ڪتاب جو نالو: مس سدابهار چنبيلي
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 18 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 319 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 310 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هِي ڪتاب ”مس سدابهار چنبيلي“ مشهور انگريزي ليکڪ ”جان بال” جي جپاني پسمنظر ۾ لکيل شاهڪار ناول ”Miss One Thousand Spring Blossoms“ جو سنڌِي ترجمو آهي، جيڪو سنڌ جي سيلاني محترم الطاف شيخ جَن ڪيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب
  • مون طرفان
  • هڪ
  • ٻه
  • ٽي
  • چار
  • پنج
  • ڇهه
  • ست
  • اٺ
  • نو
  • ڏهه
  • يارنهن
  • ٻارنهن
  • تيرنهن

  • انتساب

    ڊاڪٽر منظور قادر نالي
    هي پنهنجي ترجمي جي محنت هن دلچسپ ناول جي خوبصورت ۽ دلپسند ڪردارن سيٽان (ڊڪ) ۽ ڪانو ماسايو (مس سدا بهار چنبيلي) جهڙي شخصيت ڊاڪٽر منظور قادر انڙ نالي ڪريان ٿو جيڪو ادبي ۽ فلمي دنيا ۾ ”منظور قادر“ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هو جتي ڪانو مسايو وانگر ڪيترن ئي فنون لطيف جو مالڪ آهي . جيئن ته شاعري، ڪالم نويس، ڪهاڻيڪاري، ڊرامانويسي، صدا ڪاري، ادا ڪاري، نيوز ڪاسٽري وغيره اتي هو ”انجنيئر ڊڪ سيٽان“ وانگر پنهنجي پروفيشن، يعني ڊاڪٽريءَ ۾، ماهر هجڻ سان گڏ هن وانگر رلڻو ملڻو، معصوم ۽ ٻئي جو ڀلو چاهڻ وارو، نيڪ، بااخلاق ۽ عاشق مزاج پڻ آهي. منظور مون کان عمر ۾ ويهارو سال ننڍو آهي. ظاهر آهي ته، هو ادب جي دنيا ۾ به اسان کان جونيئر ٿيو پر سندس لکڻيون سندس قد ڪاٺ کي ادب ۾ گهڻو اتاهون بڻائين ٿيون ۽ اهو ثابت ڪن ٿيون ته، ڏات ۽ ڏانءُ سان عمر جو ڪو تعلق ناهي. مون سوجهري ۾ سندس پهرين ڪهاڻي پڙهي ان جو اندازو لڳايو هو. ان بعد سندس لکيل ٻه کن خاڪا ۽ ڪالم پڙهي کيس ڳولڻ لڳس ته هن دنيا کي گڊ باءِ چوڻ کان اڳ هن همراهه سان ضرور ملڻ کپي. مون کي ان جهڙي ڇِڪ هن کان اڳ، اٽڪل ٽيهارو سال اڳ، نصير مرزا جا خاڪا ۽ ڪالم پڙهي هن سان ملڻ لاءِ پڻ محسوس ٿي هئي. هاڻ منظور قادر جون ”ناسٽلجيا“ ا”ُبداڻي ۾ پيل نوٽ“ ”سٺ هزار ڌاڙيل“ ”زندگي جو ڇلو“ جهڙيون ڪهاڻيون ۽ خاڪا پڙهي حيرت ٿئي ٿي ته ڪيئن ڪجهه اديبن جون شروعاتي لکڻيون به اوچ ماڻين ٿيون.
    هتي جيڪر آئون اهو لکان ته ڊاڪٽر منظور قادر عام ڊاڪٽر يعني جنرل فزيشن ناهي پر ڪنهن خاص فيلڊ جو ماهر آهي ته توهان به مون وانگر ڌُڪا هڻندا رهندائو. ٿي سگهي ٿو ڪو چوي ته منظور قادر دل جو ڊاڪٽر آهي. نه دل جو ڊاڪٽر ته نه آهي پر دل جو مريض ضرور آهي. يعني عاشق مزاج ضرور آهي. هن ناول جي هيرو ڊِڪ سيٽان وانگر، هو هر سهڻي شيءِ کي پسند ڪري ٿو.
    منظور سان ملڻ کان اڳ مون پنهنجي ڊرائيور هٿان هن ڏي پنهنجا ڪتاب ڏياري موڪليا.
    ”ڊاڪٽر صاحب کي ڪتاب ڏئي آئين؟“ مون ڊرائيور کان پڇيو.
    ”سائين جنهن نالي توهان ڪتاب موڪليا اهو ته ٽي وي جو وڏو اداڪار آهي. آئون کيس مختلف چئنلن تي هلندڙ ڊرامن ۾ ڏسندو آهيان.“ مون واري ڊرائيور چيو جيڪو TV ڏسڻ جو وڏو شوقين آهي. دراصل مون کي ان وقت تائين اها خبر نه هئي ته منظور قادر جو ٽي وي ۽ ريڊيو جي دنيا سان به واسطو آهي. سو مون کي شڪ ٿيو ته ڊرائيور شايد ڪنهن غلط ماڻهوءَ کي ڪتاب ڏئي آيو آهي. ساڳي وقت حيرت به ٿي جو ڊرائيور جي ڳالهه کي ڪوڙ به نٿي چئي سگهي ڇو جو ٽي وي تي نظر ايندڙ هر سياستدان، ائنڪر ۽ اداڪار کي هو چڱي طرح سڃاڻي ٿو. بهرحال منظور قادر سان ملاقت تي اهو راز کليو ته هو گهڻين خوبين جو مالڪ آهي. هو ٽي وي ۽ ريڊيو تان ايندڙ ڊرامن ۾ نه فقط ادا ڪاري ۽ صداڪاري ڪري ٿو پر ڊراما نويس به آهي. هو شعرو شاعري وانگر اهو ڪم به وڏي عرصي کان ڪري رهيو آهي. پاڻ هڪ سؤ ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي جنهن مان ٽيهه کن ڊراما ته سندس ئي لکيل آهن. ان کان علاوه ڏه کن Tale plays به هن سان منسوب آهن.
    ڊاڪٽر منظرو قادر پنهنجا ننڍپڻ جا ڏينهن ياد ڪندي ٻڌايو ته هن کي ننڍپڻ کان ريڊيو ٻڌڻ ۽ ريڊيو تي ڪم ڪرڻ جو شوق رهيو. ”جڏهن آئون ستين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس ته پڙهائي سان گڏ ٻڪريون چارڻ ۽ انهن جو گاهه پٺو ڪرڻ به منهنجي ذمي هو. اسڪول واري ٽائيم کان سواءِ باقي سمورو وقت ريڊيو منهنجي وجود سان ائين چهٽيل هوندو هو جيئن ڀولي ڪنهن فقير جي ڪلهي تي ويٺل نظر ايندي آهي.“
    1983 ۾ ڪنڊيارو جي گورنمنٽ ڪاليج مان انٽر ڪري منظور جيئن لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي ته حيدرآباد جي ويجهو هجڻ ڪري هن ريڊيو پاڪستان سان به واسطو رکيو ۽ سندس جيڪو ننڍ پڻ کان شوق هو ته سندس آواز به لهرن ذريعي ڳوٺ، ڳوٺ ۾ پهچي ان جو پورائو ٿيڻ لڳو. هن لاءِ روزگار خاطر ڊاڪٽري پڙهڻ هڪ طرف ضروري هو ته ٻئي طرف راڳ، ادب، شعرو شاعري، اداڪاري هن جي لاءِ روح جي غذا هئي. سندس هڪ شعر هن وقت ياد اچي رهيو آهي. جيڪو هن جو پهريون شعر چيو وڃي ٿو، جنهن جي درستگي ڪرڻ وقت سنڌ جي مشهور ۽ پياري شخصيت نصير مرزا هن کي چيو ”منظور تو وٽ ڏات آهي تون ڏاڍو سٺو لکي سگهين ٿو، تنهنجي هن پهرين غزل مان اندازو ٿئي ٿو ته، تون وٽ گوهر لڪل آهن.“
    ان غزل جا ڪجهه ٻول هن ريت آهن:
    موسم مست بهارن وانگي،
    البيلن اظهارن وانگي
    ليڪو ڏئي توکي واري ڇڏيم،
    ٻهراڙي جي ٻارن وانگي!
    دل تي تنهنجي ياد ڄميل آ،
    سياري وارن پاري وانگي!
    پن ڇڻ مند، نهوڙيو منظور!
    اڀي وڻ جي ڏارن وانگي!
    اهو ٻڌائڻ ته وسري ويو ته اسان جو شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊراما آرٽسٽ، اداڪار ۽ سماجي ورڪير منظور قادر ڊاڪٽري جي ڪهڙي فيلڊ جو ماهي آهي. پاڻ Hair Restorative سرجن آهي. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ۾ ئي، هن موڪلائيندي وقت مون کي کلندي چيو:
    ”سر توهان پنهنجي مٿي تي Hair Transplantation ڇو نٿا ڪرايو؟ منهنجيون خدمتون حاضر آهن.“
    ”هيءَ منهنجي عمر آهي. اڃان به جوانيءَ جي ڏينهن ۾ تو جهڙو سرجن ملي ها ته ضرور کڻي سوچجي ها.“ مون وراڻيو.
    ”سائين اسان جي ميڊيڪل سائنس ۾ مٿي تي وار پيدا ڪرڻ لاءِ عمر جو ڪو قيد ناهي.“ ڊاڪٽر منظور چيو.
    منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر منظور قادر سچ چيو جو ان ملاقات بعد منهنجو جڏهن به هن وٽ وڃڻ ٿئي ٿو ته هن وٽ علاج لاءِ آيل ماڻهن نوجوانن سان گڏ وڏي عمر جا به نظر اچن ٿا جيڪي ظاهر آهي پنهنجي ”بي وار مٿي“ تي وار لڳرائي جوان ٿيڻ لاءِ اچن ٿا. هونءَ به ٻئي کي پاڻ وڻائڻ لاءِ رڳو دل جوان رکڻ ته ڪافي ناهي نه ته، ڊاڪٽر منظور جي ڪلنڪ جو سلوگن هجي ها:
    ”اندر اچو ۽ جوان ٿي نڪرو.“
    ان تان مون کي ولايت جي هڪ مشهور بيوٽي پارلر جو لطيفو ياد ٿو اچي جنهن ۾ عورت جي چهري ۽ چمڙيءَ جي تمام اعليٰ درجي جي ٺاهه جوڙ ڪئي وئي ٿي. ان پارلر جي ٻاهران شرارتي نوجوانن جي تنبيهه لاءِ لکيل هو:
    ”خبردار! جنهن کي توهان جوان عورت سمجهي چيڙ ڇاڙ ڪريو ٿا اها توهان جي ڏاڏي به ٿي سگهي ٿي.“
    بهرحال هن وقت به ڊاڪٽر منظور جي ڪلينڪ جي نالي “Manzoor’s Hair Transplant” جي هيٺان جيڪو سلوگن لکيل آآهي، سندس شاعريءَ وانگر بيحد خوبصورت آهي:
    Beauty You Deserve يعني جنهن سونهن جا توهان حقدار آهيو اها حاصل ڪري وڃو. سندس ڪلنڪ بلاول چورنگي وٽ روجهان اسٽريٽ تي آهي. هن وٽ روز بروز علاج يا سرجري لاءِ ايندڙ ماڻهن جي رش ڏسي ٿي سگهي ٿو ڊاڪٽر منظور لاءِ خوشي جو باعث هجي پر مون کي ڪجهه مايوسي ضرور ٿي. ”ڇو ڀلا سائين؟!“ ڊاڪٽر منظور منهنجي اها ڳالهه ڪرڻ تي حيرت مان پڇيو.
    ”ان ڪري جو توکي هاڻ ادبي ڳالهين لاءِ وقت گهٽ ملي ٿو ۽ اسان کي سوجهرو يا پرک رسالو تنهنجي لکڻين کان خالي نظر اچي ٿو.“ مون ٻڌايو مانس.
    ”نه. اها ڳالهه ناهي. ادب ۽ شعر شاعري کان سواءِ ته آئون رهي ئي نٿو سگهان،“ ڊاڪٽر منظور ٻڌايو ته، ”دراصل ڳالهه اها آهي ته گذريل ٽن چئن مهينن کان لکڻ گهٽائي ڇڏيو اٿم جو اڄ ڪلهه آئون هڪ ئي وقت ٻن ٽن ڊرامن ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان.“
    هڪ ڏينهن ڊاڪٽر منظور جي ڪلنڪ ۾ ڪچهري دوران سنڌي ڊرامن جي ڳالهه هلي رهي هئي ته سڪينه سمون جو به ذڪر نڪتو. مون ڊاڪٽر کي ٻڌايو ته هوءَ منهنجي فئوريٽ فنڪارن مان آهي ۽ جيڪي ٽي وي آرٽسٽ منهنجي پسند جا آهن: منظرو قريشي ۽ گلاب چانڊيو کان روشن عطا، فريد بلوچ ۽ ممتاز ڪنول، انهن سڀني سان مليو آهيان سواءِ سڪينه سمون جي“
    ”توهان کي هينئر ئي وٺي هلان.“
    آئون اڃان هن کي چوڻ وارو هوس ته خبر ناهي هوءِ ڪراچي ۾ هجي يانه، پر ان کان اڳ منظور فون ڊائل ڪري هن کي ٻڌايو ته هو مون کي پاڻ سان وٺي هن وٽ اچي رهيو آهي. بهر حال مون کي سڪينه سمون جهڙي مشهور شخصيت سان ملي جتي خوشي ٿي اتي اهو به معلوم ٿيو ته اسان جي ڊاڪٽر جي سڪينه سان مائٽي به آهي. ڊاڪٽر منظور سڪينه سمون جو ڀيڻويو به ٿئي. ڊاڪٽر صاحب جي 1995 ۾ سڪينه جي ننڍي ڀيڻ صوبيه سمون سان شادي ٿي هئي ۽ کين ماشا الله خوبصورت نالن وارا ڇهه ٻار آهن. وڏي ڌيءَ شاهه بانو اٺين ڪلاس ۾ آهي. ان بعد پٽ محمد ڄام تماچي جيڪو ڪلاس ڇهين ۾ آهي ۽ چار نياڻيون آهن: آمنا، مريم، زينب ۽ اجما. آخري نالو مون لاءِ نئون هو جنهن لاءِ ڊاڪٽر منظور ٻڌايو ته اجما ستين آسمان جو نالو آهي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته ڊاڪٽر منظور جو تعلق هڪ مذهبي گهراڻي سان آهي. هن جي والد جناب محمد موسيٰ انڙ صاحب جي خواهش هئي ته منظور کي انگريزي پڙهائڻ بدران رڳو ديني تعليم ڏني وڃي. ان ڪري هن جيئن ئي پنجون ڪلاس پاس ڪيو ته کيس انگريزي اسڪول ۾ موڪلڻ بدران ڳوٺ جي مدرسي ۾داخل ڪيو جيڪو اسڪارپ (ايريگيشن ڊپارٽمنٽ) ۾ انڙ جيڪو ويو. پر منظور ۽ سندس وڏن ڀائرن فضل قادر ۽ عبدالقادر جي شوق کي ڏسي کيس ڀرواري ڳوٺ خانوا هڻ جي اسڪول ۾ موڪليو ويو. اها ٻي ڳالهه آهي ته گهر جو مذهبي ماحول هجڻ ڪري ڊاڪٽر منظور جو نه فقط عربي تلفظ سٺو ۽ صحيح آهي پر قرآن جون ڪيتريون ئي سورتون، آيتون ۽ حديثون کيس ياد آهن جيڪي هو دوستن جي ڪچهري ۾ ڳالهه ڳالهه تي Quote ڪندو رهي ٿو . هو انهن اديبن ۽ شاعرن کان بلڪل مخلتف آهي جيڪي هميشه غمگين چهرو ٺاهي هلڻ ضروري سمجهن ٿا شراب يا ٻيو ڪو نشو ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا.
    منظور قادر پهرين سيپٽمبر 1964 تي ڳوٺ الهه وسايو انڙ ۾ ڄائو. هي ڳوٺ ڪنڊيارو تعلق ۾، ڪنڊ يارو شهر کان 35 ڪلو ميٽر پري خانواهڻ ڀرسان آهي. خانواهڻ اهو شهر آهي جيڪو نجم عباسي، غلام نبي شاد، ناري پبليڪيشن واري نذير ناز، قاضي حميد پارس ۽ رفيق سيال جهڙن اديبن ۽ شاعرن کان مشهور آهي. منظور بنيادي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ خانواهڻ جي گورنمنٽ هاءِ اسڪول مان ڪئي ۽ انٽر ڪنڊياري جي ڊگري ڪاليج مان ڪري LMC ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري ۾ داخلا ورتي. سندس والد محمد موسيٰ انڙ ملاز م هو ان جو شوق هو ته سندس پٽ انجنيئري پڙهي پر منظور کي پنهنجو شوق ڊاڪٽري پڙهڻ جو هو. ڊاڪٽري پڙهڻ وارو عرصو جيڪو هن ڄام شوري، حيدر آباد، سئنڊوز فئڪٽري ۽ لطيف آباد جي روڊن تي گذاريو ان لاءِ سندس چوڻ آهي ته سندس زندگي جو بيحد خوبصورت ۽ اڻ وسرندڙ دور هوجنهن لا هو پنهنجي سيلف پوٽريٽ ”سي ئي جو ڀن ڏينهن“ ۾ لکي ٿو ته:
    ”1984 کان وٺي 1991 تائين جو هڪ هڪ ڏينهن مون لاءِ ائين آهي جيئن ڪنهن ماءُ کي پهرين ٻار جي Conceive ڪرڻواري پهرين ڏينهن کان ويندي ٻار ڄمڻ جي آخري گهڙيءَ تائين هڪ هڪ لمحو ۽ ياد، ڪنهن بي پناهه مسرت کان گهٽ نه هوندو آهي..“
    ان دور ۾ منظور پنهنجي مستقبل جو گول يعني ”ڊاڪٽر بنجڻ“ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پنهنجو شوق صدا ڪاري، ڊرامانويسي ۽ خبرون پڙهڻ وغيره پورو ڪيو ته ڀرپور عضق به ڪيائين جنهن جو سرستو احوال هو مٿين پورٽريٽ ۾ ڪري چڪو آهي.
    1991 ۾ ڊاڪٽر ٿيڻ بعد هن ڪجهه عرصو ميڊيسن ۽ سرجري ۾ هائوس جاب ڪيو ان بعد هو ڪراچي هيلو آيو جتي گلشن اقبال واري احسان ميڊيڪل سينٽر ۾ هن ٽي سال کن نوڪري ڪئي. 1994 ۾ هن کي PIA ۾ ميڊيڪل آفيسر جي نوڪري ملي جنهن لاءِ ڊاڪٽر منظور ٻڌايو ته 1997 ۾ نواز شريف جي حڪومت اچڻ تي ختم ٿي وئي. ان بعد سال 2000 تائين هو مختلف هنڌن تي ڊاڪٽري ڪندو رهيو. ”انهن ڏينهن ۾ انٽرنيشنل ليزر هيئر ٽرانسپلانٽ نالي آمريڪا جي هڪ ڪمپني هتي آئي جن وٽ سرجري سکڻ لاءِ ڊاڪٽر ذوالفقار تنيو پنهنجو نالو رجسٽر ڪرايو ۽ جنهن جي صلاح سان آئون به هن فيلڊ ۾ داخل ٿيس ۽ اڄ تائين ان سان وابسته آهيان ۽ هاڻ بلاول چورنگي وٽ BMI Poly Clinic اسپتال ۾ منهنجي نالي سان منظور هيئر ٽرنسپلانٽ ڪلنڪ آهي. منظور ٻڌايو
    چئبو ته سياستدان بنجي ماڻهن جي قسمت ٺاهڻ بدران هاڻ هنن جي فقط خالي مٿي کي وارن دسان ڀري سهڻو بڻائين ٿو..“ مون آڪٽوبر 2002 واري اليڪشن ۾ ڊاڪٽر منظور قادر جي ناڪاميابيءَ جو سوچي چيو. محترما بينظير ڀٽو صاحب ڊاڪٽر منظور قادر جي صلاحيتن مان تمان گهڻو متاثر ۽ خوش هئي. مشرف جي ڪرايل اليڪشن ۾ شهيد محترما ڪراچي جي گلستان جوهر واري تڪ PS 199 مان پيپلز پارٽي طرفان ڊاڪٽر صاحب کي اليڪشن وڙهڻ لاءِ ٽڪيٽ ڏني وئي هئي ۽ محترما کيس چوندي هئي ته، You are our selected MPA پر افسوس جو ٿورن ووٽن جي فرق سان مخالف ڌر وارو نمائندو هيءَ سيٽ کٽي ويو. ”محترما ته ايترو ي قدر چاهيو ٿي ته ايندڙ اليڪشن ۾ آئون سينيٽر ٿيان پر سندس شهادت بعد هاڻ حالتون اهي نه رهيون آهن.“ ڊاڪٽر منظور ٻڌايو.
    ڊاڪٽر منظور پنهنجي ننڍپڻ جي دوستن جي ڳالهه ڪندي ٻڌايو ته سندس سٺن دوستن مان ڪجهه اصغر علي انڙ، ڊاڪٽر نذير حسين لانگاه، ڊاڪٽر پونم چندر، ڊاڪٽر عبدالستار ميمڻ، پروفيسر گل ڪونڌر، نصر مرزا، نثار ميمڻ، تاج بلوچ، خليل چنا جن آهن.
    ”ڀلا ڪجهه سٺن استادن جا نالا ٻڌايو جن تنظيمي زندگي ۽ سوچ تي اثر ڪيو ۽ اهي توهان کي اڄ تائين ياد آهن.“ مون چيو.
    ”استادن جي به ڊگهي لسٽ آهي پر هن وقت جيڪي تمام گهڻو ياد اچي رهيا آهن، اهي آهن: پروفيسر محمد صديق انڙ، استاد خدا بخش ڪنڀر، استاد آگيڏنو... وغيره.“
    ڳالهه اها آهي ته ڊاڪٽر منظور قادر پاڻ به سٺو دوست، سٺو شاگرد، سٺو ڊاڪٽر، سٺو ٽيچر، سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو هڪ سٺو انسان آهي. ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو هي ڪتاب منسوب ڪرڻ لاءِ منهنجي دل تي سندس نالو تري آيو آهي.
    آخري ۾ سندس هڪ خوبصورت چوسٽو لکان ٿو جيڪو هن وقت مون کي نواب شاه جي عزيز لاکو صاحب ٻڌايو آهي.
    کڻو ٿا نيڻ ۽ لڪايو ٿا مرڪون
    اوهان جو ادائون ڀلا ڪير سمجهي
    ملڻ کان روڪي پنهنجي منهن ٿا سڏڪو
    اوهان جون وفائون ڀلا ڪير سمجهي.


    الطاف شيخ
    ڪراچي

    4 اگسٽ 2011


    مون طرفان

    هي ناول، ٽوڪيو جي گيشا گرل( مس سدا بهار چنبيلي) ٻين پڙهندڙن کي ڪيئن لڳندو ، اهو نٿو چئي سگهان.، پر مون کي خبر ناهي ڇو ايترو ته وڻيو جو دل چيو ته ان کي ترجمو ڪري سنڌيءَ جي روپ ۾ آندو وڃي. ڪجهه وقت ترسي هڪ دفعو وري پڙهيم ، پر ٻئي دفعي به ساڳيو دلچسپ لڳو ۽ ترجمي لاءِ پڪو پهه ڪيم.
    ترجمي جي موڪل لاءِ ناول جي لکندڙ جان بال جي ائڊريس جي ڳولا ڪيم. خبر پيئي ته اڄڪلهه آمريڪا جي شهر ڪئليفورنيا ۾ رهي ٿو ۽ ڄم جي تاريخ جي حساب سان هن وقت جيئرو هوندو ته اسي سالن کن جو ٿيندو. خط لکيم. ٻه مهينا ٿي ويا جواب نه آيو . اديب دوستن سان صلاح مشورو ڪيم. خاص ڪري تاج بلوچ، قمرشهباز، هدايت منگي ۽ حسام سومري ترجمو ڪرڻ لاءِ همت افزائي ڪئي. ايتريقدر جو تاج بلوچ ته چيو ته جي آئون نٿو ڪريان ته هو ڪندو. چيومانس ترجمو ڀلي ڪر پر سڄو ناول انگريزيءَ ۾ نه آهي، جيڪا جپانيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيل آهي سو جپانيءَ ۾ لکيل آهي. ڪرم الاهي چني چيو، ”يار ترجمو شروع ڪري ڇڏيو اجازت نامون پوءِ پيو ايندو. مون به سندري اتم چنداڻيءَ جو ڪتاب ڇپائي جڏهن بس ڪيو ته اجازت وارو خط ان وقت پهتو. اديب خط لکڻ ۾ سست ٿيندا آهن.“
    چيومانس اهو ته صحيح آهي پر جي آخري وقت خط ۾ اجازت نامي بدران منع نامون آيو ته پوءِ محنت ئي برباد.
    بهرحال هتي (ملاڪا_ ملائيشيا) پهچڻ سان نيٺ بسم الله ڪري ترجمو شروع ڪيم. اڃان هڪ چئپٽر به ترجمو مس ڪيو هوندم ته جان بال جو خط پاڪستان مان ڦرندو گرندو هتي اچي مليو. ترجمي جي موڪل ۽ ڪتاب جي ڇپائيءَ جو پڙهي خوشي ٿي ۽ ڏينهن رات ڪم ۾ جنبي ويس.
    هي ناول اصل ۾ انگريزي ۽ جپانيءَ ۾ لکيل آهي. هڪ آمريڪن انجنيئر رچرڊ سيٽان (ڪوڏائڻ جو نالو ڊِڪ) جپان ۾ ڪنهن ڪاروبار جي سلسلي ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ اچي ٿو ۽ سندس عشق مس ڪانوماسايو نالي ڇوڪريءَ سان ٿئي ٿو، پر اها ڇوڪري عام نه پر ٽوڪيو جي نمبر ون گيشا آهي.(سندس گيشائڪو نالو مس سدا بهار چنبيلي آهي.)
    جنهن ڀرپور انداز سان جان بال مغربي مرد ۽ مشرقي عورت جي جذبات جي چٽسالي ڪئي آهي، سا داد جوڳي آهي. هن ناول ۾ جپان جي رهڻي ڪهڻي جي پڻ ڄاڻ پوي ٿي.
    جتي جتي آمريڪن انجنيئر جارج(ڊِڪ) صحيح يا غلط سلط جپاني ٿو ڳالهائي اتي سندس اهي دلچسپ جملا پڻ لکيا اٿم ۽ ڏنگين ۾ انهن جي معنيٰ پڻ. ساڳي وقت جتي جتي گيشا ڪانوماسايو (مس سدا بهار چنبيلي)، آفيس جي مترجم ڇوڪري ريڪو يا ٻيا جپاني ماڻهو ڪو دلچسپ جملو انگريزي يا جپانيءَ ۾ چون ٿا ته اهو پڻ معنيٰ سان لکيو اٿم، جيئن جپاني ۽ انگريزيءَ کان اڻ واقف ناول مان صحيح معنيٰ ۾ مزو وٺي سگهن ۽ ناول نويس جان بال جي قابليت کي ساراهي سگهن.
    جپان کان اڻ واقفڪارن لاءِ اتي جي ماحول، ڪلچر رسم و رواج ۽ احساسات بابت پڻ سمجهاڻيون ڏنيون اٿم جيئن پڙهندڙ انهن ڳالهين جي پس منظر ۾ هن ناول کي enjoy ڪري سگهن. پڙهندڙن جي راءِ ۽ تنقيد جو اوسيئڙو رهندو.

    خلوص منجهان

    الطاف شيخ
    (ملاڪا_ملائيشيا)
    1983ع


    هڪ

    رچرڊ سيٽان ڪمپنيءَ جي سڀ کان اتاهين ماڙ واري آفيس ۾ ويهي سئن فرانسسڪو شهر جو دريءَ مان نظارو ڪيو. سندس کاٻي ٻانهن ڪالرا جي سُئي هڻائڻ ڪري ڏکي رهي هئي، پر هن کي اها خوشي هئي ته هو جپان هڪ اهم حيثيت ۾ وڃي رهيو آهي، جتي هن کي سندس آمريڪن ڪمپنيءَ ڪجهه مشينري خريد ڪرڻ کان اڳ ان جي چڪاس لاءِ موڪلي رهي هئي ته جيئن هو جپانين جي ٺهيل اليڪٽرانڪ شين جي ڪارڪردگي ۽ بهتر هجڻ جي رپورٽ وڃي موڪلي، ڇو جو ائين نه ٿئي ته لکها ڊالرن جو سودو طئي ٿيڻ بعد خبر پوي ته اها شيءِ سٺي يا صحيح ناهي، يا ڪو ٻيو جپاني ڪارخانيدار ساڳي شيءِ سستي اگهه ۾ پيو ڏئي.
    رچرڊ سيٽان کي پهريون دفعو ولايت اسهڻ جي دل ۾ عجيب خوشي محسوس ٿي رهي هئي. هو ته پنهنجي ملڪ آمريڪا ۾ شڪاگو کان ڪڏهن پري نه ويو هو، پر هاڻ هڪ ڏورانهين ڏيهه، جپان ڏي ويندي هن جي عجيب ڪيفيت ٿي رهي هئي، جنهن جادو ڀري اوڀر جون هن ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌيون هيون.
    رچرڊ جو اتفاق سان آمريڪا جي هڪ اهڙي پراڻي روايتي خاندان سان تعلق هو جتي هن ننڍي هوندي ئي حيا شرم، وڏن جو ادب، نئڙت ۽ نهٺائي جهڙيون وصفون سکيون هيون. شايد هڪ اهو به سبب هو جو سندس ڪمپنيءَ جي اعليٰ عملدارن، جپان جهڙي ملڪ لاءِ، هن کي چونڊيو هو ۽ ان کان علاوه سندس انجنيئري علم، عقل ۽ ڏاهپ پڻ شامل هئي.
    رچرڊ کي جپانين بابت ڪابه پهرين جي ڄاڻ نه هئي سواءِ ان جي ته هو هڪ نافهم ٻولي ڳالهائين ٿا، پر اليڪٽرانڪ جو سامان تمام عمدو ٺاهين ٿا ۽ هي پنهنجي انجنيئري پيشي جي لحاظ کان ڊزائينن ۽ نقشن ذريعي هنن سان لهه وچڙ قائم رکي سگهيو ٿي.
    هو ڏانهن جپان ۾ ”ماتسوموتو ڪمپني“ جو مالڪ مسٽر ماتسوموتو پنهنجي آفيس ۾ آڱرين رستي فال ڪڍي رهيو هو ته شل ايندڙ آمريڪن کي سندس فئڪٽريءَ جو ٺهيل ”انجنيئري سامان“ وڻي وڃي ۽ آمريڪا کان وڏو آرڊر ور چڙهي ته جيئن ڪمپنيءَ جي ڏينهون ڏينهن ڪرندڙ ساک کي ڪو ٽيڪو اچي وڃي، جنهن جو اڳهين برائيءَ پيڇو نٿي ڇڏيو ۽ هاڻ ته ماڳهين ڏيوالي ۾ وڃڻ جو ڊپ هو. تازو آيل ٽپال ۾ پڻ فلپائين جي ڏنل آرڊر کي رد ڪرڻ لاءِ انهن وٽان خط پهتل هو. فلپين وارا سندس سڀ کان وڏا گراهڪ هئا. انهن جي هٿن مان وڃڻ جو صدمو ئي ڪافي هو ۽ هاڻ آمريڪا کان ايندڙ هن نمائندي رچرڊ سيٽان جو خيال هن جپاني سيٺ مٿان خنجر وانگر لٽڪي رهيو هو ته الائي کيس سندس ڪمپنيءَ جو مال ۽ ڪم پسند به ايندو يا نه. جڏهن ته ٻين جپاني ڪمپنين جا جپاني مالڪ واڳوءَ وارا وات پٽيو انتظار ويٺا ڪن ته رڳو ٻئي جو گراهڪ ٽٽي ته جهپ هڻي ڳڙڪائي وڃجيس. بهرحال سيٺ ماتسوموتوءَ پنهنجي طرفان واسطيدار ماڻهن کي آمريڪي ڪمپنيءَ جي هن ايندڙ نمائندي جو خيال رکڻ لاءِ چڱي طرح تاڪيد ڪري ڇڏي ته کڻي ڪيترو به خرچ اچي پر آيل مهمان کي ڪنهن به ڳالهه جي تڪيلف نه رسي ۽ ساڳئي وقت کيس ڪم ڪار کان واندو ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن نه ڪنهن وندر يا دلچسپيءَ ۾ رڌل رکيو وڃي، جيئن هڪ ته هو خوش ٿي سٺي رپورٽ ڏئي ۽ ٻيو ته کيس واندو ڏسي متان ڪو ٻيو جپاني ڪارخانيدار هن کي پاڻ ڏي ڇڪي نه وٺي.
    انهيءَ وقت جپاني مالڪ ماتسوموتو جي حڪم موجب سندس قابل نائب صدر مسٽر ياماگچي ۽ ٻيو همراهه، ڪمپنيءَ جو رابطا آفيسر مسٽر فوتابا، جيڪو انگريزي به ڳالهائي سگهيو ٿي، بلڪ هن کي اها خوشي فهمي هئي ته هو ڳالهائي سگهي ٿو. ٽوڪيو جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پنهنجي آمريڪن مهمان رچرڊ سيٽان جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. ياماگچي صاحب مهمان جي آمد تي چوڻ وارا سوچيل جملا هٻڪندي دل ۾ ٻاويهون دفعو ورجايا ۽ مسٽر فوتايا وري وري سوچڻ ڪري ماڳهين اچي ان پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿيو ته آيا هو انگريزيءَ ۾ معزز مهمان سان ڳالهه ٻولهه قائم به رکي سگهندو يا نه. ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته انگريزيءَ جي پيرڊ ۾ هو ۽ سندس ڪجهه ڪلاس ميٽ پاڻ ۾ ويهي ساڳيا ساڳيا لکيل سوال ۽ رٽيل جواب هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا هئا پر انگريزيءَ جي ڏکين اچارن ڪري هن ڪڏهن به ٻاهر ڪنهن سان انگريزيءَ ۾ گفتگو نه ڪئي هئي.
    جپانين جي عادت آهي ته شرم يا مونجهاري مهل ڏندن اڳيان هٿ ڏئي ڦڪي کل کلندا آهن سو هينئر جيئن ئي سئن فرانسسڪو کان آيل سنهي ۽ ڊگهي ڊي. سي 8 هوائي جهاز ٽوڪيو جي هوائي اڏي کي ڇهيو ته ياماگچيءَ کي دل ۾ آيو ته اهڙي ڦڪي مرڪ چپن تي آڻي کڻي پنهنجي شرم کي پرچائجي جو هاڻ وقت ويجهو اچڻ تي کيس اها سمڪ به نه پئي پيئي ته اهو مهمان ، جنهن جي آڌرڀاءَ لاءِ هو پڳ ٻڌي آيا آهن تنهن کي سڃاڻبو ڪيئن، ڳالهائڻ ته ٿي پوءِ جي ڳالهه.
    ۽ هاڻ ته اهو مسئلو انگهي ماڳهين هيبت ناڪ حد تائين وڃي پهتو، جڏهن، جهاز مان لٿل مسافر هڪ هڪ ٿي ”ڪسٽم چيڪ“ مان ٿيندا ٻاهرين در کان نڪري نڪرڻ شروع ٿيا هئا. پر اهو به شڪر جو انهن ۾ گهڻا ته جپاني هئا ۽ جيڪي ڪجهه ڌاريا هئا، اهي وري ٻارن ٻچن سان هئا، يعني انهن ۾ سندس آمريڪن مهمان ٿي نٿو سگهي جو هو آمريڪا کان اڪيلي سر نڪتو آهي. ايتري ۾ کين ڇڙهن ۾ هڪ بيحد ڄانگهو همراهه ڏسڻ ۾ اچي ويو جيڪو آمريڪن ٽوئرسٽ جيان ڀوڪ بصر ٿي لڳو، جنهن جو منهن عينڪ ڪري چٻري جهڙو هو ۽ باقي ٻيا ٻه ڪنهن ملڪ کان آيل آڙي ڪاپ قسم جا واپاري ٿي لڳا. انهن ٻن مان هڪ جي سڃاڻپ ٿي وئي ته اهو سيٽان نه هوندو جو ان وقت ميزبانن واري گئلريءَ مان هڪ فارينر جي اچڻ سان هن کيس هٿ لوڏي کيڪاريو ۽ ساڻس گڏ هليو ويو. مسٽر فوتابا هاڻ دل جهلي ٻئي همراهه ڀرسان بيهي، چپن ۾ ڀڻڪيو:
    ”سائين، توهان رچرڊ سيٽان آهيو_؟ ها؟“
    ۽ هن سڄو جملو ٻڌڻ جي به تڪليف نه ڪئي ۽ کيس ڪنهن هوٽل جو دلال سمجهي يڪدم اُڇل مان وراڻيو:
    ”نه مون اڳهين هوٽل ۾ ڪمرو وٺي ڇڏيو آهي.“
    ۽ پوءِ ان آفت جي گهڙيءَ ۾ مدد جوملائڪ هڪ من موهڻي جپاني ايئرهوسٽس جي روپ ۾ ظاهر ٿيو. ملڻ مهل جپاني جيڪا جهُڪ جُهڪان ڪندا آهن ان ضروري رسمي کيڪار کڙيءَ کان پوءِ ياماگچي کانئس سيٽان_ سان (san) جو پڇيو ته ان نالي وارو ڪو همراهه آمريڪا کان هن جهاز ۾ چڙهيو به هو يا نه. ايئر هوسٽس ڪنڌ ڌوڻي هڪ بي ڊولي، آفت جيڏي همراهه ڏي اشارو ڪيو جيڪو وائڙي وڇ وانگر پريان هڪ جپاني پبلڪ فون وٽ بيٺو هو. ههڙي ڄانگهي همراهه کي ڏسي ياماگچيءَ تي رعب طاري ٿي ويو، پر پوءِ هڪ دفعو پنهنجي همت کي گڏ ڪري ان انساني بلا جي اڳيان پهچي نئڙت منجهان نميو. ٻه چار وکون پٺيان، ساڄي پاسي بيٺل، رئيس فوتابا، پڻ هن سان گڏ پاڇي وانگر جهڪيو. ياماگچيءَ پوءِ جيتوڻيڪ وڏي خبرداريءَ سان پر ڀڳل ۽ غلط گرامر وارو جملو ڳالهايو:
    (Seatan San! Are you, Yes?) ”سيٽان _ سان! آهيو نه، ها_ ؟ ماتسوموتو ڪمپني.“ هن چيو.
    سج لٿي مهل ٻرندڙ ڏيئي وانگر رچرڊ سيٽان جي منهن تي جرڪو اچي ويو. ”اوهه! مسٽر ماتسوموتو“ هن گرمجوشيءَ مان چيو، ”آئون ڊڪ سيٽان آهيان.“
    ياماگچي هڪ دفعو وري نميو، هن کيسي مان ٻٽون ڪڍي صحيح طريقو اختيار ڪيو، يعني پنهنجي ”نالي نوڪريءَ“ جو بزنيس ڪارڊ ڪڍي آيل مهمان جي حوالي ڪيو.
    آمريڪن مهمان ڪارڊ تي ڇپيل عجيب شڪلين وارا جپاني اکر ڏسي وائڙو ٿي ويو، پر وري ساڳي ايئر هوسٽس ان ويل اچي لنگهي، جنهن جهڪي، کانئن پڇيو:
    ”آئون توهان جي مدد ڪري سگهان ٿي؟“
    ورنديءَ ۾ آمريڪن مهمان به جهڪڻ جهڙي ادا پيش ڪري پنهنجي خانداني هجڻ جو ثبوت ڏنو، جيتوڻيڪ هو ان صحيح طريقي سان جهڪي نه سگهيو ، جنهن سان جپاني جهڪندا آهن. پر مڙيئي جهڪيو سهي ۽ جپانيءَ ۾ لکيل ڪارڊ سندس حوالي ڪري هن کي پنهنجي ڏکيائي ٻڌائي. ساڳيو مسئلو ياماگچيءَ به بيان ڪيو. ايئر هوسٽس ان بعد سيٽان ڏي مڙي ۽ هن سان ميزبان جپاني همراهن جو تعارف ڪرايو:
    ”هي مسٽر ياماگچي آهي، ماتسوموتو ڪمپنيءَ جو نائب صدر ۽ هي مسٽر فوتابا آهي، ڪمپنيءَ جو رابطا آفيسر، مهمانن جي ٽهل ٽڪور ۽ ڪم ڪار لاءِ. ڪمپنيءَ جو مالڪ ۽ صدر، ماتسوموتو هن وقت آفيس ۾ ئي مشغول آهي ۽ اچي نه سگهيو.“
    آمريڪن مهمان کي ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ تي ٻئي جپاني همراهه ڏند ٽيڙي ائين ور ور ڏئي نميا ڄڻ وڏي کيپ کٽي هجين.
    ”وئي ميڪ گريٽنگس“ فوتابا همت ڪري پنهنجي پَرِ ۾ زبردسٽ انگريزي ڳالهائڻ جو مظاهرو ڪيو.
    ”مهرباني سائين.“ رچرڊ سيٽان هٿ ملائي سندن کيڪار جو جواب ڏنو. جيتوڻيڪ هٿ ملائڻ جي ضرورت نه هئي ۽ جپان ۾ هٿ ملائڻ ڄٽڪي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي، پر اها مڙيئي هڪ اهڙي غلطي آهي جيڪا جپاني درگذر ڪري سگهن ٿا. پوءِ هن ايئر هوسٽس جو ٿورو مڃيندي کانئس پڇيو: ”جپان ۾ رهڻ دوران هتي مون کي ترجمي لاءِ ڪو همراهه ملي سگهندو_؟“
    من موهڻي جپاني ايئر هوسٽس پنهنجي ديس واسين فوتابا ۽ ياماگچيءَ جي ڪارپت رکندي چيس : ”ڇو سائين، هي ٻئي مڙسالا انگريزي ڳالهائي ته سگهن ٿا.“ پوءِ هن جهڪي موڪلايو.
    ياماگچيءَ ٽئڪسي اسٽينڊ ڏي هلڻ لاءِ اشارو ڪيو ۽ فوتابا زور ڪري کانئس سامان وٺي پاڻ گهلڻ شروع ڪيو.
    ”يو _ ٽائرڊ. ميڪ _ سليپ _ نائو؟“ (.تون ٿڪل هوندين. ڇا هينئر آرام ڪرڻ چاهيندين؟) ياماگچي چين ۾ ڀڻڪي پهرين جپاني لفظن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ياد ڪيو ۽ پوءِ ڏاڍيان چيو.
    سيٽان جپاني همراهه جي ڀور ڀور ٿيل انگريزي هاڻ ڪنهن ٻئي جي مدد بنا سمجهڻ لڳو هو.
    ”نه . هينئر مون کي سمهڻو ته نه آهي. باقي آئون اهو چاهيندس ته پنهنجي هوٽل ۾هلي وهنجان سهنجان.“
    پاڻ جهاز مان ئي شيو ڪري آيو هو. ويهه ٻاويهه ڪلاڪن جي سفر بعد به سندس ڪالهوڪي پاتل قميص اڃا سٺي حالت ۾ هئي.
    سيٽان جي آمريڪن لهجي واري انگريزيءَ جو ”وائڙي ٿيل ياماگچيءَ“ کي فقط هڪ لفظ ”هوٽل“ سمجهه ۾ آيو ۽ ٽئڪسي اسٽينڊ وٽ پهچندي پهچندي هن وراڻيو:
    ”يس. وي گو هوتيرو“ (پاڻ هوٽل ڏي هلون ٿا.)
    هڪ تمام ننڍڙي سائيز جي ٽئڪسي اڳيان اچي بيٺي، جنهن جي سيٽن تي آر جي ڪم جا اڇا کير جهڙا پوش چڙهيل هئا ۽ هڪ گلدستي ۾ ننڍڙا ننڍڙا گل رکيل هئا. رچرڊ سيٽان سوڙهو سنگهوڙو ٿي ٽئڪسيءَ اندر گهڙيو ۽ چٻو سٻو ٿي سيٽ تي ويهڻ جي ڪوشش ڪيائين. ڀر ۾ سندس سامان جو ڍير سٿيو ويو. ياماگچيءَ ڪوسي چانهه کي ڦوڪون ڏيڻ واري نموني ۾ ڊرائيور کي هوٽل ڏي هلڻ لاءِ جپانيءَ ۾ هدايتون ڏنيون ۽ ٻي ٽئڪسيءَ ۾ ٻنهي پنهنجو پاڻ کي سٿيو .
    جيئن ئي ٽئڪسي هلي ته ان جي رفتار ۽ ڊرائيور جو توائيپڻو ڏسي رچرڊ سيٽان هراسجي ويو. سڌو هلڻ بدران پهرين ته هن يو ٽرن ڪري ون وي ڀڳو. پوءِ سنهي گهٽيءَ مان شارٽ ڪٽ ڪري مين روڊ تي پهتو، جتي هڪ ئي وقت گاڏين جون ٽي قطارون هلي رهيون هيون. هن رستو چيريندي چوٿين قطار ٺاهي. رچرڊ سيٽان رڙ ڪري انگريزيءَ ۾ چيس ته هي ڇا پيو ڪرين. پر جپاني ڊرائيور اشاري سان سمجهايس ته جلدي هلڻو آهي_ ڄڻ ڪا اڳتي ايمرجنسي هجي. سيٽان ڊرائيور تان ڌيان هٽائي دريءَ مان ٽوڪيو شهر جو نظارو ڪرڻ لڳو. رستي جي ٻنهي ڪپرن تي ۽ عمارتن مٿان اشتهارن جا وڏا وڏا بورڊ لڳل هئا، جن کي پڙهڻ جي هن گهڻي ئي ڪوشش ڪئي پر جپاني لفظن جي مورتن جهڙن اکرن مان هو تِرَ جيترو به مطلب ڪڍي نه سگهيو. اڳيان ويندڙ ڪارن ۽ بسن کي سندس ڊرائيور ايترو ته ويجهڙائيءَ کان اوورٽيڪ ڪندو ويو جو ٻنهي گاڏين جا پاسا ٿي رهڙيا ۽ پوءِ اڳتي هلي هڪ موڙ وٽ ڊرائيور اهڙي ته بريڪ هڻي ٽئڪسيءَ کي موڙو کارايو جو سيٽان جا آنڊا ٻاهر نڪرڻ تي هئا. هن بيزاريءَ مان کڻي اکيون بند ڪيون. کيس سندس ملڪ آمريڪا ياد اچڻ لڳو، پر سئن فرئنسسڪو ۽ شڪاگو جون ڳليون هن وقت گهٽ ۾ گهٽ نو هزار ميل هتان کان ڏور هيون.
    هوٽل ۾ پهچڻ تي اتي جي پرسڪون ماحول ۾ سيٽان جا مڙئي هوش ٺڪاڻي آيا. هوٽل جي ڪلارڪ ڇوڪريءَ سٺي انگريزي ڳالهائي به ٿي ته سمجهي به ٿي. سندس ڪمرو بلڪل تيار هو. هاڻ هن جپاني ميزبانن مان پنهنجي جان ڇڏائي آرام ڪرڻ ٿي چاهيو، سو ياماگچي ۽ فوتابا ڏي مڙيو، جيڪي سندس حاضري ۾ پٺيان پٺيان هلي رهيا هئا.
    ”مهرباني توهان جي. مون سان اچي ملڻ ۽ منهنجي رهنمائي ڪرڻ لاءِ آئون توهان جو ٿورائتو آهيان.“
    فوتابا اهو ٻڌي ٻهڪيو ۽ جهڪي انگريزيءَ ۾ چيو:”اها اسان لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي.“
    فوتابا کي انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندو ڏسي ياماگچيءَ به پاڻ موکڻ ٿي چاهيو ۽ مليل هدايتن موجب مهمانوازيءَ جو مظاهرو ڪيو:
    ”اسان چاهيون ٿا ته توهان کي وهنجڻ لاءِ ٻاهر غسل خاني تي وٺي هلون.“
    رچرڊ سيٽان وائڙو ٿي ويو ۽ عجب مان ڪلارڪ ۽ ياماگچيءَ ڏي نهاري چيو:” مون ته اٽيچڊ باٿ واري ڪمري لاءِ رزرويشن ڪرائي هئي. ڇا مون واري ڪمري سان وهنجڻ جاءِ لاڳو ناهي؟“
    ”جپان ۾“، ياماگچيءَ ڌيرج سان کيس انگريزيءَ ۾ جپاني غسل خانن جي رسم رواج کان واقف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”هاٽسي باٿ (گرم حوض) ۾ وهنجڻ جو ٻيو مزو آهي. ماڻهوءَ جو ٿڪل سرير تازو توانو ۽ صاف سٿرو ٿيو وڃي. ڇا توهان جپاني نموني سان وهنجڻ پسند نه ڪندؤ.“
    رچرڊ سيٽان تازو هڪ ڪتاب ”دي اگلي آمريڪن“ پڙهيو هو ۽ هن پاڻ کي موڳو مٽر يا بي حس سڏرائڻ نٿي چاهيو. سو هن يڪدم اعلان ڪيو:”ضرور ضررو مون کي ته پاڻ خوشي ٿيندي.“
    اهو ٻڌي جپاني ميزبانن جي اکين ۾ جوت ۽ چپن تي مرڪ اچي وئي. ”ويري ڪلوز.“ فوتا با چيو، ”تمام ويجهو آهي . فقط هڪڙي گهٽي اڳيان. سائين چئو ته ٽئڪسي گهرايون.“ رچرڊ سيٽان کي هن قوم ۾ رهي ٽئڪسيءَ ۾ چڙهڻ جي سَڌَ بنهه نه رهي هئي.”هلو ته پنڌ هلون.“ هن چيو.
    ٽوڪيو جو شهر ماڻهن جي سمنڊ کان مشهور آهي. زمين جو ٽڪر ٽڪر ماڻهن کان ڳتيل آهي. جتي ڪٿي انبوهه ماڻهن جا ملندا. هي عوام جي ان ڪت خلق کي چيريندا اڳتي وڌيا. ننڍڙي قد جي جپانين جي وچ ۾ هلندي هن کي ائين لڳو ڄڻ سندس ڄانگهي قد ۾ اوچتو وڌيڪ چئن پنجن انچن جو واڌارو ٿي ويو هجي. جپاني نموني جي غسل خاني ۾ پهچي هن کي عجيب لڳو ته هو ڪهڙي دنيا ۾ اچي نڪتو آهي. پر ان جي لابيءَ ۾ ويٺل انچارج ، جنهن سٺي انگريزي ڳالهائي ٿي هن کي دلداري ڏني ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ۽ توهان جهڙا ڪيترائي آمريڪن هتي وهنجڻ لاءِ اچن ٿا ۽ ڪي ته هن قسم جي غسل خانن ۾ مساج گهرن جي سرپرستي به ڪن ٿا. سو توهان کي به ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجائپ محسوس ٿيندي.
    ايتري ۾ اڇي رنگ جي اڌ کليل وڳي ۾ سميڪو نالي هڪ ڇوڪري آئي، جنهن سان هن جو تعارف ڪرايو ويو. سميڪو کي انگريزي صفا نٿي آئي، پر هن گوڏن تي هٿ رکي نمي کيڪارڻ جي ادا پيش ڪئي. موٽ ۾ سيٽان به نمي کيس کيڪاريو. هن کي جيتوڻيڪ اچرج لڳي رهيو هو ته مردن جي وهنجڻ جاءِ ۾ ڇوڪري ڪيئن هلي رهي آهي، پر هو چئيوان نينگر وانگر سميڪو جي اشاري تي سندس پٺيان پٺيان هڪڙو ورانڊو لتاڙي ٻئي ڏي وڌڻ لڳو. ورانڊي جي ٻنهي پاسن کان قطارن ۾ ڪمرا ٺهيل هئا. سميڪو اڳتي هلي هڪ ڪمري کي کولي اندر وئي ۽ سيٽان کي به اندر داخل ٿيڻ لاءِ چيو. چئبو ته هرهڪ گراهڪ کي هتي الڳ ٿلڳ وهنجڻ جي سهوليت آهي. هڪ دفعو هن آمريڪا جي هڪ رسالي ”نئشنل جاگرافڪ“ ۾ پڙهيو ضرور هو ته جپاني زالون مرد اڪثر هڪ ئي حوض ۾ اگهاڙا ٿي گڏ وهنجن ٿا، پر هن جي دل تڏهن اها ڳالهه نه مڃي هئي ته ڪو ائين به ٿي سگهي ٿو.
    هن جو وهنجڻ وارو ڪمرو فارميڪا جي تختي ذريعي ٻن حصن ۾ ورهايو هو. تختي جي پٺيان ٻاڦ جا نلڪا هئا ۽ ٻئي پاسي ڪناري تائين ٽٻ ڪوسي پاڻيءَ سان ڀريل ٽَب، ميزبان ڇوڪريءَ جي ويهڻ لاءِ هڪ اسٽول هو ۽ هڪ ڊگهي ٽيبل جنهن تي پاڻ ليٽي آرام ڪري سگهيو ٿي، رکيل هئي. سڄو ڪمرو اندران مڪمل صاف، شفاف ۽ اڇو کير جهڙو هو ۽ ڪٿي به ڪو داغ دٻو نه هو. جيڪڏهن جپانين جا ههڙا باٿ روم آهن ته پوءِ سندن ڇا ڳالهه ڪجي.
    مس سُميڪو اندران در کي بند ڪري ڪُنڍي ڏني. پوءِ هن ٽب ۾ پيل پاڻيءَ کي پنهنجين ننڍڙين اڇين آڱرين سان ڇهي محسوس ڪيو ته گهڻو ڪوسو ته نه آهي. پوءِ ٽيبل تي وڇايل ٽوال کي اٿلائي پٿلائي پڪ ڪئي ته اهو صاف آهي. ان بعد هن ڀت ۾ لڳل فارميڪا جي ڊگهي ۽ سنهي ڪٻٽ مان هڪ ٽنگڻي ڪڍي سيٽان کي ڏني ۽ اشاري سان سمجهايائينس ته پنهنجو ڪوٽ لاهي ان ۾ وجهه، جيڪو سميڪو واپس ڪٻٽ ۾ ٽنگيو ۽ پوءِ گوڏن ڀر جهڪي هن جي بوٽ جا ڪشا کولڻ لڳي. سيٽان کي اها ڳالهه بنهه ڪريل لڳي ته هڪ عورت ذات ان حد تائين مرد جي خدمت ڪري، پر اهو محسوس ڪري ته هن ملڪ ۾ اهو رواج آهي ۽پاڻ هڪ ڌاريو ۽ اهم شخصيت سمجهيو پيو وڃي سو هڪ هڪ پير ڪري هن ڇوڪريءَ ڏي وڌايو ، جنهن آهستي آهستي وڏي خيال سان پهرين ڪَهيون کوليون پوءِ بوٽ ۽ جوراب پيرن مان لاٿا. اهو به شڪر جو خوش قسمتيءَ سان اڄ هو نوان جوراب پائي آيو هو.
    پوءِ مس سميڪو هن کي قميص ۽ سوٽ لاهڻ جو اشارو ڪيو ۽ ساڳي وقت جپانيءَ ۾ چيو:

    ”سا، آ، هازُو _ڪاشي_ گارا ناءِ دي
    (هاڻ شرم محسوس ڪرڻ بنا)
    ڪِي _ تي اي رُومونو _ او
    (جيڪي ڪجهه پهريل اٿئي)
    زين بُو نو _ ايدي ڪداسائي
    (سڀ ڪجهه لاهي ڇڏ)
    زُو بون _ مو، پئنٽسو_ مو....
    (ٻئي: ڪَڇو پتلون، وغيرره وغيره....)
    سيٽان ڪجهه نه سمجهيو، ته هن وري ڪپڙن لاهڻ جو اشارو ڪري پوءِ ٻاڦ ۽ گرم پاڻيءَ سان ڀريل حوض ڏي اشارو ڪري کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي لاهي هن ۾ وهنجڻ لاءِ اچ. ان کان پوءِ وري پائجانءَ. هن جي اشارن کي هو آهستي آهستي _ جيتوڻيڪ ٿورو ڏکيائيءَ سان، سمجهڻ لڳو ۽ پوءِ انهن ڪنوارين غلام ڇوڪرين جي ذهني مونجهه ۽ شرم واري ڪيفيت وچان، جن کي ڪنهن زماني ۾ ڀري بازار ۾ اگهاڙو بيهاري وڪڻڻ لاءِ واڪ ڏنو ويندو هو، هن به هڪ هڪ ڪري سڀ ڪپڙا لاٿا. آخر ۾ جڏهن هن ڪڇو به لاٿو ته سميڪو ٻاڦ جي نل جي ٻنجي کولي.
    ”دو زو!“ سميڪو وري جپانيءَ ۾ چيو ۽ ٻاڦ ۾ پاڻ پسائڻ ۽ ٽاڪوڙ ڪرڻ لاءِ اشارو ڪيو.
    سيٽان تختي جي پٺيان ٻاڦ ۾ ٿي بيٺو ۽ سميڪو ڪريءَ سان بارديءَ مان تازو پاڻي ڪڍي هن جي مٿان نائڻ لڳي. ساڳئي وقت هوءَ ڪو خوشيءَ جو ڳيچ به ڳائڻ لڳي. جيتوڻيڪ اهو راڳ سيٽان لاءِ هڪ غير زبان ۾ هجڻ ڪري سمجهه کان ٻاهر هو پر سُميڪو جو آواز ايڏو مٺو هو ۽ سندس آلاپ ۾ ايڏي ڪشش هئي جو هن کي بيحد گهڻو سرور آيو. ٻاڦ جي گرمائش سندس جسم کي ٽاڪوڙ پهچائي رهي هئي ته سميڪو جو راڳ روح کي راحت. ۽ پوءِ جيئن ئي هن کي پاڻي گهڻو گرم لڳو ته سميڪو ٿڌي پاڻيءَ مان ٽوال آلو ڪري مٿي ۽ پٺن تي رکيس ۽ هٿن سان منهن ۽ پٺيءَ کي مهٽڻ لڳيس. سيٽان اچرج ۽ تجسس مان سڀ ڪجهه ڏسندو رهيو ۽ پوءِ سميڪو جي اشارن تي ٻاڦ مان ٻاهر اچي پاڻيءَ جي ٽب ۾ ويٺو. ڪجهه وقت وهنجارڻ کان پوءِ هن سيٽان جي جسم کي ٽوال سان اگهيو. ان بعد کيس مالش جي ڊگهي ٽيبل تي اونڌو ٿي سمهڻ لاءِ چيو. جيئن ته هي ڌارئين ملڪ جو مهمان هو ۽ شرمائي رهيو هو، ان ڪري ٽيبل تي سمهڻ بعد سميڪو سندس جسم جي وچ واري حصي مٿان ٽوال وڇائي پوءِ سڄي جسم کي مالش ڪئي.
    پورن چاليهن منٽن کان پوءِ واپس لابي ڏي ايندي وقت سيٽان کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ورهين جي ڌوڙ سندس جسم تان ڌوپي وئي هجي. هاڻ هو پاڻ کي نهايت ئي هلڪو محسوس ڪري رهيو هو ۽ هلڻ وقت ڄڻ زمين کان گرانٺ کن مٿي اڏري رهيو هو. ٻاهر صبر سان انتظار ڪندڙ ياماگچي ۽ فوتابا هن کي ايندو ڏسي اٿي بيٺا ۽ مرڪڻ لڳا.
    ”باٿ _ گڊ؟“ ڪيئن لڳو سنان؟ فوتا با نئڙت مان پڇيو.
    ڪنهن شڪ شبهي ۽ تورڻ تڪڻ بنا ئي سيٽان وراڻيو: ”واهه جو هو.“
    سندس ميزبان پوءِ کيس هوٽل ۾ وٺي آيا جتي هنن ڪجهه پنهنجي انگريزيءَ ذريعي ۽ ڪجهه هوٽل جي ڪلارڪ جي مدد سان سيٽان کان موڪلائڻ کان اڳ اهو پروگرام ٺاهيو ته شام جو نائين تائين هو هوٽل ۾ ئي آرام ڪري پوءِ ” ماتسوموتو ڪمپني“ جو مالڪ مسٽر ماتسوموتو پاڻ اچي سيٽان سان ملندو ۽ ڊنر تي وٺي هلندس ۽ جيئن ته ماتسوموتو کي انگريزي ڳالهائڻ ٺپ نٿي اچي سو ياماگچي ۽ فوتابا به ساڻس هوندا ۽ انٽر پريٽر (ترجمو ڪندڙ) جو ڪم سرانجام ڏيندا.
    فوتا با ۽ ياماگچيءَ جي رواني ٿيڻ کان پوءِ هن پنهنجي مغربي طرز جي ڪمري ۾ پهچي پنهنجو سامان کولي ٺاهي رکيو ۽ پوءِ دريءَ مان نظر ايندڙ ٽوڪيو جي شهر تي ويهي ويچارڻ لڳو. هن سمجهيو ٿي ته هي ڏورانهين ڏيهه جو مشهور شهر ٽوڪيو الائي ڪيئن هوندو، پر اهو پسي افسوس ٿيس ته هي شهر ٽوڪيو ته سندس ملڪ آمريڪا جي هڪ شهر ڪليولئنڊ جهڙو آهي. هو پنهنجو پاڻ مرادو سوچڻ لڳو ته اڄ جي دور ۾ جيٽ جهاز جي رفتار ۽ ٽيليفون تار اهي سڀ سرحدون ڊاهي ڇڏيون آهن جن هونءَ دنيا کي ڌار ڌار ڪيو ٿي. اها ڳالهه هڪ لحاظ کان سٺي ته ٿي آهي پر ان ۾ اهارومانيت نه رهي آهي. نه ته اڳئين زماني ۾ دنيا جي هڪ حصي جا ماڻهو، جايون جڳهيون، ريتون رسمون ۽ کاڌا پيتا ٻئي حصي کان ڪيڏو نه مختلف هئا. سج لهي چڪو هو ۽ ٽوڪيو شهر تي چوڌاري رات جو راڄ ڇائنجي رهيو هو. هو پلنگ تي سمهي سڪون محسوس ڪرڻ لڳو. سندس من ۾ ڪابه نواڻ ۽ ائڊوينچر جي ڳولا يا ڳڻ ڳوت نه هئي.
    پوءِ هوٽل جي لابيءَ مان سندس فون آيو ته هن لاءِ ماتسوموتو ڪمپني جو مالڪ ماتسوموتو هيٺ انتظار ڪري رهيو آهي. هيٺ لابيءَ ۾ اچي ڏٺائين ته هڪ همراهه_ ٺوڙهو، ڦڙت ۽ ننڍڙين اکين وارو بيٺو آهي، جنهن جو منهن لوهه جي نهرائيءَ جيان ٺوس هو ۽ جرڪي رهيو هو. مسٽر ياماگچي دستور موجب جهڪيو. مسٽر ماتسوموتوءَ جپاني نموني سان جهڪي کيڪارڻ بعد مغربي نموني سان ملڻ لاءِ پنهنجو هٿ اڳيان ائين وڌايو ڄڻ ڪو ٻار پهريون دفعو نئين ڳالهه ڪرڻ لاءِ همت ڪري رهيو هجي. سيٽان پنهنجو هٿ وڌائي مختصر طور لوڏيو ۽ ساڳي وقت اڌگابرو جهڪيو. مسٽر ماتسوموتو هڪ دفعو وري ساڳي ادا سان ائين جهڪيو ڄڻ هن کي سيکاري رهيو هجي ته جهڪڻ جو صحيح طريقو هيئن هئڻ کپي. پوءِ هن ڪجهه چپن ۾ ڀڻڪي لابيءَ کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ چيو. جيتوڻيڪ سندس ڊگهو مهمان سندس اڳيان فٽ کن اتاهون ٿي لڳو پر هن سندس ساٿ نه ڇڏيو.
    هوٽل جي در وٽ هڪ ڪاري رنگ جي ننڍي پر عاليشان ڪار، قيمتي پڙدن سان سجايل بيٺي هئي. ٻئي ڄڻا ان اندر گهڙيا ۽ ڊرائيور وڏي ڌيرج سان ڪار کي ٽوڪيو جي گهٽين ۾ گهمايو. رستي تي لڳل جپاني اشتهاري بورڊن کان علاوه ٻين ڳالهين ۾ هي شهر واقعي آمريڪا جي ڪليولئنڊ جهڙو ئي لڳي رهيو هو. ويهه منٽن جي پنڌ کان پوءِ ڪار اوچتو هڪ سوڙهي گهٽيءَ ۾ گهڙي جنهن جي ٻنهي ڪنارن تي ڪاٺ جا گهر هئا جن مٿان لڳل بورڊ شڪيلن وارن اکرن سان سينگاريل هئا. ڪارخانن ۽ فئڪٽرين جي گوڙ گهمسان وارو ٽوڪيو شهر غائب ٿي ويو هو. ڪار هڪ هنڌ هلي بيٺي ۽ سيٽان جا ميزبان کيس هڪ جاءِ جي در وٽ وٺي آيا جيڪا ڏسڻ ۾ خوبصورت ريسٽورنٽ لڳي ٿي. در جي ٻاهران هڪ پٿر جو ٿلهو ٺهيل هو جنهن تي ڪيترائي رنگين سپاٽن جا جوڙا رکيا هئا. هوٽل جي ڪم ڪار وارين ڇوڪرين هيٺ جهڪي مهمانن جي بوٽن جا ڪشا کوليا. پر سيٽان پاڻ ئي پنهنجي بوٽ جون ڪَهيون کولي بوٽ لاٿو ۽ گذريل چوويهن ڪلاڪن ۾ ٻيو ڀيرو شڪرانو بجا آندو ته چڱو جو هڪ ڀيرو وري سندس جوراب ڦاٽل يا ميرا نه هئا. خدمتگار ڇوڪري سامهون دروازي وٽ بيٺي رهي. سندس منهن ڊگهو ۽ سيٽيل هو ۽ لسي رنگ جو ڪمونو پهريل هيس. ڪمونو مٿان مفلر جهڙي اوبي سهڻي ۽ سٺي مئچ واري هئي. هي هن جي پٺيان پٺيان هلندا وڏي هال ۾ آيا، جنهن ۾ چوڌاري ڪکن جا صاف سٿرا تڏا وڇايل هئا. خدمتگار ڇوڪريءَ گِهرڪندڙ دروازا ريڙهي کين ڪمري ۾ اندر گهڙڻ جو اشارو ڪيو.
    ڪمري اندر ڪرسي يا ڪوچ جهڙي ڪنهن به شيءِ جو نالو نشان نه هو. پٽ تي سنهي ڪک جون تونئريون وڇايل هيون. فرنيچر ۾ فقط هڪ ٽيبل، چڱو ڊگهيڙو، زمين کان فقط ٺونٺ جيترو مٿي، رکيل هو. ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ سنهو کانچو ٺهيل هو جنهن ۾ جپاني طرز سان رکيل گلدان ۾ فقط ٽي گل هئا ۽ باقي ساون پنن واريون ٽاريون. پوئين ڀت تي جبلن ۽ سمنڊ جو نظارو فقط چند آڏين ڦڏين ليڪن ۾ چٽيل هو. ڪمري جي هر شيءِ جپاني ماحول ۾ رچيل ۽ ٺهڪندڙ هئي. فقط پاڻ ئي هڪ هو جيڪو انهن مڙني ۾ اڻ ٺهڪندڙ ٿي لڳو. هو پنهنجي ڊگهي قد ڪري ٻين جي وچ ۾ نٿي سونهيو.
    ڪمونو واري خدمتگار ڇوڪري وهاڻن جو ڍير کڻي اندر ڪمري ۾ گهڙي ۽ ٽيبل جي چوڌاري ويٺل همراهن کي ورهائي ڏنائين. ٽئي جپاني رڪوع واري نموني ۾ ٽيبل جي چوڌاري ٿي ويٺا، پر سيٽان جون ڊگهيون ٽنگون ائين وهڻ ۾ وچڙنديون رهيون. ٻين ساٿين وانگر ائين پٿل ڀڃي ويهڻ هن لاءِ ناممڪن هو. ساڳي وقت ٽيبل هيٺان ٿوري جاءِ هجڻ ڪري ٽنگن کي ڊگهو به نٿي ڪري سگهيو. آخرڪار پلٿ ماري، ترڪ درزيءَ وانگر ٿي ويٺو. خدمتگار ڇوڪري وري نمودار ٿي ۽ هنن اڳيان کائڻ لاءِ تيلين جا جُت (چاپ اسٽڪس) ۽ کاڌي جا ٽي پيالا رکي ويئي. سيٽان تيلين کي ڇني ڌار ڪيو ۽ مسٽر فوتابا کيس تيلين جهلڻ ۽ انهن سان کائڻ جو طريقو ڏسيو. سيٽان مڙيئي هڪ پيالي مان کائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو ڀاڄين جو ٺريل ٻوڙ هو پر بادامن سان پُر هو. هي اڃا ان جو ذائقو وٺي رهيو هو ته ايتري ۾ ڪمري جو دروازو کليو. هن مٿي نهاريو. ڏسڻ سان هن کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ وايون بتال ٿي ويس. سندس جسم جو هرهڪ عضوو ڄڻ ڄمي ويو. ڪي گهڙيون بنا چرپر جي ائين ڏسندو رهيو جو اکين جا پنبڻ به نه ڇنڀيائين.
    هن پنهنجي سامهون دروازي وٽ هڪ خوبصورت ڇوڪري ڏٺي جيڪا عمر ۾ سورهن سترهن سالن جي ڪا مس ٿيندي پر سونهن سوڀيا ۾ عاج جي گڏي ٿي لڳي جا ڪنهن فنڪار واندڪائيءَ ۾ ويهي ٺاهي هجي. هوءَ تکي رنگ جي هڪ قيمتي ڪمونو ۾ ملبوس هئي. سندس وارن جو جُوڙو مٿڀرو ٻڌل هو ۽ پٺيان سڄي ڳچي ڪنڌ تائين نظر اچي رهي هئي. منهن چاڪ جهڙو اڇو ۽ تنهن تي ميڪ اپ جو هلڪو تهه چڙهيل هو. سيٽان جو هن کي ڏسڻ سان وات پٽجي ويو.
    ”گرل از مائيڪو“ ( هيءَ ڇوڪري مائيڪو آهي) فوتابا اڌ انگريزي ۽ اڌ جپانيءَ ۾ ٻڌايس ۽ پوءِ ”مائيڪو“ جو مطلب سمجهايس ته ”مائيڪو سيکڙاٽ گيشا ڇوڪريءَ کي چئبو آهي.“ يعني جيڪا اڃا شاگرد هجي، ۽ گيشا بنجڻ جي سکيا وٺي رهي هجي.
    ڪاسائي قيمون ٺاهڻ وقت جيئن گوشت تي ڪات جا ويجها ويجها ڌڪ هڻندوآهي ائين ويجهن ويجهين ۽ ننڍين وکن سان اها مائيڪو ڪمري ۾ اندر اچي ڪکن جي تونئريءَ تي ويٺي. سيٽان هن کي تعجب ۽ پسند جي نگاهه سان ڏسڻ لڳو. هڪ ٻي نئين خدمتگار ڇوڪري هڪ ٽن تارن وارو ستار نما ۽ ڊگهي ڳچيءَ وارو واڄو کڻي اچي مائيڪو جي اڳيان، ڌيرج سان تڏي تي رکيو. ۽ ڳوءِ ڪمري مان ٻاهر نڪري پٺيان وري ساڳي ڌيرج سان ڪمري جو گِهر ڪندڙ دروازو بند ڪري ڇڏيو.
    پوءِ آهستگيءَ سان، هڪ دفعو وري دروازو کليو. سامهون نهارڻ سان سٽان کي هن دفعي پنهنجين اکين تي يقين نه پئي آيو. هن جي اڳيان عورت جي روپ ۾ سونهن ۽ سوڀيا جي هڪ ٻي اهڙي مورت اچي بيٺي جنهن مجسمي جهڙي سهڻي صورت هن ڪڏهن نه ڏٺي هئي ۽ نه ٻڌي هئي. هن جي منهن جا نقش نگار بلڪل روايتي جپانين جي چهري جهڙا هئا ۽ سندس حسن جپانين جي نج ثقافت جو جيئرو جاڳندو مثال هو. کيس گلابي رنگ جو قيمتي ڪمونو اوڍيل هو جنهن تي سنهي سئيءَ سان اڇي رنگ جا گل ڀريل هئا. ڪمونو جي چوڌاري ٻڌل اوبي _ (مفلر جهڙو پٽو) ڪافور جي ڪاٺ جي رنگ جهڙو هو جنهن تي چانديءَ جي تند جو سنهو ۽ ڳتيل ڪم ٿيل هو.
    ڪمري ۾ ويٺل هرهڪ مرد کي ڏسڻ مهل هن پنهنجي هٿ ۾ جهليل پني جي وڃڻي کي شان سان پنهنجي منهن اڳيان لوڏيو. پوءِ کيڪار ڪارڻ هن جڏهن ناز سان پنهنجا نازڪ چپڙا چوريا ته ائين لڳو ڄڻ هوءَ ڪنهن شعر جون غير فاني مصراعون چئي رهي هجي. اڳتي وڌي جڏهن هوءَ هڪ خالي رکيل وهاڻي تي اچي ويٺي، ته سيٽان کي ان وقت محسوس ٿيو ته اهو وهاڻو ته سندس ئي ڀرسان رکيل هو. هڪ مدهوش ڪندڙ عطر جي خوشبو سندس حواس تي ڄڻ واسو ڪري ويئي.
    سيٽان جڏهن ٽيڏيءَ اک سان سندس ڀر ۾ ويٺل هن جپاني ڇوڪريءَ ڏي ڏٺو ته هن کي اهو ڏسي عجيب ڪيفيت محسوس ٿي ته هوءَ به هن ڏي ڏسي رهي هئي. بلڪ سيٽان کي ائين محسوس ٿيو ته ان من موهڻيءَ جون نظرون سندس اکين مان پار ٿي سندس اندر جي آنڌ مانڌ کي چٽيءَ طرح پڙهي رهيون هيون. سيٽان کي ائين لڳو ڄڻ هي ٻه ئي هڪ ٻئي سامهون هجن باقي سڄو ڪمرو غائب ٿي ويو هجي. سندس ٻيا ساٿي هتي انهيءَ تڏي ۽ چوديواري ۾ موجود هجڻ بدران ڪنهن ٻئي مڪان ۽ زمان ۾ گم ٿي ويا هجن. هن سيٽان ڏي ٿوري دير ٻي نهاري پوءِ مرڪيو _ اها مرڪ جيڪا صدين جي تپسيا ۽ سکيا بعد کيس مردن جي من موهڻ ڪارڻ ورثي ۾ ملي هئي. مرڪڻ مهل هن جا فقط چپ چريا، ناسن کي هلڪو لوڏو آيو، باقي سندس اکين ۾ ڪشش ۽ جادو ساڳيو هو.
    مسٽر يا ماگچي ڪو اهڙي ئي گهڙيءَ جو انتظار ڪري رهيو هو، تنهن موقعو ڏسي ان ئي گهڙيءَ فخر مان هن آيل مهمان ڇوڪريءَ جو تعارف ڪرايو.
    ”توهان جي اڳيان هن وقت ٽوڪيو شهر جي سڀ کان حسين ترين گيشا گرل ”مس سدا بهار چنبيلي“ حاضر آهي.“
    ***


    ٻه

    عورتن جي معاملي ۾ سيٽان جي قسمت ڪڏهن به سندس ساٿ نٿي ڏنو. هن ائين به نٿي چاهيو ته صرف مرد هجڻ جي ناتي هرڪا ايندڙ ويندڙ هن تي ڇڪن ٿيندي وتي، پر هن ايترو ضرور چاهيو ٿي ته سندس ايترو ته حق هئڻ کپي ته هو ڪجهه ڇوڪرين مان ڪا پنهنجي پسند جي ڳولي سگهي. پر ان معاملي لاءِ اڃا تائين ڪا به اهڙي ڇوڪري هن جي آڏو نه آئي هئي. سندس ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو طريقو ۽ هلت چلت جو نمونو ڪجهه اهڙو هو جو پاڻ ئي ان افسوسناڪ نتيجي تي پهتو ته سندس پسند جي ڪابه ڇوڪري ڪڏهن به هن کي نه چاهيندي. پر هاڻ ته ڪمال ٿي ويو جو هڪ بيحد سهڻي ڇوڪري، جيڪا هن کي پهرين نظر ۾ ئي وڻي وئي سا پاڻ به، پنهنجو سڀڪجهه هن مٿان نڇاور ڪرڻ لاءِ تيار هئي. اهو هن لاءِ اهم نه هو ته هوءَ هڪ غير ملڪ ۽ غير زبان جي، جپاني ڇوڪري هئي. خير اها ته حقيقت آهي ته پيار محبت جي اشارن اڳيان زبان جو مضبوط قلعو به اچي ڦهڪو ڪندو آهي. اها هن لاءِ گهٽ ڀاڳ جي ڳالهه هئي جو ڪا ڇوڪري هن کي لفٽ ڪرائي _ سا به هئڙي سدا ملوڪ!
    منهن کان علاوه، چنبيليءَ جي باقي جسم بابت سيٽان ڪجهه چئي نٿي سگهيو جو ڪموني جا ڊگها ۽ ڪلفدار پُڙَ سندس جسم جي مڙني خامين کي، جيڪڏهن ڪي هيون ته، ڍڪي ڇڏيو هو. هن کي پهرين ڪڏهن به سمجهه ۾ نه ايندو هو ته ڪمونو عورت کي ڪيئن ٿو سونهن بخشي ۽ سندس عورتپڻي کي وڌيڪ جوت ڏئي ۽ اها سڌريل ماڻهن جي هڪ بهترين ايجاد ڇو ٿي سڏي وڃي. پر اڄ هيءَ ڪمونو پهريل عورت هڪ روايتي شهزاديءَ جي روپ ۾، جنهن بابت هن اسڪولي ڏينهن ۾ آکاڻين جي ڪتابن ۾ پڙهيو هو، سندس سامهون ويٺي هئي ۽ نه فقط ويٺي هئي پر سندس بلڪل سامهون ويٺي هئي ۽ هن کي عجيب چاهت وارين نظرن سان ڏسي رهي هئي. سيٽان کي هي سڀ ڪجهه اهڙو ڪرشمو ٿي لڳو جنهن جو بندوبست قدرت فقط هن جي وجهه ۽ فائدي لاءِ ويهي ڪيو هجي. بدقسمتيءَ سان سيٽان اها ڳالهه شروع کان ئي نه سمجهي سگهيو ته هن عورت جي هر ادا واپار آهي ويندي چپن جي مرڪ ۽ اک جي نهار تائين سڀ ڪجهه ڪاروباري فرض جي پورائيءَ لاءِ آهي.
    هڪ خدمتگار ڇوڪري ڪجهه ڍڪيل پيالا هن جي اڳيان رکي هن کي خوابن ڀري خوبصورت دنيا مان سجاڳ ڪري هن فاني دنيا ۾ آڻي ڦٽو ڪيو. پر خواب ساڳيو ئي سندس ڀر ۾ ويٺو هو. وڏي شان مان سان ”مس سدا بهار چنبيليءَ“ پيالي ڏي ادا سان نهاري معزز مهمان کي پيئڻ لاءِ اشارو ڪيو. مهمان کي ان جي واپرائڻ جو طريقو ٻڌائڻ خاطر مسٽر فوتابا پنهنجو پيالو کنيو، سندس مٿان ڪپڙي جو ڍڪ لاٿو ۽ پيالي جي اند وات تي رکي پيئڻ شروع ڪيو. سيٽان لاءِ اها هڪ عجب جوڳي ڳالهه هئي ته کاڌو وغيره پهرين عورتن کي ڏيڻ بدران مردن کي ڏنو وڃي. اها هڪ اهڙي گهٽتائي ۽ عورت جي شان ۾ گستاخي هئي جنهن جو گهٽ ۾ گهٽ پاڻ ازالو ڪري سگهيو ٿي. هن پنهنجو گرم پيالو خيال سان هٿن ۾ کنيو ۽ پنهنجي ڀر ۾ ويٺل ساٿياڻيءَ کي پيش ڪيو.
    ويٺل مائيڪو ڇوڪرين مان هڪ کي ان عمل تي ايڏو ته اچرج ۽ کل آئي جو کيس اهو به ڌيان ۾ نه رهيو ته کلڻ وقت هن کي منهن اڳيان پکو جهلڻ کپي_ متان مهمان شڪي ٿئي. پر بهرحال بچاءُ ٿي ويو. مسٽر ماتسوموتو جي وقتائتي ڪرڙين نگاهن کيس اتي جو اتي صحيح ڪري ورتو ۽ هن کل کي روڪي وات اڳيان کڻي هٿ رکيو. گيشا _ مس سدا بهار چنبيليءَ پنهنجي مٿي جي هلڪي ڌوڻ سان سيٽان کي اجازت ڏني ته ڀلي هو شروع ٿئي. پر هڪ جينٽلمئن کي ائين هرگز نه ڪرڻ کپي ۽ ”ليڊيز فرسٽ“ (عورت پهرين) جي اصول تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ کپي. منجهندي سنجهند هن پنهنجو پيالو وري کنيو ۽ گيشا جي خالي هٿن تي رکيو.
    سڄي ڪمري کي ڄڻ نانگ سونگهي ويو. گيشا ان کي قبول ڪيو ۽ مٿي چپن تي آڻي ان مان سُرڪ ڀرڻ جو مِهه ڪيو. پوءِ ٻيو پيالو سيٽان کي پيئڻ لاءِ ڏنو. سيٽان مطمئن ٿي پنهنجي چپن تي آندو ۽ ننڍا ننڍا ڍُڪ ڀري پيالو پي خالي ڪيو. سُوپ پاڻيءَ جهڙو ڇڊڙو هو، پر بيحد لذيذ ۽ سامونڊي سواد وارو هو.
    سُوپ پيئڻ کان پوءِ پهرين ساڪي شراب جو دور هليو. سيٽان کي سندس ڀر ۾ ويٺل خوبصورت ساٿيءَ پنهنجن نازڪ هٿن سان گرم شراب جو جام پيش ڪيو جيڪو هن قبول ڪري پوءِ پنهنجن ميزبانن سان ڪنهن ڳالهه جو سلسلو شروع ڪيو. جواب ۾ جپاني همراهن نه وڌيڪ پُڇ پُڇ ڪئي ۽ نه کيس وندرائن لاءِ ڪا ڳالهه ٻولهه يا چرچو گهٻو ڪرڻ جي تڪليف ورتي _ آخر ائين ڪن به ڇو جڏهن ته ان ڪم لاءِ هنن خرچ ڪري شهر جي خوبصورت گيشا کي گهرايو هو.
    ماني مختلف ننڍڙن ڊشن ۾ ايندي رهي. ۽ پوءِ سگهوئي اها خوبصورت گيشا ڇوڪري سيٽان جي پاسي مان اٿي بيٺي. اٿڻ مهل هن اهڙي ادا ڪئي ڄڻ هن جي دل هڪ پل لاءِ به سيٽان کان پري ٿيڻ نٿي چاهي. بهرحال اتان رڙهي ڪمري جي پرئين ڪنڊ ۾ رکيل ساميسين (جپاني واڄو) کڻي وڄائڻ لڳي. ان ميوزڪ تي باقي ٻه مائيڪو ڇوڪريون پنهنجن ڪاغذي پکن کي لوڏي نچڻ لڳيون. ۽ ائين اهو سلسلو ڪجهه دير تائين هلندو رهيو.
    ساز بند ٿيڻ تي سيٽان تاڙيون وڄائي تعريف ڪئي. هن ڏٺو ته هي ئي هڪڙو هو جنهن ائين ڪيو. پر پاڻ مجبور هو. ڪنهن سٺي شيءِ کي داد ڏيڻ ۾ ڪهڙي خرابي. مسٽر ماتسوموتو پنهنجاپير ڇنڊي اٿيو جنهن مان مطلب صاف ظاهر هو ته هاڻ پارٽي ختم ٿي. ٻئي مائيڪو ڇوڪريون پٺيان رڙهي بيٺيون ۽ گيشا ڇوڪري ”مس سدا بهار چنبيلي“ گوڏن تي هٿ رکي مهمانن کان موڪلائڻ لاءِ جهڪي.
    سيٽان جي سيني جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ هن کي پنهنجن قديمي ابن ڏاڏن جون دانهون ڪوڪون ٻڌڻ ۾ آيون جڏهن انسان اڃا تهذيب يافته نه ٿيو هو پر جهنگلي دور ۾ هو. ان دور ۾ ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪا دلپسند عورت ملي ويندي هئي ته هن جي مٿي ۾ سونٽو هڻي، کيس وارن کان ڇڪي گهر وٺي ويندو هو ۽ صدين کان اهوئي ٿيندو اچي ته جيڪڏهن ڪجهه حاصل ڪرڻو آهي ته ڪري ڏيکارجي. هو اڳتي وڌي ان سدا سهڻيءَ وٽ اچي بيٺو ۽ کيسي مان پنهنجي نالي جو ڪارڊ ۽ پين ڪڍي اشاري سان هن کي لکڻ لاءِ چيو. هن هڪ خوبصورت مرڪ چپن تي آڻي پين جو ڍڪ لاهي، وڏي ڌيرج ۽ احتياط سان وڏن اکرن ۾ هڪ سِٽ لکي. سيٽان پنهنجو کاٻو هٿ مٿي ڪن وٽ جهلي ٽيليفون تي ڳالهائڻ وارو انداز پيش ڪيو. گيشا پنهنجي ساڄي هٿ جون آڱريون ڳل تي رکي لمحي لاءِ سوچيو پوءِ ڪارڊ تي هڪ دفعو وري لکيو.
    سيٽان موڪلائڻ بعد پنهنجي هوٽل ۾ آيو. لابيءَ مان ڪمري جي چاٻي کنيائين. بوٽ لاهي ڪپڙا بدلائي پوءِ پنهنجي ڪمري جي اڪيلائيءَ ۾ آرام سان ڪارڊ ڪڍي جانچڻ لڳو. ڪارڊ جي پوئين پاسي هن ٻار جي لکڻيءَ جيان ڪچي اي بي سي ڊيءَ ۾ پنهنجو اصلي نالوKanno- Masayo (ڪانوماسايو) لکيوهو. سيٽان اهو ڏسي خوش ٿيو ته کيس هن عزت ڏني نه ته هوءَ انڪار به ڪري سگهي ٿي. نالي هيٺان ڪجهه انگ لکيل هئا جيڪي پڪ هن جو فون نمبر ئي ٿي سگهن ٿا.
    رچرڊ سيٽان جو پيءُ ننڍي هوندي ئي گذاري ويو هو. ماڻس نپائي وڏو ڪيس جنهن ننڍي هوندي کان ئي عورت جي عزت ڪرڻ جو کيس سبق پڙهايو هو ۽ ان تي عمل ڪرڻ کي هن پنهنجو اولين فرض سمجهيو ٿي. خوش قسمتيءَ سان، مس سدا بهار چنبيلي هڪ باعصمت ۽ با اخلاق عورت هئي ۽ پوشاڪ مان به سٺي ۽ سٻاجهي لڳي رهي هئي، سندس نوڪري _ يا ڌنڌو _ مردن سان ڪچهريءَ ۾ گڏ ويهڻ ۽ پنهنجين وڻندڙ ادائن، ڳالهين، خبرن چارن ۽ راڳ ۽ ساز ذريعي کين وندرائڻ هو. سيٽان کي گيشا عورتن بابت ڄاڻ ذري گهٽ نه برابر هئي. پر ايتري پڪ هيس ته هوءَ چو ويهه ڪلاڪن مان اٺ ڪلاڪ کن ڪم ڪن ٿيون. اٺ ڪلاڪ آرام جا ڪڍجن ته به اٺ ڪلاڪ بچن ٿا جن مان هوءَ ڪجهه وقت هن لاءِ ڪڍي سگهي ٿي. فون نمبر ڏيڻ مان هن جو مطلب صاف ٿو لڳي ته هوءَ ڳالهائڻ چاهي ٿي. هڪ گهڙيءَ لاءِ هن جي دل ڄڻ ٻڏي وئي جنهن ۾ هن کي لڳو ته ڪٿي ائين نه هجي ته هن منجهائس جان ڇڏائڻ لاءِ اهو نمبر غلط ڏنو هجي. پر هن کان اڳ آمريڪا ۾ ته ڇوڪرين کي هن سان انڪار ڪرڻ ۾ ڪڏهن به دقت پيش نه آئي هئي. سو هي نمبر ضرور صحيح هوندو. ڪم ڪار کان واندو ٿي سڀاڻي هو اهو نمبر ضرور آزمائيندو. هن کي اها ڳالهه سا ڌيان ۾ نه آئي ته ٿي سگهي ٿو هن کي سندس زبان جو هڪ لفظ به سمجهه ۾ ايندو هجي. بهرحال هي پنهنجو پاڻ کي هڪ خوشنصيب انسان قرار ڏئي پاسو ورائي سمهي رهيو.
    ٻئي ڏينهن هو صبح ساجهر تيار ٿي، بريف ڪيس هٿ ۾ کڻي هيٺ هوٽل جي ڊائيننگ روم ۾ پهتو. نيرن ۾ آمريڪن نموني جو ناشتو: بيضا، بيڪن ۽ ڪافي ڏسي هن کي خوشي ٿي. گذريل ڏينهن هن کان اهو پڇڻ وسري ويو هو ته مسٽر ماتسوموتو جي آفيس جو ڪم ڪهڙي وقت کان شروع ٿئي ٿو. هن کي اهو سوچي خراب لڳو ته ائين نه ٿئي ته پاڻ دير سان آفيس ۾ پهچي ۽ اتي پهچي خبر پوي ته مسٽر ماتسوموتو _مالڪ، ۽ سندس انجنيئرنگ اسٽاف ته هن لاءِ ڪلاڪ کان انتظار ڪري رهيا آهن. سو جلدي نيرن ڪري لابيءَ ۾ ويٺل ڪلارڪ کي ياماگچيءَ وارو ڪارڊ ڏيکاريائين جنهن ان تي لکيل آفيس جي ائڊريس پڙهي، پني ڀور تي ٽئڪسي ڊرائيور لاءِ جپانيءَ ۾ ڏس لکيو، ته هن صاحب کي فلاڻي روڊ تي فلاڻي آفيس ۾ پڄائڻو آهي. هونءَ آفيس اهڙي سولي هنڌ تي هئي جو آمريڪن بدران ٻيو ڪو هجي ها ته ڪلارڪ کيس ريل گاڏيءَ ۾ ئي وڃڻ جي صلاح ڏئي ها، پر ڪلارڪ کي لڳو ته هي آمريڪن متان رستي تي گم ٿي وڃي، جو هنن کي رڳو ڌارين ٻوليءَ ۾ ڀڻ ڀڻ ڪرڻ ٿي اچي.
    آفيس جا پار پتا لکرائي، سيٽان وڏي بهادريءَ سان هڪ دفعو وري سر جو سانگهو لاهي خودڪشيءَ جي موڊ ۾ ٽوڪيو جي ٽئڪسيءَ ۾ چڙهيو. بهرحال هي ڊرائيور به جيتوڻيڪ خوفناڪ نموني سان ٽئڪسي هلائي رهيو هو، پر پهرئين کان گهٽ ٽرڙو ٿي لڳو. رستي تان سيٽان ٽوڪيو جي ماڻهن جا ڳاهٽ ۽ سوين دڪان ڏسندو رهيو. ٽئڪسي ڊرائيور ڪجهه پنهنجي مت تي ڪجهه ماڻهن کان پار پتا پڇرائيندو اچي ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي در وٽ پهتو ۽ ميٽر ۾ آيل بل _ ڇهه سؤ چاليهه يين وٺڻ لاءِ هٿ وڌايو. سيٽان سندس هٿ تي ست سؤ يين رکي باقي ريجو کيس بخشڻ وارو اشارو ڪيو. ڊرائيور ڪاوڙ منجهان اهو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ باقي واپس ڏيڻ جا پئسا _ سٺ يين، ڳڻي مسافر جي هٿ تي واپس رکيا، جيڪو (آمريڪن) اڳتي هلي شايد ڪنهن ڏينهن سڌري پوي _ جيتوڻيڪ سندس سڌرڻ ۾ هن کي شڪ هو. اندر گهڙڻ سان سيٽان ڏٺو ته ماتسوموتو ڪمپنيءَ جون آفيسون کلي چڪيون هيون ۽ ڪارخاني ۾ ڪم هلي رهيو هو. هن واچ ڏي نهاريو. ساڍا اٺ وڄي چڪا هئا. بهرحال اها ڪا ايتري دير نه هئي. هن کي هونءَ به ميزبانن جي پهچڻ کان پوءِ اچڻ کتو ٿي، جيڪي اڌ منو ڪلاڪ کن اڳ کڻي آيا هجن. بهرحال ان دوران هنن کي راتوڪي آيل ٽپال ڏسڻ جو به ڪافي وقت ملي ويو هوندو ۽ هاڻ هو سيٽان سان پروجيڪٽ تي سڪون سان ڳالهائي سگهيا ٿي. سيٽان جي آمريڪن ڪمپنيءَ هنن کان لکها ڊالرن جي هڪ گهڻ مقصدي الڪٽرونڪ مشين ٺهرائڻ چاهي ٿي، جنهن سان ڪيتريون ئي شيون چڪاس ڪري سگهجن.
    اندر استقباليه ۾ ويٺل عورت سيٽان کي ڏسڻ سان ڇرڪ ڀري گهڙيال ڏي نهاريو پوءِ کنڀ هجنس ها ته جيڪر اڏامي وڃي ها، پر بدقسمتيءَ سان هن کي ڪاٺ جي ان گول کروتڙي ۾ ئي ڦاسي بيهڻو پيو جو در وٽ سيٽان اچي بيٺس ۽ سندس نڪرڻ جو رستو بند ٿي ويو.
    سيٽان تازو ”جپاني _ انگريزي _ ٻول چال“ وارو ڪتابڙو پڙهي ڪجهه جپاني جملا ياد ڪري آيو هو. تن مان هن هڪ آزمايو:
    ”واٽئڪسي وا _ رچرڊ سيٽان ڊيسڪ.“
    ڇوڪري اهو ٻڌي منجهي پئي ته هي چئي ڇا پيو. ٽئڪسي ۽ ڊيسڪ جي ڪهڙي ڳالهه پيو ڪري.
    سيٽان هڪ دفعو وري ساڳيو جملو ورجايو.
    جپاني ڇوڪريءَ نئڙت سان جهڪي جپانيءَ ۾ وراڻيس:
    ”ايگو گا وڪاري ماسين“ (انگريزي آئون نٿي سمجهان.) ان سان گڏ ساڳيو جملو انگريزيءَ ۾ پڻ ٺاهي چيس: ”نو انگلشو.“
    ”آئي ايم ناٽ اسپيڪنگ انگلش“(آئون انگريزي نه پيو ڳالهايان) سيٽان چيو. ۽ وري ساڳيو جملو چوڻ شروع ڪيو:
    ”واٽئڪسي وا....“
    ڇوڪري ٿورو گهٻرائي پر سگهوئي سمجهه ۾ اچي ويس ته هي مڙسالو پنهنجو تعارف پيو ڪرائي ۽ هن جو مطلب ”وا ٽئڪسي وا“ مان جپاني لفط ”وا تاڪشي وا“ آهي _ معنيٰ آئون. ۽ ڊيسڪ مان مطلب ”ڊيسڪا“ اٿس _ يعني ”آهي“ سو هن به پنهنجو تعارف ڪرايس:
    ”وا تا ڪشي وا چيو ڪو ديس“ (آئون مس چيوڪو آهيان.)
    چيوڪو سوچيو ته عجيب اتفاق آهي جو هن کان اڳ کانئس ڪڏهن به ڪنهن نالو نه پڇيو هو. هي آمريڪن جنهن جي جيتوڻيڪ ڦڏي سڏي شڪل آهي پر فضيلت وارو ٿو لڳي. چيوڪو جي هڪ گهاٽي ساهيڙي هئي جنهن هڪ آمريڪيءَ سان وڃي شادي ڪئي هئي جنهن مان ٻه ٻار به هئس، جن سان گڏ هوءَ آمريڪا ۾ رهي ٿي. چيوڪو سيٽان وٽان پاسيري ٿي ٻاهر پنهنجي آفيس جي ساهيڙي مس ريڪو ڏي وئي جنهن کي ڪمپنيءَ وارن انگريزي زبان ۾ جو ڄاڻو ڪري رکيو هو.
    ريڪو کي ڄاڻ هئي ته سيٽان نالي آمريڪن اچي رهيو آهي ۽ ساڻس انگريزي ڳالهائڻ جهڙي مصيبت لاءِ هن پاڻ کي اڳواٽ تيار ڪري رکيو هو. ريڪو انگريزي ڄاڻڻ لاءِ لڳاتار اٺ سال تعليم ورتي هئي، پر اڃا به سندس گرامر ۽ لهجي مان لڳو ٿي ته ڪو ڌاريو پيو ڳالهائي. رستي تان هن پنهنجي ڊڪشنري کنئي ۽ وڏي همت سان چيوڪو سان گڏ استقباليه ڏي وڌڻ لڳي. سيٽان جي ويجهو پهچي هن چيو ”مسٽر سيٽان، از اٽ ناٽ“ (مسٽر سيٽان، اهو ئي آهين نه؟)
    ”گڊ مارننگ“ سيٽان ٻڏل دل سان سلام ڪيس ۽ جهڪڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ريڪو ڏٺو ته سيٽان جپانين وانگر جهڪڻ جي ڪوشش ڪندي وقت عجيب ضرور لڳي رهيو هو پر بيوقوف هرگز نه. هن پنهنجي واقفيت ڪرائي ۽ پوءِ دروازي جو طاق کولي سيٽان کي اندر هلڻ لاءِ چيو. سيٽان در کي جهلي کيس پهرين هلڻ لاءِ اشارو ڪيو. ريڪو کي جيتوڻيڪ اهو عجيب لڳو پر دل ئي دل ۾ خوش به ٿي ۽ پوءِ کيس فوتابا جي ٽيبل ڏي وٺي آئي.
    هن کي ايڏو جلد آفيس ۾ ايندو ڏسي فوتابا به ٿورو پريشان ٿي ويو. کيڪار کڙيءَ کان پوءِ کيس ڪانفرنس روم ۾ آندو ويو ۽ چانهه لاءِ آرڊر ڏنو ويو. سيٺ ماتسوموتو ۽ ٻين کي به اتي اچڻو هو. تيسين هي ان مشينري جا نقشا/ ڊزائنيون ڪڍي ٽيبل تي وڇائڻ لڳو، جيڪا مشينري ماتسوموتو ڪمپني کي ٺاهڻي هئي. ڊرائنگ انجنيئرن جي عالمي زبان سمجهي وڃي ٿي جنهن ذريعي هو هر ڪا ڳالهه سمجهي سگهن ٿا.
    ٿوري دير بعد ڪالهه وارا سڀ همراهه اچي گڏ ٿيا. ريڪو کي ترجمي خاطر وچ ۾ ويهاريو ويو. اڄ فوجي هارا نالي هڪ وڌيڪ همراهه پڻ ايل هو، جيڪو ڪارخاني جو چيف انجنيئر هو. هن خوش خير عافيت ڪرڻ بعد سيٽان کي سندس مسافريءَ جو احوال ورتو ۽ جپان ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي جو معلوم ڪيو ۽ ريڪو ترجمو ڪندي رهي.
    جواب ۾ سيٽان پڻ ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار يا ناڪار ڪندو رهيو، هن کي دير به ٿي رهي هئي، ته اڃا ڪم جي ڳالهه شروع نه پئي ٿئي جنهن لاءِ هو آمريڪا کان هلي هتي جپان پهتو آهي. آخرڪار هو وري ڊرائيننگ ڪڍي هنن کي پيش ڪرڻ وارو هو ته اسان جي آمريڪن ڪمپنيءَ کي هن قسم جي گهڻ مقصدي اسيمبلي کپي جيڪا آيا هي ٺاهي سگهندا يا نه، ته ايتري ۾ ڪانفرنس روم جو در کليو ۽ ڇوڪري چانهه جو سامان کڻي اندر گهڙي. سيٽان ڊزائنيون وري ويڙهي کڻي واپس بريف ڪيس ۾ وڌيون. نوجوان عورت چانهه جا ڪوپ، ساسرون ۽ ڪيڪ پيسٽريون ٽيبل تي سهڻي نموني سجائي رکڻ لڳي. پوءِ ٻي نوجوان عورت ظاهر ٿي. هوءَ چانهه جون ٻه ڪيٽليون ۽ اڇي رنگ جا ڪجهه وٽيل ننڍا ٽوال بانس جي پيالي ۾ کڻي آئي. نئڙت منجهان سيٽان کانئس هڪ ٽوال وٺي هاڻ پنهنجن جوٽن تي وڇائڻ وارو هو ته هن کي محسوس ٿيو ته هڪ ته اهو آلو هو ۽ ٻيو ته اهو ڪوسو پڻ. ريڪو خطري جي ڌپ سونگهي ورتي ۽ پنهنجو اوشي بوري (ننڍڙو ٽوال) کولي ان سان پنهنجو منهن ۽ هٿ صاف ڪيا. ۽ پوءِ پنهنجي ڦڪي سائي چانهه پيئڻ لڳي. سيٽان به ان پٺيان بنا کنڊ وجهڻ جي پنهنجي ڦڪي چانهه پيئڻ شروع ڪئي _ اهو سوچي ته شايد سندس سواد اهڙو ئي ٿيندو هجي.
    چانهه جي دور پوري ٿيڻ کان پوءِ هن کي فئڪٽري گهمڻ جي دعوت ڏني وئي. کيس ان کان پوءِ جو پروگرام به ٻڌايو ويو ته فئڪٽري ڏسڻ بعد منجهند جي ماني ٿيندي ۽ ان بعد کيس ڪاماڪُورا شهر ڏي ”عظيم _ ٻڌا،“ جي مورتي ڏيکارڻ لاءِ وٺي هلبو. پوءِ هڪ هڪ ٿي ماڻهو نڪرڻ لڳا. ريڪو در کولي پهرين مردن کي وڃڻ ڏنو پر سيٽان سڀ کان آخر ۾ نڪتو. هن ٻاهر نڪري ترجمو ڪندڙ ڇوڪريءَ ريڪو کي پاسيرو سڏي چيو:
    ”توکي ”مس“ چئي مخاطب ٿيان يا ٺلهو نالو ”ريڪو“ وٺان؟“
    ”دوزو“ (ڀلي) ريڪو جپانيءَ ۾ وراڻيس.
    ”ريڪو! اهو ته ٻڌاءِ ته جنهن ڪم لاءِ آئون هتي آيو آهيان، ان بابت ڳالهه ٻولهه ڪڏهن شروع ٿيندي؟“
    ريڪو کي هي ماڻهو سوير کان ئي سٺو پئي لڳو. مرڪندي وراڻيائين، ”سيٽان سَانَ!(سيٽان صاحب) توهان هتي جپان ۾ پهريون دفعو آيل ٿا ڏسجو. اسان جپانين ۾ اهو رواج آهي ته ڌنڌي ڌاڙيءَ جي ڳالهه ٻولهه يڪدم نه ڪندا آهيون. توهان اڄ فرحت وٺو جيئن هن ڪمپنيءَ کان وڌيڪ واقف ٿي سگهو. سڀاڻي شايد توهان جا اهي نقشا ڏٺا وڃن جن مطابق توهان ڪم چاهيو ٿا.“
    سيٽان اهو ٻڌي ڍرو ٿيو. پوءِ ڊگهو ساهه کڻي چيو:”ريڪو! ڪالهه رات منهنجي هڪ نوجوان عورت سان ملاقات ٿي، مون کي ان وقت تنهجي خبر نه هئي، سو ان کي وري ملڻ لاءِ چيو هوم.“
    ريڪو اهو ٻڌي ٿورو شرمائجي وئي، هن ڪڏهن به اهو نه سوچيو هو ته فارينر به ٻين جي جذبات جو ايڏو خيال رکي سگهن ٿا. آخرڪار انهن ۾ سڀ جهنگلي به نه آهن.” ڇا هن کي انگريزي اچي ٿي؟“ ريڪو پڇيو.
    ”مون کي خبر ناهي، پر مون وٽ هن جو فون نمبر آهي.“ سيٽان ٻڌايس.
    ”سو ديسڪا، (ته اها ڳالهه آهي)، تون هن کي فون ڪرڻ لاءِ مون کي چوڻ چاهين ٿو؟ اها مون لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي، سيٽان سَانَ _ ته اهو ٻڌاءِ ته تون هن کي ڇا ٿو چوڻ چاهين.“
    اهو سوچڻ لاءِ سيٽان کي ڪجهه گهڙيون لڳيون. پوءِ هن چيو: ”آئون هن کي ڊنر لاءِ وٺي وڃڻ ٿو چاهيان بشرطيڪ هوءَ واندي هجي ته .“
    هن سندس ڪارڊ ڪڍي ريڪو جي حوالي ڪيو. ڪارڊ پڙهي ريڪو جون اکيون ڦاٽي ويون.”هيءَ ته گيشا آهي. ڇا توکي اها خبر آهي _ ؟“
    هن ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي. ريڪو وري ڪارڊ ڏي ڏٺو ۽ نمبر پڙهيو: ”بهرحال آئون تو پاران فون ڪريانس ٿي.“
    سيٽان تيسين اهوئي پهه ڪيو ته هو ريڪو کي به وٺي هلندو. جيتوڻيڪ هيءَ مس سدا بهار چنبيليءَ جي پتيءَ ۾ به نه آهي پر انگريزي سٺي سمجهي ۽ ڳالهائي ٿي ۽ سندس جذبات ۽ ڳالهين جي سٺي ترجماني ڪري سگهندي.
    ڏينهن جو ڳپل حصو هن کي ماتسوموتو ڪمپنيءَ جو ڪارخانو ئي ڏسڻ ۾ لڳي ويو. هي اهو ڏسي بيحد متاثر ٿيو ته ڪمپنيءَ ۾ ڪيتريون ئي اليڪٽرانڪ جون ننڍيون وڏيون شيون ٺهي رهيون هيون ۽ ڇوڪرين جون قطارون مٿي تي هڪ ئي رنگ جا رومال ٻڌي تحمل ۽ صبر سان مشينري جا ننڍا ننڍا پرزا ٺاهي رهيون هيون. ان دوران هن جي ملائڪن کي به خبر نه پيئي ته سندس فون بعد مس سدا بهار چنبيليءَ جي سلسلي ۾ پٺيان ڪمپنيءَ ۾ ڪهڙي هڻ وٺ لڳي وئي آهي. ايتريقدر جو ڪمپنيءَ جو مالڪ مسٽر ماتسوموتو پاڻ ان مسئلي جي فيصلي لاءِ اچي حاضر ٿيو. هوءَ ته هڪ گيشا عورت آهي _ سابه ٽوڪيو جي سڀ کان سهڻي ۽ مهنگي ۾ مهنگي، جنهن جي سنگت جي هڪ هڪ منٽ جي في سوين يين آهي. گذريل ڏينهن جي ڪلاڪ ٻن جي ڪچهري ۽ گڏ ويهڻ کائڻ پيئڻ لاءِ ئي ڪمپنيءَ کي ڪيئي هزار يين، ان گيشا جي مالڪڻ کي ادا ڪرڻا پيا هئا. پر اهو پهرين ڏينهن آيل مهمان کي وندرائڻ لاءِ ضروري هو.
    هلندڙ رسم رواج مطابق هو (گيشا عورتون) فقط اهو وقت مهمانن سان کلي ڳالهائين ۽ کين وندرائين ريجهائين جن جا انهن کي پئسا ٿا ملن. گيشا جي ان مرڪ ۽ پيار کي، نه مهمان کي سچو پيار سمجهڻ کپي ۽ نه گيشا کي مهمان جي موهت ٿيڻ تي دل ڏئي ساڻس عشق ۽ شادي ڪرڻ کپي. جپان جي اها رسم رواج، تهذيب ۽ ثقافت صدين کان هلندي اچي.
    وعدي مطابق جڏهن ريڪو فون ملايو هو ته کيس تعجب ضرور لڳو ته واقعي اهو ڪانو جو ذاتي نمبر هو جنهن ڪن خاص سين ڪري هن آمريڪن کي پنهنجو نالو به اصلي لکي ڏنو هو جيتوڻيڪ هوءَ گيشا طور سڄي ٽوڪيو ۾ ”مس سدا بهار جنبيلي“ جي نالي سان مشهور آهي. برحال مس سدا بهار جنبيلي سالن جون ريتون رسمون ڀڃي هڪ گراهڪ سان دوستي رکڻ ٿي چاهي، ته اها سندس مرضي. ريڪو کي فقط ان ڳالهه عجب ۾ وڌو ته هي آمريڪن همراهه، جيڪو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ هلت چلت مان ته صفا ڇسو پيو لڳي ۽ نه وري ٻين ماڻهن وانگر چالاڪ ۽ عياش آهي تنهن سان ڪيئن هوءَ پهرين ئي ملاقات ۾ ايڏو ويجهو ٿي ويئي جو کيس نه فقط پنهنجو ذاتي نالو ٻڌايو اٿس، پر فون نمبر پڻ ”گيشا گهر“ بدران پنهنجي ذاتي گهر جو ڏنو اٿس.
    مس ريڪو پنهنجي باس کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته سندن آمريڪن مهمان هڪ گيشا عورت کي ڊنر لاءِ دعوت ڏني آهي ۽ هيترن سالن جي سکيا ۽ وهنوار ڄاڻڻ جي باوجود به مس سدا بهار چنبيليءَ عام عورتن وانگر هن مان متاثر ٿي ڀانئجي ۽ هن کيس چيو ته هوءَ ان جي پڪ بابت وري فون ڪندي.
    مس سد بهار چنبيليءَ ان بعد هڪدم پنهجي اڏي (گيشا) گهر تي فون ڪري پنهنجي مالڪياڻيءَ کان ان جي پوئواري بابت اجازت گهري. اڏي جي مالڪياڻي ”ماما سان“ يڪدم ڪمپنيءَ جي مالڪ مسٽر ماتسوموتو کي فون ڪيو، جيڪو سندس پراڻو ۽ عزت وارو گراهڪ سمجهيو ويو ٿي. جيئن ته هن ئي ان آمريڪن جو پهرين دعوت ۽ تعارف ڪرايو هو جيڪو اڃا به سندس ئي مهمان هو سو کيس مس سدا بهار چنبيليءَ جي ملاقات جي مڙني خرچ پکن جي جوابداري کڻڻ لاءِ آگاهه ڪيو.
    سيٽان جو ههڙي وڏي درجي واريءَ گيشا سان وري ملڻ جو ٻڌي مسٽر ماتسوموتو جا ٺپ ئي ٺري ويا. هاڻ ڇا ڪري. جي انڪار ٿو ڪري ته ڪم ٿو خراب ٿئي. آيل مهمان جو موڊ خراب ٿيندو ۽ واندڪائيءَ واري وقت ۾ اجايو ٻين ڪارخانيدارن جي ور چڙهي ويندو ساڳي وقت ڪيترو به خرچ اچي پر ڪمپنيءَ کي عزت بچائڻي آهي. گيشا گهر وارا ۽ آيل مهمان ڇا سوچيندا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄڪلهه ڪمپني ڏيوالي ڏانهن وڃي رهي آهي ۽ ههڙن اجاين سجاين خرچن سهڻ جي سگهه نه اٿس پر ان هوندي به ”کٽل آهيون ته به خان ته آهيون، وارو ڏيک ڏيڻ ضروري هو. هو ڏانهن آمريڪن مهمان کي ته اها به شايد خبر نه هئي ته گيشا گرل جو چڪر ڇا آهي ۽ گيانا جي ساڻس ڳالهائڻ ٻولهائڻ جا منٽن جي حساب سان پئسا چڪائڻا پون ٿا. بهرحال مسٽر ماتسوموتو ٻڏندي ترندي گيشا گهر جي پوڙهي مالڪياڻي ماما سان کي هڪ ٻي شام لاءِ مس سدا بهار چنبيليءَ جي خدمتن جي ادائگيءَ لاءِ هائوڪار ڪئي. هن ماما سان کي اها تاڪيد ڪئي ته ”ماڪورا گاني“ (وهاڻي واري خدمت) ان وندر ۾ شامل نه هئڻ گهرجي. جنهن جي بل لاءِ هو ٻڌل نه رهندو. ماماسان کي پڪ ڏني ته مس سدا بهار چنبيلي ان ڳالهه کان پري آهي. جپان جي ٻين ڪيترن سهڻين ۽ اعليٰ قسم جي گيشا ڇوڪرين وانگر مس سدا بهار چنبيلي پڻ هم بستري جهڙي عياشي مهيا ڪرڻ کان گريز ڪري ٿي.
    ان فيصلي جو اطلاع ريڪو کي گيشا گهر کان ڪيو ويو ته گيشا مس سدا بهار چنبيلي توهان جي آمريڪن مهمان جي ڏنل ڏنر خوشيءَ سان قبول فرمائي ٿي ۽ هن سان گڏ فقط هڪ مائيڪو (سکيا وٺندڙ گيشا) هوندي. ريڪو ڊنر لاءِ ٽوڪيو جي ”نيو اوتاني“ هوٽل جو نالو چونڊيو. اهو ڄاڻي ته اتي مينو جپانيءَ سان انگريزءَ ۾ ڇپيل پڻ ڏنو وڃي ٿو.
    منجهند جي مانيءَ اڳ سيٽان باٿ روم مان ايبدي وقت ريڪو جي ڊيسڪ وٽان لنگهيو. هن کيس چٺي ڏني جنهن ۾ مس سدا بهار چنبيليءَ سان ملاقات جو وقت ۽ جڳهه لکيل هئي. سيٽان جو ملول چهرو خوشيءَ وچان ٻهڪڻ لڳو. هن دفعي مانيءَ جو بندوست ڪمپنيءَ جي آفيس ۾ انگريزي نموني سان ٽيبلن، ڪانٽن ڇرين ذريعي ڪيو ويو هو. مانيءَ دوران سيٽان پنهنجي هم پيشي جپاني انجنيئر فيوجي هارا سان کل ڀوڳ ڪندو رهيو. هن کي جپاني ماڻهن جي تهذيب تمدن، جيڪا سندس ملڪ جي تهذيب کان مختلف هئي. وڻي رهي هئي. ڇو جو هي پهريون دفعو هو هن ڏٺو ته پيار جي موٽ ۾ پيار ڪيو ٿي ويو.
    منجهند جي مانيءَ کان پوءِ هو ڏڪڻي فوتابا جي حوالي ڪيو ويوجيڪو کيس ڪمپنيءَ جي ڪار ۾ هڪ سامونڊي ڪناري واري شهر ڪاما ڪورا ڏي وٺي هليو. رستي تي هو جپان جي ٻهراڙي وارن علائقن جو به ديدار ڪندو هليو. سيٽان کي تعجب لڳو ته جپان جي زمين جو هڪ هڪ انچ استعمال هيٺ آهي. زمين جا بچيل ٽڪرا سائي گاهه سان ڀريل نظر آيا ٿي يا قطار ۾ پوکيل ڀاڄين ۽ ولين سان. رستي جي مٿان جتي ڪٿي پليون ۽ اليڪٽرسٽيءَ جون طاقتور تارون لنگهيون ٿي. هي ملڪ هڪ دور کان لنگهي ٻئي دور ۾ گهڙندو نظر آيو ٿي. پراڻيون ۽ نيون شيون هڪ ٻئي ۾ رلي ملي ويل ٿي لڳيون.
    ڪاماڪورا شهر گوتم ٻڌ جي وڏي کان وڏي بوتي (Statue) کان مشهور آهي، جيڪو ٽامي جو ٺهيل آهي. سيٽان هن آفت جيڏي بت جي چوڌاري ڦري کيس چڱي طرح ڏٺو ۽ فوتابا اهو ڏسي خوش ٿيو ته هڪ فارينر سندس ملڪ جي ڪنهن شيءِ مان متاثر ٿيو آهي. ان بعد فوتابا ”هاسي ڪان نان“ مندر ۾ وٺي آيس جتي ڪاٺ مان ٺهيل هڪ ديويءَ جو بت رکيل آهي.
    ”ويري بيوٽيفل“ (تمام سهڻو) فوتابا چيو.
    ”ييس.“ سيٽان جهيڻي هائوڪار ڪئي.
    ان بعد مندر کان ٻاهر نڪري سمنڊ جي ڪناري تي اچي بيٺا. سامهون وشال ساگر جون لهرون جڏهن سندس پير چمڻ لڳيون ته سيٽان کي عجيب احساس ٿيو ته زندگي هن لاءِ ڄڻ هاڻ سک جا دروازا کولي ڇڏيا هجن ۽ شايد اڃا ٻيا به ڪيترائي هجن جيڪي اڳتي هلي کلن.
    واپس پنهنجي ڪمري ۾ پهچي هن ايندڙ شام بابت سوچيو، ۽ نا ممڪن حالتن ۾ پيش ايندڙ ڳالهين تي غور ڪيو جن ۾ هو زبردستي هيرو جي رول ۾ پيش ٿي رهيو هو، پر پاڻ فلمي هيرو ته نه هو. پاڻ ته فقط آمريڪا جي هڪ شهر جو رهاڪو انجنيئر هو، جنهن جي عورتن جي معاملي ۾ ڪڏهن به ساعت نه رهي هئي، پر اڄ هن جي هڪ اهڙيءَ حسن جي ديويءَ سان ملاقات رٿيل هئي جيڪا هن ڌرتيءَ جي وڏي ۾ وڏي شهر _ ٽوڪيو جي حسين ترين عورت مڃي وئي ٿي.
    سيٽان پوري ڇهين بجي پنهنجي عينڪ کي چڱيءَ طرح نڪ تي ڄمائي هيٺ هوٽل جي لابيءَ ۾ پهتو. هن ڪلارڪ کي رات لاءِ ڪنهن بهترين ٿيٽر ۾ ٽڪيٽن جي ائڊوانس بڪنگ لاءِ چيو ۽ في الحال کين نيو اوتاني هوٽل ۾ ڇڏي اچڻ لاءِ هڪ ٽئڪسي سڏائڻ لاءِ پڻ چيو. ٿورو ترسي هن ڪلاڪ کان هڪ سوال پڇيو جيڪو هن کي منجهائي رهيو هو:
    ”آئون هڪ عورت سان گڏ مانيءَ جي دعوت تي پيو وڃان. سندس سڄو نالو مس ڪانو ماسايو آهي. ان سڄي نالي ۾ سندس ذات ڪهڙي ٿي ۽ مون کي کيس ڇا سڏڻ کپي؟“
    ”ڪانو هن جي ذات ٿي ۽ ماسايو سندس نالو. جڏهن توهان جي دوستي گهاٽي ٿي وڃي ته پوءِ هن کي ماسايو ساَنِ سڏي سگهين ٿو. ”سان“. معنيٰ”سائين“، ”عزت ماب“، ”مانوارو“ يا ”مانواري“. جيڪڏهن هن کي ڪا نوڪري آهي يا لقب ته پوءِ ان موجب. مثال طور”ڪانو _ ماسايو _ سين سي ئي“ معنيٰ ” ڪانو _ ماسايو _ ماسترياڻي.“ ڪلارڪ سمجهايس.
    ”ڪانو _ سان گيشا آهي. هن جو گيشائڪو نالو ”مس سدا بهار چنبيلي“ آهي.“ سيٽان ٻڌايس.
    ڪلارڪ جون اکيون ڦاٽي ويون.”توهان اڄ مس سدا بهار چنبيليءَ جي شام خريد ڪئي آهي، سيٽان _ سَانَ؟ توهان کي ڪنهن اعليٰ جاءِ جي ڳولا هوندي. هونءَ اسان جي هوٽل ۾ به توهان جهڙن وڏن ماڻهن لائق سوٽ (ڪمرو) مهيا ٿي سگهي ٿو.“
    ”نه مهرباني. هيءَ اسان جي ملاقات گيشا ۽ گراهڪ جي نه، پر ذاتي ياريءَ دوستيءَ جي ناتي هيٺ ٿي رهي آهي.“
    ”هوءَ توهان جي ذاتي دوست آهي؟ بس سائين، مان اجهو توهان لاءِ ٽئڪسي ٿو گهرايان ته توهان کي نيو اوتاني هوٽل ۾ ڇڏي اچي. موڪلائڻ وقت توهان کي ”گڊلڪ“ (شال ڀاڳ ڀلو ٿيئي) به نه چوندس جو توهان جو ڀاڳ اڳهين ڀلو آهي.“
    سيٽان نيو اوتاني هوٽل ۾ پهرين پهچي ويو. ڪمپنيءَ وارن هن لاءِ اها هڪ بهترين جڳهه چونڊي هئي جنهن کي ڏسي هو خوش ٿيو. چيف بئري کي گهرائي چيائين:
    ”منهنجو نالو سيٽان آهي. ڊنر لاءِ هڪ ٽيبل رزروڊ رکرائڻ چاهيان ٿو جو منهنجا ڪجهه مهمان اچڻا آهن.“
    بئرو ادب وچان جهڪيو:”سائين توهان لاءِ اڳهين رزرويشن ٿي پئي آهي. توهان پاران توهان جي ميزبان ڪمپنيءَ ان سلسلي ۾ فون ڪيو هو ۽ اسان سڄو بندوبست ڪري ڇڏيو آحي. ڀلا سائين توهان هينئر ئي پنهنجي ٽيبل تي ويهڻ چاهيندؤ يا مهمانن اچڻ کان پوءِ؟“
    ”نه، في الحال آئون لابيءَ ۾ ويهان ٿو. مهرباني ڪري مون کي اهو ته ٻڌا3 ته ”گڊ ايونگ“ (شام جي کيڪار) کي جپانيءَ ۾ ڇا ٿا چون؟“
    ”اهو تمام سولو آهي مسٽر سيٽان. ”ڪان بان وا“.“
    ”ڪان _ بان _ وا_ “ سيٽان ورجايو.
    ”بلڪل صحيح ٿا چئو، سائين.“
    سيٽان پوءِ لابيءَ جي در وٽ بيهي تصوراتي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي هڪ ڏينهن دنيا جي اهم شخصيت ٿيڻ جا خواب ڏسڻ لڳو. ايتري ۾ سامهون مس سدا بهار چنبيلي ايندي نظر آئي. هن کي ڪمونو پهريل هو ۽ ساڻس گڏ هڪ ٻي ڇوڪري آسماني ۽ اڇي رنگ جي وڳي ۾ هئي. سيٽان هن ڏي جهڙو تهڙو نهاري وري پنهنجي ملاقاتيءَ جي خوبصورت چهري ڏي ڏٺو. ويجهو اچڻ تي هو ساڻس جهڪي مليو ۽ سلام ڪيائين:”ڪان بان وا“
    گيشا پنهنجن گوڏن کي جهڪايو، ڪنڌ کي ٿورو پاسيرو ڪيو ۽ پوءِ ان شانائتي ادا سان جهڪي سلام ڪيو جنهن جي سکڻ پٺيان صدين جي تاريخ آهي.”ڪان بان وا _ سيٽانو سان“ هن مرڪندي جواب ڏنو. جيڪڏهن اهڙي ادا سان ”سائرس“ ڳالهائي ها ته جيڪر ”اوڊيس“ ته پنهنجي گهر جو رستو به ڀلجي وڃي ها.
    بلو ۽ اڇي وڳي واري ڇوڪريءَ پنهنجو سهڻو جپاني چهرو سيٽان ڏي ڪري انگريزيءَ ۾ چيو: ”آئون پيگي آهيان،“ سندس لهجو صحيح نه هو پر انگريزي سٺي ٿي ڳالهائين.”آئون مائيڪو آهيان. يعني شاگرد گيشا. گيشا ٿيڻ کان اڳ ڪجهه سالن لاءِ ڇوڪري مائيڪو سڏبي آهي ۽ جڏهن به ڪا فرسٽ ڪلاس گيشا ڪٿي دعوت تي ويندي آهي ته هوءَ پاڻ سان گڏ هڪ يا ٻه مائيڪو به کڻندي آهي. هونءَ به مس سدا بهار چنبيليءَ کي انگريزي ٿوري گهٽ ٿي اچي. آئون توهان جي وچ ۾ خلل ثابت نه ٿيندس. بلڪ مون کي ته هونءَ به پنهنجن خيالن ۾ گم رهڻ جي عادت آهي.“
    پيگيءَ کي انگريزيءَ ۾ لس ئي لس ڳالهائيندو ٻڌي سيٽان کي ڏاڍو مزو آيو. ٻنهي کي پاڻ سان گڏ وٺي مانيءَ لاءِ ڊائننگ روم ۾ گهڙيو. بئري کين سندس ٽيبل ڏيکاري جيڪا دريءَ ڀرسان هئي جنهن مان سڄي شهر جو نظارو صاف پئي ڏٺو. گيشا وڏي شانائتي نموني سان پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺي. سيٽان سامهون واري ڪرسيءَ تي ٿي ويٺو ۽ پيگي پاسي واري بچيل ڪرسي ريڙهي ان تي ويٺي _ ۽ هڪ دفعو وري دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳي ته سونهن ۽ سوڀيا ۾ هيڏي مهال سهڻي، ڳالهائڻ جي فن ۾ ههڙي اڪابر _ مس سدا بهار چنبيليءَ هڪ فارينر کي شام گذارڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ لاءِ ڪيئن چونڊيو آهي _ جيڪو سندس ڪابه ڳالهه ٻولهه، چرچو گهٻو يا شعر و شاعري سمجهڻ کان قاصر آهي.
    ”مس ڪانو،“ سيٽان هاڻ پڇيو، ”ڊو يو اسپيڪ انگلش؟“ (تون انگريزي ڳالهائي سگهين ٿي؟) گيشا مرڪيو. آڱوٺي ۽ آڱر سان چپٽيءَ جو نشان ٺاهي جپانيءَ ۾ چيو:”ساڪوشي“ (تمام ٿوري ٿوري) ۽ پوءِ وري انگريزيءَ ۾ چيو:”لٽل لِٽل.“
    ”پوءِ ته توسان ڳالهائڻ لاءِ مون کي جپاني سکڻي پوندي.“ سيٽان چيو.
    پيگي تکو تکو ترجمو ڪندي ويئي. گيشا مرڪيو ۽ خاص ادا سان هيٺين پنبڻن وٽان هن ڏانهن نهاريو. سيٽان جو بلڊپريشر گيشا جي نيڻن جي ان نهار سان خطرناڪ حد تائين مٿي چڙهي ويو. اڄ ڏينهن تائين هن ڏي ڪنهن عورت اهڙي پيار مان نه ڏٺو هو.
    جڏهن هن جو مٿو بولاٽيون کائي کائي هڪ ٿانيڪو ٿيو، ته هن کانئن ڪجهه پيئڻ لاءِ پڇيو. ٻنهي عورتن شراب پيئڻ کان لهرايو. مس سدا بهار چنبيلي هن ڏي وري نئين دلچسپيءَ منجهان نهارڻ لڳي. بئري کين مينو (کاڌي جي لسٽ) آڻي ڏني. گيشا ان کي کولڻ کان اڳ ڪجهه سيڪنڊ انتظار ڪيو تيسين سيٽان پنهنجو مينو کولي جپان جي مشهور شيءِ اسٽيڪ (ڳائي گوشت جي چاپ) جو آرڊر ڏنو ۽ سندس مهمانن پنهنجو آرڊر جپانيءَ ۾ ڏنو جيڪو بئرو نوٽ ڪري کاڌو آڻڻ لاءِ روانو ٿيو.
    سيٽان، ميزبان جي حيثيت ۾ پنهنجي ٻي مهمان _ مائيڪو سان ڪا ڳالهه ٻولهه چورڻ لڳو:
    ”توتي اهو انگريزي نالو ”پيگي“ ڪنهن رکيو؟“
    مائيڪو ڏند ڪڍي کلڻ لڳي. ”مون تي اهو نالو منهنجي بواءِ فرينڊ رکيو. انگريزي به مون کي هن ئي سيکاري. هو جپان ۾ آمريڪن جي قائم ڪيل فوجي اڏي تي ايئرمئن آهي. اسان ٻئي هڪ ٻئي لاءِ چريا آهيون.“
    ”توهان جو مڱڻو ٿي چڪو آهي_؟“ سيٽان پڇيو ۽ ان ئي وقت کيس اهو به محسوس ٿيو ته ڪٿي سندس اها ڳالهه پيگيءَ کي خراب نه لڳي هجي.
    ”آئون مڱڻو ڪيئن ٿي ڪري سگهان؟ گيشا جي ڌنڌي ۾ شادي نٿي ڪري سگهجي،“ پيگيءَ وراڻيو، ”گيشا کي اڪيلو ئي رهڻو پوي ٿو.“ ايتري ۾ هن عينڪ واري همراهه _ سيٽان جي منهن جو پنو لهندو ڏسي يڪدم ڳالهه سمجهي ويئي. سو اتي جو اتي ڳالهه ڦيرائي چوڻ لڳي”ها البت اها ٻي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن گيشا پاڻ به چاهي ٿي ته شادي ٿئي ته پوءِ هن کي پهرين ان ڌنڌي مان نڪرڻو پوندو آهي.“
    سيٽان وڏي غور سان پڇيو: ”پوءِ ڀلا ائين ڪيتريون ئي گيشا عورتون ڪن يا نه؟“
    ”ها مڙيئي چڱيون خاصيون ڪن ٿيون.“ پيگيءَ هڪدم ڪوڙ ٺاهي چيو.
    ”تنهنجي انگريزي ته ڏاڍي سٺي آهي. ڇا تون آمريڪا ۾ به رهي چڪي آهين؟“
    ”رهي ته نه آهيان، پر هاڻ وڃي رهنديس. اتي ڪو گيشا گهر ناهي. منهنجو بواءِ فرينڊ چئي ٿو ته آمريڪا ۾ گيشا گهر جي گهڻي گهرج آهي ۽ وڏي ڪمائي ٿيندي. ڪجهه سالن بعد آئون به مائيڪو مان ڦري گيشا سڏائيندس. مونکي پنهنجو گيشائڪو نالو هوندو. پنهنجي لئه ۽ پنهنجو شان هوندو. پوءِ منهنجو بواءِ فرينڊ ۽ آئون گڏجي ڪجهه انگريزي ڄاڻندڙ ڇوڪريون هٿ ڪنداسين ۽ آمريڪا ۾ پهريون گيشا گهر کولينداسين.“
    ”اهو سوچيو اٿَوَ ته ان لاءِ ڪهڙو هنڌ مناسب ٿيندو؟“
    پيگيءَ ڪنڌ ڌوڻيو:” منهنجو بواءِ فرينڊ چوي ٿو ته نيويارڪ پاسي کولينداسين ۽ تمام سهڻو هنڌ ڳولي ڇڏيو اٿس. براڊوي ۽ ايڪونجاهين گهٽيءَ جي ميلاپ وٽ.“
    آمريڪا ۾ پيگيءَ جو گيشا گهر هلي سگهندو يا نه، ان بابت سوچڻ بدران سيٽان پنهنجو ڌيان ان حسين ترين مخلوق ڏي ڌريو جيڪا هر طرح مڪمل سونهن ۽ جوڀن جو مجسمو بڻيو سامهون ويٺي هئي. سيٽان پنهنجو هڏائون هٿ ٽيبل تي رکي مس سدا بهار چنبيليءَ ڏي وڌايو ۽ ان ڳالهه جو اظهار ڪرڻ چاهيو ته هن جو سڄو ڌيان هن ڏي آهي. مس سدا بهار چنبيليءَ مرڪيو ۽ پنهنجو ڪنڊائتين ۽ سنهين آڱرين وارو هٿ هن جي هٿ مٿان رکيو. هٿ جي معمولي ڇهاءَ سيٽان جي ڪرنگهي تائين ڄڻ ڪرنٽ ڊوڙائي ڇڏيو. سيٽان گيشا جي بادامي اکين کي غور سان ڏسڻ لڳو جن ۾ چاهت جي گرمي هئي. سندس وار دونهين جهڙا ڪارا هئا ۽ منهن ۽ جسم جي چمڙي ڪريم جهڙي اڇي ۽ لسي هئي.”جنهن ماڻهوءَ جي شادي مس سدا بهار چنبيليءَ جهڙي عورت سان ٿيندي ان کي ٻئي ڪهڙي بهشت جي ضرورت.“ سيٽان دل ئي دل ۾ سوچيو.
    بئري هن جي اڳيان فروٽ ڪاڪ ٽيل اچي رکيو ۽ سندس مهمانن اڳيان پليٽن ۾ ساون پنن جي مٿان اڇي رنگ جا چورس ٽڪرا.
    ”شا شي مي.“ گيشا چيو. ۽ پوءِ هڪ اڇو ڳترو چاپ اسٽڪ (تيلين) سان کڻي سيٽان کي چکڻ لاءِ کارايو. هن تجربي خاطر ان کي چٻاڙيو، پر چڱيءَ طرح پرکي نه سگهيو ته ڪهڙي شيءِ آهي.
    ”ڪچي مڇي،“ پيگيءَ چيو، ”شا شي مي جپان ۾ ڪچي مڇيءَ جي ڊش کي چئجي ٿو.“
    اهو ٻڌي سيٽان اکيون کڻي بند ڪيون ۽ وڌيڪ چٻاڙڻ بدران منهن ڪڙو ڪري هڪ ئي ڳيت ۾ ڳهي ويو.
    ”تو لاءِ ڪجهه گهرايون؟“ پيگيءَ پڇيو.
    ”نه. مهرباني.“ سيٽان وراڻيو ۽ پوءِ ڳالهه بدلائي کانئن اهم سوال پڇيو:
    ”مانيءَ بعد توهان جي ڪجهه وقت ڪڍي سگهو ته ”نيچي _ گيڪي“ ٿيٽر ۾ ڊرامو هلي ڏسون.“
    پيگيءَ ترجمو ڪيو ۽ پنهنجي سانئڻ جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ لڳي. گيشا تيلين سان شا شي مي _ مڇيءَ جو ٻيو ڳترو کنيو ۽ هوا ۾ جهلي بيٺي.
    ”اف يو وِش“ (جيڪڏهن توهان چاهيو ته ) گيشا آخرڪار وراڻيو.
    سندس منهن تي فخر جون ريکائون هيون جو هن انگريزيءَ جو جواب انگريزيءَ ۾ ئي ڏنو.
    هوٽل مان اٿڻ وقت لابيءَ ۾ موجود سڀني همراهن مس سدا بهار چنبيليءَ کي مڙي مڙي ڏٺو. جيڪا واقعي هڪ جيئري جاڳندي سونهن هئي.
    نيچي _ گيڪي ٿيٽر ۾ هلندڙ ڊرامو سيٽان کي ڏاڍو وڻيو. ڀر ۾ ويٺل مس سدا بهار چنبيليءَ به سڄو وقت پنهنجو هٿ جهلڻ لاءِ سندس حوالي ڪري ڇڏيو هو. ڊرامي ختم ٿيڻ مهل پيگيءَ کيس ٻڌايو ته هو ٽئڪسيءَ ذريعي پاڻ گهر هليا ويندا ۽ سيٽان کين گهر تائين ڇڏي اچڻ جي تڪليف نه ڪري جو هو اڪثر اڪيليون هليون وينديون آهن. سيٽان جيتوڻيڪ اها اميد رکيو ويٺو هو ته ڇڏڻ جي بهاني پنهنجي محبوبا جو گهر ڏسي ڇڏي ۽ ممڪن ٿي سگهي ته سندس ماءُ پيءُ سان به ملي وٺي. پر في الحال ان جو سوال ئي پيدا نه پئي ٿيو. پوءِ ٿورو منجهندي پڇيائين:
    ”ڀلا سڀاڻي توهان سان ملي سگهان ٿو؟“
    گيشا چپ ٿي وئي ته ڪهڙو جواب ڏجي. هونءَ گيشا جي زندگي ۾ اهڙا گهٽ لمحا ايندا آهن جو هوءَ ڪنهن ڳالهه جو جواب نه ڏيئي سگهي.
    ”ڊو يو وش؟“ (تون ملڻ چاهين ٿو؟) گيشا پڇيو.
    ”آف ڪورس!“ (بلڪل) سيٽان وراڻيو. جواب ۾ پيگيءَ هن ڏي نهاري مرڪيو. کيس اها ڄاڻ نه هئي ته سيٽان ڪو ايڏو امير ماڻهو آهي. آمريڪن هجڻ ڪري، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو ٻين کان شاهوڪار ٿي سگهي ٿو، پر هڪ ٽاپ ڪلاس جي گيشا سان روز ملڻ تمام وڏي ڳالهه آهي. جنهن لاءِ حد درجي جو امير به ٻه دفعاسوچيندو. ڇو جو ان جي تمام ڳري ادائگي ٿئي ٿي.
    بهرحال اهو ته پيگيءَ پئي سوچيو، پر اسان واري يار سيٽان کي اها خبر نه هئي ته هو جيڪو هڪ هڪ منٽ گيشا سان گهاري رهيو آهي ان جا پئسا سندس ميزبان _ ماتسوموتو ڪمپنيءَ جو مالڪ سيٺ ماتسوموتو گيشا گهر جي مالڪياڻي _ ”ماماسان“ کي روڪڙا ادا ڪري رهيو آهي. جپان جي رسم موجب ماماسان وڏي عمر جون عورتون، غريب ۽ حسين ڇوڪرين کي حاصل ڪري ان کي گيشا بڻجڻ جي تربيت ڏينديون آهن. ڳالهائڻ ٻولهائڻ، ڳائڻ، نچڻ کان علاوه ڪيترن ئي هنرن ۾ ان کي ڀڙ ڪنديون آهن. ان ۾ ڪيترائي سال ۽ ڪيترائي پئسا لڳي ويندا آهن. پر پوءِ گيشا ٿي وڃڻ بعد کيس به ان جو ڦل / ڪمائي ملندي آهي ۽ اها گيشا ان ماماسان جي سڄي عمر ٻڌي ٻانهي ٿي رهندي آهي. ان ڪري گيشا جو پنهنجو وقت به پنهنجو نه پر ان ماماسان يا گيشا گهر جي مالڪياڻيءَ جي ملڪيت هوندو آهي.
    نه وري ماتسوموتو ڪمپنيءَ سيٽان کي ان بابت آگاهه ڪرڻ چاهيو ٿي جو هنن اها پنهنجي بي عزتي سمجهي ٿي ته متان مهمان شڪي ٿي پوي.
    ساڳئي وقت سيٽان وري اهو پئي سوچيو ته مس سدا بهار چنبيليءَ جي پهرين ملاقات ۾ ئي ساڻس ڪا دوستي ٿي وئي آهي ۽ هوءَ واندڪائيءَ مان پنهنجو ذاتي وقت ڪڍي هن سان ملي رهي آهي جيئن پاڻ ڪم ڪار لاهڻ بعد فرصت جون گهڙيون هن سان ملي ٿو. جيتوڻيڪ گيشا پنهنجي ڌنڌي جي نوعيت مطابق هن سان کلي ڳالهائي رهي هئي، پر سيٽان گيشا جي ان عمل کي واپاري ادا نه پر عشق ۽ محبت جو رنگ ڏيئي رهيو هو. ان ۾ ڪو شڪ نه هو ته گيشا_ مس سدا بهار چنبيليءَ کي به دل ۾ واقعي سيٽان لاءِ پهرين ئي ملاقات ۾ محبت جي چڻنگ دکي پئي هئي جا آهستي آهستي وڌي رهي هئي. هونءَ گيشائپ جي ڌنڌي ۾ هڪ گيشا کي ڪنهن سان عشق يا شادي ڪرڻ جي نه رسم رواج اجازت ٿي ڏني نه سندس رکوالي ڪندڙ ماماسان، جنهن جي حڪم هيٺ هوءَ هئي. پر هتي حالتون ڪجهه اهڙو رُخُ اختيار ڪري رهيون هيون جو ان تي پيگيءَ کي به تعجب لڳي رهيو هو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي. دل وندرائڻ لاءِ وڏا وڏا امير به فقط ڪڏهن ڪڏهن گيشا جي سنگت خريد ڪندا آهن. هي ته لڳاتار ٽئين ڏينهن لاءِ به گهر ڪري رهيو آهي. بهرحال گيشا ساڻس ملڻ لاءِ هڪدم ها ۽ وعدو نه ڪيو:
    ”چئي نٿي سگهان، ٿي سگهي ٿو ته سڀاڻ مونکي ڪو ڪم هجي.“
    مس سدا بهار چنبيليءَ جو هڪ هڪ لفظ خيال سان انگريزيءَ ۾ اچاريندي چيو.
    سيٽان اڃا پٺتي هٽڻ نٿي چاهيو:”فئڪٽريءَ تي ڪم پورو ٿيڻ تي آئون ڀلا کڻي فون ڪندس ۽ پوءِ جي توکي ڪي گهڙيون فرصت جون ملي ويون ته مون سان گڏ کڻي گهارجانءِ.“
    پيگيءَ اهو جملو جپانيءَ ۾ ترجمو ڪري گيشا کي ٻڌايو ۽ جواب ٻڌڻ لاءِ پاڻ به آتي ٿي. ماٺ ۾ منٽ کن گذري ويو. ان کان پوءِ گيشا سيٽان ڏي مرڪ ڀريل نگاهن سان نهاريو.
    ”اوڪي يو ڪال.“ (چڱو ڀلا تون فون ڪجانءِ.) گيشا نيٺ چيو ۽ مڙي وڃي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺي جيڪا ان ئي وقت اچي پهتي هئي.
    ***


    ٽي

    ٻئي ڏينهن صبح جو نَو لڳي ڪجهه منٽن تي مسٽر ماتسوموتو جي آفيس ۾ ان ئي عنوان تي بحث هلي رهيو هو، جو ٿوري دير اڳ ۾ ان سلسلي ۾ گيشا گهر کان فون اچي چڪو هو. جپاني ٻولي سڌي سنواٽي ناهي پر ان ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون اڻ سڌيءَ طرح ڪيون وڃن ٿيون، ان ڪري ان جو لفط بلفظ ترجمو ڪرڻ ته پاڻ کي اوڙاهه ۾ اڇلڻو ٿيو پر ايترو آهي ته جيڪي ڳالهيون هلي رهيون هيون، ان مان صاف لڳو ٿي ته مٿئين ليول جي آفيسرن جي حالت خراب آهي. کين سمجهه ۾ نٿي آيو ته اهو گيشا وارو مسئلو ڪيئن حل ڪجي.
    مسٽر فوتابا، جيڪو انگريزي ڳالهائيندي ته هميشه هٻڪيو ٿي، هينئر پنهنجي مادري زبان جپانيءَ ۾ کليءَ طرح بحث ۾ حصو وٺي رهيو هو. ”ڪمپنيءَ طرفان مهمانن جي وندر لاءِ رٿيل بجيٽ ته سڄي خرچ ٿي وئي،“ هن بلڪل ائين ئي سڌيءَ طرح چيو، ”منهنجي خيال ۾ ته اسان کي هن بيوقوف مهمان مان ڪنهن طرح جان ڇڏائڻ کپي، جيڪو روز بروز مٿي جو سور ٿيندو وڃي. گيشا واري عياشي پوءِ ڀلي وڃي پنهنجي ڏيهه ۾ ڪري ته خبر پوليس ته ڪيڏو ٿو بل اچي.“
    مسٽر ياماگچي ڪجهه اونهو ئي سوچي رهيو هو. ”هنن وٽ آمريڪا ۾ اڃا گيشائون نه آهن،“ هن فوتابا کي ٻڌايو،”آمريڪا هڪ نئون ملڪ آهي ۽ سماجي طرح آمريڪي اڃا ايترو سڌريل نه آهن. مون کي پڪ آهي ته سيٽان کي هتي جي حالتن جي خبر ناهي. اسان جي هن کي هتان ڀڄائي ڪڍنداسين ته آمريڪا کان مليل آرڊر هٿن مان هليو ويندو ۽ چئن ڏوڪڙن ڪمائڻ جي اميد تي پاڻي گهمي ويندو.“
    ”سيتانو ساَنَ کي،“ ماتسوموتو بيزاريءَ مان ٻڌايو، ”اسان سان تيسين گڏ رهڻو آهي جيسين سندن آرڊر ڪيل مشينري جو نمونو تيار ڪرائي کانئس پاس ڪرايون، ان ڪري ڪا ٻي راهه ڳولڻ کپي.“
    ”سندس وندر لاءِ ڇو نه ڪا آمريڪن ڇوڪري هٿ ڪجي.“ مسٽر ياماگچيءَ صلاح ڏني.
    ماتسوموتوءَ اها ڳالهه نه مڃي. ”هڪ اڻ سڌريل آمريڪن ڇوڪريءَ سان وقت گذارڻ جو ڪنهن کي لاچار پيو آهي جڏهن ته کوڙ جپاني ڇوڪريون موجود آهن.“
    ”ڀلا هيستائين ڪيترو بل اچي چڪو آهي؟“ ياماگچيءَ پڇيو.
    ”خير، پهرين شام جو خرچ ته ڳڻڻ نه گهرجي جو اها ته اسان پاڻ ئي رٿي هئي ۽ ان ڏينهن جو خرچ اسان تي واجب هو جيئن دستور موجب هر نئين آيل پارٽيءَ کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪندا آهيون. پر گذريل شام جي چند گهڙين جو بل به ڏيڍ لک يين ٿي ويو آهي. ۽ هن اڄ لاءِ وري ساڳي گيشا کي دعوت ڏني آهي.“ (ڏيڍ لک يين اٽڪل ڇهه سؤ آمريڪن ڊالر وڃي ٿيا.)
    ”سيٽان سَان عورتن جي ڪچهريءَ ۾ ويهڻ ۾ ڪا دلچسپي نٿو رکي،“ ياماگچيءَ ان نڪتي ڏي ڌيان ڇڪايو،”هو دراصل هن خاص عورت جي ڦندي ۾ ڦاسي پيو آهي.“
    ”حقيقت ۾ اهو منهنجو ڏوهه آهي،“ پوڙهي ماتسوموتوءَ ڪنڌ ڌوڻيندي چيو،” پر مون به فقط ان خيال کان مس سدا بهار چنبيلي جهڙي مهانگي گيشا گهرائي ته هي هڪ وڏيءَ پارٽيءَ جو نمائندو آهي ۽ ٻيو ته روز روز ته اهو خرچ نه ڪبو. اها ڪل نه هيم ته هي اسان جو مهمان ان تي اڪن ڇڪن ٿي پوندو ۽ هن جي ٻن مٺن ٻولن کي محبت نامو سمجهندو. مس ريڪو جو به ان ۾ ڏوهه ناهي جنهن فون ڪري هنن کي ٻئي ڏينهن به ملرايو. هن ته دراصل اهوئي ڪجهه ڪيو جنهن لاءِ هن کي چيو ويو هو ۽ هوءَ ته هڪدم سربستو احوال اسان کي ڏيندي رهي آهي.“
    هاڻ ڪري ڇا ٿو سگهجي. هر هڪ جي ڌيان ۾ مسٽر ماتسوموتو جهڙو هڪ ٻيو جپاني ڪارخانيدار مسٽر ساڪاموتو جارج هو جيڪو سٺي انگريزي ڳالهائڻ ۽ آمريڪا ۾ گهڻو وقت رهڻ ڪري اتي جي گهڻي ڄاڻ رکندڙ هو ۽ هنن مڙني تي حاوي هو. هن جپان ۾ آيل ٻين جي گراهڪن کي پنهنجين اٽڪلن سان پنهنجو ڪري ٿي ڇڏيو. سو ساڪاموتو جارج جي جيڪڏهن سيٽان سان لهه وچڙ ٿي ته هنن لاءِ ٻائيتال مچي ويندو ۽ آمريڪا کان مليل آرڊر جي سڄي ڪمائي هِنن بدران ساڪاموتو جارج جي حوالي ٿي ويندي.
    ”ڀلا گيشا کي هفتي جي ٻڌي حساب سان ڀاڙي تي رکڻ بابت ڇا خيال آهي.“ فوتابا پڇيو.
    ”بس اهائي هڪ ڳالهه آهي جيڪا آئون سوچيان پيو. ٻڌي حساب سان ڪجهه گهٽ اگهه ٿيڻ ڪري پئسي جي وري به ٿوري بچت ٿي سگهندي،“ ماتسوموتو وراڻيو، ”اهو به شڪر ڪرڻ گهرجي جو سيٽان صاحب هم بستريءَ لاءِ گيشا کي نه چيو نه ته ايڏي وڏي ڪلاس جي گيشا جي اها”وهاڻي واري خذمت“ پنهنجي ڪمپنيءَ جو ڳاٽو ڀڃي رکي ها.“
    ”واقعي اهو ڪمال آهي. هڪ فارينر جو ايڏو سلڇڻو هجڻ واقعي عجب جهڙي ڳالهه آهي، جنهن تي يقين ته نٿو اچي.“ ياماگچيءَ چيو.
    ”بهرحال پوءِ اڄ لاءِ ڇا ڪجي؟“ فوتابا پڇيو، ”ڇا ائين بهتر ٿيندو ته هن کي چئجي ته گيشا اڄ واندي ڪانهي.“
    ”جي ائين ڪبو ته ،“ ياماگچيءَ چيو، ”سيٽان ساَنُ دلشڪستو ٿي بيزاريءَ جي حالت ۾ آفيس کان سڌو هوٽل ڏي سوير ئي موٽي ويندو جتي پنهنجو رقيب ساڪاموتو جارج هن سان ضرور ملاقات لاءِ پهچي ويندو.“
    ڪارخاني جي مالڪ ۽ صدر مسٽر ماتسوموتو نيٺ آخري فيصلو ڪيو. ”هيئن ٿا ڪريون جو شام جو هن کي گيشا سان گڏ باغيچي ۾ واڪ ڪرڻ لاءِ پروگرام رکرايون ٿا. پوءِ رات ڌاري هي همراهه پڪ گيشا کي مانيءَ جي دعوت ڏيندو جنهن لاءِ گيشا کي چئي ڇڏبو ته اڦٽ انڪار ڪري ڇڏي ايتري رپورٽ ملڻ بعد وڌيڪ جو پوءِ سوچينداسين.“
    ڏهين بجي ڌاري سيٽان اچڻ سان ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي رسيپٽنسٽ ڇوڪريءَ کان پڇيو:
    ”صبح جي کيڪار گڊ مارننگ کي توهان جپانيءَ ۾ ڇا ٿاچئو؟“
    ”او هايو گوذائي ماس“ هن وراڻيس، ”لفظن تي تمام گهڻو زور نه ڏي. بس آمريڪا جي رياست ”اوهيو“ چوڻ کان پوءِ ”گو“ ۽ پوءِ ”ذائي ماس“
    ”او _ هيو _گو _ ذا ئي _ ماس،“ ريڪو سَان“ سيٽان چئي ڏٺو.
    ڇوڪريءَ کي اهو ٻڌي مزو آيو. ”اوهيو _ گوذائي ماس سيٽان سان. تمام خوشي جي ڳالهه آهي جو توهان جپاني سکي رهيا آهيو.“
    اهو چئي هوءَ سيٽان کي گس ڏيکاريندي ڪانفرنس روم ۾ وڍي آئي جتي چانهه جو بندوبست ٿيل هو. ياماگچي ۽ فوجي هارا اٿي بيٺا ۽ کيس ادب سان کيڪاريائون. ظاهري طرح ماحول ۾ ڪنهن به قسم جي بيزاري يا پريشانيءَ جو اهڃاڻ نه هو.
    سيٽان ڊگهو ساهه کڻي ٽٻي هنئي: ”اوهيو گوذائي ماس ياماگچي سَان.“ هن دور پڙهڻ شروع ڪيو،”اوهيو گوذائي ماس فيوجي هارا سان.“
    سنڀي تعريف جي نگاهن سان کيس ڏٺو. جپاني جيتوڻيڪ رڳو جهڪي کيڪارين ۽ هٿ ڪونه ملائين پر ياماگچيءَ ان کيڪار جي موٽ ۾ پنهنجو هٿ اڳيان وڌايو اهو ئي سوچي ته جڏهن هڪ آمريڪن ايتري همت ڪري سگهي ٿو ته پاڻ به ائين ڇو نه ڪري. پوءِ سڀ هڪ دوستاڻي ماحول ۾ چانهه لاءِ تيار ٿي ويٺا، ۽ جيئن ئي مشينري جي نموني ٺاهڻ جي ڳالهه نڪتي ته سيٽان يڪدم پنهنجي بريف ڪيس کولي، ان مان ان مشينريءَ جي اسيمبلنگ جو نقشو ڪڍي سڀني اڳيان کيو.
    ٻن ڪلاڪن جي هن گڏجاڻيءَ ۾ ڪافي ڪم جون ڳالهيون هليون. دنيا جي سڀني انجنيئرن جي هڪ ئي زبان ٿئي سا آهي ڊرائنگ، ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ اهي سڀ ڊرائنگون(نقشا) ڏسڻ سان جهٽ سمجهي ورتا جيڪي سيٽان آمريڪا جي انجنيئرن کان ٺهرائي کڻي آيو هو جنهن مطابق جپانين کي مشينري ٺاهڻي هئي. کوجنا ۽ بناوٽ جي کاتي جي ماڻهن کي به سڏايو ويو ۽ ڪجهه ريڪو سان جي ترجمي جي مدد سان به مشين جي تفصيل تي غور ڪري ان نموني جي مشينري پلانٽ ٺاهڻ جي اوائلي قدمن تي سوچيو ويو. فضا ۾ چوڌاري انجنيئرنگ جو ماحول ڇانيل هو. سيٽان جي ڳچيءَ ۽ ٻانهن جا ٻيڙا کليل ۽ ڪف کنجيل هئا. هڪ هٿ ۾ پينسل ۽ ٻئي ۾ سلائيڊ رُول هو. هن کي ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي انجنيئر فوجي هارا سان خيالن جي ڏي وٺ ۽ ڪم ڪرڻ ۾ مزو اچي رهيو هو جيڪو اليڪٽرانڪ ٽيڪنالاجيءَ ۾ هن جهڙو ۽ ذري گهٽ هن برابر هو، خاص ڪري ان ڪم ۾ جنهن لاءِ هي جپان ۾ آيل هو. منجهند تائين اهو شروعات جو مرحلو ٽپي چڪو هو.
    منجهند جي ماني هن جپاني ڪمپنيءَ جي انجنيئري عملي سان گڏ ڪئي ۽ هن دفعي هي اهو مڃڻ لاءِ تيار هو ته چاپ اسٽڪس (تيلين) سان کائڻ واقعي سولو ڪم آهي _بشرطيڪ کائڻ واري شيءِ آئيس ڪريم نه هجي. مانيءَ دوران هن کي انجنيئري ڪم جو جوش هڪ طرف مزو ڏئي رهيو هو ته ٻئي طرف گيشا سان ملڻ جي پروگرام جي هورا کورا الڳ منجهائي رهي هيس. ”جيڪڏهن ڪم ۾ لڳو رهندس ۽ دير ٿي ويئي ته پوءِ گيشا سان ملڻ مشڪل ٿي پوندو.“ هن سوچيو. پر_ پوءِ ڄڻ اوچتو جادو ٿيو _ ۽ سندس مسئلو حل ٿي ويو. ٻي بجي ڌاري جپاني انجنيئر مسٽر فيوجي هارا اچي چيو ته اڳتي وڌڻ کان اڳ هن کي ڪجهه وقت ڏنو وڃي جيئن هو نقشن کي اڃا به غور سان جانچي سگهي. سيٽان نقشن جون ڪاپيون ويڙهي هن جي حوالي ڪيون ۽ پاڻ استقباليه ۾ آيو جتي ريڪو کي چيائين ته هوءَ گيشا کي فون ڪري معلوم ڪري ته جيڪڏهن هوءَ واندي آهي ته هي هن سان ملڻ چاهي ٿو. ريڪو چپن تي مرڪ آڻي اقرار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ گيشا جو نمبر بنا ڏسڻ جي ئي ڊائل ڪيو. ٻنهي جي وچ ۾ ڪجهه دير ڀوراٽيل جپاني هلندي رهي. پوءِ ريڪو فون جهلي سيٽان کي چيو: ”مس سدا بهار چنبيلي ههڙي جهڙالي ڏينهن تي توهان سان پارڪ ۾ پسار ڪرڻ ٿي چاهي. پوري ساڍي ٽي وڳي هوءَ پارڪ جي در وٽ بيٺي هوندي. آئون توهان لاءِ ٽئڪسي گهرائي ان کي اهو هنڌ سمجهائي ٿي ڇڏيان.“
    ”هڪ ٻي ڳالهه ريڪو،“ هن چيو، ”ڇا سڀاڻي توسان گڏ لنچ ڪرڻ جو شرف آئون حاصل ڪري سگهان ٿو؟“
    ريڪو کي ان قسم جي ڳالهه جي ته ڪا به اميد نه هئي، ڇا جواب ڏئيس. بهرحال ترت جواب ڏيڻ لاءِ هن کي ڪجهه تڪڙي تڪڙي سوچ ڪرڻي پيئي. آفيس طرفان هن کي مانيءَ لاءِ هر روز ڪو اڌ ڪلاڪ مس موڪل ملي ٿي. پر هن اقرار جو فيصلو ڪري ورتو جو هن کي اِهاپڪ هئي ته ڪارخاني جا مالڪ به اهوئي چاهيندا، جيئن آيل مهمان وندري ۽ خوش رهي. ان کان علاوه هن پاڻ به اهو چاهيو ٿي _ جنهن کي ظاهر آهي ته ڪا خاص اهميت نه هئي. هن پنهنجو ڪنڌ نمايو:”مون لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي. مان انتظار ڪنديس.“
    سيٽان اهو ٻڌي دل ئي دل ۾ خوش ٿيو ته آمريڪا ۾ ته هن جهڙي ماڻهوءَ کي ڪا ڇوڪري لفٽ ئي نه ڪرائيندي هئي، پر هاڻ ته ڀاڳ کلي ويا اٿس. اهو سوچيندي هو ٽئڪسيءَ ۾ وڃي ويٺو.
    ٽئڪسي ڊرائيور کيس هڪ پراڻي زماني جي باغ جي دروازي وٽ اچي لاٿو. کيسي مان هُن هِن ڀيري پورو ڀاڙو ڪڍي ٽئڪسي ڊرائيور کي ڏنو جيترو ميٽر ۾ آيو هو. ٽئڪسي ڊرائيور موٽ ۾ مهرباني چئي روانو ٿيو ۽ هي يار باغيچي جي در مان جيئن ئي گهڙيو ته سامهون هوءَ بيٺي هئي جنهن جي اکين ۾ قدرتي چقمقي ڇڪ هئي، جنهن جي چپن مان ڄڻ ماکيءَ جي لار ٿي ڳڙي، جيڪا سونهن ۽ سوڀيا جي ديوي هئي، جنهن جي حسن ۾ ڪو ڦِڏ يا ڦير نه هو. هوءَ نه فقط اتي موجود هئي پر اڪيلي موجود هئي.
    ”گڊ آفٽر نون،“ سيٽان سلام ڪيو ۽ هن ڏانهن پنهنجيون ٻانهون وڌايون. هِن کي ريڪو کان اهو پڇڻ وسري ويو هو ته منجهند جي وقت واري سلام کي جپانيءَ ۾ ڇا چئجي.
    ”گڊ آفٽر نون“ گيشا به انگريزيءَ ۾ سلام جو جواب ڏنو ۽ پوءِ هن جي وڌايل ٻانهن ڏي ڏسي منجهي پيئي ته کيس ڇا ڪرڻ کپي. سيٽان هن جو ساڄو هٿ جهلي ڌيرج سان پنهنجي ٺونٺ مٿان رکيو.
    ”آ _ سو“ (ته ائين) هن جپانيءَ ۾ وراڻيو. پنهنجو هٿ سيٽان جي ٻانهن تي ائين رکندي هن کي مونجهارو ته ٿيو پئي پر هن اهو ئي ڪرڻ چاهيو ٿي جيڪو سيٽان جي دل وٽان هجي.
    هو ٻئي آهستي آهستي واڪ ڪرڻ لڳا. باغيچو چئني طرف صاف سٿرو نظر اچي رهيو هو. هر شيءِ پنهنجي پنهنجي جڳهه تي ۽ صحيح نموني سان رکيل هئي. ڪيترن ئي وڻن جا ٿڙ ۽ ٽاريون ٿڌي هوا جي بچاءَ ڪارڻ هٿ جي ٺهيل سنهي تونئريءَ سان ڍڪيل ۽ ٻڌل هئا. ٽُڪري ٽُڪري تي سرن جون بينچون هيون. ڪٿي به گندگي ۽ ڪِن ڪچرو نه هو.
    هي همراهه پسار ڪندي ڪندي باغيچي جي هڪ اهڙي ڪنڊ ۾ پهتا جتي مختلف قسمن جا ننڍي قد جا وڻ هئا. جپان ان قسم جي ننڍڙن وڻن کان مشهور آهي جن کي ”بانسائي“ سڏجي ٿو. ”بانسائي.“ مس سدا بهار چنبيليءَ انهن وڻن ڏي اشارو ڪندي چيو. سيٽان کي اهي ڄامڙا وڻ بيحد وڻيا جيڪي قد بت ۾ جيتوڻيڪ ننڍن ٻوٽن جيڏا هئا پر هر لحاظ کان مڪمل وڻ هئا. انهن وڻن جو نظارو ڪندا ڪندا هو هڪ سوڙهي لنگهه وٽان ٽپي هڪ ننڍڙيءَ ڍنڍ جي ڪناري تي اچي بيٺا.
    جيتوڻيڪ گيشا قد ۾ هن کان گرانٺ ڏيڍ کن ننڍي هئي پر سيٽان محسوس ڪيو ته هوءَ هن سان وک ۾ وک ملائي نهايت آرام سان هلي رهي هئي. ڍنڍ جي چوڌاري ٿورو پنڌ ڪرڻ بعد هڪ ننڍڙي ٻيٽاري نظر آين جتي وڻن جي جهنڊ هيٺ خاموشي ۾ ويهي هو ڳالهائي سگهيا ٿي. هو ڪاٺين جي پل ٽپي اتي پهتا ۽ هڪ هنڌ ڇٻر تي ويهي ڳالهائڻ لڳا. چوڌاري ماٺ ئي ماٺ هئي. رکي رکي فقط ڪنهن ننڍڙي پکيءَ لات ٿي لنوي يا ڪنهن جيت چِرچِر ٿي ڪئي. سيٽان ڪنڌ هيٺ ڪري دل ئي دل ۾ اهو گهريو ته جيڪر رب کيس سهڻو ٺاهي ها. پر پوءِ هن رب جي رضا تي راضي رهي ايندڙ حالتن جو هر حال ۾ مقابلو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
    ”مس ڪانو،“ هن مس سدا بهار چنبيليءَ کي سندس اصلي ۽ ذاتي نالي ”ڪانو ماسايو“ سان سڏيو.
    ”هئه ئي“ (جيءُ). هن جپانيءَ ۾ وراڻيو.
    ”مس ڪانو _ آئون توکي فقط ”ماسايو“ چئي مخاطب ٿيان؟“ سيٽان پڇيس.
    گيشا سندس هٿ کي پنهنجي نازڪ هٿ سان ٿورو مهٽي جپانيءَ ۾ چيو:”دوزو (ڀلي)، ري _ ڪا _ دو“ هن آخري لفظ جو هڪ هڪ آواز ڌار ڌار اچاريو.
    ”ري _ ڪا دو نه پر ري _ چرڊ _ رچرڊ“، سيٽان پنهنجي نالي جي درستي ڪئي، ”منهنجو نالو رچرڊ سيٽان Richard- Seaton آهي. پر دوست مون کي پيار مان ڊِڪ Dick سڏين.“
    ”ڊي _ ڪُو _ سانَ“ (ڊِڪ _ سائين) هن سندس نالو جپاني اسٽائيل ۾ چئي پوءِ ڪجهه دير لاءِ سوچيو. جڏهن سندس دماغ ۾ انگريزيءَ جا ڪافي لفظ گڏ ٿيا ته هڪ هڪ لفظ آهستي آهستي ڪري چيو:”يو هَئو بيبيز؟“ (ڇا توکي ٻار آهن؟“
    ”مون کي زال ئي نه آهي.“ هن سنجيدگيءَ سان چيو.
    همدرديءَ جا جذبا گيشا جي چهري تي تري آيا ۽ پڇيائين”شي ڊاءِ؟“ (هوءَ مري ويئي؟).
    سيٽان ڪنڌ ڌوڻيو ۽ هٿ جون تريون کولي دکدائڪ حقيقت جو اظهار ڪيو. ”ناٽ وانٽ؟“ (توکي ڪابه پسند نٿي ڪري) گيشا وري انگريزيءَ ۾ پڇيو.
    سيٽان کان هاڻ ان بابت وڌيڪ ڳالهايو نٿي ٿيو سو اٿي بيٺو. هو جپاني عورت جي ڀيٽ ۾ گهڻو قدآور لڳي رهيو هو. هن جي ائين اوچتي اٿڻ تي مس سدا بهار چنبيلي سمجهي وئي ته سندس انگريزي سادي هجڻ ڪري شايد هوءَ ڪا اهڙي ڳالهه ڪري وئي آهي جيڪا هن دل ۾ ڪئي آهي. هوءَ به اٿي بيٺي ۽ هن کي پرچائڻ جي ڪرڻ لڳي. هن کي ننڍي هوندي ئي اهو سبق سيکاريو ويو هو ته ڪنهن به ماڻهوءَ جي ذاتي ڳالهه ۾ دخل انداز نه ٿيڻ کپي. هوءَ پنهنجي بيوقوفيءَ تي شرمسار ٿي خطرناڪ انجام بابت سوچڻ لڳي.
    ”آئون ڪنهن بهتر کان بهتر ڇوڪريءَ جي ڳولا ۾ آهيان.،“ سيٽان چيو.
    آخرڪار گيشا کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به ڇوڪريءَ هن ماڻهوءَ کي پسند نه ڪيو آهي ۽ نه وري هي دل وندرائي سگهيو آهي جو ڪن سببن ڪري آمريڪا ۾ شايد ڪو به گيشا گهر يا چڪلو نه آهي. هن پنهنجي دل ۾ سيٽان لاءِ همدردي محسوس ڪئي ۽ هن معصوم ۽ پيار جي بکايل انسان جي ڏک جو سوچيندي هن جي اک مان ڳوڙهو تري اچي ڳل تي ڪريو.
    سيٽان اهو ڏسي پنهنجو رومال ڪڍيو. پنهنجي کاٻي هٿ سان سندس کاڏي مٿي ڪري اهو ڳوڙهو اگهيو ۽ پوءِ بنا ڪنهن سوچ ويچار جي سيٽان هن جو منهن پاڻ ڏي نمائي کيس کڻي چمي ڏني. مس سدا بهار چنبيليءَ جي چپن جو ڇهاءُ اليڪٽرڪ جي ڪرنٽ کان گهٽ نه هو. هن هڪ دفعو وري هن کي پاڻ ڏي ڇڪيو ۽ ڀاڪر ۾ سوگهو جهلي کيس ٻيهر چمي ڏني ۽ پوءِ اوچتو هن ڀاڪر کني ڍروڪيو، ۽ پنهنجي ڪئي تي شرمساري ۽ گناهه محسوس ڪرڻ لڳو. هن گيشا کي سندس اجازت بنا چمي ڏني_ هن سوچيو، سندس اندر کڻي ڪيترو به اجرو هجي ۽ ڀلي کڻي هن اهو سڀ ڪجهه نيڪ نيتيءَ سان ڪيو هجي ته به اهو گناهه معافي جوڳو نه هو. هن کي لڳو ته هاڻ هوءَ پڪ ڪاوڙ ڪندي. هو هڪ قدم پٺتي رڙهي پنهنجي ڀاڳ جو فيصلو هن جي اکين مان پڙهڻ لڳو.
    گيشا پنهنجو هٿ آهستگيءَ سان مٿي کنيو ۽ پنهنجن چپن کي ڇهيو: ”يو ڪِسڊ مي،“ (تو مونکي چمي ڏني) هن چيو. پوءِ سيٽان جو چهرو ڪجهه سيڪنڊن لاءِ غور سان ڏسندي رهي.
    ”فرسٽ ٽائيم.“ (پهريون دفعو مون کي ڪنهن چمي ڏني آهي. هن سيٽان کي ٻڌايو.
    سيٽان کي هن جي ان ڳالهه تي يقين ئي نه آيو ۽ پوءِ بنا ڪنهن سوچ سمجهه جي چئي ڏنائين:” ڇو ڀلا، ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي. تون ته هڪ گيشا آهين؟“
    اهو ٻڌي هوءَ چپ ٿي وئي. ڄڻ کيس ڪو نانگ سونگهي ويو. ڪجهه گهڙيون اڳ جيڪا هن جي اکين ۾ اونهائي هئي سا غائب ٿي وئي. ۽ پوءِ هن جي اکين ڏي نهاري ٽوڪ طور وراڻيائين:”هائو. آئون هڪ گيشا ئي آهيان.“ ۽ پوءِ پنهنجي واچ ڏي ڏٺو.
    سيٽان کي عورتن متعلق تمام گهٽ تجربو هو پر هو ايترو سمجهي ويو ته هن جيڪا ڳالهه ڪئي سا هن جي محبوبا کي خراب لڳي ۽ هن غلط ڳالهه ڪئي آهي.
    گيشا ڪا رنڊي نه آهي جنهن بابت ڌاريان ماڻهو اڪثر غلط سوچين ٿا. پر بهرحال هو هڪ اهڙي اڻوڻندڙ ڳالهه ڪري ويٺو جنهن جي تلافي ايڏي سولي نٿي لڳي.
    في الحال هي اهڙو ڏيکاءُ ڏيندو رهيو ڄڻ ڪا ڳالهه نه ٿي آهي ۽ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. موڪلائڻ وقت هو مس سدا بهار چنبيليءَ سان گڏ باغ جي در تائين آيو ۽ پوءِ ٽئڪسيءَ ۾ هن کي ويهاري پوري ڌيان ۽ دلجوئيءَ سان کانئس موڪلايو ۽ ياد ڪري ڊرائيور جي هٿ تي رستي جي ڀاڙي لاءِ سؤ سؤ يين جا ٽي نوٽ رکيا. پوءِ ڪار جي دريءَ وٽ جهڪي، اندر ويٺل گيشا کي هٿ لوڏي ”تنهنجي وڏي مهرباني“ چيو. گيشا ورنديءَ ۾ ڪنڌ ڌوڻي مرڪيو. سندس مرڪ ڪاروباري هئي. هن جي رواني ٿيڻ کان پوءِ سيٽان ٻيءَ ٽئڪسيءَ ذريعي هوٽل ۾ پهتو، سڄي واٽ کيس ڪو هوش نه هو. سندس ضمير کيس شرمسار ڪري رهيو هو ته هن ائين ڇو ڪيو. هوٽل وٽ پهچي هن هاٽسي باٿ (گرم غسل خاني) جو رُخ ڪيو. جتي هن کي پهرين ڏينهن مسٽر ياماگچي ۽ فوتابا وارا وٺي هليا هئا.
    لابيءَ ۾ پهچڻ سان، استقباليه ۾ ويٺل همراهه هن کي يڪدم سڃاڻي ورتو ۽ پيرن تي اڀو ٿي هن جي آجيان ڪئي.”توهان جي خدمت لاءِ پهرين ڏينهن واري ساڳي ڇوڪري مس سميڪو کي موڪليان؟“ هن پڇيو.
    ”جيڪڏهن اها واندي هجي ته واهه نه ته ڀلي ڪا به هجي.“ سيٽان وراڻيو.
    هي ٿوري دير ويٺو رهيو. ان ڇوڪري پهرين آيل گراهڪ کي روانو ڪرڻ لاءِ جهڪي موڪلايو. پوءِ هن ڏي منهن ورائي مرڪي: ”ڪوني چي وا،“ چيو. ظاهر آهي ته ان جو مطلب ”گڊ آفٽر نون“ (منجهند وارو سلام) ٿيو. سيٽان پاڻ به ساڳيا لفظ دهرايا ۽ ان پتڪڙي ڇوڪريءَ پٺيان هلڻ لڳو جيڪا کيس ساڳي ڪمري ۾ وٺي آئي.
    ڪلاڪ کن بعد جڏهن هو ٻاهر نڪتو ته هن پاڻ ۾ عجيب تازگي محسوس ڪئي. مس سدا بهار چنبيليءَ سان هن جيڪو اڻ سونهندڙ گفتو ڳالهايو هو ان جو احساس ڪجهه ڪجهه ڌوپي ويل محسوس ڪيائين. واپس وري پنڌ ڪري هوٽل تي پهتو. ڪمري ڏي وڃڻ کان اڳ ”استقباليه“ تان چاٻيون کڻڻ مهل ٽپال جو پڇيائين. ڪو خط يا تار ته نه آيل هئي البته هن لاءِ هڪ نياپو ڇڏيل هو. مسٽر جارج ساڪاموتو نالي ڪو همراهه آيو هو ۽ نياپو ڇڏي ويو هو ته مسٽر سيٽان جيڪڏهن ڪنهن ٻئي هنڌ وڃڻو ناهي ته هو کيس ستين بجي پاڻ سان ڊنر تي وٺي وڃڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو.
    سيٽان ڪنهن به جارج ساڪاموتو نالي ماڻهوءَ کان واقف نه هو. پڪ هن جو واسطو به ماتسوموتو ڪمپنيءَ وارن سان ئي هوندو. هن ڪلارڪ کي چيو ته فون ڪري کيس سندس دعوت قبولڻ جو اطلاع ڪري.
    هن اهوئي بهتر سمجهيو ته ڪاروباري قسم جي گفتگو سان سندس من جي مونجهه ڪجهه هلڪي ٿي ويندي.
    ***


    چار

    ”مسٽر سيٽان ڪريو خبر چار ڪيئن آهيو. توهان سان واقفيت ڪري مونکي خوشي ٿي آهي.“ جارج ساڪاموتو هوٽل جي لابيءَ ۾ ٻانهه لوڏيندي چيو”اميد ته جپان ۾ تنهنجو سٺو وقت پيو گذري.“
    سيٽان پنهنجو چشمو نڪ تي مٿي ڇڪي، هن آيل ماڻهوءَ جو غور سان جائزو ورتو.”ڇا توهان آمريڪن آهيو؟“
    قداور ۽ جانٺي جوان مرڪيو:”نه ، آئون ته جپاني آهيان، پر مون ڪافي عرصو توهان جي ملڪ آمريڪا ۾ واپار وڙي جي سلسلي ۾ گذاريو آهي.“ هن پنهنجي ڀر ۾ بيٺل هڪ پرڪشش ڇوڪريءَ ڏي مڙندي چيو: ”نارما، هي آهي مسٽر سيٽان. مس نارما، منهنجي انگريزيءَ جي سيڪريٽري آهي. هوءَ هتي تعليمي دوري تي آيل آهي. ڏينهن جو ڪافي حصو هوءَ واندي گذاري ٿي. ان ڪري مون کيس به هن دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ چيو.“
    سيٽان يڪدم ڄاڻي ورتو ته نارما انهن تيز ترار ڇوڪرين مان آهي جن عام زندگيءَ ۾ هن کي ڪڏهن به وٺ نه ڏنو ۽ جن کي حاصل ڪرڻ هن لاءِ ناممڪن ڪم هو. آمريڪا ڇڏڻ وقت سندس آفيس جي ڪئنٽين ۾ هن جون هڪ اهڙيءَ ئي ڇوڪريءَ سان نظرون چار ٿيون هيون، پر ٻين ڇوڪرين وانگر هوءَ به ساڻس پيچ پائڻ بدران کيس گهائل ڪري هلي وئي هئي. ۽ هاڻ سندس سامهون نارما بيٺي هئي جيڪا ان آمريڪن ڇوڪريءَ جي بنيادي ڊيزائين جي ٿوري ڪا ڦيرڦار هئي. بهرحال اصل پئٽنٽ شيءِ ته ملين ڊالر ملهه جي هئي.
    ”توهان جي اها مهرباني چئبي جو مون کي دعوت ڏني اٿوَ، مسٽر ساڪاموتو،“ سيٽان چيو، ”ڇا توهان جو ماتاسوموتو ڪمپنيءَ سان ئي واسطو آهي؟“
    ساڪاموتو ٿورو کليو.”نه اڄڪلهه منهنجو هنن سان واسطو ناهي. جيتوڻيڪ مسٽر ماتسوموتو منهنجن پراڻن دوستن مان آهي. بهرحال، آئون هڪ بلڪل نرالي هوٽل ڄاڻان ٿو، مسٽر سيٽان، جيڪڏهن توهان جاپاني کاڌو کائڻ چاهيو ٿا ته ان هوٽل ۾ کائڻ سان توهان کي جاپان جو سٺو تجربو ٿي سگهي ٿو. ڇا خيال آهي، ائين اتي نه هلي کائجي؟“
    سيٽان منجهي پيو.”توهان ته تمام گهڻو سخي ٿا ڏسجو، پر مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته...“
    ساڪاموتو ڳالهه کي درگذر ڪندي، وڏي ادا سان سيٽان کي پنهنجي ڪار ڏي وٺي آيو جيڪا ذري گهٽ مسٽر ماتسوموتو جي ڪار جي ڪاربن ڪاپي هئي. سيٽان اهو سوچي ئي سوچي ته هو ڇا پيو ڪري ان کان اڳ هو پٺئين سيٽ تي ساڪاموتو سان گڏ ويهي چڪو هو. نارما اڳيون در کولي اڳئين سيٽ تي ڊرائيور جي ڀر ۾ ٿي ويٺي.
    هوٽل جي در وٽ پهچڻ تائين ساڪاموتو جپان بابت سيٽان کان سندس خيال پڇندو هليو. جارج ساڪاموتو هوٽل جي استقباليه وٽ پنهنجي واقفيت ڪرائي، سيٽان کي هوٽل جي سوڙهن ورانڊن مان لنگهائي اندر وٺي آيو. ڪجهه گهڙين لاءِ سيٽان کي ائين لڳو ته هي همراهه کيس ڪنهن ڦندي ۾ ڦاسائي رهيو آهي. سندس ميزبان کيس هڪ ننڍڙي بورچيخاني جي ڀر ۾ هڪ ٽيبل تي اچي ويهاريو. بورچيءَ جهڪي جهڪي کين سلام ڪيا.
    ”هي هوٽل کاڌي جي شوقينن لاءِ آهي.“ ساڪاموتو سمجهايس.”۽ هتي هر روز فقط چند خاص ماڻهن جي خدمت چاڪري ڪئي وڃي ٿي. بورچي پنهنجي مرضيءَ تي مهمانن لاءِ اهو ڪجهه رڌيندو آهي جيڪو کيس بهتر لڳندو آهي ۽ مهمانن کي پنهنجو پاڻ هن جي حوالي ڪري ڇڏڻو پوندو آهي.“
    پاسي کان بورچي تکو تکو گل گوبيءَ جي پنن جهڙي ڀاڄي ڇريءَ سان وڍڻ لڳو. هن ٽن پيالن ۾ مهمانن موجب، اهاڀاڄي سينگاري. پوءِ هڪ مڇي کڻي پهرين ان جا ڇلر لاٿا ۽ ڪنڊا ڪڍيا. ان کان پوءِ ان جا سنها ڳڀا ڪيا ۽ پوءِ سهڻي نموني سان پيالن ۾ ڀاڄيءَ مٿان اڇي مڇيءَ جا ٽڪرا سينگاري اچي هنن اڳيان پيش ڪيا.
    ”شا شي مي.“ جارج ساڪاموتو مڇيءَ بابت ٻڌايو.
    ”مون کي خبر آهي.“ سيٽان پنهنجيون کائڻ جون تيليون کنيون ۽ همت کان ڪم وٺي ان ڪچي مڇي (شا شا مي) جو هڪڙو ٽڪرو وات ۾ وڌو. بورچي تيسين ٻي کاڌي جي شيءِ تيار ڪرڻ ۾ جنبي ويو. هو عجيب قسم جي ڀاڄين کي صاف ڪري پوءِ اٺن پيرن واري آڪٽوپس مڇيءَ کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ لڳو.
    ”جپان هڪ نرالو ملڪ آهي،“ جارج ساڪاموتو ڳالهائڻ شروع ڪيو، پر ائين ڄڻ تقرير پيو ڪري، ”اسان وڏي خبرداري ۽ خيال سان پراڻيون ريتون رسمون ۽ رواج سانڍيندا اچون ته ساڳي وقت اسان ڪيترن ئي ڪارخانن ۽ مشينريءَ ۾ دنيا کان اڳرا به آهيون. جپان جهاز سازي، دوربينن ۽ ڪئمرائن ٺاهڻ توڙي ڪارخاني سازيءَ ۾ ته سڀني ملڪن جي اڳواڻي ڪري ٿو. اسان اليڪٽرانڪس ۾ به سڀ کان ڀڙ ۽ مٿڀرا آهيون.“
    خذمتگار ڇوڪريءَ گرم ساڪي (شراب) جو گلاس سيٽان جي ساڄي پاسي کان اچي رکيو.
    ”مون کي خبر آهي،“ سيٽان اعتراف ڪيو، ”ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي ماڻهن جو کڻي مثال وٺو. زبان جي مشڪلات هوندي به هو اسان جون گهرجون چڱي طرح سمجهن ٿا.“
    جارج ساڪاموتو ڪنڌ ڌوڻيو. ”اهي تمام سٺا آهن. مونکي خوشي آهي ته توهان هنن سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهيو ڇو جو هنن سان ويجهڙائيءَ ۾ ڪجهه مسئلا ٿي پيا هئا. توهان جي خريداريءَ سان هنن جي مدد ٿي سگهندي.“
    ”ڪهڙي قسم جا مسئلا؟“ سيٽان پڇيو.
    ساڪاموتو هٿ کي جهٽڪو ڏئي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ڪا اهڙي وڏي ڳالهه يا وڏو مسئلو نه آهي. ” فلپين ۾ هنن جا کنيل ڪيترائي وڏا وڏا ٺيڪا هنن جي هٿن مان نڪري وياآهن. هنن نين شين جي ترقي ۽ کوجنا پٺيان ڪافي ملڪيت لڳائي، پر ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿي سگهين.“
    هوٽل جي بورچيءَ جيڪو هنن جي ڳالهين جو هڪڙو اکر به ڪونه ٿي سمجهيو، تنهن ٻه ٻيا ڊش اچي سندن اڳيان رکيا.
    ”حقيقت ۾“ ساڪاموتو ٻڌائيندو هليو،”جپان ۾ رهڻ دوران توهان کي کپي ته ان ساڳي مشينريءَ جي نموني لاءِ ڪنهن ٻئي ڪارخانيدار کي به چئي ڇڏيو. جيئن متان ماتسوموتو ڪمپني اڳتي هلي توهان جي گهرجن جو پورائو نه ڪري سگهي يا ڪن سببن ڪري جي ڏيوالي ۾ هلي وڃي، ته ٻي ڪمپني يڪدم توهان جي گهرجن جو پورائو ڪري وٺي.“
    ”ڇا تنهنجي خيال ۾ ته ماتسوموتو ڪمپني تمام گهڻي مصيبت ۾ آهي؟“
    ”هر گز نه. مون ٻڌو آهي ته هنن اڳئين پوئين کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ هر شيءِ جي قيمت ۽ مزدوريءَ جو اگهه وڌائي ڇڏيو آهي. منهنجو فقط اهو رايو ۽ صلاح آهي ته احتياط طور توهان ڪنهن ٻيءَ ڪمپنيءَ سان به ڳالهائي ڇڏيو، جيئن پسِ پيش ضرورت وقت توهان کي مال جي گهرج لاءِ ٻيو طريقو ۽ هنڌ ته موجود هجي، جنهن سان پوءِ اتان آمريڪا ۾ ئي ويٺي ويٺي ڳالهائي سگهو جيڪڏهن توهان ائين مناسب سمجهو ته آئون ان سلسلي ۾ توهان جي مدد ڪري سگهان ٿو.“
    سيٽان ان بابت وڌيڪ بحث ڪري نه سگهيو. ان بدران هن هڪ نئون آيل ڊش چکي ڏٺو جيڪو هن کي بيحد لذيذ لڳو. ”مون کي هتي وٺي اچڻ لاءِ آئون سچ پچ ته توهان جو ٿورائتو آهيان،“ هن ساڪاموتو کي چيو ۽ پوءِ ڇوڪريءَ ڏي مهڙ ڪري پڇيو:”نارما، توهان هتي ڇا پڙهي رهيون آهيو؟“
    ”آئون جوڊوڪا آهيان“(آئون جوڊو جي رانديگر آهيان.) _ نارما وراڻيو.
    ”چئبو ته تون مردن سان ملهون وڙهي کين دسيو رکين.“
    هن هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
    ”ڪڏهن کان اهو ڪم ڪندي اچين؟“ سيٽان پڇيو.
    هن ساڪيءَ جو ڪو پ خالي ڪندي چيو.”ڇهن سالن کان آئون ڏهه هزار ملهون ماري چڪي آهيان ۽ هن وقت تائين آئون ”شوڊان“ _ ڪارو پَٽو پڻ حاصل ڪري چڪي آهيان، جيڪو دنيا ۾ وڏي ڳالهه سمجهيو وڃي ٿو. پر ان هوندي به آئون پنهنجو پاڻ کي سيکڙاٽ ئي سمجهان ٿي. آئون ان کان به وڌيڪ بنجڻ چاهيان ٿي.“
    بورچي ڪجهه ٻيا کاڌي جا ڊش کڻي آيو، جن مان ڪيترن جي لذت ۽ سواد سيٽان لاءِ نئون هو، پر هي سڀني مان ڪجهه نه ڪجهه چکندو ويو جيئن جپان ۾ رهڻ دوران اهو تجربو حاصل ڪري وٺي. رکي رکي هن جي ڌيان ۾ اهو پڙاڏو گونجيو ٿي:”ها آئون هڪ گيشا ئي ته آهيان.“ ۽ هو پنهنجو پاڻ کي سمجهائيندو رهيو ته ان جپاني گيشا بابت اجايو سجايو سوچي پاڻ کي پريشان ڪرڻ بدران هن سهڻي آمريڪن ڇوڪريءَ ڏي ڌيان ڌريان. پر پوءِ سگهوئي ساڪاموتو هن کي انجنيئرنگ جي ڳالهين ۾ لڳائي ڇڏيو. ساڪاموتو کي اليڪٽرانڪس جي تمام گهڻي ڄاڻ هئي. ڊايوڊ، ٽرائيوڊ، سيمي ڪنڊڪٽر، ڪئپيسيٽر، ائنڊ گيٽ، نئنڊ گيٽ، ٽي وي، ريڊيو، ڪمپيوٽر _ هر شيءِ تي هو چڱي طرح ڳالهائيندو رهيو ۽ سيٽان کي هڪ واريءَ دل ۾ احساس ٿيو ته ڪاش هن جو واسطو ڏيڏر جهڙي ماتسوموتو بدران ساڪاموتو سان هجي ها جيڪو جپاني ۽ انگريزي ٻنهي ٻولين کان ته چڱي طرح واقف آهي_ ۽ هو ڏانهن اسان واري همراهه ماتسوموتوءَ انگريزيءَ جي هڪ لفظ سکڻ جي به تڪليف نه ورتي آهي. بهرحال ان هوندي به ماتسوموتو ڪمپنيءَ جا ماڻهو وڏي محنت ۽ جوش جذبي سان ڪم ۾ لڳا پيا آهن. هنن ڪڏهن به کيس ڪنهن شڪايت جو موقعو نه ڏنو آهي.
    بورچي اندر گهڙيو ۽ سامهون اچي بيٺو. هن دفعي هن پهرين کان گهڻو مرڪيو _ معنيٰ مانيءَ ۾ جيڪو ڪجهه هن کي پيش ڪرڻو هو سو ڪري چڪو. سندس سٺي ماني پچائڻ جي شان ۾ تعريف ڪئي ويئي جنهن جي جواب ۾ بورچي وري وري جهڪيو ۽ هو اٿي کڙا ٿيا. مانيءَ جو ڪو به بل، چيڪ يا پئسا ان وقت ادا نه ڪيا ويا.
    هوٽل کان ٻاهر نڪرڻ تي هو ساڳي گهٽيءَ ۾ اچي نڪتا. جتي هينئر هڪ بدران ٻه ڪارون بيٺيون هيون. آئون نٿو چاهيان ته اوهان مونکي خراب ميزبان سمجهو،“ ساڪاموتو چيو،”پر فلپائن کان ڪجهه ڪاروباري نمائندا آيل آهن جن سان هن وقت منهنجي هڪ واپاري نوعيت جي ڪانفرنس آهي سو آئون اها اٽينڊ ڪرڻ لاءِ توهان کان اجازت گهرندس، هي ٻي ڪار توهان کي هوٽل تائين پڄائيندي. توهان کي جيڪڏهن اعتراض نه هجي ته هوٽل تائين نارما به توهان سان گڏ هلي جيئن رستي تي جيڪڏهن توهان ڪجهه ڏسڻ وائسڻ چاهيو ته هوءَ مدد ڪري سگهي.“
    ”اهو ته تمام سٺو.“
    ”چڱو ته پوءِ آئون موڪلايان ٿو ۽ اميد ته پنهنجي وري سگهوئي گڏجاڻي ٿيندي. نارما! هن کي پنهنجو ڪري سمجهجانءِ ۽ پارت هجنئي.،“
    ”بهتر.“ ڇوڪريءَ وراڻيو.
    ڪجهه گهڙين بعد سيٽان پنهنجي جسم تي پگهر جون بوندون محسوس ڪيون. هو وڏي آرام سان ڪار جي پونئينءَ سيٽ تي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو جنهن تي کير جهڙا اڇا پوش چڙهيل هئا. نارما سرڪي سندس ڀرسان لڳي اچي ويٺي. ان ڪري هن جي نبض جي رفتار وڌي ويئي ۽ هن کي پنهنجا هوش حواس سندس وس کان ٻاهر لڳي رهيا هئا. اڳتي هلي ڪار رستي تان تکو موڙ کاڌو ۽ نارما ٿورو پري ٿي وري اڇلجي اچي هن تي پيئي. سيٽان کيس جهلي ورتو. سندس کاٻو هٿ تڪڙ ۾ نارما جي ڇاتين ۾ وڃي پيو.
    ”واهه واهه“ نارما چيو.
    ”آئون...“ سيٽان جي زبان هڪ دفعو وري جهڙي گونگي ٿي پيئي. هو ڳالهائي نه سگهيو.
    پر نارما مرڪي رهي هئي.” توکي ته جوڊو جو رانديگر ٿيڻ کپندو هو.“ پو ءِ نارما ڄاڻي واڻي سيٽان جي ٻانهن مٿي ڪري پنهنجن ڪلهن پويان ورائي ڇڏي.”مڙيئي خير آهي. مونکي ڌڪو کائڻ کان بچائڻ لاءِ مهرباني.“
    ڪار هڪ ڪاٺائين عمارت جي در وٽ اچي بيٺي. اها عمارت هڪ پراڻو مندر هئي. نارما کيس هيٺ لهڻ لاءِ چيو.”اچو ته مندر گهمون.“
    هو ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏئي هلڻ لڳا. پهرين هڪ ڊگهو ورانڊو آيو جنهن جو پَٽ ۽ ڇت ٻئي ڪاٺ جا ٺهيل هئا ان ورانڊي جي آخر ۾ گوتم جو بت رکيل هو. ان اڳيان هڪ ڪاٺ جي پيتي نذراني وجهڻ لاءِ هئي. جنهن جي ڀرسان ڪجهه ماڻهو پوڄا پاٺ ڪري رهيا هئا. ڪي ماڻهو مذهبي قسم جو راڳ وڏي سر ۾ ڳائي رهيا هئا. اوسي پاسي ۾ بيٺلن کان هو بلڪل بي نياز هئا. سيٽان اهو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو. مٿي آسمان ۾ اڀريل چنڊ به ڄڻ خاموشيءَ سان عبادت ۾ محو هو. هن کي تعجب لڳو ته جپان جيتوڻيڪ هڪ طرف ته ايڏي ترقي ڪئي آهي جو اڄ دنيا جي ماڊرن ملڪن مان آهي ٻئي طرف منجهس صديون اڳ جون ريتون رسمون اڃا هلنديون اچن. هو ڪيڏو سڪون محسوس ڪري رهيو هو. واپس ورڻ تي دل نٿي چيس. آخر نارما موٽڻ لاءِ اشارو ڪيس ۽ هي سندس ڪلهن مٿان ٻانهن ورائي مندر کان ٻاهر نڪتو.
    ڪار ۾ پهچڻ تي نارما چيس، ”ٽوڪيو شهر سرڪاري طرح ڏهين بجي رات جو بند ٿيو وڃي. پر گنزا ۾ سڄي رات پرهه ڦٽيءَ تائين رونق رهي ٿي. توهان ڪافي پيئڻ لاءِ اتي هلندئو؟ مان اتي جي هڪ سٺي هوٽل کان واقف آهيان.“
    ”ڇو نه هلندس.“ سيٽان وراڻيو. ايندي وقت ڪار ۾ سندس هٿ چراند کي نارما بلڪل دل ۾ نه ڪيو، ۽ ان مان ئي هن ڪجهه پرائي ورتو هو.
    ڊرائيور ٽوڪيو جي خاموش ڳلين مان ڦيرائيندو کين گنزا ۾ وٺي آيو جتي ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون هوٽلون کليون پيون هيون. هوٽلن جي ٻاهر شيشي جي ڪٻٽن ۾ اهي سڀ شيون ميڻ مان ٺهيون رکيون هيون جيڪي اندر گراهڪن کي وڪيون ويون ٿي. شين مٿان انهن جي قيمت به لکيل هئي. نارما ڊرائيور کي اڇت جپانيءَ ۾ سمجهايو ته هو ڀلي هاڻ موڪل ڪري. سيٽان کي هوءَ پاڻهي گهر تائين پهچائيندي.
    ڊرائيور جي رواني ٿيڻ تي هو ڪافي پيئڻ لاءِ گنزا جي هڪ ننڍڙي ريسٽورنٽ ۾ آيا. ان جو ڊائنگ روم مغربي نموني جو هو، جنهن ۾ ٽيبل ڪرسيون رکيل هيون. ڪافي ۽ ڪيڪ تي هو چڱي دير ڪچهري ڪندا رهيا. سيٽان پنهنجو پاڻ کي ذهني طرح اها ڏک ڏني ته هو دراصل هن وقت هڪ ٻيءَ خوبصورت ڇوڪريءَ سان ملاقات ڪري پيو. کيس پنهنجي ملڪ آمريڪا ۾ ته ڪا ڇوڪري کنگهندي به ڪانه هئي. هن دل ئي دل ۾ سوچيو ته ڪاش سندس آمريڪن آفيس جا دوست يار هوند هن وقت اچي کيس ڏسي سگهن. هنن کي يقين ئي نه ايندو. هي خود به وائڙو هو ته نارما ساڻس ڪيترو ته آرام سان ڳالهائي رهي هئي. ۽ پاڻ به بنا ڪنهن مونجهه، خوف ۽ احساس ڪمتريءَ هن سان لس ئي لس ڳالهائي رهيو هو. اها هڪ نئين زندگي هئي جنهن هن ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو هو.
    ”آئون ٽئڪسي گهرائي توکي گهر تائين ڇڏي ٿو اچان.“ نارما جهڙو ئي اٿي بيٺي ته هن چيس.
    ”تون فڪر نه ڪر سيٽان، منهنجو رستو تنهنجي هوٽل کان ٻئي طرف آهي، ان ڪري آئون پاڻهي هلي وينديس.“
    ”مڙيئي خير آهي. مونکي ڪا تڪليف نه ٿيندي.“ سيٽان چيو.
    هن سيٽان جي ڳل تي هلڪي ٿڦڪي هڻندي چيو.”آئون سمجهان ٿي سيٽان، پر توکي اجائي تڪليف نٿي ڏيڻ چاهيان. تنهنجي وڏي مهرباني.“ هن لمحي لاءِ ماٺ ڪئي. وري اوچتو ڪجهه سوچي، شايد چيڙائڻ جي خيال کان سيٽان کي چيو.”ڇا خيال آهي جيڪڏهن آئون توسان تنهنجي هوٽل تائين هلان ته؟“
    سيٽان ان جو خلوص ڀريو جواب ڏيڻ لاءِ ڪجهه وچڙيو ۽ پوءِ چيائين”ڀلي هل. آئون توکي شراب پيئڻ جي دعوت ٿو ڏيان.“ نارما هن جي اها دعوت قبول ڪرڻ لاءِ هائوڪار ڪئي.
    ”منهنجي خيال ۾ اها سڍي شروعات ٿيندي.“
    ٻئي ڏينهن صبح جو شيو ڪرڻ مهل سيٽان سوچيو ته ڪن اڻ ڄاتل سببن ڪري ڪڏهن هن کي هتي ڪنهن به ڇوڪريءَ سان سنگت رکڻ ۽ نباهڻ جي دقت پيش نه آئي. ويندي آمريڪن ڇوڪري نارما به شراب پي وڃڻ وقت چئي رهي هئي:”آئون وري تو وٽ اينديس. مون کي وسارجانءِ نه.“
    ٻئي ڏينهن سيٽان ”ماتسوموتو ڪمپنيءَ“ جي فئڪٽريءَ ۾ پهتو. صبح جون گهڙيون جلدي گذري ويون. ماتسوموتو ڪمپنيءَ کي جيڪو آمريڪا وارن لاءِ مشينريءَ جو نمونو ٺاهڻو هو ان جو ڪجهه حصو ڊيولپمينٽ سيڪشن وارن تيار ڪري ورتو هو. ننڍڙيون ننڍڙيون قيمتي پٿرن جهڙيون شيون ان ۾ ڳتيل هيون. انهن مان ڪي ذرڙا پلاسٽڪ جا هئا، ڪي تارن جا، ڪي سيمي ڪنڊڪٽر مواد مان ٺهيل، ته ڪي وري ٽامي جي چادرن مان ٺهيل هئا. بهرحال جيڪي ڪجهه تيار ڪيو هئائون ان مان هنن جي اعليٰ دماغ جي ثابتي ملي ٿي. سيٽان هر هڪ کي پيار مان کڻي ڏٺو ۽ تعريف ڪئي ته اهي ذرڙا ڪيئن هڪ ٻئي سان لڳي هڪ اعليٰ مشين ٺاهيندا. جيئن ٽي وي، وي سي آر ۽ ٻيون شيون، انهن ذرڙن مان، هي جپاني ٺاهي رهيا آهن. هي بلو پرنٽن (نقشن) ۽ مشيني دماغن جي دنيا آهن جنهن جو هو پاڻ به هڪ فرد هو.
    ٻارهين لڳي پنڌرهن منٽن تي هن ٻين کان معافي وٺي موڪلايو، هٿ منهن ڌوتو، ۽ لنچ (منجهند جي مانيءَ) لاءِ رٿيل پروگرام موجب سڌو ريڪو جي ٽيبل تي آيو. هوءَ سيٽان کي سامهون ايندو ڏسي پرس هٿ ۾ ڪري اٿي بيٺي ۽ ٻئي ڄڻا ڏهن منٽن اندر هڪ مغربي نموني جي ريسٽورنٽ ۾ اچي ويٺا.
    سيٽان لاءِ گذريل چوويهن ڪلاڪن اندر هيءَ ٽين ڇوڪري هئي جنهن جو هو ويجهڙائيءَ کان جائزو وٺي رهيو هو. کيس انهن مڙني ۾ ريڪو، پنهنجي پر ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪشش واري لڳي. ريڪو پاڻ ته هن آفت جيڏي فارينر اڳيان ويهندي عجيب مونجهاري واري ڪيفيت محسوس ڪري رهي هئي، پر کيس اهو به احساس هو ته هن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ تي سندس ڪمپنيءَ جي مالڪ کي وڏو فائدو رسي سگهي ٿو. مينو جپانيءَ ۾ لکيل هو ان ڪري ريڪو کي ئي پڙهڻو پيو ۽ ظاهر آهي کاڌي جي چونڊ به هن کي ئي ڪرڻي پيئي. هونءَ ته جپان ۾ رواج موجب عورتن جي صلاح مشوري کي ڪا اهميت نٿي ڏني وڃي پر ريڪو کي تعجب لڳو ته سيٽان هڪدم سندس ڏنل صلاح قبول ڪئي ۽ هن جي چونڊيل کاڌي کائڻ لاءِ هائوڪار ڪئي.
    ”تون مسٽر جارج ساڪاموتو کي سڃاڻين؟“ جيئن ئي بئري سيوين جهڙين نوڊل جا پيالا سندن اڳيان رکيا ته سيٽان پڇيو.
    غريب ريڪو منجهي پئي ته ڪهڙي ورندي ڏجي، پر جيئن تيئن ڪري هن وراڻيو:”ساڪاموتو مشهور ماڻهو آهي، هو ڪيترين ئي ڪمپنين جو مالڪ آهي.“ مونجهاري ۾ ريڪو صحيح انگريزي به ڳالهائي نه سگهي.
    بهرحال سيٽان جو مونجهاري ڏانهن ڪو ڌيان نه ويو.
    ”گذريل رات مون هن سان ماني کاڌي هئي. مون ته پهريون اهو سمجهيو ته شايد هن جو توهان جي ڪمپنيءَ سان واسطو آهي.“
    ”نه.“ ريڪو نرميءَ سان وراڻيو.
    ”هن سان گڏ سيڪريٽري به هئي.“ سيٽان ٻڌائيندو هليو، ”تمام سٺي ڇوڪري ٿي لڳي. سندس نالو نارما اسڪاٽ آهي. شايد تون هن کي سڃاڻندي هجين.“
    ڪجهه سيڪنڊن لاءِ ريڪو دل ئي دل ۾ پنهنجن ڏاڏن، پڙ ڏاڏن کي مدد لاءِ ٻاڏائڻ لڳي. ”نه منهنجي هن سان واقفيت ناهي. باقي فوتابا سَانُ شايد نارما کي سڃاڻندو هجي. هو نارما سان جوڊو ڪراٽي جي پرئڪٽس ڪندو آهي ۽ اڪثر موچڙا کائي موٽندو آهي پوءِ سڄو هفتو گڪو ٿي هلندو آهي.“ ريڪو ڳالهه بدلائڻ خاطر چيو: ”ڀلا مس سدا بهار چنبيليءَ سان پارڪ ۾ ڪيئن وقت گذريو؟“
    سيٽان هن کي دوست ۽ همدرد ئي سمجهيو ۽ پنهنجي اندر جو حال اوريو. ”ريڪو، آئون هڪ غلطي ڪري ويٺو آهيان. مون هن کي کڻي چمي ڏني هئي.“
    ”هن توکي ان جي اجازت ڏني؟“ ريڪو پڇيو. هن هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. ”پوءِ ته مڙيئي خير آهي.“
    ريڪو جي ننڍي لاڪون طبيعت عاشقاڻي هئي. جيتوڻيڪ غمگين جپاني فلمون ڏسي ڏسي هاڻ اڌ به نه رهي هئي.
    ”نه ريڪو، مون کي ائين ڪرڻ نه کپندو هو. هوءَ هاڻ مون سان ماڳهين ملڻ نٿي چاهي. هن مونکي اهو چيو ته اهو پهريون دفعو آهي جو ڪنهن مرد کيس چمي ڏني هجي.“
    ريڪو ان ڳالهه جي صداقت ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.”جپاني ڇوڪريون گهڻو ڪري چمي ڪونه ڏيڻ ڏين.“
    سيٽان جون اکيون ڏک سان ڀرجي ويون.”پر ريڪو، مون هن کي چيو،”پر تون ته هڪ گيشا آهين“ بلڪل ائين چيومانس.“
    ”توکي ائين چوڻ نه کپندو هو. اها تو هن جي بي عزتي ڪئي،“ ريڪو چيو، ”هوءَ هڪ اعليٰ قسم جي گيشا آهي. سيٽان سائين تون به هڪ جينٽلمئن آهين، پر تون جپاني عورت کي سمجهي نه سگهيو آهين.“
    ”آئون ڪنهن به عورت کي سمجهي نه سگهيو آهيان.“ هن تلخ حقيقت بيان ڪئي.
    ريڪو کي اهو ٻڌي ڏک سان گڏ دل ۾ سيٽان لاءِ همدردي پڻ پئدا ٿي. سوچڻ لڳي ته ڪاش هن جي هٿ وس هجي ته هن کي ڪنهن طرح سان دلداري ڏئي سگهي. هن سيٽان جي اکين ۾ نهاريو ۽ همت کان ڪم وٺي چيو:”توهان جيڪر چئو ته آئون اوهان جو پرچاءُ ڪرائي وٺان.“
    ”ڇا تون اهو ڪم ڪري سگهين ٿي؟“
    ”آئون ڪوشش ڪنديس.“
    ماتسوموتو جيڪو ظاهري طرح هڪ اميراڻي شان شوڪت ۽ دٻدٻي واري ماحول جو مالڪ هو، پر اندروني طرح حساس، جذباتي ۽ مذهبي فطرت وارو هو. ڪاروباري زندگيءَ جي گوڙ گهمسان ۾ ته هو پنهنجا اهي نازڪ احساسات لڪائي رکندو هو، پر تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ٿي پوندو هو. وقت ملڻ تي فرصت جا لمحا زين (ٻڌ) ڌرم بابت ويهي سوچيندو هو يا شاعري ڪندو هو. هن جي نظرن ۾ مغربي واپار جا طريقا هڪ چلڪندڙ چادر جيان هئا، جيڪا دراصل جپاني تهذيب جي هنڌ مٿان وڇائي وڃي ٿي. ماتسوموتو کي جيتوڻيڪ پنهنجي ذاتي ڪم لاءِ ريڪو کي اڪيلائيءَ ۾ سڏائيندي خراب لڳو ٿي، پر ڪاروباري هوشياري ۽ جاسوسي به ضروري شيون آهن.
    جنهن وقت ريڪو آفيس ۾ گهڙي ته سندس لٿل منهن ڏسي ماتسوموتو ڊڄي ويو ته شايد ڪا گڙٻڙ ٿي آهي ۽ يڪدم ياماگچي ۽ فوتابا کي سڏائڻ پڻ مناسب سمجهائين. پوءِ هن ريڪو ڏي مهاڙ ڪري اٽڪل سان پڇيو:”آمريڪن مهمان سيٽان سان ماني کائڻ دوران تنهنجي ڪا ساڻس اهڙي ڳالهه ٻولهه ٿي جيڪا تون سمجهين ٿي ته اسان جي لاءِ دلچسپيءَ جو باعث بڻجي سگهي ٿي؟“
    ريڪو جنهن انگريزيءَ جي ڏکي گرامر ۽ ترجمي ڪري سيٽان سان هٻڪي هٻڪي ٿي ڳالهايو تنهن هاڻ جڏهن جپانيءَ ۾ لس ئي لس ڳالهايو ته ائين لڳو ڄڻ ڳالهين جو ڳوٺ هجي. هوءَ يڪدم اصل ۽ اهم ڳالهه تي آئي. ”سيٽانو _ سَانَ جي رات ساڪاموتو جارج ماني ڪئي هئي. هن سان گڏ نارما ڇوڪري به هئي. بعد ۾ ساڪاموتو ڇوڪريءَ کي سيٽان جي حوالي ڪري پاڻ هليو ويو. جن پوءِ هڪ هوٽل ۾ اچي ڪافي پيتي هئي.“
    ”ڪمال آهي....“ ماتسوموتو ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو پر وري ماٺ ٿي ويو.
    ”بيشڪ،“ مسٽر فوتابا ڳالهه کي ٽيڪو وٺرايو،” منهنجي هن ڇوڪريءَ سان جوڊو سکڻ وارن ڏينهن کان وٺي واقفيت آهي، پر مون کي ته هن ڪڏهن ڏينهن جو به ڪافي ڪانه پياري آهي.“
    ماتسوموتو ڪرسيءَ تي وڌيڪ اڀو ٿي ويٺو. ”تنهنجي معنيٰ ته ساڪاموتو اسان کي پهرين ملهه ماري ويو. يا گهٽ ۾ گهٽ پهرين اننگ ۾ وڌيڪ اسڪور ڪري ويو.“
    ريڪو ٿورو وڌيڪ جهڪي پنهنجي ڪمپنيءَ جي صدر صاحب جو ڌيان ڇڪايو:”آئون نٿي سمجهان ته ڪو هن وڌيڪ رنس ڪيون آهن،“ هن چيو،”سيٽان صاحب کي ڇوڪريون وڻن ضرور ٿيون، پر کيس اها خبر ناهي ته هنن سان ڪرڻ ڇا کپي. جيئن ته گيشا جو خرچ پکو سڀ توهان ڪري رهيا آهيو ان ڪري آئون توهان کي ايترو ضرور ٻڌائيندس ته ڪالهه پارڪ ۾ سيٽان سَانَ جو گيشا مس سدا بهار چنبيليءَ سان گڏ ڪو سٺو وقت نه گذريو.“
    ماتسوموتوءَ تعجب مان نهاريندي پڇيو:”ڇو ڇوڪريءَ ڪهڙو ڀُڏو ڪم ڪيو؟“
    ريڪو پهرين ٿورو گهٻرائجي وئي ته ڪٿي ٻئي جو ٻڌايل راز ظاهر ڪري ڪا اخلاقي غلطي ته نه پئي ڪري. پر پوءِ هن کي ڪمپنيءَ جو پُڙ هر ڳالهه کان ڳرو نظر آيو. هن رومانوي انداز سان سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. جڏهن ڳالهه پوري ٿي ته هن کي تعجب لڳو ته سندس مالڪ ماتسوموتو جي منهن تي ڪجهه جذباتي تاثرات نمودار ٿي رهيا آهن.
    ”اها ڳالهه ته ”سيٽان سَانَ“ جي سٺين ڳالهين ۾ ڳڻڻ کپي،“ ماتسوموتو چيو،”تنهنجي معنيٰ ته هن ٿوري ئي عرصي ۾ جپاني عورت جي اهميت کي قبول ڪري ورتو آهي.“
    ” اهو پڻ ظاهر آهي،“ يا ماگچيءَ چيو،” ته سيٽان گيشا جي ڌنڌي کان بلڪل اڻ واقف آهي.“
    ”نارما جهڙي سهڻي ڇوڪري هڏيءَ طور کڻي، ساڪاموتو جهڙي استاد شڪاري جو سيٽان جهڙي سڻڀي شڪار پٺيان لڳڻ پاڻ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.“ ماتسوموتو آخري فيصلو ٻڌايو. پوءِ ريڪو ڏي منهن ڪري چيو،” مهرباني ڪري مس سدا بهار چنبيليءَ سان جلد لهه وچڙ ۾ اچي هن کي هفتي جي حساب سان جيترو جلد ٿي سگهي ته پگهار تي رکڻ جو بندوبست ڪر. هن کي اڻ مقرر مدي تائين اجوري تي رکينس ۽ چئينس ته سيٽان سَانَ سان هڪدم فون تي ڳالهائي، جيڪو هينئر فئڪٽريءَ ۾ ويٺو هوندو. مس سدا بهار چنبيليءَ وٽان فون اچڻ تي سيٽان جو ڌيان ان ڏي ٿي ويندو ۽ نارما کي في الحال وساري ڇڏيندو جيڪا هن کي ساڪاموتو لاءِ پنهنجي ڦندي ۾ ڦاسائي رهي آهي.“
    ريڪو ادب وچان جهڪي. ”سائين ڳالهه ته بلڪل عقلمنديءَ جي ٿا ڪريو،“ هن داد ڏيڻ لاءِ آهستي ڀڻڪيو. ياماگچي ۽ فوتابا به ريڪو جي داد جي پوئيواري ڪئي. پوءِ ريڪو اٿي کڙي ٿي ۽ در کولي ٻاهر فون ڪرڻ لاءِ ويئي. جمعي جو ڏينهن هو، ايندڙ ڏينهن: ڇنڇر ۽ آچر موڪل هئڻ ڪري انهن ڏينهن تي شهر جون سڀ سٺيون سٺيون گيشائون، ڳائڻيون ۽ رنڊيون وغيره بُڪ هجڻ جو انديشو هو. هن فون جو نمبر گهمايو، جلدي جلدي ڪجهه ڳالهايو ۽ ٻاهر نڪري آئي.
    ان مهل ٽائيم چئن ۾ ڪجهه منٽ هئا جو ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي چيف انجنيئر فيوجي هارا سيٽان جي ڪلهي تي هٿ رکي فون ڏي سندس ڌيان ڇڪايو، جيڪو ڪنڍيءَ ۾ لڙڪي رهيو هو. سيٽان تعجب مان سوچيندو فون ڏي وڌيو ته ڪنهن جو ٿي سگهي ٿو.
    هڪ صاف سٿرو ۽ پاڻيءَ وانگر وهندڙ لسو آواز ڪن تي پيس. ”سيٽان سَانَ، آئون ڪانو ماسايو آهيان_ گيشا، مس سدا بهار چنبيلي.“
    هڪ لمحي لاءِ سيٽان جو جسم ڄڻ کيرو کيرو ٿي پيو، پر پوءِ هوش جاءِ ڪري ڌيرج سان وراڻيائين.”آئي ائم گلئڊ“ (آئون خوش ٿيو آهيان.)
    پر گيشا فون تي هن جي آمريڪن نموني جي انگريزي نه سمجهي، وائڙي ٿي وئي.”يو مئڊ؟“ هن ڊڄندي پڇيو.
    ”نه نه. مئڊ نه پر گلئڊ“ هاڻ سيٽان لفظ لفظ ڌار ڌار ڪري اڃا به ڌيرج سان ڳالهايو،” تنهنجو آواز ٻڌي مون کي خوشي ٿي آهي. آئون توسان ملڻ ٿو چاهيان.“
    ڪرشمو چئجي يا عجيب اتفاق جو ان ئي وقت ريڪو سهڪندي اتان اچي لنگهي. سيٽان هن جي حوالي فون ڪندي چيو:”فون تي مس سدا بهار چنبيلي پئي ڳالهائي. مهرباني ڪري پڇينس ته آئون ساڻس ملي سگهان ٿو.“
    آفيس کان فئڪٽريءَ تائين ڊوڙي پهچڻ ڪري ريڪو اڃا اڀا ساهه کڻي رهي هئي، بهرحال سهڪندي سيٽان جو نياپو پهچايو. گيشا نئڙت مان پڇيو ته کيس سندس ڪڏهن گهرج ٿيندي ۽ ڪيتري وقت لاءِ ريڪو جيڪا اڃا تائين صحيح طرح پاڻ سنڀالي نه سگهي هئي تنهن بنا سوچڻ جي گيشا جا چيل لفظ هوبهو ترجمو ڪري سيٽان کي ٻڌايا. سيٽان اهو ٻڌي ڪجهه وائڙو ضرور ٿيو ۽ پوءِ ڊگهو ساهه کڻي چيو.”پڇينس ته سڀاڻي ۽ پريهن موڪل آهي جي واندي هجين ته ٻئي ڏينهن گڏ گذاريون.“
    سيٽان جو اهو عرض ٻڌڻ سان ريڪو کي ڄڻ ميڄالي ۾ ڪنهن مترڪا وهائي ڪڍيا. مس سدا بهار چنبيليءَ جهڙي ٽاپ ڪلاس گيشا جو ٻن ڏينهن جو بل آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ جيترو ٿو ٿئي. جنهن جي سهڻ جي سگهه هن جي غريب ڪمپنيءَ کي ته نه هئي پر چڱين خاصين امير ڪمپنين کي به اهو بل ڌونڌاڙي رکڻ لاءِ ڪافي رهي ٿو. ريڪو سيٽان کي هڪ اهڙو فضيلت وارو انسان سمجهيو ٿي جنهن کي پنهنجين حيواني خواهشن تي پورو پورو ضابطو هو. پر سندس قائم ڪيل اهو اميج هاڻ هن اڳيان ڀور ڀور ٿي پيو. وائڙن وانگر هن سيٽان جو اهو نياپو لفظ بلفظ ترجمو ڪري اڳتي ٻڌايو ۽ اهو ٻڌي ٻي پاسي کان گيشا جي به ڊگهي ساهه کڻڻ جو آواز هن کي فون تي چٽو ٻڌڻ ۾ آيو.
    جواب لاءِ سيٽان کي تڪڙ لڳي پيئي هئي ۽ هن ريڪو جي پٺي ٺپريندي جلدي ڪرڻ لاءِ چيس.”ريڪو هن کي چئه ته هوءَ ڪجهه غلط نه سمجهي. مون لاءِ هروڀرو به وقت نه ڪڍي. جيڪڏهن واندي هجي ته واهه واهه، آئون ساڻس گڏ اهي ٻه ڏينهن جپان گهمندي خوشي محسوس ڪندس.“
    ريڪو جهٽ پٽ ترجمو ڪري ٻڌايس. هن پنهنجي طرفان به تبصرو ڪند چيس، منهنجي خيال مطابق سيٽان جي نيت صاف آهي ۽ ڪابه خراب ڳالهه ڌيان ۾ نه اٿس.
    گيشا سيٽان سان سنئون سڌو ڳالهائن چاهيو. ريڪو فون سيٽان جي حوالي ڪيو جنهن کي هن پنهنجي ڀاڳ جو فيصلو ٻڌائڻ لاءِ ڏڪندي ڪنن تي رکيو:”سيٽانو سَاَن، يو وانٽ سي ڪيوٽو؟“ (سيٽان سائين، توهان ڪيوٽو شهر ڏسندئو؟)
    سيٽان کي ڪيوٽو بابت ڪا خبر نه هئي، پر هي ته ههڙي پياري معشوق سان گڏ جهنم ۾ وڃڻ لاءِ به تيار هو.”هائو.“ هن وراڻيو.
    هن فون ريڪو کي واپس ڏنو، جنهن وعدو ڪيو ته جيئن ئي ڪيوٽو وڃڻ جو پروگرام پڪو ٿيندو ته هوءَ وري مس سدا بهار چنبيليءَ کي فون ڪري ٻڌائيندي.
    پوءِ فون رستي ريڪو ٻه ٽڪيٽون نيو ٽوڪئڊو ريل گاڏيءَ جون ٽوڪيو کان ڪيوٽو تائين رزرو ڪرايون ۽ جيڪي ڪجهه ٿي گذريو سا سڄي ڪارروائي مسٽر ماتسوموتو کي ٻڌائڻ لاءِ رواني ٿي.
    غريب ماتسوموتو جيڪو اميد رکيو ويٺو هو ته آمريڪا مان مليل هن ٺيڪي مان ڪجهه ڪمائي پنهنجي ڪمپنيءَ جي ساک بچائي سگهندو تنهن مس سدا بهار چنبيليءَ جي ٻن ڏينهن جي بل جو اڳواٽ ويهي حساب ڪيو ته وايون بتال ٿي ويس. آمريڪا طرفان مليل آرڊر وارو مشينري پلانٽ جيسين ٺهي، چڪاس ٿئي، آمريڪا پهچي ۽ ان جا پئسا ملن تيسين ته سندس ڪمپنيءَ جو ڏيوالو ئي نڪري ويندو. اهو سوچي هن کي روئڻ ٿي آيو.
    ***


    پنج

    ٻئي ڏينهن صبح جو ٽاءِ ٻڌندي سيٽان پاڻ بابت سوچيو ته جيتوڻيڪ هو ڇوڪرين سان سنگت رکڻ جي معاملي ۾ ناتجربيڪار آهي، پر منجهس سٺيون عادتون ۽ دل جي صاف گوئي ٻه اهڙيون شيون آهن جن جي ڪري سندس محبوبا به پڪ هن تي فدا ٿيندي هوندي. نئين ائڊوينچر جي شوق ۾ هو بئگ کڻي ٽوڪيو جي سينٽرل ريلوي اسٽيشن ڏي روانو ٿيو.
    هن اڳ ڪڏهن به ماڻهن کي ايڏو تڪڙو تڪڙو هلندي نه ڏٺو هو. انسانن جو هڪ سمنڊ هو، جيڪو هزارين مختلف منزلن ڏي وڃي رهيو هو. نيو ٽوڪئڊو ريلوي لائين جا پليٽ فارم ماڻهن جي هشامن سان سٿيا پيا هئا. ڊگهيون اليڪٽرڪ جون ريل گاڏيون نانگڻين وانگر اسٽيشن اندر مقرر وقت تي اچي وڃي رهيون هيون. جپان دنيا ۾ هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي ريل گاڏيون مقرر ڪلاڪ ته ڇا پر پورن منٽن ۽ سيڪنڊن تي پهچن ۽ ڇٽن ٿيون. اهو هتي وقت جي پابنديءَ جو ڪمال آهي. پليٽ فارم تي ننڍا ننڍا انگ لکيل هئا جن جي سامهون مقرر گاڏا اچي ٿي بيٺا. سيٽان پنهنجي گاڏي نمبر پنجين ۾ چڙهڻ لاءِ سولائيءَ سان جاءِ ڳولي ورتي.
    ٿوري دير بعد گاڏي ترڪندي آئي ۽ بنا ڪنهن لوڏي جي پنهنجي مقرر هنڌ تي بيهي رهي. پليٽ فارم تي لکيل انگن جي بلڪل سامهون انهن انگن جا گاڏا هئا. دروازا کليا ۽ ماڻهو اندر گهڙڻ لڳا. سيٽان پنهنجي فرسٽ ڪلاس جي دٻي ۾ مليل نمبر واري سيٽ تي اچي ويٺو. هن واچ ۾ وقت ڏٺو. گاڏي ڇٽڻ ۾ اٺ منٽ باقي هئا. هن کي پريشاني وڪوڙي وئي ته سندس محبوبا خبر ناهي ايندي به يا نه. ٽن منٽن تائين ته هو پاڻ کي گهٽ وڌ چوندو رهيو ته اجايو ٻاهر مسافريءَ جو پروگرام رٿيوسين. هتي نه هڪ گاڏي آهي ۽ نه هڪ پليٽ فارم. ۽ وري ساڳي پليٽ فارم تان چوويهن ڪلاڪن ۾ ڪيئي گاڏيون پيون ڇٽن. ٿوري ڀل چڪ به پروگرام ۾ رولو وجهي سگهي ٿي. ان کان ته فلم ڏسڻ جو پروگرام رکجي ها ته غلط فهميءَ جو ڪو انديشو ته نه رهي ها. هي پريشانيءَ ۽ مونجهاريءَ جي عالم ۾ انتظار ڪرڻ لڳو ۽ اهو ارادو ڪيائين ته آخري منٽ تائين هو سندس انتظار ڪندو پوءِ به جيڪڏهن هوءَ نه آئي ته پاڻ لهي ويندو. انهيءَ ٻڏتر ۾ هو ته ڪنهن نازڪ هٿ جو ڇهاءُ هن پنهنجي ڪلهي تي محسوس ڪيو ۽ ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺائين ته هوءَ بيٺي هئي.
    مس سدا بهار چنبيليءَ کي ڏسڻ شرط پاڻ پيرن تي اٿي بيٺو. هن کانئس ٿيلهو وٺي مٿي تختي تي رکيو ۽ کيس پنهنجي ڀر ۾ دريءَ واري پاسي کان ويهڻ لاءِ جاءِ ڏني ۽ اکين ئي اکين ۾ هن جا ٿورا مڃيائين جو هوءَ مٿس ڀروسو رکي گڏ گهمڻ لاءِ هلي آئي هئي. هن کي گهٽيءَ يا گهر ۾ پائڻ وارا ڪپڙا پاتل هئا ۽ واقعي بلائوز ۽ اسڪرٽ ۾ بيحد وڻندڙ لڳي رهي هئي.
    ”اوهيو گو ذائي ماس“ هن جپانيءَ ۾ صبح جي کيڪار ڪئي.
    ”اوهيو گوذائي ماس، ماسايو سَانَ“
    سيٽان به جپانيءَ ۾ ئي ورندي ڏني، جنهن جي عيوض مس ڪانو ماسايو دل لڀائيندڙ مرڪ چپن تي آندي. سيٽان کي ڄڻ خاطري ملي ته گذريل دفعي پارڪ ۾ جيڪا هن کان غلطي ٿي هئي تنهن کي هن درگذر ڪري ڇڏيو آهي.
    پوءِ ريل جي سفر جا پورا ٽي ڪلاڪ هن کي هڪ حسين ترين عورت سان گڏ ويهڻ جو ڀرپور مزو نصيب ٿيو. مزي جي ڳالهه اها جو سمورو وقت هوءَ به هن جي ڳالهين مان محظوظ رهي. جيئن ئي هو هڪ ٻئي سان بي حجاب ٿي ويا ته سيٽان محسوس ڪيو ته هن جيترو سمجهيو ٿي هوءَ ان کان گهڻو وڌيڪ انگريزي ڳالهائي سگهي ٿي.
    سفر دوران هن منجهند جي ماني ريل گاڏيءَ جي ڊائيننگ ڪار ۾ وڃي کاڌي. ٻئي ٽيبل جي هڪ طرف ٿي ويٺا ۽ سامهون دريءَ مان نه کٽندڙ نظارا هئا جن مان هڪ ڪڏهن به نه وسرندڙ فيوجي جبل جو هو. هڪ سئو پنجويهه ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪندي سيٽان دل ئي دل ۾ جپاني انجنيئرن جي اعليٰ ذهن جي تعريف ڪرڻ کان رهي نه سگهيو جن هن قسم جي ريل گاڏي ٺاهي آهي. آمريڪا جي ڪابه شيءِ هن ريل سان ڀيٽي نٿي سگهجي.
    شام ڌاري هو ڪيوٽو شهر ۾ داخل ٿيا ۽ پوري وقت تي، ويندي سيڪنڊن جي حساب سان، گاڏي ڪيوٽو اسٽيشن تي اچي بيٺي. جيئن ئي هو ٻاهر پليٽ فارم تي نڪتا ته سامهون ايندڙ هڪ جوان مڙس کانئن اچي سامان ورتو.
    ”سائين ڪيوٽو ۾ ڀلي ڪري آيائو. اچو، توهان لاءِ ٻاهر ڪار بيٺي آهي جيڪا توهان کي توهان جي رهائش واري مسافرخاني تائين پهچائيندي.“ ٻاهر نڪري هن سامان هڪ ڪار جي ڊڪيءَ ۾ وڌو. اها ڪار عام قسم جي ٽئڪسي نه هجي، پر سڄي ڏينهن لاءِ مسواڙ تي جهليل پرائيويٽ نموني جي ڪار هئي. اهو ماڻهو جيڪو پورن ٻن ڏينهن لاءِ ملڪ جي خوبصورت ترين گيشا جو خرچ برداشت ڪري سگهي ٿو سو هڪ عام ٽئڪسي ڪيئن موڪليندو. اسٽيشن تي آيل همراهه هن کي ڪار ۾ ويهاري ڊرائيور کي جپانيءَ ۾ سمجهايو. سيٽان دل ئي دل ۾ ريڪو جي تعريف ڪئي جنهن هنن لاءِ هي بندوبست ڪرايو هو.
    ڪار شهر جي ٽرئفڪ کي چيريندي آخر هڪ سوڙهي گهٽيءَ ۾ هڪ بنا نالي واري عمارت اڳيان اچي بيٺي. هڪ مرڪندڙ جپانيءَ ٻاهر نڪري سامان کنيو ۽ کين دروازي وٽ وٺي آيو. جيئن ئي هنن بوٽ لاٿا ته هو مرڪيو ۽ کين اندر وٺي آيو. ڪاٺ جو ٺهيل هي مسافر خانو اندران تمام سهڻو هو. مسافرخاني جي سادي سودي ٺهيل استقباليه وٽ ڪمونو ۾ ملبوس ٻن عورتن ۽ ڪمپليٽ سوٽ پهريل هڪ مرد سيٽان جي اڌ جپاني اڌ انگريزيءَ ۾ کيڪار ڪري آڌر ڀاءُ ڪيو.
    ”سيٽان سانَ _! هائي؟( توهان سيٽان آهيو؟) اِراس _ شئاي ماسَي (ڀلي ڪري آيا) ويلڪم“ مرد چيو.
    ”توهانجي مسافرخاني ۾ اسانجي رهائش لاءِ ريزرويشن ته ٿيل آهي يا نه؟“ سيٽان پڪ ڪئي.
    ”ريزرويشن _ ها _ ئي _ دوزو“ جپاني همراهه سيٽان کي هٿ ۾ پين ڏيندي ٻڌايو ته ريزرويشن بلڪل ٿيل اهي.
    سيٽان رجسٽر تي پين سان پنهنجو نالو _ ” رچرڊ سيٽان“ وڏي اي بي سيءَ ۾ لکيو. پوءِ پين مس سدا بهار چنبيليءَ جي حوالي ڪئي جنهن سڌيون ڦڏيون ليڪون پائي شڪلين واري جپاني (ڪانجيءَ) ۾ پنهنجو اصلي نالو ڪانو ماسايو لکيو. سيٽان ڪلارڪ کي ٻڌايو:”اسان کي ٻه ڪمرا ڏجانءِ“ ۽ ان سان گڏ کيس پنهنجيون ٻه اڱريون ڏيکاري رهيو هو ته ايتري ۾ سندس ڌيان هڪ ننڍڙي قد جي نوڪر ڏي ڇڪجي ويو جيڪو سندس پيرن ۾ انهن جي ماپ کان گهڻو ننڍو چمپل پارائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
    عورتن مان هڪ کين رستو ڏيکاريندي ورانڊي ۾ وٺي آئي جتان هڪ ڪمري وٽ پهچي هن ڪمري جو گهرڪندڙ دروازو ريڙهي کين اندر گهڙڻ جو اشارو ڪيو.
    ڪمرو چڱو وڻندڙ هو. سنهي پيس جي تڏي مٿان جپاني قسم جو ننڍڙين ٽنگن وارو ٽِبل رکيل هو. پر ان ڪمري ۾ هڪ بخاري ۽ ٻه مغربي طرز جون ڪرسيون پڻ هيون جن جي وچ ۾ هڪ وڌيڪ ننڍڙو ٽيبل هو. هڪڙي ڀت ۾ تصوير جيڏي ننڍڙي دري هئي جنهن مان مسافر خاني جو سهڻو ۽ ننڍڙو ذاتي باغيچو نظر آيو ٿي. باغيچي جي وچ ۾ بانس جي لڪڻ مان پاڻيءَ جو ڦڙو ڦڙو وهي هيٺ ڪري رهيو هو. عورت ڪمرو هنن جي حوالي ڪري ٻاهر نڪتي ته پٺيان نوڪر سندس سامان کڻي آيو ۽ وڏي خيال سان ڪمري جي ڪنڊ ۾ هڪ هڪ شيءِ لاهي رکي.
    سيٽان سوچڻ لڳو: ڪنهن سبب ڪري ريڪو غلط فهميءَ جو شڪار بنجي هنن لاءِ ٻن الڳ ڪمرن جو بندوبست نه ڪرائي سگهي آهي ۽ ماسايو (مس سدا بهار چنبيلي) هن بابت ڪيڏو ته خراب تاثر وٺيو ويٺي هوندي. هن پنهنجو ٿيلهو کنيو، ۽ هٿ جي اشاري سان اهو اظهار ڪندي ته هي ڪمرو هن لاءِ ئي آهي، پاڻ پنهنجي لاءِ ٻئي ڪمري جي بندوبست ۾ نڪتو.
    ٻاهر لابيءَ ۾ مسافر خاني جو مئنيجر مليس جنهن کي ڳالهه سمجهائڻ تي هو وائڙو ٿي ويو ته هي آمريڪن همراهه پنهنجي زبان ۾ چوي ڇا پيو. هن ته پنهنجي حساب سان سڀ کان بهتر ڪمرو هنن جي حوالي ڪيو آهي، پر ان هوندي به سيٽان صاحب خوش نه آهي. سيٽان جڏهن زبان سان سمجهائي نه سگهيو ته اشارن واري زبان کان ڪم ورتائين. مئنيجر ڪافي ذهين ٿي لڳو. سيٽان وڏي خبرداريءَ سان هڪ هٿ جي شاهد آڱر اڀي ڪري ٻئي هٿ سان ان ڏي اشارو ڪري چيو”ون“ (هڪ). يعني اسان ته هن کي ”ون“ ٿا چئون توهان جپانيءَ ۾ ڇا ٿا چئو.
    ”يوبي“ (آڱر) جپانيءَ پنهنجي ٻوليءَ ۾ ٺهه پهه وراڻيس. هن اهوئي سوچيو ته مهمان جي اهو معلوم ڪرڻ ٿو چاهي ته جپانيءَ ۾ آڱر کي ڇا ٿو سڏجي ته هن کي ٻڌائيندي ڪهڙو غم!
    سيٽان پوءِ ٻي آڱر به اڀي ڪئي ۽ هاڻ ٻنهي آڱرين ڏي اشارو ڪيو:
    ”يوبي“ جپاني هڪدم ساڳيو جواب ڏنو. ڇو جو جپانيءَ ۾ واحد جمع جو چڪر ته آهي ئي ڪونه. سو هڪ آڱر به ”يوبي“ ته ٻه آڱريون به ”يوبي“.
    سيٽان سمجهي ويو ته ائين ڪرڻ سان به ڪم نه هلندو. سامهون مس سدا بهار چنبيليءَ کي ايندو ڏسي هن کي خوشي ٿي. هوءَ وائڙي ٿي ويئي ته سندس معزز گراهڪ سان ڪهڙي قسم جي ويڌن ٿي پئي آهي.
    ”آئون ٻن ڪمرن لاءِ گهر ڪري رهيو آهيان، پر هي منهنجي ڳالهه سمجهن ئي ڪونه پيا.“ سيٽان هن کي ٻڌايو. پريشانيءَ جي عالم ۾ هو ايترو ته تکو تکو ڳالهائي ويو جو گيشا کي به سمجهه ۾ نه آيو.نئڙت سان هن هوٽل جي انچارج سان جپانيءَ ۾ ڳالهايو. هن سيٽان کي ترسڻ جو اشارو ڪيو ۽ پاڻ ٽيليفون نمبر گهمائي ڪٿان فون ڪرڻ لڳو. ٿوري دير ڳالهائڻ کانپوءِ هن فون مهمان جي حوالي ڪيو.
    ”هي جپان ٽريول سروس آهي،“ زبردست قسم جي انگريزيءَ ۾ ڪنهن ٻئي پاسي کان ڳالهايو،”مهرباني ڪري پنهنجو مسئلو ٻڌايو ته ان جو ترجمو ڪريون.“
    ”مهرباني سائين،“ سيٽان گرمجوشيءَ مان چيو:”آئون هينئر هينئر هن مسافرخاني ۾ پهتو آهيان. مون سان گڏ هڪ عورت به آهي جيڪا منهنجي مهمان آهي. اسان شادي شده نه آهيون.“
    ”سائين مڙيئي خير آهي. توهان ڪو به فڪر نه ڪريو. هوٽل وارا توهان جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جو رُخنو پيدا نه ڪندا.“
    ”شايد توهان منهنجي ڳالهه چڱيءَ طرح نه سمجهي. در اصل منهنجي نيت صاف آهي ۽ دل ۾ هن عورت لاءِ عزت آهي. آئون هن سان گڏ سمهڻ نٿو چاهيان.“
    ”جيڪا توهان جي مرضي، سائين.“
    سيٽان وري ورجايو:”آئون ٻه ڌار ڌار ڪمرا چاهيان ٿو. هڪ هن جي لاءِ ۽ هڪ پنهنجي لاءِ.“
    ”ڌار ڌار ڪمرا؟ ائين نه؟ سائين!“ ٽريول ايجنٽ ڪجهه تعجب مان پڪ ڪرڻ چاهي.
    ”مهرباني جو توهان ڳالهه سمجهي. دراصل ڪيترائي آمريڪن بلڪل نرالا آهن. پر آئون انهن مان نه آهيان. آئون ڪنهن عورت سان سمهڻ کان اڳ هن سان شادي ڪرڻ چاهيندس.“
    ”سائين توهان بلڪل صحيح ٿا چئو، سيٽان صاحب. توهان جا نيڪ خيال قابل داد آهن. بهرحال آئون ان بابت مسافرخاني جي مئنيجر کي سمجهايان ٿو.“
    سيٽان ٽيليفون مئنيجر جي حوالي ڪيو. جنهن فون تي ڳالهه ٻڌي پهرين تعجب جو اظهار ڪيو، ان بعد سندس چهري تي سڪون ۽ اطمينان جا تاثر نظر آيا. آخرڪار هن فون رکيو ۽ مس سدا بهار چنبيليءَ کي ان ڳالهه جي مبارڪ ڏني ته هي آمريڪن همراهه تو سان جهٽ پٽ شادي ڪرڻ وارو آهي. ان مطابق دعوت جو پڻ جوڳو بندوبست ڪيو ويندو.
    اهو ٻڌي ڪانو ماسايو کي ماٺ وٺي ويئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪن ان ڳالهه کان بدنام آهن ته جپان ۾ هنن کي جنهن وقت به پور پوندو آهي ته بنا ڪنهن سوچ سمجهه جي شاديءَ لاءِ ڇوڪري ڊوڙائي اچي شنتو مندر ۾ ٻائي اڳيان بيهاريندا آهن ڄڻ شادي نه ٿي راند ٿي. ۽ ڪيوٽو ته ان قسم جي شادين ۽ مندرن کان مشهور آهي. هن اتان هڪدم ڀڄي وڃڻ جو سوچيو پر ٻي گهڙيءَ سيٽان تي نظر پوڻ سان ان نتيجي تي پهتي ته جيڪڏهن هن کي مرد جي طبيعت جي ٿوري به پروڙ آهي (جيڪا هن کي تمام گهڻي هئي) ته سيٽان اهڙن ماڻهن مان هرگز ڪونه ٿو لڳي. ضرور ڪٿي ڪا ڳالهه هيٺ مٿي ٿي ويئي آهي.
    سو هڪ دفعو وري جپان ٽريول سروس وارن سان رابطو رکيو ويو جنهن بعد ڳالهه وڃي سڀني جي سمجهه ۾ ويٺي ۽ مئنيجر صاحب جيڪو شاديءَ جي دعوت جو سوچي رهيو هو تنهن کانئن معافي وٺندي نوڪر کي ٽئڪسي آڻڻ لاءِ چيو جيئن سندس مسافر خاني جا مهمان ڪيوٽو شهر گهمڻ لاءِ روانا ٿين.
    تيستائين گيشا ماسايو ڪانو هن ماڻهوءَ سيٽان بابت سوچڻ لڳي جنهن کي وندرائڻ سندس فرض هو. هو جيتوڻيڪ ڪو سهڻو نه هو، پر نيت جو صاف ۽ ايماندار ٿي لڳو جيڪا خاصيت مس سدا بهار چنبيليءَ (ماسايوڪانو) دل سان قبول ڪئي ٿي ۽ جنهن ڪري کيس سيٽان لاءِ عزت پڻ هئي. جنهن نموني سان هي گيشا سان گڏ هلي رهيو هو ان مان اهو اندازو صاف ٿي لڳو ته هن ويچاري کي اها خبر ناهي ته جيڪو وقت ڪانو ماسايو ساڻس گذاري پئي ان جي هڪ هڪ منٽ جو ڳرو ملهه ڪو ٻيو ادا ڪري رهيو آهي. جنهن وقت هوءَ ٽئڪسيءَ ۾ چڙهي ۽ ڊرائيور کي ائڊريس ٻڌائي رهي هئي ته هن کي خيال آيو ته سيٽان لاءِ بهتر اهو ٿيندو ته هو ڪا اهڙي سٺي ڇوڪري ڳولي جيڪا گيشائپي ڌنڌي ۾ نه هجي.
    ٽئڪسي شهر مان نڪري ٻهراڙيءَ جي علائقي مان هلندي هلندي هڪ باغ وٽ اچي بيٺي. ٻئي ڄڻا اتي لٿا ۽ باغ ۾ چڪر هڻڻ لڳا. باغ ڇا هو جنت جو ٽڪرو هو. زمان ۽ مڪان جو ته ڄڻ مٿس اثر ئي نه ٿيو هو. ڊگها ڊگها وڻ جن جا گهاٽا ڇانورا. پري پري تائين ور وڪڙ کائيندڙ ڍنڍ جو ڪنارو. گلن ، پنن، پراڻن وڻن جي ڇوڏن ۽ ڍنڍ جي پاڻيءَ جو مليل جليل هڳاءُ، ڇا ته پر سڪون جڳهه هئي. ڄڻ خلقڻهار پاڻ پنهنجن هٿن سان واندڪائيءَ ۾ ويهي ٺاهي هجي.
    هڪ پوڄاريءَ جيان، سيٽان سرن سان ٺهيل رستي تان هلندو اڳتي وڌيو، گيشا به پٺيان پٺيان هلندي رهي پوءِ هو هڪ وڏي پٿر وٽ ترسي ان تي ويهي رهيو. ڪانو ماسايو ويجهو پهچي پنهنجي ٿيلهي مان هڪ ننڍڙي ڪئميرا ڪڍي ۽ فوٽو ڪڍڻ لاءِ اک تي رکي. سيٽان عينڪ کي نڪ تي ٺاهي فوٽو لاءِ ڪئميرا جي شيشي ڏي نهاريو. جيئن ئي ڪانو ماسايو ڪئميرا جو بٽڻ دٻايو ته هو اٿي کڙو ٿيو ۽ کانئس ڪئميرا وٺي کيس ان پٿر تي ويهڻ جو اشارو ڪيو.
    حڪم جي تعميل ڪندي گيشا پٿر تي ٿي ويٺي ۽ سيٽان فوٽو ڪڍيو. ان بعد سيٽان جيئن ئي اچي هن جي ڀر ۾ ويٺو ته هن کيس پاڻ ڏي وڌيڪ ويجهو ويهڻ لاءِ اشارو ڪيو. سيٽان ائين ئي ڪيو. ان بعد گيشا پنهنجو منهن هن جي منهن جي اڃا به ويجهو آڻي سندس عينڪ لاٿي ۽ عينڪ بنا سندس منهن کي غور سان ڏسڻ لڳي. ايتري قدر جو هڪ هٿ سندس کاڏيءَ تي رکي منهن ٻنهي پاسي ڦيرائي به ڏٺائين.
    ”توکي هي باغيچو وڻي ٿو؟ سهڻو آهي نه؟“ مس سدا بهار چنبيليءَ پڇيو.
    ”هائو، خاص ڪري جڏهن تون ان ۾ موجود آهين.“ سيٽان وراڻيو.
    هن سندس جملي جو مطلب سمجهيو، ۽ جذباتي ٿيڻ کان بچڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سيٽان فقط هڪ گراهڪ جي حيثيت رکي ٿو. هڪ گهڙيءَ لاءِ ته هوءَ ايڏو بي اختيار ٿي پيئي جو آئيندي لاءِ گيشا ٿيڻ کان انڪار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتائين. هن چاهيو ٿي ته هوءَ به هڪ عام انسان ٿي رهي ۽ نه هڪ ويڪائو مال. هن اهو چاهيو ٿي ته پاڻ تي لڳل گيشا مس سدا بهار چنبيليءَ جو ٺپو ڊاهي هڪ عام ڇوڪري ٿي وڃي جنهن کي هر قسم جي آزادي هوندي آهي ته جيڏانهن وڻيس تيڏانهن وڃي. جنهن سان وڻيس تنهن سان ملي. شايد باغ جي سونهن ۽ رومانيت هنن جي دل ۽ دماغ تي ايڏو ته گهرو اثرڪيو جو هوءَ سالن جي ورتل سکيا جا اصول به في الحال وساري ويٺي هئي. آخرڪار هوءَ به هڪ انسان هئي جنهن جي رت ۾ پڻ جذبات هئا ۽ سونهن لاءِ ڇڪ هئي.
    ۽ هي پهريون دفعو هو جو هن ڪنهن کان پنهنجي لاءِ تعريف ڀريل ٻول هڪ گيشا جي ناتي سان نه، پر پنهنجو پاڻ يعني مس ڪانو ماسايو لاءِ ٻڌا هئا. هن اهو به محسوس ڪيو ته سيٽان جي هن ۾ ڪا به لالچ ناهي ۽ ان کان علاوه سيٽان ۾ اها مڙيئي سٺائي آهي جيڪا ٻئي ڪنهن فارينر ۾ هجڻ جو هوءَ سوچي به نٿي سگهي. عينڪ بنا هن جو مهانڊو جيتوڻيڪ مشرقي نموني جو نه هو پر ان هوندي به سندس ڪي ڪي نقش تکا ۽ چٽا پٽا ٿي لڳا.”يو آر هئنڊسم“ (تون سهڻو آهين) هن مڙيئي ٿورو ڪوڙ کان ڪم وٺي سيٽان جي تعريف ڪئي.
    سيٽان جون اکيون پورجي ويون. ۽ پوءِ هن آهستي انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته هو ته ڪو سهڻو ناهي. ڀلا اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، جي سهڻو هجي ها ته سندس ملڪ ۾ ڪا ته ڇوڪري مٿس ضرور موهت ٿئي ها. گيشا هن جي من جي اُٿل پٿل چڱي ريت پروڙي ورتي. سندس عينڪ هٿن ۾ جهليندي، هن، آهستي پيار وچان پنهنجيون آڱريون سندس ڳچيءَ جي چوڌاري ڦيرائي کيس پاڻ ڏي ڇڪيو. ۽ اهو سوچڻ کان سواءِ ته جپان ۾ کلئي عام رستن ۽ پارڪن ۾ چمي ڏيڻ خراب ڳالهه سمجهي وڃي ٿي، هن سيٽان جي چپن تي چپ رکي چمي ڏني. پوءِ ٿوري ساعت لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڪنڌ ورائي پڪ ڪئي ته اوسي پاسي ۾ ڪو ماڻهو ته نه آهي. پري پري تائين ڪير به نه هو. اڪيلائي ۽ خاموشي ڇانيل ڏسي هن وري سيٽان کي پاڻ ڏي ڇڪيو ۽ پنهنجا چپ هن جي چپن سان چنبڙائي ڇڏيا. سيٽان ماٺ ئي ماٺ ڀت بڻيو بيٺو رهيو، انهيءَ ڊپ کان ڳالهايائين به نٿي ته متان بي خبري ۾ ڪو اهڙو جملو چئي وجهي جيڪو سندس محبوبه کي خراب لڳي.
    ”منهنجي خيال ۾،“ ڪانو ماسايو انگريزيءَ ۾ ايترو چئي وري وڌيڪ لفظ سوچڻ لاءِ ڪجهه دير ترسي چوڻ لڳي،”تون عينڪ کڻي نه پاءِ.“
    ”افسوس جو آئون پاڻ به پائڻ نٿو چاهيان، پر مون لاءِ پائڻ ضروري آهي.“ سيٽان چيو.
    بنا عينڪ جي جيتوڻيڪ هن کي چٽو ته ڏسڻ ۾ نه پئي آيو، پر ان هوندي به هو ايترو ڏسي سگهيو پئي ته سندس اڳيان بيٺل ڇوڪري ڪنڌ ڌوڻي رهي هئي. مس سدا بهار چنبيلي هڪ دفعو وري ٻوليءَ جي مسئلي سان ويڙهه ڪندي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ جيڪي ڪجهه هن چاهيو ٿي ان جا انگريزي لفظ سندس ڌيان ۾ اچي ويا: “Contact Lenses” (ڪانٽئڪٽ لينسز عينڪ بدران اکين جي ماڻڪيءَ مٿان رکڻ جا ننڍڙا شيشا).
    ٿوري دير وڌيڪ باغ ۾ گهمڻ ڦرڻ بعد مس سدا بهار چنبيليءَ ٽئڪسي گهرائي ۽ هو اتان روانا ٿي هڪ ٻي عمارت وٽ پهتا جيڪا سڄي ڪاٺ جي هئي ۽ صاف لڳي رهيو هو ته ڪو عبادت گهر آهي. اندر گهڙڻ لاءِ سيٽان در وٽ ڪجهه سڪا ڏنا ۽ بوٽ لاٿو. مندر جي اندر کاٻي پاسي سنهو فٽ پاٿ هو ۽ ساڄي پاسي ڏاڪن تي قطار ۾ رکيل پٿر جون مورتيون ائين ٿي لڳيون ڄڻ ڪنهن بادشاهه جي درٻار ۾ خدمتگار قطار ۾ ويٺل هئا ۽ اوچتو سندس ساهه نڪري ويو هجي ۽ هاڻ ايامن کان ائين پنڊ پهڻ ٿي پيا هجن.
    ”هزار ديوتائن جون مورتيون“ مس سدا بهار چنبيليءَ معلومات طور ڳالهه ڪندي، هن جي منهن ۾ نهاريو. سيٽان ماٺ ۾ سڀڪجهه ڏسندو هليو. اڳيان اڳيان هُوءَ هئي ۽ پٺيان هي. اڌ قطار مورتيءَ کي ڏسي هن عقيدت ۽ عزت وچان پنهنجيون مُٺيون ڀيڙيون ۽ پوڄا خاطر اڳيان ڪنڌ جهڪايو.
    سيٽان لاءِ اها ڳالهه نرالي ۽ نئين هئي ته هوءَ هڪ اهڙي پٿر جي ديوتا اڳيان جهڪي رهي هئي، جنهن کان هو بلڪل اڻ واقف هو. هن گوتم ٻڌ بابت ٿورو گهڻو ٻڌو ضرور هو پر هن ان اگيان ڪندڙ بابت پڙهيو بلڪل نه هو، جيڪو هندستان جو شهزادو سڌارٿا گوتم هو، جنهن حضرت عيسيٰ عه جي ڄمڻ کان به پنج ڇهه صديون اڳ سچ ۽ اندر جي روشني حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجيون محل ماڙيون ۽ تخت تاج ڇڏي ڏنا هئا، جنهن جي اثر هيٺ دنيا جا جيترا گهڻا ماڻهو آيا اوترا ڪنهن ٻئي فاني مخلوق جي اثر ۾ نه آيا. چين، برما، سريلنڪا جيان جپان تي به ٻڌ ڌرم جو اثر آهي ۽ اهو سوچي سيٽان پريشان ٿي ويو ته سندس ساٿڻ مذهبي طرح هن کان مختلف آهي. بهرحال گوتم ٻڌ جي مورتيءَ کان پوءِ باقي بيٺل پنج سئو بتن وٽان لنگهي هو مندر کان ٻاهر نڪتا.
    ٻاهر نڪري ڪانوماسايو واچ ۾ وقت ڏٺو ۽ پوءِ سيٽان ڏي منهن ڪندي هن کان پڇيو:
    ”هڪ ٻي به جاءِ ڏسڻ لاءِ هلون؟“
    جاءِ کڻي ڪهڙي به هجي. اهڙي سهڻي ساٿيءَ سان گڏ گهمڻ ڦرڻ لاءِ انڪار ڪير ٿو ڪري سگهي.
    ”ها ڀلي وٺي هل.“
    هڪ دفعو وري هنن ٽئڪسي ڪئي ۽ شهر ڏي روانا ٿيا. ٽئڪسي جتي اچي بيٺي اهو هڪ باغ هو. دروازي وٽ پهچي اندر گهڙڻ لاءِ هن ٽڪيٽ ورتي. باغ بيحد پراڻو، پر تمام صاف سٿرو هو. منجهس گلن ڦلن کان وڌيڪ گول پٿر جا رستا ۽ پاڻيءَ جون شاخون ۽ واٽر ڪورس هئا. هو ٻئي هڪ وڏي پٿر تي اچي ويٺا ۽ ڪا دير هڪ ٻئي کي غور سان ڏسندا رهيا. ان بعد هو پنهنجي مسافرخاني ڏي روانا ٿيا.
    مسافرخاني ۾ گهڙڻ سان بندري قد جي جپاني نوڪر هن دفعي نوان آندل وڏي سائيز جا چمپل سيٽان اڳيان رکي هن جي پيرن ۾ پائڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن هن ڏٺو ته اهي چمپل سندس مهمان جي پيرن ۾ بلڪل صحي اچي ويا ته ڏاڍو خوش ٿيو.
    مئنيجر سيٽان جي رُکي ۽ عجيب طبيعت کي ڌيان ۾ رکندي کيس ورانڊي ۾ وٺي آيو ۽ کيس ٻئي ڪمري ڏي اشارو ڪري ٻڌايائين ته سائين هي ڪمرو توهان لاءِ آهي. در وٽ سندس سامان به رکيو هو جيڪو هن کڻي اندر ڪيو. مئنيجر جي هلي وڃڻ کانپوءِ اڪيلائيءَ ۾ هو ڪمري جو جائزو وٺڻ لڳو. باٿ روم مغربي نموني جو هو جنهن ۾ هڪ ڪاٺ جو چورس ٽب به رکيل هو. قميص جا ٻيڙا کولي جهڙي هن قميص لاٿي ته در تي ٺڙڪو ٻڌائين. گنجيءَ ۾ ئي اڳتي وڌي هن درکوليو. هن سمجهو شايد مئنيجر آيو آهي پر هي اهو ڏسي وائڙو ٿي ويو ته ٻاهر مس سدا بهار چنبيلي پاڻ بيٺي آهي. هن کي ڪاٽن جو پلين آسماني ۽ اڇي رنگ جو ڪمونو پهريل هو، جيڪو تازو ڌوٻيءَ وٽان آيل ۽ ڪلف ڏنل ٿي لڳو. هوءَ بيحد پياري لڳي رهي هئي.
    بنا پڇڻ چوڻ جو هوءَ اندر گهڙي آئي ۽ ڪمري کي ڏسڻ لڳي. ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ هن کي اها شيءِ ملي ويئي جيڪا هن ڳولڻ چاهي ٿي، ڪاٽن جو اڇي ڪاري رنگ جو ڪمونو، يوڪاتا، ويڙهيو سيڙهيو خومچي ۾ رکيو هو. هن ان کي کڻي کوليو جيڪو گائون وانگر هو ۽ سيٽان کي اهو پائڻ لاءِ چيائين:”هي مردانو ڪمونو آهي ۽ ان کي جپانيءَ ۾ يوڪاتا سڏجي ٿو.“
    سيٽان يوڪاتا پائڻ لڳو ته هن سندس پتلون کي ڇڪي چيو:”يوڪاتا هن جي مٿان نه پائبو آهي. شاباش! ان کي لاهي ڇڏ.“ هاٽسي باٿ ۾ ڪپڙا لاهيندي هن جو ايترو حجاب ڀڄي چڪو هو سو پٺيرو ٿي هن پتلون لاٿي. ۽ پوءِ هيٺ جهڪي يوڪاتا کي پيرن تائين ڏٺائين. هن کي هيءَ عجيب ڊريس پسند آئي جيڪا هيٺ مرن تائين آئي ٿي. يوڪاتا جي وچ ۾ ڪپڙي جون پٽيون لڳل هيون جن کي ڇڪي هن اڳٺ وانگر ٻڌو.
    گيشا هن کي پسند جي نگاهه سان ڏسي واهه واهه ڪئي ۽ پوءِ کيس هٿ کان وٺي پنهنجي پهرين واري ڪمري ۾ وٺي آئي. ڪنڊ ۾ رکيل هڪ ننڍڙين ٽنگن واري ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪري پاڻ سامهون رکيل ٻي ڪرسيءَ تي هن ڏي منهن ڪري ويٺي. سندس چپن تي دل لڀائيندڙ مرڪ کيڏي رهي هئي. پوءِ وارن جي پويان هٿ وجهي پنهنجن ٻڌل وارن مان بڪل ڪڍي مٿي کي جهٽڪو ڏنو ته سندس وارن جون ڊگهيون چڳون ڪلهن تي پکڙجي ويون. هن پنهنجين آڱرين سان وارن کي ڦڻي ڏيندي پٺيان ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي اسپيشل گراهڪ ڏي جادو ڀريل نگاهن سان ڏٺو.
    کليل وارن سان هن جي سونهن ۽ شخصيت وڌيڪ نکري پيئي. سيٽان هن کي دل و جان سان چاهيو ٿي ۽ کيس سندس سخت ضرورت محسوس ٿي رهي هئي ۽ هو هن کي ذري گهٽ زور سان ڀاڪر پائڻ وارو ئي هو ته در تي کڙڪو ٿيو ۽ ڪم واري ڇوڪري بيئر جون ٻه ٿڌيون بوتلون ٽري ۾ رکي اچي حاضر ٿي.
    وڏي اندروني ڇڪتاڻ بعد سيٽان پنهنجو پاڻ سنڀاليو ۽ بيئر جو گلاس کڻي پيئڻ لڳو. نوڪرياڻي وچئين ٽيبل تي ڊنر لاءِ کاڌي جا پيالا ۽ پليٽون لڳائي هلي ويئي.
    پٽ تي پلٿ ماري ويهي کائڻ جو ڏانءُ اڃا به سيٽان کي نٿي آيو پر هاڻ مڙيئي گذارو ڪرڻ جهڙو سکي ويو هو.
    مس سدا بهار چنبيليءَ کي سنهي وڳي ۽ کليل وارن ۾ ڏسي هن جي دل اڌما کائي رهي هئي. هڪ گهڙيءَ لاءِ هن جي دل ۾ اهو نفساني خيال به آيو ته اجايو هن ڌار ڌار ڪمرن ۾ رهڻ لاءِ ضد ڪيو. جيڪر هو هڪ ئي ڪمري ۾ رهن ها. هن اخلاقيات جي اصولن کي دل ئي دل ۾ گهٽ وڌ ڳالهايو جن ڪارڻ اڄ هو ان مزي کان محروم رهجي ويو نه ته اڄ جي رات سندس زندگيءَ جي سونهري رات هجي ها.
    رات جي مانيءَ کان پوءِ هو ٻاهر مسافرخاني جي ڀرسان هڪ ننڍڙي باغيچي ۾ پسار لاءِ نڪتا. قسمين قسمين ۽ رنگين شين جا دڪان چوڌاري بلاڪن وانگر پکڙيا پيا هئا. هن هڪ دڪان تان پنهنجي محبوبه کي کارائڻ لاءِ مٺائي ورتي جا ٻنهي کاڌي. ڪمري تي واپس پهچڻ تي هنن جا ڪمرا سمهڻ لاءِ تيار هئا. ٽيبل ۽ ڪرسيون وغيره هٽائي جپاني نموني جا نرم هنڌ”فوتان“ ٻن ٻن وهاڻن سان گڏ هڪ ٻئي جي ڀر ۾ وڇايل هئا.
    ننڍڙي بلب وارو ٽيبل لئمپ ٻري رهيو هو جنهن جي تمام هلڪي روشني ڪمري ۾ پکڙيل هئي.
    سيٽان کي اها خبر نه پئي پيئي ته هن جي ساٿيءَ کي اهو محسوس ٿي رهيو آهي يا نه ته سندس دل ۾ ڪهڙي آنڌ مانڌ متل آآهي. ۽ گيشا کي اها پڪ نه پئي ٿي ته آيا هو ساڻس سچي محبت ڪري ٿو يا نه. پر کيس اها پڪ ضرور هئي ته هن شخص پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن عورت سان اڃا همبستري نه ڪئي آهي. جڏهن هو اٿي بيٺو ۽ در کان ٻاهر نڪري، اکين ۾ ڳوڙها آڻي کانئس موڪلايو ته هن پنهنجون جپاني ريتون رسمون ۽ اخلاقي حدون نظر انداز ڪري کيس کڻي پاڻ ڏي ڇڪيو. ڪن گهڙين لاءِ هوءَ کيس ڀاڪر ۾ جهلي بيٺي رهي ۽ پنهنجو پاڻ کي چميءَ لاءِ حاضر ڪري ڇڏيائين. ۽ جيڪي ڪجهه هن کي مليو ان کان وڌيڪ پاڻ ڏنائين، ۽ پوءِ ڪمري جو دروازو گهرڪائي بند ڪرڻ وقت هن کي اهو لڳو ته آمريڪن ماڻهن بابت جيڪي ڪجهه هن ڳالهيون ٻڌيون هيون، گهٽ ۾ گهٽ اهي سيٽان سان لاڳو نه هيون
    ***


    ڇهه

    سومر جي صبح جو رچرڊ سيٽان جرڪندڙ چهري سان ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي آفيس ۾ جيئن ئي گهڙيو ته ريڪو پري کان ئي سندس خوشيءَ کان ٻهڪندڙ منهن ڏسي سمجهي ويئي ته سيٽان جا گذريل ٻه ڏينهن تمام سٺا گذاريا آهن ۽ پڪ ماڪورا گاني _ وهاڻي واري عياشي پڻ ڪئي اٿس.
    تازين جنگين ڪري جپان ۾ ڇوڪرين جو تعداد تمام گهڻو ۽ مردن جو گهٽ ٿي وڃڻ ڪري ڪنهن خوش نصيب ڇوڪريءَ کي ئي ڪو بواءِ فرينڊ يا مڙس مليو ٿي ۽ سندس جواني سجائي ٿي ٿي.”ڪالهوڪيون ٻه راتيون مس سدا بهار چنبيليءَ ڪنهن مرد سان گذاريون ڪمپنيءَ کي ان لاءِ چَٽي ڀرڻي سا پيئي.“ مس ريڪو اهو سوچيندي هي به سوچڻ لڳي ته اهڙيون راتيون ڪڏهن سندس زندگيءَ ۾ اڃا نه آيون آهن. ڪنهن ڪنهن وقت هن ڪيڏي نه ملولائي محسوس ڪئي ٿي. هن پنهنجو گهر چاهيو ٿي، ان سان گڏ ٻار پڻ.
    اهو ڏسي ريڪو کي تعجب لڳو ته سيٽان اڳيان لنگهي هن وٽ ائين اچي بيٺو ڄڻ هوءَ ڪا اهم شخصيت هجي.
    ”اوهيو گو ذائي ماس، ريڪو سَان“ (صبح خير، ريڪو صاحبه)
    ”اوهيو گو ذائي ماس، سيٽان سَان.، (صبح خير، سيٽان سائين) اميد ته موڪل جا ڏينهن سٺي طرح گذريا هوندا.“ جيتوڻيڪ هن کي اهو پڇندي شرم پئي آيو، پر هن بنا هٻڪ جي پڇي ورتو.
    ”جي ها، ريڪو، مون کي ڏاڍو مزو آيو. ڀلا ريڪو ٿوري دير لاءِ اندر ڪانفرنس روم ۾ هلندينءَ؟“ سيٽان پڇيو.
    ڪانفرنس روم ۾ گهڙي سيٽان اندران ڪنڍو ڏنو ته ريڪو گهٻرائجي ويئي.
    ”پهرين ته ريڪو تنهنجي تمام وڏي مهرباني جو تو مون لاءِ ههڙي سٺي پروگرام جو بندوبست ڪيو. اري گاتو گو ذائي ماس (مهرباني).“ اهو ٻڌي ريڪو سڪون جو ساهه کنيو نه ته هن ته سمجهيو ته سيٽان الائي ڇا ٿو ڪري.
    ”مون کي مسافرخانو ڏاڍو پسند آيو. پر هنن اسان لاءِ فقط هڪ ڪمري جي ريزرويشن ڪئي هئي. مون کي کين اهو سمجهائڻ ۾ چڱي دقت پيش آئي ته اسان کي هڪ نه پر ٻه ڪمرا گهرجن.“
    ”ٻه ڪمرا؟“ ريڪو تعجب مان پڇيو،” توکي فوتان(جپاني هنڌ بسترو، جيڪو پٽ تي وڇايو ويندو آهي) پسند نه آيو ڇا؟“ هن جي دماغ ۾ ته اهائي ڳالهه اچي سگهي ٿي.
    ”نه اها ڳالهه ناهي. مونکي فوتان ته تمام گهڻو پسند آيو. اهو پهريون بسترو مون کي هتي جپان ۾ ئي نصيب ٿيو جنهن تي آئون چيلهه سڌي ڪري آرام سان سمهي سگهيس.“ ريڪو جي اکين ۾ سوال جا نشان ڏسي، سيٽان کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي:”ڳالهه هيءَ آهي ريڪو، مون کي مس سدا بهار چنبيليءَ لاءِ دل ۾ عزت آهي.“
    ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ ريڪو پڇيس: ”توهان جو مطلب آهي ته توهان کي هوءَ وڻي ٿي.“
    ”جي ها. مون کي هوءَ بلڪل وڻي ٿي، پر هن دنيا ۾ اڃا ڪيترائي انسان پيا آهن جيڪي ان ڳالهه ۾ يقين رکن ٿا ته شاديءَ بعد ئي ڇوڪري سان گڏ سمهڻ کپي.“
    ريڪو اهو ٻڌي واقعي حيرت ۾ پئجي ويئي. فارينرن کي سمجهڻ واقعي هن جي وس جي ڳالهه نه هئي، سو هن وڌيڪ ڳالهائڻ کان پرهيز ئي ڪئي.
    ساڳي ئي وقت ماتسوموتو ڪمپنيءَ جو مالڪ مسٽر ماتسوموتو به اهائي خبر ٻڌي رهيو هو جنهن تي واقعي اعتبار ڪرڻ ڏکيو ٿي لڳو. گيشا هائوس وارن فون ڪري کيس ٻن ڏينهن جي خرچ جو حساب ٻڌايو ته مس سدا بهار چنبيلي جنهن جي ڪلاڪ جو اگهه هيترو آهي سا هيترا ڪلاڪ توهان جي مهمان سان گڏ رهي ۽ ٽوٽل هيترو بل توهان جي بلي ٿيو.
    جيتوڻيڪ اهو خرچ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ جيترو هو، پر ان هوندي به اهو ان خطرناڪ بل کان گهڻو گهٽ هو جنهن بابت هو سوچي رهيو هو. ڇاڪاڻ جو سيٽان مس سدا بهار چنبيليءَ کان ماڪورا گاني يعني وهاڻي واري عياشيءَ (همبستري) جي گهر نه ڪئي هئي جيڪا انڊو پاڪستان جي بُوليءَ واري رسم کان به ڳري اگهه وار ي ٿئي ٿي. گيشا گهر کان کيس اهو به ٻڌايو ويو ته جيئن ته سيٽان صاحب هڪ سٺي گراهڪ وانگر هن قيمتي ملڪيت مس سدا بهار چنبيليءَ سان، تمام گهڻي خيال ۽ خبرداريءَ سان پيش آيو آهي ان ڪري آئيندي لاءِ مس سدا بهار چنبيليءَ جي مڙني گراهڪن ۾ کيس وڌيڪ ترجيح ۽ اهميت ڏني ويندي.
    سيٺ ماتسوموتو ڳالهه ٻڌي فون رکيو. هن ڪيترا دفعا پنهنجن وڏن کي ياد ڪري دعا گهري هوندي ته ان گيشا جي شل ڪا ٽنگ ٻانهن ڀڄي ته اسان جي جان ڇٽي. پر ائين ٿيڻ اڻ ٿيڻو هو سو هاڻ هن کي ٻيو ئي ڪجهه سوچڻو پيو. هن اڳهين فوتابا کي چئي ڇڏيو هو ته اڄ رات لاءِ سيٽان کي ماني ۽ ٿيٽر ۾ ڊرامي ڏسڻ جي دعوت ڏجانءِ، جيئن گهٽ ۾ گهٽ گيشا تي ٿيندڙ اڄ جي خرچ کان ته بچت ٿي وڃي.
    ريسرچ ۽ ڊيولپمينٽ سيڪشن ۾ سيٽان ڪمپنيءَ جي جپاني انجينئر فيوجي هارا سان پروجيڪٽ تي ڳالهائي رهيو هو جو فوتابا اچي نڪتو ۽ ڊنر لاءِ دعوت ڏنائينس جيڪا هن خوشيءَ سان قبول ڪئي.
    سيٽان اڄ ڪم ۾ ايڏو ته رڌل رهيو جو وقت گذرڻ جو به هوش نه رهيس. منجهند جي مانيءَ تي به دير ٿي ويس. جنهن بعد فئڪٽري بند ٿيڻ جو وقت ٿي ويو. اڄ گهربل اليڪٽرانڪ مشين جي اسيمبليءَ ۾ ڪم ايندڙ سڀ پرزا ٺهي راس ٿيا هئا. انهن کي ٻئي ڏينهن صبح جو ڳنڍي گهربل ٽيسٽنگ مشين ٺاهڻي هئي. سيٽان رات جي ماني فوتابا سان گڏ ٽوڪيو جي مشهور امپيريل هوٽل ۾ کاڌي. فوتابا کي انگريزي گهٽ ٿي آئي. ان ڪري ڪچهري گهڻي ٿي نه سگهي ۽ ماٺ ۾ پيٽ ڀري کائڻ جو سٺو موقعو ملي ويس. بهرحال سيٽان اهو ضرور اندازو لڳائي ورتو ته فوتابا جي بيحد دلچسپ شخصيت ٻوليءَ جي قيد ۾ ڦاسيو ڇيتيون ڇيتيون ٿيو پوي.
    جپاني ٻوليءَ ۾ لام جو اچار نه هجڻ ڪري ڪيترائي جپاني لام اچاري نٿا سگهن. پوءِ انگريزي ڳالهائڻ وقت جتي ايل(L) اچي اتي آرR اچارين. سو فوتابا جي انگريزي به گرامر جي چُڪن سان گڏوگڏ اچارڻ ۾ به اهڙي ئي هئي. جڏهن ماني ختم ٿي ته فوتابا مڙيئي هڪ انگريزي جملو ڳالهائڻ جو بندوبست ڪيو:
    (You liking beautiful Girls? Seen plenty tonight no clothes. Nichi Geki Music Hall one block only. Walking okay?)
    (”نيچي گيڪي ميوزڪ هال ۾ هلندئو. تمام سهڻيون ڇوڪريون اگهاڙيون ٿي ڊانس ڪن ٿيون. فقط هڪ بلاڪ پري آهي. پنڌ ئي هلون؟“ هن جو مطلب هو)
    ”ها ڀلي پنڌ ئي سهي.“ سيٽان مڃيو.
    اسٽيج تي پهرين جپاني ڇوڪرين بنا انگين جي ڊانس ڪئي. جيتوڻيڪ ناچ ۾ آمريڪا ان کان وڌيڪ مشهور آهي، پر سيٽان ڪڏهن به اتي اهڙين ڳالهين ۾ دلچسپي نه ورتي هئي. سو هتي هي پهريون دفعو ان قسم جو ناچ ڏسي پهرين ته هن کي عجيب لڳو پر پوءِ جپاني ڇوڪرين جون ننڍڙون پر سَوٽُ ڇاتيون جانچي ڏسڻ ۾ لڳي ويو. آخر ۾ هڪ آمريڪن ڇوڪريءَ پنهنجي ناچ جو مظاهرو ڪيو ۽ نچندي نچندي پنهنجي جسم جا جڏهن ڪپڙا لاٿا ته ماڻهن ان کي سڀ کان گهڻو داد ڏنو.
    ”آل ويز ون فارينر“ (هر ڀيري هڪ فارينر جو ناچ ضرور ڏيکاريندا آهن.) فوتابا ٽيليگرام واري زبان ۾ چيو،”هتي جپان ۾ آمريڪن عورتن کي تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو.“
    سيٽان اهو سوچي فرحت محسوس ڪئي ته چڱو جو سندس ماءُ جو دور لنگهي ويو ۽ وڃي قبر ۾ آسودي ٿي ۽ هي اگهاڙا ناچ سڀ پوءِ شروع ٿيا، جن واهيات ڳالهين جي هوءَ سخت خلاف هئي. سندس پيءُ جي وفات بعد کيس ماءُ نپائي وڏو ڪيو هو ۽ تمام گهڻو مذهب سان لاڙو هجڻ ڪري هن سيٽان جو نيپاج به ڪجهه اهڙو ئي ڪيو ۽ کيس سخت اخلاقي حدن اندر رکيو. سند وفات کان پوءِ جيتوڻيڪ هر ڳالهه سيٽان جي مرضيءَ تي ڇڏيل هئي، پر ته به هو ڪافي حد تائين اخلاقيات جو ساٿ قائم رکندو هليو. ٿيٽر ختم ٿيڻ کان اڳ جڏهن آخري دفعو سڀني سهڻين ڇوڪرين کي هڪ ئي قطار ۾ بيهاري پيش ڪيو ويو ته سيٽان پهريون دفعو دل کولي تاڙيون وڄايون ۽ ناچ جي تعريف ڪئي.
    هوٽل تي موٽڻ وقت هن کي جارج ساڪاموتو طرفان ملايل ڇوڪري نارما جو نياپو مليو ته آڌي رات کان اڳ، ڪنهن وقت هوءَ وري فون ڪندي. فوتابا کان موڪلائي سيٽان پنهنجي ڪمري ۾ آيو ۽ جيمس بانڊ جي اسٽائيل سان فون کڻي نارما سان ملايائين.
    نارما جي آواز ۾ ساڳي پنهنجائپ هئي:”ڊِڪ! مون تو لاءِ هڪ پروگرام رٿيو آهي. تو ڪڏهن سومو(جپاني ملهن جو ملاکڙو) ڏٺو آهي؟ جپان جي پراڻي ثقافت آهي ۽ اهو ملاکڙو صدين کان هلندو اچي. سڀاڻ رات لاءِ مون وٽ ان جون ٻه ٽڪيٽون آهن. تون اوڏانهن هلڻ وقت مون کي به کڻندو هلجانءِ.“
    ”بلڪل، مون طرفان پڪ ئي سمجهجانءِ،“ سيٽان گرمجوشيءَ سان وراڻيو.
    ”تمام سٺو. آئون جوڊو ڪراٽي جي آکاڙي تي هونديس جتان مون کي ڇهين بجي ڌاري کنيو هلجانءِ. چڱو ڊڪ، وڌيڪ سڀاڻي، في الحال شب خير.“
    ”شب خير“ سيٽان کي پنهنجا ڳالهايل لفظ وات مان نه پر نڙيءَ مان نڪرندا محسوس ٿيا ۽ نارما جي فون رکڻ بعد به ڪا دير هو فون هٿ ۾ جهلي سوچيندو رهيو. نارما قهر جي سهڻي ڇوڪري آهي. هونءَ هن جو ارادو مس سدا بهار چنبيليءَ کي دعوت ڏيڻ ۽ ان سان گڏ شام ملهائڻ جو هو. پر هن صبر کان ڪم وٺڻ ۾ پنهنجو فائدو سمجهي في الحال نارما سان انڪار به نٿي ڪرڻ چاهيو ۽ نه وري مس سدا بهار چنبيليءَ سان پروگرام پڪو ٿي ڪيو.
    ٻئي ڏينهن منجهند جو ٽي بجي ڌاري ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي پوڙهي مالڪ ماتسوموتو سڪون جو ساهه کنيو ۽ خوشي محسوس ڪئي جو ٻه ڏينهن گذري چڪا هئا پر ۽ سندس آمريڪن مهمان، سيٽان ٽوڪيو جي مهانگي گيشا جو نالو نه کنيو هو ۽ ظاهر آهي في الحال ڪمپنيءَ جو ڪجهه ته خرچ بچيو.ماتسوموتو ڪو مهمان نوازيءَ کان ڀڳو نٿي، پر اکين اڳيان نظر ايندڙ ڏيوالپڻي هن کي منجهائي رکيو هو. ياماگچيءَ کي گهرائي حالات جو جائزو وٺڻ لاءِ چيائين:
    ”آئون پنهنجن وڏن کان دعائون گهري رهيو هوس،“ هن چيو،” ته ڪنهن پَر سيٽان جي هن گيشا مان جان ڇٽي، پر اهي دعائون اگهامڻ بدران ماڳهين نارما اچي نازل ٿي آهي جيڪا اسان لاءِ ويتر نقصانڪار ثابت ٿيندي، جنهن جو مقابلو اسان مس سدا بهار چنبيلي جهڙي گيشا سان ڪيئن ٿا ڪرائي سگهون. نارما انگريزي سٺي ڳالهائي ٿي ۽ ساڪاماتو جارج جي ڪمپنيءَ سان هن جو پڪو ۽ يڪو واسطو آهي، جيڪو اڄ ڪلهه فلپائين پڻ روانو ٿيڻ وارو آهي ۽ آئون نٿو سمجهان ته فلپائين وارا اسان کي ٺيڪو ڏيڻ لاءِ ڪا نظر ثاني ڪندا.“
    ان ئي ويل ماتسوموتو جي فون جي گهنٽي وڳي. فون گيشا گهر کان هو ۽ پوڙهي انچارج ماماسان چئي رهي هئي ته مس سدا بهار چنبيليءَ جي اڄ شام لاءِ هڪ ٻئي گراهڪ گهر ڪئي آهي. پر جيڪڏهن هنن کي پنهنجي مهمان سيٽان لاءِ اڄ ضرورت هجي ته پوءِ هوءَ ان خاطر ٻئي گراهڪ کي جواب ڏئي ڇڏين. ماتسوموتو خوشيءَ وچان کيس ٻڌايو ته هو ڀلي مس سدا بهار چنبيلي ڪنهن ٻئي گراهڪ لاءِ بُڪ ڪري ڇڏي.
    ”هڪ ڳالهه منهنجي ڌيان ۾ هينئر هينئر ائي آهي،“ ياماگچيءَ چيو:”سيٽان سانَ کي ڪيوٽو شهر گهمڻ ۾ ڏاڍو مزو آيو هو. ڇو نه اسان هن کي جپان جا ٻيا شهر گهمائڻ جي پڻ آڇ ڪريون. گيشا جي هڪ يا ٻن ڪلاڪن جيترا اسان کي پئسا ڏيڻا ٿا پون ان کان وري به گهٽ خرچ ايندو.“
    ماتسوموتو کي اها ڳالهه وڻي.”واهه واهه. هينئر ئي وڃي سيٽان کي دعوت ڏئي اچي. سندس ملڪ وڃڻ ۾ باقي ڪو هفتو کن مس آهي ۽ ائين ڪرڻ سان پنهنجي ڪجهه مڙيئي کل بچي پوندي.“
    ياماگچي جڏهن سيٽان وٽ پهتو ته هو ٻانهن جا ڪف مٿي کنجي پنهنجي تيار ڪيل مشينري جي نموني کي ڪنهن خاص اوزار ذريعي چڪاسي رهيو هو. اهو عجيب قسم جو اوزار آمريڪا کان هن پاڻ سان آندو هو. ان کي ڏسي مسٽر ياماگچيءَ جي دل ۾ آمريڪن لاءِ عزت پيدا ٿي جن اهو اوزار ايجاد ڪيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪن اهي ماڻهو آهن جيڪي ڪنهن به شيءِ جي کڻي نه پر اعليٰ ٽيڪنيڪل تهذيب جي هام هڻي سگهن ٿا.
    ان ئي وقت ريڪو به رڙهي اچي اتي بيٺي ته متان ياماگچيءَ ۽ سٽان کي ترجمي جي ضرورت پوي. ياماگچيءَ ڪجهه پنهنجي انگريزيءَ ۾ ۽ گهڻو تڻو ريڪو جي ترجمي ذريعي سيٽان اڳيان جپان گهمڻ جي دعوت پيش ڪئي.
    ”اها ته منهنجي دل وٽان ڳالهه آهي، مسٽر ياماگچي!“ سيٽان شوق منجهان چيو.”پر مون کي اهو خيال ٿو ٿئي ته ائين ڪرڻ سان ڪمپنيءَ تي خرچ جو بار نه پوي.“
    ياماگچيءَ هن کي دلداري ڏني ته خرچ جو هو بلڪل نه سوچي، بلڪه ڪمپنيءَ کي ان قسم جي مهمان نوازي ڪري خوشي ٿيندي. پوءِ اوچتو ياماگچيءَ شام جيمانيءَ لاءِ پڻ سيٽان کي چيو.
    ”مون کي افسوس آهي،“ سيٽان وراڻيو،”اڄ منهنجي هڪ آمريڪن ڇوڪري سان ملاقات رٿيل آهي جنهن کي ساڻ وٺي سومو ملاکڙي تي ويندس.“
    اهو بڌڻ سان ياماگچيءَ کي يڪدم مونجهه ورائي ويو ۽ دل سست ٿيڻ لڳس. هن کي خبر هئي ته اها آمريڪن ڇوڪري ڪير ٿي سگهي ٿي. حالات کي منهن ڏيڻ لاءِ فقط هڪ ئي طريقو هو مس سدا بهار چنبيليءَ جون خدمتون وري حاصل ڪرڻ. جيتوڻيڪ اڄ لاءِ ته هوءَ هٿن مان نڪري ويئي ۽ ٿي سگهي ٿو ته سندس اڄ جو گراهڪ ٻيو ڪو نه، پر ساڪاموتو ئي هجي، جنهن سيٽان کي گيشا کان ٽارڻ ۽ نارما جي ڦندي ۾ ڦاسائڻ لاءِ اها سٽ سٽي هجي.
    سيٽان پوري وقت تي جوڊي ڪراٽي جي آکاڙي، ڪوڊوڪان ۾ پهتو. ڏاڪڻ تان چڙهي اچي ڪرسيءَ تي ويٺو. جوڊي جا سڀ رانديگر اڇي رنگ جي ڪاٽن واري وڳي ۾ هئا، جن جي چيلهين تي سائو، ڀورو يا ڪارو بيلٽ ٻڌل هو.
    بيل وڄڻ تي هڪڙي مئچ ختم ۽ ٻي شروع ٿي ٿي. سيٽان جي نظر سگهو ئي نارما تي پيئي جيڪا گوتم ٻڌ جي مورتيءَ وانگر بنا چرپر جي سيٽيو بيٺي هئي. انچارج ٻن ڄڻڻ جا نالا ورتا. ٻه رانديگر پنهنجين جاين تان اٿيا هڪڙو هڪڙيءَ ڌر جو هو ۽ ٻيو ٻيءَ جو. هڪ ٻئي ڏي منهن ڪري پُر تڪلف انداز ۾ نوڙيا ۽ پوءِ حڪم ملڻ سان ٻنهي هڪڙي وک وڌائي هڪ ٻئي تي حملو ڪيو ۽ هڪ ٻئي کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي. آخرڪار هڪڙو ڄڻو ٻئي جي دڏ سان وڃي لڳو. پير نڪري ويس ۽ ايپان“ (ريفريءَ) اعلان ڪري کٽندڙ ڏي هٿ جو اشارو ڪيو. هارائيندڙ پنهنجي جاءِ وٺڻ کان اڳ وري وري جهڪيو.
    ”نارما.“ انچارج هاڻ نارما کي مقابلي لاءِ سڏيو.
    نارما اڳتي وڌي آئي ۽ اڳئين راند جي کٽيندڙ جيڪو قدبت ۾ ڇوڪريءَ کان مضبوط ٿي لڳو تنهن جي سامهون مقابلي لاءِ اچي بيٺي. هڪ دفعو وري رسم موجب جهڪڻ ٿيو. ان بعد ويڙهه شروع ٿي ويئي. نارما سان مقابلو ڪرڻ وارو جيتوڻيڪ کانئس پهلوان هو پر هن کي نارما مٿي کڻي پٺيان هيٺ ڦهڪو ڪرايو ۽ ان ئي وقت ريفريءَ نارما جي کٽڻ لاءِ ”ايپان“ چيو.
    ان بعد نارما جو جنهن سان مقابلو ٿي رهيو هو اهو نارما کان عمر ۾ ٿورو وڏو ۽ تجربيڪار ٿي لڳو. اڌ منٽ تائين نارما پنهنجن پيرن تي بيٺي رهي پر پوءِ حملي ڪندڙ هن کي مٿان ڦيرائي کڻي هيٺ تڏي تي ڦهڪو ڪرايو. ريفريءَ”ايپان“ چئي مقابلي جو نتيجو ٻڌايو. سيٽان جو خوف مان وات پٽجي ويو، پر نارما تي ڄڻ اثر ئي نه ٿيو. هڪدم اٿي بيٺي ۽ پنهنجي سگهاري کٽيندڙ همراهه سان کلي ڳالهائڻ لڳي.
    ان بعد نارما سيٽان سان اچي ملي ۽ ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪري آيا.
    ”ڪهڙو حال آهي؟ بچي ته وئينءَ؟“ سيٽان پڇيو. ”آئون سامهون بالڪنيءَ مان ڏسي رهيو هوس. منهنجو ته......“
    نارما کليو.”اهڙا ته مون هزارين ڌڪ کاڌا هوندا. ان کان پوءِ ئي مون کي ڪارو بيلٽ مليو آهي. ڌڪ ڪيئن پچائي وڃجي اهو پڻ هتي سيکارين ٿا.“
    اتان نڪري هو پهرين شهر کان ٻاهر هڪ ننڍڙي ريسٽورنٽ ۾ اچي ويٺا، جنهن ۾ مغربي نموني جون ٽيبل ڪرسيون رکيل هيون، جيئن فارينر اچڻ جي ڪشش محسوس ڪن.
    ”اچو ته ٽئمپورا کائون، مکڻ۾ تريل سامونڊي کاڌو ۽ ڀاڄيون.“ نارما چيو.”شهر جي سٺين جاين مان هيءَ به هڪ آهي.“ هن بئري کي آرڊر ڏنو.
    ”مسٽر ساڪاموتو ڪيئن آهي.“ سيٽان پڇيو.
    ”خوش آهي. توکي ڏاڍو چاهي ٿو. هو تنهنجي لاءِ چوندو رهي ٿو ته تون تمام قابل ماڻهو آهين.“
    سيٽان حجاب کان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو.
    ”توهان کي جپان ۾ رهندي ڪيئن محسوس ٿو ٿئي؟“ سيٽان پڇيو. جيتوڻيڪ کيس خود عجيب لڳي رهيو هو اهو سوال ڪندي. پر هن مڙيئي ڪجهه ڳالهائڻ خاطر کڻي پڇيو.
    ”تمام سٺو لڳي ٿو. مون کي آمريڪا سان به پيار آهي، پر اتي جلدي ٿڪجيو پوان ٿي.
    ”توهان کي ڀلا جپان ڪيئن ٿو لڳي؟“ نارما هن کان ٻيو سوال ڪيو.
    ان وقت هن جي ڌيان ۾ مس سدا بهار چنبيلي ڦرڻ لڳي ۽ ان سان گڏ اهو باغيچو پڻ، جتي هن کي پهريون دفعو چمي ڏني هئائين.
    ”آئون ڪڏهن به ايترو خوش نه هوس جيترو هتي جپان ۾ اچي ٿيو آهيان.“ هن دل جي گهراين مان چيو.
    نارما ڪجهه گهڙين لاءِ پنهنجو هٿ هن جي مٿان رکندي چيو:”ڊِڪ! ڳالهه هيءَ آهي ته زندگيءَ جا ڪي ڪي پهلو ڀرپور نموني گذاريندي توکي خوف ٿو ٿئي.“
    بئرو ٽئمپورا ۽ ٻين شين جا ڊش کڻي حاضر ٿيو. سيٽان کي کائڻ جو طريقو سمجهه ۾ نه آيو، پر پوءِ نارما کي ڏسي پاڻ به ائين ٽئمپورا جا ذرا کڻي ناسي رنگ جي چٽڻيءَ مان ٻوڙي کائڻ لڳو. اهو واهه جو کاڌو هو. هن پنهنجو پاڻ کي چيو،”هڪ اها بور زندگي هئي جيڪا آئون آمريڪا ۾ گذاري رهيو هوس.“ پر هاڻ هن ان زندگيءَ کي ڄڻ طلاق ڏئي ڇڏي هجي.
    ماني کائڻ بعد هو ٽئڪسي ڪري ملاکڙو ڏسڻ لاءِ سومو هال ۾ آيا جيڪو ماڻهن سان ڀريو پيو هو. وچ تي ننڍڙو آکاڙو هو. هنن کي آکاڙي جي ڀر ۾ پٽ تي وڇايل تڏي تي ويهڻ لاءِ جاءِ ملي. نارما جپاني نموني سان کڙين تي ٿي ويٺي، پر سيٽان پلٿ ماري ڪڏهن هڪ پاسي پير تي ته ڪڏهن ٻئي پير تي پنهنجو بار ٿي رکيو. ملاکڙي لاءِ پهرين ريفري هٿ ۾ ڪاغذ جو پکو لوڏيندو آيو ان کان پوءِ ٻه سومو پهلوان، جن کي مقابلو ڪرڻو هو، اهي آيا. ڳري جسامت وارن هنن همراهن کي فقط سنهڙا ڪڇا پيل هئا.
    جيستائين ملهه جو سوال آهي، سيٽان محسوس ڪيو، ته سومو سخت بور قسم جي راند آهي. ملهه بذات خود ته سيڪنڊن جي به نه آهن پر ان کان اڳ جا ساٺ سوڻ، ٻائي جو پرارٿنائون، پاڪ لوڻ جي ڇڻڪار، ڏسڻ واري جو ڄڻ مٿو ئي ڦيرائي ٿا ڇڏين ۽ پوءِ وڃي اصلي ملهه شروع ٿئي ٿي، جيڪا ڪي چند سيڪنڊئي هلي ٿي. هڪ پهلوان ٻئي کي ٿيلهو ڏيندو ۽ هو دائري کان ٻاهر وڃي ڪرندو يا جي هو ٿيلهو بچائي ويو ته ٿونو هڻندڙ پهلوان پاڻ ترڪي وڃي ٻاهر ڦهڪو ڪندو ۽ ملهه ختم. هڪڙا پهلوان هلن وري ٻيا اچن. وري ساڳيا ساٽ سوڻ، ساڳيا کٽراڳ. هڪ يا ٻه ملهون مزو ڏين ٿيون باقي مقرر ٽائيم تائين ويهي هيءَ ملهه ڏسڻ زوريءَ زهر ڳهڻ جي برابر ٿيو.
    آخرڪار، نارما پنهنجو هٿ سيٽان جي ٻانهن تي رکي چيو:”جيڪڏهن ملهن ڏسڻ مان دل ڀرجي وئي هجئي ته ٻڌاءِ ته هليا هلون. در اصل ساشي ميءَ (جپاني ڪچي مڇيءَ) وانگر هيءَ سومو ملهه به جسين ڪجهه دفعا کائجي يا ڏسجي نه تيسين مزو مُور نٿو اچي. چڱو هل ته هلي منهنجي فليٽ تي ڪجهه شراب پيئون.“
    نارما جو فليٽ جيتوڻيڪ ننڍو هو، پر تمام سهڻي نموني سان سينگاريل ٿي لڳو. منجهس جيڪي آرٽ جون شيون رکيل هيون سي جيتوڻيڪ مغربي نموني جون هيون، پر سندن ڊيزائين مشرقي هئي. اندر گهڙڻ تي نارما سيٽان جي بريف ڪيس وٺي پاسي تي رکي ۽ کيس بوٽ ۽ ڪوٽ لاهي هلڪو ٿي آرام سان ويهڻ لاءِ چيو.
    سيٽان به اهو بهتر ۽ صحيح سمجهي سندس صلاح جي پوئيواري ڪئي ۽ سولو ٿي ڪوچ تي ويٺو. تيسين نارما بيڊروم جي گهرڪندڙ دروازي مان اندر ويئي ۽ ٿوري دير بعد سلڪ جي اڇي ۽ سنهي وڳي ۾ ٻاهر نڪتي جنهن جون ٻانهون ڪمونو وانگر ويڪريون هيون. جيئن ئي سيٽان جي ڀر مان لنگهي ننڍڙي بار ڏي ويئي ته سيٽان کي محسوس ٿيو ته يڪي چوغي جهڙي چولي هيٺان نارما کي نه انگي آهي نه ڪڇو. سيٽان کان سندس پسند جو شراب پڇڻ بنا هوءَ پنهنجي مرضيءَ تي ڊبل سائيز جا ٻه گلاس ٺاهي ائي ۽ اچي ڪوچ تي هن جي ڀرسان ويٺي.
    ”ٿڪُ محسوس ڪري رهيو آهين؟“ نارما پنهنجي گلاس مان ڍُڪ ڀري سيٽان کان پڇيو.
    ”هائو.“ هن قبول ڪيو. ” پر اسان هر روز ڪافي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ جنهن رفتار سان ڪم هلي رهيو آهي، مون کي لڳي ٿو ته پنهنجي گهر هفتي کن اندر پهچي ويندس.“
    نارما پنهنجو گلاس هيٺ رکي هن سان وڌيڪ لڳي ويٺي ۽ چيو:”پنهنجون اکيون بند ته ڪجو.“ سيٽان چيو مڃيو ۽ اکيون بند ڪرڻ سان نارما جو جسم پنهنجي جسم سان لڳندي محسوس ڪيو. نارما پنهنجا گرم چپ سندس چپن تي پورن ٽن سيڪنڊن لاءِ رکيا، ۽ پوءِ پري ٿي ويٺي. ”مونکي پنهنجي ان مشينريءَ بابت ته ٻڌاءِ جنهن جي لاءِ تون آمريڪا کان آيو آهين.“ هن هڪدم چيو، پر سندس لهجي مان صاف بکي رهيو هو ته هن اها ڳالهه پڇڻ لاءِ وَٽُ کاڌو آهي.
    سيٽان پنهنجي عينڪ اکين تي صحيح ڪندي سولو ويهڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن پاسا ورايا ۽ چيو:”اها هڪ نئين پيچيده قسم جي اليڪٽرانڪ مشين آهي، جنهن ذريعي ٻيون مشينون ٽيسٽ ڪري سگهبيون. ماتسوموتو ڪمپنيءَ جا ماڻهو اها شيءِ اسان لاءِ ٺاهي رهيا آهن.“
    نارما پنهنجو گلاس کڻي وري ڍڪ ڀريو.
    ”ڊڪ! تون ساڪاموتو کان به کڻي ان جو اگهه پڇ ته هن جي ڪمپني اها مشين گهڻي ۾ ٺاهي سگهندي. پڇڻ ۾ ڇاهي.“
    سيٽان پنهنجي گلاس مان ڍڪ ڀري چيو:”آئون پاڻ به اهوئي چاهيان ٿو، پر اسان ان ڪاروبار جو وعدو ماتسوموتو وارن سان ڪري چڪا آهيون.“
    نارما بيحد آرام سان ڳالهايو:”ساڪاموتو، ماتسوموتو جي گراهڪن پويان ناهي، پر آئون هڪڙي ڳالهه ٿي ڪريان ته ماتسوموتو جي فئڪٽريءَ ۾ باهه ٿي لڳيو وڃي يا ڪو ٻيو ڪجهه اهڙو اتفاقي حادثو پيش اچي، ته توهان لاءِ ساڪاموتو جهڙو ماڻهو ساڳي وقت هڪ وڏي مدد ثابت ٿي پوندو.“
    سيٽان ٿورو پٺيان جهڪي پنهنجي ٿڪل دماغ کي آرام ڏنو. ”جيڪڏهن آئون توکي ان مشين جا نقشا ڏيان ته تون ساڪاموتو تائين پهچائيندينءَ؟“
    ”ڇو نه. جيڪڏهن تون چوندين ته.“
    ”چڱو ڀلا.“ هن بريف ڪيس ڇڪي ان مان هڪ لفافو ڪڍيو.”هي ان مشين جو نقشو آهي. مون کي حساب ڪري ٻڌائجو ته هن مشين جهڙيون سئو سوَ توهان ڪيتري ۾ ٺاهي ڏيندا؟“
    نارما لفافو وٺي کڻي پاسي تي رکيو، ڄڻ ڪا اهم ڳالهه نه هجي. ”سيٽان تون بيحد ٿڪو پيو آهين آئون تنهنجي وهنجڻ لاءِ ڪوسو پاڻي ٺاهي ٿي وٺان.“ هن سيٽان جي اکين ۾ گهوري ڏٺو. ”وهنجي تازو ٿي وٺ جيئن پوءِ اڄ جي رات پاڻ سٺي نموني ملهائي سگهون. ڪيئن ٺيڪ آهي نه؟“
    جيئن رستي تي حادثي مهل هڪ ئي وقت تي چار گاڏيون اچي ٽڪرائبيون آهن تيئن سيٽان جي دماغ ۾ به هڪ ئي وقت ڪيترين ئي ڳالهين اچي واسو ڪيو. پهرين ته اها هئي ته نارما پنهنجو پاڻ سونپي رهي آهي جيڪا ڳالهه جيتوڻيڪ يقين جوڳي نٿي لڳي، پر پنهنجي جاءِ تي هڪ حقيقت هئي. ٻيو لفظ ”اخلاق“ سندس سامهون هو جيڪو بئنر وانگر ڦڙڪي رهيو هو ۽ ٽين سڀ کان زبردست ڳالهه ان حساس گهڙيءَ جي ياد هئي جڏهن مسافرخاني ۾ مس سدا بهار چنبيليءَ کيس چمي ڏئي موڪلايو هو، شايد، جيڪر هو چاهي ها ته ان اولمپڪ راند ۾ هو سڀ کان مٿانهون هجي ها. پر هن کي ننڍي لاڪون گهر ۾ ڪجهه اهڙي سکيا ڏني وئي هئي جو اڳيان اخلاق کان مٿي ڪا به شيءِ نه هئي ۽ هينئر به ان شروعاتي سکيا ۽ مذهبي ماحول جي اثر تي ڪُرڪندي هن فيصلو ڪيو ته هن کي هتي نارما وٽ رهڻو ناهي ۽ هڪدم اٿڻ کپي. پنجن منٽن بعد هي اٿي کڙو ٿيو ۽ نارما وڏي پيار، سڪ ۽ دوستاڻي نموني کيس چمي ڏئي کانئس موڪلايو.
    هوٽل تي پهچي هن مشين وانگر ڪپڙا لاٿا ۽ سمهڻ جا ڪپڙا پائي پلنگ تي ڊگهو ٿي سمهي پيو. نفساني خواهشن کي هو ڪيڏي عرصي کان دٻائي رهيو هو. هو ”اخلاقي“ زندگي گذري رهيو هو. فقط ان ڪري جو هن زنا جهڙو گناهه نٿي ڪرڻ چاهيو ۽ هن کي رنڊين سان حد درجي جي نفرت هئي پر نارما جي ڇا ڳالهه ڪجي، جنهن ۾ هر ڪا سونهن ۽ ڪشش موجود هئي...! هن پنهنجو پاڻ کي مرد ثابت ڪري ڏيکارڻ ٿي چاهيو پر ساڳي وقت هو مرد ٿيندي به ڊنو ٿي.
    ***


    ست

    ٻئي ڏينهن منجهند جو ساڍي ٽي وڳي ڌاري ماتسوموتو ڪمپنيءَ مٿان مايوسيءَ جا گهاٽا ڪڪر مڙڻ لڳا. لڳو ٿي ته هن ڪمپنيءَ مٿان هر اها بدبختي جيڪا ٿي سگهي ٿي اها اچي نازل ٿي آهي يا باقي رهيل به بس اچڻ واري ئي آهي. اها تڪليف ڏيندڙ ڊيوٽي ياماگچي صاحب جي ئي حصي ۾ آئي هئي ته پنهنجن آفيسرن کي اطلاع ڪري ته سيٽان صاحب واقعي مس نارما سان گڏ ”سومو“ راند ڏسڻ ويو هو، جتان پوءِ سوير ئي موٽيو، ۽ نارما سان ويندي وقت به بريف ڪيس سيٽان جي هٿ ۾ هئي. اها خبر اهڙي هئي جنهن جي ٻڌڻ سان گيشا هائوس فون ڪرڻ لازمي هو جو نارما کي منهن ڏيڻ جو طريقو اهوئي هو. ماتسوموتو وارن کي صاف صا ف لڳو پئي ته آمريڪا وارن مان جيڪا ٿوري گهڻي اپت ٿيڻ جو آسرو هو سو به في الحال ٻن سالن لاءِ ته ختم ٿي ويو.
    ۽ پوءِ ٽپهريءَ ڌاري هڪ ٻي خبر پهتي جنهن هڻي ماتسوموتو کي هڪ گمنام شاعر بڻائي ڇڏيو ۽ هو پنهنجو منهن هٿن ۾ لڪائي سوچڻ لڳو ته دنيا جي هنن جهنجهٽن ۽ پنهنجي شڪست جو منهن ڏسڻ بدران ڇو نه اڇو ڪمونو پائي جپاني رسم مطابق پنهنجو پيٽ ڇريءَ سان ڪپي عزت جو موت مرجي. ڦلهير مهانڊي فوجي هارا (ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي انجنيئر) ٻت ٻت ڪندي اها خطرناڪ خبر ٻڌائي ته جنهن اليڪٽرانڪ مشين جو سئمپل هو آمريڪا لاءِ ٺاهي رهيا هئا تنهن جا مڙيئي پرزا جوڙڻ بعد اها ڪم نٿي ڪري.
    جيتوڻيڪ ماتسوموتو کي اليڪٽرانڪ بابت تمام گهٽ ڄاڻ هئي پر في الحال ان مصيبت جو ٻڌندي ئي پنهنجين اکين سان ان کي ڏسڻ لاءِ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو رُخ ڪيو. انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ ٽيبل تي اها اليڪٽرانڪ جي سهڻي مشين رکيل هئي جيڪا هن جي ڪمپنيءَ جي ورڪرن ٺاهي هئي. سيٽانو سَانُ، جنهن ماڻهوءَ کي هر طرح سان خوش رکڻو هو، اهو به صبر سان ان مشينري جا سرڪٽ ۽ سئچ هڪ دفعو وري چيڪ ڪري رهيو هو. پر نتيجو وري به ساڳيو ظاهر ٿي ٿيو ته ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي تيار ڪيل هيءَ اليڪٽرانڪ مشينري بيڪار ٺاهي وئي آهي.
    ريڪو همت ڪري خوفائتي ماٺ کي چيري اعلان ڪيو ته سيٽان سَانَ جو فون آيو آهي، مس سدا بهار چنبيلي ڳالهائڻ ٿي چاهي. سيٽان سَانَ انهيءَ سَمن جي جواب لاءِ فون ڏي ويو ته پٺيان فيوجي هارا انجنيئر ڳالهه ڪئي، ”هن مان ڪي به ٽي شيون ممڪن ٿي سگهن ٿيون: هڪ ته ٿي سگهي ٿو ته مشين جي بنيادي ڊيزائن جيڪا آمريڪا کان آئي آهي اها غلط هجي. يا ته ان مشين کي ٽيسٽ ڪرڻ وارو اوزار جنهن سان سيٽان سَانَ ان کي چڪاسي ٿو، ٿي سگهي ٿو اهو صحيح نه هجي. پر مون سيٽان سَانَ سان گڏ ڪم ڪيو آهي، هي تمام سٺو انجنيئر آهي. ۽ آخري ڳالهه جنهن لاءِ مون کي ڊپ آهي اها هيءَ ته اسان جيڪا اليڪٽرانڪ مشين ٺاهي آهي ان ۾ ڪٿي ڪو غلط پرزو نه هڻي ويا هجون. هاڻ اهو ئي ضروري آهي ته بلو پرنٽس (نقشا) کڻي وري مٿان کان وٺي جانچ ڪجي ته ڪٿي غلطي ٿي ويئي آهي، شايد ائين ڪرڻ سان غلطي ملي وڃي.“
    ”ڀلا سيٽان سَانَ وٽ نقشن جو ٻيو سيٽ آهي؟“ ماتسوموتو پڇيو، ”جيڪڏهن هجي ته پوءِ هڪ ئي وقت ٻنهي سيٽن کي جانچڻ سان غلطي جلدي ملڻ جا امڪان آهن.“
    فوجي هارا کي پراڻي زماني جا اهي نياپا آڻيندڙ غلام ياد آيا جيڪي خراب خبر آڻڻ تي اڪثر ان ئي وقت قتل ڪيا ويندا هئا. اها سزا کين ان ڪري ڏني ويندي هئي جو خراب خبر آڻڻ ڪري مالڪن جي سڪون ۾ رُخنو پئجي ويندو هو.”نه سائين، هن وٽ ٻيو سيٽ هو سهي، پر هن رات ئي مس نارما کي ڏئي ڇڏيو، وڌيڪ توهان پاڻ سمجهو آهيو.“
    ”آئون ته هڪ منهن ڪري وڃي ٿو مندر وسايان ۽ گوتم ٻڌ کي ٻاڏايان،“ ماتسوموتو اعلان ڪيو، ”جي اتان جيئرو نه وريس ته منهنجي وصيت نامي جي ڪاپي ڪٻٽ جي مٿئين خاني ۾ کاٻي پاسي رکي اٿوَ. چڱو هاڻ سايو نارا، موڪلايانوَ ٿو.“
    سيٽان ٽيليفون تي ماسايو جو آواز ٻڌو. گذريل رات هو انهيءَ فيصلي تي پهتو هو ته هر نارما سان فقط وقت پاس ڪري رهيو آهي باقي هن کي چاهت سا ڪانوماسايو (گيشا) سان ئي آهي. هينئر ئي سندس آواز ٻڌڻ سان هن کي ائين لڳو ڄڻ نيراني هير سندس سڄي جسم کي تازو ڪري ڇڏيو هجي. هوءَ ڪو بهانو پيش ڪري ان کان اڳ سيٽان کيس شام جي ملڻ لاءِ چيو.
    ٻئي ڏينهن صبح جو سيٽان روز جي وقت کان گهڻو اڳ آفيس پهتو ته هن ڏٺو ته جپاني انجنيئر فيوجي هارا ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي ٺهيل اليڪٽرانڪ مشينريءَ تي گڪو ٿيو پيو آهي. ان ئي وقت ريڪو چانهه کڻي ظاهر ٿي ۽ سيٽان کي ٻڌايائين ته فوجي هارا سڄي رات هتي هو ۽ فقط ٻن ڪلاڪن لاءِ ستو آهي. سيٽان کي ضمير مارڻ لڳو ته هو گذريل ڏينهن سوير ئي گيشا سان ملڻ خاطر آفيس مان هليو ويو ۽ هي جپاني انجنيئر سڄي رات ڪم ڪندو رهيو. هن يڪدم پنهنجو ڪوٽ لاٿو ۽ چانهه پي ڪم ۾ لڳي ويو. هن فيوجي هارا کي ڏاڍو چيو ته هو ڀلي وڃي ڪجهه دير سمهي آرام ڪري، پر هن ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو. منجهند تائين ٻئي گڏ ڪم ڪندا رهيا ۽ نيٺ هنن کي معلوم ٿي ويو ته ان اليڪٽرانڪ مشين جي ڊيزائن جو نقشو، جيڪو آمريڪا مان ٺهي آيو هو، بلڪل غلط آهي.
    سموري مسئلي بابت بحث ريڪو ذريعي هڪ ٻئي سان ڪيو ويو. فيوجي هارا پڇيو:”توهان وٽ پٺيان آمريڪا ۾ ان گهربل مشينريءَ جو اصلي ماڊل آهي؟“ ”آهي،“ سيٽان چيو، ”پر ان ماڊل ۾ هيءَ مشينري ناهي. در اصل پهريون جيڪو ماڊل ٺاهيو ويو هو، ان ۾ ڪجهه تبديليون آڻي هيءَ نئين ڊزائين ڪڍي هئيسين.“
    سهڪيءَ واري جپانيءَ ۾ جهٽ پٽ فيوجي هارا ريڪو کان پڇيو ته ڊزائين تي ڏس ته آيا ان تي سيٽان جي صحيح ٿيل آهي يا ڪنهن ٻئي جي. بهرحال جنهن به غلط ڊزائين ٺاهي آهي گهٽ ۾ گهٽ اهو سيٽان ناهي. فيوجي هارا جا ان بعد چيل جملا ريڪو ترجمو ڪري چيو:”مونکي اهو چوندي ڏاڍو افسوس پيو ٿئي، پر آئون مجبور آهيان جو مون کي ڪجهه نه ڪجهه راءِ ڏيڻ کپي ۽ منهنجي راءِ موجب جيڪا ڪجهه غلطي آهي سا بنيادي ڊيزائين ۾ آهي، يعني هن ڊيزائن ۾ آهي.“
    سيٽان ڪنڌ ڌوڻيو. ”آئون مڃيان ٿو، ڏوهه سڄو اسان جو آهي.“
    فيوجي هارا ڊرائنگ بورڊ کي هٿن سان دٻائي اٿي بيٺو. ”پوءِ اچو ته پهرين هن ڊيزائن کي وري نئين سنئين ٺاهيون.“ هن صلاح ڏني.”مونکي پڪ آهي ته اسان ٻئي ڄڻا گڏجي ڪم ڪنداسين ته ضرور ان ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.“
    ”بلڪل. پاڻ ٻنهي کي گڏ ڪم ڪرڻو پوندو.“ سيٽان ورندي ڏني. ”۽ جڏهن نئين ڊرائنگ ٺاهي بس ڪنداسين ته مون کي پڪ آهي ته اها پهرين کان بهتر ٺاهي وٺنداسين.“
    فيوجي هارا خاموشيءَ سان تاڙي ملائي.
    ”ريڪو سَانَ،“ سيٽان چيو،”مهرباني ڪري ياماگچيءَ کي ٻڌاءِ ته آئون سندس ڏنل جپان گهمڻ واري دعوت هن هفتي قبول ڪري نٿو سگهان. ان جا سبب تون ڀلي ڀت هن کي ٻڌائي سگهين ٿي.“
    پوءِ ٻئي انجنيئر ڪم ۾ جنبي ويا. ڳالهه ٻولهه يا صلاح سولي ريڪو جي معرفت ڏيندا وٺندا رهيا، پر انهن ماڻهن وانگر جيڪي هڪ ٻئي کي چاهين ۽ عزت ڪن. ان رات ته هو رات جو اٺين تائين ڪم ڪندا رهيا. اڃا به دير تائين ڪم ڪن ها پر سيٽان سوچيو ته سندس ساٿي رات کان پيرن ڀر بيٺو آهي ۽ هن کي آرام جي سخت ضرورت آهي. ريڪو جي گهڻي استعمال ٿيل ۽ اڌ گابري ڦاٽل ڊڪشنري سندس ئي هٿن ۾ هئي، هوءَ سوچيندي رهي ته اڃا خبر ناهي ڪيترن ٽيڪنيڪل لفظن جو ترجمو هن کي ڪرڻو پوندو جيڪو ڪم هونءَ عام طرح جيتوڻيڪ هن جي وس ۽ وت کان ٻاهر پئي لڳو.
    ۽ پوءِ جڏهن باقي ڪم ٻئي ڏينهن تي رکي موڪل ڪئي ويئي ته سيٽان ريڪو کي ٻاهر وٺي آيو ۽ چيائينس ته هل ته توکي ڊنر کارايان. اليڪٽرانڪس جا ڏکيا ڏکيا لفظ ترجمو ڪرڻ کان جان ڇٽڻ تي هن به فرحت محسوس ڪئي. جڏهن هو ڪافي گهڻو ساڪي (جپاني شراب) پي پاڻ کي هلڪو محسوس ڪرڻ لڳا ته سيٽان هڪدم هن ڏي جهڪيو:
    ”ريڪو مان توکي هڪ ڳالهه ٻڌائڻ ٿو چاهيان، ته توسان شادي ڪرڻ وارو مڙس ڀاڳ وارو هوندو. تون تمام دلبر ڇوڪري آهين.ذهين ۽ بيحد ٺاهوڪي.“
    جملي جي آخر ۾ جيتوڻيڪ هن ٿورو وڌاءُ کان ڪم ورتو پر ته به هوءَ قبول صورت ته هئي.
    ريڪو جواب ۾ چيو: ”آئون هڪ غريب خاندان سان تعلق رکان ٿي، سيٽان سائين، ۽ هڪ سٺي ماڻهوءَ جي زال ٿيڻ لاءِ مون وٽ ته ڪجهه به ناهي جو آڇي سگهان.“ هوءَ پنهنجي کاڏي پنهنجي ڇاتي تي رکي روئڻ لڳي.
    سيٽان کيسي مان رومال ڪڍي هن جي منهن کي پنهنجن هٿبن ۾ جهلي سندس ڳوڙها اگهيا. ”ٻي ڳالهه،“ هن چيو،”ته ريڪو، مون کي تون رچرڊ سيٽان چوڻ بدران فقط ”ڊِڪ“ ئي سڏيندي ڪر. جنهن نالي وٺن سان مونکي پنهنجائپ جو احساس ٿئي ٿو. هڪ دفعو پنهنجي زبان سان مون کي ان نالي سان ته سڏ.“
    آلين اکين سان ريڪو هن ڏي نهاريو.”ڊِڪِ!“ هن چوڻ جي ڪوشش ڪئي.
    سيٽان سندس گهر ڏسن لاءِ زور ڀريو پر ريڪو کيس سمجهايو ته هنن جو غريب پاڙو سندس ڏسڻ لائق ناهي. بهرحال پوءِ سيٽان ريڪو کي سٺي موڊ ۾ آڻڻ لاءِ ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ اٿڻ مهل هن جهڪي کيس چمي ڏني.
    ريڪو وائڙي ٿي ويئي. ”ڊڪ سَانِ هي ڇا! مان ته ان جي لائق ئي نه آهيان.“ هن چيو.
    ”ڇو نه آهين.“
    ”ڇو سايو نارا“ ريڪو چيو.
    ”سايو نارا.“
    جمع ڏينهن صبح ساڻ مينهن وسڪارو شروع ٿي ويو. مينهوڳي ماتسوموتوءَ جي موڊ ۾ چڱي موج آندي. هن کي اهو سوچي به خوشي ٿي ته مشين جي غلط ڊيزائن ۾ سندس ڪمپنيءَ جو ڪو به ڏوهه ناهي. پر قدرت طرفان ان ۾ ته خير ٿي ويو، پر پٺيان ماڳهين ٻيون مصيبتون ورائي ويون. جيئن ته ساڪاموتو فلپين کان موٽي آيو هو ۽ کين ڊپ هو ته متان آمريڪن جو کين مليل ٺيڪو هو رد ڪرائي نه ڇڏي. ۽ ٻي مصيبت، گيشا هائوس جي بلن جو ڍير به پهچي ويو هو، جن موجب پئسا يڪدم موڪلڻا هائ جيئن آئندي لاءِ منهن مٿي ڪري سگهجي ۽ ڪارپت به رهجي اچي. آخري مصيبت اها ته اليڪٽرانڪ مشين هاڻ وري نئين سنئين ڊيزائن ڪرڻي پيئي، تنهن جي معنيٰ سيٽان کي اڃا به هتي ترسڻو آهي. هاڻ ان لاءِ ٻه ڳالهيون هيون. يا ته کيس ساڪاموتو جهڙي سياڻي جي حملي لاءِ آزاد ڇڏي ڏجي يا ته وري گيشا هائوس جو اڃا به وڌيڪ بل ڀرڻ لاءِ تيار ٿي وڃڻ کپي. مٿين مصيبتن کان علاوه ٻي اها بدقسمتي ته سڄي هفتي جي آيل ٽپال ۾ ڪو به نئون ٺيڪو يا ڪم نه ايو هو. نئون ته ٺهيو پر پهرين ٺهيل شين جو به آرڊر آيل نه هو.
    ماتسوموتو جي آفيس جي انٽرڪام جي گهنٽي وڳي. فون کنيائين ته ٻئي کاسين کان ياماگچي هو جيڪو ساڻس اچي ملڻ لاءِ اجازت وٺي رهيو هو. اڌ منٽ کان پوءِ هو پهچي ويو ۽ پنهنجي باس سان ڳالهائڻ لڳو:
    ”آئون هڪ خوشخبري کڻي آيو آهيان.“ هن چيو، ”ڪالهه شام جو سيٽان سَانُ دير سان ڪم ڪندو رهيو. ان بعد هن ريڪو سان گڏ رات جي ماني وڃي کاڌي. ان ريت هو نارما کان به پري رهيو ته گيشا گهر کان به.“
    ”ريڪو کي پرڪشش سڏڻ کڻي ممڪن به هجي، “ ماتسوموتو چيو، ”پر هن جو گيشا سان مقابلو ڪرائڻ ائين آهي جيئن ڪنهن هٿيار بنا پوليس واري کي انهن ڌاڙيلن پٺيان ڀڄائجي جن وٽ طاقتور هٿيار هجن.“
    ياماگچيءَ هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. ”آئون سچ پچ ته سيٽان سَانَ کي عزت جي نگاهه سان ڏسان ٿو جنهن اسان جي آفيس جي نوجوان عورت کي ان لائق سمجهيو آهي جڏهن ته ان کان بهتر عورتون هو حاصل ڪري سگهي ٿو. سچ پچ ته سيٽان جي ان ڳالهه منهنجي دل ۾ آمريڪن لاءِ ويٺل تاثر کي بهتر بڻائي ڇڏيو آهي.“
    ”منهنجي تاثر کي پڻ،“ ماتسوموتو مڃيو.”ڀلا تو ڪجهه محسوس ڪيو آهي ته هاڻ مس سدا بهار چنبيليءَ ۾ هن دلچسپي گهٽائي ڇڏي آهي.“
    ”هن هفتي سيٽان هن سان فقط هڪ دفعو مليو، پر ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته هن کي سڄو هفتو واندڪائي نه ملي هئي. ٿي سگجهي ٿو ته سڀاڻ پرهينءَ موڪل هجڻ ڪري هو هن سان وري ملڻ جي ڪري.“
    ”سڀان پرهينءَ؟“ ماتسوموتو منهن بڇڙو ڪيو.
    ياماگچيءَ ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ هٿ مٿي کنيو. ”گذريل هفتي جو بل ڪو ايڏو گهڻو نه هو. ڇو جو کائڻ پيئڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جا سڀ بل هو پاڻ ٿو ڏئي. هو ته اهو پيو سمجهي ته پاڻ مس سدا بهار چنبيليءَ کي پيو وندرائي ۽ مزو وٺرائي. کيس اها ڄاڻ ڪنهن پَرِ ڪانهي ته سندس وندر لاءِ اسان کي گيشا ڳري اجوري تي رکڻي ٿي پوي.“
    ”واقعي،“ ماتسوموتو مڃيو، ”مس سدا بهار چنبيليءَ کي فون ڪري اهو سمجهائينس ته هوءَ سيٽان کي سڀاڻ پرهينءَ وارا موڪل جا ڏينهن هتي رهي ڪم ڪرڻ کان نٽائڻ تي مجبور ڪري ۽ کيس پاڻ سان وٺي ڪيڏانهن پري گهمڻ نڪري وڃي، جيئن هو ساڪاموتو جي چنبي ۾ نه اچي سگهي.“
    ”ان لاءِ اُتامي تمام رومانوي جاءِ آهي.“ ياماگچيءَ صلاح ڏني.
    ماتسوموتو ڪجهه دير لاءِ اکيون بند ڪري ڇڏيون.”ها، اها ته بلڪل آهي.“ هن هائوڪار ۾ وراڻيو.
    ***


    اٺ

    ڇنڇر جو ڏينهن سيٽان لاءِ خوبصورت ڏينهن هو. ڪاماڪورا جي جابلو شهر مان هڪ ايئرڪنڊيشن ٽوئرسٽ بس مسافرن کي کڻي لنگهي رهي هئي. ويٺل مسافر درين مان شهر جو خوبصورت نظارو ڪري رهيا هئا. بس ڊرائيور هٿ ۾ مائيڪرو فون کڻي، شهر جي خاص خاص جاين وٽان لنگهڻ وقت انهن بابت ٻڌائي رهيو هو.
    سيٽان سيٽ تي ٽيڪ ڏيئي ٿوري دير لاءِ اکيون پوري وري پٽيون ۽ پڪ ڪئي ته اها هڪ حقيقت آهي يا خواب. جمعي جي ڏينهن تائين جپاني انجنيئر فيوجي هارا سان گڏ سيٽان ڪم ۾ سخت رڌل هو. منجهند ڌاري فيوجي هارا ڊيزائن مان مطمئن ٿي سيٽان کي چيو هو ته کيس ڇڏيو وڃي ته موڪل جا ٻه ڏينهن ان ڊيزائين کي گهر ۾ کڻي وڃي آخري دفعو آرام سان ٽيسٽ ڪري ۽ پاڻ به اهي ٻه ڏينهن فرحت ڪري.
    واندڪائيءَ جو سوچي سيٽان هڪدم مس سدا بهار چنبيليءَ کي فون ڪيو هو. ايتري ۾ ريڪو به اچي ڀر ۾ بيٺي ۽ ڪم ڪار جو پڇڻ لڳي هئي. سيٽان ريڪو جي مدد سان هن سان ڳالهايو ۽ ڇنڇر آچر موڪل جا ڏينهن ڪٿي گڏ گذارڻ لاءِ چيو هو.
    جواب ۾ هن پڇيو ته هن کي ڪٿي ويندي خوشي ٿيندي. ريڪو سامونڊي ڪناري واري هنڌ”اُتامي“ ڏي وڃي لاءِ کين صلاح ڏني جيڪا هن جهٽ پٽ قبول ڪئي.
    پوءِ ريڪو سندن لنچ لاءِ بندوبست خوبصورت هوٽل هاڪونيءَ ۾ ۽ رات جي ماني ۽ ٽڪڻ جو بندوبست اونويا مسافرخاني ۾ ڪرايو.
    بس جبلن جي وچ مان هلي رهي هئي جتي هو ايڏي ته صاف ۽ تازي هئي جو ڄڻ ته هر ڪنهن شيءِ دنيا ۾ هاڻ جنم ورتو هجي. ڪو به دونهون، ڌوڙ ۽ غلاظت جهڙي شيءِ ته منجهس بلڪل موجود نه هئي. ڀر ۾ ويٺل گيشا ماسايو جو پاسيرو پوز سيٽان غور سان ڏٺو. سندس نڪ نه گهڻو اندر پيٺل هو ۽ نه وري گهڻو اڀو هو. نرڙ کليل ۽ ڪشادو جنهن تي سندس وارن جو نمونو وڻيو پئي. بس اکين ۾ جي ٿورو فرق نه هجي ها ته هوءَ هڪ حسين يورپين عورت سمجهي وڃي ها.
    ٽوئر جي انچارج مائڪرو فون تي اعلان ڪيو ته اسين فيوجي، هاڪوئي، ايزو نالي هڪ قومي پارڪ ۾ گهڙي رهيا آهيون. گهمندڙن جي هن پارٽيءَ کي ٻيڙي ذريعي هيءَ ڍنڍ پار ڪرائبي. ان بعد ڪيبل ڪار ذريعي ٻرندڙ جبلن جو نظارو ڪرايو ويندو. ڀر ۾ جيڪا هوٽل آهي اتي لنچ کارائي ويندي.
    ٻيڙيءَ جو سفر ڏاڍو مزيدار رهيو، باقي ڪيبل ڪار جو سفر، هڪ جبل جي چوٽيءَ کان ٻي جبل جي چوٽيءَ تائين، رت سڪائيندڙ هو. منجهند جي مانيءَ کان پوءِ هڪ ڪار انتظار ۾ بيٺي هئي جيڪا هنن ٻنهي کي اُتامي شهر ۾ وٺي آئي. اڌ رستي تي کين فيوجي ياما (جبل) نظر آيو، جنهن کي ڏسي سيٽان ٿڌو ساهه کنيو. لازمي طور ڊرائيور ڪار بيهاري جيئن هي چڱيءَ طرح هن پربت کي ڏسي سگهن.
    ”فيوجي، سَانُ (فيوجي سائين) جپان لاءِ فخر آهي،“ ماسايو چيو،”منهنجو گيشا وارو نالو به ان جي پويان رکيل آهي. وَڪارِي ماسِڪا(سمجهين ٿو؟)“
    سيٽان ماسايو جو هٿ جهلي چيو:”تون واقعي ان جي لائق آهين.“
    ڪيترن منٽن تائين هو جبل جي سونهن ۽ سحر جو جائزو وٺندا رهيا. پوءِ ڪار اُتامي ڏي رواني ٿي. سندن رهائش لاءِ اتي سمنڊ جي ڪناري تي اونويا نالي مسافرخانو هو جنهن جي رجسٽر تي هنن پنهنجا نالا اچي لکيا. ڪلارڪ کين ٻڌايو، ”توهان جي آرام ڪرڻ ۽ ماني کائڻ لاءِ اسان وڏي ۾ وڏو ڪمرو رکيو آهي جتي ويهي توهان سامهون سمنڊ جو نظارو ڪري سگهو ٿا. ڀرسان سمهڻ جو ڪمرو آهي جيڪو البته ٿورو ننڍو آهي.“
    ڪمرو واقعي واهه جو هو. سامهون حدِ نگاهه تائين سمنڊ جو نظارو ٿي سگهيو ٿي، پاسي کان سرسبز ٽڪريون ۽ باغيچا هئا. ڪمري جو فرش سنهي پيس جي تؤنئريءَ سان ڍڪيل هو، ڪنڊ ۾ رکيل ريفريجريٽر، فقط هلڪي ڀڻ ڀڻ ڪري رهيو هو. دريءَ اڳيان روايتي ڪرسيون ۽ ٽيبل رکيل هئا. هو اڪيلا ٿيا ته سيٽان ماسايو جو جائزو ورتو. هن کيس پيئندو ڏسي سندس سونهن ۽ پنهنجي زندگيءَ تي غور ڪيو. جنهن ۾ عجيب تبديلي اچي چڪي هئي. هن دل ئي دل ۾ ڌڻي جا ٿورا مڃيا.
    ماسايو ٽيبل تي رکيل ٻه يوڪاتا کڻي هڪ سيٽان کي پائڻ لاءِ ڏنو. ”اچي سائين، هي پايو. دوزو!“ هن چيو، ۽ ٻيو کڻي باٿ روم ۾ هلي ويئي. هن کي خوش ڪرڻ لاءِ سيٽان يوڪاتا پاتو ۽ ان ۾ لڙڪيل اڳٺ چيلهه جي چوڌاري چڱيءَ طرح ٻڌو. هوءَ پڻ اهو سنهو چوغي جهڙو يوڪاتا پائي ٻاهر نڪتي ۽ پنهنجن وارن کي کولي اچي هن جي ڀرسان بيٺي ۽ هن اڳٺ کي مختلف نموني سان ٻڌو.”سائين، ان تي جوراب نه پائبا آهن.“ هن چيو ۽ جهڪي سيٽان جا جوراب لاهڻ لڳي. سيٽان کي ان وقت شديد خواهش ٿي رهي هئي ته هن کي کڻي چمي ڏئي، پر هن ان عمل کي فقط لفظي ويس پهرايو:”تون ايڏي ته سهڻي آهين جو مون کي ته يقين ئي نٿو اچي.“
    ”۽ تون منهنجو :”يو ئي، تو مو داچي“ (تمام سٺو دوست) آهين.“ هن نرميءَ سان چيو.”هلو ته ٻاهر چڪر تي هلون.“
    ”هنن ڪپڙن ۾؟“ سيٽان پڇيو.
    جواب ۾ هوءَ کلڻ لڳي:”تون جپان ۾ آهين، ۽ جپان جا اهي ئي ڪپڙا آهن.“ خوشيءَ وچان هوءَ سيٽان جو هٿ جهلي کيس در کان ٻاهر ڇڪي آئي.
    لابيءَ ۾ ويٺل ڪنهن به ماڻهوءَ سندس يوڪاتا ڏي ڌيان نه ڌريو. مسافرخاني جي ٻاهرين در وٽ خدمتگار ڇوڪري ڪاٺ جون چاکڙيون (گيٽا) سندس پيرن ۾ وڌا. ڪاٺ جون چاکڙيون جن جي ترن ۾ ٻه ٻه پٽيون لڳل هيون تن سان سيٽان کي پهرين ته هلڻ جو ڏانءُ نه آيو. هلڻ وقت هر هر اڳيان جهڪي ٿي ويو. پر پوءِ ٺهي ويو ۽ چاکڙين جو آواز پڻ وڻڻ لڳس. هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هو به ڪنهن طرح جپاني لڳي رهيو هجي. ۽ ٻي ڳالهه ۾ کڻي نه پر ڪپڙن ۾ ته ساڻس گڏ هلندڙ ڇوڪريءَ، مس سدا بهار چنبيليءَ سان مئچ ڪري ريهو هو. بهرحال ڪجهه دير چڪر ڏئي واپس هوٽل ڏي ورڻ لڳا. هو هڪ اهڙو مرد لڳي رهيو هو جنهن ڄڻ هڪ خوبصورت عورت جو پيار کٽي ورتو هجي. ڀلا زندگيءَ ۾ ٻيو هن کي کتو به ڇا ٿي.
    هوٽل جي لابيءَ ۾ پهچي گيشا، ماسايو فرنٽ ڊيسڪ (استقباليه)جي ڪلارڪ کان ڪجهه پڇيو جنهن ساڄي پاسي ڏي اشارو ڪيو. هوءَ سيٽان کي اوڏانهن وٺي هلڻ لڳي.”ڊِڪِ هن مسافرخاني ۾ وهنجڻ لاءِ زبردست حوض آهي. توکي ضرور پسند ايندو.“ زمان مستقبل جو جملو ٺاهيندي هوءَ هٻڪڻ لڳي.
    ٻئي ڄڻا ڪجهه وکون اڳيان هلي پوءِ هيٺ لٿا ۽ دروازو کوليو. در جي اندرئين پاسي هڪ پوڙهو انچارج ويٺو هو جنهن کين ٻه ٽوال ڏنا ۽ پاسي کان رکيل تارن جي ٽوڪرين ڏي اشارو ڪيو. سامهون واري در کان هڪ جپاني بلڪل اگهاڙو وهنجي سهنجي پئي آيو. گيشا هن ڏي ڪو به ڌيان نه ڌريو ۽ نه وري هن ئي هن عورت ڏي توجهه ڏنو. هن تارن واري ٽوڪري مان يوڪاتا ڪڍي پاتو. پوءِ سيٽان کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي.
    ”ماسايو سَانَ هي ڪميونٽي ، باٿ (عوامي تالاب) ته نه آهي؟“
    ”ها. ۽ هتي جي سٺن حوضن مان هڪ آهي. هن حوض کان ئي هي مسافرخانو مشهور آهي. اچ مون سان گڏ اچ.“ هن سيٽان کي ٽوڪري ڏني، ”دوزو.“ (اچي وٺ). سيٽان چيو، ”ماسايو، آئون ڪڏهن به ائين اگهاڙو ٿي نه وهنتو آهيان ۽ نه ئي ڪنهن ڇوڪريءَ جي اوگهڙ ڏٺي اٿم.“
    هن ٿورو مرڪندي ۽ چرچي مان جهڪي چيس:
    ”ته پوءِ اها عزت افزائي مونکي ئي نصيب ٿيندي.“
    هن ٻي ٽوڪري پاڻ ڏي ڇڪي ۽ جڏهن هن ڏٺو ته هوءَ پنهنجو يوڪاتا (چوغي) جو اڳٺ کولي رهي آهي ته کيس به پڪ ٿي ويئي ته هاڻ بچڻ جي ڪابه واهه ناهي. لاچار پٺڀرو ٿي پهرين چاکڙيون، پوءِ ڪڇو ۽ پوءِ يوڪاتا لاهي ٽوڪريءَ ۾ وڌائين.
    ”ٽوال ياد ڪري کڻجانءِ،“ ماسايو چيس.
    ڀلارو ٽوال_ جڏهن بدن تي ڪجهه به نه هجي ته ٽوال واقعي وڏي ڳالهه ٿيو پوي. جيڪڏهن هو ان کي ٻانهن تي رکي کڻي هلي ته به....
    هو ٽوال کڻڻ لاءِ مڙيو ته سامهون ماسايو نظر آيس، سندس پٺي هن ڏي هئي، ۽ پنهنجن ڪپڙن جي ٽوڪري تختي تي رکي هئي. سيٽان ڏٺو ته هوءَ بلڪل الف اگهاڙي هئي پر ڏاڍي سڪون سان بيٺي هئي، ڄڻ ڪا ڳالهه ئي نه هجي. سيٽان پنهنجي ٽوڪري هن جي ٽوڪريءَ جي ڀر ۾ رکي.
    ماسايو ڏاڍي آرام سان پنهنجو ٽوال کنيو ۽ اندرين دروازي ڏي هلڻ لڳي. سيٽان وڌي دروازو کوليو ۽ پوءِ وڏي خبرداري سان هن جي پٺيان هلڻ لڳو.
    اندر هڪ گول وڏو حوض هو جيڪو ڪنهن زماني ۾ اٽليءَ جي شهر روم ۾ هوندو. منجهس پاڻي هڪ پاسي کان ڦوهاري وانگر ٿي هيٺ وچ تي ٿي ڪريو. ٻاهر سخت سيءَ هوندي به هتي اندر گرمائش هئي. ڪيترائي اگهاڙا ماڻهو مرد، عورتون ۽ ٻار حوض ۾ وهنجي رهيا هئا يا حوض جي ٻاهران، ان جي چوڌاري اَند تي ليٽي آرام ڪري رهيا هئا. ائين ٿي لڳو ڄڻ پراڻي زماني جي وحشي ماڻهن جي عياشيءَ جي محلات هجي.
    گيشا ماسايو هن کي هڪڙي پاسي اچي بيهاريو جتي ڪيترائي گرم ۽ ٿڌي پاڻي جا نل هئا. انهن جي ڀرسان صابڻ دانيون، اسٽول ۽ پلاسٽڪ جون بارديون رکيون هيون. مس سدا بهار چنبيليءَ گرم ۽ ٿڌي پاڻيءَ جي نلن کي هڪ جيترو کولي ٻه بارديون ڀريون. پوءِ سيٽان ڏي منهن ڪري بيٺي سيٽان کي پهريون دفعو هن جي سڄي اوگهڙ جو جهٽڪو اکين ذريعي محسوس ٿيو.
    ”پهرين پاڻ کي، هن پاڻيءَ سان صاف ڪرڻو پوندو.“ هن سيٽان کي سمجهايو ۽ پوءِ ائين مرڪڻ لڳي ڄڻ چئي رهي هجيس ته هي سڀ ڪجهه جيتوڻيڪ تولاءِ نئين ڳالهه آهي، پر آهستي آهستي سکي ويندين.
    هن پاڻيءَ جي هڪ باردي سندس حوالي ڪئي.”دوزو“ (اچي وٺ) هن چيو. پوءِ هوءَ اسٽول تي ٿي ويٺي. هن پنهنجن وارن جون چڳون جهلي مٿي جي مٿان وچ تي رکيون ۽ ٿورو اڳيان جهڪي. چئيوان ٻار وانگر سيٽان هن جي مٿان پاني نائيو. موٽ ۾ هن مرڪي مهرباني چئي، ۽ صابڻ کڻي پاڻ کي هڻڻ لڳي. سيٽان باردين کي پاڻيءَ سان وري ڀري هاڻ پنهنجي مٿان نائڻ لڳو. پوءِ ڀت ڏي منهن ڪري صابڻ هڻڻ لڳو. صابڻ هڻي هن پاڻيءَ لاءِ جهڙو پٺيان نهاريو ته هوءَ پاڻيءَ جي باردي ڀري بيٺي هئي. سيٽان کي ويهڻ جو اشارو ڪيائين ۽ هو اٿندي اٿندي ويهي ريو. گوڏا ڇاتيءَ ۾ ۽ هٿ ٽنگن جي چوڌاري ويڙهي ائين ٿي ويٺو ڄڻ بند ٿيل جئڪ نائيف (ڪئنچي، ڪٽر، اوپنر ۽ ڇريءَ وارو چاقو) هجي. هن مٿانس باردي اونڌي ڪئي ۽ گرم پاڻيءَ جي لار پٺيءَ تي لڳل صابڻ کي صاف ڪندي وئي. پوءِ ٻي باردي ڇاتيءَ تي وڌي. جيئن ئي سيٽان اکيون صاف ڪري مٿي نهاريو ته هوءَ خالي باردي ۽ جادوءَ ڀريل نگاهن سان هن ڏي ڏسي مرڪي رهي هئي. سندس جسم جيتوڻيڪ صابڻ جي گجيءَ سان ڍڪيل هو ته به سهڻو لڳي رهيو هو. بدن جا ونگ ۽ ور وڪڙ لڀائيندڙ هئا. چيلهه پوري پني ۽ ڇاتيون ڀريل. سيٽان ڊگهو ساهه کڻي پنهنجو پاڻ کي هوش ۾ رکيو. پئرس وارن سونهن جي مقابلي ۾ وينس کي سونو صوف انعام ۾ ان ڪري ڏنو جو هيءَ مس سدا بهار چنبيلي نه اتي موجود هئي ۽ نه مقابلي ۾ حصو ورتو هئائين. نه ته صحيح معنيٰ ۾ سونهن جي ديوي هيءَ آهي.
    هوءَ هيٺ ٿي ويٺي ۽ سيٽان ڏي مٿي نهاريائين.”پاڻي وجهندؤ؟“ هن پڇيو. سيٽان ٽي بارديون هڪ ٻئي پويان ڀري هن مٿان نائيون ۽ صابڻ جي سڄي گجي پاڻيءَ سان گڏ هلي ويئي. هاڻ سندس جسم جي لسي ۽ کير جهڙي اڇي چمڙي چمڪڻ لڳي. پوءِ هوءَ اٿي بيٺي، عاج جي هڪ مڪمل مورتيءَ جيان، سيٽان کي هٿ کان جهلي حوض ڏي وڌڻ لڳي، جتي ٻيا به هئا.
    ”واٽر وارم“ (پاڻي ڪوسو اٿئي.) هن سيٽان کي چتاءُ ڏيندي ٻڌايو. ”پاڻ کي آهستي آهستي ٿي حوض ۾ گهڙڻ کپي.“
    اهو چتاءُ ضروري هو جو حوض جو پاڻي واقعي گرم هو ۽ نه سهڻ کان ٿورو ڪو گهٽ. پاڻ کي جهلڻ لاءِ پاسي کان لوهي پائيپ هئا. سيٽان جيسين پاڻ کي سنڀالي تيسين انهن کي جهلي بيٺو. حوض جي چوڌاري ٻين ماڻهن جا مٿا ۽ ڪلها نظر اچي رهيا هئا. ٿوري دير کان پوءِ سامهون در کليو ته هن ڀيري هڪ سڄو ڪٽنب، ماءُ پيءُ ۽ مختلف ڄمارن جا پنج ٻار گهڙيا، سڀئي الف اگهاڙا هئا، پر ڪنهن کي به پنهنجي اوگهڙ جو ذرو به احساس نه هو. ٽي ننڍا ٻار ته پاسي کان ٺهيل هڪ ننڍي حوض ۾ هليا ويا جتي ٻارن جا رانديڪا به پيا هئا. باقي جوان پٽ ۽ ڌيءَ پنهنجي ماءُ پيءُ سان گڏ نل تي وهنجي سهنجي وچ وار وڏي حوض ۾ اچي گهڙيا جتي سيٽان وارا به هئا.
    ”توکي ڪميونٽي باٿ (عوامي تلاءُ) وڻي ٿو؟“
    ”تمام گهڻو وڻي ٿو.“ سيٽان وراڻيو، ”پر ايتري گرم پاڻيءَ ۾ ته ڄڻ بيهوش ٿو ٿجي.“
    هن حوض جي ڪپر وٽ وڃي ٽوال کنيو ۽ ٿڌي پاڻيءَ مان ٻوڙي سيٽان جي منهن کي اگهيو. ان بعد ٻئي ٻاهر نڪري آيا. نلن وٽ وڃي ٿڌي پاڻيءَ جون ٻه ٽي بارديون مٿان هاري پنهنجي بدن کي اگهي ٻاهر نڪتا ۽ ٽوڪريءَ مان ڪپڙا کڻي پاتا.
    ”هاڻ گهر هلجي.“ ماسايو صلاح ڏني.
    هو واپسيءَ جو رستو وٺي پنهنجي وڏي ڪمري ۾ آيا. ماسايو دريءَ وٽ ويهي پنهنجن وارن کي برش سان لسو ڪيو. سيٽان ريفريجريٽر کولي ڏٺو: ”ماسايو، هن ۾ ته بيئر، ڪوڪ ۽ ٻيا شربت به پيا آهن. تون ڇا پيئڻ پسند ڪندينءَ؟“
    ”ڪو ڪا ڪورا“ (ڪوڪا ڪولا) هن جواب ڏنو.
    سيٽان ڪوڪا ڪولا کولي هن کي ڏني ۽ بيئر پاڻ لاءِ کولي اچي ويٺو. مس سدا بهار چنبيليءَ وارن کي برش ڏيندي دريءَ مان سامهون ڏٺو: ”بريو ٽيفل جپان“ هن چيو.
    سيٽان پنهنجي هٿن سان هن جو منهن آهستي آهستي مٿي ڪري هن جي اکين ۾ نهاريو: ”بيوٽيفل جپان“ هن ورجايو.
    هوءَ رڙهي اڃا به سندس ڀر ۾ ٿي ويٺي ۽ هن پنهنجا ڪلها هن جي جسم سان گسايا.
    سيٽان جي دل ٿڙڻ لڳي پر سڄي زندگي احتياط سان هلڻ واري عادت هن وقت به آڏو اچي ويس ۽ پنهنجو پاڻ کي سنڀالي ورتائين. اڃا هن سان واقفيت ٿئي ڪي ٻه هفتا به مس ٿيا آهن، هن سوچيو ۽ آهستي آهستي ڪري هٿ ڍرا ڪري ڇڏيائين ۽ رڙهي پري ڪرسيءَ تي اڪيلو وڃي ويٺو.
    جيئن ئي هن بيئر پيئڻ شروع ڪيو ته در تي ڪنهن آهستي کڙڪو ڪيو. ماسايو بنا چرڻ پرڻ جي جپانيءَ ۾ جواب ڏنو ۽ موٽ ۾ ڪمونو ۾ هڪ ڇوڪري اندر گهڙي جهڪي ۽ مانيءَ جي لاءِ ننڍي ٽيبل ٺاهڻ لڳي. پوءِ گاديلا ٺاهي ٻاهر هلي ويئي. ٿوري دير بعد مانيءَ جا ٻه خومچا کڻي آئي ۽ ٽيبل تي سجائي رکيائين ۽ پوءِ ٻاهر هلي ويئي.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن مسافر خاني جي ماني به واهه جي هئي. ماني کائڻ بعد ماسايو ٻاهر نڪري واڪ ڪرڻ جو خيال ڏيکاريو. سمنڊ جي ڪناري تي شام جي لڳندڙ ٿڌي هير ۾ عجيب نشو هو. واپس موٽڻ تي هو ٿوري دير باغ ۾ لڳل پينگهن ۾ اچي ويٺا. سيٽان سڪون محسوس ڪري رهيو هو. سندس آمريڪا جي دنيا کان هيءَ دنيا نرالي هئي. هو ماسايو کي ڏسي هن بابت سوچڻ لڳو، جيڪا کيس گيشا گهٽ هڪ عورت وڌيڪ لڳي ٿي. هن به اهوئي ٿي چاهيو.
    چوڌاري اوندهه ڇانئجڻ تي باغيچي جون هلڪيون بتيون ٻريون. هاڻ هڪ هڪ منٽ قيمتي هو. ٿورن ئي ڏينهن بعد هي جپان ڇڏي رهيو هو، ٿي سگهي ٿو هن کي ماسايو جو وري ديدار نصيب نه ٿئي.
    هوءَ پنهنجي پينگهه مان لهي هن وٽ آئي ۽ هٿ کان جهلي پڇڻ لڳي: ”ڪمري تي هلون؟“ هن سيٽان جي نظرن سان نظرون ملائيندي چيو. سندس نظرن ۾ کليل پيغام هو.
    جڏهن هو ڪمري تي پهتا، ته ان ۾ ڪافي تبديلي اچي چڪي هئي. نوڪرياڻيءَ ماني کائڻ واري ٽيبل ۽ ڪرسيون ڪڍي ڇڏيون هيون، پٽ تي ٽيبل لئمپ ٻري رهيو هو جنهن جي هلڪي روشني ڪمري جي فقط ٿوري حصي ۾ اچي رهي هئي. تڏي جي وچ تي ٻه هنڌ هڪ ٻئي جي ڀرسان وڇايل هئا.
    سيٽان اندر گهڙندي ٿورو هٻڪيو ته آيا هن کي رات جي وقت ڪمري ۾ اندر اچڻ گهرجي يا نه. ماسايو ان مسئلي جو حل ڪنڌ ڌوڻي ۽ هڪڙوئي جپاني لفظ”دوزو“ چوڻ سان حل ڪري ڇڏيو.”دوزو“ هڪ اهڙو جپاني لفظ آهي جيڪو توهان کي هر ڳالهه جو لائسنس ڏيو ڇڏي ته جيڪي ڪرڻ چاهيو ٿا ڀلي ڪريو. اکين تي، يا جيڪي ڪري رهيا آهيو ڀلي ڪندا رهو.
    جيئن ته اڃا رات جا نَو به نه ٿيا هئا ان ڪري سيٽان هن جي اجازت قبول ڪئي ۽ اندر آيو. گيشا فرج مان ٻه ٿڌيون بيئر جون بوتلون ڪڍي گلاس ۾ اوتيون. هڪ سيٽان جي اڳيان ۽ هڪ پنهنجي اڳيان رکي سامهون شهر جون بتيون، ٽڪريون ۽ مٿي تارا ڏسڻ لڳي، جن لامحدوديت جو احساس ٿي ڏنو. ڳالهائڻ جي ڪا ضرورت نه هئي. سيٽان ته گيشا کي فقط ڏسي پئي ٺريو. هوءَ صحيح معنيٰ ۾ سونهن جو مجسمو هئي. سندس صورت ۽ سيرت، ڪردار ۽ بذات خود پاڻ سڀ مڪمل هجڻ جو مثال هئا.
    ”انگريزي ڳالهائيندي مون کي ڏاڍي ڏکيائي ٿي ٿئي.“ هن ڳالهائڻ شروع ڪيو.”تون پهريون ڌاريون آهين جنهن سان مون انگريزي ڳالهائي آهي.“
    سيٽان ڪنڌ ڌوڻي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته هو اها ڳالهه محسوس ڪري ٿو.”تون ڪيترين ئي سٺاين جو مالڪ آهين. تون عظيم انسان آهين، سيٽان ان ڪري مان توکي هڪ ڳالهه ٻڌائڻ ٿي چاهيان ته تون مون کي وساري ڇڏ. آئون ڇوڪري نه آهيان، آئون گيشا آهيان. تولاءِ، ڪنهن ڇوڪريءَ جو ساٿ ضروري آهي، مس نارما جهڙيءَ جو.“
    انهن جملن هن کي ڌونڌاڙي ڇڏيو. هن ته اهو به ڪونه سوچيو هو ته نارما جي هجڻ جي به ڪا هن کي خبر هوندي. هو ٺونٺ جي زور تي ٿورو اڀو ٿي ويٺو.”تون هن کي سومو مئچ تي وٺي ويو هئين جتي ڪيترين ئي گيشائن توکي ڏٺو هو.“ هن ٻڌايس ۽ پٽ تي ڇايل تونئريءَ تي پنهنجي چيچ ڦيرڻ لڳي، ڄڻ ڪا شڪل ٺاهي رهي هجي. ”تون اتان سوير ئي اٿي ويو هئين،“ هن وڌيڪ چيو، ”منهنجي خيال ۾ ته شايد پوءِ تون هن جي ڪمري تي به ويو هئين.“
    ”جي ها. آئون ويو هوس.“
    ”ڪا فڪر جي ڳالهه ناهي. مرد مختلف زندگي گذارين ٿا، سيٽان سائين.“ پوءِ هن تونئري تي آڱر ڦيرڻ بند ڪري پنهنجو مٿو مٿي کنيو، ۽ اکيون هن ۾ کپايون.”آئون گيشا آهيان، پر مون اهائي ڪوشش ڪئي آهي ته توسان دوستي نڀايان. ريتون رسمون جيتوڻيڪ اجازت نٿيون ڏين، پر آئون ان هوندي به ڪوشش جاري رکندي اچان. پر هاڻ سوچيان پئي ته اهي ريتون صحيح آهن.“ هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري ماٺ ٿي ويئي.
    سيٽان پنهنجي سڄي همت گڏ ڪري کانئس اها ڳالهه پڇي جنهن جو هن کي سڀ کان گهڻو ڊپ هو.
    ”تنهنجي معنيٰ تون هاڻ مون سان نه ملندينءَ؟“
    هن پنهنجو ڪنڌ ساڄي کاٻي ڌوڻي نهڪار ڪئي.
    ”ڇو ڀلا؟“ سيٽان پڇيو.
    جواب ۾ مس سدا بهار چنبيليءَ فقط سيٽان ڏي نهاريو.
    سيٽان وري کانئس پڇيو:”ڇو ڀلا؟“
    هن منهن کڻي ٻئي پاسي ڪيو جيئن کيس سيٽان ڏي ڏسڻو نه پوي. ”ڪميونٽي باٿ تي،“ هوءَ چوڻ لڳي،”تو مون سان سچ نه ڳالهايو.“ هن اهي لفظ جيڪي ڳالهائڻ نٿي چاهيا سي نيٺ چئي ڏنا ۽ ان سان گڏ سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ لڳا.
    ”تو چيو هو...ته ....تو ڪنهن به ڇوڪريءَ کي...مون کان اڳ اگهاڙو ڏٺو ناهي.“
    ”اها حقيقت آهي،“ هن اعتماد سان چيو.
    پر هوءَ اهڙو ڏيک ڏيڻ لڳي ڄڻ صفا ڪانه پئي ٻڌي.” منهنجي خيال ۾ ته آئون ڪير ٿيندي آهيان پڇڻ واري. پر توهان کي گهٽ ۾ گهٽ مون سان ڪوڙ ڳالهائڻ نه کپي.“ اهو چئي هن پنهنجو منهن کڻي هٿن سان ڍڪيو.
    ”ماسايو، اها حقيقت آهي...“
    هن پنهنجا هٿ پري ڪيا ۽ ڌيرج سان چيو:”تو هينئر مون کي ٻڌايو ته تون نارما سَانِ جي گهر ويو هئين.آئون نارما سان کي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿي. هوءَ ساڪاموتو سَانِ جي رکيل آهي. ۽ تون ان جي گهروئين.“
    ”ها، بس رڳو گهر ئي ته ويو هوس. باقي نارما سَان سان گڏ ستو هرگز نه هوس.“
    ”ڇو؟ اهو ڪينئن؟!“ هن جواب جي طلب ڪئي.
    ”ڇو جو منهنجو پيار توسان آهي!“
    سيٽان هاڻ وڃي اهي لفظ چيا جيڪي جيتوڻيڪ سڄو ڏينهن سندس چپن تي هئا، پر چوندي لڄ ٿي ٿيس.
    ”ڇا واقعي توکي مون سان پيار آهي؟“
    ”ها. ها. منهنجي جان، مون کي توسان پيار آهي. تون سمجهين ڇو نٿي، ته مون نارما کي به ان ڪري ڇڏي ڏنو جو مون کي توسان پيار آهي. مون کي تون ٿي گهرجين.“
    ان ئي مهل سيٽان کي محسوس ٿيو ته هو ڇا جو ڇا چوندو وڃي. مس سدا بهار چنبيليءَ جي حساس طبيعت جو ته کيس ان ڏينهن کان احساس هو جڏهن سندس چمي واري ڳالهه تان دل ۾ ڪيو هئائين. ٿي سگهي ٿو هينئر هوءَ وري چڙي پئي هجي. هاڻ هن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ماٺڙي ڪري اٿي وڃي يا وڃڻ کان اڳ کيس ڪجهه چوڻ به کپي؟
    ايتري ۾ هن کي پنهنجي ڳل تي هن جي نازڪ آڱرين جو ڇهاءُ محسوس ٿيو. هن منهن ڦيرائي ڏٺو، هوءَ ڀرسان بيٺي هئي، ٻئي ٻانهون کولي، ڀاڪر پائڻ لاءِ آتي. هن به اڳتي وڌي کيس کڻي پنهنجين ٻانهن ۾ سوگهو ڪيو. هن کڙين تي بيهي پنهنجا چپ سيٽان جي چپن تي رکيا. نفساني خواهشون سيٽان کي وڻ ويڙهيءَ وانگر ورائي ويون. هن مس سدا بهار چنبيليءَ کي چرين وانگر ڳچي، ڳلن ۽ اکين تي چميون ڏيئي ڳوڙها اگهيا.
    ۽ پوءِ هن سڄي همت ۽ بردباريءَ سان پنهنجو پاڻ ضابطي ۾ ڪيو. ٻانهون هڪدم ڍريون ڪري ڇڏيائين جيئن هوءَ کانئس پري هلي وڃي.
    ”ماسايو، آئون...“
    هوءَ آهستي آهستي ٿي پري وڃي بيٺي. هن سيٽان جو نالو وٺي کيس سڏيو، پر هن کي ڪجهه ڪندي ڊپ ٿي لڳو. هن هاڻ نهارڻ به نٿي چاهيو متان سندس همت جواب ڏئي وڃي ۽ اهو ڪي ڪجهه ڪري وجهي جنهن لاءِ هن کي ننڍڻ کان سبق مليل آهي ته اهو اخلاقي پاپ آهي. ايتري ۾ هن وري مس سدا بهار چنبيليءَ جي جسم جو هلڪو ڇهاءُ پنهنجي ٻانهن تي محسوس ڪيو جيڪو آهستي آهستي، تمام آهستي آهستي وڌندو ويو ۽ نيٺ هوءَ اچي هن جي ڀاڪر ۾ پيئي.
    هن کيس پيار ۽ نفاست سان ائين جهليو جهڙي نازڪ ۽ قيمتي شيءِ، هوءَ واقعي هئي ۽ هن پاڻ محسوس ڪيو ته هوءَ پاڻ هن وٽ هلي آئي آهي ۽ هن سمجهيو ٿي ته ان جو مطلب ڇا آهي ۽ هوءَ ڇا ٿي چاهي. ڏسندي ئي ڏسندي سڄي دنيا سسي ڄڻ هنن تائين محدود ٿي وئي ۽ مٿي آسمان تيزيءَ سان ڦرڻ لڳو. سيٽان کيس کڻي زور سان ڀاڪر ۾ جهليو.
    ***


    نو

    هفتي جي موڪل جا ٻه ڏينهن: ڇنڇر آچر گهمي سيٽان سومر ڏينهن جڏهن ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي آفيس ۾ پهتو ته هن کي سڀ عجيب نگاهن سان ڏسي رهيا هئا. هو سڌو ريڪو وٽ ترجمي لاءِ آيو جيئن هو ۽ فيوجي هارا هڪ ٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهن. ريڪو هن کي گهوري ڏسڻ بعد اٿي بيٺي.”آئون بيحد خوش آهيان، ريڪو چيو،”ڇا توهان هاڻ اکين جا شيشا اندر ٿا پايو؟“
    ”ڪيئن توکي وڻن ٿا يا نه ؟ انهن کي ڪانٽئڪٽ لينسز(Contact Lenses) چئبو آهي.
    ”او ڊڪ“ توهان عينڪ بنا سٺا لڳي رهيا آهيو. مون کي پڪ آهي ته مس سدا بهار چنبيليءَ کي توهان ڏاڍو وڻندئو.“ ريڪو چيو.
    ”هن ئي مون کي صلاح ڏني ته عينڪ بدران اهي اکين جي ماڻڪيءَ تي رکڻ وارا شيشا استعمال ڪريان.“
    ”بهرحال سهڻا پيا لڳو، واقعي.“ ريڪو چيو.
    هن ريڪو جي ڪلهن تي پيار مان هٿ رکي چيو:”خير سهڻو ته ڪونه پيو لڳان پر تنهنجي مهرباني. هاڻ اچ ته ڏسون ته ڪم ڪٿي پهتو آهي؟“
    ڪم پنهنجي صحيح ۽ سٺي رفتار سان وڌي رهيو هو. فيوجي هارا ٻه ڏينهن موڪل وارا، ڏينهن رات ڪم ۾ لڳو رهيو ۽ ذري گهٽ سڄو مسئلو حل ڪري ڇڏيو هئائين.
    پوءِ سيٽان به هن سان گڏ ڪم ۾ لڳي ويو. وچ وچ ۾ هن ڪانٽئڪٽ لينس لاهي نڪ تي وري پراڻي عينڪ ٿي چاڙهي جو ڊاڪٽر کيس صلاح ڏني هئي ته اهي شيشا اڃا لڳاتار استعمال نه ڪر جيسين اکيون انهن تي ٺهن. بهرحال سيٽان ان ڏينهن جو انتظار ڪرڻ لڳو جڏهن سندس عينڪ مان هميشه هميشه لاءِ جان ڇٽي ويندي.
    چئين بجي کان ٿورو اڳ کيس ٽيليفون لاءِ سڏ ٿيو. سندس دل خوشيءَ کان ڳائڻ لڳي ته مس سدا بهار چنبيليءَ جو فون هوندو پر ڳالهائڻ تي خبر پيس ته مسٽر ساڪاموتو هو.”ڇا پاڻ لاءِ اهو ممڪن ٿي سگهندو ته اڄ شام جو ڪجهه گهڙين لاءِ گڏ ويهي ڳالهايون؟ آئون ڪي ڳالهيون توهان سان ڪرڻ ٿو چاهيان جيڪي توهان جي لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهن ٿيون.“
    سيٽان کي ياد آيو ته هن ان مشين جي اگهه لاءِ کانئس پڇرايو هو سو بهرحال هاڻ اخلاقي طور هن سان هڪ دفعو ضرور ملڻو پوندو.”تون نائين بجي ڌاري ملي سگهندين جو ان کان اڳ آئون ڪنهن جي ماني تي هوندس.“
    ”نوين جو وقت تمام سٺو وقت آهي. آئون تولاءِ پنهنجي ڪار موڪليندس.“ ساڪاموتو چيو.
    سيٽان واپس پنهنجي آفيس ڏي ويو. رات جي مانيءَ لاءِ هن مس سدا بهار چنبيليءَ کي چيو هو، پر هن سيٽان کي پڪ نه ڏني هئي ۽ چيو هو ته هوءَ شايد ڪم تي وڃي. بهرحال جي واندي ٿي سگهي ته فون ڪندي.
    ساڍي ڇهين وڳي تائين سيٽان کي ٻن ڳالهين جي پڪ ٿي ويئي. هڪ ته ماسايو، مس سدا بهار چنبيليءَ کي پڪ اڄ لاءِ ڪٿي ڊيوٽي ڪرڻي پئجي ويئي آهي جو اڃان فون نه ڪيو اٿس. ۽ ٻي ڳالهه ته فيوجي هارا مشين جي ڊيزائن جو مسئلو بلڪل حل ڪري ورتو آهي. هاڻ وري نئين سنئينءَ ماتسوموتو ڪمپنيءَ کي مشين ٺاهڻي پوندي، ان ڪري هن کي جپان ۾ رهڻ لاءِ ٻه چار ڏينهن ٻيا به ملي ويندا. هن کي ان ڳالهه تي فخر هو ته هن جو ماسايو جهڙي سهڻي ڇوڪري سان عشق ٿي ويو هو. ريڪو کي به ان جي ٿوري ٿوري خوشبو آئي پئي. هوءَ سيٽان جو سوچي خوشي محسوس ڪري رهي هئي، پر هن کي دل ۾ هڪ تمام وڏو خوف پڻ هو.
    سيٽان ستين بجي آفيس مان واندو ٿي اچي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺو. رستي تي هن ماسايو جي ڊيوٽيءَ بابت اهو هرگز سوچڻ نٿي چاهيو ته هوءَ ڪنهن جپاني سيٺ جي دعوت ۾ هن جي مهمان سان کلي ڳالهائي رهي هوندي، يا انهن کي راڳ ڳائي وندرائي رهي هوندي.
    هوٽل تي پهچڻ سان کيس پنهنجي ملڪ جي آفيس کان آيل خط مليو جنهن ۾ لکيل هو ته سندس جپان ۾ رهائش ڪمپنيءَ کي چڱي وڏي خرچ ۾ وجهي رهي آهي. بهرحال اميد آهي ته سندس رهائش ڪمپنيءَ لاءِ ڪارگر ۽ فائديمند ثابت ٿيندي. ان کان علاوه لکيل هو ته نڪتل نتيجن کان کين جلد آگاهه ڪيو وڃي جو تمام گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن.
    اهو پڙهي سيٽان کي پهرين دل ۾ آيو ته جيڪر آمريڪا پنهنجي آفيس وارن کي صاف صاف جواب لکي موڪلي ته پنهنجو ٺهيل مشينريءَ جو نقشو غلط هو جيڪو هتي فيوجي هارا وڏي محنت ۽ هوشياريءَ سان چڪون ڪڍي درست ڪيو آهي. پر پوءِ خيال آيس ته ائين لکڻ سان سندس آمريڪي دوست جيڪو اتي ڊيزائينر آهي ۽ جنهن اهو نقشو ٺاهيو آهي، ان تي مصيبت اچي ويندي.
    رات جي ماني پنهنجي هوٽل ۾ ئي کاڌائين. ٻي ڪابه خاص پهر اوسي پاسي ۾ ويٺل نه هئي. نائين کان ٿورو اڳ ۾ هو پنهنجي ڪمري تي آيو ۽ هڪ دفعو وري ڪانٽئڪيٽ لينس Contact Lens پاتائين. ايتري ۾ ساڪاموتو جو ڊرائيور کيس وٺڻ لاءِ اچي نڪتو.
    شهر جي وڏن رستن تان هلندا پوءِ سوڙهين گهٽين ۾ آيا ۽ آخرڪار هڪ ڪاٺ جي عمارت وٽ ڊرائيور ڪار اچي جهلي. عمارت جي ٻاهران لالٽين ٻري رهيو هو. سيٽان پنهنجا بوٽ لاٿا، ماماسان کي جهڪي کيڪاريو، جيڪا کيس وراندي مان وٺي هلڻ لڳي. اڳتي هلي هن هڪ ڪمري جو دروازو گهرڪائي کوليو. سامهون ويٺل جارج ساڪاموتو اٿي بيٺو ۽ سيٽان کي کيڪاري گرمجوشيءَ سان هٿ ملايو:
    ”مسٽر سيٽان توسان وري ملي مون کي خوشي ٿي آهي.“ پوءِ هڪ دفعو وري کيس غورسان ڏسي چيو:
    ”منهنجي خيال ۾ توهان اکين تي ڪانٽئيڪٽ لينس پاتا آهن. ان ڪامياب تبديليءَ تي مون طرفان مبارڪباد قبول ڪندا. اها تعريف ناهي پر حقيقت آهي ته بنا عينڪ جي توهان جي منهن جي بيهڪ بهتر لڳي رهي آهي. ڀلا مون طرفان سنتوري، جپاني وسڪي پيئڻ قبول ڪندا؟“
    سيٽان هائوڪار ڪئي. بئري جهڪي شراب پيش ڪيو. پوءِ ساڪاموتو ڳالهه شروع ڪئي:”نارما توهان جا ڏنل نقشا مون تائين پهچايا.“ ايترو چئي هن شراب جو ڍڪ ڀريو ۽ پنهنجا چپ اگهيا.” منهنجي انجنيئري کاتي جي ماڻهن انهن کي غور سان جانچيو.“ ڀر ۾ رکيل هڪ پيتيءَ مان هن هڪ مشينري ڪڍي ميز تي رکي. ”ڪم جو جهٽ پٽ اڪلاءُ اسان جي ڪمپنيءَ جي اهم خصوصيت آهي. اسان توهان جي نقشي مطابق مشين جو نمونو ٺاهيو آهي. جنهن کي توهان جانچي ۽ چڪاسي سگهو ٿا.“
    سيٽان مشين کي پهرين نظر ۾ ئي ڏسڻ سان ساڪاموتو جي ماڻهن جي بهتر هنرمندي ۽ هٿ جي صفائيءَ سليقي جو اندازو لڳائي ورتو:”مون اهو نٿي چاهيو ته توهان ڪا ايتري تڪليف وٺو،“ سيٽان چيو. ”مون فقط توهان کان ان جو اگهه پڇڻ چاهيو ٿي.“
    ساڪاموتو هٿ لوڏي چيو:”اگهه سان گڏ نمونو به پيش ڪرڻ اسان جي اصولن مان هڪ آهي. ۽ توهان لاءِ ئي آهي. ان جي ڪا قيمت ناهي ۽ نه وري توهان تي ان جو ڪو ٿورو ٿا ڪريون.“
    ”آئون پنهنجي ملڪ آمريڪا ۾ پنهنجي آفيس وارن کي توهان جو هي نمونو ضرور ڏيکاريندس. توهان جي ماڻهن کي خبر ناهي هن مشين کي ٺاهڻ بعد چڪاس ڪرڻ جو موقعو مليو يا نه؟“
    ”نه. باقي هنن کي اها پڪ آهي ته هنن اها مشينري توهان جي نقشي ۽ ڊيزائين مطابق بلڪل صحيح ٺاهي آهي. ڀلا توهان کي خراب ته نه لڳندو جي آئون توهان کان پڇان ته توهان کي ماتسوموتو ڪمپنيءَ وارا ڪهڙي اگهه ۾ مشين ٺاهي ڏين پيا؟“
    سيٽان ڪجهه گهڙين لاءِ سوچيو. هن ماتسوموتو ڪمپنيءَ وارن جا مسئلا ٻڌائڻ نٿي چاهيا. ساڳي وقت پنهنجي آمريڪن ڪمپنيءَ جي غلطي به ٻڌائڻ نٿي چاهي.”هول سيل جي حساب سان اٽڪل پنجونجاهه ڊالر کن في نگ.“
    ساڪاموتو پنهنجي خرچ جي تخيميني جو چٺو سيٽان جي حوالي ڪيو.”اٺيتاليهه ڊالرن ۾ في پيس!“
    سيٽان پڙهي عجب کاڌوو.”پر مسٽر ساڪاموتو ڳالهه اها آهي جو اسان تي ماتسوموتو ڪمپنيءَ جا ٿورا آهن ۽ هنن سان زبان ڪري چڪا آهيون.“
    ”اها ڳالهه توهان جي بلڪل صحيح آهي. ڀلا هي توهان وارا نقشا آئون پاڻ وٽ رکي ڇڏيان جيئن متان توهان کي ٻي ڪنهن ڪمپنيءَ کان به ٺهرائڻ جي ضرورت پئجي وڃي. يا چئو ته توهان جي هوٽل تي پهچايان.“
    سيٽان انصاف جي ڳالهه ڪرڻ ٿي چاهي:”منهنجي خيال ۾ ته توهان نقشا ڀلي اسان کي ڏئي ڇڏيو. ان ڪري نه ته ڪو توهان ۾ اسان جو اعتماد ناهي پر ان ڪري جو اسان ان مشين ۾ ڪجهه تبديلي آڻڻ بابت سوچي رهيا آهيون.“
    ”بهتر. ايترو ضرور چوندس ته توهان ماتسوموتو ڪمپنيءَ وارن جي مدد جيتري ڪريو پيا ان لاءِ جس هجنوَ. اهي واقعي اها لهڻن. ۽ مون کي خبر آهي ته هو توهان جي تمام گهڻي خدمت ڪري رهيا آهن.“
    سيٽان شراب جو ڍڪ ڀري دل ئي دل ۾ مس سدا بهار چنبيليءَ جي صحت ۽ دوستيءَ لاءِ دعا گهري:”آئون ماتسوموتو وارن جو ٿورائتو آهيان جن منهنجو هڪ تمام سٺي ڇوڪريءَ سان تعارف ڪرايو آهي.“
    ”منهنجي خيال ۾ ته آئون هن کي سڃاڻان ٿو.“ جارج چيو،”گيشا ڪانوماسايو، جيڪا مس سدا بهار چنبيليءَ جي نالي سان سڏجي ٿي.“
    ”توهان ته هر ڳالهه جي جانچ رکو ٿا.شابس هجيوَ.“
    ساڪاموتو کليو، ”خير جاسوسي خاطر هرگز نه. هڪ ڏينهن مون کي مس سدا بهار چنبيليءَ جي ضرورت هئي جيئن منهنجن مهمانن کي مانيءَ تي وندرائي سگهي، پر گيشا گهر وارن ٻڌايو ته هن کي ماتسوموتوءَ توهان جي وندر لاءِ هفتي کن لاءِ مسواڙ تي رکي ڇڏيو آهي.“
    سيٽان ٿورو جهڪي چيو.”ڇا چيو توهان؟! توهان جو مطلب آهي ته مس ماسايو ڪانوءَ کي مون سان ملڻ لاءِ ماتسوموتو پئسا ڏيئي مسواڙ تي رکيو آهي؟ مون کي ته اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي.“
    ساڪاموتو هن ڏي گهوري ڏٺو:”مسٽر سيٽان، جپان کان ٻاهر گيشائن کي اڪثر غلط سمجهيو وڃي ٿو. سو توهان کي به کڻي ڪيترو به تفصيل سان سمجهائجي پر ڪو فائدو نه ٿيندو. ان هوندي به ايترو توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته مس سدا بهار چنبيليءَ کي توهان لاءِ هر وقت حاضر رکڻ لاءِ جيڪو خرچ پکو ماتسوموتوءَ ڪيو آهي ان لاءِ شاباس هجيس.“
    سيٽان پنهنجي جذبات تي ضابطو رکندي چيو:”مسٽر ساڪاموتو، ٽوڪيو ۾ اچڻ وقت مون کي ڊنر کارائي ويئي هئي. مس ڪانو پڻ اتي هئي ۽ اها خبر اٿم ته هوءَ پئسن تي گيشا طور گهرائي ويئي هئي جيئن مهمانن کي پنهنجي فن، ڳالهين ۽ راڳ جهڙين شين سان وندرائي سگهي. ان کان پوءِ آئون هن سان ڪيترائي دفعا ائين دوستي ياريءَ ۾ سندس واندڪائيءَ جي گهڙين ۾ سندس مرضيءَ تي مليو آهيان. ڇا توهان جو خيال آهي ته سندس اهو ملڻ دوستيءَ ۾ نه پر ڪاروباري نموني جو هو، جنهن لاءِ هوءَ پئسا وصول ڪندي رهي؟!“
    مسٽر ساڪاموتو منجهي پيو ۽ اها مونجهه سندس چهري مان به بکي رهي هئي. ”مسٽر سيٽان! مون کي افسوس آهي جو آئون اجائي اها ڳالهه ڪڍي ويٺس. مونکي اها خبر نه هئي ته توهان ان بابت اڻ ڄاڻ آهيو. آئون دلي طرح توهان کان معافي گهران ٿو. مس سدا بهار چنبيليءَ جي ڪردار تي ڪنهن به قسم جو شڪ نٿو ڪري سگهجي. رڳو پئسي ڏوڪڙ جي ڳالهه ناهي. اها توهان جي خوش اخلاقي به چئبي جو هوءَ هميشه توهان سان ملندي رهي ٿي.“
    ”پر هن کي ان لاءِ مسلسل پئسا ملندا رهيا؟“ سيٽان معلوم ڪرڻ لاءِ ضد ڪيو.
    ”جي هروڀرو معلوم ڪرڻ چاهيو ٿا ته، هائو. پر اها ڳالهه آهي ته هوءَ ايري غيري نٿو خيري سان به نٿي ملڻ چاهي، ڪو ڪيترا به پئسا ڏوڪڙ ڏئي. هوءَ گراهڪن مان پنهنجي پسند موجب چونڊ ڪري ٿي. ۽ اها هڪ وڏي ڳالهه آهي ته هوءَ هر وقت توهان کي ئي چونڊيندي رهي آهي.“
    سيٽان پنهنجي ميزبان کي شرمندگيءَ جي احساس کان بچائڻ ۽ ڳالهه ڦيرائڻ لاءِ شراب جو گلاس کڻي پيتو. ۽ پوءِ مشينريءَ جو نمونو ۽ سندس اگهه جو چٺو کنيو ۽ اٿي بيٺو.”چڱو مسٽر ساڪاموتو. توهان جي ميزباني جي وڏي مهرباني. اميد ته توهان جي ملاقات جو مون کي وري جلد شرف حاصل ٿيندو.“ جيئن ئي ساڪاموتو اٿي بيٺو ته سيٽان جلدي هٿ ملائي اٿي هليو. ننڍڙو ورانڊو اڪري در وٽان بوٽ پاتو ۽ بنا ڪهيون ٻڌڻ جي اچي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺو. هي ان ڪري به جلدي اٿي ڀڳو جيئن سندس منهن جو لٿل پنو ڪو ٻيو نه وڙهي وٺي.
    پنهنجي هوٽل ۾ پهچي سڌو ڪمري ۾ آيو. لابيءَ ۾ به ساهه نه پٽيائين. ڪمري ۾ گهڙي بوٽن کي اڇل سان لاهي پنهنجو منهن هٿن ۾ لڪائي ڊگهو ٿي سمهي رهيو. جيئن سندس چهرو ڀتيون به ڏسي نه سگهن.
    سڄي رات هنڌ تي جاڳندي پاسا ورايائين. دنيا سندس اڳيان ٽڪرن ٽڪرن ۾ ٽٽندي ۽ جڙندي رهي. صبح ٿيڻ تي هن رات وارا اڃا تائين پاتل ڪپڙا لاٿا، شيو ڪري، وهنتو ۽ ٻيا ڪپڙا پاتائين.
    ڪانٽئڪٽ لينس پائڻ بدران پراڻي عينڪ نڪ تي رکيائين ۽ ٽئڪسي ڪري آفيس پهتو. آفيس ۾ پهچي سڌو ريڪو جي ٽيبل وٽ آيو.”تو سان آئون ڪجهه ڳالهائڻ ٿو چاهيان.“ هن چيو.
    ڪانفرنس روم ۾ پهچي سيٽان چيو،”ريڪو سَانِ آئون توتي ڀروسو ٿو ڪريان ۽ مون کي اميد آهي ته تون منهنجن سوالن جا صحيح صحيح جواب ڏيندينءَ. منهنجي ڳالهه تو سمجهي؟“ ريڪو ڳالهه ته سمجهي پر ڊڄي ويئي ته الائي ڇا آهي.”هر دفعي جڏهن به آئون مس سدا بهار چنبيليءَ سان مليو آهيان يا گهمڻ ويو آهيان ته ماتسوموتو ڪمپنيءَ گيشا گهر کي پئسا ادا ڪيا آهن. اها ڳالهه ڇا صحيح آهي؟“
    ڪوڙ ڳالهائڻ اجايو هو.”ها.“ ريڪو چيو.
    ”ڏس ڪمپنيءَ جي اڪائونٽنٽ ڇوڪري تنهنجي ساهيڙي آهي. تون هڪ ڪم ڪر هن کان گيشا گهر جا اهي سمورا بل وٺي اچ جن جي ادائگي ڪمپنيءَ مون خاطر ڪئي آهي، پر ڏس ڪنهن به ٻئي کي خبر نه پوي.“
    ”ڇا واقعي؟“ ريڪو چيو.
    ”ها بلڪل.“ سيٽان چيو. هن جي لفظن ۾ رُڪ جهڙي سختي هئي. هوءَ ڇاٿي ڪري سگهي. چپڙي ڪري ڪمري مان نڪتي ۽ واپس آئي ته سندس هٿن ۾ ڪجهه پنا هئا.
    سيٽان کيسي مان پين ڪڍي ۽ اڇن پنن جي بندي کڻي حساب جوڙڻ لڳو.
    ”نيو اوتاني هوٽل ۾ رات جي ماني؟“ سيٽان پڇيو.
    ريڪو جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ پني تي لکيل انگ آڏا ڦڏا نظرن اچڻ لڳس. ”جپاني سڪي ۾ هڪ لک پنجونجاهه هزار يين.“ ريڪو عام طرح ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    سيٽان سلائيڊ رول ذريعي جپاني سڪي يين کي بدلي آمريڪن ڊالرن ۾ آندو.”اٽڪل ڇهه سؤ ٽيهه کن ڊالر،”سيٽان چيو،”۽ پارڪ ۾ گڏ واڪ ڪئيسين، ان جا ڪيترا پئسا؟“
    ريڪو بل کي اٿلائي پٿلائي ڏٺو. ٽيهه هزار يين.“ ريڪو ڏک مان چيو.
    ”سي ٿيا چوراسي کن ڊالر. مهرباني. ۽ ڪيوٽو ۾ گذاريل رات جا ڪيترا پئسا؟“
    ريڪو هن کي ٻڌائڻ نٿي چاهيو.سيٽان هن کان ڪاڳر ڦري ان تي لکيل انگ پاڻ پڙهڻ لڳو:”پنج لک يين.“ ”گذريل اربع ڏينهن آئون کيس فلم تي وٺي ويو هوس.“
    ريڪو ڪنڌ جهڪائي ٻڌايو:”چاليهه هزار يين“ يعني سي ٿيا ڏيڍ سؤ کن ڊالر.“ سيٽان آهستي هٿن مان نڪري رهيو هو ۽ سندس چڙ جو پارو پڻ وڌي رهيو هو.
    ”ڀلا اُتامي ۾ گذاريل ٻه ڏينهن؟“ سيٽان رڙ ڪري چيو.
    ”سائين ان جو بل گيشا گهر کان اڃا پهتو ناهي. ڊڪ سانَ آئون توکي سچ پئي ٻڌايان.“
    سيٽان هاڻ سمورن پئسن جو جوڙ ڪيو ۽ پوءِ چيڪ بڪ ڪڍي ان مان هڪ چيڪ ڦاڙي پئسن جو انگ ان تي لکيو ۽ ان سان گڏ صحيح پڻ ڪئي.
    ”ريڪو سَان! مسٽر ماتسوموتو کي اطلاع ڪندا ته آئون هن سان هينئر جو هينئر ملڻ ٿو چاهيان.“
    ”چڱو آئون ڏسان ٿي.“ هن خبرداريءَ سان چيو ۽ وٺي ڀڳي. هوءَ پهرين ياماگچيءَ وٽ آئي ۽ اچي سربستو احوال ڪيائينس ته هيءَ هيءَ ڳالهه ٿي آهي. پوءِ هوءَ ماتسوموتوءَ جي آفيس ۾ حاضر ٿي. اها خطرناڪ خبر اڳهين ڪارخاني ۽ آفيس جي ورانڊن ۾ گشت ڪري رهي هئي. ڪمپنيءَ جي جپاني انجنيئر فيوجي هارا جنهن جو سيٽان سان گهڻو ساٿ رهيو هو، اهو سمجهي سگهيو ٿي ته سندس ساٿي ڪهڙي عذاب ۾ آهي. هن جي دل گهڻو ئي چاهيو ته سيٽان سان ڳالهائي ساڻس همدردي ڪري پر انگريزي نه اچڻ ڪري مجبور هو.
    جنهن وقت ريڪو سيٽان کي ماتسوموتو جي آفيس ۾ وٺي آئي ته ياماگچي به اتي ويٺو هو. هو ڪو ڪاغذ هٿ ۾ جهلي ائين ويٺو هو ڄڻ ميٽنگ هلائي رهيو هجي. هن اٿڻ ٿي چاهيو پر سيٽان کيس هٿ سان اشارو ڪري ويهڻ لاءِ چيو. ماحول ۾ ٿوري گهٽ هئي.”مسٽر ماتسوموتو،“ سيٽان ڪڇيو، ”گذريل رات مون کي پهريون دفعو خبر پئي ته مس سدا بها چنبيلي جنهن سان ملڻ وقت مون اهو پئي سمجهيو ته هوءَ دوستي ياريءَ ۾ مون سان پئي ملي، پر اصل ۾ هن جون اهي ملاقاتون ڪاروباري هيون. بهرحال سڀ کان اڳ ته آئون معذرت ٿو گهران جو مان توهان جي مهمان نوازي ۽ خلوص جو ناجائز فائدو وٺندو رهيس.“
    ريڪو ٻه دفعا ڊڪشنري کولي لفظ جي معنيٰ ڏٺي ۽ پوءِ سيٽان جي چيل انگريزي جملن جو جپانيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ پوءِ ماتسوموتو جو جپاني جواب ترجمو ڪري سيٽان کي ٻڌايو:”ائين ڪرڻ سان اسان کي خوشي ٿي آهي.“
    ”مون کي خبر آهي ته توهان وٽ جپان ۾ منهن مٿي ڪرڻ وڏي ڳالهه سمجهيو وڃي ٿو.“ سيٽان چيو،”اسان جي ملڪ ۾ عزت قائم رکڻ به اوتري ئي اهم ڳالهه آهي.“
    ”ساڳي ڳالهه ٿي،“ ماتسوموتو چيو،”فقط نالا جدا جدا آهن.“
    سيٽان کيسي مان چيڪ ڪڍي ٽيبل تي رکيو.”هي چيڪ ذري گهٽ ان سڄي خرچ جو آهي، جيڪو توهان پهرين ڏينهن جي مانيءَ کان پوءِ اڄ تائين مون ڪارڻ گيشا تي ڪيو آهي. اُتاميءَ ۾ ٻه راتيون گذارڻ وارو بل اڃا توهان تائين نه پهتو آهي. جيئن ئي ايندو ته اهو پڻ آئون ادا ڪندس. آئون سمجهان ٿو ته اهو تمام ڳرو هوندو.“ ريڪو ترجمو ڪيو، ۽ ڪمري ۾ ويٺل ٽنهي جپانين اها ڳالهه سمجهي.”هي هتي جي جپاني بئنڪ جو چيڪ هن وقت جيتوڻيڪ بيڪار آهي،“ سيٽان چيو،”پر آئون آمريڪا پهچڻ شرط پنهنجي بچت جا پئسا هيڏانهن جپان واري بئنڪ ڏي وڃي موڪليندس، جيئن هي چيڪ ڪئش ٿي سگهي.“
    ”سيٽان سَانَ،“ ماتسوموتو ڪجهه ڏک مان چيو.”تون وڏي عزت وارو انسان آهين. آئون توهان جو ڏنل چيڪ وٺڻ کان جيتوڻيڪ انڪار ٿو ڪريان، پر جنهن جذبي هيٺ توهان اهو پيش ڪيو آهي، ان جا گڻ هميشه ڳائيندو رهندس.“
    ”جيڪڏهن توهان منهنجي عزت رکڻ چاهيو،“ سيٽان چيو،” ته پوءِ هي چيڪ توهان کي ضرور قبول ڪرڻو پوندو.“
    وڏي ٽيبل پٺيان ويٺل هن گمنام شاعر، سيٽان کان چيڪ وٺي مٿئين وچ واري خاني ۾ رکيو. پوءِ هو ٽيبل وٽان ڦري اڳيان اچي بيٺو ۽ جهڪي موڪلائڻ بدران هن سان هٿ ملايو. اها هڪ وڏي عزت هئي جيڪا هن سيٽان کي ڏيڻ چاهي، پر سيٽان اڳهين پنهنجو مان مٿڀرو مڃائي چڪو هو.
    جنهن وقت فون جي گهنٽي وڳي ان وقت سيٽان پنهنجي ٽيبل تي نه هو. ريڪو فون ڪن تي رکي جواب ڏنو. پوءِ هن چوڌاري ويٺلن تي تڪڙي نظر وڌي. ڪنهن جو به ڌيان هن ڏي نه هو، پوءِ پنهنجي منهن تي بنا ڪنهن تاثر آڻڻ جي هن مختصر جپانيءَ ۾ ڪانوماسايو کي سڄو احوال ٻڌائي ورتو ته ڪجهه دير اڳ ڇا وهيو واپريو آهي.
    سيٽان ماتسوموتو جي آفيس مان نڪري انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ آيو. ريڪو اتي ئي ترسڻ مناسب سمجهيو جيئن ڪجهه پڇڻ يا ٻڌائڻ لاءِ هن جي ترجمي جي ضرورت پئجي وڃي. سيٽان مشين وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڪم ڪندو رهيو جيتوڻيڪ سندس چهري تي اداسي ڇانيل هئي. جپاني انجنيئر فيوجي هارا هن جو هي حال ڏسي ڏک محسوس ڪيو پر ڇا ٿي ڪري سگهيو.
    ڇهين وڳي ڌاري سيٽان اٿيو ۽ هن چيو:”آئون ٿوري دير ۾ ٻاهران رات جي ماني کايو ٿو اچان. اڄ منجهند جي ماني به نه کاڌي اٿم. بهرحال اجهو ٿو اچان.“
    ”ڀلي سائين،“ فيوجي هارا چيو،”اسين ويٺا هونداسين.“ سنگت خاطر هن سان گڏ وڃڻ جو هن گهڻو ئي چاهيو، پر پوءِ ماٺ ٿي ويو ۽ سيٽان اڪيلو پيرين پيادو ٻاهر هليو ويو. سندس جسم سور کان ڄڻ ڀڄي ڀور ٿي رهيو هو. گذريل چوويهن ڪلاڪن ۾ جيتوڻيڪ هن ڪجهه به نه کاڌو هو پر ان هوندي به هن کي اڃا تائين بک بلڪل محسوس نه پئي ٿي.
    جڏهن هو ساڍي ستين تائين واپس نه وريو ته ريڪو ۽ فيوجي هارا فڪرمند ٿيڻ لڳا. ٻنهي ڄڻن گهر به وڃڻ نٿي چاهيو جو سيٽان وڃڻ وقت چيو هو ته آئون موٽي ٿو اچان. ساڍي اٺين بجي ڌاري فيوجي هارا ريڪو کي چيو ته ”هينئن ٿا ڪريون جو تون اتي ترس ته آئون کيس ڳولي ٿو اچان. ۽ جيڪڏهن ان وچ ۾ پاڻ اچي وڃي ته کيس هوٽل تائين ڇڏي اچجانءِ.“
    ”اها سٺي صلاح آهي.“ ريڪو به مڃيو.
    ٻاهر نڪري فيوجي هارا سوچيو ته هو ڪيڏانهن وڃي سگهي ٿو. هڪ هنڌ ڪيتريون ئي ننڍيون هوٽلون ۽ شراب خانا هئا، فيوجي هارا کيس ڳولڻ لاءِ اوڏانهن روانو ٿيو. اتي پهچي هڪ هڪ هنڌ پڇڻ لڳو ته هتي هڪ ڊگهي قد جو فارينر ته نه آيو؟ ڪلاڪ کن هو ڳوليندو رهيو. آخر هڪ شراب خاني ۾ پهچڻ سان ان مالڪ چيو:”دوزو“ ۽ ڪنڌ جي ڌوڻ سان سيٽان ڏي اشاروڪيو جيڪو بي هوشيءَ جي عالم ۾ ٽيبل تي ڪنڌ رکي ستو پيو هو.
    ”آئون هاڻ پوليس کي اطلاع ڪرڻ وارو هوس.“ شراب خاني جي مالڪ چيو.
    ”ان جي ڪا ضرورت ناهي.“ فيوجي هارا وراڻيو”گهڻي ڪم ۽ ٿڪ ڪري هي بيحال ٿي ويو آهي. ڀلا هن جي بل جو حساب ته چڪتو آهي يا نه؟“
    مالڪ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ سندس مدد سان فيوجي هارا سيٽان کي ٽئڪسيءَ ۾ وڌو. فئڪٽريءَ وٽ پهچي فيوجي هارا ريڪو کي به سڏي آيو.
    ”منهنجي خيال ۾ ته هن کي سندس هوٽل تي وٺي هلون،“ فيوجي هارا چيو،”پر هوٽل جي لابيءَ ۾ سڀني اڳيان هن حال ۾ وٺي هلڻ سان هي ڏٺو ٿي پوندو.“
    ”واقعي،“ ريڪو چيو”ائين هو ڪنهن جي اڳيان منهن کڻڻ جهڙو نه ٿيندو.“
    ”آئون هن کي کڻي پنهنجي گهر وٺي هلان،“ فيوجي هارا چيو، ”پر منهنجا پيءُ ماءُ به اسان وٽ ٽڪيل آهن ۽ چتيءَ جيتري جاءِ به ناهي جو سيٽان لاءِ کڻي هڪ وڌيڪ فوتان (هنڌ) وڇائجي. هل ته ڀلا ڪنهن ٻيءَ هوٽل ۾ وٺي هلونس.“
    ”ڪنهن به هوٽل ۾ وٺي هلڻ صحيح نه ٿيندو ۽ ڏسڻ وارن جي نظرن ۾ ڪِري پوندو. هن کي يا ته آئون پنهنجي گهر ٿي وٺي وڃان. مون سان گڏ منهنجي ماءُ ٿي رهي سا ڪنهن پاڙي واري گهر ۾ سمهي سگهي ٿي. پر آئون اڪيلي سر هن کي کڻي نه سگهينديس.“ ريڪو چيو.
    ”آئون چڱيءَ طاقت وارو آهيان.“ ڊرائيور، جيڪو هنن جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو تنهن چيو،” مون کي توهان جي مدد ڪندي خوشي ٿيندي.“
    ”ته پوءِ آئون سيٽان جي هوٽل تي فون ڪري، “ فيوجي هارا چيو، ”کين ٻڌائيندس ته سيٽان سَانَ کي ڪنهن دعوت ۾ رات گذارڻي پئجي ويئي آهي، ان ڪري هو اڄ رات هوٽل تي نه ايندو ۽ رات جي پائڻ جو سامان ڪو ماڻهو اچي کڻي ويندو. پوءِ آئون ئي هن جي ضرورت جو سامان هوٽل تان کڻائي سڌو تنهنجي گهر ايندس.“
    ٽئڪسي ڊرائيور فيوجي هارا کي ڪنهن ويجهي ريلوي اسٽيشن تي لاهي پوءِ ريڪو جي ڏس موجب سندس گهر اچي پهتو جيڪو ڪاٺاڻي گهرن جي علائقي ۾ تختن جو ننڍڙو گهر هو. هو ٿوري دير ترسيو تيسين ريڪو اندر وڃي پنهنجي ماءُ سان حال ڪيو.
    سيٽان کي هيڏي ننڍڙي گهر ۾ اندر وٺي هلڻ ڪو آسان ڪم نه هو. هڪ ته بيهوشيءَ جي ڪري هو ڇپ وانگر ويتر ڳرو ٿي لڳو ۽ ويندي همت واري ڊرائيور کي به ڪافي تڪليف پئي ٿي. آخرڪار هن کي گهر جي وڏي ڪمري ۾ پٽ تي ليٽايو ويو.
    ريڪو جلدي جلدي ڪري سندس بوت لاٿا ۽ مٿي هيٺان وهاڻو رکيو. پوءِ پاڻيءَ جو پيالو ڀري اچي سندس منهن ڌوتو.
    جنهن وقت فيوجي هارا اتي پهتو ته هوءَ اڃا تائين هن جي ڀر ۾ ويٺي هئي. فيوجي هارا سيٽان جي رات جي ڪپڙن جي هڙ اچي ڀت ڀرسان رکي ۽ ريڪو هنڌ ٺاهي سيٽان جو ڪوٽ، قميص ۽ پتلون لاهي کيس هنڌ ۾ سمهاريو. فيوجي هارا ريڪو کي چيو ته سڀاڻي آفيس ۾ اچڻ جي ڪا جلدي ڪانهي ڀلي آرام سان اچجانءِ. سيٽ ماتسوموتو کي آئون حالتن کان آگاهه ڪري ڇڏيندس. پوءِ هو آهستي ڪري ٻاهر نڪتو ۽ ريلوي اسٽيشن ڏي رووانو ٿي ويو.
    ٿوري دير بعد ريڪو جي پوڙهي ماءُ چانهه لاءِ اچي پڇيو. سندس سڄو چهرو گهنجن سان ڀريل هو ۽ ڪاري رنگ جو ڪمونو پهريل هوس. ريڪو آهستي ڪري چيس ته هوءَ ڪابه تڪليف نه وٺي. پوءِ هوءَ پنهنجو هنڌ کڻي پاڙي واري گهر ۾ هلي ويئي. ريڪو پاڻ يوڪاتا پائي سيٽان جي ڀر ۾ ٿي ويٺي جيئن متان سيٽان اٿي سوچي ته هو ڪٿي آهي ته کيس ٻڌائي سگهي.
    ٻن ڪلاڪن بعد سيٽان کي سجاڳي ٿي ۽ ٺونٺ تي اٿي ويٺو ۽ هن ڏي نهاري پڇيو:”آئون ڪٿي گم ٿي ويو آهيان؟“
    ”تون ڪٿي به گم نه ٿيو آهين سيٽان سَانَ. پر گهڻي ڪم ۽ ٿڪ ڪري تون ساڻو ٿي ڪري پئين ۽ فيوجي هارا ۽ آئون توکي پنهنجي گهر وٺي آيا آهيون.“
    ”گهڻي پيئڻ ڪري مون هوش وڃايا آهن،“ هن چيو،”هن کان اڳ ڪڏهن به مون ائين نه ڪيو هو.“
    ”نه نه. اهڙي ڳالهه ناهي. تون آرام ڪر.“ اهو چئي ريڪو پنهنجو هٿ سندس نرڙ تي گهمائڻ لڳي.
    ”ريڪو مون پنهنجو پاڻ پاڻ ئي کلايو آهي.“ سيٽان چيو،”دراصل مون چاهيو ٿي ته مون سان ڪو محبت ڪري.“
    ”اهڙي ڳالهه ناهي. آئون به ته توسان محبت ڪريان ٿي.“
    .”ريڪو جنهن کي گهڻو ڀانئبو آهي ان کي ڇا چئبو آهي. منهنجو مطلب آهي جپانيءَ ۾ ڊيئر (پياري) کي ڇا چئجي؟“
    ”جپانيءَ ۾ بلڪل ان جهڙو ته لفظ ناهي، ڊِڪ. پر جنهن کي گهڻو چاهبو آهي ته پوءِ ان جي نالي پٺيان ”چان“ وجهبو آهي، جيئن ”سيٽان سَانَ،“ بدران ”سيٽان چَان“، اهوئي فرق آهي.“
    ”ريڪو چان، جپان ۾ آئون ٽن ڇوڪرين سان مليو آهيان. انهن مان تون هڪ اهڙي آهين جيڪا منهنجو گهڻو خيال ٿي رکين. ڇا تون مون سان شادي ڪندينءَ؟“
    هن پنهنجو ڪنڌ هيٺ جهڪايو:”توهان مون کي اها عزت پيا ڏيو جنهن جو آئون سوچي به نٿي سگهان. پر آئون پنهنجو پاڻ کي توهان جي قابل نٿي سمجهان. دل جي گهراين سان آئون توهان جي شڪرگذار آهيان.“
    هن جهڪي پنهنجا چپ هن جي چپن تي زور سان کپايا. پوءِ هوءَ اٿي ويٺي ۽ چيو:”هينئر توهان سمهي آرام ڪريو. سڀاڻي پاڻ ڳالهائينداسين.“
    ”گڊ نائيٽ، ريڪو چان“ (شب خير پياري ريڪو.)
    ”ڪامبان، وا، ڊڪ چان“ (شب خير پيارا ڊِڪ)
    پوءِ به هوءَ تيستائين اتي ئي ويٺي رهي جيسين سيٽان کي گهاٽي ننڊ آئي ۽ کونگهرا هڻڻ لڳو. پوءِ هن جهڪي تڏي کي ڇهيو جنهن تي سيٽان ستل هو ۽ آهستي چپن ۾ ڀڻڪيو:”ڊِڪ چان! اها مون لاءِ عزت ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي جي تون مون سان شادي ڪرين. آئون تنهنجي زال ٿي گولين وانگر گذرينديس ۽ تنهنجي خدمت ڪندي رهنديس.“ پوءِ هوءَ اٿي ۽ بنا هنڌ ۽ وهاڻي جي ڀر واري ڪنڊ ۾ گڪي ٿي سمهي رهي، جيئن متان ڪنهن به وقت سيٽان کي ڪنهن شيءِ جي ضرورت پوي ته هوءَ ويجهي هجڻ جي صورت ۾ سڏ جو جواب ڏئي سگهي.
    ***


    ڏهه

    لنچ بعد سيٽان ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي ڪارخاني تي پهتو. سيٽان هاڻ تازو توانو لڳي رهيو هو، پر سندس منهن تي اها رونق نظر نه پئي آئي جنهن کان هرڪو واقف هو. فيوجي هارا انجنيئر جي سامهون ٽيبل تي ويهي هن چيو:”يار ڪو ڪم هجئي ته مون کي به ڏي ته آئون به ويهي ڪريان.“
    ”مشينريءَ جو نقشو (ڊيزائن) ته مڪمل ٿي ويو،“ فيوجي هارا چيس،”هاڻ ان نقشي موجب ان جا اوزار پيا ٺهن ۽ ٻيو ته ڪو ڪم مون کي نٿو سُجهي.“
    ”ڪجهه نه ڪجهه مون کي ڪرڻ کپي. تو منهنجو ڪم ويهي ڪيو آهي، مون کي به تولاءِ ڪجهه ڪرڻ کپي.“ سيٽان چيو.
    فيوجي هارا کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪهڙو ڪم کيس ڏئي ”في الحال ته ڪو به ڪم ناهي جو توهان کي ڏيان. ڪيترن هفتن کان اسان کي ڪو به نئون ڌنڌو نه مليو آهي، سواءِ ان توهان واري ڪم جي.“ هن پنهنجي دوست ڏي نهاريو جيئن ئي ريڪو ترجمو ڪري ٻڌايو.”جيئن ته توهان کي اسان جي ڪمپنيءَ جون دکدائڪ حقيقتون معلوم ٿي چڪيون آهن ان ڪري مون کي پنهنجي ڪمپنيءَ بابت توهان کي سڀ ڪجهه ٻڌائڻ کپي. جپاني ماڻهو هر ڳالهه ۾ عزت جو سوال آڻيندا آهن جيئن انڊو پاڪ ۾ مهمان اچي ويو ته غريب گهر وارو قرض کڻي به هن جي خدمت چڱيءَ طرح ڪندو توڙي کڻي سندس ٻار ڀلي ٻن ڏينهن کان بک تي هجن. ٻار جو طهر يا شادي ڌام ڌوم سان ڪئي ويندي جو ان ۾ عزت جو سوال آهي پوءِ چاهي سڄي عمر پيو ان جو قرض لاهجي، تهڙي طرح اسان وٽ جپان ۾ ڪا شيءِ ٺاهڻ نه ايندي ته به ڪمپني انڪار نه ڪندي ته هن کي اها شيءِ ٺاهڻ نٿي اچي جو ائين ڪرڻ وڏي بي عزتي سمجهي وڃي ٿي. ميوي جي واپاريءَ کان صوف گهرائبا ته هو انڪار هرگز نه ڪندو ته نٿو موڪلي سگهان جو انهن جي موسم ئي ڪانهي. پر چوندو ته بس سائين هلو ته پٺيان موڪليان ٿو، ڄاڻ ته آيا. ٽن مهينن کان پوءِ جڏهن انهن جي موسم ايندي ته پوءِ توهان کي اطلاع ڪندو ته هاڻ اهي دڪان تي پهچي ويا آهن.“
    ”ڀلا ان ڳالهه جو سيٺ ماتسوموتوءَ جي ڪمپنيءَ سان ڪهڙو تعلق؟“ سيٽان پڇيو.
    ”فقط ايترو، سيٽان سائين، ڪجهه مهينا اڳ اسان کي آمريڪا جي هوائي فوج طرفان ڪنهن اوزار ٺاهڻ جو آرڊر مليو هو جيڪو رڊار ۾ لڳائڻ لاءِ هو. ڪيترين آمريڪن ڪمپنين به ان لاءِ انڪار ڪري ڇڏيو هو ته ان کي ٺاهڻ هنن جي وس جي ڳالهه ناهي. پر اسان لاءِ کليو کلايو انڪار ڪرڻ بي عزتيءَ جي ڳالهه هئي ته هڪ اليڪٽرانڪس جي شيءِ اسان نه ٺاهي سگهنداسين! اسان ڪوشش ۾ لڳا رهياسين ته من ڪنهن طرح به ڪامياب ٿي وڃون.
    ”ان جي تياريءَ لاءِ جيڪا اسان وٽ بجيٽ هئي اها سموري ختم ٿي ويئي. ان بعد جيڪا موڙي ۽ ٻئي پروجيڪٽ لاءِ رکيل رقم هئي اها به سڄي لڳائي ڇڏيسين پر ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيو. آخر ۾ هر هڪ فنڊ ۾ بچيل رقم جو آخري پئسو به لڳائي ڇڏيوسين، پر اها شيءِ هنن جي گهرج مطابق ٺهي نه سگهي ۽ ساڳي وقت اسان ان کي به بي عزتي ٿي سمجهيو ته حقيقت کان ڪم وٺي آمريڪا جي فوج کي اطلاع ڪريون ته اها شيءِ ٺاهڻ اسان جي وس کان ٻاهر آهي. هنن کي اهوئي لکندا آياسين ته سندس آرڊر ڏنل شيءِ تي ڪم جاري آهي، پر ٻين ڪمپنين کي خبر هئي ته اسان ناڪامياب ويا آهيون ۽ نقصان ۾ اچي ويا آهوين. فلپين ۾ اسان پنهنجو وڏو گراهڪ وڃائي ڇڏيوسين جو اتي جي مئنيجر کي اسان ۾ اعتماد نه رهيو ۽ ڏنل آرڊر ڪئنسل ڪرائي ڇڏيائين.“
    ”تنهنجي معنيٰ ته سيٺ ماتسوموتو ۽ سندس فئڪٽري(ڪارخانو) خطري ۾ آهي؟“
    فيوجي هارا ڪنڌ ڌوڻيو:”صحيح طرح آئون نٿي چئي سگهان، پر ايترو ضرور آهي ته اسان جي ڪمپنيءَ کي ڪيتري عرصي کان ڪو به آرڊر/ ڌنڌو نه پيو ملي.“
    سيٽان ڪجهه دير خاموش ويٺو رهيو ۽ پوءِ چيائين:”آئون پنهنجي ملڪ موٽڻ چاهيان ٿو،“ پوءِ ٿوري دير لاءِ سوچي چوڻ لڳو:”پر هيئن به آهي ته منهنجي ڪمپنيءَ جي هدايت آهي ته اڳو پوءِ مشينريءَ جو نمونو پاڻ سان کڻيو اچجانءِ، سو لڳي ٿو ته اڃا ڪجهه ڏينهن ٻيا به هتي رهڻو پوندو.“
    ”ڪجهه ڏينهن لاءِ توهان گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪري دل ڇو نٿا وندرايو؟“
    ”دل ته مون گهڻي ئي وندرائي آهي. مهرباني.“ سيٽان رکائيءَ سان جواب ڏنو. ۽ پوءِ پاڻ ئي ندامت محسوس ڪندي چيائين،”سائين معاف ڪجو، منهنجي ڳالهه دل ۾ نه ڪجو.“
    فيوجي هارا سندس ڏک محسوس ڪندي ڪننهن طرح هن کي مشغول رکڻ چاهيو. هن آفيس جي هڪ ماڻهوءَ کي موڪليو جيڪو نقشن وارا پنا کڻي آيو. انهن مان هڪ نقشو فيوجي هارا چونڊي ٽيبل تي وڇايو:”هونءَ جاسوسيءَ جي خيال کان هوائي فوج طرفان اسان کي اها تاڪيد ڪئي ويئي آهي ته هي ڪنهن به غير ضروري ماڻهوءَ کي نه ڏيکاريو وڃي، پر توهان غير ضروري نه پر بيحد ضروري ۽ اهم ماڻهو آهيو.“
    سيٽان نقشي تي جهڪيو ۽ ان کي چڱيءَ طرح غور سان جانچڻ لڳو. ”توهان ههڙو ڏکيو ڪم هٿن ۾ کڻي چريائپ ڪئي،“ سيٽان نيٺ ڳالهايو، ”ڀلا ان کي ٺاهڻ لاءِ ڪهڙا طريقا اختيار ڪيا اٿوَ؟“
    فيوجي هارا ڪنڌ ڌوڻيو ۽ نقشن جا ٻيا ڍير کيس وڌائي ڏنا. سيٽان هڪ هڪ ڪري انهن کي جانچڻ شروع ڪيو.
    ڇهين بجي شام جو ريڪو سيٽان جي ڀرسان اچي سندس ڪلهي تي هٿ رکيو پر سيٽان سندس هٿ پري ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجو مٿو هٿن ۾ جهلي نقشن (بلو پرنٽ) کي ئي غور سان ڏسندو رهيو. ريڪو چپڙي ڪري هلي ويئي ۽ ٿوري دير کان پوءِ سوشيءَ مڇيءَ ۽ چانورن جو دٻو سيٽان کي جي کائڻ لاءِ کڻي آئي. سيٽان فقط ايترو وراڻيو:”ريڪو چان(پياري ريڪو) تون ڀلي گهر هلي وڃ.“ هن چئيوان نوڪر وانگر ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي. سيٽان کي بروقت احساس ٿيو ته هن کي ايترو گهرو نه ٿيڻ کپي.”اورتي اچ ريڪو.“ سيٽان جهڪي کيس چمي ڏني ۽ چيو:”منهنجو فڪر نه ڪر، مون کي اڄ رات دير تائين هتي ڪم ڪرڻو آهي. تون ڀلي موڪل ڪر. گهر پهچي پنهنجي ماءُ کي به منهنجا سلام ڏجانءِ.“ هن وري جهڪي هائوڪار ڪئي ۽ ٻاهر نڪري آئي.
    سيٽان سڄي رات نقشن کي اٿلائيندو پٿلائيندو رهيو ۽ ممڪن صورت ۾ آڻڻ لاءِ ڊرائنگ ۾ تبديلي ڪندو رهيو. صبح جو فيوجي هارا ۽ ٻيا آيا ته هن کي ان ئي حالت ۾ ڏٺائون. فيوجي هارا کيس ماني گهرائي ڏني ۽ اسٽاف جي ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏيو ته سيٽان کي ڪو به منجهائي نه جيئن هو هڪ مَنو ٿي ڪم ڪندو رهي. سيٽان ڊرائنگ پيپر ٽيبل تي وڇائي ان تي مختلف نموني جي ”مشين ڊرائنگ“ ٺاهيندو ويو. مٿان اچي شام به ٿي. سڀ هليا ويا، پر ياماگچي ۽ ماتسوموتو سيٺ اڃا موجود هئا. هنن سيٽان کي ڪنهن به طرح ٻي رات ٽڪڻ لاءِ نٿي ڇڏڻ چاهيو.
    اتي فيوجي هارا ، جپاني انجنيئر به ماتسوموتو جي آفيس ۾ اچي نڪتو.”سيٽان سَانَ کي گيشا واري ڳالهه تان گهرو صدمو رسيو آهي،“ هن سمجهايو،”۽ هن جو ڌيان ان ڳالهه تان هٽائڻ لاءِ مون کيس ايئر فورس واري نقشي جو ڪم ڏئي ڇڏيو آهي جيڪو پاڻ کان حل نه ٿيو آهي. هينئر آئون هن کي ڏسيو پيو اچان. هن ان مشڪل کي ايترو ته حل ڪري نقشي کي مڪمل ڪري ورتو آهي جو مون کي لڳي ٿو ته هرڪو ڏسي تعجب کائيندو.“
    ”آئون هڪ شرنائيءَ واري کي سڃاڻان،“ سيٺ ماتسوموتو چيو،”هن کي هڪ دلي صدمو رسيو جنهن ڪري ڏاڍو ڏک ٿي پيس. پوءِ جڏهن هن ڏک جي حالت ۾ شرنائي کڻي وڄائي ته ان مان اهڙا ته عمدا عمدا سُر نڪتا جو ٻڌڻ وارا دنگ رهجي ويا. ڪاش ان وقت ڪو اهي سُر محفوظ ڪري سگهي ها. عشق جي چوٽ انسان جي دل ۾ جيڪو درد پيدا ڪري ٿي ان جي پيڙا ۾ هو ڪڏهن ڪڏهن وڏا ڪم ڪريو وڃي.“
    ”منهنجي خيال ۾ ته سيٽان جي به ساڳي حالت آهي،“ فيوجي هارا چيو،”انجنيئري ۾ ڪڏهن ڪڏهن دماغ ڪاميابين جون اتاهيون چوٽيون ڇهي وٺندو آهي ۽ هر مشڪل ڪم آسان پيو لڳندو آهي.“
    ”پوءِ اسان کي هن وقت ڇا ڪرڻ کپي؟“ ياماگچيءَ پڇيو.
    ”سيٽان کي اڪيلو ڇڏي ڏيڻ کپي.“
    ٻئي ڏينهن فيوجي هارا پهريون ماڻهو هو جيڪو صبح ساڻ آفيس پهتو. هن ڏٺو ته سيٽان ٻانهن تي ڪنڌ رکي ڪوچ تي گهاٽي ننڊ ۾ ستل هو. ٽيبل تي هڪ تمام پيچيده ۽ منجهيل ڊرائنگ ٺهي تيار ٿي رکي هئي. ڊرائنگ مٿان پني تي ڪجهه انگريزيءَ ۾ لکيل هو:”پيارا فيوجي هارا! مون توهان جي ڊرائنگ مڪمل ڪري ورتي آهي. مبارڪ هجيوَ!، ڊڪ سيٽان“
    فيوجي هارا ان تيار ڪيل نقشي کي ڪلاڪ کن لاءِ غور سان جانچيندو رهيو. هڪ هڪ ذرو چڱيءَ طرح سمجهڻ لڳو جيڪو هر لحاظ کان صحيح هو ۽ گهربل پرزي مطابق هو. هن پوءِ اهو نقشو کڻي، پنهنجي اسسٽنٽ کي ڏنو ته ان مطابق آمريڪن ايئرفورس وارن لاءِ اهو مشين جو پرزو هڪدم ٺاهڻ شروع ڪري ڏئي ڀر ۾ بيٺل سيٺ ماتسوموتو وائڙو ٿي سيٽان جو پڇيو ته اهو ته خيريت سان آهي.
    فيوجي هارا ان جو جواب ڏيڻ بدران چيس:
    ”مون کي لڳي ٿو سيٽان بلڪل صحيح نقشو ٺاهي اها ڪاميابي اسان کي ڏياري آهي جيڪا اسان حاصل نه پئي ڪري سگهياسين.“
    يارهين بجي ڌارين سيٽان پاسا ورائي اٿيو. سندس سڄو جسم سور کان ڏکي رهيو هو. هٿ منهن ڌوئي شيو ڪيائين. تيسين ريڪو چانهه کڻي آئي. هو فيوجي هارا جي سامهون ويهي چانهه ڍڪ ڍڪ ڪري پيئڻ لڳو.
    ”توهان جي ٺهيل ڊيزائن مون کنئي آهي. توهان جي سچ پچ ته وڏي مهرباني.“
    ”نه. اهڙي ڳالهه ناهي. آئون ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جي موڊ ۾ هوس جيئن پاڻ کي مشغول رکي سگهان“ سيٽان چيو.
    ”سيٽان سائين،“ ريڪوو چيو،”منهنجي خيال ۾ توهان کي سڌو هوتيرو (هوٽل) تي وڃي آرام ڪرڻ کپي. توهان کي بستري تي ليٽي ننڊ ڪرڻ کپي.“
    ”پو ءِ ڀلا اڄ باقي ڪم في الحال توهان هلائي سگهو ٿا؟“
    فيوجي هارا مرڪيو.”بس سڀاڻي صبح جو هليا اچجو. پر گهڻو جلدي به نه.“
    انهن ٻن ڏينهن دوران هوٽل تي هن لاءِ ڪيترائي نياپا آيل هئا. پهريون ته ڪنهن جپانيءَ جو هو جنهن جي نالي کان هي واقف نه هو. ڪمري ۾ پهچي ساڻس ڳالهائڻ لاءِ هن فون آپريٽر کي چيو. فون تي ڳالهائيندڙ همراهه ٻڌايو ته هو ڪنهن اخبار جي تجارتي صفحي جو انچارج آهي ۽ کانئس ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي ڪارڪردگيءَ بابت تاثرات معلوم ڪرڻ چاهي ٿو.
    ”واهه واهه، اهي تمام سٺو ڪم پيا ڪن،“ سيٽان ٻڌاين،”تازو هنن آمريڪن ايئرفورس وارن لاءِ رڊار جو هڪ گهربل پرزو پڻ ڊيزائن ڪيو آهي. جيڪو بيحد پيچدو آهي.“
    ”ڇا واقعي اها حقيقت پيا ٻڌايو.“
    ”بلڪل سچ. بلڪ هو ته اهو پرزو ٺاهي به رهيا آهن.“
    اخباري نمائندي لاءِ اها هڪ گرما گرم خبر هئي جيڪا هو اخبار ۾ ڏئي سگهيو ٿي.
    ”سائين توهان جي مهرباني.“ اخباري نمائندي موڪلايو.
    ”مڙيئي خير آهي.“ سيٽان وراڻيو ۽ سوچڻ سوچڻ لڳو ته ماتسوموتو وارن جي ڪجهه ته لئه ويٺي.
    ٻيو فون ساڪاموتو جو آيل هو جنهن سان پوءِ به ڳالهائي سگهيو ٿي. مس نارما نياپو ڇڏيو هو ته هن گهربل شيءِ پهچائي ڇڏي آهي. جپان ٽريول سروس طرفان خط ڇڏيل هو جنهن ۾ هنن پڇيو هو ته جيڪڏهن کيس هن هفتي ڪيڏانهن گهمڻ لاءِ هلڻو هجي ته هو ان جو جوڳو بندوبست ڪن. سيٽان ڪاوڙ ۾ اچي اهو خط ته ڦاڙي ڇڏيو. هاڻ گهمڻ وري ڪهڙا. هن سوچيو.
    مس ڪانوماسايو، مس سدا بهار چنبيليءَ جو فون آيو هو. جنهن جو نالو پڙهي هن جي وري طبيعت خراب ٿي ويئي. ڄڻ ڪنهن پٺيءَ ۾ خنجر هڻي ڪڍيو هجيس. هن ان نياپي واري چٺي به پنهنجن هٿن سان جهلڻ نٿي چاهي.
    آخري نياپو ڪنهن محترمه، مس هازاما نالي جو هو، اهو نياپو فون ذريعي ڏنو ويو هو ته جيئن ئي سيٽان کي واندڪائي ٿئي ته هن سان ڳالهائي. سيٽان اهو نالو ان کان اڳ نه ٻڌو هو. بهرحال اها به ترسي سگهي ٿي. هن آپريٽر کي فون ڪري چيو ته في الحال هن کي ڪنهن سان به فون تي ڳالهائڻو ناهي. هو ڪپڙا بدلائي بستري ۾ گهڙي ويو ۽ ليٽڻ سان ئي ننڊ وٺي ويس.
    چئن ڪلاڪن بعد جڏهن سندس اک کلي ته بک جو احساس ٿيس. ڪپڙا پائي هاڻ ٽائي ٻڌي رهيو هو ته اوچتو کيس ياد آيو ته مس هازاما نالي هڪ ڇوڪريءَ جو به فون آيو هو. هن ٽيليفون آپريٽر کي هن نمبر ملائڻ لاءِ چيو. ٿوري دير بعد هازاما ڇوڪريءَ جو آواز فون مان ٻُرڻ لڳو، ”مسٽر سيٽان؟ مون کي سڃاڻو ٿا؟“ آئون پيگي آهيان.“
    ”ها سڃاتم،“ سيٽان وراڻيو پر سندس آواز ۾ اها گرمي نه هئي.
    ”منهنجي بواءِ فرينڊ، ايئرمئن ملسپ کانسواءِ ٻي ڪنهن کي به خبر ناهي ته ڪو مون توکي فون ڪيو آهي. توسان ڪنهن ضروري ڪم جي سلسلي ۾ ملڻ چاهيان ٿي.“
    ”ملو ته ڀلي پر اهو ته ٻڌايو ته مائيڪو (سيکڙاٽ گيشا) ڪلاڪ جي ملاقات جو گهڻو ٿي وٺي؟“ هن پڇيو.
    ڇوڪريءَ کي سيٽان جي اها ٽوڪ سمجهه ۾ نه آئي.
    ”مائيڪو جو اگهه ڪو گهڻو ناهي. آئون خوش نصيب آهيان جو مون کي ڪلاڪ جا پنڌرهن ڊالر کن مليو وڃن.“
    ”بهتر. ته پوءِ آئون توکي ڪلاڪ لاءِ معاوضي تي گهرائڻ چاهيان ٿو.“
    ”تون مون کي، معاوضي تي گهرائڻ چاهين ٿو؟ چڱو ڀلا تون جي ان ۾ خوش آهين ته ائين ئي سهي. پاڻ نائين وڳي ملنداسين. ملڻ جي جاءِ بابت استقباليه تي ٻڌائي ٿي ڇڏيان ته هو تنهنجي ٽئڪسي ڊرائيور کي ٻڌائي ڇڏيندا.“
    سيٽان تيسين ماني گهرائي کاڌي. پوڻي نائين بجي هيٺ ٽئڪسيءَ لاءِ آيو جنهن جي ڊرائيور کي استقباليه ۾ ويٺل ڪلارڪ سمجهائي ڇڏيو ته ڪٿي وٺي هلڻو آهي. ڊرائيور هن کي ڪيڏانهن ۽ ڪٿان ڦيرائي وٺي پئي ويو هن نه ڌيان ٿي ڏنو ۽ نه ان جي پرواهه هيس. هن هڪ دفعو فيصلو ڪيو هو ته ٽوڪيو جا هو سڀ رستا ياد ڪري ڇڏيندو جيئن اچڻ وڃڻ ۾ سولائي ٿئيس. پر هاڻ اهي سڀ سهڻا خيال موڪلائي ويا هئس. نيٺ ٽئڪسي هڪ گهٽيءَ ۾ هڪ عمارت اڳيان اچي بيٺي. سيٽان ڊرائيور کي پئسا ڏئي ان عمارت جي در وٽ آيو ۽ هن بوٽ لاٿو. خدمتگار ڇوڪريءَ جهڪي در جو طاق کوليو ۽ هي اندر گهڙيو. سامهون ڪارن گلن واري ڪموني ۾ ملبوس اڇي رنگ جي چهري واري مائيڪو بيٺي هئي:”مون کي مس هازاما ملڻ لاءِ هتي گهرايو آهي.“ سيٽان چيس.
    مائيڪو وراڻيو:”ڇا توهان مون کي نه سڃاڻو؟“
    سيٽان وائڙو ٿي ويو. ”او معاف ڪجو! مون ته توهان کي سڃاتو ئي ڪونه،“ هن چيو. پر جيسين هوءَ ڪو جواب ڏئي، خدمتگار ڇوڪري هن کي هڪ پرائيويٽ ڪمري ڏي وٺي هلي. ويهڻ کان اڳ پيگي سيٽان اڳيان جهڪي ”مون کي معاوضي تي گهرائڻ لاءِ وڏي مهرباني. سڄي گيشا گهر ۾ توهان جي ڳالهه پئي هلي ته توهان پهريان آهيو جنهن مائيڪو کي نالي سان گهرايو آهي.“
    ”پاڻ سٺو ٿيو. تنهنجي لئه ويٺي.“
    ”واقعي. مون تولاءِ ڪجهه کاڌو گهرايو آهي. پر جيئن ته مون کي ڀاڙي تي رکيوآهي سو توکي وندرائڻ لاءِ جيڪي چوين ائين ڪريان. چئين ته راڳ ٻڌايانءِ، ڪو ساز وڄايان يا ڊانس ڪريان. ۽ پوءِ خبرون چارون ڪريون.“
    ”جيڪي توکي وڻي.“
    هن ساميسين (واڄو) کڻي راڳ ڳائڻ شروع ڪيو، جنهن جو ٿلهه هو:”ڊٺل قلعي مٿان چنڊ چمڪي رهيو آهي.“
    ٿوري دير بعد در جو طاق گهرڪيو ۽ خدمتگار ڇوڪري ننڍڙن پيالن ۾ کاڌو ڇڏي موٽي ويئي. ”قاعدي مطابق ڪم جي وقت مون کي کائڻ نه کپي، پيگيءَ چيو،” پر آئون تو سان ڳالهيون ضرور ڪنديس.“
    سيٽان کي هن ڇوڪريءَ لاءِ دل ۾ رحم جو جذبو پيدا ٿيو. ”جيڪڏهن تون نه کائيندينءَ ته مون کي شرمساري ٿيندي.“
    ”هاڻ پاڻ کي جيڪي ڳالهيون ڪرڻيون آهن سي تمام اهم آهن. پهرين تون ماٺڙي ڪري ٻڌ ته آئون ڇا ٿي چوان. توکي ياد آهي پهرين رات جڏهن تو مس ڪانوماسايو، مس سدا بهار چنبيليءَ سان مليو هئين؟ تو هڪ اهڙي ڳالهه ڪئي هئي جنهن پهرين رات ئي ماسايو جي دل جيتي ورتي وئي. اسان وٽ جپاني مرد عورتن سان ائين ورتاءُ نٿا رکن جيئن آمريڪن ”فرسٽ ليڊيز“ جي اصول تي هلي عورت کي عزت بخشين ٿا. تو پاڻ پيئڻ کان اڳ مس سدا بهار چنبيليءَ کي پنهنجو سُوپ پيئڻ لاءِ آڇيو هو، ياد اٿئي نه؟ اهڙي سٺي ورتاءَ جو ته هن ڪڏهن سوچيو به نه هو.سو ظاهر آهي پهرين ئي مئچ ۾ تنهنجو گهڻو اسڪور ٿي ويو هو. هن توکي پنهنجي گهر جو فون نمبر ڏنو، جيتوڻيڪ ڪا به گيشا پنهنجو ذاتي نمبر نه ڏيندي آهي، پر گيشا سان ڳالهائڻ لاءِ گيشا گهر سندس انچارج ”ماما سانِ“ کي فون ڪرڻو پوندو آهي. گيشا گهر جي مالڪ ”ماما سان“ وٽ گيشائون ائين آهن جيئن ڪنهن دڪاندار وٽ مسواڙ تي رکيل سائيڪلون. مالڪ کي ڪلاڪ جي حساب سان پئسا ڏيئي سائيڪل کڻو. پئسا مالڪ جا ئي ٿيا. سائيڪل جي حوالي فقط اها رقم ٿيندي جيڪا سندس مرمت لاءِ ڪم اچي.“
    ”بهرحال هوءَ تمام سٺي هئي. مون کي چڱو بيوقوف بڻايائين.“
    ”نه“ پيگيءَ چيو.” اها ڳالهه ناهي، توئي هن کي بيوقوف بڻايو. تون شاديءَ لاءِ هڪدم سنجيدو ٿي وئين جنهن بابت گيشا ٿي ڪري هوءَ سوچي به نٿي سگهي. پر پوءِ هن جو به توسان عشق ٿي ويو ۽ توکي پسند ڪرڻ لڳي. تون ڇا ٿو سمجهين ته هوءَ ڪيوٽو گهمڻ لاءِ ايري غيري سان ڀڳي بيٺي آهي؟ هن توکي پسند ٿي ڪيو تڏهن توسان هلي، تنهنجيون تصويرون ڪڍيائين جيڪي اڄ به هن جي ڪمري ۾ سامهون لڳل آهن. تو هِڪَ، فقط تو هِڪَ کي هن چاهيو آهي ۽ چاهي ٿي.“
    اها سيٽان لاءِ نه فقط خبر هئي، پر خوشخبري هئي.” جيڪڏهن مون هن کي غلط سمجهيو آهي ته آئون معافي ٿو گهران.“
    منهن تي پالش جو گهاٽو تهه هجڻ جي باوجود پيگي اکين رستي ڪجهه چوڻ لڳي.”مس سدا بهار چنبيلي ڪنهن زماني ۾ مائيڪو هئي. هوءَ هڪ تمام غريب خاندان جي ڇوڪري هئي. سند س ماءُ پيءُ اتراهين ڏيهه ۾ رهندا هئا. غربت ۽ ڌڪار ڪري هن پنهنجي ڌيءَ کي ٽوڪيو ۾ اچي پئسي تي وڪيو.“
    ”وڪيو؟، پئسن تي!“
    ”جي ها. گيشا گهر جي مالڪڻ ماما سَان سندس مائٽن کي روڪ ڏيئي سندس ڌيءَ هميشه لاءِ خريد ڪئي. هوءَ مون وانگر ناهي. آئون ڪنهن وقت به گيشا گهر ڇڏي سگهان ٿي جو آئون پنهنجن مائٽن جو کاوان پيئان ٿي، پر هوءَ ڄڻ زرخريد ٻانهي ٿي جنهن کي ماماسَان کارائي پياري ۽ پهرائي وڏو ڪيو. ۽ پوءِ هوءَ جڏهن سورهن سالن جي ٿي ته سندس مالڪڻ، ماماسَان هن کي ڪنهن سيٺ وٺ پهرين رات لاءِ وڏي رقم تي وڪيو. هوءَ ويچاري ڇا ٿي ڪري سگهي.“ سيٽان کي ڄڻ نڙيءَ ۾ ڳوڙهو ڦاسي پيو ۽ هن وڏي زور سان ڳت ڏني.
    ”پر پوءِ ان بعد هن کي مردن سان نفرت ٿي پيئي. اڳتي هلي هوءَ اعليٰ درجي جي گيشا بڻي. پوءِ توهان آيائو. توهان کي جيڪڏهن مون ۾ يقين هجي ته توهان کي هڪ ڳالهه ٻڌايان؟“
    سيٽان معاملي تي ڪجهه سوچيندي چيو:”جيڪڏهن تون چئين ٿي ته مون کي اعتبار آهي.“
    ”ته ٻڌ! توسان گڏ هوءَ اُتامي هلي هئي ۽ ويندي هوءَ توسان گڏ ستي به هئي، پر ان جو بل سيٺ ماتسوموتوءَ کي نه موڪليو ويو. پر گيشا گهر کي ان جا پئسا ملي ويا. گيشا گهر ان جا ٻه هزار ڊالر وصول ڪيا هئا. توکي خبر آهي ته اها رقم گيشا گهر جي مالڪڻ، ماماسان کي ڪنهن ادا ڪئي؟ ماسايو پاڻ. هن پنهنجي کيسي مان پنهنجي بچايل پونجيءَ مان ڪڍي ڏنا. ڇاڪان جو هن پنهنجي پيار جا پئسا ٻئي کان وصول نٿي ڪرڻ چاهيا.“
    سيٽان اهو ٻڌي وائڙو ٿي ويو.
    ”سيٽان! ائين سمجهه ته هن پنهنجو پاڻ توکي ارپي ڇڏيو ۽ هن ان جا پئسا تنهنجي ميزبان سيٺ کان به وٺڻ نٿي چاهيا. تون پهريون ماڻهو آهين جنهن سان هن رهڻ ۽ سمهڻ پسند ڪيو.“
    ”پيگي تون به اعتبار ڪرين يا نه، ته منهنجي لاءِ به اهو اُتاميءَ ۾ رهائش وارو پهريون ئي دفعو هو جو ڪنهن عورت سان مون پيار ڪيو.“
    ”سيٽان، هن کي اها خبر آهي. هڪ تنهنجي اها معصوميت به هئي جنهن تي هوءَ عاشق آهي. ڪا به گيشا ڪنهن سان سچو پيار يا عشق نه ڪندي آهي پر تو اهڙيون حالتون پيدا ڪيون جو هن جو توسان سچو عشق ٿي ويو. جيڪڏهن تون چاهين ته هوءَ تنهنجي زال به ٿي رهندي.“
    سيٽان عينڪ لاهي پنهنجون آليون اکيون اگهيون.
    ”تون ڪيئن ٿي اهو چئين،“ هن پڇيو،”ڇا هر هڪ کي اها خبر آهي.“
    ”نه، هر هڪ کي نه. فقط مونکي، هن مون کي ڀيڻ ٺاهيو آهي.“
    ان رات سيٽان کي تمام ٿوري دير لاءِ ننڊ آئي. هن جو ذهن عجيب جذبن هيٺ پيڙجي رهيو هو. ٻئي ڏينهن تيار ٿي آفيس آيو. فيوجي هارا انجنيئر، ياماگچي، فوتابا، ريڪو ۽ سيٺ ماتسوموتو هڪ ئي هنڌ موجود هئا. ماتسوموتو تمام سٺي موڊ ۾ هو. بلڪ هو شعر ٺاهي رهيو هو.
    جپان ۾ خبرون تمام تکيون ٿيون ڊوڙن. تجارتي اخبار جي نمائندي واري خبر ماتسوموتو تائين پهچي ويئي هئي ته سومر واري اخبار ۾ اها خوشخبري اچي رهي آهي ته ماتسوموتو ڪمپني آمريڪن ايئرفورس وارن لاءِ اهو پرزو ٺاهي ڏيکاريو آهي. جيڪو ناممڪن سمجهيو ويو ٿي. ظاهر آهي اها خبر اچڻ سان وڌيڪ ڪاروبار ملڻ لاءِ فون اچڻ شروع ٿي ويندا.
    ماتسوموتو پنهنجي آفيس جي ڀت تي سيٽان جي اها ڊرائنگ هڻي ڇڏي جيڪا آمريڪن ايئرفورس وارن جي پرزي لاءِ ٺاهي وئي هئي. پاڻ ان خوشيءَ ۾ زبردست شعر لکيو هئائين. ماتسوموتو شاعريءَ ۾ هائيڪو پسند ڪيو ٿي. هائيڪو ٽي ستو ٿئي جنهن ۾ ڪل سترهن پڌ/ ماترائون ٿين. هن برش سان اهو شعر بصر جي کلن جهڙي پني تي لکڻ شروع ڪيو. ان جپاني هائيڪو جو مطلب هو:
    وڏو طوفان بپا ٿيو
    طاقتور پکي ان اندر اڏاڻو
    سج ان مان نڪري پيو.
    ريڪو مرڪ سان سيٽان کي جهڪي کيڪاريو. سيٽان پيار مان هن جي ڪنڌ تي ٻانهن رکندي چيو، ”ريڪو منهنجو خيال رکڻ لاءِ تنهنجي سچ ته وڏي مهرباني. تون ڪيڏي نه سٺي ڇوڪري آهين.“
    هن سيتان جي هٿ جون آڱريون دٻائي چيو:”نه پيارا سيٽان، ايتري سٺي ڪٿي آهيان.“
    ”نه تون آهين.“ ايترو چئي هو ماٺ ٿي ويو، جو ان کان وڌيڪ هن چوڻ نٿي چاهيو. هن کي ياد اچي ويو ته ريڪو هن لاءِ ڇا ڇا ٿيڻ لاءِ تيار آهي.
    سيٽان ريڪو سان گڏ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ ويو، جتي کيڪار کڙي ۽ چانهه بعد، هن کي تيار ٿيل اليڪٽرانڪ مشين جو اهو نمونو ڏنو ويو جنهن جو آرڊر سيٽان جي آمريڪن ڪمپنيءَ ڏنو هو. اهو تمام بهترين نمونو هو جو ٺهيل نظر اچي رهيو هو. فيوجي هارا چيو:”مون هن کي رات چڪاسي ڏٺو ۽ هن مشين ائين لس ئي لس ڪم ٿي ڪيو ڄڻ ڪنهن شاعر جو غزل هجي. آئون ان جي تعريف ان ڪري نٿو ڪريان جو اسان ٺاهيو آهي.“
    ”چئبو ته توهان منهنجو ڪم ڪري ورتو.“
    ”جيستائين ڪم جي ڳالهه آهي ته توهان پڻ اسان جي وڏي مدد ڪئي آهي جو آمريڪن ايئرفورس لاءِ ان مشينري پرزي جو نقشو ٺاهي ڏنو اٿوَ جيڪو اسان لاءِ ناممڪن هو. ۽ مون کي يقين آهي ته هاڻ ڊرائنگ موجب ٺهيل اهو پرزو بلڪل صحيح طرح ڪم ڪندو.“
    ”بهرحال اميد ته اهائي آهي. ٻي ڳالهه ته فيوجي هارا آئون ريڪو جا به ٿورا مڃي چڪو آهيان ۽ توهان کي پڻ مهرباني چوڻ آيو آهيان جو توهان منهنجو هيڏو خيال رکيو.،
    فيوجي هارا مرڪيو.” ان ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي. دوستن سان ڪو ليکو آهي ڇا. هونءَ توهان سان سيٺ ماتسوموتو ملڻ لاءِ پئي چيو.“
    ڪجهه منٽن بعد هو ماتسوموتو جي ڪمري ۾ آيو جتي ترجمي لاءِ ريڪو به اچي نڪتي هئي. ماتسوموتو وڏي شان سان چيو:”آمريڪا جي ڪمپنيءَ جيڪو اسان کي ڪم سونپيو هو سو هاڻ مڪمل ٿي ويو آهي. اسان کي افسوس آهي ته ان جي پوري ٿيڻ ڪري اسان جو بهترين دوست سيٽان اسان کان جدا ٿي ويندو جنهن لاءِ ڪير به نٿو چاهي ته هو هليو وڃي.“
    ”دومو اري گاتو، (وڏي مهرباني) ، مئني ٿئنڪس(لک لائق).“ سيٽان چيو هن پاڻ به آمريڪا وڃڻ نٿي چاهيو. پوءِ هن کي مس ماسايو جا لفظ ياد اچي ويا”يوئي تو مو داچي“، (تون منهنجو سٺو دوست آهين.)
    ماتسوموتو وري چوڻ لڳو: ”تمام وڏي جاکوڙ ۽ وڏي هوشياريءَ سان سيٽان سَان آمريڪن ايئرفورس جي پرزي جو نقشو ٺاهي اسان جي ڪمپنيءَ کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو آهي.“
    هن هڪ لفافو سيٽان کي ڏيندي چيو:”هڪ تمام معمولي خرچي اسان طرفان.“
    لفافي منجهه اهو چيڪ پيل هو جيڪو سيٽان گيشا جي خرچ جي سلسلي ۾ ڏنو هو. اها جيتوڻيڪ وڏي رقم هئي پر سيٽان ان کي هاڻ پاڻ وٽ رکڻ بهتر سمجهيو.
    ”ٿوري ئي عرصي ۾،“ سيٺ ماتسوموتو چيو،”سيٽان ايترو ته اسان سان رلي ملي ويو آهي جو هو اسان مان ئي هڪ ٿو لڳي. آئون سمجهان ٿو ته سندس آمريڪن ڪمپني ۾ هو وڏي عهدي جو مالڪ آهي، پر ان هوندي به آئون کيس پنهنجي ڪمپني ءَ۾ پاڻ وٽ رکڻ جي آڇ ڪندس. اسان لاءِ عزت افزائي ٿيندي جيڪڏهن هو اسان جي ڪمپني، ماتسوموتو ڪمپنيءَ ۾ وائيس پريزيڊنٽ جي عهدي تي رهي”وڪري ۽ انجنيئرنگ کاتي“ ۾ ڪم ڪري. ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي اسان جو ڪارخانو بين الاقوامي شهرت وارو ثابت ٿئي ۽ فقط ماتسوموتو ڪمپني بدران ”ماتسوموتو ائنڊ سيٽان ڪمپني“ جي نالي سان سڏجي، اڃا به ”سيٽان ائنڊ ماتسوموتو ڪمپني.“
    ماتسوموتو وڌيڪ ڳالهائڻ ڇڏي ماٺ اختيار ڪئي ۽ ان اوچتي ماٺ ۾ ياماگچي، فوتابا ۽ فيوجي هارا جن جهڪي ٻاهر نڪتا جيئن ماتسوموتو ۽ سيٽان اڪيلائي ۾ ڳالهائي سگهن. فقط ريڪو ترجمي خاطر ترسي پيئي. ماتسوموتو ڳالهايو:”اسان جي ڪمپني آمريڪن وانگر ڪا امير ڪمپني ناهي، پر اسان ٽي شيون ڏيون ٿا. هڪ مهيني سر پگهار،“ هن سيٽان ڏي هڪ موڙيل پني جو ٽڪرو وڌايو. سيٽان ان کي کولي پڙهيو ته ٽي چار لک يين جو انگ لکيل هو. يعني ٻه هزار کن ڊالر.”ٻي شيءِ جيڪا جپان ۾ تمام اهم آهي: خرچ پکي لاءِ پئسو، توهان آمريڪن گراهڪن کي کارائي پيئاري سگهو ٿا، فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪري سگهو ٿا. وغيره وغيره. اهو سمورو خرچ ڪمپنيءَ تي ۽ ٽين شيءِ : هر سال فائدي موجب ان جو حصو، بونس توهان کي به ملندو ۽ جي ڪمپني جو اؤج اچي ويو ته توهان کي پڻ ڀائيواري ۾ شامل ڪيو ويندو.“
    ”مون کي هن وقت سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا جواب ڏجي.“ سيٽان چيو.
    ريڪو سيٽان جو اهو جملو ترجمو نه ڪيو. ان جي بدران هن سيٽان کي چيو:”آئون ٿي تو پاران جواب ڏيان.“ پوءِ هن جپانيءَ ۾ هڪ چڱي خاصي ڄڻ تقرير ڪري وڌي. جيڪا ٻڌي ماتسوموتو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ويٺي ويٺي ڪنڌ جهڪايو ۽ پوءِ مرڪي سيٽان سان هٿ ملائي موڪلايو.
    سيٽان ان بعد ريڪو کي ڪانفرنس روم ۾ وٺي آيو ۽ دروازو بند ڪري پڇيو:
    ”خدا جي واسطي اهو ته ٻڌاءِ ته تو ماتسوموتو کي مون پاران ڇا چيو؟“
    ريڪو مرڪي ٻڌايو:” مون هن کي تو پاران چيو ته اها تولاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو هو توکي ههڙي زبردست ڪمپنيءَ ۾ حصيدار ڪري رهيو آهي.“ سيٽان ڪنڌ ڌوڻيو، ”پوءِ چيومانس ته تون هينئر هڪدم پنهنجي ملڪ وڃڻ ٿو چاهين جيئن اسان جو ٺهيل مشينري جو نمونو اتي ڏيکاري سگهين. ان ڪم ۾ دير نٿو ڪرڻ چاهين جو توکي اهو انديشو آهي ته متان وچائين ڪو ٻيو رقيب اهڙي شيءِ ٺاهي وچ ۾ ڦيٽارو نه پيدا ڪري.“
    ”اڙي نه نه !“.
    ”ٺيڪ آهي سيٽان، سڀ ڪجهه هلي ٿو. ۽ پوءِ مون چيو ته تون ڪنهن فال واري کان ڍارو هڻائي صلاح مشورو ڪرڻ چاهين ٿو ته آيا جپان ۾ نوڪري ڪجي يا نه. جپان ۾ جوتشين، ڍارو هڻڻ ۽ ڀاڳ ٻڌائڻ وارن جو ڏاڍو مان ۽ اهميت آهي ۽ انهن سان صلاح مشورو ڪرڻ تمام ضروري سمجهيو وڃي ٿو جيئن توهان وٽ وڪيل سان صلاح مشورو ڪرڻ تمام ضروري آهي، ٻنهي ۾ ڪو گهڻو فرق نه آهي. ٻئي ڌڪا هڻن ٿا.“
    ”ريڪو جيئن ته منهنجو هتي جو ڪم پورو ٿي ويو آهي ان ڪري مون کي هاڻ آمريڪا واپس وڃڻ کپي، پر هڪڙي دل جپان ڇڏڻ تي به نٿي چاهي.“
    هوءَ خوشيءَ ۾ ٻهڪڻ لڳي:”اهو ته پاڻ سٺو. پوءِ هتي ئي رهي پئه؟ منهنجو باس ٿي اسان جي ئي آفيس ۾ ڪم ڪر؟“
    ”آئون ان بابت سوچيندس.“ هن وعدو ڪيو.
    پوءِ سڀني کان موڪلايائين، فيوجي هارا سان گرم جوشيءَ سان هٿ ملايائين ۽ ريڪو کي ورانڊي ۾ اڪيلو ڏسي چمي ڏنائين ان بعد پنهنجي هوٽل ۾ پهتو. هوٽل ۾ پهچڻ سان ٻه فون ڪيائين هڪ جي جواب ۾ خبر پيس ته مس ماسايو، مس سدا بهار چنبيلي، ڏينهن ٻن لاءِ ٻهرارڙيءَ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ ويئي آهي ۽ اڱاري ڏينهن ايندي. مايوسيءَ جي عالم ۾ هن اهوئي حساب لڳايو ته هو ايستائين ترسي نه سگهندو ۽ ٻيو فون ٽڪيٽ لاءِ جپان ايئرلائن جي آفيس ڪيائين.
    ***


    يارنهن

    سيٽان آمريڪا پهچي ٻئي ڏينهن پنهنجي آمريڪن ڪمپني جي ڄاتل سڃاتل آفيس ۾ آيو جتي هن پنهنجي زندگيءَ جو بي رونق وقت گذاريو هو. ڪمپنيءَ جي ڊزائين انجنيئر مسٽر هرب پنهنجو ڪنڌ ڊرائنگ بورڊ جي مٿان کڻي هن ڏي نهاريو.”هيلو ڊڪ سيٽان!“ هن کيڪاريس،”تنهنجي عينڪ کي ڇا ٿيو؟“
    ”بس يار جپان پهچي ڪانٽئڪٽ لينس لڳائڻ شروع ڪري ڏنم.“
    سيٽان پنهنجي آفيس جي هن نقشا ٺاهيندڙ دوست جي ڀر ۾ ٿي ويٺو.”هرب، توسان هڪ ڳالهه ڪرڻي اٿم جنهن جي توکي ڄاڻ نه هوندي. تو جيڪا ماتسوموتو ڪمپنيءَ لاءِ ڊيزائين ٺاهي هئي ان نقشي ۾ تمام وڏي غلطي هئي. بهرحال تنهنجي نقشي مطابق هنن جپانين اليڪٽرانڪ مشين ته ٺاهي ورتي، پر پوءِ کڻي جو چڪاس ڪريون ته ڪم صفا نه ڪري.“
    ”نه يار. ائين وري ڪيئن؟“ هرب چيو.
    ”سچي، يقين ڪر. اهو ته شڪر ڪر جو ماتسوموتو وٽ هڪ تمام ذهين انجنيئر فيوجي هارا نالي هو جنهن ان مان چڪون ڪڍي نئين سر نقشو ٺاهيو پوءِ ان مطابق جڏهن مشين ٺاهي ويئي ته سمورا گهربل ڪم صحيح طرح ڪرڻ لڳي. بلڪه هڪ اڌ وڌيڪ پڻ بهرحال تون فڪر نه ڪر، آئون تنهنجو اهو ڍڪ ڍڪي ڇڏيندس. پنهنجي ڪمپنيءَ جي مالڪن کي اهو ٻڌائيندس ته جپاني ڪمپنيءَ وارن ان کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ ٿوري تبديلي آندي آهي.“
    ”ڊڪ! تنهنجي مهرباني جو منهنجي کَل بچائي اٿئي.“
    ”مڙيئي خير آهي. ڪڏهن تنهنجو به جپان وڃڻ ٿئي ته ان انجنيئر فيوجي هارا جا ٿورا مڃي ڇڏجانءِ. في الحال ان نقشي جا هتي پيل نقل ڪڍي گم ڪري ڇڏ.“
    ”ان جو فڪر نه ڪر. هاڻ تون اهو ٻڌاءِ ته جپان جي گيشائن سان به ڪا دل پشوري ڪئي يا نه؟“ هن سيٽان جي پاسراٽين ۾ ٺونٺ هڻندي پڇيو.
    ”هائو بلڪل.“ سيٽان وراڻيو، ۽ ان ئي وقت فون جي گهنٽي وڳي. هرب فون کيون ۽ سيٽان وڌيڪ قصو ٻڌائڻ کان بچي ويو. صاحب توهان سان ملڻ ٿو چاهي. مشينريءَ جو آندل پرزو پاڻ سان کڻي وڃو.“
    ”چڱو.“ سيٽان پنهنجي بريف ڪيس کڻي روانو ٿيو. آمريڪن ڪمپني جو مالڪ، جناب مرسو آفيس ۾ اندر پنهنجي گول ڦرندڙ ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو. ان حال ۾ هو نوي سيڪڙو انسان لڳو ٿي ۽ ڏهه سيڪڙو ڏنڀرو مڇي. ڪمپنيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ وليم سن، قد ۾ ڊينڊو شيطان ته ڳالهائڻ ۾ ان کان به وڌيڪ. هن جي ڀر ۾ ويٺو هو.
    ”توکي چاق چڱو ڀلو موٽندو ڏسي خوشي ٿي اٿم،“ مرسر چيو،”پڪ اٿم ته ڌڪو کائي پنهنجي عينڪ نه ڀڳي هوندءِ.“
    ”نه سائين. جپان پهچڻ سان ڪانٽئڪٽ لينس وڃي لڳرايم.“
    ”واهه! مون نٿي سمجهيو ته جپاني ڪو ان حد تائين ترقي يافته ٿي ويا آهن جو ڪانٽئيڪٽ لينس به ٺاهڻ لڳا آهن.“
    ”منهنجي خيال ۾ ته جپاني پهريان ماڻهو آهن جن اهي ايجاد ڪيا.“ مرسر جي ڳالهه کي رد ڪد ڏيڻ خطرناڪ غلطي هئي، پر سيٽان کي اها سمڪ ان وقت آئي جڏهن ڳالهه ڪري ويٺو. بچاءَ لاءِ هن کي هلڪي واٽ نظر آئي:”سائين منهنجي خيال ۾ توهان ئي مون کي اها ڳالهه ٻڌائي هئي.“
    خطرناڪ جوش جيڪو مرسر جي طبيعت ۾ پيدا ٿيڻ لڳو اهو گهٽجي ويو.
    ”ڀلا ماتسوموتو وارن کي ڳولڻ ۾ توکي ڪا تڪليف ته درپيش نه آئي؟“
    ”نه سائين هن جي ڪمپنيءَ جو وائيس پريزيدنٽ مون کي وٺڻ لاءِ ايئرپورٽ تي آيو هو.“
    مرسر عينڪ کي هيٺ مٿي ڪندي چيو:”مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ماتسوموتو پنهنجو پاڻ کي الائي ڇا ٿو سمجهي جو توکي وٺڻ لاءِ نه آيو؟“
    زندگي ۾ پهريون دفعو سيٽان مزي سان ڪوڙ ڳالهايو:”سائين هو ان وقت آمريڪن ايئرفورس کان آيل وڏن عهدن وارن عملدارن سان ڪانفرنس ۾ مشغول هو.“
    ”چڱو، اچو ته مشينري جو نمونو ڏسون جيڪو ماتسوموتو وارن ٺاهي موڪليو آهي.“ وليم سن چيو.
    سيٽان بريف ڪيس کولي ان مان ماتسوموتو وارن جو نمونو ڪڍي ٽيبل تي سهڻي نموني سان سينگاري رکيو. ٻئي ڄڻا جهڪي ان کي غور سان ڏسڻ لڳا.. هن ۾ هڪ دلچسپ ڳالهه توهان کي ٻڌائڻ جي آهي، سيٽان چيو.”ماتسوموتو ڪمپنيءَ جو انجنيئر مسٽر فيوجي هارا وڏي قابليت ۽ ذهانت جو مالڪ آهي. جڏهن اسان جي نقشي مطابق مشينريءَ جو نمونو ٺهي رهيو هو ته هن ان ۾ ٿوري ڦيرڦار آڻڻ جي رٿ ڏني. مون ان کي غور سان جانچڻ بعد ان جي موڪل ڏئي ڇڏي.“
    سيٽان جي ان ڳالهه جو اثر کنوڻ وانگر ترت نڪتو.”ان جي موڪل ”تو“ ڏيئي ڇڏي؟“ وليم سن چڙ مان جواب طلب ڪيو.
    ”جي هائو، سائين! مسٽر فيوجي هارا جي ان رٿ ڪري هاڻ اها ساڳي مشينري هڪ ٻه ٻيا ڪم به وڌيڪ ڪري سگهندي ۽ ساڳي وقت هرهڪ نگ تي اسان کي ٻه ڊالر يارهن سينٽ گهٽ ڀرڻا پوندا.“
    وليم سن جي منهن ۾ هڪدم تبديلي اچي وئي ۽ هو پنهنجي وڏي اختياري واري صاحب ڏي ڏسڻ لڳو.”انهن حالتن ۾، منهنجي خيال ۾ تنهنجو اهم قدم ٿورو گهڻو صحيح هو.“
    ”مهرباني سائين. آئون هڪ ٻي ڳالهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو: توهان جي ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي چونڊ واقعي لاجواب آهي. هو اليڪٽرانڪ جي سامان جا بهترين ڪاريگر آهن ۽ ان سان گڏ با اخلاق پڻ. ان ۾ ڪو شڪ ناهي پر سائين جپان ڌرتيءَ جو اهو حصو آهي جتي هر وقت زلزلا ايندا رهن ٿا. وڏيون وڏيون عمارتون، ڪارخانا، جايون ڏسندي ئي ڏسندي تباهه ٿيو وڃن. ۽ خدا نه ڪري جي ماتسوموتو سيٺ جي ڪمپني اچيو ٿي پٽ پوي ته پاڻ ڪيڏانهن وينداسين. ان ڪري آئون هڪ ٻي ڪمپني به جانچي آيو آهيان جيئن پاڻ کي مال جي سپلاءِ لڳاتار پهچندي رهي ۽ هي انهن طرفان ٺاهي ڏنل مشين جو نمونو آهي.“ سيٽان بريف ڪيس مان هڪ ٻي اليڪٽرانڪ مشين جو نمونو ڪڍي ٽيبل تي رکيو. جيڪو ساڪاموتو وارن ٺاهي ڏنو هوس.
    ”ان نموني لاءِ تو ڪيتري رقم خرچ ڪئي؟“ وليم سن هڪدم پڇيو.
    ”ڪجهه به نه. ان ڪمپنيءَ پنهنجي مرضي ۽ مشهوريءَ ڪارڻ اهو مفت ٺاهي ڏنو. باقي اگهه جي لهه وچڙ لاءِ وڌيڪ ٽي ڏينهن لڳي وڃن ها جيڪي مون في الحال وڃائڻ نٿي چاهيا. پر ايترو آهي ته قيمت جي لحاظ سان هو ماتسوموتو وارن جو سخت مقابلو ڪن ٿا.“
    ”ٿي سگهي ٿو، بلڪه ممڪن هجي ته هنن جو قيمتون گهٽ هجن؟“ وليم سن چيو.
    سيٽان چئلينج قبول ڪيو. ”بلڪل ممڪن آهي، پر مون کي في الحال رڳو اهو فڪر هو ته ڪنهن ٻئي ذريعي جو به بندوبست ڪجي جو ڪاروبار جي نقطي نظر کان اها ڳالهه اهم سمجهيم.“
    ” تو بلڪل عقل کان صحيح ڪم ورتو.“ مرسر چيو،”۽ ها، وليم سن منهنجي خيال ۾ سيٽان سان ڪالاهان واري ڳالهه چوري وڃي.“
    ”هتي هڪ آمريڪن ڪمپني، ڪالاهان نالي آهي،“ وليم سن ڳالهه شروع ڪئي،”اهي ڪنهن جپاني ڪمپنيءَ سان رابطو رکڻ چاهين ٿا جيئن هن کان هو پنهنجي ضرورت جو سامان ٺهرائي سگهن. جيئن ته هو اسان جا سڄڻ آهن ۽ اسان جي واپار سان ڪو مقابلو نه اٿن ان ڪري اسان هنن جي مدد ڪرڻ چاهيون ٿا. هنن اسان کان پڇيو پئي ته جپان ۾ اسان جي ڪمپنيءَ جو ڪم ڪار ڪهڙو ماڻهو پيو ڪري جيئن ساڳي ماڻهوءَ کي هو به جپان موڪلي سگهن.“
    ”ڪالاهان ڪمپني جي ماڻهن سان آئون مختلف ميٽنگن ۾ ملي چڪو آهيان ۽ هنن کي سڃاڻان ٿو.“ سيٽان چيو،” مون کي سندس مدد ڪندي خوشي ٿيندي.“
    وليم سن هڪ نظر مرسر ڏي وجهي بعد ۾ سيٽان کي چيو، ” توکي اسان هڪ دفعو جپان موڪليو ته ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪو تون پاڻ کي وڏو هوشيار سمجهڻ لڳين. ڪالاهان ڪمپنيءَ طرفان جيڪڏهن ڪو ماڻهو جپان جي سلسلي ۾ لهه وچڙ ۾ ايندو ته اهو آئون هوندس. منهنجي ڳالهه توکي سمجهه ۾ آئي؟“
    ”بلڪل سمجهه ۾ آئي،“ سيٽان چيو،”آئون مڃان ٿو ته منهنجي هن ڪمپنيءَ ۾ ڪا حيثيت ناهي.“ اهو چئي هو اٿي بيٺو. ”۽ هاڻ جيئن ته جنهن ڪم لاءِ آئون جپان ويو هوس سو مڪمل ٿي چڪو آهي سو آئون توهان جو ٿورو ٿو مڃيان جو توهان مونکي جپان موڪليو ۽ ان سان گڏ مان توهان جي ڪمپنيءَ مان نوڪري ڇڏڻ جي استعفيٰ پيش ٿو ڪريان. ڪمپنيءَ جي قانون موجب بنا اطلاع نوڪري ڇڏڻ ۾ ٻن هفتن جو پگهار جو چيڪ مون پاران ٻاهران اچي پيو. مون کي جپان ۾ هڪ نوڪري ملي هئي جيڪا مون في الحال قبول نه پئي ڪئي، پر هاڻ سمجهان ٿو ائين به ڪيم نه اها وڏي بيوقوفي ٿيندي.“
    مرسر هن ڏي ڪي گهڙيون نهاريندي چيو:”ڇا تون اهو ٻڌائڻ پسند ڪندي ته توکي هو ڪهڙي پوسٽ ڏئي رهيا آهن؟“ هن ٽوڪ جي نموني ۾ پڇيو.
    ”جي هائو سائين. مونکي ماتسوموتو ڪمپنيءَ ۾ وائيس پريزيڊنٽ بنائي رهيا آهن.“
    وليم سن کان ڄڻ ڇرڪ نڪري ويو ۽ ڪي گهڙيون دريءَ مان ٻاهر هڪ هنڌ بيٺل ٽڪريون ۽ وڻراهه ڏسندو رهيو ۽ پوءِ وري سيٽان ڏي نهاري پڇڻ لڳو:”۽ پگهار ڇا ڏيندءِ؟“
    ”اٽڪل ٻيڻو.“
    جيئن ته سيٽان دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته هن کي هيءَ ڪمپني ڇڏڻي آهي، ته هن هاڻ ان تي عمل ڪرڻ ئي بهتر سمجهيو جيتوڻيڪ عادت موجب رکي رکي سندس اندر جو آواز اهو ئي چئي رهيو هو ته چريائي ته نه پيو ڪرين. هن پنهنجي ٽيبل جا سڀ ڪاغذ پٽ پنهنجي انچارج حوالي ڪيا ۽ آفيس جي دوستن کي الوداع چئي گهر ڏي روانو ٿيو. گهر پهچي هن فون کنيو ۽ جپان ۾ ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي نمبر تي ڪال بڪ ڪرايو ۽ آپريٽر کي پي پي ۾ ريڪو جو نالو ڏنو. منٽن اندر فون ملي ويو ۽ ئي پاسي ريڪو منتظر هئي.
    ” اوهيو گو ذائي ماس ( صبح جو سلام) ريڪو چان(ريڪو جان)“ سيٽان چيو.
    جواب ۾ ڄاتل سڃاتل آواز ٻڌي هن جي دل خوش ٿيڻ لڳي.”ڊڪ چان(پيارا ڊڪ) تون ڪٿان پيو ڳالهائين؟“
    ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا مان،“ سيٽان وراڻيس.
    ”ريڪو مهرباني ڪري سيٺ ماتسوموتو کي ٻڌاءِ ته مون کي هن جي نوڪريءَ واري آڇ قبول آهي.“
    ”واهه واهه! ڊڪ چان. دوزو (ڏاڍو سٺو). ماتسوموتو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيندو. هڪ لمحي لاءِ ترس ته آئون کيس اندر ڪمري ۾ ٻڌائي وٺان.“
    ذري گهٽ هڪ سڄو منٽ آمريڪا کان جپان تائين پئسفڪ سمنڊ ۾ وڇايل فون جي تار تي ماٺ ڇانيل رهي، ان بعد ريڪو جو آواز آيو. ڊوڙڻ ڪري سهڪي رهي هئي.”ڊڪ چان، هن وقت مان سيٺ ماتسوموتوءَ جي ئي آفيس مان پئي ڳالهايان. هو توهان جي اچڻ جو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو آهي. تون بس هليو اچ. اهو ٻڌاءِ ته ڪيترن ڏينهن اندر پهچي ويندين؟“
    ”مون کي تياري ۾ ڪجهه وقت لڳندو. مرڙيئي ٽي هفتا کن.“
    ٿوري ماٺ ٿي ويئي. پوءِ ريڪو چيو:”سيٺ چئي پيو ته تنهنجي مدد کان پوءِ ڪافي نئون ڌنڌو ملڻ شروع ٿي ويو آهي. جيترو ٿي سگهي سگهوئي اچ. هو چئي پيو توکي اچڻ جي ٽڪيٽ به ڪمپني ئي ڏيندي.“
    سيٽان وراڻيو، ”توهان جي سخاوت لاءِ ٿورائتو آهيان.“ ۽ پوءِ ڊگهو ساهه کڻي هن هڪ ذاتي سوال پڇيو:”ڀلا ريڪو مون لاءِ ڪو فون ته نه آيو؟“
    ”شي نو ڪال. آءِ ساري.(افسوس جو تنهنجي ساهيڙي گيشا جو فون نه آيو) تون چئين ته آئون تو پاران ڪجهه ڪريان؟“
    ”منهنجي خيال ۾ ته في الحال ڪجهه نه ڪر. بس جي هن جو فون اچي وڃي ته ڇڙو چئجانس ته آئون جپان اچي رهيو آهيان.“
    ”پيارا ڊڪ دلجاءِ ڪر ايترو ته آئون به سمجهان ٿي.“
    ان بعد سيٽان ”سايو نارا“(الوداع) چئي موڪلايو ۽ فون رکيو.
    هن جلدي جلدي ڪم ڪاريون لاٿيون ۽ جپان رواني ٿيڻ لاءِ ضروري سامان پئڪ ڪيو. جهاز ۾ چڙهڻ وقت هن کي ائين لڳو ڄڻ ڪا طاقت هن کي وڃڻ کان جهلي رهي هجي ۽ چئي رهي هجي ته ڇو پيو وڃين، اتي ئي پنهنجن ۾ ئي ترسي پئه جتي جو تون رهواسي آهين ۽ شاديءَ لاءِ به پنهنجن مان ئي ڪا ڇوڪري ڳولي وٺ. پر هن انهن مڙني خيالن کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو. آمريڪا ۾ رهي سڄي عمر ان ئي ڪمري ۾ نوڪريءَ بعد ڇا هڙ حاصل ٿي سگهي ٿو؟ ڪي چند هزار ڊالرن جي بچت. ۽ پنجويهه سال نوڪري ڪرڻ تي ڪمپنيءَ طرفان هڪ تمغو، سو ڪهڙو پيٽ ڀري سگهي ٿو. اڃا هو پنجٽيهن سالن جو به نه ٿيو آهي ته اهڙي ڪمپنيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ ٿي رهندو جنهن جي وڌڻ ويجهڻ ۽ بين الاقوامي ٿيڻ جون ڪيئي اميدون آهن.
    سئن فرانسسڪو ڇڏڻ وقت هن کي جيتوڻيڪ ڏک ٿيو، پر اهوئي سوچيائين ته واپار جي سلسلي ۾ هن جو وري وري پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ ٿيندو رهندو ۽ پنهنجن سان پيون روبرو ۽ فون تي ملاقاتون ٿينديون. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن کي پنهنجي ملڪ سان به پيار آهي.
    ٽوڪيو جي هوائي اڏي تي پهچڻ تي فيوجي هارا ۽ ريڪو سندس آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کيس کلي کيڪاريو. ڪسٽم مان آجو ٿيڻ بعد هنن کيس سيٺ ماتسوموتو جي ڪار ۾ اچي ويهاريو. ريڪو کيس ٻڌايو:”فيوجي هارا توهان جي رهائش لاءِ جاءِ به هٿ ڪري ورتي آهي ۽ مهيني کن جي مسواڙ به ڏئي ڇڏي آهي. ان جاءِ ۾ پهرين آمريڪن ايئر فورس جو ڪمانڊر رهيو ٿي جيڪو هاڻ الاسڪا بدلي ٿي ويو آهي. جيڪڏهن توکي اها جاءِ پسند آئي ته ان ۾ ئي رهجانءِ نه ته مهيني بعد ٻي جاءِ ڳولي وٺنداسين. اها جاءِ ايڏي ڪا وڏي ناهي پر آفيس کي ايترو ويجهي آهي جو فقط هڪ سؤ يين ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو لڳي ٿو. ڪم ڪار لاءِ جيڪا نوڪرياڻي رکي اٿئون اها تنهنجي پسند جو رڌ پچاءُ به ڪندي.“
    اها جاءِ ڪاٺ جي هڪ ٻماڙ عمارت جي پهرين منزل تي هئي، جنهن کي ٿورو گهڻو مغربي طرز جو بنايو ويو هو. گهر ۾ گهڙڻ سان ڪم واري مائي، جنهن کي غور سان ڏسڻ سان به سندس عمر جي ڪا صحيح پروڙ نٿي پيئي، ذري ذري جهڪي، گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڊزن دفعا مانائتي انگريزيءَ ۾ چيو:”ويلڪم، نيو ماسٽر“ (ڀلي ڪري آيئو نوان مالڪ.)
    ”هيءَ جاءِ بلڪل صحيح آهي.“ سيٽان پنهنجن دوستن کي دلداري ڏني.
    ”تون هينئر ٿڪل هوندين. ڪجهه دير ننڊ ڪري وٺ ۽ وهنجي سهنجي تازو ٿيءُ،“ ريڪو صلاح ڏنيس ۽ پوءِ آهستي چيس”هُن جو ٽيليفون اڃا نه آيو آهي، پر پڪ ڪنهن نه ڪنهن وقت اچي ويندو.“
    نرم بستري کي ڏسي سيٽان جي سمهڻ تي هيڪاندي دل ٿي. هن فيوجي هارا سان هٿ ملائي موڪلايو ۽ بنا ڪنهن هٻڪ جي ريڪو کي چمي ڏيئي روانو ڪيو. پوءِ ڪم واري مائيءَ کي ٻڌائي ڇڏيو ته هو ٻن ٽن ڪلاڪن لاءِ سمهڻ ٿو چاهي سو کيس اٿاريو نه وڃي. قدرت خدا جي هوءَ اها ڳالهه بلڪل سمجهي ويئي ۽ پوءِ جڏهن ننڊ ڪري اٿيو ته نوڪريانيءَ رات جي ماني آڻي ڏنس. هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ صحيح معنيٰ ۾ سندس زندگي ئي هاڻ شروع ٿي آهي.
    صبح جو، هو فئڪٽريءَ روانو ٿيو. ماتسوموتو پاڻ هلي اچي هن سان لابيءَ ۾ مليو ۽ جوش خروش سان کيڪاري کيس آفيس تائين وٺي آيو جيڪا ڪا گهڻي وڏي ته نه هئي، پر جپاني معيار کان تمام گهڻي وڏي هئي. پوءِ ياماگچيءَ اچي هٿ ملايس. هو پاڻ سان گڏ هڪ نوجوان عورت به وٺي آيو هو. ”مهرباني ڪري هن سان ملو. هي ءَآهي مسز ايلن يامادا.“
    ”گڊ مارننگ، مسٽر سيٽان،“ مسز ايلن صاف انگريزي لهجي ۾ ڳالهايو،”آئون توهان جي سيڪريٽري ٿيڻ واري آهيان، منهنجو مطلب آهي جيڪڏهن توهان قبوڪ ڪيو ته.“
    سيٽان پنهنجا هوش جاءِ ڪندي چيو:” مون کي توهان سان ملي خوشي ٿي، مسز يامادا. توهان جي انگريزي ته واهه جي آهي.“
    هن وڻندڙ نموني سان کلندي چيو،”آئون در اصل آمريڪن ئي آهيان. منهنجا ماءُ پيءُ هتي جپان ۾ ئي ڄاوا. منهنجو مڙس جپاني آهي ۽ آرميءَ ۾ ڪم ٿو ڪري، ان ڪري آئون انگريزي به ڳالهائي سگهان ٿي ته جپاني پڻ.“
    ”آهي نه واقعي ڪمال؟“ ياماگچيءَ لفظن جو انسرشن ڪيو.
    ”هئهه“ سيٽان جپانيءَ ۾ هائوڪار ڪئي.
    مسز يامادا پيشيورانه انداز ۾ ڪم جي ڳالهه شروع ڪئي.
    ”سر، جپان ۾ آمريڪن هوائي بيس جو ڪرنل هاورڊ توهان سان ملي نئين راڊار جي سلسلي ۾ ڳالهائڻ چاهي ٿو. هڪ ٻي ڳالهه، سيٺ ماتسوموتوءَ پنهنجي آفيس جي ڪارخاني ۾ هڪ نئون کاتو کوليو آهي جنهن کي توهان ”انگلش اسپيڪنگ ڊپارٽمينٽ“ چئي سگهو ٿا جيڪو توهان جي صلاح مشوري سان مس ريڪو هلائيندي. في الحال جيڪا شيءِ/ آرڊر انگريزيءَ ۾ ايندو اهو اسان وٽان ٿيندو ويندو.“
    سيٽان پنهنجي مضبوط ڪرسيءَ تي ويهي اڳيان رکيل نئين ٽيبل کي ڏٺو ۽ دل ئي دل ۾ سوچيو:ڪاش وليم سن هن وقت کيس ڏسي سگهي. پوءِ هن کي دل ئي دل ۾ آيو ته هاڻ هن کي هڪ منو ٿي ڪم ۾ جنبي وڃڻ کپي ۽ اهو ثابت ڪري ڏيکارڻ کپي ته هو واقعي ان نوڪريءَ جي لائق آهي. جيڪا کيس جپانين ڏني آهي. پوءِ هن ٽيبل تي رکيل فون ڏي نهاريو ۽ ان نمبر جو سوچيو جيڪي هن لڳائڻ ٿي چاهيو. پر ٻي گهڙيءَ پاڻ کي اهو سمجهائي ڌتاري ڇڏيو ته مس سدا بهار چنبيلي رات جو دير تائين ڪم ٿي ڪري ۽ هينئر صبح ساڻ کيس فون ڪري ننڊ مان اٿارڻ سٺو نه ٿيندو. پوءِ هن جي نظر ٽيڪ جي ٺهيل ٽري ۾ رکيل ٽپال ڏي ويئي. هو ڪم ڪار جا آيل خط ۽ تارون ڪڍي پڙهڻ ۾ لڳي ويو.
    آخرڪار ساڍي ٽي وڳي ڌاري جيئن ئي ايلن هيڏانهن هوڏانهن پاسيري ٿي ته هن ڏڪندڙ آڱرين سان ماسايو جو نمبر گهمايو. پهرين ئي گهنٽيءَ بعد ڪنهن ڳري آواز واري ماڻهوءَ کيس جپانيءَ ۾ ڪجهه چيو. هن يڪدم فون بند ڪري وري ٻيهر نمبر گهمايو. پر نتيجو ساڳيو نڪتو. هن مٿي نهاريو ته آفيس جي در وٽ ريڪو با ادب بيٺي هئي. هن کيس اندر سڏيو. ”مون کان نمبر لڳي نٿو، ريڪو.“
    ريڪو سمجهي ويئي. هن ڪنڌ جهڪائي چيو:”ڊڪ چان ماسايو سان جو فون ڪٽجي ويو آهي ۽ هوءَ اڄڪلهه گيشا گهر ۾ ڪانهي. مون پاڻ به ڪالهه هن کي توهان خاطر فون ڪرڻ چاهيو ٿي. پر خبر پيئي ته هوءَ اتي ڪانهي. مون پڇا ڪئي ته هوءَ اڄڪلهه ڪٿي آهي ته هنن اهو به نه ٻڌايو. منهنجي معلوم ڪرڻ تي جڏهن خبر نه پيئي ته پوءِ ماتسو موتوءَ به ڪوشش ڪئي. پر گيشا گهر وارا بهانا ڪندا رهيا. جڏهن هو ماتسو موتوءَ کي به نٿا ٻڌائين ته پوءِ ڪنهن ٻئي کي به نه ٻڌائيندا. هونءَ اهو واقعي سٺو نه ٿيو. ڊڪ-جان.“
    هن کي اهو ٻڌي ٿورو صدمو ضرور پهتو. في الحال هن اهو ئي سوچيو ته ڪجهه وقت لاءِ کيس فون نه ڪندو.
    ان ڏينهن شام جو هن ريڪو ۽ فيوجي هارا سان گڏ ماني کاڌي جنهن ۾ هو ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪندا رهيا. ويندي اهو به ته هو هڪ ٻئي جون زبانون سکڻ جي ڪوشش ڪندا، ان بعد سيٽان سڪون سان اچي ستو.
    ٻئي ڏينهن منجهند جو نقشا جاچيندي هن مسز ايلن کي مسٽر ساڪاموتو جو فون ملائڻ لاءِ چيو.
    ”گڊ آفٽر نون“، سيٽان فون تي ساڪا موتو کي کيڪاريو، ”مون توهان کي فون ڪري اهو ئي معلوم ڪرڻ ٿي چاهيو ته توهان جي صحبت آئون ڪيترو جلد ماڻي سگهان ٿو؟“
    ”مون کي پڻ توسان ملي خوشي ٿيندي، نئين نوڪريءَ لاءِ مون طرفان دلي مبارڪون قبول ڪريو. مون کي پڪ آهي ته توکي ان نئين قدم کڻڻ جو افسوس نه ٿيندو. ترس ته ڏسان ته مون کي ڪڏهن واندڪائي ٿي سگهي ٿي. هي هفتو ته سڄو مشغول آهيان بلڪه ٻئي هفتي ۾ به ڪا شايد ئي واندڪائي نڪري سگهي. ان کان پوءِ آئون مهيني لاءِ آمريڪا وڃي رهيو آهيان. بس جيڪا ڪا فرصت اٿم، سا به ٿوري دير لاءِ اڄ شام جو ٿي آهي، ايترو جلد خبر ناهي توهان واندڪائي ڪڍي سگهندئو يا نه.“
    ”بلڪل واندڪائي آهي،“ سيٽان کيس خاطري ڏني، ”مهرباني ڪري توهان ڪا ملڻ لاءِ جاءِ سوچي منهنجيءَ سيڪريٽري کي ٻڌائيندا ته آئون اتي پهچي ويندس.“
    ”ها بلڪل، هن کي فون ڏيو ته سمجهايانس.“
    باقي وقت هو آفيس ۾ مختلف نقشن تي ڪم ڪندو رهيو ۽ جتي جتي ضرورت هئي اتي هو تبديلي ۽ درستي ڪندو رهيو. ان بعد مطمئن ٿي گهر پهتو. وهنجي سهنجي، ڪپڙا مٽائي ۽ پوءِ ريل رستي شهر پهتو.
    دستور موجب ساڪاموتو پوري وقت تي پهچي چڪو هو جنهن جهڙي پابندي جپان ۾ ايترو عام ناهي، سواءِ ريل گاڏين جي. رسمي کيڪار کڙي کان پوءِ هو مانيءَ لاءِ ويٺا.
    ”مون تنهنجو ڏنل مشينريءَ وارو نمونو پنهنجي آمريڪن ڪمپني کي ڏنو،“ سيٽان ٻڌايس.”هو تنهنجي قابليت مان تمام گهڻو متاثر آهن ۽ کين ضرورت پيئي ته ٻي نمبر تي توهان کي ئي آرڊر ڏيندا.“
    ”تنهنجي وڏي مهرباني جو اسان جو خيال ڪرين ٿو.“ جارج ساڪاموتو چيو.
    ”ٻي ڳالهه: آمريڪا جي هڪ ٻي ڪمپني ”ڪالاهان ڪمپني“ اليڪٽرانڪ وغيره جو ڪجهه سامان جپان مان ٺهرائڻ چاهي ٿي ۽ کين ڪنهن جپاني ڪمپنيءَ جي ان ڪم لاءِ ڳولا آهي. مون وٽ سندس هن وقت ائڊريس ناهي. پر اها آمريڪا جي شهر بوسٽن ۾ آهي. آئون هنن کان توهان لاءِ آرڊر وٺڻ چاهيان ٿو پر ڪن مجبورين ڪري آئون ساڻن سڌي طرح نه ڳالهائيندس. توهان پاڻ هنن سان لهه وچڙ ۾ اچو.
    ساڪاموتو کيسي مان هڪ ننڍڙي چوپڙي ڪڍي ان ڪمپنيءَ جو نالو درج ڪيو.”آئون ساڻن سڀاڻي ئي فون تي ڳالهائيندس. هونءَ اسان کي اها ڄاڻ ڏيڻ لاءِ وڏي مهرباني.“
    ”۽ هاڻ هڪ بلڪل الڳ ذاتي ڳالهه،“ سيٽان شروع ٿيو.”پاڻ پهرين به مس سدا بهار چنبيليءَ بابت ڳالهائي چڪا آهيون. هن کي آئون اڃا دوست سمجهان ٿو جيتوڻيڪ وچ ۾ اسان جي ڪافي عرصو جدائي ٿي ويئي ان ڪري هاڻ سندس پتو نٿو پوي ته هوءَ ڪٿي آهي. ٿي سگهي ٿو توکي ڪا ان بابت معلومات هجي؟“
    ڪجهه دير ماٺ اختيار ڪرڻ بعد ساڪاموتو چيو:
    ”مسٽر سيٽان. آئون توکي ڪجهه گيشا جي طور طريقن بابت ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو. جپان جو اهو هڪ تمام پراڻو پيشو، رسم، ادارو ۽ وهنوار هلندو اچي. جڏهن ڪا ڇوڪري ڪنهن گيشا گهر ۾ داخل ٿئي ٿي ته هن کي اتي ڪيتريون ئي شيون سيکاريون وڃن ٿيون. جيئن ته ڳائڻ وڄائڻ، هار سينگار، چرچو ڀوڳ، مختلف قسم جي ماڻهن سان ڳالهائڻ جا طريقا، اٿڻي ويهڻي، لکڻ پڙهڻ، مختلف رانديون رونديون، ادب، شعر و شاعري وغيره وغيره. پوءِ ڪافي سالن بعد هوءَ مڙني ۾ جڏهن ڀڙ ٿيو وڃي ته پوءِ هوءَ مائيڪو ليکي وڃي ٿي ۽ پوءِ اڃا به ڪجهه سال رکي هن تي گيشائڪو نالو رکيو وڃي ٿو ۽ اڪيلي سر ڪم تي، ماڻهن جي دل وندرائڻ، دعوتون ۾ شرڪت ڪرڻ وغيره لاءِ موڪليو وڃي ٿو. اهو سمورو عرصو گيشا گهر وارا مٿس خرچ پکو ڪن ٿا. يعني جڏهن هوءَ گيشا ٿي ڪمائڻ لائق ٿيندي آهي ته ان درجي تي پهچندي پهچندي هوءَ گيشا گهر جي تمام گهڻي مقروض ٿي چڪي هوندي آهي، جو ظاهر آهي ننڍي هوندي کان سندس کائڻ پيئڻ، رهڻ ڪهڻ ۽ ڪپڙي گنديءَ جو خرچ گيشا گهر جي مالڪڻ پئي ڏنو. ايترو ڪافي آهي يا اڃا ٻڌايان. ٿڪجي ته نه پيا آهيو نه؟“
    ”نه، نه.“ سيٽان چيو.”آئون تمام گهڻي چاهه سان ٻڌي رهيو آهيان. مهرباني ڪري ٻڌايو.“
    ”ڪڏهن ڪڏهن ڪي غريب گهراڻا پنهنجيون ڌيئر گيشا گهر ۾ اچي وڪڻي ويندا آهن. ڪڏهن ته وري سکئي ستابي گهر جون ڇوڪريون پنهنجي شوق سان اچي گيشا گهر ۾ رهنديون آهن. ان ڪري جو هو ان گليمر، رنگيني ۽ رونق واري جيون کي پسند ڪن ٿيون. يا وري پنهنجي ڪنهن مائيٽياڻي گيشا کي ڪامياب ۽ خوشيءَ جي زندگي گذاريندو ڏسي، هرکجي اچن ٿيون. هاڻ، منهنجي خيال ۾ ته تون اهو معلوم ڪرڻ چاهين ٿو ته آيا گيشا شادي ڪري سگهي ٿي يا نه. اهو ڪم ايترو عام ناهي. يا ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو جو سندس مڙس ان گيشا جو سمورو قرض گيشا گهر کي ادا ڪري واڌو ڪجهه مٿان ٻي رقم. ۽ پوءِ ڇوڪريءَ کي اهڙي نموني سان رکي سگهي جنهن جي هوءَ عادي ٿي چڪي آهي. عام طرح گهڻو تڻو ائين ٿيندو آهي جو گيشا پنهنجو ڪو سرپرست ڳولي/ چونڊي وٺندي آهي، جو اهو سمورو خرچ ادا ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي جيڪو هن تي گيشا ٿيڻ تائين آيو، ۽ پوءِ هو هن کي ٻي زال ڪري رکندو آهي.“
    ”منهنجي خيال ۾ ته اها سريت ئي ٿي.“ سيٽان چيو.
    ”ذري گهٽ، ها ائين ئي چئي سگهين ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته اهي نوجوان گيشا عورتون گيشائون ٿي ڪم جاري رکنديون آهن، پر پنهنجي سرپرست جي سڏ تي ٻين گراهڪن کي ڇڏي پهرين هن وٽ وينديون آهن. گيشائن جو وڏو تعداد اهو طريقو اختيار ڪري ٿو. گيشا گهر ته بلڪل هر صورت ۾ اها ڪوشش ڪندو ته مس سدا بهار چنبيلي گيشا واري ڌنڌي سان ئي لڳي رهي جو هوءَ هنن لاءِ ڄڻ بئنڪ ۾ رکيل دولت ٿي.“
    ”بهرحال في الحال ته هوءَ هتان ڪنهن ٻئي طرف هلي ويئي آهي ۽ گيشا گهر سندس پار پتا ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو. ڇا تون، پنهنجي هيتري اثر رسوخ هوندي ايترو ڪجهه ڪري سگهين ٿو جو هن کي ڳولڻ ۾ منهنجي مدد ڪري سگهين؟“
    ساڪاموتو ڪافيءَ جو خالي ٿيل ڪوپ پاسي تي رکي ڊگهو ساهه کنيو.”مسٽر سيٽان، ڪيڏو نه اڀاڳ آهي جو تو گيشا کي ئي پنهنجي پسند جي ڇوڪري چونڊيو. هونءَ جيڪڏهن دل ۾ نه ڪريو ته آئون توهان کان اهو پڇي سگهان ٿو ته ڇا توهان مس سدا بهار چنبيليءَ کي ان ڪري چونڊيو آهي جو توهان جي نظرن ۾ هوءَ جپان جي هڪ بافضيلت ڌيءَ آهي؟ جپاني سڀ ڇوڪريون هونءَ به دنيا ۾ اُتم سمجهيون وڃن ٿيون. ٿوري ئي ڄاڻ سڃاڻ پيدا ڪرڻ سان توهان کي ان کان به وڌيڪ فضيلت واريون ڇوڪريون ڪيترن ئي جپاني گهرن ۾ ملي سگهن ٿيون.“
    ”منهنجي دلچسپي هڪ، ۽ فقط هڪ ماسايوڪانو ۾ آهي. جيڪڏهن هوءَ پُل تان ڪري پوي ۽ کيس سڄي عمر ڦيٿن واري ڪرسيءِ تي رهڻو پوي ته به هوءَ مون لاءِ ساڳي ماسايو ڪانو آهي.“
    ”ڇا ان حد تائين تون هن کي چاهين ٿو، مسٽر سيٽان؟“
    ”جي ها، بلڪل، ۽ توهان مون کي پنهنجو سمجهي ”سيٽان“ بدران فقط ”ڊڪ“ چئي سگهو ٿا.“
    ”چڱو ڊڪ، جيتري ٿي سگهندي آئون ڪوشش ڪندس.“
    ساڪاموتو سيٽان کي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي پوءِ گهر تائين ايندي وقت هو ان منجهيل مسئلي کي سلجهائڻ بابت سوچيندو رهيو. ڇوڪريءَ کي ڳولڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي، پر هي اخلاقي پهلوءَ کان سوچي رهيو هو ته آيا هي ان ڪم ۾ هٿ وجهي يا نه. سيٽان لاءِ ڪانوماسايو جي ڳولها ڪري يا نه. هن کي هڪ پراڻي جپاني چوڻي ياد اچي ويئي:” ماڻهوءَ کي پنهنجي زال ڳولڻ لاءِ پنهنجو گهر ئي جانچڻ کپي.“
    جيڪڏهن هو شادي ٿا ڪن ته هنن کي انگريزي يا جپانيءَ ۾ چڱي طرح هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ ۾ سالن جا سال لڳندا. هن جي ڌيان ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي مکيه ڳالهيون هيون جن آمريڪا ۽ جپاني تهذيبن کي ڌار ڌار ڪيو ٿي. ان کان علاوه ذات پات جو به سوال هو، بهرحال انهن کي ته هن ڪا به اهميت نٿي ڏني. ماڻهن جا فقط ٻه قسم آهن، هن دل ئي دل ۾ سوچيو، سڌريل ۽ اڻ سڌريل.
    هاڻ سيٽان جيئن ته جپان جو ذري گهٽ مستقل شهري ٿي رهڻ لڳو هو، ان ڪري گيشا گهر هن کان سنئون سڌو احتياط ڪيو ٿي. ساڪاموتو کي مليل اطلاع مطابق مس سدابهار چنبيليءَ وارو گيشا گهر ان بندوبست ۾ لڳو پيو هو ته بنا ڪنهن دير جي ڪو سرپرست ڳولي کيس ان جو پابند بنايو وڃي.
    هوڏانهن سيٽان ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي پراڻي گراهڪ سان ملڻ لاءِ ٻئي هفتي جي شروع وارن ڏينهن ۾ فلپائين روانو ٿي ويو. اتي پهچڻ سان جڏهن هن واپار ٽٽڻ جو جائزو ورتو ته خبر پيس ته اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو جو هڪ ته ٻئي جي زبان سمجهڻ لاءِ ڪو رابطو نه هو ۽ ٻيو ته فلپائين وارن تي اهو غلط اثر ويهي ويو هو ته ماتسوموتو ڪمپني ڏيوالي ۾ هلي ويئي آهي. اهي سڀ ڳالهيون دور ڪرڻ لاءِ سيٽان سٺو پارٽ ادا ڪيو.
    ماتسوموتو وڏي پگهار تي پاڻ وٽ جو هي آمريڪن وائيس پريزيڊنٽ رکيو هو، ان جو هڪ سبب اهو به هو ته جيئن هو نه فقط انجنيئرنگ جا مسئلا حل ڪري پر ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ اچي پراڻا وڃايل گراهڪ پڻ هٿ ڪري. ٽي ڏينهن فلپائن ۾ رهي سيٽان ٽوڪيو واپس وريو.
    واپسيءَ تي هوائي جهاز ۾ ويٺي هن جي دماغ ۾ هڪ رٿائي. هن کيسي مان ننڍڙي چوپڙي ڪڍي ان تي ڪو نالو لکيو. بس ڀاڳ خراب نه نڪري باقي هن کي يقين هو ته هاڻ مس ڪانوماسايو جو پتو لهي وٺندو.
    ***


    ٻارنهن

    ٻئي ڏينهن صبح جو، سيٽان پنهنجي مسافريءَ جو سربستو احوال سيٺ ماتسوموتوءَ کي ڏنو. ان بعد پنهنجي سيڪريٽري ايلن يامادا کي ٻڌايو ته هوءَ سندس فون، آمريڪن ايئر فورس بيس تي رهندڙ ڪرنل هاورڊ سان ملائي، جنهن سان هو پهرين به رڊار جي سلسلي ۾ ڳالهائي چڪو هو.
    پوري اڍائين بجي سرڪاري گاڏي پيگيءَ جي بواءِ فرينڊ ايئرمئن ملسپ کي فئڪٽريءَ تي اچي لاٿو.(جنهن لاءِ سيٽان صبح جو سندس ڪرنل کي فون ڪيو هو.) قدبت جو سنهو، مٿي تي ڳاڙهاوار ۽ ٽوپلو هٿن ۾ هوس. سندس وردي چڱيءَ طرح استري ٿيل ۽ ڪلف ڏنل هئي ۽ ڪارا بوٽ پالش کان ايترو ته چمڪي رهيا هئا جو اشتهار جو نمونو ٿي لڳا.
    ”ايئرمئن ملسپ، ويهو.“ سيٽان هن کي ڪرسي آڇيندي چيو. سيڪريٽري ايلن هنن لاءِ ڪوڪا ڪولا کڻڻ لاءِ ٻاهر ويئي ۽ آيل مهمان اسپرنگ وانگر هيڏانهن هوڏانهن لڏي جڏهن آرام سان ويٺو ته سيٽان فرحتي ٿي پڇيس.”ڪريو خبر پيگي ڪيئن آهي؟“
    ملسپ اهو ٻڌي ڇرڪ ڀري چيو:”ڇا سائين توهان مون سان هن بابت ڳالهائي مون کي اها نصيحت ڪرڻ ٿا چاهيو ته آئون هن کان پري رهان.“
    ”نه، هر گز نه. آئون هن سان ملي چڪو آهيان ۽ آئون کانئس بيحد متاثر آهيان.“
    ملسپ هٿ سان نرڙ تان پگهر اگهيو،”شڪر آهي.“
    پوءِ يڪدم هن کي ڌيان ۾ آيو.”سائين منهنجي خيال ۾ ته آئون به توهان کي سڃاڻان ٿو. توهان ئي ته نه آهيو جيڪي هن جي ڀيڻ سان ملندا رهيا آهيو؟“
    ”بلڪل صحيح آهي،“ سيٽان چيو. اتي ايلن هنن لاءِ ڪوڪ کڻي آئي. پوءِ هنن کان اجازت وٺي ڪمري جا در بند ڪري ٻاهر هلي ويئي.
    ”آئون ذاتي ڳالهيون پڇڻ نٿو چاهيان، بس ايترو ضرور معلوم ڪرڻ چاهيان ٿو ته ويجهڙائيءَ ۾ تنهنجي ڪا هن سان ملاقات ٿي آهي؟“
    ملسپ پهرين هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ته آيا ڪو ٻيو ٻڌي ته نه رهيو آهي. ”گذريل رات ئي آئون هن سان مليو آهيان، پر اها ڳالهه سائين پاڻ تائين محدود رکجو، گيشا گهر وارا خبر ناهي ڇو اڄڪلهه تٿان پَٿان ۾ آهن توهان کي ته خبر آهي ته آئون ڪو ڪميشنڊ آفيسر ته آهيان ڪونه. آئون ته هڪ سپاهي ئي ٿيس...“
    سيٽان هٿ جي اشاري سان اهو چوڻ کان کيس جهليو.”پاڻ ٻنهي جو ساڳيو مسئلو آهي، اڃا به ڏٺو وڃي ته منهنجو مسئلو توکان ڳنڀير آهي. مون کي اها خبر ناهي ته مس ڪانوماسايو اڄڪلهه ڪٿي آهي. گيشا گهر ان بابت ڪنهن کي به نٿو ٻڌائي.“
    ”پيگيءَ کي خبر ضرورت هوندي،“ ملسپ چيو، ”توهان ائڊريس ۽ فون نمبر ٻڌايو. آئون اڄ ئي هن کان معلوم ڪري توهان کي اطلاع ڪندس.“
    سيٽان پنهنجي گهر جو پتو پنهنجي نالي واري ڪارڊ تي لکي هن کي ڏنو.”مون وٽ اڃا فون ناهي.“ هن چيو.”چڱو مهرباني ملسپ. پيگيءَ کي به منهنجا سلام چئجانءِ.“
    پنجين وڳي آفيس ۾ سيٽان جو فون آيو.”ڊڪ سيٽان، آئون ساڪاموتو پيو ڳالهايان تنهنجي ڪم جي خبرچار پئي لڌم ۽ مون کي اها ڄاڻ پيئي ته مس سدا بهار چنبيلي اڄڪلهه ٽوڪيو کان ٻاهر رهي ٿي. هن جو ڪنهن گراهڪ سان معاشقو ٿي پيو هو ۽ جذباتي طرح ايترو ته پريشان رهڻ لڳي آهي جو گيشا گهر وارن هن کي ان گراهڪ کان پري رکڻ ڪارڻ ٻئي شهر ۾ موڪلي ڇڏيو آهي جيسين هوءَ هن کي وساري يا نارمل حالت ۾ اچي. سو هاڻ منهنجيون دعائون توهان سان آهن. اميد ته هڪ نه هڪ ڏينهن هن کي حاصل ڪري اسان کان به مبارڪون ماڻيندين.
    ”ٻي ڳالهه ته جنهن گيشا گهر سان مس سدا بهار چنبيليءَ جو واسطو آهي، ان تي منهنجو ڪافي اثر رسوخ آهي جو ائون سندن وڏي ۾ وڏو گراهڪ آهيان ۽ هنن جي ڪمائيءَ جو وڏو حصو منهنجي ڪمپنيءَ مان آهي. مون هنن کي صاف صاف چئي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن هو تنهنجي ۽ مس سدا بهار چنبيليءَ جي وچ ۾ رنڊڪ پيدا ڪندا ته سٺي ڳالهه نه ٿيندي.“
    ”توهان جي وڏي مهرباني.“ سيٽان چيو.
    ”نه، اهو مون تي فرض آهي ته تولاءِ جيڪي ڪجهه پڄي سگهي اهو ڪريان. آئون آمريڪا ڪالاهان ڪمپنيءَ سان ٻه دفعا ڳالهائي چڪو آهيان ۽ هو مون کي مشينريءَ جو نمونو ٺاهڻ ۽ ان جو اگهه معلوم ڪرڻ لاءِ بلو پرنٽون(نقشا) موڪلي رهيا آهن.“ ساڪاموتو چيو.
    ”ڏاڍو سٺو. چڱو وڌيڪ پوءِ ملاقات تي روبرو خبرون ڪنداسين.“ سيٽان چيو.
    ”بلڪل صحيح منهنجي آمريڪا کان موٽڻ تائين انتظار ڪجانءِ. تيسين مون طرفان تو لاءِ دعائون آهن. ها اهو ٻڌائڻ وسري ويم ته مس نارما شاديءَ جون تياريون ڪري رهي آهي. ويجهڙائيءَ ۾ سندس ملاقات ڪنهن همراهه سان ٿي هئي. هو عمر ۾ مڙيئي هن کان ڪجهه وڏو آهي. ٽيڪساز جو ڪو امير آمريڪن آهي.“
    انگريزيءَ بدران سيٽان جپانيءَ ۾ چيو:”سو ديسڪا“ (ڇا واقعي؟)
    ساڪاموتو کلي چيو:”بلڪل، مون نوڪري ڏيارڻ واري کاتي کي ٻي انگريزي ڳالهائيندڙ سيڪريٽري موڪلڻ لاءِ فون ڪيو. خبر پيئي ته هنن جي هڪ بهتر انگريزي ڳالهائيندڙ ڇوڪري تو وٽ پهچي ويئي آهي. بهرحال ان تي تنهنجو ئي حق هو.“
    جڏهن ڳالهه ٻولهه ختم ٿي ته سيٽان ڏٺو ته ريڪو سامهون در وٽ بيٺي آهي.”هلي آ اندر اچ.“ سيٽان کيس سڏ ڪيو.
    ”ڊڪ چان. منهنجي هڪ ساهيڙي آهي جنهن جي چاچي هڪ گيشا ريسٽورنٽ هلائيندي آهي. هن وعدو ڪيو آهي ته هوءَ تولاءِ ماسايو جو اتو پتو لهڻ جي ضرور ڪوشش ڪندي.“
    سيٽان ريڪو کي پاڻ ڏي ويجهو ڇڪي چيو:”ريڪو مان توکي اهو ٻڌايان ته مون کي خود خبر ناهي ته آئون ڇو اچي ماسايو پٺيان پيو آهيان. بس مون کي ڇڙي اها ڄاڻ آهي ته آئون هن بنا هڪ پل به رهي نٿو سگهان.“
    ”پيارا ڊڪ، آئون سمجهان ٿي.“
    ”پر هڪ ڳالهه آئون چٽي طرح محسوس ڪريان ٿو.“ سيٽان وڌيڪ چيو،”ته هر حال ۾ مون کي تنهنجي دوستيءَ جي ضرورت آهي. جيسين منهنجي سرير ۾ ساهه آهي تيسين تون منهنجن بلڪل ويجهن دوستن مان آهين.“
    ”اها مون لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو تون مون کي ايڏي عزت ڏين ٿو ۽ پنهنجو سمجهين ٿو، ڊڪ. آئون نٿي سمجهان ته ڪو ٻيو مون کي ايترو پنهنجي سمجهي ٿو.“ هوءَ پنهنجي منهن کي هٿن سان ڍڪي روئڻ لڳي. پوءِ پنهنجيون اکيون اگهي مرڪڻ لڳي. ”ڊڪ چان، تو مون کي هڪ نئون ماڻهو بڻائي ڇڏيو آهي.“ هوءَ اهو چئي ٻاهر هلي ويئي.
    ”ڌوڙ آهي پيئي.“ سيٽان پنهنجي منهن دل ۾ چيو.
    پوءِ ڪاغذ پٽ ٺاهي گهر ڏي روانو ٿيو. نوڪرياڻيءَ جيڪا ماني ٺاهي هئي سا کاڌائين. ستين بجي ڪي مهمان آيا جيڪي هن گهر ۾ نوان هئا. نوڪرياڻيءَ ٻنهي کي جهڪي کيڪاريو ۽ سيٽان کي سڏي آئي. سيٽان ايئرمين ملسپ ۽ پيگيءَ کي ڏسي خوشيءَ سان سندن آڌرڀاءُ ڪيو.
    ”اوهه! هيءَ ته واهه جي جاءِ آهي.“ پيگيءَ چيو،” ماسايو کي ته واهه جي وڻندي.“ اهو چئي هن دريءَ کان ٻاهر ڏٺو. ”واهه واهه، هتي ته ويندي ٻارن جي کيڏڻ لاءِ به چڱو پَٽ آهي.“
    ”ڪهڙن ٻارن لاءِ؟“ سيٽان پڇيو.
    پيگي سيٽان کي گهورڻ لڳي.”تنهنجي ٻارن لاءِ. ظاهر آهي تون اهو ئي چاهيندين ته ماسايو مان توکي ٻار ٿين، يا نه؟“
    سيٽان اها ڳالهه لنوائي چيو،” في الحال ته آئون چاهيندس ته ماسايو کي ڳولي لهان.“
    ”اها ته سمجهه ته توکي ملي ويئي.“ پيگيءَ کيس خاطري ڏني، ”ماماسان مون کي چتاءُ ڏيئي ڇڏيو آهي ته جي ماسايو بابت ڪنهن کي به ٻڌايئي ته ڌنڌي مان ڪڍي ڇڏينديسانءِ، سو مون هن سان وعدو ڪيو ته ڪنهن کي به نه ٻڌائينديس.“ اهو چئي پيگي سيٽان جي منهن جو پنو پڙهڻ لڳي. ”عينڪ بنا لڳين ته ٺاهوڪو ٿو. تنهنجا ٻار به تو جيان ڊگها ۽ سنها ٿيندا. منهنجو الائي ڇا حشر ٿيندو. پڪ هن جهڙا ڳاڙهي مٿي وارا ڄمندا.“
    هن وري سيٽان جي منهن جو غور سان جائزو ورتو. ”تون ڏاڍو ٿڪل ٿو لڳين. ڇا نئينءَ نوڪريءَ ٿڪائي رکيو اٿئي؟ توکي کپي ته موڪل ڪر ڪجهه ڏينهن لاءِ شمودا شهر ۾ وڃي آرام ڪر.“
    ”نه، اڃا ته ضرورت نه اٿم.“ سيٽان وراڻيو.
    پيگي هاڻ وڌيڪ صبر کان ڪم نه وٺي سگهي.” تون شمودا ضرور وڃ. هر سال وانگر هن سال به اتي جمعي ڏينهن جشن ٿيڻو آهي جنهن ۾ هر عمر جا ماڻهو ناچ گانا ڪندا آهن. هن سال گيشائن جي پريڊ/ فلوٽ ۾ ماسايو به بهرو وٺندي.“
    سيٽان، ٻئي ڏينهن پنهنجي سيڪريٽري ايلن ذريعي شمودا وڃڻ لاءِ ٽڪيٽ بڪ ڪرائي. مسز ايلن فلپائين کان آيل تار ماتسوموتوءَ کي پڙهي ٻڌائي ته هو سيٽان جي قيمتي صلاحن کان متاثر آهن ۽ واپار جو وڌيڪ آرڊر ڏنو اٿن. سيٺ ماتسوموتو پنهنجي ٺاهيل هائڪو (شعر) واري پکيءَ بابت وري غور سان سوچيو جيڪو سندس نئين آمريڪن وائيس پريزيدنٽ جي ذهانت جي علامت هو، جنهن ڪري ڪمپنيءَ تان مشڪل ڏينهن ٽرڻ لڳا هئا. بهتر ڪاروبار وري شروع ٿيڻ لڳو هو. سيٺ کي خوش ٿيندو ڏسي مسز ايلن بنا دير جي کيس ٻڌايو ته مسٽر سيٽان سڀاڻ کان ڏينهن ٻن لاءِ شمودا جشن ڏسڻ لاءِ وڃڻ چاهي ٿو. سيٺ خوشيءَ مان هڪدم اجازت ڏني ته سڀاڻ ڇو، هو چاهي ته اڄ ئي وڃي سگهي ٿو.
    ***


    تيرنهن

    سيٽان ٿيلهي ۾ ڏينهن ٻن جا ڪپڙ اوجهي ريل ۾ اچي چڙهيو. شمودا شهر ۾ هڪ جشن وارو ماحول بپا ٿيل هو. ماڻهو پنهنجن ٻارن سميت رنگين ڪپڙن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦري رهيا هئا. گهوريئڙا مختلف شين وڪڻڻ جا هوڪا ڏئي رهيا هئا. هن شهر جي ڪنهن گهٽيءَ جي ڪنهن گهر ۾ پڪ ماسايو به هوندي. هو هڪ مسافرخاني ۾ اچي ٽڪيو جنهن قسم جي رهائشگاهن ۾ هي پهرين به رهي چڪو هو.
    ٻئي ڏينهن هو ڪاٺ جون چاکڙيون ۽ يوڪاتا پائي ميلي ۾ گهمڻ لاءِ نڪتو. ٿوري دير بعد رستن تان جلوس لنگهڻ وارا هئا. ماڻهو رستن جي پاسن تي قطارون ٺاهي انهن کي ڏسڻ لاءِ آيا هئا. سيٽان به ڪلها پاسا هڻي پنهنجي بيهڻ لاءِ ٺاهي.
    ٿوري دير بعد جپاني نقارن ۽ دهلن جي سٽ سٽ سان پريڊ جو هڪ جٿو اچي لنگهيو. ساڻن گڏ وڏا جهنڊا ۽ بيرقون هيون جن تي مختلف جپاني لفظن جون شڪليون ٺهيل هيون.
    ان بعد هڪ ٻيو جٿو سازن سروندن تي نچندو اچي لنگهيو. انهن جي هٿن ۾ بانس جا لڙها هئا جن جي مٿان پني جا تابوت ۽ مندر ٺهيل هئا.
    ان کان پوءِ ڪجهه دير بعد هڪ ٻيو جٿو آيو جنهن ۾ سڀني ماڻهن شوگن واريون پراڻي زماني جون پوشاڪون پهريون هيون. ڪجهه نوجوان پنهنجن مٿن تي گڏين جي گهر جهڙيون ٺهيل عمارتون کڻي لنگهي رهيا هئا.
    اهڙيءَ طرح هڪ ٻيو جلوس نڪتو جنهن ۾ سڀ ڪمونو پهريل ڇوڪريون هيون. هو گلن سان جهنجهيل فلوٽ کڻي لنگهي رهيون هيون. پاسن کان هنن سان گڏ سازندا ساز وڄائي هلي رهيا هئا. رستي جي ڪپرن تي بيٺل ماڻهو جلوس ۾ لنگهندڙ مردن توڙي عورتن ۽ ڇوڪرين سان چرچا ڪندا رهيا. هو به کين گل يا پنين جي ڪاتر اڇلي هڻي رهيون هيون.
    اهڙيءَ طرح ڪيترا جلوس لنگهڻ بعد هڪ جلوس خوبصورت عورتن جو خوبصورت پوشاڪ ۾ پري کان ايندو نظر آيو. ويجهو اچڻ تي خبر پيئي ته اهي ڇهن قطارن ۾ هڪ ئي جهڙا ڪمونا پائي نچي رهيون هيون. اهي ڪمونا اهڙي ڊيزائن جا ٺهيل هئا جو هنن نچندي جڏهن سامهون ٿي نهاريو ته ڳاڙهاڻ ئي ڳاڙهاڻ ٿي ٿي ويئي ۽ جڏهن هنن پٺ ٿي ڏني ته ڪاري ۽ اڇي رنگ جا پٽا ٺهي ٿي ويا ۽ نچڻ وقت سندن قدم قدم سان ائين ته مليو ٿي جو ڏسڻ وارن کي تعجب لڳو ٿي.
    ۽ پوءِ سيٽان جي نظر هن تي وڃي پيئي.
    هوءَ ٻي قطار ۾ هئي، ۽ وڏي مان ۽ شان سان نچي رهي هئي. مڙڻ وقت هن به ٻين وانگر گوڏا ٿي موڙيا.
    جيتوڻيڪ چرڻ جي جاءِ مور نه هئي، پرسيٽان جيئن تيئن ڪري پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهيندو جلوس جي سان گڏوگڏ هلڻ لڳو. نظر سندس مس ڪانوماسايو ۾ ئي هئي. جلوس اڳيان هلندو ويو ۽ ماڻهن جو سمنڊ پٺيان ٿيندو ويو. اڳيان موڙ اچڻ تي سڀ ڇوڪريون مڙيون. جيڪي ڇوڪريون مٿي تي ڪاٺ ۽ پني جو ٺهيل مندر رکي هلي رهيون هيون تن ان کي هيٺ لاٿو ۽ ساهه پٽڻ لڳيون. سيٽان ڳاڙهي ڪاري رنگ جي ڪمونن اندر گهڙي ويو ۽ کيس ٻانهن کان جهلي ٻاهر وٺي آيو.
    گوڙ گهمسان کان ٿورو پاسيرو پهچي سيٽان ڏانهنس نهاريو، ”ڪان بان وا“ (سلام خير)
    هوءَ هن کي ٽڪ ٻڌي ڏسندي رهي. آخر وڏي مشڪل سان هن انگريزيءَ جا ٻه چار لفظ ڳالهايا:”هائو يو فائينڊ؟“ (تو مون کي ڪيئن ڳولي لڌو.)
    ”تمام سولائي سان.“ سيٽان وراڻيو،”مون جپان اچي توکي ڳولڻ شروع ڪيو.“
    ڪجهه ڳالهائڻ کان اڳ سندس چپ ٿوري دير لاءِ ٿڙڪڻ لڳا:”ڇو؟“
    ”توکي ان جي خبر آهي. مون توکي ٻڌايو هو، ياد اٿئي نه؟“
    هن ٻانهون مٿي کڻي سيٽان جي چيلهه جي چوڌاري واريون. ڪجهه دير لاءِ پنڊ پهڻ ٿي بيٺي رهي. پوءِ ٻانهون هيٺ ڪيرائي هڪدم پٺتي هٽي.”مون کي وڃڻ کپي،“ هن چيو،”هي ڪمونو منهنجو ناهي.“
    سيٽان سندس هٿ اڃا تائين نه ڇڏيو.”ڪيتري دير لاءِ وڃڻ ٿي چاهين. پهرين اهو ٻڌاءِ؟“
    هن ڪنڌ ڌوڻي اهو اشارو ڪيو ته هن سندس ڳالهه نه سمجهي.
    ”آئون چوان ٿو،“ سيٽان ڌيرج سان انگريزِءَ جو لفظ لفظ ڌار ڌار ڪري ڳالهايو،” ته تون موٽي اچ.“
    ”پر مون لاءِ ڪيتريون ئي رڪاوٽون آهن.“ مس سدا بهار چنبيليءَ چيو.
    ”بس جان، ڪمونو بدلائي، موٽي اچ. سمجهئه؟“ سيٽان چيس.
    سيٽان اڳيان هن کي آڻ مڃڻي پيئي.
    پني جو وڃڻو کولي هن سامهون سمنڊ ڏي اشارو ڪيو.”جيڪڏهن تون چئين ٿو ته آئون ڪلاڪ اندر موٽي اچان. پاڻيءَ جي ڀرسان ويهي ڪجهه دير پاڻ ڳالهائينداسين.“
    سيٽان ٻانهن موڙي واچ ۾ ٽائيم ڏٺو. ”پوري ڪلاڪ اندر موٽي ايندينءَ نه؟ پڪ؟ وعدو؟“
    ”آئون وعدو ٿي ڪريان،ڊڪ.“
    سيٽان هن کي ڇڏيو ۽ هوءَ ڊانس ڪندڙ ڇوڪرين جي ميڙ ۾ گم ٿي ويئي. هو پوءِ ماڻهن جي ميڙ مان رستو ٺاهيندڙ سمنڊ ڏي وڌيو. رستي تي ڪيترائي جپاني آواز هن جي ڪنن ۾ ٻُرڪندا رهيا. ڪاٺ جي چاکڙين جي ٺڙڪ ٺڙڪ، جپاني ساز، ساميسين جي شرنائيءَ وانگر تکو سُر، ڪنهن نُوڊل وڪڻندڙ پوڙهي ماڻهوءَ جو هوڪو. سامهون ”توري_ئي“ دروازو نظر اچي رهيو هو جنهن جي چوڌاري پٿر جا چونجها ڏيا ٽمڪي رهيا هئا. اهي ڏيا انهن ماڻهن کي سڏي رهيا هئا جن ان پارڪ جي در هيٺان لنگهي پنهنجي جسم ۽ روح کي پاڪ پوتر بنائڻ چاهيو ٿي. ڪجهه ڏاڪا مٿڀرو شنتو ڌرم جو ٻائو بيٺل هو جيڪو پني جي وڃڻي سان پاڻ کي هوا هڻي رهيو هو. شادي شده جوڙا هن کان دعا وٺي رهيا هئا.
    ڪلاڪ گذرڻ ۾ اڃا پنجويهه منٽ بچيا ٿي. شڪ جو شيطان سندس دماغ ۾ ديرو ڄمائي کيس آگاهه ڪرڻ لڳو ته تون اجايو هتي ويٺو ڪلاڪ وڃائين، تيسين هوءَ سامان ٻڌي ڪنهن ٻي پاسي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي هوندءِ. پر پوءِ جڏهن هن کي ٻي گهڙي ياد آيو ته هوءَ هن سان وعدو ڪري ويئي آهي ته شيطان کي ڄڻ اماڙي لڳي ويئي.
    سيٽان سمنڊ جي ويجهو پهچي هڪ پرڀري جاءِ تي قبضو ڪري ويهي رهيو جو چوڌاري ڪيترائي جوڙا جوڙا جايون ولاري ويٺا هئا. هن جي پٺ سمنڊ ڏي هئي ۽ صبر سان وقت گذارڻ جي انتظار ۾ هو، پر جڏهن پورو ڪلاڪ گذري ويو ته هڪ هڪ منٽ هن جي اندر ۾ هڪ دفعو وري نئين سنئين وسوسا ۽ شڪ شبها جاڳائڻ لڳو، پر هن انهن کي دل سان هرگز قبول نه ڪيو. سندس دير سان پهچڻ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. هن سوچيو.
    هن پٺ ورائي سمنڊ ڏي ڏٺو جيئن سمنڊ کان ڪجهه صبر سکي سگهي، جيڪو صبر جي ئي علامت آهي. پري بلڪل پري سمنڊ جي ڪناري تي، چانڊوڪيءَ ۾ سامهون ڪا عورت، خاموشيءَ سان پاڻيءَ کي ڏسي رهي هئي. هي يڪدم سڃاڻي پيرن تي اٿي بيٺو ۽ تعجب کائڻ لڳو ته خبر ناهي ته هوءَ ويچاري ڪيتري دير کان انتظار ڪري رهي آهي. تکيون تکيون ٻرانگون کڻي ٻين جوڙن جي وچ مان رستو ٺاهيندو ان عورت ڏي وڌيو. ايتري ۾ هوءَ جهڙو پٺيان مڙي ته هن تي نظر پيس ۽ هن خوشيءَ مان هٿ لوڏي پنهنجي هجڻ جو اطلاع ڪيو.
    دراصل سمنڊ جي ڪناري وٽ وڌيڪ اڪيلائي ڏسي هوءَ اتي بيهي انتظار ڪري رهي هئي. پوءِ هو ٻئي گڏ ٿي ويا منهن سان منهن ملائي، هڪ ٻئي جي ويجهو ٿي_ جيئن سندن ڳالهيون رڳو پاڻ ئي ٻڌي سگهن، ٻيو ڪو به نه. ”پيگيءَ مونکي نياپو ڪيو هو ته تون ضرور ايندين،“ هن نماڻائيءَ مان چيو،”پيگيءَ مون کي اهو به اطلاع ڪيو هو ته ”ماما سان“ چاهي ٿي ته آئون جهٽ شادي ڪريان. هوءَ مون لاءِ ڪو سرپرست ڳولي رهي آهي جيڪو مون کي ”زال“ ڪري رکي.“
    ”ٻي زال“ سيٽان ڌيرج سان چرچي طور پڇيو.
    ”منهنجي خيال ۾ ته بلڪل ائين.“
    ڪجهه لمحا گهري ماٺ بعد هن چپ چوريا. ”هو گيشا مس سدا بهار چنبيليءَ سان شادي ڪرڻ ٿو چاهي.“ هن چيو،”پر آئون هرگز نٿي چاهيان.“ اهو چئي هن سيٽان ڏي پنهنجائپ وارين نگاهن سان ڏٺو.
    ”مون کي نه ته مس سدا بهار چنبيليءَ لاءِ وقت آهي ۽ نه وري ڪنهن ٻيءَ گيشا لاءِ،“ سيٽان چيو،”فقط هڪ ڇوڪريءَ _ ڪانو ماسايو ڪارڻ سڄي زندگي ڏيئي سگهان ٿو. تون ان ڇوڪريءَ کي سڃاڻين؟“
    هوءَ مرڪي چوڻ لڳي: ”ڪڏهن ڪڏهن،“ ۽ پوءِ پنهنجو مٿو سيٽان جي جوٽ تي رکي کيس غور سان ڏسڻ لڳي.
    ”ماسايو“ سيٽان پڇيو،” تون منهنجي زال ٿي رهندينءَ؟“
    هن سيٽان کي چيڙائيندي چيو،”پهرين زال؟“
    ”زال _ فقط زال.“
    پوءِ هن سنجيدي ٿيندي چيس:”ڊڪ تون ڪجهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. اهو سوچ ته اهو ڪم ڪيڏو ڏکيو آهي. گيشا گهر منهنجي لاءِ مسئلا کڻي پيدا ڪندو جو هو مون کي خريد فروخت جي شيءِ سمجهن ٿا.“
    ”منهنجو هڪ دوست آهي، اهو ان مسئلي کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. هو تمام اهم ماڻهو آهي ۽ پڪ اٿم ته هو ان ۾ ضرور ڪامياب ٿيندو ۽ توکي ان گيشا جي چڪر مان ڪڍي وٺندو. ڀلي ٻي ڪا وڃي مس سدا بهار چنبيلي ٿئي، هنن وٽ ڪيتريون ئي ڇوڪريون ويٺيون آهن.“
    .تنهنجو اهو دوست ساڪاموتو ته نه آهي؟“ ڪانو ماسايو پڇيو.
    ”ها.“ سيٽان وراڻيو.
    هن سيٽان جي سيني تي ڳل رکي چيو:”جيڪڏهن هو چوندو ته گيشا گهر وارا ڪڏهن به هن جو چيو نه ٽاريندا.“
    ”آئون به ائين ٿو سمجهان، پر تو منهنجي سوال جو ته جواب ڏنو ئي ڪونه.“
    هوءَ اڃا به ٿورڙو اڳيان رڙهي. جيئن هوءَ اڃا به هن جي ويجهو ٿي سگهي.”ڊڪ، وچ ۾ ڪيترائي مسئلا آهن. تون نٿو سمجهي سگهين.“
    ”آئون بلڪل چڱيءَ طرح سمجهي سگهان ٿو، ماسايو. مسئلا اهي ئي آهن نه، ته تون ٻڌ آهين. تنهنجي قوميت جپاني آهي. پاڻ ساڳي زبان نٿا ڳالهايون. تون گيشا گهر وارن وٽ پئسن جي عيوض ڄڻ گروي رکيل آهين.“ سيٽان چيو،”پر آئون انهن مان ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه نٿو ڪريان. جنهن به مندر، مسجد، پگوڊا يا سائنيگاگ ۾ توکي وڻي تون وڃي سگهين ٿي. جپاني قومي ترانو ڪو وڄائي ٿو ته تون ڀلي اٿي بيهه، مون کي ڪو اعتراض ڪونهي. باقي گيشا گهر جي حساب کي آئون پاڻهي منهن ڏيندس.“
    ”ڊڪ“ هن سيٽان کي زور سان ڀاڪر پائيندي چيو،”منهنجا ٻار ڏسڻ ۾ ڪيئن لڳندا؟“
    سيٽان کيس چمي ڏيندي چيو،”اهي پاڻ جهڙا ڀاڳ وارا ته نه ٿي سگهندا.“
    هن پنهنجو منهن ڦيرائي مٿي آسمان ڏي ڏٺو. ”ڊڪ، چنڊ ڏي ڏس. ڪن جو چوڻ آهي ته چنڊ ديوتا زمين ڏي ڏسندو رهي ٿو ۽ هن کان ڪنهن جو به پيار ڳجهو ناهي. ڪڏهن ڪڏهن ڇوڪرو ڇوڪري راضي هوندا آهن پر هنن جا مائٽ سندن شادي ڪرائڻ نه چاهيندا آهن ته چنڊ ديوتا چوندو آهي ته گهٻرايو نه، آئون توهان جو ميلاپ ڪرائيندس سمجهيئه.“
    ”بلڪل سمجهيم“ سيٽان چيو ۽ آهستي آهستي اٿي بيٺو ۽ هن ماسايو ڪانو کي به اٿڻ ۾ مدد ڪئي. پوءِ سيٽان ڪجهه گهڙين لاءِ بيٺي بيٺي ماسايو کي ۽ چنڊ کي ڏسڻ لڳو. جنهن جي رعب ۽ اٿارٽيءَ جي راز جي کيس هاڻ خبر پيئي هئي. پوءِ ماسايو کي هٿ کان وٺي هلڻ لڳو.”هل، مون سان هل، مسز سيٽان.“ هن چيو.
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 464
    ڪتابن جو مشاهدو: 372984
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 151939
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ