ڪتاب جو نالو: ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 18 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 524 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 226 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
الطاف شيخ جو ترجمو ڪيل هي ڪهاڻين جو ڪتاب ”ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ“ جيڪي هن ملئي، سنگاپوري، ٿائي ۽ انڊونيشي اديبن جي ناولن ۽ ڪهاڻين مان کنيون آهن۔ پهريون ڇاپو 1987 ۾ نيو فيلڊس وارن ڇپيو هو ۽ ٻيهر ڪاڇو پبليڪشن پاران ڇپايو ويو آهي۔ دلچسپ ڪهاڻين تي مشتمل هن ڪتاب کي اي بوڪ جي صورت ۾ سنڌي ادبي سنگت سٽي سکر پاران محترم عبداللطيف انصاري جي ڪاوشن سان متعارف ڪرايو ويو آهي۔
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب
  • ترجمي جو سفر
  • خوش نصيب وڇوڙو
  • گرميءَ جي لهر
  • ٽيون ڏاڪو
  • قوناط جي خوشين ڀري مختصر زندگي
  • سفيد گلاب
  • ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ .......
  • آخري کلڪو
  • ضدي
  • شادي
  • ٽئڪسي ڊرائيور جي ڪهاڻي
  • ماتا ڪچنگ
  • پيار جو آکيرو
  • نيڪلس
  • ذهين ترين
  • وفا جي پتلي
  • حقيقتن جي ڄاڻ
  • قيدي

  • انتساب

    مخدوم محمد زمان ’طالب المولى‘ نالي
    مخدوم صاحب جن کي ڏاڍو مس ڪيان ٿو. تعليم توڙي نوڪريءَ دوران ٻاهران ٿي، پنهنجي ڳوٺ هالا اچڻ تي مخدوم صاحب جن سان ضرور ملندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن اهو سوچي ته سندس طبيعت صحيح نٿي رهي، کين ڪيترائي ڪم آهن ۽ مصروف ٿا رهن، منهنجي وڃڻ ڪري هنن جي آرام ۾ رُخنو نه پوي، آئون نه ويندو هوس ته ڏينهن پڻ بعد پاڻ ئي ماڻهو موڪلي مون کي گهرائيندا هئا، ۽ منهنجي لکڻين ۾ نَون ڇپيل ڪتابن بابت پڇندا هئا ۽ وڌيڪ لکڻ لاءِ تمام گهڻي همت افزائي ڪندا هئا. اهو سندن ادب لاءِ چاهه هو، جو مون جهڙن جي عزت افزائي ڪئي ويندي هئي.
    ملائيشيا وڃڻ کان اڳ ۾ پاڻ مون کي ان پاسي جي ملڪن جي شاعريءَ تي ڪجهه لکڻ يا ترجمو ڪرڻ لاءِ صلاح ڏنائون. شاعري پڙهڻ يا سمجهڻ مون لاءِ ڏکيو سبجيڪٽ رهيوآهي. البت ملئي، ٿائي، سنگاپوري، انڊونيشي اديبن جا جيڪي افسانا پسند آيم ٿي، سي ترجمو ڪندو پئي ويس. اهڙيءَ طرح هي ڪتاب ’ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ‘ وجود ۾ آيو. 1987ع ۾ ملائيشيا کان موڪل تي ڳوٺ آيس ته هي ڪتاب ’نيوفيلڊس پبليڪيشن‘ طوفان ڇپجي چڪو هو ۽ مخدوم صاحب جن کي پيش ڪندي چيم: ”شعر ته نه پر افسانا ترجمو ڪيا اٿم.“ پاڻ افسانن جا عنوان ڏسي مرڪندا رهيا.
    اڄ ڏهاڪو سالن بعد ان ساڳي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ’روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو‘ ڪڍي رهيو آهي. پهرين ڇاپي وانگر هي وڌايل ڇاپو پڻ مخدوم صاحب جن کي منسوب ٿو ڪريان. پر افسوس جو هي ڪتاب کين پريزنٽ ڪري نه سگهندس جو پاڻ اسان کان جدا ٿي چڪا آهن.
    مخدوم محمد زمان ’طالب المولى‘ صاحب جن تي گهڻو ڪي ڪجهه لکي سگهجي ٿو، پر هتي سيد مرتضى ڏاڏاهي جو مخدوم صاحب جي شخصيت بابت فقط هي جملو ورجائيندس ته، ”پاڻ نهايت ئي درگذر ڪرڻ وارا، صابر، شاڪر، سهڻا سٻاجها، ماکيءَ کان مٺا، ملنسار ۽ مهربان طبيعت جا مالڪ هئا.“
    پاڻ سٺا ۽ مشهور شاعر، ممتاز اديب ۽ بااصول سياستدان هئا. سياستدانن جي خبر نه اٿم پر اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن تي ڏاڍو مهربان هئا. هالا ۾ ننڍي هوندي کان شعر و شاعريءَ جون محفلون ڏنيونسين. پاڻ بزم طالب المولى سميت ڪيترين ئي ادبي انجمن جي سرپرستي ڪيائون، ويتر سٺي ڳالهه اها آهي ته ادبي محفلن ۽ شعر و شاعريءَ سان لڳاءُ سندن فرزند مخدوم ’امين فهيم‘ ۽ سندن پوٽي مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ ۾ پڻ تمام گهڻو آهي.
    اڄ جي دور ۾ جڏهن تعليم ۽ ڇپائي عام ٿي وئي آهي، تڏهن به سنڌ جي ڪيترن وڏن شهرن ۾ ڇپائيءَ جي ڪا پريس نظر نٿي اچي، پر هالا جهڙي شهر ۾جيڪو اڄ کان اڌ صدي اڳ هڪ ڳوٺڙو هو، اتي مخدوم صاحب جن ’الزمان‘ نالي پرنٽنگ پريس 1948ع ۾ لڳرائي، جڏهن پاڻ اٺاويهين اوڻٽيهن ورهين جاهئا. ان پريس مان ان وقت ’پاسبان‘ ۽ ’الزام‘ هفتيوار اخبارون نڪرنديون هيون. 1950ع ۾ هالن مان هڪ ماهوار رسالو ’فردوس‘ سندن سرپرستيءَ هيٺ جاري ٿيو. ’فردوس‘ سڄي سنڌ ۾ تمام مشهور ٿيو. ان ۾ شعر، افسانا، سوال جواب ۽ فلمي فوٽو ۽ خبرون هونديون هيون، ۽ لکڻ وارن جي گهڻائي جو تعلق هالا سان هو. بلڪه هن پريس، هن رسالي ۽ مخدوم صاحب جن جي همت افزائيءَ هالا جي ڪيترن ئي ماڻهن کي اديب ۽ شاعر بنائي ڇڏيو. اسان جيئن ئي لکڻ پڙهڻ سکياسين ته پرئڪٽس لاءِ ’الوحيد‘، ’فردوس‘، ’نئين زندگي‘ ۽ ’گلستان‘ اخبار ۽ رسالن جي صفحن کي پڙهڻ لڳاسين. فردوس هالا ۾ ڇپبو هو، گهر گهر ۾ نظر ايندو هو. ان ڪري سڀ کان گهڻو ان رسالي سان واسطو پيو. اڄ به ان رسالي ۾لکندڙ ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن جا نالا دماغ ۾ ڦري رهيا آهن: الهه بچايو ’فيروز‘، عبدالحي ’سليم هالائي‘، انور هالائي، شفيع محمد ’شهنشاهه‘، علي احمد ’گل چين‘، عبدالرحمان ’انجم‘، ’اختر هالائي‘، شوڪت ابڙو ’شوڪت‘، عبداللطيف ’ساقي‘ وغيره وغيره. ان کان علاوه مخدوم صاحب جا شعر، غزل، گيت، ڪافيون پڻ ان ۾ ڇپبيون هيون. سندن ڪافيون ۽ وائيون نه فقط پڙهندڙن ۾ پر ڳائڻ وارن ۾ پڻ مقبول ٿيون. اسان به ”تو دلڙي يار ڌتاري، پو ير ڪانه ڪيئي پوئيواري“ جهڙيون ڪافيون پهرين ڳوٺ جي صدا بهار ڳائڻين: قدم، گلزار، آمون شيدياڻي ۽ ڦاپو مڱڻهار کان ٻڌيون، پوءِ ريڊيو پاڪستان ۽ ٽي ويءَ تان ۽ هاڻ هر بس ۾ رونا ليلى جي آواز ۾ ڪئسٺ وڄندا رهن ٿا:
    ”تنهنجو ’طالب مولا‘ آهي،
    ٻي ساڻ ڀلا ٻيو ڇاهي؛
    رس تنهن کي قرب مان ڪاهي،
    ٻيا لڳ لاڳاپا لاهي؛
    ڇڏ وير ورهَ جي واهي،
    ڪير سينو توسان ساهي؛
    اها طاقت ڪنهن کي ناهي،
    اچ مون وٽ گاهي ماهي؛
    لاءِ بره جي يار بهاري!
    الا ير ڪانه ڪيئي پوئواري!
    سائين طالب المولى جن جي ٻي هڪ ڪافيءَ جا خوبصورت ٻول جيڪي هن وقت ياد اچي رهيا آهن:
    جيڪي برهه ۾ بيپرواهه دليون- اهي آهن شهنشاه دليون،
    جيڪي پورن ۾ پيون روز پچن- جيڪي بره جي باهه ۾ ڌار ڌڳن،
    جيڪي دردن جو درمان نه ڪن، سي سهڻن جون ٿيون ساهه دليون.
    جيڪي محبت ۾ ٿيون مست مچي، جيڪي طالب المولى ڪن نه ڪچي،
    والله چوان ٿو سچ به سچي، اهي ڪن ٿيون ڪونه گناهه دليون.
    1952ع ڌاري مخدوم صاحب جن جي سرپرستيءَ ۾ حيدرآباد مان نڪرندڙ ”شاعر“ رسالو پڻ تمام مشهور ٿيو ۽ معياري سمجهيو ويو ٿي.
    مخدوم صاحب جن 1950ع ڌاري سياست ۾ بهرو وٺڻ شروع ڪيو، سندن رهنمائي چاچي مخدوم غلام حيدر جن ڪئي. 1953ع جي چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبري تي بنا مقابلي جي چونڊجي آيا. پاڻ ان بعد مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ نه بيٺا. مارشل لا کانپوءِ نئين آئين جي چونڊ ۾ پاڻ مرڪزي اسيمبليءَ تي ميمبرچونڊجي آيا.
    بقول جي ايم سيد صاحب جي، ”مخدوم محمد زمان ’طالب المولى جن جي طبيعت جو اصل لاڙو ادب ۽ ثقافت طرف زياده رهيو؛ پر مڪاني ضرورتن ۽ وقتي مصلحتن جي بنا تي پاڻ مجبوراً سياست ۾ حصو وٺندا رهيا.“
    پاڻ پهرين مسلم ليگ ۾ هئا پر 1967ع کان ڀٽي صاحب جي قائم ڪيل پيپلزپارٽيءَ جا باني ميمبر ۽ سينئر وائيس چيئرمين رهيا. پاڻ 1970ع ۽ 1977ع ۾ قومي اسيمبليءَ جا ميمبر منتخب ٿيا.
    مخدوم محمد زمان طالب المولى جن 9 محرم 1338 هجري بمطابق 26 سيپٽمبر 1919ع آچر تي هالا ۾ جنم ورتو. سندس والد بزرگوار جو نالو مخدوم غلام محمد هو. مخدوم صاحب ايشيا کنڊ جي نامور عالم دين، مبلغ حضرت غوث الحق المعروف مخدوم نوح سرور رح جي گاديءَ جو سترهون سجاده نشين هو. مخدوم نوح سرور رح پنهنجي وقت جو غوث، مجدد،وڏو عالم ۽ ڪامل بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس اصل نالو لطف الله هو ۽ سندن والد صاحب جو نالو مخدوم نعمت الله هو. شاديمخدوم نوح سرور رح ننڍي کنڊ (پاڪ وهند) جو پهريون عالم هو، جنهن فارسي زبان ۾ قرآن مجيد جو ترجمو ڪيو هو.
    مخدوم صاحب جي زباده تعليم ۽ تربيت سندن والد بزرگوار غلام محمد ۽ چاچي مخدوم غلام حيدر جن جي خدمت ۾ ٿي. قرآن شريف جي تعليم انهيءَ وقت جي عالم ۽ درگاهه شريف جي مجاور حافظ ولي محمد کان حاصل ڪئي. سنڌيءَ جي تعليم استاد حاجي عبدالغفور وڪيلائي ۽ استاد عبدالرحمان انجم هالائيءَ کان ورتائون. فارسي عبدالحي ٺيڙهي واري پڙهائين ۽ انگريزي ۾ سندن استاد غلام رضا ڀٽو صاحب هو.
    مخدوم صاحب جن جو وڏو فرزند مخدوم محمد امين فهيم هالا جي اسڪول ۾ مون کان چار سال کن سينئر هئا. پيٽارو وڃڻ کان ٽي سال اڳ جيڪي هالا جي اسڪول ۾ پڙهيو هوس، اتي اسان جو هيڊ ماستر سائين غلام رضا ڀٽو صاحب هو (سندن وڏو فرزند نواز علي ڀٽو، رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي اسان کان سال جونيئر هو.) اهڙيءَ طرح مخدوم صاحب جن جو انگريزيءَ جو استاد غلام رضا ڀٽو صاحب اسان جو پڻ استاد ٿي رهيو. سندن ٻئي استاد صاحب: انجم هالائي جن سان پڻ منهنجا ويجها تعلقات رهيا، جوانجم صاحب جو ننڍو فرزند عبدالرزاق پرائمري اسڪول کان وٺي انگريزي تائين منهنجو ڪلاس ميٽ رهيو ٿي. ۽ هو اسان جي ڀرواري گهٽيءَ ۾ رهيا.
    مخدوم صاحب جن جا ڪيترن ئي موضوعن تي ڪتاب لکيل آهن. جهڙوڪ؛ رباعيات طالب، خود شناسي، شيطان، اسلامي تصور، امام غزاليءَ جا خط، ياد رفتگان، مثنوي عقل و عشق، ڪچڪول، شان سرور، ڪافي، ڇپر ۾ ڇڙيون، ديوان طالب، بي پير اکيون وغيره وغيره.
    مخدوم صاحب جن ٻه شاديون ڪيون هيون. پهرين شادي 1937ع ڌاري 18 سالن جي ڄمار ۾، اچ شريف تعلقي ٽنڊوباگو (ضلعي بدين) جي پيرن مان ڪئي هئائون جيڪا هن علائقي جي نامياري شخصيت علي بهادر شاهه جي پڦي هئي. اها ٽن سالن بعد 1940ع ڌاري گذاري وئي. جنهن مان مخدوم جن کي هڪ فرزند امين فهيم آهي. ٻيو نڪاح ڊسمبر 1941ع ڌاري مولانا فضل احمد غزنوي صاحب جي نياڻيءَ سان ڪيائون. ان مان کين مخدوم خليق الزمان، مخدوم رفيق الزمان، مخدوم شفيق الزمان، مخدوم سعيد الزمان ۽ مخدوم نويد الزمان اولاد آهي. مخدوم صاحب جي وفات کان پوءِ چاليهي جي موقعي تي فيبروري 1993ع ۾ مخدوم امين فهيم کي گادي نشين بنايو ويو. اهڙيءَ طرح مخدوم امين صاحب ارڙهون نمبر گادي نشين آهي. پاڻ سياست جي ميدان ۾ سدائين سرخرو رهيو آهي. اسيمبلي ميمبريون ۽ وزارتون ماڻيندو رهيو. مخدوم امين صاحب پڻ اديب ۽ شاعر آهي. پڙهيل ڳڙهيل، سياستدان، اديب، شاعر ۽ سنڌ جي باعزت خاندان جو فرد هجڻ ڪري، کين ڪيترن ئي ملڪن توڙي غير ملڪي اهم ۽ مشهور ماڻهن سان ملڻ جا موقعا مليا. آهن. ايوب خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي شيخ اياز ۽ جميل الدين عالي تائين، جي ايم سيد ۽ پير پاڳاري کان وٺي غلام محمد گرامي ۽ ابن انشا تائين، سنگاپور جي لي ڪئان يو ۽ ملائيشيا جي مهاتر کان ياسر عرفات تائين، هو چاهي ته پنهنجي زندگيءَ جون يادگيريون قلمبند ڪري ادب جي وڏي خدمت ۽ عوام کي پڙهڻ لاءِ دلچسپ مواد ڏئي سگهي ٿو. ملائيشيا ۾ 1989ع ۾ ٿيندڙ ڪامن ويلت جي ليڊرن جي گڏجاڻيءَ ۾، سندن انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ ۽ ملائيشيا جي بادشاهه ازلان شاهه سان گڏ تصوير ڪڍڻ وقت، مون کيس اهڙي صلاح ڏني هئي ۽ هينئر به منهنجي اها خواهش آهي ته هو پنهنجو ڪجهه وقت ان قسم جي ملاقاتن ۽ يادگيرين کي قلمبند ڪرڻ لاءِ ڪڍن. ان حساب سان سندن فرزند ۽ مخدوم صاحب جو وڏو پوٽو جميل الزمان سياست سان گڏ چڱو وقت لکڻ پڙهڻ کي ڏيئي رهيو آهي؛ ۽ سندن هينئر ئي ٻه ڪتاب نثر ۽ نظم جا اچي چڪا آهن.
    مخدوم طالب المولى جي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور کين تمغئه پاڪستان 1990ع ڌاري، هلال امتياز ۽ 1991ع ڌاري حڪومت سنڌ طرفان شاهه عبداللطيف ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. سنڌ جو سڄاڻ سخنور مخدوم محمد زمان طالب المولى 11 جنوري 1993ع تي ٽيهتر سالن جي ڄمار ۾، علم ادب جي مشعل کي روشن رکندي راهه رباني وٺي ويو. دعا آهي ته شال رب پاڪ کين جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي- آمين.
    آديسي اٿي وَيا، وَيا وطَنؤن ڏُور،
    قائم جن سان ڪچهريون، زنده هيون ضرُور،
    اُهي مرد نه مُور، ٿيندا پيدا ٿَري چَوي.

    الطاف شيخ
    10 جولا 1998ع
    ڪراچي.


    ترجمي جو سفر

    ٻين ٻولين جا ڪي ڪتاب پڙهندي خيال ايندو آهي ۽ اتساهه اُڀرندو آهي، ته ان ۾ ظاهر ڪيل ويچار، نظريا ۽ واٽون يا ان جي لکڻ جو وڻندڙ ڍنگ، اسان جي ٻوليءَ وارا به پڙهي ۽ ڄاڻي سگهن. ان لاءِ ان کي ترجمي ڪرڻ جو شوق ۽ جذبو جاڳندو آهي. يا وري ٻين ٻولين جي ڪن ڪتابن ۾ سياسي، سماجي ۽ قومي مسئلا، تعليمي، تهذيبي، اقتصادي ۽ نظرياتي حالتون اهڙيون بيان ڪيل هونديون آهن ۽ انهن جا حل پڻ پيش ڪيا ويندا آهن، جي اسان جي ديس جي مسئلن ۽ حالتن جهڙا هوندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾، ان جي ترجمي تي دل چاهيندي آهي، جيئن اسان جي پنهنجي عوام جي ماڻهن جو انهن مامرن ۾ ذهني ۽ قومي سوچ ڄاڻڻ لاءِ به انهن ملڪن جي ٻولين جا ڪتاب ترجمو ڪرڻ ڪارائتو ڪارج آهي. اهي آهن منهنجا پنهنجا خيالات ۽ لاڙا ترجمي بابت.
    الطاف شيخ جي ترجمو ڪيل هنن ڪهاڻين مان ائين پيولڳي ڄڻ اسان جي ديس ۽ سماج جون ڪهاڻيون آهن، ۽ انهن جا ڪردار اسان جا ڏٺل وائٺل آهن. ماحول ۽ ڪردار اهڙا آهن، جو جي ماڻهن ۽ شهرن جا غير سنڌي نالا نه هجن ته ترجمي هجڻ جو گمان ئي نه پوي.
    ڪهاڻي ”خوش نصيب وڇوڙي“ ۾ ليکڪ مزاج ئي مزاح ۾ ڪيترن ئي سماجي اوڻاين طرف صاف ۽ چٽو اشارو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ دولتمند يا نوڪر شاهي طبقي جي تصوير چٽي آهي ۽ اهو ڏيکاريو آهي ته پئسن جي زور تي مُلن ۽ ڪورٽن مان پنهنجي مرضي موجب ڪم ڪڍائي سگهجي ٿو. اهڙا مثال اسان جي ملڪ ۾ به آھن. البت يئان لنگ جهڙيون جرئتمند ۽ اڳتي وڌيل ڇوڪريون هتي گهٽ ملنديون .
    ”گرميءَ جي لهر“ ڪهاڻيءَ واري لورين جهڙيون سڪايل ڪنواريون هر ملڪ ۽ اسان جي ملڪ ۾ به آهن، جن لاءِ چادر ۽ چؤديواري بي معنى بنجيو وڃن، پر هتي لورين وانگر اڳتي وک وڌائڻ جو حوصلو پورو سارو اٿن.
    ”ٽيون ڏاڪو“ ڪهاڻيءَ ۾ ڏسجي ٿو ته ملائيشيا ۽ سينگاپور ۾ سنڌ وانگر، جي شهري ۽ صنعت تي زندگيءَ ۾ نه. ته به گهٽ ۾ گهٽ جاگيرداري سماج ۽ ٻهراڙيءَ ۾، پوڙهن جي عزت ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪنهن به نموني هنن جي دل دکائڻ کان پاسو ڪيو وڃي ٿو. پر غريب ۽ پورهيت طبقي ۾ جڏهن پوڙهو بيڪار ۽ اپاهج بنجيو وڃي، تڏهن هنجي ٽهل ٽڪور آزار ۽ هن جو گذران ۽ علاج ڪٽنب لاءِ سهڻ کان ٻاهر بوجهه بنجيو پوي، ۽ پوءِ هو سوچڻ لڳن ٿا ته پوڙهو نه مري ٿو ۽ نه منجو ٿو ڇڏي. پوءِ جهالت ۽ وهم پرستيءَ ڪري ۽ خاص ڪري اقتصادي بدحاليءَ ڪري هو پوڙهي جي علاج واسطي ڦيڻن ڦوڪن ۽ تعويذن تي ڀاڙين ٿا. حقيقت ۾ هنن جي اها جهالت ۽ وهم پرستي به غربت ڪري آهي. البت هن ڪهاڻيءَ ۾ پوڙهن جي سنڀال جو ڪم حل ڪونه ٻڌايو ويو آهي. حل ته اهو آهي ته غير طبقاتي سماج قائم ٿئي، جتي پوڙهن جي سنڀال ۽ ٽهل ٽڪور جي ذميواري عوامي حڪومت تي هجي.
    ”قوناط جي خوشين ڀري زندگي“ ۾ ڏيکاريل آهي ته انڊونيشيا جو عوام به سنڌي عوام يعني هارين، مزدورن، شاگردن ۽ ڪلارڪن وانگر انقلاب چاهي ٿو ۽ ان واسطي سياسي جلسن ۾ جنون ۽ جذبي جو اظهار ڪري ٿو. پر اتي عوام به پاڻ مان اڳواڻ پيدا ڪرڻ بدران خانداني، جاگيرداري، رجعت پرست ۽ روايتي اڳواڻن ۾ اميد رکيو ويٺو آهي. ۽ اهي ليڊر به عوام کي ڍڳا ڍور يا رڍون سمجهن ٿا، جن جي ڌڻ کي هو جيڏانهن چاهين اوڏنهن هڪلي سگهن ٿا ۽ تقرير ڪري، نعرا هڻائي ۽ لکن ماڻهن جا ميڙ گڏ ڪرڻ سان پنهنجي ليڊري پيا چمڪائين ۽ جيڪي انقلاب جو نعرو ته هڻن ٿا پر انقلاب جي واٽ تي هڪ وک به نٿا وڌائين. هو پرمار طبقي جا آهن. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر جي بورجوا ذهنيت به ظاهر ڪئي ويئي آهي، جو پورهيت جي ڀيٽ ۾ هڪ وزير کي بچائڻ ۾ پنهنجي آئيندي جي ترقي ڏسي ٿو.
    ”ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ“ ڪهاڻي ۾ سرمائيداري دور ۽ شهري زندگي جي ڀيٽ جاگيرداري نظام ۽ ڳوٺاڻي جيون سان ڏاڍي اثرائتي ۽ دلچسپ نموني ڪئي وئي آهي ۽ پڙهندڙ سرمائيداري دور کي مٿانهون سمجهڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نه ٿو ڪري. اسان وٽ به ٻنهي سرشتن جا نظارا ساڳئي وقت موجود آهن.
    ”سفيد گل“ ڪهاڻيءَ جي ماسترياڻيءَ ۽ ڪارٽنيءَ وانگر اسان وٽ به ڇوڪريون تعليم پوري ڪندي ڪندي ڪافي عمر جون ٿي وينديون آهن. پوءِ ڪا چڱي ملازمت ملندي اٿن ته پنهنجي تعليم ۽ عهدي جي گهمنڊ ۾پنهنجن مائٽن يا سماجي طرح پنهنجي طبقي وارن سان پرڻجڻ ۾ گهٽتائي محسوس ڪنديون آهن. ۽ پوءِ انهيءَ آسري ۽ خوشفهميءَ ۾ ته ڪو مالدار ۽ سماجي طرح اوچي طبقي جو نوجوان اچي ساڻن لائون لهندو، هنن جي عمر وڌي ويندي آهي ۽ هو شاديءَ جي عمر کان چڙهي وينديون آهن ۽ ساري ڄمار Miss يعني ڪنواري ٿي ڪاٽينديون آهن.
    ڪهاڻي جي پرک جو منهنجو هڪڙو ماپو اهو به آهي ته ان ۾ طبقاتي سماج جي اپٽار ڪيتري آهي. الطاف شيخ جي ترجمو ڪيل هنن ڪهاڻين ۾ گهڻو ڪري هر هڪ ۾ طبقاتي سماج جي ڪنهن مسئلي کي اجاگر ڪيو ويو آهي، جيئن مون مٿي ڪن جي چنڊڇاڻ ۾ ڏيکاريو آهي. انهن ڪهاڻين کان سواءِ اهو به ڏيکاريوويو آهي ته سڃائي ۽ اڻ هوند ڪري ڪنهن نوجوان جي شادي نه ٿيڻ (ڪهاڻي: ضدي) يا سترهن سالن جي نوجوان نينگريءَ جي ستر سالن جي ڪروڙپتي ڪراڙي سان شادي ٿيڻ (ڪهاڻي: شادي).
    اسين ڏسون پيا ته سنڌ ۾ به ساڳيون سماجي برايون آهن.
    انهن ملڪن، جتي جي ڪهاڻيڪارن جون هي ڪهاڻيون الطاف کنيون آھن، اتي سامراج جو ڪافي غلبو آهي، ۽ مون کي پڪ آهي ته ڪن ليکڪن سامراج دشمن ۽ قومي آزادي لاءِ به ڪهاڻيون لکيون هونديون، پر الطاف شيخ جي هن چونڊ ۾ ڪا اهڙي ڪهاڻي نظر ڪانه ٿي اچي.
    ترجمو ٿيل ڪم تي، ٿيل ترجمي جي خوبين ۽ خامين تي پنهنجو خيال ظاهر ڪجي، يا اصلي لکڻيءَ جي مواد تي؟ پڌرو آهي ته مواد لاءِ ذميوار ان جو اصل ليکڪ آهي.
    الطاف جي ترجمي جي ٻولي سادي، سليس، روان، لذيذ، صاف سٿري ۽ ڌوتل پوتل آهي. هن دنيا جي ڪن سٺين ڪهاڻين سان سنڌين کي آشنا ٿيڻ جو موقعو ڏنو آهي. هنن ڪهاڻين پڙهڻ مان اهومعلوم ٿئي ٿو ته انهن ملڪن ۾ مقصدي ساهت لکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ عوام جا مسئلا آهن ۽ جن ۾ فني لحاظ کان چٽائي، ڪهاڻيپڻو ۽ دلچسپي ڀرپور نموني موجود آهن. اهڙين ڪهاڻين جي چونڊ تي الطاف شيخ جي رويي کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. هي ڪهاڻيون دنيا جي ڀلين ۾ ڀلين ڪهاڻين ۾ ڳڻي سگهجن ٿيون.
    مان سمجهان ٿو ته الطاف شيخ جو هي ڪتاب سندس ساهتي ڪاوشن ۾ خوشگوار تبديلي ثابت ٿيندو. سندس شروعاتي سفرنامن کي ماڻهن ان ڪري به وڏي شوق سان پسند ڪيو جو انهن ۾ ”سنڌيت“ کي چڱو خاصو حصو مليل هو. پوين سفرنامن ۾ هڪ ته ورجاءُ آهي ۽ ٻيو انهن ملڪن جا جاگرافي، پنهنجن سنگيتن، واقفڪارن ۽ شين جي خريداريءَ جا غير ضروري تفصيل ڏنا آهن. هئڻ ائين کپي جو انهن ملڪن جي سماجي جوڙجڪ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي ۽ اتي ظالم ۽ مظلوم يا پرمار ۽ پرماريل طبقن جون حقيقتون هٿ ڪري ڏنيون وڃن، ۽ جيڪي مظلومن ۽ پرماريلن جون هلندڙ تحريڪون آهن، انهن کي انقلاب جي روشنيءَ ۾ اجاگر ڪيو وڃي. خاص ڪري ان حالت ۾ جڏهن ماڻهوءَ کي اتي وچ عرصو ترسڻ جو وجهه ملي ٿو..... جيئي سنڌ!
    نجم عباسي
    8- اپريل 1987ع


    خوش نصيب وڇوڙو

    اخبار نويس مان تعلقات عام آفيسر ٿيڻ، ۽ پوءِ ان اشاعتي ڪمپنيءَ جو مئنيجر ٿي ڪم ڪرڻ، مون لاءِ ڪو گهڻو مٿي جو سور نه هو. ڪُميءَ وانگر صابر ۽ ماٺيڻي طبيعت جو آئون به ڪونه هوس جنهن کان ايري غيري ڪڪڙ ڌاڪو ڄمائي زندگيءَ جي بازيءَ ۾ گوءِ کڻي وڃي. ڪُميءَ ۽ ڪڪڙ جي ڳالهه ته ٻڌي هوندَوَ ته ڪمي هڪ ئي وقت ڏهه هزار بيضا لاهي ٿي، پر ماٺ مٺوڙي ۾ لاهڻ ڪري ڪنهن کي خبر به نٿي پوي. هوڏانهن ڪڪڙ فقط هڪ بيضو لاهڻ لاءِ ڪيڪري ڪيڪري سڄي جهان کي اطلاع ڪري ٿي، ڄڻ ته ڪو وڏو ڪم سرانجام ڏيئي رهي هجي. نتيجي ۾ ڪُمي ڪنهن به حساب ۾ نٿي آئڙجي ۽ سڀ ڪو ان کي ڌڪاري ٿو ۽ هوڏانهن ڪڪڙ کي هرڪو مانُ ڏئي ٿو. ان مان ظاهر ٿيو ته اشتهاربازيءَ ۾ وڏا گڻ سمايل آهن.
    سو اشتهاربازيءَ کان مون به گهٽايو ڪونه ٿي. خاص ڪري پنهنجي اخباري ڪالم مان پورو پور فائدو وٺندو رهيس ۽ نئين عهدي جي حساب موجب جهٽ پٽ اهو سکي ويس ته عوام ۽ پنهنجي فرم وچ ۾ ڪيئن سمجهوتو قائم رکجي. ان کان علاوه ڪاغذن تي حساب ڪتاب ڪرڻ، ڏيئي ليتي ۽ نفعي نقصان جو ڇيد ۽ اپت ڪرڻ ۽ ناڻي کي چڱيءَ ريت ڪتب آڻڻ جون راهون ڪڍڻ جهڙا ڪم ڪرڻ نه رڳو ڳولي ورقم پر انهن کي چڱيءَ ريت سرانجام پڻ ڏيڻ لڳو هوس.
    پر مون کي اها ڄاڻ هرگز نه هئي ته آفيس واري ڪم ڪرڻ کان علاوه ماڻهن جي دلي مسئلن جا منجهيل سٽ سلجهائڻ جي پڻ مون ۾ ڏات موجود آهي. اهاڳالهه تڏهن ظّاهر ٿي جڏهن ڪمپنيءَ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد احمد تاج الدين، جنهن کي سندس دوست فقط MAT (مت) سڏيندا هئا، مون کي ڪنهن اهم ڪم لاءِ اڪيلائي ۾ سڏايو . ڪمپنيءَ جي پي. آر. او (تعلقات عام آفيسر) جي حيثيت ۾ مون اهي ڀلي ڀت ڄاتو ٿي ته ڪمپنيءَ جي مختلف مسئلن کي منهن ڏيڻ پي. آر او جو ئي ڪم آهي. ان ڪري جڏهن وڏي صاحب محمد تاج الدين عرف ’مت‘ ٻڌايو ته هن جي اڳيان هڪ مسئلو آهي ته مون کي بنهه تعجب نه لڳو ۽ سمجهي ويس ته روز مره جي عام مسئلن مان ئي هڪ هوندو. جيڪي اسان جهڙي وڏي ۽ مشهور فرم کي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ درپيش اچي سگهن ٿا.
    ”سائين توهان بلڪل فڪر نه ڪريو،“ اهو سوچي ته مزورن جي يونين جا ليڊر ئي سندس جان پٺيان آهن، مون کيس آٿت ڏني، ”موجود يونين جا مڙيئي نمائندا پاڻ سان ڳجهيءَ طرح ٺهيل آهن. ڪوبه اهڙو ڦڏو ناهي جيڪو هنن سان اوري نه سگهجي.“
    پر ’مت- صاحب‘ منهنجي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري چيو ته مسئلوان نوعيت جو نه آهي. پوءِ ڪلراٺي ڌرتيءَ تي اجايا گهڻا هر ڏيڻ بدران هن هڪدم ڳالهه ڪئي ته هن جي هڪ گرل فرينڊ آهي. ۽ اها پيٽ سان ٿي پيئي آهي.
    آئون اهو ٻڌي هڪو ٻڪو ٿي ويس. خير ايترو ته سمجهيم ٿي ته ڪيترائي شادي شده مرد ڪڏهن ڪڏهن پٽي تان لهي ويندا آهن ۽ پنهنجين زالن سان ڪانفرنسن ۽ ميٽنگن جا بهانا ڪري ڪلب، بار يا سئنيما هال۾ دل وندرائي وٺندا آهن ۽ اسان جو صاحب، مت يعني مسٽر محمد احمد تاج الدين به ڪو اهڙو ساڌ پات نٿي ٿي سگهيو جيڪو بنهه ڪنڌ هيٺ ڪري گهر کان آفيس ۽ آفيس کان گهر پهچي. پر سندس واتان اهو ٻڌڻ ته هن جي هڪ سريت آهي ۽ سا به بان- چت! (ملئي لفظ: معنيٰ پيٽ سان.)
    ”سائين هن کي مسئلو ته چئي نٿو سگهي،“ آخر هوش سنڀالي مون ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”هيءَ ته تباهي چئبي.“
    منهنجو مطلب آهي- صاحب اسان وارو شادي شده هو ۽ سندس شريف زال کي ته اها بنهه خبر نه هئي ته سندس مڙس ڪي اهڙا ڪڌا ڪم به ڪري سگهي ٿو. هن کيس هيڪاندو شريف سمجهيو ٿي ۽ مت پڻ چاهيو ٿي ته سندس زال اهڙيءَ ئي غلط فهمي ۽ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ هجي. ڇو جو زال کي جي معلوم ٿي ويو ته هوءَ بيحد غمگين ۽ رنجيده ٿيندي.
    ”سائين مون کي ڇا ڪرڻو آهي؟“ مون نيٺ پنهنجو پارٽ پڇيو ۽ هن ٻڌايو ته هو جڏهن پينانگ ۾ هو ته هن چيني ڇوڪريءَ- مس يئان لِنگ سان سندس ملاقات ٿي هئي ۽ هاڻ هوءَ نازڪ حالت ۾ آهي. کيس سگهوئي پينانگ کان هتي ڪوالالمپور آندو وڃي ته سٺو...... پر سوال اهو هو ته ڪوالالمپور ۾ کيس ڪٿي رهايووڃي.
    مون انگريزي اخبار The Malay Mail جا تازا ۽ پراڻا پرچا ڪڍي اشتهار وارا صفحا ٻهارڻ شروع ڪيا. آخرڪار برڪفيلڊ (Brickfield) واري علائقي ۾ جالان برهالا تي هڪ خالي فليٽ جو ڏس ملي ويو. مت صاحب هڪ مهيني جي اڳواٽ مسواڙ، ڪجهه ڊپازٽ ۽ ڪجهه ڇيتيون فرنيچر جون ڏنيون. پوءِ مس يئان لِنگ ڪوالالمپور گهرايوويو.
    جيئن ته محمد تاج الدين کي پينانگ کان ايندڙ، پيٽ سان چيني ڇوڪريءَ سان ريلوي اسٽيشن تي وڃي ملڻ جي همت نه هئي، ان ڪري هن اهو ڪم به مون کي سونپيو. هو ملئي هو آئون وري به چيني هوس ۽ هڪ چينائڻ سان ملندي ڪنهن جي نظرن ۾ کٽڪي نٿي سگهيس.
    ريلوي اسٽيشن تي پهچي هيڏي خلق ۾ مس يئان لِنگ کي سڃاڻڻ اهڙو سولو ڪم هو جهڙو ساتي، (ملئي ٻوٽي ڪواب) کائڻ، گاڏيءَ مان لهندڙ مسافرن مان مون کي فقط اها ڇوڪري ڳولڻي هئي جيڪا اڪيلي هجي. ۽ ظاهر آهي جنهن سان گڏ فالتو ڦيٿو پڻ هجي.
    يئان لِنگ کي اهوڏسي افسوس ٿيو ته کيس وٺڻ لاءِ سندس يار محمد تاج الدين پاڻ ڇو نه آيو. پر ان ڳالهه کي مون اهو چئي ڍڪ ڍڪي ڇڏيوته هيترين ڪمپنين جو ڊائريڪٽر هجڻ ڪري سخت مشغول رهي ٿو ۽ هينئر به کيس ڪجهه اهم ميٽنگن ۾ وڃڻو هو نه ته ضرور اچي ها.
    ان بعد ٽئڪسي ڪري مس يئان لِنگ کي سندس فليٽ تي اڪيلو ڦٽو ڪري انهن ئي پيرن سان موٽيس.
    ”ڪيڏي عجيب سين چئبي،“ مون دل ئي دل ۾ مس يئان لِنگ بابت سوچيو، ”اصل رهاڪو تائپنگ شهر جي آهي. نوڪريءَ لاءِ پينانگ کان وڃي نڪتي جتي اسان واري صاحب سان ٽڪر ٿيس. هاڻ هوءَ ڪوالالمپور کان اچي نڪتي آهي- اڪيلي ئي اڪيلي، هيڏي وڏي پيٽ سان. ڪي ڪي ڇوڪريون ڪيئن نه پنهنجو پاڻ کي اچيو اوڙاهه ۾ ڦٽو ڪن.“
    ٻئي ڏينهن 24 ڪلاڪ گذرڻ بعد به جڏهن محمد تاج الدين هن جي سار نه لڌي ته چيومانس جنهن نموني سان هن فليٽ ۾ ڦٽو ڪيو ويو آهي هوءَ ڪا فائيلن جو ڍير ناهي جنهن جي مٿان رڳو مٽيءَ جو تهه چڙهڻو آهي. گرل فرينڊ توهان جي چرندڙ پرندڙ ساهه وارو ماڻهو آهي- بلڪه ٻن ساهن وارو. جن جي جياپي لاءِ کاڌو پيتو، دوا درمل ۽ ٻئي سامان جي وقت بوقت ضرورت آهي. هوءَ مٿين مهينن جي ويجهو اچي پهتي آهي ۽ ڪنهن وقت به ڌماڪو ڪري سگهي ٿي.
    محمد تاج الدين سنجيدو ٿي وراڻيو ته هو هن کي باعزت زندگي گذارڻ لاءِ هنجي هر ممڪن مددڪندو. ان بابت هن سان اڳهين ڳالهه ٻولهه ٿيل آهي ته هو ٻار ڪيرائڻ بدران هن سان شادي ڪري کيس سوسائٽيءَ جي هڪ نيڪ اخلاق عورت ۽ ’گهر واري‘ بنائڻ جي حق ۾ آهي. هوءَ به ان رٿ تي راضي آهي. ان ڏس ۾ مونکي ڪجهه ڪرڻو پوندو.
    مون اهوئي ڪيو، جيڪو ڪري سگهيس ٿي. يعني محمد تاج الدين کان موڪلائي پنهنجي هڪ پراڻي دوست يونس بن بجانگ وٽ پهتس، جيڪو ڪوالالمپور کان ڪجهه پري ڪلانگ شهر ۾ رهيو ٿي. پنهنجي صاحب جو راز ٻڌائڻ کان اڳ پهرين کانئس واعدو ورتم ته هو اها ڳالهه ڪنهن سان به نه ڪري. ويندي پنهنجي زال کان به ڳجهي رکي. يونس کان واعدو وٺڻ بعد ٿيلهو کولي ٻلي ٻاهر ڪڍيم.
    ’منهن ۾ موسى‘ محمد تاج الدين جي افعالن جو ٻڌي يونس پڻ پهرين ته وائڙو ٿي ويو.
    ”پنهنجي ملئي زال هوندي هو هڪ چيني ڇوڪريءَ سان ڇو شادي ڪرڻ چاهي ٿو؟“ هن پڇيو.
    ”بس هڪ ته دلپشوريءَ لاءِ.“ مون وراڻيومانس،“ هونءَ ته ڇوڪري ٻار ڪيرائڻ لاءِ به راضي هئي پر اسان واري صاحب ائين ڪرڻ نه ڏس. ويتر شادي جا وڏا واعدا ڪري کيس هتي گهرايو اٿس. هاڻ ساڻس باقاعدي شادي ڪري زال بڻائڻ چاهي ٿو. ٻي ڳالهه ته هن کي پهرين زال مان اولاد ناهي. پرايو ٻار وٺي نپائڻ بدران هو ان ٻار کي پالڻ بهتر سمجهي ٿو، جنهن ۾ سندس شخصيت جا جزا (Genes) هجن جيئن فخر سان چئي سگهي ته هو به مرد آهي ۽ کيس ٻار پيدا ڪرڻ جي قوت آهي. سندس ماءُ ته پهرين سال کان پٺيان لڳي اچيس ته ميان محمد تاج الدين پوٽن بنا گهر ويڳاڻو آهي. سو محمد تاج الدين هڪ باعزت ڪردار جو ماڻهو ثابت ٿيڻ لاءِ مس يئان لِنگ کي قانوني زال ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ ٻار کي قانوني حق ڏيڻ لاءِ نڪاح ڪرڻ ضروري سمجهي ٿو.“
    يونس اهو مڃيو ته محمد تاج الدين جي ٽوپي واقعي هرڪو ماڻهوپائي نٿو سگهي. هي وڏي همت وارو چئبو جيڪو پنهنجي بدناميءَ کي پنهنجوئي سمجهي ٿو. ان ڪري پاڻ سندس مدد لاءِ واعدو ڪيو.
    پوري هفتي بعد هن فون تي ٻڌايوته ان سلسلي ۾ هو ڪيترن ماڻهن سان مليو آهي ويندي ڪلانگ شهر جي قاضي سان پڻ. محمد تاج الدين جا گهرو مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اسان کي هن ريت قدم کڻڻا پوندا:
    هڪ مسلمان مرد سان شادي ڪرڻ لاءِ جيڪو چار زالون رکي سگهي ٿو، مس يئان لِنگ جو مسلمان ٿيڻ ضروري آهي. جنهن ۾ طهر جي رسم به شامل آهي. (هتي ملائيشيا جا شافعي مسلمان ڇوڪرين جو طهر پڻ ڪرائين جيئن آفريڪا جي ڪجهه ملڪن ۾ مالڪي فرقي جا ڪرائين ٿا.) ان ڪم لا يونس جو گهر صحيح هو جيڪو ڪوالالمپور جي گوڙ شور واري زندگيءَ کان پرٻهرو هو.
    محمد تاج الدين جو پگهار جيئن ته ٽن هزار ڊالرن کان وڌيڪ هو سو هو قاضيءَ کي مطمئن ڪري سگهيو ٿي ته هن لاءِ ٻي زال رکڻ ڪو مسئلو ناهي ۽ ان صورت ۾ پهرين زال کان موڪل وٺڻ به ضروري نه آهي. سو اهي ڪي خاص ڳالهيون نه هيون جيڪي آڏ بڻجي پريشان ڪن.
    انهن مڙني ڳالهين جو احوال محمد تاج الدين کي ٻڌايو جنهن پنهنجي وات سان مس يئان لنگ کي ٻڌايو ته کيس مسلمان بنائڻ جو ڪم منهنجي حوالي ڪيو ويو آهي. ان کان ڳالهه ڳجهي رکڻ لاءِ ان ۾ برسينڊنگ (وليما دعوت) وارو حصو ڇڏڻوهو.
    پوءِ هڪ ڏينهن شام جو، مس يئان لِنگ کي وٺي آئون يونس جي گهر پهتس. يونس سڀ بندوبست ڪري ڇڏيو. ڪلانگ مسجد جي هڪ عورت طهرجي رسم ادا ڪئي ۽ پوءِ ڪلانگ شهر جي قاضيءَ کيس ڪلمو پڙهائي مسلمان ڪيو. ان موقعي لاءِ يونس چند نالي ڪٺا مهمان گهرايا هئا. جن ۾ ڪجهه ته سندس ئي دوست هئا، ڪجهه ڪمپونگ (ڳوٺ) جا پوڙها پڪا ۽ ڪجهه مسجد جا جماعتي ۽ امام هو. جن مڙني جو واسطو ’مڪن ۽ منيوم‘ (ملئي لفظ:کاڌي ۽ پيتي) سان ئي هو. ڪير پيو مسلمان ٿئي ۽ ڇو پيو مسلمان ٿئي. ان بابت تفصيل سان ٻڌائڻ يا نه ٻڌائڻ جو کين ذرو به رنج نه هو. مردو سرڳ ۾ وڃي يا نرڳ ۾. مُلين جو ڪم غسل ڪرائڻ سان- وارو حساب هو. شاهدن جي خاني ۾ هڪ ته مون صحيح ڪئي.
    مانيءَ بعد جڏهن آيل مهمان روانا ٿي ويا ته پوءِ گهر جي ماڻهن گڏجي ويهي ماني کاڌي. مانيءَ دوران مس يئان لِنگ مون کي چيني زبان ۾ آهستي چيو ته طهر ڪرڻ واري عورت هن کي سڀ ڪپڙا لاهڻ لاءِ چيو هو ۽ ان بعد ڪجهه ريمارڪ به ڏيندي رهي. طهر بعدکيس سرهي پاڻيءَ سان وهنجاريوويو هو جنهن جي خوشبوءِ پوءِ به ايندي رهي.
    يونس جي گهران موٽڻ تي يئان لِنگ ٻڌايو ته هوءَ فليٽ ۾ اڪيلي رهي رهي ڪڪ ٿي پيئي آهي. پينانگ ۾ سندس هڪ ساهيڙي آهي جيڪا پنهنجي نوڪري ڇڏي ڪوالالمپور ۾ ساڻس گڏ اچي رهڻ لاءِ راضي آهي. مون کي سندس اها ڳالهه بلڪل صحيح لڳي ۽ کيس دلداري ڏيندي چيوته اها ڳالهه پهرين فرصت ۾ محمد تاج الدين سان ڪندس.
    ۽ ٻئي ڏينهن جڏهن پنهنجي صاحب سان ڳالهه ڪيم ته هن هائوڪار ڪندي چيو ته يئان لِنگ کي موڪل آهي ته هوءَ ڀلي پنهنجي ساهيڙي فيفيءَ کي پينانگ مان گهرائي پاڻ سان رهائي.
    ڏينهن تکا تکا گذرندا ويا ۽ پوءِ مون جهڙي جبلن ماٿرين ۽ ٻين قدرتي نظارن کي غور سان ڏسڻ واري شوقين هڪ ڏينهن محمد تاج الدين کي ٻڌايو ته سائين وقت اچي مٿان بيٺو آهي جو هڪ ٻي پل ٽپجي. هاڻ سوچڻو اهو آهي ته ڪنهن وقت به يئان لِنگ کي جي اوچتو ويم جا سور شروع ٿي وڃن ته ڪو ضرور موجود هجي جيڪو کيس اسپتال پهچائي.
    محمد تاج الدين چيو ته سوال ته واقعي اهم آهي. پر ڪو رستو ڳول ته ڇا ڪرڻ کپي. ۽ پوءِ جيترو گهڻو ان تي سوچڻ لڳس اوترو مونکي محسوس ٿيو ته آئون ماڻهو نه پر ڪڪڙ ٿيندو وڃان، خير فيصلو اهو بيٺو ته آئون پنهنجي اڪيلي جان کي يئان لِنگ جي فليٽ ۾ ئي محفوظ رکان ۽ جنهن وقت قدرت کي آدمشماري وڌائڻ لاءِ سڏ ڪرڻو پوي ته حاضر سائين چئي يئان لِنگ کي اسپتال وٺي وڃان. پر ساڳئي وقت هڪ ٻيو مسئلو مون کي منجهائڻ لڳو ته جيڪڏهن اتفاق سان رات جي نوائيءَ ۾ هڪڙي يا ٻئي ڇوڪريون مون تي زوريءَ جلهه ڪن ته ڪير مڃيندو ته هنن مون سان زوري ڪئي يا مون هنن سان. ان کٽراڳ ۾ پوڻ جو سوچي مٿين صلاح بدران، پنهنجي صاحب کي هڪ ٻي اسڪرپٽ پيش ڪيم.
    سائين هينئن ڇو نه ڪيو وڃي ته توهان جي ٻي زال يئان لِنگ ۽ هن جي ساهيڙيءَ فيفي فليٽ ڇڏي منهنجي گهر هلي رهي جتي سِم ۽ منهنجي اماح (ملئي نوڪرياڻي) عزيزه پڻ رهي ٿي ۽ هوءَ به ٽي گهٽ ماڻهو ٿيندا پر پنج ماڻهن سان ميلو ٿيو. سو آڌيءَ مانجهيءَ ڪونه ڪو گهر ۾ موجود هوندوئي هوندو. ان کان علاوه خرچ پکي جي به بچت ٿي پوندي. فليٽ جي ماهوار مسواڙ جا پنج سؤ ڊالر ته بچندا پر لائيٽ ۽ پاڻيءَ جو به خرچ بچي پوندو.
    محمد تاج الدين کي مون واري صلاح ڏاڍي وڻي. ان ڪري نه ته ڪو هن جا پنج سؤ ڊالر ته بچيا ٿي پر ان ڪري جو فليٽ ۾ رهڻ سان هنگامي ۽ ڀڄ ڀڄان واري حالت ۾ سندس ڦروٽي جي ڄمڻ جو امڪان هو پر گهر ۾ رهڻ ڪري هو پُرسڪون ماحول ۾ وجود وٺي سگهيو ٿي. منهنجي گهر ۾ ٻه ڀاتي وڌيڪ ٽڪائڻ جي عيوض مون واري صاحب هر مهيني مون کي ڏيڍ سؤ ڊالر ڏيڻا ڪيا.
    آخر هڪ ڏينهن يئان لِنگ کي اهي ٻڏندڙ ترندڙ سور شروع ٿي ويا، جنهن الارم وڄڻ سان کيس پنهنجي ڀڳل ڪار ۾ ڍوئي اسپتال وٺي آيس. هڪ ٻن سڃاڻن پري کان ڏسي سمجهيو ته هوءَ ڪا منهنجي زال آهي ۽ نرس کي ته پڪ هئي ته هوءَ منهنجي جوءِ آهي جو ڪيترا دفعا ڊاڪٽري تپاس دوران هوءَ کيس مون سان گڏ ڏسي چڪي هئي.
    ٻار ڄمڻ تي نرس مون وٽ آئي.
    ”تون ئي آهين ٻار جو پيءُ؟“ هن پڇيو.
    مون شرمائي ڍور وانگر نهڪار ڪئي.
    ”هون!“ نرس چيو، ”آئون به چوان ته ٻاهر ملئي مهانڊو آهي ۽ تون ته ملئي لڳين نٿو..“
    ۽ پوءِ منهن جو موڙو ڏيئي پڇيو:
    ”ڪٿي آهي ڀلا ٻار جو پيءُ؟“
    ”ولايت ويل آهي“. اهوئي بهتر جواب هو جيڪو ڏئي سگهيس ٿي.
    ”ته پوءِ تون ڪير آهين؟“
    ”سندس فئملي دوست.“
    مئٽرنٽي وارڊ ۾ سڀئي نرسون سياڻيون به نه هيون هڪ نرس ٻار جي ڄم جو فارم ڀري مون ڏي صحيح ڪرڻ لاءِ وڌايو. جڏهن مون صحيح ڪرڻ کان نٽائيندي ٻڌايومانس ته آئون ٻار جو پيءُ ناهيان ته ڇڙٻ ڏيندي چيو: ”توهان مرد سڀ ا.ئين آهيو. مزو وٺڻ لاءِ اڳيان اڳيان باقي مٿي تي جڏهن اچي ٿي ته پوءِ آئون هن جو پيءُ نه آهيان. آئون هن جو پيءُ ناهيان. ڀلا ڪير آهي هن جو پيءُ ۽ ڪٿي آهي اهو هن وقت؟“
    ”اهو ولايت ويو آهي. آئون فقط هنن جو فئملي دوست....“ مون نرس مان جان ڇڏائي صاحب کي ڌيءَ ڄمڻ جي خبر ٻڌائي ته ٻار ۽ ماءُ ٻئي صحتمند حالت ۾ آهن.
    يئان لِنگ جي خبر چار لهڻ لاءِ وري ٻئي ڏينهن جڏهن اسپتال پهتس ته ان وقت ڊيوٽي تي ڪا نئين نرس هئي- مبارڪون ڏيندي ڪجهه خرچيءَ جي آسري ۾ مرڪيائين. پر مرڪ جي موٽ ۾ جڏهن مون فقط مرڪ ڏنيمانس ته هڪدم چيو ته هوءَ چينين کي چڱي طرح سان سڃاڻي ٿي. چينين جو ڌيءَ ڄمڻ جو ٻڌي منهن ئي لهيو وڃي. پوءِ آٿت ڏيندي چائين، ”مڙئي خير آهي. همت ڪر، ٻيو وارو به ايندو. ۽ ڪهڙي خبر ته ٻئي دفعي پٽ ٿئي.“
    واپس اسٽوڊيو ۾- يعني آفيس ۾، پنهنجي صاحب کي فون ذريعي گذريل چند ڪلاڪن جي رننگ ڪامينٽري ٻڌائيندي چيومانس هاڻ ڊرامي جو آخري حصو ۽ آخري سين اچي چڪو آهي ۽ ان کان اڳ جو اسپتال جا سڀ ماڻهو مون کي جوابدار بڻائين بهتر ٿيندو پنهنجو پاڻ اچي پساءِ. محمد تاج الدين منهنجي نازڪ حالت محسوس ڪري ورتي ۽ ٻئي ڏينهن مون سان گڏ يئان لِنگ ۽ ٻار کي ڏسڻ لاءِ پهتو.
    وارڊ سسٽر اسان کي ڏسي يڪدم چيو: ”تو ته چيو پئي ته هي ولايت ويل آهي؟“
    ”بلڪل ولايت ويل هو،“ مون چيومانس، ”فون تي اطلاع ڏنومانس ۽ لنڊن کان سڌو اچي ٺڪاءُ ڪيو اٿس.“
    منهنجو اهو ڀرم ته آئون هڪ سٺي ڪردار جو ماڻهو آهيان هڪ دفعو وري برقرار ٿي ويو ۽ مون کي اهو معلوم ڪري خوشي ٿي ته ان کانپوءِ نرسون ڪجهه مهربان نظر سان مون کي ڏسڻ لڳيون. بلڪه جڏهن کين اها خبر پئي ته آئون مشهورڪالم نويس ’ايس. ايڇ، تان‘ آهيان ته هو وجهه ملڻ تي مون سان هيڪاندو گهڻو فري ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳيون. خاص ڪري ان وقت جڏهن مون وارو صاحب ملڻ لاءِ اندر ڪمري ۾ هوندو هو ۽ آئون وقت گذارڻ لاءِ ٻاهر ورانڊن ۾ هوا کائيندو هوس. هڪ نرس ته منهنجي صاحب تي ٽوڪ ڪندي چيو ته هن محمد تاج الدين جهڙو ڇسو نه ڏٺو هوندو جنهن وفاداريءَ جي نالي ۾ پنهنجو ڪنڌ ڪاتيءَ هيٺيان رکي ڇڏيو.
    ان مرحلي بعد ٻيو قدم ايترو ڏکيو نه هو. محمد تاج الدين پنهنجي زال کي اڳهين ٻڌائي ڇڏيو هو ته اولاد نه هجڻ ڪري مون سندس پاران هڪ ٻار جو بندوبست ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح محمد تاج الدين ٻار کي اسپتال کان کڻي سڌو گهر پهتو ۽ يئان لِنگ کي آئون پنهنجي گهر وٺي آيس.
    محمد تاج الدين جي زال کي فطري طور آنڌ مانڌ ٿي ته اهو ٻار جيڪو کيس نپائڻ لاءِ ملي ويو آهي ڪٿان آيو آهي ۽ ڪنهن جو آهي. هن ور ور ڏيئي مون کان ٻار بابت تفصيل پڇيو. ”هن جو پيءُ ڪير آهي؟ ائين ته نه ٿيندو ته ڪجهه سالن بعد ٻار جو پيءُ اسان کان پنهنجو ٻار کسي وٺي؟“ وغيره. مون کيس آٿت ڏيندي چيو ته ٻار جو پيءُ ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪندو. ان ڳالهه لاءِ ته چيومانس ته جتي چوين اتي هلي قسم کڻان ته ٻار جو پيءُ اڳتي هلي ڪنهن به قسم جو ڦڏو فساد نه ڪندو.
    ”ڀلا ماءُ؟“ هن جو سوال نمبر ٻيو هو.
    مون کيس پڪ ڏني ته ٻار جي ماءُ به سڀاڻي يا مستقبل قريب ۾ ٻار جي گُهر نه ڪندي. ان بعد ڇنل ڌاڳا ڳنڍڻ ڪاڻ ٻار جي ماءُ پيءُ جو نسل پڇيو. مون ٻڌايومانس ته ٻار جي ماءُ چينائڻ آهي ۽ پيءُ ملئي.ا ن ڪري ڏسي سگهين ٿي ته ٻار نه گهڻو اڇو آهي ۽ نه ڪارو سانورو ۽ پوءِ سيني تي پٿر رکي- تمام وڏو، ٻڌايومانس ته بي فڪر رهه. ٻار جو پيءُ تمام نيڪ ۽ بلند اخلاق ماڻهو آهي ۽ ٻار وڏو ٿي موڳو مٽر نه پر هن وانگر ذهين ثابت ٿيندو. باقي جيسين سندس ماءُ جو سوال آهي اها کڻي ساڳي ليول جي نه هجي پر گهڻو ڪا ڪريل ڪردار جي به نٿي چئي سگهجي ۽ پوءِ جڏهن محمد تاج الدين جي زال خوشامد ڪندي اڃا به وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ چيو ته مون صاف صاف چيومانس ته سندس سڀني تي وڏو ٿورو ٿيندو جيڪڏهن ان بابت پڇ پڇ نه ڪري. ۽ هوءَ ان چوڻيءَ تي عمل ڪري خوش رهي ته اڻ ڄاڻائي وڏي رحمت آهي- ڇو جو گهڻي ڏاهي ٿيڻ ۾ ڏک ئي ڏک آهن.
    اهڙيءَ طرح ان معاملي کي ائين ٻنجو اچي ويو.
    ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد آئون پتالنگ جايا شهر ۾ هڪ ننڍو گهر وٺي وڃي رهيس. يئان لِنگ به پنهنجي ساهيڙي فيفيءَ سان گڏ هڪ ڪمرو مسواڙ تي وٺي اتي وڃي رهي. جيڪو منهنجي گهر کان ڪو گهڻو پري نه هو. ڏينهن گذرندا ويا ۽ پوءِ يئن لِنگ ۽ اسان واري صاحب جي وچ ۾ کَٽ پَٽ شروع ٿي. يا کڻي چئجي ته بيزاري شروع ٿي. ان لاءِ ڪيترائي سبب هئا. يئان لِنگ جيتوڻيڪ وقت گذارڻ لاءِ نوڪري شروع ڪئي هئي پر تڏهن به گهر ۾ اڪيلي سر ڪيترو ڪير رهي سگهي ٿو. اسان واري صاحب کي ڪڏهن ڪڏهن جي ٿوري گهڻي شهوت کڻندي به هُئي ته هن ڏي رُخ نه رکندو هو. هوءَ اڪيلي ئي پئي سڙندي پچرندي هئي. محمد تاج الدين ڄڻ ته پنهنجي نوڪريءَ سان نڪاح ڪيو هو جو هر وقت فائيلن ۾ گم هوندو هو. يئان لِنگ ڪجهه تفريح چاهي ٿي، آزادي چاهي ٿي. وڏي ڳالهه ته جوان هئي. هن به دل وندرائڻ چاهي ٿي. آخر هن طلاق وٺي پنهنجي جان آزاد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو جيئن هوءَ هڪ دفعو وري پهرين واري زندگي نئينءَ سنئينءَ شروع ڪري سگهي. يعني ڪڏهن ڪنهن سان گڏ ته ڪڏهن ڪنهن سان. ۽ ان دوران ڪنهن دل گهريي سان عشق ٿي وڃڻ تي شادي پڻ ڪري سگهي.
    ”ته اها ڳالهه آهي،“ مون سوچيو. ”ٿي سگهي ٿو ته هن جو هينئر ڪنهن سان چڪر هلي رهيو هجي.“ منهنجي پڇڻ تي ٻڌايائين ته ڪجهه ڏينهن کان هڪ چيني همراهه سان هن جو معاشقو هلي رهيو آهي. هو جيتوڻيڪ غريب ۽ پورهيت آهي پر هوءَ هن سان زندگي گذارڻ ۾ وڌيڪ عافيت سمجهي ٿي. هو ايتري قدر جو پنهنجي موٽر سائيڪل تي ويهاري کيس ڪوالالمپور جو چڪر به ڏيارڻ چاهي ٿو پر هوءَ جيئن ته ڪنهن ٻئي سان پرڻيل آهي ان ڪري ائين ڪري نٿي سگهي.
    مون کائنس ايترو پڇيو ته آيا هوءَ هن سان شاديءَ جو سوچي رهي آهي.
    ”في الحال ته يقين سان ڪجهه چئي نٿي سگهان،“ هن چيو، ”پر.......“ آئون سڀ ڪجهه سمجهي ويس. ۽ اها پڪ هيم ته مون وارو ملئي صاحب به هن چڪر مان هاڻ جان آجي ڪري خوش ٿيندو. پر افسوس جو جڏهن ساڻس طلاق جي ڳالهه ڪيم ته بنهه کڙي هڻي بيهي رهيو. چي هوءَ ان شاديءَ کي سنجيدگي سان وٺي يا نه پر پاڻ بيحد سنجيدو آهي ته اهو زندگي جو ڳانڍاپو آهي. کيس مون گهڻو ئي سمجهايو، چٽ ٻڌي، صلاح ڏني پر سائين محمد تاج الدين ڪٿي ٿو ضد تان لهي.
    مون کي ته ڳالهه ئي سمجهه ۾ نه پئي آئي. حقيقت ۾ محمد تاج الدين جو ههڙي معاملي کان پاڻ کي آزاد رکڻ پاڻ سٺي ڳالهه هئي. اها ڪهڙي شادي ٿي جنهن ۾ نه اچڻ نه وڃڻ. نه ڏيڻ نه وٺڻ ۽ نه وري ازدواجي حقن جي ادائيگي. هوءَ وتي ڌارين سان عشق ڪندي ۽ هن جو اهو ضد ته طلاق نه ڏيندس. ايتريقدر جو يئان لِنگ ڪا به گُهر نٿي ڪري. ٻار سان ملڻ ۽ نه وري حق مهر گهرڻ يا کاڌ خوراڪ پهچائڻ جي. هوءَ فقط اهو چاهي ٿي ته قانوني طرح کيس آزاد ڪيو وڃي. مون کي يقين آهي ته يئان لِنگ جيان ٻيون زالون پڻ جيڪڏهن پنهنجي لاءِ ان قسم جي آزادي جي گهرڪن ته ڪيترائي مرد ان کي پنهنجي آزادي سمجهي، خوشيءَ وچان گوڏن تي ڪري رحم جي ديويءَ جا شڪرانا بجا آڻين پر هيڏانهن هي اسان وارو صاحب هو جيڪو پنهنجي ضد تي قائم هو ۽ جنهن نه اڏڻ ٿي چاهيو نه ڇڏڻ ٿي چاهيو.
    هوڏانهن يئان لنگ ان ڏس ۾ مدد وٺڻ لاءِ منهنجي پٺيان لڳي رهي. ٻئي مذهب جو هجڻ ڪري مون کي مسلمان جي شرعي قانون ۽ رسم رواج جي ايتري ڄاڻ نه هئي، سو نيٺ ان ڏس ۾ وري يونس کي فون ڪيم ته ڇا ڪري سگهجي ٿو. هن هتان هُتان پڇا ڳاڇا رکي. ان بعد گڏجي ڪلانگ جي قاضي وٽ پهتاسين. بدقسمتي سان پهرين وارو پوڙهو قاضي رٽائرڊ ٿي چڪو هو ۽ سرڪار ان حد جو نئون قاضي مقرر ڪيو هو. اهو نوجوان ديني ڳالهين کان ته بيشڪ وڌيڪ ڄاڻو ۽ پڙهيل ڳڙهيل هو، پر ماڻهن جي نفسيات جي هن کي ڪا پروڙ نه هئي. سو هن سان صلاح مشورو ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ هو. يونس ۽ آئون ان بعد ڪوالالمپور وزارت مذھبي امور جي واسطيدارن وٽ وياسين. ان بعد پتالنگ جايا ۾ ان کاتي جي شاخ جي عملدارن وٽ پڻ حاضر ٿياسين. سڀني سان خير چار ڪرڻ بعد ان نتيجي تي پهتاسين ته اسلامي قانون موجب مرد ته زال کي طلاق ڏيئي سگهي ٿوپر عورت پنهنجي مڙس کان طلاق جي گهر فقط ڪن خاص حالت ۾ ڪري سگهي ٿي. انهن مان هڪ ته ٽن مهينن تائين مڙس زال کي کاڌ خوراڪ يا پئسو ڏوڪڙ نه رسائي. ٻيو ته ٻين زالن برابر هن سان حق زوجيت ادا نه ڪري.
    ۽ ٻي ڳالهه ته يئان لِنگ طلاق وٺڻ ۾ ڪامياب کڻي ٿي به وڃي ته به هوءَ هاڻ اسلام ڇڏي واپس پنهنجي مذهب يا عقيدي ۾ وڃي نٿي سگهي. ٻين لفظ ۾ هوءَ طلاق بعد مسلمان ئي رهندي. ۽ فقط هڪ مسلمان سان ئي شادي ڪري سگهي ٿي.
    يئان لِنگ آخرڪار اهو فيصلو ڪيو ته واري وٽيءَ سان هڪ هڪ ڪري آڏ ٽپجي. پهرين آڏ ته آسان هئي جو ڪجهه مهينن کان گهر جي ماهوار خرچ پکي لاءِ محمد تاج الدين کان مني آرڊر بند ٿي ويا هئا. ”معنيٰ ان ڏينهن کان هن مون کي ڇڏي ڏنو آهي. نه ته هن کي منهنجي نئين گهر ۽ ڪم واري جاءِ جي خبر هئي. ان ائڊريس تي به موڪلي سگهيو ٿي. يا ڪنهن ماڻهوءَ هٿان کاڌي لٽي جو سامان ڏياري سگهيو ٿي. باقي جيسين حق زوجيت جو سوال آهي- اهو هو ڪنهن سان رکي سگهيو آهي!“ هن ٽوڪ طور مرڪيو ۽ ماڳهين ٻڌايو ته ان کي ثابت ڪرڻ لاءِ هن لاءِ ڪو ڏکيو ڪم ناهي.
    ”ايستائين به چئجي ته ٺيڪ آهي. پر نئين عاشق سان شادي ڪيئن ڪري سگهين ٿي جيڪو مسلمان نه پر ٻڌ يا عيسائي آهي.“ مون پڇيومانس. جواب ۾ پاڻ وراڻيائين ته هن ان ڏس ۾ جاچ جونچ ڪئي آهي ۽ کيس خبر پئي آهي ته پيٽ دوران ڪابه عورت مسلمان ٿي نٿي سگهي. ۽ جيڪڏهن آئون اهو ثابت ڪري وڃان ته مذهب بدلائڻ مهل آئون پيٽ سان هيس ته اهو ڪار نه ٿيندو.“ هن ٻڌايو ته جيئن ته مون کي ان بابت ڪا خبر نه هئي سو اهو آخر وارو مسئلو يئان لِنگ تي ئي ڇڏيم ته هوءَ پاڻ ئي حل ڪري.
    ٻئي ڏينهن پنهنجي صاحب کي جڏهن يئان لِنگ جي رٿائن جو ٻڌايم ته هن سڄي ڳالهه کل ۾ ٽاري ڇڏي. ڄڻ هوءَ يا آئون ڪو چرچو پيو ڪريان. چوڻ لڳو: ”ڪلانگ يا پتالنگ جايا جي قاضيءَ جيڪڏهن سڏيو ته سڏڻ ڏينس.“
    مون هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو پنهنجي عزت جو خيال رکي جو هو شهر جي معزز ماڻهن مان هڪ آهي ۽ هڪ وڏي فرم جو اهم آفيسر پڻ آهي. هوءَ ڇوڪري طلاق لاءِ واويلا مچائي ان کان اڳ بهتر آهي ته پهرين قدم پاڻ کڻي يعني کيس هڪدم طلاق ڏيئي ڇڏي جيڪا هڪ عام ڳالهه ليکي ويندي ۽ هر روز نه ته هڪ نه ٻئي ڏينهن ڪونه ڪو مڙس پنهنجي زال کي طلاق ڏيندو رهي ٿو ۽ اها ڪا نئين ڳالهه نه ٿيندي. پر هڪ عورت ڪورٽ ڪچهري ۾ پهچي طلاق لاءِ گهر ڪري- سو به انهن الزامن هيٺ جيڪي يئان لِنگ سوچيا آهن، هڪ ٻڏي مرڻ جهڙي نيچ ڳالهه ٿيندي. ٻيلي جي باهه وانگر اهو اسڪينڊل سڄي ڪمپني ۽ شهر ۾ پکڙجي ويندو. اها ٻي ڳالهه آهي، مون دل ئي دل ۾ سوچيو، ته ٻين ڏنگن مڙسن لاءِ سبق ٿي پوندو ۽ اخبارون ته اڳهين مرچ مسالا تيار ڪري اهڙين ذائقيدار خبرن لاِءِ آتيون ويٺيون آهن. انهن جو به ڀلو ٿي ويندو. اڄ تائين ته اڃا ڪنهن کي به شڪ نه پيو ته اسان واري صاحب جي ڪا ٻي زال به آهي. يا گهر ۾ پلندڙ ٻار ڪنهن جو آهي، پر هڪ دفعو جيڪڏهن هو شريعت ڪورٽ ۾ سڏايو وڃي ته پوءِ سڀ راز کلي پوندا. ۽ پوءِ ان جو سيڪ سندس اهم عهدي ۽ ڪمپنيءَ جي ناموس کي به رسي سگهي ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته سندس پهرينءَ زال کي ڪيڏو صدمو رسندو.
    محمد تاج الدين ان جنگ جيتڻ لاءِ پنهنجي ڇنل گليل ۽ ڀڳل پلاسٽڪ جي راند وارين بندوقن کي چنبڙيو رهيو ۽ مون ان جنگ جي ميدان مان پويان پير ڪيا. يئان لنگ مون کي وري فون ڪيو. مون صاف صاف چيومانس ته مون کي ان ڦڏي جي ڪم کان ٻاهر ئي رک. آئون ڇو وتان ٻين جون ميريون چادرون ڌوئيندو. مون کي يئان لنگ سان همدردي ضرور هئي جو هن سان سنئون سڌو انڌير هو ۽ هن کي آزادي ملڻ ضروري هئي. پر ان لاءِ جڏهن سندس مڙس تيار نه هو ته آئون ڪير ٿيندو آهيان وچ ۾ پوڻ وارو.
    قدرت به عجيب نمونن سان مسئلا سلجهائي ٿي. منهنجي ان فيصلي کي مهينو به نه ٿيو هوندو ته هڪ ڏينهن مون واري صاحب محمد تاج الدين فون ڪيو. سندس ڪنڀندڙ آواز مان ئي سمجهي ويس ته سندس پڇاڙي بلڪل ويجهي آهي. آخر هو ڳالهه جي ڳٽ تي آيو.
    ”توکي ڪنهن ڳالهه جي خبر آهي؟“ هن پڇيو.
    ”ڪهڙي ڳالهه جي؟“ مون چيومانس.
    ”مون کي ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو سمن مليو آهي.“
    ”چڱو ٿيو-“ منهنجي وات مان ذري گهٽ اهي لفظ نڪرڻ وارا هئا پر پوءِ پاڻ سنڀاليندي پڇيو مانس، ”ڪهڙي ڪارڻ؟“
    ”خلوت ڪري.“ (ملئي لفظ؛ معنيٰ ڪنهن ڌارئين ڇوڪريءَ سان ويجهڙائي رکڻ. هتي خلوت جو مطلب ’زنا‘ پڻ آهي.“)
    ”ڪنهن سان؟“
    ”يئان لِنگ سان.“
    يڪدم ڳالهه سمجهي ويس ته يئان لِنگ اسان واري صاحب کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڇا سوچيو آهي. رٿا موجب چئبو ته يئان لنگ نيٺ قاضيءَ وٽ پهچي ويئي ۽ کيس ان ڳالهه ڏي ڌيان ڇڪرايو اٿس ته هن کي جنوريءَ ۾ مسلمان بنائي شادي ڪئي ويئي. مئي ۾ ٻار به ڄائو. اها حقيقت ثابت ڪرڻ لاءِ جيئن ته سرڪاري اسپتال جا رڪارڊ شاهد هئا ان ڪري ان ڪم لاءِ ڪنهن آئن اسٽائن يا ڪنهن ٻئي حساب نويس جي ضرورت نه هئي جيڪو اچي ٻه واڌو ٽي ڪري. هرڪو سمجهي سگهيو ٿي چئن يا پنجن مهينن ۾ ٻار نه ڄمندو آهي ۽ نڪاح کان اڳ ٻار ٿيڻ اسلامي قانون موجب زنا ٿي، جيڪو تمام وڏو ڏوهه آهي.
    پر اسان جو صاحب سانتيڪو ٿي مسئلو سلجهائڻ بدران ڪاوڙ ۾ ڪٿان پيو اچي ڪيڏانهن پيو وڃي. مون کيس ٿڌو ڪري يئان لِنگ کي فون ڪيو جنهن اهوئي ڪجهه ٻڌايو جنهن جو مون کي ڊپ هو.
    ”آئون ڀلا ٻيو ڇا ٿي ڪري سگهان.“ يئان لِنگ ٻڌايو.
    ”واقعي ڪجهه به نه.“ مون ساڻس ها ۾ ها ملائي. پوءِ مون ڪا دير ويهي هن کي چٽ ٻڌي ته بهتر ٿيندو ته ’جيئو ۽ جيئڻ ڏيو‘جي پاليسي اختيار ڪئي وڃي. آخرڪار اسان وارو صاحب ڪوڌاريون ته نه آهي. هينئر کڻي پيار نه رهيو آهي پر ڪو وقت ته هو جڏهن توهان هڪ ٻئي کي چاهيو۽ پيار ڪيو ٿي. ڇا هاڻ اها چاهت ايڏي ڪڙي ٿي پيئي آهي جو سندن نالو ۽ ناموس گٽر ۾ ٻوڙڻ چاهين ٿي.
    ”ڀلا ٻيو ڇا ٿي ڪري سگهان.“ هن ساڳيو جملو وري ورجايو. ان تي مون ٻڌايومانس ته هوءَ ڇا ڪري سگهي ٿي. ۽ پوءِ محمد تاج الدين کي فون ڪيم.
    کيس سڄي رٿا سمجهايم ته هن کي ڪهڙي چال هلڻي پوندي. يئان لِنگ جيڪو هن تي زنا جو ٺڪر هنيو آهي، قاضيءَ وٽ پهچي هوءَ اهو واپس وٺندي. ۽ کيس ٻڌائيندي ته شاديءَ کان اڳ ٻار جي ماءُ بنائڻ وارو لفنگو تو نه پر ڪو ٻيو هو. بلڪ تون ته پاڻ نيڪيءَ جو فرشتو بڻجي يا فلمن جي هيرو وانگر مهل تي پهچي، شادي ڪري، کيس بدناميءَ کان بچايو ۽ هاڻ سندس حرامي ٻار پالي رهيو آهين.
    يئان لِنگ جي ان تقرير جي عيوض محمد تاج الدين کي کيس طلاق ڏيڻي هئي. يئان لنگ طرفان حق مهر جي ڪا گهر نه ٿيڻي هئي ۽ نه وري کيس ڪو ٻار سان ملڻ جا حق ۽ واسطا قائم رکڻا هئا. سڀ کان وڏي ڳالهه ته سندس پهرين زال کي ان سڄي ڊرامي جي ڪابه ڄاڻ نه پوڻ ڪري گهر ۾ ڪنهن به جهيڙي جهٽي يا دنگل فساد جو امڪان ٿيڻو نه هو.
    قاضيءَ وٽان موٽڻ بعد ٻئي مون سان مليا. اسان وارو صاحب خوشي وچان ٻهڪيو پي. بهرحال ٻئي ڄڻا هي جدائي حاصل ڪري ايڏو خوش ٿيا جو ميلاپ تي به نه ٿيا هجن.
    ان ڳالهه کي ڪو گهڻو عرصو نه ٿيو هوندو جو پتالنگ جايا جي هڪ سپر مارڪيٽ ۾ منهنجي يئان لِنگ سان گڏجاڻي ٿي ويئي. سندس ڪڇ تي ٻن سالن جو ٻار هو- جيڪو نج ملئي ۽ چينيءَ جي گڏيل محنتن جو نتيجو لڳو. هو بيحد خوش هئي ٻار کي منهنجي حوالي ڪري مرڪڻ لڳي. ڪجهه ڪڇيائين ڪونه. پر سندس منهن مان بکيو پئي ته هوءَ پرسڪون زندگي گذاري رهي آهي. هن اسان واري صاحب محمد تاج الدين ۽ سندس پهرين ٻار بابت ڪجهه به نه پڇيو پر آئون اها ڄاڻ ڏيڻ کان مڙي نه سگهيس ته سرحد جي هن پار پڻ سب خير آهي.

    مسٽر اي. ايڇ. تان (Mr. A. H. Tan’)
    هن ڪهاڻي جو مصنف ’مسٽر اي. ايڇ. تان‘ ملائيشيا جو چيني آهي. پاڻ سنگاپور ۾ ڄائو. 1954ع کان 1978ع تائين چوويهه سال ملائيشيا جي انگريزي اخبار Malay Mail ۾ ڪالم لکيائين. ڇهه سال کن هڪ ٻي اخبار New Straits Times جو ايڊيٽر پڻ ٿي رهيو. ٻي وڏي جنگ ۾ ايئرفورس ۾ ڪم ڪيائين ۽ جپانين جو جنگي قيدي پڻ ٿي رهيو. 


    گرميءَ جي لهر

    اهو گرم ۽ گهميل موسم وارو هڪ ڏينهن هو. گرميءَ جو درجو، انگريزي اخبار `New Nation’ موجب- جيڪا هر روز چوويهن ڪلاڪن جي موسم جو رڪارڊ، اخبار نڪرڻ واري صبح جو اٺين بجي تائين جو ڏيندي رهي ٿي، 35 ڊگريون هو. اهو چئي نٿو سگهجي ته ان ڪالم جو نالو ’اڄ جي موسم جو حال‘ اخبارن وارن طرفان ڇو رکيوويو آهي. جڏهن ته اخبار جلد جلد ته به آفيس ۾ اٺي بجي کان اڳ نٿي پهچي. گهم بابت ڪوبه ذڪر نه هو ته ڪيتري حد تائين ٿيندي. شايد ان جي ڪا ڊگري يا سيڪڙو معلوم ڪرڻ بدران ان کي پنهنجي جسم تي فقط محسوس ڪري سگهجي ٿو. پگهر جو نه سڪڻ. سڄي بدن تي آلاڻ آلاڻ محسوس ٿيڻ. ڪڇن ۾ پگهر جو گڏ ٿي هيٺ لار ڪري وهڻ. ساڳيءَ طرح سٿرن جي وچ ۾ پڻ سوٽي ڪڇو وري به ڪجهه نه ڪجهه آلاڻ چهيو وڃي پر نئلان جي ڪپڙي ۾ اهڙي موسم ۾ ويتر پريشان ٿيو وڃجي. ان ڏينهن به ائين لڳي رهيو هو ڄڻ پگهر جي بوندن جو هڪ تهه لٿو ٿي ٻيوچڙهيو ٿي.
    سڄي ڪئمپس ۾ ماٺ ۽ موڳائپ ڇانيل هئي، جيڪا اڪثر ميڪسيڪو ملڪ جي شهرن ۾ ٻنپهرن کانپوءِ محسوس ٿيندي آهي، يا ته کڻي ائين چئجي ته هر ان شهر ۾ جيڪي خط استوا کان هڪ ڊگري کن اتر ۾ يا ڏکڻ ۾ آهن. گرمي ۽ گهم جي ڪري هر هڪ ٿڪل ۽ ننڊاکڙو محسوس ڪري رهيو هو. يا شايد ائين ته نه هو ته يونيورسٽيءَ جا پروفيشنل امتحان پورا ٿي وڃڻ ڪري شاگرد پنهنجن گهرن ڏي هليا ويا هئا ۽ پٺيان ماٺ مٺوڙو هجڻ ڪري اسٽاف سان اها حالت ٿي رهي هئي؟ بهر صورت، سبب کڻي ڪهڙو به هجي پر اهو ضروري هو ته چوڌاري ماٺ مٺوڙو، ويراني ۽ مايوسيءَ جو احساس ڇانيل هو.
    مس لورين تيوءَ پنهنجي ننڍڙي آفيس جي گهڙيال ڏي نهاريو. ٻارهن لڳي ويهه منٽ ٿيا هئا. هن کي ڪڏهن به اهو ڌيان ۾ نه آيو ته سندس آفيس جو گهڙيا، جيڪو اڄڪلهه اليڪٽرانڪ شين مان هڪ آهي ڊيزائين ۾ بيحد بي ڍولو لڳي ٿو. بس جنهن ڪم لاءِ اهو آهي، سو صحيح طرح ڏنائين پئي. باقي کيس ٻيو ڇا ٿي کتو. صحيح صحيح وقت وڌيڪ ڪجهه به نه. هوءَ ان ڏينهن صبح کان هيڪاندي بي صبري ٿي رهي هئي. ڪنهن به ڳالهه ۾ دل نٿي لڳيس. پنهنجي ان موڊ تي کيس تعجب لڳي رهيو هو. ميز تي شاگردن جا لکيل جوابي پيپر ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. پر انهن کي ڏسڻ تي به دل نٿي چيس. ڪجهه ناول پڻ سندس سامهون رکيا هئا. جيمس بالڊون گرهام گرينيءَ جا ۽ ڊائلن ٿامس جو ‘Quite Early One Morning’ جوليٽ ميچل جو ‘Women’s Estate’ باب چوٿين وٽان کليل حالت ۾ رکيو هو. جنهن جي وچ ۾ ٻه ‘Review’ رسالا پڻ هئا. پر هن جي ڪنهن به ڪم ۾ دل بنهه نٿي لڳي. سندس آفيس جي دريءَ واري پاسي کان هيٺ پڪو رستو وهيو ٿي جيڪو سوشل اسٽيڊيز ڊپارٽمينٽ ڏي ويو ٿي. لورين رستي تي لڳل وڏن وڻن ڏي ڏٺو جن جي ڇانوَ تمام گهڻي گهاٽي ۽ ٿڌي لڳي رهي هئي. ڏسڻ سان سندس دل انهن وڻن جي هيٺان واڪ ڪرڻ چاهيو. سڄي رستي تي ڪابه پهر نه هئي. پر پنج ڇهه منٽن بعد ان رستي تي ڪجهه اسٽاف جا ميمبر منجهند جي مانيءَ لاءِ ’اسٽاف ڪلب هائوس‘ ڏي ويندي ضرور نظر آيا. هن کي اڄ ڪنهن جي ساٿ جي ضرورت هئي. هن به ڪجهه اهڙي ئي وقت تي نڪري پوڻ چاهيو ٿي جيئن لڳي ته هن جي ٻين سان اتفاقي ملاقات ٿي آهي.
    اوڻٽيهين سالن جي ڄمار جي هوندي به لورين پنهنجي رنگ روپ ۽ جسم جي ڊيل ڊول کي اهڙو ٺاهي رکيو هو جو اڃا نوجوان ۽ ڪچڙي لڳي ٿي. ٽيويهن سالن کان ته هڪ ڏينهن به وڏي نٿي لڳي. پاڻ مطمئن هئي ته هن آرٽس ۾ ئي تعليم ورتي ۽ هاڻ ڊپارٽمينٽ آف جنرل اسٽيڊيز ۾ ليڪچر ورتائين ٿي. هن جي ماءُ پيءُ جو شوق جيتوڻيڪ سائنس کڻڻ لاءِ هو. ڇو جو سائنس جي گريجوئيٽ لاءِ سندس ملڪ سنگاپور ۾ سٺو مستقبل هو ۽ سنگارپور جي حڪومت پڻ نوجوانن کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ لاءِ گهڻو آماده ڪيو ٿي. لورين جي والدين- خاص ڪري پيءُ چاهيو ته سڀني مائٽن کي پنهنجي ٻارن لاءِ اهو ڪي ڪجهه ڪرڻ کپي جنهن لاءِ حڪومت صلاح ڏئي.
    سنگاپور ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڀڙ ٿيڻ جو هيڪاندو زور متل هو. ساستدانن جو اهو خيال هو ته اڄڪلهه اهي شيون هر انسان جي آرام ۽ جياپي جو رستو آهن. اڃا به واحد رستو.
    پر ضروري ناهي ته زندگيءَ جو سڪون فقط مادي شين جي حاصلات سان اچي سگهي. جيڪي ڪجهه سياستدانن چيو ٿي انهن تي جي هر هڪ يقين ڪري ها ته اڄ جي ترقيءَ کان گهڻو اڳ سنگاپور تباهه ٿي وڃي ها. اهو فقط گهرج ۽ ملت جو سوال هو جنهن هيٺ سائنس پاس شاگردن کي سٺو پگهار ملي سگهيو ٿي. ان ڳالهه لورين کي ڪڏهن به متاثر نه ڪيو. هوءَ خوش هئي ته چڱو جو ماءُ پيءُ جي دلشڪستي ٿيڻ جي باوجود هن هٿيار ڦٽا نه ڪيا ۽ پنهنجي پسند جي سبجيڪيٽ آرٽس جي حق ۾ وڙهندي رهي.
    لورين جو پيءُ سرڪاري کاتي ۾ سينئر ڪلارڪ هو. هن پنهنجي اولاد لاءِ هڪ تعليمي خاڪو ٺاهي ڇڏيو هو ته هنن کي ڪنهن به صورت ۾ يونيورسٽيءَ تائين پڙهڻو آهي. اها شيءِ جيڪا هن کي مهيا ٿي نه سگهي. هن پڪو پهه ڪيو هو ته هن جي ٻارن کي اهي موقعا ضرور ملڻ کپن جيڪي هن پنهنجي زماني ۾ چاهيا ٿي پر کيس ڏيڻ کان نٽايو ويو هو.
    لورين چار سال يونيورسٽيءَ ۾ رهي. سندس تعلقات پڙهائيندڙ استادن کان وٺي ڪلارڪ ڪامورن تائين بيحد سٺا هئا. سندس ڪن ساهيڙين کي هن جو مردن سان ان ريت فري ٿي هلڻ جو طريقو بنهه پسند ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٽوڪينديون پڻ هئس. پر مجموعي طور هن مردن جي سنگت مان چڱو لطف ماڻيو- آخر شادي شده زندگيءَ ۾ اهو ئي ڪجهه حاصل ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڇوڪري ٽيهن سالن جي ڄمار تائين ڪنهن مرد کي پنهنجو نه ڪيو معنى ڳالهه ڦٽي، گاڏي ڇٽي. پوءِ ڪنهن جو ملڻ مشڪل آهي. پوءِ هوءَ ويٽنگ روم ۾ ئي باقي زندگي گذاري ڇڏي. سندس قسمت ۾ پوءِ گهڻو ڪري ڪنوارو ئي رهڻو پوي ٿو. لورين جي ماءُ کي به ڏينهون ڏينهن اهوئي فڪر کائي رهيو هو ته ٿي سگهي ٿو ته سندس ڌيءَ جو به اهو حال حشر نه ٿئي. ڄڻ اها هڪ اهڙي حالت هئي جيڪا سهپ کان ٻاهر هجي. لورين کي ڪيترين ئي اهڙين زالن سان ملڻ جو تجربو هو جن فقط شاديءَ ڪارڻ مڙس هٿ ڪيا ۽ پوءِ انهن کي احساس ٿيو ته ان اصول تي شادي ڪرڻ هڪ غلطي آهي. انهن مان هڪ ته سندس تمام ويجهي ساهيڙي، وملانير، انڊين ڇوڪري هئي جنهن جا ماءُ پيءُ ڪيرالا (هندستان) کان انگريزن جي ڏينهن ۾ لڏي سنگارپور ۾ اچي رهيا هئا. انهن گذريل سال پنهنجي ڌيءُ جي شادي اهو سوچي ڪئي ته هو اٺاوهين سالن کان به چڙهي ويئي آهي ۽ هاڻ ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن سان به سندس شادي ٿي وڃڻ کپي نه ته وملا کي احساس محرومي بيمار ڪري رکندو.
    لورين اهوئي محسوس ڪيو ته زندگيءَ ۾ غير شادي شده عورت ٿي رهڻ کان وڌيڪ ٻيون به ڪيتريون ئي خراب شيون آهن. بهرحال، هن کي شادي کان وڌيڪ پنهنجي آزادي پسند هئي. تعليم دوران اونٽاريو (ڪئناڊا) ۾ پڻ هن کي اها آزادي زندگي وڻي ٿي ۽ هاڻ پنهنجي وطن سنگاپور ۾ اچي، ان آزاديءَ جو هن وڌيڪ قدر ڪيو ٿي.
    رکي رکي هن کي گرميءَ جو وري احساس ٿيو جيڪا هاڻ سهپ کان ٻاهر ٿي رهي هئي ۽ اها هاڻ هن تي ايترو حاوي ٿي رهي هئي جو لڳو ٿي ته هن جو ست ۽ ساهه ڪڍي وٺندي. سنگارپور جهڙو ٻيٽ جتي ڏهاڙي ڦڙ ڦڙ لڳي پيئي آهي اتي هن ڀيري مينهن وٺي ٽن هفتن کان به مٿي ٿي ويو هو. ان ڪري هيڪاندي گهٽ ۽ گهم ٿي پيئي هئي. مينهن جيڪڏهن وسي پوي ته گهٽ ۾ گهٽ ٿڌڪار ٿي وڃي. جيڪڏهن وئڪيشن جي شروعاتي ڏينهن۾ ئي ههڙي گرمي رهي ته پوءِ ته الائي ڇا حال ٿيندو، هن چيو، ۽ هن ڀيري ٻاهر وڃڻ لاءِ ٻي اسڪالرشپ هٿ ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه ٿيندو. گذريل سال ڪئناڊا جي ٽرپ لاءِ خرچ پکي جو بندوبست ’سنگاپور اڪيڊمڪ ٽرسٽ‘ وارن ڪيو هو. انهن کان اها هٿ ڪرڻ ۾ لورين کي ڪا خاص ڏکيائي نه ٿي هئي جو هن جي، واسطيدار ماڻهن سان اڳهين جي ڄاڻ سڃاڻپ هئي، جن کي خوش ڪرڻ لاءِ هن گهڻو ڪي ڪجهه ڪري ڏيکاريو.
    لورين لاءِ هڪ ڳالهه مشهور هئي، جيڪا غلط هرگز نه هئي ته هن کي نه فقط پنهنجين ضرورتن ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ جي چڱيءَ طرح ڄاڻ هئي پر ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ، بنا ڪنهن پرواهه جي، گهڻو ڪي ڪجهه ڪري ڏيکاريندي هئي. يونيورسٽيءَ ۾ پکڙيل اهي افواهه ٿي سگهي ٿو سچ هجن ته يونيورسٽيءَ جو ساليانو ايوارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ لورين فئڪلٽيءَ جي وائيس ڊين سان گڏ ستي هئي. ۽ اهو به مشهور هو ته ڊين جي زال هن جي ڪري مڙس کان طلاق ورتي. پر اها ڳالهه ان ڪري گڏ مڏ ٿي ويئي هئي جو ڊين جي زال جو ڪردار خود به ڪجهه اهڙو تهڙو ئي هو.
    لورين منهن ۽ ڳچيءَ تي آيل پگهر جون بوندون رومال سان اگهندي اٿي بيٺي ۽ پوءِ پنهنجو چمڙي جو پرس کنيوجيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ هن سنگار جي مشهور گهٽي- چئنج ايليءَ مان هڪ هوڪين زبان ڳالهائيندڙ چينيءَ کان، وڏي بحث بعد اڌ قيمت تي ورتو. اهو فقط ڏسڻ ۾ چمڙي جو لڳو ٿي، ڇو جو ٺهيل اهڙي سهڻي نموني سان هو جو اهڙي تهڙي کي ته خبر ئي نٿي پئجي سگهي ته اهو ريگزين يا ڪنهن ٻي سنٿيٽڪ شيءِ جو ٺهيل آهي. هن ان کي کولي اندر جي شين جو جائزو وٺڻ لاءِ جهڙو اندر هٿ وڌو ته پلاسٽڪ جي هڪ ٿڌي بوتل کي سندس آڱريون وڃي لڳيون. هن کي ان وقت هڪدم ياد آيو. نه ته اڄ هن کان ماڳهين وسري ويو ٿي. چڱو جو ياد اچي ويس نه ته ان قسم جي ويسارو تمام نقصانڪار ثابت ٿئي ها. هن بوتل مان برٿ ڪنٽرول جي هڪ گوري ڪڍي، ڪوپ ۾ صبح واري بچيل چانهه جي ڍڪ سان ڳهي ورتي. خبر ناهي ته ڪيتري دير کان چانهه جو اهو ڍڪ ڪوپ ۾ پيو هو. ڳهڻ مهل ان جي هيڪاندي پاروٿي هجڻ جو سواد کيس نڙيءَ ۾ محسوس ٿيو. ان بعد هو اٿي بيٺي ۽ ڏاڪڻين تان هيٺ لهڻ لڳي. رستي تي پهچي هنن سان پاسي کان ايندڙ يونيورسٽيءَ جي جنڪشن روڊ تي وڃي ملي. جتان هڪ رستو انگلش ڊپارٽمينٽ ۽ مين روڊ ڏي ويو ٿي. هو پاڻ ۾ ٽي ڄڻا هئا. منجهائن فقط پال کي هن چڱي طرح سڃاتو ٿي باقي ٻين سان ڪنڌ جي ڌوڻ واري سلام دعا هيس. ’پال خو‘ شادي شده هو، لورين پال سان ڪجهه وقت گذارڻ چاهيو ٿي، ۽ هڪ خيال کان هن کي خوش ٿي ته انهن ٽن ۾ هڪ پال پڻ هو. هنن کي کيڪاري ساڻن گڏ ائين هلڻ لڳي ڄڻ هوءَ ڄاڻي ٻجهي هنن سان گڏ هلڻ لاءِ سوچي نه نڪتي هئي پر ائين ئي اوچتو ئي ملاقات ٿي ويئي هجيس.
    پال پڇيو، ”مانيءَ لاءِ؟“ هن ائين ئي، شايد ماٺ بدران ڪجهه ڪڇڻ ڪارڻ سوال ڪيو.
    هن ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چيو: ”حقيقت ۾ ههڙي موسم ۾ ڪجهه به کائڻ تي دل نٿي چوي. ها، باقي ڪنهن ٿڌي شربت جو سڄو گلاس پيئڻ لاءِ نڪتي آهيان. ڇو نه کاڌي کان اڳ پاڻ سڀ هڪ هڪ گلاس پيئون؟“
    پنڌ ئي پنڌ هو اسٽاف ڪئنٽين ۾ پهتا. اها هڪ پراڻي عمارت هئي عمارت هئي جنهن ۾ جپانين جي قبَضي کان اڳ، يونيورسٽيءَ ۾ ڪم ڪندڙ يورپي رهيا ٿي. آخري وقت هن ۾ ڪيمسٽري جو پروفيسر رهيل هو. اهو هڪ تمام وڏو گهڻن ڪمرن وارو پڪين سرن ۽ ڪاٺ جو ٺهيل موچارو گهر هو. ڇت تمام مٿاهين هيس ۽ ورانڊا هيڪاندا ويڪرا ۽ ٿوڻين تي بيٺل هئا. گهر جي وڏي ڇٻر ۽ باغيچي کي هر وقت صاف سٿرو ۽ ٽپ ٽاپ رکڻ لاءِ ملئي باغائي هئا جيڪي گهٽ پگهار تي به خوش هئا جو هنن لاءِ اهوئي گهڻو هو ته هنن ’تئان بيسار‘ (وڏي صاحب) وٽ نوڪري ڪئي ٿي ۽ هي ته خاص طرح وڏو صاحب هو جو گورو انگريز هو ۽ انگريز جو نوڪر ٿي رهڻ به وڏي عزت جي ڳالهه هئي. انگريز حڪومت پنهنجي راڄ ۾ ماڻهو ماڻهوءَ کي سڃاڻي ان موجب هن کي هلايو ٿي. پر پوءِ ٻي لڙائيءَ کانپوءِ ڏسندي ئي ڏسندي اهي زمانا ۽ دور گذري ويا.
    پال خو ۽ لورين تيو اڳيان اڳياجن هئا ۽ سڀني کان اڳ ڪئنٽين ۾ گهڙي، رڌني کان پري، دريءَ وٽ هڪ چئن ڪرسين واري ٽيبل تي قبضو ڪيو. باقي ٻه ڄڻا هنن جي پويان پويان آيا ۽ جهڙو ئي ويٺا ته هڪ ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ کاڌي جي لسٽ هڪ هٿ ۾۽ پلاسٽڪ جو ڇڪو ٻئي هٿ ۾، جنهن ۾ لوڻ، مرچ ۽ سرڪي جي شيشي رکيل هئي، اچي اڳيان رکي. هن اڇل مان جهڙو ڇڪو ٽيبل تي رکيو ته ڪارن مرچن جي شيشي کلي پيئي ۽ منجهائنس مرچن جو ڪارو ڪڪر اڀريو. پر اهو ايترو نه هو جو ويٺل جي نڪن تائين پهچي کين ڇڪون ڏياري. ڇوڪريءَ معافي وٺڻ جي به تڪليف نه ڪئيءَ هوءَ ڪا تکي طبيعت جي لڳي ٿي، پر سندس ان شوخ مزاجيءَ ڏي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو.
    هنن ڪجهه پيئڻ لاءِ آرڊر ڏنو ۽ ٻنپهرن جي هوٽل طرفان ٺهيل ٺڪيل مانيءَ لاءِ چيو. لورين وودڪا جهڙن سخت روسي شراب تازن سنگترن جي رس سان گڏ پيئڻ جي موڊ ۾ هئي. سو هن اهوئي گهرايو. پال پمس نمبر ون لاءِ آرڊر ڪيو. اڄڪلهه موڪل جهڙن ڏينهن ۾ اهو سڀ ڪجهه پيئڻ ۾ مڙيئي خير هو، بس هميشه پيئڻ جي سا عادت نه وجهڻ کپي. لنچ عام رواجي قسم جي ئي هئي. ڀت، مڇي جو ٻوڙ، بيضن جي ڪاتر ۽ ڀاڄي- جنهن جي کائڻ سان ڪا صبح جي گرمي نه لٿي. مڇيءَ جي ٻوڙ ويتر اُڃ وڌائي.
    مختلف ميزن تي ويٺل ماڻهن جي لڳاتار ڳالهائڻ جو آواز ائين لڳي رهيو هو جيئن گهرو مکيون اوچتو ڪنهن گند سان ڀريل ٽوڪريءَ تي اچي ويهن پر سڀني جو هيٺاهون لهجو هو، ان ڪري پري ويٺل کي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي آئي. هڪ ٽيبل تي شايد عشق جا راز يا نئين اسڪينڊل جي ڳالهه جي ڳالهه هلي رهي هئي جو ڀر وارين ٽيبلن تي ويٺل ڳاٽ اوچو ڪري ٻڌڻ جي ڪوشش ۾ هئا. هڪ ٽيبل تي شايد ڪنهن جي خلاف پروگرام ٺهي رهيا هئا. ۽ ٿي سگهي ٿو ته سچ پچ به هجن، ڇو جو هيءَ ڪئنٽين يونيورسٽيءَ ۾ ايندڙ اٿل پٿل جو جنم گهر سمجهي ويئي ٿي. پر سنگارپور يونيورسٽيءَ ۾ اها اٿل پٿل فقط وات جي چشڪي تائين محدود هوندي هئي. ٻيو مڙيئي ٿيو خير. لورين ليمي جي تازي رس جو گلاس گهرايو. ههڙي آلي گرمي ۾ ڀائنجي ته رڳو ڪجهه نه ڪجهه ويٺو پيئجي. ساڻس ويٺل باقي ٽن ڄڻڻ ڪاري ڪافي جو آرڊر ڏنو. شايد منجهند کانپوءِ آفيس ۾ کين ڪم هوندو ۽ ننڊ کان پاڻ کي بچائڻ ٿي چاهيائون.
    هن کانپوءِ آفيس وڃي ڪم ڪرڻ ناممڪن لڳي رهيو هو. ههڙي گرمي، گُهٽ ۽ گهم ۾ ڪنهن کان ڪم پڄندو؟ لورين جي ٽيبل تي هلندڙ ڪچهري به هاڻ ٿڌي ٿي ويئي. ان بابت بحث ته هن بعد ڪير وائيس چانسلر ٿيندو. هاڻ ڪنهن کي به وڌيڪ مزو نه پئي ڏنو. ڪي چند ماڻهو هجن جن کي ان بابت واقعي اڻ تڻ هجي. سڀني تي گرم مسالن واري مانيءَ ۽ شراب جي اثر سان گڏوگڏ گهميل آبهوا جو اثر هو، جو لورين ان اثر هيٺ ڪجهه چئي پوءِ آهستي ڀڻڪيو ته هن جي دل آفيس وڃڻ تي مورنٿي چوي. منجهند کانپوءِ ته هيڪاندي گهڻي گرمي ٿيڻ جا آثار لڳي رهيا هئا، ۽ هن جي آفيس ته ايئرڪنڊيشنڊ به نه هئي. اسٽاف جي سڀني ميمبرن کي ايئرڪنڊيشنڊ آفيس جهڙي عياشي نصيب ٿيل نه هئي.
    اسٽيٽ آفيس جي سينئر انجنيئر معرفت ايئرڪنڊيشنڊ آفيس هٿ ڪرڻ کي لورين ڪو ڏکيو ڪم نٿي سمجهيو. پر هن کي اهو انجنيئر ڪڏهن به ڏٺو نٿي وڻيو. هن ۾ لورين کي ٿوري به ڪشش نٿي لڳي. بهرحال،فليٽ سندس ايئرڪنڊيشنڊ هو، جتي هن هينئر وڃڻ چاهيو ٿي.
    پال پنهنجي واچ ڏي ڏٺو. ”ڏس ته سهي!“ پال رڙ ڪئي، ”ٻه لڳي ڏهه منٽ به ٿي ويا. هلڻ جو وقت ٿي ويو.“ هن پاسي کان لنگهندڙ هوٽل واري ڇوڪري کي بل آڻڻ جو اشارو ڪيو. هن کي خبر هئي ته اسٽاف ميمبر گهڻو ڪري پنهنجو پنهنجو بل ڏيندا آهن. سو ٿوري دير بعد چارئي ڄڻا ٻاهر نڪرڻ لاءِ رڙهيا. پالورين کي چيو، ”چئين ته آئون توکي گهر تائين وٺي هلان. مون کي ڪار هونءَ ئي سروس تي ڏيڻي آهي ۽ تنهنجو فيلٽ رستي تي پوي ٿو.“
    اها پال جي خاص عادت هئي ته هن هميشه ٻئي جو به خيال رکيو ٿي، پر ڇا ائين ناهي ته اڄ هو ڪجهه وڌيڪ ئي وڇائجي رهيو هو-؟ لورين ان ۾ ڪا خرابي نٿي سمجهي ته ڪوڌاريو مرد کيس گهر تائين ڇڏي اچي. ويتر هوءَ پاڻ ڪجهه اهڙي موڊ ۾ هئي ته ڪو هن سان سٺو ٿي ڳالهائي، ۽ پال ڪجهه وڌيڪ ئي سٺو ٿي ڳالهائي رهيو هو وود ڪا شراب جو نشو لورين جي دماغ تي چڱو اثر ڪري چڪو هو. کيس ڪجهه اهڙيءَ موڊ ۾ آڻي ڇڏيو هو جو هوءَ پنهنجو پاڻ ڪنهن جي حوالي ڪرڻ لاءِ آتي هئي، پر ايترو به نشو نه چڙهيو هوس جو کيس خبر نه پوي ته هو ڇا پيئي ڪري. پال سان گڏ هلڻ جي آڇ تي هائوڪاري ڪري هن سان گڏ ٻاهر نڪري اچي سندس واڪس ويگن ڪار ۾ ويٺي.
    ڪار هلائڻ مهل پال دل ۾ سچيو، جهڙو ٻڌجي ٿو هوءَ ڪا اهڙي خراب قسم جي نٿي لڳي. اهو ڪيترو وڌاءُ آهي جيڪو هن لاءِ ماڻهو چون ٿا- خاص ڪري يونيورسٽيءَ جي اسٽاف- ته هوءَ هر وقت تيار آهي. چالو قسم جي آهي... وغيره. ڏسڻ ۾ ته هوءَ اهڙي نٿي لڳي. هن ڪجهه به اهڙو نمونو نٿي ڏنو جنهن مان لڳي ته هوءَ ان قسم جي ٿي سگهي ٿي. پاڻ ائين ٿي لڳو ته ڪنهن کي به حقيقت ۾ ائين چوڻ نه جڳائي.
    پال جي پنهنجي زال وائيوين مان ڪجهه دل به کٽي ٿي پيئي هئي. هن کي تازو چوٿون ٻار ڄائو هو، ۽ ائين پئي نظر آيو ته هر ايندڙ ويم تي هن کي گذريل ويم کان وڌيڪ ڏينهن پري رهڻو پيو ٿي. زالون عجيب مخلوق ٿين ٿيون. کين مڙس کان وڌيڪ ٻارن جو خيال ٿئي ٿو. پال جي حالت خراب کان خراب تر ٿي رهي هئي. هاڻ ڪجهه شراب، ٻوڙ ۽ گرمي جي اثر هيٺ هن سوچيو، ”لورين ان قسم جي لڳي ته نٿي پر ٿي سگهي ٿو چهرا دوکو به ڏيندا آهن ۽ اندران هوءَ ٺهيل هجي. راضي هجي. ڪنهن کي ڪهڙي خبر-؟“
    اها فقط چند منٽن جي ڳالهه هئي جو هو فليٽ وٽ اچي پهتا. فليٽ اڳيان ڪار بيهاري، هو ٻاهر نڪتو ۽ ڪار جي اڳيان ڦري سندس پاسي جو در کوليو. لورين ٿورو رڙهي ٻاهر نڪتي. لڳو ٿي ته واٽ تي لورين جي دل ۽ دماغ ۾ به ڪجهه ساڳيائي خيال، ساڳيءَ سڌائيءَ ۾ ڊوڙي رهيا هئا. ’پال ڪجهه مختلف پيو لڳي، پر هن وقت اهو چوڻ ڏکيو آهي.‘ هن پال کي چيو: ”ڏاڍي گرمي آهي، ائين موٽي وڃڻ بدران ڇو نه اندر اچي ٿڌي جو گلاس پي پوءِ وڃون.“
    ”اچان ته کڻي پر تولاءِ مٿي جو سور ته نه ٿيندس.“ پال پڇيو.
    ”نه. نه. هرگز نه. ۽ فليٽ ايئرڪنڊيشنڊ پڻ آهي.“ لورين بنا ڪنهن هٻڪ جي وراڻيو.
    فليٽ جو در کولي هو اندر گهڙي، پٺيان پٺيان پال آيو. لورين پال جي ويجهوتڻ محسوس ڪئي.
    ”وِهو.“ لورين چيو، ”آئون هڪ هڪ گلاس شراب جو ٺاهي اچان ٿي. ڪيئن ڀلا، پمس شراب صحيح رهندو-؟“
    ٿوري دير بعد هوءَ موٽي. سندس هٿن ۾ ٻه گلاس شراب جا هئا جن جي مٿان ٽٿ پڪ ۾ لڳل چيري تري رهي هئي. پال بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي ڍڪ ڍڪ ڪري پيئڻ لڳو. پوءِ لورين کان هٿ ڌوئڻ لاءِ اجازت گهري.
    ”ڇو نه، ڀلي.“ لورين وراڻيو ۽ کيس باٿ روم ڏيکاري پاڻ اتي ئي بيڊروم ۾ انتظار ڪرڻ لڳي. هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي سندس نظر آرسيءَءَ ڏي ويئي ۽ پنهنجو پاڻ کي ان ۾ ڏسڻ لڳي. ائين ته نه آهي ته هُن هن وقت پال مان هيڪانديون اميدون رکيون ٿي؟ هن کي پنهنجو پاڻ تي رحم اچي رهيو هو. موڊ ٿيڻ وقت هوءَ ڪيترو ته بيوس محسوس ڪري ٿي.
    لورين پلنگ جي ڪنڊ تي ٿي ويٺي ۽ بس ائين ئي بنا ڪنهن سبب جي ڪئناڊا ۾ پيش آيل پهرين تجربي جو سوچڻ لڳي. ان ڏينهن ڪافي ٿڌ هئي- ۽ کيس موڊ ۾ آڻڻ لاءِ اها ڳالهه ئي ڪافي هئي. پر اوورسيز اسٽوڊنٽ جي حيثيت ۾ هو اتي پرديسي ۽ هڪلي پڻ هئي. جيتوڻيڪ ڪمرو سينٽرلي هيٽيڊ (ڪوسو) هو پر اصل اها هيڪلائي هئي جنهن کيس ڪنهن جي ساٿ لاءِ ماندو ڪيو هو. ان کان علاوه سندس اهو هفتو ڪناڊا ۾ آخري هو. ۽ آخري هفتي ۾ ڪنهن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ، اتي هڪ نارمل ڳالهه سمجهي ويئي ٿي. ان لاءِ ڪنهن به ٽوڪيو روڪيو يا خوار نٿي ڪيو. حقيقت ۾ پاڻ اهڙي هنڌ ۽ موقعي تي شريف ٿي هلڻ واري ڇوڪريءَ کي ڪريل ۽ رحم جوڳي نگاهه سان ڏٺو ويو ٿي ته هن ويچاري ۾ ايترو افعال يا کڙ تيل ناهي جو کڻي ڪو جهڙو تهڙو ئي ڦاسائي. هن کي چٽيءَ طرح ياد هو ته سندس هڪ ڪلاس ميٽ ساهيڙيءَ ڇا چيو هو: ”پهرين دفعي وارو قصو سو صحيح ٿيڻ کپي. جيئن معيار قائم ڪري سگهجي ۽ پوءِ، ان کانپوءِ ٿيندڙ هر معاملو پهرين سان ڀيٽي سگهجي.“ هن سوچيو ته ان ڳالهه ۾ واقعي سچائي آهي. ڪئناڊا واري پهرين تجربي کان پوءِ ٻيا ڪيترا ميل ميلاپ ائين گونگ ٻوڙ واري نموني ۾ ئي ٿيا. جن ۾ لست ته لست جي، ماڳ، ماڳهين ساهه ٿي گهٽيو. هن پال بابت سوچيو ته اهو الائي ڪيئن ثابت ٿئي ۽ پوءِ دل ئي دل ۾ چيو: ”ان جي به خبر پئجي ويندي.“
    لورين بي صبريءَ منجهان هنڌ تان اٿي بيٺي. ايئرڪنڊيشنڊ جي هوندي به هن کي گُهٽ محسوس ٿي رهي هئي. سج ڪڪرن پويان لڪي ويو ۽ چوڌاري تکي روشنيءَ بدران اونداهه ڇائنجي ويئي. ڪجهه ساعتون ٻيون ترسي جهڙو هوءَ اٿي ٿي ته پال باٿ روم جو دروازو کولي هن ڏي ويو. هوءَ پال جي اکين ۾ هن ڏي وڌڻ جي نموني مان ئي سمجهي ويئي ته جيڪي هوءَ چاهي ٿي اهوئي ٿي رهندو ۽ هاڻ ان بابت ڪجهه به ڪڇڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي. ڏسڻ ۾ ائين پئي آيو ته هو ٻئي هڪ ٻئي جون گهرجون ساڳي وقت سمجهي ويا آهن. بستر سندن پويان هو. پال جهٽ لورين کي پنهنجي ڀاڪر ۾ سوگهو جهليو. ٻاهر آسمان سڄو ڪارن ڪڪرن سان ڀرجي ويو هو. تکي هوا تمبوسو وڻن سان ٽڪرائجي سوسٽ پيدا ڪري رهي هئي. پل ميوي وانگر لورين پال جي ڀاڪر ۾ ڇڻي پيئي. کنوڻ جي چمڪاٽ سان گوڙ جو وڏو ڌماڪو ٿيو. سڄو فليٽ ڄڻ لڏي ويو. پال جوش ۽ جنون کان ڏڪي رهيو هو. لڳو ٿي ته هو به ڪو ڏينهن کان اڃايل هو. ۽ پوءِ لورين کي اها گهڙي به محسوس ٿي پر ٻئي ڀاڪر ۾ ئي رهيا، ۽ پوءِ نيٺ پال پاسو ورايو ۽ هن کان پري ٿيو.
    هڪ دفعو وري چوڌاري ماٺ هئي- سڪون ۽ سانت ڀري. شڪم پورو ڪرڻ واري، ڪمري جي ڳرائي ۽ ٻوسٽ غائب ٿي ويو ۽ پوءِ سي آرڪسٽرا وانگي مينهن جا ڦڙا ڇت ۽ درين جي شيشن تي سپڪو ڪرڻ لڳا. ۽ پوءِ ڇتين تي ويٺل مينهن نارن ذريعي وهڻ لڳو. چوڌاري ٿڌڪار ٿي ويئي.
    گرمي جي لهر ختم ٿي وئي.

    ربيڪا چوئا (Rebecca Chua)
    ”گرميءَ جي لهر“ افساني جي ليکڪا ربيڪا سنگاپور جي چينائڻ آهي. پاڻ 1976ع ۾ سنگاپور يونيورسٽيءَ مان انگريزي سبجيڪٽ ۾ آنرس ڪيائين ۽ ’نيو اسٽريٽ ٽائيمس‘اخبار جي جرنلسٽ آهي. سندن افسانا ’دي ايشيا‘ مئگزين ۾ پڻ ڇپجي چڪا آهن. 1977ع۾ سندس هڪ ڪهاڻي بي بي سيءَ تان پڻ ٻڌائي ويئي هئي. 


    ٽيون ڏاڪو

    جيڪڏهن اها ڳالهه اتي وڃي پهتي آهي جتي تون ٻڌائين ٿين، منهنجي ڀيڻ، ته پوءِ سڀ صحيح آهي. وڌيڪ سوچڻ جي ڪا ضرورت ناهي.
    ڪاٺ جي ڏاڪڻ رستي هن کي هيٺ لاهڻ ڏکيو ٿيندو. جيڪڏهن مٿئين همراهه جو پير ترڪي پيو ته هيٺيون به وڃي ڦهڪو ڪندو ۽ امان ڪري پوندي.
    هن کي کڻڻ لاءِ توهان کي نوڙين جي ڪا گودڙي ٺاهڻي پوندي. ان هوندي به سارين جي پوک مان لنگهڻ وقت تڪليف ضرور ٿيندي جو لڳاتار مينهن ڪري جتي ڪٿي گپ لڳي پيئي آهي ۽ پوءِ مين روڊ تي پهچي ٽئڪسيءَ جو انتظار ڪرڻو پوندو.ا مان جي اڳهين حالت خراب لڳي پيئي آهي اهو پنڌ هن کي ويتر ساڻو ڪري ڇڏيندو.
    ۽ پوءِ اسپتال تائين پهچي ڳوٺ جا ڪجهه ماڻهو ضرور واپس گهر وڃڻ چاهيندا، ۽ پٺيان هوءَ اڪيلي ئي اڪيلي رهجي ويندي.
    تون پاڻ .ئي کڻي هن کان پُڇ، جي اڃا به ڳالهائڻ جهڙي آهي ته هوءَ پاڻ ئي توکي ٻڌائيندي ته هوءَ هلڻ نٿي چاهي.
    تون صحيح ٿي چوين. هن جي حياتي هوندي ته گهر ۾ به چاق چڱي ڀلي ٿي پوندي. جيڪڏهن نه ته پوءِ اسپتال ۾ به مري ويندي.
    اهو سڀ ڪجهه پروردگار جي هٿ ۾ آهي.
    ماڻهو جيڪو چوڻ چاهين، چوڻ ڏين. پاڻ اهوئي ڪنداسين جيڪي مذهب چاهي ٿو. ڀلي پنهنجي ڪٽنب جي ماڻهن سان به ڳالهه ڪر. جيڪڏهن هو چون ته هن کي اسپتال ۾ کڻي وڃڻ جي ضرورت ناهي ته پوءِ ته هرگز نه کڻي وڃجي. جيڪڏهن هو حڪيم ڪناليءَ جي ڏنل ستي ڦڪي کارائڻ لاءِ چون ته اها کارائينس. نه کائي ته ٿوري ٿوري دير بعد وري ڪوشش ڪر. حڪيم ڪناليءَ کان شرم يا حجاب ڪرڻ اجايو آهي. جيڪڏهن ڏسين ٿين ته سندس ڏنل دوا هر هر ڏيڻ جي باوجود به اثر نٿي ڪري ته کيس هڪدم اطلاع ڪري بلڪل صاف صاف ٻڌائينس. هو وڌيڪ ڄاڻو آهي. کانئس ئي صلاح وٺ ته ڇا ڪرڻ کپي. ٿي سگهي ٿو دوا مٽائي ڪا ٻي ڏئي. جيڪڏهن چوي ته ڪنهن فقير درويش کان ڦيڻو پڙهايوس ته هڪدم بتانگ بيسار کان ڪو بوموح (ملئي لفظ: جهاڙ ڦوڪ ۽ جن ڪڍڻ وارو.) وٺي اچجانءِ. جيڪڏهن هو ڪنهن تعويذ ڪڙي ڪرڻ واري لاءِ چوي ته ان کي وٺي اچجانءِ. پر جي استاد وهاب يا ڪنهن ٻئي مولوي کي ڦيڻي دعا لاءِ چوي ته ان کي وٺي اچجانءِ. جي بورونگ ڳوٺ جي بومي لاءِ چوي ته ان کي به وٺي اچجانءِ. ان کي گهرائڻ لاءِ اورانگ دولاح کي چئي سگهين ٿين يا ڪنهن ٻئي مائٽ مٽ پاڙيسري کي.
    پر جي ڏسين ٿين ته ٻي ڪابه واهه نظر نٿي اچي ته پوءَ قرآن مان ياسين سورت جي تلاوت شروع ڪري ڏجانءِ. پر دوائن کي هرگز ڦٽو نه ڪجانءِ. ناريل جي ڏونگهي ۾ رکيل لوڻاٺيل پاڻي امان جي سيراندي کان ئي رهڻ ڏجانءِ ڇو جو اتان ڦڙو ڦڙو ڪري سندس وات ۾ وجهڻ سولو ٿيندو. مهمانن لاءِ سوپارين جي ڪاتر به چڱي خاص ڪري رک. ۽ جيڪڏهن ڪو نئون بوموح ڦيڻي يا ساٽ سوڻ لاءِ اچي رهيو آهي ته پوءِ ڪجهه نيون اگربتيون گهرائي رک. کيس ڦيڻي پڙهڻ جي عيوض ڪجهه پئسا ياد ڪري ڏجانءِ.
    اها پڪ ڪجانءِ ته رڌڻي ۾ کاڌي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه هجي ڇو ته امان کي پڇڻ لاءِ پڪ ڪيترائي ماڻهو ايندا. پيارڻ لاءِ ڪافي ۽ چانهه جو به خيال رکجان. کپي وڃي ته ڪنهن کي چئي گهرائي وٺجانءِ. هڪ ٻه ڇٻي ڏاڍن بسڪوٽن جي به ڀرائي رکجان. ۽ ڇڪڻ لاءِ ڪجهه جاوائي (انڊونيشي) تماڪ پڻ. تماڪ لاءِ اوانگ دولاح کي ئي چئجانءِ. ۽ ڪياح يا ڪنهن ٻئي کي چئجانءِ ته ڀت ۽ ٻوڙ تي نظر رکي. متان ائين نه ٿئي ته ڪو ضايع زيان ڪري ڇڏي. سير ٻه مڇيءَ جو اڃا به وڌيڪ وٺي کڻي رک. متان پوءِ کٽي پوي.
    خرچ لاءِ جي گهر ۾ ايترو پئسو نه هجي ته ڪجهه پاٽيون اَن جون وڪڻي به پورت ڪجانءِ پر جي سمجهين ٿي ته ان سان به ڪم هلي نه سگهندو ته پوءِ مڙيل سڱن واري ڪنڍي مينهن ئي کڻي وڪڻجانءِ، هونءَ به اها امڙ جي ئي آهي. هن ئي ان کي گاهه پٺو کارائي وڏو ڪيو آهي. کيس پاڻي پياري، مڇرن ۽ جيتن کان بچائڻ لاءِ دونهون ڪري سار سنڀال لڌي. پر ماڻهن جي ڳالهين جو ايتروئي خيال رکجانءِ جيترو امڙ جي صحت جو رکين ٿين.
    ائين ڪرڻ کپي، مننهنجي ڀيڻ مرڻ کان اڳ بابي اهي شيون کائڻ جي خواهش ڪئي هئي جن جي هئي مند نه موسم. مون کي لڳي ٿو ته توکي اهي ڳالهيون وسري ويون آھن. جيڪڏهن امان ٿائلينڊ جي ڇانهينءَ جي گهر ڪري ته يوسف کي مدد لاءِ سڏائجانءِ، هو هميشه ڏاکڻي ٿائي شهر ’هنيائي‘۾ ويندو رهي ٿو. جيڪڏهن امان ’ڪلوبي- پام‘ جي ميوي جي گهر ڪري ته پاڙي واري چيني همراهه ’يا- چن‘ کي چئجانءِ. هو ڳيرن جي شڪار لاءِ اڪثر ٻيلي ۾ ويندو رهي ٿو.
    جيڪڏهن هوءَ آب زم زم جي خواهش ڪري ته هڪدم ڪو حاجي سڳورو ڳولجانءِ جيڪو تازو مڪي مان ٿي آيو هجي. هن وٽ ضرور ڪجهه نه ڪجهه اهو پاڪ پاڻي هوندو. پر جيڪڏهن هوءَ مڪي هلي مرڻ لاءِ زوري ڀري ته کيس سنئون سڌو چئجائنس ته امڙ ان لاءِ اسين مجبور آھيون. ايڏو ڀاڙو ڀرڻ لاءِ اسان وٽ پئسو ناهي. هوءَ سمجهي ويندي. مطلب ته جيترو ٿي سگهي ته هنجي دل وٺجانءِ. پر ڪا اهڙي شيءِ جيڪا سمجهين ته پاڻ لاءِ بلڪل ناممڪن آهي ته ان لاءِ کڻي انڪار ڪجانءِ. جيترو وقت هن کي جيئرو رهڻو هوءَ اوتروئي جيئرو رهندي پر تون اها ڪوشش ڪجانءِ ته مرڻ تائين خوش ۽ پرسڪوسرهي،ائين نه ٿئي جو ٻئي جهان ۾ ڪرڪندي پهچي.
    منهنجي ڀيڻ، مهرباني ڪري هن جو خيال رک.
    هن جو ايترو ئي خيال رکجانءِ جيترو اسان ڳوٺ جو رکون ٿا. جيڪڏهن هوءَ مون لاءِ چوي ته زال ۽ ٻارن سان هن وٽ هليو اچان ته کيس صاف صاف ٻڌائجانس ته اسان ان لاءِ بيحد لاچار آهيون. اسان وٽ پئسو ناهي جو ايڏا ڳرا ڀاڙا ڀري اچون. هوءَ سمجهي ويندي.
    جيڪڏهن کاري پاڻي ۽ سوپاري جي پنن مان ڪو فرق نه ٿئي ته ياسين پڙهڻ شروع ڪري ڏجانءِ. گهڻو انتظار نه ڪجانءِ. امام حماد کي چئجانءِ ته پڙهائڻ شروع ڪري: ”شروع ٿو ڪريان الله جي نالي سان.....“ هڪ دفعو ياسين پوري ڪرڻ بعد وري ٻيو دفعو شروع ڪرائجانءِ.
    ٻين کي به پڙهڻ لاءِ چئجانءِ. پر ائين نه ٿئي جو هرڪو قرآن کڻي هيڏانهن هوڏانهن ڦرندو وتي. کين چئجانءِ ته امان واري ڪمري ۾ ويهي پڙهن. امان جي ساڄي سيراندي کان هروقت ڪنهن کي ويهاري ڇڏجانءِ ته ياسين ويٺو پڙهي.
    هن کي اڪيلو هرگز نه ڇڏجانءِ، منهنجي ڀيڻ. تون سندس کاٻي پاسي سيراندي کان يا پيرانديءَ کان ويٺي هججانءِ. چمچي سان ڪري پاڻيءَ جو ڦڙو ڦڙو سندس وات ۾ وجهندي رهجانءِ. اهو ڪم ضرور ڪجانءِ. متان امان کي ڇڏي تون هيڏانهن هوڏانهن رڌڻي ۾ ڦيريون پائيندي رهين. ان لاءِ لياح، ڪياح يا اوانگ دولاح جي زال کي چئجانءِ.
    امان واري ڪمري جون دريون مڙئي بند رکجانءِ. ان سان ڪو فرق نٿو پوي. ڇو جو هوءَ ائين ئي چاهي ٿي. رب جي مرضي ڇا آهي، ان جي توکي يا مون کي ڪابه خبر ناهي. بنا سڏ جي به ڪيترائي ماڻهو اچي نڪرندا ۽ جيترا گهڻا هوندا اوتروئي منهن ڏيڻ ڏکيو ٿي پوندو ۽ ماڻهن جي گوڙ ۾ امان کي به تڪليف رسندي.
    جيڪڏهن ڪو دري کولڻ لاءِ زور رکي ته کيس چئجان امان کولڻ کان منع ڪئي آهي. ماڻهو ڇا به پيا چون. هوءَ اسان جي ماءُ آهي، ماڻهن جي ته ناهي جو هنن کي خيال ٿئي.
    پاڻ هن جا ٻه ٻار آهيون. بابو گذاري ويو. هاڻ فقط امان تون ۽ آئون وڃي بچيا آهيون. هوءَ پوڙهي ۽ بيمار آهي. هن کي سڪون سان مرڻ ڏجي. هن سان هاڻ پنهنجو ميلاپ ٻئي جهان ۾ ئي ٿيندو.
    دعا ڪر ته کيس جنت ۾ جايون نصيب ٿين. ابي لاءِ به دعا گهر- جيڪو گذريل سال پاڻ کان وڇڙي ويو آهي، ته هن کي به جنت ۾ جايون ملن. مرحوم جي چپن تي مرڻ گهڙي تائين وحدانيت جو ڪلمو رهيو ته الله فقط هڪڙو آهي. هن ڪڏهن به نماز جو وقت نه وڃايو. رمضان جي مهيني ۾ سڀ روزا رکندو هو. زڪوات ڏنائين. فقط هڪ فرض جيڪو هو پوروڪري نه سگهيو اهو حج جو هو، هو حج ڪرڻ لاءِ مڪي وڃي نه سگهيو. پر جيڪڏهن ڪنهن وٽ پئسو ناهي ته پوءِ هن تي فرض ناهي. جهاد لاءِ بابو هروقت تيار هوندو هو. هن ڪيترائي دفعا بڪت- سليمبائو جي ڪافرن سان مهاڏو ڪيو هو. امان به اهڙي ئي طبيعت جي آهي. هوءَ وڙهي ته نٿي سگهي پر بابا جي تلوار کي هميشه پالش ڪري چلڪائي رکندي هئي. آخرت جي فيصلن جي ڄاڻ هڪ رب کي ئي آهي. پر جيستائين ا سان سمجهون ٿا ته امان ۽ بابا هر ڪم ڪيو جيڪو هڪ مسلمان کي ڪرڻ کپي- سواءِ مڪي مديني وڃڻ جي. الله ٻاجهارو ۽ حاضر ناظر آهي. اسان فقط دعا گهري سگهون ٿا.
    مهرباني ڪري روءِ نه. توکي روئڻ نه کپي. اها ئي هڪ ڳالهه آهي جنهن لاءِ توکي بار بار جهلڻ چاهيان ٿو. آئون سمجهان ٿو ته اهو هڪ ڏکيو ڪم آهي. گذريل سال بابو هليوويو. هن سال قدرت کي جي سندس پٺيان امان کي به گهرائڻو آهي ته هوءَ به هلي ويندي. هن کي روڪڻ، تنهنجي منهنجي وس ۾ ناهي. پر مهرباني ڪري روءِ نه. موت ڪو مهڻو ناهي. هڪ ڏينهن پاڻ سڀني کي پڻ هلڻو آهي جتان آيا آهيون. پهرين پاڻ اڻ ڄاول روپ ۾ هئاسين يعني مئل هئاسين. الله اها ڳالهه قرآن ۾ به ڪئي آهي. شروع ۾ اسين مئل هئاسين. پوءِ ماءُ جي پيٽ مان جنم وٺي هن جهان ۾ آياسين. ان بعد وري مرنداسين ۽ پوءِ هڪ ڏينهن وري جيئرا ٿينداسين- هميشه لاءِ، اهي مڙيئي مختلف ڏاڪا آهن جيئن ڪنهن ڏاڪڻ کي ٿين جن تي چڙهي هر هڪ کي آخري منزل، آخري ڏاڪي تي پهچڻو آهي. تنهنجي روئڻ سان ٿي سگهي ٿو امان کي هڪ ڏاڪو وڌيڪ مٿي چڙهڻ ۾ تڪليف ٿئي.
    پاڻ هينئر ٻئي ڏاڪي تي آهيون. امڙ، تون، آئون، ڪٽنب جا مڙيئي ڀاتي جيڪي هن وقت جيئرا آهن سڀ ٻئي ڏاڪي تي آهن. پاڻ چئن ۾ بابو ڀاڳ وارو چئبو، هو ٽئي ڏاڪي تائين پهچي ويو آهي ۽ الله گهريو ته جهٽ امڙ به ان ٽئي ڏياڪي تي وڃي پهچندي ۽ پوءِ فقط پاڻ ٻه پٺيان سور سهڻ لاءِ ٻئي ڏاڪن تي رهجي وينداسين. بابا امان ٽئي ڏاڪي تي پهچي ڪيڏو نه خوش ٿيندا.
    امان کي ٽئي ڏاڪي ڏي سڪون سان وڃڻ ڏي. مهرباني ڪري ڏک نه ڪر. روءِ نه.
    مختلف ڪم- ڪفن لاءِ ڪپڙو وٺڻ، ان کي ماپ موجب ڦاڙي ڪفن ٺاهڻ، جنازي کڻڻ لاءِ کٽ هٿ ڪرڻ، جانزي نماز، قل پڙهڻ وقت ڇهارا ورهائڻ، قبر کوٽائڻ، جنازي کي غسل ڏيڻ، ڪاٺ جا تختا هٿ ڪرڻ، پٿريون پڙهائڻ، اگربتيون، جنازي کي کڻي قبرستان تائين رسائڻ، قبرتي قرآن خواني ڪرائڻ، آيل ڪانڌين کي ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون ماني کارائڻ،ان بعد ستن ڏينهن کانپوءِ ختمي جي ماني. ان بعد وري چوڏهين ڏينهن، چاليهن ڏينهن ۾ هڪ سؤ ڏينهن بعد جي ماني وغيره. ڪابه ڳالهه ڏاڍيان نه ڪجانءِ متان امان جي ڪن تي ان جي ڀڻڪ به پوي. ان قسم جي ڳالهه ٻڌي هن جي دل ڀڄي پوندي. هن کي دلي صدمو رسندو. ان ڪري ان قسم جو هڪ لفظ به هن کي ٻڌڻ نه کپي.
    ان بابت ڪابه ڳالهه ڪرڻي پوي ته ڪمري کان ٻاهرنڪري ڪجان. چاچي ڪريموءَ،مائي جبيران ۽ امام حماد کان ان بابت ورانڊي ۾ پڇا ڪجانءِ. هن کي ان بابت چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي. هو دفن ڪفن ۽ ختمي درود جو ڪم ڪندا رهن ٿا. ڪفن لاءِ ڪپڙو وٺڻ کان اڳ ڪوشش ڪري اهو معلوم ڪجان ته امان جو قد ڪيترو آهي. ۽ پوءِ وال وال ڪپڙي جو ٻنهي پاسن کان وڌيڪ وجهجانس. جيتري قدر ٿي سگهي ته اهو ڪپڙو ڪنهن ڪافر جي دڪان تان نه وٺجانءِ، جيئن هوءَ ٽئي ڏاڪي تي پاڪ پوتر حالت ۾ پهچي. هن تي ڪوبه داغ ڌٻو نه هئڻ کپي.
    ڪفن لاءِ ڪپڙو ڦاڙڻ لاءِ اوانگ دولاح کي چئجانءِ. هن کي ڪپڙي ڦاڙڻ ۽ ڪفن ٺاهڻ جو ڏانءُ اچي ٿو. ڪپڙي ۾ ڪنهن به قسم جو ڇتر پوڻ نه کپي. ڪوشش اهائي ڪجانءِ ته ڪپڙي ڦاڙڻ جو آواز امان جي ڪنن تي نه پوي. نه ته اهو ٻڌي هو پريشان ٿي ويندي. ٿي سگهي ته هن کي چئجانءِ ته هو پنهنجي گهران ڪپڙو ڦاڙي اچي.
    قبر جي تر مان جيڪڏهن پاڻي نڪري- جيئن بابي جي قبر ۾ ٿيو هو- ته پوءِ بنگ مت کي چئچان ته ڪاٺ جا تختا هڪ ٻئي سان ائين ڀچائي هڻي جو هڪ يڪو پٽ ٿي پوي. پوءِ جنازي مٿان مٽي خيال سان وجهجو جيئن ٻاهر گڏ ٿيل مينهن جو پاڻي اندر نه وڃي.
    هن کي تختا هڪ ٻئي سان ملائي هڻڻ لاءِ تاڪيد ڪجانءِ، منهنجي ڀيڻ. ۽ ان بعد وري وري پيئي ياد ڏيارجائنس.
    ۽ ڪنهن به ڳالهه بابت پڪ نه ٿئي ئي ته ماڻهن کان پڇجانءِ، خاص ڪري چاچو ڪنالي سٺي صلاح ڏيندءِ.
    جنازي جو غسل، اگربتيون ٻارڻ ۽ دعا درود جو ڪم امام حامد جي حوالي ڪجانءِ. ڪنهن ٻئي کي ڪيلن جا ٿڙ وڍي اچڻ لاءِ چئجانءِ، جيئن جنازي کي ان مٿان رکي غسل ڏنو وڃي. ٻه ٿڙئي ڪافي رهندا. راجا ڪيلي جا ٿڙ سڀ ۾ سٺا آهن. انهن جا سارين جي پوک وٽ ڪيترائي جهڳٽا آهن. آهن نه-؟ ڪي به ٻه پٽرائجانءِ. جن اڃا گل نه ڏنا هجن.
    اگربتين سان گڏ ڪجهه ڪافور به ٻارجو. ٿي سگهي ٿو بابي لاءِ گهرايل ڪجهه اڃا بچيل هجي. ڪپڙن واري ڪٻٽ ۾ چڱيءَ طرح ڳولجانءِ.
    دعا جوڪم امام حماد جي حوالي ئي ڪجانءِ. هو جماعتن جو پيش امام پڻ آهي. جيڪڏهن هو ڪمپونگ راجا بتانگ جي خٿاب مان خٿابين کي گهرائڻ چاهي ته کين هڪدم سڏائي وٺجانءِ. تون جي واندي نه هجين ته خيرات جاپئسا ’يا چن‘ چينيءَ يا يوسف کي ڏجانءِ ته غريبن ۾ ورهائي.
    ريجو تيار رکجانءِ، ڏهه ڊالر کن جا ڏهين ڏهين سينٽن وارا سڪا ڪافي رهندءِ. سڀ ورهائي ڇڏجانءِ. مدرسي اڳيان جيڪي ٻار ويٺا آهن انهن کي به ڏهه ڏهه سينٽ ڏجانءِ.
    ٻه ڊالر امام حماد لاءِ به هٿيڪا رکجانءِ. دعا بعد کيس ڏجانءِ پر مٺ ۾ لڪائي ڏجانءِ جيئن ڪو ٻيو نه ڏسي. هن کي چئجان ءِ ته هي تماڪ ٻيڙيءَ لاءِ اٿئي. پهرين هووٺڻ کان انڪار ڪندو ۽ توکي موٽائي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو. پر پوءِ تون هن جي صدري جي کيسي ۾ وجهي ڇڏجانءِ. موٽ ۾ ڀلي هو چپن ۾ مرڪي يا نه مرڪي- جيئن سندس دل چوي تيئن ڪري.
    هي سڀ ڪم ڪرڻ کان اڳ امان جي حالت تي نظر رکجانءِ. جڏهن ڏسين ته هاڻ دوا بلڪل اثر نٿي ڪري ته پوءِ ڏينهن رات ياسين جو دور شروع ڪري ڏجانءِ. مون کي خبر آهي ته ماڻهو توکي جهليندا ته جيستائين امان اکيون نٿي پوري تيستائين تون ڪجهه به نه ڪر. ان اجائي ڳالهه ٻولهه ڏانهن تون ڌيان بلڪل نه ڏجانءِ. ماڻهن کي جيڪي وڻي پيا بڪن. اسان ڪنهن جو وات بند ڪري ڪنهن جو ڪري سگهون ٿا. اسان ڪنهن به صورت ۾ امان کي ٻيو ڏاڪو اڪري بابي ڏي وڃڻ کان روڪي نٿا سگهون. جيتوڻيڪ پاڻ نٿا چاهيون ته امان پاڻ کان وڇڙي وڃي. پر اسان ته فقط پنهنجي فرض جي پوئواري ڪري رهيا آهيون.
    جيڪڏهن بابي پٺيان امان به وڃي ٿي ته اسان کي رب جا شڪرانا بجا آڻڻ کپن جنهن ٻنهي کي ٽين منزل تي پهچايو. پٺيان باقي پاڻ ٻه ٻي منزل تي رهجي وينداسين. جيڪڏهن هن جي اڃا حياتي آهي ته به اسان کي رب جا شڪر مڇڻ کپن جنهن اسان کي ساڻس ڪجهه وڌيڪ ڏينهن رهڻ جوموقعو ڏنو.
    پر ان هوندي به تيار ڪري ڇڏڻ ۾ نه فقط پنهنجي پر هن جي به بهتري آهي. پوءِ جلدي لاڏاڻو نه ڪري.
    ٻي جهان ۾ وڃڻ لاءِ گهڻي بحث جي ضرورت ناهي. اجائي دير ڪرڻ غير ضروري آهي. جيئن ئي هن کي سڏ ٿئي ته هوءَ هڪدم هلي وڃي ۽ پوءِ پٺتي رهڻ جي هرگز نه ڪري. سندس غسل ڪفن ۽ دفن جو بندوبست اڳهين تيار آهي ته روح نڪرڻ سان کيس قبر حوالي تکو ڪري سگهجي ٿو. ٻپهريءَ جو وڃڻ تي ٽپهريءَ ڌاري هن جو مهاڏو ملائڪن سان ٿي سگهي ٿو. هڪ دفعو سوال نامون شروع ٿيو ۽ پوءِ جواب ڏنائين ته پوءِ سڌو پنهنجي منزل ڏي رواني ٿي سگهي ٿي.
    مرڻ بعد ڪنهن جو به پوءِ انتظار نه ڪجانءِ. ڳوٺ جي ماڻهن کان علاوه ٻيو ڪير آهي جو هن کي سڃاڻي. پاڻ ته ڪي ٿورائي ماڻهو سڃاڻون. پاڻ ڪنهن کان به مدد نه گهري آهي ۽ نه ڪنهن اسان کي مدد لاءِ سڏيو آهي. ۽ پاڻ ڏئي به ڇا ٿا سگهون- سواءِ دعائن جي.
    ڏٺو وڃي ته اسان وٽ ڪجهه به نه آهي. بهرحال اها ڪا اهڙي ڳالهه ناهي ۽ نه ڪا پاڻ کي ان جي پرواهه آهي ته پاڻ وٽ مرڻ وقت ڪجهه به نه هوندو. پاڻ غريب ماڻهو آهيون. پاڻ ان غربت لاءِ به الله جو شڪر بجا آڻيون ٿا.
    منهنجي ڀيڻ جيڪي ڪجهه ڪرڻو اٿئي اهو ڪري وٺ جيئن هوءَ جيترو جلدي ٿي سگهي پنهنجي نئين سفر ڏي رواني ٿي وڃي.
    قبر ڀلي تيستائين نه کوٽائجانءِ جيسين هو بابا ڏي وڃڻ جو پڪو فيصلو نٿي ڪري. پر ان جاءِ تي قبر جا سندا اڳواٽ هڻائي ڇڏجانءِ. اهو ضرور خيال رکجانءِ ته هن جي قبر بابي جي ڀر ۾ ساگا وڻ جي هيٺان هجڻ کپي.
    جيئن ئي امان آخري پساهه کڻي ته قبر کوٽڻ وارن کي هڪدم اطلاع ڪجانءِ. انهن کي ڇهه فٽ کن اونهي قبر کوٽڻي پوندي. ساگا وڻ جي هيٺان چئن فٽن جي کوٽائي بعد پاڻي نڪري ٿو سو ان جو خيال رکڻ به ضروري آهي.
    جيئن ئي جنازي جي غسل ۽ ڪفن جو ڪم پورو ٿئي ته امام حماد کان جنازي کڻڻ جو وقت پڇجانءِ. امان جو جنازو گهر مان کڻڻ وقت تون به ڪلهو ڏيارجانءِ. در کان ٻاهر نڪرڻ مهل ڏاڪڻين وٽ تمام خبرداريءَ کان ڪم وٺجو. ائين نه ٿئي جو لاش ڪري پوي جيئن ذري گهٽ بابي جي لاش سان ٿيندي ٿيندي بچاءُ ٿي ويو هو.
    مختصر طور هي ته وڏي خبرداري سان لاش کي در کان ٻاهر ڪڍجو. مٿان باتڪ جو ڪپڙووجهي ڇڏجو. جيڪو بابي جي لاش مٿان پڻ وڌو هئوسين.
    ان بعد به رستي تي خيال سان هلجو. اڄڪلهه مينهوڳيءِ جي رُت ڪري جتي ڪٿي گپ ۽ ترڪڻ لڳي پيئي آهي.
    ٽڪريءَ جي موٽ وٽ رستي تي ڪيترائي جهنگلي ڄاها گهمندا رهن ٿا. يا قبرستان واري رستي تي ڪيترن ئي هنڌن تي ڳاڙهيون ماڪوڙيون پڻ آهن. ڪجهه ڇوڪرن کي اڳواٽ ئي انهن کي ڀڄائڻ لاءِ موڪل جانءِ. ڪڏهن ڪڏهن شام جي وقت ان رستي تي وڇون ۽ سؤپيريون به جام هلن ٿيون ٻيلي مان لنگهڻ وقت وڻن ۾ ٺهيل ڏينڀن ۽ چيلاٽن جي ککرن کان به پاڻ کي بچائجو. ڪوشش ڪري رستي جو ڪجهه حصو اڳواٽ صاف ڪرائي ڇڏجو.
    دفن بعد گهر موٽي رات جو قرآن جو ختمو پورو ڪرائجانءِ. ۽ پوءِ لڳاتار ٽن راتين تائين قرآن پڙهائجانءِ. جيئن بابي جي وفات وقت پڙهايو هئوسين.
    پئسا جي کپي وڃن ته گنديءَ وارو ان وڪڻي خرچ هلائجانءِ. امڙ جو منو ايڪڙ لنگسا ميوي جو باغ ايندڙ سال لاءِ اڳواٽ مقاطي تي ڏيئي ڇڏجانءِ ۽ سندس پاليل ٻئي بدڪون ڪهي مهمانن کي کارائجان. باقي گهر ۾بيٺل مڙيئي ڪڪڙيون وڪڻي ٻيو خرچ هلائجانءِ.
    پئسي جي توکي سخت ضرورت پوندي. قبر تي اچي ست راتيون قرآن پڙهڻ واري کي آخري رات ختمي جي ماني کارائن بعد ڪجهه پئسا ڏجانءِ. چوڏهن ڏينهن بعد هڪ ٻي ماني ڪرڻي پوندئي ۽ سؤ ڏينهن بعد اڃا به هڪ ٻي ماني.
    جيڪي ڪجهه گهر ۾ هجي في الحال گروي رکي به قرض وٺجانءِ. ختمي جي ماني چڱيءِ طرح ڪرڻ کپي پوءِ چاهي ان پٺيان قرضي ٿي وڃون ته به مڙيئي خير آهي. پئسي ڏوڪڙ جو حساب ڪتاب جيئن تقدير ۾ هوندو تيئن ٿيندو. ماڻهو چاهي اهو چون ته اسان پاڻ کٽائي رهيا آهيون ته به ان جي پرواهه نه ڪجانءِ. باقي امان جي دفن ڪفن جو ڪم سو پرسڪون نموني سان ٿيڻ کپي.
    آخرڪار ماڻهن کي اسان بابت خبر ئي ڇا آهي. منهنجي ڀيڻ-؟
    امڙ جو آخر تائين چڱي طرح خيال رکجانءِ. پاڻ غريب ضرور آهيون، پر سڪون ۽ رب جي رضا ۾ راضي رهڻ وارا آهيون. ان لاءِ پاڻ کي پروردگار جو ٿورائتو ٿيڻ کپي جنهن پاڻ کي ايامن کان غربت ۾ رکيو آهي.
    اهو هن جو اسان کي سکيو رکڻ جو طريقو آهي.

    شاهنان احمد (Shahnon Ahmad)
    هن ملئي افساني- ٽيون ڏاڪو، جو ليکڪ شاهنان احمد 1933ع ۾ ڪيداح رياست (ملائيشيا) ۾ ڄائو. اڄڪلهه هو يونيورسٽي سائنس ملائيشيا جي اسڪول ۾ Humanities ڊپارٽمينٽ جو ڊين آهي. Rentong (ڦهير جي نوڙي)، Jalan Rangiau Sepanjang (فصل نه پر ڪنڊا) ۽ Srengenge سندس اهم ملئي ناول آهن. 1973ع ۽ 1975ع ۾ کيس ’تن- عبدالرزاق‘ ادبي انعام پڻ ملي چڪوآهي. 


    قوناط جي خوشين ڀري مختصر زندگي

    قوناط-عمر 26 سال، قوميت انڊونيشي، پگهار 352 رپيا ماهوار (ان حق حلال جي ڪمائيءَ کان سواءِ مٿان هڪ ٽڪو نه نه)، شادي شده، ٻن ٻارن جو پيءُ (ٽيون رستي تي)، ٻين جونيئر گريڊ سول آفيسرن سان گڏ، ٽرڪ ۾ چڙهيو جيڪا کين ڊپارٽمينٽ طرفان مهيا ڪئي ويئي هئي. اها ٽرڪ ۽ ان جهڙيون ٻيو به ڪيتريون ئي سرڪاري آفيسرن، ڪلارڪ، پٽيوالن سان ڀريل ٽرڪون بنتنگ ميدان ڏي روانيون ٿي رهيون هيون جتي کيس مغربي نيوگنيءَ جي آزادي لاءِ جلوس ڪڍڻو هو. وارا وارا ڏيئي هن نيوگنيءَ جي آزاديءَ جو ترانو وڏي واڪي ڳايو ٿي.
    هر دفعي جڏهن هن ”ٿي چڪو آهي لبريز منهنجي صبر جو پئمانو.....“ ترانو ڳايو ٿي ته هن کي لڳو ٿي ته هاڻ واقعي سندس صبر جو پيمانو اٿلڻ واروآهي. هن کي فقط ان ڳالهه جوانتظار هو ته ڪو هن کي حڪم ڏئي ته هو نيوگني جي ڪناري تي ڌوڪي ظالم ۽ ذليل يورپين لوڌي ڪڍي.
    تصور ئي تصور ۾ هوسائي رنگ جي فوجي وردي، لوهي ٽوپي، ڳچيءَ ۾ ڳاڙهي رومال، ساڄي هٿ ۾ رائفل جنهن ۾ اڳيان ڇرو لڳل هو، سان گڏڪنارو پار ڪندڙ ٻيڙيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏسي رهيو هو جنهن مان لهي ڌارين تي حملو ڪري هن آزادي وٺڻ ٿي.... ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي اهو ڏيک چنجهو ۽ ڌنڌلو ٿي ويو. ان قسم جا ڪيترائي تصور ۽ نظارا هڪ ٻئي پويان سندس من ۾ اچي سندس اندر جي ولوڙ کي وڌيڪ گرمائڻ لڳا پوءِ هو ٽپ ڏيئي ڪناري تي لٿو جتي بمن ۽ بارودن جا ٺڪاءُ ٿي رهيا هئا. فضا ۾ دارونءَ ڦٽاڪن جي ڌپ هئي. ان ماحول ۾ هن کي لڳو ته هو دشمنن جي صفن ڏي ڌوڪيندو وڃي. لڳاتار حملي بعد نيٺ سندس سوڀ ٿي ۽ پوءِ ڪاميابيءَ جو تصور سامهون آيس. ڳوٺ پهچڻ تي ماڻهن جو ساڻس هيرو وارو برتاءُ ۽ پوءِ ملڪ جو صدر صاحب جو کيس دليريءَ سان مقابلو ڪرڻ ۽ فتحيابيءَ جي بدلي ۾ سونو ٻلو هڻڻ. سندس زال، ٽيناح، جو هن ڏي خوشي ۽ ساراهيندڙ نگاهن سان ڏسڻ. سندس ٻارن جو هن جي ٽنگن کي ڀاڪر پائڻ.... پوءِ عهدي جي ترقي- پروموشن: هاڻ هن کي قاصد ٿي ڪم ڪرڻو نه پوندو. هاڻ هو ڪلارڪ ٿي آفيس جي ٿڌي ڇانوَ ۾ئي ڪم ڪندو.... گهر جي خرچ پوري ڪرڻ لاءِ هاڻ کيس رات جو رڪشا هلائڻي نه پوندي.....
    قوناط کي شام جو ڇهين کان آڌي رات تائين رڪشا هلائڻي پوندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته صبح جا ٻه ٿي ويندا هئا. ”رڪشا ان ڪري هلايان ٿو،“ قوناط جي پنهنجي زال کي سمجهائيندي چيو هو، ”جيئن پاڻ حق حلال جي ڪمائي سان گهر جي خرچ جو پورائو ڪري سگهون، نه ته منهنجي سرڪاري نوڪريءَ جوپگهار ته ايترو گهٽ آهي جو اهو سمورو فقط کاڌي پٺيان خرچ ٿي وڃي. رڪشا هلائڻ مان جيڪي روزانو ويهه رپيا ڪمايان ٿو ان مان جيتوڻيڪ ساڳي غربت جي زندگي گذري ٿي پر ڪنهن جي اڳيان هٿ ته ٽنگڻو نٿو پوي.“
    ٽن سالن کان هن ڏينهن رات پورهيوڪيو هو. هاڻ هو بنهه ڏٻرو ۽ عمرکان وڏو لڳي رهيو هو. رڪشا ڇڪي ڇڪي سندن ٽنگون چٻيون ٿي ويون هيون. اوجاڳن ۽ اڻپوري خوراڪ ڪري سندس اکيون ڳاڙهيون ۽ ڏار ڏيئي ويون هيون. ڪنهن کي به ايتري فرصت نه هئي ۽ نه دل ۾ آيو ٿي ته کڻي هن غريب کان پڇي ته تون ايڏو پورهيو ڇو ٿوڪرين. يا جي بيمار ٿي کٽ تي ويهي رهئين ته اڳتي جو ڇا ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڪو کانئس پڇي به ها ته هن جو اهوئي جواب هجي ها: ”آئون چڱي طرح ڄاڻان ٿو ته زندگي تمام مختصر آهي ۽ جيڪي ڪجهه منهنجي قسمت ۾ آهي اهو ٿي رهندو. ”هن هر شيءِ نصيب طرفان سمجهي ٿي. هن جي ڀاڳ ۾ زندگي ائين هئي جيئن گذري پئي. ان لاءِ هن ڪنهن به ٻئي کي ذميوار ۽ ڏوهاري تصور نٿي ڪيو. ۽ اها هڪ حقيقت هئي ته سندس جنجال واري جياپي لاءِ هن ڪنهن کي به ذميوار يا ڏوهاري نٿي سمجهيو،. نه حڪومت کي، نه اڳواڻن کي، نه ويندي پنهنجي اپائڻهار کي، هو طبيعت ۾ئي رضا تي راضي رهڻ وارو ۽ چئيوان هو. هن باقاعدگي سان نماز پڙهي ٿي ۽ روزا رکيا ٿي. هن پنهنجي قوم جي اڳواڻن تي پورو يقين ۽ ڀروسو رکيو ٿي ۽ جيڪي ڪجهه انهن چيو ٿي ان کي هميشه سچ سمجهيو ٿي. ان بابت هن بحث ڪرڻ جي گنجائش نٿي سمجهي. ڪنهن کي ڪنهن اڳواڻ ليڊر جي چال چلن تي رد ڪد ڏيندي ٻڌندو هو ته ان کي به سمجهائيندو هو ته ائين ڪرڻ نه کپي. آخر هو اسان جا اڳواڻ آهن. ليڊر آهن، کين اسان کان وڌيڪ ڄاڻ آهي. جيڪڏهن هو اسان کان وڌيڪ سياڻا نه هجن ها ته ڪڏهن به ليڊر نه ٿي سگهن ٿا.
    ”ڇا هو جيڪڏهن ڇسا بيوقفون هجن ها ته ڪو پنهنجا اڳواڻ ٿي سگهن ها؟ جيڪي ڪجهه هو چون ٿا اهو ٻڌي اسان کي هنن جي ڳالهه مڃڻ کپي. ڇو جو اسان بابت ۽ ملڪ جي بهتريءَ بابت هو وڌيڪ ڄاڻن ٿا.“
    قوناط اونهاري جي نٽهه اُس ۾ ٻين هزارين ماڻهن سان گڏ جلوس ۾ بيهي پنهنجن اڳواڻن جو انتظار ڪندو رهيو جيڪي وڏين وڏين مهنگين ۽ اوچين گاڏين ۾ اچڻ وارا هئا. هن کي ذرو به ائين نه لڳو ته اهو نسورو ئي بيوقوفي جو ڪم آهي. اُس ۾ اڃايل بکايل بيهي پنهنجن ليڊرن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ جو ٻيو ڪو مقصد نه هو. هنن کي رڳو اچي تقريرون ڪري عوام کي جوش ڏيارڻ هو. ان طرح اهو ڪجهه ٿيڻو هو ۽ ائين ئي ڪجهه ٿي رهيو هو. پنهنجن ليڊرن کي وڏين ڪارين مان رعب سان لهندو ڏسي، هڪ وار هي وري بيحد گهڻو متاثر ٿيو.
    ۽ پوءِ جڏهن ڀڙڪندڙ تقريرون شروع ٿيون ته قوناط کان تپندڙ سج جي گرمي به وسري ويئي، بک ۾ پاهه ٿيندڙ پيٽ به وسري ويو.، رڪشا به وسري ويئي... جيئن ئي ديوتا نما ليڊر ڪو نعرو هنيو ٿي ته ان جي ورندي ۽ پوئواري ۾ قوناط وات ڦاڙي جواب ڏنو ٿي. هن جو صدارتي پڌرنامي ۾ پوروپورو يقين هو. هن کي سڪارنو جي 1959ع واري سياسي منشور، محدود جمهوريت، انڊونيشي اسٽائيل سوشلزم، ورهايل ۽ ورڇيل معيشت ۽ قومي ڪردار تي وڏو ڀروسو هو. هن نيوگنيءَ جي آزاديءَ لاءِ هڙون وڙون سڀ ڪجهه ڏيڻ چاهيو ٿي. هن کي انهن شين مان ڪنهن تي ذرو برابر به شڪ نه هو. ان انقلاب بابت ڪوبه جلسو جلوس هن نه ڇڏيو هو. ڪٿي به ڪنهن جلسي يا ليڊر جي تقرير جو ٻڌندو هو ته پنهنجي کيسي مان به خرچ ڪري اتي پهچي ويندو هو. پنهنجن دوستن عزيزن کي هميشه اهو ٻڌائيندي فخر محسوس ڪندو هو ته هن قومي انقلاب جي ڪنهن به جلسي جلوس مان گسايو ناهي. انقلاب هن لاءِ سڀ ڪجهه هو.
    ايتريقدر جو دل ئي دل ۾ هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ماءُ پيءُ تي به ناراض ٿي پوندو هو ته انڊونيشيا جي آزاديءَ واري انقلاب وقت هي فقط يارهن سالن جو ڇو هو. هن جي اها خواهش هئي ته جيڪر هو يارهن سال اڃا به اڳواٽ ڄمي ها ته سڪارنو جي انقلاب۾ هو اهڙي ئي زور شور سان حصو وٺي سگهي ها، پر خير هي ان ۾ به خوش هو ته هو نيوگني جي آزاديءَ واري انقلاب ۾ حصو وٺي رهيو آهي جيڪي پڻ سندس ملڪ جو هڪ ڇنل حصو آهي.
    هن پنهنجي سڄي زندگي انقلاب لاءِ ئي وقف سمجهي ٿي. انقلاب، جنهن ۾ قربان ٿيڻ هن لاءِ خوشي جي ڳالهه هئي. انقلاب جنهن ۾ هن جو سينو هميشه سپر رهيو ٿي.
    ان ڏينهن جون تقريرون پڻ هميشه وانگر بيحد ڪڙڪيدار ۽ شاندار گذريون. آفيس ۽ پوءِ گهر موٽڻ تائين به انهن تقريرن جو پيدا ٿيل جوش ۽ ولولو سندس من تن کي گرمائي رهيو هو. ان ڏينهن مانيءَ ڀور کائي پاڻيءَ جو گلاس پيئڻ بعد هن کي اوچتو ڪمزوري محسوس ٿي. ويٺي ويٺي چڪر اچڻ لڳس ۽ مٿي ۾ سور ٿي پيس. هن پنهنجي زال کي مٿي، پٺيءَ ۽ ٽنگن کي زور ڏيڻ لاءِ چيو:
    ”هڪ وزير تمام سٺي تقرير ڪئي.“ هن پنهنجي زال کي چيو، ”جيڪڏهن هرماڻهو ان وزير جيان سچار ۽ نيڪ ٿي ڪم ڪري ها ته اسان کي نيوگني ڪڏهوڪو ملي وڃي ها.“
    ڇهين بجي ڌاري سندس دوست ڏينهن واري شفٽ پوري ڪري رڪشا آڻي کيس ڏني. قوناط وهنجي سانجهي نماز پڙهي ۽ پوءِ سائيڪل جي سڪل چمڙيءَ واري گاديليءَ تي ويهي، پئڊل هڻي هاءِ وي ڏي رُخ رکيو.
    قوناط جي بدبختي ساڍي يارهين بجي آئي. سائيڪل هلائيندي هلائيندي هن جي مٿي جو سور وري موٽي آيو. طبيعت ۾ ناچاقي ۽ سستي وڌي ويس هن گهر موٽڻ جو فيصلو ڪيو. ان وقت تائين هن اڃا فقط 15 روپيا ڪمايا هئا. يعني رڪشا جي ان رات واري مسواڙ ڏيڻ لاءِ اڃا به هن کي ڪجهه رپيا ڪڍڻا هئا.
    اوچتوهڪ تيز رفتار ڪر ٻين ڪارن ۾وچڙندي اچي هن جي رڪشا سان لڳي. رڪشا پرزا پرزا ٿي ويئي ۽ پاڻ اڇلجي وڃي پري پيو. ٻين هنڌن کان علاوه ڪلهي وٽ تمام زورائتو ڌڪ لڳس. انهيءَ دوران ڊرائيور ڪار جي رفتار تکي ڪري پاسي واري گهٽيءَ مان غائب ٿي ويو.
    ماڻهن جا انبار رڙيون ڪندا هن ڏي وڌيا.
    ”ڇا ته حرامي چئبو. ٽڪر هڻي ڀڄي ويو.“
    ”جهٽ پوليس کي گهرايو.“
    ”هن کي اتي ان ئي حالت ۾ڇڏيو ته پوليس به اچي ڏسي.“
    “ڪار وارو هن غريب جي ڇا ته حالت ڪري ويو آهي. ڪيڏو ته رت وهيس پيو.“
    ”نه. نه. اتان هرگز نه ريڙهيوس.“
    ”جيڪڏهن حرامي مون کي ملي وڃي ته خون ڪري رکانئس.“
    ”پاڻ کي الائي ڇا ٿي سمجهيائين. ڪار جو مالڪ هجڻ ڪري اسان سڀني جو ته مالڪ نه ٿي پيو.“
    ”هنن ڪارن وارن اڳيان اسان پيدل هلڻ وارا ڇا رول ڪتا آهيون جن کي جڏهن وڻين ڦٽيندا رهن؟“
    ”ڪار جو نمبر ڪنهن درج ڪيو؟“
    ”اوندهه ۾ ڏسڻ ۾ ڪٿي ٿي آيو ۽ ٻيو ته ڌڪ هڻڻ بعد هو هڪ ساعت به نه ترسيو.“
    ”ائين جي ڪم هليو پوءِ هڪ ٻئي انقلاب جي به ضرورت پوندي.“
    ماڻهن جي ميڙ تي رستو روڪ ٿي ويو ۽ بي صبر ڊرائيور هارن مٿان هارن ڏيئي لنگهڻ لڳا ۽ پوءِ نيٺ پوليس به پهتي. ائمبولينس گاڏيءَ جو لڳاتار هارن به ٻڌڻ ۾ آيو. قوناط کي اسپتال منجهه پهچايو ويو. تيستائين ڪنهن قوناط جي گهر به وڃي اطلاع ڪيو. ڪيترا ڪلاڪ گذرڻ بعد ڊاڪٽر پهتو. گهڻي رت وهڻ ڪري ڊاڪٽر قوناط کي رت ڏيڻ چاهيو. پر رت ڪٿان اچي. هن جي زال ڪٿي آهي؟ انجي رت جي تپاس بعد خبر پئي ته هن جي رت ۾ اهو ست ناهي جو ڪنهن مريض کي ڏنو وڃي. مائٽي مٽيءَ مان ڪو ٻيو ماڻهو؟ هائو. قوناط جي اٽڪل پنجن دوستن پنهنجي رت جي آڇ ڪئي پر پنجئي ڄڻا انيمڪ ثابت ٿيا- گهٽ کاڌي ۽ اڻ پوري صحت ڪري سندن رت ۾ پڻ اها طاقت نه هئي. قوناط جي ڪجهه ٻين پاڙي وارن ۽ ڄاڻن سڃاڻن به پنهنجي رت جي آڇ ڪئي پر سندن رت جي نموني مان ظاهر ٿيو ته هنن کي پڻ ڪا نه ڪا بيماري لڳل آهي جنهن ڪري سندن رت ڪارائتو ناهي.
    هاڻ رت اچي ته اچي ڪٿان؟ هن جي زال يا ويجهن دوستن عزيزن جو رت ته ڪم اچي نٿي سگهيو. ريڊ ڪراس جي بلڊ بئنڪ ۾ رت جا ذخيرا آهن. پر ان مان ورتل رت ته ان ئي وقت موٽائي ڏيڻو پوي ٿو. ان لاءِ صحتمند ماڻهو ڪٿان اچي جيڪو قوناط لاءِ کنيل رت ڀري ڏئي.
    پر قوناط خوشنصيب نڪتو. بلڊ بئنڪ جي ئي هڪ ملازم قوناط ڪارڻ پنهنجي رت جي آڇ ڪئي. هڪ نرس هن جو رت هڪدم ورتو ۽ انهيءَ پيرين سڌي مريض ڏي ڀڳي.
    قوناط جي زال ٽيناح الله ۾ آسرو ۽ اميد رکي ٻاهر انتظار ڪندي رهي. ڪجهه دير بعد ڊاڪٽر ٽيناح کي گهر وڃڻ لاءِ چيو. الله گهريو، ته هي ضرور بچي ويندو. صبحجو اچي پنهنجي مڙس کي ڏسي سگهين ٿي. ٽيناح خوش ٿي گهر هلي ويئي.
    ٻئي ڏينهن کيس اطلاع ڪيو ويو ته سندس مڙس هوش ۾ اچڻ کان اڳ گذاري ويو. هوءَ هن جولاش اچي کڻي وڃي ۽ موت جو سرٽيفڪيٽ اسپتال جي معلومات واري دخل تان ڪلارڪ کان گهري سگهي ٿي. اهو ٻڌي ٽيناح جون وايون بتال ٿي ويون. هوءَ پار ڪڍي روئڻ لڳي ۽ روئندي روئندي بيهوش ٿي ويئي.
    ڊاڪٽر ۽ بلڊ بئنڪ جي ملازم جي وچ ۾ هلندڙ تلخ بحث نه ٽيناج ٻڌي سگهي نه سندس مري ويل مڙس. هڪ غريب ملازم، جنهن جيڪو رت قوناط کي ڏنو اهو هڪ اهم شخصيت کي ڏنو ويو جنهن جو پڻ ان ئي وقت حادثو ٿيو هو جنهن وقت قوناط جو ٿيو هو. تيز رفتار سان ڪار هلائڻ ڪري کيس اهو حادثو پيش آيو هو. هن کي به رت جي شديد ضرورت هئي ۽ اتفاق سان سندس ۽ قوناط جي رت جو ساڳيو گروپ هو.
    ”ڇو-؟“ بلڊ بئنڪ جي ملازم ڪاوڙ مان ڊاڪٽر کان پڇيو، ”مون ته رت غريب رڪشا واري جي بچڻ لاءِ ڏنو هو. اهو ڏسي ته هن ويچاري وٽ نه پئسا هئا ۽ نه وري ڪنهن ٻئي رت ڏيڻ چاهيو ٿي.“
    ”چڱو چڱو. ٿڌو ٿي.“ ڊاڪٽر هن کي سرچائيندي چيو.، ”ملڪ لاءِ ڪابينا جو وزير هڪ رڪشا ڊرائيور کان هزار درجا وڌيڪ فائديمند آهي. توکي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي يا نه؟“
    ملازم، ڊاڪٽرجي اها ڳالهه ٻڌڻ بعد سخت ناراض رهيو. ان وقت جي قوناط جيئرو هجي ها ۽ اها ڳالهه ٻڌي ها ته ضرورمرڪي ڏيئي ها ويچارو آخر ۾ به ان انقلاب ۽ سياسي ليڊرن تان قربان ٿي ويو. هن پنهنجي زندگي ان ڪري گهوري ڇڏي جيئن ملڪ جي ليڊرن مان هڪ- جنهن کي گهڻي جلدي هئي، تڪڙو تڪڙو انقلاب آڻي ملڪ کي آزادي ڏيئي سگهي.
    آزادي! مرديڪا!

    مختيار لوبيس (Mochtar Lubis)
     هن انڊونيشي افساني جو ليکڪ مختيار لوبيس (Mochtar Lubis) 1992ع ۾ سماترا ٻيٽ جي پاڊانگ ڳوٺ ۾ ڄائو. انڊونيشيا جي مشهور اخبار ”انڊونيشيا- رايا“ جو گهڻي عرصي کان ايڊيٽر ۽ جرنلسٽ آهي. پاڻ ناول نگار ۽ افسانه نويس پڻ آهي. سڪارنو حڪومت ۾ نظربندي وارن ڏينهن ۾ سندس لکيل سياسي ڪتاب Senja Di Jakarta_جڪارتا ۾ پره ڦٽي) تمام گهڻو مشهور ٿيو. سندس افسانن جاٻه مجموعا:Si- jamal 1950ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو Premopuan (عورت) 1956ع ۾ ڇپيو.
    هتي ڏنل هي افسانو پهرين دفعو 1966ع ۾ هڪ ادبي رسالي ۾ ڇپيو.
    (مرديڪا Merdeka ملئي ۽ انڊونيشي زبانن جو لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي ’آزادي‘)


    سفيد گلاب

    ڪارنٽي ڇرڪ ڀري ننڊ مان سجاڳ ٿي ۽ گهڙيال ۾ وقت ڏسڻ لاءِ اٿي ويٺي. ان وقت ساڍا پنج ٿيا هئا.
    ان بعد هوءَ وري ليٽي پيئي ۽ پاسو ورائي اکيون بند ڪري ڇڏيون. پر ننڊ نه آيس. هر هر سندس دل تي اهو پئي هريو ته اڄ سيپٽمبر مهيني جي پنجويهين تاريخ آهي.
    سيپٽمبر جي پنجويهين تاريخ سندس ڄمڻ جو ڏينهن هو. اڄ هن جو ’برٿ ڊي‘ هو. ان حساب سان اڄ هوءَ پورن پنجويهن سالن جي ٿي هئي. هن جا خيال آهستي آهستي ٿي ان انگ جي چوڌاري ڦرڻ لڳا.
    چئبو ته اڄ پنجويهن سالن جي ٿي ويس. ۽ هاڻ ڄاڻ ته ستاويهن جي به ٿيس. ان بعد اٺاوهين جي ۽ پوءِ ٽيهن جي.
    هن پنهنجي دماغ مان اهي خيال لوڌي، ننڊ کي آڻڻ جي هڪ واري وري ڪوشش ڪئي. ڪجهه دير کان اڳ لڳي به ويس. پر گهڻي وقت لاءِ نه، ساڳيا خيال کيس وري وري ستائڻ لڳا. چئبو ته پنجويهن سالن جي پوڙهي ٿي ويس.
    ڪجهه دير هنڌ تي پاسا ورائڻ بعد، ننڊ تان آسرو پلي. ڪارنٽي پنهنجا ٻئي هٿ مٿي هيٺان رکي ڇت ڏي گهورڻ لڳي.
    هڪ پوڙهي عورت، پنجويهه سالن جي!
    اها ڳالهه سوچي هن کي ويتر گهڻو مونجهه ٿيو ته هاڻ وڌيڪ پوڙهي ٿيڻ ۾ ڪا گهڻي دير ناهي. فقط پنجن سالن بعد هوءَ ٽيهن جي به ٿي ويندي. پنج سال ته ڪو وڏو عرصو آهي ڪونه. گذريل ٽي سال به ته خواب وانگر گذري ويا. ٽي سال اڳ هوءَ اڃا شاگرد هئي، نوجوان هئي، پنهنجن والدين تي ڀاڙڻ واري هڪ ٻار هئي.
    ٽن سالن اندر هن منجهه ڪيڏي ته تبديلي اچي چڪي آهي.والدين بنا هاڻ هن کي سڀ ڪجهه پاڻهي ڪرڻو پوي ٿو. اڪيلي سر پنهنجن پيرن تي بيهڻو پوي ٿو. جيتوڻيڪ سندس ماءٌ ڪڏهن ڪڏهن هن وٽ اچي رهي ٿي. پر ڪڏهن به ٻن يا چئن هفتن کان مٿي نه رهي. ڇو جو هن جي پيءَ جي سار سنڀال لاءِ هر وقت ماڻهوءَ جي ضرورت هئي. ان ڪري کيس گهڻي وقت لاءِ اڪيلو ڇڏي نٿي سگهي. آخري دفعو ماڻس جڏهن هن وٽ آئي هئي ته ان کي ڪيترو عرصو ٿيندو؟
    اها ڳالهه ناهي ته هن کي ڳالهائڻ ٻولهائڻ يا ملڻ جلڻ لاءِ ڪو ماڻهو ناهي. هاڻ پاڻ هن تي ٻين ڀاڙيو ٿي. اهي هئا هن جي اسڪوول جا ٻار، شروع شروع ۾ هن کي انهن سان ويجهو ٿيندي بنهه مزو نٿي آيو. ماءُ پيءُ ۽ ان پراڻي ساڳي ماحول بنا هن اڪيلائي محسوس ڪئي ٿي. هر هڪ ماڻهوءَ ۽ هر هڪ شيءِ هن کي اوپري اوپري لڳي ٿي. هن کي اهو لڳو ٿي ته آيا اسڪول جا ٻار هن کي پسند ڪندا يا نه. ۽ آيا هن کي کين پڙهائڻ ۾ خوشي ٿيندي يا نه.
    هو ماحول جي پيدا ٿيل خلا کي دور ڪرڻ لاءِ گهڻي کان گهڻو وقت اسڪول جي ٻارن سان گذارڻ لڳي. آهستي آهستي هو به هن سان هري مري ويا.
    گهڻو ڪري ڏهاڙي، ڪانه ڪا ڇوڪري کيس پنهنجي گهر اچڻ لاءِ چوندي هئي. پر شروع ۾ هوءَ ڪنهن جي به گهر نه ويئي. هڪ ڏينهن اتفاق سان هڪ ڇوڪري بيمار ٿي پيئي ان کي پڇڻ لاءِ هن کي پهريون دفعو ڪنهن ڌارئين جي گهر وڃڻو پيو. اها ڇوڪري فقط ڇهن سالن جو ٻار هئي. سندس ماءُ پيءَ به تمام ننڍي عمر جا هئا. پيءَ (جيڪو هاڻ ٽيهن ورهين جو ٿيو هوندو) هڪ ڊپارٽمينٽ ۾ سؤ رپيا ماهوار پگهار تي ڪلارڪ طور ڪم ڪيو ٿي. ڪارٽنيءَ هن بابت دل ئي دل ۾ ڪيترا ڀيرا سوچيو ته چاليهه پنجيتاليهه ورهين جي ڄمار تي پهچي هو ان گهٽ پگهار مان ڪيئن پورت ڪري سگهندو.جڏهن ته ان وقت تائين ته کيس ڇهن کان به مٿي ٻار ٿي ويندا.
    ڪارنٽي هاڻ هر روز ڪنهن نه ڪنهن سان ملڻ لاءِ نڪرندي هئي ڪنهن جي به گهر هوءَ هٿين خالي نه ويندي هئي. ڪڏهن هوءَ بيضا وٺي ويندي هئي ته ڪڏهن کير يا ڪا ٻي شيءِ.
    ٻار ۽ سندس مائٽ هن جي اچڻ تي ڏاڍو خوش ٿيندا هئا. پهرين دفعي جڏهن هوءَ ڪنهن جي گهر وڃڻ لاءِ تيار ٿي ته هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته آيا هن جو وڃڻ عجيب يا خراب ته نه لڳندو. ڪا دير هوء پنهنجو پاڻ سان بحث ڪندي رهي ته هن کي وڃڻ کپي يا نه. رحمدل هجڻ ڪري. هن وڃڻ چاهيو ٿي پر ساڳي وقت لڄاري هجڻ ڪري وڃڻ کان ڪيٻائين ٿي. ان کانپوءِ ٻئي دفعي ساڳي گهر ويندي فقط ٿوري هٻڪ ٿي هيس ۽ پوءِ ته بلڪل ئي نه.
    ٻار چڱو ٿي وڃڻ بعد به ڪارنٽي ۽ ٻار جي ماءُ پيءُ جي کيڪار کڙي جاري رهي. جيڪا ڳالهه کيس پسند آئي. ٽريننگ ڪاليج ۾ تعليم دوران کيس اهو پڙهايوويو هو ته اسڪول ۽ والدين جي پاڻ ۾ ڏيٺ ويٺ هجڻ ضروري آهي.
    ڇا هن کي ٻين ٻارن جي گهر ۾ ائين وڃڻ کپي-؟ هن اسڪول، پنهنجي پاڻ ۽ والدين جي وچ ۾ تعلق رکڻ لاءِ مختلف نمونن بابت سوچيو. بهترين طريقو اهو آهي ته ٻار جي گهر وڃي هن جي مائٽن سان ملڻ کپي. اهڙيءَ طرح سان استاد اهو معلوم ڪري سگهن ٿا ته ٻاهر ڪهڙي قسم جي گهرو ماحول ۾ رهي ٿو ۽ هو اهو معلوم ڪري سگهي ٿو ته ٻار کي ذهني ۽ جسماني طرح وڌڻ ويجهڻ ۾ اسڪول ڪهڙي مدد ڪري سگهي ٿو.
    هن ان بابت پنهنجي هيڊ ماستر سان ذڪر ڪيو. هيڊ ماستر شادي شده ۽ ٻارن ٻچن وارو هو. ”ها، ائين ڀلي ڪر.“ هن سندس همت افزائي ڪئي. هو پاڻ ته ڪنهن جي گهر وڃي نٿي سگهيو. اسڪول بعد سندس گهر ۾ئي ڪيترا ننڍا ننڍا ڪم نڪري پيا ٿي. هڪ ٻئي ماستر مرڪي ڪارنٽيءَ کي چيو:
    ”نون آيل مڙيئي ماستر ۽ ماسترياڻيون هڪجهڙا آهن. هو اچڻ سان اهو ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا جيڪو کين ٽريننگ ڪاليج ۾ ٻڌايو وڃي ٿو. پوءِ ڪجهه وقت گذرڻ بعد کين سمجهه ۾ اچيو وڃي ته هر اها شيءِ جيڪا ٽريننگ ۾سيکاري وڃي اها ڪرڻ ضروري ناهي.“
    ٻئي جي گهر وڃڻ مان ڪيترو فائدو آهي؟ هڪ جوان عورت جو ائين ٻئي جي گهر ۾ نڪري پوڻ ڪيتري قدر سٺو آهي؟
    هوءَ هنن کي صلاح صُلي فقط تڏهن ڏيندي جڏهن کانئس پڇيو ويندو. هڪ تازي گريجوئيٽ ٿي آيل ماسترياڻيءَ جو ٻارن بابت انهن جي مائٽن کي سمجهائڻ- جيڪي عمر ۾ کانئس گهڻو گهڻو وڏا آهن؟
    ۽ .... هن اهو به تصور ڪيو ته ٻين جي گهرن ۾ ائين ئي گهڙي وڃي خبرون چارون شروع ڪرڻ هن لاءِ ڪيترو ته عجيب آهي. ماڻهو هن بابت الائي ڇا سوچين؟ ڪٿي اهو ته نه چوندا ته هوءَ سندس گهرو ڳالهين ۾ داخل اندازي ٿي ڪري.
    ڪيترا ڏينهن هوءَ تصور ئي تصور ۾ سوچيندي رهي ته مختلف گهرن ۾وڃي هن کي ڪهڙيون ڳالهيون ڪرڻ کپن.
    فرض جي پوئواريءَ جو خيال ۽ صحيح ڪم ڪرڻ جي خواهش، زندگيءَ جي هلچل ۾ حصو وٺڻ جي آنڌ مانڌ- انهن مڙني ڳالهين جو خيال هڪ طرف ۽ ٻي طرف اها ڳالهه ته ڌارين ماڻهن جي وچ ۾ ڪيئن وڃي وهجي ۽ ٿي سگهي ٿو هن تان کل ٿئي- جي سوچ جو ٽڪر سندس من ۾ هلندو رهيو. سندس مايوسي، فيصلي جي ڪچائي، ۽ اجايو ڊپ هڪ طرف هو ته ٻئي طرف سندس دل ۾ اها سڌ هئي ته ڪا ڪم جي ڳالهه ضرور ڪجي. ڪنهن جي خدمت ڪرڻ، مدد ڪرڻ، ٻين جي اهنجن ايذائن کي ٻڌڻ ۽ انهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ. هن نيٺ هڪ گهر کان ٻئي گهر تائين وڃڻ شروع ڪيو ۽ گهر جا ڀاتي ساڻس ملي خوش ٿيندا هئا.
    گذريل ڏينهن جو سوچي، ڪارنٽيءَ کي پنهنجي شروعاتي شرم ۽ ڊپ تي تعجب لڳو. هاڻ ماڻهن سان ملڻ هن لاءِ سولو ڪم هو. ڪيترن ٻارن جون مائرون اڪثر هن جي گهر هن سان ملڻ پڻ اينديون هيون. هن کي هاڻ سمجهه ۾ اچي ويو هو ته ڌارين سان ڇا ڳالهائجي، ڇا نه ڳالهائجي. ڪهڙي ڳالهه جي جواب ۾ خاموش رهجي. ڪهڙي ڳالهه جي جواب ۾ فقط مرڪجي. هاڻ هوءَ آهستي آهستي ذهني طرح پڻ بالغ ٿي پيئي هئي. مکڙيءَ مان هو هڪ کڙندڙ گل ٿي پيئي هئي. هن جي اندر جي اونهائيءَ تائين، روشني پيدا ٿي پيئي هئي ۽ هن اندر ئي اندر خوشيءَ جي لهر محسوس ڪئي. شايد اهو قلبي سڪون ۾ خوشي جيڪو بهار جي موسم ۾ يورپ ۾ ايندو آهي، يا چيري گل کڙڻ جي موسم ۾ جپان ۾ ايندو آهي.
    هڪ سال اڳ، هيڊ ماستر استعيفى ڏني. سندس خالي ٿيل جاءِ تي ڪارنٽي هيڊ ماستر ٿي. يعني هاڻ پاڻ ئي اسڪول جي وڏي ٿي- سوين ڇوڪرين جي جوابداري کڻندڙ، جيڪي ڇوڪريون اڳتي هلي مائرون ٿينديون جن کي هڪ ڏينهن پنهنجن ٻارن جي سنڀال جو پڻ فڪر ٿيندو. هن کي اهو سوچي خوشي ٿي ٿي ته هن کي انهن ڪيترن ئي جيئرن جاڳندڙن انسانن جي سنڀال جو موقعو نصيب ٿيو آهي. جڏهن به ڪا ڇوڪري سندس گهر گهمڻ لاءِ ايندي هئي ته هوءَ کيس دل کولي سمجهاڻيون ۽ نصيحتون ڏيندي هئي جيئن هوءَ هڪ بهتر عورت ثابت ٿي معاشري جي خدمت ڪري سگهي.
    ڪڏهن ڪڏهن هوءَ اهو ٻڌي غمگين به ٿي ويندي هئي جڏهن ڪا ڇوڪري کيس اهو اچي اطلاع ڪندي هئي ته هن جي شادي ٿيڻ ڪري هوءَ اسڪول ڇڏي رهي آهي. ڪارنٽي اهوسوچي ڏينهن جا ڏينهن بي چين ۽ ڏکويل محسوس ڪندي هئي ته هڪ ڇوڪري جيڪا هرو قت سندس ويجهو رهي سا هاڻ کانئس وڇڙيوپئي وڃي. جيتوڻيڪ هينئر وقت اچي چڪو هو جو ٻين کان اڳ سندس شادي ٿي وڃڻ کتي ٿي. پوءِ آهستي آهستي هن سکي ورتو ته معاشري جون اهي ڳالهون جن کي هوءَ بدلائي نٿي سگهي تن سان کيس سمجهوتو ڪرڻ کپي.
    هوءَ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ حساس ۽ حقيقت پسند ٿي پيئي. عورت جي ڪلب ۾ ٽي سال رهڻ بعد هن کي اهو احساس ٿيو ته سندس ڪي ڪي آدرش جن کي هن ننڍي لاڪون حاصل ڪرڻ چاهيو ٿي ناممڪن هو. ڪن ڪن ڳالهين يا سوچن جو فقط دل ۽ دماغ تائين واسطو رهي ٿو. ٻاهر جي دنيا ۾ اهي ڳالهيون هوبهو ائين ڏسڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. آهستي آهستي هن، جيڪي ڪجهه ڪري سگهي ٿي ان تر راضي رهڻ سکي ورتو ۽ جيڪي ڪجهه ڪري نٿي سگهي ان تي ڏک ڪرڻ ڇڏي ڏنو.
    پر ڪڏهن ڪڏهن، رات جي ماٺ مٺوڙي ۾، جڏهن هن جي ننڊ ڦٽي پوندي هئي، هوءَ پاڻ بابت سوچي غمگين ٿي ويندي هئي. هوءَ ڪو خال ضرور محسوس ڪرڻ لڳي. ڪجهه هو جنهن بنا هن پنهنجو پاڻ کي اڻپورو انسان سمجهيو ٿي. هن کي پنهنجو پاڻ ۾ ڪا کوٽ لڳي ٿي. ان وقت هن کي هيڪاندي گهڻي تانگهه ٿيندي هئي ته ڪاش ڪو اهڙو هجي جنهن جو هن کي ساٿ هجي. جيڪو هن جي ڏک درد ۾ ڀائيوار ٿي کيس آٿت ڏئي، جيڪو هن جي پوئيواري ڪري، خيال رکي، ۽ پيار جي چادر ۾ کيس ويڙهي ڇڏي. جڏهن کيس اهي سوچون ۽ خيال ورائي ويندا هئا ته وهاڻي کي چهٽي هوءَ زور زور سان اوڇنگارون ڏيئي رئندي هئي.
    مائٽن کي ڇڏي اچڻ جو ڏک کيس ڪيتريون ئي راتيون لڳاتار ٿيندو رهيو. ان کانپوءِ به رکي رکي کيس اها رات ياد اچڻ لڳي جڏهن هوءَ کانئن موڪلائي نئين شهر ۾ نوڪريءَ لاءِ آئي هئي. بنا ڪنهن سبب جي هن کي رکي رکي پنهنجين ساهيڙين سان ساڙ ۽ حسد ٿيڻ لڳو ۽ رکي رکي چڙ پڻ آئي ٿي.
    آهستي آهستي ڪري هن ان ڪمزوريءَ تي پڻ ڪنٽرول ڪري ورتو. ڪنهن سان پيار محبت ڪرڻ جي سڪ دل مان ڪڍي هُن اسڪول جي ٻارن ڏي ڌيان ڏيڻ ۽ ٻين جي خوشين جو خيال رکڻ شروع ڪيو.
    پر رکي رکي ڪنهن وقت سندس دل جي اسٽيج اڳيان ڏنل پڙدو رڙهي ويو ٿي ۽ اهو سڀ ڪجهه ڏسي ورتائين ٿي جنهن جي هن کي ضرورت هئي. جيڪي ڪجهه هن چاهيو ٿي. ڪنهن ٻار کي پيار ڪندي کيس دل ئي دل ۾ شوق جاڳيو ٿي ته ڪاش کيس پنهنجا ٻار هجن ها. کيس اهي ڳالهيون سوچي اندر ئي اندر ۾ وڍ پوڻ لڳا ٿي. هن جي دل ان ڳالهه تان ڪڙهندي هئي ته هوءَ ڪنهن کي ”منهنجا ٻچا“ چئي مخاطب ٿي نٿي سگهي.
    هن کي هاڻ اهو محسوس ڪري چڪر ٿي آيا. پنجويهه سال. اڄ ڪير هن کي چاهيندو؟ نوجوان ڇوڪرا هن جهڙي وڏي عمر واري ڇوڪري سان شادي ڪندي گهٻرائيندا. وڏي عمر وارا هن جي گهڻي تعليم کان ڊڄندا ۽ هن کي جيڪڏهن پهرين زال مان ٻاهر هوندا ته هو پڪ اهوئي سوچيندا ته هن جهڙي اعلى عهدي ۽ مشغول زندگي واري زال سندس ٻارن جو خيال هرگز رکي نه سگهندي.
    ڊپلوما، ڊگري يا ٻي ڪا هيڪاندي وڏي تعليم ڪهڙي ڪم جي جيڪڏهن توهان سُکي نه آهيو؟ ان کان وڌيڪ ته هو غريب هارياڻي يا جهوپڙيءَ ۾رهندڙ ڇوڪريءَ کي خوشي نصيب ٿيل آهي. جيڪا حقيقت جي گهڻو ويجهو رهي ٿي ۽ شادي وغيره جا موقعا پڻ اهڙي قسم جي ڇوڪرين کي کانئس وڌيڪ آهن.
    هن کي سندس ويجهي ۽ پياري ساهيڙي ڊيعين جي خط جي ياد آئي جنهن ۾ هن اها خبر لکي هئي ته ’قانون‘ واري سبجيڪٽ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڪري ورتي آهي. ڪارنٽيءَ چپن ۾ ٽوڪ طور مرڪيو. لا جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هاڻ ڊيعين سئٽزرلينڊ، آسٽريا ۽ اٽلي جا تواريخي شهر ڏسي پنهنجي وطن انڊونيشيا موٽندي ۽ پنهنجي ڳوٺ جاوا ۾ پهچڻ بعد جڪارتا يا سورابايا شهر ۾ آفيس کوليندي.
    پر ڊيعين جو حال پڻ ساڳيو ئي ٿيندو- ڪارنٽيءَ جهڙو- جيڪو هڪ پوڙهي ڇوڪريءَ جو ٿيڻ کپي. ڪارنٽيءَ ساڙ ۾ اچي ٿوري خوشي محسوس ڪئي. اهو سوچي ته نه فقط هن جو پر هڪ ٻي ڇوڪريءَ جو پڻ اعليٰ تعليم وٺڻ بعد ساڳيو ئي هن جهڙو حشر ٿيندو.
    ڊيعين- سڄو نالو ’سمار ڊيعن پورباورجو‘ ۽ ڪارنٽيءَ جي ساڳي عمر هئي. ننڍي هوندي ساڳي پرائمري اسڪول۾ گڏ پڙهيون، ان بعد، ڊيعين، سورابايا شهر ۾ هڪ سينئر ڊچ هاءِ اسڪول مان تعليم ورتي ۽ ڪارنٽيءَ جونيئر هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪري ماستريءَجي سکيا لاءِ يورپين ٽريننگ ڪاليج فار ٽيچرس ۾ داخلا ورتي.
    سورابايا شهر ۾ رهڻ دوران هو ٻئي سڀ کان وڌيڪ گهاٽيون ساهيڙيون هيون. ان بعد ڊيعين اعلى تعليم لاءِ هالينڊ هلي ويئي پر ڪارنٽيءَ کي هميشه خط لکندي رهي.
    ڊيعين هميشه کل خوشيءَ وارا خط لکندي هئي. ماڻهو هميشه هن جي تعريف ڪندا هئا، هن کي اڃا اهو خيال هو ته قانون جي ڪم ۾ هوءَ هر وقت خوش ۽ پرسڪون رهندي. پر هن کي معاشري جي ان ڏکويل ڀاڱي جي بنهه خبر نه هئي جيڪو هن جي ڀاڳ ۾ پڻ اچڻ وارو هو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هوءَ وائڙي ٿي ويندي جڏهن اوچتو ئي اوچتو ڏسندي ته سج نڪرڻ بدران آسمان ۾ ڪڪر ڪارونڀار ڪري مينهن وسائي رهيا آهن.
    اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ کان اڳ ڇا هوءَ ڊيعين کي ان کان آگاهه ڪري وٺي يا نه. ڊيعين ڪڏهن به مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ نه سکي آهي. هوءَ وري ڪوشش ڪرڻ بدران هڪدم آڻ مڃڻ واري ڇوڪري آهي. ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ وقت جي ڏکن جو ٻڌي بيحال ٿي وڃي. ڊيعين هڪ هيرو جواهر هئي، ۽هيري جي اصلي تجلي لاءِ مٿس تمام گهڻي گهڙت ٿيل هئي.
    زندگيءَ جي تلخ حقيقتن کان هوءَ پنهنجي ساهيڙيءَ کي ضرور واقف ڪندي. هالينڊ کان ڊيعين جڏهن پاڻيءَ جي جهاز ۾ چڙهي تنجنگ پرآڪ بندرگاهه ۾ اچي لهندي ته ان وقت ڪارنٽي کيس سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندي.
    پر اها به ڳالهه آهي ته هن ويچاريءَ کي پريشان ڪرڻ مان ڇا ورندو؟ ٿي سگهي ٿو هن کي اهي مسئلا درپيش اچن ئي نه- نه؟ هڪ ڪڙي ۽ ڪساري مرڪ ڪارنٽيءَ جي چپن تي وري تري آئي.
    پنجويهه سال، ڇا ڪير هن کي هن عمر ۾ پنهنجي زال بڻائيندو؟ هڪ وڏي عمرجي ڇوڪريءَ کي. مرد، پنجويهن سالن جي عمر ۾ ڪڏهن به پوڙهو نٿو ليکيو وڃي. پر هڪ عورت-؟ مرد جيئن چاهي ڪري سگهي ٿو. پر هڪ عورت ڪجهه به نٿي ڪري سگهي. معاشري جي تقاضا موجب هن کي ماٺيڻو، نيڪ ۽ نماڻو ٿي رهڻ کپي.
    ”نماڻائي“هڪا هڙو لفظ آهي جيڪو مردن پنهنجي فائدي لاءِ گهڙيو آهي. عورت کي قبضي ۾ رکڻ لاءِ هن معاشري ۾هڪ عورت ٿيڻ معنى هميشه زنجيرن ۾ ٻڌل رهڻ.
    ڪا پراڻي ڳالهه ياد ڪري هن کي ڪاوڙ آئي. سندس ٻن ڀائرن کي ته سندس پيءُ پڙهائيءَ لاءِ ٻاهرموڪليو. جن يورپ جي سير ۽ سونهن مان چڱيءَ طرح لطف ورتو. ڪارنٽيءَ کي پنهنجن ڀائرن وانگر يورپ وڃي پڙهڻ جو شوق هو. پر هن جي ماءُ پيءَ کيس نه ڇڏيو. بهانو ڪهڙي ڏنوته خرچ پکي لاءِ ايترو پئسو ناهي. ڀائرن لاءِ پئسوهو. پر هن لاءِ نه.
    ڪاوڙ مان هن جا چپ ڏڪڻ لڳا. ۽ پوءِ هن روئي ڏنو.
    پر پوءِ جلدئي هن پنهنجو پاڻ کي سنڀاليو. سندس قائم ڪيلان اصول: ”اها شيءِ جيڪا حاصل نه ڪري سگهجي ان کي ڇڏي ڏجي.“ کيس بچائي ورتو. بستري مان اٿي هن گائون پاتو، سامهون آرسي هئي جنهن ڏي نظر کڄي ويس. ان ۾ پنهنجو ڦاڻ کي غور سان ڏٺو. سنهي، جسم جي پوري پني، ڏيا واري، سندس بيضوي چهرو هر خيال کان باعث ڪشش هو.
    ڪارنٽيءَ مرڪيو.
    ٽپالي ٿي ويو هوندو. ٿي سگهي ٿو هن لاءِ ڪو خط هجي. هن جي ڀائرن ٿي سگهي ٿو اڃا کيس نه وساريو هجي. ٻه خط! هڪ ته ملانگ شهر مان، سندس پيءُ جي هٿ اکريءَ ۾، ٻئي کي ڏسڻ بنا هن جهٽ پٽ کوليو. هن جي ماءُ هن ڏي برٿ ڊي جو تحفو موڪلي چڪي هئي. ان بابت لکيل هو. ماءُ پيءُ جو خيال اچڻ سان هن مرڪيو. سندس ماءُ پيءُ پنهنجن ٻارن جو ’برٿ ڊي‘هميشه ياد رکندا هئا. سندس ڀائر جڏهن پري يورپ ۾هوندا هئا.
    تڏهن به سندس ماءُ هنن ڏي تحفا موڪليندي هئي. هوءَ اڃا تائين پنهنجي ٻي شادي شده ڌيءَ- جنهن کي هاڻ ته اچي ٽي ٻار ٿيا هئا، کي به برٿ ڊي تي مختلف شيون موڪليندي رهي ٿي. هن جي ماءُ.... ڪارنٽيءَ اوچتو پنهنجي ٻئي ڀاءُ، مارتونو بابت سوچيو، ۽ تعجب کاڌو ته آيا سندس ماءُ جڏهن هن ڏي به تحفو موڪليو يا نه. مارتونو سڀ ۾ نرم دل ۽ نيڪ هو. هو اسڪول لاءِ ٻئي ڪنهن شهر ۾ وڃڻ بدران ماءُ پيءَ سان ئي چنبڙيو رهيو. پنهنجي ڳوٺ ۽ مائٽن وٽ ئي رهڻ ڪري طبيعت ۾ تمام گهڻو سڌو ۽ محدود ٿي پيو. پر پوءِ ميڊيڪل پڙهڻ لاءِ جيئن ئي ڳوٺ ڇڏي ’باتا ويا‘ شهر ويو ته هٿن مان نڪري ويو. فرسٽ ايئر پاس ڪرڻ لاءِ هن ٻه سال لڳائي ڇڏيا. ان ڪري نه، ته ڪو هو هوشيار نه هو، پر هن کي اتي پڙهڻ لاءِ فرصت ئي نٿي ملي. باتا ويا رياست جون ڇوڪريون البيليون۽ سهڻيون هيون. بوگور ۽ سوڪا بومي شهرجي ڇوڪرين جي حسن ۽ سونهن جي ته ڇا ڳالهه ڪجي. مارتونو بابت وڌيڪ سوچي ڪارنٽي هيڪاندي غمگين ٿي ويئي. هو هوشيار هو پر ڪمزور دل هو. هر خط ۾ هو اهوئي لکندو هو ته هاڻ پاڻ کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪندس، پر هن ڪڏهن به ائين نه ڪيو. سندس خط آزين نيزارين سان ڀريل هوندا هئا. هو هڪدم معصوم هرڻ وانگر لڳندوهو جنهن جي چوڌاري جهنگلي جانور ڦري آيا هجن. مارتونو ۾ڪابه بدڪاري نه هئي پر هو ماحول جو شڪار ٿي ويو هو. هن کي پنهنجين غلطين ۽ ڏوهن جي چڱيءَ طرح پروڙ هئي پر هن کي ايتري سگهه نه هئي جو کڻي پنهنجين عادتن کي بدلائي. هو واچوڙن ۾ ڦرندو رهيو ٿي. ڊانٽي جي هڪ ڪهاڻي Divine Comedy جي ڪردارن وانگرجيڪي پنهنجين خواهشن جي واچوڙن ۾ گول ڦرندا رهن ٿا.
    مارتونوکي ڊانٽي سان پيار هو. ”هڪ ڏينهن ڪارنٽي“، هواڪثر چوندو هو، ”تون ڊانٽي جي ڪردار بيٽرس سان گڏ، سفيد گلاب جو حصو ٿي ويندينءَ، پوءِ مڪان ۽ زمان جي قيد کان بلڪل ڏور، روشنائي جي دائري ۾ ويهي، ڪل ڪائنات جي نور جي پوڄا ڪندينءِ.“
    ”۽ منهنجا ڀاءُ مارتونو تون ڪٿي هوندين-؟“ هوءِ مرڪندي ڀاڻس کان پڇندي هئي، ”ڇا جهنم ۾؟“
    ”هائو. جهنم ۾. شايد ٻرندڙ قبر ۾. شايد رت جي ٽهڪندڙ نديءَ ۾.... منهنجي ڀيڻ ڪارنٽي، اهو هرگز نه وسارجانءِ جيڪي Divine Comedy ۾ بيٽرس کي ڊانٽي چيوهو جڏهن هوءَ پنهنجي صحيح مقام تي پهچي ويئي هئي.:
    “O’ Lady, in Whom my Hope Hath Vigour, And Who for My Salvation Didst Endure to Leave in Hell Thy Foot Prints...?
    مارتونو لاءِ اهو سچ هو. هن ڪافي ڀوڳيو هو. ٻه سال اڳ هن پنهنجي پيءُ کي خط ذريعي ٻڌايو هو. هو ’سوڪا ڀومي‘ شهر جي هڪ عورت سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو. جيڪا هن جي ٻار جي ماءُ بنجي ويئي آهي. هو هن سان شادي ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهي ٿو. جيئن ان عورت ۽ سندس ٻار جي ناموس ۽ حياتي بچي سگهي.
    ان بعد پيءُ ۽ پٽ جوواسطو نه رهيو. مارتونو ڪڏهن به پاڻ بابت ڪارنٽي کي نه لکيو. هُن ماڻهن کان ٻڌوپئي ته هوپنهنجي زال ۽ ٻار سان گڏ بورنيو جي ڪنهن ڏورانهن ڳوٺ ۾ر هي ٿو. ڪنهن کي اها به سُڌ نه هئي ته هو پيٽ گذر لاءِ ڇا ڪري ٿو.
    ڪانرنٽيءَ ٻيو خط کوليو. اهو مارتونو وٽان ئي هو.
    ماروتنو هونءَ کڻي کيس ياد نه ڪندو هو پر سندس برٿ ڊي ڪڏهن به نه وساريندو هو. هر برٿ ڊي تي هو پنهنجي ڀيڻ ڪارنٽي کي ڪجهه نه ڪجهه موڪليندو هو. تحفي ڏيڻ ۾ هن جي چونڊ سڀ ۾ اتم اتاهين هئي.
    ڪارنٽيءَ لفافو ڦاڙي منجهانئس خط ڪڍي پڙهڻ شروع ڪيو. مارتونو بورنيو مان ٻار سوڌو هن ڏي اچي رهيو هو. سندس زال جوهفتو کن اڳ اوچتي ٿيل موت جو پڻ احوال هو. غريب مارتونوکي ڪڏهن به سک جو ساهه نصيب نه ٿيو. هوءَ پنهنجي ٻار ڪارنٽيءَ وٽ ڇڏڻ لاءِ اچي رهيو هو.
    ڪارنٽيءَ جي دل هڪدم باغ بهار ٿي ويئي، ڄڻ ڪنهن شيءَ سندس اندر ۾خوشيءَ جي ولوڙ پيدا ڪري ڇڏي. هڪ ٻار... هن کي خوشيءَ جو ڪو تحفو ملندومحسوس ٿيو جنهن تي شايد هن جو حق هو.
    خط کي جهوليءَ ۾رکي، ڪارنٽيءَ واري ٻيو گهمرو پڙهڻ شروع.
    مارتونو ظاهر آهي ڪنهن ٻئي تي ڪڏهن به ڀروسو نه ڪندو. هڪ استاد جي حيثيت ۾ ڪارنٽي کي ٻار جي خيال رکڻ جي وڌيڪ ڄاڻ هئي جيڪو مارتونو مرد ماڻهو هجڻ ڪري وڌيڪ خيال نٿي رکي سگهيو.
    برٿ ڊي جو ڇا ته عمدو تحفو چئبو. پر ڇا مارتونو کي اها به خبر يا يادگيرو آهي ته اڄ منهنجو برٿ ڊي آهي؟ جيڪڏهن ياد اٿس ته پوءِ هن پنهنجي خط ۾ ته ڪوبه اهڙو ذڪر نه ڪيو آهي. هن فقط پنهنجن ئي دردن ۽ پريشانين بابت لکيو آهي.
    مارتونو آيو، ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد واپس بورنيو هليو ويو. هو عمر ۾ ڪجهه وڏو لڳي رهيو هو. تمام گهڻو وڏو. ٿڪل ٿڪل. اکيون ڄڻ ننڊ لاءِ واجهائي رهيون هجنس. ڪارنٽيءَ هن کي گهڻو سمجهايو ته کيس بورنيو وڃڻ بدران پنهنجي ئي ٻيٽ جاوا ۾ رهي ڪمائيءَ جو ڪو ذريعو ڳولڻ کپي. سندس ٻيو ڀاءُ اتي وڪيل هو جنهن جي آفيس ۾ هو ڪم ڪري سگهيو ٿي.
    ڪارنٽيءَ جي ان صلاح تي مارتونو مرڪيو. ”پنهنجي ڀاءٌ کي آئون تڪليف ڏيڻ نٿو چاهيان. آئون بورنيو ۾ به خوش آهيان.ملڪ سڀ ڪجهڙا جهڙو بورنيو تهڙو بالي. جهڙو جڪارتا تهڙو جاوا ۾ اتي رهندڙ ماڻهو به سڀ هڪجهڙا آهن. اداس ۽ پريشان حال، ڪوبه اڄڪلهه ڪٿي مستقل نه آهي. جاوا ۾ توڙي سماترا يا ڪنهن ٻئي هنڌ.“
    مارتونو رات جي وقت روانو ٿيو. سندس ننڍڙو ٻار ڌرمو، ٻئي ڏينهن ماٺ ۾ رهيو. پهرين کان به وڌيڪ خاموشيءَ ۾ رهيو. فقط سندس اکين مان اٻاڻڪائي ظاهر ٿي ٿي. هي عجيب ٻار هو. ٻيا ٻار جيڪر ان حالت ۾ روئن ها. پر هي بلڪل نٿي رنو.
    ٻار شروع کان ڪارنٽيءَ کي تمام گهڻو پسند ڪيو ٿي. مارتونو فقط ٻه ڄار ڏينهن رهيو جيئن ڌرمو سندس ڀيڻ ڪارنٽيءَ ۽ نئين گهر سان رلي ملي وڃي. ٻن ڏينهن ۾ ٻار هن سان هري مري ويو. ڪارنٽيءَ کي ٻار جو پيار ايترو جلد جيتي بيحد گهڻي خوشي ٿي.
    ٻار بيحد ماٺيڻو هو. هن ڪڏهن به تيسو ضد نٿي ڪيو، هن ورلي ڪجهه ڪو ڳالهايو ٿي نه ته گهڻو ڪري ماٺ ۾ رهيو ٿي. هن جي فقط ڪارين اکين ڳالهايو ٿي.
    ڪارنٽيءَ هن کي بال وٺي ڏنو. پهرين پهرين هو ان کي ڀت تي هڻي کيڏندو رهيو. پوءِ، هڪڙي شام، جڏهن ڪارنٽي گهر ۾ موجود نه هئي، ته هن بال کي ڦاڙي، کولي پاسي تي ڦٽو ڪري ڇڏيو.
    جنهن وقت ڪارنٽي ٽائيپ ڪندي هئي ته هو به اچي ٽيبل وٽ ٻانهون ٻڌي هن جي پٺيان بيهندو هو. ۽ پوءِ جڏهن هوءَ اٿي ويندي هئي ته پاڻ ٽائيپ جي چاٻين کي هيٺ مٿي ڪندو رهندو هو.
    هو واقعي عجب جهڙو ٻار هو. سندس اکيون تمام گهڻيون سهڻيون هيون. ڪڏهن ڪڏهن هوءَ ٽائيپ سان کيچل ڪرڻ يا الارم گهڙيال سان مستي ڪرڻ تي ڌڙڪو ڏيئي جهليندي هيس ته ڏکيارو ٿي هن ڏي ائين نهاريندو هو ڄڻ هن کي دل ۾ ٿي پيو هجي. کيس ائين نهاريندو ڏسي هوءَ مرڪي کڻي ڀاڪر پائيندي هيس.
    ڪارنٽيءَ جي زندگيءَ ۾ اهو هڪ نئون دور هو. هن پنهنجو پورو ڌن ڌيان ڌرمونءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو جنهن جي ماءٌ نه هئي ۽ ڏٺو وڃي ته پيءُ جهڙو هيس تهڙو نه. مارتونو هليو ويو هو. ڪير چئي سگهيو ٿي ته هو ڪيڏانهن ويو؟
    ٻار لاءِ سواڪارنٽيءَ جي ٻيو ڪوبه نه هو جنهن کي کڻي ڀاڪر پائي. جنهن جي ڪڇ ۾ ڊوڙي وڃي لهي. هو تمام خوش هئي. هن ڌرموءَ ڏي هر وقت ڌيان ڏيڻ چاهيو ٿي جيئن هو وڏو ٿي هڪ سٺو ماڻهو ٿئي، ۽ نه پنهنجي پيءُ وانگر. پر ڇا هوءَ ائين ڪري سگهي ٿي؟ هن جي پيءُ به جيتوڻيڪ سخت محنت مزدوري ڪري پنهنجي پٽن جو سٺي طرح نيپاج ڪيو هو پر تنهن هوندي به مارتونو ڪيڏو غلط راهه ڏي ڀٽڪي ويو.
    جيڪڏهن ٻار کي خيال سان پاليو وڃي، هن کي هر وقت پيار ڏنو وڃي ۽ کيس ڏنگاين ۽ حرڪتن کان جهليو وڃي، ته هو ضرور صحيح راهه اختيار ڪري سگهي ٿو. پر ڌرموءَ لاءِ ڪيئن چئي سگهجي ٿو. ٿي سگهي ٿو هن ننڍي لاڪون پنهنجي پيءُ جو ڪردار پاڻ ۾ جذب ڪري ورتو هجي. جنهن جو رت سندن نسن ۾ ڊوڙي رهيو هو.
    هن کي اهو سوچي فڪر ٿيو ۽ ٻار کي غور سان ڏسڻ لڳي.
    ٻار جي خوشيءَ ۾ هن پڻ خوشي محسوس ڪئي ٿي. آهستي آهستي هن کي يقين ٿي ويو ته سندس زندگيءَ جو اهم مقصد ٻار جي نگهباني ڪرڻ آهي. اهو سوچي هن جي خوشيءَ جي حد اڃا به گهڻو وڌي ويئي.
    ٽي مهينا اهڙي طرح گذري ويا.
    هڪ ڏينهن ڌرمو کي اچي کرٽيو ٿيو. هر وقت کنگهي کنگهي ساڻو ٿي ٿي ويو. وقت جو ڦيٿو تمام گهڻو تيزيءَ سان ڦرڻ لڳو. بيماريءَ جي حالت ۾ هو بستري حوالي ٿي ويو ۽ ڪارنٽي سندس سيرانديءَ کان ويهي سڄي سڄي رات گذارڻ لڳي. هڪ ٻئي پويان ڪيتريون ئي راتيون گذري ويون. ۽ هاڻ ڌرموءَ کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. ۽ پوءِ جنهن خاموشيءَ سان اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ان ئي خاموشيءَ سان هن کي اسپتال مان ڪڍيو ويو. ڌرموءَ جي حياتي شايد ايتري هئي.
    ڪارنٽي هڪ دفعو وري اڪيلي ٿي پيئي. غم ۽ ٿڪ جا نشان سندس اکين مان صاف ظاهر هئا. واٽ جي ڪنڊن وٽ سوڙهيون ليڪون سندس ڪومايل بدن جو ثبوت ڏئي رهيون هيون.
    جنهن ڏٺو ٿي تنهن چيو ٿي ته ڌرموءَ پٺيان هن پنهنجو پاڻ کي ڄڻ چوڙي ڇڏيو آهي. ڪنهن چيو اهي نشان ڪجهه عرصي کان پوءِ هليا ويندا. پر وات جي پاسن وارا لينگها ائين ئي رهيا. اکين جي چوڌاري اوجاڳي جا ڪارا چڪرا کيس سمجهو ۽ سلجهيل عورت جو ڏيک ڏيڻ لڳا.
    هوءَ اڃا به ڌرموءَ جو ڪمزور جسم ڏسي رهي هئي. جنهن کي کنگهه سان گڏ رت اچي رهيو هو. سڀ کان وڌيڪ هن کي ڌرموءَ جي اکين جي اداسي ياد اچي رهي هئي.
    سندس پيءُ جي واتان هن اها ڳالهه ٻڌي هئي ته سندس هڪ ڀاءُ ٽي بيءَ وگهي مري ويو هو. ۽ هن ٻار کي جيڪو سندس ئي ٿيو- لڳي ٿو ته خاندان جي بيماري ورثي ۾ ملي.
    خدا کي شايد اهو منظور نه هو جو اهڙي قسم جو خانداني ورثو جيڪو سندس ڀاءُ ۽ ڀائٽي کي نصيب ٿيو پر کيس نه ملي سگهيو. هنن بدران ته جيڪر کيس ٽي بي ٿئي ها. ڀائٽي بدران شل پاڻ مري وڃي ها.
    ڪارنٽي پاڻ کي پوڙهو محسوس ڪرڻ لڳي. هوءَ پنهنجين شاگردياڻين سان ائين هلڻ لڳي ڄڻ اهي سندس ئي اولاد هجن، ۽ ان جو اظهار هوءَ وات ذريعي، اکين ذريعي ۽ چن تي ايندڙ مسڪين مرڪ ذريعي ڪندي رهئي
    اسڪول جون ڇوڪريون هاڻ کيس ڪاڪا (وڏي ڀيڻ) چوڻ بدران وڏي عمر جي عورت وارو خطاب ”امان“ چئي مخاطب ٿيڻ لڳيون. پهرين هنن اهو سنڱ سندس غير حاضريءَ ۾ استعمال ڪيو پر پوءِ آهستي آهستي- جيتوڻيڪ ڪنهن کي به خبر نه پيئي ته ڪنهن شروع ڪيو ۽ ڪٿان شروع ٿيو- ڪلاس ۾ به شروع ٿي ويو. ڪارنٽي پهريون دفعو پنهنجي لاءِ اهو خطاب ٻڌي وائڙي ٿي ويئي. پهريون دفعو جيتوڻيڪ هن اهو لفظ سس پُس ۾ ٻڌو پر پوءِ ٻئي ۽ ٽئي دفعي هيڪاندو گهڻو زور سان چٽو پٽو.
    ويجهڙائي ۾ هوءَ هڪ پينٽر وٽ هلي ويئي. ڪارنٽيءَ کي هن ڪجهه عرصو اڳ ٻه چار دفعا چيو هو ته سندس منهن اٽليءَ جي آرٽسٽ ليانارڊو ڊا ونسيءَ جي موناليزا جهڙو ٿو لڳي. رافائيل جي مئڊونا ڊيل گرانڊوچا جهڙو آهي.
    پر اهي سڀ اڳ جون ڳالهيون هيون.
    هاڻ هوءَ ان عمر کان گهڻو مٿي چڙهي آئي هئي.
    صبر سان هاڻ هوءَ ٻڍاپي جو انتظار ڪرڻ لڳي آهي- جيڪو هر عورت ٽيهن سالن جي عمر ۾ پهچي محسوس ڪري ٿي. ڪارنٽيءَ کي مستقبل سان هاڻ ڪابه اميد وابسته نه رهي آهي. هوءَ هاڻ روزمره جي ڪم ڪار ۾ ئي مشغول ٿي ويئي آهي.
    آرميجن پاني (Armijin- Pane)
    ’سفيد گلاب‘ افساني جو هي انڊونيشي ليکڪ (آرميجن پاني) انڊونيشيا جي وڏي ٻيٽ- سماترا ۾ 1908ع ۾ ڄائو هو. 1970ع ۾ مري ويو. پاڻ اسڪول ٽيچر ۽ اخباري نمائندو هو. لڙائيءَ کان اڳ 1933ع ۾ Pujangga Bru نالي ادبي رسالو ڪڍڻ وارن شروعاتي اديبن مان هڪ هو. 1940ع ۾ سندس هڪ وڏو حقيقت تي مبني ناول Belenggu (ملئي ۽ انڊونيشي لفظ معنى ’زنجيرون‘) ڇپيو. ان کان علاوه 1953ع ۾ افسانن جو مجموعو Kisah Antara Manusia (انسانيت جا قصا) ڇپيو. ان کان علاوه پاڻ ڪجهه شاعريءَ ۾ ڊراما نويسي پڻ ڪئي اٿس.


    ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ .......

    ماستر هريام ڳوٺ جي مڙني وڏن جي پسنديده شخصيت هو. جيتوڻيڪ ننڍا نيٽا مٿس چرچا گهٻا پڻ ڪندا هئا. پاڻ ڏکڻ ٿائلينڊ جي ٻهراڙيءَ واري هڪ ڳوٺ ۾ رهندو هو.
    ننڍي هوندي کان وٺي، جڏهن اڃا هو ڳلن ڳاڙهو نوجوان هو، ويندي ڦوهه جوانيءَ تائين، هن کي ڪڏهن به، پنهنجي اوسي پاسي جي پررونق علائقي ۾ قدم رکڻ جو موقعو نه مليو هو. وڌ ۾ وڌ واپار يا گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪرندو هو. سو ڀرپاسي واري ڳوٺڙي تائين. شهرن جي رنگينين کان ته هوءَ ونءُ ويندو هو. هن جو اهوئي چوڻ هو ته اهڙين وڏين جاين تي رهندڙ ماڻهو جراثيم کڻي هلن ٿا ۽ اتي لاريون مٽرون ماڻهن کي ٽڪر هڻنديون وتن. ان ڪري انهن جڳهين ۽ شهرن کان پاسو ڪرڻ کپي.
    پر پوءِ هڪ ڏينهن ٿائلينڊ جي ماسترن جي ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان کيس بئنڪاڪ وڃڻ جي دعوت ملي ته اسان جو يار- ماستر هريام، خوشيءَ منجهان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو. هو پنهنجي منهن ڪيترائي دفعا چوڻ لڳو.
    آخر ڪار مون کي بئنڪاڪ گهمڻ جو موقعو ملي ويو. اعتبار ئي نٿو اچي.“
    ان وقت پاڻ پنجونجاهه سالن جو پوڙهو اچي ٿيو هو- جيتوڻيڪ هو ان عمر کان گهڻو چڙهي چڪو هو، جنهن ۾ ايندڙ ويندڙ ڇوڪريءَ کي هروڀرو اک ڀڃڻ تي دل چوندي آهي. پر تڏهن به هو ڇا چوندا آهن ته بنهه نه کان دير سان وري به بهتر. سو ان فلسلسفي ۽ سوچ مطابق پنهنجو پاڻ کي ڌتاري هو بيحد گهڻو خوش ٿيو.
    پنهنجي ان خوشي جي اظهار کي لڪائڻ جي هن ڏاڍي ڪوشش ڪئي.
    ان ڏينهن تي جڏهن هو بئنڪاڪ روانو ٿي رهيو هو ته هن ديسي پوشاڪ پهرڻ بدران ولائتي ڊريس- يعني سوٽ ڪوٽ پاتو- جيڪو گهڻو اڳ ٺهرائي رکيو هو ته ڪڏهن ڪا ماڊرن شادي ٿي ته ان ۾ پائيندو. گهڻي وقت کان استعمال نه ٿيڻ ڪري ان تي پڪا سنڌا ڄمي ويا هئا. هن ان سوٽ تي ننڍين ٻانهن واري اڇي رنگ جي قميص پاتي. جيتوڻيڪ هن ڊگهين ٻانهن واري قميص پائي ان تي گلن واري ٽائي ٻڌڻ چاهي ٿي، جيڪا هن اهڙي موقعي لاءِ ڳجهه ڳوهه ۾ خريد ڪري لڪائي رکي هئي. پر هن کي دل تي هُريو پئي ته سندن ڳوٺ جا ڇورا اهڙا نڀاڳا آهن جو اڳ ۾ به جڏهن هن ٺٺ ٺانگر وارو ڪو وڳو پاتو ٿي ته هو کيس چرچن ۽ ٽوڪن سان ورائي ويا ٿي. چي: ”واهه سائين واهه! چاچا ماستر ٿورو خيال سان هلجو، متان ڪو ڪتو ڀلجي کڻي دسانوَ.“
    سو اهو سوچي هن وڌيڪ شوبازي ڪرڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو. اهي فيشن ڳوٺ کان پري بئنڪاڪ پهچي ڪري سگهيو ٿي. سندس غير موجودگيءَ ۾ سڄو ڳوٺ مٿس تبصرو ڪندو رهيو. ڳوٺ وارن کي اها هورا کورا هئي ته بئنڪاڪ جي جيتري تعريف ٻڌي ويئي آهي. اهو واقعي اوترو عجيب ۽ وڏو شهر آهي يا نه. ۽ آيا اهو شهر گهمي اچڻ بعد سندن ڪراڙي ماستر صاحب تي ڪو اثر ٿيندو يا نه.
    هن تي اثر ضرور ٿيو.
    هن جي واپسيءَ تي ماڻهن غور ڪيو ته بئنڪاڪ کان موٽڻ بعد ماستر صاحب جي هلڻي ئي ڦري ويئي آهي. سڌو ٿي هلڻ بدران هو ڪلهن ۽ ٺونٺين کي ٿورو اڳيان ڪري هليو.
    گهر پهچندي پهچندي ڳوٺ جا ڪيترائي ماڻهو سندس چوڌاري اچي گڏ ٿيا. مرد، عورتون، ٻار ويندي ڪراتوئي (کدڙا) پڻ. وان نالي هڪ نوجوان ڇوڪري، ننڍ وڏائيءَ جو خيال نه رکندي ٺهه پهه چئي ڏنس: ”چاچا ماستر! اهو ٺونٺين کي اڳيان ڪري هلڻ سان بغلن کي هوا ٿا ڏيو ڇا-؟“
    ۽ چاچي هريام شڪي ٿي، يڪدم ڪلها کڻي پٺيان ڪيا ۽ دل ئي دل ۾ آئيندي وڏو ماڻهو ٿي ائين هلڻ جو ارادو ئي لاهي ڇڏيو. پوءِ ڳوٺ جي گڏ ٿيل ماڻهن کي چوڌاري وهڻ ۽ ٿوري دير ترسڻ لاءِ چيو.
    ان بعد ڪمري ۾ وڃي، سوٽ لاهي ڪاري رنگ جو ڍلو ڍالو پجامي نموني جو وڳو چاڙهي ان مٿان بافتي جي گنجيءَ جهڙي ٿائي نموني جي لنڊي قميص ۽ ڪلهن تي پوتڙو رکي ٻاهر آيو ۽ اکيون ڦاڙي هن کي غور ۽ تعريفي نگاهن سان ڏسندڙ ماڻهن جي ميڙ جي وچ ۾ ويهي، هن ڏٺو ته سندس زال جو منهن خوشيءَ مان کوهه جي پڳهه جيڏو وڏو ٿي پيو آهي. هوءَ پنهنجي مڙس کي ايڏي گهڻي اهميت ملندي ڏسي فخر محسوس ڪري رهي هئي. ميڙ مان ماڻهن ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    ”اسان جي ماستر صاحب ڏي ڏسو. هو ساڳيو ئي سادو لڳي رهيو آهي جهڙو هتان ويو هو. پاڻ جيتوڻيڪ ٿائيلينڊ جي گاديءَ واري هنڌ بئنڪاڪ مان موٽي آيو آهي، پر هن ۾ تر جيتري به تبديلي نه آئي آهي.“
    ”ايڏيءَ پڪ سان به نه چئه. هن کي پهرين ڳالهائڻ ته ڏي. ٿي سگهي ٿو ته هن کي پنهنجو ڏاکڻو لهجو ئي وسري ويو هجي، ۽ هاڻ هو فقط اترادي (بئنڪاڪي) لهجي ۾ ڳالهائي.“
    ”هُن عورت وانگر جنهن ٽن هفتن لاءِ بئنڪاڪ جي هڪ پوليس واري سان شادي ڇا ڪئي، کانئس پنهنجو ڳوٺاڻو لهجو ئي وسري ويو ۽ اها ته اصل هئي ڪير-؟ هڪ چالو عورت.“
    ”جي ها. ان عورت وانگر.“
    سائين! بئنڪاڪ ۾ ڀلا ڪا لست ورتوَ؟“ هڪ پڇيو.
    ”سائين! اهو ٻڌايو ته اتي توهان ڇا ڪيو ۽ ڇا ڏٺو.“ يڪدم ٻئي سوال ڪيو.
    ”۽ بئنڪاڪ جون ڇوڪريون ڪيئن آهن؟ مون ٻڌو آهي ته هو پنهنجي سونهن سوڀيان کان مشهور آهن.“ هڪ ٽئي ڄڻي پڇيو.
    ماستر صاحب پهرين هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ پوءِ هٿ کڻي هڪ ئي وقت ايترا سوال پڇڻ بدران هڪ هڪ ڪري پڇڻ لاءِ چيو. ان بعد وڏي اعتماد ۽ لئه سان ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”جيتوڻيڪ بئنڪاڪ ۾ رهي مون ڪافي ڪجهه پرايو پر افسوس جو بئنڪاڪ شهر مان آئون ڪو خاص خوش نه آهيان.“
    ”اهو وري ڪيئن-؟“ ويٺل ميڙ مان هڪ پڇيو.
    ”ڇو چاچا ماستر-؟“ ٻئي پڇيو.
    ”بئنڪاڪ شهر تمام اڳتي وڌي ويو آهي. پئسي ڏوڪڙ ۽ مال ملڪيت جي لحاظ کان هن ايڏي ترقي ڪئي آهي جو ماڻهو وائڙو ٿيو وڃي.“ ”ماستر هريام ٻڌايو.
    ”غريب ويچارو بئنڪاڪ! ان ۾ ڀلا ان جو ڪهڙو ڏوهه.“ اڳيان ويٺل وان رمارڪ ڏنو.
    ”بڪ بند ڪر، وان! نه ته مان ڪجهه به ٻڌائيندوسانءِ.“ ماستر هريام وان کي ڇنڊ ڪڍندي چيو. ۽ ساڳي وقت ڪلهي تان پوتڙو لاهي کيس هنيو. هن کي اهاڳالهه بنهه نٿي وڻي ته جڏهن ٻيا سڀ کيس غور سان ٻڌي رهيا هجن ته وچ ۾ هي ڇورو ڳالهائي سندس لئه خراب ڪري.
    ”توهان کي بئنڪاڪ شهر ۾ خوشي هرگز نظر نه ايندي. لارين موٽرن جي گوڙ سان ڄڻ ڪنن جون دهلڙيون ڦاٽن ٿيون. وڏين وڏين عمارتن ۾ گهر ۽ آفيسون آهن پر هر وقت در ۽ دريون بند رکڻ ڪري سج چنڊ جي روشنيءَ جو ته گذر ئي نٿو ٿئي. بئنڪاڪ جو سڄو شهر ڄڻ پٿرن، سرن ۽ سيمنٽ جو ٻيلو آهي.“
    اهو چئي ماستر هريام ٿوري ساهي کنئي ۽ چوڌاري ويٺل ماڻهن تي نظر وڌي ته آيا هنن سندس نئون گهڙيل اصطلاح: پٿرن سرن ۽ سيمنٽ جو ٻيلو“ سمجهيو يا نه. پر هن ڏٺو ته اها ڳالهه ڪنهن به نه سمجهي ۽ ان جي سمجهڻ بناڪو حيران پريشان ٿيو.
    ”بئنڪاڪ ۾ ڪابه قدرتي سونهن ناهي جنهن کي توهان کڻي ڏسو. جيڪڏهن لڏندڙ سارين جو فصل يا ننڍاکڙين نيڻن واريون پنهنجيون ساهيڙيون: ڍڳيون مينهون ڏسڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ توهان کي ٽئڪسي جو ڳرو ڀاڙو ڏيئي شهرکان گهڻو گهڻوپري وڃڻو پوندو.“
    ”اتي جا ماڻهو پنهنجن ئي ڪمن ۽ خفن ۾ رڌل رهن ٿا. هنن کي توهان سان ملڻ يا دوستي رکڻ جي پرواهه ئي ناهي. بس هر وقت ڀڄ ڀڄان ۾ نظر ايندا. پاڻ وانگر ڪنهن هڪ هنڌ ويهي، ڪا قربائتي ڪچهري ڪرڻ جو ته کين وقت ئي ناهي.“
    ”پر چاچا هريام ائين به نه هوندو. هنن وٽ ڪجهه نه ڪجهه وقت ضرور هوندو.“ وان جي ڀرسان ويٺل هڪ ٻئي ڇوڪري جوزف وچ ۾ ڳالهايو، ”مون کي پڪ آهي ته هنن وٽ وندر جون گهڙيون گهارڻ لاءِ پاڻ کان وڌيڪ عياشيءَ جو سامان موجود آهي.“
    تنهنجي اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي. واندڪائيءَ جي وقت ۾ بئنڪاڪ جا ماڻهو مالش گهرن ۾ وڃن ٿا. آئون هڪ ۾ ويوهوس.جنهن لاءِ مونکي سؤ ڀات ڏيڻا پيا هئا. مون کي ته اڃا تائين سمجهه ۾ نٿو اچي ته هتي ايتري مهنگائي ڇو آهي. پاڻ وٽ ته ڪنهن کي مالش لاءِ چئه ته ڏهه ڀات کن مس وٺي ٿو. ها اهو ضرور آهي ته اتي جون ڇوڪريون توهان کي وهنجارين به ٿيون. جيڪو پنهنجي ڳوٺ ۾ نٿو ٿئي. پر ان لاءِ توهان کي هنن اڳيان سڄو اگهاڙو ٿيڻو پوي ٿو. هڪ ته پئسا ڏجن ٻيو وري اگهاڙي ٿيڻ جي جٺ سهجي.“ هو کين اهو ٻڌائڻ کان نٽائي ويو ته پاڻ وٽ ڳوٺ ۾ ته مالش ڪرڻ واريون پوڙهيون پڪيون مرد نما عورتون آهن. پر بئنڪاڪ ۾ اهو ڪم ننڍيون نيٽيون ۽ نازڪڙيون ڪن ٿيون جن کي پسڻ سان اکيون ئي ٺريو پون.
    ”آئون ته ڪڏهن به ان جو جيڪر نه سوچيان ته ڪيترا پئسا ڀرڻا پون ٿا.“ وان خوابن جي دنيا مان ڳالهايو.
    ”سو انهن ڪمن مان آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته بئنڪاڪ جي ماڻهن ۾ ڪوبه شرم حياءَ نه رهيو آهي!“ استاد هريام منهن کي موڙو ڏيندي ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو.
    ”چاچا ماستر! ڇوڪرين ۾ به- ؟“ هڪ سورهن سالن جي ڇوڪريءَ پڇيو.
    ”اتي جون ڇوڪريون ته سڀ کان ويل آهن پر انهن جي ذڪر تي پوءِ ٿو اچان. پهرين اهو ٻڌو ته بئنڪاڪ جا امير ماڻهو ڪيڏي حد تائين بيوقوف آهن. هو وڏن گهرن ۾ رهن ٿا پر ان جا در ۽ دريون بند ڪريو ڇڏين. نتيجي ۾ قدرتي تازي هوا کان محروم رهن ٿا. پوءِ گهر کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ڀت ۾ لڳل وڏي گوڙ گهمسان واريون مشينون هلائين ٿا. در دريون نه کولڻ ڪري گهر ۾ رڌ پچاءَ مهل ايڏي ڌپ ٿئي ٿي جو ڄڻ بيهوش ٿو ٿجي. توهان ئي سوچيو ته جڏهن در دريون بند هونديون ته اها ڪيئن ٿي ٻاهر نڪري سگهي.“
    ”ڀلا هنن جون هوٽلون ڪيئن آهن؟“هڪ ٻي ڇوڪريءِ سوال ڪيو. ”ڇا بئنڪاڪ ۾ به اسان جي ڳوٺ جي هوٽلن وانگر کاڌي جي ميزن تي ٻليون ويٺيون هونديون آهن يا نه؟“
    .... ۽ ميزهيٺان ڪتا ڪتيون چم چٽ ڪري رهيا هوندا آهن.“ميڙ مان هڪ ٻئي نينگر سُر کڻائيندي چيو.
    ”اتي ڪتا ته نه.“ چاچي ماستر وراڻيو، ”پر البت ڪي ڪي جوڙا ڪٿي ڪٿي پيار ونڊيندي ضرور نظر آيا ٿي. اڳتي هلي وڌيڪ ڇا حال ٿئين، ان بابت چئي نٿو سگهان. باقي في الحال اڄڪلهه ڳائڻيون هڪ ته ڪپڙا تمام گهڻو بيهودا پائين. ويندي ڪي ڪي ڇوڪريون اسڪرٽ بيحد استعمال انگيز حد تائين ننڍا ٿيون رکن. ۽ ٻيو ڊانس ڪرڻ وقت اهڙا شرمناڪ دعوتي اشارا ڪن ٿيون جو ڪو سوچي به نٿو سگهي.“
    ”دعوتي اشارا-! چاچا ماستر اهي ڪيئن؟ ڀلا ڪهڙيءَ طرح؟“ هڪ ٽرڙي ڇوڪري اٿي بيهي چاچي پوڙهي کان پڇيو.
    ”چڱو چڱو هاڻ گهڻو ئي ٿيو.“ ماستر هريام کيس ماٺ ڪرائيندي چيو، ”هاڻي مونکي وڌيڪ نه کول.“
    ميڙ ويٺلن نوجوانن هڪ ٻئي ڏي ڏسي ٽهڪ ڏنا.
    ”بئنڪاڪ جي ماڻهن کي پنهنجي صفائي رکڻ جو تمام گهڻو اونو نظر اچي ٿو.“ ماستر صاحب وڌيڪ شروع ٿيو. ”جيئن ئي توهان ڪنهن هوٽل ۾ گهڙندؤ ته بئرو توهان کي هڪ خوشبودار آلو ٽوال هٿ منهن صاف ڪرڻ لاءِ آڻي ڏيندو. مون سان گڏ رهندڙ هڪ ماستر صاحب هڪ ڏينهن ان ٽوال کي چڱي طرح استعمال ڪيو. ٻئي ڏينهن هن جون اکيون سُڄي سنگترا ٿي پيون. ٽوال ۾ ڪي جراثيم هئا. پوءِ هن کي اکين جي علاج لاءِ ڪيتروئي ناڻو خرچ ڪرڻو پيو. ان تان مون کي ياد آيو ته بئنڪاڪ جو ڊاڪٽر رڳو اکين جا کوپا مٿي کڻي منٽ ڏسڻ لاءِ ڏيڍ سؤ ڀات وٺي ٿو. ان کان علاوه دوا تي ڌار خرچ. بئنڪاڪ ۾ وڃي رهڻ جو متان ڪڏهن سوچيو اٿاوَ.“
    ”ماستر هريام! ڇا واقعي سچ ٿا چئو-؟“
    هريام ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي.
    ”بئنڪاڪ ۾ ايترا ته اڻ ڳڻيا ماڻهو رهن ٿا جو ڪنهن جي به زندگيءَ جو ڪنهن کي ڪو قدر ناهي. ڪو مري ته مري وڃي. ٻئي کي ان جي ذري به پرواهه ناهي. هڪ ڏينهن ته ڪار واري، سوڙهي گهٽيءَ مان ايندڙ ماڻهوءَ کي اهڙو ته زور سان ٽڪر هنيوجو واٽهڙو اتي رستي تي ئي مري ويو. مون ڏٺو ته ان تي ڪنهن کي به ڪهل نه آئي. مون کانسواءِ ڪو ٻيو سندس ويجهو به نه آيو. پر آئون ڌاريون ماڻهو ڇا ٿي ڪري سگهيس. مون کي ته نه اسپتال جي خبر نه رستن جي ڄاڻ.“
    اهو ٻڌي سڀ تپرس ۾ پئجي ويا. ڪا دير ڪنهن لفظ به نه ڪڇيو آخرڪار وان جي ڀر ۾ ويٺل هڪ ٻئي نوجوان ڳالهه جو موضوع بدلايوِ:
    ”چاچا ماستر! اسان کي بئنڪاڪ جي ڇوڪرين بابت ٻڌايو. اهي ڪهڙا ڪپڙا پائين ٿيون؟ اهي ڪيئن هلن ٿيون؟“
    ”اهي ڪهڙا ڪپڙا پائين ٿيو! ڪي بنهه ننڍڙا اسڪرٽ (پڙا) پائين ٿيون. ايتريقدر جو اڳيان جهڪڻ سان سندن ڪڇا نظر اچن ٿا. ڪي پيرن جي مرين تائين ڊگھا ته ڪي گوڏن تائين بهرحال پڙا کڻي ڪنهن به ڊيگهه جا پائين پر منجهائن چالو قسم جون ڇوڪريون ڳولڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. ساڳيو حال مٿئين فراڪ (چولي) جو آهي. جيڪي ڊگها پائين ٿيون اهي وري واٽ ويندڙ جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ اڳيان پويان يا پاسي کان چاڪ ايترو ڊگهو،، دُن تائين يا ڇاتيءَ تائين کولي هلن ٿيون جو ڏسڻ وارو پهرين نظر سان هنن تي موهٿ ٿيو وڃي. ٻڌو پيون. منهنجي ڳوٺ جو ڇوڪريون. توهان کي انهن کان سبق سکڻ کپي ۽ ڪڏهن به هنن جيان هلڻ جي ڪوشش نه ڪجو.“
    ننڍن همراهن کي پوڙهي ماستر جي ڳالهه نه وڻي. خاص ڪري وان کي، جنهن ٺهه پهه وراڻيو. ”پوڙهن جي اها عادت چڱي جو پنهنجو وقت لئه ۾ گذاري هاڻ ٻين کي ويٺا نصيحتون ڪن ته هيئن به نه ڪريو هوءَ به نه ڪريو. اسان نوجوان ڇا ٿاچاهيون اهو کين هرگز خيال نٿو اچي.“
    هريام هن جي ڳالهه کي ڪن ٽار ڪري پنهنجي ڳالهه جاري رکي: ”۽ هو هلن ڪيئن ٿيون؟ ڪجهه ڪجهه توهان ڇوڪرين وانگر. پر وڌيڪ اُڀو ٿي ۽ وڌيڪ نازڪ نخري سان. مون ته توهان کي اهو شروع ۾ ئي ٻڌايو، يا نه، ته بئنڪاڪ جي ماڻهن ۾ هاڻ ڪوبه شرم حيا نه رهيو آهي؟ ان جي ثابتي بئنڪاڪ جي ڇوڪرين جي چال مان ملي سگهي ٿي جن مان هر هڪ پنهنجو پاڻ کي ماڊل سمجهي ٿي. اڄڪلهه هو ميوزڪ تي نانگ وانگر ور وڪڙ کائي پنهنجي شهوت انگيز ڪپڙن ۽ ڪڇن جو نظارو ڪرائين ٿيون. توهان سان ڳالهائڻ وقت سينو تاڻي اُڀو ٿي بيهن ٿيون ته لڳي نٿو ته ڪي هو عزت واريون آحن. بئنڪاڪ ۾ وڃي رهڻ جو ته ڪڏهن به دل ۾ ڌيان نه آڻجو نه ته توهان به انهن ئي جهڙيون بي حيا ٿي پونديون.“
    ماستر هريام اهو چئي پنهنجن ڪلهن کي ٿورو لوڏيو ۽ هيئٺين چپ کي چڪ هڻي پنهنجي نفرت جو اظهار ڪيو. پر محفل ۾ ويٺل نوجوان ڇوڪرن جي اکين ۾ ڄڻ نشي کان خمار چڙهي رهيا هئا.
    وان، چياپ ۽ ٻين هيڪاندن ڏنگن ڇوڪرن جو ته وات پاڻي ٿي رهيو هو.
    ماستر هريام پنهنجي منهن سوچڻ لڳو: ”هميشه ڇوڪريون ئي آهن جيڪي پنهنجن واهيات نخرن ۽ جسماني اوگهڙ ذريعي مردن جي جنسي خواهشن کي اُڀارين ٿيون. ۽ پوءِ جڏهن هو آپي مان نڪري هنن سان ڪجهه ڪري ويهن ٿا ته هنن کي ’جنسياتي وحشي‘ جهڙا خطاب ڏيئي جيلن ۾بند ڪيو وڃي ٿو. يا چريو سمجهي نفسياتي علاج جي لائق سمجهيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر، نفسياتي ماهر، ڪردار جو ڇيد ڪرڻ وارا ملان مولوي، پروفيسر پنڊت ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪن ٿا ته انهن پاڳل ۽ وحشي ڪمن لاءِ جوابدار فقط مرد ئي آهن ۽ ان جو ڪارڻ گهڻو اوچو کاڌو، راند روند ۽ ورزش کان پري ڀڄڻ، هڪ گهرجو ٻئي گهر سان مليل هجڻ، ڳتيل آدمشماري، پيريءَ ۾ مرد کي شهوت ذري جو وري اچڻ چيو وڃي ٿو ڪوبه ان بابت عورت ذات کي ڏوهاري نٿو سمجهي. ڪوبه ان گوڙ گهمسان جو سبب عورت کي قرار نٿوڏ.ئي!“
    ٻئي ڏينهن تي هريام جي زال کي هڪ ڄاتل سڃاتل هٿ لکڻيءَ ۾ هڪ نياپومليو.
    ”منهنجي ڳولا ڪرڻ اجائي آهي. آئون هميشه لاءِ بئنڪاڪ رهڻ لاءِ وڃان پيو- هريام.“

    پينسري ڪائين سري (Pensri Kiengsiri)
    هن ٿائي افساني- ’ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ‘جي ليکڪا پينسري ڊاڪٽر (فزيويٿراپسٽ) آهي. جنهن آسٽريليا مان تعليم حاصل ڪئي. اڄڪلهه پاڻ ٻي ڪا نوڪري ڪرڻ بدران سڄو وقت لکڻ پڙهڻ کي ڏئي ٿي. سندس افسانن جا ٽي مجموعا ڇپجي چڪا آهن. ان کان علاوه پاڻ ڪيترائي ناول پڻ لکيا اٿس.جن مان پنجن تي فلمون ۽ هڪ تي ٽي وي سيريز ڊرامو ٺهي چڪو آهي. پاڻ ٿائلينڊ جي انگريزي اخبار Bangok- Pos لاءِ ڪالم پڻ لکي ٿي.


    آخري کلڪو

    بابو اسان کي هميشه اهو ٻڌائيندو هو ته هن ڪيئن، جڏهن هو پنجويهن سالن جو هو، ته فقط ٽن شين جو قدر ڪيو ٿي. هڪ ته دشمن کان بچڻ لاءِ گوتم ٻڌ جو ننڍڙو پتلو- جيڪو هروقت سندس ڳچيءَ ۾ لڙڪندو رهيو ٿي. ٻيو چيلهه ۾ ٻڌل تعويذ- جيڪو سندس عقيدي موجب، ٻڌندڙ کي همت ڏئي ٿو ۽ ٽين پوليس جيڪي سليٽي وردي- جي هر بنگلين ضلعي پوليس جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ هجڻ ڪري ڊيوٽيءَ مهل پائيندو هو.بابي امان سان ٿائيلينڊ جي هن شهر بنگلين ۾ ئي شادي ڪئي هئي. سندس ڀاءُ هن علائقي جي بدمعاشن جي ٽولي جو خطرناڪ سردار هو، جنهن جي نالي کان پري پري جي علائقي جا ماڻهو ڇرڪيا ٿي. بنگلين ضلعي ۾ هن جو پنهنجو ڪسينو هو جتي شراب ڪواب ۽ جوا جو ڌنڌو زور شور سان هليو ٿي. اهو اڏو بابي جي ئي حد ۾ آيو ٿي. پر بابا اسان کي ڪڏهن به اهو نه ٻڌايو ته هن مامي جهڙي هڪ گئنگسٽر جي ڀيڻ سان ڪيئن شادي ڪئي.
    بابا ۽ ماما بلڪل ائين مختلف هئا جيئن ڏينهن۽ رات. اسان وارو مامو جاني واڪر وسڪيءَ کان گهٽ شيءِ ته پيئندو ئي نه هو. داداگيرن وانگر آرام ڪرسيءَ تي ويهي سڄو وقت ڪڪڙ جو ٻوڙ کائيندو ۽ شراب پيئندو هو. واري وٽيءَ تي سندس ڏهن زالن مان ٻه ڄڻيون هن جي خدمت چاڪريءَپٺيان مشغول هونديون هيون. هڪ مالش ڪندي هيس ته ٻي وڃڻيءَ سان هوا هڻندي هيس. رکي رکي جڏهن مامو گهر جي مانيءَ مان تنگ ٿيندو هو ته پنهنجي سڄي گئنگ کي ساڻ ڪري تبديلي ڪارڻ بئنڪاڪ هليو ويندو هو، اتي پهچي هو ڀريل طباق- تريل ڪڪڙ ۽ بدڪن جا، گهرائي پنهنجن ساٿين سان گڏ کائيندو هو. ان بعد مختلف دڪانن مان بهترين چيني سلڪ جاڪپڙا سڀني کي وٺي ڏيندو هو تنهن بعد آخر ۾ شهر ۾ هلندڙ سڀ کان سٺو ناچ گاني يا ڊرامي جو شو سڀني کي ڏيکاري فيريءَ ذريعي پنهنجي علائقي ۾ پهچي ويندو هو. ايندي ويندي مجال جو ڪو کانئس فيريءَجي ڀاڙي جي گهر ڪري. سندس سڄو ٽولو هميشه بنا ٽڪيٽ جي ئي سفر ڪندو هو.
    هوڏانهن بابو فقط ڀت کائيندو هو. هر وقت کيس سرڪاري ڊيوٽي چڱيءَ طرح ڏيڻ جو فڪر هوندو هو. نديءَ جي ڪناري تي سندس صاحب سپرنٽينڊنٽ جي آفيس آئي ۽ وڏي ٿاڻي سامهون ٻئي ڪپر تي ئي مامي جي جوا جو وڏو ڪسينو (اڏو) هو. پر مامي، تي ڇاپو هڻڻ ناممڪن ڪم هو. ڇو جو ماما هڪ خاص چوڪيدار رکي ڇڏيو هو جنهن جو ٻيو ڪوبه ڪم نه هو سواءِ ان جي ته هر وقت ايس پي جي آفيس تي نظر رکي. جيئن ئي هن کي ڄاڻ پوندي هئي ته غير معمولي چرپر يا ڇاپي لاءِ پوليس تيار ٿي رهي آهي هو هٿ لوڏي ڪسينو وارن کي اشارو ڪندو هو ۽ سڀ ڪو ائين ٽڙي پکڙي ويندو هو جو جڏهن پوليس وارا لانچ ۾ چڙهي اڏي تي پهچندا هئا ته کين تاس جو ٺلهو هڪڙو پتو به نظر نه ايندوهو. ۽ اهو سڀ ڪجهه سڀني سمجهيو ٿي، ڇو جو پوليس جي مرزيل لانچن کان هنن ڌاڙيلن جا گهوڙا وڌيڪ تکا ۽ ڦڙت هئا.
    پر پوءِ آهستي آهستي ماڻهن اهو بهتان مڙهڻ شروع ڪيو ته پوليس ماما جو نالو وٺي نٿي سگهي ڇو جو هو پوليس جي ڊي ايس پي صاحب جو سالو آهي جيڪو هن کي ڳجهه ڳوهه ذريعي اطلاع ڪريو ڇڏي.
    انهن افواهن جو اهو نتيجو نڪتو جو ايس پي صاحب منهنجي پيءُ کي گهرائي اهو ڪم سونپيو- يعني مامي کي ساٿين سوڌو واردات واري جاءِ تان جهلي اچ. ان بعد خبرپئجي ويندي ته مامي کي ڪير ٿو اطلاع ڪري ۽ ساڳي وقت بابا جهڙي ايماندار پوليس آفيسر جي به خبر پئجي ويندي ته آيا هو چڱي طرح ڊيوٽي ڏئي ٿو يا نه.
    درياهه ٽپڻ مهل ٻيڙيءَ ۾ بابا اڪيلو ئي اڪيلو نڪتو. سندس ڳچيءَ ۾ فقط گوتم ٻڌ جو پتلو هو. بندوق به هو گهر ڇڏي هليو.
    جوا جي اڏي تي بيٺل پهريدار جيجيئن ئي مٿس نظر پئي ته هن اسان جي مامي کي خبردار ڪيو ته پوليس ڇاپي لاءِ اچي پيئي. پر سڄي پلٽون بدران فقط هڪ ڄڻو ڏسي هنن کي تعجب ضرور لڳو.
    ”هڪ ماڻهو هيڏانهن اچي اسان جو ڪهڙو آڱوٺو پٽي سگهي ٿو.“ مامي رڙ ڪري پنهنجن همراهن کي چيو، ”اڙي جوار رکو، ڀڄڻ جي ڪا ضرورت ناهي.“
    درياهه جي ٻي ڪپر تي پهچي بابي ٻيڙيءَ کي اتي ئي ڇڏيو ۽ جوا جي اڏي ڏي پيدل روانو ٿيو. جوا جي اڏي ۾ گهڙڻ کان اڳ هڪ سوڙهي گهٽي آئي ٿي جيڪا مامي خاص طرح ٺهرائي هئي، جيئن ڪسينو ۾ گهڙڻ وقت ماڻهو هڪ هڪ ٿي قطار ۾ اچي سگهن ۽ ان وقت جيڪڏهن اها گهٽي ٻنهي ڪنڊن کان بند ڪئي وڃي ته وچ ۾ ماڻهو ائين پاسي وڃي جيئن ڪوئي مار ۾ ڪوئو. بابا جيئن ئي اڏي تي پهتو ته در وٽ بيٺل درٻان کي جهلڻ بدران جهڪي سلام ڪيو. سوڙهي گهٽي اُڪرڻ بعد ٻي ڪنڊ تي بيٺل درٻان به کيس سلام ڪيو ۽ مامي جي ڪمري جو دروازو کولي کيس اندر وڃڻ لاءِ آڌر ڀاءُ ڪيو.
    جڏهن بابا اندر قدم رکيو ته کيس سامهون ئي مامو نظر آيو جيڪو هميشه وانگر آرام ڪرسيءَ تي ويهي شراب پي رهيوهو. غير قانوني طرح هلندڙ جوا، چوڌاري متل هئي. بابي جي گهڙڻ تي مامي آيل مهمانن جي کيڪار خاطر چيو: ڀلي ڪري آيائو. ڪريو خبر. اڄ اسان جو ڊي ايس پي صاحب اسان وٽ ڪيئن اچي نڪتو آهي؟“
    بنابا ماما کي سلام جو جواب ڏيندي ڌيرج سان چيو؛ ”اُميد ته تون خوش هوندين.“
    ڊرامي جا ٻئي اهم ائڪٽر- يعني بابا ۽ ماما جتي آرام ۽ تحمل سان گفتگو ڪرڻ لڳا اتي ٻين ويٺلن جوارين جو ساهه سڪي ويو. وس پڄين ها ته. ڀتيون ڦاڙي ٻاهر ڀڄي وڃن ها.
    پر مامي جو هي اڏو اهڙو ٺهيل هو جتي توهان اندر ته سولائيءَ سان گهڙي سگهيائو ٿي پر ٻاهر نڪرڻ ايترو آسان ڪم نه هو. سندس ڀتيون مضبوط ۽ ور وڪڙن واريون هيون. ۽ پوءِ جوارين ٽيبل تان پئسا ميڙڻ شروع ڪيا. ان گوڙ گهمسان ۾ فقط ٻه آواز نمايان هئا. هڪ مامي جو جيڪو چئي رهيو هو: ”مڙيئي خير آهي. ڊڄڻ جي ڪا ڳالهه ناهي. کيڏڻ ۾ مشغول رهو.“ ۽ ٻيو آواز منهنجي پيءُ جو هو، جيڪو سرڪاري لهجي ۾ کين حڪم ڪري رهيو هو: ”خبردار جو چُريا پريا آهيو ڪنهن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ”ٻيو اُهو آواز هو جنهن۾ رعب ۽ دٻدٻو هو. جنهن پٺيان سرڪاري طاقت هئي جنهنڪري هڪ عام پوليس وارو به همٿ وارو ٿيو پوي. سڀ جتي هئا اتي ڄمي ويا.
    مامي رڙڪري پڇيو: ”سو، تنهنجو هتي ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟“
    ”آئون هتي ان لاءِ آيو آهيان ته توکي ٿاڻي تي وٺي هلان.“ بابا چيو. ماما ان تي ايڏو وڏو ٽهڪ ڏنو جو ان جو آواز سڄي هال ۾ گونجي ويو. ان بعد وسڪيءَ جو ڍڪ ڀري بابي کي چيو: ”تون ڇا ٿو سمجهين ته آئون ائين چپ ڪري ويٺو رهندس ۽ تون هتان بچي نڪرندين؟“
    ”تون جيڪي ڪرڻ چاهين ٿو اهو تنهنجو پنهنجو مسئلو آهي.“ بابا وراڻيو، ”باقي هي جيڪي ڪجهه آهي اهو مون کي ڪرڻو آهي.“
    ”۽ جيڪڏهن ڪو همت ڪري توهان کان اهو پڇي ته توهان ڇاڇا چاهيو ٿا؟“ منهنجي مامي ادب سان پڇيو.
    ”جيڪي جيڪي ماڻهو هتي موجود آهن انهن کي آئون ٿاڻي تي وٺي هلڻ چاهيان ٿو.“ بابي وراڻيو.
    ”سڄي ڄمار ۾.“ ماما وراڻيو، ”مون ڪڏهن تنهنجي ٿاڻي تي قدم نه رکيو آهي. ۽ نه ڪنهن کي همٿ ٿي آهي جو مون کي جهلي ٿاڻي تي وٺي هلي.“
    ”ان ڪري ٿاڻي جو نمائندو پاڻ تو وٽ هلي آيو آهي- بنا هٿيارن جي. ۽ توکي ٿاڻي تي هلڻ لاءِ خاص عرض ڪري ٿو.“ بابا چيو.
    ”خاص عرض، ائين نه؟ بنا ڪنهن بندوق پستول جي تون مون کي ٿاڻي تي وٺي هلڻ جو سوچي رهيو آهين. ڊي ايس پي هوندين ته پنهنجي لاءِ. آئون توکي هڪ ڪتي وانگر ماري ڇڏيندس.“
    ”ته پوءِ مار.“ بابا جواب ڏنس.
    ”۽ پنهنجي ڀيڻ ۽ ٻارن کي يتيم ڪري ڇڏيا؟“ مامي چيو.
    ”مائٽي مٽيءَ وارا ناتا هڪ پاسي ئي رکيا وڃن ته بهتر آهي. آئون هتي سرڪاري ڊيوٽي تي آيو آهيان ۽ نه مائٽي واري ڪاڄ جي نينڊ تي.“ بابا چيو ۽ پوءِ جوا کيڏندڙ ڏي منهن ڪري چيو ”توهان مڙيئي ٻڌو پيا. توهان مان هڪ هڪ ٿي هيٺ ٻيڙيءَ ۾ هلي وهي.“
    ”تون اڃا اهو سمجهين پيو ته هڪ ماڻهو- سو به بنا هٿيارن جي هيترن مڙني ماڻهن تي حڪم هلائي سگهندو؟“ ماما بابا کي ٽوڪيندي چيو: ”تون ڪنهن کي جهلڻ جي ڪرين ان کان اڳ هو هوا وانگر چئني طرف ٽڙي پکڙي غائب ٿي ويندا.“
    ”پر جيڪڏهن تون هنن کي ان ڳالهه کان منع ڪندين ته هو ڪيڏانهن به وڃي نه سگهندا.“ بابا چيو. ”ساڳي وقت آئون فقط توتي نظر رکندس.“
    ”هي چريائيءَ جون ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين؟“ ماما ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيو، ”اڙي مون کي اها بندوق ڏجو. آئون هاڻ بلڪل بي صبرو ٿي هٿن مان پيو وڃان.“ سندس هڪ ساٿيءَ کيس بندوق وڌائي هٿن ۾ ڏني. هن ڪرسي تي ويٺي ويٺي بندوق کي اٿلائي پٿلائي ڪجهه سوچيو.
    ”ڇا تون اڃا سمجهين ٿو ته مون کي جهلي سگهندين؟“ ماما پڇيو. پر بابا کيس جواب نه ڏنو ۽ نه پنهنجي جاءِ تان رڙهيو. مامي ڪاوڙ مان پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو. ”ڀلا اهو ٻڌاءِ ته ڇو تون؟ هيڏي پوليس جي عملي مان ڇو تون آيون آهين؟ ڪو ٻيو ڇو نه؟ ڇا هو چاهين ٿا ته آئون هرو ڀرو پنهنجي ڀيڻ جي مڙس جو خون ڪريان-؟“
    ”اها ڳالهه تون به سمجهين ٿو ته آئون به.“ بابا چيو. ”توکي خبر آهي ته سڄي تر ۾ ڇا ڳالهه هلي ويئي آهي. ماڻهو اهوئي چون ٿا ته جيسين تنهنجو ڀيڻي ويو هن تر جو ڊي ايس پي رهندو. تون غير قانوني ڪم ڪندو رهندي. مون کي اهو غلط ثابت ڪري ڏيکارڻو آهي. سو جيڪڏهن تون مون کي گولي هڻي ماريندين ته سڀ کان بهتر ٿيندو. نه فقط بدناميءَ کان پر هن دنيا جي سورن کان به ڇٽي پوندس. ۽ افواهه پکيڙڻ وارن کي اهو ته محسوس ٿيندو ته گهٽ ۾ گهٽ ڪو ته پوليس آفيسر آهي جيڪو قانون ۽ ڊيوٽيءَ کي مائٽي مائٽيءَ جي ناتن ٻنڌنن کان به مٿي سمجهي ٿو. تون کڻي منهنجو ڀيڻويو آهين پر قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ڪري منهنجين نظرن ۾ تون به هڪ ڏوهاري آهين!
    ”تاس جا ڪجهه پتا رکي انهن سان کيڏڻ ۾ آخر خرابي ئي ڇا آهي؟“ مامي جي ڪاوڙ جو پارو هاڻ چوٽ چڙهي رهيو هو.
    ”قانون جوا کيڏڻ کان منع ڪري ٿو.“ بابي سخت لهجي ۾ وراڻيو. ”۽ هر اهو ڪم جيڪو قانون جي خلاف آهي ڏوهه آهي. جرم آهي.“
    بنا ڪنهن چتاءَ جي مامي يڪدم بندوق جو نشانو بابا تي چٽيو. هر ڪو ڊڄي پاسيرو ٿي بيٺو. پر بابا ائين جبل وانگر هڪ هنڌ بيٺورهيو.
    ”قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ مون پنهنجي زندگيءَ جو اصول ٺاهي ڇڏيو آهي.“ ماما چوڻ لڳو. ”مثال طور، ماڻهن کي مارڻ قانون جي خلاف آهي. پر مون هميشه ائين ئي ڪيو آهي، ۽ هن عمر تي پهچي هاڻ پنهنجون عادتون بدلائڻ نٿو چاهيان. ۽ هينئر هڪ ٻئي ڄڻي جو خون مون لاءِ ڪوبه خاص فرق پيدا نٿو ڪري.“
    بابي هڪ قدم به پٺتي نه چرندي وراڻيو: ”آئون قانون جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ملڪ جي بادشاهه طرفان مقرر ٿيل نمائندو آهيان جيڪو مون کي اهنج رسائيندو اهو ڄڻ حاڪم جي بيعزتي ڪندو.“
    ان جملي تي مامي يڪدم بندوق کي کڻي هيٺ ڪيو. ڄڻ اها اوچتوئي اوچتو ڳري ٿي پيئي هجي. هو ڪجهه سوچڻ لڳو. ڪنهن زماني ۾ هن پاڻ به شاهي خاندان وٽ نوڪري ڪئي هئي. ان جو نمڪ کاڌو هو ۽ هن جي دل ۾ بادشاهه سلامت لاءِ پنهنجي قسم جي وفاداري هئي.
    ”چڱو سائين چڱو، اهي سڀ ڳالهيون ڇڏيو ۽ اچو ته ڪو پاڻ ۾ معاهدو يا ڏيتي ليتي ڪريون.“
    ”ڪوبه معاهدو يا ڏيتي ليتي مون کي قبول ناهي.“ بابي وراڻيو. آئون هتي تو تائين خالي هٿين آيو آهيان ۽ تيسين هتان نه چرندس جيسين مون کي ڏيکارڻ لاءِ ڪجهه ملي.“
    مامي پنهنجي بندوق پاسي تي اڇلائيندي چيو، ”مون کي سچ پچ ته تنهنجي هتان بدلي ڪرائڻ جو بندوبست ڪرڻو پوندو.“
    ”اهو ته تمام سٺو،“ بابا چيو، ”جيئن وڻنئي تيئن ڪر. مون کي به هتي رهڻ جو شوق ناهي. ڇو جو هتي هوندس ته توکي هر هر جهلڻ ايندو رهندس. ان لاءِ سونپيل ڊيوٽيءَ کي پورو ڪرڻ لاءِ آئون پنهنجو فرض سمجهان ٿو.“
    آئون تنهنجي بدلي ڪرائي وٺندس،“ ماما اٽل ارادي سان چيو، ”چڱو هاڻ هل. تون پهريون خوشنصيب آهين جو هتان جيئرو واپس موٽين ٿو.“
    ”اهو آئون به سمجهان ٿو،“ بابا چيو، ”ڇو جو هن علائقي ۾ جي آئون گهڻو وقت رهيس ته هڪ ڏينهن نوڪري وڃائي ويهندس. ۽ پيٽ پالڻ لاءِ مون لاءِ نوڪري ڪرڻ تمام ضروري آهي.“
    ماما خوشيءَ سان ڪجهه گهڙين لاءِ بابي جوايماندار چهرو چتائي ڏٺو سندس اکين ۾ پنهنجي ضد تان پٺتي هٽڻ جو ڪو نالو نشان نه هو. آخرڪار مامو پيرن تي اٿي اُڀو ٿيو ۽ ڪمري ۾ آهستي آهستي پسار ڪندي سوچڻ لڳو. ۽ پوءِ بابا جي سامهون بيهي چيو:
    ”چڱو سرڪار! تو کٽيو. جيئن توکي وڻي ڀلي ائين ڪر. هتان اسين وڏي ٿاڻي تي هلون. ائين ئي تون چاهين ٿو نه؟ جيتوڻيڪ ڳالهه ۾ ڪجهه به ناهي. ماڻهن اجايو وٺي کنيو آهي ۽ مون کي بدنام ڪيو آهي.“
    ”توهان مڙني ٻڌو ته هن ڇا چيو،“ بابا رڙ ڪري ماما جي ساٿين ۽ آيل جوارين کي چيو، ”هڪ هڪ ٿي هيٺ پوليس لانچ ۾ هلي ويهي!“
    پر اتي وري مامي کِٽ هنئي. ”ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي جو آئون ڪنهن پوليس واري سان گڏ ٿاڻي تي هلان. اهو وهم دل مان ڪڍي ڇڏ ته ڪو تون مون جهڙي بدمعاش کي گرفتار ڪري سگهندين.“
    پر ٿوري دير اڳ تو چيو....“ بابا چيو.... تو واعدو ڪيو... تو چيو ته تون پنهنجو پاڻ کي قانون اڳيان پيش ڪندين.“
    ”اهو مون برابر ڪيو آهي.“ مامي چيو: ”۽ اهو مان پورو ڪندس- پر آئون اهڙي تهڙي چور ٺڳ وانگر هٿ ڪڙيون پائي ائين هرگز نه هلندس. آئون پنهنجي ئي مرضي سان ٿاڻي تي پهچندس ۽ پنهنجي ئي وقت تي ايندس. مون توکي ان لاءِ زبان ڏني آهي اها ضرور پاڙيندس. تون هينئر گهر هليو وڃ. سڀاڻي ننڊ مان اٿڻ کان اڳ آئون هنن سڀني همراهن سميت ٿاڻي تي پهتل هوندس ۽ تنهنجي ئي کاتي ۾ اچي صحيح ڪندس تو اسان کي گرفتار ڪيو آهي. بس؟“
    بابا ان بابت منٽ ٻه سوچيو. ۽ پني ڀور ۽ پينسل جي گهر ڪئي جيئن سڀني همراهن جا نالا لکي وٺي. آئون هي لسٽ پاڻ سان کڻي هلان ٿو،“ هن چيو، پوءِ جيئن تون هنن کي وٺي ٿاڻي تي حاضر ٿيندين ته نالا جانچي ڏسندس.“
    ”اهو تون ڀلي ڪري سگهين ٿو.“ ماما وڏي شان سان وراڻيو.
    بابا اڪيلو ئي اڪيلو لانچ ۾ موٽيو. سندس هٿن ۾ فقط واردات تي موجود همراهن جي لسٽ هئي. جڏهن ٿاڻي ۾ گهڙيو ته سڀ کيس شڪي ۽ ذليل نگاهن سان ڏسڻ لڳا. ڪنهن ته ايتريقدر چئي ڏنوته ماما کي ڇڏڻ لاءِ هن تمام ڳري رشوت ورتي هوندي. بابا ڪجهه به جواب نه ڏنو. پر ان رات، امڙ کي ڏينهن واري روئداد ٻڌائڻ مهل ڏڪندڙ آواز ۾چيو: ”اڄ مون کي تنهنجي ڀاءُ کي جهلڻ لاءِ موڪليوويو هو.“
    ”تعجب جوڳي ڳالهه آهي جو هن توکي ماريو نه آهي.“ امان روئندي چيو.
    ”هو ان لاءِ ذري گهٽ تيارٿي ويو هو.“ بابا ٻڌايو.
    پوءِ هن سڄي ڳالهه امان کي ڪري ٻڌائي. ۽ پوءِ رات جو دير دير تائين امان جي سڏڪن جو آواز ٻڌندا رهياسين. بابا به سڄي رات سمهي نه سگهيو.
    ٻئي ڏينهن صبح ساڻ پنهنجي گرفتاري پيش ڪرڻ لاءِ، ماما پنهنجي ساٿين ۽ جوا تي ايندڙ همراهن سميت وڏي ٿاڻي تي پهچي ويو. اهي سڀ مامي جي لانچ ۾ سٿجي آيا هئا. مامو بهترين ۽ مهنگن سلڪ جي ڪپڙن ۾ هو. ڪارروائيءَ دوران هو سوپاريون چٻاڙيندو رهيو.
    وڏي بحث مباحثي بعد، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ جي ضمانت لاءِ وڏو ملهه مقرر ڪيوويو. جيڪو ناڻو مامي سڄي سنگت پاران ڏنڊ طور ڏنو. ان جو ڪجهه حصو انعام طور بابا کي ڏنو ويو. جنهن ههڙن وڏن ڏوهارين کي جهلائڻ ۾ مدد ڪئي هئي.ان بعد ماما پنهنجن همراهن کي ان ئي وقت ساڻ وٺي ساڳي لانچ ذريعي روانو ٿي ويو. هن، پٺيان ڪنهن ڏي مڙي به نه نهاريو. ايتريقدر جوا مان وٽ به ڪجهه گهڙين لاءِ نه آيو.
    رات جو بابا انعام ۾ مليل پئسا کڻي گهر امان وٽ آيو ۽ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي.
    ”مونکي هن انعام جو هڪ پئسو به نه کپي.“ هن چيو، ”۽ آئون اهي هينئر تنهنجي ڀاءُ کي موٽائي ڏئي ٿو اچان.“
    امان جو منهن ڊپ ۽ هراس کان هئڊو ٿي ويو. ”هن ڀيري،“ هن چپن ۾ بابا کي چيو، ”هن ڀيري هو توکي ضرور ماري ڇڏيندو.“ ۽ پوءِ هوءَ بيهوش ٿي ويئي.

    آرچن پنجافن (Archin Panjaphan)
    ”آخري کلڪو“ افساني جو ليکڪ آرچن پنجافن ٿائلينڊ جو رهاڪو آهي. پاڻ ٿائي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي افسانا لکيا اٿس. جن مان ٻه مجموعا 1964ع ۽ 1975ع ۾ ڇپجي چڪا آهن.


    ضدي

    ملايا (ملائشيا) مان جپانين جي موٽ واري عمل عثمان لاءِ پڻ ڪجهه آزادي مهيا ڪئي. هن جي ڇڙواڳ زندگي ڪاري ٻٽ اونداهيءَ مان ٽپي روشني جي محدود دائري ۾ داخل ٿي.
    اها روشني کڻي گهڻي نه هئي پر ايتري هئي جو هو نئين زندگيءَ ڏي قدم وڌائي سگهي.
    پاڻ جسم جو سنهڙو هو ۽ مٿو سڄو ڪوڙائي هلندو هو. اهاڳالهه اهڙي هئي جيڪا هن هميشه لاءِ قائم رکڻ نٿي چاهي. سندس نوان وار ائين چهنبون ڪري ٻاهر نڪري رهيا هئا جيئن هڏائين ۽ ڏٻري ٻليءَ جي ٿلهي کل تي هوندا آهن. وهنجڻ مهل هي وار هڪ ٻئي سان ملي ائين مُچا ٺاهي بيهندا آهن جيئن آلي غاليچي جا ٽور، ۽ سڪڻ مهل وري ڪُنڊن تي ائين اُڀا ٿي بيهندا هئا جيئن ڪوريا جي ماڻهن جا هوندا آهن. عثمان کي پنهنجن وارن تي فخر هو جن جي ضدي هجڻ جو ثبوت ڏنو ٿي.
    هن جي ضدي پڻي جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جپاني مليٽري پوليس کيس ٽي دفعا جيل ۾ وڌو هو. ذهني طرح ٽي دفعا مرڻ بعد، سندس روح جو هاڻ ڪجهه به حصو بچيو نه هو. جيستائين هن جا وار وي وڏا ٿين تيستائين هن شهر ۾ وڃڻ نٿي چاهيو. هن ٻهراڙيءَ ۾ رهي، ڪونه ڪو ڌنڌو ڪري وقت گذارڻ چاهيون ٿي.
    عثمان جي ڀيڻ خميسان ڪڪڙيون پاليون هيون جن مان ڪي نه ڪي هر وقت آنا ڏينديون رهيون ٿي جيڪي عثمان ۽ سندس ڀيڻ وڪيا ٿي. خميسان عثمان کي بيضا ڏيندي هئي ۽ هو پنجانگ ڳوٺ جي هڪ چيني ڪيدائي (دڪان) واري کي وڪڻي ڏيندو هو.
    موڪلن بعد خميسان جو اسڪول کليو. . هڪ ڏينهن هن سڀ بيضا اسڪول ۾ وڃي وڪيا. جڏهن واپس گهر پهتي ته ٻنهي جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو.
    ”تو مون سان دغا ڪئي.“ عثمان هن کي چيو.
    ”تو مون سان اٽڪل بازي ڪئي.“
    ڀيڻ وراڻيو.
    ”گهڻو گوڙ نه ڪر.“ عثمان رڙ ڪئي، ”مون توکي هر بيضي لاءِ اٺ سينٽ ڏنا ٿي.“
    ٻئي ڏينهن کان ڀائيواري ختم ٿي ويئي. خميسان پنهنجا بيضا پاڻ کڻي اسڪول جي ڀر ۾ ويٺل چيني دڪاندارن کي في بيضو ٻارهن سينٽ جي حساب سان ڏيڻ لڳي.
    ڪجهه ڏينهن بعد عثمان جو دڪاندار سان ڦڏو ٿي پيو:
    ”تو مون کي ڦريو.“ عثمان چيو.
    ،مون هرگز نه ڦريو آهي.“ دڪاندار وراڻيو، ”مون کي جيترن بيضن جي ضرورت پوندي اوترا خريد ڪندس. منهنجي لاءِ ڪو فرق نٿو پوي. جهڙو تون مون کي ٻارهين سينٽن بيضوڪڻي ڏين ٿو اهڙو تنهنجي ڀيڻ.“
    ڪيترن ڏينهن لاءِ عثمان بي روزگار گهمندو رهيو. هن جا وار هاڻ ايڏا ڊگها ٿي ويا جو انهن لاءِ هن کي هر پنڌرهين ڏينهن برل ڪريم جي شيشي وٺڻي پيئي ٿي.
    هڪ رات هن دڪاندار وٽ يڪا ٻه سؤ بيضا وڪيا. ڳوٺ جي ماڻهن ٻئي ڏينهن ڏٺو ته سندن سڀ بيضا غائب هئا، انهن سان گڏ عثمان به ڳوٺ کان غائب هو. ڳوٺ جي وڏيري عثمان جي پيءُ تي چوويهه ڊالر ڏنڊ وڌو. انهن مان چوراسي سينٽ سندس ڌيءَ خميسان کي به مليا جنهن جا پڻ ست بيضا گم ٿي ويا هئا.
    ملائيشيا جي هڪ ڏورانهين رياست- ڪيلنتان ۾ پهچي، عثمان پنهنجي رهڻي ڪهڻي جا نمونا ئي بدلائي ڇڏيا. اتي جي هڪ شهر جي خٿاب ۾ داخلا وٺي هو مذهبي تعليم وٺڻ لڳو. وار وري ڪترائي ننڍا ڪرائي ڇڏيائين ۽ مٿي تي عالمن، حاجين ۽ مولوين واري اڇي رنگ جي آر واري ٽوپي پائڻ لڳو. خٿابي ٿي رهڻ واري ڳالهه کيس ڏاڍي وڻي. لڙائيءَ کان اڳ وارن ڏينهن ۾ به هن ڇهه مهينا پنهنجي ڳوٺ جي مدرسي ۾ ڪتاب ۽ سنت جي تعليم، ٻانگو ڏيڻ ۽ سر سان مولود پڙهڻ سکيا هئا. هن کي ٻين ۽ پنهنجي ڀيڻ بيضن چورائڻ واري ڳالهه جو ڏاڍو ڏک ٿيو. هن هاڻ سچار ٿي نيڪ زندگي گذارڻ چاهي ٿي.
    شروع شروع جي ڏينهن ۾ هن کي ايمانداريءَ واري زندگي گذارڻ واروڪم تمام ڏکيو لڳو. پر هو صبر وارو هو. هن ڏٺو ته ڪيترائي مولوي ۽ عالم سٺي زندگي پڻ گذاري رهيا هئا جو هنن جي ڳوٺ وارن مدد ڪئي ٿي پر عثمان کي سندس ڳوٺ وارن کان ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ سندن فصل جي لاباري ۾ مدد ڪرڻي پيئي ٿي. عثمان تي استاد بيحد مهربان هو جو عثمان ايماندار هو، نيڪ اخلاق هو ۽ سندس آواز تمام مٺو، چٽو ۽ سريلو هو.
    آهستي آهستي هن لاءِ ڏهاڙيءَ جي زندگي آسان ٿيندي ويئي سڀ ڳوٺاڻا کيس سڃاڻڻ لڳا. هاڻ هو اڇي رنگ جي اوچي ململ جو ڪڙتو پائڻ لڳو ۽ هيٺ تي هڪ فرسٽ ڪلاس سرونگ (گوڏ)- جيڪا ڊريس اهي خٿابي پائيندا هئا جيڪي جمعي نماز ۾ خطبو پڙهندا هئا ۽ اڪثر پيش امام ٿيندا هئا يا وري غمي خوشيءَ جي ڪاڄن تي ڊگها ڊگها واعظ ۽ مولود پڙهندا هئا.
    اهڙا پراڻا خٿابي نون آيل شاگردن کي پڻ پڙهائيندا هئا ۽ ڪٿي موتي فوتي جو ختمو درود ٿيندو هو ته مانيءَ تي پڻ ويندا هئا. اهڙن خٿابين کي ڳوٺ جا سٺا ۽ عزت وارا گهر پنهنجين ڌيئن جو سنڱ پڻ خوشيءَ سان ڏيندا هئا. هو جيترو گهڻو مشهور ٿيندا هئا اوتروئي کين سٺي گهر جو سنڱ ملي سگهندو هو. ۽ چئن زالن وارو همراهه ته هونءَ به وڏو استاد عالم ليکيو ويندو هو.
    عثمان هر نئين زندگيءَ جي سٺائين تي غور سان ويچار شروع ڪيو. هو قيمتي سرونگ ۽ ڪڙتو اوڍڻ لڳو. وار بنهه ننڍا ڪرائي ڇڏيائين. جيئن هن جي شخصيت بااثر لڳي ۽ ائين نه فقط عثمان پر ٻين خٿابين به ڪيو ٿي، جنهن ڳالهه جي اجازت جيتوڻيڪ سندن استاد کليءَ دل سان هرگز نٿي ڏني.
    هن کي پوءِ جلدي ئي محسوس ٿيو ته هڪ نوجوان سهڻي ڇوڪريءَ جو ساڻس عشق ٿي ويو آهي. هوءَ ساڳي رياست ڪيلنتان جي هڪ وڏي شهرڪوٽا باروءَ ۾ رهي ٿي.
    شاديءَ جي خرچ خاطر پئسا گڏ ڪرڻ لاءِ عثمان هڪ دفعو وري بيضا وڪڻڻ شروع ڪيا. هن دفعي نه فقط بيضا پرچانور پڻ. اهو ڪم هيئن ٿيو جو سندس محبوبا سلماح جي وڏي ڀيڻ ميڪياح جو مڙس سان روسامو ٿي پيو ۽ هو پاڻ مرادو ڪوٽا بارو شهر ۾ چانور وڪڻڻ لڳي. عثمان پنهنجي خٿابي ساٿين کان پئسي جي ڪجهه مدد وٺي پنڌرهن مڻ کن چانور ۽ پنجٽيهه بيضن سان شروعات ڪئي ۽ پوءِ آهستي آهستي اڳتي هلي ميڪياح جي نمائندي طور مارڪيٽ ۾وڪرو ڪرڻ لڳو. هي هاڻ هڪ ماڊرن عالم سڏجڻ لڳو جنهن کي نماز پڙهائڻ، ٻانگ ڏيڻ، واعظ ڪرڻ ۽ مولود پڙهڻ- سڀ ڪجهه آيو ٿي.
    هن جي شاديءَ لاءِ هاڻ پوري عمر ۽ وقت هو. ڳجهه ڳوهه ۾ هن پنهنجي مالڪڻ جي ڀيڻ سلماح جي سنڱ گهرڻ جي تاريخ پڻ پڪي ڪئي.
    ميڪياح جيڪي ڪجهه شرط شروط پنهنجي ننڍي ڀيڻ جي شاديءَ لاءِ رکڻ چاهيا ٿي اهي مڙيئي پورا ڪرڻ لاءِ هو بلڪل تيار هو. هڪ رات هن عثمان کي ڪوٽا باروءَ ۾رهڻ لاءِ گهرايو. هو اها اميد رکي روانو ٿيو ته اتي پهچي سلماح سان به اڪيلي ۾ ملاقات ٿي ويندي. پر سندس اها اميد پوري ٿي نه سگهي.
    هوءَ عثمان کي پهرين سلطانا سئنيما هال ۾ فلم ڏسڻ لاءِ وٺي هلي. ان بعد يوٿ ريسٽورينٽ ۾ماني کائڻ ۽ آخر ڪجهه وقت هڪ پارڪ ۾ گذريائون. سلطانا سئنيما ۽پارڪ ۾، عثمان جي ٻين اسڪولن ۽ مدرسن کان آيل مولوين ۽ خٿابين سان پڻ ڏيٺ ويٺ ٿي. هنن جي موجودگيءَ ۾ هو ڪجهه ڪجهه شڪي ۽ لڄارو ٿي رهيو هو. پنهنجي خٿاب ۾ رات جوئي موٽڻ بدران هو پنهنجي محبوبا جي گهر ٽڪي پيو. پر جيئن ته هو هروقت سندس وڏي ڀيڻ ۽ پنهنجي مالڪڻ جي پهريدار اکين هيٺان هو ان ڪري هو پنهنجي محبوبا سلماح سان ملي نه سگهيو. ويندي هڪ لفظ ڳالهائڻ جو به کيس موقعو نه مليو.
    ٻئي ڏينهن خٿاب مان موٽڻ وقت هو تمام گهڻو مايوس هو جو سڄو ڏينهن رات ڪوٽا باروءَ ۾ رهڻ جي باوجود هو سلماح کي ڏسي به نه سگهيو. پر اهو ضرور ٿيو ته هن جي ڀيڻ ۽ پنهنجي مالڪڻ جي ويجهو رهي هن ڪافي تجربو ۽ مزو حاصل ڪيو. هن جي اڳيان نوان پيچڙا ۽ راهون کلي پيون.
    هڪ ڀيري عثمان پنهنجي محبوبا جي ڀيڻ سان ڪوٽا باروءَ ۾ فلم ڏسي، هوٽلن ۾ ماني کائي ۽ پارڪ ۾ ٽهلڻ بعد راتو واه ئي موٽيو پئي. هي پهريون ڀيرو هو جو کيس رات ٽڪڻ لاءِ نه چيو ويو ۽ نه وري ان لاءِ پاڻ ئي پڇيائين. هو اڃا تائين پنهنجي محبوبا سلماح سان اڪيلي ملي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو هو. هن کي سندس وڏي ڀيڻ ڪا خاص وڻي نٿي، جيتوڻيڪ هوءَ مٿس ايترو گهڻو مهربان هئي جوشايد ئي ڪو ٻيو مالڪ پنهنجي ڪم واري تي هجي.
    رستي تي رات جي اونداهيءَ ۾ ڪو همراهه هن تي اوچتو حملو ڪري مٿي ۽ نرڙ تي مڪن ۽ ٺونشن جا وسڪارا ڪري هليوويو. عثمان هن کي سڃاڻي نه سگهيو. کيس هن کان اڳ به ڪيترائي دفعا ڌڪ لڳا هوندا. زخم رسيا هوندا. پر ايڏا گهڻا نه جيڏا هن اوچتي حملي ۾، جنهن مان نڪرندڙ رت سندس اڇو پهراڻ ڀري ڇڏيو.
    ڪيترن ئي ڏينهن تائين هو خٿاب کان ئي ٻاهر نٿي نڪتو. ۽ پوءِ زخم ڇٽڻ بعد هڪ اونهي ڌڪ جو سنڌو سندس نرڙ جي ساڄي پاسي بيهي رهيو.
    ان قسم جي مار موچڙي بعد ڪلينتان ۾ ڪوبه پرديسي وڌيڪ نه ٽڪندو هو. هو سمجهي ويندوهو ته اتي جي گئنگ سندس معاشقي يا اچ وڃ کي برداشت نٿي ڪري. پر عثمان سخت ضدي هو. هن پنهنجي رقيب معلوم ڪرڻ چاهيو ٿي. سو هو پنهنجي شرم سان پرچاءُ ڪري ڌڪن جي نشان کي ٽوپيءَ اندر لڪائي ڇڏيو. جيتوڻيڪ هر هڪ سمجهيو ٿي ته هن نشان کي لڪائي ڇڏيو آهي.
    هن جي پڪي ارادي کي ڏسي سندس مالڪڻ جي دل ۾ هن لاءِ اڃا به گهڻو پيار پيدا ٿيو ۽ هن کي باقاعدي فلم ڏسڻ، هوٽل ۾ ماني کائڻ ۽ پارڪ ۾ گهمڻ ۽ سندس گهر ۾ هن سان رات گذارڻ لاءِ گهرائڻ لڳي.
    خٿاب توڙي پنهنجي مسجد جي جمعاتين منجهه عثمان جي هاڻ گلا ۽ بدنامي ٿيڻ لڳي. سندس مولوين واري ٽوپي، مذهبي عالمن وارو ململ جو ڪڙتو ۽ اتم اتاهين هجڻ جو ڏيک ڏيڻ واري مهنگي گوڏ (سرونگ) به هاڻ ڪنهن جو ڌيان ڇڪائي نٿي سگهي. جيتوڻيڪ سندس آواز ۾ اڃا ميٺاج هو.
    عثمان پاڻ به هاڻ ڪنهن جي موتي فوتي يا ختمي درود جي دعوت تي وڃڻ ڇڏي ڏنو. پنهنجي محبوبا ڪارڻ سندس ڀيڻ جي سڏ تي ڪوٽا باروءِ ضرور ويندو هو پر صبح تائين ٽڪڻ بدران رات جي اونداهي ۾ ئي واپس ورندو هو- جيئن دشمن سان مهاڏو ٿي وڃي ۽ کانئن پهرين مار جو بدلو وٺي سگهي.
    پر هو ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. هڪ دفعو وري مٿس حملو ٿيو ۽ هن دفعي کيس ايترو ته ماريو ويو جو ڌڪن جا نشان نرڙ تي اڳيان ئي اڳيان ظاهر ٿي پيس.
    شڪست جو احساس دل ۾ دفن ڪري، هڪ ڏينهن هو ماٺ مٺوڙي ۾ خٿاب ۽ ڪلينتان رياست کي هميشه الوداع چئي ٻي جاءِ ۽ ٻي ديس ڏانهن نڪري پيو. هن سلماح سان به نه ڳالهايو.
    ڪلينتان رياست ۾ رهڻ دوران هن سان پيش آيل تجربن هن جي ذهن تي تمام اونهو اثر ڇڏيو.
    واتي ڪئالا ترنگانو شهر ۾ هن ڪجهه زالن کي چانور وڪڻندو ڏٺو. ڪجهه گهڙين لاءِ هن جو ڌيان پنهنجي مالڪڻ ڏي هليو ويو، ۽ ان مزي ڏي جيڪو کيس سندس سنگت ۽ صحبت مان مليو ۽ انهن نشانن ۽ مار ڏي جيڪا هن کي ملي.
    هن اهوئي فيصلو ڪيو ته ڇا به ٿي پوي ته هو صاف سٿري ۽ سچائي واري زندگي بسر ڪندو. هوپنهنجي ڳوٺ وڃڻ جو شوق پورو ڪري نٿي سگهيو جو ان لاءِ هن کي اڃا به ا نتظار ڪرڻ ضروري هو- جيسين ماڻهو سندس ڪيل چوريون ۽ ڏوهه وساري ڇڏين ۽ ساڳي وقت سندس دل مان پڻ ان جو احساس جرم هميشه هميشه لاءِ نڪري وڃي.
    هن جو اهو به خيال هو ته سنگاپور وڃي مزور ٿي ڪمائجي. پر ڪن سببن ڪري سندس اهو ارادو به پورو نه ٿي سگهيو.
    ملائيشيا جي اوڀر ڪناري وارن شهرن ۽ ڳوٺن مان لنگهندي هن ڪڏهن ڪٿي رات ٿي گذاري ته ڪڏهن ڪٿي. هڪ رات هو هڪ مسجد ۾ ٽڪي پيو. جيئن صبح جو ان ڳوٺ مان نڪري پنهنجي منزل ڏي روانو ٿي وڃي- جنهن جي هن کي خبر هئي نه سوچ.
    ٻئي ڏينهن صبح جو فجر نماز تي ڳوٺ جا ڪيترائي ماڻهو سندس مٺي آواز ۾ ڏنل ٻانگ ٻڌي اچي مسجد ۾ گڏ ٿيا.
    هنن سڀني کيس ڳوٺ ڇڏڻ کان جهليو ۽ منٿون ڪيون ته هو ان مسجد جو پيش امام ۽ استاد ٿي سندن ئي ڳوٺ ۾ ٽڪي پوي جيئن ڳوٺ جا ٻار هن وٽ قرآن ۽ ديني تعليم حاصل ڪري سگهن.
    پهرين وانگر زندگي هڪ دفعو وري هن لاءِ ڏکي ۽ سخت ٿي پيئي. قرآن پڙهائڻ جي عيوض جيڪو کيس اجورومليو ٿي سو بنهه ٿورو هو ۽ هن ڇڪي تاڻي گذارو ڪيو ٿي. اهو سو ضرور هو ته ڳوٺ جي وڏيري کيس ٻيلي جي ڀر ۾ ڪجهه زمين ڀورڏيئي ڇڏيو هو جنهن جي هڪ حصي ۾ هن خٿاب هلايو ٿي ۽ باقيءَ ۾ کائڻ لاءِ ڪڻا پوکيا هئائين.
    ڳوٺ جي ماٺيڻي ماحول سندن دل ۾ اڪيلائيءَ جو احساس هيڪاندو وڌائي ڇڏيو. هن کي جيتوڻيڪ سلماح يا سندس ڀيڻ جهڙي ڪا سهڻي ڇوڪري نظر نٿي آئي، پر تڏهن به ڪنهن جي ساٿ جي ضرورت سخت محسوس ڪئي ۽ نه فقط جسماني ساٿ ڪارڻ پر روح جي غذا خاطر پڻ- جنهن سان ڳالهائي ٻولهائي سگهي. جنهن سان پاڻ کي وابسته ڪري سگهي. کيس سندس زندگي هڪ وڏي غار لڳي ٿي جيڪا چوڌاري خالي خولي هجي.
    هن ان خالي، اڪيلي ۽ اونداهي غار ۾ ڪنهن عورت جو آواز ٻڌڻ چاهيو ٿي. ڪنهن به عورت جو. ضروري نه هو ته هو آواز ڪنهن هيڪاندي سهڻي عورت جو هجي،يا ڪنهن امير گهراڻي جي عورت جو هجي. هن کي اڪيلائيءَ ۽ خاموشيءَ هاڻ بي وس ڪري رکيو.
    خٿاب ۾ ايندڙ ٻارن کي پڙهائڻ۾ جيتوڻيڪ هاڻ سندس چڱيءَ طرح دل لڳي ويئي ۽ هو اهوئي چاهڻ لڳو ته ماٺ کان ته انهن ٻارن جي پڙهڻ جا آواز هر وقت ايندا رهن.
    جنهن وقت به هن شاديءَ جو سوچيو ٿي ته سندس اندر جي غار ۾ وڌيڪ اونداهي ٿي ٿي وئي. هو تمام غريب هو. شاديءَ لاءِ ڪجهه پئسي ڏوڪڙ جو هجڻ ضروري هو.
    ٿوري ٻنيءَ ڀور ۽ جهوپڙي کانسواءِ هن وٽ هڪ مينهن پڻ هئي. سندس شادي جي خرچ پکي کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ وهٽ ڪافي هو. مينهن ڀٽاري ڍڪيل هئي. جيڪڏهن هن کي وڇ ڄائي ته مينهن کي وڪڻي پئسو شاديءَ جي خرچ تي لڳائيندو.
    هن جنهن وقت به هاڻ مينهن کي ڏٺو ٿي ته کيس پنهنجي نرڙ تي مار جا نشان ياد آيا ٿي. انهن نشانين جي سڀني کي خبر پئجي چڪي هئي. اهي نشان سندس خوشيءَ لاءِ وڏي رنڊڪ هئا. هر هڪ کي سندس ڪيلنتان واري پراڻي عشق ۽ رقابت جي ڄاڻ پئجي چڪي هئي. هن گهڻوئي ڪوشش ڪئي ته ماڻهو يقين ڪن ته هو اهي سڀ ڳالهيون ڇڏي هڪ نئون ماڻهو ٿي پيو آهي. سندس اهي ڳالهيون ڳوٺ ۾ هلائڻ ۾ هڪ نوجوان عالم جو هٿ هو جيڪو ڪيلنتان ۾ رهيو ٿي. هوڳوٺ جي مُلين جو پٽ هو.
    عثمان هاڻ مڱڻي جي تيارين ۾ هو ته اهو نوجوان عالم رمضان جي روزن ڪري ڳوٺ پهچي ويو. هن کي عثمان جي ارادن جي ڄاڻ پئجي ويئي.
    ٻن ڏينهن کانپوءِ عثمان جي مينهن جي پوين ٽنگن واريون نسون ڪو ڪاتي سان ڪپي ويو. بي زبان جانور جي ٽنگن ۾ اهو ست نه رهيو جو کڻي بيهي سگهي. ڪيترن ڏينهن جي سخت سور بعد نيٺ مينهن مري ويئي. ڦر به سندس پيٽ ۾ئي ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو.
    ڦر جو موت معنى عثمان جي اميدن جو موت ٿي ويو. عثمانکي جيئن ئي خبر پيئي ته ساڻس اها جٺ ٻئي نه پر ان نوجوان عالم ڪئي آهي ته سندس حالت ئي ٻي ٿي ويئي.
    جمعي نماز دوران عثمان ڳوٺ جي ملين جي پٽ- نوجوان عالم تي حملو ڪيو. هو اڇي رنگ جي ڪڙتي ۽ اوچي گوڏ (سرونگ) ۾ ملبوس هو. عثمان ڪاتيءَ سان سندس ڌڙ ڌار ڪري ڇڏيو.
    عثمان ڪڏهن سوچيو به نه هو ته مسجد اڳيان هيترن جماعتين جي ميڙ ۾ هڪ عالم ٻئي عالم جو خون ڪندو.
    ان بعد ماڻهن جي واتئون ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌيون ويون. ڪن اهو به چيو ته ٻنهي جو جهيڙو هڪ ڇوڪريءَ تي هو. پر حقيقت اها هئي ته عثمان پنهنجي رقيب کي ان ڪري ماريو جو مينهن جي مرڻ ڪري سندس اميدن جو قتل ٿي ويو هو. مينهن هن جو ڪهڙوڏوهه ڪيو جو هن مينهن کي ماريو.
    عثمان جي مستقبل جو سڄو دارومدار مينهن۽ سندس ڦر تي هو. هن لاءِ اهو ذرو به اهم نه هو ته آيا نوجوان عالم ان ساڳي ڇوڪريءَ تي عاشق هو يا نه. هن جي مينهن جيڪڏهن نه مري ها ته هو ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ به تيار هو.
    دل شڪستو ٿي، عثمان ان سڄي ڳالهه جو الزام سماج تي هنيو. جنهن هن کي ڪڏهن به سٺو نٿي. هن هڪ دفعو پنهنجو پاڻ ۽ مستقبل پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.
    هنن کي جيڪا سزا ڏيڻي هجي ڀلي ڏين. هن معافيءَ لاءِ هڪ اکر به نه ڪڇيو. هن جج کي اهو هرگز نٿي ٻڌائڻ چاهيو ته هي ان ڪري تباهه ٿي ويو جو ڪنهن به هن جي نيڪ نيتي تي اعتبار نٿي ڪيو.
    ڪيرس ماس (Keris Mas)
    هن ملئي افساني- ’ضدي‘ جو ليکڪ ڪيرس ماس آهي. اهو سندس قلمي نالو آهي. اصلي نالو ڪمال الدين محمد آهي. پاڻ 1922ع ۾ ملائيشيا جي رياست پهانگ ۾ ڄائو. پاڻ صحافي ۽ سرڪاري پبلشنگ هائوس Dewan Bahasa Da Pustaka ڪوالالمپور، جو ايڊيٽر پڻ آهي.
    نوٽ
    منهنجي نئين ڪتاب Proverbs of Far- East جو پيش لفظ محترمه بينظير ڀٽو کان علاوه ڪيرس ماس پڻ لکيو آهي. پاڻ ويجهڙائيءَ ۾ ڪوالالمپور ۾ گذاري ويو.
    الطاف شيخ (مترجم)


    شادي

    هن جيڪو محفلن ۽ ماڻهن ۾ ڏيک ڏنو ٿي ان کان گهر وارو يا سندس پرائيويٽ زندگيءَ وارو ڏيک بلڪل نرالو ۽ تعجب خيز هو. ٻاهر آفيس يا دعوتن ۾ هو عاليشان ڪوٽ سوٽ ۾ تمام شان شوڪت وارو، رعبدار ۽ عزت ماب لڳو ٿي. وارن کي سڌي ڦڻي ڏيئي پٺيان سڌا ۽ لسا ڪري هليو ٿي. سندس وڏي عمر واري منهن مان ڏيا ۽ گهاٽن ٿلهن ڀرن مان مشرقي عقل ظاهر ٿيو ٿي. ههڙي حال ۾ ڏسي هن جي زال کي مٿس پيار ضرور اچڻ کپي پر هيلن کي سندس هي پوڙهو مڙس فقط ان وقت وڻندو هو جڏهن هو سليٽي رنگ جي مرسڊيز 600 ڪار ۾، اچي ويهندو هو- جنهن جهڙيون ڪارون سڄيءَ سينگاپور ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون مس هيون.
    پر گهر ۾- ڇا ڳالهه ڪجي، گهر ۾ هو ڄڻ ناقابل برداشت هو- جنهن جو سوچي هيلن جا چپ ڏڪي ويا ٿي. گهر ۾ اچي جڏهن هو نقلي ڏندن جو جُت وات مان ٻاهر ڪڍندو هو ته سندس وات جي ٻاهر واري لسائي گهٻ ٺاهي اندر هلي ويندي هئي ۽ چپن جي چوڌاري گهنج گهنج نظر ايندا هئا. پنهنجي عمر، پنجن سالن، کان به پوڙهو لڳندو هو. سوٽي ڍرو ڪڇو ۽ گنجي پائي، پلنگ تي هيلن جو انتظار ڪندو هو. ٽنگن ۽ ٻانهن جون لڙڪندڙ مشڪون ۽ نظر ايندڙ سائي رنگ جون نسون شريانيون کيس ويتر ڊپ جهڙو ڪنديون هيون ۽ سندس ڀرسان وڃي سمهڻ مهل هيلن کي چڱو همت کان ڪم وٺڻو پوندو هو. ۽ پوءِ هن جي دلي خواهش موجب کيس پيار ڀريل نالن سان سڏڻ ۽ بدن تي ٿڌڙا ڪڍڻ، جيسين ننڊ اچيس، هيلن جي اهم ڊيوٽين مان هو. پوءِ اک لڳڻ سان سندس کونگهرا ٻڌڻ وٽان هوندا هئا. گگ وات جي پاسن کان لاڙ ڪري ڳڙندي هيس. اهڙن موقعن تي هيلن پنهنجي جسم جي لسي، صاف ۽ جوان گوري چمڙي- جنهن لاءِ تازو هلٽن هوٽل ۾ سندس اسڪولي ڏينهن جي ڪلاس ميٽ ڪوانگ ليءَ تعريف جا ڍڪ ڀريا هئا. سندس مڙس جي پوڙهي لڙڪيل ۽ گهنجيل کل سان ڀيٽي، ڏاڍو ڏک ٿيندو هوس. هڪ دفعو ته ان بابت سوچي سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا پر پوءِ هن جلدي انهن کي اگهي ورتو جو اهي مڙسس مٿان ڪرن ها ته ننڊ مان سجاڳ ٿي ڏهه سوال ڪريس ها. اهو ڪير سوچي نٿو سگهي ته هو ڪيترو کنڍي دماغ جو آهي. هڪ دفعي هو پارٽيءَ ۾ ويا جتي هيلن پنهنجي منهن خوش گذّاريو. واپسيءَ تي گهر پهچي جنهن وقت هو سمهڻ لاءِ ڪپڙا بدلائي رهيا هئا ته مڙسس کانئس پڇيو ته آيا هوءَ ساڻس شادي ڪري پڇتائي ته نه رهي آهي جو هوءَ هڪ جوان ۽ سهڻي عورت آهي ۽ پاڻ ذري گهٽ ستر سالن کي پهچڻ وارو هڪ پوڙهو مڙس؟ ڇا هن کي ان جو افسوس ته نه آهي ته هو جيڪر پاڻ جهڙي نوجوان سان شادي ڪري ها- اهڙي ڪنهن سهڻي جوان سان جنهن جهڙي ڳڀرو جوان سان اڄ پارٽيءَ ۾ ذري ذري کلي ڳالهائي رهي هئي. جيڪو واقعي سهڻو ۽ جواني جي جوش سان ڀريل لڳو ٿي. جنهن جي مقابلي ۾ پاڻ پيريءَ جي ڪمزوري ۽ نستائيءَ ڪري ڪجهه ڪمن کان مٿي چڙهي چڪو آهي.
    نه، نه نه، هيلن هن کي خاطري ڏني، جو سندس جسم ۾ ڄڻ ڊپ جي لهري ڊوڙي ويئي- نه، هو فقط هن کي ئي چاهي ٿي، ڇا ٿي پيو جي هو پوڙهو آهي؟ هن کي پاڻ ئي ته قبول ڪيو اٿس. ڪنهن به ٻئي مٿس زوري مڙهيو ناهي. هن کيس چاهيو ٿي ۽ هميشه چاهيندي.
    ”ٿلهن ڀُرن وارين اکين کيس ڪجهه گهڙين لاءِ چتائي ڏٺو.
    ”ڏهه لک. مون توکي پنهنجي شادي لاءِ ڏهه لک ڏنا ۽ ٽي لک تنهنجي ماءُ پيءُ کي-“ اهي اکيون ڄڻ کيس اهو ياد ڏيارينديون هيون، ۽ هوءَ ڏڪي ويندي هئي. سنهي نائٽي پائي اچي هن جي ڀرسان ستي، نه چاهيندي به سندس اگهاڙي پٺيءَ تي پنهنجن آڱرين سان ٿڌڙا ڪڍڻ لڳي. رکي رکي سندس دل ڪچي ٿيڻ ڪري ڄڻ اٻراڪ ٿي آيا. سندس دل، ماٺ ئي ماٺ، ۾ دانهون ڪندي رهي.
    پوءِ جلدئي مڙسس کي ننڊ کڻي ويئي. ۽ هيلن ان وقت کانپوءِ دعوت پارٽين ۾بيحد خبردار ٿي هلڻ لڳي- خاص ڪري جڏهن ڪوانگ يا ڪو ٻيو نوجوان اهڙين دعوتن ۾ موجود هوندو هو. ڪوانگ کان ته هوءَ هيڪاندو پاسيرو ٿيڻ لڳي، پر جتي به هو موجود هوندو هو ته هيلن کي هڪدم محسوس ٿي ويندو هو ته ڪوانگ هميشه کيس غور سان ڏسي رهيو آهي. هيلن جڏهن به مڙس سان اڪيلي، ڪمري ۾ هوندي هئي ته ڄاڻي ٻجهي ڪوانگ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي هئي- پاڻ کي سمجهي ڇا ٿو؟ مٿي ۾ ڪا هوا ڀريل اٿس. ڪڏهن به ڪنهن اهڙو گڏهه نه ڏٺو هوندو. هن کي گاريون ڏيڻ تي سندس مڙس کي جا خوشي رسندي هئي سا ڏسڻ وٽان هوندي هئي ۽ هوءَ پڻ ان مان لطف وٺندي هئي ۽ رکي رکي ڪوانگ کي شدمد سان گاريون ڏيندي هئي ۽ سندس مڙس ٿورائتين نگاهن سان هن کي ڏسندو هو.
    پنهنجو پاڻ کي دوکي ۾ رکڻ جو بار هيلن لاءِ تمام ڳرو هو. چپن تي مرڪ- هن کي هر وقت رکڻي پيئي ٿي. هيلن لاءِ اهو به ضروري هو ته سندس پڙهو مڙس جڏهن ڊائريڪٽرن جي ميٽنگ لاءِ وڃي ته ڪار مان مرڪي کائنس موڪلائي. جڏهن واپس گهر اچي ته مرڪي سندس آڌر ڀاءُ ڪري، ڇاڪاڻ جو انهن ڳالهين هن کي خوش رکيو ٿي. ٿورو به چهرو غمگين ڪرڻ تي هن کي سوين شڪ ۽ وسوسا پيدا ٿي سگهيا ٿي. ۽ پوءِ اجاين سجاين سوالن جا سلسلا هوندا هئا جن جو خاتمو نٿي ٿيو- هيلن کي انهن ڳالهين سخت منجهايو ۽ پريشان ڪيو ٿي: ڇا هوءَ خوش ناهي؟ ڇا هوءَ ساڻس شادي ڪري پڇتائي رهي آهي؟ ڇا.... وغيره وغيره.
    مون کي دلي سڪون ضروري آهي. مون کي کپي ته آئون پنهنجي مڙس کي خوش رکان، هر وقت آٿت ڏيان. اسان جي هن شاديءَ کي ڪنهن به صورت ۾ ڇيهو رسڻ نه کپي. هن کي اندر ۾ وٽ پوڻ لڳا. هن شاديءَ ۾ ڪنهن به قسم جو رُخنو پوڻ نه کپي نه ته سندس ماءٌ پيءُ چوندا: ”ڏٺئي هيلن. اسان ته اڳهين چيو ٿي، ته تون يونيورسٽي جي گريجوئيٽ آهين، ننڍي آهين، سهڻي آهين، هن پوڙهي کڳي سان شادي ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي.“ هن جا پهرين زال وارا پٽ ۽ ڌيئون خوش ٿينديون ۽ کيس زهر ڀريا جملا چونديون.:”اسان ته اُهين چيوپئي ته هوءَ توهان سان پئسي خاطر شادي ڪري ٿي.“ اخبار وارا به ان خبر کي چڱي طرح رنگ روغن هڻي پهرين صفحي تي ڏيندا ته سنگاپور جي امير ترين شخص جي شادي جيڪا هڪ سهڻي ۽ ننڍي عمر جي ڇوڪريءَ سان ٿي هئي- جنهن جا فوٽو هر مهيني ٻه ٽي دفعا اخبارن ۾ ايندا. رهن ٿا، ڪڏهن ٻارن کي انعام ڏيندي، ڪڏهن پوڙهن ماڻهن جي سوسائٽي جو افتتاح ڪندي، ڪڏهن عمارتن جو بنيادي پٿر رکندي- جو مڙس سان ڦڏو ٿي پيو آهي ۽ طلاق جي گهر ڪئي اٿس.
    نه نه. هن شاديءَ کي ڪجهه به نقصان رسڻ نه کپي ۽ جيڪڏهن سندن تعلقات ۾ ڪجهه فرق اچڻ جي ماڻهن کي خبر پئي ته سندس اسڪولي ڏينهن وارو يار ڪوانگ سڀ کان گهڻو کلندو. ”مون کي ته هر وقت ان جي ڄاڻ هئي ۽ پڪ هئي ته هڪ ڏينهن اهوئي انجام ٿيندو.“ هو غور سان پنهنجي ڪارين اکين سان ڏسي چوندو.
    هن کان ڪڏهن به اهو برداشت نٿي ٿيو ته ڪوانگ ڪو مٿس ڇٿرون ڪري- چاهي هن ۾ لفظن سان ڪجهه ڪڇڻ جي عادت نه هئي پر سندس شڪي شڪي نهار ۽ چپن ۾ ڀڪوڙيل مرڪ جو سڄو مطلب هر هڪ چڱي طرح سمجهي سگهيو ٿي. هڪ دفعي هي سڀ هڪ اهڙي دعوت ۾ مليا هئا جيڪي شهر جي اهم ماڻهن طرفان هڪ شاندار عمارت ۾ ڪئي ويئي هئي- جنهن جي ٺهڻ لاءِ سندس مڙس لکين ڊالر امداد طور ڏنا هئا. آخر ۾ مڙسس کي تقرير لاءِ عرض ڪيو ويو. سندس مڙس انگريزي تقرير کان هميشه نٽائيندو هو. ڇو جو انگريزيءَ جا ڪيترائي لفظ اچارڻ ۾ هن کي ڏکيائي ٿي ٿي. لکيل تقرير پڙهڻ ۾ به هٻڪيو ٿي ۽ اهڙيون چڪون ڪري ويو ٿي، جو هن کي خود به شرم آيو ٿي. هون انگريزي سکڻ لاءِ انگلينڊ مان هن هڪ خاص ماستر هوائي جهاز رستي گهرائي پاڻ وٽ ڪجهه عرصي لاءِ رکيو هو. پر هن جا پڙهيل سبق ڪي خاص مددگار ثابت نه ٿيا. تاڙين جي آڌر ڀاءَ تي هو تقرير ڪرڻ لاءِ اٿيو. هيلن سندس ڀر ۾ ويٺي. تقرير دوران ماڻهن جي منهن تي لهندڙ چڙهندڙ تاثر پڙهڻ لڳي. سندس پوڙهي مڙس انگريزي تقرير جا ڪيترائي لفظ اهڙا ته غلط سلط اچاريا جو هو اڪيلي هجي ها ته شرم کان وٽجي سٽجي وڃي ها پر هينئر شهر جي عملدارن ۽ معزز مهمانن جي سامهون شان سان سڌي ٿي ويٺي رهي. انهيءَ وچ ۾ هڪ دفعو سندس اکيون ڪوانگ جي اکين سان مليون- ان ئي وقت ڪوانگ ٿوريءَ گهڙيءَ لاءِ نموني سان پنهنجي اکين کي ڇڀڪو ڏيئي، چپن کي ڀڪوڙي مرڪيو ۽ پوءِ وري سڌو ٿي ٻين وانگر نهٺائيءَ سان ڏسڻ لڳو. ڄڻ ڪا ڳالهه ئي نه ٿي هجي. ان وقت هيلن کي مٿس سخت چڙ آئي پر پوءِ ان عمارت مان نڪرڻ وقت، پنهنجي مڙس جي ٻانهن سان جواب ڏنو. جيئن هر هڪ کي خبر پوي ته هوءَ هن پوڙهي مڙس سان خوش آهي. ماٺ مٺوڙي ۾ غمگين رهي هن ڪوانگ کي اهو احساس هرگز سوڀارو بنائڻ نٿي چاهيو ته هوءَ هن زندگي ۽ پوڙهي مڙس مان ناخوش آهي. آئون بلڪل خوش آهيان، هن پنهنجي مُرڪ سان هٿ لوڏي ان ڳالهه جو ڏيک ڏنو، آئون پنهنجي مڙس سان خوش آهيان ۽ مون کي هن لاءِ پيار آهي.
    ڪوانگ هيلن کي چاهيو هو، ۽ اڄ به ضرور هن کي چاهي ٿو نه ته ائين ڇو هلي. هو ٻئي لنڊن ۾ ساڳي يونيورسٽي ۾ پڙهندا هئا. پر هيلن ان وقت ڪوانگ کي ايترو گهڻو سڃاڻندي نه هئي، جو مختلف ٽولن ۾ هجڻ ڪري الڳ الڳ گهمڻ ڦرڻ لاءِ ويندا هئا. لنڊن مان موٽڻ تي هيلن هڪدم اچي شادي ڪئي. پوءِ جڏهن هڪ فنڪشن ۾ هيلن ڪوانگ کي پنهنجي مڙس سان ملايو ته هن کي ياد آيو ته ڪوانگ جي چهري تي ڪجهه گهڙين لاءِ تعجب ۽ تنقيد جا تاثر تري آيا هئا. پر هيلن ان کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. ان بعد ڪيتري وقت تائين هيلن کي ڪوانگ نظر نه آيو ۽ پوءِ هنن جي وري هڪ دعوت ۾ گڏجاڻي ٿي. سندس مڙس ان دعوت ۾ ڪونه هو ۽ ڪوانگ هن جي ڀر ۾ ويهي ڳالهيون ڪرڻ لڳو. هو سڄو وقت سندس سونهن سوڀيان جي تعريف ڪندو رهيو ۽ هيلن کي پڻ احساس هو ته سندس ڀڙڪندڙ جواني، ٺهڪندڙ ڪپڙا ۽ چمڪندڙ هيرا ڪوانگ کي پڪ موهيندا هوندا. ڪوانگ ڪجهه گهڻو پيئڻ ڪري نشي ۾ ته کڻي نه هو پر سرور ۾ ضرور هو. تڏهن ته هو پنهنجي عادت جي خلاف، هيڏانهن هوڏانهن ڌيان ڏيڻ بدران اها سڄي شام هن جي سونهن جي تعريف ڪندو رهيو. پنهنجي تعريف ٻڌي، سچي ڳالهه ته اها هئي ته هيلن کي مزو به اچي رهيو هو ۽ هيلن کي ڪڏهن به پهرين اهڙو لطف نه آيو، پر گهر موٽڻ تي جڏهن پوڙهي مڙس دعوت بابت پڇيس ته دعوت ڪيئن لڳي ته جواب اوٻاسي ڏيئي، ڳچي مان هار لاهيندي چپن ۾ ڀڻڪيو ”جاني، بس، اجهو هميشه وانگر سخت بور هئي. ڪاش تون به هجين ها، ڊارلنگ. پر منهنجي خيال۾ ته تو جهڙي امير ۽ اهم ماڻهو- مسٽر لِنگ- اَو- ساڪ جي زال هجڻ ڪري، شهر جي اهڙين وڏين پارٽين، دعوتن ۽ ٻي ان قسم جي ڌوڙ ڇا هيءَ کي منهن ڏيڻو ئي پوندو.“
    هيلن کي خبر هئي ته سندس پوڙهو مڙس ان قسم جي ڳالهه ٻڌي دل ئي دل ۾ ٺري پوندو هو. سو هوءَ اهڙي انداز ۾ ڳالهائيندي رهي. هيلن کي خبر هئي ته هو ان وقت به خوش ٿيندو آهي جڏهن هوءَ کيس پنهنجي چولي جي پٺين زپ مٿي ڪرڻ لاءِ چوندي آهي يا رات جو نائٽي پائڻ وقت ان جي چونڊ کانئس ڪرائيندي آهي. پر هن کي اها خبر ئي نه پوندي هوندي ته هن جي پوڙهي ۽ کهري هٿ جي ڇهاءَ سان هو ڪيڏو ڇرڪيو وڃي ٿي. پر اها اٿل پاٿل، اها ولوڙ، اهو سڀ ڪجهه هن جي اندر ۾ ٿيو ٿي جنهن جي ڪل هن ڪنهن ريت به پنهنجي مڙس کي ڏيڻ نٿي چاهي.ا ندر ۾ بي چيني پر ٻاهران مرڪ ۽ کل کلڪي جو ڄڻ ماسڪ پائي هلي ٿي.
    هن پنهنجو پاڻ کي چيو: آئون هن ريت ڪيترو وقت هلي سگهان ٿي، مون کي ڇا ڪرڻ کپي؟ انهن ڏينهن ۾ ڪوانگ وٽان هڪ خط آيو- هن يڪدم وٺي، ان کي کولي وڏي آتولپڻ مان پڙهيو. ڇا ته ديد دليري چئبي، جو هن کيس ويهي خط لکيو آهي. هڪ شادي شده عورت کي، جيڪا سنگاپور جي هڪ امير ۽ بااثر چينيءَ جي زال آهي. ڇا هن اهو به نه سوچيو ته اهو خط پنهنجي مڙس کي به ڏيکاري سگهي ٿي، جنهن جي فقط فون کڻڻ سان ٻئي ڏينهن کان ڪوانگ نوڪريءَ کان هٿ ڌوئي سگهيو ٿي.

    هن ڏڪندي خط پڙهيو، ۽ پوءِ هوءَ ڇهه دفعا ان خط کي پڙهي ويئي، جيسين هڪ هڪ لفظ کيس زباني ياد ٿي ويو. خط ڏينهن جي روشنيءَ وانگر صاف ۽ چٽو هو ته ڪوانگ هن کي چاهيو ٿي ۽ پيار ڪيو ٿي! هن جي دليري ۽ ان جي سوچ تي ايندڙ غصو في الحال هن کان وسري ويو. ان بدران سڪون ۽ خوشي جو چمڪاٽ سندس اندر ۾ محسوس ٿيو- هو هن کي چاهي ٿو ۽ هوءَ به ان سوچ ۾ هئي ته هو کيس ضرور چاهي ٿو. هوءَ ضرور پيار جوڳي آهي ۽ هو هن کي ضرور چاهيندو هوندو. هن لاءِ اهو ڪافي هو ته ڪو هن لاءِ تانگهي ٿو. ياد ڪري ٿو، پيار ڪري ٿو- پري پري کان ئي سهي. آخرڪار زندگي برداشت ۽ سهپ جو نالو آهي، ۽ هيلن هيڏانهن هوڏانهن سماجي محفلون، دعوتون ۽ فنڪشن اٽينڊ ڪندي رهي هئي پر هن ڪڏهن به خوشي محسوس نه ڪئي. سندس چاهيندڙ ڪوانگ ڇا خط جي جواب جي اميد رکي ٿي؟ هوءَ جواب۾هن کي ڪجهه به نه ڏيندي، هيلن لاءِ ايترو ڪافي هو ته هڪ نوجوان کيس گهريو ٿي، کيس پيار ڪيو ٿي.
    ان بعد هيلن ڪيترائي دفعا ڪوانگ سان گڏ هڪ عورت کي ڏٺو، هڪ دفعو جڏهن هوءَ منڊارن بيوٽي پارلر تان وار ٺهرائي موٽي رهي هئي، ٻه دفعا هڪ فنڪشن ۾، عورت قد ۾ ننڍي پر بيحد پرڪشش هئي. هيلن اس جي ڪنڊن تان هنن ٻنهي کي غور سان ڏٺو. ڪوانگ هن کي ساڙڻ جي ڪوشش ۾ هو. هو خط جو جواب نه ملڻ جيڪاوڙ ان ريت ڪڍي رهيو هو. ڪوانگ جي اڌ ڌڪار ۽ هاڻ اهميت نه ڏيڻ واري احساس هيلن جي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏيا. هوءَ به هن کي ڪري ڏيکاريندي. ۽ هاڻ هن بابت سوچيندي به نه. ڊائنسٽي هوٽل ۾ ڊنر تي، هيلن سچ پچ هنن ڏي وڌي وڃي نرمائيءَ سان ڳالهايو. اهو سڄو وقت مرڪندي، خوش مزاجيءَ جو اظهار ڪندي رهي. ڪوانگ ٻڌايس ته هوءَ سندس مڱيندي آهي ۽ ٻئي مهيني سندس شادي ٿي رهي آهي. هيلن کين وڏي دل سان مبارڪباد ڏني، کيس خبر پيئي پئي ته ڪوانگ اک ٽيٽ سان سندس اندر جو حال معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پيو. وقت ويجهو اچڻ تي هيلن هن کي شاديءَ جو تحفو موڪلي ڏنو، جيڪوهن پنهنجي مڙس کي ڏيکاري ٻڌايو ته اهو سندس يونيورسٽي جي ڪلاس ميٽ نوجوان ڪوانگ لاءِ آهي جنهن سان پهريون دفعو ڳالهائيندو ڏسي، هن کي ياد هوندو ته هن کي ڏاڍو ساڙ ٿيو هو. ٿيو هو نه-؟ اهو چئي هو کلڻ لڳا.
    هيلن کي مڙسس ياد ڏياريو ته سندن شادي جو چوٿون سال ڄاڻ ته شروع ٿيو. ڇا کيس خبر آهي ته هو اهو ڏينهن ڪيئن ملهائڻ جو سوچي رهيو آهي؟ اميد ته گذريل سال وانگر گوڙ گهمسان واري دعوت نه ڪندين. هيلن چيس. مون کان جي پڇين ته آئون ته اهو چاهيندس ته اهو ڏينهن جيتري قدر ٿي سگهي ته ماٺ مٺوڙي ۾ گذارڻ کپي. فقط پاڻ ٻه هجون پنهنجو پاڻ ۾، اهو ٻڌي هو خوش ٿيو ۽ چيو: ”جي اها ڳالهه آهي ته جيڪي مون دل ۾ سوچيو آهي اهو بلڪل توکي پسند ايندو. جهاز جي سير سپاٽي بابت ڇا خيال آهي؟ هن دنيا جي چڪر تي. سينگارپور کان هوائي. هوائي کان لاس ائنلجس ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ کان ڦري واپس سنگاپور، بس پاڻ ٻه ئي هونداسين. سڄو ڏينهن تون منهنجي حوالي هوندينءَ- ٿڪائڻ واريون نه بورڊ آف ڊائريڪٽرس جون ميٽنگون هونديون ۽ نه ڪي فنڪشن جلسا- پاڻ سڄو ڏينهن بستري ۾“ هونداسين يا جهاز جي ڊيڪ تي، ۽ توکي پنهنجي پوڙهي ۽ ٿڪل مڙس جو خيال رکڻ جو سڄو موقعو ملي ويندو. جنهن ۾تون هاڻ بيحد هوشيار ٿي ويئي آهين.“
    ”بلڪل، منهنجا جاني، ان کان وڌيڪ مون کي ٻي ڪابه شيءِ بهتر نٿي لڳي.“ هيلن وراڻيو.

    ڪئٿرين لم جي هڪ ٻي ڪهاڻي ”ٽئڪسي ڊرائيور جي ڪهاڻي“ پڻ هتي ڏجي ٿي.


    ٽئڪسي ڊرائيور جي ڪهاڻي

    مهرباني، محترما، توهان بلڪل بي فڪر رهو. توهان کي ميٽنگ جي ٽائيم کان اڳ اتي پهچائيندس. هن پاسي کان هلڻ بهتر ٿيندو جو ٿوري ٽريفڪ آهي، ۽ ڪار ڦاسڻ جو امڪان پڻ گهٽ آهي منهنجي خيال ۾ اڌ ڪلاڪ اندر پهچي وينداسين سو پريشان ٿيڻ اجايو آهي.
    ڇا چيو توهان بيگم صاحبه؟ هائو، هائو، مون کي ٽئڪسي هلائيندي واقعي وڏو عرصو ٿي ويو آهي. اٽڪل ويهن سالن کان هلائيندو اچان. گهڻو اڳ سنگارپور هيئن نه هو جيئن اڄڪلهه سخت مشغول ۽ ماڻهن جي گپا گيهه سان ڀريل آهي. گذريل وقت ۾ سنگارپور وڌيڪ سانتيڪو هو. نه ايتريون گهڻيون لاريون ۽ موٽرون هيون ۽ نه ايترا ٽئڪسي ڊرائيور.
    ها محترما، چار ڏوڪڙ ٿيو وڃن. بس مڙيئي پيٽ گذر لاءِ ڪافي آهي. ڇا ڪجي. سنگاپور جهڙي شهر ۾ رهڻ لاءِ محنت ڪرڻ تمام ضروري آهي. اسان جهڙن ماڻهن کي، جن وٽ نه تعليم آهي ۽ نه واپار وڙي لاءِ پئسو ڏوڪڙ، پگهر جو ئي پورهيو ڪري زال ۽ ٻارن لاءِ پئسو ڪمائي سگهون ٿا.
    هائو، بيگم صاحبا، چڱو وڏو عيال اٿم- اٺ ٻار، ڇهه ڀٽ، ٻه ڌيئون، وڏوئي ڪٽنب ٿيو. هاٰ! ها! صحيح ناهي. انهن ڏينهن ۾ سينگارپور ۾ڪٿي هئي فئملي پلاننگ! ماڻهن ڪيترائي ٻار ڄڻيا ٿي. هر سال، هڪ ٻار، بلڪل صحيح ناهي. اڄڪلهه گهڻو بهتر آهي. ٻه ٻار، ٽي ٻار، ڪافي ٿيا، بس. حڪومت به ان تي ئي زور ڏيئي پيئي ته ٻن جي انگ تائين ڪافي آهن. يا وڌ ۾ وڌ ٽي بس.
    وري به آئون ڀاڳن وارو آهيان،منهنجا سڀ ٻار وڏا ٿي چڪا آهن. چار پٽ روزگار کي لڳل آهن- هڪ واپاري آهي، ٻه ڪلارڪ، هڪ پرائمري اسڪول ۾ ماستر، هڪ نئشل سروس ۾، هڪ اڃا ٻئي درجي ۾ پڙهي پيو. منهنجي وڏي ڌيءَ ويهن سالن جي ٿي ويئي آهي. گهر ۾ ئي رهي ٿي، ماءُ جي مدد ڪري ٿي. نه، اڃا شادي نه ٿي اٿس- تمام گهڻي شرم واري آهي. ڪجهه ڪجهه بيمار به رهي ٿي، پر طبيعت سٺي آهي، تمام چئيوان ڇوڪري آهي. منهنجي ٻي ڇوڪري- اوهه! بيگم صاحبا! پيءُ لاءِ عذاب ٿيو پون. اهڙيون ڇوڪريون جيڪي شريف ٿي نٿيون هلن ۽ ماءُ پيءُ جي چئي ۾ نه آهن. تمام افسوس اٿن، بس قدرت طرفان سزا ٿي. اڄڪلهه، نوجوان اسان وانگر نه آهن. جڏهن اسان ننڍا هئاسين ته اسان وڏن جو چيو هميشه مڃيو ٿي. اسان جي مائٽن جيڪڏهن ڪنهن شيءِ لاءِ جهليو ٿي ته اسان اها هرگز نٿي ڪئي. نه ته ڏنڊي سان علاج ٿيندو هو. منهنجو پيءُ تمام سخت طبيعت جو هو. مائٽن لاءِ اهو سٺو آهي ته هو ٻارن سان سخت ٿي هلن. ٻيءَ صورت ۾ نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بيڪار ٿيو وڃن. پوءِ پڙهڻ کان آڱوٺو، هروقت گسائڻ تي روز، نائيٽ ڪلبن ۾ ويندا ۽ پوءِ اتي نشي پتي کان علاوه پيار جهڙا ڌنڌا ڪندا. محترما، توهان منهنجي ڳالهه مڃيون ٿيون يا نه-؟ اڄ جا نوجوان ٻار مائٽن لاءِ مٿي جوسور آهن. بيگم صاحبا، هن ’ڪافي- هائوس‘ جي ٻاهران اهي نوجوان ڏسين پئين-؟ منهنجي ڳالهه تي يقين ڪرين ته اهي اسڪول جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اٿئي پر نمونو اهڙو رکن پيا ڄڻ ڪن وڏن ماڻهن جا ٻار هجن. ڇا ته پئسو خرچ ڪن ٿا، ڇا سگريٽ ڇڪين ٿا، ڇا گندي ڪپڙي جو فئشن ڪن ٿا ۽ عشق معاشقا ڪن ٿا. هڪ ٽئڪسي ڊرائيور جي حيثيت ۾ آئون کانئن سندن افعالن کان چڱيءَ طرح واقف آهيان. محترما، توهان ائين ٻڌايو نه ته ماسترياڻي آهيو؟ خبر ناهي توهان کي اها ڄاڻ آهي يا نه ته هي اسڪول جون ڇوڪريون، پندرهن سورهن سالن جي ڄمار جون، صبح جو گهران ته يونيفارم پائي اسڪول وڃن ٿيون ۽ پوءِ اسڪول بعد واپس گهر نٿيون اچن. هو پاڻ سان ڪتابن جي ٿيلهن ۾ گهمڻ جا ڪپڙا کڻيو نڪرن ٿيون ۽ پوءِ ڪنهن عوامي ٽئاليٽ يا هوٽل ۾، يونيفارم لاهي اهي ڪپڙا پائن ٿيون ۽ منهن تي ڏاڍي ميڪ اپ، شيڪ اپ ڪن ٿيون. هنن جا مائٽ سوچي به نٿا سگهن. هو پنهنجن مائرن کي اهوئي ٻڌائي نڪرن ٿيوته اڄ اسڪول ۾ ميٽنگ آهي. جلسو آهي. راندين جي پريڪٽس آهي. هي آهي، هو آهي، پر حقيقت ۾ هو کين فقط بيوقوف بنائين ٿيون. اوهه! مئڊم، توهان کي منهنجي ڳالهه تي تعجب ٿو لڳي، پر مونکي خبر آهي. آئون کين هِتان هُتان کڻندو رهان ٿو. هو گهڻوڪري ڪافي هائوس ۽ هوٽلن ٻاهران واڪ ڪن ۽ پوءِ لانگهائون آمريڪي يا يورپين ٽوئرسٽ سان دوستي ڪري پئسو به حاصل ڪن ٿيون ته لست مزو، به، مئڊم، جي آءٌ توهان کي ٻڌايان ته هنن وٽ ڪيترو پئسو آهي ته شايد توهان کي يقين ئي نه اچي. مان توهان کي ڇا ٻڌايان! گذريل رات، هڪ نوجوان ڇوڪري- شڪل ۾ تمام سهڻي، عاليشان ميڪ اپ ٿيل ۽ سيڪسي ڪپڙا پهريل، منهنجي ٽئڪسي ۾اچي ويٺي ۽ آرچرڊ مئنشن ڏي وٺي هلڻ لاءِ چيو- جيڪا سنگاپور ۾ انهن ڳالهين کان مشهور آهي، خاص ڪري ان بلڊنگ جي چوٿين ماڙ جا فليٽ ان ڪم لاءِ استعمال ٿين ٿا. لهڻ وقت ڀاڙي لاءِ هن جهڙو پرس کوليو ته مان توهان کي ڇا ٻڌايان! رڳو آمريڪن ڊالر ئي ڊالر هئا- سي به ڏهين ڏهين ڏهين وارا نوٽ. انهن مان هڪ نوٽ ڪڍي مون کي ڏيندي چيو ته باقي پئسا موٽائڻ جي ضرورت ناهي جو هن کي ايتري دير ترسڻ جو به وقت ناهي. مئڊم، اهو توهان کي ٻڌايان ته هر مهيني هنن ڇوڪرين ۽ سندن آمريڪن بواءِ فرينڊس مان- جيڪي منهنجي ٽئڪسيءَ ۾ ويهن ٿا، مون کي جيترو ڀاڙوملي ٿواوترو باقي عام ماڻهن کان نٿو ملي- جيڪي هر وقت ڀاڙو گهٽائڻ لاءِ ڪرڪندا رهن ٿا، ۽ ڏهه سينٽن جي ريجي واپس وٺڻ لاءِ به هٿ ٽنگيو بيٺا هوندا آهن. اهڙا ڪي ڪي پئسينجر اصل چريو ڪريو رکن. پر هي نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ڀاڙي جي معاملي ۾ گهوپي هرگز نٿا ڪن. بس انهن کان جيڪي گهر ته ڏيو ڇڏين. ٽئڪسي ۾ چُم چٽ ۽ دلپشوري ڪندا رهن ٿا ۽ هو فقط اهوچاهين ٿا ته ٽئڪسي بس هلندي رهي. پوءِ ڀاڙوکڻي ميٽر جي حساب سان وٺين. آئون توهان کي ڇا ٻڌايان ته ڪي ڪي ٽئڪسي پٺيان ايڏوخرچ ڪن ٿا جو بس. اهو اجهو هيئن، سنگاپور ۾ رات جو هڪ بجي کانپوءِ ٽئڪسي جو ڀاڙو ٻيڻو ٿئي ٿو، ۽ آئون ان ڪري ان وقت ٽئڪسي هلائڻ پسند ڪريان ٿو. جو ظاهر آهي ته گهڻو ڀاڙو ملي ٿو. روز رات جو آئون الروئا هوٽل يا تنگ ڪورٽ يا آرچرڊمئنشن جي ٻاهران وڃي بيهندو آهيان ۽پوري پڪ سان منهنجو چڱو ڌنڌو ٿيو وڃي. گذريل ڇنڇر تي، بيگم صاحبان، آئون چرچو نه پيو ڪريان، ته فقط هڪ رات ۾ مون ڏيڍ سؤ کن ڊالر ڪمايا هئا! ڪجهه ميٽر تي ڪجهه ائين خرچين طور مليم. ڌارين ملڪن کان آيل ڪجهه سياحن کي اها خبر ناهي ته ڇوڪريون ڪٿان هٿ ڪجن. سوانهن کي آئون ڇوڪرين جاڏس پتا ڏيندو آهيان ۽ انهن وٽ وٺي به ايندو آهيان. جنهن جي بدلي ۾ هو هميشه منهنجو کيسو گرم رکن ٿا. بيگم صاحبا توهان کي ڇا ڇا ٻڌايان جيڪڏهن سڀ ڪجهه ٻڌائڻ شروع ڪريان ته منهنجي ڪهاڻي ڪڏهن به کٽي نه سگهي. پر توهان کي آئون ايترو ضرور ٻڌائيندس ته محترما، جيڪڏهن توهان کي ڪا جوان ڌيءَ آهي ۽ هوءَ چوي ته امان منهنجي اسڪول۾ اڄ ميٽنگ يا جلسو آهي ۽ رات جو دير سان موٽنديس، ته توهان ڪڏهن به ائين نه چئجو ته هائو هائو، ڀلي. پر توهان هن کان پڇا ڪندا ڪريواهو ڇو آهي، ڪٿي آهي ۽ ڪيئن آهي، ۽ پنهنجو پاڻ به وڃي ان جو پتو ڪريو. اڄ جي ٻارن تي بلڪل اعتبار نه ڪجو. جيئن اڳ جي ٻارن تي ڪبو هو. بيگم صاحبا، آئون توهان کي اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٻڌايان ٿو جومون کي پاڻ به جوان ڌيءَ آهي- جنهن کي آئون گهڻو ئي چاهيان ٿو، پڙهڻ ۾ به هوشيار آهي. آئون پاڻ هن جي اسڪول جا رپورٽ ڪارڊ ڏسندو آهيان جنهن ۾ سندس ماسترياڻيون ’ويري گڊ‘، ۽ ’ائڪسيلينٽ‘ وغيره لکنديون آهن. هي منهنجي هوشيار ڌيءَ منهنجو دلپسند ٻار آهي. کائنس پڇندو آهيان ته پڙهائيءَ بعد ڇا ڪندينءَ ته جواب ڏيندي آهي ته يونيورسٽي وينديس. منهنجو ٻيو ڪوبه ٻار يونيورسٽيءَ تائين پڙهي نه سگهيو، پر هيءَ جيڪا بيحد هوشيار ۽ سمارٽ آهي ڪو وڌاءُ نه پيو ڪريان- هن جون ماسترياڻيون واقعي هن جي رپورٽ ڪارڊ تي ويري گڊ ۽ ائڪسيلينٽ لکنديون آهن. هوءَ گهر ۾ به پڙهندي آهي، پنهنجي ماءُ کي به مدد ڪرائيندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ٿوري سست پڻ رهي ٿي. ان، هڪ ڏينهن چيو ته سندس ماسترياڻي کيس اسڪول ۾ دير تائين ترسي ڪجهه وڌيڪ پڙهڻ لاءِ چيو آهي. هن کي ڪجهه وڌيڪ پڙهائڻو آهي جو هوءَ حسابن واري سبجيڪٽ ۾ ڪمزور آهي. سو مون چيومانس ته ڀلي. پر پوءِ هوءَ ڏينهن پٺيان ڏينهن اهوئي چوندي رهي ۽ شام جو دير سان موٽڻ لڳي. ان بعد مليل هوم ورڪ ڪري سمهي رهي ٿي. هڪ ڏينهن، اوهه! محترما! اڄ به اها ڳالهه سوچي مون کي باهه ٿي وڃي- هڪ ڏينهن، آئون پنهنجي ٽئڪسي ۾ وڃي رهيوهوس ته اوچتو ڇا ٿو ڏسان! ڏسان ته هڪ ڇوڪري بلڪل منهنجي ڌيءَ لي چوءَ جهڙي، ٻين چيني ڇوڪرين سان گڏ،يورپي مردن سان هڪ ڪافي هائوس جي ٻاهران بيٺي آهي. مون کي يقين ئي نٿي آيو ته اها ڪيئن لي چوءِ ٿي سگهي ٿي. منهنجي ڌيءَ ته اسڪول ويل آهي. پر هيءَ ڇوڪري ته يونيفارم بدران، عام ڪپڙن ۽ ميڪ اپ ۾ آهي، ۽ هلڻ چلڻ ۽ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ بي ڊپي پيئي لڳي. اها منهنجي ڌيءَ ٿي نٿي سگهي. پوءِ هو سڀ اندر ڪافي هائوس ۾ گهڙي ويا ۽ منهنجي دل ڄڻ ٻڏي ويئي- ڇا چوندا آهن ملئي زبان ۾، بيگم صاحبا، منهنجي دل ‘Susah- Hati’ ٿي ويئي ۽ مون پنهنجو پاڻ کي چيو، آئون ان لي چوءِ ۽ سندس ڀولڙين وارين حرڪتن کي ڏسي رهندس. وري ٻئي ڏينهن ساڳي ڪار! هوءَ ساڳي هنڌ تي نظر آئي. منهنجو ته اندر ئي سڙي ويو. ٽئڪسيءَ کي پاسي تي بيهاري آئون بي حيا ڌيءَ ڏي ڊوڙيس. ڳٿر ۾ هٿ وجهي ٻه چار ٿڦڙون واهي ڪڍيون مانس. هوءَ رڙيون ڪندي رهي پر مون ڪابه پرواهه نه ڪئي. ڇڪي آڻي ٽئڪسي ۾ ويهاريومانس ۽ گهر لاهي وري اچي موچڙا هنيا مانس. منهنجي زال ۽ ڪجهه پاڙي وارن مون کي ڇڪي پري ڪيو. اهي جي وچ ۾ نه پون ها ته شايد ماري ماري ساهه ڪڍان ها. کيس ٽن ڏينهن لاءِ سندس ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيم، سندس اسڪول وارن کي سچ ٻڌائيندي شرمندو ٿي ٿيس، سو لي چوءِ لاءِ ٻڌايومانس ته بيمار آهي ان ڪري اسڪول اچي نٿي سگهي. بيگم صاحبا منهنجي جاءِ تي توهان هجو ها ته ڇا سوچيو ها؟ هن کي ايترو ذليل ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت پيئي هئي جڏهن سندس پيءُ ڏينهن رات پورهيو ڪري نه فقط سندس هر گهرج پوري ڪريو ويٺو هو پر سندس يونيورسٽيءَ جي پڙهائي واري خرچ لاءِ پڻ پئسو گڏ ڪري رهيو هو.
    بيگم صاحبا، هينئر سڀ ٺيڪ ٿي ويو. مهرباني. هوءَ هاڻ سواءِ اسڪول جي ڪيڏانهن به وڃي نٿي سگهي. ۽ آئون هن جي ماءُ کي به اها تنبيهه ڪندو رهان ٿو ته هن تي هر وقت نظر رکي، جيڪي ڪجهه ڪري ٿي اهو ڏسندي رهي، ۽ هن جي ساهيڙين کي به اک ۾ رکي- ته اهي ڪهڙي قسم جون ڇوڪريون آهن.آه! محترما، اڄڪلهه جا ٻار ڪيڏو مسئلو آهن پنهنجي مائٽ لاءِ..... ڇا، بيگم صاحبا؟“ اوه! معاف ڪجو، محترما، افسوس جو توهان جي ميٽنگ ختم ٿيڻ تائين ترسي نه سگهندس. منهنجي لاءِ وڃڻ ضروري آهي. مهرباني ڪري دل ۾ نه ڪجو. آئون جلدي ۾ آهيان سگهوئي وڃي هوٽل الرواءِ يا آرچرڊ مئنشن پهچان- اتي ڪيترائي نوجوان ٽئڪسيءَ جي انتظار ۾ هوندا. سو، توهان کان موڪلائڻ چاهيان ٿو، توهان جي وڏي مهرباني.

    ڪئٿرين لم (Catherine- Lim)
    ”شادي“ ۽ ”ٽئڪسيءَ واري جي ڪهاڻي“ افسانن جي ليکڪا ڪئٿرين آهي. ڪئٿرين- لم سنگاپور جي چينائڻ آهي. پاڻ 1964ع ۾ ملايا يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيائين. هن وقت ’ڪئٿولڪ جونيئر ڪاليج سنگاپور‘ ۾انگريزي زبان ۽ انگريزي ادب پڙهائي ٿي. پاڻ شادي شده آهي ۽ ٻه ٻار اٿس.


    ماتا ڪچنگ

    اهو منجهند جو وقت هو. خط استوا جو گرم سج پوري چوٽ تي چڙهيل هو جنهن ڪري چوڌاري سخت گرمي کان ماڻهن توڙي وهٽن جو جسم ٿي سڙيو. ٻاهر پڪي رستي تي ماٺ ئي ماٺ هئي. رکي رکي ڪو ماڻهو لنگهيو ٿي. دڪاندار اُس کان بچڻ لاءِ دڪان اڳيان ڇپريون ڏيئي ڇڏيون هيون ۽ سڀني ايڏو ٿڪل ۽ ننڊاکڙو محسوس پئي ڪيو جو ڪو رهيل کهيل خريدار اچي نڪتو ٿي ته ته هن کي اٿي گهربل شيءِ ڏيڻ تي به هنن جي دل نٿي چاهيو.
    رستي جي پوڇڙ تي هڪ پٿر ۽ سيمنٽ جي وڏي ٽي ماڙ عمارت ٺهيل هئي. اها انصاف جي ڪورٽ هئي. جتي ماڻهن جا قانوني مسئلا سرچايا ويا ٿي.
    ان ٽاڻي ڪورٽ به خالي ٿي چڪي هئي ٿوري دير اڳ هڪ وراثت جو ڪيس ٻڌڻ بعد جج، وڪيل ۽ منشي ماڻهو ماني کائڻ لاءِ گهرن ڏي روانا ٿي چڪا هئا. ڪورٽ جو لوهي شيخن وارو ٻاهريون دروازو بند هو. ان دروازي جي ٻاهران هڪ ملئي همراهه کاٻي ٽنگ کان منڊو، دروازي جي شيخن ۾ هٿ وجهي ڪورٽ ڏي نهاري پنهنجو پاڻ چپن ۾ ڪجهه ڀڻڪي رهيو هو. رکي رکي پنهنجي قميص جي ٻانهن سان منهن جو پگهر اگهيائين ٿي. سندس قميص ڪنهن زماني ۾ اڇي رنگ جي هوندي پر هاڻ هيڊائين ٿي ويئي هئي. سندس پراڻي خاڪي پتلون ۾ ايترا ته ٽنگ ٿي ويا هئا جو اها پتلون بدران مڇين ڦاسائڻ جي ڄاري لڳي ٿي. ڪن وڏن ٽنگن مان سندس جسم پڻ ظاهر ٿيو پئي. آيو ويو هن غريب تان چٿرون ۽ چرچا ڪري لنگهي ويو ٿي. سندس نالو ڪجهه ٻيو هو پر هر ڪنهن کيس ماتا ڪچنگ (Mata- Kucing) سڏيو ٿي.
    ڪجهه دير ڪورٽ جي در وٽ بيهي پوءِ هو پيرين پنڌ اُس ئي اُس ۾ پگهر ۾ شل ٿيندو گرجا گهر ڏي روانو ٿي ويو. رستي تان ساڳيءَ ريت ڀڻڪندو ويو ڄڻ ڪنهن سان ڳالهائي رهيو هجي. سندس ڀرسان لنگهڻ تي چٽو ئي چٽو ٻڌڻ ۾ آيو ٿي ته هو هيٺيان جملا ورجائي پيو.
    ”پروردگار، منهنجاپروردرگار، جن منهنجا پئسا چورايا آهن انهن چورن کي ڳولي، انهن کي سندن ڪئي جي سزاڏي.“
    ”ماتا ڪچنگ، لڳي ٿو ته اڃا الله تنهنجي ٻڌي ئي نٿو؟“ ڪنهن لنگهدڙ مٿس چرچو ڪيو.
    پوڙهو ۽ ڏٻرو ماتا ڪچنگ جواب ڏيڻ بدران ان ماڻهوءَ ڏي فقط گهوري ڏسڻ لڳو.
    هرهڪ دڪاندار کي اهو معلوم هو ته ماتا ڪچنگ هر روز صبحجو ڪورٽ ۾اچي ٿو ۽ منجهند جو گرجا گهر ۾، هو ان ڪم ۾ اهڙو ته پابند آهي جيئن ڪو ڇوڪرو وقت تي اسڪول اچي وڃي.
    ماتا ڪچنگ جي هن حال تي پهچڻ جي ڪهاڻي ڳوٺ جا ماڻهواڪثر ٻڌائيندا آهن.
    ماتا ڪچنگ جي ڪهاڻي ٻي وڏي لڙائي ختم ٿيڻ واري سال کان شروع ٿئي ٿي. ان کي جيتوڻيڪ وڏو عرصو ٿي چڪو آهي پر ماڻهن کي اڃا تائين چٽيءَ طرح ياد آهي. هي اهو وقت هو جڏهن جپانين انگريزن کي ڀڄائي سنگاپور ۽ ملائيشيا تي قبضو ڪري ورتو هو. هڪ ڏينهن جپانين جو وڏو مسافر جهاز بندرگاهه ۾ پهتو. منجهس چار سؤ کن جپاني سولجر هئا ۽ اٺ يا نوَ سؤ جاوا (انڊونيشيا) مان آندل جاواني پورهيت هئا. لڳو ٿي ته رستي تي پورهيتن کي پيٽ ڀري کائڻ لاءِ ڪو ويلو اڌ به نه ڏنو ويو آهي جو هو مرندڙ ڀولڙن وانگر بکايل هئا. هنن کي جپانين جي مختلف ڪئمپن۾ پورهئي لاءِ جاوا کان گهرايو ويو هو. جهاز مان لهڻ بعد سڄو ڏينهن ڌڪي تي ئي ترسايو ويو. هو سڄو ڏينهن کليل آسمان هيٺان سخت اُس ۾ ويٺا رهيا. شام جو ڏهه کن ملٽري ٽرڪون آيون جيڪي هنن کي ٽولن ٽولن ۾ شهرکان چوڏهن ميل کن پري ڪئمپن ۾ وٺي ويون، جتي کين ڪم ڪرڻو هو. ٻئي ڏينهن کان کين آمدرفت لاءِ پڪا رستا ۽ هوائي جهاز جي لهڻ لاءِ هوائي پٽو ٺاهڻ جي ڪم تي لڳايو ويو.
    جپانين وٽ ڪيترائي انگريز به قيدي هئا. هنن جاوانين کي به انهن انگريز قيدين وانگرخراب ترين حال ۾ رکيو ويو هو. سڄو ڏينهن کين پورهئي لاءِ پيڙيو ويو ٿي. سخت پورهئي، اڻ پوري کاڌي،بيماري، اُس ۽ گرميءَ وگهي سوين مري ويا. ماتا ڪچنگ انهن چند خوش نصيبن مان هو جنهن کي رڌ پچاءُ جي ڪم ۾ لڳايوويو جو هڪ ته هو قد ۾ ننڍو هو. ٻيو نه هڪ ٽنگ کان منڊو هو. پر رڌڻي جو پورهيو به ڪو خاص سولو نه هو. اتي پڻ هن ڪتي واري زندگي گذاري ٿي.
    انهن ڏينهن ۾ جيڪو موت کان بچيو ٿي اهو خوش نصيب سمجهيو ويو ٿي. ماتا ڪچنگ ڪڏهن ڪڏهن بيمار ٿيندو رهيوپر مئوڪونه: اها اهڙي ڳالهه هئي جو هن کي پاڻ به سمجهه ۾ نٿي آئي ته اهڙين تڪليفن ۽ ڪشالن ۾ هو ڪيئن جيئرو رهي سگهيو. بس ڏاکڙا ۽ سختيون سهندي سهندي نيٺ اهو ڏينهن اچي ويو، جڏهن جپانين جي هار ٿي. انگريز وري آيو ۽ جپانين جي قيد ۽ ڪئمپن۾ بند ٿيل ماڻهن کي آزادي ملي. جپانين وٽ سال ٻه پورهئي بعد ماتا ڪچنگ جي سوين ساٿين مان فقط ڪي ڊزن ٻه جيئرا وڃي بچيا. بهرحال آزاديءَ وقت ماتا ڪچنگ سخت بيمار هو ۽ انگريزن جي هڪ ننڍڙي عارضي اسپتال ۾ پنهنجي هڪ دوست جي معرفت علاج لاءِ ترسايو ويو. اسپتال جوڊاڪٽر آسٽريليا جو هو جيڪو نهايت نيڪ ۽ محنتي هو. هن مريضن جو تمام گهڻو خيال رکيو ٿي ۽ ڇهن هفتن اندر ماتا ڪچنگ کي ڊسچارج ڪيو ويو.ماتا ڪچنگ يا سندس ساٿين کي واپس پنهنجي وطن جاوا وڃڻ جو ڪوبه آسرو اميد نه هو، جو هنن وٽ سواءِ ان هڪ وڳي جي جيڪو جسم تي هون ٻيو ڪجهه به پائي پئسو نه هو. پر جنهن ڊاڪٽر ماتا ڪچنگ جو علاج ڪيو ٿي اهو سٺي سڀاءُ جو هو جنهن ڊسچارج ٿيڻ مهل ماتا ڪچنگ کي پنهنجي پراڻي وردي، سپاٽو سليپر ۽ ڪجهه ٻيون شيون پڻ ڏنيون. ۽ جڏهن هن کي خبر پئي ته ماتا ڪچنگ تمام سٺو بورچي آهي ۽ کيس ڪيترائي يورپي ڊش ٺاهڻ اچن ٿا ته هن کيس پنهنجي گهر ۾ ئي بورچي ڪري رکيو. اهڙي طرح ماتا ڪچنگ کي روزگار لاءِ ڌنڌو ملي ويو. هن کي پاڻ اهائي اميد هئي ته هڪ ڏينهن سخت محنت ڪري هو ايترو پئسوڪمائي وٺندو جو پنهنجي وطن جاوا پهچڻ لاءِ ڀاڙي طور ادا ڪري سگهندو. هن جي زندگيءَ جو سڄو مقصد فقط اهو هو ته هڪ ڏينهن پنهنجن مائٽن مٽن سان جاوا وڃي ملندو.
    ڊاڪٽر عيسائي هو. هن ماتا ڪچنگ کي چيو: ”ڏس! تون جپانين جي هٿن ۾ مرڻ بدران بچي ويو آهين. اهو اسان جي پروردگار ڪيو. هاڻ پنهنجي پالڻهار کان دعا گهرندو رهه. ان ۾ يقين ايمان رک ته تون هر وقت خوش گذّاريندين.“
    ڊاڪٽر هن کي هر وقت نصيحتون ۽ ان قسم جا واعظ ٻڌائيندو رهيو ۽ آخرڪار ماتا ڪچنگ عيسائي ٿي ويو. هن عيسائي نموني جي عبادت سکي ورتي ۽ گرجا گهر ۾ وڃڻ سندس ڏهاڙي جو معمول ٿي ويو.هن جي ٻين ساٿين کي جيتوڻيڪ اها ڳالهه صحيح نه لڳي ۽ مٿس ٺٺوليون ڪندا رهيا پر هن ڪنهن جي به پرواهه نه ڪئي جو ڊاڪٽر کيس اهو پڻ ٻڌايوهو ته مذهب ۽ ايمان هر هڪ جو ذاتي معاملو آهي ۽ ڪنهن به ٻئي کي ان ۾ دخل اندازي ڪرڻ جو حق ناهي. ڪوبه ڪنهن کي زوريءَ ڪا ڳالهه مڃائي نٿو سگهي ۽ جنهن جو جنهن ۾ عقيدو آهي هن کي ان کان جهلي به نٿو سگهي ان ڪري، هو هميشه پنهنجن ساٿين کي اهو جواب ڏيندو هو: ”هر هڪ ماڻهو آزاد آهي ته جنهن تي هن کي وڻي ان تي يقين رکي، ٻئي جو ڇاوڃي منهنجي ذاتي ڳالهين ۾.“
    هن جا دوست آخرڪار سمجهي ويا ته هن کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪرڻ اجائي ڳالهه ٿيندي. ان ڪري هن کي پوءِ چئه چئه ڪرڻ ڇڏي ڏنائون.
    هڪ سال بعد، ملٽري نظام ختم ڪري شهري حڪومت قائم ڪئي ويئي. ڊاڪٽر کي پنهنجي ملڪ سڏايو ويو، ان ڪري ماتاڪچنگ کي هاڻ نئين نوڪري ڳولڻي پئي. وڃڻ وقت ڊاڪٽر کيس پنهنجو سڀ فرنيچر ڏيئي ڇڏيو ۽ ان کان علاوه کيس ٽي سؤ ڊالر روڪ پڻ ڏنا. انهن پئسن مان ڀاڙوڪري، هي هاڻ پنهنجي وطن جاوا وڃڻ وارو هو ته انهيءَ دوران هن جو هڪ ملئي ڇوڪريءَ سان عشق ٿي ويو. هوءَ ٽيهن سالن جي ڄمار جي رن زال هئي. سندس مڙس آمريڪن جي هوائي حملي ۾ مارجي ويوهو. هوءَ پاڻ به ملٽري اسپتال۾ صفائي ۽ ڌوپ جو ڪم ڪري رهي هئي. جوان جماڻ بيوه ۽ چاليهه سالن جي ڪنواري ماتاڪچنگ جو ڏهاڙي ملڻ ڪري هڪٻئي سان عشق ته ٿيڻو ئي هو ۽ پوءِ هنن ڏٺو ته هنن لاءِ ڌار رهڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. سو جڏهن ڊاڪٽر هليو ويو، ته هنن ٻنهي اسپتال ڇڏي،ل ٻاهر هڪ ننڍڙو گهرمسواڙ تي اچي ورتو جنهن۾ هو شادي شده زندگي گذارڻ لڳا.
    عورت جو نالو (Satay) هو، جيڪو دراصل مٿس ماڻهن رکيو هو. ملئي زبان۾ ساتي ٻوتي ڪواب کي سڏجي ٿو، جيڪو بيحد سوادي ٿئي ٿو ۽ ماڻهو تمام گهڻو پسند ڪن ٿا. سو هي ماتاڪچنگ جي زال ساتي پڻ خوبصورت، وڻندڙ ۽ حقيقت ۾پرڪشش هئي.
    پر ماتا ڪچنگ جا سڀ دوست ان خيال جا هئا ته هيڪاندي سهڻي عورت ان گهوڙي وانگر ٿئي ٿي جنهن کي پالڻ ڏکيو هجي. ۽ اهڙي عورت کي منهن ڏيڻ ڏکيو ڪم آهي.
    ماتا ڪچنگ پوءِ سگهوئي هڪ ڪاٺ جي ڪارخاني ۾ نوڪري ڳولي ورتي. اها هڪ تمام وڏي فئڪٽري هئي جنهن ۾ماتا ڪچنگ پٽيوالي جو ڪم ڪيو ٿي. هن جو پگهار ڪو گهڻو نه پر ٻن ڄڻن لاءِ پورو هو. ماتا ڪچنگ سڀني پورهيتن ۾ گهڻو خوش هو، جو هن کي نوڪري ۽ خوبصورت زال هئي. ايتري قدر جو ان فئڪٽريءَ جي ڪيترن ئي مزورن ۽ پورهيتن ماتاڪچنگ تي ريس ڪئي ٿي ۽ ڇهن مهينن اندر ساتي جو نالو هر هڪ جي زبان تي اچي ويو. هو اڪثر ماتا ڪچنگ سان چرچا ڪندا هئا ته جيئن هنن جو دلپسند کاڌو ساتي آهي سو هو معلوم ڪرڻ چاهين ٿا ته واقعي سندس زال ساتي به ايتري مزيدار آهي يا نه.
    هر اهو جيڪو ساتي سان مليو ٿي تنهن اهو قبول ڪيو ٿي ته ساتي واقعي ساتي آهي، پر ان ۾ ئي ته خطرو سمايل هو. پوءِ جلد ماتاڪچنگ کي ايندڙ مصيبتن کي منهن ڏيڻو پيو جنهن۾ هن نه فقط هڪ اک پر زال پڻ وڃائي ڇڏي ۽ماڻهن سندس نالو ماتا ڪچنگ کڻي رکيو. (ماتا ڪچنگ ملئي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنى ٻليءَ جي اک آهي.)
    ماتاڪچنگ هن جو ڪو اصلي نالو نه هو. سندس اصلي نالو ’ڪالي‘هو جنهن حادثي ۾سندس نالو ڪالي مان ڦري ماتا ڪچنگ ٿيو ان لاءِ سندس زال ئي جوابدار هئي.
    شاديءَ بعد هو مڙيئي هن جي گهٽ پگهار مان خوش نه ٿي يا شايد سندس سادي ۽ اڻ ڊولي شڪل ڪري کيس ڌڪارڻ لڳي هئي. يا ٿي سگهي ٿو ٿورو ٿورو ٻنهي ڳالهين جو اثر هجي. بهرحال فئڪٽري ۾ هڪ به سريلنڪا جو سنهالي فورمين هو ان سان ساتي جو چڪر هلي ويو هو ۽ هو ساڻس ايترو فري ٿيندو ويو جو ماتاڪچنگ جي غير حاضريءَ ۾ ساتي سان هٿ چراند به ڪري وٺندو هو. سنهالي تمام گهڻو سمارٽ ۽ شهدي قسم جو هو. هو. ساتي کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ هن پهرين کيس ننڍا ننڍا تحفا موڪلڻ شروع ڪيا. جهڙوڪ: رومال، صابڻ چڪي، سينٽ عطر، خوشبوءِ وارو تيل،ڪچو ڪپڙو وغيره ويندي روڪ پئسابه موڪلڻ لڳس ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ساتي هن سان ٺهي وئي ۽ پوءِ جتي ڪٿي ان عشق جا هلندڙ افواهه ڪاليءَ جي ڪن تي پيا. پرهن کي پنهنجي زال ساتي سان ايترو ته پيار هوجو هن انهن ڳالهين تي يقين ئي نه ڪيو ۽ دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو ته ماڻهو مٿس سڙن ٿا سو ان ڪري انهن اهي ڳالهيون ٺاهيون آهن.
    پر پوءِ وقت گذرڻ تي جڏهن هو هڪ ٻئي پويان ڳالهيون ٻڌندو رهيو ته هن جي دل ۾ شڪ جاڳيو. پر گهر ۾ هميشه سٺي نموني سان هلندو رهيو. پاڻ وڌيڪ خيال ڪرڻ لڳو جيئن سندس زال کي پڻ هن لاءِ پيار رهي. پر سائين ان سان ڪوبه کڙتيل نه نڪتو. ساتي جي دل هن سريلنڪا جي سنهالي فورمين سان اهڙي ته سنهي سئيءَ سان سبجي ويئي جو ڌار ٿيڻ ناممڪن ڳالهه ٿي پيئي. ساتي کي پنهنجي مڙس لاءِ بلڪل وقت نه هو. هر وقت اهو سوچيندي رهي ٿي ته ان سنهالي فورمين سان شادي ڪرڻ بعد هوءَ ڪيترو ته خوش گذاري سگهندي، ۽ پوءِ ان سنهاليءَ سان هٿ هٿ ۾ ڏيئي گڏ هلڻ لڳي. هڪ رات ساتي پنهنجي يار سان گڏ، هڪ اونداهي رستي تان، ائين هٿ هٿ سان ملائي هلي رهي هئي ته اوچتو ڪالي اچي سامهون ڪڙڪين. ٻنهي جي وچ ۾ فلمن واري ويڙهه هلي ۽ ڪجهه منٽن بعد بدنصيب مڙس جي ساڄي اک تمام گهڻو زخمي ٿي پيئي. ايترو گهڻو جو کيس اسپتال ۾ داخل ڪيوويو ۽ سندس دشمن هڪ گٽر ۾ اهڙو ته ڪري پيو جو مرندي مرندي بچيو.
    ٽن مهينن بعد ڪالي اسپتال مان نڪتو. هن جي ساڄي اک بلڪل ختم ٿي ويئي. ان جاءِ تي بلور واري نقلي اک وڌي ويئي. پهرين نظر ۾اها ڌارئين نٿي لڳي پر پوءِ غور سان ڏسڻ سان هڪ گدلو چيهڪ هن جي اک وٽ نظر آيو ٿي: جنهن هر وقت ان حادثي جي ياد تازي ڪرائي ٿي.
    پر اک جو اهو زخم سندس دل جي زخم جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه هو جيڪو هن کي اهو معلوم ڪري رسيو ته سندس پياري زال ساتي گهر جو سڀ سامان کڻي ان سنهالي فورمين سان ڀڄي ويئي. هاڻ هن جي هٿن مان هر شيءِ ويئي هلي. ويندي نوڪري به. هن بدلي وٺڻ جو قسم کنيو: پر سنهالي فورمين سندس زال ساتي سان گڏ ڪنهن ٻئي شهر ڏي غائب ٿي ويو.
    اهڙيءَ طرح ڪالي ’ماتا ڪچنگ‘ جي نالي سان سڏجڻ لڳو، ڇو جو ماڻهن جو چوڻ هو ته هن جي نقلي اک ٻليءَ جي اک هئي. ۽ هنن اهو نالو ڪجهه نفرت، ڪجهه همدردي ۽ ڪجهه بي عزتي ڪرڻ جي خيال کان ورتو ٿي. ان بعد ماتا ڪچنگ وري ڪنهن سان ٽڪر نه کاڌو.ڪو ساڻس بحث ڪندو ته کلي ڳالهه ٽاري ڇڏيندو هو. پر جي سٺي موڊ ۾ نه هوندو هو ته ماٺ ڪري محفل مان اُٿي ويندو هو. پاڻ پنجاهه سالن جو اچي ٿيو هو. يعني اڌ کان مٿي واري زندگي ته هلي ويئي. هن بدبختيءَ کان پوءِ هو بيحد اڪيلو، زندگيءَ مان بيزار ۽ غمگين رهڻ لڳو. واپس جاوا وڃڻ جي ته اميد هاڻ هن دل مان بلڪل ڪڍي ڇڏي. واپس وطن وڃڻ هاڻ هڪ وسريل خواب برابر هو، ۽ هن کي خبر هئي ته ان جي هاڻ ساڀيان ٿيڻ ناممڪن ڳالهه سمجهڻ کپي. هاڻ هن جي فقط اها اميد هئي ته ڪو ڌنڌو نوڪري ڳولجي، جنهن مان ايتري ڪمائي ٿئي جو کائڻ لاءِ ڀت جو وٽوملي وڃي ۽ ٻه چار ڏوڪڙ پيريءَ لاءِ به بچائي وٺجن.
    ڪاٺ جي ڪارخاني وارن کيس وري نه رکيو جو هن لاءِ چوڻ لڳا ته ڦڏي باز آهي. مڙني شين ۾، هن سوچيو، ته هن کي ڦڏي باز چيو ٿو وڃي.، ان ڪري جو سندس زال ڪنهن ٻئي سان ڀڄي ويئي.
    هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ صدمو رسيو. ڪنهن طرح سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ هن مذهب ڏي لاڙو رکيو. گرجا گهر وڃي عبادت ڪرڻ مهل هن کي قلبي سڪون ته رسو ٿي پر ٻاهر جي دنيا ۾ هن کي فقط اذيتون ئي محسوس ٿيون ٿي.
    آخرڪار هن ڊاڪيارڊ ۾ چوڪيدا ٿيڻ جي نوڪري ڳولي ورتي. پگهار جيتوڻيڪ گهٽ هو. ان پگهار مان گهر هلائڻ ته ڏکيو ڪم هو. چاهي ان گهر ۾ فقط زال مڙس ٻه ڀاتي هجن. پر اڪيلي ڄڻي لاءِ گذارو ڪرڻ سولو هو. هن ڏينهن جو ڪم ٿي ڪيو، جتي بک لڳندي هيس مانيءَ ڀور کائي ڇڏيندو هو. رات جا پهر ڊاڪيارڊ جي هڪ ڪوٺيءَ ۾ ئي گذاري وٺندو هو. هن اهوئي سوچيو ته ان نڪري مان گهٽ ۾ گهٽ ٽي سال ڪڍي وٺندو. هن کي جيتوڻيڪ تمام گهٽ پگهار مليو ٿي، پر هو هر وقت سخت محنت ڪرڻ لاءِ تيار هو ۽ هونءَ به ان نوڪري لاءِ به ڪيترا آتا ۽ سفارشي هئا. ۽ پوءِ ٿيو به ائين ئي. هن اها نوڪري ڪي ڇهه مهينا کن به ڪا مس ڪئي هوندي ته هن کي ان نوڪري مان ڪڍي هن جي جاءِ تي هڪ نوجوان رکيو ويو جيڪو ساڳيو ڪم ان کان به گهٽ پگهار تي ڪرڻ لاءِ راضي هو.
    ان کانپوءِ هن کي ڪٿي به ڪا پڪي نوڪري ملي نه سگهي ۽ هيڏانهن هوڏانهن پورهئي مزوري لاءِ واجهائيندو رهيو. پوءِ ڪڏهن ڪٿان چار پئسا ملي ويندا هئس ته پيٽ گذر ٿي ويندو هوس ته ڪڏهن سڄو ڏينهن هڪ پائي به حاصل ڪري نه سگهندو هو. ڪڏهن ته وري مهينو ٻه يڪو ڪو اهڙو پورهيوملي ويندو هوس جنهن مان ايترو بچائي وٺندو هو جو ٽي چار مهينا بنا ڪم هجڻ جي به گذارو ڪري سگهي. ايئن چوڻ به صحيح نه هو ته هن وٽ پئسو بلڪل نه هو. ڇو جو محنت پورهئي ڪرڻ ۾ ته هي مڙس ماڻهو هو ۽ سندرو ٻڌي اهڙو لڳندو هو چڱو پئسو ڪمائي وٺندو هو. هن جيتوڻيڪ پنهنجي وطن جاوا وڃڻ جو آسرو بلڪل لاهي ڇڏيو هو ته به پيٽ لاءِ هن کي پئسوڪمائڻو پيو ٿي.
    سڄي تر ۾ هي ڄاتل سڃاتل شخصيت سمجهيو ويو ٿي پر ڪنهن سان سندس ڪا خاص دوستي نه هئي. ماڻهو سندس ماضي وساري چڪا هئا پر سندس دل جي ولوڙ فقط ساتي جو نالو کڻڻ سان ائين اُڀري ٿي جيئن ڍنڍ جي بيٺل پاڻي ۾ ڀتر هڻڻ سان لهرون اُڀرن.
    ماتا ڪچنگ زندگي گذر ڪئي ٿي. تڏهن، رولاڪن واري.
    وقت جو ڦيٿو تمام تکو ڊوڙي ٿو، جنهن جا نشان ماتا ڪچنگ جي چهري تي صاف نظر آيا ٿي- هاڻ هو چوونجهاهه يا پنجونجهاهه سالن جو هو، شايد سندس عمر جي ڪنهن کي به خبر نه هئي ۽ نه هن ڪڏهن پنهنجي عمر جي پرواهه ڪئي ٿي. وقت جي سفر هن لاءِ ڪابه اهميت نٿي رکي. ڏينهن، هفتو، مهينو هن لاءِ سڀ هڪ هئا، جو هن لاءِ هر روز ساڳي هڪجهڙي زندگي هئي جنهن ۾ڪابه نواڻ يا ڪوبه واقعو ٿيڻ وارو نه هو. پر تنهن هوندي به هن کي جيئڻو پيو ٿي.
    ڪجهه سالن بعد هن هڻي هڻي مڙيئي چار يا پنج سؤ ڊالر کن بچائي ورتا جيڪي هن سخت پورهيا ۽ ڪشالا ڪري پائي پائي بچائي گڏ ڪيا. جڏهن به هن وٽ پنجاهه يا سؤ ڊالر کن گڏ ٿيندا هئا ته هڪ هڪ جا نوٽ ۽ ريجو مٽائي وڏا نوٽ وٺندو هو جن کي ٻيڻو چئوڻو ڪري هڪ پرس اندر لڪائي رکندو هو. هاڻ هن وٽ چار سؤ ڊالر وارا نوٽ ٿي چڪا هئا. هڪ پنجاهه ڊالرن جو نوٽ ۽ ڪجهه ٻيو ريجو. ان پئسي جي هجڻ ڪري هن پنهنجو پاڻ کي بهتر محسوس ڪيو ٿي. پاڻ بابت وڌيڪ خاطري ٿيس ٿي. هن پئسي جي حفاظت پنهنجي جان وانگر ڪئي ٿي. پرس کي بيلٽ سان گڏ ٻڌي ڇڏيو هئائين، جيڪو پنهنجي چيلهه تان ڪڏهن نه لاهيندو هو. چاهي ڏينهن هجي يا رات، ڇو جو هن جو ڪنهن تي به ڀروسو نه رهيو هو. ساتي وارو ڌڪ ۽ دوکو سندس دل تي هميشه تازو هو.
    هو ڪڏهن ڪڏهن، رات جي پوئين پهر ۾، جڏهن اڪيلو هوندو هو، ته نوٽ ڪڍي، هڪ هڪ ڪري ڳڻيندو هو. هڪ هڪ کي پنهنجي آڱرين سان ڇهي انهن تي ٺهيل شڪليون ۽ رنگ غور سان ڏسندو هو.ا يترا سارا نوٽ ڏسي هو ڏاڍو خوش ٿيندو هو. پر پوءِ ساتي جي ياد ايندي ئي ڏکيارو ٿي ويندو هو ۽ ان پويان پئسن ۽ گهر جي سامان جو کڄي وڃڻ، فورمين سان سندس لڙائي، اک جو وڃڻ، اصلي نالي بدران سندس نالو ماتا ڪچنگ ٿيڻ- زندهه رهڻ لاءِ هن ڪيڏا حيلا ڪيڏا وس، ڪيڏيون تڪليفون، ڪيڏا ڪشالا ڪڍيا آهن. اهو سوچي سوچي هن جي هٿ ۾ جهليل نوٽ ڳاڙها ٿيندي نظر آيا هئا. اهڙا ڳاڙها جهڙو رت، ان وقت اکين مان ڳوڙها نڪري ڳلن رستي هيٺ اچي ڪرندا هئا ۽ هو پئسا ويڙهي، واپس ٻٽونءَ ۾ رکي، هڪ ٿڌو ساهه کڻي سمهي رهندو هو. ڪنهن ڪنهن رات سمهڻ کان اڳ دعا گهرڻ وسري ويندي هيس ۽ ائين ئي سمهي رهندو هو. پر پوءِ ننڊ مان اٿي دعا گهرندو هو ۽ رهيل عبادت پوري ڪندو هو. وقت بوقت ڏک دور ڪرڻ لاء ِپنهنجي ٻٽونءَ کي هٿ سان ڇهي محسوس ڪندو هو، ۽ پوءِ مطمئن ٿي مرڪي، سمهي رهندو هو.
    ڊاڪيارڊواري نوڪري وڃڻ بعد هن ڪيترن ئي هنڌن تي پورهيا ڪيا. ويندي ٻهراڙيءَ ۾ رليو پنيو پر پوءِ نيٺ شهر ڏي واپس آيو، جتي هن جي بدبختي شروع ٿي هئي. اتي اچي هن کي هڪ دفعو وري ساڳيو رڌ پچاءَ وارو پورهيو ڪرڻو پيو هو. هن دفعي هن کي هڪ چيني بورچيءَ جو مددگار ٿي ڪم ڪرڻ جي نوڪري ملي. سندس مالڪ نيوزيلينڊ جو هڪ وڪيل هو. ماتا ڪچنگ کي ان ڳالهه جو ذرو به فڪرنه هو ته هن کي ڪنهن جو انچارج ٿي ڪم ڪرڻو پوي ٿو. هو هاڻ پوڙهو ٿي چڪو هو ۽ سندس دل ۾ زندگيءَ ۽ وڌڻ ويجهڻ جي هاڻ ڪابه چاهت يا موهه نه رهيو هو.
    هن اهوئي چاهيو ٿي ته سڪون واري زندگي هجي، پڪي نوڪري هجي ۽ جتي لڳو پيو هجي اتي ئي لڳو رهي. در در جا ڌڪڙ کائڻ هاڻ هن کي ڏکيا لڳا ٿي. هن جو هاڻ ڪو مٽ مائٽ يا ساٿي سڄڻ نه رهيو هو ۽ نه ڪا زال ٻار جنهن جو کيس فڪر رهي. هن جي ٻٽونءَ ۾ سوين ڊالر هئا جنهن ڪري هن پاڻ کي سکيو ۽ پُرسڪون محسوس ڪيو ٿي. هاڻ هن کي گهڻي محنت ڪري وڌيڪ ڪمائڻ جي به چوس نه هئي. هن فقط ايماندار پورهئي واري نوڪري ڪرڻ چاهي ٿي.
    هيءَ نئين نوڪري ڪا خراب نه هئي. وڪيل ۽ سندس زال تمام همدرد ۽ رحمدل هئا ۽ چيني بورچي بيحد نهٺو هو. ماتا ڪچنگ وڏي جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪندو رهيو.
    وڪيل ۽ سندس زال هڪ ننڍڙي گهر ۾ مٿي ماڙيءَ تي رهندا هئا ۽ هيٺ ٺهيل ڪمري ۾ سندن نوڪرياڻي رهي ٿي. گهر جي پويان ڇت سان ورانڊو هو جيڪو اوطاق تائين هليو ويو ٿي جنهن ۾ چار ڪمرا هئا، هڪ رڌڻي طور استعمال ٿيو ٿي. هڪ اسٽور روم هو ۽ باقي هڪ هڪ ۾ هي بورچي رهيا ٿي- چيني بورچي ۽ ماتا ڪچنگ. چوڌاري ڪمپائونڊ ۾ ڪيترائي گل ۽ وڻ پوکيل هئا ۽ ماٺ ۽ سڪون جو عالم ڇانيل هو.
    رات جي وقت چوڌاري باغ ۾، جنهنجي ٻاهران بچاءَ لاءِ ڪو لوڙهو يا ڀت به ڏنل نه هئي. ڪاري ٻٽ اونداهه ڇائنجي ويندي هئي. سواءِ چند ٽڪرن جي جتي وڪيل جي ڪمري ۾ ٻرندڙ بتيءَ جي روشني درين مان نڪرندي هئي. گهر مين روڊ تي نه هو ان ڪري لنگهندڙ لارين موٽرن جو آواز ۽ گوڙ گهمسان نٿي
    ٿيو. وڪيل جي زال کي رات جي ماني بعد پيانو وڄائڻ جو شوق هوندو هو، ۽ جڏهن هو وڄائيندي هئي ته ان جو سريلو آواز دل کي راحت ڏيندو هو.
    ماتا ڪچنگ پنهنجي مالڪ کي ڪيترا دفعا صلاح ڏني ته چورن چڪارين کان بچڻ لاءِ شڪاري ڪتا رکيا وڃن. پر سندس مالڪ کي هڪ ته ڪتي جهڙو جانور پسند نه هو ٻيو ته انهن جي ڀونڪڻ ڪري سندن پڙهائي ۽ آرام ۾ رخني پوڻ جو انديشو هو.
    هونءَ حقيقت اها به هئي ته سڄي شهر ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ چور هو. باقي ڪنهن جو ڌاڙو يا کاٽ هڻي گهر ۾ گهڙڻ جي واردات ته سال گذري ويا هئا جو نه ٻڌي هئي. هر هڪ پنهنجو پاڻ کي گهر ۾ باحفاظت سمجهيو ٿي. اخبارن ۾ اڪثر هن شهر لاءِ چيو ويندو هو ته هي شهر اها جنت آهي جتي ماڻهن کي رات جو گهرن جا در بند ڪرڻ جي به ضرورت ناهي. ۽ ايندڙ ٽوئرسٽن پڻ تعريف ڪئي ته هي شهر دنيا جي انهن چند شهرن مان آهي جتي ڏوهه نه هئڻ برابر ٿين ٿا.
    پر، تنهن هوندي به، هِتي هُتي ڪڏهن ڪڏهن ڪو هلڪو ڦلڪو واقعو ٿيندو رهيو ٿي. هڪ ڏينهن ڪنهن پوليس اسٽيشن تي رپورٽ اچي لکائي ته هنجي گهران ڪو روڪ ۽ ڳهه ڳٺا چورائي کڻي ويو آهي ۽ پوءِ ٻن هفتن اندر اهڙا ڏهه ٻارهن ٻيا ڌاڙي جا ڪيس ٻڌا ويا ۽ اخبارن ۾ اهم خبر طور شايع ڪيا ويا.
    ماتا ڪچنگ کي انهن ڳالهين ڏاڍو پريشان ڪيو. رات جي وقت جڏهن هو پئسا ڳڻيندو هو سندس اکين اڳيان ڌاڙيل ڦرڻ لڳندا هئا ۽ هو اهو سوچي بي چين ٿي ويندو هو. هڪ دفعو وري هن پنهنجي مالڪ کي شڪاري ڪتو رکڻ جي صلاح ڏني.
    ”هاڻ ڳالهه ٻڌ! ماتا ڪچنگ!“ وڪيل چيس، ”مون توکي پهرين چيو آهي ته مون کي ڪتا نٿا وڻن. توکي آخر فڪر ڪهڙ ي ڳالهه جو ٿئي ٿو؟ ڇا توکي ڊپ آهي ته چور تنهنجي نئين پتلون چورائي ويندا يا تنهنجا ڪن ڪپي ويندا؟“ اهو ٻڌي ماتا ڪچنگ کي شرم اچي ويو جو هن تازو هڪ نئين پتلون ورتي هئي.
    ”نه سائين.“ هن هٻڪندي چيو، ”چور ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه نٿا ڪن. هنن کي جيڪا شيءِ ملندي کڻي ويندا. آئون ان ڪري چوان ٿو جو توهان جي گهر ۾ ڪيتريون ئي شيون آهن، ان ڪري خبردار رهڻ کپي.“
    ”جيڪڏهن هنن مون وٽ اچڻ جي همت ڪئي ته کين ٻه چار گوليون هڻي ڪڍندس.“ وڪيل چيو، هر هڪ کي خبر هئي ته وڪيل وٽ پنهنجي بچاءَ لاءِ بندوق آهي. ماتا ڪچنگ هاڻ لاجواب ٿي ويو. وڌيڪ چوڻ لاءِ هن وٽ ڪجهه به نه هو.
    ٽن ڏينهن بعد وڪيل وٽ نيوزيلينڊ مان تار آئي جنهن ۾ هن کي اطلاع ڪيوويو ته سندس پيءُ سخت بيمار آهي ۽ هو واپس هليو اچي. هن جلدي جلدي چوويهن ڪلاڪن اندر سامان ٻڌو ۽ پنهنجي زال سان گڏ نيوزيلينڊ روانو ٿي ويو.
    وڪيل جي رواني ٿي وڃڻ بعد ماتا ڪچنگ ۽ چيني بورچي کي ان گهر ۾ وڌيڪ ٻه مهينا رهڻ جي موڪل ڏني هئائين، جيسين مسواڙ ختم ٿئي. هن کين اهو به چيو ته جيڪڏهن حالتون سازگار رهيون ته ٿي سگهي ٿو هڪ ڏينهن هو وري نيوزيلينڊ کان موٽي اچي ۽ کين وري پاڻ وٽ بورچيءَ طور رکي. هڪ رات، چيني بورچي ۽ ماتا ڪچنگ رات دير تائين وڪيل ۽ سندس زال بابت ڳالهيون ڪندا رهيا پوءِ آخر ڪار جڏهن ستا ته کين گهاٽي ننڊ ورائي ويئي.
    ماتا ڪچنگ کي خبر ئي نه پيئي ته هو ڪيڏي دير ستو رهيو. جڏهن ننڊ مان سجاڳ ٿيو ته کيس ڪا ٿڌي شيءِ مٿي تي محسوس ٿي. اکيون کولڻ سان ڏٺائين ته هن جي مٿان منهن ڍڪيل ٽي ماڻهو ڪهاڙيون جهلي بيٺا آهن. هنن کيس ۽ چيني بورچي کي رسن سان ٻڌي منهن تي چنبڙندڙ ٽيپ هڻي ڇڏيو. هنن سڄو گهر اٿلايو پٿلايو ۽ صبح ٿيڻ کان اڳ سڀ الهه تلهه کڻي هليا ويا. هنن ٻنهي غريبن کي ٻئي ڏينهن پاڙي وارن اچي کولي آزاد ڪيو. ان بعد پوليس به اچي نڪتي جيڪا پڇا ڳاڇا ڪري رواني ٿي ويئي. چورن کي جهلڻ لاءِ انعام جو پڻ اعلان ڪيو ويو. ماتا ڪچنگ ۽ سندس ساٿي- چيني بورچيءَ، جي تصوير ۽ زندگيءَ جو احوال پڻ اخبار ۾ ڇپيو ويو.
    ماتا ڪچنگ پنهنجي هيڏي ساري نقصان جو ڪجهه به نٿي ڪري سگهيو. هن جو ٻٽون ۽ ان اندر موجود پئسا چوري ٿي چڪا هئا. انهن سان گڏ هاڻ هو به ڄڻ ختم ٿي ويو. هن وٽ ڪجهه به نه رهيو هو. پئسن سان گڏ سندس اميدون، آسرا ۽ خواب به ختم ٿي ويا. هي چند ڪمايل پئسا سندس پيري ۾ ڏکئي وقت جي زندگيءَ جو توشو هئا جيڪي سڀ هليا ويا. هن هڪ هڪ پئسو ڪري ڪيترن سالن ۾ اها رقم گڏ ڪئي هئي جيڪا هڪ پل ۾ هلي ويئي. هاڻ هو نه جوان هو ۽ نه سندس جسم ۾ ايتري سگهه هئي جو محنت ڪري وري کڻي ڪمائي ۽ زندگيءَ جي ٻيهر شروعات ڪري.
    ان کانپوءِ ماتا ڪچنگ ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو. هو رکي رکي وڦلڻ لڳو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ هن پاڻ سان اهڙي حالت ڪري ڇڏي جو فقط ڪي ٿورا کيس سڃاڻي سگهيا ٿي. مٿي جا وار ۽ ڏاڙهي وڌي ويس. وارن ۾ سينڌ نه اکين ۾ سرمو، هڪڙو ئي وڳو جسم تي چهٽيو رهيس جيڪو ڌرتيءَ جهڙو ميرو ٿي ويو هو. ماڻهن چيو ته دماغ توائي ٿي ويو اٿس. پر جنهن وقت به ڪورٽ هلندي هئي ته هو اچي اتي حاضر ٿيندو هو ۽ اڳئين قطار ۾ ويهي ڪورٽ جي ڪارروائي غور سان ٻڌندو هو. اخبارن جو هڪڙو بنڊل هميشه پاڻ کڻي هلندو هو. اها سندس سڃاڻپ ٿي وئي هئي.
    ماتا ڪچنگ هر هڪ ڪيس جي ڪارروائي اهڙي ته غور سان ويهي ٻڌندو هو ڄڻ پاڻ ڏوهاري هجي يا ڪو وڪيل يا جج هجي، بلڪه انهن کان به وڌيڪ سنجيدو نظر ايندو هو. ڪورٽ ختم ٿيڻ تي ماڻهن سان گڏ ٻاهر نڪرندو هو. در وٽ بيهي اخبارن جي بنڊل کي کولي ڏسندو هو ۽ پوءِ ٿوري دير در وٽ ترسي سامهون واري ٽڪريءَ تي ٺهيل گرجا گهر ۾ عبادت لاءِ هليو ويندو هو. آچر جي ڏينهن موڪل ڪري ڪورٽ بند هوندي هئي ته پوءِ ان جي ٻاهرين در جي شيخن وٽ ڪا دير بيهي ڪورٽ ڏي نهاريندو هو. پوءِ گرجا گهر ۾ هليو ويندو هو. شروع شروع ۾، ڪنهن کي به سمجهه ۾ نٿي آيو ته هي ائين ڇو ٿو ڪري پر پوءِ سڀني کي خبر پئجي ويئي.
    ”آئون ڪيڏو ته بدبخت آهيان.“ هن پنهنجي هڪ سڃاڻي کي اخبار ڏي اشارو ڪندي ٻڌايو.“ منهنجي زندگيءَ جي سڄي موڙي،ڪيترا سؤ ڊالر، هڪ گهڙيءَ ۾ غائب ٿي ويا. قسم سان آئون انهن دل جي پليت چورن کي ڳولي لهندس. ڏس! هن اخبار ۾ ڏس! اُهي نه منهنجي سڄي ڪهاڻيءَ جي خبر؟“
    اهي پراڻيون اخبارون ان ڪري رکيون آهن ته جيئن ثبوت طور پيش ڪري سگهان ته منهنجا پئسا ڌاڙيل کڻي ويا آهن. خدا هنن کي سزا ڏيڻ بنا ڪڏهن به نه ڇڏيندو. مون کي يقين آهي ته هڪ ڏينهن انصاف ضرور ٿيندو ۽ ڌاڙيلن کي سندن ڪئي جي سزا ضرورملندي. انهيءَ ڪري آئون ڪورٽ ۾ روز اچان ٿو. هڪ ڏينهن خدا کين ضرور سزاڏيندو. قانون جي هيءَ ڪورٽ ضرور انصاف ڪندي ۽ کين سزا ڏيندي......“
    هن جي دوستن پهريان ڏينهن ته هن جون اهي ڳالهيون ڌيان سان ٻڌيون. پر پوءِ کين ساڳيون ڳالهيون ٻڌي آخر ٿڪجي پيا ۽ مٿس کلڻ لڳا ۽ چٿرون ڪرڻ لڳا.
    اهڙي طرح ماتا ڪچنگ کي هرڪو چريو ۽ مست سمجهي مٿس کلڪو ڪندو رهي ٿو.

    چان چييان (Chan Chiuan)
    هن افساني ’ماتا ڪچنگ‘ جو ليکڪ چان سنگاپور ۾ رهي ٿو. سندس وڏا چين کان لڏي ملايا ۾اچي رهيا هئا.ا ن بعد سنگاپور ۾.


    پيار جو آکيرو

    منهنجي گهر جي مالڪڻ، مسز وانگ جي طبيعت،ملايا جي موسم وانگر اهڙي هئي جو ڪوبه اڳواٽ اندازو لڳائي نٿي سگهيو. ان ڏينهن آفيس کان جهڙو گهر پهتس ته هڪ دفعو وري تعجب خيز ڳالهه ڏسي وائڙو ٿي ويس: جنهن ڪمري ۾ مسز وانگ رهي ٿي ان جي ڀرواري ڪمري ۾ ڊرائينگ روم کي خالي ڪري ان جو فرنيچر ٻاهر ڪڍيو ويو هو ۽ ڪم واري ڇوڪري آلو ڪپڙو کڻي فرش کي پوچا ڏيئي رهي هئي. مسز وانگ منهنجي منهن تي عجب جا تاثر ڏسي مون کي ان تبديليءَ جو سبب ٻڌائڻ لاءِ شروع ٿي ويئي.
    ”مون هي ٻه ڪمرا پڻ مسواڙ تي ڏيئي ڇڏيا آهن، نوان مسواڙي سڀاڻي ئي اچي ويندا.“
    اهو ته سمجهه ۾ اچي ويو، پرجيڪا شيءِ منهنجي سمجهه کان ٻاهر هئي سا اها ته مسز وانگ مون کي ته هر وقت اهوئي ذهن نشين ڪرائيندي رهي ٿي ته هن پئسن جي ضرورت ڪري مون کي مسواڙ تي ڪمرو نه ڏنو آهي. پر هاڻي وري هوءَ پنهنجو پاڻ کي سوڙهه ۾ رکي نوان مهمان گهر ۾ ٽڪائي رهي هئي.
    حقيقت ۾، سڄي گهر کي فقط ٽي ڪمرا هئا ۽ هڪ ڊرائينگ روم ۽ هڪ ماني کائڻ لاءِ ڊرائينگ روم، ڇهه مهينا اڳ، مون کانئس اڳيون ڪمرو مسواڙ تي ورتو، ۽ جنهن وقت سامان کڻي اندر گهڙيس ته مسز وانگ ٻڌايو: ”اسان پنهنجي گهرجو ڪوبه ڪمرو مسواڙ تي ڏيڻ نٿي چاهيو. اسان کي پئسي جا گهرج ناهي، پر منهنجي مڙس کي اڪثر انڊونيشيا وڃڻو پوي ٿو، ۽ گهر ۾ مون کي ٻار ۽ نوڪرياڻي سان گڏ اڪيلو رهڻو پوي ٿو. مڙس جي ٻاهر هجڻ دوران جيئن ته اسان جي گهر ۾ ڪو ٻيو مرد ماڻهو ناهي. ان ڪري اسان توکي هڪ دوست جي حيثيت ۾ گهر ۾ رهڻ ڏيون پيا.“
    اها واقعي سندن وڏي مهرباني هئي جو هنن مون کي رهڻ لاءِ ڪمرو ڏنو ڇو جو انهن ڏينهن ۾ سنگاپور ۾ رهائش لاءِڪا جاءِ هٿ ڪرڻ وڏو مسئلو هو- خاص ڪري اڪيلي مرد لاءِ. جڏهن آئون سنگاپور آيو هوس ته منهنجا ڪي ٿورا ڄاڻو سڃاڻو هئا ۽ مون کي مجبور ٿي هڪ دوست جي فئڪٽري ۾ رهڻو پيو، جتي جي ورڪشاپ واري آفيس ۾ ’ويڙهڻ وارو هنڌ! وڇائي سمهڻو پوندو هو. گهڻي عرصي تائين ائين رهڻ تمام ڏکيوهو سو اهو ورڪشاپ ڇڏي پوءِ ٻڌن جي مندر ۾ اچي رهيس. پر اهو مندر وري آفيس کان چڱو پري هو. ان کان پوءِ سڄو سال آئون رهائش لاءِ ڪمري جي ڳولا ۾ رهيس پر ڪامياب نه ٿيس ڇو جو ائين اڪيلو ڌار ڪمرو ملڻ تمام ڏکيو هو. ڇهه مهينا اڳ مسز وانگ جي گهر ۾مون کي هڪڙو ڪمرو ملي ويو، جنهن لاءِ مون کي مهيني ۾ ٽيهه ڊالر مسواڙ ڏيڻ لاءِ چيو ويو. واڌو ڪجهه ڊالر چانهه پاڻيءَ لاءِ.
    ”آئون توکي ڪڏهن به گهر ۾ نه رکان ها جيڪڏهن تون شادي شده هجين ها.“ جنهن ڏينهن سامان کڻي رهڻ لاءِ آيو هوس ته مسز وانگ مون کي ٻڌايو، ”آئون گهر ۾ ماٺ مٺوڙو چاهيان ٿي، گهڻا ٻار ۽ نوڪرياڻيون هرگز نه.“
    ڪيڏي نه عجيب ڳالهه هئي: ڇهه مهينا اڳ مون کي مسواڙ تي ڪمرو ملڻ ان ڪري ناممڪن هو جو آئون غير شادي شده هوس ۽ هاڻ مون کي ڪمرو ان ڪري مليو آهي جو ڪنوارو آهيان.
    وهنجي نڪتس ته نوڪرياڻي صفائي پوري ڪري چڪي هئي ۽ مس وانگ ايندڙ مسواڙيءَ لاءِ ڪمرا ٺاهي پاڻ صوفا سيٽ تي ويٺي هئي. روز جي عادت وانگر آئون به سگريٽ پيئڻ لاءِ اتي وڃي ويٺس.
    ”مسز وانگ، اهو ته ٻڌاءِ،“ مون پڇيومانس، ”تنهنجو نئون مسواڙي اڪيلو آهي يا شادي شده.“
    ”شادي شده،“ مسٽر وانگ ٻڌايو. کانئس مون کي چيل پراڻي ڳالهه شايد وسري ويئي هئي.
    ”اهي ڇاٿا ڪن*؟“
    ”مڙس ماستر آهي، زال جي مون کي خبر ناهي. پر لڳي ٿو ته اها به چڱي پڙهيل ڳڙهيل آهي.“
    اتي اوچتو رڌڻي ۾ ڪنهن ٿانءَ ڀڄڻ جو آواز ٿيو. مسز وانگ جو اڌ سڄيل منهن وڌيڪ سُڄي ڳاڙهو ٿي ويو.
    ”ڇا آهي ڇوري؟“ هن رڙ ڪري پڇيو، ”بيوقوف ڪنهن جاءِ جي، ڇا ڪري وڌءِ؟“
    بورچي خاني مان ڪنهن به ورندي نه ڏني، رڳو ڀڳل ٿانو جي ٽڪرن کڻڻ جو آواز ايندو رهيو. مسز وانگ سخت ڪاوڙ مان رڌڻي ڏي ڊوڙي ويئي.
    ”ڇا پئي ڪرين ڪُتي؟ هر وقت تنهنجا هوش خطا آهن! ڪنهن يار جو ويٺي سوچين ڇا؟“
    ”اهو مون کان ناهي ٿيو،“ نوڪرياڻي ڏڪندي چيو، ”توهان جي ڌيءَ پيالو ڀڳو آهي. ڇو جو هوءَ ڀت نٿي کائڻ چاهي.“
    مسز وانگ کي هڪڙو ئي ٻار اها ڌيءَ هئي. هوءَ ڪا ٽن سالن جي مس هئي پر ويچاري روزانو موچڙن جي مُنهن ۾ هئي. کيس ڳالهه ڳالهه تي ائين دڙڪا ۽ مار ملندي هئي ڄڻ هوءَ سڳي ڌيءَ نه پر زرخريد ٻانهي هجي. ماءُ کي رڌڻي ۾ ڏسي هو ايترو ڏڪي ويئي جو اکين ۾ ڳوڙها تري آيس.
    ”شيطان ڪنهن جاءِ جي،“ ماڻس رڙ ڪري، کيس پاڻ ڏي ڇڪيندي چيو، ”کائيندينءَ نه ته جيئري ڪيئن رهندينءَ؟“
    ڌيڻس روئڻ شروع ڪري ڏنو. مسز وانگ کي هٿ ۾ ڏنڊي هئي جيڪا هوءَ جادوجي لڪڻ طور ڌيڻس تي ڪم آڻيندي هئي. هن نوڪرياڻي کي ڀت جو پيالو آڻن لاءِ چيو ۽ پنهنجي اڳيان ڌيڻس کي کارائي پورو ڪرايو. شروع شروع ۾، اهوسڀ ڪجهه ڏسي آئون ڏڪي ويندو هوس. ٻار ويچاري کائڻ کان انڪار ڪندي هئي ۽ پوءِ جيئن ئي ماڻس ڀت جي پيالي سان اچي حاضر ٿيندي هئي ته هو واڪا ڪري روئندي هئي. مسز وانگ هڪ هٿ ۾ ڀت جو پيالو جهليندي هئي ۽ ٻئي هٿ ۾ چمچو يا لڪڻ.
    ”کائي پورو ڪر نه ته موچڙا هڻنديسانءِ!“
    ڇوڪري ڏاڍو ڏکيائي سان کائيندي هئي.سندس اکين۾ ڳوڙها هوندا هئا ۽ ڊپ مان ماءُ ڏي هيسيل نگاهن سان گهوري ڏسندي هئي. هوءَ ڀت جو چمچو وات ۾ وجهي جهلي بيهندي هئي. نه چٻاڙيندي هئي نه ڳهندي هئي، پوءِ ماڻس اهو لڪڻ وهائي ڪڍندي هيس. ان بعد گرانهه پٺيان گرانهه ڳهندي ويندي هئي.
    ”ڏس ته سهي!“ ماڻس هڪ ڏينهن مون کي سمجهائيندي چيو، هوءَ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ۽ هيڊائين ٿيندي وڃي، ان ڪري جو چڱيءَ طرح نٿي کائي.“
    ننڍڙي ٻار عجيب تڪليف واري حالت ۾ هوندي هئي. سندس ننڍڙو منهن هيڊائون لڳندو هو ۽ هٿن تي ته ڄڻ هڏا ئي هڏا هئس، گوشت بلڪل نه- سندس اڻ تجربيڪار ماءُ جي حد کان وڌيڪ خيال رکڻ جي باوجود.
    رات جي ماني ختم ٿيڻ مهل مسٽر وانگ شهر کان موٽندو هو. هو پاڻ پنهنجي ننڍڙي ڪار هلائي ايندو هو ڇو جو جنهن ڊرائيور کي ڪجهه ڏينهن اڳ رکيو ويو هو سو استعيفى ڏيئي هليو ويو. در تي پهچي هر روز جي وهنوار موجب پهرين هو ٻه دفعا هارن وڄائيندو هو. ان جو مطلب زال کي ٻڌائڻ هو، ”آئون اچي ويو آهيان.“ ۽ ساڳي وقت ڪار مان لهڻ وقت سندس نالو وٺي، زور سان سڏ ڪندو هو ۽ پوءِ ڏاڪڻ تي چڙهڻ وقت پنهنجن ڳرن بوٽن سان زور زور سان ٺڪاءَ ڪري چڙهندو هو.ا هو سندس گهر ۾ گهڙڻ جو دستور هو. پوءِ چاهي هو کڻي رات جو ڪيڏي به دير سان اچي پر گهر ۾ رهندڙ ڀاتيءَ جو ۽ نه پاڙي پتيءَ واري جو خيال ٿيندو هوس.
    اجھ، مسٽر وانگ، گهر ۾ گهڙڻ سان تبديلي محسوس ڪئي. هن کي اها ڄاڻ هئي ته گهر ۾ ڪجهه نوان مسواڙي اچي رهيا آهن پر فرنيچر جي اها ردوبدل کيس پسند نه هئي.
    ”کاڌي واري ڪمري مان ميز کي ڪڍي ڊرائينگ روم ۾ رکڻ جي رٿ ڪنهن ڏنئه؟“ هن پنهنجي زال کان پڇيو.
    ”پوءِ ڀلا ڪٿي رکان؟“ مسز وانگ جي آواز ۾ گهر جي مالڪ واري اٿارٽي هئي.
    ”اها رڌڻي ۾ به ته وجهي سگهينءَ ٿي.“
    ”رڌڻي ۾؟ توکي خبر هجڻ کپي ته ساڳيو رڌڻو مسواڙين کي به ڪم ۾ آڻڻو پوندو. ان ۾ وجهي ان کي ويتر ڪيئن ننڍو ڪجي.
    مون کي ان جي ڪا پرواهه ناهي. آئون اها ميز رڌڻي ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو ۽ اهو ڪم ائين ٿيڻ کپي.“
    سو نوڪرياڻيءَ کي وري ڪم ڪرڻو پيو. اڃا هاڻ هاڻ صاحب کي ماني کارائي بس ڪئي هئائين ته وري کيس سامان هيڏانهن هوڏانهن ڪري ميز کي ڊرائينگ روم مان ڪڍي رڌڻي ۾ رکڻي پيئي.
    مسٽر وانگ تيستائين سوٽ ڪوٽ لاهي پاجامون گنجي پائي چڪو هو ۽ گهر ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦيريون به پائيندو رهيو ته ٿوري ٿوري ساهيءَ بعد ٿڪون به اڇلائيندو رهيو.اها ٿڪ ٿڪ ڪرڻ سندس خاص عادتن مان هڪ هئي جيڪا گهر ۾ ئي سرانجام ڏيندوهو ۽ فقط آواز ۽ نمونو ٿڪ اڇلڻ جو ڪندو هو، باقي سچ پچ ۾ ٿڪ يا کانگهارو وات مان نڪرندو نه هوس. سندس ٻي عادت ذري ذري هٿ ڌوئڻ جي هئي. بس جنهن وقت به موقعو ملندو هوس ته هٿ ڌوئيندو وتندو هو. سمهڻ واري ڪمري ۾ جيئن ته هٿ ڌوئڻ لاءِ نل نه هو سو هر وقت هٿ ڌوئڻ لاءِ رڌڻي ڏي ڀڄندو هو، نيرن ڪري اٿڻ مهل، اخبار پڙهي پوري ڪرڻ مهل، ڪپڙا پائي بس ڪرڻ مهل، وارن کي ڦڻي ڏيڻ بعد، يا ڪنهن به وقت هو ڪنهن شيءِ کي ڇهي وٺندو هو ته هٿ ڌوئڻ لاءِ رڌڻي ڏي ڀڄندو هو. انهن ڳالهين پٺيان چڱو وقت ضايع ٿئي ٿو، سو صبح جو آفيس لاءِ ڪڏهن به ڏهين کان اڳ گهر مان نڪري نه سگهندو هو.
    مسٽر وانگ هر ڳالهه ۾ سست پڻ هو. جيئن ته سندس جوءِ مسز وانگ کي اڄ گهڻو ڪجهه ٻڌائڻو هو سو مڙس جو واندو ٿي ڳالهيون ٻڌڻ جو سخت بي صبريءَ سان انتظار ڪندي رهي. آخرڪار هو رڌڻي ۾ ويئي جتي هو هٿ ڌوئي رهيو هو. هنن آهستي آهستي ڳالهيون شروع ڪيون . پر پوءِ اوچتو ئي مسز وانگ تکي ٿي ويئي:
    ”رڳو ترس، ترس. جڏهن به توکان آئون پئسن جي گهر ڪريان ٿي ته ترسڻ لاءِ چوندو رهين ٿو!“
    ”رڙين ڪرڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ مسٽر وانگ هاڻ پاڻ رڙ ڪري چيو.
    اهو چوڻ بعد مسز وانگ رڌڻي مان سڌي پنهنجي ڪمري ڏي ٿڦ ٿڦ ڪندي پهتي ۽ جيڪا شيءِ سامهون نظر ايندي ويس ان کي پٽ تي سٽيندي ويئي.
    زال مڙس کي ائين وڙهندو ڏسڻ هڪ عام ڳالهه هئي ڇو جو اهي بحث مباحثا روز جو ڪم هو. ڇهه مهينا، جيڪي آئون هنن سان گذاري چڪو هوس، ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ اهڙا نظارا سؤ کن ڏسي چڪو هوس. ڪڏهن ٽن ڏينهن کان وڌيڪ هن گهر ۾ سڪون جو واءُ نه وريو هوندو. صلح سڪون فقط تڏهن هوندو هو جڏهن مسٽر وانگ واپار خاطر سنگاپور کان ٻاهر هليو ويندو هو. هنن لاءِ جهيڙي ڪرڻ جو وقت به مقرر نه هو. ڪڏهن ڪڏهن ته آڌي رات کان پوءِ به شروع ٿي ويندا هئا ۽ تمام وڏي گوڙ گهمسان سان، جهيڙي کان پوءِ زال شين جي اڇل شروع ڪندي هئي ۽ پاڙي جا ٻار ۽ زالون چوڌاري بيهي تماشو ڏسنديون هيون. پهرئين دفعي جڏهن مون کين وڙهندو ڏٺو ته ڏڪي ويس. سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪريان.مون کين ڇڏائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر ڏٺم ته جيترو آئون وچ ۾ پوان ٿو اوترو هو وڌيڪ وڙهن ٿا. سو پوءِ آخرڪار اهوئي فيصلو ڪيم ته ٻين ماڻهن جي نصيحت تي هلي کين سندن حال تي ڇڏي ڏيان.
    ”تون هيڪاندو ڪو رحمدل آهين،“ هڪ پاڙي واري عورت مون کي چيو، ”هنن جي وچ ۾ پوڻ اجايو آهي. ها باقي تون پنهنجو پاڻ کي مصيبت ۾ وجهڻ چاهين ٿو ته پوءِ ڀلي پئه.“
    پاڙي واري عورت بلڪل صحيح چيو، ڇو جو ان کان اڳ گهمري، جهيڙي دوران کين پرچائڻ جي ڪوشش ڪيم ٿي ته مسز وانگ ماڳهين مونکي دڙڪو ڏيندي چيو؛ ”ميان تون پنهنجي وڃي ڪر، وڏو آهين وچ ۾ پوڻ وارو.“
    ان ڪري، ان کانپوءِ جڏهن به هو وڙهندا هئا ته آئون چپڙي ڪري دربند ڪري اندر ائين سمهي رهندو هوس ڄڻ ننڊ هجيم.
    هاڻ زال شين کي ٿڏا هڻي رهي هئي ۽ ڪٻٽن جا خانا کولي بئگن ۾ سامان وجهي رهي هئي. مڙس رڌڻي مان هٿ ڌوئي، ٿڪ ٿڪ ڪندي ڪمري ۾ پهتو.
    ”ڪرين ڇا پيئي-؟“
    ”آئون وڃان پئي. هتي منهنجي لاءِ ڪجهه نه رهيو آهي.“ مڙس هن دفعي هيٺاهين وٺڻ جو فيصلو ڪيو؛ ”آخر ڳالهه ڇا آهي؟ مون کي ته گهٽ ۾ گهٽ ٻڌائي سگهين ٿي ته توکي کپي ڇا؟“
    ”مون کي گهر جو خرچ هلائڻ لاءِ پئسا کپن. چڱيءَ طرح ٻڌءِ يا اڃا نه؟ تنهنجن ئي نوڪرن کي پگهار ڏيڻو اٿم.“ مسز وانگ وري رڙ ڪري چيو،
    ”اهي ڪڏهن ترسي نه سگهندا. ان جي توکي خبر آهي؟ توکي اها به خبر آهي ته سڄي سال اندر ڪيترا پاڻ وٽ نوڪر آيا ۽ ڀڄي ويا؟“
    ”مون کي خبر آهي،پر تنهنجي بي صبريءَ ڪري ذري ذري نوڪر بدلايو ڇڏين.“
    ”بڪواس بندڪر! جيڪڏهن تون سمجهين ٿو ته اهو منهنجو ڏوهه آهي ته آئون هينئر سامان ويڙهي پنهنجي گهر هلي ٿي وڃان! تون ڇا ٿو سمجهين آئون پيٽ سان آهيان ان ڪري هتان وڃي ڪانه سگهنديس ڇا؟ هون!“
    مسٽر وانگ. آڻ مڃي آواز هيٺاهون ڪيو: ”نه پياري آئون توکي ڪو ڏوهه نٿو ڏيان، پر تڏهن به تون ڏينهن ٻه ٻيو به انتظار ڪري سگهين ٿي، يا نه؟“
    ”جنهن وقت به نوڪرياڻي ڀڄيو وڃي ٿي ته تون مون تي ڏوهه ڏين ٿو. هن کان اڳ واري نوڪرياڻيءَ جو ئي کڻي مثال وٺ، هو ڪم ڇڏي ويئي ته ڪاوڙ مون تي ڪئي، ان ڪري جو تنهنجو هن سان عشق پئي هليو!“
    ”چڱو هاڻ پياري معاف ڪر. اهو منهنجو ڏوهه هو، جو شروعات ڪيم. بس ڏوهه قبول ٿو ڪريان. بس؟“
    مڙس هن دفعي نٿي چاهيو ته جوڻس آسمان مٿي تي کڻي.
    مسٽر ۽ مسز وانگ جي هيءَ ڪتي ۽ ٻليءَ واري گهرو زندگي سنگاپور جي ڪيترن ئي رهاڪن لاءِ غير معمولي ناهي. اهوئي لڙائيءَ جو هڪ پئٽرن آهي، جيڪو سنگاپور جي ڪيترن ئي گهرن۾ هلندو رهي ٿو. مسز وانگ مسٽر وانگ جي ڪا پهرين زال ناهي.مسٽر وانگ جي پهرين زال اڃا جيئري آهي ۽ سنگاپور جي اپر سرنگون روڊ تي مسٽر وانگ جي ماءُ ۽ مسٽر وانگ جي ٻن پٽن سان گڏ جنهن گهر ۾ رهي ٿي اهو مسٽروانگ جو پنهنجو گهر آهي، جيڪو هن پاڻ ٺهرايو هو. هننجي فئملي ڪا وڏي نه هئي. اهو هڪ آدرش قسم جو ڪٽنب هو- گهٽ ۾ گهٽ شروع وارن ڏينهن ۾، پر پوءِ جڏهن مسٽر وانگ جو پيءُ مري ويو ته ورثي ۾ کيس وڏي ملڪيت هٿ ۾ آئي- جنهن سان هن پنهنجو ذاتي ڪاروبار هلائڻ شروع ڪيو. هي ان وقت ٽيهن سالن کان ڪو ٻه سال وڏو هوندو، جو هن هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ڪم ڪندڙ ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيو ۽ ماءُ جي ڪيترو جهلڻ ۽ منٿن ميڙين جي باوجود هن سان شادي ڪري ورتي. ان دڪان ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪريءَ کي جيڪا هينئر سندس ٻي زال آهي، ان وقت هڪ بواءِ فرينڊ به هو، جيڪو هن وٽ دڪان تي ايندو هو. ان مان جان ڇڏائڻ ۽ مسٽر وانگ جي ٻي زال ٿيڻ لاءِ هن چڱيون تڪليفون ۽ اٽڪلون ڪيون. شاديءَ بعد هو شهر کان پر ٻهرو هڪ مسواڙ تي گهر وٺي اچي رهيا. هن مسٽر وانگ جي ٻي زال ٿي رهڻ لاءِ اهي شرط شروط مڃرايا ته شادي بعد مسٽر وانگ کي هر رات هن وٽ اچي رهڻو پوندو. ان تي سندس پهرين زال شروع ۾ڪافي رڙيون ڪوڪون ڪيون پر پوءِ نيٺ ماٺ ٿي ويئي. ڪيئن ۽ ڇو- اها خبر ناهي.
    ڊپارٽمينٽل اسٽور جي هيءَ ڇوڪري پوءِ مسٽر وانگ جي ٻي زال ٿي رهڻ لڳي. هن کي هاڻ نوڪريءَ جي ڪا ضرورت نه هئي سو دڪان جي ڪم تان استعيفى ڏيئي، ٻي زال جي حيثيت ۾ آرام واري زندگي گذارڻ لڳي. شروع شروع ۾، سندس شادي شده زندگي تمام رومانوي گذرڻ لڳي پر پوءِ مڙس صاحب جلد ان مان به ٿڪجي ۽ بيزار ٿي پيو، ۽ وري ساڳيا ناچ گهر ۽ جوا جا اڏا، ۽ جهڙو پلي بواءِ پهرين هو اهڙو ٿي پيو ۽ آڌي رات کان اڳ گهر اچڻ جو نالو نه وٺڻ لڳو.
    ٻي زال رڙيون دانهون شروع ڪيون ۽ وڙهڻ لڳيس پر هو کيس اهوئي چئي سمجهائيندو هو ته هن جو ڌنڌو ڌاڙي ڪجهه اهڙي نوعيت جو آهي جنهن ۾ ڪامورن ڪڙن کي خوش ڪرڻ لاءِ اهڙن هنڌن تي وٺي وڃڻو پوي ٿو. مسز وانگ مڙس جي اها ڳالهه ٻڌي ان کي ٻاهرين دل سان ضرور قبول ڪيو پر پنهنجو پاڻ کي خوش رکڻ لاءِ هو پاڻ به چڪر تي نڪري پوندي هئي ۽ آڌي رات جو مڙس جي گهر پهچڻ کان اڳ موٽي ايندي هئي جيئن مڙس کي شڪ نه پوي ته هو به ڪا ڌڪا کائيندي وتي. ان ڪري ٻار جي سڄي سار سنڀال نوڪرياڻيءَ جي هٿ ۾ وڃي رهي. پوري پرگهور نه ٿيڻ ڪري هوءَ هر وقت گدلي رهڻ لڳي. نه سندس ڪپڙا وقت تي مٽايا ويندا هئا ۽ نه کيس وهنجاريو ويندو هو. هوءَ ڪنهن غريب جي ٻار يا رول ٻار وانگ لڳندي هئي.
    مسٽر وانگ کي شروع ۾ ٻه نوڪرياڻيون هيون جيڪي رڌ پچاءُ، ڪپڙا ڌوئڻ، ٻار جي سار سنڀال ۽ ٻهاري ڌوپ کي منهن ڏينديون هيون.کين ڌوئڻ لاءِ هر وقت ڍير ڪپڙن جو هوندو هو، ڇاڪاڻ جو مسٽر وانگ روز نه فقط قميص پر سوٽ ۽ پاجامو پڻ بدلائيندو هو. نتيجي ۾ هر وقت ميرن ڪپڙن جو ڍير لڳل هوندو هو. زال مڙس،ٻنهي کي نه فقط هن ڳالهه لاءِ نوڪرن تي الزام هڻڻ جي عادت هئي پر بنا سبب جي کين ڌڙڪا پڻ ڏيندا هئا. باقي جڏهن کين پگهار ڏيڻ جو وقت ايندو هو ته ان ۾ جلدي نه ڪندا هئا.
    هڪ ڏينهن، آفيس کان موٽڻ مهل، مون جهڙو گهر ۾ قدم رکيو ته مسز وانگ جو آواز ڪن تي پيو. هو نوڪرياڻيءَ کي دڙڪا ڏيئي رهي هئي.
    ”ڪهڙي ڪاهل انسان آهين. هر ڳالهه ۾ ايڏي سستي! ڪهڙي قسم جي تون ڇوڪري آهين؟ وتين ٿي ماڻهن سان غير اخلاقي تعلقات رکندي.“
    نوڪرياڻي ڀڻڪندي اتان هلي ويئي.
    ”ڇا پئي چوين؟“
    مالڪياڻي نوڪرياڻيءَ پٺيان پٺيان لڳي آئي. نوڪرياڻيءَ شرمائيندي ڪاوڙ مان چيس: ”آئون چوان ٿي اها آئون نه آهيان پر تون آهين جو وتين ڌارين سان غير اخلاقي تعلقات ڳنڍيندي. چئه ڇا مان غلط آهيان؟“
    ”ها. تون غلط آهين. گهٽ ۾ گهٽ آئون شادي شده ماڻهن سان تعلقات نٿي رکان.“ مسز وانگ وراڻيو.
    ”هي جو مسٽر وانگ سان رکيو ويٺي آهين.“ نوڪرياڻيءَ ٺهه پهه وراڻيس.
    ”توکي اهو چوڻ جي ڪيئن همت ٿي آهي!“
    ”“ڪنهن جي ٻي زال ٿي رهڻ کي تون شرمناڪ ڳالهه نٿي سمجهين؟“
    ان جهيڙي مان هڙ حاصل اهو ٿيو جومسز وانگ ٻئي ڏينهن ان نوڪرياڻيءَ کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ان بعد هاڻ گهر جي ڪم ڪار لاءِ باقي هڪ نوڪرياڻي وڃي بچي. گهڻي ڪم ۽ مسز وانگ جي ڏنگي طبيعت ڪري ڪابه نوڪرياڻي ٽن مهينن کان وڌيڪ رهي نٿي سگهي.
    پر بدقسمتي ڪڏهن به اڪيلي نٿي اچي. نوڪرياڻي جي وڃڻ بعد مسز وانگ لاءِ ٻيون به مصيبتون پيدا ٿي پيون. هڪ ته انهيءَ وقت سندس سس صاحبان، ڏڪندي ۽ رڙيون ڪندي اچي گهران نڪتي:
    ”آئون توسان ڳالهائڻ ٿي چاهيان، بيحيا بيشرم عورت.“
    مسز وانگ پنهنجي سس کي ڪڏهن به ڪٿ ۾ نه آندو ٿي. پر هن دفعي اچڻ سان هن اهڙا جهيڙالو قسم جا لفظ ڳالهايا جومسز وانگ في الحال ته وائڙي ٿي ويئي.
    ”مونکي اهو ٻڌاءِ،“ پوڙهي عورت چيو، ”منهنجي ڌيءَ تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“
    مسز وانگ کي ڪجهه ڪجهه لڳو ته هو ڪهڙي ڳالهه کڻي آئي آهي پر ڳالهه ڪندي ڪجهه خيال ٿي ڪيائين. هوءَ ڪوچ تي ماٺ ڪري هڪ هنڌ ويهي رهي. نئين آيل مسواڙي جي زال به نڄاڻ اتي ئي موجود هئي. هن کي مسٽر وانگ جي ماءُ جي خبر نه هئي. يا هن کي ڇا ڪرڻ کپي، اها ڄاڻ نه هئي.
    ”ٻڌاءِ! ٻڌاءِ! ڪڇين ڇو نٿي!“
    ”ٻڌاءِ ته منهنجي ڌيءَ توکي ڇا ڪيو آهي جو تون هن جي خلاف ڳالهائيندي وتين؟“
    ”مون ته ڪنهن بابت به نه ڳالهايو آهي.“
    ”ڇا ٿي چوين، ته تو ڪجهه نه چيو آهي”؟ پوءِ، ڇو منهنجي ڌيءَ نالي چوندي ورتين ته هوءَ ڊرائيور سان سمهي ٿي؟“
    ”مون نه چيو آهي.“
    ”پر اها تون ئي آهين جنهن اهو منهنجي پنهنجي پٽ کي به چيو آهي.“ پوڙهي عورت چڙ ۾ ڳاڙهو ٿيندي چيس،. ”تون بيحيا ۽ غليظ قسم جي ڪوڙي آهين.“
    مسز وانگ وڌيڪ ٻڌڻ بدران ٽپ ڏيئي اٿي، پنهنجي ڪمري ڏي ويئي ۽ پنهنجو پرس کڻي ٻاهر نڪتي، نئين مسواڙڻ هي لقاءُ ڏسي تعجب ۾ پئجي ويئي. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هن کي ڇا ڪرڻ کپي. . هن مسز وانگ کي جهلڻ چاهيون ٿي.
    ”مسز وانگ ڪيڏانهن وڃين ٿي-؟“
    مسز وانگ بنا ڪنهن جواب ڏيڻ جي هلي ويئي.
    “”وڃڻ ڏينس رن کي.“ پوڙهي سس چيو. ”هن ذليل عورت جي اچڻ ڪري سڀ گهر تباهه ٿي ويا آهن.“
    مون کي چڱيءَ طرح سڌ هئي ته مسز وانگ ڇا ڪرڻ ويئي پئي: هوءَ خودڪشي ڪرڻ جي بهاني سان ويئي پئي ڇو جو سس سندس بي عزتي ڪئي. مسز وانگ جو مڙس سان جهيڙو ڪرڻ وقت اهو دلپسند شغل هو. پر جيئن ته ان وقت سندس مڙِس نه هو ان ڪري خودڪشي ڪرڻ جو سوال ئي نٿي پيداٿيو. مون کي ياد آيو ته هڪ دفعي مڙس سان وڙهڻ بعد هن پنهنجي پاڻ کي ٻوڙي پنهنجو آنت آڻڻ جو دڙڪو ڏنو، پر سمنڊ جي ڪناري تي پهچي، ماٺ ڪري اتي ڇٻر تي پٿل ماري اهڙو نمونو ڪري ويهي رهي جو سڀ ڏسندڙ اچي گڏ ٿيا.مسز وانگ کي مجبور ٿي معافي وٺڻي پيئي ۽ منٿون ڪري گهر وٺي آيس. ڪڏهن ڪڏهن، مسز وانگ گهر ڇڏي وڃڻ جو دڙڪو ڏيئي، سامان بئگ ۾ وجهڻ شروع ڪندي هئي، پر ڪمري مان هڪ انچ به چرڻ بدران، اتي ئي مڙس جو انتظار ڪندي هئي ته اچي معافي وٺيس.
    اٽڪل اڌ رات ڌاري، هلڻ جي ٺڪ ٺڪ مان صاف لڳو ته مسٽر ۽ مسز وانگ ٻئي گڏ اچي ويا. ظاهر هو ته مسز وانگ مڙس کي دير تائين ڳوليندي رهي. گهر پهچڻ سان عورت وري رڙيون شروع ڪري ڏنيون. نوان مسواڙي به رڙين تي اٿي پيا پر جيئن ته چڱي رات گذري چڪي هئي ان ڪري هنن ڪمري مان نڪري گهر جي مالڪن جي وچ ۾ پوڻ نٿي چاهيو. ان کانپوءِ سندن ٻن سالن جو ٻار ننڊ مان اٿي پيو ۽ ان جي رڙين تي وري مسز وانگ جي ڌيءَ ننڊ مان اٿي روئڻ لڳي. ان تي مسز وانگ مڙس کي ڇڏي اچي ڌيءَ ۾ ڪٽڪا وڌا.
    ”ڇوري آهي ڇا، جو روئڻ ڪيو اٿئي. منهنجو اڃا جنازو ته نٿا کڻن.“
    ”ڇواچي چري ٿي آهين، ٻار تي ڇو ڪاوڙ ڪري رهي آهين؟ ٻار ڪهڙو گناهه ڪيو؟“
    ”چري آئون نه ٿي آهيان. چري ٿي آهي ماڻهين يا ڀيڻهين! هر هڪ سان وتي معاشقا ڪندي، ويندي بورچي ڊرائيور کي به نه ڇڏيو اٿس.“
    ”بڪواس بند ڪر! ڇا اها سٺي ڳالهه آهي ته گهر ۾ موجود هر ماڻهو تنهنجي لٻاڙ ٻڌي.“
    ”ها، ڇو جو آئون چري ٿي پيئي آهيان. رڳو ماڻهين ۽ ڀيڻهين کي خبر آهي ته گهر ۾ ڪيئن هلجي. وڃ وڃي تون به انهن سان مل. ڇڏ منهنجي پڇر.“
    اهو هڪ اڻ وسرندڙ نظاروهو جنهن سڄي گهر کي جهنم بنائي ڇڏيو. ٻئي ڏينهن، نئون مسواڙي بنا اک هڻن جي اسڪول روانو ٿيو ۽ اوجاڳي ڪري مون کي سڄو ڏينهن مٿي ۾ سور هليو.
    نوان مسواڙي (ماستر ۽ سندس زال) نومبر ۾ آيا هئا. ان بعد ٻيو سڄو مهينو مسٽر وانگ پنهنجي واپار جي سلسلي ۾ انڊونيشيا ۾ هو ۽ گهر کان غير حاضر رهيو. انهن ڏينهن ۾ مسز وانگ هر روز سير سپاٽي لاءِ ٻاهر ويندي رهي. ڪڏهن ڪڏهن ته رات به ٻاهر گذاري ٻئي ڏينهن ايندي هئي. مسٽر وانگ سال جي آخر ۾ آيو. سو اهي سڀ غير حاضريءَ وارا ڏينهن اسان مسواڙين سک چين ۾ بسر ڪيا.
    نئون مسواڙي ماستر روز صبح جو ستين بجي اسڪول لاءِ نڪرندو هو ۽ شام جو ستين ڌاري گهر پهچندو هو. گهر ۾ پهچڻ بعد، هو وري گهرکان ٻاهر نڪرڻ جونالو نه وٺندو هو. پنهنجي ڪمري ۾ ويهي ڪتاب پڙهندو يا شاگردن جون ڪاپيون جاچيندو هو. مون کي هن سان گهڻو ڪري آچر يا موڪل واري ڏينهن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو ملندو هو. هو بيحد ماٺيڻو ۽ پاڙهو طبيعت جو هو. سندس زال هڪ سيبائتي ۽ سلجهيل گهرو قسم جي عورت هئي. سڄو ڏينهن گهر جي صفائي، رڌ پچاءُ ۽ ٻار جي سار سنڀال لهڻ ۾ رڌل رهندي هئي. جيتوڻيڪ ٻئي چڱي ڏکي زندگي گذاريندا هئا پر بيحد خوش ۽ سڪون۾ هئا. مسٽر وانگ جي فئملي ۽ هنن ۾ڪيڏو زمين آسمان جو فرق هو. مسٽر وانگ پئسي وارو هو ان ڪري ٻه زاليون رکي سگهيو ٿي. ذاتي ڪار هئس ۽ نوڪر چاڪر هئس پر ان هوندي به هن جهنم جهڙي گهرو زندگي گذاري ٿي.
    مسز وانگ نون مسواڙين سان پهرين ته ڏاڍو قربائتي ٿي هلي پر پوءِ نئين سال جي شروعات ويجهي ٿيڻ تي سندس نمونو ئي ڦري ويو. اهو آچر جو ڏينهن هو. نوان مسواڙي پنهنجي ٻار سميت چڪر تي ٻاهر ويل هئا. آئون جيئن ئي گهر ۾ داخل ٿيس ته منهنجو مسز وانگ سان مهاڏو ٿيو. هن جي هٿ ۾ شهرجي ڪائونسل جو بل هو ۽ منهن تي سخت ڪاوڙ جو روپ.
    ”سائين منهنجا، هي ذرا بل ڏسجو ۽ اندازو لڳايو ته مون کي هر مهيني بجليءَ ۽ پاڻيءَ لاءِ ڪيترو ناڻو ڏيڻو پوي ٿو!“
    هُن بل مونکي ڏنو. اهوارڙهن ڊالرن جو هو.
    ”گهر ۾ ڀاتين جو تعداد به ته وڌي ويو آهي. سو ظاهر آهي بل ته ٿورو وڌيل ايندو.“
    ”پر اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟“ مسز وانگ ڪاوڙ مان چيو، ”هنن ته مون کي چيو هو ته هو ماستر آهن. ۽ مون سمجهيو ته ماستر ماڻهو صبح جو سوير اٿڻ لاءِ رات جو به سوير سمهندا هوندا. مون منجهائن اها اميد رکي هئي ته هو پڪ شام جو نائين بجي بتي بند ڪري سمهي رهندا، پرهي آڌي رات کان اڳ ڪڏهن به بتي بند نٿا ڪن.“
    مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته گهر جي مالڪڻ کي ڪهڙو جواب ڏيان. لڳو ٿي ته هن کي اسڪول ماستر جي، روز مره جي زندگي جي ڪابه خبر نه هئي.
    ”محترما، توهان جي ان بابت غلط سوچ آهي. ماستر ماڻهوءَ کي اسڪول جو رهيل ڪم گهر ۾ اچي ڪرڻو پوي ٿو، هن کي رات جو شاگرد جا نوٽبڪ ڏسڻا پون ٿا. ماستر جي زندگي اهڙي آرام ده ناهي جهڙي مثال طور دڪاندار جي، جنهن کي دڪان بند ڪرڻ بعد گهر ۾ ڪجهه به ڪرڻو نٿو پوي.“”پر هنن لاءِ مون کي اهو ٻڌايو ويو هو ته هنن جي هاڻ شادي ٿي آهي. هتي اچڻ بعد خبر پيئي ته هنن کي هڪ ٻار به آهي!“
    ”ڀلا هڪ ٻار هجڻ سان ڪو فرق ته نٿو پوي. يا پوي ٿو؟“
    ”خير ٻار جي ڪري ڪيترائي ڪپڙا ڌوئڻا پون ٿا. ٻارن کي کير پيارڻ لاءِ رات جو ذري ذري اٿڻوپوي ٿو ۽ اليڪٽرسٽي ضايع ٿئي ٿي.“
    بهرحال اهو منهنجومٿي جوسور نه هو. مون کي اها خبر هئي ته هي گهر جنهن ۾ هنن مون کي ۽ ماستر فئملي کي مسواڙ تي رکيو آهي، ان جا مسٽر وانگ پنجاهه ڊالر مهيني جي حساب سان ڀري ٿو. ان مان هڪ ڪمرو مون کي ڏيئي مسٽر وانگ ٽيهه ڊالر مهيني ۾ مون کان اوڳاڙيا ٿي ۽ ٻيو ڪمرو ۽ ڊائننگ روم ماستر جي فيملي کي ڏيئي کانئس پنجيتاليهه ڊالر ورتائين ٿي، ان حساب سان، مسز وانگ اسان ٻنهي کان پنجهتر ڊالر ڪمايا ٿي جن مان پنجاهه ڊالر مسواڙ جا گهر جي اصل مالڪ کي ڏيڻ بعد به پنجويهه ڊالر بچايا ٿي، جن مان بجلي، پاڻيءَ جو بل ڏيئي سگهيو ٿي. ان جي باوجود سندس رهائش ڄڻ مفت ۾ ٿي ٿي. پر ان هوندي به هو وڌيڪ پئسا ٺاهڻ جي خيال ۾ آهن ڇا؟“
    ”نوان مسواڙي، جيڪڏهن وڌيڪ بجلي استعمال ڪرڻ چاهين ٿا ته کانئن آئون پنج ڊالر وڌيڪ مسواڙ جي گهر ڪنديس.“
    ”نوان مسواڙي- ماستر ۽ سندس زال چڪر هڻي جڏهن گهر موٽيا ته مسز وانگ ساڻن هڪدم مسواڙ جي ڳالهه ڪئي. هنن شريف ماڻهن يڪدم ها ڪئي ۽ مسز وانگ کانئن هر مهيني وڌيڪ مسواڙ وٺڻ لڳي.
    هڪ ڏينهن ماستر صاحب جو پٽ بيمار ٿي پيو. هو سڄو ڏينهن رڙيون ڪندو رهيو ۽ سخت بي آراميءَ ۾ هو ۽ رات به سمهي نه سگهيو. جيئن ئي آڌي رات جو مسٽر وانگ موٽيو ۽ دستور موجب گهر پهچڻ سان ڪار جو هارن مٿان هارن ڏيئي واڪا ۽ سڏ ڪيا ته هن وري وٺي روئڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ سمهڻ جونالو ئي نٿي ورتائين. ماسٽر وانگ ماني ٽڪي کائي بتي بند ڪري وڃي ستو. هيڏانهن هنن جو ٻار اڃا روئندور هيو. ان تي مسز وانگ کي اهڙي اچي چڙ لڳي جوپنهنجي ڪمري ۾ رڙيون ڪري ڳالهائڻ لڳي. آخر خارن ۾ اچي هن کڻي ريڊيو آن ڪيو ۽ سڄو گهر ڌٻڻ لڳو. ماستر جي زال سمجهي ويئي ته مسز وانگ ڪاوڙجي پيئي آهي. سو پنهنجي ٻار کي ماٺ ڪرائڻ جاڏاڍا وس ڪيائين. آخرڪار گوڙ جهڪو ٿيو ان سان گڏ بار به ماٺ ڪئي. پر ڪجهه رات گذرڻ بعد ٻار جي وري اک کلي پيئي ۽ وٺي روئڻ شروع ڪيو. منهنج به اکي کلي پيئي ۽ ٻڌم ته ٻار جي ماءُ پنهنجي ماستر مڙس کي سڏي رهي هئي.
    ”مهرباني ڪري بتي ته اُٿي ٻارجانءِ.“
    ماستر هنڌ تان اُٿي بتي جو سئچ هيٺ ڪيو پر ڪجهه به نه ٿيو.
    ”لڳي ٿو ته شهر ۾ اڄ بليڪ آئوٽ ڪئي ويئي آهي.“ ماستر افسوس مان چيو.
    جيستائين مون کي خبر آهي ته بليڪ آئوٽ جو ڪوبه اعلان نه ڪيو ويو هو. مون کي ٻار جي تڪليف جو خيال ٿي رهيو هو سو ڏسڻ لاءِ اٿيس ته واقعي ٻين گهرن جون به بتيون بند آهن يا نه. پاڙي جي ڪن گهرن جو بتيون اڃا ٻري رهيون هيون. سومون مسز وانگ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. هوءَ ڌت هڻي ستي رهي. پر منهنجي گهڻن سڏن تي آخر مسٽر وانگ جواب ڏنو.
    ”مسٽر وانگ“ مون کيس منٿ ڪندي چيو، مهرباني ڪري مين سئچ آن ڪندؤ. ماستر جو پٽ سخت بيمار آهي.“ مسز وانگ ڪجهه ڀٽ ڀٽ ڪئي پر مسٽر وانگ منهنجو چيو موٽائڻ نه چاهيو ۽ اٿي گهر جي بتي کولي.
    بتي ته هلي آئي، پر ٻار تڪليف کان روئندو رهيو. آئون ڪا دير ڪنهن عورت جي سڏڪن جو آواز ٻڌندو رهيس. اها ماستر جي زال هئي.
    مسز وانگ پيٽ سان هئي ۽ هاڻ مٿين مهينن کي اچي ويجهي ٿي هئي. نئين مسواڙي ماستر جي زال کيس صلاح ڏني ته هوءَ ڪنهن ڊاڪٽرياڻي کي ڏيکاري پر مسز وانگ اهو بيڪار ٿي سمجهيو. هوءَ پهرين به ٻار ڄڻي چڪي هئي ۽ هن ان کي دنيا ۾ سولي ۾ سولو ڪم سمجهيو ٿي ۽ هن دفعي ته اڃا به آسان سمجهيائين ٿي ۽ ان ڪم لاءِ اسپتال وڃي ڊاڪٽرياڻيءَ کي ڏيکارڻ هن لاءِ پئسي ۽ وقت جو اجايو زيان هو. ان ڪري هوءَ پنهنجن ڌنڌن کي لڳي رهي، يعني جڏهن مسٽر وانگ گهر کان ٻاهر نڪري ويندو هو ته هوءَ پاڻ به غائب ٿي ويندي هئي ۽ ڏهين کان اڳ گهر نه موٽندي هئي.
    هڪ رات موٽڻ مهل هن کي اوچتو سخت سور اچي ٿيا. ماستر جي زال کيس اسپتال وڃڻ جي صلاح ڏني. پر هن چاهيو ٿي ته ساڻس گڏ سندس مڙس پڻ هلي سو تکو تکو وري گهر مان ٻاهر هلي ويئي. ڪلاڪ ڏيڍ بعد هوءَ وري گهر ۾ داخل ٿي،اڪيلي ئي اڪيلي. هن دفعي هوءَ سخت ڊنل ۽ گهٻرايل نظر اچي رهي هئي.
    ”خير ته آهي. اسپتال ڇو نه وئينءَ؟“ ماستر جي زال پڇيس.
    مسز وانگ ڪجهه به جواب نه ڏنو ۽ سڌو ڪمري ۾ گهڙي ويئي. پٺيان پٺيان ماستر جي زال به ويس.
    ”ڇو مڙسين نه مليو؟“
    ”مون کيس ڳولي ته ورتو پر هو جوا کيڏڻ ۾ مشغول هو. تمام گهڻو هارائي چڪو آهي. مون سان گڏ اسپتال هلڻ کان صاف صاف انڪار ڪيائين. چوي ٿو ته آئون اڪيلي هلي وڃان.“
    ”ته پوءِ اڪيلي ئي هل. توکي دير ڪرڻ نه کپي.“
    ”پر آئون ڏاڍي ڪمزوري محسوس ڪري رهي آهيان. مون کي ڪجهه شيون ۽ سامان به کڻڻو آهي.
    ”چئين ته آئون توسان گڏ هلان.“
    مسز وانگ وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي. ماستر جي زال پنهنجو ٻار ماستر جي حوالي ڪري، مسز وانگ کي سهارو ڏيئي ٻاهر وٺي آئي ۽ ٽئڪسي ۾ ويهاري اسپتال ڏي وٺي ويئي.
    جيسين ماستر جي زال اسپتال کان موٽي، سڄو گهر انتظار ڪندو رهيو، جيئن مسز وانگ جي خبر پوي. فجر مهل هوءَ گهر پهتي ۽ ٻڌائين:
    ”مسز وانگ کي پٽ ڄائو، پر افسوس جو مري ويو!“
    ”اسپتال کان اڳ، ٻار ٽئڪسي ۾ ئي ڄمي ويو. ماستر جي زال ڪوچ تي ويهندي ڳالهه ڪئي. هوءَ سخت ٿڪل لڳل رهي هئي. ”اسان اڃا ٽئڪسي ۾ ويٺاسين ئي مس ته ٻار ڄمي ويو. ۽ اسپتال ۾ پهچڻ کان اڳ مسز وانگ بيهوش ٿي ويئي.“
    ”هاڻ ڪيئن آهي؟“
    هاڻ صحيح آهي. ان ڪري آئون موٽي آئي آهيان.“
    ”منهنجا مولا تون رحم ڪجانءِ.“
    ماستر صاحب تعجب مان ڪنڌ ڌوڻيو:
    ”ڇا ته ماڻهو آهن. زال جي ويم کان به وڌيڪ اهم جوا آهي.“
    ڪجهه دير بعد مسٽر وانگ جوا جي اڏي تان گهر پهتو. شايد هو سڄي رات جوا کيڏي آخري ڪوڙي به هارائي موٽيو هو.
    ”سائين منهنجا!“ نوڪرياڻي کيس رڙ ڪري ٻڌايو، ”مالڪياڻيءَ کي ٻار ٿيو هو.“
    مالڪ بنا ڪنهن ڌيان جي هائوڪار ۾ ڪنڌڏوڻيون.
    ”پر پوءِ اهو مري ويو.“
    ”ڇا؟ مسٽر وانگ چڱي طرح اکيون پٽي، تعجب مان پڇيو.
    اسپتال ڏي ويندي، ٻار ٽئڪسي ۾ ئي مري ويو.“
    مسٽر وانگ جواب ۾ ڪجهه نه چيو، پر ان ئي وقت پويان پير ڪري ٻاهر هليو ويو.
    هفتي اندر مسز وانگ اسپتال مان ڊسچارج ٿي گهر پهتي. زال پنهنجي مڙس لاءِ اهوئي چوندي رهي ته هن ئي سندس ٻار ماريو جو آخري وقت تائين جوا جي پڇر نه ڇڏيائين. ان ڪري هوءَ وقت اندر اسپتال پهچي نه سگهي ۽ ٻار رستي تي ئي مري ويو.
    مسز وانگ جڏهن چڱيءَ طرح چاق ٿي ويئي ته هن پنهنجي پراڻي نوڪري، ڊپارٽمينٽ اسٽور واري، وري ڪرڻ جو سوچيو. مسٽر وانگ هن جو ارادو بدلائي نه سگهيو ۽ سندس لاءِ ٻيو چارو به نه هو سو هر روز هو پاڻ کيس پنهنجي ڪار ۾ دڪان تي ڇڏي ايندو هو.
    جيئن ته هن پنهنجي خرچ لاءِ پئسو پاڻ ٿي ڪمايو ان ڪري هاڻ پهرين کان وڌيڪ آزاد ۽ مٿانهون محسوس ڪيو- اها هڪ اهڙي حقيقت هئي جيڪا سندس ڳالهين مان ظاهر ٿي ٿي.
    ”ڪنهن جي رومانوي زندگيءَ ۾ شادي ڪابه رنڊڪ پيدا نٿي ڪري.“ هڪ ڏينهن هن ماستر جي زال کي چيو، ”چاهي تنهنجي شادي هجي ته به ماڻهو پٺيان ڊوڙندا رهن ٿا. آئون شاديءَ کان اڳ جڏهن ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ ڪم ڪندي هيس ته ان وقت منهنجو هڪ بواءِ فرينڊ هو. هو مون تي ايترو ئي عاشق هو جيترو منهنجو مڙس. هو مون سان ملڻ بهاني دڪان تي شيون وٺڻ ايندو هو. ان بعد منهنجي شادي منهنجي مڙس سان ٿي ۽ هن سان مون ملڻ ڇڏي ڏنو هاڻ آئون وري ساڳي ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ آئي آهيان ته هو وري اچڻ لڳو آهي. جيتوڻيڪ هن کي چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي ته آئون شادي شده آهيان.“
    ”خيال ڪجانءِ ڪٿي تنهنجي مڙس کي ان بابت خبرنه پوي.“
    ”هن کي پوندئي ڪانه. ڇو جو آئون پنهنجي يار سان گڏ سئنيما هال جهڙن هنڌن تي وڃانءِ ڪانه ٿي جو مون کي گهڻا ماڻهو ڏسن. ماڻهن کان آئون تمام خبردار رهان ٿي. هڪ دفعو ڏسي وٺندا ته پوءِ ڳالهه مان ڳالهوڙو ٺاهي وٺندا. اسين فقط انهن هنڌن تي وڃون ٿا جتي ماٺ ۽ خاموشي آهي. جن هنڌن تي هرهڪ نٿو پهچي.
    ”پر تڏهن به توکي خبردار رهڻ کپي.“
    ”پر ان ۾ آخر خرابي ڪهڙي آهي. اسان رڳو ڳالهائڻ ٻولهائڻ لاءِ ملون ٿا. آخر ڪار شادي شده عورتن کي ٻين سان دوستي رکڻ جو اوترو ئي حق آهي جيترو شادي شده مردن کي آهي. يا نه-؟“
    ماستر جي زال ڪوبه تبصرو ڪرڻ نٿي چاهيو، پر مسز وانگ ان هوندي به پنهنجي سڄي ڪهاڻي ٻڌائڻ جي موڊ ۾ هئي: ”مون واري بواءِ فرينڊ کي مون بابت هر ڪا خبر آهي، سمجهين ٿي يا نه؟ هن کي اها به خبر آهي ته منهنجو مڙس سان اڪثر جهيڙو ٿيندو رهي ٿو.“
    ”مون هن کي صاف صاف ٻڌائي ڇڏيو آهي ته سڀ مرد هڪجهڙا آهن. هو توهان تي رڳو تيستائين عاشق آهن جيستائين توهين هنن جون نه ٿيون آهيو. هڪ دفعو توهان آڻ مڃي ته معنى توهان جي انا ۽ وجود ڄڻ ختم ٿي ويو. پر هي کلندو رهي ٿو ۽ اهوئي چوي ٿو ته سڀ مرد اهڙا نه آهن.“
    ”ان جي معنى ته هو اهو ثابت ڪرڻ چاهي ٿو.“ ماستر جي زال مرڪيو.
    ”چئي نٿي سگهان. آئون کيس بلڪل سمجهي نه سگهي آهيان.“ مسز وانگ ان وقت سمجهي ويئي ته شايد هوءَ پنهنجي ننڍڙي ڳالهه ٻولهه دوران گهڻو ڪجهه اڳيان نڪري ويئي آهي.
    مسٽر وانگ کي آخرڪار زال جي ڪرتوتن جي خبر پئجي ويئي. هڪ ڏينهن هن کانئس اڳ ٻڌي پڇيو:
    ”ڇا تون ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان گڏ ٻاهر ويندي رهي آهين؟ مثال طور، ڪار ۾؟“
    ”منهنجي هڪ دوست توکي هڪ ڏينهن سنگاپور جي هڪ علائقي ڪاتونگ ۾ ڏٺو هو. تون ڪنهن ماڻهو سان ڪار ۾ وڃي رهي هئينءَ. منهنجا هتي سنگاپور ۾ ڪافي ڄاڻو سڃاڻو ۽ دوست آهن، خبر اٿئي؟“
    ”بس جڏهن تون پنهنجي ڪئبري ڊانسر ڇوڪري سان گڏ جرونگ ۾ وڃي سگهين ٿو ته منهنجي خيال ۾ مون کي به اهو حق آهي ته پنهنجن ڄاڻن سڃاڻن سان چڪر تي هلي وڃان.“
    ”بواءِ فرينڊ سان يا ڪئبري ڊانسر ڇوڪرن سان؟“
    سجيئن ته هن کي پڪ نه هئي ته هن ڀيري هوءَ هيءُ ويڙهه کٽي سگهندي يا نه، ان ڪري جواب ڏيڻ بدران ماٺ اختيار ڪئي پر مڙسس شايد هن جي خلاف سڀ ثبوت گڏ ڪري چڪو هو سو تکو ٿيندو ويو. ايتريقدر جو دڙڪن ۽ رڙين جي دور بعد مسز وانگ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ ڪم ڪرڻ واري نوڪريءَ تان استعيفى ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويئي. ۽ پوءِ هوءَ هڪ دفعو وري گهرو عورت ٿي گهر ۾ گهارڻ لڳي. پر مسٽر وانگ هر هڪ ڪلاڪ هن سان گذاري نٿي سگهيو. هن کي پنهنجو ’واپار‘ هو ۽ ’واپاري دوست‘ هئا جن کي کيس منهن ڏيڻو هو. هوا ڪثر رات جي ماني تي نه ايندو هو ۽ مٿين ڳالهه بعد ته رات جو ٻي ٻي بجي گهر موٽڻ لڳو. مسز وانگ به وري ٻاهر وڃڻ شروع ڪيو- ظاهر آهي مڙس جي اجازت ۽ ڄاڻ بنا.
    ٻه ٽي مهينا ائين ئي گذري ويا بنا ڪنهن مصيبت جي. پر پوءِ يڪو وڏو هنگامو برپا ٿي ويو؛ مسٽر وانگ جي سالي، مسز وانگ کي ڪنهن ماڻهوءَ سان گڏ هوٽل جي ڪمري ۾ ڏسي ورتو. هن ڪمري جو نمبر نوٽ ڪري پنهنجي ڀيڻ کي فون ڪيو- جيڪا مسٽر وانگ جي پهرين زال هئي. هن ماءُ کي اطلاع ڪيو جنهن مسٽر وانگ جي ڀيڻ کي چيو ته هنيئر جو هينئر ڪار ۾ چڙهي مسٽر وانگ کي ڳول. چاهي ان لاءِ توکي سڄو شهر ڇاڻڻو پوي. مسٽر وانگ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي گهر پهتو ۽ گهر ۾ گهڙڻ سان پنهنجي زال کي ٻه چار ٿڦڙ وهائي ڪڍيا. هوءَ اوچتو هي حملو ڏسي هڪي ٻڪي رهجي ويئي ۽ پاڻ کڻي ڪوچ تي ڇڏيو.
    ”ان کان ته ٻڏي مر رنڊي ڪنهن جاءِ جي.“ مسٽر وانگ ڪاوڙ مان چيس
    مسز وانگ ڪجهه هوش سنڀالي ڪوچ تان اٿي مڙس جي ڀرسان آئي؛ ”توکي ٿيو ڇا آهي، جهنگلي جانور؟“
    مسٽر وانگ وات سان جواب ڏيڻ بدران کيس ڪوچ ڏي ڌڪو ڏنو ۽ ڪمري ۾ رکيل شيون ڀڃڻ لڳو. گهر ۾ رهندڙ نوڪرياڻي ۽ اسان سڀ مسواڙي، هي لقاءُ ڏسي وائڙا ٿي وياسين جو هي پهريون دفعو هو جو واقعي وڏو جهيڙو ٿي رهيو هو.سندس ڌيءَ سڏڪا ڀري ڪنڊ ۾ رو.ئڻ لڳي.
    ”مون آخر تنهنجو ڇا ڦٽايو آهي؟ يا چريو ٿي پيو آهين، جهنگلي مرون!“
    ”هوٽل وارو ڪارو منهن ٿو ڏيکارين. مون وٽ تنهنجي هر ڳالهه جي هاڻ ثابتي آهي!“
    مسز وانگ ڪوچ تي پاڻ کي ڦٽو ڪري روئڻ لڳي. ٻاهر پاڙي جي ٻارن جو ميڙ اچي گڏ ٿيو. مسٽر وانگ وڏي رنڀ ڪري کين چيو:“ هليا وڃو. توهان جو ڇا وڃي ٻين ۾. وڃي پنهنجي ڪريو.“
    پر پوءِ کيس ئي آخر ۾ شرمندي ٿي. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڇا ڪري رهيو آهي يا کيس ڇا ڪرڻ کپي. جيڪي ڪجهه هٿ چڙهيس ٿي تنهن کي ڀڃي ڀور ڪيائين ٿي. نه وري سندس زال کي سمجهه ۾ ٿي آيو ته ڇا ڪري، سواءِ روئڻ ۽ سڏڪن ڀرڻ جي. نيٺ جڏهن مسٽر وانگ گهر جو سامان زيان ڪري ٿڪجي پيو ته پوءِ اهو چئي ٻاهر نڪري ويو: ”آئون توکي ڏيکاريندس ته آئون ڇا ٿو ڪري سگهان.“
    ان رات هو واپس نه آيو ۽ نه وري مسز وانگ سڄي رات سمهي سگهي. سڄي رات هوءَ سامان هيٺ مٿي ڪندي رهي ۽ بئگون ٺاهيندي رهي. ٻي ڏينهن صبح جو هوءَ به گهر ڇڏي هلي ويئي.
    ڪنهن کي به خبر نه پيئي ته مسز وانگ ڪيڏانهن هلي ويئي پر جڏهن مسٽر وانگ موٽيو، ۽ ڪمري جي جاچ ورتائين ته خبر پيس ته قيمتي شيون مڙيئي ميڙي کڻي ويئي آهي. هو سمجهي ويو ته هن خودڪشي نه ڪئي آهي فقط ڀڄي ويئي آهي.
    ”ڪيڏي ته بي شرم آهي.“ هن چيو ۽ پاڻ به گهر چڏي نڪري ويو. مسٽر وانگ جي ماءُ ۽ ڀيڻ ان بعد نظر آيون. اهي مسٽر وانگ جو باقي سامان ٻڌڻ لاءِ آيون هيون ۽ سڄي پاڙي کي مسٽر وانگ جي ٻي زال بابت ٻڌايو. ويندي وقت هو پاڻ سان مسٽر وانگ جي ٽن سالن جي ڌيءَ به وٺي ويون.
    ان واقعي بعد مسز وانگ وري ڏسڻ ۾ نه آئي. مهيني جي آخري تاريخ تي، مسٽر وانگ ڀاڙي جي ٽرڪ وٺي آيو جنهن ۾ پنهنجو سامان کڻائي ويو ۽ گهر جي نوڪرياڻيءَ وڃي ٻئي هنڌ نوڪري ڳولي.

    لي جو لِن (Lee. Ju. Lin)
    هن افساني ’پيار جو آکيرو‘ جو ليکڪ لي- جو تمام ڪراڙو ليکڪ آهي. پاڻ چيپن کان ملايا آيو. اڄڪلهه سنگارپور ۾ رهي ٿو.


    نيڪلس

    مئٿلڊا هڪ اهڙي قداور خوبرو نوجوان خاتون هئي، جيڪا شايد تقدير جي غلطيءَ ڪري ڪلارڪن جي خاندان ۾ پئدا ٿي پئي. هن نه ڏيج آندو، نه خوشنما اميدون ۽ نه اهي ذريعا جن جي ڪري هن کي ڪا شهرت ملي ها، پسند ڪئي وڃي ها ۽ ڪو امير ڪبير يا ڪا ممتاز شخصيت هن سان محبت ڪري ها يا هن سان شادي جي خواهش رکي ها. سو هن تقدير تي شاڪر رهي هڪ معمولي ڪلارڪ سان کڻي شادي ڪئي، جنهن تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪئي ٿي.
    هوءَ هر وقت اندر ئي اندر ۾ ڪڙهندي پچندي رهي ٿي، ڇو ته هن پنهنجو پاڻ کي پيدائشي طور زيب زينت ۽ عيش عشرت جو حقدار سمجهيو ٿي. پنهنجي گهر جون ساديون شيون ڏسي هن جو اندر سڙيو ٿي. هن غريباڻي گهر جون جهونيون ڀتيون، گٺل پيٺل ڪرسيون ۽ ڊٺل رنگ ۽ روغن واريون شيون سندس درد جو باعث بڻيل هيون.
    هن جي جاءِ تي ڪا ٻي عورت هجي ها ته انهن ڳالهين ڏي ڪو ڌيان ئي نه ڏئي ها، پر کيس کي اهي ئي شيون اذيت پهچائي رهيون هيون ۽ انهن ڳالهين تي سوچي ڪاوڙ ٿي لڳس. پنهنجو معمولي گهر ڏسي هن کي دل ئي دل ۾ وڏين محلاتن ۽ ڪشاده گهرن جا خيال ٿي آيا، جن ۾ خوبصورت روشندان ۽ رنگين خوبصورت پڙدا ٿا ٿين. چست ۽ چوبند دربان مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪن ٿا. ۽ انهن گهرن جا وڏا ڊرائنگ روم، عمدو ۽ باوقار فرنيچر انهن ڪمرن جي سونهن هوندو آهي. جڏهن هوءَ کائڻ جي گول ميز تي رات جي ماني کڻي وهندي هئي ته ان جو ميز پوش هفتي کان ميرو هوندو هو ۽ هن جو مڙس هن جي سامهون ميز تي ويٺل هوندو هو. جڏهن هوءَ ڊش جو ڍڪڻ مٿي ڪندي هئي ته مڙس خوشيءَ مان چوندو هو: ”واهه ڙي واهه! ڇا ته شاندار گوبي رڌي اٿئي. آئون ٻئي ڪنهن به ڊش کي هن کان چڱو نه چوندس.....“ ۽ ان وقت هوءَ انهن عمدن کاڌن جو سوچڻ لڳندي هئي.... چمڪندڙ چانديءَ جي ٿانون جو سوچيندي هئي.... کائڻ جي ڪمري جي ڀتين تي لڳل خوبصورت پڙدن ۽ تصويرن بابت سوچڻ لڳندي هئي، جن تي قديم زماني جي شخصيتن جون پينٽگون هونديون هيون يا وري پرين وارن جهنگلن ۾ ڪنهن ناياب پکيءَ جون سينريون. هوءَ انهن قسمين قسمين کاڌن جو سوچڻ لڳندي هئي، جيڪي شاندار ڊشن ۾ سجائي رکبا آهن..... ۽ مهمانن جي واتان ٿيندڙ تعريف ۽ واهه واهه جي صدا ٻڌبي آهي.
    هن عورت وٽ پائڻ لاءِ نه فراڪ هئا ۽ نه ئي ڳهه ڳٺا. هن وٽ ڪجهه به ته نه هو. ويتر ستم اهو ته اهي ئي شيون هيون جن سان هن کي بيحد گهڻو پيار هو. هن کي ائين لڳندو هو ڄڻ هوءَ ڄائي ئي انهن شين لاءِ آهي. ڪيڏي ته خواهش هئي هن کي ته هو ماڻهن جي دل لڀائي..... هن کي ڳوليو وڃي..... هوءَ لڪل به رهي ته نگاهن جو مرڪز به. ۽ ماڻهو هن سان دوستي رکڻ لاءِ آتا هجن.
    جڏهن هوءَ ڪانوينٽ اسڪول ۾ پِڙهندي هئي ته سندس ان وقت هڪ ساهيڙي هئي جيڪا بيحد امير هئي..... جنهن سان هن ملڻ پسند نٿي ڪيو، ڇو ته جڏهن هيءَ ان سان ملاقات ڪري موٽندي هئي، تڏهن بيحد اذيت ۾ مبتلا ٿي ويندي هئي. طبيعت بي مزي ٿي ويندي هيس. ايڏو ته رنج ملندو هوس ۽ ايتري ته نااميديءَ جو ڪيفيت طاري ٿي ويندي هيس جو هوءَ سڄو سڄو ڏينهن روئندي رهندي هئي.
    هڪ ڏينهن جڏهن هن جو مڙس گهر موٽيو ته هو خوش خوش هو.... هن جي هٿ ۾ هڪ وڏو لفافو هو. ”اچي ڏس..... هن ۾ ڪا شيءِ آهي، تو لاءِ.“ هن چيو.
    هن جهٽ پٽ لفافو ڦاڙي کوليو ۽ ان مان هڪ ڪارڊ ڪڍيو، جنهن تي هي لفظ ڇپيل هئا:
    ”جناب وزير تعليم ۽ ان جي بيگم صاحبا، جناب ۽ مادام نوريل کي عرض ٿا ڪن ته هو ارڙهين جنوري بروز سومر، بوقت شام وزير موصوف جي قيام تي پهچي، هنن جي عزت افرائي ڪن.“
    هن خوش ٿيڻ بجاءِ، جنهن جي هن جي مڙس کي اميد هئي، دعوت نامي کي کڻي ميز تي اڇلايو ۽ پنهنجي منهن ڀُڻڪڻ لڳي، ”تنهنجو ڇا خيال آهي ته آئون هي لفاف وٺي ڇا ڪنديس؟“
    ”پر منهنجي مٺي..... منهنجو خيال هو ته توکي ان جي ملڻ تي خوشي ٿيندي.. تون ڪڏهن ٻاهر نڪرين ئي نٿي.... ۽ هي هڪ موقعوملي ويو آهي. بلڪه هڪ عاليشان موقعو! مون کي هي دعوتنامو هٿ ڪرڻ ۾ ڪافي دشواري ٿي. هرڪو ان کي حاصل ڪرڻ جو خواهشمند هو..... ۽ هي فقط ڪجهه خاص الخاص ماڻهن لاءِ آهي.... نوڪرين وارن مان فقط چند ماڻهو ان کي حاصل ڪري سگهيا آهن. تون هلنديءَ ته اتي توکي آفيسرن وارو ٺاٺ ٻاٺ ملندئي.“
    هن مڙس ڏانهن بيزار نظرن سان ڏٺو ۽ بيحد ٿڌائيءَ سان چيو: ”تنهنجي خيال ۾ مون وٽ آهي ڇا جو پائي اهڙيءَ جاءِ تي هلجي؟“
    هن شخص ان باري ۾ ته سوچيو به نه هو. هن هٻڪندي چيو؛ ”پياري..... اهوئي لباس کڻي پاءِ جيڪو تون ٿيٽر ۾پائي هلندي آهين... مون کي ته اهو تمام خوبصورت ٿو لڳي.“ هو خاموش ٿي ويو. هيڪاندو احمق لڳڻ لڳو ۽ جڏهن هن جي زال روئڻ لڳي ته هن جي اڃا به دل ٽٽي پئي. عورت جي اکين مان ڳوڙها ٽپ ٽپ ڪري ڳلن تان وهڻ لڳا. هن وري هٻڪندي چيو: ”ڳالهه ته ڪر. ڇا ڳالهه آهي؟“
    عورت وڏيءَ ڪوشش سان پنهنجي دٻايل جذبن کي قابو ۾ رکي، پنهنجا آلا ڳل اُگهي نرم آواز ۾ پنهنجي مڙس جي سوال جو جواب ڏنو:
    ”ڪجهه به نه. ڳالهه هيءَ آهي ته مون وٽ ته ڪي سنوان سبتا ڪپڙا به نه آهن... ان ڪري آئون ان دعوت ۾ هلي نٿي سگهان. تون هي دعوت جو ڪارڊ پنهنجي آفيس جي ڪنهن اهڙي دوست يا ساٿيءَ کي ڏئي سگهين ٿو، جنهن جي زال وٽ مون کان بهتر پوشاڪ ميسر هجي.“
    مڙس کي ڏک ته ٿيو، پر هن پيار واري لهجي ۾چيو: ”ميٿلڊا! ترس، مون کي سوچڻ ڏي. هڪ سٺي وڳي تي گهڻو خرچ ٿيندو؟ اهڙو وڳو جيڪو ٻين ڪاڄن تي به ڪم اچي سگهي. ڪو سادو لباس؟“
    ڪجهه گهڙين لاءِ هو سوچ ۾ گم ٿي وئي. دل ئي دل ۾ حساب ڪرڻ لڳي. ڪجهه ايترن پئسن جو سوچڻ لڳي. جيڪي گهرڻ سان هو انڪار به نه ڪري ۽ جنهن کي ٻڌي هن جو ڪفايت پسند ڪلارڪ مڙس ڊڄي هليو به نه وڃي. آخرڪار هن شرمائيندي چيو:
    ”مون کي بلڪل صحيح طرح ته خبر ناهي، پر مون کي لڳو ته چار سؤ فرئنڪ مان ڪم هلي ويندو.“
    اهو ٻڌي مڙس جي منهن جو رنگ ڪجهه ڦڪو ٿي ويو. ڳالهه هيءَ هئي جو هن ويچاري ايتري ئي رقم پنهنجي لاءِ بچائي رکي هئي- ان نيت سان ته هڪ عدد بندوق خريد ڪري، هو به شڪارين جي ڪنهن ٽولي ۾ شامل ٿيندو ۽ ايندڙ اونهاري ۾ نيناري جي ميداني علائقي ۾ ڪجهه دوستن سان گڏ شڪار ڪري ايندو، جيڪي گذريل آچر تي ڪجهه پکين جو شڪار ڪري آيا هئا. پر خير. هو چوڻ لڳو:
    ”چڱو ڀلا آئون توکي چار سؤ فرينڪ ڏئي ڇڏيندس، پر ڪوشش ڪري ايترن پئسن مان ڪو عمدو لباس خريد ڪجانءِ.“
    جيئن جيئن دعوت وارو ڏينهن ويجهو ٿيندو ويو، مئڊم لوزيل غمگين، پريشان ۽ بي چين رهڻ لڳي. خير هن جو وڳو ته بلڪل تيار ٿي ويو هو. هڪ شام هن جي مڙس هن کي چيو:
    ”پياري توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ گذريل ٻن ڏينهن کان تون عجيب حرڪتون ڪري رهي آهين ۽ تنهنجي چهري تي اها رونق نظر نٿي اچي.“
    هن جواب ڏنو: ”مون کي پريشاني اها آهي ته مون وٽ ڪو به ڳهه ڳٽو نه آهي. هڪ به قيمتي پٿر نه اٿم. ڪا اهڙي شيءِ نه اٿم جنهن سان پاڻ کي سجائي سگهان. آئون سڀني جي وچ ۾ مسڪين نظر ايندس.، ان کان ته آئون اهو پسند ڪنديس ته پارٽيءَ ۾ ئي نه هلان.“
    هن چيو: ”هيئن ڪجانءِ پياري! ڪنهن ڳهه ڳٽي بدران قدرتي گل ئي کڻي سجائي هلجانءِ. ڏهه فرئنڪن ۾ توکي ٻه يا ٽي عاليشان گل ملي ويندا.“
    پر هوءَ ان تي راضي نه ٿي، جواب ڏنائين: ”نه.... ان کان وڌيڪ بي عزتيءَ جي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته ههڙين امير عورتن جي وچ ۾ هڪ نيچ قسم جي انداز ۾ هلجي.“
    ان تي هن جي مڙس کي اوچتو ڪو خيال اچي ويو ۽ هن رڙ ڪري چيو: ”پاڻ به ڪهڙا ته احمق آهيون! تون وڄ ۽ وڃي پنهنجيءَ ساهيڙيءَ مئڊم فورسٽيئر کان ڪجهه زيور اڌارا وٺي اچ. تنهنجي هن سان چڱي خاصي سڃاڻپ آهي، هوءَ توکي ضرور ڏينهن ٻن لاءِ زيور ڏئي ڇڏيندي.“
    هن خوش ٿي دانهن ڪئي: ”واهه واهه. بلڪل صحيح ٿا چئو. مون کي ته ان ڳالهه جو خيال ئي نه پئي آيو.“
    ٻئي ڏينهن هوءَ پنهنجي ساهيڙيءَ جي گهر وئي ۽ هن کي پنهنجي ڏک واري ڳالهه ٻڌايائين. مئڊم فورسٽيئر پنهنجي شيشي جي دروازن واري ڪٻٽ تائين وئي. ان مان هن زيورن جو هڪ وڏو دٻو ڪڍيو. واپس آئي، ان کي هن کوليو ۽ چيو: ”اچي وٺ منهنجي جان! جيڪو توکي وڻي سو پاڻ پسند ڪري کڻ.“
    هن پهرين ته ڪجهه ڪنگڻ ڏٺا، پوءِ موتين وارا گلوبند، پوءِ وينس شهر جو ٺهيل هڪ صليب، جنهن تي نهايت ڪاريگريءَ سان ٽُڪ جو ڪم ٿيل هو. هن آرسيءَ اڳيان واري واري سان ڳهه پائي ڏٺا. ڪجهه گهٻرائجي وئي ۽ فيصلو ڪري نه پئي سگهي ته زيور کڻي يا ڇڏي ڏئي.
    ۽ پوءِ هن سوال ڪيو: ”انهن کان علاوه ڪجهه ٻيا آهن تو وٽ؟“
    ”ڇو نه- بلڪل آهن. تون پاڻ پنهنجي پسند جي شيءِ ڳولي وٺ. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته توکي ڇا پسند آهي.
    ڏسندي ئي ڏسندي هن کي هڪ ڪاري رنگ جو ساٽن جو دٻو هٿ آيو، جنهن ۾ هيرن جو هڪ نهايت عاليشان نيڪلس رکيو هو، جنهن کي ڏسي هن جي دل تيز تيز ڌڙڪڻ لڳي. هن نيڪلس کڻي پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌو ۽ انهن هيرن جي آب تاب جي سامهون بي بس ٿي ويئي. تڏهن هن هڪ بيقرار لهجي ۾ گهٻرائيندي چيو؛ ”ڇا تون مون کي هي.... فقط هي هڪ... هار اڌارو ڏئي سگهندينءَ؟“
    ”ڇو نه ڀلا.... بلڪل کڻي وڃ.“
    هوءَ پنهنجي ساهيڙيءَ جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي جذبات مان جهومڻ لڳي ۽ پوءِ قيمتي نيڪلس کڻي گهر هلي آئي.
    پارٽيءَ جو ڏينهن اچي ويو. بال ڊانس ۾ مئٿلڊا جي وڏي ڌوم مچي وئي. هو سڀني عورتن ۾ حسين هئي. باوقار، مرڪندڙ ۽ سونهن سان ڀرپور مردن هن ڏانهن ٿي ڏٺو ۽ هڪ ٻئي کان هن جو نالو پئي پڇيو ۽ هن سان ڄاڻ سڃاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. وزارتي ڪابينا جا جيترا به ماڻهو هئا، تن مان هر هڪ هن سان ڊانس ڪرڻ چاهي ٿي. وزير تعليم به هن ڏي ڪجهه ڌيان ڏنو.
    هوءَ جوش ۽ جذبي سان ڊانس ڪندي رهي- مستيءَ واري ڪيفيت ۾، خوشيءَ ۾ مدهوش ٿي. هر ڳالهه کان بي نياز ٿي.... پنهنجي حسن جي فتحيابين جي ڇانو ۾.... پنهنجي ڪامرانين جي عظمت سان سرشار، جيڪي هن جي نصيبن ۾ آيون هيون. ۽ اهو نتيجو هو انهن امنگن جو ۽ ان احساس جمال جو جيڪو ڀرپور ۽ ڪامل هو ۽ جيڪو هر عورت جي دل لاءِ شيرين ٿئي ٿو.
    هوءَ گهر ان وقت وئي، جڏهن صبح جا چار وڄي رهيا هئا. هن جو مڙس اڌ رات گذرڻ تي ٿڪجي اتي ئي هڪ ميڪ اپ روم ۾ سمهي رهيو هو.
    هلڻ وقت سيءَ کان بچڻ لاءِ هن پنهنجي زال جي ڪلهن تي گهر ۾ پائڻ واري شال اوڍائي ۽ جلدي گهر ڏانهن روانا ٿيڻ لڳا. جيئن ڪو کين اوچي وڳي مٿان ساديءَ شال ۾ نه ڏسي سگهي. مڙس گهڻو ئي چاهيو ته ڪا گهوڙي گاڏي گهرائي وٺجي، متان زال کي سيءَ لڳي، پر هوءَ ترسڻ لاءِ تيار نه هئي ۽ وڏيون وڏيون ٻرانگون ڀري ڏاڪڻيون لهي رستي تان اچي نڪتي. رستي تي ڪا گاڏي نظر نه آئي ۽ هو هيڏانهن هوڏانهن لؤنڻا هڻي ڳولڻ لڳا.
    ٻئي ڄڻا پيادا ئي پيادا هلندي هلندي درياهه سين ڏي نڪري ويا. آخرڪار گوديءَ تي هنن کي هڪ پراڻي طرز جي سواري ’ڪوپي‘ ملي وئي جيڪا رات جي وقت هلي ٿي ۽ پئرس ۾ آڌيءَ رات کانپوءِ ڏسڻ ۾ ايندي آهي، جو اهڙين سوارين جي گهٽ مشهور هجڻ ڪري، ڏينهن جي وقت ۾ انهن ۾ چڙهندي ماڻهو شرمائين ٿا!
    ڪوپي، مارٽير اسٽريٽ تي سندن گهر جي دروازي تائين کيس کڻي آئي ۽ هو ٿڪل ٽٽل پنهنجي گهر جون ڏاڪڻيون چڙهڻ لڳا.
    هن عورت لاءِ ته کيل پڄاڻيءَ تي پهچي چڪو هو، پر جيستائين مرد جو تعلق هو ته صبح جو ڏهين بجي تائين آفيس ۾ پهچڻو هو.
    عورت شال کي ڪلهن تان لاهي پلنگ تي اڇلايو، آرسيءَ جي سامهون بيهي پنهنجي حسن جي تاب کي آخري دفعو ڏٺو...... اوچتو هن کان دانهن نڪري ويئي.... اهو نيڪلس هن جي ڳچي ۾ نه هو.
    هن جو مڙس جيڪو تقريبن اڌ ڪپڙا لاهي چڪو هو، تنهن چيو: ”ڇا ماجرا آهي؟“
    ”هوءَ ديوانگيءَ واري انداز ۾ هن ڏي ڊوڙي ۽ کيس چيو: ”مون وٽ ....... مئڊم فورسٽيئر جو نيڪلس موجود ناهي.“
    هو گهٻرائجي ويو. هن چيو: ”ڇا چيئي؟ اهو ڪيئن ٿيو. اهو ناممڪن آهي.“ ۽ پوءِ ٻنهي ڄڻن ان نيڪلس کي عورت جي ڪپڙن جي تهن ۾ ڳوليو. هن جي کيسن ۾ ڏٺو.... مطلب ته هر هنڌ ڳوليو. پر اهو نه مليو.
    هو پڇڻ لڳو: ”ڇا توکي يقين آهي ته جڏهن اسان هن گهر مان هليا هئاسين ته نيڪلس تو وٽ هو؟“
    ”ها. هال مان نڪرڻ وقت مون پاڻ ان کي هٿ سان محسوس ڪيو هو.“
    ”پر اهو جيڪڏهن رستي تي ڪري ها ته ان جي ڪرڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ها. ٿي سگهي ٿو اهو گاڏي ۾ رهجي ويو هجي.“
    ”ها اهو ممڪن آهي. ڇا تو گاڏيءَ جو نمبر ڏٺو؟“
    ”نه..... ۽ ڀلا تو؟ تو نمبر نوٽ ڪيو ڀلا؟“
    ”نه.“
    هو ٻئي هڪ ٻئي جو منهن ڏسڻ لڳا. ٻئي بيحد غمگين هئا. پوءِ مڙس وري پنهنجا ڪپڙا پاتا ۽ چيو:
    ”آئون وڃان ٿو.... اهو ئي رستو وٺي جنهن تي پاڻ پنڌ آيا هئاسين، ڏسان ٿو متان اتي ملي وڃي.“
    پوءِ هو هليو ويو. هوءَ پنهنجو شام وارو وڳو پائي ويٺي رهي. هن ۾ ايتري همت نه پئي ٿي جو وڃي بستري تي ليٽي. هو هڪ ڪرسيءَ تي ئي ويهي رهي.
    ان وقت هن جي دل ۾ نه ڪا خواهش هئي ۽ نه ڪا سوچ. صبح جو ستين وڳي ڌارين هن جو مڙس موٽيو. نيڪلس جو ڪٿي ڪو پتو نه پيو.
    هو پوليس وارن وٽ به ويو ۽ ڪوپي گاڏين جي آفيس ۾ به ۽ هن اخبار وارن کي به اشتهار ڏنو. نيڪلس جي بدلي ۾ انعام جي پيشڪش ڪئي...... مطلب ته هن هر اهوڪم ڪيو، جنهن ۾ کيس ذري جيترو به شڪ يا اميد هئي.
    شام جو هو گهر ناڪام ٿي پهتو. هن جو چهرو هئڊ جهڙو ڦڪو هو. هو چوڻ لڳو: ”هاڻ تون پنهنجيءَ ساهيڙيءَ کي خط لکي موڪل ته نيڪلس جو ڪنڍو ڀڄي پيو آهي ۽ تون هن جي مرمت ڪرائي پوءِ کيس موٽائيندينءَ. اهڙي طرح پاڻ کي ڀڄ ڊڪ لاءِ ٿورو وڌيڪ وقت ملي ويندو.“
    جيئن سندس مڙس کيس لکرايو، تيئن ئي هن خط لکي پنهنجي ساهيڙيءَ کي موڪليو.
    هڪ هفتو گذري ويو ۽ هنن ٻنهي جون سڀ اميدون مٽي ۾ ملي ويون. مسٽر لوزيل جيڪو پنهنجي زال مئڊم مئٿلڊا کان پنج سال وڏو هو، اعلان ڪيو: ”پاڻ کي هر صورت ۾ هن وڃايل زيور جي بدلي ۾ ڪجهه ڪرڻو پوندو.“
    ٻئي ڏينهن ان دٻي کي جنهن ۾ نيڪلس بند هو، ان سوناري وٽ کڻي ويا جنهن جو ان تي نالو ڇپيل هو.
    سونارو دڪان جي رجسٽرن ۾ ڳولڻ لڳو. پوءِ ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي چيائين: ”مئڊم! هي نيڪلس منهنجي دڪان جو نه آهي. مون ته فقط دٻو وڪيو آهي.“
    ان بعد هو هڪ سوناري وٽان ٿي ٻئي وٽ پهتا- ان ڳولا ۾ ته جيئن گم ٿيل هار جهڙو ڪٿي نطر اچي وڃي. ٻئي ڄڻا دماغ تي زور ڏيئي گم ٿيل نيڪلس بابت سوچڻ ٿي لڳا... ۽ ٻئي ڄڻا بي حال ۽ بي چين ٿي ويا ٿي.
    ڦرندي ڦرندي هو رايل پئلس پهتا، جتي هڪ دڪان تي هيرن سان جڙيل هڪ هار کين نطر اچي ويو، جيڪو هوبهو گم ٿيل نيڪلس جهڙو هو. ان هار جي قيمت چاليهه هزار فرئنڪ هئي... هنن کي اهو ڇٽيهه فرئنڪن ۾ ملي رهيو هو.
    هنن سوناري کي منٿ ميڙ ڪئي ته مهرباني ڪري کين گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي جيسين هو ان کي خريد ڪرڻ جو سوچي وٺن. تيسين هو ڪنهن ٻئي کي وڪڻي نه ڏئي. ان سان گڏ دڪان سان اهو به معاهدو ڪيائون ته فيبروريءَ جي آخر تائين جيڪڏهن هن کي گم ٿيل نيڪلس ملي ويو ته هو اهو هار کانئن چوٽيهه هزار فرئنڪن ۾ موٽائي وٺندو.
    هاڻ لوزيل وٽ پيءٌ جي ورثي ۾ مليل ارڙهن فرئنڪ موجود هئا. باقي هن قرض ورتو ۽ فرض به هيئن ورتائين ته ڪنهن کان هزار فرئنڪ اڌار ورتائين ته ڪنهن کان سؤ فرينڪ. هو قرض وٺي هر هڪ کي لکت ۾ ڏيندا رهيا ته سندن قرض آهي ۽ هو هنن کي جلد موٽائي ڏيڻ جا واعدا ڏيندا رهيا. وياج خورن کان به ڪجهه رقم ورتا.ئون. هنن پنهنجو سڄو وجود داءَ تي لڳائي ڇڏيو. بنا سوچي سمجهي جتي ڪٿي پنهنجون صحيحون ڪندا رهيا. ان جو به فڪر نٿي ڪيائون ته هو رقم موٽائي ڏيڻ جا واعدا نباهي به سگهندا يا نه.، ،مستقبل جي باري ۾ هنن کي جيڪا بي چيني هئي، جيڪا جسماني اذيت ۽ ذهني عذاب هنن کي ملڻو هو ان جي تصور کان ڪنبندي، هو سوناري جي دڪان تان نئون هار خريد ڪرڻ لاءِ پهچي ويا. دڪاندار جي ڪائونٽر تي هنن ڇٽيهه هزار فرئنڪ اڳيان وڌايا ۽ هار وصول ڪيو.
    جڏهن مئڊم لوزيل (مئٿلڊا) ان نيڪلس کي کڻي مئڊم فورسٽيئر وٽ پهتي ته هن ٿڌي نموني سان چيو: ”توکي هي جلدي موٽائڻ کتو ٿي جو شايد مون کي به ان جي پائڻ جي ضرورت پئجي سگهي ٿي.“
    پوءِ هن زيورن جو دٻو کوليو ۽ آڻڻ واريءَ کي اهو ڊپ ٿيو ته ڪٿي هوءَ سڃاڻي نه وٺي ته هي سندس وارو هار نه پر ٻيو آهي ۽ جي هن سڃاڻي ورتو ته هو ڇا سوچيندي. ۽ هن کي ڪهڙو جواب ڏيڻ کپي. ڇا هوءَ هن کي چور سمجهندي؟ پر مئڊم فورسٽيئر خاموشيءَ سان نيڪلس کڻي رکيو.
    بهرحال پهرين منزل ته هنن پوري ڪئي ۽ ورتل اڌارو زيور واپس ڪيو. هاڻ ٻي وڏي منزل هئي قرض چڪائڻ جي، ۽ قرض به قرضن جهڙو هو. اهڙو تهڙو نه هو جو مهيني ٻن جي پگهار يا بکن ڪاٽڻ سان لهي وڃي. ”هوءَ هر صورت ۾ قرض لاهيندي.“ هن دل ئي دل ۾ پڪو پهه ڪيو. پهرين ته هنن گهر جي نوڪرياڻيءَ کي موڪل ڪرائي ڇڏي ۽ پوءِ اهو وڏو گهر ڇڏي هڪ سستي جاءِ مسواڙ تي وٺي رهڻ لڳا.
    هاڻ هن گهر جي صفائي ۽ رڌ پچاءُ پاڻ ڪرڻ شروع ڪيو. هن اهو ڪم ڪڏهن نه ڪيو هو پر هاڻ پاڻ ٿانوَ ڌوئيندي رهي. تيل هاڻا ديڳڙا ۽ ڪڻڇيون صاف ڪندي رهي ۽ هن جا گلابي رنگ وارا ننهن چوپا ٿيڻ لڳا. ڪپڙا به پاڻ ڌوئڻ لڳي... چاهي سندس ۽ مڙس جا ڪڇا ۽ گنجيون هجن چاهي ميز پوش... هوءَ هر شيءِ پاڻ هٿن سان ڌوئي اس تي وڃي سُڪائيندي هئي، جيئن اهي ڌوٻيءَ جا پئسا بچي پون.ا ستري به پاڻ ڪرڻ لڳي ته گهر کي ٻهاري به پاڻ ڏيڻ لڳي ۽ پوءِ گهر جو گند ڪچروڊٻي ۾ گڏ ڪري رستي جي ٻئي ڪناري وٽ اڇلي ايندي هئي. ان غريباڻي گهر ۾ پاڻيءَ جو بندوبست به نه هو، ان ڪري صبح ساڻ اٿي ٻه ٻه ڏاڪڻيون لهي هيٺان پاڻي ڀري اچڻ لڳي. گهر جي ڀاڄي ڀتي وٺڻ لاءِ پڻ پاڻ وڃڻ لڳي ۽ سندس جسم تي هر وقت عام عورتن وارا سادا ڪپڙا هئا. سودو سلف وٺڻ وقت هن جو دڪاندارن سان پئسي پئسي تي تڪرار هليو ٿي. هن کي هر وقت پئسو بچائڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو فڪر رهيو ٿي، جيئن قرض لهندو هلي، نه ته قرض سان گڏ وياج ٿي چڙهيو، هن جو مڙس به هاڻ پارٽ ٽائيم جاب ڪرڻ لڳو هو... يعني ڪجهه دڪاندارن جا ڏيتي ليتي جا رجسٽر ٺاهيندو هو جن وٽان کيس ٿورو گهڻو پگهار مليو ٿي. رات جو ڪنهن نه ڪنهن جي لکائي جو ڪم گهر کڻي اچڻ لڳو، جنهن نقل نويسيءَ لاءِ هن کي في صفحي جي حساب سان اجورو مليو ٿي.
    ٻنهيءَ کي هيءَ جدوجهد جي زندگي گذاريندي ڏهه سال گذري ويا. انهن ڏهن سالن جي خاتمي تي هنن سڄو قرض وياج سميت لاهي پورو ڪيو!
    مئٿلڊا—يعني مئڊم لوزيل هاڻ پوڙهي نظر اچڻ لڳي هئي. هوءَ هونءَ ته پورهئي ڪري هڪ سخت جان ۽ مضبوط عورت بنجي چڪي هئي.... غريب گهر جي هڪ ڏڏر قسم جي عورت! هن جا وار منجهيل فراڪ پچيون پچيون ٿيل. هٿ ڳاڙها کلن لٿل، ڳالهايائين ٿي ته وڏي آواز ۾ ۽ جڏهن فرش ڌوتائين ٿي ته وڏين وڏين باردين ۾ پاڻي وجهي... ڪڏهن ڪڏهن هن جو مڙس آفيس ۾ هوندو هو ته هوءَ دري وٽ ويهي گذريل ويل ڏينهن ۽ ان دعوت بابت سوچيندي هئي، جنهن ۾ هن کان هار گم ٿيو هو... ان ڊانس پارٽيءَ بابت جنهن ۾ هن جي حسن جي هاڪ هلي هئي، هن جون تعريفون ٿيون هيون. ڪاش اهو نيڪلس گم نه ٿئي ها ته حالتون ڇا هجن ها؟ ڪنهن کي ڇا خبر؟ ها ڪير ڇا ٿو چئي سگهي؟ هي زندگي به ڇا زندگي آهي. اهي ڪنهن انسان کي اڳتي جي خبر! تِرَ جي گٿي سؤ چوٽون کائي وارو حساب آهي. هڪ ننڍڙي ڳالهه ڪنهن کي تباهه ڪري سگهي ٿي ته ڪنهن کي بچائي مٿاهون رتبو بخشي سگهي ٿي!.
    هڪ آچر واري ڏينهن تي هوءَ پئرس جي شانزاليزي علائقي ۾ پنهنجا هفتي جا ڪم پورا ڪرڻ لاءِ ڦيريون پائي رهي هئي ته امالڪ هن جي نظر هڪ عورت تي پيئي، جيڪا پنهنجي ٻار سان گڏ واڪ ڪري رهي هئي. هي مئڊم فورسٽيئر هئي... اڃا تائين جوان، اڃا تائين سهڻي ۽ خوبصورت ۽ ڪشش واري. مئٿلڊا هن کي ڏسي متاثر ٿي. ڇا مون کي هن سان ملڻ کپي. بلڪل ڳالهائڻ کپي ۽ هاڻ جڏهن ته هن قرض به لاهي ورتو آهي ته سڄي ڳالهه ٻڌائڻ ۾ ڪابه خرابي ناهي. هن کي سڄي ڪٿا ٻڌائڻ کپي.
    هوءَ هن جي ويجهو پهتي، ”صبح بخير جين!“ هن جي ساهيڙي هن کي سڃاڻي نه سگهي ۽ اهو ٻڌي ته هڪ معمولي عورت کيس ائين پنهنجائپ مان سڏي رهي آهي، هو اڃا به حيران ٿي وئي، هن ٻڏندڙ لهجي ۾ چيو ”پر مئڊم! آئون اوهان کي سڃاڻان نٿي... لڳي ٿو ته توهان کي ڪا غلط فهمي ٿي آهي.“
    ”نه آئون مئٿلڊا لوزيل آهيان. مسٽرلوزيل جي زال، تنهنجي ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽ!“
    هن جي ساهيڙيءَ تعجب مان دانهن ڪئي. ”اوهه. منهنجي مئٿلڊا ويچاري! تون ڪيڏو ته بدلجي ويئي آهين!“
    ”ها ڀيڻ! ڇا ڪريان. جڏهن کان توسان ملي آهيان، منهنجي لاءِ ڏکيا ڏينهن شروع ٿيا آهن. ڪجهه ته واقعي پنهنجيءَ بدبختي ڪري... جيڪا تنهنجي ڪري ٿي.“
    ”منهنجي ڪري”؟ اهو ڪيئن؟“
    ”توکي ياد هوندو ته اڄ کان ڏهه سال کن اڳ تو مون کي وزير جي گهر دعوت ۾ پنهنجو هيرن جو نيڪلس پائي وڃڻ لاءِ ڏنو هو؟“
    ”ها، مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي.“
    ”ته ٻڌ، مون کان اهو هار گم ٿي ويو هو.“
    ”ڀيڻ اهو وري ڪيئن ٿو ٿي سگهي. تو ته مون کي اهو هار موٽائي ڏنو هو!“
    ”مون توکي هوبهو ان جهڙو هڪ ٻيو نيڪلس موٽايو هو ۽ ان جي قيمت ادا ڪرڻ ۾ اسان ٻنهي زال مڙسن ڏهه سال لڳائي ڇڏيا. اسان جهڙن ماڻهن لاءِ جيڪي کٽل آهن، هي ڪم پورو ڪرڻ ڪو آسان نه هو. اهو تون به سمجهي سگهين ٿي. بهرحال هاڻ ته اهو معمالو ختم ٿي چڪو آهي ۽ مون کي به دلي طرح سڪون آهي.“
    مئڊم فورسٽيئر ڳالهه کي ڪپيندي چيو؛ ”تون چوين ٿي ته تو منهنجي نيڪلس جي بدلي ۾ نئون نيڪلس خريد ڪيو هو؟“
    ”هائو، ته ڇا تو ان وقت ان تي غور نه ڪيو. هو ٻئي هڪجهڙا هئا.“
    ۽ هن فخر محسوس ڪندي چپن تي مُرڪ آندي... مئڊم فورسٽيئر تي ان ڳالهه جو اثر ٿيو. هن مئٿلڊا جا ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهلي چيو:
    ”او منهنجي غريب ۽ اٻوجهه مئٿلڊا ! مون وارا هيرا ته نقلي هئا... ان جي قيمت ته پنج سؤ فرئنڪ به نه هئي!“
    فرانس جي جڳ مشهور اديب گائي ڊي موپاسان جي ڪهاڻي.


    ذهين ترين

    فرعون مصر رعميسس ٽيون پنهنجي دور ۾ دنيا جو سڀ کان گهڻو دولتمند حاڪم هو. هن جو خزانو ايڏو ته هو جو ان جي ماليت جو اندازو ڪو لڳائي نٿي سگهيو. بس ائين سمجهو ته ان جي دولت جو حساب ڪندي ڪندي انگ کٽي ٿي پيا. نوبت ايستائين اچي پهتي جو هن جي خزاني لاءِ جيڪي ڪمرا مقرر ٿيل هئا، سي ننڍا ٿي پيا. اهو ڏسي هن پنهنجي شاهي محل لڳ پٿرن جي هڪ اهڙيءَ خوبصورت عمارت ٺهرائڻ جو حڪم ڏنو، جنهن ۾ هو پنهنجو خزانو رکائي سگهي ۽ جڏهن به هن جي خزاني ۾ واڌ اچي ته جاءِ جي کوٽ نه ٿئي، جنهن ڪاريگر کي ان عمارت ٺاهڻ جو ڪم سونپيو ويو، اهو پنهنجي هنر ۾ ماهر هو ۽ عمر جي حساب سان به هو جهرو پوڙهو ٿي چڪو هو، پر جيئن ته فراخدلي ۾ شاهه خرچ هو ان ڪري هو پنهنجن پٽن لاءِ ڪجهه به ڪري نه سگهيو.
    هن کي جڏهن هن عمارت ٺاهڻ لاءِ حڪم ڏنو ويو ته هن جي ذهن ۾ هڪ منصوبو اڀريو، جنهن هيٺ هو پنهنجن پٽن جو مستقبل محفوظ ڪري سگهيو ٿي. هن پنهنجي فني هوشياريءَ ۾ کيڏ جو مظاهرو ڪندي عمارت ٺاهڻ وقت ان ۾ هڪ اهڙو نظام رکيو جو خزاني جي عمارت جي ٻاهرين ڀت ۾ هڪ خاص سر تي دٻاءُ وجهڻ سان ڀت جو اهو حصو زمين ۾ اندر دٻجي ويو ٿي ۽ ڪوبه شخص ان رستي کان عمارت ۾ داخل ٿي سگهيو ٿي.
    عمارت ٺهي راس ٿي ته شهنشاهه پنهنجو سمورو خزانو ان عمارت ۾ رکرايو ۽ اڃا ٿورا ئي ڏينهن مس گذريا ته پوڙهو رازو سخت بيمار ٿي پيو. جڏهن پوڙهي کي ان ڳالهه جي پڪ ٿي ويئي ته سندس عمر جون آخري گهڙيون اچي ويجهيون ٿيون آهن ته هن پنهنجي ٻنهي پٽن کي سڏايو ۽ هنن کي ان سر جو سربستو راز ٻڌايو. راز ٻڌائڻ کان چند ڪلاڪ پوءِ پوڙهو رازو هن دنيا مان وفات ڪري ويو ۽ هن جي پويان فقط ٻه پٽ رهجي ويا.
    پيءُ جي موت کان ڪجهه ڏينهن پوءِ ٻنهي ڀائرن کي جڏهن پئسن جي ضرورت پئي ته هڪ رات هو ٻئي خزاني واري عمارت جي پوئين پاسي واري حصي ۾ پهتا ۽ پنهنجي مرحوم پيءَ جي فني مهارت مان فائدو وٺندي، عمارت اندر داخل ٿي ويا ۽ رات اندر ئي هنن خزاني جو هڪ حصو ٻيءُ باحفاظت جاءِ تي منتقل ڪري ڇڏيو. صبح جو جڏهن شهنشاهه ٻاهرين دروازي کان عمارت اندر داخل ٿيو ته هن جي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي. پهرينءَ نظر ۾ ئي هن کي احساس ٿي ويو ته هن جي ملڪيت جو هڪ حصو غائب ٿي چڪو آهي. اڳئين گيٽ وٽ جن چوڪيدارن پهرو ڏنو ٿي، اهي ئي سڀئي ديانتدار ۽ فرض شناس هئا. ۽ هنن تي ڪنهن طرح به شڪ ڪرڻ اجايو هو، ۽ ويتر اهم ڳالهه اها هئي ته مين گيٽ تي جيڪا مهر لڳائي وئي هئي، اها پڻ ائين جو ائين هئي. جڏهن ته دروازي ٽپڻ يا ڀڃڻ جي ڪابه ڪا نشاني موجود نه هئي. شهنشاهه ۽ وزيرن کي خزاني جي ائين گم ٿي وڃڻ جو راز بلڪل سمجهه ۾ نه آيو. پر ان هوندي به وڌيڪ خبردار ۽ سجاڳ رهڻ ڪارڻ چوڪيدارن جو تعداد وڌايو ويو، جيئن ان قسم جي واردات جو ڪو امڪان نه رهي. پر ان سان ڪو فائدو ۽ بچاءُ نه ٿيو. رازي جا پٽ وقت بوقت خزاني مان مال چورائيندا رهيا ۽ شهنشاهه حيران ۽ پريشان ٿيندو رهيو.
    لڳاتار ٽن وارداتن کان پوءِ شهنشاهه چورن کي جهلڻ لاءِ اهڙو منصوبو تيار ڪيو، جنهن مان کيس اطمينان ٿي ويو ته هي ڪارگذاري جيڪڏهن انسانن جي آهي ته هو هن جي ڦندي مان بچي نه سگهندا. ان منصوبي هيٺ شهنشاهه خزاني جي چوڌاري ڳجها پڃرا رکرائي ڇڏيا، جيئن ڪير چوريءَ جي ارادي سان اچي ته انهن مان بچي نه سگهي.
    شهنشاهه جي ان منصوبي تي عمل ٿيڻ کان ڪجهه ڏهاڙا پوءِ هڪ رات ٻئي ڀائر عادت موجب خزاني واري عمارت جي پٺ کان وڃي نڪتا. وڏي ڀاءُ کي سر کي دٻايو جڏهن ڀت زمين اندر ٿي ته هو عمارت اندر داخل ٿي ويو ۽ ننڍو ڀاءُ ٻاهر بيهي هيڏانهن هوڏانهن نظر رکڻ لڳو. وڏو ڀاءُ جڏهن خزاني جي ويجهو پهتو ته هڪ لڪل پنجوڙ ۾ ڦاسي پيو. هن اوچتي آفت تي هو بيحد گهٻرائجي ويو. هن ان ڦندي مان پاڻ ڪڍڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر اهو ڳجهو پنجوڙ هڪ ٿلهي رسي سان سوگهو ٿيل هو. ۽ هو ڪنهن طرح به پنهنجو پاڻ کي ڇڏائي نه سگهيو. جڏهن هو سمجهي ويو ته هاڻ هنجي نصيب ۾ موت ئي آهي ته هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي سڏ ڪيو. ننڍو ڀاءُ اندر آيو ته وڏي ڀاءُ هن کي چيو: ”آئون هاڻ موت جي چنبي مان نه ڪري نٿو سگهان، پر آئون چاهيان ٿو ته تون سدا سلامت هجين. هڪدم منهنجي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏ. ڇو جو جيڪڏهن منهنجي سڃاڻپ ٿي وئي ته شهنشاهه جا سپاهي تو تائين پهچڻ ۾ دير نه ڪندا. ننڍي ڀاءُ پهرين ته ڦندو کولڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، پر جڏهن هن کي ڪنهن طرح به ڪاميابي نصيب نه ٿي ته آخرڪار هن دل تي پٿر رکي، وڏي ڀاءُ جي چوڻ موجب سندس سسي ڪپي پاڻ سان گهر کڻي آيو.
    صبح ٿيو ته شهنشاهه مين گيٽ جي مهر ٽوڙي خزاني اندر داخل ٿيو. چور جو ڌڙ موجود هو پر سسي غائب، بادشاهه کي ڏاڍي حيرت لڳي. عمارت ۾ داخل ٿيڻ جو ٻيو ڪو گس نه هو. ڀتين ۾ به ڪو سوراخ نه هو، پوءِ چور ڪهڙي رستي کان اندر داخل ٿيو؟ ان ڳجهه کي معلوم ڪرڻ لاءِ هن هڪ منصوبو ٺاهيو. هن حڪم ڏنو ته چور جو ڌڙ ٻاهرين ڀت تي لڙڪايو وڃي ۽ شاهي چوڪيدار ان تي پهرو ڏيندا رهن. ان نظاري کي ڏسي جيڪڏهن ڪو شخص پاڻ کي قابوءَ ۾ نه رکي سگهي ۽ هن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي وڃن ته هن کي هڪدم گرفتار ڪيو وڃي.
    ماءُ کي خبر پئي ته هن جي پٽ جو ڌڙ شاهي عمارت جي ڀت تي لڙڪايو ويو آهي ته ماءُ جي ته دل ڀڄي پئي. هن پنهنجي ننڍي پٽ کي سڏيو ۽ حڪم ڏنو ته ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجي ڀاءُ جي لاش کي اتان کسڪائي وٺي.
    ماءُ چيو: ”جيڪڏهن تون ائين نه ڪندين ته آئون شهنشاهه کي ٻڌائي ڇڏينديس،ته هن جي خزاني جو چورايل مال تو وٽ آهي.“
    ننڍي پٽ پهرين ته ماءُ کي سمجهائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته هي ڪم تمام خطرناڪ ۽ ناممڪن آهي، پر ماءُ تي انهن ڳالهين جو ڪوبه اثر نه ٿيو. آخر هو پريشان ٿي گهر کان ٻاهر نڪتو ۽ هڪ باغ ۾ ويهي سوچڻ لڳو ته ماءُ جي خواهش ڪهڙي طرح پوري ڪئي وڃي. هو جڏهن اتان اٿيو ته هڪ اٽڪل هن جي دماغ ۾ اچي چڪي هئي.
    هو ٻه گڏهه خريد ڪري انهن تي شراب سان ڀريل چار پخالون رکي شاهي خزاني واري عمارت ڏي روانو ٿيو. جڏهن هو اتي پهتو ته شاهي چوڪيدارن کان نظر بچائي هن ٻن پخالن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ پوءِ جڏهن هنن مان شراب وهڻ لڳو ته هو بچاءَ لاءِ رڙيون ڪوڪون ڪرڻ لڳو: ”هاءِ هاءِ! آئون ته تباهه ٿي ويس. لٽجي ويس. آهي ڪو جو منهنجي مدد ڪري...“ ڪاوڙ مان پنهنجن ٻنهي گڏهن کي مارڻ لڳو- ڄڻ ته انهن گگدامن جو ڏوهه هجي. جڏهن شاهي چوڪيدارن هي حال ڏٺو ته هن جون واڇون ٽڙي ويون ۽ هو پنهنجا ٿانوَ کڻي گڏهن ڏي ڊوڙڻ لڳا ۽ وهندڙ شران مان وٽان ڀري ڀري پيئڻ ۾ مست ٿي ويا. ننڍي ڀاءُ جو انهن کي ائين ڪندي ڏٺو ته منصوبي مطابق هنن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو ۽ پوءِ جلدي ئي کڻي ماٺ اختيار ڪيائين. شاهي چوڪيدار هن جي حا حالت ڏسي مزووٺڻ لڳا ۽ هن سان چرچا ڀوڳ ڪرڻ لڳا، جيئن هو پنهنجي نقصان جو غم وساري ڇڏي. ننڍو ڀاءُ هنن جي ان جذبي مان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ هن خاش خوشيءَ سان هنن کي ٻي پخال پيئڻ لاءِ ڏني. چوڪيدارن کي اهڙو عمدو شراب مفت ۾ ڪڏهن به نه مليو هو، سو هو چرين وانگر هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيئي پيئڻ لڳا ۽ ويا هڪ ٻئي پويان وٽان خالي ڪندا. هنن پنهنجي ههڙي بهترين ميزبان کي به ان دعوت ۾ شريڪ ڪرڻ چاهيو، پر هن پنهنجي طبيعت جي ناچاڪائيءَ جو بهانو ڪري ڳالهه کي ٽاري ڇڏيو. ڪجهه دير بعد جڏهن رات جي ڪاراڻ ڇانئجڻ لڳي ۽ هيڏانهن سڀ چوڪيدار نشي ۾ ڌت ٿي زمين تي ڪري پيا ۽ گهاٽي ننڊ جا مزا وٺڻ لڳا، تڏهن ننڍو ڀاءُ ماٺ ميٺ ۾ اٿيو ۽ پنهنجي ڀاءُ جو ٽنگيل لاش لاهي گڏهه تي رکي گهر ڏانهن روانو ٿي ويو.

    مٿين ڪهاڻي يونان جي عظيم تواريخ نويس هيرو ڊوٽس جي لکيل آهي. پاڻ 485 ق. م ڄائو ۽ 525 ق. م گذاري ويو.


    وفا جي پتلي

    هن پنهنجو نالو ٻڌايو.
    ٿي سگهي ٿو هن سمجهيو هجي ته آئون ڪو ٻوڙو آهيان ۽ وڏي آواز ۾ ٻڌان ٿو. مون کانئس وري سندس نالو پڇيو. هن وري چيو: ”جمي.“
    مون چيومانس: ”پر هي ترڪن جو نالو ته نٿو لڳي. تنهنجو اصل نالو ڇا آهي؟“
    ”منهنجو اصل نالو جميلا آهي، پر توهان مون کي جمي چئي سگهو ٿا. آمريڪن سڀ مون کي ان ئي نالي سان سڏين ٿا.“
    هوءَ منهنجي نئين گهر ۾ ڪم ڪرڻ واري نوڪرياڻي هئي. تمام ٿلهي ۽ ڦيڦي جسم واري عورت هئي، جيڪا گوشت جو هڪ جبل ٿي لڳي. وزن ٽي سؤ پائونڊ نه ته اڍائي سؤ پائونڊ ضرور ٿيندس.
    هن جي عمر پڪ سٺ سال کن هئي.
    مون ترڪئي ۾ رهڻ دوران ڏٺو هو ته ترڪ آمريڪن وانگر مختصر نالا پسند ڪن ٿا. اسماعيل کي سمائيل ڪري ڇڏيندا. بيلانٽ کي بلي سڏيندا، پر هن ٿلهيءَ ۾ سٺ سالن جي پوڙهيءَ کي جميءَ جهڙي رومانوي نالي سان پاڻ کي سڏائڻ ڪجهه ٺهيو ڪونه ٿي.
    ”چڱو جمي. هاڻ مون کي اهو ٻڌاءِ ته مسز برائون توکي گهڻي پگهار ڏيندي هئي.
    ”چار سؤ ليرا ماهوار.“
    آئون چڱو حيران ٿيس جو هن پنهنجي پگهار بلڪل صحيح ٻڌائي. مون مسز برائون کان سندس پگهار جو پهرين ئي پڇي ڇڏيو هو ته هوءَ جميءَ کي مهيني ۾ ڇا ڏئي ٿي.
    ”چڱو هاڻ مون سان شروعات ساڍن چار سؤ ليرن سان ڪري سگهين ٿي.“ مون پڇيو.
    ”ٺيڪ آهي.“ جميءَ چيو ۽ هن ان ئي وقت منهنجي اپارٽمينٽ جي صفائيءَ شروع ڪئي.
    منهنجي بدلي انهن ڏينهن ۾ ازمير (ترڪيءَ) ۾ ٿي هئي ۽ مون کي گهر جي ڪم لاءِ ڪنهن مائيءَ جي سخت ضرورت هئي. انهن ڏينهن ۾گهر جي ڪم لاءِ ڪنهن مائيءَ کي رکڻ شان ۽ وڏ ماڻهپي جي علامت نه هو، پر ضرورت ئي سمجهيو ويندو هو. ترڪيءَ ۾ تڏهن سپر مارڪيٽون نه هيون، گهر جي ڪم واريءَ کي روز ڀاڄيون، ميووا، بيضا، گوشت، کير، مرچ مسالا ويندي پيئڻ جو پاڻي خريد ڪرڻ لاءِ بازار وڃڻو پيو ٿي. ۽ اهي سڀ شيون مختلف هنڌن تان مليون ٿي. مون کي ترڪي ڊبل روٽي ڏاڍي وڻي ٿي، جو اها چڱي خاصي وزني ۽ ٿلهي ٿئي ٿي ۽ اڻ ڇڻيل اٽي مان ٺاهي وڃي ٿي. جڏهن ان کي ٽوسٽ ڪري، مکڻ هڻي کائيندو هوس ته ڏاڍو مزو ايندو هو. ان ڊبل روٽي ۾ هڪ خامي به هئي. اها هيءَ ته هڪ ڏينهن کان مٿي تازي نٿي رهي سگهي. ٻئي ڏينهن اها اهڙي ته سخت ٿيو وڃي جو گهر ٺاهڻ ۾ سر طور استعمال ڪري سگهجي ٿي. ان ڪري به مون کي گهر جي ڪم لاءِ عورت جي ضرورت هئي.، جيڪا گهر جي صفائيءَ وغيره کان علاوه مون لاءِ روز تازي ڊبل روٽي خريد ڪري اچي، جيڪا 1961ع ۾ فقط ڏهن سينٽن ۾ ملي ٿي.
    جڏهن آئون ترڪيءَ جي شهر ديار بڪير ۾ رهيل هوس ته ٻن سالن جي عرصي م مون وٽ گهر جي ڪم ڪار لاءِ هڪ ڇوڪر به هو ۽ ٽي نوڪرياڻيون به. انهن ڏينهن ۾ پنهنجي امير هجڻ جو ڏيک ڏيندي مون کي خوشي ٿي ٿي. پر ترڪيءَ ۾ پنج سال گذارڻ بعد آئون ترڪن جي رنگ ۾ ڪافي رنگجي ويو هوس.
    منهنجي جڏهن ازمير ۾ بدلي ٿي ته مون کي اها ڳڻتي وٺي وئي ته نئين نوڪرياڻيءَ جي ڳولا مون لاءِ مسئلو نه بڻجي پوي. هتي مون کي هڪ تمام اتاهين بلڊنگ جي ستينءَ ماڙ تي اپارٽمينٽ مليو، جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي ٺهيل هو. بالڪنيءَ مان سمنڊ جو نظاروو بلڪل چٽو ۽ سهڻو لڳو ٿي. بتين جي روشنيءَ ۾ جبل تي سڪندر اعظم جو پراڻو قلعو تمام سٺو لڳو ٿي. هن اتاهينءَ عمارت ۾ڏاڪڻيون به هيون ته لفٽ به. لفٽ ۾ بلڪل شفاف شيشا لڳل هئا. پوءِ مون کي خبر پئي ته مينهوڳي ۾ هي لفٽ خراب ٿيو پوي. ائين ڪيترائي ڀيرا ٿيو جو هلندي هلندي لفٽ خراب ٿي بيهي رهي ٿي. ان وقت بالڪنين ۾ بيٺل ترڪ عورتون مون کي لفٽ اندر ڦاٿل ڏسي ٽهڪ ڏينديون هيون ۽ پوءِ انهن ئي عورتن مان ڪا نيڪدل عورت لفٽ جي مستريءَ کي اطلاع ڪندي هئي، جيڪو پوءِ پراسرار انداز ۾ لفٽ کي وري چالو ڪري ڇڏيندوهو.
    جنهن ڏينهن آئون ازمير، ان اپارٽمينٽ ۾ سامان کڻي اچي رهيو هوس، ان بلڊنگ جي چوڪيدار مون کان پڇيو: ”ڇا توهان کي گهر جي ڪم لاءِ ڪنهن مائيءَ جي ضرورت آهي؟ آئون هڪ تمام سٺيءَ نوڪرياڻي جو بندوبست ڪري سگهان ٿو.“ هن جي راز سان ڳالهه ڪرڻ واري نموني مون کي گهڻو ڪجهه سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو.
    ترڪيءَ ۾ رهڻ دوران مون ترڪ نوڪرياڻين ۽ غيرملڪي غير شادي شده ماڻهن بابت آئون تمام گهڻيون دلچسپ پر ڏکويل ڪهاڻيون ٻڌي چڪو هوس. هڪ واقعو ته اهڙو آهي جنهن کي وسارڻ سان به آئون وساري نٿو سگهان. اسان جي ڪمپنيءَ ۾ هڪ جرمن نوجوان ڪم ڪيو ٿي. هو سنهو سيپڪڙو ۽ ڊگهو هو. شراب بدران پاڻي ٿي پيتائين. هن جي گهر جيڪا ڪم واري مائي آئي ٿي اها پنجاهه کن ورهين جي ٿيندي. هڪ ڏينهن هن چيو، سڀاڻي مون کي ڪم آهي، آئون اچي نه سگهنديس ڪم ڪار لاءِ پنهنجي بدران ڌيءَ کي موڪليندس.
    ٻئي ڏينهن ڪم تي هن جي ڌيءَ شيرين آئي. هو بيحد خوبصورت ۽ صحتمند هئي، جرمن نوجوان اڊولف کي هوءَ بيحد پسند اچي وئي. هن ڇوڪريءَ کي اها رات پاڻ وٽ ئي ترسائي ڇڏيو. صبح جو ڇهين وڳي شيرين جي ماءُ، هن جو پيءَ ۽ ڀائر هٿن ۾ رائفلون ۽ بندوقون کڻي فليٽ ۾ داخل ٿيا ۽ هن اڊولف کي شيرين سان شادي ڪرڻ لاءِ مجبورڪيو.
    منهنجي خيال ۾ هو وڏا احمق هئا. اڊولف سان ڏاڍ زبردستي ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه هئي. هو ته پهرين ئي شيرين کي پسند ڪري چڪو هو. ٻنهي جي شادي ڌوم ڌام سان ٿي. آئون به ان ۾ شريڪ ٿيو هوس. شاديءَ کانپوءِ هي جوڙو خوش خوش زندگي گهارڻ لڳو.
    مون عمارت جي چوڪيدارکي چيو ته جنهن نوڪرياڻي جي هو ڳالهه ڪري رهيو آهي ان سان منهنجي ملاقات ڪراءِ. ٻئي ڏينهن هو هڪ عورت کي پاڻ سان وٺي آيو. هو بندري قد جي جوان عورت هئي. چوڪيدار هن کي ڪمري اندر ٿيلهو ڏيئي مون طرف ڏنو ۽ پاڻ هليو ويو.
    هن عورت کي انگريزي نٿي آئي. پر مون کي هن سان ڳالهائڻ ۾ ڪابه رنڊڪ نه ٿي، ڇو ته هاڻ آئون چڱي خاصي ترڪي ڳالهائي سگهيس ٿي. مون هن کي پنهنجي اپارٽمينٽ جو معائنو ڪرائيندي چيو. ”آئون چاهيان ٿو جڏهن آئون ڪم تان واپس اچان ته مون کي پنهنجو اپارٽمينٽ صاف سٿرو ملي. ڪم جا وقت تون پاڻ ئي طئه ڪر ته تون ڪهڙي ڪهڙي وقت اچي سگهين ٿي. ڪم ختم ڪرڻ تي تون گهر وڃي سگهين ٿي.“
    ”ان کان علاوه مون کي ڇا ڪرڻو آهي.“ هن پچيو.
    ”ڪجهه نه، چوڪيدار کي مون ٻڌائي ڇڏيو آهي ته تنهنجو پگهار چار سؤ ليا آهي. هيءَ اٿئي گهر جي ڪُنجي.“
    ”اوڪي!“ هن انگريزيءَ ۾ مرڪندي چيو.
    ٻئي ڏينهن آئون جڏهن گهر پهتس ته هوءَ موجود هئي.ا ندر داخل ٿيس ته هوءَ ڊوڙندي آئي. مون اپارٽمينٽ جو جائزو ورتو. هن دل لڳائي صفائي ڪئي هئي. هر شيءِ پنهنجي جاءِ تي صحيح سلامت ۽ صاف سٿري رکي هئي.
    ”وڏي مهرباني!“ چڱو هاڻ شب بخير!“ مون چيو.
    ”بس. ٻيو ڪو ڪم؟“ هن پڇيو.
    ”نه. مهرباني، شب بخير!“
    ٻيو ڏينهن ڇنڇر جو هو. ڏهين وڳي آئون اڃا هنڌ تي ستو پيو هوس ته هو سڌو مون واري بيڊروم ۾ داخل ٿي. زور زور سان تاڙيون وڄائي چوڻ لڳي:
    ”اٿو. اٿو. ڏهه ٿي ويا آهن. اٿو اٿو.“
    مون کيس هٿ جي اشاري سان چيو ته هوءَ تيسين ٻئي ڪمري جي صفائي شروع ڪري. منهنجي ڪالهه واري رات ڪلب ۾ صحيح طرح نه گذري هئي. پنجين وڳي صبح جو موٽيوهوس ۽ ڇنڇر جو ڏينهن ئي هڪ اهڙو هوندو آهي، جنهن ڏينهن آئون دل ڀري ننڊ ڪري وٺندو آهيان. مونکي ننڊ ۽ آرام جي سخت ضرورت هئي هن منهنجي اشاري جي ڪا پرواهه نه ڪئي. تاڙيون وڄائي وڄائي وري زور سان چوڻ لڳي: ”اٿو! اٿو! صاحب ڏهه وڄي چڪا آهن.“
    مون کي باهه وٺي ويئي. خبر ناهي مون کي ڇو ايڏي چڙ اچي وئي. رڙ ڪري چيومانس هلي وڃ ڇوري هتان- هن فليٽ مان، هن بلڊنگ مان، هلي وڃ، ٽري وڃ.“
    هوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. هن مون ڏي هڪ نگاهه وڌي ۽ پوءِ ڪمري کان ٻاهر وٺي ڊوڙ پاتائين. مون کي پنهنجي ان برتاءَ تي شرم آيو. ننڊ به اکين مان اُڏامي چڪي هئي. آئون هنڌ تان اُٿيس. وهنجي سهنجي ڪپڙا بدلائي ٻئي ڪمري ۾ آيس ته ڏسان هيءَ اتي اوڇنگارون ڏئي روئي رهي هئي. مون هن کي ٻن هفتن جو پگهار اڳواٽ ڏيندي چيو ته ’آئون پنهنجي ڪئي تي سخت پشيمان آهيان ۽ هاڻ مون کي تنهنجي ضرورت ناهي. ڇو ته ڇنڇر جي ڏينهن مون کي پنهنجي ننڊ ۽ آرام وڌيڪ پيارو آهي.‘ هوءَ روئندي ٻن هفتن جو پگهار وٺي رواني ٿي وئي. بعد ۾ مون کي احساس ٿيو ته آئون هن کي سمجهائي به سگهيس ٿي، پر هاڻ ڇا ٿو ٿي سگهي. آئون هن کي نوڪريءَ مان ڪڍي چڪو هوس.
    ٻئي ڏينهن آفيس ۾ هڪ سيڪريٽري عورت مسز برائون مون کان پڇيو: ”ڇا توکي گهر جي ڪم لاءِ سٺيءَ نوڪرياڻيءَ جي ضرورت آهي؟“
    ”هن جي عمر ڇا ٿيندي؟“ مون جواب بدران سوال ڪيو مانس، جنهن جي مسز برائون کان ٿورو ڇرڪ نڪري ويو.
    ”جمي سٺ سالن جي ٿيندي. هوءَ تمام محنتي، سٺي ۽ ايماندار مائي آهي. ايندڙ هفتي اسان ترڪيءَ جو هي شهر ازمير ڇڏي رهيا آهيون. هوءَ اسان جي گهر ۾ ڪم ڪري ٿي. آئون چاهيان ٿي ته اسان جي لڏڻ کان اڳ هن کي ڪنهن سٺي گهر ۾ پورهيو ملي وڃي.“
    جمي جنهن جو اصل نالو جميلا هو، منهنجي اپارٽمينٽ ۾ آئي. هن کي ڏسي آئون اچرج ۾ پئجي ويس. هو تمام ٿلهي ۽ ڦيڦي هئي. هن جو قد ڪو پنج فوٽ هوندو ۽ ويڪرائي به ڪجهه ايتري ئي کڻي چئجي. هوءَ دروازي وٽ بيٺي هئي ۽ سڄو دروازو انساني گوشت سان ڀريل لڳي رهيو هو. مون هن کي وهڻ لاءِ چيو پر هو اندر اچي، بيٺي رهي. شايد ان جو سبب اهو به هجي ته ڪمري ۾ وهڻ لاءِ ڪا به اهڙي مناسب جاءِ نه هئي جنهن تي هو ويهي سگهي. ڪيترن ڏينهن کان صفائي نه ٿي هئي. چئني طرف رسالا، اخبارون، ٻوڙهاڻيون پليٽون، گلاس ۽ ٻيون شيون پکڙيون پيون هيون. ٿي سگهي ٿو سندس ٿولهه ڪري کيس اهو به ڊپ هجي ته جنهن ڪرسيءَ تي هوءَ وهڻ جي ڪندي اها ان ئي وقت چيڪاٽ ڪري ٻه اڌ ٿي پوندي.
    پگهار سان گڏ جڏهن ٻين جو به فيصلو ٿي ويو ته هن پنهنجو ڪوٽ لاٿو ۽ ان ئي وقت ڪم ۾ جنبي وئي. هن آهستي آهستي ڪم ڪيو ٿي، پر ڪلاڪ سوا اندر سبني ڪمرن جي صفائي ڪري هر شيءِ ڇنڊي ٺاهي صحيح جاءِ تي ڪري رکي. مون رڌڻي ۾ ڏسڻ نٿي چاهيو ڇو جو مون ٻاهر وڃي کائڻ چاهيو ٿي. هن جي محنت کي ڏسي مون چيو؛
    ”اڄ جي لاءِ ايتروڪم ڪافي آهي. باقي سڀاڻي اچي پورو ڪجانءِ.“
    ”پر رڌڻو، ٿانوَ ٿپا....“
    ”نه اڄ اهو سب ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت ناهي.. ڪم تي اچڻ ۽ وڃڻ جو وقت تون ئي مقرر ڪري ڇڏجانءِ. آئون فقط ايترو چاهيان ٿو ته گهر صاف سٿرو ڏسڻ ۾ اچي.
    ”صحيح آهي مسٽر جان! ائين ئي ٿيندو، شب بخير.“
    ”شب بخير، جمي.“
    جميءَ کي ڪم ڪندي هڪ هفتو گذري ويو. منهنجو گهر صاف سٿرو رهڻ لڳو. ريفريجريٽر ۾ ڏهاڙي تازي ڊبل روٽي نظر اچڻ لڳي. منهنجون قميصون ڌوتل ۽ استري ٿيل نظر اچڻ لڳيون. شام جو جڏهن آئون گهر موٽندو هوس ته ٻئي ڏينهن جي رڌ پچاءَ يا ڪم ڪار معلوم ڪرڻ لاءِ هوءِ منهنجي انتظار ۾ ويٺي هوندي هئي.
    جڏهن هن کي ڪم ڪندي پندرهن ڏينهن ٿي ويا ته مون کي مسز برائون جي ڳالهه تي سؤ سيڪڙو يقين ٿي ويو ته جمي بيحد محنتي، ايماندار ۽ سگهڙ نوڪرياڻي آهي.
    هن ۾ ڪجهه خاميون به هيون، پر اسان ۾ اهو ڪير آهي جنهن ۾ ڪا خامي نه هجي. هڪ شام جو جڏهن آئون دير سان گهر پهتس ته مون کي هٿن ڌوئڻ واري گينڊيءَ ۾ هڪ ڀڳل گلاس نظر آيو. هن جي بيپرواهيءَ تي مون کي تعجب لڳو، پر پوءِ جلد ئي،مون کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته هن ڀڳل گلاس اڇلي ڇو نه ڇڏيو. هن مون کي ٻڌائڻ چاهيو ٿي گلاس ڀڳو آهي، چوري نه ٿيو آهي. ٻيون ڪم واريون جن جو مون کي تجربو آهي. اهي ائين نه ڪنديون هيون. جيڪڏهن ڪا شيءِ ڀڄي پوندي هئي ته ٻڌائڻ بدران ان کي لڪائي ڇڏينديون هيون.
    مون اهو گلاس اتي ئي رهڻ ڏنو. ٻئي ڏينهن آيس ته اهو گلاس ڳنڍيو پيو هو. منهنجي پڇڻ تي جميءَ ٻڌايو: ”مسز برائون مون کي هڪ سالوشڻ سان ڀڳل شيشي کي ڳنڍڻ سيکاريو هو.“
    هوءَ تمام گهڻين خوبين جي مالڪ هئي. هن منهنجي هر ڳالهه جو خيال رکيو ٿي. گهر جي هر شيءِ هن جي نگاهه هيٺ رهي ٿي. آئون آفيس توڙي ڪلب ۾ جميءَ جي ڪم، محنت ۽ ايمانداريءَ جي واکاڻ ڪندو رهيس ٿي. اهو ٻڌي ٻين کي مون تي رشڪ آيو ٿي.
    ”سگريٽن جو هڪ وڏو دٻو نظر نه پيو اچي.“ هوءَ اوچتو مون کان سوال ڪندي هئي.
    ”ڪنهن نه کنيو آهي. اڄ آئون ئي ان کي آفيس کڻي ويو هوس.“
    ”۽ هو ڳاڙهي رنگ وارو ڪتاب به ٽيل تان غائب آهي.“ هن پچيو ٿي.
    ”ڪهڙي ڳاڙهي رنگ وارو ڪتاب؟“
    ”ڪالهه ته هتي ميز تي پيو هو.“ هن اشارو ڪري ٻڌايو ٿي.
    ”اهو ڳاڙهي رنگ وارو ڪتاب. هاڻ مون سمجهيو. اهو منهنجو نه هو. ان کي پڙهي واپس ڪري ڇڏيم.“
    هڪ ڏينهن شام جو مون کي هڪ ترڪ ڪاريگر کي پنهنجي اپارٽمينٽ ۾ سڏرايو، جنهن اسان جي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪيو ٿي. ٿانوَن ڌوئڻ واري گينڊي مان پاڻي ٽمي رهيو هو. هن ان جي مرمت ڪري ڇڏي. مون هن کي ڪجهه اجورو ڏيڻ چاهيو ته هن وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڪجهه سال اڳ مون کي ڪنهن هڪ سائي رنگ جو سئيٽر سوکڙيءَ طور ڏنو. آئون سئيٽر پائڻ پسند نٿو ڪريان. ڪٻٽ جي هيٺين خاني ۾ اهو پيو هو. اتان ڪڍي مون اهو سئيٽر هن ترڪ ڪاريگر کي تحفي طور ڏئي ڇڏيو. ان وقت جمي پنهنجو ڪم ختم ڪري وڃي چڪي هئي.
    ٻئي ڏينهن هن مون کان پڇيوِ: ”سائين هو سائي رنگ جو سئيٽر ڪيڏانهن ويو؟“
    آئون حيران به ٿيس ته خوش به. هن منهنجي هر شيءِ جي حفاظت ڪئي ٿي.
    ”ڪيڏانهن نه ويو آهي. مون ڪنهن کي تحفي ۾ ڏئي ڇڏيو آهي.“
    هوءَ محنتي ۽ ايماندار ته هئي، ڪم به تمام گهڻو ڪندي هئي. هيڏانهن آئون جيڪا قميص لاهيندوهوس ته هو ان ئي وقت ڌوئي ڇڏيندي هئي.
    ”جمي! تون اهو ڪم سڀاڻ به ڪري سگهين ٿي. چڱي دير ٿي چڪي آهي. گهر وڃي آرام ڪر.“ هڪ ڏينهن مون هن کي چيو ته هن وراڻيو:
    ”آئون گهر ۾ ڪٿي ٿي رهان مسٽر جان! هڪ ننڍڙو ڪمرو آهي، جنهن جي مسواڙ اڍائي سؤ ليرا آهي ۽ گهر جي مالڪ کي مسواڙ وڌائڻ جي لڳي رهي ٿي.“
    اهو ٻڌي مون کي ڏک ٿيو.
    ڪڏهن ڪڏهن هوءَ پنهنجي منهن ڳائيندي رهندي هئي. هڪ ٻه ڀيرا مون کيس پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي به ٻڌو.
    ”ڇا چئي جمي.“ مون پڇيو ٿي.
    ”ڪجهه نه. آئون پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي رهي هيس.“ هن جو جواب هوندو هو.
    هڪ ڏينهن گهر موٽيس ته جميءَ کي ڪمري جي فرش تي اڌ مئي حالت ۾ ليٽيل ڏٺم. آئون منجهي پيس. ههڙي صورت ۾ ڇا ڪريا. پوليس کي اطلاع ڪريان، ايمبولينس گهرايان؟ جمي کي هيٺ تائين ڪيئن لاهي سگهندس؟ ننڍڙي لفٽ ۾ هن جو ڳرو وجود ته پورو نٿي پيو. هوءَ ڏاڪڻين رستي مٿي ايندي هئي.
    پوءِ مون ڏٺوته گوشت جي ان ڍڳ ۾ ڪجهه ڪجهه چرپر آئي. آءٌ تڪڙو ٿي هن جي ڀرسان ويهي هن جو هٿ مهٽڻ لڳس. هن جي ٻئي هٿ ۾ هڪ پيچڪش مضبوطي سان جهليل هو.
    ”جمي جمي هوش ۾ اچ. مونکي ٻڌاءِ ته توکي ڇا ٿيو آهي؟“
    ”اوهه! مسٽر جان!“ هن آهستي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. مون ڪنهن طرح سان زور لڳائي هن کي اٿاري وهارڻ ۾ڪاميابي حاصل ڪئي پوءِ ڊوڙ پائي پاڻيءَ جو گلاس کڻي آيس. هو ڪنجهي رهي هئي.
    ”ٿوري وسڪي پي ڏس، طاقت اچي ويندءِ.“ مون هن کي صلاح ڏني.
    ”نه مسٽر جان! آئون شراب نه پيئندي آهيان.“ هن ڪڇيو.
    ”جمي ڀلا اهو ٻڌاءِ ته توکي ڇا ٿيو آهي؟“ مون پڇيو.
    هن پنهنجون اکيون گهمايون ۽ هٿ ۾ جهليل پيچڪش سان ڀت تي موجود هڪ سئچ بورڊ ڏي اشارو ڪيو. آئون يڪدم سمجهي ويس ته هن کي اليڪٽرسٽي جو شاڪ لڳو آهي. جنهن جي جهٽڪي ڪري هن جا. هي حال ٿيا آهن.
    غلطي منهنجي هئي. آئون جڏهن کان هن اپارٽمينٽ ۾ آيو هوس ته بجلي جي ٻن اگهاڙين تارن کي سئچ بورڊ اندر ڍڪرائي نه سگهيو هوس. بجليءَ جون هي تارون اسان کان اڳ هن گهر ۾ رهڻ وارا، ڀت واري لئمپ لاءِ استعمال ڪندا هئا. ويندي وقت هو لئمپ ڪڍي تارون کليل ڇڏي ويا. هڪ ڏينهن مون ارادوبه ڪيو ته انهن اگهاڙين ۽ کليل تارن کي ڪٽي ڇڏيان، پر پوءِ ڳالهه دل تان لهي ويم. مون کي ته اها به خبر نه هئي ته انهن ۾ اليڪٽرڪ ڪرنٽ موجود آهي يا نه. ويچاري جميءَ کي ان ڏينهن ڪوخيال اچي ويو ته انهن اگهاڙين تارن کي سئچ ۾ لڳائي ڇڏڻ کپي. تارن ۾ ڪرنٽ موجود هو. هن کي شاڪ لڳي ۽ فرش تي ڪِري پئي.
    مون کي جتي پنهنجي غلطيءَ جو سخت احساس ٿيو، اتي جميءَ جي فرض شناسي ۽ جان بچڻ تي تمام گهڻي خوشي به ٿي. ڪجهه منٽن بعد هن جي طبيعت سڌرڻ لڳي. هن کي اٿارڻ لاءِ مون هن جي مدد ڪئي ٿي ته مون کي منع ڪري پاڻهي زور لڳائي اٿي بيٺي.
    اهڙي طرح ڪيترائي مهينا گذري ويا. جمي منهنجي لازمي ضرورت ٿي پئي. آئون پارٽين ۽ آفيس ۾ اڪثر هن جي فرض شناسي جو ذڪر ڪرڻ لڳس. هڪ ڏينهن جڏهن هو پنهنجو ڪم ختم ڪري بس ڪيو ته هوءَ منهنجي ڪمري ۾ آئي.
    ”چئه جمي! ڇا ڳالهه آهي؟“
    مون اندازو لڳائي ورتو ته هوءَ ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر هن کان ڪڇيو نٿو ٿئي.
    ”چئه چئه جمي! ڇا ڳالهه آهي؟“ مون وري پڇيو مانس.
    ”آئون مرڻ واري آهيان- قبر ۾ وڃڻ چاهيان ٿي.“
    ”ڇا چئي؟“ هن جي ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه پئي آهي.
    ”آئون پنهنجي وطن ۾ مرڻ چاهيان ٿي، مسٽر جان! توکي شايد خبر نه هجي ته آئون ترڪيءَ جي ترڪ نه پر قبرصي ترڪ آهيان.منهنجو وطن قبرص (Cyprus) آهي، جنهن تي ڌارين جو قبضو آهي. منهنجي ماءُ، ڀاءُ، ڀيڻن- سڀني کي يونانين قتل ڪري ڇڏيو هو. آئون ڪنهن طرح پنهنجي جان بچائي ڪجهه ساٿين سڃاڻن سان گڏ ترڪي اچڻ ۾ڪامياب ٿي وئي هيس. هاڻ آئون پوڙهي ٿي چڪي آهيان. مرڻ واري آهيان. آئون پنهنجي وطن ورڻ ٿي چاهيان. منهنجي هڪ ويڳي ڀيڻ اوڏانهن رهي ٿي. آئون هن وٽ وڃي سگهان ٿي.“
    جميءَ جي ڳالهه ٻڌي آئون غمگين ٿي ويس. اڄ تائين هن مون کي اهو ٻڌايوئي نه هو ته هو پنهنجي وطن کان پري آهي ۽ هن جي وطن تي يونانين جو قبضو آهي. هن کي مون وٽ ڪم ڪندي لڳ ڀڳ ٻه سال ٿي چڪا هئا. آئون هن کي وڃڻ کان جهلي نٿي سگهيس.
    ”جمي! ٻڌاءِ ته تولاءِ آئون ڇا ٿو ڪري سگهان؟“
    ”مون وٽ پئسن جي کوٽ آهي.“ هن ڏڪندي ٻڌايو.
    ”ڪيترا پئسا گهٽ آهن؟“ مون کانئس پڇيو.
    هن جيڪا رقم ٻڌائي اها تمام معمولي هئي، هن جي پگهار جا پئسا پڻ مون کي ڏيڻا هئا. پگهار سميت مون کيس سندن ضرورت جا پئسا وڌائي ڏنا ۽ هوءَ هر هر منهنجو ٿورو مڃيندي رهي.
    ”جمي تو مون کان ڪا خاص رقم نه گهري آهي. ٻڌاءِ ته قبرص ڪڏهن وڃي رهي آهين؟“
    ”سڀاڻي“
    ”سڀاڻي؟“ مون حيرت مان پڇيو.
    ”ها، سڀاڻي هڪ ٻيڙيءَ رستي رواني ٿي رهي آهيان.ا ها هتان قبرض وڃي رهي آهي.“
    جميءَ منهنجي منهن ڏي ڏٺو. هن منهنجي ذهن ۾ ايندڙ خيالن جو اندازو لڳائي ورتو.
    ”نئين نوڪرياڻيءَ لاءِ توهان فڪرمند نه ٿيو. مسٽر جان! مون ان جو انتظام ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي هڪ ساهيڙي آهي جا منهنجي پاران تنهنجو ڪم ڪندي. توهان کي مون وانگر هن سان به ڪڏهن شڪايت پيدا نه ٿيندي.“
    آئون هن کي ڏسندو رهيس. هن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. هوءَ پنهنجيون ڪجهه هلڪيون ڦلڪيون شيون منهنجي اپارٽمينٽ ۾ ئي رکي ڇڏيندي هئي. اهي شيون هن منهنجي سامهون هڪ وڏي ڪاغذي بئگ ۾ وڌيون. آئون سمجهي ويس ته هو ائين ڇو ڪري رهي آهي. هن مون کي ڏيکارڻ چاهيون ٿي ته هو فقط پنهنجيون ئي شيون کڻي وڃي رهي آهي.
    وڃڻ جي گهڙي اچي وئي. هن پهريون دفعو مون سان هٿ ملايو ۽ هلڻ لڳي. ڪجهه قدم وڌڻ کانپوءِ هوءَ مڙي ۽ مون وٽ آئي. مامتا جهڙي شفقت سان هن منهنجي ڪلهن تي ٿڦڪي ڏني ۽ تکو تکو هلي وئي. آئون دير تائين ماٺ ۾ بيٺو رهيس.
    ٻئي ڏينهن اها نوڪرياڻي ڪم تي اچي وئي، جنهن کي جميءَ پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪرڻ لاءِ چئي وئي هئي. هن جي عمر به سٺ ورهيه کن ٿيندي. پر هوءَ سنهي سڪل ۽ ڊگهي هئي.
    ”تنهنجو نالو؟“ مون پڇيومانس.
    ”خَدي.“ هن وراڻيو.
    ”سڄو ۽ اصلي نالو ٻڌاءِ.“
    ”خديجه....“ هن جواب ڏنو.
    پگهار ۽ گهر ۾ ڪهڙو ڪم ڪار هن کي ڪرڻو آهي. اهو طئه ڪري هوءَ ڪم ڪرڻ لڳي. بس نالي جو ڪم ٿي ڪيائين ڪپڙا به ڪي خاص استري نٿي ڪيائين. گلاس تي به داغ رهجي ويا ٿي. مون کي هوءَ ڪا چڱي نه لڳي. ان جو سبب سندس ڪم ۾ ڪوتاهيون نه هيون، پر هن ۾ اها مامتا ۽ شفقت بنهه نه هئي، جنهن جو شديد احساس مون کي هاڻ جميءَ جي وڃڻ بعد ٿي رهيو هو.
    مون هن کي ٻئي هفتي ئي موڪل ڪرائي ڇڏي. ان ڏينهن مون کي جمي ڏاڍو ياد آئي. منهنجو گهر بي ترتيبيءَ جو شڪار ٿي ويو. ميرن ڪپڙن ۽ ٿانوَن جا ڍير لڳي ويا. گهر جي ابتڙ حالت ڏسي مون کي جمي ياد اچي وئي. ڪيتريون ئي راتيون اهڙيون به آيون جو آئون ڪنهن دوست جي گهر ۾ رهي ٿي پيس ۽ پنهنجي فليٽ نٿي آيس.
    ۽ پوءِ هڪ ڏينهن آئون پنهنجي گهر پهتس ته مون جميءَ کي ڏٺو. هوءَ منهنجي اپارٽمينٽ جي دروازي سان چيلهه لڳائي سهڪي رهي هئي.
    جمي! تون هتي؟“ بي اختيار منهنجي زبان مان نڪتو.
    ”اوهه مسٽر جان! اوه مسٽر جان!“ هن ڀڻڪيو- جيئن هن عادت موجب پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو ٿي.
    مون دروازو کوليو. هو اندر داخل ٿي.
    ”جمي! ڇا ٿيو؟ تون واپس ڪيئن اچي وئين؟“ مون بي صبري مان پڇيو.
    ”آئون پنهنجي اباڻي وطن پهتيس ته منهنجي ويڳي ڀيڻ نه هئي. خبر پئي ته هوءَ مري چڪي آهي. هاڻ آئون اتي ڪنهن وٽ رهي سگهيس ٿي. ڪير سهارو ڏئيم ها. سو آئون موٽي آئي آهيان.“ هن نهايت سادگيءَ سان پنهنجي روئداد ٻڌائي.. ڳالهه ختم ڪرڻ سان هن پنهنجو ڪوٽ لاهي هڪ طرف رکيو ۽ وري صفائي ۾ لڳي وئي. ان ڏينهن کان جيستائين منهنجي بدلي انقره نه ٿي جمي منهنجي گهر ۾ ڪم ڪندي رهي. جڏهن آئون انقره وڃڻ لڳس ته هن کي ڪئرنگٽن جي گهراڻي ۾ نوڪري وٺرائي ڏنم. مون کي اهو دلي اطمينان هو ته جمي سٺي گهراڻي ۾ڪم ڪندي. جمي مون کي ڍير دعائن سان گڏ انقره روانو ڪيو.
    مونکي انقره آئي هڪ سال ٿي چڪو هو ته مون کي ڪئرنگٽن وارن طرفان خط مليو.
    ڊيئرجان!
    جمي مري وئي، هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ ستي پئي هئي ته ستي ستي هن جو ساهه نڪري ويو. هن جي ساهيڙين اسان کي هن جي موت جي خبر ٻڌائي. مون کي بيحد افسوس ٿيو. آئون هن جو آخري ديدار ڪرڻ ويس. هوءَ بيحد سڪون ۾ نظر اچي رهي هئي. هو تمام سٺي ۽ تمام نيڪ روح هئي. اسان هن جي دفن ڪفن ۾ چڱي مدد ڪئي. هن جي قبر تي ڪتبو به لڳرايو. مون هن کان ڪيترائي دفعا پڇيو به هو ته هوءَ مون کي پاڻ بابت تفصيل سان ٻڌائي. بساهن فقط ايترو ٻڌايو هو ته هن جو پورو ۽ اصلي نالو جميلا آهن. اسان هن جي قبر تي لکرايو آهي:
    ”جميلا
    وفات 1965ع.“
    موت سڀني لاءِ آهي، پر اسين هن کي تمام گهڻو ياد ڪنداسين.“
    مسٽر ڪئرنگٽن.
    خط پڙهي آئون جهڙو ساڻو ٿي پيس. ها هن کي مرڻو ئي هو، پر ڪاش هوءَ جيڪر پنهنجي اباڻي وطن قبرص ۾ مري ها جنهن تي ڌارين جو قبضو آهي.ا ها عورت جيڪا ڌارين ۾ مامتا ۽ شفقت ورهائيندي هئي، ان کي پنهنجي وطن ۾ مرڻ لاءِ ٻه گز زمين به نه ملي.

    ”وفا جي پتلي“ ڪهاڻي دراصل هڪ انگريزي ڪتاب ‘Scotch and water’ جو هڪ باب آهي. هن ڪتاب (اسڪاچ ۽ وسڪي) جو مصنف جان ڊي ٽمپين آهي. پاڻ ڏهه سال کن ترڪيءَ ۾ رهيو ۽ جيڪي ڪجهه هن ڏٺو يا تجربو ٿيس ان جو احوال هن ڪتاب ۾ڏنو اٿس. ترڪيءَ جي ماڻهن جي نفسيات ۽ شخصيت، تهذيب ۽ قدر (Values) ٽمپين پنهنجي ڪتاب ۾ جنهن سهڻي ۽ فنڪارانه نموني سان ڏنا آهن، ان جو اندازو هن هڪڙي باب پڙهڻ سان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪو پنهنجي جاءِ تي هڪ ڪهاڻي پڻ آهي.. 


    حقيقتن جي ڄاڻ

    بوٽ ٺاهيندڙ موچي سائمن کي نه پنهنجو گهر هو ۽ نه زمين. هو هڪ هاريءَ جي جهوپڙيءَ ۾ رهيو ٿي. گذر سفر انهن چند ٽڪن مان ٿيندو هوس. جيڪو پورهئي بدران کيس اجورو مليو ٿي. انهن ڏينهن ۾ انسان جي پگهر ۽ پورهئي جي قيمت گهٽ، ڪڻڪ جو اگهه وڌيڪ، هو. جيڪي ڪجهه ڪمائيندو هو، پيٽ حوالي ٿي ويندو هوس. زال ۽ مڙس وٽ سيءَ کان بچڻ لاءِ فقط هڪڙو گرم ڪوٽ هو، جنهن کي هنن ٻنهي واري وٽيءَ تي پائي وقت ٿي پاس ڪيو. ڪوٽ ڪيترن هنڌان ڦاٽي چڪو هو ۽ نئون ڪوٽ ٺهرائڻ لاءِ هو گذريل سال کان رڍن جون کلون خريد ڪرڻ جو ارادو ڪري رهيو هو. هن دفعي سياري جي موسم شروع ٿيڻ کان اڳ هن ڪجهه رقم پاڇي ڪري رکي هئي. ٽي روبل زال جي پيتيءَ ۾ ٽاري رکيا هئا، ۽ اهڙا پنج روبل ۽ ويهه ڪوپڪ (سؤ ڪوپڪ هڪ روبل برابر ٿين ٿا) ڪجهه گراهڪن وٽ رهت هئس.
    هڪ ڏينهن صبح ساڻ هو کلون وٺڻ جي ارادي سان گهر کان ٻاهر نڪتو. قميص مٿان هن پنهنجي زال جي جئڪيٽ پاتي ۽ ان مٿان اهو اڊڙيل گرم ڪوٽ، کيسي ۾ ٽي روبل وڌائين. وڻ مان هڪ لڪڻ پٽي هٿ ۾ جهلي ۽ پوءِ نيرن ڪري هو پنهنجي مقصد پويان نڪتو. هن سوچيو..... گراهڪن کان جيڪڏهن هن کي پنج روبل ملي ويا ته ان ۾ هي ٽي روبل ملائڻ سان ڪم ٿي ويندو. آخر هو ان علائقي ۾ پهتو جتان اوڌر وصول ڪري هن کي کلون وٺڻيون هيون. هڪ هاري ته گهر ۾ ئي نه هو. ان جي زال وعدو ڪيو ته سندس اوڌر ٻئي هفتي ضرور موٽائي ڏيندا. البت ان جي ادائگي سندس مڙس ئي ڪندو. سائمن ٻئي قرضيءَ وٽ پهتو. هن قسم کڻي چيو ته مون وٽ ته هڪ پائي به نه آهي. ها ايترو آهي ته توکي جوتن جي مرمت جا ويهه ڪوپڪ ڏئي سگهان ٿو.
    هاڻ هن وقت کلون اوڌر تي وڍڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه هو. پر وڪڻڻ واري هن تي اعتبار نه پئي ڪيو. هن چيس، ”ميان ڏوڪڙ هٿ ڪري آءُ، پوءِ جيڪا کل وڻئي اها کڻي وڃ. اهو اسين ٿا سمجهون ته قرضين کان اوڌر واپس وٺڻ ڪيڏو مٿي جو سور آهي.“
    پئسن جي اوڳڙ واري هن چڪر ۾ سائمن کي هڪ ته اهي ويهه ڪوپڪ مليا ۽ ٻيو اڌ ڇنل بوٽ جيڪو هڪ هاري کيس ترو لڳائڻ لاءِ ڏنو.
    سائمن جي دل ئي ڀڄي پئي. هو سوچي نڪتو هو ته هنکي هٿن جي ڪيل پورهئي جو اجورو ملندو، پر هيڏي قرض مان کيس چوٿون حصو به نه ملي سگهيو. ويهن ڪوپن جو وودڪا (روسي شراب) پي گهر ڏي روانو ٿيو. ٿڌڪار ڪري هن تي شراب جي نشي چڱو اثر ڪيو ۽ هو سرور جي حالت ۾ هڪ هٿ ۾ ڇنل بوٽ ۽ ٻئي هٿ م جهليل لڪڻ پٽ تي ڄميل برف کي هڻندو جهونگاريندو ويو. رکي رکي پنهنجو پاڻ سان ڳالهايائين ٿي.
    ”مون وٽ ڪنهن جانور جي کل جو ڪوٽ ناهي ته ڇا ٿيو. جسم ۾ ته گرمي آهي. وودڪا ( روسي شراب) منهنجي جسم جي رڳ رڳ ۾ ڊوڙي رهي آهي. هاڻ مون کي ڪنهن به گرم ڪوٽ جي ضرورت ناهي. ان بنا به منهنجو گذر ٿي سگهي ٿو. البت زال ضرور وائڙي ٿي ويندي ۽ هن کي وائڙو ٿي وڃڻ به کپي. ڪيڏي ڏک جي ڳالهه آهي ته هڪ ماڻهو سڄو سڄو ڏينهن پورهيو ڪري ۽ موٽ ۾ هن کي اجورو نه ملي! اها به ڪا ڳالهه. جيڪڏهن تو هن ڀيري پئسا نه آندا ته تنهنجي کل ڇڪي وٺندس. ٻڌئي! ۽ منهنجي هٿان تون بچي وئين ته سمجهه ته تون وڏو خوش نصيب آهين. ڏس ته سهي، هو مون کي فقط ويهه ڪوپڪ ڏئي ٿو. انهن ويهن ڪوپڪن مان ماڻهو ڇا ٿو ڪري سگهي؟ شراب پي پنهنجي اندر جو غم هلڪو ڪري سگهي ٿو. چئي رهيو هو ته اڄڪلهه پئسي جي سوڙهه اٿم. هوندس مون کي ڇاهي؟ تو وٽ رهڻ لاءِ گهر آهي، ڍور ڍڳا آهن، الله جو ڏنو سڀ ڪجهه آهي. مون وٽ فقط اهو ڪجهه آهي، جيڪي ڪجهه منهنجي جسم تي آهي. توکي ته تنهنجي ٻنيءَ تان ڪڻڪ به ملي ويندي. پر مون کي اتي جي ڪڻي ڪڻي جو ملهه ڏيڻو ٿو پوي. آئون کڻي ڇا به سوچيان، فقط رکيءَ سکيءَ مانيءَ پويان هر هفتي منهنجي کيسي مان ٽي روبل نڪريو وڃن. ان کان علاوه ٻيون به ته گهرجون آهن. ڏيڍ ٻه روبل کائڻ لاءِ کپي. ان ڪري جيڪي ڪجهه تو وٽ منهنجي رهت آهي. اهاجلدي واپس ڪر ۽ وڌيڪ بڪ بڪ نه ڪر!“
    پنهنجي ئي خيالن ۽ سوچن جي وهڪ ۾ هو ان خانقاهه (گرجا گهر) تائين پهچي ويو هو جيڪو رستي جي ڪنڊ تي آهي. هن ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺو ته خانقاه جي پٺيان کيس اڇي رنگ جي ڪا شيءِ نظر آئي. شام جي اونداهي ڌنڌ ۾ هن کي خبر نه پئجي سگهي ته اهو ڇا آهي. هن دل ئي دل ۾ چيو: ”شايد ڍڳو آهي، پر نه هن جو مٿو ماڻهوءَ جهڙو ٿو لڳي. بلڪل اڇو کير جهڙو. پر هي ماڻهو هتي ڇا پيو ڪري؟“
    هو ان جي شيءِ جي ايترو ته پهچي ويو جو اها ھاڻ کيس بلڪل چٽيءَ طرح نظر اچي رهي هئي. هو ان کي ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو. اهو واقعي انسان هو. خبر ناهي جيئرو يا مئل، پر هو بلڪل اگهاڙو هو. خانقاه وٽ اونڌو منهن ڪريو پيو هو. غريب موچي ڊڄي ويو.
    هن کي ضرور ڪنهن قتل ڪيو آهي ۽ هن جا ڪپڙا لاهي هن کي هتي اگهاڙو اڇلي ويو آهي. جيڪڏهن آئون هن جي ويجهو ويندس ته پوليس ٿاڻي تي مون ئي وٺي هلندا.“ هن پنهنجي منهن چيو ۽ پوءِ ڪجهه دير بيهي سوچيندو رهيو ۽ پوءِ هلڻ لڳو. هو ان خانقاه وٽان نظر بچائي هلڻ لڳو. جيئن اهو ماڻهو هن کي ڏسي نه وٺي. ٿورو اڳيان هلي هن مڙي ڏٺو. هو ماڻهو هاڻ اونڌي منهن زمين تي ليٽڻ بدران پلٿي ماري ويٺل هو. شايد هن ڏي ڏسي رهيو هو. موچي ويتر ڊڄي ويو. ”آئون هن وٽ وڃان يا نه؟“ هن سوچيو، ”ويجهو وڃي ڪٿي ڪنهن مصيبت ۾ نه ڦاسي پوان! خبر ناهي ڪير آهي! هو هتي ڪنهن سٺي نيت سان ٿورو ئي آيو هوندو. ٿي سگهي ٿو ٽپ ڏيئي مونکي چهٽي وڃي ۽ گهٽو ڏئي منهنجو ساهه ڪڍي ۽ مون لاءِ ڀڄڻ ڏکيو ٿي پوي. ائين نه ٿئي ته هو مون لاءِ بار ٿي پوي. آئون ههڙي اگهاڙي ماڻهوکي ڇا ٿو ڪري سگهان؟ مو وٽ ته هن کي ڏيڻ لاءِ ڪپڙا ئي منهنجي ڪل ڪائنات آهن. خدائي آهي جيڪو مونکي هتان بچائي سگهي ٿو.
    موچي وڏيون وڏيون ٻرانگهو ڀري هلڻ لڳو ۽ خانقاه کان ڪافي پري نڪري ويو. امالڪ هن کي پنهنجي ضمير ٽوڪيو ۽ هو بيهي رهيو.
    ”سائمن! ڇا پيو ڪرين؟“ هن پنهنجو پاڻ چيو.
    ”ٿي سگهي ٿو هو ويچارو سورن جو ستايل هجي ۽ هن کي ڪنهن مدد جي ضرورت هجي. تون هن وٽان کسڪي نڪتو آهين. ڇا تون ايڏو امير ٿي ويو آهين جو توکي چورن ڌاڙيلن جو ڊپ ٿو لڳي. سائمن! افسوس آهي توتي.“
    هو اهو سوچي موٽيو ۽ سڌو ان ماڻهوءَ وٽ آيو. سائمن، هن ڌارئين ماڻهوءَ کي غور سان ڏسڻ لڳو. هي هڪ صحتمند نوجوان هو. هن جي جسم تي ڪنهن به رهنڊ يا رانڀوٽي جو نشان هو. البت هو سيءَ کان ڏڪي رهيو هو ۽ بيحد گهڻي ڊپ ۾ هو. هن نگاهون مٿي کڻي سائمن ڏي نهاريو پر پاڻ ائين ڪنڌ جهڪائي ويٺو رهيو. سائمن ٻه چار وکون ٻيون کڻي هن جي ويجهو آيو. اجنبي ڄڻ ننڊ مان سجاڳ ٿيو. هن هڪ دفعو اکيون ڇنڀي پوءِ سائمن ڏي نماڻين اکين سان نهاريو. سندس ان ادا سائمن جي ڄڻ دل جيتي ڇڏي. هن هٿ ۾ جهليل بوٽ هن اڳيان رکيو ۽ پوءِ پنهنجو ڪوٽ لاهي هن کي پائڻ لاءِ ڏنو.“ وڌيڪ ڪڇڻ جو وقت ناهي. اچي، جلدي جلدي هي پاءِ.“
    سائمن هن کي هٿن کان جهلي اُٿاري بيهاريو. هن ڏٺو ته نوجوان جو جسم صاف سٿرو ۽ صحيح سلامت هو. هن ڪوٽ نوجوان جي ڪلهي تي رکيو، پر هو ڪجهه اهڙو ته بدحواس لڳي رهيو هو جو هن کي ڪوٽ جون ٻانهون ئي نه پئي مليون. سائمن هن جا هٿ جهلي ڪوٽ جي ٻانهن ۾ وڏا ۽ بٽڻ لڳائي اڳٽ جهڙي رسي سان ڪوٽ کي سوگهو ڪيو، پوءِ پنهنجي ڦاٽل ٽوپي لاهي، نوجوان جي حوالي ڪرڻ ٿي چاهي ته سخت سيءَجي لهر ۾ سندس اگهاڙو مٿو برف ٿي ويو. هن سوچيو: ”آئون ته بلڪل گنجو آهيان ۽ هن جا ڊگها ۽ گهنڊيدار وار آهن.“ هن پنهنجي ٽوپي واپس پنهنجي مٿي تي کڻي رکي. پوءِ وري خيال آيس ته گهٽ ۾ گهٽ هن جا اگهاڙا پير ڍڪڻ کپن.... هن کيس پيرن ۾ مرمت لاءِ کنيل بوٽ پارايو ۽ چيو؛ ”ڏس دوست! هاڻ تون سرديءَ کان ڪجهه نه ڪجهه بچي وئين ۽ سولائيءَ سان هلي چلي سگهين ٿو. صحيح ٿو چوان نه؟“
    نوجوان بنا ڪجهه ڪڇڻ جي بيٺو رهيو ۽ پنهنجين معصوم نگاهن سان سائمن موچي کي ڏسندورهيو......
    ”تون ڳالهائين ڇو نٿو؟“ ”سائمن چيو، ”هتي بيٺي بيٺي ته سڪي سوڪ ٿي ويندين. ڪمزور آهين ته هي وٺ لڪڻ، سهاري جو ڪم ڏيندءِ. هاڻ هل جلدي ڪر. سيءَ تمام گهڻو آهي.“
    نوجوان سائمن جي قدم سان قدم ملائي هلڻ لڳو. هلندي هلندي سائمن پڇيس:
    ”ميان، ڪٿي جو رهاڪو آهين؟“
    ”آئون هن پَٽَ جو نه آهيان!“ هن جواب ڏنو.
    ”منهنجو خيال به اهوئي آهي. آئون هن علائقي جي ماڻهن کي چڱيءَ طرح سڃاڻان، پر تون هتي خانقاه ۾ڪيئن پهتين؟“
    ”آئون نٿو ٻڌائي سگهان.“
    ”ڪنهن توتي ظلم ڪيو آهي؟“ سائمن پڇيس.
    ”نه، مون تي ظلم ڪنهن نه ڪيو آهي. مون کي خدا سزا ڏني آهي.“
    ”ها اهو سچ آهي ته خدا ئي اسان جو حاڪم آهي، پر توکي ته مانيءَ جي به ضرورت آهي ۽ مٿو لڪائڻ جي جاءِ جي به. ڪيڏانهن وڃڻ جو ارادو اٿئي؟“
    ”مون لاءِ سڀ جڳهيون هڪ جهڙيون آهن!“ نوجوان چيو.
    سائمن حيران هو ته نوجوان نه ته غنڊو يا داداگير ٿي لڳو ۽ نه وري سندس ڳالهائڻ جو طريقو ڪميني قسم جو هو. تنهن هوندي به هن پنهنجو اتو پتو نٿي ڏنو. ”ڪهڙي خبر ويچاري سان ڪهڙو حادثو پيش آيو آهي!“ هن دل ئي دل ۾ سوچيو ۽ وڏي آواز ۾چيو:
    ”اچ پوءِ منهنجي گهر هليو آءُ. گهٽ ۾ گهٽ سيءَ کان ته بچي پوندين.“
    سائمن هن کي وٺي پنهنجي گهر جي راهه اختيار ڪئي. اجنبي هن سان گڏ وک وک کڻندو هليو. هوا تيز ٿي وئي هئي. سائمن جي جسم تي فقط هڪ قميض رهجي وئي هئي. سيءَ ڪري هن جا ڏند وڄڻ لڳا. هن تان وودڪا شراب جو نشو به هاڻ لهي چڪو هو ۽ جسم ڄڻ ته چيلهه وٽان ڪپجي ٻه اڌ ٿي رهيو هوس. هو سيسڙاٽ ڀريندي سوچڻ لڳو: ”آئون ته رڍن جون کلون خريد ڪرڻ ويو هوس. اهي ته خريد نه ڪيم، ماڳهين پنهنجو ڪوٽ به لاهي ٻئي کي ڏئي ڇڏيم ۽ گهر ۾مفت جو هڪ بيڪار ۽ نڪمو ماڻهو وٺيو پيو اچان. ميٽرينا ڏسندي ئي ڦاٽڻ شروع ڪندي.“ زال جو خيال ايندي ئي هن جي جسم ۾ غم جي لهر ڊوڙي وئي. پر جيئن ئي اجنبي تي نظر پيس ته هن کي هن جون اهي معصوم نگاهون ياد اچي ويون، جن سان هن خانقاه ۾ ويٺي ويٺي هن ڏي نهاريو هو. بيوسي ۽ لاچارگيءَ واريون نگاهون. لطف ۽ ڪرم جون طلبگار نگاهون ان ياد سان هن جي اندر ۾ ڄڻ گل ٽڙي پيا.
    سائمن جي زال ان ڏينهن هر شيءِ پهرين ئي تيار ڪري رکي هئي. هن ڪاٺيون چيري ڇڏيون هيون. پاڻي ڀري ڇڏيو هو. هن ٻارن کي کارائي پياري ۽ پاڻ به کائي پي ڇڏيو هو- بس مانيءَ جي ڪي ڀور بچيل هئا ۽ ميٽرينا اهو ويٺي سوچيو ته سائمن پڪ ڳوٺ مان کائي نڪرندو ۽ هي مانيءَ بور سڀاڻي ڪم اچي ويندا.“ هن مانيءَ جو هڪ هڪ ٽڪرو هٿ ۾ کڻي هن جي ڳرائي محسوس ڪئي ۽ پوءِ پنهنجي منهن ڀڻڪڻ لڳي؛ ”هڪ هڪ ٽڪر ڪافي رهندو. پٺيان ڪي ٻه چار لپون اٽي جون وڃي بچيون آهن. جمعي تائين هنن ٽڪرن تي گذارو ٿي سگهي ٿو.“
    هن ماني دٻڪين ۾ ڍڪي کاري هيٺ رکي ۽ پوءِ مڙس جي ڦاٽل قميص کڻي هن کي چتيون هڻڻ لڳي. سُئيءَ جا کڻ هڻندي هڻندي هن کي مڙس جو خيال آيو.
    ”ڪٿي ڪنهن جي ڳالهين ۾ اچي ڦاسي نه پيو هجي، آهي صفا موڳو. هڪ ٻار به کيس بيوقوف ٺاهي سگهي ٿو. اٺ روبل چڱي وڏي رقم آهي. ڪوٽ خريد ڪري وٺي ته سٺو آهي. رنڱيل کلون وٺڻ کان به سنئون سڌو هڪڙو عمدو ڪوٽ وٺي ڇڏي! گذريل سال سياري ۾بناڪوٽ جي ڏاڍي تڪليف ٿي هئي. آئون نه ته درياهه تي وڃي سگهيس ٿي نه ڪنهن ٻئي هنڌ. هن کي ٻاهر وڃڻو هوندو هو سو سڀ ڪجهه هوئي پائي ويندو هو ۽ منهنجي پائڻ لاءِ ڪجهه به نه بچندو هو. چڱي دير ٿي وئي آهي. هن کي هيستائين گهر ۾ اچي وڃڻ کپي.ا هو ڊپ اٿم ته ڪٿي هو پيئڻ نه ويهي رهيو هجي.“ ڇڙواڳ خيال هن جي دماغ ۾ اڳيان پٺيان ڊوڙي رهيا هئا. اوچتو در وٽ هن جي قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ ڪو اوپرو ماڻهو اندر داخل ٿيو. ميٽرينا سبڻ بند ڪري سئي قميص ۾ ٽنبي اٿي غور سان ڏسڻ لڳي ته ڪير آهي. هاڻي ٻيو به اندر گهڙيو جيڪو سندس مڙس سائمن هو. ڌارئين ماڻهوءَ جو مٿو اگهاڙو هو ۽ پير ۾ ڇنل جوتا هئس. ميٽرينا هڪ ئي نظر سان سمجهي وئي ته سندس مڙس شراب جي ڌپ ۾ ڇانيو پيو آهي.
    ”اهائي ڳالهه ٿي نه، شراب ۾ ڌت ٿيو پيو اچي!“ هن دل ئي دل ۾ چيو ۽ پوءِ جڏهن هن ڏٺو ته هو بنا ڪوٽ جي آهي ۽ فقط جئڪيٽ جسم تي اٿس ۽ ڪڇ ۾ به ڪا هڙٻڙ نه اٿس ته هوءَ ٽٻيءَ ۾ پئجي وئي. هن جو مٿو افسوس کان جهڪي ويو ۽ دل نااميدي جي عالم ۾ ڀُرڻ لڳي.
    ”سڀ پئسا شراب ۾ ٻوڙي آيو آهين.“ هن ڀڻڪڻ شروع ڪيو، ”۽ پاڻ سان گڏ هڪ لچي کي گهر ۾ وٺي آيو آهين.“
    ميٽرينا هڪ طرف ٿي هنن کي رستو ڏنو. هو جهوپڙيءَ ۾ گهڙيا. پوءِ هوءَ هنن جي پٺيان پٺيان اندر آئي. هن ڏٺو ته اجنبي جي جسم تي هن جي مڙس جو ڪوٽ هو. ڪوٽ جي هيٺان ڪا قميص نه هئي. اجنبي جهوپڙيءَ ۾ گهڙي، هڪ هنڌ خاموش اکيون جهڪائي بيهي رهيو.
    ”ضرور ڪو بدمعاش آهي!“ ميٽرينا دل ۾ چيو، ”شايد ڊڄي ويو آهي!“ هن اجنبيءَ ڏي گهوري ڏٺو ۽ پوءِ چلهه جي ويجهو وڃي بيٺي.
    ”ميٽرينا چپن ۾ ئي بڙ بڙ ڪئي ۽ ائين ئي پٿر وانگر چلهه وٽ بيٺي رهي. بس هنن ٻنهي ڏي واري وٽيءَ تي ڏسي پوءِ انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيائين.
    سائمن سمجهي ويو ته زال سخت ڪاوڙ ۾ آهي، پر اهو ظاهر ڪرڻ لاءِ ته هن ڪجهه نه ڏٺو، اجنبيءَ کي ٻانهن کان جهلي چيو: ”ويهو ڀائو، ڪجهه کائي وٺون.“
    اجنبي به کٽ تي ويهي رهيو.
    ”ڪجهه وڌيڪ اٿئي يا نه؟“ سائمن وري پڇيو.
    ميٽرينا ڪاوڙ ۾ باهه ٿي وئي:
    ”ها رڌيو اٿم پر تولاءِ نه. شايد تنهنجو عقل شراب سان گڏ وهي ويو آهي! تون ته ڪوٽ لاءِ کلون وٺڻ ويو هئين ۽ آيو اهڙي حالت ۾ آهين جو تنهنجي بدن تي پراڻو پاتل ڪوٽ به ڪونهي ۽ پاڻ سان گڏ ٻيو به هٽو ڪٽو وٺي آيو آهين. تو جهڙن آلين موالين لاءِ مون وٽ ڪا کائڻ پائڻ جي شيءِ ڪانهي!“
    ”بس ميٽرينا بس، زبان اجائي نه هلاءِ. گهٽ ۾ گهٽ اهو ته پڇ ته هي آهي ڪير؟“
    ”هي ماڻهو ڪير آهي؟“
    سائمن کيسي ۾هٿ وجهي، ٽن روبلن جا نوٽ ڪڍي زال جي هٿ تي رکيا: ”هي وٺ پئسا! ٽريفونوف اڃا ڪجهه نه ڏنو. البت وعدو ڪيو اٿائين ته هو اوڌر واري رقم جلد ادا ڪندو.“
    ميٽرينا جي ڪاوڙ جو پارو اڃا مٿي چڙهي ويو. هڪ ته بيوقوف کلون نه آنديون ۽ ٻيو ڪوٽ هڪ اگهاڙي کي پارائي گهر وٺي آيو آهي ۽ هاڻ مانيءَ جو ٿو پڇي. هن جهپ هڻي ميز تان نوٽ کڻي ورتا ۽چيو:
    ”مون وٽ توهان لاءِ ڪا ماني ٽڪي ڪانهي. اسان دنيا جهان جي شرابين ۽ اگهاڙن جي پيٽ پالڻ جو ڪو ٺيڪو ڪونه کنيو آهي....“
    ”ميٽرينا پنهنجي زبان کي لغام ڏي! پهرين ٻڌي ته وٺ هي ڪير آهي؟“
    ”آئون صحيح چوندي هيس ته تو جهڙي شرابيءَ سان شادي نه ڪنديس. ريشمي ڪمپڙي جو تاڪيو جيڪو منهنجي ماءُ مون کي ڏيج ۾ڏنو هو،اهو به تو شراب ۾ ضايع ڪري ڇڏيو ۽ هاڻ ڪوٽ خريد ڪرڻ وئين ته سڀ پئسا شراب پٺيان اڏائي آئين.“
    ”مون ته فقط ويهه ڪوپڪ خرچ ڪيا آهن،“ سائمن پنهنجي زال کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ”۽ هي ويچارو اجنبي.....“
    پر ميٽرينا هن جي هڪ به نه ٻڌي. هن جي زبان ڪئنچيءَ وانگي هلندي رهي ۽ پوءِ هن ڏهه سال پراڻا دفنايل مڙدا ڪڍي ٻاهر ڪيا.
    ڳالهائيندي ڳالهائيندي ميٽرينا سائمن تي وار ڪيو ۽ هن کي قميص جي ٻانهن کان جهلي پڇيو:
    ”منهنجي جئڪيٽ هينئر جو هينئر مون کي لاهي ڏي. اها ئي ته منهنجي سڄي ملڪيت آهي. تون هميشه ان کي پائيندو وتين. واپس ڏي مون کي لالچي ڪتا، توتي ته ڪا الله جي مار پوي!“
    سائمن جئڪٽ کي ڇڪي لاهڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا ميٽرينا کانئس وٺي دروازي ڏي وڌي.... پر پوءِ وڌندي وڌندي ترسي پئي. هن کي پنهنجي ڪئي جوافسوس ٿيو ۽ هن غصو پي وڃڻ ٿي چاهيو. پر .... پر هي اجنبي ڪير آهي، آخر ڪا ته خبر پوي! هوءَ سوچڻ لڳي ۽ پوءِ هڪدم چيو: ”جيڪڏهن هي ڪو شريف انسان هجي ها ته ائين اگهاڙو نه هجي ها!ٰ هن جي بدن تي ته قميص به ڪانهي. هي ماڻهو جيڪر چڱو آهي ته ٻڌاءِ توکي ڪٿي مليو؟“
    سائمن جواب ڏنو: ”اهوئي ته آئون توکي ٻڌائڻ چاهيان ٿو. هي مونکي واپس ايندي وقت خانقاه ۾ مليو. غريب الف اگهاڙو سيءَ ۾ ڏڪي رهيو هو. خدا کڻي مون کي هن ڏي موڪليو نه ته هي وڃي ٻئي جهان کان نڪري ها. مان ڪپڙا ڍڪائي هيڏي وٺي آيو آهيانس. ميٽرينا، اجايو خفي نه ٿي. خفو ڪرڻ گناهه آهي. اهو نه وسار ته اسان سڀني کي هڪ ڏينهن مرڻو آهي.“
    چڙ وارا لفظ ميٽرينا جي زبان تي ايندي ايندي ترسي پيا. هن جي نظر اجنبيءَ تي وڃي پئي، جيڪو کٽ تي ماٺ ڪريو هڪ هنڌ نماڻين اکين سان ڏسي رهيو هو. ”ميٽرينا تنهنجي دل ۾ خدا جي محبت ناهي؟“ سائمن چيو. ميٽرينا تي هن جي انهن لفظن عجيب اثر ڪيو. هن جي نظر اجنبي تي پئي ۽ دل پاڻي ٿي ويس. هوءَ دروازي وٽ وري موٽي آئي، هن چلهه تان ماني کنئي. ميز تي رکيل هڪ گلاس ۾ شربت ٺاهيو ۽ مانين جا ٽڪر ڪڍي ڪانٽن ڇرين سان گڏ رکيا ۽ چيو: ”اچوماني کائو.“
    ”ڀاءُ اچ، تون به ويهه.“ سائمن اجنبيءَ کي دعوت ڏني. سائمن ماني جا ٽڪرا وڌيڪ ننڍا ڪري پاڻيءَ جهڙي ڇڊيءَ رس ۾ پُسايا ۽کائڻ شروع ڪيو. ميٽرينا ڪنڊ ۾ مٿي تي هٿ ڏيئي اجنبي کي ويٺي ڏٺو. هن جي دل ۾ هر وقت رحم جا جذبا پيدا ٿي رهيا هئا. هاڻ هن کي هي اجنبي سٺو ماڻهو لڳي رهيو هو. اتي اوچتو ئي اوچتو اجنبيءَ جو منهن چمڪڻ لڳو ۽ هن اکيون مٿي کڻي ميٽرينا ڏي ڏٺو ۽ پنهنجي منهن مرڪيو. هنن ماني کائي بس ڪئي ته ميٽرينا سندن اڳيان ٿانوَ کنيا ۽ پوءِ اجنبيءَ سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي:
    ”ڪٿي جو رهڻ وارو آهين؟“ هن چيو.
    ”آئون هن علائقي جو نه آهيان.“
    ”پر هتي ڪئين پهتي؟“
    ”معاف ڪجو محترمه، آئون ڪجهه ٻڌائڻ کان لاچار آهيان.“
    ”ڪنهن توکي ڦريو لٽيو آهي؟“ ميٽرينا پڇيو.
    ”خدا مون کي سزا ڏني آهي!“ اجنبيءَ وراڻيو.
    ”۽ تون هتي اگهاڙو پيو هئين؟“
    ”ها اگهاڙو ۽ سيءَ ۾ ڏڪي رهيو هوس. سائمن مون تي ترس کائي مون کي پنهنجو ڪوٽ پارايو ۽ پاڻ سان وٺي آيو. تو مون کي ماني کارائي آهي ۽ مون تي رحم ڪيو آهي. ان جي جزا توهان کي خدا ڏيندو.“
    ميٽرينا اٿي ۽ سائمن جي اها قميص کڻي اجنبيءَ کي ڏني جنهن کي ٿوري دير اڳ چتيون لڳائي رهي هئي. هوءَ هڪ پتلون به کڻي آئي.
    ”هي وٺ قميص ۽ پتلون. انهن کي پائي ڇڏ ۽ جتي وڻئي آرام ڪر- چلهه وٽ يا ڀر واريءَ ڪوٺيء ۾.“
    اجنبيءَ ڪپڙا پاتا ۽ پوءِ ڪوٺي ۾ ليٽي پيو. ميٽرينا ڏيو گل ڪري ڇڏيو ۽ ڪوٽ کڻي پنهنجي مڙس وٽ چلهه جي ويجهو وڃي ليٽي. سيءَ کان بچڻ لاءِ هن پنهنجي مٿان ڪوٽ ورائي ڇڏيو. پر ننڊ سندس اکين کان ڄڻ ڪي ڪوهه پري هلي وئي هئي. هوءَ هر هر اجنبيءَ جو خيال اچڻ تي سوچڻ ۾ غرق ٿي وئي ٿي.ا وچتو هن کي ياد آيو ته مانيءَ جو آخري ڀور به ختم ٿي چڪو آهي. هاڻي هوءَ سڀاڻي ڇا ڪندي! ۽ هن کي ان جو به ڏک ٿي رهيو هو ته قميص ۽ پتلون به هن کي ڏئي ڇڏيم. پر پوءِ اجنبي جي مرڪ ڄڻ کنوڻ وانگر هن جي دماغ تي واسو ڪري وئي ۽ ميٽرينا باغ بهار ٿي وئي. هوءَ دير تائين جاڳندي رهي. هن ڏٺو ته هن جو مڙس به جاڳي پيو.
    ”سائمن.“ هن ڌيرج سان سڏ ڪيو.
    ”جي! سائي،من وراڻيو.
    ”مانيءَ جو آخري ٽڪرو به ختم ٿي ويو آهي ۽ گهر ۾ اٽي لپ به نه آهي. سڀاڻي جو ڇا ٿيندو! شايد ٿورو اٽو مارٿا کان اوڌر تي ملي وڃي.“
    ”حياتي رهي ته کائڻ لاءِ به ڪجهه نه ڪجهه ملي ويندو.“
    عورت ٿوري دير ماٺ ڪري، ليٽي رهي، پوءِ چيائين:
    ”ماڻهو ته ڀلو ٿو لڳي، پر هو ٻڌائي ڇو نٿو ته ڪير آهي؟“
    ”شايد ڪو ڪارڻ هوندو.“ سائمن چيو.
    ”سائمن! ڪجهه دير بعد ميٽرينا وري پنهنجي مڙس کي سڏ ڪيو.
    ”جي!“
    ”اسين ته ماڻهن کي ڏيندا رهون ٿا. پر هو اسان کي ڇو نٿا ڏين؟“ ميٽرينا چيو.
    سائمن هاڻ ان جو ڪهڙو جواب ڏئي! ”هاڻ ماٺ به کڻي ڪر!“ هن چئي پاسو ورايو ۽ ٻيءَ گهڙي کونگهرا هڻڻ لڳو.
    سائمن صبح جو سوير اٿي ويٺو. ٻار اڃا ستا پيا هئا. هن جي زال پنهنجي پاڙيسرياڻيءَ کان اٽو وٺڻ هلي وئي هئي. اجنبي اڪيلو کٽ تي ويٺو هو. هو پراڻي قميص ۽ پتلون ۾ هو ۽ نظرون مٿي کپائي ڏسي رهيو هو. هن جو چهرو ڪالهه جي مقابلي ۾ زياده روشن ۽ کُليل هو.
    ”ڏس دوست!“ سائمن هن کي چيو، ”پيٽ لاءِ ڪاٺين ڇوڏن جي ضرورت آهي ۽ اگهاڙي بدن لاءِ ڪپڙي جي. ماڻهوءَ کي زندگي گذارڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوي ٿو. تون ڪو ڪم ڪري سگهين ٿو؟“
    ”نه، مون کي ڪو ڪم نٿو اچي.“
    سائمن اچرج ۾ پئجي ويو. پر چيو:
    ”جيڪڏهن ڪو سکڻ چاهي ته هن لاءِ هر ڪم سولو آهي.“
    ”جيڪڏهن ماڻهو ڪم ڪن ٿا ته آئون به ڪندس.“
    ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
    ”مائيڪل.“
    ”چڱو ته مائيڪل! جيڪڏهن تون پاڻ بابت ڪجهه ٻڌائڻ نٿو چاهين ته نه سهي، پر توکي پنهنجي لاءِ روزي ضرور ڪمائڻي پوندي. منهنجي چوڻ مطابق ڪم ڪندين، ته آئون توکي رهڻ لاءِ جاءِ به ڏيندس ته کائڻ لاءِ ماني به.“
    ”الله توکي جزا ڏيندو! تون جيڪي ڪجهه مون کي سيکاريندين اهو سکي وٺندس. مون کي ڪم ٻڌاءِ.“
    سائمن جوتا ٽانڪڻ جي ڏور کنئي ۽ پنهنجي آڱوٺي جي چوڌاري ويڙهي ٻٽي ڪرڻ لڳو. ”هي ڪم تمام سولو آهي.... ڏس!“ هن چيو.
    مائيڪل غور سان ڏور ٺهندي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ پاڻ به ائين ڪرڻ لڳو. سائمن هن کي پوءِ ٽانڪو هڻڻ سيکاريو ۽ مائيڪل بنا ڪنهن تڪليف جي اهو ڪم به جلدي سکي ويو. هاڻ هن کيس کل کي چيرڻ ۽ ان جا وار اندر ڪري سبڻ سيکاريو ۽ مائيڪل اهو به سکي ويو. سائمن جيڪو ڪم ڏسيو ٿي، مائڪل جهٽ پٽ اهو ڪري ڏيکاريو ٿي. ٽن ڏينهن اندر هو جوتن ٺاهڻ جو اهڙو ته سٺو ڪاريگر ٿي ويو، ڄڻ سالن کان هو اهو ڪم ڪندو رهيو هجي. هو بنا ڪنهن آرام جي هر وقت ڪم ۾ رڌل رهيو ٿي. ماني به گهٽ ٿي کاڌائين. ڪم ختم ٿيڻ تي چپ چاپ پٺيءَ ڀر سڌو ليٽي آسمان ڏي نهاريندو رهيو ٿي. هو ٻاهر تمام گهٽ نڪتو ٿي. ڪنهن شيءَ جي ضرورت پيس ٿي ته گهرايائين ٿي. هڪ ڳالهه ضرور هئي ته هو نه کليو ٿي نه ڪنهن سان چرچو ڀوڳ ڪيائين ٿي. ان پهرين ڏينهن واري مرڪ کانپوءِ ڪنهن به هن کي مرڪندي نه ڏٺو.
    ڏينهن پويان ڏينهن گذرندا ويا. اهڙي طرح اچي سال پورو ٿيو. مائيڪل هڪ تمام سٺو موچي ٿي ويو ۽ سندس نانءُ ڏيهان ڏيهه پکڙجي ويو. هڪ هڪ جي وات تي اهوئي هو ته سائمن جي ڪاريگر جهڙا عمدا ۽ مضبوط بوٽ ڪوبه نٿو ٺاهي. ماڻهو پري پري کان هلي اچي سائمن کان بوٽ ٺهرائڻ لڳا. نه فقط بوٽ پر سليپر، چمپل، گهيتلا، چاکڙيون وغيره پڻ. اهڙي طرح سائمن جي قسمت ئي بدلجي وئي.
    سياري جا ڏينهن هئا. هڪ ڏينهن سائمن ۽ مائيڪل سگريءَ جي ڀر ۾ ويٺي بوٽ ٺاهيان. ايتري ۾ هڪ گاڏي جنهن ۾ ٽي گهوڙا جوٽيل هئا، ٽن ٽن ڪندي اچي هن جي جهوپڙيءَ ٻاهر بيٺي. هن دري مان ليئو پائي ڏٺو ته هڪ صاف سٿرا ڪپڙا پهريل نوڪر جلدي لهي گاڏيءَ جو دروازو کوليو ۽ پوءِ هڪ معزز ماڻهو ڪنهن اوچي جانور جي کل جي ڪوٽ ۾ گاڏيءَ مان ٻاهر نڪتو ۽ سائمن جي جهوپڙيءَ ڏي وڌيو. ميٽرينا اڳيان وڌي جهوپڙيءَ جو دروازو کوليو. معزز ماڻهو تمام ڊگهو، ويڪرو ۽ ڳري جسم جو هو. هو جهڪي پوءِ جهوپڙيءَ ۾ داخل ٿيو ۽ جڏهن سڌو ٿي بيٺو، ته هن جو مٿو ڇت سان وڃي لڳو. جهوپڙي هن جي پکڙيل جسم سان ڄڻ ته ڀرجي وئي.
    سائمن اٿي هن کي ادب سان کيڪاريو ۽ حيرت مان هن کي ڏسندو رهيو. سائمن پاڻ به سنهو سڪل هو ۽ مائيڪل به، ميٽرينا ته بس رڳو.... هڏين جي مٺ هئي. پر هي شخص ڄڻ ته ڪنهن ٻي دنيا جو باشندو لڳو ٿي ڳاڙهو آلو بخاري جهڙو منهن، بلڪل گول گول، ڳچي مينهن جهڙي ٿلهي ۽ مضبوط هڏ ڪاٺ وارو جسم.
    معزز ماڻهوءَ زور سان کنگهڪار ڪئي، پوءِ پنهنجو ڪوٽ لاهي بينچ تي ٿي ويٺو ۽ چيو:
    ”توهان ٻنهي ۾ سٺو ڪاريگر ڪير آهي؟“
    ”مون کي ئي سمجهو سائين!“ سائمن ڪي قدر جهڪي ورندي ڏني.
    معزز ماڻهوءَ نوڪر کي سڏ ڪندي چيو: ”چمڙو کڻي اچ.“ هڪ ڇوڪرو ڀڄندو ڀڄندو اندر آيو ۽ بنڊل آڻي سامهون رکيو.
    ”هن کي کول.“ معزز ماڻهوءَ حڪم ڏنو.
    نوڪر حڪم جي پوئواري ڪئي ۽ معزز ماڻهوءَ چمڙي ڏي اشارو ڪري چيو: ”موچي! سڃاڻي سگهين ٿو ته هي ڪهڙو چمڙو آهي؟“
    ”تمام عمدو سائين منهنجا!“ سائمن چمڙي تي هٿ لاهيندي چيو.
    ”بيشڪ تمام عمدو آهي، پر احمق، تو اهڙو چمڙو ڪڏهن به نه ڏٺو هوندو. هي جرمنيءَ کان آيل چمڙو آهي ۽ هن جي قيمت ويهه روبل آهي.“
    ”سرڪار! آئون ڀلا هن کي ڪٿي ڏسي سگهيس ٿي.“ سائمن هيسيل آواز ۾ وراڻيو.
    ”صحيح آهي! هاڻ ٻڌاءِ منهنجا بوٽ ٺاهي سگهندين؟“
    ”حاضر سائين! ڇونه!“ سائمن چيو.
    ”واقعي!“ معزز ماڻهو زور سان چيو، ڄڻ هن کي يقين نه پئي آيو، ”پر هڪ ڳالهه ڌيان سان ٻڌ! بوٽ اهڙا ٺاهجانءِ، جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال ته ضرور هلن. نه هنن جي شڪل بدلجي ۽ نه ئي ڪو ٽوپو اڊڙي. اهڙا بوٽ ٺاهي سگهين ته مون لاءِ ٺاهه، جي نٿو ٺاهي سگهين ته مونکي هينئر ئي جواب ڏي. ياد رک ته جيڪڏهن سال اندر بوٽ خراب ٿي پيا ته جيل ڏياري ڇڏيندوسانءِ. مزدوري ڏهه روبل ڏيندو سانءِ پر پوري سال کانپوءِ!“
    سائمن ويچارو ڊڄي ويو. جواب ڏئي ته ڪهڙو ڏئي. هن مائيڪل ڏي ڏٺو. هن کي ٺونٺ هڻي آهستي چيائين، ”هي ڪم هٿ ۾ کڻان؟“
    مائيڪل هائوڪار ۾ ڪنڌ کي هيٺ مٿي ڪيو.
    ۽ سائمن بوٽ ٺاهڻ جو ذمو پنهنجي مٿان کنيو.
    معزز ماڻهوءَ پنهنجي نوڪر کي سڏايو ۽ حڪم ڏنو ته کاٻي پير جو بوٽ لاهه. بوٽ لهي ويو ته هن چيوِ: ”پير جي ماپ وٺ.“
    سائمن سترهن انچ ڊيگهه واروهڪ ڪاغذ کنيو، پهرين هن کي هٿ سان صاف ڪيو ۽ پوءِ پنهنجو هٿ پنهنجي قميض سان صاف ڪيو، جيئن معزز ماڻهوءَ جا جراب ميرا نه ٿين ۽ پوءِ هن جي پير جي ماپ ورتي. کڙي جي ماپ پئي ورتائين ته ڪاغذ کٽي پيو. هن جا مريا ڇا ته ٿلها هئا.
    ”ڏسجانءِ بوٽ پٻن وٽ يا کڙين وٽ سوڙهو نه ٿئي!“
    سائمن پهرين واري ڪاغذ ۾ ٻيو ڪاغذ به ڳنڍيو. معزز ماڻهو جهوپڙيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو ۽ پوءِ هو مائيڪل ڏي گهوري ڏسڻ لڳو.
    ”هي شخص ڪير آهي؟“
    “منهنجو ڪاريگر آهي، هي ئي توهان جو بوٽ ٺاهيندو.“
    ”ڏسجانءِ! معزز ماڻهو مائيڪل سان مخاطب ٿيو.“ بوٽ هڪ سال کان گهٽ نه هلي!“
    سائمن مائيڪل ڏي ڏٺو. هو معزز ماڻهوءَ کي ڏسڻ بدران جهوپڙي جي پرئينءَ ڪنڊ ڏي نهاريندو رهيو. ڄڻ اتي ڪو ٻيو همراهه هجي. مائيڪل ائين ئي نظرون ڄمائي ڏسندو رهيو، ۽ پوءِ اوچتو هن مرڪيو ۽ هن جو چهرو زور سان چمڪڻ لڳو.
    ”اڙي ڄٽ! ڇو پيو ڏند ڪڍي کلين؟“ معزز ماڻهوءَ گجندڙ آواز ۾ چيو، ”هيڏانهن ڏس، بوٽ وقت تي تيار ڪري ڏجانءِ!“
    ”بي فڪر ٿيو، اهو وقت تي تيار ٿي ويندو.“ مائيڪل چيو.
    ”وري به ڪن کولي ٻڌي ڇڏ. بوٽ وقت تي تيار هجڻ کپي!“ معزز ماڻهوءَ تاڪيد ڪئي. پنهنجو کاٻو بوٽ ۽ ڪوٽ پاتو ۽ دروازي ڏي روانو ٿيو. پر دروازي وٽان لنگهندي هن کان جهڪڻ وسري ويو ۽ هن جو مٿو هڪ ڪڙي سان وڃي لڳو. هن گار ڏئي پنهنجي مٿي کي آڍيو ۽ گاڏي ۾ ويهي روانو ٿي ويو.
    هو هليوويو ته سائمن چيو: ”اُف! ماڻهو آهي يا گوشت جو جبل، هي ته جيڪر ڪارائيءَ سان به نه ڪٽي سگهجي. دروازي جي ڪڙي ٽٽي پئي، پر سندس مٿي کي ڪجهه به نه ٿيو.“
    ”ڪوبه ماڻھو جي ائين نوابن وانگر پلجي تاتجي ته ڪيئن نه مضبوط رهي! اهڙي مضبوط جبل کي ته طوفان به نٿا لوڏي سگهن.“ ميٽرينا چيو.
    سائمن مائيڪل کي چيو:
    ”پاڻ بوٽ ٺاهڻ جي ذميواري ته کڻي ورتي آهي. هاڻ پاڻ کي خيال رکڻ کپي. تمام گهڻو قيمتي چمڙو آهي ۽ مالڪ بيحد گرم طبيعت جو. ڪٿي مصيبت ۾ نه پئجي وڃون. منهنجي خيال ۾ تنهنجي نظر به تيز آهي ۽ هٿ به. تون ئي هي ماپ وٺ ۽ ٺاهه، آئون مٿان جي سلائي ۽ شڪل کڻي درست ڪندس...“
    مائيڪل چمڙو کنيو ۽ ميز تي وڇايو. پوءِ ان کي ٻيڻو ڪيو ۽ ڪئنچيءَ سان ڪتريو. ميٽرينا ڏسي رهي هئي. هن بوٽ ٺهندي ڏٺا هئا. پر مائيڪل ته چمڙي مان ڪا عجيب شيءِ ڪتري رهيو هو. گول گول. هن ڳالهائڻ چاهيو، پر وري سوچيو:
    ”شايد مون کي سمجهه ۾ نه پيو اچي. امير ماڻهوءَ خبر ناهي ڪهڙي قسم جي بوٽ جو آرڊر ڏنو آهي. مائيڪل ئي بهتر سمجهي ٿو. مون کي دخل اندازي نه ڪرڻ کپي.“
    مائيڪل چمڙو ڪٽي ورتو ته بوٽن وانگر ٻنهي جا اڳ سبڻ بدران هن فقط هڪ هڪ طرف سبيو جيئن نرم سپاٽا سببا آهن. ميٽريناکي وري تعجب لڳو، پر اڃا به هن کيس نه ٽوڪيو. مائيڪل ٻن پهرن تائين سبندو رهيو. سائمن ماني کائڻ لاءِ اٿيو، هن جي نظر پيئي ۽ هن ڏٺو ته مائيڪل بوٽ نه پر سپاٽو ٺاهي ڇڏيو آهي.
    ”ابوه! هي ڇا ڪري ڇڏيئي؟“ سائمن کان رڙ نڪري وئي. پر پوءِ هن دل ئي دل ۾ چيو؛ ”مائيڪل مون وٽ هڪ سال کان ڪم ڪري رهيو آهي. هن اڄ ڏينهن تائين ڪاغلطي نه ڪئي آهي. پوءِ ههڙي خطرناڪ غلطي هو ڪيئن ڪري ويٺو آهي.... معزز ماڻهوءَ اڀي کڙيءَ وارو بوٽ ٺاهڻ لاءِ چيو هو ۽ هن لسي تري وارو نرم سپاٽو ويهي ٺاهيو آهي. قيمتي چمڙي جي ويهي ستياناس.“ ڪئي اٿس ۽ پوءِ وڏي آواز ۾ چيائين: ”دوست! هي تو ڇا ڪري وڌو؟ مون کي ته تو تباهه ڪري رکيو. هن ماڻهو ته اُڀي کڙي وارو بوٽ ٺاهڻ لاءِ چيو هو.“
    اتي اوچتو ڪنهن دروازو کڙڪايو. هنن دريءَ مان ليئو پائي ٻاهر نهاريو. هڪ ماڻهو پنهنجو گهوڙو ڪلي سان ٻڌي رهيو هو. سائمن دروازو کوليو. اهوئي نوڪر جيڪو معزز ماڻهوءَ سان گڏ آيو هو. اندر داخل ٿيو.
    ”صبح بخير!“ هن چيو.
    ”صبح بخير!“ سائمن جواب ڏنس.“ سائين حڪم ڪريو؟“
    ”منهنجي مالڪڻ مون کي توهان ڏي موڪليو آهي، بوٽن جي سلسلي ۾.“ نوڪر چيو.
    ”ڇا حڪم هن ڪيو آهي؟“ سائمن پڇيس.
    ”اهوئي ته منهنجي مالڪ کي هاڻ انهن بوٽن جي ضرورت نه آهي. هو مري ويو آهي.“
    ”واقعي؟“ سائمن حيرت مان پڪ ڪئي.
    ”ها، صيحيح ٿو چوان. هو گهر به نه پهچي سگهيو هو ته رستي تي گاڏي اندر ئي ساهه نڪري ويو. اسان گهر پهتاسين ۽ نوڪر هن کي گاڏي مان لاهڻ آيو ته هو مٽ وانگر گهرڪي اچي هيٺ ڪريو. وڏي مشڪل سان کيس ڇڪي ڇڪي گهر تائين آندوسينس. هاڻ مالڪڻ جو نياپو آهي ته بوٽ ٺاهڻ لاءِ جيڪو چمڙو ڏنو اٿئون ان مان هن جي پيرن جي ماپ جو نرم سپاٽو ٺاهجو، جيئن سندس دفن جي رسم ۾ ميت کي پارايو وڃي. مهرباني ڪري اسان کي هينئر جو هينئر ٺاهي ڏيو، جيئن آئون پاڻ سان کڻي وڃان.
    مائيڪل تختي تان چمڙي جا سليپر کنيا ۽ هڪ ٻئي تي هڻي، ڪپڙي سان صاف ڪري، باقي بچيل چمڙي جي ٽڪرن سان گڏ نوڪر حوالي ڪيا.
    ”خدا حافظ ڪاريگرو!“ نوڪر چيو ۽ گهوڙي تي سوار ٿي هليو ويو.
    سال مٿان سال گذرندو ويو. مائيڪل کي هاڻ سائمن سان گڏ رهندي ڇهه سال پورا اچي ٿيا هئا. هو تمام گهٽ ٻاهر نڪتو ٿي ۽ بس ضرورت جي ئي ڳالهه ڪئي ٿي. ايتري عرصي ۾ هو فقط ٻه دفعا مرڪيو هو. هڪ ڀيرو تڏهن جڏهن ميٽرينا هن کي ماني ڏني هئي ۽ ٻيو دفعو تڏهن جڏهن معزز ماڻهو بوٽ ٺهرائڻ آيو هو. سائمن پنهنجي ڪاريگر مان بيحد خوش هو. هن کي فقط هڪ خوف هو. ڪٿي مائيڪل هن وٽان هليو نه وڃي!
    ھڪ ڏينھن سڀ گھر ۾ ھئا، ميٽرينا چلهه تي چانهه جي ڪٽلي چاڙھي رکي ھئي. ٻارن ھيڏانھن ھوڏانھن ٽپ پئي ڏنا. سائمن ھڪ دريءَ وٽ ويٺي بوٽ سبيا ۽ مائيڪل بوٽ ۾ کڙي لڳائي رھيو ھو. ھڪ ٻار بينچ وٽان ڊوڙندي پنھنجو ڪنڌ جھڪايو ۽ دريءَ مان ليئو پاتو.
    ”چاچا مائيڪل! ھڪ مائي پنھنجي گھر ڏي پئي اچي. ھن سان گڏ ٻه ڇوڪريون به آھن. ھڪ منڊي ٿي لڳي“
    ٻارن جي ڳالهه ٻڌي مائيڪل کڻي بوٽ رکيو ۽ مڙي دريءَ مان ڏسڻ لڳو. سائمن کي به حيرت لڳي. مائيڪل ڪڏھن به ائين گھٽيءَ ڏي گھوري ڏٺو ھو ۽ ھاڻ ھو دريءَ سان لڳاتار ھنن کي ڏسندو رھيو.
    سائمن به ٻاھر نظر ڊوڙائي، واقعي ھڪ سٺي لباس ۾ عورت ٻن ننڍين ڇوڪرين کي پاڻ سان وٺي پئي آئي . ڇوڪرين کي اوچا ڪوٽ پھريل ھئا ۽ مٿي تي شالون اوڍيل ھيون. ھڪ ڇوڪريءَ جي کاٻي ٽنگ ۾ ڪو عيب ھو، جنھن ڪري ھوءَ منڊڪائي رھي ھئي. ميٽرينا دروازو کوليو. پھرين ڇوڪريون داخل ٿيون ۽ پوءِ عورت پاڻ.
    ”صبح بخير، نيڪ انسانو.....! “
    ”ڀلي ڪري آيائو! “ سائمن کين کيڪاريو.
    عورت ميز وٽ ويھي رھي. ٻئي ڇوڪريون ھن جي گوڏن سان لڳي ويٺيون. ڄڻ جھوپڙيءَ وارن کان ڊڄي رھيون ھجن.
    ”مونکي ھنن ڇوڪرين لاءِ بھار جي موسم جا جوتا کپن. “ عورت چيو.
    ”جيتوڻيڪ اسان ڪڏھن ننڍي ماپ جا بوٽ نه ٺاھيان آھن، پر منھنجو ڪاريگر مائيڪل ان ڪم جو ماھر آھي. توھان جنھن قسم جا بوٽ چوندائو، اسين اھڙا ٺاھي ڏينداسين. “ سائمن چيو ۽ ھن مائيڪل ڏي ڏٺو. ھو پنھنجو ڪم ڇڏي ننڍڙين ڇوڪرين کي چتائي ڏسي رھيو ھو. سائمن کي ڏاڍو عجب لڳو. بيشڪ ڇوڪريون بيحد پياريون ھيون. ھنن جون اکيون ڀونئر جھڙيون ڪاريون ۽ ڳٽا گلابي ھئا. ھو نفيس رومال ۽ اوني شالن ۾ ويڙھيل ھيون، پوءِ به سائمن حيران ھو. مائيڪل ھنن کي ائين ڏسي رھيو هو ڄڻ ھو پھرين کان ھنن جو وقف ھجي. آخر ھن قيمت ادا ڪئي ۽ پيرن جي ماپ وٺڻ لاءِ چيو. عورت منڊي ڇوڪريءَ کي پنھنجي جھول ۾ ويھاريو ۽ چيو:
    ”ھن ڇوڪريءَ جون ٻه ماپون وٺ. ھڪ بوٽ ھن جي منڊي پير لاءِ ٺاھجان ۽ ٽي بوٽ ٻئي پير لاءِ. ٻنھي ڇوڪرين جي پيرن جي ماپ ساڳي آھي. ٻئي جاڙيون آھن. “
    سا.من ماپ ورتي ۽ چيو: ”ڀيڻ!ڏاڍيون پياريون آھن. ھي، ڇا پير جو ھي عيب کيس ڄائي ڄم کان آھي؟“
    ”نه ھن جي ماءُ ھن جي اھا ٽنگ چيڀاٽي وڌي ھئي. “
    ايتري ۾ ميٽرينا اچي ويجھو ويٺي. ھن وڏي غور سان ڏٺو ۽ عورت ۽ ڇوڪرين کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پوءِ پڇيو: ”ھي تنھنجا ٻار آھن؟ “
    ”نه ڀيڻ، آئون نه نه ھنن جي ماءُ آھيان، نه ڪا ويجھي مائٽياڻي. مون ھنن کي فقط پاليو آھي. “
    ”پوءِ به تون ھنن سان ھيڏو پيار ڪرين ٿي؟ “
    ”ڇو نھ ڪريان؟ مون ھنن کي پنھنجي ٿڃ پياري آھي. منھنجو ھڪ ئي ٻار ھو جيڪو رب پاڪ واپس گھرائي ورتو. مون کي پنھنجي ان ٻار سان ايترو پيار نه ھو، جيترو ھنن ڇوڪرين سان آھي. “
    ”ڪنھن جون نينگريون آھن، ھي؟ “ ميٽرينا ھن ڏي ڏسي سوال ڪيو.
    عورت سڄي ماجرا ٻڌائي:
    ”اٽڪل ڇھه سال کن اڳ جي ڳالھه آھي. ھنن ڇوڪرين جا ماءُ پيءُ ھڪ ئي ھفتي ۾ ھڪ ٻئي پويان گذاري ويا. پيءُ ڪاٺير ھو، وڻ وڍي رھيو ھو ته وڻ جو ھڪ ڏار ھن مٿان اچي ڪريو، سندس آنڊا ٻاھر نڪري آيا ۽ ھو اڦٽ مري ويو. اھو اڱاري جو ڏينھن ھو. ٽن ڏينھن بعد ھي ڪڪيون پيدا ٿيون. سندن ڪو سار سنڀال لھڻ وارو نه ھو. بس اسان ئي اڪيلا پاڙيسري ھئاسين. ماءُ اڪيلي سر ٻار ڄڻي مري وئي. ٻئي ڏينھن صبح جو آئون ھن جي خبر لھڻ ويس ته خبر پئي ته ھو ڪا دير کان ٿڌي ٿي چڪي ھئي. مرندي وقت ھوءَ پنھنجي ھڪڙي ٻار مٿان اچي وئي ھئي ۽ ان جي ٽنگ چپجي وئي. ڳوٺ جي ماڻھن ھن جي ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو. ٻارڙيون بي يار مددگار رھجي ويون ھيون. ڳوٺ جي ماڻھن جي چوڻ تي مون ھنن کي سنڀالڻ جو ذمو کنيو. ان وقت منھنجو ٻار ٻن مھينن جو ھو. آئون پھرين پھرين فقط تندرست نينگريءَ کي کير پيارڻ لڳس ۽ منڊيءَ کي ڇڏي ڏيندي ھيس. منھنجي وھم گمان ۾ به نه ھو ته ڪا ھيءَ بچي ويندي. پوءِ مون کي خيال آيو ته ھن غريب معصوم جو ڪھڙو ڏوھه؟ مون ترس کائي ھن کي به کير پيارڻ شروع ڪيو. اھڙي طرح منھنجي ڇاتين تي ٻار پلجڻ لڳا. ھڪ منھنجو پٽ ۽ ٻه ھي ڇوڪريون. آئون جوان ۽ سگھاري ھيس، اللھ جو ڏنو سڀ ڪجھه ھو. خدا منھنجي ڇاتين ۾ ايڏو ته کير ڀري ڇڏيو جو ڪڏھن ڪڏھن ته اھو ائين ئي وھڻ لڳندو ھو- خدا جي ڪرڻي ائين ٿي جو ھي ڇوڪريون ته پلجي ويون، پر منھنجو پٽ ٻه سال به نه جي سگھيو ۽ اللھ کي پيارو ٿي ويو ۽ پوءِ وري مون کي ڪو ٻار نه ٿيو. منھنجو مڙس اڄڪلھه ان جي واپاريءَ جي چڪيءَ تي ڪم ڪري ٿو. چڱو پگھار اٿس ۽ اسان جو سٺو گذر ٿي رھيو آھي. منھنجو پنھنجو ڪو ٻار ناھي، جيڪڏھن ھي نينگريون نه ھجن ھا ته آئون ڪيڏو اداس رھان ھا. ڪيڏي اڪيلائي محسوس ڪريان ھا. آئون ڇو نه ھنن کي دل جان سان چاھينديس. ھي منھنجي لاءِ سڀ ڪجھه آھن. “
    ھن ھڪ ٻانھن جي وڪڙ سان منڊي ڇوڪريءَ کي پنھنجي سيني سان لڳايو ۽ ٻئي ھٿ سان پنھنجي ڳلن تي ڪرندڙ ڳوڙھن کي اگھيو. ميٽرينا ٿڌي آھ ڀري چيو:
    ”اھو چوڻ بلڪل سچ آھي ته انسان ماءُ پيءُ بنا رھي سگھي ٿو، پر خدا بنا ھرگز نٿو رھي سگھي. “
    ھو پاڻ ۾ ڳالھيون ڪري رھيا ھئا ته اوچتو جنھن ڪنڊ ۾ مائيڪل ويٺو هو اھو روشن ٿي ويو ۽ پوءِ اھا روشني سڄي جھوپڙيءَ ۾ پکڙجي ويئي. سڀ ھن طرف ڏسڻ لڳا. مائيڪل چپ چاپ ويٺو ھو. ھن جا ھٿ گوڏن تي رکيل ھئا ۽ ھو پاڻ نظرون کڻي ڪري مرڪي رھيو ھو.
    عورت ڇوڪرين کي وٺي رواني ٿئي. مائيڪل پنھنجو ڪم ڪار ڇڏي اٿي کڙو ٿيو. ھن پنھنجو پيشبند (اڳيان ٻڌل ڪپڙو) لاٿو. پوءِ سائمن ۽ سندس زال اڳيان ڪنڌ جھڪائي چيو:
    ”منھنجا مالڪ، الوداع! خدا مون کي معاف ڪري ڇڏيو آھي. آئون توھان کان معافي ٿو گھران، مون کان ڪا خطا ٿي ھجي ته مھرباني ڪري مون کي معاف ڪري ڇڏجو! “
    ھنن ڏٺو ته مائيڪل جي وجود مان روشني نڪري رھي ھئي. سائمن به اٿي بيٺو. ھن ڪنڌ جھڪايو ۽ چيو:
    ”مائيڪل آئون ڏسي رھيو آھيان ته تون ڪو عام ماڻھو نه آھين.آئون نه ته توکي ترسائي سگھان ٿو ۽ نه ڪو سوال پڇي سگھان ٿو. بس ايترو ٻڌاءِ ته جڏھن تون مون کي خانقاھه وٽ ملئين ۽ مون توکي گھر آندو ان وقت تون ڏکيول ھئين، پر پوءِ جڏھن منھنجي زال توکي ماني کارائي ته تو ڇو مرڪيو ھئو ۽ تنھنجو چھرو ڇو روشن ٿي ويو ھو؟ پوءِ جڏھن ھو امير ماڻھو بوٺ ٺھرائڻ آيو، ته تنھنجي چپن وري مرچ اچي وئي ھئي ۽ تنھنجو چھرو چلڪڻ لڳو ھو ۽ ھاڻ ھيءَ عورت جڏھن ٻه ڇوڪريون وٺي آئي ته تنھنجي چپن تي ٽيون دفعو مرڪ تري آئي ۽ تنھنجو چھرو جرڪڻ لڳو. مائيڪل مون کي بس ايترو ٻڌاءِ، ته تنھنجو چھرو ڇو ايڏو منور آھي ۽ تون ٽي دفعا ڇو مرڪئين؟ “
    ”ھيءَ روشني منھنجي جسم مان ان ڪري نڪري رھي آھي جو خدا منھنجو ڏوھه معاف ڪري ڇڏيو آھي ۽ آئون ٽي دفعا ان ڪري مرڪيس جو خدا مون کي ٽي سچايون معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو ھو. اھي مون معلوم ڪري ورتيون آهن. ھڪڙي سچائي ته ان وقت معلوم ٿي جڏھن تنھنجي زال مون تي ترس کاڌو، ان ڪري منھنجي چپن تي خوشيءَ کان مرڪ اچي وئي. ٻي سچائيءَ جو مون کي ان وقت علم ٿيو، جڏھن امير ماڻھو بوٽ ٺھرائڻ آيو. ان تي مون وري مرڪي ڏنو ۽ ھاڻ جڏھن انھن معصوم ٻارڙين کي ڏٺم ته مون کي ٽين ۽ آخري سچائيءَ جي ڄاڻ ٿي وئي ۽ مون ٽيون دفعو مرڪيو. “ مائيڪل جواب ڏنو.
    ”مائيڪل خدا توکي ڪھڙي ڪارڻ سزا ڏني؟ ۽ اھي ٽي سچايون ڪھڙيون آھن، آئون به ڄاڻڻ چاھيان ٿو؟ “ سائمن چيو.
    ”خدا مون کي پنھنجي حڪم عدوليءَ تي سزا ڏني. آئون ملائڪ ھوس ۽ آسمانن تي رھندو ھوس. مون خدا جي نافرماني ڪئي. ھڪ دفعو خدا مون کي ھڪ عورت جو ساھه ڪڍڻ لاءِ موڪليو. آئون اڏامي زمين تي پھتس ته ڏٺم ته ھڪ بيمار عورت اڪيلي ستي پئي آھي. ھن جي پاسي کان ٻه جاڙيون ٻارڙيون آھن، جن کي ھن ان وقت ڄڻيو ھو. مون کي ڏسڻ سان سمجھي وئي ته آئون ھن جي جان ڪڍڻ آيو آھيان. ھن ٻاڏائيندي چيو: ”اي ملائڪ! منھنجي مڙس کي اڃا ھاڻ دفنايو ويو آھي. ھو ھڪ وڻ ھيٺان اچي مري ويو ھو. منھنجي نه ته ڪا ڀيڻ آھي نه ماءُ، ھنن يتيم ٻارڙين کي ڪير نپائيندو؟ خدا جي واسطي منھنجو ساھه نه ڪڍ. ڀلا ٿورو ترسي پئھ. مونکي ھنن معصوم ٻارڙين کي گھٽ ۾ گھٽ کير پيارڻ جيتري مھلت ڏي، پوءِ آئون انھن کي تنھنجي قدمن ۾ رکي مري وينديس. ٻار ڀلا ماءُ پيءَ بغير به پلجي سگھن ٿا؟ “
    ”مون اڳيان وڌي ھڪ نينگري کي ھن جي ڇاتيءَ سان لڳايو ۽ ٻيءَ کي ھن جي ٻانھن ۾ ڏنو ۽ خدا وٽ آسمان ڏي موٽي ويس. مون خدا تعاليٰ جي خدمت ۾ عرض ڪيو: ”آئون ھن عورت جو ساھه ڪڍي نه سگھيو آھيان. ھن جو مڙس ھڪ وڻ جي ھيٺان اچي مري ويو آھي. ھاڻ ھن کي ٻه جاڙيون ڌيئون ڄايون آھن. ھوءَ التجا ٿي ڪري ته ھن جو ساھه نه ڪڍيو وڃي. ھوءَ چوي ٿي ته ھن کي پنھنجين ٻارڙين کي نپائڻ لاءِ ايتري مھلت ڏني وڃي جيسين ھلڻ چلڻ جي لائق ٿي سگھن. ٻار ماءُ بنا نٿا پلجيو سگھن. مون ھن جو ساھه قبض نه ڪيو. “
    ان تي خدا تعاليٰ فرمايو: ”وڃ، وڃي ان عورت جو ساھه ڪڍ ۽ ٽي سچايون معلوم ڪر. ھڪ اھا ته ماڻھوءَ جي اندر ۾ ڪھڙي شيءِ رھي ٿي، ٻي اھا ته ماڻھوءَ کي ڇا نه ڏنو ويو ۽ ٽي اھا ته ماڻھو ڪنھن سان جيئي ٿو؟ تون آسمانن ڏي تيسين نه اچي سگھندين، جيسين انھن ٽين سچائين جي ڄاڻ نه حاصل ڪندين. “
    آئون وري زمين تي آيس ۽ ان عورت جو روح قبض ڪري ورتم. ٻارڙيون ھن جي ڇاتيءَ تان ڪري پيون. ھن جو جسم به کٽ تي ڍرڪي پيو ۽ ھڪ نينگريءَ جي ٽنگ ٻيڻي ٿي ھن جي جسم ھيٺان دٻجي وئي. مون ان ڳوٺ مان اڏامي خدا جي حضور ۾ ھن جي جان پيش ڪرڻ چاھي. پر تيز ھوا ۽ طوفان منھنجا پَر روڙي ڇڏيا. عورت جو روح اڪيلو ئي آسمان ڏي اڏامي ويو ۽ آئون ڌرتيءَ تي ان ھنڌ اچي ڪريس.
    سائمن ۽ ميٽرينا ھاڻ سمجھيو ته ھنن وٽ ڪير رھيل آھي ۽ ھو ڪنھن کي ماني ڪپڙا ڏيندا رھيا. ھو ھيبت ۽ خوشيءَ وچان روئڻ لڳا.
    ملائڪ چيو:
    ”آئون رستي جي ڪناري اڪيلو ۽ اگھاڙوپيو ھوس. مون کي ڪجھه خبر نه ھئي ته انسان جون ڇا ضرورتون آھن. بک ۽ سيءَ ڇا ٿو ٿئي؟ ان جي خبر ان وقت پيم. جڏھن انسانن جو روپ ڌاريم. مون کي سمجھه ۾ نٿي آيو ته ڇا ڪرڻ کپي. پوءِ جتي آئون اچي ڪريو ھوس ان جي ويجھو ھڪ خانقاھه نظر آيم. اتي پھتس ته من سردي کان بچڻ لاءِ ڪا ڍڪيل جاءِ ملي وڃي. پر خانقاھه تي تالو لڳل ھو. ھوا کان بچڻ لاءِ آئون ان جي اوٽ ۾ ٿي ويٺس. شام ٿي رھي ھئي ۽ مون کي سخت بک ۽ سيءَ لڳي رھيو ھو. ايتريقدر جو منھنجي جسم ۾ سور ٿيڻ لڳو. اوچتو مون ھڪ ماڻھوءَ کي رستوپار ڪري پاڻ ڏي ايندي ڏٺو. ھن جي ھٿن ۾ بوٽن جو جوڙو ھو ۽ ھو پنھنجو پاڻ سان ڳالھيون ڪري رھيو ھو. انسان بنجڻ کانپوءِ مون پھريون دفعو جڏھن ھڪ فاني انسان جي صورت ڏٺي ته مون تي وحشت طاري ٿي وئي. مون ھڪ طرف پري ٿي وڃڻ چاھيو ٿي. مون ٻڌو ته ماڻھو پنھنجو پاڻ کي چئي رھيو ھو. ”سيءَ کان بچڻ لاءِ پنھنجي جسم کي ڪنھن سان ڍڪيان ۽ ٻارن جو پيٽ ڪيئن ڀريان. “ ان تي مون سوچيو، آئون ھتي سردي ۽ بک وگھي مري رھيو آھيان ۽ ھي ماڻھو پاڻ به ان مصيبت ۾ مبتلا آھي. ڀلا ھي منھنجي مدد ڪيئن ڪري سگھي ٿو! ھن ماڻھوءَ مون ڏي ڏٺو ۽ مون ھن ڏي گھوريو ته ھن جي صورت وڌيڪ وحشتناڪ ٿي وئي. ھو منھنجي ڀرسان گذري ويو ۽ آئون مايوس ٿي ويس.
    ”اوچتو مون ھن جي پيرن جو آواز ٻڌو. ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺم پر سڃاڻي نه سگھيس. پھرين ھن جي چھري تي موت کي نچندو ڏٺو ھوم، پر ھاڻ ان ئي چھري تي زندگي ۽ خدا جي وجود جا آثار ڏيکائي ڏئي رھيا ھئا. ھو مون وٽ آيو، پنھنجا ڪپڙا مون کي پارايائين ۽ پنھنجي گھر وٺي آيو.
    گھر ۾ ھڪ عورت اسان جو استقبال ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي.... ۽ پوءِ ھن جي زبان ڪئنچي وانگر ھلڻ لڳي. ھوءَ عورت مرد کان به وڌيڪ وحشتناڪ ڏسڻ ۾ آئي ٿي. ھن جي زبان مان موت ظاھر ٿيو ٿي. ھن جي چوڌاري موت جي سڙيل ڌپ ائين پکڙيل ھئي جو مون کي ساھه کڻڻ ۾ دشواري ٿي رھي ھئي. ھن مون کي وري سرديءَ ۾ ڌڪڻ چاھيو ٿي ۽ مون ڄاتو ٿي ته جيڪڏھن ھن ائين ڪيو ته ضرور مري ويندس ۽ اتي ھن جي مڙس ھن کي خدا ياد ڏياريو ۽ ھوءَ بلڪل بدلجي وئي. ھوءَ مانيءَ کڻي آئي ته مون ڏٺو ته ھن جي چھري تان موت جا آثار رخصت ٿي چڪا ھئا. ھوءَ زندھه ٿي چڪي ھئي ۽ ھن جي چھري تي خدا جي قدرت چمڪي رھي ھئي. تڏھن مون کي پھريون سبق ياد اچي ويو. جنھن کي سکڻ لاءِ خدا مون کي موڪليو (معلوم ڪر ته ماڻھو جي اندر ڪھڙي شيءِ رھي ٿي) ۽ آئون سمجھي ويس ته ماڻھوءَ جي اندر محبت رھي ٿي. ان سچائيءَ جي ظاھر ٿيڻ تي آئون پھريون دفعو مرڪيس.
    مون اڃا سڄو سبق نه سکيو ھو. اڃا مون کي اھو معلوم نه ٿيو ته ماڻھوءَ کي ڇا نه ڏنو ويو. تو وٽ رھندي مون کي ھڪ سال گذري ويو ته ھڪ ماڻھو بوٽ ٺھرائڻ آيو جيڪي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ سال ھلن- خراب ٿيڻ يا ڦاٽڻ بغير.... مون ھن ڏي ڏٺو ته اچانڪ ھن جي ڪنھن پٺيان پنھنجي رفيق اجل جي ملائڪ ڏيکائي ڏني. اھو ملائڪ فقط مون کي ئي نظر آيو ٿي. مون ھن کي سڃاتو ٿي ۽ مون کي اھا به ڄاڻ ھئي ته سج لٿي کان اڳ، ھيءَ امير ماڻھوءَ جو ساھه قبض ڪري وٺندو. مون سوچيو؛ ”ھڪ ماڻھو ھڪ سال جي تياري ڪري رھيو آھي ۽ ڄاڻ اھا به نه اٿس ته ھو شام ٿيڻ کان اڳ مري ويندو. “ تڏھن مون کي خدا جو ٻيو فرمان ياد اچي ويو ۽ مون کي ڄاڻ ٿي ته انسان کي ھن جي پنھنجين ضرورتن جو علم نه ڏنو ويو آھي ۽ آئون ٻيو دفعو مرڪيس. آئون پنھنجي ساٿي ملائڪ کي ڏسي خوش ٿيو ھوس ۽ ان لاءِ به خوش ٿيو ھوس ته خدا مون تي ٻي حقيقت ظاھر ڪري ڇڏي آھي.
    اڃا ٽينءَ سچائيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ باقي ھو ته ماڻھو ڪھڙي شيءَ سان جيئي ٿو. آئون ان انتظار ۾ وقت گذاريندو رھيس ته خدا مون کي آخري سچائي کان آگاھه ڪري. ڇھين سال ٻه جاڙيون نينگريون ان عورت سان گڏ آيو. مون انھن ڇوڪرين کي ھڪدم سڃاڻي ورتو. ھي ڪيئن بچي ويون ۽ اڄ جيئريون جاڳنديون آھن! ان جو احوال ھوءَ عورت ٻڌائي چڪي. مون سوچيو ته انھن ڇوڪرين جي ماءُ مون کي آزيون نيزاريون ھنن جي لاءِ ڪيون ٿي. مون ھن جي ڳالھه درست سمجھي ورتي ته ٻار ماءُ پيءُ بنا نٿا پلجيو سگھن. پر ھاڻ اھا حقيقت آشڪار ٿي. ھڪ ڌارئين عورت- جنھنجي ساڻن نه ڪا مٽي مائٽي ھئي ۽ نه دوستي ياري، تنھن ھنن کي نپائي وڏو ڪيو ۽ جڏھن ان عورت ھنن ٻارڙين لاءِ محبت جو اظھار ڪيو- جيڪي سندن پيٽ ڄايون نه ھيون، ته مون ھن جي اندر خدا جو جلوو ڏٺو. آئون سمجھي ويس ته انسان ڪھڙي شيءِ سان جيئي ٿو. آئون سمجھي ويس ته خدا مون کي آخري سبق به سمجھائي ڇڏيو آھي ۽ منھنجو قصور پڻ معاف ڪري ڇڏيو آھي. تڏھن منھنجي چپن تي ٽيون دفعو مرڪ اچي وئي.“
    ملائڪ جي جسم تان زمين جو لباس لھي ويو ۽ ھو نوري لباس ۾ ملبوس ٿي ويو. ھن جو جسم ايترو منور ٿي ويو جو ان تي اک نٿي کڄي سگھي. ھن جو آواز بلند ٿي ويو، ڄڻ آسمان تان ڳالھائي رھيو ھجي. ھو چئي رھيو ھو: ”مون کي ھاڻ ڄاڻ ٿي وئي آھي ته انسان نفس پرستيءَ سان نه، پر محبت سان جيئن ٿا. ماءُ بلڪل بي خبر ھئي ته ھن جي ٻارن کي پنھنجي زندگيءَ جي لاءِ ڪھڙي شيءِ جي ضرورت آھي. نه ھن امير ماڻھوءَ کي علم ھو ته ھن کي پنھنجي لاءِ ڪھڙي شيءِ جو کپ آھي. اھڙي طرح ڪنھن به ماڻھو کي اھو علم نه ڏنو ويو ته جڏھن شام ايندي ته ھن کي پنھنجي لاءِ بوٽ کپندا يا سليپر....!
    ”آئون انسان جي حيثيت ۾ جيئرو رھيس. پنھنجي حفاظت پاڻ ڪرڻ سان نه، پر ان ڪري جيئرو رھيس ته ھڪ راھگير جي دل ۾ محبت موجود ھئي ۽ ھن جي زال مون تي ترس کاڌو ۽ مون سان سٺو سلوڪ ڪيو. ھو يتيم ٻارڙيون ان ڪري حيات نه رھيون ته ڪو ھنن جي ماءُ ھنن جي حفاظت ۽ نگھداشت ڪئي ٿي، پر اھي ان ڪري زندھ آھن جو ھڪ بلڪل غير عورت جي دل ۾ محبت موجزن ھئي. ھن ھنن ٻارين تي ترس کاڌو ۽ ھنن تي شفقت جو ھٿ رکيو. اھڙيءَ طرح سڀ ماڻھو پنھنجي بھبود جي فڪر سان نٿا جيئن. پر ان لاءِ جيئن ٿا جو ھنن جي دلين ۾ محبت موجود آھي. “
    ”پھرين مون فقط ايتري ڳالھه سمجھي ٿي ته خدا پنھنجي ٻانھن کي زندگي بخشي ۽ چاھيائين ته ھو بس زندھه رھن. پر ھاڻ آئون ان کان وڌيڪ سمجھڻ لڳو آھيان. آئون سمجھي ويو آھيان ته خدا نٿو چاھي ته ماڻھو فقط پنھنجي زندگي گذارين. ان ڪري ھن اھا ڳالھه ڳجھي رکي آھي ته ھر فرد کي پنھنجي لاءِ ڪھڙي ڪھڙي گھرج آھي. البت ھن ھرھڪ کي اھوضرور ٻڌائي ڇڏيو آھي ته سڀني ماڻھن کي ڪھڙي شيءِ جي ضرورت آھي. آئون اھو به سمجھي ويو آھيان ته حقيقت ۾ اها محبت آھي جنھن جي زور تي ماڻھو زندھه آھن. “
    پوءِ ملائڪ خدا جي وڏائيءَ جي واکاڻ ڪئي ۽ سڄي جھوپڙي ان جي آواز سان ڌڏندي رھي. پوءِ ڇت ڦاٽي ۽ نور جي ھڪ لاٽ زمين کان آسمان تائين بلند ٿي ويئي. سائمن ۽ ھن جي زال ۽ ٻار زمين تي سجدي ۾ ڪري پيا. ملائڪ جي ڪلھن وڏا وڏا پَرَ نمودار ٿي ويا ۽ ھو آسمان ڏي اڏامي ويو.
    سائمن کي جڏھن ھوش آيو ته ھن ڏٺو ته جھوپڙي جهڙي ھئي اھڙي ئي بيٺي ھئي ان ۾ سواءِ ھن جي زال ۽ ٻارن جي ٻيو ڪوبه نه ھو. “

    [روس جو جڳ مشھور ليکڪ ۽ اخلاقي ڏاھو ڪائونٽ ليونڪولائيوچ ٽالسٽاءِ، وورگانديءَ جي ڪناري ڀرسان ھڪڙي ڳوٺ ”بينايا پوليانا“ ۾ ڄائو. ٽالسٽاءِ ڪازان يونيورسٽيءَ ۾ قانون ۽ مشرقي ٻولين جو علم پڙھيو ۽ ڊگري وٺي نه سگھيو. مسلسل ناڪامين بعد فوج ۾ وڃي ڀرتي ٿيو. اتي ئي سندس لکڻ پڙھڻ سان چاھه وڌيو ۽ فوج واري نوڪري دوران ئي ٽن جلدن ۾ پنھنجي جيون ڪٿا لکيائين ۽ ڪجھه عرصي بعد فوجي نوڪري ڇڏي مستقل طور اچي اباڻي ڳوٺ ۾ رھڻ لڳو. سندس ٻه ناول ”وار اينڊ پيس“ ۽ ”اينا ڪرنينا“ سڀ کان وڌيڪ مشھور آھن ۽ دنيا جي شاھڪار ناولن ۾ شمار ٿين ٿا. ھن کانسواءِ به ھن ڪيتريون ئي لکڻيون لکيون.
    عمر جي آخري حصي ۾ ھن سڀ ڪجھه تياڳي فقيري پاتي. ]


    قيدي

    عدالت جو ڪمرو تماشائين سان ٽٻاٽپ ڀريل ھو. گوڙ جو اھو علم ھو جو ڳالھائڻ واري کي پنھنجو آواز ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو. ماڻھن جون نگاھون دروازي ڏي کتل ھيون. ٿوري دير بعد ٻه سپاھي ھڪ نوجوان کي وٺي اندر داخل ٿيا.
    پوري يارھين وڳي جج عدالت جي ڪمري ۾ قدم رکيو. ھن ڳاڙھي رنگ جي فائيل تي ھڪ مٿاڇري نظر وڌي، ڪجھه شاھدن جا بيان ۽ پوءِ ھڪدم ڪٽھڙي ۾ بيٺل ھن بدنصيب نوجوان سان پنھنجي روزمره واري لھجي ۾ مخاطب ٿيو:
    ”اڪينوف! توتي ريازن شھر جي سوداگر ميلووان کي قتل ڪرڻ ۽ ان جا ويھه ھزار روبل ڦرڻ جو ڏوھه ثابت ٿي چڪو آھي. مختلف ثابتين ۽ شاھدن جي بيانن مطابق عدالت توکي مجرم قرار ڏئي ٿي. ان جرم جي ڏوھه ۾ توکي عمر قيد جي سزا ڏني وڃي ٿي، جيڪا توکي سائيبريا ۾ گذارڻي پوندي. “
    اڪينوف خاموشيءَ سان اھا سزا ٻڌي، پنھنجو ڪنڌ جھڪايو.
    اڪينوف روس جي ھڪ شھر ولاديمير جو رھاڪو ھو. ھو شھر جي سٺي سوداگرن مان ھڪ ھو. گرميءَ جا ڏينھن ھئا ۽ ھو ھڪ صبح جو ڀر واري شھر ۾ لڳندڙ ميلي ۾ وڃڻ جي تياري ڪري رھيو ھو. اڪينوف جي زال مرينا کي اوچتو ڪو خيال آيو ۽ ھن مڙس کي ٻانھن کان جھلي اُداس لھجي ۾ چيو: ”اڪينوف اڄ کڻي ٻاھر نه وڃ. “
    اڪينوف وراڻيو: ”گھٻراءِ نه. آئون جلد موٽي ايندس. “
    ھن جي زال کي ڪنھن ريت به تسلي نه ٿي ٿي ۽ ھن زور ڀريندي چيو.
    ”اڪينوف ڏس منھنجي دل چئي رھي آھي ته تون ٻاھر ڪيڏانھن نه وڃ. مون رات تمام ڊپ وارو خواب ڏٺو آھي ته شھر کان موٽڻ تي تنھنجا سڀ وار اڇا ٿي ويا آھن. “
    اڪينوف پنھنجي زال جون اھي چرين واريون ڳالھيون ٻڌي کل ۾ اونڌو ٿي ويو ۽ ھن زال کي چيو:
    ”اڇا وار ٿي وڃڻ ته پاڻ خوش قسمتيءَ جي ڳالھه آھي. ھاڻ ته مون کي ميلي ۾ ضرور وڃڻ کپي، جتي منھنجون ڪيتريون ئي شيون وڪامي سگھن ٿيون ۽ تولاءِ ۽ تنھنجي ٻارن لاءِ ڪيتريون ئي سوکڙيون آڻي سگھان ٿو. “
    اھڙي طرح اڪينوف پنھنجي زال مارينا کي ڪيتريون ئي دلداريون ڏئي گھر کان روانو ٿيو.
    رستي تي اوچتو ھن جي ملاقات ھڪ ٻئي سوداگر ميلووان سان ٿي. ھي ٻئي پاڻ ۾ گھاٽا دوست ھئا. ھو ٻئي ڄڻا ھڪ مسافر خاني ۾ رات گذارڻ لاءِ ٽڪي پيا. رات جو چانھه بعد ٻئي ڄڻا ھيڏانھن ھوڏانھن جون خبرون ڪندا رھيا ۽ پوءِ ٿوري دير بعد ٻئي ڄڻا ھڪ ٻئي کان موڪلائي پنھنجن ڪمرن ڏي سمھڻ لاءِ ھليا ويا.
    اڪينوف صبح ساجھر اٿڻ سان ڪوچوان کي ٽانگي ۾ گھوڙا ٻڌڻ جو حڪم ڏنو ۽ مسافر خاني ۾ ٽڪڻ جو بل ادا ڪري ھو پنھنجي باقي سفر تي روانو ٿي ويو. ھن جو خيال ھو ته گرمي تمام گھڻي آھي. سج مٿي چڙھڻ ۽ تپش وڌڻ کان اڳ ھو چڱو سفر صبح جي ٿڌ ۾ ڪري وٺندو. منجھند ڌاري ڏينھن واقعي تپي باھه ٿي ويو. لڳاتار سفر ڪرڻ ڪري ھو ٿڪجي به پيو ھو ۽ جيئن ئي ھن کي مسافر خانونظر آيو ته ھن اُن ۾ ترسڻ جو ارادو ڪيو.
    مسافر خاني ۾ ھن کي اڃا ٿوري ئي دير آرام ڪندي مس گذري ته ھوٽل جومالڪ پوليس جي انسپيڪٽر ۽ ٻن سپاھين کي پاڻ سان وٺي هن کي ٻڌايو ته تو ميلووان سان گڏ رات گذاري ھئي. صبح جو جڏھن مسافر خاني جو نوڪر ھن کي اٿارڻ لاءِ ھن جي ڪمري ۾ پھتو ته ھن کي مئل حالت ۾ ڪريل ڏٺائين. ھن کي ڪنھن قتل ڪيو آھي. ڪجھه ماڻھن جو بيان آھي ته رات جو آخري وقت ھو توھان سان ڏٺو ويو ھو. انسپيڪٽر ٿوري دير لاءِ ترسي پوءِ چيو: ”ان سلسلي ۾ اسين توھان جي سامان جي جاچ ڪنداسين. ڪجھه سوال به پڇنداسين.
    اڪينوف ھي سڀ ڳالھيون ٻڌي پريشان ٿي ويو ۽ ھن جي دل ڪنھن اڻڄاتل خوف کان ڏڪڻ لڳي. ھن جي سامان جي جانچ ڪئي وئي. بئگ جي ھڪ خني مان رت ھاڻو ڇرو نڪتو جنھن کي ڏسندي ئي انسپيڪٽر رعبدار آواز ۾ پڇيو:
    ”پئسا ڪٿي آھن، مسٽر؟ “
    اڪينوف جي دماغ ۾ ڄڻ ڪنھن مترڪو وھائي ڪڍيو ھجي. ھن ھٻڪندي ھٻڪندي چيو: ”آئون اڻ ڄاڻ آھيان. مون کي ته ڪابه خبر ناھي. ھي ڇرو منھنجو ناھي. توھان مون تي ڀروسو ڪيو، ته ھي ڇرو منھنجو نه آھي ۽ نه مون ھتي رکيو آھي. “
    پوليس ھن کي ان ئي وقت گرفتار ڪري پاڻ سان وٺي وئي.
    عدالت ۾مخالف ڌر جي وڪيل ھن تي الزام لڳايو ته رات جو دير تائين اڪينوف کان علاوه ٻئي ڪنھن به مقتول کي نٿي سڃاتو. ان کان علاوه قتل ڪرڻ وارو ھٿيار يعني رت وارو ڇرو پڻ اڪينوف جي بئگ مان نڪتو آھي ۽ ھن جي ڳالھائڻ جوانداز پڻ سندس مجرم ھجڻ جي پڪ پيو ڏئي.
    اڪينوف قسم تي بيان ڏنو ته ھو بي ڏوھي آھي. چانھه پيئڻ کانپوءِ ھو پنھنجي ڪمري ۾ سمھڻ لاءِ ھليا ويا ھئا ۽ پوءِ ان بعد هن ميلووان کي نه ڏٺو ۽ ھي رت ھاڻو چاقو پڻ ڪنھن ٻئي کڻي منھنجي بئگ ۾ رکيو ھجي.
    پر رڳو پنھنجو پاڻ کي بي گناھه سڏائڻ تي عدالت ملزم جي بي گناھيءَ تي يقين نٿي ڪري سگھي.
    ولاديمير شھر ۾ اڪينوف جي چال چلن جي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. شھر جي واپارين ۽ ٻين ماڻھن کان فقط ايترو معلوم ٿي سگھيو ته زندگيءَ جي شروعاتي سالن ۾ ھو شراب جو عاشق ھو، ساز ۽ موسيقيءَ جو پڻ، پر شادي کانپوءِ ھن اھي ڳالھيون به ڇڏي ڏنيون ھيون. مجموعي طرح ھو ھڪ سٺو ۽ نيڪ ماڻھو سمجھيو وڃي ٿو.
    اڪينوف جي زال ماڻھن واتان ڳالھيون ٻڌي سخت پريشان ٿي وئي. ھن کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته ھو ڇا ڪري. عجيب حالتون پيدا ٿي پيون ھيون. ھوءَ پنھنجن ٻارن کي پاڻ سان وٺي پنھنجي مڙس سان ملڻ لاءِ جيل ڏي رواني ٿي. مڙس سان ملي ھن کيس پنھنجي گھر جو سڄو احوال ٻڌايو ۽ کانئس سندس حال پڇيو ته ھن تي ڇا وھي رھيو آھي.
    اڪينوف سڀ ڳالھيون بنا ڪنھن رک رکاءُ ۽ لڪائڻ جي ھن سان ڪيون ۽ پوءِ ھن پنھنجي زال کي چيو ته ھوءَ روس جي بادشاھه زار وٽ رحم جي اپيل ڪري ته ھڪ بي گناھه ماڻھوءَ کي انھن ڏوھن جي سزا ملي رھي آھي جيڪي ھن بلڪل نه ڪيا آھن. مھرباني ڪري ھن سان انصاف ڪيو وڃي.
    مارينا ڏکويل آواز ۾ کيس ٻڌايو ته ھن شھنشاھه کي عرض ڪيو ھو پر شھنشاھه ھن جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اڪنيوف دلشڪستو ٿي ھيڏانھن ھوڏانھن پنھنجي جيل جي ڪوٺيءَ ۾ ڇت کي ڏسڻ لڳو. ملاقات جو وقت ختم ٿي رھيو ھو. ھن جي زال اٿي ۽ جيل جي سيخن کي ٻنھي ھٿن سان جھلي چوڻ لڳي:
    ”پيارا اڪينوف پنھنجي دل ٽٽل زال کي سچ ٻڌاءِ ته ڇا واقعي اھو ڏوھه تو ڪيو آھي. “
    ھن پنھنجو منھن مٿي ڪري مارينا جي چھري تي آخري نگاھون وڌيون ۽ پوءِ ٻنھي ھٿن سان پنھنجي منھن کي لڪائي پٺيان ٿي ويو.
    اڪينوف کي ٻين ڏوھارين سان گڏ سائبيريا موڪليو ويو. سائبيريا روس جي اتر ۾ (اتر قطب جي بلڪل ويجھو) علائقو آھي جتي ٻارھوئي سخت ٿڌ رھي ٿي. اتي وڏن ڏوھن جي مجرمن لاءِ روس طرفان قيد خانا ٺھيل آھن. اڪينوف سائبيريا جي جيل ۾ ويٺي ويٺي ھن تي لڳل الزامن جو سوچيندو رھيو، پر جڏھن ھن کي اھا ڳالھه ياد آئي ته ھن جي زال به ھن تي شڪ ٿي ڪري ته ھن جي دل ڄڻ ته ٻڏي ٿي وئي. ھو سوچيندو رھيو ته اي خدا تون ئي دلين جو مالڪ آھين ۽ حقيقت کان واقف آهين. آئون توکان رحم جي ئي اميد ڪريان ٿو. ھن قيد خاني ۾ ئي ھڪ ڪتاب ”اوليائن جون ڳالھيون“خريد ڪيو. ھر آچر تي ھو ان ڪتاب جا صفحا پڙھندو ھو ۽ قيد خاني جي گرجا گھر ۾ ڳائڻ وارن سان گڏ شامل ٿي ڳائيندو ھو. عبادت سان اڪينوف جي دل کي چڱو سڪون نصيب ٿيو.
    ھن کي پنھنجي گھرجي ڪا خبر نه پئي. ھن پنھنجي زال کي ياد ڪيو ٿي ۽ ٻارن جو پڻ سوچيو ٿي. قيد ۾ اچڻ بعد ھن کي ڪنھن به کلندي يا مرڪندي نه ڏٺو. واندڪائيءَ ۾ يا ته ھن مذھبي ڪتاب پڙھيو ٿي يا خلائن ۾ گھوريو ٿي. قيدخاني جي آفيسرن ھن جي نيڪ طبيعت ڪري ھن جي عزت ڪئي ٿي. قيد خاني ۾ ڪڏھن ڏوھارين جي وچ ۾ جھيڙو جھٽو ٿي پيو ٿي ته فيصلي لاءِ اڪينوف کي وچ ۾ آڻيندا ھئا. قيدين کي ڪڏھن ڪا ڳالھه آفيسرن کي مڃائڻي ھوندي ھئي ته ھو اڪينوف کي پنھنجي نمائندي طور موڪليندا ھئا. اھڙي طرح اڪينوف کي سائبيريا جي جيل ۾ ڇھويھه سال گذري ويا. ھن جي مٿي جا وار برف جھڙا اڇا ٿي ويا، سندس اڇي ڏاڙھي وڌي وئي ھو ھاڻ ڪنڌ ۽ ڪلھا ھيٺ جھڪائي ھلڻ لڳو ھو.
    ھڪ برفباري واري ۽ خشڪ صبح جو مجرمن جو ھڪ ٻيو جٿو ھن جيل ۾ پھتو. رات جي وقت جڏھن ڪوٺين ۾ ٻرندڙ بتيون وسايون ويون ته پراڻا قيدي نون آيل قيدين جي چوڌاري ٿي ويٺا. گھٽيءَ ۾ ٻرندڙ ھلڪي بلب جي چونجھي روشني ڪوٺين ۾ اچي رھي ھئي. جيل ۾ پھريون ڏينھن ۽ پھرين رات وڏي تڪليف واري ٿئي ٿي. نوان پراڻا قيدي پنھنجون پنھنجون ڪھاڻيون ٻڌائڻ ۾ مصروف ٿي ويا. اڪينوف به ان متل محفل ۾ اچي ويٺو.
    ھاڻ ھڪ سٺ سالن جي مضبوط ھمراھه جو وارو ھيو. ھن پنھنجي ڪھاڻي شروع ڪندي چيو:
    ”دوستو! آئون ته بي قصورجھليو ويو آھيان. “
    ”صحيح آھي توکڻي قانون جي خلاف ڪو ڪم نه ڪيو ھوندو. “ ھڪ پراڻي قيديءَ ھن سان ھمدردي ڪندي چيو، ”بلڪل اھڙي طرح جيئن اسان ڪو ڏوھه نه ڪرڻ جي باوجود ھتي ويٺا آھيون. “
    ”دوستو! “ ھن نئين آيل ڏوھاريءَ پنھنجي ڳالھه وري شروع ڪئي. ”آئون ھڪ برف گاڏي ۾ جوٽيل ھڪ گھوڙي کي ڪاھي ويو ھوس جنھن تي مون کي چوريءَ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. جيتوڻيڪ ھي ڪم مون فقط جلد گھر پھچڻ لاءِ ڪيو ھو. منھنجو ارادو ھو ته آئون ھن کي ڇڏي ڏيان جو ھن جو ڪوچوان منھنجو دوست ھو ۽ منھنجي خيال ۾ ائين ڪرڻ ۾ ڪو حرج نه ھو. پر ھائو! ھڪ دفعي مون کان واقعي ھڪ ڏوھه ٿي ويو ھو، جنھن جي سزا ۾ مون کي گھڻو اڳ ھتي اچڻ کتو ٿي، پر ان وقت آئون بچي ويو ھوس. پر ان جي سزا مون کي ھاڻ ملي آھي جو آئون ھن وقت بيگناھه آيو آھيان“
    اڪينوف منھن مٿي کڻي ھن ڏي ڏٺو. ”تون ڪٿي جو رھڻ وارو آھين
    ”ولاديمير جو. “ اڪينوف وراڻيو.
    ”منھنجي زال به ان ئي شھر جي آھي. منھنجو نالو مسمي اونچ آھي. “
    اڪينوف وڏي حيرت مان ھن کان پڇيو، ”تون واقعي ولاديمير جو آھين ڇا؟ ڀلا اتي جي اڪينوف سوداگر متعلق ڪا ڄاڻ اٿئي؟ “
    ”ھا. آئون ھن کي سڃاڻان ٿو، “ ھن جواب ڏنو، ”اڪينوف فئملي ولاديمير جي مشھور سوداگرن جي فئملي آھي. ھنن جي پيءُ گھڻو گھڻو اڳ ھڪ قتل ڪيو ھو جنھن جي ڏوھه جي سزا ھو سائيبيريا جي ڪنھن قيد ۾ ڪاٽي رھيو آھي. “
    اڪينوف خاموشيءَ سان خلا ۾ گھورڻ لڳو.
    ”ڀاءُ تون ڪھڙي جرم ۾ ھتي آيو آھين؟ “ مسمي اونچ جيل جي ڪوٺڙيءَ ۾ ماٺ کي ختم ڪندي پڇيو.
    جيل جي ٻين قيدين مسمي اونچ کي ٻڌايو ته ڪھڙي طرح اڪينوف کي ناجائز طور سزا خاطر سائيبيريا موڪليو ويو آھي. مسمي اونچ ڦاٽل اکين سان اڪينوف ڏي ڏٺو ۽ پوءِ ھٻڪي ھٻڪي پڇيو: ”تون آھين مسٽر ايوان اڪينوف.... تون ڪيڏو ته پوڙھو ٿي ويو آھين. “
    ٻين قيدين حيرت مان ھن کان پڇيو: ”ڇا تون اڪينوف کي پھرين به ڏٺو آھي؟ “
    پر ھو خاموش رھيو. ھن فقط ايترو چيو: ”عزيزو ھيءَ حيرت جي ڳالھه ناھي ته اسان جو ميلاپ ھتي ئي ٿيو آھي.
    اڪينوف آھستي چيو: ”شايد تو مون کي پھرين به ڪٿي ڏٺو آھي يا ھن معاملي متعلق ٻڌو ھجي. ھيءَ دنيا افواھن سان ڀري پئي آھي ۽ آئون ٻڌڻ بنا ڪيئن ٿي رھي سگھيس. پر ان کي تمام وڏو عرصو گذري چڪو آھي. “
    ھن لاپرواھيءَ سان جواب ڏنو.
    اڪينوف کي ائين لڳو ته ھي شخص قاتل کي سڃاڻي ٿو يا شايد ھي پاڻ ئي قاتل ھجي. ھو ماٺ مٺوڙي ۾ اتان اٿي ويو.
    ھو سڄي رات جاڳندو رھيو. مختلف خيال ھن جي دماغ ۾ ايندا رھيا. ھن پنھنجي زال متعلق سوچيو. ھن جو اُداس چھرو ۽ ڳوڙھا ڳاڙيندڙ نيڻ ھن جي اکين اڳيان ڦرڻ لڳا. ھن کي ياد آيو ته ھوءَ ڪيئن ھن سان کل خوشيءَ سان ڳالھيون ڪندي ھئي. ھن پنھنجي ٻارن کي ياد ڪيو. ھو تمام ننڍا ننڍا ھئا. ھن پاڻ بابت سوچيو. ھو ان وقت جوان ھو، خوش باش ھو. پوءِ جيل جا ڇهويھه سال ھن کي ياد اچڻ لڳا. حالتن ھن کي وقت کان اڳ پوڙھو ڪري وڌو. اھو سڀ ڪجھه سوچي ھو غمگين ٿي ويو ۽ ھن جي اکين مان ڳوڙھا ڳڙڻ لڳا.
    پندرھن ڏينھن گذري ويا، نه ته ھي ھن جي ڪوٺيءَ ۾ ويا ۽ نه ھن سان ڪا ڳالھه ٻولھه ٿي. ھو اڪيلو اڪيلو اُداس رھڻ لڳو. ھن کي ڪنھن به حالت ۾ سڪون نٿي آيو.
    ھڪ رات جڏھن ھو قيدخاني ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن ڦري رھيو ھو ته جن تختن تي رات جو قيدي سمھن ٿا، انھن مان ھڪ تختي جي ھيٺان ڪجھه مٽي ٻاھر نڪتي پئي آھي. ھو اتي بيھي سوچڻ لڳو ته ائين ڀلا ڇو آھي. اوچتو مسمي اونچ تختي جي ھيٺان پٻن تي ھلندو ٻاھر نڪتو. اڪينوف کي ڏسي ھن جي منھن جو پنو لھي ويو.اڪينوف جلدي وڃڻ لڳو، پر مسمي اونچ ڊوڙ پائي ھن جا ھٿ جھليا ۽ ھن کي ٻڌايو. ”مون ڀت جي ھيٺان ھڪ سوراخ کوٽي ورتو آھي ۽ ھر روز جڏھن قيدين کي ڪم تي نيو وڃي ٿو ته اسين بوٽن کي مٽيءَ سان ڀري وٺون ٿا ۽ ٻاھر نڪري رستي تي بوٽ خالي ڪريون ٿا. پوڙھا ماڻھو تون چپ رھجانءِ. تون به ڪنھن نه ڪنھن ڏينھن ضرور ٻاھر وڃي سگھندين. پر جيڪڏھن سپاھين کي خبر پئجي وئي ته ھو مون کي چھبڪ ھڻي ھڻي ماري ڇڏيندا.
    اڪينوف ھن ڏي ڏٺو. ھو ڪاوڙ ۾ ڏڪڻ لڳو. ھن پنھنجو ھٿ ڇڏايو ۽ اھو چئي ھليو ويو: ”مونکي ٻاھر ڀڄڻ جي ڪا تر جيتري به خواھش ناھي. “
    ٻئي ڏينھن جڏھن قيدي ڪم تي نڪتا ته حفاظتي پوليس محسوس ڪيو ته قيدين مان ڪنھن شخص پنھنجي بوٽن مان ڪجھه مٽي ڪيرائي آھي. پوليس کي پڪ ٿي وئي ته ڪو سرنگ کوٽي رھيو آھي. ھنن ھڪدم سرنگ جي ڳولا ڪري ورتي. سڀني قيدين کي ٻاھر ٿڌ ۾ بيھاري جيل جي منتظم ھنن کي قهريلين نگاھن سان ڏٺو۽ پوءِ کانئن پڇيو ته اھا سرنگ ڪنھن کوٽي آھي. سڀئي قيدي خاموش رھيا. آخر جيل جو منتظم اڪينوف ڏي آيو ۽ چيو ته تون نيڪ ۽ سچار پوڙھو ماڻھو آھين. خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي ٻڌاءِ ته سرنگ ڪنھن کوٽي آھي.
    اڪينوف جا چپ ۽ ھٿ ڏڪڻ لڳا. ھن سوچيو ته ھن شخص منھنجي زندگي تباھ ڪري ڇڏي آھي. مون کي ڪھڙو حق ٿو ملي جو آئون ھن جي زندگي بچايا. ھن کي پنھنجي ڪئي جي سزا ملڻ کپي ۽ پوءِ ھن کي اھو به خيال آيو ته جيڪڏھن مون ھن جي شڪايت ڪئي ته ھو ھن کي چھبڪ ھڻي ھڻي ماري ڇڏيندا. ٿي سگھي ٿو ته ھن نه ڪيو ھجي مون کي ھن تي اجايو شڪ ھجي. ھن جي مار کائڻ مان مونکي ڪھڙو فائدو رسندو. منتظم وري رڙ ڪري ھن کان پڇيو: ”پوڙھا ماڻھو مون کي سچ سچ ٻڌاءِ ته اھا سرنگ ڪير کوٽيندو ھو؟ “
    اڪينوف ھڪ نگاھه مسمي اونچ تي وڌي ۽ چيو:
    ”جناب منھنجي لاءِ اھو ٻڌائڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. توھان کي جيڪو سلوڪ وڻي اھو ڀلي مون سان ڪريو. آئون توھان جي قبضي ۾ آھيان، پر خدا جي شايد اھا مرضي ناھي ته ڪو آئون توھان کي ٻڌايان. “
    ان رات اڪينوف پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ ستو پيو ھو ته ڪو ھن وٽ آيو. اڪينوف اونداھه ۾ ھن کي سڃاڻي ورتو. ھو مسمي اونچ ھو. ھو خاموشيءَ سان اچي ھن وٽ ويٺو ۽ ڪنڌ جھڪائي آھستي آھستي چوڻ لڳو:
    ”اڪينوف مون کي مھرباني ڪري معاف ڪر. آئون اھو ئي شخص آھيان جنھن سوداگر کي قتل ڪرڻ بعد رت ھاڻو ڇرو تنھنجي بئگ ۾ رکيو ھو. آئون توکي به قتل ڪري تنھنجي ملڪيت کڻڻ وارو ھوس، پر مون کي تنھنجي ڪمري جي ٻاھران ڪنھن جي ڳالھائڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. پوءِ مون ڇرو تنھنجي بئگ ۾ لڪايو ۽ دريءَ کان غائب ٿي ويس. “
    ھو گوڏن ڀر جھڪيو. ”اڪينوف مون کي معاف ڪر. خدا جي واسطي مون کي معاف ڪر. آئون اقرار ڪندس ته سوداگر کي مون ماريو آھي ۽ پوءِ تون پنھنجي گھر وڃي سگھندين. “
    ھو فرش تي پنھنجو مٿو ھڻندو رھيو. ”اڪينوف جڏھن ھنن مونکي چھبڪن سان ماريو پئي ته مون لاءِ اھو برداشت ڪرڻ اھڙو ڏکيو نه ھو جھڙو ھينئر تنھنجي خاموشيءَ کي برداشت ڪرڻ آھي. تون منھنجو راز ظاھر نه ڪيو ۽ مون تي رحم کاڌو. يسوع مسيح جي صدقي مون کي معاف ڪري ڇڏ. آئون تمام گھڻو بدقسمت آھيان“ ھن جي اکين مان ڳوڙھا لارون ڪري وھڻ لڳا.
    اڪينوف ھن کي دلداري ڏني ۽ چيو: ”ھمت کان ڪم وٺ منھنجا دوست. جيڪي ڪجھه ٿيڻو ھو سو ٿي ويو. مون ڇويھه سال مصيبتون سَٺيون، ھاڻ آئون ڪيڏانھن وڃي سگھندس. منھنجي زال مري چڪي آھي. ٻارن کي به ھاڻ آئون ياد نھ رھيو ھوندس. ھاڻ منھنجي لاءِ ڪو گھر ٺڪاڻو نه رھيو آھي. خدا جي درٻار ۾ تون پنھنجي جرم جو اقرار کڻي ڪر. خدا توکي معاف ڪري ڇڏيندو. شايد آئون توکان وڌيڪ گنھگار ھجان. “
    انھن جملن سان ھن جي دل جو بار ھلڪو ٿيو ۽ ھن جي دل مان واپس گھر وڃڻ جي تمنا ختم ٿي وئي.
    ٻئي ڏينھن مسمي اونچ جيل جي منتظم اڳيان پنھنجي ڏوھ جو اقرار ڪيو. ھن جي ڏوھه قبولڻ جي خبر گورنر تائين پھتي. جنھن ولاديمير جي حڪومت سان رابطو ڪيو. پوليس وڌيڪ تحقيقات ڪري اڪينوف جي بي گناھ ھجڻ جي تصديق ڪئي. پنجن ھفتن بعد سائيبيريا جي گورنر ھن کي باعزت آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.
    ان ڏينھن اڪينوف تمام گھڻو بيمار ھو. ھن جا ساٿي سنگتي ھن کي باعزت آزاد ٿيڻ جي خبر ٻڌائڻ لڳا.
    ”بي....... ڏوھي........... آھيان. “ ھن ٻڏل آواز ۾ ڀڻڪيو، ”مون کي .......... آزاد........ ڪيو پيو وڃي! “ پوءِ ھن جو ڪنڌ ھڪ طرف لڙڪي پيو.......... ۽ ھن جا سڪل چپ ان قسم جي انصاف تي مُرڪندا رھيا.

    [ھيءَ ڪھاڻي پڻ ليو ٽالسٽاءِ جي آھي، جنھن جي زندگيءَ جو احوال ھن کان اڳ واري ڪھاڻيءَ جي آخر ۾ اچي چڪو آھي. ]


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 478
    ڪتابن جو مشاهدو: 428666
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 174396
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ