ڪتاب جو نالو: ٽارين جدا ٿيا گل
مصنف: خادم گهراڻو
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 27 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 561 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 299 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”ٽارين جدا ٿيا گُل“ محترم خادم گهراڻو جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سرگرم رڪن آهي ۽ مختلف وقتن تي پنهنجون ڪهاڻيون، پنهنجا احساس ۽ خيال سنڌ سلامت فورم تي ونڊيندو رهيو آهي. سندس هي ڪتاب اڃان ڇپيو ناهي پر سندس خواهش تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪيو پيو وڃي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • پنهنجي پاران
  • پنهنجي پاران
  • ماستر جي زال
  • خوشين ڀري عيد
  • خود ڪشي
  • پن ڇڙ
  • ڪنول ۽ نيسرا
  • پيار پريت
  • ڦڙي ڦڙي تلاءُ
  • خوشي
  • سوچيون
  • احساس ممتا
  • آس ٿيندي راس
  • اندر جا اڌما
  • اندر جو احساس
  • اڇي مٿي وارو
  • بي داغي داغي ٿيل گُلَ
  • پنهنجي ٻولي
  • منهنجي جنت
  • جڙندو سهڻو سماج
  • خود ڪشي جي سزا
  • خوف
  • سهاري جي آس
  • سوجھرو
  • ڪاري
  • هنن جو ڪهڙوڏوهه ؟
  • گڏڙيءَ جي گڏي
  • محبتِ وفا
  • ٽارين جدا ٿيا گل
  • عيد ۽ ڀڳل رانديڪو
  • ڦاٽل چولو
  • ڳاڙهو فرش
  • گلاب
  • غريبن سان عيد
  • نعمت
  • نصيب جو لکيو
  • منهنجي امان
  • بند دروازو
  • پرايو پنهنجو
  • لاٽ
  • خاموش ننڊ
  • بجلي
  • غريبن جي واهر ڪريو
  • بي وسي
  • ساھ جي تند

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (173) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ٽارين جدا ٿيا گُل“ محترم خادم گهراڻو جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سرگرم رڪن آهي ۽ مختلف وقتن تي پنهنجون ڪهاڻيون، پنهنجا احساس ۽ خيال سنڌ سلامت فورم تي ونڊيندو رهيو آهي.
    سندس هي ڪتاب اڃان ڇپيو ناهي پر سندس خواهش تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪري رهيا آهيون. اميد ته اوهان سندس ڪهاڻيون پڙهي سندس حوصلا افزائي ۽ رهنمائي ڪندا.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    اڄ جنهن منزل تي آئون آهيان ان ۾ منهنجي استادن جو وڏو هٿ آهي مون تڏهن کان لکڻ شروع ڪيو هو جڏهن آئون اسڪول ۾ پڙهندو هوس اتي منهنجي منهنجي پياري استاد مرحوم لؤنگ خان ڀاڻو عاجز جيڪو خود به هڪ اديب ۽ شاعر هو اسان جو سنڌي جو استاد هو ان تمام گھڻي رهنمائي ڪئي ان وقت آئون سنڌي اخبارن طرفان نڪرندڙ ٻارن جي صفحن ۾ لکڻ شروع ڪيو . صحافي دوستن سان دوستي جي ڪري صحافت ۾ به آيس مون عوامي آواز کان پنهنجي صحافتي دنيا جو آغاز ڪيو پر پنهنجي استادي پيشي ۾ رڪاوٽ ٿيڻ سبب اها دنيا مون ڇڏي ڏني ان وقت آئون روزني مهراڻ حيدرآباد ۾ گونگي جا گفتا نالي ڪالم لکندو هوس سنڌ نيوز ۾ سچ ۽ ستهاڻ ۽ الوحيد ڪراچي ۾ آخر ڇو جي نالي سان لکندو هوس . ان سان گڏ مون ڪهاڻيون به لکيون جيڪي مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون ان سان گڏ شاعري جي ميدان ۾ به آيس منهنجو جيڪو به ڇپيل يا اڻ ڇپيل مواد هو جڏهن سخت ٻوڏن ۾ منهنجي گھر جي ڇت ڪري هئي ان ۾ دفن ي ويو ان جي ڪري ڪيترو ئي مون کي ڏک ٿيو آهستي آهستي زميواري وڌڻ سبب آئون هن دنيا کان ٿورو پري ٿي ويس پر منهنجي پيارن دوستن ريحان ابڙو ، بدرالدين قاضي ، ڍول گھراڻو سليم گل ابڙو ۽ ٻين دوستن وري هن دنيا ۾ آندو آهستي آهستي مون لکڻ شروع ڪيو هيءُ ڪهاڻيون جن مان ڪافي ڇپيل آهن اهي مون کي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام . سنڌ ويب ۽ ٻين جاين تان مليون جن کي مون گڏ ڪري ڪمپوز ڪيو آهي . منهنجي تمنا آهي ته مون کي منهنجو پراڻو مواد ملي وڃي ته انهن کي به گڏ ڪري سهيڙيا انهن دوستن جا لک ٿورا آهن جيڪي منهنجي ڪهاڻين کي پڙهي مون کي اصلاحي رايا ڏيندا آهن انهن جون لک مهربانيون آهن . مون کي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تان تمام گھڻي عزت ملي آهي آئون ان جو ٿورائتو آهيان ۽ دوستن جي نيڪ راين جو منتظر رهندس . دعا ڪريو ته منهنجي صحت سالم رهي ته آئون لکندو رهان . مون کي دوستن جي دعائن جي سخت ضرورت آهي دعائن ۾ ياد ڪندا

    خادم گھراڻو نصرپور
    مٽياري چؤنڪ اڏيرو لعل روڊ نصرپور
    موبائل نمبر 03113272427


    پنهنجي پاران

    اڄ جنهن منزل تي آئون آهيان ان ۾ منهنجي استادن جو وڏو هٿ آهي مون تڏهن کان لکڻ شروع ڪيو هو جڏهن آئون اسڪول ۾ پڙهندو هوس اتي منهنجي منهنجي پياري استاد مرحوم لؤنگ خان ڀاڻو عاجز جيڪو خود به هڪ اديب ۽ شاعر هو اسان جو سنڌي جو استاد هو ان تمام گھڻي رهنمائي ڪئي ان وقت آئون سنڌي اخبارن طرفان نڪرندڙ ٻارن جي صفحن ۾ لکڻ شروع ڪيو . صحافي دوستن سان دوستي جي ڪري صحافت ۾ به آيس مون عوامي آواز کان پنهنجي صحافتي دنيا جو آغاز ڪيو پر پنهنجي استادي پيشي ۾ رڪاوٽ ٿيڻ سبب اها دنيا مون ڇڏي ڏني ان وقت آئون روزني مهراڻ حيدرآباد ۾ گونگي جا گفتا نالي ڪالم لکندو هوس سنڌ نيوز ۾ سچ ۽ ستهاڻ ۽ الوحيد ڪراچي ۾ آخر ڇو جي نالي سان لکندو هوس . ان سان گڏ مون ڪهاڻيون به لکيون جيڪي مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون ان سان گڏ شاعري جي ميدان ۾ به آيس منهنجو جيڪو به ڇپيل يا اڻ ڇپيل مواد هو جڏهن سخت ٻوڏن ۾ منهنجي گھر جي ڇت ڪري هئي ان ۾ دفن ي ويو ان جي ڪري ڪيترو ئي مون کي ڏک ٿيو آهستي آهستي زميواري وڌڻ سبب آئون هن دنيا کان ٿورو پري ٿي ويس پر منهنجي پيارن دوستن ريحان ابڙو ، بدرالدين قاضي ، ڍول گھراڻو سليم گل ابڙو ۽ ٻين دوستن وري هن دنيا ۾ آندو آهستي آهستي مون لکڻ شروع ڪيو هيءُ ڪهاڻيون جن مان ڪافي ڇپيل آهن اهي مون کي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام . سنڌ ويب ۽ ٻين جاين تان مليون جن کي مون گڏ ڪري ڪمپوز ڪيو آهي . منهنجي تمنا آهي ته مون کي منهنجو پراڻو مواد ملي وڃي ته انهن کي به گڏ ڪري سهيڙيا انهن دوستن جا لک ٿورا آهن جيڪي منهنجي ڪهاڻين کي پڙهي مون کي اصلاحي رايا ڏيندا آهن انهن جون لک مهربانيون آهن . مون کي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تان تمام گھڻي عزت ملي آهي آئون ان جو ٿورائتو آهيان ۽ دوستن جي نيڪ راين جو منتظر رهندس . دعا ڪريو ته منهنجي صحت سالم رهي ته آئون لکندو رهان . مون کي دوستن جي دعائن جي سخت ضرورت آهي دعائن ۾ ياد ڪندا

    خادم گھراڻو نصرپور
    مٽياري چؤنڪ اڏيرو لعل روڊ نصرپور
    موبائل نمبر 03113272427


    ماستر جي زال

    نائله ۽ آصف هڪ ٻئي کان محبت ڪندا هئا هڪ ڏينهن اهڙو آيو جڏهن هي ٻئي هڪ ٻئي جا ٿي ويا هنن شادي ڪري ڇڏي آصف بي اي پاس هو پر بيروزگار هو هڪ ڏينهن آصف نائله کي چيو ته ٻي ڪابه نوڪري نٿي ملي استادن جون جايون خالي آهن اتي ٿا نصيب آزمايون اڪبر اتي ڪوشش ڪئي هن کي نوڪري ملي وئي نائله اڻ پڙهيل هئي هن کي استادن جي عظمت جي خبر نه هئي پر آصف خوش هو ڇاڪاڻ جو هي پيغمبري پيشي سان منسلڪ ٿي ويو هو .نائله چوندي هئي ته اها به سٺي نوڪري آهي حڪومت جي آهي پگھار مان گھر جو گاڏو پيو هلندو . آصف ماستر بنجي ويو نائله مسز ماستر بنجي وئي ماڻهو هن کي ماستر جي زال ڪري سڏيندا هئا ته هيءَ ڏاڍي خوش ٿيندي هئي پر هن کي اها زبر نه هئي ته هن دور ۾ قدر پيشي جو نه پر پئسي جو آهي .هڪ ڏينهن هيءَ اضف جي هڪ دوست جي پارٽي ۾ وئي جتي مختلف ماڻهن جون زالون هنيون اتي هڪ تپيدار جي زال هئي جنهن چيو ائي ڏسو ماستر جي زال گاڏيءَ مان لٿي آهي ڄڻ ماستر جي زال نه پر ڪنهن آفيسر جي زال هجي ٻيءَ چيو ته لئي ته ڏسوس ڪيڏي آهيس پر اٿس جسم تي سون جو ذرو به ڪونه آئون ڏسو سڄي سون ۾ ڀري پئي آهيان چنڊ وانگر پئي چمڪي ٽين عورت چيو ته ڀت تي پيون رليون سڪن ڪڏهن طعام رڌين ڪڏهن ڪونه رڌين آئون ڳرين هوٽلن ۾ ماني کائيندي آهيان پنهنجي حيثيت ڏسن ڪونه آئي آهي اسان جھڙن جي پارٽي ۾ ادي به خبر نه آهي ڪيئن هنن کي ايڏو ويجھو ڪيو آهي نائله کي انهن لفظن ڏاڍو صدمو رسايو گھر اچي روئڻ لڳي جڏهن آصف آيو ته ان کي سڄي ڳالهه ٻڌائي جنهن هن کي چيو ته اداس نه ٿي استاد جو مان مرتبو بلند آهي استاد پيغمبري پيشو آهي تون هڪ استاد جي زال آهين اهي عورتون جن توتي ڇوهه ڇنڊيا آهن انهن جي مڙسن کي به ان منزل تي استاد ئي پهچايو آهي هو چمندي چام ڪونه هئا اڄ دولت جي نشي ۾ انڌا آهن انهن کي استادن جو مرتبو وسري ويو آهي .نائله ڏس پاڻ وٽ صبر ۽ شڪر آهي آرام آهي انهن وٽ دولت کان سواءِ ڪجھه به نه آهي هن چيو ته ڇا پنهنجو اولاد به ائين رهندو هن چيو چري نه ٿي پنهنجو اولاد خدا گھريو اهڙو ٿيندو جو ان جو آئيندو روشن هوندو ماڻهو ان تي فخر ڪندا ۽ چوندا هي استاد آصف جو لائق فرزند آهي جيڪي هن وقت نفرت ٿا ڪن اهي خودئي سلام ڪندا تون رڳو رب تي ڀروسو رک صبر ڪر جيڪو مقدر ۾ لکيل هوندو اهو ضرور ٿيندو اهو خدا جي طرفان صبر جو امتحان آهي تڏهن تون ماستر جي زال بني آهين اهو امتحان پاڻ کي پاس ڪرڻو آهي تون پنهنجي غمن کي لڪائي ڇڏ . ڪجھه گھڙين کان پوءِ نائله جي لبن تي مرڪ آئي هن چيو ته آئون پاڻ کي ماستر جي زال سڏائينديس مون کي سمجھه ۾ اچي ويو آهي ته استادي عظيم پيشو آهي منهنجو مڙس ان سان لاڳاپيل آهي مون کي فخر آهي .ان کان پوءِ ڪير به هن کان پڇندو هو ته ادي تون ڪير آهين ان کي اهو جواب ڏيندي هئي ته ائون ماستر آصف جي زال مسز ماستر آهيان .(بشڪريه روزاني آفتاب حيدرآباد 1990ع هفتيوار صفحو مارئي ۾ هيءَ ڪهاڻي شايع ٿيل آهي )


    خوشين ڀري عيد

    رمضان جو مهينو هلي رهيو هو هرڪو روزا رکي عيد جون تياريون ڪري رهيو هو هر ڪنهن جي تمنا هئي ته سٺا سهڻا ڪپڙا پايون پر اوچتو اٺين آڪٽوبر تي زلزلو آيو جنهن هر ڪنهن جو جيءُ جھوري وڌو هرڪو توبه تائب ٿيڻ لڳوزلزلي کان پوءِ اڪبر جو جيءُ جھري پيو هو هن جي من ۾ عيد جي تياري جي ڪابه تمنا نه هئي هڪ ڏينهن هي ٽي وي تي ويٺو هو ته هن هڪ منظر ڏٺو هڪ معصوم ٻار جيڪو سال جو به نه هو پنهنجي ماءُ کي جھنجھوڙي رهيو هو ڄڻ هن کان کير طلبي رهيو هو پر هن جي ماءُ هڪ وڏي پٿر جي هيٺ ستل هئي اهڙي ننڊ ۾ ستل هئي جنهن مان هن کي ڪير به اٿاري نٿي سگھيو هن فلم اڪبر جي ذهن کي اهڙو قابو ڪيو جو هي سڄي رات ان منظر بابت سوچيندو رهيو ته هاڻ هن معصوم ٻارجو ڇا ٿيندو هن کي ڪير سهارو ڏيندو هن کي ممتا جو پيار ڪير ڏيندو هن جو ڇانورو ڪير ٿيندو هن جو مستقبل ڪيئن ٿيندو . هن فيصلو ڪيو ته هنن جي مدد ڪرڻ اسان جو فرض آهي صبح جو هي هر اسڪول ۾ ويو هن هر گھر جي دروازي تي صدا هئي ته هنن جي مدد ڪريو هي پنهنجا آهن هن وقت پنهنجي سهاري جا طلبگا ر آهن هن پنهنجي شھر ۽ آس پاس ڳوٺ مان امداد گڏ ڪري رليف ڪئمپ ۾ جمع ڪرائي رات جو جڏهن هي گھر آيو ته هن جي گھر وار عيد جي خريداري بابت ڳالهيون ڪري رهيا هئا هرڪو پنهنجي پسند ٻڌائي رهيو جڏهن هن جي پيءَ جي نظر هن تي پئي ته هنکي اداس ڏٺو ۽ پريشان ٿي ويو هن جي پيءَ هن کي چيو ته پٽ عيد تي توکي ڇا کپي ٻڌائي جيڪي چوندي اها شيءَ توکي وٺي ڏيندس جنهن تي هن چيو ته جيڪڏهن توهان ناراض نه ٿيو ته هڪ ڳالھه چوان هن جي ماءُ چيو ته پٽ ٻڌائي ڇا ڳالهه آهي جنهن تي اڪبر چيو ته هن عيد تي پاڻ ڪوبه سامان نه وٺنداسين پر سادي نموني عيد جي خوشي ملهائي عيد ۾ عيد ملهائينداسين . بابا توهان کي خبر آهي ته هن وقت اسان جي ملڪ ۾ زلزلو آيو آهي ڪيترا ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن اڃا به ڪيترا مٽيءَ اندر دٻيل آهن جيڪي زخمي ٿيا آهن يا بي گھر ٿيا آهن انهن کي هن وقت اسان جي مدد جي ضرورت آهي جيڪڏهن اسان انهن جي ڏک ۾ هنن جو ساٿ ڏنو ته اسان کي اصل عيد جو مزو ملي ويندو اهي به اسان جا پنهنجا آهن هن ملڪ جا رهاڪو آهن پر هن وقت بي يارو مددگا ر آهن انهن جو علاج ڪرائڻ انهن جي لاءِ اجھو ٺاهڻ اسان جو فرض آهي نون ڪپڙن وٺڻ بدران انهن جي مدد ڪجي اڪبر جي ڳالهه هن جي پيءَ کي ڏاڍي وڻي هن کي ڀاڪر ۾ ڀري چيائين ته پٽ اصل زندگي جو مقصد به اهو آهي ته پنهنجي لاءِ سڀڪو جيئي ٿو پر مزو تڏهن آهي جڏهن ٻين جي لاءِ جيئجي . اڪبر جي ڳالهه کي سڀني پسند ڪيو اهو فيصلو ڪيو ته هن سال عيد تي ڪابه خريداري نه ڪبي جيڪي به عيد جي لاءِ پئسا رکيل آهن اهي رليف فنڊ ۾ جمع ڪرائبا ٻي ڏينهن اڪبر پنهنجي پيءُ سان گڏ سڀ رقم رليف فنڊ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي . جڏهن عيد آئي ته هنن نون ڪپڙن بنا عيد ملهائي پر سڀني کان خوش هئا هنن کي خوشين ڀري عيد جو مزو ملي ويو هو .


    خود ڪشي

    هوءَ روزانو سريلا ڳيچ ڳائيندي رهندي هئي . هن کي اها به خبر نه هئي ته غم ڇا ٿيندا آهن هوءَ پنهنجي دنيا ۾ مشغول ۽ محو هوندي هئي هر ڪنهن سان قرب سان ڳالهائيندي هئي هرڪنهن کي ماما چئي سڏ ڪندي هئي هرڪو هن کي ادي چئي سڏ ڪندو هو . اڪبر به هتان لنگھندو هو هن جا گيت ٻڌندو هو . اڪبر روزگار سانگي شھر ويو هليو ڪجھه وقت کان پوءِ جڏهن هي هتان گذريو ته هن کي ڳيچ ٻڌڻ ۾ نه آيا .هنکي محسوس ٿيو ته ساڳيو ڳوٺ ساڳيا ماڻهو ساڳيو ماحول آهي پوءِ ڳيچ ڇو نه آهن اتي ماما چوڻ واري ڇو نه آهي هو پريشان ٿي ويو ۽ سوچڻ لڳو هن دل ئي دل ۾ چيو شايد مائٽن هن جي شادي ڪرائي ڇڏي هوندي ۽ هوءَ پنهنجي اصل گھر وئي هلي هوندي . هي اڃان اتي ئي بيٺو هو ته اتان هن جو ڀاءُ اچي لنگھيو هن ان کان پڇيو ته ادي مومل ڪٿي آهي اڪبر جو اهو پڇڻ هي اداس ٿي ويو اڪبر کي وٺي اچي هڪ وڻ وٽ بيهاريو ۽ گلن جي ٻوٽن ڏانهن اشارو ڪري چيو ته اها اٿئي ادي مومل ،ادي مري وئي اسان کان ڇڏي وئي .ڪجھه وقت لاءِ اڪبر پريشان ٿي ويو وري هن کان پڇيو ته ادي مومل کي ڇا ٿيو جنهن تي هن جي ڀاءُ چيو ته هڪ ڏيهن امان ادي کي دڙڪا ڏنا۽ م،ار ڏني ته ڳائيندي نه ڪر . ادي سڄو ڏينهن روئندي رهي .رات جو جيت مار دوا پي ڇڏي .جنهن سان ادي مري وئي هاڻ ادي اسان سان گڏ نه آهي . هن پنهنجو پاڻ کي ماري ڇڏيو . اها اٿئي ادي مومل جي قبر .ائين چئي هي لڙڪ لاڙيندو هليو ويو.اڪبر به ڪافي وقت مومل جي قبر کي ڏسندو رهيو . هن جي ڳالهين کي ياد ڪندو رهيو ڪجھه دير اتي بيهي اداس قدمن سان واپس ڳوٺ جي طرف هلڻ لڳو .


    پن ڇڙ

    آسمان تي چنڊ چمڪي رھيو ھو ان جي چانڊوڪي ۾ هر شيءَصاف نظر اچي رھي ھئي ھو به گھر کان ٻاھر نڪري هڪ جڳھه تي اچي ويھي رهيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو پر هن کي ڪجھه به نظر نه آيو اچي هڪ وڻ جي هيٺيان ويھي رھيو . ائين لڳي رھيو هو ته ڄڻ هو ڄڻ هو ڪنهن مسئلي جي ڪري پريشان هو هن کي ماحول اداس لڳي رهيو هو هن پنهنجي منهن چيو ته اڄ موسم اداس ڇو آهي اڄ هوا ۾ گيت نه آهن اهي ماڻھو نه آهن جن جي جھوپڙن مان اهي سريلا آواز اينداهئا اهي جھوپڙا لاڏ ائو ماڻهن جا هئا انهن ۾ هڪ ڇوڪري هوندي هئي جنهن جي صورت به ته سيرت به سھڻي هوندي هئي هن جي گلي ۾ اھڙو سوز هوندو هو جو هرڪو. پڇيو ڇا ٿيو آهي . هن چيو ته پٽ تون شھر ۾ رهندو آهين توکي ڪھڙي خبر هوندي . ڪجھه ڏينهن پهرين هن جي جھڳي ۾ ڪي اوباش آيا جن هن جي عزت کي داغدار ڪرڻ چاهيو هن پنهنجو بچاءُ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ دانهون ڪيون جنهن تي ڳوٺ وارا سجاڳ ٿي پيا اهي ڀڄي ويا پر انهن مان هڪ ڄڻي هن کي گولي هڻي ڪڍي . هيءَ اسپتال پهچڻ کان اڳ هميشه لاءِ خاموش ٿي ويئي هنن انصاف لاءِ دانهون ڪيون پر هنن کي انصاف نه مليو اهي دل ۾ ڏک ۽ ارمان کڻي هتان لڏي ويا ڪهڙي پاسي ويا جنهن جي ڪنهن کي به خبر نه آهي هاڻ اسان جي ڳوٺ ۾ ڪڏهن به گيت ٻڌڻ ۾ نه ايندا . ڪجھه دير هي خاموشرهيو پوءِ اداس قدم کڻي ڳوٺ طرف هلڻ لڳو . هن جي دل مان اهو آواز نڪتو ته اڄ هتان گيتن جي پن ڇڙ ٿي ويئي سڪل ۽ ڪريل پن ڪڏهن به ساوا نه ٿيندا آهن .


    ڪنول ۽ نيسرا

    رات جو آسمان ۾ تارا ٽمڪي رهيا هئا . تارن جي چمڪ جو نظارو دل کي ڏاڍو وڻي رهيو هو . پر اڪبر سوچن جي سمنڊ ۾ غرق هو . هي هڪ چهري جي باري ۾ سوچي رهيو هو جيڪو ڪنهن وقت ٽڙيل گل هو پر اڄ ڪومائجي پنهنجي وجود کان جدا ٿي ويو هو . هي ان حسين چهري ڪنول جي باري ۾ سوچي رهيو جيڪا ڪنول جي گل وانگر خوبصورت هئي هوءَ جڏهن سرنهن جي پيلن گلن جي وچ مان گذرندي هئي ته گل پهرين کان وڌيڪ حسين ٿي ويندا هئا . جڏهن راڳ الاپيندي هئي ته هن مڏر آواز تي پکي پرندا به ريس ڪندا هئا . اڪبر هن جي باري ۾ چوندو هو ته جنهن به گھر ۾ ڪنول ويندي ان گھر کي چوڏهن چنڊ لڳي ويندا جنهن جي همسفر بنبي ان جا سڀ ڏک ڏولاوا لهجي ۾ لهي ويندا . هيءَ وفا ۽ محبت جو جيئرو جاڳندو مثال هئي . اڪبر روز هن جي ادائن کي ڏسي خوش ٿيندو هو . هن کي ڪوبه غم ۽ مونجھارو هوندو هو ته ڪنول جڏهن هن جي سامهون ايندي هئي ۽ چوندي هئس اڄ اٻاڻڪو پيو لڳي ڪهڙا کنڊ جا جھاز اٿئي جيڪي ٻڏي ويا اٿئي .ڀائو زندگي سفر آهي هن ۾ ڏک ۽ ڏولاون کي ڇڏ همت ڪري انهن سان مقابلو ڪر هميشھ گلن وانگر مهڪندو رھ پکين جيان ٻوليندو رھ . خوشي حاصل ڪي غم ڦٽي ڪر غم ۽ پريشاني بيماري جو ٻيو نالو اٿئي .اڪبر هن جي ڳالهين کي ٻڌي کلي پوندو هو هن تي فخر ڪندو هو ۽ دعا ڪندو هوس ته سدائين خوش رهي هن کي ڪوسو واءُ نه لڳي وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو ويو اڪبر وڌيڪ تعليم وٺڻ جي لاءِ ٻئي شھر هليو ويو ڪجھه سمي کان پوءِ جڏهن واپس آيو ته هن کي نه ڪنول نظر هئي ۽ نه ان جا گيت هن کي ٻڌڻ ۾ آيا هن جون چلولايون ڏسڻ ۾ آيس .هن سمجھيو هن جي شادي ٿي وئي هوندي ۽ پنهنجي اصل گھر هلي وئي هوندي پر وري هن سوچيو ته جيڪڏهن هيءَ لانئون لهي ها ته هن کي هن جي گھر وارا ضرور ٻڌائين ها .هيءُ انهن ئي سوچن ۾ ويٺو هو ته هن جي ماءُ هن کي سڏ ڪيو پر هن ڪوبه جواب نه ڏنو هيءُ سوچن جي سمنڊ ۾ ڄڻ غوطا کائي رهيو هو . جڏهن ماءُ هن جي ويجھو آئي ته هن کي پريشان ڏٺائين پٽ ڇا ڳالهه آهي ؟ اھي جڏهن تون اداس هوندو هوئين ته ڪنول توکي ريجھائي کلائيندي هئي هاڻ آئون ڪنول کي ڪٿان آڻيان جيڪا تنهنجا سپنا ۽ سور ٻڌي اها اسان کان جدا ٿي اهڙي ماڳ ويئي آهي جتان اچڻ هن جو محال آهي ظلمن اسان کان اسان جي همدرد ڪنول جدا ڪري ڇڏي اڪبر ان تي يڪدم ڇرڪ ڀري ماءُ کان پڇيو اهو توهان ڇا چيو ؟ جنهن تي ماءُ چيس پٽ توکي خبر آهي ته ڪنول جي مامن سان هنن جي پيءُ ۽ ڀائرن جو ڦڏو هلي رهيو آهي هنن هڪ ٻئي تي ڪيس ب ڪيا آهن ڪنول انهن جھيڙن جي خلاف هئي هوءَ چوندي هئي ته محٻت ۽ پيار جو رشتو رت جي رشتن کان ڀلو آهي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي لالچ ۽ لوڀ نه آهي .ڪنول پنهجي سيرت جي ڪري دوستن ۽ دشمنن جي دلين ۾ گھر ڪري ويهي هئي هرڪو هن کي چاهيندو ۽ ڀائيندو هو .هوءَ ته غمگينن جي غمخوار ۽ ڏکويلن جي همدرد هئي . هن ڪي ڪهڙي خبر ته هوءَ به هڪ ڏينهن انا جي ڪوڙي اڏيل ڪوٽ جي ڪري انا پرستي جي ور چڙهي ويندي .هڪ ڏينهن هن کي هن جو ماروٽ مليو ته ان سان ڳلهائي رهي هئي ته هن جي ڀاءُ هن کي ڏسي ورتو جنهن هنن جي ويجھو اچي چيو ته توهان ڪارا آهيو جنهن تي ڪنول چيو ادا تون ڇا چئي رهيو آهين هيءُ ته پنهنجو ماروٽ آهي پنهنجو رت آهي تون دل مان انا جو ڪوٽ ڊاهي ڪجھه سوڄ رت ته دانگيءَ تي به ورندو آهي . تون مون جھڙي ڀيڻ کي ڪاري سڏي رهيو آهين جنهن تي هن چيو ته توهان ٻئي ڪارا آهيو توهان جو هاڻ جيئڻ اسان جي لاءِ ۽ اسان جي عزت لاءِ داغ آهي توهان کي هاڻ جيئڻ جو ڪوبه حق نه آهي .ڪنول جي ڀاءُ پنهنجي ور مان پستول ڪڍي ٻنهي کي ماري ڇڏيو ۽ پنهنجي پاڻ کي پوليس وٽ ٿي چيو ته مون پنهنجي ڀيڻ کي پنهنجي ماروٽ سان اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏٺو هي ڪارا هئا مون غيرت ۾ اچي ٻنهي کي ماري ڇڏيو آهي پٽ تون ٻڌائي ڇا ڪنول ڪاري هئي ؟ جنهن تي اڪبر چيو ته امان ڪنول ته هڪ هيرو هئي هوءَ هڪ گلاب جو گل هئي هن تي پنهنجن اجايا الزام هڻي هن جي محبت ۽ وفا کي بدنام ڪيو آهي هوءَ بي عيب هئي سنڌو جي پاڻي وانگر پاڪ پوتر هئي آئون هن کي ڪافي سمي کان سڃاڻان . هن کي ته اها خبر نه هئي ته دشمني جي باھ جلندي هن معصوم کي ڪاري ڪري ماريو ويندو هن کي هن حسين دنيا مان ائين رسوا ڪري ڪڍيو ويندو . اڪبر سندس ماءُ چيو ته پٽ پريان قبرستان ۾ بڙ جي وڻ جي ڇانو هيٺيان ڪنول جي قبر آهي جنهن جي چوڌاري گلاب جا گل بيٺا آهن جيڪي هن جي قبر کي پنن سان ڇانو گلن سان مهڪار ڏيئي رهيا آهن . اڪبر ڪنول جي هن موت تي اداس رهڻ لڳو جڏهن هن کي ڪنول جي ياد ايندي هئي ته هي اداس ٿي ويندو هو ڪڏهن ڪڏهن ڪنول کي ياد ڪندي هن جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهندا هئا ۽ اهي لڙڪ هن جي چهري تي نيسرا ٺاهي گم ٿي ويندا هئا .


    پيار پريت

    اڪبر پنهنجي سوچن ۾ گم هو هو لفظن جا موتي چونڊي ڪاغذ جي سيني تي اوتي رهيو هو ” تون جيڪر اچين ته بهار ٿي ويندي * اچڻ تنهنجي سان غم ديوار مسمار ٿي ويندي “ اڪبر ڪڏهن ڪڏهن شعر پيو لکندو هو پر جڏهن هن جا نيڻ عنبر سان مليا ته هي ڏاڍو خوش هوندو هو هن جي شعرن مان خوشين جي خوشبوءِ ايندي هئي هي عنبر کي دل و جان سان چاهيندو هو پر معاشي مسئلي هنن جي وچ ۾ دوري پيدا ڪئي هي هڪ پورهيت جو پٽ هو هن جو گھر به ڪچو هو جيڪو برساتن ۾ اڪثر ٽمندو رهندو هو پاڻي ٽمڻ جي ڪري اڇي چن وارين ڀتين تي نيسرا ٺهي ويا هئا جيڪي خوبصورت لڳي رهيا هئا .عنبر وارا ڪجھه سرس هوندا هئا انهن جو گھر پڪو هو ۽ هڪ گاڏي به هوندي هئين جيئن ته پيار پريت دولت ذات پات کي نه ڏسندو آهي تيئن هي به هڪٻئي سان نينهن لڳائي ويٺا هنن کي ڪهڙي پروڙ ته هڪ ڏينهن اهڙو هوا جو جھونڪو ايندو جيڪو هنن کي هڪٻئي کان پري ڪري ڇڏيندو ۽ ٻيئي يادن جي سهاري جيئندا رهندا . عنبر ۽ اڪبر وارن جي هڪٻئي سان مائٽي به هئي فرق صرف هو ته اميري غريبي جو اڪبر جي والدين هنن جي محبت ڏسي عنبر جو رشتو گھريو پر عنبر جي مائٽن هنن جي محبت کي نه پر ڪچي گھر کي ڏسي انڪار ڪري ڇڏيو ڪجھه وقت کان پوءِ عنبر جي شادي ٿي ويئي هيءَ اڪبر کان پري ٻئي شھر جي ٿي ويئي .عنبر جي وڇوڙي اڪبر کي جھوري وڌو هن جي دل اندر غم جي سمنڊ مان جيڪي لفظ جڙندا هئا انهن کي ڪاغذ جي سيني تي لاهيندو ويندو هو .عنبر جا مائٽ ڪجھه وقت کان پوءِ ٻئي شھر لڏي ويا . هو پنهنجي غمن سان لفظن جي مالها جوڙي رهيو هو ته اوچتو دروازي تي ٺڪ ٺڪ جو آواز ٿيو هي پريشان ٿي ويو ته هن اهڙي سرد رات ۾ ڪير آيو آهي هي سوچن جي سمنڊ مان ٻاهر نڪتو هن ڪاغذ ۽ قلم هڪ پاسي تي رکي در کولڻ جي لاءِ اٿيو جڏهن هن در کوليو ته هن جي سامهون هڪ اداس هيسيل عورت بيٺي هئي جيڪا غمن کان ٽمٽار هئي جنهن سان هڪ گلن جھڙي ننڍڙي ٻارڙي به گڏ هئي جيڪا سيءَ جي ڪري ڏڪي رهي هئي جڏهن اڪبر هنن کي ڏٺو ته ڄڻ هن جي پيرن هيٺيان زمين نڪري ويئي اها ڪا غير عورت نه پر هن جي پريمڪا عنبر هئي اڪبر هنن کي اندر اچڻ جو چيو جڏهن هي ويٺا ته ٻرندڙ سگري هنن کي ويجھو ڪري ڏني جيئن هي سرديءَ جي اثر کي ختم ڪن ۽ پنهنجي ڪلهن تي ويڙهيل اجرڪ معصوم ٻارڙي کي اوڍائي ڇڏي .هي وري به سوچن پئجي ويو ته عنبر هن سرد رات جو هن وقت آئي آهي ڇا معاملو آهي هن عنبر کي چيو ته آئون اچان ٿو اڪبر وڃي پنهنجي ماءُ اٿاريو ان کي سڄي ڳالهه ٻڌائي جڏهن اڪبر جي ماءُ عنبر هن کي ڏٺو ته هن کي چنبڙي زاروزار روئڻ لڳي هن جي روئڻ تي ننڍڍڙيءَ به روئڻ شروع ڪيو جنهن کي اڪبر ماٺ ڪرائڻ لڳو .جڏهن عنبر سهمت ۾ آئي ته اڪبر جي ماءُ هن کي چيو ته ڇا ڳالهه آهي ڇا ٿيو آهي . جنهن تي عنبر چيو ته چاچي هاڻي منهنجو هتي ڪير به واهرو نه آهي آئون پنهنجي هن معصوم کي ڪٿي ڪنهن جي سهاري رلايان . ان تي اڪبر جي ماءُ چيو ته تنهنجو گھروارو ۽ ان جامائٽ . عنبر ان تي چيو ته چاچي منهنجو سهرو ۽ سس وفات ڪري ويا آهن انهن بعد سڄي دولت منهنجي مڙس کي ملي منهنجو مڙس اڳيئي فراڊين سان هلندو هو جڏهن هن جا مائٽ وفات ڪري ويا ته راتين جون راتيون پنهنجن دوستن سان گذاريندو هو گھڙ اچڻ جي نه ڪندو هو آئون ان تي هن کي روڪيندي هيس ته ائين نه ڪر معصوم نياڻي جو خيال ڪر تو وٽ سڀ ڪجھه آهي اهي ڪم ڇڏي ڏي .جنهنتي هي چوندو هو ته عورت جو ڪم گھر سنڀالڻ ٻار سنڀالڻ آهي مرد مرضي جو مالڪ آهي جيئن اچيس تيئن ڪري عورت جو وچ ۾ پوڻ خراب عمل آهي تون منهجي وچ ۾ نه ڳالهائيندي ڪر .مون کي سخت مار به ڏيندو هو دانهن ڏيان ته ڪنهن کي ڏيان ڪير هو منهنجو اتي .ڪالهه رات به هي دير سان آيو جنهن تي مون هن کي چيو ننڍڙيءَ جو واسطو اٿئي اهي ڪم هاڻ ڇڏ جنهن تي هن مون کي چيو ته مون توکي پهرين به چيو هو منهنجي معاملي ۾ ٽنگ نه اڙائيندي ڪر هن مون کي تمام گھڻو ماريو ۽ چيو ته وڏا چوندا آهن ته ڪني آڱر وڍي چڱي آهي تون مون لئه ڪني آڱر آهين هن مون کي هن سخت سرديءَ ۾ گھر کان ٻاهر هن معصوم ننڍڙيءَ سميت ڪڍي طلاق ڏيئي هي طلاق جا ڪاغذ منهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيا آهن آئون هتي وڏي مشڪل سان پهتي آهيان هاڻ ڪنهن جي سهاري جيان .جنهن تي اڪبر جي ماءُ چيو ته اسان تنهنجا عزيز آهيون تون هتي بي ڊپي هن گھر کي پنهنجو گھر سمجھي رھ هونءُ به چوندا آهن ته رت دانگيءَ تي به ورندو آهي اسان وري به تنهنجا پنهنجا آهيوناڪبر کي سندس ماءُ چيو ته پٽ هن جي والدين کي فون ڪري اطلاع ڪر اڪبر ٻاهر نڪري ويو فون ڪرڻ جي لاءِ . ٻئي ڏينهن عنبر جا مائٽ به اڪبر جي گھر پهچي ويا جيڪي پريشان ۽ پشيمان هئا . ان وقت عنبر جي پيءُ جي زبان مان دولت بري بلا آهي پر غريبي ۾ پيار محبت پريتم جو رشتو آهي جا لفظ نڪتا . عنبر جي عدت جا ڏينهن شروع ٿي ويا جڏهن عدت پوري ٿي عنبر جي والدين .اڪبر جي مائٽن کي چيو ته اسان لالچ ۾ اچي پنهنجي ڌيءَ جي زندگيءَ کي برباد ڪيو آهي هاڻ هن ڏکايل نياڻيءَ کي سهارو اوهان ڏيو . آئون پنهنجي ڌيءَ کي هن غم جي حالت ۾ نٿو ڏسي سگھان ڪجھه وقت کان پوءِ عنبر جي شادي اڪبر سان ڪرائي ويئي اهڙي نموني دولت جي نانگ جي ڪري جدا ٿيل ٻه دليون پيار پريت جي طاقت سان هڪ ٻئي سان ملي ويون اهي خوش زندگي گذارڻ لڳا .


    ڦڙي ڦڙي تلاءُ

    هو گھر کان نڪري اچي چوواٽي تي رکيل هڪ پهڻ تي ويٺو هن پنهنجي نظرن کي چوطرف ڦيرايو وري پنهنجي گھر ڏانهن نظرن کي ڪيو ٻين جا گھر ڪچا ۽ پڪا ٺهيل هئا . هن جو گھر ڪچو هو پر زبون حالت ۾ هو جنهن جون ڀتيون ڪلر جي ور چڙهي کاڄي ويون هنيون ڀتين مان ڪلر پائوڊر جي صورت ۾ ڇڻي رهيو هو هن جي گھر جي ڇت اهڙي هئي جو برسات جي موسم ۾ ڇتين مان ڄڻ ڇڻڪار ٿيندي هئي هيءُ جنهن وقت پنهنجي گھر جي حالت ڏسندو هو ته هن جيءُ جھري پوندو هن جي من ۾ آنڌ مانڌ ٿي ويندي هئي هيءُ پنهنجي منهن ڀڻڪيو ته ڪمائي ڪمائي ٿڪجي پيا آهيون پر پنهنجو گھر به ٺاهي نٿا سگھون گھر جو گاڏو مشڪل سان هلي رهيو آهي جاين ٺاهڻ جا رڳو خواب ڏسنداسين . اڳي ڪمائي ۾ برڪت هوندي هئي هاڻي برڪت خبر نه آهي ڪيڏانهن ويئي هلي آهي اڳ هڪ ڪمائيندو هو سڀ کائيندا هئا سڀ خوش هوندا هئا اوچتو هن کي سامهون هڪ پاريهل جو جوڙو ڏسڻ آيو جيڪي زمين تي آيا ٿي هلڪيون ڪاٺيون پنهنجي چهنب ۾ کڻي اڏامي ٿي ويا اهي بار بار اچي رهيا هئا ڪاٺيون چونڊي کڻي وڃي رهيا هئا هن انهن پاريهلن تي نگاهه ڪئي ته هن ڏٺو ته اهي ڪاٺيون سامهون گھر جي بالڪوني طرف کڻي وڃي رهيا هئا هن بالڪوني طرف ڏٺو ته هن کي هڪ سهڻو آکيرو ڏسڻ ۾ آيو جيڪو هنن پاريهلن ٺاهيو هو اڃا به ان جي ٺاهڻ جي جتن ۾ هئا هن سوچيو ته هيءُ نازڪ پکي به پنهنجي گھر ٺاهڻ لاءِ ڪوشش ڪن پيا مايوس نه آهن آئون هڪ انسان ٿي به مايوسي کي پنهنجو ڪري ويٺو آهيان جيئن هيءُ ڪک ڪک کڻي پنهنجو آکيرو ٺاهي رهيا آهن آئون به جيڪڏهن ٿوري ٿوري بچت ڪندو رهندس ته منهنجو به گھر ٺهي ويندو ڦڙي ڦڙي تلاءُ ٿي ويندو آئون اجايو پريشان آهن ۽ پنهنجي گھر جي پاڻ آهستي آهستي واندڪائي جي وقت ۾ مرمت ڪندو رهندس ته منهنجو گھر تيار ٿي ويندو جيڪو ڪرڻ ڀرڻ کان بچي ويندو . هن پنهنجي لبن تي هڪ هلڪي مرڪ آندي ۽ پاريهلن جي جوڙي کي ڏسندي اتان اٿيو هاڻي هن جي چهري تان مايوسي جي چادر لهي چڪي هئي هي پنهنجي چهري تي هلڪي مرڪ آڻيندي اٿيو ۽ پنهنجي گھر جي طرف روانو ٿي ويو .


    خوشي

    اڄ هرڪو خوش هو هر طرف عيد جھڙو ماحول هو ننڍا وڏا ٻار سڀ خوش هئا . آڊيو۽ويڊيو پليئرن ۽ ٽي وي تي قومي گانا وڄي رهيا هئا ماحول سڄو خوشگوار هو هر ڪو هڪٻئي کي هن ڏينهن جون مبارڪو ن ڏيئي رهيو هوهيءُ ڏينهن سڀني سنڌين جو هو جنهن ۾ هر مذهب وارو سنڌي شامل هو فرق صرف اهو هو ته عيد تي مختلف قسمن جا لباس پهريل هوندا آهن پر اڄوڪي ڏينهن سڀني کي سنڌي لباس ٽوپي اجرڪ پٽڪو پاتل هو . ڪيترن کي اجرڪن مان ٺهيل ڪپڙا پاتل هئا اڄ چوڪرين به اجرڪن مان ٺهيل گنديون پاتيون هنيون سڀ خوش هئا اڄ وڏي جوش جذي سان ثقافتي ڏينهن ملهايوپيئي ويو ڪٿي سگھڙن جي سٿ جي محفل مچيل هئي جيڪي هڪٻئي کي بيت ڏور ڳجھارتون ڏيئي رهيا هئا . ڪٿي سنڌ جي قومي راند ملهه جا مقابلا ٿي رهيا هر واهڻ وستي ڳوٺ ۾ سنڌي قومي گيت هلي رهيا هئا .اسين مٽي مان سون ٺاهڻ وارا سنڌي ، جيئن سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا سنڌي ٻولي پياري ٻولي وغيره جهڙا قومي گيت هلي رهيا هئا .اسان به هن شامل ٿيڻ وارا هئاسين هڪ وڏي ريلي ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان نڪرڻ واري هئي ٻارن کي چيم جلد تيار ٿيو ريلي ۾ هلڻو آهي باقي هڪ ڪلاڪ آهي اوچتو مون کي منهنجي پٽ چيو ته رات پاڻ اچي رهيا هئاسين ته روڊ جي ڀر ۾ ڪيئن نه ٻار پٽ ۽ گاهه تي ستا پيا هئا ڪن کي ڪپڙا به پورا پهريل نه هئا ڇا اهي پنهنجي گھرن ڏانهن نه ويا آهن هن کي چيم ته هن سال جيڪو مينهن وسيو هو اڳ اهڙو مينهن نه وسيو هو مينهن ۾ هنن جو سڀ ڪجھه تباهه ٿي ويو اهي پنهنجون جانيون بچائي آيا آهن جيستائين انهن ويچارن جا گھر ٺهن ان وقت تائين اهي پنهنجي سورن ۾ زندگي ائين روڊن تي پيا گذارين انهن جون عيدون به انهن جي خيمن ۾ ٿيون . ننڍڙي چيو ته اهي اسان جا سنڌي آهن اهي هن ديس جا قديمي رهاڪو آهن ڇا اهي اڄوڪو ڏينهن نه ملهائيندا .هن کي چيم ته سنڌ ميڊيا فورم وارن هن سال ثقافتي ڏينهن انهن سان گڏ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي پاڻ انهن سان گڏ اهو ڏينهن ملهائينداسين انهن کي اڪيلو ڪين ڇڏينداسين انهن کي تحفا ۽ طعام ڏينداسين جنهن تي هن چيو ته پهرين آئون انهن وٽ وڃان ٿو انهن کي تحفو ڏيان ٿو پوءِ ريلي ۾ اچان ٿو ان تي منهنجي ڌيءَ چيو ته آئون به انهن کي تحفو ڏينديس انهن سان گڏ اڄوڪو ڏينهن ملهائينديس هنن کي چيم ته ٺيڪ هئا توهان پنهنجن ڀائرن ڀينرن کي هن ڏينهن تي تحفا ڏيئي ريلي ۾ اچي شامل ٿجو هيءُ ٻيئي تيار ٿي تحفا کڻي روانا ٿي ويا ريلي نڪرڻ جو وقت ويجھو اچي رهيو هو جڏهن ثقافتي ريلي نڪرندي آهي ته ان ۾ معصوم گلن جھڙن بارڙن جو به وڏو انگ شامل ٿيندو آهي جيڪي سنڌي ٽوپي اجرڪ پٽڪي سان ڏاڍا سهڻا لڳندا آهن جنهن جاءِ تان ريلي نڪرڻ واري هئي اتي ننڍن وڏن ٻارن پوڙهن جوانن جو سنڌي ٽوپي اجرڪ پٽڪي سان هڪ وڏو انگ بيٺل هو جڏهن منهنجي نظر منهنجي پٽ ۽ ڌيءَ تي پيئي ته انهن سان گڏ مون ٻوڏ متاٿرين ٻار به ڏٺا جيڪي سنڌي لباس ۾ ڏاڍا خوش لڳي رهيا ۽ گانن تي ناچ ڪري هئا انهن جي لبن تي مرڪون هنيون اهي ٻار هن عظيم ريلي ۾ شامل ٿي خوش ٿي رهيا هئا ٻيا به مون ڪافي اهڙا ٻار جوان پوڙها ڏٺا جن جو هن برسات جيءُ جھوري وڌو هو پر هن ريلي ۾ شامل ٿي ڏاڍا خوش نظر اچي رهيا هئا انهن کي ڪنهن به نه وساريو هو ريلي مقرر وقت تي نڪتي جنهن ۾ هرڪو سنڌ جي قومي گيتن تي ناچ ڪري رهيو هو ۽ خوش ٿي رهيو هو ريلي پنهنجي مقرر هنڌ تي پهچي ختم ٿي هرڪو ڪڏندو ٽپندو خوش ٿيندو پنهنجي گھرن ڏانهن راهي ٿيو هڪ خوشي جو سمان هو سڀ هڪ هئا سڀ هڪ گھر جا ڀاتي هئا مون کي منهنجي پٽ چيو ته اسين هنن کي هنن جي خيمن وٽ ڇڏي اچون ٿا مون ڏٺو ته اهي ٻار کلندا ٽهڪ ڏيندا پنهنجي خيمن ڏانهن روانا ٿيا مون کي خوشي آهي ته اسان اڄ سڀني گڏجي پنهنجي ديس جو هيءُ ثقافتي ڏينهن گڏجي ملهايو ننڍڙن ٻالڪن کي به خوشي هئي جو انهن به پنهنجي ساٿين کي نه وساريو انهن کي هن ڏينهن ملهائڻ ۾ شامل ڪيو


    سوچيون

    ڪافي وقت گذري ويو هو مهنجي ننڍپڻ جي دوست عليءَسان ملاقات نه ٿي هئي هيءُ ڪافي وقت کان ٻاهرين ملڪ ۾ نوڪري ڪندو آهي هڪ دفعي منهنجي انباڪس ۾ هن جي اي ميل پيل هئي جنهن ۾ هن لکيو هو ته آئون جلد ڳوٺ اچي رهيو آهيان اها منهنجي لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه هئي جو منهنجو دوست اچي رهيو هو .هن جو اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس هڪ ڏينهن آئون پنهنجي اسٽدي روم ۾ ويٺو هوس ته در تي سڏ ٿيو ٻاهر نڪري ڏٺم ته منهنجي ننڍپڻ جو دوست يٺل هوجنهن سان سڪ ۽ اڪير سان مليس هن ٻڌايو ته آئون اڄ صبح جو هتي پهتو آهيان ائين آئون هن کي وٺي اسٽدي روم ۾ آيس جتي هن چيو ته دوست اڳي هتي سماجي ۽ ادبي تنظيمون هونديون آهن هاڻ منهنجي شڪ ۾ اهي نه آهن جو انهن جو ڪوه ڪم ميڊيا تي نه آهي جيڪي سماجي ورڪر ۽ اديب هئا اهي ڪيڏانهن ويا هليا آهن هن کي چيم ته يار آئون به هاڻي پاسو وٺي ويٺو آهيان هتي هڪ ٻن سماجي تنظيمن کان سواءِ ڪابه تنظيم نه آهي جيڪي لکڻ وارا آهن اهي لکن پيا پر انهن جو مواد به پرنٽ ميڊيا تي نه اچي رهيو آهي اهي پنهنجو مواد ڪٻٽن ۾ رکيو ويٺا آهن خر نه آهي اهي ڇو مايوس ٿي ويا آهن ڪجھه دوست روزگار جي ڪري هتان لڏي ويا آهن ائين اسان هڪئي کان حال احوال وٺندا رهيا سين وقت گذرڻ جي ڪابه ڪل ڪانه پيئي ته ڪنهن وقت سج لهي ويو هونءَ به ڪشنچند بيوس جي شاعري موجب وقت چوي ته آئون بادشاهه آهيان وقت ائين گذري ويندو آهي جنهن جي ڪابه ڪل ڪانه پوندي آهي منهنجي دوست کي گھر وڃڻو هو جنهن ڪري اسان جڏهن ٻاهر نڪتاسين ته آسمان تي تارن جي چمڪاٽ هئي .جڏهن اسان ٻاهر آيا سين ته علي چيو ته اڳ هر هنڌ ماڻهن جا انبوهه هوندا هئا جيڪي پاڻ پيا محفل مچائيندا هئا اڄ اها شي ءِ نه آهي اوطاقون به ختم ٿي ويون آهن اوچتو اسان جي ڀر مان هڪ ننڍي ڇوڪر اهڙي ته اسپيڊ سان موٽر سائيڪل ڪڍي جو اسين ڊڄي وياسين منهنجي دوست چيو ته هنن کي زندگي جو اهشاس نه آهي ته زندگي هڪ دفعو ملندي آهي هنن ٻارن کي هنن جا مائٽ به نٿا روڪين جو اهڙي تيز گاڏيون ٿا هلائين جنهن تي مون دوست کي ٻڌايو ته هتي ائين ڪيترائي حادثا ٿي چڪا آهن جنهن ۾ ڪافي ماڻهن کي زخم به رسيا آهن انهن جا هڏا به ٽٽا آهن پر پوءِ به انهن کي احساس نه آهي اهو نٿا سمجھن ته اهي هن ديس جو سرمايو آهن پنهنجي والدين جو سهارو آهن اڃا ٿورو اڳتي هلياسين ته هن جي نظر هڪ ڇوڪر تي پيئي جنهن کي ڏسڻ لڳو مون کي چيائين ته ڏس ڇوڪر جي عمر ڇا آهي پر ڪيئن نه اهو مين پڙي کائي رهيو آهي پنهنجي پاڻ کيزهر ڏيئي رهيو آهي هن جا ارمان سپنا ته اڌورا رهجي ويندا .هنن کي ڪير ه روڪي نٿو ته بابا پنهنجي جيون کي ائين تباهه نه ڪريو زندگي نعمت آهي ان کي بچايو علي کي چيم هن وقت وڏي تبديلي آهي تون ڇڏ انهن قصن کي تون پنهنجي وقت واريون ڳالهيون ڪري رهيو آهين هي ڏس دوڪان ڪيئن نه انهن مين پڙين ۽ گھٽڪن سان سينگاريا پيا آهن اڳتي هن هڪ نوجوان ڏٺو جيڪو ٿڙي ٿابڙجي رهيو هو جڏهن هيءُ اسان جي ڀر مان لنگھيو ته وات مان بدبو3 علي چيو ته هن جو شرا پيتل آهي هاڻي هيءُ هوش ۾ نه آهي تڏهن ته ائين هلي رهيو آهي علي کي مون چيو ته اهو هر هنڌ مسئلو آهي اسان جو نوجوان نسل جنهن ۾ اسان جا خواب ارمان سپنا آهن انهن زهر وارين شين جي گھيري ۾ اچي تباهه ٿي رهيو آهي اسان کي انهن کي بچائڻو پوندو انهن جي تريت ڪرڻي پوندي انهن کي انهن جي زندگي جي مقصد بات ٻڌائڻو پوندو هن کي مون چيو ته هيءَ اخبار ڏس هن ۾ هيءَ خبر آهي ته ٻه نوجوان زهريلو شراب پيئڻ جي ڪري مري ويا . هاڻي مون کي ٻڌائي ته اها خبر رپورٽ ٿي آهي اهڙيون خبر نه آهي ڪيتريون خبرون هونديون جيڪي رپورٽ نه ٿينديون هونديون اسان جا نوجوان جيڪي اسان سرمايو آهن اهي ائين موت جي ننڊ سمهندا رهندا بس دوست اسان کي سوچڻ گھرجي اسان جي نوجوان ۽ ايندڙ نسل جي وارثن کي هنن زهريلي شين کان بچائڻ گھرجي چکو تنهنجو گھر اچي ويو وري سڀاڻي ملاقات ڪننداسين علي جي ڳالهين مون کي سوچن ۾ وجھي ڇڏيو آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته اهي نوجوان ٻار اسان جي ايندڙ وقت جو سرمايو آهن انهن کي ڪيئن انهن زهريلين شين کان بچائجي .


    احساس ممتا

    اڪبر پنهنجي گھر کان ڊيوٽي تي وڃڻ جي لاءِ نڪتو . هن جي چهري تي مايوسي ۽ پريشاني جا راڪاس ڀيرا ڀري رهيا هئا . اڄ جنهن نموني هيءُ ادس هو اڳ ڪڏهن به اهڙو اداس نظر نه آيو هو خبر نه آهي هن سان ڇا وهيو واپريو هو جو هي اداس هو . هن جو گھر خوشحال هو هيءُ پنهنجي جيون ساٿي ۽ پنهنجي ٻارن سان گڏ تمام گھڻو خوش رهندو هو هي جي طبيعت تمام حساس هوندي هئي ان حساس طبيعت جي ڪري هن جي اندر مان شاعري جي صورت ۾ لفظ جڙندا هئا هن جي شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهندي هئي . هن وٽ سدائين خوشي هوندي هئي ڪاوڙ ۽ پريشاني هن کان ڪوهين ڏور هوندي هئي ڪجھه سال اڳ جڏهن هيءُ بيما ٿيو هو ته اٿڻ ويهڻ کان لاچار هوندو هو تڏهن به هن کي مايوسي نه گھيريو هو هن کي هٿن سان اٿاريو ويندو ۽ ويهاريو ويندو هو هن جو هڪ دوست هن کي روز ڊيوٽي تي ڇڏي ايندو هو ۽ کڻي ايندو هو اتي به هيءُ پنهنجي ڊيوٽي ڪندو هو پر مايوس نه هو جيڪا هن کي تڪليف هوندي هئي ان سان مقابلو ڪندو رهندو هو هن کي چئبو هو موڪل ڪر ته چوندو هو موڪل مان ڪهڙو فائدو هيءَ ته منهنجي روزي آهي جنهن کي حلال ڪرڻو آهي اڄ هيءُ بلڪل صحتمند آهي پر ڇو مايوس آهي هيءُ ڊيوٽي تي ويو پر ڪلاڪ کان پوءِ واپس آيو سڌو گھر هليو هو هن جو ننڍپڻ جو دوست فرحان هن کي ڏسي رهيو هو جيڪو پڻ اڄ سوچن جي سمنڊ ۾ غرق هو ته اڪبر کي ڇا ٿيو آهي ؟ فرحان جو دوڪان هن جي گھر جي سامهون هوندو هو هن کي مايوس پريشان ڏسڻ جي ڪري فتحان به مايوس ٿي پيو هو فرحان جي من ۾ مانداڻ متل هئي هيءُ اڪبر جي هن حالت تي بي صبرو ٿي ويو هن پنهنجو ڇوڪر اڪبر ڏانهن موڪليو ته اڪبر کي وٺي اچي ٿوري دير کان پوءِ اڪبر هن جي دوڪان تي آيو اڪبر جو چهرو اداس هو هن جو آواز روئڻهارڪو هو نيڻن آب ساب سرشار هئا فرحان هن کي اندر اڇي ويهڻ جو ڇيو اڪبر اندر اچي اڪبر جي ڀرسان ڪرسي تي ويهي رهيو فرحان هن جي چهري کي غور سان ڏسڻ لڳو جنهن تي اڪبر چيس خير ته آهي اڄ مون کي غور سان ڏسي رهيو آهين جنهن تي فرحان چيس ته پاڻ ننڍپڻ جا دوست آهيون گڏ پڙهيا آهيون گڏ رانديون رهيون گڏ ڇيڳلايون ڪيون آهن پر مون توکي ڪهنن به اداس نه ڏٺو اڄ آئون توکي اداس ڏسي رهيو آهيان تنهنجي چهري تي ڪڏهن مايوسي نه هئي پر اڄ تون مايوس آهين جنهن تي هن اڪبر کي چيو ته اڄ هڪ واقعي منهنجي اندر کي جھنجھوڙي ۽ جھوري وڌو آهي منهنجي همت ختم ٿي ويئي آهي آئون بي همت بنجي ويو آهيان خوشي منهنجي من مان نڪري ويئي آهي رب پاڪ مون کي سڀ ڏنو آهي پر اها مون وٽ نه آهي جنهن کان آئون محروم آهيان چوندا آهن ته قدر تڏهن ٿيندو آهي اها جڏهن ڪنهن وٽ نه هوندي آهي انڌي کي اکين جو قدر هوندو آهي هو چوندو آهي ته جيڪڏهن مون کي اکيون هجن ته خدا تعالى جي هن سهڻي ڪائنات کي ڏسان ۽ پروڙيان . آئون اهڙو بد نصيب آهيان جو ها مون وٽ نه آهي جنهن تي فرحان اڪبر کي چيو ته اها ڇا آهي جنهن جي ڪري تون پاڻ کي بدنصي چئي رهيو آهين جنهن جي ڪري تون اداس آهين جنهن تي اڪبر چيو ته اها املهه شيءِ آهي جنهن جو هن ڪائنات ۾ ڪوبه ملهه نه آهي فرحان تون خوش نصيب ۽ ڀاڳن وارو آهين اها تو وٽ آهي ور مون وٽ نه آهي خدا ڪري سدائين اها توساڻ هجي ڪڏهن به اها توکان ڏور نه ٿئي جنهن تي فرحان چيس ته يار اسين آهيون دوڪان هلائڻ وارا توهان آهيو شاعر توهان جي ڳالهه منهنجي سمجھه کان ڳوري آهي مون کي ڪابه ڳالهه سمجھه ۾ نٿي اچي ته تون ڪنهن جي باري ۾ چئي رهيو آهين فرحان اها عظيم هستي ماءُ آهي آهي اسان کي ننڍپڻ ۾ پنهنجي پيءُ پاليو د در جا ٽڪر ڀور کائي وڏا ٿياسين اسان جو ماضي سورن جو دفتر آهي آهي اسان کي پنهنجو ماضي جو جيون هر پل ياد آهي . ڪوبه واهرو نه هو جن سان رت جا رشتا هوندا هئا انهن به پري ڪري ڇڏيو هو چڻ اسان هن جهان ۾ لاوارث هئاسين پر زندگي جو جيون سورن سان گذرندو رهيو اسان کي ماءُ جي ممتا نه ملي ماءُ ج پيار ڇا هوندو آهي ماءُ جي شفقت ڇا هوندي آهي اسان کي خبر ئي نه هئي ا جڏهن منهنجي ننڍڙي ڌڪو کاڌو ته هن جي ماءُ ڊوڙي اچڇي هن کي ڀاڪرن ۾ ڀريو ۽ هن کي جانچڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي منهنجي سهڻي کي ڪٿي ڌڪ لڳو آهي هن کي سيني سان لائي ڀاڪرن ڀري ڇڏيو مون ان وقت ماءُ جي ممتا کي محسوس ڪيو ته هڪ ماءُ ڪيئن نه پنهنجي اولاد کي ڪ لڳڻ ي تڙپي پوي ٿي هڪ ڪڪڙي به پنهنجي چوزن کي ڪوڙي ۾ قابو ڪندي آهي جانورن ۾ ممتا آهي اهي پنهنجي ٻچي کي بچائڻ ڪاڻ دشمن جي سماهون ٿي مقابلو ڪندا آهن پر آئون ان ممتا جي پيار کان محروم آهيان جنهن تي فرحان چيس ته ادا ڪي اسان جا پيارا اهڙي راهه تي ويندا آهن جيڪي اتان واپس ورڻا نه هوندا آهن تنهنجي ماءُ به ان راهه تي رباني ي ويئي ته ڪيئن ايندي . تون اداس کي پنهنجي من مان ڪڍي ڦٽو ڪر جنهن تي اڪبر چيس ته منهنجي ماءُ هن ئي جھان ۾ آهي پر ڪجھه مسئلن جي ڪري اسان کان پري آهي وڃڻ بعد ڪڏهن به ڀيرو نه ڪيائين ته اسان زنده آهيون يا مري ويا آهيون جنهن تي فرحان چيس ه مبجوري هوندي جنهن تي اڪبر چيس جنهن پنهنجي پيٽ ۾ پاليو دنيا جي سختي سهي هن دنيا تي آندو اها ڪيئن ٿي اسان کي وساري سگھي اڄ مون کي ماءُ جي ممتا ڏاڍو تڙپائي رهي آهي اڪبر پنهنجي نيڻن مان وهندڙ لڙڪن کي هٿن سان اگھندي چيو ته فرحان اهو ڪڏهن به مون توکي نه سڻايو ته اسان جي ماءُ اسان کان ڇو جدا آهي يار اسان کي خبر آهي ته اها ڪهڙي نفرت جي ديوار اسان جي والدين جي وچ ۾ اڏجي ويئي جنهن ڪري انهن جا رشتا ٽٽي ويا اهي هڪ ٻئي جي لاءَ غير بنجي ويا . اسان کي ڪابه خبر نه آهي ته اسان جا پنهنجا ڪهڙا آهن در در جا ڌڪا کاهي اچي جوان ٿياسين پوءَ اسان کي خبر پيئي ته اسان جي رت جي رشتي ۾ ويجھا ڪهڙا آهن اسان کي پنهنجي ماءُ جي خبر پيئي جنهن کي ڳولي وڃي هٿ ڪيوسين پر اها اسان کان تمام پري پنهنجي نئين جيون ساٿي پنهنجي اولاد سان آهي اسان چڻ هن کان وسري ويا آهيون ته ڪي اسان به آهيون جن هن جي جسم مان جنم ورتوآهي هن جا پنهنجا هتي آهن جهن ايندي آهي ته انهن وٽان ڀيرو ڪري هلي ويندي اسان کي خبر به نه پوندي آهي اسان ان جون راهون پيا نهاريندا آهيون ڪڏهن ٿي اسان جي اڱڻن تي اچي اسان کي پنهنجي هنج ۾ سمهاري پيار ڪري شفقت جا مٿي تي هٿ ڦيري . اسان کي دعائن جا خزانا ٿي ڏيئي . پر اسان جا نيڻ اداس ٿي ويندا آهن نه ايندي آهي جڏهن اسان کي ڪل پوندي آهي ته اتي وڃڻ بعد خبر پوندي آهي ته واپس هلي ويئي اسان پنهنجي من ۾ اداسي کڻي واپس هليا ايندا آهيون هاڻي اسان ا ن جا عادي به بنجي ويا آهن پر اڄ منهنجو من جھري پيو آهي اسان کي اسائي آس آهي ته اڻ اسان جي اڱڻن تي اچي ته اسان جي اڱڻن تي رحمت جا ڪڪر سي پون ڏک ڏولاوا ڏور ٿين خوشين جا شامانا وڄي وڃن منهنجي جيون ساٿي منهنجو اولاد منهنجي مٿان سرساهه پيا گھوريندا آهن آهن پر انهن جي چاهت هڪ طرف ماءُ جي ممتا شفقت ٻئي طرف جنهن ۾ آساس ۽ سڪون آهي . ماءُ جي دعائن سان آسودگي آهي پر آئون انهن کان محروم آهيان ڪنهن کي امان ڪري سڏيان ڪنهن جي هنج پنهنجو ڪنڌ رکي دل جا درد سور ٻڌايان ڪنهن کان جنت جون دعائون گھران ڪنهن کي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌايان ماءُ جي دعائن سان زندگي جا سور پل ۾ لهي ويندا آهن ماءُ جي ممتا جون خوشين جڏهن ملنديون آهن ته زندگي بهار بهار ٿي ويندي آهي جنهن تي فرحان چيس ته ادا اداس نه ٿي جيڪو مقدر ۾ لکيل هوندو آهي اهو ٿيندو آهي جنهن تي اڪبر چيس ته منهنجي مقدر ۾ ماءُ جو وڇوڙو لکيل آهي تقدير کي تدبير سان بدلائي سگھجي ٿو پر اسان ڪيئن بدلايون جو اسان کي ماءُ جي ممتا ملي اسان جي ماءُ جيڪڏهن اسان سان هجي ته اسان ان جي خدمت ڪريون جنت ان جي پيرن جي هيٺيان آهي اها حاصل ڪري ان کان دعائون وٺون اڄ جڏهن مون وٽ دنيا جي هر شيءِ آهي پر ماءُ جهڙي هستي مون وٽ نه آهي ته ڄڻ مون وٽ ڪجھه نه آهي ائون ان فقير کان گھٽ آهيان جنهن جي گودڙي ۾ ڪجھه ان جا داڻا ته هوندا آهن پر مون وٽ ما بنا ڪجھه به آنه آهي اڄ مون کي احساسِ ممتا جو درد اندر کي جھوري رهيو آهي اڄ ماءُ جو ڏينهن آهي ماءُ نمون ساڻ هجي ها ته اڄ سچو ڏينهن ان جي خدنمت ڪريان ها ان کان دعائون وٺان پنهنجو جيون سکيو ستابو ڪريان ها . آئون ماءُ جي ممتا کان محروم آهيان اڪبر کي ماءُ جي ممتا جي کوٽ جي احساس جھوري وڌو هو هيءُ اٿيو ائين روئندو اکيون مان لڙڪ لاڙيندو پنهنجي گھر جي طرف روانو ٿي ويو


    آس ٿيندي راس

    جڏهن پکي پنهنجي آکيرن کي ڇڏي چوڳي جي تلاش ۾ نڪرندا آهن ان وقت علي ۽ ولي پنهنجي بوٽ پالش جو سامان کڻي اچي روڊ جي ڪناري وٽ هڪ ڦٽل ٻوري وڇائي ان تي سامان رکي ويهندا آهن . هر ويندڙ ماڻهو جي اڳيان اها سدا هڻندا هڻندا آهن ته اسان کان پنهنجا بوٽ پالش ڪرايو . جڏهن هيءُ روڊ ڪناري وٽ پنهنجو پورهيو ڪندا آهن ان وقت هنن جھڙا گلن جھڙا ٻارڙا اسڪول جي يونيفارم پائي کلندا ٽلندا اسڪول جي طرف ويندا آهن هيءُ ٻئي حسرت ڀرين نگاهن سان انهن اسڪول ويندڙ ٻارن کي ڏسندا رهندا آهن ان وقت هنن جي دل ۾ به اها آس هوندي ته اسان جي هٿن ۾ پالش برش جي بدران قلم ڪتاب هجن اسان به هنن ٻارن وانگر اسڪول ويندا هجون پر غربت سبب هنن جي آس نراس هوندي آهي . اتان ڪ استاد به پنهنجي ٻارن سان گڏ گذرندو آهي ان سان گڏ ان جي نياڻي ۽ پٽ هوندا آهن اهي ٻار هنن ٻارن کي حسرت ۽ چاھ سان ڏسندا ويندا آهن شايد انهن جي دل ۾ اهو جذبو جاڳندو هوندو ته هي ٻار به اسان وانگر اسڪول وڃن علم جي زيور سان سينگارجن پر هنن جي ڪهڙي مجبوري هئي جيڪا هنن کي هن ڪم تي مجبور ڪيو هو ٻار هنن کي ڏسندا هئا . سوچن ۾ پئجي ويندا هئا . هڪ ڏينهن استاد پنهنجي ٻارن سان گذري رهيو هو ته هيءُ ٻئي ڀائر روئي رهيا اکين مان وهندڙ لڙڪ هنن جي معصوم چهري تي نيسرا ٺاهي رهيا هئا . جڏهن هنن ٻارن کي روئندو ڏسي استاد جي نياڻي پنهنجي پيءُ کي ڇيو ته بابا هيءُ روز اسان کي غور سان ڏسندا هئا اڄ هيءُ ڇو رهي رهيا هئا انهن سان ڇا ٿيو بابا انهن معصومن کان پڇو ته اهي ڇو ٿا روئن انهن کي ڪهڙو ڏک رسيو آهي استاد پنهنجي ٻارن کي چيو ته توهان اسڪول وڃو آئون هنن کان پڇان ٿو استاد جڏهن هنن ٻارن جي ويجھو آيو ته ٻارن روئندي سلام ڪيو ٻارن کان جڏهن روئڻ جو سبب پڇيو ته ٻارن چيو سائين اسان غريب آهيون منهنجو پيءُ مزور آهي اسان به هنن ٻارن وانگر اسڪول پڙهڻ ڄاهيون ٿا پر غربت سبب پڙهي نٿا سگھون استاد چيو ته توهان روئڻ ڇڏيو آئون توهان جي بابا سان ڳالهه ٻولھه ڪندس . شام جو استاد ٻارن جي پيءُ سان مليو جنهن کي چيو ته توهان جا ٻار پڙهڻ چاهين ٿا توهان انهن کي ڇو نٿا پڙهايو . انهن کي اسڪول موڪليو اسڪول ۾ ڪتاب مفت ملن ٿا . جنهن تي هنچيو ته سڪول ۾ واقعي ڪتاب مفت ۾ ملن ٿا پر ٻارن جا بوٽ ڪپڙا ڪاپيون پينون ڪٿان اينديون اسين جيڪو آڻيون ٿا اهو چاڙهيون ٿا . استاد وري به هنن جي پيءُ کي چيو ٻارن جي مستقبل جي باري ۾ سوچيو انهن جي ارمانن ۽ آسن کي نراس ٿيڻ نه ڏيو استاد گھر آيو سوچن ۾ پئجي ويو هن جي نياڻي پنهنجي بابا کان پڇيو بابا ڇا ڳالهه آهي پيءُ انهن ٻارن جي ڳالهه ڪئي جنهن تي هن جي ڏيءَ چيو ته بابا توهان انهن جي پڙهائي جو خرچ ڀريو اهو صدقو آهي ان جو اجر خدا ڏيندو توهان اسان وانگرانهن کي به پنهنجا ٻار سمجھو اهي معصوم اسان جي ديس جو سرمايو آهن جيڪڏهن هر هڪ ماڻهو پنهنجي ٻارن سان گڏ هڪ غريب ٻار جي پڙهائي جو خرڄ کڻي ت اسان جي ديس جو ڪوبه غريب ٻار اسڪول کان پري نه هوندو نه انهن جي هٿن بوٽ پالش جو سامان هوندو نه چڻن جا ٿالهه هوندا نهن انهن جي هٿن هوٽلن جا ڪوپ يا گاڏيون صاف ڪرڻ جا ڪپڙا هوندا . استاد پنهنجي ڏيءَ جون ڳالهيون ٻڏي هن ۾ نهاري پنهنجي ڏيءَ تي ناز ڪرڻ لڳو ۽ چيائين ته ڏيءَ اهي به مون کي توهان وانگر پيارا آهن انهن جي پڙهائي جو خرچ آئون ڀريندس ائين ڪرڻ سان شايد ٻيو به ڪو ٻئي ڪنهن غريب جي ٻار کي پڙهائي . ٻئي ڏينهن موڪل جو ڏينهن هو استاد روڊ تي اچي انهن ٻارن جي هٿن مان بوٽ پالش جا سامان وٺي انهن کي بازار مان ڪپڙا ڪتاب بوٽ وغيره وٺي ڏنا . هنن جي پيءُ کي چيائين ته هاڻ هنن ٻارن جي پڙهائي خرچي جو خرچ مون تي هنن کي سڀاڻي آئون پاڻ اسڪول وٺي وڃي داخل ڪرائيندس هنن ٻارن جي خرچ جو توهان ڪوبه اونو نه ڪريو ٻئي ڏينهن استاد جڏهن ٻارن کي اسڪول جي يونيفارم ۾ ڪلهن تي ٿيلهو وٺي اسڪول وڃي رهيو هو ته هنن ٻارن جي چهري تي اداسي نه پر هڪ خوشي هئي هن جي پيءُ جي لبن تي مرڪ هئي ته هاڻي منهنجي ٻارن جون آسون پوريون ٿينديون منهنجا ۽ هنن جا خواب ساڀيان ٿيندا .اهي هڪ ڏينهن وڏي مان مرتبي تي پهچندا . اچو ته پاڻ سڀ گڏجي ملڪ مان ڪاپي ڪلچر ۽جو خاتمو ڪريون ۽ هر هڪ هڪ غريب ٻار کي اسڪول ۾ پڙهائڻ جي ذميواري کڻون جيئن اسان جو ديس جو هر ٻار تعليم جي زيور سان سينگاريل هجي جهالت جو بت هميشه جي لاءِ ڪري ختم ٿي وڃي


    اندر جا اڌما

    هو ٻارن جو خوبصورت ڪپڙن پهريل هڪ ميڙ ڏسي ٿو .هن جي اندر جا اڌما جاڳي پون ٿا سوچي ٿو آئون به هنن وانگر ٿي وڃان.جڏهن پنهنجي ڪپڙن تي نظر وجھي ٿو ته هن جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهن ٿا جيئن مور جا ناچ ڪندي پنهنجي پيرن کي ڏسڻ سان لڙڪ وهن ٿا مور جا ته ڊيل لڙڪ جذب ڪري ٿي ، هن جا ڪير ڪندو هي ءُ انهن ٻارن جي ڪڍ لڳي ٿو جيڪي هڪ خوبصورت عمارت ۾ داخل ٿين ٿا هيءُ ان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر گيٽ تي بيٺل متارو ماڻهو هن کي روڪي ٿو ۽ ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري ٿو هيءُ ان کي ايلاز ۽ منٿون ڪري ٿو ته آئون به هنن جهڙو ٿيڻ چاهيان ٿو اهو متارو ماڻهو هن کي ڇڙٻ ڏيندي چوي ٿو ته تو پنهنجو آرسي ءَ ۾ منهن ڏٺو آهي جو هنن جهڙو ٿيڻ چاهين ٿو هيءُ اکين مان وهندڙ لڙڪن کي ٻانهن سان اگھندي ان عمارت ۽ ٻارن کي ڏسي ٿو اهو متارو ماڻهو هن کي ٻانهن کان جھلي ٻاهر ڪڍي ٿو هيءُ روڊ تي ڪري پوي ٿو اوچتو هڪ تيز رفتار گاڏي هن کي چيڀاٽي اڳتي نڪري وڃي ٿي جيڪو روڊ ڪجهه پل پهرين ڪارو هو اهو هن جي وجود سان ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو ان معصوم جي اندر جا اجاڳيل اڌما اتي ئي ختم ٿي وڃن ٿا


    اندر جو احساس

    موڪل جي ڏينهن جي ڪري ننڍا وڏا سير تفريح ڪرڻ جي لاءِ شهر جي لڳ پارڪ ۾ اچي رهيا هئا پارڪ ۾ هڪ خوبصورت منظر هو ڪٿي ڪجهه دوست گڏجي راند ڪري رهيا هئا ته ڪٿي گيتن جو مقابلو هلي رهيو هئا ٻار پنهنجي دنيا ۾ منگن راند ڪري رهيا هئا .اڪبر به پارڪ ۾ هڪ گلن جي خوبصورت قطار ۾ بيٺو هو جتي مختلف قسمن جا سهڻا گل هئا هيڪي هوا جي جھونڪن تي لڏي نمي رهيا هئا ڄڻ گلن سان گڏ اڪبر جو من به لڏي رهيو هو اڪبر کي گلن سان چاهت هئي اڳ هي هتي نه ايندو پر جڏهن هن جو پٽ گل هن کان جدا ٿيو آهي تڏهن کان هن پارڪ ۾ روز ايندو آهي . هن جو هڪ سهڻو پٽ هو جنهن جو نالو هن گلن جي چاهت جي ڪري گل محمد رکيو هو هڪ ڏينهن ان جي ساهه جي نلي ۾ سوپاري ڦسي پيئي هيءُ شهر جي وڏين اسپتالن تائين پنهنجي گل کي بچائڻ جي لاءِ ڊوڙيو پر هن جو گل ڦوهه جواني جي ٽڙڻ کان اڳ ڪومائجي ويو جنهن کان پوءِ هن جو جيءُ جھري پيو هيءُ دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ اچي گلن وٽ بيهندو هو گلن کي ڏسندو هو ڄڻ گلن کي ڏسڻ سان هن کي سڪون ملي ٿو هيءُ گلن وٽ بيٺو هو سامهون هن کي هڪ پيارو ٻالڪ ڏسي مرڪي رهيو هو هيءُ به هن کي ڏسي مرڪي رهيو هو اوچتو هن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون انهن کي نه ٽوڙيو انهن کي تڪليف ٿيندي ماڻهن جو توجھه هن جي طرف ٿيو هيءُ اکين مان لڙڪ لاڙي زمين تي ويهي رهيو هرڪو هڪ ٻئي کان پڇڻ لڳو ته هن کي ڇا ٿيو آهي جو رڙيون پيو ڪري . اوچتو هن جي ڪلهن کي هڪ نازڪ نفيس ٻالڪ جي هٿ ڇهيو هن هٿ جو ڇهاءُ محسوس ڪندي نيڻڻ کي مٿي کنيو ته هن ڏٺو اهو ساڳيو ٻالڪ هو جنهن کي ڏسي هيءُ مرڪي رهيو هو ٻار هن کي چيو ته تاتا توان ٿو لوئي لهيا آهيو هن ان ٻار کي جيڪو هن جي لاءِ غير هو ڀاڪرن ۾ ڀري چيو پٽ تون ته اڃا معصو م ڪلي آهي تون اهو درد نه سمجھي سگھندين هن ٻالڪ جا والدين به اتي پهتا جن هن جو ٻار سان پيار ڏٺو هن جي اکين مان وهندڙ لڙڪن کي به ڏٺو هن جي والدين چيو ته ڪهڙو درد ڪهڙي پيڙاءُ جنهن تنهنجي دل کي غم ۾ گھيريو آهي ان تي هن چيو ته توهان کي جڏهن ڪنڊو لڳندو آهي ته سڄو جسم تڪليف محسوس ڪندو آهي جڏهن وجود جو ڪو حصو الڳ ٿيندو آهي تڏهن انسان تڙپي پوندو جڏهن منهنجو گل مونکان جدا ٿيو هو آئون به پاڻي مان نڪتل مڇي وانگر تڙپيو هوس ان بعد مون محسوس ڪيو ته هيءُ گل انهن ٽارين جو هڪ وجود هڪ حصو آهن جڏهن ڪو گل کي ٽارين کان جدا ڪندو آهي ته گل به دانهون ڪندو هوندو جنهن کي اسان سمجھي نه سگھندا آهيون جڏهن گل ٽارين کان جدا ٿين ٿا انهن ۾ هڪ غم جو وسڪارو ٿئي ٿو اهي غم ڪاڻ جھڪي وڃن ٿيون اداس ٿين ٿيون پر اسان کي انهن جو احساس نه آهي ته انهن ٽارين کي به ڏک ڏولاپ ٿين ٿا جيئن اسان کي ٿيندو آهي اسان جيئن پنهنجن جو احساس ڪريون ٿا تيئن هنن جو به ڪرڻ گھرجي اهو چئي هيءُ اکين مان لڙڪ لاڙيندو پارڪ مان ٻاهر هليو ويو


    اڇي مٿي وارو

    ساحل جي اچ وڃ لڳي پيئي هئي ڪنهن وقت شهر ٿي ويو ته ڪنهن وقت ڳوٺ ٿي ويو ائين لڳي رهيو هو ته هن وٽ ڪا وڏي هستي اچڻ واري هئي جنهن جي تياري ۾ لڳو پيو هو .ساحل هڪ ننڍڙو زميندار هو تازو هن کي هڪ آفيسر جي نوڪري ملي هئي . هرڪو هن کي مان شان سان ڏسندو هو هيءُ هر ڪنهن سان کلي ڳالهائڻ وارو هو هن وٽ اميري غريبي جو فرق نه هو هيءُ ويهي ڳوٺ وارن سان رس رهاڻ ڪندو هو .هرڪو هن کي ڏسي اهو سوچي رهيو هو ته هن کي ڇا ٿيو آهي جو هيڏي هر کر آهيس . گلو جيڪو هن جو مئٽرڪ تائين ڪلاس فيلو هن جو دوست هو ان کان رهيو نه ٿيو ۽ چيائين ته هن کان پڇا ته ڪريون ته ڪير هن وٽ اچڻو آهي يا ٻيو ڪو مسئلو آهيس جو هن جي ڊوڙ لڳي پيئي آهي .هن ساحل کي ايندو ڏسي سڏ ڪيو ۽ ساحل هن وٽ آيو چيائينس ته ساحل خير آهي نه تنهنجي ڊڪ ڊوڙ لڳي پيئي آهي ڪافي وقت کان توکي ڏسان پيو ته تنهنجي اچ وڃ لڳي پيئي آهي جڏهن به ايندو آهين ته اسان سان گڏ ويهندو آهين اخبار پڙهندو آهين خبرن تي تبصرا ڪندو آهين ڄڻ اسان کي ڪو ليڪچر ڏيئي خبر بابت آگاهه ڪندو آهين اڄ ته اخبار ويچاري به محبوب جي اوسيئڙي ۾ آهي مارو به راهه پيا نهارين پر تنهن جي هن طرف اک ئي ڪانه ٿي ٻڏي شايد تون هاڻي آفيسر ٿي ويو آهين سو اسان غريبن تي تنهنجي اک ئي ڪانه ٿي ٻڏي .ڏس آئون هڪ ننڍڙو ملازم استاد آهيان تون آفيسر آهين اسان کي ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي هرڪو پنهنجي ڪاوڙ اسان تي لاهيو ڇڏي جنهن تي ساحل چيو ته توهان استاد عظيم آهيو آئون ڪجھه نه آهيان پر توهان مون کان مٿي آهيو جيڪا هن سماج ۾ استاد جي عزت ۽ عظمت آهي اها اسان جي ڪانهي ساحل توکي خبر نه آهي ته اسان جيون ڪيئن گذاريون ٿا ماڻهو اسان کي ڇا ڇا نٿا چون . هرڪنهن جي ڪاوڙ اسان تي آهي الزام استادن تي لڳن ٿا پر ٻين کاتن تي نه جتي جي حالت ابتر آهي هڪ آفيس ۾ ڪم سانگي ويس يارهين تائين انتظار ڪڻ کان پوءِ ڪم ٿيو انهن کي ڪير چوي ئي نٿو هرڪو پنهنجي مرضي سان پيو اچي پر هڪ استاد سويل اچي ٿو ته به ان تي ڪاوڙ جا پهاڙ ڪريو پون جيڪي من تن سان پنهنجو فرض سمجھي ڊيوٽي ادا ڪن ٿا انهن کي ڇا مليو آهي انهن کان وڌيڪ وري مان انهن جو آهي جيڪي ڊيوٽي کي فرض نه پر ڊيوٽي سمجھي ادا ڪن ٿا . ساحل ان تي گلو کي چيو ته توهين پنهنجي فرض سان سچا آهيو ان جو سلو اوهان کي ملي پيو ملندو رهندو ڏس سائين لفظ جي اهميت ڪيڏي نه وڏي آهي استاد کي سڀ جيئري سائين ڪري سڏ ڪن ٿا جيڪي استاد هيءَ فاني دنيا ڇڏي ويا آهن اڄ به انهن کي سائين سان گڏ نالو وٺي ياد ڪيو وڃي ٿو اها آهي هڪ استاد جي عظمت .پر ڪنهن وڏي آفيسر کي صاحب چيو وڃي ٿو پر سائين نٿو چيو وڃي مرد هجي عورت هجي ننڍو هجي وڏو هجي استاد کي سائين ڪري پڪاري ٿو گلو پاڻ ٻئي موضوع تي رسي وياسين تو مون کان منهنجي اڻ تڻ جو سبب پڇيو پئي ته ٻڌ اڄ پاڻ واري استاد آصف جي مون دعوت ڪئي آهي گلو سائين وٽ آئون پرائمري کان پڙهندو اچان تون ڳوٺ ۾ پڙهندو هوئين جڏهن مون ڇهين ڪلاس ۾ داخلا ورتي ته سائين جي پروموشن ٿي اهو به اتي آيو جتي پاڻ چهين ڪلاس ۾ پڙهڻ لاءِ آيا هئاسين .مون اهو فيصلو ڪيو هو ته جڏهن به نوڪري ملندي ته سائين جي مان ۾ آئون دعوت رکندس جنهن مون اڻ گھڙيل ڪاٺ کي تراشي تيار ڪيو اڄ جنهن منزل تي آئون آهيان ان ۾ ٻين استادن سان گڏ هن استاد جو وڏو هٿ آهي هيءُ اهو استاد آهي جنهن ڪڏهن به پنهنجو پيرڊ نه ڇڏيو جڏهن پيرڊ وٺندو هو علم جا گل نڇاور ڪندو هو . جنهن تي گلو چيو ته يار اهو سچ آهي ته سائين غريب شاگردن جي مدد به ڪندو هو انهن کي همت ڏياريندو هو ته اهي به پڙهن انهن جا سائين مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندو هو پنهنجو اٺين ڪلاس ۾ ڪلاس ٽيچر هو ان کان سواءِ سائين بهترين نموني سان سنڌي ۽ اسلاميات به پڙهائيندو هو جنهن تي گلو چيو ته ڪافي سمي کان ان استاد جو درشن نه ٿيو آهي اڄ ان استاد جو درشن ضرور ڪبو ان کان پيار شفقت الفت سان دعا وٺبي . سائين ڪهڙي وقت ايندو جنهن تي ساحل چيو سائين پنجين بجي ايندو سائين جي لاءِ اجرڪ ۽ ٽوپي گھرائي هيم اها کڻڻ ٿو وڃان ان تي گلو چيو ته ٽوپي تنهنجي طرفان ۽ اجرڪ منهنجي طرفان هوندي هل ته ٻئي ٿا هلون .شاهل ۽ گلو شهر مان ٽوپي ۽ اجرڪ وٺي اچي اوطاق تي ويٺا سائين جو انتظار ڪرڻ لڳا گلو جي جڏهن نظر ڀت تي پيئي ته هن ساحل جي پيءُ جي فوٽو سان گڏ سائين آصف جو فوٽو ڏٺو ۽ سوچڻ لڳو ته ساحل کي پنهنجي هن استاد سان ڪيڏي عقيدت آهي جو هن کي ايترو مان سمان ڏئي ٿو . اوچتو شاهل گلو جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو ته بابا مون کي عرش تان فرش تي آندو يعني ڄڻيو سائين آصف فرش کان عرش تي پهچايو يعني منزل تي پهچايو هيءُ منهنجا والدين آهن .اوچتو ٻارن جو آواز ڪنن جي پڙدن تي پيو ته اڇي مٿي وارو سائين اچي اڇي مٿي وارو سائين اچي پيو . سائين جو پڙهائي مٿو اڇو ٿي ويو هو جن ٻارن کي سائين جو نالو نه ايندو هو اهي سائين کي اڇي مٿي وارو سائين چوندا هئا . جيئن جيئن آواز ويجھا آيا ته ا گلو ۽ساحل به ٻاهر دروازي تي سائين جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ اچي بيٺا هاڻي ٻارن وري چيو سائين اڇي مٿي وارو اچي ويو . ساحل ۽ گلو سائين سان ملي سائين کي مان مرتبي سان اوطاق تي وٺي آيا جتي سائين جي لاءِ تياري ٿيل هئي ٿوري دير کان پوءِ ڳوٺ جا ڪافي ماڻهو اچي ويا سائين سان مليا سائين کي تحفا ڏنا سائين ۾ اهڙي ته خوشبو هئي ججو جيڪو سائين سان مليو پيئي ان جي چهري تي مرڪ لبن تي خوشي هئي ائين لڳي رهيو جو هرڪنهن جي من جي مراد پوري ٿي آهي اوچتو گلو رڙ ڪري چيو ته شاهل ڏس استاد جو پيشو عظيم آهي استاد جي عظمت کي سلام آهي مون کي اڄ فخر آهي ته آئون به هڪ استاد آهيان استاد جو هر لب تي هر من ۾ مان آهي سائين آصف گلو کي پيار مان ڀاڪر وجھي چيو ته پٽ استاد عظيم آهي جيڪي ٻين وٽ خوشيون آهن اهي اسان وٽ نه آهن پر جيڪا عزت ۽ رتبو اسان کي مليل آهي اهو وڏو آهي اسان وٽ معاشي مسئلا آهن اسان پنهنجي ٻارن کي به مشڪل سان ٿا پڙهائي سگھون پر استاد هئڻ جي ڪري اسان کي ڏيکاري محبت نه پر سچي محبت ملي ٿي جنهن جو هيءُ چٽو ثبوٽ آهي استاد زنده هوندي به سائين سڏجي وڃڻ کان پوءِ به سائين سڏجي ٿو سائين هڪ وڏو لقب آهي ۽ مان آهي استاد هڪ لاٽ آهي جيڪو علم جي جوت روشن ڪري ٿو مايوسي ڪفر آهي مايوس نه ٿي خوش ٿي جو رب پاڪ توکي هڪ استاد جو شرف بخشيو آهي ڪجھه وقت رهاڻ کان پوءِ سائين اسان موڪلائي پنهنجي ڳوٺ اسهيو گلو جي چهري ساحل خوشي ڏسي گلو کي چيو ته منهنجو استادن کي سلام آهي ، جن جو هر لب تي نام آهي ، روشن ڪيو جنهين سماج ، حق سچ جو ڏنو پيام آهي


    بي داغي داغي ٿيل گُلَ

    ڳوٺ جو سهڻو نظارو هو جڏهن صبح جو چڙن جي چڻ چڻ ۽ ٽلين جي ٽڻ ٽڻ پکين جون مٺيون لاتيون گلن جي هٻڪار ماحول کي ويتر خوبصورت ڪري ڇڏيندي هئي . هن ڳوٺ ۾ اهڙو ماحول هوندو هو جو ٻين ڳوٺن وارا ائين چوندا هئا ته هيءُ ڪهڙو ان ٿا کائين ۽ ڪهڙو پاڻي ٿا پيئن جو هنن ۾ هيڏي محبت ۽ سلوڪ آهي هنن ۾ الفت محبت جا خزانا آهن هن ڳوٺ ۾ سڀ هڪ ذات جا نه هئا ڪن جا پاڻ ۾ مائٽي وارا رشتا هئا نه ته سڀ ٻيا هئا پر هنن ۾ محبت هئي ۽ ملي جلي رهندا هئا . خوشي ۽ غمي ۾ هڪٻئي سان گڏ هوندا هئا هڪ جسم هئا هنن ڳوٺن وارن جي تمنا هئي ته اسان جي ڳوٺ جا ٻار علم جي سونهن سوڀيا ساب سينگاريل هجن هن ڳوٺ ۾ ٻه هاري علو ۽ خانڻ هئا جن بکون سهي پنهنجي اولاد کي تعليم ڏياري هئي علو کي هڪ ڌيءَ ۽ خانڻ کي هڪ پٽ هو هنن هاڻ پنهنجي تعليم پوري ڪئي هئي علو جي ڌيءَ ڳوٺ جي اسڪول ۾ ٻارن کي رضا ڪار طور پڙهائڻ لڳي هئي جڏهن ته خانڻ جو پٽ شهر ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو هو جنهن مان هن جي گھر جو سٺو گذارو ٿيندو هو هيءُ ٻئي هاري اڻپڙهيل هئا جن کي الف جي به ڄاڻ نه هئي جيڪي حاسد هئا اهي هنن تي ساڙ کائيندا هئا انهن جي ارزو هئي ته هن ڳوٺ ۾ جيڪا محبت پيار جي لاٽ چمڪي رهي آهي ان کي اجھائي ڇڏجي جيئن هن ڳوٺ مان امن جا ڪبوتر يا ته مري وڃن يا اڏري وڃن حاسد وجھه جي ڳولا ۾ هوندا هئا ته ڪو وجھه ملي ته ممڻ مچائجي هنن کي ڪوبه موقعو نه ملندو هو خانڻ پنهنجي پٽ جي ڪمائي مان بچت ڪندو رهندو هو جنهن مان هن زمين به ورتي هو جتي محنت ڪندو رهندو هو امن جي ويرين علو کي اچي ڀڙڪايو ته ڏس خانڻ زمين وٺي ويو پر تو ڪجھه نه ڪيو تو اجايو ڇوڪري کي پڙهائي پنهنجي جمع پونجي ختم ڪئي ڇوڪري نوڪري ته ڪانه ڪندي بهتر آهي ته تون ڇوڪري جي شادي خانڻ جي پٽ سان ڪرائي ڇڏ جيئن تنهنجي ڌيءَ جو گھر سکيو ٿئي ٻيو ته ڇوڪري تنهنجي اکين جي اڳيان هوندي پري ڪانه هوندي . علو هنن جي چالاڪي جو شڪار بنجي ويو هيءُ خانڻ سان مليو ان کي ڳالهه ڪري ٻڌائي جنهن تي خانڻ چيو ته ادا تنهنجي ڌيءَ منهنجي به ڌيءَ سمان آهي جيڪا چوڏهين جي چنڊ جيان روشن سج جي روشني وانگر روشن آهي هن جي اخلاق جي هٻڪار سڄي ڳوٺ کي معطر ڪري ڇڏيو آهي پر ادا ناراض نه ٿجان آئون پنهنجي پٽ جي شادي تنهنجي نياڻي سان نٿو ڪرائي سگھان ان جو سبب اهو آهي ته منهنجي پٽ جو مڱڻو سندس مامي وٽان ٿيل آهي ائين هنن خوش ٿي هڪٻئي کان موڪلايو جيڪي چالاڪ گدڙ لومڙ تاڙ ۾ هئا انهن علو کي اهڙو ته ڳالهين ۾ قابو ڪيو جو علو هنن جي هر ڳالهه مڃيندو هو .هنن علو کي چيو ته تون غريب آهين هي توکان سڀرا آهن تڏهن تنهنجي نياڻي جو سڱ قبول نا ڪن هاڻ هنن کان پلاند ڪر هنن کي خوار ڪر . رات جو جنهن رات خانڻ جو پٽ ڳوٺ اچي توه چور چور جو شور ڪجان ڳوٺ وارا گڏ ٿين ته انهن کي چئجان ته خانڻ جو پٽ هو جنهن جي منهنجي گھر ۾ بري نظر آهي پوءِ فيصلو ٿيندو جنهن ۾ توکي ڏنڊ ۾ زمين به ملي ويندي ۽ ڇوڪري جي شادي به ٿي ويندي . خانڻ جو پٽ هر آچر جي رات ڳوٺ ايندو هو هڪ ڏينهن هيءُ اوچتو آيو جنهن کي بگھڙن ڏسي ورتو۽ ڪجھه پيءُ سان ڳالهه ٻولهه ڪري وري واپش هليو ويو هن جي وڃڻ واري هنن کي خبر نه پئي ۽ علو کي چيو ته اڄ موقعو آهي هٿان نه وڃائجان اسان توسان گڏ آيون رات جو جڏهن تڏن جا آواز هئا ڏيڏر جي ٽان ٽان هئي سڄو ماحول ماٺارو هو آڌي رات جو اوچتو چور چور جون دانهون ٿي ويون سڀ ڳوٺاڻا علو جي گھر طرف ويا پر اتي ڪجھه به نه هو هنن علو کي چيو ته چور ڪٿي آهي جنهن ٿي هن چيو چور ٻيو ڪو به نه هو خانڻ جو پٽ هو جنهن جي ميري نظر منهنجي ڌيءَ ۾ آهي اتي خانڻ چيو ته منهنجو پٽ ڳوٺ ۾ آهي ڪونه ته آيو ڪٿان امن جي ويرين وچ ۾ ٽپو ڏيندي چيو ته اسان ڏٺو آهي هو اڄ آيو آهي جنهن تي خانڻ چيو آيو هو پر وري واپش هليو ويو . پر علو پنهنجي ضد تي ته اهو هتي هو ان تي هڪ وڏي عمر جي ڪراڙي چيو ته خانڻ جو پٽ آيو هو اها مون کي به خبر آهي پر هو وري ويو هليو روڊ تي مون کي مليو هو پڇڻ تي چيائين ته گھران ڪجھه ڪاغذ کڻڻا هئا اهي کنيا اٿم هاڻي واپس شهر وڃان پيو . ان ڪراڙي علو کي چيو ڪجھه خيال ڪر پنهنجي نياڻي تي ٿو الزام لڳائي اهو به ان جي نالي جيڪو هرڪو ساک ڏيندو ته هو ڪنهن ۾ بري نظر نه وجھندو ڳوٺ نياڻين کي ڀيڻ چوڪرن کي ڀاءُ سمجھندو آهي تنهنجو دماغ ڦري ويو آهي جو ابتيون ٿو ڳالهيون ڪرين نياڻي جي شادي ڪرائي ڇڏ ته نياڻي وڃي پنهنجو گھر سنڀالي پنهنجي نياڻي تي الزام نه لڳائي نه ئي ڪو ٻئي ڪنهن جي پٽ تي . وري به امن جي ويرين هن کي چيو ته ڏس ڇوڪري پرايو ڌن آهي جنهن گھر ۾ بير هوندا اتي هرڪو پٿر هڻندو تنهنجي نياڻي تنهنجو گھر ڇڏي وڃي ٻئي جو گھر آباد ڪندي ٻيو ته تو ڳوٺ وارن جي سامهون جيڪا ڳالهه ڪئي ان کان پوءِ شڪ شبها ڌي ويا آهن هاڻي اسان جيئن چئون تيئن ڪر هنن چيو ته ڇا ڪريان هن کي ڪن ۾ ڪجھه چيو ۽ چيو ڳالهه ڪنهن سان ڪجان . هيءُ هليا ويا . آچر جي رات هئي جنهن رات خانڻ جو پٽ ڳوٺ ايندو هو اڃا ماڻهو ستا به نه هئا ته هڪ بندوق جو ٺڪاءُ ٿيو جنهن سان ڳوٺ وارا پريشان ٿي ويا پکين جي آکيرن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو مال رانڀاٽ ڪرڻ لڳو . اڃا ڪجهه پل مس گذريا ته هڪ ٻيو ٺڪاءُ ٿيو . ڳوٺ وارا گھرن کان نڪري ان طرف ڀڳا جتان آواز آيو هو ڏسن ته ٻه بي جان جسم رستي تي اونڌا پيا آهن جڏهن انهن کي سڌو ڪيو ويو ته ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون هڪ خانڻ جي پٽ ۽ ٻيو علو جي ڌيءَ جو لاش هو ڳوٺ وارا حيرت ۾ هئا ته هنن کي ڪنهن ماريو آهي . امن جا ويري اتي مرڪڻ لڳا۽ علو چيو ته خانڻ تنهنجو پٽ ڪارو هو هن منهنجي ڌيءَ کي ڪارو ڪري ڇڏيو آهي هنن کي ڪنهن ڏٺو هوندو تڏهن ڳوٺ جي عزت بچائڻ لاءِ هنن کي ماريو هوندو . خانڻ هاڻي توسان منهنجو فيصلو ٿيندو علو جي اکين ۾ ڪابه غمي نه هئي خانڻ جو هانءُ ٿي ڦاٽو . سڱ ته تو وٽ نه آهي باقي فيصلي ۾ ......... خانڻ چيو ته هيءُ ٻئي گل بي داغي هئا هنن کي ڪنهن داغي ڪري ماري ڇڏيو آهي تون ڇا فيصلو ڪرائيندين آئون فيصلو ڪندس هاڻي منهنجو هتي ڇا آهي ڪجھه ڏينهن کان پوءِ خانڻ پنهنجي زمين جا ڪاغذ علو جي حوالي ڪري ڳوٺ وارن کان معافي وٺي هليو ويو اهڙي هنڌ ويو وري هن ڳوٺ ڏانهن ڀيرو به نه ڪيو امن جي ويرين هن ڳوٺ جو امن تباهه ڪري ڇڏيو ٻه معصوم گل جيڪي بي داغ هئي انهن کي داغي جو الزام لڳائي هميشه لاءِ ننڊ سمهاري ڇڏيو


    پنهنجي ٻولي

    آصف پنهنجي پڙهڻ واري ڪمري ۾ ڪرسي تي ويٺو هو ميز تي هن جي اڳيان ڪاغذن جو هڪ ٿهو رکيو هو قلم هن جي هٿن ۾ هو ڪنهن وقت قلم کي آڱرين جي وچ ۾ جھلي ڦيرايو ٿي ته ڪنهن وقت ڏندن جي وچ ۾ رکيو ٿي هن ڪمري جي هر ڀت ۾ ڪٻٽ لڳل هئا جيڪي ڪتابن سان ڀريل هئا هيءُ اهو ڪمرو هو جنهن ۾ آصف ويهي ڪتاب پڙهندو هو ۽ پنهنجون ڪهاڻيون لکندو هو . هن جون ڪهاڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن جي صفحن جي سونهن بنجي چڪيون هنيون پر هن جو ڪوبه ڪتاب اڃا نه ڇپيو هو هن وٽ ايترو زر نه هو جو پنهنجو ڪتاب ڇپائي سگھي هيءُ ڪنهن ڪهاڻي لکڻ جي لاءِ ڪنهن گهري سوچ ۾ هو . اوچتو در در تي ٺڪ ٺڪ جو آواز ٿيو هن چيو اندر اچو ڪوبه هن جي موڪل کان سواءِ اندر نه ايندو هو . اندر هن جا ٻه ڀاڻيجا داخل ٿيا جيڪي ڪراچي ۾ رهندا هئا هنن وٽ گھمڻ آيا هئا . انهن مان هڪ چيو ته مامون علي هماري ساٿ گيم نهين کيل رها اس ڪو ڪهو هماري ساٿ گيم کيلي انتي ٻئي وري چيو برادر گو مي مائي ٽوائز . هنن جي انهن جملن تي ڄڻ هن جو ذهن چڪرائجي ويو هن پنهنجن ڀاڻيجن کي چيو ته پٽ ڳوٺ گھمڻ آيا آهيو پنهنجي ٻولي ۾ ڳالهايو جيڪا اسان جي پنهنجي ٻولي آ هي . جنهن تي هن جي ڀاڻيجي چيو ته مامون هم اپني هي زبان ۾ بات ڪر رهي هين يي هي هماري زبان هي يي هماري قومي زبان هي ان تي هنن کي آصف چيو ته پٽ سنڌي ۾ ڳالهايو جيڪا اسان جي زبان آهي اسان جي مادري ٻولي آهي جنهن تي وري هن ڀاڻيجي چيو ته مامون ڪڀي ڪڀي هم ني مما اور پپا ڪو سنڌي ۾ بات ڪرتي سنا هي ليڪن وو ڀي هم سي اسي زبان ۾ بات ڪرتي هين اور اسي زبان ۾ هم اسڪول ۾ پڙهتي هين . آصف هنن کي چيو ته توهان هلو آئون اچان ٿو ۽ علي کي چوان ٿو ته توهان سان راند ڪري آصف وري به سوچن جي ساگر ۾ غوطا کائڻ لڳو هن دل ئي دل ۾ چيو ته منهنجي ڀيڻ جي ٻولي سنڌي هن جو گھر وارو منهنجو ماسات ان جي ٻولي سنڌي پوءِ هي ٻار سنڌي ٻولي ڇو نٿا ڳالهين هي سنڌي ٻولي کان ايترو پري ڇو آهن هنن کي سنڌي ڳالهائڻ ڇو نٿي اچي جيڪا هنن جي رت ۾ شامل آهي .جيڪڏهن اسان جي ٻارن ۽ گھرن مان سنڌي ٻولي کي ائين پري ڪيو ويو ته سنڌي ٻولي ماضي جو هڪ قصو بنجي ويندي اسان کي پنهنجي سنڌي ٻولي کي بچائڻو آهي ان جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي ڇا سبب آهي جو اڄ اسان جا سنڌي ، سنڌي ٻولي نٿا ڳالهين هو ٻين ٻولين کي ڳالهائڻ ۾ اهميت ڏين ٿا انگريزي اسان جي عالمي ٻولي آهي پر سنڌين جي قومي ٻولي ته سنڌي آهي . اسان جو جيون سنڌي ٻولي سان آهي سنڌي ٻولي ۾ اسان جي تاريخ تهذيب تمدن سمايل آهي . اڄ اسان جو سنڌي نوجوان ڪتابن کان پري آهي انهن کي سنڌي ٻولي جي قلمڪارن جي ڪا به پروڙ نه آهي انهن کي شاهه سچل سامي سانگي بيدل بيڪس مصري شاهه جا بيت نٿا اچن جڏهن ته فلمن جا گانا انهن کي طوطي وانگر ياد آهن جيڪڏهن ائين ٿيو ته اسان جا سنڌي ڪتاب ڇپجڻ بند ٿي ويندا انهن کي ڪو پڙهڻ وارو نه هوندو ته ڪير لکندو ڪير ڇپائيندو . هيءُ سوچن ۾ هو پريشاني هن جي چهري مان صاف نظر اچي رهي هئي ڄڻ هن جو اندر جھري رهيو هو دل ڏک ۾ رت جا ڳوڙها ڳاڙهي رهي هئي آصف قلم کي ميز تي رکيو ڪرسي تان اٿي ٿڪل ٿڪل قدمن سان در جي طرف وڌيو هن جڏهن در کوليو ته هن ڏٺو ته هن جي ڀيڻ ان جو گھر وارو هن جي گھر واري ۽ وڏي ڌيءَ ڪچهري ۾ مصروف هئا پر جڏهن هن جي ڪنن تي هن جي ڀيڻ ۽ ان جي گھر واري جو آواز پيو ته هن اهي لفظ ٻڌا جيڪي ڳوٺ جا سادا سودا ماروئڙا جھانگيئڙا مارو سمجھي نٿا سگھن ڇاڪاڻ ته اهي لفظ سنڌي جا نه هئا هن جي دل ۾ ڌڪ لڳو ته هي ڄاوا هتي ڳوٺ ۾ پڙهيا هتي ڳوٺ ۾ . اڄ هنن کان پنهنجي ٻولي پري ٿي رهي آهي هيءُ پنهنجي پياري ٻولي ۾ علم سان منور ٿيا جيڪي هنن کي سنڌي بيت ياد ڪرايا ويندا هئا اڄ انهن کي هنن وساري ڇڏيو آهي هن کي اهو دؤر ياد اچي ويو جڏهن هن جو ماسات شاهه سچل ڪشنچند احسن جي بيت سر سان پڙهندو هو ۽ ڳائيندو هو هن جي ڀيڻ ٻاراڻا بيت جھونگهاريندي هئي جن ۾ اهڙو مٺاس هوندو هو جو دل ٻڌڻ لاءِ ماندي پيئي ٿيندي هئي هن وقت هنن کي سنڌي لفظ صحيح لهجي ۽ تلفظ سان به ڳالهائڻ نٿا اچن هن جون پريشانيون ويتر وڌي رهيون هنيون هيءُ دل ئي دل ۾ چئي رهيو هو ته جيڪڏهن اسان پنهنجي ٻولي جي طرف ڌيان نه ڏنو ته اسان جي ٻولي اسان جي هٿن مان نڪري ويندي هن دنيا ۾ اسان جو ۽ اسان جي ٻولي جو ڪو نالو نشان نه رهندو اسان ماضي جو هڪ قصو ٿي وينداسين . هن انهن وٽ پهچي سلام ڪيو اهي ادب سان اٿي بيٺا هن انهن کي ويهڻ جو چيو ۽ پاڻ به پيل خالي ڪرسي تي ويهي رهيو هن پنهنجي ڀيڻ کي چيو ته مون کي توسان ڳالهائڻو آهي جنهن تي ڀيڻ چيس ته ادا خير ته آهي آصف پنهنجي ڀيڻ کي چيو ته جيڪا آئون ڳالهه ڪريان ٿو ان تي ناراض نه ٿجو اڄ منهنجو اندر وڍجي ويو آهي جنهن تي ڀيڻ چيس ته ادا خير ته آهي ڇا ٿيو آهي منهنجي ڀاءُ کي جنهن کي اهڙو درد مليو آهي ان تي آصف چيس اسان ڄاوا هن ڳوٺ ۾ آهيون هن ئي زمين تي وڏا ٿيا آهيون پنهنجي پياري ٻولي ۾ لکيا ۽ پڙهيا آهيون امڙ پاڻ کي ان ئي ٻولي ۾ ڪهاڻيون ٻڌايون گيت ٻڌايا ۽ مٺڙي لولي ڏيئي سمهاريو . جنهن ۾ هڪ مٺاس هو پر هاڻي توهان وٽ اهو مٺاس نه رهيو آهي توهان وڏي شهر وڃي پنهنجي ٻولي کي وساري ڇڏيو آهي جنهن تي ڀيڻ چيس ادا اسان جي ٻولي اسان جي سڃاڻپ آهي اسان ان کي ڪيئن ڇڏينداسين هن چيو ته ادي توهان جي هن وقت ٻولي گاڏڙ آهي جنهن ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ گھٽ پر ٻين ٻولين جا گھڻا آهن جيڪي توهان جا ڳالهايل لفظ مون ٻڌا آهن اهي ته هتي جا ماڻهو سمجھي نه سگھندا جيئين ماڙي کي توهان مالو چيو اسان جي سادن سودن ماڻهن کي ڪهڙي سڌ ته مالو ڇا ٿيندو آهي اوهان جي پٽن کي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ به نٿي اچي جڏهن ته اولاد سنڌين جو آهن اهي سنڌي کان ناواقف ۽ لا علم آهن انهن کي سنڌي بيت به نٿا اچن ساهه جو هڪ بيت به نٿو اچي جنهن تي هن چيو ته جتي هيءُ پڙهن ٿا اتي سنڌي ميڊيم نه آهي هاسٽل ۾ رهن ٿا ان ڪري اهي سنڌي نٿا ڳالهائين آصف پنهنجي ڀيڻ کي چيو ته سنڌي ميڊيم جا اسڪول آهن توهان انهن کي اتي پڙهايو جيئن سنڌي سکن ۽ ٻين ميڊيم وارن اسڪولن ۾ ته سنڌي لازمي پڙهائڻي آهي پوءِ اوهان انهن کان اهو سوال ڇو نٿا ڪريو ته هنن کي سنڌي ڇو نٿي پڙهائي وڃي جڏهن هيءُ گھر اچن ٿا اتي به توهان هنن سان سنڌي ۾ نٿا ڳالهايو جيڪڏهن توهان هنن کان سنڌي ۾ ڳالهايو ته هي سنڌي ٻولي کان پري نه ويندا اهڙو سون ئي گھوريو جيڪو ڪن ڇني ائين نه ٿئي ته جڏهن هيءُ وڏا ٿين ته سنڌي ٻولي کان محروم هجن ۽ سنڌ امڙ جا ڏوهاري بنجي وڃن جنهن تي هن جي ڀيڻ چيو ته ادا توهان سچ ٿا چئو اسان کي پنهنجي ٻولي بچائڻ گھرجي اسان پنهنجي ڌرتي جيڪا امن جي ڌرتي آهي جتي پيار ۽ پريت جا پکيئڙا اڏامن ٿا تنهن ديس جي ٻولي کي ختم ٿيڻ نه ڏينداسين اسان تي سنڌ امڙ جو جيڪو فرض آهي ان کي پورو ڪنداسين ۽ جيڪو قرض آهي اهو لاهينداسين اسان اهو عهد ٿا ڪريون ته اسان پنهنجي اولاد کي سنڌي پڙهائينداسين انهن سان سنڌي ۾ ئي ڳالها ئينداسين سنڌي ٻولي اسان جي سڃاڻپ آهي جنهن تي آصف چيو ته اسان تي جيڪو سنڌ امڙ جو قرض آهي اهو لاهڻو آهي هاڻي منهنجي ڳالهين تي سوچجو آئون توهان کي نارائڻ شيام جو هڪ شعر ٻڌايا ٿو جنهن ۾ هن وڏي ڳالهه ڪئي آهي ان تي سوچجو
    الا ائين مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي
    ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي
    آصف اهو چئي پنهنجي پڙهائي جي ڪمري طرف وڌڻ لڳو ۽ ڀيڻ کي چيائين ته مون کي عنوان ۽ موضوع ۽ پلاٽ ملي ويو آهي جنهن تي پنهنجي ڪهاڻي لکندس ۽ ادي توهان کي پنهنجي ٻولي جي پارت هجي ائين چئي آصف پنهنجي ڪمري طرف هليو ويو


    منهنجي جنت

    اڪبر ڪنهن پري علائقي مان لڏي اچي هتي رهيو هو هن جي چوڻ موجب هن جي خاندان ۾ هاڻي ڪوبه نه آهي هيءُ پاڻ ٻه زال مڙس آهن هي جڏهن کان هتي رهيو هو ته هن جي اها عادت هوندي هئي ته جنهن وقت پکي پکڻ پنهنجي آشيانن کي ڇڏي رب جي واکاڻ ڪندي رزق جي تلاش ۾ نڪرندا آهن هيءُ به صبح جو سوير اٿي پنهنجي رب جي عبادت ڪري رزق جي تلاش ۾ نڪري ويندو هو جڏهن هيءُ شروع ۾ هتي آيو هو ته بهرڪو هن کي شڪ جي نظر سان ڏسندو هو پر وقت جي گذرڻ سان گڏ هيءُ به هنن سان سمائجي ويو هو هنن جي ريتن رسمن موجب زندگي گذارڻ لڳو هو . هنن کي صرف هڪ ڏک هوندو هو ته هنن جو ڪوبه اولاد نه هو هتي رهندي هنن کي ڪافي سال ٿي ويا هئا هنن پنهنجو گھر به ٺهرايو هو .اولاد جي نه هئڻ جي ڪري هيءُ پاڙي جي ٻارن کي پنهنجو سمجھندا هئا انهن سان محبت ڪندا هئا جنهن ڪري ڪجھه پلن جي لاءِ اولاد نه هئڻ جو درد هنن کان وسري ويندو هو ٻار به هنن جي محبت پيار سان هنن سان ملي جلي ويا هئا پر هنن کي ڪنهن وقت اهو خيال ايندو هو ته پرايو اولاد وري به پرايو آهي اسان جو سهارو ته نه يندا اهي پنهنجن مائٽن جا ڀرجھلا ٿيندا اهو سور هنن کي جھوري وجھندو هو . هنن کي هر وقت اهو خيال ايندو هو ته جڏهن هيءُ ضعيف العمر ٿيندا ته هنن جو خيال ڪير رکندو هنن جو سهارو ڪير ٿيندو پر وري به هيءُ رب جي رضا تي راضي رهندا هئا اڪبر جڏهن اداس ٿيندو هو ته هن جي گھر واري هن کي آٿت ڏيندي چوندي هئي ته هن ۾ ڪا رب جي رضا آهي هيءُ هڪ آزمائش ۽ زندگي جو امتحان آهي جيڪو پنهنجي قسمت ۾ لکيل آهي اهوئي ٿيندو پاڻ ڪجھه به نٿا ڪري سگھون . هيءُ صرف ڪنڌ سان ها ڪندو هو . هڪ ڏينهن جڏهن سج لامن مان ليئا پائي هاڻي لڪڻ جي موڊ ۾ هو پکي پنهنجي آکيرن ڏانهن وري رهيا هئا ميهار مال ڪاهي وٿاڻن ڏانهن وري رهيا هئا مال جي هلڻ جي ڪري جيڪا مٽي اڏري رهي هئي ان مان هڪ وڻندڙ هٻڪار اچي رهي ان سمي هيءُ به مزوري تان واپس پنهنجي گھر ڏانهن اچي رهيو هو جڏهن هيءُ پنهنجي رستي تان اچي رهيو هو ته هن جھنگ جي ديوين مان هڪ معصوم ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌو جنهن تي هيءُ ڇرڪجي ويو ته هن وقت هن جھنگ ۾ ڪنهنجو ٻار ايترو روئي رهيو آهي هن پنهنجا قدم ان روئڻ جي آواز واري رستي انهن ڪيا جڏهن هيءُ اتي پهتو ته هن ڏٺو ته هڪ ازو ڄاول ٻار گلاب جي گل جھڙو خوبصورت پيو آهي جيڪو زارو قطار روئي رهيو هن چو طرف ڏٺو پر هن کي ڪوبه نظر نه آيو هن ٻار کي هنج ۾ کنيو ته هن جي دل کي هڪ سڪون ملي ويو هن سوچيو ته هيءُ خبر نه آهي ڪنهنجو ٻار آهي ڪنهن هن کي هتي ڇڏيو آهي وري هن جي ذهن ۾ خيال آيو ته ڪنهن پنهنجي ڪيل گناهه کي لڪائڻ ڪاڻ هن کي هتي ڇڏيو آهي هن جيڪا غلطي ڪئي هوندي ان جو ته هن اثر ٿيو پر هن ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو هن کي هتي ڇڏي ڏنو هيءُ ته هتي جھنگ جي جانورن جي پيٽ جو کاڄ بنجي ها .هيءُ ان معصوم کي هنج ۾ کڻي پنهنجي گھر آيو ۽ ڳوٺ جي بزرگن کي به سڄو قصو ٻڌايو جن چيس ته اڪبر هيءُ تون ٻار رک هن کي نپائي اهو تنهنجو آهي اهو تننجو سهارو بنجندو هنن هن جو نالو اله بچايو رکيو ڇو ته هن جو بچاءُ رب ڪيو هو هيءُ هن کي پالڻ لڳا ۽ جيئن وڏو ٿيو ته هن کي علم حاصل ڪرڻ ڪاڻ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو وقت پنهنجي حساب سان هلندو رهيو اڄ هيءُ جوان ٿي ويو هو ۽ ڊاڪٽر به بنجي ويو هو هيءُ پنهنجي پاليندڙ ماءُ پيءُ سان پيار ڪندو هو هنن جي خدمت به ڪندو پر هن جي والدين هن کي ڪڏهن به اصل ڳالهه نه ٻڌائي ۽ نه ئي هنن هن کي محسوس ٿيڻ ڏنو ته هيءُ هنن جو اولاد نه آهي هنن کي الهبچائي تي ناز هوندو هو پر ڪنهن نموني هن کي کي اها بر پئجي ويئي ته هيءُ هنن جا ماءُ پيءُ نه آهن هن انهن کان ان بابت پڇيو ته انهن دل تي پٿر رکي هن کي سموري ڳالهه ڪري ٻڌائي جنهن تي هن چيو ته مون کي ناز آهي فخر آهي جو آئون اوهان رت به نه آهيان پر اوهان مون کي پيار پري پاٻوهه سان نپايو مون کي پنهنجي قدمن تي بيهاريو منهنجا سڀ ڪجھه اوهان آهيو اوهان منهنجي جنت آهيو جيڪڏهن توهان مون کي نه کڻي اچو ها ته آئون جانورن جو کاڌو بنجي وڃان ها اڄ منهنجو نالو نشان نه آهي منهنجي جنت توهان آهيو جيڪو منهنجي قسمت ۾ لکيل هو اهو ٿيو هونءَ به چوندا آهن آهن ته جنهن کي رب رکي تنهن کي ڪير چکي .آئون پنهنجي جنت کي نه ڇڏيندس ائين چئي الهبچايو هنن کي چنبڙي ويو اڪبر ۽ هن جي زال هن کي کي ٻانهن جي شفقت واري هار ۾ قابو ڪري ڇڏيو


    جڙندو سهڻو سماج

    آصف پنهنجي گاڏي تي ڳوٺ کان شهر طرف وڃي رهيو هو شهر ۾ هي ابدي گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيندو هو آصف حساه طبيعت رکندڙ ملنسار انسان هو هن جي قلم جي نوڪ سن جيڪا اکرن جي مالها جڙندي هئي اها هن سماج ۾ موجودفرسوده يسمن خلاف جنگ جو اعلان هوندو هو هي هڪ بهترين ڪهاڻيڪار هو هن جون ڪهاڻيون وڏي ڇاهه سان پڙهيون وينديون هيون ٻار هن کي چوندا هئا ته ڪاڪا اسان کي ڪهاڻي ٻڌائي ڳوٺ جي ٻارن جي محفل ۾ ويئي هي انهن کي ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو ڳوٺ جا ٻار هن کي چوندا ئي ڪاڪو ڪهاڻي وارو .هن اندر ۾ ڪاوڙ نه هئي ٻارن سان هن کي اييترو پيار هوندو هو جو هي ٻارن جي محفلن جو مور هوندو هو .جيئن هي وڃي رهيو هو ته پريان وڻ جي هيٺيان ويٺل ڪاڪي ولو تي هن جي نظر پيئي جيڪو ڪنڌ مونن ۾ هڻيو ويٺو هو هن محسوس ڪيو ته اڄ ڪاڪي ولو جي من ۾ مانداڻ آهي اندر منجھه ڪو ڏک آهيس جو ائين وڻ جي ڇانه ۾ اداس ويٺو آهي شايد ڪاڪي ولو سان ڪا ويل وهامي وئي آهي جنهن ڪاڪي ولو جو اندر جھوري ڇڏيو آهي آصف يڪدم بائيڪ جو رخ ڪاڪي ولو ڏانهن ڪيو هن اتي پهچي ڪاڪي ولو ڪي سلام ڪيو ته ڪاڪي ولو ڪنڌ مٿي کڻي سلام جو جواب ڏنو هن ڏٺو ته ڪاڪي جي چهري تي اداسي ۽ پريشاني هئي خوشي ڪنهن پرديسي پکي جيان اڏري ويئي هئي ڪاڪي جي نيڻ نماڻا هئا اکين ۾ لڙڪن جو درياءُ هو آصف سمجھي نه سگھيو ته اڄ ڪاڪي ولو کي ڪهڙي ڏک ڏوليو آهي ؟ هي به ڪاڪي ولو جي ڀر ۾ ويهي رهيو ۽ ڪاڪي ولو کي چيائين ته ڪاڪا ڇا ٿيو آهي ؟ جو اڄ توهان جي چهري تي اداسي آهي توهان جي لبڙن تي مرڪ هوندي هئي اها نه آهي .جنهن تي هن چيو ته پٽ تون رهين ٿو شهر ۾ هفتي تي ايندو آهين جيڪو وقت تون ڳوٺ ۾ هوندو آهين اهو تنهنجو وقت گھڻو ڳوٺ جي ٻارن سان گذرندو آهي توکي ڪهڙي پروڙ ته اسان جي ڳوٺ سان ڪهڙو ڪيس ٿيو آهي ؟ آصف چيو ته ڪاڪا اهي ٻار هن چمن جا گلڙا آهن انهن گلڙن ۾ آئون گلڙن پنهنجو ساحل پسيندو آهيان جيڪو مون ڏور ان منزل انهن ويو آهي جتان ڪوبه واپس ورڻو نه ناهي جڏهن انهن ٻارن سان ويهندو آهيان ته آئون انهن ۾ پنهنجو ساحل پسيندو آهيان ڪجھه پل لاءِ منهنجي جھريل اندر کي آساس ايندو آهي منهنجو من سرهو ٿي ويندو آهي ڏک ڏاکڙا مون کان ڏور هليا ويندا آهن شام جو جيڪي منهنجا ساٿي قلم جو پورهيو ڪري هن سماج جي براين کي وائکو ڪندا آهن انهن سان وڃي محفل ۾ شامل ٿيندو آهيان واقعي مون کي ڪابه خبر نه آهي ڳوٺ جون جيڪي به ذميواريون آهن اهي سڀ مون ننڍي ادا جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن اهوئي ڳوٺ جي غمي خوشي سان منهن ڏيندو آهي آئون هڪ مسافر وانگر ايندو آهيان وري هليو ويندو آهيان مون کي ڪابه ڪل نه آهي پٽ ڏس ڪيترو سمو گذري چڪو آهي پر اڄ به توکي ساحل ياد آهي تون هن کي وساري نه سگھيو آهين اڄ ساحل هجي ها ڳڀرو جانٺو جوان هجي ها پٽ تي به هڪ اڙيل بلا آئي آهي جنهن نوجوانن کي موت جي منهن ۾ وجھي ڇڏيو آهي جيڪو اميرن غريبن پورهيتن جو جھڳو جھڻ ڪري رهي آهي اها بلا الڪوحل جنهن کي ٺرو چوندا آهن اها هتي تباهي مچائي رهي آهي مون ڪافي دانهون ڪوڪون ڪيون پر جيئن چوندا آهن واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم وريام جو . مون پنهنجي پاران نه گھٽايو پر منهنجون دانهون ائين هيون رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه گذري ويندا پٽ مون کي به توسان ڳجھه ڳرهڻو آهي جنهن کان ٿو اها ڳالهه ڪريان ته اهي چون ٿا ماٺ ڪري ويهي رهه اهي وڏا ماڻهو پٺ وارا آهن اهي تنهنجو جھڳو جھڻ ڪري ڇڏيندا آهن . ان ڪري دل جو درمان دل ۾ کڻي ويٺو آهيان منهنجو به هڪ پٽ آهي ائين نه ٿئي ته اهو به هن علت ۾ اچي وڃي مون کان هميشھ لاءِ رسي وڃي . اها بلا توهان جي ڳوٺ تائين نه پهتي آهي پر رسڻ ۾ دير نه ڪندي ڪير به هن بلا کي روڪڻ وارو نه آهي پٽ هي هڪ زهر آهي ڪراچي ۽ حيدرآباد واري خبر تو اخبران ۾ پڙهي هوندي ته هڪ ئي وقت ڪيترا ماڻهو ٺرو پيئڻ جي ڪري موت جي ننڊ سمهي پيا هئا اهڙا واقعا اسان جي ڳوٺ ۾ ٿي رهيا آهن هن وقت تائين ڪاترا ماڻهو هن بلا جو شڪار ٿي چڪا آهن پر لڪائڻ خاطر انهن جي موت کي دل جي دوري جو نالو ڏنو ويو جيڪي نوجوان مري ويا آهن اهي ان ٺري جا عادي هئا اهي پاڻ ته ويا هليا پر پنهنجي والدين کي ڏکارو ڪري ٻارن کي يتيم ڪري ويا.پٽ هرڪو پنهنجي اولاد جي ڪاڻ سوچيندو آهي سڀاڻي منهنجو پٽ ويو ته منهنجون ٻه به ويون ته ٻارهن به ويون جيڪو منهنجو پڇاڙي جو سهارو آهي پٽ هي نوجوان اسان جي ديس جو سرمايو آهن پر اهي هن زهر وگھي وڃي رهيا آهن هن زهر کي بند ڪرائڻو وارو ڪوبه نه آهي پٽ تون ڪوشش ڪر من ڪا واٽ ملي پوي جنهن تي آصف چيو ته ڪاڪا همت مردان مدد خدا اسان همت ڪنداسين ته اها بلا هتان نڪري ويندي هتان ڇا پر اسان جي ديس مان نڪري ويندي ڪنهن به نوجان کي ڪکي ڪانه سگھندي ڪاڪا دعا ڪريو ته اسان اوهان جي ڏنل راءِ ۽ شڪايت ۾ ڪامياب وڃون .اسان هن ظالم ٺري جي خلاف تحريڪ هلائي نوجوانن کي بيدار ڪنداسين آصف اتي موڪلائي شهر آيو پنهنجي دوستن کي سڄي وارتا ٻڌائي جنهن تي هن جي دوستن چيو ته سڀ کان پهين اهم ڪم انساني جانين کي بچائڻ آهي پاڻ کي اهو ڪم ڪرڻ گھرجي سڀ دوست مڙي مٺ ٿي ضلعي جي پوليس جي اعلى آفيسر ۽ ضلعي جي وڏي عملدار سان مليا جن چيو ته اسان ان خلاف ايڪشن وٺون ٿا پر ڪجھه ڏينهن اسان کي مهلت ڏيو جن تي هنن چيو ته انهن ڪجه ڏينهن ۾ ٻين گھرن جا ڏيئا اجھامي ويا ته انهن جو ذميوار ڪير هوندو . توهان اها به ڳالهه ذهين نشين ڪريو ته توهان جاڪجهه پوليس وارا انهن ظالمن سان ٻٽ آهن انهن کي هن آپريشن جي خبر پئجي ويندي جنهن تي هنن کي چيو ويو ته اسان اسڙي ٽيم جوڙينداسين جو انهن کي ڪل ئي ڪانه پوندي نانگ به مري ويندو لٺ به بچي پوندي . هي هڪ آس اندر ۾ کڻي نڪتا . ائين آصف وري به شهر ويو هليو پٺيان هن مسئلي لاءِ پنهنجي دوستن کي پارت ڪري ويو هو . جڏهن ٻئي هفتي آيو ته ان ئي وڻ هيٺان هن ڪاڪي ولو کي ڏٺو اڄ جنهن جي چهري تي اداسي نه هئي پر هڪ پياري مرڪ ۽ خوشي هئي . ڪاڪو ولو آصف کي ڀاڪرن ۾ ڀري پيار ڪرڻ لڳو . چيو ته رات جي انڌاري ۾ پوليس وارن اهڙو آپريشن ڪيو جو ڪنهن کي ڪل به ڪانه پيئي سڀ ڏوهاري قابو ٿي ويا هزارين لٽر ٺرو هٿ آيو جيڪي هنن جا ساٿاري هئا انهن کي به سڻس نه پيئي اها جيڪا ڪوشش آهي اها هلندي رهي جڏهن هيءَ بلا ختم ٿي ويندي ته اسان جا نوجوان پنهنجو هڪ نئون سهڻو سماج جوڙيندا جنهن ۾ پار ۽ دانهون نه هونديون پر شادماني جا گيت ۽ سر ايندا . ائين ڪاڪو ولو آصف ۽ سندس ساٿين کي دعائون ڪندو پنهنجي ڳوٺ ڏانهن راوانو ٿيو آصف وري پنهنجي ڳوٺ ڏانهن ان اميد سان ته هتي جڙندو هڪ سهڻو سماج .


    خود ڪشي جي سزا

    اڄ جيئن اسڪول جي موڪل ٿي پنهنجي بائيڪ تي هڪ دوڪان وٽ اچي بيٺس جيئن منهنجو پٽ اچي ته ان کي ساڻ وٺي وڃان اوچتو هڪ هٿ منهنجي اڳيان آيو مون نظر کڻي ان طرف ڏٺو جيڪو هڪ جوان هو پر اکين ۾ اداسي ۽ پريشاني هئي چهري تي خوشي نه پر مايوسي ڇانيل هئي مون سمجھيو ته خيرات ٿو گھري ان تي مون هن کي چيو ته مون وٽ هن وقت کليا پيسا نه آهن ان تي هن چيو ته سائين آئون اوهان کان خيرات نه پر دعا ٿو وٺان جنهن هن سورن مان مون کي نجات ملي آئون اوهان جو شاگرڍولڻ آهيان ان وقت منهنجو پٽ به اچي ويو جنهن چيو ته آئون ٿو ڏيانس ان وڃي ان کي پنجاهه روپيا وٺان پرهن انڪار ڪيو جنهن تي مون چيومانس وٺ ٻار دل سان ڏئي پيو ٻار جي دل کي نه اداس ڪر هن ورتا سلام ڪندو اڳتي هليو ويو مون سوچيو ته هيءُ ڪهڙو شاگرد آهي ڪٿي پڙهيو آهي آخر منهنجي ذهن جي اسڪرين تي هڪ چهرو آيو واقعي ڍولڻ نالي مون وٽ هڪ ٻار پڙهندو هو جنهن جو پيءُ غريب هو هيءُ ڇوڪر پڙهڻ ۾ هوشيار هو .جڏهن اڳيان وڌياسين ته مون ڏٺو هيءُ منڊڪائي هلي رهيو هو هن جي هڪ پير تي ڪپڙي جي پٽين جو ٿهو ٻڌل هو هر ڪنهن جي اڳيان هٿ ڊگھيري خيرات گھري رهيو هو ۽ مدد جي صدا هڻي رهيو هو جڏهن گھر پهتي ته مون کي هن نوجوان جو فڪر هو هن جي باري ۾ سوچي رهيو هوس ته هن حالت تائين هيءُ ڪيئن رسيو آهي اسڪول هيءُ محنتي ۽ هوشيار هو جڏهن منهنجي بدلي ڳوٺ ٿي ته هيءُ ڪافي وقت کان پوءِ مليو هو هڪ ڊرائيور بنجي گاڏي هلائي رهيو هو مون هن کان نه پڙهڻ جو سبب پڇيو ته هن چيو ته بابو اڪيلو ڪمائڻ وارو هو گھر جو گاڏو ڪين ٿي هليو جنهن ڪري مون به پڙهڻ ڇڏي هيءُ ڌنڌو ڪيو هاڻي گهر جو گاڏو سٺي نموني ڌڪجي رهيو آهي اڄ هيءُ مون کي ويهه ايڪيهه سالن کان پوءِ مليو هو هن جي اها حالت ڏسي آئون سوچن جي ساگر ۾ غوطا کائي رهيو هوس مون کي ڪابه ڳالهه سمجھه ۾ نه پئي آئي منهنجي بي چيني منهنجي گھر وارن به محسوس ڪئي پر مون ڳالهه ٽول مٽول ڪري ڇڏي منهنجو پٽ جيڪو ان وقت مون سان گڏ هو ان چيو ته ابو کي هڪ فقير مليو هو جنهن ابو کي چيو ته سائين آئون اوهان جو شاگرد آهيان مون کي دعا ڪريو ان وقت کان وٺي ابو ان جي باري ۾ سوچي رهيو آهي مون منهنجي پٽ کي چيو ته هل ته هلون ان ماڻهو وٽ جيڪو پاڻ کي مليو هو ان کي ٿا هلي ڳولي ملون . ان جي ڳوٺ طرف وياسين پر اتي معلوم ٿيو ته هي ڪنهن وقت ٿو اچي ان جي ڪابه خبر نه آهي جيڪو جنهن ڏس ٿي ڏنو ان طرف وياسين پر هيءُ اسان کي نه مليو ۽ آئون مايوس ٿي ويس ته اڄ هن کان ملڻ نصيب ۾ نه آهي نه ئي هن جو جيڪو هيءُ برو حال آهي ان بابت پڇي ٿا سگھي ان جي ڳولا ڪندي هڪ ڄاڻ سڃاڻ وارو ماڻهو مليو جنهن مون کان هتي اچڻ جي سبب پڇيو جنهن کي چيم ته مون کي ڍولڻ سان ملڻو آهي ان ي هن چيو ته هيءُ ويچارو ڏاڍو تڪليف ۾ آهي دوائون به مشڪل سان وٺي ٿو دوائن جو خرچ پنهنجي ٻارن جو خرچ پني پورو ڪري ٿو جنهن ماڻهو ڪنهنجي اڳيان هٿ نه ڊگهيريو سو اڄ هر ڪنهن جي اڳيان سوالي بنيو بيٺو آهي جيڪو محنتي هوندو هو هاڻي اهو هر ڪنهن سامهون محتاج آهي هن کي چيم ته اهو هن سان ڪيئن ٿيو جنهن تي هن چيو ته هڪ وري جي ڪيس ۾ قابو ٿيو هڪ پنهنجي دوست سان گڏ هنن جي مائٽن گھر جو الهه تلهه وڪڻي هن کي آزاد ڪرايو ان وقت کان وٺي هيءُ مايوس ۽ پريشان رهندو هو ڪافي عرصو ان ڳالهه کي گذري ويو پر هن جي من ۾ ڪا مانڍاڻ متل هئي جيڪا هن کان جھوريندي پئي هئي هڪ ڏينهن هن پنهنجي جيون جوڀن کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي مٿان گاسليٽ هاري اڻ کي پاڻ کي باهه ڏني پر ڳوٺاڻن هن کي بچائي ورتو ڪافي عرضو اسپتال ۾ داخل رهيو هن جي زندگي بچڻي هئي بچي ويئي هن ته پنهنجي زندگي جو يئو ٿي اجھايو پر چوندا آهن جيستائين ڪنهن جو داڻو پاڻي لکيل آهي ان کي ڪير به ماري نٿو سگھي اهو زنده رهندو هيءُ بچي ويو پر هن جو پير ٺيڪ نه ٿيو هاڻي ان پير جو علاج اينٽي بايوٽڪ گوريون آهن جيڪي هيءُ کائيندو ڪڏهن ڳوٺ وارا ته ڪڏهن اسپتالن مان ڪڏهن پنهنجي پنڻ وارن پيسن مان وٺي کائيندو آهي ۽ زندگي جا ڏينهن سورن سان گذاري رهيو آهي هاڻي هيءُ معذور لاچار بنجي ويو آهي ويچارو ڏک سهي زندگي جو گاڏو پيو هلائي هن زندگي سان دغا ڪئي زندگي هڪ امانت آهي جنهن کي ختم ڪرڻ جو ڪنهن کي حق نه آهي هن ان امانت ۾ خيانت ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي هن زندگي کي باهه جي آڙاهه ۾ وڌو جنهن جي بدلي ڄڻ هن کي سزا ملي آهي جيڪڏهن هيءُ صبر سان ڏک سهي ها ته آخر سک به اچي وڃن ها ڏکن پٺيان ئي سک آهن ائين چئي اهو همراهه پنهنجي راهه وٺي راهي ٿيو اسان به پنهنجي راهه طرف موٽياسين رستي ۾ مون کي ننڍڙي چيو ته جيڪا هن کي اها تڪليف ملي آهي ڄڻ سزا آهي اها خودڪشي ڪرڻ جي ڪري مون پڙهيو آهي خودڪشي حرام آهي ان ڏينهن کان پوءِ ان سان ملڻ جي ڪوشس ڪندو رهيو آهيان پر نه مليو آهي جيئن ان سان ملي ڪري اصل معلومات پروڙي سگھان پر گهڪ ڳالهه ظاهر آهي ته ماڻهو کي جيڪي تڪليفون ڏک ڏاکڙا ايندا آهن اهي زندگي جو هڪ امتحان آهي انهن کي مڙس ٿي مون ڏجي پر انهن کان فرار اختيار نه ڪجي جيڪڏهن انهن کي منهن نه ڏيئي سگھجي ٻيو ڪو قدم کڻجي ته اها بزدلي آهي ان بزدلي جي ڪري خودڪشي نه ڪجي خودڪشي حرام آهي


    خوف

    اڪبر پٽ ٻوڙو ته نه ٿيو آهين ڪيتري دير کان توکي سڏي رهي آهيان رڳو موبائل هٿ ۾ کنيو ويٺو آهين وقت جو ڪجھه قدر ڪر وقت قيمتي آهي گذري ويو ته ڪل ڪانه پوندئي هيڏانهن جلدي اچ اڪبر رڳو ها ۾ ورندي ڏيندي چيو ڏاڏي امان اچان چيو جنهن تي ڏيڏي چيس پٽ خيال ڪر مانجھاندي جو وقت اچي ٿيو آهي ڪجھه ڪم ڪار جي ڪر سڄو ڏينهن ان موئي موبائل ۾ اکيون هڻيو ويٺو آهين سوڌو سامان وٺي اچ پوءِ نماز تي وڃ اڄ جمعي جو ڏينهن آهي ڏاڏي پنهنجي منهن چيو ڪٿان اهو موبائل نڪتو ڪٿان ڇورن جو هوش ويو ان موبائل ڇورن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن سڄي رات اهو هٿ ۾ جھليو ويٺا آهن جنهن تي اڪبر چيس امان وڏي تنهنجي ڪاوڙ موبائل تي ڏاڍي آهي هيءَ هڪ بهترين شيءِ آهي جنهن دنيا کي هڪ ڳوٺ ڪري ڇڏيو آهي تون اڃا پيئي پراڻي دور جون ڳالهيون ڪرين دنيا وڃي چنڊ تي رسي آهي جنهن تي ڏاڏي چيس ته گھني وڪالت ڪيئي ان موئي موبائل جي سامان وٺي اچ جنهن تي اڪبر چيس ته ڏاڏي سامان آئون بازار مان ڪونه ٿو وٺي اچان هتان پاڙي جي دوڪان تان ٿو وٺا ن مونکي شهر ۾ ويندين ڊپ ٿو ٿئي پٽ ڇا جو ڊپ سڄو لوڪ وڃي پيو بازارن ۾ توکي ڊپ ٿو لڳي هاڻي بهانا ڪرڻ ڇڏ پٽ اڄ تو اخبار ۾ خبر پڙهي آهي ان ڪري توکي ڊپ ٿو ٿئي پر پنهنجو شهر امن جو شهر آهي هتي ڊپ ڪرڻ اجايو آهي پاڻ وٽ هتي ڪو به واقعو نه ٿيو الله رحم ڪندو . موت ته هڪ ڏينهن اچڻو آهي پوءِ جتي موت لکيل هوندو اهو ايندو .موت جي ڊپ کان گهر ۾ تي ويهي نه رهبو . ماڻهو ڏس مسجدن ۾ بازارن ۾ وڃن پيا ڏاڏي گذريل هفتي ڏس بم ڦاٽو ڪيترا ماڻهو مري ويا جن جو ڪوبه ڏوهه نه هو پٽ تون سچ ٿو چئين الله انهن کي سڌي واٽ جو رستو ڏيکاري اهي ڌماڪا ڪرڻ وارا پنهنجي جان به ختم ڪن ا ٻين جا گھر به اجڙي ڇڏين ٿا ٻارن کي يتيم بي سهارا بنائي ڇڏين ٿا . پٽ آئون به ٽي وي تي اهي خبرون ڏسندي آهيان پر ڇا ڪريون اهي ته ڄڻ خودڪشي ڪن ٿا انهن مان انسانيت ختم ٿي ويئي . اڪبر ڏاڏي جي ڪاوڙ کي ڏسندي شهر جي بازار طرف ويو شهر ۾ رونق لڳي پيئي هئي ڪافي دوڪان بند هئا جمعي جي ڏينهن جي ڪري جيڪي کليل هئا اهي بند ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيا هئا هتي ڪڏهن به ڪو اهڙو واقعو ٿيو نه هو جڏهن هن شهر جا ماڻهو ٻين ڳوٺن جي باري ۾ ٻڌندا هئا ته انهن تي به ڪجهه پلن جي خوف طاري ٿي ويندو هو جڏهن شهر ۾ ڪو اوپرو ماڻهو ڏسندا هئا ته شهر جي ماڻهن جي ذهنن ۾ مختلف قسمن جا وسوسا جنم وٺندا هئا اوڍتو هڪ ڌماڪو ٿيو ماڻهن جي دليون خوف ۾ اچي ويو ته اهو ڏماڪو ڇا جو ٿيو هر ڪنهن ذهن ۾ مختلف قسمن جا وسوسا هئا ڌماڪي جي خبر شهر ۾ جھنگ جي باهه وانگر به پکڙجي ويئي اها ڳالهه اڪبر جي ڏاڏي جي ڪنن تائين به پهتي جيڪا پريشان ٿي ويئي هيءُ هن جو دادلو پوٽو هو جنهن کي هن لاڏ ڪو_ سان پاڻ وٽ رهائي نپايو هو ڏاڏي جو اڪبر ۾ ساهه ٽنگيل هو اڪبر بازار ويو هو اڃا اتان نه موٽيو هو جيڪڏهن اڪبر کي ڪير ڪجھه چوندو هو ته ڏاڏي ان تي ڪاوڙ ڪندي هئي ڏاڏي دعا گھري ته منهنجا رب رحم ڪجھه سڀني جو خير ڪج هر ڪنهن کي امن و امان ۾ رکجان اوچتو اڪبر گھر ۾ داخل ٿيو جنهن جي چهري تي هڪ خپف هو ان ڌامڪي کانپوءِ شهر جو ماحول به خوف وارو بنجي ويو هو هر ڪنهن کي اها اڻ تڻ هئي ته اهو ڌماڪو ڪيئن ۽ ڪٿي ٿيو آهي جتي به چار پنج ماڻهو گڏ ٿي بيٺا ته انهن جي زبان تي اهو ذڪر هو هر ڪنهن کي خبر ڪانه ٿي پيئي ڇا جو ڌماڪو ٿيو آهي پر پوءِ خبر پيئي ته اهو ڌماڪو هڪ دوڪان ۾ ٽائرن جي پنچر ٺاهڻ واري دوڪان ۾ ٽانڪي ڦاٽڻ سبب ٿيو هو اهو ايڏو زوردار ڌماڪو هو جو دوڪان وارو به مرڻ جهڙو ٿي ويو هو جنهن کي اسپتال پهچايو ويو هو هر ڪنهن جي ذهن ۾ اهو هو ته شايد اسانجي به شهر ۾ دهشتگرد اچي ويا آهن هر ڪنهن جي دعا هئي ته هر واهڻ وستي ۾ امن جو سج چنڊ اڀرندو رهي ڪيترو ئي وقت هن ڌماڪي کانپوءِ ماڻهن جي دل ۾ خوف گھر ڪري ويهي رهيو .


    سهاري جي آس

    هوءَ پنهنجي نياڻي جي گھر جي اڳيان ٺهيل دڪي تي ويٺي هئي ۽ اکين مان نير وهائي رهي هئي ڪنهن وقت پنهنجي ڀنل نيڻن کي مٿي کڻي سامهون گھر جي طرف نگاهون ڪيون ٿي اهو گھر هن جي سڪيلڌي پٽ جو هو . هيءُ هن جو اڪيلو پٽ هو جنهن تان هيءَ من تن قربان ڪندي هئي پر هن کي ان جو ڪو به اونو نه هو هن جا سفيد چاندي جهڙا وار سج جي روشني تي چمڪي رهيا هئا هنن جي اکين مان وهندڙ لڙڪن اندر جي سڏڪن بيهڻ جو نالو ئي نٿي ورتو اوچتو هن جي ڪنن تي پنهنجي ڌيءَ جو آواز پيو امان هاڻي هل گھر ڪاڙهو تپي ويو تون ان جي لاءِ اوسيئڙو پئي ڪرين جنهن کي تنهنجي ڪابه پرواه نه آهي هو توکي گھر وٺي وڃڻ جي لاءِ به تيار نه آهي امان جنهن کي تنهنجي قربانين جو احساس نه آهي ان لاءِ پنهنجو اندر نه جھور آئون اڃا جيئري آهيان جيڪڏهن احساس هجي ها ته ائين ڪين چوي ها ته امان کي وٺي وڃو هن جي ڪري منهنجي زندگي ۾ سور آهن هو هاڻي امان پنهنجو نه رهيو هو هن ماضي جي ورقن کي وساري ڇڏيو آهي وقت هن کي پاڻهي سيکاريندو تون غم نه ڪر توهان منهنجي گھر هلو مونکي اوهان جي ممتا ۽ شفقت جي ضرورت آهي تنهنجو گھر ۾ سڀ انتظار ڪري رهيا آهن جنهن تي هن امڙ چيو ته ڌيءُ آئون ڪيئن ناٺي جي گھر رهنديس جنهن تي ڌيءَ چيس امان ان جي به اها مرضي آهي ته امان اسان سان گڏ رهي اسان هن جي خدمت ڪري هن کان دعائون وٺون امان تنهنجو ناٺي غير نه آهي پر تنهنجو ئي رت آهي تنهنجو ڀائيٽيو آهي هن جو اهو ئي چوڻ آهي ته امان کي وٺي اچو اسان کي امڙ جي خدمت ڪندي خوشي محسوس ٿيندي ڌيءَ هن جي ٻانهن ۾ هٿ وجھي هن کي اٿاريو ۽ پنهنجي گھر جي اندر هن کي وٺي وڃڻ لڳي تڏهن به هن جون نگاهون با بار پنهنجي پٽ جي گھر طرف هنيون هن جي من ۾ هائي هئي ته منهنجو پٽ واپس مون وٽ اچي ۽ منهنجو سهارو بنجي پوي ڌيءُ جي گھر سڀ هن جي خدمت ڪرڻ وارا هن کي مڙي ويا پر تڏهن به هن جي من اها ئي آس هئي ته منهنجو پٽ مون کي وٺڻ ايندو اهو منهنجو سهارو بنجندو


    سوجھرو

    آصف جيئن ئي ڳوٺ مان نڪري شهر جي طرف پيادل اچي رهيو هو ته هڪ همراهه هن کي رستي ۾ مليو جنهن هن کان پڇيو ته ڪيڏانهن پيو وڃين جنهن تي هن کيس ٻڌايو ته شهر ٿو وڃان اڄ مون کي پري وڃڻو آهي آهي جنهن تي هن ٻڌايو ته ته يار آئون شهر مان مان اچان پيو شهر ۾ ڪا به گاڏي ڏسڻ ۾ نه آئي خبر پيئي ته شهر طرف ايندڙ رستو بند آهي جنهن تي هن چيو ته اڄ ڪابه هڙتال نه آهي پوءِ گاڏيون ڇو بند آهن جنهن تي هن چيو ته شهر جو چونڪ ڪنهن ڳوٺ وارن بند ڪري ڇڏيو ڪنهن به گاڏي کي نه اچڻ ٿا ڏين نه ئي وڃڻ ٿا ڏين . هن کان خبر چار ملي پرآصف کي ڪنهن اهم ڪم سان وڃڻو هو جنهن ڪري هي شهر جي طرف وڃڻ لڳو جڏهن شهر جي مين چونڪ تي پهتو ته ڏٺو ته اهو بند هو رستي تي معصوم ٻار جوان پوڙها ويٺل هئا هنن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا . اڳتي وڌيو انهن کي پڙهڻ لڳو جن تي لکيل هو تعليم اسان جو حق آهي اسان کي تعليم ڏيو ، اسان جا بند پيل اسڪول کوليو اسان جي ديس معصوم ٻارن جي پارت اٿو هڪ ننڍڙو بلند هٿ ڪري چئي رهيو سنڌ جي پارت اٿو هڪ ٻيو ٻالڪ چئي رهيو هو تعليم حاصل ڪرڻ اسان جو حق آهي اهو اسان کان نه کسيو هڪ نوجوان چئي رهيو هو اٿو سنڌ جي تعليم بچايو تعليم عام ڪريو سنڌو ارن جي تعليم کي بچايو هڪ پوڙهو چئي رهيو هو ته اسان جيڪڏهن سجاڳ نه ٿياسين ته پوءِ ائين چئبو ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي . آصف ٿورو سوچي اندازو ڪيو ته شايد هنن جي اسڪول جو ڪو مسئلو آهي يا ته هنن جي ڳوٺ ۾ اسڪول نه آهي جيڪڏهن آهي ته اهو بند پيل آهي هي ٻار ايندڙ وقت جا معمار آهن پر هن دور ۾ به تعليم جھڙا زيور کان شايد پري آهن جڏهن ته اهو چيو وڃي ٿو ته تعليم سڀني جي لاءِ آهي اتي هڪ نوجوان تي آصف جي نظر پيئي ان وٽ ويو چيائينس ته ادا هي مظاهرو ڇو ڪيو ٿا جنهن تي هن چيو ته هن جديد دور ۾ به اسانجا ٻار تعليم کان محروم آهن اسان هيءُ احتجاج پنهنجي نسلن جي مستقبل سنوارڻ جي لاءِ ڪري رهيا آهيون اسان ٻيٺل پاڻي ۾ پٿر هنيو آهي ڏسون ته ان جون لهرون ڪٿي ٿيون دنگ ڪن اسان جي هن احتجاج کي ڏسي ٻيا به سجاڳ ٿيندا اسان ته شروعات ڪئي آهي هن کي آصف چيو ته ڇا توهان جي ڳوٺ ۾ اسڪول نه آهي جنهن تي هن چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ ڪافي وقت کان اسڪول آهي اتي جيڪي به استاد آيا علم جا گل نڇاور ڪري ويا انهن اسان جي ڳوٺ ۾ علم جي جوت جلائي اسان جي ذهنن کي منور ڪيو ، انهن محنتي ۽ عظيم استادن جي عظمت کي سلام آهي پر ڪافي وقت کان اسان جي اسڪول ۾ ڪوبه استاد نه آهي اسان جا ٻار ائين گھمي رهيا آهن اسان وٽ هڪ ماستر آيو جيڪو ڪڏهن ايندو ته ڪڏهن نه ايندو هو ان کي چيوسين ته چيائين ڪم سان آفيس ويندو آهيان .اوچتو ان اچڻ ڇڏي ڏنو اسان پڇا ڪئي ته چيائين منهنجي بدلي ٿي ويئي آهي ان کي اسان ڏسندا آهيون اسان سمجھندا هئاسين ته ان نوڪري ڇڏي ڏني آهي اسان ڪافي ڪوشس ڪئي پر اسان کي استاد نه مليو جڏهن سوشل ميڊيا تي هڪ تحريڪ هلي ته اسان کي خبر پيئي ته اهو اڃا نوڪري ۾ آهي پر سگھارو آهي اسان ڪجھه نٿا ڪري سگھون اڄ اسان اٿيا آهيون من ڪو اسان کي استاد ملي وڃي اسان سول سوسائيٽي جا ماڻهو آهيون اسان جو به فرض آهي ته اسان پنهنجي ٻارن کي علم جي سوڀيا سان سينگاريون جيڪي ماستر ٻارن کي نٿا پڙهائين انهن جي خلاف جدوجهد ڪريون جيئن هو يا ته نوڪري ڇڏي وڃن يا ماضي جي غلطين کي پوئتي ڇڏي هڪ بهترين استاد بنجي سماج جي اندر علم جي روشني پکيڙين اڄڪلهه گوسڙو ماسترن جي خلاف سوشل ميڊيا تي وٺ وٺان لڳي پيئي آهي . آصف هن کي چيو ته ڇا اوهان جي هن احتجاج جو نتيجو نڪرندو جنهن تي هن چيو ته سوشل ميڊيا ڪافي اهڙن کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي جيڪي هاڻي يا ته واپس ايندا يا هليا ويندا . ان جي ڪري اسان کي به سجاڳ ٿيڻو پيو آهي ٿوري وقت ۾ وڏي تبديلي اچي ويئي آهي جيڪي ماستر مختلف ادارن ۾ ڪم ڪن پيا اهي ادارا انهن جي ڇنڊ ڇاڻ کي لڳي ويا آهن اهو وقت پري نه جڏهن هر واهڻ وستي مان علم جي لاٽ چمڪاٽ ڪندي .هاڻي وقت آيو آهي ته ستل ضميرن کي جاڳايون ان جي ذميواري اسان سڀني تي آهي اسان جو فرض آهي ته اسان هر ٻار جي تعليم جي لاءِ سوچيون جيڪي بند اسڪول آهن انهن کي کولايون آخر هن سماج ۾ تبديلي ايندي جيڪا اسان جي تعليم پوئتي آهي اها محنتي استادن جي ڪري هڪ اهڙو سوجھرو ڪندي جنهن جي روشني هر ماڳ مڪان کي روشن ڪري ڇڏيندي .جن کي گوسڙو ماستر چيو وڃي ٿو اهي پنهنجي ماضي جي جھروڪن مان نڪري سنڌ جي ٻالڪن کي هڪ بهترين استاد ٿي پڙهائيندا جيڪي هن طرف نه ايندا اهي هليا ويندا . جنهن تي آصف چيو ته ضرور اوهان ڪامياب ٿيندا جيڪو اوهان جو مقصد آهي اهو سچ ۽ حق تي آهي ائين چئي آصف ان انبوهه مان ٻاهر نڪري ويو


    ڪاري

    قبرستان ۾ نم جي گھاٽي وڻ هي هيٺيان هڪ قبر هئي جتي پوڙهو ول ويٺو هو . هيءَ قبر ٻين قبرن کان ٿورو پاسيري هئي . ائين لڳي رهيو هو ته اها خاص قبر آهي . ولو جي چهري تي اداسي ۽ نيڻن ۾ لڙڪ هئا ڪنهن وقت قبر کي ڀاڪرن ۾ ڀري رنو ٿي ڪنهن وقت ان جي پاسي ۾ سمهي رهيو ٿي . ڪنهن وقت رڙ ڪري چوندو هو ته منهنجي سدوري ڪاري نه آهي ان تي الزام لڳايو ويو آهي . سدوري ولو جي ڌيءَ هئي .هن جي گھر واري وفات ڪري ويئي هئي . ولو جي تمنا هئي ته منهنجو اولاد علم جي سونهن سان سينگارجي وڃي . هن کي هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ هئي جن سان هيءُ بي پناهه پيار ڪندو هو . هن جي ڪوشش جي باوجود هن جو پٽ نه پڙهيو اهڙي سنگت ۾ اچي ويو جو پڻس روز جھت ڪند هوس پر هن جي ڪن تي جون به ڪانه سرندي هئي سڄو ڏينهن هوٽلن تي ويهي يا پتي راند ڪندي پورو ڪندو هو پڻس گھڻو ئي سمجھائيندو هوس پر هيءُ پنهنجي ڪار تي هوندو هو .سدوري جيڪا پهرين ڀر واري ڳوٺ ۾ پڙهڻ لاءِ ويندي هئي جڏهن ولو هن کي اسڪول ڇڏيو ته گھڻن ئي ان جي مخالفت ڪئي ته ڪو ڇوڪريون پڙهائيبيون آهن ڇا ؟ پر ولو چوندو هو پٽ ۽ ڌيءَ سڀ برابر آهن اسان پنهنجي پٽن کي پڙهايون ٿا نياڻين کي ڇو جيڪڏهن گھر جي عورت پڙهيل هوندي ته اها سٺي نموني گھر کي هلائيندي جنهن تي ماڻهو کيس چوندا هئا ته هيءُ جيڪي اڻ پڙهيل آهن اهي گھر ڪونه ٿيون هلائين ڇا ؟پر ولو پنهنجي ضد تي پورو هوندو هو هن ڇوڪري کي شهر ۾ به موڪليو جتي هن ٻارهن درجا پاس ڪيا . هن کي هڪ اسڪول ۾ نوڪري به ملي ويئي سدوري روز شهر اسڪول ويندي هئي ۽ هن جي خواهش هئي ته شام جي وقت آئون ڳوٺ جي نياڻين کي پڙهيا جيئن اهي علم سان سنوارجي وڃن هن ڪوشش ڪئي جنهن ۾ هيءَ ڪامياب به وئي پر هن جي مخالفت وڌندي رهي . ڪن ماڻهن هن جي ڀاءُ جا ڪن اچي ڀريا ته تنهنجي ڀيڻ شهر ۾ وڃي ٿي اتي ڇا ڪري ٿي اوهان کي ته ڪا خبر نه آهي ائين نه ٿئي جو اوهان جو پٽڪو لهي وڃي ۽ ڪنڌ به کڻي نه سگھو پنهنجي ڀيڻ جي پرڪارن کي ڏسو ته سهي هڪ ڏينهن سدوري شهر ۾ اسڪول ويئي ته هن جو ڀاءُ هن جي ڪڍ لڳو اسڪول جي گيٽ وٽ ان ئي اسڪول جو هڪ استاد مليو جنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻيئي ڄڻا اسڪول ويا . واپس اچي هن جي ڀاءُ پنهنجي پيءُ کي چيو ته تو واري ڌيءَ جا ڪم ڏٺا اٿئي ته شهر ۾ ڇا پيئي ڪري جنهن تي هن جي پيءُ ڇيس ته مون کي پنهنجي ڌيءَ تي ناز آهي اهو ڪجھه به اهڙو ڪم نه ٿي ڪري سگھي جنهن سان مون کي داغ لڳو تنهنجا ڪن ڀريا ويا آهن هتان منهنجي اکين کان پري ٿي . رات جڏهن پنهنجا پر پکيڙيا هر طرف سناٽو هو رڳو جيتن جا آواز اچي رهيا هئا هوا ۾ ٻه فائر ٿيا جنهن تي ڳوٺ وارا ان طرف ويا ولو به انهن سان گو هو ولو جي گھر کان ٿورو پري ٻه لاش پيا هئا هرڪو پريشان ته اهي ڪنهنجا آهن جڏهن ويجھو پهتا ته هڪ سدوري جو هو ٻيو هن جي ڀاءُ جي ويري جو هو هن جو ڀاءُ به اتي بيٺو هو جيڪو وڏي فخر سان چئي رهيو هوته مون ڪارو ۽ ڪاري ماري ڇڏيا ولو ڇيس ته منهنجي ڌيءُ ڪاري نه هئي تو پنهنجو پلاند پورو ڪرڻ لاءِ هن کي ڪاري ڪري ماريو آهي پوءِ ولو رڙيون ڪندو رهيو ته منهنجي ڌيءَ ڪاري نه هئي هن کي ان ئي وڻ هيٺيان دفن ڪيو ويو ۽ ولو چيو ته منهنجي ڌيءَ ڪاري نه هئي هاڻي آئون سموري حياتي پنهنجي ڌيءَ سان گڏ ئي گذاريندس .


    هنن جو ڪهڙوڏوهه ؟

    اڄ جيئن آئون ڪنهن اسائنمينٽ تي غور ڪري رهيو هو س اوچتو سيل فون جي رنگ وڄي ڏٺم ته نمبر منهنجي هڪ شاگرد جو هو جيڪو هڪ آفيس ۾ ڪم ڪندو هو جنهن چيو ته مون وٽ ٻه جوان ڇوڪرا آيا آهن انهن جي چوڻ موجب انهن جو سڃاڻپ ڪارڊ نٿو ٺهي خبر نه آهي ته انهن جو ڪهڙو مسئلو آهي آئون هنن کي توهان ڏانهن موڪليا ٿو هنن جو مسئلو حل ڪرايو . مون هن کي چيو ته انهن کي موڪل ڪوشس ڪريون ٿا . هن جي چوڻ بعد منهنجي اکين جي اڳيان اڪبر ۽ اصغر جا چهرا هئا هنن جا ڪارڊ به نٿي ٺهيا هنن هڪ ڏينهن مون کي چيو ته اسان جو مستقبل اونداهو نظر اچي رهيو آهي اسان جا نه ته ڊوماسائيل ٿا ٺهن ۽ نه ئي ڪارڊ ٿا ٺهن هنن جي مسئلي جي مون کي پوري طرح سڌ هئي هنن جو پيءُ جنهن شهر ۾ رهندو هو ان شهر جي اندر هڪ يا ٻه سال مس رهيا ان بعد هنن ان شهر جو منهن به نه ڏٺو هو .اڻي هيءُ جواني تي اچي پهتا هئا قسمت هنن سان اهڙو کيل ڪيو جو هيءُ ماءُ جي ممتا ۽ پيءُ جي شفقت کان پري هئا پ چوندا آهن ته رت دانگيءَ ي به ورندو آهي هنن کي سهارو ملي ويا . وقت جو چڪر گذرندو رهيو اڄ هيءُ ٻار نه پر جوان هئا هاڻي هنن تعليم به ڪافي حاصل ڪري ورتي هئي هاڻي هنن کي انهن ين جي ضرورت هئي جيڪي نوڪري جي لاءِ لازمي هيون . هڪ ڏينهن هنن مون سان اهڙو سور سليو مون هنن کي چيو ته ڪوشس ڪريون ٿا ڪم ٿي ويندو . مون کي هنن جي مستقبل جو اونو هوندو هو هڪ ڏينهن پنهنجي هڪ شاگرد سان اهو قصو ڪيم جنهن چيو ته ڪارڊ پيءُ جي ايڊريس تي ٺهندو ان کي چيم ته هيءُ رهيا به هتي آهن پڙهيا به هتي آهن هتي جي ايڊريس جو ڪارڊ هنن کي ٺهراڻو آهي جيئن هنن جا ٻيا ڪاغذ به ٺهي سگھن . پر اهڙو ڪوبه نشان نه مليو جنهن سان هنن جا ڪارڊ ٺهن . هنن جي هن مسئلي جي ڪري پريشان هوندو هوس هڪ وڪيل دوست سان به مليم جنهن چيو ته هنن جو ڪارڊ هتي جو ٺهي سگھي ٿو ان ۾ هنن کي رهاشي سرٽيفيڪيٽ ۽ تعليمي سرٽيفيڪيٽ جي ضرورت پوندي ان کي چيم ته اهي سڀ آهن .پر وري به هنن جو مسئلو حل نه ٿيو هنن کي چيو ويو ته هنن جا ڪارڊ پيءُ جي ايڊريس تي ٺهندا جنهن شهر ۾ هيءُ رهيا نه آهن جتي جي گھرن گھاٽن ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي جي هنن کي خبر نه آهي جتي هنن جو جنم به نه ٿيو اتي جا هيءُ ڪارڊ ڪيئن ٺهرائين هنن جتان علم جي مالها پاتي هئي جتان علم جي لاٽ سان هنن جا ذهن منور ٿيا هئا هنن کي اتي جو ڪارڊ گھربل هو نه ڪي ان شهر جو جتي جا هيءُ واقف به نه هئا هاڻي هنن جي چهرن تي مايوسي هئي هنن کي سندن مستقبل اونداهو نظر اچي رهيو هو . هنن جي چهري تي هاڻي مايوسي ۽ غم هو جڏهن آئون هنن جي باري ۾ سوچيندو آهيان ته هڪ پيڙاءُ مان گذرندو آهيان هنن ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو هنن کي ڪارڊ ۽ ٻيا ڪاغذ ٺهي نٿا ملن پر جيڪي اسان جي ديس جا نه آهن اهي ڪيئن ٿا ٺهرائي وڃن ڇا هنن جو ڪوبه حق نه آهي هي هتي جا آهن جنهن جو ثبوت هنن جا تعليمي ڪاغذ آهن پوءَ به هنن جو مسئلو ڇو نٿو حل ڪيو وڃي ڇا جيڪڏهن ڪو مائٽن کان پري آهي ته ان جو ڪارڊ حاصل ڪرڻ حق نه آهي جيڪڏهن ڪو لاوارث آهي يتيم آهي ته ان جو ڪارڊ حاصل ڪرڻ حق نه آهي ڇا اهڙو ڪو قانون نه آهي جو هنن جو مسئلو ٿي سگھي اهڙن نوجوانن جو ڇا ٿيندو جيڪي پنهنجي مسئلن حل ڪرائڻ جي لاءِ پريشان آهن هاڻي هيءُ مايوس ٿي ويا هئا هنن جي چهري تان خوشي ائين ويئي هلي هئي جيئن خزان ۾ وڻن جا ون ڇڻي ويندا آهن هنن جي لاءِ ڪافي ڪوشش مون دوستن ڪئي پر هنن جو مسئلو حل نه ٿي سگھيو اڄ به هيءُ پنهنجي مسئلي جي ڪاڻ پريشان آهن هاڻي اهو هڪ رستو آهي ته هيءُ ان شهر جو ڪارڊ ٺهرائين جتي هيءُ رهيا به نه آهن جتي هنن جو پيءُ رهندو آهي جنهن سان هنن جو هڪ وڏو نقصان ٿيندو ته جنهن ضلعي ۾ هيءُ ننڍا ٿي وڏا ٿيا آهن اتي جي ڪوٽا موجب انهن کي ڪابه سيٽ نه ملي سگھندي . انهن جي من ۾ اها ڳالهه هئي ته اسان جيڪا محنت ڪئي ان جو ڇا ٿيندو؟ هي هن وقت به پريشان آهن ته اسان جو ڪهڙو ڏوهه آهي جنهن جي اسان کي سزا ملي رهي آهي اسان پنهنجو سهڻو مستقبل ٺاهڻ جو سوچيو هو . ڪافي ڪوشس ڪئيسون پر اڃا تائين هنن جو مسئلو حل ٿي نه سگھيو . پر خبر نه آهي ته هنن جهڙا ڪيترا ماڻهو هوندا جن سان اهي مسئلا هوندا اهي پنهنجن ڪارڊن ۽ ڪاغزن ٺهرائڻ لاءِ پريشان هوندا ۽ مختلف آفيسن جا چڪر ڪاٽي جتيون گسائي رهيا هوندا هنن جو ڏوهه صرف اهو آهي ته اهي اڪيلا بيوس آهن جنهن جي هنن کي هيڏي پريشاني ملي رهي آهي ڇا جيڪڏهن هنن جا ڪارڊ نه ٺهيا ته هنن کي سندن سوچيل منزل طرف وڌڻ جو ڪوبه حق نه آهي


    گڏڙيءَ جي گڏي

    صبح جو جڏهن پکي پنهنجي رب جي وحدانيت ڪندي رزق جي ڳولا ۾ پنهنجا آکيرا ڇڏي هن ڪائنات تي نڪري رهيا هئا ان وقت هي به تيار تي پنهنجي روزي جي تلاش ۾ نڪتو هن کي هن جي گڏڙي چيو بابا منهنجي لاءِ گڏي وٺي اچجو . اڄ هن کي پورو يقين هو ته مون کي ڪم ملندو جنهن جي اجوري مان پنهنجي گڏڙي جي لاءِ هڪ سهڻي گڏڙي وٺندس .جنهن سان هيءَ باغ بهار ٿي ويندي . هيءُ انهن ئي سوچن ۾ مزورن جي پڙي ۾ پهچي ويو جتي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مزور هئا هن کي اهي سوچون سوچڻ تي مجبور ڪري رهيو هنيون ته اڄ مزور جام آهن خبر نه آهي ڪم ملندو يا نه ئ منهنجي گڏڙي جي فرمائش پوري ٿيندي يا نه انهن سوچن مان هي تڏهن نڪتو جڏهن هن جي ڪلهي تي هڪ هٿ جو چهاءُ هن محسوس ڪيو هن پوئتي ڏٺو ته هڪ نوجوان هو جنهن چيس ته چاچا هڪ کڏو کوٽڻو آهي تون مون ساڻ هلندي هن هائوڪار ڪئي ۽ ان سان گڏ هلڻ لڳو . جڏهن سج هاڻي لڪڻ وارو هو ته هن به پنهنجو ڪم پورو ڪيو هن کي سندس ڪيل مزوري جا چار ڳاڙها نوٽ مليا جيڪي هيءُ وٺي خوش ي سان بازار ويو ۽ هن پنهنجي معصوم گڏڙي جي لاءِ هڪ سهڻي گڏي ورتي . ان کي هٿن ۾ سمائيندو پنهنجي گھر ڏانهن هلڻ لڳو . هيءُ اڄا گھر کان چند قدم پري هو هن جي منهن مان خوشي ٻهڪي رهي هئي .اوچتو هڪ تيز رفتار ڪار آئي جنهن هن کي اهڙو ڌڪ هنيو جو هيءُ پري ڪريو ۽ خاموش ٿي ويو پٽ هن جي ريٽي رنگ سان رنڱجي ويو تڏهن به گڏي هن جي هٿ ۾ هئي نگاهه هن جي گر طتف هئي ڄڻ پنهنجي گڏڙي کي سڏي رهيو ته منهنجي گڏڙي ڊوڙي اچ مون تنهنجي لاءِ هڪ سهڻي گڏي آندي آهي اها مون کان وٺ آئون وڃان پيو ...


    محبتِ وفا

    سڄي ڳوٺ جا گھر بجلي جي بلبن جي ڪري روشن هئا آسمان تي تارا ڪنهن نئين نويلي ڪنوار جي بوڇڻي جو ڏيک ڏئي رهيا هئا . ماحول ۾ مختلف جيتن جا آواز اچي رهيا هئا ان رات چنڊ به اڀريو هو مهيني جون آخري تاريخون هيون چنڊ جي چانڊوڪي نه هئڻ جي ڪري رستن تي ۽ ڳوٺ ۾ ڪار هئي ڳوٺ جي گھرن کان ڪجھه قدمن تي هڪ ڪچو گھر هو جنهن مان هلڪي روشني اچي رهي هئي پر هوا جي جھونڪي ساڻ ڄڻ نچي رهي هئي اها لالٽين جي روشني هئي جيڪا صابو جي گھر مان اچي رهي هئي صابو هڪ محنتي جفا ڪش انسان هو جيڪو شهر ۾ هڪ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو هو هن شادي به پنهنجي پسند جي پنهنجن مان ڪئي هئي ٻئي زال مڙس هڪٻئي جي لاءِ ڄڻ هئا انهن ۾ ڪڏهن به ڪو شڪوو ۽ شڪايت نه هئي . صابو رات جي وقت اڱڻ تي پيل کٽ تي ليٽيو پيو هو هن ڪنهن وقت پنهنجي نگاهن کي آسمان طرف ته ڪنهن وقت ٽٽل کٽ تي پننجي گھر واري ۽ اڪيلي سڪيلڌي پٽ وريام طرف ڪئي ٿي . هن جو اندر جھري رهيو هو . هن جي لاءِ خوشي جا ڏينهن تڏهن ختم ٿيا جڏهن فيڪٽري ۾ ڪم ڪندي هن جي ٽنگ پٽي ۾ اچي ويئي جنهن جو علاج ڪرايو ويو پر آخر ڊاڪٽرن کي اها ٽنگ ڪٽڻي پيئي . فيڪٽري وارن هن کي ڪجھه ڏوڪڙ ڏنا . جنهن کان پوءِ هيءُ فيڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ جي لائق نه رهيو هيءُ معذور بنجي ويو پر هن پنهنجي جيون ساٿي جي سهاري سان معذوري کي مجبوري نه سمجھيو انهن پئسن مان هڪ ننڍڙو دوڪانڙو ڪڍي گذر سفر ڪرڻ لڳو پاسا ورائيندي هن کي خبر نه آهي ڪهڙي مهل ننڊ اچي ويئي جڏهن فلڪ تي سحر نمودار ٿيڻ وارو هو ڪڪڙن جي ٻانگن جا ڪڙڪا هئا پکي ٻوليندا پنهنجي آکيرن مان نڪري رهيا هئا هن جي گھر واري هن کي اچي اٿاريو وريام جا پيءُ اٿ تيار ٿي توکي اڄ دوڪان جو سامان وٺڻ جي لاءِ شهر وڃڻو آهي . هن اکيون کولي ڪنڌ سان هائوڪار ڪيئي جڏهن هن جي نظر پنهنجي گھر واري تي پيئي ته هن ان کي پهريل پراڻا ڪپڙا ڏٺا جنهن ۾ خبر نه آهي ڪيتريون چتيون لڳل هنيون پر هن جي گھر واري ڪڏهن به فرمائش نه ڪئي هيءَ قدم قدم پنهنجي مڙس سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي . صابو ماضي جي ڏينهن ۾ هليو ويو جڏهن هن کي پگھار ملندي هئي ته هيءُ بازار ويندو هو هر پگھار تي پنهنجي گھر واري لاءِ نيون چوڙيون ۽ پنهنجي پسند جو وڳو وٺي ايندو هو جيڪو هن جي گھر واري پائي باغ بهار پيئي ٿيندي هئي پر هاڻ اهي ڪپڙا هن کي ڪٿان وٺي ڏيندس . هن کي اهو ڏينهن به اکين جي اڳيان ڦرڻ لڳو ته جڏهن هن کي وريام ڄائو هو ته هن ڳڙ جي ڀت جي خيرات ڪئي هئي پر اڄ پنهنجي پٽ جي ڪهڙي خواهش کي پورو ڪري . هن دل ۾ چيو ته ادا صابو هاڻ ڇا ٿو سوچين تنهنجو حال اڻپورو آهي هڪ ويلو کائو ٿا ٻيو ويلو بک تي گذاريو ٿا . هيءُ وري سوچڻ لڳو ته ڇا اسان جا سپنا ائين اڌورا رهندا . هيءُ ڄڻ سوچن جي سمونڊ ۾ ٻڏي رهيو هو ته هن جو پٽ وريان ڊوڙي اچي هن جي هنج ۾ ويٺو ۽ پنهنجي پيءُ کي ڀاڪر ۾ ڀري چميون ڏيڻ لڳو جنهن سان صابو سوچن مان نڪتو لبن تي هلڪي مرڪ آندي هن جي پٽ چيو ته بابا اڄ توهان تهر ( شهر ) ٿا وڃو ته مونتي لاءِ ( منهنجي لاءِ ) هتري تار وتي اتجو ( منهنجي لاءِ هڪ ڪار وٺي اچجو ) ان صابو چيو ته منهنجي بابا لاءِ جام ڪارون . اٿي تيار ي پنهجي گھر واري جي ڀر ۾ اچي ويٺو جيڪا کلئي آسمان هيٺ ماني پچائي رهي هئي هن پنهنجي مڙس ۾ نگاهه وجھي چيو ڇو اداس آهين ؟ ڇا ٿيو آهي ؟ جڏهن توهان کي اداس ۽ پريشان ڏسندي آهيان ته آئون به اداس ۽ پريشان ٿي ويندي آهيان تون اداس نه رهه پاڻ جنهن به حال ۾ آهيون خوش آهيون هڪ ڏينهن پنهنجو بابا وريام جوان ٿيندو پنهنجا سڀ سور لهي ويندا هيءُ حياتي ۾ هڪ امتحان آهي ان ۾ پاڻ کي پاس ٿيڻو آهي تون اداسي کي ڦٽو ڪر خوش رهه .تون نيرن ڪري شهر وڃ دوڪان تي آئون پاڻهي گراهڪن کي سامان ڏينديس تون بي اونو ۽ بيفڪر ٿي وڃ . جڏهن هيءُ وڃڻ لڳو ته گھر واري چيس ته مٿان عيد اچي رهي آهي جيڪڏهن ڪجھه ڏوڪڙ بچن ته پٽڙي جي لاءِ ڪو نيلامي وڳو وٺيو اچجان جيئن اهو عيد تي پائي سگھي . ان تي هن چيس ته وريام جي ماءُ تنهجي لاءِ ڪڄاڙو وٺي اچان جي پيسا بچن ته جنهن تي هن چيس ته منهنجو سڀ ڪجھه تون ئي آهين تون ئي منهنجي ڍڪ آهين تون ئي منهنجو لباس آهين تون ئي منهنجو جيون آهين تون خوش ته آئون به خوش جنهن حال ۾ آهيون اهو قسمت جو لکيو آهي تون رڳو پٽڙي جي لاءِ وٺي اچ هن چيس ته ڪجھه تهه چئو جنهن تي هن جي گھر واري چيس ته هيترا سال پاڻ گڏ رهيا آهيون ڪڏهن به ڪا فرمائش ۽ انگل ڪيم ڪيو اٿم منهنجو انگل به تون آهين فرمائش به تون آهين منهنجو جيون به تون ئي آهين تون سدا خوش رهه غم نه ڪر مرڪندو رهه اها ئي منهني فرمائش آهي ٺيڪ آهي آئون وڃان ٿو . صابو شهر ۾ ويو جتي هن دوڪان جو سامان ورتو ۽ ڳوٺ جي هڪ سوزڪي واري کي چيو ته هيءُ منهنجو سامان ڳوٺ کڻي هل آئون پوءِ اچان ٿو گھر وارن کي چئج ته مون کي ٿورو ڪم آهي اهو لاهي اچان ٿو . هن بچيل پيسن کي ڳڻيو ته اهي چار سو روپيا هئا هن انهن مان وريام جي لاءِ هڪ ڪافور واري ڪار ورتي ۽ پوءِ نيلامي ڪپڙن جي گاڏن تان ڳولي ڳولي وريام لاءِ هڪ وڳو ورتو ۽ اڃا به هن وٽ وٽ ڪجھه ڏوڪڙ هئا هن سوچيو ته ان مان وريام جي ماءُ جو نيلامي وڳو ملي ويندو هن عورتن جي نيلامي ڪپڙن جي گاڏن تان ڳولي ڳولي هڪ وڳو ورتو جيڪو ٻه سو مليو اهو وڳو وٺي هيءُ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ شاپر ۾ وجھي اچي بس اسٽاپ تي بس جو انتظار ڪرڻ لڳو .
    منجھند گذري ويئي شام گذري رات ٿي پر صابو گھر نه وريو هن جي گھر واري اچي پريشان ٿي ته هيءُ ويل ٿي آهي اڃا ڪونه آيو خدا خير ڪري ڪڏهن به ايتري دير نه ڪئي آهي اڄ ڇو دير ڪئي آهيس هن جو من اداس ٿي ويو هاڻي هيءُ پروڙ وٺي ته ڪنهن کان وٺي هن ان سوزڪي واري جي گھر وڃي ان کان پڇيو جيڪو ان ئي ڳوٺ ۾ هو جنهن چيس ته مون کي چيائين ته ٿورو ڪم آهي اهو لاهي اچاه ٿو مون کي وڌيڪ خبر نه آهي ته ڪيڏانهن ويو ها پر پاڻ سڌو نيلامي ڪپڙن جا جتي گاڏا بيهندا آهن ان طرف ويو هو . رات جو خاموش ماحول جنهن جيتن جا آواز ٻي هر طرف خاموشي ان خاموشي ۾ اوچتو گاڏين جي سائرن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا ڳوٺ وارا انهن آوازن تي ٻاهر آيا ته هڪ پوليس موبائل هئي هڪ ايمبولنس هئي . پوليس آفيسر ڳوٺ وارن کي چيو ته اڄ شهر ۾ بس اسٽاپ تي هڪ موٽر سائيڪل ۾ بم ڦاٽو هو جنهن ۾ ڪيتائي انسان بي موت مري ويا آهن هڪ لاش اسان به کڻي آيا آهيون جيڪو هن ڳوٺ جي ڪنهن ماڻهو جو آهي هيءُ هڪ ٽنگ کان معذور آهي جڏهن صابو جي گھر واري جي ڪن تي اهي لفظ پهتا ته هن چيو ته مغذور ته منهنجو سراج آهي اهو مون کان ائين جدا ڪين ٿيندو هن ڊوڙي اچي يمبولنس جو دروازو کوليو ته هن جي نظر صابو جي خاموش جسم تي پيئي زارو زار روئڻ لڳي ۽ هيءُ چوڻ لڳي ته هيءُ تهوريام جو ابو آهي هن کي ڪنهن ماريو هيءُ ته وريام جي ڪار وٺڻ ويو هو پوليس واري ن کي هڪ شاپر ڏني جڏهن هن ڏٺو ته ان ۾ وريام جو وڳو ڪار ۽ سندس لاءِ هڪ وڳو هو . جنهن تي هن چيو ته صابو جا بابا منهنجي وڳي جي لاءِ ڇو ترسي هليو اچي ها منهنجو وڳو ته تون ئي هوئين ائين چئي صابو جي لاش مٿان بيهوش ٿي ڪري پيئي اهڙي بيهوش ٿي جو وي نه اٿي . هنن جي مائٽن کي اطلاع ڏنو ويو جيڪي آيا ڳوٺ وارن ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو وريام جيڪو اڃا پوري طرح ٽڙيو به نه هو اهو يتيم بنجي ويو . اهو گھر جنهن ۾ پيار ۽ پريت هئي ڏک سک ونڊڻ وارا هئا ان گھر مان محبتِ وفا ڪرڻ وارن جا ٻه جناز کڄي رهيا هئا . رسمن جي خاتمي کان پوءِ وريام کي سندن ماما پاڻ سان وٺي ويا پر صابو ۽ ان جي گھر واري جي محبت جا قصا ۽ وفا تي اڄ به ڳوٺ وارا ناز ڪن ٿا ته محبت جيڪا هنن ڪئي اهو سون ۾ ڪو هڪ ڪندو هوندو . صابو جو ڪچو گھر ويران پيو آهي پر چئي رهيو آهي ته هيءُ محبت وفا جي نشاني آهي


    ٽارين جدا ٿيا گل

    جڏهن ڪڪڙن جون ٻانگون شروع ٿيون ته سلمان پنهنجو گرم بسترو ڇڏي اٿيو ان رات به سيءُ گھڻو هو چڻ پارو ڄمر رهيو هو سلمان کي پنهنجي پيپر جي تياري ڪرڻي هئي اڃا صبح جو سوجھرو ظاهر نه ٿيو هو اوندهه هئي هن اٿي بلب کي ٻاريو جنهن تي هن جي ماءُ جي اک کلي ويئي جنهن ڇيس هن مهل ڇو اٿيو آهين ان کي جواب ڏنائين ته امان پيپر کي ياد ڪريان . ائين ماءُ سلمان جو جواب ٻڌي وري سوڙ پائي سمهي رهي . سلمان پنهنجي پڙائي کي لڳو رهيو تان جو سج به اڀري ويو ماءُ هڪل ڪري چيس پٽ تيار ٿي وٺ اسڪول ڏانهن وڃڻ ۾ دير نه ٿي وڃي . سلمان پنهنجا ڪتاب رکي اسڪول جي لاءِ تيار ٿيڻ لڳو . وري ماءُ جو ڪنن تي آواز پيس ته جلدي اچ هن هائوڪار ۾ جواب ڏنو اڄي ماءُ سان گڏ ناشتو ڪرڻ لڳو جڏهن اسڪول طرف وڃڻ لڳو ته ماءُ کي چيائين ته امان اڄ دل ٿي چوي ته اهو بت کانوان جيڪو ڏاڏي مرحيات ٺاهيندي هئي جنهن ۾ ممتا جي محبت شفقت جي شيري ۽ ان سان گڏ چاهت جي چٽڻي هوندي هئي . ماءُ چيس حاضر منهنجا سهڻل پٽ . تون رڳو پيپر ڏيئي . سلمان ماءُ کان موڪلائي اسڪول طرف روانو . اسڪول ۾ هي ءُ جڏهن داخل ٿيو ته هن ڏٺو ته ڪي ٻار راند ڪري رهيا هئا ڪي ڪاغذن تي پينسل سان تصويرون ٺاهي رهيا هئا ته وري ٻار ڪورس ۾ گيت جهونگاري رهيا هئا هيءُ انهن کي ڏسندو پنهنجي امتحاني حال ۾ داخل ٿيو . هيءُ ٻين ٻارن وانگر پيپر ملڻ کان پوءِ پيپر حل ڪرڻ لڳو جيڪي به هن جا سوال هئا اهي ذهن جي هارڊ ڊسڪ سان ڪاغذ جي سيني تي اتارڻ لڳو . هيءُ دنيا کان بي خبر پنهنجي پيپر ڪرڻ ۾ رڌل هئا .اوچتو هڪ ڌماڪو ٿيو جنهن هنن کي ڇرڪائي وڌو هيءُ اڃا ان ئي تجسس ۾ هئا ته اوچتو ڪجھه ماڻهو دروازي کي زور سان کولي اندر داخل ٿيا جن هٿن ۾ جديد هٿيار هئا . هنن ٻارن کي چيو ته اڄ توهان جو آخري پيپر آهي اهو به زندگي جو . ٻار خوف ۾ وٺجي ويا ڪي دروازي ڏانهن ڀڳا ته ڪي بينڇن هيٺيان لڪڻ لڳا . هڪ ٽيچر انهن کي چيو ته اوهان کي خيال نه آهي ته هيءُ ٻار پيپر ڏئي رهيا آهن جنهن تي انهن مان هڪ چيو ته اسان انهن کي پاس ٿا ڪريون . هن ان تيچر کي ڏڪو ڏنو هنن کي هڪ عورت جو احترام به ڪرڻ وسري ويو هيءُ انسان نه پر حيوان لڳي رهيا هئا ڪمري ۾ ٻارن جون سسڪيو ۽ خوف کان رڙيون هنيون اوچتو هٿيارن جا منهن کليا هر طرف گولين جو مينهن هو معصوم گل ڪرندا ويا پنهنجي ٽارين کان جدا ٿيندا ويا . جڏهن گولين جو مينهن وسي بس ٿيو ته ڌماڪا شروع ٿي ويا . هيءُ حملي واري خبر شهر ۾ جھنگ جي باهه وانگر پکڙجي ويئي مائرون روڊن تي رڙيون ڪندي اسڪول طرف ڊوڙڻ لڳا پيءُ اکين مان لڙڪ لاريندي اسڪول طرف دوڙيا . اسڪول ۾ هڪ قيامت جو منظر هو جيڪي معصوم گلن جھڙا ٻار گھرن کان سنوارجي پيپر لاءِ نڪتا هئا انهن جي جسم مان رت ويهي رهيو هو انهن جا ڪپڙا رت ۾ لال ٿي ويا . جتي روڄ راڙو ماتم هو اتي ايمبولنس جا سائرن به هئا جيڪي معصوم شهيدن کي اسپتال پهچائي رهيا هئا . پنهنجن ٻچڙن کي ڳوليندڙ وري اسپتال طرف ڊوڙڻ لڳا . سلمان جي ماءُ پنهنجي پٽ جي تياري ڪري رهي ته هن جي فرمائش پوري ڪري اوچتو هن جي ڪنن تي ان اسڪول جو نالو آيو جتي دهشتگردن حملو ڪيو هو . هن جي پيرن هيٺيان زمين نڪري ويئي سلمان به ان اسڪول ۾ پيپر ڏيڻ ويو هو . ماءُ جي ممتا ڇڪ کاڌي ۽ پيرن اگھاڙي اسپتال ويئي . جتي مائرن جون ڪوڪون دانهون هنيون اهي پنهنجي لخت جگرن شهيد پٽن جا لاش ڳولي انهن کي چنبڙي روئي رهيون هنيون . سلمان جي ماءَ هڪ هڪ لاش کي ڏٺو پر هن جو سلمان نه مليو هن چرين وانگر هر ڪنهن کان پڇيو پر ڪنهن به هن کي ڪو ڏس نه ڏنو ته هن جو لاڏلو پٽ ڪٿي آهي سڀڪو پنهنجن ميارن گلن جي جدائي تي ماتم ڪري رهيو هو . پٽ کي ڳوليندي ڳوليندي سلمان جي ماءُ ڪري پيئي جنهن کي نرسن ۽ ٻئي عملي بيڊ تي پهچايو ۽ هن جو علاج ڪرڻ شروع ڪيو ڪجھه پلن کان پوءَ جڏهن هن کي هوش آيو ته هيءُ وري به پنهنجي پٽ کي ڳولڻ لکي هاڻي ڪافي شهيدن جا لاش انهن جا وارث کڻائي ُڇي چڪا آهن اسپتال ۾ اڃا به قيامت جو منظر هو هن پيل شهيدن جي لاشن ۾ پنهنجي پٽ کي ڳوليو اهو نه مليو هيءَ اکين ۾ لڙڪ وهائيندي ڀتين کي هٿ ڏيئي سلمان سلمان پڪاريندي هلي رهي هئي اوچتو هن کي چڪر آيو هڪ نرس جيڪا هن جي ڀر ۾ بيٺل هئي ان هن کي سهارو ڏيئي ڪمري هلڻ لڳي جڏهن هيءَ هڪ مڪري جي ويجھو لنگھي ته هن جي نظر بيڊ تي پيئي جتي ٻيو ڪوبه نه هن جو پٽ هو هن يڪدم ان طرف جو رک ڪيو جڏهن پٽ پنهنجي ممتا کي ڏٺو ته هن اٿڻ جي ڪوشس ڪئي پر اٿي نه سگھيو ماءُ هن جي ويجھو وڃي هن کي ڀاڪرن ۾ ڀريو چيو ته هيءُ منهنجو پٽ آهي هن جي لبن تي خوشي به ته غم به هو . هن جي پٽ زور سان روئڻ شروع ڪيو هن جي زبان ۽ اندر ۾ ڪاترائي سوال هئا هيءُ اڪيلو هو جيڪو پنهنجي ڪلاس جي ساٿين مان بچيو هو ٻيا هن جا سڀ ساٿي شهيد ٿي چڪا هئا . هن صرف اهو چيو ته امان ظالمن جيڪي ٽارين کان گل جدا ڪيا آهن انهن هنن جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو هاڻ آئون ............. هن ڪجھه چوڻ ٿي چاهيو پر ماءُ هن کي ڳالهائڻ نه ڏنو . پر ان وقت کان پوءِ سلمان جي چهري تي مرڪ نه هئي پر اداسي هوندي هئي هيءُ پنهنجن دوستن کي ياد ڪري روئي پوندو هو چوندو هو گلن بنا ٽاريون به اداس آهن .


    عيد ۽ ڀڳل رانديڪو

    صبح جنهن وقت ڪڪڙن ٻانگون ڏيڻ شروع ڪيون ان وقت گلڻ ۽ ان جي گھر واري ننڊ مان سجاڳ ٿيا ڪجھه پلن کان پوءِ آذان به اچڻ شروع ٿي . گلڻ جلد وضو ڪري مسجد طرف وڃڻ لڳو پٺيان هن جي گھر واري ماني پچائڻ لاءِ رک سان ڍڪيل ٽنڊن تي سرن جا ڪانا ڪاغذ وجھي ان کي دکائڻ لڳي جيئن ماني تيار ڪري وي ۽ گلڻ ماني کائي منجھند جي لاءِ پنهنجي ماني کڻي روزي جي تلاش ۾ نڪري . هن جي ڪوشس کان پوءِ باهه ٻري ويئي ۽ اٽو ڳوهي ماني پچائڻ لڳي جيئن ماني پچي پوري ٿي ته گلڻ به مسجد مان گھر اچي ويو ۽ هن جي گھر واري چيس ته ٿورو انتظار ڪري ته پٽاٽا تري وٺان ۽ چانهه ٺاهي وٺان پوءِ تون ناشتو کائي رزق جي تلاش ۾ نڪري وڃ . جنهن تي هن چيو جيئن تنهنجي مرضي اڪبر جي ماءُ ، اڪبر هنن جو لاڏلو پٽ هو جنهن جي عمر پنج سال کن مس هئي جيڪو هنن کي ڪافي وقت کان پوءِ مليو هو جنهن ۾ ڄڻ هنن جو ساهه هوندو هو .گلڻ کٽ تي ويهي رهيو هن جون نظرون هن جي پٽ ۾ هنيون پر هي سوچن جي سمنڊ ۾ مڏل هو هن جي چهري تي اداسي هئي ڪا ڳالهه هئي جيڪا هن جي اندر ۾ وڍ وجھي رهي هئي . جڏهن هن جي گھر واري ماني کڻي آئي ته تڏهن به هن کي ڪل نه پيئي ته هن جي گھر واري ماني کڻي آئي آهي . هن جنهن وقت پنهنجي ور کي اداس ڏٺو ته ان کان پڇيائين ته ڇا ڳالهه آهي تون اداس ڇو آهين . جيڪڏهن تون غربت ڪاڻ اداس آهين ته ان جو فڪر نه ڪر اهو پنهنجو نصيب آهي اهو پنهنجي امتحان آهي پاڻ کي صبر ڪرڻو جيڪو رب جي طرفان هوندو اهوئي ملندو . پاڻ کي رب پاڪ جيڪو هي جھوپڙو ڏنو آهي ان ۾ پاڻ خوش آهيون . اڪبر جا پيءُ اداس نه ٿي اڪبر جي صورت ۾ پنهنجي دولت اها آهي پاڻ ڏک سهي به هن کي سکيو رکنداسين . جنهن تي گلڻ چيو ته مون کي ها ڳالهه ته جھوري رهي آهي جنهن تي هن جي گھر واري چيو ته اها وري ڪهڙي ڳالهه جنهن جي ورندي اکين لڙڪ لاڙيندي گلڻ چيو ته اڪبر مون کي فرمائش ڪئي آهي جنهن کي مون کي پورو ڪرڻو آهي جيڪڏهن اڪبر جي فرمائش پوري نه ڪيم ته هيءُ ڏکارو ٿي ويندو . آئون هن کي ڏک نٿو ڏيڻ چاهيان . جنهن تي هن جي گھر واري چيو ته اڪبر ڪهڙي فرمائش ڪئي آهي جنهن تي گلڻ اداس لفظن چيو ته هن مون کي چيو آهي ته سڀاڻي عيد تان منهنجي لاءِ چاٻي وارو رانديڪو وٺي اچجان هاڻ اهو هڪ سو کان گھٽ ته نه ملندو هر عيد تي آئون ڏهن روپين وارو رانديڪو وٺي ايندو آهيان جنهن تي اڪبر خوش ٿي ويندو آهي هن دفعي هيءُ چوي ٿو ته مون کي چاٻي وارو رانديڪو کپي . هاڻي تون ٻڌائي اڪبر جي ماءُ پاڻ وٽ ايترا ڏوڪڙ ته نه آهن پاڻ واري زندگي روز آنيون روز چاڙهيون واري حساب سان گذري رهي آهي . جنهن تي هن جي گھر واري چيو ته تون سوچن جي ساگر مان نڪر سڀاڻي رب سڻائي ڪندو اڪبر کي آئون پاڻئي رانديڪو ڏينديس . تون سوچن مان نڪري پنهنجي روزي جي تلاش ۾ وڃ . اڪبر گھر مان اداس مرڪ لبن تي آني نڪتو ۽ پنهنجي منزل طرف روانو ٿي ويو . هن جي گھر واري جيڪا سگھڙ هئي جنهن هن جي درد کي محسوس ڪيو هنن جو اهوئي هڪڙو ئي پٽ هو هن پاڻ وٽ لڪل ڏوڪڙ ڪڍيا جيڪا پنجاهه کن ٿيا هن سوچيو ته ڪجهه ڏوڪڙ هي آهن ڪجھه هن جو پيءُ آڻيندو پنهنجي گلن جھڙي پٽڙي جو رانديڪو اچي ويندو ۽ هو باغ بهار ي ويندو . شام جو جڏهن گلڻ گھر آيو ته هن جي چهري تي خوشي هئي هن پنهنجي گھر واري کي چيو ته اڄ رب پاڪ جام روزي ڏني آهي اڄ پن سو روپيا ڪمايا آهن هاڻي منهنجي پٽ جو چاٻي وارو رانديڪو اچي ويندو ڀلي ڪيتري به ملي آئون پنهنجي پٽ کي رانديڪو وٺي ڏيندس . ٻئي ڏينهن صبح جو سوير گلڻ تيار ٿي عيد نماز پڙهڻ جي لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري رهيو هو ته هن جي ننڍڙي اڪبر هن کي اچي قابو ڪيو ۽ پنهنجي ٻاتن ٻون سان چيو ته بابا منهنجي لي بابي والو تاندينڪو ولي اچتان . هن پٽ کي پيار سان ڀاڪر پاتو ۽ چيو ته منهنجي سهڻي لاڏلي لاءِ کوڙ چاٻي وارا رانديڪا وٺي ايندس . هيءُ عيد نماز پڙهڻ لاءِ ويجھي شهر ڏانهن هليو ويو عيد نماز کان پوءِ هن پنهنجي ننڍڙي لاءِ هڪ سهڻو چاٻي وارو رانديڪو ورتو ۽ واپس ڳوٺ طرف اچي رهيو هو هن جي ذهن ۾ خيال اچي رهيا هئا ته منهنجو ننڍڙو اڄ ڏاڍو خوش ٿيندو هن نئين رانديڪي سان راند ڪندو اڄ هن جو ارمان آئون پورو ڪري وڃي رهيو آهيان . هيءُ خوش خوش گھر ڏانهن اچي رهيو ته رستي تي ڪجھه اوباش جوان جيڪي موٽر سائيڪل تي اچي رهيا هئا هنن جي اسپيد آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي هئي ڪنهن وقت هڪ ويل تي ڪنهن وقت ٻن ويلن تي ڪنهن وقت روڊ جي هڪ طرف ته ڪنهن وقت ٻئي طرف موٽر سائيڪل هلائي اچي رهيا هئا ڄڻ هنن کي پنهنجي زندگي پياري نه هئي ۽ نه ٻئي ڪنهن جي حياتي جو خيال هو . اوچتو هڪ ڌماڪو ٿيو موٽر سائيڪل گلڻ کي لڳو هيءُ هڪ طرف وڃي ڪريو رانديڪو هن جي هٿ ۾ قابو هو جيڪو ٽٽي ويو هنن اوباش نوجوانن کي ڪو به خيال نه آيو ته گلڻ ڪيئن آهي زنده آهي يا مري ويو هو پنهنجي موٽر سائيڪل تي ساڳيو رونشو ڪندا ويا هليا . اتان جڏهن ڳوٺ جا ماڻهو لنگھيا ته انهن گلڻ جو خاموش جسم ڏٺو پوليس آئي ضروري ڪاروائي کان پوءِ لاش کي ڳوٺ موڪليو ويو . ننڍڙو اڪبر انتظار ڪري رهيو هو ته منهنجو بابا منهنجي لاءِ ڪيڏي مهل ٿو رانديڪو وٺيو اچي . پر هن ٻالڪ کي ڪهڙي پروڙ ته هن کي رنديڪي بدران پيءُ جو لاش ملندو . جڏهن گلڻ جو لاش گھر پهتو ته ان وقت به اهو ڀڳل رانديڪو هن جي هٿ ۾ هو انهن ڇوڪرن جي ڪري عيد ڏيهاڙي هنن جي گھر ۾ ماتم ڇائنجي ويو اڪبر معصوم جا جيڪي رانديڪي لاءِ خواب هئا اهي اڌورا رهجي ويا . هنن کي ڪير چوندو جيڪي تيز رفتاري سان موٽر سائيڪل جي ڊرائيوري ڪن ٿا ڪي ته اهڙا به هوندا آهن جيڪي اڃا بالغ نه ٿيا هوندا ٻار هوندا هنن جا مائٽ ڄڻ اگھور ننڊ ۾ ستل آهن انهن کي ڇا اها ڪل نه آهي جيڪي اڄ ٻين جي گھرن جا سهارا کسين ٿا ڪڏهن انهن سان سان به اهو ويل وهي سگھي ٿو قانون ڪٿي اهي جيڪو هنن کي روڪي ٽرئفڪ جي قانون ۽ اصولن تي عمل ڪرائي جيڪڏهن هنن کي نه روڪيو ويو ته اهي جيڪي مستقبل جا معمار آهن اسان کان جدا ٿي سگھن ٿا . ائين نه ٿئي جو ٻئي ڪنهن جي گھر ۾ عيد بدران ديد ٿي وڃي


    ڦاٽل چولو

    هن جي هٿ ۾ هڪ ڦاٽل چولو هو هيءُ دانهون ڪوڪون ڪري رهيو هو مون سان ظلم ٿيو آهي مون سان انصاف ڪريو منهنجي عز ت ۽ نفس کي داغدار ڪيو ويو آهي منهنجي بهارن کي خزان ڪيو ويو آهي ڪير به منهنجي دانهن تي ڌيان نٿو ڌري هيءُ روڊن رستن گھٽين ۾ ائين دانهون ڪندو هلندو هو هن جي هٿ ۾ جيڪو چولو هو ڪنهن وقت کوليندو هو ته اهو ٻانهن ۽ چاڪن کان ڦاٽل هوندو هو هيءُ منهنجي ڌيءَ جو آهي هيءُ ڏسي پوءِ ته مون سان انصاف ڪريو منهنجي مدد ڪريو هن کي ماڻهو چريو سمجھي هن جي دانهن طرف توجهه نه ڏيندا هئا ڪنهن کي به اها تڪليف نٿي ٿي ته هن جي باري ۾ سوچين ها هيءُ هن حالت ۾ ڪيئن آيو آهي هيءُ ته محنتي مزور هو بهادر دلير سچو انسان هو جانٺن جوانن کان به ڪم ۾ سگھو هوندو هو هيءُ ڪم جو سچو هو جيستائين پنهنجي حصي جو ڪم پورو نه ڪندو هو آرام نه ڪندو هو ڪنهن به هن جي درد کي نٿي ڏٺو هرڪنهن جي من ۾ اها ڳالهه هئي هن جو دماغ هن جي ڇوڪري جي مرڻ کان پوءِ ڦري ويو آهي هيءُ چريو ٿي ويو آهي اصل حقيقت معلوم ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن به ڪوشش نه ڪئي هن جون دانهون آسمان کي ڄڻ ڏاري ٿي ويون اتان هڪ نوجوان اچي لنگھيو جڏهن هن جي نظر هن تي پيئي ته هو بيهي رهيو هن جي طرف ڏسڻ لڳو ڄڻ هو هن کي سڃاڻندو هجي هيءُ ٻيو ڪو نوجوان نه هو هن ئي ڳوٺ جو هو جيڪي ڪافي سال پهرين هٿان لڏي وڃي شهر ويٺا هئا هن طرف وري نه آيا هئا اڄ هيءُ نوجوان جنهنجو نالو آصف هو اهو آيو هو پر هن کي غور سان ڏسي رهيو هو ڄڻ هن جي ذهن ۾ ڪا شيءِ هئي جنهن تي هيءُ غور ڪري رهيو هو آخر هن جي زبان مان لفظ نڪتو ته هيءُ ڪانڊيرو ته نه آهي پر هن کي مڪمل يقين نه هو هيءُ ان جي ويجھو ويو ۽ سلام ڪري چيائين ته توهان چاچا ڪانڊيرا ته نه آهيو . هن يڪدم هن طرف نگاهه ڪئي هن طرف ڏسڻ لڳو سوچڻ لڳو ته هي بيحس ماڻهن جي ميڙ مان ڪهڙو حساس ماڻهو آيو جيڪو مون سان ٻه ٻولي رهيو آهي هتي ته ڄڻ ڪنهن کي ڪير پڇڻ وارو نه آهي هيءُ ڪهڙو مون وٽ املهه موتي آيو آهي هن چيو ٽ تون ڪير آهين جنهن تي آصف چيو ته چاچا ڪافي سال اڳ اسان به هن ڳوٺ ۾ رهندا هئاسين پر پوءِ هتان لڏي وياسين آئون استاد درمحمد جو پٽ آهيان ها پٽ اهو استاد جيڪو رات ڏينهن ٻارن کي علم جي زيور سان سنواريندو هو ڳوٺ جي پوڙهن پکن کي به پڙهائيندو هو هرڪنهن جي ڏک سک جو ساٿي هو . پر چاچا هيءُ توهان سان ڪهڙي ويل وهي آهي جو توهان ائين پيا ڪريو . ڪانڊيرو ڪجھه به نه ڪڇيو آصف کي ٻانهن ۾ هٿ وجھي هڪ قبرستان تي وٺي اچي هڪ قبر جي مٿان بيهاريائين هن قبر جي مٿان نازبو جا پن ۽ گلاب جون پنکڙيون پيل هيون جن جي هٻڪار سڄي ماحول کي معطر ڪري ڇڏيو هو هن چيو ته هيءُ منهنجي ڌيءَ آهي مون کي اميد هئي ته آئون پنهنجي نياڻي کي علم جي سونهن سوڀيا سان سينگاريان ان لاءِ مون هن کي اسڪول داخل ڪرايو جڏهن هن مئٽرڪ ڪئي ته هن کي شهر جي ڪاليج ۾ داخل ڪرايو شروع ۾ ته هن ڪابه شڪايت نه ڪئي پر پوءِ هن مون کي چيو ته هڪ وڏي ماڻهو جو پٽ مون کي تنگ ڪري ٿو . مون هن جي پيءُ کي دانهن ڏني ته الٽو مون کي بي عزتو ڪيو ۽ چيو ته ڇوريون اوهان ڦٽن ڏوهه وري شريف ماڻهن جي شريف ٻارن تي هن مون کي ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيو . مون پنهنجي نياڻي کي چيو ته عزت کان وڌيڪ ڪا شيءِ نه آهي تون ڪاليج نه وڃ منهنجي ڌيءَ پڙهڻ ڇڏي ڏنو . ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جيئن ئي گھر آيس ته منهنجي ڌيءَ هن دنيا ۾ نه هئي هن جي ڀر ۾ زهر جي بوتل پيل هئي هن جو چولو ڦاٽل هو جنهن مان مون کي پڪ ٿي ته منهنجي ڌيءَ خودڪشي نه ڪئي آهي اها بهادر آهي اهو ڪم نٿي ڪري سگھي جيڪا پنهنجي پاڻ کي ماريندي اها پنهنجو چولو ڪيئن ڦاڙيندي . پوليس وٽ ويس ته انهن رڳو خودڪشي جو ڪيس داخل ڪري منهنجي نياڻي جو خون لوڙهي ڇڏيو آهي جنهن تي هن کي آصف چيو ته تون مون سان گڏ شهر هل اتي آئون توسان گڏجي هن ظلم خلاف آواز بلند ڪندس خدا اسان کي انصاف ضرور ڏياريندو . آصف ڪانڊيري کي وٺي شهر ويو ٻئي ڏينهن هيءُ پريس ڪلب جي اڳيان وڃي ويٺا جتي هنن سان جيڪي صحافي ملڻ آيا انهن کي سڄو داستان ٻڌايو ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ ڦاٽل چولو جي هيڊنگ سان خبرون لڳيون جن باهه وانگر هن ظالمن جي ظلم کي واهڻ وستي تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو مشينري حرڪت ۾ آئي ظالم گرفتارٿيا ڪيس هليو جوابدارن تي ڏوهه ثابت ٿيو انهن کي سزا ملي فيصلي جي ٻئي ڏينهن وري اخبارن ۾ هيڊنگ هئي ته ڦاٽل چولو جنگ کٽي ويو ظالمن کي سز املي يئي .


    ڳاڙهو فرش

    گاڏين جي اچڻ وڃڻ جو گوڙ هو معصوم ٻارن جي ٻاتن ٻولن ۾ گيت جھونگارجي رهيا هئا مسجدن مان واعظ اچي رهيو هو ماڻهو مسجد طرف نماز پڙهڻ لاءِ ۽ پنهنجي گناهن جي رب کان معافي گهرڻ لاءِ توبه تائب ٿيڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ڪجھه دير کان پوءِ هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو ڀر وارن گھرن ۾ لڳل شيشا ٽٽي پيا ماڻهو جيڪي ٻاهر رستن ۽ دوڪانن تي هئا انهن جو ڌماڪي واري جاءِ ڏانهن ڀڄڻ هو هرڪو پريشان هو فضا ۾ آهون دانهون هنيون جيڪو پٽ عبادت لاءِ صاف ڪيو ويو اهو رت جي ڳاڙهاڻ سان ڳاڙهو ٿي ويو ڪي جسم خاموش ته ڪي معمولي حرڪت ۾ جيڪي مدد ڪاڻ پڪاري رهيا هئا ، ماڻهن جو هڪ وڏو انگ جيڪي ڪن جا سهارا خواب هئا ارمان هئا خاموش بنجي ويا هئا لبن تي اهو آواز اها انسانيت نه آهي اها ته حيوانيت کان به ڪريل آهي حيوان به اهڙو ڪيس نه ڪندا آهن جيڪو هنن انسان جي لباس ۾ ڪيو آهي


    گلاب

    روز هن جا سريلا گيت بڌڻ ۾ اچن ٿا هن جي گيتن ۾ اهڙو سرور آهي جو پکي پکڻ جھومي پون ٿا هن کي قدرت واري مٺو پيارو آواز ڏنو آهي پر هن کي اها خبر نه هئي ته هن جو آواز ڪيڏو سرو وارو ۽ مٺو آهر هي جڏهن صبح جو ٻڪرين جي گوهر ڪاهيندو هو ته هن جي خوش من مان گيت گونجي نڪرندا هئا اها ڳالهه هوٽل تي ويٺل ماڻهن مان هڪ ماڻهو ڪري رهيو هو آئون ه ڳوٺ جو نه هوس پر قسمت سانگي ان رات اوندهه ٿيڻ جي ڪري ان هوٽل تي اچي ترسيو هوس سڄي رات ان آواز جي باري ۾ سوچيندو رهيس ته اهو آواز ڪنهن جو آهي جنهن جي هيءُ ساراهه ڪري رهيا هئا اهو آواز ضرور ٻڌنو ۽ آواز وارو ڏسبو ان آواز کي دنيا وارن جي اڳيان آڻبو جيئن اهو آواز گنيا وارا به ٻڌن جنهن جي ساراهه هي ڳوٺ وارا ڪري رهيا آهن . اهو پڪو پهه ڪري سمهي رهيس ته سڀاڻي ان سان ضرور ملاقات ڪبي .آواز خدا جي ڏات آهي اهو آواز تانسين به ٿي سگھي ٿو ته سرمد سنڌي به ٿي سگھي ٿو هن آواز کي هن سرسبز ڳوٺ مان ٻاهر ڪڍڻو پوندو دنيا وارا ته اهڙن آواز ن جي کوجنا ڪندا رهندا آهن ته اهڙو سرور وارو آواز ملي جنهن جي الاپڻ سان پکي مست ٿي وڃن وڻ جھومي اٿن مون ان آواز کي نه ٻڌو هو پر رڳو ان بابت ويچار ٻڌا هئا . ماڻهن جي ڳالهين کان پوءِ هڪ گھري ساگر ۾ گم هوس . صبح جو جڏهن پکي خدا جي وحدانيت ڪندا پنهنجي رزق جي تلاش ۾ نڪتا ان وقت آئون ٻاهر اچي بينچ تي ويهي رهيس ڪجھه پل مس گذريا ته منهنجي ڪنن تي شيخ آواز جي وائي سهندو ڪير ميار او يار سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو جو الاپ پيو آئون ان آواز کي ڳولڻ لڳس ته اهو آواز بند ٿي ويو اوچتو منهنجي ڀر مان هڪ جوان گذريو جنهن جي عمر 15 يا 16 سال هوندي اڳتي نڪري اسحاق راهي جي وائي گل اهڙي طرح ٿا لڏن ڪو ها پيو ڪري ڪو نه پيو ڪري پيو مون پڪ سمجھيو اهو آواز ان ٻالڪ جو آهي ان کي سڏ ڪيم ۽ پڇيومانس ته اهو گيت تو پئي جھونگاريو چيائين ها پر چاچا توهان کي نه وڻيو ڇا جنهن تي مون چيو ته تنهنجي آواز ۾ هڪ سرور آهي پٽ تون پڙهندو نه آهين جنهن تي هن جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا جيڪي چهري تي نيسرا ٺاهيندي زمين تي ڪري گم ٿي ويا هن چيو ته چاچا آئون نو درجا پاس آهيان پر بابي کي ظالمن ماري ڇڏيو جنهن کان پوءِ ماءُ جي سنڀال ڪرڻ پاپي پيٽ جي بک اجھائڻ خاطر ٻڪريون چاريندو آهيان جنهن تي هن کي مون چيو ته پٽ تون پڙهندين ان تي هن ورندي ڏني ته جيڪڏهن پڙهندس ته ماءُ جي منهنجي بک ڪير ختم ڪندو جينهن تي مون هن کي چيو ته تون فڪر نه ڪر تون پڙهندين به سک به ڏسندي تنهنجو آواز آئون دنيا وارن تائين رسائيندس جنهن تي هن چيو ته سچ چاچا مون چيو پٽ ها جنهن تي هيءُ لبن تي هلڪي مرڪ آني اڳيان نڪري ويو پر مون محسوس ڪيو ته ڪجھه پل جي لاءِ هن جي ڏکويل دل ۾ خوشي آئي هئي .جڏهن آئون واپش پنهنجي شهر آيس ته اتي هن ٻالڪ جي ماتقبل جي باري ۾ سوچيندو رهيس ته ڪنول جو گل آهي ڪيڏو نه پيارو آهي پر هن جو جيون ڏکن جي ڏيهه ۾ آهي آخر مون فيصلو ڪيو ته هن ٻالڪ جي زندگي کي سنواربو اهو فيصلو ڪري آئون پنهنجي هڪ دوست سان مليس جيڪو ميوزڪ جو ماهي هو ميوزڪ ڪمپني هلائيندو هو ان سان سڄو قصو ڪيم جنهن تي هن چيو ته ان ٻالڪ سان ملبو تنهنجو سپنو ان کي چنڊ ستارن جيان روشن ڏسڻ جو آهي ته اهو ضرور پورو ڪبو .ان تي هن کي چيم ته اهو ٻالڪ يتيم آهي ان جي فق ماءُ آهي جنهن تي هن چيو ته دوست ان ٻالڪ کي علم جي زيور سان منور به ڪبو ان کي هتي رها.ش به ڏٻي ڪنهن جي مدد ڪرڻ سان رب راضي ٿيندو آهي اهو صدقو جاريه آهي .ڪ ڏينهن پروگرام ڪري ان ٻالڪ جي ڳوٺ ڏانهن روانا ٿياسين منهنجي دل ۾ اهي وسوسا اچي رهيا هئا ته هيءُ موسيقي جو ماهر آهي ان ٻالڪ کي پاس ڪندو يا نه آهي ته منهنجو دوست پر سندس پروفيشن الڳ آهي جنهن جي مون کي مڪمل ڄاڻ به نه آهي . انهن ئي سوچن ۾ هن جو ڳوٺ اچي ويو پر ڳوٺ ۾ اها رونق نه هئي جيڪا اڳ هئي چهرا اداس هئا پکي جي لات ۾ اهو سرور نه هو خبر نه آهي اهو ئي سوچي پريان ايندڙ هڪ وڏي عمر واري چاچي کي هڪل ڪيم جنهن کان ان ٻالڪ جي باري ۾ پچيم ته اهو خاموش ۽ اداس ٿي ويو ۽ اسان کي هڪ اهڙي جاءِ تي وٺي آيو جتي رڳو رک پيل هئي اتي آني چيو ته پٽ جنهن ٻالڪ جو توهان پڇو پيا ان جو نالو گلاب آهي جنهن ۾ گلاب جي گل جهڙي مهڪ ۽ ڇڪ هئي اهو سامهون اٿو گلاب ان سان ملو جنهن تي مون چيو ته چاچا اها ته رک آهي جنهن تي ان پوڙهي اکين مان لڙڪ لاڙيندي چيو ته پٽ ان رک ۾ گلاب ۽ ان جي ٽاري جي به رک آهي گلاب اسان کان رسي ويو هليو هاڻي اسان سريلا گيت نه ٻڌي سگھنداسين . جنهن تي مون چيو ته اهو ڪيئن ان تي هن چيو ته هڪ رات گلاب جي ماءُ ماني پچائي ٽانڊن مٿان رک وجھي ڍڪي ڇڏيو جيئن صبح جو وري ٽانڊو ٻاري باهه ٻاري رات جو اهڙو هوا جو جھونڪو آيو جنهن ۾ رک اڏامي وئي ٽانڊا وڃي پلر ۾ پيا گلاب جو گھر ڪکاوان هو پل ۾ سڄي گھر کي باهه وڪوڙي وئي هنن جي رڙين تي ڳوٺ وارا آيا پر باهه نه وسامي سگھي گلاب پنهنجي ٽاري يعني پنهنجي ماءُ سان گڏ هن باهه ۾ سڙي راک ٿي ويو اهائي راک گلاب ۽ ان جي ماءُ جي آهي گلاب جهڙو سهڻو ٻالڪ ٽڙڻ جي عرصي تي پهچي ڪومائجي ويو هاڻ صرف هن جون يادون آهن جنهن جي تلاش ڪندا آهيون اها گم ٿي ويندي آهي گلاب به سان کان گم ٿي ويو جڏهن مون کي گلاب جي ياد ايندي آهي ته تڙپي پوندو آهيان ته آئون هن سان ڪيل قول پاري نه سگھيس هن کي خوشيون ڏيئي نه سگھيس.


    غريبن سان عيد

    ٻاهر گھگھه اونداهي هئي سائل پنهنجي ڪچي گھر ۾ کٽ تي ليٽيو پيو هو گھر ۾ هلڪي روشني هئي جيڪا لالٽين جي ڪري هئي ٻيو سڄو گھر اونداهي ۾ گھيريل هو سائل جي چهري تي ڏک ۽ مايوسي جون ريکائون هنيون هن جا ٻه ٻار هڪ ننڍڙي ۽ هڪ ننڍڙو ڇنل کٽ تي ستا پيا هئا جن جي بدن تي ڦاٽل ڪپڙا پهريل هئا . سائل جي گھرواري جي اکين ۾ اداسي هئا ڪنهن ڪنهن وقت هيءَ سوچن ۾ پئجي ٿي ويئي هن جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ شروع ٿي ويندا هئا جيڪي چهري تي نيسرا ٺاهيندي هيٺ ڪچي پٽ کي آلو ڪري گم ٿي ويا ٿي . مٿان عيد اچي رهي هئي سوچي رهي هئي ته ٻار ٻين ٻارن کي نوان ڪپڙا پهريل ڏسندا ته هن کان سوال ڪندا ته هنن کي نوان ڪپڙا پهريل ڇو نه آهن .هيءَ وري سائل کي ڏسندي هئي ته وڌيڪ ڏک ۾ ڀرجي ويندي هئي . اوچتو هن جو ذهن ماضي جي جھروڪن ۾ وڃي ٿو جڏهن هيءُ خوش گذاريندا هئا روز نوان ڪپڙا پهريندا هئا . جڏهن هنن کي ننڍڙي ڄائي هئي ته هيءُ ڏاڍا خوش ٿيا هئا وڏا جشن ڪيا هئا . پر اڄ هيءُ محتاج بنجي ويا آهن . سائل هڪ محنتي ايماندار ماڻهو هو هيءُ صبح ساجر محنت ڪرڻ جي لاءِ نڪري ويندو هو روزانو ايترو ته ڪمائيندو هو جو هنن جو گھر خوش هوندو هو .هڪ ڏينهن هن جي قسمت هن سان رسي ويئي هيءُ رات جو دير سان پنهنجي گھر واري ۽ ٻار جا ڪپڙا وٺي گاڏي ۾ اچي رهيو هو هيءُ خوش هو ته اڄ منهنجا ٻار تمام خوش ٿيندا اڄ مزوري سٺي لڳي آهي پر قسمت کي ٻيو ڪجھه منظور هو . جيئن گاڏي پنهنجي منزل طرف وڃي رهي هيءُ ته اوچتو هڪ موٽر سائيڪل سوار اوباش نوجوان گاڏي جي اڳيان اچي ويو جيئن ئي ڊرائيور هن کي بچائڻ جي ڪوشس ڪئي ته گاڏي ڪلٽي ٿي ويئي جنهن حادثي جي نتيجي ۾ سائل جي ٻانهن ۽ ٽنگ ناڪاره ٿي ويئي جيڪو گھر خوشين سان منور هو اهو مجبوري ۽ پيڙاهه جي ور اچي ويو . جيڪو محنتي سائل هو جيڪو ٻين جي اڳيان هٿ ڊگھيرڻ کي عيب سمجھندو هو سو اڄ ٻين جي اڳيان هٿ ڦهلائي رهيو هو هن جا خواب سپنا ان حادثي ختم ڪري ڇڏيا . اڄ هن جي چهري تي مايوسي هئي هن کي هر هر هن جي ٻارن جا سوال ذهن ۾ تري رهيا هئا ته بابا عيد اچي رهي آهي اسان کي عيد جا ڪپڙا ملندا يا نه هيءُ ٻارن کي چوندو هو ته جڏهن پيسا ٿيا ته توهان کي وٺي ڏيندس . هن کي اهو ڏک هو ته ٻين جا ٻار اسڪول وڃن ٿا پر منهنجي معذوري جي ڪري منهنجا ٻار اسڪول ڪونه ٿا وڃن غريب الله کان سواءِ ڪير آهي . هيءُ سوچن جي ساگر ۾ قيد هو هن جون نظرون مٿي آسمان ۾ ٽمڪندڙن تارن ۾ هنيون چهري تي پريشاني ۽ مايوسي هئي . هن جي گھر واري جيڪا اڳئي ڏکن ۾ گھايل هئي هن جي ويجھو اچي هن کي چيو ته پريشان نه ٿي الله خير ڪندو . هن چيو ته ڏس عيد ۾ ڪجھه ڏينهن اچي بچيا آهن ٻارن جي لاءِ ڪجھه به نه آهي نه ئي عيد تي رڌڻ جي لاءِ ڪو چکو چوکو طعام آهي اهو سوچي منهنجو جيءُ جھري رهيو آهي .زندگي هڪ امتحان آهي . الائجي ڪهڙو امتحان اچي پيو آهي ڪيڏي نه خوش زندگي گزرندي هئي نه ئي گاڏي اڳيان اهو ڇوڪر اچي ها نه ئي گاڏي ڪلٽي ٿئي ها نه ئي آئون جڏو ٿيان ها . خبر نه آهي ماڻهو پنهنجي اولاد کي چو نٿا روڪين جيڪڏهن اسان جي بدران ان ڇوڪر کي ڪجھه ٿئي ها ته ان جي ماءُ جي ڇا حالت ٿئي ها جنهن جو اکين جو اهو نور هو . هن جي گھر واري هن کي چيو ته تون مايوس نه ٿي رب وڏو آهي اهوئي ڪو وسيلو ڪندو . ڏس تون پريشان ٿيندي ته پريشاني سان مسئلا حل نه ٿيندا جيڪڏهن توکي ٻار ڏکارو ڏسندا ته انهن جي دل به ڏکاري ٿيندي . تون الله کان بخشش دعا گھر . اهو ڪونه ڪو وسيلو ڪندو . مون جي دل ٿي چوي ته پنهنجا ٻار به ٻين ٻارن وانگر خوش ٿي عيد ڪندا .تون الله کي ياد ڪري سمهي رهه . سوچن ۾ سائل کي خبر ئي نه پئي ته ڪيڏي مهل ننڊ اچي ويئي جڏهن صبح جو مٺيون ٻوليون ٻوليندي رزق جي تلاش لاءِ پنهنجا آکيرا ڇڏيا ته هيءُ به پکين جي مٺي لات تي سجاڳ ٿيو هن ڏٺو ته هن جي گھر واري چانهه ٺاهي رهي هئي . اوچتو در تي ٺڪ ٺڪ جو آواز ٿيو هن پنهنجي بيساکي جي سهاري تي وڃي در کوليو . جڏهن هن در کوليو ته سامهون هن ننڍپڻ جو دوست ۽ ان جي گھر واري بيٺي هئي . هن جو دوست هن وقت وڏو آفيسر هو . جڏهن هن پنهجي دوست کي ڏٺو ته ڏاڍو خوش ٿيو هن کي گھر اندر سڏي ويهاريو . ايتري ۾ ٻار به اٿيا .جيڪي هنن سان اچي مليا . هن جي گھر واري هنن کي چانهه ڏني . چانهه پيئڻ کان پوءِ سائل کي سندس دوست چيو ته جيڪو مون کي همت ڏياريندو هو اهو اڄ منهنجو دوست مايوس آهي اڄ کان پوءِ توکي آئون ڏکارو ۽ مايوس نه ڏسان هيءُ ٻار اسڪول کان به پري آهن . پر هاڻي ائين نه ٿيندو سائل ڪجھه چوڻ چاهيو ٿي ته هن جي دوست هن کي ڳالهائڻ نه ڏنو ۽ چيو ته سائل معذوري مجبوري نه هوندي اڄ کان پوءِ توکي آئون پهرين وارو همت وارو محنتي سائل ڏسان . هن چيو ته اهي ڏينهن ويا هليا . هاڻ ...... هاڻ کي ڇڏ . ڀاڄائي تيار ٿيو ته پاڻ هلون ٿا . سائل چيو ڪيڏانهن جنهن تي هن چيو اهو منهنجو مسئلو هن جو دوست هنن کي بازار وٺي ويو هنن کي عيد جا ڪپڙا جتيون راشن وٺي ڏنو سائل لاءِ به ورتا . گھر اچي سائل کي چيو تون منهنجو دوست آهين آئون توکا مايوس ڏسڻ نٿو چاهيان . مون سان هڪ واعدو ڪر ته اڄ کان پوءِ ڪنهنجي اڳيان به هٿ نه ٽڪندي جنهن تي سائل چيو ته آئون جڏو ماڻهو هنن جي ڪٿان پورت ڪندس هن جي دوست چيو ته ان جو حل مون وٽ آهي مون ان جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي هاڻي هيءُ ٻار اسڪول به ويندا . دوست دوست جي ڪم نه اچي ته اها دوستي ڪهڙي ڪم جي . سائل کي هيءُ هڪ بند دوڪان وٽ وٺي ويو هن کي چاٻي ڏيندي چيائين ته اڄ کان پوءِ هيءُ دوڪان تنهنجو هن کي تون هلائيندي . وقت پنهنجي رفتار سان هلندو ويو . اوچتو پاڙي ۾ گوڙ ٿي ويو ته اهو چنڊ هنن تارن جي مٿان . هر طرف خوشي هئي ته سڀاڻي عيد آهي . ٻئي ڏينهن عيد تي جتي ٻيا ٻار خوش هئا اتي سائل وارا به پنهنجي ٻارن سان


    نعمت

    منهنجي ڌيءَ جيڪا منهنجي ڪل ڪائنات هئي ان کي آئون سدائين خوش ڏسڻ چاهيندو هوس . جڏهن کان هيءَ منهنجي اڱڻ تي آئي آهي تڏهن کان منهنجون تڪليفون ختم ٿي ويون آهن جيڪي منهنجا خواب ۽ سپنا هئا اهي پورا ٿيندا رهندا آهن نياڻي نعمت آهي هي واقعي نعمت هئي جنهن منهنجي گلستان کي سهڻو ستابو ڪري ڇڏيو هو . صبح جو جيئن ئي هيءَ ڪاليج وڃڻ جي لاءِ تيار ٿي ته مون ڏٺو جيڪا مرڪ هن جي چهري تي روز هوندي هئي اها نه هئي اکين ۾ هڪ لڙڪن جو ساگر هو جنهن کي روڪي ويٺي هئي هن جي اها ڪيفيت ڏسي منهنجو من ماندو ٿي ويو هزارين سوچون ذهن جي اسڪرين تي هلڻ لڳيون ڪابه ڳالھه هوندي آهي ته مون سان شيئر ڪندي آهي . پر اڄ هيءَ خاموش ۽ اداس هئي خبر نه آهي ڇو ؟ آخر مون هن کي چيو ته پٽ اڄ ڪاليج هلڻ جو موڊ نه آهي هلان ٿي هن اهڙي انداز ۾ چيو ڄڻ هن کي زوري ڪاليج هلڻ جي لاءِ چيو ويو هجي هن کي چيم ته پٽ ڇا ڳالهه آهي تنهن جي اکين ۾ لڙڪ آهن جيڪي تون زوري روڪي ويٺي آهين منهنجو اهو چوڻ ته هوءَ روئڻ لڳي ۽ جيڪي اکين ۾ لڙڪن جو ساگر سمايل هو اهو اٿلڻ لڳو چهري تي نيسرا ٺاهيندو هيٺ زمين تي ڪري جذب ٿي رهيو هو هن کي چيم ته پٽ جيڪا به ڳالهه آهي اها مون کي ٻڌائي جيڪڏهن توهان نه ٻڌايو ته مسئلو ڪيئن حل ٿيندو ، تنهنجو اندر ڏکن جي ڏيهه ۾ جھري رهيو آهي جنهن تي هن پنهنجي اکين مان لڙڪ اگھندي چيو ته بابا توهان اسان کي پنهنجي گذريل وقت جا قصا ٻڌائيندا آهيو ته ڪيئن اسان ڏکارو جيون گذاريو هو پر اسان انهن کي درگذر ڪندا هئاسين اسان ته هڪ آسودي زندگي گذاري رهيا آهيون جيڪا به فرمائش ڪريون ٿا اها پوري ٿئي ٿي . پر ڪالهه مون محسوس ڪيو ۽ پنهنجي اکين سان ڏٺو ته بي وسي ۽ غربت ڇا هوندي آهي ڏک ارمان اڌوريون آسون ڇا هونديون آهن ؟ جڏهن خواهشون اڻ پوريون ٿينديون آهن ته ڪيترو نه ڏک ٿيندو آهي . پٽ مون کي توهان جي ڳالهه سمجھه ۾ نٿي اچي ته توهان ڪيئن ڏٺو ۽ محسوس ڪيو تون چوڻ ڇا ٿي چاهين ؟ جنهن تي هن چيو ته بابا توهان شهزادي کي سڃاڻو ٿا جيڪا منهنجي ڪلاس فيلو ته نه هئي پر بهترين دوست هئي اسان هڪ ئي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪنديون هيوسين . ها پٽ اها پياري سٻاجھي سادي سهڻي اخلاق واري نينگري آئون ان کي سڃاڻان ٿو جنهن جو پيءُ هڪ پرائمري استاد هو جيڪو ڪجھه وقت اڳ وفات ڪري ويو هو جيڪا هر سال اسڪول ۾ نمبر کڻندي هئي . ها بابا اها ئي شهزادي جيڪا ڪافي وقت کان ڪاليج نه پيئي آئي پر ڪجھه ڏينهن کان اچي ٿي پر جڏهن بريڪ جو ٽائيم ٿيندو هو اها ڪلاس ۾ ويٺل هوندي هئي آئون سمجھيندي هيس ته ڪم رهجي ويو آهيس اهو مڪمل پيئي ڪندي هوندي ان ڪري مون اهڙو ڌيان نه ڏنو ته هن سان مسئلو ڪهڙو آهي ؟ هڪ ڏينهن مون کي ڇوڪرين ٻڌايو ته تنهنجي دوست شهزادي بريڪ ٽائيم تي ڪلاس ۾ ويٺل هوندي آهي پر ٻاهر نه نڪرندي آهي رڳو ٻاهر نگاهون ڦيرائي اکين مان پيئي لڙڪ وهائيندي آهي اسان هن کان پڇيو آهي پر اسان کي ڪجھه به ڪانه ٿي ٻڌائي تنهنجي دوست آهي تون هن کان پروڙ ته ڇا آهي ڳالهه ؟ جيئن هن جو من ڪجھه هلڪو ٿئي . جيڪو ڏک آهيس ان کي اسان گڏجي حل ڪري سگھون وري به اسان جي دوست آهي . جڏهن مون کي هنن ڳالهه ٻڌائي ته آئون هن جي ڪلاس ۾ ويس هن کي چيم ڇا ڳالهه آهي ؟ منهنجو اهو چوڻ مون کي ڀاڪرن ۾ ڀري اچي روئڻ پيئي ماٺ نه ڪري . گھڻو ئي هن کي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪيم پر ويتر وڌيڪ روئي .مون هن کي آٿت ڏني چيم ته هل ٻاهر ٿا هلون پر هن انڪار ڪيو اوچتو منهنجو هٿ هن جي ڪتابن کي لڳو جيڪي ڪري پيا مون ڏٺو ته هن جي جاميٽري ۾ صرف هڪ پينسل ۽ هڪ ٽٽل پين هئي رف ڪاپي به هن اخبار جي اڇن پنن مان ٺاهي هئي آئون سمجھي ويس ته هن وٽ پئسا نه آهن . ويچاري پيسا آڻي ته ڪٿان آڻي ؟ هن جي ماءُ جي پينشن ايتري مس آهي جنهن مان گھر جو گاڏو مس ٿو هلي . پر هن کي پڙهڻ جو شوق آهي ان ڪري ڪاليج ۾ اچي رهي آهي .مون کي بابا محسوس ٿيو ته جيڪي بي سهارا آهن انهن جي نصيب ۾ رڳو ڏک ۽ ڏولاوا آهن هنن جو هر پل سورن سان گذري رهيو آهي . مون کي بابا اهو ڏک جھوري رهيو آهي ته شهزادي سهڻي ۽ سٻاجھي ڇوڪري آهي ڇا هن جا جيڪي خواب آهن اهي اڌورا رهجي ويندا ؟ هن کي جيڪو تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق آهي اهو اڻپورو رهجي ويندو ؟ اهڙو ڪو به وسيلو نه آهي جنهن سان هن جي تعليم پوري ٿئي جيڪو هن جو خواب آهي اهو اڻپورو نه رهي ؟بابا ڪجھه ڏينهن ۾ امتحاني فارم ڀرجڻ وارا آهن . ڇا هيءَ غربت ڪري پنهنجو فارم به نه ڀرائي سگھندي ؟ جڏهن مون منهنجي ننڍڙي جا جذبا ٻڌا ۽ ٻين جي لاءِ سوچ ڏٺي ته مون کي منهنجي ڌيءَ تي فخر ٿيڻ لڳو جيڪا ٻين جي اهنجن کي پنهنجو اهنج سمجھي ٿي هن کي پيار سان چيم پٽ تون فڪر نه ڪر پريشان نه ٿي سمجھه ته اڄ کان منهنجي هڪ نه پر ٻه ڌيئرون آهن هڪ تون ۽ هڪ تنهنجي دوست شهزادي اڄ کان هن جو سمورو خرچ پنهنجي حوالي پڙهائي ڪپڙن روز جي خرچي جو جيستائين دل چويس پڙهندي رهي . مون پنهنجي نياڻي کي پيسا ڏنا ۽ چيومانس ته موڪل کان پوءِ وڃي پنهنجي ڀيڻ کي خريدار ڪرائي . ان چوڻ تي منهنجي نياڻي تي چهري تي هڪ مرڪ اچي ويئي مون کي ڀاڪر پائي مرڪڻ لڳي ان وقت مون کي محسوس ٿيو ته منهنجي هڪ نه پر ٻن نعمتن مون کي ڀاڪرن ۾ قابو ڪري ڪري ڇڏيو آهي .


    نصيب جو لکيو

    سيءُ به پنهنجي مستي ۾ هو سج ۾ به ايتري تپش نه هئي جو سيڪ وٺجي ان جو سبب اهو ته ٿڌ سبب ماڪ وسي رهي هئي جنهن ڄڻ سج کي پاڻ وٽ قيد ڪري ڇڏيو هو هرڪو سيءُ جي ڪري پنهنجن گھرن ۾ آرامي هو پر جيڪي روز آڻين چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا اهي پنهنجي روزي جي تلاش جي لاءِ شهرن ڏانهن وڃڻ جي لاءِ تيار ٿي گھرن کان ٻاهر نڪري گاڏي جو انتظار ڪرڻ لڳا هئا .احمد به پنهنجي نوڪري تي وڃڻ جي لاءِ گھر مان ويڙهجي سيڙهجي پنهنجي پيڪو سائيڪل سميت نڪتو هو . احمد هڪ ڪمپني ۾ نائب قاصد هو هن تعليم بي اي تائين حاصل ڪئي پر سٺي ڪا نوڪري ڪانه ملي پوءِ جيون کي گذارڻ لاءِ هن نائب قاصد جي نوڪري به وڃائڻ نٿي چاهي اها نوڪري ڪرڻ لڳو . هيءُ ڪنهن سياستدان جو ڪنهن وڏيري جو ماڻهو نه هو پر هڪ خودار انسان هو جنهن کي پنهنجي قابليت تي پورو يقين هو پر هن غريب کي ڪير نوڪري وٺرائي ڏيندو پر هن جي من اندر اها آس هئي ته محنت ۽ ڪوشش سان منزل ملي ويندي پر هن جي محنت ڪوشش ڪوبه رنگ نه لاٿو وڏي ڪوشش کان پوءِ هن کي هڪ ڪمپني ۾ نائب قاصد جي نوڪري ملي ويئي جنهن کي هن پنهنجو نصيب سمجھي قبول ڪيو ۽ اها نوڪري ڪرڻ لڳو .جڏهن هيءُ ٻاهر روڊ تي آيو ته هن کي سندس ٻه دوست گڏيا هڪ ليکڪ هو ۽ ٻيو سازندو هو ٻيئي ٻاهر هڪ وڏي پٿر تي ويٺا هئا ۽ اس جو نتظار ڪري رهيا هئا ته ڪنهن وقت ٿو تلڪو ظاهر ٿئي . هنن جي جيئن نظر احمد تي پيئي ته انهن ان کي سڏ ڪري چيو ته هن طرف اچ اڄ تنهنجو شهر وڃڻ بند آهي ڇاڪاڻ ته اڳيان رستو بند پيو آهي احمد هنن جي ويجھو آيو پنهنجي اديب دوست کي چيو ته ڇو رستو بند آهي جنهن تي هن جي دوست چيس ته اڄ صبح جو سوير شهر ۾ بم ڌماڪو ٿيو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ويچارا بي گناهه ماڻهو مارجي ويا آهن ان ڪري شهر جي ماڻهن احتجاج ڪيو آهي شهر ۽ روڊ بند ڪيو آهي تون پنهنجي آفيس وارن کي ٻڌائي احمد پنهنجي کيسي ۾ هڪ پراڻي وقت جو موبائل ڪڍي آفيس وارن کي ڪال ڪئي انهن کي رستي بند هئڻ جو ٻڌايو ته انهن ورندي ڏني توهان اڄ نه اچو شهر جون حالتون تمام خراب آهن ڪجھه به ٿي سگھي ٿو اڄ آفيس کي بند ڪيو ويو آهي . ان کان پوءِ احمد بي اونو ٿي پنهنجي دوستن سان گڏ ويهي رهيو . احمد پنهنجي اديب دوست جنهن جو نالو راول هو ان کي چيائين ته يار راول تون تمام بهترين ڪهاڻيون لکندو آهين جن ۾ غريبن جو درد سمايل هوندو آهي تون پنهنجي ڪهاڻين وسيلي غريبن جي دردن ۽ تڪليفن کي اعلى ادارن تائين وڏن ماڻهن تائين پهچائيندو آهين پر مون کي هڪ ڳالهه سمجھه ۾ ڪانه ٿي اچي ته اڄ ڏينهن تائين تنهنجو ڪوبه ڪتاب نه آيو رڳو تنهنجون ڪهاڻيون اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿينديون آهن . جنهن تي راول چيس ته ادا آئون آهيان هڪ غريب ماڻهو مزدوري ڪري پيٽ گذر پيو ڪريان ايترو زر ڪٿان آڻيان جو ڪتاب ڇپايان جنهن تي احمد چيس ته ڪتاب ته مختلف ادارن وارا ڇپائيندا آهن جن جو ڪم ڪتاب ڇپائڻ هوندو هو . ان تي راول جون اکيون اداسي جو ڏيک ڏيڻ لڳيون هن چيو ته ادا احمد اسان غريبن ۽ ڳوٺاڻن کي ڪير ٿو ساري اسان ڳوٺن جا سادا ماڻهو اسان جو ڪتاب ڪير ڇپائيندو هڙ منجھه هجن ڏوڪڙ ته پنهنجو ڪتاب پاڻ ڇپايان ان تي احمد چيس ته ادا راول توهان جو نالو آهي توهان جون ڪهاڻيون ماڻهو وڏي پاٻوهه سان پڙهندا آهن انهن کي پسند ڪندا آهن . اهي انهن جا قرب آهن هيءُ ڏس پنهنجو دوست جعفر پنهنجي دؤر جو مشهور سازندو هو هن وڏن وڏن فنڪارن سان گڏ سازندو وڄايو آهي اڄ انهن جا نالا آهن ماڻهو لکين روپيا خرچ ڪري انهن کي گھرائيندا آهن .پر هيءُ ڪافي وقت کان بيمار پيو آهي هن جي ڪنهن به سڌ نه ورتي آهي جن فنڪارن سان هن محفلون ڪيون اهي به هن کي پڇڻ ۽ ڏسڻ نه آيا آهن هن جي ڪنهن به پرگھور سار نه لڌي آهي هن کي وظيفو به نٿا ڏين جنهن مان دوا درمل ڪري سگھي جنهن تي احمد چيو ته اڄ قدر وارن جو قدر ڪٿي آهي ؟ بي قدري آهي هڪ سٺو اديب ۽ ٻيو سٺو سازندو ڳوٺ ۾ ائين پيا آهيو ڪير به اوهان جي سار نٿو لهي جيڪڏهن شهر ۾ هجو ها ۽ ڪنهن وڏي ماڻهو جا ماڻهو هجو ته راول جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي وڃن ها جعفر گاڏين ۾ گھمي ها . اوهان سان شامون ملهائجن ها پر ڳوٺ جي خمير مان جنم وٺندڙ سازندي ۽ اديب جو قدر نه آهي جنهن تي جعفر چيو ته احمد رڳو اسان سان اها جٺ نه آهي پر توهان سان به آهي تون جيترو پڙهيل آهين تنهنجي لاءِ وڏي نوڪري هجي ها پر تون هڪ نائب قاصد جي نوڪري وٺي ان تي گذر ڪري رهيو آهي ان تي احمد چيو ته ڇو ٿا دل جي دردن کي ولوڙيو جيڪو نصيب جو لکيو اهو ٿيو هلو هلون ڳوٺ ڏانهن اڄ اس نڪرڻ کان نابري ويٺي آهي .ائين چئي ٽيئي ڄڻا ڳوٺ طرف هلڻ هلڻ لڳا .


    منهنجي امان

    انور هڪ پيارو ماڻهو هو . هن جي چهري تي ڪڏهن به ڏک ۽ پريشاني جي پيڙاءُ نه ڏٺي ويئي هئي . جيڪڏهن ڪير به هن کي چوندو هو ته هي ناراض نه ٿيندو هو هر لبن تي هلڪي مرڪ آڻي مشڪي پوندو هو . هن جا جيڪي به دوست هوند ا هئا اهي چوندا هئا ته انور وٽ ناراضگي ۽ ڪاوڙ جو لفظ ڊڪشنري ۾ نه آهي . يا جيڪڏهن ڪو سيني اندر سمايل آهيس ته ان کي لڪائي يا دفن ڪري ڇڏيو آهيس هن جو رازدار دوست دلبر هوندو هو هي ٻئي پاڻ ۾ ننڍپڻ جا دوست هئا جيڪي دلبر کي چوندا هئا ته دلبر اهڙو وڻ نه ئي آهي جنهن کي هوا نه لوڏيو هجي پر اسان انور جي باري ۾ چئون ٿا ته هن کي ڪجھه چئون ٿا ته هي مرڪي پوي ٿو . دلبر پنهنجي دوستن کي چوندو هو ته منهنجو دوست وقت جي حالتن سان مقابلو ڪندي جوان ٿيو آهي مون سان به ڪڏهن اهڙي ڳالهه نه ڪئي اٿس جنهن هن جو جيءُ جھوريو هجي . جيڪڏهن ڪڏهن ڪو ڏک ۽ ڏولاوو مليو آهيس ته ان جو ذڪر مون سان نه ڪيو آهيس . يا هي پنهنجي پاڻ کي اندر ئي اندر ۾ جھوري رهيو آهي جيئن مزاح ڪري ماڻهن کي خوشيون ڏيڻ وارا پنهنجو درد اندر منجھه لڪائي لوڪ کي کلائيندا رهندا آهن . کلڻ وارن کي ڪهڙي سڌ ته هنن جي اندر ۾ ڪهڙا کورا دکي رهيا آهن . هڪ ڏينهن دلبر پنهنجي دوستن وٽ آيو ته اهو ٿورو مايوس ۽ غمگين لڳي رهيو هو هن کان ٻين دوستن پڇيو دلبر ڇا ڳالهه آهي تون اداس آهين جنهن تي هن چيو ته توهان چوندا آيو ته انور کي ڪڏهن به توهان ڏکارو نه ڏٺو آهي پر ڪالهه مون انور کي ڏکن جي ساگر ۾ ٻڏندي غوطا کائيندي ڏٺو آهي هن کي ڪهڙو غم آهي ان جي مون کي خبر نه آهي پر جيترو ڪالهه مون انور کي غمگين ڏٺو تهڙو ا ڪڏهن به نه ڏٺو آهي . اڄ جيئن آئون گھر کان ٻاهر نڪري وڃي رهيو هوس ته انور ڪجھه مفاصلي تي مون کان اڳيان هو اوچتو مون ڏٺو ته انور هڪ جاءَ تي بيهي رهيو اتي هڪ ٻالڪ جنهن جي چهري تي نيسرا هئا ڪپڙا ڦاٽل اهو ماڻهن جي اوبر ڇڏيل کاڌي مان ڪجھه کاڌي جا ٽڪر ڳولي پيٽ جي بک اجھائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو مون ان وقت سوچيو ته ماڻهو هن نموني کاڌو ضايع ڪري اڇلي ڇڏين اٿا پر جيڪڏهن ڪنهن بکايل کي ڏئي ڇڏين ته انهن جي دل ائين نٿي ڪري جيڪڏهن ڪنهن بکئي ٻالڪ کي ويهي کارائين ته ٻار ائين اوبر ڇڏيل مان نه ڳولي کائي .آئون به انور وٽ پهچي ويس مون ن جي ڪلهي تي هٿ رکيو ته هن پنهنجو منهن مون طرف ڪيو مون ڏٺو ته انور اکين مان لڙڪن جي لار وهي رهي هئي مون انور کي چيو ته ڇا ڳالهه انور چيو ڪجھه به نه آهي ائين چئي هي اڳتي هلڻ لڳو .انور جي ان حالت مون کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي ته هن جي اندر ۾ ڏکن جو هڪ سمنڊ آهي جيڪو هاڻي اٿلي رهيو آهي پر اهو ڪهڙو درد هن سيني اندر سمائي ڇڏيو آهي جيڪو هن کي اندر ئي اندر ۾ کائي ريو آهي . آئون هن جي درد کي ضرور ٻاهر ڪڍندس نه ته هي گھٽجي ان درد ۾ مري ويندو . دلبر کي به هاڻي هر وقت اها پريشاني هوندي هئي ته ڪهڙي نموني به هن جو درد هن سان شيئر ڪريان دوست اهوئي هوندو آهي جيڪو اوکي ويل ڪم اچي سوکي ويل ته سڀڪو هوندو آهي اوکي ويل ڪو ڪو هوندو آهي انور جي هن حالت دلبر کي به ڏکارو بنائي ڇڏيو هو هي گھر ويٺو هو پر سوچن جي سمنڊ ۾ غرق هو جڏهن هن جي امڙ هن کي ان حالت ۾ ڏٺو ته ماءُ جي ممتا يڪدم اڇل کاڌي يڪدم دلبر وٽ اچي ويئي ان کي پيار ڪرڻ لڳي ان کي چوڻ لڳي پٽ ڇا ڳالهه آهي منهنجي لخت جگر جي چهري جي مرڪ ڪنهن کنئي آهي هي اداسي چا جي آهي منهنجي لعل کي منهنجي گلڙي کي ؟ انور ماءُ جي لفظن تي اکين کي مٿي کڻي پنهنجي ماءُ کي ڏسڻ لڳو . ماءُ يڪدم چيس ته پٽ ڪجھه ڇئي ڏي منهنجو من ماندو ي رهيو آهي ماءُ جي ان جملي تي دلبر جا نيڻ لڙڪن سان ڀرجي آيا ماءُ اهي ڏسي ويتر پريشا ن ٿي ويئي ماءُ دلبر کي ممتا جي ڀاڪرن ڀري ڇڏيو دلبر پنهنجي ماءُ کي چيو ته امان منهنجو دوست انور جنهن کي ڪڏهن مون اداس نه ڏٺو آهي پر ڪالهه مون هن کي تمام غمگين اکين مان لڙڪ وهائيندي ڏٺو آهي هاڻي مون کي ها ولوڙ آهي ته هن کي ڪهڙو درد سيني اندر سمايل آهي جنهن ۾ گھٽجي رهيو آهي پر ٻاڦ به ٻاهر نٿو ڪڍي ائين ته اندر ئي اندر ۾ ٻري ويندو ختم ٿي ويندو اهو غم هي پنهنجي سيني اندر ڪيتري وقت کان لڪائي ويٺو آهي .ماءُ چيس ته پٽ پنهنجي اڳيان انور جي زندگي گذري آهي ڪيئن هن زندگي ءِ جا پل پل گذاريا آهن انهن جي پاڻ کي خبر آهي پثر ڪيڏو به سخت ڇو نه هجي جڏهن پاڻي جو قطرو هن جي مٿان با بار ڪرندو رهندو ته اهو پثر به ٽڪر ٽڪر ٿي ويندو آهي انور جنهن پنهنجي غمن کي دل جي مضبوط ڪوٽ ۾ لڪائي رکيو هو شايد اهو ڪوٽ هاڻي ڊهي پيو آهي تڏهن ته اهڙو مضبوط ماڻهو هاڻي ڪمزور ٿي رهيو آهي تون هن جو ننڍپڻ ج ساٿي آهين تون هن جي درد ن کي ٻاهر ڪڍ نه ته ڪجھه به ٿي سگھي ٿو منهنجي دعا آهي ته توهان ٻئي خوش سدا سلامت رهو ڇوڏهين جي رات هئي آسمان تي چنڊ پنهنجي جوڀن سان چمڪي رهيو هو چنڊ جي چانڊوڪي ماحول کي حسين ٺاهي ڇڏيو هو دلبر سڌو گھر کان انور جي طرف وڃڻ لڳو ( انور پنهنجي گھر ۾ پنهنجي ٻارن ۽ گھرواري سان رهندو هو خوش زندگي گذاري رهيا هئا انور جي ٻن ڀينرن پنهنجو وڃي گھر وسايو پيءُ ڪجھه وقت اڳ وفات ڪري ويو هو ماءُ جي پيار کان هي ننڍپڻ کان محروم آهن ) دلبي جڏهن انور جي گھر وٽ پهتو ته انور اڳ ئي ٻاهر هڪ بينچ تي ويٺو هو انور دلبر کي ڏسي ڇچيو ته دوست خير ته آهي هن وقت اويرو نڪري پيو آهين جنهن تي دلبر چيس تنهنجي سڪ ستايو هلي آيس تو وٽ جنهن تي انور چيو ته يارن جي لاءِ اسان اڳ ئي نيڻ راهن ۾ وڇائي ويٺا آهيون ڀلي آيا منهنجا سهڻا سائين . دلبر وري انور کي چيو ته آئون هن وقت زخمن تي مرهم رکڻ آيو آهيان جنهن تي انور چيس ته مون توهان جو مطلب نه سمجھيو ان تي دلبر چيس دوست ڏس آئون تنهنجو ننڍپڻ جو دوست آهيان تون پنهنجي دردن جو ذڪر ڪنهن سان به ڪونه ٿو ڪرين اهي سور توکي اندر ئي اندر ۾ جھوري رهيا آهن جيڪڏهن زخمن جو علاج نه ڪبو ته اهي ناسور بنجي ويندا . تنهنجي دل ۾ جيڪي درد ڏک پيڙائون سمايل آهن اهي ٻاهر ڪڍ جيڪڏهن اهي نه ڪيو ته اهي ڪو وڏو ممڻ مچائي وجھنديون جيڪڏهن زخمن جو علاج نه ڪبو ته اهي ناسور بنجي ويندا آهن تنهنجي دل ۾ جيڪي درد آهن انهن کي ڪڍ ٻاهر آئون تنهنجو دوست آهيان ائين توکي اڪيلو ڪونه ٿو ڇڏي سگھان . جنهن تي انور چيو ته يار دلبر زور زبردستي آهي ڇا ؟ دلبر چيو ها جيستائين تون پنهنجي دل جو درد نه ٻڌائيندي آئون هتان نه ويندس ڀلي پهر گذري وڃن . جنهن تي انور چيو ته دوست ڪالهه جيڪو مون ٻالڪ ڏٺو هو جنهن مون کي پنهنجو ماضي اڳيان آڻي ڇڏيو ان کي ڏسڻ سان مون کي محسوس ٿيو هي به مون وانگر پنهنجي ممتا جي پيار کان محروم آهي جنهن ڪري اڇلايل اوبر مان کاڌي جا ٽڪر ڳولي پنهنجي بک کي اجھا ئي رهيو آهي جيڪڏهن هن جي ماءُ هجي ها ته اها هن جي بک تي ماندي ٿئي ها هن جي روئڻ تي تڙپي پوي ها . ماءُ جي هستي عظيم هستي آهي ماءُ جي بغير جيڪو جيون گذري ٿو ان جي خبر مون کي آهي ماءُ هڪ اهڙو ڇانورو آهي جيڪا اولاد مٿان تڪليف ڏيندڙ ننڍڙو ڪک به نه سهندي آهي پاڻ پنهنجي ارمانن کي قربان ڪري اولاد کي هر خوشي ميسر ڪندي آهي . اسان جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ته بابو ڪم تي ويندو هو اسان پاڙي مان مليل ونڊ کائي جيون گذارو ڪندا هئاسين پنهنجا جيڪي عزيز هوندا هئا انهن مان ڪافي در بند ڪري ڇڏيندا هئا متان اسان کان ڪو سوال ڪن جيڪڏهن اسان جي ماءُ اسان ساڻ هجي ها ته اها اسان کي ائين در در جا ٽڪر کائڻ نه ڏي ها پاڻ بکي رهي ها اسان کي بکيو نه رکي ها . پر دوست ماءُ هاڻي ته تنهنجي جنهن منزل تي ويئي آهي اتان واپس ورڻي نه آهي دلبر انور کي چيو جنهن انور اکين مان لڙڪ ڪيرائيندي چيو ته اسان جي ماءُ حيات آهي پر قسمت اسان کان دور ڪئي آهي ا ن جي ٻي شادي ٿيل آهي اها پنهنجي ٻئي اولاد سان گڏ رهي ٿي اسان ان کي رڳو ياد ڪندا رهندا آيون ته ڪڏهن ٿي اسان وٽ اچي اسان کي ممتا جي جھولي ۾ سمهاري لولي ٿي ڏي . دوست ماءُ جي جدائي جھوري وڌو آهي ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي ماءُ سان گڏ ويندي ڏسندو آهيان يا ماءُ کي پنهنجي اولاد کي سيني سان لڳائي پيار ڪندي ڏسندو آهيان ته مون کي ان وقت ماءُ جي ڪمي محسوس ٿيندي آهي اها ياد ايندي آهي ڪڏهن ڪڏهن تڪليف ۾ هوندو آهيان ته هرڪو دلاسو دم ڏيندو آهي پر ماءُ هجي ها اها ٿوري آواز تي جاڳي پوي ها تڙپي پوي ها مون کي چوي ها ته پٽ ڇا ٿيو آهي توکي اڄ به مون کي ماءُ جي اچڻ جو انتطار آهي ته اها ضرور ايندو منهنجي ويران گلستان ۾ بهار ڪندي . مون کي پنهنجي مٺڙي هنج ۾ سمهاري پيار ڪندي لولي ٻڌائيندي ائين چئي انور زارو زار روئڻ لڳو هن کي مون ڀاڪرن جي آغوش ۾ آڻي تسلي ڏني پر هن ماٺ نه ڪئي هن جي زبان مان اهو ئي آواز اچي رهيو منهنجي امان او منهنجي مٺڙي امان مون ڏانهن جلد اچ مون کي پيار جي لولي ڏئي گود سمهار او منهنجي امان منهنجي امان


    بند دروازو

    ڳوٺ ۾ اسڪول جي خوبصورت عمارت ٺهيل هئي استاد نه هئڻ جي ڪري درس تدريس جو عمل نه ٿيندو آهي ڳوٺ وارا ان کي اوطاق طور ڪم آڻيندا هئا هڪ ڏينهن اوچتو ان عمارت جي صفائي ٿيڻ لڳي ٻار خوش ٿيا ته اسان جو اسڪول کلي ويو استاد اچي ويو هاڻي اسان هتي پڙهڻ وينداسين آچر جي موڪل کان پوءِ جڏهن ٻار خوش ٿيندا اسڪول ويا هتي ڪوبه استاد نه هو اسڪول جو دروازو اڳ وانگر بند هو .


    پرايو پنهنجو

    سانول پنهنجي چاهت کي پوري ڪرڻ جي سخت ڪوشش ڪندو رهندو هو سانول جي هڪ ينهن هڪ اهڙي عورت سان مليا جنهن کي هيءُ پنهنجي دل جي راڻي ٺاهي ويٺو . جنهن عورت سان هن جا نيڻ مليا ان جو نالو ڪاجل هو نه رڳو سانول جي دل ۾ عشق جي باهه ڀڙڪي پر ڪاجل به هن کي دل جي محل ۾ رهائڻ لڳي آهستي آهستي هنن جي محبت پڪي پختي ٿيندي ويئي هنن هڪ ٻئي کان جيئڻ مرڻ جا وچن ورتا ۽ ڏنا . هونئن به هي ڌاريا نه هئا پر هنن جي پاڻ ۾ مائٽي هئي هيءُ هڪ ٻئي جي والدين کي چاچو سمجھندا هئا . هنن جي عشق جي خوشبو هاڻي ڳوٺ ۾ واسو ڪرڻ لڳي جڏهن اها خبر هنن جي والدين کي پيئي ته اهي ناراض ٿيا جنهن مان ائين ڀاسجي رهيو هو ته هيءُ محبت جا پروانا هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويندا .پر هنن حالتن سان منهن مقابل ٿيڻ جو سوچي ڇڏيو هو . هڪ ڏينهن ڪاجل ڪنهن بهاني سان سانول جي گھر اچي هن سان ملي سانول کي اداس ڏسي ڪاجل چيو ته ڇا ٿيو ؟ جنهن تي سانول چيو ته ڪاجل پننجو ملڻ ٿيندو يا وڇوڙو ٿيندو اهو اندر جھوري رهيو آهي جنهن تي ڪاجل چيس مايوس نه ٿي مايوسي ڪفر آهي تون پنهنجي والد جو هڪ پٽ آهين اهو توکي ڏکارو نه ٿيڻ ڏيندو بابو به مون کي غمگين نه ڏسي سگھندو جيستائين پنهنجا مائٽ راضي ٿين تيستائين انتظار ڪبو . آئون وچن ٿي ڪريان ته موت قبول ڪنديس پر توکان سواءِ ٻئي ڪنهن جي ٻانهن جو هار نه ٿينديس . تنهنجو جيون مون سان آهي ان تي سانول چيس تنهنجي ان آٿت منهنجي دل کي سڪون ڏنو آهي . ڪجھه ڏينهن کان پوءِ وري ڪاجل سانول کي ملي جنهن چيس ته بابو هاڻي ڪجھه راضي ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي سانول چيو ته بابو به هاڻي راضي آهي پر اهي هڪ ٻئي نه ڳالهائي سگھندا جنهن تي ڪاجل چيس ته چاچي ولو کي چئي ڏس جيڪو ٻنهي پڳ مٽ يار آهي متان ڪجھه ڪم ي پوي وچوڙو دور ٿي پوي . سانول ڪاڪي ولو کي سڄي ڳالھه ٻڌائي جنهن تي ڪاڪي ولو چيو ته توهان بي اونا ٿيو اهو ڪم منهنجو آهي ائين ڪاڪي ولو جي ڪوشش سان پيار ڪندڙ دليون هڪ ٻئي سان ملي ويون ڪجھه وقت کان پوءِ هنن کي هڪ اولاد ٿيو هڪ نياڻي جي نعمت هنن کي ملي پر هن دنيا ۾ اچڻ جي چند ڏينهن بعد اها گذاري ويئي جنهن ڪاجل کي اهڙو ته صدمو رسايو جو ڪاجل ڪوما هلي ويئي سانول هن جي هيءُ حالت ڏسي پريشان ٿي ويو هر وقت ذهن ۾ ڪاجل جي لاءِ سوچون هنيون علاج هلندو رهيو هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو ڪاجل هوش ۾ آئي پر اها رونق هن جي چهري تي اها مرڪ لبن تي نه هئي جيڪا اڳ هئي هيءَ اداس رهڻ لڳي سانول هن کي گھڻو ئي خوش رکڻ جي ڪوشس ڪندو هو پر هن جي لبن تي مرڪ نه موٽي ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو ويو جن ٽيستُن ڪرايون ۽ انهن سانول کي چيو ته هاڻي هيءَ زندگي ڀر لاءِ ممتا جو روپ نه وٺي سگھندي يعني هاڻي هيءُ اولاد کي جنم نه ڏئي سگھندي . اهو ڌڪ سانول ۽ ڪاجل کي اهڙو لڳو جو هنن جي خوشي ويئي هلي پر سانول پنهنجي غمن کي لڪائي ڪاجل کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو هن ڪاجل کي هڪ ماهر ڊاڪٽرياڻي کي ڏيکاريو جنهن چيو ته هن کي ڪوبه ٻار ڏيو جنهن سان هيءَ رلي ملي وڃي ائين هن جا آهستي آهستي غم لهي ويندا اها ان ٻار جي محبت ۾ جڪڙجي ويندي . سانول اهو ذڪر پنهنجي ڀيڻ سان ڪيو جيڪا هنن جي گهر جي ڀر ۾ رهندي هئي ان چيو ته ادي ڪاجل کي خوش رکڻ جي لاءِ آئون پنهنجو پٽڙو ان کي ڏينديس ته ان سان وندري ويٺي هجي سانول جي ڀيڻ پنهنجي پٽ کي ڪاجل کي ڏيئي ويندي هئي آهستي آهستي ڪاجل جي چهري تي مرڪ اچڻ لڳي هيءَ سانول جي ڀيڻ جي پٽ کي پنهنجپ پٽ سمجھڻ لڳي ان کي اصغر جي نالي سان سڏڻ لڳي . هن سان اهڙو ته رلي ملي ويئي جو چوندي هئي ته منهنجو پٽ اضعر گلن کان به سهڻو آهي ائين ڪاجل جا غم ڀسم ٿيندا ويا ڪجھه سالن کان پوٰءِ ڪاجل کي اچي پيٽ ۾ سور ٿيو سانول پريشان ٿي ويو هيءُ ان ساڳي ڊاڪٽرياڻي وٽ ڪاجل کي وٺي ويو . ڊاڪٽرياڻي ڪاجل جو چيڪ اپ ڪري مرڪڻ لڳي ان مرڪ کي سانول سمجھي نه سگھيو هن ڊاڪٽرياڻي کان پڇيو ته توهان ڇو مرڪي رهيون آهيو جنهن تي هن چيو ته سانول ادا مابرڪ هجي تنهنجي ڪاجل ماءُ ٿيڻ واري آهي جنهن تي سانول چيو اهي رپورٽون ................. ڊاڪٽرياڻي سانول جي ڳالهه کي ڪٽيندي چيو ته اهي رپورٽ ڇا ڪنديون جهن رب راضي ٿيندو آ هي ته ٻيڙا پار ٿي ويندا آهن . هنن کي به هڪ پٽ ڄائو پر هنن جي اصغر سان اها ساڳي محبت هئي جيڪا اڳ هئي ڪاجل چوندي هئي ته منهنجا ٻه پٽ آهن هيءَ ٻنهي کي هڪ نظر سان ڏسندي هئي ڪوبه فرق نه ڪندي هئي . هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو سانول ۽ ڪاجل کان خوشي کسجي ويئي . اصغر ڪنهن کي ميسيج موبائل تان ڪيو جن اصغر جي دانهن سانول کي ڏني سانول ۽ ڪاجل پيار سان اصغر کي سمجھائڻ لڳا پر اضعر آپي کان ٻاهر نڪرندو ويو جن جي لاءِ سور سٺا ڪڏهن به هن کي پرايو نه سمجھيو اهو هنن کان زور سان ڳالهائڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته اوهان مون تي الزام هڻي رهيا آهيو آئون اوهان جو پٽ ٿورئي آهيان جو اوهان پيار ڪندا آئون ته پرايو آهيان سانول چيس ائين نه چئو آئون تون اسان جو پٽ آهين اسان جو سر ساهه آهين جنهن تي اصغر چيو اهي ڊراما بند ڪريو هاڻي آئون اوهان جي در جي چائنٺ به پار ڪندس . سانول ۽ ڪاجل هن کي گھڻو ئي سمجھايو پر هن هڪ به نه ٻڌي ٻيئي اداس ٿي ويا ڪاجل زارو قطار روئڻ لڳي پريان هنن جو پٽ بيٺو هو ان هنن ٻنهي کي اچي پيار مان ڀاڪر پائڻ لڳو . اصغر ڪيترائي ڏينهن گذري ويا نه آيو سانول ۽ ڪاجل جي هر وقت نگاهه در ۾ هئي ته اصغر ايندو پر نه آيو هڪ ڏينهن سانول دل کي قابو ڪري ڪاجل کي چيو ڏس هيءُ پنهنجو پٽ پيٽ ڄائو آهي ڪيترو هن کي دڙڪا ڏيون ٿا مار يون ٿا وري امان بابا ڪندو اچي پنهنجي هنج ۾ ويهي ٿو تون اداس نه ٿي بس پرايو پنهنجو نه ٿيندو پنهنجو جيڪو هوندو اهو ،پنهنجو ٿيندو .


    لاٽ

    هڪ ٻار پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ شهر طرف پڙهڻ وڃي ٿو ان جي ڳوٺ ۾ ڪوبه اسڪول نه ڪابه علم جي روشن لاٽ نه هئي ان ڳوٺ جي ان ٻار جي ڪري ان ڳوٺ ۾ علم جي لاٽ چمڪي رهي آهي ٻارن جي سريلي آواز ۾ گيت گونجي رهيا آهن .


    خاموش ننڊ

    علي پنهنجي پيءُ جو اڪيلو دادلو پٽ هو پيءُ هن جي هر جائز ۽ ناجائز خواهش پوري ڪندو هو هن جي خواهش موجب هن کي موٽر سائيڪل وٺي ڏني ويئي هن جو پيءُ پٽ کي تيز موٽر سائيڪل هلائيندي خوش ٿيندو هو هن جو پٽ شهر ويو پر علي موٽر سائيڪل تي نه هڪ ايمبولينس ۾ خاموش ننڊ ۾ ڳوٺ واپس آيو


    بجلي

    جڏهن ڄائي ته هن کي ڏسي سڀ حيران ٿيا وقت جي گذرندي هن ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ماڻهو هن جا متوالا ٿي ويا هن جي اچڻ سان دنيا روشن ٿي ويئي هيءَ وفا جي نشاني هئي پر هاڻي هن بر وفائي کي پنهنجو ڪري ڇڏيو آهي ماڻهن کي بي چين بي تا ڪري ڇڏيو آهي ماڻهو هن جي بنا بي چين ٿي وڃن ٿا جڏهن اچي ٿي ته ماڻهن جي لبڙن تي مرڪ اچي ٿي پر اوچتو هلي وڃي ٿي لڪ لڪوٽي راند وانگر ماڻهن سان راند ڪري ٿي هاڻي هن کي ڇا چئون هن ماڻهن کي ناراض ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي اها آهي بجلي هاءِ بجلي عوام سان تنهنجي بي وفائي


    غريبن جي واهر ڪريو

    روز جڏهن گھر ايندو آهيان ته مون کي اهو نياپو ملندو آهي ته ڪو توهانجي پڇا ڪري ويو آهي جڏهن ڪنهن ماڻهو کي ملندو آهيان ته اهو مون کي هڪ فارم جي پرچي يا پنهنجو شناختي ڪارڊ ڏيندو آهي ۽ چوندو آهي ته اسان کي چيڪ ڪري ڏيو ته اسان جا پئسا آيا آهن يا نه آيا آهن . اهي پرچيون بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جون هونديون آهن جن جا فارم ڪجھه مهينا اڳ گھر گھر سروي ڪري ڀريا ويا هئا پر اهي فارم اهڙي نموني ڀريا ويا هئا جو ڪافي ماڻهن چيو ته اسان جا اهي فارم ڀريا نه ويا آهن اهي ڪيئن ڀريا هئا اها خبر انهن کي هوندي جن جا فارم ڀريا ويا هئا انهن مان ڪافي فارم منظور ڪيا ويا ۽ رد به ڪيا ويا مون اهڙا ڪيترائي نمبر چيڪ ڪيا آهن جن ماڻهن جا فارم ڀريا ويا هئا انهن ۾ ڪيترائي اهڙا به فارم رد ڪيا ويا هئا يعني جن کي پئسا نه مليا اهي حقدار به هئا مون وٽ هڪ اهڙي پرچي به آئي جنهن جي رقم منظور نه ڪيل هئي پر اها عورت بيواهه آهي هن جو صرف هڪ پٽ آهي جنهن جي عمر چوڏهن کان پندرهن سال مس هوندي ٻيون هن جون نياڻيون آهن پر ان جو فارم منظور ٿيل نه هو اهڙا خبر نه آهي ڪيترا هوندا جن جا فارم رد ٿيا هوندا پر اهي هن رقم جا حقدار هوندا . جنهن ڪري جيڪي غريب هن رقم جا حقدار آهن انهن کي به اها رقم ڏني وڃي جيئن انهن جي چهرن تي به مرڪن جون ريکائون اچي وڃن . اهڙا اسان کي ڪافي ملندا جيڪي هن سپورٽ پروگرام جا حقدار آهن انهن جي مالي مدد ڪئي وڃي . جن ماڻهن جا فارم منظور ٿيا آهن انهن مان ڪافين کي اڃا تائين رقم نه ملي آهي ڇاڪاڻ ته انهن جا منظور ٿيل فارم آهستي اچي رهيا آهن . اڄ جو دور انٽر نيٽ جو دور آهي جنهن ڪري جن ماڻهن وٽ اهي نمبر آهن اهي انڪم سپورٽ پروگرام جي ويب سائيٽ تي پنهنجا نمبر چيڪ ڪري اتان پرنٽ ڪڍائي پوسٽ آفيسن جا چڪر هڻي رهيا آهن جڏهن ته جن جا فارم اچن ٿا انهن کي گھرن تي انهن جي رقم پهچائي پيئي وڃي جتي رقم انهن کي گھرن تي پهچائي پيئي وڃي اتي اخباري اهي خبرون آهن ته جن ماڻهن کي پئسا ڏنا وڃن پيا انهن کان ٻه سوکان چار سو روپيا ڪٽيا وڃن ٿا اهي خبرون اخبارن اچي رهيون آهن . جيڪڏهن ڪنهن کي چئجي ٿو ته اوهان جا پئسا ڪٽيا وڃن ٿا اوهان اعتراض ڇو نٿا ڪريو ته انهن جو اهو جواب آهي ته پئسا ته ملن ٿا پوءِ اعتراض ڇو ڪريون مطلب ته هن پروگرام تحت ڪافي غريب مسڪين عورتن جي واهر ٿي رهي آهي جن جو ڪوبه سهارو نه انهن کي هن رقم مان سهارو ملي رهيو ڪن کي مهينو هڪ هزار ته ڪن کي مهينو ٻه هزار ملي رهيا آهن پر ڪيتريون ئي اهڙيون عورتون به آهن جيڪي هن مدد جون حقدار آهن انهن مان ڪن جا فارم نه ڀريا ويا آهن ته ڪن کي ڪن سببن جي ڪري رقم نه ملي آهي جيئن ته هيءُ پروگرام شهيد راڻي محترمه بي نظير ڀٽو جي نالي سان آهي جنهن ڪري هڪ اهڙي نموني جي گھر گھر سروي ڪرائي وڃي جيئن جيڪي هن مدد ۽ سپورٽ جا حقدار آهن انهن جي سپورٽ ٿي سگھي مون کي ان عورت جي چهري جا اهي تاثر ياد آهن جڏهن مون هن کي نيٽ تي چيڪ ڪري ٻڌايو ته تنهنجا پئسا نه آهن جڏهن هن کي ان جي پاڙي جي ٻين ماڻهن جو ٻڌايم ته انهن جا پئسا آهن ته هن جي چهري ته ڄڻ اداسي ڇائنجي ويئي . چيائين ته آئون به ته حقدار آيا جنهن تي مون هن کي چيو ته اهي فارم مٿان منظور ٿي آيا آهن تنهنجو به ڪڏهن نه ڪڏهن فارم منظور ٿي ويندو . تنهن ڪري جيڪي اهڙيون ضرورت مند عورتون آهن انهن جي واهر ڪئي وڃي اهاخبر تڏهن پوندي جڏهن هر واهڻ وستي ۾ گھر گھر سروي ڪئي وڃي پوءِ اهو ڳوٺ هجي يا شهر هجي ائين اسان کي ڪافي عورتون ملنديون جن جي سپورٽ نه ٿي رهي آهي اسان اهو عرض ڪريون ٿا ته جيڪي غريب آهن انهن جي واهر ڪيئي وڃي جيئن ڪجھه مهيني اڳ گهر گھر سروي ڪرائي ويئي هئي اهڙي نموني هر پاڙي هر گھٽي ۾ سروي ڪري اهڙين ضرورت مندن جي مدد ڪجي اها سروي اهڙي نموني ڪرائي وڃي جيئن ڪوبه اهل جيڪو هجي اهو نه رهي جيئن انهن جي مدد ٿي سگھي ان کي زندگي گذارڻ جو ڪجھه سهارو ملي سگھي . جيئن غريبن جي واهر ٿي سگھي انهن جي مدد ٿي سگھي انهن جي چهرن تان اداسي مٽجي وڃي خوشيون اچي وڃن . انهن جي لبن تي مرڪون هجن .


    بي وسي

    سج هاڻي پنهنجي ڳاڙهاڻ کي ظاهر ڪندو پٻي هڻڻ وارو هو رات پنهنجي اچڻ جو ٻڌائي رهي هئي ڪجھه پلن بعد سج جي روشني ختم ٿي ويئي اڄي ماحو ل کي رات جي انڌيري پنهنجي لپيٽ آڻي چڏيو هو . رات ٿيڻ شرط تڏين جيا آواز وڌي رهيا هئا جيڪي ڪنهن کي راحت ڏئي رهيا هئا ته ڪنهن کي خوف رات جي سناٽي کي ختم ڪرڻ لاءِ چنڊ به پنهنجي جوڀن سان نروار ٿي رهيو هو جڏهن چنڊ جي چانڊو ڪي آئي ته رات جو انڌيرو ڏور ٿي ويو . پر فلڪ تي آيل ڪڪرن جي ڊو ڙ ۾ جڏهن اهي چنڊ کي پنهنجي آغوش ۾ قيد ڪيائون ٿي ته ان وقت وري انڌيرو اجاگر ٿيو ٿي . ان ڪل ڇپ واري حسين رات ۾ سلو پنهنجي جھريل جھوپڙي کي ڏسي رهيو هو جنهن جي ڇت ڪکن پنن سان ٺهيل هئي مٿان ليپو ٿيل هو . سلو اڪيلو هو . پنهنجي جھوپڙي کي غور سان ڏسي رهيو هو ڪاٺيءِ۾ لٽڪيل لالٽين ٻري رهي هئي پر ها جو جھونڪو به ان کي ڊانس ڪرائي رهيو هو . سلو پنهجي جھوپڙي کي ڏسي پنهنجي لبن ۾ چوي ٿو جيڪڏهن آگميو وسڻ جا ويس ڪيا ته پلر ته منهنجي جھوپڙي کي پسائي ڇڏيندو جيڪي ٻه ٽي ڪپڙن جا لڳڙ آهن اهي پسي ويندا . وري چوي ٿو نه ڪشنچند بيوس چيو آهي الا جھري مَشال غريبن جي جھوپڙي منهنجي جھوپڙي کي ڪجھه نه ٿيندو رب رحم ڪندو . اهوئي اسان جو ڀرجھلو آهي . سلو هن وقت ان عمر ۾ هو جو هيءُ ڪوبه سخت پورهيو ڪري نه ٿي سگھيو . هن کي ياد آيو ته جڏهن هي جوان هو ته مزوري ڪندو بصر جون ٻه ٻوريون اڪيلي کڻڻ جو مقابل ٿيو هو جنهن ۾ ڪافي مزورن زور لڳايو هو پر ڪيرکڻي نه سگھيو هو هن پنهنجي جواني جي زور ۾ اهي کنيون هنيون هن کي ڪافي انعام مليو هو جنهن مان هن پنهنجي گھر واري لاءِ چاندي جي ڪنگڻ ٺهرايا هئا ان جي آس هيءُ ته منهنجي هنن خالي ٻانهن ۾ جيڪر چاندي جا ڪنگڻ هجن ته اهي ڏاڍيون سندر لڳنديون . هن ان جي آس ي پوري ڪري ڇڏيو هو . سلو پنهنجي ماضي جي ورقن کي ياد ڪندو رهيو هن جي اکين مان لڙڪ وهندا ويا . هن پنهنجي ضعيفي حالت کي ڏسي پنهنجي هٿن کي ڏٺو جن ۾ پراڻن ڇالن جا نشان هئا جيڪي هن جي محنت سان پيا هئا . هن پنهنجي هٿن کي پنهنجي چپن سان لڳائي چيو ته سلو تنهنجا هٿ ڏس ڪهڙا سخت ي ويا آهن جهڙا پٿر آهن پر سٺو آهي جو ٻين جي اڳيان هٿ نه تنگيو مون کي منهنجي هٿن تي فخر آهي . سلو کي خبر نه آهي ڇا ٿيو هو جو اڄ هيءُ پنهنجي ماضي کي ياد ڪري رهيو هو هن کي سڀ دوست ساٿي ياد اچي رهيا هئا . هيءُ پنهنجي کٽ تان آهستي آهستي اٿيو ٿڪل پيرن پنهنجي ڪمزور جي لٺ جي سهاري رکيل مٽ مان پاڻي جو وٽو ڀري پيتو وري به پنهنجي جھوپڙي کي غور سان ڏٺو ٻرندڙ لالٽين کي وسائي اچي پنهنجي کٽ تي ليٽيو خبر نه پيس ته ڪهڙي وقت ننڊ اچي ويس جڏهن پکين جي پنهنجي رب جي واکاڻ شروع ڪئي پنهنجا آ کيرا ڇڏي رزق جي تلاش ۾ نڪتي آسمان تي به روشني ظاهر ٿي رهي هئي ٿڌي هوا لڳي رهي هئي ان وقت سلو پنهنجي کٽ تان اٿيو سنان پاڻي ڪري پنهنجي جُهوپڙي کي هڪ نظر ڏسي وري ان جي اندر ويو اتي هن رات جو چڻا پسائي رکيا هئا اهي ڳولڻ لڳو هن کي ياد نه پئي آيا ته هن اهي ڪثي رکيو آهن هن جي ڪمزور نظرن انهن کي ڳولي ورتو هيءُ انهن کي رڌي هڪ ٿالھه سجائي ٻيون ٻارن جون شيون هڪ پراڻي ڪٽي ۾ وجھي شهر جي ان چونڪ طرف روانو ٿيو جتي هيءُ شيون رکي وڪڻندو هو اتي ڪافي ٻار ايندا هئا جنهن ڪري هن جون شيون ڪافي وڪامجي وينديون هنيون هن چونڪتي پهچي شين کي ڪٽي مان ڪڍي انهن کي ڪٽي تي سجائي رکيو ۽هن چڻن جي ٿالهه کي اهڙي نموني ڍڪي ڇڏيو هو جيئن ان تي ڪنهن جي نظر نه پوي هن سوچيو ته ٻار ايندا ته انهن کي چوندم ته توهان جي لاءِ اڄ چڻا به آندا اٿم پاڻ اتي پاسي تي ويهي رهيو .هي ٻارن جي انتظار ڪري رهيو هو ته ٻار اچن مون کان شيون وٺن اڄ ٻار چڻا ڏسي خوش ٿيندا . هي انهن ئي ويچارن ۾ هو ته هن جي ڪنن تي گارين جو پڙلاءُ پيو هن پنهنجا ڪمزور نيڻ مٿي کنيا ته هڪ شيطان صفت انسان بيٺو هو . هن کي گار ڏيندي هٿ ۾ کنيل لٺ هن کي اهڙي هنئي جو هن کي هٿ ۾ لڳڻ سان رت وهڻ لڳو ٻئي ٿڏي سان هيءُ پٽ تي ڪريو هن جي مٿان تشدد شروع ٿي ويو ان سان گڏ هيءُ لف ته ماءُ جا .......... توکي هن مهيني جي ........ خبر نه آهي جو بي حرمتي ڪرڻ نڪتو آهين . اهو شيطان هن کي ڌڪ هڻي روانو ٿي ويو . هن جي هٿن ۽ جسم مان رت وهي رهيو هو هيءُ پنهنجي ڪمزور جسم کي کڻي اٿيو هن پنهنجي سامان طرف نظر ڪئي ته اهو روڊ تي وکريو پيو پيو هن جا ٻارن جي لاءِ تيار ڪيل چڻا روڊ جي گند ڪچري ۾ ملي ويا هئا ٻي نظر هن پنهنجي ڪپڙن طرف ڪئي جيڪي رت ۾ اڇن بدران ڳاڙها ٿي ويا هئا . هن پنهني اکين مان لڙڪ لاڙي مٿي آسمان طرف ڏٺو ۽ چيو ته منهنجا ر منهنجو ڏوهه اهو آهي ته آئون بي وس آهيان بيوس هوندي پورهيو ڪريان ٿو . هي اکين مان لڙڪ وهائيندي پنهنجي گھر طرف روانو ٿي ويو .


    ساھ جي تند

    خوشين هنن جو جيون ڳنڍجي جڏهن هنن پنهنجو اولاد نه هئڻ ڪري هڪ يتيم ٻار کي وٺي پاليو . جنهن جي صدقي هنن کي پنهنجو اولاد به مليو هنن ٻنهي ۾ ڪو فرق نه رکيو .وقت جي وهڪري سان جڏهن هنن جي مٿان ڏکن جا ڏونگر ڪريا ته انوقت پيٽ ڄائو ڇڏي هليو ويو نپايل سهارو بنجي ويو تڏهن ته چوندا آهن ته چوندا آهن ته نپايل سان سان ساھ جي تند ڳنڍيل هوندي آهي .


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 468587
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 187990
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ