ڪتاب جو نالو: شعور
مصنف: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 18 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1714 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 1275 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌي ٻولي ۾ اسان وٽ ورلي ڪي اهڙا ڪتاب لکيا ويا آهن جن ۾ موضوعن تي سائنسي انداز ۾ مضبوط دليلن سان ڳوڙهو بحث ڪيو ويو هجي ۽ شعور اهڙن ڪتابن مان هڪ آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • ٻه اکر
  • ارپنا
  • ليکڪ پاران
  • باب پهريون

  • سمجهه ڇا کي چئجي ٿو؟
  • - سمجهه ڪيئن ٿي پيدا ٿئي؟
  • - ٻار روئي ڇو ٿو؟ ٿڃ ڪيئن ٿو پيئي؟
  • باب ٻيو

  • ماڻهوءَ راڄ ڪيئن ٺهيو ۽ ان ۾ سمجهه ڪيئن وڌي؟
  • باب ٽيون

  • ڇا ٻوليءَ کان سواءِ ڪا به سوچ،ڪا سمجهه ٿي سگهي ٿي؟
  • باب چوٿون

  • سمجهه وسيلي ماڻهو ڇا ٿو ڪري؟
  • باب پنجون

  • سمجهه حقيقت ۾ ڇا آهي؟
  • باب ڇهون

  • حياتي ڇا آهي؟
  • باب ستون

  • احساس جون واٽون ڪهڙيون آهن؟
  • (1) ڏسڻ جو حواس:
  • (2) ٻڌڻ جو حواس:
  • (3) ڇهڻ جو حواس:
  • (4) سنگهڻ جو حواس:
  • (5) چکڻ جو حواس:
  • باب اٺون

  • سوچ جون واٽون اسان جي دماغ تائين ڇا ٿيون پهچائن؟
  • باب نائون

  • غلط سوچ ڇو ٿي ٺهي؟
  • (1) آسمان (اُڀ) ڇا آهي؟
  • (2) سج ۽ چنڊ بابت غلط سوچ
  • (3) سج گرهڻ ۽ چنڊ گرهڻ
  • (4) تارا ــــــــــ لوهي ٽِڪَ
  • (5) ڌرتي
  • (6) ٻه دنيائون
  • (7) جُهڙ، مينهن، ڳڙو ۽ اوٿر، آنڌاري
  • (8) ”ساهه“ ڇا آهي؟
  • (9) ديوي ۽ ديوتا جو تصور ڪيئن ٺهيو؟
  • باب ڏهون

  • ”ڀڳوان“، ڌڻي، ”ديو“، ”ديوتا“
  • باب يارهون

  • ماڻهوءَ جا هٿ ٺهيا بي ساهه عضوا
  • باب ٻارهون

  • ماڻهوءَ جو دماغ:ڳتيل، منظم، جيئرو مادو
  • باب تيرهون

  • جيڪڏهن سماج نه ٺهي ها، ته ڇا سوچ (سمجهه) ٺهي سگهي پئي؟
  • جبلت ۽ عادت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
  • اهي ڪهڙا سبب آهن جو ماڻهوءَ جهڙو ساهوارو ماڻهو ٿي سگهيو؟
  • باب چوڏهون

  • روحاني خوشي ڇا آهي؟
  • باب پندرهون

  • سمجهه جو مادي تي اثر
  • ڇا سمجهه جو مادي تي ڪو به اثر نه ٿو پوي؟

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (171) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”شعور“نامياري ليکڪ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو لکيل آهي.

    سنڌي ٻولي ۾ اسان وٽ ورلي ڪي اهڙا ڪتاب لکيا ويا آهن جن ۾ موضوعن تي سائنسي انداز ۾ مضبوط دليلن سان ڳوڙهو بحث ڪيو ويو هجي ۽ شعور اهڙن ڪتابن مان هڪ آهي.

    هن ڪتاب جو پهريون چاپو 2004ع ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو، ٻيون ۽ ٽيون ڇاپو 2008ع ۽2014ع ۾ سي پي سي ايس پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست رياضت ٻرڙي جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏني ۽ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي وفات کان پوءِ، جن ڪتابن بابت خصوصي طور، مون سوچيو هو ته اهي وقت سر ڇپرائي پڌرا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، تـن ۾ هـي ڪـتـاب ”شعور“ پڻ شامل آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر محبت ٻرڙي 88-1987ع ڌاري لکي پورو ڪيو ۽ ستت ئي پوءِ ان کي سوڌي سنواري هڪ فيئر ڪاپي لکي، جيڪا 180-کن صفحن تي مشتمل هئي، ۽ پوءِ اها ڪاپي پنهنجي هڪ ساٿي پبلشر کي ڇپڻ لاءِ ڏني، پر ان ساٿي پبلشر اهو اهم مسودو پنهنجيءَ لاپرواهيءَ سبب گم ڪري ڇڏيو! جيئن ته ڊاڪٽر محبتُ مالي مسئلن سبب مسودن جون فوٽو ڪاپيون ڪرائي پاڻ وٽ رکي نه سگهندو هو، جنهنڪري هن ڪتاب جي پڻ وٽس ڪا فيئر ڪاپي موجود نه رهي ۽ ايئن هيءُ ڪارائتو ۽ ڄاڻ ڀريو فلسفي جو ڪتاب نه صرف ڇپجڻ کان رهجي ويو، پر پنهنجيءَ نئين مڪمل صورت ۾ اهو ڪن اڻڄاتل هٿن جي وَر چڙهي ويو. وقت گذرندو ويو ۽ وقت گذرندي ڊاڪٽر محبت به گذاري ويو. ڊاڪٽر محبت جي وفات (9-اپريل 1997ع) کان پوءِ جڏهن مون سندس لکيل مواد (ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل) کي سهيڙڻ جا اپاءَ ورتا، ته هن ڪتاب جي پهرِين لکيل رف ڪاپي مون کي سندس ڪاڳرن مان ملي ۽ مون ان کي غنيمت سمجهندي سنڀالي ورتو. اهو مواد، ڪنهن خاص تبديليءَ کان سواءِ، اڄ توهان جي هٿن ۾ آهي. هن مواد جي پيشڪش ۾ مون اها ڪوشش ڪئي آهي ته مختلف عنوانن ۽ بابن کي صاف ڪري پيش ڪجي، 1988ع کان 2004ع تائين پيدا ٿيل وٿيءَ کي وس پُڳي محسوس نه ڪرائجي (البت ”ڊولي“ رڍ جي کوٽ، هڪ مثال طور، پيش نه ٿي سگهي، ان جو افسوس رهندو). مواد ۾ بنهه ٿوري، پر ضروري ايڊيٽنگ پڻ ڪئي اٿم، جنهن جي مون کي پڪ آهي ته اها اڻٽر هئي.
    ممڪن آهي ته هيءُ ڇپيل ڪتاب ڏسي، اهو ساٿي جنهن وٽ هن ڪتاب جو اصل مسودو موجود هوندو، پنهنجي ضمير ۾ ڪا چهنڊي محسوس ڪري، پر مان کيس گذارش ٿو ڪريان، ته هُو اهو مسودو اسان کي ڏئي ته جيئن ”شعور“ جي ٻئي ڇاپي ۾ اها سنواريل ڪاپي ڇپي پڌري ڪري سگهون ۽ سندس چهنڊيءَ جي چڀڪي کي مٽائي سگهون.



    - رياضت ٻرڙو
    20 اپريل 2004ع،
    قنبر


    ارپنا

    ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي باعمل شاگرد،
    ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ جي باني اڳواڻ،
    علم، ادب، تعليم ۽ سماجي ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙيندڙ،
    نوجوان ۽ سڄاڻ ليکڪ،
    ساٿي، دوست، ڀاءُ
    مانواري ستار هڪڙي جي نالي.

    ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بُوءِ بهار جي.“

    - رياضت ٻرڙو


    ليکڪ پاران

    ”ڪو به ماڻهو سنڌي ان ڪري آهي جو سندس ۽ سندس وڏن جو ناتو سنڌي قوم جي ماڻهن سان آهي. هُو سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت، سنڌي مفاد، سنڌي تاريخ، سنڌي ڪردار ۽ سنڌي پنهنجائپ جو هڪ جز آهي، ان ڪري ئي اسان کي سنڌ ۽ سنڌي قوم جا گڏيل مفاد وڌيڪ پيارا آهن، ان ڪري ئي اسان جي چال چلت، اُٿا ويٺي، رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، وندر ورن مان سنڌي ثقافت جو اظهار ٿئي ٿو. ساڳيءَ طرح ڪو بلوچ، پختون، سرائيڪي، پنجابي، ويٽنامي، فرانسي، جرمن، انگريز وغيره ان ڪري آهي جو اهي پنهنجي پنهنجي وطن ۽ قوم سان واسطيدار آهن. سنڌ ۽ سنڌيءَ مٿان جيڪڏهن ڪو پنجابي پنهنجو بالادست، حاڪم، ڦورو مفاد ٿاڦڻ چاهيندو ته ظاهر آهي ته سنڌي ماڻهوءَ جو ان سان ٽڪراءُ ٿيندو. جيڪڏهن ڪو ٽولو پنهنجو اهڙو ”گنگا-جمني“ يا ”لشڪري“ مفاد سنڌ ۽ سنڌين مٿان مڙهڻ گهرندو ته ظاهر آهي ته سنڌي ماڻهن جي ساڻس ويڙهه ٿيندي. اسين ڪنهن کان به رنگ، نسل، ٻوليءَ، مذهب وغيره جي بنياد تي نفرت نه ٿا ڪيون، اسان جو دوست پورهيت عوام آهي، تنهنڪري ئي ويسرا پورهيت پسي لطيف جا کاهوڙي کِجن ٿا. اسين سنڌي آهيون ديس جي حوالي سان ۽ سڄيءَ دنيا جا ڀائر آهيون پورهيت ڀائپيءَ جي حوالي سان، ان ڪري ئي اسين دشمن آهيون هر ان ماڻهوءَ، ٽولي يا طبقي جا، جيڪو پنهنجا ناجائز ڦورو ۽ ڌاڙيل مفاد ڪنهن به مذهب، شريعت، سياست يا ٺڳيءَ جي آڙ ۾ يا زبردستي اسان جي مٿان، دنيا جي پورهيت عوام جي مٿان مڙهڻ گهري ٿو. ڦرلٽ جو نظام انسانيت کي، انسانذات کي، انساني ذهن کي، فطرت جي ڪجهه حصي کي فنا ڪرڻ گهري ٿو، ان ڪري اسين ڦرلٽ جو نظام مِٽائي، اهو نظام قائم ڪرڻ گهرون ٿا جنهن ۾ سلڇڻائي، سيبتائي، سچائي، سورهيائي، سڄاڻ، سوجهرو ۽ سونهن هجي.“


    - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


    باب پهريون

    سمجهه ڇا کي چئجي ٿو؟

    ڄاڻَ، سڄاڻَ، سوچن، سڌُن، عقل، عقيدي، احساس، ارادن، خيالن، خواهشن، تصورن، تات تانگهه، سڪ ساڃاهه، جذبن، ذهانت، ذڪاوت، ويساهه، وهم، اميدن، امنگن جو گڏيل نالو آهي سمجهه. هن لاءِ اردو ۽ عربيءَ ۾ شعور ڪتب ايندو آهي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪانشـِـيَسنيس (Consciousness). ڪڏهن ڪڏهن روح (اسپرٽ sprit يا سائول soul) به ساڳيءَ ئي معنى ۾ ڪتب ايندو آهي، ڇو ته ڪيترن ئي ماڻهن جي ويساهه موجب بُت ۾ جڏهن روح هجي ٿو تڏهن ئي اهو سوچي، سمجهي، ڄاڻي، سڃاڻي سگهي ٿو، نه ته بوتو بي مقصد ۽ بي جان آهي، تنهنڪري ئي سوچ سمجهه کي روحاني عمل به سڏيو ويندو آهي.


    - سمجهه ڪيئن ٿي پيدا ٿئي؟

    ماڻهوءَ ۾ سمجهه ڪيئن پيدا ٿي؟ جڏهن کان ماڻهو موجود آهي تڏهن کان ان ۾ سمجهه موجود آهي يا ان کان اڳ به هئي؟ ماڻهوءَ جي مري وڃڻ کان پوءِ به ڇا ان ماڻهوءَ جي سمجهه وجود رکي سگهي ٿي؟ ڪيئن رکي سگهي ٿي؟ ڇا ماڻهوءَ کان سواءِ سمجهه ٿي سگهي ٿي؟ سمجهه ماڻهوءَ جي ڳيجهو آهي يا ماڻهو سمجهه جو؟ ڇا سمجهه کان سواءِ ماڻهو ٿي سگهي ٿو؟ ماڻهوءَ ۾ جيتري سمجهه اڳ هئي هاڻي به اوتري آهي يا اها وڌي، ويجهي ٿي ۽ اسرندي رهندي؟، وغيره.
    اهو سڀ ڪجهه سمجهڻ لاءِ اچو ته ماڻهوءَ جي ٻار کي جاچيون. في الحال اسين، مثال طور، اڄوڪي زماني جو ماڻهو سوچينداسون، جيڪو سياڻو آهي، سيبتو آهي،اڳ پوءِ ڏسي وائسي ٿو، گهڻو ڪجهه سوچي سمجهي ٿو، هزارين مامرا پرکيا، پروڙيا ۽ پرجهيا اٿائين، لکين کوجنائون ۽ اڀياس ڪيا اٿائين، تجربن، تنقيدن، مشاهدن ۽ معاملن مان ٽپندو رهي ٿو. اڄوڪو ماڻهو، جيڪو پنهنجي ماحول جو هر طرح باندي ناهي، گهڻو ڪجهه آزاد آهي، جنهن پنهنجي جياپي، جيءَ جي سهولت ۽ سرور لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، جنهن گوناگون تاريخ ڏٺي آهي، رنگا رنگ تهذيبن کي جنم ڏنو آهي، جنهن شيل شڪار ڪيا، ڍور ڍڳا پاليا، پوکيءَ پالنا ڪئي، جيڪو مشينون ڦيرائي ٿو، جهاز اُڏائي ۽ تاري ٿو، جيڪو پاتال ۾ پيهي سپون سوجهي ٿو، ڌرتيءَ جو ڌن ظاهر ڪري ٿو، باغ بستان ۽ عمارتون اڏي ٿو، بسون، ڪارون، فونون، ٽِيوِيون، ريڊيا، ريلون، رستا، راڪيٽ وغيره ٺاهي ٿو، جيڪو پولار ۾ سڄو جڳ جهان ڇاڇولي ٿو، جنهن وٽ ڪروڙين ڪتاب، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون آهن، جيڪو سڌريل ۽ سٻاجهو آهي...
    جڏهن ماڻهوءَ ٻالڪ ڄمي ٿو، تڏهن:
    - ڇا وٽس سمجهه آهي؟
    - ڇا وٽس ٻولي آهي؟
    - ڇا وٽس ڪو جذبو، اتساهه، وهم، ويساهه، عقـيـدو، ايـمـان،ڪا دين ڌرم جي ڳالهه آهي؟
    - ڇا هو سوچي سگهي ٿو؟
    - ڇا هو ڪم ڪري سگهڻ جهڙو آهي؟
    - ڇا هو پنهنجو پيٽ پالڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻ جهڙو آهي؟
    - ڇا هو پنهنجي جياپي لاءِ ڪجهه ڪري سگهي ٿو؟
    - ڇا هو ڪا ڏِيا، ڪا ڏاهپ رکي ٿو؟
    هر هڪ ماڻهو سولائيءَ سان سمجهي سگهي ٿو ته هو پنهنجي ماءُ پيءُ، گهر، ماحول، قدرت آڏو بيوس ۽ لاچار آهي، ڏات ۽ ڏاهپ تي سوچ ويچار ڪرڻ ته پري جي ڳالهه، هن وٽ ته ڪا اهڙي لياقت به ڪانهي جو ويندي رڳو پنهنجو پاڻ کي جيئرو رکي سگهڻ لاءِ ڪجهه ڪري سگهي. جيئرو ئي نه هوندو ته سوچيندو سمجهندو وري ڇا! (ڇا ڪڏهن مئلن به سوچيو ۽/يا ڪم ڪيو آهي؟)
    ڪو ماڻهو چئي سگهي ٿو ته اهو ٻار روئي ٿو، بي چين ٿئي ٿو ۽ اها به هڪ قسم جي جدوجهد آهي، پر سوال وري هي پيدا ٿيندو ته ڇا ڪو روئڻ ۽ بي چين ٿيڻ سان هو پنهنجو پيٽ ڀري سگهندو، جيئرو رهي سگهندو، فلسفي جا مسئلا حل ڪري سگهندو يا سائنس تي تحقيق ڪندو؟
    حقيقت هيءَ آهي ته ان وٽ رڳو ايتري سرت ساڃاهه به ڪانهي جو پنهنجي بک ۽ اُڃ اجهائڻ لاءِ کاڌو ۽ پاڻي گهري سگهي. هن ۾ ته ايتري سمجهه به ڪانهي جو پنهنجي وات ۾ ماءُ جي ببي جي ٻنڊڻيءَ کي چڳڙ چوس ڏئي سگهي!


    - ٻار روئي ڇو ٿو؟ ٿڃ ڪيئن ٿو پيئي؟

    هر ساهوارو فطري طرح پنهنجو ساهه بچائڻ جو جتن ڪري ٿو. جڏهن کان ننڍڙي ۾ ننڍڙو جيتامڙو، جيوڙو، جيو-گهرڙو، جيت، جانور، ساهوارو وجود ۾ آيو آهي، تڏهن کان اهو جياپي، بچاءَ، بقا ۽ واڌاري لاءِ جدوجهد ڪندو رهي ٿو. شين، ذرڙن کي پنهنجي جسم ۾ داخل ڪري ڀڃ ڊاهه ۽ ٺاهه ٺوهه (ڀڃ گهڙ) جي عمل وسيلي انهن جو ڪارائتو ڀاڱو هڙپ، هضم، جذب ڪري ان مان جياپي-جوت کڻي باقي ڦوڳ ڦٽو ڪري ٿو. بچاءَ ۽ بقا جي عمل ۾ هو پنهنجي ماحول سان مطابقت، ويريءَ خلاف وار يا ان کان ڀاڄ ۽ نئون نسل پيدا ڪري ٿو.
    گهڻ-گهرڙن وارا ساهوارا نه رڳو ڳتيل سرشتا رکن ٿا، پر هر سرشتو هڪ ٻي سان لاڳاپيل، سلهاڙيل، هڪ ٻي جو ساٿاري، هڪ ٻي جو واهرو به هوندو آهي ته پاڻ ڀرو به ۽ هر سرشتي ۾ وري پنهنجا خصوصي ۽ مختلف قسم جا جيو گهرڙا ٿيندا آهن ــــــــــ دماغ جا ڌار، گوشت جا ڌار، هاضمي جا ڌار، ساهه-سرشتي جا ڌار، رت ڊوڙائڻ ۽ ڊوهڻ وارا ڌار، جيري، لبلبي، تريءَ، غدودن وغيره جا ڌار ــــــــــ هر سرشتو پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ پورو پنو ڪم به ڪري ٿو ته ٻي تي اثر به وجهي ٿو.
    هر جيو گهرڙي، جيو گهرڙن جي هر گڇي، هر سرشتي کي پنهنجو خصوصي کاڄ گهرجي ٿو ۽ جڏهن اهو ملندو، تڏهن ئي اهو پنهنجي ڪرت ڪري سگهندو ۽ مجموعي طرح سڄي جسم جي هر عضوي جي ڪرت گڏيل نموني جياپي جو جوهر مهيا ڪري ٿي. جيڪڏهن دماغ ٺيڪ نموني ڪم نه ڪري ۽ باقي سڀ سرشتا يا عضوا ٺيڪ ڪم ڪندا رهن تڏهن به نيٺ دماغ جو خراب، بيمار، اگهو اثر باقي عضون تي ڇانئجي ويندو ۽ نيٺ ساهواري کي ماري رکندو (دماغ جسم جو سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ وڌيڪ اثرائتو ڳتيل سرشتا رکندڙ حصو آهي). ساڳيءَ طرح گجي، آنڊو (ننڍو ۽ وڏو) ۽ انهن سان واسطيدار عضوا پنهنجو پنهنجو ڪم ڪندا رهن ٿا. آنڊي ۾ لاڳيتو ڪِينئي جيان چرپر موجود رهندي آهي جنهنڪري نڙگهٽ، گجيءَ ۽ آنڊي ۾ کاڌو رڙهندو رهي ٿو. ڪن ڪن عضون جو ڄمار جي ڪنهن خاص ڀاڱي ۾ ڪو خاص ڪردار هوندو آهي ۽ پوءِ اهي بي اثر ٿي ويندا آهن ۽ ڪي عضوا وري اوسر (ارتقا) سبب هوري هوري ختم ٿي رهيا آهن ۽ انهن جو ڪو خاص ڪم نه هوندو آهي.
    ساهوارو اوسر جي جيترو مٿاهين ماڳ تي هوندو، اهو اوترو ئي وڌيڪ وقت پنهنجن وڏڙن جو ڳيجهو ۽ انهن تي ڀاڙيندڙ هوندو. جيوڙا، جيتامڙا، جيت ڄمندي ئي پاڻ مرادي حياتي گهارڻ شروع ڪن ٿا، پکي پکڻ ڪجهه نه ڪجهه وقت لاءِ پنهنجن وڏڙن جا ڳيجهو هوندا آهن ۽ سندن وڏڙا کين چوڳو پهچائيندا آهن. کير پيئاڪ جانور اڃا به وڌيڪ وقت لاءِ پنهنجن وڏڙن جا ڳيجهو ۽ انهن تي ڀاڙيندڙ هوندا ۽ سڀني ساهوارن ۾ جيئن ته ماڻهو اوسر جي سڀ کان اتاهين ڏاڪي تي آهي تنهنڪري ان جو اولاد وري اڃا به ڊگهي عرصي لاءِ پنهنجن وڏڙن جو ڳيجهو ۽ انهن تي ڀاڙيندڙ آهي.
    ڄمڻ کان اڳ ٻار ساهه به ڪو نه کڻندو آهي. هن کي جياپي-جوت (جسم ۾ ڪيميائي ڀڃ گهڙ جو ڪم) ماءُ جي رت مان ملندي رهي ٿي. ڄمڻ وقت ٻار ۽ ماءُ جي وچ ۾ رت جو وهڪرو پڄائيندڙ ۽ ڍوئيندڙ رڳون (ناڙو) ڪاٽيون وينديون آهن، جنهنڪري دماغ، دل (رت-سرشتي)، ڦڦڙن (ساهه-سرشتي)، هاضمي-سرشتي جو جيئاڪ عمل پاڻ مرادو شروع ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن ٻار کي ڪنهن اهڙي خال ۾ ويم ڪرايو وڃي جتي هوا نه هجي، ته هو ساهه کڻي نه سگهندو ۽ مري ويندو. هوا ڦڦڙن ۾ آڪسيجن پهچائي ٿي، جيڪا رت ۾ قوت پهچائي ٿي ۽ رت ۾ شامل سموريون توانائيون سمورن عضون ۾ پهچن ٿيون. گجي ۽ آنڊو وغيره به چرپر ڪن ٿا ۽ جيڪڏهن گجي ۽ آنڊو وغيره خالي هوندا ته انهن جي چرپر سور پيدا ڪندي، اهو سور دماغ کي بي چين ڪندو ۽ موٽ ۾ ان جو هڪ اثر نڙيءَ تي پئي رڙ ڪرائي ٿو، ته ٻيو اثر ٻار جي لڱن ۾ آنڌ مانڌ مچائي ٿو. ٻار جي روئڻ ۽ بي چينيءَ جو سبب اهو آهي. ٻار کاڌو ڪو نه گهرندو آهي، هن کي ته کاڌي جي مفهوم جي ئي خبر ڪانهي، هن کي ٻوليءَ جو لفظ ته ڇا اکر به نه ٿو اچي. ٻار جي آنڌ مانڌ ۽ ڪنجهڪو ڏسي، ٻڌي ماءُ سمجهي وڃي ٿي ته ٻار کي بک لڳي آهي ۽ هوءَ کيس ٿڃ، کير يا پاڻي ڏي ٿي (ٻار ڪو به کاڌو چٻاڙي، ڳيت ڏئي، کائي نه سگهندو آهي).
    ٻار بُبي جي ٻنڊڻيءَ کي چوس، چڳڙ به نه ڏئي سگهندو آهي. ماءُ پنهنجي ببي تي آڱرين جو زور ڏئي ٿڃ وهائيندي آهي. ٻار جي وات ۾ ٿڃ (کير، پاڻي) پوڻ سان ان جي ڳيت ڏيڻ جو عمل شروع ٿئي ٿو. ڳيت ڏيندي زبان چرپر ۾ اچي ٿي ۽ چپ بند ٿي وڃن ٿا (ڪو به ماڻهو وات کولي ڳيت ڏئي نه سگهندو). اهو عمل لاڳيتو ٿيندو رهي ٿو ۽ نيٺ چپ، زبان،تارُونءَ، نڙگهٽ وغيره جي گڏيل ڪرت وسيلي چڳڙ ٿئي ٿي (ٻار ڄمندي ئي پاڻ اٿي وڃي پاڻي پيئي يا کير، اهو ممڪن ڪونهي).
    ٻار ڪنهن به ڳالهه، شيءِ، لقاءَ تي سوچي نه سگهندو آهي، ڌيان ئي ڪو نه ڏئي سگهندو آهي، سمجهندو ئي ناهي، ڏسي به نه سگهندو آهي، جڏهن ته سندس اکين ۾ ديد ۽ ڏسڻ جي سگهه موجود هوندي آهي. ٻار کي سُئي ٽنبيو، چهنڊڙي پايو يا چڪ هڻو، سور سبب روئندو ضرور، پر پنهنجو بچاءُ نه ڪري سگهندو ــــــــــ ٻار نٻل آهي، ابهم آهي، اٻوجهه آهي. هو نه ته فلسفي جا مسئلا حل ڪري سگهي ٿو، نه ئي سائنسي کوجنا. نه پڙهي سگهي ٿو، نه ئي پرکي، پروڙي، پرجهي سگهي ٿو. هن وٽ نه ڪو وهم ويساهه آهي، نه ڪو ايمان عقيدو، هو نه مسلمان آهي، نه عيسائي، نه هندو، نه ٻوڌي، وغيره. نه هن کي شيعي يا سنيءَ جي ٻوجهه آهي ۽ نه ئي هندو يا مسلمان جي (کيس شيعو يا سني، هندو يا مسلمان ته سندس وڏا ٿا سمجهن ۽ ٺاهن). هو نه ماءُ پيءُ سڃاڻي، نه ڀاءُ ڀيڻ، نه گهر، نه پاڙو يا ڳوٺ. هن جي هر عضوي، هر انگ، هر سرشتي ۾ جياپي جون سموريون سگهون موجود آهن پر بيوس ۽ لاچار آهي. هو گلن جي گوناگوني، رنگا رنگي، پکين جي لاتين، جهرڻن جي جهان جهان جهڻ جهڻ، سمنڊ جي ڇولين وغيره مان مزو وٺڻ لائق ناهي. هو رڳو ماڻهو آهي، ماڻهوءَ جو اولاد آهي، جيئڻ جا انگ ۽ گڻ رکندڙ آهي.
    ٻار سان ڳالهايو، اوهان جي ٻڌندو ڪو نه، ٻار کي ڪجهه به سهڻو من مهڻو يا ڀوائتو وجود ڏيکاريو، ته ڏسندو ڪو نه، سڳنڌ هجي يا ڪڳنڌ، نه سنگهي سگهندو ۽ نه پرکي. ساڳي ڳالهه ذائقي ۽ ڇهاءَ بابت چئي سگهجي ٿي. ٻالڪ جيئرو آهي، اوسر جي اتاهين ڏاڪي تي پهتل هستيءَ جو اولاد آهي، سڀ حواس ۽ انگ عضوا جيئرا اٿس ۽ پنهنجي مخصوص لياقت به رکن ٿا، جياپي جو جوهر به اٿس، پر ٻڌي نه ٿو (جڏهن ته ٻوڙو به ناهي)، ڏسي نه ٿو (جڏهن ته انڌو به ناهي)، سنگهي نه ٿو (جڏهن ته اَسڻڪ به ناهي)، چکي نه ٿو (جڏهن ته اَچک به ناهي) ۽ ڇهاءَ کي محسوس نه ٿو ڪري (جڏهن ته اَڇهائڪ به ناهي).
    ٻار جو هر حواس هوري هوري جاڳي ٿو، ويجهي ٿو، سگهه وٺي ٿو، جوت ۾ اچي ٿو، بود ۾ ڀرجي ٿو، پنهنجي ڪرت نڀائڻ شروع ڪري ٿو، پهريائين ڪجهه ڦڪي نموني ۽ پوءِ ڏينهون ڏينهن وِيران وڌ، ڀلان ڀلو. چتائي ڏسي ٿو، اک اٽڪائي ٿو (غير اصطلاحي معنى ۾)، ڪَنائي ٿو، ڇهاءَ کي محسوس ڪري ٿو (انهن ڪمن ۾ لڳ ڀڳ ٽي مهينا لڳي وڃنس ٿا)، ڪڙي، مٺي ۾ فرق ڪري ٿو (لڳ ڀڳ ڇهن مهينن کان پوءِ) ۽ سڳنڌ ڪڳنڌ کي محسوس ڪري ٿو (لڳ ڀڳ 12-مهينا). ببي جي ٻنڊڻيءَ کي چڳڙ ۽ ٿڃ کي چوس (سرڪ) جو عمل پهريائين اسري ٿو، پوءِ ديد، ان کان پوءِ ٻڌڻ ۽ ان کان پوءِ ڇهاءُ.
    ننڍي کان ئي کيس ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ سمجهڻ تي مائل ڪيو وڃي ٿو. ماڻهو (ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، مٽ مائٽ يا ڪو به ٻيو) سندس نظرن آڏو بيهي کلي ٿو، ڳالهائي ٿو، ”عجيب حرڪتون“ (”مسخري“) ڪري ٿو، آڱر سان ٻالڪ جي چپڙن کي ڇهي ٿو ــــــــــ ابا، بابا، امان، امڙ، ادا، ادي، ڀاءُ، ڀيڻ، جيءُ، هات، ڏس، کل، ڪـِت ڪـِـت، شـِي، شي شي، وغيره.
    ٻِن، اڍائي، ٽن مهينن ۾ نيٺ هن جا حواس ايتري سگهه وٺي وڃن ٿا جو ڪجهه ڌيان ڏئي سگهي ۽ سامهون ٿيندڙ ”مسخريءَ“ جو ڪجهه نقل ڪري سگهي. هو ڏسي ڏسي نيٺ چپڙا ڊگهيري ٿو... اسين ٻهلور وڃون ٿا ته ٻالڪ مرڪيو (کليو). ٻالڪ پهريائين رڳو مرڪي سگهندو آهي، ٽهڪ ڏئي نه سگهندو آهي. گهر ڀاتي لاڳيتو کيس مخصوص نالي سان سڏيندا ۽ مخصوص نالي سان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندا رهن ٿا، ۽ اهو عمل مهينن جا مهينا ٿيندو رهي ٿو. ڪو سندس ابو، ادو، ڏاڏو، نانو، مامو، چاچو وغيره آهي، ته ڪا سندس ماءُ، ڀيڻ، ڏاڏي، ناني، مامي، چاچي وغيره. مخصوص لفظ مخصوص ماڻهن، مهانڊن، شين، پرزن، لقائن سان لاڳو ٿينديون ڪنن ۾ آواز وسيلي ۽ اکين ۾ نظر وسيلي ٻالڪ جي ذهن تائين پهچنديون رهنديون. مهينن کان پوءِ مَس مَس هو ان لائق ٿئي ٿو ته مختلف مهانڊن، لقائن، شين جي وچ ۾ فرق ڪري سگهي. ٿڃ ۽ ماءُ سڀ کان ويجهو اٿس. ٿڃ سندس کاڄ آهي ۽ ماءُ ٿڃ جو ٿاڪ، ان ڪري انهن سان پهرين سڃاڻپ ٿئيس ٿي ۽ ٽين شيءِ آهي پاڻي، پر جن لفظن تي وڌيڪ زور هوندو آهي اهي ئي ٻالڪ وڌيڪ ٻوليندو آهي ــــــــــ امان، ابا، ادي، ادا، ناني، نانا، ڏاڏي، ڏاڏا، چاچي، چاچا، مامي، ماما، ننڍڙن ٻارن جا نالا (ڇو ته انهن کي عام طرح نالن سان سڏيو وڃي ٿو). پهريائين ٻاتا ٻاتا ٻول (نڙي ۽ ڄڀ ٺيڪ نموني ڪم ڪرڻ اڃا نه سکيا آهن) ۽ پوءِ نيٺ ٺيڪ آواز. هيءُ عمل مهينن جا مهينا ٿيندو رهي ٿو ۽ ان ۾ ٻار رڳو آواز جو نقل ڪري ٿو. هن کي ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ وغيره جي مفهوم جي سڌ ئي نه هوندي آهي. پڇي ڏسو ڪنهن به ٻار کان، ته پيءُ جو يا ماءُ جو مطلب ڇا آهي؟
    انهيءَ عمل دوران هو روزاني واهپي جي سڀني شين ۽ لقائن جا نالا ٻڌندو رهي ٿو ــــــــــ ماءُ کي سڏ ڪري، بابا اچي ٿو، پاڻي کڻي آءُ، ماني آڻ، بک لڳي آ، اڃ لڳي آ، بلب (بتي) ٻار، سج اڀريو، سوجهرو ٿيو، رات، ڏينهن، ٿڌ، گرمي، ٻٽ، وائک، وٽو، لوٽو، تئو، ٽڦڻي (وراڻي)، ڏوئي، چمچو، ڪيوي، ڪُـنو، ديڳڙو، ٻاٽو، ٿالهي (پليٽ)، ڪُپڙو (گلاس)، ڪَونرو، باٽلي، ڇت، ڀت، پڌر (آڳر، اڱڻ)، در، دري، جارو (هوادان، روشندان)، سِر، گارو، سيمينٽ، رلي، چادر، وهاڻو، کٽ (پلنگ)، پائو، ٻانهي، ڪرسي، ميز، ڪِوِل، ڪرڙي، جيت، پوپٽ، ٽنڊڻي، ماڪوڙو، مڇر، سور، ٿـ،ـڪ، ننڊ، جاڳ، کاءُ، پيءُ، هلي آ، وڃ، وڻ (وڻن جا نالا)، سئي، مشين... مطلب ته سوين نالا ۽ لقاءَ سوين ۽ هزارين ڀيرا ٻڌجن، ڳالهائجن، ورجائجن ٿا، ٻار کي هر هر ٻڌائجن ۽ ان کان چورائجن ٿا، هو ڳالهائي ته ان کي همتائجي، وهه واهه ڪجي ٿي، مرڪجي، کلجي ۽ ٽهڪ ڏجي ٿو...
    ٻار نيٺ گهر کان ٻاهر ڪڍيو وڃي ٿو ۽ هو وري گهر کان ڪجهه نرالي دنيا ڏسي ٿو ــــــــــ گهڻن ئي قسمن جون گهڻيون گهڻيون شيون، جنسون، لقاءَ ڏسي ٿو ۽ انهن بابت ٻڌي ٿو ــــــــــ ڌار ڌار قسم جا گهر، در، هٽ، وڻ ٻوٽا، ڀاڄيون ڀتيون، گوشت، مڇيون، ميوا، مٺايون، ماڻهو ميڙا، ڌرتي، اُڀ، ڌوڙ ڌڪاءُ، گوڙ گهمسان، اچ وڃ، کيج خوشيون، رانديون رونديون، وندر ورونهه، باغ باغيچا، بسون لاريون، ٽريڪٽر، ٽرڪون، روڊ ريلون ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه.
    اسڪول ۾ وري ٻار کي اڃا به نئون ماحول ملي ٿو ــــــــــ استاد، شاگرد، ڪلاس، بورڊ، بينچون بانڪڙا، ڪرسيون، ميزون، ڪتاب، سليٽون، قلم، پينون ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه. ٻار کي هاڻي خبر پوي ٿي ته الف جي شڪل ڇا آهي. الف جو ڪارج ڪهڙو آهي، اڃا اها سڌ ڪانهيس. الف، ب، زير، زبر، پيش، الف اک (انب)، ب بدڪ (بلا)، ٻ ٻڪ (ٻڪري)، وغيره، اکر سکي لفظن تي پهچي ٿو ــــــــــ کٽ، پڳ، پَٽَ، ٽَپَ، پک، آنا، پاوا، پَنَ، وَٽَ، نانا، ڳانا، ڇت، تـِڏ، ڇَڏ، ڇَٽَ، پَٽَ، واٽ وغيره. انهيءَ سان گڏ هو ننڍا جملا سکي ٿو ــــــــــ هيءَ کٽ آهي، هيءَ پڳ آهي...
    اکر اکر، لفظ لفظ، جملو جملو سندس ذهن ۾ سامائبو رهي ٿو. انهيءَ وچ ۾ گهريلو، شهري، اسڪولي وهمَ، ويساهه، عقيدا ۽ ايمانُ به، ريتون، رسمون، رواج ۽ اخلاقي مامرا به سندس ذهن ۾ ڀريا ويندا رهن ٿا. کيس اڃا به انهن جي مفهوم جي خبر ناهي پر جيئن ته پڙهايو، ٻڌايو ۽ ڏيکاريو وڃي ٿو تنهنڪري هو انهن جو اثر وٺندو رهي ٿو.
    ڪيترائي ننڍا وڏا تجربا، وڏن جي تجربن جا نچوڙ وڏن جي زباني ـــــــ ”بابا، باهه ۾ هٿ نه وجهه، سڙي پوندين“، ”بابا، ڪِني شيءِ نه کائبي آهي، پيٽ ۾ سور پوندو“ وغيره. مسجد، مندر، ديول وغيره جي ماحول ۾ کيس نئيو وڃي ٿو ۽ هو مختلف ماڻهن، ڌار ڌار نمونن ۽ شين کي ڏسندو، ٻڌندو، سکندو، چکندو، ڇهندو، واپرائيندو، سوچيندو، سمجهندو رهي ٿو.
    اڄوڪي سڌريل، سمجُهو، ڏاهي ماڻهوءَ جي ٻالڪ کي نالي ماتر سمجهه پرائڻ لاءِ لڳ ڀڳ 12-سال لڳي وڃن ٿا... سندس زندگيءَ جو سفر هلندو رهي ٿو.
    ٻالڪ سکي ٿو پنهنجن مٽن مائٽن کان، پاڙيسرين کان، ڳوٺائين کان، شهرين کان، استادن کان، سنگتين ساٿين کان، ڪتابن ڪتبخانن کان، ڳالهين، احوالن ۽ بحثن کان، تجربن ۽ مشاهدن کان، پرکن ۽ پروڙن کان. ٻالڪ آڏو ڪيترائي عمل، لقاءَ ۽ شيون موجود ٿين ٿيون. ڏسي، ٻڌي، چکي، ڇهي، پُڇي، پروڙي ٿو ــــــ ڪي شيون ظاهر ٿين ٿيون ته ڪي اوجهل، ڪا اڳ ڪا نه هئي ۽ هاڻي آهي، ته ڪا هاڻي آهي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ نه هوندي، ڪي وڏيون، ڪي ننڍيون، ڪي کاٻي، ڪي ساڄي، ڪي هيٺ، ڪي مٿي، ڪي اڳ، ڪي پوءِ، ماني پچي پئي، ٻوڙ رڌجي پيو، پاڻي اوتجي ٿو، پڪوڙا ڪڙهن ٿا، چانهه تيار ٿي ٿئي، موٽرون هلن پيون، ڏينهن، راتيون، ٿڌيون، ڪوسيون، ميوا ڀاڄيون، پکي پکڻ، جهر جهنگ، بر پٽ بيابان، جايون جاڙ جبل، جهڳيون جهوپڙيون، مينهن واچون (هوائون، آنڌاريون)، کَڏون کوٻا، ڍنڍون، ڍورا، تلاءَ، واهه، نديون، سمنڊ وغيره، سج، چنڊ، تارا، گس، وغيره... جيئن جيئن وڌندو وڏو ٿيندو رهي ٿو تيئن تيئن سندس ڄاڻ، سڃاڻ، سوچ ۽ سمجهه وڃي پئي وڌندي.

    ڇا آءٌ توهان کان هڪ سوال پڇي سگهان ٿو؟
    مون کي ٻڌايو ته توهان مان ڪنهن کي به چيني ٻولي ڇو ڪو نه ٿي اچي؟
    جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهو جواب ڏي ته کيس چيني ٻولي ان ڪري نه ٿي اچي، جو سندس دماغ ۾ چيني ٻولي سکي سگهڻ جو گڻ، لياقت ئي ڪانهي، ته منهنجي خيال موجب اوهين اهڙي ماڻهوءَ بابت اهو ضرور سوچيندَو ته هو ڪا عقلمنديءَ واري ڳالهه ڪو نه ٿو ڪري. جيڪڏهن اسان سڀني کي سنڌي ٻولي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ اچي ٿي، اسان مان ڪيترن کي اردو، سرائيڪي، پنجابي، بلوچي، انگريزي، فارسي يا عربي وغيره به سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ اچي ٿي ته پوءِ چيني يا فرانسي يا يوناني يا لاطيني وغيره ڇو نه ٿي اچي؟
    يا سوال کي ٿورو ٻي نموني رکڻ ڏيو.
    اسان کي سنڌي ٻولي ڇو سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ اچي ٿي؟
    جيڪڏهن وري به ڪو اهڙو جواب ڏي ته اسان کي سنڌي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ ان ڪري اچي ٿي، جو اسان جي دماغ ۾ رڳو سنڌي ڄاڻڻ، سکڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت آهي، تڏهن به سندس جواب ڪو عقل ڀريو نه چئبو.
    اهڙي قسم جا ڪيترائي سوال ٿي سگهن ٿا. مثال طور، اسان مان ڪيترن کي انجنيري جي خبر ناهي، ڇو؟ ڊاڪٽري نه ٿا ڄاڻن، ڇو؟ ڪيترن کي ئي سياست جي سڌ ناهي، ڇو؟ ڪيميا جي ڄاڻ ناهي، ڇو؟ فلڪي علم نه ٿو اچي، ڇو؟ ڪيترائي هارپ نه ٿا ڄاڻن، ڇو؟ اوساري نه ٿا ڄاڻن، ڇو؟ مشينون هلائي نه ٿا سگهن، ڇو؟ ڪيترائي نفسيات، سماجي سڄاڻ، جنگي هنر ۽ فن، موسيقي، سنگتراشي، شاعري، فلسفو، سائنس وغيره نه ٿا ڄاڻن، ڇو؟ ساڳي ئي علم ۾ ڪي گهٽ ڄاڻو آهن، ته ڪي وڏا ماهر، ڇو؟ ڀلا ڪن کي انجنيري، ڊاڪٽري، ڪيمياداني، طبعي علم، فلڪي ڄاڻ، سياست، نفسيات، هارپ يا مزوري وغيره ڇو ٿي اچي؟ ڇا پورهيت جو پٽ رڳو پورهيو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ هو ڪو به ٻيو هنر، فن يا علم نه ٿو ڄاڻي سگهي؟ ڇا ڊاڪٽر جو پٽ رڳو ڊاڪٽري ڄاڻي سگهي ٿو ۽ هن وٽ ڪنهن به ٻي علم پرائڻ جي صلاحيت ڪانهي؟ ڇا سائنسدان جو پٽ رڳو سائنسدان ئي ٿي سگهي ٿو، هو ڪجهه ٻيو نه ٿو ٿي سگهي؟
    پنهنجو خيال آهي ته ڪو به ڄمندي ڄام ڪونهي ۽ نه ئي ٿي سگهي ٿو. جڏهن ٻار ڄمي ٿو تڏهن هن جي دماغ ۾ ڪو مخصوص علم، هنر يا فن پرائڻ جو گڻ ويٺل ڪونهي. اسين سنڌي ٻولي ان ڪري ڄاڻون ٿا جو اسان جي ذهن تائين ننڍي لاءِ کان وٺي هن وقت تائين سنڌي ٻولي پهچائي وئي آهي، ذري پرزي، اکر اکر، لفظ لفظ ڪري، شيون ۽ لقاءَ ڏيکاري، انهن جا نالا ٻڌائي، لفظن جون معنائون ۽ مفهوم سمجهائي، اسان کي لاڳيتو سنڌي ٻولي سيکاري وئي آهي. اهڙيءَ طرح اسان مان جيڪي ماڻهو پنجابي، پشتو، سرائيڪي، بلوچي، انگريزي، اردو، جرمن، فرانسي يا چيني ٻولي وغيره ڄاڻن ٿا، اها به ان ڪري، جو اها کين سيکاري وئي آهي، جنهن کي جيڪا ٻولي نه سيکاري وئي آهي، ان کي اها ٻولي ڪا نه ٿي اچي.
    ساڳيءَ طرح ڪنهن به هنر، فن يا علم بابت چئي سگهجي ٿو. ڪنهن به ماڻهوءَ کي رڳو هارپ سيکاريو ته وڏو ٿي هو انجنير نه ٿي پوندو، يا ڪنهن جو هارپ سان واسطو ئي نه پيو هجي ته هو هاري نه ٿي سگهندو. اسان مان هر هڪ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن علم، فن يا هنر ۾ يڪتا يا ڪجهه ڄاڻو ٿي سگهي ٿو، پر سوين هنرن، فنن ۽ علمن ۾ جاهل، ڄٽ ۽ اڻڄاڻ آهي.
    ٻالپڻ ۾ ڪو ماڻهو مسلمان ان ڪري آهي جو هو مسلمان گهراڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ ڪو ماڻهو هندو ان ڪري آهي جو هو هندو گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. ڪو ماڻهو عيسائي، يهودي، باهه-پوڄاري، ٻوڌي يا ڪنفيوشسي وغيره ان ڪري آهي جو هو عيسائي، يهودي، باهه-پوڄاري، ٻوڌي يا ڪنفيوشسي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو آهي.
    سمجُهو ٿيڻ کان پوءِ به ڪيترائي ماڻهو پنهنجي اباڻي دين ڌرم تي قائم رهن ٿا (عملي طرح گهٽ ۽ زباني طرح وڌيڪ)، پر ڪيترائي آهن جيڪي دين ڌرم بدلائي ٻيو يا ڪو به نه اختيار ڪن ٿا. ڪو ماڻهو عيسائي، يهودي، هندو يا ٻوڌي مان ڦري مسلمان ان ڪري ٿئي ٿو جو سندس مذهبي تعليم جي ڀيٽ ۾ وٽس پهتل اسلامي تعليم کيس وڌيڪ سٺي لڳي ٿي. ايئن ئي ڪو ماڻهو مسلمان يا يهودي وغيره مان ڦري عيسائي يا لامذهب ان ڪري ٿئي ٿو جو هو پنهنجي وهم ويساهه کان عيسائي يا لامذهب تعليم کي سٺو سمجهي ٿو. (ڪيترن ئي موقعن تي خاص طرح مذهب ۽ سياسي رجحان بدلائڻ لاءِ زبردستي ڪئي ويندي آهي يا لالچايو ويندو آهي ۽ حاڪمن ۽ دولتمندن جو مذهب قبول ڪرايو ويندو آهي. مثال طور، جڏهن سنڌ ۾ موريا گهراڻي جي حڪومت قائم ٿي ته انهن پنهنجي پسند جي ڌرم ٻڌ مت جي عام قبوليءَ لاءِ هندو مت جي پوئلڳن تي تشدد ڪيو، ويٽنام ۾ فرانسين قبضو ڪري پنهنجو مذهب مڙهيو ۽ لالچائي قبول ڪرايو، ساڳيءَ طرح مسلمانن به جن ملڪن مٿان پنهنجون حڪومتون قائم ڪيون اتي انهن سرڪاري مذهب طور اسلام کي رائج ڪيو. پاڪستان ۾ حڪمران طبقا پنهنجي پسند جون سياسي سوچون هر حربي وسيلي (ويندي هٿياربند ڪاهه وسيلي به) قبول ڪرائڻ لاءِ زور وجهن ٿا، سامراجي پنهنجي سياست کي برحق چوائڻ لاءِ تشدد ڪن ٿا ــــــــــ چليءَ ۽ نڪاراگئا رڳو ٻه مثال آهن.)
    جيئن جيئن سوچ ۽ سمجهه اڃا وڌي ٿي ۽ ماڻهو پاڻ به پرکي، پروڙي ۽ پرجهي ٿو تيئن تيئن هو نوان نوان علم، سڄاڻون، سياڻپون ۽ ڏاهپون پرائي ٿو.
    جڏهن ڪو ظلم خلاف جدوجهد ڪرڻ گهري ٿو تڏهن مظلومن جي ظلم مان ڇوٽڪاري واري جدوجهد ۾ شامل ٿي وڃي ٿو ۽ جڏهن ڪو ماڻهو ظلم ڪرڻ گهري ٿو تڏهن ظالمن جي قطار ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. اڄوڪيون ڌرتيءَ تي هلندڙ سموريون جدوجهدون ظالمن ۽ مظلومن، ڦورن ۽ ڦريلن، ڌاڙيلن ۽ ڀاڳين، حاڪمن ۽ محڪومن، گبر سيٺين ۽ پورهيتن، زميندارن ۽ هارين، آقائن ۽ غلامن ــــــــــ مٿين طبقن ۽ هيٺين طبقن، سامراجين ۽ ديس يارن، ڏاڍ مڙسن (ڊڪٽيٽرن) ۽ عوام دوستن، پراڻڪن (رجعت پرستن) ۽ واڌارڪن (ترقي پسندن)، ڪـ]ـڄاڻن (جاهلن) ۽ سـ]ـڄاڻن، خيال يارن ۽ مادي يارن جي وچ ۾ جدوجهدون آهن. هڪڙا ماڻهو جيڪي ظلم، ڏاڍ، ڦرلٽ ۽ فتني بازي صحيح سمجهن ٿا اهي ظالمن، ڦورن، گبر سيٺين، زميندارن، آقائن ــــــــــ مٿين طبقن، سامراجين، ڏاڍ مڙسن، ڪڄاڻن، پراڻڪن ۽ خيال يارن جو پاسو وٺي انهن سان ظلم ۽ ڦرلٽ ۾ هٿ ونڊائن ٿا، ته وري ٻيا لکين ڪروڙين ماڻهو جيڪي ظلم، ڦرلٽ ۽ ڏاڍ مڙسيءَ کان نفرت ڪن ٿا اهي مظلومن، ڦريلن، محڪومن، پورهيتن، هارين، غلامن ــــــــــ هيٺين طبقن، ديس يارن، عوام دوستن، واڌارڪن، سڄاڻن ۽ مادي يارن کي صحيح سمجهن ٿا ۽ انهن جي پاسي بيهي ظلم، ڏاڍ ۽ ڦرلٽ کان ڇوٽڪاري واري جدوجهد ۾ شامل ٿين ٿا. توهين ڪنهن جي پاسي ــــــــــ ظالم جي پاسي يا مظلوم جي پاسي، ۽ ڦوروءَ جي پاسي يا ڦريل جي پاسي، غلام بنائيندڙ جي پاسي يا ڇوٽڪارو ڏياريندڙ جي پاسي، ڪوڙ جي پاسي يا سچ جي پاسي؟
    هر ماڻهوءَ جي سوچ، سُـڌ، ڄاڻ، سڄاڻ، سڃاڻ، وهم، ويساهه، عقيدا، ايمان، ريتون رسمون، جذبا، جوش، امنگون، اميدون، ارادا ــــــ سمجهه ـــــــ ايئن هوري هوري، ڏاڪي به ڏاڪي، اکر اکر ۽ لفظ لفظ ٿي جڙي ٿي ۽ پوءِ ڏينهون ڏينهن ويران وڌ وکون وجهندي، ٻرانگهون ڀريندي، ڇال ڏيندي وڌندي، ويجهندي، تبديل ٿيندي، سينگاربي، سنورجندي ۽ سڌرندي رهي ٿي.


    باب ٻيو

    ماڻهوءَ راڄ ڪيئن ٺهيو ۽ ان ۾ سمجهه ڪيئن وڌي؟

    ماڻهوءَ راڄ (ڀائپي، سنگت) جڏهن اڃا نه ٺهيو هو تڏهن ماڻهو به ماڻهو نه هو، چوپايو هو، ڀولي ٻُوٿيو ــــــــــ مٿو ننڍو (دماغ ننڍو)، نراڙ لهوارو (اکين وٽ مٿاهون ۽ چوٽ تي لهوارو)، ڳلن جون هڏيون اڻ ا]ڀريل، نڪ ڦٿل ۽ بينو، کاڏي ماريل، چيلهه ڪٻي، هٿن جون آڱريون اڻ گهڙيل، ڪيڪڙاٽ ڪندو هڪ وڻ کان ٻي وڻ ڏانهن ٺينگ ٽپا ڏيندو، هڪ ٽاريءَ کان ٻي ٽاريءَ تي لڏي لمندو جهولندو ويندو. وڻن ۾ سندس گهر (آکيرو) ۽ وڻ تي ئي رهڻ ۽ جياپو. گل، ميوا، مکڙيون، نرم ٽاريون، مٺيون پاڙون، پکين ۽ ٻين ساهوارن جا آنا ۽ جيت جڻيا سندس کاڄ هئا.
    - ۽ ظاهر آهي ته جڏهن ماڻهو، ماڻهو ئي نه هو ته انهيءَ وٽ ماڻهوءَ سمجهه وري ڪٿي هوندي!
    ڀولا، باندر ۽ ممڙا (گوريلا) سندس سوٽاڻا هئا، پر فطري طرح ماڻهو ٿيندڙ ساهوارو اوسر (ارتقا) جي اتاهين ڏاڪي تي هو. هن جا به شڪاري، ماري، ويري يا دشمن هئا. جيئري رهڻ لاءِ کيس پنهنجو بچاءُ به ڪرڻو پوندو هو ته کائڻو پيئڻو به پوندو هو. ٽولن (ڌڻن) جي صورت ۾ ڌرتيءَ جي ديرن تي ڌار ڌار ڏينهن تي (هڪ ٻي جي ويجهو، هڪ ٻي کان پري) کائيندو، پيئندو، گهمندو ۽ رهندو هو. هن کي پنهنجن ٻين هم جنسن کان ۽ جيڪي کيس جوکو نه رسائن، انهن ساهوارن کان ڪو به ڀؤ ڀولو نه هو، پرزهريلا جيت جڻيا ۽ وحشي درندا سندس لاءِ جوکائتا هئا. فطرت جو پاڻ مرادو تيار ٿيل مال کائيندو هو. هن جو پنهنجن هم جنسن سان ”رت جو ناتو“ (مائٽي) ايئن ئي هو جيئن ڪن به ٻين ڪرنگهي وارن ۽/يا ٿڃ-پيئاڪ ساهوارن ۾ موجود آهي يعني ٻار جيستائين پاڻ ڀرو نه ٿو ٿئي تيستائين پنهنجن وڏن جو ڳيجهو هجي. جيڪو به ساهوارو اوسر جي جيترو اتاهين ڏاڪي تي آهي اوترو ئي وڌيڪ وقت تائين ان جو اولاد پنهنجن وڏن جو ڳيجهو هجي ٿو. جڏهن ماڻهو پاڻ ڀرو (پاڻُ پالي سگهڻ لائق) ٿيو پئي تڏهن هن ڌڻ ۾ گڏ رهندي به پنهنجي منهن پنهنجي حياتي گذارڻ شروع پئي ڪئي. ڌڻ ۾ رهڻ جو حقيقي ڪارڻ جنسي لڳ لاڳاپو هو. اڄوڪي ماڻهوءَ جيان هن ۾ ”رت جي رشتي“ (مائٽيءَ) جي سڃاڻپ مرڻ گهڙيءَ تائين رهندڙ ڪا نه هئي ــــــــــ هاڻي وارو ماڻهو سمجهه ڀريو آهي ۽ سماج (راڄ) ٺاهي رهي ٿو.
    فطري حالتن جي ڦيري ــــــــــ بدلجندڙ ماحول، گم ٿيندڙ وڏن وڻن، کٽندڙ ميون ۽ ڀاڄين (پاڙن ۽ گاهن) ۽ کائجي سگهجندڙ جيتامڙن ماڻهوءَ کي لاچار ڪيو ته هو پنهنجي کاڌي خوراڪ هٿ ڪرڻ لاءِ اڃا وڌيڪ پاڻ پتوڙي. شڪار کي مارڻ، پاڙن کي کوٽڻ ۽ ويريءَ کي ڀڄائڻ لاءِ هن ڳوڙهو (پٿر) ۽ چهنبدار ڪاٺي (لٺ) واپرائي. پٿر ۽ لٺ هٿ ڪرڻ سندس پهرين پيداواري (اپائتي) سرگرمي هئي. انهن جي مدد سان ماڻهو ٻين جانورن جيان رڳو ”فطرت جو رانديڪو“ نه رهيو، پر هو فطرت مان ڪجهه وڌيڪ هٿ ڪري سگهيو. ٻيا ساهوارا رڳو ”فطرت جو رانديڪو“ ٿي رهيا ۽ اهي رڳو فطري ماحول موجب بدلجي سگهيا ۽ جيڪي فطرت موجب بدلجي نه سگهيا اهي فنا ٿي ويا ــــــــــ ساهوارن جون سوين جنسون هن ڌرتيءَ تان ختم ٿي ويون. ماڻهو ڪجهه ته فطرت موجب بدليو پر ڪجهه هن فطرت کي به بدلايو. هاڻي هن پنهنجي بامقصد پورهيي وسيلي به گهڻو ڪجهه هٿ پئي ڪيو ۽ نسبتاً وڌيڪ وقت بدلجندڙ ماحول باوجود هڪ هنڌ رهي پئي سگهيو.
    ٻيو هر ساهوارو رڳو پنهنجن فطري ”جيئرن اوزارن“ وسيلي پنهنجو کاڄ هٿ ڪري ٿو ــــــــــ ڪاٺ ڪٽو پنهنجي سخت چهنب ۽ سنهي ڊگهي ڄڀ وسيلي وڻن جا ڇوڏا ٽُڪي انهن ۾ اندر رهندڙ جيتن جا آنا چٽي سگهي ٿو، شينهن پنهنجن سگهارن چنبن ۽ خونخوار ڏندن وسيلي پنهنجي شڪار کي چيري ڦاڙي کائي ٿو وغيره ــــــــــ پر ماڻهو رڳو پنهنجن ”جيئرن اوزارن“ جي سـهـاري جـيـئـرو ڪـو نه ٿـو رهـي پـر ان سـان گـڏوگـڏ هـن ”جـيـئرن اوزارن“ بدران بي جان اوزار ٺاهي ورتا، جن نه رڳو سندس کاڌ خوراڪ ۾ سهولت پئي ڪئي پر دشمن کان بچاءَ لاءِ به ڪم پئي آيا. پيداوار (اپت) ڪندڙ اوزارن جي اپت ئي کيس ماحول جي محتاجيءَ کان ڪڍي ٻاهر ڪيو، هو هاڻي ”فطرت جو رانديڪو“، ”فطرت جو قيدي“ نه رهيو، پر هن فطرت کي بدلائڻ شروع ڪيو.
    هزارين سالن جي تجربي کيس سيکاريو ته بي ڍنگي پٿر جي ڀيٽ ۾ چهنبدار پٿر وڌيڪ ڪارائتو هو ــــــــــ ان شڪار کي گهائي هڪدم ڪيرائي پئي وڌو. شڪار هاڻي ڪجهه وڌيڪ سولو ٿي پيو. پوءِ ڊگهو چهنبدار پٿر ٺهيو، ڊگهو سنهو چهنبدار پٿر (پٿر جي ڪاتي) ٺهيو، اهو اڃا سڌريو (خنجر ٺهيو)، ڪاٺيءَ جي مٿان ڳنڍجي نيزو ۽ ڀالو ٿيو، ڪات ٺهيو، ڪهاڙو ٺهيو ــــــــــ ويو شڪليون بدلائيندو ۽ نوان نوان اوزار هٿ ڪندو. پيداواري اوزار هڪ اهڙو پٿر، ڪاٺ، ٽامو، ڪنجهو يا لوهه آهي جنهن کي ماڻهوءَ پورهيي هڪ مخصوص ڪارج عطا ڪيو آهي، جنهن ۾ ماڻهوءَ جو جيئرو پورهيو (پورهيي جي سگهه) لڪل آهي.
    ماڻهو ۽ ماڻهوءَ جا اوزار اها سگهه بنجي پيا جيڪي اپت (پيداوار) ڪري سگهن. انهن کي اڄ ڪلهه سماجڪ ڌنيري سائنس جي ٻوليءَ ۾ پيداواري قوت يا اپتائتي سگهه سڏجي ٿو.
    ماڻهوءَ کي انهن ٿاڪن جي وڌيڪ گهرج هئي جتي سندس کاڌو پيتو ججهو هجي. جنهن هنڌ سندس کاڌو پيتو، گاهه ميوو، جيت جناور ججهو هو اهو ئي سندس دل گهريو پيداواري ٿاڪ هو ۽ ماڻهو اتي ٽڪي ٿي پيو. ماڻهو هاڻي وڻن جو ڳيجهو/محتاج نه رهيو. ٻيلائن، جهنگلي جبلن جون غارون سندس بهترين پناهگاهه هيون. هاڻي هو پنهنجي دشمن کان بچاءُ پنهنجن اوزارن (هٿيارن) وسيلي ڪري سگهيو پئي. پٿر ۽ ڪاٺين جي ڀڃ گهڙ دوران هن کي اها به سڌ پئجي چڪي هئي ته ڪي ڪاٺيون (بانس، بيد وغيره) ۽ ڪي پٿر (چقمق) وغيره پاڻ ۾ رهڙجندي باهه پيدا ڪن ٿا. ماڻهوءَ باهه جو هنر هٿ ڪري ورتو. باهه ڏاڍي زبردست ۽ ڪارائتي شيءِ هئي. باهه کان دشمن ڀڄي پئي ويو ۽ کاڌو ڀُڃِي سگهجيو پئي، جيڪو وڌيڪ لذيذ، لست ڀريو هو.
    گڏجي رهندي، شڪار ۽ کاڌو هٿ ڪندي، اوزار ٺاهيندي، اپائيندي، ونڊي ورڇي کائيندي ۽ گڏجي بچاءُ ڪندي ماڻهو نئين نموني جي ناتن جي لڙيءَ ۾ پوئجي ويو. اهي ناتا ”رت جا رشتا“ نه هئا، اهي ناتا جنسي ناتا نه هئا پر اهي ناتا، لاڳاپا يا ٻندڻ هئا جيڪي اپت جو عمل، بامقصد سرگرمي، پورهيو ڪندي ٺهيا هئا. انهن ناتن کي سماجڪ ڌنيري سائنس جي ٻوليءَ ۾ پيداواري رشتا يا اپتائتا ناتا چئجي ٿو. پيداواري قوتون پيداواري لاڳاپن ۾ ڳنڍجي ويون ــــــــــ ماڻهو ماڻهوءَ جو سهارو، ماڻهو ماڻهوءَ جي گهرج، ماڻهو ماڻهوءَ جو بچاءُ، ماڻهو ماڻهوءَ جو ساٿي هو، ساڻي هو، سنگتي هو، راڄ ڀاءُ هو ــــــــــ راڄ (سماج، ڀائپي، سنگت، ساٿ) ٺهيو.
    ماڻهو پيداوار ڪري ٿو تنهنڪري سندس راڄ ٺهيو. ماڻهوءَ کان سواءِ ٻيو ڪنهن به ساهواري جو راڄ ڪونهي، اهي وقتي، فطري گهرجن سبب هڪ ٻي جي ويجهو رهن ٿا، پر اهو راڄ ناهي، سماج ناهي، پائدار ناهي، جٽادار ناهي.
    هڪ ٻي جي ويجهو رهندي، گڏجي جيئندي، کائيندي، پيئندي، پيداوار ۽ بچاءُ ڪندي ۽ سکيل نئين هنر کي پنهنجن پوين، اولاد، نئين نسل (جنريشن) ڏانهن تبديل ڪندي، ماڻهوءَ جي اشد گهرج ٿي پئي ته هو هڪ ٻولي ايجاد ڪري. ٻوليءَ جو پهريون روپ هو اشارو، سانگ، حقيقت جو نقل.
    هر واڪو (آواز، گوڙ) ڪري سگهندڙ ساهوارو خاص طرح لڳ وقت، دشمن کان بچاءَ وقت، اڏامڻ يا گهمڻ وقت، کائڻ پيئڻ يا چوڳي وقت ڪو نه ڪو مخصوص واڪو ڪري ٿو. ماڻهو جڏهن ماڻهو نه هو، راڄ ۾ نه رهندو هو، اپت نه ڪندو هو، تڏهن هو به ايئن ڪي نه ڪي واڪا ڪندو هو. هر ساهواري جي واڪن ۾ مخصوص سڏ آهي پر پوءِ به اهو ٻن چئن واڪن تائين کٽي پوي ٿو. دشمن کان بچاءَ جو واڪو (في الحال مثال طور ڪَٻرين جو ٽيڪو يا جهرڪين جي جهر جهر ياد ڪيو)، لڳ لاءِ واڪو (ڳئون، مينهن، رڍ، ٻڪري، ڏاچي جي وهر جو واڪو ڌراڙ سڃاڻي سگهندو، جهرڪيءَ جو واڪو، ڏيڏر جو واڪو وغيره)، کاڌي لاءِ واڪو... ۽ ڪي ٻيا ٿورڙا.
    ماڻهو به اهڙا ئي پنهنجا مخصوص واڪا ڪندو هو ــــــــــ سندس واڪو گهگهو، گَٻَهَه، ڀريو هو. جڏهن ماڻهو ماڻهو ٿيڻ شروع ٿيو، هٿيار ٺاهيائين، پيداوار ڪيائين، راڄ وارو ٿيو، تڏهن هن جي اڻٽر گهرج هئي ته هو هاڻي وري ڪي ٻيا مخصوص واڪا به ڪري. نئين قسم جو واڪو ڪرڻ لاءِ نڙيءَ ۾ ڦيرڦار جي گهرج هئي ۽ اها ڦيرڦار گهڙين يا ڏينهن ۾ ته ڪا نه ٿي سگهي پئي. تيستائين ڇا ڪري؟ ڪيئن سڏ ڪري؟ شڪار جو يا دشمن جو ڪيئن اظهار ڪري؟ دشمن جي ڪڍ پوڻ لاءِ ڇا چوي؟ هٿيار کڻي مڙڻ لاءِ ڇا چوي؟ ڊوڙڻ، لِڪڻ، ڇِپ؛ هڻڻ، وڪڙ ڪري وٺڻ، گوهي ڏيڻ، ٻکين پوڻ وغيره لاءِ ڇا چوي؟ پٿر گَهڙِڻَ، هٿيار ٺاهڻ، سنڀالي رکڻ، وقت سر کڻي اچڻ، ڪنهن ٻي کي ڏيڻ وغيره لاءِ ڇا چوي ۽ ڪيئن چوي؟
    ان جو ممڪن طريقو بس اهو ئي هو ته سڏ لاءِ واڪو ۽ ڪم لاءِ اشارو ڪري.
    اشارن جي پنهنجي هڪ مخصوص ٻولي ٿيندي آهي. اڄ به اسين ڪيترن ئي ڪمن لاءِ رڳو اشارو ڪم آڻيندا آهيون ــــــــــ هيڏي آءُ، هوڏي وڃ، ويهي رهه، اٿي بيهه، ڊوڙ پاءِ، وارو (تڪڙ، جلدي) ڪر، سمهي پئه، لِڪُ، اکيون ٻوٽ، وات کول، پاڻي پيءُ، کاءُ، وڙهه ۽ ٻيا گهڻا اشارا. ڪا شيءِ چکي وات چٻو ڪرڻ جو مطلب ڪِني، ڪساري شيءِ، چٽڪو ڪرڻ جو مطلب کَٽي شيءِ، ڪنڌ ڌوڻي مرڪڻ جو مطلب مٺي شيءِ هوندو آهي، ڪا شيءِ سنگهي نڪ گهنجائڻ جو مطلب ڌپ ۽ وڏو ساهه ڀري مرڪڻ جو مطلب سڳنڌ آهي، اکين جي ٻوليءَ کان هر هڪ مڙئي ڪجهه نه ڪجهه واقف آهي ــــــــــ پيار ڀريون اکيون، سڏيندڙ اکيون، سِڪايل اکيون، ڄڻڪ شربت پيئاريندڙ اکيون، سُڏڪندڙ اکيون، ڏکايل اکيون، وياڪل اکيون، اجهاڻل اکيون، ڪاوڙيل اکيون، ڌِڪاريندڙ اکيون، زهريليون اکيون، وڍيندڙ اکيون، سرد اکيون، ٻرندڙ اکيون، ننڊاکڙيون اکيون، ناز ڀريون اکيون، مڳيءَ ڀريون اکيون، بي پرواهه اکيون، تڪيندڙ اکيون، تکيون اکيون، چڀندڙ اکيون، چتائيندڙ اکيون، للڪاريندڙ اکيون، سوڀاريون اکيون، ٽهڪندڙ اکيون، روشن اکيون، ڪوماڻل اکيون، ڪيني ڀريل اکيون، اوجاڳيل اکيون:
    کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر،
    سورج شـاخـون جَهـڪيـون، ڪوماڻو قمر،
    تارا ڪَتيون تائب ٿيـا، ديکـيـنـدي دلـبـر،
    جهــڪــــو ٿــيــو جـــوهــــــر، جــــانـب جـــي جــمـــال ســيــن.


    اکين، آڱرين، هٿن، پيرن، منهن مهانڊي ۽ انگن ۽ بدن جي چرپر سان سوين اشارا ۽ سانگ ڪري سگهجن ٿا. ڪانءَ جي ڪان ڪان، جهرڪيءَ جي جهر جهر، ڏيڏر جي ڏاڪڙي (ٽاڪڙي)، مينهن، ڳئونءَ جي رنڀ، ٻڪريءَ جي ٻيڪاٽ، گهوڙي جي هڻڪار، شينهن جي گجگوڙ، مطلب ته هر واڪو ڪندڙ ساهواري جي واڪي جو نقل، قدرتي لقائن بابت اشارا ــــــــــ اوندهه، سوجهرو، آنڌاري، جهڙ، مينهن وغيره:
    گهنن گهنن گهن گهن گهن، ڇـنـن ڇـنـن ڇـن ڇـن ڇـن،
    وَســـو وَســـو اي ڪــارا بــــادل، وَســو وَســـو ورســـايـــــو جَــل ٿـــل.
    پر ماڻهو پنهنجا سڀ خيال، سڀ سوچون اشارن وسيلي ظاهر ڪري نه ٿو سگهي.
    جيتري وڌيڪ اپت ٿي، جيترو وڌيڪ نئون اوزار ٺهيو، جيترو وڌيڪ شڪار مليو، جيتري گهڻي خوشي ٿي، جيترو گهڻو گهمڻ ڦرڻ ٿيو، جيترو وڌيڪ اُچو راڄ ٺهيو، اوترو وڌيڪ مختلف اشارن ۽ واڪن جي گهرج پئي. انهيءَ گهرج نڙيءَ جي چرپر ۽ بناوت ۾ فرق آندو ۽ نيٺ ان اهي واڪا ڪڍيا جن کي اڄ لفظ چئون ٿا ــــــــــ ۽ لفظَ ملي ٻولي ٺاهيندا آهن، لفظن کان سواءِ ڪا به ٻولي ڪانهي.
    راڄ جي وڏڙن، تجربيڪارن، سگهڙن، سياڻن ۽ ڏاهن پنهنجو تجربو، سگهڙائپ، سياڻپ ۽ ڏاهپ اشارن ۽ واڪن (آوازن، لفظن) وسيلي پنهنجي نئين پود ڏانهن تبديل پئي ڪئي ۽ اهو عمل اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. اڄوڪو ڪو به ماڻهو اشارن ۽ واڪن کان سواءِ ڪا به ٻولي، هنر، فن، علم سکي نه ٿو سگهي ۽ ٻوليءَ کان سواءِ ڪو به علم، ادب، شاعري، هنر يا فن ڪونهي. ٻولي راڄ (سماج) کان ٻاهر ٺهي نه ٿي سگهي ۽ راڄ پيداواري رشتن کان سواءِ ٺهي نه ٿو سگهي ۽ پيداواري رشتا وري پيداواري قوتن کان سواءِ ٿي نه ٿا سگهن ــــــــــ ۽ پيداواري قوتون آهن پورهيو ڪندڙ ماڻهو ۽ اهي اوزار (هٿيار)، جن ۾ پورهيو لڪل آهي. ماڻهوءَ کي ماڻهو ٿيڻ ۾، راڄ جوڙڻ ۾ ۽ ٻولي ٺاهڻ ۾ پنج لک سالن کان به وڌيڪ وقت لڳي ويو.


    باب ٽيون

    ڇا ٻوليءَ کان سواءِ ڪا به سوچ،ڪا سمجهه ٿي سگهي ٿي؟

    ٻولي، ٻول، ڳالهائڻ، ڳالهه، واڪو يا آواز نه هجي ها ته ماڻهو ڇا هجي ها؟ عالم، اديب، شاعر، فلاسافر، فنڪار، سياڻو، سياستدان، سائنسدان، انجنير، ڊاڪٽر، هنرمند ته ٺهيو، پر ڇا هو ماڻهو چئجي/سڏجي سگهي ها ــــــــــ ٻوليءَ کان سواءِ ڪيئن سڏجي يا چئجي ها؟
    اچو ته هڪ سوال کڻون.
    اسين ڪيئن چئون ته ڪو ماڻهو هڪ وڏو فلاسافر، مفڪر، اديب، دانشور، شاعر، ڏاهو، سياڻو يا سائنسدان آهي؟ سمجهو ته هڪ ماڻهو هڪ وڏي گهر ۾ رهي ٿو. سندس گهر ۾ سوين هزارين قسمن جا ڪتاب رکيا آهن پر هو ماٺ آهي، ڳالهائي نه ٿو، هن لکيو ناهي ــــــــــ ڇا پوءِ به چئي سگهنداسون ته هو وڏو عالم آهي؟ جڏهن ماڻهوءَ کي اها سُڌ ئي ڪانهي ته هن جا خيال ڪهڙا آهن، سندس سوچ ڪيئن آهي، هو دنيا، فطرت، ڪائنات بابت ڇا ٿو سوچي، هن جو نڪتي نظر ڪهڙو آهي، سچ ۽ ڪوڙ بابت سندس نظريو ڪهڙو آهي، ڪهڙو فلسفو ڇو، ڪيئن کيس پسند آهي، هو ڪهڙي سوچ رکي حياتي گذاري ٿو وغيره، ته پوءِ نيٺ ماڻهو اهو ڇو سوچين ته هو ڪو سياڻو، سيبتو، پڙهيل ڪڙهيل، سمجهه رکندڙ ماڻهو آهي؟ ڪيئن سمجهون ته هن اهي ڪتاب پڙهيا، سمجهيا، ڄاتا، سڃاتا، پروڙيا ۽ پڙهيا آهن؟ ڪيئن سمجهجي ته هن ڪجهه پرکيو ۽ کوجيو آهي، هن به ڪو علم پِرايو آهي؟
    ڪنهن به خيال، تصور، سوچ، سمجهه جي خبر تڏهن پوي ٿي جڏهن ان کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ ظاهر رڳو ٻوليءَ ۾ ئي ڪري سگهجي ٿو.
    ماڻهوءَ راڄ کان اڳ ڪا به ٻولي ڪا نه هئي. پورهيو ڪرڻ، پيداواري عمل ۾ گِهڙڻ، بامقصد سرگرمي ڪرڻ سبب ماڻهو پيداواري ناتن ۾ ڳنڍجي ويو ۽ سماج ٺهي پيو. ڳالهائڻَ، ٻوليءَ پهريائين ماڻهوءَ راڄ ۾ پيداواري عمل دوران جنم ورتو. ماڻهن پنهنجي بقا ۽ بچاءَ جي ويڙهه وڙهندي، جدوجهد ڪندي پنهنجن بنيادي گهرجن جي پُورائي لاءِ گڏجي ڪم ڪندي اڻٽر گهرج محسوس ڪئي ته اهي هڪ ٻي کي ڪجهه چون. ماڻهوءَ جهڙي ساهواري جي اَڻ گَهڙيل، اڻ اسريل نڙيءَ هوري هوري پاڻ کي تبديل ڪيو ۽ ڳالهائڻ جي عضون هڪ کان پوءِ ٻيو گهگهو، منجهڙيل ٻول ڪڍڻ شروع ڪيو. هوري هوري، سادن سودن، منجهڙيل ۽ گهگهن واڪن مان بامقصد، بامعنى، مفهوم رکندڙ واڪا وجود ۾ آيا ۽ اوسر ۽ واڌاري جون منزلون طيءِ ڪندي، وڌندي، ويجهندي، نوان نوان نرم ۽ نازڪ ٻول پنهنجي جهوليءَ ۾ سوئيندي ۽ مالها ۾ پوئيندي، لطيف ۽ سهڻن احساسن ۽ وڌيل، ڳتيل، سانڍيل جذبن ۽ نون نون لقائن، نين نين شين کي نوان نوان نالا ڏيندي اچي اڄوڪي ماڳ تي پهتي آهي. معنى ۽ مقصد ڀري ٻولي ايئن اسري، وڌي ۽ ويجهي. ٻولي هڪ ٻي سان لهه وچڙ ۾ اچڻ، سکڻ ۽ سيکارڻ لاءِ، ڳانڍاپي ۾ رهڻ لاءِ، هڪ ٻي جو ساٿ وٺڻ لاءِ، هڪ ٻي جي واهر ڪرڻ لاءِ خيالن، سوچن، سَڌن، جذبن يا امنگن جي مٽاسٽا جو وسيلو آهي. خيال، سوچون، سڌون، جذبا ٻوليءَ (آواز، واڪي) کان سواءِ ظاهر نه ٿا ڪري سگهجن ــــــــــ ٻولي ذهني احساسن جو اهو ”خول“، ”ڍڪڻ“ آهي جيڪو مادي (آواز، واڪ) جو ٺهيل آهي.
    ڪو به خيال رڳو تڏهن حقيقي نموني ظاهر ٿئي ٿو جڏهن اهو لفظن، واڪ، ٻوليءَ جو روپ وٺي ٿو. جيستائين خيال ماڻهوءَ جي ذهن ۾ آهي تيستائين اهو ”مردو“، ”مئل“، ”بي جان“ آهي ڇو ته اهو ٻين ماڻهن کي ملي نه ٿو سگهي، ڪو به ماڻهو ان جو ڪاٿو نه ٿو ڪري سگهي، ان جي معنى، مفهوم ۽ مقصد سمجهي نه ٿو سگهي. خيال حقيقت تڏهن بنجي ٿو جڏهن اهو ظاهر ڪيو وڃي ۽ ظاهر ڪرڻ جو رڳو هڪ رستو آهي يعني ٻولي، ڳالهه ٻول. سوچ پنهنجي مادي ”خول“ کان سواءِ ڪڏهن به ٺهي نه ٿي سگهي، ويندي تڏهن به اسان کي لفظن جي ضرورت پوي ٿي جڏهن اسين بي شڪ آواز سان نه ٿا ڳالهايون پر رڳو پنهنجو پاڻ سوچيون ٿا. ٻوليءَ کان سواءِ اسان سوچي به نه ٿا سگهون. ڪو به ماڻهو جڏهن به، جتي به، ڪجهه به سوچيندو اهو ڪنهن نه ڪنهن ٻوليءَ ۾ ئي سوچيندو. سماجَ سمجَهه کي جنم ڏنو، سمجَهه ٻوليءَ وسيلي ٺهي ۽ ٻوليءَ وسيلي ئي ظاهر ٿئي ٿي. ٻوليءَ جي مهرباني، جو نه رڳو اسان جي سوچ ٺهي ٿي پر اها ٻين ماڻهن ڏانهن تبديل به ڪري سگهجي ٿي. ٻي پاسي وري لکيل ٻوليءَ جي مدد سان اسان جي سوچ سماج جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پکڙجي ٿي پر هڪ پود کان ٻي پود ڏانهن تبديل به ٿئي ٿي. اهو ممڪن ئي ڪونهي ته ڪو به خيال، ڪا به سوچ ٻوليءَ کان سواءِ ڪنهن ٻي نموني ظاهر ڪري سگهجي.
    هن سڄي ڳالهه ٻول مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته پنهنجي ابتدا کان انتها تائين، ٻالپڻي کان وٺي اوج تائين ماڻهوءَ سمجهه، لفظن، ٻولن، ٻوليءَ جي بنياد تي ٺهي ٿي. ڇا اهو ممڪن آهي ته سوچ کي ٻوليءَ کان ڌار ڪري سگهجي؟ نه، سوچ کي ٻوليءَ کان ڌار ڪري سگهڻ ممڪن ڪونهي. ٻوليءَ ۽ سوچ جي وچ ۾ هڪ اڻٽٽ ايڪو، هيڪڙائي آهي. ان ڪري ئي اسين چئون ٿا ته سوچ رڳو ماڻهوءَ جي خاصيت آهي، ٻي ڪنهن به ساهواري ۾ سوچ، سمجَهه، ذهن ڪونهي، ٻي ڪنهن به ساهواري وٽ ڪا به ٻولي ڪانهي، ٻي ڪنهن به ساهواري وٽ سماج ڪونهي، ٻيو ڪو به ساهوارو پيداوار ڪري نه ٿو سگهي. لاڳيتي پورهيي ۽ پورهيي جي سکيا ئي منجهڙيل گهگهي آواز کي اوسر، واڌ ڏني، ٺيڪ ڪيو ۽ ماڻهوءَ جهڙي ماڻهوءَ جي دماغ کي هوري هوري وڌائي حقيقي ماڻهوءَ جو ڳتيل دماغ ٺاهيو. سنجهه، ڀري، ڏاهي، سياڻي، سلڇڻي ماڻهوءَ جو دماغ بي سمجهه، جاهل، اياڻي، ڪلڇڻي ماڻهوءَ جي دماغ کان وڌيڪ وڏو ۽ وڌيڪ ڳتيل ٿيندو آهي.


    باب چوٿون

    سمجهه وسيلي ماڻهو ڇا ٿو ڪري؟

    جڏهن ماڻهوءَ پهريون پٿر پنهنجي مـ،ـٺ ۽ پهريون ڏنڊو پنهنجي ٻانهن ٺاهيو، تڏهن حقيقت ۾ هو اها پهرين وک وجهي چڪو جيڪا فطرت جي قيد کي ٽوڙي ڇڏي. ”فطرت جو رانديڪو“ هئڻ خلاف اهو سندس پهريون جتن هو. هيءُ ڪو سوچيل سمجهيل عمل نه هو، پر جبلي عمل جو ورجاءُ هو، هر هر ورجاءُ هو، جنهن ڪجهه نوان نتيجا ۽ نوان سک پئي ڏنا. ٻيو هر ساهوارو اڄ تائين فطرت جو باندي، قيدي آهي، اهو ڏسي نه سگهڻ جهڙن ڪنڊاوَن پڃرن ۾ بند آهي: بي وس، لاچار ۽ هيڻو ــــــــــ ڪي رڳو وڻ جي مٿين حصي جا قيدي آهن ته ڪي هيٺين حصي جا، ڪي ٻِرڙن جا ته ڪي ڏرِن جا، ڪي پاڻيءَ جا ته ڪي گپ جا، ڪي سمنڊ جي تري جا ته ڪي سمنڊ جي مٿاڇري جا، ڪي جبلن جا ته ڪي ڪاڇي جا، ڪي ٿرن جا ته ڪي برن جا، ڪي ٿڌن علائقن جا ته ڪي ڪوسن علائقن جا، ڪي خشڪ علائقن جا ته ڪي گهميل علائقن جا، وغيره ــــــــــ پر ماڻهو، اڄوڪو ماڻهو فطرت جي انهيءَ اڻ ڏٺي قيد، لوڙهي کي ٽوڙي چڪو آهي. ماڻهوءَ اهو ڪم سوين، هزارين، لکين ڀيرا ڪيو، هر هر ورجايو، ڏٺو، جاچيو،پرکيو، پرجهيو ۽ پِرايو. ماڻهو پهرين نرالي واڪي، ٻول جو پايو وجهي چڪو ــــــــــ هي اهو ٻول هو جيڪو ڪو ڪارنامو ڪرڻ کان پوءِ بي اختيار نڙيءَ مان نڪري ويندو آهي ــــــــــ هيءُ واڪو دشمن کان پهتل گهاءَ سبب رڙ نه هو، هيءَ اها هيج به نه هئي جيڪا شڪار هٿ اچڻ سبب ظاهر ٿي پوندي هئي. ماڻهوءَ پنهنجي دماغ جي جبلي سمنڊ ۾ سمجهه جي پهرين پهڻي اڇلائي وڌي. ماڻهو جي مٺ ۽ ٻانهن اڳوڻي کان سؤڻي سگهاري ٿي پئي.
    ”بي ساهه مٺ“ (پٿر) ۽ ”بي ساهه ٻانهن“ (ڏنڊو) جڏهن گهڙڻ شروع ڪيائين، تڏهن هن اها پهرين تبديلي آندي جيڪا اڳ فطرت ۾ موجود نه هئي. فطرت ۾ اڳ چرپر جو عمل موجود هو (چرپر معنى تبديلي، ڪا شيءِ، ڪو لقاءُ جتي جنهن حالت ۾ اڳ موجود هجي اتي ساڳيءَ حالت ۾ نه رهي). هوا جون لهرون، سمنڊ جون ڇوليون، ٻوڏون ۽ طوفان، وڻن جون جهمريون، پکين جي اڏام، مڇين جي تار، جيت جڻين ۽ ٻين جانورن جا سير سپاٽا، زلزلا ۽ باهه اوڳاڇيندڙ جبلن جو تتو ريج (لاوا) وغيره سڀ موجود هئا، سڀ تبديليون هيون، پر هيءَ نرالي تبديلي هئي. اهڙي تبديلي اڳ ڪڏهن به نه ٿي هئي. ڪنهن ساهواري ڪنهن شيءِ جو منهن مهانڊو ۽ ڪارج بدلائي ان کي ٻي شيءِ بنايو هجي ۽ ٻيو ڪارج ڏنو هجي، ايئن اڳ ڪڏهن به نه ٿيو هو. هيءُ ڪو جبلي، موروثي عمل نه هو پر سمجهيل عمل هو. پٿر کي پٿر سان ڌڪ هڻي، پٿر کي پٿر تي زور سان اڇلائي، هن ان کي چهنبدار ۽ تکو ٺاهڻ جي نيت ٻڌي هئي. پر هو ايئن ڪري اڃا به ٻيو اڻ ڄاتل ڪارنامو سر انجام ڏئي رهيو هو، پٿر جي رڳڙ، رهڙ چڻنگون ــــــ باهه ــــــ پيدا پئي ڪئي ۽ نيٺ سوين سالن کان پوءِ ماڻهوءَ باهه کي قابو جهلي ورتو. باهه کي لاڳيتو ٻرندو رکندو هو يا وري وقت سر ٻه خاص پٿر يا خاص ڪاٺيون هڪ ٻي سان رهڙي پيدا ڪري وٺندو هو.
    ماڻهوءَ وٽ باهه هن جو وڏو آٿت، وڏو هٿيار ۽ وڏو بچاءُ هئي. جبلن جي غارن ۾ ۽ کليل ميدانن ۾ باهه دشمن کي ويجهو اچڻ نه پئي ڏنو، سيءَ، پاري کان پناهه ٿي ڏني ۽ گوشت ڀُڃي ان کي ڏاڍو لذيذ ۽ نرم پئي بنايو. ان ئي باهه ۾ ڪچيون سرون پڪيون ٿيون، ڪچا ٿانوَ ٺڪر ٿيا، ٽامو پگهريو، قلعِي ۽ جست رجيو، ڪنجهو ٺهيو، سوين سانچا، قالب تيار ٿيا ۽ انهن وسيلي سوين هزار مختلف ٿانوَ، اوزار ۽ هٿيار ٺهيا. اڄ شايد ئي ڪو ڪارخانو، صنعت هجي جنهن جو ”روح“ باهه نه هجي. ڌرتيءَ تي ڪو به ٻيو ساهوارو ڪونهي جيڪو باهه ڪتب آڻيندو هجي.
    شڪار ڪيل وڏا جانور يا جهوپڙن ٺاهڻ لاءِ بُنڊ گِهِليندي جڏهن اهي ترڪڻي جاءِ تي پئي آيا يا انهن جي هيٺان پٿريلا گول ڳوڙها پئي آيا تڏهن ڳري شيءِ به ڏاڍي سولائيءَ سان ترڪي ڄڻڪ هلڪي ٿي پئي ٿي. لاڳيتي پرک ۽ پروڙ ماڻهوءَ کان ”ڦيٿو“ ٺهرايو. پراڻي اڍنگي پٿريلي ۽ ڪاٺوڙي ڦيٿي جي جاءِ اڄ فولادي ڦيٿن والاري آهي ۽ دنيا ۾ ڪا به مشينري ۽ صنعت ڦيٿي کان سواءِ ناهي. ماڻهو سمنڊ جا تر ڦوليندو هجي يا پولار جا پار، ڦيٿي کان سواءِ بي وس ۽ لاچار هوندو.
    ٿي سگهي ٿو ته پاڻيءَ مٿان يا ان مٿان لڙهندڙ ڪنهن ڪک پن يا ڪاٺيءَ تي ڪي مکيون يا جيت جڻيا توهان کي ترندا نظر اچن پر انهن ڪا ٻيڙي، دنگي، ڊونگي، مڪڙي ڪا نه ٺاهي آهي. کير پيئاڪ جانور پاڻيءَ ۾ رهيو ته مڇي (وهيل) ٿي ويو ۽ هوا ۾ اڏاڻو ته پکي (چمڙو) ٿي ويو، پر ماڻهو ئي آهي جو سمنڊ ڇاڇولي ٿو پر مڇي ناهي ۽ فضائن ۾ اڏامي ٿو پر چمڙو ناهي. خلا ۾، چنڊ تي، مريخ ڏانهن ماڻهوءَ کان سواءِ ڪو به ناهي جيڪو ونجهه وجهي سگهي.
    ناهي ڪو به ٻيو ساهوارو سواءِ ماڻهوءَ جي، جيڪو پنهنجي کاڌ خوراڪ لاءِ جانور پالي سگهي. ڪِـوِلي، ماڪوڙي برابر کاڌي جو کوڙ ڪري ٿي پر رڳو اهو ئي ڪم ڪري سگهي ٿي. ماڻهو نه رڳو سوين جنسون پالي ٿو پر پٽ ڪينئان ۽ ماکيءَ مکيون به نپائي ٿو. ماڻهوءَ نه رڳو سوين جنسن جا جانور پاليا آهن پر اهو ماڻهو ئي آهي جنهن هٿراڌو لڳُ ڪرائي هر جنس جا سوين نمونا ٺاهي ورتا آهن. انهن مان ڪيترين ئي جنسن ۾ اهي خوبيون به پيدا ڪري ورتيون اٿائين جيڪي فطرت ۽ جبلت انهن کي موروثي طرح نه ڏئي سگهي هئي.
    ناهي ڪو به ٻيو ساهوارو سواءِ ماڻهوءَ جي، جنهن پنهنجي کاڌ خوراڪ ۽ لست لذت لاءِ سوين قسمن جا اناج ۽ ميوا، فصل ۽ وڻ پيدا ڪري سگهيو هجي. ماڻهو ئي آهي جنهن ڪڻڪ، چانور، ڪپهه، جوئر، ٻاجهري، چڻا، مٽر وغيره (۽ انهن جا سوين نمونا) اپائي ورتا آهن. انهن وسيلي هو سالن جا سال کائي جيئي سگهي ٿو.
    اهو ماڻهو ئي آهي جنهن اڄ اهڙا ٻوٽا ٺاهي ورتا آهن جن جي پاڙ ۾ پٽاٽو ۽ چوٽ تي ٽماٽو پيدا ٿئي ٿو. فطرت ڪڏهن به اهڙا ٻوٽا پيدا ڪري نه سگهي.
    ماڻهو جهڳين، جهوپڙين، جاين، جڳهن جا سوين هزار نمونا ٺاهي ورتا آهن، سمنڊن ۽ ندين تي بند ٻڌا آهن، واهه کوٽي پاڻيءَ کي پنهنجيءَ پسند جي هنڌ تي پهچايو آهي، جبلن کي کوٽي معدنيات هٿ ڪئي آهي، معدنيات کي سوين روپ ڏئي پنهنجي ڪم آندو آهي. ماڻهوءَ مشينون ٺاهيون آهن ۽ مشينن وسيلي هزارين نرالا، اڻ ڏٺا، اڻ ٻُڌا ڪم ڪري ورتا آهن. ماڻهوءَ ڪمپيوٽر ٺاهيو آهي، ”فولادي ماڻهو“ ٺاهيو آهي، روڊ، ريلوي، بس، ڪار، ڪرين، ٽرڪ، ٽريڪٽر، جيپ، هوائي جهاز، خلائي جهاز، راڪيٽ، پاڻيءَ جهاز، آبدوز، ريڊيو، ٽي وي، ٽيليفون، دوربين، خوردبين، بجلي، بلب، پکا، ڪولر، هيٽر، ريفريجريٽر، ايئرڪنڊيشنر ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ٺاهي ورتا آهن. ناهي ڪو ٻيو سواءِ ماڻهوءَ جي، جيڪو ايئن ڪري سگهي.
    ماڻهوءَ ڪائنات (جڳ، جهان) تي کوجنا ڪئي آهي، لکين روشني-سالن تي ڏسي سگهي ٿو، سج، چنڊ، تارن، گرهن، سيارن وغيره تي تحقيق ڪئي آهي. هو گهر ويٺي مريخ تي اهڙي مشين موڪلي سگهي ٿو جيڪا نه رڳو اتان فوٽو ۽ آواز موڪليندي رهي پر پنهنجي سِر اتي تجربا ڪري سگهي، موسمي حال ٻڌائي سگهي، وغيره. ماڻهو ئي آهي جنهن چنڊ تي پير گهمايا ۽ اتي وڃي، ويهي، رهي. اڀياس ۽ پرک ڪئي. ماڻهوءَ بيمارين خلاف ويڙهه ڪئي آهي، دوائون ٺاهيون آهن، آپريشنون ڪري ٿو، اکيون، ڪن، دليون، بُڪيون. آنڊا وغيره بدلائي سگهي ٿو. ماڻهو ئي آهي جنهن فطرت جي پيدا ڪيل وڏي ماتا جهڙي بيماريءَ (اُن جي جيوڙن) کي فنا ڪري ڌرتيءَ تان مٽائي ڇڏيو. ماڻهو ئي آهي جنهن مادي جي شين ۽ لقائن کي سمجهيو، انهن جي ڪيميائي ۽ طبعي گڻن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي، جنهن ايٽمي توانائيءَ کي پنهنجي قبضي ۾ آندو، جنهن کربين ڏيئا ٻاري راتيون روشن ڪري ڇڏيون. ماڻهو ئي آهي جنهن حياتيءَ جي جوهر جو اڀياس ڪيو ۽ سڀني ساهوارن جي تخليق تي کوجنا ڪئي. ماڻهو ئي آهي جنهن ڳوٺ وسايا، شهر جوڙيا، اسڪول ۽ ڪاليج کوليا، يونيورسٽيون ۽ ليباريٽريون قائم ڪيون. ماڻهو ئي آهي جيڪو لکي سگهي ٿو، ڇاپي سگهي ٿو، ڪتاب ٺاهي سگهي ٿو ۽ انهن کي ڪتاب گهرن ۾ محفوظ ڪري ٿو. ماڻهو ئي آهي جيڪو تصوير ڪڍي ٿو، سنگتراشي ڪري ٿو، فوٽو ڇڪي ٿو، فلم ٺاهي (فلم ٺاهڻ کان پوءِ) مري ويل ماڻهن جي ڳالهه ٻول ٻڌائي ۽ انهن جي چرپر ڏيکاري سگهي ٿو. ناهي ڪو ٻيو سواءِ ماڻهوءَ جي جيڪو سماج ٺاهي سگهي، تاريخ جوڙي، ٻولي خلقي، ثقافتي رنگارنگيون پکيڙي. ماڻهوءَ سڄي فطرت، فطرت جي هر لقاءَ، هر شيءِ، سماج، حياتيءَ وغيره جو جوهر، انهن جا قاعدا قانون ڳولي هٿ ڪري ٿو، انهن کي ڄاڻي ۽ سمجهي ٿو. ماڻهو ئي آهي جيڪو پنهنجو پاڻ کي، پنهنجي دماغ کي سمجهي ٿو. ناهي ڪو ٻيو سواءِ ماڻهوءَ جي، جيڪو ايئن ڪري سگهي.
    اڳوڻو ماڻهو پٿر جيتري مضبوط مُٺ ۽ ڏنڊي جيتري ڊگهي ٻانهن ٺاهي سگهيو، پوءِ هن تير ڪمان ۽ ڀالي وسيلي پنهنجيءَ ٻانهن کي وڌيڪ ڊگهو ڪيو ۽ مترڪي وسيلي پنهنجيءَ مٺ کي اڃا به مضبوط. خالي هٿ سان ڪچي مٽيءَ جي لپ ڀري سگهيو پئي پر ڪوڏر وسيلي وڏو لپو هڻي سگهيو ٿي. سڏ پنڌ تائين ٻڌي سگهيو پئي، چڱو پري تائين ڏسي سگهيو پئي، ٻه چار ميل ڊوڙي سگهيو ٿي ۽ ڪوهن جا ڪوهه پنڌ هڻي پئي ويو. بُنڊ پئي کنيائين، ڇِپون پئي ڍوئيائين، ڇِپ جيڏا جانور پئي ماريائين. اهو ماڻهو به وهه واهه، واکاڻ لائق آهي اهو ماڻهو جنهن اهو سڀ ڪجهه ڪيو، پر اڄوڪي ماڻهوءَ:
    - پنهنجي چنبي کي فولادي بنائي، ڪرين جو روپ ڏئي، ايڏو سگهارو بنايو آهي جو هڪ سٽ ۾ ويهه ويهه ٽن کڻي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ رکي ٿو،
    - پنهنجيءَ لپ کي فولادي ڪوڏر ۾ بدلائي، ايڏو ويڪرو ڪيو آهي جو ان جو هڪ لپو مڻن جا مڻ مٽي، بجري، واري يا پٿر پٽي سگهي ٿو،
    - پنهنجن ڪنن کي ايڏو سرلو ڪري ورتو آهي جو دنيا جي هڪ ڪُنڊ جو آواز ريڊيي، فون وسيلي ٻي ڪنڊ تي ٻڌي سگهي ٿو،
    - پنهنجين اکين کي اها ويڪري ديد ڏني آهي جو ڪائنات ۾ لکين روشني-سالن جي پنڌ تي، تارن، سيارن ۽ گرهن تي، ڌرتيءَ جي هڪ پاسي کان ٻي پاسي تي، انتهائي اڻ لکن ذرڙن (اليڪٽرانن يا ايٽمن) تي، ڏِسڻيُن (ڏ؛سڻ جي اوزارن) وسيلي نظر وجهي سگهي ٿو،
    - پکين جي اڏام فولادي کنڀن (هوائي جهاز ۽ راڪيٽ) وسيلي ماڻي سگهيو آهي ۽ نه رڳو فضا ۾، پر پولار ۾ به پيهي وڃي ٿو،
    - مڇين جي ترڻ-مهارت به ماڻي ورتي ۽ نه رڳو ندين، اُپسمنڊن ۽ سمنڊن مٿان تري سگهي ٿو پر پاتار ۾ پيهي وڃي ٿو.
    ناهي ڪو ٻيو ساهوارو سواءِ ماڻهوءَ جي، جيڪو اهو سڀ ڪجهه ڏسي، ٻڌي، سنگهي، چَکي يا ڇُهي، ان کي جاچي، پرکي، پرجهي ۽ پروڙي سگهي جيڪو ڪجهه سندس چؤطرف وهي واپري، هلي چلي، ٿئي ڪَري پيو. ماڻهو ئي آهي جيڪو پنهنجي چوڌاري ۽ پاڻ اندر ٿيندڙ معاملن جي پرک ۽ ڄاڻ ماڻي سگهي. ماڻهو ڄاڻي ٿو فطرت کي، سماج کي ۽ ذهن کي، ڄاڻي ٿو ته هو پاڻ ڇا آهي، سندس هستي ڇا آهي، سج ڇا آهي، ڪائنات ڇا آهي. ٻين ساهوارن جيان ماڻهو رڳو جيئڻ جي جاکوڙ ۾ رڌل ناهي، پر ان سان گڏ هو سوچي ٿو ته ڌرتي ڇا آهي، حياتيءَ جو مقصد ڇا آهي، ڇا هئڻ گهرجي.


    باب پنجون

    سمجهه حقيقت ۾ ڇا آهي؟

    توهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته سمجهه مجموعي طرح گڏيل نالو آهي ڄاڻ، سڄاڻَ، سوچن، سڌن، سرت، ساڃاهه، عقل، عقيدي، احساس، ارادي، اميد، امنگ، خيال، خواهش، جوش، جذبي، ذهانت، ذڪاوت، وهم، ويساهه، سوداءَ، تصور وغيره جو. انهن مان هر لفظ سمجهه جي ڪنهن نه ڪنهن پاسي کي ظاهر ڪري ٿو.
    هاڻي اسين گڏيل نموني اهو جاچينداسون ته سمجهه ڇو ٿي ٺهي، سمجهه جي فطرت ڇا آهي؟
    توهان کي اها چڱيءَ طرح خبر هوندي ته اڳ، پهريائين پهريائين جڏهن ڪنهن گهر جي ڇت ٽيئرن گيڊرن سان ٺاهي ويندي هئي تڏهن گهڻي قدر اها اونهاري ۾ ڦاٽي (ٽُٽي، ڏري، ڇِڄي) پوندي هئي. اوساري ڪندڙ رازا وائڙا هئا، ته ايئن ڇو ٿو ٿئي؟ نيٺ سائنسدانن اها مام پروڙي ورتي. ڄاتو ويو ته اونهاري ۾ موسمي ڪوساڻ سبب ٽيئرن گيڊرن ۾ واڌ پئي ٿئي، ۽ ظاهر آهي ته لوهي واڌ ڇتين کي ڦاڙي رکندي.
    توهان کي اها به ڄاڻ آهي ته گندرف واري تيلي گندرف تي گسائڻ سان باهه ٻاريندي آهي، ڪاٺيءَ سان ڪاٺي گهي يا پٿر تي پٿر رهڙي به باهه پيدا ڪبي آهي. تپيل لوهه سُجيل، ڳاڙهو ۽ نرم ٿي پوي ٿو، وري مترڪي سان ڌڪ هڻڻ سبب ان تي ڌڪ جو نشان ٺهي بيهي ٿو. بنڊ تي ڪهاڙيءَ جو وڍ ٺهي بيهي ٿو، بيشڪ پاڻي سڪي ويو هجي پر ان جي وهڪ ۽ لهرن جي وڍ (ڪاٽ) جابلو پٿرن، ٽڪرين ۽ زمين تي (جيئن مثال طور سيوهڻ ڀرسان ڀَڳي ٺوڙهي جبل، ڄامشوري وارن جبلن، سامونڊي ڪنارن وارن جبلن، هاڪڙو نديءَ، سرسوتي نديءَ ۽ سنڌو نديءَ جي پراڻن وهڪرن جا آثار) صدين تائين ظاهر رهن ٿا، چنڊ ۾ ته روشني ڪانهي پر هو سج جي روشني موٽائي، اولڙو ڪري ٿو، جنهن کي چانڊوڪي چئون ٿا، وغيره. سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ جيالاجي شعبي ۾ توهان کي ڪيترن ئي قسمن جا وڻ، ٿڙ نظر ايندا جيڪي پنجن وکن جي پنڌ تان به توهان کي ڪاٺ نظر ايندا، پر هٿ لائڻ کان پوءِ خبر پوندي ته اهي پٿر آهن ــــــــــ بنڊ، پن، جيت، کوپر ساهوارا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون پٿر ۾ رهي پاڻ پٿر، پنڊ پهڻ ٿي ويون.
    ايئن ڇو ٿو ٿئي؟
    هر شيءِ ۾ اولڙو ڪرڻ جي خاصيت آهي، ڪنهن ۾ گهٽ ته ڪنهن ۾ وڌ، ڪنهن ۾ سادي ته ڪنهن ۾ اُچي، ڪنهن ۾ هيڻِي ته ڪنهن ۾ سگهاري ــــــــــ ان جو دارومدار هڪ ٻي مٿان عمل ڪندڙ شين جي خصوصي نوعيت ۽ بدني اڏاوتي تنظيم تي هوندو آهي. اولڙي ڪڍڻ يا عڪس کي ظاهر ڪرڻ جي معاملي ۾ اهڙي ڪا به پابندي ناهي ته بدن (بت، شيءِ) هروڀرو جيئرو (ساهوارو) هجي، مئل بدن به اولڙو ظاهر ڪندو آهي، جيئن مٿي ڏنل ڪجهه مثالن مان ظاهر آهي. باقي ايئن ٿيندو آهي ته ساهوارن جسمن ۾ اولڙي ڪڍڻ جي خاصيت وڌيڪ آهي ۽ هر ساهوارو اوسر (ارتقا) جي جيترو مٿاهين ڏاڪي تي هوندو ان ۾ اولڙو ڪڍڻ جو گڻ به اوترو ئي وڌيڪ اتم هوندو. هڪ جيو-گهرڙي واري جيوڙي جي ڀيٽ ۾، گهڻ جيو-گهرڙي جيوَ ۾ وڌيڪ ۽ گهڻ جيو-گهرڙن ساهوارن مان وري انهن ساهوارن ۾ وڌيڪ وڌيل، جن ۾ تنتي سرشتو هوندو آهي ۽ انهن جي ڀيٽ ۾ وري مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ ساهوارن ۾ اولڙو ڪڍڻ جو گڻ اڃا به مٿاهين سطحن تي پهتل هوندو آهي ۽ مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙن ۾ وري ماڻهو سڀ کان وڌيڪ اتم سطح تي پهتل آهي ــــــــــ اهو ئي سبب آهي جو هر هر پٿر اڇلائي دشمن کي هڻڻ جو عمل يا ڪاٺيءَ سان پاڙون کوٽي ڪڍڻ جو عمل ۽ انهن جو لاڀ ماڻهو ئي پروڙي سگهيو ۽ ٻيو ڪو به ساهوارو پروڙي نه سگهيو، جڏهن ته انهن ۾ به دشمن تي وار ڪرڻ لاءِ ”هٿيار“ ڪتب آڻڻ جو ڏانءُ موجود آهي.
    ساهوارن جسمن ۾ اولڙي ڪڍڻ جي صلاحيت اَساهن (بي جان، ”مئل“) جسمن جي ڀيٽ ۾ مٿاهين سطح تي ڇو پهتل هوندي آهي؟
    اَساهن جسمن جي ڀيٽ ۾ ساهائن (ساهوارن) جسمن ۾ اولڙي ڪڍڻ جي صلاحيت ان ڪري مٿاهين سطح تي هوندي آهي جو اهي جيئرا آهن، حياتيءَ وارا آهن.


    باب ڇهون

    حياتي ڇا آهي؟

    ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته حياتي ”ساهه“ (”جان“، ”روح“) جي ڪري آهي. اهو ”ساهه“ ئي آهي جيڪو ڪنهن شيءِ کي جيئرو رکي ٿو يعني ان ۾ حياتيءَ ڀريو عمل پيدا ڪري ٿو ۽ جڏهن ”ساهه“ بت مان نڪري وڃي ٿو، تڏهن جسم ”مري“ وڃي ٿو ــــــــــ جسم فاني آهي ۽ ”روح“ (ساهه) امر آهي (”ساهه“ تي ٿوري دير کان پوءِ وڌيڪ تفصيل سان سوچينداسين).
    سائنس (سڄاڻ) انهيءَ ڳالهه کي غلط ثابت ڪيو آهي.
    حياتي ڪنهن به جسم ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ ٺاهه ٺوهه (ڀڃ-گهڙ) جو اهو عمل آهي جنهن وسيلي هر انگ، هر عضوو پنهنجو پنهنجو مخصوص ڪم ڪري ٿو (ان مخصوص ڪم ۾ گهاٽي-واڌي جو نالو آهي بيماري).
    وائرس (جيتامڙي) بابت اوهان کي ڪجهه نه ڪجهه ٻُڌ سڌ هوندي. وڏي ماتا، ننڍي ناتا، ارڙي، پوليو، مَلي وغيره نالي بيماريون مختلف قسمن جي جيتامڙن سبب پيدا ٿين ٿيون. سائيءَ (ڪامڻ، يرقان) جو هڪ خاص قسم به خاص قسم (حقيقت ۾ ٽن قسمن) جي جيتامڙي (وائرس) وسيلي پيدا ٿيندو آهي. ڇتي ڪُتي جي چڪ سبب پيدا ٿيندڙ بيماري (پاڻيءَ کان ڊڄ جي بيماري، ڇتڪتائي) به هڪ قسم جي وائرس سبب پيدا ٿيندي آهي، جيڪو ڇتي ڪتي جي گِگ ۾ موجود هوندو آهي ۽ چَڪ سبب ٺهيل گهاءَ (زخم) ۾ ڳڙي جذب ٿي ويندو آهي.
    انهن سمورن وائرسن ۾ جيوُ، حياتيءَ، ساهه وارو عمل رڳو تڏهن شروع ٿئي ٿو جڏهن اهي ڪنهن مخصوص قسم جي ماحول (جيو-گهرڙي، جيو-گهرڙن جي جهڳٽي) ۾ پهچن، نه ته ٻيءَ حالت ۾ اهي ”مئل“ هوندا آهن، انهن ۾ حياتيءَ جو ڪو به عمل نه هوندو آهي، انهن ۾ ”ساهه“ نه هوندو آهي ــــــــــ اهي رڳو هڪ ”مئل“ مادو (بُت) هوندا آهن.
    جيئن ئي اهي وائرس پنهنجي مخصوص ماحول ۾ پهچن ٿا تيئن ئي انهن ۾ ڀڃ-گهڙ جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو ۽ ڊاڪٽر انهن کي جيئرو سمجهي ٿو.
    ڪيترائي ”جيئرا“ ماڻهو ”مئل“ سمجهي دفن ڪيا ويندا آهن! جيڪڏهن توهان کي اها سڌ نه هجي ته ڪنهن ڊاڪٽر کان پڇي ڏسو. خاص طرح اها ويڌن ٻُڏل، گُهٽو آيل (گهٽيل)، ٻوسٽ چڙهيل (ٻوساٽيل) ۽ دل جو دورو پيل (دوريل) ماڻهن سان ٿيندي آهي. عام ماڻهوءَ کي اهڙن ماڻهن ۾ حياتيءَ (ساهه، روح، جان، جيوَ) جي ڪا به نشاني نظر نه ايندي آهي تنهنڪري انهن کي مئل سمجهي پُوري ايندا آهن.
    ٿي سگهي ٿو اهڙن مان ڪيترن ئي ماڻهن کي اوهان پاڻ ئي ”وري جيئرو“ ٿيندي ڏٺو هجي. سڪرات کان پوءِ، ڪفن ڏيڻ کان پوءِ ۽ ڪن حالتن ۾ ته دفنائڻ لاءِ نيئندي ڪيترا ئي ماڻهو جيئرا ٿي پوندا آهن. ڇو؟
    ماڻهو مري ويندو آهي ته به سندس جسم عام طرح ڇهن ڪلاڪن تائين ڪوسو رهندو آهي. ڇو؟ مري ويل ماڻهو ته هڪدم ٺري وڃڻ گهرجي! مئل ماڻهو هوري هوري ڇو ٿو ٺري؟
    اهو انهيءَ ئي ڀڃ-گهڙ جي عمل سبب آهي. هڪ ڊاڪٽر جسمي موت ۽ حياتياتي موت ۾ فرق ڪندو آهي. هر اهو ماڻهو جنهن جي نبض محسوس نه ٿي ٿئي، هوا (ساهه) کڻي ۽ ڪڍي ڪو نه ٿو، دل جو دڙڪو ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي، ڏسي نه ٿو، ٻڌي نه ٿو، چُري پُري ڪو نه ٿو. اهو هروڀرو مئل (بي ساهه، بي جان، بي روح) ناهي. ماڻهو (ساهوارو) مئل تڏهن آهي جڏهن ان ۾ ڀڃ-گهڙ جو عمل بيهجي وڃي. ٻڏل، گهٽيل، ٻوساٽيل، دوريل ماڻهو جيتوڻيڪ ساهه نه کڻندا آهن، دل نه ڌڙڪندي اٿن، چرپر نه ڪندا آهن، ڏسي، ٻڌي نه سگهندا آهن (عام معنائن ۾ مئل هوندا آهن) تڏهن به سندن جسم ۾ اهو ڀڃ-گهڙ جو عمل هلندو رهندو آهي. توهان ڏٺو هوندو ته اهڙي ”مئل“ ماڻهوءَ کي گهڻو ڪري ڊاڪٽر دل واري جاءِ تي چڱي زورائتي مڪ (ٺونشو) هڻندا آهن ۽ ٻه ٽي چار ڀيرا سٽڪو ڪڍندا يا وري سڌو دل ۾ سُئي هڻندا آهن. ڇا بيمارين جو ماهر، هڪ ڊاڪٽر ايڏو اٻوجهه، اڄاڻ، بي رحم ۽ ظالم ٿي سگهي ٿو جو ويرُ نه دشمني، اجايو، خوامخواه هڪ ”مئل“ ماڻهوءَ کي مُڪون يا سُيون هڻڻ شروع ڪري ڏي!؟
    جڏهن ڊاڪٽر کي حياتياتي ڀڃ ڊاهه جي ڪا به نشاني سُجهندي آهي تڏهن ئي هو مُڪ يا سُئي هڻندو آهي ــــــــــ ٿي سگهي ٿو ته دل جو ڌڙڪو ۽ ساهه جو سرشتو بحال ٿي وڃي.
    جڏهن حياتياتي ڀڃ گهڙ جو عمل ايترو سگهارو ٿي پوندو آهي جو دماغ، دل، ساهه-سرشتي وغيره کي پنهنجي معمول تي آڻي سگهي ته ”مئل“ ماڻهو ”وري جيئرو“ ٿي پوندو. ”لاش“ ۾ ساهه پوڻ جو حقيقي سبب اهو ئي آهي.
    ”موت“ کان پوءِ عام طرح ”مئل“ ماڻهو (لاش) جو جسم ڇهن ڪلاڪن ۾ ٺرندو آهي. لاش هڪدم ڇو نه ٿو ٺري؟ ڪو ماڻهو چئي سگهي ٿو ته موسمي اثر ڪري ٺرندو آهي، پر اها ڳالهه سچ ڀَري ناهي. موسم ڪوسي هوندي ته لوهه ڪوسو ٿيندو ۽ موسم (جاءِ) ٿڌي هوندي ته لوهه ٿڌو ٿيندو، پر لاش هر حالت ۾ ٺري ويندو آهي ــــــــــ ڪمرو ڪوسو هجي يا ٿڌو.
    ان ڪري، روح ”نڪري“ وڃڻ باوجود جسم ۾ ڀڃ-گهڙ جو عمل هلندو رهندو آهي، جيڪو هوري هوري هيڻو ٿي بيهجي ويندو آهي. اهو ڀڃ گهڙ جو عمل جيئن جيئن هيڻو ٿيندو ويندو تيئن تيئن جسم (لاش) ٺرندو ويندو.
    توهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته مادي ۾ چرپر موجود آهي. چرپر جون ڌار ڌار شڪليون ـــــــ طبعي، ڪيميائي، مشيني، حياتياتي، سماجي وغيره ــــــــــ آهن ۽ مادو چرپر کان سواءِ يا چرپر مادي کان سواءِ ٿي نه ٿي سگهي. راهه ۾ پٿر پيل آهي ته اهو جيتوڻيڪ ظاهري طرح ڪا به چرپر ڪو نه ٿو رکي، پر حقيقت اها آهي ته ان ۾ مشيني ۽ ڪيميائي چرپر جون ڪيتريون ئي حالتون موجود آهن. پٿر ڌرتيءَ تي آهي تنهنڪري اهو ڌرتيءَ واري چرپر جو حصو ٿي پوي ٿو يعني ڌرتيءَ جي پنهنجي محور (وچ) چوڌاري لاٽونءَ جهڙي چرپر ۽ ڌرتيءَ جي سج چوڌاري چرپر (۽ سج وري ڌرتيءَ ۽ پنهنجن ٻين سيارن سميت ڪائنات ۾ گس جي حصي طور ڦرندو رهي ٿو).پٿر مختلف قسمن جي ايٽمن يا ماليڪيولن جو ٺهيل آهي تنهنڪري ايٽمي، اليڪٽراني وغيره چرپر ان اندر موجود آهي ۽ ان جي ڪري پٿر ڳار، ڀور جو شڪار ٿئي ٿو. ڌرتيءَ تي رهندڙ هر ساهواري ۾ اهي سڀ چرپرون ته موجود آهن پر هن ۾ ”ساهه ڀريون“ (”حياتيءَ ڀريون“، ”جيوَ ڀريون“، ”جاندار“) چرپرون به موجود آهن جن ۾ ساهه کڻڻ، دل ڌڙڪڻ، سوچڻ، انگن ۽ غدودن جا ڪم، رت جو وهڪرو، جيو-گهرڙن جو ڀڄڻ ۽ ٺهڻ، کُٽڻ ۽ وڌڻ، گئسن جو (آڪسيجن، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وغيره جي صورت) جذب ۽ نيڪال ٿيڻ وغيره شامل آهن.
    توهان کي اها به خبر آهي ته آڪسيجن ۽ هئڊروجن گئسون هڪ مخصوص حالت ۾ ملي، ڪيميائي عمل (يا چرپر) ڪري پاڻي ٺاهينديون آهن. ٻنهي گئسن جي خوبين ۽ پاڻيءَ جي خوبين ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. هئڊروجن گئس پاڻ ٻري ٿي، آڪسيجن ٻرڻ ۾ مدد ڏي ٿي، پر پاڻي عام حالت ۾ باهه وسائي ڇڏي ٿو. آڪسيجن جا ٻه ۽ ڪاربان جو هڪ ايٽم هڪ مخصوص ماحول ۾ ملي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس ٺاهيندا آهن ــــــــــ هر هڪ جون خاصيتون ڌار ڌار آهن: آڪسيجن عام حالت ۾ جياپي لاءِ اهم آهي ۽ ڪاربان بي اثر، جڏهن ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ زهريلي، پر جيڪڏهن آڪسيجن جو هڪ ۽ ڪاربان جو هڪ ايٽم ملي پون ته ڪاربان مونو آڪسائيڊ گئس ٺهي پوندي، جيڪا ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کان به وڌيڪ زهريلي ۽ ماريندڙ آهي.
    سلفر (گندرف) ۽ آڪسيجن جا ايٽم مخصوص حالتن ۾ هڪ ٻي سان ملي گندرف جو تيزاب ٺاهيندا آهن. گندرف، آڪسيجن ۽ گندرف جي تيزاب مان ٽنهي جي خاصيتن ۾ ڪا به هڪجهڙائي ناهي. ماڻهو صاف سٿرو کائي ٿو، جنهن ۾ به ڪيتريون ئي اهڙيون شيون ظاهر ٿين ٿيون جيڪي ماڻهوءَ جي بُت جي گهرج ناهن، ۽ اهي ڦوڳ جي صورت ۾ نڪري وڃن ٿيون، پر ڦوڳ سان گڏ پيٽ مان ”هوا“ (ريح) به خارج ٿئي ٿي جنهن ۾ ڏاڍي ڌپ هوندي آهي ــــــــــ ان گئس جو نالو آهي سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ اها پيٽ ۾ ٿيندڙ ڪيميائي عملن جو نتيجو هوندي آهي. وڏي ڳالهه اها ته سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ سلفر (گندرف) جي تيزاب جي بناوت ۾ رڳو ٻن آڪسيجن ايٽمن جو فرق آهي.
    جُهــڙ (ڪڪرن) ۾ گهميل دُونهي کان سواءِ ڪجهه ناهي پر پوءِ به ان جي اڳيان پٺيان، هيٺان مٿان پکڙيل ذرڙا جڏهن هڪ ٻي سان ٽڪر يا گاٺ کائن ٿا تڏهن نه رڳو گاج، ڪڙڪو ٿئي ٿو، پاڻي ٺهي ٿو پر کنوڻ (وڄ) ۽ ڳڙو (برف) به ٺهي پون ٿا.
    بنيادي عنصر 110 آهن، پر انهن جي مختلف نمونن سان مختلف حالتن ۽ ميلاپ سبب ڪروڙين قسمن جا ڪيميائي مادا ٺهيل آهن ۽ ٺهندا رهن ٿا.
    ڌرتي سج جو ڇِڳل ٽڪرو آهي. سائنسي ڪاٿي موجب اهو 10-کرب سال اڳ ٽٽي ڌار ٿيو ۽ هوري هوري ٺرندو رهيو. نيٺ ان تي پاڻي، خشڪي، ڪڪر، کنوڻ، هوائون، آنڌاريون، ڪڙڪا، ڪوسايون، ٿڌايون، ڇوليون، ڇوهه... گهڻو ڪجهه موجود ٿي پيو ــــــــــ مختلف عنصر ملندا، ٽٽندا، جڙندا، بدلبا ۽ نيون خاصيتون وٺندا رهيا. اهڙي ئي ماحول ۾ ڪنهن زماني ۾ هڪ خاص قسم جو وڏو ڳتيل ڪيميائي مادو ٺهيو جنهن کي امائنو ايسڊ سڏجي ٿو. ان جي بنيادي بناوت ۾ ڪاربان، آڪسيجن، نائٽروجن، هئڊروجن جا ايٽم ئي آهن، جن جي ڳڻپ ۽ اڏاوت مخصوص آهي.
    امائنو ايسڊ اهو پيڙهائتو پٿر آهي جنهن جو خاصيتون هڪ مخصوص ماحول ۾ حياتيءَ ڀريون ٿي پون ٿيون. وائرس پنهنجيءَ بناوت ۾ امائنو ايسڊ ئي آهي. جن حالتن ۾ اهو امائنو ايسڊ ٺهيو، سائنسدان ان جي تخليق ڪري رهيا آهن ۽ سوڀ ويجهو پهچي چڪا آهن. سائنسدان اڄ ٽيسٽ ٽيوب ٻار ٺاهي، ڄڻي، پالي چڪا آهن. مخصوص جسماني بناوت رکندڙ مردن کي عورت ۽ مخصوص بناوت رکندڙ عورتن کي مرد ٺاهي سگهن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته اسان مان سوين جيئرا ئي هجن جو ”حياتي (جيوُ) ٺهي پوي“.
    هر ساهوارو مادي جو ٺهيل آهي. ساهواري جي جسم کي ڀڃي عنصرن ۾ ورهايو ويندو ته اهو ٻيو ڪجهه نه هوندو سواءِ ڪاربان، آڪسيجن، هئڊروجن، نائٽروجن وغيره جي. انهن ئي عنصرن جي مخصوص ميلاپ نراليون خاصيتون رکندڙ نوان نوان ڪيميائي مادا ٺاهيا ۽ وري مخصوص قسمن جي ڪيميائي مادن جي مخصوص ميلاپ مخصوص ماحول ۾ هڪ نئين قسم جي وڏي ڪيميائي مادي کي جنم ڏنو جنهن ۾ نوان گڻ هئا ۽ انهن نون گڻن جو نالو آهي حياتي (جيءُ، جان، جياپو، روح). }مون کي خبر ناهي ته مُلي جي تشريح وارو روح ماڻهن کان سواءِ ٻين ساهوارن ـــــــ گهوڙن، گڏهن، ڪتن، ٻلن، نانگن، وِڇن (ڀٽن)، جيوڙن، جيتامڙن ۽ وڻن، ٻوٽن، گاهن وغيره ۾ موجود آهي يا نه. البت اڄ ڏينهن تائين ڪٿي به اهو نه پڙهيو اٿم ته وڻن ۾ روح آهي، ٻوٽن ۾ روح آهي، ڪڻڪ ۽ سرنهن جي تيلي تيلي ۾ روح آهي. {سائنس جي ٻوليءَ ۾ وڻ، ٻوٽا، گاهه، اناج ۽ جيت جڻيا، جانور وغيره سڀ ساهوارا آهن.
    نئين ٺهيل ڪيميائي مادي ۾ حياتياتي ڀڃ-گهڙ جو عمل موجود هو، پر ان ۾ اولڙو ڪرڻ جي خاصيت به وڌيڪ هئي. حياتياتي ڀڃ-گهڙ جي عمل وسيلي هن ردي، پراڻين، ڦوڳ ٿي ويل شين کي جسم مان خارج ڪيو پئي ۽ سٺا، نوان، کاڄ ڏيندڙ جزا جذب ڪري جسمن جو حصو بنايو پئي ۽ اولڙي ڪڍڻ جي خاصيت غير جاندار مادي جيان بي وس نه رهي، پر وس واري يا ڦڙتيلي هئي. غير جاندار مادو پنهنجي ڪيميائي ۽ طبعي جوڙجڪ جي بقا ۽ واڌاري لاءِ ماحول جي چڱن ۽ لڱن جزن ۾ فرق ڪري نه سگهندو هو، پر هاڻي چڱي ۽ لڱي جي وچ ۾ فرق ڪري سگهيو پئي.
    ڀڃ-گهڙ جي عمل جيان جيوارو اولڙو به سادڙي ساهواري ۾ گهٽ معيار يا درجي جو ٿئي ٿو. جيوارو اولڙو حقيقت ۾ جيئري جيوَ پاران ڪنهن به ٻاهرين يا اندرين عمل يا اثر (جيئن ڪوساڻ، ٿڌاڻ، اوندهه، سوجهري، ڇهاءُ، سوڪ، آلاڻ، بک، اڃ وغيره) جو موٽ عمل هوندو آهي. جيوُ پنهنجي دشمن کان ڀڄي پري ٿئي ٿو ۽ کاڄ ويجهو وڃي ٿو، پر جڏهن جيوُ ڍاول آهي تڏهن ڪو به لذيذ کاڌو کيس هرکائي نه ٿو سگهي. ان عمل وسيلي جيوارو پنهنجي ماحول سان مطابقت، هڪ ڪرائي، ٺاهه، پرچاءُ ڪري ٿو ۽ ان ۾ ئي سندس بقا، بچاءُ ۽ سرجاءُ آهي.
    جيوڙو، سادو ساهوارو مختلف قسمن جي اثرن ڏانهن موٽ عمل مجموعي طرح پنهنجي سڄي وجود جي چرپر، ڦڙڦوٽ يا مڇرجڻ وسيلي ظاهر ڪري ٿو. هن ۾ ڏسڻ، ٻڌڻ، سنگهڻ، چکڻ ۽ ڇهڻ ڏانهن ڌار ڌار قسم جو خصوصي ردعمل موجود ڪونهي.
    جيئن جيئن ساهوارو وڏو، گهڻ-جيو-گهرڙو ڳتيل ٿئي ٿو (خاص طرح جيت جانور) تيئن تيئن هن ۾ هر قسم جي اثر لاءِ ڌار ۽ مخصوص قسم جو موٽ عمل ظاهر ٿئي ٿو. مثال طور ڪوساڻ، ٿڌاڻ، ڳوراڻ، ڌپ، سڳنڌ، گوڙ، سر، تيز روشني، سوجهري، اوندهه، چڀڪي وغيره ڏانهن هن جو سڄو جسم ردعمل ظاهر ڪو نه ٿو ڪري، پر جسم جو ڪو مخصوص حصو اهو ردعمل ظاهر ڪري ٿو. هن قسم جي ساهواري ۾ تنتي سرشتو ٺهيل ٿئي ٿو، جنهن جا حصا به آهن. هڪ حصو ٻاهرين عملن (اثرن) کي محسوس ڪري جانور کي آگاهه ڪري ٿو ۽ ٻيو حصو واسطيدار عضوي ڏانهن گهربل ردعمل جو حڪم موڪلي ٿو. ٻين لفظن ۾ ايئن چئون، ته هن قسم جي جانور ۾ حسون (تنتون) ٺهيل ٿين ٿيون جيڪي ”احساس“ جي صورت ۾ اولڙو ڪڍڻ جو عمل ڪن ٿيون. هر حس تيز رفتاريءَ سان احساس قبول ڪري ٿي ۽ تيز رفتاريءَ سان ئي جوابي ڪارروائي ٿئي ٿي. هيءَ هڪ پاڻ مرادي غير مشروط ڪارروائي آهي جيڪا هر جانور (ننڍي توڙي وڏي) ۾ موجود ٿئي ٿي ۽ جبلي طرح وڏن کان ننڍن ڏانهن تبديل ٿئي ٿي. ننڊ ۾ مڇر ڏنگي ٿو ته بنا جاڳڻ جي ان کي پري ڌڪڻ جو پاڻ مرادو ردعمل ٿئي ٿو يا اوچتو ڪوسيءَ شيءِ کي ڇهڻ سان ئي پاڻ مرادي ردعمل طور ڇهندڙ حصو پري ٿي وڃي ٿو.
    اهڙن پاڻمرادن غير مشروط عملن جا ڪجهه ٻيا مثال هي آهن:
    1) ساهه کڻڻ ۽ ڪڍڻ،
    2) کنگهڻ،
    3) نڇ ڏيڻ،
    4) اکيون ٻوٽجي وڃڻ (اکين جي ويجهو اشاري، ڦڙڪي سبب)،
    5) تيز روشنيءَ ۾ ماڻڪيءَ جو سُسڻ ۽ اکين جو ٻوٽجڻ،
    6) جسم کي سنوت ۾ رکي هلڻ،
    7) الٽي ڪرڻ،
    8) دست ٿيڻ،
    9) وات پاڻي ٿيڻ،
    10) اڃ ۾ نڙي خشڪ ٿيڻ،
    11) ڳيت ڏيڻ، ۽
    12) جنسي عمل ڪرڻ، وغيره.
    مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ جانور اوسر جي اڃا به اتاهين ڏاڪي تي ٿين ٿا. تنتي سرشتو رکندڙ جانورن ۾ تنتي جيو-گهرڙا ۽ تنتي تاندورا ٿين ٿا. اُسرندي، گهڻ پاسائون ڪم ڪندي، ماحول سان ٺهڪي هلندي تنتي جيو-گهرڙن ملي تنتي ڳوڙها ٺاهيا ۽ تنتي تاندورن ملي تنتي رڳ (تنتي ٻنڌڻ، تنتي تنجڻ، تنتي واڊ) ٺاهي. تنتي ڳوڙهن پاڻ ۾ ملي تنتي مِکُ ٺاهي. تنتي مک وڌي، ويجهي، وڏو ٿي ميڄالي (دماغ) }کوپڙيءَ ۾{ ۽ تنتي ڏوري (ڪرنگهي ۾) جنم ورتو. ميڄالي، تنتي ڏوري، تنتي رڳ، تنتي ڌاڳي (تاندوري)، تنتي ڳوڙهن، تنتي مِکُن، تنتي جيو گهرڙن جو هڪ وسيع، گهڻ-ڪرتو نظام ٺاهيو، جنهن کي مرڪزي تنتي سرشتو چئجي ٿو.
    مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ جانورن ۾ حقيقتن جي اولڙي ڪڍڻ جو گڻ هزارين ڀيرا وڌيڪ اُچو آهي. نه رڳو حقيقتن جو احساس موجود ٿئي ٿو پر انهن جي حسي تصوير به ٺهي ٿي. احساس ۽ حسي تصوير ذهني سرگرميءَ جا ابتدائي اهڃاڻ آهن ۽ تصوراتي ڄاڻ ڏين ٿا. تصوراتي ڄاڻ اها آهي ته ڪنهن اڳ محسوس ڪيل ۽ هاڻي اڻ موجود (اکين ۽ ٻين حِسن تي سنئون سڌو هاڻي جو هاڻي اثر نه وجهندڙ) شيءِ جو تصور يا ياد ورجائڻ ــــــــــ يادگيري، ياد. اولڙي جو هيءُ قسم مشروط ناهي پر غير مشروط آهي. اڳ جانور رڳو پنهنجي ڪنهن بنيادي گهرج سان لاڳاپيل عملن، اثرن جو رد عمل ڏيکاريندا هئا پر هاڻي اهي ڪجهه نه ڪجهه ”ياد“ رکي سگهيا پئي، پر اها ياد به پنهنجن بنيادي گهرجن سان لاڳاپيل هئڻ گهرجي.
    ڌار ڌار قسم جي جانورن کي ڌار ڌار قسم جون ”سوچون“ سکيا ڏئي ٺاهيون ويون آهن. واٺو ڪتو دشمن کي وٺ ڪري ٿو پر سنگتيءَ يا ٻڪريءَ، رڍ وغيره کي ڪجهه به نه ٿو چئي. تازِي ڪتي ۾ شڪار جي بوءِ پڪڙڻ جو گڻ وڌيل آهي، پيرِي ڪتو ٻي ڏينهن به پيرو کڻي سگهي ٿو، ڪي ڪتا بال سان راند کيڏي سگهن ٿا ۽ سرڪس ۾ ڪرتب ڏيکارن ٿا، شينهن ڇَلي منجهان ٽپي وڃي ٿو، وغيره.
    رڳو هڪ مثال بيان ڪيون ٿا.
    جيڪڏهن ٻه چار مهينا لاڳيتو بُکي ڪتي کي گهنٽي وڄائڻ کان پوءِ کاڌو ڏنو وڃي، ته ڪتو پنهنجي بک جي پورائيءَ لاءِ پنهنجن حـِس کي گهنٽيءَ سان لاڳاپي وٺندو آهي. ڪتو گهنٽيءَ جي آواز سان هري ويندو، جڏهن ته جيڪو ڪتو گهنٽيءَ جي آواز کان پوءِ کاڌي تي هريل نه هجي، ان لاءِ لکين گهنٽيون به بيڪار آهن. هريل ڪتي ۾ گهنٽيءَ جو آواز ٻڌندي ئي کاڌي سان لاڳاپيل ردعمل ظاهر ٿي پوندو، وات ۾ پاڻي ڀرجي ايندس، جنهن مخصوص جاءِ تي ويهي کاڌو کائيندڙ هوندو اتي وڃي ويهندو ۽ اوسيئڙو ڪندو. ڪتي جي دماغ ۾ کاڌي ۽ گهنٽيءَ جي وچ ۾ هڪ عارضي ناتو جڙي وڃي ٿو جنهن هيٺ هو گهنٽيءَ جي آواز کي کاڌي اچڻ جو اشارو سمجهي ٿو. هيءُ مشروط ردعمل آهي. اهڙن ردعملن جي بنياد تي ئي هڪ جانور پنهنجو پاڻ کي پنهنجي مخصوص ماحول سان وڌيڪ سٺي نموني ٺهڪائي ٿو. حقيقت جي اولڙي جي هيءَ صورت پنهنجين اڳوڻين صورتن يعني سادڙي جانور جيان سڄي جسم جو ردعمل ظاهر ڪرڻ (مڇرجڻ، چڙڻ) ۽ تنتي سرشتو رکندڙ جانور جي گڻ کان مشروط حسي ردعمل کان ڌار قسم جو آهي ــــــــــ هن نئين صورت ۾ حقيقت جو اولڙو نفسي (نفسياتي) صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو ــــــــــ جانور جي دماغ ۾ مشروط ردعمل وسيلي ڪنهن مخصوص لقاءَ يا شيءِ جو عڪس، تصور، خاڪو، اولڙو ٺهي پوي ٿو جيڪو ان لقاءَ يا شيءِ جي اڻ موجوديءَ ۾ به جانور جي دماغ تي اهو ساڳيو ئي ردعمل طاري ڪري ٿو جيڪو موجوديءَ هوندي ڪري سگهيو پئي. وڌيڪ اهم ۽ بنيادي مشروط ردعمل هوري هوري عارضي (ٿوري مدي وارن) مان ڦري پڪا پختا ٿي پوندا آهن. هن عمل ۾ هڪ ڌاري شيءِ جو اولڙو به مضبوط ٿئي ٿو يعني گهنٽيءَ جو. گهنٽي کاڌي اچڻ جي اشاري سان ڳنڍيل آهي. اشارن جا اهڙا سوين نمونا ٺهن ٿا، جن کي اشارن جو سرشتو، يا اشارن جو پهريون سرشتو چئجي ٿو.
    عام طرح هر جانور ۾ هٿراڌو عادتون بک ۽ اڃ ڏئي يا جنسي وهر کان پوءِ لڳ جو لوڀ ڏئي پيدا ڪيون وينديون آهن.
    فطري ماحول ۾ اهڙا سوين اشارا ملن ٿا. ڪچيون ساريون جهار لاءِ نرم داڻي جو اشارو آهن، آکيري ۾ نانگ اولاد جي ۽ پنهنجي خاتمي جو اشارو آهي، تيز هوائن جو گهلڻ اجهي کي برباد ڪرڻ جو اشارو آهي، ٻوڏِ کاڌي ۽ اجهي کي تباهه ڪري ٿي، هر قدرتي آفت تباهيءَ جو اهڃاڻ ٿئي ٿي ۽ هر قدرتي کاڌ خوراڪ جي ججهائي خوشحاليءَ جو خيال ڏي ٿي. اشارن جو پهريون سرشتو مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ هر جانور ۾ موجود آهي، اوسر جي معيار سان ڪنهن ۾ گهٽ ته ڪنهن ۾ وڌ، ۽ ماڻهو ٿي سگهندڙ ساهواري ۾ اهو معيار، نفس، من، ياد سڀ کان وڌيڪ اسريل هئي ڇو ته اهو اوسر جي سڀ کان مٿاهين ڏاڪي تي هو. ان ڪري ئي ماڻهوءَ ۾ سندس ردعمل جي ڪري سمجهه پيدا ٿي سگهي. ماڻهو ئي آهي جيڪو اشارن جي پهرين سرشتي کان ٽپي اشارن جي ٻي سرشتي ــــــــــ ٻوليءَ ــــــــــ تائين پهچي سگهيو. ماڻهوءَ جهڙو ساهوارو اشارن جي پهرين سرشتي کان اشارن جي ٻي سرشتي (ٻوليءَ) تائين ڪيئن پهچي سگهيو؟ ماڻهوءَ جهڙو ساهوارو بي سمجهه مان ڦري سمجهو ساهوارو (ماڻهو) ڪيئن ٿي سگهيو؟
    بامقصد سرگرمي، بنيادي گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ پورهيو، فطرت جي مليل شين کان پنهنجي پسند جو ڪم وٺڻ وارو عمل، فطرت جي ملندڙ شين کي اها شڪل ڏيڻ جنهن وسيلي پنهنجي کاڌ خوراڪ کي نسبتاً سولو ۽ گهڻو هٿ ڪري سگهجي. بي ساهه شين ۾ جيئرو پورهيو لڪائي انهن کي پنهنجو اوزار يا هٿيار بنائيندڙ ڪم ئي آهي جنهن ماڻهوءَ جهڙي ساهواري کي ماڻهو بنايو، جنهن هڪ اسريل ساهواري کي اشارن جي هڪ سرشتي کان اشارن جي ٻي سرشتي ڏانهن تبديل ڪيو ۽ ڇال ڏياريو، جنهن ماڻهوءَ ۾ سمجهه پيدا ڪئي. اهو پورهيو ئي آهي جنهن وسيلي ساهوارو سنئون سڌو فطرت سان لڳ لاڳاپي، لهه وچڙ ۾ اچي ٿو، هو فطرت کي ڏسي ٿو، جاچي ٿو، سوچي ٿو، سمجهي ٿو ۽ انهن جي بنياد تي پروڙيل پرجهيل نتيجن کي وري پرکي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح نظرياتي ڄاڻ ماڻي ٿو. هو پنهنجو پاڻ کي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ــــــــــ پنهنجن عملن، پنهنجن ارادن، مفادن، جذبن، خيالن کي، پنهنجي سماجي زندگيءَ ۽ پنهنجي مٿڀري حيثيت کي سمجهي يا سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ماڻهو رڳو مڇرجڻ، رڳو حسي تصوير، رڳو نفسي اولڙو ئي نه ٿو ڪڍي پر سوچي به ٿو، سمجهي به ٿو ۽ تخليق به ڪري ٿو.


    باب ستون

    احساس جون واٽون ڪهڙيون آهن؟

    تنتون احساسن جون واٽون آهن. تنتون ئي آهن جيڪي ٻاهرين دنيا جا اثر ڍوئي وڃي دماغ تائين پهچائن ٿيون ۽ اتان وري تنتن وسيلي ئي واسطيدار عضون کي ردعمل ظاهر ڪرڻ جا حڪم پهچايا وڃن ٿا. اهي احساس جيئري جسم کان ٻاهر ۽ جيئري جسم اندر ٻنهي هنڌن تي عمل ڪندا رهن ٿا. اهي تنتون سڄي جسم ۾ پکڙيل ٿين ٿيون. تنتي عمل جا ٽي نمونا آهن: قطعي پاڻ مرادا عمل، ڪجهه قدر پاڻ مرادا ۽ ڪجهه قدر وس هيٺ، ۽ قطعي وس هيٺ. قطعي پاڻ مرادن عملن ۾ مثال طور دماغ جو ڪم، دل جو ڪم، رت جو ڪم، جسم جي هر جيو گهرڙي جو ڪم جيري جو ڪم، ڦڦڙن اندر گئسن جي مٽاسٽا جو ڪم، بڪين جو ڪم وغيره ٿين ٿا ــــــــــ انهن عملن کي ارادي وسيلي بيهاري، تيز ڪري يا ڦيرائي نه ٿو سگهجي، اهي پنهنجي ڪرت ڪندا رهن ٿا. ڪجهه پاڻ مرادا ۽ ڪجهه وس هيٺ عمل اهي آهن جن کي ڪجهه دير تائين پنهنجي ارادي سان بيهاري، تيز ڪري ۽ ڦيرائي سگهجي ٿو. مثال طور ساهه جو ڇڪڻ ۽ ڪڍڻ، پيشاب يا ڪاڪوس جو نڪرڻ وغيره. هڪ ماڻهو ساهه، پيشاب يا ڪاڪوس کي ڪجهه دير لاءِ ترسائي سگهي ٿو، پر ڪنهن خاص حد کان پوءِ اهي سندس وس ۾ نه رهندا ۽ پنهنجو عمل پاڻ مرادي نموني ڪري ڇڏيندا. ڪي عمل وري اهڙا آهن جو انهن تي پوريءَ طرح وس هلي ٿو، جيئن هلڻ، ويهڻ، سمهڻ، هٿ مٿي کڻڻ يا هيٺ ڪرڻ وغيره. انهن عملن لاءِ گوشت ۽ هڏا/هڏيون وغيره اهم عضوا آهن. انهن ٽنهي عملن جو پاڻ ۾ لاڳاپو به آهي ۽ هڪ ٻي تي اثر ڪري سگهن ٿا. سُر ۽ کَرڙي کي، بار، ڪوساڻ ۽ ٿڌاڻ وغيره کي اسان جو هر عضوو محسوس ڪري سگهي ٿو. واسطيدار عضوي جون تنتون اهو نياپو، احساس دماغ تائين پهچائن ٿيون ۽ دماغ وري واسطيدار عمل جو حڪم ڪري ٿو. جسم کان ٻاهر ٿيندڙ عمل، اثر ۽ لقاءَ اسان جي پنجن وڏن حواسن تي احساس پيدا ڪن ٿا ۽ اهو احساس واسطيدار حواس جي تنتن وسيلي دماغ تائين پهچي ٿو ۽ دماغ وري ان يا ٻي ڪنهن به لاڳاپيل عضوي کي مخصوص ڪرت ڪرڻ جو حڪم ڏي ٿو. اهي پنج وڏا حواس آهن:
    (1) ڏسڻ جو حواس،
    (2) ٻڌڻ جو حواس،
    (3) ڇهڻ جو حواس،
    (4) سنگهڻ جو حواس، ۽
    (5) چکڻ جو حواس.
    ڏسڻ جي حواس جا ڪيترائي حصا آهن، جن ۾ اک (پنهنجن سمورن عضون سميت)، تنتون ۽ انهن جو پسرائيندڙ نظام شامل آهي. روشنيءَ جي تيزيءَ آهر ماڻڪي وَڌي ۽ سُسي ٿي، اک جي پردي تي عڪس ٺهي ٿو، اتان تنتن وسيلي کڄي دماغ تائين پهچي ٿو ۽ ڪي اڻ لکا تاندورا پسرائيندڙ يا اڇل نظام وسيلي ان کي دماغ جي پوئين حصي (ننڍي مغز) تائين پهچائن ٿا جتان وري ڪجهه اثر مغزي ڏوري ۾ پهچن ٿا (اهو ئي سبب آهي جو لوٽِ ۾ لڳندڙ ڌڪ اکين ۾ اوندهه پکيڙي ڇڏي ٿو). اهڙيءَ طرح هر حواس جو پنهنجو مخصوص سرشتو ٿئي ٿو. هتي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هن وقت اسين خاص طرح ماڻهوءَ ۽ عام طرح اسريل (مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ) ساهوارن کي ذهن ۾ رکي هيءَ ڳالهه ٻول ڪيون ٿا ۽ ٻيو اهو ته هر ساهواري ۾ هر حواس قطعي هڪ جهڙو نه ٿيندو آهي ۽ ڪن ساهوارن ۾ ته ڪي حواس ٿيندا ئي ناهن. مثال طور نانگ پنهنجيءَ کل وسيلي آواز جون لهرون محسوس ڪري ٿو، جڏهن ته چمڙو پنهنجي وات مان آواز جون لهرون ڪڍندو آهي جيڪي سامهون آيل ننڍي يا وڏي شيءِ سان ٽڪرائي موٽي وري چمڙي تائين پهچن ٿيون ۽ ان مان چمڙو سامهون آيل شيءِ جي قد بت کي محسوس ڪري ٿو. اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته اهي حواس هڪ ٻي سان سهڪاري به ٿيندا آهن. مثال طور ڪو ڌماڪو ٿيندي ڏسي اکيون هڪدم اهو احساس دماغ تائين پهچائينديون ۽ دماغ وري هڪدم ڪنن کي حڪم موڪلي وڏي آواز کي سهڻ لائق بنائڻ تي تيار ڪري ڇڏيندو يا هڪ انڌو ماڻهو هٿن جي ڇهاءَ وسيلي ننڍي جسم جي قد بت کي محسوس ڪري سگهي ٿو پر وڏي جبل جي قد بت کي محسوس ڪري نه سگهندو. قد بت ۽ منهن مهانڊو محسوس ڪرڻ ۾ اکيون ڏاڍيون تيز ٿين ٿيون.
    هاڻي اچو ته هڪ هڪ حواس ۽ ان جي تنتن جي اولڙن يا عڪسن کي جاچيون:


    (1) ڏسڻ جو حواس:

    مثال طور، ماڻهو ڄائي ڄم کان انڌو آهي. هن ۾ ڏسي سگهڻ جي سگهه/اهليت ڪانهي. ڇا اهو ماڻهو ڏسڻ جي حوالي سان ملندڙ سموري ڄاڻ ماڻي سگهي ٿو؟ ڇا هو جهر جهنگ، جبل چوٽيون، پکي پکڻ وغيره بابت ڪا ڄاڻ پرائي سگهي ٿو؟ ڇا هو انهن جا قد بت، رنگ روپ ۽ انهن ۾ ايندڙ تبديلين کي پرکي سگهي ٿو؟ جواب آهي، نه. هو ڪجهه به ڄاڻي نه ٿو سگهي. ٿي سگهي ٿو ته هو ننڍين ننڍين شين کي ڇهي يا پکي پکڻ ۽ ماڻهن جا آواز ٻڌي انهن ۾ فرق ڪري سگهي، پر اهي احساس ته ڏسڻ سان لاڳاپيل ناهن. پوءِ به اها ڳالهه صفا صاف آهي ته هن کي چانڊوڪيءَ، تارن-ٽمڪي، اُڀ-نظاري ــــــــــ هر اها شيءِ جنهن جو آواز، بوءِ، ذائقو ۽ ڇهاءُ هن جي بدن تائين نه پهچي سگهي ان بابت هن وٽ ڪا به سنئين سڌي ڄاڻ ٿي نه ٿي سگهي.


    (2) ٻڌڻ جو حواس:

    مثال طور، ڪو ماڻهو ڄائي ڄم کان ٻوڙو آهي. هن ۾ ٻڌي سگهڻ جي سگهه ڪانهي. ڇا اهو ماڻهو ڪنهن به واڪي بابت ڪا به ڄاڻ ماڻي سگهي ٿو؟ ڇا هو ٻڌائي سگهندو ڪنهن به ماڻهوءَ، جانور، پکيءَ جي آواز، هوا گهلندي پيدا ٿيندڙ سُوسٽ، پاڻيءَ جي ڇولين وغيره بابت، مطلب ته واڪي سان واسطيدار ڪنهن به شيءِ بابت ڪا به پرک ڪري سگهي ٿو؟ ڇا هو سَنهي، ڳري، مِٺي، کهري آواز ۾ فرق ڪري سگهندو؟
    جواب آهي، نه. انهن بابت هن وٽ ڪا به ڄاڻ ٿي نه ٿي سگهي. اهڙو ماڻهو ته ڳالهائي به نه سگهندو. ڄائي ڄم کان ٻوڙو ماڻهو ڄائي ڄم کان گونگو هوندو آهي. هن جي ڪنن کان دماغ تائين ڪو آواز پهچي پنهنجو مخصوص احساس، اولڙو، عڪس ٺاهي ئي نه سگهندو آهي، ان ڪري هن کي ڪا به ٻولي نه ايندي آهي. هن وٽ ٻڌڻ جي حواس سان لاڳاپيل ڪا به ڄاڻ ٿي نه ٿي سگهي.
    ڪن ماڻهن ۾ ڪَن جو رڳو ٻاهريون ٻلکڙو (گهگهڙو) خراب هوندو آهي ۽ ڪن جو پردو ۽ ڪن جا ٻيا عضوا صفا ٺيڪ هوندا آهن. اهڙو ماڻهو وات کولي واڪو ٻڌي سگهندو آهي. نڙيءَ ۾ ٻنهي پاسن کان ٻه سنهڙيون نلڪيون هونديون آهن جن جو واسطو ڪن سان هوندو آهي ۽ انهن نلڪين مان ڪن تائين پهچندڙ آواز جون لهرون هن جي دماغ تائين پنهنجو اولڙو ٺاهي سگهنديون آهن ۽ هو نه رڳو ٻڌي پر ڳالهائي به سگهندو آهي. ان ماڻهوءَ کي ٻوڙو چئي نه سگهبو، ڇو ته ٻڌڻ جو حواس پنهنجو ڪم ڪري سگهي ٿو.
    ماڻهو هڏن ۽ کل وسيلي به آواز جون لهرون (ارتعاش) محسوس ڪري سگهندو آهي پر شرط آهي ته اهي کيس ڪنهن ٺوس شيءِ وسيلي ڇهنديون هجن، پر اها انتهائي معمولي ۽ کٽل ڄاڻ هوندي.


    (3) ڇهڻ جو حواس:

    جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڄائي ڄم کان ٻساڻو هجي، هن جي کل ۾ ڇهاءُ محسوس ڪرڻ جي سگهه نه هجي، ته ڇا هو کل وسيلي ڇهاءَ محسوس ڪري اولڙو ٺاهي سگهندو؟ ڇا هو ڪوسي ۽ ٿڌي، لسي ۽ کهري، چڀڪي، چهنڊڙيءَ، اُس، هوا کي محسوس ڪري سگهندو؟
    جواب آهي، نه. انهن بابت هن وٽ ڇهاءَ واري ڪا به ڄاڻ ٿي نه ٿي سگهي. هو لساڻ، کهراڻ ۽ اس وغيره کي ڏسي ته سگهندو، هوا گهلڻ جو آواز ته ٻڌي سگهندو، پر هو ڪوساڻ ۽ ٿڌاڻ ۽ هوا جي لهرن کي ڄاڻي نه سگهندو، ڇو ته اهي نظر به نه ٿيون اچن، ته آواز به ڪو نه ٿيون ڪن. هو چڀڪو يا چهنڊڙي به تڏهن ڄاڻي سگهندو جڏهن انهن جو زور کل کان ٽپي گوشت ۽ هڏين ۾ سور پيدا ڪري سگهي.
    جيڪڏهن جسم جي اندرين عضون ۾ به ڇهاءُ محسوس ڪندڙ تنتون نستيون ٿي پون ته پوءِ هو پنهنجي بدن اندر ٿيندڙ گهٽ وڌاين، سور، سختيءَ کي محسوس نه ڪري سگهندو. توهان کي خبر هوندي ته دماغ ۾ ڇهاءَ جي سگهه کي سُن (نستو، بي حس، ٻساڻو) ڪري پوءِ جيئري جسم تي هر قسم جي آپريشن (وَڍ ڪُٽَ، جراحي) ڪري سگهبي آهي، ويندي ماڻهوءَ جو گوشت، دل، ڦڦڙ، بڪيون، جيرو، آنڊا وغيره چيريا ويندا آهن پر بي سرت (بي هوش) ماڻهوءَ کي ڪا به سڌ ٻڌ ڪا نه هوندي آهي. اهڙي وڍ ڪٽ به ٿي سگهي ٿي جنهن ۾ دماغ کي اثر ۾ رکڻ بدران رڳو ڪنهن خاص جاءِ کي نستو ڪيو وڃي ۽ پوءِ ماڻهو سڀ ڪجهه ڏسي ٻڌي به سگهندو پر جنهن نستي ٿيل ٽڪري ۾ وڍ ڪٽ ٿئي پئي، اتي ڇهاءُ، سور محسوس نه ڪري سگهندو.


    (4) سنگهڻ جو حواس:

    جيڪڏهن ڪو ماڻهو نڪ جو ٻُٽو (ناٽو) هجي، هن ۾ سنگهي سگهڻ جي سگهه نه هجي، ته پوءِ ڇا هو ڪنهن به قسم جي ڳنڌ ــــــــــ سڳنڌ يا ڪڳنڌ ــــــــــ محسوس ڪري سگهندو؟ ڇا هو رابيل، گلاب، موتيي، مگري، انب، ڏاڙهونءَ وغيره جي سڳنڌن ۾ ۽ گند ڪچري، ڪني پاڻيءَ، ڳريل خراب ٿيل ميون ۽ گاهن، لِـڏ، ڇيڻي وغيره جي ڌپن ۾ فرق ڪري سگهندو؟ڇا هو مختلف گئسن، گندرف، گاسليٽ، پيٽرول وغيره جي ڳنڌ سڃاڻي سگهندو؟
    جواب آهي، نه. هو ڪنهن به قسم جي بوءِ بابت ڪا به ڄاڻ رکي نه سگهندو. بوءِ اهڙي شيءِ به ڪانهي جو ان کي ڏسي، ٻڌي، ڇهي يا چکي سگهجي، تنهنڪري هن وٽ ڪنهن به قسم جي بوءِ بابت ڪو به تصور، عڪس، اولڙو يا احساس ڪو نه هوندو.


    (5) چکڻ جو حواس:

    مثال طور، ڪو ماڻهو اَچاٽو هجي، هن جي زبان ۾ ذائقو محسوس ڪري سگهڻ جي سگهه نه هجي، ته ڇا هو مٺي ۽ ڪڙي، وڻندڙ ۽ اڻوڻندڙ، کٽي ۽ چهري وغيره ۾ فرق محسوس ڪري سگهندو؟ ڇا هو ان لائق هوندو ته هر هڪ ميوي جي خصوصي ذائقي ــــــــــ انباڻي، ليماڻي، ڏاڙهونئي، زيتوني، ڪيوِڙائي، چَڪونئي، صوفائي، زردالوئي، انگوري، پپيتائي، گاجري، ڄاڱري وغيره ۽ مختلف قسمن جي ٻوڙن (ڀاڄين) ــــــــــ مڇيءَ، گوشت، ڪريلي، واڱڻ، ڀينڊي، توري وغيره ۽ انهن مان ٺهندڙ مختلف ڀاڄين جي ذائقن ۾ فرق ڪري سگهي؟ ڇا هو پيئندي ئي پروڙي سگهندو ته شربت پيو پيئي يا شراب وغيره؟
    جواب آهي، نه. هن وٽ اهڙي ڪا به ڄاڻ نه هوندي، هو ڪنهن به قسم جي ذائقي کي محسوس ڪري نه سگهندو. هو بيشڪ ڏسي يا ڇهي ڄاڻي وٺي ته پاڻ انب يا ليمي جي رس پيو پيئي، پر ٻنهي جي ذائقي ۾ ڪهڙو فرق آهي، تنهن جي کيس ڪا به خبر نه هوندي. هن جي دماغ ۾ ڪنهن به قسم جي ذائقي جو ڪو به تصور، عڪس، اولڙو، احساس نه هوندو.
    جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي جسم جي هر تنت نستي، بي سرت هجي، هو انڌو، ٻوڙو، ٻساڻو، ناٽو ۽ اچاٽو هجي، ته ڇا هن وٽ دنيا بابت، ڪائنات بابت، پنهنجي ماحول بابت، ڪنهن به شيءِ بابت ڪا به ڄاڻ ٿي سگهي ٿي؟
    جواب آهي، نه. هن وٽ ڪا به ڄاڻ نه هوندي.
    مڪمل بيهوش ماڻهو پنهنجي چوڌاري، پاڻ مٿان ٿيندڙ ڪنهن به عمل، اثر، لقاءَ کي بيهوشي هلندي ڄاڻي، پرکي، پروڙي نه ٿو سگهي. اها بيهوشي جيڪڏهن هڪ سال هلي ته ان سال ۾ ٿيل تبديلين جي کيس ڪا به ٻوجهه نه هوندي ۽ بيهوشي جيڪڏهن ڄائي ڄم کان هجي ۽ بيهوشيءَ ۾ ئي مري وڃي ته وٽس ڪنهن به قسم جي ڪا به ڄاڻ نه هوندي. ڄاڻ، سڄاڻ، سوچ، ساڃاهه، ارادو، عزم، ايمان، عقيدو، وهم، ويساهه، جوش، جذبو، امنگ اميد محتاج آهي هوش حواس واري جيئري جاڳندي ماڻهوءَ جي.
    بيهوش، بي سرت ماڻهوءَ لاءِ ڪا به دنيا ڪانهي، ان کي دنيا جي ڪا به ڄاڻ ڪانهي، هو دنيا جي ڦيرين گهيرين موجب پاڻ کي تبديل ڪري نه ٿو سگهي، هو پنهنجون ڪي به گهرجون پوريون ڪري نه ٿو سگهي، هو بي وس، هيڻو ۽ لاچار آهي. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ته دنيا ئي ڪانهي ــــــــــ سڄي ڪائنات، سج، ڌرتي، جبل، هوا، وڻ، پکي، جانور، ڪجهه به ڪونهي، ته اها ڳالهه غلط هوندي. اهڙيءَ ڳالهه کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته ان ماڻهوءَ جي ڄاڻ، سمجهه، پرک، پروڙ غلط آهي. ماڻهوءَ کي بيشڪ ڄاڻ نه هجي، سمجهه نه هجي، پر ڪائنات آهي، ڌرتي آهي ۽ ڌرتي پنهنجن سمورن لقائن سميت آهي. ڌرتي ۽ سڄي ڪائنات پنهنجن سمورن لقائن سميت مادو آهي ۽ ماڻهوءَ جي سمجهه سبب، ساڃاهه سبب، سڃاڻ ۽ سوچ سبب وجود ڪو نه ٿو رکي. جڏهن ماڻهوءَ وٽ سمجهه، سوچ نه هئي، جڏهن ماڻهو ڪو نه هو، جڏهن ڪو به ساهوارو ڪو نه هو، تڏهن به ڌرتيءَ جو وجود، ڪائنات جو وجود هو. سڄي ڪائنات مادي جي ٺهيل آهي. مادو ۽ مادي جا لقاءَ ئي ڪائنات آهن. مادو سمجهه جو محتاج، ڳيجهو ناهي. مادو اڳ ۾ آهي، ڪائنات اڳ ۾ آهي، ڌرتي اڳ ۾ آهي، ڌرتيءَ جا لقاءَ اڳ ۾ آهن، سوين لک ساهوارا اڳ ۾ آهن، ماڻهوءَ جهڙو ساهوارو اڳ ۾ آهي، پر ماڻهوءَ جي سمجهه پوءِ آهي. ماڻهوءَ جي سمجهه ماڻهوءَ جي دماغ ۽ تنتن جي محتاج آهي، ٻوليءَ جي محتاج آهي، جياپي جي محتاج آهي، ماحول جي محتاج آهي، دنيا جي محتاج آهي، ڪائنات جي محتاج آهي، مادي جي محتاج آهي. سمجهه سبب مادو ڪونهي، پر مادي سبب سمجهه آهي. مادو نه هجي ته ڪا به سمجهه ڪانهي، ٿي نه ٿي سگهي. مادي کان سواءِ سمجهه جو وجود ٿي نه ٿو سگهي، جڏهن ته سمجهه کان سواءِ مادو وجود رکي سگهي ٿو، رکيو اٿائين ۽ رکندو.


    باب اٺون

    سوچ جون واٽون اسان جي دماغ تائين ڇا ٿيون پهچائن؟

    سوچ جون واٽون اسان جي دماغ تائين شين، لقائن، عملن، اثرن ــــــــــ حقيقتن ــــــــــ جو اولڙو، عڪس، احساس ٿيون پهچائن.
    اچو ته ڪجهه مثال وٺون.
    هن وقت توهان پنهنجي چوڦير ڇا پيا ڏسي، ٻڌي، سنگهي، چکي يا ڇهي سگهو؟
    توهان ڪنهن نه ڪنهن شيءِ (ڪرسيءَ، کٽ يا پٽ) تي ويٺل يا ليٽيل آهيو ۽ توهان جي جسم جو ڪو نه ڪو حصو ويهڻ جاءِ کي ڇهي رهيو آهي، هوا (ڪوسي، ٿڌي يا وچٿري) اوهان جي جسم کي ڇهي رهي آهي، اوهان جو هٿ هن ڪتاب کي ڇهي رهيو آهي ۽ توهان جون نظرون ڪتاب جي اکر اکر، لفظ لفظ ۽ جملي جملي کي، ڪتاب کي ۽ ڏيکارجندڙ پسمنظر کي ڏسي، محسوس ڪري رهيون آهن، توهين ڪنهن نه ڪنهن ڪمري، جاءِ يا باغ ۾ آهيو. ٿي سگهي ٿو ته ڪو وڻ، گل، ٻوٽو، ڪا ٻي جاءِ به ڏيکاربي هجي يا ڪنهن پکي پکڻ، جانور يا گيت گاني جو آواز اوهان جي ڪنن تائين پهچندو هجي. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن گل جي سڳنڌ يا کاڌي جو سواد به اوهين محسوس ڪري رهيا هجو. ٿي سگهي ٿو ته توهين ڪنهن سواريءَ تي سفر ڪري رهيا هجو ۽ توهان جي چوڌاري لقاءَ بدلبا رهندا هجن. توهان جتي به آهيو پر ڌرتيءَ تي آهيو ۽ ڌرتيءَ جا سمورا لقاءَ به موجود آهن. ڌرتي هن وقت به پنهنجي وچ چوڌاري لاٽونئڙي چرپر ۽ سج چوڌاري گولائي چرپر ڪري رهي آهي. سج پنهنجن سمورن سيارن سميت پنهنجي مخصوص گس ۾ ڦري رهيو آهي، اهو گس پنهنجي مها-گس سرشتي ۾ ڪنهن نه ڪنهن واٽ تي ڊوڙي پيو ــــــــــ مطلب ته سڄي ڪائنات ۽ ان جي لقائن جو هڪ ذرڙو اوهين به آهيو.
    ڇا اهو سڀ ڪجهه توهان جي دماغ ۾ ان ڪري موجود آهي جو اوهان انهن بابت اڳواٽ سوچي رکيو آهي، ته اهي آهن؟
    جيڪڏهن ڪو ايئن چوي ته اهي سڀ ڏسڻ، ٻڌڻ، سنگهڻ، چکڻ ۽ ڇهڻ لائق شيون ۽ جيڪي به شيون ۽ لقاءَ اسان جي پهچ کان پري آهن، اهي سڀ سندس دماغ ۾ موجود آهن ته پنهنجي خيال موجب هو ڪا عقلمنديءَ واري ڳالهه ڪو نه ٿو ڪري، پر هو نج ناسمجهيءَ واري ڳالهه پيو ڪري. عقلمنديءَ واري ۽ سچي ڳالهه اها آهي ته اهي سڀ شيون ۽ لقاءَ اسان جي سمجهه جا محتاج ناهن، پر ان کان آزاد وجود رکن ٿا.
    جيڪڏهن ڪو ماڻهو سوال ڪري ته مظلوم قومون، مظلوم طبقا، مظلومن جي ڇوٽڪاري لاءِ هلايل جدوجهدون، ظالم قومون، ظالم طبقا ۽ ظالمن جون ظلم قائم رکڻ لاءِ ڪوششون، سازشون ۽ ٺڳيون، سماجي اوسر جي مختلف سطحن تي رهندڙ ماڻهوءَ سماج ــــــــــ سوشلسٽ، عوامي جمهوري، سرمائيداري، جاگيرداري، غلامداري ۽ ابتدائي راڄوڻي سماج جا رهاڪو، سائنسي ايجادون ۽ انهن جا ڪرشما وغيره يا اڃا به ڪجهه تفصيل ۾، مثال طور سنڌي سماج کي وٺجي، ته ان جي رهڻي ڪهڻي، سڌ سماءُ، ٻولي ۽ ثقافت، تاريخ ۽ ڪردار، نفسيات ۽ جذبا، اسرندڙ سرمائيداري، ڇانيل جاگيرداري ۽ ٽٽندڙ غلامداري سماج جا اثر، اسان جي ٿيندڙ قومي ۽ طبقاتي ڦرلٽ، سنڌي سماج مٿان ڇانيل ڌاريا ۽ انهن جي حيثيت، سنڌ جي ايشيا توڙي دنيا ۾ حيثيت وغيره ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪي اهڙيون شيون ناهن جن کي رڳو ڏسي، ٻڌي، سنگهي، چکي يا ڇهي سگهجي. اهي لقاءَ آهن مختلف نمونن جا، اصطلاح آهن مختلف لقائن بابت. ظلم ڪا نهري شيءِ ناهي، ان کي ڏسي، ٻڌي، سنگهي، چکي يا ڇهي نه ٿو سگهجي، ته به ظلم هڪ خاص عمل، لقاءَ بابت مخصوص ڪيل لفظ آهي. ساڳيءَ طرح آزادي به هڪ خاص لقاءَ بابت هڪ مخصوص ڪيل لفظ آهي. ڇا اهي سڀ شيون، سڀ عمل، سڀ لقاءَ رڳو اسان جي ذهن ۾ وجود رکن ٿا؟ ڇا انهن جو اسان جي دماغ کان آزاد، پاڻ مرادو ڪو وجود ڪونهي؟ ڇا اهي رڳو ان ڪري آهن جو اسين سوچيون ٿا؟ جيڪڏهن اسين نه سوچيون يا انهن جي وجود کان انڪار ڪريون ته ڇا اهي اڻ موجود ٿي پوندا؟ ڇا جيڪڏهن ڪو ايئن چوي ته مصر ۾ ڪنهن به فرعون ڪا به حڪومت نه ڪئي يا هن ڪو به ظلم نه ڪيو، يا اٿينس ۾ سقراط زهر جو پيالو نه پيتو يا بکين غلامن ڪا به بغاوت نه ڪئي، ته ڇا ان جي سوچ کي درست، ٺيڪ، سچو چونداسون؟ ڇا اڄ کان اڳ گذري ويل، ٿي چڪل هر لقاءَ، هر عمل، هر سماج ۽ هر سماج ۾ ٿيل هر ڪم، ويڙهه، آزاديءَ، ڦرلٽ، غلاميءَ وغيره جو وجود رڳو ان ڪري آهي جو اسين ان بابت سوچيون ٿا، نه ته انهن جو ڪو به وجود نه هو، ته ڇا اهو سچ چئبو؟
    اهي سڀ شيون، سڀ عمل، سڀ لقاءَ، سڀ اثر اسان جي سوچڻ جا محتاج ناهن، انهن جو پنهنجو وجود آهي. اسين انهن بابت سوچيون يا نه سوچيون، پر اهي موجود آهن ۽ انهن بابت اسان جي دماغ ۾ جيڪو ڪجهه آهي، اهو حقيقتن جو عڪس آهي، احساس آهي، اولڙو آهي، فوٽو آهي، تصور آهي، سوچ آهي. جاءِ، باغ، وڻ، گل، لات، سڳنڌ، هوا، پاڻي، جبل، ڌرتي، قوم، وطن، دنيا، سامراج، طبقو، ويڙهه، خونريزي، جدوجهد، ڇوٽڪارو، پاڻ وهيڻائي، خوشحالي وغيره سڀ تصور آهن ٻاهرين حقيقتن جا. جيڪڏهن اهي ٻاهريون حقيقتون موجود نه هجن ها ته اسان وٽ انهن بابت ڪو به تصور ٿي نه پئي سگهيو. دنيا، ڪائنات، مادو اسان جي سوچن جو محتاج ناهي، انهن کان آزاد وجود رکي ٿو، اسان جون سوچون انهن جو عڪس، اولڙو، احساس آهن ۽ ٻاهرين حقيقتن جون محتاج آهن.
    مثال طور، جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو ”گل“، تڏهن توهان جي ذهن ۾ ڪهڙو اولڙو ٺهي ٿو؟
    توهان جي ذهن ۾ هر ان ”گل“ جو تصور ٺهندو جيڪو توهان ڏٺو هجي. ڪنهن به مخصوص ”گل“ جو عڪس نه ٺهندو، ڇو؟ ان ڪري جو مون ڪنهن به خاص ”گل“ جي نشاندهي نه ڪئي آهي، پر جڏهن ڪنهن خاص ”گل“ جي نشاندهي ڪندس، ته هڪدم باقي سمورن گلن جا اولڙا اوهان جي دماغي پردي تان هٽي ويندا ۽ رڳو ان ئي خاص ”گل“ جو اولڙو ٺهي ويندو، جنهن جو هينئر آءٌ نالو کڻڻ وارو آهيان. تيستائين توهان سوچي وٺو ته جڏهن مون ”گل“ لفظ ٻوليو تڏهن توهان جي ذهن ۾ ڪهڙي ڪهڙي ”گل“ جو عڪس اڀري آيو هو؟
    ”گل.“
    ڌيانَ سان پنهنجو دماغ جاچيو (ماڻهوءَ ۾ ئي اها وڏي ۾ وڏي خوبي آهي جو هو پنهنجي ڄاڻ ــــــــــ منطقي ڄاڻ، ادراڪي ڄاڻ، نفسي ڄاڻ، نظرياتي ڄاڻ ــــــــــ کي ذهن جي ”پردي“ تي وري اٿاري به سگهي ته جاچي به سگهي). ڪهڙن گلن جو عڪس آهي اوهان جي دماغ ۾؟
    ڇا هر ان ”گل“ جو اولڙو ناهي جيڪو اوهان ڏٺو هجي؟
    پڪ سان ايئن آهي. (اها مون کي خبر ڪيئن پئي، پوءِ ٻڌائيندس.)
    هاڻي آءٌ گل جو خاص نالو کڻڻ وارو آهيان، سوچجو ته توهان جي دماغ ۾ ڪهڙي گل جو عڪس وڌيڪ نمايان ٿئي ٿو. گل جو نالو آهي:
    ”گمي!“، ”گمي جو گل!“
    ڏٺوَ! توهان جي دماغ ۾ ڪهڙو عڪس ٺهيو؟
    ڪو به نه! آهه! ايئن ڇو ٿيو؟ چئبو، ته توهان نالي پڙهڻ ۽ سوچڻ ۾ ئي منجهي پيا! شايد اهو لفظ گَمِي آهي الائي گُمِي، يا وري گِمِي آهي يا گِمي، الائجي گَمي آهي يا گُمي آهي! سمجهو ڪري ته اهو لفظ گـِمِي آهي ــــــــــ گِمِي جو گل! ڇا ڪو تصور ٺهيو؟ نه! ڇو؟
    ان ڪري جو اهو لفظ، اهو گل توهان ڏٺو ئي ناهي، ٻڌو ئي ناهي، سنگهيو، چکيو يا ڇهيو ئي ناهي، ان ڪري توهان جي دماغ ۾ ڪو به خاص عڪس نه ٺهيو.
    ”گلاب جو گل.“
    ڇا هاڻي ڪو عڪس ٺهيو؟
    پڪ سان گلاب جي گل جو عڪس ٺهيو. اوهان جي ڏٺل هر ٻي گل جو تصور ڊهي ويو، هاڻي رڳو گلاب جي گل جو ئي عڪس دماغ تي رهجي ويو، ڇو؟
    ان ڪري جو توهان اهو گل ڏسي، ان بابت ٻڌي يا ان کي سنگهي ۽ ڇهي چڪا آهيو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن چکي به ڏٺو هجي. هاڻي ڇا ٿيو؟ گلاب جي گل جو اولڙو پنهنجي هر ان جز ۽ تفصيل سميت توهان جي ذهن ۾ تري آيو جنهن کان اوهين واقف آهيو. هر شاعر، سائنسدان، فيلسوف، فنڪار يا چترڪار وغيره ان کي پنهنجي پنهنجي انداز ۾ سمجهي سگهندو. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو شاعر به هجي ۽ ڪلاڪار به، فيلسوف به هجي ته چترڪار به، پوءِ ان جون سوچون ڪيئن هونديون... اهو ئي سمجهي سگهي ٿو.
    پر منهنجي ذهن ۾ جنهن گلاب جو گل جو تصور آهي اهو ٻُڪ جيڏو، روايتي ڳاڙهو گلابي گلاب نه آهي پر ”ڪارو گلاب“ آهي. ڇا توهان ڪارو گلاب ڏٺو آهي، ان جي سڳنڌ کان واقف آهيو؟ جيڪي ڄاڻندا هوندا انهن جي ذهن ۾ تصور به ٺهيو هوندو، پر جيڪي نه ڄاڻندا هوندا اهي عام رواجي گلاب جي گل کي ڳاڙهي گلابيءَ بدران ڪاري رنگ ۾ سوچيندا هوندا. ايئن ڇو ٿيو؟
    ان ڪري جو گلاب جي گل جو عام رواجي ڳاڙهو گلابي رنگ ڦيرائي ڪارو رنگ ڏٺو ويو. ڪارو گلاب چوڻ سان ڇا ٿيو؟
    گلاب جي گل جو تصور ۽ ڪاري رنگ جو تصور پاڻ ۾ ملي پيا.
    هاڻي اچو ته ”گگارينو“ تي سوچيون.
    ڇا گگارينو ٻڌڻ (پڙهڻ) سان اوهان جي ذهن ۾ ڪو عڪس، ڪو اولڙو ٺهيو؟
    نه!
    ڇو؟
    توهان جو ڏٺل، ٻڌل، سنگهيل، چکيل، ڇهيل ناهي! توهان ان کان اڻ واقف آهيو!
    توهان کي آءٌ ٿو ٻڌايان.
    (1) ”گلاب جي گل“ کي ئي چئبو آهي ”گگارينو“، جرمن ٻوليءَ ۾.
    هاڻي ڇا ٿيو؟
    گلاب جي گل جو عڪس ٺهيو!
    پر هاڻي رڳو عڪس نه ٺهيو، ان سان گڏ جرمن ٻوليءَ بابت به سوچ اڀري آئي! معنى هاڻي تصور ڪجهه وڌيڪ ٿيو ــــــــــ گلاب جو گل ۽ جرمن ٻولي (جرمن ٻولي وري پاڻ ٻه تصور آهن ــــــــــ جرمن ماڻهو ۽ انهن جي ٻولي).
    توهان کي سچ ٻڌايان؟ سچ اهو آهي ته جرمن ٻوليءَ ۾ گلاب جي گل کي گگارينو نه چئبو آهي. گگارينو ڪا ٻي شيءِ آهي. وري سوچيو!
    هاڻي وري توهان جي ذهن ۾ ڪو تصور، ڪو عڪس، ڪو اولڙو، ڪو احساس ڪونهي!
    (2) ويٽنام ۾ رونبي ڪرڻ کي گگارينو چئبو آهي.
    هاڻي ڇا ٿيو؟ توهان جي ذهن ۾ ويٽنام ۽ رونبي ڪرڻ جا تصور ٺهيا. خود رونبي ڪرڻ جي تصور ۾ ڪيترائي تصور آهن ۽ ويٽنام سان لاڳاپيل ڪي تصور به ذهن ۾ اڀري سگهن ٿا. پر مون کي افسوس آهي ته ويٽنام ۾ رونبي ڪرڻ کي گگارينو نه چئبو آهي ۽ گگارينو اڃا به ڪا ٻي شيءِ آهي.
    هاڻي ڇا ٿيو؟
    گگارينو بابت توهان جو تازو تصور به ڊهي ويو. توهان جي ذهن ۾ هن وقت وري به گگارينو بابت ڪو به عڪس ڪونهي. پوءِ نيٺ گگارينو ڇا کي چئبو آهي؟
    (3) پٿر جو گهڙيل هڪ هاٿي، جنهن جي پنيءَ مٿان پوين ٻن ڄنگهن تي اُڀو بيٺل پٿريلو گهوڙو، جنهن جو منهن ۽ اڳيان سنب اڀ ڏانهن اٿيل آهن. يونان جي هڪ جابلو شهر کيٿنس ۾ ٺهيل آهي ۽ هڪ اهڙي شهزادي جي ياد ۾ ٺاهيو ويو جنهن کي هاٿيءَ ۽ گهوڙي جي سواري ڏاڍي پسند هئي.
    ڇا توهان ڄاڻي ورتو ته گگارينو ڇا کي چئبو آهي؟
    هن ڳالهه ۾ توهان ڏٺو ته ڪيترا تصور پاڻ ۾ مليل آهن؟
    پٿر، گهاڙ، هاٿي، اڀو بيٺل، گهوڙو، سنب، اڀ، يونان، جابلو، شهر، شهزادو، سواري، پسند وغيره.
    حقيقت هيءَ آهي ته اهڙو ڪو به مجسمو ۽ شهر يونان ۾ موجود ناهي.
    پوءِ نيٺ گگارينو ڇا آهي؟
    (4) مينهوڳيءَ ۾ مست ٿي، ڇٽ کولي، کنڀ پکيڙي جهمريون هڻندڙ مور کي گگارينو چئبو آهي.
    ڪهڙو تصور ٺهيو؟ ڪهڙا ڪهڙا عڪس مليل آهن؟
    (5) پنهنجي بت مان جهمڪو ڪري سوجهرو ڪڍندڙ مڇيءَ جو هڪ قسم آهي گگارينو، جيڪا سمنڊ جي هيٺين (ترائين) سطح ويجهو گَهپ ٻاٽ ۾ رهندي آهي.
    ڪهڙو عڪس ٺهيو ۽ ڪهڙا تصور پاڻ ۾ مليل آهن؟
    (6) ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ٻڌندڙ ڪوئي کي گگارينو چئبو آهي.
    (7) سڙي سڪي کاڄي ويل وڻ جي ٿوڻيءَ کي گگارينو چئبو آهي.
    (8) وارياسي ۾ مٺي پاڻيءَ جي چشمي کي گگارينو چئبو آهي.
    (9) دئوس قسم جي ٿلهي پهلوان کي گگارينو چئبو آهي.
    جيڪڏهن آءٌ ايئن سڄو ڏينهن ويٺو ڳالهايان ۽ اوهان ٻڌندا رهو ته توهان جو ذهن گگارينو بابت رڳو اهو ئي تصور، عڪس، اولڙو ٺاهي سگهندو، جنهن جو ذڪر آءٌ ڪريان، نه ته توهان پنهنجي ليکي گگارينو جو ڪو به عڪس ٺاهي نه ٿا سگهو، ڇو ته توهان وٽ ان بابت ڄاڻ ڪانهي، توهان ڪڏهن به ان کي نه ڏٺو آهي ۽ نه ئي ان بابت ڪجهه ٻڌو آهي، نه ئي ان کي سنگهيو، چکيو يا ڇهيو آهي. جيڪڏهن توهان کي مون تي پت هوندي، ته توهان ان ئي تصور کي سچو سمجهندو جيڪو توهان کي ٻڌايان. جيڪڏهن منهنجي ڄاڻ ئي غلط، وهمي، اڻڄاڻائيءَ واري هوندي ۽ توهان کي ان جي پروڙ پئجي ويندي ته پوءِ توهان ئي مون کي ڪوڙو، وهمي يا اڻڄاڻ سمجهڻ شروع ڪندَو ۽/يا توهان حقيقت ڄاڻي وٺندَو ۽ گگارينو بابت توهان جي ذهن ۾ ويهاريل غلط ڄاڻ ختم ٿي ويندي.
    جيئن توهان جي ذهن ۾ گگارينو بابت ڪو به عڪس ڪونهي، اها ساڳي ڳالهه هاتاموسي، ڇاتوڪا، واشامو، ناڪولي، بلادو، ماگوري، ويناتو، ڇڇموري، گدناڪ، واگهاوَ، وڪيما، طوشاٽا، ڇماڪو، وانروڪي وغيره بابت به ٿيندي. ڇا انهن مان ڪنهن به لفظ بابت اوهين ڪجهه ٻڌائي سگهو ٿا؟ توهان جي ذهن ۾ هر هڪ لفظ سان لاڳاپيل ڪهڙو تصور آهي؟
    ڪو به نه.
    ڇو؟
    ان ڳالهه مان ڪهڙو نتيجو نڪري ٿو؟
    هن ڳالهه مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته جيڪڏهن اسين ڪنهن به حقيقت بابت نه ٿا ڄاڻون ته ان حقيقت جو اسان جي دماغ ۾ ڪو به تصور نه ٺهندو. حقيقت اڳ ۾ پيش ٿيڻ گهرجي، ان جو اولڙو، عڪس، تصور پوءِ ئي ٺهي سگهي ٿو. جيستائين آئيني سامهون ڪا به شيءِ نه آئي آهي تيستائين آئيني ۾ ڪو به عڪس نه ٺهندو. آئيني سامهون بيٺل ماڻهو هٽي وڃي ته ان جو عڪس به گم ٿي ويندو. ماڻهو مادي جو ٺهيل آهي، حقيقت مادو آهي، مادي جو ڪو به روپ آهي ۽ عڪس ان جو پاڇو، اولڙو، تصور، احساس آهي. اڳ ۾ حقيقت آهي ۽ پوءِ ئي ان جو عڪس آهي. حقيقت نه هوندي ته عڪس به نه هوندو. عڪس غير مادي شيءِ آهي، اهو رڳو اولڙو آهي ڪنهن مادي شيءِ جو، حقيقت هٽي ويندي ته عڪس به هٽي ويندو، پر آئيني جي عڪس ۽ ڪنهن به ساهواري جي عڪس ۾ گهڻو فرق به آهي. ماڻهوءَ جي دماغ (ڪنهن به ساهواري) ۾ جيڪو ڏسڻ، ٻڌڻ، سنگهڻ، ڇهڻ، چکڻ وسيلي عڪس ٺهي ٿو، اهو آئيني جي عڪس جيان ناهي. آئينو رڳو سامهون آيل لقاءَ جو عڪس پيش ڪري ٿو پر ان جو آواز، بوءِ، ذائقو يا ڇهاءُ عڪسي نه ٿو سگهي، جبلُ واڪي جو عڪس (پڙاڏو) اولڙائي سگهي ٿو پر ان ۾ ڏٺ، چک، لذت ۽ بوءِ اولڙائڻ جي خاصيت ڪانهي. بي ساهه شيون عڪس جو رڳو هڪ پاسو، ڪو محدود پهلو اولڙائي سگهن ٿيون، جڏهن ته ساهواري ۾ ڪنهن به پيش ٿيل حقيقت بابت ڪيتريون ئي حقيقتون اولڙائڻ جون خاصيتون آهن ۽ ماڻهو سڀ کان وڌيڪ اتم آهي جو هن پاڻ وٽ منطقي ۽ نظرياتي ڄاڻ پيدا ڪري ورتي آهي تنهنڪري هو حقيقت کي گهڻ پاسائون اولڙائي سگهي ٿو ۽ بيشڪ حقيقت هٽي به وڃي پر ان جو عڪس دماغ جي جيو گهرڙن ۾ ڪيتري ئي عرصي تائين محفوظ رهجي وڃي ٿو ۽ وقت سر ان کي ياد ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته سوين هزارين عڪس ان منجهان ”ميٽجي“ (وسري) به وڃن ٿا. توهان جڏهن پهرين درجي جو ڪتاب پڙهيو تڏهن اهو توهان کي ڪهڙي ترتيب سان ياد هو، ڇا هاڻي جو هاڻي ساڳي ترتيب سان بيان ڪري سگهو ٿا؟ ٿي سگهي ٿو ته ڪيترائي ماڻهو الف-ب به ترتيب سان ياد ڪري نه سگهن، پر انهن تصورن کي، يادگيري کي، وري تازو به ڪري سگهجي ٿو. توهان کي پنهنجي حياتيءَ جا سوين واقعا ياد هوندا. ماڻهوءَ دماغ (ساهوارن جي دماغ) ۾ سوين عڪس هڪ ڊگهي عرصي تائين پنهنجن پورن تفصيلن سميت ياد رهي سگهن ٿا ۽ جياپي لاءِ لازمي ڪيترا ئي اولڙا هن جي جبلت ۾ داخل ٿي وڃن ٿا.
    حقيقت جو عڪس اسان جي حواسن (تنتن) وسيلي هلي اسان جي دماغ تائين پهچي ٿو. حقيقت ۽ ان جو عڪس ساڳي شيءِ ناهن. حقيقت مادو يا مادي جو روپ، لقاءُ، ڏيک، عمل، اثر آهي ۽ عڪس، اولڙو، احساس مادو ناهي، مادي جو فوٽو آهي، شبيهه آهي، تصور آهي. اسان جي دماغ ۾ پاڻ جهڙو جيئرو جاڳندو ماڻهو، کاڌا، شيون، جايون، وڻ، پکي، ڌرتي، ڪائنات ويٺل ڪانهي پر انهن جو رڳو عڪس آهي، اولڙو آهي.
    ماڻهو پنهنجن حواسن وسيلي جيڪي عڪس وٺي ٿو انهن مان ئي کيس ڄاڻ ملي ٿي. حقيقتن کي پرکيندي سوين هزارين قسمن جا عڪس ماڻهوءَ دماغ تائين پهچندا رهن ٿا. مخصوص مند ۾ مخصوص فصل، گاهه، ميوي جو پيدا ٿيڻ اهڙو ئي پنهنجو عڪس ڇڏي ٿو، وڍ ٽڪ، گهاڙ گهاڙيتو ڪندي به ماڻهو حقيقتن جا ڪيترائي عڪس پرائي ٿو. هڪڙي قسم جي عمل مان ماڻيل ڄاڻ کي ٻي قسم جي حقيقتن سان لاڳو ڪري وري نوان عڪس پرائي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح سڄي ٻولي لفظن جي صورت ۾ لکين عڪس آهي. انهن عڪسن مان ئي اسان جي ڪل ڄاڻ ٺهي ٿي ۽ ڄاڻ جو واهپو ڪندي عمل ۾ آڻيندي وري نئين ڄاڻ ملي ٿي ــــــــــ اهڙيءَ طرح ڄاڻ جي ذخيري ۾ واڌارو ٿيندو رهي ٿو.
    ”سڄي دنيا جي فاتح“ سڪندر اعظم (سڪندر مقدوني، يوناني) کي وري جيئاري، رڳو ٽي وي ڏيکارجي يا هوائي جهاز تي ٻه ڦيريون ڏيارجن ته نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟ بٽڻ هيٺ ڪرڻ سان بلب ٻري پوي (يا جيئن ريموٽ ڪنٽرول جو ڪرشمو هلي پيو)، ته ڇا اهو ڏسي اڪبر بادشاهه پاڳل نه ٿي ويندو، جيڪو پاڻ کي خدا جو پاڇو پيو سڏرائي.
    ڇا ڀلا ايئن نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪن ٻن چئن شين بابت ڄاڻ ڪن ٻين ٻن چئن شين سان لاڳو ٿي وڃي؟ پٿر گَهڙڻ جو عمل ڪاٺيءَ سان لاڳو ڪري ان کي گهڙيو وڃي، پاڻيءَ کي اوٻارڻ بدران پاري کي اوٻارڻ جي ڪوشش ڪجي، ٽامي کي رجائڻ بدران لوهه کي رجائجي، وغيره، ته ڇا ٿيندو؟ هر عمل اسان کي نئين ڄاڻ ڏيندو. سوين تجربن ۽ تعليمن نسل در نسل تبديل ٿي اسان جي ڄاڻ ٺاهي آهي. چهنبدار پٿر جي ايجاد کان اڄوڪي هر ايجاد تائين ماڻهوءَ اهو ئي ڪم ته ڪيو آهي ته ڪنهن به لقاءَ، عمل، اثر، شيءِ وغيره کي ڪنهن به ٻي لقاءَ، عمل، اثر يا شيءِ سان ڀيٽائي، پرکي، پرجهي سگهي. ڪکائين جهوپڙيءَ کان آسمان ڇهندڙ جاين تائين، اڻ گهڙيل پٿرائين ڳوڙهي (ڦيٿي) کان اڄوڪي جديد صنعتي ڦيٿي تائين، ڪني گاهه ڇيڻي جي ڀاڻ کان جديد ڪيميائي ڀاڻ تائين، گاري کان سيمينٽ تائين، پيچرن کان روڊن تائين اهو ئي عمل هلندو پئي رهيو آهي.
    ماڻهوءَ نرم مٽيءَ جو گهگهڙو (رانديڪو) ٺاهيو، جيڪو اس ۽ هوا ۾ سڪي سخت ٿيو، باهه ۾ پچي پڪو ٿيو. قسمين قسمين گهگهڙا ٺهيا: هڪ گهگهڙي جو اڌ، مُنُ، چوٿاڙ، مٿو، منڍي، ٻانهون يا ڄنگهون ٻي گهگهڙي سان ڳنڍيون ويون ــــــــــ ماڻهوءَ بت تي شينهن جي منڍي ٺاهي وئي ــــــــــ شينهن-مُنڍيو ماڻهو ٺهي پيو. جيڪو ماڻهو جهنگلي سانَ جي منڍي واري کل اوڍي جانورن جي ڌڻ ۾ گهڙي ويو پئي، ان لاءِ ٻن چئن تصورن کي هڪ ٻي سان ڳنڍڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪا نه هئي. آءٌ اڄوڪي دور جو ماڻهو به ان ڀڃ گهڙ کان واقف آهيان ۽ في الحال رڳو گگارينو جهڙي هٿ-گهڙي تصور تي ڪيترو ئي گهڻو لکي سگهان ٿو، ته ڇا ڪو ٻيو، ٽيون، چوٿون، پنجون ماڻهو هڪ ٻي جي پورهيي، عمل، تجربي، تعليم، تخليق، وغيره جا سوين تصور هڪ ٻي سان ملائي ڪا ٽين شيءِ ٺاهي نه ٿو سگهي؟
    ڪهڙو به تخيل هجي، ان جو جيڪڏهن ڇيد ڪبو ته اهو ڪجهه اڳوڻن تصورن جو ميڙ هوندو ۽ هر تصور ڪنهن نه ڪنهن حقيقت جو عڪس، اولڙو. ياد ڪري ڇڏيو ته هر ڄاڻ عڪسن جو ميلاپ آهي ۽ ان جو هر تصور ڪنهن نه ڪنهن حقيقت جو اولڙو.


    باب نائون

    غلط سوچ ڇو ٿي ٺهي؟

    حقيقت جو اولڙو غلط نموني پرجهيو ويندو ته سوچ به غلط ٺهندي ۽ ڄاڻ به غلط هوندي.
    اچو ته اها ڳالهه ڪجهه مثالن سان سمجهون:


    (1) آسمان (اُڀ) ڇا آهي؟

    جنهن به شيءِ کي روشنيءَ جا ڪرڻا لڳي موٽي اچي اسان جي اک تائين پهچندا، ان کي ڏسي سگهنداسون. پراهين پنڌ واري شيءِ جيترو اسان کان پري هوندي، اوترو ننڍي نظر ايندي. جيڪڏهن روشنيءَ ڪرڻا رنڊائي موٽائڻ، اولڙو ڪرڻ واري شيءِ وچ تي نه هوندي ته نظرون پولار ۾ پيهي ڪٿي نه ڪٿي کٽي وينديون، اسان کي ڪجهه به نظر نه ايندو ۽ اهو هنڌ اونداهو يا ڪارو نظر ايندو.
    جيڪڏهن اونداهي ڏاڍي ڊگهي ڪمري ۾ وچ تي اڌ-ڍڪيو بلب رکيو هجي، ان جو روشن پاسو اوهان طرف هجي ته ان جي اونداهي پاسي اوهان کي ڪارهه کان سواءِ ڪجهه به نظر نه ايندو، پر جيڪڏهن بلب اڌ-ڍڪيو نه هجي ته پوءِ اوهان کي هلڪو ڌنڌ پيو محسوس ٿيندو. اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو بلب جي تيز روشني اک جي ماڻڪيءَ کي سسائي ڇڏي ٿي ۽ جڏهن ماڻڪي سسيل هجي ۽ روشني گهٽ ته صاف نظر نه ايندو.
    وشال، اڻکٽ ڪائنات ۾ سج اسان جي ويجهو ۽ ڏاڍو روشن آهي، ان ڪري اسان جي نظر جتي کٽي ٿي اتي آسماني ”رنگ“ نظر اچي ٿو ۽ اسان ان کي اڀ يا آسمان سمجهون ٿا.
    اهو سڀ ڪجهه اسان سائنس جي نعمتن جي ڪري ڄاڻي ورتو آهي.
    اڳوڻو ماڻهو ڪا اڄوڪي جهڙي نسبتاً وسيع ڄاڻ نه رکندو هو، ان ڪري هو ان کي دونهاٽيل، جهڙالي ۽ ٺوس ڇت سمجهي ويٺو ۽ اهڙيءَ طرح اڀ بابت جهوني جاهل ڄاڻ اسان جي لوڪ ڪٿا ۽ ڏند ڪٿا ۾ شامل ٿي وئي.
    اڄوڪي سائنس ڏسڻ جا اهي اوزار ٺاهي ورتا آهن جو چنڊ ۽ سج ڄڻڪ سائنسدانن جي ڪَڇن ۾ آهن. لکين نوري سالن جي پنڌ تي نگاهه وجهي سگهجي ٿي، پر ”آسمان“ اڃا به پراهون آهي!


    (2) سج ۽ چنڊ بابت غلط سوچ

    ٻڌايو پئي ويو ته سج ”پهرين آسمان“ ۽ چنڊ ”چوٿين آسمان“ تي آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته سج ويجهو ۽ چنڊ پري آهي. جڏهن ته اڄوڪو ٻار به ڄاڻي ٿو ته چنڊ رڳو 9-لک 30-هزار ميل پري آهي ۽ سج ساڍا نو ڪروڙ ميل پري. جيڪڏهن چنڊ ”چوٿين آسمان“ تي آهي ته پوءِ سج گهٽ ۾ گهٽ ”هڪ سَو پنجين آسمان“ تي هئڻ گهرجي.
    ماڻهوءَ کي اها ڄاڻ به سائنس ڏني ته سج ڌرتيءَ کان ساڍا تيرهن لک ڀيرا وڏو آهي ۽ چنڊ ڌرتيءَ کان ڪيئي ڀيرا ننڍو، نه ته اڳوڻي اڻڄاڻ ماحول ۾، اهي ٻئي، ماڻهوءَ کان پري ۽ عام حالتن ۾ هڪ جيترا ڏيکارجندڙ هئا ۽ جيترو انهن جو قد ڏيکارجي ٿو اوتري قد واري ماڻهوءَ وٽ کاڌي پيتي ۾ ڪم ايندڙ شيءِ ٿالهه (پاٽڙو، پاٽَ يا پليٽ) آهي. ان ڪري ماڻهن سمجهيو پئي ته انهن کي ماڻهوءَ جي ٻنهي ڪَڇُن ۾ ايئن ئي کڻي يا ڪڇن هيٺان ٽپائي سگهجي ٿو جيئن ڪنهن به عام ٿالهه کي. جيڪڏهن ماڻهن کي سج ۽ چنڊ جي صحيح قد بت جي ۽ سجُ باهه جو گولو هجڻ واري، جنهن ۾ ڪيترن ئي شعلن جو قد ٽيهه لکن کان به وڌيڪ ڊگهو آهي، سڌ هجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ ڪڏهن به انهن کي پنهنجن هٿن تي کڻڻ يا ٻانهن هيٺان ٽپائڻ جي ڳالهه ٿي سگهي ٿو ته اصطلاحي معنى۾ سوچي سگهي ها، حقيقي معنى ۾ نه.


    (3) سج گرهڻ ۽ چنڊ گرهڻ

    سج جي چوڌاري ان جا نــوَ ئي گرهه (سيارا) ڦرندا رهن ٿا. پهرين نمبر تي عطارد، ٻي نمبر تي زهرا ۽ ٽين نمبر تي ڌرتي آهي. ڌرتي سج چوڌاري چڪر 365-ڏينهنِ ۽ ڇهن ڪلاڪن (هڪ سال) ۾ پورو ڪري ٿي. چنڊ وري ڌرتيءَ جو گرهه آهي جيڪو ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦرندو رهي ٿو. جڏهن سجُ، ڌرتي ۽ چنڊ هڪ ليڪ ۾ بيهن ۽ ڌرتي وچ ۾ هجي ته چنڊ تي ڌرتيءَ جو پاڇو ٺهندو ۽ چنڊ (جيئن ته سج جو اولڙو موٽائي نه سگهندو تنهنڪري) اونداهو نظر ايندو ــــــــــ اها آهي چنڊ گرهڻ.
    پر جيڪڏهن سجُ، چنڊ ۽ ڌرتي (چنڊُ سج ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ اچي) هڪ ليڪ ۾ بيهن ته سج جي روشني سنئين سڌي ڌرتيءَ تائين نه پهچندي ۽ سجُ چنڊ جي اوٽ ۾ اچي ويندو، پر جيئن ته سج ڏاڍو وڏو آهي تنهنڪري پورو لڪي ڪو نه ٿو ۽ وچ ۾ آيل چنڊ جي ٻي پاسي ڳاڙهسرو نظر اچي ٿو ــــــــــ اها آهي سج-گرهڻ.
    هيءَ سڄي ڄاڻ اسان کي سائنس ڏني آهي.
    اڳوڻي اڻڄاڻ ماحول ۾ ماڻهوءَ کي اهو اسرار سمجهه ۾ نه پئي آيو. ماڻهو جڏهن پاڻ تڪليف، اهنج ۽ ڪاوڙ ۾ هوندو هو تڏهن سندس منهن مهانڊو به بگڙي ويندو هو. سج-گرهڻ وقت سج ۽ چنڊ-گرهڻ وقت چنڊ کي به ”تڪليف“ هئي، تنهنڪري انهن کي ”ڦاسيءَ تي ٽنگيل“، ”مصيبت ۾ مبتلا“، ”ڪروڌ ۾ ڀريل“ وغيره سمجهيو ويو. سج سجاڳيءَ جو اهڃاڻ، روشنيءَ جو ذخيرو، فصل جي حياتي ۽ حياتيءَ جو جوهر ته آهي ئي، ان ڪري ان کي اوٿ مان ڪڍڻ يا پرچائڻ لاءِ عجيب قسم جي ريتن، رسمن ۽ رواجن جنم ورتو، جن جي اوهان کي خبر آهي.


    (4) تارا ــــــــــ لوهي ٽِڪَ

    سج ”لهي وڃڻ“ کان پوءِ لکين چاندي-رنگ ٽمڪندڙ ٽٻڪا، ڪي ننڍا ڪي وڏا، ڪي هڪ ٻي جي ويجهو، ته ڪي هڪ ٻي کان پري، سياري ۾ هڪ نموني جا، ته اونهاري ۾ ٻي نموني جا، مقرر وقت موجب پنهنجون جايون بدلائيندڙ ـــــــــ تارا ـــــــــ اُڀ جي ويڪري سيني تي پکڙجي پئي ويا ۽ ڏينهن ٿيندي گم پئي ٿيا. ڇا ”اُڀ ۾ تارا“ رڳو رات جو ئي هوندا آهن ۽ ڏينهن جو نه هوندا آهن؟ اها خبر اڳوڻي اڻڄاڻ ماڻهوءَ کي ڪا نه هئي. ”اڀ ۾ تارا“ ڏينهن جو به هوندا آهن، پر سج جي تيز روشنيءَ سبب سج-ڪرڻن پٺيان اهي نظر نه ايندا آهن.
    ماڻهن ڏٺو پئي ته جيئن اڀ ”لسي ڪُٻَ“ ۾ پکڙيل آهي، تيئن تارا به ان ۾ ساڳيءَ سنوت سان ”ٽنبيل“ آهن، تنهنڪري انهن سمجهيو ته اهي روشن لوهي ٽڪون (ڪليون، ڪوڪا) ”اڀ ۾ کتل“ آهن. جيڪڏهن ”کتل“ آهن ته پوءِ اهي هڪ مخصوص واٽ تي هلندا ڇو ٿا رهن، اها ڳالهه کين سمجهه ۾ نه پئي آهي، تنهنڪري تارن بابت ٻٽو تصور ٺهيو ته ”اڀ ۾ کتل“ به آهن ۽ ”هلندا“ به رهن ٿا.
    اُنهن ماڻهن وٽ جيڪڏهن اڄوڪن وسيلن جهڙا جديد سائنسي وسيلا هجن ها ته اهي سولائيءَ سان ڄاڻي وٺن ها ته اهي روشن ٽمڪندڙ ٽڪون ـــــــــ تارا ـــــــــ هڪ ٻي کان ڪروڙين، اربين، کربين، پدمين ميلن جي مفاصلي تي، ڪي هيٺ (اوري)، ڪي مٿي (پري)، اڻکٽ ڳڻپ ۾ پکڙيل آهن. ڪيترائي وڏا تارا پري هجڻ سبب ننڍا ۽ ڪيترا ئي انهن جي ڀيٽ ۾ ننڍا تارا ويجهو هئڻ سبب وڏا نظر اچن ٿا ۽ پدمن جي ڳڻپ ۾ اهڙا به آهن جيڪي کين عام ديد سان نظر نه پئي آيا تڏهن شايد اهي حقيقت تائين پهچي وڃن ها.
    عيسوي سن جي شروعات کان چار سَو سال کن اڳ يونان ۾ اهڙا ڏاها به پيدا ٿيا جن سج، چنڊ، تارن، ڌرتيءَ ۽ آسمان تي غور فڪر ڪيو. ڪي انهيءَ نتيجي تي پهتا ته سج ديوتا ناهي پر باهه جو گولو آهي، ڪي انهيءَ تي ته چنڊ ۾ ڪا به آئٽ ڪتڻ واري ناني ڪانهي جنهن جي اڏايل ڪاتَ (ڌاڳي، پوڻين) سبب ڪڪر ٺهي پيا، ۽ ڪي ان نتيجي تي پهتا ته ڏينهن رات جو ڦيرو سج جي لهڻ چڙهڻ سبب نه پر ڌرتيءَ جي پنهنجي مرڪز چوڌاري لاٽونئڙي ڦيري سبب آهي پر انهن سوچن کي هوري هوري وڌندي ۽ پراڻين جاهل ڏند ڪٿائي سوچن سان مقابلو ڪندي، سچو ثابت ٿيڻ ۾، سوين سال لڳي ويا. عمر خيام به پاڻ ملهايو پر گوءِ گيارنو برونو ۽ گليلو گليلي کٽي ويا (شايد ان ڪري به جو سندن پچار گهڻي ٿي). برونو کي ساڙيو ويو ۽ گليلو کي گهر-بند ڪيو ويو جتي چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ اڀياس ڪندي ۽ لکندي اکين کان ويهجي ويو. بهرحال، اڄ اها ثابت ٿيل حقيقت آهي ته ڌرتيءَ جي لاٽونئڙي ڦيري سبب ڏينهن رات ۽ سج چوڌاري ڦيري سبب سيارو ۽ اونهارو ٿئي ٿو.سج اُڀري ۽ لهي ڪو نه ٿو، پر ڌرتيءَ جو جيڪو پاسو جيئن جيئن سج سامهون ايندو وڃي ٿو اتي تيئن تيئن صبح، منجهند ۽ شام ٿئي ٿي ۽ جڏهن اهو پاسو سج آڏو ڦري اوجهڙجي وڃي ٿو ته رات ٿئي ٿي.


    (5) ڌرتي

    ماڻهو لکين سالن کان ڌرتيءَ تي رهندو، ان کان کاڄ وٺندو، ان کي کوٽيندو ۽ لاڀ پرائيندو رهيو آهي. ڌرتيءَ سان ماڻهوءَ جو ناتو ايئن آهي جيئن ٿڃ پيئاڪ ٻار جو ماءُ سان، ان کان وڌيڪ سيبتي، سلڇڻي، سٺي، سوادي، سچي ۽ سونهن ڀري ڪائنات جي ٻي ڪا به شيءِ ناهي.
    ماڻهو جيستائين ڌرتيءَ تي نگاهه وجهي سگهيو پئي تيستائين اها سنئين سڌي سنوت ۾ هئي تان جو ديد وڃي اڀ سان ٽڪرائي. اڀ جيئن ته ڇت وانگر تاڻيل هو تنهنڪري ان جي ٽيڪ لاءِ ڪا ڀت، ٿوڻي ۽ ٿنڀو هئڻ ئي گهرجي ڇو ته ٽيڪ کان سواءِ ڪا به ڇت بيهي نه ٿي سگهي، پر اڀ کي ٽيڪ ڏيندڙ ڪا به ٿوڻي يا ڪو به ٿنڀو نظر نه پئي آيو تنهنڪري ڪو اهڙو ٿنڀو هئڻ گهرجي جيڪو ڏسڻ ۾ نه اچي ـــــــــ ٻن ٽن ديوتائن جو تصور اوڌارو وٺي، انهن کي ٿوڻيءَ طور بيهاريو ويو ـــــــــ هيءَ آهي پراڻي ڏند ڪٿا، غير حقيقي سوچ.
    جيئن ته سج اڀري ۽ لهي پيو تنهنڪري سمجهيو ويو ته سج ڌرتيءَ چوڌاري ڦري ٿو. ڌرتيءَ جي سنئين پاسي سوجهرو هو تنهنڪري جتي سج گم ٿي پئي ويو ۽ ڌرتيءَ جي ٻي پاسي کان ڦري وري اچي اوڀر ۾ پئي پهتو تنهنڪري ان پاسي اوندهه هئڻ گهرجي ـــــــــ بحرِ ظلمات، اونداهين جو سمنڊ تصور ڪيو ويو جنهن ۾ سج گم ٿي پئي ويو.
    پندرهين صديءَ جي پوئين ڏهاڪي تائين ماڻهن کي اها خبر ڪا نه هئي ته ”بحرِ ظلمات“ ۾ سڄو سارو آمريڪي کنڊ (هاڻي ٻه کنڊ: اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا) ۽ ٻيا سوين ننڍا وڏا ٻيٽ موجود آهن. ان وقت تائين ڌرتي ڪل اها هئي جيڪا سڄي سمنڊ جي گهيري ۾ اڄوڪن ٽن کنڊن ــــــــــ ايشيا، آفريقا ۽ يورپ ـــــــــ تي پکڙيل هئي. سمنڊ کي ٻيو ڪنارو هو ئي ڪو نه.
    سامونڊي ڪناري تي بيهي اوهين ڌيان سان پري کان ايندڙ پاڻيءَ جهاز يا سڙهه واري ٻيڙيءَ کي ڏسو ـــــــــ ايندي ايندي پهريائين ٻيڙيءَ جو سڙهه يا پاڻيءَ جهاز جي ڪنٽرول ٽاور جو چوٽ ظاهر ٿيندو ۽ پوءِ هوري هوري ويندو سڀ ڪجهه ظاهر ٿيندو. پاڻي ته ”سنوت“ ۾ بيهندو آهي پوءِ پراهين جهاز جو چوٽ ڇو ٿو ظاهر ٿئي، سڄو ڇو نه؟ ان ڪري جو ڌرتي گول آهي، جيئن جيئن جهازُ ڍڍ جي اوٽ مان اڀرندو ايندو تيئن تيئن ظاهر ٿيندو ويندو.
    جيڪڏهن ڌرتي سنئين هجي ها ته هماليا ۽ قراقرم جبلن جون اوچيون چوٽيون جن مان هڪ جي اوچائي 29-هزار فوٽ آهي، ضرور نظر اچي ها، پر اها به ڌرتيءَ جي ڍڍ جي اوٽ ۾ هئڻ سبب نظر نه ٿي اچي.
    اڳوڻي گهٽ ڄاڻ ماڻهوءَ جي دنيا رڳو پنهنجي اوڙي پاڙي تائين سوڙهي هئي، هو سڄي ڌرتيءَ تي نظر وجهي نه پئي سگهيو ۽ جتي به ويو پئي ته هن رڳو سنوت پئي ڏٺي ـــــــــ”ڌرتي گول هجي ها ته ماڻهو ترڪي ڪري نه پئي ها!“ـــــــــ تنهنڪري هن جي ڌرتي رڳو اوتري ئي هئي جيتري هن ڏٺي.
    گول ڌرتي جيڪڏهن ماڻهوءَ يا ڪنهن ڇپ جيتري هجي ها ته هلندڙ هر شيءِ ضرور ترڪي ها، پر ڌرتي ته ماڻهوءَ کان ڪروڙين ڀيرا وڏي آهي.


    (6) ٻه دنيائون

    اڳوڻي گهٽ ڄاڻ ماڻهوءَ ڏٺو پئي ته ڌرتيءَ تي پکڙيل لقائن، نظارن ۽ شين جو ڏيک ئي نرالو آهي. سڄي ڌرتي رنگارنگ روپن سان ڀري پئي آهي. سمنڊن، جبلن، وڻن، پکين، جانورن ۽ ٻين شين جي ڪا کوٽ ئي ڪانهي. هر شيءِ، هر لقاءَ جو پنهنجو مزو ۽ رنگ روپ آهي. اوچائيءَ تان هيٺ وهي ايندڙ واهه جي پاڻيءَ ۽ اوچائيءَ تان هيٺ ڪرندڙ پاڻيءَ (جهرڻي) جو پنهنجو ڏيک ڏيکاءُ ۽ پنهنجو ساز سنگيت آهي، سوين نمونا ۽ رنگارنگ پکي پکڻ، وڻ ٻوٽا ۽ ٻيا ساهوارا ـــــــــ جڳ سڄو جنسار لڳو پيو هو. هيءَ هڪ نرالي دنيا هئي.
    ٻي دنيا مٿي آسمان ۾ هئي. ان جو رنگ روپ، منهن مهانڊو، ڏيک ويک وري پنهنجي قسم جو هو. ان ۾ تارا هئا، تارن جا مختلف جهرمٽ جهڳٽا هئا، ڪَتِي، ٽيڙو ۽ گس هو، کَٽ، وڇون، قطب تارو ۽ وهائو تارو (زهرا گرهه) هو. ان ۾ سج هو ۽ چنڊ هو. اها دنيا ڌرتيءَ کان ويڪري ۽ ان مٿان ڇانيل هئي.
    جيڪڏهن انهن کي خبر هجي ها ته ڌرتي سج چوڌاري، سج (پنهنجن سمورن سيارن سميت) گس ۾، ننڍو گس وڏي گس ۾ ۽ وڏو گس اڃا به اڻکٽ ڪائنات ۾ ڦرندو رهي ٿو ۽ آسمان ڪو ٺوس لسو ڪٻ نه پر ديد جي کوٽ آهي، لکين نوري سالن جي پنڌ تائين ڪائنات کي ڇاڻيو ويو آهي پر اڃا ڪٿي به ”ڪائنات جو ڪنارو“ ڪو نه مليو آهي. ڪائنات ۾ ملندڙ ڌرتيءَ سميت هر جسم، ننڍو توڙي وڏو، هيٺ توڙي مٿي، کاٻي توڙي ساڄي، چمڪندڙ توڙي دونهاٽيل، رنگين توڙي روشن پنهنجي منهن مهانڊي، ڏيک ويک جي حساب سان بيشڪ فرق وارو هجي پر بنيادي طرح هڪ آهي، مادي جو ٺهيل آهي، ته کيس ”ٻه دنيائون“ سوچڻ جي ڪا گهرج ئي نه پوي ها.


    (7) جُهڙ، مينهن، ڳڙو ۽ اوٿر، آنڌاري

    جهوني جڳ جي گهٽ ڄاڻ ماڻهن لاءِ جهڙ، مينهن، ڳڙي ۽ اوٿر آنڌاري جي مام پروڙڻ به ڏاڍي ڏکي ڳالهه هئي. جڏهن جهڙ ظاهر پئي ٿيو تڏهن ڪنهن مهل ته هلندو پئي رهيو ۽ ڪنهن مهل ٽڪ ٻڌي بيهي ٿي رهيو، ڪنهن ويل ان ۾ اڇا، ڪارا، پيلا، ڳاڙها ڪڪر هئا ۽ ڪنهن مهل وري يڪو هڪ رنگو، ڪڏهن ٻوسٽ پئي ڪيائين ته ڪڏهن ٿڌڪار، ڪڏهن وسيو پئي، ڪڏهن گجيو پئي، ڪڏهن چمڪيو پئي ۽ ڪڏهن ٺڪاءَ پئي ڇڏيائين، ڪڏهن ڪَڻِ پئي وسي ته ڪڏهن ڦــڙڦــڙ، ڪڏهن وڏ ڦڙو، ڪڏهن ڇوهو ته ڪڏهن مورڳو ڳڙو، ڪڏهن ٻڪروال، ڪڏهن واڇڙ، ڪڏهن اترائون، ڪڏهن اولهائون ته ڪڏهن چوماسو، ڪڏهن رڳو ڌرتي آلي ڪري ته ڪڏهن ٻوڙ ٻوڙان، ڪڏهن وڻ ڌوئي چهچ ساوا ڪري پئي ڇڏيائين ته ڪڏهن مورڳو پاڙَون پٽي پئي اڇلايائين، ڪڏهن اوندهه انڌوڪار ڪري پئي وسيو ته ڪڏهن تيز طوفان سان ـــــــــ ڪڏهن سک، سڪر، سڻائي هو ته ڪڏهن ڏک، ڏڪر، ڏهائي هو.
    ماڻهوءَ اهو سڀ ڪجهه ايئن پئي سمجهيو جيئن هو پاڻ هجي. هن جي لاءِ هر چرندڙ شيءِ ساهواري هئي: ان ۾ روح هو، هو ڪو ديوتا هو. گهٽ ڄاڻ ماڻهوءَ هر ڪم، هر عمل، هر شيءِ، هر لقاءَ جا ٻه چار ديوتا ٺاهي ڇڏيا ـــــــــ جهڙ جو ديوتا، مينهن جو ديوتا، ڳڙي جو ديوتا، اوٿر (آنڌاري) جو ديوتا، سڪر سڻائي ساوڪ جو ديوتا، ٻوڏ جو ديوتا، اڀ کي ٽيڪ ڏئي کڻي بيهڻ وارا ديوتا، گجڻ جو ديوتا، سونهن جو ديوتا يا ديوي، عشق جو ديوتا، غضب (ڪاوڙ، ڪروڌ) جو ديوتا، ڪرم، رحم جو ديوتا، اَنَ جو ديوتا، رزق ڏيندڙ ديوتا وغيره. ڪي ديوتا ننڍا ته ڪي وڏا، ڪي هيڻا، لاچار ۽ ڳيجهو ته ڪي ڏاڍا، سگهارا ۽ ڏيندڙ وغيره.
    ماڻهوءَ وٽ ديوي يا ديوتا جو تصور ڇو ٺهيو؟ اهو جاچڻ کان اڳ اچو ته ”ساهه“ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.


    (8) ”ساهه“ ڇا آهي؟

    توهين ڄاڻو ٿا ته ماڻهو جهنگلي ماحول مان نڪري جابلو، ميداني ۽ پاڻياٺي علائقن ۾ پکڙجي ويو، جن مان ڪي ڪوسا هئا ته ڪي ٿڌا. هر هڪ جٿو جنهن به علائقي ۾ ويو ان ئي علائقي جي طبعي ماحول ۾ رچي وسي ويو. ڪنهن کي کائڻ لاءِ گانگٽ، ڏيڏر، مڇي، ڪڇون مليا ته ڪنهن کي جهنگلي سانَ، ٻار-سڱا، گهوڙا، هاٿي، رڍون، ٻڪريون ۽ ٻيا جانور، ڪنهن کي ميوا، ڀاڄيون ۽ جيت جڻيا ته ڪنهن کي سڀ قسم جون شيون.
    هر هڪ راڄ کي پنهنجي پنهنجي گهرجن موجب هٿيار، اوزار گهڙڻا پيا. ڪٿي چهنبدار پٿر، ڪاتي، ڀالي، نيزي، تير ڪمان وغيره جي وڌيڪ گهرج هئي ته ڪٿي ونگوڙي، ڇلي ۽ رڇ جي، ڪٿي باهه جي وقتي گهرج هئي ته ڪٿي هر گهڙي، ڪٿي غار يا ڇپر آڏو ڀِت، اوٽ ٻڌڻ جي گهرج هئي ته ڪٿي جهوپڙيءَ جي، ڪٿي مينهن پاڻيءَ جي ته ڪٿي گهلندڙ هوا جي...
    هر راڄ جي هر ماڻهوءَ جو هر ڏينهن ڪيترن ئي قسمن جي ساهوارن سان واسطو هو ـــــــــ ڪو سگهارو هو ته ڪو نٻل، ڪو وڏو هو ته ڪو ننڍو، ڪو تيز ڊوڙندڙ هو ته ڪو ڊڊو، ڪو اڏامڪ هو ته ڪو پاڻيءَ منجهه. جڏهن جانور جو شڪار ٿيو پئي تڏهن جانور جي ويڙهه، ڀاڄ، ڦٿڪي جي سگهه هوري هوري ختم پئي ٿي. اهڙيءَ طرح گهايل ماڻهوءَ، پوڙهي، ٻارڙي وغيره جي به ڪڏهن گهائن کان ته ڪڏهن سمجهه ۾ نه ايندڙ سور (بيماريءَ، تپ ٻري) سبب هر چرپر ختم ٿي پئي وئي ـــــــــ نه کائي پيو، نه پيئي پيو، نه ئي وري ڳالهائي پيو.
    سوين سالن جي ڪم ۽ پرک نيٺ ماڻهوءَ کي پروڙ ڏني ته جيئرو اهو آهي جنهن ۾ ساهه آهي، جيڪو ساهه کڻي-ڪڍي ٿو، جيڪو چري پري کائي پيئي ٿو، ۽ مئل اهو آهي جنهن جو کائڻ پيئڻ چرڻ پرڻ ۽ ساهه کڻڻ بند آهي. وڌيڪ جاچ اهو به ڏيکاريو ته خود کائڻ پيئڻ چرڻ پرڻ به ان وٽ آهي جنهن وٽ ساهه آهي، جنهن وٽ ساهه ناهي اهو مئل آهي.
    جڏهن ساهه جو کڄڻ نڪرڻ بيهجي پئي ويو تڏهن سيني جي ڌنوڻ به بند پئي ٿي وئي ۽ پوءِ ڪهڙا به حيلا وسيلا ڪتب آندا پئي ويا پر ”ستل“ سجاڳ نه پئي ٿيو ۽ بهرحال اهو سمجهيو ويو ته اهو مري ويو. جڏهن ٻار ڄمي ٿو تڏهن ساهه کڻي ٿو (جي ساهه نه کڻي ڪڍي ته مئل) ۽ جڏهن مري ٿو تڏهن مرڻ جي نشاني آهي ساهه جو بيهڻ (باقي ته سڀ ڪجهه ساڳيو هو). جڏهن ساهه جي پروڙ تي وڌيڪ ڌيان ڏنائين تڏهن کيس سڌ پئي ته ”ساهه“ ته ”هوا“ آهي. ان ڪري سمجهيو ويو ته جيئرو اهو آهي جنهن ۾ ”هوا“هجي ۽ جنهن ۾ ”هوا“ نه آهي اهو مئل. ماڻهوءَ اهو به ڏٺو پئي ته اڄ نه سڀان ڪو ماڻهو، ڪو جانور، ڪو پکي، ڪو جيت وغيره مري پئي ويو ۽ اهڙيءَ طرح ساهواري ٻي ساهواري کي جنم پئي ڏنو ـــــــــ جياپي لاءِ ”هوا“ اڻٽر شرط ٿي پئي.
    ماڻهو، جانور ته مري مٽيءَ ۾ پورجي يا سڙي کاڄي پئي ويو، پر ”هوا نڪري پئي وئي“ ۽ ”هوا موٽي ٿي آئي“ (جيئرو)، هوا هر حالت ۾ هئي، ”هوا ڪا نه ٿي مئي.“
    لاڳيتي عمل سبب ئي اهو تصور ٺهي سگهيو ته ماڻهو، ساهوارو سڙي، ڀري ختم ٿي وڃي ٿو يعني فاني آهي (۽ ان ڪري مادو آهي) ۽ ”هوا“، ”ساهه“، ”روح“ لافاني آهي، دائمي آهي جيڪو جسم (مادي) جي مرڻ کان پوءِ به وجود رکي ٿو. حقيقت ۾ ”ساهه“ هوا جي تصور کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي پر گهٽ ڄاڻ واري ماحول، وهم، ويساهه، عقيدي ان کي هڪ غير مادي ۽ لافاني هستي بنائي ڇڏيو آهي.
    جيڪا به شيءِ چرپر ڪندي نظر پئي آئي، ان بابت اهو تصور جڙيو ته ان ۾ ”ساهه“ آهي، ڇو ته ساهه کان سواءِ ڪا به شيءِ چري پري، ڳالهائي ٻولائي ڪا نه ٿي سگهي. ان ڪري ئي اهو وهم، ويساهه يا عقيدو ٺهيو ته ڀڙڪندڙ باهه، وهندڙ پاڻي، گهلندڙ هوا، اپائيندڙ مٽيءَ، ٻرندڙ جبل، گجندڙ جهڙ، کنوندڙ کنوڻ، چمڪندڙ چنڊ، ٻرندڙ سج، ٽمڪندڙ تارن وغيره ۾ به ”ساهه“ آهي (جڏهن ته اڄوڪو ٻار به ڄاڻي ٿو ته انهن مان ڪنهن به شيءِ ۾ ساهه ڪونهي).
    ڇا عقيدو ٻڌائي سگهندو ته سينوَر ۾ ”ساهه“ آهي يا نه (سينور هڪ گهرڙي ”وڻ“ جو ڪروڙن جي ڳڻپ ۾ ميڙو يا جهڳٽو آهي)، جيوڙن (مَڻي جهڙا، انگور جهڙا، ونگوڙيا، لٺڙيا، پڇڙيا ـــــــــ سوين جنسون ۽ اربن کربن ۾ ڳڻپ)، جيتامڙن (وائرس... ٽٻڪڙيا، گُلڙيا وغيره ـــــــــ سوين جنسون ۽ کربن پدمن ۾ ڳڻپ) ۾ ساهه آهي يا نه؟۽مثال طور، هڪ گلاس ۾ پئجي سگهندڙ سلهه (ٽِي بِي) جي لٺڙين جيوڙن (جيڪي قد بت ۾ گهڻن ئي جيوڙن کان وڏا آهن) جي ڳڻپ ئي وڃي ڪروڙن ۾ ٿيندي. هڪ گهرڙا جانور جيئن ايميبا، پئراميشم وغيره (سوين جنسون کربن پدمن ۾ ڳڻپ) ”ساهه“، ”روح“ رکن ٿا يا نه؟ انهن ۽ اهڙين ٻين هزارين جنسن ۾ ڪي به عقيدا، ويساهه، وهم يا ڏند ڪٿائون ڪنهن به قسم جي ”ساهه“ يا ”روح“ هجڻ جي نشاندهي نه ٿيون ڪن، ڇو ته اڳوڻي زماني جي ماڻهوءَ نه ته انهن بابت ڄاتو پئي، نه ته انهن وٽ پرک جا وسيلا هئا ۽ نه ئي انهن بابت ڪو تصور ـــــــــ انهن اهي ساهوارا نه ڪڏهن ڏٺا، نه ڪڏهن ٻڌا ۽ نه ئي ڪڏهن انهن کي چکي، سنگهي يا ڇهي سگهيا. ماڻهن سيءَ-تپ جي بيماري گذريل صديءَ تائين خراب هوا (مليريا) سبب سمجهي پئي. هنن وٽ مڇر مان رت ۾داخل ٿيندڙ جيوڙن (چوسڻن، ڪينئنِ) بابت ڪا به ڄاڻ نه هئي.


    (9) ديوي ۽ ديوتا جو تصور ڪيئن ٺهيو؟

    ابتدائي راڄ ۾ جڏهن هڪ خاص ساهواري جنس ماڻهو (سمجهه ڀري) ٺهڻ شروع ٿي تڏهن ان وٽ ڪنهن به طرح ماءُ پيءُ بابت اهو تصور ڪو نه هو جيڪو اڄوڪي ماڻهوءَ وٽ آهي. ٻار لاءِ اهو ممڪن ئي ڪو نه هو ته هُو پنهنجي پيءُ کي سڃاڻي سگهي. راڄ جا سڀ نوجوان هن جا وڏا هئا پر هن کي جنهن ماءُ ڄڻيو هو، جنهن جي ٿڃ پيتي هئائين، ان کي سڃاتائين پئي. ابتدائي راڄ جي ابتدا ۾ سمورا رشتا ماءُ جي حوالي سان سڃاتا ويندا هئا (۽ اڄ به بنيادي طرح ماءُ جي حوالي سان سڃاڻجن ٿا ڇو ته ماءُ ئي آهي جيڪا پيءُ جي نشاندهي ڪري سگهي).
    سڀ کان وڏِي، پوڙهِي، جهونِي ماءُ سڄي راڄ جي ماءُ هئي. اها ئي سڀني جي کاڌي پيتي، ڏک سک، رهڻي ڪهڻيءَ، اٿا ويٺيءَ جو لحاظ ۽ خيال ڪندي هئي ۽ هر هڪ جي گهرج جو سڌ سماءُ رکندي هئي، ٻيون جوان مائرون به رکنديون هيون، پر انهن جي وڏي به اها ئي پوڙهي ئي ماءُ هئي. سڀ ان جو اولاد هئا. ابتدائي راڄ جي ان قسم کي اَماڻو (مائاڻو، ماءُ وارو) راڄ سڏجي ٿو.
    مائن جي ماءُ گهڻي قدر سٺي، سٻاجهي، مٺي، مهربان، سيبتي، سلڇڻي، پرو ۽ پرگهور رکندڙ هئي ۽ هن جي انهن خصلتن جون يادگيريون سندس مئي پڄاڻا به پيون هلنديون هيون ۽ ڳڻ پيا ڳائبا هئا.
    توهان کي چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي ته گذريل واقعي جو بيان عام طرح ساڳي ان نموني نه ٿي سگهندو آهي جيئن اهو ٿيو هجي. ڪو ماڻهو وڇون (ڀٽون) ماريندو ته بيان ٿيندو هيڏو، هٿ جيڏو، سائو هيڊو، زهريلو وڇون هو. گهوڙو ڊوڙيو ته ڪو نه پئي، هوا سان ڳالهيون ٿي ڪيائين. ”ير! ماڻهو ته ڪو گبر شينهن آهين“، ”ڀاڙيو ڪنهن جاءِ جو، ڌڪ ئي نه جهليائين“ وغيره. انهن راڄ-مائن بابت به قصو گهٽ وڌ پيو هلندو هو.
    نيڪ سيرت، خوب خصلت، چڱيءَ چلت واريون مائرون نيڪيءَ، سونهن، سلڇڻائيءَ ۽ مهربانيءَ ۾ سڀني کان سرس هيون (اهي ٿيون نيڪيءَ جو نشان) ۽ ڪاوڙيل، ساڙيليون، بخيل ۽ جهيڙاڪر مائرون شر جو نان.
    هر نيڪي، چڱائي، سلڇڻائي، پنهنجائپ، پيار، انس (لڳاءُ)، سڪ، ساڃاهه ۽ (ڪردار جي) سونهن رکندڙ ماءُ مهربانيءَ (ٻاجهه) جو حوالو هئي ۽ راڄ جو هر چڱو ڪم انهن جي ڳالهين، سوچن ۽ عملن موجب پرکيو ويندو هو. ”ماءُ کان پوءِ ممتا حد آهي“، ”مٺڙيون ڳالهيون ته منهنجيءَ امڙ جون“، ”سڀ جي پيٽ جي کيس خبر هئي“، ”ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير آهي جو ايڏي اڪير رکي“ وغيره. لاڳيتيون يادون، يادن ۾ وسندڙ خاڪو، ڀلائيءَ ۽ چڱائيءَ جو ماءُ سان واسطيدار تصور، پيار ۽ سڪ جو انساني عڪس، هڪ مٺيءَ ماءُ جو اولڙو ـــــــــ ماءُ جي انساني روپ وڌي ياد ۾ خيالي روپ کي پختو ڪيو. ماتا ديويءَ جو تصور ايئن ٺهيو.
    ماڻهوءَ جي ياد ماءُ جي روپ تي ماتا ديويءَ کي جنم ڏنو. ڌرتيءَ به پنهنجي سيني تي سڀ کي سانڍيو، پاليو ۽ پناهه ڏني پئي. هوءَ به ماتا جيان سٻاجهي ۽ سهڻي آهي. ڌرتي ماتا ۽ ماتا ديويءَ ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي. پيار جي ديوي، سونهن جي ديوي، آباديءَ جي ديوي، ساوڪ جي ديوي، اوسيئڙي جي ديوي، امن (شانتيءَ) جي ديوي، وغيره.
    هر برائي، بڇڙائي، ڪلڇڻائي، اوپرائپ، نفرت (ڌڪار)، چڙ، بيزاري ۽ ڪوجهائپ رکندڙ ماءُ اٻاجهه (ڪُٻاجهه) جو حوالو هئي ۽ راڄ جي هر غليظ ڪم جي ڀيٽ ان جي حوالي سان ٿيندي هئي: ”ڪِني رَن نه مري ٿي ۽ نه ئي جند ٿي ڇڏي“، ”ٻانڀ اچي ٿي آهي، بڇڙائيءَ کان پاسو نه ٿي ڪري“، ”ٻه ويڙهائو ڌُوتي جتي ڪٿي باهه لڳايو ويٺي آهي“، ”سڀ شيءِ تي بڇڙي نظر، سڀ جو کاڌو ويٺي تڪيندي“، وغيره. ڪروڌي، بري، ڌڪار ۽ بد چل مائيءَ سان واسطيدار يادن، ان بابت ڳالهين جي ورجاءَ، ٿيندڙ براين جي ان جي براين سان ڀيٽ، ماڻهوءَ جي ذهن ۾ انهيءَ عڪس کي پڪو ڪيو جيڪو نسبتاً وڌيڪ بڇڙو هو ـــــــــ اهو ئي تصور هو جنهن برائيءَ جي ديويءَ، ڪروڌ جي ديويءَ، ساڙيلي ديويءَ، نفرت جي ديويءَ، غضب جي ديويءَ وغيره کي جنم ڏنو.
    هر جوانيءَ کي پنهنجي جسم جي ڇڪيندڙ سونهن آهي، ڪنهن جي جهلڪ ڏسڻ جي اوسيئڙي، قرب جي خاص خوبيءَ، اندر ٺاريندڙ ادا، ٻهلور ويندڙ جذبي،جذباتي ٺار بخشيندڙ هستيءَ، جنهن جي ٽور تي مور وائڙا ٿي پئي ويا، جنهن دلبر کي ديکيندي سورج شاخون جهڪيون پئي ٿيون ۽ قمر ڪوماڻو پئي ـــــــــ پرين ـــــــــ پرينءَ جي ادا، هر ناز، هر روپ، هر گهڙيءَ جي دلبري ڏيک، پنهنجو پنهنجو تصور پئي ڏنو ۽ ”روح“ ۾ راحت ٿي پيدا ڪئي. ان بابت يادون، جوانيءَ جون يادون، جوش ۽ جذبي سان ٽمٽار يادون، سڪون ۽ سانت ڀريون يادون، عشق، محبت، پيار، پريم جي ديويءَ جي جنم جو ڪارڻ بڻيون ـــــــــ سونهن جي ديويءَ، عشق جي ديويءَ، پيار جي ديويءَ، جنس جي ديويءَ، جوش جي ديويءَ، بيوفائيءَ جي ديويءَ، وڇوڙي جي ديويءَ، اوسيئڙي جي ديويءَ وغيره جنم ورتو.
    ابتدائي راڄوڻي سماج جي ابتدائي اماڻو دور هوري هوري اباڻي دور ۾ بدلجي ويو. پهريائين اپت گهٽ ٿيڻ سبب راڄ جا سمورا ماڻهو پنهنجي وت ۽ وس آهر شڪار ۾ حصو وٺندا هئا. ان ۾ زناني مرداڻي جو فرق ڪو نه هو، اَگهو پوڙهو ۽ جهور پوڙهيون پنهنجين جهوپڙين ۾ شڪار تي ويل سورهين ۽ سورمين جو انتظار ڪنديون هيون. شڪار لاءِ زبري سگهه گهربل هئي، جانور وڏا ۽ هٿيار هيڻا هئا، پر پوءِ به خاص طرح ڳڀري (ڍڪي، ”پيٽ سان“) عورت لاءِ پويَن، ڀريَن مهينن ۾ شڪار لاءِ هٿ ونڊائڻ اوکو ڪم هو. انهن کي گهرن ۾ ٻارڙن ۽ وڏڙن سان رهڻو پوندو هو. نئين ڄاول ٻار جي پرگهور لاءِ به کيس ئي سيڙجڻو پوندو هو.
    گهر ۾ رهندڙ عورتن آڱر (اڱڻ) ۾ آندل گاهه ٻوٽن کي نئين مند ۾ نئين سر ڦٽندي، سلو ڪندي، وڌندي، انگورجندي ۽ سنگ جهليندي ڏٺو. سوين سالن تائين ٿيندڙ رهندڙ ان عمل اهو تصور پڪو ڪيو ته گاهه ٻوٽي ۾ ڪا اهڙي شيءِ سگهه آهي جو اهو زمين ۾ پيهي نئين سر ڦٽي پوي ٿو. ارادي سان ٻج ڇٽيو ويو ۽ نيٺ اهو ڦٽي پيو. مينهن نه پوڻ سبب، ڌرتيءَ جي سخت هئڻ سبب سلو پاڙون وٺي نه پئي سگهيو پر آلي ڌرتيءَ ۾ هڪدم پئي اڀريو ـــــــــ پوکيءَ، فصل جي ابتدا ٿي.
    چهنبدار ڪاٺين سان ڌرتي چيري (کيڙي) ان ۾ ٻج وجهي پاڻي ڏنو ويو ته سلو ڦٽي آيو. پوکيءَ جو هنر گهريلو عورت پاران لاڳيتي جاچ، پرک ۽ پروڙ جو نتيجو آهي.
    نوَن نوَن سخت پٿرن جي ڳولا، انهن جي گهاڙ، هٿيارن جي تکائيءَ ۽ ججهائيءَ سِڱن کي هٿيار طور ڪتب آڻڻ نيزي، ڀالي، تير ڪمان جي ايجاد به شڪار ۾ سهولتون پيدا ڪري ورتيون.
    ڳرو، سخت، ٿڪائيندڙ ۽ گهڻي سگهه گهرندڙ ڪم مرد جي حوالي ٿيو ۽ نسبتاً هلڪو، نرم، سولو (سهنجو) ۽ گهٽ سگهه گهرندڙ ڪم عورت جي حوالي ٿيو ـــــــــ پورهيي جي پهرين ورڇ ٿي.
    جڏهن پوکيءَ جي هنر واڌ کاڌي ۽ ان لاءِ هر، جانور وغيره ڪم اچڻ لڳا تڏهن اهو ڪم به مرد جي حوالي ٿي ويو. جنهن گهڻو ڪم پئي ڪيو اهو هوري هوري راڄ مٿان ڇائجندو ويو ۽ نيٺ راڄ ۾ مردن جي مٿيرائي قائم ٿي ـــــــــ اباڻو سماج ٺهي پيو.
    کاڌي پيتي، پال پوس، سار سنڀال، هنري سکيا ۽ تجربن جي تعليم وغيره ۾ جيتوڻيڪ مرد ۽ عورت ٻنهي حصو پئي ورتو پر پوءِ به هلندي، سرندي، مٿيرائي مرد جي هئي. هاڻي ماڻهوءَ کي گهرج پئي ته هو پنهنجي آڪهه ـــــــــ پنهنجن ٻارن ٻچن ـــــــــ جي نشاندهي ڪري. گهر، آڪهه، ڪهول، ڏاڏنگ، قبيلي ٺهڻ شروع ڪيو ۽ قوم جون نشانيون اسرڻ لڳيون.
    پَڪن پوڙهن وٽ تعليم، تجربو ۽ تدارڪ وڌيڪ هئڻ فطري هو. انهن پنهنجي نوجوان پود کي شڪار جي ٽلن، بِلن ۽ چالاڪين جي، شڪار کي وٺڻ، پڪڙڻ ۽ جهلڻ جي هنرمندين جي، ان کي گهلڻ، ڌوڪو ڏيڻ، ڪوڙڪيءَ (ڄار) ۾ آڻڻ جي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي. ڪي وري مختلف قسم جي اوزارن، هٿيارن، شين (ٿانون، سِرُن، جهوپڙين) جي ڪم ۾ وڌيڪ مهارت هٿ ڪري ويا ۽ انهن وري اهڙين شين جي سکيا ۽ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي ـــــــــ پورهيي جي ورڇ شروع ٿي وئي. هڪ قسم جي هنرمندي ڪندڙ ماڻهن ٻي قسم جي هنرمندي ڪندڙ ماڻهن سان پنهنجي پورهيي (يا ان جي حصي) جي بدلي ٻي جي پورهيي (يا ان جي حصي) سان مٽا سٽا شروع ڪئي. ماڻهو مختلف هنرن ۽ پورهيي جي ورڇ ۽ مٽا سٽا جي بنياد تي مختلف ڌنڌن ڌاڙين ۾ جنبي ويا.
    اباڻي راڄ ۾ بابا (يا بابا جو بابا) سڀ کان وڌيڪ لائق. فائق، اهل ۽ بزرگ هو. هن جهڙن ڀلارن پنهنجي اولاد، راڄ، قبيلي، قوم جي سار سنڀال پئي ڪئي ۽ پرگهور پئي لڌي (امڙ به گهٽ ڪا نه هئي، گهر ۾ سڀني عورتن کان وڌيڪ هئي، پر بابا ان کان به مٿير هو ۽ گهر کان ٻاهر ته بابا ئي گهڻو ڪجهه هو). ان سان گڏ ٻيا به ڪيترائي سٺا، سيبتا، سلڇڻا، سٻاجها ۽ سگهارا پريا مڙس هئا ۽ ڪن جي ڀيٽ ۾ ڪنهن وٽ نسبتاً وڌيڪ سٺا گڻ هئا. ان جي جيئري يا مُئي پڄاڻان ان جون ڳالهيون، سوچون، تجربا، تعليمون، ڪم ڪاريون ماڻهن لاءِ مثالي بنجي پئي ويون. ڪوپا، ڪٽ مست، ڪونڌر ماڻهو، جوڌا، جُنگ، جوان ماڻهو، مٿير، مرد، مهائي ماڻهو سڀني لاءِ مثالي هئا ـــــــــ انهن جي تصورن، انهن جي يادن، انهن جي شبيهن، انهن جي منهن مهانڊن ماڻهوءَ جي ذهن ۾ پڪي حيثيت اختيار ڪري ورتي. بابا، بهادر، ڇڳير شهمير وڌي ديوتا جو روپ ورتو ـــــــــ ديوتا انساني خصلتن جو خيالي روپ آهي، سمورا ديوتا ماڻهوءَ جي منهن مهانڊي ۽ ڪردار جو خيالي روپ آهن.


    باب ڏهون

    ”ڀڳوان“، ڌڻي، ”ديو“، ”ديوتا“

    ”ڀڳوان“ ڇا آهي؟


    ڀاڳ ورهائيندڙ، ڀاڱو ورهائيندڙ، ونڊ ڏيندڙ، حصا پتيون ڪري گهر تائين پهچائيندڙ، سڀني جي گهرجن جو خيال رکندڙ، گهرج موجب ڏيندڙ، کاڌ خوراڪ (رزق) جي ورهاست ڪندڙ قبيلي جي چڱي مڙس، سرواڻ جو هڪ عڪس آهي، جنهن سان پراڻيون چڱيون يادون ڳنڍجنديون پئي رهيون آهن.

    ڌڻي ڇا آهي؟

    ڌڻ وارو، ڌڻ پاليندڙ، ڌڻ چاريندڙ، ڌڻ سنڀاليندڙ، ڌڻ وڌائيندڙ، اهو ماڻهو جنهن وٽ ڌڻ (ڌن) ججهو ٿي سگهي ٿو، ته ڪنهن زماني ۾ هي لفظ اهڙي وڏڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪتب ايندو هجي جيڪو ڌڻ (کاڌو، رزق، مال) ورهائي ڏيندو هجي. هڪ ماڻهوءَ جو تصور آهي، ياد آهي، عڪس آهي.
    ڀاڳ (ڀاڱي) وارو ديوتا، ڌڻ وارو ديوتا، رزق جو ديوتا، ونڊيندڙ ورهائيندڙ ديوتا، باهه جو ديوتا، پاڻيءَ جو ديوتا، مينهن جو ديوتا، اوٿر (آنڌاري، طوفان) جو ديوتا، ڪڪرن جو ديوتا، وڄ جو ديوتا، گاج (ٺڪاءَ) جو ديوتا، اڀ جو ديوتا، چنڊ ديوتا، سج ديوتا، تارن جو ديوتا، ڪائنات جو ديوتا.
    عشق جو ديوتا، فصل جو ديوتا، لاب جو ديوتا، پيڄاري جو ديوتا، غضب جو ديوتا، ڪروڌ (ڪاوڙ) جو ديوتا، بديءَ جو ديوتا، ٻوڏ جو ديوتا، وڻن جو ديوتا، جانورن جو ديوتا، ماڻهن جو ديوتا.

    ”ديو“ ڇا آهي؟ ”ديوتا“ ڇا آهي؟

    ڏيندڙ، ڪجهه به ڏيندڙ ماڻهوءَ جو عڪس آهي، ياد آهي، جنهن وٽ هوندو اهو ئي ڏيندو. ڪجهه به ڏئي سگهڻ جي لياقت رڳو ان وٽ آهي جيڪو ڏئي سگهي، ورهائي سگهي، جيڪو وٽس آهي اهو ورهائي سگهي ـــــــــ ڪنهن رزق ڏنو، ڪنهن سگهه ڏني، ڪنهن عقل ڏنو، ڪنهن عشق ڏنو، ڪنهن جوش ڏنو، ڪنهن جنون ڏنو، ڪنهن نيڪي ڏني، ڪنهن چڱائي ڏني، ڪنهن بيماري، تئونس، تانگهه ڏني، ڪنهن برائي، بڇڙائي، بدي ڏني، وغيره.
    ديوي هڪ اهڙي عورت جو عڪس، ياد آهي جيڪا ڏيندڙ هجي ـــــــــ ڪجهه به ڏيندڙ هجي، جيڪو وٽس هجي اهو ورهائي ڏيندڙ هجي ـــــــــ ڪنهن خوراڪ (ٿڃ، اَنُ) ڏني، ڪنهن ميٺ محبت ڏني، ڪنهن سڪ ڏني، ڪنهن سونهن ڏني، ڪنهن پنهنجائپ ڏني، ڪنهن نينهن ڏنو، ڪنهن ڪاوڙ ڏني، وغيره.
    ڪنهن به ماڻهوءَ، پوءِ چڱو هجي، سگهارو هجي، سمجهو ۽ ڏاهو هجي، ويڙهو هجي، اُچائيندڙ هجي وغيره، کي خوش، راضي، نرم، پنهنجو رکڻ لاءِ ان کان گهٽ لياقت وارا ماڻهو ان جي پسند موجب هلڻ ۽ ان جو نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڪيترائي سيکڙاٽ، استادن کان به گوءِ کڻي ويندا آهن. ماڻهن به پاڻ کان وڏن کي خوش رکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. سٺو سيکڙاٽ اهو جيڪو استاد کان گهڻو ڪجهه پرائي.
    جيئن جيئن ماڻهوءَ جي هنري لياقت وڌندي وئي تيئن تيئن گهرجن جو پورائو ڪرڻ لاءِ هنرن جي ورهاست ۽ پورهيي جي مٽا سٽا وڌندي وئي. جن وٽ سگهه ۽ ساڃهه گهڻي هئي انهن جا شاگرد به هئا ۽ انهن وٽ مٽا سٽا ۾ مال به گهڻو ئي پئي مڙيو ـــــــــ ذاتي ملڪيت ٺهڻ شروع ٿي.
    ذاتي ملڪيت هوري هوري انهن هٿن ۾ گڏ ٿيندي وئي جن وٽ ملڪيت هٿ ڪرڻ جا وسيلا گهڻا هئا ـــــــــ گهڻو هنر، گهڻا ڪاريگر ۽ گهڻا شاگرد، گهڻو مال متاع ۽ ڌڻ، گهڻي زمين ۽ اَنَ جي اپت، گهڻو وڻج واپار ۽ ڏيتي ليتي. هڪڙا ماڻهو مال ملڪيت ۾ مٿاهان ٿي ويا ته ٻيا هيٺ.
    اڳ راڄن مٿان راڄ چڙهي راڄ ڪندا هئا ته خاص طرح قيد ڪيل ماڻهو کاڌي جي اڻ هوند سبب ڇڏي ڏنا ويندا هئا پر هاڻي انهن کان اپت جو ڪم وٺي سگهجي پيو. مٿاهان ماڻهو انهن کي پاڻ وٽ رکڻ ۽ پالڻ جي عيوض انهن کان ڪم وٺڻ لڳا ۽ انهن کي پنهنجن سيکڙاٽن، شاگردن، سار سنڀال ڪندڙن ۽ هيٺين ماڻهن ۾ شامل ڪري ڇڏيائون.
    راڄ جو چڱو مڙس اڳي راڄ آڏو بيوس ۽ راڄ جي صلاح موجب هلندڙ هوندو هو، پر هاڻي پنهنجو پاڻ اهڙا ڏاڍا مڙس پيدا ٿي پيا جن پاڻ کي چڱو مڙس چوڻ، چوائڻ ۽ سڏرائڻ شروع ڪيو. انهن وٽ ملڪيت هئي، ماڻهو هئا، شاگرد هئا، نوڪر چاڪر هئا، غلام هئا. اهي راڄ جا ڳيجهو نه رهيا پر راڄ مٿان پنهنجي پسند مڙهڻ شروع ڪيائون ۽ بيوس ماڻهو انهن جي مڃتا لاءِ مجبور هئا.
    پورهيي جي ٻي ورڇ، مال ملڪيت کي ڪجهه ماڻهن جي هٿن ۾ محدود ڪري ڇڏيو ۽ اهي راڄ ڀاڳ جا مالڪ ٿي پيا.
    اڳوڻي راڄوڻي غير طبقاتي سماج مان هاڻي هڪ اهڙو راڄ اسري آيو جنهن ۾ ڪي ماڻهو حاڪم، بالادست، مالڪ ۽ پاڻ وهيڻا هئا ته گهڻا ماڻهو محڪوم، هيٺيان، غلام ۽ ڳيجهو.
    غلامداري راڄ وجود ۾ اچي ويو، طبقاتي سماج ٺهي پيو.
    طبقاتي راڄ جي هن ظاهر ٿيل پهرين شڪل کي غلامداري راڄ سڏجي ٿو.
    مالڪ، آقا ئي راڄ، قبيلي جو بي تاج بادشاهه هو. هو ئي سڄي کاڌ خوراڪ، رزق جو خزانو، شيل شڪار جو واڳ ڌڻي ۽ مال ملڪيت جو مالڪ هو. جنهن به سندس چوڻ نه پئي ورتو ان جو رزق بند ڪري ان کي روهه ۾ رلائي ٿي ڇڏيائين ۽ جنهن سندس چوڻ پئي ورتو ۽ حڪم پئي مڃيو، انهيءَ کان خوش ٿيندو ۽ ان کي انعام اڪرام ڏيندو هو. ”عزت“ ۽ ”ذلت“ هن جي هٿن ۾ هئي، وڻيس ته روزگار ڏي ۽ وڻيس ته بک ماري، وڻيس ته جيئدان ڏي ۽ وڻيس ته ماري، وڻيس ته آزاد ڪري ۽ وڻيس ته غلام بنائي ڇڏي. هو هر شيءِ جو حساب ڪتاب رکندو هو ۽ وقت سر چُڪتو ڪندو هو، ڏيتي ليتي هن جي هٿ ۾ هئي. انهيءَ ڪم لاءِ هن ڪيترائي ماڻهو رکي ڇڏيا هئا جيڪي سندس بالادستيءَ ۽ حاڪميت هيٺ سندس مفادن جي تور تڪ، سار سنڀال ڪندا هئا ۽ جيڪو گهوٻي بازي يا گهاٽي واڌي ڪندو هو، ان کي مالڪ، آقا جي حڪم موجب سزا يا جزا ڏيندا هئا. جيڪي غلام سندس آڏو جهڪندا هئا، سندس ساراهه ۽ واکاڻ ڪندا هئا انهن کان اڪثر خوش ٿيندو هو ۽ عام طرح انهن کي نوازيندو هو ۽ جيڪي ماڻهو سندس آڏو جهڪڻ کان انڪار ڪندا هئا، کيس نه مڃيندا هئا، سندس ڪاڻ نه ڪڍندا هئا يا سندس ڪرتوتن بابت حق سچ چئي ڏيندا هئا، انهن کان ناراض ٿيندو هو ۽ انهن کي ذليل ڪرائيندو يا مارائيندو هو. هو قبيلي جي هر شيءِـــــــــ ساهواري توڙي بي ساهه ـــــــــ جو مالڪ هو.
    اڳوڻي سماج ۾ ديويون ۽ ديوتا ته هئا، پر اهي اماڻي يا اباڻي راڄ جو نقل هئا. هاڻي اهي غلامداري سماج جو نقل، عڪس ٿيڻ لڳا. ديويون گهڻو ڪجهه هئڻ باوجود ديوتائن جون محتاج هيون ۽ ننڍيون ديويون ۽ ديوتا وڏين ديوين ۽ ديوتائن جا غلام ٿي پيا جن ۾ سڀ کان مٿاهين ۽ عزت لائق حيثيت خاص آقا، خاص مالڪ، خاص پوڄا لائق ديوتا جي هئي. پوڄا، سجدي لائق رڳو خاص ديوتا هو ۽ عام ديوتائن کي به ان غلاميءَ ۾ رهڻو ٿي پيو تنهنڪري اهي پوڄا لائق نه هئا. اڳ هر ديوتا عام معنى ۾ برابر ۽ عزت لائق هو پر هاڻي حڪم ٿيو ته ڪو به ديوتا پوڄا لائق ناهي سواءِ ان خاص ديوتا جي، جنهن جي هٿن ۾ مانُ، مرتبو، روزي رزق ۽ رحم ڪرم هو، جيڪو ويريءَ لاءِ واڍُو هو ۽ سڄڻ لاءِ سائين. ماڻهن ۽ ديوين ديوتائن جو خاص ديوتا رڳو ديوين ديوتائن کان ئي نه، پر ماڻهن کان به حساب ڪتاب وٺڻ لائق هو. هو حياتيءَ جي هر شعبي، هر ماڻهوءَ، هر ساهواري، زمين جي هر ٽڪري جو مالڪ هو، باقي سمورا ديوتا ۽ ديويون هن جي حڪم موجب ئي ڪم ڪاريون ڪندا هئا. هاڻي انهن ننڍن ديوتائن جي حيثيت رڳو پڇا ڳاڇا ڪرڻ، نياپا پهچائڻ، حساب ڪتاب رکڻ، سزا جزا عمل ۾ آڻڻ، مارڻ تارڻ ۽ زماني جا ٻيا دستوري، روايتي، فطري ڪم سنڀالڻ ٿي پيو. آقا جي رضا موجب هوائن ۽ طوفانن تي به انهن جو ئي ڪم هلندو هو ته مينهن پاڻيءَ ۽ ندين نَئنِ تي به، پوک، فصل، رونبي، لاب تي به سندس ئي حڪم هلندو هو ته وڻ وڻڪار، جهر جهنگ ۽ جانور تي به. هو ئي ٻوڏون ۽ زلزلا پيدا ڪرڻ لڳا ته هو ئي نذر نياز ۽ خرچي، ڀتو يا ڀيٽا وٺي پاڻ به خوش پئي ٿيا ته سندن آقا به.
    جيئن ديوين ۽ ديوتائن ۾ ڪي سٺي ته ڪي ڪني عادت وارا هئا تيئن آقائن جو معاملو به هو. سڀ رزق، پورهيي، پوک، جانورن ۽ ماڻهن جا مالڪ ۽ آقا ئي هئا (۽ ان حق کي ڪو به للڪاري نه پئي سگهيو)، پر پوءِ به ڪي مٺي زبان، مٺي ڇريءَ سان ڪُهڻ وارا هئا ته ڪي مورڳو ڏٻي ڇريءَ سان. سٺا آقا ساراهه لائق ۽ خراب آقا ڦٽڪار لائق هئا.
    جيڪڏهن توهان کي ڪنهن به ديوتا جو اصل، بڻ بنياد ڳولڻو آهي، ته ان جو سولو رستو ديوتا جي ٻولي جاچڻ آهي. ديوتائن کي عام طرح ٻي ٻولي نه ايندي هئي ڇو ته انهن جو لڳ لاڳاپو ۽ واهپو رڳو پنهنجي قبيلي تائين محدود هو، ويندي وڏي ۾ وڏي گهڙيل دنيا ۽ ڪائنات جي ديوتا کي به هڪ ٻولي ئي ڳالهائڻ ايندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن ديوتا کي سنڌي ٻولي يا ڪا ٻي ٻولي سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي ته سنڌي ماڻهن لاءِ حڪم احڪام ۽ انهن جي حساب ڪتاب جو بلو ڪيئن ڪري سگهندو؟
    هن ڌرتيءَ جو سينگاريندڙ ۽ هن ڌرتيءَ تي سڀ ڪجهه اپائيندڙ رڳو پورهيت ماڻهو آهي، ان جي هٿن ئي فطرت ۾ سڀ ڪجهه انساني جياپي لائق پيدا ڪيو آهي. انهن پورهيتن به ايئن ئي سوچيو هوندو پر اهي پنهنجي پورهيي جي پيدا جا مالڪ نه هئا. پنهنجي پورهيي جو پاڻ مالڪ ٿيڻ ۽ ڦورو آقائن جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ غلامن جي سوين جدوجهدن (”بغاوتن“) جو ذڪر تاريخ ۾ موجود آهي. پورهيت جي ڇوٽڪاري لاءِ انهن جدوجهدن جا سرواڻ، سورهيه پورهيتن جي نظر ۾ ڏاڍا عزت لائق هئا ۽ انهن جو ذڪر به ڏاڍي عزت ۽ احترام سان ڪيو ويندو هو پر اهي نيڪ توڻي بڇڙن آقائن جي نظر ۾ بدڪار، باغي، فسادي، ڦورو ۽ بي ايمان هئا جن پنهنجي خاص آقا جو چيو آکيو نه مڃيو ۽ ان جي مفادن (پسند) خلاف ڪم ڪيو ـــــــــ اهي سزا لائق هئا. انهن کا باهه ۾ ساڙي، زهريلن نانگن جو بک بنائي يا (پٿرن) گهاڻن ۾ پيڙائي ڇڏجي، ته پوءِ ئي خاص آقا جي دل ٺري سگهي پئي. پاڻ خاص آقا انهن لاءِ مچ مچرائي ڇڏيا، کوهن ۾ نانگ پاليا، پاڻي ٽهڪرايا (ڪاڙهايا) ۽ جيئن ئي ڪو ”فسادي“ هٿ چڙهيو ته انهن سزائن جي ڀوڳڻ واسطي ڇڏيو ويو.
    هڪ قبيلي (راڄ) جي ٻي تي ڪاهه خاص طرح ملڪيت وڌائڻ ۽ غلام هٿ ڪرڻ جي سَڌ هيٺ ٿي. پورهيت جو مال ڦٻائڻ ۾ به مزو هو ته ٻين قبيلن (راڄن، قومن) جو مال ڦٻائڻ ۾ به. سوڀارا سردار (آقا، مالڪ) خوش ٿي مال-غنيمت ۾ هٿ چڙهيل مال جو وڏو ڀاڱو پنهنجي خزاني ۾ ۽ ننڍو ڀاڱو پتيون ڪري پنهنجي مفاد لاءِ ويڙهه ڪندڙن ۾ ورهائيندا هئا.}(اهي آقائن جي مفادن لاءِ ويڙهه ڪندڙ ۽ سنڀاليندڙ ئي سماجي اوسر ۾ اڳتي هلي لشڪر (فوج)، ڪامورا (وردي پوش پوليس ۽ غير وردي پوش انتظاميا) ۽ ڀلاوڻا بنيا.{
    نه رڳو مظلومن جو مال ملڪيت ڦريو ۽ انهن کي غلام ۽ محڪوم بنايو ويندو هو پر انهن مٿان پنهنجي ٻولي، رسمون ۽ رواج، عقيدا ۽ ويساهه ۽ پسند جا پيداواري طريقا به مڙهيا ويندا هئا ـــــــــ ۽ ان جي ئي هڪ حصي طور سندن مذهب (ڌرم) به مڙهجي ويندو هو. اهڙيءَ طرح حاڪم قبيلي جو خاص ديوتا (ڪن حالتن ۾ زوريءَ يا مُلن، ٻانڀڻن کي ڀتو ڏئي) محڪوم قبيلي جو به خاص ديوتا ٺاهيو ويندو هو.
    اهي ويڙهيون ۽ چاڙهيون پيون هلنديون هيون ۽ هڪڙن مٿان ٻين ۽ ٻين مٿان ٽين قبيلن جو ثقافتي اثر به پئجندو رهندو هو. موٽ ۾ ڪجهه قدر حاڪم قبيلي جا ماڻهو به محڪوم قبيلي جي ڪن ثقافتي جزن کان متاثر ٿيندا هئا.
    يهودين جي خداوند بهواه بابت چٽيءَ طرح معلوم آهي ته اهو رڳو پنهنجي قبيلي جو ديوتا هو. ان ديوتا جي حاڪميت، بالادستي ۽ برتري رڳو پنهنجي قبيلي تائين محدود هئي، پر هوري هوري مختلف قبيلن سان ڏيتيءَ ليتيءَ ان کي وڌائي زمين آسمان جو ديوتا بنائي ڇڏيو.
    جڏهن ڪن قبيلن وسيع پيماني ۽ حدن تائين سوين سوڀون ماڻيون ته انهن جي ديوتائن جو پاڇو، حاڪميت ۽ بالادستي به وسيع حدن تائين پکڙجي وئي.
    قبيلي جا ديوتا پاڙي اوڙي جي جبل تي يا نديءَ ۾ رهندا هئا پر جڏهن ماڻهن جبلن ۽ ندين کي به ڇاڇوليو تڏهن انهن ديوتائن کي زمين تان ٺينگ ڏياري آسمان تي پهچايو ويو ۽ اڄ سائنس جڏهن ”ڪائنات جي ڪناري“ جي اڻ موجودي ثابت ڪري چڪي آهي ۽ ڪٿي به ڪو ”آسمان“ ڪونهي تڏهن خبر ناهي ته ديوتائن جي رهڻ جي جاءِ ڪٿي جوڙي ويندي.
    اهڙيءَ طرح ننڍڙن راڄوڻي سطحن کان هلندي، وڏي راڄ، قبيلي، قبيلن، ملڪن مٿان ٿيندي انهن ديوتائن جي جاءِ في الحال آسمان مٿان آهي. عام طرح هر قبيلي، راڄ، ڌرم ۾ هڪ خاص ديوتا ۽ ٻين سوين عام ديوتائن جو تصور موجود آهي. گهڻن ئي راڄن ۾ انهن جو تصور ايئن ڪيو وڃي ٿو ڄڻڪ اهي جسماني طرح وجود رکندا هجن (جيئن قديم سنڌ، هند، سمير، بابل، نينوا، مصر، يونان وغيره ۾ اهو ئي تصور موجود هو)، پر ڪيترن ۾ اهي سنوان سڌا تصوراتي آهن ۽ انهن جو وجود غير مادي ڪري بيان ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته انهن بابت به هر هڪ جزي جي ڇنڊڇاڻ اسان کي چٽي تعليم ۽ پروڙ ڏيندي ته اهي ماڻهوءَ جو ئي پاڇو، اولڙو، عڪس، تصور آهن. ديوتائن ماڻهوءَ کي پنهنجيءَ شڪل تي ڪو نه ٺاهيو آهي، پر ديوتا ماڻهوءَ جي منهن مهاندي تي ٺهيل آهن.
    ديوتائن جي غير جنسي تصور کي روشنيءَ ۽ باهه جي اولڙي سان ملائي پيش ڪيو ويو. خاص طرح نيڪ خصلت، نيڪ سيرت، شريف ۽ سٻاجها، رحمدل ۽ انصاف پرور ديوتائن جو عڪس (ٺاريندڙ) روشنيءَ جي حوالي سان ۽ بدخصلت، بدسيرت، ڪميني، بي رحم ۽ ظالم ديوتائن جو تصور باهه (جيڪا ساڙيندڙ روشني آهي) جي حوالي سان پيش ڪيو ويو.
    نيڪيءَ جي خاص ديوتا جون جيئن ته پنهنجو خاص گهرجون هيون ان ڪري هن دنياداري ۽ ڪائناتي ڪم ٻين ننڍن نيڪ خصلت ديوتائن جي حوالي ڪري ڇڏيا، جيڪي سندس نظام کي جيئن جو تيئن برقرار رکندي فرمانبرداري ۽ ٻانهپ پوري ڪندا پيا رهن.
    هڪ شهنشاهه جي درٻاري ۽ سلطنتي سرشتي کي نظر ۾ رکي توهين جاچ ڪندا ته اڄ ڪلهه جو ڪو به ديوتائي تصور توهان کي ٺيڪ ان جو چرٻو، نقل يا عڪس نظر ايندو.
    شهنشاهه ـــــــــ خاص ديوتا، سلطنت ـــــــــ ڪائنات، راڄڌاني (گادي) ـــــــــ اهم ديوتائن جي رهڻ واري جاءِ، خاص نائب ـــــــــ خاص ڪمن لاءِ سيڙايل ديوتا، جيئن ايلچي (نياپا سنيها پهچائيندڙ) ديوتا، ڪائنات جي سرشتي کي جيئن جو تيئن رکڻ وارا (وڏا وزير، لشڪري، ڪامورا) ديوتا، ڪڪر آڻڻ، مينهن وسائڻ ۽ کنوڻ کنوائڻ وارا ديوتا (آبپاشي وزير ۽ روينيو کاتو)، ساهه ڪڍڻ وارا ديوتا (ٽياس تي ٽنگيندڙ، ڦاهيءَ چاڙهيندڙ ۽ جلاد)، حساب ڪتاب رکڻ وارا ديوتا (رائر يا ٽيڪس وٺڻ وارا)، ڏوهه، گناهه موجب سزا ۽ نيڪي چڱائيءَ موجب جزا ڏيڻ وارا ديوتا (قاضي، محتسب، عدليه، مقننه) وغيره.
    راڄ جا ماڻهو ـــــــــ عام ٻانها ديوتا.
    ”باغي“، ”فسادي“ ماڻهو ۽ سورهيه ـــــــــ”باغي“، فسادي ديوتا ۽ انهن جا سورهيه وڏا ديوتا.
    پاڻ وڏو، خاص ديوتا (شهنشاهه) انهن سڀني ننڍن ديوتائن جي نگراني، ڪائنات (سلطنت) جي سک سانت، واڌ ويجهه، سرسبزي، نسل، آباديءَ ۽ هر ساهواري جي پرگهور پيو لهي.
    توهان کي اها به سڌ هوندي ته ڪيترائي ديوتا غير انساني شڪل ۾، جانورن جي شڪل ۾، وڻ ٽڻ جي شڪل ۾، باهه پاڻيءَ جي شڪل ۾ يا انهن مان ڪن به مختلف شين جي عڪسن جي ميلاپ جي شڪل ۾ بيان ڪيا ويندا آهن. ايئن ڇو آهي؟
    ان لاءِ اڻٽر آهي ته اسين هڪ ڀيرو وري ديو جي ڏندڪٿائي تصور کي جاچيون، جيڪو خاص طرح امير حمزي جي داستان ۽ لوڪ ڪهاڻين ۾ عام ملي ٿو.
    پهريائين ان جي بدني بناوت جاچيو:
    جبل جيڏو ماڻهوءَ جهڙو خاڪو، مٿي تي چهنبدار سڱ، اکيون ڳاڙهيون شعلا وَسائيندڙ (”هڪ اکيو ديو“ به تصوراتي طرح موجود آهي)، ناسن مان دونهان، ڏند تيز... وڏو پهلوان، هيبتناڪ، دهشت پکيڙيندڙ، آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندڙ، ماڻهو کائيندڙ، ڪنهن غار، وڏي گهر، ٻيلي يا شهر تي قبضو ڄمائي رهندڙ، کاڌي جا ڍڳ کائيندڙ، هلندو ته ڌرتي پئي ڌٻندي، جبل کي به مُڪ هڻي ته ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏي، عام طرح ڪنهن ڪنواري شهزادي (ڇوڪريءَ) تي عاشق ٿيندڙ، ان جا نخرا سَهندڙ ۽ ان جي آرام جو خيال رکندڙ پر ان تي ڀروسو نه ڪندڙ (ته متان ڀڄي وڃي) تنهنڪري ان جو ”ساهه“ ڪڍي طوطي ۾ وجهي ان کي سوگهيءَ جاءِ تي (گنبذ جي چوٽ وٽ) رکندڙ، محل کي تريءَ تي رکي اُڏامندڙ، وغيره.
    ديو بابت بيان ڪيل اهو ڪهڙو تصور آهي، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن ٻاهرين حقيقت جو عڪس نه هجي؟
    راڪاس ۽ برڙ (بڙهه) باڪاس به حقيقتن جا ديو کان به وڏا تصور آهن ۽ ديوتا انهن کان به وڏو تصور. ديو، راڪاس، برڙ باڪاس، ديوتا يا ديوي ماڻهوءَ جو ئي وڌايل، ان ۾ ڪن پکين ۽ جانورن ۽ بي جان شين جون خوبيون ملايل، وڏو ڪيل تصور آهي.
    - سهڻي، ٺاهوڪڙي، لسڙاٽ، گوري ڇوڪر جي ڪلهن سان ڪنهن وڏي پکيءَ جا کنڀ چنبڙايو. ڪهڙو تصور ٺهي پيو؟ ـــــــــ پريزاد جو!
    - سهڻيءَ، ٺاهوڪڙيءَ (بلڪ معشوقڙيءَ)، لسڙاٽ، گوريءَ ڇوڪريءَ جي ڪلهن سان ڪنهن وڏي پکيءَ جا کنڀ (يا کنڀن جو وڏو تصور) چنبڙايو. ڪهڙو تصور ٺهي پيو؟ ـــــــــ پريءَ جو!
    - سهڻيءَ ڇوڪريءَ جي مٿين اڌ ڌڙ سان وڏي مڇيءَ جو هيٺيون اڌ ڌڙ ملايو ۽ ان کي خونخواري ۽ جهمر جي عادت ڏيو. ڪهڙو تصور ٺهي پيو ـــــــــ جل پريءَ جو!
    - ماڻهوءَ جي مٿي تي ڪنهن جانور (ڍڳي) جا سڱ هڻي، ماڻهوءَ جي هر خوبي وڌائڻ سان گڏ ان سان اُڏڻ جي سگهه ملايو. ڪهڙو تصور ٺهي پيو؟ ـــــــــ ديو جو!
    - ماڻهوءَ جي سٺين عادتن ۽ خوبين کي وڌائي ايڏو وڏو ڪيو جو هو دنيا تي، دنيا جي معاملن ۽ ڪمن ڪارين تي ڇانيل هجي، ڪهڙو تصور ٺهي پيو؟ ـــــــــ سٺي ديوتا جو!
    - ۽ جيڪڏهن ماڻهوءَ جون بد عادتون ۽ برايون وڌايون ته؟ ـــــــــ فسادي ديوتا جو!
    - پر جيڪڏهن هڪ ماڻهوءَ جون سموريون خوبيون، سمورا ڪم، سموريون سٺيون سوچون، سمورا سٺا عمل کڻي انهن کي وڌائي وڏو ڪري ڇڏجي جو ان جي هلندي سرندي دنيا ته ڇا پر ڪائنات جي هر شيءِ، هر لقاءَ، هر عمل، هر ساهواري مٿان ڇانيل هجي ته ڇا ٺهي پوندو؟ ـــــــــ......
    ڪو به ذهني خاڪو يا ته ڪنهن حقيقت جو سڌو سئون عڪس آهي يا ڪجهه عڪسن جو ميلاپ.
    وري به ڪو واقعو ياد ڪيو. مثال طور، نانگ مارڻ جو واقعو، ڏکي چاڙهيءَ واريءَ چوٽيءَ تي چڙهڻ جو، سمنڊ يا وڏي نديءَ جي تيز ڇولين ۾ ترڻ جو.
    بيان ڪندڙ جي لفظي سگهه، هِن هُن واقعي سان تشبيهه يا ڀيٽ ڏئي بيان ڪرڻ جي قوت، بيان جي ترتيب وغيره تي دارومدار هوندو ان واقعي جي بيان جو.
    هڪ سٺو شاعر ۽ اديب خاص طرح ڪنهن به هڪ واقعي کي سوين تشبيهن ۽ خوبين يا خرابين سان بيان ڪري سگهي ٿو، مُلن، ٻاون ۽ تقرير ڪندڙن ۾ به اها خوبي هوندي آهي، جڏهن ڪو ماڻهو ايڏو اُڃارو هجي جو سمنڊ کي سرڪ ئي نه ڪري، يا:
    حقيـقــت هــن حال جـي، جـي ظاهـر ڪيان ذَرِي،
    لڳـــي مـــاٺ مـــــروئــن کــي، ڏونــگــــر پَـــــون ڏَرِي،
    وڃـــــــن وڻ ٻَــــــرِي، اوڀـــــڙ اڀــــــــري ڪـــيـــن ڪـــــي.

    شاهه سائينءَ جو شاعراڻو تخيل ته ڏسو: اڃا حقيقت ته ڇا، حقيقت جي ذري به ظاهر نه ڪئي اٿائين، هيءُ ذري ظاهر ڪرڻ کان اڳ رڳو اثر ظاهر ڪيو پيو وڃي.
    ماڻهوءَ پٿر گهڙيو، شڪار ڪيو، جهوپڙي ٺاهي، جبلن تي چڙهيو، پاڻيءَ ۾ تريو، بر پٽ پار ڪيائين، ٻيلا لتاڙيائين، قدرتي نظارا ڏٺائين، پکين جي اڏام، مڇين جي تار، جانورن جي ڊوڙ، باهيون ۽ دونهان، ٻوڏون ۽ طوفان، نانگ بلائون، سج، چنڊ، تارا وغيره، گهڻو ڪجهه.
    پٿر گهڙيندي ڪاتيءَ بدران خنجر ٺهيو، جهوپڙيءَ ۾ سڌي شهتير بدران مڙيل ڪام پئجي وئي ته اندران ڪجهه گولائين ۽ ڪٻي ٿي پئي وغيره ـــــــــ هڪ مان ڪجهه ٻي شڪل، شيءِ ٺهڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي. پکي ان ڪري پئي اڏاڻو جو ان کي پر هئا، جيڪڏهن اهي پر ڪنهن ماڻهوءَ کي هجن ته هو به اڏامي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن ماڻهوءَ ڍڍر گهوڙي جو هجي ته تيز ڊوڙي به سگهي ٿو. پکيءَ جا پک، ماڻهوءَ جي منڍي ۽ گهوڙي جو ڍڍر پاڻ ۾ ڳنڍڻ جو رڳو هڪ تصوراتي خاڪو ٺاهي سگهجي ٿو يا نه؟
    آءٌ هڪ عاليشان، عزت ماب، خوبصورت، نيڪ سيرت ۽ مهربان اڳواڻ جو پوئلڳ آهيان. هن مون کي ٻڌايو ته هن سوين منزلن جو پنڌ رات وچ ۾ ڪري ورتو آهي. هو سچار ۽ منهنجو اڳواڻ آهي، تنهنڪري مون کي هن جي ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي، مان ته عقيدتمند آهيان، پر اهو سير سپاٽو ڪيئن ٿي سگهيو؟ (اهو سوال پنهنجيءَ جاءِ تي فطري ۽ حقيقي آهي.) هاڻي مون (۽ مون پارن ٻين) عاليشان ماڻهوءَ لاءِ عاليشان سواريءَ جو بلو ڪري ورتو ـــــــــ سهڻي عورت جي منڍي، تيز رفتار گهوڙيءَ جو بدن، کنوڻ جهڙي تيزيءَ سان هلندڙ ۽ اڏائيندڙ کنڀ ۽ وڄ وراڪي جيان سفر ـــــــــ ڇا گهڙين ۾ دنيا جو سير نه ٿو ٿي سگهجي؟
    توهان ڪڏهن پاڪستاني فلمن ۾ ”روح“ نڪرڻ جو منظر ڏٺو آهي ـــــــــ نوراني پوشاڪ ۾ مرندڙ جهڙو خاڪو. اهو منظر ڪهڙن تصورن جو ميلاپ آهي؟
    جيڪڏهن ديوتا کي سوين ڪم ڪرڻا هجن ته ان لاءِ کيس گهڻن هٿن جي ئي گهرج پوندي (ٻن هٿن سان ڪم هلي نه ٿو سگهي ۽ عام طرح هڪ هٿ هڪ وقت هڪ ڪم ڪري سگهندو آهي) تنهنڪري گهڻن ڪمن واري ديوتا کي گهڻا هٿ ٺاهي ڏنا ويا، سگهه لاءِ هاٿيءَ جي شبيهه ڏني وئي، وغيره.
    ڪن ديوتائن کي ٻيلن ۾ رهندي ۽ وڻن تي ٺينگ ٽپا ڏيندي ڏيکارڻ لاءِ منجهن ڀولڙن جون خاصيتون ڳنڍيون ويون، ڪيوپڊ (عشق جي ديوتا) معصوم، پاڪ ۽ سادو هئڻ گهرجي (جنهن جو بهترين اظهار ٻار ۾ ٿئي ٿو)، ديوتا کي اڏامڻو آهي تنهنڪري کيس کنڀ هئڻ گهرجن ۽ عشق جو تير هلائڻو آهي تنهنڪري تير ڪمان به هئڻ گهرجي ـــــــــ ڪيوپڊ ديوتا جو مجسمو اوهان ڏٺو آهي؟
    جنهن قسم جا گڻ ڪنهن ديوتا ۾ هئا اهي خصوصيتون پيدا ڪرڻ لاءِ انهن ديوتائن سان واسطيدار تصور ڳنڍيا ويا.
    ڪنهن به ديوتا جي جيڪا به بيان ڪيل شڪل شبيهه آهي، اها ڪجهه تصورن جو ميلاپ آهي ۽ ماڻهوءَ جي ذهن ۾ اها لياقت آهي جو ڪجهه شيون (۽ انهن جا تصور) ٽوڙي، گهڙي، گهٽ وڌ ڪري ٻي شيءِ يا ٻين شين (۽ انهن جي تصورن) سان جوڙي سگهي. هڪ ڇت مٿان ٻي، ٻيءَ مٿان ٽين، ٽينءَ مٿان چوٿين (چار ماڙ....سَو ماڙ) ٺاهي سگهجي ٿي، ڀتين کي گول، ٽڪنڊو، چوڪنڊو (چورس، مستطيل) ڪري سگهجي ٿو.
    نيون ڊزائينون، نقش و نگار، منهن مهانڊا، تصويرون، تخليقون، تشبيهون وغيره ڪيئن ٿيون وجود ۾ اچن؟
    اڏام کٽوليءَ (مصلي، تڏي) جو تصور ڪيئن وجود ۾ آيو؟ مشيني اڏام کٽولي (هوائي جهاز) جو تصور ڪيئن ٺهيو؟ آواز پنهنجن ڪنن کان اوهان جي ڪنن تائين پهچي سگهي ٿو ته مون کان ميلُ ٻه يا پنج پري ويٺل تائين ڪيئن پهچي؟ بنا تار آواز سفر ڪري سگهي ٿو ته ڇا تار وسيلي سفر ڪري سگهي ٿو ـــــــــ ٽيليگرام، ٽيليفون، ريڊيو ايئن ئي ٺهيا. توهان مون کي ۽ آءٌ توهان کي ڏسي سگهان ٿو پر اوٽ ۾ ويٺل ماڻهوءَ کي نه ٿو ڏسي سگهان، ڇا تصوير کي سفر ڪرائي سگهجي ٿو ـــــــــ تصوير ۽ آواز جي گڏيل سفر جو نالو آهي ٽيليويزن.
    اڄ ڏينهن تائين ٺهيل ڪارن کي هڪ قطار ۾ بيهاريو. پهرين ڪار جي شڪل وڪٽوريا بگيءَ جهڙي هئي ۽ اڄوڪي ڪار جي شڪل ڇا آهي، پر جيڪڏهن هڪ کان پوءِ ٺهيل ٻي ڪار جي شڪل ڌيان سان ڏسندا ته توهان کي ذرو ذرو ٿي فرق نظر ايندو. ٿي سگهي ٿو ته سوين هزار ماڻهو 1986ع ۽ 1987ع ماڊل جي ڪار ۾ ڪو فرق نه ڪري سگهن پر پهرين ڪار ۽ 1988ع جي ڪار ۾ بنيادي طرح ساڳي شيءِ هئڻ باوجود، ڀولڙي ۽ ماڻهوءَ جيڏو فرق آهي. اوسر (ارتقا) به ايئن ٿي آهي. ڪڻي ڪاسي جو فرق ٿيندي ٿيندي پهرين جنس ۽ پوئين جنس ۾ ڪيتريون ئي بنيادي خوبيون ساڳيون هئڻ باوجود سوين شيون، انگ، عضوا، هڏيون وغيره چٽي فرق واريون آهن. تصورن به هوري هوري اوسر ڪئي آهي ۽ ديوتائن جي حوالي سان ڪالهوڪي ڀڳوان ۽ ڌڻيءَ ۽ اڄوڪي ڀڳوان ۽ ڌڻيءَ ۾ ڏينهن رات جو فرق نظر اچي ٿو.
    ڪا به ديوي، ڪو به ديوتا بنيادي طرح ماڻهوءَ جي خيالي شبيهه آهي. ديوِيون، ديوِتا ماڻهوءَ جي منهن مهانڊي تي ٺهيل آهن (ڪن ديوتائن، ديوين ۾ جانورن جون به خصوصيتون آهن) ۽ انهن جي سڀني گڻن اَوَگڻن ۾ ڏينهون ڏينهن تبديلي ـــــــــ کوٽي واڌي ـــــــــ ايندي رهي آهي. ماڻهو مري پئي ويو پر ساهه (هوا، روح) نه پئي مئو. ساهه دائمي هو، روح دائمي هئا، ديوتا دائمي هئا ۽ انهن وقت سر ماڻهوءَ يا جانور جي روپ ۾ موٽي اچي دنيا جو ويجهي کان جائزو پئي ورتو يا مٿان ويهي نگهباني ٿي ڪئي. يوناني ڏند ڪٿا موجب ته دنيا جي هر ڦيرگهير، واڌ ويجهه، هر چرپر (ويندي گاهه ۽ پن جي به) ديوتائن جي مرضيءَ کان سواءِ نه ٿي پئي سگهي. يوناني ڏند ڪٿائن تي ڪيتريون ئي فلمون ڀريون ويون آهن ـــــــــ خاص طرح سنهري گل واري ڏند ڪٿا ـــــــــ جنهن ۾ ديوِتا ديوِيون شطرنج جي ساريُن (مهرن) جيان دنيا جي ماڻهن جي چرپر ڪندي ڏيکاريا ويا آهن.
    جهوني، اڻڄاڻ، گهٽ ڄاڻ، غير سائنسي ۽ شين جي فطرت پوريءَ طرح نه سمجهڻ واري ماحول ۾ ئي ديوِين ديوِتائن کي ايڏو سڀ طرفو سگهارو ٺاهيو ويو جو اهي نه رڳو ڪائنات جي چرپر، ڌرتيءَ تي ٿيندڙ هر لقاءَ ـــــــــ فصل، ٻوڏ، باهه، زلزلي، طوفان، ساهواري جي پيدائش ۽ جوڙجڪ، هر شيءِ، هر ساهواري جي جياپي، گذرانَ ۽ سنڀال، مرڻ ۽ حساب ڪتاب وٺڻ جا سڀ ڪم پئي ڪيا، ۽ نيٺ اها سوچ ٺهي ته جيڪڏهن ديوتائون نه هجن ها، ته نه اسين هجون ها، نه ڪو ساهوارو، نه ڪا ڌرتي ۽ نه ڪائنات.
    ... سردار ايڏو ته سخت هو جو نر پکيءَ کي به حويليءَ مٿان اڏامي سگهڻ جي همت نه ٿيندي هئي...
    ... آقا، مالڪ، سردار، جيڪو راڄ جي سڀ شيءِـــــــــ فصل، جانور وغيره ـــــــــ جو مالڪ هو ان جي حڪم ۽ راضپي کان سواءِ ڪو به ماڻهو جيئي ۽ مري نه پيو سگهي...
    ديوتا امر، لافاني، سدا جيئاڪ بنجي ويا ۽ ماڻهو، ساهوارو، فصل، وڻ ٻوٽا، جبل، نديون، سمنڊ، ڌرتي، ڪائنات، مادو مرندڙ ۽ فاني هو ـــــــــ اهو تصور ايئن هوري هوري سوين ناسمجهه ۽ گهٽ ڄاڻ ماڻهن پنهنجي جاهل ماحول ۾ ٺاهي ورتو ۽ جڏهن اهو تصور (وهم) پختو ٿيو تڏهن اهو به سمجهيو ويو ته سمورا ساهوارا، ڌرتي، ڪائنات ۽ هيءَ رنگارنگي انهن ديوتائن جي مرضيءَ موجب ٺهي راس ٿي آهي، ديوتا امر هئا، سدائين هئا ۽ ڪائنات، مادو انهن ٺاهيو، ان جي ابتدا به آهي ته انتها به، اهو مري فنا ٿيڻو آهي.
    ماڻهوءَ پنهنجيءَ گهٽ ڄاڻ سبب جيئن ٻين سوين حقيقتن جو جوهر نه سمجهيو تيئن مادي جو به نه سمجهي سگهيو ۽ هن فانيءَ (تصور، وهم، ويساهه، عقيدي، خيال) کي لافاني ۽ لافاني (مادي ۽ ان جي لقائن) کي فاني سمجهيو.
    اهو تصور به ان عمل تان ورتل هو ته دنيا ۾ ماڻهوءَ پنهنجي جياپي لاءِ هر شيءِ ٺاهي پئي ـــــــــ اها شيءِ عدم وجود (وجود نه رکندڙ) هئي، ٺهي وجود ۾ آئي ۽ پوءِ گَسي، ڀَڄي، ڀورا ٿي ختم (فاني) ٿي وئي. ماڻهو خالق هو پنهنجيءَ شيءِ جو، ديوتا خالق هو ڪائنات (مادي) جو. خالق اڳ ۾ هو، ان خلقيو، تبديل ڪيو، ڪم ورتو ۽ پوءِ وري شيءِ ختم ٿي وئي، پر خالق قائم رهيو.
    جيئن شيءِ محدود هئي تيئن ڪائنات کي به محدود (کُٽندڙ، ڪنارن واري) تصور ڪيو ويو ۽ سمجهيو ويو اها خلقي وئي آهي ۽ پنهنجي ڪرت (فرض) پورو ڪري ختم ٿي ويندي.
    سائنس، سڄاڻ جتي ٻين سوين غلطين، غلطفهمين ۽ ناسمجهين کي ٺيڪ ڪيو اتي هن مادي بابت به بنيادي، حقيقي، سچي ڄاڻ مهيا ڪئي ۽ ثابت ڪيو ته:
    مادو نه خلقي (پيدا ڪري) سگهجي ٿو ۽ نه ئي وري فنا ڪري سگهجي ٿو، اهو آهي ۽ سدائين رهندو، البت اهو پنهنجا روپ مٽائي ٿو.
    اٺين جماعت جو ٻار به اڄ اهو سبق سکي ٿو.
    ايترو ضرور ڪري سگهجي ٿو ته مادي جي هڪ ڳڀي ۾ ڦيرڦار آڻي ان کي ڪا ٻي شڪل ڏني وڃي. مادو ئي نه هجي، ڪجهه به نه هجي ۽ ان مان ڪا شيءِ (مادي جي ٺهيل ڪا شيءِ) ٺاهي سگهجي، اهو ممڪن ڪونهي. مادي جي ڳنڍي کي ترورن ۾ بدلائي سگهجي ٿو (ترورا، شڪتي مادي جو ئي روپ آهي) پر فنا نه ٿو ڪري سگهجي. جڏهن ته هر غلط سوچ گم (فنا) ٿي سگهي ٿي ۽ ان جي جاءِ تي حقيقي، سچي سوچ اچي سگهي ٿي.
    اچو ته هڪ مثال وٺون:
    آفريقا جي رڻ پٽ ۾ گهمندي ڪجهه ماڻهن موٽي اچي ٻڌايو ته کين ”آسمان ۾“ هڪ ڏاڍو ويڪرو ”بهشتي باغ“ نظر آيو جنهن ۾ ڪنهن ڪنهن مهل هڪ ”راڪاس“ جيڏو ٻيڙو به نظر پئي آيو جنهن تي جبل کان به وڏو سڙهه چڙهيل هو. اهو لقاءُ ڪجهه دير نظر ايندو رهيو ۽ پوءِ گم ٿي ويو.
    ڪيترن ئي ماڻهن ڪيترن ئي موقعن تي اهو ڏيک ڏٺو. اهو ڇا هو؟
    جيستائين ان ڳالهه جو حقيقي سبب نه ڳولي لڌو ويو تيستائين ان ڏيک بابت ماڻهو پنهنجي پنهنجي عقيدي، وهم، ويساهه موجب تشريحون ڪندا ۽ ڊگهيون ڊگهيون ڏند ڪٿائون ۽ من گهڙت ڳالهيون ٻڌائيندا رهيا. سائنس نيٺ حقيقت ڳولي لڌي.
    گرم ملڪن جي هوا نرم ۽ گهميل موسم جي ڪري گهاٽي ٿي وڃي ٿي ۽ اها هڪ ڏاڍي وڏي آئيني جو ڪم ڏئي سگهي ٿي، ۽ ظاهر آهي ته ”آسمان“ اهو آئينو هو جنهن ۾ اهو لقاءُ وڏو ٿي نظر پئي آيو جنهن سان ماڻهوءَ جي ديد جي ڪنڊ ٺهي پئي (جيئن اسين هڪ ڪنڊ ۾ بيهي سامهون رکيل آئيني ۾ ٻي ڪنڊ جو نظارو ڏسي سگهندا آهيون). اندر تي ڪُٻيل آئينو عڪس وڏو ڪري ڏيکاريندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن باغ جو اولڙو پئي ٺهيو ته اهو ڏاڍو وڏو ”آسماني باغ“ سمجهيو ويو ۽ جيڪڏهن سمنڊ ۾ بيٺل ٻيڙي جو اولڙو ٺهيو ته اهو جبلن کان وڏو نظر آيو.
    جڏهن حقيقت سمجهه ۾ آئي ته وهم، وسوسا ڌوپجي ويا. ڪنهن به شيءِ جي حقيقت ۽ ڪنهن به لقاءَ جو حقيقي سبب سمجهه ۾ اچي وڃي ته ڪو به وهم نه رهندو.
    هڪ ٻيو مثال وٺو. ٿي سگهي ٿو ته توهان مان گهڻن جو ان سان واسطو به پيو هجي:
    1965ع جي پاڪ-ڀارت جنگ (6-سيپٽمبر کان شروع ٿي) هلندي ٻڌايو ويو ته باک ڦٽيءَ کان ٿورو اڳ اوڀر طرف حضرت علي عليه سلام جي تلوار (ذوالفقار) ظاهر ٿي پئي ۽ ان ڪري اهو هاواڻو هُلي ويو ته پاڻ سائين جن پنهنجن ٻنهي شهيد فرزندن سميت پاڪستان پاران دفاع (جنگ) ۾ حصو وٺي رهيا هئا. مون به اها ”تلوار“ ڏٺي هئي جيڪا شايد اٺ ڏينهن ظاهر ٿيندي رهي. اها ”آسماني تلوار“ ڇا هئي؟
    - هڪ پڇڙ تارو.
    اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ جنگ هلندڙ هئي ۽ پڇڙ تاري کي ”تلوار“ سمجهيو ويو.


    باب يارهون

    ماڻهوءَ جا هٿ ٺهيا بي ساهه عضوا

    ماڻهوءَ وٽ رڳو پنج حواس ئي هئا جيڪي ڏِسڻ، ٻڌڻ، سنگهڻ، چکڻ ۽ ڇهڻ وسيلي حقيقتن جو عڪس هن جي دماغ تائين پهچائي سگهيا پئي جن جي ڀيٽ، پرک، پروڙ، پرجهه هن کي ڄاڻ ڏني پئي. اڄوڪي ماڻهوءَ وٽ به اهي پنج ئي حواس موجود آهن پر هن پنهنجي ڄاڻ مان ڏاڍو فائدو ورتو آهي. هن شين جي حقيقت، جوهر کي سمجهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي ۽ انهيءَ عمل ۾ ئي کيس اها ڄاڻ به ملي ته هو ڪي اهڙيون شيون به ٺاهي سگهي ٿو جيڪي سندس حواسن جي قوت سوين ڀيرا وڌائي سگهن. مثال طور، هن دوربين ٺاهي، جنهن وسيلي اڄوڪو ماڻهو ايترو ته پري ڏسي سگهي ٿو جنهن جو عام ماڻهو سوچي به نه سگهي.
    چنڊ ڌرتيءَ کان 9-لک 30-هزار ميل پري آهي ۽ عام نظر ۾ اهو ٿالهيءَ يا وڏي بال جيترو چانڊوڪي پکيڙيندڙ مٽيءَ جو ڳوڙهو آهي. چنڊ چوڏهين پنڌرهين رات پوريءَ طرح چمڪندي نظر اچي ٿو، پر پوءِ به ان جي وچ ۾ هلڪا اونداها دُٻا نظر ايندا آهن... ۽ بس، ٻيو ڪل خير.
    بازار ۾ ملندڙ عام دوربين سان چنڊ کي چتائي ڏسندَو ته ان جي سطح، تي توهان کي اڃا به وڌيڪ کوٻا، اونداها چگهه ۽ ڏاڍا روشن ليڪا، گهيرا، چُٽا نظر ايندا.
    هڪ وڏي دوربين سان توهان چنڊ کي ايترو ويجهو ڏسي سگهو ٿا جيئن توهان هٿن ۾ جهليل وڏي بال کي ڏسندا هجو. چنڊ جي هڪ هڪ انچ جو مشاهدو ڪري سگهجي ٿو. مٽيءَ جا دڙا، چگهه، کڏا ۽ کاهيون، ڏرا وٿيون، هيٺ مٿاهيون وغيره. چنڊ جي سطح جو ڪو ذرو ناهي جنهن کي اوهين ايترو ئي چٽو نه ڏسي سگهو جيترو پنهنجي هٿ جي تريءَ کي.
    پر سائنس جي دنيا ۾ اها معمولي، ننڍڙي ۽ سادي دوربين سڏبي آهي.
    وڏي دوربين سان ساڍا نوَ ڪروڙ ميل پري ٻرندڙ سج به هٿ جي تريءَ جيان ڏسڻ معمولي ڳالهه آهي.
    ڪائنات ۾ ڪروڙين سج آهن. اسان جي سج جو هڪ پنهنجو نظام آهي، جنهن ۾ ڌرتيءَ سميت ٻين اڪثر سيارن کي به پنهنجا چنڊ (اُپگرهه) آهن: ڪِن کي هڪ، ڪن کي ٻه يا ٽي ۽ ڪن کي ته ڪيترائي چنڊ آهن. اپگرهه سياري چوڌاري ڦرن ٿا، سيارا تاري (سج) چوڌاري ڦرن ٿا. سج پنهنجن سيارن جي چنڊن سميت سج-نظام سڏجي ٿو. ڪائنات ۾ ان سج جي حيثيت واريءَ ذري کان وڌيڪ نه آهي.
    سج جهڙو ٻيو ويجهڙ وارو تارو (سج) اسان جي سج کان 400000000000000-ميل آهي (يعني چار پدم ميل).
    اونهاري ۾ رات جو وچ ”آسمان“ تي اڇو پٽو (گس) نظر ايندو آهي. اڇو پٽو (گس) حقيقت ۾ اوري پري وارا ڏاڍا وڏا تارا آهن جن جي گڏيل چمڪ هڪ سوجهري کي جنم ڏي ٿي جنهن کي گس سڏيون ٿا. ان گس جو نالو شيري گس (گئليڪسي، ڪهڪشان) آهي. سج-نظام ان گس جو هڪ معمولي ذرو آهي.
    اهڙا کربين گس اڄوڪي دوربين سان ڏسي سگهون ٿا.
    ترورن جي مدد سان به آسماني جسمن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. ڪنهن خاص جسم سان ترورا ٽڪرائي موٽي اچن ته انهن مان ان جسم جي مفاصلي، بناوت وغيره جو اندازو ڪري سگهبو.
    سائنس رڳو وڏين شين کي ڏسڻ لاءِ اوزار ئي نه ٺاهيا آهن پر ننڍڙن ذرن کي به ڏسڻ جا اوزار ٺاهي ورتا آهن، انهن کي خوردبين سڏجي ٿو.
    عام نظرن سان جيڪو ننڍي ۾ ننڍڙو ذرڙو ڏسي سگهجي ٿو ان جو قد بت ڪيترو ته ننڍو آهي! پر خوردبين آڏو اهو وڏو جسم ايئن آهي جيئن ماڻهوءَ جي ڀيٽ ۾ ڌرتي.
    بازار ۾ سولائيءَ سان ملي سگهندڙ خوردبين ۾ جيڪڏهن هڪ وار کي ڏٺو وڃي ته اهو عام ماڻهوءَ جي ٻانهن جيترو ٿلهو نظر ايندو.
    هڪ گرام جو وٽُ توهان ڏٺو آهي؟ (جي نه ته سوناري وٽ ڏسي سگهجي ٿو). ان هڪ گرام جا جيڪڏهن 230000000000000000000000-ذرڙا ڪيا وڃن، ته به انهن کي جديد اليڪٽراني خوردبين وسيلي پروڙي سگهجي ٿو.
    هاڻي توهان ڪاٿو ڪري سگهو ٿا ته ماڻهوءَ پنهنجي ڏسڻ جي سگهه ڪيتري وڌائي ڇڏي آهي!
    ٻُڌڻ جي سلسلي ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته ماڻهو ڀنڀوريءَ يا ڏينڀوءَ جي پرڙن جو ڦڙڪو ٻڌي سگهي ٿو، پر توهان ڦڙڪندڙ پرڙن آڏو لائوڊ اسپيڪر جي مائيڪ جهليو ته اهو ڦڙڪو ڪيڏو وڏو گوڙ ٿي پوندو، ان جو ڪاٿو ڪري سگهجي ٿو. ماڻهوءَ مشين جي مدد سان پنهنجن ڪنن کي ايترو ته تيز ڪري ورتو آهي جو ڌرتيءَ جي هڪ ڪنڊ تي اُٿندڙ انساني آواز کي ڌرتيءَ جي ڪنهن به حصي ۾ ٻڌي سگهي ٿو. مثال طور، بي بي سي لنڊن تان پڙهجندڙ خبرون ٻڌڻ اسان لاءِ عام ڳالهه آهي.
    چنڊ تي لٿل خلابازن جي پاڻ ۾ ڪيل عام ڳالهه ٻول کي به ڌرتيءَ تي سولائيءَ سان ٻڌي سگهجي ٿو.
    هاڻي توهان ڪاٿو ڪري سگهو ٿا ته ماڻهوءَ پنهنجي ٻڌڻ جي سگهه ڪيتري وڌائي ڇڏي آهي!
    ماڻهوءَ پنهنجي ذائقي چکڻ واري حس کي به مشين ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. عام حالتن ۾ تيزاب چکڻ جو سوچي به نه ٿو سگهجي پر تيزاب چکڻ لاءِ ماڻهوءَ هڪ ننڍڙو چيچ جيترو پنو (لِٽمس پيپر) ٺاهي ورتو آهي، جيڪو تيزاب ۽ رچيل ڳار جي ذائقن ۾ فرق کي رنگ بدلجڻ وسيلي ظاهر ڪري ٿو. عام حالتن ۾ جيڪڏهن سائنائڊ زهر جو ڪک جيترو ذرو زبان کي لڳي پوي ته ماڻهو زهر جو شڪار ٿي سگهي ٿو پر مشين آرام سان ان جو ذائقو ٻڌائيندي آهي.
    ان مان ڪاٿو ڪري سگهجي ٿو ته ماڻهوءَ پنهنجي چکڻ جي سگهه ڪيتري وڌائي ڇڏي آهي!
    توهان کي خبر آهي ته پوليس حڪومت جي ناپسند جو احتجاج ڳوڙها گئس اُڇلي ڦٽائيندي آهي. اها ڳوڙها گئس ايتري تيز آهي جو ناس ۾ کرڙو پيدا ڪري اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي آهي، پر ماڻهوءَ اهو به ڪيو ته گئس ماسڪ ٺاهي نڪ تي رکي ڇڏيو ۽ پوءِ ڳوڙها گئس سميت هر زهريلي گئس کي مجال آهي جو ماڻهوءَ جي نڪ ۾ کرڙو پيدا ڪري سگهي. ٻي پاسي هر قسم جي ڪيڏي به زهريلي گئس هجي ماڻهو ان کي سنگهي سگهي ٿو. سيکاريل ڪتو شڪار جي بوءِ ڄاڻڻ جي سلسلي ۾ ماڻهوءَ جو وڏو مددگار نڪ آهي پر اهو به زهريلين گئسن آڏو ڀڄي ويندو.
    ڌرتيءَ کان مريخ ايڪيهه ڪروڙ ميل پري آهي. مريخ تي جڏهن وائيڪنگ-2 لٿو ته خراب ٿي پيو. ڪمپيوٽر وسيلي ڌرتيءَ تان ويهي سندس خرابي ٺيڪ ڪئي وئي. ماڻهوءَ جي آڱرين ۽ دماغ جي پهچ جو هيءُ هڪ عام مثال آهي.
    ماڻهوءَ جي بت تي ڪِوِل گهمي ته هو ان کي محسوس ڪري سگهي ٿو، پر ايڪسري ڪڍائڻ وقت ماڻهوءَ جو بت ايڪس ريز (ايڪس ڪرڻن) کي محسوس نه ٿو ڪري سگهي، جڏهن ته فوٽو پليٽ ڪرڻن جي مخصوص اثر کي ظاهر ڪري ٿي ۽ هڪ ڊاڪٽر ڄاڻي سگهي ٿو ته ڪٿي هڏي آهي، ڪٿي ڪو ٺوس ڳوڙهو آهي، ڪٿي دل آهي، ڪٿي بُڪي يا پٿري آهي وغيره.
    ايڪسري فوٽو اسان جي محسوس ڪرڻ جي قوتوڌائي آهي، پر اڄ ڪلهه عام ڳالهه آهي.
    الفا، بِيٽا، گاما، ڪاسمڪ وغيره سوين قسمن جا ڪرڻا محسوس ڪرڻ به عام ڳالهه آهي. آواز جي لهرن کي مشين وسيلي محسوس ڪري ۽ ظاهر ڪري سگهجي ٿو، ويندي روشنيءَ جي ذرڙن جي لهردار چرپر کي به محسوس ڪرڻ عام ڳالهه آهي. }روشنيءَ جي ذرڙي (فوٽان) جي قد بت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته اهو ايٽم جي ڀيٽ ۾ به ايترو ننڍو آهي جيترو هاٿيءَ جي ڄنگهه جي ڀيٽ ۾ عام ڪوڪو.{
    ان مان ڪاٿو ڪري سگهجي ٿو ته ماڻهوءَ پنهنجي ڇهڻ جي سگهه کي ڪيترو وڌائي ڇڏيو آهي!
    ماڻهوءَ مشين جي مدد سان پنهنجي هر حواس کي ڪروڙين ڀيرا وڌيڪ سگهارو ڪري ڇڏيو آهي ان ڪري ئي هو مادي جي ننڍي کان ننڍي ۽ وڏي کان وڏي شيءِ کي ڏسي، ٻڌي، سنگهي، چکي يا ڇهي سگهي ٿو ۽ ان ڪري ئي هن ڄاڻي ورتو آهي ته سڄيءَ ڪائنات ۾ جيڪو ڪجهه آهي اهو مادي جو ٺهيل آهي يا مادي جو لقاءُ آهي. سوچون به مادي جو لقاءُ آهن جيڪي ماڻهوءَ جي دماغ ۾ هوري هوري ٺهن، وڌن، ويجهن ٿيون.


    باب ٻارهون

    ماڻهوءَ جو دماغ:ڳتيل، منظم، جيئرو مادو

    اسان جا سمورا حواس پنهنجا احساس، اولڙا، عڪس، فوٽو ڪٿي ٿا پهچائن؟
    جيتوڻيڪ ڪنهن زماني ۾ سوچيو ويندو هو ته سوچون دل ۾ هونديون آهن (خاص طرح عشق محبت جون سوچون ته دل ۾ هئڻ بابت اڄ به عام جام آهن ـــــــــ اکين جي ڳرکيءَ کان محبوب دل ۾ ويهي ويو)، يا اڄ به چيو ويندو آهي، ته منهنجي دل ٿي ٻولائي ته ڪو نه ڪو مهمان ضرور ايندو يا دل ۾ سونسو (وسوسو) پيو پوي وغيره، پر اڄوڪو پنج درجا پڙهيل ٻار به ڄاڻي ٿو ته سوچون دماغ ۾ هونديون آهن.
    ڏسڻ، ٻڌڻ، ڇهڻ، چکڻ ۽ سنگهڻ جا حواس جيڪي به عڪس قبولن ٿا، اهي دماغ تائين پهچائن ٿا. هر تصور، هر احساس، هر اولڙو، هر عڪس، هر خيال، هر سوچ (عقيدو، ايمان، وهم، وسوسو، ارادو، عزم، جوش جذبو وغيره) ـــــــــ سموري، ڪل، سڀ ڄاڻ دماغ ۾ آهي. آڱر ڪٽجي وڃڻ سان سمجهه، ڄاڻ گهٽجي نه ويندي، اکيون نڪرن، ٻوڙو ٿيڻ وغيره وقت به اڳ موجود ڄاڻ ۾ کوٽ ڪا نه ٿيندي، پر جيڪڏهن ڪو ڊاڪٽر آپريشن ڪري ميڄالي جو مٿيون تهه يا ياد وارو مرڪز کوٽي، ڪپي ٻاهر ڪڍي ته ماڻهوءَ وٽ سڀ عضوا هئڻ باوجود ڪا به ڄاڻ، ڪا به ياد موجود نه رهندي.
    توهان ڪڏهن تازو ڪٺل ڇيلو يا گابو (ڪونهَٽُ) ڏٺو آهي؟ جاچي ڏسو. ڪسڻ کان پوءِ سندس سمورن لڱن ۾ هلڪي ٿرڪڻي پئي ڏيکاربي ۽ جيڪڏهن زور سان کيس ڪا سئي چڀائي وجهندَو ته ان عضوي تي سٽ ايندي ـــــــــ اهو مشروط رد عمل مرڪزي تنتي ڏوريءَ کان موٽ عمل سبب آهي. ڪسڻ کان پوءِ دماغ سان ڳانڍاپو ڪٽجي وڃي ٿو پر حياتياتي ڀڃ گهڙ جو عمل ڪجهه دير جاري رهي ٿو. اهو موٽ عمل ان حياتياتي جيئاپي سبب آهي ـــــــــ ٺيڪ ايئن جيئن مرڪزي تنتي سرشتو نه رکندڙ ساهوارن ۾ مشروط موٽ عمل ٿئي ٿو.
    مشروط موٽ عمل هر ساهواري ۾ موجود آهي، پر ڄاڻ، سمجهه رڳو ماڻهوءَ وٽ آهي ۽ اهو ماڻهوءَ جو دماغ ئي آهي جنهن ۾ پنهنجو مخصوص حياتياتي اولڙو ٺاهي پهتل عڪس قائم ٿي وڃي ٿو. عام طرح اهو عڪس هڪ مهيني تائين تازو توانو رهي ٿو ۽ پوءِ هوري هوري ٻين نون ايندڙ عڪسن هيٺان ٿيندو وڃي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو عام طرح هڪ مهيني کان پوءِ ڪنهن به واقعي جا سمورا تفصيل پوريءَ ترتيب سان ياد نه رهندا آهن پر جيڪڏهن اهي يادون لاڳيتو ورجائجنديون رهجن ته اهي عڪس نئين سر نوان ٿيندا ۽ ياد رهندا آهن. ماڻهوءَ دماغ ۾ ٿلهي ليکي ٽيهه کرب عڪس ياد رکي سگهڻ جي صلاحيت موجود آهي، پر اڄ ڏينهن تائين وڏي ۾ وڏو ذهين ماڻهو به پنهنجي دماغ جي ڏهين پتي به مس ڪتب آڻي سگهيو آهي.
    توهان ڪڏهن ڪنهن پيدائشي پاڳل ماڻهوءَ کي ڏٺو آهي؟
    ان جي کوپڙيءَ تي ڌيان ڏيو ۽ ڏسو ته سندس بت جي ڀيٽ ۾ کوپڙي ڪيتري آهي ۽ پوءِ لڳ ڀڳ ساڳي ڄمار، قد بت، نسل ۽ علائقي واري ذهين ماڻهوءَ جي کوپڙيءَ کي به جاچيو. توهان هڪ حيران ڪندڙ فرق محسوس ڪري وٺندا. توهان ڏسندا ته پاڳل ماڻهوءَ جي کوپڙي ذهين ماڻهوءَ جي کوپڙيءَ کان ننڍي آهي ـــــــــ پاڳل ماڻهوءَ جو دماغ ذهين ماڻهوءَ جي دماغ کان ننڍو هوندو آهي.
    ڇو؟
    ڄمڻ وقت ماڻهوءَ ٻار جي کوپڙيءَ جو هڪ مخصوص قد بت هوندو آهي (مختلف نسلن ۾ ٿورو ننڍو وڏو ٿيندو آهي). ڄائي ڄم کان پاڳل ماڻهوءَ ٻار ۽ ان ٻار، جيڪو اڳتي هلي ذهين ٿيندو، جي دماغ ۾ عام طرح ڪا به ننڍ وڏائي نظر نه ايندي، پر پاڳل ماڻهوءَ جي دماغ ۾ ٻاهرين عڪسن کي سانڍڻ، ياد رکڻ، ڄاڻڻ، نتيجا ڪڍڻ، پرجهڻ، پروڙڻ جي صلاحيت ڪا نه هوندي جڏهن ته صحيح ٻارجو دماغ لاڳيتو مختلف عڪسن کي سوَن، هزارن، لکن جي ڳڻپ ۾ سانڍيندو، ياد رکندو، ڄاڻ پرائيندو، نتيجا ڪڍندو، پروڙيندو ۽ پرکيندو رهندو آهي تنهنڪري ان ۾ ٻن قسمن جي واڌ ٿيندي رهندي آهي: هڪ جسماني واڌ ۽ ٻي لاڳيتي دماغي ڪرت سبب آيل واڌ.
    اڄ کان پنج لک سال اڳ ٽيهن سالن جي نوجوان جي جسماني قد بت جي نسبت سان ان جي کوپڙيءَ (دماغ) جو جيڪو وزن هو ان جي ڀيٽ ۾ اڄوڪي ٽيهن سالن جي نوجوان جو دماغ گهڻو وڏو آهي ـــــــــ ۽ ان جو خاص سبب اهو ئي آهي ته هن جيتري ڪجهه ڄاڻ ماڻي پئي ان جي ڀيٽ ۾ اڄوڪي ماڻهوءَ جي ڄاڻ لکين ڀيرا وڌيڪ سڌريل آهي.
    جڏهن کان ماڻهوءَ اپائڻ، پيدا ڪرڻ، پورهيو ڪرڻ سکيو آهي تڏهن کان هن وٽ دنيا ۾ موجود شين بابت ٻين ساهوارن جي ڀيٽ ۾ نئين ڄاڻ به وڌي.
    هڪ ڏنڊي سان زورائتو ڌڪ هڻي، جانور کي ڪيرائڻ سان گهڻا نوان تصور پيدا ٿي سگهن ٿا؟
    اچو ته ڳڻيون:
    (1) گهڻي زور وارو ڌڪ (هلڪي زور واري ڌڪَ، ڪو به ڌڪُ نه هڻڻ جي تصور کان نئون آهي).
    (2) جانور جو ڇرڪڻ، ڪيهه ڪرڻ، ڪِرڻ، ڦٿڪڻ، سانت ٿي وڃڻ، ٿڌو ٿيڻ، ڪا به حرڪت نه ڪري سگهڻ وارا تصور.
    (3) جانور کي بنا ڪنهن احتجاج يا خطري کي منهن ڏيڻ جي ڍوئڻ جا تصور.
    (4) جانور کي آرام سان ڪهڻ، کائڻ، ڪم آڻڻ جا تصور.
    هڪ پٿر کي ٻي پٿر سان ڌَڪ هڻي چهنبدار ڪرڻ لاءِ ڪيترا نوان تصور ٺهي سگهن ٿا، اچو ته ڳڻيون:
    (1) ڌڪ لڳڻ سبب ڌڪيندڙ پٿر جي موٽ، رد عمل سبب ڌڪيندڙ پٿر جو هلڪو ٿي مٿي ٿيڻ، هڪ ڌڪ، ٻيو ڌڪ، ٽيون ڌڪ، چوٿون ڌڪ، وغيره.
    (2) ڌڪيل پٿر جو ٽٽڻ (اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڌڪيندڙ پٿر ٽٽي پوي).
    (3) نئين ٺهيل شڪل، ننڍا ننڍا ٽڪر ٽوٽا، انهن جون شڪليون، انهن جو ٽڙي پکڙي وڃڻ وغيره.
    (4) ٻنهي پٿرن جي ٽوٽ سبب ظاهر ٿيل نوان رنگ، نيون ڪناريون، چهنبون وغيره.
    پورهيي جو ڪو هڪ گهڙيءَ جو عمل سوين نوان تصور پيدا ڪري سگهي ٿو، سوين ڀيرا ساڳيو ڪم سوين ڀيرا ساڳيا تصور ۽ سوين ڀيرا مختلف تصور ڏئي سگهي ٿو. انهن جي ڀيٽ، فرق وغيره وري اڃا نوان تصور ڏيندا.
    توهان جي پنهنجي حياتيءَ ۾ هر ڏينهن ڪيترا نوان تصور ايندا رهن ٿا، توهان ڪڏهن ڪاٿو ڪيو آهي؟ مثال طور، توهين هي ڪتاب هن جملي تائين پڙهي آيا آهيو، توهان جي دماغ ۾ رڳو ان جي پڙهڻ سبب ڪيترا نوان تصور ٺهيا؟ ـــــــــ ڪاٿو ڪري سگهندَو!؟ رڳو اڄوڪي ڏينهن توهان جي دماغ ۾ ڪيترا نوان تصور، عڪس وڌيا، انهن جي ڳڻپ ڪيو!
    هن وقت ڌرتيءَ جي آبادي پنج ارب آهي ۽ اڄوڪي ڏينهن ۾ هر هڪ ماڻهوءَ جي ذهن وٽ ڪيترا نوان تصور آيا هوندا ۽ اهي سڀ گڏ ڪجن ته ڪيترا نوان تصور ٿيندا، ڇا ڪو ڳڻي سگهندو؟
    هر ڏينهن سوين هزار نون تصورن سان اسان جو واسطو پوندو رهي ٿو ۽ اهو عمل ماڻهوءَ جي معاملي ۾ گذريل ٽيهن سالن کان هلي رهيو آهي. نون نون عڪسن جو ٺهڻ، انهن جي ٽوٽ ڦوٽ، انهن جو ميلاپ، انهن جي ڪجهه حصن جي ٽوٽ ڦوٽ، انهن جي ڪجهه حصن جو ميلاپ، نون عڪسن جو ٻاهرين معاملن سان عمل وسيلي واهپو.
    توهان ٻه هڪ جيترا پٿر کڻو. هڪ مترڪي سان هڪ جيترو زور لڳائي هڪ پٿر کي ڌڪ هڻو ۽ ٻي پٿر کي به ڌڪ هڻو. ٻنهي جي سلسلي ۾ ڇا هڪ جهڙو نتيجو ظاهر ٿيندو؟ ـــــــــ ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه هڪ جهڙو هجي (مثال طور، ٻئي پٿر ٽٽي پيا) پر گهڻو ڪجهه مختلف به هوندو. هڪ پٿر ڀڄي پيو، ٻيو به ڀڄي پيو، پر ڇا ٽيون ڀڄندو؟ وري نئون تصور. اهو سلسلو پيو هلي، ڄاڻ لاڳيتو پئي وڌي، نت نوان عڪس ٺهندا رهن ٿا، دماغي ڪم وڌيڪ ٿيندو رهي ٿو ۽ اهو وڌندڙ ڪم، دماغ جي لاڳيتي ورزش، نسل در نسل ورزش دماغ کي لاڳيتو وڌائيندي رهي ٿي.
    پاڳل ۽ ذهين ماڻهوءَ جي دماغن جي قد بت ۾ ان ڪري فرق ٿئي ٿو. پاڳل وٽ پهتل تصور انتهائي محدود ۽ گهڻي قدر مشروط آهن (جيئن هڪ جانور لاءِ)، ۽ ذهين ماڻهوءَ وٽ پهتل تصور ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهن، مشروط توڙي غير مشروط آهن. سندس ياد، تجربو، تعليم، پرک، ڄاڻ لاڳيتو وڌندڙ آهي، دماغ جي جيو گهرڙن ۾ گهڻي کان گهڻا عڪس ٺهندا رهن ٿا، نت نئين اليڪٽراني تبديلي ايندي رهي ٿي، نت نوان جيو گهرڙا ٺهندا رهن ٿا، جنهنڪري دماغ وڏو ٿئي ٿو.
    جسماني ورزش جسماني عضون کي سگهارو بنائي، وڌائي ٿي ۽ ذهني ورزش ذهني عضوي، دماغ کي لياقتن ڀريو بنائي ۽ وڌائي ٿي.
    اسان اڳ ۾ اهي مثال بيان ڪري آيا آهيون ته جيڪڏهن ڄائي ڄم کان ڏسڻ جو عضوو نه هجي (يا خراب هجي) ته ڏسڻ سان لاڳاپيل ڄاڻ جا تصور ٺهي نه ٿا سگهن وغيره، پر دماغ بابت ان کي ڪيئن بيان ڪري سگهجي ٿو؟
    جڏهن ٻالڪ ڄمي ٿو تڏهن وٽس ٻين عضون جيان هڪ عضوو ـــــــــ دماغ ـــــــــ به موجود آهي. جيئن ڏسڻ يا ٻڌڻ جي عضوي جو ڪم حواسن وسيلي پهچندڙ عڪسن کي سانڍڻ، سنڀالڻ ۽ ياد رکڻ آهي. جيڪڏهن ڪنهن به عضوي کان ڪو به عڪس دماغ تائين نه پهچندو، ته دماغ وٽ ڪو به تصور، ڪو به خيال نه هوندو. نئين ڄاول ٻالڪ وٽ دماغ آهي، جيئرو آهي، حياتياتي ڪم ڪري ٿو پر وٽس ڪو به تصور، خيال، سوچ، ڄاڻ، سمجهه ڪانهي. جيڪڏهن سمورا حواس بيڪار هجن ته دماغ وٽ پنهنجي ليکي ڪو هڪ به تصور ٺهي سگهي، اهوممڪن ڪونهي. دماغ خيالَ، تصور، عڪس، اولڙا پنهنجو پاڻ پيدا نه ٿو ڪري پر حواسن وسيلي حقيقتن کان وٺي ٿو، سانڍي ٿو، سنڀالي ٿو، ياد ٿو ڪري.
    ڪنهن ٻالڪ کي رڳو پنهنجو نالو ياد ڪرڻ لاءِ ڪيترو وقت لڳي ويندو آهي؟
    .....
    - هر حواس (ڏسڻ، ٻڌڻ، چکڻ، ڇهڻ يا سنگهڻ جو حواس) يا هر عضوو ڇا جو ٺهيل آهي؟
    + جيو گهرڙن جو.
    - تنتي سرشتو ڇا جو ٺهيل آهي؟
    + تنتي جيو گهرڙن جو.
    - هر جيو گهرڙو ڇا جو ٺهيل آهي؟
    + مادي جو. (بنيادي عنصر آهن ڪاربان، آڪسيجن، نائٽروجن، هائڊروجن وغيره.)
    - هر جيو گهرڙو جيئرو ڇو آهي؟
    + مادي جي ٺهيل خاص ترتيب سبب ٺهيل ڀڃ-گهڙ واري عمل جي ڪري جيئرو آهي.
    - دماغ ڇا جو ٺهيل آهي؟
    + تنتي جيو گهرڙن جو يعني حياتياتي ڀڃ-گهڙ ڪندڙ خاص مرڪبن جو يعني خاص ترتيب سان ٺهيل عنصرن جو، جيڪي مادو آهن ـــــــــ دماغ مادي جو ٺهيل آهي.
    - دماغ ڪهڙو ڪم ڪري ٿو؟
    + دماغ هڪ اهڙو عضوو آهي جيڪو حواسن وسيلي پهتل عڪسن کي پاڻ وٽ سنڀالي، سانڍي رکي ٿو.
    - جيڪڏهن دماغ نه هجي ته ڇا ڪا به سوچ، سمجهه، ڄاڻ ٺهي سگهي ٿي؟
    + نه، قطعي نه، ڪنهن به حالت ۾ نه.
    - سوچ، سمجهه، ڄاڻ ڪنهن جي محتاج آهي؟
    + دماغ جي.
    - ڇا دماغ سوچ، سمجهه، ڄاڻ جو محتاج آهي؟
    + دماغ سوچ، سمجهه، ڄاڻ جو محتاج ناهي، ڇو ته سوچ، سمجهه، ڄاڻ نه هئڻ باوجود به اهو دماغ ئي آهي.
    هاٿي، اُٺ، ڪتي، ٻلي، گڏهه، گهوڙي، ڪانءَ، ڪٻر، جهرڪيءَ، ڪرڙيءَ وغيره وٽ به دماغ ته آهي، پر ڪا به سوچ، سمجهه، ڄاڻ ڪانهي. سوچ، سمجهه، ڄاڻ کان سواءِ دماغ ٿي سگهي ٿو، پر دماغ کان سواءِ سوچ، سمجهه، ڄاڻ نه ٿي ٿي سگهي: سوچ دماغ جي محتاج آهي.
    - ڇا سوچ دماغ کي پيدا ڪري سگهي ٿي؟
    + نه، سوچ دماغ کي پيدا ڪري نه ٿي سگهي. سڄيءَ دنيا جا ماڻهو پنهنجي سکڻي سوچ وسيلي هڪڙي تبديلي به نه ٿا پيدا ڪري سگهن، ته ساهواري کي ڪيئن ٺاهي سگهندا يا ساهواري جي دماغ کي ڪيئن ٺاهي سگهندا؟ غير مادي شيءِ (سوچ، سمجهه يا ڄاڻ) ڪنهن به مادي شيءِ کي، مادي کي ٺاهي نه ٿي سگهي.
    - سوچ، سمجهه، ڄاڻ غير مادي ڇو آهي؟
    + ان ڪري جو ان ۾ مادي جي ڪا به خاصيت ناهي.
    - مادي جون ڪهڙيون خاصيتون آهن؟
    + مادو سوچ جو محتاج ناهي، سوچ کان سواءِ به مادو وجود رکي سگهي ٿو، ان جو ڪو نه ڪو قد بت، وزن، ماپ، رنگ روپ، ڏِکَ، ڇهاءُ، عڪس، اولڙو آهي. (سوچ، سمجهه، ڄاڻ ان ڪري غير مادي آهي جو ان جو ڪو به قد بت، وزن، ماپ، رنگ روپ، ڏِکَ، ڇهاءُ، عڪس، اولڙو ڪونهي.) سوچ مادي جي محتاج آهي (سوچ مادي کان سواءِ ٺهي سگهي ئي ڪا نه ٿي).
    - ڪن حالتن ۾ سوچَ سوچ جي ئي محتاج ڪيئن آهي؟
    + مثال طور وهم، ويساهه ۽ عقيدا، جن جو واسطو سوچ سان آهي انهن کي صحيح سوچ وسيلي ٺيڪ (درست) يا تبديل ڪري سگهجي ٿو. عيسائي عقيدي واري سوچ تبديل ٿي مسلمان عقيدي واري ٿي سگهي ٿي يا هڪڙن ديوَن، ڀوتن، راڪاسن، ديوتائن وغيره بابت ڄاڻ تبديل ٿي، ٻي ٿي سگهي ٿي يا مورڳو غير موجود ٿي سگهي ٿي. صحيح ڄاڻ اچڻ کان پوءِ غلط ڄاڻ ختم ٿي ويندي. سائنسي، حقيقي ڄاڻ اچڻ کان پوءِ غير سائنسي، غير حقيقي ڄاڻ پاڻ ئي ميٽجي ويندي. ڌرتيءَ کي اڄ ڏينهن تائين هزارين ماڻهو تراکڙو، پاپڙ يا مانيءَ جيان سمجهن ٿا، جڏهن ته اها لڳ ڀڳ بال جيان گول آهي. ماڻهو جڏهن اها حقيقت ڄاڻي وٺندا تڏهن اڳوڻي جاهل سوچ ختم ٿي ويندي، يا وري جيئن ڪيترائي ماڻهو سمجهن ٿا ته اڀ ڪا ٺوس يا دونهاٽيل (جهڙالي) شيءِ آهي جڏهن ته سائنس وٽ چوڦير ڏيکارجندڙ ”آسماني رنگ“، نيرهه (نيراڻ) يا ڪارهه (ڪاراڻ)، رڳو ديد جي کوٽ آهي (پر جيڪڏهن انهيءَ ”آسمان“ ۾ ڪا اهڙي شيءِ اچي وڃي جنهن جي روشني يا روشن اولڙو اسان تائين پهچي سگهي ته اها شيءِ ضرور ڏيکاربي، جيئن سج، چنڊ يا تارا ڏيکارجن ٿا).
    غلط سوچ سان واسطيدار هڪ ٻيو وهم يا ويساهه مثال طور وٺون:
    ڪيترائي ماڻهو اڄ ڏينهن تائين اهو ويساهه رکن ٿا ته هنن وٽ جن ديوين ديوتائن يا ڪنهن خاص ديوتا جو تصور موجود آهي، اهو سندن ابن ڏاڏن کان اڳ، الڳ، مٿاهون، انتهائي اتاهون ۽ سگهارو آهي، جنهن هن سڄي مادي جي مانڊاڻ (فطرت، جڳ، جهان، ڪائنات) کي خلقيو آهي ۽ ان ۾ موجود هر لقاءُ، هي سٽاءُ، هر عمل، هر اثر سڀ ڪجهه انهن ديوتائن جي سَڌن ۽ حڪمن جو نتيجو آهي وغيره.
    - ڇا اهو ممڪن آهي ته سوچون دماغ کان ڌار وجود رکي سگهن؟
    + ڪنهن به حالت ۾ ممڪن ڪونهي، ته سوچون دماغ کان ڌار وجود رکي سگهن. سوچون ته رڳو ماڻهوءَ دماغ ۾ ٻاهرين حقيقتن جا عڪس آهن (ڪئميرا به عڪس وٺي ٿي...)، تنتي جيو گهرڙي اندر اليڪٽراني ڦيرڦار آهن، اهي دماغ کان الڳ وجود رکي ئي نه ٿيون سگهن. جڏهن ماڻهوءَ ۾ حياتياتي ڀڃ-گهڙجو عمل بيهجي وڃي ٿو، تڏهن ماڻهوءَ سان گڏ ماڻهوءَ جو دماغ به مري وڃي ٿو ۽ دماغ جي خاتمي سان گڏ دماغي عڪس به ختم ٿي وڃن ٿا. سوچون ته ايتريون محتاج آهن ماڻهوءَ دماغ جون، جو ـــــــــ ماڻهوءَ دماغ جڏو آهي ته صحيح عڪس (سوچون) نه ٿا ٺهن، ماڻهوءَ دماغ رڳو ٿڪل آهي ته به سندس سوچڻ جو عمل ٺيڪ نه ٿو رهي، ماڻهوءَ دماغ بيشڪ موجود، ٺيڪ ٺاڪ ۽ جيئرو هجي پر حواس ختم هجن، ته به ڪا سوچ ٺهي نه ٿي سگهي، ماڻهوءَ دماغ بيشڪ موجود هجي پر مئل (حياتياتي ڀڃ-گهڙ جو عمل بيٺل) هجي، ته به هن ۾ ڪا به سوچ ٺهي نه ٿي سگهي، ته پوءِ جڏهن ماڻهوءَ دماغ هوندو ئي نه، ته سوچون وري ڇا جون!
    ۽ اهو ويساهه ته ويتر بيوقوفيءَ وارو آهي ته اهي سوچون نه رڳو وجود رکن پر ماڻهوءَ دماغ کان به اڳ وجود رکن، هر ساهواري کان به اڳ وجود رکن، ڌرتيءَ جڙڻ کان به اڳ وجود رکن ۽ نه رڳو وجود رکن پر ڪائنات ـــــــــ اڻکٽ، بي انتها، لامحدود ڪائنات ٺاهن، ان جو سمورو سٽاءُ ٺاهن، ڌرتي ٺاهن، ساهوارا ٺاهن، ماڻهو ٺاهن، ماڻهوءَ دماغ ٺاهن ۽ پوءِ وري پاڻ ماڻهوءَ دماغ ۾ ويهي رهن ـــــــــ چرخو ئي ابتو! هيءَ ته اڻ ڇيهه جهالت چئبي!
    - اهو ويساهه ڇو ٺهيو ته ڪائنات کي سوچن (غلط سوچن جي بنياد تي ٺاهيل لافاني ديوتائي تصورن) ٺاهيو آهي؟
    + جهوني ماڻهوءَ ڏٺو پئي (۽ اڄ به اسين سڀ هر ڏينهن ڏسون ٿا) ته اسان وٽ جيڪا به شيءِ موجود آهي ان جي ڪڏهن نه ڪڏهن ابتدا ٿئي ٿي، اها اڳ ۾ ڪا نه هئي ۽ پوءِ ٺاهي وئي، اها عدم (اڻهوند، ڪجهه به نه) مان ٺهي ۽ ڪجهه عرصو ڪم ڪندي رهي ۽ پوءِ نيٺ ڀڄي، ڀري، ختم ٿي وئي. ماڻهو، جانور، جيت جڻيا، وڻ ٻوٽا، ڀاڄيون ميوا، ان اناج، جهوپڙيون جهڳيون، هٿيار پنهوار، ٿانوَ ٿپا، کارا ٽوڪرا، مينهن طوفان، کنوڻيون گاج ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه پهريائين نه هو پوءِ وجود ۾ آيو ۽ وري نيٺ ختم ٿي ويو.
    ساهواري کي ان جي ماءُ ڄڻيو، پيدا ڪيو پئي، هر مند ۾ فصل کي هاريءَ پيدا ڪيو پئي، سڀ شيون پورهيتن ٺاهيون پئي ـــــــــ سڀ شيءِ جي اڻهوند، هوند (وجود) ۽ وري اڻهوند (غير موجودي) هئي. اهڙيون سڀ شيون مادي جون ٺهيل هيون تنهنڪري اهو اصول مادي سان ـــــــــ ڌرتيءَ سان، ڪائنات سان ـــــــــ به لاڳو ڪيو ويو ۽ سمجهيو ويو ته اهو سڀ ڪجهه اڳ اڻ موجود هو، پوءِ موجود ٿيو ۽ وري اڻ موجود ٿي ويندو.
    ڌرتيءَ کي، ڌرتيءَ تي موجود نظارن ۽ لقائن کي ـــــــــ جبلن، باغن، ندين، جهرڻن، برف، هوا، پاڻيءَ، ٻنين، فصلن جي ٻجن، وڻن، ٻوٽن، جيتن، جانورن، ماڻهن کي ــــــــ ماڻهوءَ ته ڪو نه ٺاهيو هو، پوءِ ڪنهن ٺاهيو؟
    ماڻهوءَ کي ماءُ ٺاهيو هو، ماتا ديويءَ ٺاهيو هو، فصلن کي به ديويءَ (فصلن ـــــــــ پيڄاري، رونبي، لاب وغيره جي ديوين ديوتائن) ٺاهيو هو، ڪيتريون ئي ڪَسيون، ناليون، واهيون، واهه به ديوين ديوتائن ٺاهيا هئا، گهرن، غارن، جبلن ــــــــ رهڻ-جاين ــــــــ کي به ديوين ديوتائن ٺاهيو هو: دنيا جي ڪهڙي شيءِ هئي جنهن کي ديوين ديوتائن نه ٺاهيو هجي! پوءِ پڪ سان ڌرتيءَ ۽ ڪائنات کي به ديوين ديوتائن ٺاهيو هو... ۽ تاريخي اوسر ۾ اڳتي هلي جڏهن طبقاتي سماج ظاهر ٿيو، جڏهن خاص ديوتا جو تصور ٺهيو، جڏهن ٻيا سمورا ديوتا خاص ديوتا جا غلام، ٻانها ٿي ويا ۽ انهن کي به خاص ديوتا ٺاهيو ته لازم هو، ايئن چيو وڃي ته سڄيءَ ڌرتيءَ، سڄيءَ ڪائنات کي خاص ديوتا ٺاهيو.
    ماڻهن لاءِ ڌرتي اها ئي ”سنئين، سڌي، وڇايل ڌرتي“ هئي (گول ڌرتي نه) ۽ ان ڌرتيءَ مٿان ڇٽ جيان پکڙيل، ڇانيل اڀ ــــــــ ماڻهن وٽ ڪائنات جو تصور محدود هو.
    ٻئي دنيائون خاص ديوتا ٺاهيون، ٻنهي دنيائن جو نظام خاص ديوتا جي نگهباني ۽ حڪم هيٺ ننڍن ديوتائن پئي سنڀاليو، ٻئي دنيائون محدود هيون، ٻئي دنيائون خاص ديوتا جي حڪم هيٺ هيون. جيئن سڀ شيءِ ٺهي پئي سگهي، تيئن ڊهي به سگهي پئي، ٻنهي دنيائن جي تباهي خاص ديوتا جي وس هيٺ هئي ۽ خاص ديوتا ٻنهي دنيائن کي تباهه ڪرڻ، ويڙهي ڇڏڻ لاءِ غلام ديوتا مقرر ڪري رکيا هئا جيڪي دنيائن کي ويڙهڻ لاءِ حڪم جا منتظر آهن.
    (1) ڇا واقعي هر ڪا شيءِ اڻ موجود (اڻهوند، ڪجهه به نه) مان وجود ۾ پئي آئي؟
    (2) ڇا واقعي هر ڪا شيءِ وجود مان اڻ موجود (فنا) ٿي پئي وئي؟
    - ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا ”ڪجهه به نه“ مان وجود ۾ آئي هجي؟
    + اهڙي ڪا به شيءِ ڪانهي جيڪا ”ڪجهه به نه“ مان ”ڪجهه“ ٿي (وجود ۾ آئي) هجي. ها، البت اهو ٿي سگهيو پئي ته اڳ هڪ روپ ۾ هجي ۽ هاڻي ٻيو روپ ورتو هجائين. ڌرتي پهريائين ڪا نه هئي، سج جو حصو، باهه جو گولو هئي، سج کان باهه جو گولو ٽُٽي سج جي ڪشش سبب (جتي شيءِ جي پرتي وڃڻ ۽ سج ڏانهن ڇڪجڻ جي قوت برابر پئي ٿي) هڪ مخصوص دائري ۾ ڦرڻ لڳي، هوري هوري ٺرندي رهي، ٺري پاڻياٺ، مٽي ۽ پٿر ٿي (ڌرتيءَ جي رڳو مٿين سطح ٺريل آهي، ڌرتيءَ جو وچ اڃا تائين اٻرندڙ پاڻياٺ، باهه آهي)، مخصوص ماحولن ۾ مخصوص قسم جا ڪيميائي عمل ٿيندي ڪيترائي خاص مرڪب ٺهيا، انهن مان حياتيءَ لاءِ لازمي مرڪب ٺهيا، مرڪبن ۾ ڀڃ-گهڙ جو عمل شروع ٿيو، ڀڃ-گهڙ جي عمل ٻاهرين شين سان هڪ، ڪَرائي (مطابقت)، جٽاءَ، بقاءَ، بچاءَ جي عمل سبب اوسر کاڌي، هڪ گهرڙا جيو ٺهيا، گهڻ گهرڙا جيو ٺهيا ـــــــــ انهن کي اسين ساهوارو سڏيون ٿا.
    ڌرتي گول آهي. هن وقت جڏهن اسان وٽ (سنڌ ۾) ڏينهن آهي تڏهن آمريڪا جا ٻئي کنڊ، ڏکڻ ۽ اتر، رات جي پاڇي هيٺ آهن ۽ جڏهن اسان وٽ رات هوندي آهي تڏهن اتي ڏينهن هوندو آهي. اسين به اڀ ڏسون ٿا ته هو به اڀ ڏسن ٿا ـــــــ ڌرتيءَ جي چوڦير هر گهڙيءَ ”اڀ“ موجود آهي.
    توهان ڇت مان هڪ وڏو گولو ڪنهن ڌاڳي سان ڇت ۽ فرش جي وچ تي خلا ۾ لٽڪائي ٻَڌو ۽ پوءِ تصور ڪريو ته اهو ڌاڳي سان ٻڌل ناهي ۽ ان جي چوڌاري پکڙيل خلا ۾ ننڍا وڏا، ويجها پري اهڙا سوين جسم (گولا) تصور ڪريو. سمجهو ته ڪمري جون ڀتيون، ڇت ۽ فرش ڪونهن ۽ جيستائين نگاهه پوي ٿي تيستائين رڳو ننڍا وڏا گولا ئي پکڙيل آهن ـــــــــ ڌرتي-گولو سڄيءَ ڪائنات ۾ ايئن ئي آهي. ڄاتل ڪائنات ۾ ڌرتيءَ گولي جي حيثيت واريءَ ذري کان به ننڍي آهي ۽ ڪائنات کي ڪو به ڪنارو ڪونهي، ان جي ڪٿي به انتها ڪانهي، اها ڪٿي به کٽل ڪانهي، اڻکٽ آهي، لامحدود آهي.
    - ڇا ڪو ماڻهو لامحدود، اڻکٽ جو تصور ڪري سگهي ٿو؟
    + نه،بس هو رڳو ايترو سوچي سگهي ٿو ته ڪا کوٽ ئي نه هجي، ڪو بند، ڪا انتها، ڪو ڪنارو ئي نه هجي. کوٽ، انتها، ڪناري وغيره جي تصور جو ابتو تصور اڻکٽ (لامحدود) آهي. سنئون سڌو اڻکٽ (لامحدود) جو تصور نه ٿو ڪري سگهجي.
    جڏهن ڪائنات کٽل ناهي، اڻکٽ آهي، ڪٿي ڪو ”اڀ“ ئي ڪونهي، ڪو خاتمو ئي ڪونهي ته اهڙي اڻکٽ (لامحدود) جنهن جو ڪو تصور (خاڪو) ٺاهي ئي نه ٿو سگهجي ان جي تخليق جو تصور ته مورڳو ٻاراڻو ٿيو پوي. ماڻهو جنهن ڪائنات جي تخليق جو تصور ڪري سگهيو اها کٽل، محدود، سوڙهي ۽ ننڍي هئي ۽ ان جي تخليقڪار (خالق)، ٺاهيندڙ، پيدا ڪندڙ کي ان کان به وڏو ڪري ان جي مٿان ويهاري ڇڏيائين.
    توهان ڌيان ڏئي ڏسو ته جنهن خاص ديوتا کي ڪائنات جو خالق بنايو ويو آهي ان جو تصور ڪيترو نه محدود آهي: اهو ڪرسيءَ تي ويهي سگهي ٿو، اهو منهن وات هٿ رکي ٿو، ٻين ديوتائن کي حڪم ڏئي سگهي ٿو (ظاهر آهي ته پاڻ کان ڪجهه پرَڀري شيءِ سان ڳالهائي سگهي ٿو)، اهو خاص ديوتا ڪائنات کان پرڀرو آهي (معنى جيڏي ڪائنات تصور ڪئي وڃي ٿي ايڏي حد ۾ موجود ناهي)، ڇا جو ٺهيل آهي (ڪي روشني جو چون ٿا)، ان جي خبر ناهي ــــــــ رڳو تصور ئي تصور آهي، رڳو خيال ئي خيال آهي، عڪس آهي وڏي، سگهاري، هلنديءَ واري ماڻهوءَ جو ـــــــــ هر ديوتا ماڻهوءَ (يا ڪن ٻين شين) جو رڳو عڪس آهي ـــــــــ خيالي ”وجود“ آهي جيڪو سوچ جي تبديليءَ سان بدلجي سگهي ٿو.
    اڻکٽ، لامحدود ڪائنات کي ڪنهن به پيدا ڪندڙ (جيڪو محض تصور هجي) جي ڪا به گهرج ڪانهي. سائنسي اصول آهي ته مادي کي ڪو به خلقي نه ٿو سگهي، ”ڪجهه به نه“ مان ”ڪجهه“ ٺهي نه ٿو سگهي، هڪ روپ کان ڦري ٻيو روپ ٿي سگهي ٿو ۽ ان مان وري ٽيون روپ جنم وٺي سگهي ٿو ۽ ايئن سلسلو هلندو رهي ٿو.
    - دماغ مادي جو ٺهيل آهي، سوچون غير مادي آهن.
    - دماغ اڳ آهي، سوچون پوءِ آهن.
    - سوچن کان سواءِ دماغ ٿي سگهي ٿو، دماغ کان سواءِ سوچ نه ٿي ٿي سگهي.
    - سوچَ دماغ جي محتاج آهي، دماغُ سوچَ جو محتاج ناهي.
    - سوچَ دماغ جي ڪري آهي، دماغُ سوچ جي ڪري ڪونهي.
    - دماغ سوچون سانڍي ٿو، سوچون دماغ کي ڪو نه ٿيون سانڍن.
    - سوچون مادي کي تخليق، تبديل ڪري نه ٿيون سگهن، دماغ سوچن کي تخليق، تبديل ڪري سگهي ٿو.
    - سوچون رڳو تصور، احساس، عڪس، اولڙو آهن ڪنهن نه ڪنهن مادي جو، جنهن کي حواسن وسيلي محسوس ڪري سگهجي ٿو، سوچن جو اولڙو، عڪس نه ٿو ٿي سگهي.
    - دماغ جيئرو عضوو آهي، جيئري جسم جو حصو آهي، جيئرو جسم مادو آهي، سڄي ڪائنات مادي جي ٺهيل آهي.
    - مادو اڳ آهي، جيئرو مادو پوءِ آهي، جيئري مادي جو دماغ اڃا به پوءِ آهي، ماڻهوءَ جو اسريل دماغ اڃا به پوءِ آهي، ماڻهوءَ جو سماج ان کان به پوءِ آهي، ماڻهوءَ سماج ۾ ٻولي، ماڻهوءَ سماج کان به پوءِ آهي، ٻوليءَ کان پوءِ ئي سوچون آهن.
    - سوچون مادي، جيئري مادي، جيئري مادي جي ٺهيل دماغ، ماڻهوءَ جي دماغ ۾ ٻاهرين، مادي جي حقيقتن تان آيل آهن.
    لکين سالن جي ارتقائي عمل جيئري مادي کي جنم ڏنو، وري لکين سالن جي ارتقائي عمل تنتي سرشتي کي جنم ڏنو ۽ اڃا به وري لکين سالن جي ارتقائي عمل مرڪزي تنتي سرشتي کي جنم ڏنو. مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ ساهوارن ۾ ماڻهو انهن کان به لکين سالن جي ارتقا کان پوءِ ٺهيو، جنهن کي لکين سالن تائين سماجي عمل ماڻهوءَ دماغ بنايو.
    ماڻهوءَ دماغ انتهائي ڳتيل، گهڻ جيو گهرڙو، نسبتاً وڏو ۽ اسريل جيئرو عضوو آهي جيڪو مادي جو ٺهيل آهي. ان ۾ سوين قسمن جا انتهائي پيچيده، گوناگون، گهڻ پاساوان عمل ٿيندا رهن ٿا ۽ انهن مان هڪ عمل حواسن وسيلي پهتل عڪسن کي سانڍڻ، ڇنڊڻ ڇاڻڻ، پرکڻ پرجهڻ ۽ پروڙي ڄاڻ پرائڻ آهي ۽ پوءِ ان ڄاڻ جي بنياد تي وري شين کي پرکڻ، پرجهڻ، ڄاڻڻ جو عمل هلندو رهي ٿو.ڇا دماغ نه هجي ته ڪا به سوچ ٿي سگهي پئي؟
    نه، دماغ کان سواءِ ڪا به سوچ نه ٿي سگهي ٿي. اسان وٽ جيڪا به ڄاڻ آهي، جيڪي به احساس، خيال، خواهشون، سوچون، جذبا، ارادا، عزم، ايمان، عقيدا، وهم، ويساهه آهن، اهي ان ڪري آهن جو اسان وٽ احساس جا حواس آهن، احساسن کي سانڍڻ وارو، سوچڻ وارو عضوو ــــــــ دماغ ــــــــ آهي.
    جڏهن اڃا ڪا به سوچ، سمجهه وجود ۾ نه آئي هئي دماغ ان کان به اڳ وجود رکيو پئي. سمجهه کان اڳ دماغ، ماڻهوءَ، جانور، جيت جڻيي، وڻ ٻوٽي ۽ گاهه پٺي، ڌرتيءَ، ڪائنات، مادي وجود رکيو پئي. مادو ڪڏهن به سمجهه، سوچ جو محتاج نه رهيو آهي. مادو خالق آهي ۽ سوچ ان جي مخلوق.
    ڪن ماڻهن اهو به چيو پئي ته دماغ هڪ غدود جيان ڪم ڪري ٿو ۽ خيال ڪنهن رطوبت، پاڻياٺ جيان ان ۾ ٺهندا، وهندا رهن ٿا. رطوبت، پاڻياٺ مادو آهي ۽ خيال ڪڏهن به مادو نه ٿا ٿي سگهن. خيال ته رڳو عڪسَ آهن، اولڙا آهن، احساس آهن ٻاهرين حقيقتن جو، جيڪي تنتي نظام وسيلي دماغ تائين پهچن ٿا. دماغ پنهنجي ليکي ڪو هڪ به خيال ٺاهي نه ٿو سگهي.
    جيئن جسم ۾ ٻين عضون جا پنهنجا پنهنجا مخصوص ڪم آهن، مثال طور، دل جو ڪم آهي بدن جي رت ڌڪڻ ۽ ڇڪڻ، ڦڦڙن جو ڪم آهي هوا ڇڪڻ ۽ ڌڪڻ، گوشت جو ڪم آهي لڱَ ويهڻَ، گهمڻ، لائق بنائڻ، ساڳيءَ طرح دماغ به هڪ عضوو آهي جنهن جو ڪم آهي عڪس وٺڻ ۽ ظاهر ڪرڻ. اهي عڪس خود دماغ جي مختلف حصن مان به اچن ٿا، جسم مان به اچن ٿا ۽ جسم کان ٻاهران سڄيءَ دنيا، ڪائنات مان به اچن ٿا، دماغ انهن کي ظاهر ٿو ڪري پنهنجي ردعمل وسيلي، عضون جي چرپر وسيلي، ٻوليءَ وسيلي، عمل وسيلي. اهو رڳو دماغ ئي آهي جنهن مان سوچ ظاهر ٿي سگهي. دماغ کان سواءِ سوچ جو وجود ممڪن ڪونهي. ”خيال کي ڪو به سوچيندڙ مادي (دماغ) کان ڌار ڪري نه ٿو سگهي.“ سوچ، سمجهه، خيال، تصور ڀلي کڻي ڪيڏا به نوان، نرالا ۽ ظاهري طرح اسان جي احساس کان مٿاهان نظر ايندا هجن پر اهي مادي جي جسماني عضوي دماغ ۾ ئي آهن.


    باب تيرهون

    جيڪڏهن سماج نه ٺهي ها، ته ڇا سوچ (سمجهه) ٺهي سگهي پئي؟

    ڇا مادي جي ڏاڍي منظم صورت يعني ماڻهوءَ دماغ ۾ سمجهه رڳو ان ڪري وڌي ٿي جو اهو جيئرو آهي يا ان جي پيدا ٿيڻ جا ڪي ٻيا سبب به آهن؟
    توهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته ٻاهرين حقيقتن جا احساس ماڻهوءَ جي دماغ تائين حواسن وسيلي پهچن ٿا ۽ اهي ئي حقيقتن جا احساس هر ٻي ساهواري توڙي اَساهواري تائين به پهچن ٿا. چنڊ تائين سج جي روشني پهچي ٿي ۽ ان جي اولڙي کي سڏيون ٿا چانڊوڪي، ننڍڙو گرهه (سيارچو) جڏهن پنهنجي مدار مان ٽٽي ٿو تڏهن تيز رفتاريءَ سان ان وڏي جسم (گرهه يا سياري) ڏانهن وڌي ٿو جنهن جي ڇڪ مٿس اثر ڪندي هجي. زمين جي فضائي پٽي ۾ هوا سان تيز گاٺ سبب گهڻي گرمي ۽ روشني پيدا ٿئي ٿي، جنهن کي اُماڙي سڏيون ٿا، ۽ جڏهن اهو ننڍڙو گرهه ٺوس حالت ۾ زمين سان ٽڪرائي ٿو تڏهن ان جو مخصوص نشان، عڪس ٺهي پوي ٿو، وڻ کي لڳل ڪهاڙيءَ جي ڌڪ جو اولڙو ٿئي ٿو وغيره (اهي سڀ شين جي بيوَس اولڙن جا مثال آهن). ننڍڙي کان ننڍڙو ساهه وارو به اولڙو ڪري ٿو، ان جو اولڙو مڇريل ردعمل آهي، اهو شڪار (کاڄ) ڏانهن وڌي وڃي ٿو ۽ دشمن کان ڀڄي پري ٿئي ٿو. گهڻ جيو گهرڙي ساهواري ۾ اهو ئي ردعمل مشروط ٿئي ٿو، جنهن جو بهترين اظهار مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ ساهوارن ۾ ٿئي ٿو ۽ سمورا وڏا جانور عام طرح مرڪزي تنتي سرشتو رکن ٿا. ڪُتي، گهنٽيءَ ۽ کاڌي جي ناتي سان اسان اهو مشروط رد عمل سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري چڪا آهيون.
    مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ ساهوارا }هاٿي، اُٺ، سانُ، ڍڳو (ڏاند)، ٻَڪَرُ، گَهٽو (دنبو)، سهو، ڪبوتر، بازُ ۽ انهن جا مؤنث وغيره{ ماڻهوءَ جيان ٿوري گهٽ وڌ فرق سان ٻاهرين حقيقتن جو احساس وٺن ٿا. انهن جي دماغ ۾ حواسن وسيلي پهتل اطلاع (خبر، سڌ، احساس) حسي تصوير ٺاهي ٿو ۽ انهن جو نمونو، طريقو، اثر (خيال) ظاهر ٿئي ٿو.
    احساس، حسي تصوير ۽ اثر کي حسي ڄاڻ سڏجي ٿو. ڪجهه گهٽ يا وڌ سمورا مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ ساهوارا حسي ڄاڻ حاصل ڪن ٿا. اهي وڻ، جاءِ، جهوپڙي، غار، جانور وغيره جي فرق کي محسوس ڪن ٿا، منهن مهانڊي، ڏيک ويک جو فرق محسوس ڪن ٿا، جيڪا شيءِ سندن لاءِ خطرناڪ آهي ۽ جيڪا شيءِ سندن لاءِ ڪارائتي آهي، لهه وچڙ ۾ اچڻ کان پوءِ ٻنهي ۾ فرق ڪن ٿا وغيره.
    اهي احساس، حسي تصويرون ۽ اثر جيڪي حياتيءَ، جياپي لاءِ انتهائي اڻٽر هئا، انهن سان لاڳيتو ٺاهه ڪندي (جيئن ماحول، آبهوا، کاڌي پيتي، ڇانوَ ڇپر وغيره) ساهوارن ۾ اهي پڪيون عادتون پيدا ٿي پيون جيڪي وڏن کان ننڍن ڏانهن نسلي طرح تبديل ٿي سگهيون پئي. نسلي طرح تبديل ٿيندڙ عادتن کي جبلت چئجي ٿو. ماءُ پيءُ (وڏڙن) جي بدني بناوت ۽ جبلتون پراڻي نسل کان نئين نسل ۾ تبديل ٿين ٿيون. انهيءَ حد تائين ننڍا وڏا ساهوارا ٿوري گهڻي فرق سان ذري گهٽ هڪجهڙا آهن. ماڻهو ٿي سگهندڙ ساهواري ۽ ٻين جانورن ۾ ان حد تائين ڪو خاص فرق ڪو نه هو سواءِ (ارتقا) جي ڏاڪي واري فرق جي، جنهن موجب ماڻهوءَ جهڙو ساهوارو اوسر جي اتاهين ڏاڪي تي آهي.


    جبلت ۽ عادت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

    جبلت اهي عادتون آهي جيڪي سموريون جو سموريون نسلي طرح وڏڙن کان ننڍڙن ۾ تبديل (منتقل) ٿين ٿيون.
    عادت اهو رويو آهي جيڪو نسلي طرح تبديل ڪو نه ٿو ٿي سگهي پر پنهنجي حياتيءَ دوران ڪنهن به ساهواري ۾ انفرادي طرح پيدا ٿئي ٿو ۽ ان جي پوري ٿيڻ کان سواءِ هڪ بي چيني پيدا ٿئي ٿي.
    ڪيترن ئي ماڻهن ۾ سگريٽ (ٻيڙي) ڇڪڻ جي عادت آهي. انهن ماڻهن ۾ اها عادت پنهنجن وڏڙن کان نسلي طرح تبديل ڪا نه ٿي آهي (بيشڪ اهي به سگريٽ ٻيڙي ڇڪيندا هجن). ڪو ماڻهو ڪرڪيٽ، فوٽ بال، مَلهه، اِٽي (ڏِڪي) ڏَڪر وغيره راند کيڏڻ جي عادت پرائي وٺن ٿا، پر اهي به نسلي طرح تبديل ڪو نه ٿيون ٿين. ڪن ماڻهن کي ڌاڙي، چوريءَ، جوئا يا نشي کان سواءِ بي چيني ٿيندي (سبب ڪهڙو به هجي) پر اهي عادتون به جبلي طرح تبديل ڪو نه ٿيون ٿي سگهن (چور جو پٽ چور، ظالم جو پٽ ظالم، ڊڄڻي جو پٽ ڊڄڻو وغيره اهڙا سمورا مثال ڪوڙ آهن).
    ”سمجهدار“ جانورن جو مثال به ايئن آهي. سرڪس جي جانورن کان وڌيڪ ”سمجهدار“ ساڳي ئي جنس جو ٻيو ڪهڙو جانور هوندو‍‍! لوهي تار تي هلندڙ ٻڪر، جهمر هڻندڙ گهوڙو، باهه واري ڇلي منجهان ٽپو ڏيندڙ شينهن، مختلف ڪرتب ڏيکاريندڙ ڪتو وغيره.
    حقيقت اها آهي ته اهڙن جانورن کي اذيتون (بک، اڃ، مار، اڪيلائپ، وڇوڙو، بجليءَ جا جهٽڪا وغيره) ڏئي ”سڌاريو“ ويو آهي، انهن ۾ زوريءَ اهي عادتون پيدا ڪيون ويون آهن. اڪثر عادتون ته جبلي عادتن کي ئي (هٿراڌو چونڊ، هٿراڌو لڳ وغيره وسيلي) وڌائي ٺاهيون ويون آهن جنهنڪري ئي واٺا، پهريدار، ڦاڙيندڙ، شڪاري ڪتا وغيره ٿيا، پر ڪي ڪي عادتون (جيئن سرڪس واريون) انفرادي تربيت جو نتيجو آهن ۽ ان انفرادي تربيت دوران اذيت ڏيڻ هڪ اهم عمل هوندو آهي.
    ڪي عادتون اهڙيون آهن جن ۾ عادتيءَ کي فائدو ٿئي ٿو، جيئن پڙهڻ جي عادت، ڌيان سان ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي عادت، راند جي عادت وغيره ۽ ڪن عادتن مان عادتيءَ کي نقصان ٿئي ٿو، جيئن نشو، جوئا وغيره. ساڳي ڳالهه ”سمجهدار“، ”سڌريل“ جانور سان لاڳاپيل آهي، جيڪڏهن اهي سنڀاليندڙ جي سکيا موجب عادتون ٺاهن ٿا ته کين نفعو کاڌو خوراڪ ۽ ”شاباس“ ملي ٿي ۽ جيڪڏهن گوٿ ناٿ ڪن ٿا ته اذيت جا اهنج.
    جبلتون اوسر جي عمل دوران تبديل ٿينديون رهن ٿيون، جڏهن ته عادت تي اوسر (ارتقا) جو ڪو به اثر نه آهي.
    ماڻهوءَ سماج (راڄ) ۾ رهندي ڪيترين ئي وحشي، جهنگلي، جانورن وارين جبلتن کي لاڳيتو گهٽ ڪندو، ڌڪاريندو ۽ پنهنجي جند ڇڏائيندو پئي رهيو آهي پر پوءِ به اڄ ڏينهن تائين منجهس ڪيتريون ئي جبلتون موجود آهن، جيئن ڊپ ۾ وٺجڻ، ويڙهه ڪرڻ، شڪار کيڏڻ، ٺينگ ٽپا ڏيڻ، نقل ڪرڻ، بدلو وٺڻ، خود غرض هجڻ وغيره. جيئن جيئن ماڻهو سڌرندو ويندو تيئن تيئن انهن جهنگلي جانورائي جبلتن مان به جند ڇڏائيندو ويندو. (مهرباني ڪري سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب ”وحشي جيوت جا نشان“ ضرور پڙهو.)
    ماڻهوءَ کان سواءِ ٻيو هر ساهوارو حسي ڄاڻ جي درجي کان مٿي چڙهي نه سگهيو آهي. ماڻهوءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن به ساهواري کي خبر ناهي ته هو جيئرو ڇو آهي، پيدا ڪيئن ٿيو، ڌرتي ڇا آهي، ڌرتيءَ تي پکڙيل گوناگون ۽ رنگا رنگ لقاءَ ڇو آهن، ڌرتي گولو آهي، اها ڦري ٿي پنهنجي مرڪز چوڌاري (جيئن لاٽون پنهنجي ڪوڪي چوڌاري ڦري ٿو) ۽ سج چوڌاري. چنڊ، چاندوڪي، چنڊ جي ڦيري جي ڄاڻ به رڳو ماڻهوءَ وٽ آهي. سج، تارن، ڪائنات، مادي، سمجهه، سونهن، سلڇڻائيءَ بابت رڳو ماڻهو ئي ڄاڻي ٿو. ماڻهو ئي آهي جيڪو پاڻ، ٻين ماڻهن ۽ شين، پنهنجي پورهيي ۽ سماج، پنهنجيءَ ٻوليءَ ۽ ثقافت، قوم، طبقي، سامراج، ظلم، انصاف، برابريءَ، جمهوريت، فسطائيت، راڄوڻي نظام، غلامداريءَ، جاگيرداريءَ، سرمائيداريءَ، سوشلزم، ڪميونزم، بادشاهت، شهنشاهت، پورهيت، مزدور، هاريءَ، صنعت، پوکيءَ، جانور پالنا، سائنس، مادي، سچ وغيره بابت ڄاڻ رکي ٿو. ماڻهو ئي آهي جيڪو سوچي سمجهي پنهنجي انفرادي توڙي اجتمائي حالتن کي بدلائڻ ۽ ٺيڪ بنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ماڻهو ئي آهي جيڪو پنهنجيءَ حياتيءَ جو مقصد مقرر ڪري ٿو... ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه.
    - ماڻهو ايڏو مٿير ڇو آهي؟
    - ماڻهو جانورائي حياتيءَ جي گهيري کان ڇو نڪري سگهيو؟
    - ماڻهو ٻولي ڇو ٺاهي سگهيو؟
    - ماڻهو گهر ٺاهي، اناج اپائي ۽ ايجادون ڪري ڇو سگهيو؟
    - ماڻهو حياتيءَ، فطرت، ڪائنات، مادي کي ڇو سمجهي سگهيو؟
    اچو ته ڪجهه مثال وٺون:
    (1) ماڻهوءَ جي ٻالڪ وٽ ڄمڻ وقت ڪا به ڄاڻ نه آهي، جڏهن ته اهو هر طرح جيئرو ۽ صحتمند آهي.
    (2) جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي ٻالڪ جا ڄائي ڄم کان پنج ئي اهم حواس ۽ سندس سوچڻ جو عضوو ـــــــــ دماغ ـــــــــ جيئرا ته هجن پر پنهنجو پنهنجو مخصوص عڪسڻ وارو ڪم ڪري نه سگهن، ته ماڻهوءَ وٽ ڪا به ڄاڻ نه ٿي ٿي سگهي.
    (3) سمجهو ڪري ته هڪ ڍُڪي عورت ڪنهن به سبب ڪري جهنگ (ٻيلي) ۾ ڦاسي اڪيلي رهجي وئي. هوءَ هڪ ٻالڪ کي ڄڻيندي ئي مري وڃي ٿي ۽ ٻالڪ ڪنهن نه ڪنهن نموني جيئرو رهجي اچي ٿو ۽ جوان ٿئي ٿو. انهيءَ حالت ۾ هن وٽ سماج، قائدن قانونن، فطرت وغيره جي ڄاڻ ٿي سگهي ٿي؟ ڇا هو ڪا ٻولي ڳالهائي سگهندو؟
    جواب آهي، ”نه“.
    (4) سمجهو ڪري ته هڪ ٻالڪ کي هڪ اونداهي ڪمري ۾ بند رکيو وڃي ۽ ڪنهن نه ڪنهن نموني هو جيئرو رهي اچي ۽ جوان ٿئي. انهيءَ وچ ۾ هن سان نه ئي ڪو ڳالهائي ٻولائي، نه ڪا شيءِ ڪمري ۾ آندي وڃي ۽ نه ئي روشني هجي. نتيجو ڇا نڪرندو؟ ڇا هن وٽ ڪا ڄاڻ ٿي سگهندي؟
    جواب سڀ ڪو سمجهي سگهي ٿو: وٽس ڪا به ڄاڻ، ڪا به ٻولي، ڪا به ماڻهوئي خوبي نه هوندي، اڃا به ان حالت ۾ هو ته انڌو، ٻوڙو، گونگو وغيره هوندو.
    - ڇو؟
    + اونداهي ڪمري مان هڪدم تيز روشنيءَ ۾ اچڻ سبب ڪجهه به نه ڏيکاربو آهي.
    + اونداهي ڪمري جو قيدي چڱيءَ دير تائين پنهنجون اکيون به کولي نه سگهندو آهي ۽ اکيون بند هئڻ باوجود اکين ۾ سور محسوس ڪندو آهي.
    + اڪيلائپ جو قيدي پاڳل، گونگو، ٻوڙو، انڌو ٿي سگهي ٿو.
    (5) اڄ ڪلهه ڪيترين ئي اسپتالن ۾ ڪلوز سرڪٽ ٽيليويزن جو بلو ڪيل آهي. آپريشنون يا سيريس (شديد بيمار، موت حياتيءَ جي ڇڪتاڻ ۾ مبتلا) ماڻهوءَ سان جيڪو ڪجهه ڊاڪٽر ڪن ٿا، عام طرح اهو انهن ٽيوِيُن تي ڏيکاريو وڃي ٿو. مثال طور، في الحال ذڪر رڳو ان مريض جو ڪجي ٿو جنهن جي بڪيءَ ۾ پٿريون آهن ۽ انهن کي وَڍي ڪَٽي ٻاهر ڪڍڻو آهي. بيمار کي دوائن وسيلي بيهوش ڪيو وڃي ٿو، سندس پيٽ جي کل، پردا، گوشت، بڪيءَ جو پردو ۽ گوشت چيري بڪيءَ جي چير کي ويڪرو ڪري پٿريون چونڊي ڪڍي، وري چيريل عضون کي سئيءَ سان ٽڪا هڻي بند ڪجي ٿو.
    ڇا بيمار، بيهوش ماڻهوءَ کي پاڻ سان ٿيل ان سڄيءَ ويڌن جي خبر پئجي سگهندي؟
    جواب آهي، ”نه“.
    (7) حقيقي زندگيءَ ۾ پيش آيل هڪ نرالو واقعو اوهان مان ڪيترن ئي ٻڌو هوندو. اهو ٻن ٻارڙن جو قصو آهي جيڪي جهنگ مان هٿ ڪيا ويا جتي انهن کي ”جانور کڻي ويا“ هئا. 1920ع جي ڳالهه آهي ۽ ڀارت ۾ ٿي گذري:
    هڪ جهنگ جي ويجهو رهندڙ ڪجهه ڳوٺاڻن کي بگهڙن جي هڪ ميڙ ۾ ڪجهه عرصي کان ”ٻه ڀوت“ نظر اچڻ لڳا. اهي ”ٻئي ڀوت“ بگهڙن سان گڏ رات جو ظاهر ٿيندا هئا، ڊوڙون وجهندا ۽ اوناڙون ڪندا هئا ۽ وري انهن سان گڏ ئي موٽي وڃي ڏرِ ۾ لڪندا هئا. وهم وسوڙل ماڻهو انهن ڀوتن کان ڊڄي کاڌي پيتي جون ڪجهه شيون کڻي وڃي جهنگ ويجهو رکي ايندا هئا ۽ انهن جي ڪاوڙ (غضب، ڪروڌ) کان بچڻ لاءِ ڌڻيءَ در پيا ٻاڏائيندا هئا.
    نيٺ ان واقعي جي خبر يتيم خانو سنڀاليندڙ مسٽر سنگهه کي پئي. هن ڏاڍا جتن ڪري نيٺ انهن ٻني ”ڀوتن“ کي پڪڙي ورتو، ۽ پوءِ ماڻهو اهو ڏسي وائڙا ٿي ويا ته اهي ٻئي ”ڀوت“ نه، پر ”ڇوڪريون“ هيون، هڪ جي ڄمار اٽڪل 18-مهينا ۽ ٻيءَ جي 8-سال هئي.
    مسٽر سنگهه انهن ”ڇوڪرين“ کي کڻي اچي يتيم خاني ۾ رهايو جتي کين ٻارن سان گڏ ڇڏيو ويو، پر اهي ٻئي پنهنجي ميزبان لاءِ مٿي جو سور ثابت ٿيون. اهي جيتوڻيڪ ڪنهن مائيءَ جون ڄايون هيون پر عادتن ۾ مڪمل جهنگلي جانور. خاص طرح شروع وارن ڏينهن ۾ ته انهن ڏاڍو ٻائيتال مچايو. اهي ڏينهن جو ڪنهن اونداهي ڪنڊ پاسي وڃي سمهي پونديون هيون ۽ رات جو اُڀ مٿي تي کڻي ڏينديون هيون. اهي اڱڻ ۾ ڊوڙون وجهنديون ۽ اوناڙون ڪنديون هيون ۽ ماڻهوءَ رڌو پڪو ڪجهه به نه کائينديون هيون. انهن وٽ ماڻهوءَ سمجهه جو ڪو ٻيو نشان ته رهيو پرتي، پر هنن لاءِ رڳو ٻن ڄنگهن تي اُڀو ٿي هلڻ واري ماڻهوءَ جي خاص خوبي به ڪا نه هئي. اهي چئني پيرن (ٻن ”هٿن“ ۽ ٻن پيرن) وسيلي هلنديون هيون. جانورن جي وچ ۾ گذاريل حياتيءَ نه رڳو انهن جون عادتون ڦيرائي جانورن واريون ڪري ڇڏيون، پر انهن جي جسمن تي به اثر ڇڏيو هو. انهن وٽ اهڙي ڪا به لياقت ڪا نه هئي جيڪا وٽن موجود ڪنهن سمجهه جي نشاندهي ڪري ۽ نه ئي وري کين ڪا انساني احساسن ۽ جذبن جي خبر هئي. اهي اونداهيءَ جون جانور هيون.
    ڏاڍي همت ۽ ماٺيڻائيءَ سان ٻن اڍائي سالن جي ڪوشش هوري هوري پنهنجو رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيو. انهن منجهه انساني خصلتون پيدا ٿيڻ لڳيون ۽ انهن ڪنهن حد تائين پيرن تي هلڻ به سکي ورتو. هوري هوري کين ڪجهه لفظ سيکاريا ويا. ماڻهوءَ جي سمجهه هنن ڏانهن تبديل ٿيڻ لڳي. وٽن ڪي ”سسيل“ تصور به ٺاهيا ويا، ننڍڙا ”جانور“ ٻارڙن ۾ تبديل ٿيڻ لڳا. اتفاق جو اهي وڌي وڏيون ٿيڻ کان اڳ مري ويون.
    اهي سموريون حقيقيتون ڇا ٿيون سيکارن؟


    اهي ڪهڙا سبب آهن جو ماڻهوءَ جهڙو ساهوارو ماڻهو ٿي سگهيو؟

    اهي حقيقتون اهو ٿيون سيکارن ته بيشڪ ماڻهوءَ جهڙي ساهواري ۾ ماڻهوءَ دماغ، جيئرو دماغ موجود هجي پر ان کي ماڻهو ٿيڻ لاءِ ماڻهوءَ سماج ۾ گڏ هجڻ، سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ ان ۾ پلجڻ لازمي آهي.
    اهي ڪهڙا سبب آهن جنهنڪري ماڻهوءَ سماج ٺهي سگهيو؟
    - رت جي رشتن ۾ اها قوت ڪانهي جا پنهنجي هم نسل کي لاڳيتو پاڻ ۾ ڪٺو رکي سگهي. هر جانور جي آڪهه يا رت جي رشتي ۾ ڳنڍيل ماءُ پيءُ ۽ اولاد جوان ٿيڻ تي هڪ ٻي کان غير واسطيدار ٿي وڃن ٿا.
    - جنسي لاڳاپن ۾ به اها قوت ڪانهي جا پنهنجي هم نسل مخالف جنس کي لاڳيتو پاڻ ۾ ڪٺو رکي سگهي. هر ساهوارو ڪنهن مخصوص مند يا وقت ۾ جنسي لاڳاپي هيٺ رهي ٿو ۽ پوءِ غير واسطيدار ٿي وڃي ٿو.
    - هم نسلي هجڻ ۾ به اها قوت ڪانهي جا راڄن کي گڏ رکي سگهي. هم نسلي ويجهڙائي فطري قيد سبب هڪ ٻي جي ويجهو ته رکي سگهي ٿي پر راڄ ٺهرائي، هڪ ٻي سان سهڪار ڪرائي، هڪ ٻي جي ويجهو، ڳنڍيل رکي نه ٿي سگهي.
    پورهيو...
    پورهيو ئي اهو پهريون سبب آهي جنهن ماڻهوءَ جهڙي ساهواري کي ماڻهو بنايو، سندس اڳين ڄنگهن کي آزاد ڪري ٻانهون ٺاهيو، پوين ڄنگهن کي وڌيڪ سوکو سگهارو ڪيو، سندس چيلهه جو ڪٻ سنئون ڪيو، کوپڙيءَ کي ڪنڌ جي مشڪن وسيلي ان لائق بنايو جو هڪ حالت ۾ بيٺي چوڦير (اڳيان، پٺيان، کاٻي، ساڄي، هيٺ، مٿي) ڏسي سگهي، سندس آڱرين کي سنهو، ڊگهو، سخت ڪم لائق ۽ سهڻو بنايو، سندس گهگهي نڙيءَ کي ميٺاڄ ڀريو، وڻندڙ آواز ۽ سوين مختلف آواز ڪڍي سگهڻ جي سگهه ڏني، دماغ کي ڀڃ-گهڙ جي عملن جا عڪس ڏنا، حسي ڄاڻ کي وڌائي منطقي ڄاڻ جي درجي تي پهچايو، شين، ڳر جي گهرائي، جوهر، فطرت ۽ اصليت سمجهڻ جي قوت بخشي ۽ اهڙيءَ طرح هن کي نئين کان نئين ڄاڻ جي خزاني سان مالامال ڪندو رهيو. پورهيو ئي آهي جيڪو جياپي لاءِ گڏجي اپائڻ، هڪ ٻي جي ويجهو رهڻ، هڪ ٻي جي مدد ڪرڻ، سهڪار وٺڻ، ساٿ ڏيڻ، گڏجي جيئڻ، ونڊي وراهي کائڻ، وڏن سگهارن هيبتناڪ ويرين، شڪارن، جانورن کي دسڻ، ڪيرائڻ، مارڻ ۽ ڪتب آڻڻ وغيره تي مجبور ڪيو.
    پورهيي ئي ماڻهن جي وچ ۾ گڏجي اپائڻ، گڏجي ڪم ڪرڻ، گڏجي بچاءُ ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيو.
    هاڻي ماڻهن جي وچ ۾ اهي لاڳاپا (ناتا، رشتا) ٺهيا جيڪي اڳ موجود نه هئا. اهي گڏجي رهڻ ۽ سهڪار ڪرڻ، جنسي، نسلي يا رت جي لاڳاپن سبب نه هئا پر پورهيو ڪرڻ، اپائڻ، پيداوار ڪرڻ سبب موجود ٿي پيا، تنهنڪري انهن کي پيداواري لاڳاپا سڏجي ٿو.
    ماڻهو ئي آهي جيڪو پيداوار ڪري ٿو.
    ماڻهوءَ ئي هِتي هُتي ٽڙيل پکڙيل آڏَن ڦڏن پٿرن ۽ لٺين کي پنهنجي پورهيي وسيلي ڪارائتو بنايو. هٿيارُ، اوزارُ اها شيءِ آهي جنهن ۾ ماڻهوءَ جي جيئري پورهيو ڪرڻ واري سگهه لڪل آهي ۽ جنهن جي مدد سان پورهيو ڪرڻ ۾ مدد ۽ سهولت ٿئي ٿي.
    پورهيو ڪندڙ ماڻهو ۽ پورهيي ۾ ڪم ايندڙ اوزار (هٿيار) پيداواري قوتون سڏجن ٿا ۽ جنهن تي پورهيو ڪجي اهو آهي پيداواري ٿاڪ.
    پيداواري ٿاڪ تي (وٽ، ويجهو) پيداوار ڪندڙ کي رهڻو پئجي ويو. پورهيو ئي هنن کي هڪ ٻي جي ويجهو ۽ پيداواري ٿاڪ وٽ رکي سگهيو، پورهيي سبب ئي، پورهيو ڪندڙ ماڻهو هڪ ٻي سان اڻ ڏٺن، اڻ ٻڌن، اڻ سُڻن لاڳاپن ۾ ڳنڍجي ويو.
    نت نئين پورهيي، نت نئين اوزار، نت نئين هٿ آيل شڪار، سال ٻي سال نت نئين بدلجندڙ جاگرافيائي ماحول، نون نظارن، لقائن، عملن، وڻن، ٻوٽن، گاهن، جانورن، پکين ۽ نت نيُن لياقتن ماڻهوءَ ۾ اڻٽر گهرج پيدا ڪئي ته هو هڪ ٻي کي ڪجهه چئي، هڪ ٻي سان ڳالهائي.
    پهريائين اشارن سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اوندهه، طوفان، تيز مينهن، ٻوڏن، ٻيلن وغيره ۾ اشارن وسيلي ڳالهائڻ ڏکيو هو ۽ وڏي ڳالهه ته ان وسيلي سوچن کي پوريءَ طرح ظاهر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو،ان ڪري واڪي، آواز کي اشاري سان ڳنڍيو ويو.
    هر واسطيدار شيءِ لاءِ هوري هوري مخصوص واڪو ٺهيو ۽ انهن مخصوص واڪن جي سرشتي کي چئجي ٿو ٻولي. ٻوليءَ وسيلي ماڻهو پنهنجي هر قسم جي سوچ، سمجهه، جوش ۽ جذبي، ارادي ۽ اتساهه کي ظاهر ڪري سگهي ٿو.
    اچو ته وري به هڪ مثال وٺون:
    (الف) توهان ڪنهن جبل تان بيهي ڪاڇي ۾ هڪ وسندي ڏسي رهيا آهيو. انهيءَ ۾ 100-کن ننڍيون وڏيون ڪچيون جايون ۽ اوسي پاسي پکڙيل ڪجهه جهوپڙيون آهن. ان جون گهٽيون جيتوڻيڪ ويڪريون ۽ ڄار جي ڌاڳن جيان هڪ ٻي سان ڳنڍيل آهن پر آڏيون ڦڏيون آهن. ڪيترن ئي گهرن ۾ چهچ ساوا، ڊگها، گهاٽا نم ۽ ٻٻر جا وڻ به آهن. ننڍڙا ٻار، ٻڍا، مايون، جانور، گهورڙيا وقت سر اچ وڃ ڪندي نظر اچن ٿا. هڪ پاسي وڏو کوهه به آهي جنهن تي چڙهيل نار کي ڏاچي ڦيرائي رهي آهي ۽ ڪجهه عورتون گهاگهرن ۾ پاڻي ڀري رهيون آهن.
    (ب) توهين ڳوٺ ۾ پهچو ٿا. ڪو اڌڙوٽ ماڻهو اوهان کي اوپرو ڀائيندي وڌي اوهان جي آجيان ڪري توهان کان حال احوال خبرون چارون پڇي ٿو ۽ آڇ ڪري ٿو ته توهين سندس اوطاق ۾ هلي ويهو. توهان ڪجهه ڏينهن اتي ٽِڪي پئو ٿا ۽ هوري هوري مختلف ماڻهن، ٻارن، ڪم ڪار جي طريقن، ڌنڌن ڌاڙين، ريتن رسمن ۽ روايتن، وهمن، ويساهن ۽ عقيدن، خيالن، سوچن ۽ جذبن کان واقف ٿيو ٿا...
    مثال جي (الف) ۾ توهان جو واسطو حسي تصوير سان پوي ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪيترائي جانور به انهيءَ وسنديءَ جي منهن مهانڊي، ڏيک ويک جو اهڙو ئي اولڙو محسوس ڪن جهڙو توهان ڪري سگهيا (جيتوڻيڪ اصولن توهان جي پروڙ تيز آهي).
    مثال جي (ب) سان ڪنهن به جانور جو ڪو به واسطو ڪونهي، اها هن لاءِ بس رڳو چرپر آهي، آواز آهي. جڏهن ته ماڻهو پرکي، پروڙي، پرجهي، سمجهي، نتيجا ڪڍي ۽ راءِ مقرر ڪري ٿو ته ان وسنديءَ جا رهاڪو ڪهڙي قسم جي حياتي گذاري رهيا آهن، کائن پيئن، رهن، چوَن، اُٿن، ويهن ڪيئن ٿا، انهن جون سوچون، عمل ۽ عقيدا ڪهڙا آهن، اهي ڪهڙي قسم جا ڌنڌا ڪن ٿا، انهن جي آمدني، ڪمائي، خرچ وغيره ڇا آهي، عورتن، مردن، ٻارن، ٻڍن جو هڪ ٻي ڏانهن روَيو ڪيئن آهي، ڪير ڪنهن جو ماءُ پيءُ يا اولاد آهي، مٽ مائٽ ۽ عزيز قريب آهي، وغيره.
    مٿين مثال ۾ ڄاڻ جو (ب) حصو منطقي ڄاڻ سان واسطو رکي ٿو. ماڻهو پهريائين سندن حياتيءَ جا عام تصور وٺي ٿو، پوءِ انهن کي ڇنڊي ڇاڻي ۽ انهن بابت پنهنجي راءِ قائم ڪري ٿو ۽ پوءِ ٻين ماحولن سان ڀيٽ ڪندي انهيءَ سماج بابت نتيجا ڪڍي ٿو.
    حسي ڄاڻ کان منطقي ڄاڻ تائين ماڻهو پنهنجي پورهيي، شين جي ڀڃ ڊاهه ۽ ٺاهه ٺوهه، هڪڙين شين جي ٻين شين سان ملندڙ ۽ مختلف خاصيتن جي ڀيٽ ۽ ڇنڊڇاڻ،انهن جي وچ ۾ فرقن جي ڄاڻ وسيلي پهچي سگهيو.
    ماڻهو جيڪڏهن بامقصد سرگرمي (پورهيو) نه ڪري ها ۽ ٻين جانورن جيان رڳو جبلي اثرن هيٺ جياپي جون گهرجون، جيئن پوريون ٿي سگهن ٿيون، پوريون ڪندو اچي ها، ته هن ۾ ۽ ٻين جانورن ۾ ڪو به فرق نه هجي ها. اهو پورهيو ئي آهي جنهن هر ڪتب ايندڙ شيءِ جي حقيقت، اصليت، بناوت، ڳر، جوهر ۽ انهن جي وري ٻين شين جي حقيقت، اصليت، بناوت، ڳر ۽ جوهر سان ڀيٽ وسيلي ڄاڻ مهيا ڪئي. اهو پورهيو ئي آهي جنهن ماڻهوءَ جهڙي ساهواري کي اپتائتي عمل ۾ ڳنڍيندي پيداواري ناتن جي لڙيءَ ۾ پوئي هڪ سماجي (راڄوڻي) مالا بنايو، جنهن ماڻهو ٺاهيو، ٻولي ٺاهي ۽ ثقافت کي تخليق ڪيو...
    راڄ (سماج) ۾ رهڻ ڪري ئي ماڻهوءَ جي سمجهه وڌي سگهي. هو شين ۽ خود پنهنجي فطرت، اصليت، جوهر کان واقف ٿيو، هو ڌرتيءَ ۽ ڪائنات کان واقف ٿيو.
    ڪنهن به ڪُتي جو انهن ڳالهين سان ڪو واسطو ڪونهي ته هڪ ماڻهو مظلوم آهي، پورهيو ڪرڻ باوجود بکيو ۽ ڏکيو آهي ۽ ٻيو ماڻهو پورهيو نه ڪرڻ باوجود ڍاوَل ۽ سکيو آهي ته ڇو، مظلوم قومن جي آزاديءَ، مظلوم پورهيت عوام جي آزاديءَ سان به ڪنهن ڪتي جو ڪو واسطو ڪونهي. ماڻهوءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به ناهي جيڪو ڪائنات، سماج ۽ خود ماڻهوءَ جي ذهن جي هر ذري جو اڀياس ڪري گڏيل نتيجا ڪڍي سگهي. ماڻهو ئي آهي جيڪو شين جي وچ ۾ هڪ ٻي سان تعلق، ماڻهن جي وچ ۾ هڪ ٻي سان ڳانڍاپي کي سمجهي سگهي. ماڻهو ئي آهي جيڪو مادي (فطرت) جي قانونن ۽ سماجي قانونن کي سمجهي سگهي ٿو ۽ سماجن ۽ فطرت کي پنهنجي فائدي ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
    ماڻهو جيڪڏهن پورهيو نه ڪري ها، ته پاڻ ۾ بس ايتروئي ڳنڍيل هجي ها جيترو ڪو به جانور، ته نه سماج هجي ها، نه ٻولي هجي ها، نه ثقافت هجي ها ۽ نه ئي وري ڪا سمجهه.
    راڄ (سماج) کان ٻاهر ڪا به سمجهه ٿي نه ٿي سگهي، ماڻهوءَ جي سمجهه رڳو ان ڪري ناهي، جو ماڻهو جيئرو، ڳتيل ۽ اسريل دماغ رکندڙ آهي پر ان سان گڏ ان ڪري به آهي جو ماڻهو سماجي زندگي گذاري ٿو. سماجي زندگيءَ ۾ عملي سرگرميءَ ۽ سماجي لڳ لاڳاپن کان ڌار رهي ڪا به سمجهه پيدا ٿي نه ٿي سگهي. سمجهه ڪو سماج کان ڇڳلُ، ڌار، اڪيلو لقاءُ ڪونهي. ماڻهو هڪ سمجهه ڀري هستيءَ جو روپ رڳو تڏهن وٺي سگهي ٿو جڏهن اهو ماڻهوءَ راڄ ۾ رهندو هجي.
    ڪا به سوچ انساني برادريءَ کان ٻاهر ڪانهي. سماج ۾ سرگرميءَ سبب سوچ پيدا ٿي سگهي، پورهيو (پيداوار) ڪرڻ دوران هڪ ٻي لاءِ پيدا ٿيل لاڳاپن جي نتيجي ۾ ئي سوچ پيدا ٿي سگهي ٿي. پورهيو ئي آهي جنهن ماڻهوءَ کي، ماڻهوءَ راڄ (سماج) کي پيدا ڪيو آهي ۽ پورهيو ئي آهي جنهن ماڻهوءَ دماغ پيدا ڪيو ۽ ماڻهوءَ سمجهه پيدا ڪئي. سمجهه هڪ سماجي پيداوار آهي، سماج کان ٻاهر ڪا به سمجهه ناهي.
    جيڪڏهن ماڻهو سماج ۾ رهندڙ نه هجي ها، هڪ ٻي سان لڳ لاڳاپي ۾ نه هجي ها، هڪ ٻي سان ڪا ٻولي نه ڳالهائيندو هجي ها، ته هو پنهنجي ڪنهن به خيال، سوچ، سمجهه کان، پنهنجن تجربن کان ٻي ماڻهوءَ کي، ايندڙ نسلن کي ڪنهن به طرح واقف نه ڪري سگهي ها. ٻوليءَ کان سواءِ ته ماڻهو سوچي به نه ٿو سگهي. ماڻهو جڏهن سوچي ٿو تڏهن ڪنهن نه ڪنهن ٻوليءِ ۾ ئي سوچي ٿو. سوچ کي سماج کان، ٻوليءَ کان ڪنهن به طرح ڌار ڪري نه ٿو سگهجي.
    اچو ته هاڻي هڪ مشين بابت ڪجهه ڳالهيون ڪيون. هڪ اهڙي مشين بابت، جيڪا ”ذهين“ آهي، ”عقلمند“ آهي، ”سوچيندڙ“ آهي. سرمائيدار ملڪن جا ڪجهه ڀورڙا سياستدان ۽ سائنسدان ان کي دنيا جو ”ٻرندڙ مسئلو“ چئي پيش ڪن ٿا ڇو ته هنن لاءِ قومي آزادي، طبقاتي آزادي، انساني آزادي، ظلم جو خاتمو وغيره جهڙا مسئلا ”ٻرندڙ مسئلا“ ناهن.
    هن وقت جنهن مشين جو ذڪر ڪري رهيا آهيون اها ڪا عام قسم جي مشين يا صنعت ناهي. توهان ڪئلڪيوليٽر (حساب ڪندڙ مشين) بابت ٻڌو هوندو جيڪا لکن ڪروڙن جي انگن جي وڍ، ڪَٽ، ضرب، جوڙ وغيره سيڪنڊن ۾ حل ڪريو ڇڏي. هتي ان جو ذڪر ناهي. اها به هڪ سادي مشين آهي. اسين ته ذهين مشين جو ذڪر ڪري رهيا آهيون.
    اهي مشينون ڏاڍيون ڏکيون ۽ نازڪ قسم جون آپريشنون ڪن ٿيون، اهي ”ياد رکن ٿيون“ ته ڪهڙيون آپريشنون ڪيئن ڪرڻيون آهن، اهي وڏين صنعتن جون پيچيده مشينون هلائن ٿيون، ريل گاڏي ڊوڙائن ٿيون ۽ ”اندازو لڳائن ٿيون“ ته ڪڏهن گاڏي ءَ کي ڍرو ڪرڻو يا بيهارڻو، هلائڻو يا تيز ڪرڻو آهي، اهي هوائي جهاز اڏائن ٿيون ۽ انهن کي ٺيڪ ٺاڪ پاسن ڏي اڏاري گهربل جاءِ تي لاهن ٿيون، اهي هڪڙين ٻولين مان ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪن ٿيون ۽ ايترو تيزيءَ سان جو هڪ ماڻهو جرمن ٻوليءَ ۾ ويٺو ڳالهائي ته ٻيو ماڻهو ان جو آواز انگريزيءَ ۾ ويٺو ٻڌي ـــــــــ هزارين لفظ ۽ انهن جي معنى ياد رکن ٿيون، اهي شطرنج جهڙي راند جون سوين چالون ياد رکن ٿيون ۽ وقت سر کيڏن ٿيون ۽ ڪجهه منطقي مهمون به پوريون ڪن ٿيون.
    ڦورو ماڻهن وٺي گوڙ مچايو آهي ته اهي ”ذهين مشينون“ اڳتي هلي ماڻهن تي، دنيا تي، ڪائنات تي حڪومت هلائڻ لڳنديون!
    ڇا اهو ممڪن آهي ته هڪ مشين مڪمل طرح ماڻهوءَ دماغ جو بدل هجي؟
    انهن مشينن وسيلي کڻي ڪهڙا به ڪارناما ڪيا وڃن پر اهي بهرحال ڪن مشيني پاڻ مرادن (آٽوميٽڪ) عملن تائين محدود آهن. سوچ کي ڪن مشيني پاڻ مرادن عملن تائين محدود ڪري نه ٿو سگهجي. سوچ کي پنهنجو مشيني بڻ بنياد ماڻهوءَ راڄ، سماجي زندگيءَ ۾ آهي. سوچ هڪ راڄوڻي پيداوار آهي ۽ اهڙي باقاعدي حياتيءَ ڀريو (جيئاڪ) پورهيو اصولي طرح بهرحال مشين کي ميسر ناهي. ”ذهين مشينون“ ڌاتوئي پوشاڪ ۾ ماڻهوءَ جا خيال آهن.
    ”ذهين مشينن“ جي ”ذهانت“ ۾ اڃا به واڌ ٿيندي رهندي ۽ اهو به ممڪن آهي ته انهن وسيلي اڳتي هلي فلسفي جي ڪيترن ئي مسئلن کي به بيان ڪرايو وڃي پر پوءِ به اهي رڳو ايترو ڪري سگهنديون جيترو سندن ”دماغ“ ۾ رکيو ويو هجي. اهي سماجي حالتن جي تبديليءَ سان گڏ پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪري نه ٿيون سگهن. اهي بهرحال ڌاتوئي پوشاڪ ۾ ماڻهوءَ جا خيال ئي رهنديون. ماڻهوءَ کان سواءِ ڪا به مشين رڳو هڪ ”مئل“ ڌاتو آهي.
    ماڻهوءَ دماغ ڪنهن به مشين کان ڏاڍو مٿاهون ڇو آهي؟
    ماڻهوءَ دماغ مشين کان ڏاڍو مٿاهون ان ڪري آهي جو اهو سماجي سرگرميءَ جي پيداوار آهي. خيال، سمجهه به ساڳيءَ طرح سماجي سرگرميءَ جي پيداوار آهي. دماغ جو ڪم ايترو ئي ڳتيل آهي جيترو سماجي رشتا، سماجي پورهيو، سماجي عمل، سماجي لقاءَ، دنيا جا لقاءَ، ڪائنات جا لقاءَ، مادي ۽ مادي جا لقاءَ. ڪو به ”اليڪٽرانڪ مشيني دماغ“ ان لائق نه ٿي سگهندو جو اهو ماڻهوءَ جي ذهني دنيا، ان جي تخليقي قوت، خيال جي اڏام، هن جي خوابن، فن جي ڳتيل ۽ نفيس دنيا يا ماڻهوءَ جي جذبن کي عمل ۾ آڻڻ جي لياقت پيش ڪري سگهي. ماڻهوءَ دماغ هڪ جيئري هستيءَ جو دماغ آهي جڏهن ته ”مشيني دماغ“ هڪ ”مئل“ ڌاتو.
    ”ذهين“ مشينون رڳو اهي ڪم ڪري سگهن ٿيون جيڪي مشيني قسم جا آٽوميٽڪ نموني جا هجن. ”ذهين“ مشينون آئنده ڪهڙا به ڪم ڪن، اهي ڪيترو به ماڻهوءَ بدل ثابت ٿين پر اهي بهرحال ماڻهوءَ جون غلام رهنديون. ماڻهو انهن کي پيداواري، تعليمي ۽ ٻين ڪيترن ئي مسئلن جي حل ڪرڻ ۽ سماج جي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻيندو رهندو.
    مشين سوچڻ لائق نه آهي. اها سوچڻ ۽ ڪم ڪرڻ ۾ ماڻهوءَ جي واهر ڪري سگهي ٿي. ”ذهين“ مشينون ماڻهوءَ جو ذهني ڪم سولو ڪرڻ جي خدمت ڪن ٿيون.


    باب چوڏهون

    روحاني خوشي ڇا آهي؟

    گهٽ ڄاڻ ماڻهن کي سوين ڳالهيون، لقاءَ، شيون سمجهه ۾ نه پئي آيون، اهي پاڻ کي، پنهنجي ماحول کي، پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي شين ۽ لقائن کي، پنهنجيءَ دنيا، ڪائنات ۽ انهن جي شين ۽ لقائن کي پوريءَ طرح سمجهي نه پئي سگهيا ڇو ته اهي پوريءَ طرح سندن پرک ۽ پروڙ هيٺ ڪو نه آيون هيون.
    ”ساهه“ (هوا) بابت سندن سوچ اتي ئي وڃي بيٺي هئي ته اهو ”مري“ ڪو نه ٿو، اهو دائمي آهي، اهو ماڻهوءَ، جانور، ساهواري جي بت مان ”نڪري وڃڻ“ کان پوءِ به پنهنجو وجود رکي ٿو، جڏهن ته ماڻهو، جانور ۽ ڪيتريون ئي شيون ۽ لقاءَ پنهنجو وقت گذاري مري، فنا ٿي پئي ويا ـــــــــ”ساهه“ کي لافاني ۽ مادي کي فاني سمجهيو ويو.
    ”ديوين ديوتائن“ جون يادون، سورهيائون، سچايون، قوتون، انهن جا ڪارناما، ڪرتوت ۽ قصا نسل در نسل پيا هلندا هئا. اهي قصا ٻڌائيندي ۽ انهن ۾ گهاٽيون واڌيون ڪندي ڪيترائي ماڻهو مري ويا پر قصا ڪو نه کٽا. ديوتا ديويون به ”لازوال“، ”اڻموت“، ”دائمي“، ”هميشه رهندڙ“، ”سدا کان سدائين وجود رکندڙ“ هئا ۽ اهي ”نظر نه پئي آيا“ ۽ پري ۽ مٿي پئي رهيا. (روشني به موجود آهي پر نظر نه ٿي اچي تنهنڪري ڪيترن ئي ديوتائن کي ”روشني“ ڪري بيان ڪيو ويو.) سڀ ديويون ديوتا جيئرا به هئا، انهن ۾ به ”ساهه“ هو، انهن ماڻهن جي سار سنڀال پئي لڌي ۽ ماڻهن کي کاڌ خوراڪ اپائي، گڏ ڪري، ورهائي ڏني پئي. سمجهه ۽ ذهانت ديوتائن جو ورثو هئي.
    ويساهه ٺهيو ته:
    (1) ”ساهه“ (هوا، ديوتا، روشني، سمجهه، جياپي جي سگهه، مٿاهين هستي) دائمي، اڻموت، نه تباهه ٿيندڙ، سدائين رهندڙ آهي.
    (2) اهو مادي جو محتاج ناهي، اهو مادي جي ڪري پيدا نه ٿيو آهي پر ان جي ڪري مادو پيدا ٿيو، ان مادي کي خلقيو ۽ اهو ئي مادي کي فنا ڪري ٿو.
    (3) مادو فنا ٿيڻ لائق، تباهه ۽ برباد ٿي سگهندڙ ۽ ختم ٿي ويندڙ آهي.
    (4) ديوين ديوتائن کي راضي رکڻ، انهن جي پسند موجب ڪم ڪرڻ، انهن جي ناپسند کي ٿوڪاري ڇڏڻ لاءِ هر ماڻهوءَ کي پنهنجي حياتي وقف ڪري ڇڏڻ گهرجي.
    ابتدائي راڄوڻي سماج ۾ ديويُون، ديوتا پنهنجن ڪارنامن، خدمتن، طاقتن ۽ سورهيائن جي ڪري عزت لائق ۽ مٿاهين حيثيت وارا هئا.
    غلامداري طبقاتي سماج جي حاڪمن انهيءَ ئي ويساهه کي طبقاتي مفاد جو تابع بنائي هاڻي اهو بنايو ته حاڪمَ ديوتائن جو پاڇو آهن، انهن جي حڪمن کي مڃيو ۽ جيڪو انهن جي حڪمن کي نه ٿو مڃي اهو ڄڻڪ ديوتائن جي حڪم کي نه ٿو مڃي. اوتار ۽ ڀوپا انهيءَ ڪم لاءِ سيڙايا ويا ۽ انهن کي کاڌو پيتو آقائن کان ئي ملندو هو، حاڪمن جي حاڪميت قائم رکڻ لاءِ ڏينهن رات وات هڻڻ ۽ ذاتي نفعا هٿ ڪرڻ انهن جو ڌنڌو هو. حاڪمن جي پسند موجب اهي ديوتائن جي هڪ ئي ”فرمان“، ”قول“ جون ڏهه ڏهه معنائون ڪڍي سگهندا هئا ۽ انهن جي پچار ڪندا هئا.
    سوين هزار سالن جي لاڳيتي عمل ڪيترا سادا، سچا، سٻاجها، سلڇڻا، سورهيه ۽ سرواڻ ماڻهو اهڙا به پيدا ڪيا جيڪي پنهنجي پوري دل و جان سان انهن ويساهن تي مڪمل ڀروسو رکندا هئا ۽ ويندي پنهنجون حياتيون به قربان ڪري ڇڏيندا هئا.
    ويساهه ٺاهيو ويو ته خوشي، حقيقي خوشي، روحاني خوشي اها آهي ته پنهنجن ويساهن تي مضبوطيءَ سان ڄمي، انهن جي ”قاعدن“ پٽاندر حياتي گذاريو، انهيءَ ۾ ئي اوهان جو ڇوٽڪارو آهي.
    ڇا حقيقي ”روحاني“ خوشي بس ايتري آهي جو وهمن ويساهن تي ڀروسو رکندي، ديوتائن ديوين جي خوشيءَ، آقائن، حاڪمن جي خوشيءَ لاءِ پنهنجي حياتي وقف ڪري ڇڏجي؟ ڇا واقعي اها ”روحاني خوشي“ سڏي سگهجي ٿي؟
    نه، ان کي ”روحاني خوشي“ نه چوڻ گهرجي، روحاني خوشي ايتري خسيس ، معمولي ۽ رَدِي نه هئڻ گهرجي.
    روحاني خوشي حقيقت ۾، سچ پچ ڇا آهي؟
    انهيءَ سوال جو جواب جاچڻ کان اڳ اچو ته ”پسند ۽ ناپسند“ کي سمجهون.
    ماڻهوءَ جي دماغ ۾، ذهن ۾ لکين تصور، ٻاهرين حقيقتن جا عڪس (سمجهه، ڄاڻ) موجود آهن. کيس سوين ڳالهيون، سوين عمل پسند آهن ۽ سوين ناپسند. پسند اهي اٿس جن کي پنهنجيءَ سمجهه موجب صحيح، ٺيڪ، سٺو ۽ فائديمند سمجهي ٿو ۽ ناپسند اهي اٿس جن کي پنهنجيءَ سمجهه موجب غلط، ڪوڙو، خراب ۽ نقصانڪار سمجهي ٿو.
    سوين هزار ڳالهيون ۽ عمل اهڙا آهن جيڪي سڄيءَ انسانذات لاءِ فائديمند آهن جيئن سچ، صحت، آزادي، برابري، ڀائپي، پنهنجائپ، پيار، انس، خلوص، سادگي، سٻاجهائي، سلڇڻائي، صفائي، سونهن، سورهيائي وغيره ۽ ساڳيءَ طرح سوين انسانذات لاءِ نقصانڪار آهن جيئن ڪوڙ، بيماري، قيد، اڻبرابري، ڏاڍائي، ڌڪار، ٺڳي، مڪاري، لئه بازي، ڪاوڙ، ڪروڌ، ڪلڇڻائي، گندگي، ڀاڙيائپ وغيره.
    ابتدائي رعيتي راڄ جا ماڻهو اٻوجهه هئا، گهٽ ڄاڻ هئا، سادا هئا، اهي دنيا کي ۽ دنيا جي لقائن کي پوريءَ طرح سمجهي انهن جو ادراڪ نه ڪري پئي سگهيا، اهي شين جي ماهيت، گهرائيءَ، وسعت، لڳ لاڳاپن وغيره کان گهٽ واقف هئا، انهن وٽ سوين اوڻايون هيون پر اهي بدنيت، مڪار، ٺڳ، بيهودا، غليظ ۽ انسانذات جي نراڙ تي بدنما داغ نه هئا. اهي پنهنجي سڄي ڀائپيءَ لاءِ انتهائي اتساهه ۽ لڳاءُ رکندا هئا انهن وٽ رڳو پنهنجو ڀڀ ڀرڻ وڏي ۾ وڏو ڏوهه هو. انهن جو سينو پنهنجين سمورين ڪچاين ڦڪاين هوندي به ماءُ ۽ ڌرتيءَ جي سيني جيان ويڪرو هو، اهي سڀ لاءِ سوچيندڙ ۽ سڀني جو ڀلو گهرندڙ هئا.
    ذاتي ملڪيت جي جنم برائيءَ جو ٻج ڇٽيو. اها ڪهڙي برائي آهي جنهن کي ذاتي ملڪيت جنم نه ڏنو هجي!؟ راڄن جون راڄن مٿان ڪاهون، انسانذات جو ڪوس، پورهيتن جي پورهيي ۽ پورهيي-سگهه جي ڦرلٽ، کيڙيندڙ بک مرن ۽ ڄاڙي باز راڄ ڌڻي. ماڻهن جو قيد ۽ بند، اهنج ۽ ايذاءَ، ڪورٽون، حڪومتون، بادشاهيون، شهنشاهيون، سامراجي راڄ، ظلم، ڦرلٽ، ظالم ٽولا مظلوم ماڻهو، ڦورو طبقا ۽ ڦريل طبقا، بيداد نگريون چرٻٽ راجا. گڏهن جهڙا واهيات لوٺيا ۽ غدار ماڻهو راڄَ ڌڻي ٿي ويا ته انسانذات جو عزت ۽ جياپو ـــــــــ پورهيت ماڻهو ـــــــــ محڪوم، مظلوم ۽ غلام. غلامداري راڄ، جاگيرداري راڄ، سرمائيداري راڄ، آقا، جاگيردار ۽ سرمائيدار-سامراجي دنيا جي مال ملڪيت جا مالڪ بنجي ويا ۽ پورهيت ماڻهو، ساهوارا ٻولي ڳالهائيندڙ اوزار. ارسطوءَ چيو ته پيداواري اوزار ٽن قسمن جا آهن:
    (1) بي ساهه اوزار، جيئن هَــرُ، ڏاٽو، ڪوڏر، ڪيڻ وغيره،
    (2) ساهوارا بي زبان اوزار، جيئن گهوڙا، گڏهه، اُٺ، ڍڳا، ۽
    (3) ساهوارا ٻولي ڳالهائيندڙ اوزار، جيئن غلام ۽ نيم غلام هاري.
    (قديم يوناني سماج ۾ ”غلام“ ماڻهو نه هو رڳو هڪ پيداواري اوزار هو.)
    هاڻي ماڻهوءَ راڄ ۾ پسند ۽ ناپسند بابت ڦيرو اچي ويو. حاڪم، بالادست، ڦورو طبقي جي پسند اها هئي جيڪا کيس نفعو ڏيندي هجي.
    حاڪم طبقو ئي آهي جيڪو پنهنجن مفادن جي نگهبانيءَ لاءِ رياست ۽ رياستي مشينري ــــــــ فوج، پوليس ۽ انتظاميا ۽ تحفظ ڏيندڙ قانون ـــــــــ ٺاهي، پورهيت عوام کي لاڳيتو پنهنجي قبضي هيٺ رکندو آيو آهي. ان ئي مُلي، ٻائي، پادريءَ وغيره جي هر عقيدي کي اهو روپ ڏنو جو هر دين ڌرم جي سموري پرچار سندس ئي طبقاتي مفادن جي سنڀال ۽ انهن کي جيئن جو تيئن رکڻ لاءِ ڪتب اچڻ لڳي.
    حاڪم طبقو غلامداري سماج ۾ ”آقا“ سڏبو هو، جاگيراداري سماج ۾ ”جاگيردار“ سڏبو آهي ۽ سرمائيداري سماج ۾ ”سرمائيدار“ ـــــــــ جيڪي پنهنجن پنڊتن، ڀلاوڻن، ڇاڙتن، جاسوسن، فوجن، پوليسن، قانونن، ڪورٽن، قيدخانن جي لوڌ ۽ ٽيڪ جي زور تي پنهنجو مفاد برقرار رکندا پئي آيا آهن.
    بين الاقوامي سطح تي سرمائيدار ملڪن جو ڦورو حاڪم طبقو ۽ انهن جو هن وقت عالمي اڳواڻ آمريڪي سامراج ۽ ملڪي يا قومي سطح تي هر ملڪ يا قوم جا سرمائيدار، جاگيردار ۽ آقا پنهنجي سڄيءَ لوڌ سميت سڄيءَ دنيا ۾ ڦورو نظام جيئن جو تيئن رکڻ لاءِ، پنهنجي ڦرلٽ، حاڪميت، بالادستي، ظلم، ڏاڍ، ناحق، ڪوڙ، ڪيس، ڪدورت، ٺڳيءَ، مڪاريءَ ۽ بدمعاشيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ ان کي ديني، ڌرمي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ نيڪ نالن هيٺ غليظ جماعتون ٺاهي ويٺا آهن. انهن پاران نيڪيءَ، سلڇڻائيءَ، سيبتائيءَ، سٻاجهائيءَ، سونهن، سچ ۽ حق جي هر پرچار جو بس هڪ ئي مطلب آهي ته ڪيئن به ڪري ڦورو نظام کي، ڦورو طبقن کي، ڦرلٽ کي، ڏاڍ ۽ ظلم کي برقرار رکيو وڃي، اهي سلڇڻن نالن جي ڇانوَ ۾ ڌرمي، انسان دوستي، جمهوريت وغيره جي هٿ ٺوڪي پچار ڪري هڪ ئي مقصد پورو ڪن ٿا ۽ اهو مقصد آهي ڦورن جو بچاءُ.
    جڏهن ته بين الاقوامي توڙي قومي سطح تي پورهيت عوام لاءِ سچ، حق، انسان دوستي، امن، ڀائيچارو، برابري، سونهن، سلڇڻائي، سيبتائي، سٻاجهائي اها آهي ته جيڪو کيڙي سو کائي، ڪنهن به ماڻهوءَ کي اهو وجهه ملڻ نه گهرجي ته هو ٻي جي پورهيي تي تڳي، جيئي ۽ ڏاڍائي ڄمائي. حقيقت جيئن آهي تنهن کي تيئن بيان ڪيو وڃي.
    ڦورو طبقن لاءِ برابريءَ جو مطلب آهي پورهيتن ۽ مظلومن جي ڦرلٽ ۾ برابر ونڊ ۽ ڀاڱو، جڏهن ته پورهيت طبقن لاءِ برابريءَ جو مطلب آهي جيئڻ جي جتن ۾ وس-پڳي هڪ جيترو هٿ ونڊائڻ ۽ هر ماڻهوءَ جو پنهنجي گهرج موجب حصو هئڻ.
    ڦورو طبقن لاءِ امن جو مطلب آهي سندن ڦرلٽ جي نظام کي ڊاهڻ تي پابندي. ڪا به اهڙي جدوجهد، سوچ يا سڌ جيڪا سندن بدتر ڦورو نظام کي ڊاهيندڙ ثابت ٿيندي ان کي وڳوڙ سڏيندا ۽ هڪدم امن امان جا ڪوڪرا ڪرڻ لڳندا (فرينچ ۽ آمريڪي سامراج، ويٽنام ۾ عوامي جدوجهد کي ڪچلڻ لاءِ ”امن قائم ڪرڻ“ جا لفظ ڪتب آڻيندا هئا). ڦورو طبقا جيڪا به جنگ مڙهيندا آهن اها ”امن قائم ڪرڻ“ لاءِ هوندي آهي. اهي هٿيار به ”امن قائم ڪرڻ“ لاءِ ٺاهيندا ۽ وڪرو ڪندا آهن. اهي سمجهندا آهن ته هٿيارن ۽ ڏاڍائيءَ جي برتري سندن پسند جو ”امن“ قائم ڪري سگهندي. گار سامراج جو نمائندو ريگن جڏهن ڌرتيءَ تي هٿيارن جي برتري ڪري نه سگهيو تڏهن خلا کي به هٿيارن جي ڊوڙ لاءِ ڪتب آڻڻ جو پهه ڪيائين ۽ سڏيو ويندڙ ”اسٽار وار پروگرام“ رٿي، ان لاءِ کربين رپين جي بجيٽ (خرچ کپو) ٺهرايائين ۽ خرچ ڪرڻ لڳو. جڏهن ته پورهيت عوام لاءِ امن جو مطلب آهي سڀ کي سٻاجهائيءَ سان جيئڻ جو حق هئڻ، هٿيارن جي ڊوڙ ۽ وجود ختم ڪرڻ، سڀني ماڻهن لاءِ امن، ڪنهن به ماڻهوءَ جي مٿان ڪنهن به ماڻهوءَ جي برتري، حاڪميت، ڏاڍائي نه هئڻ.
    ڦورو طبقن لاءِ آزاديءَ جو مطلب آهي ڦرلٽ جي آزادي، جنهن جو کانئن پڇاڻو نه ٿئي، جنهن لاءِ کين ڪا به جهل پل ئي نه هجي، جيئن وڻين تيئن ڪن، پر پورهيت عوام لاءِ آزاديءَ جو مطلب آهي جيئڻ جي آزادي، ڳالهائڻ، لکڻ، پڙهڻ، سوچڻ، سمجهڻ، حق کي حق ۽ ناحق کي ناحق، سچ کي سچ ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ چوڻ جي آزادي ۽ ڪوڙ ۽ ڦرلٽ جي بنياد تي ٺاهيل ٺوڳي سرشتي کي سدا لاءِ تباهه ڪرڻ جي آزادي، قدرت جي مهيا ڪيل مال ۽ نعمتن ۾ هر ماڻهوءَ جي ڀاڱي ڀائيواري.
    ڦورو طبقن لاءِ انسان دوستيءَ جو مطلب آهي سامراجين، سرمائيدارن، جاگيردارن، آقائن ۽ سندن ٻولڙين کي جيئن وڻي تيئن ڪندو رهڻ جي ڇڏڇوٽ. ان جي بدمعاشين ۽ رهزنين جي رنڊڪ ڪرڻ بدران انهن جو چاپلوس، پوئلڳ ۽ پرچارڪ ٿي جيئڻ، جڏهن ته پورهيت عوام لاءِ انسان دوستيءَ جو مطلب آهي سڀني انسانن لاءِ اتساهه، ماڻهپو، ٻي جي ڏکيائن جو خاتمو. ڪنهن به ماڻهوءَ کي مصيبت ۾ مبتلا نه ڪرڻ، پر ان لاءِ ٻاجهه ۽ مهر ڀريو من رکڻ ۽ ان جا ڏک سور دور ڪري کيس سک سڻائي مهيا ڪرڻ.
    ”ڌڻيءَ“ بابت ئي ڏسو ته ڦورو طبقن ڪيئن نه ٺوڳي ڄار پکيڙي ڇڏيو آهي. ڌڻي ته سڀ جو ڌڻي، پر ڦورو طبقي جا ماڻهو ڀلي بدمعاش، رهزن، پاٿاريدار، جوئاري، لچ ، لوڀي، ظالم ۽ سوئر هجن پر ”ڌڻيءَ“ کين ڊگهو رسو ڏئي ڇڏيو آهي! حق حساب وٺڻ جو پورهيت عوام کي ڪو به حق ناهي، اهي مرندا، ترڳندا، جيئن تيئن جيئندا رهن، ڀلي ڪِنجهن ۽ ڪُرڪن پر ظالم ۽ ڦوروءَ کي ڪجهه به نه چون، انهن کي ”ڌڻيءَ“ نوازيو آهي، ”ڏاتار جي ڏني تي توهان اَهنجا ڇو ٿا ٿيو!“، ”ڏي به اهو، وٺي به اهو، توهان ڇو ٿا ڪِر ڪِر ڪريو“، ”حق حساب پاڻ ئي ٿيندو، هِتي (دنيا ۾) نه ته هُتي (”قيامت“ کان پوءِ، خدا وٽ!)، يعني هنن لوفرن، ڦورو بدمعاشن ڌڻيءَ کي به پنهنجي پاسي، پنهنجو ”نوازيندڙ“ ڪري ڇڏيو آهي، ڌڻيءَ انهن ڦورن کي ئي ڊگهو رسو ڏنو آهي، ان ئي پورهيت عوام جو جيئڻ، کائڻ پيئڻ تنگ، بيو،س ۽ لاچار ڪيو آهي ـــــــــ (ڦرلٽ جو سمورو ڏوهه پاڻ تان ڌڻيءَ تي وجهي ڇڏيو اٿائون ـــــــــ اهڙا ته سوئر آهن اهي ڦورو طبقا) ـــــــــ ۽ مُلن، پنڊتن، پادرين جي لوڌ وري اها ئي پرچار ديني ڌرمي پستڪن جي حوالي سان ويٺي ڪري.
    دنيا، سماج، ذهن بابت عام طرح هر تصور، هر سوچ تي ظالم ڦورو حاڪم طبقن ۽ مظلوم ڦريل محڪوم طبقن جي نڪتي نظر ۾ ايڏو ئي فرق آهي جيڏو ظالم ۽ مظلوم ۾، ۽ اهو فرق تيستائين رهڻو آهي جيستائين ڦورو سماج ۽ ذهن موجود آهي. دنيا بابت هر ماڻهوءَ جو نڪتي نظر ورهايل آهي، اهو يا ته ڦورو طبقن جي حمايت ۾ آهي يا پورهيت طبقن جي حمايت ۾.
    جيڪو به ماڻهو اوهان يا ٻي ڪنهن سان به، ڪنهن به موضوع تي ڳالهه ٻول ڪري ٿو، ان ڳالهه ٻول جي ڇنڊڇاڻ ڪريو، توهين سمجهي سگهندا ته انت ان جو مطلب ڪنهن نه ڪنهن طبقي جي مفادن جي حمايت ۾ هوندو. ڦوروءَ جو نڪتي نظر خيالي آهي، وهمي آهي، غير سائنسي آهي، ڪوڙو آهي، بگڙيل آهي، هٿ ٺوڪيو آهي ۽ ان جو آخري مطلب آهي ڦورو نظام جو بچاءُ. جڏهن ته پورهيت جو نڪتي نظر حقيقي آهي، حقيقتن تي بيٺل آهي، سائنسي آهي، سچو آهي، سنواريل آهي، صحيح آهي ۽ ان جو آخري مطلب آهي ڦورو نظام جو خاتمو، انساني آزاديءَ، امن، ڀائيچاريءَ، برابريءَ، ٻاجهه، مروت، ماڻهپي سان جيئڻ ۽ دنيا، ڪائنات، قدرت ڏانهن حقيقي رو،يي جو قيام.
    اڄوڪي دنيا جا ماڻهو ٻه نڪتي نظر رکندڙ آهن.
    هڪڙو نڪتي نظر ڦورن، ظالمن، سرمائيدارن، سامراجين، جاگيردارن، آقائن، رجعت پرستن (پراڻڪن)، خيال پرستن (وهمين) ۽ انهن جي پاليل لوڌ جو نڪتي نظر آهي جيڪو ڦرلٽ، ظلم، ڏاڍائي، لچائپ ۽ لوڀ قائم رکڻ گهري ٿو ۽ دنيا، سماجُ، ذهنُ جيئن حقيقي طرح آهي ان کي ايئن بيان نه ٿو ڪري پر بگاڙي، کاري، کوٽو ڪري غير سائنسي نموني پيش ڪري ٿو. ان جي پسند ۽ ناپسند به پنهنجي ڦورو مفادن جي نگهبانيءَ هيٺ ٺهي ٿي.
    ٻيو نڪتي نظر پورهيتَ، مزدورَ، هاريءَ، مظلومَ، واڌارڪَ (ترقي پسند)، سچار ۽ انهن جي نگهبان سرويچن جو نڪتي نظر آهي جيڪو ڦرلٽ، ظلم، ڏاڍائيءَ، لچائپ ۽ لوڀ کي ختم ڪرڻ گهري ٿو ۽ دنيا، سماجُ، ذهنُ جيئن حقيقي طرح آهي ان کي ايئن بيان ڪري ٿو ۽ سچائيءَ سان سنواري سائنسي نموني پيش ڪري ٿو. ان جي پسند انساني آزادي، امن، ڀائيچاري، ڀائپيءَ، سلڇڻائيءَ، سونهن، سادگيءَ، سٻاجهائيءَ ۽ سچ جي حقيقي ڪسوٽي سان ٺهڪندڙ آهي.
    ڦورن جي پسند ۽ ناپسند هڪڙي آهي، ته پورهيت عوام جي ٻي.
    ڦورن جي پسند ۽ ناپسند کي گذريل هزارين سالن کان ڦورو طبقن جا نمائندا مختلف مِٺن، وڻندڙ، چلڪندڙ، من موهيندڙ، وقتي ڊيڄاريندڙ ۽ وقتي لالچائيندڙ لفظن سان سينگاري پيش ڪندا پئي آيا آهن. اهي ماڻهن جي اڻڄاڻائي،اٻوجهائي کي پنهنجي جهالت ڀري پٽاڻ، وسيلي وهم ۽ ويساهه، وسوسي ۽ سوداءَ جو روپ ڏين ٿا، انهن ويهي پستڪ لکيا، ڪتاب جوڙيا، ڊيگهه بازيون، لٻاڙون ۽ هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ڪيون، انهن عام ماڻهوءَ کي سمجهه ۾ نه ايندڙ شيون ۽ لقاءَ اهڙي ٺوڳي انداز ۾ پيش ڪيا جيئن ڦورو نظام کي سگهه ۽ سهارو ملي سگهي، جنهن جون انهن ٽِڪيون پئي کاڌيون. انهن ڦورن جي پسند کي ديوين ديوتائن جي پسند پئي ٻڌايو ۽ انهن جي ناپسند کي ديوين ديوتائن جي ناپسند سڏي بيان ڪيو، پر جيڪڏهن ديوين ديوتائن جي ڪنهن پسند موجب ڦورن هلڻ نه پئي گهريو ته پوءِ ڊگهي رسيءَ جي ڊيگهه بازي ڪري ”ٻيءَ دنيا“ ۾ پڇاڻي جي پچار پئي ڪئي.
    هر ڦورو بدمعاش ۽ انهن جو لوڀي ٺوڳي نمائندو هر طرح، هر لفظ وسيلي اها ئي تلقين ڪندو رهي ٿو ته ڦورن ۽ ظالمن کان حق حساب وٺڻ جي ڳالهه نيڪيءَ ۽ خلوص جي ديوين ديوتائن تي ڇڏي ڏيو جيڪي ٻي دنيا (ديوتائن جي دنيا) ۾ انهن ڦورن ۽ ظالمن سان ڪا به رعايت نه ڪندا ۽ توهان کي چڱاين ۽ نيڪين جو اجورو پلئه وجهندا.
    جيڪڏهن ڪو انهن جي پچار جي پوئلڳي ڪندي سندن چئي آکي ۾ هليو پئي ۽ ”ديوتائن جي پسند“ موجب حياتي پئي گذاري ته ان کي آئيندي ڇوٽڪاري جي خوشخبري، خوشيءَ، آزاديءَ ۽ عيش جون خبرون پئي ٻڌايون ۽ ان لاءِ نينهن ڀريو نياپو هو، پر جيڪڏهن ديوتائن جي ناپسند واري راهه ٿي ورتي ته ان لاءِ عذاب، اذيت ــــــــ باهه ۾ ساڙڻ، نانگن بلائن کان ڏنگرائڻ، پونءِ پيئارڻ، ڪڙهيل پاڻي هارڻ وغيره ــــــــ جو هيبتناڪ ڀؤ پيدا ڪيو ويو.
    ماڻهوءَ جي ذهني خوشيءَ لاءِ هڪ واٽ ٺاهي وئي. ديوي ديوتائن جي چئي آکي ۾ هلڻ، انهن کي خوش رکڻ، انهن کي نه رنجائڻ، انهن جي پوڄا پاٺ ڪرڻ، انهن جو ٻانهو ٿي گذارڻ، انهن لاءِ ڀيٽائون ڏيڻ، پنهنجو ”نفس“ مارڻ يعني پنهنجي ”حيواني“ گهرجن (کاڌي پيتي، اجهي ۽ ذاتي خوشي وغيره) کي دٻائڻ ئي نه، پر تياڳي ڇڏڻ ۽ ان ڪري وهم ويساهه موجب آئيندي ملندڙ خوشين جو کٽيو کائڻ ۾ ئي ذهني خوشيءَ، روحاني خوشيءَ جو راز رکيو ويو. ان سڄي پٽاڻ جو مطلب اهو هو ته هن ڌرتيءَ تي جيڪو اوهان جي ڦرلٽ ڪري ٿو، جيڪو ظلم ڪري ٿو، اوهان مٿان ڏاڍائي مڙهي ٿو ۽ اوهان جو پورهيو کسي ٿو ان کي ڪجهه نه چئو، ان کي ڊگهو رسو مليل آهي، جڏهن اهو ڊگهو رسو سُسِي سرڪڻ ڦاهي ٿئي تيستائين اوسيئڙو ڪيو، بکن ۾ پاهه ٿي مري وڃو پر ڪُڇو ڪجهه به نه، رڳو ويٺا ديوتائن جي ٻانهپ ڪيو، ڀيٽائون ڏيو ۽ انهن کي خوش رکو. اهڙيءَ طرح ڦورن جي پسند ظاهر ڪري ان کي عوام جي پسند بنايو ويو. (سچ ڳالهائڻ سٺي ڳالهه، ظالم برابر ظلم ڪري ٿو پر ان کي ڪجهه چوڻ/ڪرڻ جو وس اوهان کي ناهي، ان کان ”ٻي دنيا“ ۾ حق حساب ورتو ويندو ـــــــــ اهڙا سوين ڏٽا ٺاهيا ويا، هي رڳو هڪ مثال آهي.)
    جيڪو ماڻهو ”ديوتائن جي پسند“ تي هليو ٿي ان لاءِ روحاني خوشين جون خوش خبريون هيون ۽ هزارين سالن کان هزارين لک ماڻهو انهن خوشين کي هٿ ڪرڻ جي آسري ۾ اذيتون ۽ عذاب سهي پنهنجو ڍينگو ڍيري ڪري، گهر، مسيت ۽ پاڻ فنا ڪرائي ويا.
    پسند ۽ ناپسند جو هڪ وڏو ڄار ٺاهي ماڻهن جي ذهنن ۾ ويهاريو ويو، جنهن ماڻهوءَ”پسند“ موجب ڪم، عمل، ڳالهيون پئي ڪيون ان لاءِ ذهني خوشي ۽ ڇوٽڪارو هو ۽ جنهن ”ناپسند“ موجب ڪم، عمل، ڳالهيون پئي ڪيون ان لاءِ اذيت ۽ قيد هو.
    پسند موجب عمل، ڳالهه ئي ذهني خوشي ڏيندڙ آهي ۽ ذهني خوشيءَ کي ئي روحاني خوشي چئجي ٿو. ڪو به عمل، ڪا به ڳالهه جيڪا روحاني خوشي پيدا ڪندڙ آهي ان کي جاچي ڏسو ـــــــــ روحاني خوشي ذهني خوشيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.
    اسين ماڻهو، جيڪي رڳو ڦورو ۽ ظالم کي ئي نه پر ڦرلٽ ۽ ظلم کي ۽ انهيءَ ڦورو ظالم سرشتي کي تباهه ڪرڻ گهرون ٿا، انهن لاءِ روحاني خوشيءَ جو معيار اهڙو ڪريل، غليظ، سوڙهو ۽ پتڪڙو ناهي. اسين ته سڄيءَ انسانذات کي ڏکن، ڏولائن، ڏوجهرن مان ڪڍي سچ، سونهن، سوڀ، سگهه، سرت، ساڃاهه، ساڀيا جي راهه تي وٺي هلڻ گهرون ٿا، اسان جي خوشي ان ۾ آهي ته گهڻي کان گهڻا ماڻهو، سڄي انسانذات سُکي، سلامت ۽ سوڀياوان هجي.
    ڦورو ۽ ظالم به ماڻهو ٿئي ٿو ۽ اهو ڪجهه نه ڪجهه ڄمار کان پوءِ مري وڃي ٿو، پر جڏهن کان ذاتي ملڪيت ۽ طبقاتي سماج وجود ۾ آيو آهي تڏهن کان ڦرلٽ ۽ ظلم نه مُئو آهي، اسين ظلم ۽ ڦرلٽ کي مارڻ گهرون ٿا، اهي وسيلا، موقعا ۽ سرشتا ئي فنا ڪرڻ گهرون ٿا جنهن جي آڌار تي ڦرلٽ ۽ ظلم ٿي سگهي، اسين سڄي انسانذات جا گهڻ گهرا ۽ هڏ ڏوکي آهيون، اسين پورهيت آهيون ۽ حياتيءَ جي سک ۾ هٿ ونڊائڻ لاءِ تيار آهيون.
    ڦورن جا نمڪ حلال تهمت هڻن ٿا ته پورهيت مفادن جا پرچارڪ ”روحاني خوشيءَ“ تي ڀروسو ئي ڪو نه ٿا رکن، اهي رڳو کاڌي پيتي، اٽي لٽي اجهي، گرم گوشت ۽ شراب جا شوقين آهن، انهن وٽ ڪي به انساني اخلاق، قدر ۽ روايتون ڪونهن ۽ ان سان گڏ دنيا جون سوين هزار گاريون ڏيندا رهن ٿا ۽ پاڻ ۽ پنهنجن آقائن کي دنيا تياڳي رڳو ”ٻي دنيا“ جي خوشين لاءِ ڪم ڪندڙ پيا ظاهر ڪن.
    اسين برابر وهمن، وسوسن، ديوين، ديوتائن ۽ انهن سان واسطيدار ٻڌايو ويندڙ دائمي ”ساهه“ (”روح“) واري غير سائنسي تصور کي غلط ۽ بي بنياد سمجهون ٿا ۽ برابر اهو به چئون ٿا ته جن ماڻهن جو پورهيو کسي جيئڻ جا وسيلا تنگ ڪيا ويا آهن انهن کي حياتيءَ جون بنيادي گهرجون ۽ سهولتون ڀرپور نموني ملڻ گهرجن.
    پر گرم گوشت، عورت، شراب، جوئا، بدمعاشي، ٺڳي، لوڀ جو پوڄاري ۽ ان لاءِ ويندي هر گندي ۾ گندو ۽ ڪريل ڪم ڪندڙ، انساني ڪوس ڪرائيندڙ ڪير آهي؟
    جيڪي لوٺيا بي حيائي ڪري، پورهيت عوام جي نمائندن تي اهڙا الزام مڙهن ٿا انهن کي اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته سائنسي نڪتي نظر رکندڙ پورهيت مفادن جي نگهبان ماڻهن کي پوريءَ طرح سجاڳ ٿئي اڃا 100 سال مس ٿيا آهن (۽ ان کان اڳ جيڪي به اهڙا سٻاجها ۽ سلڇڻا ماڻهو پيدا ٿيا انهن کي بيوس ۽ لاچار ڪري رکيو ويو ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ اڄ به قيد ۽ بند جون اذيتون موجود آهن)، جڏهن ته دنيا جو هر بڇڙي ۾ بڇڙو ۽ غليظ ڪم هزارين سالن کان سندن آقا، جاگيردار ۽ سرمائيدار ۽ انهن جا جوڙيوال ڪندا رهيا آهن، اهي ڦورو بدمعاش ۽ ظالم انسانذات جي روشن نراڙ تي ڪارهه جو چٽو آهن.
    باقي جيستائين انساني اخلاق، يگاني قدر ۽ اعلى روايتن جو تعلق آهي ته پورهيت عوام کان وڌيڪ ٻيو ڪير آهي جو ان کان سٺا مثال پيش ڪري سگهي؟
    جيڪي ماڻهو ڦورن، ظالمن، بدمعاشن، ٺوڳين ۽ جنگ بازن جو سرشتو قائم رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا هجن اهي ڪيڏا به اڇا اجرا ۽ سيبتا نظر اچڻ جي ڪوشش ڪن، پر بنيادي طرح انهن کان وڌيڪ بد اخلاق، بد نيت ۽ بي قدرا ٻيا ڪهڙا ماڻهو ٿي سگهن ٿا! جيڪي ماڻهو پنهنجون حياتيون رڳو غاصبن جي مفادن لاءِ خرچ ڪريو ڇڏين انهن جو اخلاق ۽ قدر ڪهڙو هوندو، اهي ته ڏاڍا خسيس، ڪريل ۽ ڪمينا ماڻهو ئي ٿي سگهن ٿا.
    ڪيڏا نه اتم، اعلى، سٺا، سيبتا، سلڇڻا ۽ سوڀياوان آهن اهي ماڻهو جيڪي پنهنجون حياتيون، خوشيون ۽ ملڪيتون سڄي مظلوم ۽ محڪوم انسانذات جي ڇوٽڪاري لاءِ خرچ ڪريو ڇڏين. اهي ظلم، ڏاڍايون، قيد ۽ بند جون تڪليفون رڳو ان ڪري سهن ٿا ته جيئن ڦريل، محڪوم، مظلوم ۽ مسڪين ماڻهن کي ڏاڍ، ڏک ۽ ڏوجهري جي اذيتن مان ڪڍي انهن کي ڀائيچاري، برابريءَ، سک، سلامتيءَ، امن، پيار، مهر ۽ وفا جو ماحول مهيا ڪري ڏين.
    مارڪس جيڪڏهن پنهنجي وقت جي حاڪمن ۽ ماحول سان ها ۾ ها ملائي ها ته پروفيسر ٿيڻ سندس لاءِ ڪجهه ڏکيو نه هو ۽ عياشيءَ جي نه، ته به سک جي حياتي ضرور گذاري سگهي ها، پر هن پنهنجي سڄي حياتي مفلسي، ڏک ۽ اوني ۾ گذاري ڇڏي، بيماريءَ ۾ علاج جي اڻهوند سبب پنهنجين ٻن ڌيئرن جي موت جو صدمو سَٺو، پر غريبن، مزدورن، سڄيءَ دنيا جي پورهيتن کي اڻهوند، بيوسيءَ، اڻڄاڻائيءَ ۽ ڦرلٽ جي ڄار مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ علمي کوجنا ۽ عملي جدوجهد ڪندو رهيو، تان جو سندس لاڏاڻو به ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ٿيو، پر مارڪس جي پسند غلاميءَ جي حياتي گذارڻ نه هئي، هو غلاميءَ جو سڀ کان وڏو دشمن هو. هن جي پسند، ذهني اطمينان، روحاني خوشي سندس هن قول ۾ لڪل آهي ته خوش اهو آهي جيڪو ٻين (گهڻي کان گهڻن) ماڻهن کي خوش رکي (يا انهن جي خوشيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي).
    جيني ــــــــــ مارڪس جي لاڏلي ۽ پرين زال ـــــــــ وقت جي پرڏيهي وزير جي ڀيڻ، ”خوشحال“ حياتيءَ لاءِ ڀاءُ جي آڇ باوجود چيو ته هن مارڪس (۽ ان جي نظرين) سان شادي ڪئي آهي ۽ مارڪس ئي سندس سڀ ڪجهه آهي. بي مثال پيار ۽ پاٻوهه جو مجسمو هئي جيني ويسٽ فالين.
    اينجلس ـــــــــ مارڪس جو اڻٽٽ ساٿي، سنگتي، پڳ مٽ ياريءَ ۽ ايثار جو جيئرو ثبوت ـــــــــ چاهي ها ته پيءُ جي ڪارخانن جو مالڪ ٿي ”فرسٽ ڪلاس“ حياتي گذاري سگهي ها پر هن کي به غلاميءَ ۽ ڦرلٽ جي حياتيءَ لاءِ بي پناهه ڌڪار هئي. هو مرڻ گهڙيءَ تائين پورهيت نظريي ۽ پورهيت عوام جي ڇوٽڪاري لاءِ اَڻمئي جدوجهد ڪندو رهيو.
    لينن ـــــــــ تعليمي اداري جي ڊائريڪٽر جو پٽ، سندس گهر ۾ هر پنجن ڏينهن لاءِ هر ڏينهن هڪ نئين ٻوليءَ ۾ ڳالهه ٻول ٿيندي هئي ۽ ننڍپڻ کان ئي لينن کي پنج ٻوليون ـــــــــ روسي، لئٽن، يوناني، جرمن ۽ فرانسي ـــــــــ چڱيءَ طرح ڳالهائڻ اينديون هيون. لينن لاءِ چالو حياتيءَ جون سڀ آسائشون ماڻڻ ڪو اوکو ڪم نه هو، پر هن مرد مٿير پورهيت عوام جي ڇوٽڪاري لاءِ پنهنجي سڄي حياتي سيڙائي ڇڏي ۽ نوبت وڃي اتي پهتي جو زار حڪومت هوڪو ڏياري ڇڏيو هو ته جتي به لينن نظر اچي ان کي گولي هڻي ماريو وڃي.
    پنهنجي مقصد ـــــــــ پورهيت عوام جي ظلم مان ڇوٽڪاري، ڀائپي، برابري، آزادي، امن، جمهوريت، انسان دوستيءَ ۽ ماڻهوءَ هٿان ماڻهوءَ جي ڦرلٽ کان پاڪ راڄ قائم ڪرڻ ـــــــــ لاءِ پورهيت عوام جا لکين اورچ سرويچ سورهيه انهيءَ راهه جا پانڌي هئا. هنن عام حياتيءَ ۾ ڏک سور کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڏٺو، قيد لوڙيائون، سزائون سَـٺائون، ويندي موت مهل اکين تان ڪاري پٽي لاهي ڦٽي ڪيائون ۽ ڌرتيءَ جي مهاين جو مانُ مٿاهون ڪندي مرڪندي مري ويا پر پنهنجي اڏول ارادي تان تِر جيترو به نه هٽيا. هنن جي خوشي ان لڪ ۾ لڪل هئي ته جيڪڏهن اسين پاڻ نه ته اسان جا پويان ئي سهي پر آزاديءَ ۽ امن، خوشحاليءَ ۽ خوشيءَ، پيار ۽ پاٻوهه جو مڻيادار ميوو چکندا. هتي سِسِي گهورڻ، سر جو سودو ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه ئي نه هئي:
    سِسـي سـي گُهــرن، جي واٽينـدڙ وچ ۾،
    اوءِ ڪي ٻيو پڇن، جنين سرو سنباهيو.
    فاضل راهو ـــــــــ سنڌ جو، سنڌين جو، سنڌي پورهيت عوام جو املهه ماڻڪ ـــــــــ چاهي ها ته ڇا سنڌي وڏيرن واري چالو حياتي نه پئي گذاري سگهيو؟ پر هن مرد مٿير جي روحاني خوشيءَ جي رمز انهيءَ ۾ لڪل هئي ته سنڌي پورهيت عوام، پاڪستان جي مظلوم قومن جي پورهيت عوام ۽ مجموعي طرح پاڪستان جي مظلوم عوام جي ڇوٽڪاري واري حقيقي راهه جو پانڌيئڙو ٿي جيئجي. هو اهو رند هو جنهن اونهي اسرار کي پروڙي ورتو هو. کيس وِهُه ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيلن ۾ بند رکيو ويو، عياش حياتي گذارڻ لاءِ هِرکايو ويو. هو صوبائي توڻي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر به ٿي سگهيو پئي پر سندس پاند پنهنجن ويڙهيچن سان هو. هن رواجي وڏيرڪي حياتيءَ، داداگيريءَ، پاٿاريداريءَ، ارهه زورائيءَ ۽ غداريءَ کي ٿُڪ هڻي ڦٽو ڪيو ۽ پورهيتن سان پورهيت ٿي ساٿ ڏنائين ۽ نيٺ شهادت ماڻيائين.
    لطيف سائينءَ انهن ظاهري طرح روحانيت پرستن (سرمائيدارن، جاگيردارن، بادشاهن، شهنشاهن، مُلن، پيرن، پنڊتن، پادرين ۽ پاڻ کي خدا جو پاڇو سڏائيندڙن) کي منهن ۾ موسى جهڙو، اندر ۾ آذر (ابليس) چئي ننديو هو. اِهي اُهي آهن جيڪي دعوى ٿا ڪن ته اهي سڄي حياتي پنهنجي روحاني مقصد لاءِ وقف ڪريو ويٺا آهن پر سندن سمورا ڪم ابليس وارا آهن.
    آمريڪي سامراج اڄ پاڻ کي سڄي دنيا ۾ امن، انسانيت، ڀائيچاريءَ، آزاديءَ ۽ برابريءَ جو علمدار ٿو سڏرائي پر سڀ ماڻهو سامراجين ۽ سندن لوڌ جا ڪرتوت چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا.ساڳيءَ طرح آمريڪي سامراج جو پٺو ضياءُ ڪيڏو ڪوڙو هو ۽ سندس حڪومت دوران اسلام ۽ پاڪستان جي آڙ ۾ ڪيڏا ڪيس ٿيا، ان کان سمورا سنڌي سٺيءَ طرح واقف آهن.
    هڪڙا ماڻهو اهي آهن جيڪي ڦرلٽ ۽ ظلم جا حامي آهن، اهي سرمائيدارن، جاگيردارن، سردارن، سامراجين جا حامي آهن ۽ انهن جو نظام قائم ڪرڻ لاءِ علم، قلم ۽ تلوار وسيلي جدوجهد ڪن ٿا.
    ٻيا ماڻهو اهي آهن جيڪي ڦرلٽ ۽ ظلم خلاف مزورن، هارين، غريبن ۽ پورهيتن جا حامي آهن ۽ اهڙو راڄ قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو علم، قلم، سگهه ۽ ساهه گهوري رهيا آهن جنهن ۾ حقيقي طرح امن ۽ ڀائيچارو قائم هجي، جتي ماڻهوءَ هٿان ماڻهوءَ جي ڦرلٽ نه هجي، جتي ڪو به ڏاڍو ۽ داداگير نه هجي پر ڀائرن سان ڀاءُ ٿي گذاري سگهجي.
    توهان ڪهڙي پاسي؟
    ڇا توهان ڪڏهن پنهنجي پسند، پنهنجي خوشيءَ جي معيار جي جاچ ڪئي آهي؟
    اڄ ويهي ڌيان سان جاچ لهو. هر اهو ڪم جنهن تي توهان کي اندروني اطمينان، ذهني خوشي، روحاني راحت ملي ٿي يا جنهن تي اوهين ارها ٿيو ٿا، انهيءَ جي ڇنڊڇاڻ ڪريو ۽ پوءِ ڏسو ته توهان جو تن من ڪنهن سان ڳنڍيل آهي: پورهيتن سان يا ڦورو ظالمن سان ۽ هر ماڻهوءَ، ٽولي، جماعت يا پارٽيءَ جي ڪردار جو جائزو وٺو ته حقيقي طرح اهي ڪنهن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ـــــــــ ظالمن لاءِ يا مظلومن لاءِ، ڦورن لاءِ يا ڦريلن لاءِ.
    ۽ پوءِ نبيرو ڪيو ته توهين ڪهڙي راهه وٺڻ گهرو ٿا ـــــــــ ظالمن واري يا ظلم مان ڇوٽڪاري ۽ ڀائيچاري واري.
    انقلابي پورهيت نظريي جا مخالف چون ٿا ته جيئن ته هي نظريو روح جو انڪار ڪري ٿو، تنهنڪري اهو ماڻهوءَ جي روحاني دنيا، روحاني خوشيءَ کان به انڪار ڪري ٿو. اهي تهمت هڻن ٿا ته انقلابي پورهيت نظريي جا پوئلڳ روحاني مُلهه کي نه ٿا مڃن ۽ رڳو مادي واد مُلهه کي مڃن ٿا.
    ڇا واقعي ايئن آهي؟
    نه، اهو انقلابي پورهيت نظريي خلاف زبرو ڪوڙ آهي.
    انقلابي پورهيت نظريو پراسرار، لافاني، وهمي، ديوتائي ”روح“ جي وجود کان ته برابر انڪار ڪري ٿو، پر اهو ڪڏهن به ماڻهوءَ جي اندرين روحاني دنيا، ذهني دنيا جي وجود کان انڪار ڪو نه ٿو ڪري.
    هڪ جابر ۽ ظالم آڏو سچ ڳالهائڻ ماڻهوءَ جي ذهن ۾ زبردست روحاني خوشي ڀري ڇڏي ٿو، جڏهن ته ٿي سگهي ٿو ته ان ڪري کيس پنهنجو سر وڃائڻو پئجي وڃي. ڪير آهي جنهن دنيا جي وڏي ۾ وڏن جابرن ۽ ظالمن، ڦورن ۽ داداگيرن آڏو نه رڳو سِيس نه نوايو هجي، پر انهن خلاف انهن جي هار تائين جنگ به ڪئي هجي؟ ڇا زار شهنشاهي کي ڊاهي پورهيت راڄ قائم ڪرڻ، ويٽنام ۾ فرينچ ۽ آمريڪي سامراجين ۽ ويٽنامي غدار حڪمرانن کي ڪنن ۾ پادر ڏياري ڇڏڻ ۽ پورهيت عوام جو پاڻ ڀرو قومي عوامي جمهوري راڄ جوڙڻ، چين ۾ چيني جنگ باز سردارن، جپاني ڪاهيندڙن ۽ ٻين پرمارن کي لوڌي ڇڏڻ ۽ عوامي راڄ ٺاهڻ، اتر ڪوريا، ڪيوبا، ڏکڻ يمن، انگولا وغيره ۾ پورهيت عوام جون پرمار ۽ ڏيهي ڦورو قوتن جي چنبي مان نجات کان به وڌيڪ سچار، سٺا، سيبتا ۽ سلڇڻا ڪم به ڪي ٿي سگهن ٿا؟
    ماڻهوءَ جا ڏاڍا اهم گڻ، جيئن اميدون، ارادا، ايمان، جوش، جذبا، عقيدتون ۽ احترام، پيار ۽ پاٻوهه، سڪ ۽ سچائي، سڀ جو خير، خوشي ۽ خودداري وغيره، اهڙا انيڪ نيڪ ۽ نازڪ احساس ماڻهوءَ جي روحاني دولت، روحاني دنيا، روحاني خوشي جوڙن ٿا.
    روحاني دنيا جي ويڪر، گَهرائِي ۽ پَڪائي سامراجين، سرمائيدارن، جاگيردارن، سردارن ۽ سندن ڇاڙتي لوڌ ـــــــــ ملن، پادرين، ٻاون وغيره ـــــــــ وٽ وڌيڪ آهي يا دنيا جي امن پسند، حق پرست، انصاف پرور، نجات ڏياريندڙ پورهيت عوام ۽ انهن جي سٿن وٽ؟
    گذريل 22-سؤ سالن ۾ ٻاوَن، 20-سؤ سالن ۾ پادرين، 14-سؤ سالن ۾ مُلن، جن جي ماني ٽڪي، ساراهون ڪري، حڪومتون ٺهرائي، چمچاگيريون ڪري ماڻهن جا ڪَن پچائي ڇڏيا آهن، انهن مجموعي طرح عام ماڻهوءَ ـــــــــ عوام ـــــــــ کي بيچينيءَ، بيوسيءَ، جهالت، جنگ، لاچاريءَ، ڏک ۽ بک کان سواءِ ٻيو ڏنو ڇاهي؟ لڳ ڀڳ 10-هزار سالن کان جاگيرداري راڄ موجود آهي ۽ 6-سؤ سالن کان سرمائيداري موجود آهي، انهيءَ سڄي عرصي ۾ حاڪم طبقن ۽ انهن جي ڪاموراشاهيءَ ۽ ڌرمي لوڌ انسانيت، امن، ڀائيچاري، محبت، خلوص، سچائي وغيره جي پچار پئي ڪئي آهي، پر اڄ به تاريخ پڙهي ڏسو ته لکين ڪروڙ پورهيت عوام جي حالت ڇا پئي رهي آهي، اهي ڪڏهن به بک، بيماريءَ، ڏک ۽ ڏوجهري کان ٻاهر نه رهيا آهن، جڏهن ته حڪمران طبقا ۽ انهن جا نمائندا پاڻ کي ڌڻي، خدا جو پاڇو، اوتار ۽ اعلى انسان وغيره به سڏائيندا رهيا آهن.
    ٻي پاسي رڳو سامراجي چنبي ۽ قومي ۽ طبقاتي غلاميءَ جي ڄار هيٺ گذاريندڙ پر ان خلاف انقلابي پورهيت نمائندن جو مثال وٺو. هو جنهن پيار، پاٻوهه، پنهنجائپ، جوش، جذبي، ڏِيا، ڏاهپ، سچائيءَ، سورهيائيءَ، سِڪ ۽ سرويچيءَ سان مظلوم پورهيت عوام جي ڇوٽڪاري ۽ خوشحاليءَ جو جيڪو پورهيو ڪري رهيا آهن ۽ ويندي پنهنجيءَ رت جو آخري ڦڙو به وهائي يا سر گهوري ڇڏن ٿا، ان جهڙي روحاني دولت سان ٻيو ڪير آهي جيڪو وڌيڪ مالامال هجي؟ هڪ هڪ من گهايل آهي پر پوءِ به انهن جو اندر ڏاڍو ويڪرو ۽ گَهرو آهي، پيار، پنهنجائپ ۽ پاٻوهه جي جذبي سان ٽمٽار آهي. هي انقلابي زمين کان آسمان تائين آنڌاري ٿي اٿن ٿا ۽ سماج جي ڪِن، ڦِٿ، ظلم ۽ ڦرلٽ کي ڌڪي، پري ڪڍي، ساڙي ناس ڪري، ماڻهن کي حقيقي ۽ هر طرفي آزاديءَ جو دولت سان مالامال ڪن ٿا. سندن روحاني خوشي ان ۾ آهي ته سڄي انسانذات کي روحاني خوشي، روحاني آزادي، روحاني دولت ۽ روحاني راحت ملي.


    باب پندرهون

    سمجهه جو مادي تي اثر

    ڪا به سمجهه، سوچ ۽ ڄاڻ، ڪو به خيال، ساهه يا روح ساهواري وجود کان اڳ ناهي. هر ساهوارو وجود جن عنصرن جو ٺهيل آهي، جنهن جاءِ (ڌرتيءَ) تي وجود رکي ٿو، اها ڌرتي جنهن سج سرشتي جو حصو آهي، سج سرشتو جنهن وڏي تارن جي سرشتي (گس) جو حصو آهي ۽ اهو (گس) جنهن (گسن جي اڃا به وڏي) سرشتي جو حصو آهي اهو سڀ ڪجهه مادي جو ٺهيل آهي ۽ مادو پنهنجن سمورن لقائن ـــــــــ خلا، چرپر، وقت، قد بت، ماپ معيار، ڳر، مهانڊي وغيره ـــــــــ سميت سمجهه، سوچ، ڄاڻ، خيال، ساهه يا روح کان گهڻو گهڻو اڳ، سدائين موجود آهي. مادي سبب، مادي جي ڦيرڦار سبب، مادي جي گڻن سبب حياتي (ساهه) واري وجود جنم ورتو ۽ ساهه واري وجود کان ڌار ساهه، روح، خيال، ڄاڻ، سوچ يا سمجهه پنهنجي سر، پاڻ مرادو وجود رکي نه ٿي سگهي. مادو اڳ آهي ۽ مادي جي ڪري سوچ ٺهي آهي.


    ڇا سمجهه جو مادي تي ڪو به اثر نه ٿو پوي؟

    هي جو سڄي ڌرتيءَ تي ترتيب ۽ رٿا سان باغ باغيچا، ٻنيون ٻارا، نديون نارا، وسنديون واهڻ، ڳوٺ ۽ شهر ٺاهيا ويا آهن، هي جو آسمان ڇهندڙ آڙ ماڙ جايون، هزارين ايجادون، سائنسي ڪرشما ۽ انساني ڪارناما موجود ٿي پيا آهن، هي جو اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، لئبريريون، ميوزم، موسيقيون ۽ فن فنڪاريون پيون ڏسجن ٻڌجن، هي جو ظلمَ، ناحقَ، فتني فسادَ، وهم جا ڪڙا ڪوٽ ڊاهي انهن جي بدران حق، انصاف، امن، ڄاڻ، ڀائپيءَ جا ميلا مچايا پيا وڃن. ڇا انهن ۾ سوچ سمجهه جو ڪو به ڀاڱو پتي ڪونهي؟ اهي ڪنهن جا ڪارناما؟
    اهي سڀ ماڻهوءَ سماج ۾ ماڻهوءَ جي مقصد ڀري سرگرميءَ، عمل، پورهيي جا ڪارناما آهن، ماڻهوءَ جي ذهني، تخليقي ۽ بدني ڪم جا ڪرشما آهن. انهن ڪارنامن، ڪرشمن ۾ سمجهه سوچ جو به ونڊ آهي، پر رڳو ٺلهي سوچ سمجهه ڪجهه به ڪري نه ٿي سگهي. لکين ماڻهو لک ڀيرا ويهي سوچن ۽ ويٺا سوچن ته هيئن ٿئي يا هوئن نه ٿئي، پر اهڙي سوچ جو ڪو فائدو ڪونهي. جڏهن سوچ کي عمل سان ملائجي ٿو، تڏهن ئي ڪو ڪارنامو، ڪرشمو، ڪم ڪري سگهجي ٿو. اڄوڪي هر ڪم ۾ ماڻهوءَ جي جسم جو بامقصد عمل ۽ ماڻهوءَ جي دماغ جو تخليقي عمل (سمجهه) شامل آهي. سمجهه ٻيو ڪجهه به ڪري نه ٿي سگهي سواءِ ان جي، جو مادي جي هڪ ڳڀي جو هڪ روپ تبديل ڪري ٻي روپ ۾ آڻي ۽ اهو به تڏهن ممڪن آهي جڏهن مادي تي مادي جي وسيلن سان عمل ڪري.
    سمجهه وسيلي ماڻهو پاڻ کي فائدو ۽ نقصان ڏيندڙ شيون/عمل ياد رکي ٿو، انهن مان ڪِن جي چونڊ ڪري ٿو، پاڻ عمل ڪري ٿو ۽ ٻين کي به ان جي تلقين ڪري ٿو.
    ماڻهو دنيا، ڪائنات، ڌرتيءَ ـــــــــ مادي ـــــــــ ۽ ان جي سمورن ڏيکن، جوهر،هيئت، مواد، انهن جي وچ ۾ لڳ لاڳاپي، اثرن، نتيجن ۽ سببن کي سمجهي سگهي ٿو.
    ماڻهو پنهنجو پاڻ کي، پنهنجي جاءِ ۽ حيثيت کي، پنهنجي راڄ ۽ ان جي شڪل شبيهه کي جاچي ٿو، پنهنجو مقصد مقرر ڪري ٿو، حياتيءَ جي عمل، جيئاپي کي سمجهي ٿو، ڪيميائي، طبعي، مشيني، راڄوڻي تبديلين کي سمجهي ٿو، انهن وسيلي هو نوان نوان اڀياسَ، کوجنائون ۽ ايجادون ڪري ٿو ۽ وس پڳي سٺيون تبديليون آڻي ٿو، پنهنجي راڄ ۽ فطرت کي پنهنجي فائدي ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
    مادي جي ڦيرڦار سبب ڌرتي آهي، ڌرتيءَ تي مادي جي ڦيرڦار سبب ساهوارو آهي، ساهواري ۾ ساهڀري (جيئري) ڦيرڦار سبب سمجهه آهي، سمجهه هڪ جيئري، ڳتيل، ڏاڍي منظم مادي دماغ، ۽ اهو به ماڻهوءَ جي دماغ، جي ڪرت آهي، سمجهه کان سواءِ دماغ موجود ٿي سگهي ٿو پر دماغ، ساهواري ۽ مادي کان سواءِ سمجهه جو ڪو به وجود نه ٿو ٿي سگهي. مادو اول آهي ۽ سمجهه پوءِ، سمجهه مادي جي محتاج آهي، مادو سمجهه جو محتاج ناهي، اهو پاڻ مرادو، وَس وارو وجود رکي سگهي ٿو.

    •••


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 534
    ڪتابن جو مشاهدو: 553120
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 213182
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ