ڪتاب جو نالو: ڏاهي جهرڪي
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 1999
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 18 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 611 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 283 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
محترم الطاف شيخ جيڪو سفرنامن جي ڪري مشهور آهي پر پاڻ ٻاراڻي ادب تي پڻ ڪتاب لکيا اٿن۔ سندن هي ڪتاب ڏاهي جهرڪي ۽ ٻيون آکاڻيون پرڏيهي ۽ ڏيهي ادب مان ورتل آهي۔ هي ڪتاب اي بوڪ جي صورت ۾ سنڌي ادبي سنگت سٽي سکر جي محترم عبداللطيف انصاري جي ڪاوشڻ جو نتيجو آهي۔
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب
  • شيشي جو ٻوچ
  • اُستاد ڦڏو ۽ اُستاد چٻو
  • ڀاڳ واري ڪٽلي
  • واڱڻائي گدڙ
  • گنو ۽ ڪويو جو کوهه کوٽڻ
  • گنو، ڪويو ۽ چانديءَ جو خنجر
  • وتايو فقير، نصيرالدين هوجا ۽ سي – ڪبايان
  • ڪبايان ۽ چونئرا
  • حاجي سڳوري لاءِ دعوت
  • گهوڙي تي گهٽ بار
  • / هرڻ جو شڪار
  • ڏاهو کيکڙو
  • ظالم جو موت
  • سانگ ڪنچل جون گهمتاريون
  • مينهن ۽ ڍڳيءَ جي ڳالهه
  • کيکڙو ۽ ڍڳي
  • شينهن ۽ چٽڪمري هرڻي
  • ٿلهي پڇ وارو لومڙ
  • ڪانگ ۽ جهرڪيءَ جو مقابلو
  • ڏيڏر ۽ ڪوئو
  • پوڙهي ڪڇونءَ جي سياڻپ
  • کيکڙو ۽ شهزادو
  • هاري ۽ نانگ
  • جادوئي ڌاڳا
  • ٽي جادوءَ جون سوغاتون
  • ڪڪڙ جي صلاح
  • چيتي کي ڊگهو پڇ ڇو آهي
  • ڏاهي جهرڪي
  • نيڪدل ديو
  • چنڊ جي ڌيءَ
  • آئون مرڻ چاهيان ٿو
  • گڏهه جي ڪنن وارو شهزادو
  • شينهن ۽ ٻڪري
  • سهو ۽ لومڙي
  • ٻارهن مهينا
  • ماڪ جي ڦُڙن جو تاج
  • پکين جو بادشاهه
  • ڪوئو، کيکڙو ۽ ڀونئر
  • هيرن جو صوف
  • شهزادي سورج مکي
  • گاهه جي گڏي
  • ٽي ڪوڙا ۽ سڪو
  • مغرور بادشاهه
  • جادوءَ جي ديڳڙي
  • واڳون ۽ عورت
  • ڏنڀرو مڇي سمنڊ ۾ ڪيئن آئي

  • انتساب

    اسان جي ٽيچر ۽ الائيڊ بئنڪ جي اڳوڻي صدر سائين محمد خان ميمڻ نالي
    -----

    مهاڳ

    هالا ۾ چار سال پرائمري اسڪول ۾ پڙهيس، ان بعد پهرين انگريزيءَ کان ٽئين درجي (يعني ستين ڪلاس) تائين مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ پڙهيس. هالا ۾ جن استادن مون کي پڙهايو، سائين محمد خان ميمڻ پڻ انهن مان هڪ آهي، بلڪه سائين محمد خان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو وڃڻ کان اڳ وارو هڪ سال منهنجو استاد ٿي رهيو. اسان سڀني ڪلاس ميٽن وٽ تڏهن ۽ ان بعد به جناب محمد خان دلپسند شخصيت هو. ڇو هو؟ شايد ان وقت ان جو جواب ڏيڻ ڏکيو ڪم هجي ها، پر اڄ جڏهن مون کي پاڻ به پڙهائيندي ويهارو سال اچي ٿيا آهن، ان جو جواب ڏيڻ يا تجويز ڪرڻ آسان پيو لڳي بلڪه سندن لاءِ اڃا به وڌيڪ عزت ۽ قدر ٿئي ٿو. پاڻ هڪ ته روايتي سنڌي ماستر وارو خوف پيدا نه ڪيو. پاڻ شاگردن تي علم ٿاڦڻ بدران سوال جواب ڪرڻ جي همت افزائي ڪئي. صاف ظاهر آهي ته کين پاڻ به ان سبجيڪٽ جو گهرو علم هو تڏهن ته هو شاگردن جي سوالن جا جواب ڏيئي سگهيو ٿي، نه ته انهن ڏينهن ۾ پُڇ پُڇ ڪندڙ شاگردن کي ماستر طرفان هميشه دڙڪو ملندو هو ته ”ڇورا ماٺ ڪري ويهه، جيڪي آئون چوان پيو اهو لکندو وڃ. تون پاڻ کي وڏو اڪابر نه سمجهه“.
    سائين محمد خان شڪل شبيهه ۾ ته ماشاءَ الله سهڻو هوئي، پر صفائي سان به لڳاءُ هوندو هوس. ڪپڙو لٽو کڻي سادو هوندو هوس پر هميشه صاف سٿرو فضيلت سان پهريل هوندو هيس. اسان کي به هر وقت نصيحتون ڪندو هو ته روزانو وهجندا ڪريو. مون کي ياد آهي ته هڪ ڪلاسي چيوِ: ”سائين صابڻ مهنگو آهي.“ پاڻ طنزيه مرڪ چپن تي آڻي چيائين، ”اڙي فلاڻا اٿي بيهه. روز رسيس ۾ گهڻو ٿو خرچين؟
    ”سائين ٻه آنا.“ اسان جي ڪلاسيءَ جواب ڏنو.
    ”۽ شام جو؟“
    ”ٻه آنا.“
    ”يعني چار آنا روز اجاين سجاين شين تي خرچ ڪرين ٿو صابڻ جي قيمت چار آنا آهي. هڪ ڏينهن ڪِن سن کائڻ کان کڻي روزو رک ۽ پنهنجي جسم کي جراثيمن کان پاڪ رکڻ لاءِ صابڻ وٺ جيڪو ٻه هفتا ته ضرور هلي ويندو.“
    1957ع ۾ جڏهن سائين محمد خان اسان کي پڙهائيندو هو، تڏهن صابڻ جي قيمت چار آنا هئي ۽ پاڻي اڻ ميو ۽ اڻ ملهه هو.
    اڄ آءٌ به هڪ قسم جو ماستر آهيان. شاگرد (جهازن جي انجنيئرن) کي پڙهايان ٿو ۽ ماستر ٿيڻ لاءِ مون کي مختلف هنڌن تان Trainingوٺڻي پڻ پئي. ڪيترا ئي ڪورس Attend ڪري سکيس ته ڪيئن پڙهائجي. مثال طور:
    استاد ۽ شاگرد جوEye to Eye Contactهجڻ گهرجي. هڪ هنڌ ڪرسيءَ تي ويهي ليڪچر ڏيڻ بدران ڪلاس روم ۾ چرپر ڪجي، شاگردن کي خبردار رکڻ ۽ ڌيان ڇڪائڻ لاءِ رکي رکي دلچسپ سوال ڪجن....... اهي سڀ ڳالهيون ۽ نقطا سائين محمد خان کي بنا سکڻ جي آيا ٿي. هن کي پڙهائڻ جي قدرت طرفان ڏات مليل هئي.
    پڙهائڻ کان علاوه راندين ۾ به هوشيار هو. خاص ڪري والي بال ۽ ڪرڪيٽ ۾، پڙهڻ سان گڏ اسان کي رانديون کيڏڻ جي به نصيحت ڪندو هو. تن ڏينهن ۾ پڙهڻ ۽ راند کيڏڻ ٻه مختلف شيون سمجهيون وينديون هيون. سٺي شاگرد جي اهائي وصف سمجهي ويندي هئي ته هو رڳو پڙهي، پر سائين محمد خان اها پراڻي روايت Tabooختم ڪرڻ چاهي ٿي. هو شام جو اسڪول جي ميدان تي اچي ڏسندو هو ته اسين سڀ حاضر آهيون ۽ رانديون کيڏون پيا يا نه. اسان کي ڪرڪيٽ ۽ والي بال راند کيڏڻ سائين محمد خان سيکاري. راندين کان علاوه اسڪول ۾ اسڪائوٽنگ ۾ بهرو وٺڻ لاءِ پڻ سائين محمد خان ڪوششون ورتيون. تن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ سندس ڳالهين تي حيرت کاڌي ويندي هئي، پر اڄ آئون محسوس ڪريان ٿو ته هن جو انگريزي پهاڪي All Work and No play makes jack a Dull boy ۾ پورو پورو وشواس هو.
    انهن ڏينهن ۾ لاهور جي ڪن ڪتاب گهرن جي مون کي خبر پئي هئي، جن تان ڪهاڻين جا ڪتاب وي. پي. پيءَ ذريعي گهرائي پڙهندو هوس. ڪلاس ۾ به کڻي ايندو هوس ۽ ٻين ڪلاسين کي به ڏيندو هوس. هڪ ڏينهن سائين محمد خان ڏسي ورتو. اسان سمجهو دڙڪا ڏيندو پر ان بدران هن تمام گهڻي همت افزائي ڪئي ته اسڪول جا ڪتاب ته پڙهڻ کپن ئي کپن، پر انهن کان علاوه آکاڻي جا ۽ معلومات جا ڪتاب به پڙهڻ کپن، اخبار به پڙهڻ کپي ۽ شام جي وقت رانديون پڻ کيڏڻ کپن.
    ”سائين ليوڊو راند کيڏون؟“ ڪنهن ڪلاسيءَ هڪ دفعي سوال ڪيو.
    ”ڀلي کيڏو پر اها راند فقط وقت کي Kill ڪرڻ لاءِ آهي. توهان ننڍي عمر جا آهيو. توهان کي گهڻيون آئوٽ ڊور رانديون کيڏڻ کپن. انڊور راندين ۾ Scrabble، شطرنج يا ڊرافٽ جهڙيون کيڏڻ کپن، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ذهن جي سٺي ورزش ٿئي ٿي.
    اسان جي استاد محمد خان جي پڙهائي ۽ سٺيون ڳالهيون ۽ اعلى شخصيت اسان کي هميشه ياد رهي آهي. ان وقت ته اهو به هوش نه هو پر هاڻ ويجهڙائي ۾ ملاقات ٿيڻ تي کانئن خبرون چارون ڪندي معلوم ٿيو ته جن ڏينهن ۾ هو اسان کي پڙهائيندا هئا- يعني پاڻ هالا جي اسڪول ۾ ٽيچر هئا، ته سندن عمر فقط ويهه سال هئي. ان حساب سان ڏٺو وڃي ته منجهن ڪيتريون ئي قابليتون خدا طرفان کين مليل ڏات هئي، نه ته اڄڪلهه جا ڪيترا استاد ايم اي، ايم ايڊ ڪرڻ بعد پڙهائڻ جا ڪيترا ڪورس ڪن ٿا، ته به هو اهڙا اُتم ۽ Devoted ٽيچر ثابت نٿا ٿين.
    هالا جو اسڪول ڇڏڻ بعد منهنجي سائين محمد خان سان وري ملاقات نه ٿي. جيتوڻيڪ پاڻ اسان جي ئي ڳوٺ هالا جا هئا، جتي آئون به ايندو رهندو هوس. گهڻن سالن بعد- تقريبا پنجٽيهن سالن بعد منهنجي سائينءَ سان اوچتي ملاقات ٿي، ڪراچيءَ جي ڊفينس سوسائٽيءَ جي مسجد ۾. ساڻن گڏ سندن وڏو پٽ عبدالقادربه هو. سندس پٽ کي چيم ته توهان جو والد صاحب، جڏهن توهان جيڏو هو ته اسان کي پڙهايو هئائين ۽ شڪل شبيهه بلڪل تو جهڙي هيس. ان ئي ڏينهن سندن گهر دعوت هئي، جنهن ۾ آيل مهمانن سان جڏهن اهاڳالهه ڪيم ته سائينءَ اسان کي پڙهايو آهي، بلڪ اسان جو فيورٽ ٽيچر ٿي رهيو آهي ته سڀني کي تعجب لڳو جو سائينءَ کي سڀ بئنڪ جي حوالي سان سڃاڻن ٿا ۽ مون کي به ان وقت خبر پئي ته محمد خان صاحب تمام ٿورو عرصو يعني ٻه اڏائي سال کن مس پڙهايو ۽ منهنجي هالا ڇڏڻ بعد پاڻ به سگهوئي هالا ڇڏي ويا.
    ”پوءِ ڀلا توهان ٽيچنگ ۾ ڇو آيائو؟“ مون کانئن سوال ڪيو.
    ”غربت ڪري. آئون غريب هوس پر مون محنت ڪري اڳتي وڌڻ چاهيو ٿي. وڌيڪ پڙهڻ لاءِ پئسن جي ضرورت هئي، ان ڪري مون مئٽرڪ ڪري، ٽيچر ٿي، نوڪري ڪئي. ساڳئي وقت هالا جي سروري ڪاليج مان انٽر ۽ بي اي ڪيم.“ پاڻ ٻڌايائون.
    مزي جي ڳالهه اها ته ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ ڪجهه پاڪستاني مون کي ABL بئنڪ جي حوالي سان جڏهن ٻڌائيندا هئا ته ان جو سينيئر Executive ۽ ان بعد پريزيڊنٽ محمد خان صاحب هالا جو آهي ته مون کي اهو خواب خيال۾ به نه ايندو هو ته پاڻ ٽيچنگ ڇڏي ويا آهن. سو هينئر پڇيو مان ته هو بئنڪنگ ۾ڪيئن ويا.
    ”اسڪول ڇڏڻ بعد آئون سڌو بئنڪنگ ۾ نه آيس. 1959ع ۾ مون وليج ايڊ ۽ بئسڪ ڊيموڪريسي کاتو Join ڪيو ۽ بدين، ڊگري، هالا، ٽنڊوالهيار ۽ حيدرآباد ۾ 1966ع تائين نوڪري ڪندو رهيس. پوءِ آئون حبيب بئنڪ ۾ ڊيولپمينٽ آفيسر ٿي آيس ۽ لوئر سنڌ جو انچارج هوس.“
    ”توهان کي بئنڪنگ لاءِ ڪنهن اتهاس ڏياريو؟“ مون پڇيو مانس.
    ”ان جو ڪريڊٽ عباسي صاحب کي آهي جنهن منهنجي همت افزائي ڪئي، عبدالغفار عباسي صاحب، جيڪو هن وقت حبيب آمريڪن بئنڪ نيويارڪ آفيس جو صدر آهي.“
    اسان جو سائين محمد خان صاحب بئنڪ جي نوڪري ۾ 1969ع ۾ ٽنڊوالهيار واري حبيب بئنڪ جو مئنيجر ٿيو. ان بعد آسٽريليشيا بئنڪ حيدرآباد زون جو زونل هيڊ ٿيو. بعد ۾ اها بئنڪ قومي ملڪيت ۾ ورتي وئي ۽ الائيڊ بئنڪ ٿي وئي، جنهن ۾مختلف پوسٽن تي رهندي ۽ مختلف شهرن مان ٿيندا 1980ع ۾ اسلام آباد ۾ سرڪل ايگزيڪيوٽو ٿي رهيا. اسلام آباد ۾ پاڻ ڪافي عرصو رهيا. جنوري 1985ع ڌاري چيف آف پرسنل ڊويزن ايگزيڪيوٽو ٿيا ۽ پوءِ 1986ع ڌاري چيف آف پرسنل ڊويزن ايگزيڪيوٽو ٿيا ۽ پوءِ 1986ع ۾ ميمبر بورڊ ۽ پروونشل چيف NWPF ۽ آزاد ڪشمير ٿي رهيا. سندن هيڊ ڪواٽر پشاور رهيو. 1988ع ۾ ڪراچي بدلي ٿيا ۽ سنڌ جا پروونشل چيف ٿي رهيا. 1989ع ۾ پاڻ الائيڊ بئنڪ جا صدر ٿيا.
    سيپٽمبر 1990ع ۾ سائين محمد خان صاحب جن پاڪستان بورڊ ائنڊ فائننشل سروسز ڪميشن جا ميمبر مقرر ڪيا ويا ۽ 1993ع ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر انڊسٽريل ڊولپمينٽ بئنڪ آف پاڪستان ٿي رهيا.
    پاڻ 19 فيبروري 1934ع ۾ هالا ۾ ڄاوا ۽ سٺ سالن بعد 1994ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائرڊ ٿيا. پاڻ هن وقتIDBP جا ايڪس آفيشو ڊائريڪٽر آهن.
    هالا تواريخ جي حساب سان ڪو گهڻو پراڻو شهر ناهي- خاص ڪري هالا نوان، جتي جا گهڻي ڀاڱي رهاڪو سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر جي علائقن کان هتي اچي رهيا. اسان جي سائين محمد خان صاحب جن جو والد صاحب ۽ ان جا ٻيا مائٽ درياه جي ٻي ڀرتي گهوٽاڻا ڳوٺ کان لڏي آيا ۽ اچي هالا جا وڻ وسايائون. سندن مائٽن جا چار پنج گهر اسڪول ڏي ويندڙ گهٽيءَ ۾ هئا. جتي سندن وڏي ڀاءُ الهه رکئي جو سيڌي جو دڪان هوندو هو. سائينءَ جو وڏو ڀاءُ آگي ڏنو PCS آفيسر هو. سندن هڪ ڀيڻ سنڌ جي مشهور ڊاڪٽر محمد ابراهيم جي گهر ۾ آهي، جيڪو سندن مائٽيءَ ۾ ڪزن ئي آهي ۽ ٻي ڀيڻ ڊاڪٽر صاحب جي ڀاءُ محمد جمن جي گهر ۾ آهي، جنهن کي ڇهه پٽ بشير، مشتاق، اسرار، اشفاق، اشتياق ۽ آفتاب آهن ۽ اعليَ تعليم حاصل ڪرڻ بعد مختلف نوڪرين ۾ آهن. ڊاڪٽر ابراهيم جو ننڍو ڀاءَ نور محمد ميمڻ پڻ هالا جي هڪ اهم شخصيت آهي، جو هو ننڍپڻ کان سٺو شاگرد ٿيو رهيو آهي ۽ جتي هالا جي ٻين شاگردن سول انجنيئرنگ يا ڊاڪٽري ڏي رُخ رکيو، اتي هن ٽائون پلاننگ جهڙي سبجيڪٽ ۾ U.SA مان پوسٽ گرريجوئيشن ڪئي. اڄڪلهه پاڻ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ پڙهائين پيا سندس پٽ عتيق ويجهڙائي ۾ ڪمپيوٽر سائنس ۾ M.Sc ڪرڻ بعد هاڻ سعودي عرب ۾ نوڪري ڪري پيو.)
    سائين محمد خان صاحب جن جي شادي 1966ع ۾ ٿي. کين پنج ٻار آهن، بلڪ نانو ۽ ڏاڏو به ٿي چڪو آهي. سندن وڏي ڌيءَ فرازا جي شادي اسلام آباد جي نوجوان وڪيل طارق محمود جهانگيري سان 1990ع ۾ ٿي ۽ کين ٻه ٻار: فرزين۽ ماهرا آهن. سائينءَ جو ٻيو نمبر پٽ ڪسٽمس ۾آهي ۽ سندن زال فريده پڻ سي ايس پي آفيسر آهي ۽ اڄڪلهه ڪراچي ويسٽ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آهي. ٻيو نمبر پٽ عبدالناصر پي آءِ اي ۾ آهي، سندن گذريل سال اسمه سان شادي ٿي ۽ شاهزيب نالي پٽ ڄائو اٿس. سندن ننڍا ٻه ٻار محمد ياسر ۽ امبرينا گريجوئيشن ڪري چڪا آهن.
    هالا ۽ ٽنڊوالهيار کان اسلام آباد ۽ پشاور تائين نوڪريون ڪرڻ وارو اسان جو سائين پاڻ کي هر شهر ۽ ماحول ۾ ڪمفرٽبل محسوس ڪري ٿو. پر رٽائرڊ ٿيڻ بعد هو في الحال ڪراچيءَ ۾ ڊفينس فيس فور ۾ رهي ٿو. پاڻ ننڍي هوندي کان سوشل رهيو آهي ۽ هينئر به سندن واندڪائيءَ جون گهڙيون دوستن يارن سان ملڻ، ايڪانامڪ ۽ فائنانس جا ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ ۾ گذرن ٿيون. پاڻ بئنڪنگ ۽ ڪامرس جا ڄاڻو مڃيا وڃن ٿا ۽ انهن سبجيڪٽن جو ڳوڙهو مطالعو ۽ ناليج اٿن. اسان وٽ ماڻهوءَ ۽ ان جي قابليت جو قدر نه آهي نه ته سائين محمد خان جهڙا ماڻهو اسان جهڙن ملڪن جي ڏتڙيل ۽ پٺتي پوندڙ ايڪاناميءَ ۾ انقلاب آڻي سگهن ٿا. بهرحال مون جهڙن انيڪ ڪلاسين کي خوشي آهي ته سائين محمد خان سان اسان جو ويجهو تعلق رهيو، گهڻو نه کڻي پر تڏهن به سال سوا وڏي ڳالهه آهي ۽ اسان کي فخر آهي ته پاڻ استاد جي حيثيت ۾ اسان کي تعليم سان گڏ تربيت پڻ ڏنائون ۽ اسان جي زندگي سنوارڻ ۾ سندن پڻ حصو آهي.
    الطاف شيخ
    10- جولاءِ 1998ع


    شيشي جو ٻوچ

    گهڻواڳ جي ڳالهه آهي ته بئنڪاڪ شهر ۾ هڪ تمام وڏي نالي ۽ ساک وارو هيرن جو واپاري رهندو هو. سندس نالو ڦارا چمن هو. ڦارا چمن ڪنهن به قيمتي هيري يا پٿر کي ڏسڻ سان پهرين نظر ۾ ئي ان جو ملهه ٻڌائي سگهندو هو. سندس مقابلي جو سڄي بئنڪاڪ ۾ ٻيو ڪوبه جواهري نه هو. ملڪ جون راڻيون، شهزاديون ۽ امير ماڻهن جون زالون هيرن جي چونڊ ۽ خريداريءَ لاءِ هنجي دڪان تي اينديون هيون.
    بئنڪاڪ شهر ۾ انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ ٻيو ماڻهو ”نائي ڪرو“ نالي پڻ رهندو هو. نائي ڪرو غريب ۽ اڻ پڙهيل هو پر ڦارا چمن سان سندس عليڪ سليڪ هئي ۽ هن وٽ اڪثر گهمڻ ايندو رهندو هو.
    هاڻ ڳالهه هينئن ٿي ته نائي ڪرو کي ڪٿان عطر جي خالي شيشي جو صوفي ٻير جيڏو گول ٻوچ ملي ويو جنهن جو جيتوڻيڪ تر ڀڳل هو پر اهو ڪرسٽل گلاس جو هجڻ ڪري هيري وانگر چمڪي رهيو هو. نائي ڪرو ان ٻوچ جي تري کي گهي گهي اهڙي نموني سان ڪنڊون ۽ پاسا ٺاهي ڇڏيا جو پري کان ڏسڻ سان ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن اعلى. ڪاريگر هي وڏي سائيز جو هيرو ويهي گهڙيو هجي. پر ويجهو ڏسڻ سان ڪير به دوکو نٿي کائي سگهيو ۽ صاف صاف لڳو ٿي ته شيشي جي ٻوکچي هيري وانگر گول ڪيو ويو آهي.
    هڪ ڏينهن نائي ڪرو ان ٻوچ کي گلابي لغڙائي پني ۾ ويڙهي ڦارا چمن جي دڪان تي کڻي آيو“، ”سائين مون تمام جهونو هيرو آندو آهي جيڪو ڪيترن ئي پيڙهين کان اسانجي خاندان وٽ حفاظت سان سانڍبو اچي. هاڻ منهنجي ماءُ جي مرڻ تي اهو هيرو مون کي ورثي ۾ مليو آهي، پر سچي ڳالهه اها آهي ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان کي ڇا ڪريان. اهو سائز توڙي ملهه ۾ ايڏو وڏو آهي جو پائڻ تي دل نٿي چوي ۽ ساڳي وقت ان کي ٽجوڙيءَ ۾ بندڪري رکڻ به ڪا عقلمندي نه ٿيندي جو آئون هڪ غريب ماڻهو آهيان ۽ پيٽ گذر لاءِ مون کي خرچ ٿو کپي، ان ڪري اهو قيمتي پٿر اوهان وٽ کڻي آيو آهيان ته اهو مون کي وڪڻائي ڏيو. آئون اهو نٿو چوان ته ڪو توهان مون کان خريد ڪريو، پر جيئن ته توهان ناليرا واپاري آهيو، ان ڪري آئون اهو توهان وٽ ڇڏي وڃڻ ٿو چاهيان ته جڏهن به توهان کي وجهه لڳي ته مهرباني ڪري مون لاءِ اهو سٺي اگهه ۾ نيڪال ڪري ڏيندا.“
    اهو چئي هن ڌيرج سان گلابي پني کولي منجهائنس ”هيرو“ ڪڍي ڦارا چمن کي ڏسڻ لاءِ ڏنو. جنهن کي ڏسڻ سان ڦارا چمن کان ٽهڪ نڪري ويا ۽ نائي ڪرو ڏي گهوريندي وراڻيو:
    ”دماغ ته جاءِ تي اٿئي ٺڳ ڪٿي جا! شيشي جي ٻوچ کي املهه ماڻڪ سڏي مون وٽ وڪڻڻ لاءِ کڻي آيو آهين؟“
    اهو ٻڌي نائي ڪرو ائين کڻي شڪل ٺاهي ڄڻ هن تي ڪو ڪوڙو الزام هڻي رهيو هجي. ڏکويل دل سان هو اها حقيقت مڃڻ کان انڪار ڪرڻ لڳو. ويتر وڏا وڏا قسم کڻڻ لڳو ته اهو سچ پچ هڪ جهونو قيمتي هيرو آهي. ”اهو منهنجي ڏاڏي کي سندس پڙڏاڏيءَ کان مليو هو ۽ ان وقت کان هيءَ قيمتي شيءِ اسانجي خاندان جي نشاني طور هلندي اچي ۽ وڏي سنڀال سڙيءَ سان اسان رکندا اچون. پر جيڪڏهن توهان کي مون تي يقين نٿو اچي ته مهرباني ڪري هن کي پاڻ وٽ رکي ڇڏيو ۽ ڪڏهن به ڪو گراهڪ اچي نڪري ته ان کي مون پاران جوڳي قيمت ۾ وڪڻي ڇڏجو ۽ آئون توهان کي هرگز نٿو چوان ته اهو توهان مون کان خريد ڪريو پر جڏهن به ٿي سگهي ته ڪنهن ٻئي وٽ هلائي ڇڏجو.“
    نائي ڪرو جي سنجيدگي کي ڏسي ڦارا چمن کي عجب لڳو ۽ سندس دل رکڻ لاءِ اهو پٿر پاڻ وٽ رکڻ جي حامي ڀري ۽ نائي ڪرو کان ان جو اگهه پڇيو ته ڀلا جيڪر وڪامي ته هو ڪيستائين ان ”هيري“ کي وڪڻي ڇڏي. پر نائي ڪرو جڏهن ٻڌايو ته هن کي هيري (ٻوچ) جا گهٽ ۾ گهٽ ڏهه هزار باٿ ملڻ کپن ته ڦارا چمن کان کل نڪري ويئي ۽ چيوِ: ”جيڪڏهن ڏهه باٿ چوين ته شايد ڪو متين جو موڙهيل پنهنجي ٻليءَ کي ڳچيءَ ۾ وجهڻ لاءِ وٺي وڃي. بهرحال مڙيئي خير آهي. تون چاهين ٿو ته ڀلي ڇڏي وڃ، آئون پڪ نٿو ڏيانءِ پر جيڪڏهن ڪنهن کي ان جي خريد ڪرڻ جو شوق ٿيو ته ڏسندس من تولاءِ ڪجهه ڪري سگهان.“
    ان بعد نائي ڪرو اهو ”هيرو“ ڦارا چمن جواهريءَ جي حوالي ڪري سندس دڪان مان نڪتو.
    ٽي مهينا گذري ويا، ڦارا چمن جي دل تان ان پٿر جي ذري گهٽ ڳالهه ئي وسري ويئي ته هڪ ڏينهن ڪنهن محلاتي شهزادي جو خدمتگار ڦارا چمن جي دڪان ۾ گهڙيو ۽ عرض ڪيو ته هو پنهنجي رياست جي شهزادي جي چوڻ مطابق هڪ اعليَ قسم جو هيرو خريد ڪرڻ لاءِ سندس دڪان ۾ آيو آهي. سندس شهزادي کي موتين جي مالها جي وچ ۾ اهو هيرو پؤئي زال کي سوغات طور ڏيڻو آهي. جيئن ته سڄي بئنڪاڪ شهر ۾ ڦاراچمن جهڙو ڪو ٻيو هاڪارو هيرن جو واپاري نه آهي سو هي پهرين هن وٽ هليو آيو آهي.
    ڦارا چمن کيس چانهه پاڻي پيئاري هڪ کان هڪ اعليَ هيرا ڏيکارڻ شروع ڪيا. پر انهن مان ڪوبه شيشي جي ٻوچ جيڏو وڏو نه هو. خدمتگار وڏي چاهه ۽ خيال سان هڪ هڪ هيرو ڏسندو ويو انهن مان ڪن جي تعريف ڪئي ته ڪن جي ٺلهي واهه واهه. مثال طور ڪو هيرو قيمتي ٿي لڳس ته سندس سائيز مان مطمئن نه هو ۽ ڪنهن جي سائيز صحيح ٿي لڳس ته ان جي سونهن مان متاثر نه پئي ٿيو ۽ ڦارا چمن کي اڃا به ٻيا هيرا ڏيکارڻ لاءِ چيو خاص ڪري وڏي ماپ وارا.
    ڦارا چمن هيترا سارا هيرا ڏيکاري ڏيکاري هاڻ سخت بيزار ٿي پيو هو ۽ ساڳي وقت انهن کان علاوه ٻيو ڪوبه هيرو سندس دڪان ۾ نه بچيو هو جيڪو قيمتي هجي ۽ جيڪي قيمتي هئا تن مان گراهڪ کي هڪ به پسند نه هو. ايتري ۾ هن کي هڪدم شيشي جي ٻوچ جو خيال آيو جيڪو نائي ڪرو هن وٽ ڇڏي ويو هو. پهرين ته هن کي اهو ڏيکاريندي شرم ٿي آيو جو بئنڪاڪ جي هيڏي وڏي دڪاندار لاءِ اهو ڪوڙ ڳالهائڻ ڏکيو ڪم هو ته هڪ شيشي جي ٻوچ لاءِ گراهڪ کي چوي ته اهو سچو هيرو آهي. پر هڪ ته هن وٽ هاڻ ڪو ٻيو هيرو ڏيکارڻ لاءِ بچيو به نه هو ۽ ٻيو ته هي سمجهي ويو ته خدمتگار کي هيرن جي ڪابه سڃاڻپ يا سڌ سماءٌ ناهي. سو بيزاري مان اهو شيشي جو ٻوچ کڻي چيو: ”جيئن ته توکي منهنجن هيرن مان ڪوبه پسند نه آهي پر شايد هن کي ڏسڻ چاهين جيڪو منهنجو ته نه آهي ۽ نه ان جي گارنٽي ڏئي سگهندس. هي منهنجي هڪ دوست وڪڻڻ لاءِ هتي رکيو آهي. ٿي سگهي ٿو توکي پسند اچي وڃي.“
    شيشي جي ٻوچ ڏسڻ سان خدمتگار کي اهڙو ته وڻي ويو جو يڪدم ڦارا چمن کي چيوِ: ”ههڙوئي ته هيرو مون کي کپي جنهن جي ڳولا ۾ هتي آيو آهيان. سائيز به بلڪل صحيح اٿس ته سونهن سوڀيا ۾ به سندس ڪو مٽ نه آهي، پر جيڪڏهن توهان ان جي قيمت واجبي رکو ته سودو هينئر جو هينئر پڪو ٿي وڃي. مهرباني ڪري ٻڌايو ته هن هيري جا مون کي گهڻا پئسا ڏيڻا پوندا؟“
    ان تي جوهريءَ هڪدم دل ۾ سوچيو: ”نائي ڪرو ته ان ٻوج لاءِ فقط ڏهه هزار باٿ ٿي گهريا پر هن ماپ جي اصلي هيري لاءِ آئون فقط ڏهه هزار گهرندس ته وٺڻ وارو گراهڪ ضرور شڪبو. ان ڪري ڏهه هزار بدران اڃا به ويهه هزار باٿ چوانس ته اهي اصلي قيمت جي ويجهو ٿي سگهن ٿا ۽ ايترا پئسا ملڻ تي ڏهه هزار باٿ مون کي به نفعو ٿي ويندو. اڳلو صفا ڪو سادي مت جو ٿو لڳي ۽ جيترو به گهرندوسانس ته خوشيءَ سان ڏيئي ڇڏيندو.
    پوءِ، ٿوري ٻي سوچ ۽ ويچار ڪرڻ بعد هن خدمتگار کي مختصر جواب ڏنو؛ ”ها بابا هن هيري جي مالڪ ان لاءِ ويهه هزار باٿ پئي گهريا.“
    خدمتگار اهو ٻڌي وراڻيو ته اها قيمت مناسب ئي لڳي ٿي ۽ هو اتي جو اتي خريد ڪرڻ لاءِ تيار آهي ”بدقسمتيءَ سان“ هن وڌيڪ چيو، ”هن وقت مون پاڻ سان ايترا پئسا نه آندا آهن. مون وٽ هن وقت فقط پنج هزار باٿ آهن. پر آئون هڪ ڪم ڪندس. هي پنج هزار باٿ في الحال تو وٽ سوٿيءَ طور ڇڏي باقي پئسا هفتي اندر کڻي ٿو اچان. ان بعد ئي تون مون کي اهو هيرو ڏجانءِ. پر وڃڻ کان اڳ بهتر ٿيندو ته پاڻ هڪ ننڍڙو معاهدو لکت ۾ ڪريون، اهو هي ته هفتي اندر جي آئون پئسا کڻي آيس ۽ انهيءَ وچ ۾ تو هي هيرو ڪنهن ٻئي کي وڪڻي ڇڏيو ته منهنجي سوٿي وارن پئسن کان علاوه ٻيا به پنج هزار باٿ توکي ڏنڊ خاطر مون کي ڏيڻا پوندا. تو لاءِ هي ضمانت نامو کڻي اهم نه هجي پر مون غريب لاءِ ان ڪري آهي جو آئون هي هيرو پاڻ لاءِ نه پر پنهنجي رئيس لاءِ پيو وٺان.ان ڪري هي معاهدو پاڻ ٻنهي لاءِ فائديمند آهي.“
    ڦارا چمن دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ خدمتگار کي آٿت ڏيندي چيو؛ ”توکي مون کان ڊڄڻ نه کپي. آئون هڪ ساک وارو بئنڪاڪ شهر جو وڏو واپاري آهيان ۽ توسان زبان ڪرڻ کانپوءِ اهو هيرو ڪنهن ٻئي کي هرگز نه وڪڻندس.“
    ”سائين اها ڳالهه ته آئون به سمجهان ٿو.“ خدمتگار چيو، ”پر وري به توهان کي جي اعتراض هجي ته معاهدو ڪرڻ بهتر آهي.“
    سو نيٺ معاهدو تيار ڪيو ويو جن تي سندن صحيحن کان علاوه ٻن شاهدن جون به صحيحون ٿيون. ان بعد ڦارا چمن جي سلوڪ کان خوش ٿي خدمتگار موڪلائي چوڪلائي پنهنجي وطن سونگڪلا روانو ٿيو.
    ٻن ڏينهن بعد ڦارا چمن پنهنجي دڪان ۾ ويٺ هو نائي ڪرو گهٽيءَ مان اچي لنگهيو. کيس واندو ڏسي هو دڪان ۾ گهڙي آيو ۽ کيڪار بعد چيو: ”ادا، اوچتو مونکي ياد آيو آهي ته ڪجهه مهينا اڳ مون توهان کي هڪ هيرو وڪڻڻ لاءِ ڏنو. جيڪڏهن اهو اڃا نه وڪاميو هجي ته مهرباني ڪري هاڻ مونکي ڀلي واپس ڪجو جو مون ٻڌو آهي ته شهر ۾ ڪنهن ڌارئين ملڪ جي شهزادي جو خدمتگار اوچي قسمن جا هيرا ڳولائي رهيو آهي. ٿي سگهي ٿو هن کي منهنجو هيرو وڻي وڃي ۽ خريد ڪري وٺي.
    نائي ڪرو پنهنجي پر ۾ ته تمام ننڍڙي ڳالهه ڪري ويو پر ڦارا چمن وڏي فڪر ۾ پئجي ويو. هاڻ جيڪڏهن هو نائي ڪروکي ٻڌائي ٿو ته ”هيرو“ هو اڳين ان خدمتگار کي وڪڻي چڪو آهي ته ڦارا چمن ڪنهن نه ڪنهن نموني سان معلوم ڪري وٺندو ته ويهه هزار باٿن ۾ سودو طئه ٿيو آهي جنهن لاءِ ڦارا چمن ته پئي چيو ته اهو ”هيرو“ ڪنهن به ڪم جو نه آهي ۽ جيڪڏهن هو ان جا سمورا پئسا نائي ڪرو کي نه ڏيندو ته هو سڄي بئنڪاڪ ۾ کيس بدنام ڪري ڇڏيندو ۽ سندس سالن جي ساک کي ڪاپاري ڌڪ رسندو ۽ پوءِ ماڻهو کائنس هيرا جواهر وٺڻ ڇڏي ڏيندا ۽ هڪ ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن هو نائي ڪروکي سندس شيءِ واپس ڪندو ته معاهدي مطابق خدمتگار کائنس پنج هزار پاٿ ڏنڊ ڀرائي وٺندو جيڪو به هن هرگز نٿي چاهيو. نيٺ هو ان راءِ تي پهتو ته ان مشڪل مان نڪرڻ جو فقط هڪ ئي گس آهي. هن نائي ڪرو ڏي منهن ڪري وراڻيو: ”تنهنجي ڏنل هيري کي بار بار چڪاس ڪرڻ بعد هاڻ ان راءِ تي پهتو آهيان ته اهو چڱو خاصو قيمتي آهي ۽ جيڪڏهن تون چاهين ته آئون اهو توکان خريد ڪريان؟“
    ”پر سائين توهان ته چيو پئي ته اهو ڏهه پاٿن ۾ به نه وٺندس.“
    ”ها، پر هاڻي مون ارادو بدلائي ڇڏيو آهي.“
    ”ته پوءِ هاڻ توهان مون کي ان جا ڪيترا پئسا ڏيندائو“. نائي ڪرو پڇيو.
    جيترا تون پهرين گهري رهيو هئين اوترائي ڏيندس.“
    ”چڱو. پر پوءِ جنهن تنهن کي نه چئجو ته مون توهان کي معمولي پٿر ڏيئي ڦريو آهي.“
    ”نه نه.“ ڦارا چمن دلجاءِ ڏني، آئون ان هيري مان هاڻ تمام گهڻو مطمئن آهيان.“ اهو چئي جواهري ٽجوڙي مان ڏهه هزار پاٿ ڪڍي ڳڻي نائي ڪرو جي هٿ تي رکيا جيڪو پئسا کيسي ۾وجهي روانو ٿي ويو.
    ڦارا چمن پوءِ دل ئي دل۾ خوش ٿيو ته هن تمام سٺو سودو ڪيو. هاڻ هو خدمتگار جي اچڻ جو بي چينيءَ سان انتظار ڪرڻ لڳو. آخرڪار ست ڏينهن گذري ويا پر خدمتگار جو نه هي پتو ته نه هو پتو. ان بعد اٺون ڏينهن به گذري ويو. پوءِ نائون ۽ ڏهون ڏينهن به پر خدمتگار کي نه اچڻو هو سو نه آيو. هاڻ ڦارا چمن جي دل ٻڏڻ لڳي ته هو هرگز نه ايندو. جيتوڻيڪ خدمتگار جي نه اچڻ ڪري هن جا سوٿيءَ وارا پنج هزار پاٿ کيس گهرويٺي ملي رهيا هئا پر نائي ڪرو کي هڪ معمولي شيشي جي ٻوچ جا ڏهه هزار باٿ ڏيئي کيس باهه پئي ويئي. ڇو جو ان حساب سان ڏني نه ورتي کيس سنئون سنڌو پنج هزار باٿ جو نقصان ٿي رهيو هو.
    خدمتگار جو انتظار ڪندي ڪندي ڦارا چمن کي ٻيا به ڪيترائي ڏينهن گذري ويا۽ هاڻ آهستي آهستي هو ڳالهه سمجهي ويو ته اها سڄي بدمعاشي نائي ڪرو جي هئي جيڪو اٽڪل ڪري کائنس پئسا ڦري ويو. هاڻ جيڪڏهن پوليس کي دانهن ٿو ڏئي ته سڄو جهان مٿانئس کلندو ته بئنڪاڪ شهر جي هيڏي وڏي سياڻي واپاري کي هڪ ڳوٺاڻو ۽ اڻ پڙهيل بيوقوف بڻائي ويو. ان ڪري چپڙي ڪري اڄ ڏينهن تائين ويٺو انتظار ڪري ته من ڪنهن ڏينهن اهو خدمتگار موٽي اچي.


    اُستاد ڦڏو ۽ اُستاد چٻو

    ڳالهه ٿا ڪن ته ملايا جي ڪنهن شهر ۾ ٻه ڄڻا: چٻو ۽ ڦڏو رهندا هئا. ڪو ڪم ڪار يا پورهيو ڪرڻ بدران ٻئي ڄڻا رڳو مفت جون مانيون ويٺا کائيندا هئا. نيٺ هڪ ڏينهن ڦڏي پنهنجي دوست چٻي کي چيو: ”استاد چٻا اچ ته ڪنهن اٽڪل ذريعي ڪجهه ناڻو ڪمايون.“ سو اهو سوچي هو ڀرواري ڳوٺ ڏي روانا ٿيا. اتي پهچي هنن واٽ ويندي ڍڳي کي جهلي هڪ هنڌ لڪائي ڇڏيو. مالڪ جڏهن ڳولي ڳولي ٿڪجي پيو ته استاد ڦڏو هن وٽ پهتو ۽ چيو! منهنجو هڪ استاد، ڪرامتون ۽ اڳڪٿيون ٻڌائڻ وارو، ”چٻو سائين“ هينئر هينئر هن ڳوٺ ۾ پهتو آهي ۽ کوهه واري مسافر خاني ۾ ٽڪيل آهي ڇو نه هلي ان کان تنهنجي چورايل ڏاند جو ڏس پتو پڇجي؟“
    اهو ٻڌي وڄايل ڍڳي جو مالڪ استاد چٻي وٽ پهتو جيڪو به چار پراڻا ۽ ٿلها ڪتاب اڳيان رکي ڍارا هڻي رهيو هو. سواليءَ جوڪم ٻڌي هن ڪتاب کوليا ۽ مکر سان انهن کي اٿلائي پٿلائي ڊڳي جي مالڪ کي چيو: ”هتان مسافر خاني کان ٻاهر نڪ سامهون هليو وڃ. ڪوه ڏيڍ جي پنڌ کانپوءِ هڪ ڪٺل جو وڻ نظر ايندءِ، جتان پهرين کاٻي مڙجان ۽ پوءِ ساڄي راهه وٺي وچانءِ.ويندو رهجانءِ ۽ ويندو رهجانءِ. تائين جو هڪ پراڻي شاخ وٽ گدامڙيءَ جي وڻ وٽ پهچين. اتان پوءِ اتر طرف لڙندين ته سامهون هڪ پپر جي جهوني وڻ هيٺان توکي پنهنجو ڏاند ڏسڻ ۾ ايندو.جيڪڏهن نه اچي ته آئون ڪوڙو ۽ڪوڙي جو پٽ. نذراني خاطر مونکي هڪڙو ٽڪو به نه ڏجانءِ، پر جي ڍڳو ملي وڃئي ته اجوري خاطر مون کي چانديءَ جا ڏهه سڪا ڏجانءِ.“
    ڍڳي جو مالڪ ٻڌايل واٽن تان ٿيندو جڏهن نشانيءَ واري هنڌ تي پهتو ته واقعي پپرجي وڻ هيٺان سندس ڪاروڏاند سڪل ڪانا چٻاڙي رهيو هو. همراهه هڪدم اچي استاد چٻي جا پير چميا ۽ ڏهه چانديءَ جا نڪور سڪا ڪڍي اڳيان رکيا.
    اهو ناڻو هٿ ڪري ٻه چار ڏينهن سک جي زندگي گذارڻ لاءِ هاڻ چٻو ۽ ڦڏو پنهنجي ڳوٺ ورڻ جي تيارين ۾ هئا ته ڳوٺ جو وڏيرو اچي وارد ٿيو. ”ڪٿي آهي نجومي؟” آئون کائنس ڪجهه پڇڻ لاءِ هتي آيو آهيان. ”وڏيري چيو، ”ڳوٺ ۾ هر هڪ جي وات تي وڃايل ڍڳي جي ملڻ جو قصو آهي. منهنجي سوپارين واري سوني پيتي رات ڪو شاهينگ چورائي ويوآهي. هاڻ جهٽ پٽ اها ڳولرائي ڏي!“
    اهو ٻڌي چٻي جا ڪن اُڀا ٿي ويا ته هاڻي ڇا ڪجي. پر يڪدم سوچي وراڻيائين:“ سائين منهنجا هن وقت ته هڙئي تارا ڪتيون اهڙي چڪر ۾ آهن جو توهان جي فائدي جي ڳالهه ٻڌائي نه سگهندا. ان ڪري رات جاچار پهر گذرڻ ڏيو، نئون سج اڀرڻ سان هليا اچجو ته حساب ڪري ٻڌائيندو سانوَ ته توهان جي سوني صندوق ڪهڙي چور کنئي آهي.“
    جيئن ئي وڏيري پٺ ڏني ته چٻو ۽ ڦڏو هڪ ٻئي ڏي سوالي نگاهن سان ڏسڻ لڳا ته هاڻ ڇا ڪجي. چٻي ٿڌو ساهه کڻي چيو؛ ”هاڻ خيريت ان ۾ آهي ته رات جي پيٽ ۾ ئي هتان ڀڄي نڪرجي.“ پر ڦڏي خبردار ڪندي چيو ته ائين ڀڄڻ سان سڄي ڳوٺ جا ماڻهو پٺيان پئجي ويندا. ”اچو ته صبح ٿيڻ تائين ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي.“ ڦڏي صلاح ڏني.
    جڏهن رات جي اونداهي گهڻي گهاٽي ٿي ته چٻي چيو: ”اچو ته هاڻ نڪري هلون. اڃا به وقت آهي.“ پر ڦڏي وراڻيو: ”چڱو ڀلا چنڊ اُڀرڻ تائين ته گهٽ ۾ گهٽ ترس.“
    هاڻ ڇا ٿيو جو جنهن وقت هي ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته ان وقت سوپارين جي سوني صندوق جو چور جنهن جو نالو ”بخت“ هو، رات جي اونداهي ۾ لڪندو لڪندو هنن جي مسافر خاني جي ٻاهران اهو معلوم ڪرڻ لاءِ اچي نڪتو ته آيا نجومي کي تارن ذريعي چور جي خبرپئجي ويئي آهي يا نه..
    چٻي ڦڏي کي چيو: ”استاد ڦڏا هي کيل ڪرائي پاڻ کي ڦاسائي وڌئي، هاڻ هتان ائين ڀڄڻو پوندو ڄڻ پاڻ ئي چور هجون!“
    ڦڏي وراڻيس؛ استاد چٻا!ٰ ان ۾ ڪنهن جو ڏوهه ڪونهي. ڏوهه پنهنجي بخت جو آهي، بخت جو.“
    چور جيڪو رڙهي اچي هنن جي ڪمري جي در وٽ لڪيو هو تنهن رڳو ’چور‘ ۽ ’ڏوهه بخت جو‘جهڙا لفظ ٻڌي سمجهي ويو ته نجوميءَ کي جهڙا لفظ ٻڌي سمجهي ويو ته نجوميءَ کي تارن کان اهو معلوم ٿي ويو آهي ته سوني صندوق جو چور ’بخت‘ يعني آئون آهيان، تڏهن ته هي منهنجو نالو وٺي ڳالهه پيا ڪن. سو، ڏڪندي ڏڪندي در جي اوٽ کان ٻاهر نڪري چوڻ لڳو: ”نجومي صاحب اهو بدنصيب ’بخت‘ آئون ئي آهيان، جنهن وڏيري جي چوري ڪئي آهي، اها مون سندس گهران چوري ڪري ڳوٺ جي پراڻي مقام ۾ هڪ ڊٻل قبر اندر اندر لڪائي رکي آهي، جيڪي وڻنوَ مونکي سيکت ڏيو پر مهرباني ڪري وڏيري کي منهنجونالو نه ٻڌائجو.“
    ڦڏو ۽ چٻو اهو معلوم ڪري دل ئي دل ۾ خوش ٿيڻ لڳا ته چور ته گهر ويٺي ئي ملي ويو. پر چور اڳيان اهڙيءَ خوشي جو اظهار ڪرڻ بدران نمونو رکيائو ڄڻ اڳهين خبر هئي ته پيتي ڪٿي لڪل آهي. ڇڙٻ ڏيندي چور کي چيائون؛ ”خبردار جو آئيندي چوري ڪئي اٿئي. وڏيري کي چئي شهر نيڪالي ڏيارينداسون.“
    بخت هٿ ٻڌي معافي ورتي ۽ ڦڏي ۽ چٻي جا ٿورا مڃيندو روانو ٿي ويو. پٺيان سج اڀرڻ تي جڏهن وڏيرو آيو ته چٻي سندس شيءِ جو پورو پورو ڏس ڏنو ته اهاڪٿي پيئي آهي. وڏيرو ٻڌايل پار پتن موجب ڊٺل قبر کوٽي کڻي ڏسي ته واقعي امانت صحيح سلامت پيئي آهي. خوش ٿي يڪدم نجومي استاد چٻي اڳيان چانديءَ جا پورا هڪ سؤ سڪا اچي رکيا ۽ ٻئي ڏينهن ٻنهي ڄڻڻ کي پنهنجي گهر نيرن جي دعوت ڏني.
    نيرن بعد جيئن ئي ڦڏو ۽ چٻو موڪلائي رهيا هئا ته بادشاهه جو قاصد وڏيري جي گهر پهتو ۽ خبر ٻڌائي ته اڄ صبح جو هيرن جواهرن سان ٽٻ ستن جهازن جو هڪ قافلو بندرگاهه ٻاهران لنگر انداز اچي ٿيو آهي. جهازن جي سوداگرن وٽ هڪ لوهي پيتي آهي جنهن تي هن بادشاهه سان شرط رکي آهي ته ستن ڏينهن کان پوءِ بادشاهه جي راڄ جو ڪوبه نجومي جيڪڏهن ٻڌائي ويندو ته ان پيتي ۾ ڇا آهي ته هيرن جواهرن سان آندل ست ئي جهاز بادشاهه جا ٿيندا پرجيڪڏهن ڪوبه نجومي مقرر مدي اندر ٻڌائي نه سگهيو ته بادشاهه کي پنهنجو تخت ۽ تاج سوداگرجي حوالي ڪرڻو پوندو. قاصد وڌيڪ ٻڌايو:”بادشاهه سلامت اهو شرط منظور ڪري ويٺو آهي پر افسوس جو ڪورٽ جي خاص نجومين مان ڪو هڪ به ان جي لائق ناهي ته ٻڌائي سگهي ته ان پيتي ۾ ڇا آهي. ان ڪري بادشاهه سلامت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ماڻهو موڪليا آهن ته وڃي ڪو سٺو نجومي ڳولي اچو.
    وڏيري قاصد جي سڄي ڳالهه ٻڌي خوشيءَ مان صلاح ڏنسِ: ”استاد چٻي کي ڇو نٿو بادشاهه وٽ وٺي وڃين. هي ضرور ٻڌائي ويندو ته ان پيتي ۾ ڇا آهي.“
    سو اهڙي طرح قاصد استاد چٻي ۽ استاد ڦڏي کي ساڻ وٺي بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. استاد چٻي بادشاهه کي دلجاءِ ڪرائي ته هو فڪر هرگز نه ڪري جو اڃا ته سڄا سارا ست ڏينهن پيا آهن. مقرروقت اچڻ تي هو سوداگر کي ان پيتيءَ جو ڳجهه منٽن ۾ ٻڌائي ويندو. بادشاهه سلامت اهو ٻڌي تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ چٻي ۽ سندس چيلي ڦڏي کي رهڻ لاءِ هڪ عاليشان گهر ڏيئي ڇڏيائين ۽ ان سان گڏ ڪيترائي نوڪرچاڪر ۽ کان پيتا پڻ ته جيئن موج ۾ وقت گذارين.
    ٻنهي ٺڳن جي عيد ٿي ويئي ۽ مزي ۾ ڏينهن رات گذارڻ لڳا. پيتيءَ جي راز ٻڌائڻ واري ڏينهن کان هڪ رات اڳ ڦڏي چٻي کي چيو: ”هيترا ڏينهن ته پاڻ به خوب جاوا ڪيا. هاڻ هتان ته ڀڄڻ جي ڪا واهه به نظر نٿي اچي ۽ نه وري ڳجهه جي خبر پئجي سگهي جو سڀاڻي اهو راز ٻڌائي سگهون ته پيتيءَ ۾ڇا آهي. بس هڪ ئي ڪم ڪري سگهون ٿا. ماڙيءَ جي دري جيڪا سمنڊ پاسي کلي ٿي اچو ته ان مان ٽپ ڏيئي پاڻ کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪريون جيئن سمنڊ جي ڇولين ۾ ٻڏي وڃون.“
    ”ٻڏي ڇو مرون. پاڻ کي ترڻ ته اچي ئي ٿو.“ چٻي چيو. هن کي خودڪشي ڪرڻ جي رٿ بنهه پسند نه آئي.
    ”چڱو ڀلا“ ڦڏي ٻي رٿ پيش ڪئي، هيئن ڪنداسين جو ترندا وينداسين، ترندا وينداسين تان جو ان حد تي پهچون جڏهن ساڻا ٿي ٻڏي وڃون.“
    پوءِ ٻنهي کڻي سمنڊ ۾ ٽپ ڏنو. ترندي ترندي هو انهن ستن جهازن جي ويجهو وڃي پهتا جنهن جي سوداگر بادشاهه سان شرط رکي هئي. انهن جهازن جي قافلي مان جهڙو هڪ جهاز جي ڀرسان لنگهيا ته سندن ڪنن تي ڪنهن ٻار جي ڳالهائڻ جو آواز پيو جيڪو پنهنجي ڏاڏي سان ضد ڪري رهيو هو: ”ڏاڏا ڏاڏا، توهان جهاز جي سوداگر جا خاص بورچي آهيون. توهان کي ضرور ان راز جي خبر هوندي ته ان پيتي ۾ ڇا آهي.“
    ”پر جنهن ڳالهه سان تنهنجو واسطو ناهي ان جي پڇڻ مان ڪهڙو فائدو؟“ بورچيءَ پنهنجي پوٽي کي ڇڙٻ ڏيندي چيو.
    ”نه آئون ڄاڻڻ ٿو چاهيان. مونکي ٻڌاءِ. مون کي ٻڌاءِ.“ ٻار ضد ڪيو، ”نه ته آئون هرگز نه سمهندس.“
    ”ڇو ايڏو ضدي نينگر ٿيو آهين.“ ڏاڏي چيس. پر ڇوڪرو پنهنجيءَ تان اصل لهڻ جي نه ڪئي. ”ڏاڏا مون کي هروڀرو ٻڌايو. ڇا به ٿي پوي ته ٻڌايو.“
    آخر ڪار ڏاڏي کي مڃڻو پيو. ”چڱو ڀلا ٻڌ.“ هن چيو، ”اُن لوهي پيتي جي اندر پتل جي پيتي آهي. پتل جي پيتيءَ اندر چانديءَ جي پيتي آهي ۽ چانديءَ جي پيتيءَ اندر سوني پيتي آهي ۽ سوني پيتيءَ ۾ دنيا جي قيمتي عطر جو هڪ دڪو رکيل آهي. بس هاڻ هلي سمهي رهه.“
    چٻو ۽ ڦڏو جيڪي ٻئي اها گفتگو ٻڌي رهيا هئا. تن هڪ ٻئي ڏي نهاري مرڪيو ۽ واپس ڪناري ڏي ترڻ لڳا. ٻئي ڏينهن صبح جو، اهو ٻڌائڻ اجايو آهي ته استاد چٻو پنهنجا ڪوڙا سچا ڪتاب اٿلائي سڀ ڪجهه صحيح ٻڌائي ويو ته ان پيتيءَ ۾ڇا آهي ۽ سوداگر کي پنهنجي سمورا جهاز بادشاهه کي ڏيڻا پيا. بادشاهه ان ئي وقت استاد چٻي کي ڪورٽ جو وڏو نجومي مقرر ڪيو ۽ ڪچهريءَ لاءِ پاڻ سان گڏ محلات ڏي وٺي ويو.
    ان وقت جڏهن چٻو بادشاهه سلامت سان محلات ۾ ڪچهري ڪري رهيو هو ته پٺيان ڦڏي گهر کي کڻي باهه ڏني. هن ڄاڻي ٻجهي ٿورا پنهنجا هٿ به ان مان ساڙيا ۽ سڌو محلات ۾ پهتو جتي چٻو بادشاهه سان خبرون ۽ چارون ڪري رهيو هو. ڦڏي پنهنجو پاڻ چٻي اڳيان اڇلائي چيوِ: ”استاد سائين ڇا عرض ڪريان ته گهر کي باهه لڳڻ ڪري توهان جي علم نجوم جا هڙئي ڪتاب سڙي راک ٿي ويا آهن.مون گهڻو ئي انهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر افسوس جو توهان جي قيمتي ڪتابن کي بچائي نه سگهيس.“
    چٻو اها خبر ٻڌي منهن مٿو پٽڻ ۽ ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو: ”هاءِ هاءِ! هاڻ ڇا ٿيندو. هاڻ آئون تارن جو علم ۽ اڳڪٿيون ڪيئن ٻڌائي سگهندس.“ بادشاهه استاد چٻي کي غمگين ڏسي يڪدم آٿت ڏني ۽ نئين عهدي طور رياست جو وزير ڪري رکيو. ان بعد ڦڏي جي سڙيل هٿن ڏي نهاري چيوِ: شاباس هجي تو جهڙي وفادار کي جنهن مالڪ جي ڪتابن لاءِ باهه جي سيڪ جي به پرواهه نه ڪئي. مون کي تو جهڙن بهادر ماڻهن جي ضرورت آهي.“ ۽ پوءِ ڦڏي کي پنهنجي آرميءَ جو ڪمانڊر مقررڪري رکيو.


    ڀاڳ واري ڪٽلي

    هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جن ڏينهن ۾ جپان ۾ ماڻهو فيوجي جبل کي اڃا ديوتا ڪري پوڄيندا هئا. هڪ صبح جو هڪ کلمک نوريئڙو نچندو ڪڏندو جهنگل مان واٽ وٺي وڃي رهيو هو. رستي تي ڪٿي ڪٿي سنهو گاهه آيو ٿي ته ان تي گول ليٿڙيون پاتائين ٿي ۽ وري ڪٿي ڪنڊن وارا ٻوٽا آيا ٿي ته انهن کان پاڻ بچائيندو يا مٿن بل ڏيندو اڳيان وڌيو ٿي.
    اهڙيءَ طرح هڪ هنڌ خوشيءَ مان هيڏانهن هوڏانهن جي پرواهه نه ڪندي جهڙي ڊوڙ پاتائين ته هڪ ماريءَ جي ڪوڙڪي ۾ وڃي وچڙيو. پوءِ جيئن جيئن ان مان پاڻ کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيائين تيئن ان ڪوڙڪي جي ڳنڍ سوگهي ٿي وئي. ۽ هي ان ۾ اهڙو سڪ ٿي ويو جو هيڏانهن هوڏانهن ڦٿڪڻ جي ڪيائين ٿي ته ساهه ٿي گهٽيس.
    ”الاڙي الاڙي.“ هو سنهيون ڪيڪون ڪرڻ لڳو. ”الاڙي“ سندس رڙيون هڪ واٽهڙو ڪنڀار جي ڪن تي پيون جيڪو ٿانوَ ٺاهي هاڻ پنهنجي گهر وڃي رهيو هو. دانهن جا آواز ٻڌي هن پنهنجي. چٻڙي ڪلهي تان لاهي پٽ تي رکي ۽ جان بچائڻ لاءِ نوريئڙي ڏي ڀڳو.
    ”مار ته سهي! هڪ غريب ننڍڙو نوريئڙو ڪوڙڪي ۾ ڦاٿو پيو آهي!“ ڪنڀار تعجب مان چيو ۽ هڪدم نوريئڙي جي جان آجي ڪرائي.
    ”هاڻ پيارا نوريئڙا جهٽ ڪري پنهنجي گهرجو رخ اختيار ڪر جيئن ڪو ٻيو واٽ تي توکي نقصان نه رسائي.“ ڪنڀار پيار ۽ پاٻوهه مان نوريئڙي کي نصيحت ڪئي. هن نوريئڙي جي پٺيءَ تي ٻه چار دفعا هٿڙا گهمائي وري چيوِ: ”چڱو دوست هاڻ سڌو گهرڏي روانو ٿجانءِ.“
    ”هن احسان جو بدلو مان توکي ڪيئن ڏيئي سگهان ٿو؟“ نوريئڙي اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي پڇيو.
    ”بس تون پنهنجي گهر تائين سلامتيءَ سان پهچي ويندين ته مون لاءِ اهوئي گهڻو آهي.“ ڪنڀار سندس پٺيءَ کي ٺپريندي چيو ۽ ان بعد پاڻ به پنهنجي واٽ وٺي پنهنجي گهر ڏي روانو ٿيو. نوريئڙو ڪا دير ڪنڀار کي ويندو ڏسي سوچڻ لڳو ته هو ڪهڙي طرح هن غريب ڪنڀار جي ڪم اچي سگهي ٿو جنهن هن جي جان بچائي. اهو سوچيندي اوچتو هن جي دماغ ۾ هڪ رٿ آئي ۽ پنهنجي هڪ جادوئي رهل جي زور تي پنهنجو پاڻ کي هڪ سهڻي چٽن گلن واري ڪٽلي ۾ بدلائڻ شروع ڪيو. سندس جسم گول ۽ ٿلهو ٿي بلڪل چانهن جي ڪٽليءَ جهڙو ٿي پيو. پڇ مڙي ڪٽليءَ جو ڳن ٿي پيو ۽ پير ڪٽليءَ جا ترا ٿي پيا. سندس نڪ ٻاهر نڪري ڪٽلي جي اڳيان تن وانگر ٿي بيٺو. هاڻ هو بلڪل ڪٽلي ٿي پيو هو ۽ پوءِ ڪا دير هيءَ نوريئڙي نما ڪٽلي ڪنڀار جي پٺيان پٺيان هلندي رهي. هڪ هنڌ جهڙوئي کيس وجهه لڳو ته ٽپ ڏيئي ڪنڀار جي ڇٻڙي ۾ لڪي وڃي ويٺي. ڪنڀار کي خبر به ڪانه پيئي ۽ پنهنجي ئي موج ۾ گهر ڏي رمندو رهيو.
    ”منهنجي زال! آئون اچي ويو آهيان.“ گهر پهچي ڪنڀار رڙ ڪئي. مڙس جو آواز ٻڌي زال ڊوڙي اچي در کوليو ۽ جهڪي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. ڪنڀار پنهنجي ڪلهي مان شيءِ شڪل جي ڇٻڙي هيٺ لاهي پنهنجي غريباڻي جهوپڙيءَ جي تڏي تي رکي ۽ پاڻ اڃا ڪکن جو چمپل لاهي پاسائتو رکي رهيو هو ته سندس زال جي نظر ڇٻڙيءَ ۾ پيل ڪٽليءَ تي پيئي.
    ”اڙي اڙي! هي ڇا آهي؟“ هن رڙ ڪئي ۽ پاڻ ۽ سندس مڙس ان ڪٽليءَ کي حيرت منجهان ڏسڻ لڳا.
    ان بعد هو ڪٽلي کي حفاظت سان کڻي اندر ڪمري ۾ آيا ۽ پٽ تي رکي مٿائنس جهڪي خاموشيءَ سان ان ڪٽليءَ جا چٽ گل ۽ ڪاشيءَ جهڙي چلڪ غور سان ڏسڻ لڳا.
    ”اهو واقعي هڪ ڪرشمو ٿيو، ”ڪرشمو!“ ڪنڀار چپن ۾ ڀڻڪيو.
    ”هن جهڙي سهڻي ڪٽلي سڄي جپان ۾ نه هوندي.“ جواب ۾ سندس زال ڀڻ ڀڻ ڪئي، ”اها توکي ملي ڪٿان؟“
    ”مونکي پاڻ خبر ناهي ته اها آئي ڪٿان،“ ڪنڀار وراڻيو ”هتي پهچڻ کان اڳ رستي تي ته ڪٿي به مون کي اهڙي سهڻي شيءِ نظر نه آئي.“
    ٻئي ڄڻا وري اچرج مان ان ڪٽليءَ کي ڏسڻ لڳا. سندن اکين اڳيان هاڻ ڪٽليءَ کان علاوه ٻي ڪابه شيءِ نه هئي.
    ”اها اهڙي ته سهڻي آهي جو جيڪر مورين مندر تي نذراني طور هلي ڏجي.“ ڪنڀار سوچيو ۽ پوءِ زور سان چيو: ”ڪر خبر منهنجي زال، ان کي مورين مندر ۾ هلي ڏئي اچون.
    ”ها، پاڻ جهڙن لاءِ هيءَ تمام اوچي شيءِ آهي.مون کي پڪ آهي ته ٻائو اهڙي املهه شيءِ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو.“ سندس زال وراڻيو.
    ڪنڀار وڏي خبرداري سان پٽ تان ڪٽلي کي کنيو ۽ ڪپڙي جي پوش ۾ ويڙهي مندر ڏي روانو ٿيو. ٻائو ان ڪٽليءَ کي ڏسي حيران ٿي ويو جو پهرين ئي نظر سان ٻائي تاڙي ورتو ته اها اهڙي تهڙي شيءِ نه آهي ۽ سوچڻ لڳو ته ڪنڀار جهڙي غريب ماڻهو وٽ اها آئي ڪٿان. ڪنڀار جڏهن سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي ته ٻائو ويتر تپرس ۾ پئجي ويو ۽ جيئن ته ان جي اصل مالڪ جي ڪابه خبر نه هئي. ان ڪري ٻائي ان کي مندر لاءِ وٺڻ قبول ڪيو، جيئن مندر ۾ ٿيندڙ چانهه پارٽي واري ڪاڄ ۾ استعمال ٿيندي رهي.
    جڏهن ڪنڀار هليو ويو ته ٻائي ڪٽليءَکي هڪ دفعو وري غور سان ڏٺو. ”واهه جي خوبصورت شيءِ آهي. اڻلڀ شين مان هيءَ هڪ ٿي ڏسجي. پنهنجي يارن دوستن کي هينئر ئي نينڍ ڏيئي مون کي اها ڏيکارڻ کپي.“
    مندر کي مليل ان قيمتي سوغات جي ڏسڻ جي شوق ۾ سندس دوست اچي سهڙيا ۽ پٽن تي وڇايل گاديلن تي گول چڪري ۾ ٿي ويٺا. سائي چانهه جو آڌر ڀاءُ وارو دور ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻائو اٿيو ۽ ريشم جي ڪپڙي جي هڪ هڙ اچي وچ تي رکي. پوءِ منجهائنس اها قيمتي ڪٽلي مهمانن کي ڏيکاري. مهمان ههڙي اوچي ڪٽلي کي غور سان ڏسڻ لڳا. سندس رنگ روپ ۽ بيهڪ جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. هو سڀ اهو ٻڌڻ لاءِ آتان هئا ته ٻائي کي اها ڪٿان هٿ آئي ۽ ڪنڀار جو سڄو قصو غور سان ٻڌڻ لڳا.
    ”واقعي تمام اعليَ شيءِ آهي ۽ مندر جي چانهه پارٽيءَ واري رسم ۾ استعمال ڪرڻ جي قابل آهي.“
    ”بلڪل. بلڪل.“ ٻائي وراڻيو، ”اڄ ئي شام جو ٿيندڙ چانهه جي رسم ۾ آئون هن کي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيندس. يارو اڄ شام جو توهان به اچجو. سج لهڻ کان ٻه ڪلاڪ اڳ چانهه پارٽيءَ لاءِ اچي گڏ ٿجو.“
    ان شام جو سج لهڻ کان ٻه ڪلاڪ اڳ چانهه جي دعوت تي همراهه اچي ٻاهر باغيچي ۾ گڏ ٿيا. ٻائي ڪٽليءَ پاڻي سان ڀري ڪوئلن جي سنهي ڪر تي رکي. اڃا هو ڪوپ ساسرون ٺاهي رهيو هو ته ڪنهن جي دانهن ٻڌڻ ۾ آيس: ”سڙان ٿو، سڙان ٿو.“ ۽ انهن لفظن کان پوءِ سڀني مهمانن ڏٺو ته ڪٽلي ٽپ ڏيئي چلهه تان پاڻهي ئي هيٺ لٿي. ڪجهه پاڻي فرش تي هارجي پيو ۽ ڪٽليءَ منجهان آهستي آهستي ٿي نوريئڙي جو نڪ، پوءِ پڇ ۽ تنهن بعد پير ظاهر ٿيا. پوءِ اها نوريئڙي جهڙي ڪٽلي هيڏانهن هوڏانهن ٽپ ڏيڻ سان گڏ ”سڙان ٿو، سڙان ٿو“ چئي پاڻي هاري وڌو.
    ٻائو اهو لقاءَ ڏسي ڊڄي ويو. ”هي ته پڪ ڪو جن ڀوت آهي يا جادوءَ جي ڪٽلي.“ هو مهمانن سميت ٻئي ڪمري ۾ وڃي لڪيو. ۽ پٺيان در تي ڪنڍو ڏيئي ڇڏيو. مندر جا سيکڙاٽ چيلا ۽ خٿابي رڙيون ٻڌي بچاءَ لاءِ ٻهارن لٺين سميت اندر ڌوڪي آيا: ”ڪٿي آهي جن؟ سائين بچي ته ويائو؟“
    ڏڪندي ڏڪندي ٻائي ۽ سندس مهمانن در جي سير مان پنهنجا منهن ڪڍي ڊپ مان نوريئڙي جهڙي ڪٽلي ڏي نهاريو. جيڪا هاڻ وري نوريئڙي مان ڦري واپس ڪٽلي ٿي پيئي هئي ۽ معصوميت سان ڪنڊ ۾پئي هئي. ڏڪندڙ آڱر سان ڪٽليءَ ڏي ٻائي اشارو ڪندي چيو: ”مون اها ڪٽلي پاڻي سان ڀري جيئن ئي باهه تي رکي ته ”سڙان ٿو، سڙان ٿو“ چئي اها ڪٽلي چلهه تان ٽپ ڏيئي هيٺ لٿي ۽ نوريئڙي جي شڪل اختيار ڪري ڪمري ۾ ڊوڙندي رهي.“
    ڪجهه دير لاِء سڀئي ان ڪرشمي تي بحث ڪندا رهيا پوءِ ڪپڙي ۽ لڪڻ سان ڪري ان ڪٽليءَ کي هيڏانهن هوڏانهن چوري ڏٺائون پر ڪٽلي خاموش هڪ ئي هنڌ ڌت هڻي پيئي هئي.
    بهرحال ٻائي جي دل تي اهڙو خوف ۽ هراس اچي ويٺو جو هن اهوئي بهتر سمجهيو ته هاڻ ڪٽليءَ کي ڪنڀار جي حوالي واپس ڪجي. سو ماڻهو اماڻي هن ڪنڀار کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کيس سڄو احوال ٻڌائي پوءِ عرض ڪيو ته هو پنهنجي ڪٽلي واپس کڻي وڃي.
    ”واهه واهه تنهنجي معنى ته هيءَ ڪٽلي اهڙي تهڙي عام شيءِ نه پر تمام گهڻي اهميت واري آهي.“ ڪنڀار چيو ۽ ڪٽليءَ کي وڏي خيال ۽ خبرداريءَ سان ڪپڙي ۾ ويڙهي گهر ڏي روانو ٿيو.
    رات ٿي ته سندس زال سمهڻ جا پٽ تي تڏا وڇايل ۽ سمهڻ کان اڳ ڪنڀار ان ڪٽليءَ کي پنهنجي وهاڻي ڀرسان رکيو. آڌي رات جوڪنڀار جي اک کلي ته ڪنهن جوآواز ڪن تي پيس.
    ”ڪنڀار سان (سائين)، ڪنڀار سان (سائين)، منهنجي ڳالهه ٻڌ!“ ڪنڀار ننڍاکڙين اکين کي مهٽيندي ڪٽليءَ ڏي ڏٺو ته اها ڦري سندس دوست نوريئڙي جهڙي ٿي پئي هئي.
    ”ڪنڀار سائين منهنجي وقتائي بچاءَ لاءِ آئون توهان جو ايڏو ته ٿورائتو ٿيس.“ ننڍڙي جيتامڙي چيو، ”جو مون تنهنجي ڪنهن نموني سان مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان ڪري پنهنجوروپ بدلائي چانهه جي ڪٽلي ٿي تنهنجي ڇٻيءَ ۾اچي لڪيس. مون اهوئي سوچيو ته تون مون کي وڪڻي چار ڏوڪڙ ڪمائي سگهندي. پر تون ايڏي ته وڏي دل وارو سخي مڙس آهين جو مون کي وڪڻڻ بدران مندر ۾ ٻائي جي حوالي کڻي ڪيو. پر مون اهوچاهيو ته آئون تنهنجي ڪم اچان. انڪري مون اها اٽڪل سوچي ته ٻائي کي ڊيڄاريان ته جيئن هو مونکي توڏي وري واپس ڪري.“
    نوريئڙي جهڙي ڪٽليءَ ڪلهن کي لوڏيندي چيو: ”آخري ڏينهن سڪون سان گذارڻ لاءِ مون به مندر وسائڻ جو سوچيو آهي پر تيستائين پهچڻ کان اڳ پاڻ ٻئي گڏجي گهڻو ڪي ڪجهه ڪري سگهون ٿا. تون منهنجي ڳالهه مڃي هڪ جادوئي ڪرتب گهر کول جنهن ۾ منهنجا کيل تماشا ماڻهن کي ڏيکاري گهڻو ڪي ڪجهه ڪمائي سگهين ٿو. يقين ڪر مون ۾ تمام گهڻو هنر آهي.“
    ان بعد نوريئڙي ڪٽلي ٿي اهڙا ته وٺي ٺينگ ٽپا۽ ڪرتب شروع ڪيا جو ڪنڀار سوچڻ لڳو ته ’واقعي نوريئڙي جي ڳالهه صحيح آهي ته آئون هن ڪٽليءَ ذريعي چڱوخاصو ڪمائي سگهان ٿو.‘
    پوءِ ته ٻئي ڏينهن کان ئي ڪنڀار ماڻهن کي تماشا ڏيکارڻ لاءِ هڪ تنبو ۽ اسٽيج جو بندوبست ڪيو جنهن تي هو چڙهي ڪٽليءَ کي تماشا ڪرڻ لاءِ چئي سگهيو ٿي. تنبوءَ جي ٻاهران اشتهار خاطر وڏن اکرن ۾ لکرايو.
     ’جيئري جاڳندي ڪٽلي‘
    دنيا جي بهترين ڪٽلي جيڪا نچي ڏيکاري ٿي ۽ رسيءَ تي اٿرپٿر هلي سگهي ٿي.‘
    اها ڳالهه هوا جي جهوٽي وانگر جهرجهنگ ۽ اوسي پاسي جي ڳوٺاڻن تائين پهچي ويئي ۽ اهڙي عجيب شيءِ ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا ميڙ، ميلن جا ميل ڪهي، ٽڪيٽ وٺي ڏسڻ لڳا. ڪٽلي هرروز اهڙا ته ڪرتب ۽ تماشا ڪندي هئي جو ماڻهو وائڙا ۽ حيران ٿي ويندا هئا. ماڻهن جي گپا گيهه کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنڀار هڪ دفعي بدران ڏينهن ۾ ٻه دفعا ڪٽليءَ جو کيل ڪرڻ لڳو. ڏسندي ئي ڏسندي جڏهن ڪنڀار وٽ گهڻي دولت گڏ ٿي ويئي ته هن هڪ ڏينهن پنهنجي ساٿيءَ کي چيو: ”منهنجا ننڍڙا دوست! تو اسان لاءِ ايترو گهڻو ڪيو آهي جو اسان سوچي به نٿي سگهياسين. روزانوکيل تماشا ڏيکاري هاڻ تو ۾ به اها طاقت نه رهي آهي ۽ جيتوڻيڪ تنهنجي جدائيءَ ڪري اسان کي بيحد ڏک ٿيندو پر اسان جي دل ٿي چوي ته هاڻ تون وري موٽي پنهنجي ساڳي روپ ۾ آزاد ٿي پنهنجي زندگي گذار.
    ڪنڀار ان بعد پنهنجو جادوئي گهر بند ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهن لاءِ کيل تماشا هميشه لاءِ بند ٿي ويا. نوريئڙي نما ڪٽلي جيڪا سچ پچ ٿڪجي پئي هئي سا هاڻ پنهنجي اصل روپ ۾اچي نوريئڙو ٿي پيو ۽ ڪنڀار کان موڪلايو. نوريئڙو پنهنجي رٿ تي ڏاڍو خوش هو ته هن ڪنڀار جي احسان جو بدلو چڪايو.


    واڱڻائي گدڙ

    ملائيشيا جي جهنگلن ۾ رهندڙ هڪ گدڙ هڪ ڏينهن ڪوالالمپور شهر ڏي رُخ رکيو. پر شهرجي ٻاهران ئي همراهه ڪنهن رنگريز جي چاڙهيل واڱڻائي رنگ سان ڀريل ٽب ۾ڪري پيو. ٻاهر نڪرڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪيائين پر ڪجهه نه وريو. نيٺ دت ماري رنگ جي ٽب ۾ ئي مئلن وانگر سمهي رهيو. صبح جودڪاندار اچي ٽپ ۾ ڏٺو ته ڪو گدڙ مئو پيوآهي. سو کيس ٽب مان ڇڪي ڪڍي ڪجهه پري وڃي ڦٽو ڪيو. پوءِ جهڙو ئي دڪاندار پٺ ڏني ته گدڙ کڙين تي زور رکي سڌو جهنگل ڏي وٺي ڀڳو جتان آيو هو. رستي تي گدڙ پاڻ کي سڄو واڱڻائي ڏسي سوچيو: هاڻ ته آئون نسروئي سهڻي رنگ جو ٿي پيو آهيان. ڇو نه آئون ڪا اهڙي چال هلان جو منهنجي رهڻي ڪهڻي پهرين کان آسودي ۽ خوشحال گذري سگهي. اهو سوچي اوسي پاسي جي گدڙن کي گڏ ڪري هن تقرير شروع ڪئي:
    ”منهنجا ساٿيو! منهنجي جسم جي رنگ کي غور سان ڏسو. جهنگل جي ديويءَ پنهنجن هٿن سان مون کي هي سهڻو رنگ بخشيو آهي جيئن آئون توهان تي حڪومت ڪريان. ان ڪري اڄ ڏينهن کانپوءِ هن جهنگل ۾ڪابه شيءِ منهنجي موڪل بنا نه ٿيڻ گهرجي.“
    باقي گدڙن ڏٺو ته واقعي هي گدڙ هنن ۾ بلڪل نرالو لڳي رهيو آهي. سو خوف ۽ هراس وچان سڀ باادب ٿي هيٺ ايترو جهڪيا جو سندن ڪن وڃي زمين تي لڳا. سڀ چوڻ لڳا: ”حاضر سرڪار. جيڪو حڪم ڪندائو اهو مڃينداسين.“
    اهڙي طرح، هي گدڙ نه فقط گدڙن مٿان پر جهنگل جي سڀني جانورن تي راڄ ڪرڻ لڳو ۽ سڀ جانور هن جو برابر خيال ڪرڻ لڳا. اهو ڏسي هي پاڻ کي واقعي وڏي وٿ سمجهڻ لڳو ۽ هر وقت پاڻ کي وڏن جانورن جهڙوڪ: شينهن، چيتن جهڙن کي ساڻ وٺي گهمڻ لڳو. پنهنجي ذات ڀائي گدڙن ۽ ٻين ڪمزور جانورن کي ماڳهين هيٺانهون ۽ ڌڪار جي نگاهه سان ڏسڻ لڳو. ايندي ويندي مٿن پيو ٺٺوليون ڪندو هو.
    سڀ گدڙ حيرت ۽ فڪر ۾پئجي ويا ته هيءَ چڱي جٺ ٿي. هاڻ ڪجي سو ڪجي ڇا. نيٺ هڪ پوڙهي گدڙ دلداري ڏيندي چين: ”منهنجي ڳالهه مڃيو ۽ غم بلڪل نه ڪريو. هي اسانجو پنهنجو نالائق گدڙ جيتوڻيڪ پاڻ کي وڏي ڳالهه سمجهي اسانجي بيعزتي ڪندو وتي پر اسان کي به هن جي ڪمزورين جي پوري پروڙ آهي. آئون هڪ اهڙو سانگ ٿوڪريان جو هن جي اصليت سڀني اڳيان ظاهر ٿي ويندي.
    سڀني گدڙن خوش ٿي پوڙهي کان اهو راز پڇيو ۽ پوڙهي گدڙ تيار ٿي ڳالهه ڪئي:
    ”ته منهنجا ٻچڙو،“ پوڙهي گدڙ چيو، ”جهنگل جا خوفائتا جانور شينهن چيتا واگهو وغيره هن ڪميڻي گدڙ جو نرالو رنگ ڏسي سمجهن ٿا ته هي ڪو گدڙ نه پر ٻيو ڪو جانور آهي جنهن کان ڊڄڻ کپي. هاڻ انهن جانورن کي- جن جي زور تي اسان واري گدڙ کي ڪڏ آهي حقيقت کان آگاهه ڪرڻ جو مون وٽ هڪ سولو طريقو آهي. اهو هي ته جيئن ئي شام ٿئي ته اچو ته گڏجي زور سان اونايون ڏيون. اونائڻ جوآواز ٻڌي اسان وارو بيوقوف ڀاءُ واڱڻائي گدڙ به اونائڻ شروع ڪندو جو گدڙ کڻي پاڻ تي سونا رنگ چاڙهي يا سونا ڳهه ڳٽا پائي پر اصل ۾ رهندو ساڳيو ئي گدڙ. ۽ گدڙ اهڙي ذات آهي جو مري پوي پر اونائيءَ جو جواب ضرور ڏئي. ڇوجوڪوبه پنهنجي اصلي عادت ڇڏي نٿو سگهي. ڪتو کڻي بادشاهه ٿي پوي ته به بک لڳڻ تي ٻئي جا پير چٽيندو. وتندو.“
    مڙني گدڙن کي اها ڳالهه بيحد وڻي ۽ رات ٿيڻ تي سڀني وٺي زوز سان اونايو اونائيءَ جو آواز ٻڌائي واڱڻائي گدڙ- جيڪو شينهن، هاٿين ۽ چيتن جهڙن جانورن جي وچ ۾ پڏڻ ٿيو ويٺو هو، مجبور ٿي ويو ۽ موٽ ۾ پاڻ به وٺي اونائڻ لڳو. اهو لقاءَ ڏسي چوڌاري ويٺل جانور سمجهي ويا ته ماجرا ڇا آهي. ڀر ۾ بيٺل چيتي ته نڪا ڪئي هم نڪا تم. واڱڻائي گدڙ کي به ٽي چنبا هڻي يڪدم چيري ڦاڙي رکيو.
    انهيءَ ڪري سياڻا چوندا آهن ته اهي بيوقوف جيڪي پنهنجن جو ساٿ ڇڏي دشمنن سان وڃي ٿا ملن، انهن جي اجها اها پڇاڙي ٿي ٿئي.


    گنو ۽ ڪويو جو کوهه کوٽڻ

    ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته انڊونيشيا ۾ گنو ۽ ڪويو نالي ٻه همراهه رهندا هئا. ٻئي ڄڻا محنت ڪري پئسو ڪمائڻ جي ڪوشش ته گهڻيئي ڪندا هئا پر ويچارا ڪڏهن به ڪامياب نٿي ٿيا.
    هڪ ڏينهن گنوءَ ۽ ڪويوءَ هڪ کوهه کوٽڻ جوسوچيو جيئن هو پنهنجي فصل لاءِ گهربل پاڻي حاصل ڪري سگهن. ان خيال کان هنن هيڏانهن هوڏانهن کوهه کوٽڻ لاءِ بهتر جاءِ جي ڳولا شروع ڪئي ۽ آخرڪار ڪويو ۽ سارين جي واري پوک وٽ هنن کوهه لاءِ کوٽائي شروع ڪئي.
    ٻئي ڄڻا سڄو ڏينهن کوهه جي کوٽائي ڪندا هئا. پهرين گنو هيٺ کڏ ۾ لهي مٽيءَ سان تغاريون ڀري مٿي ڪويو کي ڏيڻ لڳو. ان بعد ڪويو هيٺ لهي وارو وٺرايو. سج لٿي تائين هيٺ چڱو وڏو کڏو ٻنهي ڄڻڻ گڏجي کوٽي ورتو ۽ هڪ ٻئي جي ڪم تي خوش ٿيڻ لڳا.
    ”پاڻ ٻنهي ڄڻن گڏجي ڪم جو چڱو اُڪلاءُ ڪري ورتو.“ گنوءَ خوشي منجهان مرڪندي چيو، ”سڀاڻي پنهنجي گهرج کان به وڌيڪ پاڻي هوندو.“
    ”ها، اها ڳالهه آهي،“ ڪويو وراڻيو، ”پر هاڻ هلو ته گهر هلون جو انداهه ٿي رهي آهي. ٿڪ ۽ بک ڪري حالت خراب ٿي پيئي آهي.“
    اهو سوچي هو جهڙو ئي کوٽيل کوهه کان ٿوروپري ٿيا ته سندن نظر مٽيءَ جي دڙي تي پيئي جيڪو کوهه جي کوٽائيءَ ڪري ٿي پيو هو.
    ”هي وري ڇا؟“ ڪويو چيو. ”منهنجي سارين جي پوک ۾ هيڏو وڏو مٽيءَ جو دڙو!“
    ”پرواهه نه ڪر.“ گنوءَ دلداريءَ ڏيندي چيس، ”پاڻ ان جو به ڪو گس ڪريون ٿا.“
    ”پر ڪهڙو؟“ ڪويوءَ پڇيو.
    گنو کي في الحال ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو پر هن ان بابت سوچڻ جو واعدو ڪيو. ”مون کي پڪ آهي ته انجو ڪونه ڪو گس ڳولي وٺنداسين.“ هن چيو، ”هن وقت تون پنهنجي دماغ کي تڪليف نه ڏي، ڪويو، اهو ڪم مون تي ڇڏي ڏي.“
    پر ڪويو سڄي رات فڪرمند رهيو ۽ ٻئي ڏينهن گنوءَ سان ملڻ تائين هن کي ڪا واهه نظر نه پئي آئي. پر گنو خوش ۽ بي فڪر نظر اچي رهيو هو.
    ”گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه ناهي، ڪويو،“ گنوءَ چيو، ”آئون سڄي رات ان مسئلي تي سوچيندو رهيس ۽ ان مٽيءَ جي دڙي کي تنهنجي ٻني مان ڪڍڻ جي راهه سوچي ورتي اٿم. ان مٽيءَ مان جند ڇڏائڻ لاءِ پاڻ کي هڪ ٻيو کوهه کوٽڻ کپي جيئن کوهه واري مٽي ان ۾ وجهي ليول ڪري ڇڏجي.“
    ”واهه جي ڳالهه ڪيئي،“ ڪويو رڙ ڪري چيو، ”ڏس ته سهي! ائين ڪرڻ جو ته مون کي ڪو خيال به نه آيو.“
    اهڙي طرح کوهه کي وڌيڪ کوٽڻ بدران ٻئي ڄڻا ان جي نڪتل مٽيءَ جي بندوبست لاءِ ٻيو کڏو کوٽڻ ۾ لڳي ويا. هو سڄو ڏينهن واري وٽيءَ تي اهو ٻيو کڏو کوٽيندا رهيا ۽ مٽي ڪڍي پري اڇلائيندا ويا. منجهند ڌاري هو ايڏو وڏو کڏو ڪري ويا جيڏو کوهه لاءِ پهرين ڏينهن کوٽيون هئائون.
    ڪجهه دير فرحت وٺڻ کانپوءِ کوهه جي ڀر ۾ گڏ ٿيل مٽيءَ جو ڍڳ کڻي نئين کڏي ۾ وجهڻ لڳا. آخرڪار نئون کوٽيل کڏو مٽيءَ سان ڀرجي ويو ۽ هاڻ کوهه واري کوٽيل مٽيءَ جو ذرو به ٻاهر نه بچيو هو. ٻنهي ڄڻن پٽ ڏي نهاريو ۽ ان کي سڌائيءَ ۾ ڏسي خوش ٿيڻ لڳا. ته هنن واهه جو وڏو ڪارنامو ڪري ورتو.
    ”ته چئبو ته اڄوڪو ڏينهن ته سڦل گذريو.“ گنوءَ چيو.
    ”ها“ ڪويو وراڻيس.“ پاڻ سچ پچ وڏو مسئلو حل ڪري ورتو. پر اڃا به هڪ ڪم رهجي وڃي ٿو. هن مٽيءَ جي ڍير کي ڪيڏانهن ڪريون؟“ ڪويو نئين کوٽيل کڏي مان نڪتل مٽيءَ جي ٻي دڙي ڏي اشارو ڪندي پڇيو.
    گنو ان کي ڏسي اونهي سوچ ۾ پئجي ويو. ”تنهنجي ڳالهه سمجهيم.“ هن پنهنجي ٽڪڻ کنهندي چيو، ”چئبو ته هڪ ٻيو دلچسپ مسئلو پيدا ٿي پيو آهي. بهرحال، ڪويو! مون کي اڄوڪي رات سوچڻ ڏي. سڀاڻي صبح جوملي وري ان جو به ڪو گس ڪنداسين.“
    ٻئي ڏينهن جڏهن ٻئي يار مليا ته گنوءَ چيو: ”آئون رات ان بابت سوچيندو رهيس.“
    ”۽ آئون پڻ.“ ڪويو چيو.
    ”اهو ڪم تمام سولو آهي،“ گنوءَ چيو، ”پاڻ هڪ ٻيو کڏو کوٽينداسين جنهن ۾ڪالهه واري کڏي جي مٽي پوري ڇڏينداسين.“
    ”واهه يار واهه! واقعي قابل ماڻهو آهين، مڃيو مانءِ. ڏس ته سهي سڄي رات سوچيندو رهيس پر اهڙي صلاح منهنجي ڌيان ۾ نه آئي.“ ڪويوءَ گنوءَ کي شاباس ڏيندي چيو.
    هاڻ ٻنهي ڄڻن وري ٽيون کڏو کوٽڻ شروع ڪيو ۽ ڪجهه ڪلاڪن بعد جڏهن کڏو چڱو اونهو ٿي ويو ته ٿوري دير فرحت ڪرڻ کانپوءِ ٻئي کڏي مان نڪتل مٽيءَ کي تغارين سان ڀري ٽئي کڏي ۾ وجهڻ لڳا. ڏسندي ئي ڏسندي ٻي کڏي مان نڪتل مٽيءَ جو دڙو گهٽجي ختم ٿي ويو ۽ ان هنڌ واري زمين سڌائي جي ليول ٿي وئي.
    پر اهو ڪم ڪرڻ دوران ڪويو هر وقت حيرانيءَ مان ٽئي کوٽيل کڏي مان نڪتل مٽيءَ جي ڍير ڏي ڏسندورهيو ته ان جو وري ڇا ٿيندو.“
    ”دلبر گنو،“ هن چيو، ”هيڏانهن نهار ۽ ٻڌاءِ ته ان نئين پيدا ٿيل دڙي کي ڪيئن منهن ڏيون.“
    گنو ۽ ڪويو ٻئي نئين ٺهيل مٽيءَ جي ڍير کي گهورڻ لڳا.
    ”بس يار ان جو به ڪو علاج ضرور هوندو.“ گنوءَ چيو، ”في الحال ته هلي گهر ننڍون ڪيون. اوجاڳن هڻي ماري رکيو آهي.“
    پر هو ٻئي گهر پهتا پر سڄي رات فڪر ۾ وري چڱيءَ طرح ننڊ نه ڪري سگهيا. سڄي رات هنڌ تي پاسا ورائي سوچيندا رهيا ته نئين پيدا ٿيل دڙي کي ڪيڏانهن ڪجي.
    ٻئي ڏينهن صبح جو گنووري مرڪندي نظر آيو، ”هاڻ مون سمجهيو ته پاڻ ڪهڙي غلطي پئي ڪئي. پاڻ دراصل ننڍاکڏا پئي کوٽيا. هن دفعي پاڻ پهرين کڏن کان ٻيڻو وڏو کڏو کوٽينداسين. پوءِ ٻنهي کڏنجي مٽي پورڻ لاءِ چڱي خاصي جاءِ ملي ويندي.“
    ڪويو گهڙي ساعت لاءِ سوچي، پوءِ گنوءَ جو هٿ جهلي چيو: ”واهه واهه منهنجا يار گنو! ڇا ته تنهنجو دماغ آهي. منهنجي مغز ۾ ته اهڙي رٿ هرگز نه اچي ها.“
    ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا هڪ وڏو کڏو کوٽڻ ۾ اهڙو ته جنبي ويا جو ڄڻ سندن زندگي ۽ موت جو سوال هجي. هن دفعي هنن کي پڪ هئي ته سندن پريشاني ختم ٿي ويندي.
    کڏو وڏو ٿيندو ويو، ٿيندوويو تان جو پهرين کڏن کان ٻيڻو ٿي ويو. هنن هاڻ سک جوساهه کڻي سوچيو ته هاڻ اهو ايڏو آهي جو ٻنهي کڏن جي مٽي منجهس وجهي سگهبي. پوءِ تغاريون کڻي ٻنهي ڌڙن جي مٽي ڍوئيندا رهيا ۽ خوشيءَ وچان چرچا ڀوڳ به ڪندا رهيا.
    ڪجهه دير بعد کڻي ڏسن ته نئون کوٽيل کڏو ته ڀرجي ويو پر مٽيءَ جو اڃا تائين چڱو ڍير پٺيان رهجي ويو.
    ٿڪجي ٽٽجي ٻئي ڄڻا ويهي رهيا ۽ بنا ڪجهه ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي ڪا دير سوچيندا رهيا ته کانئن ڪهڙي چڪ ٿي ويئي آهي آخرڪار ڪويو ٿڌو ساهه کڻي چيو: ”لڳي ٿوته ڀاڳ پنهنجي پاسي ناهي. هن سڄي مشڪل جي مون کي هڪ ئي واٽ نظر اچي ٿي ته بچيل مٽي کڻي کوهه واري پهرين کڏي ۾ وجهون. ان بعد ڪوبه مٽي جو دڙو نه بچندو جنهن بابت فڪر ڪريون.“


    گنو، ڪويو ۽ چانديءَ جو خنجر

    هڪ ڏينهن گنو ۽ڪويو ٻئي دوست پنهنجي ڳوٺ کان جڪارتا وڃي رهيا هئا ته رستي تي هڪ هنڌ ڌڌڙ ۾کين ڪا شيءِ چمڪندي نظر آئي. ان کي کڻڻ لاءِ ٻئي اڳيان وڌيا ۽ ڏٺائون ته اهو هڪ چانديءَ جو خنجر هو.
    ”ڇا ته سهڻو خنجر آهي.“ گنوءَ چيو، ”هن کي شهر ۾ وڪڻي آءٌ شاهوڪار ٿي سگهان ٿو.“
    ”تنهنجو مطلب ڇا آهي ته اهو تون وڪڻندين؟ ڪويو چيو، ”اهو آئون ئي هوس جنهن پهرين ان کي ڏٺو.“ نه حقيقت ۾ ان تي پهرين منهنجي نظر پيئي هئي.“ گنوءَ چيو.
    ڪجهه دير ان تي بحث ڪرڻ بعد ٻئي ان فيصلي تي پهتا ته ان لڌل ملڪيت جا ٻئي ڄڻا هڪ جيترا ڀاڱي ڀائيوار آهن. ان کي جڪارتا ۾وڪڻي جيڪي پئسا حاصل ڪندا اهي اڌو اڌ ڪري کڻندا. هلندي هلندي رستي تي جڏهن رات ٿي ته هنن سمنڊ جي ڪناري تي هڪ جاءِ ڳولي سمهڻ جون تياريون ڪيون ۽ خنجرکي پنهنجي وچ ۾رکي ٻئي ڄڻا بالم ٿي سمهي رهيا.
    پهر اڌ گذرڻ بعد گنوءَ جي اک کلي ته ڏٺائين ته ڪويو گهاٽي ننڊ ۾ کونگهرا هڻي رهيو هو. هن کي خيال آيو: ’ڇو نه ان خنجر کي لڪائي ڇڏيان ۽ پوءِ وڪڻي سڀ پئسا آئون ئي کڻان. آخر آئون ئي هوس جنهن اهو خنجر پهرين ڏٺو.‘ اهو سوچي هن آهستي آهستي خنجر کنيو ۽لڪائڻ لاءِ جاءِ ڳولڻ لڳو. پهرين هن انکي هڪ وڏي پٿر هيٺان لڪائڻ چاهيو پر پوءِ اهو هنڌ کيس نه وڻيو. ’اها اهڙي جاءِ آهي جيڪا اُٿڻ سان ڪويو ڏسندو.‘ هن سوچيو، پوءِ سمنڊ ۾لڪائڻ جو سوچي پاڻي ۾ گهڙي ويو. ڇاتي جيتري اونهي پاڻي ۾ پهچي پير جي آڱرين سان خنجرکي جهلي سمنڊ جي تري ۾ پيل ريتي ۾اڌ گابرو کوڙي ڇڏيو. اهو ڪم ڪرڻ بعد يڪدم اچي سڪون سان سمهي رهيو.
    پر ڪويو کي به ڪا اندر ۾ آنڌ مانڌ هئي سو ٿوري دير بعد اٿي سوچڻ لڳو: ’دراصل خنجر ته مونئي لڌو آهي. گنو ان ۾مون سان ڇو ڀائيور ٿئي؟‘ ۽ جهڙو پاسو ورائي خنجر ٿي کنيائين ته اهو اتان اڳهين غائب هو. ’واهه ڙي گنو واهه!‘ هن دل۾ سوچيو، ’مون کان اڳئي ڪرتب ڏيکاري ڇڏيئي.“
    ان بعد هي اٿي بيٺو ۽ هيڏانهن هوڏانهن پهڻن هيٺان خنجر کي ڳولڻ لڳو. پر هن کي ڪٿي به نظر نه آيو. نراس ٿي واپس موٽيو. ڪڪرن پويان هاڻ چنڊ نڪري آيو هو ۽ جيئن ئي هن ان جي چانڊوڪيءَ ۾ گنوءَ کي ڏٺو ته سندس جسم تي پاڻيءَ جا ڦڙا چمڪي رهيا هئا.
    ’چئبو ته گنو سمنڊ مان ٿي آيو آهي. هاڻ سمجهيم ته گنو خنجر ڪٿي لڪايو هوندو.‘
    هن هٿن پر جهڪي گنوءَ جي مرين کي ٿورو چٽيو جيڪي کارا هئا. ’تنهنجي معنيٰ ته هو سمنڊ جي کاري پاڻي ۾ مرين تائين ته ويو ئي ويو آهي.‘ ان بعد هن گوڏا چٽيا، اهي به کارا هئا. پوءِ چيلهه اتي به کاري پاڻيءَ جا آثار هئا. پوءِ جڏهن سيني تي پهتو ته اتي لوڻاٺي پاڻي جوسواد نه هو. سو ڪويو سمجهي ويو ته گنو ايستائن سمنڊ ۾ وڃي خنجر لڪايو آهي. سو هي هڪدم سمنڊ ۾ گهڙيو ۽ جڏهن سندس ڇاتيءَ تائين پاڻي آيوته پيرن سان ڪري هيڏانهن هوڏانهن سمنڊ جي تري ۾ جانچ ڪرڻ لڳو. سگهوئي خنجر ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. خنجر کڻي موٽڻ تي سوچڻ لڳو ته ان کي هاڻ هو ڪٿي لڪائي.
    سامهون ٻنيءَ ۾ ڪانن جاڪيترائي بنڊل ٻڌا رکيا هئا. هي مونڙين ڀل هلي ڪانن جي هڪ بنڊل ۾ خنجر سوڌو وڃي لڪيو ۽ اتي ئي سمهي رهيو.
    صبح ٿيڻ تي جڏهن گنوءَ جي اک کلي ته ڪويو غائب هو. هو ڊڙ پائي سمنڊ ۾ خنجر کڻڻ لاءِ ويو ته اهو به غائب هو. ايتري ۾ هن جي نگاهه سامهون ٻني ۾ رکيل ڪانن جي لڏن تي پيئي ۽ سمجهي ويو ته ڪويو پڪ انهن ۾ لڪل هوندو. بنڊل جي اوسي پاسي ۾ مينهون گاهه چري رهيون هيون. گنوءَ هڪ مينهن جي ڳچيءَ مان گهنڊڻي ڇوڙي پنهنجي ڳچي ۾ ٻڌي ۽ هٿن تي گڪو ٿي ڪانن جي هڪ هڪ لڏ ڏي وڃڻ لڳو. هر هڪ لڏ وٽ پهچي هن پنهنجو مٿو ان کي ائين ٿي هنيو ڄڻ مينهن ٿونا هڻي ۽ ان سان گڏ گهنڊڻي جو آواز ٿي ڪيو. آخرڪار هو ان بنڊل وٽ پهتو جنهن ۾ ڪويو لڪل هو. ڪانن جي بنڊلن کي ٿيلهو اچڻ تي ۽ ساڳي وقت گهنڊڻي جي آواز ٿيڻ تي ڪويو سمجهيو ته ڪا مينهن چرندي چرندي سندس ڪانن واري لڏ ۾ اچي منهن وڌو آهي سو چڙ مان رڙ ڪري چيائين ”ڀڄي وڃ ڀٽاري. وڃي ٻئي هنڌان نيرن پاڻي ڪر. هتان نه ويندينءَ ته شينهن کائي ويندءِ.“
    اهو ٻڌي، گنونءَ ان بنڊل مان ٻه چار ڪانا ڇڪي ڪڍيا ته سندس دوست نظر اچي ويو. ڪويو خنجر سوڌو ٻاهر نڪري آيو ۽ ٻئي ڄڻا باقي سفر پورو ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ لڳا. رستي تي هنن هاڻ هن ريت فيصلو ڪيو ته پهرين هنن ٻنهي ان خنجر کي لڌو. پوءِ ڪويو اتان ڳولي آيو جتي گنوءَ لڪايو هو. پوءِ گنوءَ اتان ڳوليوجتي ڪويو لڪايو. ان ڪري ان حالت ۾ خنجر تي ٻنهي جو حق حصو برابر جو ٿيو. سو جڏهن جڪارتا ۾ پهتا ته خنجرکي وڪڻي مليل پئسن جو پورو اڌواڌ ڪري ورهائي کنيائون.


    وتايو فقير، نصيرالدين هوجا ۽ سي – ڪبايان

    هن پاسي ’سي ڪبايان‘ جا قصا ائين مشهور آهن جيئن پاڻ وٽ سنڌ ۾ وتائي فقير جا يا ترڪي پاسي نصيرالدين هوجي جا. فرق فقط اهو آهي ته وتائي فقيرکي هر وقت پنهنجي رب سان شڪايت هئي. نصير الدين هو جي کي پنهنجي سس سان، پر سي ڪبايان کي پنهنجي سهري سان- جيڪو پاڻ وري پنهنجي ناٺي (سي ڪبايان) مان بيزار هو.
    مثال مشهور آهي ته وتايو فقير پنڌ ڪري جڏهن ٿڪجي پيو ته پنهنجي اپائڻهار کي ٻاڏائين ته منهنجا مولا هن جهنگل ۾ ڪا سواري ڏياري ته ان تي چڙهي ڳوٺ تائين پهچان.
    ٿوري دير اڳتي هليو ته ڏٺائين ته هڪ پوليس واري جي گڏهه ڪنهن کوتي کي وچ رستي تي ڄڻيو بيٺي هئي ۽ پوليس وارو ڪنهن واٽهڙو جي ڳولا ۾ هو جيڪو سندس مدد ڪري. وتائي کي ڏسي هڪل ڪيائين: ”اڙي هيڏانهن اچ، هي کوتو ته ڳوٺ تائين کڻائي هل.“
    وتائي کوتي کي ڪلهي تي رکي چپن ۾ ڀڻڪيو: ”منهنجا مولا سڻين ٿو پر سمجهين نه ٿو. مون چيو مانءِ ته مونکي پنهنجي لاءِ سواري کپي جنهن تي آئون چڙهي هلان يا سوريا منهنجي مٿان چڙهي هلي.“
    نصيرالدين هوجا جا به وتائي فقير ۽ سي ڪبايان وانگر چرچا مشهور آهن. پر انهن مان لڳي ٿو ته هن غريب جي سس تمام ڏنگي طبيعت جي هئي ۽ کيس چڱو ڇتو ڪيو هئائين جو ايتري قدر جو هوءَ جڏهن دريا ۾ ٻڏي ويئي ته سندس لاش کي نصير الدين درياهه جي وهڪ ڏي نه پر ابتي طرف ڳولڻ لڳو. واٽ ويندڙن کيس سمجهائيندي چيو: ”بابا جنهن پاسي درياهه جولاهه آهي لاش کي ان پاسي ڳولڻ کپي. مٿي ڪوهه پيو وڃين؟“
    نصيرالدين معصوم صورت ٺاهي چيو: ”ياروتوهان کي منهنجي سسُ جي خبرناهي ته هو ڪهڙي ڦريل دماغ جي عورت هئي.“
    بهرحال اهڙي طرح سي ڪبايان جا قصا مشهور آهن پر هي همراهه وري پنهنجي سهري مان بيزار هو، جنهن کي پنهنجي ناٺيءَ کان هر وقت اها دانهن هئي ته هو سست آهي، ٽوٽي آهي، ڪو ڪم نٿو پڄيس وغيره، ان ڪري سهرو ڪبايان سان جٺيون ڪندو وتندو هو پر ڪڏهن ڪڏهن آخر ۾ نقصان ڪبايان بدران سهري کي ئي رسندو هو، جيئن هنن ڪهاڻين مان لڳي ٿو.


    ڪبايان ۽ چونئرا

    هڪ ڏينهن ڪبايان پنهنجي سهري سان گڏ باغ مان چونئرا چونڊڻ لاءِ تيار ٿيو. سندس سهري پڇيس: ”هي ٻه وڏا ٻورا چونئرن سان ڀري پوءِ مارڪيٽ ۾ وڪڻڻا آهن.“
    ڪبايان ٻورن جي وچ ۾ ڊگهي ڪاٺي ڪاواٽيءَ وانگر لنگهائي ڪلهن تي رکي هلڻ لڳو. اهو ڏينهن خاصو تتل هو ۽ باغ جبل تي چڱو مٿانهون هو. مس مس مٿي پهتو پر تمام گهڻو ٿڪل ۽ اڃايل محسوس ڪيائين. سندس سهرو ته پهچڻ سان ڪم ۾ جنبي ويو ۽ پنهنجي ٻوري ۾ چونئرا چونڊي وجهڻ لڳو. باقي ٻورو ڪبايان جي حوالي ڪري کيس پارت ڪئي هئائين: ”ڪبايان بابا، متان ويهڻ جي ڪئي اٿئي. جهٽ ڪري ڪم کي اڪلائي وٺ جو سج لهندي ويرم نه لڳندءِ.“
    ڪبايان بيزاريءَ منجهان هڪ هڪ چونئرو چونڊي ڳوڻ جيڏي ڊگهي ٻوري ۾ وجهڻ لڳو. اڃا ته ٽاڪ منجهند هئي ۽ اونهاري جي سج ساڙيو ٿي. ڪبايان پنهنجي سهري کي باغ جي هڪ ڪنڊ ۾ چونئرا چونڊي ڇڏي پاڻ ٻئي پاسي وڃي ميڙڻ شروع ڪيا جتي ڪجهه وڻن جي ڪري ٿڌڪار هئي ۽ گاهه ۽ وليون ايڏيون ته وڏيون هيون جو جهڙو هيٺ جهڪيو ٿي ته گاهه ۾ سڄو لڪي ٿي ويو. ان جو فائدو وٺي هي چونڊو ڪرڻ بدران هڪ ڊگهي ٻوٽي جي پاسي فرحت وٺڻ لڳو. رکي رکي سندس سهري رڙ ٿي ڪئي: ”ڪبايان! تنهنجو ٻورو ڀرجڻ تي آهي يا نه؟“
    ۽ موٽ ۾ ڪبايان ورندي ٿي ڏنس: ”بس آيو ڪي آيو. ڄاڻ ته ڀريو.“ پر حقيقت ۾ ڪبايان جو ٻورو، اڃا ٽيون حصو ڪو مس ٿيو هو. ايتري ۾ ڪبايان جي مغز ۾ هڪ رٿ آئي: ”چاچا! مون کي اڃ لڳي آهي،“ هن رڙ ڪري پنهنجي سهري کي چيو، ”آئون پاڻي پيئڻ لاءِ هيٺ ٿو وڃان. ڪا گهڻي دير نه لڳائيندس.“
    ”چڱو جهٽ ڪر. موٽڻ ۾ دير نه ڪجانءِ.“ سندس سهري باغ جي ٻي ڪنڊ مان چونئرا چونڊيندي تاڪيد ڪيس.
    ڪبايان هيٺ پاڻي پيئڻ لاءِ وڃڻ بدران ٻوري ۾ اندر گهڙي ويو ۽ پٽيل چونئرا پنهنجا مٿان ورائي ڇڏيائين. جيئن ٻاهر واري کي هو نظر نه اچي سگهي. ٻوري اندر چڱي ٿڌڪار هئي ۽ ڪبايان کي ڏسندي ڏسندي ننڊ کڻي ويئي.
    هوڏانهن ڪبايان جوسهرو لڳاتار ڪم ڪندو رهيو تان جو سندس سڄو ٻورو چونئرن سان ڀرجي ويو. هن ڪبايان لاءِ هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ۽ سڏ ڪيا پر ڪبايان جو ڪو اتو پتو نه پئجي سگهيو. هن ڪجهه ٻي دير لاءِ اوسيئڙو ڪيو پر ڪبايان نه موٽيو. نيٺ پنهنجو ٻورو کڻي اتي آيو جتي ڪبايان جو ٻورو رکيو هو. ڪبايان جي سهري کي اهو پڻ ڀريل ڏسي خوشي ٿي ته ڪبايان جهڙي سست همراهه هن دفعي جلدي ڪري ڏيکاري.“ آئون ٻئي ٻورا اڪيلي سر هيٺ گهر تائين کڻي هلان ٿو. ڪبايان پاڻهي پٺيان پيوايندو.“ اهو سوچي هن ٻئي ٻورا ڪاواٽيءَ ذريعي کنيا ۽ آهستي آهستي ڪري هيٺ لهڻ لڳو. هڪ ئي وقت ڀريل ٻه ٻورا کڻي هيٺ لهڻ چڱو ڏکيو ڪم هو. سو رکي رکي ساهه ٿي پٽيائين. ڪبايان جو ته خاص ڪري هيڪاندو ڳرو ٻورو هو ۽ پوڙهي دل ئي دل ۾چيو: ”ڪبايان شايد لت ڏيئي ٻورو ڀريو آهي. بهرحال ڇورو اهڙو ڪو سست نٿو لڳي جهڙو مون سمجهيو ٿي.“
    ڳوٺ تائين پهچندي ڪبايان جو سهرو گهڻي بار ۽ گرمي ڪري ٿڪجي پيو هو سندس منهن سڄوڳاڙهو ٿي ويو هو ۽ پگهر کڙين کان پئي نڪتس. پر دل ئي دل ۾ خوش هو ته هن چڱو مال گڏ ڪري ورتو جنهن کي وڪڻڻ سان هو دل گهريا پئسا ڪمائي سگهندو. پر گهرپهچي جهڙا ٻورا لاٿائين ته سندس سڄي خوشي ختم ٿي ويئي ڇو جو ڪبايان جي ٻوري مان ڪبايان ٽپ ڏيئي ٻاهر نڪري آيو.
    ”سواريءَ لاءِ مهرباني، چاچا.“ ڪبايان مرڪندي چيو، ”ڏاڍي بک لڳي اٿم منهنجي خيال ۾ مون کي ماني لاءِ وڃڻ کپي.“ اهو چئي وٺي پنهنجي گهر ڏي ڀڳو. ڪبايان جي سهري کي ڏاڍي باهه وٺي ويئي ۽ دل ئي دل ۾ سوچيو؛ ”هڪ ڏينهن ترس ته ڪبايان سان ان جي بدلي ۾ اهڙي ته جٺ ٿو ڪريان جو هميشه لاءِ ياد ڪندو.“
    ٻه هفتا کن گذرڻ بعد، ڪبايان ۽ سندس سهرو چونئرا چونڊڻ لاءِ وري باغ ڏي روانا ٿيا. هن دفعي هنن پاڻ سان تمام وڏيون ڳوڻيون کنيون هيون. باغ ۾ پهچي ٻنهي ڄڻن چونئرا چونڊڻ شروع ڪيا. ٿوري دير بعد ڪبايان جي سهري ساڳي رٿ تي عمل ڪندي ڪبايان کي هڪل ڪئي: ”ابا ڪم ۾ لڳو پيو هججان. آئون ڄاڻ ته پاڻي ڍڪ پي آيس.“
    ڪبايان ڪنڌ هيٺ ڪري چونئرن چونڊڻ ۾ محو رهيو. سهرس جيئن ئي محسوس ڪيوته ڪبايان هن طرف نه پيو ڏسي تيئن ئي ٽپ ڏيئي ڳوڻ اندر گهڙي ويو ۽ پنهنجي چوڌاري چونئرا پکيڙي پاڻ کي ان ۾لڪائي ڇڏيو. ڪبايان لڳاتار اهڙو نمونو ڪندو رهيو ڄڻ هن کي ڪا خبر ئي نه آهي.
    ڪلاڪ کن ٻيو به ڪم ڪندو رهيو ان بعد هٿ ڇنڊي اُٿي بيٺو ۽ جتي سندس سهري چونڊو پئي ڪيو اتي چونئري سان ڀريل ڳوڻ ڏسي زور سان چيو: ”مارا! ڳوڻ ته سڄي ڀري پيئي آهي خبر ناهي پوڙهو پاڻي پيئڻ لاءِ ڪيڏانهن هليو ويو. بهرحال هاڻ وڌيڪ ترسڻ اجايو آهي. سندس چونئرا به آئون ٿو کڻي هلان. پٺيان هو پاڻهي پيو ايندو.
    ان بعد ڪبايان ڳوڻ جو منهن رسيءَ سان چڱيءَ طرح ٻڌي ٻه ٽي دفعا مٿي تي کڻڻ جو مکر ڪيو: ”اڙي! ڏاڍي ڳري آهي. ههڙي ڇپ جهڙي ڳوٺ کي بازار تائين مٿي تي کڻي هلڻ مون اڪيلي جي وس جي ته ڳالهه ناهي، ها البت هينئن ٿو ڪريان ته ان کي ڇڪي ڇڪي ڳوٺ تائين رسايان.“
    ان بعد ڪبايان ڳوڻ کي ڇڪڻ لڳو جيڪا هن جي پٺيان پٿرن ۽ بنڊن مٿان، دڙن ۽ کڏن تان سادا کائيندي آئي. واٽ تي ڳوڻ مان ايندڙ عجيب آوازن ڏي ڪبايان ڪجهه به ڌيان نه ڌريو ۽ سڌو اچي شهر جي ڀاڄي مارڪيٽ ۾ نڪتو. ڀاڄين جي دڪان وٽ بيهي هن ڳوڻ جو منهن کولي جهڙو ليٽايو ته چونئرن سان گڏ سندس سهرو به نڪري آيو. سندس سڄو جسم رهڙن ۽ سنڌن سان ڀرجي ويو هو.
    ”هيلو!منهنجا پيارا سهرا!“ ڪبايان معصوميت مان پڇيو.“ ”ڳوڻ اندر توهان ڇا ويٺي ڪيو؟ مون سمجهيو ته توهان ڪٿي پاڻي پيئڻ ويا آهيو.“
    جواب ڏيڻ بدران ڪبايان جو سهرو ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ پاسي ۾ پيل بانٺو کڻي کيس مارڻ لاءِ ڊوڙيون پر ڪبايان گوهي کائي کانئس ڇڏايوويو.


    حاجي سڳوري لاءِ دعوت

    گهڻي وقت کان ڪبايان کي سڻڀو طعام نصيب نه ٿيو هو ۽ لڳاتار هفتن جا هفتا سندس گذر ’پاڻيءَ پسئي خشڪي ڀت‘ ۽ دال تي ٿي رهيو هو. هن ڪنهن ريت چڱو کائڻ چاهيو ٿي. ”پر ٻوڙ پلاءُ ڪيئن حاصل ٿي سگهي ٿو”“ هن سوچيو.
    ڪبايان کي اها خبر هئي ته سندس سهرو حاجين مان متاثر آهي ۽ جڏهن به ڪو حاجي گس پنڌ مليس ٿو ته ان کي ماني کارائڻ بنا ڇڏي نٿو. ان لاءِ ماني به جهڙي تهڙي نٿو ڪرائي پر ڀت ۽ ڀاڄيءَ کان علاوه مڇي، ڪڪڙ ۽ ريڍو يا ٻاڪرو گوشت پڻ پچرائي ٿو. انهن طعامن جو سوچي ڪبايان جو وات پاڻي ٿيڻ لڳو. سندس سهري کي اڃا حج نصيب نه ٿيو هو پر ڀلي پاڪ کان جيڪو به آيو ٿي ته ان کان اتي جون خبرون چارون پڇي پنهنجي دل خوش ٿي ڪئي.
    ڪبايان کي اها رٿ واهه جي وڻي ته حاجين وارا ڪپڙا پائي حاجي ٿي سهري اڳيان اچجي ۽ سهرو کيس سچو حاجي سمجهي ضرور دعوت ڪندو. اهو سوچي هن آر جي اڇي ٽوپي ۽ اڇو ڪوٽ هٿ ڪيو جيڪي اڪثر حاجي پائي ايندا هئا. هيٺان هڪ صاف سٿرو سارونگ (گوڏ) ٻڌي . ڳچيءَ ۾ ڊگهي تسبيح ۽ پيرن ۾ تازا پالش ٿيل چڪمندڙ بوٽ پاتا ۽ پوءِ اکين هڪ پراڻي فئشن جي هڪ عينڪ چاڙهي. چپن مٿان کونئر هڻي هن ٻڪريءَ جا ڪجهه ڪارا وار ان تي چنبڙيا ته بلڪل مڇون ٺهي پيس.
    ڪبايان کي خبر هئي ته سندس سهرو روز ان وقت ڪافي پيئڻ لاءِ هڪ هوٽل ۾ اچي ٿو. سو ڪبايان حاجيءَ جوروپ ڌاري ان هوٽل ۾ پهتو. اندر گهڙي ڏٺائين ته سندس سهرو هڪ ٽيبل وٽ اڪيلي سر ڪافي پي رهيو آهي. ڪبايان به ساڳي ٽيبل تي وڃي ويٺو. ويهڻ وقت سندس سهري ڪنڌ مٿي کڻي ڪبايان ڏي نهاريو. ڪبايان موٽ ۾ مرڪيو ۽ سمجهي ويو ته سندس سهري کيس بنهه نه سڃاتو.
    ”اسلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاتة“ ڪبايان جهيڻي آواز ۾ سلام ڪيو.
    ”وعليڪم سلام ورحمة الله وبرڪاتة“ سندس سهري عزت سان جواب ڏنو.
    ڪبايان ان بعد هٿ جي اشاري سان بئري کي سڏ ڪيو. پر سندس سهري يڪدم کائنس پڇيو: ”سائين منهنجا توهان ڇا پيئڻ پسند ڪندائو. ڇا مون طرفان ڪافيءَ جو ڪوپ پيئڻ قبول ڪندائو؟“
    ”اکين تي. توهان جي مهرباني.“
    ان بعد سندس سهري بئري کي ڪبايان لاءِ ڪافي آڻڻ لاءِ چيو. جڏهن اها آئي ته ڪبايان ڍُڪ ڀري پنهنجي سهري کي چيو: ”سائين توهان جا لک لائق. وڏي مسافري ڪري صبح کان آئون هلي هلي ٿڪجي پيو آهيان. هيءَ ڪافي پيئڻ سان ضرور فرحت اچي ويندم. شام جو وري مون کي پنهنجو سفر جاري رکڻو آهي.“
    ”حاجي صاحب اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي. آئون ته هر وقت توهان جهڙن نيڪ ماڻهن جي خدمت جو انتظار ڪندو رهان ٿو. آئون پاڻ ته اڃا حج ڪري نه سگهيو آهيان. ٿي سگهي ٿو توهان جهڙن جي دعائن رسڻ سان هڪ ڏينهن مون کي به اتان جو سڏ اچي وڃي.“
    ”ضرور ضرور، انشاءَ الله.“ ڪبايان چيو.
    پوءِ سندس سهري چيو: ”حاجي صاحب توهان کي شام جو وري ڊگهي سفر تي نڪرڻو آهي هينئر ٿڪل به آهيو. منهنجي گهر ڇو نٿا هلي ماني به کائو ۽ آرام ڪريو.“
    ڪبايان ٿوري دير لاءِ ماٺ ڪئي ڄڻ سوچي رهيو هجي ته آيا هن کي ترسڻ به کپي يا نه.“ منهنجي خيال............. ۾ ........“
    ”سائين مڙيئي خير آهي. ٿوري دير لاءِ فرحت ڪري پوءِ کڻي سفر تي نڪرجو.“
    ”چڱو ڀلا. توهان زور ٿا ڪريو ته مونکي قبول آهي. توهان جي مهرباني.“
    ڪبايان جو سهرو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حاجي (يعني ڪبايا) کي وٺي پنهنجي گهر آيو. گهر پهچي زال کي چيو: ”مون سان گڏ مهمان به آهي ۽ منجهند هتي ڪري پوءِ ويندو. سو وارو ڪر. هڪ ٻه ڪڪڙيون ڪهائي وٺ ۽ ڀت ڀاڄيون ۽ ٻيون شيون تيار ڪري وٺ. ڪافي لاءِ کنڊ به ولايتي وٺي اچ.“
    بهرحال ڪبايان پيٽ ڀري ماني کاڌي. اهڙو مزيدار ٻوڙ پلاءُ کاڌي هن کي ڏينهن ٿي ويا هئا. مانيءَ بعد هن يڪا ٽي چار ڪوپ ڪافيءَ جا به چٽ ڪيا. پر بدقسمتي سان ڪافيءَ جي گرمائش ۽ ٻاڦ هن جي مڇن جي کونئر کي وٽڙائي رکيو ۽ ٻڪريءَ جا وار جيڪي هن مڇن خاطر استعمال ڪيا هئا سي پنهنجي اصل جاءِ تان رڙهي اچي هيٺين چپ وٽ پيا. سندس سهرو جيڪو ڀر ۾ ئي ويٺو هو تنهن هيءَ لقاءُ ڏسي سمجهي ورتو ته هي حاجي ڪو ٻيو نه پر سندس ئي ناٺي ڪبايان آهي. چڙ ته ڏاڍي ويس. هيڪر دل ۾ آيس ته ڀَت جو ڀريل پيالو منهن ۾ وهائي ڪڍيس پر بهتري ان ۾ سمجهي ماٺ ٿي ويو ته ان جو پلاند ٻئي ڪنهن ڏينهن لاءِ رکجي. سو هن ڪبايان کي اهوڏيک نه ڏنو ته هن سڃاڻي ورتو آهي. ان کانپوءِ سگهوئي ڪبايان هٿ ڇنڊي اٿي کڙو ٿيو. ”ماني ٽڪيءَ لاءِ وڏي مهرباني. سائين،“ ڪبايان چيو، ”شل سدا سکي رهو.“
    ”توهان به سدا سلامت رهو. هيڏانهن ڪڏهن وري اچڻ ٿيانوَ ته پيا منهن ڏيکارجو.“ سندس سهري پنهنجي ڪاوڙ کي اندر ئي دٻائي ٻاهران خوشيءَ جو اظهار ڪيو. کيس خارون ته ڏاڍيون پئي آيون ته هن پنهنجي نڪمي ناٺيءَ کي ڏني نه ورتي ويهي هيڏي ماني کارائي ۽ هاڻ ڪنهن ريت پنهنجي ناٺيءَ مان پڻ ايڏي وڏي دعوت ڪڍڻ لاءِ سٽل سٽڻ لڳو.
    ان ڳالهه کي مهينو ٻه ٿي ويو پر ڪبايان جي سهري ان بابت گهر ۾ ڪوبه ذڪر نه چوريو. هڪ ڏينهن ڪبايان جيئن گهر ۾ ليٽيو پيو هو ته درتي ڪنهن اچي تاڙي هنئين. اٿي در کوليائين ته سامهون هڪ حاجي نظر آيس.“ ”سائين اسلام عليڪم.“ حاجي چيو.
    ”وعليڪم سلام، سائين.“ ڪبايان وراڻيو.
    آئون آگوس نواريءَ نالي هڪ همراهه کي ڳولي رهيو آهيان مون سمجهيو ته هو هن ڳوٺ ۾ رهي ٿو پر افسوس جو هتي نظر نه آيو.“
    ”مون کي پڻ اهڙي نالي وارو ڪو همراهه نٿو سجهي.“ ڪبايان جواب ڏنو.
    ”ڀائو!“ حاجيءَ چيو، ”سندس ڳولا ۾ سڄي شهر ۾ ڦرڻ ڪري ٿڪجي پيو آهيان.“
    ڪبايان ايتري ۾سمجهي ويو ته حاجي حقيقت ۾ سندس سهروئي آهي پر هن نمونو اهو ڪيو ڄڻ هن پنهنجي سهري کي نه سڃاتو آهي.
    ”حاجي صاحب! ڀلا اندر اچي ڪجهه دير لاءِ آرام ڪيو.“
    ”هائو بابا. مهرباني. مون کي ٿوري دير آرام ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي.“
    ڪبايان جو سهرو اهو چئي اندر آيو ۽ کٽ تي پٿل ماري ويٺو.
    ”توهان جي منهن مان ئي لڳي ٿو ته توهان تمام گهڻو ٿڪل آهيو ۽ ماني به شايد نه کاڌي اٿوَ. توهان ويهو ته آئون پنهنجي زال کي چئي ٿو اچان توهان لاءِ ڪا ماني ٺاهي وٺي.“
    ”وڏي مهرباني. واقعي مونکي ڏاڍي بک آهي.“
    ڪبايان پاسي وارو در ٽپي پٺيان آيو جتي سندس زال ڪڪڙين کي ان ڏيئي رهي هئي. هن ڄاڻي واڻي زال سان وڏي واڪي ڳالهايو جيئن سندس سهرو به ٻڌي سگهي: ”عجيم! پاڻ وٽ هڪ معزز مهمان آيو آهي.“
    ڪبايان اهو ڪير آهي؟“ سندس زال پڇيو.
    ”ڪو حاجي آهي. ڀلين جاين جي زيارت ڪري موٽيو آهي. پاڻ کي هن لاءِ عاليشان ماني تيار ڪرڻ کپي. هو تمام گهڻو بکايل آهي. هڪدم چانور ۽ ڀاڄي چلهه تي چاڙهي پوءِ وڃي ڪو وڏي ٻانگ وارو متارو ڪڪڙ ڪهائي اچ.“
    ”پر- پر، ڪابيان، پاڻ وٽ.....“ سندس زال ڪجهه چوڻ چاهيو ٿي پر ان کان اڳ ڪبايان رڙي ڪري چيس.:
    ”نه نه. ڪڪڙ نه. ههڙي ڀلاري حاجي لاءِ ڪڪڙ رڌڻ صحيح نه ٿيندو. پاڻ کي ڪا ٻڪري يا رڍ حلال ڪرڻ کپي. هيئن ڪر جو ڪا ٿلهي سگهاري رڍ کڻي وڃي ڪاسائي کان ڪهائي اچ.“
    ”پر ڪبايان، توکي ته خبر آهي ته پاڻ وٽ ڪابه ٿلهي متاري رڍ ناهي.“ عجيم چيو.“
    ”ها. اها ته مونکي به خبر آهي. پر تنهنجي پيءَ وٽ ته آهي سندس گهر جي پويان هڪ گهيٽو ٻڌو پيو اٿئي. ان کي ڇوڙي ڪهائي اچ. تنهنجو پيءُ بلڪل رنج نه ٿيندو. پاڻ خوش ٿيندو ته پاڻ حاجيءَ جي مزماني ڪئي. هو پاڻ به ته چوندو رهندو آهي ته حاجين کي سٺي ماني کارائڻ ثواب جو ڪم آهي. مهينو ڏيڍ اڳ به هن هڪ اڻ ڄاڻ حاجيءَ کي عاليشان ماني کارائي هئي. چڱو هاڻ گهڻي دير نه ڪر. جلدي ائين وڃي ڪر جيئن ٻڌايو مانءِ.“
    هوڏانهن جڏهن ڪبايان جي سهري اهو ٻڌو ته سندس ئي نقصان ٿو ٿئي ته اچي پريشان ٿيو. هن کي پنهنجي ٿلهي متاري گهيٽي جو فڪر ٿيو ته ماڳهين ٿو ڪسي. سو ماٺ ڪري ويهڻ بدران ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ سڌو رڌڻي ڏي ڀڳو، جتي ڪبايان ۽ سندس زال بيٺي هئي. ”سائين مون چيو منهنجي ڳالهه ته ٻڌجو. مهرباني ڪري مون لاءِ ماني نه ڪجو. مون کي هينئر هينئر هڪ ضروري ڪم ياد آيو آهي. ان لاءِ مونکي هينئر جو هينئر ڀر واري ڳوٺ ۾ پهچڻو آهي. ان ڪري آئون ته هلان پيو، خدا حافظ.“
    اهو چئي هو ائين وٺي ڀڳو جو ڪبايان کي جواب ڏيڻ جو به موقعو نه مليو.
    عجيم وائڙن وانگر ڪبايان ڏي نهاريندي چيو: ”تنهنجي مهمان حاجي صاحب کي ٿيو ڇا جو وٺي ڀڳو؟“
    ڪبايان مرڪندي وراڻيو: مون کي پاڻ خبر ناهي.“


    گهوڙي تي گهٽ بار

    هڪ ڏينهن ڪبايان کي سندس سهري گاهه ڪرڻ لاءِ ٻنيءَ تي موڪليو. ٿوري دير بعد جڏهن ٻه وڏيون ڀريون گاهه جون ٿي ويون ته هو گهر ڏي موٽڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. گاهه جون ڀريون چڱيون ڳريون هيون ۽ هن کي پنهنجي سهري جي گهر تائين انهن ڀرين سان گڏ پنڌ موٽڻو هو. بهرحال هڪ ڊگهي ڪاٺي کڻي هڪ هڪ ڀري ڪنڊ کان ٻڌي ڪاواٽيءَ وانگرڪاٺيءَ جو وچ ڪلهي تي رکي هلڻ لڳو. گاهه جي گهڻي وزن ڪري ڪاٺي هن جي ڪلهي تي وڍ وجهي رهي هئي ۽ کيس رکي رکي ساهي پٽڻي ٿي پيئي.
    ڪجهه دير هلڻ بعد اوچتو هن کي پري کان هڪ گهوڙو نظر آيو. اهو سندس سهري جو گهوڙو هو جيڪو هتان هُتان چرندو واپس گهر ڏي وڃي رهيو هو. سندس ڳچي ۾ لغام به پيل هو. ڪبايان گاهه جون ڀريون رکي گهوڙي ڏي ويو ۽ لغام کان ڇڪي گاهه وٽ وٺي آيس. پوءِ گاهه جون ٻئي ڀريون مٿائنس رکيائين ۽پاڻ گهوڙي پٺيان آهستي آهستي هلڻ لڳو. گهرپهچڻ کان اڳ رستي تي هڪ ٽڪري آئي ٿي. اها چڱي خاصي اتاهين هئي ۽ ڪبايان پنهنجو پاڻ ۾ مٿي چڙهڻ جو سَتُ نه پئي ساريو. سو گهوڙي کي بيهاري پاڻ به ان جي پٺيءَ تي گاهه جي پويان ٿي ويٺو.
    گهوڙو آهستي آهستي ٽڪريءَ تي چڙهڻ لڳو. ٿورو مٿي چڙهڻ بعد گهوڙي جي رفتار اڃا به گهٽجڻ لڳي. ڪبايان کي خيال آيو: ”گهوڙو شايد ٿڪجي پيو آهي. اهو منهنجي سهري جو گهوڙو آهي ۽ جي هو ٿڪل ٿڪل گهر پهچندو ته سهرو مون تي ڪاوڙيو. ٿي سگهي ٿو هن کي هن وقت گهوڙي تي چڙهي ڪيڏانهن وڃڻو هجي ۽ غريب گهوڙي تي واقعي گهڻو بار آهي- گاهه جي ٻن ڀرين کانسواءِ منهنجو پڻ.“
    ڪجهه دير سوچڻ بعد ڪبايان کي دماغ ۾ هڪ رٿ آئي سو ٻئي گاهه جون ڀريون گهوڙي جي پٺتيءَ تان کڻي ڪاواٽيءَ ذريعي وري پنهنجن ڪلهن تي کڻي رکيون. آهستي آهستي ٿي گهوڙو نيٺ سهري جي گهر تائين پهتو. سهري گهوڙي مٿان ڪبايان ۽ ان مٿان گاهه جون ڀريون ڏسي تعجب مان پڇيو: ”اڙي ڪبايان هي ڇا تماشوڪيو اٿئي؟ گهوڙي مٿان چڙهي گاهه وري پاڻ تي رکيو پيو اچين!“
    ڪبايان معصوميت مان وراڻيو: ”چاچا ڳالهه آهي ته مون کي خبر آهي ته توهان جي گهوڙي کي گهڻو بار کڻائيندس ته توهان جو گهوڙو ٿڪجي پوندو ۽ توهان مون تي ڪاوڙ ڪندائو. ان ڪري مون سوچيو ته گاهه آئون ٿوکڻي هلان ۽ گهوڙو فقط مون کي کڻي هلي.“


    / هرڻ جو شڪار

    هڪ ڏينهن ڪبايان پنهنجي سهري کي هرڻ ڦاسائڻ لاءِ ڪوڙڪو ٺاهڻ لاءِ چيو: ”سارين جي پوک پويان گذريل هفتي، مونکي ڪيترائي هرڻ گهمندي نظر آيا آهن. اچو ته ڪوڙڪو ٺاهي وڻن جي وچ ۾رکي اچون.“
    ”ڪبايان وڦلين ته نه پيو،“ سهري ٽوڪيندي چيس، ”ڪوڙڪو ۽ تون ٺاهيندين!“
    ”ها. ها. بلڪل سچ ٿوچوان،“ ڪبايان پڪي ارادي سان چيو، هرڻ جي ڦاسي ويو ته پاڻ ٻئي ڄڻا ان جا حصا ڪري هفتوکن مزي سان کائي سگهنداسين.“
    ”مون کي ته سمجهه ۾ نه پيو اچي ڪبايان ته تون ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين. هن کان اڳ ته ڪڏهن به ڪم جي ڳالهه تنهنجي واتان نه ٻڌي اٿم. هي اڄ توکي ٿيوڇا آهي. ڪا بيماري ته نه لڳي ويئي اٿئي؟“
    ”نه، آئون بيمار بلڪل نه آهيان ۽ سنجيدگيءَ سان ٻڌائي رهيو آهيان ته اچو ته ڪوڙڪو گڏجي ٺاهيون ۽ جي هرڻ ڦاٿو ته اڌو اڌ ڪري کڻنداسين.“
    ”بهرحال ڳالهه هي آهي ته اڄ مون کان ڪم بلڪل نٿو پڄي.“ سهري وراڻيو.
    ”چڱو توهان ڀلي مونکي همراهي نه ڪرايو پر جي آئون هرڻ جهلي ٿو وٺان ته پوءِ مون کان حصو پتي هرگز نه گهرجو.“ ڪبايان چيو.
    ڪبايان جي سهري ٿورو سوچيو. هن هرڻ جو گوشت کائڻ به چاهيو ٿي پر کانئس هن وقت ڪا محنت به نٿي پڄي جو کڻي هرڻ لاءِ ڪوڙڪو ٺاهي. هڪ ته سج جي تپش ساڙي رهي هئي ۽ ٻيو ته ٿڪل به ڏاڍو هو. هن ڪبايان کي چيو: ”چڱو هينئن ٿو ڪريان جو هرڻ لاءِ ڪوڙڪو ٺاهڻ جي ته مون ۾ هن وقت همت ناهي، باقي پکين جو ڪوڙڪو کڻي ٿو ٺاهيان. پر اهو ٻڌي ڇڏجانءِ ته منهنجي ڪوڙڪي ۾ ڪو پکي ڦاٿو ته ان مان توکي ڪوبه حصو نه ڏيندس ۽ سڄوئي پاڻ وٽ رکندس. سمجهئه.“
    نيٺ ڪبايان اڪيلي سر هرڻ کي ڦاسائڻ لاءِ ڪوڙڪو ويهي ٺاهيو. ٻن ٽن ڪلاڪن جي لڳاتار محنت بعد اهو ٺهي تيار ٿي ويو. سندس سهري ته منٽن۾ پکي ڦاسائڻ جو ننڍڙو ڪوڙڪو ٺاهي ورتو.
    ”هاڻ مون کي ٻڌايو ته ڪير سست آهي،“ ڪبايان پنهنجي سهري کي چيو، ”اميد ته اڄ رات منهنجي ڪوڙڪي ۾ هڪ ٿلهو متارو هرڻ اچي ڦاسندو. پوءِ پاڻهي توهان کي پڇتاءُ ٿيندو ته منهنجي مدد ڇونه ڪيانوَ.“
    سندس سهري ٽهڪ ڏيندي چيو: ”بلي! ڏسنداسون ته ڪهڙو نڀاڳو هرڻ تنهنجي ڪوڙڪي ۾ ٿو ڦاسي. مونکي پڪ آهي ته منهنجي ڪوڙي ۾ ٻه چار ٿلها متارا پکي ضرور ڦاسندا.“
    ان رات ڪبايان ته ڏاڍو ٿڪل هو سو سمهڻ سان ننڍ کڻي ويس سندس سهرو صبح جو سوير ئي اٿيو ۽ جتي ڪبايان ستو پيو هو اتان پٻن تي آهستي آهستي هلي ڏٺائين ته ڪبايان اڃا گهاٽيءَ ننڊ ۾ هو. سو ڪنهن کي ٻڌائڻ بنا هي سڌو پنهنجي ڪوڙڪي وٽ آيو جتي هڪ به پکي ڦاٿل نه هو. ان بعد هي سارين جي پوک پويان جهنگل۾ويو جتي ڪبايان پنهنجو ڪوڙڪو منڍيو هو. ڇا کڻي ڏسي ته ڪبايان جي ڪوڙڪي ۾ هڪ ٿلهو متارو هرڻ ڦاٿو پيو آهي.
    ”واهه سائين واهه،“ هن دل .ئي دل ۾ چيو، ”لئه ٿي ويئي ڪبايان جي. چئبو ته هاڻ ڪبايان سڄو هفتو هرڻ جي گوشت مان وارا ڪندو ۽ مونکي هڪڙي ٻوٽي به نه ملندي، مون کي ضرور ڪجهه ڪرڻ کپي.“ پوءِ هن کي هڪ اٽڪل آئي. ”هڪ ڪم ڪري سگهجي ٿو ته هن هرڻ کي اتان ڪڍي پنهنجي ڪوڙڪي وٽ اچي ٽنگيانس. اهو ضرور آهي ته منهنجو پکين جو ڪوڙڪو آهي جنهن۾ڪو جانور ڪيئن ٿو ڦاسي سگهي، پر ڪبايان ڄٽ کي ڪهڙي خبر ان فرق جي.“
    سو ڪبايان جي سهري اُن ٿلهي متاري هرڻ کي ڪبايان جي ڪوڙڪي مان ڪڍي اچي پنهنجي پکين واري ڪوڙڪي جي ڀر ۾ هڪ ٽاريءَ سان ٻڌو. ان بعد تکوتکو پنهنجي گهر موٽي آيو. ڪبايان اڃا تائين ننڊ ۾ هو. پاڻ به چادر تاڻي وري سمهي رهيو ۽ ڪبايان جي اٿڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
    جڏهن سج چڱو مٿي چڙهي آيو ته ڪبايان ننڊ مان اٿيو. ان کي اٿيل ڏسي هي به هنڌ تان اٿيو ۽اکيون مهٽي ڪبايان اڳيان ائين هلڻ لڳو ڄڻ هاڻ ننڊ مان اٿيو هجي.
    ”رات اهڙي ننڊ کڻي ويئي جو مس مس هاڻ اک کلي آهي. ڪبايان تون ڪر خبر رات ننڊ سٺي ڪيئي يا نه؟“
    ”ها مونکي ته سٺي ننڊ اچي ويئي هئي.“ ڪبايان وراڻيو.
    ”مونکي به اهڙي گهاٽي ننڊ اچي ويئي هئي.“ جو هاڻ تنهنجي هلڻ جي آواز تي اک کلي آهي. بهرحال ڪر خبر چار ڇاجي تياري آهي؟“
    ”پنهنجي ڪوڙڪي جي سار لهڻ ٿو وڃان ته ڪو هرڻ ڦاٿو يا نه رات جو خواب ۾ ڏٺو اٿم ته هڪ ٿلهو متارو هرڻ منهنجي ڪوڙڪي ۾ اچي ڦاٿو آهي.“ ڪبايان چيو.
    ”چڱو هل ته آئون به ٿو هلان.“ ڪابيان جي سهري چيو.
    ”هل ڀلي پر اها اميد هرگز نه رکجانءِ ته ڪو آئون هرڻ جي گوشت جو حصو توکي ڏيندس.“ ڪبايان چيو.
    ٻئي ڄڻا گهران نڪتا، سارين جي فصل جو ٻنو ڏيئي جهنگ ڏي روانا ٿيا. جڏهن ڪوڙڪي جي ويجهو پهتا ته ڪبايان جو سهرو ڄاڻي واڻي ٿورو ٿورو پٺيان هلڻ لڳو جيئن ڪبايان ڀلي اڳيان وڃي پنهنجو ڪوڙڪو پهرين جانچي..
    ”ڪر خبر ڪجهه نظر اچي پيو؟“ سهري پڇيو
    ”نه، اڃا ته ڪجهه به نه.“ ڪبايان وراڻيو.
    ”آئون نٿو سمجهان ته ڪوڙڪي ۾ ڪي ڪجهه آهي.“
    پوءِ جڏهن بلڪل ويجهو بيهي ڏٺائون ته منجهس ڪاريءَ وارا ڪک هئا. ڪبايان کي ڏاڍو ڏک ٿيو.
    ”ٺهيو. هاڻ هرڻ ئي نه ڦاٿو آهي ته مونکي ان جو حصو نه ملڻ لاءِ جيڪو ڏک هو سو هرگز ڪرڻ نه کپي،“ سهري چيو، ”ڏسان ته منهنجي پکين واري ڪوڙڪي ۾ڪو پکي ڦاٿو آهي يا نه. تون به گڏ هلندين.“
    ڪبايان کي جيتوڻيڪ هاڻ ڪا دلچسپي نه رهي هئي پر پنهنجي سهري جي پٺيان هلڻ لڳو. جڏهن ڪوڙڪي جي ويجهو پهتا ته سهرو تکيون تکيون ٻرانگون ڀرڻ لڳو.
    ”منهنجي خيال ۾مون واري ڪوڙڪي ۾ ڪا شيءِ ڦاٿي پيئي آهي.“ اهو چئي هو پنهنجي ڪوڙڪي ڏي ڊوڙڻ لڳو. ”واهه ڙي واهه. ڪجهه ته ڦاٿوآهي. ڪبايان وارو ڪر ۽ اچي ڏس ته سهي ڪهڙو نه سٺو هرڻ ڦاٿو پيو آهي.“
    ڪبايان هرڻ ڏي نهاريو. اهو واقعي هڪ ٿلهو متارو هرڻ هو جيڪو ڪوڙڪي سان گڏ وڻ جي ٽاريءَ ۾ ٽنگيو پيو هو. ڪبايان جي سهري ان کي هيٺ لاٿو. واهه واهه! ڇا ته متارو هرڻ آهي. هي سڄو هفتو مون لاءِ عيش ٿي ويو. ڪبايان تو لاءِ افسوس اٿم ته تون بکايل ئي رهندي.مڃين ٿو نه ته آئون ڀاڳن وارو آهيان.“
    ڪبايان ڪجهه به نه ڪڇيو. سندس سهرو هرڻ کي ڪلهن تي رکي گهر ڏي روانو ٿيو. ڪبايان ڀت وانگر اتي ئي بيٺو رهيو ۽ ڪا دير پنهنجي سهري کي ويندو ڏسندو رهيو.
    جڏهن سهري گهر اچي هرڻ کي لاٿو ته ان کي ڏسي سڀ خوش ٿيا. سندس زال۽ ڌيءَ تعريف ڪرڻ لڳيون ۽ سڄو هفتو هرڻ جو گوشت پيٽ ڀري کائڻ جو سوچي خوش ٿيون. ٻپهري تائين گهر جا سڀئي ڀاتي هرڻ جي گوشت کي وڍيندا ۽ صاف ڪندا رهيا ۽ پوءِ جڏهن نيرن ڪرڻ لڳا ته ڌيڻس پڇيو؛ ”بابا منهنجو مڙس ڪبايان نظر نه پيو اچي؟“
    ”خبر ناهي، توکي ته هن جي افعالن جي خبر آهي. پڪ ڪٿي ويٺي ويٺي ننڍ کڻي ويئي هونديس.“ سهري کين ٻڌايو. ان بعد ڪنهن به ڪبايان جو نه سوچيو ۽ هر هڪ پنهنجي ئي ڪچهري ۾لڳي ويو. شام تائين جڏهن ڪبايان نه موٽيو ته سندس سس رڙ ڪري چيو: ”ڪبايان جو اڃا تائين ڪو پتو نه پيو آهي. اجهو ته هاڻي رات به ٿي.“
    ”واقعي ڪبايان ڪيڏانهن گم ته نه ٿي ويو آهي؟“
    ”ڪڏهن ڪڏهن يڪو ٻاهر هليو ويندو آهي پر هينئن ڪڏهن به نه ٿيو آهي. مانيءَ لاءِ ته هو ضرور موٽي ايندو آهي، اڄ ته سڄو ڏينهن نظر نه آيو آهي.“
    ”مون کيس صبح جو ڏٺو هو،“ سندس سهري چيو. ”ان وقت ته هو بلڪل چاق چڱو ڀلو هو. منهنجي خيال ۾ هن کي هرڻ نه ڦاسڻ جوڏک هوندو. ڄاڻ ته اچي نڪتو.“
    ٿوري دير ٻي گذري پر هو گهر نه آيو. ڪبايان جي زال ۽ سس کي ايترو اچي فڪر ٿيو جو نيٺ ڪبايان جي ڳولا لاءِ تيار ٿيون. هنن کي اهوئي ڌيان ۾ هو ته شايد ڪبايان کي ڪو حادثودرپيش آيو هوندو. پهرين سارين جي فصل پويان جتي هن هرڻ لاءِ ڪوڙڪو لڳايو هو اتي ڪبايان کي سڀني ڳوليو پر اتي به نه مليو. ڪڏهن ڪڏهن منجهند جو ڪبايان هڪ وڻ هيٺان وڃي سمهندو هو. سو هاڻ هي سڀئي ڪبايان جي ان دلپسند جڳهه تي آيا پر اتي به هن جو ڪو پتو نه پيو.
    ”مون کي لڳي ٿو ته منهنجو پيارو ڪٿي درياهه ۾ ته نه ٻڏي ويو.“ ڪبايان جي زال روئندي چيو. ۽ پوءِ ٽيئي ڄڻا ڪبايان کي ڳولڻ لاءِ درياهه ڏي وڌيا.
    درياهه جي ڪناري تي ڏسن ته ڪبايان پٿل ماري مٿي کي هٿ ڏيئي درياهه جي وهندڙ پاڻي کي به ڏسي رهيو آهي ته ڪجهه سوچي به رهيو آهي.
    ”ڪبايان! ڪبايان! تو ڇا پيو ڪرين؟“ پر ڪبايان ڪو جواب نه ڏنن ۽ سندس نظرون درياهه جي وهندڙ پاڻيءَ ۾ئي کتيون رهيون.
    ”ڪبايان ڇا ڳالهه آهي.“ سندس سهري پڇيو. ”چاق ته آهين؟“
    ان تي ڪبايان ورندي ڏني، آئون هڪ عجيب شيءِ ڏسي رهيو آهيان.“ ۽ پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪرڻ بدران پاڻيءَ ۾ ئي گهوريندو رهيو.
    ”عجيب شيءِ؟ اها ڪهڙي عجيب شيءِ آهي جيڪا تون ڏسين پيو پر اسان کي نظر نٿي اچي.“
    ”ڇا توهان کي نظر نه پئي اچي؟ چڱو وري پاڻي ڏي چتائي ڏسو.“
    ان تي وري سڀني پاڻيءَ ڏي چتائي ڏٺو پر کين ڪجهه به نظر نه آيو. سڀني هڪ ٻئي ڏي تعجب مان ڏٺو. ڪبايان جي سهري اڳيان وڌي ڪبايان جي نبض تپاس ڪئي ته ڪٿي تپ دماغ تي اثر ته نه وڃي ڪيو اٿس. ”لڳي ٿو ته ڪبايان کي ڏينهن لڳي ويو آهي.“ ڪبايان جي زال ۽ سس هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيون.
    ”وري چتائي ڏسو. ڇا توهان کي ڪجهه نظر نٿو اچي؟ ڪبايان پڇيو.
    ”چتائي ڇا ڏسون؟“ سهري وائڙن وانگر پڇيو. عجيب حرڪت جيڪا پاڻي ڪري رهيو آهي.“
    ”ڪهڙي عجيب حرڪت؟“
    ”اها ته هو ٽڪريءَ تان هيٺ واديءَ ڏي وهي رهيو آهي.“ ”ان ۾ ڪهڙي عجب جهڙي ڳالهه آهي؟“ سهري پڇيو. هن جي زال ۽ سس وري هڪ ٻئي ڏي تعجب ۽ فڪر مان ڏسڻ لڳيون.
    ”منهنجو مطلب آهي ته اهو ائين ڇو پيو وهي. واديءَ کان مٿي جبل ڏي ابتو ڇو نٿووهي؟“ ڪبايان پڇيو.
    ”اهو ان ڪري ڄٽ، جو اهو پاڻيءَ لاءِ ناممڪن آهي. پاڻي هميشه مٿاهين کان هيٺ وهندو آهي.“
    ”چئبو ته اهو پاڻيءَ لاءِ ناممڪن آهي. باقي هرڻ لاءِ ممڪن آهي ته جانورن جي وڏي ڪوڙڪي ۾ ڦاسڻ بدران وڻ ۾ ٽنگيل پکين جي ننڍڙي ڪوڙڪي ۾ ڦاسي پوي. جيڪڏهن هرڻ لاءِ ممڪن آهي ته پوءِ پاڻيءَ لاءِ به ممڪن ٿي سگهي ٿو.“
    ڪبايان اهو چئي سهري ڏي منهن ڪيو. سندس زال ۽ سس به شڪي نگاهن سان سهري ڏي نهاريو ۽ سمجهي ويون ته اصل ڳالهه ڇا آهي ۽ هرڻ سهري نه پر ڪبايان ڦاسايو آهي. اهو حال ڏسي سهرو ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ ماٺ مٺوڙي ۾ اتان کسڪي ويو.
    ان بعد ڪبايان هرڻ جو سڀ گوشت پاڻ رکيو ۽ سڄو هفتو پاڻ، سندس زال ۽ سس کائيندي رهي. جڏهن گوشت ختم ٿيو ته ڪبايان پنهنجي سهري وٽ آيو ۽ چيو ”آئون ايترو ڪمينو نٿو ٿيڻ چاهيان. ان ڪري ڏسو مون توهان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هرڻ جا هڏا بچائي رکيا آهن.“


    ڏاهو کيکڙو

    برما جي شهر رنگون ڀرسان هڪ مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ هئي. هن ڍنڍ ۾ ننڍيون وڏيون هزاريون مڇيون رهيون ٿي. جيئن ته اها بادشاهه سلامت جي ڍنڍ هئي سو سڀ مڇيون ان ڍنڍ ۾ خوش پاش هيون. بادشاهه سلامت سڄي شهر ۾ پڙهو گهمرائي ڇڏيو هو ته ڪوبه سندس ڍنڍ مان مڇي نه ڦاسائيندو. ان ڪري روزانو شهر جا ماڻهو مڇيون مارڻ لاءِ شهر کان ٻاهر درياءَ تي ويندا هئا. هنن ڪڏهن ڀلجي به بادشاهه جي هن ڍنڍ ڏي رُخ نٿي ڪيو. ان ڪري ڍنڍ جون مڙيئي مڇيون خوش ۽ حفاظت ۾ زندگيءَ جا ڏينهن گذاري رهيون هيون.
    هن ڍنڍ جي ڪناري تي هڪ کيکڙو ۽ ٻگهه پکي پڻ رهندو هو. اهي پاڻ ۾ تمام گهاٽا يار هئا. ڍنڍ جون مڙيئي مڇيون هنن کي پنهنجو مددگار ۽ دوست سمجهنديون هيون. ٻگهه پکي ڪڏهن به ان ڍنڍ مان مڇي نه ڦاسائيندو هو. کاڌي خوراڪ لاءِ هو هميشه اڏامي درياهه تي ويندو هو يا ڪنهن ڏورانهين ڍنڍ ڍوري تي. شام جو واپسيءَ تي پنهنجي سڄي ڏينهن جي سفر جا تجربا پنهنجي دوست کيکڙي کي ٻڌائيندو هو ته هو ڪهڙي ڪهڙي هنڌ ويو. بک لڳڻ تي مڇيون ڪٿان ڪٿان ڦاسائي کاڌائين.
    بادشاهه سلامت جي ڍنڍ جي مڇين کي جيتوڻيڪ اها ڄاڻ هئي ته ٻگهه پکيءَ جو پيٽ گذر مڇيءَ تي آهي پر اها پڪ هين ته هو سندن نالو هرگز نه وٺندو. هنن جو ٻگهه پکيءَ تي پڪو ڀروسو هو. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ٻاهرنڪري ٻگهه پکي سان خبرچار به اچي ڪنديون هيون.
    جيئن جيئن وقت گذرندو ويو ٻگهه پکي پوڙهو ٿيندو ويو ۽ هاڻ هو ايترو سست ۽ ٿڪل محسوس ڪرڻ لڳو جو روزانو ڏورانهين ڍنڍ تي اڏامي وڃي مڇيون ڦاسائڻ هن لاءِ ڏکيو ڪم ٿي پيو. پر جيئڻ لاءِ مڇيون ڦاسائي کائڻ پڻ ضروري هو.
    ”هن بادشاهه سلامت واري ڍنڍ جون مڇيون ڦاسائي ڇو نه کائجن؟“ ٻگهه پکيءَ دل ئي دل۾ سوچيو، ”هن ڍنڍ جون مڇيون جيتوڻيڪ منهنجيون دوست آهن پر سڀ به ته نه آهن.“ ان بعد هن هڪ اٽڪل سوچي.
    ٻئي ڏينهن ٻگهه پکي هڪ ٻي ڍنڍ ڏي هليوويو ۽ سڄو ڏينهن اتي ئي گهاري ڇڏيو. جڏهن موٽيو ته ڪافي دير ٿي چڪي هئي. کيکڙو پنهنجي ٻر ۾ گهڙي ويو هو ۽ مڇيون سڀ سمهي رهيون هيون.
    ٻئي ڏينهن صبح جو سير شڪار تي وڃڻ بدران ٻگهه پکي ڍنڍ جي وچ تي اچي هڪ ٽنگ تي بيهي اکيون بند ڪري سوچڻ لڳو. ٿوري دير بعد کيکڙو پنهنجي ٻر مان ٻاهر نڪتو. پنهنجي جهوني دوست ٻگهه پکيءَ کي ان حال ۾ ڏسي حيران ٿي ويو.
    ”خير ته آهي، ڀائو ٻگهه پکي؟“ کيکڙي ٻگهه پکي کان پڇيو.
    ٻگهه پکيءَ آهستي آهستي پنهنجون اکيون پٽيون. مٿي ڪيل ٽنگ کي هيٺ لاٿو. پوءِ غمگين شڪل ٺاهي کيکڙي کي خبر ٻڌائي ته هن مهاڻن جي واتان ٻڌو آهي ته هڪ ڏينهن هن ڍنڍ جون مڙيئي مڇيون مري وينديون. هو ڪالهه کان ان ڳڻتي ۾ آهي ته هاڻ مڇين جو ڇا ٿيندو. هن ڍنڍ جون غريب مڇيون جن سان هن جي تمام گهڻي دوستي آهي انهن جو ڇا ٿيندو.
    ڪجهه مڇيون، جيڪي ان وقت ٻگهه پکيءَ اڳيان لنگهي رهيون هيون، اهي ٻگهه پکيءَ جي اها ڳالهه ٻڌي ڊڄي ويون. پوءِ انهن مان هڪ مڙني جي طرفان ٻگهه پکيءَ کي اچي منٿ ميڙ ڪئي ته هوکين ان اوچتي ايندڙ موت کان بچائي. ٻگهه پکيءَ خوشي سان سندن مدد لاءِ هائوڪار ڪئي.
    ”هتان تمام ويجهو هڪ ٻي ڍنڍ آهي،“ هن پريشان مڇيءَ کي آٿت ڏيندي ٻڌايو.
    ”پر اسين سڀ اُتي ڪيئن پهچي سگهنديونسين.“ مڇيءَ پڇيو.
    ”ان لاءِ فقط هڪ ئي طريقو آهي،“ ٻگهه پکيءَ کين چيو، آئون روزانو ٻه چار مڇيون پنهنجي وڏي چهنب ۾ جهلي اوڏانهن اڏامي ان ڍنڍ ۾ اڇلي وري ٻين جي مدد لاءِ موٽي سگهان ٿو.“
    ان صلاح تي سڀني مڇين رضامندي ڏيکاري. پوءِ ٻگهه پکي جهٽ پٽ ڪجهه مڇين کي پنهنجي ڊگھي چهنب ۾ گڏ ڪري ٻي ڍنڍ ڏي اڏامڻ لاءِ تياري ڪئي.
    شام جو هو ٿڪل مهانڊو کڻي موٽيو. ڄڻ وڏو ڪم سرانجام ڏيئي آيو هجي. ٻئي ڏينهن هن ٻين مڇين کي چهنب ۾جهلي نئين ڍنڍ ڏي روانو ٿيو. ائين ڪيترن ڏينهن تائين اهو سلسلو هلندو رهيو.
    ٻگهه پکي هاڻ پهرين کان متارو ۽ تازو توانو نظر اچڻ لڳو. آخرڪار سياڻي کيکڙي هن کي تاڻي ورتو. ”ڪٿي سندس دوست پنهنجو پيٽ قوت هن بادشاهه واري ڍنڍ جي مڇين تي ته نه ڪري رهيو آهي. پر سندس دوست اهڙو ذليل ڪم ڪڏهن به نه ڪندو.“ ان سوچ، کيکڙي جي پچر نه ڇڏي ۽ هن معلوم ڪرڻ چاهيو ته روزانو صبح جو ٻگهه پکي مڇين کي ڪيڏانهن کڻيو وڃي ٿو.
    هڪ ڏينهن کيکڙي ٻگهه پکي کي ان ڍنڍ تي هلڻ لاءِ چيو جتي ٻگهه روزانو مڇين کي کڻي ويو ٿي. ٻگهه پکي ڪجهه دير سوچ ۾پئجي ويو. ان بعد نيٺ هائوڪار ڪئي. شايد اهو سوچي ته متان انڪار ڪرڻ سان کيکڙو شڪ ۾ پئجي وڃي. ڇو جو ٻگهه پکيءَ تي فرض هو ته پنهنجي دوست کيکڙي جو به ڪم ڪري.
    ٻگهه پکي کيکڙي کي چيو ته اڏامڻ مهل هو سندس ڳچيءَ کي سوگهو جهلي. کيکڙي ائين ئي ڪيو ۽ ٻگهه پکي پنهنجا کنڀ ڇنڊي اڏامڻ شروع ڪيو. رستي تي هو جبل، ماٿريون، باغ ٻنيون لتاڙيندا هليا. پهريون دفعو ههڙا سهڻا نظارا ڏسي کيکڙو ڏاڍو خوش ٿيو. سڄي ڄمار هو فقط گپ ۾ ليٿڙيون پائيندو رهيو.
    رستي تي کيکڙي کي هڪ ٽڪريءَ پٺيان مڇين جا ڪيترائي ڪنڊا ۽ ڇلر نظر آيا. اهو ڏسي کيکڙو اچرج ۾ پئجي ويو ۽ سندس شڪ پڪ ۾ بدلجي ويو ته هي ٻگهه پکي پنهنجي گهر جون ئي مڇيون کائي ٿلهو ٿي رهيو آهي. ڍنڍ سڪڻ جو فقط بهانو آهي.
    ڪوبه ائين مرڻ نٿو چاهي. کيکڙي هاڻ ٻگهه پکيءَ جي ڳچي کي وٺي زور سان چيڀاٽيو. ٻگهه پکيءَ جڏهن ان جو سبب پڇيس ته وراڻيائين ته هيڏي بلنديءَ تي اڏامندي ڊپ ٿو لڳيم، ۽ پوءِ آهستي آهستي کيکڙي ٻگهه پکيءَ جي ڳچي تي ايڏو زور ڏنو جو هن لاءِ ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي پيو. وڌيڪ اڏامڻ بدران اتي ئي لهي پيو جتي هو مڇيون کائي ڪنڊا ۽ ڇلر ڇڏيندو هو. ڀٽ تي لهڻ بعد به کيکڙي ٻگهه پکيءَ جي ڳچي کي نه ڇڏيو ۽ ايڏو زور ڏنو جو آخر ساهه نڪري ويس. ان بعد کيکڙو آهستي آهستي پنهنجي منزل ڏي روانو ٿي ويو جتان آيو هو.
    ڍنڍ تي پهچي هن باقي بچيل مڇين کي ان ظالم ٻگهه پکيءَ جي موت جي خبر ٻڌائي. مڇين کي کيکڙي جي موت جو ٻڌي پهرين ڏک ٿيوپر پوءِ کيکڙي کين سڄو احوال ٻڌايو ته ڪيئن ٻگهه پکي بهانو ٺاهي روزانو مڇين کي کائي رهيو جن جا ڪنڊا ۽ ڇلر هو پنهنجي اکين سان ڏسي آيو آهي. اهو ٻڌي مڇيون ڏاڍيون خوش ٿيون ۽ کيکڙي جا ٿورا مڃيائون جنهن سندن جان بچائي.


    ظالم جو موت

    ڪنهن نديءَ جي ڪناري تي هڪ تمام وڏو بڙ جو وڻ هو. هن وڻ جون ڪيتريون ئي شاخون هيون جن مان هڪ تي هڪڙو ڪارو ڪانگ پنهنجي زال سميت رهندو هو. هن، رهڻ لاءِ، وڻ جي ٿڙ ڀرسان مضبوط ڪکن جو آکيرو جوڙيو هو جيڪو وڏي عرصي کان قائم هو.
    ساڳئي وڻ جي پوري ٿڙ ۾، هنن ڪانگن جي آکيري جي بلڪل هيٺان هڪ نانگ پڻ پنهنجي زال سميت رهندو هو. هڪ ئي وڻ تي هڪ ٻئي ويجهو رهڻ ڪري نانگ ۽ ڪانگ هڪ ٻئي جا سٺا دوست ۽ پاڙيسري ٿي ويا.
    هڪ ڏينهن سخت جهڪ ۽ واچوڙو اچي لڳو. ان وقت نانگ جي زال کاڌي جي لاءِ ٻاهر ويل هئي ۽ جهڙو موٽي پئي ته رستي تي هڪ جهوني پپر جي وڻ جو ڏار سندس مٿان ڪري پيو. نانگ جي زال ڳري ڏار هيٺان اچڻ ڪري ان ئي مهل چيڀاٽجي مري ويئي. پريان بڙ جي وڻ تي ويٺل ڪانگن اهو حادثو ڏسي رڙيون ڪوڪون ڪري نانگ کي سندس زال جي مدد لاءِ اطلاع ڪيو. نانگ پوراٽيل ڏار جي ٻرڙ مان ٻاهر نڪري ڪريل ڏار جي هيٺان ليٿڙيون پائي رستي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان کان اڳ سندس زال جو ساهه نڪري چڪو هو. نيٺ نانگ ماٺ مٺوڙي ۾ موٽي پنهنجي ٻرڙ ۾ آيو. زال جي هن اوچتي موت ڪري کيس بيحد گهڻو ڏک ۽ ڪاوڙ لڳي. هن جي سٺن دوستن ۽ پاڙيسري ڪانگن هن ڏکئي وقت ۾ نانگ جي دل وٺڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي.
    ٻئي ڏينهن طوفان جهڪو ٿيو. ڪڪر ٽريا پکڙيا ۽ آسمان پهرين وانگر نيرو ۽ صاف ٿي ويو. ندي واري پاسي کان رکي رکي ٿڌي هير لڳڻ شروع ٿي جنهن ۾ ساون پنن سان ڀريل ٽاريون لڏڻ لمڻ لڳيون. پکي پنهنجن آکيرن مان نڪري هوا ۾ ڦيريون پائڻ ۽ لاتيون لنوڻ لڳا. ان ٻيلي جا رهاڪو جانور پڻ پنهنجن چرن مان ٻاهرنڪري خوشيءَ جو ساهه پٽڻ لڳا. هي زال مڙس ڪانگ ۽ ڪانگڻ پنهنجي آکيري مان نڪري پنهنجن دوستن سان ملڻ لاءِ ٻيلي جي ٻئي حصي ڏي اڏامي ويا. خاص ڪري پاڻ جهڙي ڏاهي همراهه لومڙي ڏي- جيڪو سندن سڀ ۾ سٺو دوست هو. هنن لومڙ سان ملي کيس نانگ جي زال بابت ٻڌايو ته ڪيئن وڻ جي ڏار هيٺان ويچاري اچي مري ويئي.
    واپسيءَ تي رستي تان پنهنجن ننڍن ٻچن لاءِ ڪانگ پنهنجي چهنب ۾ ڪجهه ڪينئان کنيا جيڪي پنهنجي گهر پهچي هو پنهنجن بکايل ٻچن کي کارائيندا هئا. هن ڀيري جڏهن هو پنهنجي آکيري ۾ پهتا ته اهو ڏسي وائڙا ٿي ويا ته سندن آکيرو ٻچن کان خالي هو. کين يقين ئي نه پئي آيو ته ائين به ٿي سگهي ٿو.
    هنن گهڻو ئي هيڏانهن هوڏانهن پنهنجن ٻچن جي ڳولا ڪئي جن کي اڏامڻ لاءِ اڃا کنڀ به نه آيا هئا. پر چوڌاري ڪجهه به نه هو. مايوس ٿي هو پنهنجي پاڙيسري دوست نانگ وٽ پهتا. ساڻس سڄو احوال سربستو ڪري پنهنجن ٻچن جو پڇيو. نانگ هڪدم کهرائيءَ سان جواب ڏنو ته هو ڪو سندن ٻچن جو چوڪيدار نه هو جنهن کان پڇڻ آيا هئا. جيڪڏهن کين ٻچا اهڙا پرايا هئا ته کين ائين اڪيلو ڇڏي نه وڃن ها.
    ڪانگن کي نانگ جي اهڙين ڳالهين تي بيحد گهڻو ڏک ٿيو. وقت سان گڏ آهستي آهستي نيٺ ڪانگ صبر ڪري ويهي رهيا. ڪجهه مهينن بعد آنن جو ڦوٽاڙو ٿيو ۽ سندن آکيرو ننڍن ننڍن ٻچن سان وري ڀرجي ويو. اهوڏسي کين تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ ان خوشي ۾ کانئن پراڻو صدمو بنهه وسري ويو. ٻارن جي سار سنڀال لاءِ هو هاڻ بيحد خبردار رهڻ لڳا. ٻنهي مان جڏهن هڪڙو کاڌي جي ڳولا لاءِ نڪرندو هو ته ٻيو ٻچن جي سنڀال لاءِ آکيري ۾ ئي ترسي پوندو هو.
    پر هڪ دفعي اهڙو اتفاق ٿيو جو ٻنهي ڪانگن کي هڪ ئي وقت پنهنجن مائٽن سان ملڻ نڪرڻو پيو جيڪي نديءَ جي ٻئي پاسي رهيل هئا. شام جو جڏهن هو پنهنجي گهر موٽيا ته هڪ دفعو وري سندن آکيرو خالي خالي هو. سندن سڀ ٻچا غائب ٿي چڪا هئا. سڄو اوسو پاسو ڳولڻ تي به سندن پتو پئجي نه سگهيو. ٻچا نه ملڻ ڪري ماءُ واڪا ڪري روئڻ لڳي.
    ٻئي ڏينهن هن پنهنجي مڙس ڪانگ کي چيو ته ٻارن جي سلامتي لاءِ هاڻ کين هتان لڏڻو پوندو. ان وڻ مان لڏو پٽي ڪنهن ٻئي وڻ ۾ آکيرو ٺاهڻو پوندو. جتي حفاظت سان ٻارن کي نپائي وڏو ڪري سگهجي. هنن کي پڪ ٿي ويئي ته سندن غير حاضري ۾ نانگ ئي سندن ٻچا ڳڙڪائي ڇڏيا هئا. پر پيءَ ڪانگ خطري کان ڀڄڻ بدران ان سان مقابلو ڪرڻ چاهيو ٿي. هو ڪيترن ئي سالن کان ان وڻ ۾ رهندا اچن. هن اتي رهي نانگ کي سبق ڏيڻ چاهيو. ان لاءِ هو پنهنجي پراڻي دوست لومڙ وٽ ويا. لومڙ ڪانگن جي ڏک ڀري ڳالهه ٻڌي ڪجهه دير سوچ ۾پئجي ويو. آخرڪار هن جي دماغ ۾ هڪ رٿ آئي. هن پنهنجن دوستن کي ويجهو سڏي چيو: ”هن گهاٽي ٻيلي جي ڏورانهين ڪنڊ وٽ هڪ وڏي محل ۾ بادشاهه سلامت رهي ٿو. هن کي هڪ ڌيءَ آهي، جنهن سان هن کي بيحد گهڻو پيار آهي. اها شهزادي وهنجڻ لاءِ روزانو ڀر واري ڍنڍ تي ويندي آهي. هاڻ توهان ائين ڪريو جيئن سمجهايانوَ ٿو. اميد ته ان ظالم نانگ کي پنهنجي ڪئي جي سزا ملي ويندي.“
    لومڙ سڄي رٿ ڪانگن کي سمجهائي ته ڪيئن ٻئي ڏينهن شهزادي جڏهن وهنجڻ لاءِ اچي ته هو ڇا ڪن. ڪانگ پنهنجي دوست لومڙ جا ٿورا مڃي روانا ٿيا.
    ٻئي ڏينهن ٻئي ڪانگ ڍنڍ جي ڪناري تي پهتا. ٿوري دير بعد شهزادي پنهنجن ساهيڙين سان گڏ وهنجڻ لاءِ ڍنڍ تي پهتي. هن ڪپڙا لاٿا ۽ سوني تند وارو هيرن جو هار لاهي ڪپڙن جي ڍير مٿان رکيو. پوءِ هن وهنجڻ لاءِ جيئن ئي ڍنڍ ۾ ٽپو ڏنو ته ڪانگڻ پنهنجي چهنب ۾ هار کڻي پنهنجي آکيري ڏي وٺي اڏاڻي. پيءَ ڪانگ اتي ترسي شهزاديءَ جي نوڪرياڻين ۽ چوڪيدارن جا تاثر ڏسڻ لڳو.
    هڪ چوڪيدار ڪانگڻ کي شهزاديءَ جو هار کڻي ويندو ڏسي ورتو ۽ رڙيون ڪري هڪدم ٻين کي به ٻڌايو. اهڙيءَ طرح سڀ لٺيون کڻي ڪانگڻ پٺيان ڊوڙڻ لڳا، جيڪا هار چهنب ۾جهلي سڀ کان اڳيان مٿان مٿان اڏامندي ويئي. پيءُ ڪانگ زور زور سان ڪان ڪان ڪري چوڪيدارن جو ڌيان ڪانگڻ ڏي ڇڪائيندو رهيو.
    چوڪيدار ڍنڍ جي ڪناري کان وٺي ٻيلي تائين ڪانگڻ پويان ڊوڙندا آيا. رستي تي ڪيترائي دفعا هو ٿڙيا ٿاٻڙيا پر اک ڪانگڻ ۾هئين، جيڪا چهنب ۾ هار کڻيو پئي ويئي.
    آخرڪار ماءُ ڪانگڻ پنهنجي آکيري وٽ اچي پهتي. هيٺان چوڪيدار به اچي گڏ ٿيا. ڪانگڻ وڏي چالاڪيءَ سان هار کي ان سوراخ ۾ کڻي ڪيرايو جنهن ۾ نانگ رهيل هو. تيستائين پيءُ ڪانگ به اچي پهتو ۽ ٻئي ڄڻا پري کان ويهي تماشو ڏسڻ لڳا ته چوڪيدار ڪيئن نانگ جي ٻر مان هيرن جو هار ڪڍن ٿا.
    جنهن وقت نانگ جي ٻر ۾ ڪانگڻ هار ڪيرايو ان وقت نانگ گهاٽي ننڊ ۾ ستل هو. هار سندس ڀرسان اچي ڪريو. چوڪيدار وڻ اڳيان پهچي ويا تڏهن به نانگ بي خبر ستو رهيو. هڪ چوڪيدار لڪڻ سان هار کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. لڪڻ هار کي لڳڻ بدران جهڙو نانگ کي لڳو ته هو ڪاوڙ مان ٻاهرنڪري آيو. چوڪيدارن جي نانگ تي جيئن ئي نظر پيئي ته لٺين ۽ بانٺن سان کيس اُتي جو اتي ڍيري ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ شهزادي جو هار کڻي روانا ٿي ويا.
    اهڙيءَ طرح ظالم نانگ جو موت ٿيو ۽ ڪانگ هاڻي بي فڪر ٿي زندگي جا باقي ڏينهن پنهنجي ئي پراڻي آکيري ۾ گذارڻ لڳا.


    سانگ ڪنچل جون گهمتاريون

    سانگ ڪنچل هڪ ننڍڙي هرڻ جو قسم آهي جيڪو ملائيشيا جي جهنگلن ۾ رهي ٿو. هي جانور جيتوڻيڪ قد ۾ۡ ننڍو- فٽ کن ڪو مس ٿئي ٿو. پر عقل ۾ تمام اڪابر، بهادر ۽ چالاڪ آهي. پاڻ کان وڏن جانورن کي کن پل ۾ بيوقوف بنايو رکي.
    هڪ ڏينهن سانگ ڪنچل درياهه جي ٻئي پار سنهن ڪچڙن پنن وارو گاهه ڏٺو.
    ”اڄ مون کي انهن ڪچڙن پنن واري گاهه جو مزو ماڻڻ کپي.“ هن دل ئي دل ۾ سوچيو، ”پر درياهه ڪيئن پار ڪجي؟“
    درياهه جي ڪناري تي پهچي ٻي ڀر وڃڻ جي ڪا واهه ڳولڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن واجهايو. ايتري ۾ هن جي نظر مانگر مڇن جي سردار تي پئي جيڪو ان وقت اُس ۾ پٺي سيڪي رهيو هو.
    ”مانگر مڇ“ هن رڙ ڪري چيو، ”توکي خبر آهي ته اسان هرڻن جو ڪٽنب توهان مانگر مڇن کان تمام گهڻو وڏو آهي؟“
    ”ڪنچل ڇا پيو بڪين،“ مانگر مڇ ڪاوڙ مان جواب ڏنو، اسانجي خاندان ۾ پنجاسي ته فقط وڏا مانگر مڇ آهن. ان کان علاوه ڪيترائي ننڍا ننڍا پڻ توهان جو سڄو ڪٽنب ڏهن هرڻ جو به ناهي.“
    ”آءٌ جيسين سڀني کي ڳڻيان نه تيسين ڪيئن اعتبار ڪريان.“ سانگ ڪنچل چيو، ”تون هيئن ڇو نٿو ڪرين جو کين قطار ۾ بيهار جيئن آئون کين ڳڻي وٺان.“
    ”ائين به صحيح آهي.“ مانگر مڇ مڃيو.
    مانگر مڇ جي سڏ تي هڪدم سندس مٽ مائٽ دوست احباب اچي گڏ ٿيا.
    ”مانگر مڇ“ سانگ ڪنچل چيو، ”جيئن ته تون سردار آهين سو پنهنجي قبيلي جي مانگر مڇن کي چئه ته درياهه جي هن ڪناري کان وٺي ٻئي تائين سڌي قطار ڪري بيهن جيئن آئون کين جلدي ڳڻي وٺان.“
    مانگر مڇن جي اڳواڻ حڪم ڏنو ۽ سڀ مانگر مڇ درياهه جي اورئين ڪپ کان پرئين تائين سڌي قطار ٺاهي بيٺا. ان بعد سانگ ڪنچل هڪ هڪ مانگر مڇ جي پٺيءَ تي ٽپ ڏيندو، ”ساتو، دوعا، تيگا، امپت.... (هڪ، ٻه، ٽي، چار...) ڳڻيندو وڃي ٻي ڀر کان نڪتو. ”ها. ها. ها!“ هن ٻي ڀرتي بيهي ٽهڪ ڏنو، ”بيوقوف مانگر مڇو، مون توهان کي چريو ٺاهيو. مون ته فقط درياهه پار ڪرڻ ٿي چاهيو.“
    ڪجهه ڏينهن بعد، سانگ ڪنچل ڏٺو ته مانگر مڇن جو اڳواڻ ڪکن پنن ۽ وڻن جي سڪل شاخن سان ندي جي ڪناري تي هڪ لڪل گهر ٺاهي رهيو آهي.
    سانگ ڪنچل سمجهي ويو ته مانگر مڇ لڪڻ لاءِ جاءِ ٺاهي رهيو آهي ته جيئن ئي هي پاڻي پيئڻ لاءِ درياهه جي ڪناري تي اچي ته مٿس حملو ڪري.
    سانگ ڪنچل ان ڪري اتان ڀڄي جهنگل ڏي هليوويو جتي هن جي چيتي سان ملاقات ٿي.
    ”چيتا“ سانگ ڪنچل چيو: ”جيڪڏهن توکي کائڻ لاءِ ٿلهو متارو مرون کپي ته منهنجي پٺيان پٺيان اچ.“
    ”ٿلهو متارو مرون!“ چيتو چپ چٽڻ لڳو. ”اهڙي مزمانيءَ جي ڳولا ۾ ته آئون ڪيترن ئي ڏينهن کان آهيان. جهٽ پٽ مون کي اوڏانهن وٺي هل.“
    سانگ ڪنچل چيتي کي گهمائيندو گهمائيندو درياهه جي ڪپ تي ان هنڌ وٺي آيو جتي مانگر مڇ گهر ٺاهي سانگ ڪنچل جي انتظار ۾ لڪل هو.
    ”شش!“ سانگ ڪنچل ڀڻڪيو، اهو ٿلهو متارومرون ان کي گهر ۾ ستل اٿئي. ان کان اڳ جو هو ننڊ مان اٿي پئي تون جهٽ پٽ کائي وڃينس.“
    ٿورو وڌيڪ اڳيان ٿي چيتي زور سان ان مٿان ٽپ ڏنو. مانگر مڇ جو ٺهيل ڪمزور گهر ڇيتون ڇيتون ٿي ويو ۽ چيني مانگر مڇ جي پٺيءَ تي اچي ڦهڪو ڪيو.
    اهو ته چئي نٿو سگهجي ته هڪ ٻئي کي ڏسڻ سان ڪنهن کي گهڻو تعجب لڳو- چيتي کي يا مانگر مڇ کي، ڪجهه سيڪنڊن لاءِ ٻئي هڪ ٻئي کي گهوريندا رهيا ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا هڪٻئي کي ٻکين پئجي ويا. ڪڏهن مانگر مڇ هيٺان ته چيتو مٿان ۽ ڪڏهن چيتو هيٺان ته مانگر مڇ مٿان.
    اهڙيءَ طرح هنن جي لڙائي آڌي رات تائين هلندي رهي تان جو ٻئي ڄڻا ڍيري ٿي ڪري پيا.
    توهان پاڻ سوچي سگهو ٿا ته ان ڳالهه تي چينين کي ڪيتري ڪاوڙ لڳي هوندي ته هو هڪ سانگ ڪنچل جهڙي ننڍي جانور جي هٿان بيوقوف بڻجي ويو. هن سانگ ڪنچل کي سيکت ڏيڻ جو پڪو پهه ڪيو.
    ٻئي ڏينهن سانگ ڪنچل هڪ وڻ هيٺان نرم ۽ مٺو گاهه ٻاڙيندي نظر آيو. ڄڻ ڪا ڳالهه ئي نه ٿي هجي. هو بيحد خوش هو ته هن چيتي کي بيوقوف بڻايو ۽ اهو سوچي هو مرڪندو رهيو.
    اوچتو هڪ وڏي گجگوڙ ٿي جنهن جي آواز تي سڄو وايو منڊل ڌڏي ويو. هيڏي وڏي رڙ کان سانگ ڪنچل به ڏڪي ويو.
    ”ها! ها! اڄ تون مون کان ڀڄي ڪيڏانهن وڃي سگهندين؟“
    پر سانگ ڪنچل هن کان گهڻو گهڻو چالاڪ هو. هن هڪدم وڏي ڇال ڏيئي چيتي جي چنبي کان پاڻ بچائي ورتو. پٺيان چيتو ڪاوڙ مان وڻن جون ٽاريون ۽ ٻوڙها ڀڃندو رهيو.
    ساهه بچائڻ جي ڊوڙ ۾ سانگ ڪنچل هڪ اونهي کڏ ۾وڃي ڪريو جنهن مٿان سڪل پن ۽ ٽاريون هجڻ ڪري کيس ڊوڙڻ مهل نظر ئي نه آئي. خوش قسمتي سان هن کي ڪا رهنڊ رانپوٽو نه رسيو. هاڻ هو چيتي کان ته پاڻ بچائي آيو پر هن کڏ مان پاڻ کي ڪيئن ٻاهر ڪڍي؟
    هن ٻاهر نڪرڻ لاءِ کڏ جي اونهي ڀت تي چڙهڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر اها ايتري لسي ۽ ڊگهي هئي جو ٻاهر نڪري نه سگهيو. آخر ٿڪجي ٽٽجي پٽ تي ويهي مٿي نيري آسمان ڏي ڏسڻ لڳو. نهاريندي نهاريندي هن کي اوچتو هڪ جهنگلي ڪتو نظر آيو جيڪو پڻ غور ۽ عجب مان هن کي مٿان ڏسڻ لڳو.
    ”هيلو!“ جهنگلي ڪتي رڙ ڪري ڪنچل کي کيڪاريو، ”تون اهو هيٺ ڪرين ڇا پيو؟“
    ”ڇا آسمان ڪرڻ جي افسوس ناڪ خبر اڃا تو نه ٻڌي آهي.“ سانگ ڪنچل ڊيڄاريندي چيس، ”سڄي جهنگل ۾ هيءَ ئي هڪ حفاظت واري جڳهه آهي.“
    جهنگلي ڪتي ڊپ وچان آسمان ڏي ڏٺو. پوءِ هن سانگ ڪنچل کي التجا ڪئي. ”مهرباني ڪري مون کي به پاڻ وٽ لڪاءِ، جيئن آئون به ان آفت کان بچي سگهان.
    ”چڱو،“ سانگ ڪنچل وراڻيو، ”جيئن ته تون هڪڙو ڄڻو آهين سو تو اڪيلي لاءِ آئون ايتري جاءِ ٺاهي سگهان ٿو. هليو اچ يار.“
    جهنگلي ڪتي مٿان ٽپ ڏنو ۽ هيٺ کڏ ۾ ماٺ ڪري آسمان ڪرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
    ڪجهه دير کانپوءِ هن سانگ ڪنچل کي آهستي چيو، ”ڪيڏي دير ٿي وئي آهي پر آسمان تي اڃا ڪرڻ جو نالو به نٿو وٺي.“
    ”ها واقعي. آسمان ڏاڍي دير ڪئي آهي.“ ڪنچل وراڻيو، ”آئون ڀلا مٿي وڃي معلوم ڪري ٿو اچان ته ڪهڙي ڳالهه ٿي آهي. اچ. مونکي ڍڍٻلي ڏي ته مٿي چڙهان.“
    جهنگلي ڪتي سانگ ڪنچل کي پنهنجن ڪلهن تي کنيو. جتان هو ٽپ ڏيئي کڏ کان ٻاهر نڪري آيو ۽ پوءِ پنهنجي راهه وٺي روانو ٿي ويو. پويان هن غريب جهنگلي ڪتي جو ذرو به نه سوچيائين.
    جهنگلي ڪتو انتظار ٿي ڪندو رهيو. پوءِ سمجهي ويو ته سانگ ڪنچل هن سان هڪ ذليل چرچو ڪيو آهي ۽ پوءِ مدد لاءِ ڪا دير ڀؤنڪندو رهيو. خوش قسمتيءَ سان هن جو هڪ ڀاءُ اتان لنگهي رهيو هو جنهن پنهنجي جهنگلي ڪتي ڀاءُ جي ڀؤنڪار سڃاڻي کيس ان کڏ مان ٻاهرڪڍي ورتو.
    هڪ شام جو سانگ ڪنچل ٻيلي ۾ هيڏانهن هوڏانهن گهمي رهيو هو. اوچتو هن جي ڪنن تي وڻ جي ٽارين ٽٽڻ جوآواز پيو. هن هڪدم پٺيان مڙي ڏٺو. ڪو گهڻو پري به نه، اهو ساڳيو چيتو صاحب سندس پٺيان اچي رهيو هو.
    سانگ ڪنچل وٺي زور سان ڊوڙ پاتي، پر چيتو به سندس پٺيان لڳو آيو.
    ڪجهه گهڙين کانپوءِ، سانگ ڪنچل ٿڪجي ساڻو ٿي پيو. ”مون کي هن چيتي مان جان بچائڻ جو سوچڻ کپي.“ هن دل ئي دل ۾چيو.
    ايتري ۾ هن جي نظر سامهون واري وڻ تي هڪ ڏينڀن جي ماناري تي پيئي. ماناري کي ڏسي سانگ ڪنچل کي چيتي کي بيوقوف ٺاهڻ جي اٽڪل دماغ ۾ آئي.
    هن هڪدم ڊوڙڻ بند ڪري، ان وڻ هيٺان ويهي رهيو. ايتري ۾ چيتو صاحب به اتي اچي پهتو.
    ”هيلو، سانگ ڪنچل!“ چيئي چيو، ”تون هتي ويهي ڇو رهيو آهين؟“
    ”هتي منهنجي ڊيوٽي لڳل آهي. آئون راجا سليمان جي فوج جي سار سنڀال لهي رهيو آهيان.“ ڪنچل ڏينڀن جي ماناري ڏي اشارو ڪندي وراڻيو، ”هن ماناري کي ڌڪ هڻڻ جي ڪنهن کي به اجازت ناهي.“
    ”هل ڙي هل،“ چيتي رڙ ڪندي چيو، ”وڏو آيو آهي مونکي منع ڪرڻ وارو.آئون ٿو ان کي ڌڪ هڻان، ڏسان ته تون مون کي ڇا ٿو ڪرين.“
    ”سائين چيتا! مهرباني ڪري متان انهن جو نالو ورتو اٿئي.“ سانگ ڪنچل مڪاريءَ سان کيس عرض ڪيو.“ جيڪڏهن تون ائين ڪندين ته راجا سليمان مون کي مارائي ڇڏيندو.“
    ”راجا سليمان کي پڇي ڪير ٿو.“ چيتي چيو، ”آئون اهو ڪندس جيڪو مون کي وڻندو.“
    ”ترس، ترس. مسٽر چيتا،“ سانگ ڪنچل عرض ڪيو ”مهرباني ڪري ٿورو ڀلا ترس جيئن آئون پري ٿي بيهان. ڇو ته راجا سليمان جي ڪاوڙ کان مون کي ڊپ ٿولڳي.“
    مسٽر چيتي انتظار ڪيو جيستائين سانگ ڪنچل ڪجهه پري ٿي ويو. پوءِ هن ڏينڀن جي ماناري کي زور سان پنهنجو چنبو هنيو.
    چنبو لڳڻ سان ڏيڀن جو مانار ڀور ڀور ٿي ويو ۽ منجهانئس سوين ڏمريل ڏينڀو نڪري آيا. سڀني گڏجي ڏنگن سان چيتي تي ايڏو حملو ڪيو جو هو رڙيون ڪري جهنگل ڏي ڀڄي ويو.
    بعد ۾ چيتي صاحب محسوس ڪري ورتو ته سانگ ڪنچل هن کي هڪ دفعو وري بيوقوف بڻايو آهي ۽ ٻئي دفعي سانگ ڪنچل سان ملاقات ٿيڻ تي کيس ان ڏوهه جي چوکي سزا ڏيڻ جو سوچيو.


    مينهن ۽ ڍڳيءَ جي ڳالهه

    ملائيشيا جي هڪ ڳوٺ باتو پهات ۾، هڪ گرم اونهاري جي ٽپهريءَ جو هڪ مينهن جي هڪ ڍڳيءَ سان ملاقات ٿي.
    ”هيلو ڍڳي“، مينهن چيو، ”اڄ جو ڏينهن ڪيترو ته گرم آهي. هل ته ڪٿي پاڻيءَ منجهه سنان ڪري اچون.“
    ”صلاح ته واهه جي آهي،“ ڍڳيءَ وراڻيو.
    سو مينهن ۽ ڍڳي آهستي آهستي هلنديون پاڻيءَ جي هڪ تالاب وٽ پهتيون.
    هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ان پراڻي زماني ۾ مڙيئي جانورن پنهنجي بدن جو کلون ائين لاهي سگهندا هئا جيئن اسان ڪپڙا لاهيون ٿا.
    مينهن ۽ ڍڳيءَ پنهنجي پنهنجي کل لاٿي ۽ ان تالاب جي ڪپ تي رکي پاڻيءَ منجهه گهڙيون.
    هو ڪا دير پاڻي ۾ وهجنديون ۽ راند کيڏنديون رهيون ۽ پاڻي جا ڇنڊا هڪ ٻئي کي هڻنديون رهيون پوءِٰ اوچتوئي اوچتو وڏ ڦڙو مينهن اچي وسيو.
    مينهن ۽ ڍڳي کي اچي ڊپ لڳو ته سندن کلون مينهن ۾ نه پسي وڃن. سو هو تڪڙ ۾ تالاب مان نڪري پنهنجين کلن ڏي ڊوڙڻ لڳيون.
    جلدي جلدي ۾ ڍڳي مينهن جي کل پاڻ تي چاڙهي ويئي ۽ مينهن ڍڳي جي کل.
    توهان کي اها ته خبر آهي ته مينهن ڍڳي کان تمام وڏي ۽ ڳري ٿئي ٿي. سو مينهن جي کل جڏهن ڍڳي چاڙهي ته اها کل هن تي بلڪل ڍري ڍري لڙڪڻ لڳي ۽ هوڏانهن ڍڳيءَ جي کل مينهن تي سوڙهي هجڻ ڪري ڇڪجي بيٺي.
    اهوئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين، مينهن جي جسم تي ڇڪيل کل آهي ۽ ڍڳيءَ جي جسم تي چڙهيل کل بلڪل ڍري ڍري آهي.


    کيکڙو ۽ ڍڳي

    هڪ ٻپهريءَ جو هڪ کيکڙو ڪنهن باغائي جي ڀاڄين واري کيت ۾ پهتو ۽ پنهنجن تکن پيرن سان هڪ ننڍڙي گوبي ڪپي پنهنجي ٻرڙ ڏي کڻي هلڻ لڳو.
    رستي تي باغائيءَ جي ڍڳيءَ هن کي ڏسي ورتو. هن کيکڙي کي دڙڪا ڏيندي چيو: ”منهنجي مالڪ جي باغ مان گوبي چورائڻ جي توکي همت ڪيئن ٿي؟ جتان کنئي اٿئي اتي يڪدم هلي واپس ڪر.“
    کيکڙو اهڙو گيگ ماريو ڄڻ هن ڪجهه ٻڌو ئي نه هجي ۽ ڊوڙ پائي پنهنجي گهر واري ٻرڙ ۾ ڀڄي ويو. سست ڍڳي سندس پويان ڊوڙي نه سگهي.
    کيکڙي کي ڍڳيءَ جي دڙڪن تي ڏاڍي چڙ لڳي. ”گوبيون ۽ ٻي ڀاڄي ڪا ڍڳيءَ جي ذاتي ملڪيت ته ناهي.“ کيکڙي سوچيو، ”پوءِ مون کي دڙڪا ڏيڻ جو هن کي ڪهڙو حق رسي ٿو؟“
    کيکڙي ان جو ڍڳي کان بدلو وٺڻ جو پڪو پهه ڪيو. سو ٻئي ڏينهن هو باغائيءَ سان ملڻ ويو.
    ”باغائي،“ کيکڙي چيو، ”توکي ڪا خبر آهي ته تنهنجي لالچي ڍڳي تنهنجيون پوکيل گوبيون کائيندي وتي.“
    ”اهو ٻڌائڻ جي مهرباني،“ باغائي وراڻيو، ”ترس ته هن کي هينئر ئي سزا ڏيان ٿو.“
    ان کانپوءِ باغائيءَ هڪ ڊگهو لڪڻ کڻي اچي ڍڳيءَ کي ماريو. ڍڳي سمجهي ويئي ته اهو سڄو ڪم کيکڙي جو آهي. هن کي کيکڙي تي سخت ڪاوڙ آئي. کيکڙي کي سزا ڏيڻ لاءِ هوءَ روزانو نديءَ جي ڪناري تي کيکڙي جي انتظار ۾ اچي بيهندي هئي.
    هڪ ڏينهن ڍڳي ڏٺو ته درياهه جي اروئين ڀر کيکڙو ننڊ ۾ کونگهرا هڻي رهيو آهي. هوءَ آهستي آهستي ٿي هن ڏي وڌي ۽ پنهنجي پير جو کر سندس مٿان اهڙوزور سان رکيوجو کيکڙي کان رڙ نڪري ويئي.
    ”مري ويس“ کيکڙي دانهن ڪئي ۽ پوءِ در4ياهه ۾ کڻي ٽپ ڏنو. پر ڍڳي پنهنجو کر ايڏو زور سان رکيو هو جوکيکڙي جي پٺ تي هميشه لاءِ کر جو نشان ٿي پيو. اڄ به کيکڙي جي پٺ تي توهان کي اهو نشان نظر ايندو.


    شينهن ۽ چٽڪمري هرڻي

    ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته ڪنهن جهنگل ۾هڪ هرڻي رهندي هئي جنهن جي ناسي ڀوري کل تي اڇي رنگ جا چٽ هئا.
    هڪ ڏينهن اها هرڻي هڪ چشمي جي ڪناري وٽ مٺو ۽ رس وارو گاهه چري رهي هئي ته اوچتو مٿان اچي هڪ شينهن ڪڙڪيس. هن پهرين ته هڪ وڏي گجگوڙ ڪئي ۽ پوءِ هرڻي کان پڇيو: ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
    ”منهنجو نالو چٽڪمري هرڻي آهي.“ هن وراڻيو.
    چٽڪمري هرڻي!“ شينهن رڙ ڪري چيو، ”مرڻ لاءِ تيار ٿي وڃ. آئون توکي کائي چٽ ڪري ڇڏيندس..“
    چٽڪمري هرڻي سمجهي ويئي ته ظالم شينهن کان هاڻ جان بچائي ڀڄي نڪرڻ محال آهي. جهٽ پٽ سندس دماغ ۾ هڪ چالاڪي آئي.
    ”ها. ها. ها.“ هن زور زور سان وٺي ٽهڪ ڏنو، ”تون کائيندين؟ مون کي؟ اها ڪا خبر اٿئي ته منهنجي جسم جي ناسي ڀوري ڪوٽ تي اڇا چٽ ڇو آهن؟“
    ”مون کي خبر ناهي ۽ نه ان خبر معلوم ڪرڻ جي ڪا پرواهه اٿم بيوقوف چٽڪمري هرڻي.“ شينهن وراڻيو.
    ”ته پوءِ بهتر ٿيندو ته ان بابت پهرين چڱي طرح منهنجي ڳالهه ٻڌ.“ چٽڪمري هرڻيءَ چيو: ”جڏهن به آئون ڪو شينهن ماريندي آهيان ته پنهنجي جسم تي هڪ اڇو چٽ ٺاهي ڇڏيندي آهيان. ڏس، هن وقت مون تي نوانوي چٽ آهن.يعني نوانوي شينهن ماري چڪي آهيان. واهه! هاڻ جڏهن توکي ماريندس ته هڪ ٻيو چٽ به ٺاهينديس. اهڙي طرح مون تي پورا هڪ سؤ چٽ ٿي ويندا.“
    شينهن کي ڊپ کان اچي ڏڪڻيءَ ورايو ۽ پڇ ورائي وٺي جهنگ ڏي ڀڳو.


    ٿلهي پڇ وارو لومڙ

    ڪنهن زماني ۾ هڪ سهڻي ماٿري ۾ جتي تمام گهڻو مٺو ۽ رس وارو گاهه هو. هڪ هرڻي رهندي هئي.
    ان ساڳي ماٿريءَ ۾ هڪ ڪڪڙ ۽ سهو پڻ رهندو هو. ٻئي ڄڻا هڪ ٿلهي وڻ جي ٿڙ ۾ ٺهيل اونهي ٻرڙ ۾ رهندا هئا.
    هرڻي، سهو ۽ ڪڪڙ ٽئي ڄڻا هڪ ٻئي سان هر وقت ملندا رهندا هئا ۽ سڄي ماٿري ۾هي تمام سٺا دوست ليکيا ويندا هئا. هو نه فقط هڪ ٻئي جي مدد ڪندا هئا پر ٽئي ڄڻا گڏجي ماٿري ۾ رهندڙ ٻين جانورن ۽ پکين جي پڻ مدد ڪندا هئا. اهڙي طرح ٽئي ڄڻا تمام گهڻو خوش پاش گذاريندا هئا.
    پوءِ هڪ ڏينهن هڪ لومڙ ڪنهن ٻئي هنڌان اچي ان ماٿري ۾ پنهنجو گهر ٺاهيو. ان بعد هرڻي، سهي ۽ لومڙ ٽنهي جي آزادي ۽ سڪون ناس ٿي ويو.
    لومڙ بيحد لچو ۽ لالچي هو. هو روزانو ڪڪڙ ۽ سهي جي ٻرڙ جي ٻاهران اچي بيهندو هو. جيئن هنن مان ڪو نڪري ته کين جهلي کائي وڃي. خوش قسمتي سان هنن جو ٽيون ساٿي، يعني هرڻي هميشه سندن اوسي پاسي ۾ هوندي هئي ۽ کين خبردار ڪري وٺندي هئي ته متان نڪتا آهيون. لومڙ توهان کي کائڻ جي انتظار ۾ بيٺو آهي.
    انهيءَ ڪري لومڙ هرڻي تي پڻ سخت ڪاوڙيل هو. پر هو هرڻي کي ڪجهه ڪري نٿي سگهيو جو هرڻي ڊوڙ ۾ کانئس تمام گهڻي تکي هئي.
    هڪ ڏينهن لومڙ شڪار خاطر ڪيڏانهن پري جهنگل ڏي روانو ٿي ويو. سندس غير حاضريءَ جو فائدو وٺي ڪڪڙ، هرڻي ۽ سهي ٽنهي گڏجي ويهي ڪنهن اهڙي رٿ جو سوچيو جنهن ذريعي لومڙ کان بچي سگهجي.
    ”اسان کي ڪنهن به طرح هن ظالم لومڙ کي هتان هن ماٿريءَ مان ڀڄائڻ کپي. ”هرڻيءَ چيو،“ هن اسان سڀني جو جيئڻ جنجال ڪري رکيو آهي.“
    ”هائو،“ سهي چيو، ”پر اسان اهو ڪيئن ڪري سگهون ٿا.“
    ”توهان ڪڏهن ان تي غور ڪيو آهي ته هو پنهنجي ٿلهي ٻُر وارو پڇ ڪيئن ٽيڙيءَ مان ڏيکاريندو رهي ٿو.“ ڪڪڙ چيو، جيڪڏهن اسان هنجو اهو پڇ ڪٽي ڇڏيون ته پوءِ هو شرم کان منهن به ڏيکاري نه سگهندو ۽ هتان ڀڄي ويندو.“
    ”اهو چوڻ سولو آهي پر ڪرڻ ڏکيو.“ سهي چيو، ”پاڻ ۾ ڪير ايترو همت وارو آهي جيڪو هن جو اهو پڇ ڪٽي ڏيکاري.“
    ڪجهه منٽن لاءِ ٽئي ڄڻا اونهي سوچ ۾ پئجي ويا. پوءِ هرڻيءَ چيو: ”هڪ اٽڪل منهنجي ڌيان ۾ آئي آهي.“
    پوءِ هن اها رٿ ڪڪڙ ۽ سهي سان ڪئي جن ٻڌي ان کي بيحد ساراهيو.
    ”ٻئي ڏينهن صبح جو ساجهر، لومڙ جي اٿڻ کان اڳ هي ٽئي ڄڻا هرڻي، ڪڪڙ ۽ سهو هڪ باغ ڏي روانا ٿي ويا جيڪو سندن گهر کان ڪو گهڻوپري نه هو.
    اتي هنن کي ڪاٺ جي تختن مان ٺهيل هڪ ننڍڙو ڪڪڙين جو گهر نظر آيو. سٽاءُ موجب ڪڪڙ ان ۾ اندر گهڙي ويئي ۽ سهو هڪ تکي ڪهاڙي کڻي ڀرواري وڻ جي پٺيان لڪي بيٺو. پوءِ انهن کي اتي ڇڏي هرڻيءَ واپس لومڙ ڏي رُخ رکيو.
    ماٿريءَ ۾ پهچي هرڻي ڏٺو ته هميشه وانگر لومڙ ڪڪڙ ۽ سهي جي گهر ٻاهران سندن نڪرڻ جو انتظار ڪري رهيو هو.
    ”لومڙ ادا“ هرڻي کيس نئڙت سان چيو، ”ڇو منهنجي ساهيڙي ڪڪڙ کي کائڻ پٺيان اچي پيو آهين؟ هو ته پوڙهي ۽ ڪمزور ڪڪڙ آهي جنهن مان توکي رڳو هڏيون ئي هڏيون نصيب ٿينديون. جيڪڏهن تون مون سان واعدو ڪرين ته هن جو آئيندي نالو نه وٺندين مان توکي هڪ ٿلهي متاري ڪڪڙ جو ڏس ڏيان.“
    ”چڱو آئون واعدو ٿو ڪريان،“ لومڙ پنهنجي زبان چپن تي گهمائيندي چيو، ”پر مونکي جهٽ پٽ ان ٿلهي متاري ڪڪڙ جو ڏس ٻڌاءِ. جيڪڏهن ڪا چالبازي ڪندينءَ ته تنهنجي جسم جي به هڪ هڪ هڏي ڀڃي رکندس.“
    هرڻي لومڙ کي پاڻ سان وٺي ان باغ ڏي هلڻ لڳي جتي هوءَ ڪڪڙ ۽ سهي کي بيهاري آئي هئي. جڏهن هو ڪڪڙين جي گهر وٽ پهتا ته هرڻيءَ اشارو ڪري لومڙ کي چيو:
    لالچي لومڙ ڪڪڙين جي گهر جي سوڙهي منهن ۾ پنهنجو ٻوٿ وڏو ۽ پوِءِ سوڙهو سنگهورو ٿي پاڻ کي اندر ڌڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو جيئن ڪڪڙ تائين پهچي هن کي جهلي سگهي.
    ان ئي مهل سهو پنهنجي لڪڻ واري جاءِ کان ٻاهر نڪري آيو ۽ ڪهاڙي جي هڪ ئي ڌڪ سان لومڙ جو ٿلهو پُڇ ڪپي ڇڏيو.
    سور کان لومڙ جون وايون بتال ٿي ويون ۽ گهوڙا پٽ ڪري ٻاهر نڪري آيو. ڏسي کڻي ته سندس پڇ پٽ تي پيو آهي. اهو ڏسي ڊپ ۽ شرم کان کڻي ٻيلي ڏي رُخ رکيو.
    ان ڏينهن کانپوءِ لومڙ وري ڪڏهن نظر نه آيو ۽ ان ماٿري ۾ سڀ جانور هڪ دفعو وري سڪون ۽ سانت جي زندگي بسر ڪرڻ لڳا.


    ڪانگ ۽ جهرڪيءَ جو مقابلو

    هڪ ڏينهن، ڪانگ جهرڪيءَ کان پڇيو:”مون سان ڊوڙ پُڄائيندين؟“
    ”چڱو.“ جهرڪيءَ جواب ڏنو.
    ”سڀاڻي سج اڀرڻ مهل هن نديءَ جي ڪناري تي پاڻ ڊوڙ پڄائينداسين.“ ڪانگ چيو، ”ياد ڪري پوري وقت تي پهچي وڃجانءِ.“
    ٻئي ڏينهن پوري وقت تي ڪانگ ۽ جهرڪي درياهه جي ڪپ تي پهچي ويا. جهنگ جا ٻيا به ڪيترائي پکي هي مقابلو ڏسڻ لاءِ اتي اچي گڏ ٿيا.
    ڪانگ درياهه جي اورئين ڪپ تي ٻه اڇي رنگ جا گول ننڍڙا ڀتر رکيا ۽ پوءِ ڪاٺڪٺي کي چيو: ”تون اڏامي هن پار هلي بيهه. پوءِ ڪانگ جهرڪيءَ کي چيو: هنن ٻن ڀترن مان پاڻ هڪ هڪ ڀتر کڻي درياهه جي هن ڪپ ڏي اڏامنداسين ۽ پوءِ جيڪو پهرين پنهنجو ڀتر ڪاٺڪٺي جي حوالي ڪندو ان ڄڻ مقابلو کٽيو.“
    مقابلو شروع ٿيو. ڪانگ ۽ جهرڪي هڪ هڪ ڀتر پنهنجي چهنب ۾ کڻي درياهه مٿان اڏامڻ شروع ڪيو.
    ڪانگ جهرڪيءَ کان تمام گهڻو تکو اڏامي سگهي ٿو. ان ڪري جو هو وڏو ۽ سگهارو پکي آهي. ڪانگ جڏهن درياهه جي سير وٽ پهتو هن ڪنڌ ورائي پٺيان ايندڙ جهرڪيءَ کي ڏٺو. جهرڪي ويچاري اڃا تمام گهڻو پٺيان هئي.
    ڪانگ سوچيو: ”جهرڪيءَ کي تکو ٿيڻ لاءِ چوان.“ پر ڳالهائڻ لاءِ جيئن ئي هن پنهنجي چهنب کولي ته سندس بتر چهنب مان نڪري درياهه ۾ وڃي ڦهڪو ڪيو.
    اهو ڏسي هو وري ڪناري ڏي واپس موٽيو ۽ ٻيو ڀتر ڳولي اڏامڻ شروع ڪيو. پر هو اڃا اڌ تي مس هو ته جهرڪي اچي ڪاٺ ڪٺي وٽان نڪتي.
    جهرڪيءَ پنهنجو ڀتر يڪدم ڪاٺ ڪٺي حوالي ڪيو. جنهن جهرڪي جي جيت جو اعلان ڪيو. سڀني پکين پنهنجن پرن سان تاڙيون وڄائي خوشي جو اظهار ڪيو. هوڏانهن هو ٽيڙيءَ خور ڪانگ شرمندو ٿي ڀڄي ويو.


    ڏيڏر ۽ ڪوئو

    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ ڪوئي درياهه جي ٻي ڀر وڃڻ چاهيو ٿي جتي ان پچي راس ٿيو هو.
    جيئن ته هن کي ترڻ نٿي آيو ان ڪري هو پنهنجي دوست ڏيڏر وٽ مدد لاءِ آيو.
    ”ڏيڏر يار!“ ڪوئي چيو، ”مهرباني ڪري تون مون کي درياهه جي هن پار وٺي هل؟“
    ”ضرور“ ڏيڏر جواب ڏنو، ”ٽپ ڏيئي منهنجي پٺيءَ تي اچي ويهه ته توکي هن پار کڻي هلان.“
    ”پر ڏيڏر ڀائو!“ ڪوئي چيو، ”جيڪڏهن رستي تي آئون ڪري پيس ته آئون ته ٻڏي ويندس.“
    ”ان صورت ۾، اچو ته هڪ رسي ڳوليون،“ ڏيڏر چيو، ”ان جو هڪ پاسو آئون پنهنجي پيٽ کي ٿو ٻڌان ۽ ٻيو پاسو تون پنهنجو پاڻ کي ٻڌجانءِ. جيڪڏهن تون ڪري به پئين ته توکي ٻي ڀر تائين ڇڪي وٺندس.“
    ڪوئو هن رٿ مان بيحد خوش ٿيو ۽ ڏيڏر رسي ڳولڻ لاءِ روانو ٿي ويو.
    ڪجهه دير کانپوءِ ڏيڏر رسي کڻي آيو. هن هڪ ڪنڊ ڪوئي جي چوڌاري ٻڌي ۽ ٻي ڪنڊ پنهنجو پاڻ جي.
    ”ڪوئا! ڊپ ڊاءُ بنهه نه ڪجانءِ،“ ڏيڏر چيو، ٽپ ڏيئي منهنجي پٺيءَ تي اچي ويهه ۽ آئون توکي هن پار وٺي هلندس.
    ڪوئي ائين ئي ڪيو جيئن هن کي چيو ويو. پوءِ ڏيڏر آهستي آهستي ڪري ٻي ڀر ڏي ترڻ شروع ڪيو.


    پوڙهي ڪڇونءَ جي سياڻپ

    ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته هڪ ئي هنڌ هڪ لومڙ ۽ هڪ پوڙهو ڪڇون رهندو هو. هنن ٻنهي ڄڻن جي پاڻ ۾ سخت دشمني هئي.
    لومڙ هر وقت پوڙهي ڪڇونءَ کي مارڻ پٺيان هوندو هو. پر هو ان ۾ ڪامياب هرگز نه ٿيندو هو خطري مهل ڪڇون پنهنجي ٿلهي کوپي هيٺان لڪي ويندو هو.
    ڪجهه عرصي کانپوءِ لومڙ سمجهي ويو ته ڪڇونءَ کي اڪيلي سر مارڻ هن جي وس جي ڳالهه ناهي. سو هن پنهنجي دوستن عقاب ۽ ڪاٺ ڪٺي کان، ان ڪم لاءِ مدد گهري. جن هائوڪار ڪئي.
    پوءِ ٽئي ڄڻا ڪڇونءَ کي ڳولڻ لاءِ روانا ٿيا. هنن ڏٺو ته هو ان وقت هڪ وڻ جي هيٺان خوشي وچان جهونگاري رهيو هو.
    لومڙ هڪ خوفناڪ ٽهڪ ڏيندي پوڙهي ڪڇونءَ کي چيو؛ ”سو تون سمجهين ٿو ته پاڻ کي کوپي ۾ لڪائي اسان کان بچي ويندين؟ پر اڄ توکي پورو ڪرڻ لاءِ مون پنهنجو دوست ڪاٺ ڪٺو آندو آهي. هو تنهنجي کوپي منجهه آرپار سوراخ ڪري تنهنجو خاتمو آڻي ڇڏيندو.“
    پوڙهو ڪڇون ڏاڍو ڊنو. هن کي ڄاڻ هئي ته ڪاٺ ڪٺي جي چهنب اهڙي تکي ٿئي ٿي جو سندس پٿرائين کوپي ۾ به آرپار ٽنگ ڪري وجهندي.
    پر هن منهن لاهڻ بدران دل وڏي ڪري، وڏي دليري سان وراڻيو:”ها. ها. ها. اچ اچ بيوقوف ڪاٺ ڪٺا اچ. اچي پنهنجو شوق پورو ڪر. توکي شايد اها خبر ناهي ته منهنجو کوپو رُڪ کان به وڌيڪ سخت آهي. ٺونگا هڻڻ سان پنهنجي ئي چهنب چٻي ڪري رکندين.“
    ڪاٺڪٺي جڏهن اهو ٻڌو ته ڊپ کان ڏڪي ويو.“
    ”جيڪڏهن منهنجي چهنب چٻي ٿي پيئي،“ ڪاٺڪٺي سوچيو، ”ته کاڌو ڪيئن کائي سگهندس. پوءِ ته آئون بک ۾ ئي پاهه ٿي مري ويندس.“
    هن لومڙ جي ڪن ۾ ڪجهه سرٻاٽ ڪيو. ”ڪڇونءَ جي کوپي ۾ ٽنگ ڪرڻ مون کان نه پڄندو. اچو ته ڪا ٻي رٿ سوچيون.“
    لومڙ عقاب ۽ ڪاٺڪٺي پاڻ ۾ منهن ملائي نئين اٽڪل سوچي.
    ”پوڙها ڪڇون!“ لومڙ چيو، ”پنهنجي مون لاءِ هڪ دفعو وري تيار ٿي وڃ. اسان ڪاٺيون ڪري باهه جو هڪ وڏو مچ ٿا ٻاريون. پوءِ ان مچ ۾ توکي اڇلائينداسين.“
    پوءِ هي ڪڇونءَ جڏهن اهو ٻڌو ته ڊپ کان هن جو ذري گهٽ ساهه سڪي ويو. جيئري باهه ۾ پچڻ کان وڌيڪ دنيا ۾ ڀلا ٻي ڪهڙي خطرناڪ شيءِ ٿي سگهي ٿي. پر ان هوندي به هو دل وڏي ڪري زور زور سان کلڻ لڳو. ”ها. ها. ها. ڇا توهان سمجهو ٿا ته باهه کان آئون ڊڄان ٿو؟ توهان کي شايد خبر ناهي ته پنهنجي کوپي کي سخت ڪرڻ لاءِ آئون هر هفتي باهه جو سنان وٺندو آهيان.“
    لومڙ عقاب ۽ ڪاٺڪٺي سمجهيو ته ڪڇون سچ پيو چوي. هڪ دفعو وري هنن منهن منهن ۾ وجهي هڪ تمام بهتر رٿ جو سوچيو.
    ”پوڙها ڪڇون!“ لومڙ خطرناڪ مرڪ منهن تي آڻي چيو، ”جيئن ته باهه ته توکي ماري نٿي سگهي ان ڪري هاڻ توکي عقاب کڻي درياهه ۾ وڃي ڦٽو ڪندو جيئن ان ۾ تون ٻڏي مري وڃين.“
    ”او منهنجا سائين لومڙ،“ سياڻي پوڙهي ڪڇونءَ منٿ ڪندي چيو، ”مهرباني ڪري اهو ڪم نه ڪجان. درياهه ۾ اڇلائيندي ته آئون پٿر وانگر وڃي تري کان نڪرندس ۽ ٻڏي مرندس. مهرباني ڪري منهنجي جان بخش. آئون سڄي عمر تنهنجو ٿورائتو رهندس.“
    ”ها. ها. ها. هاڻ ڪر خبر. پنهنجي کوپيءَ تي وڏو مان هئي ته هو توکي هر خطري کان بچائي ٿو. هاڻ ڇا ڪندين؟“ لومڙ کلڻ لڳو. ”عقاب! هن پوڙهي بيوقوف ڪڇونءَ کي هڪدم کڻ ۽ سامهون درياهه ۾ وڃي ڦٽو ڪرينس.“
    عقاب پنهنجن چنبن ۾ ڪڇون کي کڻي مٿي اڏاڻو. پٺيان پٺيان ڪاٺڪٺو به اڏاڻو. لومڙ زمين تي ئي ڊوڙ پاتي ۽ اچي درياهه جي ڪپ تي بيٺو.
    عقاب ڪڇون کي درياهه مٿان آڻي هيٺ پاڻيءَ ۾ اڇلايو. پاڻي ۾ ڪرڻ سان درياهه مان ڇنڊا نڪتا ۽ ڪڇون سڌو پاڻيءَ منجهه اندر هليوويو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي غائب ٿي ويو.
    ڪاٺڪٺي ۽ لومڙ درياهه جي ڪپ تي بيهي ٻڌا ٻڌا ٽهڪ ڏنا ته پوڙهو ڪڇون هميشه لاءِ مري ويو. عقاب جيڪو اڃا آسمان ۾ ڦيريون پائي رهيو هو تنهن پنهنجا پر هڪ ٻئي کي هڻي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.
    ۽ پوءِ هي سڀ موٽڻ وارا هئا ته لومڙ جي اوچتو ڪڇونءَ تي نظر وڃي پيئي. ڇا ڏسي ته پوڙهو ڪڇون خوشيءَ مان هنن ڏي ترندو اچي.
    ”ها. ها. ها.“ پوڙهي ڪڇون ٽهڪ ڏنو. ”بيوقوفو! ڇا توهان کي اها به خبر ناهي ته آئون تارو آهيان ۽ منهنجو گهر درياهه منجهه آهي. مهرباني ڪري پنهنجي دوست عقاب کي چئجو ته مون کي گهر پهچائڻ لاءِ وڏي مهرباني.


    کيکڙو ۽ شهزادو

    هڪ پوڙهي هاري ۽ سندس زال کي نديءَ جي ڀر تي پوک لاءِ هڪ ٻنيءَ ڀور هو.
    هڪ ڏينهن پوڙهي هاريءَ ڏٺو ته سندس ٻنيءَ ۾ڪو اچي ڪانا ڀڃي پڪل سنگ کايو وڃي. سو هن کي ڦاسائڻ لاءِ هن ڪوڙڪو رکيو جنهن ۾ هڪ ٿلهو متارو کيکڙو ڦاسي پيو.
    هو کيکڙي کي کڻي گهر آيو ۽ پنهنجي زال کي رات جي مانيءَ تي رڌي کائڻ لاءِ ڏنو.
    کيکڙو جان جي سلامتي لاءِ منٿون ڪرڻ لڳو.
    ”پوڙها هاري“ کيکڙي عرض ڪيو، ”هن دفعي جان بخش مون کي هتي ئي رهڻ ڏي. آئيندي چوريءَ تنهنجو اُن کائڻ بدران تنهنجي پاڻ مدد ڪندس.“
    ”هڪ کيکڙو ٿي ڪري منهنجي ڪهڙي مدد ڪري سگهين ٿو،“ هاريءَ چيو، ”تون ته منهنجو قيمتي اناج رڳو کائي سگهين ٿو.“
    ”مهرباني ڪري هن کي هن دفعي معاف ڪر،“ هاري جي زال کيکڙي جو پاسو کڻندي چيو، ”هن کي ڀلي هتي رهڻ ڏي. مون اڪيليءَ لاءِ پڻ هن جو ساٿ ٿي پوندو.
    پوڙهي هاري نيٺ کيکڙي کي ان چورائي کائڻ جي سزا ڏيڻ بدران معاف ڪري پنهنجي غريباڻي جهوپڙي ۾ رهڻ ڏنو.
    ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد ڀر واري علائقي ۾ سارين جو فصل پچي راس ٿيو. جنهن جي لاباري لاءِ ان علائقي جي بادشاهه هر گهر مان هڪ ماڻهوءَ جي گهر ڪئي.
    ”پنهنجي گهر ۾ ته فقط پاڻئي ٻه پوڙها رهون ٿا.“ هاري پنهنجيءَ زال کي چيو، ”پاڻ ڪنهن کي موڪليون.“
    ”مهرباني ڪري مونکي وڃڻ ڏيو، کيکڙي چيو، ”لاباري جي ڪم ۾ بادشاهه جي آئون وڏي مدد ڪري سگهان ٿو.
    ”تون ڪيئن ان لڻي سگهندين؟“ پوڙهي هاريءَ کيکڙي کان پڇيو، ”تون ته ان کي کائي چٽ ڪري سگهين ٿو.“
    ”جيئن ته پاڻ وٽ گهر ۾ ٻيو ته ڪو ڀاتي ناهي.“ هاريءَ جي زال چيو، پاڻ هن کي ئي کڻي موڪليون.
    پوڙهي هاريءَ کي جيتوڻيڪ ڳالهه وڻي ته ڪانه پر نيٺ ان تي ئي راضي ٿيو.
    ٻئي ڏينهن کيکڙو بادشاهه سلامت جي ٻنيءَ تي پهتو ۽ جنهن وقت هن ڏٺو ته اوسي پاسي ۾ ڪو هن ڏي ڏسي نه رهيو آهي. کوپي مان ٻاهرنڪري آيو ۽ کيکڙي مان هڪ خوبصورت شهزادو ٿي ويو.
    هن سڀني کان گهڻو فصل لڻيو ۽ جڏهن ڪم ختم ٿيو ته پنهنجو پاڻ کي هڪ دفعو وري کيکڙي جي شڪل ۾ آڻي کوپي اندر هليو ويو.
    روزانو منجهند جو بادشاهه سلامت جي ڌيءَ ٻنيءَ ۾ڪم ڪندڙ پورهيتن لاءِ ماني کڻي ايندي هئي. ٻين کي ڏيڻ بعد ڪجهه کيکڙي لاءِ به بچائي پنهنجن هٿن سان هن کي کارائيندي هئي. ائين ڪرڻ سان آهستي آهستي کيکڙي سان پيار ٻجهي ويو.
    آخرڪار هڪ ڏينهن فصل جو لابارو پورو ٿيو ۽ آخري ڏينهن تي هڪ وڏي جشن ۾ دستور موجب بادشاهه سلامت پنهنجي ڌيءَ کي مڙس چونڊڻ لاءِ چيو.
    ڪيترا سوين سهڻا نوجوان ۽ شهزادا، مشهور گهوڙي سوار ۽ ڳائڻا بادشاهه جي باغ ۾ انتظار ۽ آسري ۾ اچي ويٺا ته من شهزادي هنن مان ڪنهن کي مڙس چونڊي. پر شهزاديءَ انهن مان ڪنهن هڪ کي به چونڊڻ بدران کيکڙي جو مان مٿانهون ڪيو.
    بادشاهه سلامت جي ڌيءَ ان ڏينهن هڪ آسماني ۽ سنهري رنگ جي وڳي ۾ سڀني نوجوانن اڳيان ڦيرو ڪيو پر ڪنهن به همراهه ڏي نظر کڻي نه ڏٺو. پوءِ سامهون ويٺل کيکڙي وٽ پهچي هن کي ٽي دفعا گلن جو هار پائي پنهنجيءَ پيءُ وٽ وٺي آيس.
    بادشاهه سلامت پنهنجي ڌيءَ کي هڪ کيکڙي سان گڏ ايندو ڏسي ڏاڍو ڪاوڙيو. پر ڪجهه به ڪڇي نٿي سگهيو جو ان ملڪ جي ريت رسم موجب اهو قانون هو ته بادشاهه جي ڌيءَ ان سان ئي شادي ڪندي جنهن کي هوءَ ٽي دفعا گلن جو هار پائيندي. ان ڪري بادشاهه کي مجبور ٿي پنهنجي ڌيءَ کي کيکڙي سان شادي ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    کيکڙي ۽ شهزاديءَ جي شادي وڏي ڌام ڌوم سان ٿي ان بعد ٻئي ڄڻا بادشاهه سلامت جي ئي محلات ۾ رهڻ لڳا. هاڻ ڇا ٿيو جو بادشاهه جي اصطبل ۾ ويهه گهوڙا هوندا هئا بادشاهه جا نوڪر چاڪر روزانو هنن گهوڙن کي چڱي طرح کارائي پياري پوءِ وهنجاري صاف سٿرو ڪري ڇڏي ويندا هئا. پر شادي بعد روز صبح جو اهي گهوڙا ٿڪل ۽ مٽيءَ ۾ ڀڀوت نظر اچڻ لڳا.
    بادشاهه کي ڏاڍو تعجب لڳو. هن کي شڪ هو ته ان ۾ کيکڙي جو ڪو هٿ آهي.
    هڪ ڏينهن هن پنهنجي ڌيءَ کي پاڻ وٽ سڏائي سمجهايو ته ڪنهن رات جو هوءَ مکر ڪري سمهي ۽ پوءِ پنهنجي کيکڙي مڙس جي ٽيٽ وٺي ته اهو رات جي وقت گهوڙن جي اصطبل ڏي ته نٿو وڃي.
    انهي ئي رات بادشاهه سلامت جي ڌيءَ سوير ئي ننڊ جو بهانو ڪري سمهي پيئي. ٿوري دير بعد هن ڏٺو ته سندس کيکڙو مڙس پنهنجي کوپي مان آهستي آهستي ٿي ٻاهرنڪتو. پوءِ پنهنجو روپ بدلائي هڪ خوبصورت نوجوان ڇوڪرو ٿي پيو.
    ان بعد هڪ ڪمري کان ٻاهرنڪري گهوڙن جي اصطبل ڏي روانو ٿيو. سندس زال سندس پٺ وٺي کيس ڏسندي رهي. پوءِ نوجوان ٽوپ ڏيئي هڪ گهوڙي تي چڙهيو ۽ روانو ٿي ويو.
    هن يڪدم پيءُ کي اٿاري حقيقت کان آگاهه ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي ڪمري ۾ وٺي آيو.
    بادشاهه کيکڙي جو ڇڏيل کوپو کڻي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو. ان دوران کيکڙو مڙس هڪ هڪ ڪري سڀني گهوڙن تي سواري ڪندو رهيو تان جو اڇو صبح وڃي ٿيو.
    صبح ٿيڻ سان جڏهن هو پنهنجي ڪمري ۾ موٽيو ته هن کي سندس زال ۽ بادشاهه سلامت ڀڳل کوپي وٽ نظر آيا.
    هن کي اهو ڏسي بيحد گهڻي خوشي ۽ پوءِ ٻنهي سان ڀاڪر پائي مليو. پوءِ کين سربستو احوال ڪري ٻڌايو ته هو دراصل ڪنهن ڏورانهين ديس جو شهزادو آهي. سندس سلطنت جي ڪنهن دشمن مٿس جادو ڪري کيس کيکڙو بنائي ڇڏيو هو. پر هاڻ کوپو ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ تي ان جادوءَ جو اثر پڻ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو آهي. هاڻ هو هميشه لاءِ شهزادو ٿي رهندو.
    اهڙي طرح ان کانپوءِ بادشاهه سلامت جي ڌيءَ ۽ کيکڙي وارو شهزادو هميشه لاءِ خوش پاش گذارڻ لڳا.


    هاري ۽ نانگ

    شهر کان موٽي گهر ڏي وڃڻ لاءِ هڪ هاري ۽ گڏهه کي ٻيلي مان گهڻو پيو. ان ڏينهن تمام گهڻي ٿڌ هئي. اتر کان ڄڻ پارو ٿي وٺو.
    غريب گڏهه کي ايترو ته سيءَ لڳو جو هلڻ کان بي حال ٿي پيو. هن پنهنجي مالڪ کي چيو: ”ههڙي ٿڌي ڏينهن تي شهر وڃڻ جو ڪهڙو ضرور هو. ههڙي سخت سيءَ ۾پنهنجا پوڙها هڏا به اندر تائين ڄمي ويا آهن.“
    ”نيڪ جانور“ مالڪ چيو، ”مون کي اڄ ئي شهرمان چانور ۽ ڏارو وٺڻو هو، جو گهر ۾ کائڻ لاءِ هاڻ ڪڻو به نه بچيو آهي. جي شهر نه هلون ها ته بک وگهي مري وڃون ها.“
    پوءِ هاري پيار سان گڏهه جي ٿڌي منهن تي هٿڙا لاهي چيو: ”دل وڏي ڪر. بهادر ٿي. پاڻ ڄاڻ ته گهر پهتاسين.“ ان وقت گڏهه پنهنجا وڏا ڪن اڀا ڪري ڪجهه ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ هاريءَ چيو: ”وڻ جي پاڙ ۾ ڪا شيءِ آهي جيڪا مدد لاءِ ٻاڏائي رهي آهي.“
    هاري وڻ جي ويجهو پهتو. نهايت خبرداريءَ سان برف هٽائين ته سيءَ ۾ ساڻو ٿيل هڪ ننڍڙو نانگ ڏٺائين. هو ڪجهه زخمي ٿيل پڻ هو.
    ”خبردار ٿجانءِ، منهنجامالڪ،“ گڏهه هاريءَ کي چتاءُ ڏيندي چيو. ”اهو ڪمينو نانگ اٿئي ان کي اتي برف ۾ئي مرڻ ڏي.“
    پر نرم دل هاريءَ پنهنجي گڏهه جي هڪ به نه ٻڌي ۽ نانگ کي کڻي پنهنجي کيسي ۾ وڌو.
    ٿوري دير ۾ هاريءَ جي جسم جي گرمائش نانگ جو سيءَ لاهي ڇڏيو ۽ هو ڪوٽ اندر هيڏانهن هوڏانهن چرپر ڪرڻ لڳو.
    هاريءَ ڪوٽ جا ٻيڙا کولي نانگ کان پڇيو: ”ننڍڙا نانگ! ڪر خبر هاڻ ڪيئن آهين؟ منهنجي خيال ۾هاڻ توکي پنهنجي ڪوسي ٻر ۾ وڃن کپي.
    هاري جي ان چوڻ جي دير هئي ته نانگ کنوڻ وانگر جهٽ پٽ هاريءَ جي ڇاتيءَ ۾ کڻي چڪ هنيو. ان بعد ٽپ ڏيئي شوڪاري ڀري ڀڄي ويو.
    غريب هاري نانگ جي ڏنگ لڳڻ سان زمين تي ڪري پيو. گڏهه سمجهي ويو ته سندس مالڪ جي بچڻ جي هاڻ ڪا اميد ناهي. سو مدد لاءِ وٺي رڙيون ڪيون.
    خوش قسمتي سان ان وقت ڊاڪٽر اتان اچي لانگهائو ٿيو جنهن جي مدد سان هاريءَ جي جان بچي ويئي.
    سال بعد، هڪ دفعي هاريءَ جو وري ساڳي هنڌان لنگهه ٿيو. رستي تي ساڳيو نانگ نظر آيس. نانگ پڻ هاري کي سڃاڻي ورتو ۽ چيو: ”گذريل سال جيڪي ڪجهه ٿيو ان جو مون کي سخت ڏک آهي. مهرباني ڪري اهاڳالهه وساري ڇڏ. ڏس مون پنهنجي سڄي کل به مٽائي ڇڏي آهي. اچ ته هڪ دفعو وري دوست ٿيون.“
    جواب ۾ هڪ لفظ به ڪڇڻ بنا هاريءَ ڪلهي تان ڪهاڙي لاهي ڳن سان ان نانگ جو مٿو چلهي ڇڏيو ۽ پوءِ ڳترا ڳترا ڪري چيو:
    ”ڇا تون سمجهين ٿو ته مون کي هر دفعي بيوقوف بنائي سگهندين. تو کل کڻي بدلائي آهي پر ذهنيت ته ساڳي اٿئي.“


    جادوئي ڌاڳا

    ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته هڪ ٻيلي جي ڀر ۾ ڪنهن ننڍڙي جهوپڙيءَ ۾ هڪ غريب چيني رن زال رهندي هئي. جيتوڻيڪ هن جي زندگي تمام ڏکي گذري ٿي پر ان هوندي به هوءَ ايترو خوش قسمت ضرور هئي جو هن کي بيحد سلڇڻي ۽ پورهيت ڌيءَ هئي جنهن جو نالو سمي هو.
    سميءَ جو سڄو ڏينهن گهر جي پورهئي ۾ گذرندو هو، رڌ پچاءَ ۽ صفائيءَ کان علاوه هن تي پٽ ڪينئان پالڻ جو ڪم پڻ رکيل هو جن جي ڌاڳن مان سندس ماءُ ريشم جا رومال ٺاهيندي هئي.
    سڄو ڏينهن آڏاڻي اڳيان ويهي هن جي ماءُ ريشم جا سهڻا سهڻا رومال اُڻندي هئي. جڏهن ٽي چار رومال ٺهي راس ٿيندا هئا ته سمي انهن کي بازار ۾ وڪڻي ايندي هئي.
    هڪ ڏينهن سمي جهڙو مارڪيٽ کان موٽي ته آسمان تي اوچتو ڪارو ڌنڌ ڇائنجي ويو. کنوڻ ۽ گوڙ کان ڄڻ ڌرتي ڏرڻ لڳي.
    سمي لڪڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڪو اجهو ڳولڻ لڳي. جيئن ئي مينهن جو وڏو ڦڙو شروع ٿيو ته هوءَ سامهون واري هڪ جهوپڙيءَ اڳيان وڃي بيٺي. جهوپڙي جو دروازو کليل هو سو هن زور زور سان سڏ ڪياِ:
    ”آئون اندر اچي سگهان ٿي. مينهن کان منهنجا ڪپڙا پُسي رهيا آهن.“
    اندران ڪنهن به جواب نه ڏنو.
    ”گهر جو مالڪ شايد ڪيڏانهن ٻاهر هليوويو آهي.“ هن سوچيو. ”آءٌ نٿي سمجهان ته مينهن بند ٿيڻ تائين منهنجي هتي ترسڻ تي هو ڪاوڙبو“.
    گهر ۾ قدم رکي سميءَ ڏٺو ته سڄو گهر مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿيو پيو هو. هر هڪ شيءِ ٽڙي پکڙي پيئي هئي. ميز تي اڻ ڌوتل ٿانون جو ڍير رکيل هو ۽ ڪنڊ ۾ ميرا ڪپڙا سٿيا پيا هئا. هن کي ڏاڍو تعجب لڳو هن جي ماءُ جي ننڍڙي جهوپڙي ان جي مقابلي ۾ تمام صاف سٿري رهي ٿي.
    ”مونکي پڪ آهي ته مالڪ جڏهن پنهنجي گهر کي صاف سٿرو ڏسندو ته بيحد خوش ٿيندو.“ هن سوچيو.
    هن هڪ هڪ ڪري پهرين ٿانوَ ڌوتا ۽ پوءِ انهن کي ڪاٺ جي مدن تي سجائي رکيو. ان بعد ميرا ڪپڙا ڌوتا، ميز ۽ اسٽول صاف ڪيو ۽ پوءِ سڄو فرش کرڙي اهڙو ته چمڪائي ڇڏيو جو ڪٿي به داغ ڌٻو نظر نٿي آيو.
    اتي مينهن اچي بند ٿيو ۽ سمي هاڻ گهر کان نڪرڻ واري هئي ته هڪ تمام ننڍڙو ماڻهو اچي نڪتو. هن جو قد جيتوڻيڪ فقط ٽي فوٽ هو پر عمر ۾ بيحد پوڙهو لڳي رهيو هو. هن جي ڏاڙهي ايڏي ڊگهي هئي جو پيرن ۾ پئي وچڙيس.
    پوڙهي ماڻهوءُ سميءُ ڏي قربائتي نموني سان ڏسي چيو:
    ”ٻچا! ڇا تنهنجو مون ۾ ڪو ڪم آهي؟“
    ”چاچا“ سميءَ وراڻيو، ”آئون مينهن ۾ پسڻ کان بچڻ لاءِ هتي هلي آيس. اميد ته توهان کي دل ۾ نه ٿيو هوندو.“
    ”نه، هرگز نه.“ بندري ماڻهوءَ وراڻيو، ”منهنجي غريباڻي گهر ۾ تون ڪڏهن به اچي سگهين ٿي.“ پوءِ هن گهر جي چوڌاري نظر ڊوڙائي جتي هاڻ هر شيءِ صاف سٿري ۽ سجايل نظر اچي رهي هئي.
    ”هيءَ صفائي ڇا تو ڪئي آهي؟“ هن سميءَ کان پڇيو.
    ”جي ها.“ سميءَوراڻيو.
    ”تون بيحد محنتي ۽ مهربان ڇوڪري آهين،“ بندري ماڻهوءَ چيو، ”تنهنجي وڏي مهرباني.“ سميءَ وراڻيو.
    گهر کي صاف سٿرو ڏسي بندرو ماڻهو واقعي ڏاڍو خوش ٿيو. هن گهر جي چوڌاري ڦيرو ڪري هڪ هڪ شيءِ چڱيءَ طرح ڏٺي. ٿانوَ سڀ صاف ٿيل هئا. ڪپڙا سڀ ڌوتل هئا. ميز ۽ اسٽول تي مٽي بنهه نه هئي. تڪڙ ۾ جهڙو هو ميز ڏي وڌيو ته سندس پير ڏاڙهيءَ مٿان اچي ويو ۽ ان ۾ وچڙي ڪري پيو.
    ”چاچا“ سميءَ پوڙهي ماڻهو کي ڪرڻ کان بچائيندي چيو، ”توهان جي ڏاڙهي تمام وڏي ٿي ويئي آهي، ڇا ان کي ڪتري ڪجهه ننڍو ڪريان.“
    ”ها. اها ته تنهنجي تمام وڏي مهرباني ٿيندي.“ پوڙهي بندري ماڻهوءَ چيو ۽ پوءِ ڪئنچي کڻي سميءَ کي ڏني. سميءَ ڪئنچيءَ سان ٿورا ٿورا ڪري وار ڪتريا ۽ ڏاڙهي کي صحيح صورت ۾ آندو.
    ”تون منهنجي ڏاڙهيءَ جا ڪتريل وار سوکڙيءَ طور رکي سگهين ٿي.“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو، ”توکي اجورو ڏيڻ لاءِ مون وٽ ٻي ته ڪا خاص شيءِ آهي به ڪانه.“
    ڏاڙهيءَ کي سمي ڇا ٿي ڪري سگهي. پر هوءَ ايترو ته نرم دل هئي جو انڪار ڪرڻ بدران انهن وارن کي رومال ۾ ٻڌي گهر ڏي رواني ٿي.
    هوءَ جڏهن گهر پهتي ته ماءُ کي هميشه وانگر آڏاڻي وٽ ريشم جا رومال ٺاهيندو ڏٺائين. هن بندري ماڻهوءَ بابت پنهنجيء ماءُ کي ٻڌايو ۽ پوءِ جيئن رومال جون ڳنڍيون کولي ماءُ کي ڏاڙهي ٿي ڏيکاري ته ڏاڙهي جي وارن بدران منجهانئس سهڻا ۽ چمڪندڙ ريشم جا ڌاڳا نڪري آيا. ٻئي ماءُ ڌيءَ ڏاڍوخوش ٿيون.
    ”ريشم جي هنن ڍاڳن مان ڪهڙا ته سهڻا ۽ عمدا رومال ٺهندا.“ ماءُ چيو.
    ”امان مهرباني ڪري هنن ڌاڳن مان هينئر جو هينئر رومال ٺاهه.“ سميءَ چيو.
    هن جي ماءُ انهن جادوئي ڌاڳن مان رومالن لاءِ ڪپڙو اُڻڻ شروع ڪيو. پر ڌاڳا کٽڻ بدران اوتري جا اوترائي رهيا. ايتري قدر جو ڪپڙي جو سڄو تاڪيو اُڻي ويئي ته ڌاڳا اوترائي رهيا. پوءِ ڏينهن جا ڏينهن گذرڻ تي به اهي نه کٽا ته به اهو ڏسي ماءُ ۽ ڌيءَ ڏاڍو خوش ٿيون ۽ پوڙهي طرفان ڏنل هن سوکڙيءَ کي بيحد گهڻو ساراهيو ۽ سچيءَ دل سان ٿورو مڃيو.


    ٽي جادوءَ جون سوغاتون

    ڪنهن زماني ۾ ’تي- هو‘ نالي هڪ غريب چيني ڇوڪر رهندو هو. هڪ ڏينهن هو گهر کان ٻاهر راند کيڏي رهيو هو ته هن کي هڪ ڪينئون نظر آيو جيڪو بلڪل مرڻينگ حالت ۾ هو.
    هو ان ڪينئين کي پنهنجي گهر کڻي آيو ۽ جيتريقدر ٿي سگهيس سندس ٽهل ٽڪور ڪرڻ لڳو. جڏهن به کيس ڪجهه کائڻ لاءِ ملندو هو ته ان مان ڪينئين کي به کارائيندو هو. ٿورن ڏينهن ۾ ڪينئون چاق چڱو ڀلو ٿي ويو ۽ هاڻ قد ۾ پڻ وڌڻ لڳو. جيڏانهن به هو نڪرندو هو ته هي به سندس پٺ وٺي هلندو هو ۽ ٻئي ڄڻا سٺا دوست ٿي ويا.
    ڪڏهن ڪڏهن ته هن جي ماءُ ڪاوڙجي کيس دڙڪا پڻ ڏيندي هئي: ”نادان ڇوڪر! ڪوڌنڌو ڌاڙي ڪري ڪمائڻ بدران هر وقت ڪيئين سان راند ڪندو رهين ٿو. ان مان ڇا ورندءِ. جي ائين وقت وڃائيندو رهندين ته هڪ ڏينهن پڪ بک وگهي مري وينداسون.“
    تي هو جواب ڏيندو هو؛ ”امان تون فڪر ڇو ٿي ڪري. هڪ ڏينهن جڏهن منهنجو هي ڪينئون وڌي وڏو ٿيندو ته پاڻهي پنهنجي مدد ڪندو. تون رڳو ڪجهه وقت ترس پوءِ ڏس ته ڇا ٿو ٿئي.“
    هڪ ڏينهن تي هو کي ڪينئين چيو: ”منهنجا مالڪ منهنجي جان بچائڻ ۽ هيترو وقت کارائڻ پيارڻ لاءِ مان تنهنجو بيحد ٿورائتو آهيان. هاڻ مون لاءِ وقت اچي ويو آهي ته وڏي درياهه ۾ وڃي رهان. سو مهرباني ڪري مون کي اوڏانهن وٺي هل.“
    سو تي هو جڏهن درياهه جي ڪپ وٽ پهتو ته ڪينئين ڇٻيءَ مان نڪري هڪدم درياهه ۾ کڻي ٽٻي هنئي. درياهه ۾ گهڙڻ سان هو. ڪنئين مان ڦري هڪ وڏي اجگر بلا ٿي ويو جنهن جا وڏا پَر ۽ سونهري ڇلر چلڪڻ لڳا.
    اجگر بلا رڙ ڪري چيو: ”منهنجا مالڪ! منهنجي خدمت ڪرڻ جي بدلي ۾ آئون توکي هڪ گڏهه ڏيندس. جنهن وقت به توکي سون جي ضرورت پوي ته هن کي فقط ايترو چئجان: ”گڏهه، گڏهه مون کي سون ڏي.“ ۽ گڏهه جي وات مان سون جون چڪيون نڪري اينديون. پر ياد رکجانءِ، گهر پهچڻ کان اڳ هن کان متان سون جي گهر ڪئي اٿئي.“ اجگر بلا اڃا ڳالهايو ئي پئي ته درياهه مان هڪ گڏهه نڪري آيو. پوءِ اجگر بلا موڪلائي درياهه منجهه غائب ٿي ويئي.
    تي هو ان بعد گهر جو رُخ ڪيو. پٺيان پٺيان سندس گڏهه به هلندو آيو. رستي تي رات گذارڻ لاءِ هو هڪ مسافر خاني ۾ آيو ۽ مسافر خاني جي مالڪ کي چيو:
    ”آئون هتي رات ٽڪڻ چاهيان ٿو پرمهرباني ڪري منهنجي گڏهه جو پڻ چڱيءَ طرح خيال رکجانءِ. هن کان سون جي گهر هرگز نه ڪجانءِ.“
    مسافر خاني جي مالڪ کي ڏاڍو تعجب لڳو ته نينگر اهو سڀ ڪجهه کيس ڇو ٻڌايو. پر ڪجهه چوڻ بدران هوماٺ ۾ رهيو. پوءِ جڏهن نينگر گهاٽي ننڊ ۾ سمهي رهيو هو ته مسافر خاني جو مالڪ آهستي آهستي ڪري گڏهه وٽ پهتو. گڏهه جي ڳچي تي پيار مان هٿ گهمائي چيو؛ ”گڏهه گڏهه، مون کي سون ڏي.“
    هن جي ائين چوڻ سان گڏهه پنهنجو وات کولي سون جون ننڍيون چڪيون ٻاهر ڪڍيون.“
    ”ڪهڙو ته عجيب گڏهه آهي.“ مسافر خاني جي مالڪ چيو، ”ههڙي گڏهه کي ته مون کي پاڻ وٽ رکڻ کپي.“
    ”ٻئي ڏينهن مسافر خاني جي مالڪ تي هو جو گڏهه پاڻ وٽ رکي هن کي پنهنجو ڏيئي ڇڏيو.
    تي هو گهر پهچي پنهنجي ماءُ کي چيو: ”خبر اٿئي منهنجو ڪينئون هڪ اجگر بلا ٿي پيو ۽ ڏس هي گڏهه هن تحفي طور ڏنوآهي. هن گڏهه جي اها خاصيت آهي ته هن کي چئبو ته ”گڏهه گڏهه. سون ڏي.“ ته وات مان سون ڪڍي ڏيندو.
    ”چڱو اچو ته ڏسون ته اهو واقعي جادوئي گڏهه آهي يا نه.“ اهو چئي ماڻس گڏهه کي چيو: ”گڏهه، گڏهه، سون ڏي.“ پر ڪجهه به نه ٿيو. وري تي هو رڙ ڪري چيو، ”گڏهه گڏهه،سون ڏي.“ پروري به ڪجهه به نه ٿيو.
    تي هو کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. ”اجگر بلا پاڻ سان شايد ڪو دوکو ڪيو آهي.“ هن چيو. ”هن سان مون کي ان بابت ضرورملڻ کپي.“
    ٻئي ڏينهن تي هو جڏهن نديءَ جي ڪناري تي پهتو ته اجگر ڀلا اڳهين هن جو انتظار ڪري رهي هئي.
    ”تو مون کي چڱو بيوقوف ٺاهيو.“ تي هو چيو، ”گڏهه ته ٽڪر به سون جو نه ڏنو.“
    ”مون توسان ڪوبه چرچو يا دوکو نه ڪيو آهي، منهنجا مالڪ ”اجگر بلا چيو، ”بهرحال هن دفعي آئون توکي هي ميزپوش ڏيان ٿي جنهن وقت به توکي بک لڳي ته هن ميز پوش کي وڇائي فقط چئجانءِ ته ڪپڙا ڪپڙا مون کي ماني ڏي ته ڪيترن ئي قسمن جا کاڌا اچي حاضر ٿيندا. هن دفعي بيحد خبردار ٿجانءِ ۽ رستي تي ان بابت ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪجانءِ.“
    درياهه مان هڪدم اڇي رنگ جو ميز پوش اڀري تي هو ڏي تري آيو. ان بعد اجگر بلا موڪلائي درياهه ۾ وري غائب ٿي ويئي. تي هو ميز پوش کنيو ۽ گهر ڏي روانو ٿيو. رستي تي رات ٿيڻ تي هو وري ساڳي مسافر خاني ۾ ٽڪيو.
    سمهڻ کان اڳ تي هو مسافر خاني جي مالڪ کي چيو:
    ”منهنجي ميزپوش کان کاڌي جي گهر هرگز نه ڪجانءِ.“
    هن جي اها ڳالهه ٻڌي چالاڪ مالڪ سمجهي ويو گڏهه وانگر هي ميز پوش پڻ جادوءَ جو آهي.
    ۽ پوءِ جڏهن تي هو سمهي رهيو، نه. مسافر خاني جي مالڪ آهستي آهستي ڪري ميز پوش کنيو ۽ پنهنجي ٽيبل تي وڇائي چيو: ”ڪپڙا. ڪپڙا. مون کي ماني ڏي.“
    انهيءَ چوڻ جي دير هئي جو هڪدم ڪيترن ئي قسمن جا طعام ان ميز تي وڇائجي ويا. جيڪي هو پيٽ ڀري کائيندو رهيو.
    ٻئي ڏينهن صبح جو تي هو جادوئي ميز پوش بدران مسافر جي مالڪ جو ميز پوش ڪڇ ۾ وجهي گهر ڏي روانو ٿيو.
    جڏهن هو گهر پهتو ته هن کي ڏاڍي بک لڳي. هن هڪدم ميز پوش کي ٽيبل تي وڇائي چيو: ڪپڙا ڪپڙا. مون کي ماني ڏي.“ پر ڪجهه به نه ٿيو.
    هن جي ماءُ جيڪا هي سڀ ڪجهه ڏسي رهي هئي تنهن پنهنجي پٽ کي ٽوڪيندي چيو: ”اجگر بلا هڪ دفعو وري توکي بيوقوف بنايو.“
    تي هو کي اجگر تي تمام گهڻي چڙ آئي. هن ڀيري هو ڊوڙندو ڊوڙندو درياهه جي ڪپ تي پهتو ته ڏٺائين ته اجگر بلا وري سندس انتظار ڪري رهي هئي. ”تو مون کي چڱو بيوقوف بڻايو.“ تي هو ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيو.
    ”منهنجا پيارا مالڪ مون توکي بيوقوف هرگز نه بنايو آهي.“ اجگر بلا جواب ڏنو. ”تنهنجي سستي ڪري ائين ٿيو. پر خير ڪا ڳالهه ناهي. هن ڀيري آئون توکي هڪ لڪڻ ڏيان ٿي. هي لڪڻ تنهنجو پاڻهي خيال رکندو. جڏهن تون ڪنهن کي مارڻ چاهين ته هن لڪڻ کي فقط ايترو چئجانءِ ته ’لڪڻ، لڪڻ ماڻهو کي مار.‘ ۽ پوءِ مارڻ بند ڪرائڻ لاءِ ’لڪڻ، لڪڻ. هاڻ بس ڪر.‘ چئجانءِ.“
    ان بعد درياهه مٿان هڪ لڪڻ ترندو هن ڏي آيو. اجگر بلا هڪ دفعو وري موڪلائي درياهه ۾ غائب ٿي ويئي.
    تي هو لڪڻ کڻي گهر ڏي روانو ٿيو. رستي تي جڏهن رات ٿي ته هو وري ساڳي مسافر خاني ۾ ترسي پيو. مسافر خاني جي مالڪ کي هن ٻڌايو: ”ڏس منهنجي لڪڻ کي مارڻ لاءِ هرگز نه چئجانءِ.“
    مسافر خاني جو مالڪ سمجهي ويو ته گڏهه ۽ ميز پوش وانگر هي لڪڻ به پڪ جادوءَ جو ئي هوندو.
    مسافر خاني جو مالڪ هاڻ وڏو امير ٿي ويو هو جو گڏهه کيس هر وقت سون ڏيندو رهيو. ان کان علاوه هي سخت ٿلهو متارو پڻ ٿي پيو هو جو ميز پوش ذريعي هر وقت کاڌا گهرائي کائيندو رهيو ٿي. پر هي ايڏو لالچي هو جو اهو لڪڻ به غريب ڇوڪر کان کسڻ چاهيو ٿي.
    ان رات جيئن ئي تي هو ستو ته مسافر خاني جي مالڪ هن جو لڪڻ کڻي ان جي جاءِ تي هڪ پنهنجو لڪڻ رکي ڇڏيو ۽ پوءِ پڪ ڪرڻ لاءِ ته اهو لڪڻ واقعي جادو جو ئي آهي يا نه، لڪڻ کي چيو: ”لڪڻ، لڪڻ. ماڻهو کي مار.“
    بس هن جو ائين چوڻ لڪڻ کيس مارڻ شروع ڪري ڏنو. هو رڙيون ڪري گهر ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ لڳو پر جيڏانهن وڃي لڪڻ سندس پويان ۽ ڌڪن جو وسڪاروڪندو رهيو.
    رڙين جي آواز تي هن جي اک کلي پيئي ۽ ڏٺائين ته مسافر خاني جو مالڪ موچڙا کائي رهيو آهي ته کيس ڏاڍي کل آئي.
    ”بچاءِ، بچاءِ مون کي بچاءِ.“ مسافري جي مالڪ هاڻ زور زور سان دانهون شروع ڪيون. ”مهرباني ڪري پنهنجي لڪڻ کي چئه مون کي مارڻ بند ڪري. آئون توکي گڏهه، ميز پوش به واپس ڪري ڇڏيندس.“
    پوءِ ان تي هو رڙ ڪري لڪڻ کي چيو: ”لڪڻ، لڪڻ. ماڻ بند ڪر. ان بعد لڪڻ مارڻ بند ڪيو ۽ اچي پنهنجي اصلي مالڪ ’تي هو‘ وٽ ڪريو.
    ڊپ ۾ ڏڪندڙ مسافر خاني جي مالڪ هڪدم گڏهه ۽ ميز پوش تي هو جي حوالي ڪيو ۽ پوءِ رات گذاري اڇو صبح ٿي هو پنهنجي گهر ڏي روانو ٿيو. هن ڀيري پنهنجي اصلي جادوئي گڏهه، جادوئي ميز پوش ۽ جادوئي لڪڻ سميت.


    ڪڪڙ جي صلاح

    گهڻو اڳ جي ڳالهه آهي ته ملائيشيا ۾ هڪ سلطان رهندو هو. هو بيحد مهربان ۽ شريف انسان هو. سندس رعيت کيس تمام گهڻو پيار ڪيو ٿي. هر هڪ هن جي وڏي ڄمار ۽ خوشي لاءِ دعا گهري ٿي. ڪجهه سال راڄ ڪرڻ بعد هن هڪ تمام سهڻي شهزادي سان شادي ڪئي، جيڪا تئان پتري سڏبي هئي. هو پنهنجي زال کي تمام گهڻو چاهيندو هو. ايتريقدر جو جيڪي ڪجهه هوءَ چوندي هئي سو ضرور پورو ڪندو هو.
    سلطان جي ان ڳالهه کان سندس وزير ۽ عملدار ڪجهه فڪر مند رهيا ٿي. پر ڪنهن به سلطان جي مخالفت ڪري کيس رنج نٿي ڪيو. ان ڪري هو فقط الله کان دعا گهري سگهيا ٿي ته شل تئان پتريءَ جو ناز نخرو رعيت جي ڪم ۾ رخنو نه وجهي.
    هڪ ڏينهن شام جو سلطان پنهنجي باغ ۾ سير لاءِ نڪتو. هن پاڻ سان تلوار پڻ کنئي هئي. ٽيپهريءَ جي نماز اتي باغ ۾ ئي پڙهي پوءِ ڇٻر تي پسار ڪري رهيو هو ته هن کي هڪ وڏي پٿر هيٺان هڪ ڪارو ۽ هڪ اڇو نانگ گڏ گڏ نظر آيا. بنا ڪنهن هٻڪ جي هڪدم تلوار ٻاهر ڪڍي انهن نانگن تي حملو ڪيو. پهرين ئي ڌڪ ۾ ڪارو نانگ ته مري ويو. ٻئي ڌڪ ۾ اڇي نانگ جو رڳو پڇ وڍيو.
    اڇو نانگ، پڇ ڪٽجڻ بعد تکو تکو پنهنجي سري غار ڏي غائب ٿي ويو. اتي پهچي هن نانگ مڙس کي ٻڌايو جيڪو نانگن جو پڻ راجا هو: ”منهنجا پيارا مڙس، سلطان جي باغ ۾ آئون کاڌي جي ڳولا ۾ چري رهي هيس ته سلطان پنهنجي تلوار سان منهنجو پڇ وڍي رکيو ۽ هاڻ آئون پڇ ڪٽيل ٿي پيئي آهيان.
    پنهنجي زال نانگڻ جو اهو احوال ٻڌي نانگن جي راجا کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. ”منهنجي پياري زال، تون فڪر نه ڪر.“ هن چيو، ”وڍيل پڇ سڄو ڪرڻ ته منهنجي وس ۾ ناهي، باقي اهو واعدو ڪريان ٿو ته ان ڏوهه جي سزا ان سلطان کي ضرور ڏيندس. ۽ هن پهاڪي موجب آئون ساڻس پير ڀريندس.
    ڀلائيءَ جو بدلو ڀلائي سان ڏيڻ کپي.
    خون جو بدلو خون سان
    ۽ زندگي جو بدلو زندگي سان.
    ”ان ڪري تون اجايو ڏک نه ڪر. تنهنجي پڇ جو بدلو آءٌ اڄ رات ئي وٺي ان بي عزتيءَ جو ٽڪو پنهنجي پيشانيءَ تان لاهيندس. هاڻ تون سمهي ننڊ ڪر. آئون سلطان جو ساهه ڪڍي اچان ٿو.“
    اهو چوڻ بعد نانگن جو راجا پنهنجي زال کي اتي ئي ٻر ۾ ڇڏي، پاڻ آهستي آهستي ٿي سلطان جي محل وٽ آيو ۽ پوءِ خاموشي سان رڙهي ڪمري اندر داخل ٿيو. جنهن بستري تي سلطان سمهندو هو ان جي هيٺان هو لڪي ويٺو ۽ سلطان جو ننڊ ۾ ساهه ڪڍڻ جي ارادي سان هو اتي انتظار ڪرڻ لڳو.
    سلطان ڪاري نانگ کي اڦٽ مارڻ ۽ اڇي نانگ جو پڇ وڍڻ بعد پنهنجي تلوار تان رت صاف ڪري واپس مياڻ ۾ وجهي محلات ۾ آيو ۽ نماز پڙهيائين. ان بعد بستري تي ليٽي پيو.
    ٿوري ئي دير بعد سندس تئان پتري بيڊروم ۾ داخل ٿي. جڏهن تئان پتري، بستري تي ستي ته سلطان چيس ”اڄ شام جو، ٽيپهريءَ جي نماز کانپوءِ، آئون باغ جي سير لاءِ نڪتس. پسار ڪندي مون ڏٺو ته هڪ اڇو نانگ ڪنهن ڌارئي ڪاري نانگ سان پيار محبت جي دنيا ۾ مدهوش هو. مون پنهنجي تلوار ڪڍي هنن تي حملو ڪيو. ڪارونانگ ته پهرين ئي ڌڪ ۾ ڍير ٿي پيو. باقي اڇي نانگ جي ڪا قسمت سٺي هئي جو هن جو رڳو ٿورو پڇ ڪٽيو. اهڙيءَ طرح اڇو نانگ موت کان بچي ويو. ڪاري نانگ جو لاش ۽ اڇي رنگ جي نانگ جو پڇ، اڃا اتي باغ ۾ ئي پيو آهي.
    نانگ جو راجا، جيڪو سلطان کي مارڻ لاءِ آيو هو، سلطان جي واتان هي ڳالهه ٻڌي وائڙو ٿي ويو. هن پنهنجو ارادو هڪدم بدلائي ڇڏيو ۽ پنهنجو پاڻ کي چوڻ لڳو: ”هاڻ مون کي خبر پئي ته جنهن سلطان کي آئون مارڻ لاءِ نڪتو آهيان تنهن پاڻ مون تي وڏي مهرباني ڪئي آهي. هن منهنجي رقيب ۽ دشمن ڪاري نانگ کي موت جي سزا ڏيئي ڇڏي. ۽ هاڻ، مون کي پنهنجي بدچلن زال يعني اڇي نانگ جي به خبر پيئي، جنهن تي مون کي. پروسو هو پر هاڻ مون کي خبر پيئي ته هوءَ بي شرم ڌارين سان لڪيو لڪيو ملندي وتي ٿي. چڱو جو تڪڙ ڪري مون سلطان کي نه ماريو جنهن لاءِ آءٌ گهران سوچي نڪتو هوس ته منهنجي زال کي بدشڪل بنائڻ ۾ هن جو هٿ آهي. آئون واعدو ڪري نڪتو هوس ته ڀلائي جو بدلو ڀلائي ۾ ڏيندس. ان ڪري هاڻ هن اعليَ صفت سلطان کي پکين ۽ جانورن جي ٻولين جو راز ٻڌائيندس. جيتوڻيڪ مون کي خبر آهي ته اهو راز ٻڌائڻ بعد آئون مري ويندس پر ههڙي گڻائتي انسان جو ٿورو مڃڻ لاءِ اهو ڪجهه به نه آهي.“
    اهو پڪو پهه ڪري نانگن جو راجا سلطان جي بيڊروم مان ٻاهر نڪتو ۽ آهستي آهستي ٿي سلطان جي باغ ۾ پهتو. ڇا ڏسي ته واقعي سندس دشمن ڪاري نانگ جو لاش ۽ سندس زال جو پڇ اتي پيا آهن. اهو ڏسي هن کي پڪ ٿي ويئي ۽ سڌو پنهنجي غار ۾ پهتو. غار جي در وٽ سندس زال اهو معلوم ڪرڻ لاءِ انتظار ۾ بيٺي هئي ته سندس مڙس- نانگ سلطان سان ڪهڙي ويڌن ڪئي.
    نانگن جي راجا پنهنجي زال کي ڏسي چيو” تون ڪيڏي ته بي وفا نانگڻ آهين. تون غير نانگ سان پيار رچائي منهنجي گهٽتائي ڪئي آهي ۽ پنهنجو ڏوهه لڪائڻ ڪارڻ هڪ نيڪ سلطان تي الزام مڙهيو. اهو ته ڀاڳ ڀلا سلطان جا چئبا جو مون تڪڙ ڪري کيس چڪ نه هنيو ۽ هو بچي ويو. هاڻ توکي تنهنجي ڏوهه جي سزا ڏيڻ لاءِ توکي اڦٽ ماري ڇڏيندس. ۽ هاڻ نانگن جي راجا جو ڏنگ چکڻ لاءِ تيار ٿي وڃ.“ اهو چئي نانگن جي راجا پنهنجي زال کي اهڙو ته ڏنگ هنيو جو ڦهڪو ڪري ڪري پيئي.
    اتي آڌيءَ رات به گذري ويئي. ڪڪڙن ٻانگون ڏيڻ شروع ڪيون. نانگن جي راجا ڪڪڙن جو دس ٻڌي هلڻ جي تياري ڪئي ۽ فجر کان گهڻو اڳ اچي سلطان جي محلات وٽ پهتو. هن کي خبر هئي ته سلطان روز صبح جو وهنجڻ لاءِ نديءَ تي ويندو آهي. سو محلات جي ڏاڪڻن وٽ سندس انتظار ڪرڻ لڳو. جيئن ئي پرهه ڦٽيءَجو وقت اٿيو. اٿڻ سان وهنجڻ لاءِ هو سڌو محلات جي در ڏي وڌيو. صبح جو ڌنڌ ۾ محلات جي ڏاڪن وٽ واسينگ نانگ کي ڦڻ ڪڍي ويٺل ڏسي سلطان ڏڪي ويو ۽ آخر ڏاڪي وٽ پهچي بيهي رهيو.
    نانگ جي راجا جڏهن ڏٺو ته سلطان هڪ هنڌ بيهي رهيو آهي ته پوءِ هن ڦڻ هيٺ ڪئي ۽ نهايت نيزاريءَ مان چيو:
    ”سائين منهنجا! آئون ان ڪري تو وٽ سوير آيو آهيان جيئن توهان سان اڪيلائيءَ ۾ ملي سگهان ۽ ٻيو ڪير به نه هجي. آئون دل جي گهراين مان توهان جا ٿورا مڃڻ لاءِ آيو آهيان جو توهان منهنجي دشمن ڪاري نانگ کي ماريو. ائين ڪرڻ سان مون کي ڪنڌ کڻي هلڻ جو موقعو ڏنو آهي.آئون نانگن جو راجا ۽ اڇي نانگ جو مڙس آهيان- جنهن جو توهان پڇ ڪپيو. پهرين مون سمجهيو توهان شايد منهنجي زال جو پڇ ڪپي مون کي تنگ ڪرڻ چاهيو ٿا. تنهن ڪري مون توهان کي مارڻ جو ارادو ڪيو. مون قسم کنيو ته:
    ”ڀلائيءَ جو بدلو ڀلائي سان ڏيڻ کپي.
    خون جو بدلو خون سان
    ۽ زندگي جو بدلو زندگي سان“
    سلطان واسينگ نانگ جي اها ڳالهه ٻڌي تعجب ۾ پئجي ويو. نانگ وڌيڪ ٻڌايو: ”حقيقت ۾ آئون رات توهان جي بيڊروم ۾ گهڙي آيو هوس ۽ توهان جي بستري هيٺان توهان جي سمهڻ جو انتظار ڪندو رهيس. انتظار دوران توهان جو تئان پتريءَ کي ڏينهن وارو ٻڌايل واقعو ٻڌي ورتم ۽ مونکي احساس ٿيو ته دراصل توهان منهنجي دشمن ۽ بي وفا زال کي سزا ڏيئي مون تي ٿورو ڪيو آهي. آئون سمجهي ويس ته ڪنهن جو ڏوهه آهي. ان ڪري اتان پوءِ سڌو گهر ويس ۽ پنهنجي بي وفا زال کي ماري ڇڏيم.“
    ”۽ هينئر آئون توهان جو ٿورو مڃڻ لاءِ هتي آيو آهيان ۽ ساڳي وقت توهان کي پکين ۽ جانورن جي زبان سمجهڻ جو علم ڏيڻ چاهيان ٿو. مون کي خبر آهي ته اهو علم ڏيڻ بعد آئون پاڻ هڪ ڏينهن اندر مري ويندس. پر آئون ڀلائي سان ڏيڻ چاهيان ٿو، پوءِ ڀلي ان بعد مون کي موت ملي. آئون توهان کي اهو عرض ڪندس ته ان علم بابت ڪنهن کي به نه ٻڌائجو. ويندي توهان پنهنجي پياري زال تئان پتريءَ کي به نه ٻڌائجو. ڇو جو ان بابت توهان ڪنهن کي به ٻڌائيندؤ توهان به مون وانگر مري ويندؤ.
    ڏينهن ٿيڻ کان اڳ، نانگن جي راجا کان سلطان پکين ۽ جانورن جي ٻولين سمجهڻ جو راز هٿ ڪري ورتو. ڪجهه وقت کانپوءِ سلطان نه فقط پکين ۽ جانورن جون ٻوليون سمجهڻ لڳو پر انهن سان ڳالهائڻ پڻ سکي ويو. ان بعد نانگن جو راجا اتان هڪدم غائب ٿي ويو.
    شام جو سلطان ۽ سندس پرميشوري (تئان پتري) باغ جي سير لاءِ گڏ گڏ نڪتا. هو هڪ ڏوليءَ ۾ ٿي ويٺا جيڪا گڏهه بڪي ٿي. رستي تي سلطان هڪ ڍڳي گاڏي ايندي ڏٺي جيڪا سڄي ٻارڻ جي ڪاٺين ۽ ڇوڏن سان ڀريل هئي. سلطان پنهنجي گڏهه جون واڳون ڇڪي هڪ هنڌ بيهاريوجيئن ڍڳي گاڏي سولائي سان سوڙهي رستي تان لنگهي وڃي.
    سلطان ڏوليءَ وٽان لنگهندي ڍڳي گڏهه کي چيو ”واهه گڏهه واهه! تون خوب مزن ۾ آهين. منهنجو ته هر زور بار وڌندو وڃي ٿو ۽ اهو جيڪڏهن گهٽجڻ بدران ائين وڌندو رهيو ته هڪ ڏينهن آئون ته مري ويندس. گهڻي باري ڪري جڏهن آئون تکو نٿو هلان ته مالڪ مون کي چهبڪ سان ايترو ته ماري ٿو جو کل تي ڦٽ ٿيو پون. توکي جي يقين نه اچي ته ڏسي سگهين ٿو. منهنجي ڀيٽ ۾ تون وڏي لئه ۾ آهين. جيتوڻيڪ بار به گهڻو نٿوکڻين ته به تنهنجي هر گهرج پوري ڪئي وڃي ٿي. توکي کاڌو پيتو پڻ پيٽ ڀري کائڻ لاءِ ملي ٿو. مون ته توکي چهبڪ جو پاڇو به کائيندي نه ڏٺو آهي. ڪم پوري ڪرڻ بعد مون کي ٻين ڍڳن سان گڏ هڪڙي بند جاءِ تي رکيو وڃي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته رات جو دونهين به نٿي دکائي وڃي. نتيجي ۾ ڇتيون مکيون ۽ مڇر سڄي رات پٽيو وڃن.“
    ڍڳي جون دانهون ڪوڪون ٻڌي، گڏهه چيس: ”تون ته ڪو بيحد بيوقوف جانور آهين.“ شايد انهيءَ ڪري تو بابت ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته .اهڙو بيوقوف جهڙو ڍڳو.“ توکي کپي ته بيماري جو بهانو ڪري ليٽي پئه ۽ ظاهر آهي بيماريءَ جي حالت ۾ توکي هڪ ته سٺو کاڌو ملندو ۽ ٻيو ته ڪم ڪرڻ کان به بچي ويندين.“
    سلطان گڏهه ۽ ڍڳي جي مزيدار ڳالهه ٻڌي پنهنجي منهن کليو. مڙس کي ائين بنا ڪنهن سبب جي مرڪندو ۽ کلندو ڏسي تئان پتريءَ پڇيس: ”سرڪار اڄ توهان بنا ڪنهن سبب جي کلو پيا.“
    سلطان وراڻيو: ”گڏهه ۽ ڍڳي جي گفتگو ٻڌي مون کي کل آئي آهي.“
    تئان پتريءَ معلوم ڪرڻ چاهيو: ”ته پوءِ مهرباني ڪري مونکي به سيکاريو ته ڪيئن پکين ۽ جانورن جي زبان سمجهڻ کپي.“
    سلطان مرڪندي وراڻيو: ”ان لاءِ مون کي معافي وٺڻي پوندي. آءُ توکي اهو راز ٻڌائي نٿو سگهان، پياري. جيڪڏهن آئون توکي پکين ۽ جانورن جي ٻولين جو راز سيکاريندس ته آئون پاڻ مري ويندس.“
    ڪجهه وقت کانپوءِ سلطان پنهنجي گاڏي محلات ڏي موڙي. واٽ تي تئان پتريءَ سلطان کي وري منٿون ڪرڻ لڳي ته هن کي پکين ۽ جانورن جي ٻولين جو راز سيکاريوو ڃي.
    هوڏانهن گڏهه جي صلاح سان ڍڳو بيماريءَ جو بهانو ڪري سمهي رهيو. ڪاٺير ڍڳي جي اها حالت ڏسي ڏاڍو ملول ٿيو. ٻئي ڏينهن ڪاٺير ڪم تي وڃي نه سگهيو ۽ سلطان کي ڍڳي جي بيماري جو ٻڌايو.
    سلطان وڏي صبر سان ڪاٺير جي ڪهاڻي ٻڌي. هن پنهنجي منهن سوچيو: ’هي سڀ ڪجهه گڏهه جي ڪري ٿيو. ڍڳي گڏهه جي صلاح تي عمل ڪيو آهي. پر هاڻي گڏهه کي ڪجهه سبق ملڻ کپي جيئن هو آئيندي ٻين جانورن کي ابتيون سبتيون صلاحون ڏيئي ڪم تان نه کاري.‘ ۽ پوءِ ڪاٺير چيو: ”جيڪڏهن ڍڳو بيمار آهي ۽ ڪم نٿو ڪري سگهي ته پوءِ ان بدران مون واري گڏهه کان کڻي گاڏو ڇڪراءِ.“
    ڪاٺير هٿ ادب جا ٻڌي، جهڪي چيو: ”سرڪار جو شل شان مٿانهون هجي. توهان جي حڪم جي پوئواري ڪئي ويندي.“ ان بعد ڪاٺير گڏهه ڏي ويو جيڪو پنهنجي مستقبل کان بي خبر وڏي سڪون سان چارو چٻي رهيو هو. ڪاٺير کيس ڳچي ۾ رسو ٻڌي آڻي پنهنجي گاڏي سان جوٽيو جيئن ڪاٺين ۽ ڇوڏن جو ڳرو بار گهلي.
    سڄو ڏينهن ڳرو بار گهلي گڏهه جي حالت خراب ٿي ويئي. هن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته هن کي ايڏو سخت پورهيو ڪرڻو پوندو. پر هاڻ ڇا ٿي ڪري سگهيو. ڍڳو ته سندس ئي صلاح سان بيمار ٿي آرام ڪري رهيو هو.
    رات جو چهبڪن جي ڌڪن ڪري ٿيل زخم چٽيندي گڏهه پنهنجي منهن سوچيو، ”ڏٺو وڃي ته هي سڀ ڪجهه منهنجي پنهنجي بيوقوفيءَ ڪري ٿيو. ڍڳي کي جيڪڏهن آئون چالاڪي نه سيکاريان ها ته منهنجو هي حشر هرگز نه ٿئي ها. منهنجي وات جي ٻڙ ٻڙ ڪري منهنجي جسم جي هيءَ حالت ٿي آهي. آئيندي هاڻ ڪڏهن به ائين نه ڪندس. نه فقط آئون پر پنهنجي اولاد کي به خبردار ڪندس ته هو ڪڏهن به ٻين جي ڳالهين ۾ پاڻ کي نه آڻين.
    ٻئي ڏينهن گڏهه صبح ساڻ ڍڳي وٽ ويو، ”منهنجا دوست هاڻ تون وڌيڪ بيماري جو بهانو نه ڪر. مون هينئر هينئر سلطان جي واتان اهو حڪم ٻڌو آهي ته جيڪڏهن تون چاق چڱو ڀلو نه ٿيندي ته توکي ڪهي ڇڏيندا. ان ڪري منهنجي صلاح وٺين ته مکر ڇڏي وري پهرين وانگر کڙو ٿي وڃ.
    ڍڳي اها ڊپ جهڙي ڳالهه ٻڌي وراڻيو: ”يار، وڏي مهرباني، تنهنجا لک ٿورا منهنجا گڏهه دوست! جيڪڏهن سلطان جو اهو ارادو آهي ته پوءِ مون کي هڪ پل به وڌيڪ بيمار ٿيڻ نه کپي. منهنجي خيال ۾ آئون وڏو ڀاڳ وارو آهيان جو تو مونکي ان بابت اچي ٻڌايو آهي نه ته آئون هروڀرو ڪسجي وڃان ها.“ اهو چئي ڍڳو اٿي کڙو ٿيو ۽ گڏهه شڪر جو ساهه کنيو.
    ڪاٺير پنهنجي ڍڳي کي وري چاق ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. ان ڏينهن کانپوءِ ڍڳو بنا ڪنهن بيماريءَ جي ڪاٺين جو گاڏو گهليندو رهيو ۽ گڏهه جي ان پورهئي کان جان ڇٽي ويئي.
    ڏهاڙيءَ وانگر، هڪ رات، ماني کانپوءِ تئان پتري بيڊروم ۾ داخل ٿي. مٿي ۾ ڏونگهين جو خوشبوءِ وارو تيل هڻي، وارن کي ڦڻي ڏني ۽ پوءِ پنهنجي بستري تي ويٺي ته جهٽ سلطان به آيو. هن پنهنجي مٿي ۾ ڏونگهين جو تيل هڻي ڦڻي ڏني ته ٻه ڪاڪروچ، زال مڙس بيڊ روم ۾ داخل ٿيا. سلطان جيئن ئي ڦڻي ڏيئي پري ٿيو ته ٻئي ڪاڪروچ تيل جي وٽيءَ وٽ تيل جا بچيل ڦڙا چٽڻ لڳا. مڙس ڪاڪروچ چيو: ”پنهنجو سلطان ڏاڍو مهربان آهي. مٿي کي تيل هڻن بعد به هو ڪيترو تيل پنهنجي پيئڻ لاءِ بچايو ڇڏي. جيڪڏهن تئان پتري سلطان بعد تيل هڻي ها ته هڪ ڦڙو به نه بچائي ها. اچ ته سلطان جي وڏي ڄمار لاءِ دعا گهرون.“
    مڙس جا اهي لفظ ٻڌي ڪاڪروچ چيو: ”سلطان ۽ تئان پتريءَ لاءِ جيڪي ڪجهه تو چيو اهو نسورو ئي سچ آهي.“
    سلطان ٻنهي ڪاڪروچن جي اها گفتگو ٻڌي ورتي. کيس هنن جي ڳالهين تي کل پڻ آئي. تئان پتريءَ جڏهن پنهنجي مڙس سلطان کي پاڻ مرادو کلندو ڏٺو ته هن پڇيس:
    ”سرڪار توهان ڇو هروڀرو پنهنجي منهن کلندا رهو ٿا؟“ سلطان وراڻيس، ”هنن ڪاڪروچن جي مزيدار ڳالهه ٻڌي مون کان کل نڪري ويئي.“
    تئان پتريءَ کي ان ڳالهه هيڪاندو پريشان ڪري وڌو ته پکين ۽ جانورن جي ٻولي سمجهڻ جو راز معلوم ڪرڻ کپي.
    ”منهنجا سرتاج، جيڪڏهن تون مون کي واقعي چاهين ٿو،“ هن سلطان کي عرض ڪيو، ”ته تون مون کي ڪنهن به صورت ۾ پکين ۽ جانورن جي ٻولين جو راز ضرور ٻڌاءِ.“
    تئان پتريءَ جون آزيون نيزاريون ٻڌي سلطان وراڻيس: ”افسوس جو آئون توکي اها ڳالهه سيکاري نٿو سگهان، منهنجي پياري. جنهن دم آئون توکي اهو راز ٻڌائيندس ته آئون مري ويندس. ان ڪري، مهرباني ڪري،مون کان اهو راز نه پڇ.“
    تئان پتريءَ اڃا به وڌيڪ پريشان ٿي ويئي. راز معلوم ڪرڻ جي هورا کورا هن کي بي چين ڪري رکيو. ”منهنجا سردار! مهرباني ڪري مون کي اهو راز ٻڌاءِ. نه ته آئون پڪ مري ويندس.“
    سلطان چيو: ”جيڪڏهن تون مون کي هروڀرو تنگ ٿي ڪرين ته آئون توکي راز ٻڌايان ٿو پر مون کي گهٽ ۾ گهٽ چاليهن ڏينهن جي مهلت ڏي جيئن ان ۾ آئون مذهبي دعائون وظيفا پورا ڪري وٺان جيئن خير سان ٻئي جهان ڏي روانو ٿي وڃان. ڇو جو اهو راز ٻڌائڻ بعد آئون هڪ ڏينهن به وڌيڪ هن دنيا ۾ رهي نه سگهندس.“
    ان ڏينهن بعد سلطان پنهنجي مرڻ جي تياري خاطر ڏينهن رات عبادت ڪرڻ لڳو. نماز وظيفي مان جيڪو وقت بچندو هوس ان ۾ هو اهوئي سوچيندو هو ته تئان پتريءَکي سندس ان ضد تان ڪيئن لاهجي ۽ کيس پکين ۽ جانورن جي ٻولين سکڻ جي راز ٻڌائڻ کان نٽائجي.
    ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي باقي ست ڏينهن وڃي بچيا. جنهن بعد هن کي وعدي موجب تئان پتري کي پکين ۽ جانورن جي ٻولين جو راز ٻڌائڻو هو. ان ڏينهن سلطان پنهنجي باغ ۾ ويو. هن اڳين ۽ ٻپهريءَ جي نماز پڻ اتي پڙهي. نماز بعد هو باغ جي ڪنڊ تائين سير پسار ڪندو وڃي نڪتو. اتي واهه جي ڪناري وٽ هڪ ٻڪر ۽ ٻڪري بيٺي هئي. ٻڪري ڍُڪيل هئي. واهه جي ٻئي ڪپر تي ڪنول جا گل هئا. ٻڪري ۽ ٻڪر انهن گلن جو مکڙيءَ مان ٽري گل ٿي جھڻ وارو نظارو پئي ڏٺو. ٻڪري ڪنول جا گل کائڻ لاءِ اتي هئي. هن ٻڪر کي ٻي پار وڃي اهي آڻڻ لاءِ چيو: ”پيارا ٻڪر! مهرباني ڪر اهي گل مون لاءِ کڻي اچ جو منهنجي دل انهن کي کائڻ لاءِ ماندي ٿي رهي آهي. جيڪڏهن تون آڻي نه ڏيندين ته آئون مري ويندس.“
    ٻڪر جڏهن پنهنجي محبوبا ٻڪريءَ جو اهو عرض ٻڌو ته هن هڪدم کڻي واهه ۾ٽپ ڏنو ۽ ٻيءَ ڀر وڃڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر پاڻيءَ جو وهڪرو ايترو تکو هو جو هو ٻيءَ ڀر تائين تري نه سگهيو ۽ ڪنول جا گل آڻڻ بنا واپس موٽي آيو. ٻڪريءَ وري منٿون ڪيس؛ ”مهرباني ڪري مون کي گل آڻي ڏي. مون کي گل آڻي ڏي. نه ته آئون مري ويندس.“
    ٻڪر هڪ دفعو وري واهه ۾ ٽپو ڏنو پر سخت وهڪري جو مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ هڪ دفعو وري بنا گلن جي هو ٻڪريءَ ڏي موٽيو. ٻڪريءَ کي ٻڌايائين ته پاڻيءَ جو وهڪرو ايڏو تکو آهي جو هن لاءِ ٽپڻ ناممڪن آهي.
    ٻڪريءَ منهن سڄائي چيو؛ ”تون ڪهڙو منهنجو مڙس آهين جو توکان اهو به نٿي پڄي جو کڻي مون لاءِ گل آڻين. هن وقت منهنجي پيٽ ۾ تنهنجو ٻار آهي ۽ آئون هلڻ کان هلاڪ آهيان. مون کي گل کائڻ جي سڌ ٿي آهي پر تون منهنجي اها سڌ ئي پوري نٿو ڪرين. گل ڪي ايترو پري به ته نه آهن. جيڪڏهن تون گل نٿو آڻي سگهين ته آئون به ٻار سوڌي مريو ٿي وڃان.“
    ٻڪر پنهنجي محبوب ٻڪريءَ جون اهي آهون پڪارون ٻڌي ڏاڍو غم کين ٿيو ۽ هڪ دفعو وري ڪوشش ڪيائين. پر ڪنهن به صورت ۾ ٻيءَ ڀر پهچي نه سگهيو. هن دفعي ماڳهين ٻڏو ٿي سو واپس ٻڪريءَ کي اچي ٻڌايو ته ڇا به ٿي پوي مون کان هي ڪم ٿي نه سگهندو. تون مرين ٿي ڀلي وڃي مر. آئون ڪنهن ٻيءَ ٻڪريءَ سان شادي ڪري ڇڏيندس. ڇوجو تنهنجي لاءِ گل آڻڻ جي چڪر ۾ جي آئون ٻڏي ويس ته پڪ تون ڪنهن ٻئي ٻڪر سان وڃي شادي ڪندينءَ. ان کان بهتر آهي تون وڃي مر ته آئون ڪنهن ٻي ٻڪريءَ سان شادي ڪريان.ا هو چئي هو اتان هليو ويو. ٿوري دير بعد ٻڪري جيڪا ٿوري دير اڳ تائين رٺي ويٺي هئي سان ڦڪي ٿي هن کي پرچائڻ لاءِ رواني ٿي.
    ڏينهن ٻن بعد، منجهند جي ماني بعد سلطان ٽيبل تي ويٺوهو ته هن جون ٻه ٻليون ان ٽيبل هيٺ اچي ويٺيون. انهن ۾ هڪ ٻلو هو ۽ ٻي ٻلي. ٻليءَ پنهنجي مڙس ٻلي کي چيو: ”لڳي ٿو ته پنهنجي لاءِ ڏکيا ڏينهن تمام ويجهو پهچي ويا آهن. تئان پتريءَ پنهنجي مڙس سلطان کان پکين ۽ جانورن جي ٻولين جو راز معلوم ڪرڻ جو ضد ڪيو آهي ۽ سلطان سندس اهو ضد پوروڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. جنهن بعد ظاهر آهي ته سلطان مري ويندو ۽ جيڪڏهن سلطان مري ويو ته پاڻ به بک وگهي مري وينداسين جو سندس راڻي تئان پتري ايتري ڪنجوس آهي جو ڪنهن کي به کائڻ لاءِ پورو نه ڏيندي. پنهنجو سلطان سخي مڙس آهي ماني کائڻ بعد هو پاڻ لاءِ به تمام گهڻو گوشت بچائي ٿو. پر تئان پتري جيڪي پاڻ کي هڏا بچائي ڏيندي ان تي ذرو به گوشت جو نه ڇڏيندي.“
    ٻليءَ جڏهن ڳالهائي بس ڪيو ته ٻلي چيو: ”دراصل مسئلو سڄوسلطان جي ڪمزريءَ ڪري پيدا ٿيو آهي. هو پنهنجي زال جو هر حڪم ۽ سَڌَ شوق پورو ڪندو وتي ٿو. حقيقت ۾، جيڪڏهن هو اهو راز پنهنجي زال کي ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏي ته سڀ صحيح ٿي ويندو. جنهن ڳالهه جو ڊپ اٿس ته راڻي پاڻ کي ماري ڇڏيندي، ائين هرگز نه ٿيندو.“
    اهو ٻڌي سلطان جي چپن تي مرڪ تري آئي. تئان پتريءَ جڏهن سلطان کي مرڪندو ڏٺوته چيو: ” منهنجا سرتاج،مهرباني ڪري مون کي هينئر ئي پکين ۽جانورن جي ٻولي ڄاڻڻ جو راز ٻڌاءِ جو آئون هاڻ وڌيڪ انتظار ڪري نٿي سگهان.“
    ”منهنجي پياري، جتي تو هيڏو انتظار ڪيو آهي ته وڌيڪ ٻه ڏينهن انتظار ڪرڻ ۾ ڪو نقصان ناهي. ان ڪري، ان ڏينهن جو انتظار ڪر، جنهن لاءِ مون توسان واعدو ڪيو آهي. آخرڪار آئون ڪو هتان ڀڄي ڪونه ٿو وڃان. فقط ٻه ڏينهن ته وڃي بچيا آهن.“
    تئان پتري اهو ٻڌي چپ ٿي ويئي.
    ان رات، جڏهن ٻئي ڏينهن سلطان کي راز ٻڌائڻو هو، رات جي مانيءَ بعد، سلطان ۽ تئان پتري ٽيبل تي ئي ويٺا رهيا. اتي ٻه چچيون مٿان ڇت تان هيٺ لهي ٿنڀ تي آيون. مادي چچيءَ نر کي چيو: ”سڀاڻي آخري ڏينهن آهي جو سلطان تئان پتريءَ کي پکين ۽ جانورن جي ٻولين جو راز ٻڌائيندو ان بعد افسوس جو هو پاڻ مري ويندو. هن جي مرڻ بعد زندگي ڪيتري ته ڏکي ٿي پوندي. هينئر پاڻ کي کائڻ پيئڻ لاءِ جام مليو وڃي. پوءِ ڳالهه ئي ٻي ٿي ويندي.
    اهو ٻڌي نر چچيءَ چيو: ”ڳالهه اها آهي ته پنهنجي سلطان کي کپي ته هو راز ٻڌائڻ کان صاف صاف انڪار ڪري ڇڏي. راڻي تئان پتري، ڪجهه به نه ڪندي. جيڪڏهن اسان کي عورت جي هٿن ۾ ان حد تائين رانديڪو ٿي رهڻو آهي ته پوءِ اسان کي مرد سڏائڻ ۾ فخر نه ڪرڻ کپي.“
    چچين جي اها ڳالهه ٻڌي، سلطان دل ۾ سوچيو: ”حقيقت ۾ جيڪي ڪجهه چچين چيو اهو سڀ سهي آهي. لڳي ٿو ته هنن چچين جي به ساڳي سوچ آهي جيڪا ٻلين ۽ ٻڪرين جي هئي. ان ڪري مون کي به ڪو اهڙو نمونو ڪرڻ کپي جيئن راڻيءَ کي راز ٻڌائڻ کان بچي وڃان.“ ان بعد هن مرڪيو ۽ پوءِ زور زور سان کليو.
    ”سرڪار خير ته آهي. توهان ڪڏهن به ايڏو زور سان نه کليا آهيو؟“ تئان پتري پڇيو.
    سلطان وراڻيو: ”آئون چچين جي ڳالهه تان کلي رهيو آهيان. انهن چيو پئي ته پاڻ فقط اڄ رات هڪ ٻئي سان گڏ هونداسين. سڀاڻي راز ٻڌائڻ بعد آئون مري ويندس. ان بعد تون هن دنيا ۾ اڪيلي رهجي ويندينءَ. چچيون اهو ڪجهه چئي رهيون هيون.“
    ان بعد سلطان ۽ تئان پتري مانيءَ جي ٽيبل تان اٿي بيڊروم ۾ سمهڻ لاءِ آيا.
    صبح ساڻ سلطان اٿي اچي ورانڊي ۾ ويٺو هو. هو سوچڻ لڳو ته هو پنهنجي ضدي زال کي ڪيئن سرچائي. ايتري ۾ هن ڏٺو ته اڱڻ ۾ هڪ ڪڪڙ پنهنجين ڪڪڙين کي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙائي رهيو آهي. انهن پٺيان ڊوڙڻ مهل، پنهنجي پر ڦڙڪائي ٻانهون به ڏئي رهيو هو.
    ڪڪڙ کي ائين خوشيءَ مان ٻانگون ڏيندو ۽ کيڏندو ڪڏندو ڏسي سلطان جي ڪتي چيس: ”لڳي ٿو ته تون بيحد نمڪ حرام جانور آهين. اڄ پنهنجي سلطان جي مرڻ جو ڏينهن آهي پر تون آهين جو ائين خوش خوش پيو ڊوڙين. مهرباني ڪري پنهنجي سلطان جو سوچ جنهنجي زندگي هن وقت خطري ۾ آهي.“
    ڪڪڙ ڪتي جي ڳالهه ٻڌي ڊوڙڻ بند ڪيو ۽ ڪتي جي اڳيان اچي چيو: ”لڳي ٿو ته تون به پنهنجي سلطان وانگر سخت احمق آهين. مون ڏي ٿورو ڏس. مون کي چاليهه کن زالون آهن پر مجال آهي جو ڪا هڪ به منهنجي خلاف وڃي. سلطان کي جيڪڏهن ٿورو به عقل آهي ته هن کي کپي ته هو هڪڙو لڪڻ رکي. تئان پتري جيئن ئي پکين ۽ جانورن جي ٻولين معلوم ڪرڻ جو راز پڇڻ جو ڪري ته ان لڪڻ سان کيس ورائي وڃي ۽ موچڙا هڻڻ مهل اهو چويس ته رن مرڻو اٿئي ته ڀلي مر. هو پاڻ ٻي وڃي شادي ڪندو. ائين هڪ ئي دفعو ڪرڻ سان تئان پتري وري ساڳي ڳالهه لاءِ مٿو نه کائينديس.“
    ڪڪڙ جي ڳالهه ٻڌي ڪتو ڏاڍو خوش ٿيو: ”جيڪا تون ڳالهه ڪرين ٿو اها بلڪل صحيح آهي. سلطان کي تنهنجي صلاح تي هلڻ کپي.“
    سلطان ڪڪڙجي پڻ اها ڳالهه ٻڌي خوش ٿيو. ان ئي وقت اٿي گڏهه وارو چهبڪ کڻي اچي پنهنجي ڀر ۾ رکيو. ڪجهه دير بعد تئان پتري سلطان وٽ آئي. سلطان جي ويجهو پهچي هن چيو: “منهنجا سائين: هاڻ اهو وقت اچي ويو آهي. توهان کي کپي ته مونکي پکين ۽ جانورن جي ٻولين ڄاڻڻ جو راز هڪدم ٻڌايو. نه ته آئون پاڻ کي ماري ڇڏينديس.“
    تئان پتريءِ جو ائين چوڻ سلطان اٿي بيٺو ۽ چهبڪ کڻي تئان پتري جي پٺ تي وهائي ڪڍيو. ”جيڪڏهن تون مرڻ چاهين ٿي ته وڃي مر، باقي پکين ۽ جانورن جي ٻولين جو راز توکي هرگز نه ٻڌائيندس. جيڪڏهن تون مري وئين ته مڙيئي خير آهي. آئون ڪنهن ٻيءَ سان وڃي شادي ڪندس. جيڪڏهن آئون مرندس ته تون به ڪنهن ٻي سان وڃي شادي ڪندينءَ.آئون مران، ان کان بهتر آهي ته تون وڃي مر. ”اهو چئي سلطان هڪ ٻيو چهبڪ به کيس وهائي ڪڍيو.
    تئان پتري سورکان رڙيون ڪرڻ لڳي. ۽ پوءِ يڪدم سلطان جي پيرن تي ڪري معافي وٺڻ لڳي. ان بعد تئان پتري هر وقت پنهنجي مڙس سلطان جي چئي ۽ ادب ۾ رهڻ لڳي ۽ ٻئي خوش خوش زندگي گذارڻ لڳا.


    چيتي کي ڊگهو پڇ ڇو آهي

    گهڻو اڳ جي ڳالهه آهي ته ڏکڻ ٿائلينڊ جي سونگ ڪلا شهر ۾ هڪ هاري پنهنجي ڪٽنب سان گڏ رهندو هو. هاريءَ جو نالو اوانگ هو. کيس ابوءَ نالي هڪ پٽ پڻ هو. هن آکاڻيءَ وقت ابوءَ جي عمر يارهن سال هئي.
    اوانگ، سندس زال ۽ پٽ سارين جي پوک ڀرسان هڪ ڪاٺياڻين گهر ۾ رهندا هئا. سارين جي موسم ۾ هو ٻنيءَ تي ڪم ڪندا هئا. باقي وقت ڀاڄيون پوکيندا هئا. ان سان گڏوگڏ ٻڪريون پڻ چاريندا هئا. ٻڪرين جي ڌڻ جو خيال رکڻ ابوءَ جي ذمي هوندو هو. رات جو وقت ٻڪرين کي لوڙهي جي اندر رکيو ويندو هو. جيڪو گهر سان لاڳو ئي هو. ٻڪرين کي لوڙهي ۾بند ڪري موٽڻ کان اڳ ابو هڪ ٻه بنڊ ٻاري ڇڏيندو هو جيئن رات جي وقت مڇر ۽ ٻيا جيت جڻا مال کي تنگ نه ڪن. سندس سڄي ڏينهن جو ڪم ان وقت پورو سمجهيو ويندو هو جنهن وقت هو لوڙهي جو در بند ڪري ڪنڍو ڏيئي گهر موٽندو هو.
    هر روز ٻڪرين جي تعداد ۾ واڌ ٿيندي رهي. ٿوري ئي عرصي ۾ اهو وڌي وڏو ڌڻ ٿي پيو. سڄي ڌڻ ۾ هڪ بنهه ڏٻرو ۽ هڏائون ٻڪر پڻ هو جنهن جو نالو ’ڏٻرو- ٻڪر‘هو.
    هڪڙي رات ابوءَ جي سمهڻ بعد، سندس پيءَ اوانگ پنهنجي زال کي چيو ته هاڻ ابو وڏو ٿي ويو آهي سندس طهر ٿيڻ کپي. پوءِ ان بابت هو چڱي دير پروگرام ٺاهيندا رهيا، ته ان موقعي تي ڪنهن ڪنهن کي سڏجي ۽ آيل مهمانن کي ڇا کارائجي.
    ”اوانگ جي زال چيو:“ ٻيا ماڻهو به اسان کي دعوتون ڏيئي کارائين پيارين ٿا. ابوءَ جي طهر تي پاڻ کي به ڪجهه ڪرڻ کپي.“
    ”اوانگ وراڻيو: ”اهو بلڪل صحيح آهي. پاڻ به مڙيئي ڪا وڏي نه ته هڪ ننڍي دعوت ڪنداسين ۽ مهمانن کي کارائڻ لاءِ ڀت سان گڏ پاڻ واري ڏٻري ٻڪر کي کڻي ڪهنداسين.“
    ”پوءِ ڀلا ڪهڙي ڏينهن تي اهو نيڪ ڪم ڪيو وڃي؟“ اوانگ جي زال پڇيو.
    ”منهنجي خيال ۾ ته ٻئي جمعي تي صحيح رهندو.“ اوانگ چيو.
    جنهن وقت زال مڙس ڳالهائي رهيا هئا، ڏٻرو ٻڪر دريءَ وٽ ئي بيٺو هو ۽ سڀ ڪجهه ٻڌڻ بعد هن دل ۾ سوچيو: ”مون ته ڪڏهن سوچيو به نه هو ته ڪو منهنجو مالڪ ايڏو ظالم ٿي سگهي ٿو. هيڏي ساري ڌڻ ۾ ڪيتريون ئي تازيون متاريون ٻڪريون آهن پر انهن مان ڪنهن به هڪ کي نٿو ڪهي، هن مون کي ئي ڪهڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو سڀ ۾ ڏٻرو ۽ ڪمزور آهي. افسوس! جو آئون هاڻ مري ويندس.“
    پنهنجي ڪسڻ جو مالڪ واتان ٻڌي، ٻڪر هڪ هنڌ ويهي رهيو ۽ ان مشڪل مان بچڻ لاءِ ڪا راهه، ڪا واٽ ڳولڻ لڳو. هو پنهنجي هن ايندڙ موت کان جان بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. سڄي رات هن جي ائين ئي گذري ويئي پر ڊپ ۽ خوف ۾هڪ منٽ به سندس اک نه لڳي. صبح جو ابوءَ لوڙهي جو دروازو کولي جهنگ چرڻ لاءِکين ٻاهر ڪڍيو.
    در کلڻ تي ٻڪريون ڊوڙ پائي ٻاهر نڪتيون. پٺيان پٺيان هي ڏٻرو ٻڪر پڻ. وڏيون ٻڪريون ٻيڪارينديون رهيون. ننڍيون ڇيليون ۽ ڇيلا ٺينگ ٽپا ڏيندا رهيا. سائو گاهه چرندي، ويچارو ڏٻرو ٻڪر پنهنجي ايندڙ موت جو ئي سوچيندو رهيو. ائين ئي ٽاڪ منجهند اچي ٿي. ان بعد ٻڪرين چرڻ ڇڏي آرام لاءِ ڪا ڇانو واري جاءِ ڳولي. سامهون هڪ وڏو وڻ هو،جنهن هيٺان سڀ اچي ويٺيون.
    ان وقت ڏٻري ٻڪر سڀني ٻڪرين کي رات واري.، اوانگ ۽ سندس زال جي وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه ٻڌي، هن پنهنجي ساٿين کي ڏڪندڙ آواز ۾چيو: ”جنهن وقت توهان سڀ ستل هيون ته مون ٻڌو ته مالڪ پنهنجي پٽ جي طهر تي هڪ وڏي دعوت ڪري رهيو آهي جنهن ۾ هو پاڻ سڀني کي ڪهي مهمانن کي گوشت کارائيندو. ڇا توهان چاهيو ٿيون ته توهان کي ڪٺو وڃي؟“ ٻڪر جذباتي ٿي آخري جملو ڏاڍيان چيو.
    ”هرگز نه.“ سڀني ٻڪرين هڪ ٿي جواب ڏنو.
    ٻڪرين جي سوچ جو جائزو لڳائي ڏٻري ٻڪر چيو: ”ته پنهنجي جان بچائڻ لاءِ پاڻ کي ڪهڙا قدم کڻڻ کپن؟“
    ”اچو ته هتان ڀڄي هلون،“ هڪ ٻڪريءَ وراڻيو.
    ”ڀڄي وڃڻ ئي بهتر آهي،“ ڏٻري ٻڪر مڃيو ۽ پوءِ وڌيڪ چيو، ”پر، جيڪڏهن پاڻ ڳوٺ ڏي ڀڄي هلنداسين ته هڪ نه ٻئي ڏينهن ڳوٺاڻا پاڻ کي جهلي هلي مالڪ جي حوالي ڪندا. پر جي جهنگ منهن ڪنداسين ته اتي به ايتري سلامتي ناهي. جهنگل ۾ڪيترائي بکايل شينهن چيتا گجگوڙون ڪندا رهن ٿا.“
    سڀ ٻڪريون ماٺ ٿي ويون. هنن کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڪهڙو قدم کنيو وڃي، جيئن مرڻ بدران زندهه رهي سگهجي.
    ڏٻري ٻڪر ٿوري دير ٻين ٻڪرين کي ڏسي جائزو لڳايو ۽ پوءِ پاڻ ڪڇيو:”جيڪڏهن توهان منهنجي صلاح تي عمل ڪريوته سڀني جي جان بچي پوندي.“
    ”ضرور. ضرور.“ سڀني ٻڪرين هڪ ئي آواز ۾ وراڻيو.
    ڏٻرو ٻڪر پنهنجي سوال جو اهوجواب ٻڌي خوش ٿيو. پوءِ چپن ۾ مرڪي کين چيو: ”ڇا توهان منهنجو ساٿ ڏيڻ لاءِواعدو ڪريو ٿيون ته جيڪي ڪجهه آئون چوندس توهان ائين ڪنديون؟“
    سڀني ٻڪرين حضرت سليمان جو قسم کڻي واعدو ڪيو.
    ان بعد ڏٻري ٻڪر چيو: ”جيڪڏهن توهان اهو ڪي ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيو جيڪو آئون توهان کي چوندس ته پوءِ ڳالهه هيءَ آهي ته پاڻ سڀني کي خوشيءَ توڙي غميءَ جي موقعي تي گڏ رهڻو پوندو. ان ۾ پنهنجي سلامتي آهي. جيڪڏهن پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ايڪو نه رهندو ته ختم ٿي وينداسين.“
    ڏٻري ٻڪر جي اها تقرير مڙني ٻڪرين غور سان ٻڌي.ا ن بعد هڪ ٻڪريءَ ڪنڌ مٿي کڻي چيو: ”اسان تنهنجو هر حڪم مڃڻ لاءِ تيار آهيون. هاڻ ٻڌاءِ ته اڳتي وڌڻ لاءِ ڇا ڪيو وڃي؟“
    ”مهرباني. وڏي مهرباني.“ ڏٻري ٻڪر چيو ۽ پوءِ هڪ هڪ ڏي غور سان ڏٺو جن جي منهن مان پڪو ارادو ۽ عزم بکي رهيو هو. ٻڪر چيو: ”چڱو، ته پوءِ! اڄ آڌيءَ ٽاڻي پاڻ سڀ مالڪ جو هي گهر ڇڏي ٻاهر نڪري پونداسين. آئون رات جو توهان سڀني کي جاڳائيندس ۽ لوڙهي جو دروازو پڻ کوليندس ۽ پوءِ ماٺ مٺوڙي ۾ ٻاهر نڪري پونداسين.“
    ڏٻري ٻڪر جي سربستي ڳالهه ٻڌي سڀ ٻڪريون گاهه چرڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويون ۽ وڏي سڪون سان گاهه کائينديون رهيون. منهن اونداهيءَ مهل سڀ ٻڪريون اوانگ جي گهر موٽيون. هنن کي لوڙهي اندر داخل ڪري در بند ڪيوويو.
    اها رات ٻڪرين پنهنجو پاڻ ۾ ڪو گهڻو نه ڳالهايو. هو هتان ڀڄي نڪرڻ جي تياري ۾ هيون. ڏٻرو ٻڪر هڪ ڪنڊ ۾ بيهي صحيح وقت جو انتظار ڪرڻ لڳو.
    جنهن وقت آڌي رات ٿي ته ڏٻرو ٻڪر رڙهي در وٽ آيو. هن آهستي آهستي بنا ڪنهن آواز جي دروازو کوليو. جڏهن دروازو کلي ويو ته ٻڪر سڀني کي آهستي چيو: ”هاڻ توهان مڙيئي منهنجي پٺيان پٺيان اچو.“
    لوڙهي مان نڪري سڀ ٻڪريون ڏٻري ٻڪر جي پويان هلڻ لڳيون. جڏهن هو گهر کان چڱو پنڌ پري پهتيون ته ٻڪروٺي ڊوڙڻ شورع ڪيو. پٺيان پٺيان ٻڪريون به ڊوڙڻ لڳيون. هنن کان جيتريقدر ٿي سگهيو تکو ڊوڙڻ لڳا. پرهه ڦٽيءَ مهل سڄو ڌڻ اچي درياهه جي ڪناري تي پهتو.
    درياهه جي ڪناري تي پهچي سڀ ٻڪريون ٻڪر سان گڏ هڪ هنڌ ٿي بيٺيون ۽ درياهه ٽپڻ جون رٿائون سوچڻ لڳيون. ٻڪرين جي ’ٻي- ٻي‘ ٻڌي درياهه ۾ موجود واڳن پنهنجا ڳاٽ ٻاهر ڪڍيا. هڪ ئي وقت هيترين ٻڪرين کي ڏسي هنن جو ته وات پاڻي ٿي ويو. ٻڪريون اهو نظارو ڏسي ڊڄي ويون ۽ زور زور سان ٻاڪارڻ لڳيون.
    پنهنجن ساٿين جي اها حالت ڏسي ٻڪر کين دلجاءِ ڪرائي: ”ڊڄڻ جي ڪا ڳالهه ناهي. توهان سڀ اتي ئي ترسو جتي بيٺيون آهيون. آئون درياهه جو ڪنارو ڏيئي لهوارو هليو وڃان ٿو. پوءِ اتان واڳن کي پاڻ ڏي سڏيندس ۽ پوءِ جڏهن واڳو منهنجي ڳولا ۾ هيٺ ايندا ته توهان درياهه پار ڪري ٻيءَ ڀر هليون وڃجو. پوءِ ٻيءَ ڀر پهچي سڀ زور زور سان ٻاڪار جو، هاڻ بس ماٺ ۾ ئي رهو.“
    ”چڱو.“ ٻڪرين هڪ ئي آواز ۾ وراڻيو.
    ان صلاح بعد، ڏٻري ٻڪر لهوارو وڃڻ شروع ڪيو. هو ڪجهه فاصلو پنڌ ئي پنڌ هليو ويو. جڏهن ٻين ٻڪرين کان چڱو خاصو پري هليوويو ته پوءِ زور زور سان ٻاڪارڻ شروع ڪيائين.
    ٻڪر جون رڙيون ٻڌي سڀ واڳون هن جي پٺيان وڃڻ لڳا. ٻڪر تائين پهچڻ لاءِ هر هڪ واڳو تکو تکو ڊوڙڻ لڳو. ٻڪريون واڳن کي غور سان ڏسنديون رهيون. جڏهن هنن ڏٺو ته سڀيئي واڳون پري نڪري ويا آهن ته ٻڪرين ماٺ مٺوڙي ۾ درياهه پار ڪري ورتو ۽ پوءِ درياهه ٽپي ٻيءَ ڀر پهچي جڏهن ڏٺائون ته هو بلڪل صحيح سلامت آهن ته وٺي زور زور سان ٻاڪارڻ شروع ڪيائون.
    واڳن جڏهن هيترين ٻڪرين جي ٻي ٻي ٻڌي ته اڪيلي ٻڪر کي ڇڏي سڀ انهن ٻڪرين ڏي اوڀارو ترڻ لڳا. هوڏانهن ٻڪر جهٽ ڪري درياهه پار ڪري ورتو ۽ وڃي پنهنجي ڌڻ سان مليو.
    پنهنجي ڌڻ ۾ پهچي ڏٻري ٻڪر پنهنجن ساٿين ٻڪرين کي چيو: ”شاباش، هاڻ پاڻ واڳن جي وات کان بچي ويا آهيون. هاڻ پاڻ کي اڳتي جو سفر شروع ڪرڻ کپي.
    ”بلڪل صحيح آهي.“ ٻڪرين چيو،“ اسان جي اڳواڻي ڪر ۽ اسان تنهنجي پٺيان پٺيان آهيون.“
    ڏٻري ٻڪر اڳتي هلڻ شروع ڪيو. پٺيان پٺيان سندس ڌڻ روانو ٿيو. ڪجهه وقت جي پنڌ کانپوءِ هو هڪ سائي سرسبز چراگاهه ۾ اچي پهتا. جتي سڀني گڏجي چڱيءَ طرح پيٽ ڀري کاڌو ۽ ڀر ۾ صاف پاڻيءَ جي ڍنڍ هئي جتان پاڻي پيتو. ڏٻري ٻڪر اهوئي فيصلو ڪيو ته هاڻ وڌيڪ رلڻ پنڻ بدران هتي ئي رهجي. سو سڀ خوشيءَ جي زندگي گذارڻ لڳا.
    هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو ٻنپهرن مهل هڪ چيتو اچي اتان نڪتو. انکي ڏسي سڀئي ٻڪريون ڊڄي ويون. هو سڀ ڏڪڻ لڳيون. ڪن کان ته ڦولڙيون ۽ پيشاب به وهي ويو.
    ڏٻري ٻڪر پنهنجين ٻڪرين جو اهو هيڻو حال ڏسي، رڙ ڪري چين: ”ٿورو صبر کان ڪم وٺو.هينئر ئي گوليون ۽ بارود نه ڇوڙيو. فقط هڪ چيتي پٺيان ائين توبون ڇوڙڻ صحيح نه آهن. پاڻ هيترا ڄڻا آهيون هن چيتي کي ته اڪيلو ئي جهلي کائي سگهون ٿا“.
    چيتي جو ڏٻري ٻڪر واتان توبن ۽ گولين جو ٻڌو ته وائڙو ٿي ويو. هن ڪڏهن به اهو نه ٻڌو هو ته ٻڪريون چيتي کي جهلي کائي سگهن ٿيون. سو هي اهڙو اچي ڊنو جو پُٺ ڏيئي وٺي جهنگل ڏي ڀڳو.
    ڪجهه دير جهنگل ۾ وڃڻ بعد هن کي هڪ گينڊو نظر آيو. چيتي کي ائين چرين وانگر ڊوڙندو ڏسي گينڊي کي ڏاڍو تعجب لڳو. هن چيني. جي اڳيان اچي هن کان پڇيو:”اهڙو جلدي ۾ تون ڪٿان پيو اچين؟ پٺيان ڪير لڳو اٿئي؟“
    چيتو ڊوڙڻ بند ڪري هڪ هنڌ ٿي بيٺو ۽ پوءِ ٿوري دير ساهه پٽي چيو: ”آئون هُتان سرسبز چراگاهه مان پيو اچان جتي هڪ خوفناڪ ٻڪرين جو ڌڻ بيٺو آهي. انهن مڙني وٽ بارود آهي ۽ مون تي گولين جو وسڪارو ڪيائون ٿي. پر آئون جان بچائي وٺي ڀڳو آهيان. ان ڪري تون مونکي ههڙي حال ۾ ڏسين پيو.“
    چيتي جي اها ڳالهه ٻڌي گينڊو حيران ٿي ويو ۽ کيس چيو:
    ”دنيا ۾ ڪهڙو هنڌ آهي جتي ٻڪرين وٽ بندوقون توبون هلائڻ لاءِ گوليون بارود آهن؟“
    ”ڇا توکي منهنجي ڳالهه تي يقين نٿو اچي؟“ چيتي چيو.
    ”هرگز نه.“ گينڊي وراڻيو ۽ چيو:”مون ڪڏهن به ڪنهن جي واتان اهو نه ٻڌو آهي ته ٻڪريون شڪار بدران شڪاري ٿيون هجن ۽ چيتي تي گولين سان حملو ڪرڻ جو سوچين. مون هيڏي ڄمار هن جهنگ ۾ گذاري آهي پر ڪڏهن به اهو نه ٻڌو اٿم ته ٻڪرين وٽ گوليون به ٿي سگهن ٿيون.“
    ”ڇا واقعي توکي منهنجي ڳالهه تي يقين نٿو اچي.“ چيتي پڇيو.
    ”آئون ڪڏهن به يقين نه ڪندس..“ گينڊي چيو، ”يا هيئن ڪر جو مون کي به اوڏانهن وٺي هل جيئن اهي خطرناڪ قسم جون ٻڪريون پنهنجن اکين سان ڏسي سگهان.“
    چيتو گينڊي جي اها ڳالهه ٻڌي سوچ ۾ پئجي ويو ۽ پوءِ گينڊي کي چيو: ”يار ڳالهه ٻڌ ٻڪرين جي ايڏي همت ڏسي مون کي هنن جي ويجهو ويندي ڊپ ٿو لڳي. ٻي ڳالهه ته هو تعداد ۾ به تمام گهڻيون آهن. ها، باقي ائين ٿي سگهي ٿو ته تون جيڪڏهن ساٿ نڀائڻ خاطر پنهنجو پڇ منهنجي پڇ سان ٻڌي هلين ته پوءِ توکي اوستائين وٺي هلان.“
    چيتي جي اها رٿ گينڊي قبول ڪئي. پوءِ ٻنهي جانورن پنهنجا پڇ هڪ ٻئي سان گنڍ ڏيئي ٻڌا. پڇ ٻڌڻ کانپوءِ ٻئي جانور ان چراگاهه ڏي روان ٿيا جتي چيتو ٻڪرين جي ڌڻ کي ڏسي آيو هو. پڇ هڪ ٻئي سان ٻڌڻ ڪري ٻنهي کي هلڻ ۾ هلاکائي ٿي رهي هئي پر آهستي آهستي قدم کڻندا هليا.
    ٻڪرين پري کان هنن جانورن کي جو ايندو ڏٺو ته هڪ دفعو وري ڊڄي ويون پر ڏٻري ٻڪرکين همٿ ڏياريندي چيو: ”توهان بلڪل فڪر نه ڪريو ۽ منهنجو چيو مڃو. هينئر اهڙو وقت اچي ويو آهي جو توهان کي ڳاڙها انگور کائڻ کپن“.
    پوءِ ڏٻري ٻڪر ۽ ٻڪرين ڳاڙها انگور چٻاڙڻ شروع ڪري ڏنا. انگورن جون جهنگلي وليون اتي ڪيتريون ئي هيون. اهي انگور کائڻ ڪري انگور جي ڳاڙهي رس سان سندس سڄا وات ڳاڙها ٿي ويا. ائين ٿي لڳو ڄڻ وات مان رت ڳڙي رهيو هجين. ان بعد ٻڪر کين ٻيو حڪم ڏنو: ”هاڻ منهنجون ٻڪريون اڳيان ايندڙ چيتي ۽ گينڊي ڏي وڌو.“
    ٻڪر جو حڪم ٻڌي سڀ ٻڪريون اڳيان ائين وڌڻ لڳيون ڄڻ چيتي تي حملو ٿيون ڪن. جڏهن چڱو ويجهو ٿيا ته ٻڪر رڙ ڪري چيتي کي چيو:
    ”اڙي او چيتا! ٻڪرين جي وات ڏي نهار ته ڪيئن رت سان ڀريون پيو اٿن. هينئر هينئر هنن هاٿي کائي بس ڪيو آهي. تون بيحد ڊڄڻو آهين. ڀڄڻ وقت واعدو ڪيو هئي ته ٻه گينڊا آڻي ڏيندين. هي ته فقط هڪ آهي. هڪ مان اسان جو ڇا پيٽ ڀربو.“
    اهو ٻڌي گينڊي جو ساهه سڪي ويو. يڪدم چيتي کي چيو: ”چئبو ته اهاڳالهه آهي، تون مون کي دوکوڏيئي هتي وٺي آيو آهين.“
    چيتو ڪو جواب ڏئي، ان کان اڳ گينڊو بل ڏيئي وٺي ڀڳو. سٽ سان سندس پڇ به ڪپجي ويو ۽ پوءِ گينڊو پڇ ڪپائي هڪ طرف وٺي ڀڳو ته چيتو، گينڊي جي باقي بچيل پڇ سميت ٻئي طرف.
    اهڙيءَ طرح ڏٻري ٻڪر جي اٽڪلن سان ٻڪريون بچي ويون ۽ انهن ڏينهن کانپوءِ گينڊي جو پڇ ننڍوآهي ۽ چيتي جو وڏو آهي.


    ڏاهي جهرڪي

    گهڻو گهڻو اڳ جي ڳالهه آهي ته ڪنهن زماني ۾ هڪ بادشاهه رهندوهو جنهن کي گليل سان پکي مارڻ جو شوق هو. بادشاهه جي هن شوق کي ڏسي ملڪ جي ٻين به ڪيترن ئي ماڻهن گليل سان پکي مارڻ شروع ڪري ڏنا. بادشاهه کي فقط اهي ماڻهو وڻيا ٿي جنکي گليل سان پکي مارڻ جو ڏانءُ آيو ٿي.
    بادشاهه پنهنجي خاص ماڻهن سان گڏ هر روز پکين جي شڪار تي نڪرندو هو ۽ پوءِ پکي ماري ماري آخرڪار هڪ ڏينهن محلات ۽ باغيچي جا سڀ پکي ختم ڪري ڇڏيا.
    هڪ ڏينهن بادشاهه پنهنجا ماڻهو ساڻ ڪري پکين جي ڳولا ۾ جهنگل ڏي شڪار لاءِ نڪتو. پکين جي ڳولا ۾ هنن هڪ هڪ وڻ هڪ هڪ ٻوٽو ڪري ڳولا ڪئي. ويندي جبل ۽ رڻ پٽ به ڳوليائون پر ڪٿي به ڪو پکي نظر نه آين.
    ٻپهريءَ ڌاري هو هڪ ٻنيءَ ۾اچي نڪتا. اها ايڏي ته وڏي ٻني هئي جو هڪ ڪنڊ کان سندس ٻي ڪنڊ نظر نٿي آئي.ان جي وچ تي هڪ وڏو گهاٽو وڻ هو. بادشاهه ۽ سندس ماڻهو ان وڻ ڏي وڌيا.
    هو وڻ وٽ پهچي هن جي هيٺان ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ويهي رهيا. جيتوڻيڪ هو سڀ ٿڪل هئا پر تنهن هوندي به هنن پکين جي ڳولا ۾ وڻ ڏي ڏسڻ بند نه ڪيو.
    امالڪ، بادشاهه جي نّظر هڪ جهرڪي تي پيئي جيڪا وڻ جي بلڪل هيٺاهين ڏار تي ويٺي هئي. بادشاهه پنهنجن ماڻهن مان هڪ کي هڪدم حڪم ڏنو ته ان جهرڪي کي گليل هڻي هيٺ ڪيراءِ.
    سندس نوڪر اٿي بيٺو ۽ گليل ۾ مٽيءَ جو پڪل گليلو وجهي جهرڪي کي ٺڪاءُ ڪرايو. گليلو جهرڪيءَ کي جيئن ئي لڳو ته اچي هيٺ ڦهڪو ڪيائين. بادشاهه جهرڪي جهلي نوڪر کي ڏني ته ان کي ڪهي ڇڏي.
    نوڪر ڪپ تکوڪري جهرڪيءَ جي ڳچيءَ تي جيئن ئي رکيو ته جهرڪيءَ ڳالهايو: ”منهنجا همدرد بادشاهه! مهرباني ڪري هن کي ڪهڻ کان جهل. آئون تنهنجي جيتامڙن نوڪرن مان هڪ آهيان. مون کي جيڪڏهن ماريندين ته سڄي عمر پڇتائيندو رهندين ۽ ان کان علاوه مون اڪيليءَ کي ڪهڻ مان توکي ڇا ورندو جومون مان هڪ ٻوٽي به ڪا مس ٿيندءِ.“
    جهرڪيءَ کي ڳالهائيندو ٻڌي بادشاهه کي ڏاڍي حيرت لڳي ۽ چيو: ”ڪمال آهي! جو هي پکي ڳالهائي به سگهي ٿو.“
    جهرڪيءَ وري ڳالهايو: ”منهنجا حاڪم، منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌ! آئون توهان جي انتظار ۾ هتي ڪيترن ڏينهن کان ويٺي هيس.“
    بادشاهه پڇيس: ”اهو ڀلا ڪيئن؟“
    جهرڪيءَ وراڻيو: ”گستاخي معاف! بادشاهه سلامت، مون کي پڙڏاڏي جو نياپو توهان کي ڏيڻو هو. منهنجي پڙ ڏاڏي مرڻ وقت هڪ تمام وڏو هيرو ڇڏيو هو. ان هيري جي ماپ توهان جي گوڏي جيڏي ٿيندي ۽ منهنجو پڙڏاڏو وصيت ڪري ويو ته هي هيروامانت آهي، جيڪا بادشاهه سلامت کي پهچائڻي آهي. ان ڪري آئون توهان جي راهه ۾ هر روز اوسيئڙو ڪندي رهيس ۽ پڪ هيم ته هڪ ڏينهن اهو ضرور ايندو، جڏهن منهنجي توهان سان ملاقات ٿي ويندي.“
    جهرڪيءَ جي ڳالهه ٻڌي بادشاهه چيو: ”مون کي ته عجب ٿولڳي ته هي پکي پاڻ وانگر ڳالهائي به سگهي ٿو. ان ڪري مون کي هن جي ڳالهه تي يقين آهي. اسانکي ڏيڻ لاءِ هن وٽ پڪ ڪجهه آهي.“
    جهرڪيءَ چيو: ”گستاخي معاف! بادشاهه سلامت! نه رڳو گوڏي جيڏو هيرو پر منهنجي پڙڏاڏي توهان ۽ توهان جي ماڻهن لاءِ هي نصيحتون به چيون آهن، جيئن انهن نصيحتن مان توهان جو ڀلو ٿي سگهي.“
    بادشاهه تنهن تي چيو: ”مهرباني ڪري ٻڌاءِ ته اهي ڪهڙيون نصيحتون آهن جيئن آئون ۽ منهنجا ماڻهو اهي ٻڌي ڪجهه فيض حاصل ڪري سگهون.“
    ان تي جهرڪيءَ بادشاهه کي ٻڌايو: ”منهنجا پيارا راجا منهنجي پڙڏاڏي توهان کي ٻڌائڻ لاءِ هي ٽي ڳالهيون چيون هيون. پهرين ڳالهه اها ته ڪنهن جي به مٺين ڳالهين تي اعتبار نه ڪجانءِ، ٻي ڳالهه اها ته، جيڪي ڪجهه هٿن مان هليو وڃي ان جي موٽي اچڻ جي اميد نه رکجانءِ، ۽ آخري نصيحت اها ته جيڪي تنهنجو نه رهيو آهي ان تي افسوس هرگز نه ڪجانءِ. هاڻ مون کي اجازت ڏي ته توهان لاءِ هيرو کڻي اچان، جيڪو منهنجي پڙڏاڏي امانت طور مون وٽ رکيو هو ته هن ملڪ جي بادشاهه جي حوالي ڪريان. اهو هن وڻ جي بلڪل چوٽ تي رکيو آهي.“
    بنا ڪنهن سوچ ويچار جي بادشاهه سلامت حڪم ڏنو ته هن جهرڪيءَ کي آزاد ڪيو وڃي.
    جيڪو ماڻهو هن جهرڪيءَ کي ڪهڻ وارو هو تنهن جهرڪيءَ کي هڪدم آزاد ڪيو. جهرڪي اڏامي بادشاهه جي ڪلهي تي اچي ويٺي. اتي پنهنجا کنڀ ڇنڊي لسا ڪيا ۽ پوءِ بادشاهه کي چيو، ”گستاخي معاف، بادشاهه سلامت! مهرباني ڪري توهان هتي ئي ترسو جيسين آئون وڻ جي مٿاهين چوٽيءَ تائين پهچان.“
    پوءِ جهرڪي وڻ جي سڀ کان مٿاهين چوٽيءَ ڏي اڏامڻ لڳي جتي ڪنهن به ماڻهوءَ جو گليلو پهچي نه سگهي.
    بادشاهه ۽ هن جا ماڻهو ڪيتري دير تائين هن جي موٽڻ جو انتظار ڪندا رهيا. سڀني چيو ته اجها ٿي جهرڪي بادشاهه لاءِ هيرو آڻي. پر ائين لڳو ته جهرڪيءَ کان سندس ڪيل واعدو ئي وسري ويو آهي. هيرو آڻڻ ته پوءِ جي ڳالهه ٿي پر وڻ جي مٿاهين چوٽيءَ تي وڃي ويٺي ته پوءِ اتان چري به نه پئي. هر هڪ کي ڏاڍي دير ٿي رهي هئي. سج لهڻ ۾ باقي ڪي لمحا هئا. آخر بادشاه سلامت رڙ ڪري جهرڪيءَ کي چيو: ”جهرڪي! ڪٿي آهي اهو هيرو جيڪو تنهنجي پڙڏاڏي مون کي ڏيڻ لاءِ تنهنجي حوالي ڪيو هو؟ هاڻ جلدي کڻي اچ جو مون کي گهر ڏي وڃڻ ۾ دير پئي ٿئي.“
    جهرڪيءَ جڏهن بادشاهه جي واتان اها ڳالهه ٻڌي ته کلي کلي کيري ٿي ويئي ۽ پوءِ چيو: ”بادشاهه سلامت منهنجي ڳالهه کي درگذر ئي ڪري ڇڏيو ته تمام سٺو. توهان کي گهر وڃڻ کي دير ٿي رهي آهي ته ڀلي هليا وڃو. هتي ترسي ڇو پيا آهيو؟ ڇا مون توهان کي اهو ٻڌايو نه هو ته ڪڏهن به ڪنهنجي مٺين ڳالهين تي اعتبار نه ڪجو. هٿن مان هلي ويل شيءِ جي موٽي اچڻ جو انتظار نه ڪجو. ۽ جيڪي توهان وٽ نه رهيو آهي، ان تي افسوس هرگز نه ڪجو. بادشاهه سلامت توهان پاڻ ڪجهه سوچيو: ”آئون ڀلا ڪيئن ايڏو توهان جي گوڏي جيڏو هيرو کڻي سگهان ٿي جڏهن ته آئون ئي ايڏي وڏي نه آهيان. مون ته اها ڪهاڻي فقط تنهنجي چنبي مان نڪرڻ لاءِ گهڙي ورتي هئي. تو ان تي يقين ڪري مونکي آزاد ڪري ڇڏيو. هاڻ آئون اهڙي هنڌ تي آهيان جتي ڪو منهنجو وار به ونگو نٿو ڪري سگهي. آئون تنهنجي پهچ کان بلڪل پري آهيان ۽ مون کي وري ڦاسائڻ جو تون سوچجانءِ به نه. مهرباني ڪري منهنجون اهي نصيحتون ياد رکجانءِ ۽ ٻين کي به اهي ٻڌائجانءِ، جيڪي ڪجهه توهان جي هٿن ۾ آهي ان جي چڱي طرح حفاظت ڪجو ۽ جيڪي ڪجهه گم ٿي ويو آهي ان جي واپسيءَ جي اميد نه رکجو. هاڻ بادشاهه سلامت! مهراني ڪري پنهنجي محلات ڏي روان ٿي وڃو متان رستي تي اونداهه نه ٿي وڃان.“
    اهو چئي جهرڪيءَ پنهنجو پڇ مٿي ڪري وٺ لاٿي، وٺ سڌي اچي بادشاهه جي گليل تي ڪري جيڪو ان وقت مٿي ڏسي رهيو هو.
    بادشاهه ڏاڍو لڄارو ٿيو. هڪ ننڍڙي پکيءَ کيس بيوقوف بڻائي ورتو. ان بعد نهايت غمگين حالت ۾ محلات ڏي موٽيو.
    جهرڪي ڪا دير بادشاهه ۽ ان جي ماڻهن کي ويندو ڏسندي رهي. ان بعد خوشيءَ مان اڏامي هوا ۾ ڦيريون پائڻ لڳي.


    نيڪدل ديو

    ڪنهن جبل تي هڪ ديو رهيو ٿي. هو تمام نيڪ هو ۽ غريبن جي تمام گهڻي مدد ڪندو هو. هو جڏهن شهر ڏي ايندو هو ته ڪونه ڪو ويس بدلائي ايندو هو. هڪ ڏينهن شڪاريءَ جي روپ ۾ گهوڙي تي سوار ٿي جهنگل مان گذري رهيو هو ته هڪ ماڻهوءَ کي ڪاٺيون ميڙيندو ڏٺائين. ديو پڇيو: ”ڀائو انهن ڪاٺين جو ڇا ڪندين؟“
    ”اڌ ته وڪڻي ڇڏينديس ۽ گهر جي ڀاتين لاءِ کائڻ جو سامان خريد ڪندس، باقي اڌ ٻارڻ لاءِ گهر کڻي ويندس.“ ماڻهو جواب ڏنو.
    ديو پنهنجي گهوڙي تان لهندي چيو: ”تون هي منهنجو گهوڙو کڻ ۽ هن کي سوداگر وٽ وڪڻي اچ. پر هن کان پنجاهه ڊالرن کان هڪ پائي به گهٽ نه وٺجانءِ. هو توکي گهٽ پئسا ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو. هو تمام ڪمينو ۽ لالچي آهي. هن جي ڳالهين ۾ هرگز نه اچجانءِ.“
    هن ماڻهوءَ ديو جا ٿورا مڃيا ۽ گهوڙي تي چڙهي سوداگر وٽ پهتو. سوداگر کي گهوڙو تمام گهڻو پسند آيو. پر هن ان ماڻهوءَ کي قيمت گهٽ ڪرڻ لاءِ چيو پر هن انڪار ڪيو. سوداگر نيٺ پنجاهه ڊالر ڪڍي اهو گهوڙو خريد ڪيو. پنجاهه رپين ۾ هي گهوڙو تمام سستو هو.
    لالچي سوداگرسوچيو ته هي گهوڙو ڪنهن هاريءَ کي ٻيڻي قيمت تي ڏئي پئسا ڪمائجن. هن گهوڙي کي پنهنجي اصطبل ۾ ٻڌو ۽ گراهڪ جي ڳولا ۾ ٻاهر نڪتو. جلدئي هن کي هڪ اٻوجهه هاري ملي ويو. سوداگر هن کي سؤ روپين ۾ گهوڙو وٺڻ لاءِ راضي ڪري ورتو. پر جڏهن سوداگر هن غريب هاري کي اصطبل ۾ گهوڙو ڏيکارڻ لاءِ آيو ته گهوڙو اتان غائب ٿي چڪو هو. هو سمجهي ويو ته اها ديو جي لچائي آهي. هن کي ديو تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن کان بدلو وٺڻ جو سوچيو.
    هوڏانهن ديو سوداگر کي وڌيڪ ستائڻ جو طريقو سوچيو. هو هڪ مزور جي روپ ۾ هن جي گهر آيو ۽ چوڻ لڳو: ”آئون هڪ غريب ماڻهو آهيان. مون وٽ رُکي ماني کائڻ لاءِ به پئسا نه آهن.مون کي ڪا مزدوري ڏي ته ڪم ڪريان.“
    سوداگر هن کي چيو: ”هنن ڪاٺين کي ڪارائيءَ سان ڪٽي ننڍا ننڍا ٽڪر ڪر.“
    ”مون کي ان ڪم جا ڪيترا پئسا ملندا؟“ ديو پڇيو.
    ”تون انهن مان جيڪي به کڻي سگهين ته کڻي وڃجانءِ.“ سوداگر چيو.
    ديو چند منٽن ۾ سڀ ڪاٺيون وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيون. ان کانپوءِ هُن سوداگر جي گهر جا دروازا، ڇتيون ۽ ڪاٺ جي هر شيءِ ڪٽي ورتي. ان کانپوءِ انهن سڀني ڪاٺين جي ٽڪرن کي پنهنجي پٺيءَ تي رکي غائب ٿي ويو.


    چنڊ جي ڌيءَ

    هڪ هئي ننڍڙي ڇوڪري. هن جا ماءُ پيءُ مري ويا هئا. هوءَ ويچاري گهر ۾ اڪيلي رهجي ويئي. هڪ شاهوڪار ماڻهو هن کي پنهنجي گهر وٺي آيو جتي هن ويچاريءَ کي تمام گهڻوڪم ڪرڻو پيو ٿي. هن کي سڄي گهر لاءِ پاڻي ڀرڻو پيو ٿي ۽ سڄي گهر جي ڀاتين لاءِ ماني پچائڻي پئي ٿي. وچ ۾ جيڪو وقت مليس ٿي ان ۾ ٻارن جي سار سنڀال لڌيائين ٿي ۽ ان سڄي ڏينهن جي پورهئي جي عيوض هن کي بس ٻن وقتن جي رُکي سُکي ماني ملي ٿي. راند روند ته ٿي پري جي ڳالهه هن کي کن پل جو آرام نٿي مليو. شاهوڪار ماڻهو بيحد چالاڪ ۽ بي رحم هو ۽ هن جي زال تي هن کان به ٻه وکون اڳيان هئي.
    هڪ رات جي ڳالهه آهي جڏهن آسمان تي چنڊ چمڪي رهيو هو ۽ ٻاهر تمام گهڻو سيءَ هو. شاهوڪار ماڻهوءَ جي زال هن نينگريءَ کي پاڻي ڀري اچڻ لاءِ چيو. هيءَ ٻارڙي پاڻي ڀرڻ لاءِ ٻاهر ويئي. جڏهن هوءَ تلاءَ وٽ پهتي ته سيءَ کان هن جا پير پٿر ٿي ويا. پاڻي به سڄو ڄميو برف ٿيو پيو هو. نينگريءَ برف جي مٿئين تهه ۾سوراخ ڪيو ۽ پاڻيءَ جي باردي ڀري گهر ڏي واپس ورڻ لڳي. گهرجي ويجهو پهچي جيئن ئي هن در جو دڪيون چڙهيون ته پير ترڪي ويس ۽ سڄو پاڻي هارجي ويس. ڇوڪري ڊڄي ويئي. ته هاڻ هوءَ ڇا ڪري. خالي باردي کڻي اندر گهر ۾ گهڙي نٿي سگهي. هوءَ دروازي جي ئي ٻاهر بيهي ڏڪندي رهي. مٿي آسمان ۾ چنڊ چمڪي رهيو هو ۽ هن ڏي ڏسي کلي به رهيو هو.
    ڇوڪريءَ چنڊ کي چيو: ”اي چنڊ، ڇا تون نٿو ڏسين ته آئون ڪيتري ڏکويل آهيان. ڇا توکي مون تي ڪهل نٿي اچي. ڇا تون منهنجي مدد نه ڪندين؟ مونکي هنن ظالمن مان آزاد ڪر. هي مونکي ماري ڇڏيندا.“
    چنڊ هن جي ظلم جو داستان ٻڌي هيٺ زمين تي لهي آيو. هو هڪ خوبصورت نوجوان جي ويس ۾ هو ۽ اڇي رنگ جي وڳي ۾ سهڻو لڳي رهيو هو. چنڊ جي وڏي ڀاءُ سج به هن ڇوڪريءَ جون آزيون نيزاريون ٻڌي ورتيون هيون ۽ هو به مرداڻي شڪل ۾سونهري رنگ جا ڪپڙا اوڍي زمين تي لهي آيو.
    سج چنڊ کي چيو: ”آئون هن ڏکويل ڇوڪريءَ کي وٺڻ آيو آهيان. هن کي منهنجي حوالي ڪري ڇڏ. ان ڪري جو آئون توکان وڏو آهيان.“
    چنڊ ورندي ڏنس: ”اهو صحيح آهي ته تون مون کان وڏو آهين ادا سج، پر هن وقت رات آهي، ۽ آئون رات جوبادشاهه آهيان. هن نينگريءَ مون کان مدد گهري ۽ پهرين آئون هيٺ آيس. ان ڪري هن کي آئون وٺي ويندس.
    چنڊ هن غريب ڇوڪريءَ کي پنهنجن ٻانهن تي کڻي آسمان ڏي اڏامي ويو. ان وقت کان وٺي هيءَ ننڍڙي ڇوڪري چنڊ ۾ رهي ٿي. جڏهن توهان چوڏهين جي سڄي چنڊ کي غور سان ڏسندائو تهان ۾ هيءَ کلندي ڳائيندي نظر ايندو.


    آئون مرڻ چاهيان ٿو

    ”هيڏانهن! او ڇوڪر! تون هن شهر ۾ رهين ٿو.“ اجنبيءَ پڇيو.
    ”هائو. ۽ تون ڪير آهين ۽ ڇا ٿو چاهين؟“ ڇوڪريءَ پڇيو.
    ”منهنجو نالو ڪارلو آهي. آئون بار سلونا (اسپين) کان آيو آهيان.“ اجنبي وراڻيو.
    ”بار سلونا؟ اهو ته تمام پري آهي. تمام پري.“
    ”ها. بلڪل صحيح ٿو چوين. آئون هڪ همراهه جي ڳولا ۾ هتي آيو آهيان. هو جهور پوڙهو آهي.“ ڪارلو چيو.
    ”هن ڳوٺ ۾ ته ڪيترائي پوڙها آهن.“ ڇوڪري چيو.
    ”هي پوڙهو سڀني کان وڌيڪ پوڙهو آهي. ماڻهو ٻڌائين ٿا ته هي هرگز نٿو مري. هو مري نٿو سگهي....“
    ”اها ڳالهه ڪر. هاڻ هن کي مون سڃاتو. هو هن ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي رهي ٿو. هو سامهون هڪ ننڍڙو گهر ڏسين پيو؟ هائو.... اهوئي. ڏس. هڪ مائي ان گهر ۾ گهڙي رهي آهي.
    ”اها ڪير آهي؟“ ڪارلو پڇيو.
    ”اها هن ڳوٺ ۾ ئي رهي ٿي. هوءَ ان پوڙهي لاءِ روزانو ماني کڻي ويندي آهي. هو تمام گهڻو پوڙهو ۽ بيمار آهي. هن جي ڪابه زال، ٻار يا دوست نه آهن. اهي سڀ ڪڏهوڪو مري ويا. سڀ جا سڀ هاڻ ڪير نه رهيو آهي.“ ڳوٺ جي ڇوڪر ٻڌايو.
    ”مون کي هن وٽ ضرور وڃڻ کپي.“ ڪارلو چيو.
    ”نه. بهتر آهي ته هن وٽ نه وڃ، اجنبي!“ ڇوڪر ڇيو.
    ڪارلو پٺيان مڙي ڇوڪر کي ڏٺو.
    ”ڇو ڀلا؟“
    ”ان لاءِ جو هي پوڙهو ماڻهو اسان وانگر ناهي. هو نه ته اسان وانگر ڳالهائي سگهي ٿو ۽ نه هن کي اسان جي ٻولي سمجهه ۾ اچي ٿي. هو اسان کي هر وقت ڪجهه ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر اسان کي سندس اکر به سمجهه ۾ نٿو اچي. هو اها ساڳي ڳالهه ذري ذري ورجائيندو رهي ٿو.“
    ”مون کي هن سان ضرور ملڻ کپي، نوجوان ڇوڪرا.“ ڪارلو پڪي ارادي سان چيو.
    ڪارلو ان ٽڪريءَ ڏي روانو ٿي ويو جتي هن پوڙهي ماڻهوءَ جو گهر هو. هن وٽ پهچڻ تي هن ڏٺو ته ان جو اڳيون در کليل هو سو هي اندر گهڙي ويو. اندر گهڙڻ سان سامهون کيس هڪ ماڻهو نظر آيو. هي بيحد پوڙهو، ڏٻرو ۽ بيمار نظر اچي رهيو هو.
    ”آئون توسان ڳالهائڻ چاهيان ٿو،“ ڪارلو چيس، ”آئون اندر اچي سگهان ٿو؟“
    پوڙهي ماڻهوءَ ڪجهه ڳالهايو پر اهي لفظ ان اسپيني زبان جا نه هئا جيڪا بارسلونا ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. اهي هڪ تمام قديمي زبان جا هئا.
    ڪارلو هن جي سامهون ٿي بيٺو ۽ پوءِ هن ساڳي پراڻي ٻوليءَ ۾ ’هيلو‘ چئي کيڪار ڪيس.
    اهو ٻڌي پوڙهي ماڻهوءَ جي اکين مان خوشيءَ وچان ڳوڙها ڳڙي آيا.
    ”تون منهنجي زبان ڳالهائي سگهين ٿو! تون منهنجي ڳالهه سمجهي سگهين ٿو!“ پوڙهي پڇيو.
    ”هائو،“ ڪارلوس وراڻيس، ”آئون توکي سمجهي سگهان ٿو، ڇو جو تعليم دوران آئون جهونين زبانن جو شاگرد هوس، پر مون کي اهو ته ٻڌاءِ توکي اها زبان ڪيئن اچي ٿي. اها زبان ته ايڏي پراڻي آهي جو اڄڪلهه ان کي ڪير به نٿو ڳالهائي.“
    ”ان لاءِ توکي منهنجي ڪهاڻي ٻڌڻي پوندي.“ پوڙهي ماڻهوءَ جهيڻي آواز ۾ چيو.
    ”آئون پنهنجي وقت جو وڏو امير ماڻهو هوس. مون کي پنهنجي زندگيءَ سان ۽ دولت سان پيار هو. هڪ ڏينهن منهنجي گهر ۾ هڪ ماڻهو آيو.
    ’ٻاهر مينهن پيو پوي،‘ هن چيو، ’آئون سڄو پسي ويو آهيان ٿڌ ڪري ڏڪي به رهيو آهيان. آئون اندر اچي سگهان ٿو؟‘
    ’هائو،‘ مون وراڻيومانس ۽ ماڻهو اندر گهڙي آيو.
    اندر اچي گهر جي هر هڪ خوبصورت شيءِ کي هن غور سان جانچيو.
    ’تون شاهوڪار ماڻهو آهين،‘هن چيو، ’تو وٽ دنيا جي هر شيءِ آهي.‘
    ’نه. نه‘ مون هن کي چيو. ’تون غلط آهين. هر شيءِ نه اٿم.‘
    ’ڇا ڀلا تو وٽ نه آهي؟’ هن پڇيو.
    ’مون کي وڏي ڄمار کپي. آئون هميشه لاءِ جيئڻ گهران ٿو. آئون مرڻ نٿو چاهيان.‘
    ’آئون توکي وڏي ڄمار ڏئي سگهان ٿو. پر ڇا توکي پڪ آهي ته حياتي ملڻ تي تون خوش رهي سگهندين؟ ڇا توکي واقعي ڊگهي حياتي کپي؟‘
    ’ها، مون کي بلڪل کپي‘، مون هن کي جواب ڏنو.
    ’آئون هن ڪتاب تي ڪجهه لفظ لکان ٿو. هر شيءِ فنا ٿيڻي آهي. پر تون تيستائين جيئرو هوندين جيسين هيءَ منهنجي لکڻي ۽ ڪتاب سلامت هوندو. ان کان اڳ تون مري نه سگهندين. هاڻ هي ڪتاب ڪٿي پري سوگهو ڪري رک. اهو تنهنجي زندگي آهي.‘
    آئون نوجوان هوس ۽ مون ان وقت سدائين لاءِ جيئڻ چاهيو ٿي. سو ان ڪتاب کي پري حفاظت سان ڪري رکيم. ۽ پوءِ آئون جيئرو رهيس.... سالن جا سال.... ۽ سال. ۽ هينئر تنهنجي سامهون آهيان- اڃا تائين جيئرو جاڳندو. منهنجا سڀ مٽ مائٽ ۽ دوست يار مري چڪا آهن. آئون ايڏو ته پوڙهو ٿي چڪو آهيان جو هاڻ نه ته هلي سگهان ٿو ۽ نه ڪرسيءَ تان اٿي سگهان ٿو. آئون هاڻ مرڻ چاهيان ٿو پر مري به نٿو سگهان. آئون ڳالهائڻ چاهيان ٿو پر جهوني جڳ جي ماڻهن مان اڄ ڪوبه جيئرو ناهي جيڪو منهنجي زبان سمجهي. ڪوبه مونسان ڳالهه نٿو ڪري سگهي، اڄ تو اچي ڳالهايو آهي. ڪوبه ماڻهو منهنجي مدد نٿو ڪري سگهي. آئون مرڻ چاهيان ٿو. مهرباني ڪري منهنجي مدد ڪر!“
    ”پر ڪهڙيءَ طرح؟“ ڪارلو چيو.
    ”اهو جهونو ڪتاب مون کي هڪدم آڻي ڏي. اهو ڪتاب باغيچي جي ڪنڊ واري ڪمري ۾ آهي. مهرباني ڪري اهو ڪتاب ان ڪمري جي ڪٻٽ مان کڻي اچ ۽ هينئر جو هينئر ان کي باهه ۾ وجهي ٻاري ساڙي ڇڏ.“
    ڪارلو ان ڪمري ڏي هليو ويو ۽ ٿوري دير بعد اهو ڪتاب کڻي آيو. پوڙهي ماڻهوءَ هن کان ڪتاب وٺي باهه ۾ اڇلايو.
    ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا ان ڪتاب کي باهه ۾ سڙندو ڏسڻ لڳا.
    ”ڏس ڪتاب سڙي رهيو آهي!“ ڪارلو چيو.
    ”هائو، هاڻ آئون بيحد خوش آهيان.“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو.
    ”مهرباني تنهنجي،“ پوڙهي ماڻهوءَ ڊگهو ساهه کڻي ڪارلو کان موڪلايو، ”منهنجي ڊگهي زندگيءَ جي پڄاڻي ٿي رهي آهي ۽ آئون بيحد خوش آهيان.“


    گڏهه جي ڪنن وارو شهزادو

    گهڻو گهڻو اڳ جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ولايت ۾ هڪ بادشاهه رهندو هو. هن کي مال ملڪيت ته اڻ ميو هو پر ڪوبه اولاد نه هوس. هن کي ٻارن سان بيحد گهڻو پيار هو ۽ هن چاهيو ٿي ته هن کي به ڪو ٻار هجي جيڪو سڄي محلات ۾ کيڏندو رهي. آخر ٻيو ڪو چارو نه ڏسي هن پرين کان مدد وٺڻ چاهي. هن کي ڪنهن ٻڌايو ته ان ڏس ۾ تنهنجي مدد پريون ئي ڪري سگهن ٿيون، جيڪي جهنگل ۾ رهن ٿيون.
    آخر هڪ ڏينهن هو تيار ٿي پرين سان ملڻ لاءِ جهنگل ۾ پهتو. اتي جهنگل ۾ رهندڙ ٽئي پريون هن سان مليون ۽ هن ساڻن پنهنجي دل جو حال اوريو. پرين هن جي سڄي ڳالهه غور سان ٻڌي، پوءِ اها خوشخبري ٻڌائي ته کيس سال جي اندر اندر هڪ شهزادو ڄمندو.
    بادشاهه اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. پنهنجي محلات ۾ پهچڻ سان پنهنجي راڻيءَ کي پهرين اها ڳالهه ٻڌائي ان بعد سڄي ملڪ ۾ خوشيون ملهايون ويون. پوءِ پوري هڪ سال هڪ ڏينهن بعد بادشاهه سلامت جي گهر ۾ هڪ پٽ ڄائو. رات جو ٽئي پريون مبارڪ ڏيڻ آيون ۽ هر هڪ پريءَ شهزادي لاءِ تحفو ڏنو.
    پهرين پريءَ چيو: ”تون دنيا جو سڀ کان سهڻو شهزادو ٿيندين.“
    ٻي پريءَ چيو: ”تون دنيا جو سڀ کان گهڻو عقلمند ۽ نيڪدل شهزادو ٿيندين.“
    ٽين پريءَ سوچيو ته پهرين ۽ ٻي پريءَ دنيا جون تمام خوبيون هن شهزادي کي ڏئي ڇڏيون آهن. ائين نه ٿئي ته هي وڏو ٿي مغرور ٿئي. سو هن ڪجهه دير سوچي سوچي پوءِ دعا بدران بددعا ڏني: ”شهزادا تنهنجا ڪن گڏهه جي ڪنن جهڙا وڏا ٿيندا. جيئن تون مغرور نه ٿي وڃين.“ ان بعد ٽئي پريون غائب ٿي ويون.
    شهزادو وڏو ٿي واقعي گهڻو خوبصورت، عقلمند ۽ نيڪدل ٿيو. پر انهن مڙني ڳالهين سان گڏ گڏ هن ۾ هڪ عجيب ڳالهه به ٿي. هن جا ڪن گڏهه جي ڪنن جهڙا ڊگھا ۽ بي ڊولا ٿي پيا. بادشاهه ان ڊپ کان ته ڪٿي ماڻهن کي معلوم نه ٿي وڃي ته هن جي پٽ جا گڏهه جي ڪنن جهڙا ڪن آهن، ڪيترن ڏينهن تائين شهزادي جي حجامت ئي نه ڪرائي. پر هڪ نه هڪ ڏينهن ته هن جي حجامت ٿيڻي هئي.
    آخر وڏي سوچ ويچار کان پوءِ بادشاهه هڪ حجام گهرايو ۽ هن کي محلات ۾ ٽڪڻ لاءِ ڪمرو ڏئي ڇڏيو. هن جو ڪم فقط اهو هو ته هو شهزادي جا وار ڪتري ۽ ان جي هو ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪري ته شهزادي جاڪن بيڊولا ۽ ڊگھا آهن.
    حجام محلات ۾ مفت جي رهائش ۽کاڌو پيتو حاصل ڪري ڏاڍو خوش ٿيو. هن بادشاهه سلامت سان واعدو ڪيو ته اها راز جي ڳالهه هو دل ۾ ئي رکندو ۽ هو ڪنهن به بني بشر سان شهزادي جي ڪنن جي ڳالهه نه ڪندو.
    حجام ڪجهه عرصي لاءِ ته ماٺ ماٺ ۾ گذر ڪندو رهيو پر دل ۾ سانڍيل اهو راز هن جي سيني تي پٿر وانگر ڳرو ٿيڻ لڳو. هن کي هر وقت عجيب مونجهه ۽ بار محسوس ٿيڻ لڳو. هن چاهيو ٿي ته ڪنهن سان ا هو راز کولي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪري.
    آخر هڪ ڏينهن تمام گهڻو تنگ ٿي هو هڪ فقير وٽ ويو ۽ هن سان سڄي ڳالهه ڪئي. فقير کيس چيو ته هينئن ڪر جو جهنگل ۾ هليو وڃ اتي هڪ وڏو کڏو کوٽي ان کي سڄي ڳالهه ٻڌائي ڇڏ. اهڙي طرح تنهنجي دل جو بار هلڪو ٿي ويندو.
    حجام جهنگل ۾ پهچي فقير جي چوڻ مطابق هڪ وڏو کڏ کوٽيو پوءِ ان ۾ منهن وجهي سڄو راز ٻڌايو. ان کانپوءِ هن جي دل جو بار واقعي هلڪو ٿي ويو ۽ هو خوش پاش محلات ۾ واپس پهتو.
    هاڻ هڪ عجيب ڳالهه رونما ٿي. جتي حجام کڏو کوٽيو هو اتي هڪ ڪانڍيري جو وڻ ڦٽي پيو ۽ اهو وڻ ڏينهون ڏينهن ويو وڏو ٿيندو. هڪ ڏينهن هڪ جوڳي فقير اتان اچي لنگهيو. هن هيڏو وڻ جو ڏٺو سو ان کي وڍي ان مان هڪ بانسري ٺاهي جڏهن هن انکي وڃايو ته هن مان آواز نڪتو.
    ٻڌو هڪ ڳالهه سڀ انسانو ۽ جن
    شهزادي کي اٿانوَ گڏهه جا ڪن.
    ان بعد جوڳي فقير جتي به ۽ جڏهن به بانسري وڄائڻ لڳو ته منجهانئس ساڳيو آواز نڪرڻ لڳو:
    ”ٻڌو هڪ ڳالهه سڀ انسانو ۽ جن
    شهزادي کي اٿانوَ گڏهه جا ڪن.“
    بادشاهه کي اهو ٻڌي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. هن سوچيو ته جوڳي فقير کي اها ڳالهه سواءِ حجام جي ڪو ٻيو ٻڌائي نٿو سگهي. بادشاهه هڪدم پنهنجن سپاهين کي حڪم ڪيو ته محلات ۾رهندڙ حجام جو هڪدم ڪنڌ ڪپيو وڃي.
    بادشاهه جي اها ڳالهه ٻڌي شهزادو اڳيان وڌيو ۽ هٿ ادب جا ٻڌي پنهنجي پيءُ بادشاهه سلامت کي عرض ڪيو: ”سائين منهنجا، توهان ويچاري غريب حجام کي سزا ڇو ڏيئي رهيا آهيو؟ هن جي ڳالهه ڪئي به آهي ته اها سچي ڳالهه ڪئي آهي. هڪ حقيقت کي لڪائڻ مان ڇا فائدو. جيڪا شيءِ توهان ماڻهن کان هيترو وقت لڪائي رکي، اها هاڻ عوام کي ڏيکارڻ ئي بهتر آهي. خدا جي گهريو ته مون ۾ ان عيب هجڻ جي باوجود به آئون پنهنجي رعيت جو پيارو بادشاهه ثابت ٿيندس.“ اهو چئي شهزادي پنهنجي ٽوپي لاهي ڇڏي.
    بادشاهه جي اکين۾ ڳوڙها تري آيا ۽ هن حجام کي ان ئي وقت معاف ڪري ڇڏيو. ان ئي وقت هڪ عجيب ڳالهه ٿي. شهزادي جا گڏهه جي ڪنن جهڙا ڪن هڪدم غائب ٿي ويا ۽ هن جي جاءِ تي انسانن جي ڪنن جهڙا ڪن اچي ويا.
    اصل ۾ ڳالهه هيءَ ٿي ته شهزادي جي سچائي ۽ نيڪيءَ جي ٽين پرين کي خبر پئجي وئي ته هي شهزادو مغرور نه ٿيندو. انڪري هن پنهنجي بددعا واپس وٺي ڇڏي.


    شينهن ۽ ٻڪري

    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ پوڙهي ٻڪري پنهنجي ڌڻ کان جدا ٿي وئي. شام ٿي چڪي هئي ۽ هاڻ آهستي آهستي رات جي اونداهي ڇائنجي رهي هئي. ٻڪريءَ کي تمام پري هڪ ڏورانهين ڳوٺ ڏي وڃڻو هو پر هاڻ ههڙي اونداهه ۾ هوءَ اڪيلي سر وڃي نٿي سگهي. هن ڪٿي ويجهڙائيءَ ۾ ئي رات گذارڻ جو فيصلو ڪيو.
    هوءَ ٿورو اڳتي هلي ته هن کي هڪ غار نظر آئي. ٻڪريءَ ان غار ۾ لڪي رات گذارڻ چاهي ٿي. هوءَ ان غار ۾ اندر هلي وئي.
    ان غار ۾ هڪ خوفناڪ شينهن پڻ رهيو ٿي. شينهن کي ڏسي ٻڪريءَ جو ته ساهه ئي سڪي ويو. هوءَ نه ته ڀڄي سگهي ٿي ۽ نه وري شينهن سان وڙهي سگهي ٿي. ايتري ۾ هن جي دماغ ۾ هڪ اٽڪل اچي وئي. هن وڏي آڪڙ مان پنهنجو ڪنڌ اڀو ڪري، شينهن جي اکين ۾ اکيون ملائي هن کي ڪاوڙ مان گهورڻ لڳي.
    شينهن جو اهو لقاءُ ڏٺو ته هن کي پنهنجين اکين تي يقين ئي نه آيو. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به جانور کي اها همت نه ٿي جو هن جي غار جي ٻاهران به لنگهي سگهي سو اڄ ٻڪريءَ جهڙي جانور رات جي وقت اندر غار ۾ گهڙي اچڻ جي همت ڪيئن ڪئي ۽ سو به وڏي رعب تاب سان. شينهن ڪا دير ته هن ٻڪريءَ کي وائڙن وانگر ڏسندو رهيو. پوءِ چيو:
    ”تون ڪير آهين ۽ هتي ڪيئن آئي آهين؟“
    ”آئون ٻڪرين جي راڻي آهيان. مون قسم کاڌو آهي ته هڪ سؤ چيتا، پنجويهه هاٿي ۽ ڏهه شينهن جيئرا چٻاڙي کائينديس. اڃا تائين مون سؤ چيتا۽ پنجويهه هاٿي ته کائي ورتا آهن. هاڻ ڏهه شينهن جي ڳولا ۾ آهيان.“
    شينهن اهو ٻڌي ڊڄي ويو. هن سوچيو ته ٿي سگهي ٿو ته هيءَ ٻڪري واقعي سچ چئي رهي هجي. شينهن ڏڪندي نئڙت مان چيو: ”آئون مرڻ کان اڳ درياهه ۾ وهنجڻ چاهيان ٿو.“
    ٻڪريءَ وڏي رعب سان هن کي موڪل ڏيندي چيو: ”چڱو وڃ. جلدي وهنجي صاف سٿرو ٿي اچ.“ اهو ٻڌڻ سان شينهن گوليءَ وانگر غار مان ٻاهر نڪري ويو. رستي تي هن کي گدڙ مليو. گدڙ شينهن جا هي حال ڏسي پڇيس: ”اي جهنگل جا راجا، تون ڪيڏانهن پيو وڃين؟“
    شينهن وراڻيس؛ ”اڄ رات غار ۾ هڪ اهڙو جانور اچي نڪتو آهي جيڪو لڳي ته ٻڪريءَ جهڙو ٿو پر هو شينهن کي به کايو وڃي. آئون هن کان جان بچائي ڀڳو آهيان.“
    ڏاهو گدڙ شنيهن جي ڳالهه مان صحيح صورت جو اندازو لڳائي ورتو ۽ کلندي شينهن کي چيو: ”اي جهنگل جا بادشاهه توهان سان نسوروئي دوکو ٿيو آهي. آئون سمجهي ويو آهيان ته توکي بيوقوف بنايو ويو آهي. هاڻ هل ته واپس هلون ۽ شاندار دعوت جو مزو ماڻيون.“
    غار ۾ پهچڻ تي ٻڪريءَ جهڙو ئي شينهن ۽ گدڙ کي ايندو ڏٺو ته هوءَ گهٻرائجي وئي ته هاڻ هن جو خير ناهي ۽ سندس اٽڪل جا پول پڌرا ٿي ويا آهن. پر ان هوندي به ٻڪريءَ همت نه هاري. هن ڪاوڙ واري منهن سان گدڙ کي سخت نفرت مان گهوري ڪڙڪ آواز ۾چيو: ”اي نادان گدڙ، مون توکي ڏهه شينهن آڻڻ لا چيو هو ۽ تو فقط هڪ ئي آندو آهي. آئون توکي ان نافرماني جي تمام وڏي سزا ڏيندس.“
    اهو ٻڌي شينهن کي اهو خيال آيو ته گدِڙ هن سان دوکو ڪيو آهي ۽ گدڙ هن جو همدرد هجڻ بدران هن ٻڪريءَ سان مليل آهي. اهو سوچي شينهن کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ هڪ ئي ڇلانگ ۾ گدڙ جا ٻه ٽڪر ڪري ورتا ۽ پوءِ اهڙو وٺي ڀڳو جو پٺيان مڙي به نه ڏٺائين.
    شينهن جي ٽرڻ کان پوءِ ٻڪريءَ آرام سان غار ۾ سمهي ننڊ ڪئي. هن جي دليري ۽ همت سندس جان بچائي ورتي نه ته ان رات هوءَ شينهن جي پيٽ ۾ هجي ها. شينهن ويچارو پنهنجي بيوقوفيءَ ۽ ڊڄڻپڻي ڪري سڄي رات جهنگل ۾ ڀٽڪندو رهيو.


    سهو ۽ لومڙي

    هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن لومڙي ۽ سهو تمام گهاٽا دوست هئا. ان زماني ۾ سهي جا ڪن ننڍا ۽ پڇ ڊگهو هوندو هو. هڪ ڏينهن انهن ٻنهي مڇي ڦاسائڻ جو پهه ڪيو. پر هنن وٽ مڇيءَ کي ڦاسائڻ لاءِ نه ڪنڍو هو ۽ نه وري ڪا ڄار. لومڙيءَ چيو: ”ميان سها، تنهنجو ايڏوڊگهو پڇ آخر ڪهڙي ڪم ايندو؟ هل ته هلي ان سان مڇيون ڦاسايون.“
    ٻئي ڄڻا درياهه تي پهتا. سهو درياهه جي ڪناري تي ائين ٿي ويٺو جو سندس پڇ پاڻيءَ اندر هليو ويو. هاڻ هو ان ڳالهه جو انتظار ڪرڻ لڳو ته جيئن ئي ڪا مڇي هن جي پڇ کي جهلي ته هو هن کي ٻاهر ڇڪي وٺي.
    چالاڪ لومڙي ڪناري کان ٿورو پرتي آرام سان ويٺي هئي.
    ٿوري دير کانپوءِ سهي کي ڪجهه ائين معلوم ٿيو جيئن ڪنهن هن جي پڇ کي جهلي ورتو آهي. هن لومڙي کي رڙ ڪري چيو: ”ماسي لومڙي، لڳي ٿو ته هڪ تمام وڏي مڇي منهنجي پڇ کي چهٽي وئي آهي.“
    لومڙي ڊوڙي آئي ۽ درياهه ۾ ليئو پائي چيو: ”مار! هيءَ ته مڇي نه پر هڪ تمام وڏي ڪمي آهي. ماڳهين اها توکي درياهه ۾ نه ڇڪي وڃي.
    ”هاڻ ڇا ٿيندو؟ مونکي بچاءِ نه ته آئون مري ويندس. منهنجا پير پيا ترڪن. اجهو ته پاڻيءَ ۾ ڪريس“. سهي دانهون ڪيون.
    لومڙي بل ڏئي سهي جي ڪنن کي کڻي جهليو ۽ پاڻ ڏي ڇڪڻ لڳس. هوڏانهن پوري زور سان ڪمي سهي جو پڇ پاڻ ڏي ڇڪڻ لڳي ۽ هيڏانهن لومڙيءَ ڪنن کان جهلي سهي کي پاڻ ڏي ڇڪڻ لڳي. آخر لومڙيءَ سهي کي پاڻيءَ کان ٻاهر ڪڍي ورتو پر هي ڇا ٿي ويو؟ سهي جا ڪن، ڇڪڻ سان، تمام ڊگها ٿي وياهئا ۽ هوڏانهن ڪمي سندس اڌ کان وڏو پڇ چڪ هڻي کڻي وئي.
    پوءِ ته ان ڏينهن کان سهي جاڪن ڊگها ۽ پڇ ننڍو ٿي ويو. پر ان مان سهي کي اهو فائدو ضرور ٿيو ته هو پنهنجن ڊگهن ڪنن ذريعي ڪک پن جي چرپر جو هلڪو آواز به ٻڌي سگهيو ٿي ۽ پڇ ننڍو ٿيڻ ڪري هاڻ هوءَ لومڙيءَ کان به تکو ڊوڙي سگهي ٿو.


    ٻارهن مهينا

    هڪ ڏينهن هڪ پوڙهي عورت پنهنجي ٻنيءَ مان گوبي پٽڻ لاءِ نڪتي. رستي تي هڪ غار آئي ٿي جنهن ۾ ٻارهن ماڻهو رهيا ٿي. انهن هن پوڙهي مائيءَ کي سڏي چيو: ”ماسي، اهو ته ٻڌاءِ ته سڀ کان سٺو مهينو ڪهڙو آهي؟“
    ”سڀيئي مهينا سٺا آهن، پٽ.“ پوڙهيءَ چيو. ڏس نه جنوريءَ ۾ اڇي اڇي کير جهڙي برف وسي ٿي، فيبروري ۾ مينهوڳي رهي ٿي ۽ مارچ ۾ چوڌاري گل گلڪاري ٿيووڃي. باقي سال جا مهينا به تمام سٺا آهن.“
    ”ماسي، تو اسان سڀني جي تعريف ڪئي. ان ڪري اسان توکي انعام ڏيڻ چاهيون ٿا. توکي خبر آهي ته اهي ٻارهن مهينا اسين آهيون.“
    هنن پوڙهيءَ جي ڇٻڙي ۾ سونين گنين جو ڍير وجهي ڏنو. پوڙهيءَ هنن جا ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي گهر ڏي رواني ٿي. گهر پهچي هن پنهنجن ٻارن کي سونيون گنيون ڏيکاريون۽ هنن کي چيو: ”هاڻ پاڻ تمام گهڻو شاهوڪار ٿي وينداسين. ڏسو ته مون ڪيترو سون آندو آهي.“
    ان وقت پوڙهيءَ جي هڪ پاڙيسري اتي اچي نڪتي. هن جو سون جون ايتريون گنيون ڏٺيون ته هن جون اکيون ئي ڦاٽي ويون. مائيءَ هن کي ٻارنهن مهينن جي مٿان کان وٺي ڳالهه ٻڌائي.
    پوڙهيءَ جي پاڙيسرياڻي تمام لالچي هئي.هو ان ئي وقت ڊوڙندي ڊوڙندي غار جي منهن وٽ پهتي جتي اهي ٻانهن ماڻهو رهيا ٿي. هنن هن کي به اندر سڏيو ۽ کانئس پڻ ساڳيو سوال پڇيو: ماسي سڀني ۾ ڪهڙو مهينو سٺو آهي؟“
    پاڙيسرياڻيءَ چيو: ”سچ جي پڇو ته حقيقت ۾ ڪوبه مهينو سٺو ناهي. ڏسو نه، جنوريءَ ۾ برف پوي ٿي، فيبروري ۾ مينهن وسي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح هر مهيني ۾ ڪانه ڪا مصيبت نازل ٿئي ٿي.“
    ”تنهنجي وڏي مهرباني، ماسي. پنهنجي ٿيلهي ڏي ته ان ۾ توکي انعام طور ڪجهه وجهي ڏيون.
    ٻارهن مهينن هن پاڙيسرياڻيءَ جي ٿيلهي ڀري مٿان پنن سان ڍڪي ڏني. هوءَ پوءِ پنهنجي ٿيلهي کڻي گهر ڏي رواني ٿي. سڄي واٽ سوچيندي آئي ته گهر پهچي ڏسي ته ٻارهن مهينن هن کي ڇا ڏنو آهي.
    جڏهن هوءَ گهر پهتي ته ٻارن کي چيو: ”هاڻ پاڻ به هن پوڙهي وانگر شاهوڪار ٿي وينداسين.“ اهو چئي هن پنهنجي ٿيلهي ميز تي اونڌي ڪئي پر ٿيلهيءَ مان سونيون گنيون نڪرڻ بدران رڳو ڀتر ۽ پٿريون نڪتيون. پاڙيسرياڻيءَ کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي ۽ ڊوڙندي ڊوڙندي پوڙهي وٽ پهتي.
    پوڙهيءَ پڇيس: ”جڏهن هنن ٻارهن ماڻهن توکان اهو پڇيو ته سڀ ۾ سٺو مهينو ڪهڙو آهي ته تو ڇا جواب ڏنو؟“
    ”مون ته صاف صاف چيو مان ته مئا ڪوبه مهينو سٺو نه ٿيندو آهي.“ پاڙيسرياڻيءَ چڙ مان ٻڌايو.
    ”پوءِ ته بلڪل صحيح آهي. توسان ائين ئي ٿيڻ کپندو هو. ڀلا ڪير پنهنجي گلا ٻڌي انعام ڏيندو.“


    ماڪ جي ڦُڙن جو تاج

    فلپين جي ڪنهن ٻيٽ جي ڪنهن بادشاهه کي اولاد ۾ فقط هڪ ئي ڌيءَ هئي. هو تمام گهڻو ضدي هئي. هڪ ڏينهن هوءَ صبح جو سوير باغ ۾ پسار ڪرڻ لاءِ نڪتي ته هن کي گلن ۽ پنن تي ماڪ جا ڦڙا چمڪندي نظر آيا. ماڪ جا هي ڦڙا انهن هيرن کان وڌيڪ چمڪندڙ ۽ سهڻا لڳي رهيا هئا، جيڪي شهزاديءَ وٽ هئا.
    شهزادي سڌي محل ڏي موٽي ۽ بادشاهه کي چيو: ”مون کي ماڪ جي ڦڙڻ جو هڪ تاج ٺهرائي ڏي. جيستائين مون کي تاج نه ملندو، آئون نه کائينديس نه پيئنديس.“ اهو چئي شهزادي ڪمري جو دروازو بندڪري ڇڏيو ۽ چادر ڍڪي پلنگ تي سمهي رهي.
    بادشاهه سمجهيو ٿي ته ماڪ جي ڦڙن مان تاج ٺهي نٿو سگهي. تنهن هوندي به هن پنهنجي لاڏلي ڌيءَ جو ضد پورو ڪرڻ لاء شهر جي سڀني سونارن کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ انهن کي چيو ته ٽن ڏينهن اندر ماڪ جي ڦڙن جو تاج ٺاهي منهنجي اڳيان حاضر ڪريو نه ته توهان کي سخت سزا ڏني ويندي. ويچارا سونارا منجهي پيا ته ماڪ جي ڦڙڻ جو تاج ڪيئن ٺاهجي.
    انهن سونارن ۾ هڪ پوڙو سونارو تمام گهڻو عقلمند هو. سوچي سوچي هن جي دماغ ۾ هڪ اٽڪل آئي. هو ٻئي ڏينهن صبح جو بادشاهه جي محل جي دروازي تي آيو ۽ سپاهين کي چيو ته هو شهزاديءَ جو تاج ٺاهڻ آيو آهي. سپاهي هن کي شهزاديءَ وٽ وٺي ويا. پوڙهي سوناري شهزاديءَ کي جهڪي سلام ڪيو ۽ چيو: ”شهزادي صاحبا، آئون توهان جو تاج ٺاهڻ آيو آهيان پر منهنجو هڪ ننڍڙو عرض آهي.“
    ”پوڙها سونارا وڏي دل ڪري ٻڌا ته تون ڇا ٿو چوڻ چاهين؟“ شهزاديءَ چيو.
    سوناري چيو: ”توهان باغ ۾ هلي مون کي ماڪ جا اهي ڦڙا کڻي ڏيو جن جو توهين تاج ٺهرائڻ چاهيو ٿيون. جيڪي جيڪي ڦڙا توهين پسند ڪري مون کي ڏينديون انهن جو ان ئي وقت توهان کي تاج ٺاهي ڏيندس.“
    شهزادي سوناري سان گڏ باغ ۾ وئي. گلن ۽ پنن تي ماڪ جا هيرن جهڙا ڦڙا چمڪي رهيا هئا پر شهزاديءَ جنهن ڦڙي کي به هٿ ٿي لاٿو ته هن جي آڱر تان پاڻيءَ وانگر وهي ٿي ويو.
    اهو لقاءَ ڏسي شهزاديءَ کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو ۽ پوڙهي سوناري کان معافي وٺي- دل ئي دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته هوءَ هاڻ آئيندي ڪڏهن به اهڙو ضد نه ڪندي.


    پکين جو بادشاهه

    هڪ حبشي هاري پنهنجي ٻني کي هر ڏئي رهيو هو ته ايتري ۾ پکين جو بادشاهه هن جي ويجهو آيو ۽ چوڻ لڳس: ”آئون تو ڏي سؤ پکي موڪليندس. هو تنهنجي ڪم ۾ مدد ڪندا. اهڙي طرح تنهنجو ڪم جلد ئي ختم ٿي ويندو.“
    پکين واهه جو ڪم ڪيو ڏسندي ئي ڏسندي هن جي سڄي زمين ٺونگن ۽ پيرن سان کيڙي ڇڏي ۽ هر هلائڻ کان بچي ويو. ٻئي ڏينهن هاريءَ ڌرتيءَ تي ڪڻڪ جو ٻج ڇٽڻ ٿي چاهيو. هن دفعي پکين جي بادشاهه هن جي مدد لاءِ پورا ٽي سؤ پکي موڪلي ڏنا. هاري جو هفتي جو ڪم ڪجهه ڪلاڪن ۾ ٿي ويو.
    جڏهن فصل پڃي راس ٿيو ته هاري هن کي ڪپڻ جي تياري ڪرڻ لڳو.
    ”هاڻ تون ڇا پيو ڪرين؟“ پکين جي بادشاهه هاريءَ کان پڇيو.
    ”آئون فضل ڪٽي رهيو آهي.“ هاريءَ چيو.
    بس تون تڪليف نه ڪر. اهو ڪم به اسان پکين حوالي ڪري ڇڏ. اسين تنهنجي مدد ڪنداسين. اهو چئي پکين جي بادشاهه هن ڏي پورو هڪ لک پکين جو موڪلي ڏنو.
    پکين منٽن ۾ سٺو فصل ڪٽي ڇڏيو ۽ پوءِ سنگن مان داڻا ڪڍي، کائي ڇڏيا. اهو لقاءَ ڏسي هاري منهن مٿو پٽڻ لڳو.


    ڪوئو، کيکڙو ۽ ڀونئر

    آئون هڪ باغائيءَ وٽ نوڪر هوس. جڏهن نوڪري ڪندي سال گذريو ته باغائي مون کي هڪ سوني گني ڏني. آئون اها گني کڻي کوهه تي ويس ۽ ان کي کوهه ۾ اڇلي چيم:
    ”مون پنهنجي مالڪ جي دل لڳائي خدمت ڪئي آهي. جيڪڏهن آئون سچو هوندس ته هيءَ سوني گني مٿي ترندي. جيڪڏهن ڪوڙو هوندس ته اها ٻڏي ويندي.“
    گني پاڻيءَ ۾ ٻڌي وئي.
    آئون ان باغائي وٽ موٽي آيس ۽ هڪ سال وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ هن کي چيم. جڏهن هڪ سال پورو ٿيو ته باغائيءَ مون کي وري هڪ سوني گني ڏني. مون اها سوني گني کوهه ۾ اڇلائي چيو:
    ”مون پنهنجي مالڪ جي ڏاڍي خذمت ڪئي آهي. جيڪڏهن آئون سچو آهيان ته هيءَ گني پاڻيءَ ۾ ترندي. جي ڪوڙو هوندس ته پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندي.اها گني به پاڻيءَ ۾ ٻڏي وئي.
    آئون وري باغيءَ وٽ ويس ۽ هن وٽ هڪ سال وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو مانس. جڏهن اهو ٽيو سال به پورو ٿيو ته باغائيءَ مون کي پهرين وانگر هڪ سوني گني ڏني. مون اها گني به پهرين وانگر کوهه ۾ کڻي اڇلائي ۽ چيو:
    ”مون پنهنجي مالڪ جي وڏي خذمت ڪئي آهي. جيڪڏهن آئون سچو هوندس ته اها گني پاڻيءَ جي مٿان تري ايندي. پر جي ڪوڙو هوندس ته اها ٻڏي ويندي.“
    هن دفعي ٽئي گنيون پاڻيءَ جي مٿان اڀري آيون ۽ ترڻ لڳيون. مون ٽئي گنيون کڻي کيسي ۾ رکيون ۽ گهر ڏي روانو ٿيس.
    رستي تي مون سوچيو، هڪ گنيءَ جو ان وٺندس. هڪ گنيءَ جو گوشت ۽ ڀاڄي خريد ڪندس ۽ باقي هڪ گنيءَ جا ڪپڙا لٽا وٺندس.
    ٿورو اڳيان هليس ته رستي تي هڪ ڪوئو مليو. سلام دعا ڪرڻ بعد هو چوڻ لڳو:”دوست، مون کي هڪ گنيءَ جي ضرورت آهي هڪ گني مون کي ڏئي ڇڏ. ان جي عيوض جيڪي چوندين اهو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان“.
    مون پنهنجي دل ۾ چيو: مڙيئي خير آهي، منهنجو ته ٻن گنين مان به ڪم ٿي ويندو، هن ويچاري ڪوئي جي به ضرورت پوري ٿي وڃي ته سٺو.
    مون هڪ گني ڪوئي کي ڏئي ڇڏي ۽ باقي ٻه قابو جهلي اڳتي وڌيس. ٿورو اڳيان مس هليس ته هڪ کيکڙو مليو. هن جي حالت خراب هئي. هن روئندي چيو: ”خدا جي واسطي منهنجي مدد ڪر. مون کي دڪاندار کي هڪ گني موٽائڻي آهي. جنهن جو سيڌو مونن کانئس گهڻو اڳ اوڌر تي ورتو هو. جيڪڏهن آئون هن کي اڄ جي تاريخ ۾ قرض واپس نه ڪندس ته هو مون کي جيل ۾ وجهرائي ڇڏيندو.“
    مون کي کيکڙي تي ڪهل اچي وئي. مون هن کي يڪدم هڪ گني ڏئي ڇڏي. هن منهنجا تمام گهڻا ٿورا مڃيا ۽ چيو: ”توکي جڏهن به ڪنهن شيءِ جي ضرورت پوي ته مون کي ٻڌائجانءِ.“
    هاڻ مون وٽ فقط هڪ گني وڃي بچي. آئون ان کي هٿ جي تري تي رکي وڃي رهيو هوس ته هڪ ڀونئر منهنجو رستو کڻي روڪيو. ”خدا جي واسطي مون تي رحم ڪر. مون کي هڪ گنيءَ جي سخت ضرورت آهي.“
    مون سوچيو ته جيڪڏهن اها باقي بچيل گني به جيڪڏهن هن کي ڏئي ڇڏيندس ته پوءِ مون وٽ پاڻ لاءِ بچندوئي ڇا؟ پوءِ خيال آيم ته اهڙي به ڇا خود غرضي. مون کي جڏهن بک لڳندي ته ڪونه ڪو خدا جو بندو ماني کارائي ڇڏيندو. اهو سوچي مون باقي بچيل گني به ڀونئر کي ڏئي ڇڏي.
    هاڻ آئون بلڪل خالي هٿين ٿي ويس. اڳيان وڌيس ته سامهون هڪ عاليشان محلات نظر آيو. ان محلات ۾ هڪ بادشاهه رهيو ٿي، جنهن کي هڪ ئي ڌيءَ هئي. هن نه ڪنهن ڳالهه تي کليو ٿي ۽ نه زبان سان ڳالهايو. بس ماٺ ئي ماٺ ۾ ويٺي رهي ٿي. بادشاهه کي ان جو تمام گهڻو فڪر هو. آخر هن اعلان ڪرايو ته جيڪو ماڻهو منهنجي ڌيءَ کي کلائي ڏيکاريندو ان سان پنهنجي ڌيءَ جي شادي ڪرائيندس.
    مون اهو ٻڌو ته مون کي پنهنجا ٽئي دوست: ڪوئو، کيکڙو ۽ ڀونئر ياد اچي ويا. انهن ٽنهي مدد لاءِ مون سان واعدو ڪيو هو.
    آئون واپس جهنگل ۾ آيس ۽ ٽنهي دوستن کي پاڻ سان کڻي محلات ڏي وڌيس. محلات جي در وٽ پهچي مون ڀونئر کي گانو ڳائڻ لاءِ ۽ کيکڙي ۽ ڪوئي کي نچڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ جڏهن هنن شهزادي اڳيان ڳائڻ ۽ نچڻ شروع ڪيو ته شهزاديءَ کي کلي کلي پيٽ ۾ سور پئجي ويو.
    بادشاهه ۽ ان جا وزير شهزاديءَ کي کلندو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد بادشاهه سلامت پنهنجي ڌيءَ جي شادي مون سان ڪرائي ڇڏي ۽ آئون بادشاهه جو جانشين ٿي ويس.


    هيرن جو صوف

    هڪ هو بادشاهه جيڪو نيڪ دل ۽ رحمدل هو. هن جي رعيت هن مان بيحد خوش هئي. هر ماڻهو هن کي دعائون ڏيندو هو، پر هڪ ڳالهه ڪري ماڻهو سخت پريشان هئا. اها ڳالهه هيءَ هئي ته هنن جي دلعزيز بادشاهه شادي نٿي ڪئي. هو وڏي عمر جو ٿي وڃڻ جي باوجود اڃا ڪنوارو هو.
    هڪ ڏينهن هن جي وزيرن تنگ ٿي هن کي چيو: ”سائين منهنجا، جيڪڏهن توهان اسان جا بادشاهه ٿي رهڻ چاهيو ٿا ته پوءِ توهان کي هر صورت ۾ شادي ڪرڻي پوندي.“
    بادشاهه وراڻيو: ”جيڪڏهن توهان جي اهائي خوشي آهي ته پوءِ مون کي قبول آهي. پر شادي آئون اهڙي ڇوڪريءَ سان ڪندس جيڪا هڪ سؤ فوٽن جي فاصلي تان صوف هڻي منهنجو تاج ڪيرائي ڏيکاري.“
    ڪجهه ڏينهن بعد وزيرن شهر جي تمام سهڻين ڇوڪرين کي محل ۾ گڏ ڪيو. هر ڇوڪريءَ جي هٿ ۾ صوف هو. پوءِ جڏهن مقابلو شروع ٿيو ته ڪابه ڇوڪري صوف اڇلي بادشاهه جو تخت ڪيرائي نه سگهي. هنن کي اهوئي ڀؤ ٿيو ٿي ته ڪٿي اهو صوف گسي نه وڃي ۽ بادشاهه سلامت جي منهن کي نه وڃي لڳي. ان ڪري هو صوف کي صحيح نشاني تي اڇلي نه پئي سگهيون.
    جڏهن سڀ ڇوڪريون بازي کٽي نه سگهيون ته اتي هڪ ڊگهي سنهي چست ڇوڪري اڳيان وڌي. هن جي مٿي تي ٿلهي چادر هئي ۽ هٿ ۾ جيڪو صوف هو ان تي هيرا چڙهيل هئا. هوءَ سؤ فوٽن جي فاصلي تي ٿي بيٺي ۽ پوءِ نشاني ڏي چڱي طرح نهاري صوف اڇلايو. ٻي لمحي بادشاهه جي مٿي تان تاج اڏامي وڃي پري پيو. سڀني ماڻهن خوشيءَ وچان تاڙيون وڄايون ۽ هر شخص ان ڇوڪريءَ کي شاباس ڏيڻ لاءِ اڳيان وڌيو پر اها ڇوڪري هڪدم غائب ٿي ويئي. بادشاهه حڪم ڏنوته ان ڇوڪريءَ جي يڪدم ڳولا ڪئي وڃي. وزيرن ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر ڏي سپاهي ۽ جاسوس ڀڄايا پر ڇوڪريءَ جي نه هيءَ خبر نه هوءَ خبر.
    ٻن ٽن مهينن بعد بادشاهه وري ملڪ جي سهڻين ڇوڪرين کي گهرايوپر ڪابه ڇوڪري هن جو تاج ڪيرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي. ايتري ۾ وري ساڳي ڊگھي ڇوڪري ظاهر ٿي. هن هيرن سان جڙيل صوف اڇلايو، بادشاهه جو تاج ڪري پيو ۽ پاڻ غائب ٿي ويئي. بادشاهه جي سپاهين هن کي جهلڻ ۽ ڳولڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر هوءَ هرڻيءَ وانگر ڇال هڻي نظرن کان غائب ٿي وئي.
    هاڻ بادشاهه اداس رهڻ لڳو. هو روز صبح جو اڪيلي اڪيلي شڪار تي نڪري ويو ٿي ۽ شام جو ماٺ مٺوڙي ۾ موٽي آيو ٿي.
    هڪ دفعي هو جهنگل ۾ شڪار پٺيان تمام پري نڪري ويو، اتي هن کي شام ٿي وئي. سج غروب ٿي چڪو هو ۽ هاڻ چوڌاري اونداهه هئي. ايتري ۾ هن کي پري کان هڪ هنڌ لالٽين ٻرڻ جي روشني نظر آئي. هو اوڏانهن وڌڻ لڳو. ويجهو اچي معلوم ٿيس ته اهو هڪ پوڙهي عورت جو گهر آهي. ان عورت کي ٻه ڌيئون هيون ۽ اهي ٻئي ڪوجهيون هيون. بادشاهه سلامت گهر ۾ اندر گهڙڻ لاءِ ڇوڪرين کان اجازت ورتي پر ڇوڪرين صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ايتري ۾ هنن جي ماءُ اچي وئي. هن بادشاهه کي سڃاڻي ورتو. هوءَ هن کي اندر وٺي آئي ۽ هن لاءِ صاف سٿري چادر وڇائي.
    رات جو بادشاهه سمهڻ لڳو ته هن کي ڀر واري ڪمري مان هن پوڙهي عورت جو زور زور سان ڳالهائڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هوءَ ڪنهن ڇوڪريءَ تي چڙ ڪري رهي هئي.
    صبح جو جڏهن وڃڻ لڳو ته هن پوڙهي عورت کان پڇيو: ”رات توهان ڪنهن تي ڪاوڙيل هيون؟“
    پوڙهيءَ چيو: ”منهنجي هڪ ويڳي ڌيءَ آهي. هو بيحد سست ۽ ڪاهل آهي. پنهنجو پاڻ کي تمام گهڻو سهڻي سمجهي ٿي. رات هن مانين جا ڀور ڀورڪري ڇڏيا. پڇيومانس ته ائين ڇو ڪيئي ته چوي ٿي ته پنهنجي پاليل پوڙهي ٻري کي کارائينديس ڇو جو ان چٻري هن کي ٽي اهڙا صوف ڏنا آهن جن تي هيڙا مڙهيل آهن.
    بادشاهه اهو ٻڌو ته هن جي دل ٽپ کائڻ لڳي. هن پوڙهيءَ کي چيو ”مهرباني ڪري تنهنجي ان ويڳي ڌيءَ کي گهراءِ آئون هن کي ڏسڻ چاهيان ٿو.“
    پوڙهيءَ هن کي سڏ ڪيو: ”او ڏائڻ، هيڏانهن اچ.“
    اوچتودر کليو ۽ هڪ ڇوڪري ڦاٽل ۽ چتيون لڳل ڪپڙن ۾ ٻاهر نڪتي. هوءَ چنڊ کان به وڌيڪ سهڻي لڳي رهي هئي. بادشاهه هن کي ڏٺو ته رڙ نڪري ويس.“ اڙي تون ته اهائي ڇوڪري آهي. اچ، مون سان گڏ هل، آئون توکي پنهنجي راڻي بڻائيندس.“
    بادشاهه هن ڇوڪريءَ کي پاڻ سان گڏ گهوڙي تي سوار ڪيو ۽ محلات ۾ وٺي آيو. ڪجهه ڏينهن بعد ٻنهي جي شادي ٿي وئي ۽ هو خوشين جي زندگي گذارڻ لڳا.


    شهزادي سورج مکي

    هڪ بادشاهه جي ڌيءَ نهايت خوبصورت هئي. جڏهن هوءَ وڏي ٿي ته اوسي پاسي جي ڪيترن .ئي شهزادن هن لاءِ شاديءَ جو نياپو ڪيو پر شهزاديءَ ڪنهن کي به پسند نه ڪيو. ماءُ پيءَ تمام گهڻو سمجهايو پر شهزاديءَ هن جي ڳالهه نه مڃي. هن جو اهوئي ضد هو ته شادي ڪنديس ته سج سان ڪنديس. ٻئي ڪنهن سان هرگز نه.
    آخر هڪ ڏينهن بادشاهه بيزار ٿي چيو: ”وڃ، وڃي سج سان شادي ڪر. هاڻ مون کي ڪڏهن به پنهنجي شڪل نه ڏيکارجانءِ.“ اهو چئي شهزاديءَ کي پنهنجي محلات مان ڪڍي ڇڏي.
    شهزادي سج جي ڳولا ۾ نڪري پيئي. هوءَ اوڀر ۾ جبلن ڏي وئي. پوءِ جنگلن، بيابانن مان ٿيندي هڪ اهڙي جبل تي پهتي جنهن جي مٿان سج جو محلات هو. هوءَ محلات اندر گهڙي وئي. اتي هن کي سج جي پوڙهي ماءُ ملي.
    ”اي ڇوڪري، توکي ڪنهن جي ڳولا آهي؟“ پوڙهي عورت پڇيو.
    آئون سج کي ڳولي رهي آهيان. مون کي سج سان شادي ڪرڻي آهي. ”شهزاديءَ چيو.
    ”سج منهنجو پٽ آهي، آئون توکي هن جي ڪنوار بنائيندس. پر هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ. هن جي اکين ۾ اکيون وجهي هرگز نه ڏسجانءِ.“ پوڙهي عورت شهزاديءَ کي ٻڌايو.
    شهزاديءَ واعدو ڪيو ۽ چڱي عرصي تائين پنهنجي واعدي تي قائم رهي. پر هن کي اها آنڌ مانڌ هئي ته هوءَ پنهنجي مڙس جي اکين سان اکيون ڇونه ملائي؟ آخر هڪ ڏينهن پوڙهي عورت کان هن پڇيو: ”تو مون کي سج ڏي منهن ڪري ڏسڻ کان ڇو جهليو آهي.“
    ”پٽ، آئون تنهنجي بيچيني سمجهان ٿي. تون هن کي جيڪڏهن ڏسڻ به چاهين ٿي ته هڪ گلاس پاڻيءَ جو پنهنجي مڙس جي سامهون رک ۽ ان پاڻيءَ ۾ هن جو اولڙو ڏسي وٺ. پر اهو ياد رکجانءِ، سج جي اولڙي کي جي گهڻي دير ڏسندينءَ ته توکي نقصان رسڻ جو خطرو آهي.“
    ان شام جو جڏهن سج موٽيو ته شهزاديءَ پاڻيءَ جو گلاس هن جي سامهون رکيو ۽ هن جي منهن جو اولڙو ڏسڻ لڳي. هي اولڙو ايترو ته خوبصورت هو جو شهزاديءَ کان سج جي ماءُ جي نصيحت وسري وئي ۽ دير تائين هن کي ڏسندي رهي. ان تي سج کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ هن چيو:
    ”جيڪڏهن تون منهنجو چوڻ نٿي مڃين ته منهنجي محلات مان هڪدم هلي وڃ.“ ۽ هن شهزاديءَ کي هٿ کان جهلي پنهنجي محلات کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
    شهزادي روئندي رڙندي جبل جي قدمن ۾لهي وئي. جڏهن هوءَ ماٿريءَ ۾ پهتي ته سج چمڪڻ لڳو ۽ سج جي روشنيءَ هن کي هڪ خوبصورت سورج مکيءَ جو گل بڻائي ڇڏيو. هاڻ هي گل هميشه ان طرف منهن رکي ٿو، جنهن طرف سج آهي. ان ڪري هن گل کي سورج مکي سڏين ٿا.


    گاهه جي گڏي

    هڪ بادشاهه کي ٻارهن پٽ هئا. جڏهن هو جوان ٿيا ته بادشاهه انهن کي چيو: ”جنهن ڇوڪريءَ کي توهان پسند ڪنداؤان سان ئي توهان جي شادي ڪرائي ويندي. پر هڪ شرط آهي. ان ڇوڪريءَ کي هڪ ڏينهن ۾ سٽ ڪتي ڪپڙو اڻڻو پوندو ۽ پوءِ ان مان قميص سبڻي پوندي.“
    ٻارهن شهزادن چيو: ”بابا سائين هي تمام ڏکيو ڪم آهي. دنيا ۾ ڀلا اها ڪهڙي ڇوڪري هوندي جيڪا هڪ ڏينهن ۾ ڪپڙو اُڻي قميص سبي سگهي ٿي.“
    پر ننڍي شهزادي چيو: ”ابا حضور، آئون ڪوشش ڪريان ٿو، ٿي سگهي ٿو ڪا اهڙي ڇوڪري ملي وڃي.“
    بادشاهه ننڍي شهزادي کي هڪ گهوڙو ۽ گنين جي ٿيلهي ڏني ۽ هو اهڙي ڇوڪري جي ڳولا لاءِ سفر تي روانو ٿيو.
    شهزادو هڪ هڪ ڪري ڳوٺ ۾ رليو پر هن کي ڪابه اهڙي ڇوڪري نه ملي سگهي. جيڪا هڪ ڏينهن ۾ ڪپڙو اُڻي ان مان قميص سبي سگهي. هو سخت حيران ۽ پريشان ٿي هڪ جهنگل مان گذري رهيو هو ته کيس هڪ ننڍڙي پري نظر آئي. پري پڇيو: ”شهزادا تون ڪيڏانهن پيو وڃين؟“
    شهزاديءَ هن کي سڄي ڳالهه ٻڌائي، پريءَ چيو: ”مون وٽ هڪ گڏي آهي. اها گڏي تمام سگهڙ ۽ گڻن واري آهي. مونکي پڪ آهي ته هوءَ هڪ ڏينهن ۾ ضرور ڪپڙو اُڻي قميص سبي سگهندي.“
    شهزادو تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ پريءَ سان گڏ هن جي گهر ويو. اتي هڪڙي ننڍڙي ڪرسيءَ تي هڪ ننڍڙي گڏي ويٺي هئي. شهزادي هن کي چيو: ”مائي گڏي، جيڪڏهن تون هڪ ڏينهن اندر ڪپڙو اُڻي ان مان قميص ٺاهي ڏيندينءَ ته آئون توسان شادي ڪندس.“
    گڏيءَ وراڻيو: ”آئون اهو ڪم بلڪل ڪري سگهان ٿي.“ اهو چئي گڏيءَ ان ئي وقت ڪپهه مان سٽ ڪتيو ۽ پوءِ ڌاڳي مان ڪپڙو اُڻي ان مان قميص ٺاهي ڏيکاري. پر اها قيمص ايتري ننڍڙي هئي جو هوءَ پاڻ گڏي ئي پائي سگهي ٿي. شهزادو قميص ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيو: ”تون هتي ترس ته آئون هيءَ قميص بادشاهه سلامت کي ڏيکاري اچان.“
    شهزادو قميص کڻي محلات ۾ ويو ۽ بادشاهه کي چيو: ”مون پنهنجي ڪنوار ڳولي ورتي آهي.“
    بادشاهه چيو: ”هن کي هڪدم محلات ۾وٺي اچ.“
    شهزادو گڏي کي آڻڻ لاءِ واپس ويو. گڏي چاندي جي گاڏيءُ ۾ ويٺي هئي. گاڏيءَ ۾ ٻه سفيد ڪوئا جوٽيل هئا. شهزادو گڏيءَ کي وٺي محلات ڏي روانو ٿيو.
    جڏهن هودرياهه وٽ پهتا ته شهزادي جي گهوڙي جو کُر گڏيءَ جي ننڍڙي گاڏيءَ مٿان اچي ويو. گڏي گاڏيءَ مان اڇلجي وڃي درياهه ۾ پيئي. شهزادو پريشان ٿي دانهون ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ڇا ڏسي ته درياهه مان هڪ جن نڪري رهيو آهي. هن جي هٿن ۾ اها گڏي هئي پر هاڻ اها ننڍڙي گڏي نه پر هڪ جوان ڇوڪري ٿي وئي هئي. شهزادو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کي پنهنجي گهوڙي تي ويهاري محلات ڏي روانو ٿيو.
    جڏهن شهزادو هن ڇوڪري کي وٺي محلات اندر داخل ٿيو ته بادشاهه هن کي ڏسي حيران ٿي ويو. اهڙي خوبصورت ڇوڪري هن پهرين ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. ۽ جڏهن هن ڇوڪريءَ هڪ ڏينهن اندر ڪپڙو اُڻي ان مان قميص ٺاهي ڏيکاري ته بادشاهه هيڪاندو گهڻو خوش ٿيو ۽ هن وڏي ڌام ڌوم سان ٻنهي جي شادي ڪرائي.


    ٽي ڪوڙا ۽ سڪو

    گهڻن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته ملائيشيا جي هڪ ڳوٺ تجنگ بدارا ۾ ٽي ڄڻا ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا. هلندي هلندي هو هڪ موڙ وٽ پهتا جتي هنن کي هڪ سڪو نظر آيو. مزي جي ڳالهه اها ته ٽنهي کي اهو سڪو هڪ ئي وقت نظر آيو. پهرين هنن اهو فيصلو ڪيو ته اهو سڪو پنهنجو پاڻ ۾ ورهائي کڻندا. يعني ان جون ٽي پتيون ڪري هر هڪ کي هڪ جيتري پتي ڏني ويندي پر پوءِ هنن کي خيال آيو ته ائين ڪرڻ سان ڪنهن جو به ڪو خاص ڀلو نه ٿيندو. ان ڪري هنن اهو فيصلو ڪيو ته اسان ۾ جيڪو وڏو ڪوڙ ڳالهائيندو، هن کي اهو سڪو ڏبو.
    پرين همراه چيو؛ ”منهنجو چاچو مسجد ۾ امام آهي. آئون رات هن سان ملڻ ويو هوس. جڏهن اسان سمهڻ لاءِ ليٽياسين ته اهڙي زبردست جهڪ ۽ طوفان لڳو جو ٿوري دير ۾ شهر جون مڙيئي مسجدون، گهر، دڪان، وڻ ٽڻ، کوهه جانور اڏامڻ لڳا ۽ طوفان کين اڏائي ٽي سؤ ميل پري ڪئالا ڪنگسار شهر ۾ کڻي ويو. پر ڪمال جي ڳالهه اها ٿي ته جڏهن اسان صبح جو ننڊ مان اٿياسين ته پنهنجن پنهنجن هنڌن ۾ ئي هئاسين ۽ ڪابه شيءِ پنهنجي جاءِ تان چري پري نه هئي. کٽ تان اٿي آئون مسجد جي مينار تي چڙهيس ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳس. اوچتو منهنجي نظر ان موڙ تي پيئي ۽ اتي هن سڪي کي ڏسي ورتم. ان ڪري هاڻ اهو سڪو منهنجو ٿيو.“
    ”هاڻ ڀائرو ٻڌو منهنجي به ٻڌو.“ ٻئي همراهه چيو، ”منهنجو ڏاڏو ڪئالا لنگي ڳوٺ ۾ مهاڻو آهي. آئون ڪالهه هن سان ملڻ ويس. اتي مون هڪ وڏي مڇي ڏٺي جنهن کي منهنجي ڏاڏي اڄ کان ڏهه ڏينهن اڳ ڦاسايو هو ۽ انهن ڏهن ڏينهن ۾ هن ان مڇيءَ کي ڪيترائي ڪم سيکاري ورتا جهڙوڪ: ماني پچائڻ، صفائي ڪرڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، شهر مان وڃي سودو سلف خريد ڪري اچڻ ۽ ڪمال ته اهو ته هن کي راڳ ڳائڻ به سيکاري ڇڏيو.
    ”منجهند جي مانيءَ کان پوءِ جڏهن مڇي مٿي ڇت ٿي ويئي ته هن اتان هيءَ جاءِ ڏسي ورتي ۽ ان سان گڏ اهو سڪو پڻ. هن مونکي اشارن سان سٺو رستو سمجهايو ۽ چيو ته جلدي اهو سڪو وڃي کڻ. ان ڪري سائين، هي سڪو منهنجو آهي.“
    ”نه. نه اهو سڪو تنهنجو ٿي نٿو سگهي.“ ٽئي همراهه چيو، ”تو تمام وڏو ڪوڙ ڳالهايو آهي پر ڪجهه منهنجو به احوال ٻڌو. منهنجو پيءَ سوداگر آهي. هڪ ڏينهن هو هڪ بيضو خريد ڪري آيو ۽ ان کي ڇٻڙيءَ ۾ رکيو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ بيضي مان هڪ ڪڪڙ نڪتو. اهو ڪڪڙ ايڏو وڏو ٿيو جو منهنجو پيءُ پنهنجو سامان ان تي ڍوئي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ سفر ڪندو هو.
    ”هڪ ڏينهن ڪڪڙ جي چيلهه چٻي ٿي پيئي. حڪيمن بابي کي اها صلاح ڏني ته هن جي چيلهه تي کجيءَ جي وڻ جو ملم لڳايو وڃي. بابا ائين ئي ڪيو. پر هڪ ڏينهن ائين ٿيو جو ملم سان گڏ جارکن جي هڪ ککڙي به هن جي چيلهه سان ٻڌجي وئي. پوءِ ٻئي ڏينهن جڏهن هن پٽي کولي ته هن جي چيلهه تي کجيءَ جو وڻ ڦٽي پيو هو. ڪجهه ڏينهن بعد ان وڻ ۾ کجور به ٿيڻ لڳي ۽ پوءِ جڏهن وڻ ميوي سان ڀرجي ٽٻ ٿي ويو ته پاڙي وارن کجي پٽڻ لاءِ پٿرن جو وسڪارو لائي ڏنو. پٿر لڳڻ سان کجيءَ جي ککڙي وڻ تي ئي رهجي وئي ٿي ۽ ڳر هيٺ ڪري پئي ٿي. اهڙي طرح وڻ تي ککڙين جو ايڏو وڏو ڍير ٿي ويو جو هڪ جبل بنجي ويو.
    منهنجي پيءُ ان جبل جي کوٽائي ڪري ليول ڪئي. پوءِ ان تي هر هلائي ڪدوءَ جا ٻج پوکيا. جڏهن ڪدو ڦٽيا ته مون هڪ ڪدو کنيو ۽ ان کي وڍڻ لڳس. اڃا هن کي ڇري سان چيهڪ مس ڏنم ته ڇري منهنجي هٿ مان ڇڏائجي ڪدوءَ اندر هلي وئي. مون جلدي جلدي چيلهه سان رسو ٻڌي ڪدوءَ اندر لهي ويس جيئن ان ۾ ڪريل ڇري ڪڍي سگهان. جڏهن آئون اندر گهڙيس ته اتي مون کي ٽي ماڻهو مليا. هنن جا اٺ گم ٿي ويا هئا ۽ هو اهي ڳولي رهيا هئا. مون هنن کي ٻڌايو ته منهنجي هن ريت ڇري هن ڪدوءَ ۾ڪري پئي آهي ۽ آئون ان جي ڳولا ۾ آهيان. هنن وراڻيو ته خدا جا بندا جڏهن اسان کي اٺ نٿا ملن ته پوءِ توکي ڇري ڪٿان ملي سگهندي. ها هڪ ڳالهه آهي ته هتان کان ڪجهه فاصلي تي، هڪ جاءِ تي هڪ سڪو پيو آهي. اهو وڃي تون کڻ ۽ ان جي نئين ڇري خريد ڪر. سو سائين، هاڻ آئون پنهنجو سڪو کڻڻ آيو آهيان. اميد آهي ته توهان مون کي هن سڪي مان نئين ڇري وٺڻ جي اجازت ڏينداؤ. ”هي سڪو کڻي سگهين ٿو. توجهڙو ڪوڙن جو بادشاهه ٻيو ڪونه ٿي سگهندو. تو واقعي کٽيو ۽ اسان هارايو.“ هن جي ساٿين هڪ ئي زبان ۾ چيو.


    مغرور بادشاهه

    چين هو هڪ بادشاهه تمام مغرور هو. هن جا دوست به ان جي ڪري هن سان ناراض رهندا هئا. پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو آيو جنهن تي بادشاهه کي سبق حاصل ٿي ويو.
    هڪ دفعي بادشاهه اڪيلو سفر ڪندي ڪندي تمام پري هليو ويو. سامهون ڇانهين (هنداڻن) جي پوک هئي. بادشاهه کي سخت اُڃ لڳي. هو پوڙهي هاري وٽ پهتو ۽ آڪڙ مان چيو: ”مون لاءِ ڇانهيون آڻ.“
    هاري بادشاهه کي سڃاڻي ورتو. هن ادب سان چيو: ”حضور، آئون هينئر ئي ڇانهيون پٽي ٿو اچان.“
    ڪجهه دير کانپوءِ هاري ٽي ڇانهيون پٽي آيو ۽چيو: ”حضور، هنن کي چکي ڏسو، جيڪڏهن اهي سٺيون نه هجن ته آئون ٻيون پٽي اچان.“
    هاري بادشاهه اڳيان ڇانهيون رکي هڪ طرف ٿي ويٺو ۽ بادشاهه هڪ هڪ ڪري ٽئي ڇانهيون کائي ورتيون. ڇانهيون کائي هن هاريءَ کي چيو:
    ”مون ٽي ڇانهيون کاڌيون آهن. انهن جا ڪيترا پئسا ٿيندا.“
    هاريءَ وراڻيو: ”سرڪارتوهان ته اسان جا حاڪم آهيون. توهان کان پئسا ڪيئن وٺان.“
    بادشاهه وڏي ٽيڙيءَ مان چيو: ”مفت ۾ ڇانهيون کائڻ منهنجي شان جي خلاف آهي. ٻڌاءِ ته ڪيترا پئسا ٿيندا؟“
    هاريءَ چيو؛ ”جيڪڏهن توهان ضد ٿاڪريو ته جيڪي دل ۾ اچانوَ ڏئي ڇڏيو. آئون ماٺ مٺوڙي ۾ وٺي ڇڏيندس.“
    بادشاهه کيسي ۾ هٿ وجهي ڏٺو ته ان ۾ هڪ پائي به نه هئي. هن ٻئي کيسي ۾ هٿ وڌو ته اهو به خالي خالي هو. هن وٽ هڪ رپيو به نه هو جو کڻي هاريءَ کي ڏئي پنهنجو رعب ويهاري. هن کي ڏاڍو شرم آيو. پوءِ آهستي چيو: ”آئون پئسا گهر ڇڏي آيو آهيان. تنهنجين ڇانهين جي قيمت في الحال ادا نٿو ڪري سگهان. ان جي بدلي ۾ تون مون کان ڪو پورهيو وٺي سگهين ٿو. آئون خوشيءَ سان ڪندس.“
    هاري سوچ ۾پئجي ويو پوءِ چوپڻ لڳو: ”مون سڀ ڪم ڪري ورتو آهي. اڄ ته مون وٽ ڪوبه ڪم نه آهي. جيڪڏهن تون ڇانهين جو ملهه ڏيڻ چاهين ٿو ته زمين تي بازولي پائي ڏيکار ته اهوئي ڪافي رهندو.“
    بادشاهه هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو. اتي هاري کانسواءِ ٻيو ڪوبه موجود نه هو. بادشاهه اهو سوچي سک جو ساهه کنيو ته هن وقت کيس ڪير به ڏسڻ وارو ڪونهي ۽ هن پوڙهي هاريءَ اڳيان بازولي پائڻ ۾ ڇاهي.
    اهو سوچي بادشاهه پنهنجو مٿو زمين تي جهڪايو ۽ بازولي پائڻ وارو هو ته هاريءَ هن کي جهلي ورتو ۽ ادب سان چيو: ”سرڪار، بس ايترو ئي ڪافي آهي.“
    بادشاهه اٿي بيٺو ۽ هاري ڏي ڪاوڙ مان ڏسڻ لڳو.
    هاريءَ چيو: ”سائين جن جڏهن مون کي پهريون دفعو ڏٺو ته توهان جي نگاهن مان مون اندازو لڳائي ورتو توهان ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان نه جهڪيا آهيو، پر هاڻ سائين جن مون جهڙي غريب ماڻهوءَ اڳيان مٿو ٽيڪيو آهي.“
    اهو ٻڌي بادشاهه ڏاڍو شرمندو ٿيو. هن پوڙهي هاري کي سلام ڪيو ۽ ماٺ مٺوڙي ۾پنهنجي محلات ڏي روانو ٿي ويو.


    جادوءَ جي ديڳڙي

    ڪمبوڊيا جي ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ غريب عورت رهندي هئي. هن کي هڪڙو پٽ هو. هو ويچارا تمام غريب هئا. ڏئي وٺي هنن وٽ بس هڪ ڍڳي هئي جيڪا ايترو ته گهٽ کير ڏيندي هئي جو سندن پيئڻ لاءِ ئي مس پورو ٿيندو هو. وڌيڪ هڪ پاءُ به نه بچندو هو جو کڻي وڪڻي گهر جي لاءِ ڪو سيدو سامان وٺي سگهن. ٻئي ماءُ پٽ شهر جي هڪ دڪاندار کان ضرورت جو سامان اوڌر تي وٺي گذر ڪندا هئا. هن دڪاندار جي هر شيءِ جي قيمت جيتوڻيڪ تمام گهڻي هئي پر هي مجبور هئا جو هنن وٽ پئسو ڪونه هو جو ٻئي ڪنهن دڪان تان وٺن ۽ اوڌر فقط هن ڏني ٿي.
    هڪ ڏينهن دڪاندار عورت وٽ آيو ۽ چيو: ”سڀاڻي شام تائين منهنجو سڄو قرض واپس ڪر نه ته مون کان وڌيڪ خراب ڪير نه هوندو.“
    ويچاري عورت وٽ هڪ ٽڪو پئسو به نه هو. هوءَ دڪاندار جو ايترو جلد قرض لاهي ته ڪيئن لاهي. هن پنهنجي پٽ کي چيوته پڙيءَ تي وڃي ڍڳي وڪڻي اچ. ان مان جيڪي پئسا ملندا اهي دڪاندار کي ڏئي ڇڏينداسين.
    نينگر ڍڳيءَ کي وٺي مال جي پڙي ڏي وڃي رهيو هو ته رستي تي هڪ پوڙهو ماڻهو مليس. پوڙهي جي هٿن ۾ هڪ ديڳڙي هئي. هن ڇوڪري کان پڇيو: ”پٽ، ڪيڏانهن پيو وڃي؟“
    ”ڇوڪري پوڙهي کي سڄو احوال ٻڌايو. پوڙهي ڳالهه ٻڌي هن کي چيو؛ ”فڪر نه ڪر. تون مون کي پنهنجي ڍڳي ڏي جنهن جي بدلي ۾ آئون توکي هيءَ ديڳڙي ڏئي ڇڏيندس.“
    ”پر منهنجي ماءُ کي ته پئسا کپن. هن کي دڪاندارن کان ورتل اوڌر موٽائٽي آهي.“ ڇوڪري چيو.
    پوڙهي چيو: ”هيءَ ديڳڙيءَ وڏي ڪم جي آهي. ان کي چلهه تي رکي پوءِ جيڪا شيءِ گهرندين ته هوءَ آڻي تو وٽ حاضر ٿيندي.“
    ڇوڪري جنهن کي ڍڳي ڏئي ڇڏي ۽ پاڻ ديڳڙي وٺي گهر ڏي موٽيو. ماءُ هن جي سڄي ڳالهه ٻڌي ڪاوڙجي پئي. ظاهر آهي ڪٿي هيڏي مهنگي ڍڳي ۽ ڪٿي هيءَ معمولي استعمال ٿيل ديڳڙي. پٽ کي دڙڪا ڏيندي چيو: ”تون به ڪيڏو ته بيوقوف آهين. هن ڪاري چٻي ديڳڙي جي بدلي ۾ تون هن پوڙهي کي ڍڳي ڏئي آيو آهين.“ اهو چئي پوءِ هن ڇوڪري کي ڏاڍي مار ڏني.
    پر ڇوڪري کي پوڙهي جي ڳالهه تي يقين هو ته هن جيڪي چيو آهي اهو سچ چيو آهي. هن ديڳڙيءَ کي چلهه تي رکيو ۽ جيئن ئي باهه جو سيڪ ديڳڙيءَ جي تري تي لڳو ته هن ڳالهائڻ شروع ڪيو.”هاءِ، هاءِ. آئون هاڻ وڃان ٿي.“
    ”ڪيڏانهن وڃين ٿي؟“ ڇوڪري ديڳريءَ کان پڇيو.
    ”آئون دڪاندار جي رڌڻي ۾ وڃان ٿي.“ اهو چئي ديڳڙي نظرن کان غائب ٿي وئي. ٿوري دير بعد هي کڻي ڏسن ته ديڳڙي وري چلهه تي رکي آهي. پر هاڻ اها پهرين وانگي خالي نه هئي. هن ۾ مزيدار پلاءُ پيو هو.
    ماءُء پٽ پليٽون ڀري ڀري پلاءُ کاڌو ۽ پوءِ ننڊ ڪرڻ لاءِ سمهي رهيا. پر پوءِ ٿوري دير کانپوءِ ماءٌ وري رڙيون ڪرڻ شروع ڪيو.
    ”اڄ جي ماني ته اسان کي هن ديڳڙيءَ آڻي ڏني سڀاڻ جو ڇا ٿيندو؟
    اهو ٻڌي ديڳڙيءَ وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”آئون هينئر جو هينئر وڃان ٿي.“
    ڪيڏانهن وڃين ٿي؟“ ڇوڪري کائنس پڇيو.
    ”دڪاندار جي ٽجوڙيءَ ۾.“ ديڳڙيءَ وراڻيو ڏسندي ئي ڏسندي هوءَ اکين کان غائب ٿي وئي.ڪجهه منٽن بعد هو جڏهن واپس آئي ته ڪنن تائين نوٽن ۽ سڪن سان ڀريل هئي. ڇوڪرو ۽ هن جي ماءٌ نوٽ ڳڻڻ لڳا. ايتري ۾ چلهه جي بخاري (چمنيءَ) مان ڪنهن جي دانهن ڪوڪن جوآواز ڪنن تي پيو. اهي آواز دڪاندار جا هئا. هو رڙيون ڪري بچاءَ لاءِ سڏ ڪري رهيو هو.
    ”بچايو، بچايو. مونکي بچايو. آئون مران ٿو.“
    اصل ۾ ٿيو هيئن هو ته جڏهن ديڳڙي دڪاندار جي ٽجوڙي ۾ گهڙي ته دڪاندار ان کي پئسا چورائيندي ڏسي ورتو. جڏهن ديڳڙي دريءَ منجهان اڏامي نڪرڻ لڳي ته دڪاندار ڊوڙي ان کي کڻي سوگهو جهليو ۽ ديڳڙي سان گڏ گڏ اڏامندو اچي عورت جي گهر تائين نڪتو. ديڳڙي چلهه جي بخاريءَ ۾ گهڙي اچي هيٺان نڪتي پر دڪاندار هيڪاندو ٿلهو هجڻ ڪري ان۾ ڦاسي پيو.
    ڇوڪري دڪاندار کي چمنيءَ (بخاريءَ) ۾ ڦاٿل ڏسي باهه ۾ ٻيا به ڇوڏا ۽ ڇيڻا وڌا جنهن مان نڪتل دونهين ۾ دڪاندار جو ساهه گهٽجڻ لڳو. هو زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو: ”خدا جي واسطي مون کي بچايو. آئون توهان جو سڄو قرض معاف ڪري ڇڏيندس.“
    عورت دڪاندار جي مدد لاءِ ڊوڙي پر ڇوڪري کيس جهليندي چيو ”امان، هن کي متان ڪڍيو اٿئي.“
    دڪاندار وري رڙيون ڪرڻ لڳو؛ ”خدا جي واسطي مون کي ٻاهر ڪڍو. آئون سڄو قرض ته معاف ڪندس پر سڄي ملڪيت توکي ڏئي ڇڏيندس.“
    اهو ٻڌي ڇوڪرو مٿي کڏ تي چڙهيو ۽ دڪاندار کي بخاريءَ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو.
    هڪ هفتي کانپوءِ دڪاندار پنهنجي ڌيءَ جي شادي ان عورت جي پٽ سان ڪرائي ۽ پنهنجي سڄي دولت ڌيءَ کي ڏاج ۾ ڏئي ڇڏي.
    پر هن ديڳڙيءَ جو ڇا ٿيو؟
    ديڳڙيءَ شادي وارو ڏينهن بيحد عمدا عمدا کاڌا ٺاهيان ان بعد غائب ٿي وئي.


    واڳون ۽ عورت

    ڳالهه ٿا ڪن ته پراڻي زماني ۾ درياهه توڙي سمنڊ جا واڳون انسانذات سان تمام سٺو هليا ٿي هنن جي سڀ کان گهڻي دوستي ماڻهن سان هئي. ڪناري تي بيهي ڪنهن به ماڻهوءَ واڳوءَ کي سڏ ڪيو ٿي ته هو هڪدم هن وٽ هليو آيو ٿي. ۽ پوءِ درياهه پار ڪرڻ لاءِ هڪ هڪ ٻه ٻه ڄڻا ٿي مردن توڙي عورتن واڳونءَ جي پٺيءَ تي ويهي سير سفر ڪيو ٿي. پوءِ چون ٿا ته آسٽريليا جي ڀرسان هڪ وڏي ٻيٽ پاپا نيوگني تي هڪ واڳوءَ اتي جي هڪ عورت سان شادي ڪئي. هن مان ان کي ٻار به ٿيا. واڳونءَ کي پنهنجي زال ۽ ٻارن سان بيحد گهڻو پيار هو.
    هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو واڳوءَ پنهنجي زال ۽ ٻارن کي پنهنجي پٺيءَ تي ويهاري درياهه جي ٻئي پار ڏي ويندي زال کي چيو: ”تون ڀلي پنهنجن مائٽن سان ملي اچ. ٻارن کي به ڀلي ناناڻن سان ملائي اچ. پر اهو ضرور ڪجانءِ ته ٻن ڏينهن کانپوءِ موٽي اچجانءِ ۽ ڪناري تي بيهي مون کي سڏجانءِ ته توکي واپس وٺي هلندس. پر ٻن ڏينهن کان وڌيڪ هرگز نه ٽڪجانءِ.“
    زال سامان جي هڙ ۽ ٻار کڻي پنهنجي ماءُ پيءَ جي گهر رواني ٿي. اتي پهچي ماءٌ پيءَ، ڀائرن ڀينرن ۽ ٻين مائٽن سان ملڻ ۽ دعوتون کائڻ ۾ اهڙو ته مشغول ٿي وئي جو ٻه ڏينهن ته خواب وانگر جهٽ گذري ويا پر ٽيون ڏينهن به اچي ختم ٿيو. هوڏانهن واڳون پنهنجي زال ۽ ٻارن جي انتظار ۾ پريشان ٿيندو رهيو.
    آخرڪار جڏهن چوٿين ڏينهن سندس زال ۽ ٻار درياهه جي ڪناري تي پهچي پنهنجي مڙس واڳوءَ کي سڏ ڪيو ته هو خوشيءَ وچان تڪڙو تڪڙواچڻ بدران آهستي آهستي سرندو هن اڳيان اچي بيٺو. هن پنهنجو سامان ۽ ٻار واڳونءَ جي پٺ تي ويهاريا ۽ پوءِ پاڻ به هن جي پٺيءَ تي سوار ٿي ويٺي. واڳو ان بعد درياهه اڪرڻ لاءِ رڙهڻ لڳو.
    درياهه جي وچ ۾، جتي پاڻي تمام اونهو هو، واڳوءَ ترڻ بند ڪري عورت کي چيو. ”تونکي مون جيترا ڏينهن رهڻ لاءِ چيو هو ان کان وڌيڪ رهي تو منهنجو چوڻ نه مڃيو آهي ۽ جيئن ته تون ’بي چئي‘ ثابت ٿي آهين انڪري توکي هاڻ جيئرو نه ڇڏيندس ۽ هتي ئي ٻوڙي ماريندوسانءِ.“
    ان بعد واڳوءَ پنهنجي زال ۽ ٻارن کي ٻوڙي ماري ڇڏيو. ان حادثي- يا کڻي چئجي ته واقعي کانپوءِ واڳن ماڻهن سان دوستي رکڻ ڇڏي ڏني هاڻ ان ڏينهن کان ماڻهو واڳن کان ڊڄن ٿا ۽ واڳو انسانذات جا دشمن ٿي پيا آهن.


    ڏنڀرو مڇي سمنڊ ۾ ڪيئن آئي

    ڳالهه ٿا ڪن ته پاپانيوگني ٻيٽ جي موربي علائقي ۾ هڪ عورت پنهنجن ٻن پٽن سان رهندي هئي. هو تمام غريب هئا ۽ هڪ ٻرندڙ جبل جي هيٺان غار ۾ رهيا ٿي. هنن وٽ کائڻ لاءِ فقط سوئر جو گوشت هو. ان کان علاوه هنن ڪڏهن به ٻڪري، ڍڳي، ڪڪڙ يا مڇي نه کاڌي هئي.
    هڪ ڏينهن پٽن پنهنجي ماءُ کان پڇيو ڀلا ائين ڇو آهي جو پاڻ وٽ کائڻ لاءِ فقط سوئر جو گوشت آهي. ساڳي ساڳي شيءِ کائي اسين ڪڪ ٿي پيا آهيون. ماءُ ورندي ڏنن: ”پٽ ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه. آئون ڀلا ڇا ٿي ڪري سگهان. جڏهن هن ٻيٽ تي، جنهن تي پاڻ رهون ٿا ان تي ٻيو ڪوبه جانور يا پکي نٿو رهي. سڀ ڍنڍون ۽ تلاءُ به مڇي کان خالي آهن.“
    ٻئي ڏينهن صبح ساڻ عورت ۽ سندس ٻئي پٽ ٻني ٻارو ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا. جهڙو ٻنيءَ جي ويجهو پهتا ته هڪ جهنگلي سوئر هنن ڏي ڌوڪيندو آيو ۽ بلڪل ويجهو پهچي چيو؛ ”مون کان ڊڄو نه. آئون توهان کي ڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو. توهان کاڌي خوراڪ لاءِ هميشه اسان سوئرن کي ماريندا رهو ٿا. جيڪڏهن توهان منهنجو چيو مڃي اسان کي مارڻ بند ڪندائو ته آئون توهان سان واعدو ٿو ڪريان ته توهان کي ان کان ضرور بهتر شيءِ ملي ويندي.“ جهنگلي مرون ان کانپوءِ ٻئي طرف ڀڄي ويو.
    اها ڳالهه ٻڌڻ بعد ماءٌ پٽ ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ وقت هر وقت ان بابت سوچيندا رهيا ۽ گهر موٽڻ مهل پڻ هنن جي ڌيان ۾ اها ڳالهه هئي ته واقعي ڪجهه ٿيندو يا نه. سج لٿي کان ٿورو اڳ ۾ عورت غار مان نڪري هيڏانهن هوڏانهن چڪر تي نڪتي. هوءَ اڪيلي اڪيلي هيڏانهن هوڏانهن ڦرندي ڀر واري ٽڪريءَ تي چڙهي وئي. اتي هن کي هڪ ڍنڍ نظر آئي. جيڪا هن پهرين ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. اها ڍنڍ ڏنڀري مڇي سان ڀري پئي هئي. ڍنڍ جي صاف ۽ شفاف پاڻيءَ ۾ مڇيون ٽپ ڏئي رهيون هيون.
    عورت چند وکون اڳتي کڻي ڍنڍ ۾ گهڙي. هن ڏٺو ته مڇيون ايڏيون ته پالتو نموني جون هيون جو هن جهڙو سندن پڇ ۾ هٿ وڌو ٿي ته هن وٽ هليون آيون ٿي. عورت کي ڏاڍو تعجب لڳو ۽ خوشي پڻ ٿي. هن ٽي چار مڇيون جهليون ۽ رڌڻ لاءِ گهر آئي. هن دل ئي دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته هوءَ ان کي راز ڪري رکندي ۽ ڪنهن سان به ان ڍنڍ جي ڳالهه نه ڪندي.
    ان رات مانيءَ تي هن پٽن کي مڇيون کارايو ن جيڪي ان تبديليءَ کي ڏسي وائڙا ٿي ويا. هنن گهڻو ئي ماءُ کان پڇيو ته هن کي اهي ڪٿان مليون پر ماءُ ان بابت ٻڌائڻ کان صاف صاف انڪار ڪيو. ان بعد ڪيترن هفتن لاءِ عورت ان ڍنڍ تان مڇيون آڻيندي رهي. جيتوڻيڪ هن جا پٽ روز پڇندا رهيا ته هوءَ مڇيون ڪٿان ٿي آڻي پر عورت هنن کي هرگز نه ٻڌايو ته هوءَ مڇيون ڪٿان ٿي آڻي ۽ اها مڇين واري ڍنڍ ڪٿي آهي.
    آخرڪار هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو هي ٻئي ڇوڪرا ماءُ جي نڪرڻ بعد هن جي پويان پويان لڪندا اتي وڃي پهتا جتان اها ڍنڍ صاف نظر آئي ٿي. هو ٻئي ڄڻا وڏن پٿرن پويان لڪي ويٺا جتان هو پنهنجي ماءُ کي مڇيون ڦاسائيندو ڏسندا رهيا. ايتريون ساريون مڇيون ڏسي ٻئي حيران ٿي ويا. ماءُ جي موٽڻ بعد هو ٻئي ڍنڍ ۾ لٿا ۽ هنن پالتو مڇين کي ڦاسائڻ شروع ڪيو. هنن هٻڇ وچان هڪ ٻن بدران ڪيتريون ئي مڇيون جهليون جن مان ڪيتريون ته ڪناري تي ئي ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويون. گهر موٽڻ تي هنن پنهنجي ماءُ سان ان بابت ڳالهه ڪئي ته هو ڇا ڪري آيا آهن.
    ٻئي ڏينهن عورت جڏهن ڍنڍ تي پهتي ته هوءَ اهو معلوم ڪري پريشان ٿي وئي ته سڀئي مڇيون ڍنڍ ڇڏي هليون ويون آهن. هنن کي ڪنهن طريقي سان سمنڊ ڏي وڃڻ جي راهه ملي وئي ۽ هڪ هڪ ٿي سڀ هليون ويون. ان ڏينهن کانپوءِ اها مڇي ڦاسائڻ لاءِ ماڻهن کي سمنڊ تي وڃڻو پوي ٿو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 464
    ڪتابن جو مشاهدو: 372962
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 151933
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ