ڪتاب جو نالو: گلقند- ڀاڱو پھريون (پھاڪا)
مصنف: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 1928
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 19 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 905 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 325 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”گلقند : پهاڪا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب آنجهاني ڀيرومل مھرچند آڏواڻي جو سهيڙيل آهي جيڪو ورهاڱي کان اڳ 1928ع ۾ ڇپيو.
هيءُ ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ 912 پهاڪا آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ اصطلاح آهن جن مان ڪيترا ”گل“، ”سنڌي ٻوليءَ جي سونهن“، ”طلسم“، جوت اخبار، اخبار تعليم، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ۽ پنهنجن توڙي ٻين صاحبن جي ٺاهيل ڪتابن مان چوُنڊيا ويا آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • منڍ
  • گلقند ڀاڱو پھريون: پھاڪا

  • 1 کان 300
  • 301 کان 600
  • 601 کان 912
  • ڏسڻي

  • 1 کان 912

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (175) ”گلقند : پهاڪا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب آنجهاني ڀيرومل مھرچند آڏواڻي جو سهيڙيل آهي جيڪو ورهاڱي کان اڳ 1928ع ۾ ڇپيو.

    هيءُ ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ 912 پهاڪا آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ اصطلاح آهن جن مان ڪيترا ”گل“، ”سنڌي ٻوليءَ جي سونهن“، ”طلسم“، جوت اخبار، اخبار تعليم، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ۽ پنهنجن توڙي ٻين صاحبن جي ٺاهيل ڪتابن مان چوُنڊيا ويا آهن.

    هي ڪتاب المنعم لائبرري لاڙڪاڻي پاران انجنيئر عبد الوهاب سهتي اي بوڪ ايڊيشن ۾ سندس ويب سائيٽ تي آندو آهي. ٿورائتا آهيون سائين عبد الوهاب سهتي جا جنهن هن قيمتي ۽ ناياب ڪتاب کي ٻيهر اسان تائين آندو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    منڍ

    پهاڪن ۽ اصطلاحن ۾ اڪثر نج سنڌي آهي ۽ انهن جي ڪم آڻڻ ڪري مضمون نهايت سهڻو ۽ سلوُڻو ٿئي ٿو. مون ورهين کان ڪيتريون چوڻيون ڪٺيون پئي ڪيون آهن، جن مان حال اڍائي هزار کن هن ڪتاب ۾ آنديون اٿم.
    هيءُ ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ 912 پهاڪا آهن، جن مان ڪي “گلشڪر” ۽ ٻين پهاڪن جي ڪتابن مان چونڊي ڪڍيا اٿم ۽ ڪي اهڙا به پهاڪا ڏنا اٿم، جي اڳي ڪنهن به ڪتاب ۾ ڇپجي پڌرا نه ٿيا آهن. ڪي چوڻيون ڪن قصن تي ٻڌل آهن، تنهنڪري اهي قصا به مختصر طرح ڏنا اٿم. ڪيترن سنڌي پهاڪن لاءِ انگريزي پهاڪا ڏنا اٿم جي فئلن صاحب، هينري بان ۽ ديوان روچيرام جي پهاڪن جي ڪتابن مان ورتل آهن. انهيءَ ڀاڱي کي ڌار جلد ٻڌائي ان جي قيمت فقط ڏهه آنا رکي ويئي آهي.
    ٻئي ڀاڱي ۾ اصطلاح آهن جن مان ڪيترا “گل”، “سنڌي ٻوليءَ جي سونهن”، “طلسم”، جوت اخبار، اخبار تعليم، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ۽ پنهنجن توڙي ٻين صاحبن جي ٺاهيل ڪتابن مان چوُنڊيا ويا آهن. انهيءَ ڀاڱي جي قيمت فقط نؤ آنا آهي. اميد ته هي ٻئي ڀاڱا شاگردن توڙي سنڌي ٻوليءَ جي پيار وارن صاحبن کي گهڻو ڪارائتا ٿيندا.
    اشارو- اصطلاح يا ورجيس اُن کي چئجي ٿو. جنهنجي اکري معني هڪڙي ۽ رواج موجب ٻي آهي.
    پهاڪو يا چوڻي اها آهي جنهن ۾ ڪا نصيحت يا نڪتو ٿورن پر مائيدار لفظن ۾ ڄاڻايل آهي.

    ڪراچي 8 مارچ 1928ع
    ڀيرو مل مهر چند


    گلقند ڀاڱو پھريون: پھاڪا

    1 کان 300

    (1) آپ نه پالي، پالي ڏون!
    جو پاڻ کي پالي نه ٿو سگهي، سو ٻين کي پالي سگهندو؟ “پڙهي ويٺو نه پرڻجڻ جو سعيو ٿو ڪري! آپ نه پالي، پالي ڏون!”
    (2) پاڻ پني گهوڙا ڳنهي
    (3) پاڻ نه پاڙي ڪتا ڌاري.
    C.f. Who spends before he thrives, will starve before he thinks
    (4) آرسي ڙي آرسي، مون جهڙو ڪو ٻيو؟
    جيڪي ائين سمجهن ته اسان جهڙو سهڻو ۽ ٺاهوڪو ٻيو هوندو ئي ڪونه، تن ٽانءِ ڦوُنءِ وارن يا هٺيلن سان لاڳو ڪبو.
    (5) ڪميڻو ڪپڙا ڪيو، ڏسي پنهنجو ڏيل
    (ڏيل = بت).
    (6) آزمائي کي آزمائي، سو ڇائي (ڌوڙ) منهن ۾ پائي.
    ڪنهن ماڻهوءَ يا ڪم مان هڪواريءَ پتيجائو پائي (خراب نتيجو ڏسي) ان کي وري آزمائبو، ته پاڻ کي خوار خراب ڪبو.
    ڀيٽيو-
    (7) جو ديکي نه پتيجائو، ڌوڙ تنهنجي منهن ۾.
    C.f. It is a silly fish that is caught with the same bait.
    (8) آگي طعام، پيڇي ڪام
    (ماني تيار هجي ته) اول ماني کائجي، ڪم پوءِ ڪجي.
    (9) آڱريءَ ننهن ڄائو، لوڪ تماشي آيو.
    آڱر کي ننهن ڄائو آهي (رواجي ڳالهه ٿي آهي) ۽ ماڻهو تماشو ڏسڻ آيا آهن. جڏهن ڪنهن خسيس بيماريءَ وغيره ڪري ڪو وڏيون دانهون ڪري جو چار ڄڻا اچي مڙن، يا وڏي ڏيکاري ڏئي جو ٻيا کلن، ته ائين چئبو. مثلاً “ڪپ لڳس ۽ رت ذرو نڪتس، ته هليو ڊاڪٽر وٽ! آڱريءَ ننهن ڄائو، لوڪ تماشي آيو.”
    C.f. Much ado about nothing.
    (10) آهه غريبان، قهر خدائي.
    غريبن کي ستائبو ته هنن جي اندر مان جيڪا آهه (پٽ) نڪرندي، سا ڌڻيءَ جو غضب آڻيندي.”دلوراءِ رعيت سان ظلم ڪيا، ته ننگري ناس ٿيس. آهه غريبان، قهر خدائي”
    C.f. The prayer of the innocent is never unheard
    (11) آهوُجا کائين، ماهوُجا پيٽ سوُر مرن.
    اَهوُجا يا آهوُجا ۽ مَهوُجا ۽ ماهوُجا نالا نکن يا ذاتين جا. مطلب ته کائين هڪڙا يا ڪم هڪڙن جو ٿئي ۽ پيٽ ۾ سور ٻين کي پوي(حسد وچان). ڏسو؛ “اَڏي ڪاٺ، پڏي ٽوُئو، وچ واري کي لڳو سوُئو.”...73
    (12) آهي ته عيد، نه ته روزو.
    جيڪڏهن پئسو يا شيءِ اٿس ته ائين ٿو اڏائي، جو ڄڻ ته عيد ٿو ملهائي، ۽ جي نه اٿس ته بکون ٿو ڪڍي، “نوان ڪپڙا سڀ هڪٻئي پٺيان پائي پورا ڪيائين ۽ خرچيءَ مان به اُها پائي نه بچايائين جا پوءِ ڪم اچيس. آهي ته عيد، نه ته روزو”
    C.f. Willful waste makes woeful want
    (13) آهي وڏ گهراڻي پر ڏندڻ پاڻيءَ سان واهپو ڪونهيس.
    ڪو صفائي سٺائيءَ تي ڌيان نه ڏيندو مثلاً ماني کائي گرڙي نه ڪندو، ته ٽوڪڻ لاءِ ائين چئبو.
    ڀيٽيو:
    (14) ڇڏ گدلائي، ڪر صفائي، تون سدا رهه اڇو، ملي ميٽ لڱن کي تون وهنجي ڌوءُ مٿو.
    C.f. Cleanliness is next to godliness
    (15) آءُ ته ڀيڻ ڪرهن ڪريون!
    ڪو معاملي جهڙي ڳالهه ڪري ته ائين چون، هن مراد سان هٿ وٺي ڪرهن يعني جهيڙو ڪرڻو اٿئي ڇا؟
    (16) آءٌ به ويندي پيڪي، مون به لهندي سڪ.
    هڪڙي ننڍي نيٽي سڪ ڪري پيڪي وئي ته ڀاڄائنس ڪنهن ڳالهه تان رئاري ڪڍيس. جڏهن ڪنهن کي ڪنهن ڳالهه جو اجايو ڪڏ کڻي تڏهن ائين چون، هن مراد سان ته پوءِ پڇتائيندين “مثلًا اهو واپار ڪندو ته، گهاٽو پوندس. پر جي دل اٿس ته ڀلي آزمودو لهي ڏسي. آءٌ به ويندي پيڪي، مون به لهندي سڪ”.
    (17) آئي ٽانڊي کي بورچاڻي ٿي ويٺي.
    جيڪي ڪنهن جي مهربانيءَ جو اَڻ ٺهندو فائدو وٺن، تن لاءِ ائين چئبو.
    (18) آڱر يا ننهن رکڻ ڏينس ته سڄو ئي سر لنگهائي وجهي.
    C.f. Give him an inch and he will take an ell
    (19) آيا مير ڀڳا پير.
    فئلن صاحب جي هندي پهاڪن جي ڪتاب موجب “آئي مير، ڀڳي پير” جو بنياد هن طرح آهي؛ امروهه جي شهر ۾ ميرانجي نالي هڪ شخص وٽ جادوءَ جو ڏيئو هئو. جنهنجي وسيلي هن ڪيترا ڪرامت جهڙا ڪم ڪيا. جنهن ڪري هڪ وڏو پير ڪري ليکيندا هئس. هاڻي هوُ اتي جي ڪن ماڻهن ۾ اچي واسو ڪندو آهي. امروهه ۾ ٻيا به ڪي پير جهڙوڪ زين خان ۽ ننهي ميان ماڻهن ۾ واسو ڪن ٿا، پر چون ته جڏهن مير (ميرانجي) اچي تڏهن ٻيا پير ڀڄي وڃن، جو هوُ کانئن وڌيڪ ڪلا وارو هو. هاڻي پهاڪي جي معنيٰ ته جڏهن وڏا (مائٽ، حاڪم يا ڏاڍا مڙس) اچن، تڏهن ننڍا ٻار، زيردست يا هيڻا) ٽري وڃن.
    ڀيٽيو
    (20) آيو بابا ولي ته کتيجا کنئين ڇلي.
    (21) آيو مڙس رانجهو، ته هرڪو ٿيو لانجهو.
    (لانجهو=بي همٿ)
    (22) آيو ميان شير ته سڀني ڪڍايو پير.
    (23) ڪئن ڏٺي ٻلي ته دلڙي ٿين ڍلي.
    (24) اَب جو ڏنو ڪهڙي ڪم، جاسين رب نه ڏئي.
    ابي يا پيءُ جو ڏنل (پئسو) ڪهڙي ڪم جو آهي، جيستائين رب (ڌڻي) پنهنجو نٿو ڏئي. مراد ته مائٽن تي بار ٿيڻ يا اباڻي ورثي تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي ڪمائيءَ تي ڀاڙجي.
    (25) اب جو ڏنو نه ڀري، رب جو ڏنو ڀري.
    (26) ريءَ پنهنجي کٽيي سڀر ٻري نه باهه.
    پنهنجي کٽي ڪمائيءَ کان سواءِ باھ سڀر يا زور سان نه ٻرندي يعني رڳو پنهنجي ڪمائي منجهان ئي چلهو چڱي طرح تپائي رڌي کائي سگهبو. ڏسو؛ “اپني گهوٽ ته نشا ٿيويئي”.
    (27) ابو به ڍائو، ادو به ڍائو، اڌ ڪم ڪيم هيٺ اڌ ڪيم مٿي.
    پيءُ ۽ ڀاءُ ٻئي ڍاوا ۽ مون به اڌ هيٺ ته اڌ مٿي ڪيو يعني آءٌ به سڄو ئي ڍائيس. ٽوڪ طرح ائين چئبو، هن معنيٰ سان ته ڪنهن جو به ڍءُ نه ٿيو. “ٽن مهينن ۾ پنجويهه روپيا مائٽن کي موڪليائين! ابو به ڍائو ته ادو به ڍائو”!
    (28) ابو گسي، ڌيءُ وسي.
    ڏيتي ليتي هلائڻ ڪري، پيءُ جي هڙ گسي ٿي ۽ ڌيءُ (حقيقتون ڌيءُ ساهرو گهر) ورسي ٿي. ڏيتي ليتيءَ جو پهاڪو.
    (29) اَبي چاڙهي، ادي چاڙهي، مون نه چاڙهي ته ڪنهن نه چاڙهي.
    بيروزگار مرد يا غريب زال، پئسي جي تنگيءَ سببان ائين چوي، هن معنيٰ سان ته منهنجي پيءُ ديڳ چاڙهي (رڌائين، کاڌائين)، منهنجي ڀاءُ به ائين ڪيو، پر جيڪڏهن انهن وانگر مون پنهنجو ديڳڙو نه چاڙهيو ( پنهنجو رڌم کاڌم نه) ته ائين ڄاڻبو ته منهنجن مائٽن به رڌو کاڌو ڪو نه ٿي. يا مائٽن جا سک، جهڙا مون ڏٺا تهڙا نه ڏٺا. ڪي هن معنيٰ سان به ڪم آڻين ته آءٌ پنهنجو ٻوٽو نه ٻاريندس، ته وڏن جو نانءُ ناموس لٽجي ويندو.
    (30) اُڀ ڦاٽي کي به ڪڏهن اڳڙي پيئي آهي؟
    مطلب ته پڌري ڳالهه ڪڏهن به لڪي ڪين سگهندي. “اها مقدمي جي ڳالهه ڪئن لڪندي؟ اُڀ ڦاٽي کي به ڪڏهن اڳڙي پيئي آهي”.
    (31) سج به ڪو تريءَ هيٺان لڪي؟
    (32) خون کستوري ڳجهو نه رهي.
    C.f. Murder will out
    (33) اُڀ ۾ ٿڪ اُڇلائي، سو منهن ۾ پائي.
    ٿڪ اڇلائڻ، نفرت يا ڌڪار جي نشاني. جيڪو عرشين چڙهيل هوندو يعني جنهن کي ٻيا اعليٰ درجي جو ڪري ليکيندا هوندا ( مثلاً مهاتما گانڌي) تنهنجي جيڪڏهن ڪو آبرو وٺندو يا گلا ڪندو ته خود سندس آبرو نه رهندي، جو ٻيا ڦٺ لعنت ڪندس.
    C.f. Who spits against the wind, spits in his own face.
    (34) اُٿ به ناڻو ويهه به ناڻو، ناڻي بنا نر ويڳاڻو.
    اُٿ توڙي ويهه يعني گهر مان اُٿي ٻاهر وڃ توڙي گهر ۾ ويهه، ته به (خرچ پکي لاءِ) پئسو گهرجي؛ پئسي کان سواءِ مڙس ويڳاڻو (موڳو) آهي.
    ڀيٽيو:
    (35) اُٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو.
    (لاڻو = هڪ قسم جو ٻوٽو)
    (36) پئسي بنا پرساد، هروُ ڏئي نه هٿ ۾.
    (37) پئسو ناهي پاس، جيرو آه اداس.
    (38) پير عيسيٰ، پير موسيٰ، بڙا پير پئسا.
    (39) جيڪي ڪري ناڻو، سو نه ڪري راڻو.
    (40) دام ڪري، سڀ ڪام.
    (دام=پئسو)
    C.f. (1) A light purse makes heavy heart.
    (2) Money is the god of the world.
    (41) اٽو چي گهوٻاٽو يا اٽو ٻاٽ چي گهوٻاٽ.
    ٻاٽ معنيٰ ڏريل اَن، جنهن مان ڀت رڌين، چي معنيٰ چوي (زمان مضارع). مطلب ته آءٌ چوان “اٽو” يا “اٽو ۽ ٻاٽ” ته هوُ چوي “گهوٻاٽ يا گهوٻاٽو” (ڏنڊو). جڏهن ڪو هڪ جو ٻيو جواب ڏئي، تڏهن ائين چون.
    ڀيٽيو:
    (42) اڪڀر جو مڪڀر.
    اڪڀر جي معنيٰ اڪ جي ٻوٽي جي ڀر يا پاسو. مڪڀر معنيٰ مڪ (کٻڙ جي وڻ جو ڦر) جو پاسو- مطلب ته هڪ ڀر جو ٻيءَ ڀر. سوال هڪڙو جواب ٻيو.
    (الف) سوال از آسمان، جواب از ريسمان (نوڙي).
    (ب) من چه ميگويم، طنبوره چه مگويد؟
    C.f. I talk of chalk and you of cheese.
    (43) اٽو کاڌو ڪُئي، مار پيئي گابي تي.
    ڏوهه ڪري هڪڙو، سيکت ملي ٻئي کي.
    ڀيٽيو:
    (44) کٽيو کائي کتيجا، ڌڪ جهلي ڌيڻس.
    (45) کٽيو کائي فقير، لٺيون جهلي ڀولڙو.
    C.f. One doth the blame another bears shame.
    (46) اُٺان مينهان دا ڪيها ميلا؟ اوه چرن پٽ ته اوه چرن ٻيلا.
    اُٺن ۽ مينهن جو ڪهڙو ميلاپ؟ هوُ (اٺ) چرن پٽن يا ميدانن ۾ (بيٺل وڻ) ۽ هوُ (مينهون) چرن ٻيلن ۾. مطلب ته ٻنهي جي چرڻ جي جوءِ (جائيون يا چراگاه) نرالي (ٻنهي جو نمونو يا سڀاءُ ٻيو). تنهن ڪري انهن جي پاڻ ۾ محبت ٿي ڪين سگهندي. شرابي چوي ته آءٌ صوفي جو سنک ڪريان! اُٺان مينهان دا ڪيها ميلا؟”
    (47) اُٺ ٻڍو ته به ٻه ڪنواٽ لهي.
    اُٺ پوڙهو ٿي ويندو، ته به ٻن ڪنواٽن (ڪچن اُٺن) جي برابر آهي. ڇاڪاڻ ته انهن جيترو بار کڻي سگهندو. ساڳيءَ ريت پير مرد عقل هلائڻ ۾ پڻ ٻن نوجوانن جي برابر آھي، بلڪ وڌيڪ آھي. “پوڙهو” لفظ جي بنيادي معنيٰ ئي آهي “آزمودگار”.
    ڀيٽيو:
    (48) وڏن ۾ وڏي ڪلا
    (ڪلا: سمجهه، سياڻپ)
    C.f. Years know more than books.
    (49) اُٺ ڀريو به رڙي، سکڻو به رڙي.
    اُٺ تي بار لڏيل هوندو يا نه هوندو ته به پيو رڙندو. جيڪي ماڻهو تڪليف هوندي يا نه هوندي (دک توڙي سک ۾) پيا ڪرڪندا ڪنجهندا، تن ڪرڪرين لاءِ ائين چئبو.
    (50) اُٺ جي وات ۾ لوڻ وجهه ته به رڙي، ڳڙُ وجهه ته به رڙي
    هي به ڪرڪرين سان لاڳو ڪبو. مثلًا ڪن گهوٽ-مائرن کي اڻڀو اَتابو ملي ته به دانهون ڪن. جي ڪجهه سڻڀو ستابو ملين ته به دانهون ڪن يا گلائون ڪن.
    C.f. Pigs grunt about everything and nothing.
    (51) (ڀريل) اُٺ تان وڃڻي لٿي ته به اُٺ ٿيو هلڪو.
    ڪنهن ڪم يا قرض جو وڏو بوجو هوندو، ته اُن مان ٿوري هلڪائي ٿي، ته به چئبو ته ڪجهه بوجو لٿو. “سؤ مان حال ويهه روپيا ڏنامانس. اُٺ تان وڃڻي لٿي ته به اُٺ ٿيو هلڪو. يعني حالي ته ايتري به قرض جي هلڪائي ٿي.”
    C.f. It is the last straw that breaks the camel,s back.
    )52 (اُٺ پٺيان گهنڊڻي.
    وڏي ڄمار واري (اُٺ جيڏي) سان ننڍي ڄمار واري ڇوڪري پرڻجي ته ائين چون. (وهانءَ جي ڦيرن مهل گهوٽ جي پٺيان ڪنوار هلي ٿي)
    اشارو ڪو ٻار يا فقير پٺيان ڪاهي پوي ته چون؛ پٺيان گهنڊڻي ٿي لڳو اٿم (ڇڏيئي نٿو).
    (53) پريو مڙس پيءِ نه ڪجي وڃائجي نه وهي، ڪڻڪن ۾ لابارا پوندا ماريو پوندو ڊهي.
    (پيءِ = پتي/ مڙس)
    (54) ڏاڏي جيڏي ڏگهه سان، ٽنگ جيڏي ڪنئَار!
    (55) ميان ڳور لائق، بيبي سيج لائق.
    (ڳور= قبر)
    (56) مڙس پوڙهو زال جوان، تنهن کي ڄاڻجي ڪُک جو ڪانُ.
    C.f. Crabbed age youth cannot live together.
    )57( اُٺ جي چاڙهيء کي به لعنت ته لاهيء کي به لعنت.
    اُٺ ڪنهن چاڙهه تي چڙهندو يا اتان لهندو ته ٻنهي گهمري سوار کي ڏکيائي ٿيندي. مراد ته بڇڙي سڀاءَ وارو دوست يا مددگار ٿيندو، يا پاڻ ڪنهن وڏي عهدي تي پهچندو ته به آزاريندو ۽ جي لهي ميدان ۾ ايندو (دشمن يا برخلاف ٿي بيهندو) يا پاڻ سقيم حال کي پهچندو ته به پيو آزاريندو (حرڪتن يا چورين ٺڳين ڪرڻ سان).
    )58( اُٺ نه پڄي، ٻورن هڻي لتوُن.
    جت اٺن تي مال جا ٻورا رکي، پاڻ مٿان ٽنگون ڦاڙي وهن ۽ اٺ هڪلڻ مهل اٺ تائين ڪين پهچن. تنهنڪري ٻورن کي لتون هڻن. هڪڙي جي ڪسر يا ساڙ ٻئي مان ڪو ڪڍي، ته ائين چون. مثلاً هيڊ ڪلارڪ پنهنجي عملدار جون ڌمڪيون کائي، اهي ساڙ ٻين منشين مان ڪڍي، جو پاڻ کان ڏاڍي سان پڄي نٿو سگهي.
    )59( اٺينءَ پيڙهيءَ، اُٺ ماڪوڙو ماسات.
    اٺين پيڙهيءَ موجب اٺ ۽ ماڪوڙو به هڪ ٻئي جا ماسات (ماسيءَ جا پٽ) نڪري پوندا. جڏهن ڪو تمام ڏورانهي مائٽي ڇڪيندو آهي، جا ليکي نه چوکي، تڏهن ائين چون.
    C.f. Cheese is cousin to Eve.
    (60) اپنا مال هئي، روئسان به کائسان به.
    هڪڙي ماڻهوءَ بصرن سان ماني ويٺي کاڌي. بصرن جي بانس ڪري اکين مان پاڻي وهيس ته کلي ائين چيائين. مراد ته پنهنجي سهنجي، کلي به قبولبي، روئي به قبولبي.
    )61( اپني توڙ نباه، اُسڪي اوه جاني.
    جڏهن ڪنهن کي چڱائيءَ جو بدلو بڇڙائي ملي، تڏهن هن کي ائين چون. هن مراد سان ته تون پنهنجي توڙ يا پڇاڙيءَ تائين نباهه يعني نيڪي ڪندو رهه، باقي هن جي نيت هو ڄاڻي.
    )62 (اپني گهوٽ ته نشا ٿيويئي.
    ڪن موالين ڀنگ گهوٽي، ڪنهن سواليءَ کي چڪو ڏنو. هن اها پي چيو ته لڳي ڪين (نشو ڪو نه ٿيو)، تنهن تي چيائونس ته؛ پنهنجي گهوٽ ته نشو ٿئيئي. مراد ته پنهنجو ٻوٽو ٻارڻ گهرجي (24کان 26)
    )63 (اڄ جو ڪم، سڀان تي نه وجهجي.
    مراد ته سستي ڇڏي، سڀڪو ڪم تتي تائين ڪجي.
    ڀيٽيو:
    (64) آج نه ديکا لعل توڪل ديکونگا.
    (لعل = لعل شهباز)
    (65) ڪل ڪري سو آج ڪر، آج ڪري سو اب.
    C.f. Procrastination is thief of time.
    )66( اڃا اُٺ ڪڍن سسئي.
    سسئي پنهنجي پنهونءَ پٺيان پيادي ٿي ويئي، ته ائين چيائونس؛ اڃا اٺ توکي ڪيچ تائين پهچائين ته ٻي ڳالهه، باقي پيادي مشڪل پهچندينءَ. پهاڪي جو مطلب ته اڃا ڪم ٿيڻ ۾ وقت کپي يا اڃا گهڻي دير پيئي آهي.
    ڀيٽيو:
    (67) اڃا دهلي دور آهي.
    )68( اڃا خرار مان چوٿائي مس پيٺي آهي.
    چوٿائي معنيٰ هڪ پاءُ. خرار معنيٰ چوويهه مڻ. مطلب ته ڪم جو ٿورو حصو مس پورو ٿيو آهي. اڃا ڪٿي ڳالهه پيئي آهي.
    )69 (اڃا مينهون جهنگ ۾، ڌوئي ڌريائون رڇ.
    مينهون جهنگ مان چري موٽن، ته ميهار رڇ (باسڻ) ڌوئي کير ڏهن. پر مينهون اڃا جهنگ ۾ ئي هجن، ته اڳواٽ باسڻ ڌوئي رکڻ، سو اڳ-ڪٿيو ڪم آهي.
    ڏسو: ڪنگر ۾ ڪڪڙا، پڙي مبارڪ.
    ڀيٽيو: پاڻيءَ کان اڳي ڪپڙا لاهڻ، ڦر کان اڳي ڄر ڇڏڻ، سلي کان اڳي سنگ ڳڻڻ (اصطلاح)
    C.f Count not your chickens before they are hatched.
    )70( اُڃياري پيئندي، ڇڪياري ڪين پيئندي.
    زمين توڙي گانءِ، مينهن وغيره جا اُساٽيل يا اڃايل هوندي سا پاڻمرادو پاڻي پيئندي، پر ڇڪ واري يعني جنهن تي ڇڪتاڻ ڪبي، سا نه پيئندي. مطلب ته ڪنهنجي مرضيءَ جي برخلاف، ڪنهن کي ڪم ڪرڻ لاءِ زور نه ڪجي. گهرج پونديس ته پاڻيهي ڪندو.
    C.f A man may lead a horse to the water, but he cannot make drink unless he will.
    )71( اُڌاري جي ماءُ ڪين مئي آهي.
    اکري معنيٰ ته اڌاري جي ماءُ سدائين جيئري آهي ۽ اوڌر پيئي ڄڻي. مطلب ته اڄ تون مون کي اڌارو ڏيندين يا جي منهنجو ڪم ڪندين ته ٻئي ڀيري آءٌ توکي ڏيندس، يا تنهنجو ڪم ڪندس. ٻئي کي سوال ڪرڻ مهل هن کي اهڙي دلاسي ڏيڻ لاءِ ائين چون.
    )72( اَڌ کي ڇڏي جو سڄي پٺيان ڊوڙي، تنهنجو اَڌ به وڃي.
    ڪتي ۽ سندس پاڇي جي ڳالهه مشهور آهي. مراد ته جيڪي هجي، تنهن تي قناعت نه ڪري، جيڪڏهن لالچ ۾ پئبو، ته جيڪي هوندو سو به ويندو يا نقصان پوندو.
    C.f. A bird in hand is worth two in the bush.
    )73( اَڏي ڪاٺ، پڏي ٽوُئو، وچ واري کي لڳو سوُئو.
    ڀونگي جوڙجي ٿي ته اڏاوت جو ڪم ڪاٺ ڪري ٿو، پر ٽوئو (پکو) پڏي يا مرڪي ٿو، جو ٻاهران اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جڏهن ڪو ڀلومانس تڪليف وٺي، ٻئي ڪنهن جو خانو آباد ڪري، يعني هن جا دل گهريا مطلب پورا ڪري، پر وچ ۾ ڪنهن ٽياڪڙ کي حسد وچان جگر ۾ سوئو لڳي (ساڙ لڳن) ته ان لاءِ ائين چون. “پنهنجي سنگتيءَ جي پٽ کي مون نوڪري وٺي ڏني، ته سندن هڪ پاڙيسريءَ جي منهن جو پنوئي لهي ويو. پڇوس ته توکي هرج ڪهڙو پيو؟ اڏي ڪاٺ، پڏي ٽوُئو، وچ واري کي لڳو سوئو. 11.
    C.f. An envious person waxes lean with the fatness of his neighbors.
    )74( اڏيندي ڏينهن لڳن، ڊاهيندي ويرم نه لڳي.
    جاءِ جوڙائڻ، گهر جي ٺاهه ٺوهه ڪرڻ، يا ڪنهن سان محبت ڳنڍڻ ۾ گهڻو وقت لڳي ٿو. باقي ڊاهڻ، ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ۽ سنگت ڦٽائڻ ۾ دير نٿي لڳي. اهڙيون حالتون ڏسي ائين چئبو آھي.
    C.f. (1) It is easier to pull down than build.
    (2) A friend is not so soon got as lost.
    (75) اُستاد جي مار ڇوڪر (ٻار) جي سنوار.
    مطلب ته اُستاد ماريندو سنوارڻ لاءِ، تنهن ڪري اهڙي مار کي خراب ليکڻ نه گهرجي. “جورِ اُستاد بہ ز مهرِ پدر.” يعني اُستاد جو ڏاڍُ، پيءُ جي مهربانيءَکان چڱو آهي.
    ڀيٽيو:
    (76) پٽ ٻٽيهه لکڻو، موچڙو ڇٽيهه لکڻو.
    (77) ڇڙهيءَ جو صرفو ڪيو ته ٻار کريو.
    C.f. Spare the rod and spoil the child.
    )78( اڪ جي ماکي نه آهي، جا لاهي وٺبي.
    اَڪ جي ٻوٽي تان ماکي سولائي سان لاهي سگهبي آهي. مطلب ته ڪم اهڙو سولو نه آهي جو جهٽ پٽ ٿيندو.
    (79) تيل سهانگو هو ته گدڙن به هوند چوٽيون مکيون.
    (80) ٺپ کوهه ڪين کڄندا آهن.
    (81) پهڻ ڪونئرا هئا، ته هوند گدڙن کائي ڇڏيا.
    (82) ڌيري ڌيري ڌنئرو ڄمندو.
    (83) کچڻي نه آهي جا کائي وٺبي.
    C.f. (1) An oak is not felled with one stroke.
    (2) If wishes were horses, beggars would ride.
    )84 (اڪن کان ٿو آما گهري.
    اَڪ هڪ زهردار ٻوٽو، تنهن ۾ آمي (انب) جهڙي مٺي ۽ سوادي شيءِ ڪٿان آئي؟ مراد ته جنهن ماڻهوءَ مان ڪنهن ڪم ٿيڻ جو آسرو ڪونهي، تنهن تي آسرو رکي ٿو.
    ڀيٽيو:
    (85) ٻٻرن کان ٿو ٻير گهري.
    C.f. Look not for musk in a dog-kennel.
    )86( اک ڦٽ ٻڌڻ، ليس تپ لنگهڻ.
    اَک اٿي ته پها/ پٽيون ٻڌجن ۽ ڦٽ ٿئي ته انهيءَ کي به پٽي ٻڌي ڇڏجي، نه ته وائلائڻ ڪري ڦٽ ورڳي ويندو. ليس توڙي تپ ٿئي ته لنگهڻ يا بک ڪڍجي، جو انهيءَ ڪري فائدو ٿيندو. حڪمت جو پهاڪو.
    )87( اکر نه کٽي، مڪر کٽي.
    اکر معنيٰ علم. مطلب ته علم واري کان وڌيڪ حرفت وارو کٽي کائي ٿو. “هو گهڻو پڙهيو به ڪونهي، ته به حرفت سان چڱو روزگار پيو ڪڍي. اکر نه کٽي، مڪر کٽي”.
    )88( اُکرين ۾ مٿا وجهن، سي مهرين کان نه ڊڄن.
    اُکري ۾ اَن وغيره وجهي، مٿان مهري هڻي، ڪٽبو آهي. مطلب ته جيڪي ڏکين يا خوفائتن ڪمن ۾ هٿ وجهندا، سي انهن ڪمن جي نتيجن کان ڪين ڊڄندا. واپار ڪندا ته گهاٽو به سهندا. “توهين اخبار ۾ ميونسپل مشيرن جي گهڻو برخلاف ٿا لکو؛ سنڀاليو متان توهان تي ڪو مقدمو ڪري. جي اکرين ۾ مٿا وجهن، سي مهرين کان نه ڊڄن (يعني مقدمي ڀر ڊڄان نٿو).
    ڀيٽيو:
    (89) جي گهڙندا سوڙهين، سيلهه به لڳندا تن.
    (جيڪي سوڙهين واٽن ۾ گهڙندا، تن کي ڪنڊا به لڳندا).
    (90) سيلهن ۾ جي هٿ وجهندا، سي سور به سهندا.
    C.f. He, who would catch fish, must not mind getting wet.
    )91( اک ڪڍڻ سولي، پر وجهڻ اولي يا ڏکي.
    مطلب ته ڪنهن کي نقصان پهچائڻ سولو آهي، مثلاً نوڪري مان ڪڍائڻ يا رپورٽ ڪرڻ، پر جنهن کي نقصان پهتل هوندو، تنهن کي فائدو پهچائڻ ڏکيو آهي.
    )92( اک ۾ گهاڻو، ته به مٺو جڳاڻو.
    اک جهڙي نازڪ عضوي ۾ تيل پيڙڻ جو گهاڻو هوندو يعني ماڻهوءَ کي ڪهڙو به جڳاڻو يعني جڳتر يا جهان (جهان ۾ جيئڻ) مٺو پيو لڳندس. مطلب ته: مرڻ ڪو نه قبولين جيئڻ گهرن جال، توڙي کين حياتي لڳندي هجي وبال. ورتل؛ نؤ بهار تان)
    C.f. Life is short, yet sweet.
    )93 (اکين لؤنگ لڳا، جافر ويا وسري.
    لؤنگ ۽ جافر نالا مصالحن جا. ڪو نوان سنگتي ڪري ۽ جهونا دوست وساري ته هن کي ڏوراپي ڏيندي ائين چون؛ “هاڻ وڏا ماڻهو سنگتي ڪيا اٿيئي ته اسان غريبن کي ڪٿان ياد ڪندين؟ اکين لؤنگ لڳا جافر ويا وسري”.
    )94( اڳياڙي تڏهن سرهي، جڏهن پڇاڙي سرهي.
    ڪنهن سان ڪا ڀلائي ڪري پڇاڙيءَ ۾ پڙ ڪڍي بيهبو ته اڳياڙيءَ واري ڪيل ڀلائي پڻ ليکجڻ ۾ نه ايندي. مطلب ته توڙ تائين لائق ڪري، پنهنجو ناماچار وجهجي. ڏسو: اپني توڙ نباه، اُسڪي اوه جاني. (61)
    C.f. All is well that ends well.
    )95( اڳين پاڻي، پوين چڪ.
    ڪنهن تلاءَ ۾ پاڻي ٿورو هوندو ته جيڪي وهٽ اڳي ويندا، سي پاڻي پيئندا ۽ ٻيا چڪ چٽيندا. مراد ته هر ڪو ڪم، تڙي کڙي ڪبو ته اُن ۾ فائدو آهي.
    (96) جو اڳي، سو تڳي.
    C.f. First come, first served.
    (97) اگهائي ته ڪَچُ، نه ته ماڻڪن موٽ ڪري.
    مطلب ته ڌڻي اهڙو بي نياز آهي جو ڪن جو ڪچ يعني ڪوڏ يا ستيئڙو (جهڙي تهڙي ڪمائي) اگهائي (قبولي) ٿو ۽ ڪي ماڻڪ پيش ڪن (جهجهي عبادت ڪن) ته به ناقبول.
    ڀيٽيو:
    (98) اهڙو ئي الله، جو پورهيتون پيش ڪري.
    (راجا چنيسر، ليلا ڇڏي ڪؤنرو يعني پورهيت پرڻيو هو)
    (99) ڏس آگي جا اسرار جو عيبدار اڳي ڪري.
    )100( اگهه ڪنهن وڌو؟ چي؛ “جنهن جي نه سري!”
    ڪنهن شيءِ کان سواءِ نه سرندي آهي ته لاچار پئسي هٿڻ ٽڪو ڏيئي به وٺبي آهي. ڏسو؛ “پئسي پلو مهانگو”.
    C.f. Necessity never made a good bargain
    (101) اگهه کٽيو کائجي وٽ کٽيو نه کائجي.
    وڏو اگهه وٺي بلاشڪ فائدو ڪڍجي، پر تور ڏيئي فائدو نه ڪڍجي. مطلب ته تور ۾ ٺڳي نه ڪجي.
    C.f. Weigh right, and sell dear.
    (102) اگهه مٺي ڪ الله مٺي.
    مثلاً گيهه مهانگو ملي ته چئبو ته؛ اگهه مٺو ۽ جي ان مان ڪجهه هارجي پوي ته چئبو؛ الله مٺو. جڏهن ڪجهه پئسي جي گهوٻي لڳي ۽ ڪجهه زيان ٿئي ته ائين چون.
    ڀيٽيو:
    (103) هڪڙا ڏک، ٻيون ڏونگريون.
    C.f. Misfortunes seldom come single.
    (104) اڱر ڪوسا ته هٿ ساڙين، جي ٿڌا ته هٿ ڪارا ڪن.
    تتل اڱر (ٽانڊا) هٿ ساڙيندا ۽ ٺريل ڪوئلا هٿ ڪارا ڪندا. مراد ته بڇڙي ڪم يا سنگت مان ڪڏهن به چڱائي نه رسندي. “مدي ڪمين نانڪا جد ڪد مدا هوءِ”. بڇڙن ڪمن مان جڏهن ڪڏهن بڇڙائي حاصل ٿيندي.
    ڀيٽيو:
    (105) اڱرن پيٺي هٿ ڪارا.
    C.f. Touch pitch and be defiled.
    (106) اَمل ماڻڪ هجي پيٽ ۾ ته بکي منهن ۾.
    مراد ته ڪنهن ۾ ڪو گڻ هوندو ته اهو پريان ئي پڌرو ھوندو.
    ڀيٽيو:
    (107) جن جي منهن مڻيا، سي پاڻيهي پڌرا.
    C.f. A good name keeps its luster in the dark.
    (108) انبن جون سڪون انبڙين مان نه لهن.
    مطلب ته انبن جهڙو سواد انبڙين مان نه ايندو. ٻن ماڻهن جي سڀاءَ يا لڇڻ جي ڀيٽ ڪندي هن طرح ڪم آڻبو. “هاڻوڪو عملدار رعيت لاءِ ڪيترا به سهنج ڪندو، ته به اڳين عملدارن جون سڪون لاهي ڪين سگهندو. انبن جون سڪون انبڙين مان نه لهن”.
    ڀيٽيو:
    (109) انبن سندو ساءُ، ڪٿان اچي اڪ ٽٽڙن مان.
    (110) ان پلي، ذات ڀلي.
    پلي: ان رکڻ لاءِ جاءِ، ٽوئن ۽ پڃرن مان ٺهيل. جنهن وٽ ان جي پلي آهي يعني جو هوند وارو آهي، تنهن جي ذات ڀلي يا اُچي آهي يعني اهو وڏو ماڻهو ليکجي ٿو. “اڄ پئسو ڏسي ماڻهو گهٽ گهرن ۾ نياڻيون پيا ڏين. ان پلي، ذات ڀلي”.
    (111) پيءُ سندس پيهون ڪٽيون، ڏاڏي سندس ڌاڻا، اڳي پڇائون ٿي ذات پات، هاڻي پڇن ناڻا.
    (112) لڇمي، ڪُلَڇڻ ڍڪي.
    (لڇمي= دولت)
    (113) موڳو پنهنجي مانيءَ مان پيٽ ڀري کائي، وڃي وهي مجلس ۾ ته سڀني سهائي؛ چريو ڳالهائي، ته به بختاور بودلو.
    C.f. Money guilds our guilts
    (114) اَن جو منهن، جنڊ ڏي.
    جهڙيءَ طرح ان جو رخ سدائين جنڊ ڏي آهي (پيسڻ کانسواءِ ڪم نه ايندو)، تهڙيءَ طرح جنهن ماڻهوءَ کي جتي جنڊ پيهڻو هوندو (نوڪري ڪرڻي هوندي) سو پس پيش اوڏهين ويندو. “موڪل پوري ڪري وڃي نوڪريءَ تي چڙهندو. ان جو منهن، جنڊ ڏي”.
    C.f. Where shall the ox go, but he must labor?
    (115) اندر اڇو نه ڪري، ڌوئي ٿو ڌاڳا.
    ڌاڳا يعني وٽيل سڳا نوڙين جهڙا، جي فقير مٿي کي ويڙهين يا ڳچيءَ ۾ پائين. مطلب ته دل صفا نه آهي، باقي رڳو ٻاهرين صفائي ڪري ٿو. ڪي ماڻهو ڪوُڙ ڪپت ڪن، پر ڪنهن سان پلؤ لڳين ته ڪپڙن سوڌي ٽٻي ڏين. درياءَ ۾ اکو وجهن، ماڪوڙين کي ڏارو ڏين، پر ماڻهن کي پيڙين.
    ڀيٽيو:
    (116) من نه ٿيو مسلمان، ڪلمو پڙهيو ته ڇا ٿيو.
    C.f. It is not hood that makes the monk.
    (117) اندر ٻڏ ٻهون، ٻاهر آٽڻ ان جو.
    ٻڏ، هڪ گاهه جي پاڙ، جا غريب ماڻهو ڏڪار ۾ کائين. اُها کائڻ ۾ اگري لڳي ٿي. ٻهون=گهڻو. اندر ٻڏ گهڻي آهي ۽ ٻاهران رڳو اَن جو آٽڻ (سڪل اٽو) لڳل آهي. مطلب ته ٻاهران چڱو، اندران خراب. جو ماڻهو ٻاهران سهڻو، پر اندر افعال ڪو نه هوندس، تنهن لاءِ ائين چئبو.
    C.f. Appearances are not to be trusted.
    (118) انڌا رکن روزا ته ڏينهن به ٿين وڏا.
    انڌا ماڻهو روزا رکندا ته هر گهڙيءَ پيا پڇندا ته سج لٿو آهي يا نه. روزي ڇوڙڻ (ماني کائڻ) جي اڻتڻ وچان وقت وڌي پوندو اٿن. ڪنهن کي ڪجهه ملڻو هوندو مثلاً اضافو، پر ملڻ ۾ دير پوندي ته ائين چوندو. هن مراد سان ته قسمت ڍري اٿم تڏهن دير پيئي آهي.
    C.f. Sad hours seem long
    (119) انڌن آندو، ڪتن کاڌو يا ٻلن چٽيو.
    جو ماڻهو انڌو ٿي (غفلت ڪري) پنهنجي شيءِ يا پئسي جي پوري سنڀال نه ڪندو، تنهن لاءِ ائين چئبو. “هن مائيءَ ۾ سهيڙ ڪٿي آهي؟ انڌن آندو، ڪتن کاڌو يا ٻلن چٽيو. گهر مان ڪو ٽپڙ کڻي وڃيس ته پتو ڪونه پويس”.
    (120) انڌي پيهين، ڪتي چٽي.
    C.f. A careless watch bids the thief to come in.
    (121) انڌن ۾ ڪاڻو، راجا.
    جتي سڀ بيعقل يا اڻ پڙهيل هوندا. اتي ٿوري عقل يا علم وارو وڏو ماڻهو ليکبو. ڏسو “جتي وڻ نه آهي، اتي ڪانڊيرو به درخت.”
    ڀيٽيو:
    (122) ٽنڊن ۾ منڊو، پهلوان.
    C.f. Among the people, Scoggin is a doctor.
    (123) انڌن، وڃي ملتان لڌو آهي.
    حيدرآباد جي ڪاري ڦردي (ڦليلي) وٽان هڪ شاهي سڙڪ مياڻي، مٽياري ۽ هالن کان سڌو روهڙي ۽ ملتان تائين وڃي ٿي. واٽ تي ڀلجڻ لاءِ سبب ئي ڪونهي. پر انڌو ۽ اڻ سونهون ٻئي هڪ آچار (124) انهيءَ هوندي به ڏس پڇندا ته پتو پوندن. جڏهن ڪو چوندو آهي ته فلاڻو گهر يا هنڌ مون کان نه لڀندو، تڏهن ائين چون. هن مراد سان ته ڏس پڇندين ته پتو پوندءِ. ڏسو: “پڇڻا نه منجهڻا”.
    (124) انڌو ۽ اڻ سونهون، ٻئي هڪ آچار.
    (125) جوينده، يابنده
    (جو ڳوليندو سو لهندو.)
    (126) ڏورڻ واريون ڏور، هڏ نه آهن هوت کان.
    (127) لوچ ته لهين لعل کي، ڏور ته پويئي ڏس.
    C.f. Seek and ye shall find.
    (128) انڌو وهي کڏ تي، چي؛ “مونکي ڏسيئي ڪو ڪونه ٿو.”
    ڪي پنهنجي عيب لڪائڻ جي ڪوشش ڪن، پر رستو اهڙو وٺن جو لڪڻ بدران اٽلندو پڌرو ٿي پوي.
    C.f. You dance in a net, and think nobody sees you.
    (129) انڌي اڳيان آهري، ڪر تئو ٽنگيو پيو آهه.
    ڪر معنيٰ ڄڻڪ. انڌي ماڻهوءَ جي اڳيان آهري (آرسي) جهلبي، ته به هن جي ليکي ته منهنجي اڳيان تئو ٽنگيل آهي يعني هن جي اڳيان اها ئي اونده. هي پهاڪو اڻ-ڄاڻ يا مورکن سان لاڳو ڪبو. جن کي ڪا ڳالهه چڱيءَ طرح کولي ٻڌائجي ته به پتو ڪو نه پوين يا چڱي شيءِ جو قدر ڪو نه ڪن.
    (130) اڄاڻ کي جهڙي مصري، تهڙي ڦٽڪي.
    (131) انڌي کي جهڙو ڏينهن، تهڙي رات.
    C.f. A pebble and a diamond are alike to a blind man.
    (132) انڌي گهوڙي ڪل ۾.
    ڪل نالي گاهه اهڙو ڊگهو ۽ گهاٽو ٿئي ٿو، جو انڌي گهوڙي ان جي وچان رستو لهي ڪين سگهندي. جنهن ماڻهوءَ کي ڪنهن ڳالهه جو پتو نه پوندو آهي، تنهن جي لاءِ مٿئين پهاڪي وانگر ڪم آڻبو.
    (133) انسان، اونڌي ڪوپري آهي.
    جهڙيءَ طرح اونڌي ڪوپري يا ڪيپراٽي (ڪاپار) ڀرجڻ جي نه آهي، تهڙيءَ طرح انسان جو به ڍءُ ٿيڻ جو نه آهي.
    (134) طمع سندو طس، ڀريو ڀرجي ڪينڪي.
    (135) انسان، خطا جو گهر.
    مطلب ته انسان کان ضرور خطا ٿيندي.
    ڀيٽيو:
    (136) انسان ته نسيان
    (نسيان-غفلت)
    (137) بندو، ڀلو ئي بيٺو آهي.
    (138) عيبن کان آجو، هڪ الله.
    C.f. To err is human. (Pope)
    (139) اُڻائي به ويئي، تڻائي به ويئي، وري ڪپهه جي ڪپهه.
    ڪنهن مواليءَ کي پنڪي لڳي ويئي ته ڪو شخص مٿي تان پڳڙي لاهي، ڪپهه جي پوُڻي مٿي تي رکي ويس. جڏهن پنڪي کليس تڏهن پڳڙي بدران پوُڻي ڏسي، تپرس کائي، ائين چيائين؛ يعني ڪپهه ڪتجي سٽ ٿيو ۽ سٽ اُڄي ڪپڙو ٿيو، سو پورهيو سڀ ويو، وري جهڙي ڪپهه اڳي هئي تهڙي ٿي پيئي. (گلشڪر).
    ڪو ماڻهو ڏاکڙا پٽي، پنهنجي حالت سڌاري، ۽ پوءِ ڪنهن اهڙي چڪر ۾ اچي وڃي، جو محنتون برباد ٿي وڃنس، ۽ موٽي اڳوڻي حال کي رسي ته ائين چئبو. ڀيٽيو؛ اَهو سهو به ويو (اصطلاح).
    (140) اڻ سرنديءَ سڀڪو ٽري، کرو ڪو سرنديءَ ٽري.
    سرندي معنيٰ پڄندي. اڻ سرنديءَ معنيٰ اڻ پڄندي.
    ڪنهن ڳالهه ۾ وس نه هلندو ته ٽري وڃبو (ماٺ ڪري ويهبو) پر انصاف اُن جا، جو وس پڄندي به من ماري يا دل کي روڪي. “مارئيءَ سان پرڻجڻ عمر سومري جي وس هو، پر شاباس اٿس جو هن جي مرضي نه ڏسي، سرنديءَ کون ٽالو ڪيائين. اڻ سرنديءَ سڀڪو ٽري، کرو ڪو سرنديءَ ٽري”.
    ڀيٽيو:
    (141) سرندي کون ٽالو، ورلو ڪو گرمک ڪري.
    (142) اڻ گهريو، ماءُ به پٽ کي نه ڌارائي.
    مطلب ته واجبي گهُرَ بيشڪ ڪجي، غير واجبي لڄ نه ڪجي.
    ڀيٽيو:
    (143) اهاري، وهنواري، لڄا ڪري ته هاري.
    آهار يعني کاڌي، ۽ وهنوار يعني ڏيتي ليتي ۾، لڄ ڪبي ته هارائبو يعني پاڻ کي ڪس لائبي). لڄ ڪبي ته بک مربو.
    (144) شرع ۾ ڪهڙو شرم؟
    C.f Unreasonable silence is folly.
    (145) اڻندو اُهائي، جا هوندي ڪوريءَ جي من ۾.
    ڪوريءَ جي اڳيان تاڃي wrap پکڙيل آهي ۽ پيٽي woof لاءِ تڙو shuttle سندس هٿ ۾ آهي، تنهنڪري گهاٽو توڙي ڇڊو جئن دل ۾ ايندس، تئن اُڻندو. مطلب ته ڌڻي بي نياز آهي، جئن وڻيس تئن ڪري ٿو.(196)
    ڀيٽيو:
    (146) ڏوري ڏاتار جي هٿ ۾.
    (147) واڳ ڌڻيءَ جي وس.
    (148) مجيدا! ڪون ڪهي صاحب ڪؤن؛ يوُن نا ڪرو تم يوُن ڪرو.
    (149) جيڪي موليٰ ڪندو سو ٿيندو.
    C.f There’s a divinity that shapes our ends, rough-hew them how we will.
    (150) اوٽ پڙي موٽ ۾، ڪنؤار پڙي گهوٽ ۾.
    ڪجهه ڏبو ته ان جو عيوضو ملندو، ڪنؤاريتا ڌيءَ ڏين ٿا، ته سندن ڌيءُ لاءِ گهوٽيتا پنهنجو پٽ ڏين ٿا. ڪنهن ڳالهه ۾ ماڻهو پاڙ جهاڙ يا وهنوار ٿين ته ائين چون.
    (151) اُونڌيون پاٽيون، پاسيرا ٽويا.
    جو ماپ يا تور ۾ گهوٻي هڻندو، تنهن لاءِ ائين چئبو؛ “هن دڪاندار جون اونڌيون پاٽيون، پاسيرا ٽويا، هن کان شيءِ ڪير وٺندو”
    ڀيٽيو: ٽيئون ماءُ پنجوءَ ماءُ وارو حساب (اصطلاح)
    (152) اُها زبان اُس ۾ وهاري، اُها ڇانءَ ۾ وهاري.
    زبان اها ئي ساڳي آهي، پر فضيلت جو ڳالهائبو ته مان ملندو نه ته بيمانو ٿبو. “تون جي هن سان بي ادب نه ٿين ها، ته ڇو جيڪر توکي ههڙو بيمانو ڪري ها؟ اها زبان اُس ۾ وهاري، اُها ڇانءَ ۾ وهاري.
    (153) اُها ڪڪڙ مري ويئي، جا سونا آنا ڏيندي هئي.
    هڪڙي ڪڪڙ روز سونو آنو لاهيندي هئي. سندس مالڪ کي دل ۾ آيو ته هڪي ٻڪي سڀيئي آنا پيٽ مان ڪڍي وٺانس. هن پوءِ ڪڪڙ جو پيٽ چيريو، پر منجهانئس هڪڙو آنو به ڪو نه نڪتو. هيءَ ڳالهه اهڙي پيئي لڳي جهڙي؛ “اڌ کي ڇڏي جو سڄيءَ ڏي ڊوڙي، تنهن جو اڌ به وڃي”. پر پهاڪي جي معنيٰ نه اڳيان چڱا مڙس يا اڳيان چڱا ڏينهن هليا ويا، هينئر ڪٺن زمانو آهي.
    ڀيٽيو:
    (154) اهي تنيا ئي مري ويا، جي گهٽا ڏيندا هئا.
    (155) اهي دفتر ئي، ڪتا کڻي ويا.
    (156) اهي لالڻ ئي، لڏي ويا.
    (157) اهي وڻ به ويا، واهيرا به ويا.
    (واهيرو = آکيرو.)
    C.f The goose is dead that laid golden eggs.
    (158) اهو سون ئي گهوريو، جو ڪن ڇني.
    اڳي زالون ڪنن ۾ سونا ڳھ؛ ڏيڍيون، ڪرڪون ۽ ٻيا زيور سونهن لاءِ پائينديون هيون، پر مڻين جي بار سببان ڪن پچي يا ڇڄي پوندا هئن. اهڙيون حالتون ڏسي هي پهاڪو چيو اٿن. مراد ته اهو ڪم ئي گهوريو جنهن مان فائدي هٿڻ نقصان ٿئي يا ڪا خرابي پهچي.
    ڀيٽيو:
    (159) اها ساهه ئي گهوري جا سر تڪي.
    (ساهه = مڻيا.)
    (160) اهڙو ڪم ڪجي جو لعل به لڀي، پريت به رهجي اچي.
    مطلب ته هڪٻئي ۾ ڪو معاملو پيدا ٿئي ته اهڙيءَ طرح نبيرجي جو ڪم به لهي اچي ۽ محبت به نه وڃي.
    C.f. Fall not out with a friend for a trifle.
    (161) اُهو ڪي ڪجي، جو مينهن وسندي ڪم اچي.
    مراد ته صرفو ڪري ڪجهه بچائجي جو گهرج مهل ڪم اچي.
    C.f. Provide against the rainy season.
    (162) اُهو وڻ ئي ڪونهي، جو واءُ نه لوڏيو آهي.
    مطلب ته اهو انسان ڪو نه ٿيندو جنهن ٿوري ڪي گهڻي تڪليف نه ڏٺي هوندي. دک سک آهي ئي آهي.
    (163) اهو ئي هٿ کير ۾، اهو ئي هٿ نير ۾.
    مطلب ته اتيئي شاديءَ جا ساٺ سوڻ (کير سان ٿين ٿا) ۽ اتيئي گهر ۾ پٿر. (نير ۾ ٻڏل ڪپڙا-ماتمي ويس). هن طرح ڪم آڻبو. “ڪنؤاريتا وهانءُ ڇڪين ٿا، ته ڀلي پيءُ جو ٻارهو گذاري پرڻجي پوي. اهڙا ڪم ٿين پيا. اهو ئي هٿ کير ۾ اهو ئي هٿ نير ۾.
    (164) اياڻو چوي، سياڻو ويڃائي.
    بيعقل کي جيڪي ايندو سو چوندو، پر سياڻي جو ڪم آهي ته ويڃائي يا ويچار ڪري ته ڇا صحيح ڇا غلط ۽ پوءِ جيڪي پاڻ واجب سمجهي سو ڪري.
    ڀيٽيو:
    (165) نادان بات ڪري، دانا قياس ڪري.
    C.f. A fool may give a wise man counsel.
    (166) ايڪ تندرستي، هزار نعمت.
    انسان کي هڪ تندرستي يا چڱڀلائي آهي ته هن وٽ ڄڻ ته هزار نعمتون آهن. مطلب ته تندرستي هڪ وڏي غنيمت.
    C.f. Good health is above wealth.
    (167) ايڪ پنٿ، دو ڪاج.
    هڪڙو پنڌ ڪجي ۽ ٻه ڪم ڪجن. “بازار مان شيءِ شڪل وٺي اچ ۽ انڌ پنڌ هي بدڙي به پهچائيندو اچ. ايڪ پنٿ، دو ڪاج.
    C.f. Kill two birds, with one stone.
    (168) بابل گهر گهوڙي ته ڪا مون هڻ هڻ؟
    بابي جي گهر گهوڙي هوندي ته گهوڙي جي هڻ هڻ (هڻڪار) مون لاءِ چئبي ڇا؟ مطلب ته هڪڙن جي ڌن دولت مان ٻين کي ڪهڙو سواد ايندو؟ (ڪنؤاريتا شاهوڪار، پر جي گهوٽ ماءُ کي نه ڏيندا ته هوءَ انهن کي ائين چوندي)
    C.f what matters it to a blind man that his father could see?
    (169) باپ جي کٽي ۽ آپ جي کٽي وڏو سنڌو.
    سنڌو يعني تفاوت. پيءُ جي پئسي جو قدر نه پوندو پر پنهنجي ڪمائيءَ جو گهڻو قدر پوندو.
    (170) باري کڻن بار، ڪونهي ڪم ڪچن جو.
    جيڪي بار کڻڻ يا سٽن سهڻ جهڙا هوندا، سي سٽ جهليندا. باقي جيڪي ڪچي لڱين هوندا، سي سٽون نه سهندا. جڏهن ڪنهن جوان تي گهر جي خرچ يا ڪنهن ڪارخاني هلائڻ جو بوجو پوي ۽ هو خفي ٿئي ته ائين چون.
    ڀيٽيو:
    (171) اُٺن جا بار به ڪي گڏهه کڻن؟
    (172) باسڻ هڪڙو کڻي، ٺڪر گهڻن کي اچي.
    سسئيءَ جي قبر منگهي پير جي پريان پٻوڻي ناڪي طرف، مهبار نئن وٽ آهي. چون ٿا ته اڳي جيڪو ره-گذر اُتي رات جو وڃي رهندو هو، تنهن کي کير جو ڪٽورو ۽ ٻه مانيون ازغيبي ملنديون هيون. هڪ لڱا ڪو مسافر اهو ڪٽورو کڻي ويو، تنهن کان پوءِ ٺڪر جي وٽي ۾ کير اچڻ لڳو، تنهن تان ائين چيائون. ڪو اهو وٽو به کڻي ويو ته کير ۽ مانيون اچڻ ماڳهين بند ٿيون. تنهن ڪري چون؛ “وٽو کڻي هڪڙو، واٽ وڃائي سڀني جي” (173) مطلب ته چوري ڪندو هڪڙو ۽ ٺڪر (ڪلنڪ) گهڻن کي ايندو، جو سڀ ڪنهن ۾ پيو شڪ پوندو.
    C.f. one doth the seath and another bath the scorn.
    (173) وٽو کڻي هڪڙو، واٽ وڃائي سڀني جي.
    (174) باهه ۽ پاڻي، ٿورا ڪري نه ڄاڻجن.
    باهه ۽ پاڻي گهٽ ڪري نه سمجهڻ گهرجن. ٻرنديءَ کان پاسو ڪجي ۽ ڪنهن واهه يا درياه ۾ اُٻهرو ٿي نه گهڙجي.
    C.f. Fire and water are good servants but bad masters.
    (175) بچائي فقير، پوءِ-ڍائي کان.
    پوءِ-ڍائو ماڻهو؛ جو نئينءَ مان شاهوڪار ٿيو هجي، تنهن سان شل ڪنهنجو پلؤ نه اٽڪي (ڇاڪاڻ ته اھي حد جا نالائق ٿين ٿيا).
    (176) پوئڍائي کان قرض نه کڻجي توڙي لک لٽائي، ماءُ جنهنجي جنڊ ڪڍڻي، پٽ ڦرڪا پائي.
    (177) سڪي سڪي مڙس ڪيائين ٻي جا ٻڌائين سڳي، اڳي کاڌاءِ لوڙهه مڇي، هاڻ لڏڻ لڳي (زنانو)
    (178) ماءُ بٺاري، پٽ ڳاٽي ڀڳو.
    (179) ماءُ موُري، پيءُ بصر، پٽ ٻنهي کان ڪسر.
    (180) ماءُ موُري، پيءُ بصر، ڌيءُ دا نانءُ گلِ زعفران.
    C.f Upstart a churl, and gathered good, and thence did spring his gentle blood.
    (181) بڇڙو ڪتو، ڌڻي پڻائي.
    ٻه ڄڻا واٽ وٺيو پئي ويا ته ڪنهن گهر مان هڪڙو ڪتو نڪري، هڪڙي کي ڏاڙهڻ ٿي آيو، ته هن ڀونڊو ڏيئي چيس ته؛ “لعنت آهي تنهنجي ڌاريندڙ کي”. پوءِ مغز ڌاري لٺ ٿي هنيائينس. سنگتيءَ چيس ته؛ هيءُ ڪتو اسان جي فلاڻي دوست جو آهي، تنهن ڪري نڪي ماريس نڪي گاريون ڏينس. هن پوءِ لٺ هيٺ ڪئي ۽ چيائينس ته؛ “ڪتا، تو نه منهن، تنهنجي ڌڻيءَ منهن”. (182) يعني توکي ڪو نه ٿو ڏسان، پر تنهنجي ڌاريندڙ جو لحاظ ٿو ڪريان. مطلب ته جيڪو اولاد يا نوڪر بڇڙي هلت ٿو هلي، سو پنهنجن مائٽن يا سيٺين کي پڻائي يعني گاريون ڏياري يا بدنام ڪري ٿو.
    C.f. Bad servant wound their servant is fame (Gay)
    (182) ڪتا! تو نه منهن، تنهنجي ڌڻيءَ منهن.
    (183) بختاورن جا ڍڳا به ويامن.
    مطلب ته ڀاڳ وارن کي اهڙن هنڌان فائدو ٿئي ٿو جتان ٻين کي ڪا به اميد نه هوندي “ڀاڳ ڀڄي، ڀاڳ ڏي”.
    ڀيٽيو:
    (184) دولتمندن جا ڏاند به ڏڀن.

    C.f. Throw him into the Nile and he will come up with a fish in his mouth.
    (185) بدن ۾ دم نه ٺهي، نالو؛ زوراور خان !
    دم= ساهه. زورآور؛ جيڪو اجائي آڪڙ ڏيکاري، تنهن لاءِ چئبو.
    (186) ڪم قوت غصا بهت، مار کاني ڪي نشاني.
    C.f. Great boast, little roast.
    (187) بڙا ڪهاوڻ بڙا دک پاوڻ، ڇوٽي ڪا دک دوُر.
    مطلب ته پاڻ کي وڏي سڏائڻ ۾ وڏو دک پائڻو آهي. يعني وڏا عهدا ته وڏيون جوابداريون ۽ تڪليفون، باقي ننڍن جا دک دور آهن يعني اهي ڳڻتين کان ڇٽا پيا آهن.
    C.f. Uneasy lies the head that wears the crown.
    (188) بسياري، خواري.
    ڪنهن به ڳالهه ۾ گهڻ Excess ۾ پئبو ته اُن ۾ گلا آهي (چڱائي ڪانهي). مطلب ته پورائي پنائي چڱي آهي.
    C.f. Too much of one thing is good for nothing.
    (189) بک بڇڙو ٽول، دانهه ديوانا ڪري.
    يا بک بڇڙي بلا چڱن کي چريو ڪري.
    ٽول معني شيءِ. مطلب ته بک ماڻهوءَ کي ڇتو ڪيو ڇڏي.
    (190) پيٽ ۾ نه جيسين روٽي، تيسين ڳالهه مڙيوئي کوٽي.
    C.f. A hungry man, an angry man.
    (191) بکئي کي بصر سان روٽي رکيائي، سيري کان سواد ۾ ڏيڍي سوائي.
    مطلب بک مهل جيڪي ملي سو مٺو پيو لڳي.
    ڀيٽيو:
    (192) بک ۾ بصر به مٺا.
    C.f. Hunger is the best sauce.
    (193) بکئي جون اکيون چلهه ۾.
    بکايل هر گهڙيءَ چلهه ڏي پيو نهاريندو، ته ڏسان ته ماني تيار ٿي آهي، يا نه.
    ڀيٽيو:
    (194) بکئيءَ کي بٺ به ڏور.
    (بٺ= چلهو)
    C.f. Hungry men think the cook lazy.
    (195) بک وچان، اُگهڙ ياد نه آهي.
    اُگهڙ؛ اُگهاڙپ. پيٽ پالڻ جي ڳڻتيءَ وچان، بت تي ڪپڙو ڪرڻ يا ٻاهريون ننگ رکڻ ياد به ڪونهي. غريب ائين چون.
    (196) بندي جي من ۾ هڪڙي، صاحب جي من ۾ ٻي.
    بندو يعني انسان (اصل معني غلام) دل ۾ گهڻيئي گهاٽ گهڙي ٿو(رٿون رٿي ٿو)، پر نيٺ ائين ٿئي ٿو جئن صاحب (ڌڻيءَ) کي وڻي ٿو (ڇاڪاڻ ته “اڻندو اها ئي جا ڪوريءَ جي من ۾ ھوندي. 145)”
    C.f. Man proposes, God disposes.
    (197) بڻي ته بڻي، نه ته دال روٽي گهڻي.
    بڻي ته بڻي؛ (ٺاهه ٺهيو) نه ته واهه واهه، نه ته دال ماني يعني غريباڻو کاڌو يا جهڙي تهڙي نوڪري ڪٿي به ملي سگهندي.
    (198) بيعقل جي بلا، دوُر.
    اياڻو جي اياڻپ ڪندو ته به ڪو گهڻو ڏوهه ڪو نه ڏيندس، جو هرڪو ڄاڻي ٿو ته هو بيعقل آهي. بلا دور يعني مصيبت پري يعني موچڙن کان هو بيعقل ٿي ڇٽي ٿو.
    C.f. Ignorance is bliss.
    (199) بيعقل کان، بي ڏاڙهيو ڀلو.
    مراد ته مورک جو سنگ نه ڪجي.
    ڀيٽيو:
    (200) بيعقل بازار ۾ کڻجي نه ساڻ، پهرين ڪٽائي پاڻ، پوءِ ڪٽائي سنگتي.
    (201) مورک ماڻهو ۽ ٻه-گهر-ٻارو، ٻئي ٻن ڏجن.
    C.f. Chins without beards are better than beads without brains.
    (202) بيک کي ٽيڪ.
    ٻائو؛ ٻانڀڻ يا ڪو فقير ڪلڇڻو هوندو ته به هن جي بيک يعني ويس (فقيراڻي لباس کي ڏسي) مٿو ٽيڪجي ٿو.
    (203) ٻاٻل آچاري، پر ڪو مڃي.
    ٻاٻل: (ٻاٻو يا ڪاڪو). پريو مڙس يا ڳوٺ جو مکي گهڻو ئي آچاري (پورو نياءُ ڪندڙ) هوندو، پر اڳيان ڪو مڃڻ وارو به هجي. “هن پرچاءُ ڪرڻ لاءِ گهڻو ئي پڪاريو، پر ڪنهن ٻڌس ڪو نه. ٻاٻل آچاري، پر ڪو مڃي”.
    (204) ٻارڻ ٻهوُن ڪجن ته به رڙا رجهن ڪينڪي.
    يا ھيئن به چئبو آھي؛ رڙا ڪين رجهن، توڙي ٻارڻ ٻرن ٻه پڙا.
    ٻارڻ يعني جيڪي ٻارجي، ڪاٺيون. ٻهون = گهڻا، رڙو معني سخت داڻو، مڱ يا مٽر جو کريل داڻو جو ڳري ئي نه. ٻه-پڙا يعني ٻيڻا. مطلب ته گهڻيون يا ٻيڻيون ڪاٺيون ٻاربيون ته رڙا ڪين رجهندا. مراد ته بڇڙي کي ڪيتري به سيکت يا تربيت ڏبي، ته به سڌرندو ڪين.
    )205( اڪ آمو نه ٿئي، توڙي ڦُٽي ڪري ڦَرُ.
    آمو = انب.
    )206) اڪنا مت الله دي، اڪنا سک لئي، اڪ سکندي ڀي نا سکي، جئسي پٿر بوند پئي.
    (207) ڌاتوري ڌاري جي ڪجي ڪار ڪماند جي، اصل انهيءَ پار جو ڏينا ڏيکاري.
    (208) دُم سگ، راست نشود.
    ڪتي جو پڇ، ٻارنهن مهنا نڙ ۾ وجهه ته به ڏنگي جو ڏنگو.
    (209) ڪلر منجهان ڪين ٿئي، توڙي جال پيارينس جر.
    C.f. Crooked by nature is never made straight by education.
    (210) ٻاليتو، نه ماليتو.
    هڪڙو وڏو آڪهيو واڻيو هو، جنهن کي سڀ ڳوٺاڻا وڏو شاهوڪار ڪري ڀانئيندا هئا. هڪ لڱا ڪنهن غرضائوءَ هڪ هزار روپين جو اُڌارو گهريس ته ڪين ڏيئي سگهيو ۽ هيءُ پهاڪو ڏنائين. مطلب ته ٻاليتو يعني ٻارن ٻچن وارو ماڻهو ڪڏهن به ماليتو يعني مالدار يا شاهوڪار نه ٿي سگهندو، ڇاڪاڻ ته؛ “ جيڏا ڏوُتا، تيڏا ڀوُتا”.
    (211) ٻاهران جاپ بوءِ، اندران ڪاپ بوءِ.
    ٻاهران جاپ يا ڌڻيءَ جي سمرڻ (عبادت) جي بانس، ۽ اندر ۾ ڪپ يا ڇريءَ جي بانس. مطلب جو ٻاهران ڄڻ ته درويش آهي پر اندر ۾ ڇُريون هجنس، تنهن لاءِ چئبو.
    ڀيٽيو:
    (212) قلب ۾ ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنج جي.
    (هنج = هنس)
    (213) منهن جو مٺو، اندر جو ڪارو.
    (214) منهن ۾ ملو، دل ۾ ڪاسائي.
    (215) منهن ته آهريان ئي اُجرو، قلب ۾ ڪارو.
    (منهن آرسيءَ کان به اوجل، پر اندر ڪارو).
    (216) منهن تي موسيٰ جهڙو، عادت ۾ ابليس.
    ابليس = شيطان.
    (117) منهن ته موسيٰ جهڙو، سيرت شيطاني.
    (218) موُن ڀانيون درويش، پر بازن کان ئي بڇڙو.
    (219) وات ۾ ماکي، دل ۾ ڪاتي.
    (220) هٿ ۾ مالا، اندر ۾ ڀالا.
    ڀالا (= نيزا)
    C.f. All saint without, all devil within.
    (221) ٻاهران چکي مکي، اندران بڙ بڙ دکي.
    ٻاهران ڏيک ويک يا ٺاهه ٺوهه، پر اندر ۾ بڙ بڙ (چلم جهڙي آواز) جي دکي يا ڪنو. جو ٻاهران مکجي چکجي گهمي، پر لڇڻ چڱا نه هجنس تنهن لاءِ ائين چئبو. 177
    ڀيٽيو:
    (222) اڇي پڳ نه پس، اندر مڙيئي اڳڙيون.
    (223) اڇي ڏاڙهي، نانءُ دلبر.
    (224) چٽيو واڱڻ، پٽ جو رومال.
    (225) ڏوُران ڏاڙهي، اوريان ڪک.
    C.f. A fair face may hide a foul heart.
    (226) ٻائي ٻير، اڍائي سير.
    اکري معني موجب ته اي ٻائي يا سانئڻ، ٻير ٿا وڪامن. ڪهڙو اگهه؟ چي؛ پئسي (يا ٽڪي) اڍائي سير. ٻير اهڙا سستا تڏهن ملندا، جڏهن ڪنهن به ڪم جا نه هوندا. تنهن ڪري پهاڪي جو مطلب ته “ آهي ڇا، لڀي ڇا؟ يعني اها شيءِ ڪنهن به ڪم جي نه آهي.
    ڀيٽيو:
    (227) ڌوڙ ڇائي ٻڪ اڍائي.
    (228) ڌوڙ ڌاڻيون اٽي چاڻيون.
    (229) ڌوڙ ڌڪا، دانگيءَ پڪا.
    نڪمي ماڻهوءَ لاءِ ائين چون.
    (230) ڌوڙ پيس، ڌڙڪي ويس.
    (ڌڙڪي= رلي).
    (231) ڌوڙ ڌنيتيءَ منهن ۾، رابيان منهن ۾ رک.
    (232) ٻائي جي ٻانهي، پکي سوُنهين پنهنجي.
    سانئڻ توڙي گولي يعني شاهوڪار توڙي غريب هرڪو پنهنجن ڪکن (گهر) ۾ سونهين ٿو. مراد ته پراون گهرن ۾ گهڻو نه وڃجي، ڇاڪاڻ ته:- پراوا در نوُسڻ ڪتن جو ڪم.
    ڀيٽيو:
    (233) هر هر هورائي وڃڻ در دوسن جي.
    دوستن جي در تي هر گهڙيءَ وڃڻ هلڪائي يا گهٽتائي آهي.
    (234) جيڪي گهر ۾ ڪين گذارينديون، تن کي لوڪ ميارون مارينديون.
    (235) ٻه ڀائر ٽيون ليکو.
    ڀائيوار ڀائرن وانگر آهن، پر حساب ڪتاب کي به ٽيون ڀاءُ ڄاڻي، ساڻس سولو هلجي. وهنوار ۾ سوڌو رهجي.
    “تنهنجي ڪا طلب نڪرندي ته بيشڪ ڏيندس. ٻه ڀائر ٽيون ليکو”.
    ڀيٽيو:
    (236) شريڪت ۾ مريڪت ڇا جي؟
    يعني ڀائيواريءَ ۾ مروت يا للي چپي ڇو ڪجي؟
    C.f. Money has no blood relations.
    (237) ٻه ته ٻارهن.
    ٻه ڄڻا پاڻ ۾ ملي بيهندا، ته اُهي ڄڻ ته ٻارنهن ڄڻن جي برابر آهن. “دو دل يڪ شود بشکند کوه را” يعني ٻه دليون گڏ ٿين ته ڏونگر ڏاري وجهن. مطلب ته ميلاپ وڏي شيءِ آهي.
    ڀيٽيو:
    (238) جيڪي اتفاق ۾ آهي، سو نفاق ۾ ناهي.
    (239) جيڪي اُلفت ۾ آهي، سو ڪلفت ۾ ڪينهي.
    C.f. Union is strength.
    (240) ٻٽيهن ڏندن مان شڀ ٻولجي.
    مطلب ته وات مان شڀ (چڱي) وائي ڪڍجي.
    C.f. It is a good tongue that says no ill.
    (241) ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جو لوهه به چڱو.
    ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جون هريرون به چڱيون.
    مطلب ته ٻڏل رقم مان جيڪي ملي سو لاڀ ليکجي.
    C.f. Of an ill paymaster get what you can, though it be but a straw.
    (242) ٻري تيل، کامي وٽ، واهه ڙي ڏيا واهه!
    ڏئو ٻاربو آهي ته ٻرندو تيل آهي ۽ ڪپهه جي وٽ کامندي (جلندي) آهي، پر چئبو ائين آهي ته ڏئو واهه جو ٻري ٿو. مطلب ته سختيون سهن هڪڙا، ناموس ٿئي ٻين جي.
    ڀيٽيو:
    (243) وڙهن سپاهي، نالو ٿئي سردار جو.
    C.f. The blood of the soldier makes the glory of the general.
    (244) ٻه شينهن ٻيلي ۾ نه ماپن.
    ٻه شينهن هڪ ٻيلي ۾ هوندا ته هر هڪ کي اهو ڊپ پيو لڳندو ته ٻيو منهنجي شڪار مان حصو کڻي ويندو تنهن ڪري پاڻ ۾ پيا وڙهندا. جڏهن ٻه ڄڻا پاڻ ۾ هن لاءِ وڙهن ته سڀ اختياري منهنجي هٿ ۾ هجي تڏهن ائين چئبو.
    C.f. Tow cats and a mouse, two wives in one house, two dogs and a bone, never agree in one.


    (245) ٻڪري جنهن وڻ سان ٻڌجي سو وڻ چري.
    هن طرح ڪم آڻبو. “هيءُ جنهن سنگت ۾ گهڙي تنهن مان جيستائين ڪڪ نه ٿئي، ٻڪريءَ وانگر چري پورو نه ڪري، تيستائين ڪين ڇڏي. “ٻڪريء جنهن وڻ سان ٻڌجي سو وڻ چري.”
    C.f. The goat browses where she is tied.
    (246) ٻڪري کير ڏئي، ڦولهڙين گاڏڙ.
    ٻڪري ڏهبي ته کير ڏيندي، پر ساڳئي وقت ڦولهڙيون به لاهيندي، تنهن ڪري اهو کير سڏيو اٿن ڦولهڙين گاڏڙ يعني ڦولهڙين سان گڏيل. ڪو ماڻهو چڱو ڪم ڪندو، پر ساڳئي وقت پنهنجي ڪنهن اڍنگيءَ هلت ڪري پنهنجي ڪئي جو رس جس وڃائيندو ته ائين چئبو. “گلاب منهنجو ڪم ڪندو آهي، پر ريڙهائي ريڙهائي. ٻڪري کير ڏئي ڦولهڙين گاڏر”
    C.f. The cow gives good milk, but kicks over the pail.
    (247) ٻڪريءَ کي ساس جي، ڪاسائيءَ کي ماس جي.
    ٻڪريءَ کي پنهنجي ساهه جي لڳي ٿي (مرڻ جو ڊپ ٿئيس ٿو) ۽ ڪاسائيءَ کي گوشت جي لڳي ٿي. بيقياسي ماڻهوءَ سان هن طرح لاڳو ڪيو. “آءٌ پيو بيماريءَ ۾ مران ۽ هيءُ چوي ته منهنجي ڪم جو اونو ڪج! ٻڪريءَ کي ساس جي، ڪاسائيءَ کي ماس جي.” (مون کي لڳي آهي پنهنجي، ته هن کي لڳي آهي پنهنجي)
    (248) ٻه گدرا هٿ نه اچن.
    مطلب ته ٻه هاجون ساڳئي وقت هٿ نه اينديون.
    ڀيٽيو:
    (249) ٻه تراريون هڪ مياڻ ۾ نه ماپن.
    (250) ڪيئن مائيندا من ۾ خودي ۽ خداءِ، ٻن ترارين جاءِ، ناهي هڪ مياڻ ۾.
    C.f. Grasp no more than thy hand will hold.
    (251) ٻليءَ شير پڙهايا. ڦير ٻلي ڪون کاوڻ آيا.
    هڪڙي ٻليءَ ڪنهن شينهن جي ٻچي کي چنبو هڻڻ سيکاريو، ته هن اول کيس چنبي سان ٿي ماريو. مراد ته لچ کي چڱي مت ڏسڻ پاڻ لاءِ جنجال پرائڻ آهي.
    (252) چڱائي ڪر ڄٽ سان، ته ڄٽ ڦيري هڻي پٽ سان.
    C.f. I taught you to swim and now you would drown me.
    (253) ٻلي کائيندي ڪين ساري، کنگهندي ساري.
    ڪا رقم يا شيءِ خوشيءَ سان وٺي کائبي، پر اها کنگهڻ (موٽائي ڏيڻ) يا اُن جو عيوضو ڀرڻ ڏکيو لڳندو.
    C.f. Merry is the feast –making till we come to the reckoning
    (254) ٻليءَ کي خواب ۾ ڇڇڙ.
    ٻليءَ جي دل ڇڇڙن سان، تنهن ڪري سپني ۾ به اهي ياد اٿس. جيڪي ڪنهن ٻيءَ ڳالهه هلندي سمجهن ته اسان جي مطلب واري ڳالهه جو ذڪر آهي تن لاءِ ائين چئبو.
    ڀيٽيو:
    (255) جي جاڳندي، ستي به سيئي.
    جن ڳالهين جو جاڳندي ذڪر، سپني ۾ به اهي ڏسجن.
    C.f. Wish is father to the thought
    (256) ٻني سائي جي سائي، گاهي بکئي جو بکيو.
    جنهن جي چوري ٿئي تنهن کي ائين چون، هن مراد سان ته جيئن ٻنيءَ مان گاهي (گاهه ڪندڙ) گاهه کڻي وڃي، ته به ٻني اهڙيائي سائي، تهڙي طرح تون به سدائين آباد هوندين، باقي چوري ڪندڙ گاهيءَ وانگر، انگ اُگهاڙو پيٽ بکيو.
    (257) چوري نه موري، موري ته به گهوري.
    مورجڻ معني سائو ٿيڻ، نوان پن ڪڍڻ. مطلب ته چوري ڪندڙ ڪڏهن به سائو نه ٿيندو، ٿئي ته به چوري کڏ پوي.
    (258) ڪک چور، سو لک چور.
    جو اڄ ذرڙو چورائيندو سو سڀاڻي لکن جو مال چورائيندو.
    C.f. Who steals a penny will steal a pound.
    (259) ٻي سڀڪا ويٺي ڏڀي، بيٺي ڏڀي اُٺ.
    گانءِ مينهن وغيره ويهي ڏهبي، پر اُٺ ڏهڻ لاءِ اُٿي بيهڻو پوندو. مطلب ته اَهنڊ ( مد مغز) ماڻهوءَ مان سولائيءَ سان ڪم نه نڪرندو. “ٻين کي پرچاءَ ڪرڻ لاءِ چوندس ته اهي ڪندا، باقي سدورو مل منهنجي سمجهائڻ جو نه آهي. ٻي سڀڪا ويٺي ڏڀي، بيٺي ڏڀي اُٺ. هن سان تون وڃي مٿو هڻ”.
    (260) ڀاونا ڀاڙو، هر ڪنهن کي ڏئي پانهنجو.
    جيڪو جهڙي نيت رکندو، تنهن کي اهڙو اُجورو ملندو.
    ڀيٽيو:
    (261) جهڙي نيت، تهڙي مراد.،
    (262) نيت خاص، مراد حاصل،
    (263) نانڪ نيت صاف ڪر ته درگهه پوين قبول-
    C.f. (1) Good mind, good find
    (2) Evil to him that evil thinks.
    (264) ڀتين کي به ڪن آهن.
    نازڪ ڳالهيون ڏاڍيان نه ڪجن متان ڪو ٻڌي.
    C.f. Walls have ears
    (265) ڀڄندڙن جي اڳ ۾، لڪندڙن جي پٺ ۾.
    حقيقتون ڪانئرن سان لاڳو ڪيو، جي سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ پنهنجي سلامتي ڳولين؛ پر جو ٻئي تال مارڻ چاهي تنهن سان به لاڳو ڪن ٿا. پوئين حالت ۾ ڀيٽيو:-
    (266) جيڏانهن ڏسي تيري، تيڏانهن پائي ڦيري.
    (267) موچڪي رنبي حلال ۾ به وهي حرام ۾ به وهي.
    (268) ناني نُوري جتي ڪٿي پُوري.
    C.f. Hold with hares and hunt with hounds.
    (269) ڀريءَ ڇني کان، ڀيري ڇنو چڱو.
    ڳؤري ڀري هڪدم کڻي پنهنجو بت ڇني يا جهوري وجهجي، تنهن کان بهتر ته ٿورو ٿورو ڪري کڻجي. ائين گهڻا ڀيرا ڪرڻا پوندا ۽ ٿڪ ٿيندو، پر اهو چڱو.
    ڀيٽيو:
    (270) ڀري ماري، ڀيرو نه ماري.
    C.f. It is not the burden but the over burden that kills the beast.
    (271) ڀڳڙن کاڌي هٿ ڌوتا ئي پيا آهن.
    ڀڳڙا کائڻ ۾ هٿ کي ڪين لڳندا، تنهن ڪري ڌوئڻ جو ضرور ڪو نه ٿو ٿئي. ساڳي ريت ڪنن ڪمن ۾ هٿ وجهبو ته پڇاڙيءَ جي ڳڻتي رهندي، نه ته ڪهڙو ڊپ؟
    C.f A clean hand wants no washing.
    (272) ڀڳو گهڙو، ڍؤن ڍؤون ڪري.
    ڀڳل دلو کڙڪائبو ته “ڍوُن ڍوُن” جهڙو اڻ وڻندڙ آواز ڪندو. مورک به ڪڏهن وڻندڙ گفتگو وات مان نه ڪڍندو.
    C.f. A cracked bell can never sound well.
    (273) ڀڳي سان ئي ڀير جسين رتو راس ٿئي.
    ڀڳل ائٽ سان ئي ڪتيندي رهه، جيسين رتو يعني ڳاڙهو (جنڊيءَ ٿيل) ائٽ جڙي تيار ٿئي. مراد ته جهڙي تهڙي يا سادي سودي سان ئي حال ڪم ٽپائين
    C.f. A man must plough with such oxen as he hath.
    (274) ڀلو ڪر ته ڀلو ٿئيئي.
    ٻين جو ڀلو ڪر، ته ڌڻي تنهنجو ڀلو ڪري.
    C.f. Do well, and have well.
    (275) ڀلي ڀلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀلي.
    هڪ وڇ ڀلجي ڪيڏانهن اوجهڙ ۾ نڪري ويئي، پر پوءِ رلي رلي پاڻ مرادو ڀاڻ (وٿاڻ) ۾ آئي، ته ڌنار ائين چيو. ويل رقم موٽي ملي ته اها ويل نه چئبي. بڇڙن ڪمن کان جو باز آيو تنهن ڄاڻ ته بڇڙا ڪم ڪيا ئي ڪين ها.
    C.f. It is not lost that comes at last.
    (276) تاڙي هڪ هٿي نه وڄندي آهي.
    معاملو تڏهن مچندو جڏهن ٻئي ڌريون وڙهڻ جو ارادو ڪنديون. هڪڙي ڌر ماٺ ڪندي ته معاملو نه ٿيندو.
    C.f. It takes two to make a quarrel.
    (277) ترت دان، مها پڃ.
    جنهن پٽ يا وقت سر خيرات ڏيڻ يا ڪنهن جو ڪم ڪرڻ (بنا ريڙهائڻ جي) تنهن جو ثواب وڏو آهي.
    C.f. He gives twice that gives in trice.


    (278) تر جي گٿي، سؤ چوٽون کائي.
    تر يعني ٿوري تان ڪو ماڻهو ڪنهن ڳالهه ۾ گسندو ته سؤ چوٽون يا ڌڪ جهليندو. مطلب ته ٿوريءَ غفلت جي ڪري وڏي خرابي ٿئي ٿي.
    C.f. A little neglect may breed great mischief.
    (279) تڪڙي ڪتي، انڌا گلر ڄڻي.
    اکري معني ته جيڪا ڪتي پوري وقت کان اڳي ويم ڪندي سان انڌا پوُنگڙا ڄڻيندي. جيڪو ماڻهو ڪنهن ڪم ۾ اجائي تڪڙ ڪندو سو ڪم کي اُٽلو بگاڙي وجهندو.
    ڀيٽيو:
    (280) تڪڙ ڪم شيطان جو.
    (281) تڪڙ ۽ طمع ڇا لڳي.
    C.f. Haste makes waste.
    (282) تون ڪير؟ چي؛ “سکيو”
    ڪنهن ڪم (اڪثر چڱي ڪم) مان ڪو اڻ وڻندڙ نتيجو نڪري ته ائين چئبو، هن مراد سان ته اڳنا سکيس يا توبهه ڪيم. “حساب نٿي بيٺس؛ سندس پرپٺ سڄو حساب ٺاهي رکيو مانس، ته اُٽلندو اچي ڪاوڙيو. چي منهنجن ڪاغذن کي تو اول هٿ ڇو لاتو؟ هيءُ ڀلائيءَ جا ڀاڙا ٿو ڏئيم! پر ٺهيو. تون ڪير؟ چي؛ سکيو”.
    (283) ترار ٻڌڻ کان توبهه ڪيم، جيسين رب جياري.
    (284) ٿڌو گهڙو، پاڻ کي پاڻيهي ڇانءَ ۾ وهاري.
    جهڙي طرح ٿڌي دلي کي پاڻمرادو ڇانءَ ۾ جاءِ ملي ٿي، تهڙيءَ طرح سيتل يا نيڪ سڀاءَ واري جو پاڻمرادو مانُ ٿئي ٿو.
    C.f. Conciliatory manners command esteem.
    (285) ٿورو ڏسي اَرهو نه ٿجي، گهڻو ڏسي سرهو نه ٿجي.
    ٿوري ملڻ تي دل نه سسائجي ۽ گهڻي ملڻ تي من نه وڌائجي. هر حال ۾ شڪر ڪجي.
    (286) شڪر ڪر صحيح، ته توئي سان توهه ٿئي.
    C.f. Great minds are easy in prosperity, and quiet in adversity.
    (287) ٿوري کٽئي، گهڻي برڪت.
    ٿوري ڪمائيءَ تي قناعت ڪري، اُپت آهر خرچبو ته سکي رهبو. هن طرح به ڪم آڻبو. “توکي ٽيهه روپيا پگهار آهي، ته به شڪر ڪر. ٿوري کٽئي، گهڻي برڪت”. يعني ڌڻي انهيءَ ٿوريءَ ڪمائيءَ ۾ وڏي برڪت وجهندو. (سکيو رهندين).
    C.f. The greatest wealth is contentment with little,
    (288) ٿوري گرهين، گهڻو کائجي.
    ننڍا ننڍا گرهه يا ٿورو ٿورو ڪري کائبو، ته گهڻو وقت جيئبو، جنهن ڪري گهڻو کائبو. هٻڇ ڪبي، ته بيمار ٿي پئبو يا مري وڃبو؛ جنهن ڪري ٿورو کائبو. هن طرح به ڪم آڻبو:- گهوٽيتا يا رشوتخور وڏا چڪ وجهندا ته اڳلا ڏيڻ جي نه ڪندا، پر جي ٿوري تي راضي رهندا ته ائين گهڻو ملندن.
    C.f. light suppers make long life days.
    (289) ٽٽوُنءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.
    ٽٽوُن ٽاري (چهي يا لڪڻ) سان ۽ تازي گهوڙو، اشاري سان هلندو. مراد ته جو ڪم سياڻو اشاري سان ڪندو، سو ڪم اياڻو يا ننڌڪ ڦٺ لعنت سان مس ڪندو.
    ڀيٽيو:
    (290) انسان کي اکر بس.
    (291) انسان اهو جو پنءَ مان پروڙي
    C.f. A nod for a wise man, and a rod for a fool.
    (292) ٺڙ ڪجي ٺڪاءُ ڪجي، اڳلو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄجي
    جهيڙي ٽارڻ لاءِ ٺڙ ۽ ٺڪاءُ يعني ٿورو گهڻو کڙڪو دڙڪو ڪجي، پر جي وڙهندڙ ڌر نه هٽي، ته پاڻ هٽي پاسو ڪجي (متان آبرو وڃي).
    (293) ٺڪر وٺجي ته به ٺوڪي وٺجي.
    ٺڪر جو ڪو ٿانءُ وٺجي ته اهو به کڙڪائي ڏسجي ته ڀڳل ته ڪونهي. مطلب ته سودو پڪائيءَ سان ڪجي.
    C.f. Test and try before you buy.
    (294) ٺلهو چڙو وڄي گهڻو.
    گهنگهڻي يا گهنڊڻي پوري آهي، تنهن ڪري وڏو آواز ڪري ٿي. ڏسو “سکڻي ڪني، گھڻو اڀامي”.
    (295) ٺونٺ لڳي، ساهيڙي ڀڳي.
    جيڪي ٺونٺ لڳڻ يعني ٿوري ايذاءَ اچڻ يا جهڙي تهڙي ڳالهه سبب دوستي ڇنن، تن لاءِ چئبو. “ٻارن جي ياراڻيءَ تي ڪهڙو اعتبار؟ ٺونٺ لڳي، ساهيڙي ڀڳي”.
    (296) پاپ جو گهڙو ڀرجي ڀرجي نيٺ ڦاٽي.
    گناهه جهڙا ڪم ڪبا ته ڪي ڏينهن شايد ڦٻي ويندا، پر نيٺ هڪ ڏينهن گڏي حساب ڏيڻو پوندو. “گهڻا ڏينهن رشوتون پئي کاڌائين ۽ هاڻ مقدمو ٿو هليس. پاپ جو گهڙو ڀرجي ڀرجي نيٺ ڦاٽي”.
    C.f. God’s mills grind slow, but grind to powder.
    (297) پاپ ڪي مايا پراڇت جاءِ.
    پاپ جي ڪمائي پاپ جي پراڇت يعني گنھگاريءَ بلي ويندي. (ڏنڊ پوندو يا چور کڻي ويندا).
    C.f. Ill got, ill spent.
    (298) پاڙو، اَبو اَمان آهي.
    پاڙيوارن کي پنهنجن وڏن مائٽن جهڙو ڪري ڄاڻجي.
    (299) پاڻ مرندي، ڪهڙا سيڻ؟
    جڏهن ڏسبو ته اسين پنهنجي ڪنهن سيڻ/ سڄڻ يا ٻئي جي هٿان مرون ٿا، تڏهن هن جو لحاظ نه ڪري، اول پنهنجي سر بچائڻ جي ڪبي. “هو جڏهن اسان جي برخلاف ڪمر ڪشي بيٺا آهن، تڏهن اسين رک رکاڻي ڇو ڪريون؟ پاڻ مرندي ڪهڙا سيڻ؟” هاڻ هنن کي هٿن جي صفائي ڏيکاربي.
    C.f. Self preservation is the first law of nature.
    (300) پاڻ نه پلي پوپري، لوڪان متيون ڏئي.
    “پوپري” زنانو نالو، اصل لفظ “پوپٽي” يعني پوپٽ جهڙي. جيڪي ٻين کي ڪنهن ڪم کان جهلين، پر ساڳيو ڪم پاڻ ڪن، تن لاءِ ائين چئبو.
    ڀيٽيو:


    301 کان 600

    (301) اور اُپديس، آپ نه ڪري.
    C.f.(1) practice what you preach.
    (2) physician, heal thyself.
    (302) پائجي ته وڏي ڍيران پائجي.
    اکري معني موجب ته ڌوڙ نه پائجي، پر جي پائجي ته ڪنهن وڏي ڍير (ڍڳَ) مان. مراد ته ڪنهن جو ٿورو نه کڻجي، پر جي کڻجي ته ڪنهن مڙس ماڻهوءَ جو کڻجي (جو نه اُن جو عيوضو گهري ۽ نه وقت تي مهڻو يا ڏوراپو ڏئي).
    (303) ڇڪ منجهي، ته سج ڏي نهارجي.
    (تڪليف پوي ته ڪنهن مڙس ماڻهوءَ جي مدد وٺجي).
    (304) پت، نُهن تي پاڻي آهي.
    پاڻيءَ جو ڦڙو آڱر جي نهن تي رکيل هوندو، ته ڏاڍي سنڀال ڪرڻي پوندي، نه ته ٿورو ئي لوڏو ايندس، ته هارجي پوندو، ۽ وري هٿ نه ايندو. ڪارِ-پت به ائين آهي. هڪواريءَ پت ويئي، ته وري مشڪل هٿ ايندي. تنهنڪري ڪارِ-پت رهائڻ يا آبرو بچائڻ جو گهڻو خيال ڪجي.
    C.f. Ingenuous shame once lost is never regained.
    (305) پٽ ٿي گذار، ته سگهوئي پيءُ ٿين.
    جيئن پٽن کي ادب ۽ فضيلت سان هلڻ گهرجي، تيئن هل ته سگهو ئي ٻيا توکي ابو ڪري ليکيندا (مان ڏيندا).
    ڀيٽيو:
    (306) ادب آهي ڇٽ، صاحب سنديءَ ٻاجهه جو.
    (307) پٽ پراڻو ته به ڪو جنڊ جو نائو.
    ريشم پراڻو ٿي ويندو ته به نائو ( جنڊ اُگهڻ جي اڳڙي) ڪري ڪم آڻبو ڇا؟ مراد ته ڪو وڏ گهراڻو جي ڪنهن سقيم حالت کي وڃي رسندو، ته به هن جي بڻ بنياد جو ويچار ڪري، مٿس ڪو نيچ ڪم (کٽولا ڇڪائڻ، وغيره) نه رکبو.
    (308) هيرو ڌوڙ ۾ ڪرندو ته به ملهه ڪين گهٽبس.
    C.f. A diamond is valuable, though it lie on a dung hill.


    (309) پٽ پيٽون، ناٺي اکيون.
    پٽ پيٽ مان ٿو ڄڻجي ۽ ناٺي اکين مان يعني اکين جي پريت مان پيدا ٿيل يا اکين جو آسابند آهي. مطلب ته پٽ ۽ ناٺي، ٻئي هڪجهڙا.
    (310) پٽ ڪپٽ، پينگهي ۾ پڌرو.
    سپاٽ توڙي ڪپاٽ جي سُڌ تڏهن ئي پوندي، جڏهن اڃا پينگهي ۾ پيو نپبو هوندو. مطلب ته سلڇڻو توڙي ڪلڇڻو ته سندس آريکڻ يعني چهن يا روش features پڌرا” “تون جيڪو ڪل اُجاريندين، سو ڏيهه ڏسندو. اهي پٽ ئي ٻيا. پٽ ڪپٽ، پينگهي ۾ پڌرو”.
    ڀيٽيو:
    (311) ٻار، ٻاروتن ۾ پڌرو.
    (ٻاروتا = ٻار جا ڪپڙا)
    C.f. The child is father of the man (words worth (
    Childhood shows the man. (Milton(
    (312) پڇڻا، نه منجهڻا.
    جيڪي پڇندا، سي نه منجهندا. مراد ته ڪجهه نه اچي ته بلاشڪ پڇجي؛ سکبو ائين.
    C.f. He that nothing question, nothing learneth.
    (313) پرائي آس، ڪني جي لاس.
    ڪني ۾ رڌل تيوڻ جي رس جلد چڙهي ويندي آهي ۽ انهيءَ سان ڍءَ تي ماني کائي نه سگهبي. پراون تي آسرو رکبو يعني ٻين تي ڀاڙبو ته ڍءُ نه ٿيندو.
    ڀيٽيو:
    (314) پرائي آس، اُپواس
    (اُپواس = بک)
    (315) ڦٺ تنهن جي جيئڻ کي جو رکي پرائي آس.
    (316) آهر جي آسري جهنگ نه چنائون، ساوا گاهه پٽن تي بيٺي ڏٺائون.
    [وهٽن، آهر مان کائڻ جي آسري تي، ساوا گاهه جهنگ ۾ نه چنا (چريا)، جنهنڪري بک مئا]
    C.f. He who depends on another dines ill and sups worse.
    (317) پرائي بودون، ڪاٺ ڪپهه کان ڪوُنئرو.
    پراون بودن (اُٺن) تي ڪاٺ (سخت ۽ ڳرو مال) لڏبو، ته به پنهنجي دل ڪري ڄاڻبو ته اهو ڪپهه کان به ڪوُنئرو يا نرم آهي. ڪو بيقياسي ڪري ڌارئي ماڻهوءَ تي جهجهي تڪليف وارو ڪم رکندو، ته ٽوڪڻ لاءِ ائين چئبو.
    C.f. A hired horse tired never.
    (318) پرائي پلاهه کان، پنهنجي پڇ به چڱي.
    پرائي پلاه کان پنهنجي گهر ۾ چانورن جي پڇي پيئجي، ته اُها چڱي. مطلب ته “ پنهنجي سهنجي”.
    C.f. Dry bread at home is better than roast meat abroad.
    (319) پرائي دهلين، احمق نچي.
    پرائي گهر دهل وڄن (شادمانا ٿين) ۽ اُتي ڌاريو وڃي نچندو، ته اهو بيوقوف چئبو. مراد ته پرائي مجلس يا مهمانيءَ تي اڻ ڪوٺيو نه وڃجي. “منهنجي هنن سان مٽي ڪا مائٽي جو آءٌ واڌائيءَ تي وڃان. پرائي دهلين، احمق نچي”.
    C.f. Go neither to a wedding nor christening without invitation.
    (320) پرائي ماڙي ڏسي، پنهنجو ڀونگو نه ڊاهجي.
    مطلب ته وڏن ماڻهن سان ريس ڪري پنهنجو خانو خراب نه ڪجي، پر هوند سارو هلجي. ڏسو؛ “گهر ٻاري ڏياري نه ڪجي”.
    ڀيٽيو:
    (321) باز جي ريس ڪري اُڏاڻي چڙي، چڻو هوس چهنب ۾ سو به پيس ڪري.
    (چڙي: جهرڪي)
    C.f. Set not your house on fire to be revenged of the moon.
    (322) پرڻ چوي ڏونگهي کي؛ هل ڙي ٽه ٽونگا!
    پرڻ، جنهن سان ان ڇاڻجي، تنهن کي سوين ٽنگ ٿين ٿا. ڏونگهو، جنهن سان پاڻي ڀرجي، تنهن کي ٽي ٽنگ ٿين ٿا. جنهن ۾ سوين خاميون هجن، پر ٻئي جي ٿوري خامي ڏسي، هن کي مهڻو ڏئي ته اهڙي کي ٽوڪڻ لاءِ ائين چئبو.
    ڀيٽيو :
    (323) مينهن پنهنجي ڪارنهن نه ڏسي، ڳئون کي چوي؛ ھل پڇ ڪاري.
    C.f. The pot calls the kettle black.
    (324) پڙهي پاڻ نه ڄاڻي، ماري کتابي.
    اُستاد پاڻ پڙهي ڪين ڄاڻي ۽ کتابي (ڪتابي) يعني شاگرد ماري ٿو. جو اڻڄاڻ پنهنجي اڻڄاڻائيءَ لاءِ پاڻ کي ڏوهه ڏيڻ بدران ٻئي کي ڏوهه ڏئي، تنهن لاءِ ائين چئبو.
    (325) اُٿي پاڻ نه سگهي، لک لعنت گوڏن کي.
    C.f. A bad workman quarrels with his tools.
    (326) پڪيءَ ٻير ۾، سڀ ڪو ڀتر هڻندو.
    پڪل ٻير جي وڻ ۾ هرڪو ڀتر هڻندو ته من ٻير ڇڻن ۽ آءٌ کڻان. مطلب ته فائدي واري هنڌان فائدي وٺڻ جي هرڪو ڪوشش ڪندو. مثلاً ڪا نوڪري يا چڱي مائٽي هوندي ته هرڪو پنهنجي لاءِ ڪوشش ڪندو.
    C.f. When the tree is fallen every one goeth to it with his hatchet.
    (327) پڳ کان، بتانو وڏو.
    بتانو؛ ڪپڙي ٽڪر، جو پڳڙيءَ جي اندران پوي. ڏسو؛ “بتانو ڪڍي وٺڻ” (اصطلاح). ضروري ڳالهه کان ڪا غير ضروري ڳالهه وڌيڪ ڏسي ائين چئبو. مثلاً ڪتاب ۾ مضمون ٽيهه صفحا ته ديباچو يا منڍ وغيره سؤ صفحا.
    C.f. Make not thy tail brander than thy wings.
    (328) پلاءَ جهڙي پدمڻي جي هڪي حاضر هوءِ، ڊوُسي وجهجي پيٽ ۾ مر پيٽ ڦاٽي پوءِ.
    جيڪي هٻڇي پيٽ ڀريل هوندي به ڪا عمدي شيءِ ڏسن ته کائين، تن لاءِ ائين چئبو.
    C.f. Better belly burst than good drink or meat lost.
    (329) پنج ئي آڱريون برابر نه آهن.
    مطلب ته سڀ ماڻهو هڪ جهڙا نه آهن.
    (330) پنڌ کان، ڪتي جي وات ۾ چڱو.
    پنڌ ڪجي، تنهن کان جهڙو تهڙو وهٽ ملي ته اهو چڱو.
    C.f. A tired traveler must be glad of an ass, if he have a not horse.
    (331) پنهنجي پٺ، ڪنهن ڪا نه ورائي ڏٺي آهي.
    مطلب ته ڪنهن کي به خبر نه آهي ته هن کان پوءِ ڇا ٿيڻو آهي. “ ڪو ڪنهن تان نه کلي. پنهنجي پٺ، ڪنهن ڪا نه ورائي ڏٺي آهي”.
    C.f. No one knows what will happen to him before sunset.
    (332) پنهنجي ڌنئري کي ڪير کٽو چوندو.
    مراد ته پنهنجي اولاد يا شيءِ جي ڪو به گلا نه ڪندو.
    C.f. Every cook praises his own broth.
    (333) پنهنجي، سنهنجي.
    زر، زمين يا ڪا به شيءِ جي پنهنجي آهي ته اُن ۾ وڏي سهوليت آهي. جيڪي ٻين تي مدار رکڻ نه چاهين سي ائين چون.
    ڀيٽيو:
    (334) پنهنجي ڪکين، ڪوئي نه لکي.
    (پنهنجي گهر ۾ ڪنهن جي غرض يا ڪاڻ نٿي رهي)-
    (335) پنهنجو کائجي، گوبند ڳائجي.
    (336) جهڙو سمر آپڻو، تهڙو مٽ نه ڪوءِ.
    C.f. In one’s own saddle one rides safest.
    (337) پنهنجي ڪئي جو، نڪو ويڄ نڪو طبيب.
    پنهنجي هٿان ڪا خطا ٿيندي ته اُن جو علاج ڪير ڪندو؟ “جاءِ وڪڻي ڇڏيائين ته ڏکي به ڏاڍو ٿيو آهي. پر هاڻ ڇا ٿيندو؟ پنهنجي ڪئي جو، نڪو ويڄ نڪو طبيب”.
    ڀيٽيو:
    (338) هٿان پيئي نانڪا، در در ڌڪا کاءِ.
    C.f. He that cuts himself willfully deserves no balsam.
    (339) پنهنجي گتيءَ، پؤُ گڏه کي پيري.
    احتياج مهل نالائق کي به نياز ڪبو.
    (340) وقت ڪري واڪا، ته گهوڙو گڏهه کي چوي ڪاڪا!
    C.f. One must fall down before a fax in season.
    (341) پنهنجي گهر جهڙي به ڪا ٻي بادشاهي؟
    پنهنجي گهر ۾ ماڻهو شاهه آهي، جيئن وڻيس تئين هلي. ڪنهن جي به ڪاڻ نٿي رهيس.
    ڀيٽيو:
    (342) پنهنجو گهر ڪن سان ڪري ڀر، پرائو گهر ٿڪ اُڇلي ڏر.
    (343) پنهنجو گھر، داتا جو در.
    (344) جو سک اپني چوباري ۾، سو ناهين بلخ بخاري ۾.
    (پنهنجي گهر جهڙو سک بلخ بخارا شهرن ۾ به ڪونهي).
    C.f. East or west, home is best
    (345) پنهنجي گهر ۾، ٻلي به شينهن.
    پنهنجي گهر ۾ دل ڀريل ٿئي ٿي. ٻار کي به رستي تي ڪو ماريندو ته ڊڄندو، پر گهر وٽ ڪو ماريندس ته حال ڌڪ ڌڪ جو وڄائي ڪڍندس، ( پنهنجي گهر جو ڏڍُ اٿس).
    C.f. Every dog is valiant at its own door.
    (346) پنهنجي لاهي جنهن هٿ ۾ ڪئي، تنهن کي ٻئي جي لاهيندي ڪهڙو ڀؤُ؟
    پنهنجي پڳ جنهن لاٿي يعني جنهن پنهنجو مان نه رکيو، سو ٻئي جي پڳ لاهيندي (آبرو وٺندي) ڪين ڊڄندو.
    (347) لنگهي لاٿي لوئي، ڪيا ڪريگا ڪوئي.
    (348)نانگو ننگان نڪتو، نانگي ڪهڙو ننگ.
    (349) ميهار مينهن مان نڪتو، ته وڇن ڪهڙي پارت.
    C.f. Beware of him who regards not his reputation.
    (350) پوکين تانڪي پوک، جيسي پاڻي اٿيئي پاڙ ۾.
    پاڻي سڪي ويندو ته پوءِ پوک نه ٿيندي، تنهن ڪري وقت جو فائدو وٺڻ واجب آهي. “جوانيءَ ۾ جيڪو جس کٽڻو هجئي سوکٽي وٺ متان پيريءَ ۾ پڇتائين. پوکين تانڪي پوک، جيسي پاڻي اٿيئي پاڙ ۾.
    C.f. Make hay while the sun shines.
    (351) پهير چور ٿئي، ته واهي ڪيترو وهي.
    پهير يعني لوڙهو، جو ٻنيءَ جي بچاءَ لاءِ آهي، سو پاڻ جي چور ٿي ٻنيءَ کي لڳندو، ته واهي يا نگهبان ڪيتري سنڀال ڪندو. گهر جي ڀاتين يا پوليس وارن مان ڪو سنڀال ڪرڻ بدران چوريون ڪري، ته ائين چون.
    (352) پئسي پلو مهانگو، رپئي پلو سهانگو.
    پلو توڙي ڪا به شيءِ کڻي سستي ملندي، پر جي کپ نه هوندو ته پئسي به مهانگي. گهرج مهل اُها ساڳي شيءِ رپئي به سهانگي ليکبي.
    (353) پيٽ ٻه ٻاهين، چنتا ناهين.
    جنهن کي کائڻ لاءِ هڪ پيٽ ۽ ڪمائڻ لاءِ ٻه ٻانهون، تنهن کي ڳڻتي ڪهڙي؟ “زال مري ويس باقي سکڻو سر، سو پاڻيهي پيو کٽندو ۽ کائيندو. پيٽ ٻه ٻاهين، چنتا ناهين”.
    (354) پيٽ ڀريو، ته منهن ڪارو ئي سهي.
    جيڪي اڻاسا ماڻهو، پنهنجي پيٽ ڀرڻ خاطر پنهنجي منهن ڪاري ٿيڻ (آبرو وڃڻ) جو سانگو نه ڪن، تن لاءِ ائين چون.
    ڀيٽيو:
    (355) ڦٺ بجو ڪج، پر گيهه ذرو ڏج.
    (356) ناڪ ڪٽا تو ڪٽا، پر گيهه تو چٽا.
    (357) پيٽ ڀر، پٺي لڏ.
    (358) پٺي مار، پيٽ نه مار.
    C.f. Give me roast meat, and beat me with the spit.
    (359) پيٽ نه هجي ته سونيون ڀتيون اَڏجن.
    مطلب ته سڀ ڪشالا پيٽ لاءِ ڪجن ٿا.
    ڀيٽيو:
    (360) پيٽ، بري بلا.
    (361) پٽيندي پيٽ کي ويو ڄمارو ڄٽ، هو جو مٿي کٽ، سو پڻ پٽي پيٽ کي.
    C.f. If it were not for the belly the back might wear gold.
    (362) پير کي ڪم، ٺڪاءَ سان.
    هڪڙي ماڻهوءَ تڪليف مهل پير تي سکا ڪئي؛ ته مراد پوري ٿيڻ تي ناريل اچي ڀڃندس. مراد پنيس ته ناريل بدران ڏوڏي ڀڃي، ائين چيائين. ڪنهن ڪم جي ڪو الهو ٻلهو ڪري پورائي ڪري ته ائين چون.
    ڀيٽيو:
    (363) وهي نه وهي، وٺ رينگٽ کي.
    (364) پيو پر، ويو گهر.
    پراون يا ڌارين کي جيڪڏهن پنهجن گهروُ ڳالهين ۾ هٿ وجهڻ ڏبو ته خانو ئي خراب.
    (365) پينچن ۾ پرميسر.
    پئنچن ۾ ڄڻ ته ڌڻي پاڻ آهي. مراد ته پئنچ جيڪي چون، سو ڌڻيءَ جو حڪم ڄاڻي، ستت ڪري مڃجي.
    (366) بجا ڪهي جسي عالم، اُسي بجا سمجهو، آوازِ خلق ڪو، نقاره خدا سمجهو.
    C.f. The voice of the people is the voice of God.
    (368) پيئيءَ ليئيءَ، ڌيءُ ڪم اچي.
    بيماري سيماريءَ ۾ ڌيءُ ڪم اچي ٿي. ٻيءَ طرح به پٽن کان وڌيڪ نياڻين جو مائٽن ڏي هڏ ڪرڪي ٿو.
    My son is my son, till he hath got him a wife; but my daughter is my daughter all the days of her life.
    (368) ڦاٽڙي نه سبي، سا راجا نه راڻي.
    اها راجا جي راڻي ئي نه آهي، جا ڦاٽل ڪپڙو نٿي سبي. مراد ته وڏ گهراڻين کي به کپي، ته ڦاٽل ڪپڙي کي ٽوپو ٽاڪو ڏين. ان ۾ اٰهم ڪونهي. (تهه تي تهه چاڙهبو ته اها اجائي وڏ ماڻهپي).
    C.f. Patch by patch is good house-wifery, but patch upon patch is plain beggary
    (369) ڦڙي ڦڙي تلاءُ.
    ٿورو ٿورو ڪري ميڙبو ته نيٺ تلاءُ (گهڻو ئي) ٿيندو.
    C.f. Penny and penny laid up will many.
    (370) ڦورو نه ڦولهي، شل سنئين پئي صراف کي.
    ڌڻيءَ کي شل چت ۾ چڱي پوي، جو اسان جا عيب نه ويچاري. “اسان جي هڏي هڏي پاپ سان ڀريل آهي، پر مالڪ شل پنهنجي مهر ڪري. ڦورو نه ڦولهي شل سنئين پئي صراف کي”!
    (371) عدل ڇٽان آ نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو!
    (372) جا بندي کي بار، سا صاحب کي سٿري.
    جا ڳالهه انسان کي ڳري يا ڏکي لڳي ٿي. سا ڌڻيءَ کي سنهنجي/ سولي آهي. مراد ته ڌڻيءَ تي رکبو ته سڀ سڻائي.
    C.f. Hope well and have well.
    (373) جاڙي جڳ سنئَين.
    جا ٻئي ٻار سان گڏ (جاڙي) ڄائي هوندي. سا به جهان جي ٻين ماڻهن جهڙي. “ٻين سان گڏ مونتي به جي اها تڪليف آئي ته پوءِ جاڙي جڳ سنئَين. آءٌ به انهن جهڙو.”
    (374) جاڻ ته جواڻ.
    ٿڌ ٿيندي ۽ جاڻ مهٽبي ته جوان (نوَبنو) ٿي پئبو.
    (375) جاءِ چوي جوڙائي ڏس، شادي چوي ڪري ڏس.
    جاءِ ۽ شاديءَ بلي، تخميني کان وڌيڪ خرچ ٿئي ٿو.
    C.f. Building and marrying are great wasters.
    (376) جبل سان مٿو هنئي، نيٺ مٿو ڀڄي.
    جبل ( پاڻ کان ڏاڍي) سان وڙهبو ته پاڻ کي مارائبو.
    (377) گدرو ڪري ڪاتيءَ تي ته به گدري جوکو، ڪاتي ڪري گدري تي ته به گدري جوکو.
    (378) سر سندي آڪاس ڪون، ڦر ماٿي آوي.
    (تير هڻبو اُڀ ۾ ته موٽي مٿان ايندو.)
    C.f. An ass that kicketh against the wall, receives the below himself
    (379) جتي اُٺ ترندو، تتي پڇ به ترندو.
    جتي گهڻو ڪم يا خرچ ٿيندو، تتي ٿورو به ٿي سگهندو. “جاءِ جوڙائي ته اٿيئي، ته پوءِ نل به وجهاءِ جتي اُٺ ترندو تتي پڇ به ترندو”.
    (380) جتي پاڙا، تتي ڍيڍ واڙا.
    جتي ماڻهو پاڙو ڪري ويٺا هوندا، اُتي ڍيڍن يا چمارن (جهيڙا ڪارن) جا گهر به هوندا. مطلب ته پاڙن ۾ جهيڙا ٿين ٿا.
    (381) جتي ويڙها، تتي جهيڙا.
    (ويڙهو = محلو).
    C.f. Where a man dwells, he shall be sure to have a thorn-bush near his door.
    (382) جتي پڄڻ نه آهي پهت، اُتي ڀڄڻ ڪم ڀلن جو.
    جتي پڄي کائڻ يا برابري واجب نه آهي، تتان ٽري پاسو ڪرڻ ڀلن (چڱن مڙسن) جو ڪم آهي.
    (383) جتي پڄڻ نه آهي جاءِ، تتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.
    C.f It is wiser to run away when there is no remedy than to stay and die in the field foolishly,
    (384) جتي روشني ۽ هوا، تتي ڪانهي تانگهه طيب جي.
    جا جاءِ کليل ۽ هوادار هوندي اُتي ڪو بيمار نه پوندو، جنهن ڪري طبيب جي گهرج نه ٿيندي (سنڌي پنجون ڪتاب)
    C.f where light and air enter the doctor doesn’t
    (385) جتي لوڀي هجن، تتي ٺوڳي بک نه مرن.
    جتي لالچي ماڻهو هوندا، اُتي ٺگ جاوا ڪندا. ماڻهو اولاد يا ڌن لاءِ پير فقير پڇن، ته هو سندين هڙ ڦرين.
    (386) ڪڇ ڦريو جوڳين، سنڌ ڦري ٺوڳين.
    C.f An easy fool is a knave’s tool.
    (387) جتي ماني، تتي ماڳ.
    جتي روزگار، تتي گهر ٻار.
    (388) جتي هر، تتي گهر.
    (هر plough)
    (389) جتي وڻ نه آهي، تتي ڪانڊيرو به درخت.
    اڻ هوند ۾ خسيس شيءِ جو به وڏو قدر ڪجي ٿو.121.
    (390) جڏهوڪا مينهن، تڏهوڪيون چڪيون.
    جڏهن مينهن پوندا، گپون به ٿينديون. مطلب ته ڪنهن تڪليف اچڻ جي اڳواٽ ڳڻتي نه ڪجي.

    (391) اڳي اڳي، گورک جاڳي.
    (آئيندي جو الله)
    (392) جئن چر تئن خير.
    (393) سڌ تي ٻڌ.
    (1) Let your trouble tarry till its own day comes.
    (2) Sufficient unto the day is the evil thereof.
    (394) جر نئيس، جيڏي نه نئيس.
    ڪنهن مائيءَ درياه جي ڀر تان مڇي جو ڏنڀرو لڌو. ٻيءَ چيو ته اهو منهنجو آهي، ته ھن ماڳهين ڏنڀرو کڻي درياهه ۾ اڇليو. اکري معني ته جل (پاڻي) ڀلي کڻي، پر ڪا جيڏي سرتي نه کڻي. جي ڪجهه ٻڏو سهن، پر ڏنو نه سهسائين، تن لاءِ ائين چئبو. (گلشڪر)
    (395) جڙيءَ کي جس.
    ڌڻيءَ جي پاران جيڪي جڙي (ٺهي) اچي، تنهن کي شابس چؤ، يعني شڪر ڪر. “پنجاهه نه مليا، ٽيهه مليا. جڙيءَ کي جس.
    (396) هڪڙي ڪپڙي کير ڀري، ٻي به ڏيندو الله.
    C.f A contended mind is a continual feast.
    (397) جڳ مڙيو ئي جوابازي، ڪن کٽي، ڪن هاري.
    هيءُ سڄو جهان جوابازيءَ وانگر آهي. ڪن دنيا ۾ اچي (چڱا ڪم ڪري) کٽيو ۽ ڪن (بڇڙا ڪم ڪري) هارايو. مطلب ته جڳ ۾ رهي، جس کٽجي.
    (398) ٻيو سڀ رهندو هت، نيڪي نيندين پاڻ سان.
    The world is a ladder for some to go up, and some down.
    (399) جن آهرن ۾ کائي ڏٺو، سي توٻرن ۾ ڪيئن کائين؟
    آهر، جنهن مان وهٽ کائين، تنهن ۾ گهڻو چارو پئي ٿو ۽ توٻري ۾ ٿورو ان پئي ٿو. مراد ته جن جهجهيون مؤجون ماڻي ڏٺيون، سي ٿوري يا پوري پني تي راضي نه ٿا ٿين.
    (400) جن کاڌا پلن جا پيٽارا، تن جا هينئڙا ويچارا.
    (401) جن جو هتي کپ، تن جو اُتي به کپ.
    جن جي دنيا ۾ گهرج، تن جي ڌڻي وٽ به گهرج. “ساڌو نولراءِ ۽ هيرانند جهڙا مڙس جي وڌيڪ جيئن ها، ته ديس جي ڪي شيوا ڪن ها، پر جن جو جو هتي کپ، تن جو اُتي به کپ.”
    C.f Those whom God’s love, die young.
    (402) جنڊ به وار، بٺ به وار.
    جنڊ مان مراد ان ملڻ، روزگار ٿيڻ، ڀاڳ ورڻ.
    بٺ مان مراد جلڻ يا سڙڻ، چکيا تي چڙهڻ، مرڻ.
    وار معني ڏينهن يا وارو.
    جنڊ پيهڻ توڙي ڦلن/ ڀڳڙن ڀڃڻ لاءِ، بٺ (تئي يا چلهي) تپائڻ واسطي ڏينهن يا وارا ٺهرايل آهن. (ڪن ڏينهن تي اهي ڪم ٿين، ڪن تي ڪو نه ٿين). مطلب ته؛ ڀاڳ توڙي موت لاءِ، ڏينهن يا وارا ٺهرايل آهن. “نوڪري نه ملڻ ڪري دلگير نه ٿيءُ. جنڊ به وار، بٺ به وار. تنهنجي لاءِ به ڪو ڏينهن ٿيندو يا تنهنجو به ڪڏهن وارو ورندو.”
    ڀيٽيو:
    (403) وارا، ڄمارا آهن.
    (404) اڄ همان، سڀان تمان.
    (405) اڻٽيهه راتيون چور جون، ته ٽيهين رات ساڌ جي.
    (406) سس جا سؤ ڏينهن، ته ننهن جو به هڪڙو ڏينهن.
    C.f Every dog has his day.
    (407) جنڊ کڻ ته جنڊ ڳؤرو، پڙ کڻ ته پڙ ڳؤرو.
    ٻئي ڳالهيون مشڪل. “پئسي جو زور ڪونهي، جو اهو خرچ ڪريان ۽ جي نٿو ڪريان ته ڀائرن ۾ ڏٺو ٿو ٿيان. جنڊ کڻ ته جنڊ ڳورو، پڙ کڻ ته پڙ ڳورو.”
    (408) جن کي ڏنيون ڄايون، تن سان ڪهڙيون باهيون.
    جن سيڻن کي پنهنجون ڌيئر ڏجن، تن سان ساڙ وير نه رکجي.
    “ڏني ڄائي، ڇٽي وائي.” [سيڻن سان، ڏند نه ڏجي].
    (409) جنهن اُڀرندي تاءُ نه ڪيو، سو اُلهندي ڇا ڪندو؟
    جنهن ننڍي هوندي يا وقت سر ٻُوٽو نه ٻاريو، سو پوءِ ڇا/ ڪهڙو سوجهرو ڪندو؟
    (410) جنهن تن لڳي، سو تن ڄاڻي.
    جنهن جي تن سان ڪا تار لڳل هوندي، ڪل تنهن کي پوندي.
    (411) جتي باهه ٻري، تتي سيڪ اچي.
    (412) جتي باهه ٻري اتي جاءِ جلي، پاڙيوارن ڪهڙو سيڪ؟
    C.f. The wearer knows where the shoe pinches him.
    (413) جنهنجو جو ڪم سو ئي ڪري، ٻيو ڪري ته گهاٽو ڀري.
    هڪڙي ڀٽ ڪنهن واپار ۾ سؤ روپيا سيڙايا، ته ستر رپين جو گهاٽو پيس. مراد ته جنهن ڪم جو جنهن کي آزمودو هجي، سو ڀلي اهو ڪري، ٻيو نه ڪري.
    (414) جسڪا ڪام تسڪو ساجي، اور ڪري تو ٺينگا باجي.
    C.f. Every man to his trade.
    (415) جنهنجي واٽ نه وڃجي، تنهنجو پنڌ به نه پڇجي.
    جنهن ڪم يا ماڻهوءَ سان واسطو نه رکڻو هجي، تنهنجو ذڪر (ساک يا گلا) به نه ڪجي.
    C.f. That which will not be spun, let it not come between the spindle and the distaff.
    (416) جنهن جي وڃجي گهر، تنهن جي ڪجي پر.
    جنهن جي گهر وڃجي، تنهن جي پر (ريت) ڪجي يعني انهن جي دستور موجب هلجي. مطلب ته؛ هنڌ ڏسي، هلت ڪجي.
    (417) جهڙو ديس، تهڙو ويس.
    (418) جهڙو راءُ، تهڙي رهت.
    (راءُ=راجا، رھت؛ رعيت).
    (419) جهڙو لڳي واءُ، تهڙي ڏجي پٺ.
    (420) جهڙو سمر، تهڙي سامگري.
    (421) ڌيئڙي سو ڪر، جو ڏٺءِ ماءُ گهر، ننهڙي سوڪر، جو ڏٺءِ سس گهر. (زنانو).
    (422) واءُ ڏسي، گاهه به نمي.
    (423) هڪ ٽنگيي جي ملڪ ۾ وڃجي، ته ٻي ٽنگ کڻي لڪائجي.
    C.f. When you are at Rome, do as Rome does.
    (424) جنهن جي ويلا، تنهن جي رکيا.
    ويلا معنيٰ وقت. رکيا معنيٰ بچاءُ، سنڀال. مطلب ته جنهن جي واري (صاحبي يا حڪومت) هجي، تنهن جو خير گهرجي.
    (425) جنهن جي هيڪار ڪيائين ڪوڙي ٿئي، تنهين تي ٻيهار، سچي ساک نه وسهان.
    هڪواريءَ ڪنهن جي ڳالهه ڪوڙي نڪتي ته ٻئي ڀيري سندس سچي ڳالهه تي به اعتبار نه ايندو.
    C.f. A liar is not believed when he speaks the truth.
    (426) جنهنجي هٿ ۾ ڏوئي، تنهنجو مٽ هر ڪوئي.
    جنهن جي جي هٿ ۾ ڏوئي يا ڪيوي (ديگ ورهائڻ واسطي) آهي، تنهن جو سڀ ڪو مائٽ آهي. سڀ ڪو اچي لڳندس ته مون کي ديڳ مان داڻا ڏي. مطلب ته؛
    (427) بيٺل جو، سڀڪو يار.
    ڀيٽيو:
    (428) جتي ماکي، تتي مک.
    C.f. A full purse never lacks friends.
    (429) جنهن ساس ڏنو آهي، سو گراس به ڏيندو.
    جنهن ڌڻيءَ ساهه ڏنو آهي، سو گرهه (کاڌو) به ڏيندو.
    مطلب ته ڌڻي رازق يا روزي رسائڻ وارو آهي. “نوڪري نه ملڻ ڪري ارمان نه کاءُ. جنهن ساس ڏنو آهي، سو گراس به ڏيندو”.
    (430) جني ڏاند نه ٻج، تني سندس آسرو، اول رسائي انهن کي پوءِ اڀاري سج.
    (431) سر سر رزق، سنباهي ٺاڪر.
    C.f. God never sends mouths, but he sends meat with them.
    (432) جني ڀؤُ، تني ڍءُ.
    يا چون؛ “جيترو ڀؤُ، تيترو ڍءُ”.
    ڪي بي ڊپا ٿي، رشوتون وٺن ۽ ٻيا کوٽا ڪم ڪن، جنهن ڪري پنهنجي نوڪري ۽ آبرو وڃائين، پر جي ڊڄي ڪنبي بلڪل قاعدي موجب هلن، سي سکي روٽي کائي، پيٽ ڀرين ٿا.
    ڀيٽيو:
    (433) جيترو قاعدو، تيترو فائدو.
    C.f. Fear is one part of prudence.(2) Fear begets care.
    (434) جني ڪاڻ ڪيم لائي چائي، سي نه ٿيم سُورن ڀائي.
    لائي چائي ڪرڻ يعني هڪڙي جي ڳالهه ٻئي کي ٻڌائي، جهيڙو لڳائڻ. مطلب ته جن لاءِ لاين چاين جھڙا کوٽا ڪم ڪيم، تن جو اڄ اهو حال آھي جو منهنجي سُورن ۾ ڀائيوار يا ڏک ۾ مددگار نٿا ٿين، يا ڪم نٿا اچن. ناخلف پٽ يا بيوفا دوست لاءِ ارمان ظاهر ڪندي ائين چون.
    (435) جني ڪاتر ڪوڙ ڪمايم، ڪم نه ساڳيا سيئي آيم.
    (436) جني ڪاڻ مياس، سي ڪلهي ڪانڌي نه ٿيا.
    جن لاءِ مون پاڻ ماري وڌو يعني جنهن جون تڪليفون ڪيم، سي اڄ منهنجا ڪلهي ڪانڌي يعني همراهه نٿا ٿين.
    (437) ڪني جي ڪاڻ، ڳئون چاريم ڳوٺ جون.
    (438) ڪڏهن هاڙھي هياس، اڄ ڀِچان ڀيچي ڪو نه ٿئي.
    راند ۾ هڪڙو هاڙھي/اڳواڻCaptain ته ٻيا سندس ڀيچي. يعني ڪڏهن آءٌ سندن اڳواڻ هوس پر اڄ همراهن مان ڪو به نه همراهه.
    (439) جني مٿي مامرا، سي ڪيئن ننڊون ڪن؟
    جن جي مٿان معاملا (وڏيون جوابداري جون ڳالهيون)، تن کي سک ٿي سمهڻ (غلفت ڪرڻ) نه گهرجي.
    C.f. It is not for a man in authority to sleep a whole night.
    (440) جني منجهه مڻيا، سي لڪا وتن لوڪ ۾.
    جن منجهه مڻيا (جوهر) آهي يعني جي ڪامل درويش يا هر طرح لائق انسان آهن، سي لوڪ کان لڪندا وتن يعني پنهنجي گڻ جي ڏيکاري نٿا ڏين.
    C.f. Full many a flower is born to blush unseen, and waste its sweetness on the desert air (gray).
    (441) جوا هارائڻ واري جو اڌ منهن ڪارو، کٽڻ واري جو سڄو منهن ڪارو.
    هارائيندڙ وري سنڀالي راند ڪندو، جنهنڪري ان کي ٿوري لعنت هنئين اٿن. کٽندڙ لالچ سببان وري وري جوا ڪندو، تنهن ڪري هن کي گهڻي لعنت هنئين اٿن.
    (442) جو ڊوڙندو، سو ٿڪبو.
    مطلب ته خرچ يا ڪم ۾ اُٻهرائي گهڻي تائين نه هلندي.
    C.f. He that runs fast will not run long.
    (443) جوَ ڍيري، گڏه رکپال.
    جوَ ڍيري يا ڍڳي ڪري، گڏهه کي چئبو ته رکپال يا نگهبان ٿي بيهه ته ڇا ڪندو؟ کائي ويندو. مطلب ته امانت جهڙو ڪم ڪنهن خيانت واري (ٺڳي ڪندڙ) جي ذمي ڇڏبو ته پئسا ئي پاڻيءَ ۾. هڙ ئي هلاک. رقم ئي توبري ۾.
    C.f. give the cat the cream to keep.
    (444) جهڙا رُوح، تهڙا ختما.
    ختمو معنيٰ پڇاڙيءَ جي دعا (مئل ماڻهو لاءِ). ڏسو؛ “ختمو ڏيڻ”. ڪو چڱو مڙس ٿي گذريو هوندو، ته هينئر به وڏي دل سان دعا ڪبيس، نه ته سندس لاءِ دل مان دعا به اهڙي نڪرندي.
    (445) جهڙا ڪانگ، تهڙا ٻچا.
    مطلب ته بڇڙن جو اولاد به بڇڙو.
    (446) اٺوءَ جي آڪهه ئي هڪڙي.
    (447) جهڙي ٻني تهڙو ٻج، تنهن جي سلي ڀر به ڊڄ.
    (448) جهڙي تاڃي تهڙي پيٽي، جهڙي ماءُ تهڙي ٻيٽي.
    (449) جهڙي مائي، تهڙي ڄائي
    ]ڄائي =ڌيءَ[.
    (450) جهڙي ڇالي تهڙي پني، هن لاهي هن کي ڏني.
    (451) کوڙيءَ کي گهمرو.
    C.f.(1) Such a father, such a son.
    (2) A chip of the old block
    (452) جهڙو اَن، تهڙو من.
    جهڙو کاڌو کائبو، تهڙو من تي اثر ٿيندو.
    (453) جهڙو ٻُوٿ، تهڙي چماٽ.
    ڪو گٿل يا اڍنگو ڳالهائيندو ۽ اڳلو اهڙو کتو جواب ڏيندس جو وڄائي ڇڏيندس، ته ائين چئبو.
    ڀيٽيو:
    (454) جهڙو منهن، تهڙو موچڙو.
    (455) جهڙو حال حبيبان، تهڙو پيش پريان.
    جڏهن ڪو پريتوان ڪجهه رقم يا شيءِ گهري، تڏهن جيڪا ٿوري گهڻي هجي، سا هن کي ڏيئي، ائين چون. مطلب ته جيڪي اٿم سو اوهان پيارن جي اڳيان حاضر آهي.
    ڀيٽيو:
    (456) حال پريان نال.
    (457) جهڙو وڻ تهڙو ڦر.
    وڻ سٺو يا خراب، ته ميوو به اهڙو ئي ٿيندو. ڏسو .445.
    ڀيٽيو:
    (458) جنهن جو بڻ بڇڙو، تنهن جو ميوو مٺو نه ٿئي.
    C.f. Such is the tree, such is the fruit.
    (459) جهڙي ڀت، تهڙو چٽ.
    چٽ يعني نقش. جهڙي دل هوندي، تهڙا سنسڪار يا لڇڻ پرائبا.
    (460) جهڙي پوک پوکبي، تهڙي لڻبي.
    چڱن ڪمن مان چڱو ۽ بڇڙن مان بڇڙو نتيجو نڪرندو.
    ڀيٽيو:
    (461) جوَ پوکي، ڪڻڪ ڪو ڪو نه لڻندو.
    (462) ڪرند پسند، ڏيند لهند.
    ]جهڙا ڪم ڪبا تهڙو نتيجو ڏسبو. جيڪي ڏبو، سو لهبو[.
    (463) جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي.
    C.f. As you sow, so you must reap.
    (464) جهڙي سٺ، تهڙيون ٽي ويهون.
    مطلب ته ڳالهه مڙيائي ساڳي. جيئن؛ تائين، تڪ، تيترو.
    ڀيٽيو:
    (465) جهڙا اڍائي، تهڙا ساڍا ٻه.
    C.f. Six of one and a half dozen of the other.
    (466) جيترا وياءَ، تيترا هيانءَ.
    مائٽ کي جيترا ٻار اوتريون دليون آهن. سڀني تي هڪجهڙو پيار.
    (467) جيڏا اُٺ، تيڏا لوڏا.
    عهدو جيترو وڏو، تيتري جوابداري يا تڪليف وڌيڪ.
    C.f. High winds blow on high hills.
    ڀيٽيو:
    (469) ايندو سڀڪو ڏسي، ويندو ڪو ئي نه ڏسي.
    C.f. A great ship have deep water.
    (470) جيڏو پٽ، تيڏي بکيا.
    پٽ يعني ڪشتو، جنهن ۾ فقير بکيا وٺن. مطلب ته ڌڻي سڀ ڪنهن کي سندس قدر سارو رزق ٿو رسائي. جهڙو؛ هاٿيءَ کي مڻ ۽ ڪيليءَ کي ڪڻ.
    (471) جيري لاءِ ٻڪري نه ڪهجي.
    پنهنجي ٿوري فائدي لاءِ، ٻئي جو گهڻو نقصان نه ڪجي.
    C.f. He sets my house on fire only to roast his eggs.
    (472) جيسين ڍائو ساهه کڻي، تيسين بکئي جو ساهه وڃي.
    يا “جيسين ڍائو مٿو کنهي، تيسين بکئي جو مٿو وڃي”.
    مٿو وڃي يعني مري. مثلاً جيستائين ڪو وڏو ماڻهو ڪنهن غريب کي نوڪري وٺي ڏيڻ لاءِ سنڀري، تيستائين غريب بک ۾ مري.
    (473) جيسين للو کڻي لٺ، تيسين ڪرهه اُجهاڻي.
    ]جيستائين ڪو لٺ کڻي سنڀري، تيستائين معاملو پورو ٿي وڃي [
    C.f. One man’s breath is another man’s death.
    (474) جيڪا ڌاريان ٻڪري، تنهن لمندا ڪن.
    جيڪا ٻڪري پاليان تنهنجا ڪن پيا لڏن يا لپ لپ ڪن. جيڪر نوڪر بيهاريون تنهن ۾ هڪڙو نه ٻيو عيب.
    (475) جيسين ساس، تيسين آس.
    بيمار ۾ جيستائين ساهه آهي، تيستائين سندس ڇٽڻ جو آسرو آهي. ٻي معني ته ماڻهو جيستائين جيئرو آهي، تيستائين آسون اُميدون ڪين ڇڏيندو.
    C.f While there is life there is hope.
    (476) جيڪي ڪري گيهه، سو نه ڪري ماءُ پيءُ.
    مطلب ته گيهه وڏي طاقت واري شيءِ آهي. اهڙي طاقت مائٽ ڏيئي ڪين سگهندا.
    ڀيٽيو:
    (477) اَن وڌائي اوجهري، گيهه وڌائي کوپري.
    (478) جيڪي کوهه ۾ هوندو، سو آنهن ۾ پوندو.
    کوهه ۾ پاڻي مٺو هوندو، توڙي کارو. ته اهو آنهن (حوض trough) ۾ پوندو. مطلب ته جنهن ۾ جيڪو لڇڻ هوندو، سو اهو ظاهر ڪندو.
    ڀيٽيو:
    (479) جيڪي ڪني ۾ هوندو، سو پاٽ ۾ پوندو.
    C.f. Nothing comes out of the sack, but what was in it.
    (480) جيڪي هوندو ڀاڳ ۾، سو وهي پوندو پاڳ ۾.
    مطلب ته نصيب ۾ جيئن لکيل هوندو تيئن ٿيندو.
    (481) جيءُ خوش ته جهان خوش.
    پنهنجو جيءُ خوش آهي ته پنهنجي ليکي ته سارو جهان خوش آهي؛ نه ته ڪجهه به مٺو نه لڳندو. “هن بيمار کي توهان جون اهي ڳالهيون ڪٿان وڻنديون. جيءُ خوش ته جهان خوش”.
    ڀيٽيو:
    (482) آپ سکي ته جڳ سکي.
    C.f. Sickness tells us what we are.
    (483) جيئڻ ڀلو آهي اُن جو، جو جيئي ٿو ٻين لاءِ. مرڻ ڀلو آهي اُن جو، جو جيئي ٿو پاڻ لاءِ.
    مطلب ته سڦلي حياتي اها جا ٻين جي ڀلي ڪرڻ ۾ گذارجي.
    ڀيٽيو:
    (484) پيٽ، ڪتا به پيا پاڙين.
    C.f. He is unworthy to live, who lives only for himself.
    (485) ڄڀ جي ترڪڻ کان، پير جو ترڪڻ چڱو.
    گٿل ڳالهائڻ مان وڏي خرابي، تنهنڪري انهيءَ کان پير ترڪي (ٿاٻو کائجي ۽ ٿورو ايذاءُ اچي) ته اهو وڌيڪ چڱو.
    C.f. Better the foot slips than tongue.
    (486) ڄڱر ۽ ڄار، اگهه مڙيوئي هڪڙو.
    ڄڱر، جنهن ۾ ڄاڱوري ٻير ٿين، تنهنجي ڪاٺي مضبوط ۽ مهانگي. ڄار، جنهن ۾ پيرون ٿين، تنهنجي ڪاٺي ڪچي ۽ سستي. جڏهن ڪو اُچي ۽ سادي، لائق ۽ نالائق جي وچ ۾ ڪو فرق نه رکي، ته ائين چون.
    ڀيٽيو:
    (487) ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا.
    (488) رڍون مڙيئي ڪارَ-ٻوٿيون!
    C.f All cats are alike grey in the night.
    (489) ڄمندي ڄام، ڪو ڪو نه ٿيندو آهي.
    ڄمڻ سان ئي حاڪم (اُستاد يا ڪاريگر) ڪو ڪو نه ٿيندو آهي. مطلب ته هر ڪو ٿورو ٿورو سکي ٿو، پوءِ قابل ٿئي ٿو.
    ڀيٽيو:
    (490) ماءُ پيٽان ڪو سکي ڪو نه ايندو آهي.
    C.f No man is his craft’s master the first day.
    (491) جهجهي هوند، جهجهو فڪر.
    جن وٽ ڌن گهڻو، تنهن کي فڪر به گهڻو ته متان ڪو ڦرين.
    ڀيٽيو:
    (492) جتي گنج، تتي رنج.
    يا. گهڻو مال، گهڻو وبال.
    C.f. Much coin, much care.
    (493) جهنگ، پنهنجا رنگ.
    جهنگه جو رنگ (نظارو) پنهنجو آهي(شهرن جو پنهنجو). ٻهراڙين جي نظارن ۽ فرحتن جي ساک ڪندي ائين چون.
    C.f. God made the country, and man made the town.
    (494) جهيڙو کهه پيو جهيڙو، جهيڙو ته گلي جو هار جهيڙو.
    جهيڙو کڏ ۾ پوي (نه ڪجي). پر جيڪڏهن معاملو يا بحث مباحثو ڪرڻو پوي، ته گلي جو هار (پياري شيءِ) ڪري سمجهجيس. يعني اهڙي مڙسي يا قابليت ڏيکارجي، جو اڳلو سمجهي، ته ڪنهن مڙس سان ڪم پيو هوم. ڏسو.15
    C.f. Beware of entrance to a quarrel, but being in bear it that the oppose may beware of thee.
    (495) چاڪريءَ چور، نيوالي حاضر.
    جيڪو چاڪريءَ يا خدمت (ڪم ڪرڻ) مهل چورن وانگر ڀڄي يا ڪم کان نٽائي؛ پر نيوالي يا گرهه (کائڻ) مهل حاضر ٿئي، تنهن لاءِ ائين چون.
    ڀيٽيو:
    (496) کائڻ مهل کرو، ڪم مهل ٻرو.
    (ٻرو: تپ)
    (497) کائڻ وير مڙس، هاج وير ڇوڪر.
    C.f (1) To quake at doing and sweat at eating.
    (2) Be not fast to feast and leave to labor.
    (498) چاڪريءَ ۾ آڪڙي ڇا جي؟
    نوڪري ڪرڻي هجي ته پوءِ آڪڙ نه ڏيکارجي.
    (499) چانڊيا چور، شابڙاڻي شاهد.
    چانڊيا ۽ شابڙاڻي، ذاتين جا نالا. ڪو ماڻهو چوري يا ٻيو ڪو کوٽو ڪم ڪري ۽ سندس ڪو سنگتي چوي ته هي ويچارو برابر بيڏوهي، ته ائين چون. هن مراد سان ته ٻئي ملتي آهيو، تنهنڪري تنهنجي ڳالهه تي اعتبار ڪونهي.
    ڀيٽيو:
    (500) چورن جا ڀائر، ڳنڍ ي ڇوڙ.
    C.f Ask my companion if i am a thief.
    (501) چريءَ کي چوڙو، ڪڏهن ٽنگ ۾ ڪڏهن ٻانهن ۾.
    بيعقل ڪڏهن ڪهڙن ته ڪڏهن ڪهڙن پورن ۾، (تنهن ڪري هن جو خيال نه ڪجي يا ساڻس مٿو نه هڻجي).
    ڀيٽيو:
    (502) چرين جا پور مٿي جا سور.
    (503) چرين ڪهڙا چت مئَن ڪهڙا مامرا.
    (مامرا: معاملا)
    (504) چريا، “ڪئَن”؟ چي ويران وير وڌ.
    (505) چريا ڏيئي چار، واڇان وٺجي هڪڙي.
    (506) چريا چرين گڏيا، عيد مبارڪ!
    C.f Mad folks are not to be argued with.
    (507) چريو ته به گهر ڏي وريو.
    ڪو بيوقوف هوندو ته به پنهنجي مطلب جي ڳالهه ڳڻيندو.
    (508) چري آهي، چڪي آهي، پنهنجي پهه تي پڪي آهي.
    (509) سڀڪو پنهنجي ڏر تي ڏاهو آهي.
    (510) ڪو چريو ته به ڀتر اُڇلي گهر ڏي.
    C.f Even fools sometimes speak to the Purpose..
    (511) چڱائيءَ کي چار، ڳڻي هڻجن موچڙا.
    اکري معني چڱائي لاءِ پادر ڳڻجي ٿا لڳن. ڪنهن سان چڱائي ڪجي ۽ هو اُٽلندو شوخ پئي ته ائين چون 282.
    C.f. Kindness is lost upon ungrateful man.
    (512) چڱن جي چڱائي، پوءِ به پيئي ڳائبي.
    چڱا مڙس مري ويندا ته به ماڻهو سندين ساک پيا ڪندا.
    C.f. Good men must die, but death cannot kill their names.
    (513) چڱو ڀلو کائي اَن، نا چڱو کائي ڌن.
    بيماريءَ تي خرچ ٿين ٿا، تنهنڪري بيمار ڄڻ ته ڌن ٿو کائي.
    C.f. Diseases are the tax on pleasure.
    (514) چلهه تي، سو دل تي.
    جو کائڻي پيئڻي گڏ ] سدائين ساڻ[ هوندو سو ياد پوندو.
    (515) چلهه کان دوُر، سو دل کان دوُر.
    (516) سيئي سڳا سيڻ، جني پکا اوڏڙا.
    ] اوڏڙا = گهر ويجها [
    (517) ڀت پيئي، وٿ پيئي.
    (518) ڪنڌيون پار، قنڌارون پار.
    قنڌارون پار يعني درياه جي ڪنڌيءَ جي پرينءَ ڀر. ] پاڻ کان پري [ سو قنڌار کان به پري.
    C.f. Out of sight, out of mind.
    (519) چنڊ کي ڏهي، پوءِ سڄي پاڳ.
    نئون چنڊ ڏسي، پڳ مان ڏهي ] ڌاڳو يا تند [ ڇني، اُن ڏي اُڇلبي ته اُنجو ثواب وڏو؛ پوءِ سڄي پڳ اُڇلبي ته به اهو ثواب نه ملندو. مطلب ته وقت سر ٿوري مدد يا صلاح پوءِ جي گهڻي کان بهتر آهي.
    C.f. Better one world in time than two afterwards.
    (520) چور کي، پنهنجو ڪيتو پيو کائي.
    کوٽن ڪم ڪندڙن کي وويڪ يا ضمير پاڻ مرادو پيو وڍ وجهندو.
    C.f. A guilty conscience needs no accuser.
    (521) چونڊيندي چور، وڃي بيٺا ککڙين تي.
    ڪن چورن ڪٿي چوري ڪندي ٻيا مال ڇڏي، ڳولي ڳولي هڪ ننڍڙي هڙ، موتين جي سمجهي کنئَين؛ پر پوءِ وڃي ڏٺائون ته اُن ۾ کوکڙا پيل هئا! ڪو مائٽيءَ وغيره جي چڱي چونڊ نه ڪري ته ائين چون.
    C.f. You fish fair and catch a frog.
    (522) چوڻ ۽ ڪرڻ ۾، وڏو ڦير آهي.
    چوڻ سٿرو آهي، پر ائين ڪرڻ ڏکيو آهي.
    (523) چوڻيءَ هر ڪو چئي، کرو ڪو رهڻيءَ رهي.
    C.f. Saying and doing are two things.
    (524) ڇوڪراڻي پوتي، ڪنهن نه ڌوتي.
    ڇوڪرن يا ٻارن کي ڀرم شرم يا مان شان جي سڌ نه پوندي. تنهنڪري بيعقليءَ جي هلت ڪندا ۽ انهيءَ ٻاراڻي ڳالهه ۾ ڪنهن به سياڻي کي پوڻ نه گهرجي.
    (525) ٻار نيٺ به ٻار.
    يا “ٻار، ٻار ٿي ڇٽندا”.
    (526) ٻار ٻاراڻي ڪئي، تون ڏس پاڻ ڏي.
    C.f Boys will be boys.
    (527) حجتي، لعنتي.
    يا. گهڻي حجت، گهڻي لعنت.
    ڪنهن تي گهڻي حجت هلائبي ته قرب ويندو ۽ اڳلي ۾ ڌڪار جاڳندو.
    C.f Too much familiarity breeds contempt.
    (528) حلوي حلوي چوندي، وات مٺو نه ٿيندو.
    هڏ نه هلائبو ۽ رڳو زبان سان سڌ ڪبي، ته مطلب نه ٿيندو.
    (529) ان پاڻي جي نانءَ سان، بک اُڃ ڪين لهي.
    (530) ننگر پهچي ڪونه ڪو، بنا پنڌ ڪئي.
    C.f The belly is not filled with fair words.
    (531) حمائتڻ گڏهه، عراقڻ کي اِٽيون هڻي.
    گڏهه کي ڪا حمائتڻ يا مدد ڪندڙ هوندي، ته عراق شهر جي اصيل گهوڙيءَ کي لتون هڻندي. نالائق کي ڪا پشت هوندي ته ڪنهن اشراف سان جهڳڙندي دير نه ڪندو.
    (532) حيلي رزق، بهاني موت.
    روزگار جو رستو ڪنهن حيلي يا اُپاءَ سان کلندو ۽ موت لاءِ به هڪ نه ٻيو بهانو ] بيماري سيماريءَ[ جو ٿي ايندو.
    C.f Death always finds an excuse.
    (533) خرچ کاءُ، ڏئي شاه.
    خيرات بلي خرچ ۽ تون به کاءُ، ته ڌڻي سڀڪي ڏيندءِ.
    “چک ڊال مال ڌن ڪو، ڪوَڙي نه رک ڪفن ڪو،
    جس ني ديئا هئي تن ڪو، ديگا وهي ڪفن ڪو.”
    C.f. Give and spend, and god will send.
    (534) خرخسو نه خالي، آڌيو نه ته پائلي.
    خرخسو ]خرخشہ[ يعني هل بکيڙو يا گوڙ خالي ]سکڻو يا اجايو[ نه چئبو؛ آڌيو نه، ته پائلي ملي. ڪنهن ڳالهه لاءِ ڌنئَجي ۽ ڪجهه ملي ته ائين چئبو.
    (535) دال روٽي کاڌي ڌن کٽي ته کٽڻ ڏي.
    واجبي خرچ ڪندي ڪو کٽو، ته مٿس ميار ڪانهي.
    (536) ڏندڻ ڪندي ڏند گسن ته گسڻ ڏي.
    (537) ڦڻي ڏيندي وار کسن ته کسڻ ڏي.
    (538) سچ چوندي يار رسن ته رسڻ ڏي.
    (539) دائي کان پيٽ ڳجهو ڪونهي.
    جو ڪنهنجي حال مان پوري طرح واقف هوندو، ته ائين چوندو.
    (540) درياه ڀر تي ڇوڪر ڪڏي اڄ نه ٻڏي سڀان ٻڏي.
    درياه جي ڪنڌي تي ڪو ڇوڪرو راند ڪندو، ته هڪ نه ٻئي ڏينهن ٻڏندو. مطلب ته کوٽن ڪمن جو نتيجو نيٺ ڏسبو.
    (541) نالو جيئو، هٿ وجهي نانگن جي ٻر ۾، سو به نه جيئو.
    C.f. Those who play with edged tools must expect to cut themselves
    (542) دک بنا سک، ڪونهي.
    پنهنجي ديهه کي دک ] تڪليف [ ڏبي، تڏهن سک ماڻبو.
    (543) رنج بنا گنج، نه ٿئي.
    ] گنج= خزانو، جهجهو مال [
    C.f. No gains without pains.
    (544) دک ۾، سڀڪو هر ڀڄي.
    دک جي مهل سڀڪو هري جو ڀڄن] ڌڻي جي عبادت [ ڪري ٿو.
    C.f. The chamber of sickness is the chaple of devotion.
    (545) دل کوٽي ته عذر گهڻا.
    جنهنجي دل کوٽي هوندي (ڪم ڪرڻ تي نيت نه هوندس) تنهن وٽ بهانن جي کوٽ نه هوندي. هڪ نه ٻيو بهانو ڏيندو.
    (546) دل سوڙهي نه هجي، ته جاءِ سوڙهي نه چئجي.
    C.f Where there is a will, there is a way.
    (547) دولت، نهن کان ماس وڇوڙي.
    نهن کان ماس وڇوڙي معني سڳا مائٽ ڌار ڪري. مطلب ته ناڻي جي ڪري پيءُ پٽ کان ۽ ڀاءُ ڀاءُ کان وڇڙي ٿو.
    C.f Money is the sinew of love, as well as of war.
    ڀيٽيو:
    (548) مايا ڇلڻي آهي.
    ڇلڻي =ڀنڀلائيندڙ
    (549) دير پيا، درست ٿيا.
    جنهن ڪم ۾ دير پوندي، سو پاڻيهي ڌڻي راس ڪندو.
    C.f. He winneth that waiteth.
    (550) ڌرت پڙيئي، ڌرم نه ڇوڙيئي.
    ڌرتيءَ ۾ پئجي وڃجي ] مري وڃجي [ ته به پنهنجو ڌرم ڪرم، فرض يا نيڪي نه ڇڏجي. “ٿوري جيئڻ واسطي ڇو ڪوڙ ڳالهايان؟ ڌرت پڙيئي، ڌرم نه ڇوڙيئي”.
    C.f Do what you ought, come what may.
    (551) ڌن هجي ڌوڙ ۾، ته چمڪا ڏئي نور ۾.
    ڪنهن پنهنجو ڌن ڌوڙ ] کڏ [ ۾ پوريو هوندو، ته به سندس لڇڻ مان سندس شاهوڪاري پڌري ٿيندي. ڏسو.106.
    (552) ڌنئري ۾ ڪي هيو ته ڌڻين ڪين ڇڏيو.
    فائدي يا گڻ واري شيءِ هجي ته مالڪ جيڪر ڪين ڇڏين.
    (553) ڌڻ ته ڌڻي.
    مطلب ته گهر ته گهر ڌياڻي، ٻار ته مائٽ، ڪارخانو ته سيٺ، جو سنڀال لهي؛ نه ته جهڳو ئي جهڻ.
    ڀيٽيو:
    (554) ڌڻي ري ڌڻ سڃو، ڌڻ ري سڃو ڌڻار.
    C.f What is an army without a general?
    (555) ڏاڍو سو گابو.
    جيڪو ڏاڍو سو مڙس هوندو، سو زور ٿيندو( ٻين کي ماري ويندو).
    (556) ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، جيڏانهن ڦيرائي تيڏانهن سنيئن.
    (557) سٻر سان سينئن ڪبي ڪيئن، چوندو جيئن ٿيندو ٿيئن.
    سٻر= ڏاڍو. سينئن =حد. ]ڏاڍي سان حد جو ورهاڱو ڪبو ته سندس مرضيءَ موجب فيصلو ٿيندو [
    C.f. Might overcomes right.
    (558) ڏاهو ڪانءُ، ٻه جنگهو ڦاسي.
    ڪانءُ گهڻو ئي سياڻو، پر ماري ڦاهي اهڙي ڊول سان منڊين، جو ڪانءَ جون ٻئي ٽنگون اُن ۾ ڦاسن. اجائي سياڻپ ڪري ڪو ڪنهن ڳالهه ۾ چؤکنڀو ڦاسي ته ائين چون.
    C.f. He who is too wise, become a fool.
    (559) ڏٻري ڍور کي، مڇر گهڻا.
    ڪنهن ماڻهوءَ کي هڪ نه ٻي بيماري نه ڇڏي ته ائين چون.
    C.f A lean dog gets many fleas.
    (560) ڏٻري جو ڌڻي، سويرو پلاڻي.
    ڏٻري وهٽ جو مالڪ، سويل ئي پنهنجو وهٽ پلاڻي پنڌ پوندو، ته وقت سر وڃي گهر پهچندو. ڪو ضعيف يا منڊو، ٻين کان اڳڀرو نڪرندو تڏهن مس ٻين سنئون پهچندو.
    C.f. A lame traveler should get out betimes.
    (561) ڏٺو سڀ وسار، اَڻ ڏٺي کي ياد ڪر.
    ڏٺو يعني هيءَ دنيا، جا اکين سان ڏسجي ٿي. اڻ ڏٺو يعني ڌڻي جو هنن اکين سان ڪنهن جي ڏسڻ جو نه آهي. جڏهن ڪو گذريل وقت جي دکن سکن جون ڳالهيون ڪري، ته ائين چون، ته اهي ڳالهيون وساري ڌڻيءَ کي ياد ڪر.
    ڀيٽيو:
    (562) رام سمر، جڳ لڙني دي.
    (563) ڏجي نه، ته ڏکوئجي به نه.
    سواليءَ کي ڪجهه نه ڏجي، ته دل به نه ڏکوئجيس. گارين سان.
    (564) ڏچر گهوڙو، سچر زال، ٻئي کڏ پيا.
    گهوڙو جو برابر نه چري (کائي) ۽ زال جا سدائين پيئي چر چر ڪري (کائي) اهي ٻئي کڏ پيا. زال ذات کي چٽو چڱو نه.
    (565) ڏڌو کير، ٿڻن ۾ نه پوي.
    گانءِ، مينهن وغيره جو کير ڏهبو ته موٽي ان جي ٿڻن ۾ ڪين پوندو. جو ڪم هٿان ويو، سو وري هٿ نه ايندو.
    ڀيٽيو:
    (566) کٿي ڏاڙهي هٿ نه اچي.
    C.f. What is done cannot be undone.
    (567) ڏنو ٻنو آهي.
    ڏنو يعني خيرات. ٻنو يا جهلو (مصيبتن لاءِ) آهي. يعني خيرات ڪرڻ جي ڪري مصيبتون ٽريو وڃن.
    (568) ايڪ ديوي، دس پاوي.
    (569) ڏه دنيا، ستر آخرت.
    (570) ڏنو ٿئي نه ڪنو؛ پوک ڪڻو، ته ٿئي گهڻو.
    (571) ڏي ته ڏيئي، سلو سائو ٿئيئي.
    C.f (1) Alms are golden key that opens the gate of heaven.
    (2) the hand that gives gathers.
    (572) ڏنو ڏاڻ مئَو پٺاڻ، ورائي وٺي بي ايمان.
    ڪنهن کي ڪجهه بخشش ڏيئي موٽائي وٺڻ بي ايمان جو ڪم.
    C.f Give a thing and take again, and you shall ride an hell’s wain.
    (573) ڏني جو پٽ ڇٽو.
    يا. ڏنو پٽ ڇٽي جو.
    ڏنو ۽ ڇٽو نالا؛ مطلب جنهن قرض ڏنو سو آزاد چئبو.
    C.f. Out of debt, out of danger.
    (574) ڏوڏي کي به پتو آهي.
    ڏوڏي جو پتو [رنگ جو سائو] کائبو ته ڇاتي پيئي سڙندي.انسان کي پتو يعني دل آهي تنهنڪري وقت تي ساڙ لڳندس.
    C.f. even a fly hath its spleen.
    (575) ڏئي مٿيون، پر ڪنهن جي هٿون.
    سڀني کي ڏيڻ وارو ] ڌڻي [ آھي پر ڪنهنجي معرفت ڏئي ٿو.
    (576) ڏيسا چال، ڪلا ڌرم.
    ديس يا ملڪ جي چال (ريت رسم) پنهنجي ڪل (ڪٽنب) جو ڌرم يا فرض سمجهجي يعني ان موجب هلجي.
    ڀيٽيو:
    (577) ڏڌ ولوڙجي مانڌاڻيءَ، مکڻ وهي لاٽ، چريا سي چئجن، جي ڇڏين اباڻي واٽ.
    C.f. Conform to common custom, and not to common folly.
    (578) ڏينهن جو ڪوُڙو ٿجي، رقم جو ڪوُڙو نه ٿجي.
    ٺهرايل مدي کان پوءِ رقم پهچائڻ ڪري ڏينهن جو ڪوڙو ٿبو. پر ماڳهين رقم الي وڃجي، تنهن کان اها دير چڱي.
    C.f Confess debt, and beg days.
    (579) ڏيڻ ڏکيو آهي.
    پنهنجو پئسو ٻئي کي ڪڍي ڏيڻ ڏکيو ڪم آهي.
    (580) ڏيڻ، ڏيهه ڇڏڻ ۽ ڏيهي ڇڏڻ (مرڻ) ٽيئي اهنجا.
    C.f. I love you well, but touch not my pocket.
    (581) ڊڄ تنهنجي ڊاءِ، جنهن جي وائيءَ ۾ ور گهڻا.
    ڦرندي گهرندي وارو يعني جنهن جي زبان هڪڙي نه آهي، تنهن کان ڊڄڻ گهرجي.
    (582) ڊڄ انهيءَ کان، جو منهن تي ڪوڙ ڳالهائي.
    (583) ڊڄ انهيءَ کان، جو کڏ تي بيهي گاريون ڏئي.
    C.f. Beware of breed; i.e. an ill-breed.
    (584) ڊني واڻئي، موُر نه لاڀ.
    خريداري توڙي وڪري مهل جو واپاري پيو ڊڄندو ته متان اگهه لهن چڙهن سو فائدو ته نه ڪڍندو، پر مور به وڃائيندو. مراد ته دل جي همٿ ڌارجي.
    C.f. Nothing venture, nothing have.
    (585) ڍنڍورا شهر ۾، لڙڪا بغل ۾.
    ٻار ڪڇ ۾ ۽ شهر ۾ پڙهو گهمايو اٿس. ڪا شيءَ اکين اڳيان هوندي به ڪو اها پيو ڳولي ته ائين چون.
    C.f. The butcher looked for his knife, when he had it in his mouth.
    (586) رات ٿوري، ساٺ گهڻا.
    رات باقي ٿوري وڃي بچي آهي ۽ وهانءَ جا ساٺ سوڻ وڌائي ڇڏيا اٿن. ڪو گهوٽ پنهنجي ڪنئار ڏسڻ لاءِ آتو هو، تنهن ائين چيو. هاڻ مطلب ته ٿوري وقت اندر گهڻا ڪم ڪرڻا پيا آهن.
    C.f. The day is short and the work is much.
    (587) رات جوُن، ڳالهيون نه پڙن.
    رات جو ڪيل ڳالهيون، بيهڪ نٿيون کائين.
    ڀيٽيو:
    (588) رات گئي، بات گئي.
    C.f. Words spoken in an evening, the wind carrieth away.
    (589) راجا اکيين ڪ ڪنين؟
    راجا نياءُ ڪندو اکين ڏٺي ڳالهه پٽاندر يا ڪنهن سان ٻڌل ڳالهه پٽاندر؟ مراد ته ٻڌل ڳالهه تي اعتبار نه ڪجي.
    C.f. One eye-witness is better than ten hearsays.
    (590) رت ڪٽورو ڏجي، تڏهن ڀت ڪٽورو ملي.
    جهجهي محنت ڪري بدن جو رت ست ڏجي ٿو، تڏهن ٿورو گهڻو روزگار حاصل ٿئي ٿو.
    ڀيٽيو:
    (591) پگهر بنا پئسو نه ملي.
    C.f. No sweet, without sweat.
    (592) رت ونگو به وري.
    ڏنگو رت به سنئون ٿيندو يعني مائٽ (ڀائر وغيره) پاڻ ۾ ٺهيل نه هوندا، ته به وقت تي هڪٻئي ڏي رڳ ڇڪيندين.
    (593) پنهنجا وري به پنهنجا.
    (594) جگر نيٺ به جگر.
    (595) توڙي ڏجي پاڻ، ته به پر پنهنجو نه ٿئي پر
    پر = ڌاريو
    (596) هڏ بنا سڏ ڪو نه ڏئي.
    ( پنهنجو ڪم ايندو).
    C.f. The blood is thicker than water.
    (597) رڌي پڪي به يا نصيب.
    رڌل پڪل طعام (ٺهيو ٺڪيو ڪم) به نصيب ٿئي يا نه.
    (598) داڻي داڻي تي مهر.
    (مهر =قسمت جو ٺپو).
    C.f. Between the hand and the lip, the morsel may slip.
    (599) رڍن اڳيان رباب، وڄائيندي ورهيه ٿيا.
    بيعقل سان ورهيه مٿو هڻبو ته به ڪين سمجهندو. ڏسو. 204
    “پئنچن هيترو پڪاريو ته به زالن ڏيتي ليتي نه ڇڏي. رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا.”
    (600) سوين سنت چون ته به ٻوڙا ٻڌن ڪينڪي.
    C.f. There is no profit in teaching a pig to play the flute.


    601 کان 912

    (601) رڪ جا چڻا، آنڊا چيرين.
    رڪ جا چڻا يعني ڏاڍي جو مال، کائبو ته نه ڦٻندو.
    C.f. He that eats the king’s goose shall be choked with the feathers.
    (602) روزن پٺيان عيدون، عيدن پٺيان روزا.
    بکن پٺيان ڍءُ، ۽ ڍءَ پٺيان بک. مطلب ته –
    (603) دکن پٺيان سک، سکن پٺيان دک.
    (604) لاهين پٺيان چاڙهيون، چاڙهين پٺيان لاهيون.
    C.f. Sadness and gladness succeed each other.
    (605) زالان ڌاوڻ، مردان کاوڻ.
    زالن کي جلد وهنجي اُٿڻ گهرجي (ستر جو تاڪيد)، ۽ مردن کي جلد ماني کائي اُٿڻ گهرجي (ڦڙتائيءَ جو تاڪيد).
    C.f. Quick at meat, quick at work.
    (606) زالون زالن جو کاڄ.
    زالن جي صحبت زالن جو قوت آهي يعني اهي پاڻ ۾ ٺهن.
    C.f. Geese with geese, and women with women.
    (607) سڀاڳن کي ڪار، نڀاڳن کي وڃڻي.
    سڀاڳا سي جي ڪم ۾ رڌل؛ ۽ نڀاڳا وڃڻا هڻن ( فرحتون وٺن).
    (608) بيڪار کان بيگار ڀلي.
    (609) بيڪار مباش ڪڇ ڪيئا ڪر، ڪپڙي ئي اُڌيڙڪي سيئا ڪر.
    C.f. Better work for nothing than be lazy.
    (610) سڀ ڪا ٻڪري، پنهنجي پائي ٽنگبي.
    سڀ ڪنهن ٻڪريءَ کي ڪاسائي سندس پير کان وٺي ٽنگي ٿو. مراد ته سڀ ڪو پنهنجو ڪيتو پاڻ لوڙيندو.
    (611) جو هٿ ڪري، سو هٿ پائي.
    (پائي = نتيجو ڏسي).
    C.f. Every herring must hang by its own head.
    (612) سڀ ڪنهن کي، پنهنجا سوُر.
    سڀ ڪو پنهنجي هڪ نه ٻئي ڏک جي ڳالهه ڳڻي ٿو.
    ڀيٽيو:
    (613) پرائي پٿر، پٽي سڀ ڪا پنهنجا.
    C.f. Every heart hath its own ache.
    (614) سڀ ڪو، ثاني شريڪ.
    سڀيئي پاڻ ۾ هڪ جهڙا ڀائر آهيون. ڪو به گهٽ ڪونهي.
    (615) ڪنهن کي گهٽ نه ڄاڻ، جي چاهين ملڻ محبوب جو.
    C.f. However wretched a fellow mortal may be, he is still a member of our common species. (Seneca).
    (616) سڀ ڪو پاڻ کي ميان مٺوُ سڏائيندو وتي.
    سڀ ڪو پنهنجي ساک پاڻ ڪري ٿو، يا پاڻ کي وڏو سڏائي ٿو.
    C.f. Every sprat now a days calls itself a herring.
    (617) سڀ ڳالهه ۾ حڪمت.
    ڪا ڳالهه ظاهري خراب، ته به اُن ۾ ڪا سياڻپ يا معني رکيل هوندي. مطلب ته ڌڻي سڀ اسان جي ڀلي لاءِ ڪري ٿو، تنهن ڪري هئن به چئون ته -
    (618) جا جوڙيائين سا واهه واهه!
    ڀيٽيو:
    (619) پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي.
    (620) جا تڌ ڀاوين، سا ئي ڀلي ڪار!
    C.f. (1) There is reason in the roasting of eggs.
    (2) There is a special providence in the fall of a sparrow.
    (621) ستي ٻلي، ڪئا ڪين ماري.
    مراد ته غفلت ڪبي ته مطلب نه ٿيندا.
    C.f. Sleeping dogs catch no hares.
    (622) ستي شينهن کي، آڱر نه ڏجي.
    بڇڙو ماڻهو سانت ۾ هجي ته نه ڇيڙجيس ( نه ته خرابي ڪندو)
    C.f. Wake not a sleeping lion.
    (623) ستين لنگهڻين، ڪتو به حلال.
    ست ويلا لنگهڻ يا بک ڪڍبي ته پوءِ حرام شيءِ به حلال ڪري ليکبي. بک مرندي نيچ پورهيو به ڪيو.
    ڀيٽيو:
    (624) اَڻ سرنديءَ، پهاڄ پيڪي.
    (625) لاچار کي، سڀ ڪي روا.
    C.f. Necessity knows no law.
    (626) سپتيو ماڻهو، پرائي مال ۾ ڀائيوار.
    سپتيو يا سچار اُڌاري سڌاري لاءِ ڪنهن وٽ ويندو ته بنا دير ائين وٺي ايندو جو ڄڻ ته اڳلي جي ملڪيت ۾ ڀائيوار هو.
    C.f. He who is a good paymaster is lord of another man’s purse.
    (627) سج؛ ٻه پاڇا.
    سج جو پاڇو ڪڏهن چڙهيل ڪڏهن لڙيل. ڪڏهن شاهوڪاري ته ڪڏهن غريبي. “دنيا دورنگي”
    (628) ڪڏهن ڀريءَ ۾، ڪڏهن ڀاڪر ۾.
    (629) ڪڏهن ماٽي مٽ تي، ڪڏهن ماٽيءَ مٿان مٽ.
    (مهاڻو مٽ تي چڙهي پلا ماري، ڪڏهن پاڻ مٽ مٿي تي کڻي.)
    C.f. Change of fortune is the lot of life.
    (630) سڄن پيٽان وڍيا، وڍين پيٽان سڄا.
    بعضي اشرافن جو اولاد نالائق ۽ نالائقن جو اشراف ٿئي ٿو.
    C.f. A good cow may have an ill calf.
    C.f. A black hen can lay white eggs.
    (631) سڄڻ سڄي ٻانهن ڏئي ته سڄي نه ڳيهجي.
    ڪو خير خواهه سڄي ٻانهن يعني سموري مدد پئسي وغيره جي ڏئي مثلاً گهرج مهل ٽه-جوڙي کولي حاضر ڪري ته سڀ پئسا نه کڻجن، پر گهرج سارو. مطلب ته ڪنهن جي مهربانيءَ جو اَڻ ٺهندو فائدو نه وٺجي. ڏسو. 17
    C.f. Do not cut board thongs out of other people’s leather.
    (632) سڄڻ هئن سنوان، مر ڏيهه ڏنگايون ڪن.
    ڌڻيءَ جي پاران شل سولي هجي، پوءِ لوڪ ڀلي حرڪتون ڪري ]ته ڇا ڪري سگهندو[
    (633) سڄڻ هجن ساڻ، ته جهنگ اندر سوني کاڻ.
    (634) ڇا جي ڏنگا ڏير، منهنجو ڏينهن ڏنگو نه ٿئي.
    (635) ڌڻي همراهه، ته ڪنهنجو نه ڊاءُ.
    ] ڊاءُ = ڊپ[
    (636) راکي رام، ته ماري ڪير؟
    C.f. (1) If God be with us, who will be against us?
    (2) Why should I fear when God is near?
    (637)سچ ته بيٺو نچ.
    سچ چوندڙ نچندو بيٺو يعني ڪين ڊڄندو.
    ڀيٽيو:
    (638) چور جي ماءُ ڪنڊ ۾ رئي.
    C.f. Truth seeks no corners.
    (639) سچ جي ٻيڙي لڏي، پر ڪڏهن نه ٻڏي.
    سچار ڪنهن وقت لوڏن ]تڪليفن[ ۾ اچي، پر ڪڏهن به خانو خراب نه ٿيندس ]انت ڪلياڻ يا نيٺ سوڀ سندس[
    ڀيٽيو:
    (640) سچي جو ٻيڙو ستڙ.
    ] ستڙ = چڱي تڙ تي، سلامت [.
    C.f. Truth may linguish but can never perish.
    (641) سچ مرچان، ڪوڙ ڳڙ.
    هن زماني ۾ سچ تان ماڻهن کي مرچ ٿا لڳن ]نٿو وڻين[ ۽ ڪوڙ ڳڙ جهڙو مٺو ٿو لڳين.
    C.f. Truths like roses have thorns about them.
    (642) سخيءَ کان شوُم ڀلو، جو ترت ڏئي جواب.
    دل جو سخي ٿي انجام ڏجن ]جي نه پاڙي سگهجن[، تنهن کان بهتر ته شوُم ]موزيءَ[ وانگر جهٽ پٽ ناڪار ڪجي.
    C.f. Bad excuses are worse than none.
    (643) سرمو سڀ ڪو پائي، پر اک اک جو ڦير.
    سرمو ڪنهن جي اک ۾ سونهين ڪنهن جي ۾ نه سونهين. مراد ته ساڳي شيءِ ڏسي سڀ ڪو، پر ڪن کي سهڻي لڳي، ڪن کي نه.
    (644) سڙي سڙي ڪنجهڻ لهي.
    يا. ٻري ٻري ڪنجهڻ لهي.
    جنهن جو اندر پيو جلندو، سو ڪنهن وقت ٻه اکر واتان ڪڍندو.
    C.f. When the heart is a- fire, some sparks will fly out of the mouth.
    (645) سڪن گڏ، آلا ٻرن.
    لچن سان گڏ اشراف بدنام ٿين يا سيکت پائين.
    C.f. Two dry sticks will kindle a green one.
    (646) سڪو ٽڪر ساءَ جو چڱو ۽ چوکو، لعنت اُنهيءَ لپيءَ کي جنهن ۾ جيءَ جو جوکو.
    لپيءَ جهڙو اُچو ۽ ڳرو طعام کائي، پنهنجي جند جوکي ۾ وجهجي ]بيمار ٿجي[، تنهن کان سڪل مانيءَ جو ٽڪر ] سادو کاڌو[ کائجي، جنهن مان سواد اچي ته اُهو وڌيڪ.
    C.f. Better lose a supper than have hundred physicians.
    (647) سکڻي ڪني، گهڻو اُڀامي.
    ڪني ]ديگڙي[ ۾ چانور ٿورا هوندا ته باهه جي زور تي پاڻي گهڻو ڦڦڪندو. ڪنهن ٽرڙي کي به ٿورو ناڻو هوندو ته گهڻو هٺ ڪندو.
    (648) آهر جي وڏائي، ڪني پاٽ تي آئي.
    ]ڪنو ۽ پاٽ يعني خسيس ملڪيت تي مڙس جو هٺ. ڏسو. 294 [.
    (649) اڇا ڪپڙا کيسا خالي، ماڻهن ليکي ملڪ جو والي.
    (650) اندر اڳڙيون، ٻاهر پڳڙيون. 222
    (651) دم دال جو، آڪڙ پلاهه جي. 185
    (652) ديوان جو دم، دمڙيءَ جي دال تي.
    (653) گهر ۾ آٽا نهين، مان ڪو بولي پوُري پڪائو.
    (654) لڀن لوڻ ڪڻا به نه، منهنجو نالو سون ٻائي.
    (655) ماءُ مري رکي سڪي، ڌيءُ دا نالا ڏهي
    ]ڏهي = ڏڌ[
    (656) ملڪ ۾ ڏيڍ کجور، ميان ليٽي باغ ۾!
    ]ملڪيت کجيءَ جو هڪ اڌ وڻ ۽ اهو باغ سمجهي اُتي ليٽي ٿو[
    (657) هڏ پورا، سڏ وڏا.
    ]ناڻي جو زور نه، اڇلون وڏيون[
    (658) هڙ سکڻي لوڏ گهڻي، آءُ ماريا، کٽل ڌڻي.
    (659) هڙ ۾ هريرون گوڏ ۾ پتاشا، اندر اڳڙيون ٻاهر ٺاشا ماشا.
    C.f. (1) Empty vessel thunders much.
    (2) Great boast, little roast.
    )660( سلو سو جو انگورين ڀلو.
    انگورجڻ = سلو ڪڍڻ، اُڀرڻ. ٻار اهو جو ننڍپڻ کان سلڇڻو.
    )661( سنجهو، ڏنجهو.
    سانجهيءَ جو وقت ڏکيو آهي. ڪم ۽ چڙهيءَ لاءِ صبح سولو.
    C.f. An hour in the morning is worth two in the evening.
    )662( سندرو ثابت ته منزل آسان.
    چيلهه تي سندرو سالم هوندو، ته منزل تي پهچڻ سولو ٿيندو. مراد ته ڪمر ڪشبي ته سولائيءَ سان مطلب پورا ٿيندا. ڀيٽيو:
    (663) اُدم کي پر آهن.
    ]اُدم سان منزل تي پهچبو[
    C.f Perseverance kills the game.
    (664) سنسار، مها ڄار.
    دنيا هڪ وڏي ڄار جي مثل آهي، جئن موهه رکبو تئن ڦاسبو.
    C.f. The world is a net; the more we stir in it, the more we are entangled.
    (665) سنگ جو پرسنگ.
    جهڙي سنگت ڪبي تهڙو لاڀ يا نتيجو ملندو. ڀيٽيو:
    (666) تخم تاثير، صحبت اثر.
    (667) جهڙو سنگ، تهڙو رنگ.
    (668) سنگ تاري، ڪسنگ ٻوڙي.
    (669) ڪارو وهي ڪمري وٽ، رنگ نه مٽائي ته عادت مٽائي ئي مٽائي.
    C.f. Tell me the company you keep, and I will tell you what you are.
    )670( سنئون چوي، سو سوُر پرائي، کيڏ ڪري سو کٽي کائي.
    اڄ زمانو اهڙو، جو ڪو سنئين سولي ڳالهه ڪري ته ٻين جو ناراضپو کڻي؛ پر جو حرفت سان هلي تنهن جو مان ٿئي. ڀيٽيو:
    (671) ستي ٿي سيڏائي، لنڊي ٿي کائي.
    ]اشراف مانيءَ ٽڪر لاءِ واجهائين ۽ نالائقن لاءِ ڍءُ[.
    C.f. Flattery sits in the parlour when plain dealing is kicked out of doors.
    (672) سوال کان صرفو چڱو.
    ٻين اڳيان هٿ ٽنگجي ]سوال ڪجي[ تنهن کان ڪفايت چڱي.
    ڀيٽيو:
    (673) سوال ويچارو آهي.
    C.f. Better spare to have thine own than ask others.
    (674) سوُر پئي ساٽيءَ کي، ڏنڀجي گڏهه!
    ساٽي ]مڇيءَ وڪڻندڙ[ کي سور پئي ته کيس ڏنڀ ڏيارجي؛ سندس گڏهه ڪهڙو گناهه ڪيو جو اُن کي ڏنڀجي؟ هڪڙي جا ساڙ، ڪو ٻئي مان ڪڍي ته ائين چون. ڏسو. 43 ۽ 58
    )675( سوڙ ساروُ، پير ڊگهيرجي.
    مراد ته هوند ساروُ هلجي. ڏسو 161. ڀيٽيو:
    (676) ڪڇي نه ڦاڙي، سو کاٻاري.
    (677) قرضن جا ڪوٽ کڻي، چوٽ چاڙهيائين چلها، ڄاڃي ماڃي کائي هليا، اُتس آئي گلا.
    ]قرض کڻي مجلسون ڪبيون ته پاڻ کي گلارو ڪبو[. ڏسو. وڻجن ٻير کائين ڊاکون، تن گھرن جون ڪيھون ساکون.
    C.f. (1) Stretch your legs according to you coverlet.
    (2) Cut you coat according to your cloth.
    )679 (سوڙهي سياندريءَ، وهنوار نه ڪجي.
    سوڙهي سياندري يعني ويجهي مائٽي يا دوستيءَ ۾ پئسي جي ڏيتي ليتي نه هلائجي يا ڀائيواري نه ڪجي.
    C.f. Curse on accounts with relations! (Spain)
    )680( سون پرکجي ڪسوٽيءَ، روپو پرکجي باهه. ماڻهو تڏهن پرکجي، جڏهن ٻه اکر ڳالهاءِ
    جيئن سون ڪسوٽيءَ تي گهڻ سان ۽ روپو باهه ۾ وجهڻ سان پرکي سگهجي ٿو، تيئن ماڻهوءَ جي لڇڻن جي سڌ تڏهن پوندي، جڏهن ٻه اکر ڳالهائيندو. ] گفتگو مان پڌرو [.
    C.f. Spech is the picture of mind.
    )681( سوکيءَ ڀانئي سڀ ڪو، اَؤکيءَ تون آڌار!
    سک ۾ سڀ ڪو سنگي، پر دک ۾، اي ڌڻي، رڳو تون آڌار!
    (682) سڀ ڪو مطلب جو يار. 426.
    C.f. In time of prosperity friends will be plenty, in time of adversity not one amongst twenty.
    (683) سياري جي سوَڙ سڀ ڪو پاڻ ڏي سيڙي.
    مراد ته سڀ ڪو پنهنجو مطلب يا سهنج ٿو ڳولي. ڏسو. 50
    C.f. Every miller draws water to his own mill.
    (684) سيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي.
    جنهن شيءِ مان ڪم لٿو ۽ پاتل وانگر وري ڪم اچڻ جي نه هوندي، سا نه سانڍبي ]وڪڻبي يا ڦٽي ڪبي[. “گشت جي نوڪري پوري ٿيس ته وهٽ وڪڻي ڇڏياءِ. سيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي.
    (685) شراڪت جي ديڳ، ڌڻي تپائي.
    ڀائيواريءَ جي ديڳ ڪو ڪو نه تپائيندو، جو هر ڪو چوندو ته ٻيو ڀائيوار پاڻيهي تڪليف وٺي باهه ٻاريندو.
    C.f. A pot that belongs to many is ill- stirred and worse boiled.
    (686) شڪر ڪر صحيح ته تو ئي سان توهه ٿئي.
    پوري پوري طرح يا دل جان سان شڪر ڪر، ته ڌڻيءَ جو تو تي توهه ]رحم[ ٿيندو. ڏسو. 628 ۽ 395.
    C.f. Content is more than a kingdom.
    (687) صبر جني جو سيڱ، تير نه گسي تن جو.
    جي صبر جي ڪمان ڌاريندا، تن جو ٻاڻ نه گسندو. ]سدائين فتح[ ڀيٽيو:
    (688) صبر وڏو ٽول.
    C.f. Patience is the best buckler against affronts.
    (689) صرفو ڪرين، ته پٽ هنڊاءِ.
    ڪفايت گهرجيئي ته ريشم پاءِ ]جپاني رخت نه[. مطلب ته ٿورن پئسن ۾ اڻ جهالائو شيءِ وٺجي، تنهن کان چار پئسا وڌيڪ ڏيئي اُچي ۽ جهالائو شيءِ وٺجي، ته اُن ۾ ڪفايت آهي.
    C.f. The best is best cheap.
    (690) صلاحين شينهن ٻجهن، ڪم ڪرهين نه ٿئي.
    “صلاح” جي اصل معني چڱائي، ان جو ضد “فساد”، جنهن جي اصل معني خرابي يا بگاڙو. مطلب ته نيڪ رستن ]مٺ محبت[ سان شينهن جهڙا زبردست به ٻڌي سگهبا، باقي ڪرهن يعني معاملي سان ڪم نه ٿيندو.
    C.f Reason is a better soldier than rashness.
    (691) ضامنگيري، تاوڻ گيري.
    ڪنهن جو ضامن پئبو ته تاوڻ ]چٽي[ پوندي. ڀيٽيو:
    (692) ڪشيئي نه ڪمان، پڙيئي نه ضمان.
    ]ڪمان ڇڪبي زهه ڇڄندي ته ماري رکندي. ضامن به نه پئجي[
    C.f. He that surety for another is never sure himself.
    (693) طمع سندو طس، ڀريو ڀرجي ڪينڪي.
    لالچ جو طس (طشت) مٽ يا چاڏو ڪڏهن نه ڀربو. مراد ته لالچي ماڻهوءَ جو ڍءُ ٿيڻ جو نه آهي.
    (694) گهڻي کي گهڻو گهرجي.
    C.f. Much would have more.
    Covetousness is always filling a bottom less vessel.
    (695) ظلم قائم آهي، ڪندڙ قائم نه آهي
    ظلم پيو هلندو، پر ظالم جلد مرندو جو پٽ پونديس. ڏسو. 10.
    (696) عشق انڌو آهي.
    عشق سببان انڌ کنيو وڃي ]پوءِ ڳڻ ڳوت نه ڪبي[. ڀيٽيو:
    (697) عشق نه ڄاڻي ذات نه ڪذات.
    C.f. Love is blind.
    )698 (عقل بنا آدمي، آهي پسوُنءَ سمان.
    يا. عقل کان سواءِ ماڻهو مروُنءَ برابر.
    (699) عقل بنا آدمي، جئن جهنگ ۾ چري ڍور.
    C.f. A man without reason is a beast in season.
    )700( عقل ري عذاب گهڻا پسنديءَ جندڙي.
    اي جند يا جان! عقل بنا گهڻا ڏک ڏسبا. ڀيٽيو:
    (701)عقل بنا اوندهه.
    C.f. Ignorance is the parent of many miseries.
    )702( عمر وٺي وٺي مارئي وٺندو، ٿر ڪين ٿيلهيندو.
    عمر سومرو حد ظلم ڪندو ته مارئي وٺندو؛ سڄي ٿر کي ڪين ڌڪي ڪڍندو. ڪو جوان مائٽن سان نه ٺهندو ته جوءِ وٺي ڌار ٿيندو؛ مائٽن کي لڏائي ڪين ڪڍندو. ڀيٽيو:
    (703) راڻي رسندي ته پنهنجو سهاڳ وٺندي، ڪنهن جو ڀاڳ ڪين وٺندي.
    ]سهاڳ = مڙس[
    )704( غريب جي جوءِ، جڳ جي ڀاڄائي.
    جو غريب يا لحاظ وارو هوندو، تنهن کي هر ڪو ڀاڀي ڄاڻي، هن کان ٿورو گهڻو ڪم وٺندو. ڀيٽيو:
    (705) وهوُ ڍڳي تي مار.
    C.f. All lay load on the willing horse.
    (706) غيب جي گدو چئي خبر خاوند کي.
    گدوُ نالو شاعر جو. ڳجهه جي خبر ڌڻي کي. ڏسو. 331.
    (707) اَڱر ڄاڻن لهر ڄاڻي.
    (708) قاضي ڄاڻي، قيامت ڄاڻي.
    (709) اگهه ۽ ڳڀ جي سڌ الله کي.
    ]ڳڀ = گرڀ، پيٽ[
    (710) وڏيون اکيون الکهه ]الله[ کي.
    ڏسو. ڳڙ ڄاڻي، ڳڙ جي ڳوٿري ڄاڻي.
    (711) فقير جي ڪاوڙ، پاڻ تائينِ.
    غريب ڪاوڙيو ته ٻئي کي ڇا ڪندو؟ جند سان وڙهندو.
    (712) هنڊي اُڀامندي ته پنهنجا ڪنا کائيندي.
    C.f. Anger punishes itself.
    )713( قرض وڏو مرض آهي.
    قرض کڻڻ سو هڪ وڏو مرض ]بيماري[ پرائڻ آهي.
    (714) رڻي ۽ رائر جو سڏ جنهن کي هوءِ. منجي اُتي جوءِ، وڃي تنهن کي وسري.
    ]قرض ۽ ڍل جي ڇڪتاڻ سببان جوءِ به وسري وڃي[.
    C.f. While debt I owe, I sink in woe.
    (715) قلندرن پٺيان، گهڻيئي ڪتا پيا ڀوَنڪن.
    قلندر = فقير. مطلب ته پرپٺ ڪا گلا ٿئي ته اها ڪتي جي ڀؤنڪار وانگر سمجهي، اُنهيءَ تي ڌيان نه ڏجي؛ ڀلي پيا بڪن.
    (716) پر پٺ بادشاهن کي به پيون گاريون ملن.
    C.f. The moon does not heed the barking of dogs.
    (717) ڪاٺ کٽو، واڍو ڇٽو.
    ڪاٺ کٽو ته واڍو ڪم کان ڇٽو. ]ڪم تي نيت هجيس ها ته اڳواٽ چتائي ها[. جن کي ڪم کان ڇٽڻ لاءِ ڪو سبب ملي، تن لاءِ ائين چئبو.
    (718) ڀلو سنئيان ميري مٽڪي ٽوُٽي، مين دوڌ بيچن سين ڇوٽي.
    ]ڀينر، منهنجي ماٽي ڀڳي، مان کير وڪڻڻ کان ڇٽيس[.
    (719) لوُلي ڇٽي، ڪتڻ کان.
    ( لولي = جنهن کي هٿ نه هجن).
    (720) موليٰ مينهن وساءِ، ته ڪانئر ڇٽن ڪم کان.
    C.f. No more mortar no more brick; a cuning knave has a cunning trick.
    )721( ڪاٺيءَ ڪٺيءَ لڇ.
    ماڻهوءَ ماڻهوءَ سان ڀاڳ يا لڇمي ]ڌن[ آهي. “ڌيءُ ڄايس ته مختيارڪار ٿيو ۽ نهن آيس ته ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيو. ڪاٺيءَ ڪاٺيءَ لڇ، ڪن جي ڄائي ڪن جي آئي”.
    C.f. Every one hath his own planet.
    )722( ڪانگ کي لڙ ۾ مزو.
    ماڻهو لڙ يا گوڙ ۾ هوندا ته ڪانءُ وجهه وٺي، هڪ نه ٻي شيءِ کڻي ويندو. “ سومرن ۽ سمن کي پاڻ ۾ وڙهندو ڏسي، سوڍن راجپوتن وڃي ٿر ملڪ هٿ ڪيو. ڪانگ ... مزو”.
    C.f. Two dogs strive for a bone, and a third runs away with it.
    )723 (ڪانئر چکن موت، ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾.
    گيدي يا ڊڄڻو ٿوري گهڻي تڪليف ڏسي چوندو ته اجهو مئس. اهڙيءَ ريت هو جلد جلد موت جو ذائقو چکي ٿو.
    C.f. Cowards die many times before their death.
    (724)ڪاڻيءَ جي وهانءَ ۾ سنگٽ گهڻا.
    ڪاڻيءَ کي گهوٽ ملڻ ڏکيو، ويتر وهانءَ ۾ وگهن يا اٽڪون گهڻيون. قسمت ڪاڻي ]نصيب کٿل[ سبب ڪم نه ٿئي، ۽ جي ٿيڻ تي اچي، ته هڪ نه ٻي اٽڪ پوي.
    )725( ڪتو به کاڌو، ڪک به نه ڀري.
    ڪک؛ پيٽ جو پاسو. ڪو گلا جهڙو ڪم به ڪري ۽ مراد به حاصل نه ٿئي ته ائين چون. ڌڪار وچان هئن به چون:
    (726) ڪارو منهن ڪتي جو، رٻ اوتري جي اوتري.
    C.f. Cheating play never thrives.
    (727) ڪتو ڪڙم جو ويري.
    ڪتو پنهنجي ڪٽنب وارن جو دشمن. ڪتو ڪتي کي ڏسي ته ڏاڙهيس. ڪو پنهنجن مائٽن يا ذات ڀاين جي برخلاف ٿي بيهي ته ائين چون. ڏسو. 592.
    (728) شير خان جو شڪرو، گهر جا ڪڪڙ ماري.
    (729) آنڊي ۾ ٽانڊو.
    ]آنڊو= اولاد، ساڳي ڏاڏي جو[
    (730) پنهنجن سان وير، پروان سان ميڙ.
    ]ميڙ = ميلاپ، دل جو[
    (731) جر نئيس، جيڏي نئيس، پنهنجي نه نئيس 394.
    (732) ڏيهه چوي، ڏيراڻي نه چوي.
    (733) سڱ ۾ ساڙو، رت ۾ باهه.
    ]پنهنجن سان ساڙ وير[
    (734) ڪتو وهي، ته به پڇ لٽڪائي وهي.
    ڪتو وهڻ مهل پڇ لٽڪائي ته مٽي اُڏامي ۽ اُهو هنڌ صفا ٿي پوي. مطلب ته ڪتي کي به ڇنڊ ڦوڪ يا صفائي وڻي. “جاءِ ۾ ويٺا آهيو ته ٻهاري نه پارائي اٿؤ. ڪتو وهي، ته به پڇ لٽڪائي وهي”.
    (735) ڪتيم سڀ ڄمار، پاندي پوري نه ٿئي.
    پاندي، سٽ جي ويڙهي. عمر کٽي وڃي، دنيوي ڌنڌو نه کٽي.
    (736) ڪچيءَ ڪنا نه وريا ته پڪيءَ ڇا ورندا.
    مانيءَ يا مٽيءَ جي ٿانءَ جا ڪنارا ڪچيءَ ۾ ورائي سگهبا، پچڻ کان پوءِ نه. ٻار سڌري ته ننڍ پڻ ۾، وڏ پڻ ۾ نه.
    (737) ننڍڙو ٻار، مڇ جو وار، جئن موڙ تئن مڙي.
    C.f. A young twig is easier twisted than an old tree.
    (738) ڪرم هيڻ کيتي ڪري، بلد مري يا ٽوٽا پڙي.
    نصيب کٿل پوک ڪندو ته ڍڳو مرندس يا گهاٽو پوندس. قسمت ڍلي هوندي، ته جنهن ڪم ۾ هٿ وجهه تنهن ۾ نقصان.
    (739) توڙي وڃي روُم، ته به ڍوڍو ۽ ٿوُم، لکيو لوح قلم ۾.
    لوح قلم معني قسمت.
    (740) جاڏي وڃي واگهوُ، تاڏي پاڻي تانگهو.
    ]واگهوءَ کي گهڻو پاڻي کپي، پر قسمت کوٽي ته جتي تتي تانگهو[
    (741) ڇٺي مورن ونٺي، ٻانڀڻ ڪهڙو ڏوهه؟
    ڇٺي اصل جي ونڌيل (يعني قسمت اصل کان خراب).
    C.f. He, who is born in misfortunes, stumbles as he goes; and though he fall on his back, will fracture his nose.
    (742) ڪسنگ کان اُهيئين ڀلي.
    خراب سنگت کان ڪا به سنگت نه هجي ته اُهو چڱو. ڏسو. 665
    C.f. Better be alone than in a bad company.
    (743) ڪسيري جي ڪتي، ٽڪي جا ٽڪر کائي.
    ڪتيءَ جو ملهه ڪسيرو ]مني پائي[ ۽ مانيءَ يا گوشت جا ٽڪر کائي ٽڪي جا. شيءِ خسيس ۽ مٿس خرچ گهڻو. ڀيٽيو:
    (744) اٺين آني پڳڙي رپيو ٻڌاڻي، ڪري پئي کوهه ۾ ٻه رپيا ڪڍاڻي.
    (745) ٽڪي ڪي مرغي، ڇهه ٽڪا محصول.
    (746) چار پئسي ڪي چٽا ڀيٽي، پانچ پئسي ڪي ملم پٽي.
    (747) وڏي ٻاگهي يا وڏي ڌيڻس؟
    ]ٻاگهي، نالو[
    C.f. The game is not worth the candle.
    )748 (ڪماليت کي زواليت.
    زواليت = بربادي. ڪا ڳالهه ]مثلاً ڏيتي ليتي[ چوٽ وڃي چڙهندي، ته نيٺ ڌڪو ايندس.
    C.f. Every tide hath its ebb.
    (749) ڪم پئي، ڪل پئي.
    ماڻهوءَ جي لڇڻن جي سڌ تڏهن پوندي جڏهن منجهس ڪم پوندو.
    C.f. A friend is never known till needed.
    (750) ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو.
    ڪم لٿي کان پوءِ واڍو] جنهن ڪم ڪيو سو[ وسريو. “پئسا نه مليس. اسان وٽ اچي رهيو. پر وڃڻ وقت موڪلايائين به ڪو نه. ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو”.
    (751) سيج ڪيائون سرهي، مٺا مڱڻهار.
    ]گهوٽ ڪنؤار وڃي سکي ٿيا، مٺا دهلاري جن کي پائي نه ملي[
    C.f. When the dinner is done the spoon is forgotten.
    (752) ڪن ڪن سان، ڪين ڌوپندو.
    گار جي بدلي گار ڏبي يا بڇڙي سان بڇڙو ٿبو ته ائين ڪم نه ٺهندو.
    C.f. Dirty water cannot wash clean.
    (753) ڪنگر ۾ ڪڪڙا، پڙي مبارڪ!
    ڪڪڙا ] ڪپهه جو ٻج[ اڃا ڪنگر ۾ پيا پسن، ]اُن کان پوءِ وونئڻ پوکجن، ڦٽيون ٿين، ڪپھ ڪتجي، ڪپڙو اُڻجي[ ۽ هيءُ اڳيئي پيشگير پائڻ جون واڌايون ٿي ورائي! ڪو اڳ ڪٿيو ڪم ڪري يا اجايا پهه پچائي، ته ائين چون. ڏسو. 69.
    )754 (ڪني اَڳڙي، ڪنڊ ۾ ڌوئجي.
    بڇڙي ڳالهه جو نبيرو لوڪ کان لڪائي ڪن سن ۾ ڪجي.
    (755) گهر جو ڪن، گهر ۾ مئجي.
    ] گهر جو ڪن = گهرو معاملو[
    C.f. Dirty linen should be washed at home.
    )756( ڪني آڱر، وڍي ڀلي.
    جنهن ماڻهوءَ يا ڪم مان خرابي، تنهن سان واسطو بنهه ڇنڻ چڱو.
    (757) ڪنيءَ رن جا ٻار، جئن ٿورا تئن چڱا.
    C.f. Better a finger off than wagging.
    (758) ڪني ڦرائجي، ٻني نه ڦرائجي.
    سنگتي اچي کائين ته ائين ديگڙو ڀلي ڦرجي وڃي، پر روزگار جي جائين ]دڪان وغيره[ تان شيءِ کڻڻ نه ڏجين.
    C.f. Keep thy shop, and thy shop will keep thee.
    (759) ڪوڏي حرام، بجڪو حلال.
    وڏيون رقمون کائي وڃي، پر ٿوريءَ تي اشرافت ڏيکاري!
    (760) ست ڪتا کائي، ٻلي حج چڙهي!
    (761) سڄو ڳيهي، ڏند نه ڏئي.
    (762) شوروو حلال، ٻوٽيون مردار.
    C.f. Strain at a gnat, and swallow a carme.
    (763) ڪوري کڏ کڻي، پر پاڻ اُن ۾ پوي.
    ڪوري کڏ کڻي انهيءَ دکڻ ]کڏ [۾ ڄنگهون وجهي، ويهي اُڻي. ٻئي جي خرابي لاءِ جو واٽ گهڙي، سو پاڻ خطا کائي.
    (764) جو ٻئي جي کڏ کڻندو، سو پاڻ کڏ ۾ پوندو.
    (765) فريدا، جو تيڏي کڏ کڻي، تو اُس دي راهه سنوار، اوه آپي پؤسين کڏ وچ، تون لنگهين پؤسين پار.
    C.f. Bloody and deceitful men dig their own graves.
    (766) ڪوڙهيو ڪتو، کنهڻ کان نه رهي.
    بڇڙي عادت وارو بڇڙائي (معاملي وغيره) کان نه رهندو.
    (767) ڪوڙي جي ڊوڙ، کڏ تائين.
    کڏ تي ڊوڙبو ۽ کڏ پورو ٿيندو ته منجهي بيهي رهبو. ڪوڙي جي ڳالهه به گهڻي تائين نه هلندي، جنهن ڪري نيٺ ڦڪو ٿيندو. ڀيٽيو:
    (768) ڪوڙ جي پاڙ، ٺڪريءَ تي.
    C.f. A lie has no legs.
    (769) ڪي چانورن مان چنو ڪن، ڪي چني مان چانور.
    ڪي اُچي شيءِ رڌين ته بيسوادي ڪن ۽ ڪي رڌڻ جا اهڙا ملوڪ جو ساديءَ شيءِ کي سوادي ڪن.
    (770) کاڌي کوهه به کٽي وڃن.
    رڳو ڪڍي پيو کائبو ته ائين ناڻي سان ڀريل کوهه به خلاص.
    C.f. Drop by Drop a lake is drained.
    (771) کڏ، چي جيءُ سڏ.
    کڏ ۾ ناڻو پوريل هوندو ته سڏ تي سڏ ڏيندو ] ڪم ايندو[.
    C.f. Saving is getting.
    (772) کنئَينءَ وٿ جو ملهه، ڪونهي.
    ڪا به شيءِ کڻي وڃي وڪڻبي، ته پورو پئَسو نه ڪندي.
    (773) کنئين اگهي نه، ڳولي لڀي نه.
    (774) رڍ سهانگي ٿئي، ته هرڪو پڇ کڻي پيو ڏسيس.
    C.f. A house ready built never sells for so much as it cost.
    (775) کوپريءَ کوپريءَ گت نياري.
    مغز مغز جي چال نرالي. سڀ ڪنهن جي پنهنجي سمجهه.
    C.f. So many men, so many minds.
    (776) کوهه جي مٽي کوهه کي.
    کوهه کوٽڻ جي ڪري جيڪا مٽي نڪري سا کوهه بلي ( گاري وغيره) ۾ ڪم اچي. جنهن وٽان رقم ملي، تنهن بلي خرچ ٿي.
    (777) کيتي سر سيتي.
    کيتي ]يا ڪم [ ته پنهنجي سر سان، يعني پاڻ ڪجي. ڏسو. 313
    (778) آپ ڪري سو ڪام.
    ]ڪم اهو جو پاڻ ڪجي.[
    C.f. He that by the plough would thrive himself must either hold or drive.
    (779) کير جو کانيل، جهڻ ڦوڪي پيئي.
    کير جو ساڙيل، جهڻ (لسي) کي به ڪوسو کير سمجهي، ڦوڪون ڏيئي ٺاري پوءِ پيئَندو ته متان وري وات سڙي. هڪ واري گهاٽو پوندو ته وري اهڙي ڪم ۾ سنڀالي هٿ وجهبو.
    (780) ڪتيء کي ڪنهن اُماڙي ڏني، ته تارا ڏسي ٿي ڊني.
    ]ڪتيءَ جي ليکي ته اُڀ جا تارا آهن اُماڙي جون چڻگون [.
    C.f. A burnt child dreads the fire.
    (781) گپ جو ڪلو، جتي کوڙ تتي کپي.
    پر متڙئي کي جنهن ڳالهه تي بيهاربو، تنهن تي بيهندو.
    (782) گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿوُ کٽا.
    گدڙ ڊاک تائين پهچي نه سگهيو ته ٿوڪاري چيائين ته کٽي آهي. شرم کي پرچائڻ لاءِ ڪنهن ڳالهه مان ويڪون ڪڍڻ.
    C.f. Sour graps as the fox said, when he could not reach them.
    (783) گدڙ به گدڙ جي ڪوڪ اُنائي.
    هڪڙو گدڙ ڪوُڪ ڪري ته ٻيو اُها اونائي يا ورنائي، پاڻ به ڪوڪ ڪندو. مطلب ته مروُن به هڪ ٻئي کي سڏئي سڏ ڏين ]پر افسوس ماڻهن جي حال تي! [.
    (784) ٻرڙي پوي نه ٻاجهه، ڀر ۾ ٿو ڀاءُ مري.
    ]ٻرڙا ذات جا مسلمان. اصطلاحي معني بيقياسي[.
    (785) ڪوُ ڪاهوُ ڪو ناهين.
    ]ڪو ڪنهن جو ڪونهي[
    (786) وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾، پسو پکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گهڻو.
    ]ڪوُنجن ۾ ماڻهن کان وڌيڪ محبت؛ سدائين گڏ گذارين[.
    C.f. A fellow feeling makes one wondrous kind.
    (787) گڏهه تي گلاب، هاريندي حيف ٿيو.
    بي قدر يا ڳڻچور تي گلاب هارڻ (نوازش ڪرڻ) حيف!
    C.f. To do good to the ungrateful is to throw rose-water into the sea.
    (788) گڏهه پنهنجي سانوڻي هينگن ۾ وڃائي.
    سانوڻيءَ ۾ گاهه ٿين، پر گڏهه تي برسات جا ڇنڊا پون ته چرڻ ڇڏي، هينگون ڏيڻ لڳي. بيعقل فائدي وٺڻ جو وقت بڪ شڪ ۾ يا ٻي اجائي طرح وڃائين، ته ائين چئبو.
    C.f. Opportunities neglected are lost.
    (789) گڏهه جو ڇا وس، جو ٻيڙيءَ ۾ نه چڙهي.
    گڏهه ٻيڙيءَ ۾ نه چڙهندو ته مار ڏيئي به چاڙهيندس. مطلب ته؛ لچ، موچڙن سان سڌو ٿيندو.
    (790) سؤنٽي هجي ساڻ ته گڏهه گوهي نه ڪري.
    (791) ماڻهو ٻٽيهه لڇڻو، موچڙو ڇٽيهه لڇڻو.
    (792) ڪهر ڪئن؟ چي ان سنوان، موچڙن سان ڪئن؟ چي؛ جهولي ئي تنهنجي.
    (793) کڻ کلو، ته ٿيئي ڀلو.
    C.f. It is the raised stick that makes the dog obey.
    (794) گذريءَ کي ياد نه ڪجي.
    جا ڳالهه ٿي گذري هجي تنهنجي يادگيري ڪرڻ اجائي.
    (795) اُٺي بهه چٺي
    (برسات پيئي، بهه چهي ويو. ڳالهه گذري)
    (796) ويئي تٿ ٻانڀڻ به نه واچي.
    (797) ڪني ماضي من ۾ ڪني استقبال، حيف تني جي حال، جن وساريو حال کي.
    (ڪي گذريل ته ڪي ايندڙ وقت جون ڳالهيون پيا ڳڻين؛ پر افسوس انهن جي حالت تي، جي هلندڙ وقت کي وسارين ٿا)
    C.f. Let bygones be bygones.
    (798) گگر گگر، پنڊا اڙيا.
    گگر گگر جي ماڳ، مرڳو ٽوڪرا اٽڪيا يا ڦاٿا. ڪنهن پساريءَ جو گگر (جابلو کؤنئر) گهم سببان پنڊن کي چنبڙي پيو ته ائين چيائين. ڪنهن کي اوڌر يا صلاح ڏجي ۽ هو هر گهڙيءَ اچي وڌيڪ پئسي يا صلاح لاءِ ستائي، ته ائين چون، هن مراد سان ته هن مان اچي ڦاٿو آهيان.
    (799) گنجي جي مٿي ۾ جوُنءَ نه ليک.
    جو سڃو سر هوندو ( نه اولاد، نه ڌن) تنهن کي ڳڻتي نه هوندي.
    C.f. He, that has nothing, is frightended at nothing.
    (800) گهپي ٺڪرن مان پاڻي سڪائي.
    گهپي = گهه ۽ پيهه. ٺڪرن مان پاڻي سڪڻ معني سڃ ٿيڻ. مطلب ته ڏيتي ليتي يا ٻيءَ ڳالهه تان جنهن گهر ۾ گهپي (ريڙهه پيڙھ) هلندي سو گهر سائو نه ٿيندو.
    (801) ڳالهين سنديون ڳالهيون، ٽڪي سندا موٺ.
    ڪنهن سنگتيءَ کي ٽڪو ڏيئي چيو ته مون لاءِ موٺ (دال جو قسم) آڻج، ته هن کي آڻي ڏنائين. ٻئي ڪي شيون چيس پر پئسا نه ڏنائينس، ته هن به شين نه آڻڻ لاءِ هڪ نه ٻيو بهانو ٻڌايس. مطلب ته ڪم ٿيندو پئسن سان.
    C.f. Talk is but talk; but is money that buys land.
    (802) ڳڙ ڄاڻي، ڳڙ جي ڳوٿري ڄاڻي.
    ڳوٿريءَ ۾ ڳڙ بند ٿيل هوندو ته جنس جي خبر نه پوندي. اها ٿي ڳجهي ڳالهه. مطلب ته ڌڻيءَ جي ڳالهه ڌڻي ڄاڻي، يا دل جي خبر دل کي. “اسان جي حال جي ٻين کي ڪهڙي سڌ. ڳڙ ڄاڻي، ڳڙ جي ڳوٿري ڄاڻي.”
    (803) گهر جو پير، چلهه جو مارنگ.
    مارنگ يعني چلهه جو ڀتر، جنهن تي ديگڙو بيهي. ڪو پير فقير گهر ۾ يا ويجهو هوندو ته هر هر ڏسڻ ڪري اُنهيءَ تي ويساهه اهڙو ڄمندو جهڙو مارنگ تي ڄمي يعني ڪين ڄمندو.
    C.f. A prophet is not worshipped in his own land.
    (804) گهڙيا، سي چڙهيا.
    دل ٻڌي ڪنهن ڪم ۾ گهڙي پئبو، ته وڃي پار پهچبو. ڏسو. 584.
    C.f. Bold resolution is the favourite of providence.
    (805) گهڻ پيٽاري بگري، کائي ويئيءَ جهار.
    جا بگري (ٻنيءَ ٽڪر) گهڻن جي پيٽي (کاتي) يا پتيءَ حصي هوندي، سا جهار (پکي پکڻ) جو کاڄ ٿيندي، جو هر ڪو چوندو ته ٻيو ڀائيوار پاڻيهي ان جي سنڀال ڪندو.
    C.f. Every body’s business is nobody’s business.
    (806) گهڻن کنئي، ڇپر کڄي.
    گهڻا ڄڻا گڏجي کڻندا ته ڇپر يا ٽڪر (جبل) به کڄي سگهندو. وڏو خرچ يا ڪم گهڻن تي ورڇي رکبو ته آسانيءَ سان ٿيندو.
    (807) گهڻن کي سمر، هڪڙي کي ڀري.
    (ڀري: بوَجو).
    (808) پانچ سات کي لڪڙي، ايڪ جني ڪا بوج.
    C.f. Many hands make light work.
    (809) گهڻي زالين گهر نه هلي، گهڻي مڙسين هر نه هلي.
    هڪڙي ڪم ۾ گهڻن جو هٿ پوندو، ته ڪم پاڻ بگڙندو.
    C.f. Too many cooks spoil the borth.
    (810) گهوٽ ڪنؤار راضي ته ڪيا ڪرينگا قاضي؟
    ٻه ڄڻا پاڻ ۾ ٺهي ويندا، ته پوءِ ٽياڪڙ ڇا ڪري سگهندو.
    C.f. As a man is friend, so the law is ended.
    (811) لکيا لهارن کي، ٽپر تي ٽانڊا.
    مطلب ڪم بختن کي سختيون ئي سهڻيون پون ٿيون.
    C.f. The smith has always a spark in his throat.
    (812) لکيو پڙي، پر ڪڏهن نه ٽري.
    نصيب ۾ جئن لکيل هوندو تئن ٿيندو، گسندو نه.
    (813) جيڪي لکيو منجهه ازل، تنهن کي ڪير وجهي جهل.
    (814) قضا قضا نه ٿئي توڙي ڪو سدا رئي.
    (815) تقدير اڳيان ڪهڙي تدبير.
    (816) تقدير ڪي آگي تدبير ڪيا ڪري، حاڪم جب خفا هو، وزير ڪيا ڪري.
    (817) لکئي مان لک، نڪو لاهي نڪو پائي.
    (818) لکيو منجهه للاٽ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي.
    C.f. No flying from fate.
    (819) لوڀ ڇڏ ته سون مٺين سان ورهائين.
    سون مٺين سان ورهائڻ يعني بيريائي ڪرڻ. مطلب ته جنهن پنهنجي لالچ ڇڏي، سو پورو انصاف ڪندو.
    (820) ماريءَ جي گهر، هڏن جو ڍير.
    جو پکين ۽ مرن کي ماري کائيندو هوندو، تنهن جي گهر ۾ فقط هڏن جا ڍڳ هوندا. جو غريبن کي ڦري، پنهنجو پيٽ ڀريندو هوندو، سو ڪڏهن سائو نه ٿيندو.
    (821) مان به راڻي تون به راڻي ڪير ڀريندو پاڻي؟
    مطلب ته سڀ ڪو نواب ٿي وهندو ته ائين ڪم نه هلندو.
    (822) آءٌ به رئس، تون به رئس، ته گڏهه ڪير هڪليندو؟
    C.f. I stout and thou stout, who shall carry the dirt out?
    (823) ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنجھه، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.
    مطلب ته سڀ ماڻهو هڪ جهڙا نه آهن؛ چڱو مڙس ڪو ورلو.
    (824) آدمي آدمي انتر، ڪوئي هيرا ڪوئي ڪنڪر.
    (ماڻهوءَ ماڻهوءَ ۾ تفاوت، ڪو هيرو ته ڪو پهڻي يا پٿري).
    C.f. There is some difference between peter and peter.
    (825) مائٽ جي دل مکڻ، اولاد جي دل ڪٺن.
    مائٽ جي دل نرم، اولاد جي سخت ٿئي ٿي.
    (826) ماءُ سا ماءُ ٻيو سڀ دنيا جو واءُ، ماسي نه ٿئي ماءُ توڙي ڪڍي ڏئي ساهه.
    ماسي يا ڪو ٻيو گهوريو قربان ويندو، ته به ماءُ نيٺ ماءُ.
    (827) ڌوڙ ڀڪليو ماءُ پرين، ڌن ڀڪليو جوءِ پرين، اڇي ڪپڙين سس پرين.
    (ڀڪليو = ڀريل. پرين= پيارو).
    (828) ماءُ بنا مانڙيون ڪوٺي ڪو نه ڏئي، مکڻ ڀريا هٿڙا بيٺي اُوءِ لائي.
    (مانڙيون = مانيون).
    (829) ماءُ مرلي پيءُ تنبوُرو، پٽ وڄائڻ ۾ پوُرو.
    ماءُ کي مرلي ۽ پيءُ کي تنبورو سمجهي، پٽ انهن جي وڄائڻ (ساک ڪرڻ) ۾ پورو آهي. (پنهنجو افعال ڪونهيس).
    “پدرم سلطان بود!” (بابو منهنجو بادشاهه هو!)
    C.f. What can the virtue of our ancestors profit us, if we do not imitate them.
    (830) مٽن ڇڏيون مائٽيون، سڳن ڇڏيو ساءُ، اهڙو ڪو لڳو واءُ، جو پنهنجا به پراوا ٿيا.
    ڪو گهڻن ڏينهن کان پوءِ منهن ڏيکاري، ته ڏوراپي ڏيندي ائين چون، هن مراد سان ته اها اڳين محبت تو ۾ ڪانهي.
    (831) مڇ چوپئي پيٽ ڪو نه ڀربو.
    مڇ چوپڻ ڪري (خسيس رقمن ملڻ ڪري) ڍءُ نه ٿيندو. “ڏڻ جي رپئي ٻن لاءِ گهپي ڇو ڪجي؟ مچ چوپئي پيٽ ڪو نه ڀربو”.
    (832) مڌ پيوڻ، ذات پرکڻ.
    شراب پيئبو ته پنهنجي ذات پرکائبي (وکا پڌرا ڪبا)، جو نشي ۾ دل جون ڳالهيون ڪڍي ظاهر ڪبيون.
    C.f. What soberness conceals, drunkenness reveals.
    (833) مرض اچي گهوڙي وانگيان وڃي جونءِ وانگيان.
    مرض اچي تڪڙو، پر وڃي جوُنءَ وانگر آهستي آهستي.
    C.f. Agues come on horseback, but go away on foot.
    (834) مرسان مرسان ڊڀ نه چرسان.
    هڪ شينهن چيو ته مرڻ کي مرندس، پر ڊڀ (سلا) نه چرندس. جو ڪم جنهن جي شان وٽان نه هوندو، سو نه ڪندو.
    (835) مرڻ مهوُرت نه پڇي، پڇي تٿ نه وار.
    موت نڪي چڱي ويلا، نڪي تاريخ يا ڏينهن پڇي ايندو.
    C.f. Death keeps no calendar.
    (836) مروان موت، ملوُڪان شڪار.
    ملوڪ چون شڪار ٿا ڪريون، پر سندن شڪار مرن لاءِ موت. هڪڙي کي تڪليف، ٻين کي رؤنشو.
    C.f. What is sport to the cat is death to the mouse.
    (837) ميان جي مڏي، ٻه ڏندڻ ٽين تڏي.
    مڏي يا سامان ٿورو خسيس، پر ڏيکاري وڏي. ڏسو. 648. ڀيٽيو:
    (838) اسباب ۾ اسباب، هڪ چنگ هڪ رباب.
    C.f. A rich rogue, two shirts and a rag!
    (839) مينهن مچي هوريان هلي، رڍ مچي ٽپا ڏئي.
    گنڀير مڙس جئن وڏي عهدي تي پهچندو تئن مينهن وانگر هوريان يعني نياز سان هلندو، باقي ٽرڙي کي ڪا ٿوري اختياري ملندي ته رڍ وانگر ٽپ ڇڏيندو. (ٽانءِ ڪندو).
    (840) ٻيو هرڪو هوريان هلي، ڍيڪڻ پائي ڊڪون.
    (841) ڍءُ جهلي هڪ ڀاڀڙو ٻي مينهن.
    (ڀاڀڙا، جين ڌرم وارا، شاهوڪاريءَ جي ڏيکاري نه ڏين).
    (842) ماچي ته ناچي.
    (ٽرڙو مچندو ته نچندو).
    (843) نمي سو ڳؤرو.
    (ساهميءَ جو پڙ جو ڳؤرو، سو نمندو)
    C.f. The more noble, the more humble.
    (844) مينهن وسي ٻه پهر، ڇنو وسي ڇهه پهر.
    برسات بس ٿي ويندي، ته به ڪکائون ڀونگو پيو ٽمندو. معاملي بس ٿيڻ کان پوءِ به جو پيو روئي يا اُن جو ذڪر ڪري تنهن لاءِ ائين چون.
    (845) ناست کان آست ڀلي.
    اَڻ هوند کان هوند چڱي. ڏسو 389.
    C.f. Half a loaf is better than no bread.
    (846) نانءَ چڙهيو واپاري کٽي کائي، نانءَ چڙهيو چور ڦاهي چڙهي.
    ڪو واپاري نانءَ چڙهيو (مشهور) هوندو، ته گراهڪي چڱي ٿينديس، جنهن ڪري گهڻو ڪمائيندو. ڪو چور هاڪارو هوندو ته ڦاهي چاڙهيندس، جو نالو وڄيل اٿس. ڀيٽيو:
    (847) وڪئي چور جو نانءُ، سڻائو.
    (وڪيو، نالو مشهور چور جو). ڪا چوري نه ڪئي هوندائين ته به هن جو نالو وٺڻ سولو ٿيندو.
    C.f. (1) Once a merchant good name gets, more he earns and less he sweats.
    (2) Give dog a bad name and hang him.
    (848) نانءُ مردان، ڌن آوي جاوي.
    مڙسن جو آهي نانءُ ناموس، باقي مايا ته اچڻي وڃڻي آهي. پئسي کان وڌيڪ پنهنجي آبرو جو خيال ڪرڻ گهرجي.
    (849) ڀلي بک ڀرم جي شال نه وڃي شان!
    (850) لڄن تان لک قربان. ڏسو. 354.
    (851) مان جو بکيو سڀ ڪو، نان جو بکيو ڪو ڪو نه.
    (852) مرد مري مان کي، گيدي مري نان کي.
    (853) ناڻا گهوريا سرن تان، سر گهوريا شرمن تان.
    C.f. A good name is better than riches.
    (854) ناڻو ڏجي آڪرو ته گيهه ڇو وٺجي ٻاڪرو.
    ڳرو ملهه ڏيئي ٻڪرين جو سادو گيهه ڇو وٺجي؟ مطلب ته پئسا چڱا ڏجن، ته شيءِ سادي ڇو وٺجي؟
    (855) ناڻو نانگي جو هٿون تو شاباس.
    “اهڙو ڪپڙو مون کي به آڻي ڏي؛ پئسا بر وقت ڏيندوسانءِ، ناڻو نانگي جو هٿون تو شاباس”. يعني پئسا پنهنجا ڏيندس، پر توکي شاباس هن لاءِ، جو ڪم تنهن جي هٿان ٿيندو.
    C.f. The wine is the master’s, but the goodness of it is the butler’s.
    (856) نڙيءَ کان لنگهيو، نرڳ ٿيو.
    جو کاڌو نڙيءَ کان لنگي پيٽ ۾ ويو، سو دوزخ داخل (وسريو). “ڳڻچور کي ڪيترو به کاراءِ ته نڙي کان لنگهيو، نرڳ ٿيو”.
    (857) وات چوي مٺو مٺو، نڙي چوي مون نه ڏٺو.
    C.f. Eaten bread is forgotten.
    (858) نه ڪنهن جي کٿي کي هٿ لائجي، نه پنهنجو پٽ ڦاڙائجي.
    ڪنهن جي ٿوري چرچ ڪبي، ته وقتي وڏي خرابي رسندي.
    C.f. He who says what he likes, hears what he does not like.
    (859) نه ڪنهن کي سونهن سڪايو آهي، نه ڪنهن کي عقل منجهايو آهي.
    سڪبو انهيءَ لاءِ، منجهائيندي به اها شيءِ، جا پاڻ وٽ نه هوندي. هتي سونهن ۽ عقل ٻئي موجود. مطلب ته سڀ ڪو چوي ته سهڻو به آءٌ ته سياڻو به آءٌ. ڏسو. 4.
    C.f. Every ass thinks himself worthy to stand with the kings’s horses.
    (860) نهن سان ڇڄي ته ڪاتي ڇو وجهجي؟
    ٿوري ڳالهائڻ سان ڪم ڇٽي، ته زبردستي يا معاملو ڇو ڪجي؟
    (861) ڳڙ سان مري، ته زهر ڇو ڏجيس؟
    (ڳڙ، مٺ محبت)
    C.f. Take not am musket to kill a butter-fly.
    (862) نئن به تکي، ڳڙ به مٺو.
    ندي به زور پيئي وهي (لنگهڻ مشڪل)، اُن مان لنگهڻ ڪري جو ڳڙ ملڻو هجي، سو به مٺو (ڇڏڻ مشڪل). ماڻهو ڏيتي ليتيءَ جون دانهون به ڪن ۽ ڇڏين به ڪين. نئن به تکي، ڳڙ به مٺو.
    (863) نئين ڪنؤار، نوَ ڏينهن.
    نئين ڪنؤار (نئين شيءِ) ڏسڻ جو شوق ٿورا ڏينهن، پو بس.
    C.f. Use lessens marvel.
    (864) نيڪي برباد، گناهه لازم.
    چڱائي ڪر ته اها چٽ( وسري)، باقي ڪا خطا ٿئي ته اها لاڳو ڪري چون ته تو هيءَ بڇڙائي ڪئي! ڳڻچور لاءِ چئبو.
    C.f. When I did well, I heard it never; when I did ill, I heard it ever.
    (865) وات اَڌ حڪيم آهي.
    وات رکبو (ڪري ڪبي) ته اڌ بيماري ائين لهندي.
    C.f. Temperance is the best physic.
    (866) وات جي پلاه کي گيهه جو ڪهڙو صرفو؟
    وات سان ڪو وڏي ڳالهه ڪندو (نڙٻاٽ يا ٻٽاڪ هڻندو)، ته اُن ۾ رڳو زبان خرچ، تنهن ڪري سانگو نه ڪندو (جئن ايندس تئن چوندو).
    (867) ڪوڙ ته ڪهڙو صرفو؟
    (868) واتون خرار کاڄن، نڪون ڪڻو نه کاڄي.
    وات سان ] سهائيندي رستي[ گهڻو ئي کائي سگهبو؛ پر نڪ مان ]اڻ سهائيندي رستي[ ٿورو به نه کائي سگهبو. مثلاً شريڪن جو کائبو، پر کارائبو نه، ته ائين ڪيترو کائي سگهبو؟ تنهن ڪري چون ته:
    (869) وات کائي، اکيون لڄائين.
    يعني شريڪن جو کائبو وات سان، پر لڄ اکين کي ايندي. ] اکيون کڻي نه سگهبيون، جي نه کارائبو[. ڀيٽيو:
    (870) نيڪيءَ جو بدلو نيڪي.
    C.f. One good turn deserves another.
    (871) واڱڻ ڪن کي وائي، ڪن کي پيٽي.
    واڱڻ ڪن کي وائي سور پيدا ڪن ۽ ڪن کي ڀينت (ڀانءِ) پون. مطلب ته اُها ئي شيءِ ڪنهن کي ڀانءِ پوي، ڪنهن کي نه پوي.
    C.f. One man’s meat is another man’s poison.
    (872) واڻيو پنج نه سهي، پنجاهه سهي.
    اجائي پڪائي ڪندڙ وقت تي پنج روپيا (ٿورو ناڻو) ڏيئي جند نه ڇڏائيندو، پر پوءِ ڳري چٽي پونديس ته ڀريندو.
    ڀيٽيو:
    (873) پائيءَ تي پڪائي، نوٽن تي ناداني.
    C.f. Penny wise, pound foolish.
    (874) وٿ نه کٽي، وٿ جو ويٺڻ کٽي.
    شيءِ پاڻ ملهه نه ڪندي، پر سندس ويٺڻ ] ويڙهڻ جو ڪپڙو[ ملهه ڪندو. ڪتاب جهڙو تهڙو، پر جلد سهڻو ته ملهه ٿيندس.
    C.f. Fine feathers make fine birds.
    (875) وڻو لهي وڃي، رڻو ڪين لهي.
    ڦٽ ڇٽي ويندو، پر اڍنگي ڳالهائڻ جو داغ دل تان نه لهندو.
    (876) ترار جو ڦٽ ڇٽي وڃي، زبان جو ڦٽ نه ڇٽي.
    (877) ترار جي گهاءَ کان، زبان جو گهاءُ بڇڙو.
    C.f. An acute word cuts deeper that a sharp weapon.

    (878) وهي درياه جي ڀر تي، وجهي واگهوءَ سان وير.
    ساڳي آفيس يا ڪارخاني ۾ رهي، پاڻ کي ڏاڍي ]عملدار[ سان جو ساڙ وير رکندو، سو پاڻ کي نقصان پهچائيندو.
    C.f. It is hard to sit in Rome and fight with the pope.
    (879) ويئي سڱن کي، ڪن به ڪپائي آئي.
    ڪنهن فائدي جي ڪوشش ڪندي مرڳو ڪو گهاٽو پوي، ته ائين چون. ڏسو. کٽيو تنهنجو گهوريو، وڃائج م مور.
    C.f. The camel going to seek horns lost his ears.
    (880) ويئي وٿ جو قدر.
    شيءِ ويندي ته پوءِ اُن جو قدر پوندو. ]ماڻهوءَ جو قدر مرڻ کانپوءِ[
    C.f. The worth of a thing is best known by the want of it.
    (881) ويئيءَ وهاڻيءَ، دودي ناناڻا آيا.
    دودي چنيسر جي لڙائيءَ ۾ دودي جي مارجي وڃڻ کان پوءِ سندس ناناڻي پهر جا سوُمرا سندس مدد لاءِ آيا هئا. شاديءَ غميءَ وغيره ۾ ڪو وقت سر نه اچي، ته ائين چون.
    C.f. You come a day after the fair.
    (882) هاٿيءَ جا ڏند کائڻ جا هڪڙا، ڏيکارڻ جا ٻيا.
    جو چوي هڪڙي ۽ ڪري ٻي، تنهن اندر-ٻهرئي لاءِ چئبو.
    (883) هارئي کان پيتو ڀلو.
    ڪنهن جو شربت ٿي هاريو، ته ماڳهين پي ڇڏيائين ۽ ائين چيائين. ڪا شيءِ مفت زيان ٿئي، تنهن کان ڪم آڻجي ته بهتر.
    (884) هارئي کير لاءِ ڪيترو روئبو.
    کير هاربو ] ڳالهه هٿان ويئي[ ته پوءِ ان لاءِ ارمان ڪرڻ اجايو.
    “تب پڇتائي ڪيا هوت، جب چڙيان چگ گئين کيت”. ]ٻني جهرڪيون کائي وڃن، پوءِ پڇتائڻ مان ڇا ٿيندو؟[
    C.f. Do not cry over spilt milk.
    (885) هاسي، ڪرهن جي ماسي.
    کل مسخري جهيڙي جي ماسي آهي يعني اُن مان معاملا ٿين ٿا.
    C.f. A jest driven too far brings home hate.
    (886) هٿ جي ڪنگڻ کي آرسيءَ جو ڪهڙو کپ؟
    پڌريءَ ڳالهه لاءِ ثابتي گهرڻ يا ٻئي کان پڇڻ جو ڪهڙو ضرور؟
    (887) هٺ مارائيندڙ آهي.
    مطلب ته هٺ ڪبو ته خطا کائبي ]عزازيل وانگر[.
    C.f. Pride will have a fall.
    (888) هر ڪنهن جو پنهنجو ڀاڳ.
    سڀ ڪنهن جو نصيب پنهنجو پنهنجو آهي. ڏسو. 721. ڀيٽيو:
    (889) ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪا ريس؟
    (890) ماءُ ڄڻيندي، ڀاڳ نه ڳڻيندي.
    (891) ماءُ ڄڻيندي پٽڙا، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ.
    (ونڊ = ورهائي)
    (892) سج ايڪ پڇاوين (پاڇا) ڏون، پيءُ دا بخت نه پٽان نوُن.
    ]پيءُ جو ڀاڳ پٽن کي نه ملي[.
    C.f. Every man hath his lot.
    (893) هرڻي اڳيئي نچڻي، ويتر پيس گهنڊڻي.
    بڇڙي کي ڪا هشي ملي، ته هيڪاري وڌيڪ بڇڙائي ڪندو.
    (894) هڙ به گاسو، لوڪ به تماشو.
    هڙ به گسي (خرچ به ٿئي) ۽ لوڪ به پاڻ تان کلائجي! ڏسو. 413. “ڀائر پاڻ ۾ وڙهي، ڪورٽ تائين ويا، هڙ به گاسو، لوڪ به تماشو”.
    (895) هڪڙي لٽي، سهسين پٽي.
    ڌڻي ڪنهن جي روزگار جي هڪواٽ بندي، ته ٻيون هزار کولي.
    (896) هنڌ ڏسي، هاسي ڪجي.
    هنڌ ڏسي، هلت ڪجي. مهل مهل ڏسي کل چرچو ڪجي. ڏسو. 885.
    C.f. An ill- timed jest hath ruined many.
    (897) هنر واري جو هنر، بي هنر جي جند.
    هنر وارو پنهنجو هنر هلائيندو ]ته ڪم راس[، باقي بي آزمودگار جي ڀلي ته جندڳري وڃي ]ته ڪم راس نه ٿيندو[.
    (898) جي ڄڻين، سي نپائين.
    (899) هنئڙا، گهر ته گهرانءِ.
    تون مون کي پيار ڪر، ته آءٌ توکي پيار ڪريان. قرب سان قرب.
    C.f. Love begets love.
    (900) هڻ ڌيءَ کي ته سکي نهن.
    هڪڙي کي طعنو هڻبو ته ٻيو پاڻيهي سبق سکندو.
    C.f. He that chasiseth one amendeth many.
    (901) هيانءَ تتي کان، کڙي تتي چڱي.
    مثلاً ڪو نقصان پهچائڻ تي هجي ته کڙي تپائي ] پنڌ يا اُدم ڪري[ خرابيءَ کي وڃي روڪجي، رڳو من تپائبو ته ڇا ٿيندو؟
    (902) هيريءَ سندي هير، ٽنگ ڀڳي به نه رهي.
    عادتيءَ جي عادت، ٽنگ ڀڄڻ (نقصان پهچڻ) کان پوءِ به نه ويندي. “جوا ڪري ڏنڊ پيس ته به جوا نٿو ڇڏي. هيريءَ سندي هير ٽنگ ڀڳي به نه رهي”
    (903) پيو ڪرت ڪنهن جو نه مٽي.
    (پيو ڪرت = پيل عادت)
    (904) عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جاءِ، اُٺ پوي ڪڻڪ ۾، ته به ڪنڊا چڻ چڻ کاءِ.
    (905) هير، ڇني پير.
    ]چڻ چڻ = چونڊي چونڊي[.
    C.f. Habit is second nature.
    (906) يا ڏُنگهو ڏر ۾ يا ڪپو ڪڇ ۾.
    پاڻي کڏ ۾ هيٺ هوندو ۽ ڏونگهو وجهبو ته هٿ مان ڏونگهو يا ڇڏائي وڃي کڏ ۾ پوندو يا پاڻيءَ سان ڀرجي ايندو؛ جنهن ڪري پاڻيءَ سان ڀريل ڪپڙو يا دونگڙو ڪڇ ۾ کڻبو. جي دل ٻڌي ڪو ڪم ڪن ۽ نتيجي جي پرواهه نه ڪن ته ائين چون. ڀيٽيو:
    (907) ڪوُنڊي ڪي اِسطرف يا اُسطرف.
    C.f. I will either win the horse or lose the saddle.
    (908) يار اهو جو اوَکيءَ ۾ ڪم اچي.
    سچو دوست اهو جو مشڪلات ۾ ڪتب اچي.
    (909) يار سڏائي سڀ ڪو جاني زباني، آهي آساني، پر ڪم پئي ڪل پوي. 749
    C.f. A friend in need is a friend indeed.
    (910) يار جن کي ياد، سي ياد هميشه يار کي.
    ڌڻيءَ کي جيڪي ياد ڪن، تن کي ڌڻي پاڻ به ياد ڪري ٿو.
    (911) تو جني جي تات، تن پڻ آهي تنهن جي (شاهه).
    (912) پڇن جي ميهار کي، پڇي سي ميهار (شاهه).
    C.f. As you give love, so you will have love.


    ڏسڻي

    1 کان 912

    (1) آپ نه پالي، پالي ڏون!
    (2) پاڻ پني گهوڙا ڳنهي
    (3) پاڻ نه پاڙي ڪتا ڌاري.
    (4) آرسي ڙي آرسي، مون جهڙو ڪو ٻيو؟
    (5) ڪميڻو ڪپڙا ڪيو، ڏسي پنهنجو ڏيل
    (6) آزمائي کي آزمائي، سو ڇائي (ڌوڙ) منهن ۾ پائي.
    (7) جو ديکي نه پتيجائو، ڌوڙ تنهنجي منهن ۾.
    (8) آگي طعام، پيڇي ڪام
    (9) آڱريءَ ننهن ڄائو، لوڪ تماشي آيو.
    (10) آهه غريبان، قهر خدائي.
    (11) آهوُجا کائين، ماهوُجا پيٽ سوُر مرن.
    (12) آهي ته عيد، نه ته روزو.
    (13) آهي وڏ گهراڻي پر ڏندڻ پاڻيءَ سان واهپو ڪونهيس.
    (14) ڇڏ گدلائي، ڪر صفائي، تون سدا رهه اڇو، ملي ميٽ لڱن کي تون وهنجي ڌوءُ مٿو.
    (15) آءُ ته ڀيڻ ڪرهن ڪريون!
    (16) آءٌ به ويندي پيڪي، مون به لهندي سڪ.
    (17) آئي ٽانڊي کي بورچاڻي ٿي ويٺي.
    (18) آڱر يا ننهن رکڻ ڏينس ته سڄو ئي سر لنگهائي وجهي.
    (19) آيا مير ڀڳا پير.
    (20) آيو بابا ولي ته کتيجا کنئين ڇلي.
    (21) آيو مڙس رانجهو، ته هرڪو ٿيو لانجهو.
    (22) آيو ميان شير ته سڀني ڪڍايو پير.
    (23) ڪئن ڏٺي ٻلي ته دلڙي ٿين ڍلي.
    (24) اَب جو ڏنو ڪهڙي ڪم، جاسين رب نه ڏئي.
    (25) اب جو ڏنو نه ڀري، رب جو ڏنو ڀري.
    (26) ريءَ پنهنجي کٽيي سڀر ٻري نه باهه.
    (27) ابو به ڍائو، ادو به ڍائو، اڌ ڪم ڪيم هيٺ اڌ ڪيم مٿي.
    (28) ابو گسي، ڌيءُ وسي.
    (29) اَبي چاڙهي، ادي چاڙهي، مون نه چاڙهي ته ڪنهن نه چاڙهي.
    (30) اُڀ ڦاٽي کي به ڪڏهن اڳڙي پيئي آهي؟
    (31) سج به ڪو تريءَ هيٺان لڪي؟
    (32) خون کستوري ڳجهو نه رهي.
    (33) اُڀ ۾ ٿڪ اُڇلائي، سو منهن ۾ پائي.
    (34) اُٿ به ناڻو ويهه به ناڻو، ناڻي بنا نر ويڳاڻو.
    (35) اُٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو.
    (36) پئسي بنا پرساد، هروُ ڏئي نه هٿ ۾.
    (37) پئسو ناهي پاس، جيرو آه اداس.
    (38) پير عيسيٰ، پير موسيٰ، بڙا پير پئسا.
    (39) جيڪي ڪري ناڻو، سو نه ڪري راڻو.
    (40) دام ڪري، سڀ ڪام.
    (41) اٽو چي گهوٻاٽو يا اٽو ٻاٽ چي گهوٻاٽ.
    (42) اڪڀر جو مڪڀر.
    (43) اٽو کاڌو ڪُئي، مار پيئي گابي تي.
    (44) کٽيو کائي کتيجا، ڌڪ جهلي ڌيڻس.
    (45) کٽيو کائي فقير، لٺيون جهلي ڀولڙو.
    (46) اُٺان مينهان دا ڪيها ميلا؟ اوه چرن پٽ ته اوه چرن ٻيلا.
    (47) اُٺ ٻڍو ته به ٻه ڪنواٽ لهي.
    (48) وڏن ۾ وڏي ڪلا
    (49) اُٺ ڀريو به رڙي، سکڻو به رڙي.
    (50) اُٺ جي وات ۾ لوڻ وجهه ته به رڙي، ڳڙُ وجهه ته به رڙي
    (51) (ڀريل) اُٺ تان وڃڻي لٿي ته به اُٺ ٿيو هلڪو.
    )52 (اُٺ پٺيان گهنڊڻي.
    (53) پريو مڙس پيءِ نه ڪجي وڃائجي نه وهي، ڪڻڪن ۾ لابارا پوندا ماريو پوندو ڊهي.
    (54) ڏاڏي جيڏي ڏگهه سان، ٽنگ جيڏي ڪنئَار!
    (55) ميان ڳور لائق، بيبي سيج لائق.
    (56) مڙس پوڙهو زال جوان، تنهن کي ڄاڻجي ڪُک جو ڪانُ.
    )57( اُٺ جي چاڙهيء کي به لعنت ته لاهيء کي به لعنت.
    )58( اُٺ نه پڄي، ٻورن هڻي لتوُن.
    )59( اٺينءَ پيڙهيءَ، اُٺ ماڪوڙو ماسات.
    (60) اپنا مال هئي، روئسان به کائسان به.
    )61( اپني توڙ نباه، اُسڪي اوه جاني.
    )62 (اپني گهوٽ ته نشا ٿيويئي.
    )63 (اڄ جو ڪم، سڀان تي نه وجهجي.
    (64) آج نه ديکا لعل توڪل ديکونگا.
    (65) ڪل ڪري سو آج ڪر، آج ڪري سو اب.
    )66( اڃا اُٺ ڪڍن سسئي.
    (67) اڃا دهلي دور آهي.
    )68( اڃا خرار مان چوٿائي مس پيٺي آهي.
    )69 (اڃا مينهون جهنگ ۾، ڌوئي ڌريائون رڇ.
    )70( اُڃياري پيئندي، ڇڪياري ڪين پيئندي.
    )71( اُڌاري جي ماءُ ڪين مئي آهي.
    )72( اَڌ کي ڇڏي جو سڄي پٺيان ڊوڙي، تنهنجو اَڌ به وڃي.
    )73( اَڏي ڪاٺ، پڏي ٽوُئو، وچ واري کي لڳو سوُئو.
    )74( اڏيندي ڏينهن لڳن، ڊاهيندي ويرم نه لڳي.
    (75) اُستاد جي مار ڇوڪر (ٻار) جي سنوار.
    (76) پٽ ٻٽيهه لکڻو، موچڙو ڇٽيهه لکڻو.
    (77) ڇڙهيءَ جو صرفو ڪيو ته ٻار کريو.
    )78( اڪ جي ماکي نه آهي، جا لاهي وٺبي.
    (79) تيل سهانگو هو ته گدڙن به هوند چوٽيون مکيون.
    (80) ٺپ کوهه ڪين کڄندا آهن.
    (81) پهڻ ڪونئرا هئا، ته هوند گدڙن کائي ڇڏيا.
    (82) ڌيري ڌيري ڌنئرو ڄمندو.
    (83) کچڻي نه آهي جا کائي وٺبي.
    )84 (اڪن کان ٿو آما گهري.
    (85) ٻٻرن کان ٿو ٻير گهري.
    )86( اک ڦٽ ٻڌڻ، ليس تپ لنگهڻ.
    )87( اکر نه کٽي، مڪر کٽي.
    )88( اُکرين ۾ مٿا وجهن، سي مهرين کان نه ڊڄن.
    (89) جي گهڙندا سوڙهين، سيلهه به لڳندا تن.
    (90) سيلهن ۾ جي هٿ وجهندا، سي سور به سهندا.
    )91( اک ڪڍڻ سولي، پر وجهڻ اولي يا ڏکي.
    )92( اک ۾ گهاڻو، ته به مٺو جڳاڻو.
    )93 (اکين لؤنگ لڳا، جافر ويا وسري.
    )94( اڳياڙي تڏهن سرهي، جڏهن پڇاڙي سرهي.
    )95( اڳين پاڻي، پوين چڪ.
    (96) جو اڳي، سو تڳي.
    (97) اگهائي ته ڪَچُ، نه ته ماڻڪن موٽ ڪري.
    (98) اهڙو ئي الله، جو پورهيتون پيش ڪري.
    (99) ڏس آگي جا اسرار جو عيبدار اڳي ڪري.
    )100( اگهه ڪنهن وڌو؟ چي؛ “جنهن جي نه سري!”
    (101) اگهه کٽيو کائجي وٽ کٽيو نه کائجي.
    (102) اگهه مٺي ڪ الله مٺي.
    (103) هڪڙا ڏک، ٻيون ڏونگريون.
    (104) اڱر ڪوسا ته هٿ ساڙين، جي ٿڌا ته هٿ ڪارا ڪن.
    (105) اڱرن پيٺي هٿ ڪارا.
    (106) اَمل ماڻڪ هجي پيٽ ۾ ته بکي منهن ۾.
    (107) جن جي منهن مڻيا، سي پاڻيهي پڌرا.
    (108) انبن جون سڪون انبڙين مان نه لهن.
    (109) انبن سندو ساءُ، ڪٿان اچي اڪ ٽٽڙن مان.
    (110) ان پلي، ذات ڀلي.
    (111) پيءُ سندس پيهون ڪٽيون، ڏاڏي سندس ڌاڻا، اڳي پڇائون ٿي ذات پات، هاڻي پڇن ناڻا.
    (112) لڇمي، ڪُلَڇڻ ڍڪي.
    (113) موڳو پنهنجي مانيءَ مان پيٽ ڀري کائي، وڃي وهي مجلس ۾ ته سڀني سهائي؛ چريو ڳالهائي، ته به بختاور بودلو.
    (114) اَن جو منهن، جنڊ ڏي.
    (115) اندر اڇو نه ڪري، ڌوئي ٿو ڌاڳا.
    (116) من نه ٿيو مسلمان، ڪلمو پڙهيو ته ڇا ٿيو.
    (117) اندر ٻڏ ٻهون، ٻاهر آٽڻ ان جو.
    (118) انڌا رکن روزا ته ڏينهن به ٿين وڏا.
    (119) انڌن آندو، ڪتن کاڌو يا ٻلن چٽيو.
    (120) انڌي پيهين، ڪتي چٽي.
    (121) انڌن ۾ ڪاڻو، راجا.
    (122) ٽنڊن ۾ منڊو، پهلوان.
    (123) انڌن، وڃي ملتان لڌو آهي.
    (124) انڌو ۽ اڻ سونهون، ٻئي هڪ آچار.
    (125) جوينده، يابنده
    (126) ڏورڻ واريون ڏور، هڏ نه آهن هوت کان.
    (127) لوچ ته لهين لعل کي، ڏور ته پويئي ڏس.
    (128) انڌو وهي کڏ تي، چي؛ “مونکي ڏسيئي ڪو ڪونه ٿو.”
    (129) انڌي اڳيان آهري، ڪر تئو ٽنگيو پيو آهه.
    (130) اڄاڻ کي جهڙي مصري، تهڙي ڦٽڪي.
    (131) انڌي کي جهڙو ڏينهن، تهڙي رات.
    (132) انڌي گهوڙي ڪل ۾.
    (133) انسان، اونڌي ڪوپري آهي.
    (134) طمع سندو طس، ڀريو ڀرجي ڪينڪي.
    (135) انسان، خطا جو گهر.
    (136) انسان ته نسيان
    (137) بندو، ڀلو ئي بيٺو آهي.
    (138) عيبن کان آجو، هڪ الله.
    (139) اُڻائي به ويئي، تڻائي به ويئي، وري ڪپهه جي ڪپهه.
    (140) اڻ سرنديءَ سڀڪو ٽري، کرو ڪو سرنديءَ ٽري.
    (141) سرندي کون ٽالو، ورلو ڪو گرمک ڪري.
    (142) اڻ گهريو، ماءُ به پٽ کي نه ڌارائي.
    (143) اهاري، وهنواري، لڄا ڪري ته هاري.
    (144) شرع ۾ ڪهڙو شرم؟
    (145) اڻندو اُهائي، جا هوندي ڪوريءَ جي من ۾.
    (146) ڏوري ڏاتار جي هٿ ۾.
    (147) واڳ ڌڻيءَ جي وس.
    (148) مجيدا! ڪون ڪهي صاحب ڪؤن؛ يوُن نا ڪرو تم يوُن ڪرو.
    (149) جيڪي موليٰ ڪندو سو ٿيندو.
    (150) اوٽ پڙي موٽ ۾، ڪنؤار پڙي گهوٽ ۾.
    (151) اُونڌيون پاٽيون، پاسيرا ٽويا.
    (152) اُها زبان اُس ۾ وهاري، اُها ڇانءَ ۾ وهاري.
    (153) اُها ڪڪڙ مري ويئي، جا سونا آنا ڏيندي هئي.
    (154) اهي تنيا ئي مري ويا، جي گهٽا ڏيندا هئا.
    (155) اهي دفتر ئي، ڪتا کڻي ويا.
    (156) اهي لالڻ ئي، لڏي ويا.
    (157) اهي وڻ به ويا، واهيرا به ويا.
    (158) اهو سون ئي گهوريو، جو ڪن ڇني.
    (159) اها ساهه ئي گهوري جا سر تڪي.
    (160) اهڙو ڪم ڪجي جو لعل به لڀي، پريت به رهجي اچي.
    (161) اُهو ڪي ڪجي، جو مينهن وسندي ڪم اچي.
    (162) اُهو وڻ ئي ڪونهي، جو واءُ نه لوڏيو آهي.
    (163) اهو ئي هٿ کير ۾، اهو ئي هٿ نير ۾.
    (164) اياڻو چوي، سياڻو ويڃائي.
    (165) نادان بات ڪري، دانا قياس ڪري.
    (166) ايڪ تندرستي، هزار نعمت.
    (167) ايڪ پنٿ، دو ڪاج.
    (168) بابل گهر گهوڙي ته ڪا مون هڻ هڻ؟
    (169) باپ جي کٽي ۽ آپ جي کٽي وڏو سنڌو.
    (170) باري کڻن بار، ڪونهي ڪم ڪچن جو.
    (171) اُٺن جا بار به ڪي گڏهه کڻن؟
    (172) باسڻ هڪڙو کڻي، ٺڪر گهڻن کي اچي.
    (173) وٽو کڻي هڪڙو، واٽ وڃائي سڀني جي.
    (174) باهه ۽ پاڻي، ٿورا ڪري نه ڄاڻجن.
    (175) بچائي فقير، پوءِ-ڍائي کان.
    (176) پوئڍائي کان قرض نه کڻجي توڙي لک لٽائي، ماءُ جنهنجي جنڊ ڪڍڻي، پٽ ڦرڪا پائي.
    (177) سڪي سڪي مڙس ڪيائين ٻي جا ٻڌائين سڳي، اڳي کاڌاءِ لوڙهه مڇي، هاڻ لڏڻ لڳي (زنانو)
    (178) ماءُ بٺاري، پٽ ڳاٽي ڀڳو.
    (179) ماءُ موُري، پيءُ بصر، پٽ ٻنهي کان ڪسر.
    (180) ماءُ موُري، پيءُ بصر، ڌيءُ دا نانءُ گلِ زعفران.
    (181) بڇڙو ڪتو، ڌڻي پڻائي.
    (182) ڪتا! تو نه منهن، تنهنجي ڌڻيءَ منهن.
    (183) بختاورن جا ڍڳا به ويامن.
    (184) دولتمندن جا ڏاند به ڏڀن.
    (185) بدن ۾ دم نه ٺهي، نالو؛ زوراور خان !
    (186) ڪم قوت غصا بهت، مار کاني ڪي نشاني.
    (187) بڙا ڪهاوڻ بڙا دک پاوڻ، ڇوٽي ڪا دک دوُر.
    (188) بسياري، خواري.
    (189) بک بڇڙو ٽول، دانهه ديوانا ڪري.
    (190) پيٽ ۾ نه جيسين روٽي، تيسين ڳالهه مڙيوئي کوٽي.
    (191) بکئي کي بصر سان روٽي رکيائي، سيري کان سواد ۾ ڏيڍي سوائي.
    (192) بک ۾ بصر به مٺا.
    (193) بکئي جون اکيون چلهه ۾.
    (194) بکئيءَ کي بٺ به ڏور.
    (195) بک وچان، اُگهڙ ياد نه آهي.
    (196) بندي جي من ۾ هڪڙي، صاحب جي من ۾ ٻي.
    (197) بڻي ته بڻي، نه ته دال روٽي گهڻي.
    (198) بيعقل جي بلا، دوُر.
    (199) بيعقل کان، بي ڏاڙهيو ڀلو.
    (200) بيعقل بازار ۾ کڻجي نه ساڻ، پهرين ڪٽائي پاڻ، پوءِ ڪٽائي سنگتي.
    (201) مورک ماڻهو ۽ ٻه-گهر-ٻارو، ٻئي ٻن ڏجن.
    (202) بيک کي ٽيڪ.
    (203) ٻاٻل آچاري، پر ڪو مڃي.
    (204) ٻارڻ ٻهوُن ڪجن ته به رڙا رجهن ڪينڪي.
    )205( اڪ آمو نه ٿئي، توڙي ڦُٽي ڪري ڦَرُ.
    )206) اڪنا مت الله دي، اڪنا سک لئي، اڪ سکندي ڀي نا سکي، جئسي پٿر بوند پئي.
    (207) ڌاتوري ڌاري جي ڪجي ڪار ڪماند جي، اصل انهيءَ پار جو ڏينا ڏيکاري.
    (208) دُم سگ، راست نشود.
    (209) ڪلر منجهان ڪين ٿئي، توڙي جال پيارينس جر.
    (210) ٻاليتو، نه ماليتو.
    (211) ٻاهران جاپ بوءِ، اندران ڪاپ بوءِ.
    (212) قلب ۾ ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنج جي.
    (213) منهن جو مٺو، اندر جو ڪارو.
    (214) منهن ۾ ملو، دل ۾ ڪاسائي.
    (215) منهن ته آهريان ئي اُجرو، قلب ۾ ڪارو.
    (216) منهن تي موسيٰ جهڙو، عادت ۾ ابليس.
    (117) منهن ته موسيٰ جهڙو، سيرت شيطاني.
    (218) موُن ڀانيون درويش، پر بازن کان ئي بڇڙو.
    (219) وات ۾ ماکي، دل ۾ ڪاتي.
    (220) هٿ ۾ مالا، اندر ۾ ڀالا.
    (221) ٻاهران چکي مکي، اندران بڙ بڙ دکي.
    (222) اڇي پڳ نه پس، اندر مڙيئي اڳڙيون.
    (223) اڇي ڏاڙهي، نانءُ دلبر.
    (224) چٽيو واڱڻ، پٽ جو رومال.
    (225) ڏوُران ڏاڙهي، اوريان ڪک.
    (226) ٻائي ٻير، اڍائي سير.
    (227) ڌوڙ ڇائي ٻڪ اڍائي.
    (228) ڌوڙ ڌاڻيون اٽي چاڻيون.
    (229) ڌوڙ ڌڪا، دانگيءَ پڪا.
    (230) ڌوڙ پيس، ڌڙڪي ويس.
    (231) ڌوڙ ڌنيتيءَ منهن ۾، رابيان منهن ۾ رک.
    (232) ٻائي جي ٻانهي، پکي سوُنهين پنهنجي.
    (233) هر هر هورائي وڃڻ در دوسن جي.
    (234) جيڪي گهر ۾ ڪين گذارينديون، تن کي لوڪ ميارون مارينديون.
    (235) ٻه ڀائر ٽيون ليکو.
    (236) شريڪت ۾ مريڪت ڇا جي؟
    (237) ٻه ته ٻارهن.
    (238) جيڪي اتفاق ۾ آهي، سو نفاق ۾ ناهي.
    (239) جيڪي اُلفت ۾ آهي، سو ڪلفت ۾ ڪينهي.
    (240) ٻٽيهن ڏندن مان شڀ ٻولجي.
    (241) ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جو لوهه به چڱو.
    (242) ٻري تيل، کامي وٽ، واهه ڙي ڏيا واهه!
    (243) وڙهن سپاهي، نالو ٿئي سردار جو.
    (244) ٻه شينهن ٻيلي ۾ نه ماپن.
    (245) ٻڪري جنهن وڻ سان ٻڌجي سو وڻ چري.
    (246) ٻڪري کير ڏئي، ڦولهڙين گاڏڙ.
    (247) ٻڪريءَ کي ساس جي، ڪاسائيءَ کي ماس جي.
    (248) ٻه گدرا هٿ نه اچن.
    (249) ٻه تراريون هڪ مياڻ ۾ نه ماپن.
    (250) ڪيئن مائيندا من ۾ خودي ۽ خداءِ، ٻن ترارين جاءِ، ناهي هڪ مياڻ ۾.
    (251) ٻليءَ شير پڙهايا. ڦير ٻلي ڪون کاوڻ آيا.
    (252) چڱائي ڪر ڄٽ سان، ته ڄٽ ڦيري هڻي پٽ سان.
    (253) ٻلي کائيندي ڪين ساري، کنگهندي ساري.
    (254) ٻليءَ کي خواب ۾ ڇڇڙ.
    (255) جي جاڳندي، ستي به سيئي.
    (256) ٻني سائي جي سائي، گاهي بکئي جو بکيو.
    (257) چوري نه موري، موري ته به گهوري.
    (258) ڪک چور، سو لک چور.
    (259) ٻي سڀڪا ويٺي ڏڀي، بيٺي ڏڀي اُٺ.
    (260) ڀاونا ڀاڙو، هر ڪنهن کي ڏئي پانهنجو.
    (261) جهڙي نيت، تهڙي مراد.،
    (262) نيت خاص، مراد حاصل،
    (263) نانڪ نيت صاف ڪر ته درگهه پوين قبول-
    (264) ڀتين کي به ڪن آهن.
    (265) ڀڄندڙن جي اڳ ۾، لڪندڙن جي پٺ ۾.
    (266) جيڏانهن ڏسي تيري، تيڏانهن پائي ڦيري.
    (267) موچڪي رنبي حلال ۾ به وهي حرام ۾ به وهي.
    (268) ناني نُوري جتي ڪٿي پُوري.
    (269) ڀريءَ ڇني کان، ڀيري ڇنو چڱو.
    (270) ڀري ماري، ڀيرو نه ماري.
    (271) ڀڳڙن کاڌي هٿ ڌوتا ئي پيا آهن.
    (272) ڀڳو گهڙو، ڍؤن ڍؤون ڪري.
    (273) ڀڳي سان ئي ڀير جسين رتو راس ٿئي.
    (274) ڀلو ڪر ته ڀلو ٿئيئي.
    (275) ڀلي ڀلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀلي.
    (276) تاڙي هڪ هٿي نه وڄندي آهي.
    (277) ترت دان، مها پڃ.
    (278) تر جي گٿي، سؤ چوٽون کائي.
    (279) تڪڙي ڪتي، انڌا گلر ڄڻي.
    (280) تڪڙ ڪم شيطان جو.
    (281) تڪڙ ۽ طمع ڇا لڳي.
    (282) تون ڪير؟ چي؛ “سکيو”
    (283) ترار ٻڌڻ کان توبهه ڪيم، جيسين رب جياري.
    (284) ٿڌو گهڙو، پاڻ کي پاڻيهي ڇانءَ ۾ وهاري.
    (285) ٿورو ڏسي اَرهو نه ٿجي، گهڻو ڏسي سرهو نه ٿجي.
    (286) شڪر ڪر صحيح، ته توئي سان توهه ٿئي.
    (287) ٿوري کٽئي، گهڻي برڪت.
    (288) ٿوري گرهين، گهڻو کائجي.
    (289) ٽٽوُنءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.
    (290) انسان کي اکر بس.
    (291) انسان اهو جو پنءَ مان پروڙي
    (292) ٺڙ ڪجي ٺڪاءُ ڪجي، اڳلو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄجي
    (293) ٺڪر وٺجي ته به ٺوڪي وٺجي.
    (294) ٺلهو چڙو وڄي گهڻو.
    (295) ٺونٺ لڳي، ساهيڙي ڀڳي.
    (296) پاپ جو گهڙو ڀرجي ڀرجي نيٺ ڦاٽي.
    (297) پاپ ڪي مايا پراڇت جاءِ.
    (298) پاڙو، اَبو اَمان آهي.
    (299) پاڻ مرندي، ڪهڙا سيڻ؟
    (300) پاڻ نه پلي پوپري، لوڪان متيون ڏئي.
    (301) اور اُپديس، آپ نه ڪري.
    (302) پائجي ته وڏي ڍيران پائجي.
    (303) ڇڪ منجهي، ته سج ڏي نهارجي.
    (304) پت، نُهن تي پاڻي آهي.
    (305) پٽ ٿي گذار، ته سگهوئي پيءُ ٿين.
    (306) ادب آهي ڇٽ، صاحب سنديءَ ٻاجهه جو.
    (307) پٽ پراڻو ته به ڪو جنڊ جو نائو.
    (308) هيرو ڌوڙ ۾ ڪرندو ته به ملهه ڪين گهٽبس.
    (309) پٽ پيٽون، ناٺي اکيون.
    (310) پٽ ڪپٽ، پينگهي ۾ پڌرو.
    (311) ٻار، ٻاروتن ۾ پڌرو.
    (312) پڇڻا، نه منجهڻا.
    (313) پرائي آس، ڪني جي لاس.
    (314) پرائي آس، اُپواس
    (315) ڦٺ تنهن جي جيئڻ کي جو رکي پرائي آس.
    (316) آهر جي آسري جهنگ نه چنائون، ساوا گاهه پٽن تي بيٺي ڏٺائون.
    (317) پرائي بودون، ڪاٺ ڪپهه کان ڪوُنئرو.
    (318) پرائي پلاهه کان، پنهنجي پڇ به چڱي.
    (319) پرائي دهلين، احمق نچي.
    (320) پرائي ماڙي ڏسي، پنهنجو ڀونگو نه ڊاهجي.
    (321) باز جي ريس ڪري اُڏاڻي چڙي، چڻو هوس چهنب ۾ سو به پيس ڪري.
    (322) پرڻ چوي ڏونگهي کي؛ هل ڙي ٽه ٽونگا!
    (323) مينهن پنهنجي ڪارنهن نه ڏسي، ڳئون کي چوي؛ ھل پڇ ڪاري.
    (324) پڙهي پاڻ نه ڄاڻي، ماري کتابي.
    (325) اُٿي پاڻ نه سگهي، لک لعنت گوڏن کي.
    (326) پڪيءَ ٻير ۾، سڀ ڪو ڀتر هڻندو.
    (327) پڳ کان، بتانو وڏو.
    (328) پلاءَ جهڙي پدمڻي جي هڪي حاضر هوءِ، ڊوُسي وجهجي پيٽ ۾ مر پيٽ ڦاٽي پوءِ.
    (329) پنج ئي آڱريون برابر نه آهن.
    (330) پنڌ کان، ڪتي جي وات ۾ چڱو.
    (331) پنهنجي پٺ، ڪنهن ڪا نه ورائي ڏٺي آهي.
    (332) پنهنجي ڌنئري کي ڪير کٽو چوندو.
    (333) پنهنجي، سنهنجي.
    (334) پنهنجي ڪکين، ڪوئي نه لکي.
    (335) پنهنجو کائجي، گوبند ڳائجي.
    (336) جهڙو سمر آپڻو، تهڙو مٽ نه ڪوءِ.
    (337) پنهنجي ڪئي جو، نڪو ويڄ نڪو طبيب.
    (338) هٿان پيئي نانڪا، در در ڌڪا کاءِ.
    (339) پنهنجي گتيءَ، پؤُ گڏه کي پيري.
    (340) وقت ڪري واڪا، ته گهوڙو گڏهه کي چوي ڪاڪا!
    (341) پنهنجي گهر جهڙي به ڪا ٻي بادشاهي؟
    (342) پنهنجو گهر ڪن سان ڪري ڀر، پرائو گهر ٿڪ اُڇلي ڏر.
    (343) پنهنجو گھر، داتا جو در.
    (344) جو سک اپني چوباري ۾، سو ناهين بلخ بخاري ۾.
    (345) پنهنجي گهر ۾، ٻلي به شينهن.
    (346) پنهنجي لاهي جنهن هٿ ۾ ڪئي، تنهن کي ٻئي جي لاهيندي ڪهڙو ڀؤُ؟
    (347) لنگهي لاٿي لوئي، ڪيا ڪريگا ڪوئي.
    (348)نانگو ننگان نڪتو، نانگي ڪهڙو ننگ.
    (349) ميهار مينهن مان نڪتو، ته وڇن ڪهڙي پارت.
    (350) پوکين تانڪي پوک، جيسي پاڻي اٿيئي پاڙ ۾.
    (351) پهير چور ٿئي، ته واهي ڪيترو وهي.
    (352) پئسي پلو مهانگو، رپئي پلو سهانگو.
    (353) پيٽ ٻه ٻاهين، چنتا ناهين.
    (354) پيٽ ڀريو، ته منهن ڪارو ئي سهي.
    (355) ڦٺ بجو ڪج، پر گيهه ذرو ڏج.
    (356) ناڪ ڪٽا تو ڪٽا، پر گيهه تو چٽا.
    (357) پيٽ ڀر، پٺي لڏ.
    (358) پٺي مار، پيٽ نه مار.
    (359) پيٽ نه هجي ته سونيون ڀتيون اَڏجن.
    (360) پيٽ، بري بلا.
    (361) پٽيندي پيٽ کي ويو ڄمارو ڄٽ، هو جو مٿي کٽ، سو پڻ پٽي پيٽ کي.
    (362) پير کي ڪم، ٺڪاءَ سان.
    (363) وهي نه وهي، وٺ رينگٽ کي.
    (364) پيو پر، ويو گهر.
    (365) پينچن ۾ پرميسر.
    (366) بجا ڪهي جسي عالم، اُسي بجا سمجهو، آوازِ خلق ڪو، نقاره خدا سمجهو.
    (368) پيئيءَ ليئيءَ، ڌيءُ ڪم اچي.
    (368) ڦاٽڙي نه سبي، سا راجا نه راڻي.
    (369) ڦڙي ڦڙي تلاءُ.
    (370) ڦورو نه ڦولهي، شل سنئين پئي صراف کي.
    (371) عدل ڇٽان آ نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو!
    (372) جا بندي کي بار، سا صاحب کي سٿري.
    (373) جاڙي جڳ سنئَين.
    (374) جاڻ ته جواڻ.
    (375) جاءِ چوي جوڙائي ڏس، شادي چوي ڪري ڏس.
    (376) جبل سان مٿو هنئي، نيٺ مٿو ڀڄي.
    (377) گدرو ڪري ڪاتيءَ تي ته به گدري جوکو، ڪاتي ڪري گدري تي ته به گدري جوکو.
    (378) سر سندي آڪاس ڪون، ڦر ماٿي آوي.
    (379) جتي اُٺ ترندو، تتي پڇ به ترندو.
    (380) جتي پاڙا، تتي ڍيڍ واڙا.
    (381) جتي ويڙها، تتي جهيڙا.
    (382) جتي پڄڻ نه آهي پهت، اُتي ڀڄڻ ڪم ڀلن جو.
    (383) جتي پڄڻ نه آهي جاءِ، تتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.
    (384) جتي روشني ۽ هوا، تتي ڪانهي تانگهه طيب جي.
    (385) جتي لوڀي هجن، تتي ٺوڳي بک نه مرن.
    (386) ڪڇ ڦريو جوڳين، سنڌ ڦري ٺوڳين.
    (387) جتي ماني، تتي ماڳ.
    (388) جتي هر، تتي گهر.
    (389) جتي وڻ نه آهي، تتي ڪانڊيرو به درخت.
    (390) جڏهوڪا مينهن، تڏهوڪيون چڪيون.
    (391) اڳي اڳي، گورک جاڳي.
    (392) جئن چر تئن خير.
    (393) سڌ تي ٻڌ.
    (394) جر نئيس، جيڏي نه نئيس.
    (395) جڙيءَ کي جس.
    (396) هڪڙي ڪپڙي کير ڀري، ٻي به ڏيندو الله.
    (397) جڳ مڙيو ئي جوابازي، ڪن کٽي، ڪن هاري.
    (398) ٻيو سڀ رهندو هت، نيڪي نيندين پاڻ سان.
    (399) جن آهرن ۾ کائي ڏٺو، سي توٻرن ۾ ڪيئن کائين؟
    (400) جن کاڌا پلن جا پيٽارا، تن جا هينئڙا ويچارا.
    (401) جن جو هتي کپ، تن جو اُتي به کپ.
    (402) جنڊ به وار، بٺ به وار.
    (403) وارا، ڄمارا آهن.
    (404) اڄ همان، سڀان تمان.
    (405) اڻٽيهه راتيون چور جون، ته ٽيهين رات ساڌ جي.
    (406) سس جا سؤ ڏينهن، ته ننهن جو به هڪڙو ڏينهن.
    (407) جنڊ کڻ ته جنڊ ڳؤرو، پڙ کڻ ته پڙ ڳؤرو.
    (408) جن کي ڏنيون ڄايون، تن سان ڪهڙيون باهيون.
    (409) جنهن اُڀرندي تاءُ نه ڪيو، سو اُلهندي ڇا ڪندو؟
    (410) جنهن تن لڳي، سو تن ڄاڻي.
    (411) جتي باهه ٻري، تتي سيڪ اچي.
    (412) جتي باهه ٻري اتي جاءِ جلي، پاڙيوارن ڪهڙو سيڪ؟
    (413) جنهنجو جو ڪم سو ئي ڪري، ٻيو ڪري ته گهاٽو ڀري.
    (414) جسڪا ڪام تسڪو ساجي، اور ڪري تو ٺينگا باجي.
    (415) جنهنجي واٽ نه وڃجي، تنهنجو پنڌ به نه پڇجي.
    (416) جنهن جي وڃجي گهر، تنهن جي ڪجي پر.
    (417) جهڙو ديس، تهڙو ويس.
    (418) جهڙو راءُ، تهڙي رهت.
    (419) جهڙو لڳي واءُ، تهڙي ڏجي پٺ.
    (420) جهڙو سمر، تهڙي سامگري.
    (421) ڌيئڙي سو ڪر، جو ڏٺءِ ماءُ گهر، ننهڙي سوڪر، جو ڏٺءِ سس گهر. (زنانو).
    (422) واءُ ڏسي، گاهه به نمي.
    (423) هڪ ٽنگيي جي ملڪ ۾ وڃجي، ته ٻي ٽنگ کڻي لڪائجي.
    (424) جنهن جي ويلا، تنهن جي رکيا.
    (425) جنهن جي هيڪار ڪيائين ڪوڙي ٿئي، تنهين تي ٻيهار، سچي ساک نه وسهان.
    (426) جنهنجي هٿ ۾ ڏوئي، تنهنجو مٽ هر ڪوئي.
    (427) بيٺل جو، سڀڪو يار.
    (428) جتي ماکي، تتي مک.
    (429) جنهن ساس ڏنو آهي، سو گراس به ڏيندو.
    (430) جني ڏاند نه ٻج، تني سندس آسرو، اول رسائي انهن کي پوءِ اڀاري سج.
    (431) سر سر رزق، سنباهي ٺاڪر.
    (432) جني ڀؤُ، تني ڍءُ.
    (433) جيترو قاعدو، تيترو فائدو.
    (434) جني ڪاڻ ڪيم لائي چائي، سي نه ٿيم سُورن ڀائي.
    (435) جني ڪاتر ڪوڙ ڪمايم، ڪم نه ساڳيا سيئي آيم.
    (436) جني ڪاڻ مياس، سي ڪلهي ڪانڌي نه ٿيا.
    (437) ڪني جي ڪاڻ، ڳئون چاريم ڳوٺ جون.
    (438) ڪڏهن هاڙھي هياس، اڄ ڀِچان ڀيچي ڪو نه ٿئي.
    (439) جني مٿي مامرا، سي ڪيئن ننڊون ڪن؟
    (440) جني منجهه مڻيا، سي لڪا وتن لوڪ ۾.
    (441) جوا هارائڻ واري جو اڌ منهن ڪارو، کٽڻ واري جو سڄو منهن ڪارو.
    (442) جو ڊوڙندو، سو ٿڪبو.
    (443) جوَ ڍيري، گڏه رکپال.
    (444) جهڙا رُوح، تهڙا ختما.
    (445) جهڙا ڪانگ، تهڙا ٻچا.
    (446) اٺوءَ جي آڪهه ئي هڪڙي.
    (447) جهڙي ٻني تهڙو ٻج، تنهن جي سلي ڀر به ڊڄ.
    (448) جهڙي تاڃي تهڙي پيٽي، جهڙي ماءُ تهڙي ٻيٽي.
    (449) جهڙي مائي، تهڙي ڄائي
    (450) جهڙي ڇالي تهڙي پني، هن لاهي هن کي ڏني.
    (451) کوڙيءَ کي گهمرو.
    (452) جهڙو اَن، تهڙو من.
    (453) جهڙو ٻُوٿ، تهڙي چماٽ.
    (454) جهڙو منهن، تهڙو موچڙو.
    (455) جهڙو حال حبيبان، تهڙو پيش پريان.
    (456) حال پريان نال.
    (457) جهڙو وڻ تهڙو ڦر.
    (458) جنهن جو بڻ بڇڙو، تنهن جو ميوو مٺو نه ٿئي.
    (459) جهڙي ڀت، تهڙو چٽ.
    (460) جهڙي پوک پوکبي، تهڙي لڻبي.
    (461) جوَ پوکي، ڪڻڪ ڪو ڪو نه لڻندو.
    (462) ڪرند پسند، ڏيند لهند.
    (463) جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي.
    (464) جهڙي سٺ، تهڙيون ٽي ويهون.
    (465) جهڙا اڍائي، تهڙا ساڍا ٻه.
    (466) جيترا وياءَ، تيترا هيانءَ.
    (467) جيڏا اُٺ، تيڏا لوڏا.
    (469) ايندو سڀڪو ڏسي، ويندو ڪو ئي نه ڏسي.
    (470) جيڏو پٽ، تيڏي بکيا.
    (471) جيري لاءِ ٻڪري نه ڪهجي.
    (472) جيسين ڍائو ساهه کڻي، تيسين بکئي جو ساهه وڃي.
    (473) جيسين للو کڻي لٺ، تيسين ڪرهه اُجهاڻي.
    (474) جيڪا ڌاريان ٻڪري، تنهن لمندا ڪن.
    (475) جيسين ساس، تيسين آس.
    (476) جيڪي ڪري گيهه، سو نه ڪري ماءُ پيءُ.
    (477) اَن وڌائي اوجهري، گيهه وڌائي کوپري.
    (478) جيڪي کوهه ۾ هوندو، سو آنهن ۾ پوندو.
    (479) جيڪي ڪني ۾ هوندو، سو پاٽ ۾ پوندو.
    (480) جيڪي هوندو ڀاڳ ۾، سو وهي پوندو پاڳ ۾.
    (481) جيءُ خوش ته جهان خوش.
    (482) آپ سکي ته جڳ سکي.
    (483) جيئڻ ڀلو آهي اُن جو، جو جيئي ٿو ٻين لاءِ. مرڻ ڀلو آهي اُن جو، جو جيئي ٿو پاڻ لاءِ.
    (484) پيٽ، ڪتا به پيا پاڙين.
    (485) ڄڀ جي ترڪڻ کان، پير جو ترڪڻ چڱو.
    (486) ڄڱر ۽ ڄار، اگهه مڙيوئي هڪڙو.
    (487) ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا.
    (488) رڍون مڙيئي ڪارَ-ٻوٿيون!
    (489) ڄمندي ڄام، ڪو ڪو نه ٿيندو آهي.
    (490) ماءُ پيٽان ڪو سکي ڪو نه ايندو آهي.
    (491) جهجهي هوند، جهجهو فڪر.
    (492) جتي گنج، تتي رنج.
    (493) جهنگ، پنهنجا رنگ.
    (494) جهيڙو کهه پيو جهيڙو، جهيڙو ته گلي جو هار جهيڙو.
    (495) چاڪريءَ چور، نيوالي حاضر.
    (496) کائڻ مهل کرو، ڪم مهل ٻرو.
    (497) کائڻ وير مڙس، هاج وير ڇوڪر.
    (498) چاڪريءَ ۾ آڪڙي ڇا جي؟
    (499) چانڊيا چور، شابڙاڻي شاهد.
    (500) چورن جا ڀائر، ڳنڍ ي ڇوڙ.
    (501) چريءَ کي چوڙو، ڪڏهن ٽنگ ۾ ڪڏهن ٻانهن ۾.
    (502) چرين جا پور مٿي جا سور.
    (503) چرين ڪهڙا چت مئَن ڪهڙا مامرا.
    (504) چريا، “ڪئَن”؟ چي ويران وير وڌ.
    (505) چريا ڏيئي چار، واڇان وٺجي هڪڙي.
    (506) چريا چرين گڏيا، عيد مبارڪ!
    (507) چريو ته به گهر ڏي وريو.
    (508) چري آهي، چڪي آهي، پنهنجي پهه تي پڪي آهي.
    (509) سڀڪو پنهنجي ڏر تي ڏاهو آهي.
    (510) ڪو چريو ته به ڀتر اُڇلي گهر ڏي.
    (511) چڱائيءَ کي چار، ڳڻي هڻجن موچڙا.
    (512) چڱن جي چڱائي، پوءِ به پيئي ڳائبي.
    (513) چڱو ڀلو کائي اَن، نا چڱو کائي ڌن.
    (514) چلهه تي، سو دل تي.
    (515) چلهه کان دوُر، سو دل کان دوُر.
    (516) سيئي سڳا سيڻ، جني پکا اوڏڙا.
    (517) ڀت پيئي، وٿ پيئي.
    (518) ڪنڌيون پار، قنڌارون پار.
    (519) چنڊ کي ڏهي، پوءِ سڄي پاڳ.
    (520) چور کي، پنهنجو ڪيتو پيو کائي.
    (521) چونڊيندي چور، وڃي بيٺا ککڙين تي.
    (522) چوڻ ۽ ڪرڻ ۾، وڏو ڦير آهي.
    (523) چوڻيءَ هر ڪو چئي، کرو ڪو رهڻيءَ رهي.
    (524) ڇوڪراڻي پوتي، ڪنهن نه ڌوتي.
    (525) ٻار نيٺ به ٻار.
    (526) ٻار ٻاراڻي ڪئي، تون ڏس پاڻ ڏي.
    (527) حجتي، لعنتي.
    (528) حلوي حلوي چوندي، وات مٺو نه ٿيندو.
    (529) ان پاڻي جي نانءَ سان، بک اُڃ ڪين لهي.
    (530) ننگر پهچي ڪونه ڪو، بنا پنڌ ڪئي.
    (531) حمائتڻ گڏهه، عراقڻ کي اِٽيون هڻي.
    (532) حيلي رزق، بهاني موت.
    (533) خرچ کاءُ، ڏئي شاه.
    (534) خرخسو نه خالي، آڌيو نه ته پائلي.
    (535) دال روٽي کاڌي ڌن کٽي ته کٽڻ ڏي.
    (536) ڏندڻ ڪندي ڏند گسن ته گسڻ ڏي.
    (537) ڦڻي ڏيندي وار کسن ته کسڻ ڏي.
    (538) سچ چوندي يار رسن ته رسڻ ڏي.
    (539) دائي کان پيٽ ڳجهو ڪونهي.
    (540) درياه ڀر تي ڇوڪر ڪڏي اڄ نه ٻڏي سڀان ٻڏي.
    (541) نالو جيئو، هٿ وجهي نانگن جي ٻر ۾، سو به نه جيئو.
    (542) دک بنا سک، ڪونهي.
    (543) رنج بنا گنج، نه ٿئي.
    (544) دک ۾، سڀڪو هر ڀڄي.
    (545) دل کوٽي ته عذر گهڻا.
    (546) دل سوڙهي نه هجي، ته جاءِ سوڙهي نه چئجي.
    (547) دولت، نهن کان ماس وڇوڙي.
    (548) مايا ڇلڻي آهي.
    (549) دير پيا، درست ٿيا.
    (550) ڌرت پڙيئي، ڌرم نه ڇوڙيئي.
    (551) ڌن هجي ڌوڙ ۾، ته چمڪا ڏئي نور ۾.
    (552) ڌنئري ۾ ڪي هيو ته ڌڻين ڪين ڇڏيو.
    (553) ڌڻ ته ڌڻي.
    (554) ڌڻي ري ڌڻ سڃو، ڌڻ ري سڃو ڌڻار.
    (555) ڏاڍو سو گابو.
    (556) ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، جيڏانهن ڦيرائي تيڏانهن سنيئن.
    (557) سٻر سان سينئن ڪبي ڪيئن، چوندو جيئن ٿيندو ٿيئن.
    (558) ڏاهو ڪانءُ، ٻه جنگهو ڦاسي.
    (559) ڏٻري ڍور کي، مڇر گهڻا.
    (560) ڏٻري جو ڌڻي، سويرو پلاڻي.
    (561) ڏٺو سڀ وسار، اَڻ ڏٺي کي ياد ڪر.
    (562) رام سمر، جڳ لڙني دي.
    (563) ڏجي نه، ته ڏکوئجي به نه.
    (564) ڏچر گهوڙو، سچر زال، ٻئي کڏ پيا.
    (565) ڏڌو کير، ٿڻن ۾ نه پوي.
    (566) کٿي ڏاڙهي هٿ نه اچي.
    (567) ڏنو ٻنو آهي.
    (568) ايڪ ديوي، دس پاوي.
    (569) ڏه دنيا، ستر آخرت.
    (570) ڏنو ٿئي نه ڪنو؛ پوک ڪڻو، ته ٿئي گهڻو.
    (571) ڏي ته ڏيئي، سلو سائو ٿئيئي.
    (572) ڏنو ڏاڻ مئَو پٺاڻ، ورائي وٺي بي ايمان.
    (573) ڏني جو پٽ ڇٽو.
    (574) ڏوڏي کي به پتو آهي.
    (575) ڏئي مٿيون، پر ڪنهن جي هٿون.
    (576) ڏيسا چال، ڪلا ڌرم.
    (577) ڏڌ ولوڙجي مانڌاڻيءَ، مکڻ وهي لاٽ، چريا سي چئجن، جي ڇڏين اباڻي واٽ.
    (578) ڏينهن جو ڪوُڙو ٿجي، رقم جو ڪوُڙو نه ٿجي.
    (579) ڏيڻ ڏکيو آهي.
    (580) ڏيڻ، ڏيهه ڇڏڻ ۽ ڏيهي ڇڏڻ (مرڻ) ٽيئي اهنجا.
    (581) ڊڄ تنهنجي ڊاءِ، جنهن جي وائيءَ ۾ ور گهڻا.
    (582) ڊڄ انهيءَ کان، جو منهن تي ڪوڙ ڳالهائي.
    (583) ڊڄ انهيءَ کان، جو کڏ تي بيهي گاريون ڏئي.
    (584) ڊني واڻئي، موُر نه لاڀ.
    (585) ڍنڍورا شهر ۾، لڙڪا بغل ۾.
    (586) رات ٿوري، ساٺ گهڻا.
    (587) رات جوُن، ڳالهيون نه پڙن.
    (588) رات گئي، بات گئي.
    (589) راجا اکيين ڪ ڪنين؟
    (590) رت ڪٽورو ڏجي، تڏهن ڀت ڪٽورو ملي.
    (591) پگهر بنا پئسو نه ملي.
    (592) رت ونگو به وري.
    (593) پنهنجا وري به پنهنجا.
    (594) جگر نيٺ به جگر.
    (595) توڙي ڏجي پاڻ، ته به پر پنهنجو نه ٿئي پر
    (596) هڏ بنا سڏ ڪو نه ڏئي.
    (597) رڌي پڪي به يا نصيب.
    (598) داڻي داڻي تي مهر.
    (599) رڍن اڳيان رباب، وڄائيندي ورهيه ٿيا.
    (600) سوين سنت چون ته به ٻوڙا ٻڌن ڪينڪي.
    (601) رڪ جا چڻا، آنڊا چيرين.
    (602) روزن پٺيان عيدون، عيدن پٺيان روزا.
    (603) دکن پٺيان سک، سکن پٺيان دک.
    (604) لاهين پٺيان چاڙهيون، چاڙهين پٺيان لاهيون.
    (605) زالان ڌاوڻ، مردان کاوڻ.
    (606) زالون زالن جو کاڄ.
    (607) سڀاڳن کي ڪار، نڀاڳن کي وڃڻي.
    (608) بيڪار کان بيگار ڀلي.
    (609) بيڪار مباش ڪڇ ڪيئا ڪر، ڪپڙي ئي اُڌيڙڪي سيئا ڪر.
    (610) سڀ ڪا ٻڪري، پنهنجي پائي ٽنگبي.
    (611) جو هٿ ڪري، سو هٿ پائي.
    (612) سڀ ڪنهن کي، پنهنجا سوُر.
    (613) پرائي پٿر، پٽي سڀ ڪا پنهنجا.
    (614) سڀ ڪو، ثاني شريڪ.
    (615) ڪنهن کي گهٽ نه ڄاڻ، جي چاهين ملڻ محبوب جو.
    (616) سڀ ڪو پاڻ کي ميان مٺوُ سڏائيندو وتي.
    (617) سڀ ڳالهه ۾ حڪمت.
    (618) جا جوڙيائين سا واهه واهه!
    (619) پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي.
    (620) جا تڌ ڀاوين، سا ئي ڀلي ڪار!
    (621) ستي ٻلي، ڪئا ڪين ماري.
    (622) ستي شينهن کي، آڱر نه ڏجي.
    (623) ستين لنگهڻين، ڪتو به حلال.
    (624) اَڻ سرنديءَ، پهاڄ پيڪي.
    (625) لاچار کي، سڀ ڪي روا.
    (626) سپتيو ماڻهو، پرائي مال ۾ ڀائيوار.
    (627) سج؛ ٻه پاڇا.
    (628) ڪڏهن ڀريءَ ۾، ڪڏهن ڀاڪر ۾.
    (629) ڪڏهن ماٽي مٽ تي، ڪڏهن ماٽيءَ مٿان مٽ.
    (630) سڄن پيٽان وڍيا، وڍين پيٽان سڄا.
    (631) سڄڻ سڄي ٻانهن ڏئي ته سڄي نه ڳيهجي.
    (632) سڄڻ هئن سنوان، مر ڏيهه ڏنگايون ڪن.
    (633) سڄڻ هجن ساڻ، ته جهنگ اندر سوني کاڻ.
    (634) ڇا جي ڏنگا ڏير، منهنجو ڏينهن ڏنگو نه ٿئي.
    (635) ڌڻي همراهه، ته ڪنهنجو نه ڊاءُ.
    (636) راکي رام، ته ماري ڪير؟
    (637)سچ ته بيٺو نچ.
    (638) چور جي ماءُ ڪنڊ ۾ رئي.
    (639) سچ جي ٻيڙي لڏي، پر ڪڏهن نه ٻڏي.
    (640) سچي جو ٻيڙو ستڙ.
    (641) سچ مرچان، ڪوڙ ڳڙ.
    (642) سخيءَ کان شوُم ڀلو، جو ترت ڏئي جواب.
    (643) سرمو سڀ ڪو پائي، پر اک اک جو ڦير.
    (644) سڙي سڙي ڪنجهڻ لهي.
    (645) سڪن گڏ، آلا ٻرن.
    (646) سڪو ٽڪر ساءَ جو چڱو ۽ چوکو، لعنت اُنهيءَ لپيءَ کي جنهن ۾ جيءَ جو جوکو.
    (647) سکڻي ڪني، گهڻو اُڀامي.
    (648) آهر جي وڏائي، ڪني پاٽ تي آئي.
    (649) اڇا ڪپڙا کيسا خالي، ماڻهن ليکي ملڪ جو والي.
    (650) اندر اڳڙيون، ٻاهر پڳڙيون. 222
    (651) دم دال جو، آڪڙ پلاهه جي. 185
    (652) ديوان جو دم، دمڙيءَ جي دال تي.
    (653) گهر ۾ آٽا نهين، مان ڪو بولي پوُري پڪائو.
    (654) لڀن لوڻ ڪڻا به نه، منهنجو نالو سون ٻائي.
    (655) ماءُ مري رکي سڪي، ڌيءُ دا نالا ڏهي
    (656) ملڪ ۾ ڏيڍ کجور، ميان ليٽي باغ ۾!
    (657) هڏ پورا، سڏ وڏا.
    (658) هڙ سکڻي لوڏ گهڻي، آءُ ماريا، کٽل ڌڻي.
    (659) هڙ ۾ هريرون گوڏ ۾ پتاشا، اندر اڳڙيون ٻاهر ٺاشا ماشا.
    )660( سلو سو جو انگورين ڀلو.
    )661( سنجهو، ڏنجهو.
    )662( سندرو ثابت ته منزل آسان.
    (663) اُدم کي پر آهن.
    (664) سنسار، مها ڄار.
    (665) سنگ جو پرسنگ.
    (666) تخم تاثير، صحبت اثر.
    (667) جهڙو سنگ، تهڙو رنگ.
    (668) سنگ تاري، ڪسنگ ٻوڙي.
    (669) ڪارو وهي ڪمري وٽ، رنگ نه مٽائي ته عادت مٽائي ئي مٽائي.
    )670( سنئون چوي، سو سوُر پرائي، کيڏ ڪري سو کٽي کائي.
    (671) ستي ٿي سيڏائي، لنڊي ٿي کائي.
    (672) سوال کان صرفو چڱو.
    (673) سوال ويچارو آهي.
    (674) سوُر پئي ساٽيءَ کي، ڏنڀجي گڏهه!
    )675( سوڙ ساروُ، پير ڊگهيرجي.
    (676) ڪڇي نه ڦاڙي، سو کاٻاري.
    (677) قرضن جا ڪوٽ کڻي، چوٽ چاڙهيائين چلها، ڄاڃي ماڃي کائي هليا، اُتس آئي گلا.
    )679 (سوڙهي سياندريءَ، وهنوار نه ڪجي.
    )680( سون پرکجي ڪسوٽيءَ، روپو پرکجي باهه. ماڻهو تڏهن پرکجي، جڏهن ٻه اکر ڳالهاءِ
    )681( سوکيءَ ڀانئي سڀ ڪو، اَؤکيءَ تون آڌار!
    (682) سڀ ڪو مطلب جو يار. 426.
    (683) سياري جي سوَڙ سڀ ڪو پاڻ ڏي سيڙي.
    (684) سيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي.
    (685) شراڪت جي ديڳ، ڌڻي تپائي.
    (686) شڪر ڪر صحيح ته تو ئي سان توهه ٿئي.
    (687) صبر جني جو سيڱ، تير نه گسي تن جو.
    (688) صبر وڏو ٽول.
    (689) صرفو ڪرين، ته پٽ هنڊاءِ.
    (690) صلاحين شينهن ٻجهن، ڪم ڪرهين نه ٿئي.
    (691) ضامنگيري، تاوڻ گيري.
    (692) ڪشيئي نه ڪمان، پڙيئي نه ضمان.
    (693) طمع سندو طس، ڀريو ڀرجي ڪينڪي.
    (694) گهڻي کي گهڻو گهرجي.
    (695) ظلم قائم آهي، ڪندڙ قائم نه آهي
    (696) عشق انڌو آهي.
    (697) عشق نه ڄاڻي ذات نه ڪذات.
    )698 (عقل بنا آدمي، آهي پسوُنءَ سمان.
    (699) عقل بنا آدمي، جئن جهنگ ۾ چري ڍور.
    )700( عقل ري عذاب گهڻا پسنديءَ جندڙي.
    (701)عقل بنا اوندهه.
    )702( عمر وٺي وٺي مارئي وٺندو، ٿر ڪين ٿيلهيندو.
    (703) راڻي رسندي ته پنهنجو سهاڳ وٺندي، ڪنهن جو ڀاڳ ڪين وٺندي.
    )704( غريب جي جوءِ، جڳ جي ڀاڄائي.
    (705) وهوُ ڍڳي تي مار.
    (706) غيب جي گدو چئي خبر خاوند کي.
    (707) اَڱر ڄاڻن لهر ڄاڻي.
    (708) قاضي ڄاڻي، قيامت ڄاڻي.
    (709) اگهه ۽ ڳڀ جي سڌ الله کي.
    (710) وڏيون اکيون الکهه ]الله[ کي.
    (711) فقير جي ڪاوڙ، پاڻ تائينِ.
    (712) هنڊي اُڀامندي ته پنهنجا ڪنا کائيندي.
    )713( قرض وڏو مرض آهي.
    (714) رڻي ۽ رائر جو سڏ جنهن کي هوءِ. منجي اُتي جوءِ، وڃي تنهن کي وسري.
    (715) قلندرن پٺيان، گهڻيئي ڪتا پيا ڀوَنڪن.
    (716) پر پٺ بادشاهن کي به پيون گاريون ملن.
    (717) ڪاٺ کٽو، واڍو ڇٽو.
    (718) ڀلو سنئيان ميري مٽڪي ٽوُٽي، مين دوڌ بيچن سين ڇوٽي.
    (719) لوُلي ڇٽي، ڪتڻ کان.
    (720) موليٰ مينهن وساءِ، ته ڪانئر ڇٽن ڪم کان.
    )721( ڪاٺيءَ ڪٺيءَ لڇ.
    )722( ڪانگ کي لڙ ۾ مزو.
    )723 (ڪانئر چکن موت، ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾.
    (724)ڪاڻيءَ جي وهانءَ ۾ سنگٽ گهڻا.
    )725( ڪتو به کاڌو، ڪک به نه ڀري.
    (726) ڪارو منهن ڪتي جو، رٻ اوتري جي اوتري.
    (727) ڪتو ڪڙم جو ويري.
    (728) شير خان جو شڪرو، گهر جا ڪڪڙ ماري.
    (729) آنڊي ۾ ٽانڊو.
    (730) پنهنجن سان وير، پروان سان ميڙ.
    (731) جر نئيس، جيڏي نئيس، پنهنجي نه نئيس 394.
    (732) ڏيهه چوي، ڏيراڻي نه چوي.
    (733) سڱ ۾ ساڙو، رت ۾ باهه.
    (734) ڪتو وهي، ته به پڇ لٽڪائي وهي.
    (735) ڪتيم سڀ ڄمار، پاندي پوري نه ٿئي.
    (736) ڪچيءَ ڪنا نه وريا ته پڪيءَ ڇا ورندا.
    (737) ننڍڙو ٻار، مڇ جو وار، جئن موڙ تئن مڙي.
    (738) ڪرم هيڻ کيتي ڪري، بلد مري يا ٽوٽا پڙي.
    (739) توڙي وڃي روُم، ته به ڍوڍو ۽ ٿوُم، لکيو لوح قلم ۾.
    (740) جاڏي وڃي واگهوُ، تاڏي پاڻي تانگهو.
    (741) ڇٺي مورن ونٺي، ٻانڀڻ ڪهڙو ڏوهه؟
    (742) ڪسنگ کان اُهيئين ڀلي.
    (743) ڪسيري جي ڪتي، ٽڪي جا ٽڪر کائي.
    (744) اٺين آني پڳڙي رپيو ٻڌاڻي، ڪري پئي کوهه ۾ ٻه رپيا ڪڍاڻي.
    (745) ٽڪي ڪي مرغي، ڇهه ٽڪا محصول.
    (746) چار پئسي ڪي چٽا ڀيٽي، پانچ پئسي ڪي ملم پٽي.
    (747) وڏي ٻاگهي يا وڏي ڌيڻس؟
    )748 (ڪماليت کي زواليت.
    (749) ڪم پئي، ڪل پئي.
    (750) ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو.
    (751) سيج ڪيائون سرهي، مٺا مڱڻهار.
    (752) ڪن ڪن سان، ڪين ڌوپندو.
    (753) ڪنگر ۾ ڪڪڙا، پڙي مبارڪ!
    )754 (ڪني اَڳڙي، ڪنڊ ۾ ڌوئجي.
    (755) گهر جو ڪن، گهر ۾ مئجي.
    )756( ڪني آڱر، وڍي ڀلي.
    (757) ڪنيءَ رن جا ٻار، جئن ٿورا تئن چڱا.
    (758) ڪني ڦرائجي، ٻني نه ڦرائجي.
    (759) ڪوڏي حرام، بجڪو حلال.
    (760) ست ڪتا کائي، ٻلي حج چڙهي!
    (761) سڄو ڳيهي، ڏند نه ڏئي.
    (762) شوروو حلال، ٻوٽيون مردار.
    (763) ڪوري کڏ کڻي، پر پاڻ اُن ۾ پوي.
    (764) جو ٻئي جي کڏ کڻندو، سو پاڻ کڏ ۾ پوندو.
    (765) فريدا، جو تيڏي کڏ کڻي، تو اُس دي راهه سنوار، اوه آپي پؤسين کڏ وچ، تون لنگهين پؤسين پار.
    (766) ڪوڙهيو ڪتو، کنهڻ کان نه رهي.
    (767) ڪوڙي جي ڊوڙ، کڏ تائين.
    (768) ڪوڙ جي پاڙ، ٺڪريءَ تي.
    (769) ڪي چانورن مان چنو ڪن، ڪي چني مان چانور.
    (770) کاڌي کوهه به کٽي وڃن.
    (771) کڏ، چي جيءُ سڏ.
    (772) کنئَينءَ وٿ جو ملهه، ڪونهي.
    (773) کنئين اگهي نه، ڳولي لڀي نه.
    (774) رڍ سهانگي ٿئي، ته هرڪو پڇ کڻي پيو ڏسيس.
    (775) کوپريءَ کوپريءَ گت نياري.
    (776) کوهه جي مٽي کوهه کي.
    (777) کيتي سر سيتي.
    (778) آپ ڪري سو ڪام.
    (779) کير جو کانيل، جهڻ ڦوڪي پيئي.
    (780) ڪتيء کي ڪنهن اُماڙي ڏني، ته تارا ڏسي ٿي ڊني.
    (781) گپ جو ڪلو، جتي کوڙ تتي کپي.
    (782) گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿوُ کٽا.
    (783) گدڙ به گدڙ جي ڪوڪ اُنائي.
    (784) ٻرڙي پوي نه ٻاجهه، ڀر ۾ ٿو ڀاءُ مري.
    (785) ڪوُ ڪاهوُ ڪو ناهين.
    (786) وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾، پسو پکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گهڻو.
    (787) گڏهه تي گلاب، هاريندي حيف ٿيو.
    (788) گڏهه پنهنجي سانوڻي هينگن ۾ وڃائي.
    (789) گڏهه جو ڇا وس، جو ٻيڙيءَ ۾ نه چڙهي.
    (790) سؤنٽي هجي ساڻ ته گڏهه گوهي نه ڪري.
    (791) ماڻهو ٻٽيهه لڇڻو، موچڙو ڇٽيهه لڇڻو.
    (792) ڪهر ڪئن؟ چي ان سنوان، موچڙن سان ڪئن؟ چي؛ جهولي ئي تنهنجي.
    (793) کڻ کلو، ته ٿيئي ڀلو.
    (794) گذريءَ کي ياد نه ڪجي.
    (795) اُٺي بهه چٺي
    (796) ويئي تٿ ٻانڀڻ به نه واچي.
    (797) ڪني ماضي من ۾ ڪني استقبال، حيف تني جي حال، جن وساريو حال کي.
    (798) گگر گگر، پنڊا اڙيا.
    (799) گنجي جي مٿي ۾ جوُنءَ نه ليک.
    (800) گهپي ٺڪرن مان پاڻي سڪائي.
    (801) ڳالهين سنديون ڳالهيون، ٽڪي سندا موٺ.
    (802) ڳڙ ڄاڻي، ڳڙ جي ڳوٿري ڄاڻي.
    (803) گهر جو پير، چلهه جو مارنگ.
    (804) گهڙيا سي چڙهيا.
    (805) گهڻ پيٽاري بگري، کائي ويئيءَ جهار.
    (806) گهڻن کنئي، ڇپر کڄي.
    (807) گهڻن کي سمر، هڪڙي کي ڀري.
    (808) پانچ سات کي لڪڙي، ايڪ جني ڪا بوج.
    (809) گهڻي زالين گهر نه هلي، گهڻي مڙسين هر نه هلي.
    (810) گهوٽ ڪنؤار راضي ته ڪيا ڪرينگا قاضي؟
    (811) لکيا لهارن کي، ٽپر تي ٽانڊا.
    (812) لکيو پڙي، پر ڪڏهن نه ٽري.
    (813) جيڪي لکيو منجهه ازل، تنهن کي ڪير وجهي جهل.
    (814) قضا قضا نه ٿئي توڙي ڪو سدا رئي.
    (815) تقدير اڳيان ڪهڙي تدبير.
    (816) تقدير ڪي آگي تدبير ڪيا ڪري، حاڪم جب خفا هو، وزير ڪيا ڪري.
    (817) لکئي مان لک، نڪو لاهي نڪو پائي.
    (818) لکيو منجهه للاٽ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي.
    (819) لوڀ ڇڏ ته سون مٺين سان ورهائين.
    (820) ماريءَ جي گهر، هڏن جو ڍير.
    (821) مان به راڻي تون به راڻي ڪير ڀريندو پاڻي؟
    (822) آءٌ به رئس، تون به رئس، ته گڏهه ڪير هڪليندو؟
    (823) ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنجھه، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.
    (824) آدمي آدمي انتر، ڪوئي هيرا ڪوئي ڪنڪر.
    (825) مائٽ جي دل مکڻ، اولاد جي دل ڪٺن.
    (826) ماءُ سا ماءُ ٻيو سڀ دنيا جو واءُ، ماسي نه ٿئي ماءُ توڙي ڪڍي ڏئي ساهه.
    (827) ڌوڙ ڀڪليو ماءُ پرين، ڌن ڀڪليو جوءِ پرين، اڇي ڪپڙين سس پرين.
    (828) ماءُ بنا مانڙيون ڪوٺي ڪو نه ڏئي، مکڻ ڀريا هٿڙا بيٺي اُوءِ لائي.
    (829) ماءُ مرلي پيءُ تنبوُرو، پٽ وڄائڻ ۾ پوُرو.
    (830) مٽن ڇڏيون مائٽيون، سڳن ڇڏيو ساءُ، اهڙو ڪو لڳو واءُ، جو پنهنجا به پراوا ٿيا.
    (831) مڇ چوپئي پيٽ ڪو نه ڀربو.
    (832) مڌ پيوڻ، ذات پرکڻ.
    (833) مرض اچي گهوڙي وانگيان وڃي جونءِ وانگيان.
    (834) مرسان مرسان ڊڀ نه چرسان.
    (835) مرڻ مهوُرت نه پڇي، پڇي تٿ نه وار.
    (836) مروان موت، ملوُڪان شڪار.
    (837) ميان جي مڏي، ٻه ڏندڻ ٽين تڏي.
    (838) اسباب ۾ اسباب، هڪ چنگ هڪ رباب.
    (839) مينهن مچي هوريان هلي، رڍ مچي ٽپا ڏئي.
    (840) ٻيو هرڪو هوريان هلي، ڍيڪڻ پائي ڊڪون.
    (841) ڍءُ جهلي هڪ ڀاڀڙو ٻي مينهن.
    (842) ماچي ته ناچي.
    (843) نمي سو ڳؤرو.
    (844) مينهن وسي ٻه پهر، ڇنو وسي ڇهه پهر.
    (845) ناست کان آست ڀلي.
    (846) نانءَ چڙهيو واپاري کٽي کائي، نانءَ چڙهيو چور ڦاهي چڙهي.
    (847) وڪئي چور جو نانءُ، سڻائو.
    (848) نانءُ مردان، ڌن آوي جاوي.
    (849) ڀلي بک ڀرم جي شال نه وڃي شان!
    (850) لڄن تان لک قربان. 354.
    (851) مان جو بکيو سڀ ڪو، نان جو بکيو ڪو ڪو نه.
    (852) مرد مري مان کي، گيدي مري نان کي.
    (853) ناڻا گهوريا سرن تان، سر گهوريا شرمن تان.
    (854) ناڻو ڏجي آڪرو ته گيهه ڇو وٺجي ٻاڪرو.
    (855) ناڻو نانگي جو هٿون تو شاباس.
    (856) نڙيءَ کان لنگهيو، نرڳ ٿيو.
    (857) وات چوي مٺو مٺو، نڙي چوي مون نه ڏٺو.
    (858) نه ڪنهن جي کٿي کي هٿ لائجي، نه پنهنجو پٽ ڦاڙائجي.
    (859) نه ڪنهن کي سونهن سڪايو آهي، نه ڪنهن کي عقل منجهايو آهي.
    (860) نهن سان ڇڄي ته ڪاتي ڇو وجهجي؟
    (861) ڳڙ سان مري، ته زهر ڇو ڏجيس؟
    (862) نئن به تکي، ڳڙ به مٺو.
    (863) نئين ڪنؤار، نوَ ڏينهن.
    (864) نيڪي برباد، گناهه لازم.
    (865) وات اَڌ حڪيم آهي.
    (866) وات جي پلاه کي گيهه جو ڪهڙو صرفو؟
    (867) ڪوڙ ته ڪهڙو صرفو؟
    (868) واتون خرار کاڄن، نڪون ڪڻو نه کاڄي.
    (869) وات کائي، اکيون لڄائين.
    (870) نيڪيءَ جو بدلو نيڪي.
    (871) واڱڻ ڪن کي وائي، ڪن کي پيٽي.
    (872) واڻيو پنج نه سهي، پنجاهه سهي.
    (873) پائيءَ تي پڪائي، نوٽن تي ناداني.
    (874) وٿ نه کٽي، وٿ جو ويٺڻ کٽي.
    (875) وڻو لهي وڃي، رڻو ڪين لهي.
    (876) ترار جو ڦٽ ڇٽي وڃي، زبان جو ڦٽ نه ڇٽي.
    (877) ترار جي گهاءَ کان، زبان جو گهاءُ بڇڙو.
    (878) وهي درياه جي ڀر تي، وجهي واگهوءَ سان وير.
    (879) ويئي سڱن کي، ڪن به ڪپائي آئي.
    (880) ويئي وٿ جو قدر.
    (881) ويئيءَ وهاڻيءَ، دودي ناناڻا آيا.
    (882) هاٿيءَ جا ڏند کائڻ جا هڪڙا، ڏيکارڻ جا ٻيا.
    (883) هارئي کان پيتو ڀلو.
    (884) هارئي کير لاءِ ڪيترو روئبو.
    (885) هاسي، ڪرهن جي ماسي.
    (886) هٿ جي ڪنگڻ کي آرسيءَ جو ڪهڙو کپ؟
    (887) هٺ مارائيندڙ آهي.
    (888) هر ڪنهن جو پنهنجو ڀاڳ.
    (889) ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪا ريس؟
    (890) ماءُ ڄڻيندي، ڀاڳ نه ڳڻيندي.
    (891) ماءُ ڄڻيندي پٽڙا، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ.
    (892) سج ايڪ پڇاوين (پاڇا) ڏون، پيءُ دا بخت نه پٽان نوُن.
    (893) هرڻي اڳيئي نچڻي، ويتر پيس گهنڊڻي.
    (894) هڙ به گاسو، لوڪ به تماشو.
    (895) هڪڙي لٽي، سهسين پٽي.
    (896) هنڌ ڏسي، هاسي ڪجي.
    (897) هنر واري جو هنر، بي هنر جي جند.
    (898) جي ڄڻين، سي نپائين.
    (899) هنئڙا، گهر ته گهرانءِ.
    (900) هڻ ڌيءَ کي ته سکي نهن.
    (901) هيانءَ تتي کان، کڙي تتي چڱي.
    (902) هيريءَ سندي هير، ٽنگ ڀڳي به نه رهي.
    (903) پيو ڪرت ڪنهن جو نه مٽي.
    (904) عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جاءِ، اُٺ پوي ڪڻڪ ۾، ته به ڪنڊا چڻ چڻ کاءِ.
    (905) هير ڇني پير.
    (906) يا ڏُنگهو ڏر ۾ يا ڪپو ڪڇ ۾.
    (907) ڪوُنڊي ڪي اِسطرف يا اُسطرف.
    (908) يار اهو جو اوَکيءَ ۾ ڪم اچي.
    (909) يار سڏائي سڀ ڪو جاني زباني، آهي آساني، پر ڪم پئي ڪل پوي. 749
    (910) يار جن کي ياد، سي ياد هميشه يار کي.
    (911) تو جني جي تات، تن پڻ آهي تنهن جي (شاهه).
    (912) پڇن جي ميهار کي، پڇي سي ميهار (شاهه).


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515323
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205431
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ