ڪتاب جو نالو: سنگاپور ويندي ويندي
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 18 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 797 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 330 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
الطاف شيخ جو لکيل هي سفرنامو ”سنگاپور ويندي ويندي“ سنگاپور بابت هڪ ڊائريڪٽري جي حيثيت رکي ٿو۔ جنهن ۾ سنگاپور جي رستن کانوٺي روڊن، دڪانن، اتان جي ماڻهن، رهني ڪهڻي سميت هر شيء جي ڄاڻ ڏنل آهي۔ ڪتاب جو مهاڳ محترم عنايت بلوچ لکيو آهي ۽ هي سفرنامو ملائيشيا کان سنگاپور روڊ رستي ويندي لکيل آهي۔
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب
  • مهاڳ
  • ملائيشيا ۽ سنگاپور
  • سنگاپور باءِ روڊ
  • شاپنگ لاءِ سنگاپور
  • سنگاپور گهڻ - قومو ملڪ آهي.
  • سنگاپور ڪيئن هلجي
  • سنگاپور هلڻ لاءِ ٽئڪسي
  • ڪئپٽن مکڙي_ ماسٽرمئرينر
  • ڀاڳ جي ڪهاڻي
  • سنگاپور ۾ رهائش جو مسئلو
  • دادوءَ جا ٽانگا
  • سٺو ڪوڙ ڳالهايو اٿوَ
  • ڇتن ڇولين کان بچاءُ
  • هڻ شيطان کي موچڙو
  • هتي جي چانهه
  • نورالدين ڊرائيور
  • آير حطام
  • هن پاسي جون هوٽلون
  • مرتباڪ - قيمي وارو اوڦراٽو
  • پٽن لاءِ ماءُ ڪنوار ڳولي
  • داتنگ لاگي
  • ملائيشيا جي ريلوي اسٽيشن
  • مسٽر رينگانير
  • سنگاپور ”سروس“ تي جيئي ٿو
  • سنگاپور۾ گهڻائي چينين جي آهي
  • سنگاپور ۾ ڪو به رستو پري ناهي
  • سنگاپور ڇو سُهڻو آهي
  • سنگاپور ۾ ڪار رکڻ وڏو شان آهي
  • سنگاپور ۾ ڪارون گهٽائڻ جا اپاءَ
  • سنگاپور ۾ ملائيشيا کان ڪار آڻڻ
  • سنگاپور جو جنگل ووڊلئنڊ
  • سنگاپور جو ٺاهيندڙ رئفلس
  • سنگاپور جو نالو سيونان به هو
  • سنگاپور شينهن جوشهر
  • امير ۽ غريب خريدار
  • سنگاپور ۽ بيلجم ۾ نانيءَ جو دڪان
  • نانيءَ جا اصول
  • هيئر ڪٽ يا شيو
  • چينين لاءِ آئيڊيل ڪنوار
  • مئرينرس ڪلب ڏي واپسي
  • تمبولا لڪي فارسم
  • مڙسي منجهس نه، ڏوهه ڪنوار جو
  • وڏي پارت پنهنجا لڇڻ آهن
  • سنگاپور _ ڪارڪردگيءَ ۾ سٺو بندرگاهه آهي
  • سنگاپور ۾ گهڻن جي دلچسپي رهي ٿي
  • سنگاپور جا مختلف علائقا
  • سنگاپور ۾ پکين جو پارڪ
  • سنگاپوري طوطا سڪرات ۾ هئا
  • سنگاپور ۾ ڪيبل ڪار جو ڪِرڻ
  • ڪيبل ڪار جي تواريخ
  • سينتوسا ٻيٽ گهمڻ
  • اسان وٽ جتي ڪٿي ماتم آهي
  • سنگاپور جو زولاجيڪل گارڊن
  • سنگاپور ۾ چيني ۽ جپاني باغيچا
  • مانگر مڇن جو فارم
  • ڪئپٽن رشيد ابڙي سان ملاقات
  • هن پاسي نوڪريءَ بابت ڪجهه ڳالهيون
  • مٿي جي سُور لاءِ سنگاپور ۾ دوا
  • ٽائيگر بام ۽ گارڊن
  • هائوس آف جيڊ
  • سنگاپور جو چائنا ٽائون
  • اڄ جي سنگاپور کي ٺاهڻ وارو
  • ترقيءَ جو راز انگريزي زبان
  • سنگاپور جون نديون نالن جو ڪم ڏين
  • سنگاپور ۾ پکي گهڻا جانور گهٽ آهن
  • هتي جي چينين جون مختلف زبانون
  • سنگاپور جا مختلف نالا ۽ حڪومت
  • سنگاپور جي رستن جا نالا
  • سنگاپور شهر ۾ ننڍڙو هندستان
  • سهڻيون ڪير؟ تامل، ملئي يا چيني
  • گوڏ هيٺ مٿي ڪرڻ جو سبب
  • سنگاپور ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهنگائي
  • توکي مال وڪڻڻ جي ڳڻتي آهي
  • سنگاپور کان ملائيشيا واپسي

  • انتساب

    ڪموڊورمرزا اشفاق بيگ نالي
    اشفاق جهڙي ڪلاس ميٽ، روم، ميٽ، دوست، سنگتي ۽ نيڪ ماڻهوءَ لاءِ ڪو ڪتاب منسوب نه ڪرڻ وڏي ناانصافي ٿيندي . اشفاق بيگ اسانجي ڪاليج، اسان جي سنگت، اسان جي مٽن مائٽن ۾ ۽ پاڪستان نيوي جي هڪ پسنديده ۽ قابل احترام شخصيت مڃيو وڃي ٿو. هن اهو مقام هڪ وڏيري، صنعتڪار، جاگيردار، وڏي آفيسر جي پٽ يا ڀائٽي ڀاڻيجي ڪري حاصل نه ڪيو، پر ننڍپڻ کان محنت سٺن ۽ نيڪ ڪمن ۽ اصولن تي پابند رهڻ ڪري ئي حاصل ڪيو آهي. هو پاڻ ته هڪ غريب گهر جو ٻارهو جنهن جو والد ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويو ۽ سندس ماءُ ۽ وڏن ڀائرن ڪشالاڪڍي کيس پڙهايو. منهنجي به قسمت سٺي چئجي جو اشفاق جهڙو ڪلاس ميٽ منهنجو روم ميٽ ٿيو، جنهن ڪري نه فقط کيس ويجهڙائيءَ سان جانچڻ جو موقعو مليو ۽ سٺي دوستي ٿي وئي، پر هن کان گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو پڻ ملي ويو.
    ننڍپڻ جو زمانو اهو ٿئي ٿو، جنهن ۾ ٻار پنهنجن دوستن کي ڏسي پاڻ کي سڌاري يا کاري ٿو. ڇو جو اهو منهنجي اکين ڏٺو تجربو آهي ته هڪ ٻه منهنجا ڪلاس ميٽ جڏهن مون سان گڏ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ جڏهن چوٿين درجي ۾ پڙهندا هئا. (ستين ڪلاس) ۾ آيا ته بيحد معصوم ۽ پڙهائي ۾ سٺا هئا (هڪ ڄڻي ته پهريان ٻه سال نمبر ۽ انعام به حاصل ڪيا.) پر پوءِ هنن جي دوستي اهڙن سان ٿي، جو پڙهائيءَ تان ڌيان هٽائي رلڻ پنڻ ۽ ڪاليج کان گسائڻ ۾ لڳي ويا. آخري ڏينهن ۾ جوا ۽ شراب به پيئڻ لڳا ۽ انهن شين کي خراب سمجهڻ بدران انکي Heroic Deeds تصور ڪرڻ لڳا آئون به مئٽرڪ بعد جڏهن فرسٽ ايئر ۾ پهتس ته ڪجهه ڪلاس ميٽن کي ڏسي مون کي به سگريٽ پيئڻ جو شوق پيدا ٿيو، بلڪه ان وقت فلمي هيرو وانگر سگريٽ جهلي ڪش هڻڻ کي وڏ ماڻهپو سمجهبو هو، پر چڱو جو اشفاق بيگ جهڙن روم ميٽن جي سمجهاڻيءَ ۽ نصيحت اهڙو اثر ڪيو جو هميشه جي لاءِ هن کان پري رهيس. يعني سگريٽ کان اشفاق بيگ کان نه.
    ايترو لکڻ کان بعد هتي هڪ ٻي ڳالهه لکڻ بي مهل نه ٿيندي بلڪه مائٽن توڙي شاگردن لاءِ Guide line ثابت ٿي سگهي ٿي ته، اسان کان هڪ سال جونيئر ڪئڊٽن مان هڪ ٻن جو والد نيوي ۾ هجڻ ڪري هو گهران بيئر شراب لڪائي کڻي ايندا هئا، جيڪي پاڻ، هڪ ٻه سندن ۽ اسان جا ڪلاس ميٽ گڏجي پيئندا هئا. (تن ڏينهن ۾ شراب تي اڃا بندش نه پئي هئي ۽ نيوي توڙي مرچنٽ نيوي ۾ شراب عام هلندو هو بلڪه ان جي پيئڻ کي فخر سمجهيو ويندو هو.) بهرحال شراب پيئندڙن جو اهو ٽولو باقي ڪلاس ميٽن جي نظرن ۾ وڏي ڳالهه _ يعني ”سڌريل ۽ ماڊرن“ سمجهيو ويندو هو. باقي اسان ڄڻ جاهل، بيوقوف ۽ اڻ آريا هئا سين. ڪڏهن ڪڏهن دعوت ۾ هڪ ٻن نون کي به گهرائيندا هئا، ۽ اهي به فخر محسوس ڪندا هئا ته کين عزت بخشي وئي آهي. انٽر جي امتحانن جي ڏينهن ۾ هنن همراهن کاڌي پيتي جي هڪ وڏي دعوت ڪئي جنهن ۾ مونکي به گهرايائون. مون کي ياد آهي ته مان پنهنجي ڪمري مان تيار ٿي وڃي رهيو هوس ته رستي ۾ هڪ ٻئي دوست نور احمد نظاماڻيءَ پڇيو ته، ڪيڏانهن پيو وڃين.
    مون کيس، ٽيڙيءَ مان ٻڌايو ته بيئر پارٽي پئي ٿئي، ان لاءِ مونکي به دعوت آهي. ”ڪيڏي غلط ڳالهه آهي“، نظاماڻيءَ مون کي سمجهايو، ”منهنجي ته صلاح اٿئي ته نه وڃ ۽ شراب نه پيئجانءِ . گهٽ ۾ گهٽ قسم کڻي سگهندين ته مون نه پيتو آهي.“
    آئون مايوس ٿي موٽي آيس رستي تي اهو ئي سوچيم ته اجايو نظاماڻيءَ کي ٻڌايم. هن تي لئه ٿي رکيم سا ته نه رکي سگهيس، رهندو منهنجو مزو خراب ڪيائين. ڪمري تي پهتس ته روم ميٽ اشفاق بيگ مون کان منهنجي خاموشي بابت پڇيو، کيس ٻڌايم ته هو به نظاماڻيءَ جو هم خيال نڪتو. مون ڪاوڙ مان اشفاق بيگ کان پڇيو ”فرض ڪرو تم نيوي join کرتيَ هو“ کيا وهان بهي نهين پيو گي“
    ”هرگز نهين کيا پينا ضروري هي؟“ هن عزم سان جواب ڏنو.
    ڀلو ٿئي انهن دوستن جو جيڪي مون لاءِ Blessing ثابت ٿيا ۽ منهنجي ذهن ۾، بلڪه ڪچي ذهن ۾، اٿندي ئي صحيح ڳالهه وڌائون ته وڏ ماڻهپائي ڪا اوچا ڪپڙا پائڻ، سگريٽ ڇڪڻ ۽ شراب پيئڻ ۾ ناهي. اڄ ان کي چاليهه سال ٿيا آهن، اشفاق بيگ پاڪستان نيوي لاءِ چونڊجي ويو ۽ نيول ڪئڊٽ اشفاق بيگ مان مڊ شپ مئن ٿي ويو. پوءِ سب ليفٽيننٽ، ان بعد ليفٽيننٽ ڪمانڊر ۽ ڪئپٽن ٿي هاڻي ڪموڊور اچي ٿيو آهي (جيڪا رئنڪ آرمي جي ”برگيڊيئر“ برابر آهي.) هو اسلام آباد کان ڪويت ۽ ڪراچيءَ تائين ڪيترن ئي وڏن عهدن تي رهيو آهي، پر هن شخص ڪڏهن به شراب کي هٿ نه لاتو آهي. ساڳيو حال نور احمد نظاماڻيءَ جو آهي جيڪو پنجونجاهه سال يورپ آمريڪا ۽ پاڪستان جي وڏين جاين تي رهيو آهي. ابي ڏاڏي کان وڏو زميندار آهي. پر هن سڄي زندگي سادگيءَ ۾ گذاري اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته سادگيءَ ۾ ئي عظمت آهي. پاڻ سگريٽ ۽ شراب کان ته پري رهيو آهي، پر ڪپڙي لٽي جو به ڏيک نه ڪيو اٿس. شلوار قميس کان پتلون ڪوٽ تائين کڻي ڇا به فيشن اچي وڃي، پر هو پنهنجي ئي اسٽائيل ۾ نظر اچي ٿو. هن کي لکڻ پڙهڻ، سماجي ۽ خير جي ڪمن کان ئي فرست نه ٿي ملي جو کڻي فئشن جهڙين ڳالهين ڏي ڌيان ڏئي.
    اشفاق بيگ سان منهنجو هڪ ئي روم ۾ رهڻ جو واقعو به اوچتو ٿيو. مون ته پنهنجي ڳوٺاڻي ڪلاس ميٽ نجم انصاري (هاڻ ڪمانڊر پاڪستان نيوي ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر شگرملز) سان ئي رهڻ چاهيو ٿي، پر ڪاليج مير پور خاص کان پيٽارو شفٽ ٿيڻ تي هن کي اسان جي لياقت هائوس (ڊويزن) ۾ رکڻ بدران نئين هاسٽل ايوب هائوس ۾ ٽرانسفر ڪيو ويو، مون ان ڳالهه جي شڪايت ۽ ڏک جو اظهار جڏهن پنهنجي پيءُ سان ڪيو ته، پاڻ منهنجي ڳالهه ٻڌڻ ۽ مڃڻ بدران مون کي سمجهايائون:
    ”سڄي زندگي رڳو ڳوٺ جا يا سنڌي ڳالهائيندڙ توسان گڏ ڪونه هوندا. تو کي ٻين سان به گڏ رهڻ کپي ۽ هنن جون سٺيون ڳالهيون سکڻ کپن، جيڪڏهن نئون روم ميٽ پڙهڻ ۾ سٺو آهي سٺيون عادتون اٿس ته پوءِ توکي هن سان گڏرهڻ ۾ عار نه هئڻ کپي. چاهي هو مهاجر هجي يا پنجاپي شيعو هجي يا سني، ڀلي امير يا ڪنهن وڏي آفيسر جو پٽ نه هجي، ڀلي غريب ۽ يتيم هجي“
    بابا جي اها نصيحت ايندڙ زندگيءَ ۾ نه فقط مون لاءِ ڪارآمدثابت ٿي بلڪه منهنجي ٻين ڪلاس ميٽن: بشير وسطڙو، عالم هاليپوٽو ۽ علي رضا ميمڻ لاءِ پڻ جيڪي ان وقت مون سان گڏ بابا جي ڳالهه ٻڌي رهيا هئا ۽ ان وقت ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ سڄي پاڪستان جا شاگرد ايندا هئا، گلگت کان ڪوئيٽا چمن تائين جا ۽ اسان هاڻ سنڌي پاڻ ۾ ٽولو ٺاهي هلڻ بدران سڀني سان رلي ملي ويا سين. ڪئڊٽ ڪاليج بعد مئرين اڪيڊمي چٽگانگ، ورلڊ مئري ٽائيم يونيورسٽي سئيڊن، مئري ٽائيم اڪيڊمي ملائيشيا ۾ توڙي مختلف جهازن تي رهائش دوران مون کي ڪڏهن به تڪليف نه ٿي. ڪيترن هنڌن تي سنڌي ته ڇا پر ڪو پاڪستاني به گڏ نه هوندو هو ته به مون لاءِ گذارو ڪرڻ ڏکيو نه رهيو. منهنجي هميشه اها ڪوشش رهي ته ٻين جي سٺين ڳالهين جي مڃوتي (اعتراف) ڪجي ۽ سکڻ /اپنائڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ پاڻ ۾ ۽ پنهنجن ۾ موجود ڪمزوريون قبول ڪرڻ کپن. ان بعد ئي انهن کان نجات حاصل ڪري سگهبي. مونکي ڄاڻ نه آهي ته هن وقت جي سنڌي شاگرد جي ڇا سوچ آهي پر اسان جي ڏينهن ۾ اسان گهڻا تڻا شرميلا هئاسين. غير سنڌي شاگردن توڙي ماسترن کان ڪجهه پڇندي پيا لنوائيندا هئا سين. پنهنجو ٽولو ٺاهي پيا هلندا هئا سين. سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ جي گهڻن جو رجحان نه پڙهائيءَ ۾ هوندو هو نه ئي وري راندين ۾. مائٽ به ايندا هئا ته انهن جو به رڳو خرچيون ڏيڻ تي زور هو. پاڻ سان بسڪٽ، ڪيڪ ۽ مٺايون آڻي اسان کي ويتر چٽر ۽ سست بڻائي ڇڏيندا هئا. وڏا ڀاڪر پائي پيا ملندا هئا ۽ ويندي مهل پيا پڇندا هئاته ڪڏهن ٿاڳوٺ اچو. ڀائر ڀينرون پڦيون ۽ ماسيون سڀ ياد پيون ڪن. يعني ويتر اسان کي Home sick بڻائي ڇڏيندا هئا. ۽ اهو احساس (ڪوڙو ۽ خيالي) ٿيندو هو، ته ڄڻ اسان هتي ڪنهن قيد خاني ۾ آهيون ۽ ڪي وڏيون قربانيون پيا ڏيون. هوڏانهن غير سنڌي شاگردن جي ويجهو رهڻ بعد محسوس ٿيو ته هنن جا مائٽ اچڻ سان کانئن پڙهائي جو پڇن ٿا ۽ کين اهو احساس ڏيارين ٿا ته اسين خوش نصيب آهيون جو ههڙي ڪاليج لاءِ چونڊجي آيا آهيون ۽ هاڻ اسان کي ان جي لائق بڻائڻ جي لاءِ محنت ڪري پڙهڻو آهي. راندين ۽ پي ٽي پريڊ ۾ حصو وٺڻو آهي، وغيره. اسان جي هائوس ۾ اسان کان ٻه سال جونيئر ڪئڊٽ شاهد نالي هيرآباد حيدرآباد جو هو. هن جو والد ته اچڻ سان هن کان پڇندو هو ته ”بيٽي ڪوئي نماز کا وقت کذا تو نهين هوا ”يعني اسڪول جي پڙهائي سان گڏ مذهب ۾ به هو زور هئا. جنهن لاءِ Credit سندن والدين کي هجي ۽ اسانجي روم ميٽ اشفاق جو ته والد به گذاري ويو هو ۽ هن کي هر وقت اهو احساس هو ته هن جي ماءُ وڏ ي مشڪل سان اسڪول جي فين جو پورائو ڪري ٿي. ان ڪري هڪ گهڙي به اجائي نه وڃائجي. هن کي گهڻو وقت لکندو پڙهندو ڏسي، اسان کي به هڪ هنڌ ڪرسي تي ويهي، لکڻ پڙهڻ جيStamina وڌي. ۽ هاسٽل ۾ ته هو اسان لاءِ هڪ ٽيچر به هو. اهي ڳالهيون جيڪي اسان کي ڪلاس ۾ سمجهه ۾ نه اينديون هيون، سي ڪمري تي اشفاق بيگ کان سکندا هئا سين. مون جهڙن جون مئٿس ۾ سؤ سيڪڙو مارڪون هڪ اسان جي مئٿس ٽيچر ڪمانڊر اسرارالله ڪري ۽ ٻيو اشفاق بيگ جي ڪري آيون ۽ پاڻ ته بورڊ جي امتحان ۾ سڄي سنڌ ۾ ٻيو نمبر آيو. اشفاق بيگ جسماني طرح ايترو گهڻو پهلوان نه هو، پر ته به هر راند ۾ حصو وٺندو هو، ويندي باڪسنگ ۾ پڻ. چوندو هو ته رڳو پڙهڻ ضروري ناهي رانديون به ضروري آهن.
    Physical fitness is necessary for mental fitness
    کيس تقريرون ڪرڻ جو شوق به ننڍپڻ کان آهي. ڪنهن جو به ڏينهن هجي اشفاق بيگ تقرير ضرور ڪري. پراڻن ڏينهن جي ياد ٿي اچي ته هڪ ڏينهن شام جي راندين لاءِ ميدان تي گڏ ٿي رهيا هئا سين. اسين ڪجهه سوير آيا هئا سين. بيٺي بيٺي اشفاق کي ڪو پور پيو سو پي ٽي ڪرڻ واري ڪاٺ جي گهوڙيءَ تي بيهي اسان کي مخاطب ٿي تقرير ڪرڻ لڳو. اڃان ٻه چار جملا مس ڳالهايا هوندائين ته اسان جي ڀر واري روم ۾ رهندڙ انيس الرحمان (هاڻ پاڪستان نيوي ۾ ڪموڊور ۽ پي اين ايس جوهر جو ڪمانڊنگ آفيسر) جيڪو اسان کان هڪ سال جونيئر هو تنهن لڪي لڪي اشفاق جي پويان بيهي کيس ڌڪو ڏنو ۽ اشفاق جي تقرير بند ٿي وئي. هو ڪپڙا ڇنڊي اٿي کڙو ٿيو . کيس ڪاوڙ لڳي پر يڪدم سمجهي ويو ته انيس به چرچي ۾ ائين ڪيو آهي، پر تنهن هوندي به چتاءُ ڪري اسان کي چيائين؛”توهان ڀلي کلو . هڪ ڏينهن آئون ائين مٿي بيهي تقرير ڪندس ۽ توهان کي ٻڌڻي پوندي.“ اشفاق جنهن نموني سان اسان کي خبردار ڪيو، اهو اسانEnjoy ڪيو ۽ ڪيترائي ڏينهن اسان انيس کي چيڙائيندا رهياسين. ان واقعي کي اٽڪل 35 سال گذرڻ بعد گذريل سال ڪموڊور انيس پيٽارو جي Old Boys کي PNSجوهر ( نيوي جي اداري ) جي ميس ۾ ڊنر ڏني ۽ ڪافي دير ڪچهري ڪندا رهياسين. اٿڻ مهل انيس کي چيم ته يار دير ٿي وئي آهي، هاڻ گهر ڏي روانو ٿجي. خدا حافظ لاءِ ڪا تقرير ڪرڻي هجئي ته جلد ڪا مختصر تقرير ڪر.
    ”نه نه تقرير ۽ موڪلاڻي وري ڇاجي.“ اٿو ته اٿئون ” انيس اڃا اهو چئي مهمانن کان موڪلائي رهيو هو ته اشفاق بيگ ڏاڪڻن وٽ بيهي شروع ٿي ويو.
    “On behalf of Commodore Anis, I take this opportunity’’
    انيس کلي مونکي آهستي چيو”ادا ڪٿي تقرير ٻڌڻ جو وقت اچي ويو ڇا؟ هاڻ هيئن ڪر جو مين سئچ آف ڪر ته اوندهه ٿئي. ۽ تقرير مان جان ڇٽي وڃي، اشفاق تنهنجو ڪلاس ميٽ آهي تنهنجي ڳالهه دل ۾ نه ڪندو.“ اشفاق منهنجو ڪلاس ميٽ ضرور آهي پر مون سان گڏ سڀ ڪلاس ميٽ سندس عزت ڪن ٿا. ويندي اهي جيڪي کانئس سينئر آهن مينجر جنرل پرويز، ريئر ائڊمرل اظهر کان وٺي چيف منسٽر لياقت جتوئي ۽ سيڪريٽري عاشق حسين شاهه جهڙا به کيس عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا، ڇو جو کين خبر آهي ته اشفاق بيگ اصول وارو ماڻهو آهي ۽ سڄي زندگي گذاري ٻين جي خير خواهي ڪئي اٿس. اشفاق ٻه سال اسان جي شپنگ ڪارپوريشنPNSCجو ڊائريڪٽر پڻ ٿي رهيو آهي. پنهنجن دوست جنرل مئنيجرن (جن هن جي ويجهو ڪم ڪيو ٿي) ڪجهه مهينن بعد، ۾ هڪ ڏينهن، هن مون کي چيو ”يار تهنجو يار اشفاق بيگ وقت ۽ ڊيوٽي جو ڏاڍو پابند آهي. ڪو اهڙو ڏينهن ناهي جو هو دير سان اچي يا غير حاضر رهي.“
    ”خبر اٿانوَ،“ مون کيس ٻڌايو ”هو اسڪول جي ڏينهن ۾ به ڪڏهن به غير حاضر نه رهيو. سڄو ڏينهن ته ڇا پر هڪ پيرڊ به مس نه ڪيائين.“ مون کين اسڪولي ڏينهن جو هڪ واقعو ٻڌايو. هڪ دفعي جو Wood Work سيکاريندڙ ٽيچر نه آيو. ان پيرڊ بعد رسيس هئي. ٻه چار ڪلاس ميٽ شوڪت جماڻي، رفيع ڪاڇيلو، تاج بگٽي ۽ بشير وسطڙو ڪلاس ڇڏي هاسٽل روانا ٿي ويا. ويندي وقت ٻاهران دريءَ مان مون کي به هلڻ لاءِ چيائون. مون پنهنجي روم ميٽ اشفاق کي به هلڻ جي صلاح ڪئي ۽ هو يڪدم مونسان هلڻ لاءِ راضي ٿي اٿيو، پر ٻاهر نڪري اڌ ورانڊي وٽ بيهي چوڻ لڳو ”يار آئون نه ٿو هلان تون وڃين ته ڀلي وڃ ”آئون سمجهي ويس ته هو پيرڊ گسائڻ نه ٿو چاهي سو سمجهايو مانس ته سبجيڪٽ ٽيچر ته آهي ئي ڪونه، ان ڪري جهڙو ڪلاس ۾ تهڙو هاسٽل ۾.“
    ”دراصل ڳالهه گُسائڻ جي ناهي.“ اشفاق بيگ مونکي لاجڪ سمجهايو، ”ڳالهه اصول جي آهي. پاڻ اڄ جيڪر ڪلاس ڇڏي ڀڄي هلنداسين ته پوءِ عادت ٿي ويندي ۽ هر وقت ڀڄڻ لاءِ وجھه ڳوليندا وتنداسين.“ اهو چئي هو واپس ڪلاس روم ڏانهن موٽي ويو ۽ مجبور ٿي مون کي به موٽڻو پيو.
    سو مرزا اشفاق بيگ جي ڪيترين ئي ڳالهين جو آئون به شاهد آهيان. هن ڪڏهن ڪنهن سان جهيڙو نه ڪيو، گار نه ڏني. ڪوڙ نه ڳالهايو ۽ گلا نه ڪئي. هر وقت وڙهندڙن ۽ رٺلن کي پرچائيندو رهندو هو. غلطي جو احساس ٿيڻ تي يڪدم اعتراف ڪندو هو. ۽ ٻئي کان معافي وٺڻ ۾ دير نه ڪندو هو. ٻئي جي تعريف ۾ بخيليءَ کان ڪم نه ورتائين. بيمار ۽ ضرورت مند ڪلاسين توڙي غير ڪلاسين جو ڏاڍو خيال ڪندو هو ۽ اها عادت هن ۾ اڃا تائين اوتري ئي آهي، جو هر وقت ماڻهن جا ڪم ڪندو وتي ٿو. اشفاق جا ٻه شوق هئا، جيڪي هن وقت تائين هلندا اچن ٿا. هڪ باغباني ۽ ٻيو ڪتاب پڙهڻ. ماڻهو ذوالفقار علي ڀٽي جي مطالعي جو ٻڌي تعجب کائين ٿا . ته ايڏي مشغول ماڻهوءَ ايترو ڪيئن ٿي پڙهيو. پر آئون ڪجهه ماڻهو سڃاڻان جن کي ننڍي هوندي کان ڏسندو اچان ته هو ان ليول تائين لڳا تار پڙهندا اچن. انهن مان ڪجهه ته منهنجا ڪلاس ميٽ (اشفاق سوڌو) خالد مخدوم،عالم هاليپوٽو، رفيع ڪاڇيلو آهن، جيڪي اسڪول جي ڏينهن کان ڪتابن جا ڪيڙا سمجهيا وڃن ٿا. ۽ هنن هڪ هڪ ڪتاب نه، پر هڪ هڪ ليکڪ (Auttor)ڪري پورا ڪيا آهن. اسان ۾ ڪتابن پڙهڻ جو شوق پيدا ڪرڻ ۾ ان وقت جي انگلش ٽيچر خادم حسين جو پڻ هٿ هو جيڪو پوءِ فيڊرل حڪومت ۾ ايجوڪيشن جو ائڊيشنل سيڪريٽري ٿيو. هو پاڻ به ڪتابن پڙهڻ جو شوقين هو ۽ هر هفتي پڙهيل ڪتابن تي ڪلاس روم ۾ تبصرو ڪندو هو. سندس هڪ خاص جملو هوندو هو. ڪنهن ڪتاب جي تعريف ڪري چوندو هو. ”اڄ ئي اهو پڙهو ان جي پڙهڻ بنا سمجهو ته توهان جو هن دنيا ۾ رهڻ اجايو آهي.“ اشفاق بيگ لئبرري جي ڪتابن سان گڏ پنهنجي ڪورس جي ڪتابن ۾ به ڀڙ هو. پاڻ انٽر ۾، سنڌ جي بورڊ جي امتحانن ۾ ٻيو نمبر آيو. (پهريون نمبر به اسان جو ڪلاسي_لاڙڪاڻي جو اختر علي عباسي آيو هو.) اشفاق انٽر ڪرڻ بعد مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ داخلاورتي. هن کي مڪينيڪل انجنيئر ٿيڻ جو شوق هو، پر پوءِ ڇهه مهينا اتي پڙهڻ بعد هن کي اتان نڪرڻو پيو. مون کانئس ڄامشورو ڇڏي منهوڙي (پاڪستاني نيول اڪيڊمي) ۾ داخلا وٺڻ جو سبب پڇيو ته هن وراڻيو هو:
    ”الطاف توکي ته منهنجي حال جي خبر آهي. ڇڪي تاڻي مائٽن انٽر تائين پڙهايو، اها به اسان جي غريب ڪٽنب لاءِ وڏي ڳالهه آهي. ڀائر به غريب ۽ ٻچڙيوال اٿم. مهراڻ يونيورسٽيءَ جي پڙهائي، رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ ڏيڻ هنن جي وس جي ڳالهه ناهي. ان ڪري مونکي هيڏانهن نيويءَ ۾ اچڻو پيو آهي.“
    اشفاق بيگ جهڙو ذهين شاگرد جتي به وڃي ان اداري لاءِ Asset آهي. هن مئي 1964ع ۾ نيوي join ڪئي ۽ نيوي طرفان مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ B.E ڪيائين. پاڪستان نيوي جي جهازن: بابر، خيبر، جهانگير ۽ ڍاڪا تي سامونڊي زندگي گذاري. ڪناري جي نوڪرين ۾ هو پاڪستان نيول انجنيئرنگ ڪاليج ۾ رهيو، ڪويت ۾ ٽي سال ڊيپوٽيشن تي اتي جي نيوي وارن سان ڪم ڪيائين، اسلام آباد نيول هيڊ ڪواٽر ۾ اسٽاف آفيسر ٿي رهيو، ڊاڪيارڊ ۾ جنرل مئنيجر ٿي رهيو ۽ ٽي سال PNSC ۾ ڊائريڪٽر Ship Management جي عهدي تي ڪم ڪيائين. اشفاق بيگ جي شادي 1972ع ۾ اسان جي هڪ ٻئي ڪلاس ميٽ عظمت ڪيانيءَ جي ڀيڻ تسنيم سان ٿي. تسنيم شروع کان گرامر اسڪول ۾ پڙهائيندي اچي، کين ٻه ڌيون عنبرين ۽ سبين آهن، جيڪي MBA ڪري رهيون آهن. ۽ هڪ پٽ ارسلان اٿن، ارسلان پڻ اسان جي پراڻي ڪاليج، ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهيو آهي. انٽر بعد هو نيول اڪيڊميءَ لاءِ چونڊيو ويو، جتي جي سالياني امتحانن ۾ مٿانهون نمبر اچڻ ڪري کيس پنجن سالن لاءِ ترڪيءَ ۾ نيوي جا ڪجهه خاص ڪورس ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو آهي. ڪموڊور اشفاق بيگ جي ڄم جي تاريخ 26 جون 1944ع آهي ۽ هو اڄڪلهه NHQ ۾ ڊائريڪٽر انسپيڪشن ائنڊ ٽيڪنيڪل ڊولپمينٽ آهي.

    جنوري 1998ع الطاف شيخ
    ڪراچي


    مهاڳ

    جنوريءَ جو مهينو هو. نيٺ ٻهراڙيءَ جي هڪ ڳوٺ ۾ باهه جي مچ جي چوڌاري سٿيل پلال جي ڪُوئنري پاٿاريءَ تي تڏو پيل هو ۽ مٿان رليون وڇايل هيون. ويهارو کن ماڻهو ڪچهريءَ ۾ ويٺا هئا، ست اٺ پڙهيل لکيل (ڪجهه اکر سڃاڻڻ وارا ته ڪجهه وڌيڪ سلجهيل ۽ ڳچ پڙهيل) باقي اڻ پڙهيل هئا. پر انهن مان ڪي ته ڏاهپ ۽ سرت ۾ پڙهيلن کي دعويٰ سان ”اکر پڙهي اڀاڳيا، قاضي ٿئين ڪئاءِ“ چوڻ وارا جوان به موجود هئا. سياري جو ٻهراڙيءَ ۾ لانڍيءَ هيٺان ٻريل مچ تي جيڪو به ڪڏهن قسمت سانگي ڪنهن ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيو هوندو. ته فقط اهو ئي ڪچهريءَ جي ڪوڏين جي قربن، ڏاهپ جي گفتن، وندر ورونهن جي ٻولن سوچ ۽ سرن جي دليلن بيتن، ڏوهيڙن ۽ ڳجھارتن جي ڳولڻ ۽ ڳجهارت يا ڏور جي ڀڃڻ تي داد ڏيندڙن جي واه واه مان لطف اندوز ٿيو هوندو. هڪ اهڙي ئي ڪچهري ۾ يارن دوستن سان چار چؤنڪ ڳالهين جا پئي هليا. اوڀاريون لهواريون ڳالهيون، ڀانت ڀانت جا موضوع، ڳالهه مان ڳالهه، ڪڏهن هالاڪو ۽ هٽلر بحث هيٺ آيا ته وري وارو آيو ڪرنل قذافي جو ۽ محمد علي ڪِلي جي واکاڻ جو. محمد علي ڪِلي جي بهادريءَ جو شايد ڪرشمو هو يا سندس بدبختي هئي جو فوراً ڳالهه اچي پئي ڌاڙيلن ۾. روزانو اغوا جي وارڌاتن، ڏينهن ڏٺي جو قتل، رهزني، ڌاڙن ۽ ڦرن تي ڪافي گرما گرم بحث ٿيو. اها ئي گهڙي جو ٿوري دير بعد ڳالهه ئي ٻي.
    هاڻي بحث سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ تي شروع ٿي ويو تان جو معاملو ”پنج ند“ پار ڪري وڃي ڪالاباغ ڊيم تي پهتو. جڏهن يارن کي ڊيم جي ٻاڙي موضوع مان مزو نه آيو ته هاڻي ڪاهي پيا دنيا جي وڏن شهرن ۾. لنڊن، نيو يارڪ، پئرس، هانگ ڪانگ، لاس اينجلس، شڪاگو، سنگاپور، وغيره. هڪ شخص چيو ”اڄ ڪلهه جي تيز رفتاريءَ جي دور ۾ ساڳئيءَ ڏينهن تي ماڻهو وڃيو لنڊن، پئرس يا ڪنهن به ڏورانهين هنڌ وڃيو نڪري ۽ خبر تڏهن پئي جو ٻئي ٽئين ڏينهن ساڳيو ماڻهو ولايت کان پنهنجي ماڳ موٽيو اچي. جڏهن سڄي دنيا ذري گھٽ پاڻ ۾ ڳنڍجي وئي آهي ته پوءِ اڄ ڪلهه سفر نامن لکڻ جي آخر ڪهڙي ضرورت آهي. سفر ناما ته تڏهن ڪارگر هئا جڏهن ملڪن جي وچ ۾ مفاصلا اڻ کٽ نظر ايندا هئا. ۽ آمدرفت جا ذريعا ايترا وسيع ۽ تيز نه هئا.“
    ڪچهريءَ ۾ ويٺل هڪ همراهه اعتراض ڪندڙ کان پڇيو: ”ٻڌاءِ تون ۽ مان ڪهڙي ولايت کان ٿي آيا آهيون. يا دوستن جي اڄوڪي هن ميڙ ۾ هڪ ڄڻي کان سواءِ ٻڌاءِ ته اسان مان ڪيترا اهڙا آهن جيڪي ٻاهرين دنيا جو سير ڪري آيا آهن.؟ هزارن ماڻهن مان هيڪڙ ٻيڪڙ ڪو خوش نصيب اهڙو ٿو نڪري جيڪو فارين وڃي ٿو باقي اسان ته ڄائي ڄم کا چاڪيءَ جي ڏاند وانگر اتي ئي پيا ڦرون، خدا ڀلو ڪري الطاف شيخ جو جيڪو گهر ويٺي اسان کي ملڪن جا سير ٿو ڪرائي. دلچسپ ۽ عجيب و غريب معلومات ويٺو ڏئي ۽ اسان جي دل ويٺو وندرائي .“
    اسان جو هڪ دوست جيڪو تازو جاپان مان ٿي آيو هو ۽ ڪچهريءَ ۾ موجود هو تنهن فوراً وراڻيو: ”يارو! سفر نامن لکڻ جي جيتري هاڻوڪي دور ۾ ضرورت آهي، اوتري شايد اڳ ڪڏهن به نه هئي.جاپان جي سڄي شهر ۾ منهنجي جيتري رهنمائي الطاف شيخ جي سفر نامن ڪئي اوتري اتان جا فقط گائيڊ ئي ڪري رهيا هئا. نه ته مان الطاف شيخ جي سفر نامن جي غير موجودگيءَ ۾ شايد انهن سڀني جاين جڳهين تي نه پهچي سگهان ها جتان هاڻي چڪر هڻي آيس.
    ٽوڪيو يا جاپان جي مکيه هنڌن (Tourist Attraction Spot) جن جو ڏس الطاف جي سفر نامن ۾ ڏنل هو، اتي ويس ۽ اتفاق سان ئي سي ماڳ مڪان وڌيڪ مشهور ۽ معروف هئا. جو جاپاني گائيڊس به، ٿوري ڦير گھير کان سواءِ ساڳين ئي هنڌن گهمڻ جو مشهورو ڏنو هو.“
    هڪ نوجوان جيڪو چڱو خاصو پڙهيل ٿي لڳو تنهن ٺهه پهه اعتراض ڪيو، ”گذري ويا الطاف شيخ جي سفر نامن لکڻ جا ڏينهن. هاڻي رڳو تڙ تڪڙ ۾ سفر جي ڊائري لکڻ تي گذارو ڪيون ويٺو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر ساڳين ساڳين شهرن ۽ ملڪن جي باري ۾ الطاف وري وري ويٺو لکي، ائين هو اڄڪلهه پڙهندڙن ۽ سندس سفرنامن جي خريدارن سان انصاف نه پيو ڪري.“ اجرڪ جي ڪانڀ ڪڍيون هڪ ڪرڙوڍ جانٺو جوان جيڪو هن وقت تائين چپ چاپ ويٺو هو، تنهن پنهنجا چپ چوريا:
    ”يار ٿڌو ٿيءُ. ساڳين ملڪن جي باري ۾ ساڳيون ڳالهيون ٿوروئي لکيون هوندائين ٻه مهينا ٿيا مان ۽ جڙيل رڳو ڪراچيءَ جو چڪر هڻي آيا آهيون ته جيڪي ڳالهيون ڪراچيءَ جي باري ۾ دوستن کي مون ٻڌايون آهن ته جڙيو وري نيون ڳالهيون پيو ڪري. مون سوچيو ياربلي! گهميا سون ته گڏ ٿي پر هر ڪنهن جي نظر جدا جدا نظارا پئي ڪيا. ٻيو ته ٺهيو پر پاڻيءَ جي واري تي جڏهن گهران نڪرندو آهيان ته ساڳين ئي رستن تان لنگهندي ڪڏهن لنڊيون پيو لتاڙيندو آهيان. ڪڏهن ڪاريهر ڪر کنيون مرحبا پيا ڪندا آهن. ته ڪڏهن وري کُپرن سان به کيڪر ٿي ويندي آهي. ڪڏهن وري قسمت سانگي ساڳين ئي رستن تي پياري پرينءَ سان به ملاقات ٿي ويندي آهي. رستو ساڳيو پر روز نوان نوان لقاوَ پيو ڏسندو آهيان. الطاف صاحب ته ملڪان ملڪ پيو گهمي ۽ نوان تَڙَ پيو اورانگهي. منهنجو پٽ مونکي الطاف شيخ جا سفر ناما پڙهي ٻڌائيندو آهي _جس هجي سنڌڙيءَ جي انهيءَ سيلانيءَ کي جيڪو اسان کي گهر ويٺي پيو پرڏيهه جا شهر گهمائي، ملڪن ۽ ڀانت ڀانت جي ماڻهن جا ڏس ڏئي ته ڪيئن ٿا رهن، کائن پيئن ۽ زندگي گذارين. آخر ته ليکڪ جڏهن به وڏن شهرن ۾ ويندو ته هر دفعي نيون ڳالهيون ڏسندو، نوان نّظارا ڪندو، نون ماڻهن سان ملندو ۽ نت نوان تجربا پرائيندو.“
    سياري جي انگهندڙ رات جي اڌ رات لڙي چڪي هئي. سيءَ به هاڻي زور اچي ڀريو. مچ ۾ ڪاٺيون سوريندڙ به وڃي سوڙ ڀيڙو ٿيو هو، ڪچهريءَ مان ماڻهو هيڪڙ ٻيڪڙ ٿي اٿندا ويا ۽ اسان ”جيئي الطاف“ جو نعرو لڳائي وڃي بستري داخل ٿيا سين. ننڊ ته ڄڻ سيرانديءَ کان ئي ستي پئي هئي،سمهڻ شرط وڪوڙي وئي.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته الطاف سفر نامن جو سرواڻ آهي. کيس سنڌ جو سند باد، ابن _ بطوطه ۽ مارڪو پولو چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ڇو ته کيس گهمڻ ڦرڻ، دنيا کي ڏسڻ ۽ عام محاوري ۾ ست سمنڊ اورانگهڻ جو جيڪو موقعو مليو آهي ته ان کي هن ضايع ٿيڻ نه ڏنو آهي.پر انهن پنڌن ۽ ڏورانهن ڏيهن ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو وائٺو پسيو ۽ پرجهيو اٿائين ان مان نه رڳو پاڻ گهڻو ڪجهه پرايو اٿس پر پنهنجن تجربن جو نچوڙ سفر نامن جي صورت ۾ سنڌ واسين آڏو رکيو اٿائين ته اوهان به پڙهو ۽ پرايو. جتي به وڃي ٿو پنهنجن اکين کان ڏسڻ جو پورو ڪم وٺي ٿو. سندس نظرون هيڏي هوڏي، جاڏي ڪاڏي، چؤ طرف ۽ چوڌار هر ڏسڻ جهڙي شيءِ کي فوڪس ۾ آڻي سندس ذهن جي پردي تي پنهنجون تصويرون ٺاهينديون رهن ٿيون.
    فرست جي گهڙين ۾ الطاف قلم کڻي، سندس ذهن جي ڪئنوس تي چٽيل منظرن جي اهڙي تي هو بهو عڪاسي ٿو ڪري جو ڄڻ پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي پيو گهمي ڦري. ڪيترن ماڻهن جي برعڪس هو اکين هوندي، پنهنجون اکيون ٻوٽي نه ٿو هلي پر سدائين پنهنجيون اکيون کليل ٿو رکي. اکين سان فقط نهاري ڪونه ٿو پر مشاهدو ٿو ماڻي.سندس مشاهدي جي قوت (Power of Observation) تمام وسيع نظريي واري آهي. لاکيڻي لطيف، ماڻهن جي ظاهري ڪنن، جيڪي هر ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏين ٿا، جي باري ۾ چيو آهي؛
    هي ڪَنَ گاڏا وڪڻي، ڪن ٻيا ڳنهيج،
    تنين ساڻ سڻيج، سپريان جي ڳالهڙي.
    الطاف ڀٽائي بادشاهه جي ان بيت تي عمل ڪندي، پنهنجن اکين کان سرسري ۽ سطحي ڪم نه ٿو وٺي، پر هر شيءِ کي اندر جي اک سان پوري طرح جاچي جوچي وٺي ٿو. ساڳي وقت هو پنهنجي ديس جي محبت کان سواءِ هو پنهنجي بيان کي اڻ پورو ۽ اڌورو ٿو سمجهي تنهن ڪري جڳهه جڳهه تي پرديس ۾ مختلف هنڌن ۽ ماڳن جون تشبيهون ۽ مثال اچيو سنڌ جي شهرن ڳوٺن ۽ واهڻن سان ملائي ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ لاءِ اڪيرجي اظهار سان ڄڻ پنهنجي سڪ جو پورائو پيو ڪري. سندس هر سفرنامي ۾ اهڙيون تشبيهون اڪيچارون موجود آهن. موجوده سفر نامي ”سنگاپور ويندي ويندي“ ۾ هڪ اڌ تشبيهون ڪجهه هن طرح ڏنيون اٿائين:
    اسان جي شهر _ملاڪان کان، سنگاپور ايترو پري آهي جيترو موري کان ڪراچي ۽ سنگاپور کان ڪوالا لمپور ايترو پري آهي جيترو ڪراچيءَ کان سکر“ يا ”سڄي ملائيشيا جي ماڻهن لاءِ سنگاپور گهمڻ ائين آهي جيئن ڪوٽڙي، ڄام شورو ۽ پيٽارو جي ماڻهن لاءِ حيدرآباد“
    الطاف ڳالهين ڳالهين ۾ وندرائڻ جو ته ماهر آهي ئي آهي.”سنگاپور ويندي ويندي“ هر ماڻهو ان تجسس ۽ انتظار ۾ هوندو ته الطاف سنگاپور ۾ پهچندو به سهي يا کين راهه ۾ رولي ڇڏيندو.اڃا ته روانو ڪٿي ٿيو آهي. بس هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين ۾ اهڙو ته پيو وندرائي جو دل پئي چئي ته ڀلي في الحال پنهنجي بيان کي جاري رکي. ملائيشيا کان سنگاپور ويندي ويندي وري ٿورڙي ئي پنڌتي پاڻ سان گڏ اسان کي به بيهاري ڇڏي ٿو. ٿورو انتظار ۽ بي چيني وڌي ٿي ته سنگاپور جو سير الائي ڪهڙي وقت ڪرائيندو ته اوچتو اسان جي ملاقات سريمبان جي اسٽيشن ماسٽر رينگا سان ڪرائي ٿو جيڪو هندستان جو تامل هندو آهي. ڳالهين ڳالهين ۾ مسٽر رينگا پنهنجي سڄي رام ڪهاڻي ٻڌائي ٿو جيڪا پڙهندڙ لاءِ ڪافي دلچسپيءَ جو باعث بڻجي ٿي ۽ سنگاپور پهچڻ جي اڻ تڻ ۽ آنڌ مانڌ عارضي طور جهڪي ٿي وڃي ٿي . اڳتي هلي وري ”ناني ڪي دوڪان“ جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو پڙهندڙ لاءِ بيحد دلچسپ ۽ معلوماتي آهي. اهڙيءَ طرح سنگاپور ويندي ويندي، رستي تي قسطين ۾ ساهيون پٽيندي ۽ فلئش بئڪ ۾ ڪي مزيدار ڳالهيون ۽ دلچسپ واقعا ۽ قصا ٻڌائيندا ته الطاف پنهنجي پڙهندڙ سميت سنگاپور پهچي ويو آهي. جتي پاڻ به گهميو ڦريو آهي ۽ پنهنجي سفرنامي جي ساٿين کي به ڪافي معلومات ڏني اٿائين، سنگاپور جي تاريخ، جاگرافي،ثقافت، صفائي سٺائي، تعليم، صحت، ماڻهن جون ريتون رسمون، اٿڻي ويهڻي، انهن جون دلچسپيون، مطلب ته هر لحاظ کان ۽ هر زاويي کان سنگاپور جي باري ۾ ٻڌايو اٿائين _ڪتاب ۾ جڳهه جڳهه تي مکيه جاين ۽ هنڌن جا اسڪيچ ڏئي پنهنجي بيان جو ڄڻ ”تصويري خبر نامو“ پيش ڪيو اٿس.
    سنگاپور جو پيپلس پارڪ هجي يا رئفلس اسڪوائر، سينتوساٻيٽ هجي يا ان جو ڦوهارو (Musical Fountain) جنهن جي ذڪر ڪرڻ سان ليکڪ کي ڪراچيءَ جو رنگ به رنگي ڦوهارو ياد ٿو اچي. جيڪو ميٽرو پول هوٽل يا ريڪس سئنيما (جا اڄ ڪلهه هاشو آڊيٽوريم آهي.) جي ڀر واري چونڪ ۾ لڳل هو، جنهن مان ميوزڪ ۽ پاڻيءَ سان گڏ مختلف رنگن جي روشني پڻ نڪرندي رهندي هئي. ڪراچيءَ واري ڦوهاري جي ماضيءَ جي سونهن، رنگ ۽ رونق ڄڻ الطاف جا چاڪ چڪايو وجهي.
    سنگاپور جو زولاجيڪل گارڊن هجي يا مانگر مڇن جو فارم، چيني ۽ جاپاني باغيچا هجن يا پکين جو پارڪ، مونوريل جو ذڪر هجي يا ڪئبل ڪار جو تذڪرو يا وري ملائيشيا کان سنگاپور ويندي بارڊر جي آخري شهر جو هور بارو ۽ سنگاپور ۾ داخل ٿيڻ شرط ”وڊلئنڊس“ جي باري ۾ الطاف جو تفصيلي ذڪر نه رڳو مانائتو آهي پر ڪافي معلوماتي پڻ آهي.وڊلئنڊس (سنگاپور) ۾ هڪ خوبصورت مسجد جو تذڪرو به ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ ڪري ٿو ته هر جمعي تي ڪيئن نه ملائيشيا جا ماڻهو هڪ تير سان ٻه شڪار ڪن ٿا. يعني وڊلئنڊس جي مسجد ۾ نماز به پڙهن ته ساڳئي وقت خريداري به ڪري وٺن، عبادت ۽ خريداري ٻئي گڏوگڏ.
    سنگاپور جو دلچسپ احوال پڙهي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ کي سنگاپور جو سير ڪندي محسوس ڪيم، جتي 1980ع ۾ ڪوالا لمپور (ملائيشيا) ۾ ”ايشيا-پئسفڪ انسٽيٽيوٽ فار براڊڪاسٽنگ ائنڊ ڊولپمينٽ“ (A.I.B.D) ۾ ٽرئننگ دوران فقط ٻن ڏينهن لاءِ سنگاپور ويو هوس ۽ پنهنجي سفرنامي ”پرين جي پرديس“ ۾ تمام مختصر احوال ڏنو اٿم ڇو ته فقط ٻه ڏينهن قسم کڻڻ لاءِ ته صحيح آهن ته ”سنگاپور ڏسي آيو آهيان“ پر گهمڻ ڦرڻ ۽ اطمينان سان سنگاپور کي ڏسڻ وائسڻ لاءِ نهايت ناڪافي ۽ اڻ پورا آهن.
    ٻين احوالن سان گڏ الطاف جيڪو سنگاپور جي ڪسٽم وارن جو احوال لکيو آهي اهو به واهه جو دل سان لڳو. مون ته سنگاپور جي ڪسٽم وارن جو احوال ”شل ڪو ڳڙو پئين“ جي عنوان سان لکيو هو، سنگاپور جي هرشيءِ سٺي پر اتان جا ڪسٽم وارا نه رڳو راشي آهن پر ساڳئي وقت غير مذهب پڻ آهن جيڪي هر چڱي مٺي سان ساڳيو غير شريفاڻو سلوڪ ڪن ٿا ۽ سختيءَ سان پيش اچن ٿا.
    الطاف کان جيڪڏهن ڪا شڪايت آهي ته اهاته سفر دوران پنهنجي اندر جو حال اوريندي جڏهن ڪنهن ٿيٽر، نائيٽ ڪلب، ڊسڪو ٿيڪ يا ڪنهن ڇوڪريءَ جو ذڪر ٿو ڪري ته اتي الطاف، گوهي کائي، کسڪي اسان کان وڃائجي ٿو وڃي.
    پڙهندڙ پريشان ته الطاف ته هاڻي هاڻي اسان سان گڏ هو، ويو ڪيڏانهن، پر مجال آ جو هو ڳوليو به لڀي. هاڻي اهو ڪو ٻيو ماڻهو آهي جيڪو الطاف جي اوٽ ۾ اسان سان مخاطب آهي. ۽ فقط ايتري دير تائين اسان سان گڏ رهي ٿو جيتري دير نائيٽ ڪلب، ڊسڪوٿيڪ يا ڇوڪريءَ جو ذڪر پورو ٿئي . تيستائين الطاف يا ته ڪنهن مندر ۾ پوڄا پاٺ ڪرڻ ويو آهي يا مسجد ۾ نماز نيتي ٿي بيهي رهيو آهي. اهڙن موقعن تي جيڪڏهن اسان سان مخاطب ٿئي به ٿو ته بيحد محتاط، ٿي ڪري اڻ چٽو، ابهم ۽ دٻيل دٻيل انداز ۾ منهنجي خيال ۾ ڪيترا واقعا، حادثا، ۽ منظر هر حساس ليکڪ اُهي بيان ڪندو آهي جن جو پاڻ هڪ اٽل حصو هوندو آهي. يا جن واقعن سان هو پاڻ Identify ڪندو آهي. مون کي يقين آهي ته الطاف به اهڙن کوڙ واقعن ۽ حادثن مان گذريو هوندو جن سندس جيءَ کي جهنجهوڙيو هوندو: ڪٿي ميلاپ ملاقاتون، ڪٿي وڇوڙي جا ورلاپ، ڪٿي هجر جا هاڃا، ڪٿي پيار ۾ بي اعتداليون ۽ ان سلسلي ۾ نه بخشجڻ جهڙيون سحوون پڻ سرزد ٿيون هونديون، پر اهڙن موقعن تي هو پنهنجي سفر نامن ۾ پڙهندڙن کان اهڙو ته اٽڪل تي پاسيرو ٿي وڃي ٿو جو کانئس پڇي به نٿو سگهجي ته ”يار هاڻي هاڻي تون اسان سان گڏ هئين، انتظار ۽ تجسس جي گهڙين ۾ ڪيڏانهن گسائي وئين؟“ ان وقت پڙهندڙ کي هوند لذيذ ۽ سوادي مضمون ۾ ڪجهه ڦڪائي ۽ ٻاڙائي محسوس ٿئي ٿي توڙي جو سندس هن ڪتاب ”سنگاپور ويندي ويندي“ ۾ ڪٿي به اهڙو واقعو ڪونه لکيو اٿائين پر تنهن هوندي به سندس اڪثر سفرنامن ۾ مون کي اها شڪايت ضرور رهي آهي. ساڳئي وقت معصوميت ۽ اڻ محسوس ٿيندڙ طريقي سان نازڪ معاملن ۾ سندس نٽائڻ، لنوائڻ ۽ اصل حقيقت کي اڻ سڌيءَ طرح بيان ڪرڻ جي ٽيڪنڪ تي کيس داد ڏيڻ کان سواءِ رهي به نٿو سگهجي.
    الطاف جي قلم ۾ وڏي جاذبيت آهي، ڏانءُ به اٿس ته ڏات به. واقعن کي خوبصورت طريقي سان بيان ڪرڻ جي خوب مهارت اٿس. محاورن مثالن ۽ تشبيهن جو ڄڻ ڪو خزانو پاڻ سان گڏ کيسي ۾ کنيون گهمندو وتي، موقعي ۽ مهل تي انهن کي فٽ ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو ۽ پڙهندڙ کي وندرائي ۽ ڪنٽرول ڪرڻ جي به کيس پوري سگهه آهي. البت هاڻي اونو اهو اچي لڳو آهي ته الطاف، جهاز راني (Sailing ) ڇڏي ملاڪا ۾ هڪ ايئر ڪنڊيشن ڪمري ۾ وڏي ٽيبل ۽ ڪرسيءَ تي وڏو صاحب بڻجي ويهي رهيو آهي. سندس عهدو کيس ۽ اسان سڀني کي مبارڪ هجي پر سيلاني هجڻ واري ڪيفيت مان ڦري سندس هڪ هنڌ ويهڻ واري صاحب ٿيڻ مان انديشو اهو آهي ته اڳتي هلي ڪٿي الطاف جي نون سفر نامن کان محروم نه ٿيڻو پوي: پر مونکي اميد نه پر يقين آهي ته ائين نه ٿيندو. سندس اندر وارو الطاف کيس ڪجهه نه ڪجهه لکڻ تي ضرور اڪسائيندو ۽ آماده ڪندو رهندو ۽ جڏهن وڃڻ شرط پڇبو ته ”ڀائو! آهي ڪو الطاف جو نئون سفرنامو؟“ ته اسان کي اميد ته بوڪ سيلر مايوس نه موٽائيندو.

    عنايت بلوچ
    حيدرآباد
    30 جون 1986ع


    ملائيشيا ۽ سنگاپور

    ملائيشيا جوملڪ ۽ سنگاپور جو ٻيٽ ائين آهي، جيئن پاڪستان جو سڄو ملڪ ۽ منهوڙو ٻيٽ. ۽ ملائيشيا ملڪ جو جوهوربارو شهر سنگاپور سان پل (Cause Way) ذريعي ائين ڳنڍيل آهي جيئن ڪراچيءَ جو شهر منوڙي سان سمنڊ ۽ ماريپور ذريعي ڳنڍيل آهي. سو ظاهر آهي ته جوهوربارو شهر جي ماڻهن لاءِ سنگاپور جو شهر ائين سڏ پنڌ تي آهي. جيئن ڪياماڙي وارن لاءِ منهوڙو. ملائيشيا جا ماڻهو زري پرزي ڳالهه لاءِ پاسپورٽ پاڻ سان کڻي اهو ملائيشيا پيا وڃن. ڪڏهن ڪڏهن سنگاپور ۾ ڪا نئين فلم چڙهندي ته ملائيشيا جا ماڻهو (خاص ڪري جوهوربارو شهر جا) شام جو وڃي پهريون يا ٻيون شو ڏسي رات جو اچي گهر به نڪرندا آهن.
    سنگاپور ٻيٽ ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ فقط سمنڊ جو ٽڪرو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بارڊر طور ڪم اچي ٿو. ان سمنڊ جي ڳچيءَ/ ٽڪري مٿان پل ٺهيل آهي. جيڪا سنگاپور ۽ ملائيشيا کي ڳنڍي ٿي. اها پل بلڪل دادو موري پل جهڙي ۽ جيڏي ٿيندي _ جوهوربارو شهر کان ان پل تائين بس جو ويهه سينٽ (هڪ رپيو) کن ڀاڙو آهي. پل وٽ لهي اميگريشن جو فارم ڀري، پاسپورٽ تي ٺپوهڻائي، ٻئي پاسي بيٺل سنگاپور جي بس ۾ ماڻهو چڙهي پوندا آهن _ جيڪا ان پل کان سنگاپور جي آخري پوڇڙ تائين اسي سينٽ (پنج روپيا کن) ٿي وٺي. پوءِ ڀلي ماڻهو ڪٿي به لهي پوي وڻيس ته بارڊر وٽ وڊلئنڊس جي علائقي ۾ لهي پوي يا اڳتي هاءِ اسٽريٽ پيپلز، پارڪ، آرچرڊ روڊ يا شينٽن وي وغيره تي. يعني هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين اوٽ موٽ جو ڀاڙو ڪل ٻارنهن روپيا ۽ اهڙا ڏهه روپيا ٻيا کن خرچ ڪري فلم شو به ڏسي سهگي ٿو ته پٽاٽا چپس وغيره کائي مانيءَ جي اؤن به لاهي سگهي ٿو. منهنجي خيال ۾ سنگاپور ۽ ملائيشيا جي شهر جوهورباروءَ جي رهاڪن لاءِ هڪ ٻئي جا ملڪ گهمڻ، جيترو سستو ٿو پوي اوترو وجهه دنيا ۾ ٻيو ڪنهن کي نه آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته اسڪول جون بسون ٻارن کان ٽي ڊالر (ويهه ويهه روپيا کن) وٺي هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻيو ملڪ گهمائي ڦيرائي وٺي اينديون آهن.
    هتي ملائيشيا ۾ ڇنڇر اڌ ڏينهن موڪل ٿئي ۽ آچر سڄو ڏينهن جيئن پنهنجي ملڪ ۾ پهرين هو. جمعي ڏينهن وري جمعي نماز لاءِ ٻارهين بجي کان ٽين بجي تائين _ ٽي ڪلاڪ موڪل ٿئي. جوهورباروءَ جا ماڻهو ته جمع نماز سنگاپور ۾ پڙهي شاپنگ ڪري انهن ٽن ڪلاڪن اندر موٽي ايندا آهن. ان بندوبست لاءِ سنگاپور جي سياڻي حڪومت بارڊر وٽ ئي هڪ وڏي مسجد ٺهرائي ڇڏي آهي. ۽ اتي ئي وڏا ڊيوٽي فري شاپنگ سينٽر پڻ ته جيئن ملائيشيا جي ماڻهن کي بس جا وڌيڪ اسي سينٽ ڀري پري به نه وڃڻو پوي. اتي ئي نماز جي نماز ۽ شاپنگ جي شاپنگ ٿي وڃي.
    ملائيشيا جو جوهوربارو شهر ته ٿيو بلڪل ئي سنگاپور جي ويجهو ، پر سڄي ملائيشيا جي ماڻهن لاءِ سنگاپور گهمڻ ائين آهي جيئن ڪوٽڙي، ڄامشورو ۽ پيٽارو جي ماڻهن لاءِ حيدرآباد. بس پاسپورٽ ۽ ڪجهه ڏوڪڙ کيسي ۾ هجن پوءِ جنهن وقت موڊ ٿئي ته هڪ ملڪ جا ماڻهو ٻئي ملڪ ۾ وڃيو نڪرن. ملائيشيا جي ماڻهن جي پاسپورٽ تي ٻئي ڪنهن ملڪ جو ٺپو هجي يا نه پر سنگاپور جي ٺپن سان سڄو پاسپورٽ سٿيو پيو هوندو.
    اسان جي شهر _ ملاڪا کان سنگاپور ايترو پري آهي، جيترو موري کان ڪراچي، ۽ سنگاپور کان ڪوالا لمپور ايترو پري آهي، جيترو ڪراچيءَ کان سکر. هتي جا رستا صاف سٿرا آهن. جيتوڻيڪ پاڪستان وانگر سڌا نه آهن جو ملائيشيا سنڌو ماٿريءَ وانگر سڌو ۽ لسو ناهي، پر ٽاڪرون ۽ هيٺ مٿانهون ملڪ آهي. سو لاهيون چاڙهيون ۽ ڦيرا گهڻا آهن - جيئن ڪوهه مري پاسي رستا آهن. پر هتي اها چڱي ڳالهه آهي ته هڪ ته موسم هميشه جهڙالي آهي تنهن ڪري گرمي يا ٿڪ محسوس نٿو ٿئي ۽ چوڌاري وڻ ٽڻ ۽ سرسبز ساوڪ هجڻ ڪري ڊرائيونگ ۾ ويتر فرحت محسوس ٿئي ٿي. ۽ ٻي ڳالهه ته جنهن تنهن رستي تي نشان لڳل آهن، جنهن موجب ڊرائيورن کي گاڏي حفاظت ۾ هلائڻي پوي ٿي. ملڪ ۾ پئسو جام آهي تنهن ڪري گاڏيون لاريون توڙي ٽرڪون نيون آهن. ۽ سڀ هڪ ئي رفتار سان هلن ٿيون. ۽ ڪنهن ٽرڪ کي رستو نه ڏيڻ يا آهستي آهستي گاڏين کي ذري ذري اوور ٽيڪ ڪرڻ ڪري وقت نه ٿو وڃي. ان ڪري ڪوالا لمپور کان سنگاپورتائين جو سفر ايترو نٿو ٿڪائي. جيترو ڪراچيءَ کان سکر شڪارپور تائين جو.
    ملاڪا جو شهر، ڪوالا لمپور ۽ سنگاپور جي وچ ۾ ائين آهي، جيئن ڪراچيءَ ۽ سکر جي وچ ۾ مورو. سو ملاڪا جا ماڻهو موڪلن ۾ ڪوالالمپور به وڃن ته سنگاپور به، پر گهڻو سنگاپور ڏي رخُ رکندا آهن.جو سنگاپور ۾ سستي خريداري آهي. مسجدون مندر به آهن، ٻارن جي گهمڻ لاءِ چڙيا گهر ٽائيگر بام گارڊن جهڙا باغيچا به آهن. شاگردن لاءِ هر فيلڊ جا اسڪول ۽ ڪاليج آهن. فلمون آهن، وغيره وغيره.


    سنگاپور باءِ روڊ

    ملاڪا کان سنگاپور تائين ٽئڪسيون به وڃن ته بسون به. ٽئڪسيون هتي گهڻو ڪري مرسڊيز هلن. ٽئڪسيون ۽ بسون ايئرڪنڊيشنڊ آهن. ان ڪري ماڻهو پنهنجي ڪار بدران بس يا ٽئڪسيءَ ۾ وڌيڪ سفر ڪن ٿا. ڇو جو پاڻ سان ڪار کڻي وڃڻ معنيٰ هڪ ته پاڻ ڊرائيونگ جي تڪليف ڪرڻ ٻيو سنگاپور جهڙي ڳتيل شهر ۾ ڪار بيهارڻ (پارڪنگ) لاءِ منهن مٿو پٽڻ، سنگاپور ننڍڙو شهر هجڻ ڪري منجهس پارڪنگ جي جاءِ تمام ٿوري آهي. ۽ جي مليو به ٿي وڃي ته بيهارڻ جي في تمام ڳري آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين ٿيندو آهي جو ڪنهن دڪان آفيس يا سينيما گهر ۾ وڃڻو هوندو آهي ته ان دڪان جي ڀرسان جڳهه ملڻ بدران ميل ڏيڍ پري جاءِ ملندي آهي. جتي ڪار بيهاري وري ساڳيو ٽئڪسي يا بس ۾ ان دڪان يا آفيس تائين اچڻو پوندو آهي. ان ڪري هن ملڪ جا ماڻهو پبلڪ ٽرانسپورٽ گهڻي استعمال ڪن ٿا. پر ان هوندي به روزانو سراسري هزار کن پرائيويٽ ڪاريون ملائيشيا کان سنگاپور اچن ٿيون. ملاڪا کان سنگاپور تائين ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو يارنهن ڊالر (پنجهٺ کن روپيا) آهن.
    اسان به پاڪستان کان جيئن ئي ملاڪا رهڻ لاءِ آيا سين ته اچڻ سان آنڌ مانڌ ٿي ته پهرين فرصت ۾ سنگاپور ضرور گهمڻ هلجي، جنهن جهڙي ڊيوٽي فري پورٽ لاءِ جهاز تي نوڪري ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ پڻ هميشه آتا هوندا هئاسين. سنگا پور ۾ جهاز ٻن چئن ڪلاڪن لاءِ بيهندو هو ته به غنيمت سمجهندا هئاسين. ۽ جهاز پهچڻ کان اڳ جهيڙا شروع ٿيندا هئا. ته اندر بندرگاهه ۾ پهچي ڪير ڊيوٽي ڪندا ۽ ڪير گھمڻ ويندا – ڇو جو هڪ ئي وقت سڀ همراهه به جهاز کي ڇڏي نٿا سگھن - ۽ پوءِ جڏهن جهاز فقط چئن پنجن ڪلاڪن لاءِ ترسندو هو، ته ظاهر آهي سڀ نه ويندا هئا، فقط اهي ويندا هئا، جيڪي ڊيوٽي ڪري ان وقت واندا ٿيندا هئا. پوءِ اهو چار پنج ڪلاڪ آرام وارو سمورو وقت هل هلان ۾ گذاري وري ساڻا ٿي جهاز تي اچي ڊيوٽيءَ تي چڙهندا هئا. ۽ جن کي موڪل نه هوندي هئي، اهي به ذهني طرح ٿڪ محسوس ڪندا هئا. نتيجي ۾ جهاز جڏهن سنگاپور کان نڪرندو هو ته ڪي ڪلاڪ بلڪه ايندڙ ڏينهن تائين سڀ ٿڪل هوندا هئا. پر هاڻ اسان جو هيءُ پهريون دفعو سنگاپور وڃڻ ٿي رهيو هو، جنهن ۾ پٺيان جهاز يا ان تي ڊيوٽي ڪرڻ جو فڪر نه هو. جيتري دير وڻي اوتري دير دڪانن تي خريداريءَ ۾ لڳائي ٿي سگهياسين. بلڪ وقت جي کوٽ يا ڊيوٽيءَ جي ڊپ کان تڙ تڪڙ ۾ خريداري ڪرڻ بدران آرام سان سوچي سمجھي ضرورت جي شئي وٺي سگھياسين ٿي. جهاز وارن ڏينهن ۾ جي ڪنهن شيءِ جي ضرورت نه هوندي هئي ته به وٺبي هئي ته متان ان شيءِ جي ضرورت پوي يا متان اها ٻئي ملڪ مان نه ملي. پر هن دفعي اسان جو سنگاپور وڃڻ ٻئي نموني جو هو. هن دفعي چرين وانگر هر شيءِ تي لامارو هڻي خريداري ڪرڻ بدران فقط ضرورت جي شيءِ وٺڻ جو سوچيو هئو سين. جو ڪنهن وقت به ضرورت پوڻ تي اچي وٺي ٿي سگهيا سين جو ويٺائي هتي آهيون. بلڪه ڪيتريون ته سنگاپور واريون شيون ملائيشيا ۾ به ساڳئي اگهه تي عام جام ملن ٿيو. ڪن شين تي قيمت جو فرق ضرور آهي. جو سنگاپور ۾ نه برابر ٽئڪس آهي ۽ ملائيشيا ۾ ڪجهه گهڻو آهي. خاص ڪري اليڪٽرڪ جي شين وي سي آر، ريڊيو، ٽي وي، وغيره تي.


    شاپنگ لاءِ سنگاپور

    ملائيشيا ۾ نوڪريءَ خاطر اسانکي ڪجهه وقت اتي رهڻو هو، سو ملائيشيا پهچڻ سان اسان گهڻو تڻو سامان ملائيشيا مان ئي ورتو سين. خاص ڪري اهي شيون جن جي قيمت ۾ گهڻو تڻو فرق نه هو. بس فقط وي سي آر جي قيمت ۾ گهڻو فرق هو، جيڪو ملائيشيا ۾ نَوَ هزار کن ۾ مليو ٿي ۽ سنگاپور ۾ ڇهه هزار روپيا هو. پر ملائيشيا ۾ آڻڻ وقت ٻه هزار روپيا کن ٽئڪس ڏيڻ کانپوءِ فرق ۽ فائدو فقط هزار روپين جو ٿي ٿيو. پر ڪئپٽن ذوالفقار اچڻ سان چيو هو ته هو سنگاپور مان ئي وٺندو ۽ کانئس ٽئڪس هر گز نه وٺندا جو هو ملائيشيا جو رهاڪو نه آهي ۽ بارڊر تي ڪسٽم وارن کي ڪهڙي خبر ته اسان ملائيشيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي سال رهڻ لاءِ آيا آهيون. هو ڪسٽم آفيسرن کي _ هن جي چواڻي ٻڌائيندو ته ”لڪ سر!وي آر گيسٽس اِن ملائيشيا.“ اسان ته ملائيشيا ۾ فقط ڪجهه ڏينهن لاءِ مهمان آهيون.
    بحر حال اهي ته هيون اسان جي طرف جون ڳالهيون. هو ڇا چوندا ته بندي جي من ۾ هڪڙي الله جي من ۾ ٻي آصف ته اڳهين کيس چتاءُ ڏيندو رهيو ته هر ڪو پنهنجي ڪم ۾ قابل آهي. جيئن سرجن آپريشن ڪرڻ ۾، وڪيل ڪيس وڙهڻ ۾، تيئن ڪسٽم وارا ڊيوٽي ٽيڪس (Tax ) هڻڻ ۾. اهي ڪي چريا نه آهن جو انهن ڳالهين تي وسوڙجي وڃن. هنن جي عمر ان ڪم ۾ گذري آهي، سو ڪجهه نه ڪجهه ان جو جواب هنن وٽ به هوندو.
    ۽ واقعي ٿيو به ائين. واپسيءَ تي سنگاپور کان ملائيشيا اچڻ وقت جوهوربارو ۾ سامان جي چيڪنگ تي جڏهن هنن ٽي سؤ ڊالر وي سي آر جي ڊيوٽي گهري ته ڪئپٽن ذوالفقار کين ريهرسل ڪيل مٿيان ڊائلاگ ٻڌايا .
    ڪسٽم آفيسر اکيون ڇنڀيندي ڌيرج سان چيو؛ ”ته پوءِ ڀلا هيئن ڪريو؛ ٽي سؤ ڊالر ڊيوٽي نه پر گيرنٽيءَ طور جمع ڪرائي وڃو. ٽن مهينن جي اندر جي ملائيشيا مان هليا ويائو ته پوءِ رسيد ڏيکاري پنهنجا جمع ڪرايل پئسا وٺي وڃجو، پر جي ملائيشيا ۾ ئي رهي پيائو ته اهي پئسا ڪسٽم ڊيوٽيءَ ۾ شمار ڪيا ويندا.“
    ذوالفقار پنهنجي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي چيو؛ ”منهنجو خيال آهي ته ڪسٽم ڊيوٽي ئي هڻو جو آئون نه ٿو سمجهان ته توهان جهڙن دلبر ماڻهن کي ٽن مهينن اندر ڇڏي وڃڻ تي دل چوندي.“
    ابو بڪر بن هاشم (ڪسٽم آفيسر) کلي اسان کان نوڪريءَ ۽ رهائش جو پڇيو. ان سان گڏ ايترو سو ڪيائين جو ٽي سؤ بدران اڍائي سؤ ڊالر ڊيوٽي لڳايائين جيڪا وي سي آر لاءِ تمام گهٽ ڊيوٽي آهي. ٻئي ورتل سنهي سنهي سامان کي کولي به نه ڏٺائين. جيتوڻيڪ هي پنهنجي ماڻهن سان تمام سختي ڪري رهيا هئا، پر اسان جهڙن ڌارين سان ڪافي رعايت ڪيائين جيڪي ٿورا، اسان ارادو ڪيو ته ملئي ماڻهن جا لاهي ته ڪونه سگهنداسين پر ڳائينداسين ضرور.
    بحر حال اهو وي سي آر ئي هو جنهن ڪئپٽن ذوالفقار ۾ سڀ کان وڌيڪ سنگاپور وڃڻ لاءِ اتساهه پيدا ڪيو. ان کان علاوه ٻئي نمبر تي سنگاپور جون گهٽيون گهمڻ ڦرڻ هو.
    جتي جهاز کي سنگاپور ۾ چند ڪلاڪن لاءِ اچڻو ٿو پوي اتي ڪڏهن ڪڏهن اهڙا موقعا پڻ هر هڪ جهازيءَ کي مليو وڃن جو سنگاپور ۾ هن جو جهاز مهينن جا مهينا ترسيو پوي. اسان جو ٻيو يار ”چيف انجنيئر آصف غيور“ ٻه دفعا کن جهاز جي وڏين مرامتن لاءِ سنگاپور ۾ مهينو مهينو به رهي چڪو آهي. ان کان علاوه جنهن هڪ دفعو ايراني جهاز تي چڙهڻ لاءِ ڪراچيءَ کان فلاءِ ڪري سنگاپور آيو هو، اهو جهاز ايران ۽ عراق جي جنگ ڪري وقت تي سنگاپور ئي نه پهتو ۽ آصف کي ان جهاز جي ڪمپنيءَ جي خرچ تي ٻه مهينا سنگاپور جي هڪ هوٽل ۾ رهڻو پيو هو، اهڙي نموني سان ڪئپٽن ذوالفقار پڻ ڪيترائي دفعا مهيني مهيني کان وڌيڪ سنگاپور ۾ رهي چڪو آهي. ۽ ساڳي طرح سامونڊي نوڪريءَ دوران منهنجي پڻ سنگاپور ۾ ڊگهي رهائش ٿي چڪي آهي. اهڙيءَ طرح هرهڪ جهازيءَ جي سنگاپور سان ڄاڻ سڃاڻ آهي ئي آهي - چيني دڪاندارن سان تامل ۽ ملئي مسلمان هوٽل وارن سان، جهازران ڪمپنين جي آفيسن ۽ سفارتخانن سان، اسپتالن جي نرسن ۽ چيني ويٽريسن سان، عرب اسٽريٽ جي نالي ماتر مولوين ۽ ٺڳ ٻانڀڻن ٻاون سان، ته يونيورسٽيءَ جي ملياڻين ۽ ذهين ماسترياڻين سان به .


    سنگاپور گهڻ - قومو ملڪ آهي.

    سنگاپور ۾ سينيمائون آهن، ڪلب آهن، بار ۽ ڊسڪوٿي آهن ته مندر ۽ مسجدون پب ۽ لئبرريون پڻ. باغ باغيچا ۽ گولف گرائونڊ آهن ته خاموش پارڪ ۽ ڪن کائيندڙ جاز ۽ ٽرمپيٽ ٻڌائيندڙ پڻ. سنگاپور ۾ جاپاني ۽ يورپي کاڌا آهن ته ملئي ”مرتباڪ“ ۽ ”ايام“ ”گورينگ“ جهڙا کاڌاپڻ آهن. تامل ۽ ملباري مرچن هاڻا ٻوڙ ۽ بريانيون آهن ته ناريل جون مٺايون ۽ اڦراٽا پڻ آهن. چيني چاؤ آهن ته نوڊل ۽ مي پڻ ان کان علاوه مغربي کاڌا پيتا _ مئڪڊونالڊ، ڪئنٽڪي، بگ برگر کان بيئر بارلي، ڪوڪ ۽ ملڪ شيڪ پڻ آهن. لڇمڻ مير چنداڻيءَ جي دڪان جي سستي شاپنگ کان اسٽريٽ ۽ هاءِ اسٽريٽ جي ڳري شاپنگ پڻ آهي.
    دنيا جا ماڻهو ڪٿان ڪٿان ٿي سنگاپور گهمڻ اچن ٿا ۽ اسان در تي هوندي به يعني ملائيشيا ۾ هوندي به سنگاپور نه وڃون - بقول آصف جي ”اهو ڪٿي جو انصاف چئبو.“ پر سندس ئي چواڻي ته سنگاپور هلبو ضرور، پر سال جي ٻڌل موڪل مان ڪو به ڏينهن ضايع نه ڪبو، اها ڀلي بچيل رهي ته جيئن انهن ڏينهن ۾ ٿورو پرين ملڪن: ٿائلينڊ، انڊونيشيا ڏي وڃي سگهجي. باقي سنگاپور وڃڻ جي لاءِ آچر جو ڏينهن يا ٻيا موڪلن جا ڏينهن - عيدون ڏياري، چينن جي عيد، نئين سال يا ڪرسمس جي موڪل وارا ڏينهن استعمال ڪبا.
    ملائيشيا ۾ مهينو کن مس ڪو گذريو هوندو ته هڪ ڏينهن ڪئپٽن ذوالفقار رسيس واري چانهن تي رڙ ڪري چيو: ”اڙي خبر اٿَوَ ايندڙ مهيني جي پهرين جمعي تي هندن جي ڏياري آهي. ۽ هتي ڏياريءَ جي موڪل ٿيندي آهي.آچر به ٿي موڪل.باقي وچ وارو ڏينهن ڇنڇر موڪل وٺي هلو ته هلون سنگاپور.“ سڀني واه واه ڪئي.
    سنگاپور ۽ ملائيشيا گهڻ قومن وارا (Multiracial) ملڪ آهن. يعني منجهن ڪيترن ئي مذهبن ۽ زبانن جا ماڻهو رهن ٿا. جيئن هتي ملائيشيا ۾ ملئي مسلمان آهن. ۽ سني فرقي جي شافعي اسڪول سان واسطو رکن ٿا. ٻئي نمبر تي چيني آهن. جيڪي ايامن کان هتي رهن ٿا جن جا پڙ ڏاڏا تڙ ڏاڏا چين، تائيوان، هانگ ڪانگ وغيره کان هتي آيا جيڪي ڪيترن ئي قسمن جون چيني زبانون ڳالهائين ٿا. جهڙوڪ: منڊران، ڪئنٽونيز، هئنڪو، هئڪن، ٽيو چو وغيره وغيره ۽ گهڻا ڪئنفيوشس مذهب سان تعلق رکن ٿا. ڪجهه ڪرسچن ۽ مسلمان آهن ۽ ڪجھه بي دين پڻ، انڊين ۾ گهڻي ڀاڱي سائوٿ انڊين تامل ۽ سک آهن. تامل هندو به آهن ته مسلمان ۽ عيسائي به، اهي تامل زبان ڳالهائين ٿا، ڪجهه مليالم ۽ تيلگو ڳالهائين ٿا. سک پنجابي ڳالهائين، پر لکن گرمکيءَ ۾ اهي گرو نانڪ کي مڃين. ڪجهه ملبار جا ملباري مسلمان آهن. ڪجهه گجرات (هندستان) جا گجراتي آهن ۽ ڪيم ڇم_ مزاماڇو واري زبان ڳالهائين ڪجهه سنڌي آهن، جيڪي گهڻو ڪري سڀ هندو آهن. (منجهن ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سک به آهن) جيڪي سنڌي ڳالهائين ۽ گهڻو ڪري واپار انهن حوالي آهي. ڪجهه انهن مان نوڪرين ۾ پڻ آهن ۽ ڪجهه اسان جهڙا ويجهڙائيءَ ۾ پاڪستان کان آيل مسلمان سنڌي آهن، جيڪي نوڪريون ڪن. ڪجهه ٻيا پاڪستان جي مختلف صوبن جا مسلمان آهن. انڊين ۽ يورپ جي ماڻهن ۾ جيڪي ڪرسچن آهن سي به مختلف فرقن جا ڪرسچن آهن. جهڙوڪ: ڪئٿولڪ، پروٽيسٽنٽ، ميٿاڊسٽ، هولي فئملي، سيونٿ ڊي ايڊوينٽسٽ وغيره وغيره هر هڪ کي پنهنجا پنهنجا مندر ۽ گرجا گهر آهن. سو هتي موڪلون به مسلمانن جي ڏينهن کان علاوه هندن، ڪرسچن ۽ چينين جي ڏينهن تي پڻ ٿين. ڪجهه سال اڳ تائين ته هتي ملائيشيا ۾ پڻ سنگاپور وانگر چار زبانون: ملئي، انگلش، چيني ۽ تامل هليون ٿي، پر هاڻ سڄي ملڪ ۾ فقط هڪڙي ملئي ڀاشا (Bhasha_ Malaysia ) ڪري ڇڏي اٿن.


    سنگاپور ڪيئن هلجي

    بحرحال ڏياريءَ جي موڪل ڪري سنگاپور جو پروگرام ٺاهڻ لڳا سين ته ڪيئن هلجي. هتان ملاڪا کان ڪوالا لمپور هلي پوءِ هوائي جهاز ۾ سنگاپور هلي سگهجي ٿو، پر اهو ڊگهو پنڌ ۽ خرچ ٿيندو. ان کان ملاڪا کان ئي باءِ روڊ يا باءِ سي (سمنڊ_ملاڪا نار) رستي هلڻ سولو ۽ سستو هو. پر سڀني چيو ته پاڻيءَ جي جهاز کي ڇڏي وري ان جو نالو کڻڻ دل ڪچي ڪرڻ آهي. باقي باءِ روڊ هلڻ لاءِ ٽيڪسي ڪجي ياِ بس ۾ سوار ٿجي، باقي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي ڪار ۾ هر گز نه.
    ذوالفقار اسان سڀني ۾ ننڍو آهي. پر خريداريءَ ۾ ڪنهن پروگرام ٺاهڻ ۾ يا ڪنهن فنڪشن ڪاڄ جي بندوبست ۾ سڀني کان سرس آهي. تنهن صلاح ڏني ته صبح جو سوير جيڪر هلجي ۽ سڄو ڏينهن سنگاپور ۾ رهي شام جو موٽي اچجي. صلاح ته سٺي هئي. اسان جي اڪيڊمي _جتي رهيل آهيون، ان کان ملاڪا شهر جو بس اسٽاپ چڱو پري آهي. پهچڻ لاءِ ڪلاڪ سوا کپي ۽ سواري پڻ _ جيڪا صبح ساڻ ملاڪا جي بس اسٽاپ تائين ڇڏي اچي. ذوالفقار چيو ته ان جو بندو بست ٿي ويندو. هتان هڪڙيون پائريٽ Pirate _ چوريءَ جون ٽئڪسيون (يعني بنا پرمٽ ٽئڪسيءَ تي هلندڙ پرائيويٽ ڪارون) مسجد تاناح ڳوٺ تائين هلن ٿيون. اتان پوءِ ٻي قانوني ٽئڪسي ملاڪا جي بس اسٽاپ تائين ڪري سگهجي ٿي.
    اسان جي اڪيڊمي ائين آهي جيئن ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مالاڪا شهر ائين سمجهڻ کپي جيئن حيدر آباد جو شهر ڪئڊٽ ڪاليج پٽارو کان ۽ مسجد تاناح ائين آهي جيئن ڄامشورو _۽ ذري گهٽ مفاصلو به ايترو ئي ٿيندو. هتي جيڪي ٽئڪسيون بنا لائسنس جي هلن ٿيون، انهن کي پائريٽ ٽئڪسي سڏجي ٿو. (اهڙي طرح بنا لائسنس جي گانن سان ڀريل ڪئسٽن کي پائريٽ ڪئسٽ سڏين.)
    مٿيون ٺهيل پروگرام وري ٻئي ڏينهن ڪئنسل ڪري ڇڏيوسين جو ڪنهن هتي جي ماڻهوءَ ٻڌايو ته ڏياريءَ جي ڪري بسن ۽ ٽئڪسين ۾ رش ٿي ٿئي ۽ اڳواٽ سيٽ رِزَرِوڊِ ڪرائڻ کپي. ۽ رزروڊ ڪرائڻ بعد وقت تي ماڻهو نه پهتو ته بس به وئي ته سيٽ جو ڀاڙو به چٽ
    نيٺ اها صلاح ڪئيسين ته هڪ ڏينهن اڳ ۾ يعني خميس ڏينهن شام جو ئي ملاڪا جي جالان منشي عبدالله (روڊ) تي يا جالان بندر تي هلار تي ڪنهن هوٽل ۾ هلي رات رهجي، جتان بس اسٽاپ ويجهو آهي. ۽ صبح جو ننڊ مان اٿڻ سان پيرين پنڌ بس اسٽاپ تي پهچي ويندا سين. اهڙيءَ طرح ڪلاڪ ٻه وقت به بچي پوندو، پر پوءِ سگهو ئي اهو عقل اچي ويو ته سنگاپور ۾ رات نه ٽڪي جيڪي پئسا بچائي رهيا آهيون سي ته ساڳيا ملاڪا جي هوٽل ۾ رهڻ سان خرچ ٿي ويندا.جي اهو خرچ ڪرڻو ئي آهي ته پوءِ ڇو نه سنگاپور ۾ هلي ڪنهن هوٽل ۾ رات رهجي ۽ ٻئي ڏينهن به سنگاپور گهمجي.


    سنگاپور هلڻ لاءِ ٽئڪسي

    ان بعد ڪنهن ٻئي مقامي ماڻهوءَ صلاح ڏني ته سڄي ٽئڪسي ڪرڻ ڪري ٽئڪسيءَ وارو اسان کي گهران يعني (اڪيڊميءَ تان) ئي کڻي سگهي ٿو. ان لاءِ ڪيترن ئي اسان کي چيو ته جيڪڏهن چاهيو ته هو اسان لاءِ ڪنهن ٽئڪسيءَ واري کي چئي ڇڏين. پر جيئن ته اڃا ڏياري (ديپاولي) جي موڪل ۾ هفتو پيو هو سو ذوالفقار چيو ته اڃا ترسو متان ڪا ٻي صلاح دماغ ۾ اچي وڃي.
    ۽ ٿيو به ائين. ٻئي ڏينهن آصف سان سندس ڪار ۾ ذوالفقار ۽ آئون آفيس وڃي رهيا هئا سين ته پارڪنگ ۾ آصف جي ڪار ڀرسان هڪ پراڻي ڪار بيٺي هئي، جيڪا ڪو همراهه خريد ڪرڻ لاءِ ڏسي رهيو هو. وٺڻ لاءِ اسان کان به صلاح ورتائين ته ذوالفقار چيس: ”او ويري گڊ ڪار _ اسپيشلي فار پائريٽ جاب“ يعني ٽئڪسي ڪري هلائڻ لاءِ سٺي ڪار اٿئي. همراهه وراڻيو ته هن کي واقعي کپي به ان ڪم لاءِ ۽ ٻڌايائين ته پاڻ ٽئڪسي ڊرائيور آهي.
    اهو ٻڌي ذوالفقار يڪدم چيس: ”سنگاپور هلندين؟“ اسان ڪجهه دوست ٽئڪسي ڪري هلڻ ٿا چاهيون. گهڻو ڀاڙو وٺندين؟ ٽي سؤ ڊالر اوٽ جا ۽ جي واپس به ايندائو ته ٽي سؤ ڊالر موٽ جا- ڪل ڇهه سؤ ڊالر“ - يعني ساڍا ٽي هزار روپيا کن ٿيا.
    ذوالفقار نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيس: ” نه سائين اهي تمام گهڻا آهن. ”محل! بوليح ڪرا نگڪان هرگا:“ ( گهڻي اگهه کي ملئي زبان ۾ محل ٿا چون. ۽ هر گا معنيٰ اگهه. يعني ڪجهه اگهه گهٽائي سگهندين.
    ”تون ٻڌاءِ“ ڊرائيور پڇيو.
    ”اسان پنج ڄڻا آهيون هر هڪ پندرنهن ڊالر ڏيندءِ. يعني اوٽ موٽ جو ڀاڙو نوي ڊالر ملندءِ قبول اٿئي.“ ذوالفقار جيئن ئي ائين چيس ته مون چيو مانس ته ڀاڙو ايترو به ته گهٽ نه ڪرينس - اهو ته بس جي ڀاڙي کان به گهٽ ٿيو. سو به ملاڪا بس اسٽاپ کان سنگاپور تائين جو. يعني هتان گھر کان ملاڪا بس اسٽاپ جو ڀاڙو به بچت ٿيو. پر ذوالفقار مون کي اشارو ڪري چيو ته ماٺ ڪرهي پاڻهي هلندو. آخر ڏهه پندرنهن منٽن جي بحث بعد همراهه ٻه سؤ ڊالرن تي سنڌي ڪنوار واري هلڪي ڪنڌ ڌوڻ ڪري رضامندي ڏيکاري ۽ جمعي ڏينهن صبح جو ڇهين بجي اسان کي گهران کڻڻ جو وعدو ڪيائين. اسان به خوش ٿيا سين ته کيپ کٽيسين.
    جڏهن هڪ ٻه ڏينهن جمعي ۾ وڃي بچيا ته سڀني کي اهو اچي فڪر ٿيو ته هاڻ جي اهو ڊرائيور نه ٿو اچي ته اسان جو ته سڄو پروگرام دربدر ٿي ويندو. مون چيومانس ته يار ان ڊرائيور کان ويهه پنجويهه ڊالر کن ڊپازٽ وٺي رکون ها. جيئن دادوءَ ۾ اسٽيشن وڃڻ وارا ماڻهو ٽانگي واري کان ٻه ٽِي روپيا اڳواٽ وٺي رکندا آهن. اهي پئسا ان ڳالهه جي گيرنٽي هوندا آهن ته ٽانگي وارو ريل اچڻ کان اڳ وقت تي توهان کي فجر کان اڳ گهران کڻي اسٽيشن تي پهچائيندو. ٻي صورت ۾ اهي پئسا ضبط.. ڳالهه ته سڀني کي وڻي پر هاڻ ڇا ٿي سگهيو ٿي، پر اتفاق سان خميس جي ڏينهن اهو ڊرائيور اسان کي ملي ويو. اسان هڪ هٽڙيءَ وٽ بيٺا هئا سين ته ان ڊرائيور پاڻ اچي پڇيو ته سڀاڻي هلڻ جو پروگرام ته پڪو آهي يا نه، اسان کان ته دراصل سندس شڪل ئي وسري وئي هئي. سو پهرين ته چيو سين ته الائي ڪير آهي. پر پوءِ يڪدم سڃاڻي خوشي ٿي پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيو سين صبح جو ڪيڏي مهل ايندين.
    ”ستين وڳي“
    ”اڙي بابا ستين وڳي نه پر ڇهين وڳي“ اسان درستي ڪندي چيو. ”ڇهين چڱو آئون دوست کي چئي ڇڏيندس ته ڇهين بجي توهان کي کڻي. دراصل مونکي هتي ڪم آهي سو آئون ته نه هلندس، پر منهنجو دوست نورالدين توهان کي وٺي هلندو. هن جي نئين ۽ وڏي گاڏي آهي. اهو سڌو سنگاپور توهان کي وٺي هلندو.“
    اسان وري به هن کي پارت ڪئي ته ڇهين وڳي اصل هليا هلندا سون جيئن ته سنگاپور جلدي پهچي سگهون.
    رات جو سڀ گهڙيال ٺاهي پنهنجن گهرن ۾ ستا سين ۽ پنجين بجي اٿي جلدي جلدي تيار ٿي آصف جي گهر پهتاسين. پاڻ سان سامان ڪو گهڻو نه کنيو سين. اهو ئي سوچي ته ڪپڙا خراب ٿي ويا ته هڪ ٻه وڳو جيڪو سنگاپور مان وٺندا سين ان مان ئي ڪڍي پائيندا سين. بس رڳو پاسپورٽ امئگريشن جو ڪارڊ ۽ شيونگ جو سامان کنيو سين.


    ڪئپٽن مکڙي_ ماسٽرمئرينر

    سنگاپور وڃڻ کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ اهو خيال آيو هو ته سنگاپور ۾ رهجي ڪٿي.؟ اسان جو ڪو پراڻو ٽيچر ڪئپٽن مکڙي سنگاپور ۾ هو ۽ تازو اسان وٽان ملائيشيا مان به ٿي ويو هو. ۽ اسان کي هميشه چوندو هو ته سنگاپور جڏهن به اچون ته هن وٽ رهون. پاڻ اسان کي چٽ گانگ جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ اڄ کان ويهه سال اڳ پڙهايو هئائين. ان بعد ڪجهه سال اڳ ڪراچيءَ جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ به رهيو هو. پوءِ انگلنڊ ۾ ”ايڪسٽرا ماسٽر مئرينر“ جو ڪورس ڪري سنگاپور هليو آيو. سنگاپور وارن به انهن ڏينهن، مئرين اڪيڊمي نموني جو هي درس گاهه، ”سنگاپور پوليٽيڪنڪ“ کوليو هو. منجهس مئرين جي سبجيڪٽن کان علاوه سول، مڪينيڪل، اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جون برانچون به کوليائون. ۽ هاڻ ته ڪيتريون ئي ٻيون ٽيڪنالاجيون شروع ڪري ڏنيون اٿن. منجهس پڙهائڻ وارواسٽاپ ۽ شاگرد جتان ڪٿان اچن ٿا. خاص ڪري ”آسين“ ملڪن مان يعني فلپائين، انڊونيشيا، ملائيشياوغيره کان، هو پوليٽيڪنڪ سنگاپور ۾ ڊاور روڊ (Dover Road) تي آهي. ڪئپٽن مکڙي ان ۾ ڇهن سالن کان جهازرانيءَ جو سبجيڪٽ Navigation پڙهائي ٿو اڄ ڪلهه پنهنجيءَ نوڪريءَ جي ٽرم جو آخري سال پورو ڪري رهيو آهي. کيس سنگاپور حڪومت سنگاپور جي قوميت Nationality ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر پاڻ قبول نه ڪيائين ۽ چاهي کيس پاڪستان ۾ نوڪري ملي يا نه ملي پر هو پاڪستان ۾ رهڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. سندس ملڪ ۽ مذهب لاءِ پيار قابلِ داد آهي. اڄ کان ويهه سال اڳ جڏهن اسان کي پڙهائيندو هو تڏهن به ٺاهوڪو جوان هو. اسان کي ياد آهي ته هوءُ ڪڏهن به نماز جو وقت نه وڃائيندو هو. اڄ ويهن سالن کان پوءِ ڪافي ڪمزور لڳي ٿو. پر کاڌي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ لڳاتار ورزش ڪرڻ ڪري پنجونجاهه سالن جي عمر ۾ به چڱو تندرست ۽ سمارٽ لڳي ٿو.نماز کي قائم رکڻ تي جس ڏيندي چيو مانس: ”سائين توهان جي اها عادت ڏاڍي سٺي آهي جو هڪڙو به وقت نماز ڪذا نٿاڪريو. توهان واقعي عظيم آهيو.“
    بنا ڪنهن فخر جي نماڻائيءَ سان وراڻيائين: ”ان ۾ ڪابه وڏي ڳالهه نه آهي ۽ نڪو مان ٿورو ٿو ڪريان. نماز اهڙي شيءِ آهي جيڪا نبين تان به معاف نه ٿي. ۽ ان فرض جي پورائي لاءِ اسان DutyBound (ٻڌل)آهيون.“


    ڀاڳ جي ڪهاڻي

    ڪئپٽن مکڙي کان سواءِ سنگاپور ۾ اسان جو ٻيو ويجھوسڃاڻو ڪئپٽن ظهور عالم آهي. اهو ڪئپٽن ظهور اسان جو ڪلاس ميٽ ۽ چرچائي دوست آهي پاڻ پڻ سندس گهر رهڻ لاءِ چوندو رهندو آهي. ظهور گذريل اٺن نون سالن کان سنگاپور ۾ آهي.۽ سنگاپور جي مئرين ڊپارٽمينٽ جو اڄڪلهه تمام وڏو آفيسر آهي. پاڻ بنگالي آهي پر سنگاپور جي شهريت ملڻ ڪري اڄڪلهه سنگاپوري سڏجي ٿو. سندس ڪهاڻي به ڀاڳ جي ڪهاڻي آهي. اسان ڪلاس ميٽن مان هن سمنڊ جون تڪليفون تمام گهٽ ڏٺيون آهن. ڪئپٽن ٿيڻ بعد ته هڪ مسافري (Vovage) به پوري نه ڪيائين ته ڪناري جي نوڪري ملي ويس. سا به اعليٰ قسم جي ۽ سنگاپور جهڙي شهر/ ملڪ ۾.
    ٿيو ائين جو ظهور ڍاڪا مان شادي ڪري زال سان گڏ پاڻي جي جهاز تي ڪئپٽن جي حيثيت ۾ بنگلاديش کان ٽوڪيو (جاپان) لاءِ نڪتو. پر سندس زال کي ايڏي ته سي - سڪنيس Sea sicknessٿي جو هن لاءِ مسئلو ٿي پيو ته خراب موسم ۾ زال کي سنڀالي يا جهاز کي.جيئن تيئن ڪري خليج بنگال لتاڙي ملاڪا نار مان ٿي جهاز کي سنگاپور پڄايائين. تن ڏينهن ۾ منهنجو جهاز به سنگاپور ۾ بيٺل هو. پاڻ پرو گرام ٻڌايائين ته في الحال هو هي جهاز ڇڏي زال کي وٺي ڍاڪا ٿو وڃي، پوءِ جيئن قسمت ۾ هوندو. جي ساڳي ڪمپنيءَ جو جهاز ملي ويو ته جوائن Join ڪندو نه ته پوءِ ڪنهن ٻي ڪمپنيءَ ۾ اڪيلو Sail ڪندو.
    ٻئي ڏينهن اسان جي جهاز سنگاپور کان لنگر کنيو ۽ هانگ ڪانگ ڏي روانو ٿي ويو. ظهور سنگاپور جي هڪ هوٽل ۾ ترسي پيو جو هو ڍاڪا ”ايئر انڊيا“ جي هوائي جهاز ذريعي وڃي رهيو هو جنهن جي اڏام ٻن ڏينهن بعد هئي. اسان جو جهاز هانگ ڪانگ ۾ سامان لاهي پوءِ ٻن مهينن اندر ڪوريا جاپان ۽ چين مان ڪم لاهيندو واپسيءَ تي سنگاپور مان لنگهيو. ڪنهن طرح خبر پئي ته ڪئپٽن ظهور ته اڃا سنگاپور ۾ آهي.ڏاڍو تعجب لڳو. شهر مان هڪ هنڌان سندس مليل نمبر تي فون ڪيم. هڪ سرڪاري آفيس جو نمبر هو، ظهور عالم ڳالهايو.
    ”ڪي خوبور _ ڀالوتَو _“
    (ڪهڙي خبر چار خوش ته آهين نه.) هن بنگاليءَ ۾ کيڪاريو.
    ”اڙي خوش ڇا، تون خبر ڪر.“ اسين آهيون جو سمنڊ تي پيا لوڙيون ۽ تون آهين جو سنگاپور کي ڄمايون ويٺو آهين. بنگلاديش اڃا نه ويو آهين.؟ وائڙو ٿي پڇيو مانس:
    ”نه“ هن مختصر جواب ڏنو.
    ”ڇوڀلا؟ تُمي ايدي ڪي ڪي ڪوريو.؟“ (تون هتي ڪري ڇاپيو.)
    ”يو ويٽ ڊيئر آءِ ايم ڪمنگ (تون اتي ترس آئون اچان پيو.“
    آئون ڪلفرڊ پيئر ڀرسان ڪوئين ايلزبيٿ واڪ وٽ سندس بيچينيءَ سان انتظار ڪرڻ لڳس ٿوري دير بعد هو ڪار ۾ پهتو ۽ مونکي گهر وٺي آيو. رستي تي پنهنجي ڪٿا ٻڌايائين: ”جنهن هوٽل ۾ آئون اچي رهيس ان جي ڪمري ۾ هڪ هفتو کن پراڻي اخبار پئي هئي. جيڪا مونکان اڳ رهندڙ همراهه ڇڏي ويو هو. ان ۾ پنهنجا بوٽ ويڙهي ٿي رکيم ته هڪ اشتهار تي نظر پئي. جنهن موجب سنگاپور حڪومت کي هڪ مئرين ڊپارٽمينٽ لاءِ هڪ جهاز جي ڪئپٽن جي ضرورت هئي. جيڪو ڪناري تي رهي هن ڊپارٽمينٽ جو ڪم ڪر ي. درخواست جي آخري تاريخ اهو ئي ڏينهن هئي، ۽ ٻئي ڏينهن انٽرويو ٿيڻوهو. مون يڪدم فون ڪري چيو مانس ته مون هاڻ هاڻ اشتهار پڙهيو آهي.اجازت ڏيو ته آئون به انٽرويو تي اچان. هنن هاڪار ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن هنن ڏهين بجي مون کي گهرايو. اتي پهچي خبر پئي ته آئون ئي هڪ اميدوار آهيان، ڇو ته ٻيا همراهه يا جهازن تي هئا يا ملڪ کان ٻاهر. منهنجي به الله ٻڌي پگهار تن ڏينهن وارو جيتوڻيڪ ڪو گهڻو نه هو. پر ڪناري جي نوڪري جي ڪر ي هاڪار ڪئي مانِ جو منهنجون پنهنجون به مجبوريون هيون. ڀڄي ڊڪي ڍاڪا وڃڻ جي ٽڪيٽ ڪئنسل ڪرايم، سنگاپور حڪومت هفتو کن هوٽل ۾ رکيو، ان بعد ٺهيل جڙيل گهر ڏنائون، هاڻ گاڏي به ڏني اٿن ۽ آئون خوش آهيان.“
    ٻئي ڄڻا ڏاڍو خوش ٿيا سين جو ظهور منهنجي سٺن بنگالي دوستن مان هڪ آهي. بنگلاديش ۾ ننڍي هوندي گڏ پڙهيا سين. موڪلن ۾ هنن جي گهر وڃي رهندا هئا سين. سندس هڪ ڀاءُ ٽي وي ڍاڪا جو فنڪار هو، ۽ ڀيڻويو اخبار جو ڦوٽو گرافر، جن جي معرفت ڍاڪا ۾ رهندڙ ڪيترن ئي ٽي وي جي فنڪارن ۽ اخبار نويسين سان ڏيٺ ويٺ ٿي. پاڻ به مون وٽ ڪراچي ۽ ڳوٺ هالا ايندو رهندو هو _جيسين بنگلاديش ٿيو. کيس سنگاپور ۾ نوڪري ملڻ بعد مون لاءِ سنگاپور ائين ٿي پيو جيئن ڪراچي. جڏهن به منهنجو جهاز سنگاپور ايندو هو ته رهندو ظهور وٽ هوس . نه ته به ماني ٽڪي ضرور کائيندو هوس ۽ سندس ڪار منهنجي حوالي رهندي هئي.


    سنگاپور ۾ رهائش جو مسئلو

    منهنجي ڪري آصف ۽ ذوالفقار به هن جا سڃا ڻا ٿي پيا.پر هن وقت سڀني جو يڪراءِ خيال هو ته جيئن هن وقت سڀ ڇڙها آهيون، ان ڪري ڪئپٽن مکڙي يا ظهور وٽ رهڻ ۾ اجايو تڪليف ٿيندي. ۽ ٻيو ته گهمڻ ڦرڻ ۽ خريداري ڪرڻ جو فيصلو ٿورو ٿي پوندو جو ظاهر آهي جنهن جي گهر هلبو، ان سان ڪچهري ته ڪرڻي پوندي نه.
    ”ته پوءِ ڀلا رات ڪٿي رهجي.“ آصف چيو.
    اڙي يار ڪنهن هوٽل ۾ ڏهه پندرنهن ڊالر ڏئي رهندا سين.فڪر جي ڪهڙي ڳالهه آهي.“ ذوالفقار چيو.
    ”يار ڳالهيون ڪهڙي سن جون پيو ڪرين، جڏهن سنگاپور ساٽين مهاڻن جو ڳوٺ هو ؟هينئر ته جهڙي تهڙي هوٽل جي مسواڙ پنجاهه سٺ ڊالرن (ٽي چار سؤ روپين) کان گهٽ نه آهي.سو به ڪنهن هوٽل ۾ اڄڪلهه خبر ناهي ڪو ڪمرو خالي ملي به يا نه. ڇو جو هڪ ته ڏياري جي ڪري ملائيشيا جا ماڻهو به موڪل ملهائڻ لاءِ سنگاپور پهچي ويا هوندا ۽ ٻيو ته هينئر يورپ ۽ آسٽريليا پاسي سرديون آهن، سو اتي جا سڀ ٽوئرسٽ هنن ڏينهن ۾ هن پاسي گهمڻ لاءِ نڪتا هوندا. ان ڪري هوٽلون پڪ ڀريل هونديون. جي پاڻ کي ڪنهن هوٽل ۾ رهڻو به آهي ته هينئر ئي اڳواٽ فون ذريعي ڪمرا رزرو ڪرائجن، ڇو جو پوءِ ائين نه ٿئي جو اتي پهچي سڄو وقت خالي ڪمرا ڳولڻ لاءِ هڪ هوٽل کان ڊوڙي ٻي ڏي ڊوڙجي ۽سستائي ڪري جنهن خريداريءَ لاءِ سنگاپور وڃي پئسا بچائي رهيا آهيون، اهي پئسا ۽ وقت ٽئڪسين پٺيان ئي نڪري وڃن. ٻي ڳالهه ته پنهنجي خرچ تي ٿا هلي رهون سو گهڻي مسواڙ واري هوٽل ۾ ته هرگز رهڻو ناهي.“
    ”پوءِ ڀلا ڇاڪجي؟“ ذوالفقار پڇيو.
    جواب بدران آصف پڇيو؛ ”سنگاپور ۾ ڪو مئرين ڪلب ناهي جيئن هانگ ڪانگ، انگلينڊ، جاپان، يا وري ڪراچيءَ ۾ آهي. جتي جهازي گهٽ اگهه تي رهي سگهن.“
    ان لاءِ ڪئپٽن مخدوم کان معلومات وٺڻ ويا هئاسين، جنهن جو سنگاپور سان گهڻو واسطو آهي. تنهن ٻڌايو ته بلڪل آهي.” تنجم پگار جي گيٽ نمبر چوٿين وٽ ۽ شينٽن وي جي پوڇڙ تي تمام وڏو مئرينر ڪلب Mariner Club آهي. پر ان لاءِ مهينو مهينو اڳ بڪنگ ڪرائڻي پوندي آهي. جو هڪ ته هر وقت ڪيترائي جهاز سنگاپور ايندا رهن ٿا، ۽ ٻيو ته ڪلب جا ڪمرا سستا هجڻ ڪري سڀني جو منهن ايڏانهن آهي.آئون به هڪ دفعو رهي چڪو آهيان ڪمرا ۽ڊائننگ هال ايئر ڪنڊيشنڊ اٿس. ڪمري جا ٽيهه ڊالر مس ٿا وٺن، پر پاڻ سان سي مئن ڪارڊ يا جهاز واري سي، ڊي، سي ياد ڪري کڻي وڃجو، جيئن توهان وٽ ثبوت هجي ته توهان جهازي آهيو.“


    دادوءَ جا ٽانگا

    اسان سڀني کي اها ڳالهه وڻي جو اهو هنڌ شهر جي ويجهو به هو ۽ هر بس اتان لنگهي ٿي. پر ٻن ڏينهن جي نوٽيس تي اتي ڪمرا ڪيئن حاصل ڪري سگهجن. اسان جي هڪ انڊين ڪئپٽن هرداس ٻڌايو ته هن هڪ دفعي سنگاپور جي مرچنٽ نيويءَ جو ڪو رسالو ڏٺو هو، ان ۾ اسان واري ڪئپٽن ظهور عالم جو نالو پڻ هو ته هو ان ڪلب جو ڊائريڪٽر، ميمبر يا ڪا ٻي اهم شخصيت آهي.
    آصف هڪ دم رڙ ڪري چيو ته ظهور کي فون ڪيو وڃي. جي ائين آهي ته هو اسان جي رهڻ جو بندو بست ان مئرين ڪلب ۾ ڪري.
    ملائيشيا مان سنگاپور فون ڪرڻ لاءِ پهرين 02 نمبر ڊائل ڪرڻو ٿو پوي، جيئن ڪراچيءَ کان حيدرآباد لاءِ 0221 نمبر ملائبو آهي. سو 02 ملائي ظهور جي آفيس جو نمبر ملايو سين، هو آفيس ۾ ئي هو.کيس پنهنجو مسئلو ٻڌايو سين ته اسان کي نه ڪچهري ڪرڻي آهي نه ڪنهن سان ملڻو آهي.فقط ۽ فقط خريداري ڪرڻي اٿئون جو ٽي سال ملائيشيا ۾ رهڻ لاءِ گهر جي لاءِ ٿانوَ ٿپا، ڪپڙا گنديون ۽ ٻيو سنهو سنهو سامان وٺڻو آهي. توسان ملاقات ٻئي دفعي اچي ڪبي. هينئر اهو ٻڌاءِ ته آيا هي ڪم ٿي سگهي ٿو يا نه.جي ڪمرا ملڻ جي پڪ هجي ته اسان کي فون ڪري اطلاع ڪر جيئن سنگاپور اچڻ جو پروگرام ٺاهيون نه ته نه .
    پاڻ ان ئي وقت وڏي اعتماد سان چيائين ته هليا اچو. سمجهو ته ڪمرا بڪ ٿيا پيا آهن.
    آصف کي چيم ته جنهن اعتماد سان ڪئپٽن ظهور ها ڪئي آهي. ان مان لڳي ٿو ته هن جي واقعي ڪجهه هلندي ۽ اثر رسوخ آهي يا پاڻ کي ذليل ڪري تماشو ڏسڻ جي موڊ ۾ آهي.بحرحال في الحال اهو سمجهو ته رهائش کان ته آجا ٿيا سين ۽ پوءِ واقعي سنگاپور پهچي، رهائش جو مسئلو نه ٿيو، جو ظهور اسان لاءِ سٺو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. مسئلو جيڪو ٿيو سو هتان هلڻ مهل ٿيو جڏهن جمعي جي ڏينهن تيار ٿي ٿيلها ڳچيءَ ۾ وجهي اچي ٽئڪسيءَ واري جو انتظار ڪرڻ لڳا سين، چوڌاري اڃا اونداهه ئي اونداهه هئي ۽ رستو سنسان هو. ساڍا ڇهه ٿي چڪا هئا پر ٽئڪسيءَ جو ڪو پتو ئي ڪو نه هو. رکي رکي ڪنهن گاڏي جي بتي اميد جي روشنيءَ وانگر نظر آئي ٿي، پر ويجهو اچڻ تي ڪا پرائيويٽ ڪار ٿي نڪتي .
    اسان چيو هاڻ ته ڏاڍي ٿي سوير ئي ننڊون به ڦٽايون سين، سنگاپور ۾ رهائش لاءِ ڪمرا به بڪ ڪراياسين، جن جي مسواڙ ٻارهين وڳي کان شروع ٿي ويندي ۽ هي ڊرائيور ڌو ڪو ڏئي ويو. واقعي هن سان دادوءَ جي ٽانگي وارن واري پر ڪجي هان. ذوالفقار چيو ته جيئن ئي ست ٿيندا ته هن ٽئڪسيءَ جو آسرو لاهي ٻي ڪا ٽئڪسي وٺي، ڀر واري شهر مسجد تاناح هليا ويندا سين. ۽ اتان سنگاپور لاءِ ڪا سواري هٿ ڪنداسين.
    ”اهو ته سڀ صحيح پر ان سڄي ڦير ۾ اڌ ڏينهن ته ائين ئي هليو ويندو - خاص ڪري هتان کان سو به هن وقت سواريءَ جو ملڻ ڏکيو ٿو لڳي. جو هن رستي تي رڳو ڍڳي گاڏيون پيون هلن. ڪابس يا پائريٽ ٽئڪسي ته نظر ئي ڪونه ٿي اچي.“
    اتي هڪ پائريٽ نه پر پراڻي زماني جي پرائيويٽ ڪار اچي لنگهي ۽ منجهس ويٺل چيني ان شرط تي وٺي هلڻ لاءِ تيار ٿيو ته ڀر واري ڳوٺ مسجد تاناح تائين اسان کي پنج ڊالرکيس ڀاڙي طور ڏيڻا پوندا. اسان هائوڪار ڪئي ته هن رڙ ڪري چيو ته ”جلدي ويهو گاڏي جي بيهي ويئي ته ڌڪا ڏيڻا پونداوَ.“


    سٺو ڪوڙ ڳالهايو اٿوَ

    اسان گهڻي ئي تڙ تڪڙ ڪئي پر ويهندي ئي ويهندي گاڏي جي انجڻ بند ٿي وئي. ڊرائيور اڌ انگريزيءَ ۾ ۽ اڌ اشارن ۾ چيو لهي ڌڪا ڏيو .آصف چيو خواريءَ جي به حد ٿيندي آهي، اڃا ويهي ساهه ئي نه پٽيو اٿئون ته ڌڪا ڏيو. هلو ته موٽي گهر هلون، خبر ناهي ڪڏهن مسجد تاناح پهچون ۽ پوءِ ملاڪا شهر. سنگاپور جي منزل ته ٿي اڃا ڏور.
    ذوالفقار آهستي چيو: ”صبر ۽ شڪر کان ڪم وٺجي.“ ان چوڻ سان گڏ هن ڪار مان لهي اسان جي اڳواڻي ڪئي. سڀ ڪار مان لٿاسين سواءِ چيني همراهه جي جنهن جي ڪار هئي.جهازن جو ڪئپٽن- يعني ذوالفقار ۽ چيف انجنيئر _ يعني آصف ۽ آئون ٽنهي گاڏيءَ تي هٿ رکي ڌڪا ڏنا. ذوالفقار چيو سڄي اڪيڊميءَ ۾ هفتي سوا کان پڙهو ڏنو اٿئون ته جمعي ڏينهن صبح سان اسان سنگاپور روانا ٿي ويندا سين. ڪاش! هاڻ ڪو اچي ڏسي ته اسين ڪيئن پيا سنگاپور وڃون. ذوالفقار کي چيم ته سن 1962ع ۾ آئون ائين هالا کان ڀٽ شاهه ويو هوس.
    فرلانگ کن جڏهن مرزيل ڪار کي ڌڪيوسين تڏهن اسان جي سهڪي سان گڏ ڪار جي انجڻ جو سهڪو شروع ٿيو. اسان ٽپ ڏئي اندر ويهي رهيا سين. آصف چيو حراميءَ جي بيٽري ته ڊائون آهي. پر پلگ ۽ پئانٽ به ائين اٿس. ڊرائيور يڪدم گير بدلائي گاڏي تکي ڪئي يعني هن ڪار جي پهرين کان ٿوري رفتار وڌائي. نڪرڻ مهل جيڪا ٿوري ٿوري ڦڙ ڦڙ وسي رهي هئي سا هاڻي وڏ ڦڙي جي شڪل اختيار ڪرڻ لڳي. اسان شڪر ڪيو ته ههڙي مينهن وسڻ کان اڳ اجهي لاءِ هيءَ ڀڳل گاڏي ئي ملي وئي. چيني ڊرائيور ڀڳل سڳل انگريزيءَ ۾ پڇيو ته ڪير آهيو. اسان ٻڌايو ته جهازن جا ڏهن سالن کان به پراڻا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر آهيون.
    ڊرائيور اهيو ٻڌي وڏو ٽهڪ ڏنو يعني سٺو ڪوڙ ڳالهايو اٿوَ. اسان کي چڙ ته ڏاڍي لڳي پر ڇا ٿي ڪري سگهيا سين. اڳيان مينهن جو ڌَڻُ فرلانگ کان پنڌ تي پکڙيو پيو هو. نه ته به سٺ ستر کن مينهون هونديون.
    (هتي جيئن ئي ڪار ورتيسين ته ماڻهن چتاءُ ڏنو ته ڪار خيال سان هلائجو، جو ڏينهن جو سائيڪلن وارا تنگ ٿاڪن، ته رات جو ڍڳيون، مينهون، مينهون به ڪنهن هڪ ٻن هنڌ ملن ته به ٺهيو. هر ميل ٻن بعد وائڙين جو ڌڻ، مسجد تاناح ۽ ڪئالا سنگائي باروءَ جي وچ ۾، رات جو ملندو ئي ملندو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهي ڪنهن جون مينهون آهن. جي ڏينهن رات کليل آهن. اسان وٽ سنڌ پنجاپ ۾ وهٽن جو آزار فقط پرهه ڦٽيءَ ۽ سج لٿي مهل هوندو آهي. سو به رستو ٽپي هليون وينديون آهن، پر هتي ته رستي جي کاٻي پاسي گھاٽن وڻن مان شروع ٿينديون ۽ پڪو رستو وٺي ساڄي ڪپر جي گھاٽن وڻن ۾ هليون وينديون ۽ چرڻ پرڻ بدران هڪ هنڌ ڄميل هونديون آهن. ڪنهن جي چواڻي ته ملائيشيا ۾ ماڻهن کان وڌيڪ مينهون آهن. هونءَ به سندس کائڻ پيئڻ لاءِ گاهه ۽ پاڻي جام ۽ جتي ڪٿي موجود آهي. سواءِ پڪي رستي جي ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي گاهه نظر ايندو.)


    ڇتن ڇولين کان بچاءُ

    بحر حال هونءَ ته اها ڳالهه سٺي آهي ته هن ملڪ ۾ مال گهڻو آهي، پر ڪي ڪي مينهون اهڙيون ته نٺر آهن _ يا شايد موڳيون آهن جو ڪيترا به کڻي هارن ڏي پر مجال آهي جو پنهنجي جاءِ تان چرن _ هن چينيءَ جي ڀڳل ڪار ۾ ته هارن به ڪونه هو. نيٺ ٻيو نسخو استعمال ڪرڻو پيو جيڪو اڪثر ڪرڻو پوندو آهي.يعني ڪار مان لهي مينهن کي هڪلي رستي تان لاهڻو پيو. اهو ڪم مون سر انجام ڏنو پڪي رستي تي موجود ويهارو کن مينهن کي ساڄي کاٻي ڪرڻ کان پوءِ ٽپ ڏئي ڪار ۾ ويهي رهيس، شڪر آهي هن دفعي ڪار نه بيٺي. جيتوڻيڪ ڪافي وقت لڳي ويو هو مينهن هڪلڻ ۽ بوٽن تان ڇيڻن کُرچي لاهڻ ۾. ذوالفقار چيو ته ڊرائيور وڏو لاهه آهي پاڻ ته لهي هڪڙو ڪم به نه ٿو ڪري رڳو ڏند ڪڍيو ويٺو کلي. يا ته ڏندن جي فٽنگ ئي اهڙِي اٿس جو هر وقت ٻاهر نڪتل ٿا نظر اچن ۽ لڳي ٿو ته کلي پيو.
    ”بس يار سنگاپور گهمڻ جي شوق ۾ هي سڀ ڏوجهرا سهڻا پوندا.“
    ذوالفقار ٿڌو ساهه کڻي چيو؛”هاءِ ڙِي قسمت ڇا ته هيءُ خواريءَ جو سنگاپور شهر وڃڻ پيو ٿئي.هن کان اڳ پنهنجي جهاز ۾ ويندي ڇا ته رعب ۽ لئه هوندي هئي. ٽي ڏينهن اڳ سنگاپور جي اخبار ۾ اچي ويندو هو ته فلاڻي جو فلاڻو جهاز فلاڻي تاريخ تي ڪولمبو کان شنگهائيءَ ويندي تيل وٺڻ لاءِ سنگاپور ۾ لنگر انداز ٿيندو. ۽ پوءِ جهاز پهچڻ تي سنگاپور آفيس جو عملو مختلف ڪمن لاءِ اڳيان پويان پيو ڦرندو ته سائين سفر ڪيئن رهيو اڳتي جي منزل لاءِ ڪجهه کپي ته نه. سنگاپور ۾ ترسڻ دوران جهاز جي عملي کي ڪيترا پئسا کپن. ڪنهن کي ڊاڪٽر وٽ ته ناهي وڃڻو پوسٽ ڪرڻ لاءِ خط ته نه آهن. وغيره وغيره ٽئڪسي ۽ موٽر بوٽ انتظار ۾ رهندي هئي، تيل وارا سيدو سپلاءِ ڪرڻ وارا چادرون ٽوال ڌوئڻ وارا، سگريٽ ۽ شربت پهچائڻ وارا سڀ حڪم جا بندا ٿيو بيٺاهوندا هئا- چاهي جهاز ڏينهن جو پهچي چاهي آڌي رات جو، پر هاڻي اهي ڏينهن ساريو اکيون آب ٿيون هارين.“ آصف چيو؛ ”اهو سڀ ڪجهه صحيح آهي پر ان سڄيءَ لئه کان هيءَ غريبيءَ جي زندگي بهتر آهي، جو گهٽ ۾ گهٽ سنگاپور گهمڻ کان پوءِ واپس پنهنجي پکن ۾ ته اچي پئبو. ڏکڻ چيني سمنڊ يا هندي وڏي سمنڊ جي ڇتين ڇولين حوالي ته نه ٿبو.“


    هڻ شيطان کي موچڙو

    ڊرائيور پڇيو: ”توهان کي جي جوهوربارو (ملائيشيا جي بارڊر واري شهر) تائين وٺي هلان ته گهڻو ڏيندئو؟“
    ”تون ٻڌاءِ گهڻو وٺندين.“ اسان پڇيس.
    ”ٻه سؤ ڊالر.“
    ”واهه ڙي چاچا واه! مرسڊيز ايئر ڪنڊيشنڊ گاڏيون وٺن سؤ ڊالر ۽ تون ٻه سؤ ڊالر اسي ڊالر قبول اٿئي.؟“ ذوالفقار چيس ۽ مون رڙ ڪري چيو مانس؛ ڇڏ يار هن ۾ ته مفت ۾ به اهو هلندو جنهن کي کٽيءَ کنيو هوندو. خبر ناهي ته ڪڏهن سنگاپور تائين جو پنڌ اڍائي سؤ کن ميل پورا ڪرائي. سڄي واٽ مينهون هڪلائيندو ۽ ڌڪا ڏياريندو.“مون هڪ دفعو ري پنهنجن نون بوٽن کي ڏٺو جن کي اڃا تائين پاسن کان ڇيڻو لڳو پيو هو. ۽ جن جوتن کي منهنجن پيرن ۾ پيل ڏسي آصف غيور هلڻ وقت چيو هو ته سنگاپور پيو هلين ڪو عيد نماز تي نه.
    ”ٿورو ماٺ ته ڪر. پهرين ههڙي ڪار ملاڪا شهر ۽ ٻين واٽ وارن شهرن ۾ هلائيندو ڪيئن جنهن ۾ ناهي سڄو هارن ۽ نه ثابت بتي.“ ذوالفقار چيو. ايتري ۾ آخر ڏهه ميل (سورهن ڪلو ميٽر) کن پنڌ جا ختم ٿيا ۽ مسجد تاناح شهر اچي ويو. جنهن جي ٽئڪسي بس اسٽاپ تي اچي لاٿائين. اسان پنج ڊالر ڏنس ته منهن بڇڙو ڪري چيائين ته ڏهه ڊالر کپنم. اسان چيس ته هو پاڻ اسان کي ويهارڻ مهل ليمارنگٽ (پنج ڊالر) چيو هو هاڻ ڏهه ٿو گهرين.بس اسٽاپ تي جيڪي ٽئڪسي ڊرائيور بيٺاهئا تن به چيس ته پهرين تو مسافر پئسن تي کنيا ڇو جڏهن ته تنهنجي ڪار ٽئڪسي ناهي. آصف ۽ آئون ته اچي ڪاٺ جي بينچ تي ويهي رهيا سين، اڳيان ذوالفقار بيٺو هو تنهن سان ٽئڪسي ڊرائيور رکي رکي بحث ڪري رهيو هو. اسان ذوالفقار کي سمجهايو ته هاڻي هو ئي ِضد تان لهي وڃي. ” هاڻ هڻ شيطان کي موچڙو ۽ ڏهه ڊالر ڪڍي ڏينس.“
    ذوالفقار وراڻيو؛ ”شيطان کان اڳ هن کي نه موچڙو هڻان.“ ۽ پوءِ هن ڊرائيور کي چيو؛ ”فرينڊ هلو ته هلي پوليس اسٽيشن هلي فيصلو ڪريون.“
    پوليس جو نالو ٻڌي همراهه ائين وسامي ويو ڄڻ ڪنهن گهر جي بتين جو مئن سوچ آف ڪيو. پنج ڊالر وٺي چپڙي ڪري هليو ويو. ذوالفقار کي چيو سين تون واقعي اسان جو سٺو خزانچي آهين.
    ”ڏيتي ليتي جي معاملي ۾ آئيندي توهان مون کي ڊسٽرب نه ڪيو.“ ذوالفقار اسان کي وارننگ ڏني.


    هتي جي چانهه

    ڊرائيورن جي وچ ۾ هڪ ڊگهي قد جو ملئي بيٺوهو جيڪو سڀني همراهمن جو انچارج ٿي لڳو، تنهن سان ذوالفقار صلاح ڪئي ته اسان کي ڪا اهڙي ٽئڪسي وٺي ڏي جيڪا هتان سڌو سنگاپور تائين هلي. هن چيو ته هيءُ سڀ ٽئڪسيون جوهوربارو تائين هلنديون سنگاپور لاءِ ٽئڪسي وٺڻ لاءِ اسان کي ملاڪا شهر وڃڻو پوندو.”پرڪجهه وقت ترسو ته آئون ڪنهن پرائيويٽ ٽئڪسيءَ واري کي وٺي ٿو اچان.“
    صبح جا اٺ ٿي ويا هئا ڏياريءَ ڪري سڀني کي موڪل هئي سو اسڪولن، آفيسن،۽ فيڪٽرين جون بسون يا ٻارن ۽ ماڻهن جي اچ وڃ گهٽ هئي. هڪ ٻه ملبارين ۽ چينين جون هوٽلون کلي چڪيون هيون، جن مان هڪ تان ٽي گلاس چانهه جا وٺي پيئڻ لڳاسين. هتي چانهه نه کير پتي ٿئي، نه اسپيشل نه ڪڙڪ، نه سنگاپوري - هتي چانهه جو هڪ ئي نمونو ٿئي. چوٿون گلاس دٻي جي گهاٽي مٺي Condensed کير سان ڀري مٿان چانهه جي پتيءَ وارو ڇاڻيل پاڻي وجهي ڏيندا آهن. کيرٿڌي ۽ گهاٽي هجڻ ڪري هڪ ته چانهه ٿڌي ٿيو پوي ۽ ٻيو ته هيڪاندو کير مٺو هجڻ ڪري چانهن ايتري ته مٺي ٿيو پوي جو اسان جهڙن مٺاڻ کائڻ وارن جي به ايتري مٺي چانهه پي، دل پئي ڪچي ٿيندي آهي. اها هڪ ئي نموني جي چانهه ملائيشيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ساڳي هلي. جوهر کان ڪيڊاح تائين ۽ ترگانو کان سلينگر رياست تائين، نه فقط ملائيشيا ۾ پر سنگاپور ۾ پڻ ساڳي چانهه هلي.
    بحرحال بيٺي بيٺي چانهه جون چسڪيون ڀرڻ لڳاسين، ايتري ۾ ڊرائيورن جو شريف انچارج اچي نڪتو ۽ اچي چوڻ لڳو ته اسان ڪنهن ٽئڪسي واري سان سنگاپور وڃڻ جو وعدو ته نه ڪيو هو. اسان جي هائو ڪار تي ٻڌايائين ته هتي جو هڪ ڊرائيور توهان کي اڪيڊميءَ ۾ ڳولڻ ويو آهي. سندس ڀاءُ ٻڌايو آ ته اجهو ته موٽيو.


    نورالدين ڊرائيور

    ٿوري دير بعد هڪ همراهه مرسڊيز ڪار ۾ آيو ۽ اچي ٻڌايائين ته جنهن ڊرائيور کي توهان چيو هو ان مونکي موڪليو آهي.پر مونکي ڇهين جي بدران ستين جو وقت ٻڌايائين. ۽ مونکان ٿوري دير ٿي وئي. اسان وڌيڪ بحث ڪرڻ بنا سندس ٽئڪسيءَ ۾ چڙهي ويٺاسين ۽ هي ملئي ڊرائيور نورالدين نالي جلدي برانچ روڊ لتاڙي هاءِ وي تي اچي چڙهيو، جيڪو سڌو جوهور بارو ٿي ويو. ان وقت صبح جا ساڍا اٺ ٿيا هئا ۽ اسان جي ٽئڪسي هوا ۾ ته نه پر رستي تي ضرور اڏامي رهي هئي. هميشه ڪراچيءَ کان حيدرآباد واري سنسان رستي جا عادي سو هتي، جهڙاليءَ موسم ۽ چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ مان لنگهندي مزو اچي رهيو هو.ڊرائيور سان خبرون ڪيون سين ته معلوم ٿيو ته ڊرائيور ته بيحد دلچسپ ۽ دلبرماڻهو آهي.پاڻ ٻڌايائين ته سندس پنج پٽ سنگاپور ۾ رهن ٿا. سو اڪثر انهيءَ بهاني سنگاپور ويندو رهي ٿو پاڻ به جوانيءَ جا ڏينهن سنگاپور ۾ گذاريا هئائين. شادي به سنگاپور مان ڪيائين، سندس سس ملئي مسلمان هئي ۽ سهري انڊو نيشيا کان اچي سنگاپور رهائش اختيار ڪئي هئي. پاڻ انگريزي سٺي ڳالهايائين ٿي ۽ ڪيترائي جملا اڙدوءَ ۾ پڻ ڳالهايائين ٿي.جيڪي هن ٻيءَ وڏيءَ جنگ ۾ ننڍي کنڊ جي سپاهين سان گڏ رهي سکيا هئا.
    ”اسان پڇيس نورالدين تون آرميءَ ۾ به هئين ڇا؟“
    ”نه نه آئون ته شهري ماڻهو هوس. هڪ ڏينهن جاپاني فوج ڳوٺ ۾ آئي جيڪي به مرد هئا تن کي بندوقن جي زور تي برما وٺي هليا ته هلي انگريزن جي فوج خلاف وڙهو.“
    هو پنهنجون خبرون به ڪندو هليو ته ڊرائيونگ به ڪندو رهيو. جوهور رياست ۾ ڪافي وقت کان گهڙي چڪا هئا سين. جو ملاڪا رياست ته تمام ننڍي آهي ۽ جلد ئي ختم ٿي چڪي هئي. جوهور رياست اتر ۾ ملاڪا ۽ بهانگ رياست کان شروع ٿئي ٿي ۽ هيٺ ڏکڻ ۾ سنگاپور ٻيٽ سان پل ذريعي ڳنڍيل آهي. ايڏي وڏي رياست ته نه آهي، پر ته به ملاڪا، نگيري، سيمبيلان، سيلينگر، پيرلس، ڪيڊاح ۽ پنانگ، رياستن کان وڏي آهي. پکيڙ ۾ ست هزار ٽي سؤ کن چورس ميل ٿيندي. سنڌ جو صوبو پکيڙ ۾ جوهور رياست کان ستوڻو وڏو آهي.جوهور شهر جي آدم شماري سورنهن لک آهي. ۽ سنڌ جيتوڻيڪ جوهور رياست جهڙو سرسبز ناهي، پر آدمشماريءَ جي لحاظ سان جوهور جي آدمشماري کان تيرهن دفعا وڌيڪ آهي_ يعني اٽڪل ڪروڙ کن آدم آهي.
    جوهور رياست جو پهريون وڏو شهر ”موئر“ ٿپڻ بعد ڊرائيور نورالدين کي چيو سين ته گهران بنا نيرن پاڻيءَ جي نڪتا آهيون. مانيءَ لاءِ ڪنهن هنڌ ضرور ترسجانءِ.


    آير حطام

    ملاڪا ۽ سنگاپور جي وچ تي جوهور رياست جو هڪ ٻيو وڏو شهر آير حطام نالي آهي. جنهن کانپوءِ سنگاپور باقي سٺ ميل. (هڪ سؤ ڪلوميٽرن )کن تي آهي. (Air Hitam ) ملئي زبان جو لفظ آهي. آير معنيٰ پاڻي ۽ حطام معنيٰ ڪارو _ ڪارو پاڻي. دراصل هتان ڀر ۾ جيڪو درياءُ وهي ٿو ان جي پاڻيءَ ۾ رءُ يا مٽي هجڻ ڪري ميرانجهڙو رنگ اٿس ان ڪري هن شهر جو نالو ميرانجهڙو - ڪارو پاڻي پيو آهي - شايد .
    سنگاپور کان ملاڪا يا ملاڪا کان سنگاپور ويندي هر ڪو آير حطام تي ترسي ٿڪ ڀڃي ٿو. هن شهر جي بيهڪ ائين آهي جيئن سڪرنڊ شهر جي. جتي نه فقط ڪراچي ۽ لاهور جو نيشنل هاءِ وي پاسي کان اچي ٿو. پر نواب شاهه پاسي کان پڻ اچيو رستو پوي يعني ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن وانگر جنڪشن جو ڪم ٿو ڏئي. ٻي ڳالهه ته آير حطام شهر جي بس اسٽاپ واريون هوٽلون روڊ تي ئي آهن. ۽ پارڪنگ جي به ڪافي جاءِ آهي. ان ڪري ڪو به شهر ۾ اندر وڃڻ تي وقت ضايع نه ٿو ڪري پر اتي ئي بيهي ماني ٽڪي کائي روانو ٿيو وڃي. جيئن پاڻ وٽ بس اسٽاپ واريون هوٽلون وڌيڪ هلن ٿيون.
    ان کان علاوه آير حطام شهر واري بس اسٽاپ تي انڊين، ملئي هندو ۽ مسلمانن جي سوادي کاڌن جون هوٽلون آهن ته چيني کاڌن جون پڻ. وڏي ڳالهه ته هي هوٽلون چوويهه ئي ڪلاڪ کليون پيون آهن. ان ڪري هاءِ وي تان لنگهندڙ کي ڪنهن وقت به کٽڪو ناهي ته آير حطام شهر ۾ هوٽل کليل هوندي يا نه. ماني چيني يا ملئي قسم جي هوندي يا نه. ڪار بيهارڻ لاءِ چڱي خاصي جاءِ هوندي يا نه.
    اسان جنهن هوٽل تي اچي ڪار بيهاري ان تي انگريزيءَ ۾ Islamic Restorant لکيل هو. ان جي هيٺان لکيل هو.Selamat Detang بلڪه اهئي لفظ انگريزيءَ جا ته نه ٿا چئي سگهئون، پر ملئي ڀاشا جا ٿيا. جو ملئي به انگريزيءُ وارن اکرن اي بي سي ڊي سان لکي ويندي آهي.ملئي زبان ۾ ريسٽورنٽ کي ريسٽوران چئبو آهي. (جيئن پاڻ بس اسٽاپ کي بس اسٽان سڏيون ۽ اسٽيشن کي ٽيشن.) سلامت داتنگ معنيٰ ڀلي ڪري آيائو. ڀر ۾ نيو ڪئٿي نالي هڪ ٻي هوٽل چينين جي هئي ۽ ان کان ٿورو پرڀرو D&D Restoran نالي هوٽل_ ٻئي پاسي بانس ڪاٺ ۽ ڪکن مان هٿ جا ٺهيل رانديڪا ۽ ٻيون هتي جون شيون دڪان ۾ هيون_ جيڪي ڌارين ٿي خريد ڪيون_خاص ڪري آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ کان آيل ٽوئرسٽن. اهي شيون ائين هيون جيئن هالا يا ملتان جي بس اسٽاپن جي دڪانن تي جنڊيءَ، ڪاشيءَ يا اٺ جي کلن جا ٽيبل لئمپ ۽ گلدان رکيل هوندا آهن..
    اسان اسلامڪ ريسٽورنٽ ۾ اندر گهڙيا سين جنهن جي ٻمڀي وٽ ساڄي پاسي کان پئسن وصول ڪرڻ جي دخل پويان ڪيرالا_ ڏکڻ هندستان جو عبدالله بن ورين ڪوٽي _ هوٽل جو مالڪ ويٺو هو. ۽ کاٻِي پاسي هڪ وڏي تئي_ اٽڪل چار فٽ ڊايا ميٽر ۽ اڌ انچ کن ٿلهو - تي سندس ٻيو نمبر پٽ عبدالرزاق مئدي جا ست پڙا اڦراٽا پچائي رهيو هو. اٽي جي پيڙي کي ڪاٺ جي ٽيبل تي پکيڙي اخبار جي اڌ جيتري سنهي چادر ٿي ٺاهيائين. پوءِ ان کي رومال وانگر ويڙهي سيڙهي چورس اڦراٽا ٺاهي تئي تي پکيڙيل تيل مٿان پچڻ لاءِ ٿي وڌائين. تئي جي ٿولهه ۽ گيهه جي ڪري اوڦراٽو سڙيو نه ٿي.ڀرسان کليل ديڳڙين مان ڪن ۾ رڌل ڪڪڙ هو، ڪن ۾ ڀاڄي، ڪنهن ۾ ڳائو يا ٻاڪرو گوشت، اونهين ٿالين ۾ تريل ڀاڄيون، قسمين قسمين مڇيون ۽ بيضا هئا. ڪجهه مٺاين جا قسم پڻ رکيل هئا جيڪي سڀ ناريل ۽ ڏونگهيءَ مان ٺهيل ٿي لڳيون. ڪجهه سڪل مڇيون پٽاٽن جي چپس وانگر پڻ تريل هيون ۽ ڪجهه گانگٽن جا ٻوڙ پڻ.


    هن پاسي جون هوٽلون

    هن پاسي، ڏکڻ اوڀر جي ملڪن؛ ملائيشيا، سنگاپور، انڊونيشيا، ٿائلينڊ_ ويندي مٿي هانگ ڪانگ ، جاپان ۽ ڪوريا ۾ اهو عام آهي ته هوٽل ۾ جيڪو به کاڌو کائيندو آهي سو ديڳڙين ۾ در وٽ ئي رکيل هوندو آهي.جيئن گراهڪ ان جي شڪل ۽ نمونو ڏسي آرڊر ڪر ي. ان ڪري اندر بئرو چاهي مينو آڻي يا نه ۽ مينوءَ تي کاڌن جا نالا چاهي ملئي زبان ۾ لکيل هجن يا جاپانيءَ ۾، ڌاريو ماڻهو ٻوڙن جي ديڳڙي ڏي اشا رو ڪري بئري کي اها شيءِ آڻڻ لاءِ چئي سگهي ٿو. جاپان ۾ ايترو سو سڌارو آيو آهي ته ٻاهر در وٽ اصلي ٻوڙ يا ڀت رکڻ بدران ساڳي رنگ ۽ نموني جا پلاسٽڪ جا ٺهيل ٻوڙ ۽ قيمتون لکيل هونديون آهن.
    سو آير حطام شهر جي هن هوٽل ۾ به ڪرسين تي ويهڻ کان اڳ ديڳڙين جا ڍڪ لاهي ٻوڙ جو ديدار ڪري پوءِ سائي رنگ جي فارميڪا جي ڪرسين تي وڃي ويٺاسين. ٽيبلن جون ٽي قطارون هيون وچ واري قطار ۾ يڪا ڇهه کن ٽيبل هڪ ٻئي سان ملائي هڪ وڏي ٽيبل ٺاهي وئي هئي. جنهن جي ٻنهي پاسي ويهه ٻاويهه کن ڪرسيون پيل هيون. ٽيبل پڻ سائي رنگ جي فارميڪا جا ٺهيل هئا.کائڻ واري هن حصي جي ڊيگهه سٺ ستر فٽ کن ٿيندي، ۽ ويڪر پنجويهه فٽ، هال جي پاسن کان_ ڀتين ڀرسان الڳ الڳ ٽيبل رکيل هئا، جن جي چوڌاري چار چار ڪرسيون هيون، اسان وچ واري ٽيبل تي ٽئي ڄڻا هڪ پاسي قطار ۾ ٿي ويٺاسين جو سامهون ٽي وي رکيل هئي جنهن تي ديپاولي (ڏياريءَ) جو پرو گرام هلي رهيو هو. ٽي چار ڏکڻ هندستان (مدراسيءَ جون ڇوڪريون نچي به رهيون هيون ته تامل يا مليالم زبان ۾ ڳائي به رهيون هيون.سندن راڳ نه اسان کي سمجهه ۾ ٿي آيو نه ئي وري ڊانس وڻندڙ هئي،پر ڇوڪريون وڻندڙ هيون. رنگ جون ڪاريون هيون پر ليمڪ هين، ساڙهين جا واڱڻائي، لاکي ۽ چتونءَ جي پرن جهڙن چهچ ساون رنگن جيتوڻيڪ سندن ڪاري رنگ تي مئچ نه پئي ڪيو پر نچڻ وقت اهي سڀ رنگ عجيب جڳ مڳ لاهيو بيٺا هئا.
    کاڌي جي هن وڏي ڪمري بعد هڪ ڏاڪو کن هيٺ واري حصي ۾ عبدالله جي زال، ڌيءَ، ننهن ۽ هڪ پٽ رڌ پچاءَ لاءِ ڀاڄيون ۽ گانگٽ مڇيون صاف ڪري رهيا هئا. هيءَ ڄڻ هنن جي ڪچن هئي جنهن جي اڳيان ٿڌيون بوتلون ۽ کير رکڻ وارو ڊيپ فريزر هجڻ ڪري گراهڪن کي چٽيءَ طرح ڪچن نظر نٿي آئي. ڪچن جي کاٻي پاسي کان ڏاڪڻ مٿي ماڙيءَ تي ٿي ويئي ۽ پويان ڪاڪوس ۽ وهنجڻ جاءِ هئي. يعني هيءَ هوٽل هنن جي فيملي هوٽل هئي ۽ چينين وانگر اڳيان دڪان ۽ پويان گهر هو . ۽ گهر جي سڀني ڀاتين اتي ئي هڪ هنڌ ڪم ٿي ڪيو ۽ مٿي ماڙيءَ تي هنن جي رهائش هئي. هن قسم جون فيملي هوٽلون هتي جام آهن. اسان ڪو ٻوڙ وغيره نه گهرايو. رڳو اوڦراٽا ۽ چانهه گهرائي، ٺلهن اوڦراٽن سان گڏ هتي چڻن جي ڇڊي دال پڻ ڏين. ان ڪري ان کي چون ئي ”روتي چنائي“ ملئي زبان ۾ روتي اوڦراٽي کي به چون ته ڊبل روٽِيءَ کي چنائي معنيٰ اها دال _ جنهن جا پئسا نه وٺن. ان کي روتي چنائي کان علاوه ملئي لفظ ”ڪوسونگ“ روتي ڪوسونگ به چون، ڪوسونگ معنيٰ ٺلهي يا خالي، يعني فقط اوڦراٽو جو تمام وڏو واهپو آهي جو گهڻن معنائن ڪري تمام گهڻو استعمال ٿئي ٿو. ڪوسونگ معنيٰ ڪجهه به نه خالي وغيره پڻ. ڪنهن نوڪريءَ جو اشتهار هوندو ته به ان جي مٿان ڪوسونگ جو لفظ نظر ايندو معنيٰ ان نوڪريءَ ۾ جڳهه آهي. اڻ ڀريل گلاس يا ٿالهيءَ کي به ڪوسونگ گلاس چئي سهگجي ٿو. ”ائمبل ساتو گلاس سوسو، ساتو گلاس ڪوسونگ“- معنيٰ هڪ گلاس کير جو ۽ هڪ گلاس خالي آڻ.


    مرتباڪ - قيمي وارو اوڦراٽو

    روتي چنائي _ ياوري روتي ڪوسونگ کان علاوه ٻي روتي تيلور مشهور آهي، جنهن اوڦراٽي ۾ بيضو وجهي پچائين. اهي ٻئي اوڦراٽا سڄي ملائيشيا ۾ نيرن وقت هوٽلن ۾ عام هلن، ۽ ملئي، چيني، انڊين ۽ فارينر شوق سان کائين. هتي ملائيشيا ۾ هڪ ٻيو به اوڦراٽو مشهور آهي. جيڪو وري شام جو هوٽلن ۾ وڪامي. هن ۾ بصر جي ڪاتر، قيمو ۽ گوبيءَ جي ڪاتر پڻ ملائين ۽ هن اوڦراٽي کي مرتباڪ سڏين مرتباڪ سنگاپور ۽ڏکڻ ٿائلينڊ جي شهرن؛ حاديا، سونگڪلا-ويندي پٽاني تائين (جتي ڪافي ملئي ماڻهو رهن ٿا.) تمام مشهور آهي.
    هڪ بک ڪري، ٻيو نواڻ ڪري، هي اوڦراٽا اسان کي ڏاڍا وڻيا.پهرين هڪ هڪ گهرايو سين ۽ پوءِ هڪ ٻئي پويان ٽي ٽي کائي ويا سين. جيڪي عبدالله جو وڏو پٽ عبدالرزاق آڻيندو ويو. هٿ ڌوئڻ مهل سندس گهرجي ڀاتين ۽ ڪاروبار جو احوال ورتم.


    پٽن لاءِ ماءُ ڪنوار ڳولي

    عبدالقادر جنهن جي عمر ڇويهه سال کن ٿيندي، تنهن ٻڌايو ته سندس پڙ ڏاڏو يا شايد ان جو به ڏاڏو پڙ ڏاڏو ڏکڻ هندستان کان لڏي هتي ملائيشيا ۾ اچي رهيو هو ۽ هيءَ هوٽل ۽ رڌ پچاءُ سندن فيملي بزنس آهي. سندس ٻه چاچا پڻ ملائيشيا ۾ هن قسم جون هوٽلون هلائن. هڪ پهانگ رياست ۾ آهي ۽ ٻيو ڪافي عرصو سنگاپور ۾ هو پر هاڻ هو ترنگانو ۾ آهي. پاڻ ۾ ڇهه ڀائر آهن ۽ هڪ ڀيڻ اٿن _ ۽ سڀئي هتي هوٽل جي مٿان رهن. منجهائن اڌ ماڻهو ڏينهن جو ڪم ڪن ۽ اڌ رات جو ڇاڪاڻ جو هيءَ هوٽل هاءِ وي تي هجڻ ڪر ي سڄي رات کليل هوندي آهي. ۽ مسافرن جي هروقت اچ وڃ هوندي آهي_ خاص ڪري موڪل واري ڏينهن تي. (ڇنڇر آچر ۽ سومر ڏينهن.) هڪ ڪمزور، سنهڙي ۽ سادي شڪل صورت جي ايڪيهه سالن کن جي ڇوڪري ٽيبل تان خالي ٿانوَ کڻڻ لڳي. سندس وڃڻ بعد عبدالقادر کان ڇوڪريءَ بابت پڇاڪيم ته آيا اها سندس ڀيڻ آهي.
    ”نه منهنجي ڀيڻ جي ڊيوٽي هن هفتي رات جو آهي. سا ۽ ٻيا ٽي ڀائر هن وقت ننڊ ڪري رهيا آهن.“عبدالقادر ٻڌايو ته ” هيءَ منهنجي زال آهي.“
    ”نالو پڇي سگهان ٿو؟“
    ”ياطما.“
    ”ياطما؟ “ - مون پڪ ڪئي .
    اسان جي آصف چيو پڪ فاطمه نالو هوندس، پر هتي جيئن ته ڪي اکر ملئي يا تامل ٻولين ۾ نه آهن. ان ڪري عربي لفظ صحيح نه ٿا اچاريا وڃن. جيئن ملئي ف ک پ ٿا چون سو هي نالو فاطمه به پاطما مان ڦري ياطما ٿي ويل ٿو لڳي. يا هونءَ به ڪيترائي عربي نالا ڦريل آهن. جيئن پنهنجي آفيس جي ڪلئرڪ ڇوڪريءَ نوريشا جو پڪ صحيح نالو نورالنساءِ هوندو. جيئن بنگالي زبان ۾ غ اکر ناهي ان ڪري غلام محمد کي گولام محمد چون ۽ انگريزيءَ ۾ به ائين ئي لکن.
    ”خير اهو ته ٺهيو.“ مون آصف کي ورندي ڏئي، عبدالقادر کان پڇيو ته ھن ياطما ساپيار جي شادي ڪئي يا مائٽن طئي ڪرائي.
    ”مائٽن مئچ ميڪنگ ڪئي.“ عبدالقادر ٻڌايو.
    ”ڇو ڀلا؟“ مون اجايو وڌيڪ کوٽڻ شروع ڪيو .
    ”بس. گھڻو ڪري اسان مسلمان ۽ ھندو تامل ماڻھن ۾ ائين ھلي ٿو.
    پٽن لاءِ مائٽ ڪنواريون ڳولين. ماءَ ھلي پنھنجي حساب ۽ مرضيءَ سان ننهن ڳوليندي آهي، جيڪا ھن سان گڏ ڪم ڪار کي منھن ڏيئي سگھي.“
    ”عبدالقادر،“ مون پڇيو مانس، ”ھتي ته ھونءَ پردو وغيره صفا ناھي. تو شاديءَ کا اڳ گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي زال کي ته چڱيءَ طرح ڏٺو وائٺو ھوندو.“
    عبدالقادر جي جواب کان اڳ آصف اردوءَ ۾ چيو:
    ”اھو ته پڇڻ ئي اجايو آهي. ڏٺو ڌوڙ جو ھوندائين.“
    ”ڇو ڀلا؟“
    آصف کلندي وري اردوءَ ۾ وراڻيو (جيئن رڳو آئون سمجي سگھان ٿو)، ”ڇو ڀلا! عقل جي ڳالهه آهي. جي ڏسي ھا ته اھڙو ڦاھو کائي ھا“
    ٽئڪس پورو ڏيون
    ”آصف پليز! منھنجو پڇڻ مان مطلب اھو ھرگز ناھي ته ھن جھڙي سمارٽ نوجوان ھھڙيءَ ساديءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڇو ڪئي. پر آئون ھنن ڏکڻ ھندستانين (مدراسي مسلمانن توڙي ھندو بئنگلورين) بابت اھا حقيقت واضح ڪرائڻ ٿو چاھيان ته ھي تامل ۽ ٻيا ڏکڻ ھندستاني سڄي ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ پکڙيا پيا آھن. آھن ته سھڻا پاڻ به ڪونه، پر سندن عورتون ڪيتريون ته ڪاريون ڪوجھيون ۽ بي ڊوليءَ شڪل جون آھن، پر ته به ھو انهن پنھنجين کي ئي پسند ڪن ٿا. جيتوڻيڪ سندن چوڌاري چيني، انڊونيشي، ٿائي ۽ ٻيون پالي نيشين ٻيٽن جون سھڻيون ڇوڪريون ڦرنديون رھن ٿيون. اھي ته ٺھيو پر ملئي ڇوڪريون به کانئن وڌيڪ سھڻيون آھن، پر اھو ڪمال آهي ته تامل ھندو ھجي يا مسلمان، يا کڻي ڪرسچن ھجي، پر شادي پنھنجين ڏکڻ ھندستاني ڇوڪرين سان ئي ڪندو. سنگاپور، ھانگ ڪانگ، سريلنڪا - جتي ڪٿي اھڙا مثال جام ملندا. ھڪ ته مسٽر رينگانير نالي تامل ھندو اسٽيشن ماسٽر جو پڻ ھيٺ احوال ڏنو اٿم، ان جي ڪھاڻي ۾ به اھا ساڳي نظر ايندي. سنڌي ھندوءَ ۽ پنجابي سک کي به پنھنجي قوم مان شادي ڪرڻ جو گھڻو احساس آهي، پر ته به ڪيترائي اھڙا مثال ملندا جن ۾ سنڌي ھندوءَ، پنجابي سک، ھندي ڳالھائيندڙ ھندوءَ يا اردو ڳالھائيندڙ مسلمان ڪنهن چينياڻيءَ، جپانڻ يا آسٽريلين ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي ھوندي. ياھنن ھڪ ٻئي جي قومن مان شادي ڪئي ھوندي، پر تامل ورلي ڪو ڪنهن ڌارئين ذات جي زال سان گڏ نظر ايندو.“
    ”توھان اخبار ۾ لکڻ لاءِ سوال پُڇي رھيا آھيو؟“ عبدالقادر پڇيو.
    ”شايد. ڇو تو کي ان ڳالهه لاءِ اعتراض ھجي ته آئون نالا ۽ جاءِ به بدلائي لکان؟“
    ” نه نه. اھڙي ڳالهه ناهي.“
    ” ڀلا اھو ٻڌاءِ، توھان ڪيترا ڪلاڪ ڊيوٽي ڪريو؟“ مون پڇيومانس.
    ” ٻارھن ٻارھن ڪلاڪ. ڪڏھن ڪڏھن ڏياري، عيد، ڪرسمس جھڙي ڏينهن تي گھڻن مسافرن اچڻ ڪري چوڏھن پنڌرھن ڪلاڪ به ٿي ويندا آھن.“
    ” ڀلا توھان کي توھان جو پيءُ پگھار گھڻو ڏئي؟“
    ” ڪو حساب ناھي.“
    ” تڏھن به ؟“ مون معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ” ٻڌايم نه ته ڪو حساب ناھي. جيڪي گھرندا آھيون اھو پنھنجي خرچ لاءِ ملي ويندو آهي.“
    ” ڪھڙو خرچ مثال طور؟“
    ” بس ڪڏھن واچ ورتي، ڪڏھن ڪپڙو گندي. ٻيو ته ڪو اسان جو خرچ ناھي.
    ” پر تڏھن به ھرڪو چاھي ٿو ھن کي ڪجهه روڪ ملي جنهن مان ھو آزاديءَ سان خرچي ۽ مستقبل لاءِ بچت ڪري سگھي.“
    ” اھو اسان لاءِ بابو ڪندو رھي ٿو. ھن اسان سڀني نالي بئنڪ ۾ ڌار ڌار اڪائونٽ کولي ڇڏيا آھن. ۽ انھن ۾ ھر مھيني ڪجهه نه ڪجهه رکندو اچي. اھو ھڪ قسم جو پراويڊنٽ فنڊ يا گريجيوئٽي سمجھو. جيئن ئي ڪجهه ڳپل پئسا ٿيندا ته بابو ھر ھڪ پٽ کي الڳ الڳ ھوٽل ٺھرائي ڏيندو.“
    ” ھونءَ مهيني ۾ گھڻو ٿا ڪمايو؟“ مون آھستي پڇي چيومانس،
    ” تنھنجي ۽ منھنجي وچ ۾ ئي آهي. اخبار يا ڪتاب ۾ هيءَ ڳالهه آئي ته به توھان جا ملئي ۽ چيني انڪم ٽئڪس آفيسر پڙھي نه سگھندا.“
    کلي چيائين:.”نه اھڙي ڳالهه ناھي. اسان پائي پائي جو حساب رکي ان جو پورو پورو ٽئڪس ڏيندا آھيون. چاھي ڪو گراھڪ رسيد نه وٺي، پر اسان رسيد ڪٽي ڇڏيندا آھيون. ٽئڪس جي حساب ڪتاب لاءِ ھڪ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ به رکيو اٿئون. ھونءَ سال ۾ ھڪ لک ستر ھزار ڊالر ڪمائي ٿئي. (يعني پاڪستاني ناڻي ۾ نَوَ ڏهه لک رپيا ٿيا.) جنهن مان ٻارھن ھزار ڊالر کن ٽئڪس پياريون (يعني منو لک رپيا کن.)“


    داتنگ لاگي

    ”ڀلا ھندستان ۾ توھان جو ڪو مٽ مائٽ اڃا آهي؟“ مون پڇيومانس.
    ”نه. اسان جو ڪو مٽ مائٽ اتي ناھي. سڀ سالن کان ھتي رھن. ڪو ڏورانھون ھوندو ته به اسان کي خبر ناھي.“
    ”ڀلا ھندستان گھمڻ جو شوق اٿئي؟“
    ”ھا. دل چوندي آهي ته ھڪ دفعو انڊيا وڃي ڏسي اچان. ڪيڏي افسوس جي ڳالهه آهي جو اسان انڊين سڏجون ٿا، پر انڊيا نه اسان ڏٺي آهي، نه ئي اسان جي ماءُ پيءُ.“
    ”ڀلا توھان جي مرضي پڇي وڃي ته ملايا م رھڻ پسند ڪندين يا ھندستان ۾ ته ڇا جواب ڏيندين؟“
    ”ڪجهه ڏينهن لاءِ ھندستان گھمڻ پسند ڪندس باقي رھڻ ھرگز نه.“
    ”ڇو ڀلا؟ ھندستان به دنيا جي مشھور ملڪن مان آهي.“مون چيومانس:
    ھوندو، پر ان ۾ اھا آزادي ناھي جيڪا ھتي ملائيشيا ۾ آهي. I Love Malaysia اسان ھتي ھر طرح سان آزادي محسوس ڪريون ٿا. جيئن وڻي تيئن ڪريون. عبادت جي آزادي، ڳالهائڻ جي آزادي، گهمڻ ڦرڻ جي آزادي، نوڪري واپار جي آزادي، کائڻ پيئڻ جي آزادي وغيره وغيره. توهان ته دنيا ڏٺي هوندي توهان ڇا ٿا سمجهو؟ هندستان کان مشهور ته چين آهي، پر ڇا ڪو ئي اتي رهڻ پسند ڪندو.؟“
    ”خبر ناهي. آئون ته تنهنجا خيال معلوم ڪرڻ ٿو چاهيان_يعني هڪ ڏکڻ هندستاني نوجوان جا جيڪو ملائيشيا ۾ ڄائو نپنو ۽ اتي جو رهاڪو آهي.“ ذوالفقار چيو؛ ”سائين هاڻ هلڻ کپي. هرهڪ چار چار اوڦراٽا کاڌا آهن. ڊرائيور سميت ۽ هڪ هڪ گلاس چانهه جو پڻ، اٺ ڊالر بل ڏنو اٿم. (اٽڪل پنجاهه روپيا کن) _ڪامن خرچ جا ٽي حصا واپسيءَ تي ڪندا سين، في الحال آئون ڀريندو ٿو هلان.“ هوٽل جي اندرين ڀت تي ”داتنگ لاگي“ لکيل هو. يعني وري اچجو. عبدالقادر کي چيم ته ضرور وري اينداسين. هن رستي تان لنگهندي وقت تنهنجا ٽن ٽن روپين وارا اوڦراٽا نه کائڻ ڀاڳ کي لت هڻڻ آهي.


    ملائيشيا جي ريلوي اسٽيشن

    عبدالقادر جو مٿيون ذڪر لکڻ وقت هتي هڪ ٻئي ڏکڻ هندستاني تامل هندو مسٽر رينگانير جو احوال لکڻ ضروري ٿو سمجهان، جنهن جي ڪهاڻي پڻ ساڳي آهي-يعني لڳاتار محنت ۽ جدوجهد جي. ٻين ڏکڻ هندستانين وانگر مسٽر رينگا جا پڻ وڏا اڻويهين صديءَ ۾ هندستان ڇڏي ٻاهر جي ڏورنهين دنيا ۾ نڪري پيا. اڄ رينگا جيتوڻيڪ شڪل ۽ خاندان جي لحاظ کان انڊين آهي، پر شهريت (Citizenship ) ۽ پاسپورٽ ملائيشيا جو اٿس، جنهن لاءِ مال جان به قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ ملائيشيا جي ڌرتي، زبان، رسم، رواج_ هر شيءِ سان پيار اٿس.
    مسٽر رينگانير سان منهنجي ملاقات عجيب نموني سان ۽ اوچتو ٿي. اسان جي شهر ملاڪا کان اٽڪل چاليهه ميل پري_ڪوالا لمپور ڏي هڪ ٻيو وڏو شهر سيريمبان Seremban نالي آهي.جيڪو ملاڪا ۽ جوهور بارو جي وچ ۾ هي شهر آير حطام آهي. آير حطام جوهور رياست ۾ آهي پر سيريمبان ملائيشيا جي هڪ ٻي رياست نيگري سيمبيلان Negre Sembilan جي گاديءَ جو هنڌ آهي.جيئن ڪوئيٽا بلوچستان جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ پشاور سرحد جو.
    هڪ دفعي پنهنجي ورتل سيڪنڊ هئنڊ ڪار کي آزمائڻ لاءِ سيريمبان تائين يڪ ساهيءَ هلائي ويس. رستي تي سڪرنڊ، سعيد آباد، شهداد پور نموني جا ننڍا شهر؛ لوبڪ چينا، لنگي، رنتائو نالي ستن اٺن ميلن جي فاصلي تي ايندا رهيا.
    سيريمبان پهچي اندر گهڻو ته نه گهميس پر شهر جي ٻن مکيه رستن تي اچ وڃ ڪيم جيڪي ائين آهن جيئن حيدرآباد جو اسٽيشن روڊ ۽ رسالا روڊ (فرق فقط اهو آهي جو سيريمبان ۾ يا ملائيشيا جي ٻين شهرن ۾ ڪٿي به انڪروچ مينٽ ناهي ،جيڪا اسان جي ملڪن ۾ عام آهي _ پوءِ چاهي ڪراچي ڪشمور هجي يا ڪولمبو ڪئنڊي. بمبئي بڙودا هجي يا باريسال باريپور. اها پِٽَ اهڙي آهي جو سڄي شهر جي به سونهن ناس ڪري ڇڏي ته پيادن ۽ سوارين وارن لاءِ به مصيبت ڪريو ڇڏي.)سيريمبان جي سهڻي شهر جي هڪ ڪنڊ وٽ هڪ چيني عورت کي ڪمند ۽ ناريل جو رس وڪڻندو ڏسي ڪار بيهاريم.
    ٽيهن سينٽن (پوڻي ٻي رپئي) ۾ ٺوٺ جيڏو گلاس، ڪمندجي نج رس جو ڏيئي رهي هئي- سو به برف بنا، گاڏيءَ کي پاسي تي پارڪ ڪري رس جو گلاس وٺي پيئڻ لڳس. ته سامهون چوراهي وٽ هڪ عمارت نظر آئي جنهن جي شڪل شبيهه ۽ نمونو ڏٺل وائٺل ٿي لڳو ۽ سمجهي ويس ته پڪ ريلوي اسٽيشن هوندي جو انگريزن ريلوي اسٽيشن جو نمونو ڪراچي، ڪولمبو، ڪئنڊي، لاهور، ڍاڪا، دهلي، سنگاپور ۽ ڪالا لمپور وغيره جتي ڪٿي ساڳيو ئي رکيو آهي. سو وري شهر ڏي ويندڙ رستي تي مڙي ڪار اچي ريلوي اسٽيشن اڳيان پارڪ ڪيم. اسٽيشن جي در اڳيان اس ۽ مينهن کان بچاءَ لاءِ ٺهيل ڪماني پورچ ۾ پوليس کاتي جي ڪار بيٺي هئي ۽ ڀر ۾ بورڊ تي ملئي زبان ۾ لکيل هوته سواءِ پوليس ۽ ريلوي عملدارن جي ٻين کي هت ڪار بيهارڻ جي اجازت ناهي.
    ڪار پورچ جي مٿان ريلوي اسٽيشن جو ” ڪلاڪ ٽاور“ (گهنٽا گهر ) هو جنهن جو گهڙيال انگريزن جي ڏينهن ۾ ته پڪ وقت ٻڌائيندو هوندو پر هاڻ ڪٻرن جو ”مئٽرنٽي هوم“ هو - جو رکي رکي هڪ ڪٻر پٽ تي پوکيل گاهه مان ڪجهه کڻي پنهنجن ٻچن کي کارائي رهي هئي- يعني Feed ڏئي رهي هئي - سندس ٻچا فقط کائڻ مهل ماٺ ۾ هئا باقي وقت چر پر ڪري رهيا هئا.
    ريلوي اسٽيشن جي اندر منهن وٽ هڪ روايتي قسم جي لوهي شيخن واريءَ دريءَ سان ننڍڙوٽڪيٽ گهر هو جنهن جو واندو ڪلارڪ اٻاسيون کائڻ سان گڏ رکي رکي ايندڙ گراهڪ کي ٽڪيٽون به ڏئي رهيو هو. گراهڪن جي اڻ هوند مان اندازو لڳائڻ سولو هو ته اسان جي ملڪن وانگيان هتي به اڄڪلهه گهڻا ماڻهو ٽرين بدران بس ٽئڪسين ۾ چڙهن ٿا.۽ هتي ويتر گهڻي پئسي ڪري هر ماڻهوءَ وٽ ڪار آهي يا هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ چاهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ڏسندي ئي ڏسندي پينانگ، ڪوالا لمپور، اپوح، الور اسٽار، ملاڪا، جوهور بارو، ڪوٽابارو ۽ ملائيشيا جي ٻين شهرن ۾ هوائي اڏا ٺهي ويا آهن. ۽ روز بروز اڏامن جو نمبر به وڌندو پيو وڃي. ڪوالا لمپور کان سنگاپور ته هاڻ هر اڌ ڪلاڪ کان بعد جهاز ٿو اڏامي ۽ ٻنهي پاسن کان ماڻهو ائين لهن چڙهن جيئن بس ۾
    سيريمبان ريلوي اسٽيشن جو اندريون نمونو پڻ بلڪل پاڪستاني ريلوي اسٽيشن وانگر آهي. بلڪه ٽيبل ڪرسيون به اهڙي نموني ۽ ڊزائن جون رکيل هيون. ويٽنگ روم ۾ اهي ڊگهيون ۽ روايتي آرام ڪرسيون پڻ هيون. جيڪي ويجهڙائيءَ تائين پاڪستان ۽ انڊيا جي ريلوي اسٽيشن تي پڻ هيون. ٿي سگهي ٿو ته اڃا به ڪنهن ڪنهن اسٽيشن جي ويٽنگ روم ۾ هڪ اڌ بچيل هجي جنهن جي ٻانهن هيٺان، هڪ هڪ وڌيڪ ڪاٺ جي پٽي، گول ڦري ٻاهر نڪري آئي، جن تي فرسٽ ڪلاس جا مسافر ٽنگون ٽيڙي بالم ٿي دير سان ايندڙ ٽرين جو انتظار ڪندا هئا.
    ڪنڊ تي اسٽيشن ماسٽر جو ڪمرو (آفيس) هو جنهن سان لڳ ڪلف لڳل ڪاڪوس جنهن جي چاٻي سندس ٽيبل جي ساڄي پاسي مٿئين خاني ۾ فائيل هيٺان لڪل. آئون جيتوڻيڪ ان کان اڳ ئي موٽيس ٿي، پر ور ي دل چيو ته ليئو پائي ڏسان ته ڪير آهي. ڇاکڻي ڏسان ته مار! ريلوي اسٽيشن ته ساڳي پر ريلوي ماسٽر به ساڳئي ان نموني ۽ بيهڪ واو جيڪي انگريزن جي ڏينهن کان اسان وٽ هلندا اچن. آئون ڪا دير سندس آفيس جي چائنٺ وٽ پنڊ پهڻ ٿي کيس ڏسندو رهيس. ان بعد هن مرڪي مون کي هيلو ڪيو. ۽ مون وڌي ساڻس هٿ ملائي ڪجهه ڳالهائڻ خاطر ته پڇيو هتان ٽرين ڪيڏي مهل ويندي؟


    مسٽر رينگانير

    پاڻ شڪل مان ئي انڊين تامل لڳي رهيو هو. سخت ۽ ڦڙتيلو جسم - جيتوڻيڪ چڱو ٿلهو هو پر ڦيڦو هر گز نه هو. اڇي رنگ جي ريلوي يونيفارم ۾ روايتي ريلوي بابو لڳي رهيو هو، جنهن جهڙن ڪردارن بابت اڪثر جان ماسٽرس ۽ جم ڪاربيٽ جي ڪتابن؛ بواني جنڪشن، ماءِ انڊيا، لاآف جنگل وغيره ۾ پڙهبو آهي. چپن تي مرڪ آڻي چيائين؛ ”ٻي ٽرين ته هاڻ شام جو ئي ويندي - پينانگ ڏي.“
    ”پينانگ تائين ڪيترو وقت ٿو لڳي؟“ مون پڇيو مانس .
    ”ايڪسپريس ٽرين اٺ ڪلاڪ ٿي وٺي.“
    ”ڀلاٽرين ۾ سمهڻ لاءِ سڄي سيٽ جو بندو بست آهي يا نه؟“
    ”ڏينهن واري ٽرين ۾ ان جو بندو بست ناهي باقي رات جو هر مسافر لاءِ سڄي سڄي سيٽ رزرو ٿئي ٿي.“
    ”ڀلا هن ٻئي پاسي ٽرين ڪيستائين وڃي ٿي؟“ مون پڇيو.
    ”هتان سريمبان کان ريل ٻئي پاسي جوهوربارو بلڪه سنگاپور تائين وڃي ٿي.“
    ”واه!“ اها ڳالهه منهنجي لاءِ تعجب خيز هئي جو مون کي ان وقت تائين خبر نه هئي ته سنگاپور By Train به وڃي سگهجي ٿو.
    ”توهان کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟“ هن پڇيو.
    ”دل ۾ نه ڪندا. مون کي دراصل ڪيڏانهن به وڃڻو ناهي. بس ائين پنهنجي ملڪ جهڙي ريلوي اسٽيشن ڏٺم سو گهڙي پيس.“
    اتي پاڻ چانهه لاءِ آفر ڪيائين ته سندس سٺي موڊ ۽ پنهنجي دل جي خواهش کي سمجهي يڪدم وراڻيو مانس؛”چانهه ته نه پر جيڪڏهن چند منٽ ڏئي سگهو ته توهان کان ڪجهه انٽرويو وٺان.“
    هن کلندي بلڪل دوستاڻي نموني سان چيو؛ ”بلڪل ويهو ته سهي.“ ۽ آئون ڪرسي ريڙهي ويهي رهيس کيسي مان پنو پينسل ڪڍي ٽيبل تي لکڻ لاءِ رکيم ۽ کيس پنهنجي نالي وارو ڪارڊ ڏيندي چيو مانس؛ ”هونءَ ته ڌنڌي جي لحاظ کان جهازن جو چيف انجنيئر آهيان ۽ اڄ ڪلهه هتي ملائيشيا جي انجنيئرن کي جهاز هلئڻ لاءِ سبجيڪٽ پڙهايان ٿو.پر لکڻ منهنجي وندرآهي. توهان جي پر ڪشش شخصيت متاثر ڪيو اٿم سو توهان کان ٻه چار ڳالهيون توهان جي زندگيءَ بابت پڇڻ چاهيان ٿو.“
    ”ڀلي، موسٽ ويلڪم؛ هن کلي دل سان آڇ ڪئي ۽ مون کي جيڪي سوال ذهن ۾ آيا پڇندو ويس.
    ”توهان جو نالو؟“
    ”منهنجو نالو رينگانير آهي ۽ انڊين نسل سان تعلق رکان ٿو.“
    ”مسلمان، هندو يا ڪرسچن؟“
    ”هندو آهيان.“
    ”زبان ڪهڙي ڳالهايو؟“
    ”گهر ۾ تامل ڳالهايون،جيڪا مادري زبان اٿئون. مليالم به ڳالهائي سگهان ٿو، جيڪا پڻ ڏکڻ هندستان جي مشهور ٻولي آهي. ان کان علاوه ملئي ۽ انگلش ڳالهايان.“
    ”توهان جي زبان تامل ڀلاهندي يا اردوءَ سان ملي ٿي يا نه.“
    ”نه اها بلڪل مختلف آهي. ايتري قدر جو هندي يا اردو فلمون ٽي وي تي اينديون آهن ته اسان سمجهي نه سگهندا آهيون. جڏهن اسان جون تامل فلمون اينديون آهن ته اتر هندستاني گراهڪن کي سمجهه ۾ نه اينديون آهن_ جن جي زبان گجراتي، هندي، مرهٽي، پنجاپي يا ڪشميري آهي.“
    ”ڀلا تامل هنديءَ وانگر لکي وڃي ٿي، يا اردوءَ وانگر.“
    ”نه ڪي هنديءَ وانگر، نه ڪو اردوءَ وانگر.“
    ”ڀلا ڪجهه ڪجهه بنگالي يا ٿائي ( سيامي) وانگر؟“
    ”نه! پاڻ هندي ڪجهه ڪجهه بنگالي يا ٿائي سان ملي ٿي. پر تامل جي الف - بي بلڪل مختلف آهي. جيتوڻيڪ لکڻ جو نمونو ٿورو گهڻو کڻي چئجي ته هندي ۽ گجراتيءَ سان ملي ٿو.“
    ”ڀلا ملائيشيا ۾ توهان آيائو يا توهان جو پيءُ ڏاڏو؟“
    ”منهنجو ڏاڏو پر اهو پهرين ملائيشيا ۾ نه آيو هو. پهرين ڏکڻ آفريڪا جي شهر نيتال ۾ ويو هو. هو 1880 ع يا 1890 ع ڌاري پنهنجي اباڻي ڳوٺ پودو ڪوتائي (ضلعومدراس) کان پاڻيءَ واري جهاز ۾ چڙهي سائوٿ آفريڪا پهتو .“
    ”ڇو ويو - ان جي توهان کي خبر آهي؟“
    ”بابو ڳالهه ڪندو هو ته عيال وڏو هو. ڳوٺ ۾ هارپي مان ايتري اپت نٿي ٿي جنهن مان سڄي عيال جي پورت ٿئي، سو اسان جي پڙ ڏاڏي اسان جي ڏاڏي کي پئسي ڏوڪڙ ڪمائڻ لاءِ هندستان کان ٻاهر موڪليو. انهن ڏينهن ۾ انگريزن کي آفريڪا جي بيٺڪن ۾ ٻني ٻاري ڪرڻ لاءِ ماڻهو ٿي کتا ۽ هندستان مان ماڻهن جا جهازن جا جهاز ڀرجي پورهئي لاءِ اوڏانهن وڃي رهيا هئا.“
    ”توهان جي ڏاڏي اتي پهچي ڪهڙو ڌنڌو ڪيو؟“
    ”منهنجي ڏاڏي - سندس نالو ڪپوپ پيوهس هو، نيتال (سائوٿ آفريڪا) ۾ پهچي پهرين گاڏي تي شيون رکي وڪڻڻ شروع ڪيون. بعد ۾ هن هڪ هٽڙو کوليو، جنهن ۾ ٽڪيون، بسڪيٽ، داليون، چانور، گيهه، مسالا ۽ ٿورو گهڻو پسارڪو سامان رکي وڪڻڻ لڳو.“
    ”توهان جي ڏاڏيءَ سان شادي اتي ئي ٿيس يا هندستان مان ڪري ويو هو؟“ مون پڇيو مانس.
    ”نه شادي اتان نه ڪيائين، نه اتي هميشه لاءِ رهيو، هو ڏهه پندرنهن سال نيتا (سائوٿ آفريڪا) ۾ رهڻ بعد ڪئنڊي (سريلنڪا) هليو آيو. اتي ڪپڙي جو دوڪان کوليائين. شادي به اتي ڪيائين.
    ”ڪنهن سان شادي ڪيائين؟“ ڪنهن سنهالي (سلوني) ڇوڪريءَ سان .
    ”نه پنهنجي ذات جي تامل ڇوڪري ءَ سان.“
    ”مائٽيءَ ۾ هئي يا ڌارئيي هئي؟“
    ”ٿي سگهي ٿو ته مائٽيءَ ۾ هجي. پر هوندي به ته ڪا ڏور جي مائٽياڻي هوندي. بحرحال اتي سلون (سريلنڪا) ۾ منهنجي ڏاڏي کي ٻه ٻار ڄاوا. هڪ منهنجو پيءُ رامايا ۽ ٻيو منهنجو چاچو - جيڪو ننڍي هوندي کان ئي سلون ۾ آهي. ۽ مون کي سندس نالو ياد نه آهي. ڪجهه سال سلون ۾ رهڻ بعد منهنجو ڏاڏو سلون ۾ ڪمايل پئسو کڻي انڊيا ويو. اتي زمين ٽڪرو خريد ڪري اتي زمينداري شروع ڪيائين. پر اهو ڌنڌو صحيح طرح هلي نه سگهيو، ان ڪري ڪجهه سالن بعد جڏهن منهنجو پيءُ وڏو ٿيو ته هن وري هندستان ڇڏيو پر هن دفعي سائوٿ آفريڪا يا سلون وڃڻ بدران هيڏانهن ملايا هليو آيو. انهن ڏينهن ۾ ملايا ۽ سنگاپور تي به انگريزن جي حڪومت هئي جيئن هندستان سلون تي، بلڪه سنگاپور ته الڳ ملڪ نه هو، پر مدراس پريزيڊنسي جوئي حصو هو. ان ڪري سنگاپور ۾ اڄ به مدراسي ( تامل نادو صوبي جا ماڻهو) گهڻا آهن ۽ سنگاپور ملڪ/ٻيٽ جو نالو به چيني يا ملئي نه آهي پر تامل ٻوليءَ جو آهي. تامل ۾ سنگا معنيٰ شينهن آهي. هن سنگاپور ملايا ۾ اچي هن دفعي ڪو ڌنڌو شروع نه ڪيو پر، لئبر رڪروٽنگ آفيسر جي حيثيت سان انڊيا مان مزور گهرائڻ جو ڪم شروع ڪيو تن ڏينهن ۾ ملائيشيا جا جهنگل صاف ڪري رٻڙ پوکڻ جو ڪم هلي رهيو هو، جنهن لاءِ ڏکڻ هندستان جي تامل نادو ۽ ڪيرالا صوبن جي پورهيتن جي ضرورت هئي _ جيڪي هتي جي مينهوڳيءَ واري مند ۽ مليريائي علائقي ۾ محنت سان ڪم ڪري سگهن.
    ”ڪجهه عرصي کان پوءِ منهنجو ڏاڏو رٻڙ جي پوک Plantation جو اوورسيئر مقرر ٿيو. تيسين منهنجو پيءُ به وڏو ٿي ويو هو. ۽ هو به رٻڙ جي پوک ۾ ئي ڪم ڪرڻ لڳو. پاڻ ملائيشيا مان ئي شادي ڪيائين.“
    ”ڪنهن ملئي ڇوڪريءَ سان؟“ مون پڇيو مانس.
    ”نه هن به ڏکڻ هندستاني تامل ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي.“
    ”ڀلا توهان ڪٿي ڄاوا ڪڏهن ۽ ڪهڙي سن ۾؟“
    ”آئون ملاڪا شهر ۾ ڄايس 1935 ع ۾.“
    ”توهان ريلوي ۾ نوڪري ڪڏهن کان ڪئي؟“
    ”1956 ع کان، پر ان کان اڳ آئون ڪجهه سال اسڪول ٽيچر به ٿي رهيس. ملاڪا ۾ هڪ انڊين اسڪول هو ان ۾ آئون پهرين تامل ٻولي پڙهائيندو هوس.پوءِ مون ريلوي ۾ هڪ ڪلارڪ جي حيثيت ۾ نوڪري شروع ڪئي، تن ڏينهن ۾ مونکي سوا سؤ ڊالر کن پگهار ملندي هئي پر هتي جي ڊالر جو مان اڃا مٿانهون نه ٿيو هو. سمجهو ته اها رقم ٽي سؤ روپين جي برابر هئي. پر انهن ڏينهن ۾ گهرجون گهٽ هيون. ۽ اهي پئسا گنج هئا ۽ ملاڪا ڇڏي سلينگر رياست جي شهر ڪلانگ ۾ اچي رهيس جنهن جي ريلوي اسٽيشن تي مونکي نوڪري ملي هئي. آهستي آهستي ڪلارڪ مان سينيئر ڪلارڪ ۽ سپرنٽنڊنٽ ٿيس ۽ پوءِ اسسٽنٽ ريلوي ماسٽر ۽ ماسٽر ٿيس. مون شادي به ڪلانگ شهر جي هڪ ڇوڪريءَ سان 1959 ع ۾ ڪئي.
    ” ڇا پڇي سگهان ٿو ته توهان ڪهڙي ڇوڪري ءَ سان شادي ڪئي _ ملئي چيني يا تامل ڇوڪريءَ سان يا اڃا به ڪنهن ڏورانهين ملڪ جي ڌارينءَ سان.؟“
    مسٽر رينگا مرڪي چيو؛ ” مون به پنهنجي تاملن مان شادي ڪئي ۽ هن وقت هوءَ ڇهن ٻارن جي ماءُ آهي. اسان کي چار پٽ ۽ ٻه ڌيئون آهن.وڏو پٽ توهان وانگر مرچنٽ نيويءَ ۾ آفيسر آهي _ پر هو ناٽيڪل برانچ ۾ آهي. اڄ ڪلهه سيڪنڊ ميٽ جو امتحان سنگاپور مان ڏئي هڪ نار ويجن جهاز تي روانو ٿيو آهي. توهان کان پاڻ اهو پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا سنگاپور بدران اهو توهان وٽان ملاڪا مان اهو ڪورس ڪري سگهيو ٿي؟“
    ”ها.بلڪل. پاڻ اسان جي اڪيڊمي سمنڊ جي ڪناري تي ۽ شهر کان پري هجڻ ڪري پڙهڻ ۽ سکڻ جا وڌيڪ موقعا فرهام ڪري ٿي.پر جيئن ته هو ڌارئين شپنگ ڪمپنيءَ مان آهي، ان ڪري کيس في پاڻ ڏيڻي پوندي جيڪا هزار کن ڊالر (ڇهه هزار روپيا) ماهانه آهي. هاڻ جيئن ئي توهان جو پٽ سمنڊ جا ايڪيهه مهينا Sea-Time پورا ڪري ته چيف ميٽ جي ڪورس لاءِ کيس اسان جي اڪيڊميءَ ڏي ملاڪا موڪلجو. سچ ته مونکي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته توهان جو پٽ محنت ڪري ننڍي عمر ۾ ئي سٺي پوسٽ تي پهچي ويو آهي ۽ ناروي وارن جا جهاز پيو هلائي. ڀلا توهان جا ٻيا ٻار ڇاڪن؟“
    ”ٻيو نمبر پٽ هتي جي نيول فوج ۾ ليفٽيننٽ آهي. ٽيون نمبر پٽ، چوٿون نمبر ڌيءُ ۽ ٻيا ٻار ننڍا آهن. ۽ اڃا اسڪول ۾ آهن.“
    ”ڀلا تون ڌيئن کي ڇا پڙهائڻ جو ارادو رکين ٿو؟“ مون پڇيو مانس.
    ”سندن مرضيءَ تي ڇڏيل آهي. ان سلسلي ۾ آئون سڀني ٻارن کي چوندو آهيان ته جنهن کي جيڪا لائين پسند اچي اهو اها کڻي ۽ ان لاءِ محنت ڪري. هونءَ منهنجي ڌيءُ جو لاڙو انگي حساب ۾ گهڻو آهي. ۽ هوءَ ايڪنامڪس، ڪامرس جهڙا سبجيڪٽ کڻي اڳتي هلي اڪائونٽنسيءَ ۾ ڪم ڪرڻ چاهي ٿي.“
    مسٽر رينگا کان چند منٽن جي موڪل وٺي يڪو ويهي رهيس. ان وچ ۾ رکي رکي چيني يا ملئي مسافر ٽڪيٽ بدلائڻ لاءِ يا ڪنسيشن ٽڪيٽ ٺهرائڻ لاءِ پئي آيا، تن سان هن ملئي ۾ ڳالهائي هر هڪ کي ڪجهه وقت ٻاهر ترسڻ لاءِ چيو ٿي. جيڪي پوءِ رکي رکي در مان ليئا پائي رهيا هئا. ۽ مون کي نڪرڻ لاءِ اکين ئي اکين ۾ چئي رهيا هئا. سو نيٺ سريمبان ريلوي اسٽيشن جي انگريزن جي ڏينهن کان هلندڙ تامل ريلوي عملدار مسٽر رينگانير کان موڪلائي ٻاهر نڪتس.


    سنگاپور ”سروس“ تي جيئي ٿو

    هي سڄو قصو هن آير حطام جي مالڪ عبدالله جي پٽ عبدلاقادر جو ذڪر ڪرڻ دوران ضروري سمجهيم ته جيئن پڙهندڙن کي آئيڊيا ٿي سگهي ته گذريل سؤسالن ۾ ننڍي کنڊ جي ماڻهن ۾ ايڪاناميءَ - ڪمائيءَ، خرچ ۽ وڌندڙ گهرجن ڪيئن اٿل پٿل آندي آهي. جنهن کي منهن ڏيڻ ڪارڻ جيڪو جيڪو جيترو جلد گهر ڇڏي (بيٺل پاڻيءَ دٻي بدران) مٺي پاڻيءَ جي ڳولا ۾ نڪري ويو . اهو وڌيڪ سکيو ستابو ثابت ٿيو. پوءِ کڻي اهو سنڌ ورڪي هندو واپاري هو يا ڪڇ ڀوڄ جو کوجو، بوري ۽ ميمڻ، ڏکڻ هندستان جو مسلمان تامل هويا سنڌي پڙهيل ڳڙهيل عامل.شاعر جي هن مشهور شعر ۾ شايد حقيقت ئي آهي ته؛
    پهول وه سرها هوا، جو چمن سي نڪل گيا.
    آير حطام شهر مان نڪرڻ وقت ساڍا ڏهه ٿي رهيا هئا.ٻارهين بجي ڌاري جوهور بارو شهر پهتاسين، جوهور بارو شهر جيڪو جوهور رياست جي گاديءَ جو هنڌ آهي. ۽ جوهور پرڳڻي ۽ ملائيشيا ملڪ جو پوڇڙ آهي. ان کان پوءِ سمنڊ آهي ۽ ٿورو پري کان سنگاپور ٻيٽ آهي. جنهن جو ڪنارو ۽ ڪناري واريون عمارتون جوهور بارو شهر کان صاف چٽيون نظر اچن ٿيون. سنگاپور جو ٻيٽ ملائيشيا جي ملڪ سان جوهورباروءَ وٽ هڪ پل Cause_ Way ذريعي ڳنڍيل آهي جتان بسون، موٽرون، ٽرڪون، ٽرينون، ۽ ماڻهو اچي وڃي سگهن ٿا. ڪراچي حيدرآباد سُپر هاءِ وي تي جيئن ٽول پالازا جا وڏ ا دروازا ٺهيل آهن تيئن هتي سورنهن کن دروازا آهن جن وٽان ڪارون قطارون ڪري لنگهن، دروازي وٽ ڪار بيهاري اتي جو اتي دروازن جي وچ ۾ ويٺل اميگريشن آفيسرن کي پنهنجو پاسپورٽ ۽ ويزا جو ڪارڊ ڏنوسين جن ان تي Exitٺپوهنيو يعني ملائيشيا ملڪ کان ٻاهر نڪتاسين.
    پوءِ دادو موري جيڏي ۽ جهڙي پل ٽپي سنگاپور پاسي ٽپي ساڳي قسم جي دروازن وٽ پهتاسين ۽ اتي وري پاسپورٽ ڏيکاري سنگاپور جي ويزا ورتيسين ۽ پاسپورٽ تي سنگاپور جي اميگريشن آفيسرن Inter جوٺپو ۽ تاريخ هنئي. يعني هاڻي اسين سنگاپور ۾ پهچي ويا سين ۽ ان گهڙيءَ کان سنگاپور جو قاعدو قانون لاڳو ٿي ويو. ڀر ۾ هڪ ٻئي سنگاپوري آفيسر کان نورالدين ڊرائيور ڪار جي ”پرمٽ“ ورتي، نورالدين ٻڌايو ته اها تمام ضروري آهي. جو سنگاپور حڪومت نه ٿي چاهي ته هنن جي ملڪ ۾ گهڻيون ڪارون اچن جو سنگاپور ٻيٽ تمام ننڍو آهي. فقط ڇهه سؤ چورس ڪلوميٽر يعني ٻه سؤ چورس ميل سنگاپور جي ننڍڙي هجڻ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته (سنڌ جي پکيڙ پنجونجاهه هزار چورس ڪلو ميٽر آهي. يعني سنڌ جيتري پٽ ما ٻه سؤ پنجهتر کن سنگاپور جيترا ٺهي سگهن ٿا.)۽ ملائيشيا ملڪ جي ڀيٽ ۾ ته سنگاپور هيڪاندو ننڍو آهي. ڇو جو ايسٽ ملائيشيا (سرواڪ ۽ صباح) ۽ ويسٽ ملائيشيا جي جملي پکيڙ اٽڪل سوالک چورس ميل آهي.يعني ملائيشيا جيتري پٽ مان ته سنگاپور جيترا ٻيٽ ڇهه سؤ ٽيهه ٿين پر سنگاپور جي ترقي ملائيشيا يا ڪنهن ٻئي ملڪ سان ڀيٽبي ته تعجب ٿو لڳي. هيترو ننڍڙو ٻيٽ جنهن ۾ ڪجهه به ناهي ۽ دجهه سال اڳ تائين هڪ مهاڻن جو ڳوٺ هو جيئن بابا ڀٽ شاهه يا منهوڙو پر هاڻ جاپان بعد ٻئي نمبر تي سڄي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ امير ۽ ماڊرن ملڪ آهي. سنگاپور ۾ نه ٻنيون ٻارا آهن نه کاڻيون نه جبل پر جاپانين وانگر هتي جا ماڻهو محنت، عقل ۽ ڊسيپلين سان رهي سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو آهي. جاپاني ته وري به هڪ قوم آهي پر هتي سنگاپور ۾ ته مختلف زبانن، مذهبن، رنگن جي ماڻهن جي کچڻي پڪي پيئي آهي. پر بقول اسان جي هڪ ڪليگ لئپٽن نندڪرجي، کين اهڙو ليڊر مليو آهي، جنهن ملڪ ۾ ماڻهن جي قسمت سڌاري ڇڏي آهي. سنگاپور ۾ ملئي به رهن ٿا ته چيني به انڊين تامل ۽ سنڌي سنڌ ورڪي به رهن ٿا ته انڊونيشي، فلپيني، ۽ يورپي به، پر ڇا مجال جو مذهب، ٻولي يا رسم رواج جهڙي ڳالهه تان وڙهن. هرهڪ ٻئي جي عزت ڪري ٿو ساڳيا ملئي۽ چيني ملائيشيا، ٿائلينڊ، ۽ چين ۾ به رهن ٿا. پر سنگاپوري ”ملئي“ ۽ ”چيني“ ٻين کان وڌيڪ سمارٽ،منظم، باادب ۽ سمجهو هوندا. محنتي هوندا پڙهيل لکيل هوندا سنگاپور گذريل ڏهن ٻارنهن سالن ۾ جيڪا ترقي ڪئي آهي. تنهن کيس اوسي پاسي جي مڙني ملڪن کان سکيو ستابو ۽ الڳ ٿلڳ بڻايو آهي. هر قسم جي آزادي هوندي به هيءُ ڇڙواڳ ناهن. هرقسم جي عياشي هوندي به محنتي آهن. دنيا ۾ سڀ کان گهٽ موڪلون سنگاپوري ڪن ٿا. بقول سنگاپور جي هڪ سنڌي واپاري سيٺ هرڪشن ڀوڄواڻيءَ جي- جنهن ڏياريءَ واري ڏينهن به سڄو ڏينهن موڪل نه ڪئي؛ ”سنگاپور قدرتي دولت ۾ غريب آهي. ان ڪري سنگاپوريءَ کي پئسي ڪمائڻ /سکيو ستابو رهڻ لاءِ محنت ڪرڻي ٿي پوي. سنگاپور Service (خدمت) تي زندهه آهي. اسان آيل ٽوئرسٽن جي خدمت ڪري پئسو ڪمائي سگهون ٿا. ملائيشيا يا سعودي عرب جهڙن ملڪن جو مثال هڪ وڏيري/زميندار جيان آهي. جنهن وٽ سڀ ڪجهه آهي. مهينو ٻه ننڊون پيو ڪندو ته به بک نه مرندو. ڌرتيءَ اندران تيل، سون، جست، پيو نڪري، ۽ زمين مٿان ناريل، رٻڙ، ۽ پام وغيره.سنگاپور جو مثال هڪ هاري، پورهيت يا ايراني هوٽل جي ڏهاڙيءَ تي رکيل پگهار دار نوڪر وانگرآهي. جيڪو هڪ ڏينهن به موڪل ڪندو ته ڏهاڙيءَ تان هٿ ڌوئيندو،يعني پورهيو ڪندو ڪمائيندو ته کائيندو نه ته بک مرندو. ان ڪري اسان گهڻي موڪل ڪرڻ بدران پورهيو ڪرڻ چاهيون ٿا. اهو ئي سبب آهي جو سنگاپور۾ آچر (موڪل واري ڏينهن به) دڪان کليل آهن. بندرگاهه بازاريون کليل آهن.“


    سنگاپور۾ گهڻائي چينين جي آهي

    ملڪ جو گهڻو واپار ۽ ترقيءَ جو مدار بندرگاهه تي به آهي. سنگاپور جي بندرگاهه ۾ هروقت_ هر ڏينهن توڙي رات_ جهازن کي سهوليت ملڻ ڪري هن پاسي سنگاپور جو بندرگاهه به ايڏي ترقي ڪري ويو آهي، جو اڄ ڪلهه سنگاپور جو بندرگاهه دنيا جي ٻئي نمبر تي آهي.۽ صفائيءَ ۾ ته ڪيترن ئي سالن کان پهرين نمبر تي آهي.سنگاپور جي ڪن ڪن چينين ۽ انڊين جا پنهنجا ذاتي گهر جاپانين جهڙاصاف سٿرا نه هجن پر، سنگاپور جو شهر، گهٽيون، رستا چوڌاري پکڙيل باغ، باغيچا، ريلوي اسٽيشن ۽ ايئر پورٽ وغيره جو ته ٽوڪيو به مقابلو نه ٿو ڪري سگهي. مجال آهي جو ڪو ننڍو يا وڏو پني ڀور يا سگريٽ جو ٽوٽو_ رستي تي اڇلائي اتي جو اتي پنج سؤ روپيا کن ڏنڊ، ڪار کي غلط پارڪنگ ۾ بيهارڻ تي ته هزار روپيا کن ڏنڊ آهي.پر زيبرا ڪراسنگ کان سواءِ ٻئي هنڌ تان رستو ٽپڻ تي پيادي کي پنج سؤ روپيا ڏنڊ ڀرڻو ٿو پوي ۽ اهي ۽ ٻيا انيڪ قاعدا قانون هر هڪ لاءِ ساڳيا آهن. غريب توڙي امير لاءِ ورڪر توڙي سياست دان لاءِ ملڪي توڙي ڌارئين ماڻهوءَ لاءِ.
    بحرحال سنگاپور حد کان وڌيڪ سکيو ستابو ۽ سهڻو ٿيندو وڃي. ان جو اندازو ملائيشيا ڇڏي سنگاپور گهڙڻ سان ئي ٿئي ٿو. وچ ۾ وقت جو فرق رڳو پنج منٽ ۽ مفاصلي جو فرق ٻه ٽي ميل آهي. هونءَ ته ملائيشيا به سکيو ستابو، صاف سٿرو، سهڻو ۽ امير ملڪ ٿيندو وڃي، پر سنگاپور جي ڳالهه ئي ٻي آهي.سنگاپور گهڙڻ سان ئي محسوس ٿئي ٿو ته ڪا وڏي تبديلي اچي ويئي آهي. سنگاپور به ملائيشيا وانگرسرسبز ۽ سائو آهي، پر اتي هروڻ، هرٻوٽو، پنهنجي جاءِ تي پيو سونهي. ڪٿي به گاهه وڌيل نظر نه ٿو اچي.ڊگهين ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتن جا شيشا چمڪندا رهن ٿا. رستا صاف سٿرا ۽ لسا، ڦٽ پاٿن تي رستن ۽ بسن جا نالا ۽ نمبر لڳل. مسافرن جون قطارون ۽ ويهڻ لاءِ اڏاوتون. چپي چپي تي پبلڪ فون ۽ ويجهڙائيءَ جون مشهور جايون ڏسڻ لاءِ نالا ۽ تير لڳل. وڏو توڙي ننڍو بااد ب ۽ ڊسيپلينڊ_ جنهن بابت مٿي به لکي چڪو آهيان. جيڪو ماڻهو چين، هانگ ڪانگ، تائيوان، ملائيشيا ۽ ٻين ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ رهيو هوندو ان کي خبر هوندي ۽ ان ڳالهه جو قدر ڪندو ته چيني ماڻهن کي ائين ڪنٽرول ۾ رکڻ واقعي سنگاپور حڪومت جو ڪمال آهي_يعني ڏنڊي بنا! موچڙي بنا چيني ماڻهوءَ کي ڪنٽرول ۾ رکي نه سگهيو.
    ملائيشيا وانگر سنگاپور ۾ به سڀني مذهبن، زبانن، ۽ ماڻهن جي عزت ڪئي وڃي ٿي. حساس عنوانن تي بحث ڪرڻ تي بندش وڌل آهي- جيئن ڪنهن کي به رنج نه پهچي. هر هڪ آزاد آهي ته ٻارن کي انگريزي پڙهائي يا تامل،چيني پڙهائي يا ملئي. مندر ۾ وڃي يا مسجد ۾. گوردواريءَ ۾ وڃي يا پگوڊا ۾ پر ملڪ جي ڊاهه ڊوهه نه ڪري .
    ڪيترائي يورپي ۽ مغربي ماڻهومختلف عبادت گهرڏسڻ جي لاءِ سنگاپور ۾ اچن ٿا.جن کي حڪومت جي طرفان اهي ڏسڻ جي اجازت ڏني وئي آهي_بشرطيڪ ان مذهب جون ضروري اخلاقي ۽ رسمي ڳالهين جو خيال رکن_جن بابت حڪومت طرفان ڇپيل گائيڊ بڪ ۾ واضع طور لکيل ٿئي ٿو.جيئن مسجد لاءِ لکيل آهي ته اندر وڃڻ کان اڳ ٽوئرسٽن لاءِ ضروري آهي ته بوٽ ٻاهر لاهين. سگريٽ ڇڪڻ يا ڏاڍيان ڳالهائڻ کان پرهيز ڪن. اسڪرٽ يا ٻانهن بنا بلائوز پاتل عورتون پنهنجي سڄي جسم کي ڍڪي پوءِ اندر وڃن ۽ اها عورت جيڪا حيض وارن ڏينهن Menstrual_ Periods ۾ آهي.اها اندر نه وڃي - وغيره وغيره.
    سنگاپور ۾ گهڻائي چينين جي آهي.ڪي ڏهه سيڪڙو کن ملئي ۽ هندستاني ٿيندا. پر ماڻهن جي حساب سان مسجدون تمام گهڻيون آهن. ملائيشيا ٽپي سنگاپور اچڻ شرط ئي هڪ تمام وڏي خوبصورت مسجد کاٻي پاسي نظر اچي ٿي. جيڪا شايد هن سال ٺهي راس ٿي آهي. جو هن کان اڳ هتان لنگهندي نظر نه آئي. ان کان علاوه شهر ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون مسجدون آهن. وڪٽوريا ۽ جالان سلطان تي ملباري مسجد، عرب اسٽريٽ وٽ سلطان مسجد ۽ بيچ روڊ جي ڇيڙي وٽ حاجاڻي فاطمه مسجد، وڏين مسجدن مان ڪجهه آهن.


    سنگاپور ۾ ڪو به رستو پري ناهي

    ملائيشيا مان نڪر ي سنگاپور ۾ داخل ٿيڻ جو ٺپو سنگاپور اميگريشن وارن کان پنهنجن پاسپورٽن تي هڻائي پوءِ ”مئرينرس ڪلب“ ڏي روانا ٿيا سين_ جتي اسان جي ٽڪڻ جو بندو بست ڪئپٽن ظهور ڪرايوهو. مئرينرس ڪلب تنجنگ پگار _ سنگاپور جي مشهور شاپنگ سينٽرن مان هڪ، جي ڀرسان ۽ زري گهٽ شهر ۾ آهي. ڪراچيءَ جي ميڪلوڊ روڊ يا نيويارڪ جي وال اسٽريٽ وانگيان شينٽن وي (روڊ) پڻ ويجهو اٿس، جنهن تي سڀ کان گهڻيون بئنڪون ۽ ڏيتي ليتيءَ جون آفيسون آهن. هونءَ ته سڄو سنگاپور جو ملڪ هڪ شهر آهي ۽ شهر به اهڙو جهڙو هانگ ڪانگ، ڪولمبو، ڪنهن زماني جو بيروت ۽ عدن، پينانگ يا ڪجهه ڪجهه ڪراچي جنهن جي هر هڪ گهٽي دڪانن ۽ شاپنگ سينٽرن سان ٽٻ هجي ۽ دڪان ڏينهن رات کليل هجن، جيئن ڪنهن به وقت آيل مسافر خريداري ڪري سگهن پر اهو آهي ته ڪراچي پکيڙ ۾ تمام گهڻو وڏو آهي. رڳو ملير لانڍي.کان ٽاور ڪيا ماڙي تائين ويهه ميل ڊگهو ٿيندو ۽ سائيٽ ماريپور کان نيو ڪراچي يا ڪورنگي تائين به ويهه ميل کن ويڪر ۾ ٿيندو. پر سنگاپور جو شهر بلڪل سڄو ٻيٽ ڊيگهه ۾ چوويهه ميل آهي ۽ ويڪر ۾ تيرنهن ميل. سو سنگاپور رڳو ڳتيل گهڻو آهي ان ڪري تمام وڏو ٿو لڳي ۽ ماڻهو ڀلجيو وڃي.
    هڪ دفعي ڪيپل روڊ تي بس لاءِ بيٺو هئس (جتي سنگاپور جو مشهور ڪيپل نالي شپ يارڊ پڻ آهي) اتان آرچرڊ روڊ وڃڻو هوم ڀر ۾ بيٺل هڪ سنگاپوري انڊين چيو؛ ”توهان کي جلدي هجي ته بس لاءِ انتظار ڪري وقت ضايع نه ڪريو ٽئڪسي ڪرائي هليا وڃو“ ٽئڪسي ۾ ويهڻ وقت هڪ دم خيال آيو ته ڪٿي ٽئڪسيءَ وارو مون کي ڌاريو سمجهي ڏورانهن رستن کان نه وٺي هلي سو بس اسٽاپ تي بيٺل سنگاپوري انڊين کان پڪ ڪرڻ خاطر پڇيم ”ڀائو آرچرڊ روڊ ڪيترو پري آهي؟
    کلي وراڻيائين؛ ”هتي ته ڪابه شيءِ پري ناهي. سنگاپور آهي ئي ڪيترو ٻيٽ!“
    سو واقعي سنگاپور ڪو ايڏو وڏو ٻيٽ نه آهي ۽ ٽئڪسين جا ڀاڙا به ٻين ولايتي ملڪن جي ڀيٽ ۾ هتي واجبي آهن ۽ اهئي سرڪار طرفان مقرر ٿيل آهن. مقرر ته گهڻو ڪري سڀني ملڪن ۾ هوندا آهن. پر سنگاپور جا ٽئڪسي ڊرائيور ان تي عمل ڪن ٿا. ۽ سنگاپور جي پوليس ان معاملي ۾ مٿس ڪرڙي اک رکي ٿي. سنگاپور ۾ پهرين ڏيڍ ڪلو ميٽر جو ڀاڙو هڪ سنگاپوري ڊالر آهي - يعني ساڍا ڇهه روپيا کن ۽ جي ٽئڪسي ايئر ڪنڊيشنڊ آهي ته هڪ ڊالر ويهه سينٽ. ان بعد هر چار سؤ ميٽرن بعد ڀاڙو ويهه سينٽ وڌي ٿو. انتظار لاءِ هڪ منٽ جا ڏهه سينٽ آهن.


    سنگاپور ڇو سُهڻو آهي

    سنگاپور ۾ ماڻهو هوائي جهاز، سامونڊي جهاز ۽ خشڪي رستي ملائيشيا کان اچي سگهي ٿو هن کان اڳ اسان جو هميشه سمنڊ رستي اچڻ ٿيندو هو. ۽ جهاز ايسٽ ڪوسٽ (اوڀرڪناري) ڪلفرڊ پيئر جي ڀرسان اچي بيهندو هو، جتان ٻن منٽن جو پنڌ ڪندا هئا سين. رستي جي ٻئي ڪپر تي چئينج ايلي (ڪراچيءَ جهڙي بوهري بازار)، رئفل روڊ، هاءِ اسٽريٽ، (ڪراچيءَ جي جامع ڪلاٿ مارڪيٽ_بلڪه حيدرآباد جي شاهي بازار) هل اسٽريٽ، نارٿ برج روڊ، جهڙا مشهور روڊ، رستا ۽ بازاريون، سامهون هوندا هئا . يا جهاز ويسٽ ڪوسٽ پاسي اچي بيهندو هو. جتان پوءِ ٻيڙي (لانچ) ٽئڪسيءَ ذريعي عرب اسٽريٽ، تنجم پگار يا پيلس پارڪ جهڙن شا پنگ سينٽرن ۽ بازارين ۾ اچي نڪرندا هئاسين. اهي رستا سالن کان ڏٺل وائٺل ۽ ياد هئا. بلڪه ڪيترا رستا ۽ عمارتون اسان جي اکين جي اڳيان گذريل ڏهن يا پندرنهن سالن ۾ ٺهيون. سنگاپور جو ايئر پورٽ ۽ ملائيشياڏي ويندڙ رستي واري علائقي ووڊ لئنڊس Wood lands پاسي لاءِ ٻڌبو پيو هو ته اتي به تبديلي اچي رهي آهي. سرڪار جهنگ وڍرائي باغ، ۽ بنگلا، رستا ۽ روڊ ٺهرائي رهي آهي، پر ان پاسي ڪڏهن به وڃڻ جو وقت ۽ ضرورت پيش ڪونه آئي. پر هاڻ جيئن ته اسان ملائيشيا کان باءِ روڊ اچي رهيا هئاسين سو سنگاپور جو اهو سڄو پٺيون پاسو ڏسڻ جو وجهه ملي ويو ۽ ساڳئي وقت ڪراچيءَ کان ملائيشيا هن دفعي هوائي جهاز ۾ ويندي وقت سنگاپور جي هوائي اڏي تي لهڻ ڪري چانگي وارو علائقو پڻ ڏسڻ جو سٺو موقعو ملي ويو. ڪنهن زماني ۾ بس رستي چانگي وڃبو هو ته اهو هڪ ننڍڙي ڳوٺ خانوٺ ڀاڻوٺ يا سيکاٽ جهڙو الڳ ٿلڳ لڳندو هو. پر هاڻي سڄو ملڪ هڪ ٿي ويو آهي. جيئن ڪراچيءَ جا ڏورانهان علائقا؛ ملير، لانڍي، لسٻيلو، منگهو پير، ڪورنگي، اورنگي، شهر سان ملي هڪ ٿي ويا آهن. يا حيدرآباد ۾ ٽنڊو آغا، ٽنڊو ولي، محمد چنڊ جو ڳوٺ، جاني شاهه، ڪچو قلعو وغيره سڀ وڌي وڌي هڪ يڪو حيدرآباد شهر ٿي ويو آهي. اهو ضرور آهي ته سنگاپور شهر وڌيو آهي. پر حساب ڪتاب سان ڪٿي به گهر دوڪان يا هوٽل ٺاهي وئي آهي ته ان کان اڳ پهرين پڪا رستا، گٽرسسٽم، پاڻيءَ جاپائيپ، مينهن جي پاڻيءَ جي نيڪال جون ناليون، اليڪٽرڪ ۽ ٽيليفون جا ٿنڀا ۽ تارون، ڪارين بيهارڻ لاءِ پارڪنگ جا بندوبست پهرين ڪيا ويا آهن. ويندي ٻهراڇلائڻ لاءِ دٻا ۽ آهر، ٻارن لاءِ پارڪ ۽ پينگهون، اسڪول ۽ اسپتالون، عورتن ۽ پوڙهن لاءِ اس ۽ مينهن جي بچاءَ لاءِ اڏاوتن وارا بس اسٽاپ ۽ بينچون - پهرين مهيا ڪيا ويا آهن. اهو ئي سبب آهي ۽ اها ئي اڳ جي پلاننگ ۽ سوچ آهي جنهن ڪري سنگاپور سهڻو شهر ٿي پيو آهي. سنگاپور نه فقط صاف ۽ سهڻو شهر آهي، پرسندس رهاڪوءَ لاءِ هر سک ۽سهولت موجود آهي. هيڏو ڳتيل ۽ آباد شهر هوندي به هر عمارت جي هر فليٽ ۾ رهندڙ کي فون جهڙي عياشي ايترو آسانيءَ سان مليو ٿي وڃي جيترو پوسٽ آفيس تي وڃي ٽڪليون وٺڻ، يا پساريءَ جي دوڪان تان سڪاڪائي، يا ڏوڏي، پست جي ڪڻ، يا مٺي ڪاٺي، وٺڻ. پر جيڪا شيءِ سنگاپور ۾ آسانيءَ سان نه ٿي ملي سگهي اها آهي موٽر ڪار. حڪومت طرفان ان ڳالهه تي سختيءَ سان زور وڌل آهي ته سنگاپوري گهٽ کان گهٽ ڪارون خريد ڪن. ان جوسبب اهو ناهي ته ڪو سنگاپور چاهي ٿي ته سنگاپوري پيدل هلن. پر ان ڪري جو سنگاپور تمام ننڍڙو ملڪ/ شهر آهي ۽ ماڻهو ته ڏينهون ڏينهن امير ٿيندا وڃن. سو جيڪڏهن هرهڪ ڪار وٺڻ شروع ڪندو ته رستا ۽ فٽ پاٿ سڀ ڪارين سان ڀرجي ويندا پوءِ پنڌ هلڻ وارن لاءِ مصيبت ۽ ڪمن ڪارين ۾ رنڊڪ پئجي ويندي. ان ڪري گهٽ کان گهٽ ڪارون هجڻ شهر جي سونهن ۽ سهولت لاءِ فائديمند آهن.


    سنگاپور ۾ ڪار رکڻ وڏو شان آهي

    جيستائين سواريءَ جو سوال آهي حڪومت طرفان بسون ايتريون ته گهڻيون ۽ آرامده هلن ٿيون جو بس ۾ سفر ڪرڻ وڌيڪ سستو، آسان ۽ سلامتيءَ وارو ٿي پيو آهي. سنگاپور ۾ پنهنجي ڪار رکڻ مان ڪو گهڻو فائدو ناهي.ڇو جو هڪ ته لکا روپيا سيڙائي ڪار وٺجي جو هتي جي حڪومت سنگاپورن کي دلشڪستو ڪرڻ لاءِ ڪار جي قيمت، روڊ ٽئڪس، رجسٽريش في، ڪار پارڪنگ چارجز وغيره تمام ڳري ڪري ڇڏي آهي. مثال طور اها ٽويوٽا ڪار جيڪا جاپان ۾ چاليهه هزار روپئي کن ملي ٿي ۽ پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ تمام گهڻو ٽئڪس لڳڻ کان پوءِ به سوا لک روپئي کن وڃيو پوي پر هتي سنگاپور ۾ ان جي قيمت اڃا به ڳري رکي ويئي آهي - اٽڪل ٻه سوا ٻه لک کن. جيتوڻيڪ جنهن حساب سان ريڊيو، ٽي وي، ۽ واچون وغيره سنگاپور ۾ سستيون آهن. ان حساب سان ڪار جي قيمت به سستي هئڻ کپي جيتري جاپان ۾ آهي. پر سنگاپور ۾ ڪارون ڄاڻي واڻي مهانگيون ڪيون ويون آهن. مثال طور؛ رجسٽريشن في ۽ روڊ ٽئڪس جيڪو پاڪستان ۾ گهڻي ۾ گهڻو ته به ساليانو ڇهه سؤ يا وڏين ڪارن جو اٺ سؤ روپيه آهي. پر هتي سنگاپور ۾ اهو ڏهه ويهه هزار کن (ڪار جي وڏائيءَ موجب) آهي. پر هن سال کان ته هن کي به ٻيڻو ٽيڻو ڪري ڇڏيو اٿن. بلڪه ڪار وٺڻ جي ان کي ئي اجازت ڏين ٿا جيڪو اڳهين ڪار جو خريدار آهي ۽ پنهنجي پراڻي ڪار جنڪ يارڊ (ڪارن جي قبرستان ) ۾ وڃي جمع ڪرائي. يعني ان ڪار کي ردي سمجهي ڦٽو وڃي ڪري. (جنهن کي حڪومت پوءِ رجائي لوهه جي ڪم ۾ آڻي ٿي) ۽ مالڪ پوءِ ان جي بدلي ۾ نئين ڪار وڃي وٺي - پنهنجن پئسن سان.
    ڏٺو وڃي ته سنگاپور ۾ ڪار رکڻ جي ڪابه ضرورت ناهي جو ماڻهو سنگاپور ۾ ڪٿي به هجي ته هو بس اسٽاپ کان پري ناهي. ڪيتريون ڪمپنيون آفيسون ڪارخانا پنهنجن ماڻهن کي گهر کان آفيس آڻڻ ۽ پهچائڻ لاءِ مني بسون هلائن ٿا. ٽئڪسيون عام جام آهن يا ٽئڪسيءَ جي لاءِ ڪٿان به مفت ۾ فون ڪري سگهجي ٿو. سو اهڙِي حالت ۾ پنهنجي ڪار رکڻ انگريزيءَ جو مثال ”اڇو هاٿي پالڻ“ آهي. جنهن تي رڳو خرچ ئي خرچ آهي. پر تنهن هوندي به سنگاپور ۾ ڪار رکڻ وڏ ماڻهپي جو نشان Status Symbol- آهي. ڪنهن ماڻهوءَ جو بئنڪ بئلنس کڻي لکا روپيا هجي . گهر ۽ آفيس ۾ کڻي ٽيليفون ۽ ٽئڪسيون هجن. هرڪمري ۾ ٽي وي ، وي سي آر هجيس. پر تيسين هو پاڻ کي غريبڙو محسوس ڪري ٿو، جيسين ڪار نه وٺي. ۽ جيڏي وڏي ڪار اوڏو وڏو ماڻهو. ڪيترا اهڙا به وڏا ماڻهو آهن جن وٽ وڏيون ڪارون ائين بيٺيون آهن. جيئن ڪن جاپاني وڏن ماڻهن وٽ گيشائون (رکيلون) يعني رڳو رکڻ لاءِ - ڀلي استعمال نه ڪن، ۽ جاپانين وانگر ڪيترائي سنگاپوري دولتمند خاص ڪري چيني، ڪارون فقط ان لاءِ وٺن ٿا ته جيئن ماڻهن تي رعب ويهي ته هو ايڏي وڏي ڪار رکي سگهن ٿا. ان جو خرچ ادا ڪري سگهن ٿا. ڪيترا اهڙا به سنگاپور جا واپاري هاءِ اسٽريٽ ۾ پنهنجن ٻڌي واپار جي ايئرڪنڊيشنڊ آفيسن ۾ ٽيليفونن جي وچ ۾ ويٺل نظر ايندا جن جو گهر آفيس کان فقط فرلانگ کن پري هوندو. ۽ هو سڄو ڏينهن آفيس ۾ وهڪ ڪري گهر پنڌ وڃڻ پسند ڪند ا پر ڊرائيور ڊيوٽيءَ موجب صاحب/ سيٺ جي ڪار گهر کان آفيس ۽ آفيس کان گهر آڻيندو نيندو رهندو. جيئن اوڙي پاڙي خاص ڪري واپاري پارٽيءَ کي خبر پوي ته سيٺ جو ڪيڏو رتبو، شان، ۽ ساک آهي.


    سنگاپور ۾ ڪارون گهٽائڻ جا اپاءَ

    سنگاپور حڪومت پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي ڪارون وٺڻ کان ته ڪافي جهل پل ۽ دلشڪستو ڪري ٿي پر ڀر واري ملڪ ملائيشيا کان ايندڙ ڪارن جي ٻوڏ کي ڪيئن جهلي؟ صفا جهلي ڇڏڻ ته معنيٰ پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻڻ. ڇو جو سنگاپور وارن جو گذران ٻاهران آيل ماڻهن تي آهي ۽ هو جيترو يورپ آمريڪا کان آيل ماڻهن مان ڪمائن ٿا اوترو ئي ملائيشيا جي ماڻهن مان. ملائيشيا جا ماڻهو به ڪافي امير آهن ۽ سنگاپور ڏي ته امير توڙي غريب خرچڻ لاءِ ڀڄي ٿو. غريب اهو سوچي سنگاپور اچي ٿو ته گهر لاءِ سستي شيءِ وٺان؛ ڪپڙا،گنديون، ٿانوَ، ٿپا، اليڪٽرڪ جو سامان، وغيره ۽ امير ماڻهو جنهن وٽ گهر ۾ هر شيءِ موجود آهي. سو عياشيءَ لاءِ سنگاپور ڀڄي ٿو. خاص ڪري اها جاءِ جيڪا ملائيشيا ۾ موجود ناهي. يا جيڪا عياشي هو آزاديءَ سان پنهنجي ملڪ ۾ نٿو ڪري سگهي. جو پنهنجن ۾ هن ڪجهه ٻيو ئي اميج ڏنو آهي. جيئن ڪيترا ئي هند، سنڌ، ۽ عرب دنيا جا ”معزز ماڻهو“ جيڪي پنهنجن ڳوٺن، قومن، ۽ قبيلن ۾ ته پرهيزگار، متقي ۽ خبر ناهي ڇاڇا سڏائين ٿا، سي ههڙي ٻاهر جي دنيا ۾ جيڪي ڪم اچي ڪن ٿا، تن جو ذڪر جيڪر سندن مريدن يا قوم جي ماڻهن سان ڪجي ته هو پاڻ خودڪشي ڪن يا ٻڌائڻ واري جو انت آڻين. بحر حال سنگاپور سڃاڻپ ڪري انسان جي انهن ڪمزورين جو پورو فائدو وٺي رهيو آهي ۽ جيڪا سروس ڪنهن زماني ۾ بيروت، ڪولمبو، ۽ ڪجهه ڪجهه ڪراچيءَ ٿي ڏني سا هاڻ بئنڪاڪ، بمبئي ۽ سنگاپور ڏئي رهيو آهي. ۽ سنگاپور ڪڏهن به نه چاهيندو ته ملائيشيا جا مال دولت وارا ماڻهو نه اچن. باقي سندن ڪارن جي اچڻ تي ٿورائي ڪرڻ لاءِ ”سنگاپور حڪومت“ ڪجهه اپاءَ ورتا آهن، جن ڪري هن ملڪ ٽرئفڪ کي ڪنٽرول ۾ رکي ورتو آهي؛ هڪ ته سنگاپور ۾ ڪار بيهارڻ جي پارڪنگ في ڳري رکي وئي آهي ۽ وچ شهر ۾ گاڏي بيهارڻ جي في ڪلاڪ جا ٻه ڊالر آهي. سو به ڪلاڪ يڪو هڪ جڳهه تي بيٺي ته ، نه ته جي ڪلاڪ ۾ ٽي چار هنڌن تي بيٺي ته اوترا دفعا ٻه ٻه ڊالر پوءِ چاهي ڪنهن هنڌ چاهي پنج منٽ بيهي. سو توهان فقط ڏينهن جا ٻارنهن ڪلاڪ شهر ۾ مختلف هنڌن تي بيهاري ته به چوويهن ڊالرن کان ٽيهه چاليهه ڊالر پارڪنگ في ٿي سگهي ٿي ¬ يعني ٻه اڍائي سؤ روپيه اهي ٿي ويا. ۽ اها في ان ئي ڏينهن ڀرڻي آهي.جي هفتو کن دير ٿي وئي ته معنيٰ ٻيڻ ٽيڻ ۽ مٿان ڏنڊ پڻ. (اهو قائدو ملائيشيا ۾ پڻ آهي.) ٻي ڳالهه ته سنگاپور جي شهر ۾ اچ وڃ گهٽائڻ لاءِ ڪيترن ئي رستن تان لنگهڻ جا ٻه ڊالر في رکي وئي آهي. جيئن مثال طور حيدرآباد ۾ رسالاروڊ، اسٽيشن روڊ، ۽ فردوس سينيما، ڏي ويندڙ رستي تان لنگهڻ جا ٻه ٻه ڊالر في هجي ته اهو ماڻهو جيڪو گورنمينٽ اسڪول وٽ بيٺو هجي ته ان کي فردوس سينيما ويندي وقت رسالا روڊ ڇڏي گول بلڊنگ وٽان ڦري، اسٽيشن روڊ. ڏئي سلطان هوٽل، وٽان مڙي، ٿڌي سڙڪ تي اچي، سامهون فردوس سينيما اچڻو پوندو جيڪو ڪل رستو اڌ ميل به نه ٿيو ۽ وقت ڏهه منٽ به نه پر ون وي جي ڪري هن کي ٽن رستن؛ رسالا روڊ، اسٽيشن روڊ، ٽپي پوءِ ٿڌي سڙڪ تي اچڻو پيو. معنيٰ هن تي انهن ٽنهي رستن جا ڇهه ڊالر ٿي ويا جيتوڻيڪ ان کان ته بهتر هو ته هو وچان ئي وچان پنڌ هليو وڃي ها. اتي ته فقط ٽي رستا ٿيا پر سنگاپور ۾ ڪڏهن ڪڏهن ون وي ڪري ڪيترا ئي رستا ٽپڻا پون ٿا جن جي ٻه ٻه ڊالر في آهي. سو سڄي ڏينهن ۾ فقط پنجن ڇهن ڪمن لاءِ ويهه ٽيهه ڊالر اهي ٿي ويا. ان کان ته بس ۾ گهٽ خرچ بلڪه نه برابر اچي ٿو. سو پنهنجي ڪار ڪري رستن ٽپڻ جي في الڳ ته پارڪنگ جي الڳ. ان کان علاوه پيٽرول جو خرچ ۽ پاڻ هلائڻ جو مٿي جو سور ڌار. ان ڪري ان خفي کان گهڻي قدر ماڻهو پنهنجي ڪار گهر ۾ ئي بيهارين.


    سنگاپور ۾ ملائيشيا کان ڪار آڻڻ

    مٿين ڳالهين کان علاوه ٻيا به ڪيترا ئي ننڍا ننڍا مسئلا آهن، جي پرائيويٽ ڪارن وارن لاءِ مونجهارو آهن. مثال طور رستن تي هلڻ جا هڪ ته ٻه ڊالر في آهي ۽ ٻيو ته اڪيلي سر وڃڻ جي اجازت ناهي. يعني ان رستي تان لنگهڻ لاءِ ٻه ٽي ٻيا پيادا پنهنجي ڪار ۾ کڻو _ پيادا سواريءَ وارن کي منٿون ڪن ان بدران سواريءَ وارن کي پيادن کي منٿون ڪرڻيون پون ٿيون. يعني تلڪ چاڙهيءَ کان اڳ ئي توهان پنڌ ويندڙن کي منٿون ڪرڻ شروع ڪيو ته ٻيلي ڏاها ٿيو جي اسٽيشن تائين وڃو پيا ته ٽئڪسيءَ ۾ وڃڻ بدران منهنجي ڪار ۾ سوار ٿي هلو جيئن آئون پوءِ اڳتي گڊس ناڪي ڏي هليو وڃان. جي توهان ٻه ماڻهو نه ويهاريا ته ٻه ڊالر رستي جي فيءَ کان سواءِ پنج ڊالر ان ڳالهه جو ڏنڊ ته اڪيلا ڇو ويائو. اهو ان ڪري ڪيو ويو آهي ته جيئن ٿورين سوارين ۾ گهڻي کان گهڻا ماڻهو سفر ڪن. ٻين لفظن ۾ ٻئي ڏينهن پنهنجي ڪار ڪڍڻ بدران بس ۾ يا ٻئي ڪنهن کان لفٽ وٺڻ جو توهان به سوچيو ۽ پنهنجو خرچ ۽ سنگاپور جي رستن کي ڪارين جي پيهه کان بچائي سگهو.
    هڪ ٻي ڳالهه يا قائدو جيڪو سنگاپور سرڪار ڪار وارن لاءِ مقرر ڪيو آهي. خاص ڪري ملائيشيا وارن لاءِ اهو اهو ته ملائيشيا ۾ رجسٽر ٿيل ڪار يعني ملائيشيا ملڪ مان آندل ڪا ر، سنگاپور ۾ فقط نوي ڏينهن لاءِ رهي سگهي ٿي. ۽ هن سال کان ته ٻڌجي پيو ته اهي نوي ڏينهن گهٽائي پندرنهن يا ويهه ڪرڻ وارا آهن. پوءِ چاهي ڪو اهي سمورا ڏينهن هڪ ئي وقت سنگاپور ۾ گذاري يا ٿورا ٿورا ڪري گذاري. سندس ڪار جو سنگاپور ۾ هجڻ جو حساب بارڊر وٽ آٽوميٽڪ ٿيندو رهي ٿو. اهو حساب ڪتاب ڪيئن ٿو ٿئي؟ اهو هن ريت آهي؛
    جيئن ئي ملائيشيا کان ڪار پل Cause _ Way ٽپيو سنگاپور جي سرحد تي پير / ڦيٿو ٿي رکي ته ڊيوٽي تي ويٺل ڇوڪريون ان ڪار جو نمبر ڪمپيوٽر ۾ وجهن ٿيون. پوءِ اها ڪار سنگاپور ۾ ڏينهن ٻه يا وڌيڪ رهڻ بعد وري جڏهن موٽي ٿي ته بارڊر وٽ وري ان ڪار جو نمبر ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ڪيو وڃي ٿو جنهن کي ڪئلڪيوليٽر ۽ ٽائيپ رائيٽر وانگر چاٻيون/ بٽڻ آهن جن کي دٻائين ٿيون. ڪمپيوٽر جي حساب ڪتاب واري خاني ۾ ان نمبر واري ڪار جو حساب ٿيو وڃي ته فلاڻي تاريخ سنگاپور وئي ۽ فلاڻي ڏينهن موٽي پئي _ يعني هيترا ڏينهن هينئر سنگاپور ۾ رهي. پوءِ اهو حساب ڪمپيوٽر جي ياداشت ۽ گدام Memory & Storage واري دماغ ۾ وڃي ٿو. جتي پهرين جي حساب ۾ جوڙ ٿي يادگيريءَ ۾ رهي ٿو، جيئن وري به ڪڏهن ان سال سنگاپور اچي ته پراڻي حساب ۾ جوڙ ٿي سگهي. پوءِ ساڳي ڪار سال ۾ کڻي ويهه دفعا اچي هر دفعي سندس سنگاپور ۾ رهائش جو حساب ٿيندو، گذريل حساب ۾ جوڙ ٿيندو رهي ٿو. جيسين اهي مقرر ڏينهن پوراٿين. جيئن ئي مقرر ڏينهن پورا ٿين ٿا مثال طور نوي ڏينهن ته پوءِ اها ڪار جهڙو پل (سرحد) وٽ پهچي ٿي ته ان جو نمبر ڪمپيوٽر ۾ وجهڻ سان ڳاڙهي بتي ٻري ٿي ۽ الارم وڄي ٿو پر اليڪٽرڪ ذريعي ڪمپيوٽر ان ڪار جو رستو روڪي ڇڏي ٿو جيسين ڪار وارو مقرر ٿيل ڏنڊ ڏئي يا واپس موٽي وڃي. ان ڊپ کان هر ڪو خيال ٿو ڪري ۽ سنگاپور ۾ پنهنجي ڪار حساب سان ٿو آڻي. جيئن اسان جو ڊرائيور نورالدين ۽ هڪ ٻيو سندس دوست ڊرائيور ابراهيم آهي. پوءِ هڪ جي ڪار جا نوي ڏينهن پورا ٿيڻ تي ٻيو پنهنجي ڪار آڻي ٿو. يا ٻه چار دوست گڏجيو هڪ ڪار ۾ اچن ٿا، جيئن هڪ ئي ڪار جا ڏينهن ڳڻجن ۽ سنگاپور جي به ان ۾ ئي دلچسپي آهي ته ماڻهو گهڻا اچن ۽ ڪارون گهٽ .


    سنگاپور جو جنگل ووڊلئنڊ

    ملائيشيا کان اچڻ مهل سنگاپور جي جنهن پهرين علائقي ۾ گهڙجي ٿو، اهو ووڊ لئنڊس آهي. Wood Lands هينئر تازو ٺهيل علائقو آهي جتي گهڻائي ملئي ماڻهن جي آهي. کين اتي رهڻ ۾ اها سهولت آهي جو هو هڪدم ملائيشيا خاص ڪري ملائيشيا جي جوهوربارو شهر ۾ ، پهچيو وڃن. انهن ۾ گهڻائي انهن ملئي ماڻهن جي آهي، جيڪي سنگاپوري آهن پر نوڪري ملائيشيا جي شهر جوهوربارو ۾ ڪن ٿا، ڇو جو انهن لاءِ آساني آهي. مثال طور اسان جو هڪ ملئي آفيسر موسيٰ آدم جو ڀاءُ سالن کان سنگاپور ۾ رهيل آهي _ جڏهن سنگاپور ملايا جي هڪ رياست هوندو هو جيئن جوهور، ملاڪا، سريمبان وغيره آهي. پوءِ 1963ع ڌاري سنگاپور الڳ ملڪ ٿيو ته هو اتي ئي رهيو. سو ظاهر آهي ته هو ڳالهائي ته ملئي پيو پر سندس قوميت سنگاپوري ٿي. يعني هڪ ڀاءُ ملائيشيا ۾ رهڻ ڪري ملائيشين ٿيو ۽ ٻيو سنگاپوري. سو سنگاپوري ڀاءُ جو پٽ نوڪري جوهورباروءَ جي بئنڪ ۾ ڪري ٿو. يعني هو روز صبح جو سنگاپور کان ملائيشيا جي شهر جوهورباروءَ ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ وڃي ٿو. جتي (ووڊلئنڊس ۾) هو رهيل آهي اتان جوهوربارو فقط ڏهن منٽن جي پنڌ تي آهي. کيس جيتوڻيڪ ساڳي بئنڪ جي سنگاپور برانچ ۾ نوڪري ملي ٿي جيڪا آرچرڊ روڊ تي آهي. پر آرچرڊ روڊ تي پهچڻ ۾ هن کي اڌ منو ڪلاڪ لڳي ٿو ۽ هوڏانهن جوهوربارو شهر فقط ڏهه ٻارهن منٽ پري آهي. ان ڪري هو پنهنجي ملڪ سنگاپور ۾ نوڪري ڪرڻ کان ملائيشيا روز اچڻ وڃڻ بهتر سمجهي ٿو. هي حساب ائين آهي جيئن ڪو ڪوٽڙيءَ جو رهاڪو پنهنجي ضلعي جي شهر سيوهڻ جي حبيب بئنڪ ۾ نوڪري ڪرڻ کان وڌيڪ ڌارئين ضلعي حيدرآباد جي شهر گدوءَ ۾ نوڪري ڪرڻ بهتر سمجهندو، جو ڪوٽڙيءَ کان گدو اچڻ ۾ فقط چند منٽ لڳن ٿا ۽ هوڏانهن پنهنجي ضلعي جي سيوهڻ ۾ ڪلاڪ ڏيڍ!
    بهرحال سنگاپور ۾ گهڙڻ سان پهرين ووڊلئنڊس جو علائقو اچي ٿو جيڪو ڪجهه سال اڳ گهاٽو جهنگ هو ۽ ڀولڙا پيا گهمندا هئا. پوءِ ماڻهن جي رهائش، رستن، آفيسن، جو مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ سرڪار هڪ ته هي جهنگل وڍرائي گهر، دڪان، ۽ آفيسون ٺهرايون ۽ ٻيو ڪلفرڊ پاسي واري سمنڊ جو چڱو حصو مٽيءَ سان ڀرائي شهر جي ٻاهران ان تان وڏا رستا ٺهرايا جيئن هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين وڃڻ لاءِ شهر جي اندران لنگهڻ بدران ٻاهران هنن رستن تان تکو پهچي سگهجي.
    ٿورو اڳتي وچ شهر ڏي وڌڻ سان سيمباوانگ جو علائقو اچي ٿو _ جيڪو هونءَ پاڻيءَ جي جهاز ۾ ڪلفرڊ پيئر پاسي اچبو هو ته پري لڳندو هو. هن علائقي جي ڀر ۾ سنگاپور جو چڙيا گهر (Zoo ) آهي. سنگاپور جو زو تمام وڏو ۽ سهڻو آهي. اهڙو ملائيشيا ۾ به نه آهي. بلڪه ملائيشيا ۾ نه هجڻ ڪري سنگاپور حڪومت وڏو خرچ ڪري سنگاپور ۾ هي چڙيا گهر وڌايو آهي. جيئن ملائيشيا جا ماڻهو به هتي اچي ڏسن. ملائيشيا جي اخبارن ۾ هر هفتي خميس ۽ جمعي ڏينهن سنگاپور جي چڙيا گهر جو اشتهار ايندو آهي. جنهن ۾ هاٿيءَ اڳيان ٻار هوندا آهن يا گوريلا ٻارن کي چوندو آهي ته مونکي سنگاپور جي زو ۾ اچي ڏسو. اهي اشتهار ملائيشيا ۾ ٻار ڏسي خميس ۽ جمعي جي ڏينهن کان مائٽن کي سُر کڻائيندا آهن ته سنگاپور هلو اسان زو ڏسندا سين. ڇنڇر يا آچر ڏينهن موڪل تي، مائٽ چاهين يا نه پر ٻارن ڪري سنگاپور ضرور هلن ۽ پوءِ ڪيترو به پاڻ کي جهلين ته به ڪجهه نه ڪجهه شاپنگ ته ضرور ٿي ويندي آهي.يا ٻيو نه ته سنگاپور جي ڪنهن هوٽل ۾ ٿڌو پيئن يا ماني کائين. نتيجي ۾ ڪنهن سنگاپوريءَ جي ڪمائي يعني ملڪ جي خوشحالي!
    سنگاپور ۾ گهڙڻ سان ووڊلئنڊ جي علائقي ۾ جيڪا تمام وڏي ۽ سهڻي مسجد نظر اچي ٿي اها ٺهرائي ته سرڪار آهي، پر چندا ماڻهن ڏنا آهن. سنگاپور ۾ هر مسلمان جي پگهار مان سرڪار هر مهيني هڪ ڊالر ڪٽيندي آهي جنهن کي M.B.F (ماسڪ بلڊنگ فنڊ) سڏجي ٿو. هن فنڊ مان سنگاپور جي سرڪار هر نئين رهائشي علائقي ۾ پنهنجي نظرداريءَ هيٺ تمام سهڻيون ۽ وڏيون مسجدون ٺهرائي رهي آهي. ووڊلئنڊ واري هن مسجد لاءِ ته اهو به مشهور آهي ته سنگاپور حڪومت ڄاڻي واڻي اها بارڊر وٽ ٺهرائي آهي. جيئن ملائيشيا جي شهر جوهورباروءَ کي تمام ويجهو هجڻ ڪري اتي جا ماڻهو به سنگاپور ۾ نماز پڙهڻ اچن ۽ پوءِ واپسيءَ تي ڪجهه خريداري ڪندا وڃن. ملائيشيا جي ملڪ ۾ آچر جو سڄو ڏينهن موڪل ٿئي ۽ ڇنڇر جو اڌ ڏينهن. جمعي جي ڏينهن نماز پڙهڻ لاءِ ٻارهين کان ٽين بجي تائين ٽي ڪلاڪ موڪل ٿئي. سو نماز پڙهڻ بعد به ڪافي وقت بچي ٿو. وقت گذارڻ لاءِ جوهور جي آفيسن جا ماڻهو سنگاپور هليا وڃن. پوءِ نماز به اتي پڙهن ته خريداري به اتي ڪن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان مسجد ۾ هر جمعي تي سنگاپوري مسلمانن کان وڌيڪ ملائيشيا جا مسلمان هوندا آهن ۽ ڏسندي ئي ڏسندي مسجد جي اوسي پاسي واري علائقي ۾ دوڪانن جون قطارون ۽ خريدارن جا ميڙ وڌندا وڃن.


    سنگاپور جو ٺاهيندڙ رئفلس

    ووڊلئنڊس ۽ سيمباوانگ جو علائقو لتاڙي شهر جي وچ ۾ مئرينرس (Mariners ) ڪلب ۾ پهتاسين. هونءَ ته سنگاپور جو سڄو ملڪ/ ٻيٽ شهر آهي _ هاڻ ڪابه ٻهراڙي يا جهنگ نه رهيو آهي. پر شهر مان مراد سنگاپور شهر جو اهو حصو آهي جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ به بلي بلي هو. جيڪو اڄ به انگريز سلطنت جي دل (Colonial – Heart ) سڏيو وڃي ٿو. اڄ جو ماڊرن سنگاپور 1819 ع ۾ سر اسٽئمفورڊ رئفل جي اچڻ کان پوءِ وڌڻ شروع ٿيو. هتي رئفل جو مختصر ذڪر ڏيڻ بيجا نه ٿيندو.
    مسٽر رئفلس _ سرٿامس اسٽئمفورڊ رئفلس جيتوڻيڪ پنهنجي زندگي انگلينڊ جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ ڪلارڪيءَ سان شروع ڪئي ۽ ان خيال کان تمام اهم شخصيت ٿي گذريو آهي، جو اڳتي هلي هن انگريزن جي سلطنت کي وڌايو ويجهايو _ خاص ڪري ڏور اوڀر جي ملڪن ۾.اهو رئفلس ئي هو جنهن 1918 ع ۾ سنگاپور جي ٻيٽ کي انگريز حڪومت لاءِ هٿ ڪيو _ جتان انگريز سرڪار کي چين ۽ اوسي پاسي جي ملڪن جي واپار وڙي تي ڪنٽرول رکڻ ۾ سولو ٿي پيو.
    رئفلس 1781 ع ۾ سمنڊ تي ئي ڄائو. سندس پيءُ مرچنٽ نيويءَ جي جهاز جو ڪئپٽن هو. هڪ دفعي هو پنهنجي زال سان گڏ ويسٽ انڊيز کان انگلينڊ موٽي رهيو هو ته رستي تي کين هو رئفلس ڄائو. ريفلس جا ماءُ پيءُ ايترا امير نه هئا. سندن مٿان ايڏا قرض چڙهيل هئا جو هن جو ٻاروتڻ ڪو سک جي زندگيءَ ۾ نه گذريو.
    چوڏهن سالن جي عمر ۾ پهچي رئفلس کي اسڪول ڇڏڻو پيو ۽ پنهنجي ماءُ ۽ چئن ڀيڻن جو پيٽ پالڻ لاءِ کيس ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي انگلينڊ واري آفيس ۾ ڪلارڪ ٿي ڪم ڪرڻو پيو. جيتوڻيڪ رئفلس جي بنيادي تعليم ڪجهه به نه هئي، پر پوءِ واندڪائيءَ ۾ سائنس ۽ تاريخ جا ڪتاب پڙهي پڙهي بيحد قابل ٿي ويو. ان کا علاوه ڪيترين ئي زبانن تي عبور حاصل ڪري ورتائين. آفيس اندر توڙي آفيس کان ٻاهر هن جو نالو ايڏو روشن ٿيو جو ٽيويهن ورهين جي ڄمار ۾ کيس پينانگ _ انگريزن جي نئين ٺهيل حڪومت ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري ڪري رکيو ويو.(پينانگ ملاڪا نار ۾ هڪ اهم ٻيٽ آهي، جنهن تي انگريزن جو قبضو گهڻو وقت اڳ ٿي چڪو هو.)
    پينانگ ۾ پهچي رئفلس هتي جون مقامي زبانون سکڻ جي مهم قائم رکي ۽ ان سان گڏ هن ملايا جي ماڻهن ۽ رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو تمام ڳوڙهو اڀياس ڪيو. هي جي ان قابليت جي خبر لارڊ منٽوءَ کي پيئي، جيڪو ان وقت انڊيا جو گورنر هو. هي اهو وقت هو جڏهن فرانس جي نيپولين بونا پارٽ ڊچن جي قبضي هيٺ آيل انڊونيشي ٻيٽ جاوا کي استعمال ڪري، چين ڏي ويندڙ انگريزن جي جهازن کي نقصان پهچائي رهيو هو. ڊچن جي قبضي ۾ آيل ٻيٽ جاوا کي فرينچن جي اثر مان ڪڍڻ ڪارڻ لارڊمنٽوءَ رئفلس کي ملاڪا ۾ رهي الڳ ڪم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ۽ سندس ڪم مان ايڏو متاثر ٿيو. جو جاوا تي قبضو ڪرڻ وقت هن کيس ساڳي جهاز تي پاڻ سان گڏ رکيو. هيءَ 1811ع جي ڳالهه آهي.
    لارڊ منٽو جي نظرن ۾ رئفلس هوشيار، چست،۽ انصاف پسند ته اڳهين هو، هاڻ جهاز تي گڏ رهڻ بعد هن ڏٺو ته رئفلس انتظامي ۽ حڪومتي ڪاروبار هلائڻ ۾ تمام ذهين آهي. ان ڪري بعد ۾ هن کي جاوا ٻيٽ جو ليفٽيننٽ گورنر مقرر ڪري پاڻ واپس ڪلڪتي (هندستان) موٽيو.
    رئفلس جاوا ۾ چار پنج سال رهيو، جتي هن مقامي ماڻهن جي ڏاڍي خدمت ڪئي، جيتوڻيڪ اتي سندس صحت ڏاڍي خراب ٿي پئي ۽ ان دوران زال جي مري وڃڻ جي ڪري پڻ کيس صدمو رسيو. انهن ئي ڏينهن ۾ لارڊ منٽو به مري ويو، جنهن جو کيس وڏو ڏڍ هو. آخر 1816ع ۾ (ان وقت هو پنجٽيهن سالن جو هو) کيس انگلينڊ واپس سڏايو ويو. اتي کيس ڪجهه سرڪاري ۽ شهنشاهي خطاب ڏنا ويا. ڪجهه سالن بعد کيس وري ڏور اوڀر ڏي موڪليو ويو. هن ڀيري کيس سماترا جي ڀر ۾ هڪ ننڍڙي ٻيٽ Bengkulu تي ليفٽيننٽ گورنر ڪري رکيو ويو. جيڪو هڪ گهٽ اهميت وارو بندرگاهه ڪارن مرچن جي واپار کان مشهور هو.


    سنگاپور جو نالو سيونان به هو

    رئفلس اوڏانهن ويندي وقت، ڪلڪتي ۾ ان وقت انڊيا جي گورنر، جنرل لارڊ هئسٽنگس سان ملاقات ڪئي ۽ کيس ڏور اوڀر ۾ ڏينهون ڏينهن انگريزن جي طاقت ۽ واپار جي گهٽجڻ کي روڪڻ لاءِ اپاءَ سمجهايا ۽ کيس اهو پڻ ٻڌايائين ته کين ڪو اهڙو هنڌ ڳولي قبضي ۾ ڪرڻ گهرجي جتان چين پاسي توڙي هندستان ۽ جاوا سماترا وارن علائقن تي نظر رکي سگهجي، جيئن انهن پاسن وارا تڙ، گهاٽ ۽ سامونڊي رستا انگريزن جي واپار وڙي لاءِ صحيح ۽ سلامتيءَ وارا آهن. گورنر جنرل لارڊ هئسٽنگس ان ڪم لاءِ رئفلس کي هڪدم اجازت ڏني. ان بعد رئفلس ملايا پهچي اهڙي ڪنهن جاءِ جي ڳولا ۾ لڳي ويو. آخر ڪار سن 1819ع ۾ ملاڪانار جي پوڇڙ وٽ هن کي هڪ ننڍڙو ٻيٽ ان ڪم لاءِ بهتر لڳو، جتي ان وقت ڪي چند ملئي مهاڻا سمنڊ جي ڪناري وٽ رهيل هئا. هي ٻيٽ اڄ وارو سنگاپور هو.
    رئفلس سڄي ڏور اوڀر تي نظر رکڻ لاءِ هن ٻيٽ سنگاپور کي مرڪز مقرر ڪيو. جيتوڻيڪ پاڻ بينگڪولو Bengkulu پڻ ويو. جنهن لاءِ انگلينڊ کان مقرر ٿي آيو هو. پر اتي ٽي سال رهي 1822ع ۾ وري سنگاپور جي بندرگاهه کي سڌاريائين.
    1824ع ۾ رئفلس هميشه لاءِ انگلينڊ موٽي ويو. پاڻ ملايا جي تاريخ ۽ تهذيب جي لکڻين ڪري به مشهور آهي ۽ لنڊن واري چڙياگهر ٺهرائڻ کان پڻ مشهور آهي جيڪو هن انهن ڏينهن ۾ لنڊن پهچي ٺهرايو ۽ جنهن جو پاڻ پهريون چونڊيل صدر ٿي رهيو.1925ع ۾ برين ٽيومر ڪري مري ويو.
    سنگاپور جو اهم حصو اهو آهي، جتي رئفلس اسڪوائر، سپريم ڪورٽ بلڊنگ، وڪٽوريا ميموريل هال، سينٽ ائنڊريو جو گرجا گهر وغيره آهن. مسٽر رئفلس جي اچڻ کان اڳ سنگاپور هڪ سامونڊي ننڍڙو شهر هو ۽ تيماسيڪ Temasek جي نالي سان سڏبو هو.
    سنگاپور جي سپريم ڪورٽ _ هتي جو سڀ کان وڏو انصاف ڏيندڙ گهر، ڪنهن زماني ۾ ”يورپ هوٽل“ هوندو هو. جنهن ۾ هتان هُتان ايندڙ جهازن جا خلاصي اچي ڪچهريون ڪنداهئا _ ٻين لفظن ۾ بيئر جي گلاس تي پنهنجن ڌنڌن، ڪوڙن سچن معاشقن ۽ ڦڏن جا اگهاڙا چرچا ٻڌائيندا هئا. هيءَ اها هوٽل هئي جنهن ۾ مشهور ليکڪ جوزف ڪونارڊ جي ڪافي عرصو اچ وڃ رهي، جنهن دوران جهازين کان پنهنجي ناول لاءِ ڪهاڻيون ٻڌي لکيون.
    ڪلفرڊ پيئر جي ڀرسان سهڻو پارڪ ”ايلزبيٿ واڪ“ نالي آهي، جيڪو سنگاپور کي سونهن بخشي ٿو. هن ۾ اڳ وانگر اڄ به سڄو ڏينهن جوڙا واڪ ڪن ٿا يا ڪنڊ پاسي ۾ ويهي من جون رهاڻيون رچائين ٿا. پارڪ ۾ جيڪو ڦوهارو نظر اچي ٿو اهو تان _ ڪم _ سنگ جي ياد ۾ ٺهيل آهي. تان ڪم سنگ هڪ امير چيني ماڻهو هو، جنهن سنگاپور جي چائنا ٽائون علائقي ۾ مٺي پاڻي آڻڻ لاءِ پنهنجي هڙؤن ڏهه هزار ڊالر خيرات طور ڏنا هئا . هينئر جيڪو سنگاپور جو سٽي هال سڏجي ٿو اها عمارت انگريزن جي ڏينهن ۾ ميونسپالٽي هوندي هئي. جنهن جي دڪين تائين جپاني فوجي 1942ع ۾ (ٻي وڏي لڙائي دوران) چڙهي آيا هئا. انهن جپاني فوجين سنگاپور تي قبضي ڪرڻ بعد هڪ ته ان ۾ لڳل بگ بين گهڙيال جو سنگاپوري وقت ڦيرائي جپاني ٽائيم ڪيو، ان سان گڏ سنگاپور جو نالو پڻ بدلائي نئون نالو سيونان Syonan رکيو. جپانين جو سنگاپور تي ٽي سال قبضو رهيو، جيسين ناگاساڪي۽ هيروشيما تي آمريڪن بم ڪيرايو ۽ جپانين کي آڻ مڃڻي پيئي. بهر حال انهن ٽن سالن اندر جپانين جيڪي ياد گار ٺهرايا اهي پڻ اڄ ڏينهن تائين سنگاپور حڪومت قائم رکندي اچي.


    سنگاپور شينهن جوشهر

    ايلزبيٿ واڪ واري علائقي ۾ جيڪي مقبرا ۽ ياد گار ٺهيل آهن، اهي هڪ ته ٻي وڏي لڙائيءَ جي ياد ڏيارن ٿا، ۽ ٻيو نوجوان اڳواڻ لم _ بو _ سينگ جي _ جيڪو ملڪ جي بچاءَ لاءِ جپانين جو بهادريءَ سان مقابلو ڪندي مارجي ويو هو. سڀ کان ڊگهو يادگار انهن غريب شهرين جي ياد ۾ آهي. جيڪي هن لڙائيءَ ۾ اجل جو شڪار ٿي ويا. ان يادگار کي The Four Chopsticks ”چار تيلين“ جي نالي سان سڏجي ٿو. سو سنگاپور جو هي حصو تواريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو.
    ان علائقي جي ڪولمئن اسٽريٽ ۾ پڊانگ کان فورٽ ڪئننگ روڊ ڏي ويندي سنگاپور جي هڪ تمام پراڻي ۽ اهم ٽڪري نظر اچي ٿي جنهن جا نالا مختلف دورن ۾ مٽجندا رهيا آهن. مثال طور؛ سراسٽئمفورڊ رئفل جي اچڻ تائين هيءَ ٽڪري Forbidden Hill _ ”ڌڪاريل ٽڪري“ سڏبي هئي. رئفلس صاحب پنهنجو بنگلو ان ٽڪريءَ تي اڏائي ان جو نالو Government Hill سرڪاري ٽڪري رکيو.
    اها ٽڪري اڳتي وڃيو سلطان سڪندر شاهه جي مقبري سان ملي ٿي، جيڪو سنگاپور جو آخري حاڪم هو. ان ڳالهه جي اڃا تائين پڪ نه ٿي سگهي آهي يا آيا سلطان سڪندر شاهه اتي ئي دفن آهي يا نه ڇو جو اهي افواهه به مشهور آهن ته سنگاپور جي 1391ع ۾ تباهيءَ ٿيڻ کان اڳ هو اتان ڀڄي ويو هو. ڪجهه سال اڳ ان راز کي کولڻ لاءِ سرڪاري کوجنائي کاتي ان قبر جي کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪرائڻ چاهيو، پر ڪنهن هڪ مزور به کوٽائيءَ لاءِ ها نه ڪئي جو هندو توڙي مسلمان، ڪرسچن توڙي چيني مزورن ان ڪم ۾ هٿ وجهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته اهو پاپ جو ڪم آهي ۽ اهو مشهو ٿي ويو آهي ته ان ڪم ۾ جيڪو هٿ وجهندو ان جو گهر بدبختيءَ جو شڪار ٿيندو. نتيجي ۾ اهو راز اڃا تائين فاش نه ٿي سگهيو آهي.
    ڀر ۾ جيڪو عيسائين جو قبرستان هو اهو هاڻ پارڪ ٿي ويو آهي. ۽ اڃا منجهس ڪجهه قبرون موجود آهن. قبرن جي سيرانديءَ کان لڳل ڪتبا هن ٻيٽ تي آيل شروعاتي ماڻهن جي جدوجهد جون ڪهاڻيون ٻڌائين ٿا.
    ڪولمئن Coleman اسٽريٽ تان لنگهڻ مهل توهان کي سنگاپور جو سڀ کان پراڻو گهر _ آرمينين چرچ آف سينٽ گريگري نظر ايندو. ان چرچ جو نقشو سنگاپور ۾ تڏهن رهندڙ فقط ڏهن ٻارهن آرمينين ڪٽنبن جي چوڻ تي ڪولمئن 1835ع ۾ تيار ڪيو هو.
    ڪولمئن اسٽريٽ جي ساڄي پاسي سينٽ ائنڊريو نالي ڪئٿڊرل آهي، جيڪو پڻ پراڻي زماني جو آهي ۽ ان کان علاوه هڪ ٻيو گرجا گهر ڪوئين اسٽريٽ ۾ هڪ سؤ ٽيهه سال پراڻو Cathedral of Good Shepherd آهي.
    سنگاپور ۾ انهن گهٽين ۾ هلندي ايترو ضرور چوندس ته توهان به هتان اچي نڪرو ته چانهه يا ٿڌو پيئڻ لاءِ بيچ روڊ ۽ براس باساهه روڊ (Baras Basah Road ) تي هتي جي تواريخي هوٽل _ Raffles Hotel ۾ ضرور وڃجو. خاص ڪري جيڪڏهن توهان ليکڪ آهيو يا ڪتابن سان لڳاءُ اٿَوَ. ڇو ته هن ۾ گذريل سؤ سالن ۾ ڪيترائي دنيا جا نامور اديب ڪهاڻين جي ڳولا ۾ اچي ويٺا، جن مان ڪن جا يادگار ڦوٽو سندن آٽو گراف سان گڏ هن هوٽل ۾ اڃا تائين رکيل آهن. انهن مان ڪجهه؛ سمرسٽ ماهام، نول ڪاورڊ، جوزف ڪونراڊ ۽ رڊيارڊ ڪپلنگ وغيره جاآهن. هن هوٽل مان رئفلس جو وڏو مجسمو (Statue ) صاف نظر اچي ٿو. هيءَ اُها هوٽل آهي جنهن ۾ ويهي سمرسٽ ماهام هڪ دفعي چيو هو؛
    ”Raffles Stands for all the Exotic Tales of the East. “ ٻڌل ڪهاڻين مطابق، هندستان پاسي کان آڳاٽي شهنشاهيت سري وجايا جي هڪ شهزادي هتي هڪ شينهن جهڙي عجيب جانور کي ڏسي هن ٻيٽ جو نالو سنگاپور رکيو _ معنيٰ ”شينهن وارو شهر“ شينهن ان وقت کان سنگاپور جي نشاني هلندو اچي. هڪ اهڙي شينهن جو وڏو مجسمو جنهن مان ڦوهاري جيان پاڻي نڪري رهيو آهي، ميرلائن Merlion پارڪ جي ڪنڊ تي سمنڊ جي ڪناري پڻ رکيل آهي. ان جانور جو مٿيون حصو شينهن (Lion ) وانگر آهي ته هيٺيون حصو جل پريءَ (Mermaid ) جي هيٺين ڌڙ جيان.


    امير ۽ غريب خريدار

    بهر حال هن شهر جو مئرينرس ڪلب جنهن ۾ اسان جي ٽڪڻ جو بندو بست هو اهو به ان علائقي جي پاسي کان هو، جتي پهچڻ سان جڏهن ڊيسڪ ڪلارڪ ڇوڪريءَ کان پڇيوسين ته ڪلب ۾ رهائش لاءِ ٽي ڪمرا خالي ملي سگهندا ته هن منهن ڀيلڙو ڪري ٻڌايو؛
    ”نه سڄو ڪلب فل ٿيو پيو آهي.“
    ”اهو ٻڌي اسان جا ته طاق لڳي ويا. پر پوءِ يڪدم ڌيان ۾ آيو ته پڪ ڪئپٽن ظهور نالي ڪمرا رکيل هوندا. سو اسان پڇيس ته ڀلا فائيل ۾ ڏسو ته ڪئپٽن ظهور نالي ڪمرا بڪ ٿيل آهن؟“
    ”نه“
    ڏاڍي ٻڌايائين. ”اسان دل ئي دل ۾ چيو. هاڻ ڪئپٽن ظهور کي فون ڪرڻ وارا ئي هئاسين ته چيني ڇوڪريءَ اسان جا نالا پڇيا.
    نالا ٻڌي هن هڪ دفعو وري فائيل کوليو ۽ اسان کي خوشخبري ٻڌائي ته انهن نالن تي ٻارهين بجي کان ڪمرا واقعي رکيل آهن. ۽ انهيءَ خوشخبريءَ سان گڏ هن ڪمرن جون چاٻيون اسان جي هٿن تي رکيون. منهنجو ڇهين فلور تي ڪمرو هو ۽ ذوالفقار ۽ آصف جو ٽي ماڙ تي. ڪمرن جا پڙدا سوميرا هئا. ”پر نيور مائينڊ“ دل ۾ سوچيو سين. گهٽ ۾ گهٽ ڪمرا ايئر ڪنڊيشنڊ ته آهن.
    سنگاپور جي مئرينرس ڪلب ۾ رهندڙ کي هڪ ڳالهه البت ضرور ذهن ۾ رکڻ کپي ته روز جي مسواڙ ۾ ڪمرو ته سڄو سندن ٿيو، پر ڪاڪوس /وهنجڻ جاءِ تي ڀر واري ڪمري ۾ رهندڙ جو به اوترو ئي حق آهي، ڇو جو هن ڪلب ۾ ٻن ڪمرن کي هڪ ڪامن (ساڳيو) Toilet آهي. جنهن جا در ٻنهي ڪمرن ۾ کلن ٿا.
    ان وقت سامان رکي هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ باٿ روم ۾ اندر ويس ته ڪنهن جا ڪپڙا ٽنگيل هئا. سوچيم ته هيٺ لهڻ وقت دخل تي ٻڌائيندو ويندس ته مون کان اڳ هن ڪمري ۾ رهندڙ شايد وساري ويو آهي. پر ڳالهه ياد نه رهي سنگاپور جو چڪر هڻي رات جو موٽيس ته باٿ روم خالي هو. سمجهي ويس ته هوٽل وارن منهنجي غير موجودگيءَ ۾ صفائي ڪرڻ وقت باٿ روم به ٺيڪ ڪري ڇڏيو آهي. اها ته خبر صبح جو پئي جڏهن آصف منهنجو باٿ روم استعمال ڪرڻ لاءِ ڊوڙندو آيو ۽ بنا ڪنهن کيڪارڻ جي سڌو اندر گهڙي ويو. واندو ٿي جڏهن ٻاهر نڪتو ته پڇيو مانس ته خدا جا بندا تون ڇهين طبقي تان هتي منهنجو باٿ روم استعمال ڪرڻ آيو آهين. پنهنجو عوام جي استعمال لاءِ ڇڏي آيو آهين يا مسواڙ تي؟
    تنهن تي کلي حقيقت کان آگاهه ڪيائين ۽ مون دل ئي دل ۾ شڪر ڪيو ته اڃا مونکي ۽ منهنجي ڀر واري ڪمري ۾ رهندڙ فلپينو جهازيءَ کي ساڳي وقت باٿ روم جي ضرورت محسوس نه ٿي. ٻيو ته چڱو جو اسين ٽي ڄڻا پاڻ ۾ آهيون جيئن ايمر جنسيءَ ۾ هڪ ٻئي جي ڪمرن جو باٿ روم استعمال ڪري سگهياسين ٿي. بهرحال سنگاپور، شنگهائي، بوڪو هامايا هانگ ڪانگ جهڙن مهانگن شهرن ۾ جهازين لاءِ مئرينرس ڪلب زندهه باد.نه فقط هنن ڏور اوڀر جي شهرن ۾ پر انگلينڊ، آسٽريليا، ۽ آمريڪا جي پڻ ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ جهازين لاءِ سرڪار طرفان يا رٽائرڊ جهازين طرفان ڪلب _ مئرينرس ڪلب نالي _ يا سي مئن ڪلب .فلائنگ ائنجل ڪلب (Flying Angels Cub ) نالي ٺهيل آهن. جن ۾ سستي اگهه تي جهازن جا خلاصي يا عملو رهي ٿو. بلڪه اهڙن هنڌن تي اسا جهڙا ماڻهو وڌيڪ ئي هو ملي محسوس ڪن ٿا. جو هتي ذات ذات جا سيلر (جهازي) نظر اچن ٿا، جن سان مختلف جهازن، جهازران يا جهاز ساز ڪمپنين، شپ يارڊن، ايجنٽن، سامونڊي رستن، ۽ بندرگاهن. بابت ڳالهيون ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي ٿي _ بلڪه ڪجهه آزاد نموني سان ئي. شام جو خريداريءَ لاءِ آصف ۽ آئون پيپلس پارڪ peoples park وياسين ۽ ڪئپٽن ذوالفقار تنجم پگار ۾. سنگاپور ۾ ڪراچيءَ جي محبوب ڪلاٿ مارڪيٽ، گلئمر ون، ۽ عظما سينٽر جيان سوين شاپنگ سينٽر آهن. جتي هر ملڪ ۽ طبيعت جا ماڻهو پنهنجي مرضيءَ موجب خريداريءَ لاءِ وڃن ٿا. پيپلس پارڪ به هڪ تمام سهڻو ۽ وڏو شاپنگ سينٽر آهي. جتي ڏيڍ سؤ کن وڏا دڪان ڊپارٽمينٽل اسٽور ۽ سپر مارڪيٽون آهن. اهڙي نموني سان تنجم پگار ڪامپليڪس آهي، جيڪو پڻ پيپلس پارڪ وانگر ٽماڙ آهي. پر تنجم پگار ۾ گهڻا دڪان ننڍي کنڊ جي ملڪن جا ؛ سنڌي، هندو، گجراتي، کوجا، ۽ بوري آهن، جيڪي اسان جهڙن جهازين سان اگهه تي ريڙهه پيڙهه نه ٿا ڪن ۽ ٿورو مناسب فائدو رکڻ ۽ گراهڪ کي هميشه پنهنجو ڪرڻ جي اصول تي يقين رکن ٿا. باقي پيپلس پارڪ ۾ اسي نوي سيڪڙو چيني آهن. جيڪي اگهه تي هڪ ته گهڻي ريڙهه پيڙهه ڪن ٿا. سؤ رپين جي شيءِ جا ٻه سؤ يا اڃا به اڍائي سؤ ٻڌائيندا، پوءِ ڪنهن کي وقت هجي ته ويهي مغز ماري ڪري .۽ ٻيو ته چيني دڪاندار اسان جهڙن غريب ملڪن جي ماڻهن کي گهڻي لفٽ نه ٿا ڪرائين. خاص ڪري پيپلس پارڪ جا نه انڊين، پاڪستاني دڪاندار به گهڻي لفٽ نٿا ڪرائين، جو پيپلس پارڪ شهر جي وچ ۾ صاف سٿرو ۽ سهڻو آهي، سو اتي دنيا جا سڀ ماڻهو _ خاص ڪري آمريڪن، آسٽريلين، گلف جا عرب وغيره ليئو ضرور پائين ٿا. اهي امير ماڻهو آهن سو ظاهري آهي ته دڪاندار انهن ڏي گهڻو ڌيان ۽ وقت ڏين ٿا. غريب جي ٻار وانگر اسان جو سندن دڪان ۾ گهڙڻ به ڪڏهن ڪڏهن کين سٺو نه ٿو لڳي. بقول هڪ چينيءَ جي؛ آمريڪن يا يورپي گراهڪ آيل هجي ته پاڪستاني، هندستاني يا بنگالي گراهڪ کي اهڙو رخ ڏجي جو هليو وڃي ته اهو وقت به امير گراهڪ کي ڏجي. جو غريب ملڪ جو گراهڪ هر شيءِ ايتري سستي ڪري وٺندو جو زري گهٽ مور ئي مس حاصل ٿيندو، وري هر شيءِ لاءِ پلاسٽڪ جي ٿيلهي به الڳ سڪڻن وانگر پيو وٺندو جيڪو پڻ وڌيڪ نقصان ۽ آخر ۾ نوٽ به اهڙا چٻاسٻا ۽ پگهريل ڏيندو جو دل پئي ڪچي ٿيندي.


    سنگاپور ۽ بيلجم ۾ نانيءَ جو دڪان

    خير اهي زندگيءَ جو تلخ حقيقتون آهن جن کان اسان جهڙا هتي آيل چڱيءَ طرح واقف آهن، پر اڄ اسان ان ڪري پيپلس پارڪ ۾ اچڻ جو ڦاهو کاڌو جو هڪ ته ڏياريءَ جي ڪري تنجم پگار جي هندو واپارين جا دڪان بند هئا، ٻيو ته ڪيترن دڪاندارن کي تنجم پگار ڪامپليڪس ۾ آفيسون ٺهڻ ڪري ٻئي هنڌ شفٽ ڪيو ويو هو. ٽين ڳالهه ته پيپلس پارڪ ۾ ڪي ڪي ”چائنيز امپوريم“ جهڙا دڪان آهن، جن ۾ قيمتون مقرر آهن جيڪي هندستاني دڪاندارن کان به سٺيون آهن ۽ شين جي ورائٽي وڌيڪ آهي. چوٿين ڳالهه ته بک لڳي هئيسين ۽ ڪنهن ملئي يا تامل هوٽل ۾ مرچن مسالن وارو ٻوڙ کائڻ بدران مئڪڊونالڊ تان هئم برگر ۽ ملڪ شيڪ پيئڻ ٿي چاهيوسين. ان ڪري اسان پيپلس پارڪ ۾ وياسين ۽ ڪئپٽن ذوالفقار جنهن جي پيٽ ۾ پيل آير حطام شهر واري ماني اڃا هضم نه ٿي هئي سو تنجم پگار ويو.
    تنجم پگار جا ڪجهه دڪان هاءِ اسٽريٽ ڪامپليڪس ۽ پلازا ۾ شفٽ ٿي ويا هئا ۽ ڪجهه واقعي ڏياريءَ ڪري بند ٿيل هئا جيڪو اهڙو ڏينهن آهي، جنهن تي ۽ فقط جنهن تي سنگاپور جا هندو واپاري سڄي سال ۾ هڪ ڏينهن دڪان بند رکن ( اهڙي طرح مسلمان رمضان جي عيد تي ۽ چيني، چينين جي نئين سال تي) ڪئپٽن ذوالفقار هڪ چيني جي دڪان تان تنجم پگار ۾ خريداري ڪئي _ جيڪو هاڻ نئون کليو هو. بلڪه ان نالي ڪري ئي ڪئپٽن ذوالفقار ان ننڍڙي دڪان ۾ ويو ۽ ٻيا سوين هزارين جهازي پڻ ان دڪان ۾ هڪ دفعو ضرور جهاتي پائيندا.
    ”ناني ڪي دڪان“ بيلجم جي اينٽروپ شهر وارو دڪان، دنيا جي جهازين لاءِ (خاص ڪري پاڪستان، هندستان، بنگلاديش، سلون، انڊونيشيا، ۽ ٻين ڪيترن ئي آفريڪي ۽ ايشيائي ملڪن جي خلاصين لاءِ) ائين مشهور آهي. جيئن سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪنهن زماني ۾ ڪراچيءَ جو مولو مسافر خانو هو يا اڃا تائين حيدرآباد جي بمبئي بيڪري آهي.
    اڄ کان ويهه ٽيهه سال اڳ جڏهن جهازين جي خريداري جا ڊيوٽي فري بندرگاهه فقط ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ عدن، ڪولمبو، هانگ ڪانگ، دبئي، بيروت، ممباسا وغيره هئا، تڏهن يورپ جي ٻن شهرن؛ بريمن (جرمني ) ۽ ائنٽورپ (بيلجم) ۾ ٻه ڊيوٽي فري دڪان کليا، جن تان جهازي عدن، هانگ ڪانگ، ڪولمبو وغيره جي سستي خريداريءَ جون سڪون پوريون ڪرڻ لڳا. جيتوڻيڪ يورپ ۾ پوءِ ٻين به ڪيترن ئي شهرن ۾ اهڙا دڪان کلندا رهيا، پر هنن ٻن جا نالا تمام مشهور ٿيا هڪ حديديءَ نالي عرب جو دڪان مغربي جرمنيءَ جي بريمن شهر ۾ جنهن جو نالو ”حديديءَ جو دڪان“ مشهور ٿي ويو هو ۽ ٻيو هڪ بيلجق عورت پنهنجو دڪان ائنٽورپ (بيلجم) ۾. هن پوڙهي عورت پنهنجي دڪان جو نالو ”ناني ڪي دڪان“ رکيو _ شايد اهو سوچي ۽ صحيح سوچي رکيو ته سندس خريدار ننڍي کنڊ جا ماڻهو ٿيندا جو نت نين نڪرندڙ ريڊين، ٽرانسسٽرن، ٽي وي، واشنگ مشين، استرين ۽ ڪپڙن جي ضرورت انهن کي گهڻي پوندي اهي شيون انهن ملڪن ۾ ته ٺهڻ ڪري ۽ گهڻي ٽئڪس لڳڻ ڪري، اتي جا ماڻهو پنهنجن ملڪن مان خريد ڪرڻ بدران ٻاهران ئي وٺندا ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اڃا تائين ته وٺندا رهن ٿا.


    نانيءَ جا اصول

    جيئن مٿي لکيو اٿم ته جيتوڻيڪ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهڙا دڪان کليا خاص ڪري اڳتي هلي جيئن جيئن ڪولمبو، عدن ۽ ممباسا جهڙا بندرگاهه سياسي يا معاشي حالتن ڪري مهانگا ٿيندا ويا تيئن تيئن هنن دڪانن جو وڪرو خوب هلڻ لڳو، پر هر دور ۾ ”ناني ڪي دڪان“ Nani ki Dokan جي ساک ۽ ڪارپت ڇاکڻي چئجي ته ملڪان ملڪ _ يا جهازان جهاز ۽ سمنڊان سمنڊ سڀني کان وڌيڪ ۽ سٺي رهي آهي. ان جوسبب اهو به هو ته ”ناني ڪي دڪان“ جي پوڙهي مالڪڻ جنهن کي جهازي ناني سڏين (۽ سندس مڙس کي نانو) _ جا شروع کان ڪجهه پڪا اصول هئا. مثال طور؛ شيءِ هميشه سٺي ڏيندي هئي ۽ ان جي ڪجهه عرصي لاءِ ذميواري به کڻندي هئي. ٻئي سفر ۾ واپس ڪرڻ تي واپس به وٺندي هئي. اگهه ايترو گهٽ جو ٻئي دڪان دار لاءِ ان تي وڪڻڻ ناممڪن ٿي پوي _ ٻين لفظن ۾ فائدو تمام گهٽ رکندي هئي. ڪڏهن به لالچ ۾ اچي قيمت ڳري رکڻ جو نه سوچيائين. ڇو جو پاڻ چوندي هئي ته جي هڪ گراهڪ به شڪجي پيو ته ناني مهنگي شيءِ ٿي ڏئي. معنيٰ سؤ کن گراهڪ چٽ _ جو بدنامي تمام جهٽ دنيا ۾ پکڙجي ٿي. جهاز اچڻ تي ان جي عملي کي پنهنجي وئن ۾ پنهنجي دڪان تائين وٺي ايندي هئي، پوءِ چاهي ڪو خريداري ڪري يا نه ۽ دڪان ٻاهران ئي شهر روانو ٿي وڃي. خريداري ڪرڻ تي هر هڪ گراهڪ جو سامان جهاز تائين ڇڏي ايندي هئي ۽ شهر کان موٽيل جهازين کي پڻ. اهڙيءَ طرح جهازي ائنٽورپ جهڙي مهنگي يورپي بندرگاهه ۾ _ جتي جهاز شهر کان ڏهه ڏهه ميل پري بيهندو هو، شهر وڃڻ لاءِ نانيءَ جي وئن ۾ چڙهي ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو بچائيندا هئا.
    نانيءَ جي دڪان ۾ نه فقط شيون ڊيوٽي فري (ذري گهٽ ڪارخاني جي اگهه تي) هيون، پر شين جي ورائٽي به تمام گهڻي هئي. ڪنهن به جهازيءَ جو جهاز کڻي آمريڪي يا جپان نه وڃي پر هڪ دفعو ائنٽورپ اچي ويو ته معنيٰ جهازيءَ کي انهن ملڪن جون به شيون سستي اگهه تي ”ناني ڪي دڪان“ تان ملي وينديون هيون.
    ”ناني ڪي دوڪان“ جي نانيءَ جو سڄو زور شيءِ جو اگهه گهٽ رکڻ تي هوندو هو، پوءِ ان لاءِ چاهي هن کي ريڊيو ۽ ٽي وي ڪمپنيءَ سان وڙهڻو پوي يا پنهنجي دڪان ۽ پاڻ کي سادو رکڻو پوي. دڪان کولڻ بعد ڪي سال ته ناني جي دڪان جون شيون عام رواجي ڪاٺ جي تختن تي رکيل هونديون هيون، پوءِ 1969ع يا 1970ع ڌاري هن پنهنجي دڪان کي ڪجهه بهتر بڻايو جو انهن سالن ڌاري جڏهن منهنجو پهريون دفعو بيلجم وڃڻ ٿيو هو ته هڪ بنگالي ٿرڊ انجنيئر رشيد نانيءَ جي دڪان تان اچڻ تي اسان کي کلي ٻڌايو؛”يار نانيءَ پنهنجو دڪان آٽوميٽڪ ڪيو آهي.“
    اسان پڇيس ته اهو ڀلا ڪيئن؟
    خبر اٿو ڪيئن هن ٻڌايو ”نانيءَ سڄي دڪان ۾ شيشي جا ڪٻٽ ٺهرايا آهن. جنهن ۾ ننڍيون ننڍيون شيون؛ پاڪيٽ ريڊيا، استريون، هيئر ڊرائر، سئچ، بلب، عطر، واچون، گهڙيال سينگاري رکيا آهن. هاڻ نانو ۽ ناني هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي چڪاس ڪرڻ بدران ته ڪو چوري ته نه ٿو ڪري هڪ هنڌ آرام ڪرسيءَ تي ويٺا آهن. جيئن ئي ڪو اندر گهڙي ٿو ته هن کي ويٺي ويٺي اسلام عليڪم يا نمستي چئي خبرچار پڇن ٿا.(اها ڳالهه لکڻ وسري ويئي ته ”ناني ڪي دڪان“ جي ناني ٿورو گهڻو اردو/ هندي به ڳالهائيندي هئي.)
    اڄڪلهه خبر ناهي ته اها بيلجق پوڙهي ناني اڃا جيئري آهي يانه جو ڪجهه سالن کان بيلجم وڃڻ نه ٿيو آهي. پر سنگاپور جي هن پوڙهيءَ چينياڻيءَ ناني ضرور ان بيلجم جي رهاڪو نانيءَ کان متاثر ٿي پنهنجي دڪان جو نالو ”ناني ڪي دڪان“ رکيو آهي. ان نانيءَ وانگر هن به نه فقط نالوساڳيو رکيو ۽ گراهڪن سان اردو ڳالهائي ٿي، پر ساڳي سستي اگهه تي ڏئي ٿي. يعني في الحال ته گهٽ اگهه تي ڏيئي رهي آهي. ان ڪري نالي ۽ سستي اگهه ڪري سندس دڪان ضرور ڪامياب ويندو جيتوڻيڪ کيس بيلجم جي نانيءَ کان وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي، ڇو جو بيلجم جهڙي مهنگي شهر ۾ ٿوري گهٽ اگهه ڪرڻ تي به شيءِ سستي پيئي لڳندي هئي، پر سنگاپور جهڙي شهر ۾ جتي هر وکر جا هزارين ۽ سستا دڪان آهن، اتي اگهه اڃا به گهٽ ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻ ۽ جدوجهد جي ضرورت آهي.


    هيئر ڪٽ يا شيو

    ذوالفقار کي ٿانون جي ضرورت هئي، سو هن چيني نانيءَ جي دڪان تان يڪو پنجيتاليهن نگن جو ڊنر سيٽ وٺي آيو، جيڪو کيس فقط پنجاهه ڊالرن (ساڍن ٽن سؤ روپين ۾ پيو.) هن قسم جا شيشي جهڙا ناسي رنگ جا فرانس جا ٺهيل ٿانو ڪيترن هنڌن تي عام آهن. ٻين اوچن ٿانون کان هي چڱا سستا آهن. جيتوڻيڪ شڪل ۽ مٽيريل ۾ به اهڙاخراب نه آهن. ۽ هن مائيءَ ته واقعي ايتري سستي اگهه تي ڏنو جو اسان کي شڪ ٿيو ته هن پنهنجي دڪان جي مشهوريءَ لاءِ پنهنجو پاڻ کي گهٽ فائدي ۾ ته ڇاپر نقصان ۾ نه رکيو هجي. پر لڇمڻ مير چنداڻي ۽ موهن جهڙن سنڌي سنگاپوري دڪاندارن جا گفتا به ياد اچن ٿا، ته دڪاندار/واپاري ڪڏهن به پاڻ کي نقصان ۾ نه رکندو.
    پيپلس پارڪ Peoples Park ۾ پهرين ته اسان وڃي ماني کاڌي پوءِ آصف ٽئاليٽ ۾ گهڙڻ جي في ڏهه سينٽ در تي ويٺل پوڙهي چينيءَ کي ڏيئي اندر اسهيو ۽ آئون اهو اڌ ڪلاڪ کن پاس ڪرڻ لاءِ هڪ باربر شاپ ۾ هليو آيس؛ ان لاءِ نه ته ڪو منهنجي گنج تي رهيل چند وارن کي استري يا ڪٽائيءَ جي سخت ضرورت هئي، پر بس اهو ئي هڪ هنڌ بهتر لڳو جتي اکيون پوري نرم ڪرسيءَ تي ويهي ٿوري دير ٿڪ ڀڃي سگهيس ٿي، ڇو جو اڃا تائين رڳو هل هلان ۾ هئا سين. مئڪڊونالڊ دڪان / هوٽل ۾ به ويهڻ جي جاءِ نه ملڻ ڪري ماني بيهي کاڌي هئيسين .
    جنهن حجام جي دڪان ۾ آئون گهڙيس اهو آهي ته ڪافي سالن کان ۽ پهرين به گهڻو ڪري ان ۾ اچڻ ٿيو آهي، پر هن دفعي اندر گهڙي ڏٺم ته دڪان جي مالڪ _ يا مالڪڻ هن کي وڌيڪ سهڻو بنائڻ لاءِ سڄي دڪان کي ڀت کان ڀت تائين غاليچن سان ڀري ڇڏيو آهي. ايئرڪنڊيشنڊ ته اڳهين هئو، پر هاڻ وري چوڌاري سهڻا پردا ۽ ٽنٽيڊ شيشا هڻائي ايئرڪنڊيشن جي ٿڌ برقرار رکڻ جو جوڳو بندو بست ڪيو اٿس ۽ سڀني گراهڪن کي هڪ قطار ۾ ڪرسين تي ويهارڻ بدران ننڍڙين ڀتين وارا ننڍڙا ڪمرا (Cubicles ) ٺهرائي ڇڏيا آهن، جيئن انهن ۾ هرهڪ الڳ سانتيڪو ويهي وار ٺهرائي يا شيو شيمپو ڪرائي. وار ٺاهڻ لاءِ حجامن بدران ”حجام ڇوڪريون“ ۽ تمام سهڻيون ۽ نوجوان ڇوڪريون رکيون اٿس _ يعني پنهنجي پر ۾ دڪان جو معيار هيٺين ماڙ تي ٺهيل ٻين حجامڪن دڪانن کان بلند ڪيو اٿس _ ۽ هاڻ وار ٺهرائڻ جي في به گهڻي ٿي ته ٽپ به، بحرحال اهو احساس اندر گهڙڻ بعد ٿيو. ”ڦاٿو ته ڦٿڪڻ ڪهڙو“ چواڻيءَ تي عمل ڪري دخل تي ويٺل عورت جي اشاري سان ساڄي پاسي واري هڪ خالي ڪيو بيڪل ۾ وڃي ويٺس سندس ڀر ۾ ويٺل ٻن ٽن چيني حجام ڇوڪرين مان هڪ کي مون ڏي موڪليائين، جنهن نيلان جو اڇو ترڪڻو ڪپڙو منهنجي ڳچيءَ جي چوڌاري ويڙهي ڪلهن تي (منهنجن ڪلهن تي) هٿ رکي پڇيو؛ ”وار ٺهرائڻا آهن ياشيوِ.“
    ايتري ۾ ٻاهرين هڪ چيني هوٽل جو بيرو سندس اڳ ڏنل آرڊر موجب هن لاءِ مانيءَ جو پيالو ۽ کائڻ لاءِ ٻه تيليون (Chop Stics ) کڻي اندر گهڙيو. هن کانئس ماني ورتي ۽ مونکان کائڻ جي اجازت وٺي منهنجي اڳيان پلاسٽڪ جي صندليءَ تي ٿي ويٺي. اهڙيءَ طرح مون کي سندس پڇيل ڏکيو سوال سارڻ جو موقعو ملي ويو ته مون کي واقعي ڇاڪرائڻو آهي. شيو يا هيئر ڪٽ!يا ڪي ڪجهه ٻيو. شيو جي بنهه ضرورت ان ڪري ڪانه هئي جو تازو صبح جو اڃان ڪئي هيم ۽ ساڳيءَ ريت هيئرڪٽ جي به ڪا اهڙي ضرورت نه هئي _ جو ايترن ٿورن وارن جي ايتري گهٽ وقفي بعد ڳوٺ جي بچل حجام کان پنج روپيا ڏئي هيئر ڪٽ ته ڪرائي سگهجي ٿي، پر ولايت ۾ فارين ايڪسچينج ۾ پئسا ڏئي، اهڙن وارن پٺيان انويسٽ مينٽ ڪرڻ اجايو ڪم هو _ جيڪي حجامت کان اڳ به ڪٽيل لڳي رهيا هئا. بحرحال شيو کان هيئرڪٽ ڪرائڻ جو فيصلو هن وقت مناسب لڳو.


    چينين لاءِ آئيڊيل ڪنوار

    نرس جهڙن ڪپڙن ۾ ٿلهي _ پر سهڻي حجام چينياڻيءَ رس سان ڀريل پيالي ۾ ڪاٺ جون تيليون ٽنبي منجهائس گوبيءَ جا ٽڪر، سائو بصر۽ گول اُس ڇٽيءَ جهڙيون کنڀيون Mush Rooms ڪڍي کائيندي رهي. ان سان گڏوگڏ سرڪاٽ ڪري رس جا ڍڪ پڻ ڀرڻ لڳي. پيالو خالي ٿيڻ تي هن ٽشو پيپر سان چپ اگهيا ان بعد ڪٻٽ مٿان رکيل ٽرپل فائوِ جي پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي لائيٽر سان دکائي پهرين موالين وانگر ڊگهو ڪش هڻي دونهين جي لار کي ٻاهر ڪڍيو پوءِ ڪئنچي کڻي منهنجن وارن تي ڪم شروع ڪيو. حجامڪي پر پوري ڪرڻ لاءِ خبر چار ڪرڻ لڳي. منهنجو مختصر حال احوال وٺي بس ڪيائين ته مون کانئس پڇيو ته آيا هوءَ هتي جي (سنگاپور جي ) چينياڻي آهي يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي.
    هن سگريٽ جو ڦلو ائشٽري ۾ ڇنڊي چيو: ”تون ٻڌاءِ؟ هونءَ سنگاپور جي نه آهيان.“
    ”انگريزي سٺي ڳالهائين ٿي سو پڪ هانگ ڪانگ يا تائيوان جي هوندينءَ.“ مون وراڻيو مانس.
    ”نه ملائيشيا جي ئي آهيان. هتي ڏهاڙيءَ جي حساب سان نوڪري ڪريان ٿي.“
    ”پگهار ته هتي چڱو ڳرو ملندو هوندءِ؟“
    ”نه دڪان جي مالڪن پاڻ ته گهڻو ئي ٿي ڪمائي، پر ظاهر آهي دڪان تي هن لک کن خرچ ڪيا آهن، اسان پورهيتن کي ايترو ته نه ڏيندي.“ سندس لهجي ۾ ايئر هوسٽس ٽائيپ مرڪ بدران نهٺائي ۽ مايوسي هئي. کانئس پڇيم ته ڪمايل پئسن مان پنهنجو دڪان ڇو نه ٿي کولين ته ٻڌائين ته هوءَ نه ته سنگاپور جي شهري آهي. نه پاسپورٽ رکي ٿي ۽ نه سنگاپور جي پي .آر (مستقل رهائش) اٿس. ان ڪري هتي پنهنجو دڪان نه ٿي کولي سگهي ۽ نه ئي وري پنهنجي ملڪ ملائيشيا ۾ دڪان کولڻ جيترا پئسا اٿس.
    ”هونءَ کڻي ملائشيا ۾ ڪٿي دڪان کولي به وڃان.“ هن ٻڌايو: ”پر في الحال اوڏانهن واپس وڃڻ نه ٿي چاهيان جو تازو مڙس سان جهيڙو ٿيو آهي ۽ طلاق گهري اٿم.سو جيسين ڪورٽ ڪو فيصلو ڏئي تيسين وڪيل جي صلاح موجب هتي رهڻ چاهيان ٿي جيئن پنهنجو ۽ پنهنجي ٻن سالن جي ٻار جو بي خوف نيپاج ڪري سگهان.“کانئس سندس جهڳڙي ۽ طلاق جو سبب پڇيم.
    ”هو مون تي الزام ٿو هڻي ته آئون بدڪردار آهيان، پر حقيقت اها آهي ته هن جو شروع کان ٻيءَ ڇوڪريءَ سان پيار آهي. مائٽي ۽ گڏيل واپار جي چڪر ۾ اسان جي واپاري مائٽن اسان جي شادي کڻي ڪرائي، پر ان ۾ ٻنهي واسطيدار ڌرين جي رضامندي نه هئي.“
    ”توهان چينين ۾ ڇوڪرو سڀ کان گهڻي اهميت ڪهڙي ڳالهه کي ڏئي ٿو ڪنوار جي سونهن کي، تعليم کي، قدبت کي، خانداني رتبي کي، يا مٽيءَ مائٽيءَ کي؟“ مون پڇيو مانس .
    ”انهن ڳالهين کي به ٿورو گهڻو ڌيان ۾ رکيو وڃي ٿو“ حجام چيني ڇوڪريءَ ٻڌايو، ”پر گهڻو خيال ان جو رکيو وڃي ٿو ته ڇوڪري کي به واپار وڙي جي سڌ سماءُ آهي يا نه. مڙس يا سهري جي دڪان تي ڇوڪري سٺي سيلز گرل جا فرائض سرانجام ڏيئي سگهندي يا نه. ڪنوار جي اچڻ ڪري گهوٽ جي گهر جي مالي حالت ۾ واڌارو ايندو يا نه _ وغيره وغيره
    اسان جون ڳالهيون اڃا وڌيڪ هلن ها پر هڪ ته منهنجي مختصر هيئر ڪٽ اختتام تي پهچي وئي ٻيو ته آصف به پڇائيندو اچي ان حصي ۾ نڪتو جتي اسين هئا سين، ۽ هاڻ هڪ منٽ به وڌيڪ ترسڻ لاءِ تيار نه هو. هيئرڪٽ جا ڏهه ڊالر ۽ هڪ ڊالر ٽپ ڏيئي ٻاهر نڪتاسين جيڪو ان دڪان جي ماڊرن ٿيڻ ڪري آخري دفعو هو ۽ فيصلو ڪيم ته آئينده اهڙي آرام ۽ هيئرڪٽ لاءِ پيپلس پارڪ جي گرائونڊ فلور وارن دڪانن ۾ ئي وڃڻو پوندو، جتي هيئر ڪٽ جا پنج ڊالر آهن يا اڃا به ٻاهر عام دڪانن ۾ جتي فقط ٽي ڊالر (ايڪيهه رپيا) ٿا وٺن _ پرواهه ناهي جي اهي دڪان کڻي ايئر ڪنڊيشنڊ نه آهن.


    مئرينرس ڪلب ڏي واپسي

    پيپلس پارڪ مان جيڪا هلڪي ڦلڪي يا وڏي خريداري ڪئيسين سا چڱي طرح ته ياد نه آهي، پر هڪ دڪان تان آصف سئنڊوچ ٺاهڻ لاءِ اليڪٽرڪ سئنڊوچ ٽوسٽر ورتو، جيڪو جپان جو هوندي به جپان کان هتي سستو _ اٽڪل پنجاهه کن ڊالرن ۾ مليو. ڇو جو جپان ۾ ”لوڪل مارڪيٽ ٽئڪس“ ۽ ٻيا ٽئڪس هجڻ ڪري ٻين شين وانگر مهنگو آهي. پر سنگاپور ۾ فقط شيءِ جي قيمت ورتي وڃي ٿي ۽ مٿان هلڪو فائدو. ۽ جي ڪن شين تي ٽئڪس آهي ته به نه برابر.هن اليڪٽرڪ سئنڊوچ ٽوسٽر ۾ ڊبل روٽي جا ٻه پڙ رکي وچ ۾ رڌل ڀاڄي يا قيمون وجهڻ سان سمبوسي وانگر ڪڙڪ سئنڊوچ ٺهيو وڃي. اها هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا مشغول شهرن جي گهرن ۾ ڏينهون ڏينهن مشهور ٿيندي وڃي. ڪراچيءَ ۾ ان جو آسان نسخو بوري بازار ۾ پندرهين ويهين رپئي ملندو جيڪو ٽين جي ٻن پڙن کي ڊگهين لوهي ڏنڊين سان ڳنڍي ٺاهيو ويو آهي ۽ اهيو اليڪٽرڪ بدران باهه تي گرم ڪرڻ سان اندر سئنڊوچ ٺهيو وڃي. ڪراچيءَ مان جي اهوکڻي اچئون ها ته هن اليڪٽرڪ سئنڊوچ ٽوسٽر پٺيان خرچ ڪيل پنجاهه ڊالر (ٽي سؤ رپيا) به بچي پون ها. (پر پوءِ اها خبر معلوم ڪري ويتر افسوس ٿيو ته ملاڪا شهر ۾ پڻ اها ساڳي بوري بازار واري شيءِ لئان فاٽ ڊپارٽمينٽ اسٽور جي سامهون واري گهٽيءَ ۾ ملي پئي.)
    سنگاپور جي پيپلس پارڪ مان ڪجهه قميصون، پتلون، چڍيون ۽ ٽوال به ورتاسين، گهڻي بحث بعد مدراسي دڪاندار گهٽ ڪري هڪ هڪ پتلون جا ٽيهه ڊالر (ٻه سؤ روپيا کن) ورتا.پر ٻئي ڏينهن هاءِ اسٽريٽ جي ”هاءِ اسٽريٽ سينٽر“ جي هڪ دڪان ۾ اها ساڳي پتلون ويهه ڊالر پئي ملي. پيپلس پارڪ مان هڪ هڪ بيگ ۽ هڪ بريف ڪيس ورتوسين. بوٽن جا ڪشا ۽ شيونگ ڪريم ورتي سين جو اهي ٻئي شيون ملائيشيا ۾ ڏکيون ٿيون ملن. ملائيشيا ۾ هر گهر ۾ بوٽ ٻاهر لاهي وڃڻ جي عادت ڪري ماڻهو ڪشن (ڪهين) وارا بوٽ ئي ڪونه پائين، جو ذري ذري ڪير لاهي ۽ ٻڌي. ان ڪري ملائيشيا ۾ ڪهين وارا بوٽ ۽ ڪهيون ورلي ڪو ملن. ملائيشيا ۾ شيونگ ڪريم يا صابڻ بدران فقط صابڻ جي گج Shaving lather استعمال ٿئي. جنهن سان ٻچي ڏاڙهي يا کنڀ کنڀ وارن وارا چيني ۽ ملئي ته آرام سان شيو ڪريو وڃن، پر اسان جهڙن ڌارين لاءِ مشڪل آهي. جن جا ڏاڙهيءَ جا وار گهڻا ۽ کهرا آهن _ جن کي ڪوڙڻ کان اڳ نرم ڪرڻ لاءِ برش سان چڱي طرح صابڻ يا شيونگ ڪريم هڻڻ جي ضرورت آهي. آصف کي Diabetes (ذيابطيس) هجڻ ڪري هن ڪجهه ڪولڊ ڊرنڪس، بسڪيٽ، ڪيڪ ۽ چاڪليٽ اهڙا ورتا جن ۾ کنڊ بدران سيڪرين جهڙو مٺاڻ ٿئي ٿو. بحرحال اهڙيون ڪجهه شيون وٺي واپس رهائش گهر يعني مئرينرس ڪلب ڏي آياسين.
    مئرينرس ڪلب جي ڊائننگ هال ۾ ان وقت تمبولا راند جيڪا جوا جو هڪ فئشن ايبل قسم چئي سگهجي ٿو هلي رهي هئي. نمونو ڏسڻ لاءِ اسين به اندر گهڙياسين. سڀ پني تي پنهنجا نمبر ڪٽڻ ۾ مشغول هئا. اسان هڪ ٽيبل تي ڪرسيون خالي ڏسي وڃي ويٺاسين. هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هنياسين ته من ڪو چانهه جو آرڊر وٺڻ لاءِ اچي يا راند جو کيڏڻ لاءِ چوي، پر ڪا پهر نظر نه آئي. ٿوري دير بعد هڪ ويٽرس ڇوڪري اچي لنگهي تنهن کي ڪجهه آڻڻ لاءِ چيوسين. تنهن ڀت ۾ لڳل لڏڪڻي واري گهڙيال ڏي اکين سان اشارو ڪري چيو ته ڪافي دير ٿي ويئي آهي. حساب ڪتاب بند ڪري ڇڏيو اٿئون. هيءَ راند به آخري هلي رهي آهي. آصف چيو اهو ته پاڻ سٺو. اسان ته هتي ويهڻ جي تڪلف ۾ ڪجهه گهرايو ٿي، جيئن ڪلب وارو اهو نه سمجهي ته بنا خرچ جي مفت ۾ اچي ويٺاآهيون .


    تمبولا لڪي فارسم

    هال ۾ ڏيڍ سؤ کن ماڻهو هئا ۽ ذري گهٽ سڀ تمبولا کيڏي رهيا هئا. ڪن جي اڳيان چانهه رکي هئي ته ڪن اڳيان ڪوڪا ڪولا وغيره گهڻن اڳيان هتي جي سنگاپوري بيئر Anchor جاٿڌا دٻا رکيا هئا، جن مان هو چسڪيون ڀري رهيا هئا.راند جاري هئي ۽ سڀ هٿن ۾ پينسلون جهلي پنهنجن نمبرن کي ڪٽي رهيا هئا. دخل تي ويٺل انائونسر دٻي مان گولا ڪڍي ان تي لکيل مختلف نمبر وڏي واڪ سان ائين ٻڌائيندو رهيو جيئن نيلام جو واڪ ڏيندڙ اگهه جو اعلان ڪندو آهي.
    ”ٻه ننڍيون بدڪون _ Two Small Ducks نمبر ٻاويهه ”دخل تي ويٺل همراهه گولي تي لکيل نمبر پڙهي اعلان ڪيو اسان جي ٽيبل تي ويٺل هڪ چيني ڇوڪريءَ پنهنجي ڪاغذ تي ڇپيل اهو نمبر ڪٽيو. سندس جهازي بواءِ فرينڊ خوشيءَ مان کيس ٿڦڪي ڏني.
    ”شينهن جو پنجو“ دخل تي بيٺل هڪ ٻئي همراهه نمبر ٻڌائڻ جي شروعات ڪئي ”نمبر پنج.“
    جن جي پنن تي پنج جو انگ هو انهن اهو ڪٽيو ۽ ڪجهه همراهن اهو ڏند ڪڍي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته سندن نمبر ڪٽجن پيا. ڇو جو جنهن جي پني جا سڀ نمبر پهرين ڪٽجندا ان لاءِ انعام هو. ۽ تمبولا ۾ انعام چڱا ڳرا رکيا وڃن ٿا.
    ”ابتو سبتو نمبر سڪسٽي نائن“ انائونسر وري اعلا ڪيو.
    تمبولا اند جهازين ۾ ڪناري توڙي جهاز تي تمام مشهور راند/ جوا آهي، جو اها ٿورا ڄڻا به کيڏي سگهن ٿا ته گهڻا به. ان راند لاءِ فقط ننڍڙا پنا ڪتاب جي صفحي جي اڌ جيترا کپن. جن تي ويهه کن چونڪڙيون ٿين جن ۾ مختلف نمبر ڇپيل ٿين. اهي نمبر هڪ کان نوي تائين ڪي به ٿي سگهن ٿا. هڪڙي پرچي ٻيءَ کان مختلف ٿئي يعني ڪو نه ڪو نمبر ٻئي ۾ مختلف رکندا آهن. مثال طور هڪ پرچيءَ جي مٿينءَ قطار ۾ نمبر آهن. ٻه، يارنهن، ٽيهه، پنجيتاليهه، ۽ اسي، ته ٻيءَ پرچيءَ جي مٿينءَ قطار ۾ ضرور انهن نمبرن مان ڪو هڪ يا ٻه ڦريل هوندا. يا مٿين قطار ٻنهي جي ساڳي هوندي ته ٻي يا ٽي قطار جو انگ ضرور ڦريل هوندو.
    راند کيڏندڙ اها پرچي مقرر ٿيل قيمت ۾ وٺندو آهي. قيمت ڪيتري به رکي سگهجي ٿي، جيئن ته روپيو، ڏهه روپيا يا هتي سنگاپور جي هن ڪلب هڪ پرچيءَ جي قيمت هڪ ڊالر رکي هئي. انائونسر وچان وچان نمبر چونڊيندو ويندو. گهڻو ڪري نوانوي بلور ٿين جن تي هڪ کان نوانوي تائين نمبر ٿين. اهي بلور برنيءَ يا پيالي ۾ رکي پوءِ هڪ هڪ ڪري ان نمبر جواعلان ڪندو آهي ۽ کيڏندڙ اهي نمبر پنهنجي پرچيءَ تان ڪٽيندا ويندا آهن. پوءِ جنهن جي پرچيءَ جا نمبر سڀ کان پهرين ڪٽجن، ان کي انعام ملندو آهي.
    ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ وڏو انعام سڀ نمبر ڪٽجڻ تي هوندو آهي ۽ ان کان علاوه ٻه ٽي ننڍا انعام پڻ رکيا ويندا آهن. جيئن ته جنهن جي پهرين مٿين نمبرن جي قطار ڪٽجي، يا جنهن جا بارڊر وارا نمبر ڪٽجن، وغيره وغيره. پوءِ هڪ راند بعد وري کيڏڻ لاءِ ٻيون پرچيون وٺبيون آهن. ڪوچاهي ته هڪ کان وڌيڪ پرچيون به خريد ڪري سگهي ٿو، بشرطيڪ ان ۾ ايتري ڦڙتي هجي جو هڪ ئي وقت سڀني پرچين جا نمبر جانچي ۽ ڪاٽي سگهي .
    جهاز تي اڪثر ائين ڪندا هئاسين ته هر راند ۾ جيترين پرچين جو وڪرو ٿيندو هو، انهن پئسن جو چوٿون حصو رکي باقي پئسا انعام ۾ هلائبا هئا. پوءِ آخري راند ۾، هر دفعي جي راند مان بچيل پئسا به ملائي تمام وڏو انعام ڪري رکيو ويندو هو. جيڪو اڪثر ڪري SnowBall سڏبو آهي يا جئڪ _ پاٽ. خير ههڙن ڪلبن ۾ ته هر راند مان هوٽل جو به حصو ڪڍيو ويندو آهي. بس پوءِ جنهن هارايو ان جا ٻه چار ڊالر ويا، پر جنهن کي انعام مليو، ان جو عيش ٿي ويو. هوٽل وارن جو ان فائدي کان علاوه شراب ۽ شربت جو وڪرو پڻ ٿيو .
    اسان جنهن وقت اچي ويٺا سين ان وقت تمام وڏي انعام سنو بال جي آخري راند هلي رهي هئي ۽ اسان کيڏندڙن جي چهرن جا تاثرات پڙهندا رهيا سين ته ڪير ڪير کٽڻ تي آهي. ڪي چيني هئا، ڪي ملئي، ڪي يورپين جهازي هئا، ته ڪي انڊونيشي ۽ انڊين پاڪستاني، ۽ سندن هتي جون چيني ملئي ۽ تامل ناڊو گرل فرينڊس هيون. هڪ همراهه ته بلڪل پاڪستاني انجنيئر جميل جهڙو لڳي رهيو هو. پاڪستان کان ملائيشيا بدلي ٿيڻ کان اڳ خالد جميل نالي هڪ سيڪنڊ انجنيئر امتحان لاءِ مون وٽ مئرين ڪاليج ۾ E.K (انجنيئرنگ ) پڙهڻ آيو هو. آصف کي چيم يار ڏس ته سهي بلڪل هو بهو خالد جميل جهڙو پيو لڳي. اڃا مهينو ڏيڍ ڪراچي ڇڏڻ وقت مليو هو. سندس امتحان ٿيڻ ۾ اڃا ٽي مهينا دير هئي. ذوالفقار کي ٻڌايم ته سامهون جيڪو ڪارن ڪپڙن ۽ ڳچيءَ ۾ سوني تار وارو چيني ڇوڪريءَ سان گڏ ويٺو آهي. ان جي شڪل منهنجي هڪ شاگرد خالد جميل سان ڪافي ملي ٿي. ان ئي وقت هن بيئر جو ڍڪ پي اسان ڏي نهاريو. ذوالفقار يڪدم چيو پراين ماڻهن کي ويٺا گهوري ڏسون اجايو ڦڏو نه ٿي پوي. ۽ اسان يڪدم کڻي ٻئي پاسي منهن ڪيو. هال ۾ چوڌاري ويٺل پنهنجين پرچين تي ڪنڌ جهڪائي اعلان ٿيل نمبر ڪٽي رهيا هئا.
    ”ٽوفئٽ ليڊيز _ Tow Fat Ladies نمبراٺاسي“ دخل تي بيٺل همراه اعلان ڪيو ۽ جن جي پرچين ۾ 88 جو انگ هو انهن ڪٽيو. ان بعد ٻين نمبرن جو اعلان ٿيو.
    ”سيلرس ليگ Sailors _ legs نمبر يارهون.“
    ”لڪي فار سم Lucky for Some نمبرستون.“
    ”Un Lucky نمبر ٿرٽين _ تيرهون ۽ نمبر ٽين _ ڊائوننگ اسٽريٽ“


    مڙسي منجهس نه، ڏوهه ڪنوار جو

    هال مان ڪنهن رڙ ڪري چيو ”هائوس“ معنيٰ هن جي پرچيءَ جا سڀ نمبر ڪٽجي ويا.هو پنهجي پرچي کڻي دخل تي پهتو. انائونسر ان جا نمبر چيڪ ڪيا ۽ کيس انعام ڏنو ۽ راند ختم ٿي. پوءِ سڀ ڪپڙا ڇنڊي اٿي کڙا ٿيا. هڪ دفعو وري مون خالد جميل سان ملندڙ همرهه کي ٽيڏي اک سان ڏٺو، جيڪو پڻ لڳاتار اسان ڏانهن نهاري رهيو هو.ايتري ۾ ذوالفقار جي ڌڪن ۽ ماڻهن جي پيهه پيهان ۾ اچي ٻاهر نڪتاسين
    جيئن ئي ٻاهر پهتاسين ته رسيپشن وٽ ٻي در کان آيل خالد جميل جهڙي همراهه اچي اڙدوءَ ۾ کيڪاريو کلي چيو مانس؛ ”ميان اسان به چئون ته بلڪل جميل جهڙو هتي ڪٿان اچي ويو؟“
    ”سر! مان ته توهان کي پهرين سڃاڻي ويس جيتوڻيڪ ٿورو شڪ ضرور ٿيم ته توهان ملائيشيا ۾ رهيل هتي سنگاپور ۾ ڪيئن؟“
    ”بس گهر لاءِ ڪجهه سامان وٺڻو هو. ملائيشيا ۾ شيون مهنگيون آهن. ڏياريءَ جي موڪل هئي سو هيڏانهن سنگاپور هليا آياسين. تون ڪر خبر؟“
    ”بس سر امتحان ڏنم پهرين دفعي ئي سڀ سبجيڪٽ پاس ڪري ويم. ان بعد سوچيم ته رهڻو ته هونئي سمنڊ تي آهي، پوءِ ڇونه ڪنهن اهڙي جهاز ران ڪمپنيءَ جا جهاز هلائجن جيڪا گهڻو پگهار ڏئي _ پوءِ کڻي ان ڪمپنيءَ جا ڪهڙا به جهاز هجن، ڪهڙي به ملڪ ويندا هجن ۽ جهاز تي رهڻ جون حالتون ڪهڙيون به هجن. پنهنجي ملڪ جي ڪمپنيءَ کي جهازن جي مقابلي ۾ انجنيئر ايترا ته گهڻا ٿي ويا آهن، جو پاس ڪيل عهدي کان ٻه رئنڪون هيٺ نوڪري ٿا ڏين. يعني سيڪنڊ انجنيئر جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ مون کي فورٿ انجنيئر ٿا رکن ۽ پگهار به ايترو گهڻو نه آهي. اهو سو فائدو ضرور آهي _ ۽ هڪ خيال کان وڏو فائدو آهي ته پنهنجي ملڪ جي جهاز ران ڪمپنيءَ کي نوان ۽ سٺا جهاز آهن. عملو گهڻو آهي ان ڪري ڪم جو آرام آهي. ان کان علاوه هر سفر (Vovage ) بعد جهاز پنهنجي ملڪ اچي ٿو، سو هڪ ته ماڻهو مائٽن مٽن سان مليو تازو ٿيو وڃي ۽ ٻيو پنهنجي لاءِ پڻ ٽي وي، فرج، واشنگ مشين جهڙي ڳري خريداري ڪري سگهي ٿو. پر آئون اڪيلو سرآهيان، اهو سوچي ولايتي جهاز ران ڪمپني اختيار ڪئي اٿم تازوگوڪل صاحب جي جهاز ران ڪمپنيءَ ”گلفايسٽ“ جي هڪ جهاز تي سيڪنڊ انجنيئر جي ضرورت هئي، سو اشتهار ڏسي مون اپلاءِ ڪيو ۽ هنن مون کي هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ڏيئي سنگاپور موڪليو آهي. ڪالهه کان هتي هن ڪلب ۾ رهيل آهيان.جنهن جو بندوبست ايئرپورٽ تي پهچڻ سان گوڪل صاحب جي هتي جي آفيس وارن ڪرايو آهي. جنهن جهاز تي مونکي رکيو اٿن اهو پرينءَ يا ارينءَ بئنڪاڪ کان هتي پهچڻو آهي.“
    منهنجي خيال ۾ ته سٺو ڪيئي، پنهنجي ملڪ جي ڪمپني به اهو ئي چاهي ٿي ته هن وقت ڀلي ڪجهه انجنيئر ۽ نيويگيٽر ٻاهر هليا وڃن، جيئن بار هلڪو رهي، “مون چيو مانس.
    ”پر سائين مون ٻڌو آهي ته جيڪو جهاز مون کي ملي رهيو آهي، اهو جهاز تمام پراڻو آهي. سندس انجڻ ۾ چڱا خاصا نقص آهن.“خالد جميل اداسيءَ مان چيو. سندس اهو خوف ليا پائي رهيو هو جيڪو ننڍي نيٽي ڪنوار جي چهري تي اڻ ڏٺل پوڙهي گهوٽ سان پرڻجي وڃڻ تي هوندو آهي. اهو خوف ڌارئين ملڪ جي جهاز تي ته ڇا، پر پنهنجي ملڪ جي هڪ جهاز کان ٻئي جهاز تي ويندي وقت به ٿيندو آهي ته خبر ناهي ٻئي جهاز جو ماحول ڪيئن هوندو، ماني ڪيئن هوندي، ڪهڙن ملڪن ۽ موسمن ۾ سفر ڪندو ويتر جي پراڻو جهاز آهي، ته انجنيئر لاءِ هيڪاندو وڌيڪ خوف ته آيا ان جهاز جي انجڻ ۾ ٿورا نقص آهن يا گهڻا. اوزار گٺل اٿس يا منجهس اڃا کڙ تيل آهي، ائين نه ٿئي ته سڀان هلي ”پنهنجي مڙسيءَ سان نه“ پر ڪمپني اوڙو پاڙو چوي ته ڏوهه انجنيئر/ڪنوار جو وغيره وغيره.


    وڏي پارت پنهنجا لڇڻ آهن

    ”مڙيئي خير آهي يار. تو جهڙي محنتي ۽ نوجوان انجنيئر کي اهي ڳالهيو هرگز سوچڻ نه کپن. ڏينهن رات محنت ڪري سندس نقص دور ڪري ڇڏجانئس. پوءِ آرام ئي آرام اٿئي.“مون کيس دلداري ڏيندي چيو ”خبر اٿئي انجنيئر جڏهن جونيئر هجي ته هن کي گهڻي کان گهڻو ڪم ڪرڻ کپي، جيئن هڪ ته هر قسم جو ڪم سکي وٺي ۽ ٻيو ته هڏ پورهئي تي هري وڃيس. پوءِ آخر ۾ جهاز جو چيف انجنيئر ٿي جيڪو به جهاز مليو ته مزو آهي _ جيڪڏهن نئون جهاز بنانقص جي مليو ته به آرام جي ننڊ، پر جيڪڏهن پراڻو جهاز گٺل پيٺل مليو ته به هن لاءِ مڙيئي خيرآهي. جو هن کي هر ڪم اچي ٿو. وچ سمنڊ تي اوچتو جهاز بيهي رهيو ته به هن جي دل بهادر آهي جو هر مسئلي کي منهن ڏيڻ سکيو آهي. وچ سمنڊ تي ڪوبه ڪناري جو مستري يا انجنيئر مدد لاءِ نه ايندو. جهاز جي انجنيئرن کي ئي هر خرابي دور ڪرڻي پوي ٿي. ۽ جڏهن ڪنهن به انجنيئر کان انجڻ صحيح نه ٿي ٿئي ته آخر ۾ چيف انجنيئر وٽ پهچن ٿا ته هاڻ ڪم زور آهي، تون سڀ کان پراڻو ۽ وڏو انجنيئر (مستري) آهين مترڪو پانو کڻي هلي انجڻ کي منهن ڏي ته جهاز سامونڊي ڪن مان نڪري، نه ته سڀ ٿا مرون. پوءِ جيڪڏهن چيف انجنيئر جو ننڍي هوندي کان ڪم ٿيل آهي ته ڪتابي علم ۽ تجربي جي آڌار تي وڏي اعتماد ۽ رعب سان اٿي انجڻ جو اهو پرزو ٺاهي عزت ماڻي ٿو ٻي صورت ۾ گلا ڪڍائي ٿو.“منهنجيون اهي ڳالهيون ٻڌي خالد جميل مرڪڻ لڳو. اتي سندس ڀر ۾ ٽي ڄڻا ٻيا به اچي بيٺا جن جو پاڻ تعارف ڪرايائين ته هي به ساڳي جهاز لاءِ آيل آهن. ٻه ڄڻا رحيم يار خان جا هئا ۽ ۽ خلاصي طور جهاز ڀرتي ڪرڻ آيا هئا ۽ هڪ مدراس (هندستان) جو چيف آفيسر هو.
    ”گوڪل صاحب جا هي جهاز هانگ ڪانگ ۾ رجسٽر ٿيل آهن،“ خالد جميل ٻڌايو ،۽ ”اسٽاف گهڻي ڀاڱي انڊيا، پاڪستان، فلپين، مالديپ، ٻيٽ سريلنڪا ۽ بنگلاديش جو اٿس. “
    ”هامونکي خبر آهي.“ مون ٻڌايو مانس.
    ”منهنجا پڻ ٽي چار ڪلاسي دوست ڪافي عرصي کان گوڪل ڪمپنيءَ ۾ آهن ۽ خوش آهن. هڪ ته توهان جي جهاز جي مرمت مٿان سپرنٽينڊنٽ انجنيئر راشد ڪاظمي آهي. جتي به جهاز خراب ٿيندو آهي ته هانگ ڪانگ کان اوڏانهن هوائي جهاز رستي پهچي ويندو آهي، جيئن ان جي مرمت بابت فيصلو ڪري سگهي. ٻيو ڪلاسي قيصر اصغر هانگ ڪانگ آفيس ۾ چيف انجنيئر آهي. ۽ هڪ چيف انجنيئر اڄڪلهه ڏکڻ ڪوريا ۾ آهي، جتي توهان جي شپنگ ڪمپنيءَ جا نوان جهاز ٺهي رهيا آهن ۽ هو انهن جي نظر سانيءَ تي مقرر ٿيل آهي.“
    ”سائين انهن کي منهنجي پارت ڪرڻ جي ضرورت سمجهو ٿا يا نه؟“جميل چيو.
    ”جهازن جي نوڪريءَ ۾ ته خبر اٿئي ته وڏي پارت پنهنجا لڇڻ ۽ محنت آهي، ڪو ماڻهو ذاتي زندگيءَ ۾ کڻي دشمن هجي، پر جهاز جي ڊيوٽيءَ ۾ جي هو گهڻو محنتي آهي ته اهو سڀ کان گهڻو پيو وڻندو.“
    ”واقعي اها ڳالهه ته آهي ۽ اهو ئي سر منهنجو اصول آهي، اميد ته توهان جا دوست جڏهن توهان سان ملندا ته منهنجي ڪم جي ضرور تعريف ڪندا.“ خالد جميل چيو.
    ”اهائي تو جهڙي سٺي ماڻهوءَ ۽ لائق انجنيئر مان اميد رکي سگهجي ٿي.“ مون کلي کانئس موڪلايو ۽ سڀ الڳ لفٽن ۾ چڙهي پنهنجن ڪمرن وارين ماڙين ڏانهن روانا ٿي ويا.


    سنگاپور _ ڪارڪردگيءَ ۾ سٺو بندرگاهه آهي

    ڪمري ۾ اچي ڪپڙا بدلائي سمهڻ جي تياري ڪيم، مرڻينگ ايئرڪنڊيشنر، ڪمري کي نه جهڙو ٿڌو ڪري رهيو هو. اٿي دريون کولڻ جو سوچيم. پردو ريڙهي ڏٺم ته سامهون ڪيپل شپ يارڊ ۽ بندرگاهه جي زردي رنگ جي تيز سوڊيم لائيٽن اکيو ٿي ڪڍيون ۽ ساڳئي وقت خط استوائي ملڪن ۾ ڪمري جون دريون کولڻ معيٰ مڇرن ۽ جيتن جڻين کي گهر ۾ گهرائڻ. پر مٿاهين ماڙ هجڻ ڪري لانگهائو جيتن به اندر جو رخ نه ٿي ڪيو. بهر حال ٻاهر جي تکي روشني ۽ رکي رکي ڦڙين جي ڇاٽ اندر اچڻ ڪري وري دري بند ڪرڻي پئي. ٻئي نمبر نسخي موجب قميص لاهي فقط ڪڇي ۾ سمهڻو پيو ۽ ننڊ کي آڻڻ لاءِ رڍون يا هاٿي ڳڻڻ بدران سنگاپور شهر جو سوچڻ لڳس جتي گذريل ڏهن سالن کان ڪيترائي دفعا آيو هوندس. هن دفعي وقت نه هجڻ جي ڪري ڪيڏانهن به وڃڻ نه ٿي سگهيو، نه ته سنگاپور جي حڪومت سنگاپور کي ڏينهون ڏينهن اهڙو بنائيندي وڃي جو ٻار کان وٺي وڏي عمر جو ماڻهو هتي وندريل رهي ٿو _ گهمڻ ڦرڻ ۾، خريداريءَ ۾، راندين روندين، ۽ فلمن ڊرامن ۾، مذهبي توڙي دنياوي مشغولي ۾.
    سنگاپور ملڪ، ٻيٽ، شهر، يا بندرگاهه جيڪي ڪجهه به سمجهيو وڃي _ ان جي بنيادي اهميت بندرگاهه جي ڪري آهي ۽ جاگرافيائي طور اهڙي بيهڪ اٿس جو سندس ڀرسان جهازن جو تمام گهڻو لنگهه ٿئي ٿو ۽ اهڙي بيهڪ جيتوڻيڪ سلون (سريلنڪا)، عدن، پورٽ توفيق، پورٽ سعيد، لاس پاماس، ڪيپ وردي ٻيٽن جي بندرگاهن جي پڻ آهي، پر سنگاپور جي حڪومت ايڏي ته ملڪ ۽ ماڻهن سان وفادار، گهڻي حد تائين ايماندار، هڏ ڏوکي ۽ محنتي آهي، جو هنن سنگاپور کي اهڙو ته ٺاهي ڇڏيو آهي، جو اڄڪلهه سنگاپور تمام گهڻو سهڻو، مشهور ۽ امير ملڪ ٿي ويو آهي. جيتوڻيڪ ڪنهن زماني ۾ سلون، عدن جهڙن هنڌن تي وڏي لئه هوندي هئي _ گهمڻ ڦرڻ کان وٺي واپار وڙي ۽ سونهن سوڀيا تائين، پر پوءِ حڪومتون ۽ انهن جا نمونا ڪجهه اهڙا ٿيندا ويا جو ان قسم جا بندرگاهه ور ي اڀري نه سگهيا آهن. سنگاپور جيتوڻيڪ اڄ کان ويهه سال کن اڳ تائين عدن، ڪولمبو جهڙن بندرگاهن کان گهٽ مشهور هو پر هاڻي ڏسندي ئي ڏسندي دنيا جو ٻيو نمبر مشغول ترين بندرگاهه ٿي ويو آهي. اڄ کان فقط ڏهه ٻارنهن سال کن اڳ سنگاپور ۾ چوري چڪاري ايتري ته هوندي هئي جو سرڪاري بسن تي به چئني قومي زبانن؛ چيني، انگريزي، ملئي، تامل ۾ لکيل هوندو هوته کيسو ڪترڻ وارن کان خبردار ٿجو _ جنهن جو ذڪر مون پنهنجن پهرين سفرنامن ۾ پڻ ڪيو آهي. پر هاڻي حڪومت ڏينهون ڏينهن سنگاپور کي هر لحاظ سان اهڙو ته بنائي ڇڏيو آهي جو ڌاريان ماڻهو هتي ئي سلامتي محسوس ڪن ٿا ۽ گهمڻ لاءِ اچن ٿا. ڌاريان جهاز پڻ هتان ئي سودو سامان وٺڻ اچن ٿا. مثال طور اسان جي ملڪ جي جهازن جو لنگهه ته ايشيا جي ٻين به ڪيترن ئي ٻيٽن ۽ بندرگاهن وٽان ٿئي ٿو، پر ڪسٽم ۽ اميگريش جو ڊگهو طريقو، واپارن ۽ ايجنٽن جي سستي ۽ بدامنيءَ ڪري ٻين ٻيٽن تان سيدو سامان وٺڻ کان لنوائڻو پوي ٿو، يا وري گهربل پنجن شين مان ٻه ملنديون ته ٽي غائب! مصر هيڏو سارو ملڪ آهي ۽ ڀر ۾ ڪيترائي تيل پيدا ڪندڙ ملڪ اٿس، پر شل نه ڪنهن شيءِ جي ضرورت پوي. تيل وٺڻ لاءِ به پريشان ٿيڻو پوندو آهي، سلون، جبوتي، ممباسا، ويندي ڪراچيءَ جهڙن بندرگاهن ۾ پاڻيءَ جا ٻه اڍائي هزار ٽن خريد ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي ۽ جهاز کي ترسائي ايتري ديرڪرائي وڃي ٿي جو ماڳهين ٻيڻو نقصان، ياڪڏهن جهاز جا خلاصي بيمار هجڻ يا بدلي ڪرڻ لاءِ هوائي جهاز رستي ٻئي ملڪ موڪلڻو هوندو آهي ته هفتو هفتو اڏام جو بندو بست نه ٿيندو آهي ۽ اهو عرصو ترسڻ لاءِ ڪنهن چڱي هوٽل ۾ ڪمرو ئي نه ملندو آهي. ياڪمرو ملي ويو ته هفتي اندر چوري، کيسو ڪترڻ يا کاڌي ۾ زهريات ڪري بيماريءَ جهڙن وارداتن جو انديشو هوندو آهي. پر سنگاپور حڪومت ۽ عوام هر ڪم سليقي، سٺائي ۽ اڇتائيءَ سان اڪلائڻ جو اهڙو ته سهڻو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي جو روزانو سوين جهازن جي اچ وڃ ٿئي ٿي. ۽ سنگاپور دنيا جو ٻيو نمبر مشغول بندرگاهه هجڻ جي باوجود به هر جهاز جي مالڪ کي ائين لڳندو ڄڻ سندس جهاز ڏي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ جهاز جي عملي زبان تان ڪنهن ڳالهه، ڪم، مسئلي جو نالو کنيو ناهي ته ان جو تدارڪ ٿيو ناهي. جهاز تان سنگاپور پهچڻ کان ٻه ڏينهن اڳ سنگاپور جي ايجنٽ کي جيئن ئي تار ڪبي آهي ته فلاڻي ڏينهن شام جو چئين بجي اسان جو جهاز سنگاپور جي پاڻيءَ ۾ پهچي رهيو آهي ته جواب ملندو؛ ”موسٽ ويلڪم پائليٽ پوڻين چئين کان توهان جو منتظر هوندو.“
    ”چارسؤ ٽن ڪچو تيل، سؤ ٽن ڊيزل آئل، هزار گئلن ليوب آئل ۽ ٽي سؤ ٽن تازو پاڻي کپي.“ جواب ملندو: ”بلڪل تيار ملندو.“
    ”هڪ جهازي سخت بيمار آهي، ان کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻو آهي ۽ مڙني جهازين کي سندن اڌ اڌ مهيني جي پگهار هتي جي سڪي ۾ کپي، ان لاءِ هيترا هزار ڊالر گهرجن، پر انهن ۾ هيترا سؤ جا نوٽ هيتراپنجاهه جا هيترا ڏهين، پنجين، ۽ هڪ هڪ جا هجڻ کپن.“ جواب ملندو؛ ”بلڪل صحيح آهي اهو به ڪم ٿي ويندو. بي فڪر ٿي هليا اچو.“
    پوءِ بندرگاهه ۾ شام جو پهچڻ ڪري جيتوڻيڪ آفيسون بند هونديون پر آفيس جو ايجنٽ ڪنهن به نموني سان بئنڪ کان اسپتال تائين، جهاز جي مرمت کان اسپيئر پارٽ خريد ڪرڻ تائين جي ڪم جو بندوبست ۽ اڪلاءُ ڪرائي وٺندو. بلڪه ڪيتريون شيون ۽ مسئلا بندرگاهه ۾ پهچڻ بعد ياد ايندا يا رونما ٿيندا ته انهن جو به اڪلاءُ سنگاپوري ايجنٽ ڪرائي وٺندو.


    سنگاپور ۾ گهڻن جي دلچسپي رهي ٿي

    سنگاپور هڪ شهر جيڏو ٻيٽ ۽ ملڪ آهي، پر منجهس ڏهاڪو کن ته رڳو شپ يارڊ آهن _ جتي ننڍا وڏا جهاز ٺهن ۽ مرمت ٿين ٿا. موڪل واري ڏينهن تي به جهاز ۾ خرابي ٿئي ته وقت ضايع ڪرڻ بنا ڪم ضرور ڪري ڏيندا، نه ته دنيا ۾ ڪيترا ملڪ آهن جن ۾ سنگاپور جي شپ يارڊن کان وڏا ۽ پراڻا شپ يارڊ آهن، پر الله نه ڪري جي اتي جهاز خراب ٿي پوي پهرين ته وارو نه ملندو پر جي وارو ملي به ويو ته هڪ ڏينهن جي ڪم کي انگهائي ٽي ڏينهن ڪندا ۽ پوءِ اڌو اڌ چانس هوندو ته سمنڊ تي هلي ويلڊ ٿيل پليٽ وري ٽڙڪي نه پوي يا مرمت ڪيل بيرنگ وري نه گرم ٿي پوي يا وائنڊنگ ڪيل موٽر وري نه سڙي پوي.پر سنگاپور جي حڪومت ۽ ماڻهن ملڪ ۾ ايندڙ جهازين ۽ ٽوئرسٽن کي ڌيان ۾ رکي، ۽ ٻين بندرگاهن جي ڪمزورين مان سبق ۽ فائدو حاصل ڪري پاڻ کي ايڏو ماڊرن ڪري ڇڏيو آهي جو پاڻ به پئسو ڪمائي سکيا ستابا پيا ٿين ته ايندڙ ويندڙ جهازي ۽ ٽوئرسٽ به منجهائن خوش آهن. مثال طور؛ جهاز سان واسطو رکندڙ هرهڪ ماڻهو _ مالڪ کان وٺي جهاز جي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر تائين اهو چاهيندو ته سندس جهاز جي مرمت سنگاپور ۾ ٿئي، جهاز جو سيدو سامان ۽ تيل پاڻي سنگاپور ۾ ورتو وڃي ان ڪري ڪڏهن ٻئي ملڪ وٽان لنگهندي جهاز کي ڪو مسئلو درپيش ايندو ته، جهازران ڪمپنيءَ جي هيڊ آفيس وارا يڪدم ٽيليڪس ذريعي جهاز وارن کان اهو پڇندا ته اڳيان سنگاپور تائين ڏکيو سکيو پهچي سگهيو ته اتان وڃي مرمت ڪرايو ۽ تيل پاڻي به اتان ئي کڻو.
    جهاز کان علاوه جهازين ۽ ٻين مسافرن لاءِ به سنگاپور ۾ مزو آهي جو سنگاپور ۾ هرهڪ جي پسند جي هرهڪ شيءِ ملي ٿي ۽ گهٽ ڊيوٽيءَ ڪري چڱي سستي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته گهڻي کپت ڪري دڪاندار ساڳيو فائدو بلڪه وڌيڪ حاصل ڪيو وڃي.پر خريدار لاءِ مزو ٿيو جو هن کي سنگاپور ۾ هرشيءِ سستي پوي ٿي.
    ڪوخريداريءَ ۾ دلچسپي نٿو رکي ته هن جي وندر لاءِ سنگاپور ۾ ٻيون ڪيتريون ئي شيون آهن. مندر مسجدن کان وٺي لئبرريون، جماعت خانا (ڪميونٽي سينٽر) آهن. شراب خانا، بار ۽ پبن کان وٺي مساج گهر، ناچ گاني جا گهر ۽ ٻيا عياشيءَ جا اڏا آهن. وڏن وڏن اميرن، شهزادن ۽ عرب پتي عربن جي سڪون ۽ خاموشيءَ ۾ ننڊون ڪرڻ لاءِ شهر جي گوڙ گمسان اندر ماٺيڻيون هوٽلون آهن. جن جي ڪمري جي روزانا مسواڙ هزارين روپيا آهي _ جيئن ته ڊائنسٽي هوٽل، مينگ ڪورٽ هوٽل، فونيڪس، رئفلس، حايات ريجنسي، پينشولا هوٽل وغيره.
    ان کان علاوه هتي جي حڪومت ٻارن توڙي وڏن لاءِ صحتمند وندر ۽ سٺو وقت گذارڻ لاءِ چڙيا گهر، پکين جا پارڪ، مانگرمڇن جا تالاب ۽ ڪيبل ڪار جهڙيون شيون اهڙي ته سهڻي نموني سان ٺاهي ڇڏيون آهن، جو سنگاپور ۾ جنهن کي به وقت ملي ٿو، اهو اوڏانهن ڀڄي ٿو. انهن مان ڪجهه شيون هتي مختصر طور بيان ڪرڻ بي مقصد نه ٿيندو، جيئن هيڏانهن ايندڙ يا نه ايندڙ کي ٿوري ڄاڻ رهي.
    هونءَ ته سنگاپور جو سڄو ٻيٽ هالا يا ميهڙ تعلقي جيترو مس ٿيندو ۽ سڄو ٻيٽ هڪ ئي شهر سنگاپور آهي. پر حڪومت سنگاپور جي شهر /ٻيٽ جي مختلف هنڌن کي سڃاڻڻ جي خيال کان کيس ننڍن ننڍن حصن ۾ ورهايو آهي ۽ هر حصي ۾ چڱاخاصا شاپنگ سينٽر، ماڻهن جي رهائش لاءِ تمام گهڻا ”گهڻ ماڙ “ فليٽ، ڪميو نٽي سينٽر، اسڪول، اسپتالون، راندين جا ميدان ۽ پارڪ ٺهرائي ڇڏيا آهن. جيئن هر هڪ جون گهرجون پنهنجي ئي رهائش واري حصي ۾ پوريون ٿي سگهن. اهڙيءَ طرح ملڪ جي آدم شماري سڄي ملڪ ۾ ٽڙيل پکڙيل رهي ۽ سڀ هڪ هنڌ رئفلس اسڪوائر، ڪلفرڊ پيئر، واري علائقي ۾ ڳهت ٿي نه رهي. مثال طور؛ ڪراچيءَ ۾ ڪورٽن کان وٺي بئنڪن، انشورنس ڪمپنين ۽ پوليس جي هيڊ آفيس، ميونسپالٽي، بندرگاهه، جنرل پوسٽ آفيس، وڏاڪاليج، جنرل ٽيليفونون، ۽ تار گهر وغيره هڪ ئي هنڌ هجڻ ڪري، ڪراچيءَ جي سڄي شهر جو لوڊ فقط بندرگاهه ميڪلو روڊ وارن حصن تي آهي.


    سنگاپور جا مختلف علائقا

    هاڻ مڙيئي جيڪي نوان علائقا، گلشن اقبال، نارٿ ناظم آباد، ڊفينس سوسائٽي ٿيا آهن، انهن ۾ ڪجهه ڪجهه سهولتون ۽ رهندڙ جي گهرج مطابق ڪجهه شيون ٺاهيون ويون آهن. سو هتي سنگاپور کي مختلف حصن ۾ ورهائي هر حصي ۾ نئين ڪالوني ۽ ان جي ضرورت پٽاندر شيون ٺاهيون ويون آهن. سنگاپور جي سرڪار اهي نوان علائقا يا بستيون ڪجهه اهڙي اسٽائل ۾ ٺهرايون آهن، جيئن ڪراچيءَ جي شهر ۾ آغاخان (اسماعيلين) جا فليٽس؛ ڪريم آباد، نظاري، حسين آباد وغيره ۾ آهن. اهي هميشه شهر کان پري جتي اڃا آبادي نه هجي اڏاوت ڪري رهڻ شروع ڪندا آهن. پهرين ڪراچي جڏهن ناظم آباد ۽ لالو کيت تائين هئي ان وقت اڄ جو نارٿ ناظم آباد ۽ ڪريم آباد وارو علائقو ويران هو. آغاخانين اتي پٽ وٺي پنهنجن ماڻهن لاءِ ڪئين فليٽن واريون عمارتون ۽ دڪان ٺهرائي رهڻ شروع ڪيو، هڪ جماعت خانو، اسپتال ۽ ڪميونٽي سينٽر پڻ، نتيجي ۾ اهي هنڌ هڪدم آباد ٿي ويا ۽ پوءِ انهن کي ڏسي ان علائقي ۾ ٻيا ماڻهو به رهڻ لڳا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪراچي شهر اندر اهي علائقا هاڻ ننڍا شهر ٿي ويا آهن ۽ ڪراچي جيڪا شروع ۾ فقط ڪياماڙي، چاڪيواڙه، کارادر، ميٺادر، ۽ بولٽن مارڪيٽ هئي، سا هاڻ وڃي سپر هاءِ وي سان لڳي آهي _ يعني وڃي ٿي حيدرآباد جي ويجهو ٿيندي. اهڙي طرح اصل سنگاپور شهر فقط ڏکڻ وارو سمنڊ جو پاسو آهي جنهن ۾ آرچرڊ روڊ کان وٺي هاءِ اسٽريٽ، رئفلس اسڪائر، سُرنگون روڊ جو ڪجهه ڏاکڻو حصو، شينٽن وي ڪلفرڊپيئر وغيره اچن ٿا. باقي ٻيٽ جو اتراهون حصو جيڪو اڳيان وڃي ملائيشيا جي سرزمين پُل (Cause _ Way) ذريعي ملي ٿو سو جهنگل، ٽڪرين ۽ دلدل سان ڀريل هو. هاڻ ويجهڙائيءَ وارن سالن ۾ حڪومت هن ٻيٽ جي هڪ هڪ ٽڪر کي صحيح ڪرائي ان تي پنهنجي (سرڪاري) خرچ سان هزارين فليٽ ٺهرائي هر بي گهر سنگاپوريءَ کي تمام گهٽ قسطين تي رهائش لاءِ آڇ ڪئي آهي. اها قسط ڄڻ مسواڙ وانگر ٿي ۽ فليٽ جي قيمت جيترا پئسا پورا ٿيڻ تي اهو فليٽ ان حوالي. فليٽن جي هيٺ يا ڀر ۾ دڪان، اسڪول، اسپتالون، ڪميونٽي سينٽر، وغيره پڻ سرڪار ٺهرائي ڇڏيا آهن جيئن اتي جا رهاڪو ضروري ۽ روزمره جي گهرجن لاءِ پري وڃڻ بدران اتي ئي پوريون ڪري وٺن. ساڳي وقت پراڻي شهر _ يا کڻي چئجي ته شروعاتي شهر واري حصي سان ڳنڍڻ لاءِ رستن جوپڻ ڄار وڇائي ڇڏيو آهي جيئن ڪنهن کي اصلي شهر واري حصي ۾ وڃڻو به پوي ته وقت ضايع نه ٿئي، جو سنگاپورين جو اهو Moto آهي ته وقت پئسو آهي، سو پئسي وانگر وقت کي هر گز اجايو نه وڃائجي.
    سنگاپورجي حڪومت پنهنجن ماڻهن لاءِ جتي ٻيون سهولتون مهيا ڪيون آهن، اتي هر علائقي جي ماڻهن جي مذهب ۽ زبان جو پڻ خيال رکيو آهي ايتري قدر جوهر علائقي ۾ جتي مسلمان گهڻا آهن، اتي خوبصورت مسجد ٺهرائي وئي آهي. ۽ جتي چيني يا هندو گهڻا آهن ته اتي انهن جو عبادت گهر _ مندر، پگوڊا وغيره ٺهرائي ڏنو آهي. نتيجي ۾ اهي نيون اڀريل بستيون ايتريون ئي ماڊرن ۽ سهولت واريون آهن جيترو شهر جو پهريون / اصلوڪو علائقو آهي.
    بهرحال انگ موکيو، ووڊلئنڊس، تمپين، جورونگ ٽائون، بڪت بانوڪ، ٽوئا پايوه، تي سون وغيره سنگاپور جون نيو بستيون /علائقا /ڪالونيون /شهر Town آهن _ جتي هاڻ هر ڪو سهولت آهر شاپنگ ڪرڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ وڃي ٿو. ووڊلئنڊس وارو حصو بلڪل ملائشيا جي ڀر وارو آهي جتي بيهي ملائيشيا جي سرزمين ۽ آخري شهر جوهورباروءَ جون ڊگهيون عمارتون ڏسي سگهجن ٿيون. اتي (ووڊلئنڊس ۾ ) ملائيشيا جا ماڻهو به اچن ٿا. هوائي جهاز رستي سنگاپور ۾ آيل مسافر گهڻو ڪري آرچرڊ روڊ، هاءِ اسٽريٽ، پيپلس پارڪ وارن پاسن ۾ شاپنگ ڪن ٿا. انڊيا، پاڪستان، يايورپ پاسي کان آيل پاڻيءَ جاجهاز ويسٽ ڪوسٽ پاسي بيهڻ ڪري جورونگ وارو حصو کين ويجهو پوي ٿو ۽ جپان، چين، ڪوريا کان ايندڙ پاڻيءَ جا جهاز گهڻو ڪري سنگاپور ۾ ايسٽ ڪوسٽ پاسي لنگر انداز ٿين ۽ انهن کي چانگي ٽائون ۽ ڪيبل وارو علائقو ويجهو ٿئي.
    اڄ کان ڏهه ٻارهن سال کن اڳ چانگي هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو ۽ هاڻ نه فقط چانگيءَ ۾ پر سنگاپور جي هر علائقي ۾ جديد پڻو نظر اچي ٿو. سنگاپور ۾ پهرين ٽرئفڪ جام ٿيڻ جو وڏو مسئلو رهندو هو، ٻيٽ جي اوڀر پاسي کان اولهه ڏي ايندي ويندي وچ شهر /اصلوڪي شهر مان لنگهڻو پوندو هو، جتي ٽرئفڪ جي ڪري وقت ٿي لڳو. ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سنگاپور وارن گهڻن ئي ملڪن جا عالم انجنيئر گهرايا. آخر جپانين صلاح ڏني ته سمنڊ جو ڪجهه حصو مٽيءَ سان ڀري ان مٿان سپر هاءِ وي (ايڪسپريس وي) ٺاهيا وڃن. جيئن ٽرئفڪ شهر بدران تيز رفتاريءَ سان سمنڊ مٿان ٺهيل رستي تان هلي وڃي. لکت ۾ ته اهو آسان هو پر سمنڊ کي ڪيئن ڀرجي. ان لاءِ ڀرپاسي ۾ هڪ ٻه جبل هئا جن کي ڊاهي ان جي مٽيءَ سان سمنڊ کي ڀرڻو هو، پر سمنڊ کان پري هجڻ ڪري اهو ڪم ٽرڪن ذريعي ته سالن جا سال کائي ها. ان ڪري سمنڊ ڀرڻ جي اها ترڪيب سوچي وئي ته مٽيءَ کي ٽرڪن بدران رٻڙ جي ڊگهن بيلٽن ذريعي جبل کان سمنڊ تائين آڻجي. اهو جيتوڻيڪ وڏو پروجيڪٽ هو، پر حڪومت ڏٺو ته ان مان فائدو ئي فائدو آهي سو ڪروڙها ڊالرن جي خرچ سان اهو ڪم جپانين کان مڪمل ڪرايو ويو. جتي جبل هئا اتي هاڻ لسو پٽ ڪري رهائش لاءِ وڌيڪ نوان علائقا ٺاهيا ويا آهن. ووڊلئنڊس جهڙن علائقن ۾ ته گهاٽو جهنگل هو جنهن کي ڪٽرائي کيس ماڊرن شهر جو روپ ڏنو ويو آهي. ڪن ڪن هنڌن تي سمنڊ اندر تائين آيو ٿي. اهڙن هنڌن کي ٻاهران بند ڪرائي خوبصورت ڍنڍون ٺاهيون ويون آهن جن ۾ اڄ ڪلهه مينهن جو مٺو پاڻي گڏ ٿئي ٿو.


    سنگاپور ۾ پکين جو پارڪ

    سنگاپور۾ ٻارن ۽ وڏن لاءِ ڪجهه ڏسڻ جون جايون هن ريت آهن؛ جورانگ برڊپارڪ (Jurong Bird Park ) ؛ پڃرن ۾ بند ٿيل مختلف قسمن جا جانور ۽ پکي ته هر هڪ ملڪ جي چڙيا گهر ۾ جام آهن. پر سنگاپور جي جورانگ برڊپارڪ ۾ فقط پکي ئي پکي آهن. ڪي پڃرن ۾ بند ته ڪي آزاد، دنيا جي چند سهڻن پارڪن مان هڪ، هي پارڪ، جورانگ ۾ احمد ابراهيم روڊ تي آهي. جورانگ سنگاپور ٻيٽ جو الهندو حصو آهي. آرچرڊ روڊ کان پارڪ تائين ٽئڪسي ڇهه ست ڊالر کن وٺي ٿي. پارڪ ۾ پکين جو تعداد ٽي هزار کن چيو وڃي ٿو جيڪي چار سؤ کن مختلف نمونن جا آهن. پارڪ جي پکيڙ ويهه کن هيڪٽر ٿيندي. پارڪ جوپٽ سڌو هجڻ بدران جبل ۽ ماٿرين وارو آهي ۽ نهايت خوبصو رت وڻن، ڇٻرن ۽ گلڪارين سان جهنجهيو پيو آهي. منجهس ڪي پکي وڏن پڃرن ۾ آهن ته ڪي ذاتيرا طوطن جهڙا ڳرا ۽ گهٽ اڏام وارا ائين ئي وڻن جي ٽارين تي ڇڏيا ويا آهن. پينگوئن جهڙن ڪيترن ئي ناياب پکين کي هن پارڪ ۾ ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو نه ته اهڙا پکي فقط ”نئشنل جاگرافڪ“ رسالي جي صفحن تي ڏسي سگهجن ٿا يا خواب ۾ . اهڙا رنگين وڏاطوطا _ چهچ ڳاڙهي، اڇي، ڪارسري، رنن جا يا وري قسمين قسمين جيئرا جاڳندا عقاب، باز ۽ ٻيا پهاڙي پکي گهٽ ۾ گهٽ ڪڏهن آسمان ۾ يا باغن ۾ اڏامندي مون ته نه ڏٺا آهن. (ڪنهن اهڙي پکيءَ مونکي واٽ ويندي ڏٺو هجي ته اها ٻي ڳالهه آهي.) هي پارڪ ٻارن لاءِ نهايت ئي دلچسپ آهي ۽ ڪو ٻارن سان گڏ سنگاپور اچي ته ان کي هي پارڪ ضرور ڏسڻ کپي، پوءِ جي سندس دل پکي ڏسڻ تي نه چوي ته ڀلي نه ڏسي ۽ ٻارن ٻچن کي ڇڏي ڏئي ته اڏامندڙ پکي پيا ڏسن.پاڻ اسڪرٽن ۽ گوڏين ۾ چيني ۽ ملئي ڇوڪريون ويٺو ڏسي. هونءَ باٽني ۽ زولاجي جي شاگردن کي هن پارڪ جا جهونا ۽ ناياب وڻ ٻوٽا پڻ پسند ايندا.پارڪ ۾ هڪ اهم شيءَ اها به آهي جو هن ۾ رات وارا پکي پڻ آهن. يعني اهي پکي جيڪي ڏينهن جو ته ڊٺل جاين، اونداهين چرن ۽ پراڻن وڻن جي ڏارن ۾ لڪي ننڊون ڪن ٿا، پر سج لٿي کان پوءِ اوندهه ٿيڻ تي سندن چرپر شروع ٿئي ٿي.
    مثال طور؛ چٻرا، چڪور، چمڙا وغيره. انهن پکين جاڪيترائي نمونا هلڪي ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ پڃرن ۾ رکيا ويا آهن ۽ ڏسندڙن واري پاسي انهن پڃرن اڳيان ٿلهو شيشو ڏنل آهي. جيئن ڳالهائڻ جوآواز به هنن تائين نه پهچي. هنن پکين جو ڦوٽو ڪڍڻ تي بندش آهي ڇو جو ڪئمرا جي فليش تي هو ڊسٽرپ ٿي سگهن ٿا. سج لٿي کان پوءِ جيئن ئي پارڪ بند ٿئي ٿو ته انهن پکين جي پڃرن جو بتيون ٻاري ڏينهن ڪري ڇڏين ٿا.جيئن جو پڃرن ۾ اڏا مڻ بدران هڪ هنڌ ڪنڊ پاسي ۾ سُمهي رهن.
    پارڪ کي بين الاقوامي ٽچ ڏيڻ لاءِ (Asean) ملڪن جي پکين کان علاوه ٻين ملڪن جا پکي پڻ رکيا ويا آهن. جيئن ته اڇي ڪلنگيءَ وارو کلڻو پکي، آسٽريلين EMU، تائيوان جو مئگپائي پکي، پيڪنگي (چيني) ابابيل، برازيلي رابن، جپاني بنتام، نيو گني جا مختلف ڪاسووري پکي، ملئي عقاب ۽ چٻرا ۽ ڏکڻ جا پنگئن پکي، وغيره وغيره. هڪ هنڌ ڳيرا به چڳي رهيا هئا، جن کي پاڻ بختيارپور يا بوبڪن جا ڳيرا چئي سگهون ٿا.
    مون هي پارڪ گهڻو اڳ ڏٺو هو جڏهن هڪ دفعي مرمت لاءِ جهاز کي سنگاپور آندو ويو هو. تڏهن هن پارڪ جي شايد ٽڪيٽ نه هئي، پر هاڻ ٻڌجي پيو ته وڏي ماڻهوءَ جي ٽڪيٽ ساڍا ٽي ڊالر ۽ ننڍي ٻار جي ڏيڍ ڊالر کن رکن ويئي آهي. فوٽوءَ لاءِ ڪئميرا کڻي وڃڻ جي ڊالر يا اڌ کن ٻي آهي.


    سنگاپوري طوطا سڪرات ۾ هئا

    ڪئميرا تان ياد آيو ته هن پارڪ جو هڪ هنڌ سڄو ڄاريءَ سان ڍڪي هڪ وڏو پڃرو Walk in Aviary ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ ڪئين سوين وڻ پڻ اچي وڃن ٿا ۽ ماڻهن جي هلڻ لاءِ رستا ۽ پليون پڻ ٺاهيون ويون آهن. ڄاري ٻه سؤ کن فوٽ مٿي لڳل آهي انڪري پکي آزاديءَ سان هن وڏي پڃر ي منجهه اڏامي وڻن تي ويهن، بيضا لاهين ۽ ٻچا ڪن. هڪ وڏو هٿرادو هٿرادو آبشار، پاڻيءَ جو واٽر ڪورس ۽ ڍنڍ پڻ ان پڃري اندر ٺاهي ويئي آهي جيئن پاڻيءَ جا پکي پڻ آزادي سان ان محدود ٽڪري ۾ هلي چلي سگهن. چوڌاري وڏو گاهه ۽ گهاٽا ٻوٽا ۽ ٻوڙا پڻ آهن، جن ۾ تترن جهڙا پکي پنهنجائي محسوس ڪري سگهن. هن وڏي پڃري Walk in Aviary ۾ پکين جو ايڏو ته وڏو تعداد آهي (رڳو مور ڊيلون ئي سؤ کن آهن) جوجتان لنگهه رستي جي ڪپرن تي، وڻن تي، گاهن مٿان هڪ ئي وقت ڪيترن ئي قسمن جا پکي لاتيون لوندي نظر ايندا. سندن کاڌو خوراڪ ماڻهن جي لنگهڻ واري رستي ڀرسان ئي رکن ٿا، سو لنگهندڙ انهن پکين کي بلڪل ويجهڙائيءَ کان ڏسي سگهن ٿا. پکي به هري ويا آهن ۽ ماڻهن کي ڏسي اڏامن نٿا. سو اتي ان پکين جي پڃري Aviary ۾ ڏٺم ته هڪ آمريڪن ڪئميرا تي وڏا وڏا لينس هڻي هڪ ڊگهي اسٽينڊ تي ڪئميرا بيهاري تمام سنجيدگي ۽ غور سان هڪ هڪ پکيءَ جو فوٽو ڪڍي رهيو هو. مون کي اوچتو ڌيان اچي ويو ته نه ڄاڻ هي ڪنهن رسالي جو فوٽو گرافر نه هجي. نيٺ هڪ هنڌ پارڪ جي هوٽل ۾ چانهه تي گڏ ويهڻ وقت پڇيومانس ته کلي هائوڪار ڪيائين ۽ ان آمريڪن رسالي جو نالو ٻڌائي چيائين ته هن کي ان رسالي وارن نيويارڪ کان هيڏانهن خاص ڪري ان لاءِ موڪليو آهي ته وڃي ملائيشيا، برما، انڊونيشيا ۽ پاپئانيوگني جي جهنگلن ۾ اتي جي پکين جا فوٽو ڪڍي اچي. سو اتي جي جهنگلن ۾ ڀٽڪڻ بدران هن اتي جي پکين جو هتي فوٽو ڪڍڻ جو هي آسان طريقو ڪڍيو آهي. ”باقي ڏينهن آئون هتي هوٽل ۾ آرام ڪندس. رسالي جي ايڊيٽر يا پڙهندڙن کي ڪهڙي خبر ته هي فوٽا پڃرن ۾ رهندڙ پکين جا آهن يا برما جي جهنگلن جا.“ هن ٻڌايو.
    پکين جو هي پارڪ ايڏو وڏو آهي جو جيڪو صبح جو جاگنگ نه ڪري آيو هجي، اهوئي ويٺو کڙيون هڻي. سڄي پارڪ کي ڏسڻ لاءِ پارڪ طرفان ٽرام ڪارون پڻ هلن _ جن کي ٽريڪٽر ڇڪين. اهي ”ٽرام ڪارون“ ڊالر جي ٽڪيٽ تي سڄي پارڪ جو سير ڪرائين.
    روزانو پارڪ ۾ شام جو ٽي بجي ڌاري پکين جو شو _ کليل تماشو مفت ڏيکارين، جنهن ۾ ڳرا ڳرا پکي هارن بل Horn _ Bill جهڙا ۽ ڳاڙهن اڇن پوڙهن طوطن جهڙا ”ائڪٽر پکي“ ڪرتب ڪري ڏيکارين. مثال طور طوطن ۾ ڪو باسڪٽ بال کيڏي، ڪو توب هلائي، ڪو سائيڪل جي سواري ڪري، ڪو جهنڊو چاڙهي، ڪو راڪٽ ذريعي چنڊ تي مٿي وڃي واپس ڌوپ ڇٽيءَ ذريعي موٽي، ڪو ڪيبل ڪار ۾ چڙهي ڏيکاري. ٿي سگهي ٿو ته اڄڪلهه اڃا به گهڻا ۽ نوان نوان ڪرتب ڏيکاريندا هجن جو ٻه چار سال اڳ جڏهن مون اهو شو ڏٺو هو ته ڪرتب ڪندڙ طوطن مان ٻه چار ذري گهٽ سڪرات جي ويجهو هئا ۽ ايڏو وزني ۽ پوڙها ٿي چڪا هئا، جو کائن هنن کان اڏامڻ ته ڪونه ٿي پڳو پر هلڻ کان به هلاڪ هئا.
    ڪرتب ڏيکاريندڙ همراهه جي پهرين سڏ تي مجال آهي ڪو طوطو پڃري يا ڇڪي مان لهي اچي. پوءِ ٻئي يا ٽئي سڏ تي ”جاني“ (نر طوطي جو نالو) ۽”ملاڪا“ (مادي طوطيءَ جو نالو) هڪ پراڻو رکيل ٿڙ جي ٻر مان نڪري پهرين ٽپ ڏيئي ٽيبل تي ٿي لٿا. پوءِ ڪرتب ڪندڙ همراهه وٽ پهچڻ لاءِ اڏامڻ بدران ٻرانگون ڀري ”واڪ“ ڪري ٿي ويا. سو ظاهر آهي ٽي چار سال اڳ جا اهي پوڙها جاني ۽ ملاڪائون ته هينئر تائين مرحوم ۽ مرحياتون ٿي چڪيون هونديون.
    هي پارڪ صبح جو نائين کان ڇهين تائين کليل رهي ٿي ۽ سنگاپور جي بس نمبر 250 شهر کان پارڪ تائين وڃي ٿي.


    سنگاپور ۾ ڪيبل ڪار جو ڪِرڻ

    ڪيبل ڪار منهنجي خيال ۾ اهڙي تفريح آهي، جنهن ۾ نه فقط ايشيائي ملڪن جا پر يورپ، آمريڪا، آسٽريليا جا ٽوئرسٽ پڻ چڙهن ٿا. ڇو ته گذريل سال انهن ڪيبل ڪارن جو رسو (Cable) ٽٽڻ ڪري، ڪيبل ڪار جا جيڪي مسافر مري ويا هئا، تن ۾ اڌ کان وڌيڪ آمريڪن ۽ آسٽريلين هئا.
    ڪيبل ڪار هڪ ننڍڙي ڏولي ڇهه کن ماڻهن جي ويهڻ جيتري ٿئي ٿي، جيڪا تمام مٿي بلنديءَ تي ڇڪيل لوهي رسي تي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين گهرڪي هلي. جن ملڪن ۾ جبل ٿين ٿا اتي هڪ جبل جي چوٽيءَ کان ٻئي جبل جي چوٽيءَ تائين اهي ڪيبل ڪارون هلن. جيئن جپان ۽ سئٽزرلئنڊ پاسي. پاڻ وٽ اسلام آباد ايوبيه ۾ آهي. هتي سنگاپور ۾ ڪيبل ڪار سنگاپور جي وڏي ٻيٽ کان مسافرکڻي سمنڊ ٽپائي ٻئي پاسي سينتو سا نالي هڪ ننڍڙي ٻيٽ تي وڃي لاهي ٿي. سنگارپور پاسي هيءَ ڪيبل ڪار مائونٽ فيبر _ فيبر جبل تان شروع ٿئي ٿي _ جيڪا سندس پهرين اسٽيشن سڏجي ٿي. اها فيبر روڊ تي آهي. شهر کان ڏهه پندرهن منٽن جو مفاصلو آهي ۽ ٽئڪسي جو ڀاڙو پنج ڇهه ڊالر ٿئي ٿو. هونءَ شهر کان ڪيتريون ئي بسون پڻ وڃن ٿيون. جيئن ته ڏهون، ويهون، ٽيهون، ايڪٽيهون ۽ هڪ سؤ پنجويهون نمبر بس. فيبر جبل جي چوٽيءَ تي فقط بيهي سڄي سنگاپور ٻيٽ ۽ ڀر پاسي سمنڊ جو نظارو ڪرڻ ئي هڪ دل لڀائيندڙ شيءِ آهي. پر ڪيبل ڪار ۾ ويهي سنتوسا ٻيٽ تائين وڃڻ ۾ اوسي پاسي جو ٻين ننڍڙن ٻيٽن ۽ چوڌاري سمنڊ جو نظارو غور سان ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. هونءَ ته سنگاپور پاڻ به هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي. پر سندس اوسي پاسي ان کان به ننڍا ننڍا _ ڪي ته کٽ جيڏا به، چوونجاهه ٻيٽارا آهن. ان کان علاوه ڪيبل هڪ اهڙي هنڌان به لنگهي ٿي، جنهن هيٺان سمنڊ جو اونهو چئنل آهي ۽ پاڻيءَ جا وڏا جهاز سنگاپور ڏي ايندا ويندا نظر اچن ٿا. ڪيبل ڪار وارو رسو جهازن جي کوهن کان گهڻو مٿي ڇڪيل آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن جهاز جا کوها وڏا آهن ته ان کي هن پاسي کان لنگهڻ جي اجازت نه آهي. پر گذريل سال هڪ دردناڪ حادثو ٿيو.مرمت لاءِ هڪ جهاز (Antiwetok نالي) جنهن جا پنهنجا کوها (Masts) هتان لنگهڻ وقت اتاهان نه هئا، سو ڪيبل ڪار جي رسن هيٺان 1981ع ۾ لنگهي سنگاپور جي ڪيبل شپ يارڊ ۾ ويو. مرمت کان علاوه پروگرام موجب هن جهاز ۾ ڪيتريون ئي وڏيون رتوبدليون Conversion پڻ ٿيون، جيئن ئي هو ٻئي ڪارگو کان علاوه ڊرلنگ مشينون (سمنڊ تي تيل کوٽڻ جا اوزار ۽Rigs) پڻ کڻي سگهي بهرحال اهو ڪم ائين هو جيئن گهر جو ڪجهه حصو ڊاهي، ڀتيون ۽ ڇتيون مضبوط ڪري ماڙ اڏائجي. اهو ڪم ٻه سال کن هلندو رهيو ان بعد جڏهن جهاز شپ يارڊ (ورڪشاپ) مان نڪتو ته هڪ ته ان جي اوچائي ٿوري وڌيل هئي، جيڪا لهندڙ وير (Ebb) ۾ ڪيبل ڪار جي رسن کي بلڪل نه ڇُهي سگهي ها، پر جهاز جنهن وقت لنگهي رهيو هو ان وقت High _ Tide وڏي وير چڙهيل هئي جنهن ڪري جهاز ڪجهه مٿڀرو ٿي ويو ۽ سندس کوها ڪيبل ڪار جي رسيءَ ۾ وچڙي پيا، جهاز جيئن جيئن اڳيان رڙهندو ويو تيئن تيئن رسو ڇڪبو ويو ۽ آخر گهڻو سيٽجڻ ڪري وڍجي پيو ۽ ست کن ڪيبل ڪارون جيڪي ان وقت هلي رهيون هيون هيٺ ڪري پيون. ڪي سمنڊ ۾ ڪريون ته ڪي سنگاپور جي رستن ۽ گهاٽن وڻن ۾ ٽڙي پکڙي ويون. جيتوڻيڪ مدد لاءِ هڪدم فائربرگيڊ، هيليڪاپٽر، ۽ اسپيڊ لانچون پهچي ويون، پر ان هوندي به ست ماڻهون اڦٽ مري ويا ۽ تيرهن سخت زخمي ٿي پيا. هڪ ننڍو ٻار جيتوڻيڪ سمنڊ ۾ اچي ڪريو پر هيليڪاپٽر ذريعي ان کي ٻڏڻ کان بچايو ويو.


    ڪيبل ڪار جي تواريخ

    جهاز جي ان غلطيءَ ۾ ڪنهن جو ڏوهه ٿي سگهي ٿو، ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. هڪ ماڻهوءَ يا اداري جو به ڏوهه چئي سگهجي ٿو، ته گهڻن جو به مثال طور مٿان کان وٺي ڏسجي ته پهرين ڳالهه ڪيبل ڪار جا رسا اتان لنگهائڻ ئي نه گهربا هئا. جڏهن جهاز هيٺيان لنگهن ٿا. پر ساڳئي وقت ان اداري جو به ڏوهه نه ٿو چئي سگهجي، جو آخرڪار اها ڪيبل گذريل ڏهن سالن کان پئي هلي ۽ هيٺان لنگهندڙ جهاز به خيال سان هليا پئي. ته پوءِ ڏوهه ان جهاز جي ڪئپٽن جو چئي سگهجي ٿو، جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي جهاز جي عضون جي ته چڱيءَ ريت پروڙ هجڻ گهرجي ته ڪهڙو ننڍو ٿي ويو آهي ۽ ڪهڙو وڏو! ساڳئي وقت پائليٽ جو ڏوهه به چئي سگهجي ٿو جيڪو ان وقت جهاز کي شپ يارڊ (ورڪشاپ) کان ٻاهر ڪڍي رهيو هو. قاعدي موجب پرائي جهاز کي هلائڻ کان اڳ پائليٽ کي ان جهاز جي ڊيگهه، ويڪر، اونهائي، بلندي، تور ۽ انجڻ جي رفتار وغيره پڇڻ کپي ۽ پوءِ جهاز ٽپائڻ لاءِ هائوڪار ڪرڻ کپي. بندرگاهه وارن جو به ڏوهه چئي سگهجي ٿو، جنهن اهڙي جهاز کي وڏيءَ وير ۾ لنگهڻ کان منع نه ڪئي، جهاز کي ڇڪڻ وارن ٽگ _ بوٽ Tig _ Boats جو به ڏوهه چئي سگهجي ٿو. وغيره وغيره
    بهرحال ان بعد سنگاپور وارن آئيندي جي حفاظت لاءِ جهازين توڙي بندرگاهه وارن لاءِ قاعدا قانون سخت ڪري ڇڏيا آهن. ۽ هاڻ پائليٽ اڃا به وڌيڪ پڙهيل لکيل ۽ قابل کڻڻ لڳاآهن، جن جو دنيا جي مختلف سمنڊن تي ڪئپٽن جي عهدي تي جهاز هلائڻ جو گهڻو تجربو هجي. ان مان اسان جي هڪ ڪليگ ڪئپٽن هرداس کي فائدو ٿيو جو سنگاپور بندرگاهه جي چونڊ ۾ هو به کڄي ويو ۽ ملائيشيا مان اسان وٽان نوڪري ڇڏي ڏنائين، اڄڪلهه هو سنگاپور ۾ رهي ٿو جتي رهڻ جو اسان مان ڪنهن کي شوق هجي يانه پر هن کي ۽ سندس زال کي تمام گهڻو هو. سنگاپور ۾ ڪيبل ڪار سسٽم جو ڪم سئٽزرلئنڊ جي هڪ انجنيئر مسٽر وان رال (Von _ Roll) جي سپردگيءَ ۾ سنگاپور جي حڪومت 1973ع ۾ شروع ڪرايو ۽ پندرهين فيبروري 1974ع کان ڪيبل ڪارون هلڻ شروع ٿيون، هي رسو سنگاپور ٻيٽ کان سينتوسا ٻيٽ تائين اٽڪل ٻه ڪلو ميٽر ٿيندو. جنهن تي اٽڪل چاليهه کن ڪيبل ڪارون اچن وڃن ٿيون. سندن رفتار ٽي ميٽر في سيڪنڊ آهي. ۽ ايندڙ ويندڙ رسيون (Cables) هڪ ٻئي کان ساڍا پنج ميٽر پري آهن. ڪيبل ڪارون (ڏوليون) اليڪٽرڪ ذريعي ڇڪجن ٿيون ۽ هر هڪ ڪار ساڍا چارسؤ ڪلو وزن کڻي سگهي ٿي _ يعني ڇهن ماڻهن کان علاوه منجهس هڪ ٻه ٻار به ويهي سگهن ٿا. هونءَ ان حفاظت جو پهلو (Factor) تمام وڏو رکيو ويوآهي. ان ڪري هڪ ته انهن جي رفتار مقرر حد کان نه ٿي وڌي، نه پاڻهي رسا ٽٽي سگهن ٿا ۽ نه ئي وري ڪو ڏولي اڌ رستي تي ٽنگجي بيهي سگهي ٿي.


    سينتوسا ٻيٽ گهمڻ

    سينتوسا ٻيٽ ۽ سنگاپور جي وچ ۾ اڌ ڪلو ميٽر کن جو سامونڊي مفاصلو آهي ۽ فيري، ٻيڙي، لانچ ۽ ڪيبل ڪار ذريعي اتي ويهي وڃي سگهجي ٿو. سينتو ملئي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”سڪون“ يعني آرام ۽ سڪون جو ٻيٽ. هونءَ ته هن ٻه ميل کن ڊگهي ۽ ميل کن ويڪري ٻيٽ جي ڪا به اهميت نه هئڻ کپي _ خاص ڪري هن علائقي ۾ جتي ميلن تائين ان کان به ننڍا وڏا هزارين ٻيٽ انڊونيشيا، ملائيشيا، ۽ فلپائين تائين پکڙيا پيا آهن. پر سنگاپور وارن گهمڻ لاءِ آيل ٽوئرسٽن ۽سياحن جي وندر لاءِ هن ٻيٽ تي پڻ ڪجهه شيون ٺاهي ڇڏيون آهن، جيئن هو پنهنجي وطن وڃي ڪجهه ته پنهنجي دوستن يارن کي چئي سگهن ته اسان هي به ڏٺو هو به ڏٺو. هر شيءِ وانگر هن ٻيٽ تي گهمڻ جي به ڪافي ٽڪيٽ رکيل آهي.۽ آيل مسافرن مان هن ملڪ جي خوب ڪمائي ٿئي ٿي.ان کان علاوه ٻيٽ تي پهچڻ لاءِ ٽئڪسيءَ جو ڪرايو يا ڪيبل تار جي ٽڪيٽ تي خرچ ڌار ته هوٽل ۾ کائڻ پيئڻ تي ڌار. ڪڏهن ڪڏهن ههڙن ملڪن ۾ پئسي ڪمائڻ جا هي نموناڏسي دل چاهيندي آهي ته اسان جي ملڪ ۾ خبر ناهي ڇاڇا ڏسڻ لاءِ پيو آهي، رڳو ڪنهن نموني سان هر شيءِ ٺاهي، جوڙي، سڌاري صحيح طرح اشتهار بازي ڪئي وڃي ۽ آيل مسافرن جو امن امان جو بندوبست رکيو وڃي (جيڪا ڳالهه سڀ ۾ اهم آهي) ته اسان جو ملڪ ٽوئرسٽ _ انڊسٽريءَ مان ڪافي ڪمائي سگهي ٿو. سينتوسا ٻيٽ تي ننڍن ۽ وڏن جي وندر لاءِ جيڪي شيون آهن. انهن مان هڪ ته مونوريل (Mono _ Rail) آهي. مونوريل عام ريل گاڏيءَ جهڙي ٿئي ٿي. فرق رڳو اهو آهي ته اها ٻن پٽن (Rails) بدران هڪ ئي پٽيءَ تي هلي ٿي. هن ريل ذريعي سڄي سنتوسا ٻيٽ جو سير ڪري سگهجي ٿو. ان کان علاوه هڪ گولف گرائونڊ جيڪو اسان جهڙن غريب ملڪن جي غريب ماڻهن لاءِ گهڻي اهميت نه ٿو رکي، پر يورپ جي ڳتيل ملڪ جي امير ماڻهن لاءِ وڏي عياشي سمجهيو وڃي ٿو ۽ گولف راند کيڏڻ جا شوقين پنهنجن ملڪن ۾ پٽ (زمين) جي کوٽ سبب يا گهڻي سيءَ جي ڪري ڇٻر جي نه ٿيڻ ڪري هن پاسي ڪهيو اچن. ويندي برونائي ملڪ جي آزاديءَ واري موقعي تي جڏهن انگلينڊ جو شهزادو چارلس برونائيءَ ۾ آيو ته پاڻ سان گولف راند جو سامان به کڻي آيو. ڇوته گهڻي بارش ۽ کيڏڻ جي وڏي ميدان جي ڪري هي علائقا تمام گهڻو سرسبز ۽ گولف کيڏڻ جي لائق آهن. ٻارن يا وڏن لاءِ سائيڪلون هلائڻ يا اسڪيٽنگ ڪرڻ لاءِ تمام ڊگها پڪا رستا ٺهيل آهن، جيئن سائيڪلنگ جا شوقين پنهنجو شوق پورو ڪري سگهن. ان کان علاوه چوڌاري سمنڊ جا تانگها ڪنارا هجڻ ڪري ترڻ، ٻيڙي هلائڻ يا سرفنگ جهڙاشوق پورا ڪري سگهجن ٿا. سينتوسا ٻيٽ تي Wax _ Museum ميڻ جا ٺهيل بوتا پڻ رکيل آهن. جيئن لنڊن ۾ميڊم تشو جو عجائب گهر آهي. هي ان جيڏو ته نه آهي، پر مڙئي جن اهو نه ڏٺو هجي اهي هي ڏسي سڌ پوري ڪري سگهن ٿا. منجهس ٻي وڏي لڙائيءَ جون اهم شخصيتون _ خاص ڪري جپاني هوبهو ساڳين شڪلين ۽ قد بت ۾ ميڻ جا ڏيکاريل آهن. 15مئي 1942ع تي انگريزن جپانين جي آڻ مڃي ۽ لکت پڙهت ۾ انگريزن سنگاپور جوٻيٽ جپانين حوالي ڪيو هو. ان معاهدي وقت جيڪي شخصيتون ٻنهي ملڪن جون موجود هيون اهي هو بهو ان ئي حالت _ شڪلين ۽ ڪپڙن ۾ ٽيبل جي چوڌاري ڏيکاريل آهن. ان بعد هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي بم ڪرڻ بعد حالتن ٻيو رخ رکيو ۽ هاڻ جپانين کي آڻ مڃڻي پئي ۽ سنگاپور جي ٻيٽ مان هٿ ڪڍڻا پيا. سنگاپور وري واپس ڪرڻ ۽ آڻ مڃڻ جواهو معاهدو 12سيپٽمبر 1945ع ۾ سنگاپور جي سٽي هال ۾ ٿيو. ان وقت جيڪي جپاني يا اميريڪن انگريز انڊين ۽ ملئي موجود هئا، اهي هوبهو انهن شڪلين ۽ ان وقت جي ڪپڙن ۾ ڏيکاريل آهن. ڄڻ سچا پچا ماڻهو هجن ۽ ائين لڳي ٿو ته اڄ اها ئي تاريخ ۽ سال 1945ع هجي. پورا چاليهه سال اڳ جو نظارو اڄ به ڏسي سگهجي ٿو. مونوريل جي چوٿون نمبر اسٽيشن تي اهو ميڻ جو عجائب گهر آهي.۽ اتي ئي جيت جڻين جوگهر World _ Inspectarium آهي جنهن اوسي پاسي جي ايشيائي ۽ ٻين کنڊن جا ڪيترائي قسمن قسمن جا جيت جڻا رکيل آهن.خاص ڪري پوپٽ گڏ ڪندڙن جي شوقينن لاءِ هتي گهڻو ڪجهه آهي.


    اسان وٽ جتي ڪٿي ماتم آهي

    مونوريل جي پنجين اسٽيشن وٽ فورٽ سيلوسو نالي انگريزن جي ڏينهن جو قلعو آهي، جيڪو انگريزن جوهورنار جي بچاءَ ۽ چڪاس لاءِ 1974ع ۾ ٺهرايو هو. ڏٺو وڃي ته هي شيون تواريخ جي شاگردن کي ئي مزو ڏئي سگهن ٿيون ۽ تواريخي اهميت کان منهنجي خيال ۾ ته هن کان وڌيڪ اهميت واري شيءِ ته هالا جو منزل گاهه آهي. جتي 1943ع ۾ سرچارلس نيپئر جي لشڪر نوشهري فيروز کان حيدرآباد ويندي وقت منزل ڪئي هئي ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن حيدرآباد کان ويجهو مياڻيءَ ٻيلي وٽ ميرن جي لشڪرسان مقابلو ڪيو هئائين، جنهن ۾ هوشوءَ جهڙا پهلوان ”مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“ جهڙا نعرا هڻي شهيد ٿي ويا ۽ سنڌ سؤ سالن کن لاءِ انگريزن جي ور چڙهي ويئي.
    ٻاهر ايندڙ هر پاڪستانيءَ کي افسوس ٿئي ٿو ته ههڙن ملڪن جي مقابلي ۾ اسان وٽ ڪيتريون ئي تواريخي شيون ۽ جايون آهن؛ مونهن جي دڙي کان وٺي ڪوٽڏيجيءَ جي قلعي تائين، هڙاپا ۽ لاهور کان وٺي اروڙهه ۽ آمريءَ تائين، ڀنڀور ۽ ڪاهوءَ جي دڙن کان وٺي سيوهڻ ۽ ٺٽي جي مقبرن ۽ مسجدن تائين، پر انهن کي ايتري اهميت نه ٿي ڏني وڃي جيتري ڏيڻ کپي. خير اهڙيون ٻيون به ننڍيون وڏيون شيون سينتوساٻيٽ _ بلڪه ٻيٽاري تي نظر اينديون آهن. جن جي ڏسڻ تي چڱي خاصي ٽڪيٽ رکيل آهي. هڪ ميوزڪ وارو ڦوهارو به آهي جنهن جوذڪر ڪرڻ وسري ٿو وڃيم. ان مان رات جي وقت ميوزڪ سان گڏ پاڻي اچي ٿو ۽ رنگين بتيون به ٻرن ٿيون ڪجهه پاڪستاني نوجوان، هڪ دفعي، اهو ميوزڪ وارو ڦوهارو وڏي غورسان ڏسي سنگاپور جي سونهن، ترقي ۽ ماڊرن هجڻ جي واکاڻ ڪري رهياهئا، اهو ڏسي افسوس ۽ تعجب ٿيو ته هن ويهه ٻاويهه سالن جي نوجوانن کي ڪهڙي خبر ته اڄ کان پنجويهه سال اڳ جڏهن هو اڃا ڄاوا به نه هئا ته ڪراچي ان کان به وڌيڪ صاف سٿرو ۽ سهڻو شهر هو ۽ ان کان به وڌيڪ سهڻو ميوزيڪل ڦوهارو ميٽروپول هوٽل جي ڀر واري چؤنڪ ۾ لڳل هو جنهن مان ميوزڪ ۽ پاڻيءَ سان گڏ مختلف رنگن جي روشني پڻ نڪتي ٿي. ان وقت سنگاپور جي ماڻهن جي ته ڇا مجال جو سنگاپور ته اڃا به Lime _ Light ۾ نه آيو هو، پر چڱاخاصا مشرقي يورپي ۽ عرب رياست جا ماڻهو اهو ڦوهارو ڏسي / ٻڌي وائڙا ٿي ويا ٿي. پر افسوس جو ان جي نه سرڪار پرگهور لهي سگهي ۽ نه اسين عوام ڦوهارو ته ڇا پر سڄو ڪراچي ڏينهون ڏينهن ماڊرن ٿيڻ بدران ڊاهه ڊوهه ۽ مسئلن جو شهر ٿيندو وڃي. اڄ ان چوڪ تي ان کان ڪا به وڏي ۽ جديد شيءِ هجڻ بدران پراڻي ڊٺل ميوزيڪل فائونٽين (ڦوهاري) جون بچيل ڪٽ لڳل ٻه شيخون ماتم ڪري رهيون آهن. اسان وٽ جتي ڪٿي خوشي ۽ سونهن بدران ماتم آهي.


    سنگاپور جو زولاجيڪل گارڊن

    سنگاپور ۾ چڙيا گهر پڻ گهمڻ وٽان شيءِ آهي ۽ نه فقط سنگاپور ۾ پر ملائيشيا ۾ پڻ ان چڙيا گهر جي هاڪ آهي. سنگاپور جي ڀرواري ملائيشي علائقن مان ماڻهو خاص چڙيا گهر ڏسڻ لاءِ سنگاپور ۾ اچن ٿا. کيس سڄي ايشيا جو سهڻو چڙيا گهر ته چئي نه ٿو سگهجي پر ائين ڪولمبو وارو هن کان زور آهي. پر تڏهن به ڏٺو وڃي ته هي به گهٽ ناهي ۽ اٽڪل ٽيهه هيڪٽرن (ٻاهتر ايڪڙن) ۾ پکڙيل آهي. جنهن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا جانور آهن. روزانو جانورن جو شو پڻ ڏيکاريو وڃي ٿو جنهن ۾ اورانگ اتان (ماڻهوءَ سان تمام گهڻو ملندڙ ڀولڙا) هاٿي، نانگ ۽ لڌڙا اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. سنگاپور جو هي چڙيا گهر مندائي روڊ تي آهي ۽ شهر کان بسون ۽ ٽئڪسيون جام وڃن ٿيون منجهس چوڏهن سؤ کن جانور چيا وڃن ٿا. صبح جو اٺين بجي کان شام جي ڇهين بجي تائين ڏسندڙن لاءِ کليل رهي ٿو. پکين جي پارڪ وانگر هن جي به ساڍا ٽي ڊالر ٽڪيٽ آهي. هڪ ڳالهه آهي ته سنگاپور جي چڙيا گهر توڙي پکين جي پارڪ ۾ يا ويندي ملاڪا، ڪوالا لمپور، جي چڙيا گهرن ۾ صفائيءَ جو ڏاڍو خيال رکيل آهي، ۽ جانورن جي پرگهور ۽ کاڌي خوراڪ جو پڻ تمام سٺو بندوبست آهي.خيرسنگاپور ۾ ته وڏي ٽڪيٽ هجڻ ڪري ايڏي ڪمائي ٿيندي هوندي جو جانورن کي روزانو هڪ ويلو ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ به کارائي سگهن ٿا. پر ملاڪا واري زو ۾ جتي ٽڪيٽ بنهه ناهي، اتي به جانورن کي سندن قد بت ۽ خوراڪ مطابق کاڌو ڏنو وڃي ٿو. ان ڪري چڙيا گهر جي رکوالي / ٺيڪيدار سان گڏ جانور به صحتمند ۽ تندرست نظر اچن ٿا.


    سنگاپور ۾ چيني ۽ جپاني باغيچا

    سنگاپور جي پکين جي پارڪ ڀر ۾ هڪ ننڍڙو چيني ۽ هڪ جپاني اسٽائل جو باغيچو آهي. هنن باغيچن کي ڏسي چين ۽ جپان جي عام باغيچن جي آئيڊيا ٿي سگهي ٿي. چيني باغيچن جو نالو يو _ هُو _ ايئان آهي ۽ جورانگ ڍنڍ جي هڪ تيرهن هيڪٽرن جيڏيءَ ٻيٽاريءَ تي آهي. هن باغيچي جو نمونو چين جي سنگ گهراڻي جي ٺهرايل پيڪنگ جي محلات جهڙو آهي. منجهس نون قبن وارو پگوڊا (ٻڌن جو عبادت گهر)، چيني نموني جون اوطاقون ۽ اوتارا، ڳاڙهين ڪمانن واريون پليون ٺهيل آهن.
    جپاني باغيچي جو نالو ”سيئي وائن“ آهي. جيڪو چيني باغيچي کان سڏ پنڌ پري آهي. هن باغيچي جو نمونو ۽ نقشو بلڪل جپان جي روايتي باغيچي جهڙو آهي. پٿر جا ٽڪيل لالٽين، پاڻيءَ جي وهڪري ۾ ٿيل لسا پٿر، ڪاٺ جون پليون ۽ ڍنڍون باغيچي ۾ نظر اينديون.


    مانگر مڇن جو فارم

    سنگاپور اچڻ سان هوٽل،ايئر پورٽ يا وڏن دڪانن تي ڪيترائي اشتهاري پنا ۽ ڪتابچا ملن ٿا جن ۾ سنگاپور جي هوٽلن، دڪانن ۽ مختلف گهمڻ جي جڳهين جي اشتهار بازي هوندي آهي. انهن ۾ ٻين شين کان علاوه (جن مان ڪجهه جو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان.) مانگر مڇن جي فارم جي پڻ واکاڻ ٿيل آهي مون پاڻ اهو ڪڏهن نه ڏٺو آهي پر هڪ دفعي منهنجا ڪجهه واقف ڪار حيدرآباد ۽ نواب شاهه کان سنگاپور گهمڻ آيا هئا. تن ڏينهن ۾ منهنجو جهاز سنگاپور ۾ هو سو ساڻن ملڻ لاءِ وڪٽوريا اسٽريٽ تي سندن رهائش واري هوٽل تائي پان Tai _ pan تي پهتس، خبر پئي ته هو صبح ساڻ اپر سرنگون روڊ تي مانگر مڇن جو فارم ڏسڻ ويا آهن. ٿوري ئي دير ڪا لائونچ ۾ انتظار ڪيو هوندم ته هي اچي نڪتا. کانئن مانگر مڇن جي فارم جو احوال ورتم، سخت بيزاريءَ مان وراڻيائون. ”ته اها اجائي تعريف! اها اهڙي ته ڪا ڳالهه آهي ئي ڪونه جنهن لاءِ ماڻهو هلي وڃي رڳو چند واڳون پاڻيءَ ۾ تڙڳي رهيا هئا. اهڙا واڳون ته منگهو پير تي به پيا ڌوڙ پائين ۽ بنا ٽڪيٽ جي ڏسي سگهجن ٿا. هتي ته انهن جي ڏسڻ جي به ڳري ٽڪيٽ رکي اٿن. اڌ ڏينهن هڪ طرف ضايع ٿيو ته ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو وغيره ٻئي طرف.“
    ڳالهه مون کي به دل سان لڳي ته واقعي ڪي ڪي شيون اهڙيون آهن جن ۾ بنهه ڪا ڪشش يا نواڻ ناهي، جيتري ان ملڪ جي حڪومت طرفان ان جي ڏسڻ لاءِ ڪيل آهي. پر بهرحال تڏهن به ماڻهو وڃيو نڪري ۽ حقيقت تائين پهچڻ کان اڳ هر ڪوئي سوچيندو ته الائي مانگرمڇن جو فارم ڇاهوندو. اهوئي ساڳيو حال مختلف ملڪن ۽ شهرن گهمڻ جوآهي. ڏهه پنڌرهن ملڪ ڏسڻ بعد هر هڪ کي اهوئي احساس ٿئي ٿو ته منجهن ڪابه نواڻ ناهي سڀ ملڪ ۽ شهر ذري گهٽ هڪ جهڙا آهن. هرشهر ۾ ساڳا ريڊين، واچن، ڪيمرائن ۽ ٽي وين جا دڪان آهن.اهي ئي چڙيا گهر ۽ سينيما ٿيٽرن جا اڏا، اهي ئي ايئرپورٽن ۽ هوٽلن جا نمونا، اهي ئي تڪلف ۽ رک رکاءَ جا طريقا. سنگاپور جهڙن ملڪن مڙيئي ٻين کان ڪجهه شيون اهڙيون مختلف رکي ڇڏيون آهن، جن کي ڏسي پئسا خرچ ڪرڻ وارو ٽوئرسٽ پنهنجي ملڪ پهچي شرم کي پرچائڻ لاءِ پنهنجن دوستن عزيزن کي سڪائڻ ۽ هرکائڻ لاءِ چئي سگهي ته ٻيلي ولايت ۾ واه جو مزو هو. مون هي به ڏٺو ته هو به ڏٺو. سستائي به ڏاڍي هئي. واه جا شاپنگ جا مزا هئا. سنگاپور ۾ چڙيا گهر به ڏٺم ته مانگرمڇن جو فارم به وغيره وغيره. (ٻيو ڀلاڇا چوي ته هوٽلن ۽ ٽئڪسين جي اجائي خرچ ماري رکيو، اجايو ويس.) پر يارو هن ٽي ويءَ، ويو ڪارڊ، سفرنامن جي دور ۾ سنگاپور توڙي هانگ ڪانگ يا دنيا جو ڪو ٻيو ملڪ اڄڪلهه گهمڻ ڪا اهم ڳالهه ناهي. گهر ويٺي ٽي وي، تان ملڪ ملڪ جا نظارا ڏسڻ ۾ وڌيڪ تفصيلي معلومات ملي ٿي. اهو ائين جيئن ڪو خرچ ڪري اس ۾ سڙي اسٽيڊيم ۾ ڪرڪيٽ مئچ ڏسڻ کان گهر ويٺي آرام سان ٽي وي تي ڏسي.
    واپاري ٽرپ تي، يا نوڪري يا ڊيوٽيءَ جي سلسلي ۾ ڪو ولايتي ملڪ ۾ اچو ٿو نڪري، ته ضرور هيڏانهن هوڏانهن ٽنگون هڻي وقت گذاري، نه ته پنهنجي خرچ تي، پنهنجو وقت وڃائي پڳ ٻڌي گهران نڪرڻ نسورو ئي بيوقوفي آهي. ان کان بهتر اهو ئي مٿيون طريقو آهي _ يعني گهر ويٺي ٿڌي ڇانوَ ۾ ولايت جا نظارا ٽي ويءَ تي، يا ڦوٽو ڪارڊن ۽ رسالن ۾ ڏسي دل خوش ڪري ڇڏي. يا وري ڪو سفر نامي جو ڪوڙو سچو ڪتاب پڙهي ڇڏي . باقي جيڪڏهن ڪو توهان کي ولايت گهمڻ جي صلاح ٿو ڏئي ته اهو پڪ توهان جو همدرد يا سڄڻ ناهي. هو پنهنجو وقت ۽ ٽڪا ته وڃائي آيو آهي ۽ هاڻ چاهي ٿو ته توهان جو به خرچ ٿئي. توهان به پراين ملڪن جي ايئرپورٽ لائونچن ۾ وڃي ڌڪا کائو ۽ نٽهڻ اس يا سخت سرديءَ ۾ پڪن رستن تي ٽئڪسيءَ لاءِ رڙيون ڪريو.


    ڪئپٽن رشيد ابڙي سان ملاقات

    بهرحال هي سڀ سنگاپور جا کيل تماشا _ يعني گهمڻ ڦرڻ جون جايون ۽ گهاٽ گهاٽ هينئر هن سفر نامي ۾ لکي چڪو آهيان. نه ته ان مهل ننڊ آڻڻ لاءِ سنگاپور جي شهر بابت ٿوري دير ضرور سوچيو هوم. خاص ڪري سندس ماضي قريب ۽ ان سان گڏ پنهنجي ماضي قريب بابت پڻ، جنهن جو ڪجهه حصو سنگاپور ۾ گذاري چڪو هوس. پوءِ خبر ناهي ڪنهن وقت اک لڳي وئي ۽ سڄي ڏينهن جي ٿڪ ڪري يڪدم اهڙي گهاٽي ننڊ وٺي ويئي جو درتي ڪنهن جي ڀرپور مُڪن جي آواز تي هوش نه پئي آيو. در تي مُڪن لڳڻ ۾ جڏهن بنهه ٺاپر نه آئي، ته پهرين ننڊ ۾ پوءِ اڌ سجاڳ ۽ اڌ ننڊ ۾ اهو محسوس ڪيم ته ڪو منهنجو در زور سان کڙڪائي رهيو آهي. اکيون کولڻ ۽ هنڌ مان اٿڻ تي دل ئي نه پئي چيو. ائين پئي لڳو ڄڻ ننڊ صفا نه ٿي هجي. گهڻي اوجاڳي وانگيان اکيون سڙي رهيون هيون. سمجهه ۾ نه پئي آيو ته واقعي ايترو جلد صبح ٿي ويو آهي يا ڪنهن آڌيءَ رات جو اچي اٿاريو آهي. پر اهو سڀ ڪجهه سوچڻ جو موقعو ڪٿي جو ٻاهران ڪو در کي اصل ٿڦڙن سان ڀڃڻ جي موڊ ۾ هو. جلدي بتي ٻاري اٿڻ سان وقت ڏٺم ته اڃا هڪ ٿيو هو _ معنيٰ اڌ منو ڪلاڪ ڪو مس ستو هوس. ” Who کون؟ Saipa _ ؟“ انگريزيءَ سان گڏ ملئيءَ ۽ اڙدو ۾ ٻاهران واري کان پڇيم ته ڪير آهي.
    ”ٽيليفون“ (تنهنجو فون) ٻاهران جواب آيو. تيسين ڪنڊي لاهي در کولي چڪو هوس. سامهون مائوزي تنگ کان اڳ واري دور جو چين جو چرسي مهانڊي وارو اڌڙوٽ چيني بيٺوهو. چڙ مان چيائين؛
    ”هيٺ هل ٽيليفون آيو آهي.“
    ”دل ۾ چيم ته چاچا ڪاوڙ ته نه ڪر. هڪ ته آئيندي هتي رهڻ جي غلطي هن جنم ۾ ته نه ڪبي. ٻيو ته اهو فون هن ويلي، هن ٽاڻي مون کي ڪير ڪندو. گهڻوشڪ ڪئپٽن ظهور ۾ هو. يا وري آصف ۽ ذوالفقار ۾ هو جيڪي ماني کائي ۽ ڊنر سيٽ وٺڻ لاءِ رات جو دير سان تنجم پگار وڃي رهيا هئا. ٿي سگهي ٿو انهن سان ڪو مسئلو ٿيو هجي. باقي ٻئي ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته آئون سنگاپور ۾ آيل آهيان ۽ هتي رهيل آهيان. ريسيپشن تي رکيل فون کڻي هيلو ڪيم ته ٻئي طرف کان ظهور عالم يا آصف جو انگريزي يا اڙدوءَ ۾ آواز اچڻ بدران سنڌيءَ ۾ ڪئپٽن رشيد ڳالهائي رهيو هو.
    اسان جي ڳوٺ جو رشيد ابڙو جنهن جهاز جو ڪئپٽن آهي ان جي اڄڪلهه هيءَ روٽ آهي _ يعني ڪراچيءَ کان جپان واري. رستي تي ايندي ويندي ڪولمبو، پينانگ، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جي بندرگاهن تي پڻ ترسن. هينئر سندس جهاز جپان کان واپس ڪراچيءَ ڏي موٽي رهيو هو. سنگاپور مان ڪجهه سامان کڻڻ ۽ ڪجهه مرمت ڪارڻ گذريل هفتي کان هو هتي ترسيل هئا. مونکي ان جي اوچتي خبر شام جو پيپلس پارڪ ۾ پيئي هئي. جتي ان جهاز جو سيڪنڊ انجنيئر ۽ چيف آفيسر شاپنگ ڪري رهيو هو. انهن ٻنهي ڄڻن ڪنهن زماني ۾ مون سان گڏ پڻ Sail ڪيو هو. کين خبر هئي ته رشيد منهنجو ڳوٺائي آهي، سو انهن مونکي يڪدم ٻڌايو ته هن دفعي موڪلن تان جيئن ئي ڪئپٽن رشيد موٽيو ته کيس انگلينڊ واري روٽ ڏيڻ بدران هن جهاز تي رکيو اٿن.
    ٻه ٽي مهينا اڳ جڏهن آئون هيڏانهن ملائيشيا اچڻ کان اڳ ڳوٺ موڪلائڻ ويو هوس ته رشيد موڪل تي هجڻ جي ڪري اتي مليوهو. پاڻ به ڏهاڪو کن سال جهازن تي Sail ڪري چڪو هو ۽ هر جهازيءَ وانگر هن جو به هاڻ پروگرام هو ته ٻارن ٻچن سان گڏ جهاز ۾ هيڏانهن هوڏانهن سڄي دنيا کي اورانگهڻ بدران هڪ هنڌ ڪناري جي نوڪري Shore job وٺي هڪ منو ٿي ويهجي. جيتوڻيڪ ڪناري جي نوڪريءَ ۾ تڪليف يا جوکو نه هجڻ ڪري پگهار سامونڊي نوڪريءَ جي چوٿين حصي جيترو به نه ٿو ملي، پر هڪ اهڙي عمر، حد يا حالت اچي ٿي جڏهن هر هڪ جهازي Settled زندگيءَ جي لاءِ، ٻارن جي پڙهائيءَ جي لاءِ هيڏانهن هوڏانهن آفريڪا جي تپندڙ ۽ اتر قطب جي يخ نما سرد بندرگاهن ۾ ڀٽڪڻ بدران هڪ هنڌ رهڻ چاهي ٿو.
    هڪ اهو به سبب آهي ته مون کي جيئن ئي ملائيشيا ۾ يڪا ٽي سال رهڻ جي آفر ٿي ته هليو آيس هيڏانهن اچڻ لاءِ رشيد پڻ خيال ظاهر ڪيو هو. پر هو ٿورو ٻڏ تر ۾ هو ته ملائيشيا ملڪ، ماحول، نوڪري ۽ ماڻهو ڪيئن هوندا ۽ ان وقت مونکي به ملائيشيا جي هن نوڪريءَ جي چڱي طرح پروڙ نه هئي ته آيا ڪيتري قدر اسان لاءِ صحيح ثابت ٿي سگهي ٿي.۽ ڪنهن حد تائين نباهي سگهجي ٿو. پر کيس چيو هوم ته اتي پهچي ڪجهه عرصي ۾ اتي جي حالتن جو جائزو وٺي توکي ان بابت سٺا ۽ خراب نقطا لکندس، جيئن انهن جي روشنيءَ ۾ پنهنجين حالتن سان ڀيٽ ڪري هيڏانهن اچڻ يا جهاز تي ئي Sail ڪرڻ بابت فيصلو ڪري سگهين .ملائيشيا پهچي جيڪو مون جائزو لڳايو سو منجهائيندڙ هو ۽ ڀلين ۽ ڪسين ڳالهين کي ساهميءَ جي مختلف پڙن ۾ وجهڻ سان ڪڏهن هي پڙ ڳرو ٿي ٿيو ته ڪڏهن هو پڙ. بهرحال اهي سموريون ڳالهيون رشيد کي لکڻ کان اڳ سندس جهاز جي نالي جي ڳولا ۾ هوس ته ڪراچي هيڊآفيس يا هانگ ڪانگ، لنڊن، ترڪي، نيويارڪ جي ريجنل آفيسن کي لکي معلوم ڪجي ته رشيد ڪهڙي جهاز ۽ روٽ تي آهي. اڄ اوچتو اهو معلوم ڪري خوشي ٿي ته سندس جهاز فقط هن _ ڏور اوڀر جي روٽ تي آهي. پر بلڪل هن ئي بندرگاهه سنگاپور ۾ آهي. جتان ٿي سگهي ٿو ته ملائيشيا جي بندرگاهه پينانگ ۾ به اچي. پينانگ فاصلي ۾ ملاڪا کان 320 ميل کن ٿيندو، سنگاپور وري به ويجهو آهي ۽ ملاڪا کان 200 ميل کن مس آهي. سو پيپلس پارڪ ۾ مليل جهازين کي مون اتي جو اتي دڪاندار کان پني ڀور وٺي ڪئپٽن رشيد لاءِ ٻه ٽي سٽون لکي موڪليون ته آئون فلاڻي هنڌ رهيل آهيان منهنجو هي فون نمبر آهي. مون سان فون تي ڳالهاءِ يا ٻئي ڏينهن سڌو ملاڪا پهچي وڃ جيئن توکي هتي جي واسطيدار عملدارن سان به ملائي سگهان.
    سو اهي جهاز جا آفيسر گهمندا ڦرندا رات جو ٻارهين بجي جڏهن جهاز تي موٽي پهتا ۽ موٽڻ وقت رشيد جي حوالي منهنجي چٺي ڪيائون. رشيد ان ئي وقت مون سان ڳالهائڻ چاهيو.


    هن پاسي نوڪريءَ بابت ڪجهه ڳالهيون

    ساڻس خوش خير عافيت ڪرڻ بعد ٻڌايو مانس ته هن ملڪ(ملائيشيا) جي هن نوڪريءَ جون هي هي ڳالهيون آهن؛
     جنهن اداري سان واسطو آهي اهو تمام وڏو ادارو آهي ۽ ان ۾ نوڪري ڪرڻ جو تجربو اڳتي هلي ڪم اچي سگهي ٿو ۽ ان بعد پنهنجي ملڪ يا ڌارين ملڪن ۾ سٺي پوزيشن حاصل ڪري سگهجي ٿي.
     پگهارسعودي عرب ڪويت يا ٻين عرب يا يورپين ملڪن جهڙو گهڻو نٿا ڏين پر ايترو آهي ته هن ولايت ۾ سٺو گذارو ٿي سگهي ٿو.باقي بچت ڪجهه به نه.
     ملٽري ڪنٽونمينٽ ٽائيپ زندگي آهي. يعني جتي نوڪري ۽ رهائش آهي اها جڳهه ملاڪا شهر کان پر ڀرو آهي. هڪ پنهنجي ننڍڙي دنيا آهي جتي سخت سڪيورٽي آهي. نوڪري ڪندڙ ۽ سندن فئملين لاءِ اندر ڪلب، ڪئنٽينون، راندين جا ميدان، لئبرريون، سُئمنگ پول، پارڪ، جمناسٽڪ هال ۽ هوٽلون آهن. شهر جي گوڙ گهمسان کان پري هجڻ ڪري ڪن کي هيءَ سانت واري زندگي وڻي ٿي ۽ ٽن سالن جو هڪڙو مدو پورو ڪرڻ بعد ٻيو به ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا. ڪن کي ته بنهه نٿي وڻي. هو سنگاپور يا آسٽريليا ۾ نوڪرين لاءِ واجهائي رهيا آهن. سو اهڙين ڳالهين لاءِ تون پاڻ ئي فيصلو ڪري سگهين ٿو.
     هتي ملائيشيا ۾ ڪجهه سالن کان جيتوڻيڪ سڀ اسڪول ۽ ڪاليج ملئي زبان جا ڪري ڇڏيا اٿن، پر ملاڪا شهر ۾ جيئن ته بين الاقوامي هوٽلن، ڪارخانن ۽ هن قسم جي ادارن ۾ فارينر ڪم ڪن ٿا سو انهن لاءِ هڪ انگريزي اسڪول جو پڻ بندوبست آهي.
     اسڪول جي في جيتوڻيڪ قاعدي موجب اڌ ٻارن جي مائٽن کي ۽ اڌ اداري کي ڀرڻي آهي. پر اڃا تائين سڄي في ادارو ئي ڀري پيو. ويندي اسڪول تائين ٻار ڇڏي اچڻ ۽ وٺي وڃڻ لاءِ بس رکي آهي.
     ملائيشيا جا ماڻهو محبتي ۽ سادا سٻاجهڙا آهن. ان ڪري هتي رهڻ ۾ اهو سڪون آهي. جيڪو اڄڪلهه دنيا جي فقط ايڪڙ ٻيڪڙ ملڪن؛ جپان، سئيڊن، ناروي، چين ۽ ڪجهه سوشلسٽ ملڪن ۾ وڃي رهيو آهي.
     ملائيشيا مسلمانن جو ملڪ آهي ۽ هر هنڌ حلال شي ملي ٿي، سو هتي اهي ڏکيائون نه آهن جيڪي آمريڪا، جپان يا روس جهڙن ملڪن ۾ نوڪري ڪندي درپيش اچن ٿيون _ يعني حلال گوشت به ڪجهه شهرن جي ڪن خاص دڪانن تان ملي يا وري ملڪي ايمبسيءَ جي معرفت.
     ملائيشيا ۾ نماز روزي ويندي ٻارن کي قرآن شريف سيکارڻ ۽ پڙهائڻ جو ڳوٺ ڳوٺ / ڪمپونگ ڪمپونگ ۾ بندوبست آهي.
     ملائيشيا ۾ پاڪستانين جي چڱي گهڻي عزت آهي، جو اڃا تائين هتي ڪنهن ورلي پاڪستانيءَ چوري چڪاري، چرس، جهڳڙي، ڦڏي يا بناويزا پاسپورٽ جي اچڻ جهڙو جڏو ڪم ڪيو هوندو _ جنهن کان انگلينڊ آمريڪا يا عرب ملڪن ۾ اسان لاءِ دانهن آهي ۽ اتي جو ماڻهو اسان مان هر هڪ کي شڪي نگاهه سان ڏسي ٿو. ان ڪري اهڙن ملڪن ۾ هڪ حساس ماڻهوءَ لاءِ رهڻ ڏکيو ٿيو پوي.
     ملائيشيا ۾ موڪلون هر سال نه ٿيون ملن، پر ٽن ٽن سالن بعد ڏين ٿا. اهو مدو پورو ڪرڻ تي پگهار سان گڏ ٽن مينهنن جي موڪل ڏين ٿا ۽ سڄي فيمليءَ جي اوٽ موٽ جي ٽڪيٽ پڻ.
     انهن موڪلن کان سوءِ سال ۾ پندرنهن ڏينهن آرام ڪرڻ يا ملائيشيا گهمڻ ڦرڻ لاءِ موڪل ڏين ٿا. اهو دستور هن پاسي جي سڀني ملڪن؛ سنگاپور، برونائي، پاپئانيوگني ۽ انڊونيشيا وغيره ۾ ساڳيو آهي. هن پاسي هر سال موڪل ان ڪري نه ٿا ڏين جو هڪ ته هي ملڪ پاڪستان کان پري آهي ۽ ڀاڙو ڳرو آهي. (ڪراچيءَ کان جدو فقط ٻه ڪلاڪ هوائي سفرآهي پر ڪراچيءَ کان ڪوالالمپور ڇهه ڪلاڪ آهي.) ۽ ٻيو ته هتي جي زندگي عرب ملڪن وانگر بور ۽ بندش واري ناهي. ان ڪري هتي وقت جلدي گذري ٿو. هتي گهمڻ ڦرڻ ۽ چر پر جي کليل آزادي آهي. موڊ ٿئي ته ڪوالالمپور هليو وڃجي يا ڪيڊاح پينانگ هليو وڃجي يا پيراق. ويندي جنهن وقت دل چوي ته ڀر وارن ڌارين ملڪن؛ سنگاپور، يا ٿائلينڊ، انڊونيشيا يا فلپين بس، ٽئڪسي، يا هوائي جهاز ۾ اچي وڃي سگهجي ٿو.
     ملائيشيا دنيا جي بهترين Touroist _ Resorts مان هڪ آهي. جنهنجو چپو چپو نرالو ۽ گهمڻ وٽان آهي. خوشنصيب ماڻهو ويندي يورپ ۽ آمريڪا جي ڏورانهن هنڌن تان ڪهي ڏينهن ٻن جي جهلڪ لاءِ هتي اچن ٿا. ان خيال کان پاڻ ته ڄڻ ويٺائي هتي آهيون .
     پر ساڳئي وقت اها ڳالهه به آهي ته ٽي سال چڱووڏو عرصو آهي. پنهنجو اباڻو گهر، ڳوٺ ۽ وطن _ ڪهڙو به هجي، ڪٿي به هجي ته هر انسان کي ياد اچي ٿو. نوڪريءَ جي نوعيت به ڪجهه اهڙي آهي، جو پنهنجي خرچ تي وڃڻ لاءِ به موڪل جي اميد نه برابر سمجهڻ کپي، جو جهجهي جوابداريءَ جي ڪري هڪ ماڻهوءَ جي غير حاضري به اداري کي ڪافي نقصان رسائي ٿي ۽ سڄو ڪم درهم برهم ٿيو وڃي.ان ڪري ٽن سالن جي اندر ڪنهن کي سخت مجبوريءَ جي حالت ۾ شايد موڪل ملي ته ٻي ڳالهه آهي ۽ اهو ٽن سالن جو عرصو گذارڻ ڪنهن لاءِ سولو آهي ته ڪنهن لاءِ ڏکيو.
     اداري طرفان سڄي فيمليءَ جي لاءِ فري ميڊيڪل ۽ انشورنس پڻ آهي.
     ٽن سالن بعد هر ڪو آزاد آهي. وڌيڪ ٽي سال نوڪريءَ جي لاءِ ٻنهي ڌرين جي گڏيل رضامندي لازمي آهي _ يعني نوڪري ڪندڙ ۽ هتي جي حڪومت. جي نه ته نه. ڇو جو هونءَ ملائيشيا جي حڪومت جي قاعدو قانون به پاڻ جهڙن ملڪن جيان آهي ته جيسين پنهنجو ماڻهو ناهي تيسين ڌارئين کي رکجي. جيئن ئي پنهنجا ماڻهو تيار / Train ٿي وڃن ته ڌارئين جي نوڪري ختم. سو هنن وٽ جيئن ئي پنهنجا ڪئپٽن، چيف انجنيئر، ۽ پائليٽ ٿيندا ته پنهنجي موڪل، سو هن نوڪريءَ ۾ اهو خوف ۽ خطرو هر وقت رهي ٿو ته ٿي سگهي ٿو ته وڌيڪ ٽي ڇهه يا نَوَ سال کن نوڪري ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي يا پهرين ئي ٽن سالن بعد هتي جي به نوڪري ختم ته پنهنجي ملڪ جي نوڪريءَ تان به هٿ ڌوئڻا پون.
     بهر حال پهريان ٽي سال هتي نوڪري ڪرڻ ۽ پاڪستان جي نوڪري قائم رکڻ جو هڪ اهو ئي طريقو آهي ته پاڪستاني نوڪريءَ مان ٽن سالن جي موڪل N.O.C وٺي اچجي. جيئن وري واپس ساڳي نوڪريءَ ۾ لڳي سگهجي.
     هونءَ ملڪ جي فائدي ۾ اهو آهي ته گهڻي کان گهڻا پاڪستاني هتي اچي نوڪري ڪن ته جيئن پنهنجي ملڪ جي هنن ملڪن ۾ نمائندگي رهي ۽ ساڳي وقت اسانجي ڇڏيل جاين تي ٻيا جونيئر پروموشن حاصل ڪري سگهن. آخر انڊين، بنگلاديشي، فلپيني ۽ سائوٿ ڪورين ان کان گهٽ پگهار ۽ ڏکين حالتن ۾ به ٻاهر نوڪري ڪن پيا.


    مٿي جي سُور لاءِ سنگاپور ۾ دوا

    ”سو هاڻ دل ۾ سوچ ۽ پنهنجي گهر وارن سان به صلاح ڪر، جي بهتر سمجهين ته سڀاڻي پرينءَ هتان سنگاپور کان ٽئڪسي ذريعي ملاڪا هليو وڃ. ڇو جو ملاڪا پهچي نوڪريءَ لاءِ واسطيدار عملدارن سان آمهون سامهون ملندين ته نوڪري اتي جو اتي ملي ويندئي، نه ته پوءِ انتظار ڪرڻو پوندئي، جيسين هتي جي حڪومت پنهنجا نمائندا انٽرويو وٺڻ لاءِ پاڪستان موڪلي. جيئن اسان کي ان ڪري سال کن انتظار ڪرڻو پيو هو.“
    ”اسان جو دراصل پرينءَ هتان جهاز Sail پيو ڪري.“ ڪئپٽن رشيد ٻڌايو ۽ ان مونجهاري ڪري في الحال ڪو به فيصلو ڪري نه سگهيو.
    ”جهاز کي ڏينهن ٻن لاءِ ترسائي نه سگهندين؟“ مون پڇيو مانس.
    ”سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. ڪلاڪ ٻه به ليٽ ڪرائي نه ٿو سگهان جو شيڊول ايڏو ٽائيٽ آهي. جو سنگاپور بندرگاهه وارائي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍندا ۽ هوڏانهن ڪراچيءَ به پوري وقت تي پهچڻو آهي.“ ڪئپٽن رشيد ٻڌايو.
    ”پوءِ ملائيشيا جي بندرگاهه پينانگ يا پورٽ ڪلانگ ۾ اچين ته اتان ملاڪا ڪار ذريعي هليو اچجانءِ.“ مون صلاح ڏني مانس.
    ”اهو ته سڀ صحيح آهي پر بدقسمتيءَ سان هينئر موٽندي وقت اتي ترسڻو ناهي،“ ڪئپٽن رشيد ٻڌايو. ”بس رڳو ڪولمبو ۾ ٻارنهن ڪلاڪ کن ترسي پوءِ ڪراچيءَ پهچڻو آهي.“
    ”پوءِ!_“ مونکي پڻ سمجهه ۾ ڪجهه نه ٿي آيو.
    ”آئون سڀاڻي صبح جو واندو آهيان سو ٽئڪسي ڪري ملاڪا هليو ٿو وڃان ۽ نوڪريءَ لاءِ رضامندي ڏيکاري اچان ٿو.“ رشيد پروگرام رٿيو.“
    ”اهو ته پاڻ سٺو آئون هتان سنگاپور کان شام ڌاري نڪرندس سو ملاڪا پهچندي رات ٿي ويندي. تون اسان جي گهر وڃي آرام ڪجانءِ. گهر جي ڪنجي گارڊ روم مان منهنجي نالي وٺجانءِ. آئون کين فون ڪري ڇڏيندس. باقي ڪمرن جون چاٻيون در مٿان ملندءِ. کائڻ پيئڻ جو ڪجهه نه ڪجهه سامان ڪچن مان ملندءِ. نوڪريءَ لاءِ ضمانت گهرن ته منهنجو ۽ آصف جو نالو ڏجانءِ.“ مون سمجهايو مانس ۽ وڌيڪ خبرون روبرو يا خط ۾ لکڻ جو پروگرام رٿي موڪلايو سين.
    ٽيليفون ڪري بس ڪيم ته ان وقت سامهون ڪئپٽن ذوالفقار ۽ آصف تي نظر پئي.
    ”ڪريو خبر هاڻ پيا موٽو ڇا؟“ مون پڇيو مان .
    ”بس يار دير ٿي ويئي، تنجم پگار ۾ ننڍيون وڏيون هوٽلون بند ٿي ويون هيون. پوءِ اهو شينٽن وي ڏيئي ڪلفرڊ پيئر تان وڃي نڪتاسين، تون ڪر خبر؟“
    ”مون توهان جي ڳولا۾ پوليس اسٽيشن فون پئي ڪيو،“ مون وراڻيو مان ۽ پوءِ ڪئپٽن رشيد ابڙي جي فون جي خبر ٻڌايم ته هو ملائيشيا اچڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. اهو ٻڌي هو به خوش ٿيا ۽ وڌيڪ خبرون ٻئي ڏينهن لاءِ رکي رات جا باقي بچيل پهر سمهڻ لاءِ لفٽن ڏي وڌيا سين.
    ننڊ ته ايندي ايندي اکين مان وري هلي وئي هئي. ڪمري ۾ پهچي اهو محسوس ڪيم ته شام کان پيل مٿي ۾ سو ر اڃا جان نه ڇڏي هئي. سو وري پويان پير ڪري مٿي جي سو ر جي ڪا گوري وٺڻ جي لاءِ هيٺ چيني ڪلارڪ وٽ آيس جنهن هڪ ننڍڙو هٽڙو _ ڪتابن، چاڪليٽن ۽ سگريٽن جو پڻ هلايو پئي. ان وقت پاڻ مشغول هو. ڪنهن جهاز جا فلپينو جهازي سنگاپور جي ڪنهن سستي پب (شراب خاني) مان ٿڙندا ٿاٻڙندا دخل تي پنهنجن ڪمرن جون چاٻيون وٺي رهيا هئا. ان وقت آفريڪي ملڪ جا ٻه شيدي جهازي ٽئڪسي مان لٿا. هو سنگاپور ۾ ڪنهن بيٺل يا ڏينهن ٻن ۾ پهچڻ واري جهاز تي نوڪريءَ لاءِ پهتاهئا. ڪمرا سڀ ڀريل هئا سو پوڙهي چيني ڪلارڪ کين واءِ. ايم. سي. اي ۽ ٻين اهڙين رهائشي جڳهين ۽ هوٽلن جا نالا پئي ٻڌايا، جتي دنيا جي جهازين کي گهٽ اگهه تي رهائش ملي ٿي.
    انهن کان واندو ٿيو ته مون مٿي جي سور لاءِ ڪنهن گوريءَ جي گهر ڪئيمانس، ائسپرو، ڊسپرو، پئراسٽال، ساريڊان، انجلين، پئناڊال، _ مون ٽي ويءَ تان وقت به وقت ٻڌل اشتهاري گورين جا نالا ياد ڪري پڇيو مانس. پر پوڙهي وٽ ڪا به اهڙي شيءِ نه هئي! اهي گوريون ته آسٽريليا کان آمريڪا جي شهرن تائين، وچ آفريڪا کان ڏور اوڀر جي ملڪن تائين جتي ڪٿي ملن ٿيون. کنڊو، کپرو، کوسن جي ڳوٺن کان وٺي مڪي، ميامي، ۽ مدراس شهر جي دڪانن تي به ملن ٿيون. اچي اچي هتي نه. نيٺ چيو مانس؛ ”ڪجهه ته هوندءِ جنهن سان مٿي جو سُور لهي _ ڪا ستي ڦڪي يا ڪو ٻورو چورو. ڪو خاڪو خمير يا ڪو بام ترياق؟“
    ان تي هن هڪ ننڍڙي بام جي شيشي ميز جي هيٺئين خاني مان ڪڍي منهنجي حوالي ڪئي. شيشي جي مٿان واگهه Tiger جي شڪل ٺهيل هئي ۽ مٿانئس ٽائيگر بام لکيل هو.
    ”بس بس مهرباني!“ کانئس جڳ مشهور ”ٽائيگر بام“ وٺي پنهنجي ڪمري ڏي موٽيس.


    ٽائيگر بام ۽ گارڊن

    ٽائيگر بام لاءِ مشهور آهي ته اهو ڪيترن ئي مرضن لاءِ يڪ ٽڪ علاج آهي. مٿي جي سور کان وڇونءَ جي ڏنگ تائين، سنڌن جي سور ۽ رهنڊ رانڀوٽي کان وٺي ٿڌيل ڇاتي ۽ بند ٿيل نڪ جي علاج لاءِ ورهين کان هي بام هلندو اچي. جنهن جا اشتهار ڪيترن ئي ملڪن جي اخبارن، رسالن، ٽي وي، فلمن ۽ ڀتين تي نظر ايندا. گڏيل هندستان تائين _ بلڪه ان کان پوءِ به ڪيترن ئي سالن تائين اهو بام ۽ ڪمپنيءَ جون ٻيون به ڪجهه دوائون پاڪستان ۾ هلنديون رهيون. اڄ به ٽائيگر بام ۽ ان ڪمپنيءَ جون ٻيون به ڪجهه دوائون پاڪستان ۾ هلنديون رهيون. اڄ به ٽائيگر بام جا ڪجهه پراڻا اشتهار ريل لنگهندي وقت ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڀتين تي نظر اچن ٿا. سنڌي هندن جي گهرن ۾ اهو تمام گهڻو استعمال ٿيندو هو جو هندو واپاري ولايتن مان موٽڻ وقت سنگاپور، هانگ ڪانگ، ملايا، انڊونيشيا، برما جهڙن ملڪن مان اهو ننڍڙي دٻيءَ وارو، اڇي رنگ جو تکي خوشبوءَ /بدبوءَ وارو بام گهرو علاج لاءِ وٺي ايندا هئا. اڃا جڏهن ته انگريزي دوائن ايتري ترقي نه ڪئي هئي ۽ نه وري اهي اڃا عام ٿيون هيون ته هي بام ئي گهر جي اهم ضرورتن مان هڪ سمجهيو ويندو هو. اڄ جڏهن ته انگريزي دوائون اوج تي پهتل آهن تڏهن به هي بام _ ملڪن مان سڀ کان گهڻو سنگاپور ۾ ۽ قومن مان سڀ کان گهڻو چين ۾ ۽ ٻئي نمبر تي ملئي ۽ تامل ماڻهن ۾ گهڻو مشهور آهي ۽ هن صديءَ جو وڏو حصو، هن دوا، مريضن کي آرام پهچايو هجي يا نه، پر هن بام ملڪن کي چڱو ناڻو ڪمائي ڏنو آهي. هي بام ماڻهن جي ڏاٺن جي سور، مٿي جي سور، کنگهه، سي سڪنيس جو علاج ڪري سگهيو هجي يا نه پر بام جي ايجاد ڪندڙ /ٺاهيندڙ ملڪن جي غربت جو علاج ضرور ڪيو آهي.
    لونگن ۽ جَوَ هَرَ جي تکي خوشبوءَ جهڙي هن بام(ٽائيگربام) جي نالي سان سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ هڪ باغيچو _ ٽائيگربام گارڊن _پڻ دنيا ۾ مشهور آهي. جنهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو هلي سنگاپور ۾ اچن ٿا. هن باغ ۾ وڻ ٽڻ ۽ سهڻن ٻوٽن کان علاوه چيني، ديومالائن،Mythology جا هوبهو ساڳي قد ڪاٺ جا جانور ٺهيل آهن. باغ ۾ گهڙڻ سان ئي هڪ واگهه Tiger وڏي بلا (اجگر) کي کائڻ لاءِ تيار نظر ايندو _ جيڪا غمن، مشڪلاتن ۽ ڏکن جي علامت آهي. هڪ حوض ۾ ماڻهو ڄار سان جل _ پريون ڦاسائيندو نظر ايندو ۽ ٻيا به ڪيترائي پرين جي قصن جا پٿر ۽ سيمنٽ جا ٺهيل جانور نظر ايندا.
    سنگاپور وارو”ٽائيگر بام گارڊن“ پاسر پنجانگ روڊ تي آهي ۽ وچ شهر کان ڏهين، ٽيهين، هڪ سؤ ٽيتاليهه، هڪ سؤ پنجيتاليهه ۽ ٻه سؤ نمبر جون بسون چائنا ٽائون ۽ويسٽ ڪوسٽ واري رستي کان ٿينديون اتي پهچن ٿيون. باغ ۾ داخلا لاءِ ڪابه في، ٽڪيٽ رکيل ناهي ۽ صبح جونائين کان شام جو ڇهين تائين پبلڪ جي ڏسڻ لاءِ کليل رهي ٿو.
    ڏور اوڀر جي ملڪن جي هيءَ عومي دوا ۽ باغيچي جو ايجاد ڪندڙ ۽ ٺاهيندڙ ”آ_ بون _ ها“ (Aw Boon _ Haw ) نالي هڪ چيني هو جنهن پنهنجي اڏايل سلطنت جو پايو رنگون شهر کان وڌو. رنگون شهر برما جي گاديءَ جو هنڌ آهي. جتي آخري مغل شهنشاهه،بهادر شاهه ظفر پڻ دفنايل آهي.”ٽائيگر بام سلطنت“ جي مالڪ ”آ_ بون _ ها“ جو پيءَ اصل چين جي فجيان Fujian علائقي کان لڏي برما 1870ع ۾ آيو، جتي هن پيٽ قوت لاءِ چيني دوائن جو هڪ ننڍڙو دڪان کوليو. 1880ع ۾ هن House of Tiger جي نالي سان مختلف قسمن جون دوائون هلائڻ شروع ڪيون. 1883ع ۾ هن کي پهريون پٽ ڄائو جنهن جو نالو Boon Haw (طاقتور واگهه) رکيائين. واگهه (ٽائيگر) هن پاسي ڏي، يعني ڏور اوڀر جي ملڪن ڏي، چينين جي عقيدي موجب تمام اهم جانور سمجهيو وڃي ٿو. چئن سالن بعد کيس ٻيو پٽ Boon _ par (طاقتور چيتو) ڄائو. پوءِ هنن ٻن ڀائرن اڳتي هلي ٽائيگر بام جي نالي سان محل محلاتون ۽ ايتري کڻي ملڪيت ٺاهي جو سنگاپور جي تاريخ ۾ هي گهراڻو امير ترين سڏجڻ لڳو. سندس ٽريڊ مارڪ ٽائيگر کان ايشيا جي ڪروڙها ماڻهو واقف ٿي ويا. سندن پيءُ 1908ع ۾ ئي مري ويو، جڏهن هي ڀائر ايڪويهن ۽ پنجويهن سالن جا ٿيا هئا.سندس مري وڃڻ کان پوءِ جيڪو هلڪو ڦلڪو اباڻو ڌنڌو هو سو هنن ڀائرن جي هٿ ۾ آيو. ٻنهي ڀائرن جي شخصيت ڪجهه اهڙي آڌار ڀري هئي، جو هڪ ٻئي جي مدد سان ڏينهون ڏينهن ڌنڌي کي وڌائيندا ويا.
    چيني ۽ مغربي طب جي اصولن ۾ ٻنهي جو گهڻو مطالعو ۽ مشاهدو هو ۽ ان کان علاوه ڪيترن ئي چيني ۽ برمي دوائن جي نسخن کان چڱي طرح ڄاڻو هئا سندن پهرين ايجاد ٽائيگر بام هو، جنهن کين ايترو ته ڪمائي ناڻو ڏنو جو سنگاپور ۽ باليءَ کان جاوا ۽ سماترا تائين، هندستان ۽ مالديپ ٻيٽن کان برما ۽ چين تائين ناڻي جون خرجينون ڀرڻ لڳا.
    ٽائيگر بام ۾ بنيادي شيون جوهر Menthol ، چندن، ڪافور Camphor ميڻ ۽ جيلي Vaseline آهن. باقي ٻيون اهم شيون ڳجهيون رکيون ويون آهن ۽ جيتوڻيڪ بام ٺاهيندڙن ڪڏهن به لکت ۾ يا زباني ان ڳالهه جو اقرار نه ڪيو، پر هن تر جا ماڻهو _ خاص ڪري چيني سمجهن ٿا ته هن بام ۾ ٽائيگر (شينهن) جي جسم جاڪجهه پيٺل حصا پڻ پيل آهن ۽ چيني لوڪ ڪهاڻين مطابق ٽائيگر کي قدرت طرفان اها غير معمولي طاقت مليل آهي، جو هو پنهنجي شڪل بدلائي هر قسم جي دشمن کي مات ڏئي سگهي ٿو. سو جتي ”ٽائيگر“ جي نالي پٺيان ماڻهن جو ايڏو انڌو عقيدو هجي اتي دٻلين ۾ ٺلهي خاڪ به مڪمل شفا نه ته مريضن کي گهڻو ڪجهه تسلي ۽ سڪون ڏئي سگهي ٿي. ٽائيگربام دوا مان اڻ ميو ناڻو ڪمائڻ بعد هنن ڀائرن ٻيون به ڪيتريون ئي دوائون ٺاهي وڪڻڻ شروع ڪيون.
    1926ع ۾ ٻئي ڀائر رنگون ڇڏي سنگاپور لڏي آيا، جتان سندن دوائون سولائيءَ سان ڏورانهن هنڌن تي پهچڻ لڳيون. پاڻ دوائن جي پهرين فئڪٽري اينگ _ اون _ ٽانگ (هميشه سڪون وارو گهر) جي نالي سان ”چائناٽائون“ جي وچ ۾ نيل روڊ تي ٺهرايائون جتي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ سستي اگهه تي چيني مزور مليا ٿي. چين ۾ غربت ڪري اتان ٿورا ٿورا ٿي چيني ماڻهو سنگاپور ۽ ٻين اوسي پاسي وارن ملڪن ۾ پورهئي خاطر اچي رهيا هئا ۽ جيئن ته جهازراني ۽ واپار وڙي ڪري سنگاپور ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيو هو، سو هي ڀائر سولائيءَ سان پنهنجون دوائون هند، سنڌ، بنگال، بهار کان وٺي سريلنڪا، جاوا، سماترا، فلپين، سيليبس، بورنيوبرونائي، ۽ هانگ ڪانگ چين تائين موڪلڻ لڳا. ۽ پوءِ ويندي ڏکڻ آفريڪا جي ملڪن ڏي ۽ اڳتي هلي يورپ ۾ به هنن جون دوائون مشهور ٿي ويون.
    ۽ هاڻ جيئن ئي سندن واپار دوائن جي سامان ۾ پڪو ۽ ٻڌلٿي ويو ته هي ڀائر ان کان علاوه ٻين ڌنڌن ۾ به گهڙڻ لڳا. انهن ڏينهن ۾ هڪ چيني اخبار Sin _ Poh (اسٽار نيوز) نالي تمام مشهور هئي ۽ چوٽيءَ جي تيرهن اخبارن مان هڪ سمجهي ويندي هئي. ٽائيگربام جي مالڪ ”آ_ بون _ ها“ ان اخبار ۾ گهڻي کان گهڻو پئسو لڳايو ۽ آخر ۾ اها سڄي اخبار پنهنجي نالي خريد ڪئي. اخبار کان علاوه هنن انشورنس ۽ زمين جي خريداري جو ڪم پڻ شروع ڪيو. جيئن جيئن هنن جو پئسو وڌندو ويو تيئن تيئن گهر جايون، باغ، زمينون ۽ سندن مان مرتبو پڻ وڌيو. هر هڪ ڀاءَ چار چار زالون رکيون ”بون ها کي اٺ ٻار ٿيا ۽ بون پار کي چار. هنن ايشيا جي هروڏي شهر ۾ محل نما گهر ٺهرايا. وڏي ۾ وڏو گهر هانگ ڪانگ ۾ ٺهرايائون جنهن جي اڳيان پندرهن ايڪڙن جو ته فقط باغيچو هو. هانگ ڪانگ ۽سنگاپور جهڙا ٻيٽ نما ملڪ جتي زمين ايڏي مهنگي آهي جو ٻن کٽن جيڏن ٻن ڪمرن واري فليٽ جي ئي لکها ڊالر قيمت آهي. سو اتي ايڏا وڏا محل نما گهر راجا يا انهن جي برابريءَ جا ماڻهو ئي ڌاري سگهن ٿا.


    هائوس آف جيڊ

    اهڙيءَ طرح سنگاپور ۾ به سندن ٻه محل نما گهر هئا. هڪ جيڊ پٿر جو گهر House of Jade _ جيڪو نسيم روڊ تي آهي ۽ ٻيو ها _ پار _ ولا يعني ٽائيگر بام گارڊن _ جيڪو پاسر پنجنگ روڊ تي آهي. سنگاپور ۾ ايندڙ ماڻهو ٻنهي کان چڱي طرح واقف آهن. ٽائيگر بام گارڊن جو ته مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي. باقي جيڊ پٿر جيڪو سائي رنگ جو ٿئي ٿو، هن پاسي قيمتي ۽ اهم شين مان سمجهيو وڃي ٿو. هانگ ڪانگ، ٿائلينڊ ۽ سنگاپور، وغيره ۾ ان پٿر مان گوتم ٻڌ جا ٺهيل مجسما ۽ سينگار جون شيون تمام ڳري اگهه تي ملن ٿيون. هائوس آف جيڊ ۾ ان قسم جون شيو نمائش لاءِ رکيل آهن جيڪي ٽائيگر بام جي مالڪ پنهنجي شوق لاءِ گڏ ڪيون هيون. پاڻ سنگاپور جو هي گهر 1927ع ۾ ٺهرايائين ۽ سندس ڊيزائن ۽ نمونو هو بهو آمريڪا جي وائيٽ هائوس جهڙو رکيائين.ان جي ٺاهڻ جو ڪم پڻ هڪ آمريڪن آرڪيٽڪ انجنيئر جي سپرد ڪيو هئائين. ان ڪري هن گهر کي مقامي ماڻهو وائيٽ هائوس ئي سڏين ٿا. پر ڌارين ولايت ۾ هي گهر جيڊ _ پٿر جي شين جو گهر سڏيو وڃي ٿو. جيئن ته ٽائيگربام گهراڻي جي هنن ڀائرن کي واپار خاطر ڪيترن ئي ولايتن ۾ وڃڻو پوندو هو سو اتان هو ڪيتريون ئي جيڊ، هيرن ۽ پٿرن جون سوکڙيون وٺي ايندا هئا. بون _ ها جڏهن 1932ع ۾ ٽائيگر بام مرهم جو وڪرو پهريون دفعو شنگهائيءَ ۾ شروع ڪيو، تڏهن کان هن چين مان جيڊ پٿر جي ڪم جون شيون آڻڻ شروع ڪيون. هي ان جي خريداري ۾ ايڏو ته مشهور ٿي ويو جو چيني ماڻهو ان قسم جون قيمتي شيون ۽ هٿ جا هنر ”بون ها“ وٽ ئي وڪري لاءِ کڻي ايندا هئا. اهڙي طرح هن وٽ ان قسم جون شيون ايتريون ته گڏ ٿي ويون جو 1945ع ۾ هائوس آف جيڊ جڏهن پهريون دفعو عام پبلڪ جي ڏسڻ لاءِ کوليو ويو ته کين خبر پيئي _ سڄي دنيا ۾ ڪنهن اڪيلي ماڻهوءَ جو وڏي ۾ وڏو نمائش گهر هو.
    هن گهر ۾ رکيل جيڊ پٿر جي ناياب شين کي تازو 1949ع ۾ اتان کڻائي سنگاپور جي قومي عجائب گهر National Museum ۾ رکرايون ويون آهن. جيئن اتي اڃا به گهڻي کان گهڻا ماڻهو ڏسي سگهن تواريخ ۾ هن کان اڳ جيڊ پٿر جون اهي شيون فقط هڪ دفعو اڳ ان گهر مان نڪتيون هيون جڏهن جپانين سنگاپور تي قبضو ڪيو هو. نوڪرن چاڪرن جلدي جلدي ان نازڪ ۽ قيمتي سامان کي اخبارن ۾ ويڙهي کوکن ۽دٻن ۾ بند ڪري گهر جي هيٺان ٺهيل Basement (بهري) ۾ رکي ڇڏيو هو. جنگ پوري ٿيڻ بعد جڏهن ٽائيگر بام جا مالڪ سنگاپور موٽيا ته هنن کي اهو مڙئي سامان کوکن ۾ بند ٿيل بندرگاهه جي ڀر۾ هڪ گدام ۾ صحيح سلامت نظر آيو. اهو هڪ اهڙو راز آهي جنهن جي اڄ ڏينهن تائين خبر پئجي نه سگهي آهي. هونءَ سنگاپور جو ”ٽائيگربام گارڊن“ به ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ جپانين ڪافي تباهه ڪري ڇڏيو هو. اڄ جو جيڪو اسان ڏسون ٿا اهو حڪومت مرامتون ڪرائيندي اچي ۽ کيس ذري گهٽ ان ساڳي شڪل ۽ رنگ روغن ۾ رکندي اچي .
    ٽائيگر بام مرهم جي مالڪ مسٽر ”آ_ بون _ ها“ سنگاپور وانگر هانگ ڪانگ ۾ به ٽائيگربام باغ ٺهرايو هو. جيڪوالبت اڄ به ساڳي شڪل ۾ آهي. اهو باغ سنگاپور واري باغ کان اڳ ٺهرائي پوءِ ساڳي چيني آرٽسٽ مسٽر ” ڪو ووڪ ون شان“ کان 1931ع ۾ سنگاپورجي باغ تي ڪم شروع ڪرايو ويو. دراصل اهو آرٽسٽ مسٽر ”آ _ بون _ ها“ جي چين واري شهر Swatow جي فئڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندو هو.
    ٻي وڏي جنگ ۾ جڏهن جپانين سنگاپور تي قبضو ڪيو هوته ان کان اڳ ئي ٻين امير چيني واپارين وانگر هي ٻئي ڀائر پڻ سنگاپور ڇڏي ڀڄي ويا هئا. مسٽر بون پار (طاقتور چيتو) ته رنگون ۾ ئي پوءِ ٽڪي پيو ۽ 1944ع ۾ اتي ئي گذاري ويو. پر وڏو ڀاءُ ”بون _ ها“ (طاقتور ٽائيگر) هانگ ڪانگ ڀڄي ويو. جتي جيتو ڻيڪ جهلجي پيو هو، پر پنهنجي سٺي پاليسيءَ ڪري بچي ويو. جنگ کان پوءِ ٽائيگر صاحب اڪيلي سر پنهنجي خانداني ملڪيت ۽ واپار کي وري سڌارڻ شروع ڪيو. جيتوڻيڪ ڪن ڪن نقصانن جي _ جيڪي کين چين ۾ رسيا، انهن جي ته وري تلافي هر گز نه ٿي سگهي. سو مسٽر ”بون _ ها“ چين کي پاسيرو ڪري پنهنجي واپار کي ٻين اوسي پاسي جي ملڪن ۾ وڌيڪ پکيڙيو.
    هن پاسي ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ ڏي ”جنگ خيا“ Chung Khiaw نالي بئنڪ تمام مشهور آهي. اها پڻ مسٽر آ _ بون _ ها يعني (ٽائيگر صاحب) 1950ع ۾ هانگ ڪانگ ۾ کولي هئي، جنهن جون اڄڪلهه شاخون ڪيترن ئي هنڌن تي آهن. ساڳي وقت هن هانگ ڪانگ جي اخبار؛ هانگ ڪانگ اسٽينڊرڊ ۽ سنگاپور جي اخبار؛ ٽائيگر اسٽينڊرڊ ۾ پڻ پئسو لڳائي رکيو. (هانگ ڪانگ واري اخبار ته اڃا تائين هلي پئي پر سنگاپور واري بند ٿي وئي.) ان کان علاوه گهر ٺهرائڻ ۾ پڻ تمام گهڻو پئسو لڳائيندو آيو _ جن کي محلات سڏيندو هو. مرڻ وقت سندس اهڙا ڇويهه محلات هئا.
    مسٽر آ _ بون _ ها جي اها وڏي ڳالهه هئي ته هو خير خيرات ڏاڍا ڪندو هو. غريبن غربن کي سنئون سڌو پئسا ڏيڻ کان علاوه اسڪولن، اسپتالن، ۽ پوڙهن ماڻهن جي گذرسفر لاءِ پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي ڏهه ملين ڊالر کن خيرات طور ڏنائين ۽ نه فقط سنگاپور ۾ پر ڏکڻ اوڀر جي مڙني ملڪن ۾ سندن سخاوت مشهور هئي. سندس اهو مشهور قول هئو؛ ”انسان جيڪو ناڻو جنهن قوم مان ڪمائي ٿو، کيس کپي ته اهو ناڻو ان تي ئي خرچ ڪري.“
    مسٽر آبون دل جي دوري ڪري 1954ع ۾ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. پر هزارين غريب ڪٽنبن کي سندس ٿورا ۽ مددون اڃا تائين ياد آهن. لکين ماڻهو سندس ڇڏيل اخبار پڙهن ٿا ۽ سندس بئنڪ مان فائدو وٺن ٿا. ان کان به گهڻا گهڻا سندس دوا ”ٽائيگر بام“ وغيره مان مٿي جو سور، هڏن جو سور، ٿڌ زڪام وغيره جو علاج ڪن ٿا. انهن مان هڪ شايد آئون به آهيان جنهن کي سنگاپور ۾ ان رات نفسياتي طرح يا واقعي سچ پچ نرڙ تي لڳايل ٽائيگر بام جي هڪ مک فرحت بخشي ۽ وري گهاٽي ننڊ ۾ سمهي رهيس. هينئر جڏهن ڳالهه نڪتي آهي ته ان بابت يڪي ڊگهي بڪ لکي پڙهندڙن کي مٿي ۾ سور وجهي ويٺو آهيان.


    سنگاپور جو چائنا ٽائون

    ٻئي ڏينهن صبح جو تيار ٿي نائين بجي ڌاري نيرن لاءِ هيٺ هوٽل ۾ آيس.رات وارو پاڪستاني انجنيئر به پنهنجي نئين جهاز جي ٻين ساٿين سان گڏ هڪ ٽيبل تي ويٺو هو.منجهن هڪ انڊين چيف آفيسر فيمليءَ سان هو، هڪ انڊين ٿرڊ انجنيئر هو ۽ ڪجهه ٻيا به. سڀني سان مختصر طور ”هيلو، هيلو“ ڪري ڪنڊ کا هڪ ٽيبل تي اچي بيٺس. بئري کي چانهه ڊبل روٽيءَ جا ٻه ٽي سيڪيل پترا ۽ فراءِ بيضو آڻڻ لاءِ چئي انتظار ڪرڻ لڳس. ايتري ۾ آصف به اچي نڪتو ۽ پروگرام ٺاهيو سين ته نيرن بعد هرڪو الڳ الڳ پنهنجن ڪمن لاءِ نڪري وڃي. ڇو جو وقت تمام ٿورو آهي. پوري ٻين بجي پنهنجي ٽئڪسيءَ وارو ڊرائيور پاڻ کي وٺڻ لاءِ پهچي ويندو، ۽ ٻين بجي ڌاري جڏهن هتان نڪرنداسين تڏهن سنگاپور ۽ جوهور جي بارڊر واري پل (Cause _ Way) تي ٽين بجي مس پهچندا سين ۽ پوءِ ملاڪا گهر تائين پهچڻ ۾ رات جا نَوَ ٿي ويندا. جيتري سنگاپور کان نڪرڻ ۾ دير ڪنداسين اوتري ئي پهچڻ ۾ دير ٿيندي. ٻئي ڏينهن صبح جو سوير آفيس پڻ هئي. آصف کي به اها اڪيلي اڪيلي نڪرڻ واري ڳالهه صحيح لڳي، جو سنگاپور شهر ۾ هاڻ رلڻ ۽ ڪم ڪاريون لاهڻ لاءِ ڪي پنج ڪلاڪ مس وڃي بچيا هئا. مونکي به ٻن ٽن هنڌن تي ڪم هو. هڪ ته سيشل اسٽريٽ تي پنهنجي پراڻي جهاز ران ڪمپنيءَ ۾ ڪم هو.
    ملائيشيا ايندي وقت هوائي جهاز تي آيو هوس سو پاڻ سا گهڻو سامان نه کڻي سگهيو هوس. ان ڪري وڌيڪ ڪتاب ۽ ڪپڙا پنهنجي جهازران ڪمپنيءَ جي ڪئپٽن کي ڏئي آيو هوس ته يار سنگاپور کان لنگهين ته هي منهنجون هڙون سنگاپور لاهيندو وڃجانءِ اهو ويچارو ڪڏهوڪو اهو سامان سنگاپور واري آفيس ۾ ڇڏي ويو هو ۽ آفيس جي چيني مئنيجر فون ذريعي مون کي اطلاع ڪيو هو. سو پهرين ان آفيس مان اهو سامان کڻي پنهنجي هڪ ٻئي پراڻي بنگالي ڪلاس ميٽ؛ شهاب الدين جي گهر موڪليو، جيڪو پڻ مون وانگر جهاز تي ڳپل حصو چيف انجنيئر رهڻ بعد هاڻ سنگاپور جي پوليٽيڪنڪ ۾ گذريل ٽن سان کان ”اليڪٽرو ٽيڪنالاجي“ سبجيڪٽ پڙهائي ٿو. پاڻ موڪلون گذارڻ لاءِ مون وٽ ملاڪا اچي رهيو هو ۽ جيئن ته اسان واري ٽئڪسيءَ ۾ ٽن ڄڻن جو سامان هجڻ ڪري جاءِ نه هئي سو مون ان سامان لاءِ کيس ملاڪا کڻي اچڻ لاءِ اڳ ئي چئي ڇڏيو هو.
    سيشل اسٽريٽ جي سڌائيءَ ۾ اوڀر کان رابن سن روڊ وهي ٿو ۽ اولهه ۾ سائوٿ برج روڊ ۽ نيو برج روڊ آهي ۽ انهن رستن کي وري سنهيون گهٽيون ؛ ماسق (مسجد) اسٽريٽ، ٽيمپل (مندر) اسٽريٽ، پگوڊا (ٻڌن جو مندر) اسٽريٽ، هوڪين اسٽريٽ، ڪراس اسٽريٽ وغيره ڳنڍين ٿيون. هي علائقو سنگاپور جو چائنا ٽائون سڏجي ٿو. جيڪو علائقو تمام آڳاٽو آهي. هونءَ ته سنگاپور ۾ انڊين، ملئي ۽ ٻين قومن جا ماڻهو به آهن. پر هن علائقي ۾ گهڻي کان گهڻا دڪان چينين جا آهن ۽ تمام گهڻو ڳتيل آهي. گهڙڻ سان دڪانن جي درن، ڀتين ۽ ڇتين کي ٽيڪ ڏيڻ وارن ٿلهن ٿنڀن تي وڏا وڏا چيني اکر نظر ايندا. دڪانن ۽ گهرن اڳيان ٻريل اگربتين جون بچيل ڪاٺين جون ٽڪريون ۽ ديوتائن لاءِ آڇيل نارنگيون ڪيلا يا انناس نظر ايندا.گهرن جي درن ۽ بالڪنين مان نڪتل بانس جي لڙهن تي سڪڻ لاءِ رکيل ڪپڙا جهنڊن وانگر ڦڙڪندا ڏسڻ ۾ ايندا. ڪي ڪي ته سؤ سوا سؤ کن ٻه ماڙ ۽ ٽماڙ پراڻا گهر اڃا تائين نظر اچن ٿا. جن جون ڪاٺ جون ڏاڪڻيون اڏوهي کاڌل ۽ در درين تي پردن بدران ڪوڪن سان لڳل پراڻيون چادرون هونديون. انهن چادرن جا هيٺاهان حصا گر، مٽي ۽ ٻارن جي سنگهن سان ٿڦيل نظر ايندا. گهڻي سامان ۽ ننڍي گهر ڪري هر شيءِ اڌگابري گهر کان ٻاهر نظر ايندي. بوٽ، کوکا، ڌوپ ڇٽيون، سائيڪلون وغيره ته در ٻاهران يا بالڪنين ۾ رکيل نظر اينديون . شام جي وقت گهرن جون زالون ڍرن ڪپڙن ۾ ٻاهر فٽ پاٿ يا گهرن جي وچ واري سوڙهي گهٽيءَ ۾ ڪچهري به ويٺيون ڪنديون ته آرڀرڻ، جوئون ڪڍڻ، هڪ ٻئي جا پنهنجا وار ٺاهڻ جهڙا ڪم به پيون ڪنديون، گهر جا پوڙها چيني مرد ڪنڊ تي ٺهيل اسٽالن تان چاليهن سينٽن واري چانهه جون چسڪيون ڀري سڄي ڏينهن جون خبرون ويٺا ڏيندا وٺندا.


    اڄ جي سنگاپور کي ٺاهڻ وارو

    بهرحال سنگاپورجو چپو چپو ايترو تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي جو آئون نه ٿو سمجهان ته ٻن ٽن سالن بعد چائنا ٽائون جا بچيل ههڙا لقاءَ وري ڏسڻ لاءِ ملن. ڇو جو گذريل ڏهن سالن اندر _ بلڪه گذريل پنجن ڇهن سالن ۾ سنگاپور ۾ ايتري ته ڀڃ ڊاهه، نئين جوڙجڪ ۽ ٺاهه جوڙ اچي ويئي آهي جو چوڌاري چپي چپي تي اوچيون عمارتون ۽ پئسي دولت جي ريل پيل ئي واسو ڪري وئي آهي. پئسي سان گڏ رهڻ جو معيار، کاڌي پيتي ۽ پهرڻ جا طور طريقا ۽ اسٽائيل، دڪان هوٽل ۽ گهر گهاٽن جي بناوٽ جو رنگ روپ سڀ اعليٰ کان اعليٰ ٿيندو وڃي. ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون جيڪي هتي ڏهه سال اڳ عام هونديون هيون ۽ جيڪي جيتوڻيڪ هينئر به اکين اڳيان ڦري رهيون آهن، پر هاڻ سامهون مور نه آهن. انهن شين ۽ ڳالهين بابت فقط انهن سان ياد اوري سگهجي ٿي، جيڪي هتي جا جهونا رهاڪو آهن. يا انهن ڌارين سان جن مون وانگر سنگاپور جا مڙئي روپ ڏٺا آهن. باقي اڄڪلهه جا ايندڙ سياح ۽ ٽوئرسٽ سنگاپور کي يورپ، آمريڪا ۽ جپان جهڙو سهڻو سکيو ستابو ڏسي ڪڏهن به اعتبار نه ڪندا ته ڪجهه سال اڳ سنگاپور ڇاهو. سنگاپور جڏهن انگريز گورنر رئفلس لڌو ۽ ٺاهيو ته سنگاپور کي اڄ جي ماڊرن حالت ۾ هتي جي چيني پرائيم منسٽر مسٽر ”لي _ ڪئان _ يوءَ“ آندو. مون جهڙن ماڻهن جن لي ڪئان يو جهڙي ملڪ سان وفادار حاڪم جي حڪومت ۾ سنگاپور کي هيڏي ترقي ڪندي ڏٺو هوندو، اهي پڪ سڌون ڪندا هوندا ته اهڙا حاڪم جيڪڏهن اسان جهڙن ٽين دنيا جي ملڪن کي ملي وڃن ته الائي ڇا ٿي پوي. جڏهن سنگاپور جهڙا ڀينگيا ملڪ اهڙن سياستدانن ۽ عوامي ليڊرن ڪري ايڏي ترقي ڪري سگهن ٿا ته اسان جا ملڪ ته ان کان به وڌيڪ ترقي ڪري سگهن ٿا. اسان جهڙا ملڪ جن کي قدرت طرفان نه فقط پوک لاءِ وشال ڌرتي، نديون نارا ۽ معدني ذخيرا مليل آهن پر محنتي ماڻهو ۽ ڏات پڻ موجود آهي. هڪ چيني چوڻي پڙهيم ته ”ڳالهائڻ جا ڪي لفظ سلطنتون ٺاهي سگهن ٿا ۽ ڪي لفظ سلطنتون ڊاهي سگهن ٿا.“ ساڳي طرح منهنجي خيال ۾ ڪي سياسي ليڊر، حاڪم، رهنما هن مهانگائيءَ ۽ مسعلن جي دور ۾ به ملڪ کي ٺاهي سگهن ٿا ته ڪي ٺهيل ملڪ کي ڊاهي سگهن ٿا.
    سنگاپور جو پرائم منسٽر مسٽر لي _ ڪئان _ يو Lee _ kuan _yew سنگاپور جي هڪ امير چيني گهراڻي ۾ 1923ع ۾ ڄائو. سندس وڏا اڻويهين صديءَ ۾ چين کان لڏي سنگاپور آيا هئا. وڏو ٿي انگريزي پڙهيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي وانگر پاڻ به سڀ کان پهريائين انگريزي زبان تي عبور حاصل ڪيائين. پر پوءِ سياست ۾ گهڙڻ بعد پنهنجي مادري زبان؛ چيني ۽ ٻيون زبانون ملئي ۽ تامل ڳالهائڻ لڳو.
    ننڍپڻ جي تعليم سنگاپو رجي اسڪول ۾ ئي حاصل ڪيائين. پاڻ ننڍي هوندي کان تمام هوشيار ۽ ذهين هو. اسڪول ختم ڪرڻ تي کيس سنگاپور جي رئفلس ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ اسڪالر شپ ملي ان بعد انگلينڊ جي ڪئمبرج يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين، جتي هن کي قانون (Law) ۾ ڊبل فرسٽ ڪلاس مليو _ معنيٰ ٻن سبجيڪٽن ۾ فرسٽ ڪلاس آنرز مليو.1950ع ۾ کيس انگلينڊ جي بار ۾ داخلا ملي ان ئي سال هن هڪ ملايا جي چيني ڇوڪريءَ مس ڪوا _ گيوڪ _ چو سان شادي ڪئي، جيڪا پڻ ڪئمبرج جي شاگرد هئي.
    انگلينڊ ۾ بئريسٽر ٿي رهڻ بدران لي سنگاپور موٽي آيو. هن جتي پوسٽل يونين جو قانوني صلاحڪار (Legal Adviser) ٿي ڪم ڪيو ۽ کين انگريز سرڪار کان سٺا پهگار وٺرائي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. ساڳي وقت هو ٻين ٽريڊ يونين لاءِ پڻ ساڳيا ڪم ڪرڻ لڳو. لي ساڳي وقت پنهنجي هڪ سياسي پارٽي _ پيپلس ائڪشن پارٽي PAP پڻ ٺاهي، جنهن جو پاڻ سيڪريٽري جنرل ٿي ڪم هلائڻ لڳو.
    1955ع ۾ ڪائونسل ۾ وڌيڪ سيٽون رکڻ لاءِ اليڪشن ٿي جنهن ۾ لي جي پارٽيءَ کي سيٽون مليون. هڪ سيٽ ته سنگاپور جي ان علائقي مان مليس جتي سڀ کان غريب چيني رهيا ٿي. ساڳي سال کان لي سنگاپور ۾ ڌارين جي حڪومت خلاف آواز اٿاريو. 1959ع جي اليڪشن ۾ ليءَ جي پارٽيءَ کي 51 مان 43 سيٽون مليون. پاڻ ڪئبينيٽ ٺاهيائين ۽ ان سان گڏ پهرين پنج سال رٿاپڻ _ جنهن ۾ تعليم، ڪارخانن ۽ عورتن جي آزاديءَ تي گهڻو زور ڏنائين. سندس پارٽي هر اليڪشن ۾ کٽيندي اچي ۽ پاڻ دنيا ۾ سڀ کان گهڻو پسند ايندڙ پرائيم منسٽر ليکيو وڃي ٿو. هيڏي ڌن دولت مان مرتبي هوندي به چيو وڃي ٿو ته سندس ذاتي زندگي تمام سادي سودي آهي.


    ترقيءَ جو راز انگريزي زبان

    سريلنڪا، انڊيا يا برما جي ڪنهن سودائي Sailor چيو ته سنگاپور جي ترقيءَ جو راز ان ۾ آهي ته سنگاپور کي اسان جي ملڪن جهڙا مسعلا نه آهن. سندس اشارو ٻولين، مذهبن، ذات نيات جي اوچ نيچ ڏي هو. پر ڏٺو وڃي ته اها ڳالهه ناهي. سنگاپور ۾ اڄ به ڪيتريون ئي زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. بدين ضلعي کان به ننڍي سنگاپور ملڪ ۾ خبر ناهي ڪيترين زبانن جا ماڻهو رهن ٿا.۽ چار زبانون؛ ملئي، تامل، چيني ۽ انگريزي ته فقط قومي زبانون آهن. ڪهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ ايترا گهڻا مذهب آهن، جيترا سنگاپور ٻيٽ تي آهن. هڪ ئي گهٽيءَ ۾ مسجد آهي ته ساڳي يا ڀر واريءَ ۾ گرجا گهر ۽ ٽينءَ ۾ پگوڊا ۽ گردوارو آهي. فقط چائنا ٽائون ۾ ئي ڪيترا مختلف مندر ۽ مسجدون آهن. سنگاپور ۾ رهندڙ چيني جن لاءِ لڳي ٿو ته هڪ ئي زبان ۽ مذهب هوندو آهي، پر انهن جون به ڪئين زبانون ۽ مذهب آهن. عيسائي به فقط ڪئٿولڪ نه آهن. پر مئٿاڊسٽ، ائنگليڪس، پروٽيسٽنٽ، سيونٿ ڊي ائڊويٽسٽ وغيره آهن. مسلمانن ۾ به شيعن ۽ سنين کان علاوه ٻيا به ڪيترائي فرقا رهن ٿا. ملائيشيا ۾ ته کڻي سڀ شافعي آهن ، پر هتي سنگاپور ۾ ته شافعي، حنفي _ ويندي آفريڪا ۽ عرب ملڪن کان لڏي آيل مالڪي ۽ حنبلي پڻ رهن ٿا. ساڳي وقت وهابي، بوري، کوجا، بهائي، احمدي ۽ ٻيا مختلف مذهبن ۽ فلسفن جا ماڻهو پڻ سڀني کي هتي جي پرائيم منسٽر لي _ ڪئان _ يوءَ جي حڪومت اهڙو خوش ۽ سڌو ڪري رکيو آهي جو سنگاپورين ڏينهون ڏينهن دنيا جي Well Disciplined ۽ Well Organizedقوم ٿيندي وڃي. سڀ ماڻهو هڪ ٻئي سان پيار محبت سان هلن ٿا. نه ته خاص ڪري چيني ماڻهو اهڙا ڏنگا آهن جو انهن لاءِ چوڻي مشهور آهي ته چينيءَ جو فقط مٿي جو وار سڌو ٿئي باقي تن من ڏنگو ئي ڏنگو _ ۽ جن ماڻهن کي مائوزي تنگ جي مار موچڙي به ڪو گهڻو سڌو نه ڪيو _ سي هتي سنوت ۾ رهن ٿا ۽ سنوت ۾ چيني يا ٻيا هجن به ڇو نه، جڏهن موجوده حڪومت هنن لاءِ بنيادي ضرورتون؛ گهر، تعليم، نوڪريون، اسپتالي گهرجون ۽ هر قسم جي مذهبي، توڙي سماجي آزادي مهيا ڪري ڏني آهي.سندن اولاد جون بنيادي گهرجون؛ تعليم صحت کان وٺي ريڊيو، ٽي وي پروگرامن تائين راندين ۽کيل تماشن جهڙين وندرن کان اسڪائوٽنگ پڪنڪ، ڪئمپنگ تائين مهيا ڪري ڏنيون آهن _ چاهي هو ميجارٽيءَ واري قوم ؛ چينيءَ جو ٻار هجي يا ملئي مسلمان جو، پنجاپي سک جو هجي يا هندو سنڌي واپاريءَ جو، اڇي چمڙيءَ واري انگريز جو هجي يا ڏکڻ هندستان جو هڪ اڇوت هندو جو _ جنهن جو اولاد ذات پات ۽ مذهب زبان جي چڪرن مطابق پنهنجي اباڻي وطن انڊيا ۾ هجي ها ته اڇوت سمجهي کيس تعليم کان پري رکي کيس ڪسيون ڌوئڻ ۽ گونهه کڻڻ جو جاب ڏنو وڃي ها ۽سندس پاڇو پوڻ به پاپ سمجهيو وڃي ها، پر هتي اهو به آمريڪن اسڪول ۽ سينٽ لارينس اسڪول مان تعليم وٺي، محنت ۽ پورهئي آهر اعليٰ نوڪري ۽ ڌنڌو ڪري سگهي ٿو. نه فقط هر ماڻهوءَ جي اولاد کي نوڪريون ملن ٿيون، پر کين انهن نوڪرين جو حقدار بنائڻ لاءِ تعليم جو نظام پڻ برابر رکيو ويو آهي. ائين نه ته ڪي وڏن شهرن ۾ رهندڙ خاص ماڻهن جا ٻار خاص اسڪولن مان اوچي ۽ انگريزي تعليم وٺي وڏيون نوڪريون ماڻين ۽ باقي غريب عوام کي لولن لنگڙن اسڪولن مان نعرن جي ڇانوَ ۽ ٿڌڪار ۾ فقط قومي، صوبائي يا مذهبي زبانن ۾ تعليم ڏئي سٺين نوڪرين کان اڇوت بڻايو وڃي. اهو ئي سبب آهي جڏهن سنگاپور ۾ ملئي ماڻهن گوڙ ڪيو ته هن ٻيٽ جا اصل رهاڪو ملئي مهاڻا هئا ۽ هيءَ ڌرتي ملايا جي سرزمين جو حصو آهي ان ڪري اسڪولن ۾ فقط ملئي پڙهائي وڃي، چينين چيو ته ائين نه ٿيندو سڀني کي اسان جي زبان سکڻ کپي جواسين چيني ميجارٽيءَ ۾ آهيون. انڊين چيو ته نه انهن سڀني زبانن کان اهم اسان جي تامل زبان آهي ۽ هي ٻيٽ سنگاپور انگريزن جي ڏينهن کان مدراس سان ڳنڍيل هو، ان ڪري تامل نادو صوبي جي زبان سڀني کي پڙهڻ کپي.
    هتي جي پرائيم منسٽر ماڻهن کي ٿڌو ڪندي سمجهايو ؛ ”بابا ڀاشائون ته سڀ اهم آهن. ڪير پنهنجي مادري زبان ڇڏيندو. پر انگريزي جيتوڻيڪ ڌارين جي زبان آهي، پر بين الاقوامي زبان آهي. سائنس جي زبان آهي ۽ ان ۾ ايترا ته گهڻا ڪتاب لکيل آهن، جو ان جي اهميت عرب ۽ اسرائيلي به مڃين ٿا ته جپاني ۽ جرمن به مڃين ٿا. بهرحال ٻين قومن کي ڌارئين زبان زوريءَ سيکارڻ بدران هرڪو پنهنجي زبان جي اسڪول ۾ پنهنجا ٻار موڪلي ۽ سڀني زبانن جا اسڪول کوليا ويندا ؛ تامل، ملئي ۽ چيني. ان سان گڏ انگريزي به کوليون ٿا جيئن ڪو چاهي ته ان ۾ پنهنجا ٻار موڪلي سگهي.“
    نتيجو اهو نڪتو ته سڀني پنهنجا ٻار وڃي انگريزي اسڪولن ۾ داخل ڪرايا. جنهن کان کڻي پڇ ته بابا تون تامل آهين تو ته چيو پئي ته تامل اهم زبان آهي ٻيا به پڙهن. پر هاڻ ماڳهين تون پنهنجا ٻار به داخل نه ٿو ڪرائين! ته هن ککو وکو ٿي جواب ٿي ڏنو ته اها ته اسان جي مادري زبان آهي ۽ ٻار گهر به سکي ويندا ۽ هيٺين ڪلاسن ۾ به اعليٰ تعليم ۽ سکيا لاءِ انگريزي ضروري آهي. ڏسندي ئي ڏسندي سڀني زبانن جا اسڪول بند ٿي ويا _ سواءِ انگريزيءَ جي. ڇو جو هرهڪ دل ئي دل اندر سمجهي ويو ته اڄ جي دور ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ يا ترقيءَ لاءِ انگريزي زبان ضروري آهي. بقول هڪ ايڪنامسٽ جي ؛ سنگاپور جي ترقيءَ جي لاءِ وڏو راز اهو به آهي ته هنن برما، سريلنڪا يا ملائيشيا ۽ انڊونيشيا وانگر جوش ۾ اچي اسڪولن ڪاليجن مان انگريزي کي تڙي نه ڪڍيو.


    سنگاپور جون نديون نالن جو ڪم ڏين

    سنگاپور وارن انگريزيءَ سان گڏ هڪ ڪم سٺو ڪيو آهي، ته هر هڪ سنگاپوريءَ کي انگريزيءَ کان علاوه هڪ سبجيڪٽ مادري زبان جو ضرور کڻڻو آهي، جيئن مادري زبان _ جنهن جي اهميت، ضرورت ۽ جذبو پڻ پنهنجي جاءِ تي اڻ مٽ آهي، ساسکي سگهي. يعني اهوئي حساب جيڪو اڳ ۾ پاڪستان ۾ اسان وٽ هوندو هو. جتي هاڻ ظاهري طرح ته انگريزي تعليم بند ڪئي وئي آهي، پر اڃا بچيل چند مشنري _ عيسائي اسڪولن اڳيان ملڪ جي اهم شخصيتن، ويندي سياستدانن ۽ وزيرن کي پنهنجن ٻارن جي داخلا لاءِ منٿون ڪندو ڏسي افسوس ٿو ٿئي ته اهي حقيقت پسند فقط ٻارن جو مستقبل سنوارڻ بدران سڄي قوم جي ٻارن جو ڀلو ڪرڻ خاطر سڀني لاءِ انگريزي اسڪول ڇو نٿا رائج ڪرائين.
    هڪ انڊونيشيءَ مون سان ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته؛ ” توهان ڀاڳ وارا آهيو جو انگريزيءَ جي ڄاڻ ڪري توهان جا نه فقط ڊاڪٽر انجنيئر ولايتن ۾ نوڪري ڪري سگهن ٿا، پر هلڪين نوڪرين وارا پڻ. اسان جي ملڪ جا ته ڊاڪٽر انجنيئر به روزگار لاءِ ٻاهر هٿ پير نه ٿا هڻي سگهن جو اسڪولن ڪاليجن ۾ هو انڊونيشي زبان ۾ پڙهيا، پوءِ ڊاڪٽري ياانجنيئريءَ جا ڪتاب جيتوڻيڪ انگريزيءَ ۾ کين پڙهڻا پيا پر ڪچيءَ ۾ انگريزي نه سکڻ ڪري توهان پاڪستانين، هندستانين وانگر انگريزي لس ئي لس نٿا ڳالهائي سگهن. نتيجي ۾ نوڪريءَ لاءِ جنهن انٽرويو ۾ ويهن ٿا فيل ٿيو پون.“
    پر هاڻ ننڍي کنڊ جي تعليم جو معيار به ڇا ٿيندو وڃي _ سٺو يا خراب _ اسان جي اکين اڳيان آهي. ۽ ان جو فائدو ڪنهن کي رسندو _ سمجهه ۾ نه ٿو اچي!
    بهرحال هي هڪ سفر نامو آهي ۽ منهنجي خيال ۾ هتي سنگاپور بابت تعليم کان علاوه ٻه چار ٻيون ڳالهيون لکڻ پڻ بي مهل نه ٿينديون.

    سنگاپور جو ٻيٽ فقط ٻه سؤ ڏهه چورس ميل آهي. سڄي سنڌ جي پکيڙ چوونجاهه هزار چار سؤ کن چورس ميل آهي _ ان ما اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنگاپور جو ٻيٽ ڪيترو ننڍڙو آهي. ان کان علاوه سنگاپورجو ٻيٽ ڪافي هيٺاهون آهي. يعني سمنڊ جي ڪناري کان ڪو گهڻو مٿڀرو نه آهي. جيئن پاڻ وٽ ڪيترائي علائقا مٿاهان آهن. ڪوئيٽا، ڪوهه مري وغيره ته تمام مٿاهان آهن. پر ويندي حيدرآباد به گنجي ٽڪر تي هجڻ ڪري سمنڊ جي ليول کان گهڻو مٿاهون آهي. ان کان علاوه اسان جي ملڪ ۾ ڪيتريون ئي ٽڪريون ۽ جبلن جون قطارون پڻ آهن. پر سنگاپور ٻيٽ ڪٿي به پنجاهه ڦٽن کان مٿي نه آهي. وڏي ۾ وڏي ٽڪري _ بڪت _ تيماح آهي سابه فقط ڇهه سؤ کن ڦٽ مس ٿيندي. يعني ٻارنهن تيرنهن ماڙ عمارت جيتري. هڪ ٻه ٻيون به ننڍيون ننڍيون دڙن جيتريون ٽڪريون آهن. جهڙوڪ؛ بڪت، پنجانگ، بڪت منڊائي وغيره (بڪت ملئي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ٽڪري آهي.) سڄي ٻيٽ تي ٽي چار نديون پڻ آهن. جيڪي سنڌو نديءَ يا گنگا جمنا وانگر جبلن تي ڳرندڙ برف جو پاڻي کڻي بئراجن بندن وٽ واهن ۽ شاخن ۾ ورهائجي. گهڻي کان گهڻي ڌرتيءَ جي اڃ مٽائڻ جو ڪم نه ٿيون ڪن. پر هتي جون نديون ٻيٽ تي وسندڙ مينهن جو پاڻي کڻي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪن ٿيون ۽ڌرتيءَ کي ٻڏڻ کان بچائن ٿيون. يعني اسان وٽ نديو پوک لاءِ ڪارائتيون سمجهيون وڃن ٿيون، جو مصر وانگر اسان جي پوک جو مدار نديءَ تي آهي، پر هتي ٻنين ٻارن کي نديءَ جي پاڻيءَ جي ڪهڙي ضرورت جڏهن هروقت مينهن جي صورت ۾ آسمان مان پاڻي ٽمندو رهي ٿو. هتي جون نديون به پوک لاءِ ڪارائتيون آهن، پر پوک کي پاڻي مهيا ڪرڻ بدران پوک ۾ بيٺل پاڻي ڪڍن ٿيون.هتي جون نديون گٽرن ۽ نالن Drainage جو ڪم ڪن ٿيون. نه ته مينهن جي پاڻيءَ ۾ فصل ٻڏي وڃن.


    سنگاپور ۾ پکي گهڻا جانور گهٽ آهن

    سنگاپور جون اهي هلڪيون ڦلڪيون نديون آهن؛ جرانگ ندي، ڪلانگ ندي، ڪرانجي ندي، سيليتار ندي، سرنگون ندي ۽ سنگاپور ندي.هنن ندين ۾ مينهن پوڻ سان يڪدم چاڙهه اچيو وڃي ۽ مينهن مطابق ڏينهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٻه ٽي ٽي دفعا تار ٿيو پيون وهنديون، هر هڪ ندي ڪا چند ميل مس ڊگهي آهي. سنگاپور ندي سڀ ۾ وڏي، مشهور ۽ تاريخي ندي آهي. جنهن ۾ ٻيڙيون ۽ بارجون به هلن، جيڪي جهاز کان ٻيٽ جي اندروني علائقن تائين ۽ اندروني علائقن کان بندرگاهه تائين سامان لاهڻ چاڙهڻ لاءِ ڍوئين.
    سنگاپور جو ٻيٽ خط اسطوا جي ويجهو هجڻ ڪري ٻار هوئي هڪ جهڙي اونهاري واري موسم رهي، سيارو ته بنهه نه ٿئي. سڄو سال گرميءَ جي ڊگري پنجويهه ۽ستاويهه جي وچ تي رهي. هر وقت جهڙ ۽ مينهوڳيءَ جي ڪري ان کان وڌيڪ گرمي ورلي ڪا ڪڏهن ڪڏهن ٿئي _ سا به چند ڪلاڪن لاءِ. جيڪا گهُٽ ۽ گرمي مينهن پوڻ کان اڳ اڪثر پاڻ وٽ به ٿيندي آهي. ٿوري دير بعد جهڪ يا هوا جي چر پر سان سخت مينهن يا بوندا باندي شروع ٿي ويندي آهي سئيٽر يا ڪوٽ جي ته سڄو سال ضرورت نه پوندي آهي. ڪوٽ جي ضرورت فقط ڪڏهن ڪڏهن پاسپورٽ سائيز ڦوٽو ڪڍرائڻ جي لاءِ پوندي آهي، سو ان لاءِ اڪثر هتي جي هر ڦوٽو گرافر وٽ ٻه ٽي پراڻيون سراڻيون سنگهون لڳل ٽائيون، هڪ ڏندن ڀڳل مر لڳل ڦڻيءَ سان گڏ هڪ عدد ڪوٽ پڻ رکيل هوندو آهي. هتي ذري گهٽ ڏهاڙي مينهن وسي ٿو ۽ سال ۾ هڪ سؤ انچ (اڍائي ميٽر کن) مينهن وسي ٿو.يعني هتي جي مينهن جي پاڻيءَ جو نيڪال پاڻ وانگر خراب هجي ته سال اندر سڄو ٻيٽ ٻڏي وڃي. سنگاپور جي سڄي ٻيٽ تي ماڻهن جي آبادي ۽ عمارتون وڌڻ ڪري گس پنڌ تي ڪو ورلي اڻ پاليل جانور ملي _ سواءِ ڊگهي پڇ واري ڀولڙي (Macaque) جي _ يا رات جي وقت ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ گدڙ يا ڳورپٽ جهڙي جانور جي.باقي هتي پکي جام آهن _ سي به طرح طرح جا. ٻهراڙي وارن بچيل ٽڪرن تي نانگ بلائون ۽ سانڍا چچيون پڻ موجود آهن.


    هتي جي چينين جون مختلف زبانون

    جيئن مٿي لکي آيو آهيان، ته سنگاپور ۾ ڪيتريون ئي قومون رهن ٿيون. جن ۾ پنجهتر سيڪڙو _ يعني ٽي حصا چينين جا آهن پندرهن سيڪڙو ملئي ماڻهن جو، ست سيڪڙو انڊين جو ۽ باقي بچيل سيڪڙي ۾ يورپين اچن ٿا. هتي جا رهاڪو چيني اصل ۾ چين کان ئي آيا.سنگاپور، ملائيشيا، فلپين، انڊونيشيا _ ويندي يورپ آمريڪا ۾ جيڪي اڄ چيني نظر اچن ٿا، تن جي ابن ڏاڏن يا تڙ ڏاڏن جو اصل ملڪ چين هو، جتان هنن ڌارين ولايتن ڏي لڏ پلاڻ شروع ڪئي _ پنهنجي ملڪ جي غربت کان ڀڄڻ لاءِ، ٻاهر جي دنيا ۾ پورهيو ڳولڻ جي لاءِ يا جيڪي اڳهين سکيا ستابا هئا، سي پنهنجي اولاد کي وڌيڪ تعليم يا واپار وڙي جي سکيا ڏيڻ جي لاءِ. اهڙي طرح سنگاپور جو ٻيٽ جيڪو چوڏهين صديءَ تائين چند ملئي ماڻهن جو ڳوٺ هو سو اڳتي هلي انگريزن جي حڪومت ۾ وڌڻ ويجهڻ لڳو ته انگريزن کي انهن ماڻهن جي ضرورت پئي، جيڪي بندرگاهه ۾ مزوريءَ جهڙي پورهئي کان وٺي ڪلارڪي، کيتي ٻاڙي، ۽ عمارت سازيءَ جهڙا ڪم ڪري سگهن. ان لاءِ چين ۽ هندستان اهڙا ملڪ هئا جتان غربت ڪري ضرورت موجب اڻ ڳڻيا ماڻهو اچي سگهيا ٿي. سو سنگاپور ۾ جيڪي هينئر چيني نظر اچن ٿا، سي اهي اصل چين جا آهن. پر چين پاڻ مرادو وڏو ملڪ آهي، جنهن ۾ ڪيترائي پرڳڻا/صوبا ۽ زبانون آهن. سو سنگاپور ۾ جيڪي چيني ڏسون ٿا اهي سڀئي چين جي ڪنهن هڪ صوبي مان لڏي نه آيا پر مختلف صوبن کان آيا آهن، ان ڪري سنڌن مختلف چيني زبانون ۽ مذهب آهن، جيئن ته منجهن چاليهه سيڪڙو چين جي فوڪيئن صوبي جا رهاڪو آهن ۽ گهر ۾ اموئي( Amoy) ٻولي ڳالهائين، ويهه سيڪڙو سنگاپوري چينين جو ٽيچو (Teochew) ٻولي ڳالهائي ٿو ۽ انهن جو اصل چيني صوبو سواتو (Swatow) هو، ويهه سيڪڙو کن چيني چين جي ڪوانگ تنگ کان آيل آهن ۽ باقي ڪئنٽن، شنگهائي، دئرين ۽ ٻين هنڌن کان آيل ۽ هڪا، هڪوئين، مئنڊئرين، ڪئنٽوينز، جهڙيون چيني زبانون ڳالهائين ٿا. مذهب به ڪن جو ٻڌ ڌرم آهي، ته ڪن جو تائوزم، ڪنفيوشزم وغيره آهي. ڪي ته دهريا به آهن، ڪن جو مذهب عيسائيت به آهي، ته ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ چينين جو مذهب اسلام پڻ آهي. سنگاپور ۾ رهندڙ سڀني ملين جو مذهب جيتوڻيڪ اسلام آهي. پر اهي به هڪ ئي هنڌ جا نه آهن. ڪي اصل انڊو نيشي آهن ته ڪي جاواني، بئاني، ۽ ٻيون زبانون ڳالهائيندڙ آهن. ڪي اصل اتر ملايا جا آهن، جيڪي ٿائلينڊ جي بارڊر پاسي جا هجڻ ڪري ڪجهه ڪجهه ٿائي نموني جي زبان ڳالهائين ٿا. ڪي ملايا جي اوڀر واري ڪناري ؛ ترنگانو ۽ ڪئانتان جا آهن ۽ گهرن ۾ پنهنجيون ٻوليون ڳالهائين ٿا.
    اهڙي طرح سنگاپور ۾ جيڪي انڊين رهن ٿا، انهن ۾ ته سڀ کان گهڻا مذهب ۽ زبانون آهن؛ هندو، سک، مسلمان، ڪرسچن، گجراتي، پنجابي، تامل، بنگالي، مليالم، سنڌي گورکا، ويندي پاڪستاني، سلوني ۽ بنگاديشي به انهن ۾ اچيو وڃن ٿا.


    سنگاپور جا مختلف نالا ۽ حڪومت

    سنگاپور جو سرڪاري طرح چيني ( منڊران) ۾ نالو Hsin _ Chia _ Po_ Kung _Ho Kuo آهي، ملئيءَ ۾ ”ريپبلڪ سنگاپورا“، انگريزيءَ ۾ ”ريپبلڪ آف سنگاپور“ ۽ تامل ۾ ”سنگاپور ڪُدي“ يا راسو آهي ۽ اهي چارئي زبانون سنگاپور جون قومي زبانون آهن. اسڪول ۾ سڀ ڪجهه انگريزيءَ ۾ پڙهايو وڃي ٿو، پر ان کان علاوه مٿين مان ڪنهن به هڪ زبان جو سبجيڪٽ کڻڻ ضروري آهي.
    سنگاپور جو هونءَ اصل نالو Temasek (سامونڊي شهر) هو. پر پراڻن قصن موجب سري وجايا سلطنت جو شهزادو سانگ نيلا اتاما، جڏهن تماسيڪ (پراڻي زماني جي سنگاپور) ۾ پهتو ته هن کي هڪ عجيب جانور نظر آيو جنهن کي هن شينهن سمجهي هن شهر جو نالو تيماسيڪ مان بدلائي سنگاپور رکيو. سنگا معنيٰ شينهن ۽ سنگاپورا معنيٰ شينهن جو شهر. ٻي وڏي جنگ جي ڏينهن ۾ جپانين جي قبضي دوران سنگاپور جو نالو سيونان _ تو (Syonan _ To) پڻ رکيو ويو هو.
    سنگاپور ۾ پارليا ماني ڊيموڪريسي آهي، جيڪا ويسٽ منسٽر جي بنياد تي آهي. حڪومت اندر هيڊ آف اسٽيٽ (پرائم منسٽر) اچي ٿو ۽ پريزيڊنٽ (جنهن کي تمام ٿورا پاور مليل آهن.) ۽ 58 ميمبرن جي چونڊيل يونيڪئميرل پارليامينٽ. ووٽ ڏيڻ ضروري آهي هر رجسٽرڊ شهريءَ کي ووٽ ڏيڻو پوندو آهي. پارلياماني مئجارٽي پنهنجو پاڻ مان پرائم منسٽر ۽ ڪئبينيٽ چونڊيندي آهي.1959ع کان وٺي ساڳي پارٽي پي _ اي _ پي ( پيپلس ائڪشن پارٽي) کٽيندي اچي. جنهن جو اڳواڻ مسٽر لي ڪئان يو Lee kuan Yew آهي. هن کي سنگاپور جو پرائم منسٽر رهندي هي پنجويهون سال آهي.
    ملڪ جو نظام هلائڻ لاءِ وزير ۽ بورڊ (سيڪريٽريٽ ) آهي. جنهن ۾ اٽڪل پنجهٺ هزار سول سرونٽ (سرڪاري ڪامورا) آهن. سول سروس لاءِ آفيسر چونڊڻ لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن آهي. (جيڪو طريقو انگريزن پاڪستان، هندستان، برونائي، ملائيشيا، نيو گني ۽ ٻين ملڪن ۾ به رکيو آهي.) اهو خودمختيار ادارو آهي ۽ سرڪاري نوڪرين لاءِ چونڊيل ماڻهن جي معيار، کاتي ۽ ڊسيپلين جو خيال رکي ٿو. ان طرح جو ئي ادارو جوڊيشنريءَ جي خودمختياريءَ جو نظام برقرار رکي ٿو. سپريم ڪورٽ ۽ ٻين ننڍين ڪورٽن ذريعي ماڻهن کي انصاف ملي ٿو. هيٺينءَ کان مٿينءَ ڪورٽن تائين اپيلون به ڪري سگهجن ٿيون. غريبن کي سرڪار طرفان قانوني مدد پڻ ڏني وڃي ٿي. اسلامي قانون لاءِ سنگاپور ۾ شريعت ڪورٽ پڻ آهي.


    سنگاپور جي رستن جا نالا

    مون واچ ۾ وقت ڏٺو، يارهن ٿي رهيا هئا. سنگاپور ۾ اڃا ٻن ٽن هنڌن تي هلڪو ڦلڪو ڪم هو. ماني به اڃا کائڻي هئي ۽ ٻين بجي کان پهرين مئرينرس ڪلب پهچڻو هو. جتان جنهن ٽئڪسيءَ ۾ آيا هئاسين، ان ۾ واپس ملائيشيا وڃڻو هو. سيشل اسٽريٽ مان ڪم لهڻ بعد جهٽ جهٽ سرنگون روڊ تي آيس. سنگاپور جي رستن ۽ گهٽين جا نالا سنگاپور جي شهر وانگر مغرب ۽ مشرق جو مرڪب آهن. سنگاپور شهر تاريخ سان هٿ چراند بنهه نه برابر ڪئي آهي، جو اڃا تائين پراڻا نالا ۽ پراڻيون شيون هو بهو ان صورت ۾ هلنديون اچن نوان نالا فقط انهن رستن جا رکيا ويا آهن، جيڪي نئينءَ سئينءَ ٺهيا ۽ سنگاپور ۾ هر ملڪ، مذهب ۽ ڪميونٽِيءَ جي رهاڪن کي خوش ڪرڻ لاءِ انهن جي دل وٽان نالا رکيا ويا آهن. منهنجو هڪ دوست جيڪو نئين ٺهيل وستيءَ ۾ رهي ٿو اتي سڀ يونيورسٽيءَ ۽ مختلف ڪاليجن اسڪولن جا ماستر رهن ٿا. ان ڳالهه کي مد نظر رکي سنگاپور ان علائقي جي وڏن رستن، گهٽين، لنگهن جا نالا مشرڪي شاعرن جي نالن تي رکيا آهن. جيئن ته ٽئگور روڊ، عمر خيام روڊ، اقبال روڊ، نذر الاسلام روڊ، منشي عبدالله (ملئي شاعر) روڊ وغيره. سنگاپور ۾ انگريزن جو راڄ هجڻ ڪري، ڪجهه رستا مشهور انگريزن سان پڻ منسو ب آهن. ته ڪن رستن جانالا نج ملئي نوعيت جا آهن. ڪي چينين سان واسطو رکندڙ آهن. اهڙيءَ طرح سنگاپور جي ڪجهه رستن ۽ گهٽين جانالا مذهبي رهنمائن جي نالي آهن. ته ڪي مختلف ملڪن ۽ سندن شهرن تان کنيا ويا آهن. مثال طور انگريزن جي نالن وارا ڪجهه رستا؛ ائنڊرسن، ائنٿوني، ڊڪسن، ڪرافورڊ، ڪلائيو، ڪچنر، مارگريٽ، ايلزبيٿ، مائونٽ بئٽن، نيلسن، آئوٽ رام،پرنس چارلس، پرنس ائڊورڊ، روڊ ۽ اسٽريٽ.
    ملئر نالن وارا ڪجهه رستا ۽ گهٽيون هن ريت آهن؛ محمد سلطان روڊ، روماهه ٽنگي، حطام مانيس، حاجي الياس، ائمپنگ، جالان بيسار، جالان بنگارايا، بڪت تيما، بڪت ميراه،بڪت ايام، ڪمپونگ بارو روڊ، نورالدين لين، سنگائي روڊ سيد علوي روڊ وغيره.
    چين سان واسطو رکندڙ ڪجهه رستن جا نالا آهن؛ ڪم سينگ روڊ ڪم يام لينگ ڪي، مائي چن روڊ،تائي چن،تام ڪم چينگ ۽ يو نام روڊ وغيره انهن کان علاوه ڪجهه ٻيا مشهور روڊ ۽ گهٽيون ؛ عرب اسٽريٽ ، آدم اسٽريٽ، آرمين اسٽريٽ، سينٽ مائيڪل روڊ، سينٽ اينڊريو، سينٽ لارينس فريزر، لنڪن ۽ ٽرفالگر اسٽريٽ
    ڪجهه اهڙا رستا جن جا نالا مختلف ملڪن ۽ شهرن جي نالن سان آهن. اهي هي آهن؛ جوهور روڊ، قنڌار اسٽريٽ، برما روڊ، ڊنڊي روڊ، چائنا اسٽريٽ، هالينڊ روڊ، وغيره. هڪ رستي جو نالو پاڪستان روڊ پڻ آهي _ جتي ائڊمرلٽي روڊ ۽ سمباوانگ روڊ ملن ٿا، انهن جي پاسي ۾ ۽ ڪئناڊا روڊ جي ڀر ۾ اڄڪلهه ان علائقي ۾ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي هوائي فوج جا آفيسر رهن ٿاجيڪي سنگاپور جي بچاءَ ۽ سنگاپوري پائليٽن کي ٽريننگ ڏيڻ لاءِ رهيل آهن. انهن نالن کان علاوه ٻيا به ڪجهه نالا جيڪي هن وقت ياد اچي رهيا آهن. سي آهن؛ حيدرآباد روڊ ( دکن هندستان وارو _ ڇو جو انگريزن جي دور ۾ سنگاپور حڪومت جو واسطو مدراس حيدرآباد سان گهڻو هو.) رنگون روڊ، مدراس روڊ، مالا بار، شنگهائي، فرينچ، منڊالي، پارسي، ۽ اراوادي روڊ وغيره. اروادي برما جي مشهو رندي آهي. سنڌو نديءَ جي نالي به سنگاپور ۾ نه فقط انڊس روڊ آهي، پرانڊس اسٽريٽ پڻ آهي.


    سنگاپور شهر ۾ ننڍڙو هندستان

    سو اهڙيءَ طرح هتي سرنگون روڊ آهي. هي رستو سنگاپور جي مشهور ترين رستن مان هڪ آهي سرنگون روڊ تان مون کي ملائيشيا ۾ منهنجي پاڙي ۾ رهندڙ هڪ انڊين ڪليگ لاءِ ڪجهه مسالو ۽ سڪو ميوو وٺڻو هو. تور ۾ ته کڻي اهو ڪجهه هجي _ جو هر هڪ مسالو ٿورو ٿورو گرامن ۾ وٺڻو هو _ ورلي ڪاشيءِ بادامن کاڄن جهڙي سير ڏيڍ تور ۾ وٺڻي هئي، باقي نمونن ۾ تمام گهڻو هو. لونگ، ڪاريون مرچون، ڦوٽا (ننڍا ۽ وڏا)، جائفل جاوتري، جيرو (اڇو ڪارو)، دال چيني، ڪمال پٽ، هنڱ، هئڊ، سونگ، گدامڙيءَ کان وٺي ڳاڙها پيٺل مرچ، ڪشش مش، سڪاڪائي، ڪاري ڊاک، ڪلونجي، سڪل ڌاڻا، _ ٻيا به خبر ناهي ڇاڇا جن جا نالا مون ته ڇا پر ڪنهن هوٽل يا جهاز جي چيف بورچيءَ به نه ٻڌا هوندا، پر اهو ڪمال آهي سرنگون روڊ جو ته افغانستان، ايران، پاڪستان کان سريلنڪا تائين ۽ هندستان جي ته اوڀر ۽ ڏکڻ کان وٺي، اتر ۾ هماليا، جبل جي قدمن تائين پوکيل هر مسالو ۽ ڦڪي ستي هتان اچيو نڪري.
    هونءَ به سرنگون روڊ اهڙو روڊ آهي جتي هندستان جي هر شيءِ ملي ٿي _ مرچ مسالي کان وٺي پڪوڙي، کيچي، بجئي، ۽ مٺائي تائين. مٿي ۾ هڻڻ وارو سندور ۽ آريٺا، ۽ نرڙ تي لڳائڻ لاءِ تلڪ کان وٺي گنگاجل ( گنگا نديءَ جو پاڻي)، راکي ۽ منگل سوترتائين، کٽين (رنگريزن) جي ڇر واري ساڙهين ۽ پورن کان وٺي آر جي ڪمن وارن اڳٺن ۽ ابوڇڻين تائين، ڪاٺ جي ڏوئين، ٺڪر جي ڏيئن ۽ جمنين کان وٺي رڪ جي ديڳڙين، ٽامي جي دلن ۽ پتل جي باردين تائين، مستي، ڳڙ، بيسڻ کان ميٽ،سوپاري، ڦٽڪيءَ تائين هر شيءِ ملندي. اسان وٽ مخدوم کي ٻار ڄائو ته بوندي لڏون ورهايائين. ابا ڪٿان آندءِ هي لڏون؟ چي سرنگون روڊ تان، ظهور جي پروموش ٿي ته بنگالي برفي ۽ چم چم ڏياري موڪليائين. پڇيومانس ته ڇا ڪنهن بنگلاديش کان آندي آهي. وراڻيائين؛ ”سرنگون روڊ تان.“ هر اها شيءَ جيڪا هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ملندي هجي، اها سنگاپور جي سرنگون روڊ تان ٿوري مهنگي اگهه تي پر نج ۽ تازي ملي ويندي. سرنگون روڊ تي هندن جا مندر ۽ ڌرم شالا پڻ نظر ايندا. سڀ ۾ پراڻو مندر ڪالي امن جو مندر آهي، جيڪو 1904ع ۾ اٺن ٻانهن واري ديوي ڪالي _ امن جي نالي تي ٺهرايو ويو هو ۽ ان کان به پراڻو سري نيوا سا پيرو مل مندر آهي.جيڪو 1855ع ۾ ٺهيو هو. ان کي نئينءَ سنئينءَ جو ڙايو ويو آهي. ڏهه کن سالن بعد هڪ هندو امير واپاري پنج لک ڊالرن جي خرچ سان هڪ ڏکڻ هندستان جي عمارتن جي ڊزائن جو ٽاور ان مندر ۾ ٺهرايو. سنگاپور ۾ پهريون همراهه جيڪو هندستان کان آيو. اهو ڏکڻ هندستان جو نارائنا پلائي هو، جيڪو انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ جنرل ڪلارڪ طور ڀرتي ٿي آيو هو. پر پوءِ ڪجهه عرصي کان پوءِ هن اها نوڪري ڇڏي عمارت سازيءَ جي ڌنڌي ۾ حصو ورتو ۽ چڱو سکيو ستابو ٿي ويو. هن کان پوءِ جيڪي انڊين اچڻ لڳا، اهي هن سرنگون روڊ واري علائقي ۾ واپار وڙو ڪرڻ لڳا ۽ 1850ع تائين سرنگون روڊ هندستان جو ئي ڏيک ڏيڻ لڳو. جيڪو اڃا اهو ئي ڏيک ڏيندو رهي ٿو. شايد اهو ئي سبب آهي جو سنگاپور جي هن سرنگون روڊ کي سمال انڊيا Small _ India سڏين ٿا.


    سهڻيون ڪير؟ تامل، ملئي يا چيني

    سرنگون روڊ شين جي وڪري جي لحاظ کان ته ننڍو انڊيا سڏجي ٿو.پر ان روڊ تي رهندڙ ماڻهو سڄي انڊيا جي ماڻهن جي رهاڪن جي نمائندگي نٿاڪن. ماڻهن جي لحاظ کان سرنگون روڊ کي ننڍڙو انڊيا نه پر ننڍڙو تامل نادو (ڏکڻ هندستان) سڏي سگهجي ٿو، جواتي رهندڙ هندستانين ۾ پنجانوي سيڪڙو تامل آهن. هتي چوڌاري گوڏين ۾ ڪاري رنگ جا تامل مرد ۽ عورتون ئي نظر اينديون _ جن جي شڪل وانگر رهڻي ڪهڻي، کائڻ پيئڻ ۽ پهرڻ پوشاڪ ۾ هيڏا سال گذرڻ بعد به ڪو فرق نه آيو آهي. جيتوڻيڪ سنگاپور هڪ مهاڻن جي ڳوٺ کان ماڊرن ملڪ ٿي ويو آهي، پر هي آمريڪي شيدين وانگر ڪپڙي پوشاڪ ۾ اهي ئي رهندا اچن. مثال طور هي تامل عورتون يونيورسٽيءَ جون نوجوان ڇوڪريون هجن يا پوڙهيون _ هڪ ته کين قدرت طرفان ڪارو رنگ مليل آهي. ٻيو هتي جي ٽرپيڪل سج جي ساڙيندڙ اس، ان تي ٿڌي رنگ جا ڪپڙا پائڻ بدران واڱڻائي، لاکي، آسماني، هيڊو، ڪارو سليٽي، چاڪليٽي، ۽ ٻيا اهڙائي تکي ۽ اونداهي رنگ جا بلائوز ۽ ساڙهيون پائي هلن.
    هڪ دفعي جپان ۾ هڪ سک دڪاندار وٽ اهڙن رنگن جون ساڙهيون ڏسي اچرج مان پڇيو هو مانس ته هي رنگ ڪير ٿو وٺي پوءِ سنگاپور ۽ ملائيشيا جي هنن گهٽين ۾ اچي سمجهي ويس ته جپاني ڪي اهڙا بيوقوف ناهن جو اجايو هر رنگ جو ڪپڙو بنا سوچ جي ٺاهين.
    نرڙ تي بنديا (ڳاڙهو تلڪ) ضرور هڻنديون _ بلڪه تکو ڳاڙهو يا لاکي رنگ جو _ جيڪو پري کان سندن جسم جي ڪاري بئڪ گرائونڊ ۾ نظر ئي نه ايندو. سنڌور ۽ بنديا کان علاوه هنن مان ڪي تامل ڇوڪريون هيڊائين رنگ جو ڪو ملم، مٽي، روغن يا ٻورو (يا ٿي سگهي ٿو پيٺل هيڊ ئي هجي) نرڙ ۽ ڳلن تي پڻ هڻن _ جنهن سان ويتر عجيب لڳن ٿيون. پر اهو ڪمال آهي ته هي ڪاريون ۽ ڪوجهيون ڇوڪريون هتي سنگاپور ۾ توڙي سريلنڪا، ملائيشيا ۾ هلن يا ڳالهائين وري اهڙي ناز سان جو اسان جي ملڪ جون سهڻيون ڇوڪريون به ايڏو ناز ڪرڻ نه سکيون هونديون.
    هڪ دفعي آصف کي چيو هوم ته يار شابس هجي، هنن تامل ڇوڪرين کي جو ههڙن ولايتن ۾ _ يعني هتي جي چيني گورين ڇوڪرين جي وچ ۾ رهي به ڪو احساس ڪمتري محسوس نه ٿيون ڪن. جيڪا جتي آهي _ چاهي دڪان تي نوڪرياڻي هجي، هوٽل يا آفيس ۾ ريسيپشنسٽ هجي يا ٻهارو هٿ ۾ هجيس _ يعني ڀنگياڻي هجي، مجال آهي جو پاڻ کي ريکا، سري ديوي، هيمامالني، ۽ جيا پردا (هندستاني فلمي دنيا جون تامل ائڪٽريس) کان گهٽ سمجهي. اها واقعي وڏي ڳالهه آهي نه ته يورپ آمريڪا توڙي پنهنجن ملڪن ڏي ان کان وڌيڪ سهڻيون ڇوڪريون به احساس ڪمتريءَ ۾ نظر اينديون آهن ۽ ساڳيو حال ملئي ڇوڪرين جو آهي، جيڪي پڻ بيڊوليون هجڻ جي باوجود به پرواهه به نٿيون ڪن ته هو ٻين کي ڪيئن لڳنديون هونديون يا سندس بي ڊولي پڻي، ٿلهي جسم ۽ ڊينڊي قد تان ٻيا چٿرون ڪندا هوندا.
    آصف ٿوري دير سوچي وراڻيو؛ ”هتي جيڪي ٽي قومون ؛ چيني، ملئي ۽ تامل رهيل آهن، انهن کي احساس ڪمتري ٿئي ته ڇو ٿئي. احساس ڪمتري تڏهن ٿئي جڏهن منجهن ڪا قوم هيڪاندي سهڻي هجي. چيني رنگ ۾ کڻي اڇا آهن، پر سندن چهرا تاثرات کان خالي آهن. هن پاسي جي چيني ڇوڪرين مان جيڪڏهن ڪنهن ۾ سونهن ۽ ڪشش آهي ته اها فقط هڪ مقرر مدي تائين _ ٻه يا ٽي سال مس رهي ٿي، پوءِ يا ته بلڪل ڦيڦيون ٿيون وڃن يا اڻپوري خوراڪ، تمام گهڻي پورهئي ۽ محنت مزدوريءَ ڪري بنهه سڪل سڙيل نظر اچن ٿيون. ملئي يا تامل ڇوڪريون ڇو مرعوب ٿين _ يا احساس ڪمتريءَ ۾ پون.“
    ”ساڳي وقت سونهن ملئي ڇوڪرين ۾ به ڪا گهڻي نه آهي _ سواءِ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ جي، پر انهن سان به ساڳيو هال آهي جو اها سونهن فقط هڪ مخصوص مدي لاءِ آهي. ان بعد مٺاڻ ۽ تيل، مکڻ ۾ تريل شيون کائي کائي بي ڊوليون ۽ ڳريون ٿيو پون. قد ته اصل کان بندرو اٿن. چرٻي چڙهڻ تي ويتر ڊينڊيون ٿيو پون.
    ”جنهن کي سونهن يا ليمڪ چئجي سو جيڪڏهن آهي، ته تامل ڇوڪرين ۾ آهي ۽ پنهنجي جسم کي وڏي عمر تائين ٺاهي رکن ٿيون، پر افسوس جو هي وري ڪاريون آهن. ۽ مٿان بي افعالن رنگن جا ڪپڙا پايو هيڪاندو چريون ٿيون لڳن.“
    آصف جي ان ڳالهه ۾ گهڻو وزن لڳي ٿو.


    گوڏ هيٺ مٿي ڪرڻ جو سبب

    سنگاپور ۾ ڏکڻ هندستاني مرد سرنگون روڊ تي دڪان ۽ هوٽلون هلائين يا وري مختلف هنڌن تي ننڍيون پئڊيون، بسڪٽ، چاڪليٽ، کٽمٺڙن، سگريٽن سگارن جون هلائين. يا چئنج ائلي، هاءِ اسٽريٽ، پيپلس پارڪ، جهڙن هنڌن تي هلندڙ ڦرندڙ بئنڪن جو ڪم ڪن _ يعني نوٽن جي ڍڳي هٿن ۾ کڻي هر آئي وئي کان سندس ملڪ جو ناڻو مٽائڻ لاءِ پڇندا رهندا. سندن ڊريس ڊگهين ٻانهن واري قميس ۽ هيٺ ڌوتيءَ نما گوڏ، جيڪا اڌ تان مٿي مڙيل هوندي آهي.جورابن ۽ بوٽن جو استعمال تمام گهٽ ڪن. پير اگهاڙا يا وڌ ۾ وڌ اسپنجي چئمپل پائين. گپ ۽ مينهوڳيءَ وارن رستن تي هلڻ ڪري سندن پير چيراٽيل، ڦاٽل يا ڦٽيل هوندا. بند ٿيل ڌوپ ڇٽي ڪڇ ۾ هوندن. (مينهن جي حالت ۾ هڪ هٿ کليل ڇٽيءَ جي ڳن ۾ ۽ ٻيو هٿ ململ جي گوڏ جي ورايل پاند ۾ ۽ ڪڇ ۾ نوٽن يا ڪاڳرن جو ٿيلهو.
    ملاڪا شهر ۾ سينٽ فرانس گرجا گهر سامهون ڏکڻ هندستاني تاملن جا ٻه ٽي سيدي جا دڪان آهن جن تي گهڻو ڪري سندن ئي ڪميونٽيءَ جا ماڻهو خريداري ڪندي نظر ايندا. مزور ۽ هيٺاهون طبقو ته ڇا، پر امير ۽ سکين ستابن جي پوشاڪ به ساڳي هوندي. هڪ ڏينهن هندستان کان آيل اسان جي هڪ دوست پنجابي ڪليگ؛ مسٽر ببر سان بيٺو هوس ته گووندا سواميءَ جي دڪان تي هڪ سکيو ستابو تامل _ رئيس نموني جو چڙهيو. عمر ۾ سٺ سالن جو هوندو. مٿي ۾ ڏونگهيءَ جي تيل جو ٻڪ _ جنهن جي مٺي، ۽ صندل صابڻ سان وهنجي سڌو اچڻ ڪري ان جي تکي خوشبو پري پري تائين آئي ٿي. وار سڌا لسا ۽ برل ڪريم جي اشتهاري همراهه وانگر ڦڻي ڏنل. اکين ۾ ڪجل جي تيلي گهمايل، ڳچيءَ ۾ سوني تند، اڇي ڪلف ڏنل ململ، يا وائل جي وڏن کيسن واري قميص ۽ هيٺ تي به ساڳي ڪپڙي جي ڪلف ڏنل گوڏ _ پر دستور موجب گوڏن وٽان مڙيل. ڪاري رنگ جو پيراشوٽ سان مقابلو ڪندڙ وڏي شاهي ڇٽي، وات ۾ گهڻي ڪاٿي وارو چاٻو پان، ٻين عام نظر ايندڙ ڏکڻ هندستانين کان وڌيڪ شان مان وارو ٿي لڳو. پڪ سندس ئي ڪو هلندڙ ڪاروبار هوندس يا وري پٽ ولايتن (آسٽريليا، نيوزيلينڊ وغيره) ۾ نوڪريون ڪندا هوندس. تڏهن ته سندس پوشاڪ ٻين کان صاف سٿري ۽ اوچي هئي. پر جڏهن نظرون هن ڏي به هيٺ ٿي ويون ته همراهه جا پير چئمپل يا بوٽ کان آزاد هئا.۽ گهروڙي ملائيشيا جي ڌرتيءَ کي بوجا ڏيئي رهيا هئا. ببر کي چيم ته يار ملئي ماڻهن کي ڏسي اسان به سکي ويا آهيون ۽ سندن گهرن ۾ پير اگهاڙا ڪري گهڙون ٿا _ جيئن گهر صاف ۽ پاڪ رهي. پر مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اڃاتائين نه آئي آهي ته هي تامل رستن روڊن تي به پير اگهاڙا ڇو پيا کنيو هلن ۽ هي گوڏ جو اڌ تان موڙي مٿي جهلڻ جو ڇا تماشو آهي _؟
    ”گرميءَ ڪري هي گوڏ کي مٿي ڪري ٻڌن ٿا.“ ۽ شايد ننڍڙي انگوڇي يا چڍيءَ نِڪر تي ئي گذر ڪري وڃن، پر هنن وٽ اهو آهي ته پنهنجي يا ڪنهن جي گهر ۾ گهڙجي ته ان وقت فضيلت سان پيرن تائين ٻڌل گوڏ ۾ گهڙجي. سو ان ڪري هي جڏهن ڪنهن جي گهر ۾ گهڙن ته ”ڦڙاڪ“ سان گوڏ کي هيٺ ڪيرايو ڇڏين، وري نڪرڻ مهل ”ڦڙاڪ“ سان گوڏ جو هيٺيون پوڇڙ مٿي کڻي، ورن ۾ اٽڪايو ڇڏين ته جهڙو پوتڙو ٿيو پوي، ۽ ٻيو سبب گوڏ کي مٿي کڻڻ جو اهو آهي، ته هتي ملائيشيا، سنگاپور وانگر ڏکڻ هندستان ۾ به ٻارهوئي مينهن لڳو پيو آهي، سو رستي تي هلڻ وقت گوڏ کي پاڻيءَ ۽ گپ کان بچائڻ لاءِ مٿي کنجڻو پوي ٿو. ساڳي سبب کان چمپل يا بوٽ به نه ٿا پائين، ههڙي مينهوڳيءَ ۾ ڪهڙو به مظبوط بوٽ هجي هفتو کن به هلي نه سگهندو.“


    سنگاپور ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهنگائي

    سرنگون روڊ کان پوءِ جلدي جلدي وڪٽوريا اسٽريٽ پهتس ۽ تائي پان هوٽل جي سامهون براس بساهه ڪامپليڪس گهڙيس _ جتي نون ۽ اڌ قيمت تي وڪامندڙ ڪتابن جا ڪيترائي دڪان هيٺ مٿي ٺهيل آهن. نوان ڪتاب ته ڪنهن به هنڌان وٺي سگهجن ٿا. پوسٽ ذريعي به گهرائي سگهجن ٿا. پر منهنجي دلچسپي پراڻن _ يعني سيڪنڊ هئنڊ، اڃا به ٿرڊ هئنڊ ڪتابن ۾ هئي. ملئي ۽ چيني ادب جا اهي ڪتاب مون کي کتا ٿي، جن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل هجي يا وري ڪنهن فارينر هتان ٿي وڃڻ بعد ملائيشيا يا سنگاپورتي ان جي پس منظر ۾ ناول، افسانا يا ڪهاڻيون لکيون هجن. ڪتابن کان علاوه ڪجهه رسالا ۽ اخبارون پڻ ورتم. اهي وٺندي وقت ڪراچيءَ جي کوڙي گارڊن (ڊينسو هال جي پٺيان ۽ ميرٽ روڊ جي ڀروارو) ياد اچي ويو _ جتي هر هفتي پراڻو ٽائيم، نيوزويڪ، ۽ ريڊرس ڊائجسٽ رسالو ٽي ٽي رپئي وٺندو هوس ۽ پراڻو گراهڪ هجڻ ڪري دڪاندار پراڻا ڪتاب تور جي حساب سان ڏئي ڇڏيندو هو.
    ان بعد تکو تکو هاءِ اسٽريٽ ڏي ڀڳس جو وقت جو پکي سنگاپور ۾ ڪجهه تکو ئي اڏامي رهيو هو. رستي تي پيننشولا پلازا ۽ نارٿ برج روڊ تان سنڌي هندن جي دڪانن تان هلڪيون هلڪيون شيون؛ قميص، پتلون، بيلٽ، گانن جا ڪيسٽ، جوراب، ٽائيون، آرٽ لائين جون لکڻ لاءِ نيون آيل پينون ورتم، وقت جو جيترو سوچيم ٿي اوترو ئي تيزيءَ سان هٿن مان نڪرندو ٿي ويو، هر وقت واپس پهچڻ جو ڌيان هو جيئن ٻين بجي کان اڳ پهچي ٽئڪسيءَ ۾ ”باليق ڪمپونگ“ يعني واپس ڳوٺ ملاڪا پهچي سگهجي. بک به ڪافي وڌي ويئي هئي _ خاص ڪري سڄو وقت پنڌ ئي پنڌ ۽ تکو تکو هلڻ ڪري. ويجهڙائيءَ ۾ ڪا به اهڙي هوٽل مئڪڊونالڊ، ڪينٽڪي، اي ائنڊ ڊبليو، يا ومپي نموني جي غريب نواز ۽ اڇتائيءَ واري نه هئي. جتان جلد جلد ماني وٺي کائي ڀڄجي. هاءِاسٽريٽ پلازا ۾ يارهين ماڙ تي هڪ سنڌيءَ جي هوٽل ٽپسي ٽاپسي Tipsy _ Topsy آهي، جتي پهرين ٻه ٻه چار چار گهمرا کائي چڪو هوس، اتي پهتس. هوٽل جو سڄو هال ماڻهن سان ٽٻ هو. هڪ ٽيبل تي ٻن ڄڻن جي جاءِ بچيل هئي. هڪ تي آئون به وڃي ويٺس مانيءَ جو وقت هو ان ڪري ماڻهن جو وڌيڪ هجڻ لازمي هو. پر ڪجهه سال اڳ جڏهن هن هوٽل جي سنڌي مالڪ هيءَ هوٽل ٺهرائي هئي ته مانيءَ جي وقتن Lunch – Hour تي به ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ همراهه نظر ٿي آيو. اسان جهڙا جهازن جا همراهه ڪلفرڊ پيئر کان واڪ ڪري ماني هتي کائي ويندا هئا. هوٽل جو مالڪ ور ور ڏيو لذيذ هجڻ جي پڪ پيو ڪندو هو. ويهڻ سان ويٽرس ڇوڪري مينو رکندي هئي ته پاڻيءَ جا گلاس پاڻ مالڪ ڀري رکندو هو. هاڻ ته ماشا الله اها هوٽل ايڏي وڌي ويئي آهي جو مالڪ کي ماڻهن جا بل ڪٽڻ ۽ پئسا وصول ڪرڻ کان ئي واندڪائي ناهي. هونءَ گراهڪ در تائين پهچي خالي ٽيبل ڏسي به ويهڻ يا موٽي وڃڻ جو سوچيندا هئا ۽ هاڻ رش ايڏي وڌي وئي آهي، جو گراهڪ در وٽ بيهي ٽيبل خالي ٿيڻ لاءِ واجهائيندا رهيا ٿي.
    ملئي ڊريس _ سرونگ ۽ باجو ڪرونگ ۾ ڪم واريون ملئي ڇوڪريون، وڃڻين وانگر بورچيخاني کان ٻوڙ، ڀت، مانيون،پاپڙ خومچن ۾ کڻي گراهڪن اڳيان رکي رهيون هيون. بورچيخاني جو اسپرنگن وارو در پٽيو پوريو ٿي ته سامهون سک تندورچي نظر آيو ٿي، جيڪو اٽي جا لڏون ٺاهي ماني پچائڻ ۾ مشغول هو.


    توکي مال وڪڻڻ جي ڳڻتي آهي

    کاڌي جي لسٽ _ مينو آڻڻ لاءِ هڪ ٻن ڇوڪرين جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪايم، پر هنن کي پهرين کان آيل گراهڪن کان فرصت ئي نه هئي، آخر هڪ بورچيخاني ۾ ويندي وقت مينو واري ڇپيل دفتري اڳيان اڇلي ويئي. آئون مينو تي پهرين کاڌن جانالا ڏسڻ لڳس؛
    تندورچي چڪن، بمبئي ڪواب، ڪيلي جي پن تي مڇي، گانگٽ ڳاڙهن مرچن مسالن ۾ مٽن دو پيازا، ساڳ پنير ۽ ملائي ڪوفتا، نان ڪلچا ۽ اڦڙاٽا، ڪشميري پلاءُ، ويجيٽيرين ٿالهي _ وغيره وغيره.
    پوءِ سندس قيمتون پڙهي دماغ چڪرائڻ لڳو ته هي ڇا _ ڇڙو سال ڏيڍ اڳ جيڪو نان فقط چند سينٽ (روپيو سوا) ۾ ورتو پئي ويو، اهو هاڻ ڊالرکن ۾ (ستين اٺين روپئي) ٻوڙ ڀاڄي ويندي دال جي پليٽ به پهرين کان ٻيڻي ٽيڻي اگهه تي. سنگاپور ڪو جپان يا سئيڊن ناروي ته نه آهي _ جتي نه اناج پهچي سگهي نه ڀاڄي بيضو _ جنهن ڪري قيمتن ۾ ايترو واڌارو رکيو وڃي، پر ڪمال آهي، هيڏن قيمتن هوندي به هيءَ ماڻهن جي رش! خبر ناهي ڪهڙا ماڻهو هتي ٽي وقت ماني کائڻ اچن ٿا. سامهون نظر ڦيرايم؛ هڪڙا ته سنڌي سيٺيون لکها ڪروڙا ڊالرن جا واپاري ۽ ڪوٺين دڪانن جا مالڪ پنهنجن يورپين يا ديسي مهمانن سان گڏ هئاڪجهه انڊين ايئر لائين جون ايئر هوسٽسون ۽ ٻيو ڪجهه عملو هو. ڪجهه سک دڪاندار ۽ ٽوئرسٽ هئا. انهن کان علاوه چوٿو کن هوٽل سٿڻ قميص ۾ ملبوس پٺاڻن ۽ افغانين سان ڀريل هئي. ٿوري دير اڳ اچان ها ته شايد تعجب لڳي ها ته هي غريب ماڻهو ايڏو خرچ ڪري سنگاپور ۾ ڇا ڏسڻ آيا آهن. پر مٿي چڙهندي وقت هاءِ اسٽريٽ شاپنگ سينٽر جي بهري Basment وارن دڪانن مان هڪ سک دڪاندار کان قميص لاءِ ڪپڙو ٿي ورتم ته هن وراڻيو؛ ”سائين اسان هاڻ يڪو يڪو تاڪيو وڪڻندا آهيون. قميص لاءِ ٽي گز ڪتري نه ڏئي سگهنداسين.“
    ”يڪو يڪو تاڪيو!“ مون کي تعجب لڳو. هي بهري جا دڪاندار ته ٻه چار سال اڳ اچبو هو ته وال وال ڪپڙي وٺڻ تي به خوشامندون ڪندا هئا. هينئر ڏسندي ئي ڏسندي سنگاپور چڱي ترقي ڪئي آهي. هر ڪو هول سيل جو دڪان ٿي ويو آهي. مون اچرج مان پڇيو مانس؛ ”سردار جي هتي ڪنڊ پاسي ۾ توهان کان تاڪين جي تاڪيا ڪير ٿو وٺي“
    ٻه چار افغاني ان وقت دڪان جي ٻاهران لنگهي رهيا هئا. انهن ڏي اشارو ڪندي چيائين؛ ”اسان جا اڄڪلهه وڏا گراهڪ پاڪستاني آهن. تاڪيا ته ڇا هي جيڪي دٻا ڏسو ٿا _ جن ۾ ٻاهتر ٻاهتر تاڪيا اچن ٿا _ اهي دٻا يڪا يڪا ڊزن وٺيو وڃن. ڪڏهن پاڻيءَ واري جهاز رستي ڪڏهن هوائي جهاز رستي _ ڪراچيءَ کڻي ويندا آهن.“ سک دڪاندار ساهه کڻي چيو؛ ”خبر ناهي ڪٿي ڪٿي هيڏو مال وڃيو ٿا وڪڻن.“
    ”توکي مال وڪڻڻ جي ڳڻتي آهي،“ مون دل ۾ سوچيو، ”مون کي اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هي افغاني، هي بنگالي، هي ايراني خبر ناهي ڪٿان پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ هٿ ڪرايو رات اندر پاڪستاني ٿيو وڃن.“ ۽ هاڻ وري اهي ڳالهيون هن هوٽل ۾ ويهي سوچي رهيو هوس ۽ ملئي ڇوڪريءَ اچي وچ ۾ ڳالهايو؛ ”سائين اڃا ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو جو ٻاهر جا ڪجهه آيل آرڊر اڃا آهن.“


    سنگاپور کان ملائيشيا واپسي

    مون دل ئي دل ۾ سوچيو ته هن هو ٽل مان نڪرڻ لاءِ سٺو بهانو مليو. جهاز جي پگهار واري کي به هاڻ ته هن هوٽل ۾ کائڻ لاءِ ٻه دفعا سوچڻو پوندو. گهٽ ۾ گهٽ ڪناري جي هن گهٽ پگهار واري نوڪريءَ ۾ ته ههڙي عياشي بنهه نه ٿي ڪري سگهجي. خاص ڪري هن وقت جڏهن هڪ هڪ منٽ قيمتي آهي. ۽ جي اسان واري ملائيشيا ويندڙ ٽئڪسي مونکان نڪري ويئي ته ملاڪا تائين ٽي سؤ ميل جهاڳڻ لاءِ سوا سؤ کن ڊالرن جي اڪيلي سر ٻي ٽئڪسي ڪرڻي پوندي يا ٻه سؤ ڊالرن جي چٽي ڀري هوائي جهاز ۾ ملائيشيا پهچڻو پوندو.
    ٻاهر نڪتس ته هل اسٽريٽ تي ٻه مدراسي هوٽلون نظرآيون. پهرين ئي چڙهي سامهون ايندڙ بئري کي ماني پيڪ ڪري ڏيڻ لاءِ چيم.
    ”يس واٽ ڊو يو وانٽ؟“ هوٽل جي بئري چيو.
    هوٽل جي در وٽ ئي ديڳڙن جي قطار رکيل هئي جنهن ۾ مختلف مڇين، گانگٽن ۽ گوشتن جا ٻوڙ هئا. منهنجي اڳيان هڪ آسٽريلين همراهه مون وانگر ان مدراسيءَ جي هوٽل کان ماني پارسل ڪرائي رهيو هو لڳو پئي ته هو ڪيترن ڏينهن کان هتي ماني وٺندو رهيو آهي، جو هن کي چڱيءَ طرح ياد هو ته ڪهڙي ديڳڙيءَ ۾ ڪهڙو ٻوڙ آهي. ان بعد مون به پنهنجي لاءِ ساڳيون شيون؛ مٽرن وارو ڀت ۽ ڪڪڙ جو ٻوڙ گهريو. جنهن جون هوٽل واري ٻه ٿيلهيون ٺاهيون ۽ ٽينءَ ۾ بصر، ساون مرچن، ۽ ونگن جي ڪاتر وڌي.ڏهن ڊالرن جو نوٽ هٿ تي رکيو مانس، ڇهه ڊالر ۽ اسي سينٽ واپس ڪيائين.
    ٻاهر نڪتس ته شينٽن وي واري بس تيار بيٺي هئي، جنهن کي پنجاهه سينٽ ڏيئي اچي ڪنڊ واري سيٽ تي دريءَ پاسي ويٺس. ڏکڻ چيني سمنڊ ۽ هندي وڏي سمنڊ تان اڏامي ايندڙ هيرون، اکين ۾ خمار پيدا ڪري رهيون هيون. چوڌاري هن ٻيٽ تي اڀرندڙ گلڪاريون هيون يا ڪڪرن سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون. دل ۾ سوچيم ته سنگاپور ته ترقي ڪندو وڃي جو ماڳهين اسان جهڙن غريبن جي رهائش ۽ اچ وڃ جو آسرو ختم ڪري رکيو اٿس. بس جي ڀتين ڏي چوڌاري نظر ڪيم ڀتيون خالي خالي هيون. ڏهه سال کن اڳ هنن رستن تي هلندڙ بسن جي هنن ڀتين تي ڌارين کي خبردار ڪرڻ لاءِ انگريزي، تامل، ملئي ۽ چيني زبانن ۾ لکيل هوندو هو؛ ”کيسا ڪتريندڙن ۽ چورن کان خبردار رهو.“ ۽ هاڻ هن ملڪ ۾ ئي پئسي جي ايڏي اچ وڃ ٿي وئي آهي جو هر ڪو ماڻهو سکيو ستابو ۽ پنهنجيءَ وارو ٿي ويو آهي ۽ کيس ٻئي جي کيسي ڏي اک وجهڻ جي فرصت ئي ناهي. ساڳي وقت قانون تي به سختيءَ سان عمل ٿئي ٿو ۽ سنگاپور دنيا جي باحفاظت ملڪن مان هڪ سڏجي ٿو.
    مئرينرس ڪلب ۾ وقت اندر پهتس. ٽئڪسي اچڻ ۾ اڃا به اڌ ڪلاڪ کن هو. ڪمري ۾ پهچي مدراسيءَ جي هوٽل تان ورتل ڀت ۽ ٻوڙ جلدي جلدي پليٽن ۾ لاهي کائي سامان کڻي لفٽ ذريعي هيٺ لٿس ته سامهون واري لفٽ مان ذوالفقار به لهي رهيو هو. آصف اڳهين ڪوچ تي ٽيڪ ڏيئي ويٺي اسان جو انتظار ڪيو. نورالدين ڊرائيور پڻ پنج ست منٽ اڳ اچي چڪو هو ۽ اسان جي اچڻ تي هن اسان جو سامان ٽئڪسيءَ ۾ رکرايو. تيسين اسان ريسيپشن تي هڪ ڏينهن هڪ رات جي رهائش جو بل ادا ڪري ورتو. پوءِ اچي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺاسين. ٽئڪسيءَ هڪ دفعو وري گذريل ڏينهن وارن ساڳين رستن تان اسان کي واپس وٺي هلڻ لڳي، جنهن تان هڪ ڏينهن _ چوويهه ڪلاڪ کن اڳ ملائيشيا جي شهر ملاڪا کان سنگاپور وٺي آئي هئي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 466
    ڪتابن جو مشاهدو: 394151
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 159373
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ