ڪتاب جو نالو: نه سي سڙه سکاڻ
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: سنڌيا پبليڪيشنس
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 06 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 2100 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 470 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب “نه سي سڙه سکاڻ” ناليواري سفرناما نگار، ليکڪ ۽ مئرين انجنيئر محترم الطاف شيخ جو سنڌ هند کان روس چين تائين جو سفرنامو آهي. هن سفرنامي ۾ سنڌ جي اتر پاسن يعني خيرپور، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي سفر جو ذڪر به الطاف صاحب مخصوص انداز سان ڀيٽ ڪندي بيان ڪيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ليکڪ طرفان
  • عشقَ جي اُجرت ناهي ٿيندي
  • الطاف شيخ جون لکڻيون ....
  • سنڌ جو سندباد: الطاف شيخ
  • الطاف شيخ ـــ جنهن اسان کي دُنيا گهمائي آهي
  • لاڙڪاڻي جو هڪ سفر......
  • بابا مَڪي هلنداسين ٻيو ڪيڏانهن....
  • ڪهڙو ٽوئرسٽ اسان وٽ ايندو؟
  • يار به تيلي، سنڌ به اڻڀي.......
  • ادب ۾ امير آهي......
  • ٽرائيڪا جي وچ ۾ جنم وٺندڙ انسان
  • سنڌڙي تنهنجا ڳوٺَ وسن
  • لاڙڪاڻي جا ڪجهه تاريخي ڳوٺ
  • لاڙڪاڻي پهچڻ تي.....
  • لاڙڪاڻي جي شاعرن ۽ سگهڙن سان ملاقات
  • طوفانن ۾ جهاز هلائڻ وڏي ڳالهه ناهي....
  • هيءَ ڪهڙي سنڌ آهي....!
  • زيتونن جو شهر ماهوٽا......
  • خبر پيئي ته هي ڪيهرن جو ڳوٺ آهي.... ..
  • ٻج بنا ميوو
  • سنڌ جا ٽماٽا ۽ ايران جا شهنشاهه
  • لاڙڪاڻو ستر سالَ اڳ
  • سنڌي ٿي ساڌٻيلو نه ڏٺو اٿئي.....
  • ڪڇ ۽ گجرات جا به شاهه لطيف کي پنهنجو سمجهن ٿا
  • شاه لطيف ته سنڌ لاءِ به دعا گهري هئي...
  • ڪارا ڪنگڻ ۽ هاڪڙو
  • ڪارا ڪنگڻ ۽ هاڪڙو
  • خوبصورت بندرگاهه ـــ پَاري ننگر
  • سنڌ جي ٿر کان وچ ايشيا جي آمو دريا تائين (I)
  • سنڌ جي ٿر کان وچ ايشيا جي آمو دريا تائين (II)
  • ٿيا تماچي ڄام سين، مهاڻا محروم
  • بيڪانير هڪ بلي بلي شهر!
  • اسان سنڌين جو ٻِٽو اميج
  • مٺي ۽ عمرڪوٽ وانگر بيڪانير به هڪ ٿري شهر آهي
  • سکر جي سونهن.....
  • سکر جو آڳاٽو درسگاهه سينٽ ميري.....
  • سکر جا ڪجهه اسڪول ۽ ڪاليج
  • اروڙ تاريخ جي آئيني ۾ ....
  • ساڌ ٻيلي مونکي به موهي وڌو
  • سکر واري پل تي

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (107) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “نه سي سڙه سکاڻ” ناليواري سفرناما نگار، ليکڪ ۽ مئرين انجنيئر محترم الطاف شيخ جو سنڌ هند کان روس چين تائين جو سفرنامو آهي. هن سفرنامي ۾ سنڌ جي اتر پاسن يعني خيرپور، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي سفر جو ذڪر به الطاف صاحب مخصوص انداز سان ڀيٽ ڪندي بيان ڪيو آهي.
    هي ڪتاب سنڌيا پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي. لک ٿورا سائين الطاف شيخ صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ليکڪ طرفان

    مونکي خوشي آهي ته هڪ دفعو وري منهنجو نئون ڪتاب “نه سي سڙه سکاڻ” شڪارپور جي عقيل سومرو صاحب پنهنجي پبليشڪين اداري “سنڌيا” معرفت ڇپي رهيو آهي. جيتوڻيڪ هن اداري اڃان هاڻ جنم ورتو آهي ۽ سندس ٻاروتڻ واري عمر آهي، پر ڇپائي ۽ مارڪيٽنگ جي معاملي ۾ هينئر ئي بلوغت کي پهچي ويو آهي.
    ڪتاب لکندڙ جون هميشه ٻه خواهشون هونديون آهن. هڪ ته ڪتاب سٺي نموني سان ڇپجي يعني سندس ٽائيٽل ڪور توڙي اندر جي ڇپائي، پني جو معيار ۽ ڪتاب جي بائنڊنگ سٺي هجي. ٻي نمبر تي هن جي اها خواهش هوندي آهي ته سندس ڪتاب پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جي هٿ ۾ پهچي، ملڪ يا صوبي جي شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ تائين پهچي. سنڌيا پبليڪيشن وارا انهن ٻنهي شين ۾ ڪامياب ويا آهن.. عقيل سومرو مونکان پهريون ڪتاب “وسي وڏ ڦڙو” وٺي ويو ته هو مهيني اندر شايع ڪندو. مونکي خوشي ٿي ته اهو ڪتاب ڪيل واعدي کان به اڳ مارڪيٽ پهچي ويو ۽ جنهن رفتار سان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مونکي پرهندڙن جا اي ميل يا فون اچن پيا ان مان اندازو لڳايو اٿم ته سنڌيا پبليڪيشن جو سٺو مارڪيٽنگ نيٽ ورڪ آهي ۽ سندن ڇپيل ڪتاب مِٺي کان گهوٽڪي ۽ مٽياري کان دادوءَ جي ڪتاب گهرن ۾ پهچيو وڃن ٿا. هن اداري جي سٺي ڪارڪردگي ڏسي هي ٻيو ڪتاب پڻ عقيل سومرو حوالي ڪريان ٿو، جيئن گهڻي کان گهڻن ماڻهن تائين پهچي سگهي. اميد آهي ته هي ڪتاب “نه سي سڙه سکاڻ” پڻ پڙهندڙن کي پسند ايندو.

    الطاف شيخ
    ڪراچي
    22 اپريل 2015ع


    عشقَ جي اُجرت ناهي ٿيندي

    “اوهان کي انهيءَ حقيقت جو
    شعور هُئڻ گهرجي ته
    جڏهن کان دنيا وجودَ ۾ آئي آهي
    وحشي نسلن کي ڇڏي
    دنيا تي هميشه ڪِتابن جي حڪمراني رهي آهي”
    اِهي لفظَ دنيا جي مشهور ڏاهي، والٽيئر جا آهن. انسانن جي زندگيءَ مان جيڪڏهن آرٽ، ڪِتابَ ۽ موسيقي کي ڪڍي ڇڏجي ته اُها کوکلي ۽ بي معنيٰ بڻجي ويندي. اِلهامي ڪِتابن ۽ ٻين ڌرمي ڪِتابن کانسواءِ سوين اِهڙا ڪِتابَ آهن، جن فڪري لحاظ کان وڏيون تبديليون آنديون آهن. حضرت علي رضه جو “نهج البلاغه”، علي هجويريءَ جو “ڪشف المحجُوب”، والٽيئر جو “فلاسافيڪل ڊڪشنري” ميڪاوليءَ جو “دي پرنس”، سارتري جو “بينگ اينڊ نٿنگنيس”، مارڪس جو “داس ڪيپٽال”، ٽالسٽاءِ جو “وار اينڊ پيس” ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي ڪِتاب ذهنن تي اثر انداز ٿيا ۽ انقلابن جو سبب بڻيا آهن. انفرميشن ٽيڪنالاجي، ميڊيا ۽ ٻيا اهڙا ذريعا چاهي ترقيءَ جي بُلنديءَ تي پهچي وڃن، پر ڪِتاب ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پنهنجي اهميت مڃرائيندو رهندو. اسان جي سُڃاڻپ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي آهي ۽ اُنهيءَ جي بقا جو دارو مَدار ڪِتابن تي آهي. شاهه جي رِسالي کان وٺي ٻين هزارن ڪِتابن جي موجودگي، اِهو احساس ڏياري ٿي ته سنڌي قوم، پنهنجي ثقافتي ورثي سميت اڃا پنهنجي بچاءَ جو ساهَسُ رکي ٿي.
    محترم الطاف شيخ جو اُنهن لکن سنڌين کان مانُ مرتبو اِنَ ڪَري مٿي آهي جو هُنَ پنهنجي ٻوليءَ کي ڪيئي ڪِتابَ ارپيا آهن. هِنَ پنهنجي ٻوليءَ جي بچاءَ واري تحريڪَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن ڪري هُو هر حالَ ۾ وَڏي مانَ مرتبي جو حقدار آهي. هُنَ صرف عام رواجي ملازم وانگر، گُذر سفر لاءِ نوڪري نه ڪئي آهي پر ليکڪ بڻجي، لکن عام ماڻهن کي سنڌي ڪِتابن جي ويجھو آڻڻ واري تحريڪَ ۾، شاندار فرض ادا ڪيو آهي. هُنَ نه فقط سنڌ، پر سڄي برِ صغير ۾ سفرنامن جي نسبت سان پنهنجي ڌارَ سُڃاڻپ ڪرائي آهي، جيڪا سندس ذاتي تعارفَ سان گڏ سنڌ جي ڏيهان ڏيههَ مشهوريءَ جو سبب پڻ بڻي آهي. هالا جا ماڻهو ته نهايت خوش نصيب آهن جو هُو سندن شهر واسي آهي، پر مان سمجھان ٿو ته سائين الطاف شيخ تي سڄي سنڌ کي فخر آهي، جو هُو هِنَ ڌرتيءَ جو مثالي فرزندُ آهي ـــ اَڄُ سنڌي ٻولي جن خطرن منجھان گُذري رهي آهي، اُنهن کان سنڌ جي وڏي آبادي لاپرواهه آهي. اڻڄاڻائيءَ وارين اهڙين حالتن ۾ خانگي اسڪولن جا دروازا سنڌي ٻوليءَ لاءِ بند ٿيندا پيا وڃن. عام وهنوار ۾ سنڌي ٻولي جو واهپو گهٽبو پيو وڃي ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو ڪِتابن کان پري، ٿيندا پيا وڃن ـــ سنڌي ڳالهايو سنڌي پڙهو ۽ سنڌي لکو وارا وچن اسان وساري ويٺا آهيون.
    اهڙين حالتن ۾ الطاف شيخ جا سفرناما، ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ملڪن جي ڄاڻَ، دلچسپ واقعا، سُهڻو سادو تحريري انداز ۽ ان قسم جا ٻيا تخليقي گُڻَ، ماڻهن کي ڪِتابَ خريد ڪرڻ تي آماده ڪن ٿا. ڇو ته الطاف شيخ، عام پڙهندڙن جي نفسيات کان چڱيءَ ريت واقف آهي. الطاف شيخ جي، ڪِتابن ۾ شامل معلومات کي، جيڪڏهن هِڪَ جاءِ تي گَڏُ ڪجي ته هڪ وڏي ڄاڻيٽي تيار ڪري سگهجي ٿي. نقاد ڀلي اِنهن ڪِتابن کي عام تفريحي ڪِتاب سڏين، پر جيڪڏهن تجزيو ڪجي ته اِهي ڪِتابَ پرائمري ريڊرز وڌائڻ جو وڏو وسيلو آهن. ڀلي اِنهن ڪِتابن ۾ فڪري لحاظ کان ڪنهن وڏي تبديليءَ جو ڏَسُ ڏنل نه هجي پر، اِهي ڪِتابَ اسان جي نئين ٽهيءَ کي سنڌي ٻوليءَ سان جوڙي رکڻ جو اهم سبب آهن. الطاف شيخ جي انهن ڪِتابن جو سماجي ڪارج يا فڪري لاڀُ منهنجي نظرَ ۾ اِهو آهي ته اِهي ڪِتابَ “سنڌي ٻولي پڙهڻ جي هير” برقرار رکڻ يا وڌائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ اِهو ڪم ڪنهن به وڏي ڪارنامي کان گهٽ ناهي.
    الطاف شيخ ڀلي دنيا جي ڪهڙن به وڏن ۽ ترقي يافته ملڪن جي عاليشان ماڳن تي موجود هجي، پر هُنَ ڪِٿي به پنهنجي ڌرتيءَ ۽ اُنَ جي ماڻهن کي، نه وساريو آهي، اُنهن پرڏيهي شهرن ۽ ڳوٺن سان سنڌ جي وٿاڻن جي نسبت جوڙي، وطن کي ياد رکيو آهي ـــ پنهنجي ڌرتي ۽ اُنَ جا ٻيا ثقافتي رنگَ ۽ رُجحان، الطاف شيخَ جي ڄڻ ته روحَ ۾ وسيل آهن . هُو هر جاءِ تي ڄڻ ته سنڌ جو سفير ٿي رهيو آهي. سنڌ جا سفيرَ اهڙائي سٻاجھڻا انسانَ هُجڻ گھُرجن، جيڪي پرائي پچارَ، گِلا غيبت ۽ تعصب کان پري هُجن ۽ وڏيءَ عُمر باوجود معصوم ٻارَ وانگر محسوس ٿين.
    مُنهنجي اِها به خوش قسمتي آهي جو الطاف شيخ جهڙي مخلص ۽ معصوم انسانَ سان، پنهنجائپ ۽ دوستي رهي آهي. 1980ع ۾ منهنجي پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ڪراچي ۾ ايڪانامڪس انويسٽيگيٽر طور مقرري ٿي. اِنَ دوران ڊاڪٽر سليمان شيخ، فضل الله قريشي، بخش علي لاکي، ولي محمد روشن مظهر ميمڻ ۽ سِگا جي ٻين ساٿين کان سماجي ڀلائيءَ وارن ڪمن جو شعور ۽ رهنمائي نصيب ٿي. جڏهن ته شمشير الحيدري، الطاف شيخ ۽ ٻين سان ادبي نسبت سان ويجھڙائيءَ جو موقعو مليو. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي مرڪزي انفرميشن ۽ پبليڪيشن سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان، مون ٻين ڪِتابن سان گڏ محترم الطاف شيخَ جو ڪِتاب “جپان جن جي جيءَ سان” ڇپرايو ـــ جنهن جو ٽائيٽل خدا بخش ابڙي کان تيار ڪرايو هو. انهيءَ ڪِتابَ جي اشاعتي مرحلن دوران الطاف شيخ سان ويجھڙائي رهي ۽ ائين اسان جي ادبي دوستي ٿي وئي. 32 سالَ اڳ قائم ڪيل اهو پنهنجائپ ۽ خلوصَ جو رستو اَڄُ به قائم آهي.
    عُمر جي فرقَ جي باوجود الطاف شيخ ڪڏهن به محسوس نه ڪرايو ته اسان کان وڏو آهي. اهوئي سبب آهي جو مان سندس نالي اڳيان پنهنجائپ ۾ ڪجهه نٿو لکان، پر دل ۾ سندس لاءِ ساڳيو ئي احترام آهي.
    1981ع جڏهن مونکي ڪاليج ۾ ليڪچررشپ ملي ته پهرين پوسٽنگ الطاف شيخ جي ڳوٺ هالا جي ڀرسان منصوره ڪاليج ۾ ٿي. ٻن مهينن کان پوءِ گورنمينٽ ڪاليج مٽياري جوائن ڪيم، جتي به الطاف شيخ ڪڏهن ڪڏهن چڪر لڳائيندو هو، جڏهن هُو هالا ايندو هو.
    ڪڏهن ڄامشوري به ملڻ ايندو هو جتي مان ايل ايم سي جي ڊاڪٽر فليٽس ۾ پنهنجي دوست ڊآڪٽر يونس ڀٽيءَ جي فليٽ ۾ رهندو هوس. هڪ ڀيري دعوت ڏئي هالا به وٺي هليو ـــ گهڻو ٻاهر رهڻ سبب سندس هالا اچڻ گهٽ ٿيندو هو. هڪ انسان جي حيثيت سان به الطاف شيخ هڪ مخلص ۽ سٻاجھو انسان آهي. اَڇن جي مُلڪن ۾ هي سانورو مسافر پنهنجي رويي ۽ ڪِردارَ ۾ سنڌي روايتن جو امينُ رهيو آهي. 75 کان مٿي سندس سفرناما، هزار داستانن کان ڪنهن به ريت گهٽ ناهن. سندس پڙهندڙ اسان کان اڪثر هِڪُ سوال پُڇندا آهن ته دنيا جي ايترن ملڪن جي سئر سفر ۽ اتان جي رنگين ماحول جي عڪاسيءَ جي باوجود الطاف شيخ، گُلابن ۽ گلاسن کان پاڻَ کي، ڪيئن ٿو بچائي وڃي. اهڙو سوالُ پڇندڙن کي اهو ئي چئي لنوائي وڃبو آهي ته، “الطاف شيخ هالا جو رهواسي آهي. ها جي معنيٰ Yes ۽ لا جي معنيٰ No آهي. يعني اقرار به آهي ته انڪار به آهي.
    تنهنجي رمز سهڻا! مان ڇا سمجھان
    اقرار به آ، انڪار به آ

    سو اِها رمز الطاف شيخ ئي ڄاڻي ٿو ته هُنَ دنيا جي مئخانن ۽ ساموندي ڪنارن وٽان گُذرندي، هن عمر تائين گُلابن ۽ گلاسن کان پاڻ کي ڪيئن بچائي رکيو آهي.
    الطاف شيخ جا سفرناما پڙهي، قربان منگيءَ به سئر سفر ڪيا آهن ۽ سفرناما به لکيا اٿائين، پر هن کي بئنڪاڪ آمريڪا ۽ جپان جي پوپٽن گهڻو پريشان ڪيو. ۽ هُنَ کان اِهو به وسري ويو ته هُو پاڻ به هِڪُ پوپٽ آهي.
    رخسانه پريت، هڪ هنڌ لکي ٿي” ته منهنجي ننڍڙي پٽ همير مون کان پڇيو:
    “امي انڪل الطاف کي هنن ڪِتابن لکڻَ جا گهڻا پئسا ملندا آهن.”
    “دل ۾ سوچيو هئم پُٽ اِهو عشق آهي ۽ عشق جي ڪا به اُجرت ناهي ٿيندي عشق ۾ صرف ارپنائون هونديون آهن”
    رخسانه پريت صحيح لکيو آهي. عشقَ جي ڪا به اُجرت ناهي ٿيندي. اهو ئي سبب آهي جو الطاف شيخ اڃا تائين ٿڪو ناهي.

    ادل سومرو


    الطاف شيخ جون لکڻيون ....

    سچ بولوں تو جگ روٹھے، جھوٹ بولوں تو، روٹھے رام
    کبیرا بچارہ کہاں جائے، دونوں کٹھن ہیں کام!!!

    اِها سنڌي ادب جي بدنصيبي چئجي، يا ان کي اسان جي ڪوتاهي ڪوٺجي جو برصغير جي مذهبي بنياد تي ورهاڱي بعد، سنڌي ادب جو حقيقي حسن ’هندو جاتي‘ هتان هلي وئي. ان بعد سنڌي ادب جي ميدان ۾، هڪڙي مخصوص لابيءَ اهڙن اديبن ۽ دانشورن کي، مهان اديب، داناءُ، دانشور، مڃيل، ڏاهو، جهڙا لافاني لقب ڏنا، جن آڪاش جي وسعتن کان به وڏي ادبي ميدان ۾، پنهنجي علمي، ادبي صلاحيتن تحت، سڄي عمر ۾، اهڙيون سورانهن سٽون به نه لکيون جن کي پڙهي ڳڙهي نوجوانن جي دل ۽ دماغ جي وچ ۾، شعور جو شعلو ڀڙڪايو هجي، جن من ۾ مانڊاڻ مچائي هجي، جن ۾ ڄاڻ جي کاڻ هجي. انهن مهان اديبن، دانشورن، مڃيل ڏاهن سڄي ڄمار ٻين جي عقل جو نقل (ترجما) ڪندي گذاري. هر اقتداري ڌر، پوءِ اها جمهوريت پسند هجي يا آمريت پسند، ان جي سڄو ڏينهن رات ساراهه ۽ واکاڻ ڪندي گذاري ــــ ۽ ڪرسيون ـــ وزارتون ورتيون. هڪ مڃيل ڏاهي دانشور وارو لقب رکندڙ اديب، هڪ فنڪشن ۾، اسٽيبلشمينٽ جي ويجھو سمجھيو ويندڙ جي خاندان متعلق تقرير ۾ فرمايو ته: “سنڌ جو اصل نسل، قديم قبيلو سوڍا (ٺڪر) آهي”. ٻي ڏينهن اخبار ۾ مون تاريخي حوالن سان جواب موڪليو ته سنڌ جو اصل قبيلو سوڍا نه، پر ڪولهي، ڀيل آهن .... جن ڀيلن کي لطيف سرڪار ’ٿوري‘ سڏيو آهي .... لنگهائج لطيف چئي، ٿرن جا “ٿوري”.
    سڄو بيت آهي:
    سوين هلن ساٿ ۾ ڪمي ۽ ڪوري،
    آئون پڻ آهيان ان ۾ لنگهي ۽ لوري،
    لنگهائج لطيف چئي، ٿرن جا ٿوري
    آهيان اجَوري، تنهنجي جھَوري جبل جھاڳيان
    “لطيف”
    منهنجي تنقيدي خط جي ٻي ڏينهن، ان دانشور مونکي فون ڪري چيو ته: “ڄام صاحب! تو هڪڙي گهٽ ذات قبيلي کي سنڌ جو قديم قبيلو ڪوٺيو آهي ۽ مون هڪ مٿانهين قبيلي کي سنڌ جو قديم قبيلو ڪوٺيو آهي. هاڻي ڏسون ته ڪنهن کي ٿو نفعو نصيب ٿئي؟ ۽ واقعي اڳتي هلي، ان حقيقت جي حسن جي ابتڙ عمل ڪندڙ اديب کي، آمر پرويز مشرف جي نگران سرڪار ۾، وزارت ملي ۽ مان اڄ تائين پرائمري اسڪول جو ماستر آهيان. هِتي هڪ حيرت انگيز ڳالهه جو ذڪر ڪندو هلان ته: “دنيا جي حقيقي عظيم عالمن، اديبن، دانشورن هميشه علمي، ادبي ميدان ۾، اسرندڙ ـــ نسرندڙ نوجوان عالمن، اديبن دانشورن، ۽ ڏاتِ ڌڻين جي هر حوالي سان حوصلا افزائي ڪندي، دلي عزتون، محبتون ڏئي، اڳتي آڻڻ جي قربائيتي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ته اسان جي هٿرادو گهڙيل عالمن، مهان اديبن، مڃيل ڏاهن دانشورن، ادب جي ميدان ۾ اسرندڙ، نسرندڙ اديبن ـــ دانشورن، جي حوصلا افزائي ته پري رهي، پر ڪڏهن الفت ڀرئي اک کڻي ڏسڻ پنهنجي شان جي گهٽتائي سمجهيو آهي ـــ ۽ انهن اهڙن ئي اديبن، عالمن، دانشورن، ڏات ڌڻين کي اڳتي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪي سنڌي ٻولي جا تلفظ به درست نموني اچاري نه ٿا سگهن .... جن کي لطيف سائين جي آيت جي هڪ سٽ صحيح طريقي سان پڙهڻ نه ٿي اچي.
    وقت جي ڪنهن مڃيل عالم، دانشور جو چوڻ آهي ته: “جنهن عالم اديب، دانشور جي تحرير، تخليق ۾، سچائي جي سونهن جو سوجھرو، حقيقت جو حسن، ڪو پيار ڀريو پيغام، ڪا نيهان نصيب اسرندڙ، نسرندڙ اديب، دانشور لاءِ االفت ۽ منان محبت ناهي، اهو بيوقوفن جو بادشاهه ته ٿي ٿو سگهي پر ساڃاهه وند قوم جو غير تسليم شده سفير نه. مٿين عالم جي چوڻي تي، سائين الطاف شيخ ئي پورو لهي ٿو جنهن جي هر تحرير، تخليق ۾، سچائي جي سونهن جو سوجھرو، حقيقت جو حسن، ڪو پيار ڀريو پيغام، نينهن نصيحت، اسرندڙ، نسرندڙ اديبن ـــ دانشورن لاءِ منان محبت، الفت ۽ پيار، ستارن جي رم جھم جيئان جرڪندي مهڪندي نظر ايندو.
    14 نومبر 1944ع جي پاڪ گهڙي ۾، هالا جي حسين ۽ سونهن سڳنڌ ڀري سر زمين تي، چاچا گل محمد شيخ جي اجري اڱڻ تي اک کوليندڙ، سائين الطاف شيخ لاءِ، مخدوم سرور جي روح، نه هالا جي اديبن، دانشورن، سجاده نشينن ۽ صالح سياست دانن سوچيو به هو ته هي گل، اڳتي هلي نه رڳو پنهنجي پيشي ۾ پاڻ مڃائيندو ، پر ادب جي آڪاش جي وسعت کان به وڏي ميدان ۾، عزت، محبت ۽ عظمت جو مٿانهون مقام ماڻيندو ۽ سڀن ۾ سَرسُ ثابت ٿيندو. سائين الطاف شيخ، هالا جي گهٽين ۾، بانبڙاٽيون پائيندي، ٻاتا ٻول ٻوليندي شروعاتي تعليم حاصل ڪئي ـــ اڳتي اعليٰ تعليم حاصل ڪري PNSC (پاڪستان نئشنل شپنگ ڪارپوريشن) ۾، ان وقت بحري جهاز هلائڻ جي نوڪري شروع ڪئي، جڏهن ٻهراڙي جا اسين سنڌي ماڻهو هوائي جهاز جو آواز ٻڌي ماني اڌ ۾ ڇڏي جهاز ڏسڻ لاءِ ٻاهر نڪري آياسين ٿي. ڪاٺ جي ٻيڙي ڏسڻ لاءِ ميل پنڌ ڪري درياهه ڪناري تي پهتاسين ٿي.
    جيئن، مرشد لطيف، صديون گذرڻ باوجود اڄ به اسان وٽ عزت ۽ محبت جي نگاهه سان ڏٺو سڃاتو وڃي ٿو. اهو سڀ ان ڪري جو هُنَ، قديم سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جو سفر ڪري، مشاهدو ڪري، قديم سنڌ جي مختلف حسن جي ٻولي، ادب، ثقافت، ڪلچر، تاريخي ڪردارن، ۽ ريتن رسمن بابت ڄاڻ جي کاڻ ڏني. قديم سنڌ جي مختلف حصن جي ترقي ۽ واڌاري سڌاري جا سبب سمجھايا، ٻڌايا، جيئن مثال طور.

    نڪا جھل، نه پل ــ نه ڪو رائير ڏيهه ۾
    آڻيو وجھن آهورين ـــ روڙيو رَتا گل
    مارو پاڻ املهه مليرونِ مَرڪڻو

    يعني ملير واري حصي جي ترقي، سڌاري، واڌاري جو سبب هر ڪنهن کي آزادي آهي ــ اُتي ڪو به حاڪم ناهي ۽ نه ئي ڍل، آجيانو يا ڪو ٻيو ٽئڪس ورتو ٿو وڃي. جيئن لطيف پنهنجي انهن عظيم عملن ڪري ـــ صدين تائين پنهنجي سونهن سلامت رکي. ائين ئي سائين الطاف شيخ PNSC ۾ نوڪري دوران، سڄي دنيا جو سفر ڪيو، ۽ مختلف قومن، ملڪن جي ادب، ٻولي، ثقافت، ڪلچر عظيم ڪردارن ۽ ريتن رسمن متعلق اسانکي ڄاڻ جي کاڻ ڏني ۽ انهن قومن، ملڪن جي ترقي، واڌاري سڌاري جا سبب ٻڌايا، سمجھايا. سائين الطاف شيخ جنهن کي خدا وڏي حياتي ڏي، پنهنجي ان عظيم عمل، قربائيتي ڪردار، ۽ محبوب مقصد ۽ مشاهدي ڪري، صدين تائين عزت ۽ محبت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو.
    هونئن ته ادب جي محبوب ميدان ۾، مختلف ادبي صنفن ۾ مختلف اديبن، دانشورن پنهنجي حقيقي علمي، ادبي صلاحيتن تحت، پاڻ کي موتي داڻو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. ادب جي سونهن ڀري صنف ’سفرنامي‘ ۾ پڻ، مختلف اديبن ۽ دانشورن ڏيهي ۽ پرڏيهي سفرناما لکيا پر سائين الطاف شيخ جيڪي سفرناما لکيا، انهن ۾ ممتا جهڙي مٺڙي ٻولي ۽ لولي، سلڇڻپ، سٻاجھپ، محبت ۽ جيڪي لافاني لفظ استعمال ڪيا سي هر پڙهندڙ جي دل، روح ۽ دماغ ۾ وڏ ڦڙو ٿي وسن ٿا. انهن سمورن سفرنامن ۾، ڪنوار کي لڳل پيٺي جهڙي سرهاڻ، محبت جون ڇوليون، بي پناهه پيار، قربائيتيون ڪهڪشائون، ستارن جو جرڪڻ سهڪڻ، چنڊ جي چاهتي چانڊوڪي ـــ وٿاڻ ڏانهن ورندڙ مال جي چڙن جي چونگار، ۽ انهن مان ايندڙ ساز آواز ۽ مڌر موسيقي، حقيقت جو حسن، سچائي جي سونهن، سوجھرو، موتين جي مالها، ۽ سچن حسين هيرن سان ڀريل ڄاڻ جي خوبصورت کاڻ آهي. هي انسان سنڌ جو سانورو، بانورو ۽ هاٺيڻين طبيعت وارو محبوب، مانائيتو ماڻهو ـــ سائين الطاف شيخ، جنهن تي خالق ڪائنات خصوصي ڪرم نوازيون ڪندي ڪيترين خوبين ۽ خاصيتن سان سنواريو، سينگاريو آهي. سنڌ ۽ سنڌي قوم سان عشق جي حد تائين محبت ڪرڻ، لالچ، لوڀ، مفاد ۽ مطلب پرستي جي پاڇي کان پري رهڻ. سچ چوڻ، سچ ٻڌڻ ۽ سچن، صالحين جي صحبت، محبت ۾ رهڻ، ڏيهه، پرڏيهه ۾، سونهن جو سوداگر بڻجي، ڀٽڪڻ، رلڻ ۽ سونهن کي سجدا ڪرڻ ۽ باشعور، علم ۽ ادب دوست نوجوانن کي جيءَ ۾ جايون ڏيڻ، محبت ۽ پيار ڪرڻ .... هن جون خاص خوبيون ۽ خاصيتون آهن. آخر ۾ ايترو ته، سائين الطاف شيخ، پنهنجي پوري تاريخ ۾ هر ميدان ۾، پنهنجن علمي، ادبي سونهن ڀريل صالحيتن سان پاڻ مڃايو آهي. هُنَ ڪڏهن به، ڪنهن جي خوشامندي، چاپلوسي، منافقي يا ڪوڙي واکاڻ، ساراهه ڪري، ڪرسي يا مفاد نه ماڻيو آهي .... حالانڪه سائين الطاف شيخ کي پنهنجي سونهن سچائي، ايمانداري ۽ بلند اخلاق جي ڪري سائين مظفر حسين شاهه، لياقت جتوئي ۽ ارباب غلام رحيم جهڙن سندس ڪاليجي ساٿين ۽ دوستن، سنڌي ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، سنڌي لينگئيج اٿارٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي وڏن عهدن لاءِ ڪئين ڀيرا پيشڪش ڪئي. پر پاڻ هميشه اِهو چئي انڪار ڪيو ته مون جهاز هلايا آهن آئون اهڙن ڪمن لاءِ ئي صحيح آهيان جن جو واسطو جهازن سان هجي. نوڪري جي لالچ ۾ قومي ادارن جي ستيا ناس نه ڪجي. هر ڪم جي هڪ عمر هوندي آهي. ملائيشيا، آسٽريليا، نيوزيلئنڊ ۽ انهن پاسن جي ٻين ملڪن وانگر _ جتي رٽائرمينٽ جي عمر 55 کان 57 سال آهي، اسان جي ملڪ ۾ به هرهڪ کي اڃان به جلد سرڪاري نوڪرين جي پچر ڇڏي رٽائرڊ ٿي وڃڻ کپي.

    ڄام اقبال انڙ (عمر ڪوٽ)


    سنڌ جو سندباد: الطاف شيخ

    اسان الطاف صاحب کي اسڪول جي زماني کان وٺي پڙهندا پيا اچون. ايئن چئجي ته الطاف شيخ سنڌي ٻوليءَ جو اهو ڀاڳوند ليکڪ آهي، جنهن جون لکڻيون ڪيترن ئي پيڙهين (Generations) تي اثر انداز ٿينديون رهيون آهن ۽ اڄ به سندس قلم ۾ اها ئي طاقت ۽ لفظن ۾ اُها ئي ڇِڪَ (attraction) شامل آهي جيڪا پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن چقمق وانگر ڇڪي وٺي ٿي.
    الطاف شيخ جو لکڻ جو هڪ عجيب انداز آهي. هُو ڳالهين ئي ڳالهين ۾ پڙهندڙ جي آڱر پڪڙي کيس گهٽين، بازارن، واهڻن، وستين، سمنڊ ڪنارن، ريگستانن، پَٽن پهاڙن جا سير ڪرائيندو ويندو گڏوگڏ انهيءَ سير سفر دؤران ڄاڻ ۽ معلومات جا ڪيئي خزانا تاڪين وانگر کلندا ويندا ۽ هڪ پڙهندڙ تحرير جو لطف به حاصل ڪندو ته ڄاڻ جي کاڻ به سندس حصي ۾ هلي ايندي. اهو ئي الطاف شيخ جي سفرنامن جو ڪمال آهي ۽ اها ئي ڳالهه ۽ انداز سندس سفرنامن کي مقبوليت بخشي ٿي.
    الطاف شيخ جي سفرنامن منهنجي ذاتي راءِ موجب سنڌ جي نوجوان نسلن تي ٻَه اهم اثر ڇڏيا آهن. هڪ ته الطاف شيخ جي سفرنامن جي ڪري اسان جو نوجوان ڪِتابن طرف مائل ٿيو آهي ــ اسان جي نوجوانَ اردوءَ ۾ شايع ٿيندڙ سسپينس ڊائجيسٽ ٽائيپ رسالن ۽ ڪِتابن بجاءِ الطاف شيخ جي سفرنامن سان لنئون لاتي آهي ۽ گهر ويٺي دُنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين جو سفر ڪيو آهي، ۽ ٻي ڳالهه اِها ته الطاف شيخ جي سفرنامن اسان جي سنڌ جي نوجوان ۾ پنهنجي ڏيهه کي ڇڏي پرڏيههَ ڏانهن نِگاهه رکڻ جو جذبو پيدا ڪيو آهي. اسان سنڌين لاءِ مشهور آهي ته اسين اڌ عمر ماءُ جي جھولي ۽ باقي اڌ عمر زال جي جھوليءَ ۾ گذاري ڇڏيندا آهيون، ٻاهر ناهيون نڪرندا. پَرَ منهنجو ذاتي مشاهدو رهيو آهي ته الطاف شيخ جا سفرناما پڙهي اسان جي ڪيترن ئي نوجوانن پرڏيهي اسڪالرشپ حاصل ڪري ٻاهر تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ ڪيترن ئي الطاف شيخ جا سفرناما پڙهي پرڏيهه سياحت ڪئي آهي. مون شايد الطاف شيخ جي ئي ڪنهن تحرير ۾ پڙهيو هو ته سفرنامو ڪنهن ملڪ جو به ٿي سگهي ٿو ته پنهنجي ئي شهر جي هِڪَ چڪرَ جو به. سو 1988ع ۾ جڏهن مون کي پنهنجي ئي مُلڪ جو ٽوئر ڪرڻ جو موقعو مليو ته مون ان کي به قلمبند ڪيو ۽ “مسافر” جي نالي سان منهنجو پهريون سفرنامو شايع ٿيو. اڳتي هلي، جڏهن جاپان جي سفر جو موقعو مليو ۽ ان سفر کي “هڪ گهڙي پيارَ جي” جي نالي سان محفوظ ڪيم ته ان سفرنامي جو مُهاڳ لکڻ لاءِ الطاف شيخ صاحب کي گذارش ڪيم. پاڻ منهنجي گذارش کي مانُ ڏيندي نه صرف ڪِتابَ جو مُهاڳ لکيائون پَرَ ڪراچيءَ ۾ جاپان ايمبسي طرفان ان سفرنامي جي مهورت ڪرائي وئي ته الطاف شيخ صاحب ان موقعي تي انگريزيءَ ۾ پيپر (Paper) پڻ پڙهيو. اڃان به اڳتي آمريڪا جي سفر تي مشتمل سفرنامو “آمريڪا ۾ ايڪٽيهه ڏينهن” لکيم ته ان جو مُهاڳ به الطاف شيخ صاحب لکيو. انهيءَ سفرنامي کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد پاران 2009ع جي بهترين سفرنامي جو ايوارڊ پڻ مليو.
    هڪ پبلشر جي حيثيت سان منهنجي خواهش هُئي ته پوپٽ پبلشنگ هائوس پاران الطاف شيخ جو ڪوئي سفرنامو ڇپرايان. انهيءَ سلسلي ۾ مون جڏهن الطاف صاحب کي گذارش ڪئي ته پاڻ پنهنجي سفرنامي “بندر ديسان ديس” جو ٽيون ڇاپو شايع ڪرڻ لاءِ چيائون. مون حامي ڀري سفرنامو ڇپيو جيڪو الطاف صاحب کي تمام گهڻو وَڻيو ۽ ستت ئي پوءِ پنهنجو نئون سفرنامو “مونکي موهيو ملائيشيا” شايع ڪرڻ لاءِ ڏنائون. منهنجي اها به پراڻي خواهش هُئي ته هڪ دفعو الطاف شيخ خيرپور اچي ۽ هِتي ساڻس ڪا عاليشان رهاڻ رچايون. پَرَ الطاف صاحب انهيءَ تي راضي ئي نه پئي ٿيو نيٺ “مون کي موهيو ملائيشيا” شايع ٿيڻ کان پوءِ مون کين گذارش ڪئي ته انهيءَ سفرنامي جي مهورت خيرپور ۾ ڪرايون، انهيءَ بهاني توهان به اچو. سائين منهنجي گهڻي زوربار کانپوءِ راضي ٿيو ۽ پهريون دفعو سندس ڪنهن سفرنامي جو مهورت “پوپٽ” پاران سچل اڪيڊمي خيرپور ۾ ٿيو.
    الطاف شيخ جو قَلَمُ مسلسل سفر ۾ رهيو آهي جيئن هُو پاڻ مسلسل سفر ۾ رهيو آهي. هن پنهنجي زندگيءَ جو هَر پل سجايو ثابت ڪيو آهي. دنيا جهانَ ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو آهي ان کي امانت سمجھي پنهنجي ديس واسين سان سفرنامن جي صورت ۾ ونڊيو آهي. شالَ سندس قلم ائين ئي لکندو رهي ۽ اسين سندس ڏاهپ جي ڏيئن مان روشني حاصل ڪندا رهون.

    قربان منگي


    الطاف شيخ ـــ جنهن اسان کي دُنيا گهمائي آهي

    سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامي جي صنف کي عوامي سطح تي مقبول بنائڻ ۾ سائين الطاف شيخ جو وڏو هٿ رهيو آهي. سفرنامه نِگاري اهو فن آهي، جنهن وسيلي هڪ ليکڪُ گهرَ ويٺي پڙهندڙن کي دنيا جهانَ جو سير ڪرائي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب ۾ سفرنامه نِگاريءَ جي به وڏي اهميت هوندي آهي. سنڌي ادب جي آسمانَ تي ڪيترائي سفرنامه نِگار پنهجي پنهنجي اندازَ سان جڳمڳائيندي نظر ايندا پر انهن سڀني سفرنامه نِگارن ۾ سائين الطاف شيخ جو نالو چوڏهينءَ جي چنڊَ جيان چمڪندي نظر ايندو، الطاف شيخ صاحب جيئن ته پنهنجي پروفيشن جي لحاظ کان مئرين انجنيئر آهي. انهيءَ حوالي سان کيس سموري دنيا جو سير ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. قدرت واري الطاف شيخ صاحب کي لکڻ جو بي مثل ڏانءُ ڏنو آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ پنهنجي پيشه ورانا فرض جي ادائگيءَ دوران مختلف ملڪن جو گهري نظر سان مشاهدو ماڻيو آهي ۽ انهن سڀني مشاهدن کي دل لڀائيندڙ انداز ۾ قلمبند به ڪيو آهي. الطاف صاحب سنڌ جو تمام گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. هُنَ هيلَ تائين سنڌي ادب کي 70 کان وڌيڪَ سفرناما ڏنا آهن. جڏهن ته سندس اردوءَ ۾ به ڪيرائي سفرنامه شايع ٿيا آهن.
    الطاف شيخ سنڌ جي نئين نسل جو پسنديده ليکڪ رهيو آهي، سنڌ جا نوجوان الطاف شيخ صاحب جا سفرناما بلڪل ائين پيارَ سان پڙهندا آهن. جيئن امر جليل جا افسانا، شيخ اياز ۽ استاد بُخاريءَ جي شاعريءَ پڙهندا آهن.
    الطاف شيخ صاحب جا سفرنامه نه صرف سنڌ ۾ ڪِتاب دوستيءَ واري فضا قائم ڪندا آيا آهن پر انهن نوجوان نسل ۾ اهو جذبو ۽ اتساهه پيدا ڪيو آهي ته اهي تعليم ۽ روزگار جي لاءِ پنهنجو ديسُ ڇڏي پرديس جا پنڌَ به ڪن. الطاف شيخ صاحب جي لکڻ جو انداز اهڙو ته وڻندڙ هوندو آهي جو پڙهندڙ هڪ دفعو سندس ڪِتاب کڻڻ کانپوءِ ان کي اڌ ۾ ڇڏي ناهي سگهندو. ايئن ئي جڏهن آءٌ سائين الطاف شيخ جا سفرنامه يا ڪالمَ ڪمپوز ڪندو آهيان ته ڪڏهن به بوريت ناهي محسوس ڪئي، هميشه نئون مواد مليو آهي. سائين الطاف شيخ جي ڪالمن ۾ سنڌ لاءِ محبت، سنڌي ماڻهن لاءِ هِدايت ڀريون ڳالهيون ۽ سنڌ جي نوجوانن جو فڪر سندس لِکڻين ۾ موجود هوندو آهي. سائين الطاف شيخ هميشه سنڌ جي نوجوان طبقي کي نصيحت ڪئي آهي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ تنوير عباسي، تاجل بيوس، ماهتاب محبوب، طارق عالم، عبدالحئي پليجو، ڊاڪٽر محبوب شيخ، قربان منگي، اسحاق انصاري ۽ ٻين ليکڪن سفرناما لکيا آهن پر الطاف شيخ صاحب جنهن نموني صرف ۽ صرف سفرنامن کي ئي فوڪس ڪيو آهي، اهو سندس ڪمال آهي. مون کي ائين لڳندو آهي ته الطاف صاحب پنهنجي سموري ڄمارَ سفرنامه لکڻ کي ارپي ڇڏي آهي ۽ موٽَ ۾ کيس سموري دنيا ۾ وسندڙ سنڌين جو پيارُ مليو آهي.
    الطاف شيخ صاحب هڪ مهربان ۽ ٻاجھاري طبيعت جا مالڪ آهن. مون سان سندن سدائين شفقت وارو ورتاءُ رهيو آهي. منهنجي دُعا آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو سدابهار ۽ سدا جوان ليکڪ الطاف شيخ وڏي ڄمارَ ۽ صحت ماڻي هُو هميشه ائين ئي لکندو رهندو ۽ سنڌ واسين جي دلين ۾ ڄاڻَ ۽شعور جا ڏيئاري ٻاريندو رهي. سنڌي ادب کي اڃان به سوين ڪِتابَ ارپي. الطاف شيخ صاحب سموري دنيا ۾ اسان جو حوالو، سڃاڻَ ۽ فخر آهي. هن پنهنجي قلم ذريعي ڪيترين ئي پيڙهين جي علمي تربيت ڪئي آهي ۽ اِهو سلسلو اڃان به جاري آهي تڏهن ته شاهه سائين چيو آهي ته:
    بَندَرَ ديسان ديسِ، مُلھ نه مِلي وارِئين؛
    فَقِيراڻي ويسِ، اَمُلَ ڏِيَن اَتوريا.

    (ديس ديس ۾ بندر آهن. پر واريءَ تي اهو ملهائتو خزانو (روحاني خزانو) نه
    ٿو ملي. فقيري ويس ۾ ئي پاڻَ توريا املهه ماڻڪ ملن ٿا)

    سائين الطاف! رب پاڪ اوهان کي وڏي ڄمار ڏي اوهين اسان سنڌ واسين جو سرمايو آهيو، اوهان کي جنم ڏينهنَ جون اڻ ڳڻيون واڌايون شالَ اهڙا هزارين جنمَ ماڻيو ۽ اسان سنڌين کي شعورَ واري واٽَ ڏانهن اُتساهيو.

    آصف نظاماڻي


    لاڙڪاڻي جو هڪ سفر......

    ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ٽي ڏينهن رهڻ دوران آئون اڄ کان اڌ صدي اڳ جو زمانو ياد ڪندو رهيس جڏهن 1958ع کان 1963ع تائين آئون ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جو شاگرد هوس. اها ئي هن ڪاليج وانگر شهر کان پري رهائش، اهي ئي ميدان ۽ سياري جون ٿڌيون هوائون، اهو ئي ڊسپلين ۽ اهوئي وقت جي پابنديءَ تي زور!
    هڙتال ڪري شهر جا باقي تعيلمي ادارا ڀلي بند هجن، سرديءَ ڪري ٻين اسڪولن ۾ ڀلي ٽيچر ۽ شاگرد غير حاضر هجن پر هن ويران ۽ خاموش بستي ۾ هر شيءِ گهڙيال جي ڪانٽن مطابق ٿيندي رهي ٿي. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو کي ته فنڊ به گهڻا ئي ملن ٿا، هر وقت نيوي جو اسٽاف ۽ سهولتون به ملن ٿيون پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته لاڙڪاڻي جو ڪئڊٽ ڪاليج محدود سهولتن هوندي به نه فقط پيٽارو جي ڪئڊٽ ڪاليج جو پر پاڪستان جي سمورن ڪئڊٽ ڪاليجن جو مقابلو ڪري ٿو. ڪئڊٽن جو صحيح ڊريسڊ هجڻ، سٺو ٽرن آئوٽ، پڙهائي کان علاوه هنن جو راندين، تقريرن، بحث مباحثن ۽ مضمون نويسي ۾ پڻ حصو وٺڻ....... ڪاليج جي پرنسپال ٻڌايو ته لاڙڪاڻي جي هن ڪاليج جي هر شاگرد کي ڪاليج ڇڏڻ کان اڳ ترڻ سکڻوئي پوي ٿو...... ڪاليج کي پنهنجو بهترين سئمنگ پول آهي، بهترين جِم (Gymnastic Hall) آهي جنهن جي هر مشين ڪم ڪري ٿي ۽ بهترين لائبرري آهي..... بلڪه دي بيسٽ آهي....... پاڪستان ۾ ايڏي وڏي لئبرري ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ يونيورسٽي ۾ هجي. ڪاليج ۾ 600 کن شاگرد آهن جن کي ۽ استادن کي ڪئمپس اندرئي رهڻو پوي ٿو جيتوڻيڪ لاڙڪاڻو شهر 26 ڪلوميٽر ڪو مس آهي. پر منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه به شاگردن جي فائدي ۾ آهي ته کين پڙهائڻ وارا روزانو 25 ڪلوميٽر drive ڪري اچڻ بدران پنجن منٽن جي پنڌ تي ڪئمپس ۾ رهن ٿا. ملائيشيا ۾ پڙهائڻ دوران اسان مختلف ملڪن کان آيل جهازن جي ڪپتانن ۽ چيف انجنيرن کي پڻ ڪئمپس اندر رکيو ويو هو. هڪ ٽيچر (اسانجي ئي ملڪ جي ڪئپٽن) شهر ۾ رهڻ جو ضد ڪيو ۽ اهو به چيو ته هو پڙهائڻ لاءِ نيول اڪيڊمي ۾ وقت تي پهچي ويندو. پرنسپال چيس ته اهو ته صحيح آهي، وقت تي ته هر صورت ۾ پهچڻو اٿئي، ويندي ملڪ جو وزير اعظم به پوري اٺين بجي آفيس ۾ پهچيو وڃي، پر ڪلاڪ ڊرائيو ڪري ڪلاس ۾ پهچڻ سان تو ۾ اها تازگي نه هوندي جيڪا ڪئمپس ۾ رهڻ واري ۾ هوندي. نتيجي ۾ تون شاگردن کي سٺو ليڪچر نه ڏئي سگهندين.
    لاڙڪاڻي جي ڪئڊٽ ڪاليج جا سمورا شاگرد ڪاليج جي مختلف هاسٽلن ۾ئي رهن ٿا. هيترن شاگردن جي هڪ ئي وقت هڪ ئي قسم جي ماني ٽڪي جو بندوبست ڪرڻ ۽ هڪ ئي وقت تي کارائڻ ڪو آسان ڪم ناهي. شاگردن جا ٻه ٽي ڪمرا ڏٺم...... بيحد ٽِپ ٽاپ...... هر شيءِ پنهنجي جاءِ تي..... هر هڪ لاءِ پنهنجو ٽيبل، ڪرسي، لئمپ وغيره.....
    “سائين سخت زندگي آهي.....” منهنجي پڇڻ تي هڪ شاگرد چيو..... مونکي لڳو ڄڻ اهو جملو مون پهرين به ٻڌو هجي..... ڪنهن فلم يا ڊرامي ۾ نه پر ريئل لائيف ۾! ۽ اهو جملو آئون ئي ته چوندو هوس جڏهن آئون هنن وانگر ڪئڊٽ هوس.
    هڪ ڏينهن شامَ جو ڪاليج جو پرنسپال مونکي لاڙڪاڻو شهر گهمائڻ وٺي هليو. ڪاليج ۽ ان جي آس پاس جو ٻهراڙي وارو علائقو جهڙو ناروي، سئيڊن..... پري پري تائين چهچ ساوڪ ۽ هوا ۾ سڳنڌ، خاموشي ۽ سڪون.....! شهر ۾ گهڙڻ سان ائين لڳو ڄڻ قاهري جي بازار ۾.... ڄڻ چٽگانگ جي “بپن بتني” مارڪيٽ ۾.... گوڙ گهمسان، ڌوڙ، ڌپ، دونهون، چنگچين ۽ ڪارن جي هارن ۽ ريڙهي وارن جي هوڪن ۾ دماغ ٿي چڪرايو. اهو به شڪر جو اسان واري ڪار هلائڻ ڊرائيور جي مٿي جو سور هو...... سپنا هوٽل، پرنس چرغا، مهراڻ آئيس ڪريم، سارنگ هيئر ڪٽ، دليپ سوئيٽس، مُون آپٽيڪل، لاڙڪاڻا بيڪري، امداد ڊينٽل..... هر جڳهه ماڻهو جا انبوهه، هر جڳهه انڪروچ مينٽ.... هر جڳهه گندگي....! منهنجي خيال ۾ اهي والدين خوش نصيب آهن جن جا ٻار شهر کان پري هن ڪاليج ۾ پڙهن ٿا. هو هڪ پولوشن فري ماحول ۾ رهن ٿا، هنن جي روزانو پڙهائي ٿئي ٿي، هنن کي راندين کيڏڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ هو هيڏانهن هوڏانهن گهٽين ۾ رُلڻ بدران هڪ سٺي ماحول ۾ وقت گذارين ٿا..... رهيو سوال ڊسيپلين ۽ سختيءَ جو سو مائٽن کي به اهو معلوم هئڻ کپي ته اهي ئي سختيون سندن ٻارن کي مضبوط ۽ مصيبتن کي منهن ڏيڻ سيکارين ٿيون.
    آچر ڏينهن صبح جو واڪ ڪندي پرنسپال جي آفيس ٻاهران لنگهيس ته بتيون ٻري رهيون هيون. اندر گهڙيس ته هو ڪم ۾ مصروف هو. “دراصل توهانجي ۽ توهانجي ٽيچرن جي محنت ۽ Devotion ڪري هن ڪاليج جا شاگرد هر فيلڊ ۾ سرخرو ٿيا آهن.” مون چيو مانس. لاڙڪاڻي جي هن ڪاليج جي سٺي نالي هجڻ ڪري مونکي ڪيترن سالن کان ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو. هي ڪاليج پيٽارو جي مقابلي ۾ بيحد نئون آهي پر مونکي حيرت ٿيندي آهي جڏهن هن ڪاليج جا شاگرد آرمي، ايئرفورس ۽ نيوي کان علاوه، سول سروس، ميڊيڪل ۽ انجيئرنگ جي هر فيلڊ ۾ به نظر اچن ٿا. دراصل شاگردن جي ڪاميابي...... اهو لکندي مونکي پنهنجا ڪجهه استاد ياد اچن ٿا.... عبد الله خادم حسين جيڪو پوءِ فيڊرل سيڪريٽري به ٿيو ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ کان علاوه ناول پڙهڻ لاءِ به زور ڀريندو هو.... ڪئپٽن عالم جان محسود جيڪو جرنل ٿي رٽائرڊ ٿيو، اسان کي هر وقت انگريزي ڳالهائڻ لاءِ زور ڀريندو هو. “انگريزي بين الاقوامي زبان آهي.... ان بنا ترقي ڪرڻ مشڪل آهي.... ويندي عرب، جپاني ۽ ترڪ به انگريزي پويان آهن.” ۽ پرنسپال ڪرنل ڪومبس جي ته اها خواهش هوندي هئي ته اسان جي زندگي جو هڪ هڪ منٽ سندس خواهش موجب گهاريو وڃي.... ۽ سندس خواهش ڇا هوندي هئي ته اسان شاگرد گهڻي کان گهڻو پڙهون به، پي ٽي پريڊ به ڪريون، رانديون به کيڏون، ترڻ ۽ گهوڙي سواري به سکون، پنهنجن ڪمرن کي صاف به رکون...... سڀ کان وڏي ڳالهه ته موڪلون ته هرگز نه ڪريون......
    فرسٽ ييئر يا شايد انٽر ۾ هئاسين ته اعلان ڪيائين ته 25 ڊسمبر تي به ڪلاس ٿيندا. اسانجو ته اندر ئي سڙي ويو. عيسائي ٿي پاڻ ته ڪرسمس ڊي نٿو ملهائي اسان کي قائدِ اعظم جي جنم ڏينهن جي به موڪل نٿو ڏئي. ڪلاس جا ٽي چار چڱا مڙس، جن ۾ مونکي به شامل ڪيو ويو، پرنسپال جي آفيس ۾ آياسين. “سائين اڄ باباءِ ملت جو ڏينهن آهي اڄ اسين ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ نٿا چاهيون.”
    “ڇو ڀلا...... ان سان توهان کي ڪهڙي تڪليف ٿيندي؟”
    هن پڇيو. ڇا جواب ڏيونس. آخر سوچي سوچي چيوسينس:
    “سائين اسان کي ته نه پر اسان جي ملڪ جي باني قائد اعظم جي روحَ کي تڪليف ٿيندي ته اڄوڪي ڏينهن تي به اسان ڪلاس پيا اٽينڊ ڪريون”
    اسان جي پرنسپال در ڏي اشارو ڪري چيو:
    “چڱو هاڻ هلو، هلي ڪلاس ۾ ويهو، قائدِ اعظم جي روح کي تڪليف نه پر خوشي ۽ سڪون ملندو ته سندس سست قوم محنت ڪري رهي آهي.”
    لڳي ٿو ته ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگردن سان به ساڳيو حال آهي...... پر يقينن هي سختيون ۽ محنتون کين املهه ماڻڪ بڻائينديون.


    بابا مَڪي هلنداسين ٻيو ڪيڏانهن....

    لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ ڪراچيءَ کان منهنجي اڏام پوري پنجين بجي هئي. آئون ٻي بجي کان ايئرپورٽ جي انتظار گاهه (لائونج) ۾ ويٺو هوس. سڄي لائونج ماڻهن سان پئڪ هئي. ساهه کڻڻ ۾ به دشواري ٿي رهي هئي. هوائي جهاز ۾ مٿاهين بلندي (Altitude) تي اهڙي حالت ٿيڻ تي مسافرن مٿا ماسڪ (ٻوٿاڙا) ڪري پوندا آهن جن کي وات ۽ نڪ تي رکي ڊگها ساهه کڻڻ تي انهن مان آڪسيجن اچي ٿي. منهنجي آسپاس سنڌي ٽوپين ۽ پٽڪن ۾ ويٺل ۽ بيٺل گهوٽڪي جي ٻروچن ٻڌايو ته هنن کي پنهنجي اڏام جي انتظار ۾ ذري گهٽ 24 ڪلاڪَ ٿي ويا آهن. اهو ٻڌي مونکي ٽينـشن ٿي رهي هئي ته منهنجي اڏام ته خبر ناهي ڪڏهن ايندي. هو جدي کان ڪراچي آيا هئا.
    “ڀلا گهوٽڪي وڃڻ لاءِ توهان کي سکر لهڻو پوندو يا لاڙڪاڻو؟” مون هڪ کان پڇيو.
    “سائين سڀني کي سکر لهڻو پوندو پوءِ اتان لاري موٽر ۾ روانو ٿبو.” هن چيو ۽ ساڳي وقت پنهنجا به سور رنا...... “سائين اسان کي ڪهڙي خبر ته هيءَ ويڌن ٿيندي. اهڙي خبر هجي ها ته ڪراچي مان ڪا بس يا ٽئڪسي ڪري گهوٽڪي هليا وڃون ها.... پر اسان چاهيو ٿي ته اسان جا مائٽ ڏسن ته اسان سعوديه مان مزوري ڪري هوائي جهاز ۾ ڳوٺ پهتا آهيون..... هينئر به اسان کي سامان ۽ ٽڪيٽ جا پئسا ڏين ته ڊائيوو بس ۾ هليا وڃون.....”
    ٺهيو! چئبو ته هي به مون وانگر پهريون دفعو ڊوميسٽڪ اڏام ۾ سنڌ جي اندروني شهر ڏي ٿا وڃن..... مون دل ئي دل ۾ اهو سوچي پاڻ کي آٿت ڏني ته ائين ٿي نٿو سگهي ته گهوٽڪي، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي ماڻهن کي هڪ ئي ايئرپورٽ تي لاهين..... پر ٻي گهڙيءَ وري مايوس ٿي ويس ته ائين ٿي به سگهي ٿو. سکر ۽ لاڙڪاڻي جي وچ ۾ مفاصلو ئي ڇا آهي! خبر ناهي ڪهڙو هوائي جهاز هلندو. جيڪڏهن ڪو وڏو جمبو آهي ته 36 هزار فٽن جي بلندي تي سکر ۽ لاڙڪاڻو ٽڪنڊي جي Base تي ساڳيون ڪنڊون ٺاهيندا. ۽ جيڪڏهن هڪ شهر جي ايئرپورٽ تي لهي پوءِ ٻئي ڏي ويندو ته ٻئي شهرن جي وچ ۾ ايترو ته گهـٽ مفاصلو آهي جو جيسين جهاز بلندي حاصل ڪري سنوت ۾ اچي تيسين ٻيو شهر اچي ويندو، بلڪ لنگهي ويندو........ بهرحال اهي مسئلا PIA وارن جا آهن باقي اسان جي وزيرن پنهنجي پنهنجي ضلعي جي عوام کي ڪي اسڪول يا اسپتالون ٺهرائي ڏيڻ بدران پنهنجن علائقن ۾ هڪ عدد هوائي اڏو ضرور ٺهرائي ڏنو آهي. پوءِ ڀلي سڄي هفتي ۾ فقط هڪ اڏام اچي جنهن ۾ ويهه کن ماڻهو مس هجن..... دادو (يعني سيوهڻ ايئرپورٽ) تي ته شايد مهيني ۾ به ڪا ڪمرشل اڏام لهي ٿي. اسانجي جهانگارا باجارا جي دوست کان جڏهن ان ايئرپورٽ جو ڪارج پڇبو آهي ته هو عوام جي پئسي جي ان بربادي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري چوندو آهي” ادا مونکي پاڻ سمجھه ۾ نٿو اچي ته اهڙن هوائي اڏن ٺهرائڻ جو فائدو ڇا آهي جن جي رن وي تي جهاز لهڻ بدران ڪتا پيا هنگن”
    منهنجي اڏام جي وقت کان ڪلاڪ مٿي ٿيو ته چانهه جي اسٽالن وٽ ڪارن ڪوٽن ۾ ٻن ڄڻن کي سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندو ٻڌي وڃي ساڻن خبر چار ڪيم. هو سکر وڃي رهيا هئا. انهن مان هڪ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جو ائڊيشنل ائڊوڪيٽ جنرل شير محمد شيخ هو. ڪافي خوش مزاج لڳو ٿي ۽ پنهنجي نوجوان ساٿي قربان علي ملاڻو سان چرچا ڀوڳ ڪري رهيو هو. قربان عليءَ مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو ته هو هڪ ننڍڙي ڳوٺ بهرام خان ملاڻو جو ٿي ڪري ننڍي عمر ۾ (سندس ڄم جي تاريخ 15 سپيٽمبر 1970ع آهي) اڄ ڪلهه سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ائسوسيئيشن سکر جو صدر آهي ۽ هن کان اڳ ٽن سالن لاءِ جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو.
    قربان مئٽرڪ تائين ماٿيلو (مومل جي ماڙي) ڳوٺ مان پڙهيو ۽ پوءِ B.A تائين گهوٽڪي ۾ پڙهيو. منهنجي ان پڇڻ تي ته ڳوٺ ۾ رهي هن کي وڪيل ٿيڻ لاءِ ڪنهن لاڙو پيدا ڪيو؟ هن ٻڌايو ته “منهنجو پيءُ مکڻو خان ملاڻو جيتوڻيڪ هاري ماڻهو هو پر هن چاهيو ٿي ته آئون تعليم حاصل ڪريان. منهنجو چاچو بهرام خان جنهن نالي ڳوٺ آهي پڙهيل ڳڙهيل هو ۽ ڳوٺ ۾ ٽيچر هو. سندس پرائمري گرامر جو ڪتاب 1973ع کان 1985ع تائين پڙهايو ويو ٿي..... هن ۽ منهنجي مامي مونکي پڙهايو ۽ وڪيل ٿيڻ کان اڳ سکر جي هڪ سينيئر وڪيل نظام بلوچ (جيڪو شيخ اياز جو شاگرد هو) ان وٽ ڪلارڪ ٿي ڪم ڪيم.”
    ايتري ۾ منهنجو ننڍپڻ جو ڪلاس ميٽ شوڪت جماڻي اچي نڪتو. هن کي حيرت ٿي ته آئون هتي ڪٿان اچي نڪتس. شير محمد شيخ صاحب چيس ته وڃي لاڙڪاڻي پيو پر پاڻ خيرپور وٺي ٿا هلونس. شوڪت ٽهڪ ڏئي مونکي چيو ته چئبو ڪنهن نوڪري ڏيارڻ واري ايجنـٽ بيوقوف ته نه بنايو اٿئي؟ آئون سندس چرچو سمجھي ويس جيڪو لاڙڪاڻي جو هي موهن جو دڙو ايئرپورٽ ٺهڻ کانپوءِ مرحوم تنويرعباسيءَ اسان کي ٻڌايو هو. چرچو ته ڇا اسان وٽ عوام سان ٿيندڙ ظلم جي ڪهاڻي آهي ته ڪنهن ٺڳ ايجنٽ سعودي عرب ۾ نوڪري ڏيارڻ جا ڏٽا ڏيئي غريب ڳوٺاڻن کان پئسا ورتا ته هو کين هوائي جهاز رستي مڪي موڪليندو. ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچي هنن کي ٻڌائين ته بابا هي هوائي جهاز توهان کي جدي وڃي ڇڏيندو. اتي لهي ايئرپورٽ کان ٻاهر اچي بس ۾ وهجو جيڪا توهان کي مڪي وٺي ايندي جتي منهنجو ماڻهو توهان سان ملي توهان کي نوڪري ۽ رهائش جو بندوبست ڪندو.
    ڪلاڪ ڏيڍ بعد هوائي جهاز جڏهن کين لاٿو ۽ ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتا ته واقعي بس به تيار بيٺي هئي. هنن کي اهو ڏسي خوشي ٿي ته ڌارئين ملڪ جي بس جو ڊرائيور ۽ ڪنڊڪٽر به سنڌي آهي.
    جڏهن بس هلي ته ٽڪيٽ واري هنن کان پڇيو ته ڪيڏانهن هلندئو ته هنن وراڻيو:
    “بابا مڪي هلنداسين ٻيو ڪيڏانهن.”
    ڊرائيور ڪاوڙ مان چين ته هڪ ته فلائيٽ دير سان پهتي آهي ٻيو وري توهانجا نخرا. جلدي جلدي ٻڌايو ته آريجا لهندائو، باقراڻي، لاڙڪاڻو، ماهوٽا، نئون ديرو يا ڳڙهي خدا بخش....؟
    ان بعد کين خبر پيئي ته ٺڳ ايجنٽ کين ڦري ويو ۽ هو مڪي بدران لاڙڪاڻي پهچي ويا آهن......


    ڪهڙو ٽوئرسٽ اسان وٽ ايندو؟

    ٿائلنڊ جو ڪنچن بوري شهر بئنڪاڪ کان ائين آهي جيئن لاڙڪاڻو ڪراچيءَ کان. هڪ دفعي بئنڪاڪ ۾ جهازراني جي ڪانفرنس دوران هڪ ڏينهن صبح جي اڏام ۾ پنهنجي هڪ جهازي دوست سان ملڻ لاءِ ڪنچنبوري هليو ويو هوس. آئون هن شهر ۾ پهريون دفعو وڃي رهيو هوس ۽ مون اهوئي سوچيو ته جهاز ۾ اڏام دوران ڪنهن مسافر کان کڻي هن شهر بابت پڇندس. پر جهاز ۾ چڙهڻ وقت جڏهن چوڌاري نظر وڌم ته مونکي يورپي، جپاني ۽ ٻين ملڪن جا ٽوئرسٽ ئي نظر آيا. شايد ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ هن شهر ۽ صوبي جو ڪو ويٺل به هجي نه ته ظاهري طرح ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ ئي هئا جيڪي ٻي جنگ عظيم جي تاريخي پُل ڏسڻ لاءِ هن شهر ڏي وڃي رهيا هُئا جنهن تي 1952ع ۾ فرينچ ليکڪ پائري بولي The Bridge on River Kawai نالي ناول لکيو ۽ 1957ع ۾ ڊئريڪٽر ڊئوڊ لين ساڳي نالي سان فلم ٺاهي جيڪا دنيا جي مشهور فلمن مان هڪ آهي. بهرحال ٿائلنڊ جي هن شهر “ڪنچن بوري” وڃڻ مهل مونکي احساس ٿيو ته اتي جا مڪاني ماڻهو ته جهاز بدران بس يا ٽرين ۾ ئي ويندا هوندا ۽ هاڻ لاڙڪاڻي باءِ ايئر وڃڻ جو پروگرام ٺاهي مون اهو ئي سوچيو پئي ته هن فلائيٽ ۾ مون سان گڏ پڪ ٿائلئنڊ جي شهر ڪنچنبوريءَ وانگر ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ هوندا جيڪي موهن جو دڙو ڏسڻ لاءِ هلندا هوندا. آخرڪار موهن جو دڙو “ڪوائي نديءَ” تي ٺهيل پُل کان تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. ڪنچن بوري واري اڏام ۾ منهنجي ڀر ۾ ويٺل فرينچ جوڙي اهو ٻڌايو ته جڏهن کان هنن اها فلم ڏٺي تڏهن کان هنن کي اها حسرت هئي ته حياتي ۾ هڪ وار اها تاريخي پل ضرور ڏسجي. ان حسابَ سان ڏٺو وڃي ته موهن جو دڙو ڏسڻ جي خبر ناهي ڪيترن ماڻهن کي حسرت هوندي. بئنڪاڪ کان روزانو هڪ اڏام ڪنچن بوري وڃي ٿي. ان کان علاوه هفتي ۾ ٽي دفعا ٿائلنڊ جي ٻين شهرن: پتايا، چَنگ مائي ۽ سَونگڪلا شهرن کان ٽوئرسٽ کڻي ڪنچن بوري اڏامون پهچن ٿيون. پر مونکي رڳو اها ڳالهه سمجھه ۾ نٿي اچي ته موهن جي دڙي لاءِ ڪراچيءَ کان هفتي ۾ فقط هڪ اڏام ڇو ڪافي سمجھي وڃي ٿي. اهي ڌاريان ٽوئرسٽ جيڪي لاهور، پشاور، گلگت ۽ ڪوئٽا جهڙن شهرن ۾ اچن ٿا اهي موهن جودڙو خبر ناهي ڪيئن پهچندا هوندا. جيتوڻيڪ موهن جو دڙو اهڙي ته اهم تاريخي شيءِ آهي جو ان کي ڏسڻ لاءِ ڪٽڪ ماڻهن جا ڌارين ملڪن کان سڌو موهن جي دڙي تي ائين پهچڻ کپن جيئن مختلف ملڪن کان سياحن سان ٽٻ اڏامون تاج محل کي ڏسڻ لاءِ سڌو آگري لهن ٿيون، ايران جو تخت جمشيد (Persepolis) ڏسڻ لاءِ سڌو فارس صوبي جي شهر شيراز ۾ لهن ٿيون، سري ادا (حضرت آدم عليه السلام جي پيرن جا نشان) ڏسڻ لاءِ سري لنڪا جي ڏورانهين ڳوٺ رتناپور ۾ لهن ٿيون.....
    بهرحال گهران نڪرڻ وقت مون کي اهو احساس هو ته اڄ آئون پنهنجي صوبي جي هڪ شهر کان ٻئي شهر پهريون دفعو سفر ڪندس، جيڪو بلڪل ننڍڙي عرصي (ڪلاڪ کان به گهٽ) جو هوندو ۽ جنهن ۾ مونکي فارينرس سان ملڻ ۽ انهن کان منهنجي ملڪ ۽ موهن جي دڙي بابت راءِ پڇڻ جو موقعو ملي ويندو.
    منهنجي اڏام پنجين بجي هئي. ڊوميسٽڪ فلائيٽ هجڻ ڪري مونکي اهو ئي ٻڌايو ويو ته ڪلاڪ کن اڳ ۾ اچڻ ڪافي آهي پرڪراچي جون حالتون روز وانگر نه ته هر ٻئي يا ٽئي ڏينهن وانگر خراب هيون. ٻن ڏينهن کان CNG گئس بند هجڻ ڪري ٽئڪسي ملڻ جو به آسرو گهٽ هو سو ٻي بجي ئي گهران نڪتس. ايئرپورٽ اندر پهچي يونيفارم ۾ هڪ همراهه کان پڇيم ته لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ PIA جي ڪهڙي ڪائونٽر تان بورڊنگ ڪارڊ وٺان؟ هن جنهن ڪائونٽر ڏي اشارو ڪيو ان مٿان فيصل آباد جي اڏام جون نيان بتيون ٻري رهيون هيون. پر مون جڏهن موهن جو دڙو جي ٽڪيٽ اڳيان وڌائي ته ڪمپيوٽر پويان ويٺل ڇوڪريءَ ان کي قبول ڪري مون لاءِ بورڊنگ ڪارڊ ٺاهڻ لڳي ۽ ڀر ۾ بيٺل ٻي ڇوڪريءَ مونکي سامان رولر تي رکڻ لاءِ چيو. 13 ڪلو تور ڏسي مونکي افسوس ٿيو. گهر ۾ ئي خبر پوي ها ته سمورو سامان ڪنهن ننڍي بئگ يا ٿيلهي ۾ وجھي پاڻ سان جهاز اندر کڻي وڃان ها ۽ سامان جي گم ٿيڻ جي جوکم کان بچي وڃان ها. جيئن خط استوا کان قطبن وٽ هر شيءِ جو وزن وڌيو وڃي تيئن ماڻهوءَ کي ستر سالن جي عمر کي پهچي ته 13 ڪلو وزن 30 ڪلو محسوس ٿئي ٿو. انچارج ڇوڪريءَ کي چيم ته بئگ تي موهن جو دڙو ايئرپورٽ جو ئي اسٽڪر هڻجانءِ.... گذريل ٻن PIA جي اڏامن ۾ منهنجي بئگ گم ٿي چڪي آهي..... مون سمجهيو منهنجو اهو دڙڪي نما چتاء هوءَ دل ۾ ڪندي. پر لڳي ٿو ته هوءَ پنهنجي پِيا (PIA) جي سورن کان واقف هئي. مون تي رحم کائي ٽڪيٽ ٺاهڻ واري ڇوڪريءَ ٻيءَ کي چيو ته هن تي “هو” اسپيشل اسٽيڪر هڻي ڇڏ. پر هن اهو “هو” وارو اسٽڪر کڻڻ بدران مونکي رازدانه انداز ۾ چيو ته “سر ائين ڪرڻ سان بئگ چوري ٿيڻ جا چانس وڌيڪ آهن. ايئرپورٽ جا چورَ سمجھندا هن ۾ ڪو خاص مال آهي”.
    بورڊنگ ڪارڊ وٺي اڳيان انتظار گاهه واري لائونج ڏي اهو سوچيندو وڌيس ته بئگ گم ٿيڻ جي تعدي به مون سان ٿي ٿئي. شل هن دفعي نه ٿئي. لاڙڪاڻي ۾ سخت سيءُ آهي بنا گرم ڪپڙن جي گذارو ڪيئن ٿيندو! انتظار گاهه ۾ وهڻ لاءِ ڪرسي ته ڇا بيهڻ جي به جاءِ نه پئي ملي. پڇائيندو پڇائيندو ان هنڌ وڃي بيٺس جتي موهن جو دڙو وڃڻ لاءِ ٻيا به ماڻهو هئا. تقريباً سڀ سنڌي ٽوپي يا پٽڪي ۾ هئا. سڀ هڪ ٻئي سان ٻروچڪي يا سرائڪي ڳالهائي رهيا هئا. پڇڻ تي خبر پيئي ته هو سڀ جدي کان رات هتي پهتا آهن ۽ سندن صبح جو يارهين بجي اڏام هلڻي هئي سا اڃان تائين پئي Postpone ٿئي. اهڙي طرح PIA جون ٻين شهرن جو اڏامون ڪئنسل پئي ٿيون. مسافرن ۾ ايڏو ته تاءُ هو جو ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ اڏام هلي ٿي ته ٻين شهرن جي مسافرن PIA جي خلاف وٺي ٿي نعري بازي ڪئي. مونکي لڳو ته موهن جو دڙو جي اڏام هلي ته به پهرين هنن جدي کان آيل گهوٽڪي جي ٻروچن کي جاءِ ملندي. ڪلاڪ ڪلاڪ گذري پنج ٿيا پر موهن جي دڙو جي اڏام جي ڪا خبر نه. ساڍي پنجين مونکي منهنجو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽاڙو جو ڪلاس ميٽ شوڪت جماڻي نظر آيو. هن کي ساڳي اڏام ۾ سکر وڃڻو هو. هن ٻڌايو ته ڪا خبر نٿي پوي ڪڏهن سکر لاءِ الڳ ته موهن جو دڙو ايئرپورٽ لاءِ الڳ جهاز هوندو آهي، ڪڏهن هڪ ئي هوندو آهي. ڪڏهن ننڍو جهاز هوندو آهي ته ڪڏهن وڏو هوندو آهي....... ڪجهه ڪلاڪن بعد اٽڪل رات جو نائين بجي ڌاري پنهنجي اڏام جو اعلان ٻڌوسين. اسان جو جهاز ساڳيو هو. چوڌاري نظر ڦيرايم ته اسين سڀ ديسي ماڻهو هئاسين. موهن جو دڙو جو سڪايل ڪو هڪ به گورو نه هو. شوڪت چيو ته بهتر ٿيندو آئون هن سان گڏ سکر لهي پوان. لاڙڪاڻي ۾ رهڻ لاءِ اٿئي ڪا هوٽل به ڪانه ۽ پنهنجي سنڌ جي امن امان جي حالتن کان واقف هوندين.
    ننڍڙو جهاز مسافرن کي مٿي ۾ سور وجھندو سوا ڪلاڪ بعد سکر پهتو. هڪ ٻئي پويان سڀ سکر ۾ لهي ويا باقي ڪي اسان ست ڄڻا بچياسين جن کي جهاز اڌ ڪلاڪ بعد اچي موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي ڦٽو ڪيو. بجلي بند هئي، جنريٽر جي زور تي ايئرپورٽ جي ٻرندڙ چنجھين بتين مان نڪري ٻاهر آيس ته چوڌاري اونداهه انڌوڪار ۾ ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي گاڏي اچي منهنجي اڳيان بيٺي جيڪي منهنجا ميزبان هئا...... دل ۾ چيم ته اسانجي ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ کي ته وڏو مَرڪُ آهي ته فارينر ٽوئرزم لاءِ سنڌ ۾ اچن. حاڪمن جي شهر لاڙڪاڻي ۾ پهچڻ لاءِ اسان ديسي ماڻهن جي ئي حالت خراب ٿيو وڃي سو يورپ ۽ آمريڪا جا گورا اچي پنهنجي قيام ڪاري ڪندا ڇا؟!


    يار به تيلي، سنڌ به اڻڀي.......

    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سياري جي موسم ۾ لاڙڪاڻي جي ٻهراڙي وارو علائقو يورپ جو ڏيک ڏئي ٿو. چوڌاري ساوڪ ۽ صاف هوا .... پاڻي جا ڌٻا ۽ ڍنڍون .... انهن مٿان لهندڙ سفيد رنگ جا ڪَنگ .... بس جڏهن ڪو ڳوٺ ٿي آيو ته ڦاٽل ڪپڙن ۾ ڏڪندڙ ٻارن کي ڏسي سنڌ جو گمان ٿي ٿيو ته اهڙي غربت سنڌ کي ئي ورثي ۾ ملي آهي ۽ سنڌ هن نئين صدي جي ٻئي ڏهي ۾ پهچي به مليريا، ٽائيفائيڊ ۽ پوليو جهڙن بيمارين سان گڏ بيروزگاري، بک ۽ بدحاليءَ مان پاڻ کي آجو نه ڪرائي سگهي آهي.
    مونکي لاڙڪاڻي شهر ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو. پر هن شهر جي حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو. گهڻو اڳ 1987ع ۾ آئون پنهنجي پاسي (هالا، سڪرنڊ) کان درياهه ٽپي سائين جي ايم سيد جو ڳوٺ سَن ڏسڻ ويو هوس. ان کان اڳ وارا 20 سالَ آئون يورپ ۾ گذاري آيو هوس. پولنڊ، يوگوسلاويا، رومانيا، بلغاريا ۽ البانيا جهڙا ملڪ به هاڻ پيرن تي بيهي ويا هئا. تعليم ۽ ٽيڪنيڪل انقلاب اهڙن پٺتي پيل ملڪن کي ترقيءَ جي مٿاهين منزلن تي پهچائي ڇڏيو هو. منهنجي هم عمر ۽ مون وانگر ملڪ ملڪ ويندڙن کان پڇي ڏسو ته گذريل صديءَ جي سٺ واري ڏهي ۾ اڄ جا ماڊرن سڏائيندڙ شهر: ڪئالالمپور، ڪولمبو، سنگاپور، بئنڪاڪ ويندي ڪوريا، فلپين ۽ انڊيا جي ڪيترن شهرن کان ته اسانجا حيدرآباد، ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور وغيره وڌيڪَ سهڻا، صاف سٿرا، خوشحال ۽ امن امان وارا شهر هئا. سَن شهر کڻي انهن شهرن کان ننڍو آهي پر اهو شهر جنهن ۾ سائين جي ايم سيد جهڙو پڙهيل ڳڙهيل، سياسي ۽ سماجي طاقت رکڻ وارو سيد ۽ زميندار رهيو ٿي ان شهر ۾ وڃڻ کان اڳ منهنجي خيالَ ۾ ان جو تصور مانچسٽر جهڙي شهر جو هو جنهن ۾ باغ باغيچا ۽ ڪارخانن جي چمنين مان نڪرندڙ دونهون هوندو ۽ جتي جا ماڻهو بيحد خوشحال نه ته مڇي ماني وارا ضرور هوندا. پر ائين نه لڳو. مون کلندي کلندي سائينءَ سان به پنهنجي ان خوابَ جي ڳالهه ڪئي هئي. سندن ڀاڻيجو... ڀاڻوٺ جو جيئندل شاهه، به منهنجي ڀر ۾ ويٺو هو.
    اڄ لاڙڪاڻي شهر کي ڏسڻ کان اڳ لاڙڪاڻي لاءِ پئرس ۽ لنڊن جا ته نه پر پينانگ ۽ سنگاپور جهڙن شهرن جو مون تصور ضرور ڪيو هو. 1971ع ۾ شادي بعد جڏهن آخري دفعو لاڙڪاڻي آيو هوس ته ان وقت لاڙڪاڻو شهر ان وقت جي پينانگ ۽ سنگاپور جهڙو هو..... صاف سٿرو، کليل کليل، قاعدي قانون موجب هلندڙ ٽرئفڪ، بهتر امن امان..... آڌي رات جو به ماڻهو سفر پيا ڪندا هئا .... گهٽ ۾ گهٽ ان وقت جي سنگاپور ۾ ائين نه هو... چوري چڪاري، ڦر، جھيڙو، جھٽو، نقلي شين جو وڪرو ۽ ٺڳي، دوکي بازي عام هئي. اڄ انهن شهرن جو امن امان اسان کان وڌيڪَ بهتر آهي. ٽرئفڪ اتي به وڌي وئي آهي پر قاعدي قانون جي سختي ڪري اها روان رهي ٿي يعني ٽرئفڪ جئم ٿي عوام لاءِ آزار نٿي بڻجي. رستا به صاف سٿرا ۽ مضبوط آهن. حد دخلي (encroachment)نه برابر هجڻ ڪري سوڙهين گهٽين مان به ٽرئفڪ لنگهندي رهي ٿي ۽ پيادا فوٽ پاٿ تان هلندا رهن ٿا.... ۽ هيڏانهن لاڙڪاڻي جا رستا ويڪرا هوندي به هاڻ سوڙها ٿي ويا آهن. دڪاندارن پنهنجي دڪان جو سامان نه رڳو دڪان جي در تائين رکيو آهي پر فٽ پاٿن تائين پهچائي ڇڏيو آهي. مزي جي ڳالهه ته ڪي دڪاندار ان تي به خوش ناهن. هنن موٽر ڪارن جي هلڻ واري پڪي رستي جي به ڪجهه حصي تي قبضو ڪري ورتو آهي. ڪٿي ڪٿي خالي فٽ پاٿن تي وري موٽر سائيڪلون پارڪ ٿيون پيون آهن. ويچارا پيادا هلن ته ڪٿان هلن.
    اسانجي ميزبان يوسف شيخ صاحب کي بوٽن جي دڪان تان چمپل وٺڻو هو. ٽرئفڪ جام ۽ پارڪنگ جو آسرو نه هجڻ ڪري ڪار کي پري بيهاري پنڌ آياسين. چنگچين، موٽر سائيڪلن ۽ وڏن هارونن وارين ڪارن جي ڦيٿن کان پاڻ کي بچائي اتي پهتاسين. سائين اندر دڪان ۾ ويو.... آئون اڳيان پويان واڪ ڪندو رهيس. هڪ دڪاندار پنهنجي گراهڪ سان يا شايد ڀر واري دڪاندار سان ملڪي سياست ۽ سياستدانن تي تبصرو ڪري رهيو هو ته اسان جي وزيرن ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ترقياتي ڪمن جا فند به کائي ويا آهن..... اهو سڀ ڪجهه پنهنجي جاءِ تي، دل ۾ آيو ته چوانس ته تون به فٽ پاٿ کائي ويو آهين! سياستدانن عوام کان جيئڻ جو حق کسيو آهي ته تو پيادن کان هلڻ جو حق کسي ورتو آهي.
    بهرحال وزيرن ۽ وزير اعظمن جي هن شهر جي اجڙيل حالت ڏسي حيراني ضرور ٿئي ٿي. هو ڇا چوندا آهن ته يار به تيلي، سينڌ به اڻڀي!
    بوٽن جي دڪان بعد اندر شاهي بازار (جامعه مسجد واري گهٽي) مان سنڌي ٽوپي وٺڻ لاءِ چانڊڪا ڪئپ هائوس آياسين. ان سوڙهي بازار ۾ ماڻهن جي پيهه پيهان ۾ مردن کان وڌيڪَ عورتن جو تعداد هو... شايد ڪپڙي ۽ ڳهن جي دڪانن ڪري. افسوس جي ڳالهه رڳو اها آهي ته ماڻهن جي هلڻ واري هن سوڙهي رستي تي رکي رکي ڪي ٽرڙا نوجوان ڦاٽل سائلينسر وارين موٽر سائيڪلن تي گذري عورتن ۽ اسان جهڙن پوڙهن کي ڏڪائي ويا ٿي. کين روڪڻ لاءِ نه پوليس هئي نه ڪنهن دڪاندار کي جرئت جو اهڙن لوفرن کي روڪي سگهن.
    واپس ڪار ڏي آياسين ته ڪار وٽ هڪ همراهه روڊ جي ڪناري تي بيهي وَٽُ ساري رهيو هو. حد ٿي وئي! دنيا ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتي آهي پر اسان جا هي حال! ڊرائيور چيو ته سائين ڇا ڪجي هي اسان جو ڪلچر آهي.
    “اسان جو ڪلچر! يعني اسان سنڌين جو ڪلچر؟” مون دل ئي دل ۾ سوچيو، “الهاس نگر (انڊيا) ۾ ته مون ائين نه ڏٺو آهي. اتي به ته سنڌي رهن ٿا. ۽ جي اهو اسان مسلمانن جو ڪلچر آهي ته سعودي عرب کان ملائيشيا تائين مون اتي جي مسلمانن کي ائين ڪانچ ۾، يا پتلون يا گوڏ ۾ هٿ وجھي بيٺل نه ڏٺو. علي محمد راشدي صاحب مرحوم کلندي ٻڌائيندو هو (۽ اهي ڏينهن اهي شينهن ۾ لکيو به اٿس) ته لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن تي وڃبو ته زناني گاڏي سامهون وَٽُ ساريندي همراهه نظر ايندا... ڄڻ قيامت جي ڏينهن ملائڪ سڳورا رڳو اسانجي ريلوي اسٽيشن جا پٿر توري ثواب واري ساهمي ۾ وجھندا... اها اڄ کان اڌ صدي اڳ جي ڳالهه آهي... اڄ پاڻي جي نلڪن ۽ ٽشو پيپرن جي باوجود ماڻهو پٿر جھليو بيٺا آهن! ولايت کان لاڙڪاڻي ايندڙ فارينر موهن جو دڙو ڏسڻ کان وڌيڪَ ههڙن نظارن مان حيرت اندوز ٿيندا هوندا!!
    اسان ڪار ۾ وهڻ کان اڳ ڀرسان لنگهندڙ گاڏي واري کان مڱيرا (Peanuts) ورتا. هن وٽ پئسا کُليا نه هئا سو ڊوڙ پائي ڪنهن کان مٽائي اچي اسان کي ڏنائين. ڊرائيور گاڏي اسٽارٽ ڪري پٺيان موڙي. وَٽُ سَارڻ وارو شايد Prostate Gland جو مريض ٿي لڳو...شايد هن جو ٽيپو ٽيپو بند نه پئي ٿيو...هو اڃا تائين ڪانچ ۾ هٿ وجھي ٿنڀ ٿيو بيٺو هو! مرد توڙي عورتون هِتان هُتان لنگهي رهيا هئا ....


    ادب ۾ امير آهي......

    لاڙڪاڻي جهاز وٺي اچڻ وارو پائلٽ اسان جو پيٽارين هو. هُن جيڪو پنهنجو ڪِٽ نمبر ٻڌايو ان مان اندازو لڳايم ته هو ڪئڊٽ ڪاليج ۾ مون کان 30 سال کن پوءِ آيو هو. سکر پهچڻ کان اڳ هو مون وٽ هٿ جيڏو ڪئڊبري چاڪليٽ کڻي آيو ته “ڀائي جان PIA طرفان ته توهان کيِ ڪيڪ جي سلائيس ملي هوندي، هي منهنجي طرفان آهي.”
    مون مرڪندي چيومانس ته آئون ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ٻي بئج جو آهيان يعني 69 ورهين جو آهيان. پنجين بئچ تائين ڪو اهڙو پيٽارين آهي جنهن کي شگر نه هجي ۽ چاڪيلٽ کائيندو هُجي؟
    لاڙڪاڻي Landing وقت آئون هنجي ڀرسان ڪاڪ پٽ ۾ ويٺل هوس. هيٺ چنجھين بتين ڏي اشارو ڪندي چيائين “اهي باقراڻي ۽ ڏوڪري جون آهن ۽ لاڙڪاڻي جي اتر ۾ نئين ديري جون آهن جنهن جي ڀر ۾ ڳڙهي خُدا بخش آهي.” پوءِ ساهي پٽي چيائين “ڏينهن هجي ها ته ٿورو Low اڏام ڪري توکي رتوديرو ۽ باڊهه وغيره وٽان ڦيرو ڪرائي وٺان هان جيئن سنڌو ندي، رائيس ڪئنال، حمل ۽ کيرٿر جو بهتر View ڪري سگهو ها.”
    “مون گوگل ذريعي هن ضلعي جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ ڍنڍن ڍورن جو چڱي طرح جائزو وٺي ڇڏيو آهي..” مون ورندي ڏنيمانس ۽ دل ۾ سوچيم ته ماکيءَ جي مک وانگر سڌو موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي لهه... فيول لڀي ڪونه ماڳهين اسان مسافرن کي به سورن ۾ ٿو وجھين ۽ پنهنجي نوڪري به ٿو وڃائين.
    جھاز جي ڦيٿن جو زمين کي ڇُهڻ تي مون کي هڪ عجيب احساس ٿيو. اڄ کان 52 سالَ اڳ جڏهن فرسٽ ييئر ۾ هوس ته پنهنجن ٻن ڪلاس ميٽن اختر عباسي (ڊاڪٽر مسز اشرف عباسي جو وچيون پٽ) ۽ علي رضا ميمڻ (مرحوم سفير عبدالفتاح ميمڻ جو فرزند) سان گڏ ريل رستي سندن هن ڳوٺ ۾ پهريون دفعو آيو هوس. ان بعد 1970ع تائين آئون هر سال ڪار يا ٽرين ذريعي لاڙڪاڻي ايندو رهيس... ۽ هاڻ 44 سالن کانپوءِ مون، بلڪه منهنجي هن جهاز جي ڦيٿن، هن ڌرتيءَ کي ڇهيو آهي. پيٽارو کان ايندي وقت اسٽيشنن مان ڪجهه جا نالا خبر ناهي ڪيئن هڪ دفعو وري منهنجي دماغ جي ڪپيوٽر ۾ refresh ٿي ويا... مانجھند، آمري، ڀان، خدا آباد، ڦلجي، راڌڻ، باڊهه، باقراڻي.... وغيره.
    ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچر دوران مون اسٽوڊنٽس کان پڇيو ته توهان جا وڏا سنڌ جي ڪهڙي شهر مان هتي آيا. مون کي حيرت ٿي ته هنن شڪارپور بعد لاڙڪاڻي ضلعي جا شهر ٻڌايا هئا. دنيا عظيم تر تهذّيب موهن جو دڙو جي آثارن ڪري لاڙڪاڻي ضلعي جي وڏي اهميت ۽ افاديت آهي. بقول منهنجي ميزبان ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپال محمد يوسف شيخ جي سڪندر اعظم جي آمد کان وٺي انگريزن جي آمد تائين لاڙڪاڻي ضلعي جو هر ڪو ڏينهن اهم تاريخي واقعي جو پڙاڏو آهي. ڌارين جي ڪاهن کان وٺي ڌرتيءَ دوستن جي قربانين تائين، ارغونن جي آڪڙ کان وٺي نادر شاهه جي قهر ۽ ڪاوڙ تائين لاڙڪاڻي واسين انسان دوستي ۽ وطن دوستي جو مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي. جديد سنڌ جي تعبير ۽ تشڪيل ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، ان کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نٿو سگهجي.
    شايد اها لاڙڪاڻي جي سونهن ۽ سڪ آهي جيڪا پنجٽيهه سال گذرڻ بعد به هتان کان ممبئي لڏي ويل ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي کي هر وقت بي چين رکي ٿي ۽ بقول هن جي هو گيتا ۽ ويدن وانگر روزانو سنڌ کان آيل هِڪُ ڪِتابُ “لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو” جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي ماڳن ۽ ماڻهن جو احوال آهي، پڙهي دلي سڪون ۽ اُتساهه محسوس ڪري ٿو.
    لاڙڪاڻو ضلعو... جيڪو پراڻي زماني ۾ چانڊڪا پرڳڻي جو مرڪزي شهر هو ۽ جنهن نالي سان اڄ هن شهر ۾ ميڊيڪل ڪاليج به آهي... سياستدانن، اديبن، شاعرن ۽ عالمن کان به مشهور آهي. ڀٽو فئملي جي سياستدانن ۽ وزير اعظمن کان وٺي محمد ايوب کهڙي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، پير علي محمد راشدي، قاضي فضل الحق، بيگم اشرف عباسي جو هن شهر سان واسطو رهيو. ڪشنچند بيوس، قاضي عبدالحي قائل ۽ حاجي محمود خادم جهڙن شاعرن کان ڊاڪٽر اياز قادري، انيس انصاري ۽ جمال ابڙي جهڙن ڪهاڻيڪارن، حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ ۽ قربان بگٽي جهڙن محققن ۽ دانشورن جو هن علائقي سان واسطو رهيو آهي.
    قائل صاحب (KTN جي مشهور ائنڪر ياسر قاضي جو ڏاڏو) جو سنڌ جي مظلوم ماڻهن جي ترجماني ڪندڙ ۽ اڄ جي حالت تي ٺهڪندڙ هڪ شعر ٿو ياد اچي:

    عجيب تنهنجي زردار سرمائيداري
    اجڙ جنهن ڪري ٿي وئي سنڌ ساري
    رڳو توکي پنهنجي آ عشرت پياري
    ذرا ٻڌ غريبن جي تون آهه زاري
    نه توکي وطن لئه ذرا پيار آهي
    محبت وطن جي مزيدار آهي

    هن ڌرتي جي حصي تي دادا سام جئسنگهاڻي جهڙن صوفي درويـشن به جنم ورتو ته علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ علي خان ابڙو (بدر ابڙو جو ڏاڏو) به هتي ڄائو. غلام نبي گل، ڊاڪٽر بشير احمد “شاد”، شهزادو شيخ، عبدالوهاب سهتو، قاضي مقصود گل، اشتياق بُخاري، اسحاق انصاري ۽ مختيار سمي جهڙين شخصيتن جو هي علائقو ئي جنم ڀومي آهي.
    منهنجا ڪِتابَ ڇپيندڙ پبلشر علي نواز گهانگري کان حيدرآباد ۾ پڇيم ته هن انٽرنيٽ جي دور ۾ تون جو وتين ڪِتاب ڇپيندو... پڙهڻ وارا ته مونکي نظر نٿا اچن! مونکي حيرت ٿي جڏهن هن مونکي ٻڌايو ته هن جا اڌ کان وَڌيڪَ ڪِتابَ لاڙڪاڻي شهرَ ۽ ان جي اوسي پاسي وارن ڳوٺن ۾ خريد ڪيا وڃن ٿا. پوءِ مونکي به احساس ٿيو ته مون وٽ سڀ کان گهڻا پـڙهندرن جا خَطَ به لاڙڪاڻي ۽ ٻئي نمبر تي شڪارپور، شهداد ڪوٽ ۽ سکر ضلعي کان اچن ٿا.
    لاڙڪاڻي جا ڪجهه نوجوان اديب ۽ شاعِرَ جيڪي فيس بُڪ ۽ ٽيوٽر معرفت ذهن ۾ اٿم: رضوان گل، رياضت ٻرڙو، مدهوش ڀٽو، ملهار سنڌي، روبينه ابڙو، ثمير ساجد جوڻيجو، امام راشدي، عيسيٰ ميمڻ، منير چانڊيو، منصور ابڙو، عادل عباسي، رضا بخاري، ستار ڀٽي، اخلاق احمد انصاري، احسان دانش ۽ ٻيا کوڙ سارا آهن. اڳوڻو سعودي عرب جو سفير مرحوم عبدالفتاح ميمڻ صاحب چوندو هو ته:
    Larkana is rich in literature
    منهنجي خيالَ ۾ اڄ به لاڙڪاڻو ادبَ ۾ اَمير آهي.


    ٽرائيڪا جي وچ ۾ جنم وٺندڙ انسان

    چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کلڻ تي هڪ عام ماڻهوءَ کي خبر پيئي ته چانڊڪا ۽ لاڙڪاڻي جو هڪ ٻئي سان ويجھو واسطو آهي. چانڊڪا ڪاليج جي پهرئين بئچ جي گرئجوئيٽ ڊاڪٽر خاصخيلي جيڪو جپان ۾ چمڙي (Skin) جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر هو (۽ هاڻ آمريڪا ۾ آهي) تنهن جپان جي شهر يوڪوهاما ۾ مونکي ٻڌايو هو ته لاڙڪاڻي جو نالو سنڌ جي هڪ ڏيهي قبيلي لاڙڪن جي ڪري پيو جن لاڙ کان اچي هتي رهائش اختيار ڪئي هئي، هو شاهل محمد ڪلهوڙي (جنهن جو مقبرو لاڙڪاڻي شهر کان قمبر ڏي ٻارهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي ۽ جيڪو شاهه عالم جي نالي سان به مشهور آهي) جا مريد هُئا. پر ان جي آس پاس گهڻا چانڊيا ٻروچ رهيا ٿي ان ڪري خيال آهي ته انهيءَ کي “چانڊڪا پرڳڻو” به چوندا هئا. انهن جو سردار ولي محمد نالي چون ٿا جيڪو سنڌ جي مشهور شخصيت غئبي خان جو والد هو. جڏهن نور محمد ڪلهوڙي انهي پاسي ملڪ وڌايو تڏهن چانڊڪا يا لاڙڪاڻو وڏو شهر شمار ٿيڻ لڳو ۽ ٽالپرن جي وقت ۾ به زور جو هو هنن جو توبخانو اتي رکيو ويو هو.
    ضلعي جي حيثيت ۾ لاڙڪاڻي کي هڪ صدي ٿي چڪي آهي. 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته انهن سنڌ کي انتظامي لحاظ کان جن ٽن ضلعن ۾ ورهايو، اهي هئا: ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور. 1901ع ۾ لاڙڪاڻي کي الڳ ضلعي حيثيت ڏني وئي جنهن ۾ ڪراچيءَ مان دادو ضلعو ڪڍي لاڙڪاڻي سان ڳنڍيو ويو. پوءِ 1930ع ۾ دادو کي الڳ ضلعي جي حيثيت ڏني وئي. بهرحال اڄ ڪلهه انتظامي سهولت کان لاڙڪاڻو ضلعو بيحد ننڍو ٿي ويو آهي ۽ منجهس هاڻ فقط رتو ديرو، ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقا وڃي رهيا آهن.
    لاڙڪاڻي جو هي هوائي اڏو ڏوڪري تعلقي ۾ بلڪل موهن جي دڙي وٽ آهي. جيئن ئي ايئرپورٽ کان نڪري اڳيان ساڄي پاسي ڪئڊٽ ڪاليج ڏي مڙجي ٿو ته موڙ وٽ کاٻي پاسي موهن جو دڙو آهي. اڄ کان اڌ صدي اڳ پيٽارو کان بس ۾ چڙهي اسان هڪ ٻه دفعو موهن جو دڙو ڏسڻ ۽ پڪنڪ ملهائڻ آيا هئاسين. ڪجهه چهرا هن وقت به ياد اچي رهيا آهن: لياقت جتوئي، هادي بخش جتوئي، عبدالجبار عباسي، قاسم لاشاري، ظفر شورو.... اُهي سڀ ڪڏهوڪو 60 جو ڏاڪو ٽپي ويا آهن..... ۽ انهن کان علاوه مرحوم نصير قاضي، محسن پنهور، عاشق حسين شاهه..... اسان کان جدا ٿي ويا آهن ... رب پاڪ کين جنت نصيب ڪري.
    موهن جو دڙو کان جيئن ئي ڪار اڳيان هلي ته سڏ پنڌَ تي هڪ رستو کاٻي پاسي نظر آيو. اهو اڄ نه فقط پڪو هو پر ان جي منهن تي لڳل بورڊ تي رستي جو نالو “انور پيرزادو روڊ” به لکيل نظر آيو.
    اهو ماڻهو جنهن جو ڪراچي جهڙي ڪنهن وڏي شهر جي اهم روڊ تي نالو هجڻ کپي، شڪر آهي ڪنهن ڳوٺ جي رستي تي ته آهي. مون منير چانڊيو کي جيڪو مونکي ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي طرفان ايئر پورٽ تان وٺڻَ لاءِ آيو هو، ڪار بيهارڻ لاءِ چيو ۽ لهي هن روڊ جو فوٽو ڪڍيم. دل چيو ته اڄ وري اهو روڊ وٺي سڌو ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ وڃي ڏينهن کن گذاريان. مونکي اهو ڏينهن ياد آيو جڏهن اسين فرسٽ ييئر ۾ هئاسين ۽ موڪلن ۾ موهن جو دڙو گهمڻ آيا هئاسين. آئون ۽ هڪ ٻه ٻيا ڪلاسي خالد مخدوم جي چوڻ تي موهن جي دڙو کان هڪ چيچاٽي ٽانگي ۾ چڙهي، هي رستو جيڪو ان وقت ڪچو هو، ان تان جھاڪا کائيندا سندس وڏن جي مريدن جي ڳوٺَ ٻلهريجي کان اچي نڪتاسين. ڳوٺ جي ماڻهن اسان جي وڏي آءُ ڀاڳت ڪئي. خالد پهرين به ڪيترا دفعا هتي اچي چڪو هو. هن اسان کي جنهن گهر ۾ آڻي ماني ٽڪي کارائي اهو مامي جمعي ۽ ماسي شاهان جو هو. ڳوٺ جي ٻين ماڻهن وانگر هي به مسڪين ماڻهو هئا ۽ ڪڙمڪو ڌنڌو ڪري هنن پيٽ گذر ڪيو ٿي. مامي جمعي جي ٻارن کي پڙهڻ جو وڏو شوق هو پر سنڌ جي ڳوٺن ۾ اڄ به ڪٿي آهن تعليمي ۽ ڊاڪٽري علاجَ جون سهولتون!؟ ڳوٺ آهر ٿورو گهڻو پڙهي سندس وڏو پٽ يار محمد داروغو ٿيو هو. ٻيو پٽ امام بخش موهن جي دڙي تي گائيڊ هو. انهن ڏينهن ۾ موهن جو دڙو گهمڻ لاءِ نه رڳو پاڪستان جا پر ولايت کان به ٽوئرسٽ آيا ٿي جن کي هن Guide طور گهمايو ٿي.
    اهو لکڻ رهجي ويو ته مامو جمعو جيڪو سڄي ڳوٺ جو مامو هو، ان جو نالو شفيع محمد پيرزادو هو. شفيع محمد ڳوٺ جي مسجد جو امام به هو. خالد کلندي پنهنجي روايتي اسٽائيل ۾ ٻڌايو هو ته “بابا! مامي جمعي کي امام ٿيڻ کان اڳ ٿوري گهڻي نشي پتي جي به ٽوڪر هئي. پر شاباس هجيس پڪو عزم ڪري هڪ ڏينهن ڇڏي ڏنائين. اها ٻي ڳالهه آهي ته نماز پڙهائيندي ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن لفظ تي ٿاٻڙجيو پوي.”
    مامي جمعي جو ٽيون پٽ محمد حسن هو جيڪو پوءِ اڳتي هلي وڏن ڀائرن کان وڌيڪَ پڙهيو ۽ لاهور مان جانورن جي بيمارين ۽ علاجَ جي ڊاڪٽري پڙهي ڪراچي جي سرڪاري اسپتال جو “ڊاڪٽر ڍور” ٿيو. مامي جمعي جو ننڍو پٽ پَريل جيڪو اڳتي هلي شاعر، اديب، مقرر، مفڪر ۽ جرنلسٽ ٿيو سنڌ ۾ انور پيرزادو جي نالي سان مشهور ٿيو، اسان کان هڪ سال ننڍو هو. پريل (يعني جيڪو پوءِ انور جي نالي سڏجڻ لڳو) تعلقي واري شهر ڏوڪري ۾ پڙهي رهيو هو جتان هن مئٽرڪ ڪئي. هو پنهنجن وڏن ڀائرن وانگر ذهين ۽ بااخلاق نينگر هو. اڄ به خالد مخدوم چوندو آهي ته مامي جمعي جي پٽن جا سنڌي اکر موتي داڻن جهڙا آهن. وفات کان اڳ منهنجي هڪ ڪتاب تي انور پيرزادي جو لکيل مهاڳ واري هٿ اکري اڄ به آئون سندس سهڻن اکرن ڪري رکيو ويٺو آهيان.
    انور انٽر ۽ B.A پرائيويٽلي ڪئي ۽ ان دوران هن جونئر ورناڪيولر ٽيچرس ڪورس (JVT) ڪري مشورين جي ڳوٺ ۾ ٽيچنگ ڪندو رهيو. شايد هو وڏن ٻن ڀائرن وانگر باقي زندگي ڳوٺ ۾ ئي گذاري ڇڏي ها پر ان دوران سندس ڊاڪٽر ڀاءَ محمد حَسن کي تن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ نوڪري ملي ۽ هن همت ۽ سٺو فيصلو ڪري ڪراچيءَ ۾ هڪ ننڍڙي ئي سهي، مسواڙ تي جاءِ وٺي پنهنجي فئملي سان گڏ انور ۽ هن جي فئملي کي ڪراچيءَ گهرائي ورتو. انور جي ڳوٺ مطابق ننڍي هوندي شادي ٿي چڪي هئي ۽ ٻه ٻار زبير ۽ زرار (عوامي آواز اخبار وارو) ڄمي چڪا هئا. هن ڪراچيءَ اچي ايم اي ۾ داخلا ورتي. سال 1967ع جي لڳ ڀڳ جي ڳالهه آهي... خالد مخدوم انهن ڏينهن ۾ NED ڪاليج مان BE ڪري رهيو هو ۽ پاڪستان چوڪ واري ميٺارام هاستل ۾ رهندو هو. آئون به انهن ڏينهن ۾ ان هاسٽل ۾ رهيل هوس. خالد ننڍي هوندي انگريزي ميڊيم اسڪولن مان پڙهيو هو ان کي هاڻ اچي سنڌي لکڻ پڙهڻ جو شوق ٿيو هوس ۽ منهنجو مٿو کائي ويو هو ته مونکي سنڌي لکڻ سيکار. ڀلو ٿئي انور جو جو هو ڪراچي اچي ويو ۽ خالد سان ملڻ ايندو رهيو. خالد ۽ سندس ڀائرن احمد حسين ۽ زاهد مخدوم جي انگريزي جو جواب ناهي. هن انور کي چيو: “وڏا! تون مونکي سنڌي سيکار آئون توکي انگريزي.”
    خالد خبر ناهي ڪيتري سنڌي لکڻ سکيو پر انور هڪ ذهين، چئيدار ۽ محنتي شاگرد ٿي ڏيکاريو ۽ مونکي اڄ تائين حسن مجتبيٰ، جاويد سومرو، مرتضيٰ سولنگي ۽ انور پيرزادي جهڙن جرنلسٽن تي حيرت ٿيندي آهي ته هنن جي بنيادي تعليم جيتوڻيڪ ٻهراڙي جي اسڪولن مان ٿي پر سندن انگريزي ڪراچي جي گرامر اسڪول جي شاگردن کان به بهتر آهي! انور انهن ڏينهن ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان M.A مٿاهين پوزيشن ۾ پاس ڪئي ۽ هن کي 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچراري ملي وئي. ڪراچي ۾ رهڻ دوران هو ادبي محفلون به اٽينڊ ڪندو رهيو ۽ هتي محمد پريل بدران سندس قلمي نالي “انور پيرزادو” سان سڃاڻڻ ۾ اچڻ لڳو. سنڌ يونيورسٽي ۾ نوڪري وارن ڏينهن ۾ هو پاڪستان ايئرفورس جي ايڊيوڪيشن Wing لاءِ چونڊجي ويو جتي پڙهائڻ واري نوڪري شروع ڪيائين ته 1971ع واري جنگ شروع ٿي وئي. هيءَ جنگ به عجيب هئي جنهن ۾ ڪيترن کي اهو احساس ٿيو ته هي ڇا آهي جو پاڪستاني پاڪستانين کي ماري رهيا آهن، مسلمان مسلمانن کي ماري رهيا آهن. انور اهڙي خيال جو اظهار پنهنجي سنڌ يونيورسٽي جي هڪ ليڪچرار دوست ضيا جلباڻي (هاڻ لاڙڪاڻي ۾ وڪيل آهي) ڪيو. سندس اهو خط انٽر سيپٽ ٿي پيو ۽ کيس ڪورٽ مارشل ڪري ست سالَ جيل جي سزا ڏني وئي. پر پوءِ ان بنياد تي ته هن اهو خط پبلڪ کي نه پر دوست کي لکيو، هو شآدي شده ۽ ٻارن جو پيءُ هو، هو پهريون ڳوٺاڻو هو جيڪو ايئرفورس ۾ چونڊجي آيو هو، هن کي ڇهن مهينن بعد آزاد ڪيو ويو.
    ان بعد انور جرنلزم شروع ڪئي. 1972ع ۾ سراج ميمڻ صاحب هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ۽ هن نوجوانن جي همت افزائي ڪئي. ستر واري ڏهي جي انهن شروعاتي سالن ۾ منهنجو جهاز جڏهن به ڪراچي ايندو هو ته آئون شامَ جي وقت هلال پاڪستان آفيس هليو ايندو هوس جتي انور پيرزادي، دستگير ڀٽي، منظور قُريشي، اسلم آزاد ۽ محمود صديقي TV واري سان ملاقات ٿيندي هئي.
    انور هلال پاڪستان کانپوءِ ڊان ۽ اسٽار اخبارن ۾ به ڪم ڪيو. وچ ۾ 1975ع ۾ روسي سفارتخاني ۾ به نوڪري ڪئي جيڪا پوءِ مارشل لا لڳڻ بعد ڇڏي ڏنائين. 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ انور ڇهه مهينا جيل به ڪاٽيو. ان بعد هو آخر تائين انگريزي اخبار ڊان ۽ اسٽار سان وابسته رهيو. پاڻ 62 ورهين جي ڄمار ۾ 8 جنوري 2007ع تي وفات ڪيائين.
    انور هڪ لاجواب ماڻهو هو.... بيحد پيارو ۽ سٻاجھو انسان هو... جهڙو صورت ۾ سهڻو تهڙو سيرت ۾ پڻ. پاڻ مون تي هڪ انگريزي اخبار ۾ پروفائيل به لکيائين ۽ منهنجي هِڪَ ڪِتابَ تي مهاڳ به لکيو اٿس. هن کي پاڻ کان وڌيڪَ ٻين جو خيال رهيو ٿي بقول هڪ انگريزي اخبارَ جي:
    Throughout his life, Anwar gave little thought to his personal life and prosperity, instead he struggled for the prosperity and progress of Sindh.
    بقول تاج جويو جي انور سدا ملوڪ، سدا کلڻو، سدا مرڪڻو اديب هو. هو ترقي پسند سنڌ دوست، روشن خيال ۽ روشن ضمير ۽ دانشور هو. هن جي تخليق، هن جي سوچن ۽ هن جي جدوجهد جو محور ۽ مرڪز سنڌ هئي ۽ هن جي جدوجهد ۽ عمل ڦرلٽ ۽ هر قسم جي استحصال کان آجي سنڌ لاءِ هو. هو جديد شاعري ۽ ادب جو اهو پارکو سرجڻهار ۽ تنقيدنگار هو، جنهن جي راءِ جو وڏو وزن هو. انور لطيف جو سچو عاشق هو. جنهن اک، جنهن نگاهه (vision) جنهن سوچ ويچار سان انور لطيف جو اڀياس ڪيو ۽ لطيفي فڪر جا نوان زوايا ۽ رخ واضع ۽ چٽا ڪيا، سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ان جو پنهنجو مقام ۽ مرتبو رهندو. هو صحافت ۽ ادب جي وچ ۾ اها پُل هو جنهن ادب ۽ صحافت جون حدون ايتريون ويجھيون ڪري ڇڏيون جو اديب ۽ صحافي سنڌ جي جديد شعور جا پرچارڪ بڻجي ويا. انور اينٿرو پالاجي، آرڪيالاجي ۽ ڪلچر جو وڏو ڄاڻو هو.
    انور جون ڪيترويون ئي خوبيون ڳڻايون وڃن ٿيون پر منهنجي نظر ۾ هو زبردست Visionary ماڻهو هو. هو دورانديش انسان هو. هن جي سوچَ صحيح طرف ڏي رهي ٿي. مون کي ياد آهي ته MRD تحريڪ بعد اسان وٽ ڪجهه ماڻهو سنڌ جي ڌاڙيلن کي هيرو جو درجو ڏئي رهيا هئا. انور ان عمل کي سختي سان ننديو ۽ هو هميشه چوندو هو ته ڏوهاري ماڻهو اسان جو همدرد ۽ خير خواهه ٿي نٿو سگهي. انور لاءِ مونکي سندس ان ڳالهه ڪري وڏي عزت آهي ته هن کي پاڻ به تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق هو ۽ هن ٻين لاءِ به تعليم کي عام ڏسڻ چاهيو ٿي. هو اڪيلي سر ۽ پنهنجي حيثيت آهر ٻيو ڪجهه گهڻو ته نه ڪري سگهيو پر پنهنجو ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ تعليم ضرور عام ڪيائين... نه فقط ڇوڪرن لاءِ پر ڇوڪرين لاءِ پڻ. اڄ ٻلهڙيجي جهڙي هڪ ننڍڙي ڳوٺَ ۾ نه فقط ڇوڪرن جو پر ڇوڪرين جو به پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول آهي ۽ توهان کي حيرت ٿيندي ته جتي پاڪستان ۾ پڙهيلن جو سيڪڙو مشڪل سان ٽيهه آهي اتي ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ تعليم يافته ماڻهن جو سيڪڙو نوي کان مٿي آهي. موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي FIA پوليس جي يونيفارم ۾ ٻن عورتن کي ڏسي مونکي حيرت ٿي. سندن نالا زهرا بانو ۽ صبا هئا. هو سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهيون هيون.
    “توهان سکر يا لاڙڪاڻي جون هونديون؟” مون پنهنجو ڪارڊ کين ڏيندي کانئن پڇيو.
    “نو سر! اسان ته هڪ ننڍڙي ڳوٺ جون آهيون.” هنن وراڻيو.
    “ڪمال آهي! ڪهڙي ڳوٺَ جون؟” مون حيرت مان پڇيو.
    “ٻلهڙيجي جون.” هنن مرڪندي وراڻيو ۽ مونکي خيالن ۾ گم ڏسي هڪ چيو، “ڇا توهان کي يقين نٿو اچي؟”
    مون کين ٻڌايو ته ٻلهڙيجي جو نالو ٻڌي هاڻ عجب نٿو لڳيم. توهان ڄايون به نه هونديون ته توهان جي ڳوٺ جو منهنجو هم عمر دوست انور پيرزادو پنهنجي پياري ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ جدوجهد شروع ڪئي هئي ۽ اڄ توهان کي ڏسي هن جي ڪاميابي تي يقين ٿئي ٿو. اسان جو ڪو پير مير يا وڏيرو وزير به پنهنجي ڳوٺ کي ان حد تائين تعليم يافته نه بڻائي سگهيو آهي.
    بيشڪ انور هڪ مثالي ۽ Special ماڻهو هو. هڪ ڏينهن ٽهڪ ڏيندي مونکي چيو هئائين:
    “الطاف مونکي ٽن شين Inspiration ڏني آهي. آئون هڪ ٽرائيڪا جي وچ ۾ آهيان..... منهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجي جي اوڀر م سنڌو درياهه آهي، اولهه ۾ ٻِنڊي (سوڀو گيانچنداڻي جو ڳوٺ) ۽ اتر ۾ اسانجي 5000 سال پراڻي تهذيب موهن جو دڙو آهي.”


    سنڌڙي تنهنجا ڳوٺَ وسن

    هونءَ ڏٺو وڃي ته لاڙڪاڻي واري ڪئڊٽ ڪاليج واري سائيٽ واهه جي آهي. شهر جي گوڙ گهمسان ۽ پالوشن کان پري هي ڪاليج ٻهراڙي واري علائقي ۾ آهي. لاڙڪاڻي وارو ايئرپورٽ، سنڌو درياهه ۽ موهن جو دڙو ڄڻ ته سڏ پنڌ تي آهن. اتي ئي ڀر ۾ جيڪر چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ انجنيئرنگ ڪاليج کوليو وڃي ها ته هي علائقو ڄام شوري واري تعليمي علائقي کان به وڌيڪَ خوبصورت ۽ اهم حيثيت رکڻ وارو ٿي پوي ها. ۽ جي امن امان جي حالت بهتر هجي ها ته تعليمي، تاريخي ۽ ٻهراڙي واري قدرتي ۽ پالوشن فري ماحولَ ڪري هتي پوني، ممبئي ۽ مدراس کان به وڌيڪَ پرڏيهي شاگرد اچن ها. ڇنڇر ڏينهن لنچ تي ڪئڊٽ ڪاليج جي پرنسپال محمد يوسف صاحب چيو ته اڄ شامَ جو توهان کي لاڙڪاڻي جو سير ڪرائيندس.
    “لاڙڪاڻي مان ته پاڻ رات ٿي آياسين.” مون چيو.
    “رات فقط لاڙڪاڻي شهر جو چڪر ڏنوسين. اڄ هن ضلعي ۽ ڀر وارن ڳوٺن جو تڪڙو تڪڙو دورو ڪنداسين. مونکي پڪ آهي ته توهان هن کان اڳ هن پاسي جي ٻهراڙي نه ڏٺي هوندي.”
    محمد يوسف (والد جو نالو محمد جعفر شيخ صاحب) جو نه فقط هن ضلعي سان واسطو آهي پر گذريل چوٿو صدي (25 سالن) کان هن ڪاليج جو پرنسپال ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ٿي رهيو آهي. پاڻ 10 مئي 1946ع تي ماهوٽا ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم ڳوٺ مان وٺڻ بعد مئٽرڪ ۽ انٽر لاڙڪاڻي جي ڪاليج آف ڪامرس ۽ ايڪانامڪس مان ڪرڻ بعد B.A آنرز، M.A ايڪانامڪس، انگلش ۽ جرنلزم ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. ان بعد ٻه سالَ حيدرآباد جي ‘غزالي ڪاليج’ ۾ ليڪچرر رهڻ بعد 9 سال کن آرمي ۾ رهيو جتي جنرل اسٽاف آفيسر (تعليم) کان علاوه ٻه سالَ کن پاڪستان مليٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ پڙهايو. ان بعد ڇهه سالَ کن پبلڪ اسڪول سکر جو پرنسپال ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ٿي رهيو. هڪ سال ‘چنيوٽ اسلاميا پبلڪ اسڪول’ ڪراچي جو ۽ ڏيڍ سال کن ‘سنڌ مدرسة الاسلام’ جو پرنسپال ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ٿي رهيو. ان وچ ۾ ٻه سالَ ڊائريڪٽر Implementation ۽ سيڪريٽري ماس ايڊيوڪيشن ڪميشن (LAMEC) اسلام آباد، ٿي رهيو. فيبروري 1991ع کان اڄ تائين سندن واسطو لاڙڪاڻي جي هن ڪاليج سان هلندو اچي.
    يوسف صاحب کي ننڍپڻ کان وٺي مطالعي ۽ لکڻ پرهڻ جو شوق رهيو آهي ۽ هو پنهنجن شاگردن کي ان عادت تي قائم رکڻ لاءِ زور ڀريندو رهي ٿو. سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم دوران ۽ اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ رهائش دوران پاڻ مختلف اخبارن جو سب ايڊيٽر به ٿي رهيو، جهڙوڪ: روز ناما الوحيد حيدرآباد، روزنامه مسلم اسلام آباد ۽ انگريزي اخبار Dawn ڪراچي. سندن ڪيترائي ڪِتابَ ڇپجي چڪا آهن جيئن ته: سنڌ _ باب الاسلام، سروري ڪائنات (صلعم)، ساريا مٿي سچ، ڏاهو ڏات ڌڻي، معارف الطيف، لاڙڪاڻو تاريخ جي آئيني ۾، وغيره.
    ڪيترائي اهو سوچيندا هجن ته ميجر محمد يوسف صاحب پنهنجي فيلڊ ۾ ڪامياب ڇو آهي. سندس مٿين بايوڊاٽا پڙهڻ بعد هر ڪو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته هن سڄي زندگي، ننڍپڻ کان وٺي اڄ تائين پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ گذاري آهي. هو لڳاتار چاليهه سالَ پرنسپال ٿي رهيو آهي، هن کي مليٽري بئڪ گرائونڊ آهي ۽ هو نه فقط پاڻ ڊسپلينڊ زندگي گذاري ٿو پر پنهنجن ماتحتن ۽ شاگردن کي به ان Life Style ۾ رهڻ جي تلقين ڪري ٿو. هن کي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن ماڻهن سان پيار آهي، هن کي خدا جو خوف رهي ٿو، هو وقت جو پابند ۽ ڊيوٽي ايمانداريءَ سان ڏيڻ جي حق ۾ آهي.
    لاڙڪاڻو روڊن جو ضلعو ٿيندو وڃي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪي ڪي روڊ ڊهندا به تکا وڃن. چوڌاري ويڪرا ۽ باءِ پاس روڊ ڳوٺن کي هاءِ ويز سان ڳنڍين ٿا. ڪئڊٽ ڪاليج جي ڪئمپس مان نڪرڻ بعد اسان جي ڪار ساڄي پاسي هلي ته ٿورو ئي اڳيان ٻه واٽون ٿيون. هڪ کاٻي پاسي ڏي روڊ وڃي رهيو هو جنهن لاءِ يوسف صاحب ٻڌايو ته اهو روڊ ڏوڪري ڏي وڃي ٿو جتان پوءِ اڳيان باڊهه کان ٿيندو جسٽس راڻا ڀڳوانداس جي ڳوٺ نصيرآباد پهچي ٿو جتان انڊس هاءِ وي گذري ٿو ۽ هي روڊ سامهون واره شهر ڏي هليو وڃي ٿو. ڏوڪري، باڊهه، نصيرآباد، وارهه.... هي ڳوٺ يا شهر ڪٿي نه ڪٿي ٻڌل لڳا ٿي. دل چاهيو ته جيڪر انهن ڳوٺن ڏي به هلجي. سڄي عمر ملائيشيا، جپان، سئيڊن، انگلنڊ جهڙن ملڪن جي شهرن جا نالا ملاڪا، پينانگ، نگويا، ڪوبي، ڪيوٽو، مالمو، مانچسٽر، گلاسگو ٻڌي ٻڌي اڄ وري ننڍپڻ جي ڏينهن جا ٻڌل پنهنجي سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن جا نالا دماغَ ۾ سرور پيدا ڪري رهيا هئا.
    ڏوڪري شهر تان مونکي منهنجو دوست مختيار سمون ياد آيو جيڪو عمر جي لحاظ کان ته مون کان 16 سالَ کن ننڍو آهي پر سندس تعليمي خدمتون تمام وڏيون آهن. هن جي جدوجهد ۽ سوچَ ڪري هن علائقي جا ڪيترائي نوجوان سول سروس ۽ فوجَ ۾ مقابلي جي امتحانن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري رهيا آهن. مختيار هن شهر ڏوڪريءَ ۾ ڄائو. بنيادي تعليم اتي ئي حاصل ڪرڻ بعد هو پنهنجي فئملي سان لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيو. پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان M.A پاڪستان اسٽڊيز ۾ ۽ ان بعد انگريزي ۾ ڪيائين. پاڻ 5 سال ائگريڪلچر ڪاليج ٽنڊو ڄام ۾ ليڪچرر ٿي رهيو ان بعد اڄ 18 سال اچي ٿيا اٿس جو هو ڏوڪري جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ائگريڪلچر ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. پاڻ 1992ع ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ “ناليج سينٽر” نالي هڪ ڪمري جو ٽيوشن سينٽر کوليائين جنهن جي صفائي به پاڻ ڪندو هو ته شاگردن کي انگريزي جا سبقَ به پاڻ پڙهائيندو هو. اڄ سندس محنتن ۽ ڪاميابي سبب هي Knowledge سينٽر 18 ڪمرن تي مشتمل آهي جنهن ۾ پنڌرهن سورهن ٽيچر آهن ۽ 500 کن شاگردن ۾ 200 کن اوسي پاسي جي ڳوٺن جون نياڻيون تعليم حاصل ڪن ٿيون ۽ مقابلي جا امتحان ڏين ٿيون. گذريل چند سالن ۾ 12 کن شاگردن CSS جا امتحان پاس ڪري چڪا آهن. گذريل سال سڄي سنڌ مان ايندڙ پهريون نمبر عرفان علي سمون به هن سينٽر جو شاگرد آهي ۽ هينئر هو شيخوپوره (پنجاب) ۾ ASP آهي.
    ڏوڪري شهر ڪيترن ئي اديبن، شاعرن، سياستدانن ۽ مذّهبي عالمن کان پڻ مشهور آهي. سڀ کان اهم ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي آهي. جيڪو ڏوڪري تعلقي جي ٻنڍي شهر ۾ 1920ع ۾ ڄائو. نوجوانن ۾ ڪجهه نالا دل تي هُري رهيا آهن جيڪي هن شهر ۾ ڄاوا: “صوفي” نالي ٽماهي رسالي جو ايڊيٽر ساغر ابڙو جيڪو ڊاڪٽر آهي ۽ سنڌي سان گڏ اڙدو ۾ به شاعري ڪري ٿو ۽ انٽرنيشنل صوفي فائونڊيشن جو باني پڻ آهي.
    ميهل داس جو پٽ پريم چاندواڻي جيڪو ڏوڪري ۾ چانورن جي تحقيقي اداري ۾ آفيسر آهي غزل، گيت ۽ مزاحيه شاعري کان مشهور آهي. پاڻ تصوف تي به مقالا لکيا اٿائين. سندس هڪ شعر آهي:
    اسين صاف صوفي، هلئون راهه سچ تي،
    سڌي ڳالهه سڀ کي ٻڌائڻ ٿا ڄاڻون

    ڏسي ڪين سگهنداسين ڳوڙها اکين ۾
    غمن گوندرن کي گهٽائڻ ٿا چاهيون

    هتي اهو به لکندو هلان ته مرحوم حيدر بخش جتوئي جو واسطو به ڏوڪري سان هو. پاڻ 1901ع ۾ ڏوڪري تعلقي جي بکيديري ڳوٺَ ۾ ڄائو. ويهين صدي جي پهرين سالَ ۾ پيدا ٿيندڙ هي سدورو پٽ اڳتي هلي “باباءِ سنڌ” جي لقب سان سڏجڻ لڳو. پاڻ بيباڪ سياسي ليڊر، مقبول هاري اڳواڻ، انقلابي شاعر ۽ صحافي ٿي گذريو آهي. جتوئي صاحب هارين جي حقن جي حفاظت ڪرڻ ۽ گڏوگڏ ملڪي ۽ سماجي اصلاح لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي. انگريزن جي ڏينهن ۾ جتي ڪنهن معمولي نوڪري يا ڪلارڪي کي به وڏي ڳالهه سمجھيو ويو ٿي اتي جتوئي صاحب هارين جي حقن لاءِ تحريڪَ هَلائڻ لاءِ ڊپٽي ڪليڪٽري جي عهدي تان به استيفا ڏئي ڇڏي. مون کين هڪ دفعو ڏٺو هو. هي سال 1959ع يا 1960ع هو. جڏهن آئون ڪئڊٽ ڪاليج ۾ مئٽرڪ جو شاگرد هوس. اسين شاگرد حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن تي ڪراچي ويندڙ ريلَ جو انتطار ڪري رهيا هئاسين ته حيدر بخش جتوئي صاحب ۽ سندس ڪارڪن ڪنهن مطالبي لاءِ بينر کڻي اسٽيشن تي نعري بازي ڪري رهيا هئا. اسان به ڪجهه تماشي خاطر ۽ ڪجهه وقت پاس ڪرڻ لاءِ ان ٽولي ۾ بيهي نعري بازي ڪرڻ لڳاسين. مونکي چٽي طرح ياد آهي ته مونسان گڏ منهنجو ڪلاس ميٽ درٻيلي جو احمد حسين مخدوم، خيرپور جو شوڪت جماڻي ۽ ٽنڊوالهيار جو محمد عالم هاليپوٽو (ڊاڪٽر منور هاليپوٽي جو وڏو ڀاءُ) پڻ هُئا. جتوئي صاحب پيارَ سان اسان کي پنهنجي ويجھو سڏي چيو ته پٽ توهان اڃان شاگرد آهيو توهان جو ڪم پڙهڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ آهي. هن عمر ۾ توهان کي سياست کان پري رهڻ کپي.”
    ڪامريڊ حيدر بخس جتوئيءَ کي هي جهان ڇڏي اڄ 45 سالَ اچي ٿيا آهن پر سندن اهي لفظ هن وقت به دماغَ ۾ تازا آهن ۽ سندن اهو ميسيج اڄ به وڏي Value رکي ٿو ۽ اڄ جي شآگرد کي ان تي عمل ڪرڻ کپي ۽ هن کي گهڻي کان گهڻو وقت ۽ ڌيان پڙهائي کي ڏيڻ کپي.
    ڏوڪري کان اڳيان باڊهه آهي جنهن شهر يا ڳوٺَ جو نالو مون انگلينڊ جي ڪنهن شهر لنڊن يا لورپول ۾ ان ڳوٺ جي ڇوڪري کان ٻڌو جيڪو اتي سنڌ يونيورسٽي طرفان لسانيات جهڙي ٽاپڪ تي Ph.D ڪري رهيو هو. آئون کيس ڇوڪرو ئي سڏيندس جو هو مون کان ڏهه سالَ ننڍو آهي. پنهنجي سبجيڪٽ جو ڄاڻو هجڻ ڪري مون بعد ۾ کانئس پنهنجي پهاڪن واري ڪِتابَ “رٺي آهي گهوٽَ سان” لاءِ هن کان پيش لفظ لکرايا. پاڻ هن سال 60 سالن تي پهچي رٽائرڊ ٿي چڪو آهي. سندس نالو ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو آهي. سال کن اڳ پاڻ سنڌ يونيورسٽي ميرپورخاص ڪئمپس جو پرو وائيس چانسلر هو. ۽ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ “سماجي لسانيات” جو وڏو عرصو پروفيسر رهيو آهي. سندن ڪيترائي ڪِتاب ڇپيل آهن جهڙوڪ: مرزا قليچ بيگ جي سوانح حيات ـــ ‘عالمن جو سج، ‘سنڌي ٻولي: لسانيات کان سماجي لسانيات تائين’، ‘شخص ۽ عڪس’ ۽ جرمني ۾ سندن ڇپيل انگريزي ڪِتاب: Comparative Socio-linguistic study of Sindh . مونکي پڪ آهي ته باڊهه جي شهر کي پنهنجن پڙهيل لکيل ماڻهن تي ضرور ناز هوندو پوءِ اهو چاهي ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو هجي، انجنيئر ڪرم چند ڏوڏاڻي (سابق سيڪريٽري سنڌ) يا شيرل بيوس جهڙو شاعر هجي يا محمد ملوڪ تسر جهڙو سگهڙ. شيرل بيوس باڊاهيءَ جو ڪو مجموعو نه ڇپجي سگهيو آهي پر پاڻ هن تر جو اعليٰ شاعر ٿي گذريو آهي جيڪو اڄ به ڳايو وڃي ٿو. سندس اصل نالو شيرل خان ولد حامي محمد سومر نوناري هو. 16 جنوري 1921ع تي سندس باڊهه ۾ جنم ٿيو ۽ 35 ورهين جي ننڍي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس هڪ ڪَلام هن وقت ياد اچي رهيو آهي:
    لبن تي دم ڏسي دلبر پڇڻ اچجانءِ خدا نالي
    ڪنهن ڪم جي بهاني سان ملڻ اچجانءِ خدا نالي
    اچڻ تنهنجي کان جي اڳ ۾ وڃي دل دلربا نڪري
    ڪفن کولي مٺا منهڙو ڏسڻ اچجانءِ خدا نالي


    لاڙڪاڻي جا ڪجهه تاريخي ڳوٺ

    ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو پرنسپال محمد يوسف مونکي پنهنجي ڪاليج کان لاڙڪاڻي ڏي وٺي وڃي رهيو هو. ڪاليج مان نڪرڻ بعد کاٻي پاسي ڏوڪري ۽ يارهن کن ڪلوميٽر اڳيان باڊهه ۽ پوءِ نصير آباد واري رستي ڏي وڃڻ بدران اسان ساڄي پاسي ڏي ويندڙ رستي تي هلڻ لڳاسين. ٽن چئن ڪلوميٽرن بعد وڪڙو نالي ڳوٺ آيو جتي لهي مون اسٽان واري هوٽل ۽ ماڻهن جون تصويرون ڪڍيون. چون ٿا ته بئراجون ٺهڻ کان اڳ هِتان وهندڙ درياهه هن ڳوٺ وٽان ڪجهه موڙ، يعني وڪڙ کاڌو ٿي ان ڪري ان جي ڪپر تي آباد ٿيل هي ڳوٺ وڪڙو سڏجڻ لڳو. بنهه ننڍڙو ڳوٺ آهي. چانهه تي ويٺل ٽن نوجوانن کان پڇيم ته توهان جي شهر ۾ ڪو اَديب يا شاعر رهي ٿو. هنن ٻڌايو ته وڪڙو سارنگ ماڇي نالي شاعر کان مشهور آهي.
    اسان کي دير ٿي رهي هئي سو رستي تي ڪنهن ٻئي هنڌ بيهڻ بدران سڌو لاڙڪاڻي جو رخ ڪيوسين جيتوڻيڪ ٻن ٽن ڪلوميٽرن بعد آريجا نالي جيڪو ڳوٺ آيو اتي سڄو ڏينهن ترسڻ به مون لاءِ گهٽ هجي ها. آريجا ۾ منهنجو هم عمر دوست در محمد پٺاڻ رهي ٿو، جنهن اتي “گل حيات” نالي هڪ اهڙو ادارو قائم ڪيو آهي جنهن ۾ هن سنڌي ادب، شعر و شاعري ۽ تاريخ سان واسطو رکڻدڙ شين جي هڪ وڏي Collection قائم ڪئي آهي. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جڏهن ڪراچي ۾ هو ته هن منهنجي شروع جي ڪِتابن مان هڪ جو مهاڳ پڻ لکيو هو. پاڻ 25 مئي 1945ع تي هن ڳوٺ آريجا ۾ ڄائو جيڪو خير محمد آريجا به سڏجي ٿو.
    منهنجي ميزبان، ڪئڊٽ ڪاليج جي پرنسپال محمد يوسف صاحب ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آريجا نالي پنج کن ڳوٺَ آهن جيئن ته سيڙهي وارا آريجا، ڪچي وارا آريجا وغيره. پر سڀ کان مشهور آريجن جو هي ڳوٺ يعني خير محمد آريجا آهي. جنهن جو بنياد ڪلهوڙن جي دور کان ڪجهه عرصو اڳ پيو. هن ڳوٺ جي شهرت جيتوڻيڪ اڄ ڪلهه سنڌ جي ناليواري ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر ڪهاڻيڪار، ڊرامانگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ سندس قائم ڪيل “گل حيات” نالي ادبي اداري ۽ لئبرري ڪري آهي پر اصل کان هن ڳوٺ جي شهرت ٻن شخصيتن علاما محمد آريجوي ۽ مخدوم محمد شهاب الدين جي ڪري آهي. علاما آريجوي پنهنجي دور ۾ “استاد ڪُل” جي نالي سان سڏيو ويندو هو، جنهن وٽ پير محمد راشد روضي ڌڻي (پير پاڳارو جو پڙڏاڏو تڙڏاڏو) جن پڻ تعليم ورتي هُئي. جڏهن ته مخدوم شهاب الدين جو تعلق مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي سان هو. گرهوڙي صاحب جي شهادت کانپوءِ سندس ساٿي ۽ لشڪر ڇڙوڇڙ ٿيا ته مخدوم شهاب الدين اچي آريجن جي ڳوٺ ۾ رهيو. ٻنهي بزرگن مذهبي تعليم جي حوالي سان وڏو نالو ڪڍيو. بعد ۾ اهو سلسلو مولوي تاج محمد کوکر ۽ هدايت الله آريجي حوالي ٿيو، جن پڻ مذهبي تعليم جي حوالي سان وڏو نالو پيدا ڪيو.
    اسان واري يار ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي ويب سائيٽ “گل حيات” قيمتي معلومات جو اهم ذريعو آهي. سندس ڇپيل ڪِتابن جو تعداد 30 کان مٿي آهي. جن ۾: “اسان جا اَديبۡ”، “آئينا ۽ اولڙا”، “ادب ۽ ماحول”، “سنڌ ۾ سياسي چرپر” شامل آهن. کين ڪيترائي ايوارڊَ به ملي چڪا آهن جن ۾ صدارتي ايوارڊ ‘تمغه امتياز’ پڻ آهي جيڪو هن سنڌ ۾ حڪومت طرفان آندل نئين ۽ ٻٽي مڪاني نظام تي احتجاج طور واپس ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
    هن ڳوٺ آريجا جي هڪ ٻي شخصيت غلام شبير شيخ جو ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي. غلام شبير شيخ 22 اپريل 1953ع تي هن ڳوٺ ۾ ڄائو. مئٽرڪ ۽ انٽر ڊي سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد هن اتان ئي B.Sc ڪئي ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان ڪيمسٽري سبجيڪٽ ۾ M.Sc ڪئي. ان بعد CSS جو 1982ع ۾ امتحان ڏئي پوليس کاتي ۾ آيو. اڄ ڪلهه پاڻ سنڌ صوبي جو ايڊيشنل آءِ جي آهي.
    غلام شبير شيخ ۽ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي ڳوٺ آريجا بعد باقراڻي ڳوٺ آهي. انهن جي وچ ۾ هڪ چنا برادريءَ جو به ننڍو ڳوٺ آهي. گذريل سال جپان هوس ته ڪيترن ئي چنا ذات جي ماڻهن سان ملاقات ٿي جيڪي اڄ کان ٽيهه، چاليههَ سالَ اڳ، جڏهن اسان پاڪسيتانين لاءِ حالتون بهتر هيون ته هو مزدوري خاطر اوساڪا ۽ ٽوڪيو جي پاسي اچي نڪتا هئا. سخت سيءَ ۽ ناسازگار ماحول ۾، جتي کاڌي پيتي ۽ زبان جي ڏکيائي هئي، اتي هنن لڳي پورهيا ڪيا. بکون ڪاٽي پئسو بچايو جنهن ذريعي بزنيس شروع ڪيو ۽ پورهئي ۽ مزدوري جي زندگي مان نجات حاصل ڪئي. اڄ ڪلهه هنن جا جپان ۾ ڪيترائي ڪار شو روم آهن. جھونيون پراڻيون ڪارون اسڪريپ ۾ خريد ڪري دبئي ۽ آفريڪا جي ملڪن ڏي موڪلين ٿا. هنن ٻڌايو ته هو لاڙڪاڻي ۽ دادو پاسي جا چنا آهن. اڄ هتان هن چنن جي ڳوٺ جو ٻڌي مونکي جپان وارا سنڌي ياد اچي ويا جيڪي چنا ذات جا آهن. هتي اهو به لکندو هلان ته جپان ۾ رهندڙ هن علائقي جي ڪيترن ماڻهن اتي جپان ۾ به شادي ڪئي آهي ۽ ساڳي وقت پنهنجي پهرين زال ۽ ان مان پيدا ٿيل ٻارن کي جپانَ ۾ گهرايو اٿن يا ٻارن کي دبئي ۽ ملائيشيا جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪڻ لاءِ داخل ڪيو اٿن. بهرحال انهن ماڻهن جي دلچسپ ڳالهين جو تفصيلي احوال پاڻ جپان واري سفر ۾ ڪنداسين.
    باقراڻي ڳوٺ مان لنگهندي اسانجي ميزبان محمد يوسف، جسٽس شهزادو شيخ جو ذڪر پڻ ڪيو. لڳي ٿو ٻئي سٺا دوست آهن ۽ ضرور هوندا جو شهزادي جا ڇپيل ڪِتابَ مون تائين هميشه سائين يوسف جي معرفت پهچندا رهيا آهن. شهزادو مون کان 3 سالَ ننڍو آهي. اسان جو ساڳي ڪاليج سان به تعلق نه آهي. پر منهنجيون ساڻس اڄ کان ٽيهه چاليهه سالَ اڳ جيڪي ٻه ٽي ملاقاتون ڪراچي، اسلام آباد ۽ شايد هڪ دفعو ڪنهن عرب ملڪ ۾ ٿيون انهن مونکي ڏاڍو مُتاثر ڪيو. هي پهريون سرڪاري ڪامورو هو جيڪو مونکي ان ٽون ڦان ۽ ٽانءَ کان آجو نظر آيو جيڪو اسان جي ملڪ جي سرڪاري آفيسرن ۾ عام آهي. شهزادو شيخ انهن ماڻهن مان آهي جنهن جي ڳالهين ۽ ڪِتابن مونکي مذهب ڏي راغب ڪيو. شهزادو شيخ قانون جو ماڻهو آهي. 2007ع ۾ سرڪاري نوڪري کان رٽائرڊ ٿيو. ان بعد مارچ 2010ع کان ٽن سالن لاءِ هِنَ کي فيڊرل شريعت ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو آهي. سندس ڪيترائي ڪِتابَ خاص ڪري اسلام ۽ قانونَ تي لکيل آهن. جهڙوڪ:
    • Know your God
    • The Gateway to Quran
    • Pure Truth
    • Divine Dynamics
    • حڪمت قرآن
    • قرآن ۽ سائنس
    وغيره.
    هتي هِڪَ ڳالهه اڄ جي شاگردن ۽ والدين لاءِ لکڻ ضروري سمجھان ٿو ته اهو ضروري ناهي ته فقط اهو شاگرد سٺين مارڪن سان پاس ٿي سگهي ٿو جيڪو شهر ۾ رهي ٿو يا جيڪو مشهور اسڪولن مان تعليم حاصل ڪري ٿو. ڪو به شاگرد محنت ڪري ٿو ته هن کي ڪاميابي نصيب ٿئي ٿي. ان جو مثال شهزادو شيخ آهي جيڪو باقراڻي جهڙي ننڍي ڳوٺ ۾ رهندي مئٽرڪ ۾ سڄي بورڊ ۾ ٽيون نمبر کنيو. ياد رهي ته ان وقت سڄي سنڌ لاءِ هڪ حيدرآباد وارو بورد هو. ان کان ٻه سالَ اڳ 1963ع ۾ جڏهن مون انٽر جو امتحان ڏنو ته ان سال جيڪو شاگرد اختر علي عباسي فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيو ان جو تعلق به لاڙڪاڻي جي هِڪَ ننڍڙي ڳوٺَ ‘ڳوٺ وليد’ سان آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته آدم شماري وڌڻ ڪري اڄ 50 سالن بعد ڳوٺ وليد لاڙڪاڻي شهر جو حصو ٿو لڳي.
    لاڙڪاڻو زيتونن کان به مشهور آهي ڊرائيور ٻڌائي رهيو هو ته هن ڳوٺ باقراڻي جون ڀاڄيون ۽ زيتون مشهور آهن. باقراڻي ڳوٺ سان الطاف حسين اُنڙ جو به واسطو آهي پاڻ 2003ع واري اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي جي PS-35 تڪ مان کٽيو هئائين. ان وقت هو پاڪستان مسلم ليگ (ق) ۾ هو. 2008ع واري اليڪشن ۾ هن جو مخالف پيپلز پارٽي جو سردار غلام سرور سيال تمام گهڻن ووٽن جي فرقَ سان کٽي ويو. بعد ۾ پ پ پ ۾ شامل ٿيو ۽ ڪجهه مهينا ٿيندا جو هو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو..
    لاڙڪاڻي ڏي ويندي باقراڻي بعد هٽي نالي ڳوٺ اچي ٿو پر ان وچ ۾ ٻه ٽي ٻيا به ننڍا ڳوٺ آيا جهڙوڪ اوٺا ۽ ڳوٺ محمد بروهي. محمد يوسف صاحب ٻڌايو ته روڊ کان ٿورو پري ڳوٺ سلطان جھتيال ۽ ڳوٺ باهورو جھتيال پڻ آهن. ڳوٺ محمد بروهي لاءِ سائينءَ ٻڌايو ته اتي جو مدرسو هن تر ۾ مشهور آهي. اوٺا ڳوٺ لاءِ چيو وڃي ٿو ته اڳتي هلي تجارت جي خِيالَ کان اهم حيثيت حاصل ڪندو ڇو جو لاڙڪاڻي ۽ خيرپور کي ڳنڍڻ لاءِ سنڌو درياهه تي جيڪا پل ٺهي آهي اها خيرپور پاسي کان ڳوٺ ٽنڊومستي کان شروع ٿي لاڙڪاڻي پاسي هن ڳوٺ اوٺا تي ختم ٿئي ٿي. هِتي ئي مشوري بلوچن جو ڳوٺ مشوري شريف به آهي جتي ريلوي اسٽيشن به آهي. باڊهه کان جيڪا ريل اچي ٿي اها حيدر بخش جتوئي ۽ باقراڻي روڊ اسٽيشن بعد لاڙڪاڻو پهچي ٿي ۽ اڳيان ماهوٽا، نئون ديرو ۽ رڪ اسٽيشنون آهن. ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپل محمد يوسف صاحب اهو به ٻڌايو ته مشوري شريف مولانا محمد قاسم مشوري بزرگ کان مشهور آهي جنهن جي هِتي درگاهه ۽ مدرسو آهي. مدرسي ۾ هِڪ ڪتبخانو به موجود آهي جِتي سوين قلمي نسخا، اسلامي تاريخ ۽ سيرت طيبه کان علاوه اٽڪل يارهن هزار ڪِتاب ٻين به موضوعن تي آهن.
    مولانا مشوري صاحب انگريز راڄ خلاف هلندڙ تحريڪ ۽ پوءِ مسلمانن جي لاءِ قيام پاڪستان تحريڪ ۾ وڏي سرگرمي سان حصو ورتو. پاڻ عالم، مفتي کان علاوه پير طريقت به هئا ۽ چون ٿا ته هزارن جي تعداد ۾ سندن مريدن سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ آهن.
    هتي اهو به لکندو هلان ته باقراڻي ڀرسان پڻ هڪ مدرسو مشهور آهي جيڪو گذريل صَدي جي 50 واري ڏهي ۾ مولوي نور محمد دائي قائم ڪيو جنهن مان پڻ ڪيترائي حافظ نڪتا آهن. سال 1968ع ۾ سندن وفات بعد سندن پٽ حافظ محمد اها جاءِ سنڀالي. مدرسي ۾ پري پري کان شاگرد ايندا رهن ٿا جن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو انتطام پڻ آهي.
    لاڙڪاڻي کان اڳ هَٽي نالي به شهر اچي ٿو جنهن کي ڪن هٽڙي جي نالي سان به سڏيو ٿي يا شايد مون کي ائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو. هن ڳوٺ جي هِڪَ شاعر هاسارام “هاسا” جو ذڪر احسان دانش پنهنجي مرتب ڪيل ڪِتاب: “لاڙڪاڻو ـــ تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو” ۾ ڪيو آهي ته هو 1855ع ۾ هن ڳوٺ هٽڙيءَ ۾ ڄائو. هنباه شريف جي بزرگ سيد فيض درياءَ شاهه جو مريد ٿيو. سڄي عمر مُجَرد رهيو. هو هندي ۽ سنڌي ٻولين جو شاعر هو. سندس شاعري ۾ تصوف ۽ ويدانيت جو ذڪر آهي. 1935ع ۾ گذاري ويو. سندس شعر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    سِڪَ جي ڳالهه ساري ڙي
    سرتيون ڪنديس پنهنجي ڪانڌَ سان
    وينديس، رهنديس ڪين ڪي،
    محبت دلڙي ماري ڙي.
    وڇوڙي جي ويهڻ کون،
    توبنهن منهنجي زاري ڙي


    لاڙڪاڻي پهچڻ تي.....

    سنڌ ۾ مَچُ ڪچهري يعني سياري جي راتين ۾ باهه جا مَچَ ٻاري ڪچهري ڪرڻ اسان جي تمام پراڻي ريت ۽ وندرآهي. ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ جهڙا ملڪ هاڻ امير ٿي ويا آهن ـــ پئسي ڏوڪڙ ۾ ته ٽيڪنيڪل سهولتن ۾ به ـــ ۽ هاڻ سينٽرلي هيٽيڊ ٿيٽرن ۽ فائو اسٽار هوٽلن جي ڪنسرٽ هالن ۾ ويهي راڳ ۽ ڊانس جا پروگرام ۽ فلمون ڏسن ٿا، ٿڌ کان بچڻ لاءِ گئس يا اليڪٽرڪ ذريعي گرم ۽ بند گرائونڊن ۾ والي بال، ٽينس، ويندي فٽ بال راند کيڏن ٿا نه ته اڄ کان هڪ ڏيڍ صدي اڳ به هنن جو ڇا حال هو؟ سيءَ کان بچڻ، وقت پاس ڪرڻ ۽ دل وندرائڻ لاءِ برف جي ڇپن مان اوڏڪي نموني ٺهيل گول ۽ بند گهرن (Igloos) ۾ جانورن جون کلون پائي ويهي ڪوڙيون سچيون سامونڊي مڇين ۽ ٻين ساهوارن جي شڪارن ۽ ٻين جون رنون ـــ خاص ڪري جرمن، پولش، ايسٽونين جون ـــ ڀڄائڻ جون ڪوڙيون سچيون خبرون ڪندا هئا. سو هن قسم جون ڪچهريون نه رڳو اسان وٽ پر سڄي دنيا ۾، آفريڪا توڙي ايشيا جي ٻين ملڪن ۽ يورپ ۾ صديون عام رهيون. پوءِ انهن ڪچهرين ۾ ڪن وٽ مذهب تي گيان هليو ٿي ته ڪن وٽ سياست ۽ اوڙي پاري جي علائقن يا ٻيٽن تي وڃي ڦرلٽ (Piracy) ڪرڻ جون رٿائون ٺهيون ٿي. اڄڪلهه ماڊرن دور ۾ جتي ڪٿي خوشحالي اچڻ ڪري انهن ڪچهرين سان گڏوگڏ ملڻ ملائڻ ۽ وندر جا طور طريقا به مختلف ٿي پيا آهن.
    سنڌ ۾ اڃان به، ڪٿي ڪٿي روايتي مچ ڪچهري جون خبرون اينديون رهن ٿيون جن ۾ اڪثر شعر و شاعري، راڳ روپ، ڳجھارتون، ڏور، گيت ۽ مناظرا محفل ۾ آيل حاضرين جي دل وندرائين ٿا. گذريل سال ڄام شوري ۽ ٿاڻي بولان خان ۾ اهڙين مچ ڪچهرين جو احوال اخبار ۾ پڙهيم ۽ ٽي وي جي سنڌي چئنلن تان ڏٺم ۽ انهن جي دعوت مونکي پڻ امداد حُسيني، عنايت بلوچ ۽ نصير مرزا معرفت ملي هئي پر منهنجي ٻن ڪمزورين ڪري منهنجي لاءِ حاضر ٿيڻ آسان ڪم نه هو. هڪ ته هي ڪچهريون رات جو دير سان شروع ٿين ٿيون ۽ آڌي رات تائين هلن ٿيون... ڪي ڪي ته اڇو صبح به ڪريو ڇڏين ۽ مون لاءِ گهمڻ ڦرڻ توڙي ملڻ جلڻ مان enjoy ڪرڻ جو بهترين وقت صبح پهر آهي. رات جو اوجاڳو ڪرڻ (سواءِ طوفانن ۽ ايمرجنسي جي حالت ۾ جهاز هلائڻ کان علاوه) سزا ڀوڳڻ آهي. ٻي ڳالهه ته مَچُ ڪچهريءَ ۾ پَٽَ تي پلٿي ماري وهڻو پوي ٿو. اڄ کان 35 سال اڳ منهنجو جهاز تي حادثو ٿيڻ بعد مون لاءِ گهڻي دير پٽ تي وهڻ مشڪل ڪم رهيو آهي.
    ڪراچي کان هلندڙ اڏام شامَ جو 5 بدران 9 بجي هلڻ ۽ ڏهين ساڍي ڏهين ڌاري لاڙڪاڻي پهتي. ايئرپورٽ تي وٺڻ لاءِ منهنجي ميزبان (ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپال محمد يوسف) ڪاليج جي هڪ پروفيسر منير چانڊيو کي موڪليو. رستي تي منير ٻڌايو ته هو مونکي منهنجي رهائش تي ڇڏڻ هلي رهيو آهي جيڪا ڇوڪرن جي هاسٽل ڀرسان ٺهيل گيسٽ هائوس جي هڪ ڪمري ۾ آهي. گذريل 40 سالن کان آئون ٻاهر جي ملڪن ۾ اهو ئي دستور ڏسندو اچان ته ڪنهن وٽ رات جو ڏهين کانپوءِ پهچڻ جي معنيٰ اهائي سمجھي وڃي ٿي ته مهمان ٽرين ۾ يا جهاز ۾ ڊنر کائي پهتو آهي، يا رستي تي ڪنهن بس اسٽاپ تان کائي ڇڏي هوندائين. اسان کي هن ڪلاڪ جي اڏام ۾ ماني بدران هڪ سموسو مليو جيڪو آئون ان ڪري کائي نه سگهيس جو ڪراچي ايئرپورٽ تي منهنجي ڪلاس ميٽ پاڻ به ۽ مونکي به هڪ هڪ برگر وٺي کارايو هو. مون کيس ڏاڍو جھليو هو ته لاڙڪاڻي پهچي منهنجي ميزبان ضرور ڊنر رکي هوندي جيڪا هي برگر کائڻ بعد کائي نه سگهندس. پر هاڻ منير جي واتان اهو ٻڌي مونکي خوشي ٿي ته هو مونکي سڌو منهنجي ڪمري تي وٺي هلي ٿو يعني رات جي ماني جو ڪو پروگرام ناهي. مون به اهوئي چاهيو ٿي. سڄي ڏينهن جو ٿَڪُ ۽ ڪراچي ايئرپورٽ تي 5 ڪلاڪ کن انتظار جي ٽينشن ڪري هاڻ مون سمهڻ ٿي چاهيو. ٻاهر جي دنيا جي رسم موجب رات جو دير سان پهچڻ تي ميزبان سان نئين سج اڀرڻ بعد ملاقات ڪئي ويندي آهي. مون ٻئي ڏينهن صبح جو ڪاليج جي پرنسپال سان سندس آفيس ۾ وڃي ملڻ هونءَ به بهتر سمجھيو جڏهن اسان ٻئي تازا توانا هونداسين.
    آئون بئگ مان سامان ڪڍي ڪٻٽ جي خاني تي رکڻ لڳس ته در وٽ اڃان بيٺل منير چانڊيو چيو ته “سائين سامان پوءِ اچي ٺاهجو هينئر بس رڳو هٿ منهن ڌوئي هلو ته پرنسپال سان ملون ... هو آفيس ۾ انتظار ڪري رهيو آهي. اهو ٻڌي مونکي حيرت ٿي ۽ افسوس پڻ ته منهنجي فلائيٽ ۾ delay ٿيڻ ڪري منهنجي ميزبان کي تڪليف رسي ۽ اسانجي قومي ايئر لائين جو جيڪو حال آهي ان موجب اها ته اڃان به ڪلاڪ ٻه Late ٿي سگهي ٿي.
    سامان کي ڪمري ۾ ڇڏي منير سان گڏ ٻاهر نڪتس ٻاهر توڙي ڪمري ۾ سخت سيءُ محسوس ٿي رهيو هو. اهڙو سيءُ ته يورپ ۾ به نٿو ٿئي. مون وانگر اها ڳالهه هرڪو ڪندو رهي ٿو جنهن مان اسان سڀني جو مطلب اهو هوندو آهي ته توڙي کڻي يورپ ۾ اسان کان وڌيڪَ سردي ٿئي ٿي پر اتي هر گهر، آفيس، هوٽل، دڪان ويندي بس اسٽاپ سينٽرلي هيٽيڊ (گرم) رهن ٿا ۽ سکر ۽ لاڙڪاڻي جي ٻن ڏينهن کان يورپ ۾ سياري جا ٻه مهينا رهڻ آسان ڪم آهي. مون ڏٺو ته منير چانڊيو کي ايڏو سيءُ نه پئي لڳو جو هن کي فقط ڪوٽ پهريل هو جنهن جا به ٻيڙا کليل هُئا ۽ مونکي سئيٽر ۽ ڪوٽ ۾ به سيءُ ٿي رهيو هو. ان جو هڪ سبب ته اهو هو جو آئون ڪراچي جي ڪوسي موسم مان يڪدم هتي پهتو هوس ۽ منهنجي وڏي عمر به هڪ فئڪٽر آهي.
    محمد يوسف صاحب جي آفيس ۾ پهتاسين ته ساڻس گڏ ڪاليج جا ٻه پروفيسر، لاڙڪاڻي ڊويزن جو ‘ڊي آئي جي پوليس’ عبدالخالق شيخ ۽ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد سعيد مڱڻيجو به منهنجي آڌر ڀاءَ لاءِ موجود هُئا. ڊاڪٽر سعيد سان منهنجي هيءَ پهرين ملاقات هئي. هو ڪمشنر آهي معنيٰ هن CSS جو امتحان پاس ڪيو آهي. ان قسم جا مقابلي جا امتحان پاس ڪرڻ ڪو آسان ڪم نه آهي. هڪ اهو شاگرد جيڪو ذهين آهي، محنتي آهي ۽ پڙهائي جو بنياد مضبوط اٿس اهو ئي هن امتحان ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو. يعني ائين نه آهي ته امتحان کان ٻه هفتا اڳ سڄي سڄي رات پڙهڻ سان ڪاميابي نصيب ٿيو وڃي. هنن امتحانن ۾ شاگردن کي آل رائونڊر ٿيڻ کپي يعني نه فقط سنڌي، انگريزي ۽ مئٿس وغيره ۾ پر جنرل ناليج، ايوري ڊي سائنس ۽ مضمون نويسي جهڙن مضمونن ۾ پڻ پختي ڄاڻ هئڻ کپي ... ڇو جو هنن امتحانن ۾ فقط پاس ناهي ٿيڻو پر مٿاهين نمبر تي اچڻ ضروري آهي ڇو جو هنن امتحانن ۾ هڪ مقرر ننڍڙي تعداد ۾ اميدوارن کي کنيو وڃي ٿو. اسان وارو هي ڪمشنر جيڪو ڊاڪٽر پڻ آهي معنيٰ هن سنڌي يا مسلم هسٽري ۾ بي اي نه ڪئي آهي پر هن انٽر جي امتحان ۾ به سٺي پوزيشن کڻي ميڊِڪل ڪاليج ۾ ويو آهي ۽ پنجن سالن جو ڊاڪٽري جو ڪورس مڪمل ڪري MBBS ڊگري حاصل ڪئي آهي. اهڙن آفيسر مان اڄ جي نوجوان شاگردن کي اتساهه حاصل ڪرڻ کپي. اڳتي هلي مونکي جيئن ئي موقعو مليو ته مون ڊاڪٽر سعيد کان اهو سوال ڪيو ته ڊاڪٽري پڙهڻ يا CSS ڪرڻ جي تياري ڪرڻ لاءِ کيس پاڻ شوق ٿيو يا ان پويان سندس والدين جو هٿ هو؟
    “منهنجو به هو پر منهنجي والد جو وَڌيڪَ هو جيڪو ان وقت ٽيچر هو.” ڊاڪٽر سعيد ٻڌايو.
    منهنجي ويهارو کن سالن جي ٽيچنگ واري تجربي ۾ مون ڏٺو ته اسان وٽ پاڪستان ۾ توڙي ملائيشيا ۽ ٻين ايشيائي ملڪن ۾ اهي شاگرد وڌيڪَ محنتي، ذهين ۽ تعليم جي معاملي ۾ سنجيده آهن جن جي ماءُ يا پيءُ ٽيچر آهي. يعني ٽيچر ته آهي پر سٺو، محنتي ۽ ايماندار ٽيچر آهي. اهڙن ٽيچرن جي ٻارن سٺو نالو پئدا ڪيو آهي. توهان به ڀلي پنهنجي اوسي پاسي ۾ نظر ڊوڙائي سگهو ٿا.
    ڊاڪٽر سعيد مڱڻيجو 2 مئي 1963ع تي سکر شهر ۾ پروفيسر عبدالرشيد صاحب جي گهر ۾ ڄائو. بنيادي تعليم سکر مان ئي حاصل ڪيائين. MBBS جي ڊگري سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي مان 1992ع ۾ حاصل ڪيائين. ان بعد CSS جو امتحان پاس ڪيائين. پاڻ نوڪري جي سلسلي ۾ نوشهري فيروز، گمبٽ، خيرپور سکر، وغيره ۾ رهيو ۽ گذريل سال 1 مئي تي لاڙڪاڻي ۾ ڪمشنر ٿي اچڻ کان اڳ ٽي سالَ شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿي رهيو. لاڙڪاڻي جو DIG پوليس عبدالخالق شيخ جيڪو بئريسٽر سڏيو وڃي ٿو مونکان 23 سالَ کن ننڍو آهي ۽ سندس ڄم جي تاريخ 19 مارچ 1967ع آهي. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ٽي سالَ کن اڳ ڪراچي جي ايئرپورٽ تي ٿي جڏهن آئون ۽ ٽندو قصير جو شوڪت حسين نظاماڻي (ڪِٽ نمبر 7803) دبئي وڃي رهيا هئاسين ته عبدالخالق شيخ به اتي مليو. هو دبئي کان اڳتي لنڊن قانون جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو. شوڪت ٻڌايو ته عبدالخالق به ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جو پڙهيل آهي ۽ هو کانئس هڪ سال پوءِ 1979 ۾ آيو هو ۽ سندس ڪِٽِ نمبر 79115 آهي. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جا اسين پڙهيل هڪ ٻئي جو ڪِٽِ نمبر ان ڪري پڇندا آهيون جيئن اسان کي idea ٿي وڃي ته اڳلو ڪهڙي سال ۾ پيٽارو آيو هو ۽ هو اسان کان ڪيترو ننڍو يا وڏو آهي. ڪِٽ نمبر جا کاٻي پاسي وارا انگ سالَ ٻڌائين ٿا ته هو ڪهڙي سالَ ۾ پيٽارو آيو. عبدالخالق جو اهو انگ 79 آهي معنيٰ هو 1979ع ۾ آيو ۽ ان مان 13 سالَ کن ڪٽڻ سان اڳلي جي ڄم جي سالَ جي خبر پوي ٿي. شروع جي ٽن چئن بئچن جا ڪِٽ نمبر سيريل وائيز هُئا. هر سال 33 کن شاگرد کنيا ويا ٿي. آئون ٻي بئچ مان آهيان ۽ منهنجو ڪِٽ نمبر 47 آهي.
    پوليس کاتي ۾ عبدالخالق شيخ قانون جي سبجيڪٽ ۾ وڏي ڄاڻَ رکي ٿو. سندس تعلق قمبر شهر سان آهي. ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد هن کي NED ڪاليج ۾ انجنيئرنگ پڙهڻ لاءِ داخلا ملي هئي. پر پوءِ سال ڏيڍ انجنيئرنگ پڙهڻ بعد هن B.A ڪري 1988ع ۾ CSS جو امتحان ڏنو جنهن ۾ هن کي Accounts ۾ رکيو ويو. ان بعد 1991ع ۾ هن هڪ دفعو وري امتحان ڏنو جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي هن کي پوليس ڊپارٽمينٽ مليو.
    عبدالخالق کي اسڪول ۽ ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي پڙهڻ جو شوق رهيو آهي. اونهي مطالعي کان علاوه هو سٺو ڊبيٽر ۽ رانديگر به ٿي رهيو آهي. سندس پڙهائي جي شوق ۽ قابليت کي ڏسي ملڪ جي حڪومت کيس قانونَ ۾ اعليٰ تعليمَ حاصل ڪرڻ لاءِ نامزد ڪيو. هن LL.B يونيورسٽي آف لنڊن مان ڪئي. ان بعد LL.M آڪسفورڊ بروڪس يونيورسٽي مان ۽ سوسائٽي آف لنڪن اِن لنڊن مان بئريسٽر آف لا حاصل ڪيائين. پاڻ قانون سان واسطو رکندڙ ڪيترن ئي ڪِتابن جو ليکڪ آهي. جيئن ته :
    1. Honor Killings & Police in Sindh
    2. Juvenile Justice System

    وغيره. ۽ تازو هاڻ سنڌيڪا اڪيڊمي طرفان UNDP جي سهڪار سان ڪِتاب ڇپيو ويو آهي جنهن جو نالو آهي: Violence Against Women
    عبدالخالق ۽ ٻين سان ملي ويٺاسين ته گرم گرم چانهه اچي وئي جنهن جي ههڙي پاري جهڙي سردي ۾ سخت ضرورت هئي. لڳي ٿو مونکي اتر سنڌ جي سرديءَ جو پهريون دفعو تجربو ٿي رهيو هو . ڪراچي ۽ ٺٽي ۾ ويهي رڳو ٻڌبو هو ته سکر لاڙڪاڻي پاسي ٿڌ جو پد زيرو تي پهچي ويو آهي. اهڙي طرح هتي گرمي به سخت ٿئي ٿي يعني ڪراچي ۽ لاڙ جي مقابلي ۾ تڏهن ته صدين کان هتي جا ماڻهو اونهاري جي موسم جي سخت گرمي کان ڀڄڻ لاءِ ڪوئيٽا ۽ لاڙ جو رخ اختيار ڪن ٿا ۽ اهڙي هڪ اترادي عاشق کي سندس محبوبا لاڙ وڃڻ کان روڪيندي چوي ٿي:

    سهڻا! تون نه وڃ لاڙ
    پکو مان جهلينديساءِ

    بهرحال هاڻ پَکن يا جِهلين لوڏڻ جو زمانو هليو ويو آهي. هي اليڪٽرسٽي جو دور آهي ۽ هوا لاءِ اليڪٽرڪ جا پنکا هلايا وڃن ٿا.... اها ٻي ڳالهه آهي ته هن پنجن سالن جي عوامي دور ۾ بجلي اهڙو ته غائب ٿي وئي آهي جو هڪ دفعو وري وڃي هٿ جي وڃڻن تي ڪم پهتو آهي!
    چانهه سان گڏ ٻي ڪنهن بسڪٽ نه کاڌو پر مون ٻه بسڪٽ کڻي ڊنر جي Compensation ڪيم. چانهه پي بس ڪئيسن ته سائين يوسف صاحب اعلان ڪيو ته هاڻي هلجي دير ٿي وئي آهي. ڪافي وقت کان انتظار ٿي رهيو آهي.
    مون سائينءَ کان پڇيو ته سائين ڪيڏانهن؟
    “توهان لاءِ مَچُ ڪچهري ۽ ڊنر جو بندوبست ڪيو ويو آهي!” هن چيو.
    اهو ٻڌي مونکي حيرت ٿي ته اها ته مون لاءِ سزا ٿي جو مونکي هڪ طرف ننڊ اچي رهي هئي ۽ ٻئي طرف بسڪٽ کائي رهيل سهيل بک به پوري ڪيم. هاڻ ڇا کائي سگهندس!
    “توهان کي surprise ڏيڻ لاءِ اڳواٽ نه ٻڌايم” سائين يوسف چيو. دل ۾ چيم ته سائين توهان جون surprises ته بيحد خطرناڪ آهن ... مزي جي اها ڳالهه ته لاڙڪاڻي ۾ جيڪي به ڏينهن رهيس ته يوسف صاحب صبح شامَ ان قسم جون Surprises ئي ڏيندو رهيو.


    لاڙڪاڻي جي شاعرن ۽ سگهڙن سان ملاقات

    ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو زمين جي معاملي ۾ امير آهي. رهائش گهرن، هاسٽلن، راندين جي ميدانن کان علاوه به ان کان ٻيڻو ٽيڻو پَٽُ خالي پيل آهي جنهن جي چوڌاري هتي جي پرنسپال محمد يوسف عقلمندي ڪري بائونڊري وال ڏياري ڇڏي آهي جيئن اڳتي هلي ملڪ جون طاقتور قبضه مافيائون زمين تي قبضو ڪري هن تعليمي اداري کي سوڙهو نه ڪن.
    ميدان جي هڪ ڪنڊ وٽ، جتي مينهن جو گڏ ٿيل پاڻي ڍنڍَ جو ڏيک ڏئي رهيو هو اُتي مَچُ ڪچهري جو بندوبست رٿيو ويو هو. وچ تي ڪاٺ جا ٿلها بُنڊَ ٻاريا ويا هئا جن نه رڳو چوڌاري ويٺلن کي گرمائش رسائي پئي پر باهه جي رتول ڳاڙهين، کُهنبين ۽ ٻين شيڊن جي ڄِڀين ۽ اُلن لنڊن جي ٿيمس ندي جي ڪناري تي ٿيندڙ فائر ورڪس ياد ٿي ڏياري. رکي رکي ڪنهن آلي ڪاٺي جي واري اچڻ تي منجھانئس نڪتل ڪاربان مونو آڪسائيڊ واري گهاٽي ڪاري دونهين خوبصورت ڳاڙهن رنگن جو ڪارو منهن ڪري ڇڏيو ٿي ۽ اسان ويٺلن جو ڪجهه گهڙين لاءِ ساهه گُهٽي رکيو ٿي. مونکي جپان جو ڪاگوشيما بندرگاهه ياد اچي ويو جنهن جي چوڌاري اڪثر ڦاٽندڙ جبلن مان نڪرندڙ باهه جا ڳاڙها اُلا جتي هن مَچَ جي رنگن جهڙو سهڻو نظارو پيش ڪندا هئا اتي رکي رکي منجھائن نڪرندڙ سلفر جي pungent ڌپ اسان کي کنگهائي رکندي هئي. هن ڪاربان مونو آڪسائيڊ واري دونهين وانگر سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ وارو زهريلو دونهون اکين مان پاڻي ڪڍي ڇڏيندو هو.
    هن مچ ڪچهريءَ ۾ ڪاليج جا پروفيسر، شهر جا معزز ماڻهو، شاعر، اديبَ سگهڙ ۽ ڳائڻا آيل هئا. ڪچهري کان اڳ ماني هلي. هن مانيءَ جي اها خصوصيت هئي ته هر شيءِ نه فقط ٺِڪرَ جي ديڳڙن ۾ رڌي وئي هئي پر Serve به ٺڪر جي پاٽوڙن ۾ ٿي رهي هئي. اسان ننڍا هئاسين... اٽڪل اڌ صدي کان به مٿي سال اڳ ته ڳوٺ ۾ ڏاڏيءَ کي پلو يا مڇي هميشه ٺڪر جي ڪُني ۾ رڌيندي ڏٺوسين. هر گهر ۾ ٺڪر جا ديڳڙا ضرور هوندا هئا جيڪي اس ۾ رکيل کٽ تي اونڌا ڪري سڪايا ويندا هئا. شادين جو ڀت اڪثر ٺڪر جي ڦيلهين ۽ پاٽوڙن ۾ ورهايو ويندو هو. ٺڪر جي ديڳڙي ۾ رڌل ٻوڙ جو پنهنجو هڪ خاص هُڳاءُ ٿئي ٿو. پر ان رات خبر ناهي ڇو مونکي مزو نه آيو. پڪل ٿانوَ بدران ڪچي مٽي جي ڌپ اچي رهي هئي، خاص ڪري ٺڪر جي گلاسن مان. ٿي سگهي ٿو بک نه هجڻ ڪري مونکي ائين محسوس ٿيو هُجي.
    مچ ڪچهري ۾ ڊنر بعد پهرين مشاعرو هليو. شاعري جو ڪو ڪِتاب پڙهڻ سان مزو نه ايندو آهي پر ڪنهن جي واتان ٻڌندي ضرور لطف اندوز ٿيندو آهيان ۽ ڪي ڪي شعر هن وقت به منهنجي ڪنن ۾ ٻُري رهيا آهن. شاعرن مان هڪ ڊاڪٽر بشير شاد جو فرزند احسان دانش به هو. احسان دانش ڪمپيوٽر ۽ ويب سائيٽ ٺاهڻ جو پڻ ماهر آهي. ان قسم جي ڪم لاءِ آئون هميشه کانئس پڇندو آهيان. پاڻ 15 فيبروري 1974ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو ۽ اڄ ڪلهه لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ سنڌي جو پروفيسر آهي. پاڻ مهمان جي حيثيت ۾ هتي آيو هُئو ۽ هڪ سنڌي ۽ هڪ اڙدو جو نظم ٻڌائين. سندس شعر جي هڪ ٻه سٽ ياد اچي رهي آهي:

    آلي ڪاٺيءَ جيان مان دُکان ٿو پيو،
    درد جي ريت تي ڏس لُڇان ٿو پيو
    ۽ اڙدو جون ٻه سٽون آهن:
    مين وه پياسا هون جسي درد هي صحراؤن سي
    اور سرابون سي بهي پيني ڪا هنر هي مجهه ڪو...
    احسان دانش جا ڪيترائي ڪِتابَ ڇپجي چڪا آهن ، جهڙوڪ:

    • لفظن جي خوشبوءِ (شاعري جو مجموعو).
    • بي سڪون خواب جو سچ (ڪهاڻيون)
    • موهن جو دڙو، ۽
    • لاڙڪاڻو (تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو)

    ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي به ڪجهه پروفيسرن پنهنجا شعر پڙهيا. سنڌي جي پروفيسر منير چانڊيو جي نظم جون ڪجهه سٽون آهن:

    تون جي آئين منهنجي جوانيءَ ۾
    رنگ ڀرجي ويا پوءِ زندگانيءَ ۾
    اي خدا تون هن کي سدا سکيو رکجانءِ
    ساهه منهنجو آهي منهنجي جانيءِ ۾

    هڪ ٻيو پروفيسر محمد عمران شيخ صاحب جيڪو بايولاجي ٿو پڙهائي پنهنجو اڙدو نطم ٻڌايو. سنڌي لهجي ۾ اڙدو شعر ٻڌندي مزو اچي رهيو هو. مولانا صاحب کي ٻڌندڙن طرفان ڪافي دادُ مليو شايد سندس وڏي ڏاڙهي ڪري يا ماڻهن جي دلين ۾ چُبهندڙ شعر ڪري يا ٻنهي ڳالهين ڪري. پاڻ فرمايائون.

    پهول کهلتا هي تو کهلني دو
    مجھي تهوڙا سا جيني دو
    اپني آپ مين کهويا رها
    اب اس ڪي ياد مين رهني دو

    اي دوست سورج ابهري گا
    ان چراغون ڪو بجهاني دو
    تجهي داستان مل جائي گي
    مجهي مجنون تو بنني دو

    ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي هِڪَ ٻئي سنڌي سينيئر پروفيسر انيس گل صاحب جي شاعريءَ کي به ڪچهري وارن خوب داد ڏنو:

    فڪر کي جا ڳاءِ پيارا
    ڪاهلي پٽ لاهِه پيارا
    پاڻ کان بيزار ڇو آن
    پاڻ کي پرچاءِ پيارا

    انيس صاحب سنڌي ۾ M.A سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي ۽ 1994ع کان وٺي هن ڪاليج ۾ پڙهائي رهيو آهي. سندس هڪ ٻئي نظم جون ڪجهه سٽون آهن:

    روشن جهان جا سارا اهڃاڻ تنهنجي لاءِ،
    تاريڪ، پست راهون مون لاءِ ڇو ڀلا؟
    ڄمندي ئي قرض مون تي، بيماريون، بيوسويون؟
    بڇڙيون بريون بلائون، مون لاءِ ڇو ڀلا؟

    اهو به لکندو هلان ته ڪئڊٽ ڪاليج جو پرنسپال محمد يوسف شيخ جنهن هن مچ ڪچهريءَ جو اهتمام ڪيو، پڻ ادب ۽ شعر و شاعري جو شوقين آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو هو چاهي ٿو ته سندس پروفيسر ۽ شاگرد پڻ ادبَ سان دلچسپي رکن ۽ پاڻ ۾ مطالعي جي عادت پئدا ڪن. ان رات يوسف صاحب به پنهنجو شعر ٻڌايو:

    پنهنجن پاپن ۾ ئي مان پورو
    کامان، پڄران جيئن ڪو کورو
    جھاتي جڏهن به جيءَ ۾ پايان
    پڌرو پسان نفاق نسورو
    لوچان پاڻ نه، پير پڄائي،
    ڪيڏو مون ويساهه آهي ڪوڙو

    ٻين وانگر يوسف صاحب به پنهنجو ٺاهيل اڙدو نظم پڻ ٻڌايو: ان جون آخري ٽي چار سٽون هن ريت آهن:
    دانش سي گو چِڙ هي پهر بهي،
    دانشور ڪهلائين گي هم
    يهي هي يارو چلن همارا
    يهي همارا دين و دهرم هي
    خول چڙها ڪر رکها هم ني
    قائم بس يون اپنا بهرم هي

    هڪ ڳالهه مون محسوس ڪئي ته لاڙڪاڻي جا ماڻهو سنڌي توڙي اڙدو زبان سان پيار ڪن ٿا. هو ان معاملي ۾ فراخ دل آهن ۽ هو سمجھن ٿا ته زبانون پيار ۽ محبت جي علامت آهن. ۽ اهو نه فقط سنڌ جا اصلوڪا باشندا پر پاڪستان ٿيڻ بعد ٻاهرن صوبن کان آيل پڻ سمجھن ٿا ته هڪ ٻئي جي زبان سکڻ ۽ سمجھڻ کپي. ڪئڊٽ ڪاليج ۾ مون سان گڏ لاڙڪاڻي کان آيل ٻه ڀائر خالد دراني ۽ خيام دراني پڙهندا هئا. هو ٻئي ڄڻا بهترين سنڌي ڳالهائيندا هئا. خالد دراني ته سنڌي راڳ ۽ ڪافيون به ڳائيندو هو. ان بعد جهازن جي نوڪريءَ ۾ به منهنجو لاڙڪاڻي جي ٻن شاگردن سان واسطو پيو جيڪي پڻ بهترين سنڌي ڳالهائيندا هئا. هڪ جو نالو هن وقت ياد نه پيو اچي. ٻئي جو نالو سيد اختر زيدي آهي جنهنجو پڦاٽ روشن ضمير سنڌ حڪومت ۾ هوم سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. روشن ضمير سان ڪجهه ماڻهن کي ڀلي اختلاف هجي پر اها حقيقت آهي ته سندس والد ۽ خالد دراني جي والده جيڪي ٽيچنگ پروفيشن ۾ هئا، انهن سنڌ جي شاگردن کي سچي دل سان پڙهايو. اهڙي طرح منهنجي پيٽارو جي دوست جنرل سيد پرويز شاهد جو پيءُ جيڪو شاگرن کي گهرن ۾ وڃي مفت ٽيوشنون پڙهائيندو هو. مون انهن سڀني جو احوال پنهنجي مختلف اڙدو ڪِتابن ۾ تفصيل سان ڏنو آهي.
    اسانجي ٻهراڙين ۾ اهڙا به ماڻهو آهن جن جي جيتوڻيڪ ڪنهن يونيورسٽي مان ايم اي يا Ph.D نه ٿيل آهي پر هو لوڪ ادب، ڏور، ڳجھارتن، مناظرن، پهاڪن، عقلي ڳالهين ۾ ماهر آهن. هو ڏاهن ماڻهن جي صحبت ۾ رهي گهڻو ڪجهه پرائي سگهيا آهن ۽ هنن جو ذهني يادگيرو به اهڙو پختو آهي جو هو ٻين کان ٻڌل ڳالهيون يا پنهنجا ٺاهيل بيت، پروليون ڪلاڪن جا ڪلاڪَ ويهي ٻڌائي سگهن ٿا ۽ اهي اسان وٽ سگهڙ سڏيا وڃن ٿا.
    ان رات مچ ڪچهريءَ ۾ به شاعرن سان گڏ ٽي اهڙا مڪاني سگهڙ موجود هئا جن ڏاهپ جا گفتا ٻڌائي محفل ۾ حاظرين کي محظوظ ڪيو. انهن ۾ هڪ ڏوڪري شهر جو پنجاهه کن ورهن جو روشن ڪوري هو جيڪو ڌنڌي جي لحاظ کان حجام آهي ۽ شامَ جو 2 کان 6 تائين ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگردن جي هيئر ڪٽ ٺاهي ٿو. پاڻ ٻڌايائين ته هن هي ڳالهيون سونهري ڳوٺ جي استاد محمد مريد جَتُ ۽ تر جي ٻين مشهور سگهڙن عبدالله جت، محمد ڇٽل جت، عبدالغفور منگي، رسول بخش ابڙو وغيره کان ٻڌيون.
    روشن ڪوري کان علاوه باقي ٻه ڄڻا موهن جو دڙو جو غلام رسول مڱريو ۽ ٻنڍي ڳوٺ جو ممتاز عباسي هئو. غلام رسول هارپو ڪري ٿو ۽ ممتاز شايد ڪو دڪان هلائي ٿو. هي سڀ سگهڙ PTV ۽ ريڊيو پاڪستان خيرپور ۽ لاڙڪاڻي تي به ايندا رهن ٿا.
    آخر ۾ هڪ راڳي جيڪو عمر ۾ ته 60 کان به وڏو ٿيندو پر سندس سر ۾ ڇا جادو هو! محفل ۾ موجود سڀ پنڊ پهڻ ٿي ويا. سندس آواز ۾ ايڏو ته سوز هو جو هي ڪنهن ڌارئين ملڪ ۾ ڳائي ته سنڌي کان اڻ واقف اتي جا ماڻهو به جھومڻ لڳن جيئن اسان ڪنهن هسپانوي، ايراني يا عرب ڳائڻي کي پسند ڪريون ٿا توڻي کڻي انهن زبانن کان اڻ واقف آهيون. سندس گيڙو رنگ جا ڪپڙا ۽ ڳچيءَ ۾ پاتل رنگين ڳانا به هن کي منفرد بنائي رهيا هئا. مون پنهنجن جپان ۽ ملائيشيا جي دوستن ۽ شاگردن کي ڏيکارڻ لاءِ اٿي سندس ڪجهه فوٽو ڪڍيا ۽ سندس نالو پڇيو. پاڻ ٻڌائين ته سندس نالو عبدالغني مغيري آهي هو ڏوڪري شهر کان آيو آهي.


    طوفانن ۾ جهاز هلائڻ وڏي ڳالهه ناهي....

    سنڌ جي هر شهر ۾ مڙيئي ڪنهن نه ڪنهن اَديب دوست سان منهنجي فون يا اي ميل ذريعي خبر چارَ رهي ٿي. لاڙڪاڻي جو ڪو ڪم هوندو آهي يا ڪنهن اَديبَ يا شاعِرَ بابت يا انهن جي تخليق بابت معلوم ڪرڻو هوندو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ Knowledge سينٽر نالي ٽيوشن سينٽر هلائيندڙ مختيار سمون سان رابطو ڪندو آهيان. هاڻ لاڙڪاڻي ۾ منهنجي اچڻ جو ٻڌي مختيار فون ڪيو ته هڪ ڏينهن هِنَ وَٽ به ترسان ۽ هن جو ناليج سينٽر اسڪول ڏِسان ۽ لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جنهنجو پاڻ سيڪريٽري آهي، ان طرفان گڏجاڻي ۾ پڻ شرڪت ڪريان.
    “مختيار مونکي توهان سان ۽ ٻين ڪيترن واقفڪارن سان ملڻ جو شوق آهي پر آئون سائين يوسف شيخَ جي دعوت تي فقط ٽن چئن ڏينهن لاءِ اچي رهيو آهيان ۽ جيئن ته هن وٽ ئي رهندس ان ڪري آئون اوڏانهن پيو هلندس جيڏانهن هو مونکي وٺي پيو هلندو.” مون کلندي مختيار کي ٻڌايو. دراصل سنڌ جا شهر يورپ يا جَپان، ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ وانگر ته نه آهن پر انڊيا يا ايران وانگر به نه آهن جنهن جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ هر قسم جون هوٽلون هجن، جن ۾ امير توڙي غريب پنهنجي حيثيت آهر رهي سگهي.... جِتي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ لاءِ سواريءَ جو به مسئلو نه هجي. ماڻهو پئسي ۽ وقتَ مُطابق پيا ٽئڪسين، بسين، ريل گاڏين، رڪشائن ذّريعي سفر ڪن. سڀ کان وڏي ڳالهه اسان جي مُلڪَ جي وڏن وڏن شهرن ۾ ته ڇا پر ننڍن ڳوٺن ۾ به امن امان ناهي. دنيا جي ڳوٺن ۾ سڪون ۽ امن جي زندگي هوندي آهي. اسان جي مُلڪـَ ۾، خاص ڪري سنڌ جي ڳوٺن ۾ ته هر ماڻهوَ جو ساهه مٺ ۾ آهي. چوري چڪاري کان علاوه اغوا جون وارداتون ... بيماريون ۽ بي روزگاري ايڏي وڌي وئي آهي جو ڪو ڌاريون ته ڳوٺن جو رُخ نٿو ڪري پر ڪو ڳوٺاڻو شهر ۾ روزگار کي لڳي وڃي ٿو ته هو واپس ڳوٺ موٽڻ جو نالو نٿو کڻي.
    ايران توڙي انڊيا جي جنهن به شهر ۾ ويندو آهيان ته اتي ڪنهن دوست تي بار وجھڻ بدران ڪنهن سستي هوٽل ۾ رهي پوندو آهيان. رات جا چار پهر ته گذارڻا هوندا آهن! جڏهن ٻن اسٽار وارين هوٽلن ۾ به سک، آرام ۽ امن امانُ هجي ته فائو اسٽار هوٽل ۾ ڇو رهجي. ويتر جي سياري جي موسم آهي ته ايئر ڪنڊيشنر يا پنکي جي به ضرورت ناهي. ايران ۾ بک لڳي ته چلو ڪَباب زنده باد ۽ انڊيا ۾ آلو پراٺا...... ڪنهن به دوست جي ماني جي دعوت قبول ڪرڻ معنيٰ وقت جو زيان هڪ طرف ته هن کي تڪليف ۾ وجهڻ ٻي طرف ..... چانهه جي ڪوپَ تي ڪچهري ڪري باقي ٽائيم شهر ۾ چڪر هڻجي. مسجدون، مندر ڏسجن، پليون، چوراها، ميوزيم ڏسجن، تاريخي جايون ۽ پارڪ ڏسجن..... انڊيا ۽ ايران جهڙن ملڪن ۾ به هڪ ڳوٺ کان ٻي ڳوٺ تائين، شهر جي هِڪَ ڪُنڊَ کان ٻي ڪُنڊَ تائين، هر قسمَ جي سواري جام ۽ سستي. ايرانَ ۾ پيٽرول سستو هجڻ ڪري هونءَ ئي ڀاڙو گهٽ آهي پر اڃان به گهٽ خرچ ڪرڻ لاءِ چئن ماڻهن واري ٽئڪسي زنده باد. ايران لاءِ اسان بنا سوچي چئون ٿا ته اتي جي مُلن سختي ڪئي آهي .... عورتون قيد جي زندگي گُذارين ٿيون. پر اسانجي مُلڪَ کان ته هو گهڻو گهڻو لبرل آهي. عورتون مردَ هڪ ئي ٽئڪسي ۾ هڪ ئي بس ۾ سفر پيا ڪن. انڊيا ۽ ايرانَ ۾ سڄي سڄي رات بسون ۽ ٽئڪسيون هڪ شهر کان ٻئي شهر ملڪي ۽ غير ملڪي مسافر پيون ڍوئين. ڪنهن کي ڪو ڊپ ڊاءُ ناهي. هر هِڪَ کي خبر آهي ته قانون سڀني لاءِ آهي ۽ ڏوهاري سزا کان بچي نٿو سگهي. اسان وٽ سنڌ جي ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪولَ جا ٽيچر به پيا اغوا ٿين. عورتون ۽ ٻار تڪ پيا اغوا ٿين .... مسجد مان ٻانگا ۽ نمازي پيا کڄن. اخبارون آهن سي خونن ۽ قتلن سان ڀريون پيون آهن...... دنيا وتي اسان تان کلندي ۽ اسان وتون سيمينار ڪندا ته اسان سنڌي صوفي ماڻهو آهيون .... امن امان پسند ڪريون ٿا.... ڇا دنيا انڌي ۽ ٻوڙي آهي....؟ ٽي وي يا ريڊيو تي خبرون نٿي ٻڌي .... منهنجي خيالَ ۾ روزانو ايترا سنڌي ڌارين هٿان نٿا مرن جيترا پنهنجي سنڌين هٿان مرن ٿا.... پوءِ ڪي قبيلائي جهڳڙن ۾ ته ڪي ڪارو ڪاري ۽ ذاتي دشمنين ۾! ڪي پوليس جي لاڪپن ۾ ته ڪي وڏيرن ڀوتارن جي خانگي جيلن ۾!
    انهن مسئلن ۽ ڳالهين ڪري ڪو غير ملڪي ته اسان وٽ سنڌ ۾ نٿو اچي پر اسان جهڙو سنڌي به لاڙڪاڻي سکر يا جيڪب آباد وڃي ٿو ته ڪو دوست ڳولهي ٿو جيڪو نه رڳو رهائش جو پر پنهنجي سواري ذريعي هِڪَ هنڌَ کان ٻئي هنڌ وَٺي هلي. احمد آباد، بڙودا، جيسلمير، آگري يا مشهد، تبريز، اصفهان، يزد يا انڊيا يا ايران جي ٻين شهرن ۾ اسانجي سنڌ جي شهرن وارا مسئلا نه آهن. اهوئي ته سبب آهي جو مردَ ته ڇا ڇوڪريون به انڊيا، ايران، ملائيشيا، سري لنڪا توڙي دبئي شارجا جهڙن ملڪن ۾ اڪيلي سِر گهمندي نظر اچن ٿيون.
    ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپال محمد يوسف صاحب جڏهن رهائش ۽ هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ ڦرڻ لاءِ پنهنجي ڪار جي آفر ڪئي ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ آئون هِنَ وٽ پهچي ويس. رات جو مچ ڪچهري ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ڪاليج ۾ ليڪچر هليو. شامَ جو سائين لاڙڪاڻي شهر وٺي هليو. شهر جي ٻن ٽن اهم روڊن جو سير ڪرائي هڪ هالا جهڙي ڍڪيل (Covered) بازار ڏيکاريائين. سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ رهندڙ هندو سنڌين کان لاڙڪاڻي جي بِهن، پٻڻن ۽ مڱيرن جون چٽ پٽ ڳالهيون ٻڌندو آيو هوس. هِڪَ هنڌ همراهه گاڏي تي رڌل بِههَ وڪڻي رهيو هو.
    “سائين بِههَ کائجن” مون يوسف صاحب کي چيو پر کين ڳالهه نه وڻي.
    “پوءِ ٿا ڏسون” ٿڌائيءَ مان جواب ڏنائين. دل ۾ چيم ته ڇا به ٿئي واپس موٽڻ مهل بِههَ ۽ مڱيرا ضرور وٺندس. ڊنر بدران اهي کائيندس.
    “سائين ڀلا منهنجو فوٽو ته هن بهن واري سان گڏ ڪڍو.” ڪئميرا سائينءَ کي ڏئي بِهن واري کي ڀاڪر پائي بيٺس. مون ڏٺو ته سائين کي اِها ڳالهه نه وَڻي. خبر ناهي ڇو. مون ته ٽي چار فوٽو ڪڍائڻ ٿي چاهيا پر سائينءَ ٻه ڪڍي چيو “بس هاڻ گهڻا ٿيا”.
    “سائين ڪمال ٿا ڪريو. اڄ جا ڪلاسڪ فوٽو ئي هي آهن جيڪي منهنجا جپان جا دوست ۽ ملائيشيا جا شاگرد ڏِسي حيرت کائيندا.”
    مڱيرن ۽ مٽ دلا وڪڻڻ وارن سان گڏ فوٽو ڪڍرايم پر ڏٺم ته سائينءَ کي مزو نه پئي آيو. پر پوءِ مون محسوس ڪيو ته مونکي ڪو سڃاڻي ڪونه ٿو پر سائين ته ويهن سالن کان هتي آهي ۽ کين هر هڪ ٿي سڃاتو جو هر ايندڙ ويندڙ سائين کي سَلام پئي ڪيو ۽ مٿن حيرت پئي کاڌي ته سائين ڇا پيو ڪري .... وتي هڪ ڏاڙهي واري جا فوٽو ڪڍندو. بعد ۾ مختيار سمي ٻڌايو ته سائين ڊسپلين جو ايڏو سخت آهي جو هو پنهنجن شاگردن کي ته ڇا پر استادن کي به چوندو آهي ته شهر ۾ فضيلت سان هلو. فضيلت سان ڳالهايو ۽ ڪَم سان ڪَمُ رکو. ايتري قدر جو هو چوندو اٿن ته قميص جا ٻيڙا به بند ڪري هلو.... وغيره. بهرحال هڪ نيوي جي آفيسر جي حيثيت ۾ ته صحيح آهي پر هِنَ وقت هتي منهنجي سڃاڻپ هِڪَ ليکڪ يا جرنلسٽ جي آهي .... ۽ هونءَ به زندگي ۾ ڪٿي ڪٿي پاڻ کي ڇڙواڳ رکڻ ۾ به مزو آهي.....
    لازم هي دل ڪي پاس رهي پاسبانِ عقل
    ليڪن ڪبهي اسي تنها بهي ڇهوڙ دي

    “سائين ڀلا ڇا آهي پروگرام؟ ڪيڏانهن هلڻو آهي يا واپس موٽجي؟” منهنجي پڇڻ تي يوسف صاحب هر وقت واچ ۾ ٽائيم ٿي ڏٺو. اسان وري ان مين روڊ تي آياسي جِتي DIG پوليس جو بورڊ لڳل هو. “سائين عبدالخالق شيخ وٽ هلڻ چاهيو ٿا؟” مون پڇيو .... پر سائين لنوائي ويو. مون سوچيو ته هاڻ روڊن تي وقت وڃائڻ کان جيڪڏهن سوڀو گيانچنداڻي سان پنج مِنٽَ به ملاقات ٿي وڃي ته ان کان وڌيڪَ اهم ڳالهه ٿي نٿي سگهي. خبر ناهي سوڀو صاحب پنهنجي ڳوٺ ٻنڊي ۾ رهي ٿو يا لاڙڪاڻي ۾ يا ڪراچي ۾؟ مون سائينءَ کان پڇيو ته ڪيڏانهن جي نه هلڻو آهي ته سوڀو سان ملاقات ٿي سگهندي؟...... اتي هڪ مسجد وٽان لنگهه ٿيو. سائين چيو ته ٻانگ پئي اچي مغرب نماز پڙهي وٺجي. مون کلندي وراڻيو:
    “سائين نمازون روزا چڱا ڪم پر گيانچنداڻي سان ملاقات ڪرڻ به اهم ڳالهه آهي...” سائينءَ ڪو جواب نه ڏنو ۽ مسجد ۾ گهڙي ويو. آئون سمجھي ويس ته ڪِٿي ڪو ڊنر يا ڪنهن فنڪشن جو پروگرام آهي جو سائين نه مونکي ٿو بهه کائڻ ڏي نه مڱيرا، نه مونکي سوڀو سان ٿو ملائي نه ڳوٺ وليداد ٿو وٺي هلي. مَچُ ڪچهريءَ وانگر اوچتي Surprise ڏيڻ ٿو چاهي .... آخر ائين ئي ٿيو. مسجد مان نڪرڻ مهل سائينءَ آخري دفعو واچ ۾ ڏٺو ۽ ڊرائيور کي پوسٽ آفيس روڊ ڏي هلڻ لاءِ چيو. عبداللطيف نظاماڻي واپڊا ليبر هال وٽ اسان لٿاسين ۽ خبر پئي ته اتي لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽوريڪل سوسائٽي وارن منهنجي مانَ ۾ فنڪشن ڪيو آهي. لهڻَ سان کيڪار کڙي ۽ گلن جا هارَ پئجي ويا ۽ اسٽيج تي چيف گيسٽ بڻائي وهاريائون. ماڻهن سان سڄو هال ڀرجي چڪو هو ٻاهر بهن وارو هوڪا ڏئي رهيو هو. دل ۾ چيم ته حق تي سائينءَ مونکي رستي تي بيهي بهه کائڻ کان منع پئي ڪئي نه ته Scene جو تصور ڪريو...... آيل مهمانَ چيف گيسٽ جو انتظار پيا ڪن ۽ چيف گيسٽ مين روڊَ تي آڪٽوپس مڇيءَ جهڙا بهه چشڪا ڏئي پيو کائي. لاڙڪاڻي ۾ گاڏن تي اهي ڳاڙهي رنگَ جا بهن جا ٿالهه ڏسي مونکي هانگ ڪانگ جي رات وارين بازارين ۾ آڪٽوپس مڇيءَ جي ڳترن جا ٿالهه ياد ٿي آيا جن کي ڏسي اسان جي دل ڪچي ٿيندي هئي پر چيني سهڻيون ڇوڪريون چشڪا ڏئي کائينديون هيون. پليٽ خالي ٿيڻ بعد هوڪا دير پنهنجيون آڱريون به پيون چٽينديون هيون.
    مونکي هن فنڪشن ۾ مختيار سمون، انجنيئر عبدالوهاب سهتي، پروفيسر غلام حسين ڪٽپر، پروفيسر عبدالحميد چانڊيو صاحب، خالد چانڊيو، ڊاڪٽر پره سڪينا گاد جن سان ملي خوشي ٿي. سندن قُربَ ۽ خُلوصَ مان اِهو احساس ٿيو ته لکياري (Writer) هن مشيني دور ۾ به عزت لائق سمجھيو وڃي ٿو. هي ماڻهن جا پيارَ هي محبتون ان ڪري نه آهن ته ڪو مون طوفانن ۽ اونداهين راتين ۾ جهازَ هلايا..... نه ان ڪري ته ڪو مون ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ سمنڊَ لتاڙيا..... ۽ نه ان ڪري ته مون ڪو برمودا ٽرئنگل يا بي آف بسڪي کان به خوف نه کاڌو..... پر ان ڪري آهن جو مون ڪجهه وقت قلم هٿ ۾ جھلي پني تي رنڍا روڙيا..... ان ڪري ئي ته آئون نوجوانن کي اِهائي نصيحت ڪندو رهان ٿو ته لکڻ پڙهڻ جهڙي ٻي ڪا وندر نه آهي.....


    هيءَ ڪهڙي سنڌ آهي....!

    لاڙڪاڻي اچڻ کان اڳ مون سمجھيو ته ڳڙهي خُدا بخش جِتي مُلڪَ جي ٻن وزير اعظمن ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ بينظير ڀُٽو جا مقبرا آهن ۽ ڪئڊٽ ڪليج لاڙڪاڻو جِتي منهنجي رهائش جو بندوبست هو، هِڪَ ٻي جي ويجھو هوندا. پر لاڙڪاڻي پهچڻ تي خبر پيئي ته ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو 25 کن ڪلوميٽرن هڪ طرف آهي ته ڳڙهي خدا بخش ايترو ئي فاصلو لاڙڪاڻي جي ٻئي طرف آهي. آچر ڏينهن صبح ساڻ ڪاليج جي پرنسپال محمد يوسف ڊرائيور علي انور سميت پنهنجي ڪار ۽ ڪاليج جو هڪ پروفيسر منير چانڊيو صاحب مون ڏي موڪليو ته آئون پنهنجي مرضي سان ڳڙهي خُدا بخش جوچڪر هڻي اچان.
    نوجوان پروفيسر منير چانڊيو سنڌ جو مشهور شاعر ۽ اَديب پڻ آهي. سنڌي اَدبَ ۾ ناول تمام گهٽ ڇپيا آهن. منير جا ٻئي ڪِتابَ ناول آهن جن مان هڪ “ڪيف ڌاران ڪوئي” روشني پبليڪيشن ٽيون دفعو ڇپيو آهي ۽ ٻيو ناول “تو پڄاڻان” جو پهريون ڇاپو ڪنول پبليڪيشن وارن ڪڍيو ۽ هاڻ ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن ڪڍي رهي آهي. ان کان علاوه سندس ٽيون ڪتاب “بري هن ڀنڀور ۾” ڇپائي هيٺ آهي. منير 8 آڪٽوبر 1982ع تي قمبر ۾ ڄائو جِتان جي شاهه لطيف ڪاليج مان هِنَ مئٽرڪ ۽ انٽر ڪئي. 2006ع ۾ هِنَ سنڌي اَدب ۾ سنڌ يونيورسٽي مان M.A ڪئي. هو 3 سالَ کن ڪنهن NGO ۾ پبليڪيشن آفيسر ٿي رهيو، ان بعد سال کن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ۽ سال کن زيبسٽ انٽرميڊئٽ ڪاليج نوابشاهه ۾ ڪم ڪرڻ بعد 2011ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو Join ڪيو.
    اسان موهن جو دڙو واري پاسي کان لاڙڪاڻو باءِ پاس ذريعي لاڙڪاڻي پهتاسين جِتان پوءِ نئون ديرو روڊ ورتوسين. لاڙڪاڻي ڇڏڻ سان دودائي نالي هِڪ ڳوٺ مان لنگهڻ ٿيو. روڊ تي ٺهيل هڪ ڇاپڙا هوٽل تي ويهي دود پَتي چانهه پيتيسين. ڀر ۾ ٻه پٺاڻ سِنڌي ڳالهائي رهيا هُئا.
    “هن ڳوٺ ۾ لڳي ٿو پٺاڻ رهن ٿا.” مون کانئن پڇيو.
    “نه اسان ڀر واري ڳوٺَ جا آهيون،” هنن ٻڌايو، هن ڳوٺ ۾ سڀ سانگي رهن ٿا ۽ پير پاڳاري جا مُريدَ آهن.” مونکي آمريڪي فوج جو نوجوان آفيسر حنيف سانگي ياد آيو جيڪو ڪجهه سالَ اڳ واشنگٽن ۾ مليو هو ۽ جنهن جو احوال پنهنجي سفرنامي “نيو هالا کان نيو يارڪ” ۾ ڪيو اٿم.... پر منير چانڊيو ٻڌايو ته اهو لاڙڪاڻي ضلعي جو ضرور آهي پر هن جي ڳوٺَ جو نالو “بستار ڏنو سانگي” آهي ۽ سندس والد جو نالو غلام نبي سانگي آهي.
    پٺاڻن مان هِڪَ کان مون پڇيو ته “هن ڳوٺ جي ڪا خاص ڳالهه؟” منهنجو مطلب هو ته هن ڳوٺ جي ڪا مشهور شخصيت يا ڪو ڪارنامو..... جيئن هالا جي جنڊي ۽ ڪاشي آهي، نصرپور جا کير پڙا ۽ شڪارپور جو آچار وغيره....... پر هن ٺهه پهه جواب ڏنو: “سائين هن ڳوٺ جا ماڻهو پراڻي دشمني ۾ هِڪَ ٻئي جا چاليهه خونَ ڪري چڪا آهن.”
    اها پنهنجي جاءِ تي حقيقت کڻي هجي ۽ هن مزدوري ڪندڙ غريب پٺاڻَ کڻي اهو جواب معصوميت ۾ ڏنو هجي پر مونکي خبر ناهي ڇو خراب لڳو. مونکي ائين لڳو ڄڻ هن مونکي گار ڏني هُجي ۽ هُنَ هِنَ ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ نه پر ڄڻ مون ۽ منهنجي خاندانَ لاءِ گهٽ وڌ ڳالهايو هُجي ته تون ههڙو تنهنجا مائٽ ههڙا..... مون سميت اسان سنڌي ماڻهو پنهنجي خلاف ڪا ڳالهه ٻڌي باهه ٿيو وڃون ... پوءِ ڀلي اهو سچ هجي، سڄو جهان ان کان واقف هجي...... چوندا آهن ته جيسين پنهنجين اوڻاين جي ڄاڻَ نه ٿيندي ۽ جيسين انهن کي قبول نه ڪبو تيسين انهن کي rectify ڪرڻ جي ڪيئن سوچَ، همت ۽ غيرت ايندي. اسان رڳو ماضي کوليو ويٺا آهيون .... اسان رڳو تعريف جا نشئي ٿي پيا آهيون..... اسين مهمان نواز قوم آهيون، اسين شريف آهيون، اسين صوفي آهيون، اسين ٻڌ مت جا پيرو آهيون جن لاءِ ماڪوڙي ۽ ٽنڊڻ کي مارڻ به پاپ آهي ...... ۽ پوءِ اخبارون کولي ڏسو ته ڇا سنڌين جا سنڌين تي ظلمَ آهن..... خونريزون، قتل، ڦرون، اغوائون، شراب خوري، ڀنگَ گانجو، جوا، رشوت خوري، دوائن کان کاڌي جي شين ۾ نقليپڻو ۽ ملاوت.... ان ڏينهن سنڌ ٽي وي تان امر جليل به اهو چئي رهيو هو ته ڌاريان ايترا سنڌي نٿا مارين جيترا سنڌي پنهنجن سنڌين کي ٿا مارين.
    منهنجي هِڪَ چيني دوستَ جو انجنيئر پُٽ سنڌ ۾ ڪنهن بين الاقوامي ڪمپني ۾ ڪَمُ ڪَري ٿو جنهن ۾ هِنَ کي سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڃڻو پوي ٿو. هِڪَ ڏينهن مون کانئس سندس پٽ جو احوال پڇيو ته هن کي سنڌ جا ڳوٺَ ڪيئن پيا لڳن. هو جواب ڏيڻ کان ڪيٻائڻ لڳو.
    “پڪ ملائيشيا جي ڳوٺن جهڙا لڳندا هوندس يا ويٽنام، ڪمبوڊيا ۽ چين جهڙا.”
    “نه” هن آخر جواب ڏنو، هو چوي ٿو ته سنڌَ جا ڳوٺَ دنيا جهان جي ڳوٺَن کان نرالا آهن. دنيا جي ڳوٺن ۾ سڪون، امن امان، هڪ ٻئي لاءِ پيار محبت ۽ اعليٰ اخلاق هوندو آهي پر سنڌ ۾ جِتي ڪٿي مارمارا، قتل ۽ خون، بيروزگاري ۽ بيماري، نانگن ۽ ڇتن ڪُتن جا چڪ .... اسپتالون ڊاڪٽرن ۽ دوائن کان خالي .... اسڪولَ ماسترن ۽ شاگردن بنا، مسلمان ٿي ڪري شراب، جوئا ۽ وياج عام آهي، پورهئي ۽ محنت کان ونء وڃڻ، ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ ٺڳيون ۽ اٽڪلبازيون ... ۽ لونڊي بازي عام نظر اچي ٿي. عورت ذات جو ته ڪو قدر ناهي ۽ نه جي حقن جي ته ڪا پرواهه ناهي. جنهن کي وڻي ٿو هو پنهنجي زالَ جو نڪ چپ ڪٽيو ڇڏي. سندس وار ڪوڙي ذليل ڪري ٿو.... ايتري قدر جو عورتن کي باهه ڏني وڃي ٿي مٿائن تيزاب هاريو وڃي ٿو....
    پنهنجي ڌرتي بابت اهي ڳالهيون ٻڌي مون کي هن دوست تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي جيئن اڄ هن پٺاڻ تي آئي..... پر پوءِ محسوس ڪيم ته آئون پنهنجي پنهنجي چيني دوست يا هن غريب پٺاڻ مزور تي ڇو ڪاوڙ ڪري رهيو آهيان ..... اِهي سڀ اُهي ڳالهيون آهن جيڪي اسان روز ڪاوش، عبرت، عوامي آواز ۽ ٻين سنڌي، اڙدو ۽ انگريزي اخبارن ۾ سنڌ بابت پڙهون ٿا. ٽي وي جي مختلف چئنلن تي ٻڌون ۽ ڏسون ٿا... مونکي افسوس ٿيو ته اڄ گهمڻ جي شروعات ئي خراب موڊَ سان ٿي آهي. مون اجايو هڪ غير سنڌي کان سوال پڇيو. پنهنجي موڊ کي بهتر بنائڻ لاءِ ۽ پنهنجو ڌيان سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي تباهي تان هٽائڻ لاءِ هوٽل واري سنڌي مالڪ سان خير عافيت ڪئي ۽ فوٽو ڪڍيومانس.
    “سائين مهمان آهيو؟” هوٽل واري پڇيو.
    “نه هِنَ پَٽَ جو ئي سمجهه”. وراڻيو مانس.
    “اسان جي چانهه وڻي؟” هن پڇيو. چانهه ته واقعي وڻي. ناروي سئيڊن جهڙي سيءَ ۽ ٿڌي هوا ۾ جتي بنا کير ۽ کنڊ جي ڪاري ڪافي به پئي وڻندي هئي .... فقط گرم هجڻ ڪري، ۽ جنهن جي گرمائش هٿن ۽ گلي کي فرحت بخشيندي هئي، اتي هيءَ ڪِريمي ۽ چاش جهڙي مٺي چانهه ڇو نه وڻندي. پر رڳو اوستائين جيسيتائين پيئندا رهياسين. لاڙڪاڻي جي زيرو پد ۽ ان کان لڳندڙ وڌيڪَ ٿڌي هوا ۾ اسين وري ڏڪڻ لڳاسين. هوٽل مان هڪڙا ماڻهو نڪتا پئي ته ٻيا آيا پئي......
    “ڀلا سياري ۾ ته ٿڌ ڪري چانهه ٿا کپايو، اونهاري ۾ جڏهن هِتي ڪاڙهي جهڙي گرمي ٿئي ته پوءِ ڇا کپايو؟” مون هوٽل واري کان پڇيو. مون سمجھيو ته هو جواب ۾ شربت چوندو يا چوندو ته اونهاري ۾ هو هن هوٽل کي بند رکندو آهي. پر جواب ۾ چيائين:
    “سائين ساڳي چانهه!”
    اهو ٻڌي مونکي حيرت ٿي ۽ پڪ لاءِ پڇيومانس:
    “پوءِ ڀلا ماڻهو چانهه لاءِ اچن؟”
    هوٽل واري طعني واري اندازَ ۾ چيو:
    “سائين اسانجا سنڌي چانهه ۽ هوٽل ۾ وقت وڃائڻ جا اهڙا عادي ٿي چڪا آهن جو هو ڀلي دوزخ جهڙي باهه ۾ هُجن ته به هنن کي هوٽلن ۾ کٽولا ڇنڻا آهن ۽ چانهه تي پئسو وڃائڻو آهي.” مونکي ۽ مون جهڙي حساس اديب منير چانڊيو کي لڳي ته اها ڳالهه به خراب پر ظاهري طرح اسان ڏند ڪڍي کلڻ لڳاسين ۽ اچي ڪارِ ۾ ويٺاسين. منير چيو ته ڇا ڪجي سائين اسان سنڌين کي ان چانهه ۽ هوٽل ڪلچر به ماري رکيو آهي. ڊرائيور علي انور پتوجي چرچو ٻڌايو ته ٻه سنڌي نيڪ ڪم ڪرڻ ڪري جنتَ ۾ اُماڻيا ويا. ٻن ڏينهن بعد هنن کي ملائڪن ڏاڍي مار ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو .... اُهو ان ڪري جو هنن کان جڏهن ملائڪن پڇيو ته “ڪريو خبر جنت ۾ مزو اچي پيو يا نه؟”
    ته هنن وراڻيو ته “ٻيو سڀ سُکُ آهي پر هتي ڪا هڪ به هوٽل ٻوٽل ڪانهي جتي ويهي چانهه پيئون ۽ وقت پاس ڪريون.”


    زيتونن جو شهر ماهوٽا......

    دنيا جي ملڪن جي ڳوٺن جا نالا هونءَ به ڌارين کي اچارڻ ۾ ڏکيا ۽ غير رومانوي لڳندا آهن پر ڪي ڪي ملڪ، خاص ڪري جرمني، ناروي، سئيڊن ۽ ڪجهه آفريڪي ملڪ اهڙا آهن جن جي ڳوٺن جا نالا هيڪاندا ڏکيا آهن ۽ آئون اهڙا نالا، انهن ملڪن ۾ رهڻ دوران هميشه پني تي لکي هلندو آهيان جيئن اُچارڻ بنا بس يا ٽئڪسي ڊرائيور کي پنو ڏيکاري اتي پهچي وڃان. ائين ته اسان جي سنڌ جي ڳوٺن جا نالا به ڪي گهٽ آسان ناهن ۽ انگريز راڄ ۾ گورن کي اهي اچاريندي چڱو ڳاٽي ۾ سور پوندو هوندو ..... جيئن ته: راڄو خاناڻي، ڳوٺ ڪرم خان ڪانڌڙو، ميانداد چنجڻي، نٽ ڳورائو، ڌڱاڻو بوزدار، اوٻاوڙو، گپچاڻي، تيڪڻو واهه، ڳوٺ مولوي حضور بخش گشڪوري وغيره. پر هن پاسي يعني لاڙڪاڻي جي ڳوٺن جا نالا مونکي مختلف ۽ ررومانٽڪ ئي لڳن ٿا. ميڊيٽرينين (ڀؤنچ) سمنڊ جي بندرگاهن ۽ ٻيٽن جي نالن: مالٽا، سيوٽا، الميريا، قبرص، جبرالٽر، قرطبا، غرناطا وانگر ڪجهه ڪجهه عربي ۽ يوناني اسٽائيل جا لڳن ٿا: ماهوٽا، باقراڻي، مشوري، آريجا، وڪڙو، اوٺا، ڏوڪري.... وغيره.
    مالٽا ڀؤنچ سمنڊ جي وچ ۾ يورپي ملڪ آهي جِتي 870 کان 1091ع تائين اسلام مذهب رهيو ۽ زِبانَ به عربي رهي. اڄ به مالٽا جي مڪاني زِبان ۾ اڌ کان وڌيڪَ لفظ عربي جا آهن. هن وقت هڪ لفظ حليب ياد اچي رهيو آهي. مالٽا ۾ کير کي حليب سڏين ۽ هِڪَ شهر جو نالو آهي هجر قم. مالٽي زبان ۾ به هجر جي معنيٰ پٿر آهي. اهڙي طرح مالٽا جا ماڻهو ٻيٽ کي جزيره ۽ قلعي کي قالا ۽ غار کي غار سڏين. عربي جو مشهورجاگرافر الادريسي مالٽا ۾ رهيو ۽ “الڪتاب الروجزي” نالي ڪِتاب لکيو. هِنَ وقت اسين ماهوٽا ڏي وڃي رهيا آهيون جنهن جو نالو ٻڌي يورپ جو ٻيٽ مالٽا ياد اچي ويو. لبنان جي شهر بيروت مان نڪري اسپين جي شهر بارسلونا يا مئڊرڊ پهچڻ کان اڳ ڏينهن اڌ لاءِ اسان هميشه مالٽا ۾ ترسي جهازَ لاءِ تيل پاڻي ۽ جهاز هلائيندڙن لاءِ کاڌو خوراڪ وٺندا هئاسين. اسان جي ڏينهن ۾ يعني 1978ع ڌاري اسان جي اڳيان مالٽا ۾ ورلڊ اسلامڪ ڪال سوسائٽي طرفان مسجد ٺهي ۽ لبيا حڪومت طرفان هڪ اسلامي اسڪول پڻ.....
    جيتوڻيڪ ڪو زمانو هو يعني الادريسي وارن ڏينهن ۾، هتي ڪيتريون ئي مسجدون ۽ مدرسا هئا يعني نائين صدي جي آخر ڌاري .... جڏهن اٽلي جو صوبو سسلي عربن جي قبضي ۾ اچي ويو هو. بعد ۾ مالٽا وري يورپي عيسائين حوالي ٿي ويو جن مسلمانن کي تيرهن صدي تائين مذهب جي آزادي ڏني ان بعد اسپين وانگر مسلمانن تي سختي ڪئي وئي ۽ کين هِتان لڏايو ويو. اڄ به اٽلي ۽ اسپين جا ڪيترا شهر عربن جي يادِ ڏيارين ٿا. اسپين جي گاديءَ جو شهر به اصل عربي نالو المجريط هو جيڪو بعد ۾ مئڊرڊ سڏيو ويو. اڄ وارو ڪاردوبا عربن جي دور حڪومت ۾ قرطبه هو، گرناڊا غرناطا هو، جبرالٽر جبل الطارق هو، Albacete شهر ۽ صوبو عربي زِبانَ جي لفظ البسيط (ميدان) مان نڪتو آهي. Algeciras شهر ۽ بندرگاهه جيڪو اسپين جي ڪئڊيز (Cadiz) صوبي ۾ آهي دراصل الجزيرة الخضراء يعني سائي ٻيٽَ جي نالي سان سڏيو ويو ٿي.
    لاڙڪاڻو ڇڏڻ بعد يڪدم دودائي ڳوٺ اچي ٿو ان بعد ريڊيو پاڪستان ۽ پوءِ چوهڙپور نالي هڪڙو ڳوٺ آهي جنهن جي يقينن سنڌ جي مشهور راڳي عابده پروين ڪري وڏي اهميت چئي سگهجي ٿي. عابده 20 فيبروري 1958ع تي جنم ورتو. سندس والد غلام حيدر موسيقي جو ماهر هو ۽ سندس والده مائي ممتاز بيگم هڪ سٺي فنڪاره هئي جن کان هن ابتدائي سکيا ورتي بعد ۾ محمد جمن سندس گهڻي رهنمائي ڪئي. ريڊيو پاڪستان جو مشهور پروڊيوسر مرحوم غلام حسين شيخ (وفات 8 ڊسمبر 1994ع) سندس خاوند پڻ عابده کي عروج تي پهچائڻ ۾ محنت ڪئي. آئون نٿو سمجھان ته عابده جي پايي جو سڄي ملڪَ ۾ ڪو راڳي هوندو. پاڻ سنڌ جي اُمِ ڪُلثوم سڏي وڃي ٿي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو نصير مرزا ٻڌائيندو آهي ته عابده پروين 1973ع ۾ ريڊيو تان ڳائڻ شروع ڪيو ۽ سندس پهرين ڪافي هئي:
    تنهنجي زلفَن جي بند ڪمندَ وِڌا
    مستان هزارين مان نه رڳو..........

    اسان کي نئون ديرو وڃڻو هو جِتان پوءِ ڳڙهي خدا بخش جتي ڀُٽو فئملي جي شهيدن جون قبرون آهن. نئون ديري کان پهرين مٿي ذڪر ڪيل شهر ماهوٽا اچي ٿو ۽ جيڪو نالو ڪجهه ڪجهه يوناني لڳي ٿو. ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته 330 قبل مسيح ۾ جڏهن يونان جو جنگي جوان سڪندر اعظم هن طرف آيو هو ته هن جو هن شهر ماهوٽا مان به لنگهه ٿيو هو جنهن جو ذڪر عطا محمد ڀنڀري جي ڪِتابَ ۾ به پڙهيو اٿم. پاڪستان کان اڳ هن شهر ۾ جِتي انگريزن ريلوي اسٽيشن به ٺهرائي، لڳي ٿو ته ڪيترائي پڙهيل ڳڙهيل هندو به رهيا ٿي. ممبئي يونيورسٽي ۾ ليڪچر دوران جڏهن مون سنڌي شاگردن کان پڇيو ته هنن جا وڏا ڪِٿان آيا ته هڪ ڇوڪريءَ ماهوٽا ٻُڌايو هو ته اهو شڪارپور جو ڳوٺ آهي. ان وقت مون سوچيو هو ته هوءَ ڪا ڀلي آهي جو اهو نالو منهنجو به ان وقت تائين ٻڌل نه هو .... پرهاڻ سمجھان ٿو ته هن جو مطلب هن شهر ماهوٽا سان هوندو جِتان سندس ڏاڏو ورهاڱي کان به گهڻو اڳ ڪولمبو هليو ويو هو جِتان پوءِ هو لڏي مدراس آيا ۽ هاڻ ممبئي ۾ رهن ٿا.
    سنڌيءَ جي مشهور اَديب لڇمڻ ڀاٽيا هڪ ڏينهن ٻڌايو ته هن کي سنگاپور۾ هـِڪَ سنڌي ڇوڪري ملي جنهن ٻُڌايو ته هن جا وڏا سنڌ جي اٽلي ڳوٺ کان آيا هئا.
    “پر سنڌ ته ڇا سڄي ايشيا ۾ اٽلي نالي نه ڪوئي شهر آهي نه ڪو ملڪ. اٽلي ته ڏکڻ يورپ ۾ آهي.” لڇمڻ ڪومل کيس چيو ..... پر پوءِ ان بعد هن ڇوڪريءَ جي پيءُ کان خبر پيئي ته اهي سنڌ جي ڳوٺ ٽلٽي کان آيا هئا. سو يارو اسان جي ڪن شهرن ۽ ڳوٺن جا نالا ڪجهه ڪجهه يورپي به لڳن ٿا.
    مون سان گڏ سفر ڪندڙ منير چانڊئي چيو ته هن ڳوٺ ماهوٽا جا دنيا ۾ زيتون مشهور آهن جيئن سنڌ جي ڪنري شهر جا مِرچَ بصري ۽ بلخ کان سمرقند بخارا تائين وڪامن ٿا.
    مونکي لڳي ٿو ته سنڌ جو هِڪُ ٻيو اَديب لعل پشپ جو به هن شهر ماهوٽا سان واسطو هو. بهرحال ٻئي ڪنهن جو هجي يا نه پر اسان جي ميزبان محمد يوسف شيخ جو جنم هن شهر ماهوٽا ۾ ٿيو. منير چانڊيو کي چيم ته واپسي تي ماهوٽا ترسي زيتون خريد ڪنداسين....


    خبر پيئي ته هي ڪيهرن جو ڳوٺ آهي.... ..

    نئون ديرو پهچڻ کان ٿورڙو اڳ NHA وارن طرفان رستي تي لڳل وڏو بورڊ ڏسي )جنهن تي نئون ديرو ۽ ڳڙهي خُدا بخش شهرن جي رهنمائي تير ذريعي ڏيکاريل آهي)، منهنجي دل ان اڳيان بيهي فوٽو ڪڍائڻ تي چيو. مختلف ملڪن ۾ رستن تي ان قسمَ جا بورڊَ ڏسي فوٽو ڪڍائڻ جو مونکي به وڏو شوق آهي. هڪ دفعي ملاڪا ۾ رهندڙ ميرپور خاص جي ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر کلندي پڇيو ته ان بورڊَ اڳيان ڇو؟
    “ان ڪري جو اهڙن فوٽن لاءِ Caption لکڻ جي ضرورت نٿي پوي. فوٽو ڏسندڙ ڪئالا لمپور يا جوهوربارو شهرن جا نالا پڙهي سمجھي وڃن ٿا ته اسان ملائيشيا ۾ آهيون. اهڙي طرح نئون ديرو ۽ ڳڙهي خُدا بخش جا نالا پڙهي منهنجا ڌارين ملڪن جا دوستَ سمجھي ويندا ته سنڌ، بقول هِڪَ بنگالي تراني جي سنڌ رُڳو ڌوڙ ۽ صحرا نه آهي پر سنڌ جو سيارو يورپ جي اونهاري وانگر سهڻو ۽ ساوڪ وارو پڻ آهي. منير کي چيم ته جلدي جلدي فوٽو ڪڍ ته اڳتي وڌون. سائين يوسف ته پيو سمجھندو هوندو ته اسان ڪو موٽڻ وارا آهيون.
    منير فوٽو ڪڍي رهيو هو ته هڪ ڪار جيڪا تيزي سان اڳتي وڌي وئي ۽ پوءِ يڪدم بريڪون هڻي رورس گيئر ۾ پٺيان پٺيان موٽي اچي اسان وٽ بيٺي. “سائين الطاف شيخ آهيو نه؟” ڪار مان لٿل پيءُ پٽ هِڪَ آوازَ ۾ پڇيو.
    “اسان توهانجا ڪِتابَ پڙهندا آهيو ۽ توهانجا فوٽو ڏسي توهان کي سڃاتوسين.”
    هو ڇا چوندا آهن ته هيءَ هِڪَ ننڍڙي دنيا آهي. مشتاق شيخ جيڪو لاڙڪاڻي ۾ نئشنل بئنڪ جو سينيئر وائيس پريزيڊنٽ ۽ ريجنل هيڊ آهي منهنجي دوست مختيار شيخ جو ڀيڻويو ۽ سالو به ٿئي ۽ ساڳي وقت خيرپور جي سفير ظفر شيخ جي گهر واري ادي رضيه جو ڪزن به ٿئي. ساڻس گڏ سندس پٽ خالد هو جنهن ڪراچيءَ جي سر سيد يونيورسٽيءَ مان بايو ميڊيڪل ۾ انجنيئرنگ ڪئي آهي ۽ هاڻ لاڙڪاڻي جي انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر سائنسز ۾ ڪم ڪري ٿو.
    گذريل صديءَ جي سٺ واري ڏهي ۾ مون جڏهن سامونڊي نوڪري جي شروعات ڪئي هئي ته پاڻي جي جهازن ذريعي دنيا جي مختلف بندرگاهن ۽ ٻيٽن تي پهچي مونکي حيرت ٿي ته جتي ڪٿي سنڌي هندو واپاري ۽ پڙهيل ڳڙهيل نظر آيا جيڪي هندستان جي ورهاڱي وقت يا ان کان به گهڻو اڳ سنڌ ڇڏي اتي پهتا هئا. ان وقت سنڌي مسلمانن ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ اعليٰ تعليم يافته هو. حيرت ٿيندي هئي ته اسان وٽ تعليم ڪڏهن ايندي. هندو سنڌين جي به ڪجهه اِها Speculation هئي ته هنن بنا هي نئون ملڪ پاڪستان ڪيئن هلندو. پر پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي اسان جا ماڻهو مختلف ادارن ۾ اچڻ شروع ٿي ويا. هينئر ته سنڌ جي هر ذات جو ماڻهو نظر اچي ٿو پر مون اهو ڏٺو ته اوائلي سالن ۾ لاڙڪاڻي، خيرپور ۽ شڪارپور پاسي جا شيخَ، ۽ حيدرآباد ۽ نوابشاهه پاسي جا ميمڻ ڪميونٽي جا ماڻهو تعليم جي معاملي ۾ تمام گهڻو اڳتي اچي ويا. يا اهو عجيب اتفاق هجي ته ڌارين ملڪن ۾ مونکي انهن ذاتين جا ماڻهو گهڻا نظر آيا. 1973ع ڌاري ٽوڪيو ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ظفر شيخ سان ملاقات ٿي. اڳتي هلي مون ڏٺو ته هِنَ جا ڀائِرَ، ڀائٽيا، ڀاڻيجا ۽ سوٽ ماسات به CSS جا امتحان پاس ڪندا ويا. ٻيو نه ته عورتون مرد ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿي ڪراچيءَ ۽ اسلام آباد کان ڌارين ملڪن ۾ نوڪريون ڪرڻ لڳا.
    لاڙڪاڻي جي مشتاق شيخ جنهن 1980ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي مان ايڪانامڪس جي مٿاهين پوزيشن ۾ M.A ڪئي تنهن کان پڇيم ته کين تعليمَ جو شوق ڪيئن ٿيو ته هن ٻڌايو ته هن جو والد صاحب حسن الله شيخ به پڙهيل ڳـڙهيل هو. هو ايئرپورٽ ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ڊائريڪٽر هجڻ ڪري ڪراچي رهندو هو.... ان ڪري مشتاق ۽ سندس ڀائر ڀينرن جي تعليمَ ڪراچي مان ٿي. مشتاق وارا پاڻَ ۾ ڇهه ڀائر آهن. وڏو پاڻ آهي ان بعد ڊاڪٽر فاروق واپڊا ۾ آهي، خليل ايگزيڪيوٽو انجنيئر آهي، جاويد ميزان بئنڪ ۾، نويد MSc ڪرڻ بعد بزنيس ۾ آهي ۽ ننڍو نديم آهي.
    مشتاق ٻڌايو ته هو پيرن جي ڳوٺ ۾ اتي جي هِڪَ زميندار سراج راشدي سان ملڻ وڃي رهيو آهي جنهن چينَ مان چيري ٽماٽا (ننڍا گول ٽماٽا) ڪونڊين ۾پوکڻَ جي ٽيڪنالاجي سکي آيو آهي جنهن کان ڪجهه چڪيون ۽ خريد ڪرڻ پيو وڃان. اسان کي هِنَ ساڻس گڏ هلڻ ۽ سراج راشدي سانِ ملڻ لاءِ چيو پر اسان کي وقت نه هو. البت اها مونکي حيرت ٿي ته پير جو ڳوٺ ته خيرپور ۾ آهي هي ڪهڙي پير ڳوٺ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي! موڪلائڻ بعد ڪار ۾ اچي ويٺاسين ته منير چانڊئي ٻڌايو ته “خيرپور وارو پير جو ڳوٺ پير پاڳارو ۽ ان جي خاندانَ جو آهي. پر راشدي گهراڻي جا ڪيترائي پير هِتي نئون ديرو جي به آسپاس رهن ٿا جيڪي سڀ پيرن جا ڳوٺ سڏجن ٿا.” پوءِ مونکي ياد آيو ته اسانجو ذوالفقار راشدي جو به ته هِنَ پير ڳوٺ سان واسطو هو جنهن کي هو شاهه جو ڳوٺ به سڏيندو هو. ذوالفقار راشدي ولد سيد محمد امام شاهه راشدي اسان کان 6 سالَ کن وڏو هو. هِنَ جي ڪِرت جيتوڻيڪ زمينداري هئي پر هو علمي ۽ ادبي ماحول ۾ ڄائو، پڙهيو ۽ وڏو ٿيو ۽ معروف شاعر، اديب ۽ صحافي ٿي گذريو آهي. پاڻ لاڙڪاڻي مان هفتيوار اخبار “هاري” ۽ ان بعد هفتيوار رسالو “مذهب انسانيت” جاري ڪيائين سندس شعري مجموعو “سوچَ کي لوچَ” ۽ هڪ ٻيو ڪِتاب “ڪسوٽي” شايع ٿيل آهن. 51 ورهين جي ڄمارَ ۾ سندس وفاتَ ٿي.
    علي محمد راشدي ۽ حسام الدين راشدي صاحب جن جو به هن تَرَ سان واسطو هو. سندن ڳوٺ جو نالو بهمڻ آهي جيڪو پڻ راشدي پيرن جو ڳوٺ سڏجي ٿو. سنڌ جي مشهور پڙهيل ڳڙهيل خاتون مئڊم مهتاب راشدي جيڪا سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري ٿي رهي ۽ پاڻ ريڊيو، ٽي وي جي مشهور ڪمپيئر، سنڌ جي ثقافت جي ڄاڻو، تعليمي ماهر ۽ ليکڪا به آهي ان جي گهر واري اڪبر راشدي جو تعلق پڻ هنن ڳوٺن يعني راشدي پيرن جي ڳوٺن سان آهي.
    نئون ديرو وارو رستو وٺي اڳتي هليو وڃجي ته وڃي مديجي کان نڪرجي جتان پوءِ سکر اچي ٿو. لاڙڪاڻي کان جي ٽرين ۾ چڙهجي ته اها به لاڙڪاڻي بعد ماهوٽا مان ٿي نئون ديرو اچي ٿي جِتان پوءِ رُڪ اسٽيشن اچي ٿي. ڳڙهي خُدا بخش وڃڻ لاءِ نئون ديرو کان کاٻي پاسي رستو وڃي ٿو جيڪو ڪئنال روڊ ٽپڻ بعد ڳڙهي خدا بخش پهچي ٿو. نئون ديرو بس اسٽاپ تي سياسي ليڊرن جا وڏا پوسٽر ڏسي آئون ڪار مان لٿس ۽ ڪجهه تصويرون ڪڍڻ لڳس. ٻه چار همراهه جيڪي ڪمدارَ ۽ منشي نموني جا ٿي لڳا روڊ جي ڪپر تي بيٺا هئا. مون به سنڌي ڳالهائڻ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ ساڻن زوريءَ سلام دعا ڪري پڇيو ته ڪيڏانهن ٿا وڃو؟
    “سائين وڃو نه پيا پر پنهنجي رئيس جو انتظار ڪري رهيا آهيون.” هنن وراڻيو.
    “ڪهڙي رئيس جو؟” پڙهائي ۽ نوڪري ڪري جيتوڻيڪ آئون سنڌ ۾ گهڻو نه رهيو آهيان.
    منهنجي تقريبن سڄي عمر ٻاهر گذري آهي پر ولايت ۾ رهي به مون سنڌ جي ماڻهن جي ڪافي ڄاڻَ رکي آهي ۽ وقت به وقت وڌائڻ لاءِ ان قسمَ جا سَوالَ ڪندو رهندو آهيان.
    “سائين رضوان ڪيهر صاحب.” هنن ٻڌايو.
    “ممتاز ڀَٽي صاحب جو ناٺي؟” مون پڪ ڪرڻ چاهي.
    “جي ها سائين.”
    “خير ۾ اچي پيو؟” مون پڇيو.
    “هي ڀر وارو ڪيهرن جو ڳوٺ سندس ئي ته آهي.” هنن جواب ڏنو ۽ مونکي اهو معلوم ڪري بيحد خوشي ۽ حيرت ٿي. دل ۾ سوچيم ته واقعي هيءَ دنيا بيحد ننڍڙي آهي. ڪيتريون ڳالهيون جيڪي خوابَ گُمان به نه هونديون آهن اهي اوچتو ٿي وينديون آهن. منهنجي رضوان ڪيهر سان ته فقط هڪ دفعو مرحوم قمر شهباز جي گهر ملاقات ٿي هئي سا به ويهارو کن سالَ اڳ. پر سندس وڏي ڀاءُ عدنان سان ڪيترائي دفعا آمريڪا ۾ ملاقات ٿيندي رهي ۽ هاڻ به ڪراچيءَ ۾ جنهن علائقي ۾ آئون رهان ٿو عدنانَ جو گهر به اتي ٻن ٽن گهٽين جي فاصلي تي آهي ۽ اسان جي مسجد ۾ تقريباً روز ملاقات ٿيندي آهي. هو مونکي هميشه سندن ڳوٺ گهمڻ لاءِ چوندو رهندو آهي پر آئون اهو سوچي ته منهنجو خبر ناهي ڪڏهن اندروني سنڌ ۾ وڃڻ ٿئي، آئون کانئس اهو به نه پڇندو هوس ته تنهنجو ڳوٺ ڪهڙي ضلعي ۾ آهي! ۽ آئون اوچتو ان ڳوٺَ ۾ بيٺو آهيان ۽ ڪمدار سندس اوطاق/بنگلي ڏي اشارو ڪري چئي رهيو آهي ته عدنان به هِتي اچي رهندو آهي ۽ توهان ماني کائي پوءِ وڃو. مونکي سندس ڳوٺ جي Situation ڏاڍي وڻي. ٻن ٽن ڏينهن بعد جڏهن ڪراچي آيس ته عدنان ٽپهري جي نماز بعد مونکان پڇيو ته آئون ڪيڏانهن گم ٿي ويو هوس.
    “اسلام آباد يا ملائيشيا هليو ويو هئين ڇا؟” هِنَ پڇيو.
    مون ٽهڪ ڏيندي چيومانس ته جيڪڏهن توکي چوندس ته آئون تنهنجي ڳوٺَ مان ٿيو پيو اچان ته تون چوندين ته آئون شايد چور پڪڙڻ واري جادوئي مَٽَ ۾ منهن وجھي تنهنجي ڳوٺَ ۽ اوطاقَ جو سير ڪري آيو آهيان .... پوءِ ساڻس سڄو احوال ڪيم ته لاڙڪاڻي ليڪچر ڏيڻ ويو هوس. تڏهن به اعتبار نه پئي آيس پر چڱو جو سندن ڪمدار منشي جا فوٽو ڪڍي آيو هوس. اهي ڏسڻ سان کيس ڏاڍي کل آئي ۽ حيرت پڻ ٿي.
    ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهڻ ڪري ۽ مختلف ملڪن ۾ رهڻ ڪري منهنجي سنڌ جي ڪيترن ئي پيرن، ميرن، وڏيرن، سردارن ۽ سياستدانن ۽ انهن جي اولاد سان ملاقات ٿي هوندي. مونکي عدنان ڪيهر سڀ ۾ نرالو ۽ منفرد لڳندو آهي. هو نه رڳو پڙهيل ڳڙهيل پر Thorough Gentleman آهي. ڪيترن سالن کان هن کي ڏسندو اچان ته هو غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ نهٺائي ۽ نئڙت وارو آهي. هي پهريون وڏيرو ڏٺو اٿم جو ولائت ۾ رهڻ جي باوجود شراب نٿو پيئي ۽ پنجَ وقت نمازي آهي. وڏو زميندار هجڻ جي باوجود بنهه سادگي ۾ هلي ٿو. عدنان فائننس ۽ اڪائونٽس جو شاگرد آهي ۽ هن MBA ۽ ٻي سموري تعليمَ آمريڪا مان حاصل ڪئي.
    منهنجي ساڻس پهرين ملاقات 1974ع ڌاري آمريڪا ۾ ٿي. پاڻَ اٽڪل 16 سال آمريڪا ۾ رهيو ۽ آمريڪا جي مشهور سنڌي ائسوسيئيشن SANA جي شروعاتي ميمبرن مان آهي.
    عدنان 1957ع ۾ جون جي مهني ۾ ڊاڪٽر بشير احمد ڪيهر جي گهر ۾ جنم ورتو. سنڌ جو مشهور سياستدان غلام رسول ڪيهر سندس ڏاڏو ۽ وڏيرو بشير خان ڪيهر پڙ ڏاڏو آهي. خانصاحب غلام رسول ڪيهر سنڌ جي چوٿين اسيمبلي (12 سيپٽمبر 1953ع کان 26 مارچ 1955ع) جو ميمبر ٿي رهيو. ان بعد ذوالفقار علي ڀٽو مرحوم جي ڏينهن ۾ مئي 1972ع کان مارچ 1977ع تائين سنڌ اسيمبلي جو unopposed ميمبر ۽ اسپيڪر ٿي رهيو.
    رضوان احمد ڪيهر عدنان ڪيهر جو وڏو ڀاءُ، اڄ ڪلهه ڪيهر قبيلي جو سردار آهي. رضوان جي شادي سردار ممتاز ڀٽو جي گهران ٿي آهي ۽ عدنان جو ٽيون ۽ ننڍو ڀاءُ عبدالسميع ڪيهر جيڪو بئنڪر آهي رئيس غلام مجتبيٰ جتوئي جو ناٺي آهي. سندس هڪ ڀيڻَ اسان جي پيٽارو جي ڪِلاس ميٽ محمد عالم هاليپوٽي جي ننڍي ڀاءُ ڊاڪٽر منظور هاليپوٽي جي گهر واري آهي ته ٻي ڀيڻَ بئريسٽر (رٽائرڊ جج) فرخ ضيا شيخ جي زالَ آهي. عدنان جي ناناڻي پاسي به سڀ اعليٰ تعليم يافته ۽ مشهور سياستدان آهن. شڪارپور جو حاجي مولا بخش سومرو سندس نانو ۽ الاهي بخش سومرو مامو ٿئي...... هِڪَ ئي وقت سنڌ جي ڪيترن ئي سياستدانن کي گڏ ڪچهري ڪندي ۽ ماني کائيندي مون عدنان جي گهر ڏٺو آهي. عدنانَ جي وڏي ڀاءُ سردار رضوان هن ڀيري پهريون دفعو سياست ۾ حصو ورتو. هو36 PS- واري صوبائي سيٽ تان اميدوار هو پر ڪاميابي حاصل ڪري نه سگهيو.
    سنڌ جي مشهور سياستدان ۽ ليکڪ پير علي محمد راشدي صاحب به پنهنجي مشهورَ ڪِتاب “اهي ڏينهن اهي شينهن” ۾ هن خاندانَ جو ذڪر ڪيو آهي. پاڻَ عدنان جي پڙڏاڏي وڏيري شير خان ڪيهر لاءِ لکي ٿو ته:
    “نئين ديري کان لاڙڪاڻي ڏانهن روانو ٿبو ته رستي ۾ ڪيهرن جو شهر ايندو. پراڻي گهاڙ واهه جي قَريب، وڻراهه جي وِچَ ۾، وسيل ۽ متل. شهر جو وڏيرو ان زماني ۾ مرحُوم شير خان ڪيهر هوندو هو. بزرگانه صورت ۽ سيرت، سفيد سُنهاري چاپهين، جسم ۾ ڀريل. سواري ڇڪڙي جي پسند ڪندو هو، جنهن ۾ چڙهي ماهوٽن تائين ايندو هو، ۽ اتان ريلَ ۾ سوار ٿي لاڙڪاڻي ويندو هو.
    “ان خاندانَ جو علم ۽ پيري فقيريءَ سان گهڻو واسطو رهندو آيو. خليفو محمد پناهه مرحوم پير صاحب پاڳارن جو هِڪُ نالي وارو خليفو ٿي گذريو هو، جنهن جي عِلم دوستيءَ جون پڻ گهڻيون روايتون پيون ٻڌبيون هيون. مرحُوم شير خان، نئين زماني جون ضرورتون محسوس ڪندي، پنهنجي پُٽَ غلام رسول خان کي اعليٰ انگريزي تعليم ڏياري، سرڪاري ملازمت ۾ داخل ڪرايو. غلام رسول خان مختيار ڪاريءَ مان ترقي ڪري ڪليڪٽر بڻيو. اتان رٽائر ڪري سياست ۾ آيو، جِتي مون سان (علي محمد راشدي صاحب سان) گڏ وزير ٿي رهيو. اهڙا بااخلاق، باوفا ۽ با اصول پٽ مرحوم شير خان جهڙن ديندار ۽ نيڪوڪار پيئن کي ئي قدرت طرفان عطا ٿي سگهيا ٿي.....ـ”


    ٻج بنا ميوو

    منهنجي ميزبان ناول نگار منير چانڊيو کي چيم ته هاڻ سڌو ڳڙهي خدا بخش هلڻ کپي. سائين يوسف شيخ صاحب پنهنجا ڪَمَ ڪار ڇڏي پنهنجي ڪار ڏني ته ڀٽو فئملي جي مزارَ تي وڃي فاتح پڙهي اچو يا هِڪَ هِڪَ ڳوٺَ ۾ بيهي فوٽو ڪڍرايو ۽ ڪچهري ڪريو.
    نئون ديرو کان ڳڙهي خدا بخش فقط ٽي چار ڪلو ميٽر فاصلي تي آهي ۽ ان لاءِ کاٻي پاسي الڳ رستو ڦٽي ٿو. اسان ڏهن منٽن اندر اچي ٽن قبن واري سفيد رنگ جي مزار وَٽِ پهتاسين. مزارَ جي چوڌاري ڪافي وڏو اڱڻ آهي جِتي هزارين ماڻهو گڏ ٿي سگهن ٿا. اهم ڏينهن تي يا پيپلس پارٽي جي جلسن ۾ هي سڄو ڪورٽ يارڊ ڀرجي ويندو هوندو بلڪه ٻاهر به پري پري تائين ماڻهن جا انبوهه نظر ايندا هوندا. هي ڪجهه هزار ماڻهن جي آدمشماري جو ڳوٺ اهم ڏينهن تي منيٰ (سعودي عربَ) جيان هڪدم Highly Populated ٿي ويندو هوندو. اڄ هڪ عام ڏينهن هو ۽ سخت سرد ڏينهن پڻ. مون سنڌ جي فقط گرمين جون ڳالهيون ٻُڌيون هيون پر اڄ ڏينهن جي ڏهين يارهين وڳي به هيڏي ٿڌ محسوس ڪري مونکي ناروي ۽ سئيڊن جا ڏينهنَ ياد اچي رهيا هئا. اسان کي سئيٽر ۽ ڪوٽ ۾ به ڏڪڻي ٿي رهي هئي پر چوڌاري ۽ ڳـڙهي خُدا بخـش جي گهـٽين ۾ بنا گرم ڪپڙن ۽ پيرين اگهاڙن ٻارن کي ڏسي ڏک سان گڏ احساس جرم ٿي رهيو هو. ڪنهن سچ ٿي چيو ته سنڌ جي ڳوٺن جهـڙي غربت آفريڪا ۾ به نه آهي. پر هي ڳوٺ ته هڪ عام ڳوٺ ناهي.... هـِنَ ڳوٺ ۾ ملڪ جا ٻه وزير اعظم دفن آهن. هِنَ ڳوٺَ ۾ ملڪَ جو امير ترين صدر گذريل پنجن سالن ۾ ڪيترا ئي دفعا دورو ڪري ويو آهي. دنيا جا سفير ۽ ملڪ جا وزيرَ هِتي ايندا رهن ٿا، وڏا وڏا بيوروڪِريٽ (ڪامورا) ۽ بزنيس مين ايندا رهن ٿا..... ڪيڏي افسوس جهڙي ڳالهه چئجي جو اهڙي ڳوٺَ جون رهواسي نياڻيون اسان جي سامهون بِنا پوتي ۽ بنا چمپل جي ڦاٽل ڪپڙن ۾ ڏڪي رهيون هيون..... جِتي (يعني ههڙي ڳوٺ ۾)گاڏي بيهارڻ سان فقير خيرات گهرن ٿا.
    اڄ هِڪَ عام ڏينهنَ هجڻ جي باوجود مزارَ جي چوڌاري ڪافي ٽوئرسٽ نظر اچي رهيا هئا جن ۾ ڪجهه سنڌي ڳوٺاڻا هئا ته ڪجهه فئملين سان ملڪ جي ٻين صوبن کان پنهنجين ڪارن ۾ آيا هئا. چوڌاري ڪيترائي خومچي ۽ گاڏي وارا ڇولا، مٺائي، چانهه بسڪٽ، مڱيرا ۽ ٻيون شيون وڪڻي رهيا هئا. ٽوئرسٽن لاءِ ڪا هوٽل نه هجڻ ڪري هر ڪو هنن کان ڪجهه وٺي رهيو هو. ملائيشيا ۽ جپانَ جي سهڻن مندرن ۾ ڪجهه هن قسم جو ماحول هوندو آهي خاص ڪري انهن جي مذهبي ڏينهن تي جڏهن هر هڪ ٻارن سميت اتي پهچي ويندو آهي. اهڙن مندرن ۽ درگاهن (جن کي جپاني جنجا يا اوتيرا سڏين ٿا) چوڌاري ٺهيل ريسٽورنٽون ٻاهران آيل ٽوئرسٽن سان ٽپ هونديون آهن. هِتي ڪا اهڙي هوٽل نه ڏسي اسان هِڪَ گاڏي واري کان زيتون ورتا جنهن انهن کي پني تي ڳتر ڳترا ڪري مٿانهن لوڻ مرچ ٻرڪي ڏنو.
    “هن مزار جي ڪري توهان جي ڪجهه ڪمائي ٿي ويندي هوندي.” مون زيتونن واري کان پڇيو.
    “ها سائين شڪر آهي ۽ شهيدن جي دعا آهي.... پر هي سڀ هوائي روزي آهي.... ماڻهن جي اچڻ تي مدار رکي ٿو.” هن ٻڌايو. آئون سوچڻ لڳس ته ڪاش اسان جا حاڪم ، اسان جا ڀوتار، اسان جا سردار ۽ وزير جڏهن حڪومتن ۾ آهن ته شل سندن دل ۾ اچي يا هنن جي ويجھو رهندڙ صلاحڪار کين صلاح ڏين ته ڳوٺ جي ڀلي لاءِ سٺي تعليم ۽ ڪارخانا به ضروري آهن جيئن هي ماڻهو علم ۽ روزگار حاصل ڪري سگهن. جپان کان ملائشيا تائين آئون اهو ئي ڏسندو اچان ته اتي جي سياستدانن پنهنجن ڳوٺن ۾ امن امان ۽ اُڇت انصاف مهيا ڪرڻ سان گڏ تعليم ۽ ڪارخانن تي زور ڏنو. اڄ ملائيشيا جي ننڍن ننڍن ڳوٺن جو به هر ٻار پڙهيل ڳڙهيل آهي..... گذريل ٽهي جي هارين، مزدورن، پورهيتن جا ٻارَ به ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، سائنسدان ۽ فوجي آفيسر آهن. گذريل صديءَ جي اسي واري ڏهي ۾ مون وٽ مالهيءَ جو ڪم ڪرڻ واري جا ٽئي پٽ وڏين نوڪرين تي آهن ۽ پوٽا ملڪ جي وڏين يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيا آهن. اتي اسان وٽ ڪم ڪندڙ ڳوٺاڻي ماسي جو پٽ ڪرنل آهي ۽ ڌيءَ سرجن آهي. ملائيشيا ۾ ههڙي ڳڙهي خُدا بخش يا دودائي جهڙي جنهن ڳوٺ ۾ جتي آئون رهندو هوس ٽي چار ڪارخانا هئا. هِڪَ ته موبائيل فونن جو ڪارخانو آهي جنهن جا هِتي فون ۽ پاڪيٽ ريڊيو ڏسي مونکي حيرت ٿيندي آهي ۽ حسرت پڻ ته اسان وٽ هالا، سڪرنڊ، راڻي پور ۽ ٺيڙهي جهڙن وڏن شهرن ۾ به ايترا ۽ اهڙا ڪارخانا نه آهن ... جِتي اسان جا ماڻهو ڪم ڪري روزگار ڪمائي سگهن .... جيئن ملائيشيا جي ڳوٺن جا ماڻهو پوڙها ٿيڻ جي باوجود، پٽ پوٽن جي ڪمائڻ جي باوجود، وقت پاس ڪرڻ ۽ چئن چهرن کي ڏسڻ لاءِ اليڪٽرانڪ قسم جي ايئرڪنڊيشن ڪارخانن ۾ نوڪري ڪن ٿا جِتي گهڻو تڻو اسيمبلي ورڪ هجڻ ڪري هنن کي ڪو گهڻو جسماني يا ذهني ڪم نٿو ڪرڻو پوي. 1986ع ۾ مون پنهنجي هم عمر ۽ دوست ملئي وزير نجب رزاق (جيڪو اڄ ڪلهه ملائيشيا جو وزير اعظم آهي) کان ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ ڪارخانا کولڻ جو سبب پڇيو هو ته هن اهوئي سبب ٻڌايو: “ڏس الطاف! تعليم علم خاطر آهي ۽ هر تعليم يافته لاءِ ضروري ناهي ته هن کي آفيس جي نوڪري ملي وڃي. روزگار لاءِ هنر ضروري آهي ۽ هنر مندن لاءِ ڪارخانا ضروري آهن. اسانجي ڳوٺاڻي لاءِ سندس ڳوٺ ۾ ئي ڪارخانو هجڻ ضروري آهي ..... نه ته ان لاءِ هن کي ڳوٺ ڇڏي ڪوالالمپور يا پينانگ وڃڻ تي هن جي اڌ کان وڌيڪَ ڪمائي ته گهر جي مسواڙ ۽ بسين جي ڀاڙن ۾ ئي ختم ٿي ويندي!”..... ڳالهه اها آهي ته ان وقت اسان کي ملائيشيا جا هي سياستدان چريا ۽ درويش صفت لڳندا هئا پر اڄ ٿو محسوس ڪريان ته هو ڪيڏو عقلمند ۽ پنهنجي ماڻهن جو خيال رکڻ وارا نڪتا. هنن پنهنجي لاءِ کڻي پئسو نه ميڙيو پر عوام کي تعليم ۽ خوشحالي ڏئي ڇڏي، عزت ۽ ناموس ڏئي ڇڏي.
    ڳڙهي خدا بخش ۾ ڀٽي جي مزارَ تي هڪ همراهه ڪٽلي ۾ چانهه ٺاهي وڪڻي رهيو هو. ڪٽلي جي هيٺان فڪس ٿيل گول دٻي ۾ ڇوڏا يا شايد ڇيڻا ٻري رهيا هئا. سندس ڪوپَ چڱي طرح ڌوتل نه هئا پر سخت سيءَ ڪري مون چانهه پيئڻ چاهي. چانهه واهه جي هئي پر تمام مٺي هجڻ ڪري ان جو فقط هڪ ٻه ڍُڪ پي نئون ديرو جي روڊَ جي سائيڊ واري هِڪَ هوٽل تي اچي ڦڪي چانهه جو آرڊر ڏنوسين. چوڌاري کٽن ۽ بينچن تي ڊگهو سفر ڪندڙ ٽرڪ وارا ماني کائي رهيا هئا. اسان جيئن ئي بينچ تي ويٺاسين ته روڊ جي ٻئي پاسي بيٺل لاڙڪاڻي جي مشتاق شيخ تي نظر پئي جنهن سان ايندي وقت رستي تي ملاقات ٿي هئي. “سائين ڪريو خبر توهان راشدي صاحب ڏي نه ويائو ڇا؟” مون پڇيو ۽ هن ڀرسان بيٺل پنهنجي هَم عمر ڏي اشارو ڪندي چيو: “هي ته سراج راشدي آهي ۽ هن جي هتي ئي ته نرسري آهي.”
    سراج صاحب وڏي حب سان مليو. ويجھڙائيءَ ۾ هن ڪو منهنجو هندستانَ جو سفرنامو پڙهيو هو جنهن ۾ مون جھنڊي وارن پيرن جي ذڪر ۾ راشدي خاندانَ تي به لکيو آهي. پاڻ ٻڌائين ته منهنجا سرهاري وارا مرحوم ڪلاس ميٽ امام شاهه راشدي ۽ سيف الله شاهه راشدي وارا به هن جا مائٽ ٿين. پاڻ وڪالت کان علاوه زمينداري ۽ ڀاڄين ۽ ميون جي پوکَ تي تجربا ڪرڻَ جو شوق رکي ٿو. ويجھڙائي ۾ هو چين مان ڪونڊين ۾ چيري ٽماٽا پوکڻ جي ڄاڻَ وٺي آيو آهي جنهن ۾ چين کي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي. پاڻ ٻڌائين ته لارڪاڻي جو هي پاسو اعليٰ جنس جي زيتونن کان مشهور آهي ۽ هن وٽ ته Seedless (بنا ٻج) وارا زيتون به آهن.
    سراج راشدي تي سندس ڏاڏي سراج اولياءَ جو نالو آهي پاڻ محمد شجاع راشدي جو فرزند آهي سندس جنمَ جي تاريخ 6 جون 1954ع آهي. سراج مئٽرڪ ۽ انٽر لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي مان LLB ۽ ايڪانامڪس ۽ پوليٽيڪل سائنس ۾ M.A ڪئي. 1981ع کان وڪالت شروع ڪئي. 1984ع کان هاءِ ڪورٽ ۾ پرئڪٽس ڪري رهيو آهي. پر سندس گهڻو شوق زمينداري يعني کيتي ٻاڙي سان آهي.
    اڄ ڪلهه دنيا ۾ بنا ٻجن وارو ميوو تمام گهڻو مشهور ٿيندو وڃي ۽ ان جو اگهه به عام ميوي کان ٻيڻو ٿئي ٿو. ٻجن بنا پهريون ميوو مون جپان ۾ ڇانهين ڏٺي. اسان ننڍا هئاسين يعني اڄ کان سٺ پنجهٺ سال اڳ جيڪا ڇانهين کائيندا هئاسين ان ۾ ٻج هڪ ته تمام گهڻا هوندا هئا ٻيو وڏا وڏا هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي ٻج سڪائي کائڻ ۾ پنهنجو مزو هوندو هو پر ڇانهين کائڻ مهل اهي ٻج پريشان ڪندا هئا ۽ پوءِ گهڻُو گهڻو پوءِ جڏهن جهاز تي نوڪري شروع ٿي ته بيروت، طرابلس ۽ پورٽ سعيد (مصر) جهڙن بندرگاهن ۾ ۽ پوءِ ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اهـڙيون ڇانهيون ڏٺيونسين جن ۾ هڪ ته ٻج تمام گهـٽ هو ۽ ٻيو ايترو سنهو ۽ نرم جو ان کي ڪڍڻ جي ضرورت نٿي ٿي ۽ پوءِ اسي واري ڏهي ۾ جپان ۾ اهڙيون ڇانهيون ڏٺيونسين جيڪي بغير ٻج جي هيون. ائين ته جپان ۾ هئڊي، گلابي ۽ ڳاڙهي رنگ جي گودي واريون ڇانهيون پڻ ڏٺيونسين ۽ گول شڪل بدران ليوڊو جي ڇڪي وانگر ڇهه پاسن واريون چورس ڇانهيون پڻ نظر اچڻ لڳيون. بهرحال ٻج بنا ٻيو ميوو جيڪو يورپ توڙي آمريڪا ۾ گهڻو نظر اچي ٿو اهو آهي گريپ فروٽ، موسميون ۽ انگور. هونءَ زيتون مون هتي نئي ديري ۾ سراج وٽ اچي ڏٺا. سراج ٻڌايو ته هن وٽ بنا ٻج وارن زيتونن جا تمام گهٽ وڻ آهن.
    “ڇو ڀلا؟ بنا ٻج وارو ميوو ته جتي ڪٿي پسند ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو وڪامي به مهانگو ٿو.” مون پڇيو.
    “بلڪل صحيح ٿا چئو” سراج چيو، “پر ان قسم جي ميوي جي Yield تمام گهٽ ٿي ٿئي. هر وڻ ۾ تمام گهـٽ زيتون ٿين ٿا ۽ اسان ان کي هتي ايترو مهانگو وڪڻي نٿا سگهون جيترو يورپ ۾ وڪيو وڃي ٿو. هِتي اسان کان ڪير به خريد نه ڪندو. پر جيڪڏهن ڪو ٻيڻ قيمت تي وٺي ته به اسان کي فائدو نه ٿيندو جو بنا ٻجن واري زيتونن جي وڻ کان ٻجن واري وڻ ۾ چئوڻا پنجوڻا زيتون ٿين ٿا.”
    “ڀلا ٽماٽي جو سنڌي نالو ڇا آهي.” مون پڇيو.
    “ٽماٽو سنڌ جي شيءِ آهي ئي ڪانه. ٽماٽو ٻاهران سنڌ ۾ آيو آهي ان ڪري ان جو نالو ڌاريون آهي جيئن ٿوم ۽ بصر عرب ملڪن کان اچڻ ڪري انهن جا نالا عربي زبان جا آهن .... جيئن انگلينـڊ ۾ پڪوڙن کي انگريز به پڪوڙائي سڏين ٿا.”
    سراج راشدي صاحب ٻڌايو ته ٽماٽي جو اصل ملڪ آمريڪا آهي. ڪولمبس جو آمريڪا وڃڻ ۽ ان بعد آمريڪا تي قبضي دوران دنيا ۾ ٽماٽو پکڙيو. مشرق وسطيٰ ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ ٽماٽي جو تعارف برٽس قونصلر جان بيڪر اوڻهين صدي جي شروعاتي سالن ۾ ڪيو. اسان وٽ ٽماٽو ايران کان آيو ۽ ايران ۾ هڪ ته ترڪي ۽ آرمينيا کان ٿيندو آيو ۽ ٻيو ايران جي شاهي خاندانَ قاجار هن کي ايران ۾ متعارف ڪرايو. قاجار خاندانَ جو فرانس وڃڻ ٿيندو رهيو ٿي جِتي هنن سلاد ۾ توڙي ٻوڙ ۾ ٽماٽي کي استعمال ٿيندو ڏٺو ۽ کين بيحد پسند آيو. شروع جي ڏينهن ۾ ايراني ماڻهو ٽماٽي کي آرميني واڱڻ (آرماني بادن جان) سڏڻ لڳا پر هاڻ ان کي فرانس جو آلوبخارو (گوجه فرنگي) سڏين ٿا.
    دنيا ۾ ٽماٽن جون سوين جنسون آهن.... ايتريون انب ۽ کجور جون به نه هونديون. جن مان هڪ چيري ٽماٽو آهي جنهن جون چَڪيون سراج راشدي جي نرسري ۾ رکيل هيون ۽ مشتاق شيخ جهڙا زميندار خريد ڪري رهيا هئا. چيري ٽماٽو گيدوڙي جيڏو گول ۽ تکي ڳاڙهي رنگَ جو ٿئي ٿو. اهو پڻ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن پيرو ۽ اتر چلي کان دنيا جي ملڪن ۾ پکڙيو ۽ اڄ ڪلهه چين ۾ ان تي تجربا ڪيا پيا وڃن ۽ ڪونڊين ذريعي گهر ۾ پوکيا وڃن ٿا. سراج راشدي ٻڌايو ته اسان جي موسم ۾ هي ٻوٽو ايڏو ڦل نٿو ڏئي پر تڏهن به هڪ ڪونڊيءَ ۾ پوکيل هڪ ٻوٽو اٽڪل يارهن سؤ کن چيري ٽماٽا ڏئي ٿو جيتوڻيڪ چين ۾ ٽي هزار کن ڏئي ٿو.
    اٿڻ مهل مون سراج کان اهو پڇيو ته جڏهن زيتونن ۾ ٻج ئي نه آهي ته پوءِ اهڙي ميوي جا وڌيڪَ وڻ ڪيئن ٿا لڳن.
    “هونءَ ته هر ميوي جي وڻ لاءِ ان جو ٻج ئي پوکيو وڃي ٿو پر هن حالت ۾ وڌيڪَ وڻ پئدا ڪرڻ لاءِ ان وڻَ جا قلم هنيا وڃن ٿا.” سراج ٻڌايو.


    سنڌ جا ٽماٽا ۽ ايران جا شهنشاهه

    گذريل مضمونَ ۾ پاڻ ايران جي قاجار شاهي خاندانَ جو ذڪر ڪيو جنهن جا حاڪِمَ ان زماني ۾ يورپ، خاص ڪري پئرس (فرانس) گهمڻ لاءِ ويندا رهيا ٿي ۽ ساڳي وقت اتي جا ماڻهو به (خاص ڪري انگلنڊ جا حاڪم) ايران گهمڻ لاءِ ايندا رهيا ٿي. انهن ڏينهن جو ايراني شهر اصفهان اڌ دنيا (نصف جهان) سڏيو ويو ٿي ۽ اصفهان جهڙا روڊ ۽ پارڪ لنڊن ۽ پئرس ۾ به نه هئا. ايراني حاڪم يورپ وڃي اتي جي ويس وڳن، کاڌن پيتن ۽ ٻين جن شين کي جتي پسند ڪيو ٿي اتي انهن کي پنهنجي مُلڪَ ۾ به متعارف ڪرايو ٿي. هنن رڳو ايران مان زعفران ۽ پستا يورپ جي دوستن کي نٿي ڏنا پر اتان جا ميوا ۽ ڀاڄيون پنهنجي ملڪَ ۾ لڳائڻ جا تجربا پڻ ڪيا ٿي. انهن مان هڪ ٽماٽو به هو جنهن کي ايراني پهرين ته آرماني بادنجان (آرميني واڱڻ) سڏيندا رهيا پر پوءِ ان کي گوجه فرنگي يعني فرانس جو آلو بخارو (Plum) سڏڻ لڳا.
    قاجار گهراڻي جو پرشيا (ايران) تي 1785ع کان وٺي 1925ع تائين راڄ رهيو جنهن دوران هنن جا 8 کن بادشاهه ٿيا. قاجر بعد ايران تي پهلوي گهراڻي جو راڄ هليو جنهن جو پهريون حاڪم رضا شاهه پهلوي 1925ع کان 1941ع تائين ٿيو جنهن هن ملڪ جون صديون پراڻو نالو “پرشيا” بدلائي ايران رکيو. ان بعد هن جو پٽ محمد رضا شاهه پهلوي تخت تي ويٺو جيڪو “شهنشاهه ايران” جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ جنهن راڻي فرح ديبا سان شادي ڪئي. شهنشاهه ايران کي 1979ع واري اسلامي انقلاب ۾ امام خمينيءَ ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو.
    قاجار گهراڻي کان اڳ ايران تي زند گهراڻي جو راڄ هو. زند گهراڻي جو آخري بادشاهه لطف علي خان زنده هو جنهن کان ڪاجار گهراڻي کي ايران جو تخت و تاج مليو.
    گذريل ڪالمَ ۾ نئوديري (لاڙڪاڻي) ۾سراج راشدي جي پوکيل ٽماٽن تي ايران جي قاجار گهراڻي جي حاڪمن جي ڳالهه نڪتي ته ايران جا ڏينهن ياد اچي ويا.
    زند فئملي جو آخري بادشاهه لطف علي خان زند 1789ع ۾ پنهنجي پيءُ جعفر خان جي وفات بعد تخت تي ويٺو. جعفر خان کي سندس هڪ غلام زهر ڏئي ماريو جنهن جي پويان خاندان جي هِڪَ مخالف ميمبر سيد مراد خانَ جو هٿ هو. لطف علي زند تخت تي وهڻ لاءِ زند گهراڻي جي گادي واري شهر شيراز جو رخ رکيو جِتي پهچڻ سان هِنَ سيد مراد خان جي وٺ پڪڙ ڪئي ۽ ڦاهيءَ تي چاڙهيو. لطف علي خان 1769ع ۾ ڄائو 20 سالن جي ڄمارَ ۾ 1989ع ۾ تختَ تي ويٺو ۽ 1974ع تائين ايران تي حڪومت ڪئي. سندس حڪومت جي آخري ڏينهنَ ۾ بام شهر جي حاڪم کيس دوکي ذريعي سوگهو ڪري آغا محمد خان حوالي ڪيو جيڪو وڏي عرصي کان بدلي وٺڻ جي باهه ۾ پچري رهيو هو. لطف علي سان شاهي ڪورٽ جي غنڊن ذريعي جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي ان بعد هن جون اکيون ڪڍيون ويون. آغا محمد خان پنهنجو بدلو وٺڻ لاءِ لطف علي کي کَسي (Castrated) ڪرايو ان بعد کيس تهران جي جيلَ ۾ رکي مٿانهس ظلم برقرار رکيو. آخر ٽي سالَ کن تڪليفون سهڻ بعد وفات ڪري ويو.
    انگريز ليکڪ سر هارفورڊ جونس هن شهنشاهه جو واقفڪار هو جنهن پنهنجي ڪِتابَ ۾ لطف علي جي ڏک ڀرئي موت بابت لکيو آهي ته هن کي ڪيئن چيچلائي چيچلائي ماريو ويو. ان کان علاوه هن جي پٽ کي به کَسي ڪري کدڙو ڪيو ويو. هن جي ڌيئن کي ملڪَ جي گهٽ ۽ ڪمتر ذاتين جي ماڻهن سان زوريءَ پرڻايو ويو ۽ زالَ جي سخت ترين بي عزتي ڪئي وئي. سر هارفورڊ جونس لطف علي لاءِ لکي ٿو ته پرشيا جي بادشاهن ۾ دلير سورهيه هو.
    لطف علي خان رند جو مقبرو تهران جي پراڻي بازار امامزاده زيد ۾ آهي. سندس قد آدم تصوير سدا آباد محل ۾ رکيل آهي. سندس نالي شيراز شهر ۾ هِڪ اهم روڊ آهي. لطف علي لاءِ چون ٿا ته هو نه فقط سهڻو جوان هو پر وڏي همٿ وارو ويڙهاڪ مڙس هو. ايران ۾ اها ڳالهه مشهور آهي ته هن مرڻ کان اڳ اڪيلي سر چوڏهن ماڻهن سان ٻن ڪلاڪن لاءِ وڙهندو رهيو. چون ٿا ته هو جيڪڏهن آغا محمد خان کي شڪست ڏئي وجھي ها ته زند گهراڻو اڃا ختم نه ٿئي ها ۽ هن جو نيڪنامي مان عوام کي فائدو رسي ها. پر شهنشاهه لطف علي خان زند جي وفات سان زند گهراڻي جي 44 سالن جي راڄ جي پڄاڻي ٿي وئي ۽ آغا محمد خان قاجار جي تخت تي وهڻ سان پرشيا تي قاجار گهراڻي جي حڪومت شروع ٿي جيڪا 1925ع تائين 131 سال هَلي.
    آغا محمد خان قاجار ڪير هو؟ هن زند گهراڻي جي حاڪم سان هي ظلم ڇو ڪيو؟ ڇا هن ڪنهن ڳالهه جو بدلو ورتو؟
    آغا محمد خان پرشيا (ايران) جي جنگجو قبيلي قاجار جو سردار هو. پاڻ 1742ع ۾ ڄائو ۽ ڇهن سالن جو هو ته ايران جي ان وقت جي شهنشاهه عادل شاهه هن جي پيءُ حسن خان کي سياسي دشمني ڪري مارائي ڇڏيو. هن نٿي چاهيو ته سندس مخالف قبيلي جو ڪو ماڻهو اڳتي هلي ڪو اهڙو طاقتور ٿئي جو هن کان ايران جو تخت کسي. شهنشاهه عادل شاهه نه رُڳو پيءُ کي قتل ڪرايو پر هن جي پٽ آغا محمد خان جي Castration ڪرائي کَسي بنائي ڇڏيائينس. کدڙو ٿي وڃڻ جي باوجود قاجار قبيلي هن کي 1758ع ۾ سورهن ورهين جي ڄمار تي پهچڻ تي پنهنجو سردار بنايو. چئن سالن بعد هنن جي ڪنهن مڪاني مخالف ڌر آغا محمد خان کي قابو ڪري ان وقت جي شهنشاهه ڪريم خان زند (لطف علي زند جي ڏاڏي) جي ڪورٽ ۾ شيراز موڪليو جِتي هو شهنشاهه جو 16 سالَ يرغمالي ٿي رهيو. کيس 1758 ۾ ڀڄڻ جو موقعو مليو. ان ئي سال شهنشاهه ڪريم خان زند گذاري ويو ۽ تخت تي قبضي لاءِ هڪ نه ختم ٿيندڙ خانه جنگي ۽ جهيڙن جو سلسلو شروع ٿي ويو. ايتري قدر جو ڏهن سالن اندر 6 شهنشاهه بدلجندا ستون لطف علي خان زند ٿيو. ان دوران آغا محمد خان قاجار کي سٺو موقعو ملندو رهيو ۽ هن زندن خلاف خوب بلوو قائم رکيو. 1794ع ۾ هن کي شهنشاهه لطف علي زند کي سوگهو ڪرڻ ۾ ڪاميابي نصيب ٿي ۽ هن جو بڻ بنياد ختم ڪرڻ ۽ پنهنجو بدلو وٺڻ لاءِ لطف علي کي انڌو ڪري پوءِ کَسي ڪيو ويو. ان بعد سندس پٽ کي به کَسي ڪيو ويو ۽ سندس ڌيئرن ۽ زالَ سان به ظلم جاري رکيا ويا ۽ پاڻ ايرانَ جو شهنشاهه 1925ع تائين 131 سالَ هليو، جنهن ۾ ڪل اٺ بادشاهه ٿيا. ان بعد ايران تي پهلوي خاندان جو راڄ شروع ٿيو جنهن جي ٻئي شهنشاهه محمد رضا شاهه پهلوي کي امام خميني جي انقلابَ ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ۽ ايران کي هِڪُ جمهوري مُلڪ ۽ اسلامي ريپبلڪ بنايو ويو.


    لاڙڪاڻو ستر سالَ اڳ

    لاڙڪاڻي بابت ڪيترائي مضمونَ ۽ ڪِتابَ منهنجي نظرن مان گذريا آهن انهن مان هڪ دلچسپ احوال جيڪو غلام مصطفيٰ سومرو صاحب ڳالهه ٻولهه جي اندازَ ۾ لياقت راڄپر سان ڪيوآهي اهو هتي پڙهندڙن لاءِ ڏيڻ ضروري سمجھان ٿو. هن ۾ لاڙڪاڻي جو ستر سال اڳ جو نقشو چٽيل آهي جنهن ۾ ڪجهه ڳالهين جو آئون به شاهد آهيان يعني مون جيڪو لاڙڪاڻو ڏٺو اهو 1960ع ڌاري ڏٺو يعني منهنجي دماَغَ ۾ جيڪو آڳاٽو لاڙڪاڻو آهي اهو 53 سالَ اڳ جو آهي ۽ جنهن ۾ غلام مصطفيٰ سومرو صاحب واري لاڙڪاڻي جون ڪيتريون ئي ڳالهيون اڃا موجود هيون.
    غلام مصطفيٰ سومرو صاحب 14 جولاءِ 1933ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو ۽ 65 ورهين جي ڄمارَ ۾ وفات ڪيائين. پاڻ فنانس کاتي مان ٽريزري آفيسر ٿي رٽائرڊ ٿيو. لياقت راڄپر ٻڌائي ٿو ته سومرو صاحب لاڙڪاڻي جي تاريخَ جي ڄڻ کاڻ هو. لياقت جڏهن 1973ع ۾ انفارمينشن ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري شروع ڪئي ته هن سومرو سان ملڻ جلڻ شروع ڪيو ۽ هن کان لاڙڪاڻي بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون پڇندو رهيو جيڪي هاڻ هن عبرت مخزن ۾ لکيون آهن. لياقت راڄپر جو به لاڙڪاڻي سان واسطو آهي جِتي هن پهرين اپريل 1952 تي جنم ورتو ۽ اتان ئي تعليمَ حاصل ڪئي. پاڻ 2012ع ۾ ڊئريڪٽر انفارميٽن جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. سندس ڪيترائي تاريخي، ادبي ۽ معلوماتي مضمون انگريزي ۽ سنڌي اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. اڄ ڪلهه هو سنڌ ٽي وي سان وابسته آهي. منهنجي خيالَ ۾ لياقت راڄپر جون غلام مصطفيٰ سومرو جون مرتب ڪيل ڳالهيون سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر رهندڙ نوجوانن لاءِ دلچسپ ثابت ٿينديون.
    گذريل سال سنگاپور ۾ رهندڙ لاڙڪاڻي جي هڪ سنڌي هندو واپاريءَ مونکان پڇيو ته لاڙڪاڻي جي رايل چوڪ ۾ هندو وڪيل ريجھو مل جو مجسمو (Statue) اڃا آهي يا نه؟ آئون وائڙو ٿي ويس. منهنجي خيالَ ۾ ان قسم جي ڪيترين ئي ڳالهين جا جوابَ توهان کي غلام مصطفيٰ سومرو جي هنن يادگيرين (Memoirs) مان ملندا جيڪي سنڌ ٽي وي جي لياقت راڄپر Compile ڪري اخبار ۾ ڏنا آهن:
    “......جڏهن کان مون هوش سنڀاليو ۽ ڏٺو ته لاڙڪاڻي جا اڪثر ماڻهو پٽڪو پائيندا هيا ۽ ان جو وڏو مان ۽ مرتبو هيو. جڏهن ته ترڪي ٽوپي پائڻ جو به فيشن هيو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو مٿي اگهاڙو گهمندو هيو ته ان کي چڱو نه سمجھبو هيو ۽ گهٽين ۽ گهرن جي ڀرسان اهڙي ماڻهوءَ جو لنگهڻ به بند هوندو هيو. دوست هڪ ٻئي سان پٽڪو مٽائيندا هئا ته انهن کي پٽڪي مٽ يا پڳ مٽ يار چئبا هئا.
    “ان زماني ۾ هندو ۽ مسلمان گڏ رهندا هئا، انهن ۾ هڪ ٻئي لاءِ پيار به هيو، پر ڪافي شين ۾ هو هڪ ٻئي کان ڌار هوندا هئا. مثال طور ڪپڙا سبرائڻ لاءِ ٻنهي جا درزي الڳ الڳ هئا، مسلمانن جي پاڻي پيئڻ لاءِ ٻاهر رکيل مٽ ۽ ڪپڙا الڳ هئا. بهرحال ان وقت بوٽ اهو پائبو هيو جيڪو چيڪاٽ ڪري ۽ ڪپڙن کي ڪلف لڳرائبو هيو. ڪپڙا، بوٽ ۽ ٻيون کائڻ پيئڻ جون شيون سستيون هونديون هيون ۽ ماڻهو تمام گهڻو خوش هئا. ان وقت ماڻهن جي وڏي ضرورت ماني، گهر ۽ ڪپڙو هيو. اولاد ڇوڪرو يا ڇوڪري جوان ٿيڻ تي ان جي هڪدم شادي ڪرائي ويندي هئي، جڏهن ته ڇوڪرن جا طوهر دير سان ڪرائبا هئا. سو ڪڏهن ڪڏهن ته حجم جواب ڏئي ڇڏيندو هو ته هو هيڏي ڏگهه (وڏي) ڇوڪري جو طوهر نه ڪندو. جيڪڏهن ڇوڪرو حجم کي ٿڦ وهائي ڪڍي ته پوءِ بدلي ۾ ان کي مينهن ڏيڻي پوندي هئي. طوهر ڪرائڻ واري ٻار جو ڌيان هٽائڻ لاءِ ان کي چئبو هيو ته هو جهاز ٿو وڃي مٿي ڏس ۽ جيئن ئي هو ائين ڪندو ته پاڪي وهي ويندي، طوهر ٿي ويندو هيو.
    “ورهاڱي کان اڳ لاڙڪاڻي جو هڪ دردناڪ ۽ افسوسناڪ واقعو: جڏهن شهر ۾ ڪالرا جي بيماري لٿي ته هر گهر مان روزانو چار پنج لاش نڪرڻ شروع ٿيا، فوت ٿيندڙن جا مٽ مائٽ لاش ڍوئي ڍوئي ٿڪجي پيا، سڄو شهر ائين پئي لڳو ڄڻ ڪو زلزلو آيو هجي. اها حالت ڏسي الله رکيو کٽي نالي هڪ شخص ڪجهه ٻين ماڻهن سان گڏجي لاشن کي قبرستان پهچائڻ لاءِ هڪ لاش جو هڪ سؤ روپيا وٺندو هيو. جيڪا ان وقت تمام وڏي رقم هئي، پر ماڻهو مجبور هئا.
    ان بيماري دوران لاڙڪاڻي شهر جي آباديءَ جو وڏو حصو ختم ٿي چڪو هو. آخرڪار برٽش سرڪار تسبيح جي هڪ داڻي وانگر اڇي رنگ جي دوا انگلينڊ کان موڪلي، جنهن سان اها وبا آهستي آهستي ختم ٿي وئي.اُنَ وَبا دوران هندو وڪيل ريجھو مل ڪالرا ۾ مرندڙ ماڻهن جا لاش مذهب ۽ ذات جي فرقَ کانسواءِ ڍوئيندو هيو. هن جي گهر ڀاتين هن کي منع به ڪيو پر هو نه مڙيو ۽ خدمت جاري رکيائين، جڏهن ته نتيجي ۾ پاڻ به هن وبا ۾ وٺجي مري ويو. هن کي ان خدمت لاءِ هيرو آف لاڙڪاڻو چيو ويندو آهي ۽ هن جو مجسمو ٺاهي شهر جي هڪ چوڪَ تي لڳايو ويو، پوءِ خبر ناهي ته اهو مجسمو اتان ڪاڏي ويو.
    “اهي به وقت هئا جڏهن تقريبن هر ٻئي گهر ۾ مينهن ڌاري ويندي هئي ۽ جن ماڻهن وٽ مينهن نه هوندي هئي اهي لسي ۽ ان ۾ ٿورو پيل مکڻ مفت ۾ حاصل ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو کير به غريبن کي مفت ۾ ڏيندا هئا. ان زماني ۾ کير وڪڻڻ ۽ زمين وڪڻڻ ماڻهو پاڻ کي گار ڏيڻ برابر سمجھندا هئا. کير ۾ ملاوت جو ته تصور به نه هو. شهر ۾ سچو گيهه ۽ مکڻ وڪڻڻ وارو هوندو هو، جِتان شهر وٺي ڀاڄين ۾ استعمال ڪندا هئا. پر 1945 ـــ 1939ع تائين ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ڪوڪونٽ، بناسپتي ۽ ڊالڊا بناسپتي وجودَ ۾ آيو، جنهن آهستي آهستي سچي گيهه جي جاءِ ورتي. اهو بناسپتي ۽ ڊالڊا گيهه ايترو ته سٺو هو جو ماڻهو سچي گيهه کي وساري ويٺا. جڏهن ته پهريان پهريان ان کي پسند نه ڪيو ويندو هو، پر پوءِ ماڻهو ان جا عادي ٿي ويا. مانيءَ ۾ وڏو سواد ان لاءِ هوندو هو جو اها ڪاٺين جي باهه تي پچندي هئي ۽ ٻوڙ ٺڪر جي ڪُنيءَ تي تيار ٿيندو هو. ان ۾ ڏوئي ڪاٺ جي هوندي هئي. پاڻي ٺڪر جي مٽن ۾ رکبو هو، جيڪو ٿڌو رهندو هو. پاڻي پيئڻ لاـءِ به ٺڪر جو ڪُپڙو هوندو هو، اهڙي طرح ڀت به پاٽڙي ۾ کائبو هو، جيڪو پڻ ٺڪر جو ٺهيل هوندو هو.
    “رمضان شريف جي ختمي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پاڙي جي پوري جماعت ويندي هئي ۽ اهي ماڻهو نعرا هڻندا پهچندا هُئا. عيد جي موقع تي دهل وڄندا هئا ۽ ڏهه ڏينهن اڳ تياري ڪئي ويندي هئي. عيد جي موقعي تي ڀلي ۾ ڀلو جوتو صرف چند روپين ۾ ملندو هيو.
    لاڙڪاڻي شهر ۾ محمد رضوي اردو ڳالهائيندڙ هيو، جنهن ملڪي سطح تي سنڌي اردو مشاعرو ڪرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ ان ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ قتيل شفائي، حمايت علي شاعر ۽ جوش مليح آبادي جهڙن وڏن شاعرن پڻ شرڪت ڪئي. ان کان علاوه قوالين جا پڻ وڏا پروگرامَ ٿيندا هئا ۽ ملڪ جا مشهور قوال اچي فن جو مظاهرو ڪندا هئا اهڙي قسمَ جا پروگرامَ گهڻي قدر جناح باغَ ۾ ٿيندا هئا. جتي انتظام سنڀالڻ لاءِ اسڪائوٽس ۽ ٻيا ڇوڪرا جن ۾ آئون (غلام مصطفيٰ سومرو) به شامل هيس. اسين سڀ شوق سان ڪم ڪندا هئاسين. ان کان علاوه جڏهن 1945ع ۾ آل مسلم ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ ٿي ته ان ۾ مون (غلام مصطفيٰ سومرو) کي نيشنل گارڊ جون ذميواريون سنڀالڻيون پيون. هڪ لڪڻ ڏنو ويو هو ته غير ضرور گهٽ وڌائيءَ کي ڪنٽرول ڪيو وڃي. ان ڪانفرنس جي صدارت عبدالرب نشتر ڪري رهيو هو. اتي راجه غضنفر علي چيو هو ته “يه تو رب ڪا عبد هي مگر دشمنون ڪي لئي نشتر هي.”
    “ان زماني ۾ لاڙڪاڻو ڏاڍو صاف سٿرو شهر هو، جتي ميونسپل ڪاميٽي جو عملو فجر وقت اچي روڊن ۽ گهٽين جي صفائي ڪندو هو. نالين کي پخال ۾ ڀريل پاڻي هاري صاف ڪيو ويندو هو. عملي کي يونيفارم گرميءَ ۽ سرديءَ جي حساب سان پاتل هوندو هو.
    هڪ ڀيري مون پنهنجي اکين سان ڏٺو ته چيف آفيسر سيتل داس پنهنجي سر پاڻ روڊن تان ڪيلي ۽ ٻين ميون جون کلون کڻي ڪچريدان ۾ وجھي رهيو هو. ٽانگن جي سواري هوندي هئي. گهوڙن جي پويان هڪ ٿيلهي ٻڌل هوندي هئي ته لِڏِ هيٺ زمين تي نه ڪري. گهوڙن جي پاڻي پيئڻ لاءِ بندر روڊ تي سرن جا ٺهيل هودَ هوندا هئا. گهوڙن کي ساهي پٽرائڻ لاءِ هڪ اسٽينڊ ٺهيل هو، جنهن کي بگي اسٽينڊ چئبو هو.
    “پهريان جيئن ته فلمون گونگيون هيون، پوءِ آواز واريون فلمون 1931ع ۾ آيون مون کي فلمون ڏسڻ جو عـشق جي حد تائين شوق هو. ان وقت لاڙڪاڻي ۾ اسٽيج ڊرامن جو به وڏو شوق هوندو هو. غلام عباس قادري اميچر ڊراماٽڪ سوسائٽي هلائيندو هو ۽ حاجي يار محمد سومرو، حافظ عبدالڪريم پهوڙ، خان محمد ۽ ٻيا ان سوسائٽيءَ جا اداڪار هئا. غلام عباس قادري هر هفتي ملهه جا مقابلا پڻ ڪرائيندو هو، جن ۾ سنڌ جا مشهور مَلههَ پهلوان حصو وٺندا هُئا.
    “ان زماني ۾ ماڻهن ۾ فونو ٻڌڻ جو وڏو شوق هو ۽ ان لاءِ رڪارڊ هٿ ڪيا ويندا هئا ۽ ڪجهه دوست هڪ ٻئي وٽ اوطاقَ تي اچي گانا ٻڌندا هئا، پوءِ وري ريڊيو به عام ٿيڻ لڳو. لاڙڪاڻي ۾ جيڪو پاور هائوس هو ان جي بجلي هر هڪ وٽ نه هوندي هئي، جڏهن ته عام ماڻهو گاسليٽ واري لالٽين ٻاريندا هئا. ان وقت لاڙڪاڻي جي قادري، جعفري، ڀٽا، کهڙا خاندانن ۽ ٻين خاص وڏن ماڻهن ۽ سرڪاري ادارن ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر وغيره لاءِ بجلي هوندي هئي. لاڙڪاڻي جو پاور هائوس ڪاٺين جي باهه سان هلندو هو جنهن جي بجلي ڪڏهن به بند نه ٿيندي هئي. چوڪن تي جيڪي فانوس ٻرندا هئا ان کي ٻارڻ ۽ وسائڻ لاءِ صفر نالي هڪ ماڻهو رکيل هو جيڪو هر روز شام جو سج لهڻ کان اڳ ڏاڪڻ ڪلهي تي رکي. هٿ ۾ ماچيس، ڪپڙو ۽ گاسليٽ کڻي هر فانوس کي صاف ڪري، ان ۾ گاسليٽ وجھي ٻاريندو ۽ صبح جو وسائيندو هو. هن جو ڪمرو ڊي سي آفيس جي ڀرسان هوندو هو.
    “لاڙڪاڻي ۾ بندوق به ڪنهن ڪنهن وٽ نظر ايندي هئي، نه ته لٺ يا ڪهاڙيءَ جو رواج هو. ٻهراڙيءَ جا ماڻهو صبح جو لاڙڪاڻي شهر ايندا هئا ۽ سج لٿي کان اڳ پنهنجي ڳوٺ روانا ٿي ويندا هئا. شهر ۾ گهٽين، گهرن ۽ ٻنين ۾ کوهه هئا، جن جو پاڻي صاف، شفاف ۽ مٺو هوندو هو. علي گوهرآباد جي اوڀر ۾ انبن جا وڻَ، ڀاڄين جون واڙيون ۽ فاروَن ۽ شهتوتن جا ٻوٽا هوندا هئا، ان کان علاوه گهاڙ واهه جي ٻئي پاسي زيتونن جا وڻ پڻ هئا. اهي ڀاڄيون ۽ ميوا گهاڙ واهه ذريعي جيلس بازار پهچايون وينديون هيون. لاڙڪاڻي کان ٻاهر به واپار گهاڙ واهه ذريعي ٿيندو هو لاڙڪاڻي کي باغن جو شهر سڏيو ويندو هو. گهاڙ واهه ۾ ماڻهن جي تفريح لاءِ ٻيڙيون هلنديون هيون، جيڪي اناج وغيره جي واپار لاءِ به ڪتب آنديون وينديون هيون.
    “لاڙڪاڻي شهر جو پراڻو مڇي مارڪيـٽ 40 سال لاڙڪاڻي ميونسپل جو صدر رهندڙ نواب امير علي لاهوريءَ 1942ع ۾ ٺهرايو هو. جيلس بازار تي نالو هڪ انگريز ڪمشنر سان منسوب آهي جنهن جو تعلق بمبئي پريزيڊنسي سان هو. هن وقت جتي ڊي سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو آهي اتي ڌوٻي گهاٽ هو، جنهن کي ٽي ڀتيون ڏنل هيون ته جيئن پردو رهي . ڇاڪاڻ ته اتي هندو ناريون سنان ڪنديون ۽ ڪپڙا ڌوئينديون هيون. انهيءَ هنڌ ڀرسان چوڌاري ڪيتريون ئي کوهيون هيون. پر هٿ وارا نلڪا تمام گهٽ هوندا هئا. گيان باغ جيڪو هاڻي باغِ ذوالفقار سڏجي ٿو، اتي ماڻهن جي پهچڻ لاءِ ميونسپل طرفان ٻيڙين جي مفت سهولت ڏنل هئي. شهر ۾ جيڪو بندر روڊ سڏجي ٿوان تي اهو نالو ان ڪري پيو ته اتي ننڍڙو بندرگاهه هو، جتي پير شير ۽ ٻين ڳوٺن مان گهاڙ ذريعي ٻيڙين تي سامان پهچايو ويندو هو،
    “پاڪستان چوڪ تي طوفان ميل جي نالي سان هڪ هوٽل هو، جتي شهري پنهنجي مهمانن ۽ دوستن کي وٺي ويندا هئا. ان کان سواءِ هاڻي جيڪو حضور بخش جو مڍائيءَ وارو دڪان آهي اتي مايا مل مٺائي واري جو دڪان هوندو هو، جنهن جي کاٻي پاسي تان تلڪ مل سانچي واري وٽ چدي واري بوتل ملندي هئي. هندو جڏهن ڪا خيرات ڪندا هئا ته هو دال ۽ ڦلڪو (ماني) ورهائيندا هئا.
    “ان دور ۾ هڪ حاجي شربتي سومرو هو، جيڪو شربت جو گلاس هڪ آني ۾ وڪڻندو هو، پر اهو گلاس لاهور جي لسي واري گلاس جيڏو هوندو هو. هن وٽ اڪثر هڪ آءِ سي ايس جو آفيسر جي بي ڦل ايندو هو، جيڪو هر روز ٽانگي تي ويهي شربت جو هڪ گلاس ضرور پيئندو هو. شربتيءَ جو پٽ ابلي وري پڪوڙا وڪڻندو هو، پر پڪوڙا ڪؤڙي جا مشهور هوندا هئا. جيڪو هڪ پئسي ۾ ست وڏا پڪوڙا ڏيندو هو ۽ هن جي کپت ايڏي هئي جو هو بيسڻ جون ٻوريون ۽ سرنهن جي تيلَ جا وڏا ٽينَ وٺندو هو. ان وقت لڪس صابڻ جي وڏي چڪي ڏهن ۾ ۽ ننڍي ڇهن پئسن ۾ ملندي هئي. هڪ مڻ سڳداسي چانور هڪ روپئي ۾ ملندا هئا. ڪمرڪ ڪپڙي جو وال ۽ ٽي پاءَ مکڻ چئن آنن ۾ ملندا هئا. ٽانگي وارا گهر کان ريلوي اسٽيشن پهچائڻ لاءِ اٺ آنا ڀاڙو وٺندا هئا ۽ انهن کي اڳ ۾ بُڪ ڪبو هيو ته اچي گهران کڻي ويندا هئا. ان وقت لاڙڪاڻي ۾ منگل جا بيههَ مشهور هيا. جڏهن ته کارڪن کي لوڻ وجھي نمڪين ٺاهبو هيو. قلفي مَٽَ ۾ ٺاهبي هئي پر پوءِ جڏهن هندستان کان اردو ڳالهائڻ وارا آيا ته نون لڪن ۾ برف جو ڪارخانو لڳو. جتي قلفي به ٺهڻ لڳي جنهن کي نور محمد دهلي والا قلفي والا سان مشهوري ملي. روزگار لاءِ ماڻهو ٿرماس ۾ قلفي وجھي گهٽين ۽ ڳوٺن ۾ وڪڻندا هئا. بندر روڊ تي جيڪو ٽانگا اسٽينڊ ٺاهيو ويو، ان جو خرچ شهداد ڪوٽ جي هڪ ديوان برداشت ڪيو.
    “سنڌي اسڪول ۾ هڪ پائي ڏيندو هيس ته چار شيون ملنديون هيون ـــ سڱر ـــ ڀڳڙا هڪ مُٺي ۽ هڪ چهري شيءِ. جڏهن ته چار ڪوڏيون ڏبيون هيون ته هڪ مُٺ کاڄن جي ملندي هئي. ان دؤر ۾ جيڪي سِڪا هلندا هئا، انهن ۾ ڪوڏيون، پائي، دهلا، ٽڪا، پئسا، آنڪون، ٻيانيون، چار آنا، اٺ آنا ۽ روپيو شامل آهي. ورهاڱي کان اڳ فلم جي ٽڪيٽ اڍائي آنن کان هڪ روپئي تائين هئي. جڏهن ڪا نئين فلم لڳندي هئي ته حاجي نالي هڪ ملازم هٿ وارو گهنڊ کڻي، پوسٽرن کي ٽانگي ۽ ريڙهن تي سجائي فلم بابت ماڻهن کي معلومات ڏيندو هيو.
    “آئون (غلام مصطفيٰ سومرو) فلمن جي شوقَ ڪري سئنيما جي مشين هلائڻ وارو ڪم سکڻ لڳس. رائل سئنيما 1935ع ۾ ٺهي هئي. ان جي افتتاح تي نورجهان ۽ ڪجن بيگم کي گهرايو ويو. مان هميشه بمبئيءَ سان گڏ فلم رليز ڪندو هئس. جڏهن به فلم شروع ٿيڻ واري هوندي هئي ته پينٽ شرٽ پائي ڪلين شيو ٿي اچي بيهندو هيس ۽ ويهندو ان ڪري نه هئس ته متان ڪپڙن جي ڪريز خراب ٿئي. وارن جي وچان سيند ڪڍندو هئس. جيڪي ٻارَ دريءَ مان ٽڪيٽ نه وٺي سگهندا هئا اهي مون وٽ ايندا هئا، جن کان پئسا وٺي کين فلم ۾ ويهاريندو هئس. ان کانپوءِ روي ڪش 1940ع ۾ امپائر سئنيما شروع ڪئي. جنهن تي پهرين فلم ‘هيرو نمبر ون’ هلائي وئي. جنهن جو هيرو هئو ذڪريا خان ... جنهنجو فلمي نالو جنيت (Jayant) هيو. هو بالي ووڊ اداڪار امجد خان جو پيءُ هئو. پاڻ سدائين پرڪاش ڪمپني جي فلمن ۾ ايندو هو ۽ ان ڪمپنيءَ جو زبردست ڪامياب هيرو هو. رائل سئنيما جي مالڪ نگار سئنيما پڻ ورتي، ان کان علاوه موجوده مهراڻ هوٽل رائل هوٽل هو، جيڪو پڻ هن جي ملڪيت هيو، رائل ٽاڪيز وارو ممتاز شانتيءَ جا لائيو پروگرام گهڻا ڪرائيندو هيو، جڏهن ته فلمن جو مقابلوٿيندو هيو يا وري فلم گهڻي هلندي هئي ته سئنيمائن جا مالِڪَ ٽڪيٽ سان گڏ لڏون به ڏيندا هئا.
    “اُنَ زماني ۾ وڏن جو گهڻو ادب ۽ احترام ڪيو ويندو هيو. ڪنهن کي به جرئت نه ٿيندي هئي ته پاڙي ۾ مٿي اگهاڙي گهمي سگهي.... قميض جا بٽڻ کولي هلي، گهٽين ۾ ڪو گانو ڳائي سگهي يا وري ڪا سيٽي وڄائي ۽ بنا ڪنهن ڪم جي گهٽين ۾ گهمي. تڏهن چوري نه هجڻ جي برابر هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته فلاڻي جي مينهن چوري ٿي وئي آهي يا وري گهر کي کاٽ لڳو اٿس.
    چورن ۾ به شناس هوندي هئي. جنهن گهر ۾ قرآن رکيل هوندو هيو يا وري جنهن جو نمڪ کاڌل هوندو هين، اتان چوري نه ڪندا هئا ۽ ڪيل چوري به ڇڏي ايندا هئا. عورتن جو احترام حد کان وڌيڪَ هُيو، ڪا قتل وغيره جي واردات ٿي پوي ته ان جو ڏهڪاءُ سون ميلن تائين ۽ ورهين تائين نه وسرندو هيو. منهنجي زندگيءَ ۾ خون جو پهريون واقعو ٿيو .... امپائر سئنيما ڀرسان ان وقت جي غنڊي امير رند چاڪو هڻي ٻن ڀائرن غلام قادر۽ محمد بخش انصاريءَ کي قتل ڪيو هيو، جيڪي سنڌ جي مشهور اديب الله بخش انصاري عرف انيس انصاريءَ جا ڀائر هئا. ان ڳالهه تي ماڻهن ۾ وڏو خوف، حراس ۽ ڪاوڙ هئي ۽ ماڻهو ايترا ته سادا هئا جو انهن کي اها به خبر نه هئي ته سزا ڪورٽ ڏيندي نه ڪي ڊپٽي ڪليڪٽر جنهن لاءِ هو چئي رهيا هئا ته هاڻي ڊي سي قاتل کي سزاءِ موت ڏيندو. انهن ڏينهن ۾ ماڻهو پوليس کان تمام گهڻو ڊڄندا هئا ڇو جو ان کي اختيار حاصل هئا ۽ رشوت عام نه هئي. جڏهن پوليس نفري گهٽ هوندي هئي ۽ ان وقت گهڻي قدر لٺ هوندي هئي. پوليس واري جو يونيفارم چڍي ۽ ڪارو پٽڪو هوندو هو ۽ کين ڪاري بوٽَ سان ڪارا جورابا پاتل هوندا هئا. ان وقت ايس ايس پي، ڊپٽي ڪليڪٽر يا جج انگريز هوندا هئا، جيڪي پنهنجو ويس مَٽائي رات جو به گشت ڪندا هئا ۽ ستل يا غافل عملدارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪندا هئا. عام ماڻهو انهن جي انصاف مان خوش هيو، تڏهن اها چوڻي ٺهي ته انگريزن جي حڪومت ۾ ٻڪري ۽ شينهن گڏ کائين ٿا.
    “اها هڪ تاريخ آهي ته لاڙڪاڻي شهر ۾ جيڪا سول اسپتال هئي (هاڻي اتي گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول آهي) ان ۾ ليلا نالي ڊاڪٽرياڻي هوندي هئي ۽ ان جو مڙس سام ماڻهن جي وڏي خدمت ڪندا هئا، اسپتال ۾ هٿ وارو نلڪو هئو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هڪ ڪراڙي هندو عورت پنهنجي ٻن مري ويل پٽن جي ياد ۾ لڳرايو هو، جنهن تي لکيل هو “ليلو مري ويو لاهور ۽ گيان گت ٿيو گهاڙ ۾” ڇو جو هن جو هڪ پٽ جڏهن لاهور ويو ته اتي مارجي ويو ۽ ٻيو پٽ گهاڙ واهه ۾ وهنجندي مري ويو.
    لاڙڪاڻي شهر ۾ سڪ پل جو به هڪ اهم ورثو آهي جتي سياسي جلسا ۽ سرڪس ٿيندا ۽ ميلا پڻ لڳندا هئا. انهن يادن ۾ هڪ اهڙو گهر به آهي جنهن تي ڪنهن به حڪومت ڌيان نه ڏنو ۽ نه وري ان کي ڪو قومي ورثو قرار ڏنو. اهو آهي جان محمد جوڻيجي جو گهر، جتي مهاتما گانڌي، قائد اعظم محمد علي جناح، مولانا آزاد، مولانا ظفر علي ۽ ٻيا ڪيترائي تحريڪِ آزاديءَ جا اڳواڻ آيا هئا. جان محمد جوڻيجو، تحريڪ آزاديءَ جو اهم اڳواڻ هو.
    “لاڙڪاڻي شهر ۾ قافلي سراءِ وٽ هڪ فري ڊسپينسري هئي جتي مذهب، نسل رنگ ۽ ذاتِ جي فرقَ کانسواءِ هر غريب کي ڊاڪٽر مفت چڪاس ڪندو ۽ مفت دوا ڏيندو هو. اتي هڪ لائبرري به هئي جتي ٻه آنا ڏئي پڙهڻ لاءِ ڪِتاب ڪِرائي تي کڻبا هيا، جنهن ۾ گهڻي قدر ناول، افسانا ۽ ٻيا ادبي ڪِتاب هوندا هئا. مون کي به ڪِتابن پڙهڻ جو جنون 1943ع کان شروع ٿيو، مان به اتان ڪهاڻين جا ڪِتابَ وغيره کڻي پڙهندو هيس.
    “لاڙڪاڻي کان سکر ريلوي ٽرين جي ٽڪيٽ ست آنا هئي، پر جڏهن جرمني ۽ برطانيا وچ ۾ ٻي عالمگير جنگ لڳي ته اها ٽڪيٽ وڃي 13 آنا ٿي. سنڌ اندر جڏهن 1942ع ۾ وڏي ٻوڏ آئي ته رڪ ۽ جيپ ڪوٽ جون ريلوي لائينون پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويون ۽ لاڙڪاڻي کان سکر لاءِ ريلوي ٽريفڪ بند ٿي وئي. ان تي برٽش حڪومت اهو حڪم ڏنو ته لاڙڪاڻي جا مُسافر ساڳي ڀاڙي ۾ سکر وڃڻ لاءِ ڪوٽڙيءَ کان ڦري وڃي سگهندا. ان زماني ۾ پير صاحب پاڳاري جي مريدن ۽ انگريز سرڪار جي وچ ۾ لڙائي ٿي وئي هئي، ان ڪري جتي رات پئجي ويندي هئي ريل گاڏيءَ کي اتي بيهاريو ويندو هيو ۽ ان جي سنڀالَ برٽش آرمي ڪندي هئي.
    “لاڙڪاڻي اندر پاڙو قافله سراءِ 1942ع واري ٻوڏ کانپوءِ وجود ۾ آيو، جِتي ٻوڏ جي متاثرن کي ترسايو ويو هو. اتي هڪ وڏو دروازو ۽ ٻه ننڍا دروازا هوندا هئا. ٻوڏ جا متاثر پوءِ اتي ئي رهجي ويا جن ان کي آباد ڪيو.
    “جناح باغ جو پهريون نالو ريجھو مل باغ رکيو ويو هيو ۽ ان دوران تجر باغ به سڏبو هو. ماڻهو گهڻي قدر گيان باغ وڃڻ پسند ڪندا هئا، جتي ايندڙن جي هوا لاءِ هڪ وڏو پکو لڳل هوندو هو، اتي عورتن لاءِ به سيتا ديوي نالي پارڪ هو.
    “نگار سئنيما جي سامهون هڪ بوتلن وارو هو تلو ڪومل جنهن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪوبه هن جي بوتل هڪ ساهيءَ ۾ پي وڃي ته هو ان کي 50 روپيا انعام ڏيندو. پر ڪو به ائين نه ڪري سگهيو، ڇاڪاڻ جو اها ڏاڍي تيز هوندي هئي. پيئڻ کانپوءِ اکين، ڪنن ۽ نڪ مان دونهان نڪرندا هئا. ان جي ڀرسان وري لوڪومل ٻِيڙِين وارو هو جنهن وٽ اڍائي آنن ۾ 25 ٻِيڙِين جي هِڪَ پُڙي ملندي هئي. ٻيڙين جي تکي يا هلڪي ذائقي جي نشانيءَ لاءِ انهن کي ڪاري، اڇي ۽ ڳاڙهي رنگَ جا ڌاڳا ٻڌل هوندا هئا. تڏهن ماچيس پائيءَ ۾ ملندو هو. ٻيڙين لاءِ پَنُ هندستان مان ايندو هو. ان وقت ڪجهه سگريٽ به هئا جن ۾ ڪيپسٽن، ٿري ڪيسل، لالٽين وغيره پر اهي گهڻي قدر انگريز يا ٻيا وڏا ماڻهو پيئندا هئا.
    “لاڙڪاڻي شهر جي هر چوڪَ تي لوڪل براڊ ڪاسٽنگ جا لائوڊ اسپيڪر لڳل هوندا هئا، جن تي ماڻهو پنهنجي پسند جا رڪارڊ ٻڌندا هئا ۽ ان جي اسٽيشن تجر بلڊنگ ۾ هوندي هئي. 1954ع ۾ قاضي فضل الله لاڙڪاڻي ۾ جناح باغ جي ڀرسان ٽائون هال تعمير ڪرايو، جتي ادبي، ثقافتي ۽ سرڪاري گڏجاڻيون ٿينديون هيون. جيڪو پوءِ نيشنل سينٽر ٺاهيو ويو، پر هاڻي ان کي ڊاٿو ويو آهي. جڏهن نيشنل سينٽر هو ته اتي سيد خادم حسين شاهه کي ان جو پهريون انچارج مقررر ڪيو ويو. نيڻوءَ جو پٿر مشهور هيو جتي ڀڳت ڪنور رام ۽ ٻيا ڳائڻا اچي ڳائيندا هئا پر اهو پروگرام رات جو 12 وڳي کانپوءِ ٿيندو هو، ڇو جو ان وقت لائوڊ اسپيڪر نه هئا، تنهنڪري رات جي خاموشي ۾ ڳائبو هو. ڀڳت ڪنور رام کي جيڪڏهن ڪو به مسلمان ۽ هندو عرض ڪندو ته هن کي پنهنجي نياڻيءَ جي شادي ڪرائڻي آهي. پر هن وٽ پئسو نه آهي ته پوءِ جيڪي به پئسا ڀڳت کي ملندا هئا هو انهن غريبن کي ڏيندو هيو. هن کان علاوه ان وقت جيوڻي ٻائي ڳائڻي هئي جنهن جو چهرو ته سهڻو نه هئو، پر ان جي آواز ۾ جادو هوندو هو، هن ڳائڻيءَ جو تعلق انڊيا جي شهر جيسل ڀرسان هئو جتان جي جُتي مشهور هئي.
    “ملڪ جي مشهور ڳائڻي عابده پروين جنهن جو تعلق به لاڙڪاڻي سان آهي، جو والد غلام حيدر لاڙڪاڻي ۾ منهنجي ڀاءُ جي دڪان تي ڪم ڪندو هو. جتي هو ڪپڙا استري ڪندو هو. عابده جي ماءُ پنجاپڻ هئي ۽ هوءَ پڻ ڳائڻي هئي. جنهن ڏينهن منهنجي شادي هئي انهيءَ ڏينهن عابده پروين ڄائي هئي. عابده جو پيءُ سندس ماءُ ممتاز سان هارمونيم به وڄائيندو هو. منهنجي ڌيءَ ۽ عابده هڪ ئي پرائمري اسڪول ۾ علي گوهر آباد ۾ پڙهيون آهن. غلام حيدر کي ڪوڙل خان هارمونيم وڄائڻ سيکاريو هئو، جيڪو ميڊم نورجهان سان گڏ هارمونيم وڄائي چڪو هيو ۽ اهو پروگرام لاڙڪاڻي ۾ ٿيو هو. ڪوڙل خان جي ڪم ميڊم نور جهان کي متاثر ڪيو ۽ هن کيس لاهور هلڻ لاءِ چيو، پر هو نه ويو.”


    سنڌي ٿي ساڌٻيلو نه ڏٺو اٿئي.....

    خيرپور ۾ منهنجي ڪِتابَ ڇَپجڻ تي، ڪِتابَ جي پبلشر قُربان منگيءَ هڪ فنڪشن جو بندوبست ڪيو جنهن ۾ شامل ٿيڻ سان گڏ مون شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي شاگردن سان ملڻ ۽ “سفرنامي” تي ليڪچر پڻ ڏيڻ چاهيو ٿي. اَديب دوستن ادل سومرو ۽ ايازگل جي ڪري مون سکر ۾ رهڻ کي ترجھيح ڏني. سکر ۾ پهچڻ سان ٻنهي ڄڻن ماني جي دعوتن جي ڳالهه ڪئي ۽ مونکان پڇيو ته آئون سکر ۾ ڇا ڇا گهمڻ چاهيندس. مون کين صاف صاف چيو ته دعوتن جي چڪر ۾ بلڪل نه پئجو. جِتي آئون رهيل آهيان اتان چانهه سان ماني يا ڊبل روٽي جي سلائيس کائي نڪرندس پوءِ سکر جي ڀُٽا روڊ ۽ ٻين روڊن جا ۽ واڙي تڙ جهڙن علائقن جي سوڙهين گهٽين ۽ محلن جا چڪر هڻنداسين. ڪِٿي ڪا پٺاڻَ جي يا ڪنهن سنڌيءَ جي هوٽل نظر آئي ته اتي چانهه به پيئنداسين ته منجهند جي ماني سان گڏ انهن جي مالڪن ۽ ٻين گراهڪن سان گڏ ڪچهري به ڪنداسين. مونکي سنڌ جي شهرن جون هي گهٽيون آفريڪا جي شهرن ممباسا ۽ دارالسلام، ۽ پراڻي سنگاپور ۽ ڪئالالمپور جون گهٽيون ياد ڏيارين ٿيون.
    “ڀلا سکر جو اوسو پاسو ..... روهڙي، ٺيڙهي يا پير جي ڳوٺَ به هلون؟” اياز گل پڇيو.
    مون ٽهڪ ڏيندي چيو” خبر ناهي ڪيترو وقت ملي پر يارو مونکي ساڌ ٻيلو ضرور ڏيکارجو”
    “ڇو ڀلا رڳو ساڌ ٻيلو؟” ادل سومري تعجب مان پڇيو.
    “ان ڪري ته آئون کلي رهيو آهيان.” مون کين ٻڌايو،
    “آئون 1969 ڌاري جڏهن پهريون دفعو انڊيا جي بندرگاهه ‘ڪنڊلا’ ويو هوس ته اتي جي هِڪَ هندو سنڌي دڪاندار مون کي دڙڪو ڏيندي چيو هو ته تون ڪهڙو سنڌي آهين جو توکي ساڌ ٻيلي جي خبر ناهي. هاڻ سڌو سکر وڃي ساڌ ٻيلو ڏسي پوءِ اچجانءِ.”
    جهاز هلائڻ کڻي اسان جي هٿ ۾ آهي پر ان کي ڪيڏانهن وٺي وڃجي اهو جهاز جي مالڪن جي هٿ ۾ رهي ٿو. اسان ڪولمبو ويندي جهاز جي خرابيءَ ڪري ٻه ٽي ڏينهن گجرات جي هن ڪنڊلا بندرگاهه ۾ گهڙي پيا هئاسين. جيئن ئي انجڻ جي مرمت جو ڪم مڪمل ٿيو ته اسان سڌو سکر وڃڻ بدران ممبئي (انهن ڏينهن ۾ اڃا بمبئي سڏي وئي ٿي)، مئنگلور، ڪاليڪٽ، ڪوچين ۽ تِريواندرم بندرگاهن وٽان لنگهندا اچي سلون (سري لنڪا) جي بندرگاهه ڪولمبو ۾ لنگر ڪيرايوسين.
    آئون دل ئي دل ۾ ياد ڪرڻ لڳس ته ان کي ڪيڏو عرصو ٿيو هوندو. گهٽ ۾ گهٽ چاليهه پنجيتاليهه سالَ..... سٺ واري ڏهي جا آخري سالَ هئا..... مون جهازَ تي نوڪري ڪرڻ جي شروعات ڪئي هئي. اسان هڪ ننڍو ۽ پراڻو جهاز هلائي رهيا هئاسين جيڪو جيئن ئي ڪراچي کان نڪتو ۽ ڪيٽي بندر جي سامهون لنگهي سنڌ جو بارڊر ڪراس ڪيو ته ڍرڪڻ لڳو. اسان چيو ته هن مڙهه کي اڳتي ڌڪي هلڻ بدران ڪنهن ورڪ شاپ جي مدد سان صحيح ڪرڻ کپي جو منجھس خرابيون ايتريون ته وڌي ويون هيون جو سمنڊ تي ترسائي سندس مرمت ڪرڻ اسان جهازَ وارن (مئرين انجنيئرن) جي وس جي ڳالهه نه هئي ۽ موسم به سانوڻي (Monsoon) جي هئي.... ‘ڪيٽي بندر’ ۽ ‘ماندوي’ بندرگاهن وٽ ئي اهو حال هو ته اڃا اڳتي ڏکڻ ڏي وڌڻ معنيٰ الله ڏئي ۽ بندو سهي..... هونءَ به اسانجي جهازران ڪپنيءَ کي جهاز جون اهي خرابيون جپان جي شپ يارڊن مان دور ڪرائڻيون هيون پر جهاز جي مالڪ جي ذهنيت ڳني جي رس وڪڻندڙ جهڙي ٿئي ٿي. هو چيڀاٽيل ڪمندَ کي تيسين پيو مروڙي سروڙي مشين مان گذاريندو جيسين هن کي پڪ ٿي وڃي ته هاڻ هن ۾ رس (Juice) جو هڪ ڦڙو به نه بچيو آهي. جهازَ جو مالڪ به جهاز جي تيسين مرمت تي خرچ ڪرڻ کان پيو ڪيٻائيندو جيسين هن کي لڳي ته هاڻ جي دير ڪندس ته جهاز ٻڏندو. اسان جي جهازَ کي ڪراچيءَ ۾ Repair جي ضرورت هئي پر ڪمپني وارن (يعني مالڪن) کي جو اوچتو ڪولمبو ۽ سنگاپور لاءِ ڪمائتو ڪارگو ملي ويو ته هنن اها مرمت اڳتي جپان يا ڪوريا جي بندرگاهن لاءِ postpone ڪري ڇڏي. پر جهاز هاڻ ماڳهين پڙ هڻي ٿي بيٺو. ايتريقدر جو واپس ڪراچي موٽڻ جي به منجھس سگههَ نه هئي. انڊيا سان هميشه وانگر تعلقات خراب هئا پر جان بچائڻ جهڙن امرجنسي ڪمن لاءِ ڪنهن به ملڪَ جو جهاز رٺل ملڪَ ۾ به وڃي سگهي ٿو. ڀلي کڻي اهو ملڪ اسرائيل هجي يا سائوٿ آفريڪا! سائوٿ آفريڪا سان هاڻ اسانجا تعلقات سٺا آهن، نه ته مونکي ياد ٿو اچي ته انهن ڏينهن ۾ انٽرنيشنل پاسپورٽ ٺهرائبو ته ان تي ٺپو هڻي ڏيندا هئا ته:
    All Countries Except Israel and South Africa
    ڪڏهن اهڙي ايمرجنسي نه ٿي جو اسرائيل وڃڻو پوي پر ڪيپ آف گڊ هوپ واري سمنڊ مان لنگهندي اڪثر سائوٿ آفريڪا جي بندرگاهن ڊرين، ڪيپ ٽائون، پورٽ ايلزبيٿ وغيره راشن پاڻي، علاج ۽ حادثن ڪري يا جهازَ جي مرمت لاءِ لنگهي وڃڻو پيو ٿي ..... جو سمنڊ جو هي حصو جتي هندي وڏو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ اچيو ٿا ملن (يا کڻي چئجي ته ٽڪرائجن) ايڏيون ته ڇوليون ۽ ڪُنَ ٿا پيدا ڪن جو جهازن توڙي جهازين جون اڪثر وايون بتال ٿيو وڃن..... جھونا ته جھونا پر نوان لاٿل جهازَ به هتي جي رکي رکي بگڙجندڙ سمنڊَ جي سَٽَ نٿا جھليو سگهن.
    بهرحال پاڻ هندستان جي بندرگاهه ڪنڊلا جي ڳالهه پئي ڪئي جيڪو سمجھو ته اسان جي ڪيٽي بندر کان يا مٺي ۽ اسلام ڪوٽ کان باءِ روڊ چند وکن تي چئبو. ائين ته ڪيٽي بندر کان پوءِ يڪدم ماندوي بندرگاهه اچي ٿو جتان جا ڪراچي لڏي آيل ماڻهو پاڻ کي “مانڊولا” سڏرائين ٿا، پر ڪنڊلا مانڊوي کان وڏو بندرگاهه آهي. دراصل هندستان جي ورهاڱي کان اڳ تائين يعني انگريزن جي ڏينهن ۾ هن عربي سمنڊ پاسي هيٺ ڏکڻ ڏي بمبئي جو بندرگاهه هو ته مٿڀرو اتر ۾ ڪراچي هو جِتان ننڍي کَنڊ جو سامان ۽ ماڻهو عرب ملڪن يا آفريڪا جي بندرگاهن ڏي ويا ٿي .... خاص ڪري گجرات، سنڌ ۽ پنجاب پاسي جا. هونءَ به هندستان جي گجرات رياست جا ڪڇ ۽ جھونا ڳڙهه وارا ضلعا سنڌ جي ٿرپارڪر ۽ بدين وارن ضلعن سان مليا پيا آهن ۽ مانڊوي، ڪنڊلا، نولکي، اوکا، ڀُڄ، انجار، ٻني، جھام ننگر، گانڌي ڌام جهڙن گجرات جي شهرن لاءِ ممبئي کان ڪراچي ويجھو آهي ۽ مٺي، عمر ڪوٽ، اسلام ڪوٽ جهڙا ٿرپارڪر جا شهر ته ڄڻ ٻن قدمن تي ٿيا.
    بهرحال ورهاڱي کانپوءِ هندستان سرڪار اولهه هندستان (گجرات، راجستان) جي ماڻهن جي سهولت لاءِ ڪنڊلا جي بندرگاهه کي 1950ع ۾ develop ڪيو ۽ اڄ ڪلهه انڊيا جي اولهه واري ڪناري جي مٿين حصي ۾ اهو هڪ اهم بندرگاهه آهي. ڪراچي کان سمنڊ وٺي هيٺ ڏکڻ ڏي لڙبو ته سنڌ جون حدون ختم ٿيڻ بعد ڪڇ جي نار (Gulf of Kutch) ٿي شروع ٿئي جنهن ۾ هي بندرگاهه ڪنڊلا آهي جيڪو ڪراچي کان 256 ميلن جي مفاصلي تي آهي ۽ ممبئي کان 430 ميلن جي فاصلي تي آهي. هي بندرگاهه انجار شهر سان ريل ذريعي ڳنڍيل آهي.
    ڪنڊلا ۾ رهڻ دوران اسان کي گانڌيڌام ڏسڻ جو شوق ٿيو جِتي تمام گهڻا سنڌ کان لڏي ويلَ هندو رهن ٿا. ڪنڊلا جي هِڪَ ٽئڪسين جي سنڌي مالڪ اسان کي گانڌيدام گهمائڻ جو بندوبست ڪيو. هن مونکي سنڌي سمجھي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته اتي رات ٽڪڻ جو بندوبست هن اسان لاءِ ساڌ ٻيلو اپارٽمينٽس ۾ ڪيو آهي جيڪو شِوَ مندر جي ڀرسان آهي. پوـءِ کلندي مون کان پڇيو ته “ساڌ ٻيلو کان ته توهان چڱي طرح واقف هوندائو.” ان وقت اسان کي ڪٿي هئي سنڌ جي ماڳن جي خبر ..... ۽ نه وري ڪا تاريخ ۾ ايڏي دلچسپي هئي. حيدرآباد ۾ رهي ڪري اسان کي ڪچي قلعي ۽ پڪي قلعي ڏسڻ جي به توفيق نه ٿي هئي سو اسان کي ڪهڙي ڄاڻَ ته ساڌ ٻيلو ڪٿي آهي ۽ ڪهڙي اهميت ٿو رکي. اسان کي ته ان وقت دماغَ ۾ رڳو پئرس ۽ لنڊن جا خوابَ هئا. ٽوڪيو ۽ هانگ ڪانگ گهمڻَ جي شوقَ ۾ اچي سامونـڊي نوڪري جي اکڙيءَ ۾ مٿو وڌو هئوسين. بهرحال منهنجي انڪارَ ڪرڻ تي هي همراهه مڇرجي ويو.
    “تون ڪهڙو سنڌي آهين؟ تو ساڌ ٻيلو نه ڏٺو آهي.” هن حيرت مان چيو ۽ پوءِ مونکي تنبيهه ڪئي ته هاڻ هِتان سڌو ساڌ ٻيلي جو رخ ڪجانءِ. ۽ ان “هاڻ پهچڻ” کي به چاليهه سالَ لڳي ويا آهن. اڄ سکر پهچڻ تي مونکي گجرات جي ڪنڊلا جو هندو واپاري ياد اچي ويو جنهن مونکي نصيحت ڪئي ته سفر شروع ڪرڻ کان اڳ پهرين ساڌ ٻيلو جو ديدار ضرور ڪجي ۽ اڄ آئون هن دنيا جا ۽ نوڪريءَ جا سمورا سفر پورا ڪري آخر ۾ سکر پهتو آهيان ...... شايد هيترو وقت داڻو پاڻي نه هو.
    ادل سومري ۽ اياز گل کي چيم ته سائين ٻيا ڪم ڇڏي مونکي ساڌ ٻيلو ضرور ڏيکارجو ..... ان بعد ڀلي سکر مان ڪڍجو.


    ڪڇ ۽ گجرات جا به شاهه لطيف کي پنهنجو سمجهن ٿا

    گجرات جي بندرگاهه ڪنڊلا جو ذڪر ڪندي هڪ ڳالهه ڌِيانَ ۾ آئي ته اڄ جو نوجوان ڪنڊلا ۽ گجرات جي ٻين بندر گاهن ۽ شهرن کان بنهه اڻ واقف آهي پر اسان جا والدين ۽ ڏاڏن نانن جي ڏينهن ۾ جڏهن هو ننڍا هئا ته گهرن ۾ ڪڇ ۽ گجرات جي مختلف شهرن جو ذڪر ٻڌندا هئا جيئن اڄ جا ٻارَ لاهور، پشاور، ملتان اسلام آباد جهڙن شهرن جا نالا ٻڌن ٿا. انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ هندستان هڪ ئي ملڪَ هو جنهن تي انگريزن جو راڄ هو. انهن ڏينهن ۾ تعليمي، واپاري ۽ گهمڻ ڦرڻَ جي خيالَ کان جيڪي اَهم شهر هئا انهن مان بمبئي ۽ پوني شهر اسان کي ويجھا هئا ۽ گجرات جي سڄي رياست ۾ امن امان هو. گجرات تعليم ۽ بزنيس جي لحاظَ کان سڀ کان اتم هئي جو اتي جي راجائن، رئيسن، نوابن، ڀوتارن انگريزن سان مهاڏو اٽڪائڻ بدران انهن جي لائيف اسٽائيل ۽ مغربي تعليم کي فالو ڪرڻ لڳا. پنهنجن ٻارن سان گڏ غريبن جي ويلفيئر ۽ تعليم جو اونو ڪرڻ لڳا. ٻي ڳالهه ته انگريزن جي انتظامي جوڙجڪ مطابق اسان جي سنڌ بمبئي پريزيڊنسي ۾ آئي ٿي ۽ نه لاهور يا دهليءَ سان لاڳاپيل هئي. ان ڪري اسان جا ماڻهو هر ڳالهه لاءِ بمبئي ڏي ويا ٿي. نه فقط تعليمَ لاءِ پر گهمڻ ڦرڻ، ميلا ملاکڙا ڏسڻَ يا پيرن فقيرن جي مزارن لاءِ گجرات جو رُخ رکيوٿي. انڊيا جو ڪڇ وارو حصو، گجرات ۽ ڪجهه ڪجهه راجستان ته ڪيترين ڳالهين ۾ سنڌ ٿي لڳو..... ڪپڙي گندي، کاڌي پيتي، رسم و رواج ۽ زبانَ ۾ هڪ جهڙو ٿي لڳو.
    ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ به ڪڇ ۽ گجرات مان سنڌ جي سڳنڌ آئي ٿي. هڪ ته ورهاڱي بعد سنڌ مان لڏي ويل سنڌين جو وڏو تعداد ڪڇ ۽ گجرات ۾ Settle ٿيڻ ڪري اسان کي جتي ڪٿي سنڌي ڳالهائڻ وارا نظر ايندا هئا ۽ مڪاني ڪڇي، ميمڻ يا گجراتي ماڻهن جي زِبان به سنڌي سان ملڻ ڪري اسانکي پنهنجائي محسوس ٿيندي هئي.
    هونءَ ڏٺو وڃي ته اسان جي والدين يا ڏاڏن پڙڏاڏن لاءِ ڪڇ ۽ گجرات جا شهر ويجھا هئا. ان ڪري تعليم لاءِ اسان جو والد پوني پڙهڻ ويو ته نانو (ناني جو ڀاءُ الهه ڏتو سومرو) جھونا ڳڙهه ويو. ڪڇ ۽ جھونا ڳڙهه جي شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ ۾ شاهه لطيف ڳايو ويو ٿي. اتي رهندڙ ڪيترن سنڌي هندن کان مونکي جيڪي ڪِتاب ملندا هئا انهن ۾ شاهه جي بيتن جا گهڻا هوندا هئا. هڪ مونکي ڪِتاب مليو جيڪو انڊيا ۾ ڇپيو هو، ان ۾ شاهه لطيف جي ڪجهه بيتن بابت لکيل هو ته اهي اسان تائين غلط پهتا آهن جيڪي شاهه لطيف هن ريت چيا آهن. انهن ۾ هڪ بيت جيڪو ستر واري ڏهي ۾ اسان به ڪيترن کان ٻڌو ته:
    مُلان مرئي ماءُ، پتو ڦسئي پيٽ ۾
    ڳوليندي الله، ٽٻيون هڻي ڌوڙ ۾

    ان لاءِ پڻ ان ۾ تفصيلي لاجڪ ڏنو ويو هو ته شاهه لطيف ائين هرگز نه چيو هوندو ۽ پوءِ ان بيت جي صحيح صورت ڏني وئي هئي ته دراصل شاهه لطيف هيئن چيو هو. انهن ڏينهن ۾ مونکي لکڻ پڙهڻ جو ايڏو شوق نه هو ۽ ڪِتابن رکڻ جو ته اڄ به نه اٿم. مون ان قسمَ جي ڪِتابن جو سڄو ڪٻٽ سگا حوالي ڪري ڇڏيو ته ڪنهن اسڪول جي لئبرري کي ڏئي ڇڏين. هينئر منهنجي دل ڏاڍو چئي رهي آهي ته ان ڪتاب مان ڪجهه بيت هتي ڏجن.
    بهرحال شاهه لطيف به ڪڇ ۽ گجرات کي پنهنجو ٿي سمجھيو تڏهن ته هن جي شاعري ۾ هِتي جي ماڳن، ماڻهن، شهرن وغيره جو ذڪر آهي. بقول ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي جي، شاهه لطيف تي جيترو حق سنڌ جو آهي، اوتروئي حق ڪڇ ۽ گجرات جو به آهي. ڪڇ ۾ اندازي موجب هزار کن ڳوٺَ آهن، انهن مان هڪ به اهڙو ڳوٺ نه هوندو، جـِتي لطيف جا بيت/وايون نه ڳايون وينديون هجن. شاهه لطيف لس ٻيلي کان ٿيندو ڪڇ پهتو هو. ڪڇ جا جت، ڀٽ ڌَڻيءَ جا سچا شيدائي آهن. شاهه صاحب لاکي ڦُلاڻي ۽ جکري کي پنهنجي ڪلامَ ۾ درج ڪيو آهي. گڏوگڏ شاهه جي رسالي ۾ ڪڇ جون تاريخي ڪَٿائون (ڪهاڻيون) به آهن، ته وري ڪڇ جي مشهور تيرٿ ڌام، “نارايڻ سروور” ۽ “ڪوٽيشور” هنڌن جو ذڪر به آهي. شاهه صاحب کي هندو مسلمان لاءِ ڪو به ڀيد ڀاو ڪونه هو. ڪڇ جي لوڪ ڪهاڻين ۾ لاکي ۽ سندن لکي گهوڙيءَ جو ذڪر به ڪيو آهي:
    لاکو لکيءَ تي چڙهيو، “لکي” لاکي هيٺ....... (سر ڏهر)
    سنڌ جو سيلاني ڀِٽائي گهوٽ، ڪوٽيشور جي زيارت لاءِ پڻ ڪَهي ويو هو. اتي جوڳين ۽ ڀڀوتين جي حالت اهڙي ته وڻيس، جو چيائين:
    اوڏو آهي الله، ڪوٽي سور جي ڪنڊ ۾
    (سُر رامڪَلي)
    ڪوٽيشور (يا ڪوٽي سور)، نکتراڻا، ڀُڄ، انجار ۽ ان جي اتر ۾ “ٻني” (جنهن کي ٻنئي به سڏجي ٿو ۽ جيڪو ايشيا جو وڏي ۾ وڏو چراگاهه وارو علائقو مڃيو وڃي ٿو ۽ جِتي 23 قسمن جو گاهه پيدا ٿئي ٿو)، لکپار، رام وادي، حاجي پور، ماندوي، راجڪوٽ، پُور بندر، جام نگر، ڪنڊلا، ڀاوَ نگر، ڀاڳنا ڳڙهه، ويراوال (جِتان سومناٿ مندر ڏي رستو وڃي ٿو)، جھونا ڳڙهه، ڪتيانا (جتي جا ڪراچي ۾ لڏي آيل مسلمان ڪتينا ميمڻ سڏجن ٿا)، اوکا (جتي جا ڪراچيءَ ۾ لڏي آيل اوکائي ميمڻ سڏجن ٿا) ۽ پالنپور وغيره ڪڇ ۽ گجرات جا ته شهر آهن جيڪي اڄ جي نوجوانن لاءِ ته کڻي نوان نالا هجن پر اسان جڏهن ننڍا هئاسين ته پنهنجن وڏن کان هر وقت ٻڌندا رهياسين ٿي جو انهن جو انهن شهرن ڏي وڃڻ ٿيندو هو. اڄ کان سؤ سال کن اڳ تائين جڏهن ڪار، هوائي جهازَ يا ريلَ جو سفر عام ماڻهو لاءِ ناممڪن هو ۽ جڏهن سواري جو سستو ۽ آسان ذريعو وهٽن (اٺ، گهوڙي، گڏهه) ذريعي يا پيادل پنڌ هو ته اسان جي گهڻي اچ وڃ مٿين شهرن ۽ ماڳن ڏي هئي.
    ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد ۽ ٻنهي ملڪن جي خراب تعلقات ڪري اسانجو هڪ ٻئي جي ملڪَ ۾ وڃڻ نٿو ٿئي .... ان ڪري جاگرافي کان اڻواقفڪارن کي شايد اها به خبر نه هجي ته ڪراچي کان جيترو لاهور پنڌ آهي ان کان گهٽ پنڌ تي ممبئي آهي ۽ حيدرآباد يا ميرپور خاص ته اڃان به ويجھي آهي. ڪراچي کان ممبئي باءِ ايئر ايترو ئي فاصلو آهي جيترو ڪراچي کان فيصل آباد. جيترو پنڌ ڪراچي کان حيدرآباد آهي اوترو گجرات جي مـشهور شهر راجڪوٽ کان اسان واري يعني سنڌ صوبي جي حيدرآباد تائين آهي. ڏٺو وڃي ته ڪراچي کان ڏيپلو يا راحمڪي جيترو پنڌ آهي ان کان گهڻو گهڻو گهٽ فاصلو گجرات جي شهر ڀُڄ (Bhoj) کان ڏيپلي تائين آهي. ان کان علاوه ڪڇ يا گجرات ۾ ڳالهايون ويندڙ زبانون توڙي رسمون رواج ۽ تهذيب تمدن سنڌ سان گهڻو ملن ٿيون. ان ڪري پاڪستان ٿيڻ کان اڳ سنڌ جا ماڻهو لاهور، سرگوڌا، پشاور، جھلم وغيره وڃڻ بدران هيٺ ڏکڻ ڏي ڪڇ ۽ گجرات جي شهرن ڏي ويا ٿي. ظاهر آهي شاهه لطيف جو به هنن پٽن ڏي خشڪي رستي ته وڃڻ ٿيو پر سندس سامونڊي ڄاڻَ مان لڳي ٿو ته هن جو By Sea به اوڏانهن وڃڻ ٿيو هوندو. بهرحال شاهه سائين پنهنجن بيتن ۾ نه رڳو گجرات جي بندرگاهن ۽ شهرن جي ڳالهه ڪئي آهي پر عدن، سريلنڪا ۽ جاوا (انڊونيشيا) جي پڻ ڪئي آهي:

    موٽِي مانڊاڻِ جي، واري ڪَيائين وارَ:
    وِڄُون وَسَڻ آئيُون، چَؤڏِس ۽ چَوڌار،
    ڪي اُٿِي ويئيُون اِستَنبول ڏي، ڪي مِڙِيُون مَغرَب پارَ؛
    ڪي چِمِڪَن چينَ تي، ڪي لَهَنِ سَمَرِقَنديُن سارَ؛
    ڪي رَمِي ويئيُون رومَ تي، ڪي ڪابُلَ، ڪي قَنڌار؛
    ڪي دَهِليءَ، ڪي دَکَنِ، ڪي گُڙَن مَٿي گِرنارَ؛
    ڪَنهِين جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏنا بيڪانِير بَڪارَ؛
    ڪَنهِين ڀُڄُ ڀِڄائيو، ڪَنهين ڍَٽَ مَٿي ڍارَ؛
    ڪَنهيِن اَچي اَمرَ ڪوٽَ تان، وَسايا وَلهارَ؛
    سائينِم! سدائين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ؛
    دوست! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرين.


    شاه لطيف ته سنڌ لاءِ به دعا گهري هئي...

    هندستان جي گجرات ۽ راجستان رياستن جي شهرن ۾ ويندي مونکي عجيب پنهنجائپ جو احساس ٿيندو آهي...... مونکي ڪيترين ڳالهين مان سنڌ جو هڳاءُ ايندو آهي.... ۽ جن ڏينهن ۾ جهازن ڪري گجرات جي بندرگاهن: مانڊوي، ڪَنڊلا، نوَلکي، اوکا، پُور بندر، ويراول (سومناٿ مندر وارو)، دِيوُ (پورچوگالين جي قبضي وارو)، ڀاوَنگر، مندرا، ڪئمبي (جتي نرمادا ندي ڇوڙ ٿي ڪري) ۾ وڃڻو پوندو هو، خاص ڪري سٺ ۽ ستر واري ڏهي ۾ ته هيڪاندو، مڪاني ماڻهو توڙي سنڌ کان لڏي آيل ماڻهو اسان کي پنهنجو سمجھندا هئا. وقت سان گڏ وڇوٽيون ۽ دوريون پوڻ ۽ پراڻن ماڻهن جي موڪلائڻ بعد ڏسان پيو ته اڄ احمد آباد، بڙودا ۾ رهندڙ اسان جي ڳوٺ جي سنڌي هندن جي اولاد ۾ اُها سِڪَ ۽ پنهنجائپ نه رهي آهي. ظاهر آهي هنن جي دنيا توڙي دلچسپيون هاڻ مختلف ٿينديون وڃن ٿيون. ساڳيو حال اسان وٽ آهي ..... وڌ ۾ وڌ منهنجي ٽهيءَ جا بچيل ماڻهو ۽ ڪجهه نوجوان اديبَ، ڪوٽيشور، جھوناڳڙهه، دوارڪا، هسار، ڍٽ، بڪانير، اڌيپور، جوڌپور جهڙن شهرن جا نالا ٻڌي پنهنجائپ محسوس ڪن ٿا يا گهڻي مطالعي وارا ڪجهه اُهي نوجوان ٽهي جا اَديبَ ۽ شاعِرَ جن مومل راڻو، دودو چنيسر يا راءِ ڏياچ جي قِصن ۽ واقعن کي چڱيءَ طرح پڙهيو ۽ سمجھيو آهي ..... ٿوري گهڻي جاگرافيائي ڄاڻ رکن ٿا. نه ته ٻين لاءِ اهڙن شهرن جا نالا باعثِ حيرت آهن ته اهي ڪهڙي کنڊَ ۾ آهن.... ڏکڻ آمريڪا يا آفريڪا ۾! اهو سڀ ان ڪري جو اسان انسانن ڌرتي تي پنهنجون سيمائون ڪڍي انهن ليڪُن لڪيرن کي ٽپڻ کان پاڻ کي پابند ڪري ڇڏيوآهي ..... اسين انسان پاسپورٽن ۽ ويزائن جي چڪر ۾ جڪڙجي ويا آهيون ..... چٽگانگ شهر جيڪو ڪنهن زماني ۾ پاڪستان جو شهر هو. هر سال ٿيلهو ٺاهي تعليم لاءِ پهچي ويندو هوس .... ان بعد شروعاتي ڪجهه سالن لاءِ مون جيڪي جهازَ هلايا انهن جو هوم پورٽ چٽگانگ رهيو. اسان يورپ ۽ آمريڪا بعد اسانجو جهاز ڪراچي يا چٽگانگ ايندو هو ته اسان لاءِ ساڳي ڳالهه هوندي هئي. اسان لاءِ ٻئي هوم پورٽ ... يعني پنهنجو گهر هو. پوءِ هڪ ڏينهن يورپ کان چٽگانگ موٽندي اسان جي جهازَ کي ٻاهر کلئي سمنڊَ ۾ بيهاريو ويو ته خبردار جو اندر گهڙيا آهيو.... چٽگانگ هاڻ توهانجو هوم پورٽ نه رهيو آهي.... اهو هاڻ مشرقي پاڪستان ۾ نه پر بنگلاديشَ ۾ آهي. سياسي پابندين ڪري اڄ اسان لاءِ چٽگانگ ۽ ان جي آسپاس جا سهڻا ساوڪ وارا شهرَ سلهٽ، ڍاڪا، جيسور، راجشاهي وغيره وغيره جيڪي اسان لاءِ حيدرآباد، ٺٽي، نوابشاهه ۽ ڄامشوري جيان هئا اڄ بنگلاديش نالي ڌارئين ملڪ جا ٿي ويا آهن. اڄ انهن شهرن ۾ رهڻ يا گهمڻ ڦرڻ اسان لاءِ ڄڻ ته خواب آهي ...هڪ سندر سپنو آهي.
    ماضي ۾پاڪستان جو ٻيو حصو مشرقي پاڪستان جيڪو اڄ بنگلاديش نالي ڌاريون ملڪ ٿي ويو آهي مفاصلي جي لحاظ توڙي ڪلچر، ثقافت، کاڌي خوراڪ توڙي زبان جي خيال کان وري به اسان کان پري هو.... پر اسان جهڙو اسان سان ڳنڍيل ڪڇ، گجرات، راجستان به هندستان جي ورهاڱي ۽ سياسي پابندين بعد اسان لاءِ هڪ گمنام دنيا جو حصو ٿي ويو آهي. اسان وٽ بس اسٽاپن، ريلوي اسٽيشنن، هوٽلن ۽ مسافر خانن ۾ آيل پرديسين واتان ڪٿي ٿو جھوناڳڙهه، ڍٽ، گرنار، راجڪوٽ، جوڌپور، بڪانير، اجمير، جئپور ۽ ماناوادر جو نالو ٻڌجي. هِڪَ مزيدار ڳالهه سوچڻ جي آهي..... پکي جيڪڏهن اسان وانگر ڳالهائي سگهن ها ۽ اسان هنن جي زِبانَ سمجهي سگهون ها ته اسان جا Migratory پکي: ڪونجون، آڙيون تلور ته کڻي تاشقند، لينن گراڊ، منگوليا ۽ سائبيريا جون ڳالهيون ڪن ها پر اسان جا ملڪي پکي ڪانگ، ڪٻرون، سرڻيون ۽ طوطا ڪجهه اهي ئي خبرون ڪن ها ته اسين ڪجهه ڏينهن لاءِ ڀُڄُ ويا هئاسين.... جيسلمير.... يا بڪانير ويا هئاسين.... ڇو جو پکين کي پاسپورٽ ۽ ويزا جي ضرورت ناهي.... هنن لاءِ ڪڇ، گجرات ۽ راجستان نه رڳو ويجھا آهن پر موسم ۽ ماحولَ ۾ به سنڌ جهڙا آهن. عمر ڪوٽ، مٺي، بدين يا اوٻاوڙي جو ڪو بيوقوف ڪانگ يا طوطو هوندو جو چڪر لاءِ ڀُڄ، مُندرا، هسار يا جيسلمير بدران لاهور، پشاور يا سبي چمن ويندو هوندو . شاهه لطيف به انهن پاسن جو احوال پنهنجن بيتن ۾ سرس ڏنو آهي. چي:

    ڍَٽ ڍري پَٽِ پيئون ٿيا ولهارن وي.....

    سر سارنگ ۾ هڪ ٻئي هنڌ شاهه لطيف فرمائي ٿو:

    ڍَٽِ ڍَري پَٽِ پيئون، وِڄن ڪيا ڌَرَمَ
    واحد وڏائي ڪيا، ڪُنڍِنِ ساڻ ڪرم
    سنگهارن شرم، رک منهنجا سپرين!

    ڪراچي جي هڪ گرلس ڪاليج ۾ سنڌي ادبي فنڪشن ۾ B.A جي شاگردياڻين کان شاهه لطيف جي “سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار......” واري بيتَ ۾ آيل شهرن جي نالن ۾ هڪ “بيڪانير” جو پڇڻ تي مونکي حيرت ٿي ته ڪنهن هِڪَ به نه ٻڌايو ته اهو ڪهڙي ملڪ جو شهر آهي. ڪي استنبول وانگر بڪانير کي به ترڪي جو شهر ٻڌائڻ لڳيون ته ڪي ممباسا ۽ دارالاسلام وانگر آفريڪا جي ملڪ جو ..... جيتوڻيڪ اتر سنڌ جي شهرن اٻاوڙو يا ٺاروشاهه پاسي بارڊر کان بڪانير ٻه اڍائي سؤ ڪلوميٽر مس آهي.... جيئن کپرو کان انڊيا جو شهر جوڌپور آهي. اسانجي ٿرپارڪر واري شهر اسلام ڪوٽ کان توهان 300 کن ڪلوميٽر (يعني 180 ميل) اوڀر پاسي ويندائو ته راجستان جي شهر اڌيپور پهچي ويندائو ..... پر جي ايترو ئي فاصلو هيٺ ڏکڻ ڏي ويندائو ته ڪڇ (گجرات) جي شهر ڀُڄ (Bhuj) ۾ پهچي ويندئو.
    انڊيا سان تعلقات نه هجڻ ڪري اسان فقط پنجاب ۽ بلوچستان صوبن ڏي وڃون ٿا پر سنڌ جي چوڌاري بارڊر (parameter) جا جيڪڏهن نَوَ حـِصا ڪيا وڃن ته هڪ حصو جيڪو اولهه ۾ هيٺ آهي ان جي چوڌاري سمنڊ آهي ان بعد ٻه حصا اولهه ۾ ۽ اڌ حصو اتر ۾ بلوچستان جو پهاڙي علائقو آهي يعني اتي آمدرفت ايڏي سولي ناهي. ان بعد اتر جو باقي اڌ حصو پنجاب سان مليل آهي. ان پاسي آمدرفت هينئر توڙي پراڻي وقتن ۾ ٺيڪ ٺاڪ هئي ۽ ان حصي مان سنڌو ندي پڻ وهي ٿي ان ڪري خشڪي توڙي درياهه ذريعي سفر هلندو اچي پر ان پنجاب صوبي جي مقابلي ۾ هندستان جي راجستان رياست سنڌ جي سموري اڀرندي بارڊر سان ڄڻ چھٽي پئي آهي ۽ سنڌ جي بارڊر جي نون حصن مان ٽي حصا يعني راجستان پنجاب کان ڇهوڻو وڌيڪَ سنڌ سان ڳنڍيل آهي. اهڙي طرح سنڌ جو ڏکڻ وارو سڄو بارڊر جيڪو ٻه حصا آهي اهو گجرات صوبي جي ڪڇ ضلعي سان مليل آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ جي بارڊر وارو اولهه وارو هڪ حصو جيڪو سمنڊ آهي اهو به گجرات سان ئي ڳنڍيل ٿيو جو ڪراچي کان بلوچستان پاسي فقط هڪ بندرگاهه آهي پر ٻئي پاسي گجرات ڏي قدم قدم تي بندرگاهه آهن. انڊيا جي سختي جي باوجود اڄ به اسان جا ڪراچي ۽ ڪيٽي بندر جا مهاڻا ڀُلَ چُڪَ ۾، مجبوري ۾، يا ڪڏهن ڪڏهن ڄاڻي ٻجهي ڪڇ جي بندرگاهن: ابداسا، مانڊوي، ڪنڊلا ۽ پور بندر کان وڃيو نڪرن.
    سنڌ جي اوڀر واري بارڊر جا ڳوٺ، گهوٽڪي ۽ سکر کان ڏسبو ته سنڌ جو سَنڍُ ڳوٺ راجستان جي تانوت ۽ خانڳڙهه ڳوٺن جي ايترو ويجھو آهي. جيترو حيدرآباد کان ڄامشورو. توهان گهوٽڪي ضلعي جي ڪانگن ڪٻرن کي پيرن ۾ ڇلا يا ڪا ٻي نشاني ٻڌي ڇڏيو.... شامَ ڌاري انهن مان اڌ توهان کي راجستان جي بارڊر وارن ڳوٺن خانڳڙهه، شاهڳڙهه، گهوتارو ۽ سووار ۾ ملندا. سنڌ جا ڳوٺَ مٺڙائو ۽ ميراهو گجرات جي گهوتارو ۽ شاهڳڙهه جي ائين ويجھو آهن جيئن حيدرآباد کان مٽياري..... يا دادو کان خيرپور ناٿن شاهه. نه رڳو ويجھا آهن پر شڪل شَبيهه ۽ حالتن ۾ به اسان جي سنڌ جي ڳوٺن جهڙا آهن. اهي ئي ڪچا گهر، ڪکائيون ڇتيون، رات جو اڱڻ ۾ سمهڻ لاءِ وڇايل کٽون ۽ اجرڪن ۽ رلهين جھڙيون چادرون.... گهر گهر ۾ ڪڪڙيون، گهٽي گهٽي مان لنگهندڙ ڍڳيون ٻڪريون، وڻ هيٺان رکيل گهڙا منجيءَ تي رکيل ٻه دلا يا مٽَ، جن جي وچ ۾ جست جو گلاس يا ٺڪر جي جمني. مردن سان گڏ عورتون به ٻني ٻاري يا اڻت جي ڪم ۾ مشغول .... جن جي اڳيان پير اگهاڙا ۽ چتين لڳل ڪپڙن ۾ راند کيڏندڙ ٻار..... توهانکي راجستان پاسي جا ڳوٺَ سکر ۽گهوٽڪي ضلعن جا ڳوٺَ لڳندا.... توهان کي ڪَڇَ جا گهرَ ۽ گهٽيون عمر ڪوٽ، مٺي، ڇاڇري جون لڳنديون.... پر يارو هڪ ڳالهه غُور سان ٻڌو.... اها مشابهت ماضيءَ جي گذريل صدي جي سٺ ۽ ستر واري ڏهي جي آهي جڏهن اسانجي ڪمپني جي ننڍن ۽ پراڻن جهازن “پنجند”، “مَڪران” ۽ “روپ سا” جهڙن کي ڪراچي کان ڪولمبو ۽ ڪولمبو کان چٽگانگ وٺي ويندا هئاسين ته احتياطً هندستان جي ڪناري سان لڳ لڳ هلندا هئاسين، جيئن سانوڻيءَ جي موسم ۾ خراب سمنڊ ۽ طوفانن ۾ جيڪڏهن جهازَ سَٽَ نه جھلي سگهي ۽ ڪنهن نقصانَ جو خطرو ٿي پوي يا انجڻ خراب ٿي وڃي ته پنهنجي حفاظت ۽ جهازَ جي بچاءَ لاءِ انڊيا جي ڪنهن ننڍي بندرگاهه ۾ ئي سهي، داخل ٿي مدد وٺي سگهون.
    سالَ ٻه اڳ آمريڪا ۾ رهندڙ منهنجي پيٽارو جي هندو دوست جي پُٽَ جي شادي لاءِ راجستان جي شهر بيڪانير ويس ان بعد گجرات رياست جي شهرن: ڀڄ، راجڪوٽ ۽ جھونا ڳڙهه بس ذريعي ويس .... جنهن ڪري رستي تي ڳوٺن مان به گذر ٿيو ٿي. سائين راجستان ۽ ڪڇ گجرات جا ڳوٺَ هاڻ سنڌ جي مِٺي، عمر ڪوٽ، ڏيپلو، بدين توڙي اٻاوڙو، گمبـٽ ۽ ٽنڊو مستي خان جهڙا نه رهيا آهن..... جتي ڪٿي خوشحال ۽ ساوڪَ نظر آئي ٿي ماڻهن جي جِسمَ تي سٺي پوشاڪَ ۽ چهرن تي مُرڪَ نظر آئي ٿي.... ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڪارخانن ۽ فئڪٽرين جون چمنيون نظر آيون.... ٻهراڙي ۾ گرڊ اسٽيشنون، ٽرئڪٽر ۽ ٿريشر مشينون نظر آيون .... جِتي ڪِٿي ٽوئرسٽ نظر آيا..... مُنهنجي خيالَ ۾ جيترا مونکي ڀڄ شهر ۾ فارينر نظر آيا ان جو ڏهون حصو موهن جو دڙو تي به نه آيا..... انڊيا ڪو مَڪو مدينو نه ٿي ويو آهي ..... منهنجو مطلب آهي ان جهڙو امن امان ناهي ته به ايترو ته آهي جو دنيا جي ٻين ملڪن جا ٽوئرسٽ ته ڇا جپانَ جون ڇوڪريون رات وارين بسين ۾ پيون سفر ڪن. اهو ئي حال بيڪانير ۽ ڍٽ پاسي ڏٺم....... اسان جي سهڻي لطيف انهن سڀني علائقن سان گڏ سنڌ لاءِ به دعا ڪئي هئي ته “سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار” پوءِ اڄ باقي عالم ته آباد ۽ خوشحال ٿي ويو آهي پر اسانجي سنڌ ۾ ڇو ايڏي غربت ۽ بدحالي آهي..! هن ايڪهين صدي ۾ به سنڌ جا ڳوٺَ ڪارخانن ۽ فئڪٽرين کان خالي آهن .... جن ۾ اسان جا مڪاني ماڻهو روزگار ڪمائي سگهن.... موهن جو دڙو، اروڙ، ساڌ ٻيلو، ستين جو آستان، ڪوٽ ڏيجي، ڀنڀور هوندي به ڪو ٽوئرسٽ اسان وٽ نٿو اچي... اسان وٽ امن امانَ جي اهڙي ته خراب حالت آهي جو جپاني ڇوڪريون ته نظر نٿيون اچن پر آفريڪا جا شيدي مردَ به اسان وٽ اچڻ کان ڪيٻائين ٿا.... حالت اهڙي آهي جو مسجدن مان ٻانگا ۽ نمازي، ته اسڪولن ۽ اسپتالن مان ماستر ۽ ڊاڪٽر پيا اغوا ٿين .... ماڻهن جو پوليس مان ئي وشواس کڄي ويو آهي ... ڇو جو لڳي ٿو ته اسانجي پوليس فورس به اسٽيٽ طرفان عوام جي حِفاظت ۽ خدمت ڪرڻ بدران تر جي ڀوتارن جي غنڊا فورس بنجي چڪي آهي ..... جن ڀوتارن جي اثر رسوخ سان هنن جون بدليون ۽ ترقيون ٿين ٿيون......


    ڪارا ڪنگڻ ۽ هاڪڙو

    سکر ۽ ساڌ ٻيلو جو احوال لکڻ کان اڳ هتي ڪجهه سٽون بيڪانير، جيسلمير، ڍٽ ۽ ڀوڄ بابت لکندس جن شهرن جا شاهه لطيف پنهنجي شاعري ۾ نالا کنيا آهن ته:
    ڪنهين جنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار،
    ڪنهين ڀُڄُ ڀڄائيو، ڪنهين ڍَٽَ مَٿي ڍار.............

    بيڪانير بابت اسانجي B.A جي شاگردياڻين کان جڏهن پڇيم ته هنن مان هڪ به صحيح جواب نه ڏنو. ڪنهن بيڪانير کي ترڪي جو شهر سمجهيو ته ڪنهن اسپين جو..... ڪنهن ڪينيا آفريڪا جو ته ڪنهن سائوٿ آمريڪا جو..... هڪ ته چيو ته سامونڊي قذاقن کي بڪانير سڏجي ٿو.
    دراصل جيسلمير، بيڪانير ۽ گرنار وغيره هندستان جي رياست راجستان جا شهرَ آهن جيڪا رياست سنڌ جي سڄي اوڀر واري بارڊر سان ائين مٿي کان هيٺ تائين ملي پئي آهي جيئن سئيڊن ناروي سان.... يا کڻي چئجي ته ڪئناڊا جو ڏاکڻو سڄو بارڊر آمريڪا (USA) جي اتراهين بارڊر سان مليل آهي. اسان اهڙي طرح ڳنڍيل ٻن ملڪن، رياستن يا ضلعن لاءِ چوندا اهيون ته ٻکن ۾ آهن يعني ڀاڪرن ۾ آهن.
    ايراضي جي لحاظ سان راجستان هندستان جي سڀ کان وڏي رياست آهي..... آدمشماري جي خيالَ کان هرگز نه جو سندس وڏو حصو ٿر وارو بيابان ريگستان (Great Indian Desert) آهي. اهو “ستلج انڊس” ماٿري جي بلڪل Parallel آهي. بهرحال راجستان رياست جيڪا پکيڙ ۾ ساڍا ٽي لک کن چورس ڪلوميٽر ٿيندي، سڄي هندستان جو ڏهون حصو آهي. هونءَ اها ايراضي ڪا گهٽ ناهي. اسان وارو پنجاب هيڏو وڏو صوبو آهي ته به راجستان کان ننڍو آهي ۽ سندس پکيڙ به ٻه لک کن چورس ڪلوميٽر آهي.انڊيا جي هن رياست جيڏا ڪجهه ملڪ هن ريت آهن: جپان، جرمني، ڪانگو، فنلئنڊ، ويٽنام، ناروي، ملائيشيا وغيره .... جيڪي پوڻن چئن لکن کان سوا ٽي لک چورس ڪلوميٽر پکيڙ جا آهن.
    اسان وارو بلوچستان صوبو جنهن جي ايراضي 347000 چورس ڪلوميٽر آهي بلڪل راجستان جيڏو صوبو آهي. جابلو علائقو ۽ پاڻي جي کوٽَ هجڻ ڪري اسانجي بلوچستان جي آدمشاري به گهٽ آهي، اٽڪل هڪ ڪروڙ کن پر سائين انڊيا جي راجستان رياست جي آڊمشماري گهٽ ۾ گهٽ ته به ست ڪروڙ آهي ۽ مهاراسٽرا صوبو جنهن ۾ ممبئي ۽ پوني جهڙا شهر اچي وڃن ٿا ان جي آدمشماري يارهن ڪروڙ آهي. اهڙي طرح سنڌ جي چار ڪروڙ کان مٿي آهي جنهن مان چيو وڃي ٿو ته فقط ڪراچي جي ٻه ڪروڙ آهي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته هندستان جي ورهاڱي کان اڳ تائين هن رياست راجستان جو نالو “راجپوتانا” هو جنهن ۾ 18 نوابي رياستون ۽ هڪ “اجمير مروارا” نالي ضلعو انگريزن جي هٿ هيٺ ائين هو جيئن ملائيشيا ۾ ملئي سلطانن جي رياستن جي وچ ۾ پينانگ، ملاڪا يا سنگاپور ٻيٽ ..... جيڪي علائقا انگريزن ملئي حاڪمن کان اٽڪلون سٽڪلون ڪري هٿ ڪيا يا ڪجهه پئسا ڏئي پينانگ ۽ سنگاپور جهڙا ويران ٻيٽ خريد ڪري انهن کي آباد ڪيو .... يا وري اهي شهر، ضلعا يا ٻيٽَ جن تي اڳهين يورپي قومن جو قبضو هو انهن سان انگريزن وڙهي جڙهي انهن کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو .... ڇو جو اسانجي ننڍي کنڊَ توڙي سري لنڪا (سلون)، ملايا (ملائيشيا) ۾ پهرين ڊچ ۽ پورچو گالي آيا جو اهي انگريزن کان به بهتر جهازران (Navigators) هئا ۽ آفريڪا وارو “ڪيپ آف گڊ هوپ” وارو ڏکيو سمنڊ لتاڙي ايشيا جي ملڪن ۾ اچي نڪتا. اسان جي ننڍي کنڊ ۾ انگريز اچن ان کان گهڻو گهڻو اڳ پورچوگالي سنڌ ۾ ٺٽي ۽ گجرات ۾ گوا پاسي پهتل هئا. اهڙي طرح ملايا ۽ انڊونيشيا ۾ هو. پر انگريز بهتر ائڊمنسٽريٽر، ڊپلوميٽ ۽ هر ڳالهه کي دور انديشي جي نظرَ سان ڏسڻ وارا ۽ سٺي پلاننگ ڪري (منفي طرز جي ئي سهي) ڌارين جي ڌرتي تان نه فقط ڦر لٽ ڪئي ٿي پر ان تي ڄمائي وهڻ جو بندوبست به ڪيو ٿي.
    راجستان رياست ۾ ڪيترائي آڳاٽا ۽ تاريخي شهر آهن. ڪيترن جي ڌرمي حيثيت هجڻ ڪري ملڪي توڙي غير ملڪي هندو، سک ۽ مسلمان اچن ٿا. اڄڪلهه جئپور شهر راجستان جي گادي جو شهر آهي. هونءَ ڏٺو وڃي ته راجستان دنيا جي پراڻي “سنڌو ماٿري تهذيبَ” جو حصو آهي ۽ هتي جي هنومان ڳڙهه ضلعي جو شهر “ڪالي بئنگن” سنڌو ماٿري تهذيبَ جو صوبائي راڄ ڌاني رهيو. بيڪانير جي منهنجي هڪ سک ڪئپٽن دوست تيجپال سنگهه ٻڌايو ته اهو لفظ ڪالي بنگان دراصل پنجابي جو لفظ ڪالي ونگان هو جنهن جي معنيٰ هٿن جا “ڪارا ڪڙا” (Bangles) آهي. هن مونکي پنجابي جو هڪ راڳ “هٿان تي سوني، ديان ونگان”به ٻڌايو هو. ڪوٽڏيجي ۽ ڀنڀور جهڙو هي آڳاٽو ۽ ڊٺل شهر ڪالي بنگال (Kalibanggan) گهگر هاڪڙو ندي جي کاٻي ڪناري (يعني ڏکڻ طرف آهي). ٿورو لهوارو هلڻ تي هڪ ٻيو جنگشاهي جهڙو ٽائون ۽ ريلوي اسٽيشن پيلي بنگان نالي آهي جنهن جي معنيٰ هئڊا ڪڙا (ڪنگڻ) آهي. رابرٽ رائيڪس نالي هڪ انگريز جنهن هڙپا، موهن جو دڙو ۽ ڪالي بنگان تي تحقيقي مضمون لکيو آهي، ان جو چوڻ آهي ته ڪالي بنگان هڪ سر سبز ۽ پنهنجي وقت جو قديمي شهر هو جيڪو هي درياهه “گھگھر ـــ هاڪڙو” سڪڻ بعد برباد ٿي ويو. هن شهر جي سائيٽ بڪانير شهر کان 200 کن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. جيئن موهن جو دڙو سِڌين گهٽين، تالابن ۽ لوهه جي شين کان مشهور آهي تيئن ڪالي بنگان پڻ بهترين ٽائون پلاننگ ۽ کيڙيل زمينن کان مشهور آهي. ان کان علاوه هن شهر جي سڃاڻپ اگني مندر (Fire Altars) آهي جنهن مان لڳي ٿو ته هتي اگني ديوتا جي پوڄا هلي ٿي.
    ڪالي بنگان کنڊرن جي معلومات سؤ سال کن اڳ اٽلي جي شهري تيسيٽوريءَ (Luigi Pio Tessitori) ڏني. هي همراهه جيڪو اٽليءَ جي شهر Udine ۾ 1877ع ۾ ڄائو عجيب ماڻهو هو. هن کي انڊيا جي وڏي ڄاڻَ هئي. هن اٽليءَ جي يونيورسٽي آف فلورينس مان 1910ع ۾ Humanities ۾ ايم اي ڪئي جنهن ۾ هن جا سبجيڪٽ سنسڪرت، پالي ۽ پراڪرت زبانون هيون. اهڙي ڄاڻَ رکڻ بعد هو انگريزن وٽ نوڪري ڪرڻ لاءِ راجستان آيو جتي هن ڪالي بنگان جي کنڊرن جي کوج لڳائي جنهن جي کوٽائي(Excavation) جو ڪم سندس مري وڃڻ بعد، 50 سال کن رکي 1970ع ۾ شروع ڪيو ويو جنهن کي 34 سالَ لڳي ويا ۽ 2003ع ۾ مڪمل ٿي.
    اٽلي جو ٽيسيٽوري راجستان ۾ ئي هو ته کيس انفلوئنزا ٿي پئي. انهن ڏينهن ۾ اهڙين بيمارين جا ترت علاجَ نه هئا ۽ هو 32 سالن جي ڄمار ۾ 1919ع ۾ بيڪانير ۾ گذاري ويو.
    سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪالي بنگان جهڙا شهر کڻي اوپرا نالا هجن پر “گهگر هاڪڙو” درياهه جنهن جي ڪناري تي ڪالي بنگان هو ۽ درياهه جي سڪي وڃڻ ڪري هي شهر نابود ٿي ويو ان درياهه هاڪڙو کان اسان جا سنڌي ضرور واقف هوندا جيڪو درياهه انڊيا ۽ پاڪستان مان لنگهي ٿو. دراصل انڊيا جي اوتُو (Ottu) بئراج کان پهرين واري حصي کي گھگر سڏيو وڃي ٿو ۽ ان بعد واري حصي کي هاڪڙو. ڪيترن ئي اسڪالرن جي اها راءِ آهي ته اهو هاڪڙو سرسوتي ندي آهي جنهن جو ذڪر هندن جي پاڪ ويدن ۾ آهي.
    منگهارام اوجھا ٻڌائي ٿو ته “جڏهن ڪڇ جورڻ سمنڊ هو، تڏهن سنڌو ندي جي هِڪَ شاخَ هاڪڙو عمر ڪوٽ جي اوڀر طرف وهي، ننگر پارڪر وٽان ٿي، ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي جنهن جو ٻيو نالو “وهندو” هو. هاڪڙو تمام قديمي ندين ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. رامائڻ واري زماني ۾ به هاڪڙو ندي وهندڙ هئي. ابوالفضل (اڪبر جي نورتن مان هڪ) آئين اڪبري ڪِتاب ۾ پڻ هاڪڙي بابت اشارا ڏنا آهن. ڪي ماهر هاڪڙو درياهه جو پراڻو نالو سرسوتي ٻڌائين ٿا، جيئن احمد غزالي لکي ٿو، “جاگرافيائي تقسيم مطابق درياهه هاڪڙو سنڌ ۽ هند جي وچ ۾ سرحد جو ڪم ڏيندو هو.” هو اڳتي سرسوتي درياهه لاءِ ٻڌائي ٿو ته “اٽڪل چار هزار قبل مسيح جي ڳالهه آهي ته صحرائي چولستان جي وچ ۾ درياهه سرسوتي موجون هڻندي گذرندو هو. اهو درياهه اڄ به هاڪڙو جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
    هاڪڙي درياءَ جي الڳ وجودَ لاءِ تاريخ ۾ ڪافي شهادتون ملن ٿيون جن جي آڌارَ تي اهو بخوبي چئي سگهجي ٿو ته هاڪڙي دريا جو سنڌو نديءَ جيان پنهنجو الڳ وجود هو، ليڪن تحقيقَ جي ميدانَ ۾ ڪن مؤرخن هاڪڙو ۽ سنڌوءَ کي گڏ بيان ڪيو آهي. هاڪڙو دراصل سرسوتي نديءَ جو سنڌ جي علائقن ۾ نالو آهي ۽ هند جي علائقن ۾ سرسوتي چيو ويندو هيو. هن نديءَ جا نشان اڄ به سانگهڙ ضلعي جي اڇڙي ٿر جي ڀڪ وٽان ڏسي سگهجن ٿا ۽ هن نديءَ لاءِ جناب ايم ايڇ پنهور سائنسي دليلن سان پڪ 9ني آهي.
    مسٽر رام سنگهه راٺوڙ پنهنجي ڪِتاب “ڪڇ اتهاس” ۾ لکي ٿو ته: “پراڻي زماني ۾ “ڪڇ جو رڻ گلف آف کنڀات واري سمنڊ سان ڳنڍيل هو. هاڪڙو مٿان اتر مان ٿيندو هيٺ ڏکڻ ۾ ننگر پارڪر وٽ ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندو هئو، جنهن جا ڦٽل نشان اڄ به جيسلمير ۽ ٿر ۾ بيٺل آهن.”
    انگريز ليکڪ ڪئپٽن ريڪس هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته “سنڌو ندي جي هڪ شاخ هاڪڙو نالي ننگر پارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي، جنهن ۾دنگيون ۽ جهازَ هلندا هئا .... ويراواهه جي ڀرسان پَري (Fairy) ننگر جو مشهور بندرگاهه هو جيڪو عيسوي پهرين صدي تائين موجود هو. ويراواهه جي ڀرسان هڪ ٽڪري آهي جنهن جو نالو “ڏو تڙ” آهي جنهن جي معنيٰ ٻه تڙ ٿي سگهي ٿي..... چون ٿا ته انهيءَ ٽڪري وٽ اڳي ٻن جهازن جي بيهڻ لاءِ تڙ هو. اتي هاڪڙي جي پيٽ کي “سنگا” سڏين ٿا. هاڪڙي جي سڪي وڃڻ بعد هاڻي اتي پوک ٿئي ٿي.


    ڪارا ڪنگڻ ۽ هاڪڙو

    سکر ۽ ساڌ ٻيلو جو احوال لکڻ کان اڳ هتي ڪجهه سٽون بيڪانير، جيسلمير، ڍٽ ۽ ڀوڄ بابت لکندس جن شهرن جا شاهه لطيف پنهنجي شاعري ۾ نالا کنيا آهن ته:
    ڪنهين جنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار،
    ڪنهين ڀُڄُ ڀڄائيو، ڪنهين ڍَٽَ مَٿي ڍار.............

    بيڪانير بابت اسانجي B.A جي شاگردياڻين کان جڏهن پڇيم ته هنن مان هڪ به صحيح جواب نه ڏنو. ڪنهن بيڪانير کي ترڪي جو شهر سمجهيو ته ڪنهن اسپين جو..... ڪنهن ڪينيا آفريڪا جو ته ڪنهن سائوٿ آمريڪا جو..... هڪ ته چيو ته سامونڊي قذاقن کي بڪانير سڏجي ٿو.
    دراصل جيسلمير، بيڪانير ۽ گرنار وغيره هندستان جي رياست راجستان جا شهرَ آهن جيڪا رياست سنڌ جي سڄي اوڀر واري بارڊر سان ائين مٿي کان هيٺ تائين ملي پئي آهي جيئن سئيڊن ناروي سان.... يا کڻي چئجي ته ڪئناڊا جو ڏاکڻو سڄو بارڊر آمريڪا (USA) جي اتراهين بارڊر سان مليل آهي. اسان اهڙي طرح ڳنڍيل ٻن ملڪن، رياستن يا ضلعن لاءِ چوندا اهيون ته ٻکن ۾ آهن يعني ڀاڪرن ۾ آهن.
    ايراضي جي لحاظ سان راجستان هندستان جي سڀ کان وڏي رياست آهي..... آدمشماري جي خيالَ کان هرگز نه جو سندس وڏو حصو ٿر وارو بيابان ريگستان (Great Indian Desert) آهي. اهو “ستلج انڊس” ماٿري جي بلڪل Parallel آهي. بهرحال راجستان رياست جيڪا پکيڙ ۾ ساڍا ٽي لک کن چورس ڪلوميٽر ٿيندي، سڄي هندستان جو ڏهون حصو آهي. هونءَ اها ايراضي ڪا گهٽ ناهي. اسان وارو پنجاب هيڏو وڏو صوبو آهي ته به راجستان کان ننڍو آهي ۽ سندس پکيڙ به ٻه لک کن چورس ڪلوميٽر آهي.انڊيا جي هن رياست جيڏا ڪجهه ملڪ هن ريت آهن: جپان، جرمني، ڪانگو، فنلئنڊ، ويٽنام، ناروي، ملائيشيا وغيره .... جيڪي پوڻن چئن لکن کان سوا ٽي لک چورس ڪلوميٽر پکيڙ جا آهن.
    اسان وارو بلوچستان صوبو جنهن جي ايراضي 347000 چورس ڪلوميٽر آهي بلڪل راجستان جيڏو صوبو آهي. جابلو علائقو ۽ پاڻي جي کوٽَ هجڻ ڪري اسانجي بلوچستان جي آدمشاري به گهٽ آهي، اٽڪل هڪ ڪروڙ کن پر سائين انڊيا جي راجستان رياست جي آڊمشماري گهٽ ۾ گهٽ ته به ست ڪروڙ آهي ۽ مهاراسٽرا صوبو جنهن ۾ ممبئي ۽ پوني جهڙا شهر اچي وڃن ٿا ان جي آدمشماري يارهن ڪروڙ آهي. اهڙي طرح سنڌ جي چار ڪروڙ کان مٿي آهي جنهن مان چيو وڃي ٿو ته فقط ڪراچي جي ٻه ڪروڙ آهي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته هندستان جي ورهاڱي کان اڳ تائين هن رياست راجستان جو نالو “راجپوتانا” هو جنهن ۾ 18 نوابي رياستون ۽ هڪ “اجمير مروارا” نالي ضلعو انگريزن جي هٿ هيٺ ائين هو جيئن ملائيشيا ۾ ملئي سلطانن جي رياستن جي وچ ۾ پينانگ، ملاڪا يا سنگاپور ٻيٽ ..... جيڪي علائقا انگريزن ملئي حاڪمن کان اٽڪلون سٽڪلون ڪري هٿ ڪيا يا ڪجهه پئسا ڏئي پينانگ ۽ سنگاپور جهڙا ويران ٻيٽ خريد ڪري انهن کي آباد ڪيو .... يا وري اهي شهر، ضلعا يا ٻيٽَ جن تي اڳهين يورپي قومن جو قبضو هو انهن سان انگريزن وڙهي جڙهي انهن کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو .... ڇو جو اسانجي ننڍي کنڊَ توڙي سري لنڪا (سلون)، ملايا (ملائيشيا) ۾ پهرين ڊچ ۽ پورچو گالي آيا جو اهي انگريزن کان به بهتر جهازران (Navigators) هئا ۽ آفريڪا وارو “ڪيپ آف گڊ هوپ” وارو ڏکيو سمنڊ لتاڙي ايشيا جي ملڪن ۾ اچي نڪتا. اسان جي ننڍي کنڊ ۾ انگريز اچن ان کان گهڻو گهڻو اڳ پورچوگالي سنڌ ۾ ٺٽي ۽ گجرات ۾ گوا پاسي پهتل هئا. اهڙي طرح ملايا ۽ انڊونيشيا ۾ هو. پر انگريز بهتر ائڊمنسٽريٽر، ڊپلوميٽ ۽ هر ڳالهه کي دور انديشي جي نظرَ سان ڏسڻ وارا ۽ سٺي پلاننگ ڪري (منفي طرز جي ئي سهي) ڌارين جي ڌرتي تان نه فقط ڦر لٽ ڪئي ٿي پر ان تي ڄمائي وهڻ جو بندوبست به ڪيو ٿي.
    راجستان رياست ۾ ڪيترائي آڳاٽا ۽ تاريخي شهر آهن. ڪيترن جي ڌرمي حيثيت هجڻ ڪري ملڪي توڙي غير ملڪي هندو، سک ۽ مسلمان اچن ٿا. اڄڪلهه جئپور شهر راجستان جي گادي جو شهر آهي. هونءَ ڏٺو وڃي ته راجستان دنيا جي پراڻي “سنڌو ماٿري تهذيبَ” جو حصو آهي ۽ هتي جي هنومان ڳڙهه ضلعي جو شهر “ڪالي بئنگن” سنڌو ماٿري تهذيبَ جو صوبائي راڄ ڌاني رهيو. بيڪانير جي منهنجي هڪ سک ڪئپٽن دوست تيجپال سنگهه ٻڌايو ته اهو لفظ ڪالي بنگان دراصل پنجابي جو لفظ ڪالي ونگان هو جنهن جي معنيٰ هٿن جا “ڪارا ڪڙا” (Bangles) آهي. هن مونکي پنجابي جو هڪ راڳ “هٿان تي سوني، ديان ونگان”به ٻڌايو هو. ڪوٽڏيجي ۽ ڀنڀور جهڙو هي آڳاٽو ۽ ڊٺل شهر ڪالي بنگال (Kalibanggan) گهگر هاڪڙو ندي جي کاٻي ڪناري (يعني ڏکڻ طرف آهي). ٿورو لهوارو هلڻ تي هڪ ٻيو جنگشاهي جهڙو ٽائون ۽ ريلوي اسٽيشن پيلي بنگان نالي آهي جنهن جي معنيٰ هئڊا ڪڙا (ڪنگڻ) آهي. رابرٽ رائيڪس نالي هڪ انگريز جنهن هڙپا، موهن جو دڙو ۽ ڪالي بنگان تي تحقيقي مضمون لکيو آهي، ان جو چوڻ آهي ته ڪالي بنگان هڪ سر سبز ۽ پنهنجي وقت جو قديمي شهر هو جيڪو هي درياهه “گھگھر ـــ هاڪڙو” سڪڻ بعد برباد ٿي ويو. هن شهر جي سائيٽ بڪانير شهر کان 200 کن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. جيئن موهن جو دڙو سِڌين گهٽين، تالابن ۽ لوهه جي شين کان مشهور آهي تيئن ڪالي بنگان پڻ بهترين ٽائون پلاننگ ۽ کيڙيل زمينن کان مشهور آهي. ان کان علاوه هن شهر جي سڃاڻپ اگني مندر (Fire Altars) آهي جنهن مان لڳي ٿو ته هتي اگني ديوتا جي پوڄا هلي ٿي.
    ڪالي بنگان کنڊرن جي معلومات سؤ سال کن اڳ اٽلي جي شهري تيسيٽوريءَ (Luigi Pio Tessitori) ڏني. هي همراهه جيڪو اٽليءَ جي شهر Udine ۾ 1877ع ۾ ڄائو عجيب ماڻهو هو. هن کي انڊيا جي وڏي ڄاڻَ هئي. هن اٽليءَ جي يونيورسٽي آف فلورينس مان 1910ع ۾ Humanities ۾ ايم اي ڪئي جنهن ۾ هن جا سبجيڪٽ سنسڪرت، پالي ۽ پراڪرت زبانون هيون. اهڙي ڄاڻَ رکڻ بعد هو انگريزن وٽ نوڪري ڪرڻ لاءِ راجستان آيو جتي هن ڪالي بنگان جي کنڊرن جي کوج لڳائي جنهن جي کوٽائي(Excavation) جو ڪم سندس مري وڃڻ بعد، 50 سال کن رکي 1970ع ۾ شروع ڪيو ويو جنهن کي 34 سالَ لڳي ويا ۽ 2003ع ۾ مڪمل ٿي.
    اٽلي جو ٽيسيٽوري راجستان ۾ ئي هو ته کيس انفلوئنزا ٿي پئي. انهن ڏينهن ۾ اهڙين بيمارين جا ترت علاجَ نه هئا ۽ هو 32 سالن جي ڄمار ۾ 1919ع ۾ بيڪانير ۾ گذاري ويو.
    سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪالي بنگان جهڙا شهر کڻي اوپرا نالا هجن پر “گهگر هاڪڙو” درياهه جنهن جي ڪناري تي ڪالي بنگان هو ۽ درياهه جي سڪي وڃڻ ڪري هي شهر نابود ٿي ويو ان درياهه هاڪڙو کان اسان جا سنڌي ضرور واقف هوندا جيڪو درياهه انڊيا ۽ پاڪستان مان لنگهي ٿو. دراصل انڊيا جي اوتُو (Ottu) بئراج کان پهرين واري حصي کي گھگر سڏيو وڃي ٿو ۽ ان بعد واري حصي کي هاڪڙو. ڪيترن ئي اسڪالرن جي اها راءِ آهي ته اهو هاڪڙو سرسوتي ندي آهي جنهن جو ذڪر هندن جي پاڪ ويدن ۾ آهي.
    منگهارام اوجھا ٻڌائي ٿو ته “جڏهن ڪڇ جورڻ سمنڊ هو، تڏهن سنڌو ندي جي هِڪَ شاخَ هاڪڙو عمر ڪوٽ جي اوڀر طرف وهي، ننگر پارڪر وٽان ٿي، ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي جنهن جو ٻيو نالو “وهندو” هو. هاڪڙو تمام قديمي ندين ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. رامائڻ واري زماني ۾ به هاڪڙو ندي وهندڙ هئي. ابوالفضل (اڪبر جي نورتن مان هڪ) آئين اڪبري ڪِتاب ۾ پڻ هاڪڙي بابت اشارا ڏنا آهن. ڪي ماهر هاڪڙو درياهه جو پراڻو نالو سرسوتي ٻڌائين ٿا، جيئن احمد غزالي لکي ٿو، “جاگرافيائي تقسيم مطابق درياهه هاڪڙو سنڌ ۽ هند جي وچ ۾ سرحد جو ڪم ڏيندو هو.” هو اڳتي سرسوتي درياهه لاءِ ٻڌائي ٿو ته “اٽڪل چار هزار قبل مسيح جي ڳالهه آهي ته صحرائي چولستان جي وچ ۾ درياهه سرسوتي موجون هڻندي گذرندو هو. اهو درياهه اڄ به هاڪڙو جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
    هاڪڙي درياءَ جي الڳ وجودَ لاءِ تاريخ ۾ ڪافي شهادتون ملن ٿيون جن جي آڌارَ تي اهو بخوبي چئي سگهجي ٿو ته هاڪڙي دريا جو سنڌو نديءَ جيان پنهنجو الڳ وجود هو، ليڪن تحقيقَ جي ميدانَ ۾ ڪن مؤرخن هاڪڙو ۽ سنڌوءَ کي گڏ بيان ڪيو آهي. هاڪڙو دراصل سرسوتي نديءَ جو سنڌ جي علائقن ۾ نالو آهي ۽ هند جي علائقن ۾ سرسوتي چيو ويندو هيو. هن نديءَ جا نشان اڄ به سانگهڙ ضلعي جي اڇڙي ٿر جي ڀڪ وٽان ڏسي سگهجن ٿا ۽ هن نديءَ لاءِ جناب ايم ايڇ پنهور سائنسي دليلن سان پڪ 9ني آهي.
    مسٽر رام سنگهه راٺوڙ پنهنجي ڪِتاب “ڪڇ اتهاس” ۾ لکي ٿو ته: “پراڻي زماني ۾ “ڪڇ جو رڻ گلف آف کنڀات واري سمنڊ سان ڳنڍيل هو. هاڪڙو مٿان اتر مان ٿيندو هيٺ ڏکڻ ۾ ننگر پارڪر وٽ ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندو هئو، جنهن جا ڦٽل نشان اڄ به جيسلمير ۽ ٿر ۾ بيٺل آهن.”
    انگريز ليکڪ ڪئپٽن ريڪس هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته “سنڌو ندي جي هڪ شاخ هاڪڙو نالي ننگر پارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي، جنهن ۾دنگيون ۽ جهازَ هلندا هئا .... ويراواهه جي ڀرسان پَري (Fairy) ننگر جو مشهور بندرگاهه هو جيڪو عيسوي پهرين صدي تائين موجود هو. ويراواهه جي ڀرسان هڪ ٽڪري آهي جنهن جو نالو “ڏو تڙ” آهي جنهن جي معنيٰ ٻه تڙ ٿي سگهي ٿي..... چون ٿا ته انهيءَ ٽڪري وٽ اڳي ٻن جهازن جي بيهڻ لاءِ تڙ هو. اتي هاڪڙي جي پيٽ کي “سنگا” سڏين ٿا. هاڪڙي جي سڪي وڃڻ بعد هاڻي اتي پوک ٿئي ٿي.


    خوبصورت بندرگاهه ـــ پَاري ننگر

    اسان گجرات واري ڪڇ ۽ اسانجي سنڌ جي ٿر جي حوالي سان ويراواهه ۽ ان جي بندرگاهه پاري ننگر جي ڳالهه ڪئي. اسان پهريون دفعو ويراواهه جو نالو عوامي آواز اخبارَ ۾ ڪم ڪندڙ سرڳواسي من موهن گياني کان ٻڌو جنهن جو واسطو ٿر سان هو. مون سان گڏ اسان جو ڳوٺ جو جهازران ڪئپٽن رشيد ابڙو به هو. اسان ٻنهي جو اهو رايو هو ته من موهن جنهن شهر جو نالو ويرواهه وٺي رهيو آهي اهو Verawah نه پر ويراوال (Veralwal) آهي جيڪو خود به بندرگاهه آهي ۽ ورهاڱي کان اڳ تائين اسان جا سنڌي، خاص ڪري هندو ڌرم جا پوڄا پاٺ لاءِ ڪيٽي بندر، ڪراچي ۽ ٺٽي پاسي کان ننڍين وڏين ٻيڙين ۾ ويراوال پهتا ٿي جتان پوءِ پيرين پنڌ يا اٺن تي، (بعد ۾ انجڻ جي ايجاد بعد ڪارن ۽ بسين ذريعي) سومناٿ مندر پهتا ٿي. پر من موهن ٻڌايو ته هو انڊيا جي گجرات رياست جي شهر “ويروال” جي ڳالهه نه پيو ڪري جيڪو جھوناڳڙهه ضلعي ۾ آهي، ۽ جتان سومناٿ مندر ايترو پري آهي جيترو ڪياماڙي کان بولٽن مارڪيٽ...... اٽڪل ڇهه ڪلوميٽر کن..... پر هو ان “ويراواهه” جي ڳالهه ٿو ڪري جيڪو ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ننگر پارڪر جو شهر آهي. ويراواهه ننگر پارڪر شهر کان فقط 21 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. هِتي جين ڌرم وارن جو پاري ننگر نالي مندر آهي جنهن لاءِ اهو ئي سمجھيو وڃي ٿو ته اهو قديمي شهر پاري ننگر جو حصو آهي. پاڪستان جي آرڪالاجي ڊپارٽمينٽ وارن جو اهو خيال آهي ته ان هنڌ تي جيڪڏهن چڱيءَ طرح کوٽائي ڪئي وڃي ته هن ڊٺل شهر جي ڪيترين ئي جھونين شين سان گڏ تاريخ ۽ شهر جي Layout جي پڻ خبر پئجي سگهندي. شروع ۾ ڪڇ جو رڻ سمنڊ هو جِتي قبل مَسيح 500 ڌاري پاري ننگر قائم ڪيو ويو هو. يعني 330 ق م جڏهن سڪندر اعظم سنڌ ۾ آيو ته هي بندرگاهه پنهنجي اوج تي هو. هي بندرگاهه وڏو عرصو هڪ بين الاقوامي نوعيت جو مشغول بندرگاهه ٿي رهيو جِتان مال ۽ ماڻهن سان ڀريل ٻيڙا ڪَڇَ، ڀُڄ، پير بندر، منڊالي، لنڪا ۽ جاوا سماترا ويا ٿي.
    چون ٿا ته پاري ننگر زلزلي تباهه ڪيو. تاريخ فرشته موجب ابن بطوطا پڻ هِتان لنگهيو ۽ هن سامونڊي بندرگاهه کي زلزلي نه پر ايران جي بادشاهه جلال الدين خواريزا تباهه ڪيو. بهرحال هِتي جو جين مندر جيتوڻيڪ ڪافي ڊٺل حالت ۾ آهي پر ان جا عقيدتمند ايندا رهن ٿا. اسانجي حڪومت چاهي ته ان کي اصلي حالت ۾ آڻي دنيا کي آگاهه ڪري. ائين ڪرڻ سان اسان وٽ انڊيا کان ايندڙ ٽوئرسٽن جو به تعداد وڌي سگهي ٿو. پر افسوس جي ڳالهه آهي ته ان مندر ۾ رکيل مورتيون ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ٿيندو رهي ٿو. ڪجهه سال اڳ هڪ اهڙي چوري جو احوال ميڊيا ۾ آيو هو. اها سال 2006ع جي ڳالهه آهي.
    اسانجي ٿر واري علائقي ۽ گجرات رياست جي ڪڇ واري حصي کي سمجھڻ لاءِ مختصر طور اهو لکڻ ضرور سمجھان ٿو ته 17 فيبروري 1843ع تي سنڌ انگريزن جي هٿن ۾ آئي. چارلس نيپئر ان جو گورنر ٿي رهيو. گورنر جي حڪم تي ٽي هزار ٻه سئو کن جاگيردار اچي سلامي ٿيس. انهن جون جاگيرون قائم رکيون ويون، باقي ٻين جون ختم ڪيون ويون. سنڌ کي ٽن ضلعن ۾ ورهايو ويو. ڪراچي شڪارپور ۽ حيدرآباد. حيدرآباد جو گورنر راٿ بورن هو. ڪليڪٽوريٽ ۾ ورهايو ويو ۽ جاگيرون 24 مئي 1844ع تي حيدرآباد جي درٻار ۾ ڏنيون ويون.
    پارڪر وارو اهو حصو جنهن ۾ ٻلهيار، ڏيپلو، ويراواهه، اسلام ڪوٽ ۽ مٺي اچي ٿا وڃن سي ڪڇ سان ڳنڍيا ويا. ۽ ٿر حيدرآباد سان شامل ڪيو ويو. ڪڇ جو انتظام سنڀاليندڙ ڪئپٽن اسٽئنلي ريڪس هو. هو پنهنجي مرڪز ڀڄ (Bhuj) ۾ رهندو هو، برسات جي ڏينهن ۾ مٺيءَ ۾ پڻ اچي رهندو هو. هن رڪارڊ جي پورائي لاءِ پارڪر جا برهمڻ رکيا. 1847ع ۾ چارلس نيپيئر ويو ته سنڌ کي بمبئيءَ سان ملايو ويو ۽ بمبئي کان سنڌ جو انتظام هلائڻ لاءِ ڪمشنر اچڻ لڳا.
    1856ع ۾ پارڪر کي وري سنڌ سان شامل ڪيو ويو. ڪڇ ۽ سنڌ جي وچ ۾، انگريزن جي وقت ۾ ڪا خاص چرپر ڪانه ٿي ڇو ته ٻئي حڪومتون انگريزن جي هٿ هيٺ هيون. ڪڇ جو راجا به انگريز حڪومت جي پاڇي هيٺ هو. پارڪر، ٿر کان ڏکڻ اوڀر طرف آهي ۽ هي ڌرتي جو حصو هر ڳالهه ۾ ٿر کان نرالو آهي. پارڪر لاءِ شاهه جو هِڪُ بيتُ ٿو ياد اچي.

    ڍٽ ڍري پٽ پيئون، پاسي پارڪر
    سڀئي ڀريا سر، پلر جي پالوٽ سين

    “پارڪر” ۽ “ڪڇ” جي وچ ۾ “ڪڇ جو رڻ” آهي جيڪو هن وقت سڪل آهي. رکي رکي برسات جي پاڻيءَ سان يا سمنڊ جي وير چڙهڻ سان هي حصو پاڻي سان ڀرجي وڃي ٿو. پر ڪنهن زماني ۾ “ڪڇ جو رڻ” عربي سمنڊ جي چاڙهه هوندو هو جنهن کي “کاري” چوندا هئا. ڪڇ پهچڻ لاءِ کاري پار ڪرڻي پوندي هئي. تنهن ڪري چوندا هئا “پار اُڪر” ۽ آهستي آهستي ٿيو پارڪر. جيمس ٽاڊ پنهنجي ڪِتاب پارڪر ۾ به ساڳي نموني ڄاڻايو آهي. هي ڪڇ جو رڻ جيڪو اڄ به ويران پيو آهي اڀرندي کان الهندي 250 ڪلوميٽرن ۽ اتر کان ڏکڻ 120 کن ڪلوميٽر آهي.
    1843ع ۾ ٿر ۽ پارڪر کي ملائي تعلقو ٺاهيو ويو جيڪو ڪڇ رياست جي عملداري هيٺ هوندو هو. 1858ع ڌاري ٿرپارڪر تعلقي کي ڪڇ کان الڳ ڪري حيدرآباد ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو. 1882ع ۾ ٿرپارڪر ضلعو الڳ ٺاهيو ويو ۽ ان جو هيڊ ڪوارٽر عمر ڪوٽ ۾ ۽ 1906ع ۾ ميرپورخاص ۾ قائم ڪيو ويو. 1990ع ۾ ٿر نالي ضلعو ڪري ميرپور خاص ضلعو الڳ ڪيو ويو، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر مٺي ۾ رکيو ويو. پر عوام جي مسلسل مطالبي کي مڃيندي 1993ع ۾ حڪومت ان جو پراڻو نالو “ٿرپارڪر” ئي بحال ڪيو ۽ هيڊ ڪوارٽر مٺي ئي رهڻ ڏنو. هن ضلعي جي حدود ۾ فقط چار ريگستاني تعلقا آهن: مٺي، ڏيپلو، ننگر پارڪر ۽ ڇاڇرو. سڄي پاڪستان ۾ ڏٺو وڃي ته ڇاڇرو ايراضي جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو تعلقو آهي. اهڙي طرح ٿرپارڪر ضلعو سنڌ جو سڀني کان وڏو ضلعو آهي. ٿر جو اديب ۽ محقق من موهن گياني چوندو هو ته قدرت جا رنگ به عجيب آهن، جِتي جر جاري وهندو هو، سو اڄ پاڻيءَ جي بوندَ لاءِ محتاج آهي، چؤطرف سڃ لڳي پئي آهي. اڇي واري اڏاميو اچيو منهنَ ۾ پوي. وڏيون ڀٽون ۽ سڪل ڏهر پيا ڊيڄارين...... اڄ نه اهي نديون ۽ بندر، نه واهه نه ساوڪ، نه سرسوتي، نه هاڪڙو ۽ نه مهراڻ! ماڻهو ۽ مرون پيا پاڻيءَ لاءِ واجھائين..... پوءِ به ٿري ڌڻيءَ جو شڪر ڪيو ويٺا آهن.....هيترن ڏکن هوندي به هنن لاءِ پنهنجا پکا ڇڏڻ نا ممڪن ڳالهه آهي.
    پر هڪ ڳالهه آهي ته ٿر وسي ٿو ته ڌرتي مختلف فصلن جي سنگن سان ساهه کڻي ٿي.... اڇن، پيلن ۽ گلابي گلن سان اکين کي ٺار پيئي ڏيندي. شايد شيخ اياز هِتي اچي اهڙي وقت تي هي خوبصورت نظارا پَسي ٿر کي سرڳ (بهشت) سڏيو آهي:

    ساٿي مون دنيا گهمي، چونڊيو آهي ٿر،
    ڄڻ ڪنهن سرڳ سمان، آ، واريءَ تي هر گهر،
    سانجھي وير امر، رتي ريت تي.

    ٿر جي لنگهه نئون ڪوٽ کان نڪرندي اڳي ندي وهندي هئي جنهن کي هاڻي “پراڻ ڍورو” چون ٿا. شاهه صاحب به اتان لانگهائو ٿيو هو تڏهن ته هن چيو:

    ڍٽ ڍري پٽ پيئون، آيون ڪاهي ڪاماري،
    وٺا پٽ پراڻ جا، وٺيون ساماري
    ڪڪر ۾ ڪاري، وڄڙي، پسو ويس ڪيا!

    ڏيپلي تعلقي ۾ رحمڪي بازار جي ويجھو به “پراڻ” آهي، جنرل آف دي هسٽاريڪل سوسائٽي 1947ع ۾ هڪ هنڌ آيل آهي ته وڳهه ڪوٽ، ونگه (جنهن تان ارباب ونگي جا ڄام سڏجن ٿا)، ٻلهياري، رحمڪي بازار ۽ ويراوهه علي بندرسامونڊي بندر هئا. انهن مان محقق انومان لڳائين ٿا ته “پراڻ” سنڌو نديءَ جي شاخَ هئي.
    1973ع ۾ سرڳواسي نند لعل “نندن” هاءِ اسڪول جي هيڊ ماسٽر رٽائرڊ ٿيڻ تي چيو هو ته “ٿر پرميشور جي پياري ڀومي آهي، جنهن جي پوتر پڻي للاٽ تي لڳائڻ سان نراڙ تي نور ٻهڪندو آهي. انهي پويتر ڀوميءَ ڪيترا ڀڳت، فقير، پرڀو جا پيارا پيدا ڪيا آهن، تاجل بيوس جو هڪ شعر آهي ته:

    هاڻي هاڪڙو وهندو ويراواهه کان،
    لڳو آهي لوڪ جو، ککر ۾ کڙو،
    گجر کڻ گهڙو مهڪي ڀونءَ ملير جي

    دادو جي اَديب، محقق ۽ ٽيچر تاج صحرائي 1992ع ۾ ٿر سيمينار ۾ پنهنجي مقالي ۾ ٻڌايو ته “سنڌ مان سنڌوءَ کان علاوه جيڪا ٻي مکيه ندي وهي سنڌ مها ساگر (Indian Ocean) ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، ان جو نالو سرسوتي، سرسوتي گهاگهرو، ٻهڪندو، نسنڪارا، وَهندو، هاڪڙو، نارو ۽ مهراڻو هو. هو هن وقت ان درياهه کي هندستان جو گم ٿيل درياهه سڏيو وڃي ٿو. هاڪڙو درياهه لاءِ پهرين به لکي چڪو آهيان ته هن کي رگ ويد واري پهرين مکيه ندي سرسوتي (Sarasuati) به سڏيو ويو آهي.
    شالَ وري هاڪ وهندو رَهي هاڪڙو!
    ڪرنل ٽاڊ جي لکڻ موجب ڪن جي راءِ آهي ته “ٿر” جو علائقو قديم زماني ۾ “هاڪڙي ۽ مهراڻ” جو ميدان رهيو آهي ۽ هِتي جا پُراڻا رهاڪو پارسي هئا ۽ انهن جي مناسبت سان پاري ننگر جو پراڻو نالو پارسي ننگر هو. هن شهرَ جو بنياد 512 ق ۾ پيو جيڪو هِتي وڏو ۾ وڏو بندرگاهه هو ۽ جِتي سمنڊ مان جهاز اچي لنگر هڻندا هئا. اهڃاڻ ٻڌائين ٿا ته پراڻي زماني ۾ هِتي جهاز ٺاهڻ جا به وڏا ڪارخانا هئا.
    اڏي اڏي ويا اوڏ، ڇڏي ويا ڀيڻيون،
    ٽڪاڻا ۽ ٽول پيا آهن پٽ ۾

    (سر ڏهر)

    هِتي اسانجي ان ٿر واري آڳاٽي بندرگاهه پاري ننگر جو مثال هڪ عام ماڻهوءَ جي سمجھڻ لاءِ هن ريت ڏيندس ته جيڪڏهن اسان جو ڪراچي وارو عربي سمنڊ ڪياماڙي تائين دنگ ڪرڻ بدران ڪا کاري ٺاهي اندر نوري آباد تائين اچي وڃي يا ڪراچي جي ڇيڙي سهراب ڳوٺ تائين هجي ها ۽ اتي سهراب ڳوٺ وٽ ڪو بندرگاهه ٺاهجي ته ان جي حيثيت ننگر پارڪر واري بندرگاهه پاري ننگر جهڙي ٿيندي. ان صورت ۾ مال توڙي مسافر ڪياماڙي وٽان سامونڊي سفر شروع ڪرڻ بدران سهراب ڳوٺ وٽ بيٺل جهازن ۾ سفر ڪرڻ ۾ بهتري سمجھندا. ٿرپارڪر ضلعي جي ننگر پارڪر واري بندرگاهه پاري ننگر جي به اها اهميت هئي. سال 1222 تائين سنڌ جو هي بندرگاهه پاري ننگر اوسي پاسي جي دنيا جو مشغول ۽ مشهور بندرگاهه هو. چيو وڃي ٿو ته هن کي تباهه ڪرڻ ۾ پرشيا (ايران) جي خوارزميان شاهي گهراڻي جي آخري بادشاهه جلال الدين جو وڏو هٿ هو.
    چنگيز خان جي ايران تي حملي بعد جلال الدين پنهنجي جان بچائي ڪجهه لشڪر سان وٺي ڀڳو. چنگيز خان به کيس آخر تائين نه ڇڏيو. جلال الدين جنهن جنهن شهر ۾ گهڙيو ٿي ان کي تباهه ڪيائين ٿي. اهڙو ئي حال هن بندرگاهه پاري ننگر جو ٿيو. هي بندرگاهه وري نه ٺهي سگهيو. ضرورتمندن وڃي سورت ۽ بمبئيءَ جو بندرگاهه وَسايو.


    سنڌ جي ٿر کان وچ ايشيا جي آمو دريا تائين (I)

    مون جهڙو ماڻهو جنهن جي زندگي جو هڪ حصو دنيا جي مختلف بندرگاهن ۾ گذريو ان لاءِ اهي تاريخي بندرگاهه جيڪي اڄ کڻي ان اوجَ تي نه آهن ته به وڏي اهميت ۽ دلچسپي رکن ٿا. انهن مان هڪ جنهن جو پاڻ ذڪر ڪري چڪا آهيون سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ننگرپارڪر جو پَري مندر آهي جيڪو ويراواهه ڳوٺ کان 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. پر اڄ اتي پهچي توهان کي حيرت ٿيندي ته اتي فقط هڪ جين مندر جا آثار آهن..... ڇا جو بندرگاهه ڇو جو شهر جيڪو تيرهين صدي تائين ان وقت جي دنيا جو مشغول ۽ مشهور بندرگاهه هو. ٻيو ته ٺهيو پر بندرگاهه لاءِ ته سمنڊ هجڻ ضروري آهي پر اڄ هيڏانهن ته اهو به ميلن تائين نظر نٿو اچي.
    نقشي ۾ نظر ڪبي ته سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر کانپوءِ ڏکڻ ۾ هندستان جو “رڻ جو ڪڇ” آهي جيڪو ڪنهن زماني ۾ سمنڊَ جو چاڙهه هو ۽ مختلف ملڪن جا ٻيڙا عربي سمنڊ مان ٿي، ڪڇ جو رڻ اڪري هن سهڻي بندرگاهه ۾ پهتا ٿي جنهن جو نالو ئي هو پَري نگر بندرگاهه. ان وقت جي سڙهن وارن جهازن لاءِ، آئون تصور ڪري سگهان ٿو ته هي بندررگاهه واهه جو سڻائو رهندو هوندو. نه ڪراچيءَ وارا ڪُن (Under Currents) نه کُلئي سمنڊ وارا طوفان. بندرگاهه اندر هجڻ ڪري ٻاهرن ملڪن کان آيل سامان گڏهن ۽ اٺن ذريعي يڪدم اندروني سنڌ، گجرات ۽ راجستان پهچي ويندو هوندو. پر پوءِ چوڏهين صدي جي شروعات ڌاري سمنڊ جو پاڻي لهڻ لڳو ۽ آهستي آهستي ٿي هن بندرگاهه ۾ آمدرفت بند ٿي وئي. چوڌاري ميلن تائين رڳو واري ئي واري رهجي وئي. هڪ ٻهڪندڙ چهڪندڙ شهر ويران ٿي ويو.... بندر ۽ بازاريون سڃيون ٿي ويون....واپاري ۽ ناکئا هڪ هڪ ٿي ٻين تڙن ڏي هليا ويا. “بندر بازاريون، سڃيون سامونڊين ريءَ”
    دراصل ان سامونڊي لاٿ کان هڪ صدي کن اڳ ئي هن شهر جي بدقسمتي جو آغاز 1222 کان شروع ٿيو جڏهن ايران جي خورزم گهراڻي جي آخري شاهه بادشاهه جلال دين تي چنگيز خان جلهه ڪري آيو ۽ هو همت ڪري هن جو مقابلو ڪرڻ بدران پنهنجي لشڪر جو ڪجهه حصو وٺي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄندو ۽ لڪندو رهيو ۽ پنهنجي سلطنت وڃائڻ جي عيوض پنهنجيون باهيون ٻين علائقن مان ڪڍندو رهيو. هو پَري نگر کان به اچي نڪتو ۽ هِتي جي ماڻهن جي مار مارا ۽ شهر کي ائين تباهه ڪيو جيئن هن کان اڳ رستي تي ايندڙ ٻين شهرن ملتان، اُچ ۽ بکر کي ڪيو. پَري نگر کي ساڙي هو ڀنڀور پهتو جنهن کي پڻ هن تباهه ڪري ڇڏيو پر اهو آهي ته پري نگر ۾ رهندڙ جين ڌرم جي واپارين خوب پئسو ڪڍي هن بندرگاهه کي هڪ مدت اندر وري جيئاري ورتو. پوءِ اهي ساڳيو رونقون کڻي موٽي نه آيون پر ان حال ۾ ضرور رهيو جو هڪ صدي تائين عرب دنيا ۽ لنڪا توڙي ممباسا ۽ زئنز يبار کان، واپاري ٻيڙا ۽ تاجر ايندا ويندا رهيا جيسين وڃي سمنڊ پوئتي هٽيو ۽ آخرڪار آمدرفت بند ٿي وئي. گذريل چند صدين ۾ پري نگر کنڊر ٿي ويو آهي. ٻيو ڪجهه به نه بچيو آهي پر هڪ جين مندر جا فقط ڪجهه حصا ۽ ڪجهه ڊٺل گهر موجود آهن جن بابت اخبار ۾ پڙهيم ته ڀر واري ڳوٺ ويراوهه جا ماڻهو پنهنجا گهر ٺاهڻ لاءِ انهن تاريخي جاين مان سرون ڪڍيو وڃن. اهڙيون ئي چوريءَ جون ڳالهيون موهن جو دڙو بابت پڻ ٻڌجن ٿيون. ڪيڏي افسوسَ جي ڳالهه آهي ته اسان جي ماڻهن کي پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت جي تباهي جو ڪو افسوس نٿو ٿئي.
    پَري نگر بندرگاهه جو اوج ته ان ڏينهن کان ختم ٿيو جڏهن ايران جي بادشاهه جلالدين خوارزميءَ هن کي اچي ساڙيو.... ان بعد جيتوڻيڪ پاڻ مارجي ويو پر ايران جي شهنشائيت قائم رهي. هڪ پٺيان ٻيو بادشاهه ۽ هڪ گهراڻي بعد ٻيو گهراڻو ايران تي سالن جا سالَ راڄ ڪندو رهيو ۽ بادشاهي نظام هلندو رهيو تان جو گذريل صدي جي آخر ۾ (1979ع ۾) امام خمينيءَ اسلامي انقلاب آڻي هن ملڪ ۾ جمهوريت آندي ۽ مارمارا، داداگيري ۽ Killing کي ٻنجو ڏنو.
    مون ايران جي شهنشاهن ۽ سندن ڪمن بابت پنهنجي ايران واري سفرنامي “ايران ڏي اڏام” ۾ ڪافي لکيو آهي. اسان جي ملڪ جا ماڻهو جيتوڻيڪ گهڻي کان گهڻو ايران وڃن ٿا پر هو گهڻو ڪري پنهنجو سفر زيارتن تائين محدود رکن ٿا. اسان جي وڏن فارسي پڙهي ٿي ۽ هنن کي وري به ايران جي ڪافي ڄاڻ رهي ٿي پر اڄ جي نوجوان ٽهيءَ کي ڏِسان پيو ته هڪ طرف ايران ۽ وچ ايشيا جي ملڪن جي ته ٻئي طرف اسانجي پاڙي وارين رياستن گجرات ۽ راجستان وغيره جي ڄاڻَ تمام نه برابر وڃي رهي آهي. ايران جو بادشاهه جلال الدين “خوارزم گهراڻي” جي بادشاهن مان هو جن 1096ع کان 1230ع تائين “ايران” تي حڪومت ڪئي جيڪو انهن ڏينهن ۾ “پرشيا” سڏبو هو ۽ منجھس اڄوڪي ايران کان علاوه اوسي پاسي جي ملڪن جا به ڪجهه حصا اچي ويا ٿي. خوارزم گهراڻي (Khwarezmid Dynasty) کان پهرين ايران تي سلجوقن (تغلق بيگ، مالڪ شاهه، سليمان شاهه وغيره)، غزنوين (سبڪتگين، محمود وغيره)، سمانيا ۽ ٻين گهراڻن جو راڄ هو.
    سلجوقن جي جيئن ئي حڪومت ڪمزور ٿي ته خوارزم جي شاهن آخري سلجوق بادشاهه تغرل سوم کي قتل ڪري پاڻ ايران جا حاڪم ٿيا. هنن ايران تي 134 کن سال حڪومت ڪئي. 1218 ڌاري چنگيز خان ايران ڏي ٽريڊ مشن موڪلي جنهن کي پاراب جي گورنر جاسوس سمجھي سندن سامان ضبط ڪيو ۽ کين قتل ڪرائي ڇڏيو. چنگيز خان ان جي بدلي ۾ خون بها گهري پر ان وقت جي ايراني بادشاهه علاؤ الدين محمد (جلال دين جي پيءُ) انڪار ڪيو. فيبروري 1220 ۾ چنگيز خان ٻه لک ماڻهن جي فوجَ سان ايران تي چڙهائي ڪئي ۽ رستي تي ايندڙ شهرن بخارا ۽ گرگانج کي تباهه ڪري خوارزم سلطانن جي گادي واري شهر سمرقند کي باهيون ڏئي ماڻهن جو ايڏو قتل ڪيو جو انساني کوپڙين جو ٽَڪر بنجي ويو. هي به انهن ڏينهن ۾ فئشن هوندو هو يعني حملي وقت نه فقط شهر جون عمارتون ساڙيون ويون ٿي پر قتل ڪيل ماڻهن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري انهن جو اهرام ٺاهيو ويو ٿي.
    چنگيز جي حملي تي ايران جو شاهه علاؤالدين محمد سمرقند ڇڏي وٺي ڀڳو ۽ ڪجهه هفتن بعد ڪئسپين سمنڊ جي هِڪَ ٻيٽَ تي گذاري ويو. سندس پٽ جلال الدين نئون سلطان ٿيو. يعني هن کي تخت ۽ تاج ته نه مليو پر سندس قبيلي جي ماڻهن کيس پڳدار بنايو. چنگيز خان هن کي به نه ڇڏيو. هو جان بچائڻ لاءِ پنهنجي ڪجهه لشڪر کي وٺي انڊيا ڏي ڀڳو. انهن ڏينهن ۾ دهلي جي تختَ تي التمش جو راڄ هو جنهن عباسي خليفن جي ڊپ کان جلال دين کي پاڻ وٽ نه رکيو. تخت ۽ تاج وڃائڻ جي غم ۽ غصي ۾ هو رستي تي ڀُڄ، ملتان ۽ ٿرپارڪر جي بندرگاهه پَري نگر کي تباهه ڪندو رهيو. آخرڪار 1213 ۾ کيس چنگيز جي ماڻهن ماري ڇڏيو.
    ايڪسپريس ٽربيونل اخبار جي ڪالم نگار ۽ لاهور جي سنگ ميل طرفان ڇپايل ڪِتاب The Apricot Road to Yarkand جي مصنف سلمان راشد “پري نگر” جي کنڊرن کي ڏسي لکيو ته جلال الدين گيديءَ هن شهر کي برباد ڪري ڇڏي. ان ڪالم تي ڪنهن Comments ۾ لکيو آهي ته سلمان کي جلال الدين لاءِ اهڙو لفظ “Cowardly” استعمال نه ڪرڻ کپي. تنهن تي ٻئي لکيو ته ڇو نه . هو ڊڄڻو ئي ته چئبو جو چنگيز خان جي لشڪر جو مقابلو ڪرڻ بدران وتيو ٿي امن امان وارا شهر ساڙيندو ۽ بي هٿيار ماڻهن کي ماريندو.
    مٿي بيان ڪيل پاراب شهر جيڪو اڄ ڪلهه اترار (Utrar) سڏجي ٿو وچ ايشيا جو شهر آهي جيڪو قزاڪستان مان لنگهندڙ شاهراهه ريشم (Silk Road) تي آهي. چنگيز خان منگول هو جيڪو 1162 ۾ ڄائو ۽ 1227 ۾ وفات ڪيائين. ڄمڻ وقت سندس نالو تيموجن هو. هو منگوليا جي بدو قبيلن کي گڏ ڪري پاور ۾ آيو ۽ پنهنجو پاڻ کي چنگيز خان سڏرياائين. هن يورپ ۽ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن تي چڙهائي ڪري پنهنجي حڪومت ته وڌائي پر هن ان لاءِ دنيا ۾ وڏيون خونريزيون ڪيون.
    هِتي اهو به لکندو هلان ته ٿر جي بندرگاهه پري نگر کي تباهه ڪرڻ واري ايراني شاهه جلال الدين خوارزم جي خاندان جو واسطو خوارزم علائقي سان هو جيڪو امو دريا (Amu Darya) جي ڊيلٽا تي وڏي ۾ وڏو خياباني علائقو آهي. جنهن جي اتر ۾ ارل سمنڊ (Aral Sea) آهي ته اوڀر ۾ قائزل قم (Kyzul Kum) رڻ پٽ آهي. سندس ڏکڻ ۾ ڪارا ڪم بيابان آهي ته اوڀر ۾ استرت (Ustyurt) پليٽو آهي. اڄ خوارزم جو ڪجهه حصو ازبڪستان ۾ آهي ته ڪجهه ڪزاڪستان ۾ ته ڪجهه ترڪمنستان ۾.
    مون سان گڏ سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ ازبڪستان جو شاگرد اميرلو جنهن جو واسطو هن علائقي خوارزم سان آهي ۽ هو انگريزي کان علاوه ترڪي ۽ ازبڪ زبانون ڳالهائي ٿو، ان ٻڌايو ته هنن (خوارزمين) جي نسل جو واسطو اڄ جي ايرانين سان آهي ۽ ماضي ۾ هنن جي وڏن اوڀر ايران واري زبان ڳالهائي ٿي جيڪا خوارزمي سڏجي ٿي. هن جومطلب هو ته خوارزمي فارسي جي ئي ڀيڻ سمجھڻ کپي. جيئن اسان وٽ کڻي چئجي ته پنجابي ۽ سرائڪي آهي بهرحال خوارزمي زبان آذري، ازبڪ ۽ ترڪي زبانن وانگر ڪا ڌارئين زبان نه آهي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته عربي جي مشهور سائنسدان البيروني (ابوالريحان محمد اِبن احمد البيروني) جو واسطو وچ ايشيا جي هن علائقي خوارزم سان هو جيڪو ان وقت پرشيا (ايران) جو حصو هو جيئن ڪنهن زماني ۾ ملتان به سنڌ ۾ اچي ٿي ويو. البيرونيءَ کان ٻيو ڪو واقف هجي يا نه پر لياقت يونيورسٽي جا شاگرد ۽ پروفيسر ضرور هوندا جو ان جي نالي تي ڄامشوري ۾ هاسٽل پڻ آهي. اهڙي طرح پنڊ دادن خان (پنجاب) ۾ البيروني ڊگري ڪاليج ۽ علي ڳڙهه انڊيا ۾ البيروني هاسٽل پڻ آهي. نيو دهلي جي جاميه همدرد (يونيورسٽي) ۾ ويو هوس ته اتي پڻ البيروني نالي هاسٽل هئي ۽ ازبسڪتان جي شهر گرگانج جي هڪ اهم روڊ جو نالو “البيروني اسٽريٽ” آهي جنهن تي خوارزم پئلس نالي شاندار هوٽل به آهي. البيروني سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. ايتريقدر جو روس وارن هن جي مانَ ۾ پوسٽ جي ٽڪلي پڻ جاري ڪئي آهي.
    البيروني 973ع ۾ (يعني اڄ کان 1130 سال اڳ خورزم ۾ ڄائو. پاڻ اسلامي دنيا جو وڏو عالم، سائنسدان، تاريخدان، حسابدان ۽ زبانن جو ڄاڻو ٿي گذريو آهي کيس پنهنجي مادري زبان خوارزمين، ايراني ۽ عربي کان علاوه يوناني، هيبرو، شامي ۽ سنسڪرت پڻ آئي ٿي. جِتي پاڻ سائنس ۽ ميڊيڪل جي ڄاڻَ کان واقف هو اتي سندس ايجاد ڪيل مئٿس ۽ Astronomy جي ڳالهين مان اسان جهازران فيض حاصل ڪريون ٿا. هن ڪجهه عرصو خوارزم ۾ علم حاصل ڪرڻ بعد زندگي جو وڏو حصو غزني ۾ گذاريو جِتي 1048 ۾ سندس وفات ٿي. غزني شهر اهو آهي جِتي جو محمود غزني هو جنهن گجرات (انڊيا) جي سومناٿ مندر تي لڳاتار ڪاهون ڪيون. اڄ ڪلهه غزني افغانستان ۾ آهي پر تن ڏينهن ۾ افغانستان جو اهو حصو به ايران سان شامل هو ۽ غزنوي گهراڻي جي حڪومت ۾ ايران جي گاديءَ جو شهر هو.
    1017 ۾ محمود غزنويءَ پنهنجي حڪومت ۾ هن (البيروني) کي ڪورٽ ۾ ماهر نجوم جي حيثيت سان پاڻ وٽ رکيو ۽ سومناٿ تي حملا ڪرڻ وقت محمود غزنوي سان گڏ البيروني به هليو ٿي. اهڙي طرح البيرونيءَ انڊيا ۾ ڪجهه سالَ گذاريا ۽ سنسڪرت زبان سکڻ سان گڏ انڊيا جي ڪيترين شين: رسمن رواجن ۽ تهذيب تمدن جي ڄاڻَ حاصل ڪئي ۽ 1030 ۾ ڪِتاب “تاريخ الهند” مڪمل ڪيو.
    بيرونيءَ ڌرتيءَ جو radius‏ ماپڻ جو پڻ طريقو ايجاد ڪيو جيڪو هن ڪنهن جبل جي اوچائيءَ کي ذهن ۾ رکي ڪڍيو ٿي. اهو تجربو هن پنجاب (پاڪستان) جي جابلو شهر پنڊ دادن خان جي قلعي نندنا ۾ ڪيو. اڄ به اتي جي کنڊهرن ۾ شهر جي ڪجهه عمارتن ۽ مندر جا نِشانَ قائم آهن. نندنا تي هندو شاهي بادشاهن جو راڄ هو جن سلطان محمود غزنويءَ جي حملي بعد خالي ڪري ڇڏيو ۽ بيرونيءَ هِتي ڌرتيءَ جي نيم قطر (radius) جون ماپون ورتيون. البيروني جي هن تَرَ ۾ آمد ڪري، شايد پنڊ دادن خان جي ماڻهن پنهنجي شهر جي ڊگري ڪاليج جو نالو البيروني رکيو آهي.
    البيرونيءَ جو هندستان بابت هڪ ڪِتاب جيڪو فارسي ۽ عربي کان علاوه ٻين به ڪيترين ئي زبانن ۾ ڇپيو آهي ۽ اڄ کان سؤ سالَ کن اڳ 1910 ۾ لنڊن جي Trubner & Co نالي پبلشنگ اداري Alberuni’s India نالي ڇپرايو، پڙهڻ لائق آهي جنهن جي 50 کن بابن (Chapters) مان ڪجهه هن ريت آهن:
    • هِندُن جو خدا ۾ يقين.
    • ذاتين مُطابق
    • بت پرستي جي شروعات
    • ويدن ۽ پرنائن بابت
    • هندستان ۽ اتي جي ندين مطابق
    • لنڪا بابت
    • مهيني جي حصن ۽ سالَ بابت
    • سمڌي
    • چئن يوگا بابت..... وغيره.


    سنڌ جي ٿر کان وچ ايشيا جي آمو دريا تائين (II)

    بهرحال ايران ۽ خوارزم جو ذڪر ڪندي مسلمان دنيا جي آڳاٽي ۽ مشهور حڪيم، سائنسدان، حسابدان، تاريخ نويس، مختلف زبانن جي ڄاڻو البيروني جو ذڪر نڪتو ته هو خوارزمي هو يعني هو خوارزم ۾ ڄائو ۽ سندس مادري زبان خوارزمي هئي جيڪا ايراني فارسي سان ڪافي مشابهت رکي ٿي. خود بيرونيءَ پنهنجي هِڪَ عربي ڪِتاب “ال آثار الباقية عن القرون الخالية” ڪِتاب جي 47 صفحي تي خوارزمين جي ايرانين سان پنهنجائپ هُجڻ جي باري ۾ لِکي ٿو ته:
    “آلفرس اءهل خوارزم....... ڪانو غصناءِ من دوحة”
    (خوارزم جا ماڻهو پرشن (ايران) وڻ جي هِڪَ شاخَ آهن)
    فارسي ادبَ خوارزم ۽ ان جي شهر جي نالن سان ڀريو پيو آهي. روميءَ پڻ “بخارا” ۽ “ديهه خُدا” جو ذڪر ڪيو آهي خاقاني شيرواني جو شعر آهي:

    عالم جانها بر او هست مقرر چنانڪ
    دولت خوارزم شاهه داد جهان را قرار

    (دلين جي دنيا هن جي حڪم هيٺ ائين آهي جيئن خوارزم شاهن دنيا ۾ قرار آندو آهي)

    شيخ سعدي جو شعر آهي:
    يڪي پر طمع پيش خوارزم شاهه
    شنيدم ڪهه شد بامدادي پگاهه

    (هڪ هٻڇي همراهه خوارزم شاهه ڏي ويو هڪ صبح جو سوير، اهو ڪجهه آ مون ٻُڌو)

    خوارزم صوبي جو دارالخلافه گرگانج رهيو جيڪو Konye Urgench به سڏيو وڃي ٿو جيڪو فارسي زبانَ ۾ “ڪهنه گرگانج” سڏجي ٿو.
    مشهور عرب جاگرافر ياقوت المحوي (1179-1229) 1219 ۾ خوارزم ۽ ان جي گادي جو هنڌ گرگانج گهمڻ لاءِ ويو. هن گرگانج بعد لکيو ته “مون گرگانج جهڙو سهڻو ۽ امير شهر ڪٿي به نه ڏٺو.” بهرحال لڳاتار حملن هن شهر کي ڊاهي رکيو خاص ڪري منگولن اَمُو درياهه جي ڊئم ڀَڃي هن شهر کي ٻوڙائي ڇڏيو. ياقوت الحموي لکي ٿو ته منگول فوج جي هِڪَ هِڪَ سپاهيءَ گرگانج جي چئن ماڻهن کي ماريو. جيڪي ڪجهه مرڻ کان بچيا ۽ هو فقط زخمي ٿيا انهن مان هڪ نجم الدين ڪبرا ٻڌائي ٿو ته گرگانج شهر جا اٽڪل اسي هزار ماڻهو قتل ڪيا ويا. هيٺيون فارسي شعر ان قتل عام جي عڪاسي ڪري ٿو.

    آخر اي خاڪ خراسان داد يز دانت نجات
    از بلاي غيرت خاڪ ره گرگانج وڪات

    (او خراسان جي ڌرتي! الله توکي حفاظت ۾ رکيو آ، ان مصيبت کان جيڪو گرگانج ۽ ڪات کي ڀوڳڻو پيو.)

    بهرحال بخارا ۽ سمر قند شهرن جي سونهن ۽ هاڪَ جو احوال فارسي ادب ۾ جام آهي. منهنجي خيالَ ۾ حافظ جو هي شعر انهن شهرن جي شانَ ۽ مانَ جي عڪاسي ٿو ڪري:

    اگر آن ترڪ شيرازي بهه دست آرد دل مارا
    بهه خال هندو يش بخشم سمر قند و بخارا

    (جيڪڏهن اهو شيرازي ترڪ ڇورو منهنجي دل جيتي، ته آئون هن جي ڳل جي تِرَ جي بدلي کيس هيرن جهڙا شهر سمر قند ۽ بخارا ڏئي ڇڏيان)

    ڳالهه ٿا ڪن (جنهن جو احوال آئون پنهنجي ايران جي سفرنامي ايران ڏي اڏام/ايران ڪي دن ۾ به ڪري چڪو آهيان) ته حافظ جو اهو شعر ٻڌي ان وقت جي حاڪم تيمور لنگ کي باهه وٺي وئي ۽ حافظ کي ڪورٽ ۾ گهرائي دٻ پٽي ته تون آهين اهو، جيڪو ٻئي جي مالَ تي سخاوت هلائيندو وتين. سمرقند ۽ بخارا جهڙا عَظيم شهرَ جيڪي مون خبر ناهي ڪيئن حاصل ڪيا آهن سي تون پنهنجي يارَ جي تِرَ جي بدلي ڏيڻ جا اعلان ڪندو وتين؟” حافظ جواب ۾ چيو: “سرڪار! سخاوت جي ڪمن ڪري ئي ته منهنجا هي فقيراڻا حال وڃي ٿيا آهن ۽ هاڻ پنهنجي گهر ۾ ڪجهه نه رهيو اٿم ته تنهنجي مالَ غنيمت تي خيرات ڪندو وتان.”
    چون ٿا ته تيمور لنگ اهو جواب ٻڌي ايڏو خوش ٿيو جو حافظ کي انعام اڪرام ڏئي روانو ڪيو.
    شروع ۾ خوارزم علائقي جي جاگرافيائي بيهڪ بابت لکيو اٿم ته اهو آمو دريا ندي جي ڊيلٽا وٽ آهي جيئن سنڌ جو لاڙ وارو علائقو سنڌو ندي جي ڊيلٽا وٽ آهي. لڳي ٿو ته اڙدو ۽ سنڌي جو لفظ درياهه فارسي يا ترڪ زبانَ جو آهي جو ايراني توڙي ازبڪ ۽ ترڪ هن نديءَ کي “آمو دريا” ندي سڏين ٿا جيتوڻيڪ افغانستان ۾ هن نديءَ کي پشتو زبانَ ۾ “آمو سنڌ” Da Amu Sind سڏين ٿا. آمو ندي وچ ايشيا جي وڏي اهم ندي آهي جيڪا وخش ۽ پنج ندين جي ميلاپَ سان ٺهي ٿي.
    شروعات ۾ اهو به لکي آيو آهيان ته هن علائقي خوارزم جي مختلف طرفن کان ارل سمنڊ، قزلڪم ۽ قاراقم رڻ پٽ ۽ استرت پليٽو آهن. ارل سمنڊ (Aral Sea) جنهن کي فارسي ۾ دريائي خوارزم سڏين ٿا هڪ ڍنڍ نما سمنڊ آهي. ترڪ زبانَ ۾ ارل جي معنيٰ ٻيٽ آهي. ارل سمنڊ معنيٰ ٻيٽن جو سمنڊ. هن سمنڊ ۾ 1534 ٻيٽ اچي ويا ٿي.
    قزل ڪم دنيا جو سورهون نمبر وڏو رڻ پٽ آهي. ترڪي زبان جي فئملي جي سڀني زبانن ۾ قزل ڪم (Kyzul Kum) جي معنيٰ ڳاڙهي ريتي آهي. هي رڻ پٽ آمو دريا ۽ سر (Syr) درياهن جي وچ ۾ آهي ۽ اهو ٽن ملڪن ۾ اچي وڃي ٿو: قازخستان، ازبسڪتان ۽ ڪجهه حصو ترڪمنستان ۾ به اچي ٿو.

    قاراقم رڻ پٽ جنهن جي ترڪي زبان ۾ معنيٰ ڪاري ريتي آهي، وچ ايشيا جي هاڻوڪي ملڪ ترڪمنستان جي 70 سيڪڙو ايراضي والاري ٿي. هتي مينهن تمام گهٽ وسي ٿو ۽ آدمشماري اسان جي ٿر واري علائقي کان به گهٽ آهي.
    اسلامي دنيا جي مشهور بايوگرافر ۽ جاگرافر ياقوت الحموي (1179-1229) مطابق هن علائقي جو نالو خوارزم ٻن لفظن جو جوڙ آهي: خوار+ رزم جيڪو رڌل مڇي جي گهڻائي ڏي اشارو آهي جيڪا هِتي جي ماڻهن جو عام کاڌو آهي. بوس ورٿ (C.E Bosworth) نالي هڪ انگريز خوارزم لاءِ لکيو آهي ته خور معنيٰ سج ۽ زم معنيٰ ڌرتي يعني اها ڌرتي جِتان سج اڀري ٿو. پر مون سان گڏ سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ خوارزمي ايراني چوندو هو ته اهو لفظ خار (هيٺاهين) زم (ڌرتي) جو جوڙ آهي. يعني هيٺاهين ڌرتي ۽ ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته سڄي وچ ايشيا ۾ ڪئپسين سمنڊ کان علاوه خوارزم وارو علائقو تمام هيٺاهون آهي. بهرحال هن علائقي دنيا جا ڪيترائي قابل ماڻهو پيدا ڪيا. البيروني کان علاوه ٻه ٽي ٻيا به نالا کڻندس جن کان ضرور توهان به واقف هجو:

    • نجم الدين ڪبرا ـــ صوفي، فقير منش.
    • طورا بيگ خانم ـــ ڪتلوگ تيمور جي زالَ
    • محمد ابن موسيٰ الخوارزمي ـــ زبردست حسابدان جنهن الگورٿم ايجاد ڪيو ۽ کيس ان نالي سان سڏيو به وڃي ٿو.
    • محمد ابن احمد ـــ ڏهين صدي جو انسئڪلوپيڊسٽ جنهن مفتح ِ علوم ڪِتاب لکيو جنهن جو انگريزي ۾ ترجمي واري ڪِتاب جو نالو آهي: Key to the Sciences..
    • قطب الزمان ـــ فيلسوف.
    • ابوبڪر خوارزمي ـــ اسڪالر
    • ابل غازي بهادر ـــ تاريخدان.
    • شير محمد مونس ـــ شاعر تاريخدان...... وغيره.

    پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ ڪجهه سِٽون مٿي بيان ڪيل محمد ابن موسيٰ خوارزمي بابت لکڻ ضرور ٿو سمجھان جيڪو لئٽن دنيا ۾ الگورتمي جي نالي سان ۽ اسپيني زبان ۾ گئارسمو ۽ پورچوگالي زبان ۾ الگئارسمو سڏيو وڃي ٿو جيئن ابو سينا مغربي دنيا ۾ اووسينا سڏيو وڃي ٿو. انگريزي لفظ آلجبرا به هن جي ڪري پيو جو هن Linear ۽ Quadratic Equations کي Solve ڪرڻ لاءِ جيڪو طريقو ڪڍيو ان کي عربي زِبانَ ۾ الجبر سڏجي ٿو. (Completion or, subtracting a number from both sides of equation)
    هن جي ان طريقي (جبر) ايجاد ڪرڻ تان آلجبرا نالو مشهور ٿيو. هن طريقي کان مئٽرڪ جو هر هڪ شاگرد واقف هوندو. مثال طور a2=40a-4a2 جدول (equation) مان ڪاٽو (minus) نشاني ڪڍڻ لاءِ ٻنهي پاسن ۾ 4a2 جوڙ ڪبا ته ٿيندو.
    5a2 = 40a

    وغيره يا وري. x2+14 = x+5 جهڙي equation سوڙهو ڪري اسان x2+9=x لکي سگهون ٿا. ان طريقي کي عربي ۾ جبر سڏجي ٿو ۽ اهو طريقو محمد ابن موسيٰ خوارزمي جي ايجاد آهي جيڪو هن پنهنجي ڪِتاب “الڪِتاب المختصر في حساب الجبر و المقابلة” ۾ ڏنو آهي. هي ڪِتاب هن 50 سالن جي ڄمارَ ۾ 830 ۾ لکيو، جنهن لاءِ سندس همت افزائي ان وقت جي خليفي المامون ڪئي. ان بعد اهو ڪِتاب لئٽن زبانَ ۾ ترجمو ٿيو. هن عربي ڪِتابَ جي هِڪ ڪاپي آڪسفورڊ ۾ رکيل آهي جنهن جو انگريزي ترجمو 1831 ۾ روزن (F. Rosen) ڪيو. ان وقت جي لئٽن ڪِتابَ جي ڪاپي ڪئمبرج ۾ پڻ رکيل آهي.
    محمد ابن موسيٰ خوارزمي علم فلڪيات (Astronomy) ۽ ٽرگناميٽري جو به ماهر هو جيڪا اسان وٽ خاص ڪري جهازراني ۾ رستو ڳولڻ ۽ جهاز جو مفاصلو طيءِ ڪرڻ جي حِسابَ ۾ ڪم اچي ٿي. مزيدار ڳالهه اها ته سندس علم فلڪيات ڪِتاب ۾ سنڌ جو به ذڪر آهي....... بلڪه ڪِتاب جو نالو ئي آهي: “زيج السنڌ هند” جنهن جو انگريزي ۾ ترجمو ٿيل ڪِتاب جو نالو آهي: The Astronomical Tables of Sindh & Hind هن ڪِتاب ۾ 37 کن بابَ ڏينهن (سج)، چنڊ ۽ پنج سيارن جي چرپر جي حِسابَ بابت آهن. (انهن ڏينهن ۾ فقط پنجن سيارن جي ڄاڻَ هئي. شروع واري عربي ڪِتابَ جي ڪاپي ڪٿي به موجود ناهي جيڪا 820 ۾ ڇپي. ان بعد اسپين جي هڪ مسلمان ماهر فلڪيات ابن احمد المرتيءَ اِنَ ڪِتابَ جو سن 1000 ۾ لئٽن ۾ ترجمو ڪيو جنهن جون چار ڪاپيون موجود آهن. جن مان هڪ لنڊن جي لئبرري ۾ ۽ باقي ٽي پئرس، مئڊرد ۽ آڪسفورڊ جي لئبررين ۾ آهن.
    “زيج السنڌ هند” ڪِتابَ ۾ Cosine & Sine جا ٽرگناميٽرڪ فنڪشن جا ٽيبل به آهن. الگورزم ۽ الگورٿم لفظ سندن لئٽن نالي Algortimi تان ورتا ويا آهن ۽ اسپين ۽ پورچوگال ۾ سندس نالو گئارسمو جي معنيٰ انگ (Digit) آهي. 833ع ۾ سندس جاگرافي تي ڪِتاب “ڪِتاب صورة الارض” ڇپيو. پاڻ 780 ۾ خوارزم ۾ جنم ورتو هئائين ۽ 850 ۾ وفات ڪيائين.


    ٿيا تماچي ڄام سين، مهاڻا محروم

    بيڪانير نه فقط راجستان جو پر سڄي هندستان جو مذهبي ۽ ثقافتي لحاظ کان هڪ رنگين ۽ ڏسڻ وٽان شهر آهي. هو ڪو ڪلڪتي يا ممبئي جهڙو گهڻي آدمشماري ۽ گهڻي پکيڙ وارو شهر نه آهي. ان حِسابَ سان بيڪانير راجستان جي شهرن ۾ به پنجين نمبر تي آهي. ماضي کان مندرن ۽ ميلن ملاکڙن جو هي شهر اڄ جي دور ۾ مٺاين ۽ چٽ پٽين شين (نمڪو) کان پڻ دنيا ۾ مشهور آهي. ٿر جي وارياسي علائقي جو هي شهر ماضي کان راندين روندين، اٺن جي ڊوڙن، نوابي محل محلاتن ۽ پارڪن جو شهر رهندو اچي. دنيا جا ماڻهو هن خياباني شهر جا قصا ڪهاڻيون ۽ رنگينيون ڏسڻ لاءِ نه فقط اڄ پر ماضي ۾ به ايندا رهيا. هندستان جي ورهاڱي تائين ۽ ان کان اڌ منو صدي اڳ تائين جڏهن اڃان ريل گاڏيون، ڪارون ۽ هوائي جهازَ عام نه ٿيا هئا ۽ ماڻهن پيرين پنڌ يا اٺن، گهوڙن ۽ گڏهن تي سفر ڪيو ٿي ته راجستان جي جيپور، اڌيپپور، اجمير، ڀلوارا، جوڌپور، جئلور، ڍولپور، ٻُنڍي ۽ هنومان ڳڙهه شهرن جيان اسان سنڌ جي رهواسين لاءِ بيڪانير به ويجھو لڳو ٿي. يقينن شاهه لطيف جهڙو ماڻهو بيڪانير جي هاڪَ ٻڌي اتي آيو هوندو تڏهن ته هن پنهنجي شاعريءَ ۾ بيڪانير جو نالو کنيو آهي ۽ بارش ۽ کنوڻن نالي لکيو آهي ته
    ڪي دهليءَ، ڪي دَکن، ڪي گڙن مٿي گرنار،
    ڪنهين جُنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بَڪار،
    ڪنهن ڀُڄ ڀِڄائيو، ڪنهن ڌَٽ مٿي ڍار
    ڪنهن اچي اَمرَ ڪوٽ تان وسايا ولهار
    هي مضمون سنڌ جي شهر سکر مان لکي رهيو آهيان ٿوري دير اڳ شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي ٻن پروفيسرن ۽ سنڌ جي اعليٰ شاعرن ۽ اديبن ايازگل ۽ ادل سومري جن سان گڏ ويٺو هوس. هو انڊيا جي هن رياست راجستان ۾ ٻه دفعا کن آفيشل ٽوئر تي وڃي چڪا آهن ۽ اسان اتي جون ئي ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين. موڪلائڻ وقت بيڪانير جون ڳالهيون ڪندي مون حيرت جو اظهار ڪيو هو ته بيڪانير ماضي کان هڪ اهم شهر/ضلعو رهندو اچي جنهن بابت شاهه لطيف به پنهنجي بيتن ۾ لکيو آهي پر اهو ڪمال آهي ته هندستان جو مشهور شاعر امير خسرو(جيڪو بنيادي طور ايران جو شاعر هو جنهن هندوستان وڃي موسيقيءَ کي مذهبي رنگ مان ڪڍي عوامي رنگ ڏنو) يا دنيا جي مشهور سياح ابنِ بطوطه جنهن هند سنڌ جا ڪيترائي شهر: ٺٽي کان سيوهڻ ويندي ٽنڊو جهانيان سومرو پڻ ويو پر بيڪانير ڇو نه؟
    پر هاڻ بيڪانير تي ڪجهه سٽون لکڻ مهل ڌيان ۾ آيو آهي ته بيڪانير شهر ڪئالالمپور، سنگاپور ۽ نئروبي جهڙن شهرن وانگر تڪڙي ترقي ۽ ناموس ضرور حاصل ڪري ورتي پر اهو شـهر (بيڪانير) ٺٽي، ملتان يا دهلي ۽ قاهري جيان ڪو آڳاٽو ناهي. امير خسرو يا ابنِ بطوطا جهڙا بيڪانير بابت ڪيئن ٿا لکي سگهن جڏهن انهن جي ڏينهن ۾ بيڪانير شهر جو نالو نشان نه هو. ابن بطوطا 1304 ۾ طنجة، مراڪش ۾ ڄائو. دنيا جو سير ڪرڻ بعد 1368 ۾ گذاري ويو. هندستان جو شاعر امير خسرو (سڄو نالو ابوالحسن يمين الدين خسرو) ابنِ بطوطا کان اڌ صدي اڳ 1253 ۾ ڄائو ۽ 1325 ۾ گذاري ويو. اهڙي طرح دهلي وارو نظام الدين اولياء رحه 1238 ۾ ڄائو ۽ 1325 ۾ گذاري ويو ۽ هي شهر بيڪانير جنهن جو پاڻ ذڪر ڪري رهيا آهيون ان جو پهريون پٿر سمجھو ته 1488 ۾ رکيو ويو. هي بيڪانير وارو علائقو صفا واري ۽ سڃ هو. چوڌاري ڀينگ پئي واڪا ڪيا. ايتري قدر جو راجستان جو هي حصو جنگلاديش سڏيو ويو ٿي جيڪو سمجھو ته ٿر رڻ پٽ جو حصو آهي. اسان جي خيرپور جي اوڀر ۾ راجستان جو شهر جيسلمير آهي ۽ اڃان هيٺ ڏکڻ ۾ اسان جي موري، قاضي احمد جي ساڄي پاسي (يعني اوڀر ۾) راجستان جو انهن ڏينهن جي گادي جو شهر جوڌپور هو جيڪو ان وقت جي راٺوڙ راجا مهاراجا رائو جوڌا نالي آهي. رائو بيڪا جيڪو بيڪانير شهر جو باني آهي اهو مهاراجا رائو جوڌا جو ٻيو نمبر پٽ هو. رائو بيڪا ڏٺو ته سندس پيءُ جي مرڻ بعد جوڌپور ته سندس وڏي ڀاءُ حوالي ٿيندو ۽ کيس ننڍو ڀاءُ هجڻ ڪري جوڌپور جو ڪو حصو پتي نه ملندو سو هن اهو سوچي هن جنگلاديش ويران علائقي ۾ پنهنجي الڳ سلطنت ۽ نئين شهر بيڪانير جو بنياد رکيو. ٿر جي ويران علائقي ۾ هي بيڪانير خيابان سمجھيو وڃڻ لڳو ۽ وچ ايشيا کان گجرات ويندڙ قافلن کي هتان بيڪانير مان لنگهڻو پيو ٿي ۽ هنن لاءِ بيڪانير هڪ خيابان ئي ته هو جِتي مسافرن ۽ سندن وهٽن پنهنجي اڃ اجھائي ٿي. 1478۾ رائو بيڪا هتي قلعو به ٺهرايو جيڪو هينئر ته بنهه ڊٺل حالت ۾ آهي پر هڪ صدي کن پوءِ هن قلعي کان ڏيڍ ڪلوميٽر جي فاصلي تي جيڪو ٻيو قلعو ٺهرايو ويو ان جو نالو جھوناڳڙهه قلعو آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ دنيا جا ڪيترائي ٽوئرسٽ اڄ به ايندا رهن ٿا.
    بهرحال رائو بيڪا جنهن سالَ ۾ بيڪانير شهر جو بنياد رکيو ان کان چئن سالن بعد، 1492 ۾ ڪولمبس ويسٽ انڊيز (آمريڪا) ڳولي لڌو. هي اهو زمانو هو جڏهن سنڌ تي سمن جو راڄ هو ۽ ڄام نظام الدين ثاني عرف ڄام نندو حاڪم هو جنهن سنڌ تي 1461 کان 1508 تائين حڪومت ڪئي. پاڻ پنهنجي پيءُ ڄام سنجر جي وفات بعد تخت تي ويٺو ۽ بهتر حڪومت هلائڻ ڪري هن کي اڄ به هيرو ۽ سندس حڪومت جو عرصو سنڌ جو سونهري دور سمجھيو وڃي ٿو. پاڻ ٺٽي ۾ مڪلي جي قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي. سندس پٿر جي مقبري تي ٿيل سنهو ٽُڪ جو ڪم ڏسڻ وٽان آهي. ڄام نندي 48 سال سنڌ تي مڪمل پاور سان حڪومت ڪئي. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي گاديءَ جو شهر ٺٽو هو. هو هڪ عقلمند ۽ انصاف وارو سمجھيو ويو ٿي جنهن جي دور ۾ ٺٽي جون مسجدون ۽ مدرسا وڌيا. ماڻهن کي امن ۽ شانتي جو هڪ ڊگهو عرصو ملي ويو. امن امان ڪري هِتي جو بزنيس وڌيو ۽ ماڻهن خوشحالي جي زندگي گذاري. هن جي ڏينهن ۾ مسافرن بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي سفر ڪيو ٿي. سندس مرڻ بعد سندس پٽ ڄام فيروز ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاريو ۽ سندس ڪمزور هجڻ ڪري هو حڪومت وڃائي ويٺو ۽ شاهه بيگ ارغونن جنهن کي قنڌار کان بابر شاهه ڀڄائي ڪڍيو هو تنهن اچي ڄام فيروز کان حڪومت کسي.
    بهرحال هتي سنڌ جي ان وقت جي حاڪم ڄام نندي جو احوال ان ڪري ڏنو اٿم ته جيئن منهنجا هم وطني جيڪي اڄ بيڪانير جو چڪر ڏئي بيحد Impress ٿي موٽن ٿا اهي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکي سگهن ٿا ته جنهن وقت راجستان جي هن ٿري شهر بيڪانير ۾ پهرين جھونپڙي اڏجي رهي هئي ان وقت اسان جي سنڌ جو ٺٽو شهر جيڪو ان وقت جي سمي حاڪم ڄام نندي (نظام الدين) جي حڪومت جو دارالخلافه هو ڇا ته بلي بلي شهر هو...... لاهري بندر جي ويجھو سنڌ جو هي شهر ٺٽو پراڊڪشن ۽ ٽريڊ جو مرڪز هو جِتي 3000 ڪپڙو اڻڻ وارن جون فئمليون رهيون ٿي جن جو ٺهيل ڪپڙو ايران ۽ ترڪي ويو ٿي....... جِتي انيڪ مدرسا ۽ مسجدون هيون...... فري سيبستين پورچوگالي ليکڪ مطابق ٺٽو دنيا جي امير شهرن مان هو جِتي کاڌي خوراڪ جي ڪا کوٽَ نه هئي. هِتي جي بندرگاهن ۾ هر وقت سامان سان ڀريل جهاز نظر آيا ٿي..... پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اڄ ٺٽو ۽ سندس اوس پاس جا شهر سنڌ جي ٻين شهرن وانگر وڃن کنڊر ٿيندا...... اسان جا شهر نه فقط واپار وڙي ۽ خوشحاليءَ ۾ کُٽل آهن پر اخلاقي طرح به انهن جو وڃي ٿو ڏيوالو نڪرندو....... نه آهي ترقي تعليم جي نه ميڊيڪل جي...... نه نوڪريون نه فئڪٽريون ۽ ڪارخانا....... آخرڪار بارڊر جي ٻئي پاسي ساڳي موسم ۽ ساڳي واري جهڙن برپٽن ۾ انڊيا جي گجرات ۽ راجستان جا شهر به ته آهن جن جي خوشحالي، امن امان، تعليم جي ترقي، صحت جون سهولتون ۽ روزگار جا ذريعا ڏسي حيرت ٿئي ٿي.
    هِتي اهو به لکندو هلان ته سنڌ جي لوڪ ڪهاڻي نوري ڄام تماچي جو تماچي مٿي ذڪر ڪيل سمي حاڪم ڄام نندي جو پڙڏاڏو ڄام رڪن الدين شاهه هو. ٺٽو جيڪو سمن جي دور ۾ گاديءَ جو شهر هو، ان ۽ جھرڪ شهر (جِتي محمد علي جناح جنم ورتو) جي وچ ۾ ٽي ڍنڍون آهن: ڪينجھر، ڇولماڙي ۽ سونهري. ڪينجھر جي ڪناري تي اڄ به ڀڳل ڀتيون نظر اچن ٿيون..... اتي ڄام تماچي جي ڏينهن ۾ مهاڻن جو ڳوٺ هو. ملڪ جو حاڪم ڄام تماچي ڪينجهر ڪناري سير شڪار تي ايندو رهيو ٿي جِتي هن ڳوٺ جي مهاڻي ڇوڪري نوريءَ راجا جي دل جيتي ورتي ۽ ڄام تماچي هن گندري (جيڪا نوري جي ذات هئي) ڇوڪريءَ تي اهڙو چرين وانگر عاشق ٿيو جو هن کان پنهنجي اعليٰ خاندانَ جون زالون وسري ويون.

    سميون ڪري سينگار، راءُ ريجھائڻ آئيون
    پَر ڄام هٿ ۾ ڄار، ٿو جُھلي جھٻيرن وچ ۾
    ۽ نوريءَ به پنهنجي نياز نئڙت سان هن کي خوب ريجھايو.
    تون سمي آئون گندري، مون ۾ عيب اَپار
    پَسي لِيءَ لغار، متان ماڱر مٽئين!

    شاهه جي رسالي ۾ جيڪي ست سورميون آهن .... جن جي عشق جا داستان شاهه لطيف بيتن ۾ ڏنا آهن تن مان نوري هڪ آهي، جنهن جي ڪهاڻي پيار حاصل ڪرڻ ۽ خوشين جي آهي. باقي ٻيون عمر مارئي، سهڻي ميهار، سسئي پنهون، مومل راڻو وغيره مان ڪا رڙي مئي، ڪا ٻڏي مئي، ڪا سڙي مئي ته ڪا محبوب کي ڳوليندي مئي......
    ڄام تماچي جنهن جو اصل نالو ڄام رڪن الدين هو سنڌ جي گادي واري شهر ٺٽي مان 1367 کان 1379 تائين ٻارهن سالَ حڪومت ڪئي. انهن ڏينهن ۾ حڪومت ڪرڻ ڪو ملڪ جو انتظام هلائڻ، عوام جي خوشحالي ڪرڻ يا گڊ گورننس نه هوندو هو. بس اوسي پاسي جي پَٽن (ملڪن/حڪومتن) تي حملا ڪري پنهنجي سلطنت وڌائڻ ۽ انهن هارايل حاڪمن سان رشتا ڳنڍڻ هوندو هو. ان خيال کان ڄام تماچيءَ اجائي سجائي مار مارا ڪري ٻين جو سک ڦٽائڻ بدران هڪ مهاڻي ڇوڪريءَ سان عشق ڪري فقط پنهنجين خانداني (ڏاڏي پوٽي) زالن جو سک ڦٽايو جن گهڻو ئي چاهيو ته سندن ور اهي ڪم ڇڏي پنهنجن سان ئي ناتو جوڙي رکي پر سائين ڄام تماچيءَ جي گندري سان عشق هن کي مهاڻن سان ناتا جوڙڻ لاءِ مجبور ڪيو:

    ٿيا تماچي ڄام سين، مهاڻا محروم
    ننڍيءَ وڏيءَ گندريءَ، مٿي ماڙيءَ ڌوم،
    جي ڪينجھر، جي رُوم، سي سڀ انعامي ٿيا.


    بيڪانير هڪ بلي بلي شهر!

    پاڻ بيڪانير شهر جو ذڪر ڪري رهيا هئاسين جنهن جو نالو شاهه لطيف به کنيو آهي. بيڪانير جيتوڻيڪ اسلام آباد، ڪئالالمپور، سنگاپور ۽ نئروبي جهڙن شهرن وانگي ڪو ويجھڙائي وارو اڏيل شهر ناهي پر ساڳي وقت ملتان، ٺٽي، خدا آباد ۽ روهڙي وانگر ڪو آڳاٽو شهر به ناهي.
    جوڌپور جي راجستاني حاڪم مهاراجا رائو جوڌا راٺوڙ جي ٻئي نمبر پٽ رائو بيڪا اهو سوچي ته پيءُ جي مرڻ بعد سندس تاج ۽ تخت جو مالڪ هن جو وڏو پٽ ٿيندو، سو 1488 ۾، پيءُ جي حيات هوندي، هن ٿريلي ويران علائقي ۾ پنهنجو شهر اچي اڏرايو جيڪو سندس نالي سان بيڪانير سڏجڻ لڳو. نه ته هي علائقو ويران ۽ سنسان هجڻ ڪري جنگل ديش سڏبو هو پر رائو بيڪا جي اچڻ ۽ شهر ٻڌجڻ بعد هي علائقو ويڙهاڪن جو ديس سڏجڻ لڳو. انگريز ليکڪ ڪننگهام پنهنجي ڪِتاب Ancient India (آڳاٽي انڊيا) جي صفحي 247 تي لکي ٿو ته “جنهن ملڪَ جي راڄڌاني هاڻي بيڪانير آهي، ان کي قديم زماني ۾ “باگڙ ديس” سڏيو ويندو هو، جنهن جو مطلب آهي باگڙين يا ويڙهاڪن جو ديس. سندن اڳواڻ باگڙ راءِ هوندو هو........”
    هاڻ اها ته تاريخدانن يا محققن کي ڄاڻ ته اهو باگڙ راءِ ڪو ٻيو هو يا مهاراجا جوڌي جو پٽ رائو بيڪا جنهن هن بياباني ڀڙڀانگ علائقي ۾ اچي پنهنجي ننڍي الڳ ٿلڳ سلطنت قائم ڪئي.بهرحال بيڪانير ڪو انگريزن جو رکيل نالو ناهي جن اڪثر ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪيترن شهرن جا نالا اچارن جي سهوليت خاطر بڙودا کي ودودرا، دهلي کي ديلهي، قاهري کي ڪيرو، شام کي سيريا، دمشق کي دمشقس وغيره رکيا. بيڪانير نالو انگريزن کان اڳ جو آهي. هن شهر جو بنياد 1486 ۾ رکيو ويو. ان کان پوءِ پورا 200 کن سالن بعد شاهه لطيف 1689 ۾ جنم ورتو. هن اهوئي نالو بيڪانير ٻڌو...... انگريز ته اڃان به هڪ ڏيڍ صدي بعد ۾ آيا..... جن هندستان جي ڪيترن شهرن جا نالا پنهنجي سهولت موجب بدلايا.
    بهرحال بيڪانير شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. انگريز ننڍي کنڊ توڙي ٻين ملڪن ملائيشيا، ڪينيا، سنگاپور، سري لنڪا، نائيجيريا وغيره ۾، جِتي جِتي راڄ ڪيائون اتي ٻين شين سان گڏ ريل ۽ واهن بئراجن جو به نظام ڏئي ويا جن کي سندن وڃڻ بعد اسان انهن ۾ واڌارو ۽ سڌارو آندو يا نه پر ان ڳالهه ۾ ملائيشيا، سنگاپور، سائوٿ آفريڪا توڙي انديا جهڙن ملڪن کي Credit هجي جو هنن انهن سهولتن کي اڄ به جاري رکيو آهي بلڪه Modernize ڪيو آهي. اسان وٽ ٿر اڃان به رڻ پٽ ۽ بيابان آهي..... ڪنهن واهه يا ڪئنال کي اوڏانهن وٺي مڪاني ماڻهن جي پيٽ قوت لاءِ پوک جو بندوبست نه ڪيو آهي پر هيڏانهن بارڊر جي ٻي پار راجستان جي ٿري شهر بيڪانير ۾ گنگا ڪئنال ته انگريزن جي ڏينهن ۾ (1928ع) ۾ ئي کوٽجي ويو هو ۽ اندرا گانڌي ڪئنال انگريزن جي وڃڻ بعد 1987 ۾ کوٽيو ويو. اڄ هِتي جو علائقو سرسبز نظر اچي ٿو....... سرنهن، ڪڻڪَ، ڪپهه ۽ دالين کان علاوه چوڌاري ڀاڄيون به جام ٿين ٿيون. تڏهن ته بيڪانير شهر ۾ باغ باغيچا، پارڪ ۽ فارم هائوس نظر اچن ٿا. توهان کي مِٺي ۽ عمر ڪوٽ ۾ ڪونڊين ۾ پوکيل ٻوٽا به مرجھايل نظر ايندا. بدامني ۽ بدانتظامي ڪري موهن جو دڙو ۽ ساڌ ٻيلو وارن شهرن ۾ به نه ٽوئرسٽ نظر ايندا نه انهن جي رهائش لاءِ هوٽلون! ڪراچيءَ ۾ ئي گذريل ويهن سالن ۾ فارينرن جي معيار جي ڪا هوٽل ٺهي هوندي پر هيڏانهن بيڪانير، جيسلمير، اڌيپور توڙي ڀُڄ، ناليا، ڀاوَنگر، راجڪوٽ جي گهٽي گهٽي ۾ هوٽلون نظر اينديون ۽ ڏينهن رات ٽوئرسٽن جي ڌم لڳي پئي آهي. اسان وٽ فقط چوريون ۽ ڦرون، اغوائون ۽ قبيلائي جهيڙا...... چور ۽ ڌاڙيل ته ڇا پوليس ۽ علائقي جا چڱا مڙس انهن کان وڌيڪَ لڳا پيا آهن...... هلندڙ بسين، ٽرڪن ويندي ٽرينن ۾ پيون ڦرون ٿين.......... اهڙي تناظر ۾ ڪهڙو ڌاريون ٽوئرسٽ اسان وٽ ايندو جڏهن ته مڪاني ماڻهو به گهر کان نڪرندي ڪيٻائين ٿا. عبادت لاءِ مسجدن ۽ مندرن ۾ وڃڻ لاءِ به گھٻرائين ٿا......!
    بهرحال انڊيا جي ٻين شهرن وانگر بيڪانير ۾ به هڪ ٽوئرسٽ کي سڪون ملي ٿو ۽ کيس ڏسڻ ۽ دل وندرائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه نظر اچي ٿو.... ڪنهن زماني ۾ بيڪانير ننڍڙو شهر هو جنهن جي چوڌاري ڀت ڏنل هئي. ريلوي اسٽيشن جي اولهه وارو حصو اهو پراڻو بيڪانير آهي جنهن جي چوڌاري اڃان تائين اها ڀت نظر اچي ٿي. بيڪانير جو هي پراڻو حصو ائين لڳي ٿو جيئن گذريل صدي جي سٺ واري ڏهي جي لي مارڪيٽ، موسيٰ لين، کارادر ۽ ميٺادر..... جتي آڌي رات جو به هوٽلون کليون پيون هونديون هيون. بلوچستان ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ڏي ويندڙ بسين جا اسٽاپَ هِتي هوندا هئا ۽ ڀانت ڀانت جا ماڻهو نظر ايندا هئا. پڪوڙن، ڪوابن کان چانهه ۽ آئيس ڪريم بيحد لذيذ ۽ نج ملندا هئا. ڪپڙن، ٿانون ۽ فئنسي شين سان دڪان ڀريا پيا هوندا هئا جن تي خريدارن جي پيهه پيهان هوندي هئي. هوٽلن جي اڳيان رکيل بينچن تي مڪراني، بلوچ، سنڌي، ٿري، ڪوهستاني، لاڙي ۽ پٺاڻن جون ڪچهريون ۽ ٽهڪ هوندا هئا. رستي تان لنگهندڙ ٻارن توڙي وڏن جي چهرن تي مرڪَ ۽ سڪون هوندو هو. ويسٽ وهارف پاسي بيٺل جهازن جا يورپي توڙي آفريڪي جهازران ۽ خلاصي اتي ڦرندي نظر ايندا هئا. اڄ ايترا فارينر اسلام آباد جي بلو ايريا يا آب پارا ۾ به نظر نٿا اچن..... پر اهي رونقون ۽ نظارا بلڪه انهن کان به وڌيڪَ انڊيا جي ههڙن شهرن ۾ نظر اچن ٿا...... نه فقط قانون نافذ ڪرڻ ۾ پر تاريخي جاين کي صحيح سلامت رکڻ لاءِ انڊيا جي حڪومت بيحد سختي ڪندي اچي. دهلي جي لال قلعي وٽ رڪشا کي روڪي مون فوٽو ٿي ڪڍيو ته سامهون بيٺل پوليس واري چيو ته سر آٽو کي اتي نه بيهاريو، عمارت جو شو خرا ب ٿو ٿئي...... ۽ ڏٺم ته واقعي آس پاس ۾ ڪنهن به ڪار يا ٽئڪسي کي ته پارڪ ڪرڻ جي اجازت نه هئي پر بس کي ٿوري دير بيهي مسافرن کي به ان هنڌ تي لاهڻ جي اجازت نه هئي. ايران ۾ ته ڪيترين تاريخي جاين جا فلئش سان فوٽو ڪڍڻ جي اجازت ناهي. توهان ڪئميرا بدران موبائيل فون ذريعي ڪڍي سگهو ٿا ڇو جو گهڻي فلئش جي استعمال ڪري عمارت جي ڪاشي ۽ اصلي رنگن جي جوت جھڪي ٿيو وڃي..... ڏسو هو پنهنجي قومي ورثي جو ڪيڏو خيال ڪن ٿا ۽ اسان وٽ موهن جو دڙو ۽ ڀنڀور جهڙن آثارِ قديمن مان وڃن شيون چوري ٿينديون.
    بيڪانير جي پراڻي حصي ۾ اڄ به آڳاٽا مندر ان ئي بهتر حالت ۾ آهن جهڙا اڄ کان پنج صديون کن اڳ، جڏهن اهي ٺهرايا ويا هئا. انهن مان هڪ لڪشمي ناٿ مندر آهي جنهن جي ڀرسان ان ننڍڙي قلعي جا کنڊهر موجود آهن جيڪو هن شهر جي باني رائو بيڪا ان وقت ٺهرايو ۽ جنهن ۾ سندس شاهي خاندان رهيو ٿي. رائو بيڪا (وفات 1504) کان پوءِ سندس پٽ رائو نارائڻ سنگهه (1505-1504)، ان جو پٽ رائو لونا ڪرڻ(1526-1505)، تنهن کان پوءِ ان جو پٽ رائو جيت سنگهه (1542-1526)، ۽ پوءِ ان جو پٽ رائو ڪلياڻ مل (1574-1542) جنهن جي ڌيءَ سان مغل شهنشاهه اڪبر شادي ڪئي، ان قلعي ۾ رهيا ۽ پوءِ ڪلياڻ جي پٽ (اڪبر جي سالي) رائو راءِ سنگهه جيڪو مغل فوج جو اهم جنرل هو، نئون قلعو ٺهرايو جنهن کي ٺهڻ ۾ 5 سالَ (1589 کان تائين1593) لڳي ويا. راجا راءِ سنگهه 1574 کان 1612 تائين حڪومت ڪئي يعني اهو سمورو ٽائيم دهلي جي تخت تي اڪبر جي حڪومت (1556 کان 1605 تائين) هئي. ان بعد 1605 کان 1627 تائين جھانگير تخت تي ويٺو.
    بيڪانير سلطنت جا هي شروع وارا حاڪم مغلن جي خلاف هئا. رائو بيڪا جي پوٽي جي پوٽي ڪلياڻ مل (جيڪو پوءِ شهنشاهه اڪبر جو سالو ٿيو) ان شير شاهه سوريءَ جو ساٿ ڏنو جنهن 1540 ۾ همايون کي ڀڄائي ڪڍيو. پر پوءِ 15 سالن جي ڏيهه بدري بعد جڏهن 1555 ۾ همايون وري پنهنجو تخت هٿ ڪيو ته هنن بيڪانير وارن لاءِ مسئلو ٿي پيو. همايون جي 1556 ۾ وفات تائين مغل فوج بيڪانير تي حملا ڪيا پر وارياسي ۽ رڻ پٽ واري علائقي مان فائدو وٺي بيڪانير جي راجا ڪلياڻ مل مغل لشڪر کي پسپا ڪري ٿي موڪليو. ان بعد جيئن ئي اڪبر تختَ تي ويٺو ته هن مفاهمت جي پاليسي اختيار ڪئي ۽ ڪلياڻ مل جي پٽ راجا راءِ سنگهه (بيڪانير سلطنت جي ڇهين حاڪم) راجپوت سردارن ۾ سڀ کان اڳ مغل سلطنت سان گڏجڻ ۽ دوستي جو اعلان ڪيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته اڪبر جي حڪومت دوران بيڪانير سلطنت ۾ سک چين رهيو. 1570 ۾ راجا راءِ سنگهه جي ڀيڻ جي اڪبر سان شادي ٿيڻ ڪري بيڪانير جي شاهي خاندانَ جو مانُ مٿانهون ٿي پيو. راجا راءِ سنگهه هڪ دلير فوجي ٿي گذريو آهي جنهن مغلن لاءِ جِتي ضرورت پئي ٿي جنگ جوٽي ٿي. 1612 ۾ سندس وفات بعد سندس پٽ دلپت سنگهه (دليپ) فقط هڪ سال تختَ تي ويٺو جنهن بعد پوٽو سورت سنگهه 1613 کان 1631 تائين تختَ تي ويٺو پر اهي ٻئي اهم ثابت نه ٿيا. ان بعد سورت سنگهه جو پٽ رائو ڪرن سنگهه جيڪو 1631 کان 1669 تائين بيڪانير جو حاڪم رهيو هن گهراڻي جو اهم سردار مڃيو وڃي ٿو. شاهه جهان جي پٽن جي تخت تان جھيڙي ۾ هن اورنگزيب جو پاسو کنيو. اورنگزيب پنهنجن ڀائرن کي مارائي پيءُ (شاهجهان) کي قيد ڪري پاڻ 1658 ۾ تختَ تي ويٺو....... بعد ۾ شاهجان جي 1666 ۾ قيد ۾ وفات ٿي.
    بيڪانير جي حاڪم رائو ڪرن سنگهه جي وفاتَ بعد سندس پٽ رائو انوپ سنگهه 1669 ۾ بيڪانير سلطنت جو تاج ڌڻي ٿيو. هي پهريون راجا هو جنهن کي اورنگزيب بادشاهه طرفان مهاراجا جو خِطابُ مليو. هِتي اهو به لکندو هلان ته بيڪانير جي هن راجا جي ڏينهن ۾ اسان وٽ هالا ڀرسان سن 1689 ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جنم ورتو. شاهه لطيف جي 63 سالَ ڄمار ۾ بيڪانير جا 5 راجا ٿيا. مهاراجا رائو انوپ سنگهه (1669 کان 1698)، ساروپ سنگهه (1698 کان 1700) سجن سنگهه (1700 کان 1735) زوراور سنگهه (1735 کان 1746) ۽ رائو گاج سنگهه (1746 کان 1787). شاهه صاحب جيڪڏهن بيڪانير آيو هوندو ته انهن مان ڪو حاڪم هوندو. 1700 ۾ جڏهن مهاراجا سجن سنگهه (بيڪانير سلطنت جو ٻارهون راجا) تخت تي ويٺو هو ته شاهه لطيف يارهن سالن جو هو ۽ مهاراجا زوراور سنگهه جي تخت تي وهڻ وقت شاهه صاحب جي عمر 46 سال هئي. الهاس نگر جو ليکڪ ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي چوندو هو...... بلڪه هن جو خيال هو ته شاهه لطيف راجستان ۾ ان عمر ۾ مهاراجا زوراور سنگهه جي ڏينهن ۾ آيل لڳي ٿو....
    بهرحال راجا راءِ سنگهه جيڪو 1593 ۾ جيڪو قلعو ٺهرايو اهو جھوناڳڙهه فورٽ جي نالي سان مشهور آهي ۽ 400 سال گذرڻ بعد اڄ به ڏسڻ وٽان آهي.


    اسان سنڌين جو ٻِٽو اميج

    ريڊيو، ٽي وي ۽ ريل ۽ هوائي جهازن جي ايجاد کان اڳ ماڻهن لاءِ وندر ڇا هئي.....؟ ميلا ملاکڙا يا وري مندر درگاهون.... ۽ ماڻهن کي اتي پهچڻ لاءِ وهٽن جي سواري هوندي هئي يا پيرين پنڌ نڪري پوندا هئا. هندستان جو گجرات ۽ راجستان، جيڪي سنڌ سان لڳو لڳ آهن، مندرن، غارن ۽ آستانن سان ڀريا پيا آهن. سنڌ جي ويجھو هجڻ ڪري اسان جا ماڻهو اوڏانهن گهڻو ويا ٿي ۽ واپسي تي پنهنجي سفرَ جون خبرون ڪيائون ٿي. گهمي آيل ماڻهن وڏي شوقَ سان ڳالهيون ڪيون ٿي ۽ نوان روانا ٿيا ٿي. مون کي ائين لڳي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي به اڪيلي يا ٽولن سان ائين اهڙن هنڌن تي ويندو رهيو آهي تڏهن ته هن بيڪانير، گرناڙ، ڀُڄ، لاهوت لا مڪان جون ڳالهيون ڪيون اٿس.
    دهلي ۾ جڏهن اسان پنهنجي اوڏ (رامچند) دوست جي پٽ جي شادي ڪري مهينو کن رهي پياسين ته آئون روز ڪيڏانهن نه ڪيڏانهن نڪري پوندو هوس. ڪڏنهن جاميه ملي (يونيورسٽي) ڏسڻ ته ڪڏهن جمنا ندي جي ڪناري ..... ڪڏهن ساڌو واسواڻي انٽرنيشنل گرلس اسڪول ڏسڻ ته ڪڏهن نظام الدين اوليا ۽ امير خسرو جي مقبري تي. هڪ ڏينهن قطب مينار وارو پاسو ڏئي پراڻي دهلي ريلوي اسٽيشن ٻاهران هڪ ڇاٻڙا ٽائيپ هوٽل ۾ چانهه پيئڻ لاءِ اچي ويٺس ته ڀر واري بينچَ تي چار پنج ساڌو گيڙو ڪپڙن ۾ اچي ويٺا. سندن هٿ ۾ لوٽو هو ۽ ڪلهي تي اڳڙين جي ٽُڪ جي گودڙي. مون سندن فوٽو ڪڍيا ۽ پنهنجي چانهه کڻي اچي انهن جي ڀرسان ويٺس. انهن مان ڪو فتح پور جو هو ته ڪو آگري ۽ لکنو جو. هنن ٻڌايو ته هو سومناٿ وڃي رهيا آهن. سومناٿ مندر جو ٻڌي مونکي اسڪول جي تاريخَ جو ڪِتاب ياد اچي ويو جنهن ۾ ان بابت پڙهندا هئاسين.
    “توهان سومناٿ مندر جو ٻڌو آهي؟ “ هنن مان هڪ پڇيو.
    “جي ها” مون جواب ڏنو، “ويراوال بندرگاهه کان ڇهه ميل کن ٿيندو.”
    “توهان اتي پاڻي جي جهازَ ۾ ويا هوندائو.
    “نه ان پاسي جا سمورا بندرگاهه پوربندر کان مانڊوي ۽ ٻي پاسي ڪودينار بندرگاهه، اڄ جي جهازن لاءِ ننڍا آهن. اسان جي جهاز کي ٻاهر کلئي سمنڊَ ۾ ئي ترسڻو پيو ٿي. مونکي سومناٿ مندر ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو.....”
    “هينئر به کڻي هل” هن چيو ۽ مون سوچيو ته خيال ڪو برو نه آهي.
    دهلي ۾ به ڪافي ڏينهن ٿي ويا هئا. ويراوال بندرگاهه کان ته وري به 6 ميل ڪرڻا پيا ٿي. هِتان سڌو ٽرين ۾ وڃي سومناٿ تي لهبو. مون هائوڪار ڪئي ۽ جنهن هڪ کي ٿلهو پاٺي جهڙو چئمپل هو (ٻيا سڀ پيرين اگهاڙا هئا) ان کان پڇيو ته “بس ۾ هلندائو يا ٽرين ۾؟” .... ڇو جو اتي ئي بس اسٽاپ هو..... ته هو منهنجو حيرت مان منهن تڪڻ لڳا.
    جنهن ساڌوءَ کي گهونگهرن وارو ڏنڊو هو تنهن مرڪندي چيو ته “ساڌو ۽ جوڳي فقير ڪو ڪَلَ جي گاڏيءَ ۾ وهندا ڇا؟..... هنن لاءِ هر سفر فقط ٻه وکون آهي.” دل ۾ چيم ته اسان توبهه ڪئي. ويراوال بندرگاهه کان ڀڳل رستي ڪري اسان ڇهه ميلن جي بس جي سفر کان پيا ڀڄون هيڏانهن هي ڇهه سؤ ميل پنڌ ڪري ٿيو سومناٿ تي پهچڻ! هن سال پهچڻ ته مشڪل آهي تيسين ويزا ئي ختم ٿي وڃي! پنهنجي ۽ ساڌوئن جي چانهه جو بل ڏئي کانئن موڪلائي اچي رهائش واري هوٽل کان نڪتس. سو ڳالهه اها آهي ته اڄ کان ٽي چار سؤ سال اڳ ۾ ماڻهن جو زور کڙين تي هوندو هو. ۽ جڏهن هي سڪ ۽ حب رکندڙ ماڻهو دهلي کان گجرات رياست جي شهر جھوناڳڙهه، طلالا ۽ ويراوال (سومناٿ) پيرين پنڌ وڃيو نڪرن اتي نئون ڪوٽ، مٺي، بدين، ٽنڊو باگو ۽ ڏيپلو کان ڀڄ، بيڪانير، ڌولا ويرا، مندرا ۽ ويراوال ڇا پري چئبو. ۽ شاهه لطيف به اهڙن جوڳين، سنياسين ۽ ساڌوئن سان پهتو هوندو. رستي تي ڳوٺ ڳوٺ جي ماڻهن سان خبرون ڪيون هوندائين. ان حِسابَ سان ته بيڪانير مندرن ۽ مندرن جو شهر آهي .... جِتي ٻارهوئي اوسي پاسي جا تيرٿي اچي ٿي گڏ ٿيا. توهان کي هتي چوڌاري ڪيترائي آڳاٽا ۽ قريب دور جا مندر نظر ايندا جن مان ڪي عمارتسازي جي لِحاظَ کان ته ڪي عقيدي جي خيالَ کان اهم حيثيت رکن ٿا .... جِتي ٻارهوئي هر موسم ۾ اوسي پاسي توڙي ڏورانهن شهرن کان تيرٿين ۽ ٽوئرسٽن جي اچ وڃ لڳي رهي ٿي. بيڪانير مان نڪرندڙ اخبارَ کڻي پڙهه ته اهڙن مندرن ۽ ٻين تاريخي هنڌن تي ٿيندڙ جشنن جون خبرون نظراينديون، ميلن ملاکڙن ۽ انهن ۾ ٿيندڙ مقابلن ۽ ناچ گانن جون ڳالهيون هونديون، اٺن جي ڊوڙن (Races) ۽ راجستاني ويس وڳن جون ڳالهيون هونديون ..... چوڌاري خوشيون ۽ خير عافيتون هونديون ۽ سڏ پنڌَ تي اولهه پاسي اسان وٽ اوٻاوڙو، مارووالا، ميرپور ماٿيلو، خيرپور ميرس، نرچ، صالح پٽ ۽ چونڊڪي ۾ ماڻهو خوف ۽ پريشاني ۾ مبتلا نظر ايندا ..... خونريزون، قتل، ڦرون، اغوائون، ان کان علاوه قبيلائي جهيڙا، ڪارو ڪاري، سنڱ چٽي، زهريلا کاڌا، چرس ۽ گانجا، ڪچي شرابَ ۽ جوا جهڙن ظلمن، ڏوهن ۽ علتن اسان سنڌين کي دنيا ۾ بدنام ڪري وڌو آهي. بيڪانير ۾ رهندڙ سنڌي هندو رٽائرڊ اسڪول هيڊ ماستر ٻڌايو ته هن وٽ ڪڏهن ڪڏهن دبئي کان يا ممبئي ۾ رهندڙ سنڌين کان، سنڌ مان نڪرندڙ سنڌي اخبار اچي ويندي آهي جنهن جي حاصل ڪرڻ تي جيڏي خوشي ٿيندي آهي، ان کان وڌيڪَ ان کي پڙهڻ تي ڏک ٿيندو آهي ته هن ايڪهين صديءَ ۾ سنڌ جو هي حال آهي. سنڌ ته امن پسند ۽ صوفين جو ديس هو، سنڌ ته واپار وڙي ۽ خوشحالي جو خطو هئو .... اڄ اها سنڌ معاشي، سياسي توڙي اخلاقي ۽ تعليمي طرح ڪيڏو پٺتي هلي وئي آهي جو ان جي اخبار جون خبرون پنهنجن پاڙيسري راجستاني ۽ گجراتي دوستن کي نٿا ٻڌائي سگهون جو هنن جي دل تي اسان سنڌين لاءِ غلط راءِ قائم ٿيندي. اسان سنڌي هندن جيڪو انڊيا يا دنيا ۾ Image پيدا ڪيو آهي ان جي تباهي ٿي ويندي.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا ۾ رهندڙ سنڌين جو اهو اميج آهي جيڪو اسان وٽ بوهرين ۽ کوجن جو آهي..... امن امان ۾ زندگي گذارڻ وارا، سٺا بزنيس مين، پڙهيل ڳڙهيل، خير خيرات ڪرڻ وارا، پنهنجن توڙي ٻين هم شهرين جي ٻارن لاءِ سٺا اسڪول ۽ اسپتتالون کولڻ وارا، وغيره. اسان وٽ وڏيرن ڀوتارن جا ٻار غير قانوني هٿيار ۽ گارڊ کڻي پاڙي ۾ به داداگيري ۽ ٻين جي نياڻين جي ڇيڙ ڇاڙ ڪندا...... ڪجهه چوڻ تي هو خون ڪندي به ويرم نه ڪندا ۽ پوءِ ڪورٽ مان ڦاهي جي سزا اچڻ تي شرم ۽ ندامت محسوس ڪرڻ بدران سنڌي ٽوپيون پائي مرڪندي عوام ۽ ميڊيا کي وڪٽري جي نشاني ڏيکاريندا...... هو اهوئي سمجھن ٿا ته هو پنهنجي پيءُ جي اڻ مئي دولت سان ٻين جون عزتون ۽ جانيون به خريد ڪري سگهن ٿا........ کين تعليم، اخلاق، مذهب جهڙين شين جي ڪا ضرورت ناهي. هو هن دنيا ۾ فقط ۽ فقط عياشيءَ لاءِ آيا آهن بلڪه ڇڙواڳ عياشيءَ لاءِ. پوليس، جج، ميڊيا سڀ هنن جي کيسي ۾ آهن.
    اسانجو مسلمان وڏيرو، ڀوتار فقط پنهنجي لاءِ ٿو جيئي. هن کي پنهنجي ڳوٺ پنهنجي تڪ جي ماڻهن يا انهن جي اولاد جي مستقبل جو ڪو فڪر ناهي. سنڌي هندو سيٺ وانگر ڪا خيراتي اسپتال يا اسڪول کولي غريبن جو ڀلو ڪجي اهو اسان وٽ هرگز ناهي. بلڪه جيڪي سرڪاري تعليمي ادارا آهن انهن ۾ ماحول کي خراب ڪرڻ ۾ اسانجي وڏن ماڻهن جي ٻارن جو هٿ آهي. اسان وٽ ملائيشيا يا ٿائلنڊ جهڙو به ماحول ناهي جِتي جي سلطان ۽ وڏيرن جا ٻارَ عام ٻارن کان وڌيڪَ محنت ڪن ٿا هو سٺا ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿي پنهنجي ڳوٺَ ۾ اسپتالون ۽ ڪارخانا کولين ٿا جيئن سندن تر جي ماڻهن کي صحت جون سهولتون هڪ طرف ملن ته روزگار ٻئي طرف. انڊيا ۾ رهندڙ اسان جي سنڌي هندن جو به اهو حال آهي. جيترو وڏو ماڻهو اوتري وڌيڪ محنت ۽ پڙهائي هن جا ٻارَ ڪن ٿا. هو تعليمي ادارا، پارڪ، اسپتالون ٺاهي پنهنجن سنڌين ۽ مڪاني ماڻهن (گجراتي، مرهٺي، تامل، راجستاني وغيره) جو ڀلو ڪن ٿا. اهوئي سبب آهي جو انڊيا جا ماڻهو سنڌ کان لڏي هنن وٽ رهندڙ سنڌين جي هميشه تعريف ڪن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن آئون اهو سوچيندو آهيان ته اسان ٻنهي سنڌين جي Image ۾ ڪيڏو فرق آهي. ڏک ضرور ٿئي ٿو پر ان حقيقت کان منهن به نٿو موڙي سگهجي ته اسانجو “سنڌي” ۽ انڊيا جو سنڌي مختلف اميج پئدا ڪري ٿو تڏهن ته سنڌي ثقافت ۽ ڪلچر کي جيارڻ جي ڪوشش ڪندڙ دبئي جي آشا چاند (سندري اتم چنداڻي جي ڌيءَ) اهو چوي ٿي ته “اسان ڪڏهن به نه چاهينداسين ته سنڌ جي T.V جو ڪو به سنڌي چئنل الهاس نگر (ممبئي جي ڀرسان شهر جنهن ۾ سنڌ کان لڏي آيل ڪيترائي سنڌو هندو رهن ٿا) ۾ ڏيکاريو وڃي..... جو ائين ڪرڻ سان هندوستان جي ماڻهن تي غلط اثر پوندو ته سنڌ ۾ (جِتان جي اسان هر هڪ سان تعريف ڪندا وتون) اڄ جي ايڪهين صديءَ ۾ به ڇا ته ظلم ۽ شرمناڪ ڳالهيون ٿينديون رهن ٿيون!.


    مٺي ۽ عمرڪوٽ وانگر بيڪانير به هڪ ٿري شهر آهي

    هندستان جي ورهاڱي ٿيڻ تائين اسان جي ماڻهن جو گهڻو رخ اڄ جي انڊيا واري ڪڇ، گجرات ۽ راجستان جي شهرن: جھوناڳڙهه، راجڪوٽ، ڀُڄ، گرنار، ڀاونگر، احمد آباد، بڙودا، سورت، هسار، بڪانير، جيسلمير، اڌيپور ۽ جوڌپور وغيره ڏي هوندو هو. پوءِ ڪي تعليم لاءِ ته ڪي واپار وڙي لاءِ، ڪي نوڪري ۽ گهمڻ لاءِ ته ڪي (خاص ڪري هندو) پوڄا پاٺ ۽ مندرن جي قدم بوسي ڪرڻ لاءِ. راجستان جو هي شهر به مندرن کان مشهور آهي جِتي نه فقط هندو تيرٿي پوڄا لاءِ اچن ٿا پر گورا يورپي توڙي آمريڪن هن شهر جو ڪلچر ۽ مندرن جي عمارتسازي لاءِ اچن ٿا.
    بيڪانير جو سڀ کان پراڻو مندر “لڪشمي ناٿ مندر” آهي جيڪو جنهن روڊ تي آهي ان روڊ جو نالو به هن مندر تان لڪشمي ناٿجي گهنٽي روڊ آهي. هي روڊ هن مندر بعد بڙا بازار روڊ سڏجي ٿو...... اتان پوءِ اهو رستو ٻن روڊن ۾ ورهائجي ٿو..... کاٻي پاسي وارو روڊ ڀجيا بازار روڊ آهي. هي روڊن جا نالا ان ڪري لکيم ته هتي “باگڙي” برادري جا ڪيترائي ماڻهو رهن ٿا. هِتي جي هڪ پروفيسر ٻُڌايو ته باگڙي برادري جو واسطو هندن جي کتري ذات سان آهي جيڪي بيحد دلير ۽ ويڙهاڪ مڃيا وڃن ٿا. راجستان جي ڪيترن شهرن جي عمارتن، روڊن ۽ ڪالونين جا نالا باگـڙي لفظ سان آهن. بيڪانير جي هن آڳاٽي مندر لڪشمي ناٿ جي ڀرسان ٻيا به ڪيترائي مندر آهن جهڙوڪ گنيش جي مندر، ان جي هيٺان ڏکڻ ۾ سنتوشي ماتا مندر ۽ کاٻي پاسي اولهه ۾ شيتلا ماتا مندر آهي پر اهي سڀ گهڻو گهڻو پوءِ جا آهن. هن شهر بيڪانير جو بنياد رائو بيڪاجيءَ 1488 ۾ رکيو ۽ هو هن بيڪانير سلطنت جو پهريون راٺوڙ راجا ٿيو. هن راٺوڙ گهراڻي جا 23 حاڪم ٿيا. پاڪستان ٿيڻ وقت بيڪانير جو ٻاويهون حاڪم ليفٽنيننٽ جنرل مهاراجا سر رائو سادل سنگهه هو جيڪو انڊيا کي خود مختياري ملڻ بعد به 1950 تائين بيڪانير جو مهاراجا رهيو. ان بعد آخري ٽيويهون راجا رائو ڪرني سنگهه 1972 تائين مهاراجا رهيو ان بعد هندستان سرڪار آئين ۾ تبديلي آڻي انڊيا جي نوابن، سردارن ۽ راجائن جو سلسلو بند ڪيو. پر اهو آهي ته مهاراجا ڪرني سنگهه 1952 کان وٺي 1977 تائين پارليامينٽ (لوڪ سڀا) جو ميمبر ٿي رهيو.
    بادشاهن جا نالا ۽ سن ياد رکڻ واري ڳالهه نه توهان کي وڻندي هوندي نه مونکي ڪا وڻي ٿي. هِتي راجائن جا نالا سو به سندن خِطابن ۽ رتبن سان گڏ ڏئي منهنجو مقصد ذهني ڪوفت رسائڻ نه آهي پر پنهنجن پڙهندڙن کي سوچ ويچار جي خوراڪ مهيا ڪرڻي آهي ته صدر ڪينيڊي ۽ راڻي ايلزيبيٿ جي پٽ کان وٺي انڊيا ۽ ملائيشيا جا توهان کي ڪيترا حاڪم، نواب، راجا، رئيس، وڏيرا ۽ سلطان ملندا جن پاڻ ۽ پنهنجن ٻارن کي خوب پڙهائي، انهن کي نه فقط اعليٰ ڊاڪٽر، انجنيئر پروفيسر، وڪيل ۽ جج بنايو پر فوج ۾ به موڪليو جِتي جي زندگي اسانجي نوابن توڙي انگريز بادشاهن جي ٻارن لاءِ بيحد سخت آهي. پر پوءِ به هنن نوابن پنهنجن ٻارن کي موڪليو ۽ موڪليندا رهن ٿا. سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان جي سنڌ ۾ ڪهڙو واءُ لڳي رهيو آهي جو اهڙن elite ڪلاس جي ماڻهن جا ٻارَ سڀ سهولتن هوندي به محنت ۽ پڙهائي کان ڀڄن ٿا. هو بنا محنت جي ڊگريون حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، هو بنا ڪم يا ڊيوٽي جي نوڪريون حاصل ڪري گهر ۾ يا گهمڻ ڦرڻ ۾ وقت گذارين ٿا. فوج ۾ وڃڻ جو ته نالو به نٿا وٺن جو اتي سخت ۽ ڊسپلين واري زندگي آهي ۽ هو عياشين جا عادي ڪٿي ٿا سختي برداشت ڪري سگهن. ويندي پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي نوابن، پيرن، سردارن جا ٻارَ فوج ۾ نظر اچن ٿا پر اسان وٽ جيڪي ائڊمرل جماڻي، برگيڊيئر مختيار، برگيڊيئر نظام ڏنور جهڙا فوجي آفيسر آهن ڪنهن سردار، پير، وڏيري جا ٻار نه پر ماستر يا ننڍن عهديدارن جا ٻارَ ئي نظر اچن ٿا.
    مٿي بيان ڪيل مندر، بيڪانير جو بنياد رکڻ کان اٽڪل ٽيهارو سالن بعد رائو بيڪا جي پوٽي راجا رائو لون ڪرن پنهنجي حڪومت (1526 - 1505) دوران ٺهرايو. ان حِسابَ سان هي مندر 500 سالَ پُراڻو چئي سگهجي ٿو. راجستان ۾ جين ڌرم جو وڏو اثر رهيو آهي ۽ فقط بيڪانير شهر جو شهر ۾ 27 جين ڌرم جا مندر آهن جن جا رنگَ روپ، جاتين (درشن لاءِ آيلن) جا چهرا ۽ ڪپڙن جا رنگَ روپَ هن شهر کي عجيب رونقَ بخشين ٿا. ساڳي وقت ڏيهه ڏيهه کان آيل پوڙها پوڙهيون ۽ چنچل ناريون ۽ سندن ويس وڳا، خوشبوئون ۽ مختلف يورپي ۽ ايشيائي زبانون سڄو سال هن شهر ۾ ميلي جو ماحول پيدا ڪن ٿيون.
    انهن جين مندرن مان هڪ ڀنڊاسر مندر به آهي جيڪو سڀ کان سهڻو ۽ مٿاهون چيو وڃي ٿو. ڀنڊا شاهه نالي هڪ جين ڌرم جي واپاريءَ هي مندر ٺهرايو هو جنهن جي بنياد کي نج گيهه ۽ ڏونگين سان ڀريو ويو هو. هي ٽماڙ مندر ڀتين تي اڪريل چتر ۽ مورتين کان مشهور آهي.
    هِتي جو سڀ کان مشهور مندر “ڪَرني ماتا مندر” آهي جيڪو ڪوئن کان مشهور آهي ۽ دنيا جي ڪنڊَ ڪڙڇَ جا ماڻهو هن مندر ۾ ان جي جاتين کي ڪوئن جي پوڄا پاٺ ڪندي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا. هن مندر جو تفصيلي احوال پنهنجي انڊيا واري سفرنامي “بمبئي منهنجي ڀاڪُرَ ۾ ڏئي چڪو آهيان. ڪرني ماتا لاءِ چون ٿا ته هن ماتا سڄي زندگي پوڄا پاٺ ۾ گذاري جنهن کي سڀني هڪ نيڪ زاهده ۽ راهبا سمجيو ٿي. هيءَ بيڪانير جي باني راجا رائو بيڪا جي خاندانَ جي ڪل ديوي هئي. ايتري قدر جو کانئس راجپوتانا جي ٻن قلعن جي پيڙهه جو پٿر به رکرايو ويو. بيڪانير شهر کان 18 کن ميل پري ڏکڻ ڏي جوڌپور ڏي ويندڙ رستي تي ديش نوڪي ۾ هي مندر آهي جِتي ڪرني ماتا کي دُرگا ديوي جو اوتار سمجھي پوڄيو وڃي ٿو. هن مندر ۾ هزارن جي تعداد ۾ ڪوئا آهن جيڪي آزاد گهمندا رهن ٿا. هنن ڪوئن کي ڪاني ڪرامت وارو سمجھي پوڄيو وڃي ٿو. ماڻهن جي من جون مردادون پوريون ٿيڻ تي يا سُکان وقت هنن کي کير ۽ مال مٺايون کارايون وڃن ٿيون. هيترن ڪوئن جي باوجود هِتي اڃان پليگ جي بيماري نه پکڙي آهي. پوڄاري ان کي به هنن ڪوئن ۽ ڪرني ماتا جي ڪرامت سمجھن ٿا.
    بيڪانير جو “شِوَ باري مندر” تي به تيرٿين جي ڪافي رش رهي ٿي. ڳاڙهي پٿر جو هي مندر 19 هين صدي ۾ بيڪانير جي ويهين راجا “مهاراجا رائو دنگا سنگهه” ٺهرايو. دنگا سنگهه 1872 کان 1887 تائين راڄ ڪيو پاڻ ٻي افغان جنگ ۾ انگريزن جي وڏي مدد ڪئي. بيڪانير شهر ۾ هيڊ پوسٽ آفيس وٽ سندس ۽ رائو بيڪا جون مورتيون (Statues) به آهن. انهن جي ڀرسان “هنومان هٿا” علائقي ۾ ميونسپل روڊ تي پڻ هڪ ڪرني ماتا مندر آهي جيڪو ڪرني ماتا ديوي کي منسوب ٿيل آهي ۽ ان نالي سان ٻين شهرن ۾ به مندر آهي جيئن ته راجستان جي شهرن الورا، اڌيپور، ناپا سر وغيره ۾....
    مٿي دنگار سنگهه لاءِ لکيو اٿم ته هن ٻي افغان جنگ ۾ انگريزن جي مدد ڪئي. اهڙي طرح سندس ڏاڏي مهاراجا رائو رتن سنگهه به انگريزن جي خوب خذمت ڪئي ۽ سندس حڪومت (1851 - 1828) دوران جڏهن 1841 ۾ پهرين افغان جنگ لڳي ته ان ۾ انگريزن جي مدد ڪئي ۽ دنگار سنگهه جي پيءُ رائو سنگهه جي حڪومت (1872 - 1851) دوران جڏهن 1857 ۾ هندستان ۾ انگريزن خلاف بلوو ٿيو ته سردار سنگهه انگريزن جي وڏي مدد ڪئي ۽ پنهنجا رشتا مغل بادشاهن سان ختم ڪري پاڻ کي انگريزن جو سچو خذمتگار بڻايو. ايتري قدر جو بيڪانير رياست ۾ هلندڙ سڪي تان مغل شهنشاهه جو نالو ڊهرائي ان تي لکرايو: “Aurang Arya Hind Wa Queen Victoria”
    بيڪانير ۾ هر سال ٿيندڙ اُٺن جو جشن به دنيا جي ماڻهن لاءِ وڏي ڪشش رکي ٿو. هر سال جنوري جي مهيني ۾ راجستان حڪومت جو ٽوئرزم، آرٽ ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ هن فنڪشن جو بندوبست ڪندو آهي. هن ۾ اُٺن جي ڊوڙن ۽ ڊانسن جا مقابلا ۽ اٺن تي چڙهڻ ۽ چڪر هڻڻ جو بندوبست رکيو ويندو آهي. هي جشن ٻه ڏينهن هلندو آهي ۽ روزانو شامَ جو آتش بازي ۽ مڪاني عورتن جا ناچ ٽوئرسٽ کي موهي رکندا آهن.
    بيڪانير به عمر ڪوٽ ۽ مِٺي وانگر هڪ ٿري شهر آهي بلڪه انهن شهرن کان گهڻو گهڻو پوءِ آباد ٿيو. ڪئنالن جي کوٽائي بعد بيڪانير سرسبز ۽ آباد ٿي ويو. حاڪمن جي هر وقت خيال رکڻ ڪري تعليم ۽ واپار وڙي ۾ وڌندو رهيو. هاڻ ته ٽوئرزم مان ئي ايڏو ٿا ڪمائين جو 50 فئڪٽريون به نه ڪمائين بيڪانير جي ڪجهه ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا نالا مون وٽ لکيل آهن....مثال طور؛ يونيورسٽي آف بيڪانير، انجنيرنگ ڪاليج بيڪانير، سردار پٽيل ميڊيڪل ڪاليج، بيڪانير، راجستان ائگريڪلچر يونيورسٽي. ... وغيرهه. منجھن پڙهائي ۽ ڊسپلين سخت هجڻ ڪري نه فقط مڪاني ماڻهو پر ولايت ۾ رهندڙ انڊين به پنهنجا ٻارَ موڪلين ٿا. پوني، ممبئي ۽ انڊِيا جي ٻين شهرن وانگر هِتي به شاگردَن جي رهائش ۽ کاڌي لاءِ سٺيون هاسٽلون آهن جن ۾ شاگرد امن امان سان رهن ٿا ۽ پٺيان سندن والدين به سڪون جي زندگي سمهن ٿا.


    سکر جي سونهن.....

    جيئن اسانجا ماڻهو ولايت مان موٽي اچڻ تي مشهد، لنگڪوي، سنگاپور، پتايا، جاوا، هانگ ڪانگ ۽ ممباسا جهڙن شهرن جي سونهن جو ذڪر ڪن ٿا تيئن اڄ کان هڪ صدي کن اڳ..... يعني هندستان جي ورهاڱي کان گهڻو اڳ، توڙي ورهاڱي بعد اسان جا ماڻهو، سنڌي هندو، جن جي ڏوراهن ڏيهن ۾ اچ وڃ هئي، اتي پهچي سنڌ جي جن شهرن جي تعريف ڪندا هئا سکر انهن مان هڪ هو. انهن ڏينهن ۾ دنيا جا هي شهر سنگاپور، ڪوالالمپور، ڪينيا جو نئروبي، ويندي دبئي، ڪويت ۽ سعودي عرب جو رياض شهر هئا ئي ڇا..... بنيادي سهولتن کان عاري ڳوٺڙائي ته هئا. انهن ڏينهن ۾ سکر، شڪارپور، حيدرآباد بلي بلي شهر هئا..... تاريخي لحاظ کان به ته سونهن سوڀيا جي خيال کان به...... بنيادي سهولتن کان به ته هائجن ۽ سئنيٽري جي ضرورتن کان به.......! ممبئي جو هندو سنڌي سيٺ ۽ مشهور ليکڪ لوڪرام ڏوڏيجا ستر واري ڏهي ۾ مون سان پنهنجي ننڍپڻ واري وقت جي سکر جي ڳالهه ڪندو هو ۽ پنهنجي ڪِتاب “منهنجو وطن منهنجا ماڻهو” ۾ پڻ ٻڌائي ٿو ته سکر سنڌ جي واپار ۽ هنرن جي راڄڌاني هو. سڀني قسمن جي مالن سان، واپارين جا گدام سَٿيا پيا هوندا هئا. نه رڳو سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن مان بلڪه ملتان، بهاولپور، ڪوئيٽا ۽ قلات جا دڪاندار به سکر مان خريداري ڪرڻ ايندا هئا. لوڪرام ٻڌايو ته اهوئي سبب هو جو ڪراچيءَ ۾ دڪان هوندي به هن سکر ۾ ٻه دڪان کوليا هئا. سکر ضلعي جي ٻين شهرن ۾ به گهڻيئي هنر هئا. روهڙي ۾ تسر جو ڪپڙو، گهوٽڪي جا پتل جا باسڻ ۽ ميناڪاريءَ جو ڪم، خيرپور ۽ ڏهرڪيءَ ۾ به پتل ۽ جست جا ٿانءَ، لکي ڳوٺ جا آڏاڻا ۽ لوهه جا اوزار دنيا ۾ مشهور هئا.
    سکر ۽ روهڙي جا شهر هڪ ٻئي جي سامهون آهن. وچ ۾ سنڌو ندي آهي ۽ اتي نديءَ جي وچ ۾ ٻه ٻيٽ آهن جيڪي هنن شهرن جي سونهن ۽ اهميت وڌائين ٿا. بئنڪاڪ، ملاڪا، لنڊن، ٽوڪيو جهڙن جن به شهرن مان نديون وهن ٿيون انهن جي ٽوئرزم جي خيالَ کان وڏي اهميت رهي ٿي ۽ جتي ههڙا بکر ۽ ساڌ ٻيلي جهڙا ٻيٽ آهن اتي انهن شهرن جي ڳالهه ئي ٻي ٿيو وڃي. پر اسان وٽ الائي ڇو اهو شعور پيدا نه ٿيو آهي. پاڪستان کي ٺهي 67 کن سال اچي ٿيا آهن پر اسان دادوءَ واري گورک هِل به ڊيولپ نه ڪري سگهيا آهيون.... بس جيڪي انگريز Hill Stations ۽ ريلوي اسٽيشنون ٺاهي ويا سي ٿيا گنج. بلڪه انهن ٺهيلن کي به maintain ڪري نه سگهيا آهيون. اڄ کان ڏيڍ صدي کن اڳ جو سکر ۽ شڪارپور جنهن اصفهان، سمر قند ۽ بُخارا جهڙن شهرن سان مقابلو ٿي ڪيو تنهن ۾ جتي ڪٿي گند ۽ ڪرفتي جا ڍير نظر آيا. تقريباً هر بازار ۽ گهٽيءَ ۾ انڪروچمينٽ ايتري هئي جو پيادي هلندڙ لاءِ به پرابلم ٿي محسوس ٿيو. ڀٽا روڊ تي هڪ سياستدان ملي ويو جيڪو ڪيترائي دفعا سنگاپور به اچي چڪو آهي. چيومانس ته ايڏي غير قانوني تجاوزات ڇو قائم رکي وئي آهي؟
    ڦلهڙو منهن ڪري چيائين ته سائين هٽائينداسين ته اسان جو ووٽ بئنڪ خراب ٿيندو.
    يعني اسان جا سياستدان ترقياتي ڪم ڪري ماڻهن جون دليون جيتي ووٽ حاصل ڪرڻ بدران شهر جي ستيا ناس ڪيو ويٺا آهن. هر دڪاندار جو سامان فٽ پاٿ تي ته رکيو آهي پر روڊ جو به ڪجهه حصو بلاڪ ٿيو پيو آهي. ويلڊر ۽ آٽو مڪينڪ دڪان کان ٻاهر ويٺا ڪم ڪن. پيادا هلن ته ڪٿان هلن. موٽر سائيڪلن ۽ سائيڪلن وارا پنهنجي سواري ڪٿي بيهارين! هر گهر مرمت بعد گهٽيءَ ڏي وڌايو وڃي ٿو..... ٻيو نه ته ان جي ڌڪيءَ کي ٻاهر ڪڍي گهٽيءَ کي سوڙهو ڪيو وڃي ٿو. ڪن گهٽين جي سوڙهه ڏسي حيرت ٿي ٿئي ته هن گهٽيءَ مان جنازو کٽ تي ته کڄي نه نڪرندو هوندو! گهرن اڳيان کليل ناليون جيڪي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ تائين ته هاروير ۽ بارش جي پاڻيءَ جي گذر لاءِ هونديون هيون اڄ سنڌ جي ٻين شهرن وانگر سکر ۽ روهڙي جهڙن سهڻن ۽ تاريخي شهرن ۾ گٽرن طور استعمال ٿين ٿيون جن ۾ گهرن جو ٽئاليٽ ڪڍي هنن مورين تائين پهچايو وڃي ٿو...... Sewerage جو اڳتي کڄي وڃڻ جو نه بندوبست آهي ۽ نه ڪري سگهجي ٿو. هر گهٽيءَ ۾ انساني فضلي جي نمائش ٿي رهي آهي ۽ انهن نالين جي ڀرسان ڪٿي سست ۽ بيمار ڪتا ستا پيا آهن ته ڪٿي معصوم ٻار راند پيا کيڏين.... ۽ وڏا اهائي شڪايت ڪندا رهن ٿا ته اڳئين زماني ۾ بيماريون نه هيون هاڻ جتي ڪٿي نيون نيون بيماريون جنم پيون وٺن.... گهٽ ۾ گهٽ سکر، روهڙي ۽ لاڙڪاڻي جي ماڻهن کي ڪنهن فارينر کي موهن جو دڙو ڏيکاري ٽانءَ ۾ اهو نه چوڻ کپي ته اسان جو تعلق اعليٰ تهذيب سان آهي.... جنهن جي گهٽين جي سڌائي، ويڪرائي ۽ بهترين گٽر سسٽم جي شاهدي موهن جي دڙو مان ملي ٿي.... هو پڪ اهو ئي جواب ڏيندو ته اهو سڀ صحيح آهي پر اڄ جي ماڊرن ۽ سائنسي دور ۾ توهان پاڻ سان هيءَ ويڌن ڇو ڪئي آهي؟
    مونکي ته حيرت ٿي ٿئي ته سکر جي شهر ۾ اڄ اها به سونهن ناهي جنهن جو ذڪر لوڪرام ڏوڏيجا ورهاڱي وقت ڪيو هو: لئنسڊائون پل کان هڪ ڏيڍ ميل پري براج جي پل تائين ڪئين سنڌي ۽ پنجابي ٻيڙيون، لنگر هنيون بيٺيون هونديون هيون. سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ مال ڍوئڻ جو سستو ۽ سهانتو ذريعو اهي ٻيڙيون ئي هيون. ڪي چار خراريون، ڪي چوڏهن يا چوويهه خراريون به هونديون هيون. مير بحر تيل ڦليل ڪيو، مڇون مکي، ويٺا اڳلن ۽ پاڇيلن تي حقا ڇڪيندا هئا. مايون، ڪي ماني رڌڻ ۾، ڪي جونئون ڪڍائڻ، سير ڏيارڻ يا سينڌ سرمو ڪرڻ ۾ مشغول هونديون هيون يا ڪي جنڊ ويٺيون هلائينديون هيون.......”
    هي ڳالهيون ٻڌي يا پڙهي مونکي ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن جو هانگ ڪانگ ٿو ياد اچي جڏهن اسان جو جهاز هانگ ڪانگ (وڪٽوريا ٻيٽ) ۽ ڪولون شهر جي وچ واري سمنڊ ۾ لنگر انداز ٿيندو هو ۽ چوڌاري مختلف سائيزن جون ٻيڙيون سامان لاهڻ لاءِ پهچي وينديون هيون جن تي انهن ٻيڙين هلائڻ وارن جا ڪٽنب رهيا ٿي ۽ اتي ئي ٻيڙين تي رڌ پچاءُ کان ڪپڙا ڌوئڻ ۽ سينڌ سُرمي جهڙا ڪم هلندا رهيا ٿي.
    “سکر پاسي نديءَ ڪناري بندر روڊ تي شامَ يا فجر جو سئر ڪبو هو ته روح کي تازگي اچي ويندي هئي. درياهه جي ٻئي ڪناري کان، روهڙيءَ جي باغن مان ڏکڻ جون هيرون، سنڌوءَ جي ڇولين سان ڇهنديون، سڄي بندر روڊ کي اچي ٺارينديون هيون. اونهاري ۾ ڪهڙي به جلائيندڙ گرمي هجي پر سکر ۾ هر ڪنهن جا لڱ ٺري پوندا هئا. گهٽين ۾ سڀ وڻڪ جا ماڻهو پيا ڏسبا هئا. مولوي، ڊگهي ڪوٽ ۽ پٽڪي يا ٽوپيءَ سان ڀائيبند، نيڪٽاءِ، پٽڪي، اڌ ڪوٽ ۽ ٻُچي ڏاڙهيءَ سان تعليم يافته سڄڻ ۽ سندن آزاد ڌيئر، گهرن ٻاهران دڪاڻيءَ تي ڪي ڀنگ پيا گهوٽيندا ته ڪي حقو پيا ڇڪيندا. مٿان ڪوٺن تي ڇوڪرا لغڙ پيا لڙائيندا هئا. مطلب ته سکر شهر هڪ منفرد سنڌي شهر جو نمونو پيش ڪندو هو. ليوڪس پارڪ، آزاد ميدان، سيروءَ جو چؤنڪ، ٿَلهو، نم جي چاڙهي، ڪئين بازاريون، والس گنج، غريب آباد ۾ ته سدائين گپاگيهه لڳي پئي هوندي هئي........”
    مون اهڙو سونهن ۽ سڪون وارو سکر نه ڏٺو پر ان سان مشابهت رکندڙ 69-1968 وارو ڪولمبو سنگاپور ۽ ممباسا ضرور ياد اٿم جن لاءِ اتي جا رهواسي مسز ديوڪي، هرڪشن ڀوڄواڻي ۽ ٻلديو چوندا هئا ته اهي شهر روهڙي ۽ سکر جو مقابلو ڪري نه سگهندا. هنن جو مطلب تن ڏينهن جي روهڙي ۽ سکر سان هوندو هو ۽ نه اڄ جي ليوڪس پارڪ سان جنهن کي اڄ ڪلهه هيمو ڪالاڻي پارڪ ۽ محمد بن قاسم پارڪ سڏيو وڃي ٿو جنهن جي هڪ ڪنڊ تي مڪي مسجد نظر آئي ته ٻي تي سونهري سويٽ ۽ بيڪرز جي سامهون هفتي جي گڏيل ٿيل گند جي ڍير تي ٻن ڏينهن کان اڇلايل مئل ٻليءَ جي ڌپ ايندڙ ويندڙ کي نڪ تي هٿ رکڻ تي مجبور ٿي ڪيو. هي آهي ڪئينس روڊ.... هي آهي لبِ مهراڻ جنهن لاءِ اسان جو ٽوئرسٽ ڊپارٽمينٽ سڌون ٿو ڪري ته دنيا جا سياح هِتي پهچي سکر جي سونهن پسن! هڪ اعليٰ سرڪاري ڪاموري کان پڇيم ته سکر سان هي ظلم ڇو؟ ڇا ايترا فنڊ نه آهن جو سکر جي ههڙن اهم حصن جي به صفائي قائم رکي سگهجي!
    “سائين ڀنگي ته کوڙ رکيا اٿئون پر سڀ سياستدانن جا نظر ڪرم آهن. رڳو پگهار وٺن ٿا ڪو به ڪم نٿو ڪري.... ڪنهن کي به چئي نٿو سگهجي!” ۽ جي وري سکر، لاڙڪاڻي، دادو، خيرپور يا سنڌ جي ڪنهن به شهر جي سياستدان کان انڪروچ مينٽ يا گندگي ڪري شهر جي بِگاڙ بابت ڳالهاءِ ته هنن کي ان بابت ڪو قدم کڻندي پنهنجو ووٽ بئنڪ خطري ۾ ٿو نظر اچي! سير سپاٽي لاءِ سهڻو شهر سکر جيڪو ڪنهن زماني ۾ ايشيا جو ڪمرشل هب سڏيو ويو ٿي اڄ جهڙو ڳجھن جي کاڄ لاءِ مئل ڍور ٿيندو وڃي. ڪيڏو عجيب ٿا لڳن ماضيءَ جا هي جملا: “سکر جي بازارين ۾ نه رڳو ٻاهران آيل دڪاندارن جي پيهه هوندي هئي پر عام ماڻهو هاري ناري به شادي مراديءَ وغيره لاءِ خريداري ڪرڻ اتي ايندا هئا جو سڀڪا شيءِ سهانگي ملندي هئن. هندو گرسٿي، ڪٽنب سوڌا ساڌ ٻيلي جي تيرٿ تي ٻارن جي جھنڊ لهرائڻ يا جڻيا پائڻ ايندا هئا. ڪئين مريض به ايندا هئا جو سکر ۾ نه رڳو اسپتال ۽ ويم گهر سٺا هئا پر حڪيم به ناميارا هئا، تن مان ڀاتي منگترام خاص هو. سوامي هيمراج چداڪاشي، وڏو مهاتما هو ۽ مريض جو علاج بنا پئسي ڪندو هو. راڻيپور جو مولوي محمد صادق نه رڳو نوابن ۽ جاگيردارن جو حڪيم هو پر بلنديءَ جو عالم به هو. هن شاهه لطيف جي ڪجهه ڪلامَ ۽ سموريءَ گيتا جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو......


    سکر جو آڳاٽو درسگاهه سينٽ ميري.....

    هي منهنجو ڪو پهريون دفعو سکر اچڻ نه ٿيو هو. ڪلاس ٻي يا ٽي ۾ هوس ته انهن ڏينهن ۾ منهنجو والد گل محمد شيخ سکر ۾ مختيارڪار هو ۽ اسان گهر جا ڀاتي اونهاري جي موڪلن ۾ هالا کان سکر اچي رهيا هئاسين. ايترو ياد اٿم ته اسانجو گهر ٻي ماڙ تي هو، جنهن جي درين مان درياهه نظر آيو ٿي. فلم ڏسڻ لاءِ سرڪاري ڪامورن ۽ خاص ماڻهن لاءِ سئنيمائن ۾ الڳ بندوبست هوندو هو جنهن کي باڪس سڏبو هو. روهڙي جي سوڙهين گهٽين مان ٿي هڪ درگاهه يا مسجد ۾ حضور صلعم جن جو وارُ مُبارڪ ڏسڻ ويا هئاسين. اهو سال 1951ع يا 1952ع هوندو. ان بعد مئٽرڪ ۽ انٽر جي 1962ع وارن ڏينهن وارو سکر ٿو ياد اچيم، جڏهن پنهنجي ڪلاس ميٽ شوڪت جماڻي جي گهر خيرپور اچي رهندو هوس ۽ هڪ دفعو هن سان گڏ سکر اعجاز عباسي (ڊاڪٽر تنوير عباسي جي ڀاءُ) جي گهر آيا هئاسين ۽ هڪ ڏينهن سندن ٽيون ڀاءُ الطاف عباسي ۽ رشيد ڀَٽي اسان کي روهڙي ۽ اروڙ گهمائڻ وٺي هليا هئا. اهو سکر ۽ روهڙي ڏسڻ جو هڪ دفعو وري ڏاڍو شوق ٿيو..... خاص ڪري جهاز هلائڻ دوران جڏهن هڪ جهاز تي منهنجو چيف انجنيئر هڪ بوهري هو جنهن جو ننڍپڻ سکر ۾ گذريو هو. هو هر بندرگاهه ۾ چاهي سنگاپور جي ڪنهن پارڪ جي ڳالهه ڪجي يا هانگ ڪانگ جي ڪنهن ٻيٽاري جي، شنگهائي جي شهر مان وهندڙ درياهه جي ڳالهه ڪجي يا بئنڪاڪ مان لنگهندڙ درياهه مٿان اڏيل پُل جي..... هن کي هر وقت سکر ۽ روهڙي ياد آيو ٿي..... سکر ۾ به بلڪل اهڙو پارڪ آهي، سکر جي بکر ٻيٽ جي بيهڪ به بلڪل اهڙي آهي، ان کان خوبصورت پل ته لئنسڊائون پل آهي جيڪا سکر ۽ روهڙي کي ڳنڍي ٿي..... سندس اهي ڳالهيون ٻڌي آئون ٽوئرزم جي خيالَ کان سکر ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيندو رهيس. وچ ۾ منهنجي ٻن دوستن: انڪم ٽئڪس ڪمشنر اقبال جماڻي ۽ ڊي آءِ جي پوليس راهو خان بروهيءَ جي سکر ۾ بدلي ٿي ۽ هنن مونکي سکر هنن وٽ رهڻ لاءِ ڏاڍو چيو پر شايد داڻو پاڻي لکيل نه هو. مونکي موڪل نه ملي سگهي جو پاڪستان اچي سکر ۽ روهڙي ڏسي سگهان.
    هينئر جڏهن ستر سالن جي ويجھو اچي ٿيو آهيان ته سکر ڏسڻ جو موقعو مليو آهي. خيرپور جي اديب، تعليمدان، رسالي جي ايڊيٽر ۽ پبلشر قربان منگيءَ منهنجو نئون ڪِتاب ڇپڻ لاءِ گهريو. ڊڄي ڊڄي ڏنو مانس ته خبر ناهي ڪيئن ڇپيندو. جڏهن ڇپيائين ته منهنجن 70 کن ڪِتابن ۾ اهو دي بيسٽ ثابت ٿيو...... ڇپائي، رنگين تصويرن، ٽائٽل ڪور، اندرين پني هر شيءِ کان. چيومانس توکي ته ايوارڊ ڏيڻ کپي. چيائين “ايوارڊ نه پر ڪِتاب جي رونمائيءَ تي توهان خيرپور اچو.”
    “يار ماري ڇڏيئه! آئون ڪِتابن جي رونمائي ۽ جنم ڏينهن ۾ دلچسپي نه رکندو آهيان. پر تنهنجي ڳالهه مڃيندس.”
    ۽ هاڻ منهنجي ان ڪِتاب “مونکي موهيو ملائيشيا” جي رونمائي لاءِ خيرپور جو پروگرام ٺاهيم. پر ڪٿي رهجي؟ خيرپور جي ڪنهن پراڻي دوست فئملي: جماڻي، لاڙڪ، کرل، قاضي، عباسي، شيخن وٽ..... ادل سومري يا ايازگل جهڙي ڪنهن اديب دوست کي تڪليف ڏجي جن وٽ سکر رهجي جِتان پوءِ خيرپور وڃجي..... آئون هر وقت اهو ئي سوچيندو رهيس.
    انهيءَ دوران منهنجي سکر جي منظور شيخ سان ڪراچيءَ ۾ سائين خورشيد شاهه جي ڌيءَ جي شادي ۾ ملاقات ٿي. منظور مون کان گهڻو گهڻو ننڍو آهي ۽ واپڊا جي پلاننگ ڊپارٽمينٽ ۾ مئنيجر آهي. پاڻ مئٽرڪ پير جي ڳوٺ مان ۽ انٽر خيرپور ميرس جي سپيريئر سائنس ڪاليج مان 1976ع ۾ ڪيائين ان بعد NED مان اليڪٽريڪل ۾ B.E ڪيائين. هن جو سکر ۾ وڏو عرصو گذريو آهي. بيحد Soft Spoken ۽ يار ويس ماڻهو آهي. هن مونکي سکر گهمڻ لاءِ چيو ته مون کيس ڪنهن گيسٽ هائوس ۾ رهائش جي بندوبست لاءِ پڇيو جِتي آئون آزادي سان رهي سگهان.... جي دل چويم ته گهمڻ لاءِ نڪران نه ته سڄو ڏينهن ويٺو لکان پڙهان. مون اهوئي چاهيو ٿي ته کيس ماني ٽڪي جي تڪليف هرگز نه ڏيان پر بهرحال اسان جي مشرقي ڪلچر ۾ اهو ناممڪن ٿيو پوي. منظور کي هر وقت منهنجي مانيءَ جو فڪر رهيو ٿي ۽ جِتي موقعو مليس ٿي هن گهٽايو نٿي. ساڳي وقت گهمائڻ ڦيرائڻ ۾ به هن پاڻ يا پنهنجي پٽ منصور کي موڪليو ٿي. جيتوڻيڪ ايازگل به مون سان گڏ رهيو پر ڪي ڪي هنڌ خاص ڪري ساڌ ٻيلو، ستين جو آستان، بئراج ميوزيم وغيره اهڙو چڱي طرح نه ڏسي سگهان ها جيڪڏهن منظور صاحب جو هٿ نه هجي ها ته..... خاص ڪري سندس فرزند منصور ڪافي همت وارو نوجوان آهي جيڪو نه فقط ڊرائيونگ ڪندو رهيو پر فوٽو به واهه جا ڪڍيائين ٿي. منصور پڻ واپڊا کاتي ۾ آهي. پاڻ مئٽرڪ سکر جي سينٽ ميري اسڪول مان ڪيائين. انٽر پبلڪ اسڪول سکر مان ۽ بي. ڪام خيرپور جي شاهه لطيف يونيورسٽي مان ڪيائين. سندس برٿ ڊيٽ 3 مارچ 1988ع آهي. منصور جي اسڪول “سينٽ ميري” جي ڳالهه نڪتي آهي ته ان تي ٻه اکر لکڻ ضروري سمجھان ٿو متان اڳتي هلي ان تي لکڻ وسري وڃي. انگريزن جي ٺهرايل هن اسڪول جي اڃان تائين وڏي ساکَ آهي ۽ افسوس جو اسان آزادي حاصل ڪرڻ بعد ۽ اڄ جي دور ۾ تعليم جي اهميت سمجھڻ جي باوجود تعليم کي ايترو به وڌائي ويجھائي نه سگهيا آهيون جيترو انگريزن اڄ کان ڏيڍ صدي اڳ ان بابت سوچيو ۽ ڪري ڏيکاريو.
    سينٽ ميري هاءِ اسڪول انگريز حڪومت جي ڏينهن جو پهريون اسڪول آهي جيڪو انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ بعد سکر ۾ ٺهرايو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انگريزن سنڌ 1843ع ۾ فتح ڪئي .... ان کان اڳ هو سؤ سال کن سنڌ جي ڀر وارن علائقن راجستان، گجرات، يوپي، مهاراشٽرا، وغيره ۾ موجود هئا پر سنڌ جي حاڪمن ميرن کي اهو ڪڏهن به خيال نه آيو ته ان قسم جا اسڪول، شفا گهر، ريلوي وغيره جو بندوبست سنڌ ۾ به کڻي ڪجي جنهن سان عوام کي فائدو ٿيندو. ائين ته ٿائلنڊ (سيام) ۾ ته ڪڏهن به انگريزن يا يورپين جو راڄ نه رهيو پر تنهن هوندي به اتي جي راجائن انگريزن جي انهن ادارن کي بهتر سمجھي عوام جي فائدي لاءِ پنهنجي ملڪ ۾ کوليا جيڪي اڄ ڏينهن تائين هلندا اچن ۽ اڄ به اسان جي ملڪ جا انجنيئر پوسٽ گرئجوئيشن لاءِ بئنڪاڪ وڃن ٿا. ڀوپال رياست ۾ نواب مردن بدران سؤ سال کن نواب بيگمن جي حڪومت رهي. عورتون ٿي ڪري هنن پنهنجي رياست جي ماڻهن جي سک لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو..... مٺي پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ ڍنڍون، اسپتالن ۽ اسڪولن کان علاوه ريل جو نظام قائم ڪيائون جيڪو انگريزن انڊيا جي ڀر وارن شهرن بمبئي، مدراس، ڪلڪتي وغيره ۾ ڪيو هو. ۽ اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته تعليم جي معاملي ۾ سنڌ جي هندن وري به گهڻي دلچسپي ورتي ۽ نه فقط تعليم حاصل ڪئي پر تعليمي ادارا به کوليا. انڊيا جي ورهاڱي بعد هنن هندستان وڃي اتي به اسڪول ۽ ڪاليج کوليا جن ۾ نه فقط هنن جي ٻارن پر مڪاني مرهٺن، گجراتين، راجستانين ۽ تاملن جي ٻارن به تعليم ورتي ۽ اڄ ڏينهن تائين وٺندا اچن پر اسان وٽ 67 سال ٿي ويا آهن ڪنهن سنڌي مسلمان وڏيري، پير، مير، سيد، سياستدان، وزير ڪو ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ڪاليج يا يونيورسٽي نه کولي آهي. بقائي، آغا خان، سر سيد، همدرد، NED جهڙيون پرائيويٽ يونيورسٽيون ڪهڙي سنڌي وڏيري جون آهن؟!
    ڪيترن پٺتي پيل ملڪن کي هاڻ سڌريل ڏسي ۽ پنهنجي سنڌُ سان ڀيٽي ڏک ٿو ٿئي ته سنڌ اهو صوبو آهي جنهن ۾ مڪاني ماڻهن يعني سنڌين جي حڪومت رهندي به هنن پنهنجي صوبي جي هلندڙ اسڪولن ۽ اسپتالن جو ئي خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي. ڪيڏي اچرج جي ڳالهه آهي ته هڪ هنڌ يعني انڊيا ۾ ’سنڌي‘ علم، تعليم پکيڙڻ، اسپتالون ۽ پارڪ ٺاهڻ جي علامت آهن ته ٻئي طرف سنڌ ۾ ’سنڌي‘ تعليم جا دشمن، نشي جا شوقين، ڌاڙن ۽ اغوائن کان مشهور آهن. هڪ ڪلياڻ يا الهاس نگر سنڌين جو علائقو آهي جنهن جي سونهن، امن امان، بنيادي سهولتن ۽ هاءِ ڪلاس هائجنڪ حالتن ڪري دنيا جا ماڻهو اتي رهڻ ۾ خوش نصيبي سمجھن ٿا ۽ هڪ اسان جي سنڌين جو علائقو قاسم آباد آهي! جيڪو گند، چورين، نشي پتي ۽ ڀتي خوري کان مشهور ٿيندو وڃي.
    سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت ٿيڻ سان هنن اسڪولن، اسپتالن، ريلوي، امن امان ۽ انصاف تي زور ڏنو. ڪراچي کان سکر ريلوي پهچڻ تي هنن روهڙي ۽ سکر کي ڳنڍڻ لاءِ پل جو بندوبست ڪيو جيئن سامان ٻيڙين رستي ڍوئڻ بدران ريل کي ڪتب آندو وڃي. انهن ئي ڏينهن ۾ هنن ملائيشيا، سنگاپور توڙي آفريڪا ۾ ڪينيا ۽ يوگنڊا ۾ به ريل جو بندوبست شروع ڪيو جنهن ڪم لاءِ هنن پنجاب جي سکن، هندن ۽ ڏکڻ هندستان جي تاملن، گوائن ۽ مدراسين کي لڳايو.
    سکر جي ريلوي تي ڪم ڪندڙ گوا، مدراس ۽ گجرات کان آيل ماڻهن جي پريشاني تي هنن جي ٻارن لاءِ هي سينٽ ميري هاءِ اسڪول قائم ڪيو ويو جنهن کي اڄ ڏيڍ صدي اچي ٿي آهي. هي اسڪول جڏهن 1881ع ۾ شروع ٿيو هو ته اهو فقط ريلوي ۾ ڪم ڪندڙ ٻارن لاءِ هو پر پوءِ 1897ع کان مڪاني ماڻهن جي ٻارن لاءِ پڻ عام ڪيو ويو. سنڌ جي ٻين ڪانوينٽ/مشنري اسڪولن وانگر هن اسڪول جي اڄ به وڏي ناموس آهي جِتي سٺي تعليم ۽ ڊسپلين جو خيال رکيو وڃي ٿو. مئٽرڪ تائين ڪو ـــ ايڊيوڪيشن آهي، ان بعد انٽر تائين فقط ڇوڪرين لاءِ آهي. 1972ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ڪيترائي هن قسم جا خانگي اسڪول نئشنلائيزڊ ڪيا هئا پر افسوس جو تعليم جو نظام، خاص ڪري سنڌ ۾، بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿي پيو. نتيجي ۾ هي اسڪول 1990ع ۾ وري اصلي مالڪن کي موٽايو ويو. هن اسڪول جو نظامُ ڪئٿولڪ بورڊ آف ايڊيوڪيشن وارا هلائين ٿا.


    سکر جا ڪجهه اسڪول ۽ ڪاليج

    سنڌ ۾ جيتوڻيڪ تعليم جو ٻيڙو ٻڏو پيو آهي پر سکر ۽ ان جي اوس پاس جا رهاڪو وري به ٿورا گهڻا خوش نصيب آهن جو سکر ۾ چڱا خاصا تعليمي ادارا آهن. هونءَ ته انڊيا جي ڀر وارن شهرن انوپ ڳڙهه، بيڪانير، جيسلمير جي مقابلي ۾ سکر ۾ نه ايترا تعليمي ادارا آهن ۽ نه وري ڪو تعليمي معيار. نه ايتريون هاسٽلون آهن ۽ نه امن امان جي صورت بهتر آهي جنهن جي گهڻي تعريف ڪري سگهجي ۽ اسان جا ڌارين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني، خاص ڪري سنڌي، پڙهائي جي خيال کان پنهنجا ٻارَ سکر ۾ موڪلي ڏين. جيئن ولايت ۾ رهندڙ انڊين پنهنجي ٻارن کي انڊيا جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهائين ٿا جو اتي هر ڳالهه جو سٺو بندوبست آهي. بهرحال فقط سنڌ جو جائزو ٿو وٺجي ته پوءِ سکر وري به نوشهري فيروز، بدين، جيڪب آباد يا ٺٽي جهڙن ضلعي شهرن کان وڌيڪ بهتر آهي.
    سنڌ تي انگريزن جي حڪومت بعد سکر ريلوي سسٽم، گرجا گهرن، بئراج ٺهڻ ۽ اعليٰ عملدارن جي آفيسن ڪري انگريز، عيسائي ۽ هندستان جي ٻين شهرن کان پڙهندڙ ڳڙهندڙ ماڻهن ۽ واپارين جي اچ وڃ جو مرڪز ٿي پيو.
    مڪاني سنڌي مسلمانن تعليم تي نه برابر ڌيان ڏنو پر هندو تعليم کي چهٽي ويا ۽ انگريزن جي ڇڏڻ تائين هنن جي ٻي ۽ ٽي جنريشن تائين ڊاڪٽر، انجينئر ۽ سرڪاري ڪامورا ٿي ويا پر سنڌي مسلمان مان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ان رتبي تي پهچي سگهيو. هو سکر ۾ به گهڻا تڻا محل ماڙيون انگريز حاڪمن بعد هندن جون هيون. ڪجهه ڪجهه سنڌي وڏيرن جون به ملڪيتون هيون پر هنن جو گهڻو ڌيان عياشيءَ ڏي هوندو هو جيئن اڄ به اسانجي ڪيترن ڀوتارن، وڏيرن ۽ واسطيدار حاڪمن عورت ۽ شراب جي چڪر ۾ سنڌ جي تعليم، صحت ۽ ٻيون سهولتون به تباهه ڪري ڇڏيون آهن. لوڪرام ڏوڏيجا جو ناز سنائي (سنڌي ساهت گهر) طرفان ڇپايل ڪِتاب “منهنجو وطن منهنجا ماڻهو” جي صفحي 105 تي ڏسان پيو ته آڳاٽي سکر لاءِ هن لکيو آهي ته: “ڪئين وڏيرا ۽ جاگيردار به سکر ۾ بنگلا رکندا هئا جو هر هڪ جا اڪثر ڪامورن ۽ ڪورٽن ۾ ڪم ڦاٿل هوندا هئا. انهن مان ڪئين اهڙا هئا جن جي بدولت سکر جو چڪلو به رونق افروز هو. ٻهراڙيءَ جا ڄٽ ڄاموٽ به ان حاجت لاءِ گهڻا ايندا هئا. خاص خاص وڏيرن جون خاص خاص رنڊيون رکيل هونديون هيون جيڪي شامَ ويلي، نمائش، هوا خوري ۽ گراهڪي وڌائڻ لاءِ بگين تي چڙهي نڪرنديون هيون ته يار لوڪ سندن سماچار هڪ ٻئي ۾ ونڊيندا هئا...
    “اڙي اها فلاڻي وڏيري واري اٿئي.”
    “ابا اهو رڳو مسواڙ ٿو ڏئي پر هلي ٻي جي ٿي .”
    “پران جو رستو ته شمشاد سان آهي!”
    “شمشاد ته هفت رنگي آهي. ڦري کائي ان کي ٿي پر دلي رستو گورڌن غنڊي سان اٿس......” وغيره وغيره.
    سکر اچڻ کان اڳ مون سکر جا جيڪي تعليمي ادارا ڏسڻ جو سوچيو هو انهن مان گورنمينٽ اسلاميا آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج هڪ هو. هن ڪاليج جي هڪ ليڪچرار عبداللطيف انصاريءَ سان منهنجي گذريل ڇهن ستن سالن کان ڄاڻَ سُڃاڻَ آهي. هو ويب سائيٽ ٺاهڻ ۽ ڪمپيوٽر جي ڪم ۾ ماهر هجڻ ڪري ان سلسلي ۾ درپيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ آئون هميشه هن کي فون ڪندو آهيان. هن منهنجا ڪيترائي ڪِتابَ ڪمپوز ڪري پنهنجي سنڌي ادبي سنگت جي سکر واري ويب سائيٽ تي رکيا آهن جيڪا هن ريت آهي. www.sascitysukkur.com
    عبداللطيف جي والد عبدالرحيم انصاري صاحب جو واسطو به درس تدريس سان رهيو. عبداللطيف 20 سيپٽمبر 1978ع تي سکر ۾ ڄائو. مئٽرڪ سکر جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان ڪيائين جِتي سندس والد صاحب وڏو عرصو ٽيچر ٿي رهيو. انٽر ۽ B.Sc گورنمينٽ ڊگري ڪاليج فار بئائز مان ڪرڻ بعد خيرپور جي شاهه لطيف يونيورسٽي مان ايم اي سنڌي لٽريچر ۾ ڪيائين.
    عبداللطيف انصاري جي ڪاليج “گورنمينٽ اسلاميا آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج” جي سالياني ڪاليج جي مخزن ڏسڻ تي به متاثر ٿيس ۽ مونکي هن ڪاليج جي قابل استادن ۽ پرنسپال پروفيسر مشتاق احمد انصاري جي خذمتن جي خبر پئي. هو صاحب 1979ع کان هن ڪاليج سان واسطي ۾ هو. آخري سالن ۾ پرنسپال ٿي 2012ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. هن وقت ڪاليج جو پرنسپال هڪ ٻيو قابل پروفيسر ۽ ايڪانامڪس جو ڊاڪٽر سائين قاسم ٻگھيو صاحب آهي. شام واري شفٽ ۾ هن ڪاليج ۾ سائنس جا ڪورس ٿين ٿا جنهن جو پرنسپال پروفيسر بشير احمد ٽالپر آهي. هي ڪاليج مينارا روڊ وٽ، شاليمار سئنيما جي ويجھو آهي. اٽڪل اڍائي هزار کن شاگرد هن ۾ تعليم وٺن ٿا.
    هن ڪاليج کان علاوه شڪارپور روڊ تي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج فار بئائز ۽ ڊگري ڪاليج فار گرلس پڻ آهي. ان کان علاوه گورنمينٽ آغا نظام ڪاليج فار گرلس به سکر جي ناميارن ڪاليجن مان هڪ آهي. سرڪاري اسڪولن مان گورنمينٽ هاءِ اسڪول تمام آڳاٽو آهي جنهن لاءِ ان جا استاد صاحبان ٻڌائي رهيا هئا ته سؤ سال پُراڻو ٿيندو.
    اڄ ڪلهه ڪراچي، لاهور ۽ پاڪستان جي ٻين وڏن شهرن ۾ ڪيترائي ناليرا اسڪول ۽ ڪاليج کلي پيا آهن جيڪي انگلش ميڊيم، سخت ڊسپلين، بهتر عمارتن ۽ سٺن ٽيچرن ڪري شاگردن جي ڪاميابيءَ جو سبب بڻيا آهن. انهن مان ڪيترن جون برانچون سکر ۾ نظر اچن ٿيون جهڙوڪ: بيڪن هائوس، سِٽي اسڪول، The Educators، آرمي پبلڪ اسڪول ائنڊ ڪاليج وغيره. ان کان علاوه اپوا اسڪول، اسلاميه هاءِ اسڪول، ماڊرن هاءِ اسڪول، پبلڪ اسڪول، ريلوي هاءِ اسڪول، سينٽ سئويئر هاءِ اسڪول، تعمير نو هاءِ اسڪول، دي ريڊينٽ وي اسڪول ۽ ٻيا ڪيترا خانگي ننڍا ننڍا اسڪول هر ٻي گهٽيءَ ۾ نظر اچن ٿا جن جي پڙهائي جي معيار جي ته ڪا خبر نٿي پوي پر مائٽ خوش آهن ته سندن ٻار سکر جهڙي گرم شهر ۾ نوڙيءَ جهڙي ٽاءِ ٻڌي اسڪول وڃن ٿا. هنن غريبن جو به ڏوهه ناهي. سالن کان ڏسن پيا ته اڙدو ۽ سنڌي ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهائڻ سان نه ٻارن کي نوڪري ملي ٿي ۽ نه يونيورسٽين ۾ داخلائون ملن ٿيون جو جِتي ڪٿي انٽرويو توڙي انٽري ٽيسٽ انگريزيءَ ۾ ٿين ٿا. وڏا وڏا مولوي، سرڪاري ڪامورا ۽ سياستدان عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ سنڌي سنڌي يا اڙدو اڙدو جا پُرڪشش نعرا هڻن ٿا ۽ مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جا سلوگن هڻن ٿا پر پاڻ سنڌي ڳالهائڻ، سنڌي پڙهڻ يا سنڌ ۾ رهڻ بدران انگريزي پڙهن ٿا ۽ ولايتن ۾ رهن ٿا. هنن کي پنهنجي ڳوٺن ۾ اچي پنهنجي ماڻهن جا ڏک درد ٻڌڻ ۾ به بڇان اچي ٿي. سو هاڻ ڏسندي ئي ڏسندي ٽنڊو قصير، باڊهه، جھرڪ، جھڏو ۽ جھمپير جهڙن ڳوٺن ۾ به ٽاين وارا اسڪول کلي ويا آهن. سکر ته وري به وڏو شهر آهي. ڪيترا ته اهڙا به اسڪول آهن جن کي رڳو پنهنجي پيٽ جو سور آهي ته ڪهڙي ريت اسڪول هلائڻ واري بزنيس مان پئسو ڪمائجي. هنن کي اسڪول ۾ پڙهائڻ وارن ماسترن ۽ ماسترياڻين لاءِ بهتر پگهار ڪرڻ جو فڪر ناهي. گهٽ پگهار ۾ ڪهڙا به ٽيچر ملي وڃن باقي زور سڄو اسڪول جي يونيفارم تي..... يعني ٽاءِ ۽ پتلون تي..... پوءِ ڀلي سخت اونهاري ۾ لائيٽ به نه هجي، ڇت ۾ هڪ پنکو به نه هجي.
    رحيم داد خان مولائي شيدائيءَ پنهنجي ڪِتاب “تاريخ سکر” ۾ سکر جي اسڪولن جو پڻ احوال لکيو آهي. “پرائمري اسڪولن بابت پڙهي رهيو هوس ته سکر جو ٽيئون مل اسڪول 1916ع ۾ اسان جي شاعر دوست ادل سومري جي پاڙي “واري تڙ” ۾ کليو هو. 1904ع ۾ خانبهادر پير بخش اسڪول نئين ڳوٺ ۾ کوليو ويو. 1928ع ۾ بئراج ڪالوني ۾ ڀوڄسنگهه پهلجاڻي اسڪول کوليو ويو. اهي اسڪول ميونسپالٽي جي نگراني هيٺ هئا.”
    1937ع ۾ سيٺ جيوڻ داس اسڪول هندو نوجوان برادري منڊل جي ڪوششن سان کوليو ويو. 1913ع ۾ بندر روڊ تي ڀاڀڙڪي بازار ۾ متر منڊلي امدادي اسڪول کوليو ويو. ساڳي سال تلڪ هاءِ اسڪول جي ديو سماج ماستر خان چند پراڻي سکر ۾ ديو سماج اسڪول کوليو هو. هندو نوجوان سڀا باغ ڪوارٽر ۾ اسڪول کوليو. اڙدو گرلس اسڪول نئون پنڊ 1903ع ۾ ريلوي کاتي ڇوڪرين لاءِ کوليو جِتي هنن کي ڪپڙن سبڻ جي سکيا به ملندي هئي. ساڳي سال نئين پنڊ ۾ ڇوڪرن لاءِ پرائمري اسڪول، ريلوي اسڪول، هريجن اسڪول لوڻ گدام جي الهندي ۾ هندن لاءِ ۽ ڀنگين جي ٻارن لاءِ ڀنگين جي ڪالوني ۾ اسڪول کوليو هو. راشٽريا ڪنيا پاٺ شالا 1920ع ۾ سيٺ گيانچند باغ ڪوارٽر ۾ ڇوڪرين لاءِ کولي جنهن جي عمارت جي 1928ع ۾ وڌيڪَ تعمير ڪرائي ويئي. تيرٿ ٻائي گرلس اسڪول 1903ع ۾ کوليو ويو. اسڪول کي پنهنجي عمارت هئي. ميران مڊل اسڪول 1940ع ۾ ليوڪس پارڪ ويجھو کوليو ويو. 1930ع ۾ سکر اڪيڊمي کولي ويئي.


    اروڙ تاريخ جي آئيني ۾ ....

    سکر ڪو اهڙو آڳاٽو شهر ناهي. سکر کان گهڻو خوشحال ۽ جھونو شهر روهڙي رهيو آهي پر روهڙي جي مقابلي ۾ به اروڙ ۽ بکر سنڌ جا جھونا ۽ بلي بلي شهر هئا. اروڙ (جنهن کي الور به سڏيو ويو ٿي) سنڌ جي گاديءَ جو شهر هو. هي شهر جيڪو روهڙيءَ کان ٽي چار ميل ڏکڻ اوڀر ۾ هڪ ٽڪريءَ تي هو وڏو خوشحال ۽ سرسبز هو. ظاهر آهي اهو سنڌو نديءَ جي ڪناري تي ايئن هو جيئن الهه آباد، بنارس يا هردوار گنگا نديءَ جي ڪپر تي آهن. سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي (چچ ۽ راجا ڏاهر) جي ڏينهن ۾ ۽ عربن جي حڪومت شروع ٿيڻ کان تقريباً 125 هجري تائين هن شهر جو پنهنجو شانُ هو. 711ع ۾ محمد بن قاسم جڏهن اروڙ فتح ڪيو ته اتي هڪ مسجد تعمير ڪرائي ۽ هِتي رواهه بن اسد کي حاڪم، قاضي ۽ خطيب مقرر ڪيو. جنهن بعد هن جون ڪيتريون پيڙهيون ان پوسٽ تي رهيون.
    مشهور سياح ابن بطوطه هِتي جي قاضي و خطيب وٽ حضرت عمر بن عبدالعزيز اموي جو هڪ خط ڏٺو جيڪو هن پنهنجي دورِ خلافت ۾ اروڙ جي هن قاضي خاندان ڏي موڪليو هو. چون ٿا ته 962ع ۾ جيڪو شديد زلزلو آيو ان ۾ سنڌو نديءَ پنهنجو وهڪرو بدلائي ڇڏيو ۽ ان وقت کان اروڙ ويران ٿيڻ لڳو. اتي جا ماڻهو پوءِ آهستي آهستي ٿي روهڙي لڏي آيا ۽ روهڙي وڌڻ ويجھڻ لڳو ۽ گهڻو گهڻو پوءِ انگريزن جي ڏينهن ۾ سکر روهڙي کان به زور ٿي ويو.
    مولائي شيدائي اروڙ بابت “تاريخ سکر” ۾ لکي ٿو ته: “موجوده اروڙ هينئر هڪ ڳوٺ جيان آهي.... روهڙيءَ کان پنج ميل کن ڏکڻ اوڀر طرف ٽڪريءَ تي. جنهن زماني ۾ اروڙ سنڌ جو تختگاهه هو، انهن ڏينهن ۾ شهر جي الهندي کان مهراڻ ۽ اڀرندي کان هاڪڙي جي وجود ڪري هي شهر باغات، نخلستانن، حوضن ۽ واهن ڪري سرسبز ۽ شاداب هو. شهر کي ٻٽي عالم پناهه ڏنل هئي ۽ ڪيتريون ئي ڪاٺ جون ماڙيون ۽ محلات هئا. شهر جي وچ ۾ ٻڌ ڌرم جو عظيم الشان مندر هو، منجھس گوتم ٻڌ جو وڏو بت (مجسمو) رکيل هو جنهن جي ٻانهن ۾ سونا ڪنگڻ هوندا هئا. هٿيارن ۽ ان جا گدام هئا. گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ زمين دوز ناليون هيون. اروڙ پنهنجي باغن ۽ تفريگاهن ڪري مشهور هو ۽ ملتان جيڏو هو. راءِ گهراڻي جا راجائون انصاف پسند ۽ رعايا پرور هئا. ڪابل، چين، ڪشمير، پنجاب ۽ هندوستان جو مال ٻيڙين وسيلي ديبل ڏانهن ويندي، هِتي لنگر هڻندا هئا. حڪومت کي محصول مان وڏي آمدني هئي. شاهي خزانا دولت سان مالامال هئا. راءِ گهراڻي جي راجائن جي حڪومت سڄي هندوستان ۾ سياسي ۽ اقتصادي نقطه نظر کان مضبوط هئي. سنڌ جي راجائن جي راجپوتانا ۽ ڪشمير جي راجائن سان مائِٽي هئي....”
    اسلام کان اڳ سنڌ تي راءِ گهراڻي جي حڪومت هئي جيڪا 137 سالَ هلي. هن گهراڻي جا پنج راجا ٿي گذريا آهن جن جو ٻڌ ڌرم سان واسطو هو. هنن مان پهريون راجا راءِ ڏيوائچ هو. جن ڏينهن ۾ حضور صلعم جن مڪي کان مديني هجرت فرمائي ته انهن ڏينهن ۾ اروڙ جو حاڪم راءِ سيهرس بن ساهسي هو. راجا راءِ سيهرس لاءِ چون ٿا ته هو بيحد دولتمند ۽ اخلاق ۽ سيرت جي اعتبار کان تمام نيڪ انسان هو. (تاريخ سنڌ، اعجاز الحق قدوسي). هن پنهنجي حڪومت کي چئن صوبن ۾ ورهائي هر هڪ تي صوبيدار مقرر ڪيو جيڪو گورنر سڏيو ويو ٿي. پاڻ راجا الور (اروڙ) ۾ ئي رهيو ٿي. راجا راءِ سهرس ثاني جي فارس (هاڻوڪي ايران) جي حاڪم نمروز سان لڙائي ٿي جنهن ۾ راءِ سهرس کي ڳچيءَ ۾ تير لڳڻ ڪري مري ويو. هن بعد راءِ سهاسي ثاني سنڌ جو حاڪم ٿيو. هو بي اولاد هو. هن جي راڻي سونهندي (سونهن ديوي) نهايت حسين هئي. چچ نالي هڪ ڪشميري نوجوان برهمڻ جيڪو بيحد خوبصورت ۽ زبان جو چتر هو، هن کي چارئي ويد ياد هئا، وڏي وزير رام جي آفيس ۾ محرر مقرر ٿيو. گورنرن جا خط جيڪي درٻار ۾ پهچندا هئا، سي هي وزير (رام) راجا کي پڙهي ٻڌائيندو هو ۽ راجا جي حڪمن موجب انهن جا جواب لکي گورنرن ڏي روانا ڪندو هو. هڪ دفعي رام وزير موڪل تي ويو ۽ چچ کي هدايت ڪري ويو ته سندس غير حاضري ۾ ٻاهران آيل خط راجا کي احتياط سان پڙهي ٻڌائي ۽ راجا جي چوڻ مطابق انهن جا جواب ڌيان سان لکي روانا ڪري. وزير جي غير حاضري ۾ چچ شاهي محلات جي در تي پهتو ته ان وقت راڻي به موجود هئي. جيئن ته چچ برهمڻ هو ان ڪري راجا اهو ضرورر ي نه سمجھيو ته راڻي هن کان پڙدو ڪري ۽ چچ کي راڻي اڳيان روبرو گهرايو. هن ترتيب وار خط راجا اڳيان اهڙي موزون انداز سان پڙهي ٻڌايا جو راجا هن نوجوان برهمڻ جي لياقت جو قائل بنجي حڪم ڏنو ته آئيندي رام جي غير حاضري ۾ چچ ڪم هلائي. ليڪن راڻي برهمڻ نوجوان جي حسن کي ڏسي مٿس عاشق ٿي پئي. ڪجهه وقت ڳجھن راز و پيامن جو سلسلو جاري رهيو. آخر هڪ ڏينهن راجا بيمار ٿي پيو ۽ ڪجهه ڏينهن علالت ۾ رهي انتقال ڪيو. راڻيءَ راجا جي موت کي لڪائي، چچ سان وعدو ڪري راجا جي مائٽن ۽ اهلڪارن کي گهرائي سڀني کي قيد ڪري مارائي چچ سان شادي ڪئي. راءِ گهراڻي جو راڄ ختم ٿيو ۽ برهمڻن جو راڄ شروع ٿيو. چچ 643ع کان 682ع تائين سياڻپ سان حڪومت ڪئي. جن جن راجائن ۽ قومن بغاوتون ڪيون تن کي مات ڪيائين. هر سال ملڪ جو دورو ڪري حالتن جو جائزو وٺي جوڳو انتظام ڪندو رهيو. حضرت عمر الفاروق رضه جي ڏينهن ۾ عربن پوئين ساساني ايراني شهنشاهه يزد گرد سوم کي شڪست ڏئي ايران تي قبضو ڪيو. هن موقعي تي چچ ايران کي هاٿين ۽ جنگي سامان جي امداد ڪئي. اهڙي طرح هو سياسي توازن قائم رکندو رهيو. سنڌ جا رهاڪو سهتا، لوهاڻا، لاکا ۽ جاٽ جيڪي ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ هئا، سي چچ جي برهمڻ حڪومت جي خلاف هئا. هونءَ به چچ جي برهمڻ حڪومت ٻڌن تي خاص ڪري لوهاڻا ۽ جاٽ قومن تي ڪجهه سختيون مڙهيون هيون. جهڙوڪ: گهوڙي تي هني رکڻ کان سواءِ سواري ڪن. ريشمي ڪپڙن پائڻ کان پرهيز ڪن. چيلهه سان ڪاٺ جي ترار ٻڌي نڪرن. ٻاهر نڪرڻ وقت ڪتو پاڻ سان کڻن. مندرن جي لنگرخانن کي ڪاٺيون پهچائين. مٿي تي پٽڪي رکڻ بدران رومال ٻڌن. حڪومت جي حفاظت ڪرڻ لاءِ جاسوسي ڪن.
    چچ جي 682 ۾ وفات بعد هن جو ڀاءُ چندر تخت تي ويٺو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن 8 سال حڪومت ڪئي. جنهن بعد چچ جو وڏو پٽ ڏاهر سنڌ جو راجا ٿيو جنهن جي ڏينهن ۾ عرب محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪري سنڌ فتح ڪئي. ان کان اڳ به عربن هن پاسي حملا ڪيا. خاص ڪري 644 ۾ جڏهن عربن ايران فتح ڪيو ته هنن جا سپاهي مڪران تائين پهچي ويا ۽ مڪران ۽ بلوچستان جو اوڀر وارو حصو عربن حوالي ٿي ويو پر انهن ڏينهن جي خليفي حضرت عمر رضه (644 ـــ 634) کين سنڌو ندي کان اڳتي وڌڻ کان روڪيو. پوءِ حضرت عثمان رضه (656 ـــ 644) جي ڏينهن ۾ عربن راءِ خاندان جي حڪومت جو اتراهون شهر قترابيل فتح ڪيو جيڪو 662 ۾ سنڌين وري حاصل ڪري ورتو. راجا ڏاهر جي ڏينهن ۾ دمشق تي بنواميه گهراڻي جو خليفو وليد بن عبدالمالڪ هو. سندس پاران حجاج بن يوسف ثقفي بصري جو حاڪم هو جنهن جي حڪم سان محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو. ان وقت محمد بن قاسم جي عمر 17 سال ٻڌائين ٿا. سکر (سنڌ ۽ پنجاب جي ڏاکڻي حصي سميت) اميه خلافت جي ڪنٽرول ۾ اچي ويو.
    بعد ۾ مغلن ۽ ٻين قبيلن جي حاڪمن جي سکر تي حڪومت رهي. خيرپور جي ميرن حوالي سکر 1809ع ۽ 1824ع جي وچ واري دور ۾ ٿيو. 1833ع ۾ قنڌار (افغانستان) جي جنگجو شاهه شجاع ميرن کي سکر وٽ شڪست ڏني پر پوءِ ساڻن معاهدو ڪري سکر کين واپس ڪيو. 1843 ۾ انگريزن (جنرل چارلس جيمس نئپيئر جي اڳواڻيءَ ۾) ٽالپرن کي حيدرآباد ويجھو مياڻي ۽ دٻي وٽ لڙائين ۾ شڪست ڏني ۽ هو سکر ۽ باقي سنڌ جا 1947 تائين حاڪم ٿي رهيا. اڄ وارو سکر ضلعو 1901ع ۾ ٺهيو جيڪو ڪجهه حصو شڪارپور ضلعي مان ته ڪجهه لاڙڪاڻي مان ڪڍي ٺاهيو ويو هو. سکر جو معاشي ۽ سماجي طرح واڌارو 1930 کان پوءِ ٿيو جڏهن انگريزن دنيا جي وڏي ۾ وڏي بئراج سنڌو ندي مٿان ٺهرائي. سکر بئراج جيڪا پهرين Llyod بئراج سڏي وئي ٿي 1923ع ۾ ٺهڻ شروع ٿي ۽ جنوري 1932ع ۾ مڪمل ٿي. سندس ڊيگهه 5000 فٽ (1524 ميٽر) آهي ۽ منجهس 66 دروازا آهن. هن ذريعي 10 ملين ايڪڙ آباد ٿيڻ لڳا. منجھائس 7 ڪئنال نڪرن ٿا جن مان ڪجهه سئيز ڪئنال کان به وڏا آهن.


    ساڌ ٻيلي مونکي به موهي وڌو

    اربع ڏينهن منهنجو شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور وڃڻ جو پروگرام هو جِتي ايازگل ۽ ادل سومري جن ليڪچر جو بندوبست ڪيو هو. مونکي به هيءَ يونيورسٽي ڏسڻ ۽ اتي شاگردن ۽ ٽيچرن سان ملڻ جو شوق هو جن مان ڪيترائي منهنجي فيس بڪ تي هئا ۽ هو به ملڻ جو شوق ڏيکاريندا رهيا ٿي. مون زندگيءَ جا تقريباً 25 سال جيڪو چوٿو صدي ٿئي ٿو مختلف جهازران تعليمي درسگاهن ۾ پڙهايو. ان جو گهڻو حصو مون ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلنڊ، جپان جي نيول اڪيڊمين، انجنيرنگ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۽ مختلف جهازن تي ليڪچر ڏيڻ ۾ گذاريو. نوڪريءَ جي آخري سالن ۾ جڏهن پروفيسر سليم ميمڻ ۽ ڊاڪٽر فهميده مون کي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ليڪچر لاءِ گهرايو ته مونکي عجيب محسوس ٿيو..... ڄڻ آئون پنهنجي گهر پهچي ويو هجان. شاگردن کي پهريون دفعو سٿڻ قميص ۾ سنڌي ۽ اڙدو ۾ ڳالهائيندو ٻڌي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي. نه ته هيستائين ليڪچر دوران شاگردن سان هميشه انگريزي ۽ ملئي ۾ ئي ڳالهه ٻولهه هلي ٿي. اهائي خوشي مونکي سنڌ يونيورسٽي ۽ ممبئي يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏيندي ٿي جِتي مونکي ڊاڪٽر قاسم ٻگھئي ۽ ڊاڪٽر نور افروز خواجا ۽ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي گهرايو هو. ۽ هاڻ اندروني سنڌ جي هڪ نئين يونيورسٽي “شاهه لطيف يونيورسٽي” ۾ ويندي مونکي ڏاڍي خوشي ۽ تجسس ٿي رهيو هو پر جنهن ڏينهن منهنجو اتي وڃڻ جو پروگرام هو ان کان اڳ واري رات جو ڪنهن فرقي جي فساد ٿيڻ ڪري سڄي خيرپور ۾ مڪمل هڙتال جو اعلان ٿي ويو. مون کي غمگين ڏسي منهنجي سکر جي ميزبان منظور شيخ صاحب چيو ته ڀلي هڙتال هجي آئون جي چاهيان ته هو مونکي سرڪاري يا پوليس جي گاڏيءَ ۾ شاهه لطيف يونيورسٽي وٺي هلي سگهي ٿو.... جنهن جي جواب ۾ مون چيومانس ته مونکي يونيورسٽي جي عمارتن ڏسڻ جو شوق نه پر شاگردن سان ملڻ جو شوق آهي. منهنجي يونيورسٽي پهچڻ سان هو ته نه پهچي سگهندا.
    هاڻ آئون صبح جو اٿي وري اهو سوچڻ لڳس ته اڄ خيرپور ۾ هڙتال نه هجي ها ته هن وقت آئون شاهه لطيف يونيورسٽي جي سنڌي يا ڪنهن ٻئي ڊپارٽمينٽ جي شاگردن سان گڏ هجان ها. ٻئي ڏينهن تي منهنجي واپسي جي ٽڪيٽ هئي ۽ مون لاءِ هن عمر ۾ خيرپور يا سکر وري اچڻ ڪو اهڙو سولو ڪم نه هو ...... ٿوري دير بعد منظور کي فون ڪيم.
    “منظور! خيرپور هلڻ جو پروگرام ته ٿيو ڪئنسل. هاڻ هڪ ڪم ڪر..... تون پاڻ تڪليف نه ڪر پنهنجي پٽ منصور کي مون ڏي موڪل ته مهرباني ڪري مون کي ساڌ ٻيلو ڏيکاري اچي.”
    “ساڌ ٻيلي ۾ ڇا آهي ان کان ته توهان کي آئون گهوٽڪي وٺي هلي مهرن جو محل ڏيکاريان جنهن ۾ اندر هيلي پيڊ به آهي ته مسجد به.” منظور صلاح ڏني.
    “نه سائين کڻي ڇا به ٿي پوي مونکي ساڌ ٻيلو ڏسڻو پوندو نه ته ڌارين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي هندو منهنجو مٿو کائي ويندا ته آئون ڪهڙو سنڌي آهيان جنهن ساڌٻيلي جي زيارت نه ڪئي آهي.” مون کلندي منظور کي پنهنجي شروعاتي سامونڊي سفرن جي ڳالهه ٻڌائي جڏهن گجرات جي هڪ بندرگاهه ۾ منهنجي ساڌ ٻيلي کان اڻ ڄاڻائيءَ تي اتي لڏي آيل اسانجي هڪ سنڌي هندوءَ منهنجي ساڌ ٻيلي کان اڻ ڄاڻائيءَ تي حيرت جو اظهار ڪيو هو.
    “چڱو ڀلا توهان کي ساڌ ٻيلو ٿا ڏيکاريون. پر منصور بدران آئون ٿو هلان ۽ اسان جي آفيس واپڊا جي هڪ انجنيئر راجڪمار کي به وٺي ٿا هلون جنهن جو گهر ساڌ ٻيلي وڃڻ واري پتڻ وٽ ئي آهي.” منظور شيخ چيو.
    ٿوري دير کان پوءِ هو پاڻ اچي ويو ۽ مون کي پاڻ سان وٺي راجڪمار جي گهر پهتو. گاڏي اتي ڇڏي ساڌ ٻيلو هلڻ لاءِ ٻيڙيءَ ۾ ويٺاسين. راج ڪمار ٻڌايو ته هن جو ڳوٺ روهڙي جي ڀرسان ڪانڌار نالي آهي جتي سندس 12 نومبر 1974 تي جنم ٿيو هو. “توهان جي برٿ ڊيٽ مون کان ٻه ڏينهن اڳ جي آهي.” مون راجڪمار کي چيو.
    “تنهن جي معنيٰ ته آئون توهان کان ٻه ڏينهن وڏو ٿيس.” راجڪمار کلندي چيو.
    “ڊاڪٽر علامه اقبال وانگر بلڪل صحيح ٿا چئو: مون چيو مانس، “ڏينهن ۾ توهان مونکان ٻه ڏينهن وڏا آهيو باقي سالن ۾ آئون توهان کان 30 سال وڏو آهيان جو آئون 1944ع ۾ ڄائو هوس.”
    ڊاڪٽر اقبال جي ڳالهه ٿا ڪن ته پرائمري اسڪول ۾ ماستر پڇيس ته هڪ پين تون 5 رپيه 20 پئسن ۾ خريد ڪري 3 رپيه 40 پئسن ۾ وڪڻين ٿو ته توکي نقصان ٿيندو يا فائدو؟ جواب ۾ ڊاڪٽر صاحب چيو ته پئسن ۾ مونکي فائدو ٿيندو باقي رپين ۾ هن کي ٿيندو.
    راجڪمار ٻڌايو ته هن مئٽرڪ پنهنجي ڳوٺ ڪانڌار مان ڪئي جِتي اڄ به سندس والد پريمچند پيجواڻي جو کجور جو بزنيس آهي. انٽر سائنس هن سکر جي مشهور ڪاليج اسلاميه ڪاليج مان ڪئي ۽ B.E انجنيئرنگ 1999 ۾ نوابشاهه جي قائد عوام يونيورسٽيءَ مان ڪئي. ٻه سال کن پيءُ سان گڏ بزنيس ڪرڻ بعد 2002ع ۾ هن کي واپڊا ۾ نوڪري ملي وئي ۽ ان وقت کان سندس پوسٽنگ هِتي سکر ۾ ئي آهي.
    “ساڌ ٻيلي جي ياترين لاءِ حڪومت طرفان هر روز ٻه ٻيڙيون رهن ٿيون جيئن هو ساڌ ٻيلو ٻيٽ تي اچي وڃي سگهن،” راجڪُمار ٻُڌايو، “خاص ڌرمي ڏينهن تي جڏهن زيارتين جو تعداد تمام گهڻو ٿئي ٿو ته اهڙين موقعن تي 5 ٻيڙيون هلن ٿيون ۽ هو هميشه بنا ڀاڙي جي مسافر کڻن ٿيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن جي دل چاهي ته هنن مهاڻن کي خرچي ڏئي سگهي ٿو.”
    سنڌ مان وهندڙ هيءَ سنڌو ندي هڪ طرف ويڪر ۾ وڏي آهي ته ٻي طرف ور وڪڙ کائيندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ظاهر آهي ته اهڙين ندين ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي وچ وچ ۾ مٿڀري زمين اچي وڃي ٿي ۽ سنڌو نديءَ کي به جي مٿان هيليڪاپٽر مان ڏسبو ته ڄامشورو تائين ڪيترائي ننڍا وڏا ٻيٽ نظر ايندا خاص ڪري سياري جي موسم ۾ جڏهن درياهه ۾ پاڻيءَ جي ليول هيٺ ٿيو وڃي.اونهاري ۽ سانوڻي جي موسم ۾ اهڙا ڪيترائي ٻيٽ پاڻيءَ هيٺ هليا وڃن. سکر وٽ هي ننڍڙو ٻيٽ ساڌ ٻيلو ڪافي مٿڀرو آهي ۽ سندس Location ڏاڍي خوبصورت آهي. يعني شهر جي مرڪزي ۽ سهڻي علائقي سان بلڪل لڳ ڀڳ آهي. تصور ڪريو ڪراچيءَ جو ايم اي جناح روڊ درياهه هجي ها ۽ صدر وٽ ان درياهه جي وچ ۾ ڪو ٻيٽ هجي ها ته جاگرافيائي طور ۽ ساڳي وقت ٽوئرزم جي خيال کان هن جي ڪيڏي اهميت هجي ها! سکر جي ڪپر کان ٻيڙيءَ رستي هن ٻيٽ تي پهچڻ ۾ ڪي ڏهه منٽ به نٿا لڳن پر ٻيٽ تي پهچي ٻيٽ جي گهاٽن وڻڻ جي ساوڪ ۽ ڌرمي طرح ماڻهن جو ان سان لڳاءُ ڏسي ۽ ساڳي وقت ساڌ ٻيلو ٻيٽ تي بيهي هڪ طرف روهڙي ته ٻئي طرف سکر جي Skyline ڏسي مون کي اهو ئي خيال آيو ته ڪنهن هندو يا سک جي دل جي مراد پوري ٿئي يا نه پر اسانجي قرضي ۽ مسڪين حڪومت ڪرپشن جي ڪمن کان ڪجهه ڌيان هٽائي هن کي ڪجهه وڌيڪَ سهڻو، سهولت وارو ۽ پرڪشش بنائي ته هن جاءِ جا وارا نيارا ٿي وڃن ۽ هن جهڙي ڪا ٻي ٽوئرسٽ انڊسٽري ٿي نه سگهي جِتي نه فقط هندو پر مسلمان ۽ ٻين مذهبن ۽ قومن جا ماڻهو گهمڻ لاءِ ايندا رهن ۽ ٻارهوئي ميلو متو رهي. ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪامني نالي هڪ پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪريءَ کان پڇيم ته تون ڇو ساڌ ٻيلي هلي رهي آهين؟
    وراڻيائين: “آئون هر سال امتحان شروع ٿيڻ کان اڳ لاڙڪاڻي کان هِتي پرارٿنا لاءِ ايندي آهيان.”
    ٻيٽ تي هن تيرٿ آستان جي هڪ ڪنڊ ۾ باگڙي ۽ ڀيلن جو هڪ ٽولو ويٺو هو. ساڻن گڏ زالون ۽ ننڍا وڏا ٻار هئا. هنن ٻڌايو ته هو اڏيري لعل کان هِتي آيا آهن. دل ۾ مون سوچيو ته غريب ماڻهو ڪيڏو سفر ۽ تڪليفون سهي هِتي پهتا آهن، پر ڇا هنن جي عقيدت هئي. هو هِتي پهچي بيحد خوش هئا. هنن کي ڄڻ ته سڀ ڪجهه ملي ويو هجي. هڪ سنڌي هندو واپاري مليو. هن ٻڌايو ته هو هر نئون بزنيس شروع ڪرڻ کان اڳ هِتي دعا لاءِ اچي ٿو ۽ نفعي مان هڪ حصو هن آستان لاءِ رکي ٿو. جڏهن ماڻهن جي ڪنهن آستان لاءِ ايڏي چاهت هجي ته ان جاءِ کي ٽوئرسٽ اسپاٽ بنائڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. توهان سهولتون پيدا ڪريو..... سفر جون، کاڌي پيتي جون، رهائش جون ۽ امن امان جون..... توهان وٽ نه فقط هند سنڌ مان پر سڄي دنيا مان ٽوئرسٽ ڇڪجي ايندا ۽ حڪومت ۽ مڪاني ماڻهن لاءِ ڪمائي ۽ رڳي ڪمائي ٿي ويندي.... انڊيا به ته اهوئي ڪجهه ڪري رهيو آهي. ملائيشيا ۽ ايران به ته اهوئي ڪجهه ڪري رهيا آهن. ايران کي اسان کڻي ڪيڏو به ڪٽر مذهبي سمجھون پر مون کي حيرت ٿي ته اتي ٻين ڌرمن جي ماڻهن ۽ انهن جي عقيدن ۽ عبادت گهرن جو خيال رکيو وڃي ٿو. ويندي عيسائين جا گرجا گهر ۽ پارسين جا آتش ڪده موجود آهن. اهوئي حال ملائيشيا ۾ آهي. دنيا جو وڏي ۾ وڏو هندن جو بت ملائيشيا (باتو) ۾ آهي. ڪهڙو مذهب يا ڌرم آهي جنهن جو عبادت گهر ملائيشيا ۾ نه هجي. ملاڪا شهر جنهن ۾ آئون ڏهه سال کن رهيس ان جي هڪ گهٽيءَ ۾ مسجد آهي ته هندن جو مندر، سکن جو ٽڪاڻو، عيسائين جو گرجا گهر ۽ ٻڌن جو پگوڊا پڻ. 1970ع ۾ ان گهٽيءَ مان لنگهندي مونکي حيرت ٿي هئي. اڄ ملائيشيا کي مسلمانن جو آدرش ملڪ سمجھيو وڃي ٿو جِتي عرب، ترڪ، ايراني ۽ پاڪستاني رهڻ ۾ پنهنجي خوش نصيبي سمجھن ٿا. ملائيشيا جي مسلمانن سچي مسلمان هجڻ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ ڪڏهن به اسان وانگر ٻين جي عبادت گاهن ۽ عقيدن تي حملو نه ڪيو آهي. مسلمانيءَ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ هو ٻين ڳالهين کي ترجيح ڏين ٿا جهڙوڪ امن امان سان رهي ٻين جو خيال ڪجي، ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ ٻين کي Cheat نه ڪجي، هر هڪ سان انصاف ڪجي، ٻي جي گلا نه ڪجي، بيمار ۽ ڪمزور جي مدد ڪجي، وغيره وغيره. اڄ ملائيشيا جي هر شهر جا مندر، گرجا گهر، ٽڪاڻا ۽ پگوڊا مسلمانن جي مسجدن وانگر ايڏو ته خوبصورت رکيا ويا آهن جو دنيا جي هر ملڪ ۽ مذهب جا ماڻهن انهن کي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا. ملائيشيا وارا ته ٿيا مسلمان پر سنگاپور وارا چيني ٻڌ ۽ عيسائي ٿي ڪَري ڇا اتي جي مسجدن کي وڏو ۽ سهڻو بنايو اٿن جن کي ڏسڻ لاءِ سڄي عرب دنيا اچي ٿي.
    پنهنجي ميزبان منظور شيخ کي چيم ته يار توهانجي سکر جو فقط هي ساڌ ٻيلو ملائيشيا، انڊيا، ايران يا سنگاپور جهڙي ڪنهن ملڪ کي هجي ها ته هن کي الائي ڇا بڻائي ڇڏين ها ۽ هن جي visit لاءِ ٽوئرسٽن جون روزانو اڏامون اچن ها ۽ سکر جو شهر هوٽلن ۽ ريسٽورنٽن سان ڀريل هجي ها. ۽ نه فقط اهي پر رڪشا، ٽئڪسي، بسين وارا به ڪمائين ها. دڪاندار ته ڪمائين ها پر چڻا ۽ ڳنڍيري وڪڻڻ وارا به خوشحال ٿي وڃن ها. سچي ڳالهه ته اِها آهي ته سکر ۾ نه فقط ساڌ ٻيلو آهي پر بکر، معصوم شاهه جو منارو، ستين جو آستان خبر ناهي ڪيتريون تاريخي شيون آهن ۽ بنارس ۽ مشهد ۾ ايندڙن وانگر سکر ايندڙن کي به گهٽ ۾ گهٽ ٽي چار ڏينهن کپن جو نه فقط سکر جون تاريخي ۽ ٽوئرسٽ اسپاٽ گهمي سگهن پر ڀر پاسي روهڙي، الور ۽ خيرپور جا به ماڳ ڏسي سگهن.”
    پر يارو! افسوس جي ڳالهه اُها آهي جو اسان لاءِ اڃان دهلي دور آهي. اسان جي حڪومت کي اڃان ٽوئرزم جي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته دنيا ۾ اڄ ڪلهه سڀ کان وڏي انڊسٽري ٽوئرزم آهي. اسان وٽ حالت اها آهي جو ڪو ڌاريون ته همٿ نٿو ڪري پر مڪاني ماڻهو به سفر کان ڪيٻائي ٿو.... بد امني، کاڌي ۾ بي ايماني، سواري جي تڪليف، چوري چڪاري ۽ اغوا جهڙيون مڙيئي منفي ڳالهيون هِتي آهن جيڪي ٽوئرسٽن ۾ ٽاهه وجھن ٿيون ۽ هو هن طرف رخ رکڻ کان ڪيٻائين ٿا.
    چون ٿا ته اڄ کان 190 سال اڳ 1824ع ۾ نيپال کان هڪ ساڌ يوگي وڻکنڊي صاحب (جنهن کي ڪي بابا برکنڊي مهاراج ته ڪي سوامي برکنڊي مهاراج به سڏين ٿا) هن ٻيٽ تي اچي رهيو. ان کان اڳ هي ٻيٽ هڪ گهاٽو ٻيلو هو جِتي پاڻيءَ ۾ لڙهندڙ نانگ بلائون ۽ واڳون وات ڦاڙي ويٺا هوندا هئا ۽ ماڻهن کي هِتي ايندي خوف ٿيندو هو . بڙ ۽ پپر جي وڻن ۾ طرحين طرحين پکي مٺيون لاتيون پيا لنوندا هئا. بقول لوڪرام ڏوڏيجا جي، “هن خطرناڪ پر سندر ٻيٽ تي يوگي وڻکنڊيءَ اچي ڌوڻي دکائي ۽ پوءِ ڪئين ساڌو اچي وٽس رهڻ لڳا. ماڻهن کي ڏسي جانورن اتي رهڻ ڇڏي ڏنو رڳو يوگيراج جو هڪ شينهن وٽس رهندو هو. ساڌن جي رهڻ ڪري هن ٻيٽ جو نالو ساڌ ٻيلو پئجي ويو. انهن ساڌن جي کاڌي پيتي جو مسئلو پيدا ٿيو ته چون ٿا ته وڻکنڊي بابا “ان پورڻا” ديويءَ جي آراڌنا ڪئي ته ديوي پرسن ٿي هڪ ڪمنڊل ۽ وردان ڏنس ته هن آستان تي جيترا به ماڻهو ايندا تن کي ڀر پيٽ کاڌو ملندو. پوءِ ته شرڌالو ڀڳت به وڌي ويا ۽ پنهنجو پاڻ اناج گيهه وغيره موڪلڻ لڳا ۽ باقاعدي لنگر لڳڻ لڳو ۽ شهر مان ايندڙ ماڻهن کي به ڍوَ تي کاڌو ملڻ لڳو.....”
    ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنهن رسالي ۾ ساڌ ٻيلو تي فهميده جروار جو مضمون پڙهيو هوم جنهن ۾ هن لکيو آهي ته: “جن ڏينهن ۾ ساڌو وڻکنڊي هن ٻيٽ تي دونهين اچي دُکائي ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪيترائي چيلا (ساڌو) اچي وڻکنڊي سان گڏ رهڻ لڳا. انهن ڏينهن ۾ والي خيرپور مير رستم ٽالپر کي اولاد نه پئي ٿيو ته هو بابا وڻکنڊي جي آشرم ۾ ساڌ ٻيلو پهتو ۽ اولاد لاءِ کيس عرض ڪيو. بابا وڻکنڊي دعا ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ والي خيرپور مير رستم ٽالپر کي ڪوٽڏيجي جي محل ۾ اولاد عطا ٿيو. ٻن سالن کان پوءِ والي خيرپور مير رستم ٻن پٽن سان گڏ ساڌ ٻيلي ۾ بابا وڻکنڊي جي حضور ۾ حاضر ٿيو ۽ بابا وڻکنڊي جي عقيدت ۽ احترام ۾ ساڌ ٻيلي وارو ٻيٽ بابا وڻکنڊي نالي الاٽ ڪري پنهنجي مهر هنئي ۽ اڄ تائين هي ٻيٽ بابا وڻکنڊي جي نالي سان منسوب آهي جيڪو هن جديد دور جي حڪومتن پڻ برقرار رکيو آهي ۽ متروڪ املاڪ واري کاتي پاران ساڌ ٻيلي جي سمورن مندرن، مورتين، لائبررين، ڌرمشالائن، ڀانڊارن ۽ ٻين عبادت وارن هنڌن جي انتظامڪاري جو خيال رکيو وڃي ٿو.”
    بهرحال اهو پڙهي حيرت ٿي ته مير صاحب اولاد لاءِ هن ساڌو وٽ پهتا هئا. ضرور ٻين به پيرن فقيرن، صوفين درويشن کان دعا گهري هوندائون! حيرت ان ڳالهه جي ٿي ٿئي ته ان وقت جا اسان جا حاڪم ڪهڙي قسم جا مسلمان هئا جن پنهنجي خالق کان direct گهر ڪندي شايد شرمايو ٿي ۽ جن جي دور حڪومت ۾ عوام کي ٻه ويلا ماني به مهيا نه پئي ٿي پر پاڻ ڳائڻين پويان خزانا خالي ڪندا رهيا، پٽ ڄمڻ تي سڄا سڄا ٻيٽ انعام طور ڏيندا رهيا..... اڄ به صديون گذرڻ بعد به اسانجي سنڌ جي حاڪمن جي سوچَ ۾ ڪو فرق نه آيو آهي ۽ عوام جي socio-economic حالتن تي ڪو به اثر نه پيو آهي.
    رحيمداد مولائي شيدائي پنهنجي سکر جي تاريخ ۾ لکي ٿو ته “ساڌو وڻکنڊي هڪ سؤ ورهن جي ڄمار ۾ 1862ع ڌاري پرلوڪ پڌاري ويو. هڪڙي انگريز مسٽر پينڪ وئلس ٻيٽ تي بنگلي تعمير ڪرائڻ جو ارادو ڪيو پر پوءِ چوڌاري ساڌن جون جھونپڙيون ڏسي هن ارادو لاهي ڇڏيو. ماڻهن هن واقعي کي سوامي جو پرڪاش سمجھيو. 1883ع ۾ انگريزن سکر کي ضلعي جو صدر مقام مقرر ڪيو ته ڪيترن هندن هن ٻيٽ تي عمديون جايون ۽ ڪاليءَ جو مندر تعمير ڪرايو. 1893ع ۾ سکر جي هڪ واپاري جو پٽ هرنامداس گاديءَ تي ويٺو. هن ساڌ ٻيلي کي گهڻو سڌاريو ۽ سينگاريو. هن جي ڏينهن ۾ ٻيٽ جي چؤطرف سنگمرمر جا گهاٽ ۽ پٿرن جي ڀت ٻڌائي ويئي ته جيئن درياهه جو پاڻي کاڌ نه ڪَري. مکيه مندر ۾ شريمد ڀاڳوت ۽ گرو گرنت صاحب (سکن جي پاڪ ڪِتاب) سان گڏ سريچند بابا ۽ رام ڪرشن ۽ ٻين ديوتائن جون مورتيون به اسٿاپت ٿيون. سنگمرمر جي ڀت تي سرڳ نرڳ جا نظارا اُڪريل آهن ته ڪهڙن چڱن يا مدن ڪمن ڪري ڪهڙا سُک يا ڏک ملن ٿا.
    آئون هي ٻيٽ هڪ عقيدتمند جي حيثيت سان نه پر هڪ ٽوئرسٽ ۽ سفرناما لکندڙ جي حيثيت سان گهمي رهيو هوس. پر اسانجي ميزبان راجڪمار مونکي هن تيرٿ آستان ۽ بابا وڻکنڊي جي تاريخ ۽ ڪرامتون ٻڌائڻ لاءِ هڪ پڙهيل ڳڙهيل اشوڪ ڪُمار نالي هڪ جوڌپور کان آيل هن آستان جي خذمتگار کي پڻ گهرايو هو. آئون پنهنجي حساب سان هر شيءِ کي ڏسڻ ۽ فوٽو مٿان فوٽو ڪڍڻ جي چڪر ۾ هوس پر هي ويچارو مونکي قدم قدم تي ليڪچر ڏيندو هليو جيڪي ليڪچر عقيدتمندن لاءِ ته واقعي اکين جو نور هوندا آهن پر آئون ان قسم جي ٻاون ۽ مجاور قسم جي گائيڊن کان ڀڄندو رهندو آهيان چاهي دهلي ۾ نظام الدين اوليا جي مزار هجي يا ممبئي ۾ حاجي علي جي درگاهه، پارسين جو ڪنول مندر هجي يا ڪولمبو ۾ آدم عليه السلام جي پيرن جا نشان. انهن سڀني جا هڪ قسم جا ليڪچر هوندا آهن ته فلاڻو رشي، ٻائو، پير، بزرگ اڃان ماءُ جي پيٽَ هو ته هن ڳالهائڻ شروع ڪيو. هي پير، بزرگ، سائين بابا مسجد ۾ به ويو ٿي ته مندر ۾ به..... وغيره وغيره. اشوڪ به مونکي بابا وڻکنڊي جي مورتي وٽ وٺي آيو. ڪيترن سالن جو لڳي ٿو؟ پنجويهن جو ٽيهن جو؟..... آئون چپ. پنهنجي سوچن ۾ گم. نيٺ اشوڪ پاڻَ ئي وراڻيو: ساڌو وڻکنڊي سؤ سالن جو ٿي ويو ته به ههڙو جوان ئي رهيو.
    • هي بڙ جو وڻ جيڪو 200 سال پُراڻو آهي، بابا وڻکنڊيءَ پوکيو هو. هن جيئن ئي پوکيو ته چند منٽن ۾ وڏو ٿي ويو.
    • هيءَ تصويرَ بابا وڻکنڊي جي آهي. هن ۾ اها خوبي آهي ته هن کي جِتان به ڏسندائو ته ائين لڳندو ڄڻ ساڌو بابا توهانکي ڏسي رهيو آهي. اچو اچو..... هن ڪنڊ وٽ بيهي ڏسو.... هاڻ هن ڪنڊ تي.....
    مون اشوڪ کي خوش ڪرڻ لاءِ ساڌو مهاراج جي تصويرَ جا ٻه چار فوٽو ڪڍيا.
    • اچو هن هال ۾ رکيل ديوين جو هاڻ ديدار ڪريو..... اشوڪ چيو ۽ ساڳي ساهه ۾ اهو به چيو ته ديوين جي تصوير ڪڍڻ جي اجازت ناهي .... ڪئميرا بند رکو.
    “حاضر سائين” مون دل ئي دل ۾ چئي ڪئميرا کيسي ۾ وڌي.” اسانجو ملڪ به عجيب آهي جِتي نه جيئرين جاڳندڙ ڇوڪرين جي تصوير ڪڍڻ جي اجازت آهي ۽ نه مورتين جي .... جيتوڻيڪ تهران توڙي دبئي ۾ ته ايرانياڻيون ۽ عربياڻيون به پيون تصويرون ڪڍرائين ۽ انڊيا ۽ بالي جِتي سرڪاري مذهب هندو ڌرم آهي اتي ته ماڻهو پهچن ئي ٿا مورتين سان گڏ تصويرون ڪڍرائڻ لاءِ .... بهرحال ٻيڙيءَ ۾ موٽندي مهل به پنهنجي سرڪار تي افسوس ڪري رهيو هوس ته هن کي ساڌ ٻيلو کي اهڙو سجائڻ کپي جو دنيا جا ماڻهو ڏسڻ لاءِ اچن. سرڪار ڪجهه نٿي ڪري ته سکر جي ڪنهن امير هندو سيٺ يا ڪاٺياواڙي ميمڻ کي سرڪار کان ٺيڪو وٺي هن کي زبردست Tourist Spot ٺاهڻ کپي .... بيحد دلڪش آهي ساڌ ٻيلي جو نظارو ... جنهن نظاري نه فقط نيپال کان آيل ساڌو وڻکنڊي جي دل کي موهيو پر اسان جهڙن گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيئندڙ سيلانين کي به موهي وڌو.


    سکر واري پل تي

    هونءَ هڪ ٽوئرسٽ لاءِ سکر شهر توڙي ان جي پسگردائيءَ ۾ ڏسڻ لاءِ ڪيتريون تاريخي، مذهبي ۽ عمارتي شيون آهن جيئن ته معصوم شاهه جي مناري ۽ گهنٽا گهر (سندر داس ڏيئو مل ٽاور) کان بندر روڊ واري جامع مسجد، مسجد منزل گاهه، لئنسڊائون پل، سکر بئراج وغيره وغيره. اهڙي طرح درياهه جي ٻي پار روهڙي به اهڙين تاريخي ۽ ڌرمي شين سان ڀريو پيو آهي. ڏٺو وڃي ته روهڙي ۽ سکر هڪ ئي شهر آهي جيئن استنبول آهي جنهن کي سامونڊي ندي باسفورس ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي.... جيئن لنڊن شهر کي ٿيمس ندي ۽ ملاڪا شهر کي ملاڪا ندي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي. هنن شهرن ۾ ايندڙ ٽوئرسٽ گهمڻ خاطر فقط هڪ حصو نٿو گهمي. جيئن ڊئنمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ۾ ايندڙ سياح سامونڊي درياهه ٽپي ٻئي پاسي سئيڊن جو شهر مالمو به گهمي ٿو جن جي وچ ۾ اڌ ڪلاڪ فيري جو سفر آهي ۽ هوور ڪرافٽ ذريعي ته 20 منٽ مس ٿا لڳن. آئون جڏهن سئيڊن جي شهر مالمو جي يونيورسٽي ۾ پڙهندو هوس ته انهن ڏينهن ۾ مالمو ۽ ڪوپن هيگن فقط سمنڊ رستي وڃي سگهبو هو پر هاڻ پل ٺهڻ ڪري مالمو ۽ ڪوپن هيگن ائين ڳنڍجي ويا آهن جيئن سکر ۽ روهڙي پلين ذريعي ڳنڍيل آهي. سکر ۽ روهڙي وانگر هانگ ڪانگ ٻيٽ ۽ ڪولون شهر آهن، سنگاپور ٻيٽ ۽ ملائيشيا جو شهر “جوهربارو” آهي يا پينانگ ٻيٽ ۽ بٽرورٿ شهر آهن. انهن سڀني جي وچ مان کاري يا مٺي پاڻي جو درياهه وهي ٿو ۽ اهي سڀ هاڻ پلين ذريعي ڳنڍيل آهن جن ۾ اسان جي لئنسڊائون پل يا سکر بئراج بيحد تاريخي ۽ انسان جي ڪارنامي جو ثبوت آهي.
    روهڙي ۽ سکر کي ڳنڍڻ واري هيءَ بنا ٿنڀن واري پُل لئنسڊائون جڏهن 1889 ۾ ٺهي راس ٿي ته هيءَ دنيا جو اٺون عجوبو سڏي وئي ٿي. هن پل کي هاڻ هڪ صديءَ کان مٿي ٿي چڪو آهي جيڪا درياهه مٿان ريل گاڏي هلائڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي جڏهن “انڊس اسٽيٽ ويلي” ريلوي ۽ “سنڌ پشين” ريلوي لائينون ٺهڻ بعد ڪوئيٽا کي ڪراچي ۽ لاهور سان ملايو ويو هو.
    لئنسڊائون پل ٺاهڻ جو منصوبو 1872ع کان حڪومت هند جي زير غور هو جنهن جي انگلنڊ طرفان 1883ع ۾ منظوري ڏني وئي پر 1885ع ۾ انگلنڊ کان هن پل لاءِ تعميراتي سامان جي اچڻ ۾ دير ٿيڻ ڪري پل جي ڪم کي روڪيو ويو ۽ پوءِ 1887ع کان وري ڪم شروع ٿيو ۽ 1889ع ۾ ٺهي راس ٿي. هن پل ٺهڻ بعد سکر هڪ وڏو تجارتي مرڪز ٿي پيو. هن پل جو سنگ بنياد بمبئي جي گورنر مسٽر لارڊيءَ رکيو جنهن موقعي تي سنڌُ جو ڪمشنر چارلس رچرڊ ۽ خيرپور جو والي مير علي مراد خان به موجود هئا. ان زماني ۾هن پل تي چاليهه لک رپيا خرچ ٿيو هو. پل ٺاهڻ جو ڪم انگلنڊ جي هڪ ڪمپني “ويسٽ وڊ بيلي” جي سپرد ڪيو ويو هو. انجنيئر مسٽر رابرٽن جي نگراني ۾ تعمير ٿيل هن پل کي وائسراءِ لارڊ لينسڊائون جي نالي منسوب ڪيو ويو. هڪ صدي کان مٿي استعمال ۾ ايندڙ هن پل جي حالت ڪافي ڪمزور ٿي وئي آهي ۽ هن تان هاڻ ريل نٿي هلي. پر ڀرسان ٻي پل جيڪا ايوب خان جي ڏينهن ۾ 1961ع ۾ ٺهي، اها هاڻ ان ڪم لاءِ استعمال ٿئي ٿي.
    ڊاڪٽر عبدالوحيد انڊهڙ پنهنجي ڪِتاب “تاريخ و تمدن سکر” ۾ ٻُڌائي ٿو ته هن پل مٿان جڏهن ريل گاڏي هلائڻ جي شروعات ٿي ته روهڙي پاسي هيءَ پل بنا ٿنڀن جي ڏسي انجڻ ڊرائيور انجڻ گذارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آخر هڪ شيدي ڊرائيور جيڪو سکر جيل ۾ قيد هو تنهن بنا خوف جي بئلسٽ ٽرين هلائي ڏيکاري جنهن کي انعامن سان نوازيو ويو ۽ هن جي باقي سزا معاف ڪري آزادي ڏني وئي. ان کان پوءِ عام ماڻهوءَ جو خوف ختم ٿيو.
    مولائي شيدائي ‘تاريخ سکر’ ۾ لکي ٿو ته: “1878ع ۾ ٻي افغان ويڙهه وقت ريلوي لائين ڪوٽڙي کان براهه دادو، لاڙڪاڻو، سکر پهتي ۽ مهراڻ جي کاٻي ڪپ تي روهڙي کان خانپور تائين ريلوي لائين چالو ٿي: روهڙي جي ريلوي اسٽيشن قاسم خواني جي اولهندي ساڌ ٻيلي جي سامهون هئي. سکر بندر مال گدام واري آفيس سکر جي ريلوي اسٽيشن هئي. روهڙيءَ ۾ به کجين جي جھڳٽن ۾ انجڻ شيڊ هئي. مٿين ريلوي لائين کلڻ جي ڪري “انڊس فلوٽيلا ڪمپني” جي اهميت گهٽجي وئي. پر روهڙي ۽ سکر ۾ لوهي پلين نه هئڻ سبب ٻنهي بندرگاهن کي آگبوٽن ۽ فلاٽن جي اڃان ضرورت هئي. مثلاً ريل گاڏيءَ ذريعي جيڪي مال سان ڀريل گاڏا پنجاب لاءِ سکر پهچندا هئا، تن کي مزدور ڌڪي فلاٽن (Barges) تي چاڙهيندا هئا. فلاٽن تي گاڏا آڻڻ ۽ نيڻ ڪري مزدورن لاءِ روزگار کلي ويو هو پر ڪم ۾ وڏي اينگهه ٿيندي هئي. 1882ع ۾ آدم شاهه ٽڪريءَ جي هيٺان ڏاکڻي طرف انجڻين جي مرمت لاءِ ريلوي ورڪ شاپ کوليو ويو جنهن ۾ چار هزار مزدور روزانو ڪم ڪندا هئا. انهن ڪارخانن ۽ ريلوائن جي کلڻ ڪري نئين سکر جي آدمشماري ۾ اضافو ٿيڻ لڳو ۽ نئين ڳوٺ ۽ غريب آباد جو بنياد پيو، تنهن کان پوءِ ورڪشاپ جي مزدورن لاءِ نئين پنڊ ۾ ريلوي ڪوارٽر ٺهرايا ويا. ڇپري جي جھوپڙين ۾ روز مرهه اضافو ٿيڻ لڳو. جِتي هينئر ڪپڙي بازار آهي. اتي مارواڙي موچين جتين جا دڪان کوليا. فلاٽن جو ڪم 1889ع تائين چالو رهيو. پوءِ لينسڊائون لوهي پل جڙڻ ڪري فلوٽيلا ڪمپني ختم ٿي ويئي. فقط ڪمشنر سنڌ جي دوري لاءِ ۽ پاڻيءَ جي ماپ وٺڻ لاءِ ٻه ٽي جهاز ڪوٽڙيءَ ۾ ۽ هڪڙو ماپ وٺڻ جو جهاز سکر ۾ رکيو ويو. فريڪ هل واريون فوجي بيرڪون ريلوي کاتي جي حوالي ڪيون ويون، جيڪي اڄ سوڌو آهن......”
    هِتي ٻه ٽي سِٽون سنڌُ جي نامياري مورخ، محقق، اديب ۽ شاعر رحيمداد خان “مولائي شيدائي” ولد شير محمد خان بروهي لاءِ لکندو هلان ته هن جا وڏا بلوچستان کان سنڌ ۾ آيا ۽ پاڻ 1894ع ۾ سکر ۾ ڄائو ۽ ابتدائي تعليم سکر جي مدرسن ۽ مڪتبن ۾ ورتي. انگريزي پڙهڻ لاءِ سکر جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. پاڻ مئٽرڪ ۾ پهتو ته سندس والد جيڪو ريلوي کاتي ۾ نوڪري ڪندو هو، رٽائرڊ ٿيو. هن “مولائي شيدائي” جي تعليم ڇڏرائي ريلوي کاتي ۾ نوڪري وٺرائي ڏني. سال 1913ع ۾ ڀرتي ٿيل رحيمداد ترقي ڪري گارڊ جي عهدي تي پهتو، جِتان 1939ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.
    مولائي شيدائيءَ کي تعليم واري زماني کان مطالعي جو شوق هو جيڪو شغل هن ملازمت دوران به قائم رکيو. هن باقاعدي لکڻ جي شروعات 1934ع ۾ ڪئي ۽ لڳ ڀڳ اڌ صدي سنڌ جي تاريخ لاءِ ڪَمُ ڪيو. سندس ڪيترائي ڪِتابَ آهن جهڙوڪ: جنت السنڌ (1958ع)، تاريخ بلوچستان (1941ع)، تاريخ تمدن سنڌُ (1959ع)، تاريخ خاصخيلي (1961ع)، موسوين جي تاريخ، تاريخ سکر، تاريخ بکر، سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ..... وغيره. رحيمداد خان مولائي شيدائي 84 ورهين جي ڄمارَ ۾ 12 فيبروري 1978ع تي وفات ڪئي.
    لئنسڊائون پل ۽ سکر بابت سنڌ جي هڪ ٻئي جھوني اديب، سيلاني، ناول نويس، مورخ، شاعر ۽ ماهر لسانيات ڪاڪي ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ به “سنڌ جي هندن جي تاريخ” ۾ ذڪر ڪيو آهي جنهن جو پهريون ڇاپو 1919ع ۾ شايع ٿيو. پاڻ 1876ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو ۽ ڪيترائي ڪِتاب لکيا اٿس. ڪاڪو ڀيرومل آڏواڻي ورهاڱي کانپوءِ 1949ع ۾ ڪراچي کان بمبئي لڏي ويو. 3 جولاءِ 1950 تي پوني ۾ واٽ تي ڌڪ لڳڻ ڪري پٺيءَ جو ڪنڊو ڀڄي پيس جنهن سبب 7 جولاءِ 1950ع تي پوني جي اسپتال ساسون ۾ وفات ڪيائين. هن اسپتال ۽ ڪاڪي جو احوال آئون پنهنجي پوني واري سفرنامي “هلي ڏسجي هندستان” ۾ به ڪري چڪو آهيان. ڪاڪو ڀيرومل سکر لاءِ لکي ٿو ته: “اڳي بلوچستان، افغانستان ۽ وچ ايشيا جي ملڪن کان قافلا شڪارپور ۾ ايندا هئا. 1888ع ڌاري جڏهن رڪ اسٽيشن کان سبيءَ تائين ريل جو رستو ٺهي تيار ٿيو، ته انهيءَ پاسي جو ڪيترو واپار سکر ڏي ڇڪجي آيو. تازي توڙي سڪل ميوي جو واپار ان وقت کان وٺي سکر ۾ زور ٿيو.
    “1878ع کان وٺي آگ گاڏيون (انهن ڏينهن ۾ steam engines کي آگ گاڏي يا ٻاڦ گاڏي سڏبو هو. ملائيشيا ۾ ته ٽرين کي اڄ به “ڪيريٽا آپي” يعني باه واري گاڏي سڏجي ٿو ۽ پاڻ وٽ انوقت جي steam ships کي پڻ آگبوٽ سڏبو هو) يعني ريل گاڏيون روهڙي کان ملتان ۽ اڳيان دهليءَ تائين وينديون اينديون هيون. باقي سکر ۽ روهڙيءَ جي وچ ۾ 1888ع تائين هڪ آگبوٽ (جهاز) هلندو هو، جو مُسافرن کي پتڻ اڪاري پار ڪندو هو. پوءِ لئنسڊائون پل ٺهي جا سڄيءَ دنيا ۾ ٻيو نمبر پل ليکجي ٿي. اها پل جڙي ته روهڙي ۽ سکر هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي اچي گڏيا ۽ سکر جو شهر به ملتان ۽ دهليءَ سان ڳنڍجي ويو. ائين سکر جو واپار هيڪاري وڌي ويو.”
    ڪاڪو ڀيرو مل سکر جي پل بابت وڌيڪَ لکي ٿو ته: “سکر واري هن پُل ٺهڻ کان ڪجهه وقت پوءِ 1890ع ۾ مان سکر ويس، ته ڏٺم، ته ڪيترن ماڻهن هن سهڻيءَ پل ڏي عجب وچان وات ڦاڙي پئي نهاريو! انهيءَ عجب وچان ڪن راڳ ٺاهيا هئا. هڪ راڳ جو ٿلهه اڄ تائين ياد اٿم:

    سکر واري پلڙي ٻڌائون، خواجه مٿان پل،
    وڃي ڏسو اسرار صاحب جو، سکر واري پل!

    سکر لاءِ جيڪي ڪليڪٽر وقت بوقت مقرر پئي ٿيا، تن مان به ڪن سکر سان پنهنجا ڀال ڀلايا. منجھائن هڪ ڪرنل ميئو هو، جنهن هاڻوڪو عمدو پڪو بندر ٻڌايو ۽ اتي وڻ پوکيائين، جنهن ڪري اهو “ميئو بندر” سڏجڻ لڳو. ڪيترو وقت مسٽر واليس سکر جو ڪليڪٽر هو. هن صاحب ميونسپل آفيس جي هيٺان ٽڪري ٽُڪائي سڌو رستو ڪرايو ۽ آمدرفت جو وڏو سهنج ٿي پيو. سکر جو “واليس گنج” سندس نالي پٺيان ڪوٺجي ٿو.
    25-1924 ۾ سکر بئراج ٺهڻ جو ڪم شروع ٿيو ۽ آمدرفت جو مهورت 13 جنوري 1932ع تي ٿيو. انهيءَ بئراج جي ٺهڻ ڪري سکر جو شهر سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويو. انهيءَ پاسي اڳي جھنگلي وڻ ٽڻ هوندا هئا، سي وڍائي “بئراج ڪالوني” ٺاهڻ تي سکر جو شهر هيڪاندو وڌي ويو.
    سڄي سنڌُ ۾ پهريون ماستر هريسنگهه ڏنگومل سکر وارو هو جنهن 1885ع ۾ سکر ۾ پنهنجو ڪتب خانو کوليو. ٻئي سال منشي پوڪرداس شڪارپور ۾ پنهنجو ڪتب خانو کوليو. ٻئي صاحب لاهور مان ڪِتاب ڇپائيندا هئا جيڪي لِٿو يا پٿر جي ڇاپي ۾ هوندا هئا. سکر جي سڀني سرڪاري کاتن ۾ ڪيترا ڪامورا حيدرآبادي ڪامل هوندا هئا. ڪي وڪيل به حيدرآبادي ته ماستر به حيدرآبادي هئا. سکر ۾ جيئن تعليم يافتن جو تعداد وڌيو ته هن شهر جي رونق به وڌڻ لڳي. پر ميشوري ٻائي چانڊواڻي گرلس هاءِ اسڪول جي عاليشان عمارت ٽڪريءَ جو سينگار سڏي ويندي هئي، لٽرسي ٽاور ۽ سندر داس ڏيئومل ٽاور شهر کي سونهن بخشي ۽ پارڪن ۽ وندرگاهن سکر ۾ هيڪاندي موج مچائي.
    ويهين صديءَ ۾ سکر ۾ جيڪي عمارتون ۽ ترقيءَ جا ڪم ٿيا. انهن ۾ سکر بئراج جو شُمار دنيا جي عجائبات ۾ آهي دنيا ۾ هي وڏي ۾ وڏو بند آهي. سکر بئراج بکر جي قلعي کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي اولهه طرف جِتي اڳ ۾ جھنگ هو اتان شروع ٿئي ٿي. هيءَ پل ڊيگهه ۾ هڪ ميل آهي ۽ سڄي سفيد پٿرن جي جڙيل آهي. جنهن کي ڇاهٺ فولاد جا در لڳل آهن جيڪي برقي قوت سان کڄن ۽ بند ٿين ٿا ۽ بئراج جو پاور هائوس ڌار آهي. هن پُل جي اسڪيم ليفٽيننٽ ڪرنل اسڪاٽ 1846ع ۾ تيار ڪئي هئي. 1904 ۾ ڊاڪٽر سمرس سپرنٽينڊنٽ انجنيئر مٿئين اسڪيم حڪومت هند جي ڌيان تي آندي ۽ 1910ع ۾ هي سوال حڪومت اڳيان پيش ٿيو ۽ 1916ع ۾ جاچ ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي مقرر ٿي، جنهن ڪم کي چالو ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي ليڪن پهرين جنگ عظيم لڳڻ ڪري 1918ع تائين ڪم کي ملتوي ڪيو ويو. مسٽر اي اي مسٽوهن بئراج ۽ ان جي ستن واهن جو نقشو تيار ڪري بمبئي حڪومت اڳيان پيش ڪيو. 1923ع ۾ منظوري پهتي ۽ ساڳي وقت جولاءِ مهيني ۾ بئراج ڪالوني وارا ڪوارٽر ٺهڻ جو ڪم شروع ٿيو ۽ 1926ع ۾ پل جي تعمير جو ڪم شروع ٿيو ۽ ان کان اڳ 1925ع کان واهن جي کوٽائيءَ جو ڪم Excavators ذريعي شروع ٿيو. ستن واهن جي کاٽي ڪندي جملي 596 ڪروڙ چورس فوٽ مٽي کوٽي وئي. مهراڻ جي کاٻي ڪناري وارن روهڙي جي ريلوي لائين جي لڳ ٽڪرين ۽ ساڄي پاسي سکر جي اتر طرف وارين ٽڪرين مان پٿر ڪاٽي پل تعمير ڪئي وئي. لائيڊ بئراج جي اهميت هن طرح آهي ته سکر جي لينسڊائون پل سڄي لوهه جي جڙيل آهي ۽ بئراج پل سڄي پٿرن جي ٺهيل آهي. 13 جنوري 1932 تي وائيسراءِ لارڊ ولنگڊن هن پل جو افتتاح ڪيو. هن موقعي تي سڄي هندستان جا سرڪاري خواهه غير سرڪاري معزز ماڻهو حاظر ٿيا. سکر بئراج تي لائڊ جو نالو ان ڪري رکيو ويو، جو ان وقت بمبئي جو گورنر لارڊ لائيڊ هو جنهن هن ڪم ۾ دلچسپي ورتي هئي. هيءَ بئراج دنيا ۾ آبپاشي جو سڀ کان وڏو بند آهي، ان ڪري هن کي ڌارين ملڪن جا ماڻهو ڏسڻ لاءِ اچن ٿا.... خاص ڪري چانڊوڪي راتين ۾ هن جو منظر نهايت دلفريب ۽ ڏسڻ جي قابل ٿئي ٿو. پل جي کاٻي پاسي هڪ ميوزيم به ٺهيل آهي. هيءَ پل (بئراج) لنڊن جي ٿيمس پُل کان پنجوڻ وڏي آهي. ساڄي پاسي کان ٽي وڏا واهه: 1. اتر اولهه ڪئنال 2. رائيس ڪئنال ۽ 3. دادو ڪئنال نڪرن ٿا ۽ کاٻي پاسي کان چار وڏا واهه نڪرن ٿا: 1. اڀرندو نارو، 2. اوڀر خيرپور ڪئنال 3. روهڙي سنڌ سڌار ڪئنال ۽ 4. مغربي خيرپور ڪئنال.
    هونءَ سکر جي لايڊ بئراج، لئنسڊائون پل، ايوب برج وغيره ڪن ڪن هنڌن تي ايڏو ته سهڻو نظارو پيش ٿيون ڪن جو دل چاهي ٿي ته بار بار هِتي اچجي. انجنيئر منظور شيخ جو فرزند منصور شيخ مونکي ۽ منهنجي سکر جي دوست ايازگل کي سکر بئراج وارو ميوزيم ڏيکاري اسان کي ستين جي آستان تي پڻ وٺي آيو جِتي ڪجهه قبرون آهن جن لاءِ مختلف روايتون آهن ته راجا ڏاهر جي شڪست بعد ان جي محل جي عورتن پاڻ کي ستيون بنائي ماري ڇڏيو يا شايد ڪي ٻيون پاڪ بيبيون هيون. بهرحال هڪ ڌارئين ٽوئرسٽ جو ان سان ايترو واسطو نٿو رهي. هو ظاهري نظارو ۽ سونهون ٿو ڏسي. آئون به هِتي سکر ۾ ان خيالَ کان گهمي رهيو هوس. مونکي انهن قبرن تي ٺهيل ڪٽ ورڪ ۽ ڪاشيءَ بيحد متاثر ڪيو ۽ ايازگل سان گڏ ڪيترائي فوٽو ڪڍرايم جيئن آئون پنهنجي ملائيشيا ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ دوستن ۽ شاگردن کي ڏيکاري سگهان.
    ستين جي آستان وٽ پهچي مونکي تهران (ري) ۾ شهربانو بيبي جي قبر ياد اچي وئي. اتي به ان قسم جي ڪاشي ۽ نظارو آهي پر شهربانو جي قبر ڪافي بلند پهاڙيءَ تي آهي ۽ هيٺ تهران شهر جو نظارو نظر اچي رهيو هو. پري پري، تمام پري هڪ ٻن ڪارخانن جون چمنيون نظر اچي رهيون هيون. جن لاءِ اسانجي ايراني گائيڊ ٻُڌايو ته ايراني حڪومت انهن ڪارخانن ڪري سخت پريشآن آهي ته انهن جو دونهون ماحول ۾ آلودگي پيدا ڪري رهيو آهي ۽ بيبي شهربانو جي مقبري جي آس پاس ڪاشيءَ جو ڪم آهستي آهستي ٿي ڌنڌلو ٿي رهيو آهي. هنن اسان کي ڪئميرا بدران موبائيل فون ذريعي فوٽو ڪڍڻ جي اجازت ڏني جو سائنس اهو ثابت ڪيو آهي ته ڪئميرا جو طاقتور فلئش به ڪاشيءَ جي چمڪ ڌمڪ ۽ نواڻ کي آهستي آهستي ختم ٿو ڪري. مونکي ايران جي حڪومت جي ايڏي concern تي حيرت ٿي هئي ۽ هاڻ هتي ستين جي آستان تي پهچي ان کان وڌيڪَ حيرت ٿي ته ههڙي زبردست تاريخي شيءِ ۽ ڪاشيءَ جي ڪم جي سنڀال لاءِ ڪو ڌڻي سائين ناهي! اوسي پاسي کان ڪجهه موالي چرسي نظر آيا. ڪيترن هنڌن تي ڪاشيءَ جي سرن جا ٽڪرا غائب هئا يا چوري ٿي ويل هئا. هيڏانهن هوڏانهن هڪ ٻه رول ڪتا ڦري رهيا هئا. ستين جي آستان تي ان وقت نظر آيل هڪ واقعو اڃان تائين نٿو وسري. مون کي بعد ۾ خبر پئي ته ڪيترائي ڳوٺاڻا خاص ڪري عورتون پنهنجي يا پنهنجي ٻارن جي علاج لاءِ هِتي ويٺل ڪن مجاورن کان خاڪ شِفا جي صورت ۾ حاصل ڪن ٿيون. منصور ۽ ايازگل کي ڇڏي پرينءَ ڪنڊ واري قبر وٽ هليو ويس جِتي هڪ ڳوٺاڻي غريب عورت هڪ اهڙي مجاور سان ڳالهائي رهي هئي. اهو مجاور (يا شايد ڪو Self Appointed انچارج) هن عورت کان ڏهه رپيا وڌيڪَ گهري رهيو هو. غريب عورت هن کي اهوئي چئي رهي هئي ته “آئون غريب آهيان ان ڦيڻي ڦڪيءَ لاءِ بس آئون اهي 20 روپيا ئي ڏئي سگهان ٿي. مجاور يا اهو ٻهروپي جيڪو پاڻ کي ولي يا بزرگ سڏرائي رهيو هو، اهو هن کي ڊپ ڏئي رهيو هو ته جيڪڏهن وڌيڪَ پئسا نه ڏيندينءَ ته فائدو نه ٿيندءِ. غريب عورت ڪجهه دير سوچي ڏک مان پنهنجي پوتيءَ جي ڪنڊ ۾ ٻڌل ڳنڍ کولي ڏهه رپيا ڪڍي هن مجاور جي هٿ تي رکيا. اتي ئي ٻه ٻيا همراهه جيڪي اسان وانگر ٽوئرسٽ ٿي لڳا ۽ شايد هن شهر سکر يا ڪنهن ڀر واري جا هجن اهي مونکي غور سان هي لقاءُ ڏسندو ڏسي مونکي چيو ته سائين هنن جاهل عورتن جو ڏوهه آهي جو ههڙن ٺڳ حڪيمن ۽ اوليائن وٽ پهچيو وڃن ۽ پئسو وڃائين ٿيون. دل ۾ مون چيو ته ڳالهه ته صحيح ٿو ڪرين.... پر پوءِ مونکي يڪدم خيال آيو ته نه..... اها ڳالهه ناهي. هي غريب ڳوٺاڻيون عورتون پنهنجي يا پنهنجن ٻچن جي بيماري جي علاج لاءِ ڀلا ڪيڏانهن وڃن؟! شهرن جون امير عورتون ته پرائيويٽ ڪلينڪ ۾ MBBS ڊاڪٽر کي به نٿيون پڇن. هو هر بيماري لاءِ ماهر ڊاڪٽر (Specialist) وٽ پهچيو وڃن. پر هِتي جي ڳوٺن جون غريب عورتون جن وٽ کيسي ۾ ٽيهه چاليهه رپيا به نه آهن اهي ڪيڏانهن وڃن؟ سرڪار طرفان ته سرڪاري اسپتالون به آهن ته ڊاڪٽر به آهن پر آهي ڪو ڊاڪٽر جو هنن غريب عورتن کي ڏسي ۽ اسپتالن ۾ آهن ڪي دوائون جو هنن کي به نصيب ٿين؟ پوءِ هي ويچاريون غريب ۽ اڻ پڙهيل عورتون پاڻ جهڙين ٻين کان ههڙن ڪوڙن حڪيمن ۽ اوليائن جو ٻڌي ههڙن آستانن تي پهچيو وڃن...... سنڌ جا سهڻا نظارا پنهنجي جاءِ تي پر سنڌ ۾ ڪيڏي غربت، بدامني، بي انصافي ۽ خوف جي زندگي آهي.... اهڙي ته آفريڪا جي به ڪنهن ملڪ ۾ نه آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259856
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386726
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ