانهن وينداسين ۽ پوءِ اسان اڃان سولا ٿي ويٺاسين ته اسان واري تنبوءَ ۾ ترسڻ وارن جي ٻي بس، پوءِ ٽي ۽ چوٿين بس به اچي پھتي. تيسين ڪجهه شام به ٿي وئي ۽ پاڇا لڙڻ ڪري تنبوءَ کان ٻاھر نڪري پٽ تي ويٺاسين. گرميءَ ڪري ھر حاجيءَ جي ھٿ ۾ وڃڻي يا دفتري ھئي. ھتي جا تنبو ڪپڙي جا ۽ ننڍا ھئا. ھڪ حاجي ٻڌايو ته اڳ ۾ منى ۾ ههڙا تنبو ۽ گرمي ھوندي ھئي.
    اسان جي تنبوءَ ۾ گھڻي ڀاڱي سنڌ ۽ پنجاب جي ٻهراڙيءَ جا ماڻھو ھئا. منهنجي ساڄي پاسي ٿر پاسي جا ٽي سنڌي ويٺل ھئا، جن مان ھڪ عمرڪوٽ جو پلي ھو. ھو به ٻين وانگر تسبيحون پڙھي رھيا ھئا. دعائون گھري رھيا ھئا. معلم يا حڪومت طرفان سڀني کي ورھائي مليل ماني کائي رھيا ھئا. ھڪ لنگھندڙ گاڏيءَ مان سڀني اٿي ڌوري جا پيالا ۽ ڊبل روٽي ۽ بن ورتا، جيڪي ھو حاجين جي مھماني خاطر ورھائي رھيا ھئا. اسان جي گروپ جي ھڪ ساٿي فيروز جنهن کي ھنن پنهنجي چادر تي ويھڻ جي جاءِ ڏني ھئي، تنهن کانئن پڇيو ته ڪير آھيو ۽ آيا حج تي پھريون دفعو آيا آھيو يا ھن کان اڳ به حج ڪري چڪا آھيو.
    ”سائين اسان ڪي امير ماڻھو نه آھيون.“ انهن مان ھڪ سنڌي گاڏڙ اڙدوءَ ۾ فيروز کي ٻڌايو. آئون به ماٺ ڪري پنهنجي جاءِ تي ويٺي ٻڌندو رھيس. ”ھڪڙو ننڍڙو ھٽڙو اٿم. پائي پائي ڪري ڏهه سال بچائي پوءِ حج تي آيس. سائين يقين ڪريو حج بعد مون کي دڪان جي ڪمائيءَ ۾ ايڏي برڪت ٿي جو ٽن سالن ۾ مون وٽ ايترا پئسا گڏ ٿي ويا جو آئون ٻيو دفعو حج تي آيو آھيان. سائين ھي سڀ قدرت طرفان آھي پروردگار جو ٿورائتو آھيان جنهن مون کي ھي خوشيون ڏنيون آھن.“
    ھن ٿر جي ڳوٺاڻن جي ڳالھين ۾ ڪيڏو توڪل ھو. ھو ڪيڏو خوش ھو. ھن پنهنجي پوٽڙي کولي ان مان ٿوري دير اڳ ورھايل صوف ۽ جوس جا دٻا ۽ ڪيڪ جو سلائيس ڪڍي اسان کي کائڻ لاءِ آفر ڪيو. ”ڏسو سائين ههڙي رڻ پٽ بيابان ۾ به رب پاڪ ههڙا مال ويٺو کارائي. اھڙا مال ته ڳوٺ گھر ۾ به نه ڏٺاسين“.
    اڳئين ۽ وچين نماز سڀني گڏجي تنبوءَ ۾ جماعت سان پڙھي. وچين نماز بعد آئون تنبوءَ جي آخري حصي ۾ وڃي ويٺس. اتي به ڪجهه سنڌي ڳوٺاڻا ويٺا ھئا. منهنجي دل ڳالھائڻ لاءِ چاھيو ٿي پر سمجھيم پئي ته سخت ٿڪ ڪري ساڻن گھڻي دير ڳالھائي نه سگھندس ان ڪري اڙدو ۾ پڇيو مان ته ڪير آھيو ۽ ھتي ڪھڙي وقت پھتائو. ھو دادو پاسي جا ھئا، بلڪ خيرپورناٿن شاهه جا. ”سائين اسان ٻارھين بجي ڌاري ھتي عرفات جي ميدان تي پھچي ويا ھئاسين.“ ھنن به گاڏڙ ساڏڙ اڙدوءَ ۾ جواب ڏنو.
    ”ڪهڙي بس ۾ آيائو؟“ مون پڇيو مان.
    ”سائين اسان منى کان پنڌ آياسين.“ ھنن مان ھڪ وراڻيو.
    ”پنڌ آيائو؟“ مون تعجب مان پڪ ڪئي.
    ”ھا سائين بس ھلندا آياسين فرحت وٺندا آياسين، تان جو اچي ھتي نڪتاسين. ھن واٽ جو ڪو پنڌ ماريندو ڇا“.
    مون دل ئي دل ۾ ھنن جي ھمت ۽ عشق کي داد ڏنو.
    عرفات تي ھرڪو ڪجهه گھڙيون ھيڏانهن ھوڏانهن جي ڪنهن سان ڳالهه ڪري وري عبادت ۾ لڳي ويو ٿي. ھر ھڪ ڪجهه نه ڪجهه پڙھي رھيو ھو. ڪو قرآن مجيد جي تلاوت ڪري رھيو ھو ته ڪو تسبيح پڙھي رھيو ھو. ھر ھڪ پنهنجو پاڻ کي رب پاڪ جي ويجھو محسوس ڪري رھيو ھو. دلين تي ھڪ عجيب خوف طاري ھو. ھي ڀلاريون گھڙيون، ھر ھڪ پنهنجي مالڪ کان دعا پنڻ، توبه زاري ڪرڻ ۽ گناهه بخشائڻ ۾ خرچ ڪرڻ چاھيون ٿي. ھر ھڪ پنهنجي زندگيءَ جي سٺن برن ڪمن جي بئلنس شيٽ جو سوچي رھيو ھو. ھن گھڙي ۽ ھن ڏينهن تي به ڪو نه سوچيندو ته ٻيو ڪڏھن سوچيندو. ۽ جتي نيڪ ماڻھو ئي اھو چئي ھن دنيا ۾ قدم کڻن ٿا ته ڪتڻ ۽ ان سان گڏ ڪنبڻ جو مقام آھي. اتي اسان جھڙا گنهگار جن جو بقول شاهه لطيف جي ”پڃرو پاپن جو چوٽيءَ تائين چور“. رب پاڪ اڳيان اھو ئي عرض ڪري سگھن ٿا ته ھو شل اسان تي رحم ڪري، ٻاجهه ڪري ڇو ته ”عدل ڇٽان آئون، نه ڦيرو ڪج فضل جو“ واري حساب ۾ ئي اسان جھڙن جي ڀلائي ٿي سگھي ٿي ۽ انهيءَ اميد تي ته الله وڏو ٻاجھارو آھي، ھن جي رحمتن مان اميد نه لاھجي، ھتي اچي گڏ ٿيا آھيون منهنجي سامھون ويٺل پنجاب جي ھڪ ڳوٺاڻي مون کي عرفات تي سو سو دفعا پڙھڻ لاءِ ڪجهه دعائون ڏنيون، پني جي مٿان انگريزيءَ ۾ Arfat (Wazifa) Prayer لکيل ھو ۽ ھيٺان ھي دعائون، سورون، ڪلما ۽ درود ۽ آيتون لکيل ھيون:
    • لبيڪ اللھم لبيڪ...
    • چوٿون ڪلمون
    • قل ھُوَ الله...
    • درود شريف ابراھيمي
    • استغفر الله الذي لااِلٰہَ اِلا ھُواَلحَي القَيُوم وَاتُوابُ اَلِيہِ
    • پھريون ڪلمون
    • لاالٰہ الا انت.....
    • حسبنا الله ونعم الوڪيل
    • فاالله خير حافظا...
    • حسبي الله...
    ھر ھڪ وٽ دعائن جا پنا ھئا يا زباني پڙھي رھيا ھئا. حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جو ارشاد آھي ته ڪوبه ڏينهن اھڙو ناھي جنهن تي الله تعاليٰ عرفه جي ڏينهن کان گھڻن ٻانهن کي جھنم جي باهه کان نجات ڏيندو ھجي. يعني جيتري گھڻي تعداد ۾ عرفه (عرفات) جي ڏينهن تي گنهگارن کي نجات بخشي وڃي ٿي ايتري وڏي تعداد ۾ ڪنهن به ٻئي ڏينهن تي نٿي ٿئي.
    اسلام جو پنجون رڪن حج آھي، جيڪو 9 ھجري ۾ فرض ٿيو. ان ئي سال نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن حضرت ابوبڪر صديق رضه کي امير الحج مقرر ڪيو ۽ ٽي سو صحابي سڳورن کي ساڻن گڏ موڪليو، جيئن انهن کي حج ڪرائين. ان بعد بيت الله ۾ مشرڪين جي وڃڻ تي بندش وڌي وئي ۽ اگھاڙو ٿي طواف ڪرڻ تي پڻ سختيءَ سان منع ڪئي وئي.
    ڏھين10 ھجريءَ ۾ رسول اڪرم ﷺ جن چوڏھن ھزار (يا شايد وڌيڪ) صحابي سڳورا پاڻ سان وٺي حج جي سفر تي روانا ٿيا. حضور اڪرم ﷺ جن جو ھي پھريون ۽ آخري حج ھو. ھن حج کي ان ڪري حجة الوداع سڏين ٿا. حج سڄي زندگي ۾ فقط ھڪ دفعو فرض آھي.
    حضرت ابوھريره رضه کان روايت آھي ته رسول الله ﷺ جن اسان کي خطبو ڏنو ۽ فرمايو: ”اي انسانو! توھان تي حج فرض ڪيو ويو آھي ان ڪري حج ڪريو“.
    ھڪ ماڻھوءَ پڇيو: ”يا رسول اللهﷺ! ڇا ھر سال حج ڪريون؟“ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن خاموش رھيا. ايتريقدر جو ان صحابي ٽي دفعا اھو ئي سوال ڪيو. ان تي پاڻ ﷺ فرمايو: ”جيڪڏھن آئون ھا چئي ڏيان ھا ته توھان تي ھر سال حج ڪرڻ فرض ٿي وڃي ھا ۽ توھان نه ڪري سگھو ھا. وري فرمايو، جيڪا شيءَ توھان کي ٻڌائڻ ڇڏي ڏيان ٿو ان بابت توھان مون کان سوال نه ڪندا ڪريو. توھان کان اڳ جا ماڻھو پنهنجن نبين کان گھڻا سوال ڪرڻ ۽ انهن سان اختلاف ڪرڻ ڪري ختم ٿي ويا. بهرحال آئون جنهن شيءَ کي توھان کي حڪم ڏيان ته ان تي پنهنجي استطاعت موجب عمل ڪريو ۽ جڏھن ڪنهن کي منع ڪريان ته ڇڏي ڏيو (يعني سوال جواب نه ڪندا ڪريو). (ان کي مسلم روايت ڪيو.)
    بهرحال ھجرت جي نائين سال يعني 613ع ۾ حج جي موقعي تي بت پرستن به مسلمانن سان گڏوگڏ ڪعبي جي زيارت ڪئي پر اھو سال بت پرستن لاءِ خانه ڪعبي جي طواف جو آخري سال ثابت ٿيو جو ان کانپوءِ الله تعاليٰ جي طرفان مشرڪين لاءِ خانه ڪعبي جي حدن ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي ٿي وئي. خدا جو ھي حڪم قرآن مجيد جي نائين سورت جي 28 آيت ۾ ھنن لفظن ۾ موجود آھي:
    ترجمو: ”اي ايمان وارو! سمجھي وڃو ته مشرڪ نجس (ناپاڪ) آھن ۽ اڄ کان انهن کي مسجد الحرام ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ناھي“.
    ھجرت جي ڏھين سال يعني جنهن سال کان مشرڪين لاءِ خانه ڪعبه جي زيارت ممنوع قرار ڏني ويئي، پيغمبر اسلام صلي الله عليه وسلم حج جي موقعي تي مديني کان مڪي روانا ٿيا. پاڻ حج جا سمورا ارڪان سرانجام ڏنا. احرام ٻڌو، ست دفعا خانه ڪعبه جو طواف ڪيو ۽ صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي جو عمل به انجام ڏنو. بهرحال پيغمبر اسلام ذوالحج جي نائين تاريخ تي حج جي غرض سان آيل سڀني مسلمانن سان ھن عرفات جي ميدان تي ڳالهه ٻولهه ڪئي (خطبو ڏنو) ھي اھو خطبو آھي جنهن کي اسين خطبة الوداع چئون ٿا. اھو خطبو ھجري سال ڏھين ۾ ۽ عيسوي سال 632ع ۾ ھن ميدان تي ڏنو ويو ھو. اڄ ان کي 1410 ھجري سال (۽ 1368 عيسوي سال) گذري چڪا آھن.
    ماڻھن جي ھجوم اڳيان حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو: ”اي انسانو! منهنجي ڳالهه ٻڌو. بيشڪ آئون نٿو ڄاڻان. ٿي سگھي ٿو ھن سال کانپوءِ ھن ھنڌ تي منهنجي توھان سان وري ملاقات نه ٿئي.“
    پاڻ ماڻھن کي پڇيائون: ”توھان کي خبر آھي ته ھي مھينو ڪھڙو مھينو آھي؟“
    سڀني ماڻھن ملي ھڪ جواب ڏنو: ”ھي ذوالحج جو مھينو آھي جيڪو حرمت وارن مھينن مان ھڪ آھي“.
    پيغمبر اسلام جن معلوم ڪرڻ چاھيو: ”ڇا توھان ڄاڻو ٿا ته ھيءَ سرزمين ڪھڙي سرزمين آھي؟“
    حاضرين ھڪ ئي آواز ۾ چيو: ”ھيءَ عرفات جي مقدس سرزمين آھي يا رسول اللهﷺ.“
    ان بعد حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو، ”اي انسانو! توھان جو رت، توھان جو مال، توھان جي عزت ھڪ ٻئي لاءِ حرام آھن. جلد ئي توھان پنهنجي رب سان ملندائو. پوءِ ھو توھان کان توھان جي اعمالن متعلق پڇندو“.
    ”اي انسانو! آئون جيڪي ڪجهه چئي رھيو آھيان ان تي عمل ڪريو ۽ منهنجي توھان کي نصيحت آھي ته جنهن وٽ به ڪا امانت آھي ته ھو ان کي اصلي حالت ۾ موٽائي ڇڏي ۽ ڪڏھن به امانت ۾ خيانت نه ڪري. وياج کان پرھيز ڪريو، ٻئي جو خون نه ڪريو.... پنهنجين زالن متعلق الله کان ڊڄو. خدا جي نالي جي ذميواريءَ سان توھان انهن کي زال ٺاھيو آھي ۽ خدا جي ڪلام سان توھان ھنن جو جسم پاڻ لاءِ حلال ڪيو آھي...
    ”مسلمانو! نه ته مون کان پوءِ پيغمبر آھي ۽ نه ڪا جديد امت پيدا ٿيڻ واري آھي. چڱي طرح ٻڌي ڇڏيو ته پنهنجي پروردگار جي عبادت ڪريو ۽ پنج وقت نماز ادا ڪريو. سڄي سال ۾ ھڪ مھينو روزا رکو. پنهنجي مال جي زڪوات نهايت خوش دليءَ سان ڏيندا ڪريو. خانه خدا جو حج ڪريو....
    ”مسلمانو! قيامت جي ڏينهن توھان کان مون بابت پڇيو ويندو ته آيا آئون پيغمبر جي حيثيت ۾پنهنجو فرض ادا ڪري سگھيس يا نه؟“
    سڀني چيو ته اسين ان جي شاھدي ٿا ڏيون ته توھان الله جا حڪم اسان تائين پھچايا. توھان رسالت ۽ نبوت جو حق ادا ڪيو. توھان اسان کي سٺي ۽ خراب جي چڱي طرح ڄاڻ ڪرائي.
    ان وقت نبي ڪريم ﷺ جن پنهنجي ڏسڻي (شاھد) آڱر کي آسمان ڏي کڻي ۽ پوءِ ماڻھن ڏي جھڪائيندي چيو: ”اي خدا! تون ئي ٻڌ. تنهنجا ٻانها ڇا پيا چون. اي خدا! شاھد ٿجانءِ ته ھي ماڻھو ڪھڙي شاھدي پيا ڏين. اي خداوند! شاھد ٿجانءِ“.
    پوءِ پاڻ ﷺ فرمايائون ته، ”توھان ھي سڀ ڳالھيون انهن ماڻھن تائين پھچائي ڇڏجو جيڪي ھن وقت ھتي موجود نه آھن“.
    نبي ڪريم ﷺ جن جڏھن خطبي مان واندا ٿيا ته ان جاءِ تي ھيءَ آيت لٿي:
    ترجمو: ”اڄ مون تنهنجي دين کي تنهنجي لاءِ ڪامل ڪري ڇڏيو ۽ توتي پنهنجي نعمت پوري ڪئي ۽ مون تولاءِ اسلام جو دين پسند فرمايو:“
    ان کانپوءِ حضور اڪرم ﷺ جن پنهنجي اٺڻي تان لٿا ۽ حضرت بلال رضه جن کي ٻانگ ڏيڻ لاءِ چيائون. اذان ڏني وئي ۽ پاڻ ﷺ نماز ظھر ۽ ٻه رڪعتون فرض پڙھائي. نماز کان فارغ ٿي قصواءِ (حضور صه جن جي اٺڻي) تي سوار ٿيا ۽ ميدان عرفات ۾ آيا جتي جبل جي قدمن وٽ پٿرن تي ڪعبي طرف منهن مبارڪ ڪري دعا و زاري شروع ڪئي ايستائين جو سج غروب ٿي ويو.
    سج لھڻ کانپوءِ پاڻ مزدلفه ڏي روانا ٿيا. ساڻن گڏ قصوا تي پٺيان اسامه بن زيد رضه سوار ھو. پاڻ اٺڻي جي مھار ڇڪي رکي ھئي، جيئن ھوءَ آھستي آھستي ھلي. رستي تي پاڻ فرمايائون:
    ”اي مسلمانو! آھستي ھلو. ڊوڙڻ صحيح ناھي ۽ ڀڄ ڊڪ پرھيزگاري جي خلاف آھي، ”رستي تي ڪٿي ميدان آيو ٿي ته اٺڻي جي واڳ ڍري ڪئي ٿي جيئن ھوءَ ٿورو تکو ھلي سگھي ۽ پاڻ تلبيھ پڙھي ٿي: لبيڪ اللھم لبيڪ...
    حاضر آھيان، اي الله حاضر آھيان،
    حاضر آھيان تنهنجو ڪو شريڪ ناھي، حاضر آھيان
    ھر قسم جي تعريف ۽ نعمت تنهنجي لاءِ آھي
    ۽ ملڪ به تنهنجو ئي آھي، تنهنجو ڪو شريڪ ناھي.
    ۽ اڄ اسان حج تي ويندڙ، ان کي Follow ڪريون ٿا، جيڪو الله جي رسول ﷺ پنهنجي حج (حجة الوداع) دوران ڪيو ۽ پنهنجي امت کي سمجھايو. منى ۾ رھڻ، عرفات جي ميدان ۾ پھچڻ، ان بعد رات کلئي آسمان ھيٺ مزدلفه ۾ گذارڻ، مزدلفه مان فجر بعد وري منى ڏي روانو ٿيڻ، وڏي شيطان کي پٿريون ھڻڻ، قرباني ڪرڻ... حضور اڪرم ﷺ جن ھڪ ھڪ ڳالهه ڪري ڏيکاري ته حج ڪيئن ڪرڻ کپي. ساڻن گڏ جيڪي صحابي (ڪي چوڏھن ھزار چون ٿا ڪي چوويهه ۽ ڪي انهن جو تعداد لک کان وڌيڪ لکن ٿا.) حج ڪري رھيا ھئا، کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي آئي ته حضور ﷺ جن کان پڇي ٿي ۽ ظاھر آھي حضور ﷺ جن اھو ڪجهه ڪندا رھيا جيڪو الله تعاليٰ پنهنجن بندن کان چاھيو ٿي اڄ چوڏھن سو کن سال گذرڻ بعد به حج جو اھو ئي طريقو ھلندو اچي. ڀلي کڻي اڳ ۾ ٿورا ماڻھو حج تي ھوندا ھئا، مشينون ايجاد نه ٿيون ھيون. ماڻھو اٺن تي سفر ڪندا ھئا. اڄ ٽيھارو لک ماڻھن جو حج تي پھچي ٿو ۽ بسين ڪارين ۾ سفر ڪن ٿا پر حج جو اھو ئي طريقو آھي ته منى بعد نائين ذوالحج تي عرفات تي اچڻو آھي. ظھر ۽ عصر جي نماز عرفات ۾ پڙھڻي آھي. جتان پوءِ سج لٿي کانپوءِ مزدلفه لاءِ نڪرڻو آھي پر مغرب جي نماز پڙھي نڪرڻ بدران مغرب ۽ عشاءَ جي نماز گڏي مزدلفه ۾ پڙھڻي آھي. جتان پوءِ ڏھين ذوالحج جي منى موٽڻو آھي ۽ وڏي شيطان کي پٿريون ھڻڻ بعد قرباني ڪرڻي آھي. جنهن بعد مٿي جا وار ڪوڙائي احرام لاھي عام ڪپڙن ۾ طواف ڪرڻو آھي.... وغيره وغيره.
    ۽ ھاڻ اسان کي به عرفات جي ميدان ۾ شام ٿي وئي ھئي. سج لھڻ کان ٿورو اڳ ۾ سڀ اٿي بيٺاسين ۽ قبلي طرف منهن ڪري دعا گھريسين. اسان جي گروپ جي حافظ سعيد ٻڪ کڻي دعا گھري. ان پويان اسان به ٻڪ کنيا. سج لھڻ بعد ٻاھر نڪري بسين ۾ جاءِ ھٿ ڪئيسين اسان جي سڄي گروپ کي ھڪ يڪي بس ملي وئي. ڪجهه حاجين اسان جي گروپ جي حاجين کي چڙھڻ کان منع ڪري پاڻ چڙھڻ چاھيو ٿي. ان تي ٻنهي پاسن کان ھڪ ٻه تکا ٿي ويا ۽ ھڪ ٻئي تي چڙ ڪرڻ لڳا. اسان جي گروپ ليڊر جھيڙو ٽاريندي چيو ته ڪجهه خيال ڪريو، شيطان جي ڳالهه نه مڃيو. اتي جو اتي گناهه بخشائي وري شيطاني ڪم ٿا ڪريو. شيطان توھان کي نيڪ سمجھي ضرور ڌاڙو ھڻندو ۽ توھان جون نيڪيون برباد ڪندو، ان ڪري ڏاھا ٿيو ۽ ڪنهن سان به تکو ٿي نه ڳالھايو.
    بس ۾ ويٺي ويٺي وري دعائون پڙھيون ويون، ھڪ ٻئي کي حج جي مبارڪ ڏني وئي. ھڪ ٻئي کان گناهه بخشرائڻ جو سلسلو ھلندو رھيو. ڪلاڪ کن بعد بسون چرڻ لڳيون ۽ اڇي رنگ جي چادر (احرام) ۾ ملبوس ٽيهه لک حاجي عرفات جي ميدان کان ھڪ ئي وقت شفٽ ٿي مزدلفه ڏي وڌڻ لڳا. مزدلفه منى ۽ عرفات جي وچ ۾ آھي پر ھميشھ وانگر ھن ڀيري به ٽرئفڪ ايتري ھئي جو اسان کي پنڌرھن منٽن جي فاصلي طئه ڪرڻ ۾ پورا چار ڪلاڪ لڳا ۽ رات جو ٻارھين بجي مزدلفه ۾ پھتاسين ۽ اھو به ان ڪري جو اسان شروع جي بسين ۾ ھئاسين. ڪيتريون ئي بسيون ٻي بجي تائين اينديون رھيون.
    مزدلفه ۾ اسان جي بس جلدي جلدي پھتي ھئي ته به اسان کان اڳ ھزارين بسيون پھچي چڪيون ھيون ۽ پري پري تائين ڪو زمين ڀور نه پئي مليو، جنهن تي سمھڻ لاءِ کڻي چادر وڇائجي. جيتوڻيڪ سڀني کي ھڪ ئي ڊريس سفيد احرام ٻڌل ھو پر شڪل شبيهه جسم جي رنگ ۽ قدبت ۾ ڪيترا سڃاڻپ ۾ آيا پئي ته ھي آفريڪا جي ملڪن جا شيدي آھن، ھي انڊونيشي، ملائيشي، ٿائي ۽ فلپين جا آھن. ھي ايراني آھن ھي ترڪ آھن. ھڪ ھنڌ برما جا حاجي ويٺل ھئا، اتي ٿوري جاءِ ملي پر اھا ايتري نه ھئي جو اسان جو سڄو گروپ (جنهن ۾ 25 کن مرد ۽ 24 عورتون ھيون) اتي ترسي سگھون. بهرحال چادرون وڇائي عورتن کي اتي جاءِ ٺاھي ڏنيسين ۽ اسان مرد ڪجهه قدم اڳتي جتي مالي ۽ موريطانيا ملڪن جا شيدي مرد ۽ عورتون ڇڙوڇڙ ھيڏانهن ھوڏانهن ليٽيا پيا ھئا، تن کي منٿ ميڙ ڪري ھڪ قطار ۾ سمھڻ جو چئي اسان پنهنجي تڏا تونئريون وڇائڻ جي جاءِ ٺاھي. باٿ روم ويجھي ھئي، جنهن جي ھر ھڪ نلڪي ۽ غلسخاني اڳيان ڊگھي قطار ھئي پر آخر ھر ھڪ جو وار اچي ويو ٿي. وضو ڪري مغرب ۽ عشاءَ نمازن لاءِ جماعت ڪئيسين، ان بعد بک کي منهن ڏيڻ لاءِ بچيل سچيل بسڪٽ ۽ پاپا ڪڍي کاڌاسين. اچڻ وقت ڪجهه حبشي عورتون ٽانڊن تي ڪڪڙيون پچائي ڀت سان گڏ وڪڻي رھيون ھيون. پر نماز بعد نظر ڪئيسين ته ھنن جي ھر شيءَ وڪامي چڪي ھئي ۽ ھاڻ باھيون وسائي ديڳڙا ٻڌي رھيون ھيون.ٿي سگھي ٿو ھي عورتون سعودي عرب جون رھاڪو ھجن يا حج لاءِ آيل ھجن ۽ چار پئسا ڪمائڻ لاءِ ھي پورھيو ڪري رھيون ھجن. جيئن صبح جو ھڪ عورت پنهنجن ٻن جوان پٽن سان گڏ چانهن ٺاھي وڪڻي رھي ھئي. ھن ٻڌايو ته ھو اٺن سالن کان سعودي عرب ۾ رھن ٿا. اصل برما جا آھن جتي مسلمانن سان ظلم ٿيڻ تي ھو سعودي عرب ھليا آيا. پاڻ ۽ سندس مڙس ھڪ عرب جي گھر ۾ پورھيو ڪن ٿا ۽ ٻار جدي جي مڪاني اسڪول ۾ پڙھن. پاڻ به جدي ۾ رھن ٿا پر ھي حج وارا چار پنج ڏينهن ھتي مزدلفه، منى ۽ عرفات ۾ چانهن بسڪٽ وڪڻي چار پئسا ڪمائين ٿا.
    بهرحال ھن قسم جا ننڍا ننڍا دڪان ۽ ھوٽلون حاجين لاءِ وڏي غنيمت آھي ۽ صبح ساڻ گرم گرم چانهن پيئڻ کي اسان وڏي نعمت ۽ عياشي سمجھي، پر رات جو کائڻ لاءِ ڪا خاص شيءَ نه بچي ھئي. الله ڀلو ڪري شميم صاحب جو جيڪو پاڻ سان ڪوفتن جي ٻوڙ جا ٽي چار پئڪ ٿيل دٻا ڪراچيءَ کان کڻي آيو ھو. مڪي ۾ ته روز رڌ پچاءُ ٿي ھليو سو ڪنهن نٿي کاڌا پر ھتي ھن جيئن ئي ٿيلھي مان ٻاھر ڪڍيا ته سڀ لڙي ويا. دٻا کولڻ لاءِ ڪو اوپنر نه ھو پر مڙيئي ڇريءَ سان دٻن جي مٿين حصي جي اڌ کي چيري منجھائنس ڪوفتا ڪڍياسين ۽ عرفات مان مليل دٻل روٽيءَ سان پنجاهه ڄڻن چار دٻن جو ٻوڙ کاڌو. مڙيئي گرانهن اڌ ھر ھڪ کي نصيب ٿيو، باقي آڱريون چٽي خوش ٿياسين. ڪوفتن جو ٺريل ٻوڙ ھو جنهن جو گيهه به ڄميو پيو ھو پر بک ۾ ان گرانهن ٻن جو مزو اڄ به نٿو وسري.
    مزدلفه ۾ ڪو تنبو ناھي. کليو ميدان آھي سو به لسو پٽ نه آھي پر کڙ کٻڙ وارو آھي ـ جيڪو چوڌاري پٿرن سان ڀريو پيو آھي. پوءِ جنهن کي جتي جاءِ ملي ٿي اتي ھو رات جو باقي پھر گذاري ٿو. ايندڙ ڏينهن تي منى ۾ شيطان کي پٿريون ھڻڻ لاءِ اسان ھتان ستر اسي کن چڻن جيڏيون پٿريون چونڊي ٿيلھي ۾ رکي پوءِ سمھي رھياسين. پيٽارو ۽ ڄامشوري جھڙي ٿڌي ھير پئي لڳي. ھونءَ به وارياسن رڻ پٽن تي ڏينهن جيترو گرم ٿئي ٿو. رات اوترو ئي ٿڌي ٿئي ٿي. ليٽڻ سان اک لڳي وئي. صبح جو ڀر ۾ ستل حافظ عدنان نماز تي اٿڻ لاءِ دانهون ڪيون ته اٿڻ ته دل نٿي چيو. دل چاھيو ٿي ته اھڙي گھاٽي ننڊ مان اٿجي ئي نه. ذري برابر به احساس نه ٿي رھيو ھو ته رڻ پٽ ۾ چادر وڇائي ستا پيا آھيون ۽ ھيٺان ايترا چھنبائتا پٿر آھن جو پاسو ورائيندي به چبهن ٿا. بهرحال غسلخاني لاءِ ڊگھي قطار کان بچڻ لاءِ ٽپ ڏئي اٿي کڙا ٿياسين. وضو ڪري گروپ جي ٻين حاجين جو انتظار ڪرڻ لڳاسين ته جماعت سان فجر نماز پڙھي وڃي. جيسين ٻيا اچن تيسين گرم گرم چانهن پيئڻ لڳاسين. جنهن جو ذڪر مٿي ڪري چڪو آھيان.
    مزدلفه ۾ فجر نماز پڙھڻ بعد سڀ اٿي بيٺاسين ۽ دعا لاءِ ٻڪ کنياسين. حافظ سعيد دعا پڙھي ۽ اسان ان پويان آمين ثم آمين چوندا رھياسين. ان بعد سامان پئڪ ڪري منى ڏي روانا ٿياسين. ھي ڏھين ذوالحج جو ڏينهن ھو، جنهن ڏينهن تي وڏي شيطان کي پٿريون ھنيون وڃن ٿيون، ان بعد قرباني ڪئي وڃي ٿي. قربانيءَ بعد وار ڪوڙائي احرام لاھي عام ڪپڙا پائي پوءِ طواف ۽ سعي ڪيو وڃي ٿو.
    ھڪ دفعو وري سڀ حاجي ھڪ ئي وقت ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ، يعني مزدلفه کان منى ڏي روانا ٿيڻ لڳا. ٽيهه لک کن حاجي فجر نماز بعد منى ڏي پيرين پنڌ ۽ بسين ۾ وڌڻ لڳا. ماڻھن جو درياهه ھو جو وھي رھيو ھو. رستي جي وچ تان ھڪ ٻئي پويان بسيون وڌي رھيون ھيون ۽ بسين جي ٻنهي پاسي، اڳيان پويان ماڻھن جون قطارون ھيون جي پئي اڳيان وڌيون. بسين کان تکا پيادا وڌي رھيا ھئا. چڱو جو اسان بس نه ڪئي. منى جي اڌ ڌاري جيئن ئي اسان ٽي چار ماڻھو ڀلجي ويا پر اھي سڀ اھي ھئا جيڪي ٻه چار حج ڪري چڪا ھئا ۽ ھن سڄي علائقي کان واقف ھئا، شايد ان ڪري بي خيالي ۽ آرام سان ھلڻ ڪري ھيڏانهن ھوڏانهن ٿي ويا پر پوءِ ھنن کي پنهنجو تنبو نظر اچي ويو ۽ آخرڪار پھچي ويا. باقي اسان جھڙن نون جون اکيون گروپ جي ماڻھن ۾ ھيون يا ھٿ سندن احرامن، ڪپڙن ۾ کتل رھيا ٿي. گروپ جو اھو فائدو رھيو ٿي ته رش يا اوچتي ريلي اچڻ ۾ ھڪڙا ماڻھو اڳيان پويان ٿي ويا ٿي ته پنجاهه ڄڻن مان ڪي ٻيا اکين اڳيان اچي ويا ٿي، جن ۾ نظرون کپائي اڳتي وڌي رھيا ھئاسين.
    ڪيترا ويچارا خاص ڪري پوڙھا مرد، پوڙھيون عورتون ۽ ڳوٺاڻا پنهنجن مائٽن کان وڇڙي ويا ٿي ۽ پوءِ ھنن جڏھن پنهنجن ساٿين کي دانهون ڪري سڏيو ٿي ته اسان سڀني کي ڏک ٿيو ٿي ۽ دعا ڪئي سين ته شل رب پاڪ کين جلد ملائي، ڇو جو منى توڙي عرفات تي سڀ تنبو ھڪ جھڙا ھجڻ ڪري ھوشيار ۽ سياڻا به ڪڏھن ڪڏھن توائي ٿيو وڃن. عرفات ۾ اسان جي گروپ جو ھڪ ساٿي عبدالمتين صاحب جيڪو سڀ ۾ پوڙھو ۽ ڪمزور ھو، سو بس مان لھڻ وقت رش ۾ اڳيان پويان ٿي ويو، ان وقت ته ڪنهن کي خبر نه پيئي، اسان جو تنبو، ڪجهه پرڀرو ھو، جيڪو پڇائي پڇائي جڏھن پھتاسين ۽ پگھر سڪائي ساهه پٽيوسين ته خبر پيئي ته عبدالمتين صاحب ته آھي ڪو نه، ھڪ رش، ڏينهن تتل، ھرھڪ ٿڪل ۽ عبدالمتين ته ويتر بيمار ۽ ڪمزور، ھرھڪ کي اھو فڪر ته ويچارو الائي ڪٿي ۽ ڪھڙي حال ۾ ھوندو. رکي رکي ٻه ٻه ڄڻا ڳولا ۾ نڪتا ٿي پر اھڙي رش ۾ الله ٻاجهه ڪري بندي جي جاءِ نه آھي. ٻن ڪلاڪن بعد اوچتو پاڻ اچي حاضر ٿيو، اسان جا جوان ساٿي کيس ڳولھي نه سگھيا، ھن پاڻ اسانکي ڳولي لڌو.
    عرفات ۾ ئي عرب پوليس وارو ھڪ ٻار کي گڏ وٺي سندس مائٽن جي ڳولا ڪري رھيو ھو. مزدلفه ۾ رات جو ھڪ ڏيڍ بجي ڌاري ستاسين ٿي ته پري کان ڪنهن پوڙھي ترڪ عورت جون غمگين آھون، رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون. ھوءَ ويجھو ايندي رھي ۽ اسان وٽان ٿيندي، ٻئي پاسي ڏي ويندي رھي. ساڻس گڏ عرب پوليس وارو کيس دلداري ۽ آٿت ڏيندو رھيو پر ھو ھينئين ڦاڙ رڙيون ڪري پنهنجي مڙس کي ترڪي زبان ۾ سڏيندي رھي. ھوءَ ڪافي پري کان وڃي نڪتي پر سندس سڏ ٻڌڻ ۾ پئي آيا. منى ۾ ئي ھڪ پوڙھو ۽ ڪمزور ايراني پنهنجن ساٿين کان جدا ٿي ويو ۽ اڪيلي ھجڻ ڪري ۽ ان احساس ڪري ته ھاڻ ڇا ٿيندو، ھن ويچاري کان ڳالھايو نه پئي ٿيو ۽ اھڙي حالت ۾ ھرھڪ ٻئي جي ڏک کي پنهنجو سمجھي ٿو پر ساڳي وقت ھرھڪ مجبور به آھي ته ھڪ اھڙي ماڻھو کي جنهن کي اسان ڏٺو به نه آھي، ان کي ڪيئن ڳولجي. بهرحال سعودي حڪومت ۽ پاڪستان، ھندستان، بنگلاديش ۽ ايران جھڙن ملڪن طرفان ڪيترن ھنڌن تي اھڙا گھر ٺاھيا ويا آھن، جتي اھڙا گم ٿي ويل حاجي پھچي پنهنجن ساٿين جو انتظار ڪن. اھا ٻي ڳالهه آھي ته اھڙين حالتن ۾ اھڙن پوڙھن ۽ ڪمزور ماڻھن کي پريشاني جي حالت ۾ سخت گرمي ۽ نٽھڻ اس ۾ اھي گھر ۽ آفيسون ڳولڻ ۾ به ڪافي تڪليف ٿئي ٿي ۽ ساڳي وقت ڪيترا اھڙا نيڪ ماڻھو به آھن، جيڪي پنهنجا ڪم به ڇڏي اھڙن ضرورتمندن جي مدد ڪن ٿا ۽ کين دڳ پھچائين ٿا.
    اسان پنهنجي تنبوءَ ۾ اچي آرام ڪيو ۽ چانھن ٺاھي پيتي سين. فيروز ۽ سندس پٽ بلال ويا، جيڪي رش مان ٿيندا، البيڪ فاسٽ فوڊ اسٽور تان ھرھڪ لاءِ فراءِ ٿيل چڪن جا دٻا وٺي آيا. ظھر نماز ھڪ بجي ڌاري پڙھي ماني کائي پوءِ ٻي بجي ڌاري وڏي شيطان کي پٿريون ھڻڻ لاءِ نڪتاسين. عورتن کي وچ ۾ ھلڻ ڏنو ويو. اڳيان پويان مرد ٿياسين. ڪٿي گھڻي رش يا ٿيلھا (ماڻھن جا ريلا) اچڻ جو خوف ٿيو ٿي ته پاسي تي ٿي بيھي رھياسين ٿي ۽ پوءِ شيطان کي پٿريون ھڻڻ لاءِ ٻه ٻه ڄڻا ٿي شيطان واري ٿنڀي (جمري) جي ويجھو اچي پٿريون ھنيوسين ٿي.
    منى ۾ شيطان کي پٿريون ھڻڻ بعد پروگرام مطابق ڇهه ڄڻا قرباني لاءِ ٽئڪسي ۾ روانا ٿيا ۽ باقي اسين بس ذريعي رھائش تي مڪي پھتاسين.
    قرباني لاءِ ھتي جون بئنڪون 340 ريال وٺي توھان کي رسيد ۽ ٽائيم ڏين ٿيون ته ان ٽائيم تي توھان جي قرباني ڪنداسين. جنهن مقرر ڪيل وقت کانپوءِ توھان مٿو ڪوڙائي احرام لاھي سگھو ٿا. ان طريقي جي ھتي جا مولوي به فتوى ڏين ٿا، جيڪا ھتي جي اخبار عرب نيوز ۾ به آئي ھئي ته توھان جي قرباني ٿيو وڃي ۽ جوابداري ان بئنڪ وارن جي رھي ٿي، پر اسان جي گروپ جي ليڊر ۽ ٻين پراڻن حاجين قرباني پاڻ ڪرڻ چاھي ٿي، جيڪو طريقو ھو گذريل سالن ۾ به ڪندا آيا ھئا. ھنن ھڪ عرب سڃاتو ٿي، جيڪو حج کان ھفتو کن اڳ ٻڪريون ذبح ڪرڻ وارن (اسان جي حاجين) اسان کان پئسا اڳواٽ وٺي ڇڏيا ھئا، جيڪي پٿريون ھڻڻ بعد پاڻ سان کڻي ان عرب جي جاءِ تي پھچي ويا ۽ پنهنجون ۽ اسان پاران ٻڪريون ذبح ڪري موبائيل فون ذريعي اسان کي مڪي اطلاع ڪيو ٿي ته ھاڻ فلاڻي فلاڻي جي قرباني ٿي وئي. ان بعد مٿي جا وار ڪوڙائي احرام کان آجا ٿياسين ۽ وھنجي شلوار قميص پائي طواف لاءِ حرم پاڪ ڏي روانا ٿياسين. ھي طواف زيارت سڏجي ٿو. طواف بعد سعي ڪري پنهنجي جاءِ تي (مڪي آياسين)، ان وچ ۾ مغرب ۽ عشاءِ جون نمازون پڻ پڙھيون سين. گھر (مڪي واري ۾) پھچي ماني کاڌي سين، جيڪا ان رات پاڻ رڌڻ بدران ھوٽل تان گھرائي ھئي سين. قرباني ڪرڻ وارو ٽولو به شام جو ئي اچي شامل ٿيو ھو. رات جو يارھين بجي ڌاري بس گھرائي سين ۽ مڪي واري مسواڙي جاءِ کي تالا ھڻي منى ۾ پنهنجي تنبوءَ ۾ اچي نڪتاسين، جتي اڃا ٻه ڏينهن (يارھين ۽ ٻارھين ذوالحج) گذارڻا ھئا ۽ روزانو ٽنهي شيطانن کي پٿريون ھڻڻيون ھيون. پھرين ۽ ھاڻ مڪي بعد، منى اچڻ ۾ اھو فرق ھو جو پھرين احرام ۾ ھئاسين ۽ ھاڻ سٿڻ قميص ۾.
    منى ۾ اسان واري مڪتب نمبر 9 جي تنبن ۾ گھڻي ڀاڱي پنجاب پاسي جا حاجي ھئا، ڪجهه ڪراچي جا به نظر آيا ٿي. ھڪ کي ٻئي سان سنڌي ۾ ڳالھائيندو، ٻڌي پڇيومانس ته ٻڌائين ته ھو ڏيپلي جو قاضي آھي. منهنجي عمر جو ٿيندو، سنڌ حڪومت جي ڪنهن کاتي ۾ ڊائريڪٽر يا ڊائريڪٽر جنرل آھي، مون پنهنجي ڏيپلي جي ڪلاس ميٽ بشير دين ميمڻ، محمد موسيٰ ميمڻ، نواز ميمڻ ۽ عبدالرحمان جو پڇيومانس، جن کي چڱي طرح سڃاتائين ٿي. ھن ٻڌايو ته اندروني سنڌ جا حاجي 18 نمبر مڪتب ۾ آھن، جيڪو ٻه ٽي ھزار تنبو لتاڙي ميل، ڏيڍ بعد مزدلفه وٽ آھي. مون پنهنجي ڳوٺ جي حاجين سان ملڻ چاھيو ٿي، جن سان پوءِ مڪي ۾ آخري ٻن ڏينهن ۾ ملاقات ٿي ھئي، جنهن جو احوال شروع ۾ لکي چڪو آھيان ۽ ڪئپٽن رشيد ابڙو پڻ ان مڪتب ۾ھو پر ان سان پوءِ مديني ۾ ملاقات ٿي. اسان به آخري ڏينهن تي، جيتوڻيڪ ھڪ گھٽي ۾ سندس ھوٽل ھئي ته ٻي گھٽي ۾ اسان جي منيٰ کان مڪي موٽڻ وقت رستي تي ھلندي ماڻھن جي انبوهه ۾ ڪنهن کي سنڌي ڳالھائيندو ٻڌي لوڻو ڦيريم ته ھڪ ٽيھارو ورھين جو ھمراهه زال سان گڏ پئي ويو، منهنجي پڇڻ تي ٻڌايائين ته ھن جو نالو الطاف شاهه آھي ۽ حيدرآباد ۾ ٽيليفون کاتي ۾ آھي. کانئس به مون پنهنجي لاپتا ٿيل ڪلاس ميٽ ۽ دوست شبير لغاري جو پڇيو، جيڪو پڻ ٽيليفون کاتي ۾ ڪنهن مٿانهين پوسٽ تي آھي.
    منى جا ھي ٻه ڏينهن (يارھين ۽ ٻارھين ذوالحج وارا) ڪافي آرام ۾ گذريا. ايئر ڪنڊيشنڊ تنبو ۾ غاليچن تي ڪنڌ ھيٺان ٿيلھو رکي ليٽيا پيا ھوندا ھئاسين. نمازون پڙھڻ ۽ شيطان کي پٿريون ھڻڻ ئي اھم ڪم هوندو ھو. يارھين تاريخ شام جو چئين پنجين بجي ڌاري سڀ گڏجي شيطان کي پٿريون ھڻڻ وياسين. رش ڪري پنڌ ۾ ڪلاڪ کن لڳي ويو ۽ اھڙو ھڪ ٻيو ڪلاڪ پٿريون ھڻڻ ۾، جو ھڪ ھڪ شيطان کي پٿريون ھڻڻ لاءِ پھرين ان جي ويجھو پھچي، پوءِ ٻن ٻن جي ٽولن ۾ اڳيان ڀرسان وڃي پٿريون ھڻي وري پنهنجي ٽولي سان اچي بيٺاسين ٿي ۽ جڏھن سڀ آجا ٿيا ٿي ته پوءِ ٻئي شيطان ڏي وڌياسين ٿي ۽ پوءِ ٽئي کي پٿريون ھڻڻ بعد وري واپس پنهنجي تنبو ۾ آياسين.
    ٻئي ڏينهن يعني ٻارھين ذوالحج تي ساڳي وقت شام جوجڏھن پٿريون ھڻڻ لاءِ نڪتاسين ته پنهنجو سامان به پاڻ سان کڻي ھلياسين، جيڪو شيطان (جمرن) وٽ رکي پٿريون ھڻڻ جو ڪم لاھي، پوءِ اتان ئي مڪي ڏي روانا ٿياسين. اسان مان ڪجهه مڪي ڏي پنڌ ھليا ٿي ۽ ڪجهه بس ۾ پر پنڌ ويندڙن جو به ان وقت ايڏو تعداد ھو جو ھلڻ ڪو سولو نه پئي لڳو. ان ڪري ھرھڪ بس ۾ چڙھي پيو، جيڪا ست سئو ريال ڏئي ڀاڙي تي ڪئي سين. بس ۾ به اھو ئي حال ٿيو. رستن تي ايڏي پيهه پيھان ھئي جو ھر ۾ بس ٻلي پير ھلڻ لڳي ۽ اسان واري جاءِ حرم پاڪ جي ويجھو ھجڻ ڪري اھي رستا نمازين سان ڀريل ھئا ۽ ٽريفڪ پوليس اسان جي بس کي انهن رستن تي لڙڻ جي اجازت ڏيڻ بدران ٻين رستن تي ھڪلي ڇڏيو ٿي. بهرحال چئن ڪلاڪن بعد بس اسان کي جتي ڇڏيو اھو ھنڌ به چڱو پري ھو ۽ سامان ڍوئي اڌ ڪلاڪ جي پنڌ بعد رات جو ڏھين يارھين بجي گھر اچي پھتاسين. مڪي ۾ حاجين جي رش ايترو ئي اوج تي ھئي، جيترو پنج ڏينهن اڳ منى ڏي روانو ٿيڻ وقت، ڇو جو حج بعد پنهنجي وطن موٽڻ کان اڳ ھرھڪ کي رخصتي طواف ڪرڻو ھو، جنهن کي طواف وداع سڏجي ٿو.
    اسان جي گروپ جي پراڻن حاجين چيو ته ھاڻ ڏينهون ڏينهن رش گھٽبي ويندي، سعودي عرب جا مڪاني حاجي ۽ اوسي پاسي جي عرب ملڪن جا ٻن ڏينهن اندر ھليا ويندا، چار پنج لک مديني ھليا ويندا، جيڪي حج کان اڳ مديني نه ويا ھئا.
    اسان حج بعد اٺ ڏينهن کن مڪي ۾ ھئاسين، حاجين جي رش ڪجهه گھٽ شروع ٿيڻ شروع ٿي ھئي ته به اسان جي مڪي جي آخري ڏينهن تائين ھجڻ دوران ايتري رش ھئي جو طواف وداع به مٿي ڪرڻو پيو ۽ سڄو حرم پاڪ (اندر توڙي ٻاھر) ته حاجين سان ڀريل ھوندو ھو پر نماز جي جماعت حرم پا ڪ جي چوڌاري گھٽين ۾ پري پري تائين ٿيندي ھئي. اسان جي گروپ جي ڪجهه حاجين ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته مديني بعد سڌو وطن وڃڻ بدران ھڪ يا اڌ ڏينهن مڪي موٽي اچي عمرو ڪجي ۽ حرم پاڪ جي حاضري ڀرجي پر اسان جي معلم اھا ڳالهه نه مڃي ۽ اسان کي سڀ سامان کڻي مديني ڏي روانو ٿيڻو پيو. آخري ڏينهن ٻه اسان جي گروپ جي حاجين مڪي مان مٽن مائٽن ۽ دوستن يارن لاءِ تحفا سوغاتون ورتيون. بلڪه حج کان واندا ٿي ھاڻ سڀني حاجي جو زور مڪي جي بازارين ۽ بقالائن ۾ ھو. دڪانن اڳيان بيٺل بنگالي توڙي يمني نوڪرن جي مختلف زبانن ۾ گراھڪن کي سڏڻ جي رڙ پئي ھئي. ”آئو آئو، بهت سستا ھي“. يا ملئي زبان ۾: ”ماري سني لبيح مُورا“. خريدارن ۾ وڏو تعداد پاڪستان، ھندستان، بنگلاديش، ملائيشيا، انڊونيشيا، ايران ۽ ترڪي وارن جو نظر آيو ٿي. دڪان ۾ اندر گھڙ ته حاجي صاحب، حاجي صاحب چئي مخاطب ٿي ٿيا. حج کان اڳ حاجي نه ٿي چيائون، جيئن ئي عرفات بعد مڪي آياسين ته ھر دڪاندار توڙي ٽئڪسي وارو حاجي چوڻ لڳو، ان اوچتي تبديلي تي تعجب به لڳم پر پوءِ سمجھي ويس ته عرفات جي ميدان بعد ھرھڪ حاجي ٿي ويو، ڄڻ ايم بي بي ايس جي ڊگري ملي وئي ۽ ڪالهه جو شاگرد اڄ ڊاڪٽر ٿي ويو ۽ھاڻ عرفات جي Attendence بعد ھرھڪ حاجي ٿي ويو جو وقوف عرفات حج جو رڪن اعظم آھي. ان رڪن بنا حج نه ٿو ٿئي. بهرحال رب پاڪ حاجين جا حج قبوليندو، جنهن لاءِ ھر حاجي ھر وقت اھا ئي دعا گھرندو رھي ٿو ته حج قبول ٿئي ۽حج آسان ٿئي، پر مڪي ۽ مديني جي دڪاندارن لاءِ اسان حاجين ۾ به ڪي اھم حاجي آھن، ته ڪي گھٽ درجي جا، ملائيشيا ۽ برونائي جھڙ ن امير حاجين جي دڪان ۾ آمد تي دڪانن جا اڇن جبن ۾ مالڪ ٺريا ٿي ٺريا ۽ ساڳي وقت پاڪستان، ھندستان، بنگلاديش جھڙي غريب ملڪ جي حاجي کي ڏسي مزو ڪرڪرو ٿي ٿين، جو ھو ھر شيءِ وٺڻ تي پڪائي ڪن ٿا، سوچي سمجھي وٺن ٿا ۽ دڪاندارن کي کين ڦرڻ جو موقعو گھٽ ملي ٿو.
    دڪانن جا مالڪ عرب آھن يا انهن جي نالن تي ڌارين ملڪن جا ڌنڌو واپار ڪن ٿا. مڪي ۽ مديني جھڙن شھرن ۾ خاص ڪري حج جي موسم جا چار مھينا ۽ رمضان جھڙا مھينا (جن ۾ پڻ ايترائي ماڻھو اچن ٿا، جيترا حج تي اچن ٿا) دڪان ھلائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي، جنهن لاءِ ماڻھو جو سخت جان ھجڻ ضروري آھي جو صبح جو فجر کان وٺي رات جو ٻارھين ھڪ تائين، اٽڪل ارڙھن ڪلاڪ کن گراھڪن سان مغز ماري ڪرڻي پوي ٿي. وڏن دڪانن ۾ ته ايئرڪنڊيشنڊ آھن، باقي ننڍن دڪانن ۾ سخت گرمي ۽ ھٻس رھي ٿو. دڪاندار گھڻو ڪري پاڪستاني، ھندستاني، بنگالي، يمني، مصري وغيره آھن. گھڻو وقت ھتي رھڻ ڪري ھرڪو عربي ڳالھائي ٿو، ويتر عربن وارو لباس (ثوب) پائي بيھن ٿا ۽ ھرھڪو کين نه فقط عرب سمجھي ٿو پر گامون سچار پڻ! ھي واحد ملڪ آھي، جنهن ۾ ڪيترائي سنڌي مسلمان دڪاندار به ڏٺم. نه ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ رڳو ھندو سنڌي نظر ايندا آھن. ھڪ دڪان تي ٻن ڄڻن کي عربي لباس ۾ سنڌي ڳالھائيندو ٻڌي خبر چار ڪئي مان ۽ فوٽو ڪڍيومان، ٻئي نوابشاهه پاسي جا ڀائر ھئا. ھڪ جو نالو منظور لغاري ھو ۽ ٻئي جو اقبال، سندس دڪان جو نالو النور ھو، جنهن نالي جا الجياد واري علائقي ۾ ٻه دڪان آھن. مالڪ عرب آھي ۽ ھي ھتي ويھن سالن کان ڪپڙي جو بزنيس ڪن ٿا. سندس دڪان ۾گھڻي کان گھڻو ڪپڙو انڊيا جو ھو. ٻئي نمبر تي جپان ۽ ڪوريا جو. پاڻ ٻڌايائون ته انڊيا واپار ۾ زور آھي. پاڪستان جا رڳو چانور ھلن ٿا، اقبال ٽي سال کن عراق ۾ به دڪان ھلايو آھي. کانئس پڇيم ته سندن سٺي ۾ سٺا گراھڪ ڪير آھن.
    ”برونائي، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ مصر جا حاجي سٺا گراھڪ آھن پر سڀ کان ٽاپ جا مراڪش جا آھن“. ھن ٻڌايو.
    ”مراڪش ـ يعني موراڪو (المغرب) جا؟“ مون تعجب مان پڪ ڪرڻ چاھي.
    ”ھا موراڪو جا“ اقبال ٻڌايو، اھي جي ڪنهن سال حج تي نه اچن ته اسان جھڙا وڏا دڪان Loss ۾ ھليا وڃن“.
    رکي رکي مختلف گراھڪ اچي رھيا ھئا، پاڻ ٻڌايائون ته کين اردو، انگريزي، سنڌي عربي سان گڏ فارسي، ترڪي ۽ ملئي زبانون به ايتريون اچن ٿيون، جو ھڪ گراھڪ کي منهن ڏيو وڃن.
    ”ھتي ڀلا ٻيا ڪھڙا سنڌ جا دڪاندار آھن؟“ مون پڇيو.
    ”سنڌي ته ڪيترا آھن جو سنڌ جي عربستان ڏي لڏپلاڻ صدين کان رھي آھي. ٻين ملڪن جا ته ھاڻ گذريل ٽيھارو سالن ۾ آيا آھن. جڏھن ھوائي جھاز ۽ پاڻي جا جھاز عام ٿيا“.
    ”ھتي رھندڙ ڪي اھم سنڌي؟“ مون پڇيومانس.
    ”اھي به ڪيترائي آھن، جن مان ڪجهه جو اولاد ته ھاڻ فقط عربي ڳالھائي ٿو، جو ھتي ھنن جا ڏاڏا، پڙ ڏاڏا آيا ۽ اچي رھائش اختيار ڪيائون. ڪيترا ته سنڌ کان پيرين پنڌ يا اٺن تي آيا. ڪيترا ديبل۽ لاري بندر کان محمد بن قاسم کان به گھڻو اڳ ٻيڙين ذريعي ايندا رھيا. ڪي سئو سوا اڳ ھتي آيا، اسان جھڙا ھاڻ آيا آھن. ڪويت ۽ عراق جي جنگ بعد اتان لڏي ھتي اچي رھياسين. اڄڪلهه مڪتب نمبر يارھين جو معلم احمد محمد سباغ به سنڌي عرب آھي پر کيس سنڌي ڳالھائڻ نه ٿي اچي. سندس والد سنڌي ڳالھائيندو ھو، نوشھري ۾ جڏھن وڏي ٻوڏ آئي، تڏھن ھن جا وڏا سنڌ کان لڏي ھتي آيا ھئا.
    ھتي جي مشھور فئملي عبدالله ورڙ ماتلي جا عرب آھن، ھنن جو ڪجهه اولاد اڃا تائين سنڌي به ڳالھائي ٿو. ھنن جو ھڪ ڀاءُ وزارت خارجه ۾ آھي. ھڪ ٻيو سنڌي وڏو واپاري غلام رسول ڪلھوڙو آھي، جيڪو عزيزه (مڪي) ۾ رھي ٿو. ڏيپلي جو ابوبڪر ميمڻ پڻ مشھور بزنس مئن آھي ۽ ”بزنس ڪميونٽي سعودي عرب“ جو چيئرمين آھي. سندس ڪاروبار اليڪٽرڪ جو آھي“.
    ”ڳوٺ ڪڏھن اچو؟“ مون منظور کان پڇيو.
    ”اسين ھر سال حج جي سيزن بعد محرم جو مھينو پنهنجي ڳوٺ سڪرنڊ ۾ گذاريندا آھيون“. ھن ٻڌايو. پاڻ مڪي جو فون نمبر 5738039 ۽ سڪرنڊ جو نمبر 22967 ـــ 0241 پڻ ڏنائون.


    زم زم جو پاڻي

    حضرت عبدالله بن عباس رضي الله عنه کان روايت آھي ته نبي اڪرم ﷺ جن فرمايو ته: ”ھن ڌرتيءَ تي سڀ کان بهتر پاڻي زم زم آھي. (خير ماءُ علي وجہ الارض ماءَ زم زم) جيڪو بکايل لاءِ کاڌو ۽ بيمار لاءِ شفا آھي.
    حضرت جابر بن عبدالله رضه چوي ٿو ته، مون رسول الله ﷺ جن کي اھو فرمائيندي ٻڌو آھي ته زم زم جو پاڻي جنهن ارادي سان پيتو وڃي اھو پورو ٿئي ٿو.
    حضرت جابر بن عبدالله رضه کان روايت آھي ته، رسول الله فرمايو: ”زمزم جنهن نيت سان پيئجي ٿو، اھا ئي مراد پوري ٿئي ٿي. بهرحال آئون ان نيت سان پيئان ٿو ته قيامت جي ڏينهن (ميدان حشر ۾) اڃ کان محفوظ رھان“ ۽ پوءِ زمزم پيتائون.
    ـــــــــــــــ
    زمزم جي پاڻي نڪرڻ واري ڪرشمي کان اسين سڀ مسلمان واقف آھيون ته ڪيئن ھڪ رڻ پٽ، بيابان ۽ جابلو علائقي ۾ جنهن وقت بي بي ھاجران پاڻي جي ڳولا ۾ صفا ۽ مروه ٽڪرين جي وچ ۾ ڊوڙي رھي ھئي ۽ سندس معصوم ٻار اڃ کان روئي رھيو ھو ته سندس کڙين ھڻڻ واري جاءِ تان پاڻي جو چشمو ڦٽي آيو.
    اھو ھنڌ جتي پاڻي جو نالو نشان نه ھجي، جتي سخت گرمي ڪري سڀ کان قيمتي شيءِ پاڻي ھجي، اتي ائين اڻ کٽندڙ مقدار ۾ پاڻي جو نڪرڻ وڏو ڪرشمو، ڪرامت ۽ نعمت ئي سمجھڻ کپي ۽ پوءِ جرھوم قبيلي جي ماڻھن اتي رھڻ لاءِ بي بي ھاجران کان اجازت ورتي ۽ ڪعبي جي تعمير بعد ھو ان جي سار سنڀال لھڻ لڳا. پر پوءِ اڳتي ھلي ھنن الله جي گھر جي عزت ڪرڻ ڇڏي ڏني. نتيجي ۾ آھستي آھستي ٿي زم زم جو پاڻي سڪندو ويو ۽ پوءِ اڳتي ھلي ان ھنڌ جا نشان به ڊھي ويا، جتان پاڻي آيو ٿي.
    ۽ پوءِ اڳتي ھلي رب پاڪ حضور اڪرم ﷺ جن جي ڏاڏي عبدالمطلب کي اھا قوت عطا فرمائي، جنهن ذريعي ھن کي ان ھنڌ جي ڄاڻ ٿي وئي. جتان زم زم جو پاڻي نڪتو ٿي. ان ڏينهن ۾ ڪعبي جي نگھباني عبدالمطلب جي ھٿ ۾ ھئي.
    زمزم جي کوهه جي ڳولا ۽ کوٽائي کان پنجاهه سٺ سال اڳ جي ڳالهه آھي. جڏھن عبدالمطلب کي فقط ھڪ پٽ حارث ھو.
    ان بعد مختلف دورن ۾ زم زم جي کوهه ۾ تبديليون ۽ سھولتون آنديون ويون آھن، جيئن ته ان کوهه کي وڌيڪ اونهو ڪيو ويو ھو. اھو ڪم المھدي خليفي جي ڏينهن ۾ به ٿيو ھو. الامين جي دور حڪومت ۾ پاڻي ۾ گھٽتائي ٿي وئي ۽ ھڪ دفعو وري کوهه کي اونهو ڪيوويو ۽ ان بعد ته نوي فوٽن تائين به کوٽائي ڪئي وئي، خليفي متصعم جي حڪومت تائين زم زم جو کوهه عوام لاءِ کليل رھيو. ان بعد ان کوهه ۾ ڪيتريون ئي سٺائيون آنديون پئي ويون.
    سال1951ع ڌاري، سعودي حڪومت طواف واري جاءِ (مطاف) وڌائڻ چاھي ٿي ۽ اھو فيصلو ڪيو ويو ته زمزم جي کوهه کي طواف ڪندڙ حاجين کان ٿورو پاسيرو رکيو وڃي، جيئن ھو سولائي سان طواف ڪندا رھن. ان ڪري ان کي ھيٺ انڊر گرائونڊ رکيو ويو، جيئن اڄڪلهه نظر اچي ٿو. شاهه فھد حاجين جي سُک لاءِ جتي ٻيا ڪم ڪيا آھن، اتي زم زم جو پاڻي پڻ انهن لاءِ عام جام ڪيو آھي. حرم پاڪ جي ھر حصي ۾ زم زم جي ٿڌي پاڻي جا وڏا ڪولر نظر اچن ٿا. ڪولرن ۾ پاڻي ڀريندڙ ھڪ پاڪستاني ٻڌايو ته سڄي حرم پاڪ ۾ (ھيٺ مٿي، اندر ٻاھر، دروازن وٽ) اٽڪل اٺ ھزار ڪولر آھن ۽ انهن ڪولرن کي ڀرڻ ۽ حرم پاڪ جي صفائي لاءِ اٽڪل چار پنج ھزار ڪم وارا آھن، جيڪي ٽن شفٽن ۾ ڪم ڪن ٿا. انهن ڪولرن کان علاوه 750 نلڪا لڳل آھن، جن مان سنئون سڌو کوهه جو پاڻي (زمزم) اچي ٿو. حج دوران حاجين کي روزانو سندن رھائشگاهه تي في حاجي في لٽر زمزم پھچايو وڃي ٿو .ان لاءِ شام ڌاري اسان جي بلڊنگ ٻاھران پڻ پاڻي جي لاري ايندي ھئي ۽ اسان جي گروپ جا ٻه چار ڄڻا پنجويهه لٽر جا ٻه پلاسٽڪ ڪنٽينر ڀرائي ايندا ھئا.
    کوهه مان زم زم جو پاڻي ڪڍڻ جا به ڪيترائي طريقا بدلبا رھيا. عباسي گھراڻي جي ڏينهن ۾ ڏول ذريعي کوهه مان پاڻي ڪڍي پوءِ ھڪ وڏي نادي (ٽب) ۾ وڌو ويندو ھو. جتان ضرورتمند کڻندا رھيا ٿي. ان بعد وڏيون ٽئنڪون(Strorage tanks) ٺاھيون ويون، جن ۾ نلڪا به لڳايا ويا، جنهن مان ماڻھن پاڻي ڀريو ٿي. ان کان علاوه پخالي جيڪي زمازيما سڏبا ھئا، اھي پخالن ۾ پاڻي کڻي گھمندا ھئا ۽ وٽي يا گلاس ۾ پاڻي ڀري پياريندا ھئا.
    سال 1383ع هجري ۾ (اٽڪل پنجٽيهه سال کن اڳ) کوهه مٿان پمپ لڳايو ويو ۽ پائيپن ذريعي حرم پاڪ جي مختلف ھنڌن تائين پاڻي پھچايو ويو ٿي.
    ايڇ اين ايHNA نيوز ايجنسي طرفان ان ڳالهه جو اعتراف سعودي عرب جي ھڪ انگريزي اخبار ۾ آيو ھو ته زم زم جي پاڻي جي سٿرائي (Purity) جي ساک صدين کان قائم آھي ۽ مڪي شھر جا رھاڪو، حاجي ۽ ٻيا گھمڻ وارا ھي پاڻي پيئندا رھن ٿا. تڏھن به نه ٿو کٽي. زمزم ۾ ڪيترين بيمارين جي شفا پڻ آھي ۽ ان جو مدار پيئڻ واري جي نيت تي آھي ته ھو اھو پاڻي ڪھڙي غرض سان پيئي ٿو، جيئن حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو آھي.
    ـــــــــــــــ
    زم زم جي پاڻي بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪندڙن لاءِ مسٽر معين الدين احمد جو انگريزي ۾ لکيل مضمون دلچسپ ثابت ٿيندو. مسٽر معين جدي جي Desalting Plant(سمنڊ جي کاري پاڻي مان مٺو ٺاھڻ جي پلانٽ) ۾ بطور ڪيميڪل انجنيئر ڪم ڪيو ٿي. سندس مضمون ھن ريت آھي:
    سال 1971ع ۾ ھڪ مصري ڊاڪٽر ”يورپين پريس“ ۾ ھڪ خط لکيو ته آب زمزم پيئڻ جي قابل نه آھي. منهنجي ذھن ۾ يڪدم اھو خيال آيو ته ھي ڳالهه تعصب جي بنياد تي آھي ۽ ان جي سوچ تي مبني آھي ته جيئن ته خانه ڪعبه ھيٺاھين تي (سطح سمنڊ کان ھيٺ) ۽ مڪي شھر جي وچ ۾ موجود آھي. ان ڪري شھر جو سمورو گندو پاڻي گٽرن ذريعي ھن کوهه ۾ اچيو سمي، جنهن ۾ زمزم آھي.
    خوش قسمتي سان ھيءَ ڳالهه انهن ڏينهن جي سعودي بادشاهه شاهه فيصل (مرحوم) جي ڪنن تائين به پھچي وئي، جيڪو ان تي ڏاڍو غمگين ٿيو ۽ ھن مصري ڊاڪٽر جي ان اشتعال انگيز بيان کي غلط ثابت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ھن ھڪدم منسٽري آف ايگريڪلچر کي حڪم ڏنو ته ان ڳالهه جي تحقيق ڪئي وڃي ۽ آب زمزم جا نمونا(Samples) حاصل ڪري، انهن کي يورپ جي مختلف لئبارٽرين کي ٽيسٽنگ لاءِ موڪليا وڃن ته آيا ھي پاڻي پيئڻ جي لائق آھي يا نه. ايگريڪلچر منسٽريءَ ان منصوبي تي ڪم ڪرڻ لاءِ جده پاور ۽ ڊي سيلينيشن پلانٽس وارن کي ھدايت جاري ڪئي. آئون انهن ڏينهن ۾ ان پلانٽ تي سمنڊ جي پاڻي کي پيئڻ لائق بنائڻ لاءِ ڪيميڪل انجنيئر ھوس. ان منصوبي تي ڪم ڪرڻ لاءِ مون کي چونڊيو ويو. مون کي ياد آھي ته ان وقت مون کي ان ڳالهه جو ڪو علم نه ھو ته اھو (زمزم جو کوهه) ڪھڙي قسم جو آھي. آئون مڪي شريف پھتس ۽ خانه ڪعبه جي منتظمين کي پنهنجي آمد ۽ مقصد کان ڄاڻايو. ھنن مون کي ھڪ معاون ڏنو، جيئن ھو ھر قسم جي امداد جنهن جي مون کي ضرورت ھجي .صحيح طرح پھچائي. جڏھن اسين زمزم جي کوهه وٽ پھتاسين ته مون لاءِ اھو يقين ڪرڻ مشڪل ھو ته ھيڏي اٿاهه پاڻي جو سرچشمو وڌ ۾ وڌ ھڪ ننڍڙو تالاب ھو. جنهن جي سائيز ڪا ارڙھن باءِ 41 فوٽ مس ھئي .اھو کوهه ھزارن سالن کان، حضرت ابراھيم علي. السلام جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين حاجين لاءِ ھر سال لکين گئلين پاڻي مھيا ڪري ٿو.
    مون پنهنجي ڪم جي شروعات کوهه جي ماپ سان ڪئي ۽ پنهنجي معاون کي چيم ته ھو مون کي کوهه جي اونهائي ٻڌائي. ھن پھرين غسل ڪيو ۽ پوءِ کوهه ۾ ھيٺ لٿو ۽ کوهه ۾ بلڪل سڌو ٿي بيٺو. مون ڏٺو ته پاڻي جو سطح ھن جي ڪلھن کان ٿورو مٿي ھو. ھن ماڻھو جي قد پنج فوٽ اٺ انچ ھو. پوءِ ھو کوهه جي ھڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ويو ۽ انهي دوران ھن جو سر پاڻي کان ٻاھر ئي رھيو. ھن کي چيو ويو ته ھو کوهه اندر پاسن کان يا تري ۾ پاڻي جي اچڻ جي ڪا جاءِ يا پائيپ لائين ڳولھي، جتان پاڻي اچي رھيو ھجي. بهرحال ھن ڪافي جدوجھد ڪرڻ بعد ٻڌايو ته ھن کي ڪا به پاڻي جي آمد جي جاءِ يا پائيپ لائين نه ٿي ملي.
    منهنجي ذھن ۾ ھاڻ ھڪ ٻي آئيڊيا آئي. زمزم جي کوهه مٿان جيڪو ٽرانسفر پمپ آب زمزم کي ڇڪي مختلف اسٽوريج ٽئنڪن ڏي ٿو موڪلي، ان ذريعي کوهه جو پاڻي تکو تکو ٻاھر ڪڍيو وڃي. اھڙي طرح پاڻي جي ليول ھيٺ ٿي ويندي ۽ کوهه ۾ پاڻي جي آمد جي جاءِ معلوم ٿي ويندي پر اھا نهايت حيراني جي ڳالهه آھي ته کوهه جو پاڻي خارج ڪرڻ سان ڪا به ڳالهه معلوم نه ٿي سگھي. مون ڄاتو ٿي ته فقط اھو ئي ھڪ طريقو آھي، جنهن ذريعي کوهه ۾ پاڻي جي آمد جي جاءِ معلوم ٿي سگھي ٿي.ان ڪري مون پاڻي ڪڍڻ واري تجربي کي وري ڪرڻ چاھيو. ھن ڀيري مون ان ماڻھو (معاون) کي ھدايت ڏني ته ھو کوهه اندر ھڪ ھنڌ تي ٿي بيھي ۽ ان دوران کوهه اندر ڪا اھڙي ڳالهه محسوس ڪري ته يڪدم ٻڌائي ٿوري دير کانپوءِ ھن ھٿ مٿي کڻي رڙ ڪئي: ”الحمد الله مون کي پاڻي جي اچڻ جي جاءِ جي خبر پئجي وئي. منهنجي پيرن جي ھيٺان ريتي چرپر ڪري رھي آھي ۽ صاف لڳي رھيو آھي ته پاڻي کوهه جي تري مان نڪري رھيو آھي“. ان کانپوءِ ھن ھمراهه کوهه اندر چئني پاسي گھمي ڏٺو ۽ جتي ڪٿي ھن اھا ئي ڳالهه نوٽ ڪئي. دراصل کوهه جي تري ھيٺان ھرھنڌ، ھڪ جيتري مقدار ۾ پاڻي اچي رھيو ھو. ان ڪري پاڻي جو سطح چوڌاري ھڪ جيترو رھيو ٿي.
    پنهنجي تحقيقاتي ڪم ختم ڪرڻ بعد مون يورپين لئبارٽرين ڏي موڪلڻ لاءِ زمزم جا نمونا (Samples) حاصل ڪيا. مڪي شريف مان موٽڻ وقت خانه ڪعبه جي منتظمين کان مڪي جي پسگردائيءَ وارن کوھن جو معلوم ڪيو. ھنن ٻڌايو ته انهن کوھن مان گھڻا سڪي چڪا آھن. مون جدي پھچي پنهنجي باس کي سڄي رپورٽ پيش ڪئي. ھن وڏي دلچسپي سان ھي سڀ ڪجهه ٻڌو پر ان تي نهايت احمقاڻو تبصرو ڪيو ته زمزم جي کوهه زمين جي ھيٺاهين ۾ بحر احمر (Red Sea) سان ڳنڍيل آھي. جتان پاڻي سميو ٿي. مون چيومانس ته ڀلا اھو ڪيئن ممڪن ٿي سگھي ٿو جو مڪو شريف سمنڊ کان 75 ڪلوميٽر پري آھي ۽ جڏھن ته مڪي جي آسپاس ٻيا ڪيترا ئي کوهه سڪا ٺوٺ ٿيا پيا آھن.
    يورپين لئبارٽرين ۾ زم زم جو پاڻي ٽيسٽ ٿي اچڻ بعد اتي جون رپورٽون ۽ اسان جي لئبارٽرين ۾ ڪيل چڪاس جو نتيجو ھڪجھڙو ئي رھيو. آب زمزم ۽ شھر جي ٻين ھنڌن جي پاڻي ۾ فرق فقط ڪئلشيم ۽ مئگنيشيم سالٽ جي مقدار جو ھو. انهن جو مقدار آب زمزم ۾ ٿورو گھڻو ئي آھي ۽ اھو ئي سبب آھي جو آب زم زم جو استعمال ٿڪل حاجين کي تازو توانو ڪريو ڇڏي پر ان کان وڌيڪ اھميت واري اھا ڳالهه آھي ته آب زمزم ۾ فلورائيڊ موجود آھي، جيڪا ھڪ طاقتور جراثيم ڪش شيءِ آھي، ان کان علاوه يورپين لئبارٽرين جي رمارڪن ۾ اھو به ھو ته آب زمزم پيئڻ لائق آھي. سو اھڙي طرح مصري ڊاڪٽر جو بيان ڪوڙ ثابت ٿيو. جڏھن ان جو اطلاع فيصل مرحوم کي ڏنو ويو ته ھو بيحد خوش ٿيو ۽ حڪم ڏنو ته ان جي (مصري ڊاڪٽر جي بيان جي) ترديد يورپين پريس ذريعي ڪئي وڃي.
    ھي الله تعاليٰ جووڏو ڪرم آھي ته ھن تحقيق سان آب زمزم جي (Chemical Composition) واضح ٿي وئي. حقيقت اھا آھي ته آب زم زم جي توھان جيتري کوجنا ڪندائو. اوترائي حيرت انگيز عجائبات ظاھر ٿيندا ۽ آب زم زم جي جادوئي اثر ھجڻ جي خاصيتن تي توھان جو يقين ٿيندو ويندو. آب زم زم رب پاڪ جي طرفان انهن ايمان وارن لاءِ تحفو آھي، جيڪي ڏورانهن ھنڌن تان ھن ريگستاني زمين تي حج لاءِ اچن ٿا. آب زم زم جون ڪجهه سٺايون مختصر طور ھن ريت آھن:
    الف: آب زمزم جو کوهه حضور ﷺ جن جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين ڪڏھن به خشڪ نه ٿيو آھي. ھر حاجي ۽ ھر شھري جي ھي کوهه ضرورت پوري ڪندو رھيو آھي.
    ب: ھن جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ھن پاڻي جو سواد ساڳيو رھيو آھي ۽ ھن جي سالٽ ڪمپوزيشن جي مقدار ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آھي. دنيا جي ھر حصي کان حجاج حج ۽ عمري لاءِ ھر سال خانه ڪعبه اچي ٿو، انهن مان ڪنهن به اڄ تائين آب زم زم جي باري ۾ ڪا شڪايت نه ڪئي آھي. بلڪه آب زمزم استعمال ڪري ھو خوش ٿين ٿا ۽ پاڻ کي صحتمند ۽ نوبنو محسوس ڪن ٿا. جيتوڻيڪ مختلف علائقي جي پاڻي جو ذائقو مختلف ٿئي ٿو. پر آب زمزم جي چاھت ۽ طلب ھميشھ وانگر عالمگير رھي آھي ۽ ان کي عالمي سطح تي پيئڻ لائق سمجھيو ويو آھي.
    ج: آب زم زم ۾ ڪڏھن به ڪو ڪيميڪل نه وڌو ويو ۽ نه ئي ڪڏھن ڪلورين ان ۾ وڌي وئي. جيئن شھرن ۾ ٻين پاڻي ۾ وڌو ويندو آھي (جيڪي پمپ ذريعي سپلاءِ ڪيا ويندا آھن.
    د: اڪثر کوھن ۾ بايولاجيڪل گروٿ ۽ گاهه ۽ سينيور وغيره پيدا ٿي ويندو آھي، جيڪا پاڻي کي بي مزو ڪري ڇڏي ۽ پاڻي ۾ ڌپ به ٿيو پوي پر زمزم جي کوهه ۾ اڄ تائينBiological Growth نه ٿيو آھي.


    مديني روانو ٿيڻ

    جيتوڻيڪ حج ۾ اھو شامل نه آھي ته حاجي مديني پڻ وڃي. مديني نه وڃڻ سان حج ٿيو ٿو وڃي پر جڏھن ھڪ حاجي الله جو مقدس گھر خانه ڪعبه جي ديدار جو شرف حاصل ڪري ٿو. ھو حج جو فرض به پورو ڪري ٿو، ته پوءِ مديني منوره پھچي مسجد نبوي کي ڏسڻ ۽ سرور ڪائنات ﷺ جن جي روضه اقدس ﷺ جي زيارت ڪرڻ سڀ کان وڏي ۽ سڀ کان عظيم سعادت آھي. ھن شھر جي گھٽين ۾ اولياءَ ڪرام پيرين اگھاڙا ھلندا رھيا آھن. ھن زمين جو چپو چپو بابرڪت آھي.
    بيت المقدس جي فتح بعد حضرت بلال حبشي رضه، حضرت عمر رضه (ٻئي خليفي) جي اجازت سان بيت المقدس ۾ ترسي پيو. ڪافي عرصي کانپوءِ کين خواب ۾ حضور اڪرم ﷺ جن جي زيارت ٿي. پاڻ فرمايائون: ”اي بلال تون اسان جي ملاقات لاءِ به نه آئين.“ اھو ڏسندي حضرت بلال رضه جي اک کلي پئي ۽ ڏاڍو غمگين ٿيا. پاڻ ھڪدم مدينة النبي ڏي روانا ٿي ويا ۽ روضي اقدس تي حاضر ٿيا. حضرت حسن رضه ۽ حضرت حسين رضه جن کين ٻانگ ڏيڻ لاءِ عرض ڪيو. ھنن جي فرمائش کي حضرت بلال رضه ٽاري نه سگھيو ۽ يڪدم اذان ڏني. (ياد رھي ته حضور ﷺ جن جي ڏينهن ۾ حضرت بلال رضھ ٻانگ ڏيندو ھو. بلڪه اسلام جي پھرين ٻانگ حضرت بلال رضه ڏني. سندس ٻانگ مٺي آواز جي ڪري مشھور ھئي.
    حضرت عمر فاروق رضه (ٻيو خليفو) جڏھن بيت المقدس روانا ٿيا ته ڪعب احبار جيڪو يھودين جو وڏو عالم ھو مسلمان ٿيو. حضرت عمر کي ھن جي اسلام قبول ڪرڻ جي تمام گھڻي خوشي ٿي ۽ انهن کي فرمائش ڪئي ته ھو مديني منوره ھلن، جيئن حضور اڪرم ﷺ جن جي روضي پاڪ تي حاضري ڀري سگھن.
    ھر حاجيءَ کي حج جي ويزا جي 35 کن ڏينهن مان نو يا ڏهه ڏينهن کن مديني منوره ۾ رھڻ جو پڻ موقعو ڏنو وڃي ٿو. پوءِ ڪن کي حج کي پھرين ته ڪن کي حج بعد. بهرحال ٻنهي صورتن ۾ بقول مفتي محمد جميل خان جي (جنهن جا حج بابت ڪيترائي مضمون اخبارن ۾ ايندا رھن ٿا) جڏھن مديني رواني ٿيڻ جو وقت ٿئي ته وڏو اھتمام ۽ تياري ضروري آھي. ھر مسافر اھو سوچي ته ڪھڙي عظيم ھستيءَ جي درٻار ۾ وڃي رھيو آھيان. ان درٻار ۾ جيڪا رب پاڪ کي پسند آھي. جتي حضرت جبريل عليه السلام ادب ۽ احترام سان حاضر ٿيندو ھو. جتي حضرت ابوبڪر صديق رضه، حضرت عمر رضه حضرت عثمان غني رضه، حضرت علي مرتضيٰ ڪرم الله وجهه ۽ ھڪ لک کان مٿي صحابه ڪرام ادب کان نگاھون مٿي نه ڪندا ھئا ۽ ڏاڍيان نه ڳالھائيندا ھئا. جنهن درٻار لاءِ رب ڪائنات فرمايو: ”ھن ھنڌ تي پنهنجي آواز کي بلند نه ڪريو.“ سفر شروع ٿئي ته شوق ۽ محبت مان درود شريف گھڻي کان گھڻو پڙھجي. رستي تي جيڪڏھن اھڙيون جايون اچن جن بابت توھان کي ڄاڻ ھجي. يعني ٻڌو ھجي ته حضور اڪرم ﷺ جن اتي تشريف فرما ٿيا ھئا ته انهن جاين جي زيارت ڪجي ۽ نفل پڙھجن. اڄڪلهه جيڪو رستو مديني ڏي وڃي ٿو اھو ”طريق ھجرت“ سڏجي ٿو. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن حضرت ابوبڪر صديق رضه جن سان گڏ مڪي کان مديني ھجرت ڪرڻ وقت ھي رستو اختيار ڪيو ھو. ان خيال کان ھي سڄو رستو مبارڪ آھي. شھر ۾ پھچي درود ۽ سلام پڙھجن. الله تعاليٰ جو ارشاد آھي:
    يَا ايُھاالذين آمَنُو صَلو عليہ وَسَلَمو تَسليِما
    ”اي ايمان وارو! حضور جن تي درود موڪليو ۽ سلام“.
    حضور اڪرم ﷺ جن جو ارشاد آھي ته جو شخص مون تي ھڪ دفعو درود موڪلي ٿو الله تعاليٰ ھن تي ڏهه دفعا رحمت نازل فرمائي ٿو، ھن جا ڏهه گناهه معاف ڪري ٿو ۽ ھن جا ڏهه درجا بلند ڪري ٿو.
    حضرت عبدالله بن مسعود رضه کان روايت آھي ته حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو ته، قيامت جي ڏينهن سڀني کان وڌيڪ منهنجي ويجھو اھو شخص ھوندو جنهن مون تي گھڻا درود پڙھيا ھوندا. (ترمذي)
    سعودي عرب حڪومت جي وزارت اسلامي امور طرفان مليل ھڪ ڪتاب ”حج ۽ عمرو ۽ زيارت جا مسئلا ـ ڪتاب وسنت جي روشنيءَ ۾“ مان ڪجهه ڳالھيون ھيٺ درج ڪريان ٿو، جيڪي سعودي عرب جي ھڪ عالم ۽ مولويءَ علامه شيخ عبدالعزيز بن عبدالله حج تي ايندڙ زيارتين جي رھنمائي لاءِ لکيون آھن.
    زيارت ڪرڻ وارو جڏھن مسجد نبوي ۾ پھچي ته ھن کي کپي ته پنهنجو ساڄو پير پھرين اندر ڪري ۽ ھيءَ دعا پڙھي:
    ”الله جي نالي سان ۽ درود سلام ھجن الله جي رسول تي، الله عظمت واري جي پناهه گھران ٿو ۽ ھن جي بزرگ ذات ۽ قديم سلطنت جي پناهه گھران ٿو، شيطان مردود کان، اي الله مون لاءِ پنهنجي رحمت جا دروازا کولي ڇڏ“.
    اھا دعا ائين گھري جيئن ٻين مسجدن ۾ گھڙڻ وقت گھرجي ٿي، مسجد ۾ وڃي ٻه رڪعتون نماز پڙھجي، جنهن ۾ الله کان دنيا ۽ آخرت جون محبوب شيون گھرجن. جيڪڏھن ھي ٻئي رڪعتون روضه شريف (رياض الجنت) ۾ پڙھڻ جو موقعو ملي وڃي ته اڃا به افضل آھي، جنهن لاءِ حضور اڪرم ﷺ وسلم جن جو ارشاد آھي:
    ”منهنجي گھر ۽ منبر جي وچ ۾ جنت جي باغن مان ھڪ باغ آھي.“
    نماز کانپوءِ نبي ﷺ ۽ حضرت ابوبڪر رضه ۽ حضرت عمر رضه جي قبرن جي زيارت ڪجي ۽ نبي ﷺ جن تي ھن ريت سلام ڪجي: ”اسلام عليڪ يا رسول الله و رحمت الله وبرڪاتہ“ جيئن سنن ابي دائود ۽ ابوھريره رضه کان روايت آھي ته رسول الله ﷺ وسلم جن فرمايو:
    ”جيڪو شخص مون تي سلام موڪلي ٿو ته الله تعاليٰ منهنجو روح مون کي موٽائي ڏئي ٿو، ايتريقدر جو آئون ھن جي سلام جو جواب ڏئي ڇڏيان ٿو“.
    پوءِ حضرت ابوبڪر رضه ۽ حضرت عمر رضه تي سلام موڪليو ۽ ھنن لاءِ دعائون ڪريو.
    عبدالله ابن عمر رضه جڏھن رسول الله ﷺ ۽ انهن جي ساٿين تي سلام موڪليندو ھو ته ان کان وڌيڪ نه چوندو ھو: ”اسلام عليڪ يا رسول الله، اسلام عليڪه يا ابابڪر، اسلام عليه يا ابتاه“ ۽ ائين چئي روانا ٿيندا ھئا.
    ان مٿين ڪتاب ۾ (جيڪو اسان کي سعودي حڪومت طرفان مليو) ان بعد لکيل آھي ته ھيءَ زيارت فقط مردن لاءِ مشروع آھي. عورتن لاءِ قبرن جي زيارت جائز ناھي ۽ ڪنهن لاءِ به جائز ناھي ته ھو حجري جي ڄارين کي ڇھي يا ان کي چمي يا ان جو طواف ڪري. ڪنهن لاءِ به جائز ناھي ته ھو رسول الله ﷺ کان ڪنهن حاجت پوري ٿيڻ، يا ڪنهن مصيبت کي دور ڪرڻ، يا مريض کي شفا وغيره ڏيڻ لاءِ سوال ڪري. ڇو جو اھي سڀ ڳالھيون فقط الله کان ئي گھرڻ کپن. البت توھان چئي سگھو ٿا ته اي الله پنهنجي نبيءَ کي منهنجو شفيع بناءِ، اي الله پنهنجن ملائڪن ۽ مومن بندن کي منهنجو سفارشي بڻاءِ ۽ اي الله منهنجي وفات ڪيل ٻارن کي منهنجو سفارشي بڻاءِ.


    مديني ۾ رھائش

    رات جو پوري نائين بجي اسان کي مڪي کان مديني منوره وٺي ھلڻ لاءِ بس اچي وئي ۽ ھر ھڪ پنهنجو پنهنجو سامان لفٽ ذريعي ھيٺ آندو. جن گھڻي شاپنگ ڪئي ھئي انهن جا گھڻا ننگ ھئا، جن کي ھو ڍوئڻ ۾ پريشان ھئا. جن گھٽ يا نه ڪئي ھئي، اھي آجا آجا ۽ خوش ھئا. مڪي کان مديني وڃڻ لاءِ ڪيترائي رستا آھن. ھاڻي ھڪ وڌيڪ رستو ٺھي مڪمل ٿيڻ تي آھي، ھي رستو ان رستي کي فالو ٿو ڪري جنهن ذريعي حضور اڪرم ﷺ جن مڪي کان مديني ھجرت ڪئي ھئي ۽ اھو ھجره روڊ سڏجي ٿو. ھونءَ باءِ روڊ مڪي کان مدينو اٽڪل پوڻا ٽي سو ميل آھي. رستا ويڪرا ۽ سٺا ٺھيل آھن ۽ ڪو 60 جي سراسري رفتار سان وڃي ته به پنجن ڪلاڪن ۾ پھچي سگھي ٿو پر ڪجهه اسان حاجين جي بدنصيبي (خاص ڪري پاڪستانين، ھندستانين ۽ بنگلاديشين جي) ۽ ڪجهه سعودي حڪومت جي مجبوري جو اسان جي قدم قدم تي ايڏي ته چيڪنگ ڪئي وڃي ٿي جو انگلينڊ يا آمريڪا جھڙن ملڪن جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ دل چوي ٿي. جو انهن ملڪن کان آيل حاجين جي ايڏي سخت چڪاس نٿي ٿئي. بهرحال ان ۾ سعودي حڪومت جو به ڏوهه ناھي. ھيڏي سختيءَ جي باوجود اسان جا ھزارين پاڪستاني غيرقانوني طرح سعودي عرب ۾ موجود آھن، جن مان وڏو تعداد جيلن ۾ آھي ۽ سندن پوئواري ڪرڻ وارو ڪو وڪيل ڪو سفارتي ڪارندو ناھي، اڄ به ڪيترا عمري ۽ حج جي بهاني سعودي عرب ۾ اچي نوڪرين لاءِ ٽڪيو پون. اھا ٻي ڳالهه آھي ته ههڙن ملڪن ۾ به بيروزگاري جي اڄڪلهه حالت اھا آھي جو جيڪي قانوني طرح نوڪريءَ جي ويزا وٺي پھچن ٿا انهن کي ئي نوڪري نه پئي ملي.
    مڪي مان اسان جي بس ڏھين بجي ڌاري رات جو اسان کي کڻي رڙھي ته مديني ٻئي ڏينهن ٻارھين بجي ڌاري منجھند جو (يعني چوڏھن ڪلاڪن بعد) اچي اسان جي رھائش واري ھوٽل اڳيان ڇڏيو. مڪي مان نڪرڻ سان اڌ ڪلاڪ بعد ڊائيور اسان جي مڪتب جي آفيس وٽ ترسيو. جتي معلم جي ماڻھو ھر ھڪ جا پاسپورٽ چيڪ ڪري ڊرائيور کي ڏنا ۽ اسان کي ھڪ ھڪ Slip يا ڪارڊ ڏنو، جيڪو مديني ۾ رھائش دوران قانوني ڪاغذ ھو. ان عمل ۾ پورا ٻه ڪلاڪ ضايع ٿي ويا. وري شھر کان ٻاھر ھڪ ھنڌ ترسڻو پيو. جتي ٻين ملڪن جي حاجين جون بسون پڻ ترسيون پئي پر اسان پاڪستانين لاءِ مڙيئي قاعدو قانون جتي ڪٿي سخت ٿئي ٿو. مديني پھچڻ کان اڳ به ھڪ آفيس ٻاھران ٻه ڪلاڪ کن ترسڻو پيو، جيڪا آفيس شايد وزارت حج جي لڳي ٿي ۽ مدينو ڇڏڻ وقت به اتي ايترو ئي وقت ترسايو ويو ھو.
    منهنجو ھڪ دوست جيڪو ھن سال حج ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ھو مون کان ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ تائين جا مفاصلا پڇڻ لڳو، جيئن مسافريءَ جي Idea لڳائي سگھي. مون کيس اھو ئي چيو ته حاجين کي دراصل سفر کان وڌيڪ مختلف ھنڌن تي ڪاغذن جي Clearance لاءِ انتظار ٿو ٿڪائي. ڪراچيءَ کان جدي ايئرپورٽ تائين پھچڻ ۾ کڻي ٽي ڪلاڪ ٿا لڳن پر جدي ايئرپورٽ تان جان ڇڏائي ٻاھر نڪرڻ ۾ اٺ ڏهه ڪلاڪ لڳيو وڃن. بهرحال جتي سعودي حڪومت حاجين لاءِ ٻين سکن جو بندوبست ڪيو آھي، اتي ٿي سگھي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺي ڪي اھڙا طريقا اختيار ڪري جن ۾ حاجيءَ کي انتظار جي گھڻي تڪليف نه رسي.
    مڪي کان مديني رات جي سفر کي ڪيترن پسند نٿي ڪيو، خاص ڪري اھي جيڪي سعودي عرب جي ڌرتي تي پھريون دفعو Travel ڪري رھيا ھئا. مون کي به پھرين اھو خيال ٿيو پر پوءِ يڪدم ڌيان ۾ آيو ته سعودي عرب اھو ملڪ آھي، جنهن ۾ ڏينهن جو يا رات جو سفر ڪرڻ ۾ ڪو خاص فرق ناھي ٻين ملڪن ۾ سنگاپور، ملائيشيا جھڙن توڙي يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن ۾، پاڪستان، انڊيا توڙي آفريڪا جي ملڪن، خاص ڪري ههڙي آرام واري ۽ ايئرڪنڊيشنڊ بس ھجي ته ڏينهن جو سفر ڪجي ڇو ته قدرتي نظارا ڏسڻ جو ڏينهن جو ئي موقعو ملي ٿو. باغ بستان، نديون نالا، آبشار ۽ وڻن ۽ گلن سان جھنجھيل جبل ۽ گھاٽا ٻيلا پکي پکڻ ۽ جانور وغيره. پر سعودي عرب ۾ ڪا اھڙي ڪھاڻي ناھي. شھر جا گھرڙا ڇڏ ته ريتي ۽ ريتي آھي. واري ۽ واري آھي. جبل ۽ جبل آھن. اس ئي اس آھي. بنا ڪڪر آسمان بنا وڻن جي ڌرتي آھي. چوڌاري خاڪي ناسي قسم جا رنگ پکڙيل آھن ان ڪري ھن ڌرتي تي نقاش ۽ چٽڪار پيدا ٿي نه سگھيا. شاعر ۽ سٺا Navigtor ضرور پيدا ٿيا. ٻارھوئي آسمان صاف ھجڻ ڪري دنيا ۾ سڀ کان اڳ ۽ سڀ کان گھڻو، تارن جو علم عرب ڄاڻي سگھيا. اڄ به ماڊرن نيويگيشن ۾ اسان ڪيتريون ڳالھيون اھي پڙھون ٿا جيڪي عربن ايجاد ڪيون ۽ جن جا نالا عربي زبان سان واسطو رکن ٿا.
    مينهن ۽ پاڻيءَ جي کوٽ ڪري ڪا ساوڪ نه آھي. ساوڪ نه ھجڻ ڪري ڪو پکي پکڻ يا جانور ائين نظر نٿو اچي. جيئن انڊونيشيا، فلپين، ڪينيا يا يوگنڊا جي ھاءِ وي تان لنگھندي نظر اچي ٿو. سعودي عرب جي ھنن ھاءِ ويز تان آئون ڏينهن جي وقت ھلي چڪو آھيان، جڏھن ڪجهه سال اڳ مديني جي ڀرواري شھر ينبو (ينبع) ۾ پنهنجي عرب دوست جي گھر ڪجهه مھينا اچي رھيو ھوس. پوءِ ھن سان گڏ ينبو کان مديني يا مديني کان جدي مختلف رستن تان ايندو ويندو رھيس ٿي. ڦھليل ڌرتي ۽ جبلن جي پيش منظر ۾ جيڪڏھن رکي رکي ڪو جانور نظر اچي ٿو ته اھو به ريتي جي غير رومانوي رنگ جھڙو اٺ آھي. ھڪ عرب جو ننڍي ھوندي کان ئي ريتي (ڌرتي) جبلن، آسمان (تارن) ۽ اٺن سان واسطو رھي ٿو. اٺ ھتي جي اھم ضرورت آھي. گھوڙو بيشڪ بهترين جانور آھي ۽ انسان جو دوست آھي پر ھنن رڻ پٽڻ ۾ انسان لاءِ اٺ وڏي نعمت آھي. شايد ان ڪري اٺ کي عطا الله جو لقب ڏنو ويو.
    ھڪ ڳالهه آھي ته اڄ جي ماڊرن ۽ پئسي واري دور ۾ وري به رکي رکي رستي تي ھوٽلون، مختلف رنگن جون ڪارون لاريون ۽ اشتهارن جا بورڊ نظر اچن ٿا. نه ته اڄ کان 1400 سال اڳ اٿاهه وارياسن پٽن تي جڏھن عرب پيرين پيادي يا اٺن تي سمنڊ وانگر پنهنجو خيالي رستو ٺاھي ھلندا ھئا، تڏھن سامھون ۽ پاسن کان سواءِ جبلن ۽ آسمان جي ٻيو ڪجهه نه ھو. شايد ان ڪري الله تعاليٰ جل شانه قرآن مجيد ۾ ڪيترن ھنڌن تي اھڙا مثال ڏنا آھن. جن مان ان دور جو عرب مانوس ھو. سورته الغاشية جي آيت 17 کان 20 آيت ۾ رب پاڪ انهن ئي شين جا مثال ڏنا آھن.
    ترجمو: ”(ھي ماڻھو نٿا مڃين) ته ڇا ھو اٺن کي نٿا ڏسن ته ڪيئن ٺاھيا ويا آھن؟ آسمان کي نٿا ڏسن ته ڪيئن کنيو ويو آھي؟ جبلن کي نٿا ڏسن ته ڪيئن ڄمايا ويا آھن؟ ۽ زمين کي نٿا ڏسن ته ڪيئن وڇائي وئي آھي؟“
    يعني جيڪڏھن ھي ماڻھو آخرت جون اھي ڳالھيون ٻڌي چون ٿا ته آخر اھو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿي سگھي ٿو ته ڇا پاڻ پنهنجي آسپاس جي دنيا تي نطر وجھي ھنن ڪڏھن نه سوچيو ته ھي اٺ ڪيئن ٺھي ويا؟ ھي آسمان ڪيئن بلند ٿي ويو؟ ھي جبل ڪيئن قائم ٿي ويا؟ ھيءَ زمين ڪيئن ڇائنجي وئي. اھي سڀ شيون جيڪڏھن ٺھي سگھيون ٿي ۽ ٺھيل ٺڪيل ھنن اڳيان موجود آھن ته قيامت ڇو نٿي اچي سگھي؟ ۽ جيڪڏھن ھو اھو مڃين ٿا ته اھو خدا ئي سڀ ڪجهه پيدا ڪري سگھي ٿو ته پوءِ اھو قيامت به آڻي سگھي ٿو. انسانن کي ٻيو دفعو به پيدا ڪري سگھي ٿو. جنت ۽ دوزخ به ٺاھي سگھي ٿو.
    مڪي کان مديني روڊ تي رات جي وقت اسان جي بس ٻه دفعا اسان جي مرضيءَ تي ترسي. ھڪ رات جو ٽي بجي ڌاري ھڪ ھوٽل تي چانهن پيئڻ ۽ ٽنگ ڊگھي ڪرڻ لاءِ ۽ ٻيو دفعو فجر نماز پڙھڻ ۽ چانهن پيئڻ لاءِ ٻئي دفعا ڏاڍو مزو آيو. ھڪ ته بس جي قيد مان آزادي ماڻڻ ڪري ۽ ٻيو دنيا جي ھيترن ملڪن جي ماڻھن کي پنهنجي چوگرد ڏسي. ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي مالمو (سئيڊن) ۾ M.Sc ڪرڻ دوران مون سان گڏ جيتوڻيڪ ھڪ سو کان مٿي ملڪن جا شاگرد ھئا پر اھي مختلف مذھبن جا ھئا. ھتي ھن رستي جي ھوٽلن ۾، حرم پاڪ ۾، منى ۽ مزدلفه ۾ جيڪي مختلف ملڪن جا، مختلف رنگن جا، زبانن ۽ شڪلين جا مليا ٿي، انهن جو ھڪ ئي مذھب ھو. ھنن جو ھڪ ئي امت سان واسطو ھو. نائجيريا ۽ موريطانيا جا شيدي، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جا بندري قد وارا، افغانستان ۽ پاڪستان جا شلوار قميصن وارا، چين ۽ روس جي ڪميونسٽ نظام حڪومت وارا، عراق، ايران، شام، ڪويت، يمن ۽ مصر جھڙن عرب ملڪن وارا جيڪي ھونءَ کڻي سياسي طرح ھڪ ٻئي سان ٺاھيل نه ھجن پر انوقت سڀ ان مسجد جي سيمينٽ جي ڌڪين تي ويھي فجر نماز پڙھڻ لاءِ وضو ڪري رھيا ھئا. ھنن کي ان ڳالهه جو ڪو فڪر نه ھو ته نماز مھل سندن ليڊر (امام ڪھڙي ملڪ جو يا ڪھڙي زبان ڳالھائيندڙ ٿيندو. ھن وقت اسان سڀ مسلمان آھيون. آخري نبي ڪريم ﷺ جن امت آھيون ۽ ان جو ھڪ حصو محسوس ڪري مون کي خوشي ٿي رھي ھئي. نماز پڙھي اٿڻ مھل ڀر ۾ بيٺل کان سندس ملڪ پڇان ٿو. ھو چين جي اتر اوڀر واري علائقي دئرين کان آيو آھي. ڪيڏو ڏور کان آيو آھي، ھانگ ڪانگ فلپين کان به پري، جپان ۽ ڪوريا جي ڀر کان. چانهن پيئڻ وقت ھڪ نوجوان زال مڙس ۽ سندس ڏھن ٻارھن سالن جي ڌيءَ سنڌي ڳالھائي رھيا ھئا. تعجب نٿو لڳيم پر سندن ٻانهن ۾ جيڪو معلمن طرفان نشاني جو پٽو پيل ھو، اھو ايشيائي رنگ ھئڊي (Yellow) بدران ٻئي رنگ جو ھو.
    ”توھان ڪٿان جا آھيو؟“ آئون کانئن پڇان ٿو.
    ھو سمجھي وڃن ٿا ته ٻانهن ۾ مختلف رنگ جو پٽو (Strap) ڏسي آئون ڀليو آھان. ”اسين آمريڪا جا Citizens آھيون، ان ڪري اسان جو پٽو ھن رنگ جو آھي.“
    ”ھونءَ اصل ڪھڙي شھر جا آھيو؟“ آئون پڇان ٿو.
    ”اسين حيدرآباد جا آخوند آھيون. اٺن سالن کان USA جي رياست ورجينا ۾ Settle آھيون ۽ ھينئر حج لاءِ اتان پيا اچون.“ ھنن ٻڌايو.
    ائين به نه آھي ته آمريڪا يا يورپ پاسي کان فقط اسان جا ايشيائي مسلمان ۽ عرب Settlers اچن ٿا. ڪيترا اھڙا به آھن جيڪي اتي جا مڪاني باشندا آهن، جيڪي عيسائي هئا ۽ هاڻ مسلمان ٿيا آهن. هڪ اهڙو مسلمان فلاڊلفياUSA جو مليو. پاڻ ٽيھن سالن جو خوبصورت نوجوان ھو. مون پڇيو مانس ته ھو اصل ڪٿان جو آھي. ”آئون اصل کان آمريڪن آھيان، منهنجا ماءُ پيءُ اڄ به عيسائي آھن پر آئون مسلمان آھيان“.
    ”ڇا ڪرين؟“ مون پڇيومانس.
    ”پنهنجو پارڪنگ لاٽ اٿم. ان مان ڪمائيندو آھيان.“ ھن ٻڌايو. پاڻ مون کي حرم پاڪ جي ٻاھران ظھر نماز تي مليو ھو. اسان ھڪ ئي مصلو اڳيان رکي Share ڪيو ھو. نٽڻ اس ۾ نماز پڙھي رھيا ھئاسين. سجدي لاءِ اڳيان مصلو ھو پر پير سڙي رھيا ھئا. پر ھي ھمراهه صبر سان برداشت ڪندو رھيو.
    "Being a muslim how do you feel?"
    مون ھن آمريڪن نئين مسلمان کان پڇيو.
    ”الحمد الله.“ ھن رب پاڪ جي واکاڻ ڪندي چيو؛"I am very happy"
    (آئون بيحد خوش آھيان).
    پنج وقت نماز، روزو، زڪوات، حج، شراب کان پاسو..... وغيره وغيره. اھي ڪي سولا ڪم نه آھن، خاص ڪري ان لاءِ جنهن مغربي عيش جي زندگي گذاري ھجي! پر ڪجهه ته آھي، ڪا ته شيءَ ھن ڏٺي آھي جو ھن کي ھي مذھب (اسلام) عزيز آھي. پاڻ کي مسلمان سڏائيندي فخر ٿو محسوس ڪري ۽ ڪجهه ته ھن مشاھدو محبوب جو پسيو ھوندو جنهن يورپ جي مشھور ڳائڻي چئٽ (Cat) اسٽيون کي يوسف اسلام بڻائي ڇڏيو ۽ ”ھاڻ توڻي تڙئين تون، يا الا! تو در توءِ نه ڇڏيان“ وارو حساب ھو. ھاڻ ھن لاءِ گرمي، سردي، اس، ٿڪ ڪا حيثيت نٿو رکي. مون کانئس گھڻو ڪي پڇڻ چاھيو ٿي ته ھو ڪيئن مسلمان ٿيو. اسلام جي ڪھڙين ڳالھين ھن کي گھڻو Impress ڪيو پر آئون پڇي نه سگھيس جو نماز بعد مون وانگر اٿڻ بدران ھو پٿل ماري، کيسي مان تسبيح ڪڍي پڙھڻ ۾ جنبي ويو. ھن کي اس ۽ گرمي جي به پرواهه نه ھئي.
    "If you like I can leave my praying mat?"
    مون پنهنجو مصلو(جانماز) کيس آفر ڪئي. ”مھرباني. آءِ ائم اوڪي.“ ھن منهنجي جانماز نه رکي پر منهنجي آفر لاءِ ٿورو مڃيو.
    مديني شھر ۾ گھڙڻ وقت ڪلاڪ ٻه ھڪ آفيس ۾ لڳا، اتان اجازت ملڻ بعد بس شھر ڏي رواني ٿي. ھوٽلون ڀريل ھجڻ ڪري ۽ اسان جو تعداد وڏو ھجڻ ڪري ھڪ ھوٽل بدران ٻن ھوٽلن ۾ رھائش جو بندوبست ٿيل ھو، جيڪو اسان جي ليڊر قبول نه ڪيو. آخر ھوٽل جي عرب مالڪ (جنهن جي پوءِ خبر پيئي ته ھن کي ڪيتريون ئي ھوٽلون آھن) الغابيه علائقي ۾ عبدالعزيز روڊ جي ڀرسان فندق العطاس جي پويان دار زھدي (2) ۾ سڀني لاءِ رھائش ڏني، جنهن ۾ اسان کان علاوه ٻيا ملئي ماڻھو رھيل ھئا. ھوٽل ڇهه يا ست ماڙ ھئي، جنهن جي ھر منزل تي اسين ورھائجي وياسين. ڪمري جي سائيز مطابق ڪنهن ڪمري ۾ چئن جي جاءِ ھئي ته ڪنهن ۾ ٻن يا ٽن جي. ھڪ چئن واري ڪمري ۾ حافظ سعيد، اسرار الحق ۽ ڊاڪٽر شفيق سان گڏ مون کي به رکيو ويو. ڪمري جو در کولي ڏٺوسين ته چار پلنگ وھاڻن چادرن، بلاڪيٽن سميت ھئا. باٿ روم اٽيچڊ ھو. ڪمري جي ٻاھران پئنٽري (ننڍو ڪچن) ھو. ايئرڪان، ٽي وي ۽ ٽيليفون پڻ ھو. ٻيو ڇا کپي! اسان سمجھيو اھا عياشي فقط اسان کي نصيب ٿي آھي پر پوءِ خبر پئي ته ٻين ڪمرن جو به ساڳيو حال ھو، بلڪ مديني شريف ۾، ھڪ ئي وقت حاجين جو تعداد گھٽ ھجڻ ڪري رھائش جو انتظام بهتر آھي. مسجد نبوي به ويجھي ھئي. ٻن ڏينهن اندر ئي خبر پئجي وئي ته اسان جي اڳيان واري ھوٽل العطاس ۾ اسان جو ڳوٺاڻي ڪئپٽن رشيد ابڙو رھيل آھي ۽ پوئين گھٽيءَ جي ھڪ ھوٽل ۾ اسان جو پيٽارو جو ڪليگ عبدالقادر قريشي پنهنجن ڀائٽين سميت رھيل آھي. اسان سڀني جو مسجد نبوي ۾ وڃڻ ساڳي در کان ٿيندو ھو. ان ڪري ھڪ ٻئي سان عليڪ سليڪ ٿي ويندي ھئي.
    مڪي ۾ رھائشگاهه ۾ ھر ھڪ کي اسپنج جو گاديلو ملي ٿو ۽ ھڪ عدد وھاڻو. اسان جي گروپ جا ماڻھو پاڻ سان ٻه ٻه چادرون کڻي آيا ھئا. ھڪ ان گاديلي مٿان وڇايائون ۽ ھڪ ٿلھي مٿان اوڍڻ لاءِ مون ڪراچي ۾ گروپ جون پاڻ ۾ ٿيندڙ ٽن چئن ميٽنگن مان ھڪ ٻه کن اٽينڊ نه ڪيون ھيون ان ڪري مون کي اھا ڄاڻ نه رھي ته پاڻ سان چادرون به آڻڻيون آھن پھرين رات احرام واري چادر مٿان وڌم پر آڌي رات کانپوءِ سيءُ ٿي پيو ۽ ماڻھن ايئرڪان به بند نٿي ڪيو. مارچ مهيني جا شروع جا ڏينهن ھئا. ٻڌوسين ته مديني ۾ چڱو خاصو سيءُ آھي. جو مدينو شريف اتاھين Altitude تي آھي. مڪي معظم ۾ به ڪافي ٿڌڪار ھو. صبح جي وقت فجر نماز تي ته سئيٽر ۾ به سيءُ ٿي پيو. مڪي ۾ منهنجي ڀاءُ اشفاق جو دوست ۽ ڊي آءِ جي راھو خان بروھيءَ جو ھڪ مائٽ علي گوھر بروھي رھيو ٿي. ان کي مڪي ۾ ھوٽل آھي. جنهن ۾ گھڻو ڪري ڪويت پاسي جا حاجي رھن ٿا. فون ڪيومانس. خوش خير عافيت بعد ڪم ڪار پڇيائين: ”يار چادرون نه آنديون اٿم. في الحال انهن جي سخت ضرورت اٿم“.
    ”پرواهه نه ڪر ھينئر ئي پھچائي ٿو وڃان ۽ آئون سمجھي ويس ته توھان ڪٿي رھيل آھيون“. علي گوھر جواب ڏنو.
    رات جو عشاءَ نماز بعد علي گوھر چادرون ڏئي ويو. توب (عربي جبي) ۾ عرب لڳي رھيو ھو. سڄي عمر مڪي شريف ۾ گذاري اٿس. عربي به سٺي ڳالھائي ٿو. علي گوھر جي چادرن نه فقط مڪي ۾ پر منى ۽ مزدلفه ۾ پڻ سيءُ جو بچاءُ ڪيو. مڪو شريف ڇڏڻ وقت جيتوڻيڪ علي گوھر پنهنجيون چادرون واپس وٺڻ نٿي چاھيون پر مون موٽائڻ چاھيون ٿي جو اھي اوچي قسم جون ھيون. آخري ڏينهن تي منهنجو علي گوھر سان رابطو ٿي نه سگھيو ۽ مديني کان اچي نڪتس، جتان چادرون واپس موڪلڻ ڏکيو ڪم نٿي سمجھيم. ڪيترائي سنڌي ٽئڪسي ڊرائيور ۽ دڪاندار آھن جيڪي مڪي ويندا رھن ٿا ۽ علي گوھر کي پڪ سڃاڻندا ھوندا، جن ھٿان موڪلڻ چاھيم ٿي.
    مديني پھچي پھرين يا ٻئي ڏينهن پنهنجي ھوٽل تي ڪم ڪندڙ ھڪ پاڪستانيءَ کان پڇيم ته ھتي ڪنهن سنڌيءَ جو دڪان آھي. ھن سامھون واچن واري جو ڏس ڏنو. پوڙھو دڪاندار ڪاٺياواڙي ميمڻ ھو پر سنڌي به ڳالھائين ٿي. چڙ جو سو تکو ھو پر لڳو ٿي ته سٺي شيءَ سستي اگهه تي وڪيائين ٿي جو خريدارن جا انبوهه ھئس ـ خاص ڪري پٺاڻ ۽ افغاني ـ جن ھر قسم جي واچ يا گھڙيال ڊزن جي حساب سان پئي ورتس. ڪاٺياواڙي ميمڻ وڏي عمر ڪري جسم جو بيحد ڪمزور ھو پر ڳالھائڻ جو ڏاڍو ڦڙتيلو ھو، حساب ڪتاب جو ته اڃان به ڦڙتيلو. بنا ڪئلڪيوليٽر جي حساب ٿي ڪيائين. وات ۾ شايد پان ھئس. پر ٿي سگھي ٿو پان نه ھجيس (جو سعودي عرب ۾پان کائڻ توڙي وڪڻڻ تي بندش لڳل آھي.) شايد ڏند ڀڳل ھئس ان ڪري سندس ڳالھائن ان اسٽائيل جو ھو. ھڪ افغانيءَ ٻه ڊزن واچون وٺي چيس:
    ”ڪجهه پئسا گھٽ ته ڪر.“
    ”ھڪ پئسو به نه ڪندس.“ ٻئي کي واچ ڏيکاريندي ھن کي ٺهه پهه جواب ڏنائين.
    ”ڀلا ھڪ واچ تي ھڪ رپيو (ريال) ته گھٽ ڪر.“ گراھڪ چيس.
    ”ھڪ پئسو به نه“.
    ”ھر سال توکان ھيڏي خريداري ڪريون ٿا ڪجهه ته قيمت گھٽ ڪر“.
    ”دڪان منهنجي ماءُ جو آھي، اھا ناراض ٿيندي.“ ڪاٺياواڙي چيس.
    ”تڏھن به ڪجهه ته فائدو ڏي.“ خريدار افغانيءَ ضد ڪيس.
    ”آئون فقط دعا ڏئي سگھان ٿو ته الله توکي ٻئي سال به حج تي گھرائي ۽ مون وٽان اچي خريداري ڪر“.
    دل ۾ چيم ته ھتي سنگاپوري واڻين جي به جاءِ ناھي. خريدار، اھڙي حالت ۾ به، شايد اھو سوچي ته اھو ھوندي به اگهه سستو آھي، نه فقط اھي واچون پر ڪجهه ٻيون به ورتيون. دل ۾ آيم ته ڪاٺياواڙي ڏاڙھيءَ سان ميمڻ کي پارت ڪريان ته ھنن حاجين جو ته ڪجهه خيال ڪر. پر پوءِ اھو سمجھي ته ھو جواب ڇا ڏيندو (ته ھي حاجي آھن؟ سمگلر آھن يا حاجي؟) چپ ٿي ويس.
    ھن دڪان تي ڪم ڪندڙ ٻن نوجوان ڇوڪرن ۾ واقعي ھڪ سنڌي ھو، اسان جي ھوٽل واري جي ڳالهه صحيح نڪتي، سنڌي نينگر جيڪو ويهه، پنجويهه ورھين جو ٿيندو ۽ ٽن کن سالن کان ھن دڪان تي ڪم ڪري پيو، ٺٽي جو ميمڻ ھو. نالو شايد نياز حسين ھوس. پاڻ ويچاري نه فقط يڪدم جوس جو دٻو ڪڍي پياريو پر ڪم جو به پڇيو. خبر ناھي ڇو، مون کي ائين لڳو ته جيڪڏھن ھن کي چادرون آڻي ڏيندس ته سندس مالڪ، يعني دڪان جو مالڪ، بلڪه دڪان جي مالڪڻ جو ھي ڪاٺياواڙي پٽ ھن کي دڙڪا ڏيندو، بلڪه آئون گھڻي دير دڪان تي به نه بيٺس جو ڪاٺياواڙي دڪاندار رکي رکي مون کي ڪرڙين اکين سان ڏسي رھيو ھو ۽ آئون پنهنجو پاڻ صاف صاف (Unwanted) مھمان محسوس ڪري رھيو ھوس. ھا سچي سندس دڪان جو نالو عبدالغني قاسم الميمني ھو ۽ اسان واري علائقي العنابيہ ۾ دارالمسرہ ھيٺ ھوس. مون چادرون موڪلڻ جو پروگرام ٻن ٽن ڏينهن لاءِPostpone ڪري ڇڏيو، پر پوءِ ٻئي ڏينهن رستي تي لڳل فون تان فون ڪري رھيو ھوس ته به ھمراهه زور زور سان سنڌي ۾ لٻاڙون ھڻندا اچي منهنجي ڀرسان لنگھيا، مون يڪدم فون بند ڪري کڻي ھڪ جي ٻانهن ۾ ھٿ وڌو.
    ”اي ڀائو اتي ترسجو. متان ويا آھيو“. مون چيومانس. پھرين ته ھو پريشان ٿي ويا، پوءِ پوءِ مرڪندو ڏسي سمجھي ويا ته آئون ھجت واري انداز ۾ ڳالھائي رھيو آھين.
    مون دراصل ھنن کي اھو سوچي روڪيو ته ٿي سگھي ٿو ته ھي اھي حاجي ھجن، جيڪي اسان وانگر مديني کان واپس ڪراچي وڃڻ بدران مڪي مان ٿيندا وڃن. ان صورت ۾ آئون کين چادرون ڏئي ڇڏيان ته مڪي کڻي وڃن ۽ علي گوھر کي فون ڪري ڇڏيان ته ھنن کان Collect ڪري، پر منهنجي پڇڻ تي ھنن ٻڌايو ته ھو مڪي جا رھاڪو آھن. ھتي ائين چڪر تي آيا آھن، شام ڌاري واپس ھليا ويندا.
    ”سبحان الله“ مون دل ئي دل ۾ رب پاڪ جي واکاڻ ڪئي. آئون به سڄي عمر دنيا جي ملڪ ملڪ، ٻيٽ ٻيٽ تي سنڌين کي ڳوليندو رھيس. ھندو سنڌي سو جتي ڪٿي مليا ٿي پر ڪڏھن ائين مسلمان سنڌي نه مليو، جيئن ھتي مڪي ۽ مديني ۾ پينو فقير کان ٽئڪسي ڊرائيور، سيلز مئن کان مالڪ مڪان (يا ھوٽل) نظر اچي رھيو ھو.
    ”ھتي ڀلا ڪيئن آيا آھيو؟“ مون پڇيومان.
    ”گھمڻ خاطر به ته ڌنڌي ڌاڙي لاءِ به“. ھنن ٻڌايو.
    ”ڪھڙو ڌنڌو ڪيو؟“ مون پڇيومان.
    ”تسبيحون وڪڻندا آھيون“. ھنن مان ھڪ ٻڌايو. ٻئي ٽيھارو کن ورھين جا، قدآور پوري پني جسم جا ھئا. مون سمجھيو مڪي شريف کان تسبيحن جو ٿيلھو ڀري ھتي مسجد نبوي جي ٻاھران فوٽ پاٿ تي وڪڻندا ھوندا. جتي روزانو ڪيترائي مصري ۽ يمني عرب، سوڊاني ۽ اٿوپيا جا حبشي، داغستان ۽ شمشان (چيچنيا) جا روسي ٿائي ۽ انڊونيشي عورتون، رومال، قميصون، پينون، چشما، عطر ۽ ٻيون اھڙيون شيون وڪڻنديون رھن ٿيون، پر ھنن ٻڌايو ته ھو پاڪستان جي پنجاب پاسي جي ڪنهن شھر مان ڪاٺ جي موتين جون تسبيحون گھرائي ھتي وڪڻندا آھن. ان وڻ جو نالو ھن وقت ياد نه اٿم پر ڪنهن عا م وڻ جي ڪاٺين جي داڻن جون تسبيحون ھتي آڻيندا آھن. ”پوءِ ڪنهن کي چوندا آھيون، زيتون (عربي زيتون Olive) جون آھن ته ڪنهن کي چوندا آھن ته ٽيڪ وڊ جون آھن ته ڪنهن کي Oak wood ٻڌائيندا آھيون“. ھنن ٻڌايو.
    ”پر وڪڻو ڪٿي؟ ھتي فوٽ پاٿ تي؟“ آئون پنهنجي ڪم کي ڇڏي ھنن جي ڌنڌي ڌاڙي ۾ اجائي سجائي دلچسپي وٺڻ لڳس.
    ”اسان ريزڪي نه وڪڻندا آھيون. اسين مڪي، مديني، جدي، ويندي رياض ۽ تبوڪ جي دڪاندارن کي مال سپلاءِ ڪندا آھيون. سيالڪوٽ (يا شايد رحيم يار خان) وڃي مال خريد ڪري، ڪنٽينر ڀرائي ان کي ھيڏانهن ٻلٽي ڪندا آھيون.“
    مون ھنن ڏي وري غور سان ڏٺو. ھر ڪنڊ کان سادا سودا ڳوٺاڻا لڳي رھيا ھئا. ڪير چوندو ته ھي سنڌ جي ھڪ ڳوٺ جا چار درجا (مئٽرڪ، انٽر تائين) پڙھيل اڪيلي سر وتن لکن رپين جون تسبيحون خريد ڪندا ۽ خود ئي مال ٽرانسپورٽ ڪندا. ڪنٽينر Container ۽ ٻلٽي (Bill of lading) جھڙين شين جي ڳالهه ته ڪندا وتن پر يقين ئي نه ٿي آيو ته واقعي يقين نه اچي ھا پر پوءِ ھڪ ٻئي جو تعارف ڪرائي چانھن لاءِ ھوٽل ڏي وڌياسين ته رستي تي جيڪي به تسبيحون وڪڻڻ وارا دڪاندار ھئا، اھي ھنن کي کلي کيڪارڻ لڳا ۽ نئين مال اچڻ جو پڇڻ لڳا. انهن ٻن سنڌين مان ھڪ ته منهنجا سفرناما به پڙھيا ھئا، جو جڏھن نالو ٻڌايومانس ته يڪدم سفرنامن جي ڳالهه ڪيائين ۽ ان ناتي مون کي چانهن لاءِ زور ڀرڻ لڳو.
    ”سائين گذريل سال به اسان کي ائين اوچتو ٽي وي جو پروڊيوسر اعجاز عليم عقيلي ملي ويو ھو ۽ ھن سان گڏ اسان چانھن پيتي ھئي، ھينئر توھان اسان سان گڏ ڪجهه کائو“.
    انهي دوران مون ساڻن چادرن جي ڳالهه ڪري ڇڏي ھئي ۽ اتفاق سان پنهنجي ھوٽل جي ڪمري تي وٺي آيس، جتي کيس چادرون به ڏنم. ھڪ جو نالو غلام اصغر چنا ھو ۽ ٻئي جو محب الله چنا، ٻئي گھوٽڪي جا مائٽ ٿين. سندن ذڪر ھن سفرنامي ۾ شايد نه اچي ھا پر ڪالهه ٽيون ڏينهن سندن فون آيو. اڄڪلهه ھتي ڪراچي آيل آھن. کين ايڪسپورٽ پرمٽ حاصل ڪرڻ لاءِ رھنمائي جي ضرورت ھئي. پاڻ ٻڌايائون ته ھو ٻي ٽي مھيني مال جي خريداري ۽ اڪلاءَ لاءِ ايندا رھن ٿا. ھنن جي ھڪ عرب ڪفيل سان ڀائيواري آھي. پئسوعرب جو آھي، ان ڪري فائدي جو وڏو حصو به ھو رکي ٿو پر کين به مڙيئي ايترو ڏئي ٿو جو سندن به ٻچا ٻار پلجن پيا.
    ھڪ ٻئي کجي جي سنڌي دڪاندار سان پڻ حال احوال ٿيو. مسجد نبوي جي باب عبدالعزيز مان نڪرڻ وقت ساڄي پاسي جنت البقيع جي ڀت سان گڏوگڏ ڪيترائي ننڍا ننڍا دڪان آھن. ھڪ ڏينهن لنگھان ته ھڪ دڪان جي ٻاھران ھڪ ھمراهه سنڌي ٽوپي ۾ اسٽول تي چڙھيو ويٺو آھي.
    ”ڀائو ڪير آھين؟ سنڌي آھين يا بلوچ؟“ مون پڇيومانس.
    ”سنڌي آھيان، سکر پاسي جو ڀٽو آھيان، ڪتل وٺو، ڪيتري توريان؟“
    دل ۾ چيم ته ڏاڍي ٻڌائي، پوءِ Realize ڪيم ته منهنجي گروپ ۾ سنڌي ڳالھائڻ وارو اڪيلو آئون آھيان ۽ پوءِ ڪو ٻاھر شھر ۾ ڪو سنڌي ڳالھائيندڙ ملي ٿو ته پنهنجي زبان جي چشڪي لاءِ ھن سان مادري زبان ۾ ڳالھائي خوش ٿيندو وتان پر ھنن دڪاندارن کي خبر ناھي روزانو ڪيترا سنڌي حاجي ملن ٿا ۽ ان کان علاوه ھتي مديني ۾ رھندڙ سنڌين سان سندن ملاقات ٿيندي رھي، سو ھن قسم جي ملاقات مون لاءِ تعجب خيز ثابت ٿئي ٿي پر ھنن لاءِ ھڪ عام ڳالهه ٿي.
    ھن وٽ (ڀٽي صاحب وٽ) ڪيترن ئي قسمن جي ڪتل ھئي. اٽڪل ڏھين ريالين کان 25 ريالين ڪلو واريون ڏھاڪو کن مختلف جنسون دٻن ۾ رکيل ھيون. ”ھن کان مھنگيون واريون ھيڏانهن پٺيان ڪري رکيون اٿم“. ڀٽي صاحب ٻڌايو.
    ”عجوه جنس جي کجور اٿئي؟“ مون پڇيومانس.
    ”ھا، ھن جو داڻو ننڍو ٿئي ٿو ۽ سڀ ۾ مھنگي ۾ مھنگي آھي. اڄڪلهه في ڪلو 75 ريالن جو آھي. وچ ۾ ته ھڪ سئو ريالن تائين به ٿي ويو ھو“. ڀٽي صاحب ٻڌايو.
    عجوه کجور لاءِ چيو وڃي ٿو ته خاص مديني جي آھي ۽ حضور اڪرم ﷺ جن جي ھٿن جي پوکيل آھي. ماڻھو شفا خاطر خريد ڪن ٿا. ھونءَ به کجي ھڪ آفاقي Universal اھميت جو ميوو آھي ۽ ان کي مڪمل فوڊ (خوراڪ) مڃيو وڃي ٿو. ھر ميوو اُس ۾ ۽ روشني جو ميوو آھي. اڄڪلهه سنڌ جي شھرن، خيرپورميرس، ٺيڙھي، ٻٻرلوءِ، ڳاڙھي موري، پير جو ڳوٺ، احمدپور، روھڙي ۽ پنوعاقل پاسي پڻ سٺي کجي پوکي وڃي ٿي، جيڪا بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ وڃي ٿي. مون کي ھر سال خيرپور جو شوڪت جماڻي ۽ عاشق حسين شاهه جو ڀاءُ جاويد شاهه سکر کان کجي موڪليندو آھي. دوستن کي کارائڻ وقت چوندو آھي ته ڪئليفورنيا جي آھي ۽ ھرڪو چکي چوندو آھي ته آمريڪا جي واهه جي ڪتل آھي. ھاڻ سائين ڏيو منهن.
    ڪتل (کجي) جي ڪاربوھائڊريڊ، وٽامن اي ۽ بي، ڪئلشيم، پوٽيشيم، آئرن، زنڪ ۽ ٻيا غذائي جزا مليل آھن. ھن ۾ ڪوليسٽرول بلڪل نه آھي ۽ چڪنائي گھٽ ھجڻ ڪري ھي ميوو دل جي مريضن لاءِ بهترين شيءِ آھي. ھن ميوي جي اھميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته قرآن مجيد ۾ کجي (ڪتل) جو ذڪر اٽڪل ويهه دفعا آيو آھي.
    مديني ۾ پڻ اسان ھوٽل ۾ ماني کائڻ بدران پنهنجو رڌ پچاءُ قائم رکيو. ھوٽل جي ھر فلور تي ڪچن ھو ۽ رڌ پچاءَ جو ڪم چوٿين فلو تي عورتن ڪيو ٿي. ٻاھر جي خريداري اسان مردن ڪئي ٿي. ٽئي يا چوٿين ڏينهن سيڌو آڻڻ جي ڊيوٽي اسرار، ڊاڪٽر شفيق ۽ مون تي لڳي. اسان کي سامان جي لسٽ ۽ پئسا مليا ھئا، جن جو خزانچي نديم نالي ھڪ نوجوان ھو، جو ڪراچي ۾ وڏو بزنس آھي. ڏهه کن ڪڪڙيون آچار، سيويون، سلاد، ٽماٽا، ونگيون آڻڻيون ھيون. فجر نماز پڙھي نيرن ڪري، خريداري لاءِ نڪتاسين. پنهنجي ھوٽل کان ٻاھر نڪري ڀر واري دروازي ”باب ملڪ عبدالعزيز“ کان مسجد نبوي ۾ گھڙياسين ۽ مسجد جي اڳيان اڳيان باب سلام، باب بقيع، باب جبرائيل، وٽان ٿيندا، مسجد غماما ڏي ھليا وياسين. اتي ئي ويجھڙائي ۾ ھڪ وڏي مارڪيٽ ھئي، جنهن ۾ ڀاڄين، ڪڪڙين ۽ سيڌي جا ڪيترائي دڪان ھئا، ڪيترائي دڪان پنجابين ۽ بنگالين جا ھئا، جتي سيڌي جي ھر شيءِ ملي ٿي. جيڪا پاڪستان ۾ ملي ٿي، ويندي پاڪستاني آچار ۽ مٺايون پڻ.
    مارڪيٽ جي پويان ڪڪڙين جي دڪانن جي قطار ھئي، آئون پھريون ئي دڪان تي چڙھي ويس، جيڪو ھڪ مصري عرب جو ھو. ڇهه ريال في ڪڪڙ جي حساب سان 160 ريال ھڪڙا ۽ ڇلاڻي ھڪ ريال في ڪڪڙ جي حساب سان پئسا اڳواٽ وٺي، پوءِ ھو ھڪ ھڪ ڪڪڙ آرام سان ڪھڻ لڳو. وچ وچ ۾ ڪو ھڪ يا ٻه ڪڪڙيون وٺڻ آيس ٿي ته پھرين ان کي آجو ڪيائين ٿي. آئون چوانس ٿو ته مون کي پھرين ڇلي ڏي. يعني ڪجهه انگريزي ۾ ڪجهه اشارن سان چوانس ته ماڳھين مون تي رعب رکي چوي ته ”صبر“، ”صبر“. دل ۾ سوچيم ته ويتر پئسا ڏئي پنهنجا ھٿ ڪپي ويٺس، ھاڻ ھي جيسين منهنجي لاءِ ڪڪڙيون ٺاھي، ويتر جو پوءِ ڀر وارن باقي پنجن ڇھن ڪڪڙين جا دڪاندار بنگالي ۽ مدراسي ڏٺم ته ڏاڍو افسوس ٿيو. ڏٺم ته ھي مصري عرب ڇلاڻي وٺڻ جي باوجود ڇلي به چڱي طرح نه پيو. ايتري ۾ اسرار ۽ ڊاڪٽر شفيق باقي سڀ سيڌو وٺي ھلڻ لاءِ مون وٽ اچي نڪتا. کين ٻڌايم ته ڪري ته وڏي غلطي ويٺو آھيان پر ھاڻي ڦاٿي ته ڦٿڪڻ ڪھڙا.
    ٻئي ڏينهن اسان جي گروپ جا ڪڪڙيون وٺڻ وارا مون کان ھن مارڪيٽ جو ڏس پتو پڇڻ آيا ته چيومان ته مون واري غلطي نه ورجائجو. نمبر ون ته ان مصري عرب کان ڪڪڙيون ھرگز نه وٺجو پر بنگالي دڪاندارن کان وٺجو. نمبر ٽو سڀ ڪڪڙيون ھڪ کان نه وٺجو. ٻه ٻه ٽي ٽي ھرھڪ کان وٺجو. ائين ڪرڻ سان توھان جو وقت بچي پوندو ۽ نمبر ٿري: پئسا اڳواٽ نه ڏجو. جيئن دڪاندار جو ساهه توھان جي مٺ ۾ ھجي ۽ نه توھان جو ساهه ھن جي طوطي ۾.
    سيڌي وارن وٽ گھڻا مرچ مسالا ۽ پنسارڪيون شيون انڊيا جون ھيون، ھڪ پاڪستان دڪاندار کان پڇيم ته اھي ساڳيون شيون پاڪستان مان ڇو نه ٿو گھرائي. ھن جا ٻڌايل سبب.
    1. انڊيا جي شين جي پئڪنگ سٺي، سھڻي ۽ مضبوط آھي.
    2. جيڪا شيءِ سيمپل ۾ ڏيکارين ٿا، اھا ئي موڪلين ٿا.
    3. قيمت مناسب اٿن.
    4. ڏيتي ليتي ۾ ٺڳي نه ٿا ڪن.
    5. ھرھڪ شيءِ جي ٽريڊنگ اٿن. مثال طور، جيڪڏھن بيضا آھن ته سڀ وڏي سائيز جا الڳ آھن، انهن ۾ ننڍي سائيز جا ۽ خراب ۽ پراڻي مڪس نه ٿا ڪن.
    6. ڳوڻ يا دٻي ۾ جيڪا شيءِ مٿان نظر اچي اھا ئي شيءِ تر ۾ به ملي ٿي. ائين نه ته مٿين شيءِ سٺي ھيٺ ڪئ.
    منهنجي خيال ۾ اھي سڀ ڳالھيون اسان کي اسلام به سيکاري ٿو پر ان تي عمل ٻيا پيا ڪن. انهن ڳالھين تي غور ڪرڻ کپي، اسان جا ڪيترا ماڻھو يعني اسان جي ملڪ جا واپاري عربن سان ھميشه اھا ئي شڪايت ڪندا رھن ٿا ته عرب ھندن کان (انڊيا کان) سامان گھرائين ٿا. اسان مسلمانن کان نه، اسان مسلمان ضرور سڏايون ٿا پر اسلامي طور طريقي موجب شايد ھو ھلن ٿا جو ھتي جي سڄي مارڪيٽ Capture ڪري ويا آھن. اسان جي ملڪ جا پاروٿا ڪينو ۽ سينياريل آچار اسان پاڪستاني به خريد ڪرڻ نه ٿا پسند ڪريون.
    جنهن ڏينهن مڪو شريف ڇڏي رھياھئاسين ته مسجد الحرام جي امام شيخ محمد بن عبدالله السيبائيل يا شايد شيخ عبدالرحمان السدئيس بارش پوڻ لاءِ ”نماز استسقا“ پڙھائي ھئي. ٻئي ڏينهن مديني ۾ شام جو ڪڪر نظر آيا ۽ ٽئي ڏينهن شام جو نه فقط گھاٽا ڪڪر آسمان تي ھئا پر رکي رکي ڦڙ ڦڙ به وسي رھي ھئي. عربستان جتي ھر وقت ھيٺ ريتي ۽ جبل نظر اچن ٿا ۽ مٿي بنا ڪڪرن جي آسمان ۽ سج جي تپش، اتي ھي نظارو ڏسي ڏاڍو لطف آيو. مسجد نبوي جي اتاھن منارن جي بئڪ گرائونڊ ۾ چانديءَ جي داوَن (Border) وارا ڪارا ڪارا ڪڪر ھئا. اھڙو خوبصورت نظارو مون ڪڏھن مديني منوره جي تصويرن ۾ به نه ڏٺو. مينهن پوڻ ڪري اوٺي جي اھا خوشبودار ھوا لڳي رھي ھئي، جيڪا سنڌ جي خشڪ ڌرتي تي مينهن ڪڻيون وسڻ تي لڳندي آھي.
    ھي چئپٽر ختم ڪرڻ کان اڳ ٻه اکر عربستان جي اھم ڪمائتي ۽ مددگار جانور اٺ تي لکڻ ضروري سمجھان ٿو، جنهن جو ھن چئپٽر ۾ توڙي ٻين ھنڌن تي ذڪر آيو آھي. جيڪو اڄ ھن جي ھن دور ۾ به جڏھن عربستان جي آسمان تي اڄ جي تيز رفتار سواري ھوائي جھاز جي گڙٻڙ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. زمين تي تيل جي پائيپن جي ڄار وڇايل آھي ۽ پڪن ويڪرن ۽ مضبوط رستن تي اڄ جو عرب باشندو آمريڪا جي ٺھيل وڏين ۽ آرامده ڪارن ۾ سفر ڪري ٿو، ان ھوندي به رات جي اونداھين ۽ خاموشين ۾ ھتي جي ماڻھن کي اٺن تي منزلون طئي ڪندو ڏسي سگھجي ٿو. اڄ به چوڏھن سئو سال اڳ وانگر جڏھن اٺن جو قافلو جزيرة العرب جي صحرا مان گذري ٿو ته حدي جو ترانو ٻڌڻ لاءِ ملي ٿو.
    ”حدي“ اھو پھريون ترانو آھي، جيڪو صحراءِ عرب باشندن ايجاد ڪيو. حدي کي اٺن تي سفر ڪرڻ وارن ايجاد ڪيو ۽ انهن ھن تراني تخليق ڪرڻ ۾ اٺن جي قدمن جي آھٽ موجب ڪمپوزنگ ڪئي.
    اٺ جي ھلڻ سان پيدا ٿيندڙ لوڏا سوار کي ڏاڍو ٿڪائين ٿا. ان ڪري اھي ماڻھو جن کي اٺ جي سواري جي عادت نه ھوندي آھي، انهن کيجھٽ اٻڙاڪ ۽ الٽيون اچن ٿيون. بلڪل اھڙي طرح جيئن ڪجهه ماڻھن کي سامونڊي سفر ۾ ٻيڙي يا جھاز جي ھيٺ مٿي ٿيڻ تي سامونڊي بيماري (سي سڪنيس) ٿئي ٿي ۽ دل ڪچي ۽ الٽين جي عارضي ۾ مبتلا ٿيو پون.
    اٺ جي سفر ۽ انهن لوڏن ۽ ٿَڪَ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ عرب حدي ڳائين ٿا. تجربي مان ثابت ٿيو آھي ته ان راڳ (حدي) کي جڏھن ترنم سان ڳايو وڃي ٿو ته نه فقط سوار پر اٺ به خوشي مان ڳاٽ کڻي ھلي ٿو، ڇو جو اھو گانو اٺ تي به اثر انداز ٿئي ٿو.
    اٺ ھڪ عجيب جانور آھي، جيڪو ريگستان ۾ رھندڙ عرب لاءِ بيحد ڪمائتو ثابت ٿيو آھي. اٺ نه فقط سواري لاءِ ڪم اچي ٿو پر مال ڍوئڻ جي به مال گاڏي آھي. عربستان جي اھا تپندڙ واري ۽ گرمي جتي ھر جانور توڙي مشين بيوس ٿي پوي. اتي ھڪ عرب جو بهترين ساٿي اٺ آھي. اٺ بنا ساھي پٽڻ جي ارڙھن ڪلاڪ روزانو ھلي سگھي ٿو ۽ پنجاهه ميل (80 ڪلوميٽر) جھاڳي سگھي ٿو ۽ اھا مسافري ھڪ عام رستي تي نه پر ريتي تي ڪري سگھي ٿو ۽ 130 کن ڪلو وزن جا رکي ھو پنج ڇهه ڏينهن بنا کاڌي پيتي جي رھي سگھي ٿو ۽ پوءِ وري پاڻي مليس ٿو ته 35 گيلن کن پاڻي (جيڪي چار مڻ ٿا ٿين) ھڪ ئي وقت ڏھن منٽن ۾ پيو وٺي. ائين ڪو ٻيو جانور يا ماڻھو گھڻو پاڻي پيئي ته اڦٽ مري وڃي پر قدرت اٺ جو جسم اھڙي نموني جو ٺاھيو آھي جو ھو ان پاڻي کي يڪدم Absorb ڪريو وٺي. جو ھن جي رت جا ڳاڙھا جزا (Corpuscles) يڪدم ڦونڊجيو (Exand ٿيو وڃن ۽ پاڻي جو فالتو مقدار جذب ڪريو وٺن. ڪڏھن ڪڏھن رڻ پٽ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ايمرجنسي ۾اٺ کي ڪھي ان ۾ اسٽور ٿيل پاڻي حاصل ڪري انسانن جي جان بچائي ويندي آھي. اٺ جو کير ٿورو کارو ٿئي ٿو پر عرب ان کي ڪتل سان گڏ پيئڻ پسند ڪن ٿا ۽ پيئڻ واري ۾ Resistance power پيدا ٿئي ٿو. اٺ جو گوشت کاڌو وڃي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن رڻ پٽ ۾تنبن جي کوٽ ھجڻ جي صورت ۾ عرب بيٺل اٺن جي ڇانوَ ۾ سمھيو رھن ٻيو ته ٺھيو ڪيترا عرب پنهنجي چڙ اٺ کي ڏنڊا ھڻي ڪڍن. اڄڪلهه ته دبئي ڪويت پاسي اٺن جي ڊوڙ تي Bets (شرطون) لڳن ٿيون.
    رڻ پٽ بيانن ۾ ريتي جي طوفانن کان بچاءَ لاءِ اٺ پنهنجي نڪ کي مڪمل طور بند رکي سگھي ٿو ۽ اکين تي عورتن جي چادرين (برقعن) وانگر ٻن نقابن مان ھڪ ڏئي اکين جو بچاءُ به ڪري سگھي ٿو ته اڳتي جو سفر مڪمل ڪرڻ لاءِ ڏسي به سگھي ٿو. ھونءَ ته ھن جانور لاءِ جيڪو غريب طبيعت جو به آھي ته ڏنگو مڙس به، جنگلي آھي ته پالتو به، خوفناڪ آھي ته چئيوان به، سڀ کان بهترين کاڌو سائو گاهه ۽ پن آھن پر اھو کيس ڪو ورلي نصيب ٿئي ٿو. ڪنڊن ڪرڙن ۽ سڪل ٽارين سان ئي پيٽ ڀري ٿو ۽ پوءِ فرصت ۾ ان پيٽ مان ٿورو ٿورو کاڌو ڪڍي اوڳاريندو رھي ٿو ۽ ان ۾ ئي خوش رھي ٿو ۽ شڪر و صبر سان ڪم ڪري ٿو. ھو ھر وقت ٻين کي ئي ڪم اچي ٿو. شايد اٺ جون اھي خاصيتون سوچي ھڪ يورپي سعودي عرب ۾ رھي اسلام جو مطالعو ڪري اٺ بابت ھي ريمارڪ ڏنو:
    "The camles fate, it seems, recapitualtes Islam to give, to yield, to submit".
    اٺ بابت ھڪ مضمون ريڊرس ڊائجسٽ ۾ به پڙھيو ھوم، جنهن جي مصنف اليگزينڊر ٿيروڪس اٺن بابت ھڪ جملو واهه جو لکيو آھي ته:
    "The Arabs eat them, beat them, ride them, race them, bet on them and sleep in their shadows. They do everyting bud marry them".


    مسجد قبا ۽ مسجد نبوي

    پيغمبر اسلام کي جڏھن رب پاڪ طرفان ھجرت جو حڪم ٿيو ته نبوت جو تيرھون سال ھو. 12 سيپٽمبر 622ع تي رات جي وقت حضور اڪرم ﷺ جن حضرت ابوبڪر صديق رضه جن کي پاڻ سان گڏ وٺي مڪي معظم کان غار ثور ڏي روانا ٿيا. ڪافرن جي حملي کان بچڻ لاءِ پاڻ ٽي راتيون ان غار ۾ لڪل رھيا. ٽن راتين کانپوءِ پاڻ مديني شريف روانا ٿيا ۽ 23 سيپٽمبر 622ع تي قبا پھتا. جتان مدينو منوره فقط ٽي ميل پنڌ تي ھو. قبا ۾ حضرت عمرو بن عوف کي حضور ﷺ جن جي مھمان نوازيءَ جو شرف حاصل ٿيو. پا ڻ ڪجهه ڏينهن ھتي رھي پيا ۽ مسجد ٺھرايائون، جيڪا مسجد قبا جي نالي سان سڏجي ٿي. مديني شريف ۾ اسلام جي ھيءَ پھرين مسجد ھئي. الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ سورھ التوبة جي 108 آيت ۾ ھن مسجد جو بيان ھن طرح فرمايو آھي:
    ترجمو: ”اھا مسجد جنهن جو بنياد روز اول کان ئي تقويٰ تي رکيو ويو، ان ڳالهه جي زياده حقدار آھي ته تون ان ۾ اٿي بيهه“.
    اسلام ۾ ھن مسجد جي وڏي فضيلت آئي آھي. نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته: ”ھن مسجد ۾ ٻه رڪعتون نفل ادا ڪرڻ جو ثواب ھڪ عمري جي ثواب برابر آھي“. ان ڪري مديني جي زيارت ڪرڻ وارا مسجد قبا ۾ به وڃن ٿا. جتي نفل ادا ڪري دعائون گھرن ٿا.
    قبا ۾ ڪجهه ڏينهن رھڻ بعد رسول الله ﷺ جن جمعي جي ڏينهن مديني منوره روانا ٿيا. رستي تي جمعي نماز جو وقت اچڻ تي پاڻ جمعي نماز پڙھي ۽ خطبو پڻ ڏنو. مديني منوره ۾ سندن شاندار استقبال ٿيو. ھرھڪ اھوچاھيو ٿي ته حضور اڪرم ﷺ جن ھن جا مھمان ٿين. پاڻ فرمايائون ته: اٺڻي، جنهن تي پاڻ ﷺ سوار ھئا. ان جي مھار ڇڏي ڏيو. ھوءَ جيڏانهن وڃي ٿي، اوڏانهن وڃڻ ڏيو. رب پاڪ کي جتي مون کي لاھڻ مقصود ھوندو. ان جاءِ تي اٺڻي پنهنجو پاڻ ويھي رھندي.
    سڀ کان پھرين اٺڻي ان جاءِ تي ويٺي، جتي اڄ مسجد نبوي آھي پر حضور اڪرم ﷺ جن اڃا لھڻ وارا مس ٿيا ته اٺڻي وري ھلڻ لڳي ۽ بنو نجار جي محلي ۾ ايوب انصاري رضه جي گھر جي سامھون اچي ويھي رھي. ان ئي محلي ۾ حضور ﷺجن قيام فرمايو. ھتي به پاڻ ڪريم ﷺ جن سڀ کان اڳ مسجد جي تعمير ڏي ڌيان ڏنو، جيئن قبا ۾ رھڻ دوران قبا مسجد ٺھرائي، مسجد جي لاءِ حضور اڪرم ﷺ جن اھا جاءِ پسند ڪئي جتي اٺڻي پھرين ويٺي ھئي. ان ڪري اھا زمين خريد ڪئي وئي، جيڪا ٻن يتيم ڀائرن جي ھئي. ھنن ڀائرن اھا زمين بنا قيمت جي ڏيڻ چاھي ٿي پر پاڻ ﷺ جن ائين وٺڻ منظور نه ڪيو ۽ پئسا ڏيڻ بعد مسجد جا بنياد رکيا، جيڪا مسجد نبوي سڏجي ٿي. ھي اھا مسجد آھي، جيڪا صحابه ڪرام سان گڏ حضور اڪرم ﷺ جن گڏجي ٺاھي. پاڻ ئي سرون ۽ گارو کڻي ڀتين ۽ ڇتين جي اڏاوت ڪيائون. ان مسجد جي ڀر ۾ پاڻ ﷺ جن پنهنجو رھائش گھر ٺاھيو.
    شروع جي ٺھيل ھن مسجد جون ڀتيون ڪچين سرن سان ٺاھيون ويون، ڇت کجي جي پنن جي ۽ ٿنڀا کجي جي ٿڙن مان ٺاھيا ويا. ان وقت مسجد جي ڊيگهه 105 فوٽ ۽ ويڪر 90 فوٽ ۽ اوچائي 10 فوٽ ھئي. مسجد جي اوڀر واري ڪنڊ کان ھڪ ڇت سان ڍڪيل صفو ٺاھيو ويو، جتي سٺ، ستر اھي صحابي رھيا ٿي، جن جوڪو گھر ٻار نه ھو ۽ نه ڪو روزگار، فقط علم دين ۽ فيض نبوي حاصل ڪرڻ لاءِ ھو اتي ٽڪيل ھئا. ان ڪري مسجد جو اھو حصو اڄ به اصحاب صفه جي نالي سان مشھور آھي.
    مسجد نبوي جي قبلي جو رخ به مسجد قبا جي قبلي وانگر ان وقت تائين بيت المقدس ڏي يعني اتر ڏي ھو، ڇو جو اڃا تائين رب پاڪ طرفان اھو حڪم نه آيو ھو ته قبلي جو رخ ڪعبي ڏي موڙيو وڃي. بهرحال ان اتراھين ڀت کي ڇڏي باقي مسجد جي ٽن ڀتين ۾ دروازا ڪڍيا ويا. سترھن مھينن تائين بيت المقدس ڏي منهن ڪري نمازون پڙھڻ بعد ھجرت جي ٻئي سال ۾ بيت الله شريف کي قبلو ٺاھڻ جو حڪم الاھي نازل ٿيو. ان بعد ڏاکڻي ڀت کي بند ڪري اتراھين ڀت ۾ دروازو کوليو ويو، جيڪو اڄڪلهه باب مجيدي نالي سان سڏجي ٿو. فتح خيبر کانپوءِ حضور اڪرم ﷺ ھن مسجد جي ڊيگهه ۾ 45 فوٽ ۽ ويڪر ۾ 60 فوٽ جو واڌارو ڪيو ته مسجد 150 فوٽن جي چورس ٿي پيئي.
    سن 17 ھجري ۾ حضرت عمر فاروق رضه ھن مسجدجي ديگهه 150 فوٽن جي ساڄي طرف به کاٻي طرف ۽ ٻه پٺيان، موجوده باب السلام ۽ باب النساءِ ان دور فاروق جا يادگار آھن. البت مسجد کي اھڙو ئي سادو رکيو ويو.
    سن 23 ھجري ۾ حضرت عثمان رضه جن خليفا ٿيا ته ھنن ڀتين ۽ ٿنڀن کي پٿرن سان ٺھرايو ۽ انهن جي نقش نگار ڪرايا. قبلي ڏي مسجد کي ان حد تائين وڌايو، جنهن تائين اڄ آھي ۽ ان ڀت ۾ ھڪ محراب به تعمير ڪرايو، جيڪو اڄ به محراب عثمان رضه جي نالي سان مشھور آھي. اھا تعمير 29 ھجري ۾ شروع ٿي ۽ 30 ھجري ۾ ختم ٿي.
    ان کانپوءِ بنو اميه جي دور خلافت ۾ وليد بن عبدالملڪ جي عھد ۾ 88 ھجري ۾ مسجد کي چڱو وڏو ڪرايو ويو. سندس ڊيگهه 300 فوٽ ۽ ويڪر 250 فوٽ ڪرائي ٿنڀا سنگ مرمر جا ٺھرايا ويا. ڇت تي سون جو پاڻي لڳايو ويو ۽ خوبصورت نقاشي ڪرائي وئي، ھي ڪم 91 ھجري تائين ھليو.
    ان کانپوءِ عباسي خليفن جي ڏينهن ۾ ھن مسجد کي وڌايو ويو، خليفي المھدي العبس 161 کان 165 ھجري تائين ھن مسجد جو اڱڻ وڏو ڪرايو. ان کانپوءِ اٽڪل ست سئو کن سال ھي مسجد ان ئي حالت ۾ رھي. 888 ھجري ۾ سلطان اشرف قائتبائي سلطان سليمان رومي روضي مبارڪ ۾ سنگ مرمر جو فرش لڳرايو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آھي.
    حجري شريف ۾ سرنگهه کوٽڻ جو واقعو 55 ھجري ۾ ٿيو، ھي ماڻھو عيسائي ھئا، جن سرنگهه ذريعي کوٽائي ڪري جسم مبارڪ کي کڻي وڃڻ چاھيو ٿي. ان کانپوءِ مصر جي بادشاهه نورالدين انگي حجري جي چوڌاري اونهي کاھي کوٽائي ان ۾ شيھو رجائي ڀري ڇڏيو. جيئن آئنده ڪو شيطان قبر تائين پھچي نه سگھي.
    ترڪن جي عھد ۾ به مسجد مبارڪ ۾ ڪافي واڌارو ٿيو، ترڪ جيڪي پنهنجو پاڻ کي خدام ڪعبه سڏيندا ھئا. مسجد نبوي جي اندرئين حصي جو شان اڄ ڏينهن تائين انهن جي ياد ڏياري ٿو. ڳاڙھي رنگ جا ٿنڀا ۽ انهن تي سونهري گل پن انهن جي ئي زماني جي ياد آھن.
    پوءِ ھاڻوڪي سعودي خاندان جي سلطان عبدالعزيز ابن سعود مرحوم 1368 ھجري ۾ مسجد نبوي کي ٻيڻ جيترو وڌائڻ جو حڪم ڏنو. مسجد جي آسپاس ٺھيل گھرن کي خريد ڪري ڊاھڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. 1372 ھجري ۾ سلطان سعود بن عبدالعزيز مديني ۾ اچي ان ڪم جي بسم الله ڪرائي.
    مسجد جي ان واڌاري واري اسڪيم ۾ ھڪ خاص ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ واري اھا آھي ته اصل مسجد ۽ ان جا مقدس ھنڌ يعني روضه اقدس گنبذ خضرا، حجرہ مبارڪ مقصوره شريف، اصحابه صفه وارو چبوترو وغيره تاريخي شين کي اصل حالت ۾ رھڻ ڏنو ويو آھي. ان ۾ ٿوري به ڦير ڦار نه آندي وئي آھي.
    مسجد نبوي تي سڀ کان گھڻو واڌاري ۽ سونهن جو ڪم ملڪ فھد بن عبدالعزيز 1405 کان 1412 ھجري تائين ڪرايو آھي. ھن تمام وڏي پئماني تي خرچ ڪري دنيا جا بهترين ڪاريگر گھرايا ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ بهترين مٽيريل لڳايو آھي، جنهن جي تيار ڪيل فلم دنيا جا ماڻھو تعجب مان ڏسن ٿا. دنيا جي انيڪ ملڪن مان ڪاٺ، سرون، پٿر، واڍا، رازا آندا ويا، اڄ مسجد نبوي ۾ ساڍا ڇهه لک ماڻھو ھڪ ئي وقت نماز پڙھي سگھن ٿا ۽ مسجد جي ٽوٽل ايراضي ٻاھريون اڱڻ ملائي ٽي لک چورس ميٽر آھي. ھيٺ تھ خاني جي پکيڙ 73000 چورس ميٽر آھي، جنهن ۾ مسجد جي انتظام ھلائڻ لاءِ آفيسون آھن، ڪار پارڪنگ لاءِ ٻه ليولون آھن، جتي 4500 ڪارون پارڪ ٿي سگھن ٿيون.
    مسجد جي ڪجهه حصن مٿان چرندڙ گنبذ (Moving Domes) آھن، جي شام جو رڙھڻ سان آسمان نظر اچي ٿو ۽ ڏينهن جو اس کان بچاءَ لاءِ ڇت کي ڍڪيو ڇڏين. ھنن گنبذن جوDiameter 14.7 ميٽر آھي ۽ تور 80 ٽن آھي. اھي گنبذ مشينن رستي ھڪ منٽن ۾ رڙھن ٿا. ھٿ سان ريڙھڻ ۾ اڌ ڪلاڪ لڳي ٿو. سڄي مسجد کي ڏهه منارا آھن، تن مان چار پھرين جا ھئا ۽ ڇهه ملڪ فھد جي ڏينهن ۾ ٺھيا آھن. منارن جي اوچائي 104 ميٽر آھي. پٿر جي ٿنڀن جو تعداد 2725 آھن، جن مان 550 مٿين ماڙ تي آھن، ٿنڀن جو Diameter 64 سينٽي ميٽر آھي.
    مسجد ۾ داخل ٿيڻ لاءِ جملي 85 دروازا آھن. ھر دروازو 3 ميٽر باءِ 6 ميٽر آھي. مسجد ۾ جملي بتيون 67000 آھن ۽ شئنڊليئر 68 آھن. مسجد کي ٿڌو رکڻ لاءِ ڇهه چلر (Chillers) آھن. ھرھڪ 3400Ton Capacity جو آھي. ان کان علاو ٻه ايمرجنسي چلر آھن. انهن کي جيڪي ست پمپ پاڻي سپلاءِ ڪن ٿا. انهن پمپن مان ھرھڪ جي Capacity ٽي ھزار چار سئو گئلن في منٽ آھن. انهن مشينن لاءِ 31 مڪينيڪل ڪمرا آھن ۽ تھ خاني ۾ ڪم ڪندڙن لاءِ 150 ايئر ڪنڊيشنر يونٽ آھن.
    اليڪٽرسٽي پيدا ڪرڻ لاءِ مسجد کي پنهنجو پاور جنريشن پلانٽ آھي، جنهن کي اٺ 2.5 ميگا واٽ پيدا ڪندڙ ڊيزل جنريٽر آھن۽ چار سب اسٽيشنون آھن. ھي جنريٽر وغيره مسجد کان ست ڪلوميٽر پري لڳايا ويا آھن.
    سي سي ٽي ويCCTV مانيٽرنگ ۽ ڪنٽرول سسٽم لاءِ مسجد ۾ 543 ڪيمرائون لڳل آھن، جن ذريعي نماز لاءِ ايندڙن جي چرپر تي نظر رکي وائرليس ذريعي ڊيوٽي تي بيٺل پوليس کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو. ٿوري به رش يا گڙٻڙ ٿيڻ يا چوڌاري ھر وقت ايمبولينس گاڏيون تيار رھن ٿيون.
    سائونڊ سسٽم لاءِ 206 ايمپليفائر آھن، ھرھڪ 600 واٽ جو آھي ۽ 3500 اسپيڪر آھن. باهه جي معلومات ۽ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ Water Sprinkler Network آھي، جيڪي اڄڪلهه دنيا جي فائيو اسٽار ھوٽلن ۾ لڳل رھي ٿو.
    ڇت تي چڙھڻ لاءِ 18 عام ڏاڪڻيون آھن ۽ 6 ايسڪاليٽر آھن، ھر يونٽ ۾چار چار چرندڙ ڏاڪڻيون آھن.

    مسجد نبوي جا فضائل
    فضائل مسجد نبوي جي حديث آھي، جيڪا صحيح بخاري ۾ آھي. رسول الله ﷺ فرمايو منهنجي ھن مسجد ۾ ھڪ نماز ٻين مسجدن جي ھزار نمازن برابر آھي. سواءِ مسجد الحرام يعني خانه ڪعبي جي.
    ھڪ ٻي حديث ۾آ ھي ته: مديني منوره جي مسجد کي دنيا جي سڀني مسجدن تي ھڪ ھزار درجا فضيلت حاصل آھي پر منهنجي مسجد کي سڀني مسجدن تي ھڪ لک درجا فضيلت حاصل آھي.
    حضرت ابو ھريره رضي الله عنه کان روايت آھي ته حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو ته: بيشڪ منهنجي ھن مسجد ۾ ھڪ وقت جي نماز پڙھڻ مسجد الحرام کانسواءِ دنيا جي ٻين سڀني مسجدن ۾ ھڪ ھزار رڪعتون نماز پڙھڻ کان افضل آھي.

    رياض الجنت
    مسجد نبوي ۾ رياض الجنت تمام وڏي عظمت وارو حصو آھي. نبي اڪرم ﷺ ھن کي جنت جي باغ سان تعبير فرمايو. مسجد نبوي ۾ جڏھن توھان باب جبريل کان داخل ٿيندائو ته توھان جي کاٻي ھٿ تي ھڪ حجرو نظر ايندو. ھي حضرت بيبي فاطمة رضه جو گھر ھو. جڏھن توھان ھن جي سامھون کان گذري ويندائو ته پوءِ يڪدم کاٻي ھٿ تي مسجد نبوي جو اھو حصو آھي، جيڪو رياض الجنت سڏجي ٿو. ان ھنڌ لاءِ حديث ۾ آھي، ”جيڪا جاءِ منهنجي گھر ۽ منبر جي وچ ۾ آھي، اھا جنت جي باغن مان ھڪ آھي“. (گھر مان مراد حضرت عائشه رضه جو حجرو آھي، جنهن ۾ حضور پاڪ ﷺجي قبر شريف آھي ۽ جو حضرت بيبي فاطمه رضه جي حجري جي پٺيان آھي).
    يعني ھيءَ جاءِ حقيقت ۾ جنت جو ھڪ ٽڪرو آھي، جيڪو ھن دنيا ۾ منتقل ڪيو ويو آھي ۽ قيامت جي ڏينهن ھي ٽڪرو جنت ۾ ھليو ويندو. ھن رياض الجنت ۾ حضور اڪرم ﷺ جن جو مصلو پڻ آھي، جتي پاڻ بيھي امامت فرمائيندا ھئا. ھن ھنڌ تي اڄڪلهه ھڪ خوبصورت محراب ٺھيل آھي. جيڪو محراب نبوي سڏجي ٿو. وليد بن عبدالملڪ جي دور ۾ وليد جي حڪم سان عمر بن عبدالعزيز جڏھن مسجد نبوي کي وڏو ڪرايو ھو ته ھن جاءِ تي محراب به ٺھرايو ھو.
    اڄڪلهه 9 فوٽ سنگ مرمر جي ھڪ ئي ٽڪري مان محراب ٺھيل آھي، جن تي سون جي پاڻي سان خوبصورت ميناڪاري ڪئي وئي آھي. محراب جي پٺيان اھا آيت لکيل آھي، جنهن ۾ درود شريف پڙھڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، يعني سورة الاحزاب جي 56 آيت:
    ترجمو: ”الله تعاليٰ ۽ فرشتا نبي تي درود ۽ سلام موڪلين ٿا، ان ڪري ايمان وارئو، توھان به ھن تي درود و سلام موڪليو“.
    رياض الجنت جي نشاني لاءِ ان حصي کي سفيد ٿنڀن ذريعي الڳ ڪيو ويو آھي ۽ ھن حصي تي اڇيري رنگ جا غاليچا وڇايل رھن ٿا. ھن ھنڌ تي ھر وقت زيارت لاءِ آيل ماڻھو نظر ايندا ۽ حج وارن ڏينهن ۾ ته تمام گھڻي رش رھي ٿي. ھن ھنڌ تي جڏھن به جاءِ ملي وڃي ته گھڻي کان گھڻا نفل ادا ڪجن. تلاوت ڪلام پاڪ ڪري دعائون گھرجن، ڇو ته ھن جاءِ تي ويھڻ جنت ۾ ويھڻ برابر آھي.

    ست ٿنڀا (سُتون)
    ھونءَ ته مسجد نبوي جو ٽڪرو ٽڪرو نورفشان آھي پر رياض الجنت جا اھي ست ٿنڀا جن کي سنگ مرمر جي ڪم ۽ سونهري ميناڪاري سان نمايان ڪيو ويو آھي. اھي ھن ريت آھن.

    ستون حنانه:
    ھيءُ ٿنڀو نبي ﷺ جن جي ويجھو آھي. حضور اڪرم ﷺ جن ھن ستون وٽ بيھي خطبو ڏيندا ھئا. جتي اھو کجور جو وڻ دفن آھي، جيڪو ڪاٺ جو منبر ٿي وڃڻ کانپوءِ حضور اڪرم ﷺ جي فراق ۾ ٻارن وانگر رنو ھو.

    ستون عائشه رضه:
    ھڪ دفعي حضور اڪرم ﷺ ارشاد فرمايو: ”منهنجي مسجد ۾ ھڪ اھڙي جاءِ آھي، جتي ماڻھو کي نماز پڙھڻ جي فضيلت جي خبر پئجي وڃي ته ھو ان ڳالهه تي پُکا وجھن (قرعه اندازي ڪن)“. طبراني. ھن جاءِ جي نشاندھي حضرت عائشه رضه فرمائي ھئي. ھاڻ اتي ستون عائشه ٺاھيو ويو آھي.

    سُتون ابولباب.
    ھن ستون کي ستون توبه به چون ٿا. حضرت ابو لبابہ رضه صحابيءَ کان ھڪ غلطي ٿي وئي. ان جي توبه لاءِ ھن پنهنجو پاڻ کي ھن ٿنڀي سان ٻڌي ڇڏيو. آخرڪار، الله تعاليٰ ھن جي توبه قبول ڪئي ۽ حضور اڪرم ﷺ جن پنهنجن مبارڪ ھٿن سان ھن کي کوليو.

    ستونِ وفود:
    ھن جاءِ تي نبي اڪرم ﷺ ٻاھران ايندڙ وفدن سان ملاقات ڪندا ھئا.

    ستونِ سرير:
    ھن جاءِ تي نبي اڪرم ﷺ جن اعتڪاف ڪندا ھئا ۽ رات جو ھتي سندن لاءِ بستر وڇايو ويندو ھو.

    ستونِ حرس:
    ھن ھنڌ تي حضرت علي رضه اڪثر نماز پڙھندا ھئا ۽ ھن جاءِ تي ويھي حضور اڪرم ﷺ جي پاسباني ڪندا ھئا. ھن کي ستونِ علي رضه به چون ٿا.

    ستونِ تهجد
    نبي ڪريم ﷺ جن ھن جاءِ تي تهجد نماز ادا ڪندا ھئا.
    ھي سڀ ستون (ٿنڀا) مسجد جي ان حصي ۾ آھن، جيڪا حضور اڪرم ﷺ جن جي زماني ۾ ھئي. ھنن وٽ وڃي ھر انسان کي دعا استغفار ڪرڻ کپي ۽ جڏھن به موقعو ملي ته انهن وٽ ستون ۽ نفل پڙھڻ کپن. ھي اھي متبرڪ جايون آھن، جتي نبي ڪريم ﷺ جن جي ڪرم جون نگاھون پئجي چڪيون آھن.
    مسجد نبوي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترائي دروازا آھن. عربي ۾ دروازي کي باب سڏجي ٿو. حضور اڪرم ﷺ جن جي روضي مبارڪ مٿان سائي رنگ جو گنبذ آھي. عربي ۾ سائي رنگ کي خضر چئجي ٿو ۽ سائي رنگ جي ڪري ھن قبي (Tomb) کي گنبذ خضرا سڏجي ٿو ۽ گنبذ خضرا واري پاسي يعني قبلي پاسي (ڏکڻ پاسي) واري ديوار کان داخل ٿيڻ لاءِ ڪجهه ھي دروازا آھن. باب اسلام، باب رحمت، باب جبرئيل، باب ابوبڪر صديق، باب نساءِ، باب عمر بن عبدالعزيز، باب البقيع (مديني کان مڪو شريف يعني ڪعبو ڏکڻ طرف آھي. ان ڪري مديني ۾ ڏکڻ طرف منهن ڪري نماز پڙھجي ٿي . اسان وٽ پاڪستان ۾ قبلي جو رخ الھندي ڏي آھي، جو اسان وٽان مڪو شريف الھندي ڏي آھي.
    مسجد نبوي جي اتر واري ڀت ۾ جتان Main Entrance آھي. ھي دروازا آھن: بابت زينب، باب حمزه بن عبدالمطلب، باب عمر بن خطاب، باب سعد بن ابي وقاص، باب ملڪ عبدالعزيز، باب سعد بن زيد، باب عثمان بن عفان، باب الزبير، باب ڪلثوم. ان بعد مسجد ڏي منهن ڪري بيھڻ سان ساڄي پاسي واري ڀت ۾ جيڪا مغربي (الھندي پاسي واري) ڀت آھي. ھي دروازا آھن. باب الحسن بن علي، باب علي بن ابي طالب، باب الحسين بن علي ، باب مصعب بن عمر، باب ام سلمه، باب عائشه، باب حفصه ۽ کاٻي پاسي واري مشرقي ڀت جا ھي دروازا آھن. باب سعود، باب ملڪ عبدالعزيز (ھي دروازو شارع عبدالعزيز وٽ آھي)، باب ملڪ فيصل، باب سعد بن معاذ، باب فاطمه، باب خديجه، باب رقيه.
    حاجين جي سھولت لاءِ ھڪ دفعو وري لکڻ ضروري سمجھان ٿو ته ھو مڪي وانگي ھتي مديني ۾ به پنهنجي رھائشگاهه (ھوٽل وغيره) ۽ رستي جو نالو ياد رکن. مديني جي رھائش پڻ مڪي وانگر مسجد نبوي جي چوڌاري آھي ۽ مسجد نبوي ۾ ان دورازي کان داخل ٿيو ،جيڪو توھان جي رھائشگاهه کي ويجھو ھجي ۽ وري موٽڻ وقت به ان دروازي کان گھر اچو ۽ جي رستو وسري وڃي يا رش جي ڪري پنهجن ساٿين کان ڌار ٿي وڃو ته ھڪ ٻئي جو انتظار ڪرڻ لاءِ ان دروازي وٽ اچي ترسجي. مڪي شريف جي مسجد الحرام وانگر مديني منوره جي ھن مسجد نبوي جي به دروازن جانه فقط نالا لکيل آھن پر ھر در جو نمبر پڻ آھي، جيئن پوڙھا ماڻھو جيڪي دروازي جو نالو ياد ڪري نه سگھن ته فقط نمبر ياد رکن. ڪيترائي ماڻھو خاص ڪري پھرين ڏينهن تي، دروازي جو نالو يا نمبر ياد نه رکڻ ڪري رستو وڃايو ڇڏين ۽ ھڪ دروازي مان اچي ٻئي مان نڪرڻ ڪري ھنن جي گھر جي پنڌ ۾ ميل ڏيڍ جو فرق اچيو وڃي، جيڪي مديني مان ٿي آيا آھن ۽ مسجد نبويءَ جي سڀني درن کان واقف آھن. اھي اندازو لڳائي سگھن ٿا ته اھو ماڻھو جنهن جي رھائشگاهه باب الملڪ سعود وٽ آھي ۽ ھو اھو دروازو ياد نه ٿو رکي ۽ موٽڻ مھل مغربي ڀت جي باب عائشه يا باب علي مان ٻاھر نڪري اچي ٿو ته ھن کي ته سڄي دنيا نرالي نظر ايندي ۽ مسجد جي ٻاھران ڦري گھر تائين پھچڻ ۾ ھن کي ميل کن پنڌ جو وڌيڪ ڪرڻو پوندو.
    ھونءَ مڪو مڪرمه ۽ مدينو منوره دنيا جا اھي شھر آھن، جن ۾ ڪو به گم ٿي نه ٿو سگھي. بشرطيڪه ھن کي مسجد الحرام يا مسجد نبوي جي ان دروازي جو نالو ياد رھجي، جيڪو سندس گھر جي ويجھو آھي. توھان جون اکيون پوري توھان کي مديني شھر جي ڪنهن به ھنڌ تي ڇڏي اچجي. توھان اتان مسجد نبوي ۾ اندر ھليا اچو. اندر اچي ان در ڏي وڃو، جيڪو توھان جي گھر وٽ آھي. زيارت لاءِ ايندڙ گھڻو ڪري پھرين ڏينهن گم ٿين ٿا، بلڪه پنهنجو رستو ڀلجيو وڃن جو ھو تڙ تڪڙ ۾ مسجد نبوي کي سامھون ڏسي اندر گھڙيو اچن پر ان گھڙڻ واري دروازي جو نالو يا نمبر ياد نه رکڻ ڪري سمجهه ۾ نه ٿو اچين ته ڪھڙي دروازي کان نڪرجي. ڇو جو مسجد ۾ اندر گھڙڻ مھل ضروري ناھي ته ان دروازي وٽ نماز جي جاءِ ملي، صفون ڀرڻ ۽ صفون سڌيون ڪرڻ لاءِ ڪيترائي سعودي مذھبي پوليس وارا ۽ اسڪائوٽ درن وٽ بيٺل رھن ٿا ۽ اھي توھان کي ان طرف وڃڻ لاءِ زور ڀرين ٿا، جنهن طرف جاءِ خالي آھي.
    زيارت لاءِ ايندڙن لاءِ رستو ڀلجڻ جو ھڪ ٻيو به سبب ٿئي ٿو، جنهن ڪري (خاص ڪري) عورتون رستو ڀلجيو وڃن. اسلام ۾ عورت ۽ مرد کي ھڪ ٻئي جي ڀر ۾ بيھي نماز پڙھڻ يا مسجد ۾ گڏ ويھڻ کي پسند نه ڪيوويو آھي. مسجد الحرام (مڪي) ۾ به ڪيترائي مرد توڙي پوليس کاتي جون عورتون ان ڪم لاءِ مقرر ٿيل آھن ته ھو مردن ۽ عورتن کي ڌار ڌار حصن ۾ ويھارين پر اتي زائرين جو ايڏو وڏو تعداد آھي۽ نماز سان گڏ طواف جي ڪري به چوويهه ئي ڪلاڪ ماڻھو ايندا رھن ٿا ۽ نماز جي وقت تي ته مسجد کان به ٻاھر رستا گھٽيون نمازين سان ڀرجيو وڃن ۽ اوستائين ۽ ھروقت ماڻھو کي تنبيهه ڪري کين ڌار ڌار نماز پڙھڻ ۾ اڃا سئو سيڪڙو ڪاميابي نه ٿي آھي ۽ حرم پاڪ ۾ اندر توڙي ٻاھر ڪيترن ھنڌن تي زالون مرد گڏ ويٺل نظر اچن ٿا. طواف به گڏ ڪن ٿا. خاص ڪري ھڪ ئي خاندان يا ھڪ ئي گروپ جا. پر مديني ۾ به ائين نه آھي، اتي سختي سان مردن توڙي عورتن لاءِ الڳ دروازا ۽ حصا ڪيا ويا آھن، ھاڻ ڇا ٿو ٿئي جو گھران نڪتل زال مڙس گڏجي مسجد ڏي روانا ٿين ٿا. عورت اھو ئي سوچي ٿي ته آئون پنهنجي مرد (محرم) سان گڏ آھيان ۽ ان سان ئي موٽنديس. رستو يا مسجد ۾ گھڙڻ وارو دروازو ياد ڇو ڪريان ۽ پوءِ مسجد ۾ گھڙڻ وقت پوليس واراعورتن کي ان دروازي مان داخل ٿيڻ بدران عورتن وارن دروازن ڏي وڃڻ جو اشارو ڪن ٿا. ڪي ڪي عورتون ضد ڪن ٿيون ته انهن کي سعودي پوليس دڙڪا به ڏئي الڳ ڪريو ڇڏي ۽ پوءِ تڪڙ ۾ ھڪ ته عورت ان دروازي جو نالو ياد نه ٿي رکي ۽ ٻيو ته جي ياد رکي به ٿي ته ھن کي اھو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ٻاھر نڪري مڙس کي ڪٿي ڳوليان يا ڪنهن ھنڌ ھن جو انتظار ڪريان. ڇو جو ھن اھو پنهنجي مرد سان طئه نه ڪيو ھو. ان ڪري مديني ۾ گھران نڪرڻ وقت مرد توڙي عورت کي گھر ۽ گھٽي جو نالو ۽ رستو ياد رکڻ کپي، جيئن نڪرڻ مھل ان ئي دروازي مان نڪري ۽ جي عورت مسجد مان نڪري پنهنجي مرد سان گڏ وڃڻ چاھي ٿي ته ھن کي کپي ته مسجد ۾ اندر گھڙڻ کان اڳ ٻاھر ڪا جاءِ مقرر ڪري ڇڏين ته جيڪو اڳ نماز پڙھي نڪري ،اھو اتي ٻئي جو انتظار ڪري.
    بهرحال رستو ڀلجڻ جي حالت ۾ پريشان نه ٿجي جو ھتي ڪا به خطري جي ڳالهه ناھي. اڃ لڳي ھجي ته زم زم جو پاڻي پي وٺجي ۽ پوءِ آرام سان پنهنجي زبان ڳالھائيندڙ کي مدد لاءِ چئجي. توھان کي فقط ھوٽل جو نالو ياد آھي ته به توھان کي ڪو نه ڪو پھچائي سگھندو. جو ھي اھو مقام آھي، جتي ھرھڪ ٻئي جي مدد ڪري ثواب کٽڻ چاھي ٿو. اھڙين حالتن ۾ منهنجي اھائي صلاح آھي ته تڪڙ ڪري گھر جو رخ رکڻ بدران مسجد ۾ اندر ڪلاڪ اڌ ڪلاڪ کن انتظار ڪجي جو توھان جا ساٿي توھان کي اتي ئي ڳوليندا رھندا ۽ ھو ضرور اتان به اچي نڪرندا، جتي توھان ھوندائو ۽ جيڪڏھن توھان وٽ توھان جي رھائش جي ائڊريس ۽ فون نمبر کيسي ۾ آھي ته پوءِ ڪو به الڪو نه ڪرڻ کپي. ھونئن ھن رھائشگاهه جو مالڪ (خاص ڪري مديني ۾ جتي گھڻي ڀاڱي رھائش ھوٽلن ۾ ٿئي ٿي). پھرين ڏينهن ئي مسواڙي کي ھوٽل جو ائڊريس ڪارڊ ڏئي ٿو، جيڪو کيسي ۾ وجھي پوءِ ٻاھر نڪرجي.


    مديني منوره جون ڪجهه زيارتون

    مسجد ذوالقبلتين
    ھيءَ مسجد ٻن قبلن واري پڻ سڏجي ٿي. ھن مسجد جو ھڪ محراب خانه ڪعبي ڏي آھي ۽ ٻيو مسجد اقصيٰ (بيت المقدس) ڏي. ھي مسجد ”مسجد نبوي“ کان ٽي ميل پري شارع خالد بن وليد جي ڪناري ۽ وادي عقيق جي ويجھو آھي.
    ھي مسجد تاريخ اسلام جي ھڪ اھم واقعي جي علامت آھي. شروع ۾ مسلمان بيت المقدس ڏي منهن ڪري نماز پڙھندا ھئا. حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جيستائين مڪي معظم ۾ ھئا. اھو ئي دستور رھيو پر پاڻ حرم پاڪ ۾ ائين بيھي نماز پڙھندا ھئا جو بيت الله به سامھون رھيو ٿي پر مديني اچڻ بعد مڪمل طور بيت المقدس ئي قبلو ھو ۽ اٽڪل سورھن سترھن مھينا کن بيت المقدس ڏي منهن ڪري نمازون پڙھندا رھيا. بيت المقدس مسلمانن لاءِ ان ڪري به مقدس ھو جو اتان حضور اڪرم ﷺ جن معراج لاءِ روانا ٿيا ھئا پر ان سڄي عرصي ۾ حضور ﷺ جن جي اھا دلي تمنا رھي ته مسلمان حضرت ابراھيم عليه السلام جي تعمير ڪيل خانه ڪعبه ڏي منهن ڪري نماز ادا ڪن. حضور ﷺ جن ھر وقت اھا تمنا دل ۾ رکي آسمان ڏي ڏسندا ھئا. آخر ھڪ ڏينهن نماز پڙھڻ دوران ھي آيت نازل ٿي:
    ترجمو: ”ھي تنهنجو ذري ذري آسمان ڏي منهن کڻڻ اسين ڏسي رھيا آھيون، انڪري اسين توکي ان قبلي ڏي ڦيرڻ چاھينداسين، جنهن کي تون پسند ڪرين ٿو. مسجد الحرام (خانه ڪعبه) ڏي رخ بدلائي ڇڏ. ھاڻي جتي به تون ھجين ته ان ڏي منهن ڪري نماز پڙھندو ڪر“. (البقرة ـ144)
    ھي حڪم رجب يا شعبان ٻي ھجري ۾ نازل ٿيو ھو. حضور ﷺ جن بني مسلمه جي ام بشر علائقي ڏي وڃي رھيا ھئا ته اتي ظھر نماز جو وقت ٿي ويو. پاڻ ڪريم ﷺ جن بنو سلمه جي مسجد ۾ نماز جي امامت ڪرڻ لاءِ اٿيا. ٻه رڪعتون پڙھائي چڪا ھئا ته ٽي رڪعت ۾ اوچتو وحي ذريعي قبلو بدلائڻ جي مٿين آيت نازل ٿي. پاڻ ان ئي وقت جماعت سميت پنهنجو رخ بيت المقدس کان بدلائي ڪعبي ڏي ڪيو.

    مسجد جمعة
    ھي تاريخي مسجد قبا کان اٽڪل ھڪ ڪلوميٽر مديني ڏي آھي. ھتي قبيلو بنو آسم آباد ھو. حضور اڪرم ﷺ جن جڏھن ھجرت جي موقعي تي قبا جي علائقي کان مديني ڏي روانا ٿيا ھئا ته جمعي جو ڏينهن ھو. پاڻ ڪريم ﷺ جن قبيلي بنو سالم بن عوف ۾ پھتا ته جمعي جي نماز جو وقت ٿي ويو. ان ڪري اتي ان جاءِ تي پاڻ ﷺ جمعي نماز پڙھايائون. مديني منوره ۾ ھي حضور اڪرم ﷺ جن جو پھريون جمعو ھو. بعد ۾ ھن ھنڌ تي بنو سالم مسجد ٺھرائي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين مسجد جمعة ۽ مسجد بني سالم جي نالن سان سڏجي ٿي. ھاڻوڪي سعود بادشاهه، ملڪ فھد ھن مسجد جي مرمت سان گڏ ھن کي وڏو پڻ ڪرايو آھي ۽ ھاڻ 700 کن ماڻھو ھڪ ئي وقت نماز پڙھي سگھن ٿا. مسجد جي گنبذ جو قطر 12 ميٽر آھي ۽ مناري جي اوچائي 25 ميٽر آھي.
    مديني ۾ رھائش دوران توھان جو مسجد قبا ته ضرور وڃڻ ٿئي ٿو، اتان واپسي تي ھن مسجد جي زيارت ڪري سگھو ٿا ۽ ٻه رڪعتون نفل به ادا ڪري سگھو ٿا.

    مسجد غمامه
    مسجد نبوي جي باب اسلام کان ٻاھر اچڻ تي ڏکڻ اولهه طرف (اٽڪل اڌ ڪلوميٽر پنڌ تي) ھي مسجد نمايان طور نظر ايندي. دراصل تصور ڪيو وڃي ته اڄ کان چوڏھن سئو سال کن اڳ مديني منوره ۽ مڪي مڪرمه جھڙن وڏن شھرن جي به آدمشماري تمام گھٽ ھئي ۽ مديني جي مسلمانن جا سڀ گھر اڄ جي مسجد نبوي جي حدن اندر اچي ويا ٿي ۽ ھي مسجد غمامه جھڙيون مسجدون شھر کان پري سمجھيون ويون ٿي ۽ شھر جي آسپاس جا رھاڪو عيد نماز لاءِ ھتي اچي گڏ ٿيندا ھئا. حضور اقدس ﷺ جن ھن مسجد ۾ 2 ھجري ۾ پھريون دفعو عيد جي نماز ادا ڪئي ۽ نائين صدي ھجري تائين (يعني اٽڪل نَوَ سئو کن سال) عيد جون نمازون ھن مسجد ۾ پڙھيون ويون.
    ھن مسجد کي مسجد مصليٰ به سڏين ٿا. پاڻ ﷺ جن ھن ھنڌ تي نماز استسقاءَ پڻ پڙھائي ھئي. ان ئي وقت ڪڪر مڙي آيا ۽ بارش ٿي ھئي. ان ڪري ھن کي مسجد غمامه (ڪڪر) به چون ٿا. ھن مسجد جي موجوده عمارت سلطان عبدالمجيد ترڪي جي زماني ۾ ٺھي.

    مسجد ابي بڪر الصديق، مسجد عمر بن الخطاب ۽ مسجد علي
    ھي سڀ مسجدون مسجد نبوي شريف جي ڏکڻ ۽ اولهه ۾ آھن ۽ مٿي ذڪر ڪيل مسجد غمامه جي ڀر ۾ آھن، مسجد ابي بڪر صديق ته فقط 40 کن ميٽر مسجد غمامه کان پري آھي. يعني پنجاهه کن قدم. رستي جي ھڪ پاسي مسجد غمامه آھي ته ٻئي پاسي مسجد ابي بڪر. حضور اڪرم ﷺ جن ڪڏھن ڪڏھن ھن مسجد ۾ به عيد نماز پڙھائي ۽ خليفه اول حضرت ابوبڪر رضه عيد جون نمازون ھن مسجد ۾ پڙھايون. ان ڪري ھي مسجد سندن نالي سان مشھور ٿي وئي. ان مسجد جي ساڄي پاسي طريق السلام (سلام روڊ) جي ڪناري تي مسجد علي بن ابي طالب آھي. مسجد غمامه کان سڌو مسجد علي ڏي اچبو ته مسجد علي 120 ميٽر پري ٿيندي. ھي تمام ننڍيون مسجدون آھن ۽ مسجد عليءَ جي ماپ 33 باءِ 22 ميٽر آھي ۽ مناري جي بلندي 26 ميٽر آھي.
    مسجد غمامه جي ھڪ پاسي مسجد ابي بڪر ۽ مسجد علي آھي ته ٻئي پاسي 130 ميٽرن جي فاصلي تي مسجد عمر بن خطاب آھي. ھن مسجد کي سڃاڻپ ۾ ڏکيائي نه ٿيڻ کپي جو مسجد جي ٻاھرين گيٽ مٿان ھن مسجد جو نالو ”مسجد عمر بن خطاب“ لکيل آھي، ھن مسجد جي ابتدائي تعمير نائين صدي ۾ ٿي.
    ھونءَ مسجد نبويءَ جي ويجھڙائي ۾ ھڪ ٻي به ننڍڙي مسجد عثمان بن عفان (ذوالنورين) پڻ آھي، جيڪا مسجد غمامه کان چوٿو ڪلوميٽر فاصلي تي ٿيندي.

    جنت البقيع
    ھي مديني منور جو قديم قبرستان آھي. ھن ۾ ڪيترائي ھزار صحابه ڪرام رضه، ازواج مطھرات رضه ۽ شھيد دفن ٿيل آھن، جن مان ڪجهه ھي آھن.
    • حضرت عثمان غني رضي الله عنه.
    • حضرت سيد ابو سعيد خدري رضي الله عنه.
    • حضرت فاطمة بنت اسد رضي الله عنه. (حضرت علي رضه جي والده)
    • حضرت حليمه سعديه رضي الله عنها.
    • حضرت سيدنا ابراھيم رضي الله عنه. ابن رسول الله صلي الله عليه وسلم
    • حضرت امام نافع مدني
    • حضرت امام ملڪ رضي الله عنه.
    • ازواج مطھرات (حضرت خديجة رضي الله عنها ۽ حضرت ميمونه رضي الله عنها کي ڇڏي ـ جيڪي مڪي معظم ۾ دفن ٿيل آھن).
    • بنات رسول الله صلي الله عليه وسلم.
    • حضرت عباس رضي الله عنه. عم رسول الله ﷺ
    • حضرت امام حسن رضي الله عنه.
    • حضرت امام محمد باقر رضي الله عنه. ۽ امام جعفر صادق رضي الله عنه.
    • حضرت بيبي فاطمة الزھرا رضي الله عنها
    • حضور اڪرم ﷺ جن جون پڦيون
    • حضرت امام اسماعيل رضي الله عنه.
    رسول الله ﷺ جن فرمايو ”مون ھڪ دفعو توھان کي قبرن تي وڃڻ کان جھليو ھو. ھاڻ توھان اتي وڃي سگھو ٿا ڇو جو اتي وڃڻ تي عبرت حاصل ٿئي ٿي ۽ روز آخرت جي ياد تازي ٿئي ٿي“. (مديني جي تاريخ نويس علي حافظ جو لکيل ڪتاب ”ابواب تاريخ المدينة المنوره(( ـ ص. 115)
    صحيح مسلم ۾ حضرت عائشه رضه جي حوالي سان روايت آھي، پيغمبر اسلام ﷺ آخر شب جنت البقيع ۾ ويندا ھئا ۽ اتي دفن ٿيلن لاءِ الله کان مغفرت جي دعا گھرندا ھئا.
    ترمذي شريف ۾ حضرت ابن عباس رضه کان روايت آھي ته جڏھن به رسول الله ﷺ مديني منوره ۾ دفن ٿيل ماڻھن جي قبرن وٽان گذرندا ھئا ته فرمائيندا ھئا: ”اي اھل قبور. الله توھان تي پنهنجي رحمت نازل ڪري ۽ توھان جا ۽ اسان جا گناهه بخش ڪري“.
    جنت البقيع (قبرستان) شھر جي اڀرندي حصي ۾ مسجد نبوي جي ڏکڻ اوڀر ۾ آھي. قاضي اياض مالڪ جي حوالي سان نقل ڪيو آھي ته اٽڪل ڏهه ھزار اصحابي سڳورن مديني ۾ وفات ڪئي، جيڪي جنت البقيع ۾ دفن ٿيل آھن. رسول الله ﷺ تي ايمان آڻڻ وارن انصارن ۾ اسعد بن زرار رضه ۽ مھاجرن ۾ عثمان بن مظعون رضه پھريان ماڻھو آھن، جيڪي جنت البقيع ۾ دفن ڪيا ويا.
    جنت البقيع ۾ قبرن تي اھڙا ڪتبا يا نشان نه آھن، جن مان خبر پوي ته ڪھڙي قبر ڪنهن جي آھي، پر مورخين جي تحقيق جي روشني ۾ عوام جي علم ۾ آھي ته ممتاز ھستيون ڪھڙيون قبرن ۾ دفن ٿيل آھن.

    جبل اُحد
    مديني منوره جي اتر ۾ اٽڪل چئن ميلن جي فاصلي تي احد نالي جبل آھي، جنهن جي قدمن وٽ 3 ھجري ۾ مسلمانن جي ڪافرن سان وڏي خوفناڪ لڙائي لڳي، جنهن کي اُحد جي لڙائي سڏجي ٿو.
    ھن جنگ ۾ مسلمان جي ذري گھٽ شڪست ٿي وئي، جنهن جو سبب سپهه سالار جي غلط حڪمت عملي نه ھئي پر تير اندازن جو حضور اڪرم ﷺ جن جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري جنگي اعتبار کان پھاڙي کي ڇڏي ڏنو ھو. رسول الله ﷺ جن ھن لڙائي ۾ زخمي ٿي پيا پر پوءِ الله جي مھرباني ۽ حضور اڪرم ﷺ جن جي بهادري ڪري ھي ھار فتح ۾ بدلجي وئي.
    ھن لڙائي ۾ مسلمانن جا ستر ماڻھو (امير حمزه رضه سميت) شھيد ٿي ويا، جيڪي جنت البقيع ۾ دفن ٿيل آھن.


    ھڪ گائيڊ سان مديني جي زيارت

    مديني شريف ۾ رھڻ دوران ماڻھن جو نمازن دوران مسجد نبوي ۾ وڃڻ ٿئي ٿو. ان کانپوءِ ماڻھن جو رخ زيارتن ڏي رھي ٿو يا گھر لاءِ کجور ۽ ٻيون سوکڙيون وٺڻ لاءِ مارڪيٽ ڏي ڀڄن ٿا. مسجد نبوي مان نڪرڻ وقت شارع عبدالعزيز تي ڪيتريون ئي ٽئڪسيون ۽ وئگنيون حاجين کي مختلف ھنڌن تي وٺي وڃڻ لاءِ تيار رھن ٿيون، خاص ڪري مسجد قبا ڏي ڊرائيور جي رڙ پئي پوندي آھي: ”زياره زياره“.
    مڪي وانگر مديني ۾ به ڪيتريون ئي تاريخي ۽ مذھبي يادگار ۽ ڀلاريون شيون آھن، جن کي ھرھڪ ماڻھو جيڪو مديني تائين پھچي ٿو. ڏسڻ چاھي ٿو. ڇو ته اھي چند ميلن تي آھن ۽ ڪيترا وئگنن وارا ته پنج ريال في ماڻھو ڀاڙي تي به خوش ٿي وٺي ھليا ھليا ٿي. منهنجو عرب دوست ھر وقت فون تي اھا تاڪيد ڪندو ھو ته مديني ۾ رھڻ دوران مختلف زيارتون ضرور ڏسان ”حضور ﷺ جن پنهنجي زندگي جا آخري ڏينهن مديني ۾ گذاريا، ان ڪري مسجد سان سندس ڪيتريون ئي يادون وابسته آھن. جنگي جايون، مسجدون، کوهه،جبل وغيره وغيره“. ھن ٻڌايو.
    مون پنهنجي گروپ جي ليڊر سان ڳالهه ڪئي ته جيڪڏھن ھو سڄي گروپ کي وٺي ھلڻ جو بندوبست ڪري ته سٺو، نه ته آئون پنهنجي منهن ھليو وڃان.
    ”منهنجو ھڪ سڃاڻو، قاري محمد اشرف ھتي رھي ٿو، اھو ھر سال اسان جي گروپ کي مختلف زيارتون ڪرائيندو آھي. ھن مون سان ڳالھايو آھي ۽ سڀاڻي صبح جو نيرن بعد پاڻ کي مختلف جاين تي وٺي ھلندو“. گروپ ليڊر ٻڌايو.
    ٻئي ڏينهن اٺين بجي ڌاري صبح جو سواءِ چند ماڻھن جي جيڪي مديني شريف ۾ ڪيترا دفعا اچي چڪا ھئا، اسان جي گروپ جا باقي ٽيھارو کن ماڻھو مقرر ڪيل رستي ۽ ھنڌ تي اچي بيٺاسين. ھو صحيح وقت تي ھڪ وڏي بس ۾ اچي اتي پھتو، جنهن ۾ مائيڪ سسٽم به ھو، بلڪه بهترين سسٽم ھو، جو سڄي بس ۾ ھرهنڌ پورو پنو ۽ صاف آواز آيو ٿي ۽ ماشاءَ الله مون به دنيا جي ملڪن ۾ ڪيتريون ئي Guided Tours ڪيون آھن ۽ گائيڊ ڏٺا آھن پر ھي اسان جو گائيڊ قاري محمد اشرف صاحب انهن سڀني ۾ Best نه ته چند بهترين Guides مان ھڪ چئي سگھجي ٿو. ھن کي ايڏي پرئڪٽس ھئي، جو صحيح ھنڌ تي صحيح ڳالهه ٻڌائيندو ھليو. کيس ھر ڳالهه جي بهترين ڄاڻ ھئي ۽ ھرھڪ ھن جي ڳالهه ڌيان سان ٻڌي ٿي، جيڪا شيءِ ڏيکاريائين ٿي، انجو تفصيل اڳواٽ ٻڌائين ٿي ۽ پوءِ ان ھنڌ پھچڻ تي ھيٺ لاھي چڱي طرح گھمايو ٿي. سندن فون نمبر 8383464 مون نوٽ ڪري ڇڏيو ۽ مدينو شريف ڇڏڻ کان اڳ مون ھن قاري صاحب سان ملڻ چاھيو ٿي پر افسوس جو وقت جي کوٽ ڪري نه ملي سگھيس. مديني جون مختلف زيارتون ڪرڻ لاءِ پڙھندڙ کي ھن قاري محمد اشرف جو نالو ضرور Suggest ڪندس ته ھو گروپ جي شڪل ۾ ھن سان گڏ گھمڻ وڃن.
    اسان کي مسجد نبوي وٽان ڦيرائي وٺي ھليو، جتي مسجد غمامه، مسجد ابي بڪر صديق، مسجد عمر بن خطاب ۽ مسجد علي ھڪ جھڳٽي جي صورت ۾ ھڪ ئي ھنڌ آھن. مسجد غمامه تي اھو نالو ڇو پيو ۽ اھا ۽ ٻيون مسجدون ڪڏھن ٺھيون وغيره. اھو سڀ ڪجهه ھو ٻڌائيندو ھليو، جن مان ڪجهه ڳالھيون الڳ چيپٽر ۾ انهن شين جي عنوانن ھيٺ لکيون اٿم.
    اھي مسجدون ڏيکارڻ بعد مسجد قبا (اسلام جي پھرين مسجد) ڏيکارڻ لاءِ ھليو. رستي تي ھڪ ھنڌ ترڪن جي حڪومت جي يادگار ريل گاڏي ڏيکاريائين، جيڪا ان وقت شام ۽ اردن تائين ويندي ھئي، جتان پوءِ اڳتي ترڪي ويندي ھئي، سعودي حڪومت پڻ اڄڪل ريل گاڏي ھلائڻ تي غور ڪري رھي آھي. مسجد قبا بعد مسجد قبلتين ۽ مسجد جمعة وٺي آيو. ھر ھنڌ نفل نماز ادا ڪندا رھياسين. مسجد قبا ۾ ته تمام گھڻي رش ھئي. خاص ڪري انڊونيشي، ملئي ۽ اسان جا پاڪستاني ڏاڍا ھئا. ٻيا به ھئا جو ھن مسجد ۾ زائرين جي روزانو وڏي رش رھي ٿي. ڪيترا ماڻھو ته ھر روز بس ذريعي ايندا رھن ٿا. سڌو ھتي پھچن ٿا ۽ نماز پڙھي موٽن ٿا.
    مسجد قبا جي ٻاھران ڪيترائي يمني، سوڊاني، عرب ۽ پاڪستاني مختلف قسمن جي کجي، ڪتل، تسبيحون، منڊين جا ٻڙا ۽ سرمو وڪڻي رھيا ھئا. اسان جي گروپ جي ھڪ ٻن ڄڻن تازي کجي ورتي ۽ گھر اچي ريفريجريٽر ۾ فريز ڪري رکي. مون سمجھيو ته ھو ڪي بيوقوف آھن پرھي سٽون لکڻ وقت اسان جي ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽ، خيرپور جي شوڪت جماڻي ٻڌايو ته واقعي تازي پڪل کجور فريز ڪرڻ سان سواد يا Shape نٿي بدلائي پر انب، گدرو، ڇانهين يا ٽماٽووغيره Freeze ٿيڻ کانپوءِ نارمل ٽيمپريچر تي اصل حالت ۾ نه ٿو اچي.
    مٿين مسجدن بعد قاري صاحب اسان کي جبل اُحد ڏي وٺي آيو. مديني ۾ به مڪي شريف وانگر رستا ڪجهه اھڙا ٺهيل آهن (Construction جي خيال کان به ته Network جي خيال کان به) جو نه گاڏي ھلائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي ۽ نه وري ڊگھا رستا اختيار ڪرڻا پون ٿا. ماڊرن شھرن وانگر، جيئن سنگاپور، ڪوالالمپور جھڙن شهرن ۾ Ring Roads ٺاھي ڇڏيا اٿن، تيئن ھتي پڻ آھن ۽ ھتي ته اڃا به وڌيڪ ڪامياب ثابت ٿيا آھن، جو مڪي توڙي مديني ۾ شھر جو وچ حرم شريف آھي. بلڪه اڄ کان 14 سئو سال اڳ کان وٺي شھر حرم شريف جي چوڌاري وڌي پيو.
    ھتي مديني منوره جو، جي مثال وٺجي ته مسجد نبوي کي Centre وچ وٺي ھڪ ميل جي Radius جو گول چڪر ٺاھجي ته اھو فيصل بن عبدالعزيز روڊ ملن ۽ پوءِ ان Inner ring ۾ پھچي ٻاھر جو ڪو به رستو اختيار ڪري سگھجي ٿو، جيڪو ٻئي روڊ Ring road امير عبدالله روڊ سان وڃي ٿو ملي. ڊرائيورن جي سھولت لاءِ انهن ٻن گول ڦرندڙ رستن جي وچ ۾ ھڪ ٽيون رستو Middle Ring Road به آھي، جنهن جو نالو الامير عبدالمجيد روڊ آھي. اندرين ڇليدار روڊ(Ring Road) جي وچ تي مسجد نبوي آھي پر چوڌاري البقيع جو سڄو علائقو بني خدرہ، النقا، المناختة، بضاعتة ۽ الحرم وارو علائقو اچي وڃي ٿو ۽ ان جي اندرين ڇلي کان ٻاھر جبل سلع آھي، جنهن جي ڀرسان شارع السيح وٽ خندق جي لڙائي لڳي ۽ اتي ست مسجدون آھن. ان جي مٿان ٻاھرين Ring ۾ المستراحم الاول ۽ حرات واقم جو علائقو آھي ۽ انهن جي ٻاھران، شارع عبدالله بن جبير وٽ اھو ھنڌ آھي، جتي احد جي جنگ ۾ مسلمان شھيد ٿيا ھئا. ھتي بس ۾ لھي احد جبل ڏٺوسين، ڪجهه نوجوان جبل تي مٿي به چڙھي ويا، ٻيا ھيٺان بيھي اڄ کان ڏيڍ ھزار کن سال اڳ جي ھي جنگ تصور ڪندا رھيا، جنهن ۾ تعداد ۾ گھٽ پر وڏو جذبو ۽ جوش رکندڙ مسلمانن اسلام خاطر دشمنن جو مقابلو ڪيو. اھا جاءِ جتان تير اندازن دشمنن تي تيرن جي بارش ڪئي. ھي اھي ھنڌ آھن، جتي اسان جي نبي ڪريم ﷺ اصحاب سڳورن جا قدم پيا. اڄ اھي شيون اسان جي اکين اڳيان آھن، جيڪي اسان ننڍي ھوندي ڪتابن ۾ پڙھيون. ھي جبل، ھي غارون ۽ ھي مسجدون، جبلن سان ته ھي دنيا جو گولو ڀريو پيو آھي پر اسان مسلمانن لاءِ ھي ”جبل احد“ وڏي اھميت رکي ٿو. آئون ھن کي غور سان ڏسان ٿو ۽ ڏسندو ئي رھان ٿو. سامھون ھڪ شيدي (آفريڪن) مٿي تي وڏو کارو ڪتل جي دٻين جو ڀري اسان جي گروپ ڏي وڌي ٿو. ڏاڍي بک لڳي ھئي. دل چيو ته ھڪ دٻي وٺي کائجي پر ٻيا وٺن ته آئون به وٺان. ھو سڌو منهنجي اڳيان اچي بيٺو ۽ مون کي مٿي تان کارو لاھڻ لاءِ ھٿ وجھڻ جو اشارو ڪيو. دل ۾ چيو ته ھي سمجھي ويو آھي ته سڀ کان گھڻي بک مون کي لڳي آھي. ھن مون ڏي ھڪ پاڪيٽ وڌايو. ان ئي وقت خيال آيم ته گھٽ ۾ گھٽ ڀر ۾ بيٺل حافط سعيد لاءِ ته وٺان، سو آڱرين جي اشاري سان چيومانس ته مو ن کي ٻه کپن. ھن مون کي ٻيو پاڪيٽ به ڏنو. پئسن لاءِ کيسي ۾ ھٿ وڌم ته اشارو ڪري پري بيٺل ھڪ ھمراهه لاءِ ٻڌايو ته ھي ان طرفان گفٽ آھي. ھن ٻنهي ھٿن ۾ ڏھاڪو کن پاڪيٽ کڻي ٿورو اڳيان بيٺل گروپ جي ٻين ماڻھن کي آفر ڪيو پر ڪنهن نه ورتو. خبر ناھي ڇو. مون سمجھيو شايد کين ڪتل پسند نه آھي. بهرحال بس ھلڻ واري ھئي. سڀ بس ۾ اچي چڙھياسين. اسان پاڪيٽ کولي ڪتل کائڻ لڳاسين ته ھرھڪ گھرڻ لڳو. حافظ سعيد کي چيم ته يار ھي پنهنجي گروپ جا به عجيب آھن. ھو منٿون پيو ڪري ته ھن کان مفت ۾ به نه ٿا وٺن ۽ اسان بکايلن جي ھڪ ھڪ پاڪيٽ ۾ به اچي حصا پتيون ڪيون اٿن.
    ”ڇا مفت ۾ پيو ڏئي؟“
    ”تڏھن ٻيو وري ڇا“. مون وراڻيومانس.
    ”يار پوءِ ته وارو ڪريو. اڃا اتي ئي بيٺو آھي. ڊرائيور! ٿورو ٻه منٽ اڃا ترسجانءِ“.
    ۽ پوءِ ھڪ پويان ٻه چار ٻيا به لھي پيا ۽ ھرھڪ ٻه ٻه ٽي ٽي پاڪيٽ وٺي آيو. ايتري ۾ جوس جي دٻن وارو چڙھيو ۽ ھرھڪ کي دٻو دٻو جوس جو ڏئي ويو. بس اڳتي ھلي ته رستي تي بيٺلن کي ڏٺم ته ھرھڪ ماڻھو جي ھٿ ۾ ڪتل جو دٻو ھو ۽ اھي ماڻھو ھزارين نه ته سوين ضرور ھوندا. خبر ناھي ته ھو ڪير سخي مرد ھو، جنهن اسان کي کارايو. الله شل خوش رکيس. وڏي پئسي ۽ وڏي دل وارو ھوندو. رڳو وڏي پئسي وارو يا رڳو وڏي دل وارو، ڪير پنجين ريال وارو ڪتل جو دٻو ۽ ھڪ ھڪ ريال وارو جوس جو دٻو پرديس ۾ ڏيندو.
    جبل احد کانپوءِ يا شايد اڳ حضرت سلمان فارسيءَ رضه جو باغ به ڏٺوسين. ھي اھو کجين جو باغ آھي، جيڪو حضور اڪرم ﷺ جن ۽ اصحاب سڳورن پوکي، حضرت سلمان فارسي رضه جھڙي نيڪ غلام کي آزاد ڪيو. سندس ذڪر ڌار چئپٽر ۾ ڪريان ٿو. ھي سلمان فارسي ئي ھو، جنهن خندق جي لڙائي ۾ دشمنن جا ڏند کٽا ڪرڻ لاءِ خندق کوٽڻ جي آئيڊيا ڏنا ھئي.
    ٻه چار ٻيون پراڻيون مسجدون جن جي ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ ھرھڪ حاجي مديني ۾ رھائش دوران انهن جي زيارت ڪري سگھي ٿو. ھن ريت آھن.

    مسجد ابي ذر
    ھي مسجد ”مسجد نبوي“ جي اتراھين پاسي اٽڪل ھڪ ڪلوميٽر پنڌ تي آھي. ھن جي موجوده عمارت سعودي دور ۾ تعمير ٿي. ھن مسجد جو تاريخي نالو مسجد سجده آھي، جنهن جي بنياد تي حضرت عبدالرحمان بن عوف رضه کان روايت آھي ته حضور اڪرم ﷺ جن ھن جاءِ تي تمام ڊگھو سجدو ادا ڪيو ھو ۽ پوءِ سجدي مان سر مٿي کنيو ته خوشخبري ٻڌائي ته جبرائيل عليه السلام، الله تعاليٰ جو پيغام آندو آھي ته ”جيڪو پاڻ ڪريم ﷺ جن تي درود و سلام موڪليندو، الله تعاليٰ ان تي رحمت ۽ سلامتي نازل فرمائيندو. ان عنايت تي مون شڪراني جو سجدو ادا ڪيو“.

    مسجد اجابہ
    صحيح مسلم ۾ آھي ته نبي اڪرم ﷺ جن ھن مسجد ۾ دعا گھري ۽ فرمايو: ”مون پنهنجي رب کان ٽي دعائون گھريون، جن مان فقط ٻه قبول ٿيون آھن. مون دعا گھري ته منهنجي امت ڏڪار کان تباهه نه ٿئي ۽ ٻيوته منهنجي امت غرق ٿي تباهه نه ٿئي. ھي ٻئي دعائون قبول ٿي ويون. ٽي دعا ھي ھئي ته منهنجي امت پنهنجين لڙاين جھڳڙن کان محفوظ رھي. اھا قبول نه ٿي.
    ھي مسجد (اجابہ) مسجد بقيع کان اڌ کن ڪلوميٽر پري شارع ستين جي ڪناري تي آھي.

    مسجد سقيا
    ريلوي اسٽيشن جي چوديواري اندر آھي. ھن جا ٽي گنبذ ترڪن جي دور حڪومت جا آھن. جڏھن حضور اڪرم ﷺ جن جنگ بدر لاءِ روانا ٿيا ته ھن ميدان تي ترسيا ھئا ۽ سقيا نالي کوھ تان وضو ڪري نماز اداڪئي ھئائون. اھل مدينه جي لاءِ برڪت جي دعا گھريائون ۽ لشڪر جي جوڙجڪ ڪيائون. حضرت عمر رضه جي ڏينهن ۾ ھتي حضرت عباس بن عبدالمطلب رضه جي طفيل دعا استسقاءَ ڪئي وئي.

    مسجد ميقات
    مدينه منوره کان 10 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آھي. ھي مديني منوره کان مڪي معظمه ويندڙن لاءِ ميقات آھي. حضور اڪرم ﷺ جن مڪي شريف کان ويندي يا اتان موٽندي وقت ھتي ترسندا ھئا. سعودي حڪومت ھن مسجد کي وڏي ڪري ٺھرائي آھي، جنهن ۾ ھڪ ئي وقت پنج ھزار ماڻھو نماز پڙھي سگھن ٿا. ھن مسجد جو گنبذ 28 ميٽر اتاھون آھي ۽ منارو 64 ميٽر بلند آھي.

    ڪجهه اھم کوهه
    سعودي عرب جيڪو رڻ پٽ ۽ بيابان آھي، جتي تمام گھڻي گرمي ٿئي ٿي. جتي ھماليه ڪراڪرم جھڙو ڪو برفاني جبل ناھي، جنهن جي اونهاري ۾ برف ڳري ڪا سنڌو ڪا گنگا ڪا جمنا ندي ٿي وھي. جتي نه مينهن پوي ٿو، جنهن ڪري ملائيشيا، انڊونيشيا وانگر نديون وھي نڪرن نه يورپ جھڙو Soft Soil آھي، جتان پاڻي ڇڪي ڪڍجي. چوڌاري ٽامي جھڙا لسا ۽ ٺوڙھا جبل آھن ۽ اڏامندڙ واري آھي. اھڙي ھنڌ تي کوهه کوٽڻ ۽ ان بعد پاڻي جو ھجڻ وڏي ڳالهه آھي. پاڻي جو قدر ڪو عربن کان پڇي. يعني اڄ جي ان عرب کان نه جنهن جي محل نما گھر ۾ سئمنگ پول آھي ۽ ھو ھر وقت سئٽزرلينڊ ۽ ترڪي کان امپورٽيڊ باٽلڊ واٽر پيئي ٿو پر گذريل زماني جي عرب کي پاڻي جو قدر ھو. ھن لاءِ پاڻي جو چشمو يا کوهه لائيٽ ھائوس مثال ھو. جنهن لاءِ ھر جھاز آتو ھوندو آھي. زندگي اتي ھوندي ھئي، جتي ڪو کوهه يا چشمو ھوندو ھو. رونق اتي ھوندي ھئي، جتي پاڻي ھوندو ھو، پري پري جي کوھن ۽ چشمن کان عربن جو ٻچو ٻچو واقف ھوندو ھو. اسان جي گائيڊ قاري محمد اشرف صاحب مسجد قبا ۽ مسجد قبلتين وٽ ھڪ ٻه اھم تاريخي کوهه پڻ ڏيکاريا. کوهه کي عربي ۾ بئر يا بير سڏجي ٿو.

    بئر اريس يا بئر الخاتم
    ھي کوهه مسجد قبا جي مغرب ۾ مسجد جي صدر دروازي کان پنجاهه کن وکن تي آھي.
    صحيح مسلم ۾ بيان آھي ته ھڪ ڏينهن حضور اڪرم ﷺ حضرت عمر بن خطاب رضه اتان اچي نڪتا ۽ حضور اڪرم ﷺ جن جي ڀر ۾ ٿي ويٺا، پوءِ جڏھن حضرت عثمان ابن عفان رضه اتي پھتو ته ھنن ٽنهي جي ڀر ۾ جاءِ نه ڏسي ھنن جي سامھون ٿي ويٺو. تڏھن ان جاءِ تي حضور اڪرم ﷺ جن ھنن ٽنهي حضرات کي جنت الفردوس ۾ جاءِ حاصل ڪرڻ جي ضمانت ڏني ھئي.
    ان کان علاوه قاري صاحب ٻڌايو حضور ﷺ جن وٽ ھڪ منڊي ھئي، جيڪا بعد ۾ حضرت ابوبڪر صديق رضه کي ملي. ان کانپوءِ حضرت عثمان رضه ھن کوهه تي ويٺو ھو ته اھا منڊي سندس آڱر مان نڪري وڃي. ھن کوهه ۾ پيئي. ھنن ٽي ڏينهن لڳاتار ھن کوهه اندر منڊي جي ڳولا ڪرائي پر نه ملي سگھي. ان ڏينهن کانپوءِ ھن کوهه جو نالو بئرالخاتم (يعني منڊيءَ وارو کوهه) پئجي ويو. نه ته ھن کوهه کي اصل نالي بئر اريس سان سڏبو ھو. اريس يھودي نالو آھي. ڪلاسيڪي عربي ۾ بقول علي حافظ جي اريس جي معنيٰ ”ھاري“ آھي. ھن کوهه کي بئرالنبي به سڏين ٿا.

    بئر حاءَ
    ھي کوهه مسجد نبوي جي ڀر ۾ آھي. ھي کوهه ھن وقت به موجود آھي. ان ۾ ھڪ پمپ به لڳل آھي پر ھاڻ اھو ڪارآمد نه آھي.
    ابو طلحه ابن سھل رضه مديني منوره جي انصارين ۾ سڀ کان گھڻو مالدار شخص ھو. ھي کوهه ان جي ملڪيت ھوندو ھو. حضور اڪرم ﷺ جن ھن کوهه جو پاڻي پيئندا ھئا.
    جڏھن قرآن ڪريم ۾ آيت نازل ٿي، جنهن ۾ مالدار ماڻھن کي غريبن، مسڪينن جي مدد ڪرڻ لاءِ ھدايت ھئي ته ابو طلحه اھو کوهه پنهنجن سئوٽن ابي ابن ڪعب رضه ۽ حسان بن ثابت رضه کي عنايت ڪري ڇڏيو.

    بئر الغرس
    ھي کوهه مسجد قبا ۾ اوڀر ۾ اڌ ميل جي فاصلي تي آھي ۽ کجين جي وڻن سان وڪوڙيل آھي. ابن ماجه حضرت علي رضه ابن ابي طالب جي حوالي سان بيان ڪيو آھي ته رسول الله ﷺ فرمايو: ”منهنجي انتقال کانپوءِ مون کي بئر الغرس جي پاڻي سان ڀريل ستن پخالن سان غسل ڏنو وڃي“.

    بئر الرومه (عثمان رضه)
    ھي کوهه ھڪ يھودي جي ملڪيت ھو، جيڪو مسلمانن کي پئسن تي پاڻي وڪڻندو ھو. حضرت عثمان بن عفان رضه ھن کان اھو کوهه ويهه ھزار درھم ۾ خريد ڪري سڀني جي پيئڻ لاءِ مفت ڪري ڇڏيو.
    ھي کوهه مسجد ذوالقبلتين جي اتر ۾ ھڪ ڪلوميٽر پنڌ تي وادي العقيق جي وچ ۾ آھي.

    مساجد سبعہ
    اسان کي انهن مختلف شين جون زيارت ڪرائڻ وارو گائيڊ قاري محمد اشرف آخر ۾ ان جاءِ تي وٺي آيو، جتي خندق جي لڙائي لاءِ مسلمانن جي لشڪر مديني شھر جي بچاءَ لاءِ اونهي کاھي کوٽي ھئي ۽ جتي ھڪ ئي ھنڌ تي ست مسجدون آھن. جيڪي مساجد سبعہ سڏجن ٿيون. ھي مسجدون سلع جبل جي قدمن ۾ ھڪ ٻئي جي ويجھو ويجھو آھن. ھنن جا نالا ھن ريت آھن. مسجد فتح، مسجد سلمان فارسي، مسجد علي، مسجد عمر، مسجد سعد بن معاذ ۽ مسجد ابوبڪر.
    ھجرت جي پنجين سال 627ع ۾ شوال جي مھيني ۾ مسلمانن ۽ مڪي جي مشرڪن ۾ جنگ لڳي، جنهن کي جنگ خندق يا ”جنگ احزاب“ به سڏين ٿا. مسلمانن کي خبر پئجي وئي ته مڪي جا قريش جن جي فوج ڏهه ھزار ماڻھن تي مشتمل آھي. اھي مديني اچي مسلمانن تي حملو ڪرڻ وارا آھن ۽ ھن جنگ ۾ ھنن سان مديني جا يھودي ۽ مڪي جا ڪيترائي قبيلا مليل آھن. حضور اڪرم ﷺ جن کي جيئن ئي دشمن جي چال جي خبر پيئي ته دفاع جو سوچڻ لڳا. مسلمانن جي ھڪ معزز صحابي جنهن جو نالو ”روزبه مھيار“ ھو، جنهن کي عام مسلمان ”سلمان فارسي رضه“ جي نالي سان سڃاڻن ٿا، تنهن حضور اڪرم ﷺ جن کي ٻڌايو ته عجم ۾ ڪنهن قلعي يا شھر جو دفاع ڪرڻ لاءِ ھن جي چوڌاري کاھي (خندق) کوٽي وئي ھئي، پر ھي کاھي اونهي ۽ ويڪري ھجڻ کپي، جيئن دشمن جو پيادو يا گھوڙو ان کي ٽپي نه سگھي.
    سلمان فارسي رضه خلوص نيت سان حضور اڪرم ﷺ جن جو پرستار ھو. ھو ھڪ نيڪ انسان ۽ سچو مومن ھو، جيئن ئي ھن خندق کوٽڻ جي تجويز پيش ڪئي ته پيغمبر اسلام ﷺ ان جي منظوري ڏئي ڇڏي.
    سوچڻ ۾ ته اھا ڳالهه آسان لڳي ٿي پر دشمن جي حملي کان محفوظ رھڻ لاءِ ايڏي وڏي خندق کوٽڻ اھڙو سولو ڪم به نه ھو پر اسلام جا سچا شيدائي ڏينهن رات ان ۾ لڳي و يا ۽ اھو، دنيا جو ھڪ وڏو ڪارنامو آھي، جنهن کي اڄ جي ماڊرن دور ۾ به مڃيو وڃي ٿو ۽ مسلمانن جي ھمت جي تعريف ڪئي وڃي ٿي. اھا خندق شيخين نالي جاءِ کان وٺي قبا جي ويجھو تائين اٽڪل ڇهه ڪلوميٽر کوٽي وئي. ان جي اونهائي ٽي ميٽر، يعني ڏيڍ ماڻھو جيتري اونهي رکي وئي، جيئن جيڪو ان ۾ ڪري ته پنهنجي زور تي ٻاھر نه نڪري سگھي ۽ خندق جون ڀتيون سڌيون ٺاھيون ويون. پاسيرين ڀتين تي کاھي ۾ ڪريل ٻاھر نڪري سگھي ٿو يا کاھي پار ڪري سگھي ٿو، کاھيءَ جي ويڪر به اٽڪل ايتري (3 ميٽر کن) رکي وئي، جيئن ڪو گھوڙي سوار ان کي ٽپي نه سگھي.
    ھن کاھي (خندق) جي کوٽائي لاءِ ڏهه ماڻھن جا دستا ٺاھيا ويا ھئا، جن کي روزانو ھڪ مقر ڊيگهه کوٽڻي پئي ٿي. حضور ﷺ جن به ٻين سان گڏ ڪم ۾ مشغول رھيا. ڪڏھن ڪوڏر ھلائڻي پئي ٿي ته ڪڏھن مٽي ڍوئيائون ٿي. ھڪ ڏينهن ته حضرت ابوبڪر صديق رضه ۽ عمر بن خطاب رضه جن کي مٽي ڍوئڻ لاءِ ڪا ڇٻي يا ٽوڪري نه ملي ته قميص جي جھول ۾ مٽي ڍوئڻ لڳا ۽ جنهن بي مثال تعاون، يڪجھتي ۽ امداد باھمي سان مسلمان ڪم ڪري رھيا ھئا ۽ پنهنجي ليڊر پيغمبر اسلام ﷺ جو حڪم خوشي سان مڃي رھيا ھئا. ان جو مثال قديم دنيا جي تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آھي. دور حاضر ۾ به اھڙو مثال ”لينن گراڊ“ جي ماڻھن جو ڏئي سگھجي ٿو، جيڪي ٻي عالمگير لڙائي دوران پنهنجي شھر مان نڪري آيا ۽ عورتون توڙي مرد خندق کوٽڻ ۾ جنبي ويا ۽ پنهنجي شھر کي بچائي ورتو.
    بهرحال مڪي جي فوج اھڙي موقعي تي مديني پھتي، جڏھن کاھي (خندق) کوٽجي چڪي ھئي ۽ سڀ مسلمان ھٿيارن سان شھر جي حفاظت لاءِ بيقرار بيٺا ھئا. مشرڪن ـ جن ان ڏينهن تائين خندق نه ڏٺي ھئي، سي پنهنجي اڳيان ايڏي اونهي ۽ ويڪري کاھي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا. ابوسفيان سندن ليڊر ھو. اھو به ڇا ٿي ڪري سگھيو. نيٺ تنبو ھڻي ويھي رھيا. ھڪ ٻن پاڻ کي پھلوان سمجھي ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر موت نصيب ٿين. تنبن ۾ رھي رھي سندن راشن ختم ٿي ويا ۽ موسم به ٿڌي ٿيڻ لڳي ۽ رات جي ٿڌ برداشت ڪرڻ ھنن لاءِ مشڪل ٿي پيو ۽ پوءِ ھڪ ڏينهن اھڙي اچي ٿڌ ٿي ۽ طوفان لڳو جو سندن تنبو اڏامي ويا ۽ ھرھڪ مڪي ڏي وٺي ڀڳو ۽ مسلمانن جي سوڀ ٿي.
    خندق جي کوٽائي دوران ۽ دشمنن جي گھيري وقت مسلمان مختلف ٽولن ۾ پنهنجي پنهنجي حد ۾ نماز پڙھندا رھيا ۽ ھي اھي مسجدون انهن ڏينهن جي ياد آھن. مسجد الفتح، جيڪا ٿورو مٿانهين تي آھي، اتي اسان کي اسان جو گائيڊ قاري صاحب وٺي ھليو. ”ھي اھا جاءِ آھي، جتي دل سان گھريل دعا قبول ٿئي ٿي“. قاري محمد اشرف ٻڌايو.
    حضرت امام احمد بن حنبل رضه جابر بن عبدالله رضه کان ھڪ حديث روايت ڪئي آھي ته رسول الله ﷺ جن ھن مسجد ۾ ٽي ڏينهن دشمن جي فوجن جي شڪست لاءِ دعا فرمائي. ٽئي ڏينهن الله تعاليٰ سندن دعا قبول ڪئي. جابر رضه جو چوڻ آھي ته ان ڏينهن کانپوءِ ھن کي ڪا به يا مھم پيش آئي ٿي ته ھن مسجد الفتح ۾ حاضر ٿي ان ڪم لاءِ دعا گھري ٿي. مسجد الفتح جا ٻيا به نالا آھن: مسجد الاحزاب ۽ مسجد الاعلي.
    جنگ خندق جي ڏينهن ۾ حضور اڪرم ﷺ جن الفتح مسجد جي ڀر وارين چئن مسجدن، مسجد سلمان فارسي، مسجد علي ابن ابي طالب، مسجد ابوبڪر صديق ۽ مسجد غير مسميٰ ۾ پڻ نمازون ادا ڪيون آھن. ھنن ننڍڙين مسجدن جو ذڪر مسلمان تاريخ نويس ابن نجار پڻ 1245ع ۾ ڪيو آھي پر انهن جا نالا نه لکيا اٿس.
    ابن بطوطه، مسلمان سياح، پڻ ھن مسجدن جو ذڪر پنهنجي سفرنامي ۾ ڪيو آھي، جڏھن ھو 1324ع ۾ مديني آيو ھو، پر ھن به ھنن مسجدن جو تفصيل نه لکيو آھي.
    جنگ خندق جي ڏينهن ۾ ھتي ڪي مسجدون اڏيون نه ويون ھيون، رڳو نماز پڙھڻ لاءِ ميدان جا ٽڪرا ھئا، خندق جي جنگ کانپوءِ به ڪيترا سال ائين ئي پٽ ھو. جنهن جي چوڌاري پٿرن جا نشان ھئا. پوءِ مسجد الفتح حضور اڪرم ﷺ جن جي ڏينهن ۾ ئي ٺاھي وئي، جيڪا سڀ ۾ اھم ۽ مٿانهين ليول تي سلع جبل جي چوٽي تي آھي. ھڪ عرب ليکڪ محمد ڪريم بيبانيءَ جو سعودي عرب جي ھڪ انگريزي اخبار (شايد عرب نيوز)"Site of Battle of Trench" عنوان ھيٺ ھڪ مضمون پڙھيو ھوم، جنهن ۾ ھن لکيو آھي ته ھن مسجد جو نالو ”مسجد الفتح“ قرآن مجيد جي ”سورة الفتح“ تان پيو، جيڪا حضور اڪرم ﷺ جن تي ھن ھنڌ تي لٿي ۽ اھو نالو ان ڪري به پيو، جو حضور اڪرم ﷺ جن ھن جنگ جي فتح لاءِ دعا ھن مسجد ۾ گھري ھئي.
    حضور اڪرم ﷺ جن جي ڏينهن ۾ ھي مسجد ڪاٺ جي ٿنڀن ۽ پامن جي شاخن ذريعي ٺاھي وئي ۽ پوءِ 707ع ۾ عمر بن عبدالعزيز ھن کي وري 1179ع ۾ سيف دين حسين ابن ابوھائتا ٺھرايو ۽ پوءِ مسجد جا ٿنڀا ڪرڻ تي سلطان عبدالمجيد اول اھي ٿنڀا ٺھرايا ۽ ھاڻ بادشاهه فھد ان مسجد جي مرمت ڪرائي آھي.
    ”سلمان فارسي مسجد“ فارسي نالي آھي ۽ مسجد الفتح جي قدمن وٽ آھي. سلمان فارسي مسجد کي اڄ جي صورت ۾ عمر بن عبدالعزيز ڏني. ان بعد مسجد الفتح سان گڏ 1181ع ۾ سيف الدين بن ابوھائتا ھن مسجدجي مرمت ڪرائي.
    ابوبڪر مسجد به گھڻو پوءِ ٺھرائي وئي ۽ ان بعد عمر بن خطاب مسجد ٺھي. ننڍڙي فاطمه زھرا مسجد ھاڻ ويجھڙائي ۾ ٺھرايل لڳي ٿي، جنهن جو ڪنهن به پراڻي مسلمان سياح ذڪر نه ڪيو آھي.


    حضرت سلمان فارسي رضه الله عنه

    حضرت سلمان فارسي رضه جنهن جي نالي مديني ۾ کجور جو باغ مشھور آھي ۽ مديني جون زيارتون ڪرڻ دوران ھرھڪ جو اتان لنگهه ٿئي ٿو ۽ ھن نيڪ انسان جو نالو ھرھڪ جي زبان تي اچي ٿو. حضرت سلمان فارسي رضه حضور اڪرم ﷺ جن جي سچن عاشقن مان ھو، جڏھن پاڻ ڪريم ﷺ جن مڪي کان ھجرت ڪري مديني (يثرب) پھتا ته سلمان فارسي جن يثرب جي ھڪ يھودي وٽ غلام ھئا ۽ ھن جي کجي جي باغ ۾ ڪم ڪيو ٿي.
    حضرت سلمان فارسي رضه اصفھان شھر جي ڀر واري ھڪ ڳوٺ آب الملڪ جو رھاڪو ھو. اصفھان ايران ۾ آھي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ فارس سڏبو ھو. ان ڪري ھو سلمان فارسي سڏجڻ لڳو. دراصل سلمان فارسي جو اصل نالو ”مابا“ ھو ۽ ھو ھڪ آتش پرست جي گھر ۾ ڄائو، جيڪي باهه جا پوڄاري ھئا. تن ڏينهن ۾ سڄو ايران باهه جي پوڄارين کان مشھور ھو. ڪجهه گھر عيسائين ۽ يھودين جا پڻ ھئا. ايران ۾ اسلام بعد ۾ (650 ڌاري) آيو ۽ باهه جي پوڄارين جو آتشڪدو وسايو ويو، سڄي ايران جي ماڻھن اسلام قبول ڪيو. ڪيترا آتش پرست (خاص ڪري پارس شھر جا) ھندستان ھليا آيا ۽ اڄ به ڪراچي ۽ بمبئي جھڙن شھرن ۾ رھن ٿا ۽ پارسي سڏجن ٿا. ھو باهه جي پوڄا ڪن ٿا.
    سلمان فارسي رضه (مابا) کي ننڍي ھوندي کان ئي دين حق تي ھلڻ جي جستجو ھئي. ھو پنهنجو ڌرم ڇڏي عيسائي پادرين ۽ راھبن جي پويان لڳو، ھڪ راهب جيڪو نهايت پاڪباز ۽ پرھيزگار ھو ۽ عموريه شھر ۾ رھيو ٿي، تنهن مرڻ وقت مابا (سلمان فارسي) کي چيو: ”اي حق جي ڳولا ڪندڙ نوجوان ھن وقت چئني پاسي ڪفر ۽ شرڪ جون وڄون چمڪي رھيون آھن، پر ھاڻ ان نبي آخر الزمان جي پيدا ٿيڻ جو وقت ويجھو اچي ويو آھي، جيڪو عربستان جي ريگستان مان اٿي دين حنيف کي زندھ ڪندو ۽ ھو ان ڌرتي ڏي ھجرت ڪندو، جتي ڪيترا ئي کجين جا وڻ ھوندا“.
    مابا (سلمان فارسي) کي ھاڻ نبي آخر الزمان جي ديدار جي جستجو ھئي، ھو ھر وقت ان ڳولا ۾ رھيو ٿي ته ڪو اھڙو قافلو ملي وڃي، جيڪو ھن کي عربستان جي ان ڌرتي تي وٺي ھلي. آخر ۾ ھن جي اميد پوري ٿي ۽ بنو ڪلب قبيلي جو ھڪ قافلو ھن شھر (عموريه) مان اچي لنگھيو. جڏھن قافلو واديءَ القريٰ پھتو ته قافلي جي ماڻھن جي نيت خراب ٿي پيئي ۽ ھن سٻاجھي دل واري نوجوان کي غلام بنائي ھڪ يھودي کي وڪڻي ڏنو.
    مابا (سلمان فارسي) ڪجهه ڏينهن يھودي وٽ رھيو ھوندو ته ھڪ ڏينهن ان يھودي جو ھڪ مائٽ جيڪو يثرب جو رھاڪو ھو، ھن سان ملڻ آيو. ھن کي ھڪ غلام جي ضرورت ھئي، جنهن لاءِ ھن پنهنجي ميزبان سان ڳالهه ڪئي ته ميزبان ھن کي ھڪدم مابا وڪڻي ڏنو. ھي ھمراهه مابا کي يثرب (جنهن جو نالو حضور اڪرم ﷺ جن جي ھجرت بعد مدينو ٿيو) وٺي آيو. مابا چوڌاري کجين جا وڻ ڏٺا ته ھن کي پڪ ٿي وئي ته جنهن نبي آخر الزمان جو ذڪر عموريه جو عيسائي راھب ڪندو ھو، اھو نبي پنهنجا قدم پاڪ ھن شھر يثرب ۾ ضرور گھمائيندو.
    آخر ھڪ ڏينهن اھا ساعت به اچي وئي، جنهن جو مابا کي انتظار ھو. ھو پنهنجي يھودي آقا جي باغ ۾ کجين جي ھڪ وڻ تي چڙھي کارکون پٽي رھيو ھو. سندس مالڪ ھيٺ ويھي رھيو. ايتري ۾ ھڪ يھودي شھر کان ڊوڙندو آيو ۽ چوڻ لڳو: ”مڪي کان ھڪ شخص قبا ۾ آيو آھي، جنهن سان يثرب جا ڪيترائي ماڻھو، ننڍا وڏا ملڻ لاءِ وڃي رھيا آھن، ھو پنهنجو پاڻ کي نبي ٿو سڏرائي ۽ ھن جي دعوى تي ماڻھو يقين به ڪن ٿا“.
    مابا اھو ٻڌي اھڙو خوش ٿيو جو بدحواسي جي عالم ۾ وڻ تان ھيٺ لھي ھن آيل يھودي ھمراهه کان پڇڻ لڳو: ”تو ڇا پئي چيو. ھڪ دفعو وري ٻڌاءِ.“
    مابا جو آقا پنهنجي غلام جي تجسس ۽ بدحواسي تي باهه ٿي ويو ۽ زور سان ٿڦڙون وھائي ڪڍيائينس. ”وڃ نڀاڳا، وڃي پنهنجو ڪم ڪر. تنهنجو ڇا وڃي انهن ڳالھين ۾“.
    مابا (سلمان فارسي) دل تي پٿر رکي في الحال ماٺ ٿي ويو. پر پوءِ جيئن جيئن ھن کي موقعو ملندو ھو ته حضور اڪرم ﷺ جن جي خدمت ۾ وڃي حاضر ٿيندو ھو. قبا اھا جاءِ آھي، جتي حضور اڪرم ﷺ جن مديني (يثرب) ۾ اندر اچڻ کان اڳ ڪجهه وقت لاءِ شھر کان ٻاھر اچي منزل اندار ٿيا ھئا ۽ ان ھنڌ تي مسجد ٺاھي نماز پڙھيائون. اھا مسجد، مسجد قبا جي نالي سان مشھور آھي ۽ اسلام جي پھرين مسجد آھي ھن مسجد ۾ ٻه رڪعتون نفل پڙھڻ جو ثواب عمري جيترو چون ٿا، ان ڪري مديني آيل حاجي روزانو ھزارن جي تعداد ۾ ھن مسجد ۾ اچن ٿا ۽ کجين جو باغ جنهن جي يھودي مالڪ وٽ مابا غلام ٿي آيو. ويجھو ئي آھي.
    مابا حضور اڪرم ﷺ جن کي پنهنجي زندگيءَ جو سربستو احوال ٻڌايو ۽ اسلام قبول ڪيو. حضور اڪرم ﷺ جن مابا جو اسلامي نالو سلمان رکيو ۽ ان ڏينهن کانپوءِ مابا بن بوذخشان سلمان فارسي ٿي ويو.
    بدر ۽ احد جون لڙايون لڳيون پر سلمان فارسي غلاميءَ جي ڳٽ ڪري انهن ۾ شامل ٿي نه سگھيو. حضور اڪرم ﷺ جن کي سلمان فارسي جي مجبوريءَ جي ڄاڻ ھئي. ھڪ ڏينهن پاڻ ڪريم ﷺ جن ھن کي فرمايو ته سلمان تون پنهنجي آقا کان پنهنجي قيمت چڪائي پاڻ کي آزاد ڪراءِ. سلمان فارسي پنهنجي آقا سان ڳالهه ڪئي، جنهن ڪجهه سون ۽ ٽي سو کجين جي وڻن جو مطالبو ڪيو. حضور اڪرم ﷺ جن صحابين سان گڏجي سلمان فارسي جي آزادي جي ڊمانڊ لاءِ سون جو شرط ته پورو ڪرايو پر ٽي سو کجين جا وڻ به لڳرايا. اڄ اھو باغ جنهن ۾ کجين جا وڻ آھن جيڪو دراصل يھودي آقا جي ملڪيت ٿي پر سلمان فارسي جي باغ جي نالي سان سڏجي ٿو ۽ مديني جي عجوه نالي کڄيءَ لاءِ مشھور آھي ته اھا حضور اڪرم ﷺ جن پاڻ پوکي ھئي ۽ آيل حاجي تبرڪ طور يا نظر ۽ جادو ٽوڻي ڦيڻي کان بچڻ لاءِ کجيءَ جي اھا جنس خريد ڪن ٿا.
    پنجين ھجريءَ ۾ خندق جي لڙائي لڳي. ڪتابن ۾ آھي ۽ اسان جي گائيڊ (جنهن اسان کي مديني جون مختلف تاريخي جايون ڏيکاريون) پڻ ٻڌايو ته خندق جي لڙائي ۾ شھر جي چوڌاري خندق کوٽڻ جي سٺي راءِ حضرت سلمان فارسي رضه ڏني، جنهن بعد حضور اڪرم ﷺ جن ٽن ھزار اصحابين سان گڏجي کاھي (خندق) کوٽي ۽ اھو کوٽائي جو ڪم اٽڪل پنڌرھن ڏينهن ۾ پورو ٿيو. ان وقت مديني جي مھاجرين ۽ انصار ۾ اچي بحث ٿيو ته، ”سلمان فارسي رضه ڪنهن سان گڏ آھي“، حضور اڪرم ﷺ جن اھو بحث ٻڌو ته فرمايو:
    ”سلمان من اھل البيت“ (سلمان رضه منهنجي اھل بيت مان آھي“.
    سبحان الله سلمان رضه جو ڇا ته مقدر ٿيو. فارس جي ھڪ غريب ۽ مسڪين انسان لاءِ ٻنهي جھانن جي سرڪار ﷺ پنهنجي زبان مبارڪ سان پنهنجي اھل بيت ۾ شامل فرمايو:
    اين سعادت بزور بازو نيست
    تانه بخشند خدائي بخشنده
    خندق (کاھي) جي ڪري مشرڪ شھر تائين نه پھچي سگھيا. ان کان علاوه الله تعاليٰ به مسلمانن کي غيب مان مدد ڪئي ۽ اھڙا اسباب پيدا ڪيا جو دشمن ستاويهه ڏينهن کانپوءِ ناڪام ٿي موٽي ويا.
    ھن لڙائي کانپوءِ حضرت سلمان فارسي رضه ھر لڙائي ۾ شامل ٿيو. ھن جو عشق رسول ۽ شوق جھاد ڏسي ھڪ دفعي حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو:
    ”جنت ٽن ماڻھن جو اشتياق رکي ٿي. علي رضه، عمار رضه ۽ سلمان رضھ جو.“
    ھڪ ٻئي موقعي تي حضور اڪرم ﷺ جن کين ”سلمان الخير“ جو لقب عطا فرمايو.
    حضور اڪرم ﷺ جن جي رحلت کانپوءِ سلمان فارسي رضه وڏي عرصي تائين مديني ۾ رھيو. فاروق اعظم رضه جي عھد خلافت ۾ ھن عراق ۾ ئي رھڻ پسند ڪيو. ايران تي حملي وقت ھو به مجاھدين اسلام ۾ شريڪ ٿي ويو ۽ ڪيترين جنگين ۾ داد شجاعت حاصل ڪيو. فاروق اعظم رضه سلمان فارسي رضه کي مدائن جي گورنري پڻ ڏني. ھن مرد درويش گورنري وارن ڏينهن ۾ به سادگي کان ڪم ورتو. سڄو پگھار غريبن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو. پيٽ قوت لاءِ تونئريون ۽ تڏا ٺاھي وڪڻندو ھو. ڪنهن سان به تکو ٿي نه ڳالھائيندو ھو.
    ھڪ ڏينهن ڪنهن شخص سلمان فارسي رضه کي گاريون ڏنيون. پاڻ فرمايائون: ”ڀاءُ منهنجا جيڪڏھن قيامت جي ڏينهن منهنجي گناھن جو پڙ ڳرو ھوندو ته تو جيڪي ڪجهه چيو آھي منهنجي حالت ان کان به خراب ھوندي ۽ جي منهنجي گناھن جو پڙ ھلڪو ھوندو ته تنهنجي گھٽ وڌ ڳالھائڻ کان آئون ڇو گھٻرايان“.
    حضرت سلمان فارسي رضھ 35 ھجري ۾ وفات ڪئي انهن ڏينهن ۾ حضرت عثمان رضه جو دور خلافت ھو. سندن عمر لاءِ مختلف روايتون آھن. ڪي چون ٿا ته پاڻ سو کن سالن جو ٿيو ڪي ٻن سون جي آسپاس جي عمر ٻڌائين ٿا. سندن ڪنيت ابو عبدالله سڏي وئي ٿي.


    ڪجهه سعود خاندان بابت

    سعودي عرب تي جنهن گھراڻي جي حڪومت آھي، اھو سعود گھراڻو سڏجي ٿو ۽ ھن گھراڻي تان ھن ملڪ جو نالو سعودي عرب يا سعودي عريبيا پيو. ويھين صدي جي شروع وارن سالن تائين نقشي ۾ ڪٿي به ”سعودي عرب“ نالي ڪو ملڪ نه ھو. ڳاڙھي سمنڊ، عربي سمنڊ ۽ ايران وارن سمنڊن ۾ وڪوڙيل ھي ريتي ۽ رڻ پٽ جو اپٻيٽ عربستان سڏيو ويو ٿي. بيابانن ۽ واريءَ جي ڊٻن ۽ ٺوڙھن ڪارن جبلن جي ھن ڌرتي تي اسلام کانپوءِ يا اڳ جيڪا ڪجهه زندگي، ھلچل، رونق ۽ چھچٽو ھو، سو ٻن ٽن شھرن ۾ ھو. جھڙوڪ مڪو (ڪعبي جي ڪري) يثرب (کجين جي باغن ۽ پاڻي جي ڪري) جيڪو شھر حضور اڪرم ﷺ جن جي ھجرت بعد مدينو سڏجڻ لڳو ۽ حضور اڪرم ﷺ جن جي ڪري ھي شھر دنيا ۾ مشھور ۽ خوشحال ٿيو، طائف (سٺي موسم، پاڻي ۽ پوک ڪري) ۽ ٿورو گھڻو عدن، جدو ۽ ينبع (ينبو) بندرگاھن ڪري ۽ صنعا (اتاھين Altitude تي ھجڻ ڪري ٿڌي موسم ۽ عيسائي مندرن ڪري). عدن، صنعا ۽ حاضر الموت وارو مشھور علائقو شروع کان يمن ملڪ ۾ آھي. سجي عربستان جي 3 ملين چورس ڪلوميٽر پکيڙ آھي. جنهن ۾ فقط اُھي چند ٽڪرا (شھر ناليرا ھئا)، ٻيو سڄو ملڪ ريتي ۽ جبل ھئا ۽ جتي پاڻي به نه ھجي ۽ تيز ھوائون انسانن جا پيرا به لٽي ڇڏين. اتي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ تائين رستا ڳولڻ سامونڊي سفر کان به ڏکيو ڪم آھي. اڄ به فقط سعدي عرب 2140000 چورس ڪلوميٽر آھي. پاڪستان کان ذري گھٽ ٽيڻو آھي، جنهن جي پکيڙ 746000 ڪلوميٽر آھي، جپان کان ڇھوڻو ۽ برطانيا کان ڏھوڻو آھي.
    ھن ريت ھاڻي اُپ ٻيٽ عربستان جو ھڪ حصو يمن ھو، جيڪو اڄ به ساڳي نالي وارو ملڪ آھي ۽ باقي حصو حجاز ۽ نجد سڏيو ويو ٿي، جيڪو ھاڻ ھڪ ملڪ سعودي عرب سڏجي ٿو. اڄ جي سعود خاندان جو ھنن پٽن تي اثر رسوخ ڪافي پراڻي زماني کان ھلندو پئي آيو پر تاريخن ۽ لکت ۾ احوال شھزاد سعود ابن محمد ابن مغرين ابن مرخان کان آھي. جنهن 1725ع ۾وفات ڪئي. اڄ جو سعود خاندان ۽ ھن ملڪ جو نالو ان سعود حاڪم تان آھي. ھن جي حڪومت ھيٺ عربستان جوعلائقو ڪڏھن گھٽيو ٿي ته ڪڏھن وڌيو ٿي. گادي وارو ھنڌ ديريا ھو، جيڪو اڄ جي گادي واري شھر الرياض جي ڀر ۾ آھي. مغرين جي پوٽي ۽ محمد جي ھن پٽ سعود جي حڪومت وارا ڏينهن سنڌ ۾ يار محمد ڪلھوڙي جي حڪومت وارن ڏينهن سان ملن ٿا ۽ ساڳي وقت تي ٻنهي جي وفات ھڪ ئي دور ۾ ٿي ٿي. 1719ع ۾ يار محمد ڪلھوڙو گذاري ويو (۽ نور محمد ڪلھوڙو ”خدا يار خان“ ٿيو) ۽ ڇھن سالن بعد 1725ع ۾ ھن سعود خاندان جو پايو وجھندڙ ھي سعود ابن محمد گذاري ويو.
    سعود ابن محمد جي حڪومت جو اھو زمانو ھو، جنهن ۾ سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1689ع ۾) ڄائو ۽ اتر سنڌ ۾ ھلندڙ لڙائي ۾ دائود پوٽن جي (1707ع ۾) ھار ٿي ۽ ھن سعود جي ڏينهن ۾ ھندستان ۾ (1707ع) ۾ اورنگزيب وفات ڪئي ۽ ان کانپوءِ اڳتي ھلي بهادر شاهه کي مغل حڪومت جون واڳون مليون. سعود جي وفات کان تيرھن چوڏھن سال کن 1739ع ۾ نادر شاهه دھلي تي حملو ڪري ھندستان ۾ تباھي مچائي. انهن ڏينهن ۾ سعود جو پٽ جنهن تي سندس ڏاڏي جو نالو محمد رکيل ھو. عربستان جي ھنن وارياسن علائقن جو حاڪم ھو. ننڍي کنڊ يا دنيا جي ٻين ملڪن جي ته ھن کان به پراڻي تاريخ ملي ٿي پر عربستان جي رڪارڊ ۾ آيل تاريخ ھن حاڪم محمد ۽ سندس والد سعود جي ڏينهن کان ملي ٿي.
    ھن سعود کي چار پٽ ھئا. ھڪ وڏو پٽ، جيڪو سعود جي مرڻ بعد پڳدار ٿيو، جنهنجو نالو محمد ھو ۽ ٻيا ھئا ثنييان، مشاري ۽ فرحان.
    سعود خاندان جي سڀني شھزادن ۾ محمد ابن سعود وڌيڪ ناليرو ٿيو، جو ھن جي ئي دور ۾ ھڪ مذھبي رھنما شيخ محمد ابن الوھاب دنيا جي سامھون آيو. ابن عبدالوھاب ماڻھن کي سنئين واٽ تي ھلڻ جي تلقين ڪئي ۽ شر ۽ بدعتن کان پاسو ڪرڻ لاءِ سختي سان سمجھايو. ھن جو ڳوٺ يوئينا ھو. جتان ھو لڏي گادي واري شھر ديريا ۾ اچي رھيو. ملڪ جي حاڪم (امير) محمد ابن سعود شيخ ابن عبدالوھاب سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. سڄي عرب دنيا ۽ اوسي پاسي جي ملڪن عراق، ايران وغيره ۾ اسلام ۾ Deviation اچي چڪي ھئي. ماڻھو ويا پئي شرڪن ۾ ڦاسندا. ڪيترا ماڻھو پنهنجي اپائڻھار سان گڏ قبرن، وڻن، جھنڊن، گنبذن کان پنهنجون گھرجون گھرڻ لڳا. بادشاهه محمد ابن سعود شرڪ ڪندڙن سان جنگ جوٽي رکي ۽ ھو مرڻ گھڙي تائين اھا جھاد جي پاليسي اختيار ڪندو آيو. پاڻ 1765ع ۾ وفات ڪيائين. ان بعد ھن جو وڏو پٽ شھزادو عبدالعزيز ابن محمد ملڪ جو حاڪم (امير) ٿيو ۽ 39 سال حڪومت ڪيائين. ھن جو اثر رسوخ عربستان کان به پري، شام، عراق، يمن ۽ عمان تائين ھو. ھن (عبدالعزيز ابن محمد) جي حڪومت واري دور ۾ سنڌ ۾ ڪلھوڙن جي حڪومت ھئي. جنهن جي باني غلام شاهه ڪلھوڙي 1774ع ۾ وفات ڪئي ۽ 1778ع ۾ ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي سول جنگ شروع ٿي ۽ آخرڪار 1803ع ۾ ٽالپرن جو سنڌ تي قبضو ٿيو ۽ ھوڏانهن ھندستان ۾ وارن ھئسٽنگس (1771ع ۾) بنگال جو گورنر ٿيو ۽ 1799ع ۾ ٽيپو سلطان مارجي ويو۽ يورپ ۾ فرانس انگلينڊ جي خلاف 1778ع ۾ جنگ جو اعلان ڪيو.
    وچ وچ ۾ ڪٿي ڪٿي عربستان سان گڏ ھند، سنڌ يا ٻين ھنڌن جا تاريخي واقعا ان ڪري ڏيڻ بهتر سمجھان ٿو ته جيئن پڙھندڙن کي Idea ٿئي ته ڪھڙي عرب حاڪم جي ڳالهه ھلي رھي آھي. يعني سعود بادشاهه يا عبدالعزيز بادشاهه جي ته ھلي رھي آھي، پر ڪھڙي دور وارو سعود يا عبدالعزيز. ڇو جو اڄ ڏينهن تائين سعودي عرب جي بادشاھن جا ساڳيا نالا ھلندا اچن ۽ ھڪڙو سعود عبدالعزيز، فيصل يا عبدالله گذاري وڃي ته ان جو نالو يڪدم پٽ، ڀائيٽي يا پوٽي تي رکيو وڃي. انگلينڊ جي شھنشاھيت ۾ به ساڳين نالن جو ورجاءُ آھي، جيئن ته جارج، چارلس، ايلزبيٿ وغيره پر انهن سان گڏ نمبر به آھن، يعني جارج پنجون، جارج ڇھون، ايلزبيٿ پھرين، ايلزبيٿ ٻي وغيره وغيره، ان ڪري ايڏو مونجھارو نه ٿو ٿئي.
    بهرحال ڪلھوڙن جي دور وارو ھي عربستان جو بادشاهه عبدالعزيز ابن محمد ھمٿ، عقل ۽ انصاف کان بيحد مشھور ھو، 1803ع ۾ ھو ديريا جي مسجد الطيرائف ۾ نماز پڙھي رھيو ھو ته ڪو ھن کي شھيد ڪري ويو.
    عبدالعزيز ابن محمد کانپوءِ ھن جو پٽ (جنهن جو نالو سندس ڏاڏي تان سعود رکيو ويو) تخت تي ويٺو. سعود ابن عبدالعزيز کي پنهنجي پيءُ واريون سٺيون ڳالھيون ھيون ۽ ھن جي سڄي عربستان ۾ واکاڻ ۽ دٻدٻو ھو. مصر جو ھڪ جھونو تواريخ نويس الجبارتي 1805ع جي زماني جون جيڪي ڳالھيون رڪارڊ ڪيون آھن، انهن ۾ ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
    ”مصر ۾ خبرون پھتيون آھن ته وھابي مڪي طائف ۽ حجاز جي ٻين شھرن ۾ گھڙي چڪا آھن. (جتي انهن ڏينهن ۾ ترڪن جو راڄ ھو). ھنن پنهنجو لشڪر ٺاھي جدي ۽ ينبو جھڙا بندرگاهه پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتا آھن. ھنن جي حجاز ۾ ھاڪ ۽ ناموس آھي. ھنن لاءِ اھو ٻڌجي ٿو ته اھوڪجهه ڪن ٿا، جيڪي حلالي آھن. منع ڪيل ۽ غلط شين کان پاسو ڪن ٿا“.
    مٿي وھابي لفظ عربستان جي حاڪم (امير) لاءِ استعمال ڪيوويو آھي. جيڪو انهن ڏينهن ۾ (1805ع ۾) سعود ابن عبدالعزيز ھو. ڪيترن تاريخدانن (مسلمانن توڙي غير مسلمان) سعود خاندان جي حاڪمن کي “وھابي“ سڏيو آھي. اھو لفظ ڪو عام طرح استعمال ۾ نه ايندو ھو پر ڌاريان ايئن سمجھندا ھئا ته شيخ محمد ابن عبدالوھاب ڪو نئون مذھب يا فرقو ڪڍيو آھي، جنهن جا عرب حاڪم پوئلڳ آھن پر حقيقت ۾ شيخ محمد ابن عبدالوھاب ۽ سعود خاندان جا حاڪم گڏجي اسلام کي شرڪن ۽ بدعتن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيا ھئا. ھنن نه ٿي چاھيو ته مسلمان شرڪ جھڙا ڪم ڪن ۽ ھو الله سان گڏ ڪنهن ٻئي کي ھن سان شامل شريڪ ڪن. ماڻھن ۾ سجاڳي اچڻ ڪري ھنن مقبرن مزارن تي وڃڻ ڇڏي ڏنو ۽ انهن تي ويٺل مجاورن، ڪوڙن مولوين ۽ پيرن فقيرن جي اھميت گھٽ ٿيڻ لڳي، جن شيخ محمد ابن عبدالوھاب جي نصيحتن ۽ ليڪچرن جي اھميت گھٽائڻ لاءِ ابن عبدالوھاب خلاف پروپئگنڊا شروع ڪري ڏني آھي.
    مون کي ياد آھي ته اسان جي ڳوٺ ۾ به اڄ کان اڌ صدي کن اڳ جڏھن اسان ننڍا ھئاسين ته ڪنهن کي پيرن فقيرن جي قبرن يا امام حسين جي نالي ٿيل گھوڙي يا جھنڊي کان دعا نه گھرڻ تي وھابي سڏيو ويندو ھو. ھاڻ سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ مدرسا ٺھي ويا آھن ۽ ڪيترائي پڙھيل ڳڙھيل عالم مولوي ۽ مفتي ماڻھن کي گمراهه ٿيڻ کان بچائي رھيا آھن، جيئن ھو شرڪ کان پاسو ڪن ۽ ھر ڳالهه لاءِ پنهنجي پروردگار سان رجوع ٿين. جيئن شاهه لطيف به چيو آھي ته الله ئي حبيب آھي، ۽ شفا ڏيڻ وارو آھي. ڦڪيون به تڏھن اثر ڪن ٿيون، جڏھن ھنن کي رب پاڪ جو امر ٿئي ٿو.
    ھڪ ٻي ڳالهه جيڪا پڙھندڙن لاءِ دلچسپ ۽ معلوماتي ثابت ٿيندي ته شيخ محمد ابن عبدالوھاب وارن ڏينهن ۾ سنڌ وڏي اوج تي ھئي، جنهن جو ھڪ شھر ٺٽو دنيا جي مشھور شھرن مان ھو، جنهن جا عالم اديب، دنيا ۾ مڃيا ويا ٿي ۽ ھندستاني حڪمن جي راڄڌاڻين ۾ توڙي عربستان ۽ بلخ بخارا ۾ ھتي جا سنڌي عالم علم سيکارڻ ۽ مذھبي مسئلن تي معلومات ڏيڻ لاءِ سڏايا ويا ٿي ۽ پوءِ ڪيترا ته اتي ئي ٽڪي پيا ٿي.
    اليگزينڊر ھئملٽن جھڙي انگريز (اسڪاٽلئنڊ جي رھاڪو) سياح پنهنجي ڪتاب "New Account of East Indies" ۾ سترھين صدي جي آخر وارن سالن جو احوال لکيو آھي ته:
    "Thatta city (of Sindh) has four hundred colleges and schools, The city of famous for learning in theology, philology and politics"
    ٺٽي ۽ سنڌ جو ھي احوال مون ان ڪري لکيو آھي ته جيئن پڙھندڙن کي اڃا ڄاڻ ھجي ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ نه فقط واپار وڙي، جھاز راني ۽ ٻين ڪمن ۾ اڳيان ھئي پر علم ۽ ڄاڻ ۾ پڻ سنڌي عالم دنيا ۾ مشھور ھئا. ويندي شيخ محمد ابن عبدالوھاب جي چئن استادن مان ٻه سنڌي ھئا. مون کي ان بابت ھن سال حج دوران خبر پيئي. مديني ۾ ھڪ عرب دوست ابن عبدالوھاب تي ھڪ 250 کن صفحن جو ڪتاب پڙھڻ لاءِ ڏنو. جيڪو سعود اسلامڪ يونيورسٽي جي پروفيسر سليمان عبدالرحمان جو لکيل آھي، جنهن ۾ ھن انهن سنڌي عالمن جو احوال لکيو آھي، جيڪي مديني ۾ رھيا ٿي ۽ جن وٽ ابن عبدالوھاب علم حاصل ڪيو. انهن مان ھڪ محمد ابن حيات السنڌي جي نالي سان مشھور آھي، جيڪو پڻ سنڌ کان لڏي مديني ۾ اچي رھيو ھو. شيخ السنڌي بابت ھن ڪتاب جي ليکڪ پروفيسر سليمان ابن عبدالرحمان لکيو آھي ته شيخ السنڌي پڻ شرڪ ۽ اسلام ۾ بدعتن جي سخت خلاف ھو. ھڪ دفعي ابن عبدالوھاب ڏٺو ته ڪجهه ماڻھو قبرن ۾ دفن ٿيلن کان پنهنجي ضرورتن لاءِ گُھر ڪري رھيا ھئا، جنهن لاءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن پڻ سختي سان منع ڪئي آھي. ايتري ۾ شيخ السنڌي اچي اتان لنگھيو. ابن عبدالوھاب شيخ السنڌي کان پڇيو.
    ”ھنن ماڻھن بابت توھان جو ڇا خيال آھي؟“
    شيخ السنڌي جواب ۾ قرآن شريف جي ستين سورة جي 139 نمبر آيت پڙھي.
    ترجمو: ”ھي ماڻھو جنهن طريقي جي پيروي (بت پرستي) ڪري رھيا آھن، اھوته برباد ٿيڻ وارو آھي ۽ جيڪو عمل ھو ڪري رھيا آھن، اھو نسورو ئي باطل آھي“.
    بهرحال سعود ابن عبدالعزيز جي سلطنت شام ۽ يمن تائين پھتي ٿي، جي مڪي ۽ مديني جي ماڻھن جي حالت سڌارڻ لاءِ ترڪيءَ جي سلطنت عثمانيا (Ottomon Empire) جي سلطان سليم کي ھروقت لکندو رھيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ مڪو ۽ مدينو ترڪن حوالي ھو.
    سال 1811ع ۾مصرف جي بادشاهه محمد علي پنهنجي پٽ توسون کي سعودي ابن عبدالعزيز تي حملو ڪرڻ لاءِ موڪليو، خوب گولاباري ھلي. سعودين گھڻو ئي مقابلو ڪيو پر مصر جي محمد علي جو مڪي، مديني ظائف ۽ جدي تي قبضو ٿي ويو. ان ويڙهه ۾ سعود ابن عبدالعزيز 1813ع ۾ ديريا ۾ مارجي ويو. ان بعد سندس پٽ عبدالله ابن سعود تخت تي ويٺو ۽ چار سال حڪومت ڪيائين. مصري حاڪم محمد علي فوج ديريا (گادي واري شھر) تائين پھچي وئي ۽ 1817ع ۾ سڄي شھر تي قبضو ڪري ورتائون. عبدالله ابن سعود ۽ شيخ محمد ابن عبدالوھاب ۽ انهن جي گھر جي ڀاتين کي مصر موڪليو ويو. جتان پوءِ کين سلطنت عثمانيا جي گادي واري شھر استنبول ۾ موڪليو يو، جتي شھزادي عبدالله ابن سعود کي 1818ع ۾ قتل ڪيو ويو.
    ان بعد وڏي سعودي جي ٻيو نمبر پٽ مشاري ابن سعود عرب حڪومت جون واڳون سنڀاليون پر اھو انهي سال لڙائي ۾ مارجي ويو. ان بعد عبدالله ابن سعود جو پٽ ترڪي ابن عبدالله 1820ع ۾ تخت تي ويٺو پر ھن کي الرياض شھر جي مسجد ۾ نماز پڙھندي قتل ڪيو ويو. ان بعد شھزادو فيصل ابن ترڪي ابن عبدالله 1830ع ۾ حڪومت سنڀالي ۽ 1865ع تائين حڪومت ڪئي. ھن سلطنت عثمانيا جي فوجين سان ڪيتريون ئي جنگيون وڙھيون. ھن جي ڏينهن ۾ سڄو عربستان ننڍن ننڍن قبيلن ۾ ورھايل ھو. جن کي ٻاھرين طاقتون ڀڙڪائينديون رھيون ٿي. ھي جلدي انهن ۾ ھڪ طاقتور حاڪم ٿي ويو. 1865ع ۾ سندس وفات بعد شھزادو عبدالله ابن ثنييان تخت تي ويٺو (ثنييان وڏي سعود جو پٽ ھو ۽ محمد مشاري ۽ فرحان جو ڀاءُ) شھزادي عبدالله ابن ثنييان 1871ع کان وٺي 1895ع تائين حڪومت ڪئي ۽ مصر ۽ ترڪي وارن سان جنگيون جوٽي رکيون.
    شھزادي عبدالله بعد ٽي سعود شھزادا تخت تي ويٺا.
    • عبدالله ابن فيصل (جنهن 1888ع ۾ وفات ڪئي.
    • سعود ابن فيصل ۽
    • محمد ابن سعود ابن فيصل
    ان بعد شھزادي عبدالرحمان ابن فيصل حڪومت سنڀالي. عربن نه ٿي چاھيو ته ترڪي جي سلطنت عثمانيا جي عربستان تي حڪومت ھجي پر مقابلو ڪري نه سگھيا ۽ آخر ۾ ڪمزور ٿيڻ ڪري سعود خاندان جا حاڪم ملڪ بدر ٿي بحرين ۽ ڪويت ھليا ويا.
    ڪويت ۾ رھي عبدالرحمان ابن فيصل جو ھڪ نوجوان پٽ شھزادو عبدالعزيز ابن عبدالرحمان واپس حڪومت حاصل ڪرڻ جو سوچڻ لڳو ۽ آخرڪار ھو ان ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ تاريخ ۾ بادشاهه (ملڪ) عبدالعزيز ابن عبدالرحمان جو وڏو نالو ٿيو. بيت الحرم جو اجياد اسپتال پاسي وارو دروازو باب ملڪ عبدالعزيز به ھن بادشاهه جي نالي تي آھي.
    سعودي عرب جي شھرن جا ڪيترائي اھم رستا، پليون، اسڪول، اسپتالون ھن بادشاهه عبدالعزيز نالي آھن. ھن بادشاهه تي دنيا جي ڪيترن ئي تاريخدانن، ڪيترن ئي زبانن ۾ ڪتاب لکيا آھن. ھن شخص عربستان کي سلطنت عثمانيا کان آزاد ڪرايو ۽ حجاز ۽ نجد کي ملائي سڄي ملڪ جو نالو پنهنجي ”سعود“ خاندان پٺيان ”سعودي عرب“ رکيو. پاڻ 1958ع ۾ گذاري ويو.
    عبدالعزيز ابن عبدالرحمان جي وفات بعد سندس پٽ شھزادو سعود ابن عبدالعزيز تخت تي ويٺو. ھن بادشاهه سعودي عرب ۾ تعليم ۾ واڌارو آندو. سعودي عرب جي پھرين يونيورسٽي جيڪا سندس نالي تي رياض شھر ۾ آھي. ھن بادشاهه سعود عبدالعزيز کولي، ھن ٻيا به ڪيترائي اسڪول ۽ ڪاليج کولرايا، مڪي جي ”مسلم ورلڊ ليگ“ جو باني پڻ سعودي ابن عبدالعزيز آھي.
    سعود ابن عبدالعزيز کانپوءِ سندس ڀاءُ شھزاد فيصل ابن عبدالعزيز 1964ع ۾ سعودي عرب جو بادشاهه ٿيو .ان بعد ٽيون ڀاءُ خالد ابن عبدالعزيز 1975ع ۾ بادشاهه ٿيو. ٻنهي ڀائرن جي ڏينهن ۾ سعودي عرب وڏي ترقي ڪئي، اسڪول، ڪاليج، اسپتالون، آفيسون، رستا، پليون، ھرھڪ شيءِ ۾ تبديلي اچي وئي. اڄ جو سعودي عرب دنيا جي ماڊرن ملڪن مان ھڪ ٿي پيو آھي. اڄڪلهه سعودي جو بادشاهه سعود، فيصل ۽ خالد جو ڀاءُ فھد ابن عبدالعزيز آھي. فھد 1924ع ۾ ڄائو ۽ 1982ع کان حڪومت جون واڳون ھن جي حوالي آھن.
    ملڪ جو نائب پريميئر ۽ پڳدار شھزادو سندن ھڪ ٻيو ڀاءُ عبدالله ابن عبدالعزيز آھي، جنهن جو سن ولادت پڻ 1924ع آھي، جنهن مان لڳي ٿو ته ھو ٻي ماءُ مان آھي.
    ان بعد شھزادو سلطان ابن عبدالعزيز آھي. پاڻ 1928ع ۾ ڄائو، سندس والد کيس ويهه ورھين جي ڄمار ۾ (1947ع ۾) رياض جو گورنر مقرر ڪيو. 1953ع ۾ ايگريڪلچر جو وزير ٿيو ۽ 1955ع ۾ ڪميونيڪيشن جو وزير ٿيو. بهرحال اڄڪلهه ھو سيڪنڊ نائب پريميئر آھي.


    قرآن مجيد ۽ حديث شريف جون دعائون

    ”اي اسان جا رب! اسان پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو آھي، جيڪڏھن تو اسان کي نه بخشيو ۽ اسان تي رحم نه ڪيو ته اسان يقينن خسارو کڻڻ وارن مان ٿي پونداسين“. (سورة الاعراف ـ آيت 23)
    ”اي اسان جا رب! اسان کي دنيا ۾ ڀلائي عطا فرماءِ ۽ آخرت ۾ به ڀلائي سان نواز ۽ اسان کي باهه جي عذاب کان بچائج“. (سورة البقرة، آيت 201)
    ــ”اي اسان جا پروردگار! اسان کان جھنم جو عذاب پري رکجانءِ، ڇو ته ان جو عذاب چھٽي وڃڻ وارو آھي. بيشڪ جھنم تمام خراب ٺڪاڻو ۽ خراب جاءِ آھي“. (سورة فرقان آيت ـ 66 ــ 65)
    ــ”اي اسان جا رب! ھدايت عطا فرمائڻ بعد اسان جي دلين کي گمراهه نه ڪر ۽ اسان تي پنهنجي طرف کان رحمت عطا فرماءِ. بيشڪ تون ئي حقيقي داتا آھين“. (سورة آل عمران ـ آيت 8)
    ـــ”اي اسان جا رب! اسان کي ۽ اسان جي انهن ڀائرن کي به بخش ڪر، جيڪي اسان کان اڳ ايمان آڻي چڪا آھن ۽ اھل ايمان جي باري ۾ اسان جي دلين ۾ ڪنهن به قسم جو ڪينو نه آڻڻ ڏي، اي اسان جا رب! تون وڏو ئي شفيق ۽ مھربان آھين“. (سورة الحشر ـ آيت 10)
    ــ”اي اسان جا رب! اسان تي پنهنجي طرف کان رحمت عطا فرماءِ ۽ اسان جي معاملن ۾ اصلاح جي صورت پيدا فرماءِ“. (سورة الڪھف ـ آيت 10)
    ـــ”اي اسان جا رب! اسان جو نور آخر تائين سلامت رکجانءِ ۽ اسان کي بخشجان، تون يقينن ھر شيءِ تي قادر آھين“. (سورة التحريم ـ آيت 8).
    ـــ”اي اسان جا رب! مون کي ۽ منهنجي اولاد کي نماز قائم ڪرڻ وارو بڻائج“.
    ـــ”اي اسان جا رب! منهنجي دعا قبول فرماءِ. اي اسان جا رب! مون کي منهنجي والدين ۽ اھل ايمان وارن کي حساب ڪتاب واري ڏينهن بخشي ڇڏجانءِ“. (سورة ابراھيم ـ آيت 41 ــ 40).
    ــ”يا الله! منهنجي گناھن جي مقابلي ۾ تنهنجي مغفرت تمام وسيع آھي ۽ مون کي منهنجي عمل جي مقابلي ۾ تنهنجي رحمت جي وڌيڪ اميد آھي“.
    ــ”اي الله آئون تنهنجي رحمت جو اميدوار آھيان. مونکي لمحي کن لاءِ به منهنجي نفس جي حوالي نه ڪر. منهنجون سڀ حالتون صحيح ڪجان. توکان سواءِ ڪو به الله نه آھي“.
    ــ”اي الله! مون پنهنجي جان تي تمام گھڻا ظلم ڪيا ۽ تنهنجي سواءِ ڪير آھي جو گناهه بخشي. مون کي پنهنجي طرف جي خاص بخشش سان نواز ۽ مون تي رحم فرماءِ“.
    ــ”الاھي! اي جبرائيل، ميڪائيل، اسرافيل ۽ حضرت محمد ﷺ جا رب! آئون توکان باهه جي عذاب کان پناهه گھران ٿو“.
    ــ”اي الله! جنهن ڏينهن تون پنهنجن ٻانهن کي اٿاريندين، ان ڏينهن مون کي پنهنجي عذاب کان بچائي رکجان“.
    ــ”اي الله! مون کي بخش ڪر. مون تي رحم فرماءِ. مون کي صحت، ھدايت ۽ رزق عطا فرماءِ“.
    ــ”يا الله! رزق حلال سان منهنجون سموريون ضرورتون پوريون فرماءِ ۽ حرام کان بچاءِ. پنهنجي فضل و ڪرم سان مون کي پنهنجي ذات کان علاوه ھرھڪ کان بي نياز ڪري ڇڏ“.

    ــ”الاھي! آئون سوال ٿو ڪريان توکان درگذر ۽ سلامتي ۽ ھر تڪليف کان بچاءِ جو دنيا ۾ آخرت ۾.“
    ــ”يا الله! آئون توکان ھدايت، تقويٰ، پاڪدامني ۽ بي نيازي جو سوال ڪريان ٿو“.
    ــ”اي الله! مون کي ھدايت ڏي ۽ منهنجي اصلاح فرماءِ. اي الله! آئون توکان ھدايت ۽ اصلاح جو سوال ڪريان ٿو“.
    ــ”اي منهنجا رب! مون کي بخش ڪجانءِ. منهنجي توبه قبول فرماءِ. تون يقينن توبھ قبول ڪرڻ وارو ۽ بخشڻھار آھين“.
    ــ”يا الله! منهنجي دل کي نفاق کان، عمل کان، ريا کان، زبان کي ڪوڙ کان ۽اک کي خيانت کان پاڪ ڪري ڇڏ، ڇو جو تون اکين جي خيانت ۽ سينن جي اندر لڪل ڳالھين کي ڄاڻين ٿو“.
    ــ”يا الله! آئون تنهنجي نعمت جي زوال، تنهنجي عافيت کان، محرومي، تنهنجي اوچتي عذاب ۽ تنهنجي ھر طرح جي ڪاوڙ کان پناهه گھران ٿو“.
    ــ”يا الله! آئون چئن شين کان تنهنجي پناهه گھران ٿو (1) اھڙو علم جيڪو فائدو نه رسائي (2) اھڙي دل جيڪا خوف نه کائي (3) اھڙو نفس جيڪو آسودو نه ھجي (4) اھڙي دعا جيڪا قبول نه ٿئي“.
    ــ”الله کانسواءِ ڪو به الٰہ ناھي. ھو اڪيلو آھي. ھن جوڪو به شريڪ ناھي. بادشاھي ان جي لاءِ آھي، واکاڻ جي لائق اھو ئي آھي ۽ ھو ھر شيءِ تي قادر آھي“.
    ڪتاب (حج و عمره) تان ـ حديث پبليڪيشنز، لاھور.


    حج : حديثن جي روشني ۾

    جنهن گروپ سان مون کي حج ڪرڻ جو موقعو مليو. ان ۾ ڪيترائي عالم، فاضل ۽ قرآن جا ياد حافظ ھئا. ھو اڪثر اسلامي ڳالھيون خاص ڪري حج بابت حديثون ٻڌائيندا رھندا ھئا. روزانو منجھند جي ماني بعد ته باقاعدي تعليم ٿيندي ھئي، جنهن ۾ اسان جو گروپ ليڊر مولوي احسان الاھي شيخ يا حافظ سعيد احمد ڪنهن ديني ڪتاب جا چند ورق پڙھي ٻڌائيندو ھو ۽ انهن جون سمجھاڻيون ڏيندو ھو.
    حرم پاڪ ۾ پڻ مختلف زبانن جا مولوي مختلف ھنڌن تي پنهنجي ھم زبان حاجين کي دين جي تعليم ڏيندا رھيا ٿي. گھڻو ڪري ترڪي، ملئي، ايراني، عربي زبان ۾ ليڪچر ٿيندو ھو. اڙدو ۾ پڻ الشيخ محمد مڪي نالي مولوي مختلف عنوانن تي واعظ ڪندوھو، جيئن ته توحيد ۽ بدعت، سيرت النبي، حاضر ناظر، پڙدي جا احڪام وغيره وغيره. بهرحال ھتي ڪجهه حديثون لکڻ بي مھل نه ٿينديون، جيڪي حج بابت آھن. مختلف ھنڌن تان نوٽ ڪيون اٿم. حرم مڪي جي حدن جي مقرري حضرت ابراھيم عليه السلام ۽ حرم مديني جي حدن جو تعين رسول اڪرم ﷺ جن ڪيو.
    حضرت رافع بن خديجه رضه جو چوڻ آھي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”حضرت ابراھيم عليه السلام مڪي کي حرم قرار ڏنو ۽ آئون ٻنهي ڪارن پٿرن وارن ٿنڀن جي وچ واري جاءِ ـ يعني مديني کي حرم قرار ڏيان ٿو. (ان کي مسلم روايت ڪيو)
    وضاحت
    الله تعاليٰ جي حڪم سان حضرت ابراھيم عليه السلام حرم مڪي جون جيڪو حدون مقرر ڪيون آھي، ھن ريت آھن: اتر ۾ مڪي مڪرمه کان چار ميل (تنعيم تائين)، اتر اوڀر ڏي مڪي شريف کان اٽڪل نَوَ ميل (وادي نخله تائين) اولهه ڏي مڪي شريف کان اٺ ميل حديبيه تائين، سعودي حڪوت علامت طور انهن ھنڌن تي اڇي رنگ جا ٿنڀا ٺھرائي ڇڏيا آھن.

    • مڪو شريف الله تعاليٰ ۽ ھن جي رسول صلعم جو محبوب ترين شھر آھي
    حضرت عبدالله بن عدي حمراءَ رضه چوي ٿو ته مون رسول الله ﷺ جن کي حزوره جي مٿان بيھي ھي فرمائيندي ڏٺو: ”الله جو قسم! (اي مڪا) تون الله جي سڄي زمين کان بهتر آھين ۽ الله کي سڀ کان گھڻو محبوب آھين. جيڪڏھن مون کي ھتان نه ڪڍن ھا ته آئون ھتان ڪڏھن به نه نڪران ھا“. (اھو ترمذي روايت ڪيو آھي).

    • دجال مڪي ۽ مديني ۾ داخل ٿي نه ٿو سگھي
    حضرت انس بن مالڪ رضه ٻڌائي ٿو ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”ڪو به شھر اھڙو ناھي، جنهن ۾ دجال جو گذر نه ٿئي، سواءِ مڪي ۽ مديني جي. انهن شھرن جي سڀني رستن تي ملائڪ صف در صف پھرو ڏئي رھيا آھن“. (ان کي مسلم روايت ڪيو).

    • مڪھ مڪرمھ جي مسجد ـ مسجد الحرام ۾ ھڪ نماز اداڪرڻ جو ثواب ھڪ لک نمازن جي برابر آھي.
    حضرت جابر رضه کان روايت آھي ته رسول اڪرم ﷺ جن فرمايو. ”منهنجي مسجد ۾ نماز ادا ڪرڻ جو اجر (ٻين مسجدن جي ڀيٽ ۾) ھزار درجا گھڻو آھي. سواءِ مسجد الحرام جي ۽ مسجد الحرام ۾ ھڪ نمازجو ثواب (ٻين مسجدن جي ڀيٽ ۾) ھڪ لک درجا گھڻو آھي. (اھو احمد طرفان روايت ٿيل آھي).

    • مديني منوره جو ٻيو نالو ”طابا“ آھي، جيڪو الله تعاليٰ رکيو آھي.
    حضرت جابر بن سمره جو چوڻ آھي ته مون رسول اللهﷺ جن کي اھو فرمائيندو ٻڌو ته الله تعاليٰ مديني جو نالو ”طابا“ رکيو آھي.

    • مديني منوره ۾ طاعون جي بيماري ڪڏھن به نه پکڙبي ۽ ان ۾ دجال داخل ٿي نه سگھندو.
    حضرت ابو ھريره رضه جن جو چوڻ آھي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”مديني جي رستن تي ملائڪ مقرر آھن. ان ۾ نه ڪڏھن طائون پکڙجي سگھي ٿي ۽ نه دجال داخل ٿي سگھي ٿو“. (ان کي بخاريءَ روايت ڪيو).

    • مديني منوره جي ”جبل احد“ سان به رسول الله صلعم جن کي محبت ھئي.
    حضرت انس بن مالڪ رضه چوي ٿو ته آئون خيبر وڃڻ لاءِ نبي اڪرم ﷺ جن سان (گھر کان) نڪتس. اتي (خيبر ۾) آئون پاڻ ڪريم ﷺ جن جي خدمت ڪندو رھيس. نبي اڪرم ﷺ جن خيبر کان مديني ڏي موٽيا. جبل احد ڏيکائي ڏني ته پاڻ فرمايائون: ”ھي جبل اھو آھي، جيڪو اسان سان محبت ڪري ٿو ۽ اسين ھن سان محبت ڪريون ٿا“. (ان حديث کي بخاري ۾ روايت ڪيو).

    • مديني منوره جي کجي ”عجوه“ جنت جو ميوو آھي، جنهن ۾ زھر ۽ جادو لاءِ شفا رکي وئي آھي.
    حضرت ابو ھريره رضه چوي ٿو ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”عجوھ کجور جنت جو ميوو آھي ۽ ان ۾ زھر لاءِ شفا آھي“. (ھي ترمذي کان روايت ٿيو).

    حضرت سعد بن ابي وقاص رضه جو چوڻ آھي ته رسول الله جن فرمايو: ”جيڪو ماڻھو جنهن ڏينهن صبح کان عجوه ڪتل جون ست ڳڙيون کائيندو، ان ڏينهن زھر ۽ جادو نقصان نه رسائيندس“. (ان کي بخاري روايت ڪيو آھي).

    • مسجد نبوي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ پھرين تحيھ المسجد ادا ڪرڻ کپي، پوءِ قبر مبارڪ تي حاضر ٿي درود و سلام پڙھڻ کپي.
    حضرت ابو قتاده رضه جو چوڻ آھي ته آئون مسجد نبوي ۾ حاضر ٿيس ۽ رسول الله ﷺ صحابه ڪرام رضه جي وچ ۾ ويٺل ھئا. آئون به ھنن وٽ اچي بيٺس. رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”ويھڻ کان اڳ ٻه رڪعتون (تحيه المسجد) پڙھڻ کان توکي ڪھڙي شيءِ جھليو؟“ حضرت ابو قتاده رضه عرض ڪيو ”يا رسول الله صلعم! مون توھان کي ۽ ٻين کي ويٺل ڏٺو (ته آئون ويھي رھيس). پاڻ ارشاد فرمايو: ”جڏھن ڪو شخص مسجد ۾ اچي ته ھن کي ان وقت تائين نه ويھڻ کپي، جيسين ھو ٻه رڪعتون (تحيه المسجد) ادا نه ڪري“. (ان کي مسلم روايت ڪيو).

    • مسجد نبويءَ ۾ جڏھن روضة الجنت ۾ عبادت ڪرڻ جو موقعو ملي وڃي ته اھو وڌيڪ اجر ۽ ثواب جو باعث آھي.
    حضرت ابو ھريره رضه کان روايت آھي ته نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو: ”منهنجي حجر ۽ منبر جي وچ واري جاءِ جنت جي باغن مان ھڪ باغ آھي ۽ منهنجو منبر منهنجي حوض تي واقع آھي“. (ان کي بخاري روايت ڪيو.)
    وضاحت
    روضة الجنت کي سفيد رنگن جي ٿنڀن ۽ سفيد غاليچن سان نمايان ڪيو ويو آھي. ھن جاءِ جو ٻيو نالو ”روضو شريف“ آھي ۽ ھتي حضور اڪرم ﷺ جن جي قبر مبارڪ آھي .ان کي ”حجرو شريف“ سڏجي ٿو.

    • رسول اڪرم صلعم جن جي قبر مبارڪ تي نماز وانگر ھٿ ٻڌي بيھڻ، رڪوع وانگر جھڪڻ، سجدو ڪرڻ يا تلاوت ۽ ذڪر لاءِ ويھڻ، ان جو طواف ڪرڻ، ان ڏي منهن ڪري دعا گھرڻ يا نماز پڙھڻ منع آھي.
    حضرت ابو ھريره رضه جو چوڻ آھي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”يا الله! منهنجي قبر کي بت نه بڻائجانءِ. الله تعاليٰ انهن ماڻھن تي لعنت فرمائي، جن نبين جي قبرن کي عبادتگاهه بنايو“. (ان کي احمد روايت ڪيو).

    • عورتن جو زيارت لا ءِ ھر ھر نبي اڪرم صلعم جن جي قبر مبارڪ تي اچڻ سٺي ڳالهه نه آھي.
    حضرت ابو ھريره رضه جن فرمائين ٿا ته رسول الله ﷺ جن قبرن تي گھڻو اچڻ وارين عورتن تي لعنت فرمائي آھي (اھو ترمذي کان روايت آھي).

    • مسجد قبا ۾ تحيھ المسجد ادا ڪرڻ جو ثواب عمري جي برابر آھي.
    حضرت سھل بن حنيف رضه جو چوڻ آھي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”جيڪو ماڻھو (پنهنجي گھر کان) نڪري ۽ ھن مسجد يعني مسجد قبا ۾ اچي (ٻه رڪعتون) نماز پڙھي ته ان کي عمري جيترو ثواب ملي ٿو“. (اھو نسائي کان روايت ٿيو).

    • حج ۽ عمري جو ثواب خرچ ۽ تڪليف مطابق ملي ٿو.
    حضرت عائشه رضه کان روايت آھي ته ھڪ موقعي تي نبي اڪرم ﷺ جن ساڻس (حضرت عائشه رضه) سان عمري جي ثواب جي باري م فرمايو ته ان جو ثواب خرچ يا مشقت مطابق ملي ٿو. (اھو بخاري طرفان روايت ٿيل آھي).

    • حجر اسود ۽ مقام ابراھيم ٻئي جنت جا پٿر آھن.
    حضرت عبدالله بن عمر رضه جو چوڻ آھي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ”حجر اسود ۽ مقام ابراھيم جنت جي قيمتي پٿرن مان ٻه پٿر آھن. الله تعاليٰ ٻنهي پٿرن جي روشني ختم ڪري ڇڏي آھي، جيڪڏھن الله تعاليٰ ائين نه ڪري ھا ته ھي ٻئي پٿر مشرق ۽ مغرب جي وچ ۾ ھر شيءِ روشن ڪري ڇڏين ٿا“. (ان کي ابن خزيمه روايت ڪيو).

    • حجر اسود جنت مان لٿل پٿر آھي، جيڪو کير وانگر سفيد ھو پر ماڻھن جي گناھن جي ڪري ھو ڪارو ٿي پيو آھي.
    حضرت عبدالله بن عباس رضه جو چوڻ آھي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”حجر اسود جنت مان لٿل پٿر آھي، جيڪو کير کان وڌيڪ سفيد ھو پر ماڻھن جي گناھن ھن ھن کي ڪارو ڪري وڌو آھي (اھو ترمذي روايت ڪيو).

    • حج ادا ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي گھر ٻار ڏي جلدي موٽڻ وڏي اجر جي ڳالهه آھي.
    حضرت عائشه رضھ کان روايت آھي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”جڏھن ڪو شخص پنهنجو حج مڪمل ڪري وٺي ته ھن کي پنهنجي اھل و عيال وٽ (موٽڻ) وڃڻ لاءِ جلدي ڪرڻ کپي. اھو ھن لاءِ اجر عظيم جو باعث آھي“. (ان کي دارقطني ۽ حاڪم روايت ڪيو).


    نيوز پيپر ڪٽنگز

    پڙهندڙن لاءِ

    حج جي دوران سعودي عرب مان نڪرندڙ انگريزي اخبارن ۾ ايندڙ ڪجهه خبرون پڙھندڙن جي دلچسپي لاءِ ھتي ڏيان ٿو. پڪ اٿم ته ھنن خبرن مان ڪيترن ئي ڳالھين جي آئيڊيا ۽ ڄاڻ ٿي سگھندي. ڪي خبرون دلچسپ پڻ آھن.


    انگلينڊ کان آيل حاجي

    سعودي عرب جي ھڪ انگريزي اخبار سعودي گزيٽ مطابق ھن سال (سن 2000ع) ۾ يورپ کان آيل حاجين ۾ ٽيهه ھزار حاجي انگلينڊ جا ھئا. گذريل سال انگلينڊ کان ويهه ھزار حاجي آيا ھئا. برٽش ھائوس آف لارڊس جو مسلمان ميمبر لارڊ نظير احمد پڻ حج تي آيل ھو. سندس ھي ٻيو حج ھو. ان کان علاوه ھن ست عمره ڪيا آھن. ھن سعودي حڪومت جي تعريف ڪئي، جيڪا ھر سال حاجين لاءِ بهتر کان بهتر سھوليتون مھيا ڪري رھي آھي ۽ حاجين کي عرفات ۽ منى ۾ پاڻي جون لکين بوتلون ۽ کاڌي جون شيون مفت ڏئي ٿي.
    ھن سال برطانيا کان ڪيترن ئي ڊاڪٽرن رضاڪارانه طور پنهنجي خرچ تي حج تي اچي دنيا جي حاجين جي خدمت ڪئي. سعودي عرب حڪومت جي ٻئي نمبر پريميئر ۽ ڊفينس جي انسپيڪٽر جنرل ۽ بادشاهه فھد جي ڀاءُ شھزادي سلطان ابن عبدالعزيز خميس ڏھين ذوالحج تي جن خاص مھمانن سان ملاقات ڪئي، انهن مان انگلينڊ جو لارڊ نظير ھڪ ھو.
    اٽڪل 42 ورھين جو نظير احمد، جيڪو لنڊن کان 180 ميل پري راٿرھام علائقي ۾ رھي ٿو، برطانيا جي پارليامينٽ جو پھريون مسلمان لارڊ آھي. پاڻ پاڪستاني آھي ۽ سندس فئملي جو اصل ڳوٺ ميرپور (آزاد ڪشمير) ھو. اڄ کان اڌ صدي کن اڳ ھن جي پيءُ پنهنجو وطن ڇڏي لنڊن ۾ اچي رھائش اختيار ڪئي ھئي.


    قربانيءَ جو گوشت ٻين ملڪن ڏي

    جده 18 مارچ 2000ع حاجين جي منى ۾ ڪيل قربانين جي گوشت جي پھرين کيپ ڪالهه جمعي ڏينهن ھوائي جھاز کڻي جده کان پاڪستان ڏي روانو ٿي ويو، جتي اھو گوشت افغان مھاجرين ۾ ورھايو ويندو. حاجين طرفان ذبح ڪيل جانورن جو گوشت 27 مسلمان ملڪن جي غريبن ۾ ورھايو ويندو. ان ڪم جو بندوبست سعودي حڪومت ۽ اسلامڪ ڊيولپمينٽ بئنڪ گڏجي ڪنديون.
    اٽڪل اڍائي ھزار يخ ٿيل (Frozen) قرباني جون ٻڪريون ۽ رڍون پھرين جھاز ۾ پشاور موڪليون ويون آھن ۽ اڄ ھڪ ٻي ان جيڏي کيپ ھوائي جھاز کڻي ڪوئيٽا روانو ٿيندو. ايندڙ ڏينهن ۾ اٽڪل ڏهه ھزار جانور پاڪستان روانا ڪرڻا آھن. اسلامڪ ڊولپمينٽ بئنڪ (IDP) جي نمائندي ٻڌايو.
    آءِ ڊي پي وارن کي حاجين طرفان حج جي ھنن ٽن ڏينهن (خميس، جمع ۽ ڇنڇر) ۾ اٽڪل پنج لک رڍون، ٻڪريون ۽ ڏهه ھزار ڍڳيون ۽ اٺ ذبح ڪرڻ جو ارادو آھي. جمعي جي صبح تائين ٻه لک کن رڍون، ڍڳيون ۽ اٺ ذبح ٿي چڪا آھن ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ گوشت کي ٿڌو (Frozen) ڪري ھوائي جھازن، پاڻي جي جھازن ۽ خشڪي رستي ٽرڪن، ڪنٽينرن ذريعي مختلف ملڪن ۾ موڪليو ويندو ۽ ان سڄي ڪم جي نگھباني آءِ ڊي پي بئنڪ جو صدر ڊاڪٽر احمد محمد علي پاڻ ڪري رھيو آھي.
    بئنڪ طرفان ھي قرباني جو پروجيڪٽ اڄ کان سترھن سال اڳ شروع ڪيو ويو ھو. ھن پروجيڪٽ ۾ ويهه ھزار ماڻھو ڪم ڪن ٿا، جن ۾ ڪاسائي جانورن جا ڊاڪٽر، ٽيڪنيشن ۽ مزور اچي وڃن ٿا ۽ اھو سمورو ڪم شريعت مطابق ڪن ٿا. نئين مذبحه خاني (Slaughter House) جي ٺھڻ سان ھاڻ منى ۾ ڪل پنج قربان گاهه ٿيا. ھن نئين ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي قربان گاهه ۾ ھڪ ڏينهن ۾ ٻه لک جانور قربان ڪري سگھجن ٿا. بئنڪ جي صدر ٻڌايو ته انهن قربانيءَ جي جانورن مان ڏهه ھزار جانورن جو گوشت مڪي جي حرم واري ايراضي ۾ ورھايو ويندو.


    غير شريفاڻي نموني سان پئسو ٺاھڻ

    مڪي مڪرمه ۽ مديني منوره کان علاوه منى، قبا ۽ ٻين پاڪ جاين تي فقيرن جا ڳاھٽ نظر اچن ٿا. خاص ڪري رمضان جي مھيني ۾ عيدن تي ۽ حج دوران، اھي فقير مختلف قوميتن جا آھن ۽ ھو مختلف جاين تي اھڙو قبضو ڪن ٿا، جو مجال آھي جو سندن ڀائي بند کان علاوه ڪو ٻئي ملڪ جو ان جاءِ تي ويھي پني ڏيکاري. ڪنهن ڪنهن ھنڌ تي ته سڄا خاندان نظر اچن ٿا. ماءُ، پيءُ ۽ ٻارن ٻچن سميت رستي تي، ڪناري تي يا وچ تي ويھي ايندڙ ويندڙ واٽھڙو کي پنهنجي جسم جا عذر وارا عضوا ڏيکاري ھمدردي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا . اھڙي طرح ھو حاجين کي ڦرين ٿا.
    اخباري نمائندن ۽ فوٽو گرافرن کان ھي پينو فقير ڏاڍو ڪن ھڻن ٿا. ڪئميرا تي نظر پوڻ سان پريشان ٿيو وڃن. ڪوڙن عذرن ۽ بهانن وارن جي حالت ان وقت ڏسڻ وٽان ٿئي ٿي. جڏھن ھو ڪنهن سخي مرد کي پئسا يا کاڌي جا پئڪٽ ورھائيندي ڏسن ٿا ته ھنن کان پنهنجون لوليون لنگڙيون ٻانهون ۽ ٽنگون وسريو وڃن ۽ ڊوڙ پائي خيرات لاءِ پھچيو وڃن ۽ پوءِ وري ساڳي لولي لنگڙي يا منڊي ٽنڊي جي ائڪٽنگ شروع ڪريو ڏين. اھو ڏسي واٽ ويندڙ حاجي وائڙا ٿي ويندا آھن پر ھي پينو فقير بيشرم ٿي اھو ڪم ڪندا رھن ٿا.
    ”اسين الله جي نالي تي خيرات ڏيون ٿا، جيڪڏھن ھو اسان کي دوکو ڏين ٿا ته اھو ھنن جو مسئلو آھي“. ڪيترن حاجين اھو ٻڌايو. ڪجهه حاجين سڀني فقيرن کي ھڪ مقرر ٿيوري ٺاھي ڇڏي آھي ته انهن کي خيرات نه ڏيڻي آھي.
    ”اسان کي ھنن فقيرن ۾ ڪو اعتبار نه آھي“. ڪجهه حاجين کي شڪ ھو ته فقيرن جو عذر قدرتي نه پر ھٿرادو آھي.
    ”ھنن ڄاڻي واڻي پاڻ کي معذور بڻايو آھي يا عذر واري جو مکر ڪن ٿا، جيئن حاجي ھنن سان ھمدردي ڪن ۽ پئسا ڏين“.
    فقير گروپن جي شڪل ۾ پنڻ لاءِ سعودي عرب اچن ٿا ۽ ھنن غلط ڪم ۾ کين ٻيا ڦاسائين ٿا ۽ سندن ڪمائي جو وڏو حصو اھي کڻن ٿا ھو. پوليس جي آمد يا موبائيل گاڏي جي اچڻ جو اطلاع کين اڳواٽ ڏئي کين ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڪجهه فقير جيڪي پوليس جي ور چڙھي ويا آھن، انهن جي کيسن مان ڏهه ڏهه ھزار ريالن کان به مٿي پئسا مليا. پنڻ ھڪ شرمناڪ ڳالهه ھجڻ جي باوجود، ڪيترن ماڻھن، پنڻ کي ڌنڌو بڻائي رکيو آھي ۽ ھو خاص خاص ڏينهن تي تمام گھڻو پئسو حاصل ڪريو وٺن. (سعودي گزيٽ اخبار)


    جمراہ (شيطانن) کي پٿريون ھڻڻ

    جمره عربي لفظ آھي. جنهن معنى آھي ٻرندڙ (ٽانڊو) (جمراه جمره جو جمع آھي) شيطانن کي پٿريون ھڻڻ جي رسم پوري ڪرڻ لاءِ حاجي ڳاھٽن جي صورت ۾ پيدل ۽ بس ۾ پھچن ٿا. حاجين جي سھولت لاءِ سعودي حڪومت ھن جاءِ کي پل ذريعي ٻه ماڙ ٺاھيو آھي. جيئن حاجي سڳورا ھڪ ھنڌ ميڙ ٿيڻ بدران مٿي پڻ ھليا وڃن. حڪومت طرفان ڪيترائي پوليس وارا حاجين جي رھنمائي ڪن ٿا. جيئن ڪجهه ھيٺ وڃن ته ڪجهه مٿي ۽ساڳي وقت ھڪ طرف کان وڃن ۽ ساڳي طرف کان موٽڻ بدران ٻئي طرف کان موٽن. جيئن ھنن جو ٽڪراءُ نه ٿئي، ڪو حادثو نه ٿئي.
    ان سڄي علائقي کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ منى ميونسپلٽي ھزارين صفائي وارا لڳائيا آھن، جيڪي ٻهارن ذريعي، ٽريڪٽرن ذريعي ۽ ڪچري جي ٽرڪن ذريعي چوويهه ئي ڪلاڪ گند ڪچرو کڻندا رھن ٿا. ھر ٻن ٻن ڪلاڪن بعد ٽرڪون DDT پائوڊر جو ڦوھارو ھڻن ٿيون، جيئن جراثيم يا ڪا بيماري نه پکڙجي، پر انسان جي فطرت ۾ تڪڙ آھي. تڙ تڪڙ ۾ ۽ ھڪٻئي کي ٿيلھا ڏيڻ ۾ ھنن جا چمپل لھيو وڃن، ڇٽيون ڪريو پون يا ٻيو ھٿ ۾ کنيل سامان گم ٿيو وڃي. ويندي پنهنجي ساٿين ۽ مائٽن کان جدا ٿيو وڃن.
    مختلف ملڪن جا ماڻھو مختلف ڊريسن ۾ ٽولن جي صورت ۾ نظر اچن ٿا ته اڪيلا به. ھرھڪ جي شڪل صورت جدا جدا آھي، پر ھڪ ڳالهه سڀني ۾ ساڳي آھي، ھرھڪ جي ھٿ ۾ پٿريون آھن ۽ سندن زبان تي ساڳيو نعرو آھي: الله اڪبر ـ الله وڏو آھي.


    سمارٽ ينگ حاجيز

    ڪن ڳالھين ۾ ٻارن وڏن کان وڌيڪ تيز ٿين ٿا. ڪيترا ٻار منى وارا ٽي چار ڏينهن ايترو ڪمائين ٿا جو وڏو به نه ڪمائي سگھي. سندن ڪمائي جا عجيب طريقا آھن. منى ۾ ٻارن جو ھڪ ٽولو مفت ۾ ورھايل پاڻي جون بوتلون وٺي دڪانن اڳيان ھڪ ھڪ ريال ۾ وڪڻي رھيا آھن ۽ خريدار دڪانن تان ٻن ريالن في بوتل وٺڻ بدران ھنن کان اڌ قيمت يعني في بوتل ھڪ ريال خريد ڪري رھيا ھئا. جنهن ريت ٻارن جو ۽ خريدارن جو فائدو ٿي رھيو ھو. ڪيترا ٻار ته دڪانن اڳيان وڪڻڻ بدران رستي جي ڪناري تي بيھي وڪڻي رھيا ھئا.
    منى ۽ عرفات ۾ جيتوڻيڪ پاڻي مفت ۾ ورھايو وڃي ٿو پر ڪيترا ماڻھو اُس ۾ پنڌ ڪري پاڻي جي لاري تائين وڃڻ بدران ھنن ٻارن کان ھڪ ريال ۾ پاڻي جي بوتل خريد ڪرڻ ۾ عافيت محسوس ڪن ٿا. ٻارن ۾ ھمٿ ۽ قوت ٿئي ٿي ۽ ھو پئسي ڪمائڻ جي شوق ۾ سڄو ڏينهن ھيڏانهن ھوڏانهن ڊوڙندا رھن ٿا ۽ ھو ھڪ قسم جي ڊليوري سروس ڪن ٿا، يعني ھڪ ريال گھر ويٺي بوتل پھچائڻ جو اجورو وٺن ٿا. ٻارن جي ان بزنيس ڪري دڪاندارن جو وڪرو ضرور خراب ٿئي ٿو، ڇو جو ٻار پاڻي جي دڪانن ٻاھران بيھي اڌ قيمت تي پاڻي جون بوتلون وڪڻن ٿا. ھڪ دڪاندار کان پڇڻ تي ھن ٻڌايو ”ننڍي ھوندي اسان به ائين ڪندا ھئاسين ۽ سڄي سال لاءِ چڱي خرچي گڏ ڪري وٺندا ھئاسين. حج جي موسم سڀني لاءِ آھي. جيڪو حج وارن ڏينهن ۾ نه ٿو ڪمائي سگھي، اھو باقي ڏينهن ۾ ڇا ڪمائيندو. بهرحال مون کي ٻارن جي پرواهه ناھي. ھو فقط پاڻي ئي وڪڻن ٿا. مون کي پنهنجي ڌنڌي جو فڪر تڏھن ٿيندو، جڏھن ھو پاڻي کان علاوه ٻيون شيون به وڪڻڻ شروع ڪندا“.
    ڪجهه وکون اڳتي ”جمراه پل“ وٺ ڪجهه ٻارن اخبارن جي نمائندي کي تعجب وجھي ڇڏيو. ھو ٻن ريالن، چمپل وڪڻي رھيا ھئا، جيڪي دڪانن تي پنجن کان ڏھن ريالن تائين ملن ٿا. ڪجهه حاجي جذبات ۾ اچي پٿرين بعد پنهنجي چمپل شيطان کي اھو سوچي ھڻندا آھن، ڄڻ ھو واقعي شيطان کي موچڙا ھڻي رھيا ھجن، انهن کي اھا خبر ناھي ته ھي فقط علامت (Symbol) طور آھي. ھزارن جي تعداد ۾ان قسم جا جوتا گڏ ٿين ٿيا، جيڪي صفائي وقت ٻار کڻن ٿا ۽ جوڙا جوڙا ٺاھي سستي اگهه تي Resell ڪن ۽ ضرورتمند حاجي ڏهه ريال ڏئي نئون وٺڻ بدران ھنن ٻارن کان ٻن ريالن ۾ خريد ڪن.


    ڏھن ڏينھن ۾ اٺ ڪروڙ ٽيليفون ڪالز

    مني 17 مارچ 2000ع سعودي ڪميونيڪيشن ڪمپني (STC) جي چيئرمين عبدالرحمان اليامي ”عرب نيوز“ اخبار جي نمائندي کي ٻڌايو ته مڪي ۽ ڀرپاسي جي پاڪ جاين تان گذريل ڏھن ڏينهن ۾ موبائيل ۽ عام فون تان اٺ ڪروڙ کان مٿي فون ڪيا ويا. فقط عرفات واري ڏينهن تي ھڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ فون ڪيا ويا.


    اسلامي اھم شخصيتن لاءِ فنڪشن

    منى 17 مارچ 2000ع سعودي عرب جي اسلامي ڳالھين جي وزارت (Ministry of Islamic Affairs, Endowment حج تي آيل اسلامي ملڪن جي اهم شخصيتن جي مان ۾ هڪ ڪاڄُ ڪري رهي آهي. صالح الشيخ، اسلامي ڳالهين جي وزير ان فنڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪيترن ئي عالمن، وزيرن ۽ حج مشن جي ليڊرن کي دعوت ناما موڪليا آهن.


    وڇڙيل حاجين کي ملائڻ

    ٿورو تصور ڪريو ته توهان پنهنجي ڪٽنب يا دوستن جي ٽولي سان گڏ حج لاءِ پهتا آهيو ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو توهان گم ٿي ٿا وڃو. توهان پنهنجي مائٽن عزيزن کان جدا ٿي ٿا وڃو. هنن سان ڪوبه رابطو قائم نٿا ڪري سگھو، اهو ڪي ڪجھه هڪ 70 سال جي پوڙهي حاجياڻيءَ ناوغ خاتون سان ٿي گذريو، جيڪا پنهنجي مڙس ۽ پنهنجي ٽولي کان جيڪو انڊيا کان آيل هو. چئن ڏينهن لاءِ وڇڙيل رهي. ”لاسٽ اينڊ فائونڊ سائوٿ ايشين پلگمس“ جي ڊائريڪٽر اسماعيل خليل اخباري نمائندن کي ٻُڌايو.
    هن ٻُڌايو ته هيءَ پوڙهي عورت منى پهچڻ واري پهرين ڏينهن ئي پنهنجي ٽولي کان جدا ٿي وئي. هن ويچاريءَ سان وڏو مسئلو اهو هو ته هو جو ڏکڻ هندستان جي جيڪا زبان ڳالهائي ٿي، اها سمجھڻ وارو ڪير به نه هو. پنهنجي ٽولي کان جدا ٿيڻ بعد هن ويچاريءَ پنهنجي مڙس ۽ ٻين کي ڏاڍو ڳوليو ۽ سڏ ڪيا پر هو هڪ ٻئي سان ملي نه سگھيا. آخر ٿڪجي ۽ اڃ ۽ بُک ۾ پاهه ٿي هوءَ هڪ سپرمارڪيٽ ۾ پهتي ۽ دڪاندار کان کائڻ لاءِ مانيءَ ڀور گھريو. دڪاندار سمجھي ويو ته هيءَ ويچاري گم ٿي وئي آهي ۽ هن جي مدد ڪجي سو هن يڪدم ”South Asian lost and found centre“ تي فون ڪيو. جيڪي پوڙهيءَ کي مرڪز تي وٺي آيا، جتي هن کي رهايو ويو ۽ کاڌو پيتو ڏنو ويو.
    چوٿين ڏينهن هڪ پير مرد پنهنجي زال جي ڳولا ۾ مرڪز کان اچي نڪتو، ”اسان ان وقت موجود عورتون هن کي ڏيکاريون ۽ هي پنهنجي زال کي سڃاڻي ڏاڍو خوش ٿيو.“ مرڪز جي انچارج ٻُڌايو. ٻنهي کي ملندو ڏسي اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي. هو کلي خوش به ٿي رهيا هئا ته اکين مان ڳوڙها به ڳاڙي رهيا هئا. هنن کي چئن ڏينهن جي وڇوڙي بعد ملندو ڏسي اسان کي به روئڻ اچي ويو. بهرحال اها هڪ Happy Ending چئي سگھجي ٿي.


    ڪعبي شريف جو ڪسوه (غلاف) اڄُ بدلبو

    مڪو ـــ جنرل پريزيڊنسي حرمين شريفين طرفان ڪعبي شريف جو غلاف (ڪسوه) اڄُ (اربع نائين ذوالحج) هرسال جي رسم موجب بدلايو ويندو.
    نئون غلاف (ڪسوه) نج سلڪ جي ڪپڙي جو ٺهيل آهي، جنهن جي ڊيگھه 47 ميٽر ۽ ويڪر 14 ميٽر آهي.
    غلاف جي مٿئين حصي تي 47 ميٽر ڊگھو ۽ هڪ ميٽر ويڪرو پٽو آهي جنهن تي قرآن مجيد جون آيتون ڀريل آهن. غلاف سان گڏ ڪعبي شريف جي دروازي جو پڙدو پڻ آهي جيڪو البرغ سڏجي ٿو.
    دروازي جو پڙدو پڻ نج سلڪ مان ٺهيل آهي، جنهن جي ڊيگھه 6.5 ميٽر ۽ ويڪر 3.5 ميٽر آهي، جنهن تي پڻ قرآن شريف جون آيتون ڀريل آهن.
    سڄو غلاف پنجن حصن ۾ ٺهيل آهي. جنهن جا چار حصا ڪعبي شريف جي چئن ڀتين کي ڍڪڻ لاءِ آهن ۽ پنجون حصو هن جي دروازي جو پڙدو آهي.
    هن سڄي غلاف تي 450 ڪلوگرام سلڪ استعمال ٿي آهي ۽ 17 مليل سعودي ريال خرچ آيو آهي. هي غلاف سعودي عرب جي خاص ڪاريگرن تيار ڪيو آهي.


    فهد حاجين لاءِ ڏهه لک قرآن جون ڪاپيون ڇپرايون

    منى ۾ 15 مارچ 2000ع ــ شاهه فهد حڪم جاري ڪيو اهي ته حاجين جي سندن وطن روانگي وقت ڏهه لک قرآن شريف جون ڪاپيون هنن ۾ ورهايون وڃن. هن ڳالهه جو اعلان وزير اسلامڪ افيئر شيخ صالح بن عبدالعزيز بن محمد ڪيو، جيڪو مديني ۾ قرآن شريف جي ڇپائيءَ جي ڪامپليڪس (ڪنگ فهد ڪامپليڪس فار پرنٽنگ هولي قرآن) جو سپروائيزر جنرل پڻ آهي.
    سعودي بادشاهه اهو پڻ حڪم جاري ڪيو آهي ته مڪي جي علائقي ۾ جيڪي به مسجدون آهن انهن لاءِ ٻه لک ڪاپيون قرآن شريف جون تفسير سميت ورهايون وڃن.
    وزير صاحب اهو پڻ ٻُڌايو ته ڪيترين ئي زبانن ۾ قرآن جا تفسير ۽ ڪئسٽ پڻ ورهايا ويندا.


    جدي ۾ ويهه هزار حج پرمٽون جاري ڪيون ويون

    جده 13 مارچ 2000ع ـــ برگيڊيئر حسن بن عباس ريشوان بيان جاري ڪيو آهي ته هن سال جدي ۾ رهندڙ مڪاني عربن ۽ ڌارين ملڪن ۾ ڪم ڪندڙن مان ويهه هزار ماڻهن کي حج ڪرڻ جون پرمٽون ڏنيون ويون آهن. هن ٻُڌايو ته ان ڳالهه جو فيصلو اسلامڪ ڪانفرنس ڪري ٿي.
    ”اسان پنهنجي ملڪ جي ماڻهن (عربن) توڙي سعودي عرب ۾ نوڪري ڪندڙ ڌارين کي حج جي کُلي آزادي نٿا ڏئي سگھون.“ برگيڊيئر حسن ٻُڌايو. ”ايئن ڪرڻ سان مونجھارو پيدا ٿي پوندو. اسان کي هروقت اهو خيال رهي ٿو ته ڌارين ملڪن کان خاص حج لاءِ هلي آيل حاجين جو حج سهوليت ۽ آسانيءَ سان ٿي سگھي.“
    برگيڊيئر حسن ٻڌايو ته اسان جي ملڪ جي فقط انهن رهاڪن کي حج جي پرمٽ ڏني ويئي آهي، جن کي حج ڪئي پنج سال ٿي ويا آهن ۽ ان قانون جي جيڪو ڀڃڪڙي ڪندو ۽ لڪي ڇَپي حج تي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو ان کي قانون مطابق سزا ڏني ويندي. مثال طور: سعودي عرب ۾ نوڪري ڪندڙ (Expatriate) کي هن ڏوهه جي سزا جيل، ڏنڊ ۽ وطن واپسي ٿي سگھي ٿي ۽ جيل يا ڏنڊ انهن کي به ملي سگھي ٿو جيڪي حج جي مقرر ڏينهن کان وڌيڪ رهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.


    منى لاءِ 30 ايمبولينسون

    سعودي عرب جي صحت کاتي جي وزير ڊاڪٽر اوساما بن عبدالمجيد شوبوڪشيءَ اعلان ڪيو آهي ته حاجين جي خدمت لاءِ منى ۾ 30 ايمبولينسون تيار رهنديون. هن اهو اعلان منى جي اسپتالن ۽ ڪلينڪن جي انسپيڪشن ٽوئر بعد ڪيو. هن صاحب منى جون هي اسپتالون چيڪ ڪيون: ڊسپينسري نمبر 22 ۽ نمبر 23، منى پبلڪ اسپتال الوادي اسپتال، نيوروڊ اسپتال، الجسر اسپتال (پل واري اسپتال). هن چيو ته ان کان علاوه کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ 60 وڌيڪ ايمبولينسون تيار رکيون وينديون، جيئن ضرورتمند کي وقت تي ميڊيڪل سهوليت پهچائي سگھجي.


    ٿائي مسلمان ليڊر جو اظهار

    مسٽر برهان دين يوسينت سعودي حڪومت جي واکاڻ ڪئي ته هن حرمين شريفين (ٻنهي پاڪ مسجدن) کي وڏو سهڻو بڻائي خير جو ڪم ڪيو آهي ۽ منى توڙي عرفات جي ميدان تي حاجين جو وڏو خيال رکي ٿي.
    برهان دين يوسينگ اٺ عمرا ڪيا آهن ۽ هن ڀيري پنجون حج ڪرڻ آيو آهي. پاڻ ٿائيلنڊ جي نيشنل اسيمبليءَ جو ميمبر آهي ۽ اسيمبليءَ جي صدر جو سيڪريٽري پڻ آهي.
    ٿائيلنڊ جي 61 ملين آدمشماري آهي جنهن ۾ ڏهه سيڪڙو مسلمان آهن، جن جو مُنو حصو ٿائلنڊ جي ڏاکڻن صوبن: يالا، پٽاني، سونگڪلا، ساتون ۾ رهي ٿو.
    مسٽر يوسينگ ٻڌايو ته ملڪ جا ڪيترائي مسلمان ليڊر ٿائيلنڊ جي سوشيوپوليٽيڪل ميدان ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ”وان محمد نور ماٿا، صدر نيشنل اسيمبلي م سورن پتسو وارن فارين افيئر منسٽر انهن مان ٻه ڄڻا آهن.“ هن ٻُڌايو ته هن سال ٿائيلنڊ مان فقط ست هزار ڄڻا حج لاءِ آيا آهن. حاجين جي گھٽ اچڻ جو سبب وڌندڙ مهنگائي ۽ خراب ايڪانامي آهي.


    خوشنصيب حاجياڻي

    جڪارتا (انڊونيشيا) جي بن سعود اسلامڪ يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي فاطمه انهن خوشنصيب ماڻهن مان آهي جن کي ملڪ جي بادشاهه شاهه فهد دعوت ڏئي حج لاءِ گھرايو آهي. هوءَ پهريون دفعو حج تي آئي آهي ۽ شاهه فهد جي مهمان ٿي رهندي.
    ”آئون ۽ منهنجو ڀاءُ شاهه فهد جا شڪرگذار آهيون، جنهن اسان کي هي موقعو ڏنو آهي.“ فاطمه سعودي گزيٽ جي اخباري نمائندي کي ٻُڌايو.
    فاطمه پنهنجي شريعت ڪاليج ۾ ٽاپ جي شاگردياڻي آهي ۽ قرآن پڙهڻ ۾ هن جو آواز بيحد سٺو آهي. ان ڪري اندونيشيا ۾ سعودي سفير جي زال هن جو نالو هن دعوت لاءِ موڪليو. فاطمه ملئي زبان کان علاوه انگريزي ۽ عربي به سٺي ڳالهائي ٿي.


    اسلامڪ لٽريچر جي ڊمانڊ

    مائڪروسافٽ ڀلي کڻي دنيا ۾ سڀ کان گھڻو وڪرو ڪندڙ سافٽويئر ڪمپني هجي، پر هتي مڪي ۾ قرآن مجيد، حديث ۽ پيغمبر جي ڪهاڻين جو سافٽويئر نوان رڪاڊ قائم ڪري رهيو آهي..
    هن ڀيري انهن شين جي کپت 300 سيڪڙو وڌي وئي آهي ۽ مسجدالحرام جي ٻاهران ڪمپيوٽر سافٽويئر جا دڪاندار وڌندڙ ڊمانڊ ڏي ڌيان ڏئي رهيا آهن.
    اڄ ڪلهه هي دڪان حاجين سان ٽُٻ رهن ٿا جن جي سوالن جا جواب قابل سيلزمين ڏيندا رهن ٿا. هي دڪان جيڪي اسلامي شيون وڪرو ڪن ٿا، اهي ڇهه اهم زبانن ۾ آهي: عربي، انگريزي، فرينچ، ملئي، ترڪي ۽ جرمن.
    ”حاجي حرم پاڪ مان نماز پڙهڻ بعد ان ساڳي امام جي رڪاڊنگ جي سافٽويئر ٻُڌي يڪدم خريد ڪن ٿا.“ هڪ دڪاندار ٻُڌايو. هڪ سيلز مين چيو ته:
    “Islamic software are user friendly, self explanatory and in many languages.”
    انهن جي قيمت 30 ريالن کان 400 ريالن تائين آهي. ڊئنمارڪ کان آيل هڪ حاجي چيو: ”هن قسم جا پروگرام عربي سکڻ لاءِ سٺا آهن ۽ ساڳئي وقت اسان جي ٻارن کي مذهب بابت ڄاڻ مهيا ڪن ٿا.“


    حاجين جي خدمت لاءِ اسپتالون

    مڪه ــ سعودي حڪومت ست اسپتالون ۽ ڪيتريون ئي ڪلينڪون حاجين ۽ مڪي جي شهرين لاءِ مقرر ڪيون آهن. اسپتالون هن ريت آهن: ڪنگ عبدالعزيز اسپتال (272 بسترا)، ڪنگ فيصل اسپتال (207 بسترا)، الجيا جنرل اسپتال (131 بسترا)، حرا جنرل اسپتال (161 بسترا)، ابن سينا اسپتال (200 بسترا)، مئٽرنٽي ۽ ٻارن جي اسپتال (300 بسترا) ۽ نور اسپيشلسٽ اسپتال (526 بسترا).
    ان کان علاوه پنج خاص مرڪز کوليا ويا آهن، جتي عذر وارن، ڪڊني ڪيس، ڊينٽل سرجري ۽ ڪيميڪل Poisoning جا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا.
    ڊائريڪٽر هيلٿ ڊاڪٽر غزاز ٻڌايو ته حاجين جي صحت برقرار رکڻ ۽ وچڙندڙ بيمارين جي بچاءَ لاءِ حڪومت منى ۽ عرفات ۾ به ست کن اسپتالون کوليون آهن. اهي هي آهن: منى جنرل اسپتال، منى برج اسپتال، منى وئلي اسپتال، منى نيواسٽريٽ اسپتال ۽ عرفات ۾ عرفات جنرل اسپتال، جبل رحمت اسپتال ۽ نمره اسپتال. اهي اسپتالون حج وارا پنج ڏينهن ڪم ڪن ٿيون. انهن اسپتالن کان علاوه منى ۾ 23 ڪلينڪون ۽ عرفات ۾ 42 ڪلينڪون کوليون ويون آهن.
    ڊاڪٽر غزاز ٻڌايو ته مڪي جي گرم هوا مسئلا پيدا ڪري ٿي. عام طرح ماڻهن کي ڏينهن لڳيو وڃي، اهي هاجي جيڪي انگلينڊ، يورپ ۽ آمريڪا جهڙن ٿڌن ملڪن مان اچن ٿا، جيڪي ڪوسي هوا (لُڪ) جا عادي نه آهن، اهي Sun Stroke جو وڌيڪ شڪار ٿين ٿا. سعودي حڪومت اهڙين بيمارين جي علاج کي به ڌيان ۾ رکيو آهي ۽ انهن جي علاج لاءِ خاص قسم جا ٿڌا بسترا ايجاد ڪيا ويا آهن، جيڪي مڪي، منى ۽ عرفات جي سڀني اسپتالن ۾ رکيا ويا آهن.
    ڊاڪٽر غزاز ٻڌايو، ”جيتوڻيڪ مزدلفه ۾ حاجي رات جا فقط ٻه يا ٽي پهر گذارين ٿا پر ان هوندي به سعودي حڪومت اتي پڻ 6 ڪلينڪون کوليون آهن.“


    حاجين ۾ پاڻي مفت ورهايو ويو

    منى ــ خيميس 16 مارچ 2000ع ــ عرفات جي ٻئي ڏينهن به شاهه فهد طرفان حاجين ۾ چار لک پاڻيءَ جون بوتلون مفت ورهايون ويون. ان لاءِ ڪيتريون ئي ٽرڪون ۽ ڪولڊ اسٽوريج يونٽ استعمال ڪيا ويا. ان ڳالهه جو اطلاع مڪه واٽر اينڊ سيوريج جي ڊائريڪٽر جنرل محمد القوواحس اخباري نمائندن کي ڏنو.


    هزارين حاجي روزانو گم ٿين ٿا

    منى (اخباري نمائندي هسن حتراش طرفان)
    ”آئون پنهنجي زال کي حرم پاڪ ۾ ڇڏي ٻاهر هڪ دوست سان ملڻ ويس جنهن کي بن دائود ڊپارٽمينٽ اڳيان بيهڻ جو وقت ڏنو هوم. واپس موٽڻ تي آئون پنهنجي زال ڳولي نه سگھيس.“ 67 ورهين جي محمد موسى نالي هڪ ڪمبوڊيا جي حاجيءَ هرم پاڪ ۾ ٺهيل Found and Lost سينٽر ۾ ٻڌايو.
    محمد موسى جو ڪيس انهن هزارين گم ٿيلن مان هڪ آهي. جيڪي روزانو گم ٿيلن جي سينٽر تي رپورٽ ڪن ٿا، جنهن جهڙا وزارت حج طرفان حرم پاڪ جي چؤڌاري اٺ سينٽر آهن.
    هن اخباري نمائندي جي انسپيڪشن تي انهن مان هڪ سينٽر تي هڪ الجيريا جو حاجي پنهنجي سَسُ جي وڃائجي وڃڻ جي رپورٽ ڪرڻ آيو هو. سينٽر جي انچارج ساڻس چرچو ڪندي چيو: ”ميان ان ۾ گھٻرائڻ جي ڪا ڳالهه ناهي اهڙا سهڻا موقعا رب پاڪ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي خاص ٻانهن لاءِ مهيا ڪري ٿو.“ حاجي (جنهن جي سَسُ گم ٿي وئي هئي ۽ ڦلهڙو منهن ڪري آيو هو) کان به ٽهڪ نڪري ويو.
    ان سينٽر جي انچارج محمد يونس ٻڌايو ته هيستائين 3380 گم ٿيڻ جا ڪيس هنن جي سينٽرن تي درج ٿي چُڪا آهن. اهڙيءَ طرح ٻين سينٽرن ۾ به رپورٽ ٿيندا رهن ٿا. هن ٻڌايو ته هن سال حاجين جي وڏي تعداد ڪري گم ٿيندڙن جو تعداد گذريل سال کان تمام گھڻو آهي.
    سينٽر جي انچارج ٻڌايو ته گم ٿيلن جي رپورٽ گھڻو ڪري نماز بعد ملي ٿي، ڇ جو نماز ختم ٿيڻ بعد رش ۾ حاجي هڪ ٻئي کان ڌار ٿيو وڃن. گم ٿيڻ تي هو پوليس وارن سان ڳالهه ڪن ٿا ۽ هو اسان جي مرڪز Lost and Fount ۾ موڪلين ٿا. جيڪي گم ٿين ٿا انهن ۾ وڏو تعداد انهن جو آهي جيڪي 50 سالن کان وڏي عمر جا آهن ۽ سڀ کان گھڻا هندستان، پاڪستان، بنگلاديش، شام، مصر ۽ ترڪيءَ جا گم ٿين ٿا.


    جدي جو ايئرپورٽ روسي حاجين جي مارڪيٽ

    جده ــ نمائندو ”عرب نيوز اخبار“
    ڇا توهان پنهنجي چاهڻ وارن لاءِ ڪو تحفو يا سوکڙي خريد ڪرڻ چاهيو ٿا؟ هٿ جي ڪم جو ڪو چيني گلدستو، ايراني غاليچو، انڊين ڳهه ڳٺو، روسي همام دستو؟
    انهن شين لاءِ توهان کي ڀاڙا ڀري چين، روس، ايران، افغانستان يا ٿائلنڊ داغستان وڃڻ جي ڪا ضرورت ناهي. توهان کي رڳو ٿوري ڊرائيو ڪري ڪنگ عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچڻو آهي، جتي توهان کي هر اها شيءِ ملي سگھي ٿي جنهن جي توهان کي ڳولا آهي.
    مختلف ملڪن کان ايندر حاجي پاڻ سان گڏ ملڪن جون شيون آڻين ٿا جيڪي هنن جي ملڪ ۾ سستيون آهن ۽ جدي جي ايئرپورٽ تي هنن کي انهن شين تي چار پيسا فائدو مليو وڃي. ساڳي وقت جدي ۾ رهندڙ عربن کي نيون شيون خريداريءَ لاءِ مليو وڃن. ۽ پوءِ هڪڙي جون شيون کپن ٿيون ته ٻيا پهچيو وڃن ۽ اهڙي طرح هي حج جا ٻه مهينا کن وڏو ڪاروبار هلي ٿو.
    ”هي فوٽ پاٿ واريون مارڪيٽون بين الاقوامي بازاريون آهن، جن ۾ خريداري ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو اچي ٿو.“ ڪنگ عبدالعزيز يونيورسٽيءَ جي شاگرد فهد محمد چيو جيڪو حج وارا ٻه مهينا جدي ايئرپورٽ تي پارٽ ٽائيم جاب ڪندو آهي. ”توهان کي هتي هر شيءِ ملي سگھي ٿي. رات جو ڏسڻ لاءِ بائناڪيولر کان وٺي وڏي سائيز جا انب ملي سگھن ٿا.“ هن شاگرد ٻُڌايو.
    ڪيترائي حاجي پنهنجون سيون پاڻ ويهي وڪڻن ٿا ۽ ٻيا حاجي هول سيل ۾ مڪاني عربن يا ايئرپورٽ تي ڪم ڪندڙن کي وڪڻيو ڏين ٿا، جيڪي پوءِ وڪڻندا رهن ٿا. چمڙي جي سامان، واچن، ڪئميرائن، ڇرين خنجرن کان بوٽ، قميصون، ٽوپلا، جڙيون ٻوٽيون ۽ ڳهه ڳٽا ملي سگھن ٿا، جن جي قيمت هڪ ريال کان 600 ريالن تائين ٿي سگھي ٿي. اڄُڪلهه سڀ کان گھڻو سامان ۽ وڪڻڻ وارا روس جا آهن.


    حج لاءِ ايندر ڪئناڊئن جو وڏو تعداد

    جده ــ نمائندو عرب نيوز
    ڪئناڊا جي مسلمانن لاءِ هاڻ هرسال حج ڪرڻ آسان ٿيندو وڃي، جو ڪئناڊا جون ڪيتريون مڪاني ڪمپنيون ۽ سوسائٽيون ڪئناڊا جي ماڻهن کي حج تي موڪلڻ جو تجربو حاصل ڪنديون وڃن.
    ”ڪئناڊا کان حج لاءِ ايندڙ مسافرن ۾ ڪيترا اهي آهن جيڪي پهريون دفعو حج ڪري رهيا آهن. هن سال 4000 ڪئناڊا جا مسلمان حج لاءِ آيا آهن ۽ اميد ته ٻئي سال کان اڃا به گھڻا ايندا“. اونٽاريو (ڪئناڊا) جي خالد بن وليد مسجد جي بورڊ ميمبر احمد نورمحمد ٻڌايو.
    اونٽاريو جي خالد بن وليد مسجد وارن هن سال پهريون دفعو 63 حاجين جو گروپ حج لاءِ موڪليو آهي. ڪئناڊا ۾ 30 لک مسلمان رهن ٿا، جن مان ٽي لک کن Toronto ۾ رهن ٿا انهن ۾ 80 هزار سوماليا جا مسلمان آهن، جيڪي سالن کان اتي Settle آهن. آهڙا لک کن عرب رهن ٿا. سڄي شهر 15 مسجدون آهن ۽ چار اسلامڪ اسڪول آهن. جن ۾ هڪ ڇوڪرين جو ڌار آهي.
    ڪئناڊا کان ايندڙ هر حاجيءَ کي 1300 ڪئناڊئن ڊالر ڏيڻا پون ٿا، جيڪي هنن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي لاءِ آهن. باقي هوائي جهاز جي ٽڪيٽ لاءِ الڳ پئسا ڏيڻا پون ٿا. حج تي اچن کان اڳ هنن کي حج بابت تعليم ڏني وڃي ٿي ۽ هتي به کين روزانو ليڪچر ڏنو وڃي ٿو.
    ڪئناڊا جي مقابلي ۾ هن سال نارٿ آمريڪا يعني USA کان 6000 حاجي آيا آهن. ان ڳالهه جي تصديق آمريڪا ۾ قائم سعودي عرب جي سفارتخاني ڪئي، جن انهن کي ويزائون جاري ڪيون آهن.
    ڪئناڊا جي احمد نور ٻڌايو ته هنن جي ”خالد بن وليد مسجد“ تي 13 لک ڊالر خرچ آيو هو، جيڪو ڪئناڊا جي سومالي اسلامڪ سوسائٽي ۽ سعودي عرب جي امير ماڻهن ڀريو هو.


    دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڪوس گھر

    رياض ــ 12 مارچ 2000ع ــ ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ڪرائون پرنس شهزادي عبدالله (جيڪو ڊپٽي پريميئر ۽ نيشنل گارڊ جو ڪمانڊر پڻ آهي) منى جي نئين ڪوس گھر (Slaughter House) جو افتتاح ڪيو. هي ڪوس گھر دنيا جو سڀ کان وڏو سلاٽر هائوس آهي، جتي ٽن ڏينهن اندر ڇهه لک جانور ذبح ٿي سگهن ٿا جن کي بعد ۾ ڇلي صاف ڪري اتي جو اتي Freeze (ٿڌو) ڪري سگهجي ٿو.
    هي سلاٽر هائوس پنج لک چورس ميٽرن تي پکڙيل آهي، جنهن کي ٺاهڻ ۾ ننڍن وڏن ــ ڪل 112 ٺيڪيدارن حصو ورتو. گوشت کي يخ بنائڻ لاءِ ريفريجريشن سسٽم جو ڪم اوميگا انجنيئرنگ ڪمپنيءَ وارن ڪيو. جنهن ڪم لاءِ 1200 مزور، ٽيڪنيشن ۽ انجنيئر لڳاتارڪم ڪيو ۽ 470 ملين سعودي ريال فقط ريفريجريشن سسٽم تي لڳا. (عرب نيوز)


    حاجين لاءِ 12000 بسون

    حاجين جي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ (مڪي کان منى، عرفات، مزدلفه وغيره) کڻي وڃڻ لاءِ ٻارهن هزار بسون مقرر ڪيون ويون آهن. اها ڳالهه مواصلات جي ڊپٽي وزير ڊاڪٽر عبدالعزيز الاوهاليءَ ”عرب نيوز“ اخبار جي نمائندي کي ٻڌايو.
    ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته انهن مان 7000 بسون سعودي ٽرانسپورٽ يونين وارا هلائيندا آهن ۽ اهڙو هزار کن سعودي پبلڪ ٽرانسپورٽ ڪمپنيءَ جي ذمي هونديون ۽ باقي بسون مڪاني ۽ بين الاقوامي بسين جون ڪمپنيون هلائينديون.
    ياد رهي ته ڪويت، ايران، عراق جهڙن ڪيترن ملڪن کان حاجي بسين ذريعي مڪي پهچن ٿا ۽ هو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پنهنجين ئي بسين ۾ سفر ڪن ٿا. سڀ کان گھڻيون بسيون ترڪي ۽ گلف جي ملڪن: دبئي، دوحا، مسقط ۽ مصر کان اچن ٿيون.


    76 سالن جي سعوديءَ کي چار زالون 45 ٻار

    العلا (نيوز ڊيسڪ) 31 مارچ 2000ع ــ ناحي المفراع نالي هڪ رٽائرڊ سعودي فوجيءَ کي چار زالون ۽ 45 پٽ ۽ ڌيئون آهن. سٺ سال اڳ پهرين ذوالقعد 1360هه ۾ هو سعودي فوج ۾ سپاهي طور ڀرتي ٿيو هو. پرائمري پاس آهي. 15 سال فوج ۾ ۽ 22 سال نيشنل گارڊ ۾ مختلف عهدن تي خدمت ڪري برگيڊيئر جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿيو. العلا شهر کان 45 ڪلوميٽر پري ڏور ڏکڻ ۾ مغيراءِ ڳوٺ جو باشندو آهي.
    پهرين شادي ٽيهن سالن جي عمر ۾ ڪئي ۽ چوٿين پنجونجاهه سالن جي عمر ۾ ڪئي. چار زالون سڳين ڀيڻن وانگر پيار محبت سان هڪ ئي گھر ۾ رهن ٿيون. ناحيءَ مڪاني اخبار کي ٻڌايو ته هن جي عمر 76 سال آهي. هن ان ڳالهه تي تعجب جو اظهار ڪيو ته خبر ناهي ڇو اڄڪلهه جا نوجوان هڪ کان وڌيڪ شادين کان ڀڄن ٿا ۽ ان ڳالهه کي پسند نٿا ڪن.
    ناحيءَ ٻڌايو ته مسئلا فقط انهن گھرن ۾ پيدا ٿين ٿا، جن جا مڙس انصاف پسند ۽ ڪڙڪ نه آهن. هن ٻڌايو ته هن کي 23 پٽ ۽ 22 ڌيئون آهن. اٺ پٽن ۽ هڪ ڌيءَ جي شادي ڪري ڇڏي آهي. 36 پٽ ڌيئون ۽ زالون هڪ ئي گھر ۾ گڏ رهن ٿيون. عيد جا ڪپڙا خريد ڪرڻ لاءِ ارڙهين هزار ريال ۽ اسڪول ۾ داخلا جو خرچ اٺ هزار ريال ٿئي ٿو.
    هن ٻڌايو ته هن جي ٻارن جا نالا شاهي خاندان جي حاڪمن ۽ شهزادن جي نالن پٺيان آهن. فقط ٽن ٻارن جا نالا ڏاڏن پڙڏاڏن جي نالن تي رکيا ويا اهن. جمعي جي ڏينهن سڀني ٻارن کي گڏ ڪري تربيتي اجتماع جو بندوبست ڪندو آهيان. 15 هزار ريال پينشن گھر جي خرچ لاءِ پوري نٿي پوي. رمضان مبارڪ جو بل 40 هزار ريال ٿيو وڃي. سڀ کان وڏو مسئلو قرضن جو انبار آهي. جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌندو ئي رهي ٿو.
    ناحيءَ هن اخباري نمائندي کي ٻڌايو ته هن اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. ناحيءَ جو چوڻ آهي ته هن کي هڪ ترڪ دوکو ڏنو، جنهن کي هو ڪڏهن به وساري نٿو سگھي. هن وڏي مشڪل سان ڏيڍ لک ريال گڏ ڪيا ۽ هن کي ٽرڪ خريد ڪرڻ جو ارادو هو. ترڪ هن کي آفر ڏني ته هو ان رقم مان ان کي بهتر ڌنڌو هلائي سگھي ٿو، جنهن جي ڪفيل به تصديق ڪئي پر پوءِ هو اها رقم کڻي غائب ٿي ويو.
    ناحيءَ تي پنج لک ريال قرض آهي. ناحيءَ جو چوڻ آهي ته بريده شهر ۾ پهرين گرلزاسڪول کلڻ تي شهرين جي هنگامي کي روڪڻ جو ڪم کيس سونپيو ويو هو، جيڪو هن خيرخوبيءَ سان سرانجام ڏنو هو. بريده جا شهري ڇوڪرين جي اسڪول کلڻ جي خلاف هئا. وليعهد شهزادي عبدالله مهم جي ڪاميابيءَ تي هن جو ٿورو مڃيو هو ۽ شاباس ڏني هئي. وزيرداخله شهزادي نايف بن عبدالعزيز به هن ڏي مهربانيءَ جو خط لکيو هو. (سعودي عرب مان نڪرندڙ ’اردو نيوز‘ اخبار تان ورتل.)


    14 لک کان وڌيڪ پاڪيٽ ورهايا ويا

    مديني جي سخي ماڻهن طرفان هن سال حاجين ۾ 14 لک کاڌي جا ٿيلها ورهايا ويا.
    مديني منوره جي Philanthropic store جي ڊاڪٽر يحيى ابراهيم مڪاني اخبار جي نمائندي کي ٻڌايو ته هي پروجيڪٽ پنج سال اڳ شروع ڪيو ويو هو. پهرين سال هنن تي لک ٿيلها حاجين ۾ ورهايا، جيڪي حاجين کي گھرن ۾ پهچايا ويا. هاڻ مديني جي هوائي اڏي، بس اسٽاپن ۽ بسين ۾ به ڏنا وڃن ٿا.
    هرهڪ پلاسٽڪ جو ٿيلهو جيڪو حاجيءَ کي مفت ڏنو وڃي ٿو، ان ۾ هڪ جوس جو دٻو، ڪٽيل ڪيڪ ۽ کير جو دٻو ٿئي ٿو.


    رهجي ويل ڪجهه ڳالهيون

    سعودي عرب ۾ توهان ورلي ڪنهن کي وڙهندي ڏسندائو. ڪو هٿن جي ويڙهه شروع ڪندو ته ٻيو غم کائي پاسو وٺي ويندو يا ڪاوڙ ۾ کڻي هڪ ٻه ڌڪ وهائي ڪڍندو. پر جھيڙي کي انگھائيندو هرگز نه ڇو جو هتي جي قانون موجب ٻن ڄڻن کي وڙهندو ڏسي پوليس ٻنهي کي جيل ۾ وٺي وڃي ٿي. هوءَ اهو ڏسي ئي نه ٿي ته ڪنهن جو ڏوهه آهي ۽ ڪنهن جو ناهي. في الحال ٻنهي کي وڃيو جيل ۾ اڇلائين ــــ ڇا جي آيف.آئي.آر ڇا جا وڪيل ۽ ضمانت ــ پيا جيل ۾ سڙن. جيسين ان ساڳي پوليس واري (شرطي) کي دل ۾ اچي ۽ اچي جيل مان ڪڍين. ڪيترين حالتن ۾ ته مٽن مائٽن کي به خبر نه ٿي پوي ته ڪهڙي شهر جي جيل ۾ همراهه آهي. سعودي عرب کڻي سئيڊن ۽ سئزرلنڊ جهڙو ماڊرن ۽ سهڻو ٿي ويو آهي پر سندس جيل اڄُ به سبي ۽ جيڪب آباد کان خراب آهن.
    هڪ دفعي هڪ آمريڪن شيدي جهيڙي ۾ ٻئي سان ٺونشي بازي ڪري رهيو هو، اتي سامهون پوليس واري کي ايندو ڏسي سندس ڪنهن ساٿيءَ خبردار ڪيس ۽ ٻئي کي مارڻ يڪدم ڇڏي مٿان لوئي وجھي تسبي هٿ ۾ جھلي ذڪر ۾ شروع ٿي ويو. مٿان اچي پوليس بيٺس. مزي جي ڳالهه اها جو جنهن مار پئي کاڌي ان به پوليس کي دانهن نه ڏني.
    دانهن به ڪيئن ڏئي. جھيڙي جي معاملي ۾ پوليس ٻنهي کي کنڀي کڻي وڃي ها. پوليس جي تيز نگاهن جي جواب ۾ هو فقط مرڪندو رهيو، ڄڻ چئي رهيو هجي ته ڪجهه به نه ٿيو، مون کي ٺونشا به نه پئي لڳا پر پيار جا هٿڙا پئي گھمايائين.
    ـــــــــــــــ
    ۽ حج تي آيل احمد يوسف نالي هڪ سوڊاني سول انجينيئر ۽ سندس روسي زال لوبا موسائي پڻ هئي. احمد يوسف جڏهن انجنيئرنگ پڙهڻ لاءِ خارتوم کان ماسڪو روانو ٿيو ته هن کي خواب خيال به نه هو ته هو ڪو وطن کان ڏور رهندڙ هڪ ٻئي ملڪ ۽ زبان ڳالهائيندڙ سان شادي ڪندو. هن جي ملڪ (سوڊان) جي رسم و رواج ۽ تهذيب و تمدن روس کان بلڪل مختلف هئي. پر پوءِ هن کي سگھوئي اهو محسوس ٿيو ته اهو غلط آهي. هو پنهنجو ملڪ ۽ فيملي 1990ع ۾ سول انجنيئرنگ پڙهڻ لاءِ ڇڏي روس روانو ٿيو هو. اتي هڪ سوڊاني فيمليءَ معرفت هن جي ملاقات هڪ مسلمان روسي ڇوڪريءَ سان ٿي.
    هو مليا، هڪ ٻئي سان ڳالهايائون ۽ 1999ع ۾ روس جي هڪ شهر گورڪيءَ ۾ شادي رچائي.
    ”روسي مسلمانن جون رسمون رواج اسان مشرقي ماڻهن جي رسم و رواج جهڙيون آهن. مون سمجھيو اهي مختلف هونديون پر مسلمان سڀ هڪ جهڙا آهن.“ يوسف چيو: ”هن مون کي روسي سکڻ ۾ مدد ڪئي ۽ مون هن کي عربي سيکاري.“ احمد يوسف انگريزي ۽ هسپانوي (Spanish) پڻ ڳالهائي ٿو ۽ سندس روسي زال لوبا جرمن ڳالهائي ٿي، جو هو جرمنيءَ مان پڙهي. هوءَ هاڻي عربي ۽ انگريزي سکي رهي آهي.
    ”هڪ عربي ڳالهائيندڙ سوڊانيءَ سان شادي ڪري مون کي بيحد خوشي ٿي آهي.“ روسي زال لوبا ٻڌايو. ”هو منهنجي لاءِ وڏي مدد آهي ۽ عربي سيکارڻ ڪري مون کي قرآن شريف پڙهڻ ۾ آساني ٿي آهي.“
    ـــــــــــــــ
    حج تي ويندڙ ڀلي کڻي ڪو امير هجي ۽ هو مڪي جي ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهي ۽ منى، عرفات ۽ مزدلفه ۾ ته هن کي به ٻين وانگر تنبوءَ ۾ کلئي آسمان هيٺ ڌرتيءَ تي سمهڻو پوي ٿو. حج وارن پنجن ڏينهن ۾ منى، عرفات ۽ مزدلفه ۾ سڄي مخلوق هڪ ٿيو وڃي.
    ـــــــــــــــ
    پهرين به لکي چُڪو آهيان ته حرم پاڪ جي در وٽ ڏٺم ته هرهڪ ماڻهو پنهنجا چمپل ۽ عهدادر کان ٻاهر ڦٽا ڪري ۽ پينو ٿي اندر گھڙيو ٿي. حرم پاڪ ۾ بادشاهه توڙي فقير، فوجي جنرل توڙي سپاهي، امير توڙي غريب، شهري توڙي ڳوٺاڻو، هرهڪ اصل بادشاهه اڳيان ٻڪ کڻي پني رهيو هو ۽ پنهنجن گناهن بخشائڻ لاءِ ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو.
    ـــــــــــــــ
    حرم پاڪ جي ٻاهران اجياد اسپتال وٽ ۽ ترڪن جي پراڻي قلعي وٽ روز چادرون ۽ ڪپڙن جا کليا تاڪيا سُڪندا ڏسي تعجب لڳندو هو ته هي ڇا آهي؟ يا ويجھڙائيءَ ۾ ڪو ڌوٻي گھاٽ آهي يا ڪپڙي ٺاهڻ جي فئڪٽري. جنهن ۾ ٺهيل ڪپڙي کي ڪلف ڏئي يا ڪنهن ڪئميڪل مان ٻوڙي سُڪايو وڃي ٿو ۽ جي ڌوٻي گھاٽ آهي ته ڇا فقط احرام، چادرون ئي ڌوئي سڪايون وڃن ٿيون ٻيا ڪپڙا نه. ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته انهن ڪمن لاءِ هي هنڌ ته صحيح جاءِ نه آهي.
    ۽ پوءِ هڪ ڏينهن ڄاڻ پيم ته هي سُڪڻ لاءِ ڪپڙا نه ڪنهن ڌوٻي گھاٽ طرفان آهن ۽ نه ڪنهن فئڪٽريءَ طرفان. مختلف ملڪن کان سفر ڪري هن ڀلي پٽ تي آيل حاجي پنهنجي آخري سفر تي اوڍي وڃڻ جي ڊريس يعني ڪفن تيار ڪري رهيا آهن. ڪيترا ماڻهو ڪفن جو ڪپڙو يا سڄو تاڪيو وٺي زم زم جي پاڻيءَ ۾ پسائي خدا جي گھر جي ٻاهران سُڪائي پنهنجي وطن کڻي وڃن ٿا. مرڻ کان اڳ پنهنجي پونئرن کي اهائي وصيعت ڪن ٿا ته مرڻ بعد کين هن ڪفن ۾ دفن ڪيو وڃي.
    ـــــــــــــــ
    ڪراچيءَ جو هڪ همراهه جيڪڏهن مڪي يا مديني جي مارڪيٽن مان ڪوريا جا بلاڪيٽ ۽ ٿانو ٿپا، ترڪيءَ جا چمپل ۽ چادرون، جپان جو سبيل ۽ اڻ سبيل ڪپڙو ۽ تائيوان، چين جا رانديڪا ۽ ٻيون شيون خريد ڪري رهيو آهي ته معنى هن کي ڪراچيءَ جي مارڪيٽ جي وسعت جي خبر نه آهي. جتي هر شيءَ ملي ٿي ۽ سستي اگھه تي پڻ.
    سعودي عرب مان ڪو سون جا ڳهه اهو سوچي وٺي رهيو آهي ته سعودي عرب ۾ سون سستو آهي ته اها هن جي سراسر اڻڄاڻائي ۽ ناداني آهي. هن کي اها به خبر نه آهي ته پاڪستاني زيورن ۾ 22 ڪرئٽ سون ٿئي ٿو (نج سون 24 ڪرئٽ ٿئي) ۽ سعودي عرب جي ڳهن ۾ فقط 18 ڪرئٽ سون ٿئي. ان حساب سان نج سون جو ليکو ٺاهيو وڃي ته سعودي عرب مان سونا زيور خريد ڪرڻ واري کي هر تولي پٺيان اٽڪل چار، پنج سؤ نقصان ٿئي ٿو. جاءِ نمازون (مصلا)، چادرون ۽ تسبيحون پاڪستان ۾ ڪيترين ئي قسمن جا رکيا آهن. ڪنهن هڪ اڌ ورائٽيءَ کان علاوه هر شيءِ ملي ٿي ۽ ساڳئي مقابلي جي آهي. ڪو معمولي کڻي فرق هجي پر قيمت اسان وٽ گھٽ آهي. پوءِ خريداري ڪري سفر ۾ پاڻ سان ايڏو بار ڍوئجي. سڀ ۾ ڳري شيءِ گلم، غاليچو، ڪپڙو ۽ جاءِ نماز ٿئي ٿي. بلاڪيٽ کڻي هلڪا ٿين ٿا، پر گھڻي واليوم هجڻ ڪري گھڻي جاءِ والارن ٿا ـــــ خاص ڪري حج تي (مڪي شريف ۾) جتي توهان کي سمهڻ، ويهڻ پاسي ورائڻ لاءِ ڪل جاءِ اڍائي فوٽ باءِ ڇهه فوٽ فقط مليل ٿئي ٿي، بلاڪيٽن جهڙيون ويڪريون شيون پاڻ سان ڪمري ۾ رکي پاڻ جاءِ جي سوڙهه پيدا ڪرڻ ڪهڙي ڏاهپ آهي ـــ جڏهن ته اهي شيون پنهنجي ملڪ ۾ به عام جام ملي سگھن ٿيون
    ـــــــــــــــ
    جن ماڻهن کي سڄو ڏينهن آفيسن ۽ دڪانن ۾ ويهڻو پوي ٿو ۽ هن کي هلڻ چلڻ جي عادت بنهه ناهي، ان لاءِ بهتر آهي ته حج تي روانو ٿيڻ کان ٽي چار مهينا اڳ پنهنجو پاڻ ۾ گھڻي کان گھڻي هلڻ جي عادت وجھن، جو حج دوران خبر ناهي هنن کي حرم پاڪ کان ڪيترو پري گھر ملي ۽ جي رهائش ويجھي آهي ته به پنج وقت نماز لاءِ اچڻ وڃڻ ۾ ٽوٽل ٽي چار ميل ٿيو وڃن. اهڙيءَ طرح طواف (ڪعبي جي چؤڌاري ست چڪر) ۽ سعي (صفا ۽ مروه جي وچ ۾ ست چڪر) اٽڪل ٽي چار ميل ٿيو وڃن. حج وارن ڏينهن ۾ ته اڃا به گھڻو پنڌ ڪرڻو پوي ٿو. مزدلفه کان منى ته هرهڪ کي پنڌ ئي وڃڻو پوي ٿو ۽ پوءِ ان ئي ڏينهن منى ۾ پنهنجي تنبوءَ کان شيطان کي پٿريون هڻڻ لاءِ پنڌ وڃڻو پوي ٿو ۽ پوءِ ان ئي وقت طواف ۽ سعي ڪرڻ لاءِ ڀلي ڪو منى کان مڪي پنڌ اچن ٿا، انهن جا ٽي چار ميل وڌيڪ ٿيا. ان ڪري بهتر آهي ته حج تي روانو ٿيڻ کان اڳ پاڻ ۾ هلڻ جي عادت وجھجي. عورتون پنهنجن گھرن ۾ هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين واڪ جي پرئڪٽس ڪري سگهن ٿيون.
    مون سان گڏ رهندڙ ڊاڪٽر روزانو طواف ڪري اچڻ بعد پنهنجن پيرن کي زيتون جي تيل سان مالش ڪندو هو. زيتون جو تيل پاڪستان ۾ به ملي ٿو يا مڪي پهچي پهرين ڏينهن ئي ٻه چار جھاجي گڏجي تيل جي ننڍي شيشي يا دٻي مالش لاءِ وٺي سگھن ٿا. بهرحال ڪنهن به تيل جي مالش سان پيرن تي سوڄ نٿي ٿئي.
    ـــــــــــــــ
    مديني ۾ رهندڙ هڪ پراڻي باشندي چيو:
    ”مڪي ۾ جلال آهي ۽ مديني ۾ جمال آهي.“
    هڪ ٻئي، ٻن شهرن ۾ ڀيٽ ڪندي چيو:
    ”مڪي ۾ بندو ۽ رب آهي، مديني ۾ امتي ۽ رسول آهي.“
    ـــــــــــــــ
    رش ۾، خاص ڪري منى (جتي لکها ماڻهو هڪ ئي وقت شيطان کي پٿريون هڻڻ لاءِ اڳتي وڌن ٿا) ڪا شيءِ پٽ تي ڪري پوي ته هيٺ جھُڪي هرگز نه کڻجي. ايڏي رش ۾ توهان جي پويان ايندر فقط هڪ ماڻهو ته کڻي توهان جو خيال رکي ٿوري دير لاءِ بيهي رهي يا توهان کي هيٺ جھُڪندو ڏسي کڻي ترسي پر ان جي پويان هزارين ماڻهو ٿيلها ڪندا (Momemtum ۾) پيا اچن اهي ترسي نه سگھندا ۽ توهان کي چپي ويندا. ان ڪري اهڙي گپاگيهه ۾ توهان جي پيرن مان چمپل نڪري وڃي يا هٿن مان ڇٽي يا ٿرماس نڪري وڃي ته ان جو فڪر هرگز نه ڪيو ۽ پنهنجي جان بچائڻ خاطر انهي ئي رفتار سان اڳتي وڌندا رهو، ڇو جو توهان جي اوچتي جھڪڻ تي پويان ايندڙ ٽي چار ڄڻا ٿاٻڙجي توهان مٿان ڪري پوندا ۽ ان مٿان هزارين ماڻهن جو سيلاب توپان کي چپي ويندو.
    ـــــــــــــــ
    مڪي شريف يا مديني منوره جهڙي مٺي ٻانگ مون ڪٿي نه ٻڌي. ائين لڳندو هو ڄڻ آسمان مان آواز گونجي رهيو هجي.
    ـــــــــــــــ
    حج جي لغوي معنى ارادو ڪرڻ يا ڪنهن جاءِ تي پهه ڪري وڃڻ آهي. پر شريعت جي اصطلاح ۾ مڪي شريف ۾ پهچي بيت الله جو طواف، منى ۾ رهڻ، عرفات جي حاضري، مزدلفه ۾ رات ٽڪڻ ۽ صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي (ست ڦيرا) ڪرڻ آهي.
    ـــــــــــــــ
    مڪي ۽ مديني ۾ پاڻ وڪڻڻ توڙي کائڻ تي سخت بندش آهي. رستي تي سگريٽ ڇڪڻ کان به جھل آهي. توهان پان يا سگريٽ جا عادي آهيو ته ان ڳالهه جو ڌيان رکجو.
    ـــــــــــــــ
    هوائي جهاز رستي ۽ وقت کي سسائي ڇڏيو آهي. اسان جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ته ڳوٺ جا ماڻهو پاڻيءَ جي جهاز تي حج لاءِ ويندا هئا. پاڻيءَ جي ڊگھي سفر ۾ حاجين جي ورتل سستي قسم جي ڪتل (کجور) سُرجي ويندي هئي. تڏهن به مڪي مديني کان آيل هيءَ سوغات اسان لاءِ اهم هوندي هئي. ڪتل کي صاف ڪري، اکين تي رکي، چپن سان چُمي کائي ڇڏيندا هئاسين. ڪڏهن به گلا نه ڪئيسين.
    ـــــــــــــــ
    اسلام فوٽوءَ جي اجازت ڏئي ٿو يا نه ـــ منهنجي خيال ۾ ان جو دارومدار نيت تي آهي. پوڄا خاطر فوٽوءَ کا ٽنگڻ ظاهر آهي شرڪ جو ڪم يعني گناهه آهي. پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ تي فوٽو يا پنهنجو ’فوٽو يا پار پتا‘ ڳچيءَ ۾ هار وانگر وجھي هلڻ سڃاڻپ خاطر آهي جيئن ڏوهن کي گھٽائو وڃي ۽ حج دوران گم ٿي ويل يا گذاري ويل جي ان مان سڃاڻپ ڪري سگھجي.
    بهرحال سعودي عرب ۾ توهان ڳچيءَ ۾ فوٽو سميت سڃاڻپ ڪارڊ لڙڪائي سگھو ٿا پر تعويذ نه. ڇو جو تعويذ وغيره مان مطلب شرڪ جو نڪري ٿو. توهان الله کان من جي مراد گھرڻ يا الله کان مدد گھرڻ بدران تعويذ، ڌاڳن ۽ ٽوڻن ڦيڻن تي ويساهه ڪريو ٿا. مڪي ۾ هڪ ڏينهن ٽئڪسين جي چڪاس ٿي رهي هئي. پوليس وارا هڪ هڪ ڪار کي روڪي ان جا ڪاغذ پٽ جانچي رهيا هئا. آئون جنهن ٽئڪسيءَ ۾ ويٺل هوس ان جو ڊرائيور پنجابي ڳالهائڻ وارو پاڪستاني هو. ٽئڪسيءَ جا ڪاغذ چيڪ ڪندي عرب پوليس واري جي نظر ڪار جي آئيني ۾ لڙڪندڙ تعويذ تي پئي: ”هي ڇا آهي؟“ پوليس واري ٽئڪسي ڊرائيور کان پڇيو.
    ”گھڻو ڀاڙو ڪمائڻ لاءِ هي تعويذ لکرايو اٿم.“ ٽئڪسي ڊرائيور عربيءَ ۾ وراڻيس.
    پوليس واري سٽ ڏئي اهو تعويذ ڇني ورتو ۽ ڪا دير پاڪستان پاڪستان جا لفظ دهرائڻ سان گڏ ڊرائيور کي دٻ ڪڍندو رهيو. جڏهن اسان کي ڇڏيائين ته ڊرائيور ٻڌايو ته هو اهوئي چوندو رهيو ته توهان پاڪستاني خبر ناهي ڪڏهن سڌرندائو ۽ وارننگ ڏيندي چيائين ته: ”آئيندي اهڙي شرڪ جو ڪم ڪيو اٿئي ته ڇهه مهينا جيل اماڻي ڇڏيندوسانءِ.“
    ـــــــــــــــ
    سعودي عرب ۾ چوري چڪاريءَ تان هٿ ڪپيو وڃي ٿو ۽ وڏن ڏوهن تا سرقلم ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن سزائن جو هڪ دفعو فيصلو ٿيڻ تي ڏوهاريءَ سان ڪابه همدردي نٿي ڪئي وڃي. ويندي جو هن جو هٿ ماڊرن ٽيڪنالاجيءَ ۽ سهوليت موجب ائين نٿو ڪپيو وڃي، جيئن ڪو سرجن ڪنهن مريض جو اسپتال ۾ آپريشن دوران ڪپي ٿو.
    هڪ پاڪستاني ڊاڪٽر ٻڌايو ته هن کي سعودي عرب ۾ سٺي پگھار واري نوڪري ملي پر ”ڏوهارين جا هٿ ڪپڻ“ واري ڊيوٽيءَ تان گھٻرائجي نوڪي ڇڏي ڏني. هن ٻڌايو ته ڏوهاريءَ جو بنا نشي Anaesthesia يا Pain Killer دوا ڏيڻ جي هٿ ڪپيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ٽمندڙ رت کي بند ڪرڻ لاءِ ڪپيل هٿ کي گرم تيل ۾ وڌو وڃي ٿو ۽ پوءِ ان بعد ئي مجرم کي اسپتال موڪليو وڃي ٿو.
    ـــــــــــــــ
    مٿئين ڊاڪٽر ٻڌايو ته عورتن کي حج وارن ڏينهن ۾ ماهاني تڪليف (Monthly Periods) کان بچڻ لاءِ کپي ته Primolut-N گوريون روزانو کائين.
    ـــــــــــــــ
    ڪن ڪن انگريزي شين جا عربيءَ ۾ نالا عجيب آهن ۽ انهن شين جي Slogans جا ترجما ان کان وڌيڪ حيرت انگيز آهن.
    ٽمئٽو ڪئچپ جربيءَ ۾ طماطم کتشاب ٿيو وڃي، ڇو جو عربي زبان ۾ نه ”ٽ“ آهي، نه ”چ“ ۽ نه ”پ“. اهڙيءَ طرح چاڪليٽ شڪولاتہ ٿيو وڃي.
    مديني ۾ مسجد نبوي جي ٻاهران هرگھٽيءَ ۾ ڍير پبلڪ ٽيليفون بوٿ نظر اچن ٿا. اها خبر هيم ته ٽيليفون کي عربيءَ ۾ هاتف سڏجي ٿو پر هتي جتي ڪٿي وڏن اکرن ۾ ’مافي مشڪلہ‘ لکيل ڏسي، آخر هڪ ڏينهن انگريزي ڳالهائڻ واري ڪارڊ وڪڻندڙ کان پڇيم ته هن جو مطلب ڇا آهي.
    هن ٻڌايو ته اهو هن ٽيليفون ڪمپنيءَ جو نئون سلوگن آهي. مافي مشڪلہ معنى ”ڪابه شيءِ ڏکي ناهي.“ يعني توهان هنن ٽيليفونن ذريعي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڳالهائي سگھو ٿا.
    اهڙيءَ طرح اڄُڪلهه جيڪي پيپسي ڪولا جا نوان دٻا وڪامي رهيا هئا، انهن تي نعرو لکيل هو: ”نفس الطعم الرائع“ جنهن جي انگريزي ۾ معنى به لکيل هئي. Same Great Taste
    ڪپڙن ڌوئن لاءِ پائوڊر صابڻ وٺڻ ويس. صابڻ آمريڪن Tide هو پر دٻي تي عربيءَ ۾ نالو لکيل هو ”تايد“ ۽ ان جي هيٺان لکيل هو ”نسيم الحدائق“ معنى Garden Breeze.
    فرزي مئنگوڊرنڪ جي دٻي تي ان جو عربي ترجمو هو: فرزي شريف المانجو.
    ـــــــــــــــ
    ڪراچيءَ جي ايئرپورٽ تي جتان حاجي حج لاءِ روانا ٿيان ٿا اتي وڏن اکرن ۾ لکيل آهي:
    ”عازمين حج خدا حافظ ــ قائد اعظم انٽرنيشنل ايئرپورٽ“ ۽ هيٺان هڪ شعر لکيل آهي:
    جسے چاہا در پے بلالیا
    جسے چاہا اپنا بنالیا
    یہ بڑے کرم کے ہیں فیصلے
    یہ بڑے نصیب کی بات ہے
    ان کان علاوه ايئرپورٽ تي ڪيترن هنڌن تي وارننگ طور لکيل آهي ”جيڪڏهن پنهنجي زندگي ۽ ملڪ سان پيار ڪريو ٿا ته نشي جون شيون کڻي وڃڻ کان گريز ڪريو ۽ ملڪ ۽ قوم کي شرمندگي ۽ بدناميءَ کان بچايو.“
    سعودي عرب ۾ منهنجي هڪ عرب دوست، جيڪو اتي جي نيويءَ جو ڪمانڊر آهي، تنهن ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته: ”ڪيڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته هن موذي ڌنڌي ۾ سڀ کان گھڻا پاڪستان ۽ افغانستان جهڙا مسلمان ملڪ حصيدار آهن.“ اڄُڪلهه جي سخت مشيني چڪاس ۽ هوشيار ڪتن ڪري شايد ئي ڪو سمگلر بچي سگھي ٿو پر ان هوندي به ڪيترا ئي نادان ان ڌنڌي ۾ پاڻ کي ڦاسائي رکن ٿا. هتي اچڻ سان ايئرپورٽ تي جھليا وڃن ٿا ۽ سندن انجام سر قلم ئي ٿئي ٿو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 494
    ڪتابن جو مشاهدو: 471356
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188671
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ