ڪتاب جو نالو: آواز اخلاق سنڌي پهاڪا
مصنف: ڪوڙومل چندن مل کلناڻي
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 20 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1008 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 213 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (176) ”آواز اخلاق : سنڌي پهاڪا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ڪوڙومل چندن مل کلناڻي جو لکيل آهي جيڪو ورهاڱي کان اڳ ڇپيو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ڪتاب ۽ ليکڪ بابت
  • پھرئين ڇاپي جو مقدمو : ڪوڙومل چندنمل کلناڻي
  • پهاڪا

  • الف کان خ
  • د کان ڪ
  • ک کان ي

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (176) ”آواز اخلاق : سنڌي پهاڪا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ڪوڙومل چندن مل کلناڻي جو لکيل آهي جيڪو ورهاڱي کان اڳ ڇپيو.
    هي ڪتاب المنعم لائبرري لاڙڪاڻي پاران انجنيئر عبد الوهاب سهتي اي بوڪ ايڊيشن ۾ سندس ويب سائيٽ تي آندو آهي. ٿورائتا آهيون سائين عبد الوهاب سهتي جا جنهن هن قيمتي ۽ ناياب ڪتاب کي ٻيهر اسان تائين آندو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ڪتاب ۽ ليکڪ بابت

    ديوان ڪوڙومل جي لکيل ھن ڪتاب جي، گھڻي عرصي کان طلب ۽ تلاش ھئي پر ڇاپي صورت ۾ ملي نه پئي سگھيو. قوي توقع اھا پئي رھي ته شايد ڇاپي ڪتاب ھن وقت دنيا ۾ ناپيد ٿي چڪو آھي. ھاڻي بس ان بابت فقط ڪتابن ۾ تذڪرو پيو ملندو. شابس ھجي سچل ڪاليج نواب شاھ جي ھونھار ليڪچرار جناب محمود ڏاھري صاحب جن کي، جو ڪوڙومل تي ريسرچ جو ڪم ھٿ ھڻڻ سبب، پاڻ سندس ٻين ڪتابن سان گڏ ھيءُ ڪتاب به فوٽو ڪاپيءَ جي صورت ۾ ھٿ ڪيو اٿائون. نيٽ ذريعي ساڻن ڄاڻ سڃاڻ ٿي ھئي. فون تي رابطي بعد ٻڌايائون ۽ ڪتاب جي فوٽو ڪاپي پڻ ڏياري موڪليائون.
    ان ڪتاب جي کين فوٽو ڪاپي. علامه داؤدپوٽو لائبرري حيدر آباد مان ھٿ آئي. اھو ڪتاب بنام آوازي اخلاق (پھاڪا) جي نالي سان جريان نمبر ۱۷۴ تي رکيل آھي.
    ڪرائون سائيز جي ۴۹ صفحن واري ھن ڪتاب جو سرورق، جنھن ۾ ليکڪ، ڇپائيندڙ اداري، ڇپيندڙ پريس جو نالو ۽ سال ڄاڻايل ھوندو آھي، موجود ناھي. تنھن ھوندي به منڍ مان معلوم ٿئي ٿو ته اھو ڪتاب آوازِ اخلاق آھي ۽ ان جو ليکڪ يا گڏ ڪندڙ ديوان ڪوڙو مل کلناڻي(1844ع– 1916ع) آھي.
    بھرحال ھن ڪتاب جي فوٽو ڪاپي مھيا ڪرڻ تي ھيءُ ادارو جناب محمود ڏاھري صاحب جن جو بيحد ٿورائتو آھي.

    انجنيئر عبدالوھاب سھتو


    پھرئين ڇاپي جو مقدمو : ڪوڙومل چندنمل کلناڻي

    اصل ھر ھڪ پھاڪو ڪِئن چوڻ ۾ آيو ۽ ڪھڙي وقت ۽ ڪِئن ڪم آڻجي تنھنجي لاءِ بيان ڏيڻ جو ارادو ھوم. ائين ڪجي ھا ته ننڍي وڏي سڀڪنھن کي اُنھن جي ڪم آڻڻ جي پوري سڌ پئجي وڃي ھا ۽ جئن ڪي ڪي ماڻھو پوري مطلب نه سمجھڻ ڪري بي موقع يا اڻ ٺھندو پھاڪو لکي يا چئي وھندا آھن تيئن نه ڪن ھا پر ائين ڪجي ھا ته ڪتاب اھڙو وڏو ٿي پوي ھا جو غريب غربو يا ڇوڪر ٻاڪر وٺي ڪين سگھي ھا. ۽ ھنن پھاڪن کي ڇپائي پڌري ڪرڻ جو جيڪو مطلب آھي سو ھٿ ڪين اچي ھا. تنھنڪري رڳا پھاڪا لکيا اٿم ۽ انھن جي معنيٰ سمجھڻ ۾ ڪجھ سولائي ٿئي تنھن لاءِ اوکن لفظن جي معنيٰ به ڏني اٿم. مگر انھن کي ڪِئن ڪم آڻجي تنھن لاءِ سڀڪو پنھنجي خيال ۽ ھوش تي ھلي.
    اڳي به ھڪڙو ننڍڙو پھاڪن جو ڪتاب ڇپيل آھي. ان ۾ پھاڪا ٿورڙا آھن ۽ ٻيو ھڪڙو پھاڪن جو ڪتاب به ٺھيل آھي پر اُھو اڃان ڇپيو ڪين آھي ۽ اُن ۾ به پھاڪا ٿورا آھن. مون اٺ سؤ پھاڪا گڏ ڪري ھن ڪتاب ۾ لکيا آھن. سڀڪو ھي ڪتاب وٺي سگھي تنھن لاءِ رڳو خرچ ساري ان جي تمام ھلڪي قيمت ٺھرائي ويئي آھي.
    ڪي پھاڪا جيڪس اُگھاڙا ڏسڻ ۾ ايندا، فحش يعني لفظ ڪَجوڙا يا نا شائستا ڏسڻ ۾ ايندا پر جڏھن پھاڪن جو اھو مطلب آھي ته جنھن ملڪ ۾ اُھي چوڻ ۾ اچن ٿا تنھن جي ماڻھن جي حالت ۽ سڌارو اِنھن مان معلوم ڪجي تڏھين جيئن پڌرا آھن تئن ڇو نه لکجن. اياڻو چوي سياڻو ويڃائي. انھن وانگر سياڻا ۽ سمجھو ماڻھون اِنھن مان صاف داڻا ڪڍي تُھَ کڻي ڦٽا ڪندا.
    پھاڪن جي چونڊ ۽ سٽ ۾ مون پنھنجي وس آھر گھٽتائي ڪا نه ڪئي آھي. پر تنھن ڪندي به ھن ۾ پڙھندڙن کي ڪي عيب ڏسڻ ۾ اچن ته وڙ ڪري معاف ڪن ۽ انھن کي سنواري ڇڏين ڇو ته انسان نيٺ خطا جو گھر آھي.


    ڪ چ ک


    پهاڪا

    الف کان خ

    الف

    1. آزمائي کي آزمائي سو ڇائي منھن ۾ پائي.
    2. اب جو ڏنو نه ڀري، رب جو ڏنو ڀري.
    3. اڀ ۾ ٿڪ اڇلائي سو منھن ۾ جھلي.
    4. اڀ ڦاٽي کي به ڪڏھين اڳڙي پيئي آھي.
    5. اٽو جي گھوٻاٽو.
    6. اٽو کاڌو ڪئي مار پيئي گابي تي.
    7. اٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت، لاهيءَ کي به لعنت.
    8. اٺ پٺيان گھنڊڻي.
    9. اُٺ جي وات ۾ ڄار جي باس.
    10. اُٺ جي وات ۾ زيرو.
    11. اُٺ پوڙهو ٿيو ته به مُٽڻ نه سکيو.
    12. اٺ ڪراڙو، ته به ٻه ڪنواٽ لھي.
    13. اٺ نه پڄي، ٻورن ھڻي لتون.
    14. اٺان ميھان دا ڪيھا ميلا، اوھ چرن پٽ ته اوھ چرن ٻيلا.
    15. اُٺ جي وات ۾ لوڻ ته به رڙي، کنڊ ته به رڙي.
    16. اٺ ڇڙو به رڙي، ڀريو به رڙي.
    17. اُٺ، پنهنجي مُٽ ۾ تِرڪي.
    18. اٺ جي چوري به ڪا پکي ۾ لڪي.
    19. اٺ کي لاڻو گھوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو محبوب کي ماڻو.
    20. اٺ چڙهئي به ڪو نانگ کائي!
    21. اٺن جا بار به ڪي گڏھ کڻن.
    22. اٺين پيڙهي، اُٺ ماڪوڙو ماسات.
    23. آپ نه پالي، پالي ڏون، ڇوھر ڄائو ڏکان ڏون.
    24. اپڻا مال ھئي روئسان به کائسان به.
    25. اپڻي گھوٽ ته نشا ٿيويئي.
    26. اڄاڻ کي، جهڙي مصري تهڙي ڦٽڪي.
    27. اڃا مينھون جھنگ ۾ ڌوئي ڌريائون رڇ (کير ڏھڻ جو ٿانءُ)
    28. اڃا جنڊ ڪڍن سسئي.
    29. اڃياري پيئندي، ڇڪياري ڪين پيئندي.
    30. اڇا ڪپڙا کيسا خالي.
    31. اڇي پڳ مَ پس، اندر مڙيئي اڳڙيون.
    32. اڌ کي ڇڏي سڄيءَ پٺيان ڊوڙي، تنهن جو اڌ به وڃي.
    33. اڌارو ڏجي تنھن کي جنهن کان گهرجي نه، اڌارو وٺجي تنهن کان، جو گهري نه.
    34. آرڙھ جي تتي ڏينھن ساوڻ جي وسندي مينھن، سياري جي آڌي رات شال نه پوي ھنگڻ تات.
    35. استاد جي مار ڇوڪر سنوار.
    36. اڪن کان ٿو آمان گھري.
    37. اک ٺھيئي ڪا نه کٻڙ خان چنڊ ڏٺو.
    38. اکرين ۾ مٿا وجھن، سي مھرين کان ڪئن ڊڄن.
    39. اڳ ڪشا نه ڪشا پوءِ ڪوڪون ڪن.
    40. اڳي به ان ھو پوءِ به ٿيو ان، ڪانون ۽ پن ويو اچونئي نڪري.
    41. اڳياڙي سُرھي تان جڏھين پڇاڙي سُرھي ٿئي.
    42. اڳين پاڻي، پوين چڪا (گپ).
    43. اگهه ۽ ڳڀ جي سڌ، اللھ کي.
    44. اگهه کٽيو کائجي، وَٽ کٽيو نه کائجي.
    45. اگهائي ته ڪچ نه ته ماڻڪن موٽ ٿئي.
    46. اڱر ڄاڻن، لھر ڄاڻي.
    47. اڱرن پيٺي، ھٿ ڪارا.
    48. آمون، ڏهه گامون (وک).
    49. اَن جو واپار هس مان ڇلو، ڇلي مان هس.
    50. اَن پَلي، ذات ڀلي.
    51. انبان ٻور، ڪلالان لاھا.
    52. انبن جون سڪون به ڪي انبڙين مان لھن.
    53. اندر اڇو نه ڪري، ڌوئي ٿو ڌاڳا.
    54. اندر ٻڏ(ان جي پاڙ جنھن کي ڪٽي غريب ان جي ماني پچائييندا آھن ) ٻھون(گھڻو)، ٻاھر آٽڻ ان جو.
    55. انڌ ڌنڌ نگري چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا.
    56. انڌ وٺ منڊ وٺ پر ننڍ وٺ.
    57. انڌا رکن روزا، تڏھين ڏينھن به ٿين وڏا.
    58. انڌن ۾ ڪاڻو راجا.
    59. انڌن آندو، ٻلن چٽيو.
    60. انڌن وڃي ملتان لڌو آھي.
    61. انڌن جي وھانءِ، منڊا نچن ٽنڊا پائن ڦيريون.
    62. انڌو هنگي کُڏ تي، چي؛ مونکي ڏسي ئي ڪو نٿو.
    63. انڌو ڇوڪر لائو ڏوڪڙ ٽڪاڻي جي ارداس.
    64. انڌو ھاٿي لشڪر جو زيان.
    65. انڌو اڻ سونهون، ٻئي هڪڙي آچار.
    66. انڌو گھري اللھ کون ٻه اکيون.
    67. انڌي اڳيان آھري ڪر تئو ٽنگيو آھ.
    68. انڌي جي جوءِ جو واھي اللھ.
    69. انڌي پيھين ڪتي چٽي.
    70. انسان، خطا جو گھر.
    71. اڻ گهريو، ماءُ به پٽ کي ببو نه ڏئي.
    72. اڻٽيهه راتيون چور جون، ٽيھين رات ته ساڌ جي به آھي.
    73. اڻ سرندي ھر ڪو ٽري، کرو ڪو سرندي ٽري.
    74. اُڻائي به وئي، تڻائي به وئي، وري ڪپهه جي ڪپهه.
    75. اڻ پڙھيا پڙھين اڳيان ڀريون ڍوئيندا.
    76. اُڻندو اها، جا ڪوريءَ جي من ۾.
    77. اھاري(کائڻ)، وھنواري(ڏيتي ليتي)، ٽيون گھوٽ مھاري(گھوٽ ڪنوار جي سمھڻ جي جاءِ) لڄا ڪري ته ھاري.
    78. آھر کٽي اوبڻي، رن وڃائي رنبو.
    79. آھر جي وڏائي ڪني پاٽ تي آئي.
    80. اها زبان پٽ تي وهاري، اها زبان کٽ تي وهاري.
    81. آھر جي آسري، جھنگ نه چنائون.
    82. اھڙو ڪم ڪجي جو مينھن وسندي ڪم اچي.
    83. اهو سون ئي گهوريو، جو ڪن ڇني.
    84. اهو ڪي ڪجي، جو مينهن وسندي ڪم اچي.
    85. آئي کي آدر، وئي کي جيءُ.
    86. آئي ٽانڊي کي، بورچياڻي ٿي ويٺي.
    87. آئي سڱن کي، ڪن به ڪپائي ويئي.
    88. آئي ته روچي(روزي)، گئي ته بلا.
    89. اياڻو چوي، سياڻو ويڃائي.
    90. ايڪ پنٿ، دو ڪاج.

    ب

    1. بادشاھين پوندي معاملي ڄٽي ڪير ويچاري.
    2. باسڻ ھڪڙو کڻي، ٺڪر گھڻن کي اچي.
    3. بڇڙو ڪتو، ڌڻي ڀرائي.
    4. بختاورن جا ڍڳا به ويامن.
    5. بڙا ڪھاوڻ بڙا دک پاوڻ ڇوٽي ڪا دک دور.
    6. بک وچان اگھڙ ياد ئي نه.
    7. بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري.
    8. بکيي کي بصر سان روٽي رکيائي سيري کان سواد ۾ ڏيڍي سوائي.
    9. بندرو ٻڌي سندرو ته وڃي سڀ کان اڳرو.
    10. بندي جي من ۾ هڪڙي صاحب جي من ۾ ٻي.
    11. بي عقل جي بلا دور.
    12. بي عقل دوست کان داناءُ دشمن چڱو.
    13. بيڪار کان، بيگار ڀلي.

    ٻ

    1. ٻه ڀائر، ٽيون ليکو.
    2. ٻه تراريون ھڪ کپ ۾ نه ماپن.
    3. ٻه ته ٻارنھن.
    4. ٻه شينھن ھڪڙي ٻيلي ۾ نه ماپن.
    5. ٻه گدرا مٺ ۾ ڪين اچن.
    6. ٻاٻل (پريو مڙس، ڳوٺ جو مکي) آچاري، پر ڪو مڃي.
    7. ٻارڻ ٻھون ڪجن ته به رڙا (مٽر يا مڱ جا داڻا جي ڳرن ئي نه) ڪين رجھن.
    8. ٻانڀڻ ٻڪري، در تي ڦڪڙي.
    9. ٻائي ٻير، اڍائي سير.
    10. ٻائي جو ٻائو، تيوڻ جو تيوڻ.
    11. ٻاھران چکي مکي، اندران بڙ بڙ دکي.
    12. ٻٻرن کان ٿو ٻير گھري.
    13. ٻڏي ماڻھون جو به ٽئي ڏينھن ڏس پوي.
    14. ٻڏي ٻيڙي جو لوھ به چڱو.
    15. ٻڏي ٻيڙيءَ مان هريڙون به چڱيون.
    16. ٻري تيل کامي وٽ، واھ ڙي ڏيا واھ.
    17. ٻڪري کي ساس جي، ڪاسائي کي ماس جي.
    18. ٻڪري جنھن وڻ سان ٻجھي سو وڻ چري.
    19. ٻگھا (ٻگھ پکي) ڪوھ ٻجھن ته سپئن ۾ ڇا سنپجي.
    20. ٻليءَ کي خواب ۾ به ڇڇڙا.
    21. ٻلي کائيندي ڪين ساري، هنگندي ساري.
    22. ٻليءَ شير پڙهايا، ڦير ٻلي ڪون کاوڻ آيا.
    23. ٻن ٻيڙين تي پير رکجي تنھن جون ڄنگھان چيرجن.
    24. ٻوڙو کلي ٻه ڀيرا.

    ڀ

    1. ڀاڙي ۽ مسواڙ جوڪاٿو ڪونهين.
    2. ڀتين کي به ڪن آھن.
    3. ڀٽ ڀئي نه ڊڄجي ڀٽ جي ڀٽائي ڀئي ڊڄجي.
    4. ڀڄ چريا، مست آيئي.
    5. ڀڄندڙن جي اڳ ۾، لڪندڙن جي پٺ ۾.
    6. ڀريءَ ڇنيءَ کان، ڀيري ڇنو چڱو.
    7. ڀرئي اٺ تان، وڃڻي لٿي ته به چڱي.
    8. ڀڳڙن کاڌي ھٿ ڌوتا پيا آھن.
    9. ڀڳو گھڙو ڍئون ڍئون ڪري.
    10. ڀڳي سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي.
    11. ڀلي ڀاڻ آئي، سا به ڀلي.
    12. ڀلئي واڻئي گھ ڳڙ کاڌو.
    13. ڀنگان چيز ٻڏن، لنڊي رووي ڪڻڪ ڪون.
    14. ڀنگي دي جوءِ سدا سھاڳڻ، آفيمي دي جوءِ رووي، ڪيفي دي جوءِ ايوين آکي؛ ماريا ھت نه ھووي.
    15. ڀينر ڀنڀوران جي ڀڳيون سي ڇٽيون.

    ت

    1. تاڙي، ھڪ ھٿي ڪين وڄندي آھي.
    2. تِر جي گٿي، سؤ چوٽون کائي.
    3. تڪڙ ۽ طمع ڇا ڏجي.
    4. تڪڙ، ڪم شيطان جو.
    5. تڪڙي ڪتي، انڌا گلر ڄڻي.
    6. تڪڙو ماڻهو، ٻه ڀيرا هنگي.
    7. توڙي وڃي روم، ته به ماني ۽ ٿوم، لکي لوح قلم ۾(نصيب ۾).
    8. تون آکيسين(چوندين) مئن نه مڃيسان، مين بازي کٽي.
    9. تون ڀؤنڪ ميڪون نندرا آوي.

    ٿ

    1. ٿڌو گهڻو پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکائي.
    2. ٿورو ڏسي ارهو نه ٿجي، گهڻو ڏسي سرهو نه ٿجي.
    3. ٿوري کٽئي، گھڻي برڪت.
    4. ٿوري گرهين، گهڻو کاڄي.

    ٽ

    1. ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.

    ٺ

    1. ٺڙ ڪجي ٺڪاءُ ڪجي اڳلو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄجي.
    2. ٺلھو چڙو(گھنڊڻي) وڄي گھڻون
    3. ٺونٺ لڳي، ساهيڙي ڀڳي.

    پ

    1. پاپ ڪي مايا، پراڇت جاءِ.
    2. پاڻ نه پاري، ڪتا ڌاري.
    3. پاڻ نه پَلي سسئي، لوڪان متيون ڏئي.
    4. پاڻ پنڻ، گھوڙا ڳنھڻ.
    5. پاڻي ۽ باھ، ٿورو ڪري نه ڄاڻجن.
    6. پاڻي کان اڳي ڪپڙا نه لاھجن.
    7. پاڻي پي نه ذات پڇجي.
    8. پائجي ته وڏي ڍيران پائجي.
    9. پاھڻ ڪنئرا ھا ته ھوند گدڙن کائي ڇڏيا.
    10. پت نھن تي پاڻي آھي.
    11. پٽ پراڻو ته به ڪو جنڊ جو نائو.
    12. پُٽُ ڪپُٽُ، پينگھي ۾ به پڌرو.
    13. پٽينديئي پيٽ کي ويو ڄمارو ڄٽ، ھو جو مٿي کٽ سو پڻ پٽي پيٽ کي.
    14. پڇڻا؛ نه منجهڻا.
    15. پرائي ماڙي ڏسي، پنهنجو ڀُنگو نه ڊاهجي.
    16. پرائي دھلين، احمق نچي.
    17. پرائي پلا کان، پنھنجو ڀت به چڱو.
    18. پرائي ڏيو تان کارڪ به چڱي.
    19. پرائيءَ ڌيءَ تان ڌڪو به چڱو.
    20. پرائي آس؛ ڪني جي لاس.
    21. پرائي پٽ کي چمئي گگ ڀرجي وات.
    22. پراڻي ڳوٿري بربلا ٽڪا.
    23. پرجا سکي ته راجا سکي.
    24. پرڻ چوي ڏونگھي کي؛ وڃ ٽِه- ٽونگا.
    25. پڙهي پاڻ نه ڄاڻي، ماري کتابي.
    26. پڙھڻ ترڻ تير ھڻڻ، چوٿين سواري، ننڍي ھوندي نه سکي، وڏي خواري.
    27. پڙهي پارسي وڪڻي تيل، ڏسو ھي قسمت جو کيل.
    28. پڳ کان بتانو ڊگھو.
    29. پلا ڇڏي پاپي ڪو کٽل کڳا کائي
    30. پلو سيري کان به ڀلو، سيري ۾ نه ساءُ پلو گوڏا کوڙي کاءُ.
    31. پنج ئي آڱريون برابر نه آھن.
    32. پنڻ وچان پڙھڻ ياد نه آھي.
    33. پنئي مڱئي گھر ھلي ته کھ اڌاري واٽ.
    34. پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي توڙي لک لٽائي.
    35. پهرين پيٽ پنجو، چوي ٻار ٻچا سڀ پوءِ.
    36. پنھنجا دھل، پنھنجا ڏؤنڪا.
    37. پنھنجي گھر، ٻلي به شينھن.
    38. پنهنجي ڪِئي جو، نڪو ويڄ نڪو طبيب.
    39. پنهنجي ڌنئري کي ڪير کٽو نه چوي.
    40. پنھنجي سوڙ آھر پير ڊگھاڙجي.
    41. پنهنجي ٿوري، پئجي گڏهه کي پيري.
    42. پھير ٿئي چور ته واھي ڪيترو وھي.
    43. پئنچان نال ايڪا دشي
    44. پيٽ ۾ بک، مونن ۾ ڇار-اوڳرائي.
    45. پيٽ ۾ بک، ارھ ۾ آڪڙ.
    46. پيٽ ڏون ٻانھين، چنتا ناھين.
    47. پيادن مان ھسوار ھسوارن مان پيادا.
    48. پيٽ ڀر، پٺيءَ لڏ.
    49. پيٽي پٽ ٻه ڪاڄ کاري.
    50. پير کان به ويساهه وڏو.

    ڦ

    1. ڦاڙهو جاتي کائي، اتي اوجهه ڏئي(مري).
    2. ڦِٺِ بجو ڪج، پر گيهه ذرو ڏج.
    3. ڦرندي گھرندي نامردان دي، مردان دي ھڪ.
    4. ڦَرَ کان اڳي، ڄر نه ڪڍجي.
    5. ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ.
    6. ڦل نه ڦل جي پاکري.
    7. ڦلھر ۾ ٿو ڦوڪون ڏئي.
    8. ڦورو نه ڦولھي شال سنئين پئي صراف کي.

    ج

    1. جا بندي کي بار سا صاحب کي سٿري.
    2. جاتي وڻ نه آهي، تاتي ڪانڊيرو به درخت.
    3. جاتي کير تاتي کنڊ، جاتي جھڻ تاتي لوڻ.
    4. جا ڄائي نه ھوندي سا مرندي ڪٿان.
    5. جاڏي وڃي واگھو، تاڏي پاڻي تانگھو.
    6. جاڏي پوي جھار(پکين جي گولري) تاڏي ڳوڙھو نه ھڻي.
    7. جاسين للو(نالو) کڻي لٺ، تاسين ڪرھ(جھيڙو) اُجھاڻي.
    8. جاسين ڍائو مٿو کنهي، تاسين بکئي جو مٿو وڃي.
    9. جا مڙسي مڙسن ۾ سا مارئي ۾ نه آ.
    10. جاھلن جواب آھي ماٺ مٺي.
    11. جائين لنگھيا ڀٽ ته پڻھن ڏاڙھيءَ موچڙو.
    12. جا چئي ته جوڙائي ڏس، شادي چوي ته ڪري ڏس.
    13. جبل سان مٿو ھڻبو ته نيٺ مٿو ڀڄندو.
    14. جتي باھ ٻري، تتي سيڪ اچي.
    15. جتي اٺ ترندو اُتي پڇ به ترندو.
    16. جتي پڄڻ ڪم ناه، تتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.
    17. جتي ويڙھا، تتي جھيڙا.
    18. جڏھين تڏھين چورڙاميءَ وھاڻيءَ رات
    19. جڏھين آٿر ٿي سبيا تڏھين گڏھن ٿي رنو.
    20. جڏھين ٻورا ٿي سبيا تڏھين اُٺن ٿي رنو.
    21. جڏھين ڏند هئا تڏھين حلوو نه هو، جڏھين حلوو آھي تڏھين ڏند نه آهن.
    22. جڏھين ڳوھ کي موت کڻي تڏھين ڳولي شڪارين جا گھر.
    23. جر (پاڻي) نئيس جيڏي نه نئيس.
    24. جڙيءَ کي جس.
    25. جڳ مڙيوئي جوا بازي، ڪن کٽي ڪن هاري.
    26. جن جي پلو ۾ داڻا سي چريا ئي سياڻا.
    27. جنڊ بي وار، بٺ (ڦلن/ ڀڳڙن ڀڄڻ جي تئي) بي وار.
    28. جنهن اڀرندي تاءُ نه ڪيو، سو الهندي ڇا ڪندو.
    29. جنھن ساس ڏنو آھي، سو گراس به ڏيندو.
    30. جنهن ڪاڻ اڳي هلي بيهجي، تنهن سان گڏيو ڇو نه وڃجي.
    31. جنھين سندي منھين (اوطاق)، تنھين جو آچار.
    32. جنھنجي ويلا (وقت)، تنھنجي رکيا.
    33. جنهن جي ھيڪار ڪيائين ڪوڙي ٿي، تنھين جي ٻيھار سچي ساک نه وسھان.
    34. جنهن جي واٽ نه وڃجي، تنهن جو پنڌ به نه پڇجي.
    35. جنهن جي ساھ کنئي ڪل ڪا نه پوي، تنهن کي سور ڪيھو سلجي. جو سنڌي سمجھي ڪينڪي تنھن سان ھندي ڇا ھلجي.
    36. جنھن جو ڪم سو ئي ڪري، ٻيو ڪري تان گھاٽو ڀري.
    37. جنھين ڪاڻ مياس، سي ڪلھي ڪانڌي نه ٿيا.
    38. جنھن جي ماني تنھن جي ڪاني (ڪرامت).
    39. جنھن جو بڻ بڇڙو، تنھن جو ميوو مٺو نه ٿئي.
    40. جنھن جو پيءُ ماءُ جيئرو، تنھنکي ڇورو ڪيئن چئجي.
    41. جو ڍيري گڏھ رکپال.
    42. جو واءُ جبل اڏائين تنھن جي اڳيان ڪپھ ڇا آھي.
    43. جواريءَ ميٺي ھار.
    44. جوا ھارڻ واري جو اڌ منهن ڪارو ۽ کٽڻ واري جو سڄو منهن ڪارو.
    45. جـَوَ پوکي، ڪڻڪ ڪو نه لڻندو.
    46. جو تيرا سو ميرا جو ميرا سو اين اين.
    47. جو اُٽي سو ارجن.
    48. جھڙا عاشق عيد ۾، تھڙا منجھ مقام.
    49. جهڙا روح، تهڙا ختما.
    50. جھڙا ڪانو، تھڙا ٻچا.
    51. جھڙو ڏيس، تھڙو ويس.
    52. جھڙو منھن، تھڙو موچڙو.
    53. جھڙو سمر آپڻو، تھڙو مِٽُ نه ڪو.
    54. جهڙي سٺ، تهڙيون ٽي ويهيون.
    55. جھڙي ٻني تھڙو ٻج، تنھنجي سلي ڀئه نه ڊڄ.
    56. جهڙي ڀِت، تهڙو چِٽ.
    57. جھڙي نيت، تھڙي مراد.
    58. جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي.
    59. جي پوندا سوڙھين تن لڳندا سيلھ.
    60. جي وسي چيٽ ته ان نه ماپي کيٽ.
    61. جي جڏھين ڀڳا سي تڏھين ڇٽا.
    62. جي نه وڃجي پاڻ ته نينھن نياپي نه ٿئي.
    63. جي جڏھين چڙھيا سي تڏھين سوار.
    64. جي گھڙيا، سي چڙھيا.
    65. جي ھڻن، سي کڻن.
    66. جي ڄڻين، سي نپائين.
    67. جيءُ خوش ته جهان خوش.
    68. جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا.
    69. جيڏا ڏوتا، تيڏا ڀوتا.
    70. جيڏو پٽ (ڪشتي جنھن ۾ فقير پنندا آھن)، تيڏي بکيا.
    71. جيڏي رات، تيڏو سپنو.
    72. جيرو ته لک جو، مئو ته ڪک جو.
    73. جيري لاءِ ٻڪري نه ڪهجي.
    74. جيڪا ڌاريان ٻڪري تنھن لمندا ڪن.
    75. جيڪي چٻيو، سو ڦٻيو.
    76. جيڪي ڏسي ڄار، سو ڏسي ميؤ (مھاڻو) ته ڦاٽي مري.
    77. جيڪي ڪني ۾ هوندو، سو پاٽ ۾ پوندو.
    78. جيڪي کوھ ۾ ھوندو، سو آھَ (حوض) ۾ پوندو.
    79. جيڪي لکيو منجھ ازل تنھن کي ڪير وجھي جھل.
    80. جيڪي ھوندو ڀاڳ ۾ سو وھي پوندو پاڳ ۾.

    ڄ

    1. ڄاڱرا ۽ ڄار، اگھ مڙيوئي ھڪڙو.
    2. ڄاڻي وڇونءَ جو منڊ به نه، هٿ وجهي نانگن ۾.
    3. ڄڀ جي ترڪڻ کان، پير جو ترڪڻ چڱو.
    4. ڄٽ جي عمر؛ اڍائي کٿا.
    5. ڄٽ جي ڄمار؛ ملوڪ جي رات.
    6. ڄٽ بکيو موري کائي بک گھڻيري لائي.

    جھه

    1. جھونا ٿيا جھاز سٽون نه سھن سڙھ جون.
    2. جھونا ڪپڙا ٻوڍا ڍور تسڪا ناڻا ليگيا چور.

    چ

    1. چاڪرن جي اڳيان چوڪر.
    2. چاڪري چور، نِوالي حاضر.
    3. چاڪيءَ ڏاند وڃايو، گهمي گهاڻي ڌاري.
    4. چِت ۾ چوتو، مدعي رد.
    5. چٽي ڏاڙھي نانءُ دلبر.
    6. چريا چرين گڏيا؛ ادا عيد مبارڪ.
    7. چرين جا پور، مٿن جا سور.
    8. چرين ڪهڙا چت، مئن ڪهڙا مامرا.
    9. چريي کان پڇيائون ڪي چڱو آھي جي ويران وڌ.
    10. چري کي چوڙو ڪڏھين ٽنگ ۾ ڪڏھين ٻانھن ۾.
    11. چغلي آھي جھيڙي جي ماءُ.
    12. چڱا سي، جن جا پويان چڱا. چوڻي322
    13. چڱائي ڪر ڄٽ سان ته ڄٽ ڦيري ھڻي پٽ سان.
    14. چڱو ڪر ته چڱو ٿيئي سودو ڪر ته نفعو ٿيئي.
    15. چڱو جن لکيو مدو سي نه پسن، توڙي رڻ رھن ته به کنڊون کائين کير سان.
    16. چلھ تي، سو دل تي.
    17. چنڊ کي پھرين ڏھي (تند يا ڪچو ڌاڳو)، پوءِ سڄي پاڳ.
    18. چنون به چوي ته مون کي کير سان کائو.
    19. چورن جا ڀائر؛ ڳنڍيڇوڙ.
    20. چورن مٿان مورَ پيا اڌ ورھائي کڻي ويا.
    21. چور جي ماءُ چلھ پٺيان روئي.
    22. چوري نه موري (سائي ٿي)، موري ته به گھوري.
    23. چوڻ ۽ ڪرڻ ۾، وڏو ڦير آھي.
    24. چوڻو (حياتي)، نه اوڻو.

    ڇ

    1. ڇتي ڪتي جي دوا؛ ڀتر.
    2. ڇٽي لولي ڪتڻ کان.
    3. ڇڏ منڊو واريءَ ۾.
    4. ڇوڪر ڇتي ذات، ڀون ڀون ڪن ڀڳت ۾.

    ح

    1. حجتي، لعنتي.
    2. حلوي حلوي چوندي به ڪڏھين وات مٺو ٿيندو آھي.
    3. حمائتڻ گڏھ، عراقڻ (عربي گھوڙي) کي لتون ھڻي.
    4. حيلي رزق، بھاني موت.

    خ

    1. خان جي خاني، ماني مان معلوم ٿئي.
    2. خريدار ککڙن جو پڇي ھنداڻا.
    3. خون کٿوري، ڳجھو نه رھي.


    د کان ڪ

    د

    1. دال روٽي کاڌي ڌن کٽي ته کٽڻ ڏينس.
    2. دائي کان ڪو پيٽ ڳُجهو آھي.
    3. درياهه ڀر تي ڇوڪر ڪڏي، اڄ نه ٻڏي سڀان ٻڏي.
    4. دل کوٽي، عذر گهڻا.
    5. دل جي ڪارائي کان منھن جي ڪارائي چڱي.
    6. دم دال جو، آڪڙ پُلا جي.
    7. دم درميان، صاحب مھربان.
    8. دولتمندن جا ڏاند به ڏڀن.
    9. دولت نھن کان ماس وڇوڙي.
    10. دو دل راضي تو ڪيا ڪريگا قاضي.
    11. دويتا نھين جي پورا تول.
    12. دير پيا، درست ٿيا.
    13. ديس چوري، پرديس بکيا (پن).
    14. ديوان جو دم، دمڙي جي دال تي.

    ڌ

    1. ڌاتوري ڌاري، جي ڪجي ڪار ڪماند جي، ته به اصُلُ انھي پار جو ڏينا ڏيکاري.
    2. ڌڙ ريڍو، سسي ٻاڪري.
    3. ڌُڪو کڻجي ڀاءُ لڳ، شاهدي ڏجي الله لڳ.
    4. ڌن رک ڌوڙ ۾ ته چمڪاٽ ڏئي نور ۾.
    5. ڌڻي ري ڌڻ سڃو، ڌڻ ري سڃو ڌڻار.

    ڏ

    1. ڏاڍن جون جھنگ مون واٽون.
    2. ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.
    3. ڏاند چڙھئي ٿي ڏک ڏسي.
    4. ڏاندن ڳاھ مردان ڌڪا، زالان ساھ پنڌ وچ سڪا، گھوڙا ضبط ڪنان وڃ لڪا.
    5. ڏاهو ڪانؤ، ٻِه- ڄنگھو ڦاسي.
    6. ڏاهو ڪانؤ کائي گونھ، ڀوري بلبل کائي شڪر.
    7. ڏائڻ هلي مڙدا ڪڍڻ، مڙدن ڪپڙا به لاهي ورتس.
    8. ڏٻري ڍور کي، مڇر گھڻا.
    9. ڏٻري جو ڌڻي، سويرو پلاڻي.
    10. ڏٿ نه کُٽو، ڏوٿي کٽا.
    11. ڏٺو پير، پُني مراد.
    12. ڏٺو سڀ وسار، اڻ ڏٺي کي ياد ڪر.
    13. ڏُچر گھوڙو، سچر زال ٻئي ٻن پيا.
    14. ڏڌو کير، ٿڻين نه پوي.
    15. ڏڏن جو به ڏاتار.
    16. ڏِسُ ڪاڻي کان، اک ڪاڻي چڱي.
    17. ڏک کان سواءِ، سک نه ٿو ملي.
    18. ڏکڻ مينھن نه وسڻا، جي وسي ته ٻوڙي، ڪانئر ڌڪ نه ھڻڻا، جي ھڻي ته جهوري.
    19. ڏمرجي ڏيھ ڌڻي، ڇاڄا (منھ يا گھر) ڇڏائي.
    20. ڏنون، ٻنون آھي.
    21. ڏني جو پٽ ڇٽو.
    22. ڏيڻ سڀ چڱو، بڇڙي هڪڙي گار، وٺڻ سڀ بڇڙو، چڱي هڪڙي دل.
    23. ڏيڻ، ڏيھ ڇڏڻ، ڏيھي ڇڏڻ (بت يا جسم) ٽيئي اھنجا.
    24. ڏئي جي پٺ ۾ اوندھ.

    ڊ

    1. ڊڄ تنهين جي ڊا، جنهنجي وائيءَ (زبان) ۾ ور گهڻا.
    2. ڊڄجي تنهن جي ڊا، جو پرينءَ ڀر بيھي گاريون ڏئي.
    3. ڊڄجي تنهن جي ڊا، جو که تي چڙھي گاريون ڏئي.
    4. ڊڄجي تنهن ڀئي، جو منھن تي ڪوڙ ڳالھائي.
    5. ڊني واڻئي، مور نه لاڀ.

    ڍ

    1. ڍائو کنھي پيٽ تيسي بکئي وڃي ساھ.

    ر

    1. رات ٿوري، ساٺ گهڻا.
    2. راتيان کائي کچڻي، ڏينھان کائي پلاءُ، ڄاڻي ھيڪ اللھ، صابو ڪوري سيد ٿيو.
    3. راجا ڪري سو نياءُ، ڍارو پوي سو داءُ.
    4. راکي رام ته ماري ڪون.
    5. راڻي سا، جا راءِ کي وڻي.
    6. راؤري (راجا جي) گھران گھ جھلجي پاند ۾.
    7. رت ڏسي، رُمي هڻجي.
    8. رڌي ڪني به يا نصيب.
    9. رڍ اڳيان رباب، وڄائيندي ورهه ٿيا.
    10. رڍ مٿي ۾ سور سان، ڏنائون صدقو.
    11. رڙا ڪين رجهن توڙي ٻارڻ ھئن ٻه پڙا.
    12. رڪ جا چڻا آنڊا ڦاڙين.
    13. رن پٽ کي لڳي ڀاڳ، ته ڏئي جواري ڀت کي داڳ/ داغ.
    14. رن پٽ ريڍار، ڪان ھڻي بنڊ ۾.
    15. رن چشڪي هري، رکي آرت وار.
    16. رنان مڪر زنان تتر تار ڪن رڌيون پڪيون ڪونجڙيون اُڏائي ڏين.
    17. رڻي (قرض) ۽ رائر (ڍل) جو سڏ جنھين کي ھوءِ منجي اُتي جوءِ وڃي تنھين کي وسري.
    18. روپ (شڪل) روئي ڪرم (نصيب) کائي.
    19. روزن پٺيان عيدون، عيدن پٺيان روزا.
    20. رھي راھوجين (راھوجا ڳوٺ جو نالو) بھي باھوجين (باھوجا ڳوٺ جو نالو) ، ڪتي ڪنئريجن (قوم جو نالو) جي.

    ز

    2. زالان ڌاوڻ (وھنجڻ)، مردان کاوڻ.
    3. زر بسيار، ته عشق ٺھ پھ.
    4. زر خرچ ته امير ٿئين، امير ٿئين ته زر بسيار.

    س

    1. ساريءَ ھٿڻ ڀتر.
    2. ساسرا (ساھرا) سک واسرا دو دن ڪا آسرا.
    3. سائي کي سھي ڪو نه، بکئي کي ڏئي ڪو نه.
    4. سٻر (طاقت وارو) سان سيئن (حد يا دنگ) ڪبي ڪيئن چوندو جيئن ٿيندو تيئن.
    5. سڀڪا ٻڪري، پنهنجي پائي ٽنگبي.
    6. سڀڪو، پنھنجي ھٽيءَ جو ھوڪو ڏيندو.
    7. ست ڪُؤا کائي ٻلي، حج چڙهي.
    8. سُتنِ جون پاڏا ڄڻين.
    9. سَتِيا جا ٻيڙا سائين سُتڙ.
    10. ستي ٻلي، ڪوئا ڪين ماري.
    11. ستي شينهن کي، آڱر نه ڏجي.
    12. ستي لڪڙن کان موٽي ته ڪتن ھاب ٿئي.
    13. ستي سڏائي لنڊي ٿي کائي.
    14. ستين لنگهڻين، ڪتو به حلال آھ.
    15. سٽ نه موڙھو ڪپاھ موڙھي.
    16. سپ نه ماري سپ جو سراپ (اصل بددعا کي چئجي پر ھت معنيٰ آھي ڀرم/ سنسو) ماري.
    17. سپتيو ماڻھو پرائي مال ۾ ڀائيوار.
    18. سپھو نه وسھو، وسھو ته مسھو.
    19. سج، ٻه پاڇا.
    20. سج لٿي کان پوءِ، دير ڪانهين، ڦُرئي کان پوءِ، ڀؤ ڪونهين.
    21. سڄن پيٽان وڍيا، وڍين پيٽان سڄا.
    22. سڄڻ سڄي ٻانهن ڏئي ته سڄي نه ڳيهجي.
    23. سُڃا عاشق، ڀيٽو دي آچار.
    24. سچ سير، ڪاري ٻڪري اڇو کير.
    25. سچ مرچان ڪوڙ ڳڙ، پير پئسا جو گُرُ.
    26. سچ ته بيٺو نچ.
    27. سچ جي ٻيڙي لڏي لڏي، پر ڪڏھين نه ٻڏي.
    28. سخيءَ کان شوم ڀلو جو ترت ڏئي جواب.
    29. سر وئي کان پوءِ سج اڀري ته ڇا نه اڀري ته ڇا.
    30. سر (راز يا ڳجھ) ڏجي پر سر نه ڏجي.
    31. سِر سِر ڪلا.
    32. سرمو سڀڪو پائي، پر اک اک جو ڦير.
    33. سڙئي گھوڙي ۽ پٽيل ماڻھو مان ڪين ٿئي.
    34. سڪن گڏ، آلا به ٻريو وڃن.
    35. سڪ تور (سوڪ) کان ٻڏ تور (ٻوڏ، پاڻي جو غلبو) چڱو.
    36. سڪو ڪاٺ ٻه پاسا ڀڃي.
    37. سکڻي ڪني، گهڻو اڀامي.
    38. سڳا سيئي سيڻ جني پکا اوڏڙا.
    39. سلو سو جو انگورين ڀلو.
    40. سنگ تاري، ڪسنگ ٻوڙي.
    41. سو چور ئي نه چئجي جو پنھنجو جوڻيت نه سڃاڻي.
    42. سوٽي هئي ساڻ ته گڏهه گوهي نه ڪري
    43. سوڍن مڙن سو، ته به مٽ نه ڀانئجي مئندري.
    44. سور پوي ساٽيءَ کي ڏنڀجي گڏھ.
    45. سورائتڻ سور اڻ-سورائت سان اوريو، ھنجو ڀنجھر نه ڀريو ھوءَ وڃي ٿي وھلور، پرايائين پور اڳي کان بي اڳرو.
    46. سوڙھيءَ سياندري وھنوار نه ڪجي.
    47. سومر گھڻو ئي سڦرو پر پٺيان اڱارو بڇڙو.
    48. سون پرکجي ڪسوٽيءَ رپو پرکجي باھ ماڻھو تڏھين پرکجي جڏھين ڪي ڳالھاءِ.
    49. سوناري جو سؤ ڌڪن، لھار جو ھڪڙو.
    50. سھسين ڪري سينگار، ته به کودڙي پٽ کودڙو.
    51. سھڻان ته ٽوھ به پٽن ۾ پيا آھن.
    52. سھي ٽنگون ٽي چوٿين ٺھيئي نه.
    53. سي اڍائي سي ساڍا ٻه.
    54. سياري سيءُ پوي آرڙھ ۾ آرائيون، سند ڪنھين ۾ ڪو نه ڪو ڪنھنکي ساراھيون.
    55. سياري جي سوڙ، سڀڪو پاڻ ڏي سيري.
    56. سياري ۾ سيئي چڱا جن گھڻي باھ، اونھاري ۾ سيئي چڱا جن گھڻي ڇاھ.
    57. سياڻي اڳيان رئڻ، اکين جو زيان.
    58. سيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي.
    59. سيءَ ۾ گڏھ جا آٿر به پيارا.

    ش

    1. شادي کان وڏي نيکيٽي.
    2. شڪر ڪر صحيح ته توئي سان توھ ٿئي.
    3. شينهن اڳيان لڪڙي اڇلڻ سولي، پر وري کڻڻ اولي.
    4. شينهن نه ڏيکيا ته ڏيک ٻِلاڙا، چور نه ڏيکيا ته ڏيک سونارا.
    5. شينھن وڙھندي، ٻوڙن جوکو.

    ص

    1. صبر جني جو سيڱ، تير نه گسي تن جو.
    2. صرفو ڪرين، ته پَٽُ ھنڊا.
    3. صلاحين شينھن ٻجھن، ڪم ڪرھين (جھيڙن سان) نه ٿئي.

    ض

    1. ضرور کي سڀ روا آھي.

    ط

    1. طمع سندو طس، ڀريو ڀرجي ڪينڪي.

    ظ

    1. ظلم قائم آھي پر ڪندڙ قائم نه آھي.

    ع

    1. عشق نه ڏسي ذات، نه ڏسي ڪذات.
    2. عقل ري عذاب، گھڻان پسندين جندڙي.
    3. عقل، اھيرن جو ڌريون ئي ويو، مڱائن ھڪڙو پرڻائن ٻيو.
    4. عقل ۽ سونھن ڪنھن کي نه سڪايو آھي.
    5. علت وڃي عادت نه وڃي.
    6. عيسيٰ نه موسيٰ بڙا پير پئسا.

    غ

    1. غريب جي جوءِ، ڏيھ جي ڀاڄائي.
    2. غيب گدو چوي خبر خاوند کي.

    ق

    1. قاضي ڄاڻي، سنديس قيامت ڄاڻي.
    2. قرض جهڙو ٻيو مرض ڪونھين.
    3. قرض، ڪوڙهه جو ٽڪو آھي.
    4. قوت ٿوري آڪڙ بھت، مار کاوڻ دي نشاني.

    ڪ

    1. ڪاٿي ڪڇ، ڪاٿي ڪوھيارو.
    2. ڪاٺ کٽو، واڍو ڇٽو.
    3. ڪاٺيءَ ڪاٺيءَ لڇ (لڇمي/ بخت).
    4. ڪا جا ڪيتيس ڪن وچ ڳالھ، ھر ڪو وتي آڪڙ نال.
    5. ڪاڏي ڪوري، ڪاڏي ترار.
    6. ڪارو ويھي ڪمري وٽ ته ورن نه مٽائي ته عادت مٽائي ئي مٽائي.
    7. ڪالھوڻي ڪالھ گئي، اڄ پڻ ڏينهن ٻيو، جنھن ۾ ماڻ پيو سا، راھ رھندي ڪيترو.
    8. ڪانياري ٻلي ڪئي جي جوءِ.
    9. ڪاڻيءَ جي ڪرم ۾ وگھن ئي وڏا.
    10. ڪاڻي وسوڙي، چئي ته مڙسم ويو آھي اک کي.
    11. ڪاڻيءَ جي وهانوَ ۾ سنگٽ گهڻا.
    12. ڪَتِم سڀ ڄمار ته پاندي پوري نه ٿئي.
    13. ڪتو به ان کي ڏاڙھي، موچڙا به ان کي لڳن.
    14. ڪتو ڇا ڄاڻي، ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
    15. ڪُتو به کاڌو، ڪک به نه ڀري.
    16. ڪتو، ڪڙم جو ويري.
    17. ڪتو ۽ ڪپاٽ، ٽوڙهي سان ٽپائجي، ساڌو ۽ سپاٽ، ويهارجي وچ ۾.
    18. ڪتي ڪن وڍيا.
    19. ڪتي ڪن وڍيا ٿيو شڪاري.
    20. ڪتي جا ڏند، گڏھ جو ماس.
    21. ڪتيءَ کي ڪنھن اُماڙي ڏني ھئي سا تارا ڏسي ٿي ڊني.
    22. ڪتي جو پڇ، ٻارھ مھينا نڙ ۾ وجھجي ته به سنئون نه ٿئي.
    23. ڪتي جو ڪارو منھن رٻ اوتري جي اوتري.
    24. ڪٿي چور سُڃا، ڪٿي ڍور سُڃا.
    25. ڪڃريءَ جو يار، بحريءَ جو شڪار، سدا خوار.
    26. ڪچيءَ ڪنان نه وريا ته پڪي ڇا ورندا.
    27. ڪچي وزيران ٿئي ٺڙڪو ٺڪران.
    28. ڪڇان ته مسان، نه ڪڇان ته پيئي لڇان.
    29. ڪڏهين ڀريءَ ۾ ته ڪڏهين ڀاڪر ۾.
    30. ڪڏھين ماٽي مَٽَ تي، ڪڏھين ماٽي مٿان مَٽُ.
    31. ڪڏهين ڳاڙھو گھوٽ، ڪڏھين مڙھ مقام ۾، واريءَ سندو ڪوٽ، اڏي اڏبو ڪيترو.
    32. ڪڍي ڪاڍارا ڏئي اڌارا.
    33. ڪرند پسند، ڏيند لھند.
    34. ڪڏهن درياه ٽپيو وڃي، ڪڏهن پاڻيءَ پاٽ ۾ ٻڏيو پوي. ورجيس452
    35. ڪرم-ھيڻ کيتي ڪري، بلد مري يا ٽوٽا پڙي.
    36. ڪري سو پائي، فقير کير کنڊ کائي.
    37. ڪسيري جي ڪتي، ٽڪي جا ٽڪر کائي.
    38. ڪشيئي نه ڪمان، پڙيئي نه ضمان، ٽپيئي نه کوھا، رھيئي نه جوئا.
    39. ڪک جو چور، سو لک جو چور.
    40. ڪک هيٺ لک پيو آھي.
    41. ڪکان ڪوڙي باھ، غلامان دوستي، يار نه ڪجي ڏوم پيادا پوستي.
    42. ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو.
    43. ڪم نه ھئي ته رائيسا گھر گھمجن.
    44. ڪم پئي، ڪل پوي.
    45. ڪم پرين سڀڪو آھ، چم پرين ڪو نه آھي.
    46. ڪميڻو ڪپڙا ڪري ڏسي پنھنجو ڏيل، ڏسي پنھنجي ڏيل کي ڊوڙائي دليل.
    47. ڪماليت سان زواليت شامل آھي.
    48. ڪنڀر جي گھر ۾ سڄي ڍڪڻي نه لڀي.
    49. ڪنڊو لڳو گوڏي ۾ نڙگھٽ ڪيو ٺڪاءُ.
    50. ڪنڌيون ڏور قنڌارئون ڏور.
    51. ڪنگ کي لڙ ۾ مزو.
    52. ڪانگ کي لڙ ۾ ڳڙ.
    53. ڪنگر ۾ ڪپڙا پڙي مبارڪ.
    54. ڪني ماضي من ۾، ڪني استقبال، حيف تن جي حال، جن وساريو حال کي.
    55. ڪنيءَ رن جا، ٻار جئن ٿورا تئن چڱا.
    56. ڪني آڱر وڍي چڱي.
    57. ڪنهن جي ماني ڪري نه مور، ڪنھنجو ٽڪر ٿو ٽيڻا ڪري.
    58. ڪنهن ڦٺ سان ملڪ ڇڏيو ڪنھن نڪ وڍئي ه نه ڇڏيو.
    59. ڪڻڪ ڪڍي بھ کي ڏجي باھ.
    60. ڪوڏي حرام، بجڪو حلال.
    61. ڪوري کڏ کڻي اُن ۾ پاڻ پوي.
    62. ڪوري پلوين نه پائجي.
    63. ڪوڙ، ڄمار جي ڪتر آھي.
    64. ڪوڙ جو مثلو، ڪوڙ.
    65. ڪوڙھيو ڪتو کنھڻ ڌاران نه رھي.
    66. ڪوڙي جي ڊوڙ، کُڏَ تائين.
    67. ڪوڙي سڄڻ کان سچو ويري چڱو.
    68. ڪؤڙو کائجي مٺي جي لالچ تي.
    69. ڪوسا ناوي ٿڌا کاوي ته ويڄ پاس مور نه جاوي.
    70. ڪوسو پاڻي ڪک نه ساڙي.
    71. ڪوئي مري ڪوئي جيوي، شتريا گهول پتا شا پيوي.
    72. ڪھڻيءَ سڀڪو ڪھي پر کرو ڪو رھڻيءَ رھي.
    73. ڪھي سا رھي، ٻولي ٻاروچن جي.
    74. ڪي رٺي ھئي، ڪي آيس پيڪو ماڻھو.
    75. ڪي ڪوڏر ڪمايو ڪي ڪھاڙي وليو ته گھر سھيرو (سکيو) ھليو.
    76. ڪيليءَ کي ڪڻ، هاٿيءَ کي مڻ.


    ک کان ي

    ک

    1. کاڌي کوھ کٽيو وڃن.
    2. کاڌي کي کامن، ڄاڙيون ڄاموٽن جون.
    3. کاڻي کچڻي، اونڌا طباق.
    4. کائجي دل پسند ھنڊائجي لوڪ پسند.
    5. کٿو سلامت ته ڀريون جھجھيون.
    6. کُٿي ڏاڙهي، هٿ نه اچي.
    7. کُٽو واڻيو، وهيون سنڀالي.
    8. کٽيو کائي مڙس جو، چئي جِئي ابو. يا کائي پيئي پي جو چي جِئي ابو.
    9. کٽيو تو تان گهوريو، وڃائج م مور.
    10. کٽيو کائي فقير، لٺيون جهلي ڀولڙو.
    11. کٽي مور نه آيو، چي رڻ ۾ ڦريس.
    12. کٽي آيو خان، اُگھاڙياس ڳئي.
    13. کچڻي ڪانھي جا کائي وٺبي.
    14. کدڙن پٽ ڄڻيا ته ھوند زالن مڙس ئي ڪين ڪيا.
    15. کڏ چي جي سڏ.
    16. کَرُ ماڻهو، وڻ ٻاٻرو، ٻنهي ڏينهن کٽن.
    17. کڻ کلو، ٿيئي ڀلو.
    18. کوھي کمڻ جي نالو نارائن جو.
    19. کيتي، سر سيتي.
    20. کير جو کاڻل، جھڻ ڦوڪي پئي.
    21. کير ۽ کنڊ نور ۾ نور، جواني ۽ مايا پور ۾ پور، پنڌ ۽ بار سور ۾ سور.

    گ

    1. گابي وانگي چٽ ته چٽيانءِ.
    2. گدرو ڪري ڪاتيءَ تي ته به گدري جوکو، جي ڪاتي ڪري گدري تي ته به گدري جوکو.
    3. گدري جي چور کي ٻه لپاٽون.
    4. گدڙ جي گونھ ۾ ڪم پئي ته وڃي ڏَر ۾ لڪي.
    5. گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿُو کٽا.
    6. گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿُو ڪؤڙي، ناچو نچ نه ڄاڻي آکي ڀون سوڙھي.
    7. گدڙ گدڙ جي ڪوڪ تي نه اونائي ته ڪوڙهيو ٿئي.
    8. گڏهه پنهنجي سانوڻي هينگن ۾ وڃائي.
    9. گڏهه کي ڪڏھين گابو ڄائو آھي.
    10. گڏهه کي ٿو گج پارائي.
    11. گڏهه ڇا ڄاڻي، گيھرن مان.
    12. گڏهه به ڪڏهن گج پاتو؟
    13. گڏهه جو ڇا وس، جو ٻيڙي ۾ نه چڙهي.
    14. گڏھ مان لت يا ٽوٽي (اِٽ).
    15. گَڏي اڏجي، يا لڏي ڇڏجي.
    16. گذري ڪون ياد نه ڪرنا، جا گذري سا چؤکي.
    17. گذر گئي گذران، ڪيا جھوپڙي ڪيا مڪان.
    18. گرمي ڇڏي جھڻ ڪنگر سان، سردي ڇڏي زر ڪنگر سان.
    19. گگر گگر پنڊا اڙيا.
    20. گنجو کنهڻ کان نه رهي.
    21. گنجي جي مٿي ۾، جون نه ليک.
    22. گولاڙو ڳيان پچي.
    23. گونھ گونھ سان نه ڌوپي نيٺ پاڻيءَ سان ڌوپي.
    24. گِھ پوندي به ڪو مٿو سڙي.
    25. گھپي ٺڪرن مان پاڻي سڪائي.
    26. گَھَگير گهوڙو پيٽر ماڻهو، مهل ۾ ڪم نه اچن.



    ڳ

    1. ڳالھين سنديون ڳالھيون، ٽڪي سندا موٺ.
    2. ڳڙ ڄاڻي ڳڙ جي ڳوٿري ڄاڻي.
    3. ڳڙ سان مري تنھن کي زھر ڇو ڏجي.
    4. ڳوٺ سئين سا وھانو سئين.

    گھه

    1. گهٽو ڌاريم اُن کي ھٿان چري ڪپاھ.
    2. گھر جو پير، چلھ جو مارنگ.
    3. گهر ۾ کَڏ هجي ته ٻاهر ٻُهر ڇو اُڇلجي.
    4. گھر ۾ غرقي به نه ٺھي ٻاھر دم ھڻي ٺوڙھي جو.
    5. گھر ۾ به گھر کائڻو، ٻاھر به گھر کائڻو.
    6. گھڻ پيٽاري (حصن واري) بگري (پوک)، کائي ويئي جهار.
    7. گهڻن کي سمر ھڪڙي کي ڀري.
    8. گھڻن کنئين، ڇپر کڄي پوي.
    9. گهڻين زالين گهر نه هلي، گهڻي مڙسين هر نه هلي.
    10. گهڻي کاڌي کان گھڻو ڏٺو چڱو.
    11. گھڻيءَ کٽيءَ کان مور ياد ئي نه.
    12. گهوٽ ماءُ کان اهنئر ماءُ تڪڙي.
    13. گهوٽ ڪنؤار راضي ته ڪوهه ڪندو قاضي.
    14. گهوڙا ۽ پٽ، ملا ۽ ڀت، ھو ڪشيا تان رسيا ھو نيان تان چٽ.

    ل

    1. لاڙ جو ماڻھو، اتر جو ڍڳو.
    2. لڀي لوڻڪ به نه، سڌون ڪري مريڙي کي.
    3. لتر کي چڪر پڄي.
    4. لڄا تان، لک به قربان.
    5. لچان چوران پت نه ڪائي توڙي ھوون سڳي ڀائي.
    6. لڇمي وڃي، تڏھين لڇڻ به وڃن.
    7. لڏ به ڏي لڏاڻي به ڏي.
    8. لڙھندو گدرو پترن نميا رت.
    9. لک کٽيا ڏومڻي (لنگھياڻي) جو ڏوم (لنگھو) سلامت آيو.
    10. لکُ مري، شال لکپال نه مري.
    11. لکي لکانو واچي الانو.
    12. لکئي مان لِکَ (ذرو) نڪو لاھي نڪو پائي.
    13. لکين ليلائون، چنيسر جي راڄ ۾.
    14. لڳڻيون لُهارن کي، چَڏن ۾ چڻگون.
    15. لنگھن پنھنجو وھانؤ.
    16. لنگھو چڙي مڱن کان اُھيئي مڱ.
    17. لنگھي لاٿي لوئي ته ڪيا ڪريگا ڪوئي.
    18. لوڀ، سڀني پاپن جي پاڙ آھ.
    19. لوڀ ڇڏ ۽ سون مٺين سان ورھاءِ.
    20. لوڀي سندي راڄ ۾، ٺوڳي مري نه بک.
    21. لوچ ته لھين لال کي ڏور ته پويئي ڏس.
    22. لولو چوي اسين حج وڃون، ڪانگ چوي اسين موئا آھيون ڇا.
    23. لوڻ وجهي ڀت ڀائيوار ٿيو.
    24. لھي لوھ به نه چي منھنجو نانءُ سون ٻائي.

    م

    1. مارائي اچجي، ماري نه اچجي.
    2. ماچي ته ناچي.
    3. مادي ڪڪڙ به ڪڏهين ٻانگ ڏني.
    4. مارجي ته مير نه ته چاڪر ڇا چڪائجن.
    5. مارڻ واري کان رکڻ وارو اوڏو آھي.
    6. مارئي کان پڏايو چڱو آھي.
    7. ماريءَ جي گهر، هڏن جو ڍير.
    8. مالڪ وڃن ٻيڙيءَ چڙهيا، شاهد وڃن غوطا کائيندا.
    9. ماڻھو ٻٽيھ- لڇڻون، موچڙو ڇٽيھ- لڇڻون.
    10. ماڻهو سڀ چڱا پر ڪي ڪِن سان، ڪي ڪن سان.
    11. ماڻھو سڀ نه سھڻا پکي سڀ نه ھنجھ ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ اچي بوءِ بھار جي.
    12. ماءُ ڄڻيندي پٽڙي، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ.
    13. ماءُ مري رکي سڪي ڌيءُ دا نالا ڏھي.
    14. ماءُ جي ليکي پٽ کٽڻ ويو آھي پر بندرابن ۾ ٽنگيو پيو آھي.
    15. مڇ چوپئي به ڪو پيٽ ڀرجي.
    16. محبتي مڙن ته ٽن لوڪن ۾ لَکَ پوي.
    17. مڌ (شراب) پيوڻ، ذات پرکائڻ.
    18. مرد جي کٽي، زال جي ڪيوٽي (سھيڙ/ سنڀال).
    19. مرد مري مانَ کي، گانڊو مري نان کي.
    20. مردو نرڳ وڃي توڙي سرڳ وڃي.
    21. مرسان مرسان ته به ڊڀ نه چرسان.
    22. مرض اچي گھوڙي وانگيان، وڃي جون وانگيان.
    23. مروان موت، ملوڪان شڪار.
    24. مري نه ميھار ته وڳ ولھو ئي نه ٿئي.
    25. مڙس جو پاھوڙين سان ميڙي آڻڻ، زال جو سئي سان کوٽي ڪڍڻ.
    26. مر سين سڄاڻا ٻئي ٽنگون ڪاٺ ۾ کھ سين اڄاڻا ھنيون ھندوري لوڏيو.
    27. مُڙيا سي جُڙيا.
    28. مغلن آئي فارسي وسري ويندي آھي.
    29. مڱن ڏانڊي ڪارڙي ٽانڊي، مڱ پچي ڪارڙو نچي، مڱ لئو ڪارڙو مئو.
    30. مِلڪ ۾ ڏيڍ کجور، ميان ليٽي باغ ۾.
    31. ملڪ صاحب دا وسي، ڪوئي رووي ڪوئي ھسي.
    32. مُلو مئو، مهابو لٿو.
    33. ملو چور، ٻانگو گواھ.
    34. منهن ڏسي، تِلڪ ڏجي.
    35. منھن ڪنئرائي، ڳٽا پٽائي.
    36. موئا پر، پٽجن ھيلھ.
    37. موئا آهن، جِئرن جي وس.
    38. موئا به ڪڏهين مسڻ مان موٽيا آھن.
    39. موتيو اُتي مار، جا تي پاڻي ھئي تار.
    40. مور چڱو پر سندس پير ونگا.
    41. موڳو پنھنجي مانيءَ مان پيٽ ڀري کائي، وڃي وھِي مجلس ۾ ته سڀني سھائي، چريو ڳالھائي ته به بختاور بودلو.
    42. مئي کي مارڻ، سورِهَه جي گلا.
    43. ميان مري ته به حلوو کائڻو، بي بي مري ته به حلوو کائڻو.
    44. ميان جي مڏي، ٻه ڏندڻ ٽين تڏي.
    45. مينهن مچي ته هوريان هلي، رڍ مچي ته دڙيون ٽپي.
    46. ميون ڳور (قبر) لائق بي بي سيج لائق.
    47. مينھن ڌارڻ سولي آھ پر کرو ڪو ٺينھن (سنڀال/ آڳو پيڇو) ڌاري.
    48. ميوو، سڀڪو مندائتو مٺو.
    49. ميهر مينهن مان نڪتو، وڇن ڪهڙي پارت.

    ن

    1. نه اوڌو ڪا لينا، نه ماڌو ڪا دينا.
    2. نه ڏجي ته ڏکوئجي به نه.
    3. نه ڪنھن کي عقل منجھايو آھي، نه ڪنھن کي سونھن سڪايو آھي.
    4. نه سٽ نه ڪپاھ، ڪورين ۾ لٺيون ڌڪا.
    5. نه ڪَتي، نه ڪوريءَ جي ڪاڻ ڪڍي.
    6. نه ڪنهن جي کٿي کي هٿ لائجي، نه پنهنجو پَٽُ ڀرائجي (ڦاڙائجي).
    7. نانگ کي کير پياربو ته به ھن جو وھ ڪين گھٽندو.
    8. نانگ ريجهائڻ سولو پر کرو ڪو ڳوھ ريجهائي.
    9. نانگلي (قسم ان جو) نه پرڻي ڪم اچي نه مرڻي ڪم اچي.
    10. ناني رڌڻ واري، ڏوهٽا کائڻ وارا.
    11. ناڻان گھوريا سرن تان، سر گھوريا شرمن تان.
    12. ناڻو ڏجي آڪرو ته گِهه ڇو وٺجي ٻاڪرو.
    13. ناڻو سو جو ڳنڍ، ٻاڻي سا جا ڪنٺ.
    14. ناڻو جھڙي تاو سان گھڙجي تھڙي تاو سان نڪري.
    15. ناڻو، نَرَ چُتو ڪري.
    16. نانءِ چڙھيو واپاري کٽي کائي، نانءِ چڙھيو چور ڦاھي چڙھي.
    17. نانءُ بڙا ديھ بيران/ ويران.
    18. نچڻ پيٺي ته گهونگهٽ ڪيها.
    19. نڌڻڪا گھوڙا، گئباڻا ھسوار.
    20. نڪي پاراتن ۾، نڪي منجهه دعا، انگ اڳيئي لکيا پارڻ پوءِ پيا.
    21. نڪي دٻگرن مال ميڙيو، نڪي سرھيا بک موئا.
    22. ننڍڙو ٻار مڇ جو وار، جيئن ورائجي تيئن وري.
    23. ننڍڙي نه ڏيک، وڏي ڊؤل اٿي.
    24. ننڍي مري نه مايڙي ٻڍي مري نه جوءِ، ڪنت چوڙيليءَ نا مري مت جھڻڪ وھيڻي ھوءِ.
    25. ننڍي وات مان، وڏو ويڻ نه ڪڍجي.
    26. نون ميهارن مينهون ڌاريون، کٿا لاهي دونهيون ٻاريون.
    27. نُهن سان ڇڄي ته ڪاتي ڇو وجھجي.
    28. نئن به تکي ڳڙ به مٺو.
    29. نئين سنياسڻ، چيلھ ۾ جٽائون.
    30. نئين ڪنوار، نو ڏينهن.
    31. نيچ نوڪري، اُتم کيتي، وڌندو واپار.
    32. نيڪي برباد، گناھ لازم.
    33. نيم طبيب خطره جان، نيم ملا خطره ايمان.

    و

    1. وات جي پلاوَ کي، گِھ جو ڪھڙو صرفو.
    2. واتئون خرار کاڄن، نڪئون ڪڻون به نه کاڄي.
    3. وارا، ڄمارا آھن.
    4. واڱڻ ڪِن کي وائي، ڪن کي پيٽي.
    5. واڻيون پنج نه سھي پنجاھ سھي.
    6. واھڻ جو واڻيون تھڙو ڍوري جو پاتڻي.
    7. واءَ جبل اُڏائين تنھن جي اڳيان ڪپاھ ڇا آھي.
    8. وڇ ڪڏي ڪيري آھر. يا وڇ ڪڏي ٿوڻيءَ آھر.
    9. وَڇ کير ڏئي ته مينهن ڇو ڌارجي.
    10. وڏي ٻاگھي، ڪي وڏي ڌيڻس.
    11. وڙهن سپاهي، پڏائجن سردار.
    12. وس ڪرڻ مون واڪا ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
    13. وسي ته به ڏٻري گسي، نه وسي ته به ڏٻري گسي.
    14. وقت پڙي بانڪا (ڏنگو/ خراب)، ڪھيئي گڏھ ڪو ڪاڪا.
    15. ونڊ کائي، سک پائي.
    16. وڻجن ٻير کائجن ڊاکون، تن گھرن جون ڪھڙيون ساکون.
    17. وھ وڻجي سو وھ مان کائي.
    18. وهندو پير ٻوڙ به چڱو، بيٺل تارِ به نه چڱو.
    19. وِھي درياءَ ڀر تي وير وجھي واگھوءَ سان.
    20. وير وير واڌائي به ورچائي.
    21. ويري هڪڙو به گهڻو، سڄڻ ھزار به ٿورا.
    22. ويهي ويهي مڙس ڪري، سا وَهي ڇو وڃائي.
    23. ويئي سڱن کي ڪن به وڍائي آئي.
    24. ويئي تٿ ٻانڀڻ به نه واچي.

    ھ

    1. هاٿي جا ڏند کائڻ جا هڪڙا، ڏيکارڻ وارا ٻيا.
    2. ھار ماني ته جھڳڙا ٽوٽا.
    3. ھارياري جي ھير ٽنگ ڀڳي به نه رھي.
    4. هارئي کان، پيتو ڀلو آھي.
    5. ھاسي (کل/ مسخري)، ڪرھ جي ماسي.
    6. ھاڻوڪا جوان ڪاتيءَ جا مياڻ، ڌڪو ڏجي ٻئي کي ته ڪري پون پاڻ.
    7. هٿ جنين جو ھنئن پھرين پتڻ سي لنگھن.
    8. هٿ ڪنگڻ کي آرسيءَ جو کپ ڪهڙو.
    9. هٿن سان هاجون ڪري، پيرن سان کڏون کڻي.
    10. هٺ (بت) سھائيندو کائجي لوڪ سھائيندو پھرجي.
    11. هجيئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو، نه ته وت ويڳاڻو.
    12. ھر ٻول وچ ۾ ڦولھ.
    13. هر ھالا منھن ڪالا.
    14. ھر ھر ھورائي (ھلڪائي) وڃڻ در دوسن جي.
    15. هرڻي اڳيئي نچڻي، ويتر پئس گهنڊڻي.
    16. ھڙ بي گاسو (ھرج/ نقصان)، لوڪ بي تماشو.
    17. هڙ سکڻي، لوڏ گهڻي.
    18. ھڙ ۾ تماڪ ته جھنگ مڙيوئي دائرو.
    19. ھڙ ۾ ھريڙون، گوڏ ۾ پتاشا.
    20. ھسڻو جوڳي پڏڻي نار گد ڪھي اھي ٻئي مار.
    21. ھڪ سج ٻه پاڇا.
    22. هڪ ٽنگي جي ملڪ ۾ وڃجي ته ٻي ٽنگ ڪري لڪائجي.
    23. ھڪڙو ھٿ کير ۾، ٻيو ھٿ نير ۾.
    24. ھڪڙو چوي ٻيو مڃي، تنھنجو پورھيو ڌڻي نه ڀڃي.
    25. ھڪڙي مار، ٻي جھينگار.
    26. هڱ سهانگي ته به ڪا ٻاٽ ۾ گهوربي.
    27. ھمتِ مردان، مدد خدا.
    28. ھنجھ نه ميرو وت جاسين جيئين ڏينھڙا، جيءُ نه جنجل گھت سرُ تان سَرَ (تلاوَ) ڪيترا.
    29. هنجھن سان حرص ڪري اڏاڻي چڙي، چڻو هوس چهنب ۾، سو به پيس ڪري.
    30. ھنڌ ڏسي، ھاسي ڪجي.
    31. ھنڊي اُڀامندي ته پنھنجا ڪَنان کائيندي.
    32. هنر واري جو هنر، بي هنر جي جِند.
    33. ھڻ ڌي کي، سکي ننھن.
    34. ھڻن ڪين حمير کائن پاٽ پلاءَ جي.
    35. هو ساڻ ئي نه نين، هيءَ ڏاند چڙهندي.
    36. هو سوڙ پاند به نه ڏين، هيءَ وچ سمهندي.
    37. ھيانو تتي کان کڙي تتي چڱي.
    38. هيري جي پرک مان ڇا ڄاڻي شيشگر.
    39. هيڻي کي نه ھڻي سو ھٿن ۾ لھي.

    ي

    1. يا ته دريا تري وڃي يا ته اڏ تي بيھي رھي.
    2. يار اھو جو اوکي ۾ ڪم اچي.
    3. يار بي تيلي (تيل وڪڻندڙ يا چاڪي)، سينڌ بي ميلي.
    4. يار جن کي ياد سي ياد ھميشھ يار کي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 464
    ڪتابن جو مشاهدو: 372990
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 151947
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ