ڪتاب جو نالو: پيار جي گھُٽ
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 1982
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 18 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 330 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 276 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”پيار جِي گھُٽ“ سنڌ جي نامياري ليکڪ ۽ سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جو ڪهاڻين ۽ سفرنامي تي مشتمل هڪ بهترين ڪتاب آهي جيڪو 1982ع ۾ ڇپيو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب
  • الطاف شيخ
  • پڙهندڙن وٽان
  • ڄاڻ
  • سمنڊ تي عيد
  • منهنجو جاني ته جهاز ۾
  • مان ۽ منهنجو ڪئبن ــ ميٽ
  • هڪ اسپتال ــ هڪ ننڍڙي دنيا
  • اڄُ ڇا پچائجي........؟
  • توهان کان ڇا لڪائجي
  • بد حواسيون
  • فرسٽ ڪلاس:
  • پيار جي گھُٽ
  • ڪونهي ات ڪوهيار
  • زندگي ۽ موت جي وچ ۾ وِٿي
  • ٽرنيڊاڊ ٻيٽ
  • بيڪ ٽائيٽل ڪمينٽس

  • انتساب

    Dedicated to my respected teacher
    Commander,
    M. ASRARULLAH
    P.N (Retd)
    EX-PRINCIPAL, Cadet College Petaro
    Ex-Education Officer,
    Pakistan Marine Academy
    C H I T T A G O NG.


    الطاف شيخ

    (هڪ اڀياس)
    سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز پنهنجي نظم ”ويٽ ڪانگ جو سائگان تي حملو“ ۾ دنيا جي هڪ آزادي جي ويڙهاڪ قوم جي پنهنجي وطن سان هن ريت ڀيٽ ڪئي آهي:
    اي وطن! هيءَ خبر
    سڄ جهڙي، مگر
    هت ته ڪارا ڪڪر ڀرجندا ٿا وڃن.
    ويهين صديءَ ۾ ڏور مواصلاتي ذريعن ۽ سُڌ سماءِ جي وسيلن جي اوسر سڄي دنيا کي هڪٻئي جي آڏو آڻي بيهاريو آهي، ان ڪري قومون پنهنجي اوڻاين ۽ چڱاين جي ڀيٽ ڪري سگھن ٿيون ۽ پروڙ به. قومن جي وچ ۾ سماجي اؤسر جي جيڪا وڇوٽي رهجي ويئي آهي، سا پڻ ڳولهي لهڻ، اڄُ انهن وسيلن جي اؤسر سبب سولي ٿي پيئي آهي. ان وڇوٽي کي ماڻهو دنيا جي سياسي، سماجي ۽ سائنسي مطالعي ۽ سُڌ سماءَ سان پروڙي به سگھي ٿو ته اکئين ڏٺي مشاهدي سان بيان ڪري سگھي ٿو. شيخ اياز جتي مٿي ڄاڻايل ڀيٽ پنهنجي مطالعي ۽ اڀياس جي آڌار تي ڪئي آهي، اتي الطاف شيخ وري اها وڇوٽي دنيا جا سمونڊ لتاڙي اکين ڏٺي مشاهدي ذريعي بيان ڪئي آهي.
    آمريڪا جي آزادي (اڻپوري) ۾ جتي آمريڪي انقلاب جي پائي وجھندڙن Founding Fathers جو حصو آهي، جن دنيا جھاڳي اهو محسوس ڪيو هئو ته هو، ’وطن کان سواءِ‘ Men without Country آهن. ان حساس آمريڪا ۾ قومي سڃاڻ لاءِ تڙپ کي جنم ڏنو. الطاف جو پيشو به ملاحي آهي. منجھس قوم جي ٻين اسريل قومن سان ڀيٽ ڪري قوم منجھه جاڳائڻ جو جذبو آهي.
    الطاف ان سموري احساس هوندي به ڪڏهن ڪڏهن ٻين ملڪن ڏانهن Sailors جي زوال پذير ۽ بيمقصد سوچ واري رويي جو پڻ شڪار ٿئي ٿو. ان ڪري سندس ڪتابن ۾ ترقي جو مقصد گھڻو تڻو ٻاهريون ٺٺُ ٺانگر ئي ڀاسجي ٿو. ۽ سندس سفرناما هر ملڪ جي اندروني سماجي تضادن ۽ تاريخ جي ڳوڙهي اڀياسن کان بلڪل خالي آهن ۽ هجن به ڪيئن نه سندس سفرناما:
    ”رات رهن ۽ صبح ڪن وڃڻ جي تياري“
    جي عالم ۾ لکيل آهن، ان ڪري اڪثر ان خاميءَ جو شڪار بڻجڻا آهن.
    هڪ ٻيو معاملو جيڪو الطاف جي سفرنامن منجهه ڳوڙهي مشاهدي جي راهه ۾ رنڊڪ آهي، سو آهي سندس ڪئريئر. سندس ڪئريئر کيس ڪڏهن ڪڏهن اهڙي سوچ جو شڪار بڻائي ٿو، جيڪا نه رڳو:
    ”روئي ڏنو رات، ڏسي ڏکوئن کي“
    جي ابتڙ آهي، پر انهن معاشرن جي به خلاف آهي، جيڪي ڏک ۽ رنج جي خاتمي لاءِ ويڙهاند سبب ڪجهه کهرا آهن. ان سوچ جو پرتو سندس ڪيوبا ۽ اوڀر يورپ جي ملڪن خلاف جملن ۾ چٽو ٿي اچي ٿو.
    جيتوڻيڪ الطاف کي اڃا ڪئين خامين ۽ ڪمزورين تي غالب پوڻو آهي، پر تنهن هوندي به هن حالت ۾ اڳتي وڌيل قومن جي پنهنجي پٺتي پيل قوم بنا ڪنهن ڪمتري جي احساس پيدا ڪرڻ جي ڀيٽ ذريعي هو قومي جدوجهد ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. شل سندس مضطرب اظهار ڪنهن طوفان سان آشنا ٿي، هر ملڪ جي سانگين ۽ پورهيتن جي امنگن ۽ احساسن جو بيان بڻجي.


    نبي بخش کوسو
    ڪراچي 1971


    پڙهندڙن وٽان

    توهان جي ڪجهه نون ڪتابن جو ذڪر زماني ۾ هلي پيو پر شايع نه ٿيا آهن، انتظار آهي. اڳ ۾ ڇپيل اوهان جا سڀ ڪتاب پڙهيا اٿم ۽ ڏاڍي شوق سان پڙهيا اٿم ۽ وڻيا اٿم. البت اخبارن ۾ قسطوار شيون نه پڙهندو آهيان.
    ..... عبدالقادر جوڻيجو

    تمام گھڻا ادارا تنهنجا ڪتاب ڇپرائي رهيا آهن پر تو هڪ ڳالهه جو شايد ڪڏهن به خيال نه ڪيو آهي. تون وڏو ليکڪ ٿي ويو آهين، پر تنهنجي ٻولي ۾ اڃا ڪچايون آهن، تو کي پنڪچوئيشن صفا ڪانه ٿي اچي. منهنجو ساگر منهنجو ساحل، بندر بازاريون ۽ وايون وڻجارن جون، کي چڱي طرح ڏسي وٺُ. يقين نه اچئي ته منهنجي ڇپايل ڪتاب ۽ پنهنجي اصل ڪاپي کي ڀيٽائي ڏس. ٻيا ائين نه ڪندا آهن، خامين سوڌو ڇپيندا آهن.
    ..... طارق اشرف

    اوهان جا سفرناما معلوماتي نوعيت جا حامل آهن، ان مان سنڌ واسين جيڪي حاصل ڪيو آهي، اهو وسارڻ جهڙو نه آهي. اوهان جي سفرنامن جو هڪ خاص مقام آهي ۽ سنڌ جي هر طبقي ۾ يڪسان مقبوليت حاصل ڪري چُڪو آهي.
    ..... غلام رسول ميمڻ

    توهان جو ڪوبه سفرنامو هٿ چڙهندو آهي ته ڇڏيندو ناهيان. ڪي ڪي نهايت ئي گرافڪ، وندرائيندڙ بيان هوندا آهن.
    ..... گرڌاري لال، بمبئي

    شروع کان مون کي سير سياحت جو شوق آهي. مان اوهان جي ٿورائتي آهيان، جو اوهان اسان لاءِ اهڙي معلوماتي ۽ دلچسپ تفريح مهيا ڪئي آهي. يقيناً اسان جهڙن نوَن لکندڙن اوهان جي تجربن ۽ اوهان جي لکڻين جي ٽيڪنڪ مان پرايو آهي.
    ..... زيب ’نازش‘، حيدرآباد

    توهانجي سفرنامن مان اهڙو ته سواد ايندو آهي جو هڪ ئي ڳيت ۾ پڙهي ويندو آهيان. توهان جي لکڻي نرالي آهي ۽ ان مان جوانيءَ جي خوشنما طبيعت جو هڳاءُ اچي ٿو. توهٿان جهڙا وڻندڙ ۽ دلچسپ لکڻ وارا اڄُڪلهه بلڪل نه برابر آهن، پر ڪي لفظ اهڙا ڪم آندا اٿَو، جيڪي اسان کي اسڪول ۾ 1910ع کان 1917ع تائين نه پاڙهيندا هئا. هن وقت اهڙي ٻولي لکجي، جا سنڌين کي سولائيءَ سان سمجھه ۾ اچي. پر وري به توهان اهڙا لفظ اٽي ۾ لوڻ برابر استعمال ڪيا آهن ۽ مطلب سمجھه ۾ اچي ٿو. باقي ڪي اهڙا ليکڪ آهن، جن کي سمجھڻ ئي ڏکيو آهي. اهو ساهتيه پاڻ ۾ ويڇو وڌائي ٿو. مان ته محبت ۽ ميلاپ جو حامي آهيان ۽ هتي جيڪي ليکڪ هندي لفظ ڪم آڻيندا آهن، تن جا ڇوڏا لاهيندو آهيان.
    ..... لوڪرام ڏوڏيجا، پونا


    ڄاڻ

    پڙهندڙ اڪثر ڪري وري وري فورٿ انجنيئر، ٿرڊ انجنيئر، ففٿ انجنيئر جا لفظ پڙهي پڙهي سوچيندا آهن ته اهي آخر آهن ڪهڙي بلا جيڪي بنا تعارف ڪرائڻ جي ڪتاب جي ڪنهن نه ڪنهن صفحي ۾ ڀڳا بيٺا آهن، سو اسان ضروري ڄاتو ته پڙهندڙن کي جهازي دنيا جي وڻندڙ واقعن ٻُڌائڻ سان گڏ اهو به ٻڌايون ته جهازي دنيا ڇا آهي ۽ ان تي عملو ڪهڙي نموني رکيل هوندو آهي.
    جهازي عملي کي ٻن حصن ۾ ورهائجي ٿو. هڪ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۽ ٻيو ڊيڪ ڊپارٽمينٽ. انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ چار کن ففٿ انجنيئر ٿين، جن ۾ ڪجهه جونئر ته ڪجهه سينئر هوندا آهن. ففٿ انجنيئر کان پوءِ مٿي رئنڪ فورٿ انجنيئر جي آهي ۽ ٻن يا ٽن سالن جي سينيارٽيءَ جو فرق ٿئي. ساڳيو فرق فورٿ ۽ ٿرڊ انجنيئر ۾ ٿئي. هر جهاز تي هڪ يا ٻه فورٿ انجنيئر ۽ هڪ يا ٻه ٿرڊ انجنيئر ٿين.
    سيڪنڊ انجنيئر ٿيڻ لاءِ هڪ قسم جا انٽرنيشنل امتحان ٿين جي دنيا جي ڪيترن مُکيه بندرگاهن ۾ ٿين. ان لاءِ ستاويهه مهينا Sea-time هجڻ ضروري آهي. جيئن هوائي جهاز لاءِ ’اڏام جا ڪلاڪ‘ ڳڻيا ويندا آهن. سيڪنڊ انجنيئر ٿيڻ کان پوءِ وري ٻيا ستاويهه مهينا Sea-time ڪرڻو پوندو آهي. ان بعد چيف انجنيئر جي پروموشن لاءِ امتحان ڏيڻا پوندا آهن. بلڪ محمود غزنوي واريون سومناٿ تي ڪاهون ڪرڻيون پونديون آهن. (جو هي امتحان جيتوڻيڪ مهيني ۾ ٻه دفعا ٿين پر پاس ڪو ورلي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٿئي) جيئن ته هن نوڪريءَ ۾ هر وقت جان جو خطرو رهي ٿو ان ڪري معمولي غلطيءَ جي به گنجائش رکيل نه هوندي آهي ۽ امتحان ۾ اهڙي غلطي ڪرڻ، جنهن جو سڌي يا اڻسڌي طرح جهاز جي عملي يا مسافرن جي زندگي سان واسطو هجي، ته فيل ڪرڻ سان گڏ سواءِ پٺتي Demote ڪيو وڃي ٿو. بهرحال امتحان لاءِ ميدان خالي ڇڏيل هوندو آهي جو همت ڪري پنهنجي قابليت ۽ سگھه آزمائي يا هڪ ئي پوسٽ تي ڄمي وڃي.
    ٻيو ڊيڪ ڊپارٽمينٽ آهي جنهن ۾ ٽي چار ڊيڪ ڪئڊٽ ٿين جيڪي مئرين اڪيڊمي جي ڪامياب ٿيل ڪئڊٽن کي يا ڪڏهن سنئون سڌو چونڊ تي جهازي ڪمپنيون کڻن. ڪئڊٽ بعد ٻي رئنڪ فورٿ آفيسر جي ٿئي. ان کان پوءِ هڪ ٿرڊ آفيسر، هڪ يا ٻه سيڪنڊ آفيسر جهاز جي ننڍ وڏائيءَ جي مطابق، هڪ چيف آفيسر ۽ آخر ۾ ڪئپٽن، جو جهازي زبان ۾ ’ماسٽر‘ سڏجي ٿو.
    چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن جي پوسٽ، پگھار ۽ ٻيون سهوليتون ساڳيون ٿين. امتحان سڀني جا انٽرنيشنل قسم جا ٿين جيتوڻيڪ ڊيڪ وارن جا سبجيڪٽ: Sea-man-ship (جهاز جي ڄاڻ)، Stability ، سامان رکڻ جو هنر، تارن جو علم ۽ رستي جي صحيح کوج (چارٽ ورڪ) نيويگيشن، موسميات، ڏيتي ليتي ۽ انتظامات وغيره ٿين، ۽ انجنيئرن جا مئٿس، اپلائيڊ مڪينڪس، Heat-Engines، ٿرموڊائنامڪس، Neval-Architect ۽ Ship-Construction ميٽلرجي، ريفريجريشن، اليڪٽرانڪس وغيره وغيره ٿين.
    جهاز مختلف قسمن جا ٿين. مکيه مالبردار (Cargo)، تيل کڻندڙ (Tanker)، مسافر بردار (Liner) جهاز آهن. مسافرن جي جهاز تي عملو وڌيڪ ئي رکيو ويندو آهي جيئن وقت جي وڌيڪ پابندي رهي.
    هي ڪتاب الطاف جي شُروعاتي ڪتابن مان هڪ آهي جڏهن پاڻ مختلف ڪارگو جهازن تي ففٿ انجنيئر هو، يعني سامونڊي زندگي ۽ جهازي ٽينڪنالاجي جي ڊگھي ڏاڪڻ جي هيٺاهين ڏاڪي تي هو. اڄُ پاڻ آخري مٿين ڏاڪي تي يعني چيف انجنيئر آهي. مون کي پڪ آهي ته ٻين پڙهندڙن سان گڏ کيس به پنهنجي جونئرشپ جا تجربا، مشاهدا، ڏکيا سُکيا ڏينهن ۽ واقعا پڙهي مزو ايندو.

    ا ل ـــــــــــ


    سمنڊ تي عيد

    سامونڊي زندگيءَ ۾ اچڻ کان اڳ اهو سمجھندو هوس ته عيد يا ٻئي ڪنهن وڏي ڏينهن تي جهاز کي هڪ هنڌ بيهاري يا ڪناري تي وٺي اهو ڏينهن جهاز جو عملو موڪل ڪندو هوندو، جيئن زمين تي آچر يا عيد جي ڏينهن آفيسن ۽ ڪارخانن ۾ ڪم بند رهندو آهي. پر پوءِ اهو خيال غلط نڪتو.
    جهاز هڪ ٻيٽ مثل آهي جو هلندو ئي رهي ٿو. جهاز هڪ محدود ۽ ننڍڙي الڳ ٿلڳ دنيا آهي جنهن جو ڪناري جي زندگيءَ سان ڪو واسطو ناهي. هر اهو ڏينهن عيد آهي جنهن ڏينهن جهاز بندرگاهه ۾ آهي، يا سمنڊ تي موسم صاف آهي ۽ پاڻي ماٺو آهي. ۽ اهو ڏينهن حشر مثل آهي جنهن ڏينهن موسم خراب آهي ۽ پاڻيءَ ۾ جوش آهي. اهو هرگز ضروري نه آهي ته عيد جي ڏينهن جهاز بندرگاهه ۾ هجي.
    اهي به ڪي ڏينهن هئا جڏهن جاگرافيءَ ۾ جهازن جا رستا ياد ڪبا هئا ته ڪراچيءَ کان لنڊن جهاز تي وڃڻ لاءِ رستي تي ممباسا، لارينزومارڪس، لئانڊا، ڊڪار وغيره ۾ ترسي، راشن پاڻي کڻي پوءِ لنڊن پهچبو. پر اڄُڪلهه اهو زمانو ختم ٿي چُڪو آهي. هاڻ ڪراچيءَ کان لنڊن ته ڇا پر ڪراچيءَ کان سڌو نيويارڪ بنا ترسڻ جي به پهچي سگھجي ٿو ۽ جهاز هفتن جا هفتا به لڳاتار سفر ڪري سگھي ٿو. اڄُڪلهه جا جهاز ايڏا وڏا آهن جن ۾ ٻارڻ جو تيل تمام گھڻو اسٽور ٿي سگھي ٿو. سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کي مٺو ڪرڻ لاءِ Evaporator آهن ۽ ڪولڊ اسٽوريج ۾ گوشت مڇي ڀاڄيون ميوا ڇهن مهينن تائين رکي سگھجن ٿا. اهڙي صورت ۾ عيد يا ڪنهن وڏي ڏينهن تي بندرگاهه ۾ جهاز جو هجڻ ضروري ناهي.
    عجيب اتفاق آهي ته سامونڊي زندگيءَ ۾ گھڙڻ بعد منهنجو هر عيد جو ڏينهن سمنڊ تي گذريو آهي ۽ ڪناري کان ميلن جا ميل پري، اهو ڏينهن ملهائڻو پيو هوندو. پوءِ ڪا عيد بحر اسود (ڪاري سمنڊ) ۾ آئي آهي ته ڪا عيد ائٽلانٽڪ جهڙي خطرناڪ سمنڊ ۾. تازو هن دفعي واري عيدالفطر به باوجود ڪوشش جي سمنڊ تي ئي گذري، ۽ اهڙي هنڌ تي ان ڏينهن اسان جو جهاز هو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ سمنڊ جو خطرناڪ ترين حصو سڏيو ويندو هو. جنهن يورپين کي سالن جا سال اوڀر اچڻ کان پئي روڪيو، ۽ ڪيتريون جانيون ۽ جهاز سخت سامونڊي ڇولين جي نظر ٿي ويا. اهو هنڌ ’ڪيپ آف گڊ هوپ‘ سڏجي ٿو. اهو هنڌ آفريڪا کنڊ جي بلڪل هيٺان پنج ڇهه سؤ ميلن جي پکيڙ ۾ اچي ٿو، جتي دنيا جا ٻه وڏا سمنڊ ــ ائٽلانٽڪ ۽ هندي وڏو سمنڊ هڪٻئي سان ملي هڪ ٿي وڃن ٿا. ان ئي هنڌ تي اسان هڪٻئي سان ڀاڪر پائي عيد ملهائي.
    ڪراچي ڇڏڻ وقت اٺون روزو هلي رهيو هو. ممباسا (آفريڪا) ۾ هفتي کن جو ڪم هو ۽ اسان ٻُڌو ته ممباسا جي بندرگاهه ۾ سوڙ آهي. جنهن حساب سان اسان سوچيو ته اسان کي جي هفتو کن به ٻاهر انتظار ڪرايائون ته عيد ممباسا ۾ پڪ ٿي ويندي. پر ائين نه ٿيو ممباسا شام جو اٺين بجي پهتاسين ۽ رات جو ٻارهين بجي جهاز کي اندر بندرگاهه ۾ اچڻ جو سگنل ڏنو ويو. پاڪستان ۾ انهن ڏينهن ۾ سرديءَ جي باوجود ممباسا ۾ سخت گرمي ۾ گذارڻو پيو جو ممباسا خط استوا تي آهي ۽ اهي ملڪ جيڪي خط استوا واري پٽِي تي آهن، انهن ۾ ٻارهوئي گرمي ٿئي. اتي چند ڏينهن ڪو معمولي سيءُ پوي.
    ممباسا ڇڏيوسين ته ٻاويهون روزو هلي رهيو هو، ۽ حساب لڳايوسين ته عيد آفريڪا کنڊ جي هيٺان ’ڪيپ آف گڊ هوپ‘ ۾ ٿيندي. جنهن جو سوچي هرهڪ کي بوريت ٿي، جو اهو سمنڊ جو حصو اهڙو آهي جتي ٻارهو ئي سمنڊ خراب رهندو آهي. اتفاق سان ڪو ڏينهن اڌ اهڙو هوندو، جو سمنڊ سانتيڪو هجي، نه ته وڏا وڏا جهاز به لهرن جي رحم ڪرم تي هوندا آهن ۽ اهو سمنڊ جي خراب هجڻ جو سلسلو ٽي چار ڏينهن اڳ ’موزمبيق‘ چينل ۾ گھڙڻ سان شروع ٿي ويندو آهي. موزمبيق چينل سمنڊ جو اهو حصو آهي جيڪو ’موزمبيق‘ ملڪ ۽ ’مئڊگاسڪر‘ ٻيٽ جي وچ ۾ اچي ٿو. هي اهي سمنڊ جا حصا آهن جن کان وڏا وڏا ملاح به ڪيٻائيندا آهن ۽ هاڻ ته سئيز ڪئنال بند ٿيڻ بعد آفريڪا کي ڦيرو ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو ويجھو گس ڪونهي.
    ممباسا ڇڏڻ کان پوءِ اسان جو جهاز ٽن ڏينهن کان پوءِ موزمبيق چينل جي منهن وٽ پهتو ۽ آهستي آهستي سمنڊ پنهنجي اصليت ڏيکارڻ لڳو. شام کان سمنڊ جهاز کي گڏهه وانگر ڪُڏائڻ شُروع ڪيو. آئون پنهنجي رات جي چار ڪلاڪ ڊيوٽي (اٺين کان ٻارهين تائين) ڏيئي پنهنجي ڪئبن ۾ آيس ته ڪئبن جو نقشو بدلجي چُڪو هو. ڪو ٽپڙ ڪٿي ته ڪو ڪٿي! جلدي جلدي هر شيءِ رسن سان سوگھي ڪري سُتس. رات جو چئين بجي اک کُلي پيئي ۽ محسوس ڪيم ته پلنگ تي هاڻ سمهڻ مشڪل آهي. جهاز ڪڏهن کاٻي ڪڏهن ساڄي جھُڪي رهيو هو ۽ سمنڊ جون ڇوليون جهاز کي ٻنهي پاسن کان ڄڻ ٿڦڙون هڻي رهيون هيون. ٻه ٻه وهاڻا پاسن کان ڏيئي ڪوچ تي سمهي رهيس ۽ باقي چار ڪلاڪ جهڙي تهڙي ننڊ ۾ گذاريم. صبح جو اک کُلي ۽ دريءَ جو پردو هٽائي ڏٺم ته سمنڊ جي حالت ويتر خراب هئي. اهو سمنڊ، جو رات تائين اندر ئي اندر وَٽ کائي رهيو هو، سو هاڻي گردي جي مريض وانگر ڦٿڪڻ لڳو هو.
    جهاز جي اڻپوري چُرپُر جو انجڻ تي به اثر پيو، ڪڏهن ليوب آئل پمپ جو دٻاءُ گھٽجي ٿي ويو ۽ انجڻ خطري جون گھنٽيون ٿي وڄايون ته ڪڏهن Pistons کي ٿڌي رکڻ جو پاڻي گرم ٿيو ٿي ويو. مين ــ انجڻ جي ٻئي ۽ پنجين نمبر يونٽ ۾ هڪ طرف مستقل ناڪنگ ٿي رهي هئي ته ٻئي طرف’گورنر‘ آٽوميٽڪ تي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. مطلب ته ڏينهن جي ڊيوٽيءَ جا ٻه چار ڪلاڪ ڀــڄ ڊڪ ۾ گذريا. پنهنجي طبيعت کي سنڀال ته جهاز جي انجڻ جي طبيعت خراب!
    منجهند کان پوءِ ته سمنڊ بلڪل هٿن مان نڪري ويو. ائين ٿي لڳو ته ڄڻ حد کان وڌيڪ پي ويو هجي ۽ نشي ۾ بدمست ٿي اناپ شناپ بڪڻ لڳو هجي. دريءَ مان سمنڊ ڏسڻ سان هيبت پئي ٿي. اهو سمنڊ، جو جهاز جي ڊيڪ تي ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڏسڻ سان به دل نه ڀرجي، تنهن جي تصور سان ئي دل ۾ خوف ۽ سيوڪاري پيدا ٿي ٿي. اسان جو جهاز فقط مالبردار هجڻ جي باوجود ڪجهه مسافر لنڊن لاءِ کڻي هليو هو. ۽ ان وقت ممباسا کان سڌو لنڊن ٻاويهن ڏينهن جي سفر تي هلي رهيو هو. جهاز جي اها حالت شروع ٿيڻ کان وٺي ڪو مسافر ٻاهر نظر نٿي آيو. مسافر ته ڪو دل ٻڌي نٿي سگھيو پر اسان جي عملي جي به ڪن ماڻهن همت هاري ڇڏي. رکي رکي ڪنهن ڪنڊ پاسي مان ڪنهن جي اٻڙاڪ يا الٽيءَ جو آواز ٿي آيو. سڀُ شرابين وانگر هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين هلڻ وقت لڏي رهيا هئا، ۽ هر جهازي پنهنجي بچيل همت ۽ آزمودي کان ڪم وٺي هر لوڏي ۽ لهر جو دليراڻو مقابلو ٿي ڪيو. جهاز تي هڪ مستقل زلزلو برپا ٿي چُڪو هو. سي ــ سڪنيس ٿيڻ ڪري ٻئي ڏينهن ڪيترن روزو ئي نه رکيو. اسر ويل جيڪي روزو رکڻ لاءِ ڊائننگ هال ۾ آيا تن سان به حالت هئي. هڪ هٿ سان پنهنجو پاڻ کي جھلڻو ٿي پيو ته ٻئي سان بيهي کائڻو ٿي پيو. حالت اها هئي جو چمچو منهن تائين آڻ ته هيٺان پليٽ نڪريو وڃي. ڪنهن به شيءِ کي کائڻ تي دل نه ٿي چاهيو. جھٽڪن ڪري ائين ٿي لڳو ته ڄڻ آنڊا ٻاهر نڪرڻ وارا آهن. پاسي کان ٿرڊ آفيسر احمد حسين مخدوم بيٺو هو. ان کي چيم ته ”شهزادا عيد ته ٿيندي ڪيپ آف گڊ هوپ ۾. سمنڊ جي هينئر ئي حالت اهڙي جو ڄڻ جن پيو هجيس ته اڳتي ڇا ٿيندو؟“
    ”ادا مون ته اٺن وانگر ٻورا سبجڻ کان اڳ ممباسا کان روئڻ شروع ڪيو هو. اڳتي جي موسم جي رپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ريڊيو آفيسر ڪوشش ۾ لڳو پيو آهي . في الحال ته منهنجي Appendicitis جي ان ناميد مريض جهڙي حالت آهي جيڪو آپريشن ڪرائي نجات حاصل ڪرڻ بدران اهو ئي چاهيندو آهي ته هينئر ئي مران، ٻُڏان، جهاز ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي ته هن لڳاتار عذاب کان جان ڇُٽي.“
    جهاز ٻُڏو يا ٽڪرا ٽڪرا ته نه ٿيو پر ٽئين ڏينهن اوچتو سمنڊ ڦيرو کاڌو ۽ سامونڊي زلزلي جا لوڏا جھَڪا ٿيندا ويا. مست اٺ جي وات مان نڪرندڙ گجي جهڙي سامونڊ گجي ــــ جنهن کي جهازي، ”وائيٽ هارس“ سڏين، اوچتو غائب ٿي ويئي. هاڻي سمنڊ پوڙهي شينهن وانگر پنهنجي چُر جي اڳيان ستي ستي گجگوڙون ڪرڻ لڳو ـــ شام ڌاري ڏسندي ئي ڏسندي ماٺ ٿي ويو. هرهڪ جي جان ۾ جان اچي ويئي. سج لٿي مهل جهاز جي فاڪسل کان ساڄي پاسي ڏکڻ آفريڪا جي بندرگاهه ڊربن جي لائٽ هائوس جي روشني نظر آئي ـــ جتان کان ڪيپ آف گڊ هوپ جو سمنڊ شروع ٿئي ٿو ۽ اسان جي جهاز ڏکڻ آفريڪا جي Coasting شُروع ڪئي. عجيب اتفاق چئجي جو ٻئي ڏينهن کان سمنڊ بلڪل ماٺو ٿي ويو. اسان به اهو ئي چاهيو ٿي ۽ دعائون گھرڻ لڳاسين ته هڪ ڏينهن وڌيڪ اهڙي حالت رهي، جو ٻئي ڏينهن عيد ٿيڻ جي اميد هئي. شام جي وقت آسمان به بلڪل صاف هو ۽ سڀني عيد جو چنڊ چٽيءَ طرح ڏٺو ۽ ان وقت کان ئي ’چنڊ مبارڪ‘ جو جهاز تي هُل مچي ويو.
    جهاز جي ڪئڊٽن، اليڪٽريڪل انجينيئرن ۽ اليڪٽريشن گڏجي ڊائننگ سئلون، سموڪ روم (جهاز جو ڊرائنگ روم) ۽ ائلي وي (جهاز جون گھٽيون) رنگين بلبن، دنيا جي ملڪن جي جھنڊن ۽ سگنل ڪرڻ جي مختلف جھنڊن سان سينگاريون. ريفريجريشن انجنيئر ۽ سيڪنڊ آفيسر پنهنجي فرانسي عطر مان حصو حصو سڀني ۾ ورهايو. بٽلر ۽ ريڊيو آفيسر کاڌي جي فهرست ٺاهڻ ۾ لڳي ويا. عيد نماز جو ٽائيم صبح جا نَو وڳا مقرر ڪيو ويو. عيد جو ئي هڪڙو اهڙو ڏينهن هو، جنهن تي سڀني پنهنجا يونيفارم ڦٽا ڪري پنهنجا ملڪي ۽ علاقائي ڪپڙا پهريا. فورٿ انجنيئر نثار ۽ عبدالصمد عليڳڙهي تنگ پجامي ۾ مهاراجا لڳي رهيا هئا. فخر زمان ۽ رشيد ٿرڊ انجنيئر بنگالي ڪُرتي پجامي ۾ گھُمي رهيا هئا. احمد حسين سنڌي ڀرت جي پهراڻ شلوار ۾ راڻو لڳي رهيو هو.
    ”نه ڪوئي بنده رها نه ڪوئي بنده نواز“ وارو حساب هو.
    هن کان اڳ وارن جهازن تي چيف انجنيئر ڪونه ڪو ڪرسچن هوندو هو. ان ڪري عيد ڏينهن اهو ڊيوٽي ڪندو هو ۽ ٻين سڀني کي نماز پڙهڻ جو موقعو ملي ويندو هو. پر هن جهاز جو چيف انجنيئر ’عبدالباقي زينر‘ ترڪيءَ جو مسلمان هو. سو فيصلو ٿيو ته جيڪي ڊيوٽي تي هوندا، سي ڊيوٽي تي رهندا. ’نماز جو وقت‘ منهنجي ڊيوٽيءَ ۾ ٿي آيو. مون سان گڏ مدد لاءِ جونئر انجنيئر، هڪ فٽر، گريزر به شامل هئا. مون خيال ڪيو ته ٻئي سڄي عملي کي انجڻ روم ۾ ڇڏي آئون نماز تي هليو ويندس ته فرق نه پوندو. نماز لاءِ ’مونڪي آئلنڊ‘ تي گلم وڇايا ويا هئا، جيڪو (برج ڪنٽرول روم) جي مٿان ٿئي. مددگار عملي کي سمجھائي ڇڏيو هوم ته جيڪڏهن خدانخواسته ڪجهه ٿي پوي ته مون کي خطري جي گھنٽيءَ ذريعي گھُرائي وٺجو.
    نماز کان پندرهن منٽ اڳ هيٺ انجڻ روم ۾ آخري ڀيرو چڪاس لاءِ ويس، ته گيجز ۽ ميٽرن کان وڌيڪ عملي جا منهن ڦريل هئا. سڀُ ڏکويل منهن ٺاهي بيٺا هئا. مون کي يڪدم خيال آيو ته مون هڪ بدران هيترا ڇو قرباني ڏين. سو کين موڪل ڏئي آءٌ ترسي پيس. ڪنٽرول روم ۾ فون ڪيم. ان وقت احمد حسين نيويگيشن ڪري رهيو هو سو به سکاني ۽ ٻين کي موڪل ڏئي اڪيلي سر ڊيوٽي ڪري رهيو هو. مون کي اڪيلائي کائي رهي هئي. سوچي رهيو هوس ته ڪيڏو بدنصيب آهيان جو نماز نه پڙهي سگھيس. ايتري ۾ نماز ختم ٿي ۽ ڊيوٽيءَ وارا همراهه موٽيا. سندن چهرا ٿوري دير اڳ نيم مُڙده هئا، سي خوشيءَ کان ٻهڪي رهيا هئا. سندس چهرن تي خوشي ڏسي منهنجو نماز ۾ شامل نه ٿيڻ جو ڏک غائب ٿي ويو. مون کي اهو محسوس ٿيو ته نماز پڙهڻ بعد به مون کي ايتري خوشي نه ٿئي ها، جيتري هينئر ٻين کي خوش ٿيندو ڏسي ٿي اٿم. ٻارهين بجي اسان جي ڊيوٽي ختم ٿي ۽ ٻين کي چارج ڏئي، جهاز جي چهچٽي ۾ اچي شامل ٿياسين.
    ساڍي ٻارهين بجي لنچ جو پروگرام سئلون ۾ رکيو ويو هو. ان ۾ جهاز جي عملي، ملاحن ۽ مسافرن کي عام دعوت هئي. رٿا موجب ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر کان ڪئڊٽ ۽ جونئر انجنيئرن تائين آفيسرن، هيٺين عملي جي خلاصين کي ماني Serve ڪئي. ڪيترن خلاصين ته شرم کان چڱي طرح ماني به نه کاڌي. پنهنجي بنگالي ڪئبن بئاءِ کان ان لنچ بابت ٻئي ڏينهن پڇيم ته چوڻ لڳو، ”اسان کي بُک مارڻ جو اهو سٺو طريقو هو.“ بهرحال ان ڏينهن بورچين کي پنهنجي هنر جو مظاهرو ڪرڻ جو سٺو موقعو ملي ويو. هر قسم جو کاڌو تيار ڪيو ويو هو. انگريزي کاڌي کان علاوه ٻين ملڪن جو به ڪجهه نه ڪجهه هيو. چيني گانگٽ ۽ سوپ، اٽلين اسپاگھيٽي ۽ آمريڪن ڊف نٽس. کائڻ وقت ڪنهن چيو ته عيد کي مزيدار بنائڻ ۾ بورچين جو هٿ آهي. اتي ٻئي درستي ڪندي چيو:
    ”آهستي ڳالهايو. ڪٿي سمنڊ راجا بگڙي نه پوي. نه ته هي کاڌا ڇا، جيڪي پيٽ ۾ آهن اهو به ٻاهر نڪري ايندو.“
    واقعي عيد جي بهتريءَ جو دارومدار سمنڊ جي حالت تي آهي. ’ڪيپ آف گڊ هوپ‘ ۾ اهڙو ماٺو پاڻي ملي، ڪرامت کان گھٽ ڳالهه ناهي ۽ پوءِ ته عيد جو ڏينهن ڇا، سمنڊ يڪي جا کڻي ماٺ ڪئي ۽ اک پوري ته ڏهن ڏينهن بعد ڪنري ٻيٽ لتاڙڻ بعد اک پٽيائين، تيسين سانت ۾ ئي هو. ڇوليون ته ڇا، ڪا معمولي لهر يا گجي به نظر ڪانه آئي. تازي ڪٺل ٻڪريءَ جي گوشت وانگر فقط ٿورو ٿورو ڏڪندو رهيو. ڪٿي ڪٿي ته ائين لڳو ڄڻ شيشو وڇايو پيو هجي.
    شام جو فنڪشن ڪيو ويو، جنهن ۾ پهرين هر هڪ کي پنهنجي طرفان ڪونه ڪو هنر ڏيکارڻو هو. ڪنهن خوشيءَ سان ڪنهن زبردستيءَ ڪنهن منٿن ۽ نخرن سان، ڪنهن دڙڪي ۽ ڊپ مان، بهرحال سڀني کي پاڻ ملهائڻو پيو. ٻين رڪارڊن سان گڏ، اسان جي جهاز تي سنڌي ميوزڪ ۽ گانن جا رڪارڊ پڻ آهن. احمد حسين ۽ مون، ٻين سان گڏ هوجمالو پيش ڪيو. بعد ۾ ڳائڻ جو وارو آيو. ان تي به ڪي پڙُ ڪڍي بيٺا ته اسان کي ڳائڻ نٿو اچي. انهن ۾ آئون به هڪ هوس.
    ”مونکي به ڪو راڳ ڪونه ٿو اچي، آءٌ رڳو ٻُڌڻ پسند ڪندو آهيان.“ مون ٺهه پهه جواب ڏنو.
    ”ڇڏ يار، هاڻ سنگت ۾ ائين نه ڪبو. ٻيا وري ڪهڙا ڳائڻا آهن.“ هڪ همت افزائي ڪئي.
    ”وهنجڻ جي جاءِ ۾ ته هرڪوئي ڳائي ٿو. سمجھه کڻي ته هيءَ به وهنجڻ جي جاءِ آهي.“ ڪنهن ٻئي چيو.
    ”وڌيڪ نه ته ٿورو ئي سهي.“ اهڙي طرح سڀُ ورائي ويا ۽ جڏهن بچڻ جي جاءِ نظر نه آئي، ته سوچيم ته هن خوشين سان ڀريل محفل کي وڌيڪ ئي خوش رکجي. ۽ هڪ ترڪيب کي ڌيان ۾ آڻي پڪو ارادو ڪري اٿيس. اسٽيج تي بيهي پهرين پڪ ورتم:
    ”ڳائيندس پر هڪ شرط تي ته سڄو گانو ٻُڌندؤ؟“
    ”بلڪل بلڪل“ سڀني دانهون ڪري پڪ ڏني. پوءِ ته سائين بسم الله، نڪ جو پڪو ٿي، رفيع جو هڪ اهڙو ڪلاسيڪل راڳ کنيم جو رفيع به ڳائيندي گھٻرايو هوندو ۽ مهينا پريڪٽس ڪئي هوندي. ڳائڻ ته مون کي ڇا اچي، بنا سُر ۽ ساز جي ڳائيندو ويس. يا ٻين لفظن ۾ رڙيون ڪندو ويس. پهرين ته سڀُ کلندا رهيا. آخر ٿڪجي پيا پر گاني جي پچر نه ڇڏيم، هڪ سٽ کي ذري ذري ورجائيندو ويس. وڏي ڳالهه ته ان سان گڏ اونڌي ابتي ميوزڪ به وات کي ڦڏو ڪندي ڏيندو ويس. آخر جنهن جي اميد هئي سو ٿيو. ٻڌڻ وارا ٿڪجي پيا ۽ ميڙ مان ڪنهن دانهن ڪئي: ”يار هاڻي بس ڪر. اجايو رفيع بيروزگار ٿيندو.“ پر مون لاءِ هر ريمارڪ ائين هو جيئن بدڪ مٿان پاڻي. مون کي بور ڪرڻ لاءِ پوءِ تاڙيون ۽ سيٽيون وڄڻ لڳيون پر منهنجو گانو نه کٽڻو هو. آخر مون کي ڌڪا ڏئي اسٽيج تان لاٿائون. ان جو اهو فائدو ٿيو جو مون کان پوءِ ٻئي ڪنهن کي ڳائڻ لاءِ نه چيو ويو ۽ سڀُ رهيل بچي ويا. ان کان پوءِ فئنسي ڊريس ٿي جن ۾ ڪيترن جهاز جي آفيسرن ۽ مسافرن حصو ورتو. سڀ کان بهترين مظاهرو هڪ مسافر ڪيو. هو بئگ هٿ ۾ کڻي اسٽيج تي ائين آيو، جيئن مسافر جهاز مان لهڻ وقت ڪسٽم جي چيڪنگ لاءِ ايندا آهن. سندس هر هڪ ٻانهن ۾ ٽي ٽي واچون ٻڌل هيون. هڪ هٿ ۾ ٻه ڪئميرائون ۽ ٻئي ۾ ٽيپ رڪارڊر. ڪلهي تي هڪ ٽرانسسٽر لُڏي رهيو هوس. مٿي تي پني جي هڪ اڇي ٽوپي هيس جنهن تي لکيل هو Nothing to Declare يعني مون وٽ ڪجهه به نه آهي. دراصل هر نئين ملڪ يا پنهنجي وطن اچڻ وقت ڪسٽم وارن کي هڪ فهرست ڏيڻي پوندي آهي ته اسان وٽ هي هي قيمتي شيون آهن، جنهن کي ”ڊڪلئريشن“ سڏبو آهي. پر هن همراهه وٽ ظاهر ظهور ئي هيتريون شيون هجڻ جي باوجود ٻڌائي رهيو هو ته مون وٽ ڪجهه به ناهي.
    ان بعد ٻئي نمبر تي ٻه انجنيئر هئا. جن مان هڪ عرب سردار ٿيو هو ۽ ٻيو زنانا ڪپڙا پائي عرب حسينا ٿيو هو ۽ هڪ عربي گاني تي ٻنهي نچي ڏيکاريو. فئنسي ڊريس بعد چيف انجنيئر سڀني کي مختلف ۽ مزاحيه نالا ڏنا. ان بعد هڪ ننڍڙو ڊرامو ڪيو، جنهن ۾ ڪجهه مسافرن کي به شامل ڪيو ويو ۽ عورتن جو ڪردار عورتن خوشيءَ سان ادا ڪيو. ڊرامي بعد ڊنر جو دور هليو. ڊنر بعد ڪنهن اچي ٻُڌايو ته ڪيپ ٽائون شهر جو لائٽ هائوس نظر اچي رهيو آهي. سڀُ ٻاهر اچي بيٺاسين ۽ زمين طرفان ايندڙ روشنيءَ کي ڏسندا رهياسين. اها شايد سمنڊ جي مسافرن کي نه فقط رستو ٻڌائي رهي هئي، پر عيد مبارڪ به چئي رهي هئي. ڪيترائي ڪلاڪ لائٽ هائوس جي روشني چٽي نظر ايندي رهي جنهن کي ڪيتري فاصلي تائين ڏسندا رهياسين اهوئي سوچي ته هاڻ ڪنري ٻيٽن تائين ڪابه روشني، ڪوبه ڪنارو، ڪوبه پکي نظر نه ايندو

    (1969ع ـــ بالٽڪ سمنڊ تان لکيل)


    منهنجو جاني ته جهاز ۾

    چوندا آهن ته ڪنيءَ رن کي يار به گھڻا ته ٻار به گھڻا. سو اسان جو جهاز به جنهن تي مون شروع وارا ڏينهن گذاريا، ڪنيءَ رن کان گھٽ ڪونه هو. سندس تاريخ جاگرافيءَ کي ڏسندي ئي مٿين تشبيهه موزون ٿي لڳي. جهڙو هو جهاز تهڙو هئي سندس مصيبت جي ماريل انجڻ، ۽ وري اهڙا ئي هئا مست آفيسر ۽ ملاح سڀُ هڪٻئي کان وڌ. اهڙي مزيدار جهاز ۽ ان تي گذريل ڏينهن کي ڀلا ڪيئن وسارجي. ڪي ڪي ماڻهو اهڙا به ٿيندا آهن، جي جيڪڏهن ڪٿي هفتو کن گھمڻ ويندا آهن ته مهين جا مهينا انهن جو ذڪر ڪندا رهندا پر ته به قصو کٽندو ڪونهي، ويندو آهي انگھندو. اهڙن ماڻهن تي سچُ ته تعجب ۽ رشڪ ٿو اچي. ۽ هاڻي ته مون کي پنهنجو پاڻ تي تعجب ٿو لڳي جو چار سال ٿي ويا آهن پر ڏهن مهينن جون ڳالهيون نه وسريون آهن. بهرحال، مون کي هتي قصو کُٽائڻو آهي، انگھائڻو ڪونهي. سو درياءَ کي ــــ اڃان به سمنڊ کي، کڻي ٿو ڪوزي ۾ بند ڪريان.

    تاريخ ۽ جاگرافي:
    اسان جو جهاز ايترو ئي پراڻو ۽ دلچسپ هو، جيترو موهن جو دڙو عربن لاءِ يا ڀنڀور انگريزن لاءِ چون ٿا ته سن 1930ع ۾ ڪنهن امير ماڻهوءَ هن جهاز ٺهرائڻ لاءِ هڪ جهاز ٺاهيندڙ ڪمپنيءَ کي آرڊر ڏنو اڃان اڌ مس ٺهيو ته ان ڪمپنيءَ جو ڏيوالو نڪري ويو ۽ جهاز ٺاهڻ جو ٺيڪو ٻي ڪمپنيءَ کي سونپيو ويو. جڏهن جهاز ٺهي راس ٿيو ته اتفاق سان ان جو مالڪ گُذاري ويو. سڄا سارا اڍائي سال جهاز خشڪ گوديءَ ۾ پيو رهيو جو ان شپ يارڊ کي ٻي جهاز جو وري آرڊر نه مليو. ان بعد ان مرحوم مالڪ جي اولاد اهو جهاز هڪ ٻيءَ جهازران ڪمپنيءَ کي وڪڻي ڏنو. تنهن هن جهاز ۾ ڪجهه تبديليون آڻي، کيس مال بردار جهاز مان ڦيرائي پئسينجر جهاز بڻايو. هاڻ جهاز خيرن سان سمنڊ ۾ هلڻ لاءِ روانو ٿيو. اڃان پهرين ئي سفر تي نڪتو ته قضا الاهيءَ سان کيس حادثو پيش آيو ۽ پورو اڳيون اڌ تباهه ٿي ويس. وري آيو گوديءَ ۾ ۽ ڪجهه عرصو مرمت هلندي رهي. هاڻي کيس وري مالبردار جهاز بڻايو ويو ۽ هر سامان هر بندرگاهه مان ڍوئيندو رهيو. مصالحي ۽ ميوي کان لوهه ۽ لُوڻ تائين، هر ڪنهن وڙ وڙ جون شيون کڻندو رهيو. پر حال اهڙو هوس جو هڪڙو سفر ٻن اڍائي مهينن جو ڪندو هو ته ٻيڻو ٽائيم مرمت پئي هلندي هيس. ۽ مرمت به ڪا اهڙي تهڙي؟! ڪڏهن ڏس ته ڪرئنڪ شافٽ پئي بدلجي، ڪڏهن سڀني بئرينگن جي White Metaling پئي ٿئي. ڪڏهن سڄو Tween Deck سڌو پيو ٿئي ته ڪڏهن Hull جون چٻيون ٿيل پليٽون بدلي پيون ٿين. آخر اهو سلسلو به ٻيءَ جنگ عظيم تائين هليو، ان بعد هن کي وري پئسيجنر جهاز بڻايو ويو ۽ ملٽري ٽروپ هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين کڻڻ لڳو. هڪ دفعي ته نازين (دشمنن) جي هوائي جهازن مٿس ذري گھٽ حملو ٿي ڪيو پر وري الائي ڇو مٿس رحم کائي ٽري ويا. پڪ سان اهو سوچيو هوندائون ته، هن مڙهي تي بم ڪيرائڻ، معنى پنهنجو بارود اجايو وڃائڻ آهي، کين پڪ خاطري هوندي ته اهو ائين ئي پاڻمُرادو ڪٿي ٻڏي مري ويندو.
    خير ڳالهه کُٽائڻي. جنگ کان پوءِ هي جهاز اسان جي جهازران ڪمپنيءَ ڦُلن مُٺ ۾ خريد ڪيو. ڪي ته چون ٿا ته اهو مفت ۾ ڏنو ويو، پاڻ مٿان ڪجهه خرچ پکو به ڏنو ويو ته جيئن هن مصيبت کي ـــ جا اجائي بندرگاهه ۾ جاءِ ولاريو بيٺي آهي ۽ Port-Dues پيا چڙهن تنهن کي ڪڍيو وڃي. جهاز جي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر جي ڳالهين مان وري ائين لڳندو هو، ڄڻ هي جهاز ڪنهن ڪمپنيءَ جو نه پر کين شاديءَ تي ڏاج ۾ يا ڪنهن ويجھي مائٽ جي وفات تي ورثي ۾ مليو هجي.
    جهاز جو عملو ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر کان بورچي ۽ ڀنگي تائين، هرڪو پاڻ کي خودمختيار حاڪم سمجهندو هو. آئون تڏهن ڪئڊٽ هوس ۽ جهاز تي ڪئڊٽ جي حيثيت ان خچر وانگر ٿيندي آهي جو نه گھوڙن سان گڏ نه گڏهن سان. نه هوس آفيسر نه شاگرد. گھٽ پگھار، ڪنهن به ڳالهه ۾ وزن صفا نه. هر ڏکئي ڪم لاءِ مون کي سڏ. موڪل لاءِ به منٿ ميڙ! منهنجو ڪپتان پنجهٺ سالن جو پوڙهو مڙس هو. (اها ٻي ڳالهه آهي جو هو پنهنجو پاڻ کي اڃان ڪنواٽ سمجهندو هو.) ٿلهو ايترو جو مون جهڙا هن مان پنج ٿين. پوءِ به ڪجهه هڏ چم بچي. قد ۾ به اها بلا هئي جو ڪڏهن ڪڏهن ليڪچر ڏيڻ وقت، منهنجي ڪلهي تي ٺونٺ رکي بيهندو هو. سڀ کان جونئر آفيسر (؟) هوس، هر وقت هر ڳالهه لاءِ شامت مون تي ايندي هئي. جهاز تي آئون اها نڌڻڪي ڌيءَ هيس، جنهن کي، ننهن کي سبق سيکارڻ لاءِ، دڙڪا ڏنا ويندا آهن ۽ جهاز جون ننهرون اهي انجنيئر ۽ ڊيڪ آفيسر هئا جن جي هر وقت ڇڪتاڻ لڳي رهي ٿي. ٻئي ڌريون سمجھنديون هيون ته، جهاز سندن ڪري ٿو هلي. هڪ ڏينهن ته چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن جون زالون وڙهي رهيون هيون ته اهي به ساڳيا مهڻا ڏئي رهيون هيون:
    ”توکي خبر به آهي ته اڄُ کان ويهه سال اڳ جهاز تي ڪوبه انجنيئر نه هوندو هو؟“ ڪپتان جي زال چيو،
    ”۽ اڄُ کان ويهه سال پوءِ،“ چيف انجنيئر جي زال ورندي ڏنس، ”ڪنهن به ڪپتان جي ضرورت نه پوندي.“
    هڪ ڏينهن صبح ساڻ ڪپتان مون کي ننڊ مان اٿاري، ڇڪي پنهنجي ڪئبن ۾ وٺي آيو. (ڪاوڙ ۾ هن کان ڪجهه ڪڇيو نه ٿيندو آهي.) مون کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته ڪهڙي ڏوهه ۾ اڄُ ڦاسيءَ تي آئون چڙهندس. ڪئبن جو درُ کوليائين ته ڪمري ۾ تلاءُ لڳو پيو هو. جنهن ۾ بوٽ، چمپل، پالش جا برش پنهنجي مرضيءَ سان تري رهيا هئا. ۽ سندس زال ٽيبل جي مٿان پٿل ماري، ڀنل ڪپڙا نپوڙي رهي هئي. آخر ڪپتان ٻُڌايو ته باٿ روم جي زنجير ڇڪڻ سان پاڻي سمنڊ ۾ نه ٿو وڃي، پر ماڳهين سمنڊ جو پاڻي اندر ٿو اچي، ڪنهن پمپ ۾ رولو هوندو. انهن کي ڄاڻ هوندي. يعني جهاز جي انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ کي ئي خبر هوندي.
    ٿرڊ انجنيئر کي وٺي آيس تنهن کي سمجھائڻ لڳو ته شايد پمپ يا والو Valve جي سيل خراب ٿي وئي آهي. پر هن هڪ به نه ٻُڌس. ٻاهر نڪتو ته پڇيومانس، ”ڇا پيا سوچيو؟“ کلي چيائين، ”اسان پاڻ ئي ته اهڙو ڪم ڪيو آهي. سوچي رهيو آهيان ته رات اندر پاڻيءَ سان ڪئبن ڇو نه ڀرجي وئي. هيتري ٿوري پاڻيءَ ۾ ڪهڙو مروان ٻُڏي سگھندو.“
    ٿرڊ انجنيئر ته ٿيو ڌارئين ڊپارٽمينٽ جو. پر پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي سيڪنڊ آفيسر جي به ڪئپٽن سان ڪانه پوندي هئي. جيستائين سوچن ۽ خيالن جي ڪا اهميت آهي ته هو خبر ناهي ڪيترا دفعا ڪئپٽن جو خوابن ۽ خيالن ۾ خون ڪري چُڪو هو. سندس خواهش ــــ بلڪ آخري خواهش اها هئي ته اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو، جڏهن سکاني کيس ٻارهين بجي ڊيوٽيءَ لاءِ اٿارڻ وقت اچي ٻُڌائيندو ته اڄُ رات ڪپتان پنهنجو مري ويو ۽ سڀاڻي Half-Mast جهنڊو چڙهندو.
    آئون ڪپتان کي صبح شام سلام ڪندو هوس، خاص ڪري سندس زال اڳيان ـــ جو فقط منهنجي پروموشن ۽ ڪردار جي رپورٽ جو دارومدار، سندس وس ۾ هو. مون مان خوش به ڏاڍو هو. ڪرسمس ڊي تي پراڻي ڪاليج جي پراڻي ٽائي استري ڪري، تحفي ۾ ڏني مانس ته، ڪوٽ ڏيجي جي عجائب گھر مان ڊئريڪٽ آئي آهي، ڏاڍو خوش ٿيو. جهاز تي هرهڪ کي ٻُڌايائين. خاص ڪري مصري ٿرڊ آفيسر ۽ يوناني ريڊيو آفيسر کي ــــ جن ڀلجي کيس ڪڏهن پنهنجي ملڪن جي کنڊرن جو، ڀڳل ٺڪر به نه ڏنو. سنگاپور جهاز پهتو ته سؤ روپيا کن ڏنائين ته سندس پاران تحفي طور قميص وٺان. قميص نه ورتم، گھمڻ ۽ فلمن پٺيان خرچ ٿي ويا. کيس ريڊيو آفيسرن جون ٻه ٽي نيون قميصون ڏيکاري ٻُڌايم ته اهي سندس پئسن مان ورتيون اٿم. کيس به پسند آيون. مهيني ٻن بعد جڏهن ممباسا ۾ پهتاسين ته اتي ڪنهن کي ڏيکارڻ لاءِ مون کي چيائين ته قميصون کڻي اچ، ريڊيو آفيسر ته موڪل تي هليو ويو هو، قميصون ڪٿان ٿي آڻي سگھيس. چيومانس: ”ڌوٻيءَ کي موڪليون اٿم.“
    ”ٽيٽران جون قميصون اڳتي ڌوٻيءَ کي نه ڏيندو ڪر. توکي بچت ڪرڻ کپي، پاڻهي ڌوئندو ڪر. صابڻ نه هجئي ته منهنجو استعمال ڪندو ڪر.“
    ”حاضر سائين“ ادب سان چيومانس ۽ سندس صابڻ جو ٻورو کڻي ٻاهر نڪتس.
    جيستائين ڊسيپلين جو سوال هو، اهو لفظ هن جهاز جي ڊڪشنريءَ ۾ ئي ڪونه هو. وچ سمنڊ تي جهاز جي سڀني آفيسرن ڏاڙهيون رکايون ۽ فيصلو ٿيو ته بندرگاهه تائين شيو نه ڪنداسين. ڪپتان کي ڏاڍا خار لڳا پر ڪجهه ڪُڇي نه سگھيو. پڪ هيس ته ڪوبه مڃيندو ڪونه، اجائي بيعزتي ٿيندي. پر اوچتو ڪو پُور پئجي ويس ۽ ”واڻئي جي ڪاهه پڳڙيءَ تي“ وانگر، مون کي آفيس ۾ گھُرايائين. اکيون ڪڍي رڙ ڪيائين:
    ”پورا ٻه منٽ ٿو ڏيانءِ، ان کان پوءِ توکي آئون ڪلين شيو ۽ يونيفارم ۾ ڏسڻ ٿو چاهيان.“
    هر حال ۾ مون کي سندس حڪم ته مڃڻو هو. حاضر سائين چئي ٻاهر نڪتس. پر وري اندر گھڙي آيس:
    ”سائين بليڊ ڪونه آهن.“
    ”بليڊ! کڻ کڻ ڪٻٽ ۾ پيا آهن.“
    هو دل ئي دل ۾ پڪ اهو سوچي رهيو هوندو ته گھر سڙيو ته گھوريو، ڪئا ته مئا ـــ سو گھٽ ۾ گھٽ هڪ تي ته منهنجو به حڪم هلي ٿو. وچيون در ٽپي سندس ڪئبن ۾ گھڙيس. سندس جوءِ ”How to win friends and influence people“ منهن تي رکي کونگھرا هڻي رهي هئي. ڪٻٽ آهستي ڪري کوليم ته ڪيترن ئي قسمن جا عطر، پائوڊر، لوشن سندس ۽ سندس زال جا پيا هئا. شيونگ لوشن ۾ هٿ وجھي چيم: ”سائين، هيءَ....“
    ”چڱو ڀلي اها به کڻ، ڇا ياد ڪندين.“
    ان شيشي جي ڀر ۾ هڪ تمام اعلى قسم جو عطر پيو هو. پنهنجي بيوقوفيءَ جو يڪدم احساس آيو ته لوشن ته آئون هيئنر ئي خريد ڪري سگھان ٿو. پر اهو عطر ٻن سالن بعد خريد ڪرڻ لاءِ به ٻه دفعا سوچڻو پوندو. هوند اهو هينئر ملي وڃي ته ڇا کپي. ڪپتان جي ’جزوي طور‘ خوشگوار موڊ ڏسي دل ٻَڌي چيومانس: ”سائين، هن جي مهرباني نه ٿي سگھندي، لوشن واپس ٿو رکان.“
    ”نو! گيٽ آئوٽ!“ اهڙي دانهن ڪيائين جو آئون ته خير روز ٻُڌڻ جو عادي ٿي ويو هوس پر جوڻس ننڊ مان ٽپ ڏئي اٿي بيهي رهي.
    جڏهن جهاز بمبئي ڀرسان لنگھندو هو ته منهنجو نوڪر ٿڌو ساهه کڻي ٻُڌائيندو هو ته هيءَ اها جڳهه آهي، جتي هن گذريل سال سوپاريون پوکيون هيون ـــ يعني سمنڊ ۾! همراهه ڪولمبو مان مڻن جا مڻ سوپاريون سستي اگھه تي وٺي، بمبئي وڪڻڻ لاءِ آڻي رهيو هو. جهاز بمبئي ڀرسان پهتو ته کيس معلوم ٿيو ته اندر بندرگاهه ۾ ڪسٽم چيڪنگ هلي رهي آهي. ان جي ڊپ کان، ٻاهر سمنڊ ۾ ئي کيس سڀُ سوپاريون اڇلڻيون پيون.
    اسان جو چيف آفيسر پاڻ کي نيويگيٽر کان وڌيڪ، انجنيئر سمجھندو هو. هڪ ڏينهن جهاز جي چمنيءَ ڏانهن اشارو ڪري چيائين ته ”دونهون تمام گھڻو ۽ ڪارو پيو نڪري، شايد انجڻ ۾ خرابي ٿي پئي آهي. انجڻ روم ۾ فون ڪري ڇڏ.“
    سندس اڳيان ٽيليفون کڻي هيٺ اطلاع ڪيم:
    ”انجڻ کي ڪجهه ٿي ته نه ويو آ؟“
    ”ڇو؟ توهان جي دماغ کي ته ڪجهه نه ٿي ويو آهي؟“ هيٺيان ڪنهن انجنيئر ڪاوڙ ۾ چيو.
    ”اسان جو چيف آفيسر پيو چوي ته چمنيءَ مان دونهون پيو نڪري.“
    ”پنهنجي چيف آفيسر کي چئو ته پنهنجو ڪم ڪري، چمنيءَ مان دونهون نه ته ڇا سون نڪرندو؟“
    ”انجڻ واقعي خراب هئي نه؟“ فون رکيم ته چيف آفيسر پڇيو، ”ها سائين. ٺيڪ ڪري رهيا آهن.“ جھيڙي کي ٽارڻ خاطر ڪڏهن ڪڏهن مصلحت خاطر ڪوڙ به ڳالهائڻو پوندو هو. ان هوندي به هر روز اسان جي هن جهاز تي ڪونه ڪو ڦڏو پيو هلندو هو. ڪانه ڪا کٽ پٽ رهندي هئي.
    بندرگاهه پهچڻ کان اڳ انجنيئر ڪڏهن انجڻ بند ڪري ڇڏيندا هئا، جو هنن جي انجڻ مطابق جهاز هميشه ڏينهن اڌ اڳ بندرگاهه ۾ پهچندو هو. هو انجڻ جي چڪرن موجب حساب ڪندا هئا.
    آخر هڪ اهڙو ڏينهن ۽ بندرگاهه به آيو جو جهاز جي Scrape (ڀڃڻ) جي خبر ـــــ بلڪ خير خبر ملي ۽ ان جهاز ۽ ڪمپنيءَ کي الوداع چئي، هرهڪ کي پنهنجي پنهنجي ملڪ Fly ڪرڻو پيو ـــــ ڪمپنيءَ جي خرچ تي.

    (ڪراچي 1968ع ۾ لکيو ويو)


    مان ۽ منهنجو ڪئبن ــ ميٽ

    ڪجهه ڳالهه ئي اهڙي هئي جو نه رڳو ڊاڪٽر کي ٻُڌي تعجب لڳو پر مون کي پڻ ٻُڌائيندي عجيب پئي لڳو. ٻي ڪا عام بيماري ان موسم ۽ ملڪ جي هجي ها ته ايڏو اچرج نه لڳيس ها. جيئن اسان جي ڳوٺ جي نالي ماتر سرڪاري اسپتال جو ڊاڪٽر موسم مان ئي سمجھي ويندو آهي ته اڄُ ڪلهه موسمي بخار عام آهي ته اڳواٽ ئي وڏي پئماني تي وڏو ڊرم مڪسچر جو ٺهرائي رکندو آهي. مريض ڊاڪٽر کان دوا جي پرچي وٺندو ايندو آهي ۽ ڪمپائونڊر اکيون ٻوٽي حق جو نعرو هڻي، هر مريض جي شيشي ۾ نلڪو کولي، اها وڏي پئماني تي ٺهيل دوا اوتيندو ويندو آهي. وري هفتي ڏيڍ کان پوءِ ڪو ڪاسائي ڪنهن بيمار ٻڪريءَ يا ڍڳيءَ کي سير وجهندو آهي ته ان ڊرم کي دستن جي دوا سان ڀريو ويندو آهي ۽ هر آيل مريض کي ان مڪسچر مان نوازيو ويندو آهي. ساڳي طرح مٿي ذڪر ڪيل اسپين جو ڊاڪٽر به ان قسم جا مريض سوچي رهيو هو ته اوچتو مون جهڙو مٿي ڦريل اونهاري جي موسم ۾، اسپين جهڙي ملڪ ۾ اچي ڊاڪٽر کي ٻڌايو ته: ”مون کي سائين نمونيا ٿي پئي آهي.“ ”هان!“ ڊاڪٽر وائڙو ٿي ويو. انهن ڏينهن ۾ ڪنهن ڊاڪٽر کي نمونيا لاءِ ٻُڌائڻ ائين هو جيئن سخت اونهاري جي موسم ۾ جيڪب آباد ۾ ڪو شخص گرم ڪوٽ پائي منجهند جي ماني تي وڃي.
    ”ها ـــ سائين. نمونيا ٿي پئي آهي، هفتي کن کان.“ هاڻ آئون زور زور سان کنگھڻ لڳس.
    آخر ڊاڪٽر سمجھي ويو ته هي اسپين جو رهاڪو ناهي پر ڪو سياح يا سيلاني، اتر آمريڪا، ڪئناڊا يا اتر ڏکڻ قطب جهڙي ٿڌي جڳهه تان نمونيا جهڙو اوپرو يا ڌاريو مرض کڻي هتي پهتو آهي، سو پڇڻ لڳو ته ”آئون شايد ڪٿان ٻاهران پيو اچان“.
    ”هائو.“ مون ٻُڌايومانس، ”آءٌ آفريڪا کان ڪالهه هتي پهتو آهيان.“
    ڊاڪٽر کي هيڪاندو تعجب لڳو پر هو منهنجي تپاس ۾ لڳي ويو ۽ نمونيا جو علاج ڪرڻ لڳو. پاڻ اڄُ ڏينهن تائين سوچي رهيو هوندو ته آفريڪا جيڪو اسپين کان به وڌيڪ گرم ملڪ آهي، جتي ٻارهوئي جھولا ۽ لڪون لڳن ٿيون، اتي هن شخص کي نمونيا ڪيئن ٿي. هن مون کي ايترو سو چيو هو: ”ڪمال آهي! توکي نمونيا ههڙي گرم ملڪ ۾ ٿي!“
    پر ان لاءِ آئون پنهنجي ڪئبن ــ ميٽ کي ڏوهي بنائڻ کان نٽائي، کيس ڪوبه جواب نه ڏنو. ان بيماريءَ لاءِ جوابدار منهنجي ڪئبن ۾ مون سان رهندڙ انجنيئر هو. سندس نالو ته ٻيو هو پر اسان کيس ڪاليج جي ڏينهن کان پيار مان ’فخرو‘ سڏيندا هئاسين.
    فخرو ـــ جنهن ننڍپڻ جيتوڻيڪ بنگال جي سخت گرميءَ ۾ گذاريو هو پر شايد خواب ڪي سئٽزرلئنڊ جي برف سان ڍڪيل جبلن جي چوٽين Alaps جا ڏٺا هئا جو ايئرڪنڊيشنڊ جهاز تي نوڪري ملڻ سان هن ڪئبن کي ايترو ته ٿڌو رکڻ شُروع ڪيو جو مون ته پهرين ڏينهن ئي لنگر کڻڻ وقت چيومانس ته، ”يار ههڙي ٿڌي ڪمري ۾ مون کان رهيو نه ٿيندو. ههڙن ٿڌن ڪمرن ۾ جيئرا ماڻهو ته رهي نه سگهندا آهن پر ولائت ۾ ڪُٺل ٻڪرين جو گوشت يا ميڊيڪل ڪاليجن ۾ مردا رکيا ويندا آهن“.
    ايئرڪنڊيشنر جي چاٻي چئن انگن تي ڦري ٿي: هڪ تي بند، ٻن تي ڪمرو ٿڌيرو ’Pleasant‘ ٿيو ٿي، ٽن تي چڱو خاصو ٿڌو، ’Cool‘ ۽ چئن تي تمام گھڻو ٿڌو، ’Cold‘ ٿيو ٿي ـــ جنهن تي گھڻو ڪري ڪير به نه رکندو هو ۽ اهو نمبر ائين هو جيئن ڪارن جي اسپيڊو ميٽر تي ’100 mph‘جو انگ، جنهن تائين ڪوبه ڊرائيور هلائيندو ناهي. ٽن تي رکڻ تي به ڪمرو ايترو ٿڌو ٿيو ٿي جو اسان بلاڪيٽ وجھي سمهندا هئاسين. پر هي اسان جو بنگالي ڪئبن ــ ميٽ هميشه چئن تي رکڻ کان نه مُڙندو هو ۽ پڙهندڙ اندازو لڳائي سگھن ٿا ته ڪمري ۾ ڪيتري ٿڌاڻ ٿيندي هوندي. آئون کيس گھڻو ئي ٽوڪيندو هوس ۽ گھٽائي ٽن تي رکندو هوس يا دري کولي ڇڏيندو هوس، جيئن صحرا رڻ پٽ کان ايندڙ ڪوسيون هوائون ڪمري جي ٿڌ کي نارمل ڪري ڇڏين پر مون کي ننڊ ۾ ڏسي وري چئن تي ايئرڪنڊيشنر رکي ڇڏيندو هو ۽ منهنجو وجود ڪُلفيءَ ۾ تبديل ٿي ويندو هو.
    شام جو چئين کان اٺين لڳي تائين کيس جهاز هلائڻو هوندو هو، ان کان پوءِ اٺين کان رات جو ٻارهين تائين انجڻ روم ۾ منهنجي ڊيوٽي هوندي هئي. انجڻ روم جي گرمي ـــ الله جي پناهه! جهاز جا انجنيئر چوندا آهن ته ههڙي ڊيوٽيءَ کان پوءِ دوزخ جي باهه به ٿڌي لڳندي. ويتر سئيز ڪئنال جو بند ٿيو آهي ۽ آفريڪا جي ڦيري وارو هفتو ڏيڍُ (ٻنهي پاسي) گرمي چوٽ تي هوندي آهي. اهي اَٺ ڏهه ڏينهن ڊيوٽيءَ جو منٽ منٽ ڏکيو گذرندو آهي. چارئي ڪلاڪ ڊيوٽيءَ وارا پگھر پيو ٽمندو آهي. ڊيوٽي ختم ٿيندي آهي، سڌو ڪمري ۾ ڌوڪيندا آهيون، جي ٿڌيرا هوندا آهن. پر اسان جي ڪمري جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! لوهه جي ڀتين ڇتين بدران برف جي ڇپن مان ٺهيل هو جنهن ۾ رهڻ لاءِ ايسڪيمو به ٻه دفعا سوچي. آئون ڊيوٽيءَ تي ويندو هوس ته فخرو ايئرڪنڊيشنر وڌائي چئن تي رکي ڇڏيندو هو ۽ ڪمرو ريفريجريٽر بڻجي ويندو هو ـــ جنهن جو در کولڻ سان مکڻ، پنير، ميوي بدران ٽيبل، ڪرسيون، ڪتاب ۽ هڪ انسان ’فخرو‘ ٻن بلاڪيٽن ۾ ليٽيل نظر ايندو هو. آئون ٿڪل ٽُٽل ۽ اڃايل، پگھر ۾ شل، اهڙي حالت ۾ يڪدم ڪئبن ۾ گھڙڻ غير صحتمند سمجھي به هليو ويندو هوس ۽ ايئرڪنڊيشنر مٿان رکيل ٿڌي پاڻيءَ جي شيشي جي گھُگھيءَ مان برف جهڙو ٿڌو پاڻي گلاس ۾ نائي پيئندو هوس. پوءِ نتيجو اهو ئي نڪتو جيڪو مٿي پڙهي چُڪا آهيو. ۽ آئون اسپين جي اسپتال ۾ نمونيا لاءِ زير علاج هوس.
    منهنجي روم ميٽ فخروءَ جون ٻيون ڪهڙيون ڳالهيون لکي ڪهڙيون لکجن. جتي قدرت هن کي قد ۽ سونهن ۾ گھٽ نوازيو هو، اتي هن ۾ ذهانت ۽ چالاڪي ته ڄڻ لت ڏئي ڀريل هئي. سندس ٻه خاص مشغلا هئا. جهاز سمنڊ تي هوندو هو ته ڏينهن رات ڪتاب پڙهڻ ۽ ڪناري تي ملڪ ملڪ جي ڇوڪرين سان سنگت رکڻ. ان کان سواءِ سندس نه ڪا وندر هئي نه ڪم. ڊيوٽيءَ ڪري انجڻ روم مان ايندو هو ته بئالر سوٽ انجڻ روم جي باٿ روم ۾ ڇڏي اچڻ بدران سڌو ڪمري ۾ گھڙندو هو. هو ان معاملي ۾ به ايترو سست هو، يا ته هو ان لاءِ پنج منٽ به ضايع ڪرڻ نه چاهيندو هو جو لاهي کڻي ٻيا ڪپڙا پائجن. اڌوگابرا هٿ ڌوئي ماني جا ٻه چار گراهه بدن سارو پيٽ ۾ وجهي، منهنجي پلنگ ڀرسان پيل ڪوچ تي سمهي، پنهنجي تور جيڏو ڪتاب هٿ ۾ جھلي پڙهڻ ۾ جنبي ويندو هو. سندس پلنگ منهنجي پلنگ جي مٿان هو. هفتي ۾ هڪ يا ٻه دفعا موڊ ٿيندي هيس يا بقول عاشق ميمڻ جي، ’جڏهن ڪو ڪانگ بجو ڏيندو هوس،‘ تڏهن ڀولڙي وانگر ٽپو ڏئي پنهنجي پلنگ تي وڃي سمهندو هو نه ته اهو ڪوچ اهو پاڻ ۽ سندس ڊيزل ۾ ٻُڏل ڍانگري. سڄي ڪئبن ۾ ڊيزل جي ڌپ جو راڄ هوندو هو. پاڻ روم ۾ گھڙندو هو ته ڄڻ انجڻ روم جون دريون کُلي وينديون هيون، جن مان تيل جي بوءِ ايندي آهي.
    ننڍا ڪپڙا ـــ گنجيون جوراب، اڳٺ، ڪڇا وغيره سڀ پاڻهي ڌوئندا هئاسين جنهن لاءِ پائوڊر صابڻ جو دٻو هفتي هفتي ملندو هو. پر اسانجي روم ميٽ جي سستيءَ جي اها حد هئي جو گنجي ميري ٿي ويندي ته به بدن کي چهٽي پئي هوندي هيس. ڪڏهن ڪڏهن پُور پوندو هوس ته پلاسٽڪ جي بارديءَ ۾ پاڻي ۽ اڌ دٻو کن پائوڊر جو اونڌي ان ۾ گنجون ڪڇا وجھي ڇڏيندو هو. ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ انهن مان امونيا گئس جهڙي چُڀندڙ ڌپ نڪرندي هئي ۽ جڏهن آيو ويو ٽوڪڻ شروع ڪندو هوس ته پوءِ هڪ ڏينهن نعرو هڻي اٿندو هو. ڪمري جي دري جيڪا سمنڊ طرف کُلندي هئي، اها کولي، ڪنو ٿيل پاڻي ۽ ڪپڙا بارديءَ سميت ٻاهر اڇلي ڇڏيندو هو. پوءِ ايندڙ بندرگاهه مان کُٽل ڪپڙا ۽ باردي وٺِي ايندو هو. سندس ڪپڙا ائين ئي سمنڊ جي حوالي ٿيندا رهندا هئا. ۽ ڌوپندا فقط اهي هئا جيڪي پاڻ لڪ چوريءَ ٻين جي ڪپڙن جي بارديءَ ۾ وجھي ايندو هو ـــ جيئن ڪانگڻ پنهنجا آنا ڪوئل کان ئي ڦوڙائيندي آهي يا شايد ڪوئل ڪانگڻ جي آکيري ۾ آنا ڇڏي ايندي آهي. پر هن جهاز تي ڪوئلن بدران اهي باز رهندا هئا جي کيس سڃاڻي ويا هئا ۽ سندس ڪپڙا سندس منهن ۾ هڻندا هئا ـــ ان ڪري اڳتي هلي اسان جي روم ميٽ ڪپڙن ڌوئڻ جي پچر ئي ڇڏي ڏني. سڀڪو چوندو هوس، ”فخرو چڱو جو تون ڇوڪري نه ٿئين.“
    جيئن ئي جهاز بندرگاهه سان اچي لڳندو هو ته سڀني کان اڳ هي تيار ٿي ٻاهر نڪرندو هو. هن جي تياري تمام سولي ۽ جھٽ پَٽ جي هئي. نه وهجندو هو نه ميرا ڪپڙا لاهيندو هو. انجڻ روم واري ڍانگري Boiler Suit لاهي ميري مَرُ لڳل گنجي ۽ ڪڇي مٿان ڪمپليٽ سوٽ ـــ سو به ٿري ـــ پيس پائيندو هو. مشرقي يورپ جي ڇوڪرين وانگر جي پري کان ڏسبو ته شڪل ۽ پوشاڪ ۾ ته چمڪنديون پيون پر ڀر ۾ وهڻ سان منجھائن مئل ڪوئن جي ڌپ پئي ايندي آهي، سو اسان جي فخروءَ کي به اندران گند جهڙا ڪپڙا ٻاهران ٻانهون مٿي ڪري، ٽوپاز يوڊي ڪولين جو ڦوهارو ڦِس ڦِس هڻي، اڪيلو ئي اڪيلو اهو پيو سِٽي ـــ سروي ڪرڻ وڃي.
    ان جهاز تي اسين ٽي جونيئر انجنيئر هئاسين. فخرو، آئون ۽ ٽيون ڪراچيءَ جي عاشق حسين ميمڻ ـــ جنهن سان اسان جي روم ميٽ فخروءَ جي اصل کان نه پوندي هئي. ڪا خانداني دشمني ته نه هئي پر جڏهن کان جهاز تي ٻئي پهتا هئا، هر ڳالهه ۾ ٻنهي جو مقابلو رهندو هو.
    هڪ دفعي جرمنيءَ ۾ جهاز پهتو. جرمن زبان کان اسان مان ڪوبه واقف نه هو، اهڙي ملڪ ۾ اسان جي ڪئبن ميٽ فخرو هڪ خوبصورت جرمن ڇوڪريءَ سان دوستي رکي جهاز تي دعوت ڏئي وٺي آيس، پاڪستاني کاڌو کارائڻ ـــ يا شايد عاشق کي ساڙڻ لاءِ. آخر عاشق پڇيس: ”يار هيءَ پري چهرا تنهنجي ساهيڙي ڪين ٿي؟!“
    وڏي شان سان جواب ڏنائينس: ”بس ٿي وئي. آئون هڪ دڪان اڳيان شوڪيس ڏسي رهيو هوس ته پاڻ اچي مونسان ڳالهايائين ۽ گھر به وٺي هلي. مائٽن سان ملايائين.“ ائين چئي عاشق کي زخمي ڇڏي هليو ويو. پر عاشق به گھٽ چرچائي ناهي. پنهنجي علامتي قسطن واري کل کلي اسان کي ٻُڌايائين: ”وڏو ڪُوڙو آهي هي فخرو! منهن ڏسي تلڪ ڏجي. هي پاڻ ان خوشفهميءَ ۾ آهي ته پاڻ ڪو شهزادو آهي جنهن تي آئي وئي پئي ڇڪن ٿئي. پر حقيقت اها آهي جو سندس ڊينڊو قد ۽ ڀولڙي جهڙي شڪل ڏسي هن ويچاري جرمن ڇوڪريءَ، مت جي موڙهيل اهو سوچيو هوندو ته هي ڪهڙو جانور آهي ۽ ڪٿي جي پيدائش آهي. ۽ گھر مائٽن کي به ان خيال کان ڏيکارڻ وئي هوندي. ۽ هونءَ اسان جو فخرو ڀولڙي جي سونهن جي Standard کان ته مٿاهون آهي.“
    لورپول ۾ جهاز پهتو ته آئون هفتي کن جي موڪل وٺي ڏيپلي جي ڊاڪٽر الهه ورائي ميمڻ وٽ هليو ويس. فخرو منهنجي غير موجودگيءَ جو ناجائز فائدو وٺي اتي جي يونيورسٽي جي هڪ جئميڪن دوشيزه ــــ شايد ’يتيم‘ واڌو ’بنا ــ گھر ــ گھاٽ‘ جي، کي ڏينهن رات ڪئبن ۾ اچي ٽڪايو. آئون موڪلن کان پوءِ موٽِي جهاز تي آيس ته جهاز جي گئنگوي (ڏاڪڻ) وٽ ئي عاشق ٻڌايو ته يار تنهنجي روم ۾ هڪ پاڻيءَ جي وڏي پخال رکي آهي تنهن مٿان هڪ ڪئو ويٺو آهي. ڪئبن ۾ گھڙيس ته ڏسان ته مار انگريزن جي ملڪ ۾ هڪ ڪاري ٿلهي حبشڻ ڪوچ تي ٽيڪ ڏئي سگريٽ جا ڊگھا ڪَشَ پئي هڻي ۽ سندس ڀرسان اسان جو مئڪرو ــ سائيز روم ميٽ پساهه کڻِي رهيو آهي. مون کي انگريزي ناول جو هڪ ڪردار ”گليور“ ياد اچي ويو جو پنهنجي سفر دوران هڪ اهڙي ملڪ ۾ وڃي پهتو جتي جا ماڻهو سٺ سٺ فٽ ڊگھا ۽ ٽيهه فٽ کن ويڪرا هئا. ۽ هي انهن جي گوڏن تائين مس ٿي آيو. کيس مون ڪجهه ڪونه چيو. ٻاهر نڪتس ته عاشق چيو يار تنهنجي روم ميٽ فخروءَ جهاز تي اهڙا کجيءَ جا جن آندا ته جهاز ڄاڻ ٻُڏو ۽ پوءِ دري کولي فخروءَ کي چوڻ لڳو: ”بابا، ڪپتان صاحب چوي ٿو ته پنهنجي مانواري مهمان کي جهاز تان لاهه ته اسان ٻه سؤ کن ٽن سامان وڌيڪ جهاز تي چاڙهيون.“
    فخروءَ جي موجودگيءَ ۾ عاشق جي دلپسند ڳالهه ”هاٿي ۽ ڪُئي“ جي هوندي هئي ته هڪ ڪُئي پهريون دفعو هاٿي ڏٺو، (سو به هاٿيءَ جو ٻچو) ته وائڙو ٿي ويو ۽ تعجب مان سندس عمر پڇيائين.
    ”منهنجي ته ڇهه مهينا آهي ۽ تنهنجي ـــــ؟“ هاٿيءَ وراڻيو. ڪُئي پنهنجو مٿو کنهي چيو: ”آهي ته منهنجي عمر به ڇهه مهينا پر بيمار شيمار رهان ٿو.“
    سو فخروءَ جو نالو به عاشق ”بيمار شيمار“ مشهور ڪري ڇڏيو هو. پر ڪي جهازي فخروءَ جي ذهانت ڏسي ”ڏاهو ڪانگ“ پڻ ڪوٺيندا هئس.
    فخروءَ جي ذهانت، هوشياري ۽ پڙهائيءَ جو قدر مون کان وڌيڪ ٻيو ڪير ڪري سگھي ٿو. ڪاليج جي ڏينهن ۾ ڪڏهن گھر (هاسٽل) ۾ فخروءَ وري نه پڙ هيو. ڪلاس ۾ هڪ دفعو ٻڌل ليڪچر يا جهاز تي ڏٺل هڪ دفعو مشين، امتحان تائين ياد رهندي هيس.
    فخرو منهنجو آخري روم ميٽ هو ۽ آئون سندس. ان کان پوءِ اسان ٻنهي جي پروموشن ٿيندي رهي. جهاز تي فقط ڪئڊٽ ۽ جونيئر انجنيئر ڊبل بيڊ واري ڪئبن ۾ رهن، ٻين کي الڳ الڳ ڪمرا ٿين. اسان کي پوءِ ڪمرا ته ڇا پر جهاز به جدا جدا ملندا رهيا. ڪيترن سالن کان پوءِ، هڪ دفعي اوچتو ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اسان جا جهاز هڪ ٻئي ڀرسان لنگھڻ لڳا. جيئن ئي جهاز وائرليس جي رينج ۾ آيا ته مون ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. جهاز جي هڪ جونيئر انجنيئر ڳالهايو. کانئس فخروءَ جو پڇيم، جو هاڻ سندس سيڪنڊ انجنيئر هو. چوڻ لڳو، ”صاحب هڪ ٿلهو ڪتاب پڙهي رهيو آهي چوي ٿو ته ٻن منٽن ۾ ڪنٽرول روم ۾ اچي ٿو ڳالهايان. سندس زال به ساڻس Sail ڪري رهي آهي اها چوي پئي ته ”ڪنٽرول روم ته پري جي ڳالهه آهي، پهرين ڪتاب جي پچر ڇڏي منهنجي ڳالهه جو جواب ته ڏئي.“
    آئون سندس ٻن منٽن بدران ٻه ڪلاڪ انتظار ڪندو رهيس تيسين اسان جا جهاز وائرليس رينج اُڪري هڪ ٻئي کان گھڻو پري نڪري ويا.


    هڪ اسپتال ــ هڪ ننڍڙي دنيا

    هو ڪمري کان آهستي آهستي ٿي ٻاهر ورانڊي ۾ اچي بيٺو. هيڏانهن هوڏانهن نهاري پنهنجي ٻن ساٿين کي اشارو ڪري ٻُڌايو ته ”ڪير ڪونهي.“ سندس ساٿين اشارو سمجھي، دري کولي هيٺ ٽپو ڏنو. دري چڱو مٿي هئي جو مٿئين ماڙ جي هئي. پوئين پاسي هيٺ گئريجون ۽ بورچيخانا هئا. اڳئين حصي ۾ ڊاڪٽرن جون آفيسون، ايڪسري پلانٽ ۽ آپريشن ٿيٽر هئا. جيتوڻيڪ رات جا ڏهه وڄي چُڪا هئا پر ان هوندي به اڳئين در کان وڃڻ خطري کان خالي نه هو، جو دروازي وٽ ڏينهن رات اسپتال جي رسيپشنسٽ ۽ ٽيليفون آپريٽر ڇوڪري ضرور موجود هوندي هئي. ان ڪري پٺئين دريءَ کان ڀڄڻ بهتر هو. ٻنهي هيٺ ٽپ ڏنو. هيٺ سيمنٽ جي فرش تي ٽپُ ڏيڻ ڪري ٻنهي کي ٿورو ڌڪ ضرور لڳو پر ٻئي جانٺا جوان هئا ڌڪ پچائي ويا. ان بعد هي پاڻ دريءَ وٽ آيو. دريءَ جي اوچائي ۽ پنهنجي ڀڳل ٻانهن کي ڏسي ٽپُ ڏيڻ جو ارادو لاهي، اڳئين در کان نڪرڻ لڳو. اڃا ڏاڪڻ جا ٻه چار ڏاڪا مس هيٺ لٿو ته سامهون مئٽرن تي وڃي نظر پيس. ڇهن فوٽن جو ڪوپو جوان پنجن فوٽن جي سنهي ۽ چيڀاٽيل مئٽرن کي ڏسي ڏڪي ويو. آهستي آهستي پٺتي قدم کڻڻ لڳو.......
    ڪهاڻي هاڻي عروج تي پهچي رهي آهي. ڪيترا پڙهندڙ شايد سمجهن ته هي ڪو چوري يا ڌاڙي جو واقعو آهي يا ڪنهن من گھڙت جاسوسي قصي جو پلاٽ. پر مٿئينءَ ڪهاڻيءَ جو اُن سان ڪو واسطو ناهي. هيءَ هڪ سچي ڪهاڻي آهي جا لاس پاماس ٻيٽ جي اسپتال ۾، منهنجي اڳيان ٿي گذري.
    لاس پاماس ٻيٽ مشهور ڪنري ٻيٽن مان هڪ آهي. جنهن جي وڻندڙ آبهوا، ساون ۽ سبز ٽڪرين، چراگاهن، ماٿرين ۽ سمنڊ جي ڊگھن ڪنارن Beaches ۽ جديد و قديم طرز جي گھرن، هوٽلن، بازارن ڪري ٻارهوئي دنيا جا سياح ۽ امير سوين هزارين ميل لتاڙي هتي گھمڻ اچن ٿا. نقشي ۾ ڏسبو ته هي ٻيٽ اهڙي هنڌ تي آهي، جتان هر جهاز يورپ کان آمريڪا ويندي يا ايشيا کان يورپ ويندي، لنگھي ٿو. هتي هر شيءِ ٽئڪس بنا ملڻ ڪري سڀُ جهاز ڏينهن ٻن لاءِ نه ته ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ضرور ترسي ٻيو نه ته جهاز لاءِ تيل ۽ کاڌي پيتي جو سامان ضرور ڳنهي ٿو. اسان جو جهاز به يورپ ۽ آمريڪا ڏي ايندي ويندي هتي ضرور ترسندو آهي. هن دفعي به جهاز ٻه ڏينهن ترسيو. پر بدقسمتي يا خوشقسمتي چئجي جو لاس پاماس ۾ اچڻ سان کنگھه ۽ بخار مون کي ٻاهر نڪرڻ نه پئي ڏنو.
    جهاز کي لاس پاماس مان لنگر کڻي لنڊن وڃڻ لاءِ باقي ڪي ٽي چار ڪلاڪ هئا ته ڊاڪٽر مون کي تپاس ڪرڻ لاءِ گهرايو. آئون ٽئڪسي ڪري جبل جي چوٽيءَ تي راڻي ’وڪٽوريا اسپتال‘ پهتس جا هن ٻيٽ تي واحد انگريزن جي اسپتال آهي. ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو انگريزي ڳالهائين. نه ته هتي جي ٻين اسپتالن ۾ اسپيني زبان ڳالهائي ٿي وڃي. هيءَ اسپتال سڀني ۾ سهڻي نئين ۽ جديد طرز جي آهي. سمنڊ جي ڪناري وٽ جبل جي چوٽِيءَ تي هئڻ ڪري، هن ٻيٽ جو اتان نظارو ڏسڻ وٽان آهي. سامهون سڄو بندرگاهه، سمنڊ جو اهو حصو ۽ جهازن جي اچ وڃ، صاف نظر اچي ٿي. ڊاڪٽر جلدي جلدي منهنجو ايڪسري فوٽو ۽ رتُ وغيره تپاسي مون کي پنهنجي آفيس ۾ گھرايو.
    ”توکي نمونيا ٿي پئي آهي، اڃان ڪو خاص اثر نه ڏيکاريو اٿس. جي چاهين ته هتي هفتو ٻه رهي علاج ڪراءِ يا دوائون ڏيانءِ. جهاز تي وڃي استعمال ڪر. ٻئي ڳالهيون تنهنجي اڳيان آهن.“
    مون دريءَ مان هن ٻيٽ جو هڪ دفعو چند سيڪنڊن لاءِ وري ڏيک ڏٺو ۽ ڊاڪٽر کي پڪي ارادي سان چيم ته آئون اسپتال ۾ ئي رهڻ ٿو چاهيان.
    ان بعد منهنجو سامان جهاز تان موڪليو ويو ۽ آئون اسپتال ۾ داخل ٿي ويس. جهاز ان ئي ڏينهن شام جو مقرر وقت تي لنڊن لاءِ لنگر کڻي روانو ٿي ويو ۽ سندس روانگي ڪافي دير دريءَ مان ڏسندو رهيس.
    اسپتال ۾ داخل ٿيڻ بعد يڪدم معلوم ٿي ويو ته هيءَ اسپتال ڇا هئي. چڱي ڀلي مليٽري اڪيڊمي هئي. جتي مريضن سان اهو ئي برتاءُ ڪيو ويو ٿي ۽ ڊسيپلين رکيو ويو ٿي (يا گھٽ ۾ گھٽ ڪوشش ڪئي وي ٿي) جيڪو مليٽري ڪاليج يا نيول اڪيڊمي ۾ نون آيل ڪئڊٽن سان رکيو ويندو آهي. پر مريض جيڪي ڪنهن به هڪ قوم، ملڪ، رنگ يا مذهب جا نه پر انٽرنيشنل هئا. اهي ان کي ملٽري يا نيول اڪيڊمي سمجھڻ بدران U.N.O جي ميمبرن لاءِ هڪ وڏي هوٽل سمجھندا هئا.
    هيءَ اسپتال فقط دنيا جي جهازي عملي لاءِ آهي. ان ڪري هن اسپتال ۾ سڀُ جهازن جا مريض هئا. پهريان ٻه ڏينهن مون کي اسپيشل وارڊ ۾ رکيو ويو، جتي هر ڪمري ۾ ٻه مريض ٿي رهيا ۽ اهي ڪمزور حالت وارا مريض سمجھيا ويا ٿي. مون کي هڪ يوناني مريض سان رکيو ويو. پاڙيوارن ڪمرن مان هڪ ۾ ڪوريا جو ڪپتان ۽ انگلنڊ جو انجنيئر ٿي رهيا ته ٻئي پاسي واري ڪمري ۾ جپاني بٽلر ۽ روسي ريڊيو آفيسر هئا. نالا ڪنهن کي ڪنهن جا به نٿي آيا ۽ نه ڪنهن ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي. پر اهو ضرور معلوم ڪندا هئاسين ته ڪهڙي ملڪ سان مريض واسطو رکي ٿو. پوءِ يوناني (گريڪ) کي گريڪو، جپانيءَ کي جپانو، چينيءَ کي چينو، سويڊن واري کي سويڊو ته ناروي واري کي ناروو ڪوٺيندا هئاسين. مون کي پاڪستانو سڏيندا هئا.
    مون کي پهرين ڏينهن ئي يوناني روم ميٽ سمجھايو ته هن اسپتال کي گھر ڪري سمجھجان. سڀ اسپتال جا مريض دوست آهيون. جڏهن به دل چاهي ته ٻين وٽ گھمڻ هليو وڃجانءِ. ڪوبه اهڙو سيريس بيمار ناهي انڪري آندل ٽيپ رڪارڊر ڀلي زور سان وڄائي سگھان ٿو. جيئن هن جو يا ٻين جا ريڊيا يا فونا وڄي رهيا آهن ــــ جيتوڻيڪ ڪمرو ڏيکارڻ مهل مئٽرن ٻه دفعا پنهنجي لوهي ڪمانن واري عينڪ صاف ڪري چڱي طرح تنبيهه ڪئي هئي ته ڪمري مان ٻاهر ته ڇا پر بستري مان به نڪران. ڀر وارن ڪمرن ۾ سخت بيمار آهن ان ڪري ڏاڍي ته ڇا پر آهستي ڳالهائڻ کان به گريز ڪريان. وغيره.
    پر پوءِ جھٽ مون کي معلوم ٿي ويو ته ڪير سچو آهي. صبح جو ڏهين بجي ۽ شام جو اٺين بجي جو سڀ انتظار ڪندا هئا جو ڊاڪٽر چڪر تي ايندو هو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر ڪمري کان نڪتو پٺيان ڪپڙا بدلائي سڀُ گھمڻ ڦرڻ لاءِ نڪري ويندا هئا ۽ وري مانيءَ جي وقت واپس ورندا هئا. اڌ کان وڌيڪ اهي مريض هئا جن جي بيماري دفع ٿي چُڪي هئي ۽ هاڻ انهن جو علاج ’دوا‘ بدران ’آرام‘ سان ٿي رهيو هو. ڪيترا اهڙا هئا جن جون آپريشنون ٿي چُڪيون هيون ۽ پٽيون ۽ پلاسٽر چاڙهي آرام ڪري رهيا هئا. ڪن مريضن لاءِ اسپتال جي انتظاميه ڪميٽي انتظار ڪري رهي هئي ته سندس جهاز سمنڊ جھاڳي ڪنهن بندرگاهه تي پهچي ۽ اطلاع ملي ته ان مريض کي جيڪو چاڪ چوبند ٿي چُڪو آهي، هوائي جهاز رستي ان جهاز لاءِ ان بندرگاهه تي موڪلجي.
    ٻن ٽن ڏينهن بعد منهنجي حالت سڌري ته مون کي اسپيشل وارڊ مان ڪڍي، انهن مريضن سان گڏ جنرل وارڊ ۾ موڪليو ويو جتي ڇهه ڇهه بسترا هئا. جنرل وارڊ جي مختلف زندگي هئي، جتي ڪجهه تڪليف جي هوندي به چهچٽو لڳو پيو هو. هڪ ٻئي سان ملڻ جو به سٺو موقعو ملندو هو. ماني کائڻ لاءِ سڀني مريضن کي ڊائننگ هال ۾ وڃڻو پوندو هو. جتي هر هڪ جي جهاز ، انگريز نرسن ۽ اسپيني ڀنگياڻين سان هلندڙ Afairs جي خبر پئي. جتي ننڍڙي اسپتال ۾ ماضي ۽ حال جا وڏا وڏا هلندڙ Scandal معلوم ٿيا ۽ جتي مستقبل لاءِ اڳ ڪٿيون ٿينديون هيون. جهازن جي مالڪن کي پٽيو ويندو هو ته هو ”پاڻ“ يا سندن ”جهاز“ غرق ٿين. جيئن اسان جهازين (Sailors) کي هن زميني جنت ۾ وڌيڪ رهڻ جو موقعو ملي. وڏين آپريشنن ۽ هڏ گُڏ ڀڳل مريض هيرو تصور ڪيا ويندا هئا. V.D (سفليز ۽ گنو وغيره) جا مريض اڇوت سمجھيا ويندا هئا. انهن لاءِ مانيءَ جو ٽيبل به الڳ هوندو هو. ان ڏينهن جرمن ڪسب جڏهن V.D جهڙي موذي مرض تي ليڪچر ڏئي بس ڪيو ته ڪنهن چيس:
    ”تون پنهنجو فڪر ڪجانءِ.“
    ”آءٌ ان بيماريءَ جو چڱيءَ طرح احتياط ڪندو آهيان. هيستائين مون کي فقط ٽي دفعا ٿي آهي!“ جرمن ڪسب فخر سان وراڻيو.
    جرنل وارڊ ۾ رهڻ ۾ خرابي اها هئي جو صبح جو سوير اٿڻو پوندو هو. بسترو ٺاهڻ لاءِ به نرسن جي اها ڪوشش هوندي هئي ته اسان پاڻ ٺاهيون. رات جي ڊيوٽي واريون ٻه نرسيون، شايد انتظار پيون ڪنديون هيون ته ڪيڏي مهل ٿا ڇهه ٿين. پوري ڇهين وڳي رسي ڇنايل ڍور وانگر ڪمرن ۾ ڌوڪي اينديون ۽ بتي ٻاري ٻن ٽن زبانن ۾ ڪوڪراٽ ڪري، سڀني جي ننڊ ڦٽائينديون. سڀڪو پنهنجي پنهنجي زبان ۾ گاريون ڏئي اٿندو هو. ڪير ڪنهن جي زبان نه سمجھندو هو. گھڻو ڪري اشارن ۽ ڀڳل ٽُٽل انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندا هئاسين. ڪنڊ ۾ هڪ جپانيءَ جو بسترو هو جو سڀني کان وڌيڪ چاڪ چوبند هو ۽ کيس ٻيا ”چمچو“ سڏيندا هئا. سڀني کان سوير اٿي بتي ٻاري پنهنجو بسترو ٺاهي پوءِ غسل خاني ڏي ويندو هو. نرسون هن جو مثال ڏئي اسان کي اهڙي نموني سان بستر ٺاهڻ ۽ سوير اٿڻ لاءِ نصيحت ڪنديون هيون. پر اها ڳالهه سڀني کي پسند نه آئي. هڪ ٻه دفعو هن جپانيءَ کي سندس ڀر واري لبناني پيار محبت سان سمجھايو. پر جوان جو پُٽ باز نه آيو. پوءِ وارڊ جو يوناني مريض ڇا ڪندو هو جو صبح جو جيئن ئي ’جپانو‘ بسترو ٺاهي غسل خاني ۾ ويندو هو ته پٺيان بسترو ڦٽائي ڇڏيندو هوس، ۽ اسان سڀُ بلاڪيٽ تاڻي دُت هڻي سمهي رهندا هئاسين. ٻه ڏينهن ڊيوٽي وارين نرسن دانهون ڪوڪون ڪيون، اسان نه اٿياسين. ان کان پوءِ صبح جو اچڻ ئي ڇڏي ڏنائون. ڏهين بجي ڌاري ڊاڪٽر جي آمد کان اڳ، اسان مان جيڪو پهرين ڊاڪٽر کي ايندو ڏسندو هو، سو سڀني ڪمرن ۾ ٻڌائيندو ويندو هو. ۽ سڀُ، ٻيا ڪم ڇڏي بسترن ۾ داخل ٿي ويندا هئا.
    ڪوريا جو ڪپتان به مون سان گڏ اسپيشل وارڊ مان جنرل وارڊ ۾ آيو هو ۽ ساڳئي ڪمري ۾ هو. ان جهڙو مڃيل مڪار اسان نه ڏٺو. سڄو ڏينهن گھُمندو ڦرندو هو. هيٺان لنگھندڙ اسپيني ۽ اندلسي ڇوڪرين کي اشارا ڪندو هو. دوربين ذريعي ٻه ڪلاڪ کن روز دريءَ وٽ ويهي، جانچ پڙتال ڪندو هو. پر ڊاڪٽر جو نالو جيئن ئي ڪن تي پوندو هوس، ڊوڙ پائي سڀني کان اڳ بستري ۾ ائين گھڙي ويندو جيئن ڪو مرون ڪتي جي ڊپ کان، ڪنهن چُر ۾ گھڙي وڃي. ڪُنجهندو، ٿڌا ٿڌا شوڪارا ڀريندو. ڪورين زبان ۾ ترسي ترسي، ڊاڪٽر کي پنهنجي لاعلاج مرض بابت ٻڌائيندو. ڄڻ ڄاڻ ته مُئو. ڊاڪٽر سندس هڪ لفظ به نه سمجھندو هو. چيني نرس ان ترسيل ترسيل ڪورين زبان کي غلط سلط ترجمو ڪري ڀڳل سڳل انگريزيءَ ۾، ڊاڪٽر کي سندس ڏک سُور ٻُڌائيندي هئي. ساڳي طرح ڊاڪٽر طرفان ٻُڌايل هدايتون مريض تائين پهچڻ کان اڳ ترجمي جي ٽرانزٽ ۾ اصل معنى کان ٿڙي وينديون هيون. ڪورين ڪئپٽن جي من جي فقط اها منشا هوندي هئي ته هن کي اڃان جلد اسپتال يا ٻين اکرن ۾ هن اعلى قسم جي هوٽل مان جلدي نيڪالي نه ڏني وڃي. ڪنڊ وارو جپاني، جنهن کي سمنڊ ۾ غوطا خوريءَ دوران، هڪ وڏي مڇيءَ کي چاقو هڻندي سندس ئي سٿر ۾ لڳو هو، سو جڏهن جپاني زبان ۾ اشارن جي مدد سان اسان کي ٻڌائيندو هو ته هن کي مڪمل صحتياب ٿيڻ بعد به اڃان ڊاڪٽر آرام لاءِ ترسائي ڇڏيو آهي ۽ کيس چاليهن ڏينهن کان به مٿي ڏينهن ٿي چُڪا آهن ته اهو ٻُڌي ڪورين ڪپتان براسو پالش جهڙا پيلا ڏند ڪڍي، خوش ٿيندو هو ته سندس به هن اسپتال ۾ وڌيڪ رهڻ جو گھڻو آسرو آهي ۽ اڃان به ڪيترا ڏينهن هو روز شام جو پنجين بجي اسپتال اڳيان لنگھندڙ Spanish ڇوڪريءَ کي اشارا ڪندو ۽ ’جيئي فرئنڪو، جيئي اسپين‘ جا نعرا هڻي سگھندو.
    اسپيشل وارڊ ۾ هوس ته اتي مون سان رهندڙ يوناني چيف آفيسر به دريءَ وٽ ويهي سڄو ڏينهن ايندڙ ويندڙ ڇوڪرين کي اشارا ڪندو هو. مون کي ٻڌايائين ته سندس هڪ ساهيڙي پوري پنجين بجي هيٺان لنگھندي آهي. پاڻ ڏاڪڻ جو هڪ ڏاڪو ڀڳل هئڻ ڪري جهاز جي نمبر پنجين هئچ ۾ ڪري پيو هو پاڻ ٻُڌايائين ته سندس ٽنگ جو ملٽي ــ فرئڪچر جيئن ئي ٺيڪ ٿيندو ته هو هن سان ڊيٽ جو پروگرام رکندو. پهرين ڏينهن ئي مون کي زور ڀريائين ته بستري تان اٿي ڏسان پر مون کي ان ڏينهن سخت تڪليف هئي. کنگھه جو اهو حال هو ڄڻ ڪنهن انجڻ جو انڊيڪيٽر ڪاڪ کولي ڇڏيو هجي. ٻئي ڏينهن منجھند جي مانيءَ کان وٺي هن پنهنجي ساهيڙيءَ جون تعريفون شروع ڪيون. ۽ پنجين بجي مون کي بستري تي بيهي ڏسڻو پيو. واقعي پوري پنجين بجي سامهون واري رستي جي ساڄي پاسي واري گھٽيءَ مان، هڪ اسپيني ڇوڪري اسڪرٽ ۽ چمڙي جي ناسي ڪوٽ ۾ چيونگ گم کائيندي نروار ٿي. ناز سان لڏندي اسپتال اڳيان لنگھي. اڃان هوءَ پري ئي هئي ته اسان جي جوان هٿ لوڏڻ شروع ڪيو. هوءَ جڏهن اسپتال جي ويجھو پهتي، تڏهن بنا مٿي ڏسڻ جي هٿ کي ناز سان لوڏيو، جيئن جهاز مان لهڻ وقت اعلى سرڪاري مهمان هٿ لوڏي هجوم جي تاڙين جو جواب ڏيندو آهي ۽ اکيون ڏاڪڻ ۾ هونديون اٿس. منهنجي هن روم ميٽ جنهنجو سڄو ڏينهن منهن انب جي چوسيل ڪوئلي جهڙو هوندو هو، سو خوشيءَ وچان گدري جيان گول ٿي ويندو هو. جنهن وقت ٻانهن جي لوڏ ٿيندي هئي ته ان وقت ڄڻ کيس وٽئمن بي ڪامپليڪس جي انٽراوينس سئي لڳي.
    ٽئين ڏينهن انهيءَ ڀر واري ڪمري ۾ آمريڪن انجنيئر به ان ساڳئيءَ ڇوڪريءَ کي ساڳي وقت پنهنجي دريءَ مان اشارو ڪري مون کان داد وصول ڪيو. هن به ٻڌايوته هوءَ روز ان وقت کيس ان ادا سان سلام ڪري ويندي آهي. اها وچڙندڙ بيماري ان پاسي وارن ڪمرن ۾ دريءَ وٽ بسترن وارن مريضن سان لاڳو هئي. سڀ ڪو پنهنجي پنهنجي ننڍڙي دنيا ۾ مست هو ۽ ڇوڪري، جنهن کان پوءِ جڏهن اسپتال جي عملي تشويش خاطر پڇيو ته جواب ڏنائين:
    ”آئون سمجھان ٿي ته هتي سڀُ مريض رهن ٿا. منهنجي فقط هٿ لوڏڻ ۾ آئون ڪا گسي ته ڪانه ٿي وڃان پر مريض ڪيترو ته خوش ٿين ٿا. مون ته اڄُ تائين ڪنهن جي شڪل به چڱيءَ طرح نه ڏٺي آهي. مون لاءِ سڀُ ڌاريان آهن.“
    اها خبر جڏهن اسپتال جي ورانڊن ۾ مشهور ٿي ته ان وقت سڀُ دريءَ وارا مريض غم بدران ننڊ جي گوري کائي سمهي رهيا. ڪوريا جي ڪئپٽن به پنهنجي دوربين Binacular هميشه لاءِ ڇنڊي ڦوڪي چمڙي جي ٿيلهيءَ ۾ بند ڪري بئگ ۾ رکي ڇڏي.
    اڇن ڪپڙن ۾ جي هيون سي سڀُ انگريز نرسون هيون اسان کين سسٽر يا اسپيني زبان ۾ سنوريتا سڏيندا هئاسين. بلو پٽي واريون خدمتگار ڇوڪريون سڀُ اسپيني ۽ ان ٻيٽ لاس پاماس جون رهاڪو هيون. انهن جو ڪم ماني کارائڻ، بسترا ٺاهڻ ۽ ڪنهن شيءِ جي ضرورت پوي ته ڪئنٽين يا بازار مان آڻڻ هو. اهي فقط اسپيني زبان ڳالهائينديون هيون. کين انگريزي صفا نٿي آئي. زبان جي ڏکيائيءَ ڪري مريضن جي مئجارٽي انگريز نرسن سان عشق ڪرڻ فرمائيندي هئي ـــــــ يا ڪوشش ۾ مبتلا هئي.
    انگريز نرسن ۾ هڪ سڀ کان مٿي هئي جنهن کي مئٽرن سڏيو ويو ٿي. ان سان ڪنهن جي به نه پوندي هئي، جو هوءَ هر وقت دڙڪا ڏيندي رهندي هئي ـــــ ’گھڻو نه هلو‘، ’ٻاهر نه نڪرو‘، وغيرهه. پاڻ کي ڊاڪٽر کان گھٽ نه سمجھندي هئي ۽ چوڻيءَ مطابق، ’رئيس ته رئيس پر رئيس جو ڪتو به رئيس‘، هئي. هن کي فقط اها سُڌ هوندي هئي ته سڀُ مريض (جن ۾ مختلف ملڪن جي جهازن جي چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن کان ريڊيو آفيسر ۽ ڪئڊٽ اچي ويا ٿي) سندس به ايتري عزت ڪن ۽ مانُ ڏين جيترو وڏي ڊاڪٽر کي. پر هتي ته مريض ڪنهن به پاڻ کي نٿي سمجھيو. هتي ته ڄڻ سڀُ U. N.O جا ميمبر موڪلون ملهائڻ آيا هجن. هيءَ منهن مهانڊي ۾ به ٻين کان ڪجهه ــ بلڪ تمام گھڻي سادي هئي. ويتر جو، بقول هڪ جرمن چيف انجنيئر مريض جي ته ”عيسوي سن کان به ٻه سؤ سال اڳ“ جو چشمو ٿي پاتائين ته واقعي بقول سُويڊش چيف انجنيئر جي ”ڏنگي مشين“ ٿي لڳي! منهنجي ته ڄڻ هن سان پُراڻي دشمني هئي ۽ نه منهنجي ڪا ڳالهه هن کي وڻندي هئي. اصل هڪٻئي سان نه پوندي هئيسين. جنهن ڏينهن کان مونکي سُيون هڻڻ جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کنيو هئائين، تڏهن کان مون کي هن کان ٿورو ٿورو نامعلوم خوف به رهندو هو. بسترا نه ٺاهڻ جي اسٽرائيڪ کان پوءِ ته اسان جي ڪمري وارن کي دوا به پاڻ ڏيڻ ايندي هئي. مون کي ڏينهن ۾ چار دفعا سُئي هڻندي هئي. سندس ويجھو اچڻ تي آئون اونڌو ٿي ويندو هوس ۽ بنا پُڇڻ جي ته پاجامي يا ڪڇي جو رٻڙ کوليو اٿم يا نه، ٻنهي ۾ هڪ ئي وقت هٿ وجهي، سٽ ڏئي هيٺ ڪري، سُئي هڻي ويندي هئي. خبر ناهي ته سُئيءَ لاءِ ڊاڪٽر چيو به هيس يا پنهنجي دشمني پارڻ لاءِ پاڻيءَ جون چار چار سيون هڻندي هئي. پنجن ڏينهن اندر منهنجي دُڏيون ڇلي ڇڏيائين. هڪ دفعي موڊ ۾ ڏسي پڇيومانس ته توکي ڊاڪٽر ايتريون سُيون هڻڻ لاءِ چيو به آهي يا نه. ٿي سگھي ٿو هن توکي هڪ يا ٻن لاءِ چيو هجي ۽ تو روز جو دستور بڻائي ڇڏيو آهي.
    منهن ۾ گھنڊ وجھي چيائين، ”هي اسپتال به جهاز آهي جتي هر شيءِ باقاعدي قانون سان ٿئي ٿي. هتي ڪوبه غلط ڪم نٿو ٿئي.“
    دل ۾ آيو ته ٻڌايانس قاعدي قانون بابت چڱي طرح ته ڪيئن اسان اڃان رات هتان ڀڄي شهر ۾ فلم ڏسي آيا آهيون. پر پنهنجو نقصان ساري مِٺي به ماٺ، مَٺي به ماٺ تي عمل ڪرڻ ۾ مصلحت سمجھيم. منهنجي جهاز جي دوستن جڏهن لنڊن مان وڃي منهنجو حال احوال پڇيو ته کين به لکيو هوم: ”آئون اهڙو ماڻهو آهيان ته ڪونه پر اتفاق سان جيڪڏهن اخبار ۾ پڙهو ته منهنجي هٿان ڪنري ٻيٽ تي خون ٿي ويو آهي ته سمجھي وڃجو ته چشمي واري مئٽرن جا ڏينهن کُٽا هئا.“
    ان ڪرسمس رات، جنهن جو ڪجهه ذڪر شروعات ۾ لکيو اٿم، اسان جي سامهون واري ڪمري ۾ رهندڙ ڀڳل ٻانهن واري نارويجن کي اسپتال مان ڀڄڻ وقت، جڏهن مئٽرن اچي سوگھو ڪيو ته سڀني مريضن جي ڏسڻ لاءِ واهه جو مفت ۾ِ ڊرامو ملي ويو. ان ڪمري جون سڀُ دريون اوڙي پاڙي ۾ رهندڙ مريضن سان ڀرجي ويون. مئٽرن اکيون ڏيکاري، انگريزيءَ ۾ چيس: ”تون ٻاهر هرگز نٿو وڃي سگھين.“ ته هن به تيز لهجي ۾ وراڻيس: ”آئون ٻاهر ڇو نه ويندس.“
    ”تون بيمار آهين.“
    ”پر اڄُ ڪرسمس رات آهي. آئون ڊانس لاءِ ويندس.“
    ”ڊاڪٽر تنهنجي ٻاهر وڃڻ تي سخت بندش وڌي آهي.“
    ”ڊاڪٽر مون کي ٻاهر وڃڻ جي موڪل ڏني هئي.“
    ”ڊاڪٽر توکي بستري ۾ سمهي کائڻ بدران، ٻاهر نڪري ڊائننگ هال ۾ کائڻ لاءِ چيو آهي ۽ نه اسپتال کان ٻاهر ڊانس لاءِ.“
    اسان والي بال وانگر ڪڏهن ڪنڌ مئٽرن طرف ڦيرائي ان کي ٿي ٻُڌو ته ڪڏهن پنهنجي ساٿي مريض کي. سروس چئنج ٿيندي رهي، ۽ هيءَ مئچ يا ويڙهه اسان سڀني مريضن جي هئي. سڀني اهو چاهيو ٿي ته مئٽرن هارائي. پر مئٽرن به اُس ۾ وار اڇا نه ڪيا هئا. بحث وڌندو ويو. تان جو مئٽرن چيو: ”تون هرگز ٻاهر نه ويندين جيڪڏهن بي چيو ٿيندين ته آئون سڀاڻي ڊاڪٽر کي اطلاع ڪرائيندس تنهنجي جهازران ڪمپنيءَ کي اطلاع ڪنداسين ته توکي هتان وٺي وڃن.“
    بس ان بعد هن همراهه هڪ اکر به وڌيڪ نه ڳالهايو. اصل ڪُتڙيون وٺي ويس. مئٽرن هلي وئي. جڏهن ورانڊو به لتاڙي پنهنجي آفيس اندر گھڙي ته پوءِ اسان جي جوان ڪمري جو دروازو زور سان بند ڪري انگريزي، اسپيني ۽ پنهنجي مادري زبان نارويجن ۾ کيس ايتريون ته گاريون ڏنيون جو مون کي پهريون دفعو انهن زبان جي وسعت جي خبر پئي.
    سڀ کان ڏنگا سويڊن جا هئا. هو سڄي رات شراب پي دانهون ڪندا هئا. آخر ڊاڪٽر شراب پيئڻ تي بندش وڌي. هڪ ڏينهن خاموش رهي ٻئي ڏينهن ڪوڪا ڪولا پيئڻ جي اجازت ورتي. روز صبح جو هڪ بوتل ڪوڪا ڪولا جي گھُرائيندا هئا ۽ سڄو ڏينهن گلاسن جا گلاس پيئڻ بعد به اڌ کن مس کپندي هئي ۽ کين مستي ۽ سُرور ساڳيو رهندو هو. (دراصل ان بعد هو جيڪو شراب پيئڻ لڳا ان جو رنگ ڪوڪا ڪولا جهڙو هو. سڀُ سمجھندا هئا ته ڪوڪا ڪولا پيا پين ۽ نه شراب ــــ جنهن جي بوتل هر وقت وهاڻي هيٺان لڪل هوندي هئي.)
    منجهند جو اسان جي وارڊ وارا ٿوري دير سُمهندا هئا ته جپاني ۽ انڊونيشي گانن جا ٽيپ وڄائيندا هئا. اسان لاءِ دٻي ۾ ٺڪريون پر پاڻ چپٽيون وڄائيندا هئا. ڪيترو چوڻ تي به اسان جي نه ٻُڌائون. آخر هڪ ڏينهن مون کي اوچتو ياد اچي ويو ۽ ان مرض جي دوا ملي وئي. ڪراچي ڇڏڻ وقت لنڊن ۾ هڪ دوست جي فرمائش تي پڪن راڳن جو ٽيپ کنيو هوم. ان کي بئگ مان ڪڍي سڄي آواز تي وڄائڻ شروع ڪيم. ٻه ڪلاڪ کن به مس وڳو ته جپانيءَ ۽ انڊونيشيءَ ٻنهي کڻي يونانيءَ جي معرفت صلح نامون ڪيو ته ’آئندهه هر هڪ پنهنجي زبان جا گانا آهستي وڄائي پاڻ ئي ٻُڌندو.‘ ان ڏينهن کين احساس ٿيو ته سندن گانا به ٻين لاءِ ساڳي طرح مٿن جو سُور آهن.
    منهنجي کاٻي پاسي کٽ واري يونانيءَ جو اهو روز جو دستور هوندو هو ته ڊنر کان پوءِ، مون کي به پنهنجي بستري تي وهاري ٿوري خوشامد ڪري، رائيٽنگ پنڊ، لفافو پراڻا خط ۽ قلم ڪڍي مون کان انگريزيءَ ۾ پنهنجي محبوبا لاءِ خط لکرائيندو هو پاڻ گاڏڙ ساڏڙ يوناني، عربي ۽ اسپيني زبانن ذريعي مون کي پنهنجي من جو مفهوم سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. جو مون کي اڌوگابرو سمجھه ۾ ايندو هو. ۽ ان کي انگريزي لفظن جي شڪل ۾ پني تي قلمبند ڪندو هوس. مطلب ته اکين تي هٿ رکي رئڻ جو آواز ڪڍي دل طرف اشارو ڪندو هو يعني ”سندس دل سڄڻ لاءِ هنجون هاري رهي آهي.“
    پڪ اٿم ته ڪيترن اشارن ۽ يوناني، اسپيني لفظن جو مطلب نه سمجھي ضرور ڪا غلط ترجماني ڪئي هوندم. پر آئون کيس ۽ سندس عشق کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس جنهن کي هڪ هڪ جملي لکائڻ لاءِ ڪيڏي تـڪليف ڪرڻي پوندي هئي. ڪيڏي ائڪٽنگ ڪرڻي پوندي هئي. سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته جڏهن هي يوناني اسپيني عربي زبانون ڄاڻڻ وارو هيرو تندرست ٿيڻ بعد انگريزي جرمن ۽ فريئچ ڳالهائڻ واري سندس هيروئن سان پئرس ۾ وڃي ملندو ته ڪيئن گذارو ٿيندن؟! ضرور کين ڪو ترجمان رکڻو پوندو.
    ڊرائنگ روم جي ڀرواري ڪمري ۾ هڪ فرانسيسي رهندو هو تنهن کي قدرت اها ڏات ڏني هئي جو ڪنهن به ماڻهو کي سامهون وهاري اڌ ڪلاڪ اندر پينسل جي مختلف ٿلهن سنهن ليڪن سان سندس تصوير هوبهو پني تي ٺاهي وٺندو هو. کيس ڪا اهڙي بيماري هئي جو ڊاڪٽر کاڌو بند ڪيو هوس. رڳو رٻَ ۽ سُوپ پيئڻ لاءِ ملندو هوس. سندس جنهن ڏينهن کان کاڌو بند ٿيو هو، هن جو ڪمرو فوٽو اسٽوڊيو ٿي ويو هو. في تصوير پنجن صوفن يا ڏهن ڪيلن تي ٺهڻ لڳي. (ميوو ئي هڪ اهڙي شيءِ هئي جيڪا ڊرائنگ هال مان اسان سمگل ڪري ٻاهر آڻي سگھندا هئاسين) پوءِ هر روز هڪ يا ٻه هتان هُتان ڪجهه پنهنجو ڪجهه ٻين کان انهن جو حصو وٺي کانئس تصوير ڪڍائيندا هئا. ان کان علاوه هو گھٽ ائڪٽر به نه هو. کنگھڻ وقت ڄاڻي ٻُجهي، پٺن سان کٽ کي اڳيان ٿيلها ڏيندو ويندو هو. تان جو اسپتال جي کٽ ــــ جنهن جي هيٺان ڦيٿا لڳل هئا، رڙهي رڙهي وڃي سامهون هندستاني جي کٽ سان لڳندي هئي. سڀني ۾ وڏي عمر جو هو. حاضر جواب ۽ کل مُک به پهرين نمبر جو هو. ڪڏهن ڪڏهن سندس وارڊ جا ٻيا مريض سندس کٽ کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ورانڊي ۾ ڪڍي ڇڏيندا هئا. پوءِ ڪنهن نرس جي ورانڊي مان لنگھندي شل نظر پوي. هڪ قهرام مچي ويندو هو. هو جاسوسي ايجنٽن وارا سوال شروع ڪري ڏينديون هيون، ته اها حرڪت ڪنهن ڪئي. پر شاباس هجي هن شخص کي سڀني سوالن جو هڪ جملي ۾ جواب ڏيندو هو ـــــ ”مون کي خبر ناهي، آئون سُتو پيو هوس. ڏسان ها ته آئون پاڻ نه ان کي جهليان ها.“
    سڀُ کان گھٽ عمر وارو بيلجم جو هڪ ڪئڊٽ ڪنڊ تي ٽن بسترن واري جنرل وارڊ ۾ هو. هو سُئي لڳڻ وقت گُم ٿي ويندو هو. پوءِ ٽي ڄڻا جيڪي خدائي فوجدار سڏيا ويندا هئا (جن ۾ اسان جو يوناني وارڊ ميٽ به هو) کيس ڪڏهن وهنجڻ جاءِ مان، ڪڏهن لئبريري مان ته ڪڏهن ’انڊور گيمس روم‘ مان ٽنگو ٽالي ڪري کڻي ايندا هئا.
    مطلب ته هڪ اڻ کُٽندڙ تماشو سڄو ڏينهن هلندو هو. هرهڪ مريض بذات خود ٻين لاءِ تماشو به هو ته تماشبين به. روز صبح کان هن اسپتال جي دنيا ۾ نئون کيل شروع ٿيندو هو ۽ هيءَ اسپتال هڪ ننڍڙي دنيا ئي ته هئي. جتي مخلف ملڪن، رنگن ۽ قومن مذهبن جا ماڻهو رهيا ٿي. بيمار هوندي به کل خوشي آرام ۾ رهيا ٿي. ڪوبه ذات پات، رنگ روپ يا ننڍ وڏائيءَ جو فرق نه هو.
    آخري شام جڏهن مون کي هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ڏئي چيو ويو ته آئون هاڻي بلڪل چاق آهيان ۽ هيءَ منهنجي آفيس طرفان آئي آهي ته ٻئي ڏينهن صبح جو لنڊن Fly ڪري پنهنجي جهاز تي وڃي چڙهان. ته منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ٻئي ڏينهن سوير Flight هئڻ ڪري صبح جو ٽي بجي اٿيس. سڀُ خاموش ننڊ ۾ هئا. باوجود منع ڪرڻ جي به ڊيوٽي نرس بئگ کڻائي هيٺ ٽئڪسي ۾ اچي رکي. ٽئڪسي ۾ وهڻ وقت مئٽرن به اچي موڪلايو، سندس پراڻي زماني جي چشمي مان، آليون اکيون نظر اچي رهيون هيون. هن ڪجهه به نه ڪُڇيو. رنگين پنيءَ ۾ بند ٿيل گھڙيال تحفي طور مون کي ڏئي، اسپيني زبان ۾ ڊرائيور کي ايئرپورٽ پهچائڻ لاءِ چيو. جيڪو اسپتال کان چاليهه ميل پري آهي. رستي جو ڀاڙو چار سؤ پسيتا به پاڻ ڏنائين.
    هوائي جهاز جنهن وقت مٿي چڙهيو ته اها اسپتال ــــ ننڍڙي دنيا، کل ۽ خوشيءَ سان ٽمٽار، جبل جي چوٽيءَ تي صاف نظر اچي رهي هئي. جيئن جيئن جهاز بلندي حاصل ڪندو ويو ته اسپتال نقطي جي شڪل اختيار ڪري غائب ٿي وئي. پر گريڪو، جپانو، سويڊو، آفريڪو، انڊونيشيو ۽ اسپتال جو هڪ هڪ ماڻهو اڄُ به منهنجي اکين اڳيان ڦري رهيا آهن.


    اڄُ ڇا پچائجي........؟

    (فقط مردن لاءِ)
    اڄُڪلهه جيڪو به کڻي رسالو کڻُ ته ان ۾ ٻيو ڪو ڪالم هجي يا نه، پر رڌُ پچاءُ جو صفحو ضرور هوندو. جنهن ۾ عورتون دل کولي قسمن قسمن جا کاڌا ۽ انهن جي رڌڻ جا اونڌا ابتا طريقا لکنديون آهن. آئون نٿو سمجھان ته ان ڪالم ۾ ڪنهن مرد جو مضمون به آيو هجي. جيتوڻيڪ ڪيترا مرد سٺا بورچي آهن ـــــ بلڪ تمام سٺا. پر جيئن ته رڌُ پچاءُ گھريلو ڪم (يا شايد عورت جو زيور پڻ) سمجھيو وڃي ٿو ـــــ يا ڪنهن زماني تائين سمجھيو ويندو هو، ان ڪري عورتون پنهنجو پاڻ کي ان معاملي ۾ اٿارٽي ٿيون سمجھن (۽ ان اٿارٽيءَ کي تمام گھڻو Exploit ڪن ٿيون ۽ جيڪيو وڻين ٿو سو لکن ٿيون.) ڪو مرد ان کي پڙهڻ وارو ڪونهي، ڪو تنقيد ڪرڻ وارو ڪونهي ۽ شايد ئي ڪو اهي طعام تيار ڪري ڏسڻ وارو هجي، جو سچ ڪُوڙ جي خبر پوي. ويتر جي ان رسالي جي ايڊيٽر ڪا عورت آهي ته بس: ’ناني رڌڻ واري ڏوهٽيون کائڻ واريون‘ ـــ جيڪي لکجي آيو سو ڇپجي ويو. اها به ڪا پڪ ناهي ته گھٽ ۾ گھٽ لکڻ واريءَ به ڪو ائين پچايو هوندو ـــ خيالي پُلاءُ پچائي ٻين کي گُمراهه ڪرڻ لاءِ اها ترڪيب تمام سولي آهي.
    بيضن جا ڪواب، ٽماٽن جون ٽڪيون، بصرن جو قيمون، کير جي خوراڪ، پٽاٽن جو حلوو يا ٻيا ان قسم جا عجيب ۽ غريب (يا امير)، رومانٽڪ ۽ سنسني خيز نالا ڏئي، پوءِ سامان جي لسٽ ۽ ان بعد رڌڻ جو طريقو لکيل هوندو آهي. پڙهڻ وارو رڌڻ جي طريقي تائين پهچڻ کان اڳ، سامان جي لسٽ ئي ڏسي، اهو طعام رڌڻ تان هٿ (بلڪ ٻئي هٿَ) کڻندو آهي. ڇو ته ڪمال هوشياريءَ سان سامان جي لسٽ ڪجهه اهڙي لکي ويندي آهي، جن ۾ هڪ اڌ شيءِ يا مصالحي جو نالو اڻ ٻُڌل هوندو آهي ۽ جنهن کي شهر جي لوڪل مارڪيٽ مان ته پر برما جي جنگل يا ممباسا جي مارڪيٽ مان حاصل ڪري سگھجي. يا ته وري ان جي تور يا ماپ اهڙن ڌڙن ۾ ڏنل هوندي جو تورو دڪاندار وٽ به نه هجي مثال طور:
    بادام ـــــ پنج گرام
    زئفران ـــــ چوٿو آئونس
    ادرڪ ـــــ ٽي داڻا (خبر ناهي ننڍا يا وڏا)
    بصر ـــــ اڌ ڪلو
    چانور ـــــ ٽي چوٿايون يا پاٽي کن.
    پاڻي ڊسٽلڊ ـــــ هڪ لٽر.
    آئسنس ـــــ ست ڦُڙا
    ديڳڙو ـــــ وچولو
    باهه ـــــ پوري پُني، سؤ ۽ ٻه سؤ سينٽي گريڊ جي وچ ۾.
    گھمائڻ لاءِ ڏوئي ـــــ ڪاٺ يا اليومينم برونز جي.
    هاڻي سائين ڪو فزڪس آنرس جو شاگرد هجي. يا ڪو Applied-Maths ۾ ايم ايس سي ڪري رهيو هجي جيڪو ويهي ليبارٽري جي ساهمي ۾ مختلف تورن ذريعي حساب ڪري سامان توري، باقي ٻي جي جاءِ ناهي.
    گھڻو اڳ عبرت اخبار ۾ به هفتي ۾ هڪ دفعو اهڙو ڪالم ايندو هو (ٿي سگھي ٿو هاڻ به ايندو هجي) جنهن کي هڪ ڏينهن پڙهي منهنجي دوست اڪبر منگيءَ کي به ’مرغي برياني‘ رڌڻ جو شوق جاڳيو ـــــ يا کڻي چئجي ته پيدا ٿيو. (ڇو ته اهو شوق سندس من ۾ پهرين کان ڪو ستل ته نه هو). اسان ٻئي ڪراچي ۾ هڪ جاءِ ۾ گڏ رهندا هئاسين. ڪيترن ڏينهن کان بورچي موڪل تان نه وريو هو. پر بقول منگيءَ جي ته عبرت اخبار ته اچي پئي. ان ڏينهن هو يونيورسٽيءَ ۾ به نه ويو. صبح سان ’سامان جي لسٽ‘ مطابق سيڌو گڏ ڪيوسين، رڌڻ جو طريقو ٻه ٽي دفعا پڙهي هينئين سان هنڊايونسين. پوءِ هو رڌڻ ۾ جنبي ويو. آئون شپ يارڊ ڊيوٽي تي هليو ويس.
    منجهند جو موٽي اچي ڏسان ته ديڳڙي پاسي کان رکي، اسان جو هيرو اخبارن جي ڍير مان ڪا اخبار پيو ڦولهي. منهنجي گھڙڻ سان پڇڻ لڳو: ”اها اخبار ڪيڏانهن وئي جنهن ۾ ترڪيب لکيل آهي؟“
    ”بريانيءَ جو ڇا ٿيو؟“ مون پڇيومانس.
    ”پهرين اخبار ۾ ترڪيب لکڻ واريءَ جي ائڊريس ڳول“.
    ”ڇو ـــــ ؟“
    ”هيءَ برياني ان ڏي پارسل ڪبي.“
    ديڳڙيءَ جو ڍڪُ کولي ڏسان ته سڀُ چانور سڙيا پيا هئا. وچ تان ڪجهه اڻ سڙيل چانور ڦڪيم ته سخت کارا لڳا. ساڳيو حال مرغيءَ جو هو. ٻئي وڃي ايرانيءَ جي هوٽل تان ماني کائي آياسين. گھر واپس پهچڻ سان ويٽنامي زخمين جهڙي معصوم صورت ٺاهي منگيءَ چيو: ”پارٽنر! برياني ته رڌي مون. هاڻ ديڳڙو ته گھٽ ۾ گھٽ تون ڌوءِ.“
    پوءِ ڪپ سان ديڳڙو کرڙي کرڙي جڏهن ٽي دفعا ڇاڻ ۽ موئيءَ سان مليم تڏهن وڃي اصل شڪل جهڙو ٿيو. ان ڏينهن کان پوءِ جڏهن به ڪو رڌُ پچاءُ جو صفحو ڏسندو آهيان، ته يڪدم خيال ايندو آهي ته اهي سڀُ ديڳڙي ڌُئارڻ لاءِ سٽل آهن.
    يا ته ان ڏينهن اسان جو ڌيان رڌڻ جو طريقو پڙهي، پريڪٽيڪل ڪرڻ وقت ٻئي هنڌ کُتل هو. جيئن ٻُڌو اٿم ته هڪ دفعي ڪنهن ريڊيو اسٽيشن تان رڌڻ جو طريقو پئي ٻُڌايو ويو. ساڳي وقت ڀر واري اسٽيشن تان وري ڪسرت ڪرڻ جو طريقو پئي ٻُڌايو ويو ته ٿولهه ڪيئن گھٽائجي. موسم جي خرابي ڪري، يا ريڊيو جي خرابي ڪري، ٻئي اسٽيشنون گڏ وچڙ ٻُڌڻ ۾ پئي آيون. ڪنهن ٻُڌڻ واري، پني تي جو ڪجهه، جلدي جلدي لکيو سو هن ريت ٿي ويو.
    ”........ هڪ پيالو ميدي سان ڀري، ڪُلهن تائين کڻي وڃو. گوڏن وٽ جھُڪي کڙين تي زور ڏيو. پوءِ ان کي کير جي ٿانوَ ۾ چڱيءَ طرح ملايو. ڇهه دفعا اها ساڳي مشق دهرايو. پوءِ اڌ چمچو خمير سان گڏ ٻوڙ اندر ڇڪيو. ٽنگون ڦاڙي، ٻه بيضا پيٽيو. ان کان پوءِ آهستي آهستي ساهه کڻو ۽ پيالين ۾ وجھو. هاڻ سڌا ٿي بيهو ۽ ان کان پوءِ فرش تي ليٽي، بيضن جي اڇِ چڱيءَ طرح پيٽيو. ڏهن منٽن تائين باهه تي رکي چڱيءَ طرح مالش ڪريو. آخر ۾ ڪنڌُ هيٺ ۽ ٽنگون مٿي ڪري، ملائيءَ سان گڏ کائو.“
    پاڻيءَ جي هر جهاز تي آڌيءَ رات کان چئين بجي تائين ڊيوٽي ڪرڻ وارا انجنيئر ۽ نيويگيٽر ناشتي جو صبح تائين انتظار نه ڪن. ڪجهه نه ڪجهه پاڻهي پچائي، کائي سمهي رهن. يا اڳواٽ بورچيءَ کان ڪجهه تيار ڪرائي رکن. تعليم ختم ڪري جڏهن جهاز تي پهتس، ته مون کي پهرين سفر ۾ هڪ پراڻي انجنيئر سيف الدين سان گڏ رات جو ٻارهين کان چئين واري ڊيوٽي ڏني وئي. صبح جا پوڻا چار ٿيا ته سينيئر انجنيئر سيف الدين مون کي چيو:
    ”برادر! آئون Log-Book لکي چئين کان اٺين تائين جهاز هلائيندڙ انجنيئرن کي چارج ڏيو ٿو اچان، تون ڪجهه کائڻ جو بندوبست هلي ڪر.“
    آئون وڃڻ وارو هوس ته پڇيائين: ”آمليٽ بيضا ته ٺهي ويندا نه؟“
    ”ڇو نه.“ مون پڪ ڏنيمانس، ”انهن ۾ ڇاهي. آمليٽ ته هڪ عورت به ٺاهي سگھي ٿي. پهرين بصر جي ڪاتر ڪري، مکڻ تئيءَ ۾ گرم ڪجي. پوءِ ساون مرچن ۽ ٽماٽن جي ڪاتر ڪري بيضن کي انهن سان گڏ......“
    ”ٺهيو، چار ته اتي ئي ٿي ويا.“
    جلدي جلدي جهاز جي گئلي (رڌڻي) ۾ آيس. اچي بيضا تيار ڪيم. ڊبل روٽيءَ کي به مکڻ ۾ سيڪيم. ٻي رات پنجويهه منٽ اڳ بورچيخاني ۾ پهتس ته بيضن کان علاوه سيويون به پچايم. پهرين ڪڏهن سيويون پچندي به نه ڏٺيون هيم. پر هاڻ پنهنجي خيال مطابق مکڻ ۾ ڀُڃي، ٿورو پاڻي وجھي، تئيءَ کي ڍَڪُ ڏئي، ٻاڦ کي ٻاهر نڪرڻ نه ڏنم. ان کان پوءِ کنڊ پستا ۽ بادام ــ مطلب ته رڌڻي جي کليل ڪٻٽ ۾ جيڪي ڪجهه رکيل هو، تنهن مان ذرو ذرو وڌم. ائين آهستي آهستي اسان جي ماني سئنڊوچن مان ’فل ڊنر‘ ٿيڻ لڳي. سامان جي پرواهه نه رهندي هئي جو هر جهاز تي يڪو ٻن ٽن مهينن جو فالتو راشن رهندو آهي.
    هڪ رات سيويون پچائي لاهڻ وارو هوس ته سيف الدين چَورائي موڪليو ته ٻيا به ٻه چار ڄڻا جاڳن پيا، جو جهاز ڇهين بجي ممباسا جي بندرگاهه ۾ پهچي رهيو آهي. سو سيويون ڪجهه سنئاليون رڌجانءِ.
    مون ٻيون سيويون ته نه رڌيون، جو وري ساڳي گھل ڪنهن کان ٿي پُني. رَڌل سيوين ۾ مُٺ مُٺ بادامن ۽ پستن جي، ڊبل روٽي ٽڪر ٽڪر ڪري، Evaporated کير جا ٻه دٻا ملائي، ٿورو گرم ڪري ڊش ۾ وجھي، ڊائننگ هال ۾ کڻي آيس. جتي سيف الدين سيوين جي تعريف ۾ ٻٽاڪ سٽاڪ هڻي رهيو هو. ڊش کليو ته سيويون ته ايڪڙ ٻيڪڙ نظر آيون. دوست چوڻ لڳا: ”هي سيويون ته نه چئبيون. هي ته الائي ڇا پَڪو آهي.“
    چيومان ته ڇا ٻا ڪجهه به نه آهي. کائيندا وڃو. هن ۾ مالَ پيل آهن. ’مال‘ جو ٻُڌي سڀُ کلڻ لڳا. پڙهندڙن لاءِ هتي ’مالن‘ وارو چرچو پڻُ ٻُڌائڻ ضروري ٿو سمجھان، جنهن کان هتي جا مڙيئي جهازي واقف آهن.
    موڪلن ۾ پنهنجي ڳوٺ اسان چار پنج ڳوٺائي، هڪ جي اوطاق تي پتي راند کيڏي رهيا هئاسين. رات جا ٻارهن ٿي ويا. اوطاق وارو دوست چانهه لاءِ گھر چوڻ ويو ته سندس ماءُ چيو ته بهتر ٿيندو، هوٽل تان ٺهرائي وٺو. هينئر سيءَ ۾ ڪير اٿي چُلهه دُکائيندو. اتي اسان جي ميزبان دوست جو نانو اٿيو ـــ جنهن کي سڄو ڳوٺ ’نانو‘ سڏي ۽ ڪجهه دماغ هيٺ مٿي هجڻ جي باوجود، بيحد دلچسپ شخصيت آهي. سو چوڻ لڳو: ”پرواهه نه ڪر ٻچا! تنهنجي دوستن لاءِ آئون ٿو چانهه ٺاهي وٺان.“
    ميزبان دوست اچي اسان کي ٻُڌايو ته يار ڳالهه ته ڏاڍي ٿي. بس هاڻ الله خير ڪري اڄُ نانا چانهه ٺاهي ٿو اچي. الائي ڪهڙي هوندي. ’نانو‘ چانهه ته عاليشان ٺاهي آيو. ڏاڍا ڦوٽا، مَلائي وڌي هئائين. پر آخر ۾ چانهه جي پتي وجھڻ بدران، غلط دٻي مان ڳاڙهن مرچن جو ٻُڪ وجھي آيو هو. اسان جو کڻي ڪٽليءَ جو ڍَڪ کوليون ته کل جا ڪُوڪرا پئجي ويا. ميزبان دوست چيو: ”نانا هيءَ چانهه ڪير پيئندو، هاري ڇڏيو.“ پر نانو ڪٿي مُڙي. چي : ”ابا هن ۾ مال وڌا اٿم. اجايا ضايع ٿي ويندا. ڏاها ٿيو پي ڇڏيو.“
    اسان ته موٽائي ڏنس. هوٽل تان گھُرائي پيتيسين. ڳاڙهن مرچن واري چانهه نانو واپس کڻي ٻاهر نڪتو ۽ وڃي پاڙي وارن جو آڌيءَ رات جو در کڙڪايائين. ڪو ننڊ مان اٿي نڪتو هوندو. تنهن کي نانو زور زور سان سمجھائي رهيو هو: ”ابا هيءَ چانهه پي ڇڏيو بچي پئي آهي، هن ۾ مال ئي مال پيل آهن.“
    سو اهو آهي ”مالن“ جو پس ــ منظر.
    گذريل هفتي جهاز جي هتي جپان ۾ ڳري مرمت ٿي رهي هئي. مترڪن ۽ هٿوڙن جي گوڙ سمهڻ نه ٿي ڏنو. سو ضروري سامان ٿيلهي ۾ وجھي رهڻ لاءِ پراڻي ڪلاس ميٽ خداداد ابڙي جي دعوت تي، سندس گھر ٽوڪيو وڃي نڪتس. هو هتي جپان ۾ Settled آهي. ۽ هڪ جپاني ڇوڪريءَ سان شادي به ڪئي اٿس. ملي ڏاڍو خوش ٿياسين. سندس گھرواري ان وقت هڪ جپاني رسالي ۾ رڌُ پچاءَ جو صفحو پڙهي رهي هئي. سڄي صفحي تي فقط ٽي کن سٽون لکيل هيون ۽ ٻيا ڪارٽون هئا. ڀاڄائيءَ کان پڇيم ته ”جپاني رسالي ۾ به اهو صفحو ايندو آهي ڇا ــــ؟“
    ”ها. آمريڪي رسالن کي ڏسي جپاني رسالن کي به ان صفحي ڏيڻ جو شوق ٿيو آهي.“
    ڪي ــ ڊي ـــ ابڙي کي چيم ته پيارا ترجمو ڪري ٻُڌاءِ ته اهو مختصر نسخو ڪهڙو آهي، جيڪو فقط ٽن سٽن ۾ ڏنل آهي. خداداد منهنجي لاءِ سڄي صفحي جو لفظ به لفظ ترجمو ڪيو:
    ”عورتن جو (۽ مردن جو پڻُ) صفحو.
    ـــــ اڄُ ڇا پچائجي ـــــ ؟ ـــــ
    اڄُ ڪجهه به نه پچائجي. ٻارن ٻچن سميت پنهنجي ڪنهن دوست يا مائٽ جي گھر ديرو ڄمائجي. ائين ڪرڻ سان رڌُ پچاءَ جي مصيبت کان به بچي پئبو ۽ بچت جي به عادت پوندي ـــ جو قومي فرض پڻُ آهي.“
    ”اريگاتو! بلڪل صحيح آهي.“ مون داد ڏيندي خداداد کي چيو؛ ”ٻيا ان تي عمل ڪن يا نه، پر مون اڄُ کان ان تي عمل شُروع ڪيو آهي. يعني رلي ڪُلهي تي ماني راڄن تي ـــ رڌُ پچاءَ جا طريقا وري ڇا جا سڄڻ ـــ!“


    توهان کان ڇا لڪائجي

    جلدي جلدي ۾ هوس. فلم شُروع ٿيڻ ۾ فقط پندرهن کن منٽ هئا. وار به ٺهرائڻا ضروري هئا ته فلم ڏسڻ جو شوق به چوٽ تي هو. فلم کان پوءِ ڪوبه حجام جو دڪان کليل نه ملي ها، ٻئي ڏينهن سج اڀرڻ کان اڳ ممباسا جو شهر ڇڏي رهيا هئاسين. حجام جي دڪان ۾ گھڙيس ۽ ڪرسي خالي ڏسي ويهي رهيس. شيدي حجام ڳچيءَ جي چؤڌاري اڇو کير جهڙو ڪپڙو ويڙهي، صاف ڇڻيل انگريزيءَ ۾ پڇيو ته وار ٺهرائڻا آهن يا رڳو ڏاڙهي.
    ”جلدي جلدي فقط وار ننڍا ڪر. بلڪ Crew ڪَٽ“ مون تاڪيد ڪئي مانس.
    ٻه اڍائي منٽ منهنجي هڪ پاسي کان به اڍائي منٽ ٻئي پاسي کان بيهي، ڪئنچيءَ جي ڪتر ڪتر ڪري پڇيائين:
    ”O.k?“
    آرسيءَ ۾ ڏٺم ته ويتر خوفناڪ بڻائي ڇڏيو هئائين. ڪٿان ٿورا ڪٿان گھڻا وار لاهي، مڙيئي آنگ لاٿي هئائين. ڪجهه نه چيومانس. هڪ ته وقت ڪونه هو ۽ اهو به سوچي ته هفتو ٻه يڪو سمنڊ تي، ڪير ڏسڻ وارو هوندو. بهرحال منهنجو خيلا هو ته ههڙي خراب هيئر ڪٽ تي، وقت ۽ محنت گھٽ لڳڻ ڪري پئسا به گھٽ وٺندو. پڇيومانس، ”گھڻا پئسا ـــ؟“
    جواب ڏنائين ”فقط اٺ شلنگ“
    ”هان! مون کان ٻيڻا ڇو؟“ پاڪستاني فلمن جي مسخرن وانگر هڪ هٿ مٿي تي ٻيو پيٽ تي رکي، کڙين تي بيهي وائڙن وانگر پڇيومانس.
    آمريڪي فلمي هيرو وانگر ڪلهن کي جھٽڪو ڏيندي چيائين: ”سر! ارجنٽ جو ڪم هو.“
    چُپ ٿي ويس. پنهنجي هلڪي هاٺيءَ کي هن سانَ جهڙي آفريڪن شيدي سان ڀيٽي، ماٺ مٺوڙي ۾ اَٺ شلنگ سندس هٿ تي رکي دڪان تان هيٺ لٿس.
    : : :
    بدنام فقط دنيا جون عورتون آهن ته هو گھڻ ڳالهائو آهن. پر اڄُ تائين ڪڏهن ڪنهن غور ڪيو آهي ته دنيا جا حجام، ڳالهائڻ ۾ عورتن کان به ٻه قدم اڳتي آهن. حجام چاهي چار درجا پڙهيل هجي، يا نسورو اڻپڙهيل. پر دنيا جي هر عنوان تي توهان سان ڳالهائيندو. ڇا توهان جي ڳوٺ يا شهر ۾ حجام کان وڌيڪ ٻي بهتر خبر رسان ايجنسي به آهي؟ هرگز نه! ڇا توهان جا وار ٺاهيندي وقت، پنج منٽ به هو خاموش رهيو آهي؟
    آئون اڄُ تائين پنجٽيهه ملڪن جي ستاسي شهرن، چاليهه بندرگاهن، پنجن ٻيٽن تي وار ٺهرائي چُڪو آهيان. پر مون کي ته ڪٿي به ماٺيڻو حجام نه مليو آهي. چين ۾ مون کي اميد هئي ته اتي حجام گھڻو نه ڳالهائيندو ـــ منهنجي نه، مائوءَ جي ڊپ کان. پر باوجود ان ڄاڻ جي ته آئون سندس زبان ٺپ نه ٿو ڄاڻان، هو جھرڪين واري چين چين ــ چُون چُون ڪندو رهيو. هاڻي مون کي ٻُڌايو ته دنيا ۾ سڀ کان گھڻو بڪ بڪيو ڪير آهي؟ ـــ عورت يا حجام؟
    : : :
    اسان وٽ پاڪستان ۾ روز ماڻهو اڌ ڪلاڪ کن هٿ ڏيڻ ۾، ٽي ڪلاڪ کن ڪچهريءَ ۾ وڃائي ٿو. يعني پنهنجي سراسري پنجاهه سالن جي عمر مان اٽڪل سال هٿ ڏيڻ ۾ ۽ ڇهه سال ڪچهري ڪرڻ ۾ کپائي ٿو. اڄُ ڪلهه هن راڪيٽن جي دور ۾، هر ملڪ ۾ کيڪار تمام رواجي ۽ مختصر وڃي رهي آهي. ٻه ڄڻا گس پنڌ تي ملندا ته فقط هڪ ٻئي کان پُڇندا:
    ”ڪيئن آهين؟“ ۽ جواب ۾ به ”ڪيئن آهين.“ هاڻي ته ايترو به نه رهيو آهي. آمريڪا طرف ته فقط ”هاءِ“ ۽ ”هاءِ ٿئنڪس“ تائين محدود ٿي ويو آهي. پر اسان وٽ پاڪستان ۾ هڪ عورت جڏهن ٻيءَ کي واٽ ويندي ملندي (يا زبردستي پنهنجو داستان ٻُڌائڻ لاءِ ٻيءَ کي ملندي) ته چوندي، ”ڪر خبر ڪيئن آهين؟“ ته ٻي يڪدم پنهنجي اگھائيءَ جو ذڪر کولي وهندي.
    ”مٿي جو سور اڃان تائين نٿو ڇڏيم.“
    ”مٿي جو سور! منهنجو جيئندل جڏهن ٿڃ تي هو، تڏهن مون کي مٿي ۾ سور ٿيو هو. مون حڪيم ’روح قبض‘ کان علاج ڪرايو هو. تون سڃاڻين ان حڪيم کي؟ جنهن جي ڀائٽي توهان جي پاڙي ۾، سبڻ ڀرڻ جو ڪم ٿي سکي. ڪير آهن، اهي توهان جي پاڙي وارا ذات جا؟ مون کان وسري ويو آهي. ان ڏينهن اسان سندن گھر مومل دائيءَ جي ڀاڻيجيءَ جي ٻُڪيءَ جو سڏ ڏيڻ ويوسين ته اسان به ٻُڌا..........................“ وغيره وغيره.
    ۽ ٻُڌڻ واريءَ کي نه به هوندو ته مٿي جو سور پئجي ويندو.
    : : :
    فرانس ۾ هڪ خوبصورت فرينچ عورت کي (پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته هر فرينچ عورت پاڻ کي خوبصورت ٿي سمجهي، ’ويندي اهي عورتون جي بلڪل نه آهن.) ان کان وڌيڪ ڏک نه ٿيندو جڏهن توهان هن جي ڀرسان کيس بنا ڏسڻ جي لنگھي ويندائو‘ يا سندس نئين سبيل فراڪ کي تعريف جي نگاهه کان نه ڏسندائو. جيڪڏهن ڪنهن هوٽل ۾ توهان جي سامهون ڪا خوبصورت عورت ويٺي آهي ته توهان جو فرض آهي ته پنهنجي جڳهه تان اُٿي کيس وڃي دلداري ڏيو ته ”محترمه توهان بيحد حسين آهيو.“ پوءِ چاهي اهو ڪُوڙ توهان کي دل تي پٿر رکي ڳالهائڻو پوي. پر انگلنڊ ۾ ڪنهن به عورت جي تعريف سندس منهن تي ڪرڻ، خراب سمجھيو وڃي ٿو. انگريز عورت اهو مناسب نٿي سمجهي ته ڪو اوپرو ماڻهو سندس تعريف ڪري يا هٿُ چُمي ـــ ها جيڪڏهن اهو مرد سندس مُڙس آهي ته پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي پر مڙس وري ان خير جي ڪم بابت ڪڏهن به نه سوچيندو.
    : : :
    آمريڪن پنڌ ويندڙ جڏهن ڪنهن کي وڏي ڪار ۾ گھمندو ڏسي ٿو ته هو ان ڏينهن جا خواب ڏسي ٿو جڏهن کيس به هڪ ڏينهن، ايڏي وڏي ڪار هلائڻ لاءِ ملندي. پر هڪ هندستاني پيدل جڏهن ٻئي کي ڪار ۾ ويندو ڏسي ٿو ته هو ان ڏينهن خواب لهڻ شُروع ڪري ٿو جڏهن هو ڪنهن طريقي سان هن ڪار واري کي پاڻ وانگيان پنڌ هلڻ لاءِ مجبور ڪندو.
    جيئن چوندا آهن ته هڪ غريب جي الله دعا اگھائي ۽ کيس ڌڻُ رڍُن جو مليو. ٻيو جنهن کي اڳهين رڍن جو ڌڻ هو تنهن کان جڏهن پڇيو ويو ته تون ڇا جي دعا ٿو گھرين ته چوڻ لڳو: ”الله مون کي ڪو اهڙو بگھڙ ڏياري جو ٻئي جون سڀُ رڍون کائي وڃي.“
    : : :
    ڪنري ٻيٽ تمام خوبصورت ٻيٽ آهن. وڻندڙ آبهوا ۽ بي انتها سامونڊي ڪناري Beaches ڪري ٻارهوئي دنيا جا امير ۽ نوان شادي شُده جوڙا هني مون ملهائڻ لاءِ ايندا رهن ٿا ـــــ سواءِ اسان جهڙن چند جهازين جي. هتي سماجي آزادي حد درجي جي آهي. پهرين ڏينهن ڀريل بس ۾ هڪ نوجوان جوڙي کي کُليو کُلايو زور سان ٻُچڪار سان چُمي ڏيندو ڏسي وائڙو ٿي ويس. ان جاءِ تي جيڪڏهن ڪو ائٽم بم ڦاٽي ها، يا ڪو بس هيٺان اچي مري وڃي ها ته مون کي يا منهنجي ديس واسين کي ايترو تعجب نه لڳي ها.
    : : :
    جرمن جڏهن ڪنهن سهڻي ڇوڪريءَ اڳيان لنگھندو آهي ته هن ڏي بنا نهارڻ جي ڏسي وٺندو آهي ۽ ڪڏهن به مُڙي نه ڏسندو آهي. پر اسپينيءَ کي اها کيڏ نٿي اچي. هن جي جڏهن ڪنهن سامهون ايندڙ ڇوڪريءَ تي نظر پوي ٿي ته هو هن کي وري وري ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڀرسان جڏهن هوءَ گذري ويندي اٿس تڏهن به ڍؤ نه ٿيندو اٿس ۽ مُڙي مُڙي ڏسندو ويندو. اهو سلسلو هلندو رهندو آهي، تان جو هن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيندو آهي ته هو انهيءَ طرف واپس وڃي رهيو آهي، جنهن کان آيو هو.
    : : :
    ملڪ ڇڏڻ بعد مون ۾ هڪ عجيب تبديلي آئي آهي. جڏهن آئون اڃان ملڪ کان ٻاهر نڪتو نه هوس ته انگريزي گانن، پاپ ميوزڪ، بيٽلز ۽ سپريم جي آواز پٺيان چريو هوس. آمريڪن اسٽائيل ڪپڙا ۽ ڪانٽينينٽل کاڌو پسند ڪندو هوس. پر هاڻ پنهنجو وطن ڇڏڻ بعد مون کي ملڪ جي هر شيءِ وڻڻ لڳي آهي. سڄو سڄو ڏينهن خميسي خان جي الغوزي جو ٽيپ، جمن ۽ حسين بخش جا راڳ ۽ ڪافيون ٻُڌندو رهان ٿو. شلوار ۽ پهراڻ پائيندي فخر محسوس ڪريان ٿو ۽ اها نه فقط مون سان حالت آهي پر مون ڪيترن هم وطنين کي لنڊن جي پڪاڊلي، نيويارڪ جي ٽائيم اسڪائر، هئمبرگ جي سينٽ پولي، روم، بيروت، استنبول ۾ مردن کي شلوار قميص ۾ ۽ عورتن کي ساڙهيءَ ۾ ناز سان هلندو ڏٺو آهي.
    هتي ولائت ۾ جڏهن به فرصت ملندي آهي ته ٻه چار پاڪستاني گڏجي پاڻهي اٽو ڳوهي ماني ۽ پوريون پچائي کائيندا آهيون ـــــ جو اسان لاءِ سڀ کان لذيذ کاڌو هوندو آهي. آچر ڏينهن پڪوڙا ۽ ڪواب ٺاهي کائڻ ۾ ته جو سواد آهي، ان جو ڇا بيان ڪجي! پاڻکي پاڪستاني سڏائيندي فخر محسوس ڪندا آهيون ـــ سوچيان پيو هي ملڪ لاءِ وڌيڪ پيار ۽ محبت، ملڪ کان دوريءَ ئي پيدا ڪيو آهي. چوڻي آهي ته:
    ’While in Rome do as Romans do‘ جيسين روم ۾ آهيو ته رومين وانگر هلو پر آئون دنيا جي هر ملڪ ۾ پاڪستاني ٿي رهڻ وڌيڪ پسند ڪندس. چوندا آهن ته هڪ ٽنگي جي ملڪ ۾ وڃجي ته ٻي ٽنگ ورائي ڪُلهي تي رکجي. پر نه سائين آئون ٻن ٽنگن سان هلڻ بهتر سمجھان ٿو ـــــ چاهي هڪ ٽنگي جو ملڪ هجي، يا ٽن ٽنگن وارن جو.


    بد حواسيون

    چون ٿا ته هڪ همراهه پنهنجي زال کي گاڏيءَ تي ڇڏڻ لاءِ ويو. گاڏي ڇُٽڻ ۾ ڪي گھڙيون هيون. جلدي جلدي ۾ ٽڪيٽ ورتائون ۽ سامان ڪُليءَ کان کڻائي گاڏيءَ تي پهتا. اڃان سامان مس رکيائون ته گاڏي چُرڻ لڳي. زال بدحواسيءَ جي عالم ۾ ڇهه آنا کڻي پنهنجي مڙس جي هٿ تي رکيا ۽ ڪُليءَ کي چمي ڏيئي، باءِ باءِ ڪندي گاڏيءَ ۾ چڙهي پيئي.
    سو سائين اها آهي اڄُڪلهه جي جلدي جلدي واري زندگي، حساب لڳايو ويو آهي ته جيترو گھٽ سڪون ۽ گھڻي مشغوليت اوتري گھڻي بدحواسي. خير اهو ڪهڙو انسان آهي، جنهن جا حواس ڪڏهن به خطا نه ٿيا هجن. ڪا اهڙي گھڙي ضرور اچيو وڃي جڏهن هو مجبورن بدحواس ٿيو وڃي. پر ڳوٺ جي رهاڪن کان شهر جا ماڻهو بدحواسيءَ جو گھڻو شڪار رهن ٿا، ڇو ته هنن کي ڳوٺاڻڻ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه گھٽ ئي ذهني سڪون ۽ آرام ميسر آهي. بهرحال بدحواسي ڪنهن کان به ٿئي پر ڪي ڪي ”بدحواسيون“ ٿينديون ڏاڍيون دلچسپ آهن. اسان جيڪڏهن فقط پنهنجون بدحواسيون قلم بند ڪندا وڃون ته ٿوري ئي عرصي ۾ هڪ عمدو مجموعو تيار ٿي وڃي. ڪجهه ذاتي بدحواسيون پڙهندڙن واسطي:

    انتظار:
    شل نه ڪراچيءَ ۾ ڪنهن سواريءَ جي ضرورت پوي. ان ڏينهن رڪشا جي انتظار ۾ اڌ ڪلاڪ گذري ويو، پر خالي نه آئي سا نه آئي. ايتري ۾ منهنجو دوست اسڪوٽر تي اچي لنگھيو. پنهنجي ڪم جي اهميت ٻُڌائي کيس پنهنجي روم جون چاٻيون ڏنم ته وڃي هاسٽل ۾ آرامي ٿئي ۽ کانئس اسڪوٽر جون چاٻيون وٺي، اسٽيٽ بئنڪ ڏي راهي ٿيس. ان ڏينهن اتفاق سان لائيٽ به فيل هجي سو لفٽ بدران ڏاڪڻيون چڙهندو پنجين مار تي پهتس. جلدي جلدي ڪم لاهڻ بعد پنهنجي ئي خيالن ۾ هيٺ لهي رستي تي بيٺس. اوچتو هڪ خالي رڪشا ان وقت اچي لنگھي. پاڻ کي خوشنصيب سمجهي، رڪشا ترسائي چڙهي پيس، جنهن اچي هاسٽل جي در وٽ ڇڏيو.
    روم وٽ پهتس ته در اڳهين کُليل ڏسي وائڙو ٿي ويس ته ڪهڙو چور ڪلف ڀڃي اندر ريڊيو ويٺو ٻُڌي! جان کڻي ڏسان ته اسڪوٽر جو مالڪ! ۽ منهنجي هٿ ۾ اسڪوٽر جي چاٻي هئي. ٻي گھڙيءَ وري ساڳئي رڪشا جو انتظار شُروع ڪري ڏنم. پر هن دفعي مان اڪيلو نه هوس، مون سان گڏ منهنجو دوست اسڪوٽر جو مالڪ پڻ هو.


    فرسٽ ڪلاس:

    گذريل سال جي ڳالهه آهي. تعليم ختم ڪري، رنگون فلائيٽ ۾ دوست سان گڏ ڊاڪا پهتا هئاسين. اتان کان اسان کي بوئنگ جيٽ ذريعي ڪراچي پهچڻو هو. اسان جيئن ئي ڊاڪا ايئرپورٽ پهتاسين ته ڪراچي ويندڙ جهاز اڏام لاءِ تيار هو. اسان کي جلدي جلدي ان ۾ چڙهڻ لاءِ چيو ويو ۽ بنا ڪجهه سوچي سمجھي، رڳو جهاز جي ڏاڪڻ ۾ اکيون کُپائي چڙهي پياسين. چانهه جو دور هليو. ڪجهه فرحت ورتيسين. هينئر اسان جو جهاز هندستان جي حد اندر به داخل ٿي چُڪو هو ته اوچتو اسان کي حد کان وڌيڪ گوڙ ۽ غير معمولي جڳهه مان معلوم ٿيو ته هي ته سپرڪونڪ جهاز آهي ۽ اسان ڀاڙو ته بوئنگ جو ڏنو هو. دراصل موسم جي خرابيءَ جي ڪري انهن ڏينهن ۾ اڏامون هيٺ مٿي ٿي ويون هيون. ۽ هن وقت بوئنگ بدلي سپر ڪونڪ جهاز وڃي رهيو هو جيڪو بوئنگ کان هر لحاظ کان گھٽ آرامده ٿئي ٿو. باقي مسافرن ته ڊاڪا ــ ايئرپورٽ تي ٿيل اعلان تي تفاوت جا پئسا وٺي ڇڏيا هئا. اسان جلدي ۾ هئڻ ڪري، ائين چڙهي پيا هئاسين. منهنجي دوست يڪدم ڪال بيل وڄائي هوسٽس کي گھرايو.
    ”محترمه اسان کي بوئنگ جي ٽڪيٽ آهي. هي ته ڪو ٻيو جهاز آهي.“ اسان هن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ” اسان شاگردن کان حساب موجب 47 روپيا وڌيڪ ڇو چارج ڪيا ويا آهن؟ جيستائين اسان ٻنهي کي جملي 84 روپيا موٽڻ جو آسرو نه ٿيندو، تيسين اسان جو سفر ڪڏهن به سڪون سان نه گذرندو.“ (ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ چٽگانگ کان ڪراچيءَ جي ٽڪيٽ 500 روپيا هئي!)
    هوسٽس: ”ته پوءِ ان ۾ منهنجو ته ڏوهه ناهي. توهان کي ڊاڪا جي آفيس ۾ ڳالهائڻو هو.“
    جھڳڙو سنجيده حد تائين پهچي ويو ۽ اوسي پاسي وارا به دلچسپي وٺي رهيا هئا. آخر ان ڳالهه تي هوسٽس کي آماده ڪيوسين ته اسان کي ٽوئرسٽ ڪلاس بدران اڳيان فرسٽ ڪلاس ۾ جڳهه ڏني وڃي.
    هوسٽس جنهن کي اچي جان سان لڳي هئي، تنهن بدحواسيءَ جي عالم ۾ کڻي ها ڪئي. ”چڱو ترسو ته جانچ ڪري اچان ته خالي سيٽون به آهن.“ ائين چئي هوءَ اڳتي وڌي ۽ اسان پنهنجي سوڀ تي گد گد ٿيندا ٻليءَ پير ڪندا پويان وياسين. هن ايئر هوسٽس جهڙو فرسٽ ڪلاس ڪئبن جو پڙدو هٽايو تهڙو اسان سڀُ جنهن بوريت جي عالم ۾ پئجي وياسين، سا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. (دراصل ان ۾ پوسٽ ڍوئڻ لاءِ، فرسٽ ڪلاس بدران ڪارگو ڪلاس ٺهيل هو. ۽ ٽپال کان علاوه مختلف سامان سان سٿيو پيو هو.)

    احسان:
    حيدرآباد جي هڪڙي دوست مونکي ۽ منهنجي دوست منگيءَ کي ڪنهن فنڪشن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دعوت ڏني هئي. ڪراچيءَ کان حيدرآباد پهتاسين ته هو اسان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ تعريف جا ڍُڪ ڀرڻ لڳو ته يار وڏي مهرباني، جو توهان آيائو. سچ ته توهان نه اچو ها ته مزو ڪرڪرو ٿي پوي ها وغيره وغيره اسان به پنهنجي شريف دوست تي وڌيڪ لئه رکڻ ۽ احسان جتائڻ لاءِ چيو: ”ڇا ڪريون پهچي نه سگهون ها. ڀڄي ڊوڙي جهاز جي سيٽ هٿ ڪئيسين ۽ اچي نڪتا آهيون.“ (دراصل آيا گاڏيءَ ۾ هئاسيون سو به ٿرڊ ڪلاس ۾. کيسو ايترو هلڪو هئوسين جو ڪوٽڙي تي چانهه پيئڻ لاءِ جنگشاهيءَ کان سوچڻ شروع ڪيو هئوسين، ته ڪٿي واپسيءَ جي به ٽڪيٽ ٿي سگھندي يا نه)
    خير دوست اسان جي خلوص مان ڏاڍو متاثر ٿيو. اها رات اتي رهڻي هئي. ٻئي ڏينهن آرام سان وري قصن ۽ ڪچهرين جو دور شروع ٿيو. ڳالهيون ڪندي منگيءَ حيدرآباد جو قلعو گھمڻ لاءِ خيال ڏيکاريو.
    ”ميان قلعي ۾ رهيو ئي ڇا آهي. هلو ته ٻي ڪا جڳهه ڏسون،“ ميزبان چيو.
    ”نه ادا. منگيءَ کي قلعي ڏسڻ جو ڏاڍو شوق آهي. هينئر به گاڏيءَ ۾ پئي آياسين ته رستي تي منگيءَ چيو ته اهو قلعو ضرور ڏسبو.“ مون کان وات مان نڪري ويو ۽ سڄي لئه خراب ٿي وڃي ها، پر منگي جو ڪافي حاضر جواب آهي، ڳالهه ٺاهي ويو. پر چوندا آهن ته هڪ ڪُوڙ انيڪ ڪُوڙن کي جنم ڏيندو آهي. سو اسان جي ڪُوڙ به ڦاٽ کاڌو. جڏهن ڳالهيون ڪندي ڪندي اچي ريلوي جي عملي جون ڳالهيون نڪتيون ۽ منگي چئي ڏنو: ”يار مون کي ٽي ــ ٽين کان ڏاڍو ڊڄُ لڳندو آهي. ڪالهه آياسين پئي ته هڪ ڏاڙهي وارو ٽي ــ ٽي اسان جي دٻي ۾ چڙهي پيو ۽ مون کي وري ٽڪيٽان هٿ نه پيون اچن.....“
    ان وقت اسان جي حالت ڏسڻ وٽان هئي. آئون منگيءَ کي اکيون ڀڃي رهيو هوس ته رنگ ۾ ڀنگ پيو ملائين ۽ اسان جو ميزبان راز جون ڳنڍيون سُلجھائي چُڪو هو.

    ٻار ٻچا:
    ڪافي اڳ جي ڳالهه آهي. اسان بئسڪيٽ بال مئچ پنهنجي پيٽاڙو ڪاليج طرفان ڪراچيءَ کيڏڻ وياسين. واپسي تي اسان سان گڏ ڊو ميڊيڪل ڪاليج جا پڻ ويهارو کن ڇوڪرا ڇوڪريون، حيدرآباد اچي رهيا هئا. ڪراچيءَ جي اسٽيشن تي ئي اسان ٻنهي ڪاليجن جي شاگردن هڪ دٻي تي کڻي قبضو ڪيو ۽ ٻاهريان Reserved لکي ڪنهن کي به اندر اچڻ نه ڏنو. گاڏي ڇُٽڻ ۾ اڃان دير هئي سو ٻه چار ڄڻا اندر ويٺا رهياسين، باقي هيٺ چڪر لڳائي رهيا هئا. ايتري ۾ ٻه ڳوٺاڻا پيرسن اسان جي دٻي ۾ چڙهي پيا. ڪيترو ئي سمجھايوسين، ته هي رزروڊ آهي. دڙڪا ڏناسين. منٿون ڪيونسين پر مڃين ئي نه. چون ”سائين اسان کي ڪيڏانهن ٿا ڌڪيو. اسان غريب ماڻهو آهيون. اتي پَٽَ تي ئي دروازي وٽ ويٺا رهنداسين. اوهان کي اسان ڏکويون ته ڪونه ٿا.“
    آخر اسان هنن سان پڄي نه سگھياسين ۽ هي هڙون رکي اتي ئي پَٽَ تي ويهي رهيا. گاڏي هلڻ لاءِ جهڙي سيٽي هنئي، ته ڇوڪريون به مٿي چڙهڻ لڳيون. ڇوڪرين کي ڏسي ٻئي پوڙها اٿي بيٺا ۽ عاجزيءَ سان چوڻ لڳا:
    ”سائين اسان کي معاف ڪجو. اسان کي ڪهڙي خبر ته توهان ٻارن ــ ٻچن سان آهيو.“
    ائين چئي ٻئي ڄڻا هيٺ لهي ويا.


    پيار جي گھُٽ

    (افسانو)

    هي مغرب آهي، اسان جي مشرق کان بلڪل نرالو ـــ رسم، رواج، رهڻي ڪهڻي، اٿڻي ويهڻي، هر ڳالهه هر ڍنگ ۾. ايتري قدر جو هتي زندگيءَ جا قدر به مختلف ساهمين ۾، مختلف تورن ذريعي توريا وڃن ٿا. هتي هر شيءِ ماديات جي خيال ۽ نقطهء نگاهه سان پرکي وڃي ٿي. جانچي وڃي ٿي. ڏٺي وڃي ٿي. هن مغرب ۽ اسان جي مشرق ۾ تمام گھڻو فرق آهي. مشرق روحانيت آهي ته مغرب ماديات ــــــ جتي هر جسماني خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ، هر روز نوان طريقا ايجاد ڪيا وڃن ٿا. هتي هر نئين سج جي نمودار ٿيڻ سان گڏ نواڻ ڳولهي وڃي ٿي. ساڳي ساڳي شيءِ جو ذري ذري استعمال هتي جي بور زندگيءَ ۾ شامل آهي ۽ ان سان نفرت هتي جو فئشن آهي. پوءِ اها شيءِ کڻي لکڻ جو قلم هجي يا پهرڻ جو ڪپڙو. انسان جي دوستي يا ڪنهن جو پيار.
    بي غرض دوستي، سچو پيارُ، همدردي، سڪ، بي انتها ۽ اڻ کٽ چاهت، قرباني جهڙا لطيف ۽ سچا جذبا ته هتي جي عجائب گھرن ۾ به نظر نه ايندا ڇو جو هي مغرب آهي.
    پر منهنجو اهڙي ماحول ۾ توسان پيار ٿي ويو ۽ تنهنجو مون سان! اها غلط فهمي ناهي، پر هڪ تمام وڏي حقيقت آهي، جنهن تي پهرين مون کي به اعتبار نه آيو هو. جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ٻُڌڻ واري کي يقين نه آيو ته ڪا وڏي ڳالهه ناهي. پنهنجو پيار جيتوڻيڪ ايترو ناممڪن هو جيترو مشرق ۽ مغرب جو پاڻ ۾ ميلاپ يا نديءَ جي ٻن ڪپرن جو سنگم. پر جو ٿي وي ته ان کي ڇا ڪجي! ۽ اها ته هر هڪ کي خبر آهي ته عشق انڌو ٿيندو آهي. جا تمام سٺي ڳالهه آهي نه ته ڇا مغرب جي تو جهڙي گوري رنگ واري پريءَ جهڙي سهڻي ۽ ڇا مشرق جو هڪ Coloured انسان! (پري مون ڏٺي ته ناهي پر ٻُڌو اٿم ته تمام خوبصورت ٿيندي آهي. ۽ جي پريون خوبصورت ٿينديون آهن ته پوءِ مغرب پرين جو ملڪ آهي، حسينائن جو ملڪ آهي. ڇا حسن ڇا سونهري وار. ڇا نيريون اکيون ۽ ڇا کير جهڙي اڇي چمڙي!)
    پر عشق کان وڌيڪ عشق ڪرڻ وارا انڌا ٿيندا آهن. نه فقط اکين کان. پر سمجھڻ کان. سوچڻ کان. هر شيءِ کان ـــــ جا هيڪاندي سٺي ڳالهه منهنجي Favour ۾ آهي. نه ته پڪل ميوي وانگر تون ڪڏهن به منهنجي گود ۾ نه اچي ڪرين ها ۽ هن وقت هي تنهنجي ريشمي سنهري وارن جون چڳون، جي گاڏيءَ ۾ لڳندڙ تکي هوا ۾ اڏامي منهنجي ساهه سان ٽڪرائجي رهيون آهن سي ايتريون خوبصورت هرگز نه لڳن ها ۽ نه تنهنجي بدن ۾ لڳل توباڪ ڊيوڊورنٽ جي سُڳنڌ ۾ سَنڌُ سَنڌُ منهنجو سرهو ٿي وڃي ها ـــ جنهن جي عام طرح ڪنهن به دڪان تي ڪابه قيمت ناهي.
    ها هينئر جو اسٽاپ ايندو ان کان پورن ٽن اسٽاپن بعد نيويارڪ (مئن هٽن) جي سينٽرل اسٽيشن ايندي، جنهن تي پاڻ ٻئي لهنداسون. آئون ٿورو پٺيان رڙهي توکي اڳيان لهڻ لاءِ جڳهه ڏيندس ۽ تون مون کي ڏسڻ سان چوندينءَ: ”اختر! تون اتي منهنجي پُٺيان ويٺو هئين ڇا؟ مون ته توکي ڏٺو ئي ڪونه!“ ۽ مسڪرائي مون کي به ساڻ ڇڪي، هيٺ لهندينءَ ۽ گاڏي اسان کي ڇڏي پنهنجي منزل ڏي هلي ويندي. پاڻ هٿُ هٿَ ۾ ملائي اسٽيشن کان ٻاهر نڪري ”براڊوي“ تي اينداسين. پهرين تنهنجي آفيس ايندي جتي تون پارٽ ٽائيم جاب ڪرين ٿي، ان بعد منهنجي. تنهنجي آفيس وٽ پهچي توکي شام جو ڊيوٽي ختم ڪرڻ وقت ملڻ لاءِ چوندس. تون اقرار ۾ ناز سان ڪنڌ لوڏي، پنهنجي مخصوص آمريڪن لهجي ۾ منهنجو نالو وٺي ’باءِ باءِ‘ چوندينءَ (منهنجو نالو تنهنجي مٺي آواز سان ملي ڪيڏي نه جاذبيت اختيار ٿو ڪري!).
    آئون جڏهن پنجين وڳي ڊيوٽي ختم ڪري راڪ فيلر سينٽر وٽ پهچندس ته تون مون کان اڳ منهنجو انتظار ڪندي ملندينءَ.
    ”انيتا! توکي انتظار جي زحمت ٿي. دراصل مون کي انتظار ڪرڻ کپندو هو. تون آهين ئي اهڙي پياري شيءِ جنهن کي ذري جي تڪليف به ڏيڻ نٿي جُڳائي“ آئون چوندس.
    ”نه نه اختر. پوءِ ڇا ٿيو“، تون مرڪي هميشه وانگر مون کي سمجھائيندينءََ، ”توکي اهو سوچڻ نه گھرجي. هتي مرد ۽ عورت برابر آهن، هي مغرب آهي.“
    پوءِ پاڻ ٻئي رستو ٽپي، ڀر واري ڊرگ اسٽور تان آئيس ڪريم جا ڪون وٺي کائينداسين ــــ ڇاڪاڻ جو توکي آئيس ڪريم تمام گھڻي وڻي ٿي. اڄُ تون شايد ونيلا آئيس ڪريم کائين يا اسٽابيري يا ڪا ٻي. پر آئون هميشه وانگر چاڪليٽ آئيس ڪريم کائيندس ۽ تون هڪ دفعو وري ٽوڪيندينءَ: ”ڪمال آهي ساڳي ساڳي کائي تنگ نه ٿو ٿين؟ آئون ته هڪ ئي آئيس ڪريم يڪو هفتو کانوان ته اگھي ٿي پوان.“
    ۽ آئون ڪو جواب نه سوچي، ڪجهه ڳالهائڻ خاطر چوندس: ”انيتا! اسان جي ملڪ ۾ ڪو ههڙي سرديءَ ۾ آئيس ڪريم کائي ته ماڻهو مٿس کلن!“
    ”پر هي ته مغرب آهي پيارا!“ تون چلولي ٻار وانگر چوندينءَ.
    پاڻ پوءِ ڪجهه پنڌ هٿُ هٿَ ۾ ڏيئي ۽ ڪجهه پنڌ هڪ ٻئي جي ڳچيءَ ۽ چيلهه ۾ ٻانهون ورائي ٽائيمس اسڪائر جي ڪنهن سئنيما هال وٽ پهچنداسين ـــــ ’فني ــ گرل‘ فلم جي پوسٽر اڳيان، جنهن تي فلم جو هيرو عمر شريف هيروئن کي ڀاڪر ۾ جھلي بيٺو آهي.
    ”ڇا پيو سوچين ـــــ؟“
    ”سوچيان پيو ته هيرو ڪيڏو نه خوشنصيب آهي“ آئون تنهنجي ڪلهي تي کاڏي رکي توکي چيڙائيندس. ”Not more than you“ تون رُسڻ واري انداز ۾ چوندينءَ. ”فني گرل.“
    ”ڪير آءٌ“ تون پنهنجي مخصوص انداز ۽ ادا ۾ ساڄي هٿ جي ڏسڻي آڱر سيني تي رکي ۽ کاٻي هٿ سان، منهنجي هٿ کي سوگهو جھلي پٺيان نئڙي پُڇندينءَ. ۽ آئون توکي پاڻ ڏانهن ڇڪي چوندس: ”نه نه. تون نه. هن فلم جي هيروئن باربرا.“ ۽ تون اچي منهنجي سيني سان لڳندينءَ. پاسن کان لنگھندڙ ڇوڪرا ڇوڪريون، عورتون مرد ـــــ ڪوبه اسان ڏي ڌيان نه ڌريندو. ڇو ته هتي ان قسم جي ڳالهه ڪا غير معمولي ناهي. ۽ پهرين دفعي ئي تو مون کي ٻُڌايو هو ته هي مغرب آهي. پوءِ تون رازدارانه انداز ۾ مون کان آهستي پُڇندينءَ! ”اختر فلم ڏسبي يا.....؟“
    ”نه نه. هتان هل ته هلون انيتا. هن ماڻهن جي گوڙ شور کان پري ڪٿي خاموش جڳهه تي. سينٽرل پارڪ جي ڪنهن ويران ڪُنڊ ۾ جتي فقط تون ۽ مان هجان. جتي تون ’تون‘ نه رهين ۽ مان ’مان‘ نه رهان. جتي فقط ڊگھن يوڪلپٽس وڻن جا پاڇا هجن. گلن جون ٻاريون هجن. ٿڌي ۽ کليل هوا هجي. ڀر ۾ وهندڙ ڦوهاري جي پاڻيءَ جو سنهو آواز هجي.“
    پاڻ هميشه وانگر زمين دوز گاڏي IRT ذريعي اتي پهچي ويندا سين. ٿي سگھي ٿو ته گاڏي هيءَ ئي هجي، جنهن ۾ پاڻ شام جو چڙهي سينٽرل پارڪ هلون، پر انيتا وقت بدلي چُڪو هوندو. وقت ـــــ جو هر شيءِ کي ماضيءَ ۾ ڌڪيو ڇڏي. هر ڳالهه، هر ڪهاڻي، هر واقعو، هر ساعت ماضيءَ ۾ بدلجيو وڃي. هر انسان، هر صورت، هر نگاهه هر آواز، هر خوشبوءِ ۽ هر رشتو هڪ ياد بنجيو وڃي. پنهنجي هن حسين ملاقات جا لمحا به فقط ياد ۾ بدلجي ويندا ـــــ ٻين انيڪ يادن سان گڏ. پوءِ ڪجهه يادون هميشه ذهن ۾ محفوظ تازن گُلن وانگر سدا بهار رهن ٿيون. ڪي وڻ مان ڪريل سُڪل پنن وانگر، جيڪي هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي اکين کان اوجھل ۽ غائب ٿي وڃن ٿا. ڪي يادون ذهن ۾ اچڻ سان تازگي ۽ سڪون ڏيارين ٿيون.
    گاڏي پنهنجي رفتار سان هلي رهي آهي. سندس ڦيٿن جو هرهڪ چڪر، ڪرئنڪ شافٽ ۽ پسٽنن جي چُرپُر ۽ اچُ وڃ، وقت سان گڏ ماضيءَ ۾ داخل ٿي رهي آهي ۽ هاڻي ٻه اسٽاپ سينٽرل اچڻ ۾ وڃي بچيا آهن. گذريل اسٽاپ جون گھڙيون ماضيءَ جي کنڊرن ۾ وڃي مليون، جتي ان ڏينهن جي ياد پڻ دٻيل آهي، جڏهن منهنجي ملاقات توسان پهريون دفعو ٿي هئي.
    آمريڪا ۾ تعليم وٺڻ لاءِ آئي مون کي اڃان ٽي مهينا مس ٿيا هئا ته ”سمر هاليڊيز“ شروع ٿي ويا. آءٌ پنهنجي يونيورسٽي، ڇڏي، موڪل جا ڏينهن ’پارٽ ٽائيم جاب‘ لاءِ، گھما گهميءَ جي شهر نيويارڪ ۾ ٻين ملڪي دوستن سان هڪ اپارٽمينٽ ۾ اچي رهيو هوس. آءٌ ان کان اڳ فقط پنهنجي ملڪ ۽ معاشري سان هريل هوس ۽ ان جي قدرن جو مغرب جي ڌارئين ماحول ۽ معاشري جي مادي نظريات سان جڏهن تصادم ٿيو ته آئون پهرين سخت ذهني الجھن ۾ پئجي ويس ۽ انهيءَ الجهن مان ڪڍڻ لاءِ جڏهن مون کي دوست برانڪس جي هڪ ڊڪوٿي ۾ وٺي آيا ۽ زور ڪرڻ تي به ڊانس ڪرڻ کان انڪار ڪيم ته هڪ هتي جي ماحول کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته: ”لالا هي مغرب آهي. هتي هر انسان خوشيءَ جا لمحا ائين گذاري ٿو.“ اتي تو فلور تان اچي پنهنجي هٿ جي آڇَ ڏئي مون کي ڊانس لاءِ اٿاريو. ۽ آئون خبر ناهي ڇو ڪهڙي ڪشش هيٺ ڇڪجي توسان ڊانس فلور تائين هليو ويس.
    ”آئون توکي سيکاريندس. هرهڪ ڄمندي ڄام نه ٿيندو آهي.“ تنهنجي آواز ۾ ان وقت ايڏي همدردي هئي، پيار هو، خلوص هو جو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.
    ”آئون اڪنامڪس جي ٻئي سال ۾ آهيان. لوزيانا رياست جي نيو اورلينس شهر ۾ رهان ٿي. جتان مشهور ۽ ڊگھي ندي ’مسي سپي‘ وهي ٿي. هر سال موڪل جا ڏينهن نيويارڪ ۾ پارٽ ٽائيم جاب ڪرڻ لاءِ ايندي آهيان.“ تو مون کي ڊانس جا قدم سيکاريندي ننڍڙن جملن ذريعي پاڻ بابت ٻُڌايو هو.
    ”آئون بالٽيمور ۾ ڪيميڪل انجنيئرنگ جي پهرين سال ۾ آهيان. اڄُ ڪلهه مئن هٽن ۾ R.C.A بلڊنگ ۾ هڪ آفيس ۾ پارٽ ٽائيم جاب ڪريان ٿو ۽ مئن هٽن ويسٽ ۾ رهان ٿو.“
    ”منهنجي آفيس به اتي ئي آهي. ڏاڍو سٺو. ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ضرور ٿيندي رهندي.“
    ”تون آچر تي مون سان ماني کائج.“ مون خبر ناهي، ڪيئن توکي دل ٻَڌي دعوت ڏني. اهو آمريڪا ۾ منهنجو پهريون دليريءَ جو ڪم هو. تو ان وقت جواب ۾ ”ضرور“ چيو پر مون کي پڪ هئي ته تون ڪانه ايندينءَ. هڪ ڇوڪري جي اپارٽمينٽ ۾ هڪ ڇوڪريءَ جو اڪيلو اچڻ ڪيئن ممڪن ٿي سگھي ٿو. پر هي مغرب آهي. تون مون وٽ پوري وقت تي اچي وئينءَ. هيڏانهن هوڏانهن جون خبرون ڪندي رهينءَ. ايشيا جي تاريخ بابت، ايشيا جي ادب بابت. ايشيا جي تهذيب ۽ تمدن بابت ۽ ان پهرين ملاقات ۾ تون ايڏو فري ٿي وئينءَ جو ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻُ پاڻ هڪ ٻئي کي ازل کان سُڃاڻون. پنهنجي دوستي جنم جنم کان هلندي اچي. ٻئي ’ويڪ ائنڊ‘ تي پنهنجي ملاقات راڪ فيلر سينٽر وٽ ٿي هئي، جتي اڄُ وري ملڻ لاءِ توکي چوندس. اتان تون مون کي پنهنجي اپارٽمينٽ ۾ وٺي وئي هُئينءَ جنهن ۾ تنهنجي ساهيڙي پئٽريشيا پڻ رهي ٿي. هوءَ ان وقت پنهنجي بُئاءِ فرينڊ ائنٽونيو سان فلم ڏسڻ وئي هئي، تو ٻُڌايو هو. تون مون کي ’مان شيري امور، لومي ائز اي سمر ڊي‘ ۽ ٽام جونس جي رڪارڊ ’وي هئڊ گڊ ٿنگس گوئنگ‘ تي ڊانس ڏيکاريندي رهينءَ. جڏهن ميوزڪ ختم ٿي ته ڪوچ تي ويٺاسين. تو منهنجو يڪدم هٿ جھلي چيو: ”اختر! آئون توکي چاهيان ٿي. منهنجو توسان پيار ٿي ويو آهي.“ تو اهي لفظ ائين چيا، ڄڻ ڪو هوٽل ۾ ويهي ڪوڪا ڪولا جو آرڊر ڏئي. آئون توکي ورنديءَ ۾ ڪجهه چئي نه سگھيس. جيتوڻيڪ دل ڪجهه چئي رهي هئي. منهنجي نرڙ تي پگھر جون بوندون مِڙي آيون هيون. پئٽريشيا جي ٽيبل تان مٿيون فوٽو کڻي پڇيومانءِ ته هيءَ آهي تنهنجي ساهيڙيءَ جو بُئاءِ فرينڊ ائنٽونيو.
    ”نه. هي ته باب جو فوٽو آهي. پئٽريشيا جو پهريون دوست.“
    ”ڇو هاڻ ڪونهيس ڇا؟“
    ”نه. کيس باب جو نڪ نه وڻندو هو. انڪري ڇڏي ڏنائين.“
    ”۽ هي ٻيو فوٽو؟“
    ”هي سندس باب کان اڳ جو دوست آهي.“
    مون سوچيو ته توکان پڇان ته تنهنجي ساهيڙيءَ وانگر توکي به ڪو ٻيو دوست هو يا آهي. پر ان جي ضرورت مون محسوس نٿي ڪئي. ان قسم جو شڪ دل ۾ آڻڻ به مون گناهه ٿي ڄاتو ۽ وڏي ڳالهه ته مون کي همت به نٿي ٿي پڇڻ جي، ڇاڪاڻ جو مون کي به توسان پيار ٿي ويو هو. زبان سان اقرار نه ڪيو هوم پر دل بار بار اقرار ڪندي رهي. ۽ ڪوبه پنهنجي محبوبا بابت ڪا اونڌي سونڌي ڳالهه ٻُڌڻ پسند نه ڪندو.
    تون منهنجي زندگيءَ ۾ ڇا آئينءَ، منهنجي بيقرار ڪيفيتن ۾ تازگي اچي وئي. پنهنجو هر روز هڪ ٻئي لاءِ وڌندڙ پيار ۽ ملاقاتون جاري رهيون ۽ وقت جي خبر نه پيئي ته ڪيئن موڪلن جا ٽي مهينا جلدي گذري ويا ۽ نيويارڪ ڇڏي تون نيو اورلينس هلي وئينءَ ۽ آئون ميري لئنڊ رياست جي شهر بالٽيمور ۾. آخري ڏينهن آئون توکي هوائي اڏي تي ڇڏڻ آيو هوس. موڪلائڻ وقت به اهو ئي پيارُ هو، وعدا ۽ وچن هئا ـــــ خط لکڻ جا، ياد ڪرڻ جا. وري سياري جي موڪلن ۾ نيويارڪ ۾ ملڻ جا.
    پوءِ منهنجي حسرتن ۾ اهڙيون عجيب ڪيفيتون شامل ٿي ويون جو توکي وساري ڇڏڻ جا سڀُ حيلا ناڪام ٿي ويا. تنهنجي ياد منهنجي زندگي بڻجي وئي. هر ڪتاب کولڻ سان تنهنجي من موهڻي ۽ پياري صورت نظر اچڻ لڳي. آءٌ توکي هر وقت ساريندو ۽ سنڀاريندو رهيس، پر تون وساريندي رهينءَ. منهنجا انيڪ خط ۽ تارون ائين ئي وڃڻ لڳيون پر تو وٽان پهچ جا ٻه لفط به جواب ۾ نه آيا. آئون سهندو رهيس. آئون ڀوڳيندو رهيس. مون پنهنجو مستقبل توسان وابسته ڪري ڇڏيو هو. ’تون منهنجي آهين، پرائي ٿي نٿي سگھين. ٻيو ڪو تنهنجو هٿُ هرگز نٿو جھلي سگھي‘ ـــــ مون سوچيو هو.
    مس مس پنج مهينا گذريا ۽ سيميسٽر جا امتحان ٿيا. امتحان ۾ فيل ٿيس، جنهن جي به پڪ هيم. اسڪالر جا ۽ گھران آيل پئسا ختم ٿي چُڪا هئا ۽ نيويارڪ پارٽ ٽائيم جاب ڪرڻ آيس. اتفاق سان پهرين رات ئي روزيلينڊ بار ۾ مون توکي هڪ جرمن سان گڏ ڏٺو، هڪ ڌارئين کي توسان ائين نچندو ڏسي آءٌ غم ۽ غصي ۾ پڄرندو رهيس. ميوزڪ ختم ٿيڻ تي تون منهنجي ڀرسان لنگھي وئينءَ. مون سمجھيو تون مون سان ملي معافي وٺندينءَ. خط نه لکڻ جا سبب ٻُڌائيندينءَ. پر انسان ڪيڏو غلط ٿو سوچي! هو هر ڳالهه ۾ پنهنجي تمنا ۽ چاهنا جي ويجھو ٿو سوچي. مون سوچيو ٿي ته جسمن جي قريب اچڻ سان سوچڻ جو انداز به هڪ ٿي ويندو. پر تون فقط تن جي پوڄاري رهي من جي موهه کي ڪٿَ ۾ نه آڻي سگھينءَ.
    ڀرسان لنگھڻ وقت، مون تي نظر پوڻ تي تو فقط ٿڌي طرح ’هيلو‘ چئي جرمن ڇوڪري کي ڀاڪر پائي ٻاهر نڪري وئينءَ ۽ آئون پنهنجي اندر جي باهه جي کوري ۾ ئي جلندو رهيس. پچندو رهيس، گھُٽ کان ساههُ مُنجھي رهيو هو. اُڃ کان نڙي سُڪي وئي هئي. ٽيبل تي رکيل سڄو دٻو جوس جو هڪ ئي ڳيت ۾ پي ويس. پر باهه تي ڄڻ ڇنڊو به نه لڳو. مون سمجھيو هيءِ باهه مون کي ساڙي پوءِ وسامندي. پر صدين جو قول سچو ئي ثابت ٿيو ۽ وقت نه فقط جسم جا، پر منهنجي دل جا زخم به چيٺي ڇڏيا.
    ان رات بعد ـــــ جنهن رات مون پنهنجو پاڻ کي زندگي جي هر امتحان ۾ فيل ٿيندي ڏٺو هو. ان رات کان پوءِ، توکي اڄُ هن گاڏيءَ ۾ ڏسي رهيو آهيان. ٽن سالن جي عرصي کان پوءِ هينئر جڏهن آئون پنهنجي تعليم ختم ڪري پنهنجي وطن مشرق ڏي وڃڻ جي تيارين ۾ آهيان. تون منهنجي اڳئين سيٽ تي بيخياليءَ ۾ ويٺي آهين. تنهنجي ڀر ۾ اڄُ هڪ نئون دوست ويٺو آهي ـــــ شايد اسپيني يا پورٽريڪن آهي ــــــ يا ڪو ٻيو. سينٽرل اسٽيشن وٽ جڏهن گاڏي بيهندي ته لهڻ وقت پنهنجون نگاهون ملنديون. آئون چاهيندي به توکي نه چوندس ته ’انيتا اڄُ مون سان وري راڪ فيلر سينٽر وٽ ملجانءِ.‘ نه نه. هرگز نه. ٿي سگھي ٿو اڄُ تون مون کي اها ٿڌي ’هيلو‘ به نه ڪرين. ۽ نه ان قسم جي هاڻ مون کي اميد رکڻ کپي. مون کي هاڻ تو بابت سوچڻ به نه جُڳائي، ڇو ته آئون سمجھان ٿو ته هي مغرب آهي. ڪالهه جي منهنجو وارو هو ته اڄُ هينريءَ جو ـــــ يا ڪنهن ٻئي جو. پر منهنجي اندر ۾ اڄُ وري گھُٽ محسوس ڇو ٿي رهي آهي ـــــ؟ اڄُ منهنجي نڙي سُڪي ٺوٺ ڇو ٿي وئي آهي! سينٽرل اسٽيشن تي توکي هڪ ڌارئين سان هٿَ ۾ هٿُ ملائي لهندو ڏسي، شايد اڃان به وڌيڪ گھُٽَ محسوس ڪريان. ان کان بهتر آهي ته آئون هڪ اسٽاپ اڳ ۾ ئي لهي وڃان. ۽ هاڻي جو 34-St جو اسٽاپ ايندو، ان تي آئون ماٺ مٺوڙي ۾ لهي ويندس، توکي خبر به نه پوندي ته تنهنجي پويان ويٺل هن اسٽاپ تي، جنهن جي ويجھو آئيس ڪريم جو دڪان آهي، لهي ويو. اڄُ آئون اتي چاڪليٽ آئيس ڪريم نه کائيندس. اڄُ آئون ونيلا آئيس ڪريم يا اسٽرابيري آئيس ڪريم ـــــ يا ڪا ٻي کائڻ جي ڪوشش ڪندس. ٿي سگھي ٿو ته اها منهنجي اندر جي گھُٽ ۽ تانگھه کي ختم ڪري ڇڏي.

    (1970 موزمبيق ــ آفريڪا ۾ لکيل.)


    ڪونهي ات ڪوهيار

    (افسانو)
    هيءَ هتي جو مشهور ڪاليج آهي. هن مان هر سال شهر جا ڪيترائي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گريجوئيٽ ٿي نڪرندا آهن. هن ڪاليج جو حال به ساڳيو ٻين ڪاليجن جهڙو آهي جن ۾ Co-education آهي. ڇوڪريون پاڻ وڻائڻ لاءِ هر روز نوان نخرا ڪنديون آهن، ۽ ڇوڪرا انهن جي ادائن تي مرندا آهن. هتي ان ڇوڪري جو گھڻو مان نه هوندو آهي جو پڙهائيءَ ۾ گھڻو هوشيار هجي پر جنهن جي گھڻين ڇوڪرين سان دوستي هجي ـــ بلڪ کِل ٽهڪو هجي. ڪيترا ڇوڪرا، ڇوڪرين جي مرڪڻ جهڙي ادا لاءِ به واجهائيندا رهندا آهن. جي اتفاق سان ڪنهن ٻه مٺا ٻول ڳالهايا ته همراهه خوشيءَ ۾ پيا ٽڙندا. رسيس ۾، ڪامن روم ۾، هاسٽل ۾، چونڪ وٽ پارسيءَ جي هوٽل ۾ هفتو ڏيڍُ پيا مرچ مسالا وجھي ان ڳالهه جو دور ڪندا ته مس فلاڻيءَ مون کي هي چيو جنهن جي جواب ۾ مون وري هي تير هنيو.
    ڇوڪرين جا ڪيترائي قسم آهن. ڪي ويچاريون شڪل صورت کان مار کاڌل، زوريءَ پيون ڳالهائينديون ۽ پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ڪنديون ته ڪي ويچاريون ڀورڙيون ۽ مت جون موڙهيل ـــ يا کڻي ائين چئجي ته ’عورت کي عقل ڏائي کُڙيءَ ۾ هوندو آهي‘ ـــ ان کي ثابت ڪرڻ واريون، ڪنهن ڇوڪري جي ڳالهين ۾ ڦاسي، ان کي ئي غنيمت سمجھي، محبت جي مڃتا ڪري ويهنديون آهن. پوءِ وڏا وڏا اسڪئنڊل ٿيندا آهن. ڇوڪرو ايترا رقيب ۽ ڳالهيون ٻُڌي ڊڄي ويندو آهي ۽ ڇوڪري ان کان به اڳ دوستيءَ تان هٿُ کڻي پنهنجي اڀري سڀري ساک واپس قائم رکڻ ۾ لڳي ويندي آهي.
    پر سلما انهن مڙني ڇوڪرين کان نرالي آهي. تمام گھڻي چالاڪ، ذهين ۽ عمر جي لحاظ کان ڏيڍوڻي، ٻيڻي هوشيار. بي.ايس.سي جو پهريون سڄو سال ماٺ ۾ گذاري هاڻي ٻي سال ۾ آئي آهي. هڪ معمولي اسٽيشن ماستر جي ڌيءَ آهي. پر سونهن جي ڪري (جنهن ۾ قدرت جو حصو گھٽ ۽ اڄُ جي نت نوَن ڪاسميٽڪس جو وڌيڪ آهي) ائين ٿو لڳي ڄڻ هوءَ هن وڏي شهر جي ڪنهن وڏي واپاري يا رشوت خور آفيسر جي ڌيءَ هجي. عمر ۾ ٻاويهن سالن جي لڳ ڀڳ ٿيندي پر پڇڻ تي حرام جو ارڙهن سالن کان هڪ ڏينهن به مٿي ٻُڌائي ـــــ ۽ واقعي ڏيک ويک ۾ به سترهن ــ ارڙهن سالن جي ٿي لڳي. پاڻ ڪاليج جي ڇوڪرين ۾ ڏاڍي مشهور آهي. حال ڀاياڻي پڻ. هر ڇوڪري ساڻس دل جو حال اوريندي آهي. کيس خبر پوندي آهي ته سندس فلاڻي ساهيڙي جنهن کي سندس فلاڻو ڪلاس ميٽ چاهيندو هو ۽ هاڻي ڇڏي ڏنو اٿس، ان ڪري اداس رهي ٿي ته کيس ڏاڍو افسوس ۽ چڙ لڳندي آهي. سندس بي وقوفيءَ تي کلي چوندي: ”چرين جي ڪهڙي نه سادي دل آهي. بس جھٽ پَٽ جنهن کي ٿو اچين تنهن کي دل ڏيو ويهن.“
    ”تون وري ان حفيظ پويان اچي پئي آهين. سچي دل جي هجيس ها ۽ شاديءَ جو خيال ته هيستائين سندس ماءُ پيءُ منٿون ڪرڻ لاءِ توهان جي گھر جا چڪر هڻن ها. منهنجي ورِ چڙهي ته ڏينهن جا تارا ڏيکاريانس. ايڊيٽ“ هڪ ڏينهن فوزيا کي سمجھائيندي چيائين.
    ”اهڙو به ته تنهنجو دوست ناهي.“ فوزيا جذباتي ٿيندي وراڻيو.
    ”منهنجي ڳالهه نه ڪر، مان ڪا تو جهڙي پرَمتڙي ۽ بيوقوف ناهيان. اسان اڃان ماٺ ۾ آهيون. مارينداسين، پر ڪو مير مارينداسين. باقي چاڪر ڪهڙا چڪائبا! اڙي منهنجي فوزي، هڪ ڏينهن ويهي ڏسجانءِ ته جنهن کي مان دل ڏيندس، سو ته هميشه لاءِ حواس وڃائي منهنجي پويان چڪر هڻندو رهندو.“ سلما اعتماد ڀري لهجي ۾ چيو. ۽ اهو واقعي سچ آهي. سلما ماٺ مٺوڙي ۾ هر ڪلاس ميٽ جو جائزو وٺندي رهي. هوءَ هڪ ذهين مهاڻي وانگر بي.ايس.سي جو پهريون سال پورو ڪري ٻئي جي به آخري مهينن تائين پهتي آهي. هن کي خبر آهي ته ڄار ڪٿي ۽ ڪڏهن اڇلائجي. ان لاءِ ڪاليج ڇڏڻ کان ٿورا مهينا اڳ بهتر رهندو آهي. آخر اهي ڏينهن به اچي ويا. هن پنهنجي نشاني تي تير هنيو ۽ تير نه گُٿو.
    اسلم سلما جو ڪلاس ميٽ آهي ۽ منهنجو گھاٽو دوست ۽ روم ميٽ. سکر جي هڪ وڏي واپاريءَ جو پُٽ آهي. شڪل شبيهه جو به ڪو ويل ناهي، ۽ نه ئي پئسي جي کوٽ. پر ان هوندي به سڄي سال اندر ڪوثر جهڙي ڪالي ڪلوٽيءَ سان به ويجھڙائپ پيدا ڪري نه سگھيو. پهرين سال هن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته جنهن شيءِ جي هن کي ضرورت آهي، اها پڻ پوري ٿي وڃي. سلما بابت ته هو خواب خيال ۾ به سوچي نٿي سگھيو، پر حسنا ۽ بلقيس لاءِ به ڏاڍو واجھايائين ته من انهن چٻين ڦڏين مان ئي، ڪا لفٽ ڏئي ته واهه واهه ٿي ويندي. ۽ ڪاليج ۽ هاسٽل جي ٻين همراهن تي به واهه جي لئه ويهي ويندي. پر جڏهن پهريون سال ان جاکوڙ ۾ گذري ويس. پر کڙ تيل ڪجهه نه نڪتو ته ٻئي سال اهو سوچي ته ’جنهن سج چڙهندي تاءُ نه ڪيو، سو لهندي ڪهڙو ڪندو،‘ ماٺ ڪري هڪ مَنو ٿي پڙهڻ ۾ جنبي ويو. آخر هن کي هاڻ فڪر ئي ڪهڙو هو. شادي ته هن کي ڪنهن به ڪلاس ميٽ سان ڪرڻي نه هئي، جو امتحانن بعد سندس خاندان جي هڪ ڇوڪري زرينا سان ٿيڻ جو پروگرام هو. زرينا سان سندس مڱڻو گھڻو اڳ ٿي چُڪو هو ۽ ڳوٺ جي ئي اسڪول ۾ مئٽرڪ پئي ڪيائين. اسلم هن جي تعريف جا ڍُڪ هر وقت پنهنجن دوستن اڳيان ڀريندو آهي؛ ”زرينا ههڙي آهي. هوءَ مون کي ڏاڍو چاهي ٿي. تمام خوش مزاج کلمُک آهي. وڏي ڳالهه ته هوءَ به ساڳيا خيال رکي ٿي. ڪڏهن به ائين نٿو ٿئي جو آءٌ يا شاهه يا ساميءَ تي ڳالهايان ته هوءَ پيٽلز ۽ باب هوپ جون برٿ ڊيٽون ٻُڌائي....“ ۽ اسان اسلم جون اهي ڳالهيون ٻُڌي ڏاڍو متاثر ٿيندا هئاسين.
    پر چوندا آهن ته لڳيءَ کي لعنت آهي. شل نه ڪنهن جي اندر ۾ عشق جهڙي مرض جي باهه دُکي. ۽ هينئر جڏهن سلما ۽ اسلم کي ڪامن روم ۾ چانهه جي آفر ڪئي ۽ لئبارٽري ۾ زولاجي جو Experiment ڪرڻ وقت اچي هن جي پارٽنر ٿي، ته هو واقعي پنهنجا حواس وڃائي ويٺو. اڄُ هن پاڻ کي خوشنصيب ٿي سمجھيو. هن جڏهن مليل سانڊي کي ڪلوروفارم ڏنو ته اڄُ هن جي دل ۾ هڪ عجيب سڌ پيدا ٿي. جيڪر هن جي هٿ ۾ هجي ها ته ڪجهه ساعتن لاءِ هال ۾ بيٺل سڀ شاگردن، ڊمانسٽريٽر ۽ نوڪر کي ڪلوروفارم سونگھائي بيهوش ڪري ڇڏي، ۽ پوءِ ڇَڙو پاڻ هجي ۽ سلما هجي ۽ پيار جون ڳالهيون. اڄُ ته هن جي جھوليءَ ۾ چنڊ جھُليو هو! اهو سوچي هن کان کِل نڪري وئي. سلما ناز سان Scalpal کڻي بيهوش سانڊي جي پيٽ کي چهڪ ڏنو ۽ گھاٽو گھاٽو، ڪاراڻ تي مائل رتُ، سانڊي جي پيٽ مان وهي ڊش جون حدون ڳولڻ لڳو. اسلم ائين محسوس ڪيو ڄڻ سلما سانڊي کي نه پر سندس دل کي وڍي پنهنجي پيار جو پيوند لڳايو هجي. اسلم سڀُ پراڻيون ڳالهيون وساري ويٺو ـــــ هاڻي سلما هئي ۽ سندس اڻ کُٽ ڳالهيون ـــــ ”اڄُ مون کان هن منهنجي مائٽن جو پڇيو. اڄُ پاڻ ٻُڌايائين ته ٻئي يونيورسٽي ۾ مائڪروبائلاجي ۾ ايم.ايس.سي ڪنداسين. سندس پيءُ ريلوي ۾ وڏو آفيسر آهي. سوسائٽي ۽ ڪلفٽن ۾ سندس وڏا بنگلا آهن. پر في الحال دستگير ڪالوني ۾ هڪ سرڪاري ڪوارٽر ۾ رهن ٿا. سندس اکيون ههڙيون آهن. وارن جو اهڙو اسٽائيل ٻي ڪا ڇوڪري ٺاهي ڏيکاري؟ اڄُ هن مون کان پڇيو ته اسان جي خاندان ۾ مون جيڏي ڪا ٻي ڇوڪري آهي. يا منهنجو مڱڻو ته نه ٿي چُڪو آهي...“
    ”پوءِ تون ڪهڙو جواب ڏنس ـــــ؟“ آئون هن جون ڳالهيون سدائين چُپ چاپ ويٺو ٻُڌندو آهيان، پر ڪڏهن ڪڏهن هڪ اڌ سوال پڇي به ويهندو آهيان.
    ”پوءِ مان ڇا چوندس ـــــ چوانس ته کوڙ آهن ۽ مڱڻو به ٿي چُڪو آهي. ته اهي جيڪي تريل ڀينڊيون ۽ لڏون روم تي موڪلي سي به بند ٿي وڃن ۽ دوستي پڻُ.“
    اهي ڳالهيون ٻُڌي آئون ٻُڌي ٽُٻيءَ ۾ پئجي ويندو آهيان ته اسلم جهڙو ڇوڪرو سو ڪيئن نه ٻئي جي چنبي ۾ اچي ويو آهي. اهو اسلم جي خودداري کي داغ آهي جو هو زرينا جهڙي وفادار ڇوڪريءَ کي ائين ڇڏي ڏنو اٿس. جنهن جي تعريف جي تسبيح ننڍي لاڪون پڙهندو اچي. سلما واقعي چالاڪ نڪتي. پر هڪ ڳالهه جيتوڻيڪ اسلم ۾ محسوس ڪئي ته هو پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ هٿ ڦاڙ نٿي رهيو. شايد هي پهريون ڀيرو هو جو چانهه جو بل اڄُ پاڻ ڀري آيو هو. مون کي جڏهن اها خبر پئي ته چيڙائڻ لاءِ چيومانس ته: ”ميان! سلما اسحاق جو ڇا حال آهي؟ ٻُڌو اٿم ته تو اڄُ حاتم جي قبر تي لت هڻي آيو آهين........؟“
    ”يار پڻس جو نالو نه کڻ، مان کي ڊڄُ ٿو لڳي. باقي لت اپاڪي لڳي وئي آهي، ان ڪري ته اڄُ اداس آهيان.“
    ”يا ڪٿي عشق ۾ انٽرويل يعني جدائي ويجھي آهي، جنهن توکي اداس ڪيو آهي.“ مون پڇيو.
    ”اهڙي جُدائيءَ جهڙي ڳالهه، سا به هن طرفان، ناهي. تون اجايو هر ڳالهه تي گھرو ٿو سوچين“ اسلم وراڻيو ۽ آئون چُپ ٿي ويس.
    اسلم جون حسب معمول ملاقاتون جاري رهيون. لڪ ڇَپ ۾ ملاقاتون، ڪامن روم ۾ ملاقاتون، لئبريري جي پُٺيان لان ۾ ملاقاتون، ڪچهري روڊ تان لنگھندڙن کي شڪ ۾ وجھندڙ ملاقاتون، خيالن ۽ خوابن ۾ ملاقاتون ٿينديون رهيون. ۽ نه فقط مون کي، پر ٻين به هاسٽل ۽ ڪاليج ۾ رهندڙن کي پڪ ٿي وئي ته ورهين بعد هن ڪاليج مان هڪ روميو جوليٽ جو نڪاح قاضي پڙهندو، رڳو امتحان پورا ٿين.
    آخر امتحان جي به رزلٽ نڪتي. ٻئي پاس ٿيا. ان ئي ڏينهن سلما هن سان ملڻ لاءِ هاسٽل جي دروازي وٽ آئي. دروازي وٽ هميشه وانگر بيٺل اردني شاگردن مان هڪ اچي اسلم کي اطلاع ڏنو. اسلم اچي مون کي ٻُڌايو: ”ادا منهنجي ماني سڀاڻي سلما جي گھر آهي. ولي محمد بورچيءَ کي چئي ميس جي مانيءَ بند ڪرائي ڇڏجان.“
    ٻئي ڏينهن اسلم ٺَهي ٺُڪي روانو ٿيو. شام جو جڏهن موٽيو ته پڇيومانس: ”ڪر خبر. ڪهڙو حال آهي مستقبل جي ڀاڀيءَ جو ۽ قصو ڪٿي پهتو آهي.“ خبر ناهي ڇو اڄُ مون هن سان حد کان وڌيڪ فري ٿيڻ ٿي چاهيو. مون کي هن ڳجھارت ڏاڍو تشويش ۾ وجھي ڇڏيو هو.
    ”ڀاڀي ــــ! اڙي ڀاڀي!!“ هن ٽاءِ کوليندي عجب مان چيو، ”جناب عالي چئه ته ڪڏهن ــ به ــ نه ــ ٿيڻ ــ واري ــ ڀاڀي جو ڇا حال آهي ــــــ“
    ”ڏاڍي ٻُڌايئي. هي وري ڇا! شادي ٻادي جو خيال ناهي ڇا.؟“ مون وائڙو ٿي پڇيومانس.
    ”شاديءَ جو خيال بلڪل آهي پر ايم.ايس.سي بعد، تيسين زرينا به بي.اي ڪري وٺندي.“
    ”۽ پوءِ سلما جو فيوچر ـــــ؟“
    ”سلما ته جيئن مون کي بيوقوف بڻائي رهي آهي. تيئن مان به هن کي بڻائي رهيو آهيان. تون ڇا ٿو سمجھين ته مان هن جي ظاهري ٺاٺ ۾ اچي ويندس.“
    ”پوءِ هن ويچاريءَ کي آسري ۾ ڇو رکيو ويٺي آهين.“
    ”حرام جو هن کي آسري ۾ رکيو هجيم. اڄُ جڏهن هن جي گھروارن شاديءَ جي ڳالهه ڪڍي ته صاف صاف ٻُڌائي ڇڏيومان ته اهڙو منهنجو ارادو ناهي.“
    ”وڏو ڪو خود غرض چئبين. هاڻ ته هوءَ دوستي به ڇڏي ڏيندءِ.“
    ”وڏي ڪا خود غرض هوءَ چئبي جو سندس دوستي لالچ تي آهي.“ ائين چئي هو ڪنهن جي سڏ تي ٻاهر نڪري ويو.
    هيءُ هتي جو مشهور ڪاليج آهي. هن مان هر سال شهر جا ڪيترائي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گريجوئيٽ ٿي نڪرندا آهن. هن ڪاليج جو حال به ساڳيو ٻين ڪاليجن جهڙو آهي، جن ۾ Co-education آهي. ڇوڪريون پاڻ وڻائڻ لاءِ هرروز نوان نوان نخرا ڪنديون آهن ۽ ڇوڪرا انهن جي ادائن تي مرندا آهن.

    (1964ع ميٺارام هاسٽل ڪراچي ۾ لکيل)


    زندگي ۽ موت جي وچ ۾ وِٿي

    جهاز جي سڀني آفيسرن کي ڌار ڌار ڪمرا مليل هئا، ڇڙو نويد ۽ منهنجي. اسان تازو تعليم پوري ڪري نوان آيل هئاسين. جهاز تي Boat-Capacity ته هئي پر وڌيڪ ڪمرن جي کوٽ هئي سو اسان کي ڊبل بيڊ واري ڪمري (يا جهازي زبان ۾ ڊبل بنڪ واري ڪئبن) ۾ في الحال رکيو ويو. اهو به چڱو ٿيو جو اسان ٻئي پهرين کان سڃاڻا هئاسين. هڪ ئي اڪيڊمي مان پڙهي نڪتا هئاسين سو جلدي گھاٽا دوست ٿي وياسين. هڪ ٻئي جو تمام گھڻو خيال رکڻ لڳاسين، ايتريقدر جو هڪ ستو پيو هوندو ۽ ٻيو رات جي ڊيوٽي ڪري ايندو هو ته ڪمري جي بتي به نه ٻاريندو هو. ڪٻٽ يا ميز جو خانو کولڻ وقت به خيال رکندا هئاسين متان ٻئي جي ننڊ ڦٽي.
    نويد جنهن کي اسان اڪيڊميءَ جي زندگيءَ ۾ ڪَٿَ ۾ نه آڻيندا هئاسين ۽ هميشه کيس الڳ ٿلڳ ۽ پنهنجن پُورن ۾ پريشان ڏسي ڪي کيس ”Absent Minded Professor“ سڏيندا هئا ته ڪي ”مغرور مهاڻو“، تنهن سان هاڻ تمام ويجھو رهڻ تي مون کي احساس ٿيو ته هو بيحد عظيم انسان آهي. سندس سٺا سٺا خيال ۽ عمديون ڳالهيون ٻُڌي آئون سندس ڏينهون ڏينهن وڌيڪ عزت ۽ قدر ڪرڻ لڳس ۽ پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ خوشنصيب سمجھڻ لڳس ته ههڙي ماڻهوءَ جي ويجھو رهڻ جو موقعو مليو آهي. نه ته جهازي زندگيءَ ۾ گھڻي ڀاڱي ڪيترن جي ذهنيت عام مهاڻن ماڇين ساٽين کان گھٽ نه هوندي آهي.
    نويد کي گھڻي ڳالهائڻ جي بنهه عادت نه هئي. ائين کڻي سمجهجي ته هن جي ڳالهائڻ جي نادي تمام ٿوري ڀريل هئي جنهن مان هو رڳو گھرج تي نلڪو کولي ڦڙو ڦڙو ڪڍندو هو. هميشه پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهندو هو. واندڪائيءَ ۾ به پنهنجي ڪمري ۾، بستري تي يا ڪوچ تي سمهي جيڪو ڪتاب هٿ چڙهندو هوس اهو پڙهندو هو. اجائي بحث، ڄاڙي هڻڻ يا پرائي پچار کان ونءُ ويندو هو. ان ڪري جهاز جا به ڪي آفيسر اڪيڊمي جي ڪئڊٽن وانگر کيس مغرور يا بيوقوف سمجھڻ لڳا. پر اها ڳالهه نه هئي. نويد جي ڄمار ۾ ڪو ورلي هوندو جنهن کي هر ڳالهه بابت ايتري اونهي ڄاڻ هجي! ڪو اجايو ضد ڪندو هوس ته ان وقت ٻه لفظ چئي ماٺ ٿي ويندو هو. پوءِ ساڳي ڳالهه کيس ٻئي ڏينهن ٿڌي ٿيڻ تي اهڙي نموني سمجھائيندو، جو اڳلو قائل ٿي ويندو هو ـــــ پوءِ اها کڻي جهاز جي انجڻ بابت هجي يا سياست سان واسطو رکندڙ. پر ڪڏهن ته اهو چئي ماٺ ۾ ئي هوندو هو ته ضدي ماڻهوءَ کي ڪهڙو ويهي ريجھائجي.
    پڙهڻ لاءِ ڪو ڪتاب نه هوندو هوس ته پلنگ تي ليٽئي ليٽئي اکيون کولي لڳاتار سوچيندو رهندو هو. ائين ڪلاڪن جا ڪلاڪ، ڪنهن سوچ ۾ ٻُڏل رهڻ گھٽ ۾ گھٽ اسان کان ته نه پُڄي. ڪڏهن ڪڏهن پڇندو هومانس:
    ”پارٽر! ڇا پيو سوچين؟“
    ”ڪجهه به نه.“ ڏاڍي مزي سان نٽائي ويندو هو، جيئن جپاني ماڻهو پنهنجو گھر ڏيکارڻ کان نٽائيندا آهن.
    سڀني بندرگاهن ۾ گھمڻ لاءِ مون سان گڏ هلندو هو. کيس پاڻ لاءِ ڪابه شيءِ وٺن جو شوق نه هو بس ڪنهن وڏي شهر جي وڏي دڪان تي چڙهي اتان ڪا اهڙي سوکڙي وٺندو هو جا سڀ ۾ مهانگي هجي ۽ عورت کي ڏيڻ جي ڏانءَ جي هجي.
    ”پارٽنر! هيءَ ڪنهن لاءِ؟“
    ”بس ائين!“ وري ڏاڍي مزي سان ڳالهه نٽائي ويندو.
    نيٺ هڪ ڀيري کيس سوگھو ڪري وتم. بيروت مان مون ڪجهه فلمي رسالا ورتا جيڪي پڙهي ٽيبل تي ئي رکي ڇڏيا. رسالا ڏهه کن مس هئا جي آهستي پڙهڻ سان به نيٺ پورا ٿي ويا پر مون ڏٺو ته اسان واري روم ميٽ هڪ رسالي کي جو کنيو آهي ته پچر ئي نه پيو ڇڏيس. هڪ ڏينهن کيس تاڙي ورتم ته ان ۾ هڪ بنگالي ائڪٽريس کي ئي ڏسندو رهي ٿو، سو آخر چيومانس: ”پارٽنر ضرور ڪا ڳالهه آهي ڇا ٿيڻ واري ڀاڀيءَ جي شڪل ان سان ٿي ملي.“
    ڪي گھڙيون ماٺ ۾ مون ڏي ائين گھُوريائين جو مون سوچيو ته شايد اها ڳالهه دل ۾ ڪئي اٿس، پر پوءِ هڪدم مُرڪي چيائين:
    ”هائو!“
    ان ڏينهن وڌيڪ نه مون پڇيومانس نه پاڻ ئي ڏسيائين. پوءِ ان کي به چار ڏينهن گذري ويا. ان کان پوءِ پنهنجي پيار جي ڪهاڻي ننڍين ننڍين قسطن ۾ مون کي ائين ٻُڌائڻ لڳو جيئن ڪنهن ڏُٻري مريض کي دوا جا ننڍا ننڍا ڊوز ڏجن.
    پرڀا جو ساڻس پيارُ ڪاليج جي ڏينهن ۾ شروع ٿيو. ٻنهي جي هڪٻئي کي چاهڻ جي باوجود شادي ٿيڻ جو امڪان نه هو جو ٻنهي جي مائٽن ۾ خانداني جھڳڙا زماني کان هلندا ٿي آيا ۽ هاڻي ويجھڙائي ۾ پرڀا جي شادي ڪنهن ٻئي سان ٿيڻ واري هئي.
    ”توکي اها C.I.D رپورٽ ڪهڙي F.B.I ۽ K.G.B ايجنٽ سمنڊ تي ٻُڌائي ته نومبر ۾ پرڀا جي شادي ڊاڪا يونيورسٽي جي پروفيسر سان ٿي رهي آهي؟“ مون هڪ ڏينهن پڇيومانس.
    ”پاڻ جرمني ۾ هئاسين ته اتي مون کي هڪ ڊاڪا جي دوست لکيو هو.“
    مون محسوس ڪيو ته واقعي جرمني کان وٺي نويد جي حالت ٻي هئي. جرمني کان پوءِ جڏهن اسان فرانس آيا هئاسين ۽ پئرس ۾ ايفل ٽاور جي چوٽيءَ تي چڙهي هيٺ ليئا پائي رهيا هئاسين ته نويد مون کي اڃان اڳتي پڳهه ڏي ڇڪڻ لڳو.
    ”ڇڏ يار. ڪٿي هيٺ ڪري پياسين ته ساهه ئي نڪري ويندو.“ مون چيومانس ”ڏاڍو جيئڻ سان پيار اٿئي، زندگي ايڏي پياري ڇو؟“ هُن پڇيو.
    سامهون هڪ الجيريا جو عرب اسٽوڊنٽ فرينچ ڇوڪريءَ کي سيني سان لڳائي کيس اڌ کاڌل بائونٽي چاڪليٽ کارائي رهيو هو. مون نويد کي ان ڏي اشارو ڪري چيو: ”هيءَ زندگي فقط ان موت تان قربان ڪري سگھجي ٿي جو هن کان وڌيڪ پيارو ۽ رومانٽڪ هجي.“ ۽ پوءِ کلي چيومانس ”بابا، اڃان ته شادي به نه ٿي آهي.“
    ”ته ڇا پارٽنر، شادي ئي زندگي جي اهم منزل ۽ مقصد هئڻ کپي ــــ؟“
    آئون هر ڳالهه چرچي ۾ وٺي رهيو هوس ۽ هي اسان وارو همراهه يوناني فيلسوفن وارا سوال ڪرڻ لڳو. آئون جواب ڏئي نه سگھيس.
    ۽ هاڻ جڏهن پنهنجي پارٽنر کي ڏکويل ڏٺم ته کيس سندس ئي لفظن ۾ تسلي ڏيڻ لڳس:
    ”ميان، جيڪڏهن پرڀا جو سَڱ ڪنهن ٻئي سان ٿي ويو آهي ته پوءِ ڇا ٿيو. شادي ئي ته زندگي جي اهم منزل نه هئڻ گھرجي.“
    ”پر منهنجي زندگي جي اهم منزل پرڀا ۽ سندس پريت آهي. ۽ جڏهن منزل ئي کسجي وڃي ته پوءِ راهن تي اجايو ڀٽڪڻ مان ڇا حاصل ؟“
    هڪ ڏينهن رکي رکي چوڻ لڳو:
    ”الطاف جيڪڏهن اسلام ۾ آپگھات ڪرڻ حرام نه هجي ها ۽ جپانين وانگر دهلن دمامن سان، جشن جلوسن سان ’هراڪاري‘ جي اجازت هجي ها.“
    ”دماغ ته جاءِ تي آهي مون ڪنهن عالم کان ٻُڌو آهي ته هي جسم قدرت طرفان اسان کي امانت مليل آهي جنهن کي ضايع ڪرڻ ڊڄڻن جو ڪم آهي. اٿُ ۽ وڃي مين انجڻ جي انڊيڪيٽر ڪارڊ وٺ ۽ پُراڻي گراف سان ڀيٽي ڏس ته ڇو ڪالهه کان Exhaust Gas جو رنگ ڦرندو وڃي.“
    مون کيس رُڌل رکڻ لاءِ وسئون نه گھٽايو پر سندس خاموشي وڌندي رهي ۽ ڳالهائڻ به گھڻي ڀاڱي گھٽ ڪري ڇڏيائين. ڊائننگ هال ۾ منهنجي هڪ پاسي نويد ماني کائيندو هو ته ٻئي پاسي ڪئڊٽ غضنفر. نويد جي ڀرسان ريڊيو آفيسر جعفر ويهندو هو تنهن کان پوءِ ٿرڊ آفيسر اسد جي ڪرسي هئي جيڪو هميشه مانيءَ جي مقرر وقت تي غير حاضر رهندو هو ۽ وقت کان اڳ يا پوءِ، ڪڏهن معياري ته ڪڏهن مقامي وقتن مطابق کائيندو هو. ريڊيو آفيسر کي گھڻو ۽ اجايو ڳالهائڻ، پنهنجي ڳالهه کي مٿي ڪرڻ ۽ ٻئي کي ڪجهه به نه سمجهڻ جي ڏاڍي پِٽ هئي. ڪئڊٽ ته کليو کلايو چوندو هو ته جعفر جيڪڏهن ريڊيو آفيسر نه ٿئي ها ته پڪ ڪنهن اسڪول جو ماستر، رستي تي جڙيون ٻوٽيون وڪڻڻ وارو هلندڙ چلندڙ نيم ــ حڪيم يا ڪجهه اهڙِي شيءِ ٿئي ها، جنهن ۾ کيس نه فقط ڳالهائڻ جا پر پنهنجي غلط سلط ڳالهه مٿي ڪرڻ جا موقعا ملن ها. سندس محبوب عنوان ’سياست‘ هوندو هو. بقول ٿرڊ آفيسر اسد جي ته ’ڇٽِي ڇهه ماهي، پڙهيو شام جي اخبار، ويٺو دنيا جي سياست تي بحث ڪري.‘ ڪابه ڳالهه کڻ ته هي ان کي ڦيري گھيري سياست ــــ بلڪ گندي سياست جي وٿاڻ تي هڪلي ايندو هو، ۽ کاڌي جو مزو خراب ڪري ڇڏيندو هو. ٽن وقتن مان ٻه وقت وڙهي اٿندا هئاسين. ٽئين وقت تي هو وائرليس نياپا موڪلي آفيس ۾ ئي ماني گھرائيندو هو.
    اسان مان فقط نويد ساڻس بحث نه ڪندو هو. گھڻو نويد کي ٽوڪيندو هو ته هو سنئون سڌو چئي ڏيندو هوس: ”تون آهين نسورو بيوقوف. توسان بحث ڪري آئون پنهنجي ڄاڙي خراب ڪرڻ نٿو چاهيان.“ ۽ ساڳي وقت اسان کي به نويد سمجھائيندو هو ته ريڊيو آفيسر جي منهن گھڻو نه لڳو جو پوءِ جھڳڙو ٿئي. نيٺ هڪ ڏينهن وڏو جھڳڙو ٿيو ۽ اسان فيصلو ڪيو ته ساڻس سوشل بائڪاٽ ڪنداسين. سندس ڪمري ۾ ته هونءَ ئي ڪير به نه ويندو هو جو اهو هڪ ته الڳ ٿلڳ سڀ کان مٿي سندس ريڊيو روم جي سامهون هو ٻيو جڏهن اسان کي موڪل هوندي هئي ته هن جي ننڊ ڪرڻ جو وقت هوندو هو. باقي مانيءَ جي وقت هن کي درگذر ڪري پاڻ ۾ ڳالهائيندا رهياسين.
    بيلجم کان سڌو مهيني جي ڊگھي سفر تي ڪراچيءَ لاءِ نڪتا هئاسين. سئيز ڪئنال بند هو سو سڄي آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪرڻو هو ۽ ميڊيٽيرين سمنڊ بعد ائٽلانٽڪ، پوءِ هندي وڏو سمنڊ لتاڙي عربي سمنڊ پار ڪرڻو هو. نويد جي ڊيوٽِي ڏينهن جو هوندي هئي ۽ شام جو پنهنجي ئي ڪمري ۾ ويٺو امتحانن جي تياري ڪندو هو. سندس ستاويهن مهينن جو Sea Time پورو ٿي چُڪو هو ۽ وڌيڪ پروموشن لاءِ امتحان ڏئي سگهيو ٿي. منهنجي ڊيوٽي ڏينهن توڙي رات جو اٺين کان ٻارهين هئي. رات جو ٻارهين بجي جيئن ئي ايندو هوس ته نويد منهنجي انتظار ۾ ويٺو هوندو هو، ان بعد بتي وسائي سمهندا هئاسين. ان کان اڳ ڏهين بجي ڌاري Cold-Rooms يا اسٽيرنگ انجڻ جي چڪاس جي بهاني، پنهنجي ڪئبن ۾ چڪر هڻندو هوس. نويد ڪتاب ۾ منهن وجھيو ويٺو هوندو هو ـــــ بلڪ منهنجي انتظار ۾ هوندو هو ته جيئن پنجن ڇهن منٽن لاءِ به اچان ۽ هن جو ضمير کيس خوش ٿي پڙهڻ کان موڪل ڪرڻ جي اجازت ڏئي. هونءَ به باقي وقت پڙهندو گھٽ هو، سوچيندو گھڻو هو. ڪتاب سندس ڪتابي چهرو پڙهندا هئا ۽ پاڻ پرڀا ۽ سندس پيار پويان ڪنهن ڏورانهين ڏيهه کان وڃي نڪرندو هو. جتي سندس پريت هئي، پيار هو، جتي سندس پرڀا هئي.
    منهنجي درُ کولڻ جي ٺڪاءَ تي هوش ۾ ايندو هو. ۽ وڏي رعب سان ڪتاب جو پنو ورائيندو هو جيئن آئون سمجھان ته هو پڙهي پيو ۽ پوءِ ايئرڪنڊيشنر جي مٿان رکيل ڪوڪا ڪولا جو ٿڌو دٻو کڻي، کولي، مون کي پيئڻ لاءِ ڏيندو هو پر پاڻ نه پيئندو هو. جيتوڻيڪ سمنڊ تي اسان لاءِ وڏي ۾ وڏي عياشي ڪوڪا ڪولا جو ٿڌو دٻو پيئڻ ۽ چيف انجنيئر جي گلا ڪرڻ هو. آئون آهستي آهستي ڪوڪا ڪولا جا ڍُڪ ڀريندو هوس ۽ پارٽنر هڪ مشهور بنگالي گانو: ”امي تماڪو ڀالو پيشي ڇي“ آهستي آهستي جھونگاريندو هو. سندس هر روز اها پريشاني ڏسي مون کي ڏاڍو ڏکُ ٿيندو هو. سندس حال کان هڪ آئون ئي واقف هوس ۽ کيس سمجھائيندو هوس:
    ”پارٽنر، پرڀا جي شاديءَ جي خبر ڪُوڙي اٿئي.“ ۽ جڏهن ڪو جواب نه ڏيندو هو ته وري چوندو هوسانس: ”يار ڪهڙي اچي عشق جي چڪرن ۾ پيو آهين. بيوقوف، هڪ جهازي ۽ پرديسيءَ کي عشق نه جُڳائي.“
    ”ڇو انهن کي دل ناهي ڇا؟“ ۽ پوءِ غالب جو شعر اڙدوءَ ۾ ته اچاري نه سگھندو هو ان ڪري انگريزيءَ ۾ ئي چوندو هو:
    ”Love is that fire which can neither be rekindled nor extinguished at will.“ ۽ آئون کيس ٿڌيون آهون ڀريندو ڇڏي انجڻ روم جي گرميءَ سان وڃي سمجھوتو ڪندو هوس. ائين ڏينهن گذرندا رهيا ۽ اسان ذري گھٽ مسافريءَ جو اڌ کن سفر پورو ڪري ورتو.
    هڪ رات جهاز تي عجيب واقعو پيش آيو، جنهن جهاز جي سڄي عملي کي پريشان ڪري وڌو. ان کان اڳ شام جو ڪئڊٽ مون کي ٻُڌايو ته سندس دل خبر ناهي ڇو پئي ڌڙڪي. ڪئڊٽ غضنفر اسان جونئرن جي ننڍڙي ٽولي جو ٽيون ڀاڱي ڀائيوار هو ۽ هيستائين منهنجي روم ميٽ نويد جي وڌندڙ اداسي، ڏک ۽ منجھيل طبيعت جي سبب کان واقف ٿي چُڪو هو.
    رات جو دستور موجب ڏهين بجي انجڻ روم مان بهانو ڪري ڪمري ۾ آيس ته نويد غائب هو! کيس ٽيبل تي مٿان ته جھڪيل نه ڏٺم پر ڪتاب ۽ نوٽبڪ به کليل نه هئا. مون کي خبر ناهي ڇو يڪدم احساس ٿيو ته نويد اسان کان هميشه لاءِ جُدا ٿي ويو آهي. هن پڪ پنهنجو انت آڻڻ لاءِ سمنڊ جي گھرائين ۾ ٽپو ڏنو هوندو.
    پر پنهنجو پاڻ کي ڏڍُ ڏيندي سوچيو ته ٿي سگھي ٿو باٿ روم ۾ هجي، تيسين ڪوڪا ڪولا جو دٻو کولي آهستي آهستي پيئڻ ۽ سندس انتظار ڪرڻ لڳس. سڄو دٻو خالي ٿي ويو پر نويد نه آيو. ٻُڏل دل سان باٿ روم جو در کڙڪايم ته اهو کليل هو ۽ اندر ڪوبه نه! مون کي دير ٿي رهي هئي انجڻ روم ۾ هليو ويس. دل ۾ فقط اهو آسرو هو ته پڪ جهاز جي ڪئڊٽ سان ڪچهريءَ ۾ ويٺو هوندو. جيتوڻيڪ هن کان اڳ ته ڪڏهن به رات جو هن وقت هن وٽ نه ويو هو ۽ ڪئڊٽ جي صبح جو سوير ڊيوٽي شروع ٿيڻ ڪري شام جو مانيءَ بعد وڃي سمهندو هو. خيالن کي گھڻو ئي ان ڳالهه تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪيم پر وري ساڳي ڳالهه دماغ ۾ ڦرڻ لڳي. غلط سلط خيال ۽ وسوسا تڙي ڪڍڻ جي ڪوشش بنهه ناڪام ٿي رهي هئي. ڪٿي نويد واقعي سمنڊ ۾ ٽپو ته نه ڏنو. ڪٿي خودڪشي ته نه ڪري ويٺو آهي. هڪ دفعو ڳالهين ڪندي چيو هئائين:
    ”اهي ماڻهو ڪيڏو نه ڇسا آهن، جي ننڍڙي پاڻيءَ ۾ ٻُڏيو ٿا مرن. ٻُڏي مرڻ ئي ڪو چاهي ٿو ته هو پنهنجي باٿ روم جي ٽب ۾ يا ائٽلانٽڪ سمنڊ جي چُونڊ ڪري ـــــ جنهن جهڙو اونهو، ڪُنن وارو ۽ Counter Durrents سان ڀرپور سمنڊ خودڪشيءَ لاءِ ٻيو نه آهي“ ـــــ ۽ اسان ان وقت ائٽلانٽڪ سمنڊ جي وچ مان لنگھي رهيا هئاسين.
    سندس ان قسم جون ڳالهيون، جند جان مان بيزاري، ڏکويل ۽ اداس چهرو منهنجي اکين اڳيان ڦرڻ لڳو. مون کي هڪ اڄاتو خوف پيدا ٿي رهيو هو ته نويد پڪ ڪو غلط قدم کڻي ويٺو آهي.
    ساڍي يارهين بجي سينئر واچ ڪيپنگ انجنيئر کان پنج منٽن جي موڪل وٺي مٿي جانچ لاءِ آيس پر پنهنجو ڪمرو ڊٺل مقام وانگر سنسان ۽ خاموش نظر آيو. رکي رکي اڀاميل سمنڊ جي ڪا وڏي ڇولي جهاز جي لوهي جسم سان پاڻ ٿي ٽَڪرايو ۽ پوءِ ان اڀاميل ڇوليءَ جي ڦاٽڻ جو آواز ٿي آيو. نويد جو ڪٻٽ کولي ڪپڙا جاچيم ته معلوم ٿيو ته شام جو يونيفارم پائي ڇهين بجي ڊنر کاڌي اٿس ته ان کان پوءِ آيو ئي نه آهي. ان ڳالهه ويتر مون کي شڪ ۾ وجھي ڇڏيو پر آئون نويد کي اڃان به ان اميد تي جيئرو سمجھيو ويٺو هوس ته هو پڪ ڪئڊٽ جي ڪمري ۾ هوندو. اتي ڏسڻ ويس. ڏڪندڙ هٿن سان دروازو کوليم ته منهنجو دماغ گھوماٽجڻ لڳو. نويد جو اتي پاڇو به نه هو. ڪئڊٽ کونگھرا هڻي گھاٽي ننڊ جو اظهار ڪري رهيو هو. بتي ٻاري سڏ ڪيومانس:
    ”نويد ڏٺئي؟“
    ”نه. آءٌ ته ڊنر کائي اچي سُتو آهيان. ڇو؟“ هن اکيون مهٽيندي پڇيو.
    ”بس ائين.“ مون وراڻيومانس.
    ”نه يار ڪا ته ڳالهه آهي“ هن بستري مان ٽپ ڏئي مون کي جھلي منٿ واري نموني ۾ پڇيو. مون کيس نويد جي گم هجڻ جو ٻُڌايو ۽ منهنجي راءِ کان اڳ ئي هن اهو خيال ڏيکاريو، جنهن جو اسان کي ڊپ هو.
    ”نويد پڪ خودڪشي ڪئي آهي.“
    ”پر تيسين ماٺ مٺوڙي ۾ ڳولا ڪجي. ٿي سگھي ٿو ته اها حقيقت نه هجي.“ مون کيس سمجھايو ۽ سيڪنڊ انجنيئر جي ڊپ کان مٿي گھڻو وقت ترسڻ بدران ڊيوٽيءَ لاءِ انجڻ روم ۾ هليو ويس.
    رات جا پوڻا ٻارهن ٿي رهيا هئا. اڃان لاگ بڪ به لکڻو هو. ٻارهين کان چئين ڊيوٽي ڪرڻ وارا انجنيئر اسان کي Relieve ڪرڻ لاءِ انجڻ روم ۾ گھڙي رهيا هئا. منهنجو سينيئر انجنيئر ـــــ فورٿ انجنيئر سعيد انتظار ڪري رهيو هو.
    ”ڇو خير ته آهي، دير لڳائي؟“
    ”بس هڪ ڳالهه ٿي پئي آهي.“
    ”خلاصي هئچ نمبر پنجين مان افغانستان جو ڪارگو چوري پيا ڪن ڇا؟“
    ”لاگ بڪ لکي بس ڪريان ته ٻُڌايائين ٿو.“
    آيل انجنيئرن کي انجڻ جي چارج ڏئي مٿي چڙهندي وقت فورٿ انجنيئر سعيد کي ٻُڌايم ته نويد گم ٿي ويو آهي.
    ”هئچ نمبر پنجين ۾؟“
    ”يار چار صاحب! خدا جي واسطي تون ڇو اچي افغانستان جي ڪارگو پٺيان پيو آهين“
    سامهون ڪئڊٽ منجھندو سجھندو پئي آيو.
    ”سڄو اسٽيرنگ انجڻ فلئٽ، سئمنگ پول، انڊور گيمس روم ڳوليو اٿم پر نويد جو ڪو نالو نشان ناهي.“
    ”نه نه ائين ڪيئن هوندو،“ سعيد چيو، ”اچو ته سموڪ ــ روم ڏسون. اتي ٽئگور جا راڳ ويٺو ٻُڌندو هوندو.“
    ”هن کان اڳ ته ڪڏهن رڪارڊ نه ٻُڌندي ڏٺو اٿئونس ۽ هي ڪهڙو سهاڻو سمو آهي گانن ٻُڌڻ لاءِ. پر هلو ته اتي به ڏسون.“
    سموڪ روم ۾ آياسين ته اوندهه ڇانيل هئي. ڪير به نه هو. مٿيون گھٽيون Alley Ways لتاڙي بوٽ ــ ڊيڪ تي آياسين. ٿي سگھي ٿو ٻيڙين جي هيٺان رکيل آرام ڪرسين تي ٿڌي ٿڌي هوا کائيندي ننڊ اچي وئي هجيس. بوٽ ڊيڪ جي ٻنهي پاسي ڏٺوسين، واڪا ڪري سڏ ڪياسين. مڇريل سمنڊ ۽ جهاز جي Rolling ڪري خالي ڪرسيون هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي رهيون هيون. آسمان صاف ۽ تارن سان ٻُرڪيل هو پر تکي هوا ڪري سمنڊ جي ڇولين جو پاڻي سڄي جهاز کي ڌوئي رهيو هو. اسان دنيا جي تمام وڏي خطرناڪ سمنڊ ـــــ ائٽلانٽڪ ۾ هلي رهيا هئاسين.
    ”هل ته ڪئپٽن کي ٻُڌايون.“ غضنفر ڪئڊٽ يڪدم چيو. ”نه. اڃان ترس ـــ جيڪي انجنيئر هينئر ڊيوٽي تي ويا آهن، انهن کان به پڇي ڏسجي.“
    انهن کان اچي پڇيوسين ته اهي به اچرج ۾ پئجي ويا ۽ انهن جو شڪ هو ته ٿي سگھي ٿو ته برج (ڪنٽرول روم) ۾ هجي. اسان انجڻ روم مان ئي برج تي فون ڪيو. سيڪنڊ آفيسر عرفان ۽ ٿرڊ آفيسر اسد ٻئي مٿي هئا. هو به وائڙا ٿي ويا. اسد ڀڄندو ڀڄندو اسان سان اچي گڏيو ۽ ڳولا ۾ لڳي وياسين. هڪ دفعو وري ڪنٽرول روم، چارٽ روم، گئلي ۽ پئنٽري ۾ ڳوليوسين پر سڀُ بيڪار ثابت ٿيو. اتي رات جو ڏيڍُ اچي ٿيو هو. هر ڪنهن پنهنجي راءِ پئي ڏني ۽ بحث ان تي هو ته بين الاقوامي قانون مطابق جهاز کي پٺيان موڙي ساڳي ڪورس (واٽ) تي چوويهن ڪلاڪن لاءِ هلڻو پوندو، چاهي جهاز تان ڪريل انسان جي ملڻ جي اميد بنهه نه هجي. تنهن کان سواءِ سگنل جو ”O“ فلئگ چاڙهڻو پوندو جنهن جو مطلب Man-Overboard (جهاز تان ماڻهوءَ جو ڪرڻ) آهي. عرفان صلاح ڏني ته هڪ دفعو وري ڳولجي ۽ چيف انجنيئر ۽ سيڪنڊ انجنيئر کي ان حادثي جي ڄاڻ ڏجي، جنهن جي ڊپارٽمينٽ جو ماڻهو آهي ۽ پوءِ ڪپتان پوڙهي مڙس کي تڪليف ڏجي ته جيڪا قانون جي ڪاروائي چاهي سا ڪري.
    ان وقت رات جا ٻه به اچي ٿيا. اسان هيٺان انجڻ روم کان وٺي ڳولا شروع ڪئي. انجڻ روم بعد ننڍڙي نوڪري وارن خلاصين جي رهائش هئي. انهن جي انچارج، ڊيڪ سرنگ ۽ انجڻ سرنگ هرهڪ آگ واري، تيل واري، بورچي، ڀنڊاري، واڍي، سکاڻي ۽ لشڪر ۽ ڀنگيءَ جي ڪئبن جانچي ۽ مٿي سڀني انجنيئرن ۽ ڊيڪ آفيسرن جي ڪئبنن ۾ ڏٺوسين. هرهڪ اٿڻ سان سڄو حال معلوم ٿي ڪيو ۽ اسان سان گڏ ڳولا ۾ ٿي نڪتو. چيف آفيسر، سيڪنڊ آفيسر، اليڪٽريڪل انجنيئر، ريفريجريشن انجنيئر، پرسر، بٽلر سڀُ جنهن ڊريس ۾ سُتل هئا ان ۾ پٺيان ٿي نڪتا. جيئن آسمان ڪرڻ تي جھنگل جي جانورن جو ٽولو نڪتو هو. اتي سامهون اسد ۽ ڪئڊٽ به اچي ٻُڌايو ته سڄي جهاز ۾ نويد جو ڪو پتو ڪونهي ۽ اسان سڀُ سيڪنڊ انجنيئر ۽ چيف آفيسر کي اڳيان ڪري، جھنگل جي سردار شينهن يعني ڪئپٽن ڏي هلڻ لڳاسين. هاڻ جو قافلو اڃان ڪپتان جي ڪمري اڳيان مس پهتو ته عرفان ٽوڪيندي چيو ته هڪ ڪمرو ريڊيو آفيسر جو بچي ٿو. هونءَ ته سندس ڪئبن ۾ ڪير ڪونه ٿو وڃي، اڄُ ان کي به هلي ننڊ مان اٿارجي. متان حسرت رهجي وڃي.
    عرفان ڳالهه اهڙي نموني سان ڪئي جو ڏک جي عالم ۾ به اسان کان کِل نڪري وئي جو ريڊيو آفيسر جو ذڪر پهرين به ڪري چُڪو آهيان ته ان کان هرڪو پيو ڀڄندو هو ۽ اسان ته ويتر اڃان هڪ ڏينهن اڳ ساڻس گس پنڌ تي ڳالهائڻ به بند ڪيو هو. هينئر ڳولا لاءِ به ڪو سندس ڪئبن ۾ وڃڻ لاءِ تيار نه هو. پر ان ڪمري جي به رسمي طرح ڳولا پوري ڪرڻ لاءِ اسان سڀ مٿي وڌياسين. ٻيا گھٽيءَ ۾ ٿورو پري ٿي بيٺا. عرفان ۽ آئون اڳتي وڌياسين. عرفان کي چيم: ”لالا درُ تون کول.“
    ”نه سائين. جي ريڊيو آفيسر ستل نه هوندو ته به گاريون ڏيندو ته ننڊ ڦٽايانوَ.“ ۽ پوءِ اڳتي وڌي در تي ڪن رکي چوڻ لڳو:
    ”يار جعفر صاحب ته جاڳي پيو ۽ سندس ٽيپ رڪارڊ وڄي پيو.“
    اعتبار ئي نه آيو. اڳتي وڌي در تي ڪن رکيم ته ٽيپ رڪارڊ جو آواز ڄاتل سڃاتل . ٿورو هيٺ جھُڪي در جي ڪنجيءَ واري ٽُنگ مان اندر ليئو پاتم ۽ پوءِ ڪنڌ مٿي کڻي کاٻي پاسي گھٽي ۾ جهاز جي سڄي عملي جي ويران پريشان چهرن ڏي نهاريم. ڪي ڊيوٽي وارا وردين ۾ بيٺا هئا. ڪي ننڊ مان اٿي آيل پجامن، سٿڻن ۽ ڪڇن ۾ فئنسي ڊريس جو ڏيک ڏئي رهيا هئا. وري اک سوراخ تي رکي پڪ لاءِ ڏٺم ته واقعي منهنجو روم ميٽ نويد ئي هو! شام کان پاتل يونيفارم ۾! ريڊيو آفيسر جعفر سامهون ويٺل ۽ ڪنهن سياسي عنوان تي گرما گرم ڏي وٺ هلي رهي هئي.
    آهستي آهستي در کوليم. مون کي ڏسي نويد ڏاڍي مزي سان پڇيو: ”ڇو پارٽنر اڃان جاڳين پيو؟“
    ”اهو ئي سوال اسان توکان ڪرڻ آيا آهيون.“ عرفان ڪمري ۾ گھڙندي چيس.
    ”اڙي. اڙي“ نويد ڪجهه منجهي پيو، ”هي ڇا ٻه ڄڻا ٿي آيا آهيو؟“
    ”اڃان ته ڪٿي. سائين جن ٻاهر نڪري ته ڏسن ته سواءِ ٻن ڄڻن جي (چيف انجنيئر ۽ ڪپتان جي) سڀ آيا آهن.“
    پر اسان جي ڳالهه کي سچ نه سمجھندي، پاڻ اسان جي دخل اندازي کان بيزار ٿيندي مون کي چيائين: ”ڇڏ يار، تون هلي سمهي رهُه آئون ڊسٽرب نه ڪندس. اڄُ جعفر صاحب جا سياست بابت غلط خيال ڪڍڻ لاءِ سڄي رات هتي گذاريندس.“
    جعفر صاحب جو وري هن مان بيزار ٿي ويٺو هو، تنهن ليلائيندي چيو ”ٻيلي قرب ڪريو. هي چريو سج لٿي کان وٺي منهنجو مٿو چٽُ ڪري ويو آهي. وٺي وڃوس.“
    اسان کيس ڇا ٻُڌايون ته سندس رڳو مٿو چٽُ ٿيو آهي پر اسان ان عرصي اندر نه ڇڙو ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو آهي پر غائبانه جنازه نماز جو پڻ.
    ”چڱو. چڱو اٿُ نويد. ٻاهر هلي ڏس.“ عرفان چيس.
    ”ڇو ٻاهر ڪير بيٺا آهن؟“
    ”تنهنجا ڪانڌي.“
    هي ٽپ ڏيئي اٿيو، ٻاهر ليئو پاتائين. هيترن ڄڻن کي ڏسي هيسجي ويو ۽ دانهن نڪري ويس. ساڳي وقت جهاز جي سڄي عملي اڻ ٿيڻي ڳالهه جو ٿيندي ڏٺي ته هراس مان انهن کان به دانهن نڪري ويئي. پوءِ ته جهاز تي گوڙ مچي ويو.
    ”ڪمال آهي اسان کي بيوقوف ٺاهڻ لاءِ توهان اسان جو سُک ڦٽايو.“
    باقي ڄڻا مون کي، ڪئڊٽ، عرفان ۽ اسد کي چوڻ لڳا جو اسان بدڪ واري اڳواڻي ڪري رهيا هئاسين ته آسمان ٿو ڪري. ڪي ته ان واقعي کي چرچو سمجھي کلڻ لڳا. هڪ کي ته اسان لاءِ اهو به چوندي ٻُڌوسين ته اسان اهڙي ائڪٽنگ ڪئي ڄڻ اسان کي سچ پچ نويد جي خبر ناهي. ڪي ته هروڀرو جنازي نماز جي موڊ ۾ هئا.
    هاڻ کين ڪير ٻُڌائي ته واقعي اسان به هنن ئي وانگر اڻ ڄاڻ هئاسين. ان قصي کان پوءِ منهنجو پارٽنر ٽي چار ڏينهن مونتي سونڍيو ڦوڪيو هليو ته مون کيس سڄي جهاز تي خوار ڪيو آهي. پر پوءِ ساڳئي وقت کيس اهو به جلدي احساس ٿيو ته سندس چاهت ئي اسان کي ايڏو ستايو. بهرحال ان جو نتيجو اهو نڪتو ته اسان جو روم ميٽ ڪڏهن باٿ روم ۾ ويندو هو ته به مون لاءِ پنو لکي ٽيبل تي رکي ويندهو هو.
    ”ادا آئون باٿ روم ۾ آهيان. خدا جي واسطي ’O‘ جو جھنڊو نه چاڙهجانءِ“.

    (عربي سمنڊ تي لکيل 1970)


    ٽرنيڊاڊ ٻيٽ

    ايڪيهن ڏينهن کان پوءِ ٽرنيڊاڊ پهتاسين، ۽ زمين تي پير رکڻ جي سڌ پوري ٿي. هي اسان جو سڀ کان وڏو سامهونڊي سفر هو. ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾، ڏکڻ آمريڪا جي وينزوئلا ملڪ مٿان ڪجهه ننڍڙن ٻيٽن جو جھڳٽو آهي، جن سڀني ٻيٽن کي ويسٽ انڊيز سڏجي ٿو، جتي جا ڪرڪيٽ رانديگر سڄي دنيا ۾ مشهور آهن. سمنڊ جو اهو حصو ’ڪئريبين سمنڊ‘ به سڏجي ٿو ان ڪري انهن ٻيٽن کي ’ڪئريبين ٻيٽ‘ پڻ چون. ٽرنيڊاڊ انهن آزاد ٻيٽن مان هڪ آهي، جنهن کي ساڳئي وقت اسپين جو بندرگاهه به ڪوٺيو وڃي ٿو.
    اسان جڏهن ڪولمبو (سلون) کان آمريڪا لاءِ نڪتا هئاسين ته اهو پروگرام هو ته رستي تي هن ٻيٽ کان چڱو پري، جهاز کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ترسائي تيل وٺي هليا وينداسين. هن ٻيٽ کي گھمڻ ۽ ڏسڻ جو گمان خواب خيال ۾ به نه هو. اسان جي جهاز رات جو پوري ڏهين بجي بندرگاهه کان ست اٺ ميل پري، کليل سمنڊ ۾ لنگر اچي ڪيرايو ۽ وائرليس ذريعي تيل جي ڪمپنيءَ کي ٻُڌايوسين ته اسان کي تيل، ٻيڙيءَ (Barge) ذريعي ٻاهر ئي پهچايو وڃي.
    تيل جي بارج صبح جون چئين بجي ڌاري پهچي وئي پر جن پمپن ذريعي تيل ڪمپني وارا تيل ڏئي رهيا هئا، سي تمام سست رفتار هئا. سو جهاز جي ڪپتان صبح جو ئي آمريڪا لاءِ لنگر کڻڻ بدران، رات جو نڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو ۽ اسان کي سڄو ڏينهن هي ٻيٽ گھمڻ لاءِ ملي ويو.
    هي ٻيٽ نما ننڍڙو ملڪ، جيڪو پکيڙ، (ڊيگھه ضربيان ويڪر) ۾ حيدرآباد جيڏو مس ٿيندو، خط استوا جي ويجھو هئڻ ڪري گرم ملڪن مان آهي. پر ساڳئي وقت چؤڌاري سمنڊ، ٽڪريون، گھاٽن وڻن سان جھنجھيل ۽ ٻارهوئي ٽمندڙ مينهن، هتي جي موسم کي اهڙو ٺاهي ڇڏيو آهي جو سياري ۾ نه گھڻو ٿڌ ٿئي ٿي ۽ نه اونهاري ۾ نه گھڻو گرمي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو آسپاس جي ڪيترن ئي ٿڌن توڙي گرم ملڪن جا ماڻهو موڪلن جا ڏينهن هتي آرام سان گذارڻ لاءِ اچن ٿا. ان ڪري ٻارهو ئي هتي هرملڪ ۽ رنگ جا ماڻهو ڏسڻ ۾ ايندا. هونئن به هن ٻيٽ جا رهاڪو ڪي خاص ماڻهو يا خاص قوم نه آهن. سالن کان هتي آفريڪا جا شيدي ۽ يورپ جا گورا رهيل آهن، ته ساڳي وقت چيني، جپاني، هندستاني ۽ مڊل ايسٽ جا عرب پڻ. ان ڪري هتي جي ماڻهن جا مختلف مذهب ۽ گاڏڙ ساڏڙ رسمون ۽ رواج آهن. گھڻائي مسلمانن ۽ ڪرسچنن جي آهي
    صبح جو اٺين بجي اسين ايجنٽ جي ٻيڙي ذريعي بندرگاهه ۾ آياسين. پري کان ته ائين پئي لڳو ڄڻ سڄو ٻيٽ ساوڪ سان ٽمٽار جبلن سان ڀريو پيو آهي. ايتريقدر جو اسان مان هڪ همراهه چيو ته هتي ته رڳو جبل ئي جبل پيا ڏسڻ ۾ اچن، هتي جا ماڻهو ڪرڪيٽ ڪٿي ٿا کيڏن! بندرگاهه کان ٻاهر نڪتاسين ته سامهون گدام جي ڀت تي هندستاني فلمن جا پوسٽر ڏسي اندازو لڳايوسين، ته هتي هندستاني به ڪافي آهن. اهي، ٻين ٻيٽن ۽ دور دراز ملڪن وانگر، هتي به ورهاڱي کان گھڻو اڳ آيل آهن. اسان جي يڪي ٽولي کي ڏسي، ٻيٽ جي هڪ رهاڪوءَ پڇيو: ”اوهين انڊين آهيو؟“
    ”پاڪستاني پر ساڳئي Anatomy ڪري ڀل ٿي اٿئي.“ اسان وراڻيس.
    ”ضرور مسلمان هونداؤ، سڀُ.“ هن چيو.
    ان مان حساب لڳايم ته هي نه فقط جاگرافي کان پر اسان جي تاريخ کان به ٿورو يا گھڻو واقف آهي. نه ته هنن ڏورانهن ملڪن جو ته ڇا پر يورپ جي به ڪيترن ملڪن ۾ ڪاليجن جي ’جاگرافي ــ هالن‘ ۾ لڙڪيل دنيائي نقشن تي پاڪستان اڃان قدم نه رکيو آهي ـــــ دل ۽ ذهن ته پري جون ڳالهيون ٿيون.
    ”ها منهنجا ڀاءُ! اهو مذهب ئي آهي جنهن جي ڪري اسان الڳ رهڻ پسند ڪيو ۽ اهوئي کونئر آهي، جنهن هزار ميلن جي وڇوٽي ناس ڪري مشرقي ۽ مغربي پاڪستان جي ماڻهن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي رکيو آهي نه ته اڄُ ڪلهه تار، فون، ٽيلي پرنٽر ۽ راڪيٽ جي ماڊرن دؤر ۾ به ڪٿي اوڀر ۽ اولهه پاڪستان جهڙو مثال نٿو ملي.“
    ”ان کونئر جي سنڀال ۾ توهان جي سلامتي آهي.“ هاڻ پيو سوچيان ته همراهه ڪو عام رواجي شخصيت نه هو جيتوڻيڪ ٻاهريون روپ موالين جهڙو هوس. اسان جلدي ۾ کيس پٺيان ڇڏي اڳتي وڌي وياسين.
    ٿورو ئي اڳتي هلياسين ته هتي جي مشهور بازار شروع ٿي وئي. سڄي بازار وڏن وڏن دڪانن ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽورن سان ڀريل هئي. رستي تي هر رنگ ۽ قسم جي ماڻهن جي گپا گيهه لڳل هئي. جن ۾ گھڻائي ڇوڪرين جي هئي. هيڏانهن هوڏانهن رڳو ڇوڪريون ئي ڇوڪريون نظر ٿي آيون. ڪاري، سانوري، گوري رنگ جي چمڙيءَ واريون ڇوڪريون. ٿلهن نڪن واريون حبشياڻيون، نڪ منيون جپاني ۽ چيني ڇوڪريون، بندريون ۽ ٿلهين دڏين واريون ٿائي ۽ ملئي ڇوڪريون، ڊگھيون آمريڪي ڇوڪريون، ساڙهيءَ ۾ هندستاني ۽ سنڌي هندو ڇوڪريون، شلوار قميص ۽ غرارن ۾ سک آغا خاني ڇوڪريون. مني اسڪرٽن، بشرٽ ۽ پتلونن ۾ ڇوڪريون.... مطلب ته ائين ٿي لڳو ڄڻ سڄي دنيا جون نمائنده ڇوڪريون آيل هجن. باقي مردن جو ساڳيو، ذري گھٽ آمريڪي لباس. عجيب چهچٽو ۽ ميلو متل هو ـــــ جيڪو ٻارهوئي لڳو رهي ٿو.
    پهرين نظر ۾ يڪدم معلوم نٿو ٿئي ته هتي جا اصل باشندا ڪير آهن. هتي جا ويسٽ انڊيز بدن ۽ شڪل ۾ آفريڪا جي شيدين جهڙا آهن، پر رنگ انهن جهڙو ڪارو ۽ ڪوئلي جهڙو نه اٿن. ٿورو مشڪي آهن. جيئن ته هتي سالن کان مختلف ملڪن جا ماڻهو رهيل آهن، سو هڪ ٻئي سان سڱابنديءَ ڪري خون گڏ وچڙ ٿي ويو اٿن. مذهب جي آزادي آهي. شهر ۾ ڪافي مندر، ڪليسائون ۽ مسجدون آهن. سڀ کان سهڻي ۽ وڏي مسجد، محمد علي جناح مسجد آهي. عام زبان هتي جي انگريزي آهي. آمريڪا جو سڄو کنڊ ڀر ۾ آهي، سو ان جو هتي جي تهذيب ۽ معاشيات تي چڱو اثر آهي.
    هتي جا ماڻهو به لاس پاماس، مالٽا، فجي ۽ سئچلس ٻيٽن وانگر مهمانواز ۽ دوست مزاج آهن. خاص ڪري ٻاهران آيل ٽورسٽن سان سندس سڀاءُ تمام سٺو آهي. ڪٿي به اوهان وائڙن وانگر نهاريو يا ڪنهن شيءِ جي ڳولا ڪئي، ته يڪدم ڪيترا اوهان جي چؤڌاري ڦري ايندا ۽ مدد لاءِ پڇندا. هن ننڍڙي ٻيٽ تي ڪيترون ئي انجمنون، سوسائٽيون، ادارا ۽ ڪلب آهن، جن جو ڪم ئي آهي ٻاهران آيل مهمانن جي آڌرڀاءُ ڪرڻ ۽ سندن مدد ڪرڻ. انهن مان ڪي خاص هي آهن: زرعي انجمن، هنري سوسائٽي، تاش ۽ ٻين راندين جون سوسائٽيون، واپارين جي انجمن، هر مذهب جي سوسائٽي، ميوزڪ ڪلب، ٻارن جون انجمنون، زالن جون انجمنون، فوٽو گرافي ۽ ٻين وندرن جا ڪلب. پکين، مڇين ڦاسائڻ ۽ پالڻ جون انجمنون. وغيره وغيره. ان کان علاوه ڪيترائي اهڙا رضاڪار آهن، جن جي ٽيليفون نمبرن، گھر يا آفيس جي ائڊريسن جي لسٽ هر هنڌان ملي سگھي ٿي. هو اوهان جي هر قسم جي مدد هر وقت ڪرڻ لاءِ تيار آهن، جيئن اوهان کي هن ٻيٽ تي ڪا تڪليف نه ٿئي ۽ هر قسم جو آرام ۽ سهوليت رهي. هتي جي ماڻهن کي ٻاهران آيل ماڻهن جو، ان ڪري به خيال آهي جو ڌارين ٽوئرسٽن جي اچڻ ڪري، هنن جي ڪمائي، ٻيٽ جي سکئي ستابي هئڻ جو سبب آهن. ظاهر آهي ته هن ٻيٽ تي، سمنڊ جھاڳي يا هوائي سفر رستي ملڪ لتاڙي اهو ايندو، جو شاهوڪار هوندو. (سواءِ اسان ٿورن Sailors جي، جن جي نوڪري در در ڌڪا کائڻ واري ٿي.) ۽ ڪوبه جڏهن گھمڻ نڪري ٿو، پوءِ چاهي ميلي ملاکڙي تي، ته هو دل کولي خرچ ڪري ٿو. ان ريت هتي جي ماڻهن جي چڱي ڪمائي ٿئي ٿي.
    ٻاهران آيل ماڻهن لاءِ هتي وندر جون ڪيتريون ئي شيون آهن. ڪي شوقين هتي جون رنگبرنگي مڇيون ڦاسائيندا آهن، ته ڪي هتي جي جابلو ۽ آبي پکين پٺيان لڳا رهندا آهن. ڪي ٿڌن ملڪن جا سڄو ڏينهن سمنڊ جي ڪناري تي ليٽي، سج جي تپش جو سيڪ وٺندا آهن ته ڪي وري هتي جون خاص هٿ جون ٺهيل سوکڙيون خريدڻ ۾ پورا هوندا آهن. ڪي ناچ جا شوقين، جوان جوڙا يا جوان دليون رکندڙ پوڙها، هتي جي ٻهڪندڙ ۽ نشيلي راتين ۾ ساز جي مدهوش آواز تي نچندا رهندا آهن. دنيا جو Limbo-Rock لمبو راڪ هتي جي ايجاد آهي.
    هتي جو سڪو ٽرنيڊاڊ سڏجي ٿو جو آمريڪي ڊالر جي اڌ جيترو آهي. هتي جي مقامي سڪي کان علاوه پائونڊ ڊالر، فرئنڪ ۽ ٻيو دنيا جو هر مشهور سڪو عام جام مٽجي ٿو. ’تاج محل‘ نالي هڪ وڏو دڪان سنڌيءَ جو آهي، ان کان پئسا مٽاياسين. اسان ان ئي دڪان تان ڪجهه شاپنگ ڪئي ته دڪاندار سنڌيءَ ۾ چيو ته بهتر ٿيندو اسان هتان خريداري ڪرڻ بدران لاس پاماس جهڙي ڪنهن ٽئڪس فري بندرگاهه مان ڪريون، جو اسان جهاز تي ايندا ويندا رهون ٿا. ٽرنيڊاڊ آمريڪا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا کان ايندڙ ٽورسٽن لاءِ سستو آهي. ڪئڊٽ رفيق پنجابيءَ ۾ چيو: ”ماڻهو ڀلو ٿو ڏسجي، جو اسان کي اجائي خرچ کان جھلي رهيو آهي. هن دڪاندار جو شايد دين ايمان پئسي کان علاوه ڪجهه ٻيو ئي آهي.“
    بهرحال اسان تنهن هوندي به ڪجهه تصويرن جا ڪارڊ، رسالا ۽ هتي جا سووينر ورتا. يارهين بجي تائين هيڏانهن هوڏانهن گھمندا رهياسين. پوءِ شهر جي وچ ۾ هڪ پارڪ ۾ پاڻي پي پروگرام ٺاهيوسين ته ڪنهن هوٽل ۾ هلي ماني کائجي. پارڪ مان ٻاهر نڪري ڪنهن غريباڻي هوٽل جي ڳولا ڪندا رهياسين. پر ڪابه اسان جي ڏانءَ جهڙي هوٽل اوسي پاسي ۾ نظر نه آئي. جتي اسان جهڙا جهاز جا سڀ کان جونئر کائي سگھن. ساڳي حالت اسان سان ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿي آهي. ان لحاظ کان اسان جي ملڪ ۾ مزو آهي. حيدرآباد ۽ ملتان جهڙن ننڍن شهرن ۾ به وک وک تي ڪيتريون ئي ننڍيون، وڏيون، ساديون، اوچيون هوٽلون ملنديون. بهرحال هڪ هوٽل نظر آئي. ڏاڍا خوش ٿياسين. رستا ٽَپي اچي اڳيا بيٺاسين. ڏکڻ آمريڪا جي برازيل، ارجنٽائين ملڪن جي طرز جي هئي. اندر ڏاڍو گند لڳو پيو هو. ڪني گيهه يا تيل جي سڙڻ جي ڌپ اچي رهي هئي. دروازي وٽ هڪ همراهه جيڪو ڪاسائي ٿي لڳو بيهي ڪٺل سوئر جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري رهيو هو. ٻيو هن جي ڀرسان بيهي مزي سان جست جي گلاس مان بيئر يا ڪنهن لوڪل برانڊ جي شراب جا ڍُڪ پي رهيو . هوٽل جي يتيماڻي حالت ڏسي انهن ئي پيرن سان ٻاهر نڪري آياسين. ٿورو اڳتي هڪ ٻئي سنڌيءَ جو دڪان ”بمبئي بازار“ نالي نظر آيو. ان جي ڀرسان ”خان اسٽور“ نالي هڪ ڪتابن جو دڪان هو. ”خان“ پڙهي پڪ ڄاتوسين ته دڪان ڪنهن پاڪستاني مسلمان يا آغاخانيءَ جو آهي، جنهن کان ڪنهن اهڙي هوٽل جو ڏس ملي سگھندو جا اسان لاءِ مناسب هجي. ڪائونٽر تي هڪ حبشي ڇوڪري ويٺي هئي. تنهن ٻُڌايو ته هي دڪان اسماعيل خان جو آهي جو سندس چاچو ٿئي ۽ هن ٻيٽ جا ئي رهاڪو آهن. هن ڇوڪريءَ کان ئي اسان کي معلوم ٿيو ته هتي جا ڪجهه اصل رهاڪو به مسلمان آهن. هن پنهنجو نالو انيتا حسين ٻُڌايو. هن ٻيٽ تي اسلام ڪڏهن آيو، اهي ڪير بزرگ هئا جن اسلام جي تبليغ هتي پهرين اچي ڪئي، تنهن بابت هيءَ ننڍڙي ڇوڪري ٻُڌائي نه سگھي. سندس دڪان تي مون اهڙي قسم جي ڪتاب جي ڳولا ڪئي، جنهن ۾ هن ٻيٽ بابت وڌيڪ معلومات ملي سگھي. پر وقت جي کوٽ سبب ۽ دوستن جي تڪڙ ڪري اهڙي ڪتاب ڳولڻ بنا هوٽل جو پڇائي، هوٽل ۾ اچي نڪتاسين.
    هيءَ هڪ چيني هوٽل هئي. صاف سٿري هوادار ۽ اسان جي پگھار جي سمپل ارٿميٽڪ مطابق اعلى قسم جي، چيني طرز سان آرڊر وٺڻ جيڪا نينگري آئي سا به هتي جي رهاڪو هئي. (مغربي ملڪن ۾ گھڻو ڪري هر دڪان، هوٽل ۽ آفيس ۾ عورتون ڪم ڪن ٿيون. مرد ڪارخانن ۽ ٻين هنڌ ڳرو ۽ سخت پورهيو ڪن.) ڪئڊٽ راجا رفيق کي چرچو سُجھيو. ڇوڪريءَ اڃان ٽيبل تي پاڻيءَ جا گلاس ئي مس رکيا ته هي يار يڪدم سندس ڀرسان بيهي، سندس منهن کي گھورڻ لڳو، اسين به وائڙا ٿي وياسين ته هن کي ڇا ٿيو ۽ ڇوڪريءَ جي منهن ۾ ڇا ڏسي رهيو آهي. هوءَ خود به ششدر ٿي ويئي. پر دل ٻڌي پڇيائين: ”ڇا آهي؟“
    اسان جي دوست ويهي چيس : ”محترمه معاف ڪجو، مون ڪڏهن چيني ماڻهو نه ڏٺا هئا. هي پهريون موقعو آهي جو چتائي پيو ڏسان.“
    اسان کان به کل نڪري وئي ته اڃان هاڻ ئي ته چين مان ٿي آيا آهيون ۽ هيءَ ڇوڪري ته چيني ڇوڪرين جي بلڪل ابتڙ، ٿلهي نڪ ۽ چپ واري ۽ مشڪي رنگ جي حبشڻ آهي.
    هن ويچاريءَ ٿورو شرمائي ۽ هٻڪي چيو: ”پر آئون ته چيني نه آهيان. آءٌ ته ويسٽ انڊيز جي آهيان.“
    ”اهو وري ڪيئن؟ هوٽل چيني ۽ ماڻهو ويسٽ انڊيز جا!“
    ”جي ها. مالڪ اسين آهيون پر اسان جا بورچي چيني آهن. هاڻي جلدي ٻُڌايو، اوهان کي ڇاڇا کپي ــــ؟“
    هن جلدي جلدي پنهنجي جان ڇڏائڻ ٿي چاهي، پر اسان جو دوست به ڪو موڊ ۾ هو، تنهن سندس ڳالهائڻ جي اهل ڪندي چيو:
    ”ڇا کپي؟ ڇا کپي؟ جلدي جلدي ٻُڌايو... ها. مون لاءِ ٻه نانگ تريل، اسان جي هن دوست لاءِ پنج ڇهه گانگٽ ۽ هن ٽئي لاءِ کيکڙا هجن ته اهي، نه ته ٻيو ڪو چيني کاڌو.“
    اهو ٻُڌي اسين به کلڻ لڳاسين. ميزبان به ـــــــ جا هن کان اڳ ڪاوڙي بيٺي هئي تنهن جي به منهن تي مرڪ تري آئي. پوءِ هن ٻُڌايو ته هيءَ مسلمانن جي هوٽل آهي ۽ هتي ڪا به اهڙي شيءِ ناهي، اسان کي به اهو ئي ٿي کَٿو سو چانور، مڇي ۽ ڪوڪاڪولا آڻڻ لاءِ چيوسين.
    بل ڀرڻ کان پوءِ اسان وٽ ڪجهه هن ٻيٽ جا پئسا بچي پيا، جي ٻئي ڪنهن ملڪ لاءِ بيڪار هئا، سو اسان اهي به خرچ ڪرڻ مناسب سمجھيا. هيٺ هڪ ڪيلن وارو بيٺو هو. ان کي ڪجهه سڪا ڏناسين ته ڪيلا ڏي. اسان سمجھيو ته وڌ ۾ وڌ اٺ ڏهه ڪيلا ملندا. پر پوءِ خبر پئي ته هتي ميوو جام ٿو ٿئي ۽ تمام سستو آهي. سو هن همراهه جڏهن ڊزن ڊزن جا ٽي لفافا ڀري ڏنا ته اسان پاڻ ئي کيس وڌيڪ ڏيڻ کان جھليو. ٿورو اڳتي آياسين ته هڪ گاڏي وارو ناريلن جو پاڻي وڪڻي رهيو هو. ڪيترا هتي جا ۽ ٻاهر جا پي رهيا هئا. اسان به ناريلن جو پاڻي وٺي پيئڻ لڳاسين. ناريلن واري جي ڀر ۾، هڪ پوڙهي مائي ڪيلن جا لفافا ڏسي پڇڻ لڳي ته ”ڪهڙي اگھه تي ورتا اٿَوَ ـــ؟“ (جيئن اسان وٽ ٿيندو آهي. ٻيو دڪاندار ان کان ٿورو گھٽ اگھه ٻُڌائي چوندو آهي ته آئون ان کان سستو ٿو ڏيان). اسان کيس اشارو ڪري ٻُڌايو ته مفت ۾.
    ”انگريزي ڄاڻو ـــــ؟“ هن پڇيو.
    ”ها. اها ئي ڳالهائي رهيا آهيون.“ اسان چيس.
    ”ڪنهن ٻئي ملڪ جا آهيو ــــــ؟“ هن پڇيو.
    ”پاڪستان جا.“
    ”پاڪستان ڪٿي آهي؟“ ويچاري ڪا ڳوٺاڻي هئي. جاگرافي جي ڄاڻ کان بنهه اڻڄاڻ. ٻُڌايوسينس ته ”هندستان جي ڀرسان.“
    ”۽ هندستاسن ڪٿي آهي.“ وري تعجب مان پڇڻ لڳي.”
    اسان کي به سندس ان قسم جي سوالن ۾ مزو اچي رهيو هو. مون کي هڪ لطيفو ياد اچي ويو، جنهن ۾ هڪ همراهه ٻئي کان سندس گھر جو ڏسُ پتو پڇيو ته ڪٿي آهي.
    ”مسجد سامهون.“ ٻئي وراڻيس.
    ”۽ مسجد ڪٿي آهي؟“
    ”گھر سامهون.“
    ”۽ ٻئي ڪٿي آهن؟“
    ”آمهون سامهون.“
    سو مون به سوچيو ته چوانس ته هندستان پاڪستان جي ڀر ۾ آهي ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون.
    دراصل پاڪستان هندستان جاگرافيڪل سُڃاڻپ کان هڪ ئي ڳالهه ٿيا. هڪ ٻي به ڳالهه ياد آيم ته حيدرآباد جو هڪ همراهه ڪنهن ڏورانهين ولائت کان وڃي نڪتو، جتي هڪ انگريز پڇيس ته ”سرڪار ڪٿي رهو ٿا.؟“
    ”حيدرآباد ۾ رهان ٿو.“ اسان واري همراهه ٻُڌايس.
    ”۽ حيدرآباد ڪٿي آهي ـــــ؟“ انگريز وائڙو ٿي پڇيس.
    اسان واري جوان ڪياڙي کنهندي چيس:
    ”حيدرآباد از ابائوٽ ٽو مائيلس فرام ٽنڊو ٺوڙهو.“
    سو اسان پوڙهيءَ کي فقط هندستان بدران ٻُڌايس ته پاڪستان ۽ هندستان جپان جي ويجھو آهن. اسان سمجھو ته جپان مشهور ملڪ آهي، جنهن جا ريڊيا، ڪئميرائون هتي هرهڪ جي هٿ ۾ آهن. پر سخت افسوس ٿيو ته هوءَ ته ان کان به اڻڄاڻ نڪتي. هوءَ ته ڪا رڳو اوسي پاسي وارن ٻيٽن: ٽباگو، پورٽوريڪو، ڪيوبا ۽ جئميڪا جهڙن کان واقف هئي. دل ۾ آيو ته چوانس ته ”اسان جي ڳوٺن جون اڻپڙهيل پوڙهيون سُڄاڻ آهن. صفا ڪا چَٽُ آهين.“ آخر پاڻ ئي پُڇي پُڇي ٿڪجي پئي، سو اڀرندي طرف اشارو ڪري چيائين! ”اوهان جو ملڪ تمام پري آهي!“
    ”تمام پري“ ـــــ جواب ڏنوسينس.
    ڪجهه ساعت ترسي، سوچي، وري پڪ ڪرڻ لاءِ پڇڻ لڳي:
    ”تمام پري؟“
    ”باءِ گاڊ، تمام پري.“ قسم کڻي ٻُڌائڻو پيوسين.
    هن ٻيٽ جا رهاڪو پڻ اسان جي گفتگو ٻُڌي کلي رهيا هئا. هڪ چيو اڃان به جي پوڙهي اعتبار نه ڪري ته ڪنهن مسجد يا چرچ ۾ وٺي، اتي قسم کڻي ٻُڌائجوس ته مائي اسان جو ملڪ هتان کان تمام گھڻو پري آهي.
    پاڪستان ذري گھٽ دنيا جي گولي تي ويسٽ انڊيز جي ٻئي پاسي آهي. يعني ويسٽ انڊيز مان جي زمين کوٽجي (جا ڳالهه ناممڪن آهي ۽ اٽڪل اٺ هزار ميل کوٽڻو پوندو) ته هيٺ ٻئي پاسي ڊاڪا جي ويجھڙائي کان وڃي نڪربو. هتي ۽ ڪراچي جي وقت ۾ يارهن ڪلاڪن جو فرق آهي.
    هن وقت اسين ويسٽ انڊيز تمام پري ڇڏي آيا آهيون ۽ ڪئريبين سمنڊ پار ڪري رهيا آهيون. چئن ڏينهن کان پوءِ آمريڪا جي بندرگاهه هيوسٽن ۾ پهچنداسين جو ٽيڪساز رياست ۾ آهي.

    (ڪئريبين سمنڊ تي لکيل 1968ع)


    بيڪ ٽائيٽل ڪمينٽس

    ”1978ع ۾ جڏهن منهنجو هوائي ٻيٽن، هونو لولو، ٽوڪيو، هانگ ڪانگ، بئنڪاڪ ۽ منيلا وڃن ٿيو، تڏهن محترم الطاف شيخ جا سفرناما منهنجي لاءِ رهبر بڻيا. آءٌ ايمانداريءَ سان اهو اعتراف ٿو ڪريان ته الطاف شيخ جي سفرنامن جي مطالعي جي مدد سان مون ان پاسي ايترو ته گھڻو ڪجهه ڏٺو، جيترو هونئن جيڪر سياحت کاتي طرفان مقرر ڪيل رهنمائن جي مدد سان به نه ٿي سگھي ها.“
    (ڊاڪٽر غلام علي الانا ”ديس پرديس“)


    الطاف شيخ جي سفرنامن، پڙهندڙن ۾، هن صنف لاءِ چڱو چاهه پيدا ڪيو آهي. ۽ سچ ته آءٌ پاڻ الطاف جي سفرنامن پڙهڻ جي شوقين آهيان، انهيءَ شوق جو نتيجو آهي جو ملڪ اندر يا ٻاهر جڏهن به آئون سفر تي نڪتي آهيان ته مون به سفرنامو لکيو آهي.

    فهميده حسين
    (ڪتاب ”هوائن جي آڌار“ تان ورتل)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 478
    ڪتابن جو مشاهدو: 428638
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 174396
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ