ڪتاب جو نالو: اُترادي پھاڪا ۽ چوڻيون
مصنف: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2006
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 25 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1261 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 300 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (177) ”اترادي پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب انجنيئر عبد الوهاب سهتي جو لکيل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • سادا اکر
  • پهاڪا

  • خيرپور ميرس جا پهاڪا ۽ چوڻيون
  • جيڪب آباد جا پهاڪا ۽ چوڻيون
  • شڪارپور جا چند پهاڪا ۽ چوڻيون
  • ماٿيلي / اوٻاوڙي جا پهاڪا ۽ چوڻيون
  • ڏسڻي

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (177) ”اترادي پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب انجنيئر عبد الوهاب سهتي جو لکيل آهي.

    هي ڪتاب 2006ع ۾ ڇپيو ۽ المنعم لائبرري لاڙڪاڻي پاران انجنيئر عبد الوهاب سهتي اي بوڪ ايڊيشن ۾ سندس ويب سائيٽ تي آندو آهي. ٿورائتا آهيون سائين عبد الوهاب سهتي جا جنهن هن قيمتي ۽ ناياب ڪتاب کي ٻيهر اسان تائين آندو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    سنڌي زبان جي ادب/نثر ۽ شعر بابت ڪيتريون ئي تواريخون لکيون ويون آهن جن وسيلي اسان کي سنڌي زبان جي اوسر، ڪتابن جي اشاعت، مختلف صنفن جي شروعات ۽ آغاز ڪندڙن بابت واقفيت ملي ٿي. ادب جي ڪهڙي صنف ڪنهن شروع ڪئي؟ ڪڏهن شروع ٿي؟ ان صنف ۾ ڪيترن ماڻهن لکيو آهي؟ ڇا ڇا لکيو آهي ۽ هيستائين ڪيترا ڪتاب شايع ٿيل آهن، اها سڄي وچور اسان کي انهن تواريخن مان گهڻي قدر ملي وڃي ٿي.
    پهاڪا/ چوڻيون/اصطلاح/ورجيسيون اسان جي ادب، خاص طور لوڪ ادب جي اهم صنف ۾ شامل آهن. نه رڳو اهم پر سڀ کان اهم ترين ان ڪري جو ان صنف مان اسان کي پنهنجي ٻوليءَ جي شاهوڪاري ۽ سکئي ستابي هئڻ جو بار بار اندازو ٿئي ٿو. جيڪو به پهاڪو / چوڻي/ ورجيس/ اصطلاح ٻڌجي يا پڙهجي ٿو ۽ اڃا جي ڪنهن موقعي ۽ مهل تي، وقتائتي نموني پيش ٿئي ٿو ته ڏندين آڱريون اچي ٿيون وڃن. اھو ننڍڙو ۽ مختصر جملو، ڪنهن ڪچهريءَ / محفل ۾ سمورن مٿان حاوي ٿي وڃي ٿو ۽ ماڻهو ان جي سحر ۾ گم ٿيو وڃي!
    پهاڪن جو تخليقڪار ڪير آهي؟ چوڻين کي ڪنهن سرجيو آهي؟ فلاڻو پهاڪو يا فلاڻي چوڻي ڪنهن جي تخليق آهي؟ ان بابت ڪو به پتو ڪونهي. ان سلسلي ۾ هڪڙي حيران ڪن ڳالهه هيءَ به آهي ته ادب جي تواريخن / تذڪرن ۾ ڪيترن ئي اهڙن ليکڪن / اديبن/ شاعرن ۽ سندن تحريرن، ڪتابن، مسودن يا لکڻين بابت تذڪرو ته ملي ٿو پر جڏهن اڳتي اهو پڙهون ٿا ته زماني جي ستم ظريفين ۽ ناسازگار حالتن ڪري، اهي ليکڪ / اديب / شاعر يا انهن جون تحريرون محفوظ نه رهي سگهيون ۽ اڄ انهن جو ڪو به نان نشان ڪونهي يا ڪٿي به انهن جو ڪو ڏس پتو ڪونهي. باوجود ان جي ته انهن اديبن/ ليکڪن يا ڪتابن/ مسودن / تحريرن جا وارث هوندي به اهي محفوظ نه رهي سگهيا ته ڏک ٿو ٿئي.
    اسان جي ٻوليءَ جو هر هڪ پهاڪو/ هرهڪ چوڻي/ هرهڪ ورجيس/ هرهڪ اصطلاح، جنهن جي اصل خالق جو پتو ڪونهي، اها خبر ناهي ته ڪهڙي زماني ۾ ان جي تخليق ٿي، ان جي بڻ بنياد بابت ڪو به ٺوس رايو موجود ناهي ته اهو ڪهڙين حالتن ۾، ڪنهن ماڻهوءَ پهرين چيو، پر اهي سڀ شيون اسان وٽ موجود آهن. ڀلي ڪتابن، تحريرن ۾ ساريون موجود نه هجن، پر زباني طور استعمال ٿيندڙ هجن تڏهن به اهي موجود آھن ۽ سيني به سيني منتقل ٿي، اسان جي ٻوليءَ ۾ زنده آهن. نه رڳو اهي زنده آهن پر اسان جي ٻوليءَ کي اڃا به وڌيڪ چاشنيدار بنائي اسان لاءِ فخر ۽ وڏائيءَ جو سبب بڻيل آهن.
    پهاڪو يا چوڻي، جڏهن به ڪو ماڻهو ڪٿي به استعمال ٿو ڪري ته هو ان کي اهڙي ته انداز ۽ لهجي ۾ ٿو چوي، ڄڻ ته اهو آهي ئي سندس ۽ هو انهن جي استعمال سان پنهنجي ڳالهه ۽ اظهار کي اڃا به وزنائتو بنائي ٿو وجهي. مثال طور ڪنهن کي ڀاڙيائپ جو مظاهرو ڪندي ڏسي ڪو چوي ته؛ ”ڀاڙيي مٿان پڳ به بار“ يا ”ڀاڙيي مٿان ڀت، ڪانگن ڪيرائي!“
    يا ”ڀاڙي ڀاءُ کان، کٽ خالي چڱي.“ يا ”مڙس ٿئي ڀاڙي، بار ڪريس ڏاڙهي.“ ته اڳلو هڪدم اُلر ڪري پنهنجي مخاطب لاءِ چوندو؛ ”ڏسو نه هي مون لاءِ چوي ڇا ٿو؟” اِن مان سندس مراد اها آهي ته هن پنهنجي اظهار کي سگهارو بنائڻ لاءِ جيڪي به چوڻيون ۽ پهاڪا آندا، اُھي اڳلي ائين محسوس ڪيا ته ڄڻ چوندڙ اهي پنهنجي دليان پيو گهڙي تڏهن ته چوندو آهي ته: ”فلاڻو مون کي چوي ڇا ٿو!“
    اهو سبب آهي جو عام ماڻهن، اڻ پڙهيلن توڙي گهٽ عل وارن، پاڻ جهڙن جي انهن تخليقن کي، پنهنجي عقل ۽ ذهن موجب، هڪدم قبول ڪري پنهنجو ڪري ورتو آهي ۽ ان کي سدائين زنده پئي رکيو آهي. وري پهاڪو ۽ چوڻي شي به اهڙي آهي، جيئن پارس لوهه کي لڳي ته سون! ڪو ماڻهو پنهنجي عام زندگيءَ ۾ پنهنجي ڳالهين، ڪچهرين ۾ ھجي ته ڪثرت سان پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال ڪندو ته اهو ڪچريءَ جو ڪوڏيو سڏبو ۽ ٻيا ماڻهو ساڻس چهري ڪندي، پنهنجي دلي تسڪين محسوس ڪندا ۽ ساڻس ڪچهريون ڪندي، پنهنجي غمن کي غلط ڪندا. ڪو مقرر پنهنجي خطاب ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال، چڱيءَ طرح ڄاڻائي ٿو ته پنهنجي ٻڌندڙن جي دلين کي فوري طور جيتي وٺندو ۽ ٻڌندڙ سندس تقرير کان بيحد متاثر ٿي ويندا ۽ جي ڪو ليکڪ آهي ۽ ان جي تحريرن ۾ پهاڪن، چوڻين ۽ اصطلاحن جو موزون ۽ مناسب استعمال ٿيل آهي ته پڙهندڙ کيس ٻوليءَ جو ماهر سڏيندو ۽ سندس ساراهه ڪندي نه ڍاپندو ۽ سندس تحرير کي بار بار پڙهي اها راءِ ڏيندو ته فلاڻو ليکڪ ته ٻوليءَ جو وڏو ماهر آهي. ڇا ته سندس ٻولي مايئه دار، ميويدار ۽ مزيدار آهي. ڇا ته سندس زبان ۾ رَسُ ۽ چَسُ آهي. ڇا ته پهاڪا ۽ چوڻيون ٿو ڄاڻي!!
    مرحوم استاد بخاريءَ مون کي هڪ خط ۾ لکيو هيو؛ تون تيز ۽ چست پبلشر آهين جو مان تنهنجي رفتار سان گڏ هلندي سهڪي ٿو پوان ۽ ايترا ڪتاب لکي نه ٿو سگهان.“
    ٻئي طرف هاڻي منهنجو اهو حال آهي جو عبدالوهاب سهتي جهڙي تيز ۽ چست محقق جي ڪتابن جي اشاعت کي وقت سر نه پيو آڻي سگهان. ڪينجهر ۾ اهو ئي حال ته هڪ مهيني ۾ سندس طويل ترين قسط ڇاپيان ته ٻئي مهيني سندس ٻي قسط تيار! آ اڃا هڪڙو ڪتاب ڇپائڻ ۾ پورو ۽ اهو جيستائين ڇپائي مارڪيٽ ۾ آڻيان، تيستائين سهتي وٽ ٻه ٽي ڪتاب تيار.
    اڪيڊمي آف ادبيات، گذريل سال ڪتابن تي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ته مون ٻين ڪتابن سان گڏ کين وهاب سهتي جا ڇپايل پهاڪن وارا ڪتاب به ڏياري موڪليم ته اهي ڪتاب مون کي ان اعتراض remark سان واپس موڪليائون؛ ”اهي ڪتاب تخليقي ناهن!“ اهو ڪيڏو نه ڏکيو ۽ ڪٺن ڪم آهي جو وهاب تخليقي ڪم، ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي، اهو ڪم شروع ڪيو آهي جو نه هوند نه شڪر! يعني ته ان جي هيڏي ساري ڪم لاءِ اسان وٽ ڪو به انعام اعزاز ڪونهي ته ٻيو ڇاهي؟
    پهاڪن / چوڻين جو ڪو ته تخليقڪار هوندو! مزيدار اها ڳالهه ته ڪو حق جتائي نه ٿو سگهي، پر جيڏي مهل هو چوي ٿو ته ان انداز ۽ پنهنجائپ سان ته اهو پهاڪو ۽ چوڻي سندس ئي اندر جو آواز آهي ۽ ان ئي محبت ۽ خلوص سان، پاڻ وهاب انهن کي سموهي گڏ ڪري تحرير ڪري ٿو ته اهي اسان جي ٻولي جا آهن، اسان جي ماڻهن جا آهن ۽ انهن ۾ ئي اسان جي ٻولي ۽ ادب جي هڪڙي لازوال ۽ امر زندگي سمايل آهي.

    ناز سنائي
    101 ايڇ ڊي اي فليٽس، نسيم نگر
    حيدرآباد، سنڌ 22 فيبروري 2006


    سادا اکر

    هن، عجب ۾ وجهندڙ حسين ۽ رنگين، ڪائنات جي جوڙيندڙ ڌڻي تعاليٰ جي ڌرتي چئن طرفن ۾ ورهايل آهي، جن مان هڪ طرف جو نالو ”اُتر“ آهي. اولهه طرف جيان سنڌ ۾ ”اُتر“ کي به مقدس حيثيت حاصل آهي. عام مشاهدو آهي ته سنڌين جي اڪثر آبادي اُتر ڏي پير ڪري، ڪونه سمهي چي؛ ”اُتر طرف ته يارهين واري پيران پير دستگير جو روضو مبارڪ آهي، اوڏانهن پير ڪري ڇو گنهگار ٿيون؟“ جاگرافيائي لحاظ کان سنڌ جي مٿئين يا اترئين ڀاڱي کي ”سرو“ يا ”اُتر“ چيو وڃي ٿو ۽ اُتان جي رهاڪن کي اُترادي ۽ سنڌ جي هيٺئين ڀاڱي کي لاڙ ۽ اتان جي رهندڙن کي لاڙيچو سڏجي ٿو. وٽن اُترادي لفظ جو مفهوم ڪجهه اُگرو آهي. جنهنڪري هيٺين چوڻي مشهور ڪئي اٿائون:

    “اُترادي ڍڳو، لاڙ جو ماڻهو”
    يا
    “لاڙ جو ماڻهو ، اُترادي ڍڳو”

    مٿين چوڻي مان مطلب اتراڌي، واتراڌي وارو وٺندا آهن. يعني ”اُتر ۾ ڍڳا * لاڙ ۾ ماڻهو رهندا آهن.“ جڏهن ته اُترادي ساڳي چوڻي جو مطلب پنهنجي مفاد ۾ ڪڍندا آهن؛ لاڙ جي ماڻهن جو عقل اتر جي ڍڳي جهڙو آهي.
    سنڌ ۾ اهڙيون چوڻيون ٻيون به کوڙ آهن، جن جو ٻٽو يا متضاد مطلب ۽ مفهو م نڪرندو آهي. هيٺيون چوڻيون مثال آهن:
    ١. سهتا، ستن نانگن جا کاڌل.
    ٢. ٻگهين جي مٽي کان وياءُ ويٺو ڀلو.
    ٣. ڀٽو ته ضد، نه ته ڪتي واري گوري.
    ٤. ٻرڙي جو ضد، جيئن الف تي مد.
    ٻڌڻ شرط، ٻڌندڙ ڌر برهم ٿيو وڃي ۽ جڏهن ٻي معنيٰ تي ويچار ڪندي آهي ته کل به نڪري ويندي اٿس يا نرم ٿي پوندي آهي. اهو ڳالهائيندڙ جي سوچ تي مدار ٿو رکي ته هو ڪاڏي ٿو لاهڻي لاهي ۽ وري ٻڌندڙ جي موڊ تي پڻ منحصر آهي ته مفهوم کي ڪاڏي ٿو ڇڪي!
    مزڪوره چوڻي مان لاڙ جا ماڻهو اها مُراد وٺندا آهن؛ ”اترادين جي مقابلي ۾ پاڻ سڌا سنوان ۽ سادڙا آهن . بلڪل ائين جيئن اردو ۾ چئجي ته ”الله ميان جي گانءِ آهن!“
    جڏهن ته پاڻ به چالاڪي ۾ گهٽ ڪونهن. عقل ۽ چالاڪي ۾ اُترادين جو به ”اُتر “ لهن .
    اُتر کي ته سنڌ جي سدا حيات ۽ دنيا جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي به ڏاڍي دلربائي سان پنهنجي ڪلام ۾ ڳايو آهي. مثال طور:
    ”سر نسريا پاند، اُتر لڳا آءُ پرين! “
    سنڌي ٻولي ۾ لفظ ”اتر“ ٻٽي معنيٰ رکي ٿو. هڪ؛ ڪنهن سودي، معاهدي ۽ ٺاهه ۾ واڌارو ورتل شيءِ يا منافعي کي اُتر چئجي ٿو. جڏهن ته ٻي معنيٰ؛ طرف جو نالو اٿس. سنڌي ۾ چوندا آهن:
    ”هو سودو نه سلن ۽ اسان اُتر گهرئون“.
    ”هو سودو نه سلي ۽ هيءُ اُٽل گهري“.
    ”اُتراڻ اُتريو، اڌ سيارو ڪُتريو“.
    اتراڻ؛ اتر کان لڳندڙ هوائون ۽ اتريو معنيٰ لٿو يا لاٿ آيس. جيئن چوندا آهيون؛ ”فلاڻي جي اتري آهي، تڏهن ٿو ٻين سان کينس ڪندو وتي.“ وغيره.
    بھرحآل سنڌ ۾ اتر ۽ اُٽل، ساڳي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ استعمال ٿين ٿا. سنڌ جي رنگين ڪلام شاعر ”اُستاد“ بخاريءَ لفظ ”اُتر“ (اُٽل) کي پنهنجي شاعري ۾ هيٺين طرح استعمال ڪيو آهي.
    ”جو ورتم سو واپس ڪيم، هاڻي ته لڙ لٿوم،
    اُتر ۾ رهندو ٻه آهون ڏيو ٿا وڃان“
    مٿئين بند ۾ شاعر جو خيال آهي، جا زندگي مون کي ڏني وئي سا ته موت مون کان واپس به وٺي ڇڏي پر هن دنيا ۾ ڏکن ۽ غمن کان مجبور ٿي جيڪي ٿڌا سُوساٽ ، آهون ۽ دانهون ڪيم سي دنيا کي ”اُتر“ ۾ ڏيون ٿو وڃان.“
    گڏيل هندوستان جي ورهاڱي کان پوءِ، جڏهن ڀارت بهانو بڻائي مشهور مسلم رياست جهوناڳڙهه کي هڙپ ڪيو، تڏهن اتان جن سنڌي مسلمانن ڀاڄ کاڌي ۽ پاڪستان جي صوبي سنڌ ڏانهن موٽ ڪئي، تن ۾ مشهور مزاحيه فلمي اداڪار نور محمد چارلي به هو. چارلي پاڻ سميت ٽن ماڻهن لاءِ هوائي جهاز جون ست (7) ٽڪيٽون ورتيون هيون. هوائي اڏي تي هڪ واقفڪار کانئس پڇيو؛ ”چارلي ! توهان ڀاتي ڪل ٽي ۽ ٽڪيٽون ست؟“
    ” متان انڊيا وارا هڪ ٽڪيٽ تي في ماڻهو نه ڇڏين، ان ڪري هر ڀاتي لاءِ ٻه ٽڪيٽون ورتيون اٿم!“ جواب ۾ چيائين.
    تنهن تي پڇندڙ کلي پڇيس؛ ”پوءِ ڀلا هڪ ٽڪيٽ واڌارو ڇو؟“ ٻڌايائينس؛ ”انڊيا وارا سلامت عضون سميت روانو ڪن ٿا، ان ڪري ”اُتر“ ۾ هڪ ٽڪيٽ ڏيون ٿو وڃان“. ٿڏي تي ئي هڪ ڪتيانه آفيسر پڇيس؛ ”هاڻ ته پاڪستان جي شوق ۾ ڪراچي وڃين ٿو . اُتان ڪرون ٿيندين؟“
    موٽ ۾ کلي، پئسن جو ٻٽون ڏيکاريندي، چيائينس؛ ”هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو! ناڻو ساڻ آھي، ان سان هر جاءِ تي پنهنجي مرضي پٽاندر رهي سگهندم.“
    ورهاڱي کان اڳ ۾ رياست گجرات، احمد آباد بڙوده ۽ سڄي راجسٿان صوبي جي هر ماڻهو جي زبان تي لاڙڪاڻي واري چوڻي (پهاڪو) هوندي هئي. جيڪي هو مهل ۽ موقعي جي مناسبت سان استعمال ڪندا هئا. پاڪستان جي مختلف گورنر جنرل / صدر صاحبان جو مسلسل 16 سال پي اي رهندڙ اي بي خالد به اردو ۾ لکيل پنهنجي ڪتاب ”ايوان صدر ۾ 16 سال “ ۾ پاڪستان جي ٽئين گورنر جنرل غلام محمد جي دور جون ڳالهيون لکندي لاڙڪاڻي جي هن پهاڪي جو ذڪر ڪيو آهي. احمد آباد گجرات انڊيا مان لڏي آيل هڪ سياستدان ۽ پوءِ پاڪستان جو وزير اعظم رهندڙ آءِ آءِ چندريگر لاڙڪاڻي بابت هي پهاڪو مرڪزي اسيمبلي جي سنڌي ميمبرن سان گفتگو ڪرڻ دوران رواني سان چوندو هو.
    پر لاڙڪاڻوي اهو ڪٿي چئي سگهندا ته لاڙڪاڻي بابت اها چوڻي، جنهن آخر ۾ پهاڪي جي صورت اختيار ڪئي، سا ڪنهن لاڙڪاڻوي ئي جوڙي هوندي؟ سنڌ جو مايه ناز اديب، ڪاڪو ڀيرومل پنهنجي شاهڪار ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ لاڙڪاڻي بابت هن مشهور پهاڪي لاءِ لکي ٿو: ”گهاڙ واهه جي کوٽائي کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾چهچٽو پيدا ٿيو ته مٿيون پهاڪو جُڙيو.“
    سوال آهي ته جوڙيو ڪنهن؟ جنهن به جوڙيو، ٿي سگهي ٿو ته ان کي چهچٽي کان سواءِ ڪجهه ”ٻيو“ به نظر آيو هجي! جيئن هر پهاڪي بابت پڪ سان ته نه ٿو چئي سگهجي ته ڪنهن جو جوڙيل آهي؟ اهڙي طرح هي پهاڪو به پنهنجي جوڙيندڙ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائڻ کان معذور، چُپ ۽ خاموش آهي. بھرحال هن پهاڪي جي پس-منظر ۾ هڪ منفي پهلو به لڪل آهي، ان ڪري ايترو ضرور چئي سگهبو ته هي پهاڪو ڪنھن لاڙڪاڻوي جو ٺهيل نه آهي. البته ايترو ضرور چئبو ته ان لاڙڪاڻي جو اوج، چهچٽو ۽ دٻدٻو اکين سان ڏسڻ يا ”ڪو“ مشاهدو ماڻڻ کان پوءِ ائين چيو هوندو.
    ائين ته اردو مشاعرن ۽ ادبي ميدان جي هڪ وڏي ملهه / شاعر حبيب جالب جي هڪ شعري سٽ ضرب المثل واري حيثيت اختيار ڪري چڪي آهي، جنهن ۾ لاڙڪاڻوين بابت وڏي ٽوڪ، ٺٺول، چٿر ۽ طنز ٿيل آهي؛
    ”لاڙڪاني چلو، ورنه ٿاني چلو“
    هن حالت ۾ ڇا اهو مڃجي ته ھي شعري سٽ، هڪ غير لاڙڪاڻوي حبيب ”جالب“ نه پر ڪنهن لاڙڪاڻوي جوڙي ۽ ٺاهي آهي؟
    سنڌ ۾ جيڪي پهاڪا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا تن منجهان ڪن پهاڪن جو تعلق سنڌ جي مخصوص شهرن ۽ ذاتين سان آهي. اهڙو هڪ مثال لاڙڪاڻي جو ۽ ٻيو مشهور ثقافتي شهر شڪارپور جو آهي.
    ”شڪارپوري، نيت بُري،
    ڏيکاين جوئر، ڏين ٻُري.“
    يا
    ”شڪارپوري، نيت بُري،
    هٿ ۾ قرآن ، ڪڇ ۾ ڇُري“.
    ڪن جو چوڻ آهي ته جڏهن، مياڻي واري جنگ دوران، 1843 ع ۾، خيرپور جو فوجي لشڪر، سنڌ جي لشڪر ۾ ڦوٽ وجهي، انگرزن جا ڀَوَ ڏئي، پوئين پير ڀڳو هئو ته سندن لاءِ ائين مشهور ڪيو ويو هيو؛ ”خير پوري، نيت بُري، هٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇُري“.
    هتي به هڪ سوال ذهن ۾ اڀري ٿو ته شڪارپورين بابت اهي چوڻيون ڪنهن ٺاهيون؟ ظاهر آهي ته ههڙيون منفي انداز وارون چوڻيون شڪارپورين پنهنجي پاڻ لاءِ ته ڪونه ٺاهيون/ چيون هونديون؟ هن دنيا ۾ ڪهڙو شريف ماڻو آهي، جنهن کي پنهجي عزت جي پرواهه نه هجي؟ عزت نفس رکڻ وارو ته ڪنهن به حالت ۾ اهو ڪونه چاهيندو ته سندس عزت نفس ڪنهن به قدم تي مجروح ٿئي. ڪير آهي جيڪو پنهنجي کاڌي ۾ پيل وهه ڳڙي بابت بي فڪر ٿو رهي؟
    سنڌ ۾ آباد آريجا ذات بابت هڪ پهاڪو عام جام ٻڌڻ ۾ اچي ٿو:
    ”لاهي لنگها ويھ، آريجن مان آسرو،
    پني سارو ڏيهه، اچي کاءُ آريجن ۾“
    پڙهندڙ اندازو ڪري سگهن ٿا ته بظاهر آريجا ذات ۽ ڳوٺ وارن کي هن پهاڪي ۾ ڪنجوس ڪري پيش ڪيو ويو آهي. بلڪل ائين جيئن ٻگهين لاءِ چوندا آهن؛ ”ٻگهين جي مٽي کان، وياءُ ويٺو ڀلو آهي.“ جڏهن ته ٻِئي مفهوم ۾ ٻگهيا، پردي جا سخت پابند آهن. جن سان سڱُ ڳنڍيندا آهن، تن کي به گهر اچڻ نه ڏيندا آهن ۽ آريجا شريعت جا پابندا آهن، لنگهن ۽ چغلخورن کي ڪونه سهندا آهن ۽ سندن ڪرت يا ڌنڌي کان بيزار آهن. يا ايڏا الله لوڪ آهن جو دهل جو آواز به ڪنن سان ٻڌڻ گناهه سمجهندا آهن.
    ساڳي طرح ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻي قنبر- شهداد ڪوٽ) جي هڪ قديم ڳوٺ گهٽهڙ بابت پڻ هڪ ٽوڪ ڀريل چوڻي مشهور آهي؛
    ”ثمر نه هجئي ساڻ ته گهڙي پئه گهٽهڙ ۾“
    اها ٻٽي معنيٰ رکندڙ چوڻي ڪنهن گهٽهڙ واري ته ڪين جوڙي هوندي؟ يا لاڙ ۾ مشهور چوڻيون:
    1.ثمر نه هجئي ساڻ، گهڙي پئو منجهه گهٽاڻ.
    2. ثمر هجئي ساڻ، ڀڄ ڀاڏائن کان.
    3. ثمر نه هجئي ساڻ، ڀر وٺ ڀاڏاين جي.
    گذريل ويهين صدي جي ستر واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري دادو ۾ هڪ رات پير علي محمد راشدي وٽ ڪچهري ڪرڻ لاءِ سندس اوطاق تي ويس. اُتي سنڌ جو مشهور محقق ۽ آثارِ قديمه جو ماهر ۽ شاعر مرحوم سائين تاج صحرائي ۽ دادو جو هڪ سياسي ڪارڪن نيو چوڪ دادو تي مٺائي جي دڪان وارو شوڪت سنڌي به ويٺل هئا. ڳالهين ڳالهين ۾ پير پير علي محمد راشدي ٻڌايو:
    ورهاڱي کان اڳ ۾ گهٽهڙ جي ٻن معزز رهواسين، هڪ پير الله ڏنوشاهه راشدي ۽ ٻيو قربان علي ٻرڙي گهٽهر جهڙي ڳوٺ ۾ مسلم ليگ جون ٻه الڳ الڳ شاخون کوليون ته سيٺ عبدالله هارون اهڙي شڪايت سنڌ مسلم ليگ جي صدر سائين جي ايم سيد سان ڪئي. سائين جي ايم سيد ٻنهي سان ڳالهايو. ڳالهين مان معلوم ٿيس ته ٻنهي جي وچ ۾ اجائي رسا ڪشي هئي. سائين جي ايم سيد ٽوڪيندي چين، ”حق تي گهٽهڙ لاءِ چوندا آهن، ثمر نه هجئي ساڻ ته گهڙي پئه گهٽهڙ ۾!“
    هڪ سوال هي به آهي ته سنڌ ۾ ٻولي سنڌي آهي يا ڪا ٻي ”ٻولي“ به آهي. اتر سنڌ يا لاڙ ويندي بلوچسان جي ضلعي سبي تائين، هندوستان جي صوبي گجرات، ڪڇ، ڀُڄ ۽ انڊين صوبي راجسٿان جا هڙئي شهر هجن يا ڳوٺ، اُتي سنڌي ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي پر ان ۾ اُتر، لاڙ، سري، وچولي ۽ بلوچي يا سرائيڪي جو ڪوبه فرق ناهي. فقط ڪجهه شين جا نالا يا وڌ ۾ وڌ لهجا ٿورا گهڻا مٽيل آهن. عجب ۾ وجهندڙ ۽ ”صاحب ڪتاب“ ٿيڻ جي ”جنون“ ۾ رڌل اديبن، مختلف لهجن ۽ لفظن جي آڌار تي سنڌي ٻولي کي ”ڌاري ٻولي” ۽ ”ٻي ٻولي“ قرار ڏئي ڇڏيو ۽ الائي ڪهڙي تڪبند ماڻهو جي هڪ سٽ کي بنياد بڻايو اٿائون ته ”ٻارهين ڪوهين، ٻولي ٻي.“ جيڪڏهن اهڙن اديبن جي لکڻين تي اعتبار ڪريون ۽ ويساهه رکئون ته پوءِ اُترادي ماڻهو کي لاڙ ۽ ٿر جي رهواسين سان ڳالهائڻ لاءِ يقيناّ ڪنهن ترجمان جي ضرورت پوندي. ڇاڪاڻ ته بقول سندن ”ٻارهين ڪوهين، ٻولي ٻي.“ ها البته ڪجهه شين جا نالا تبديل ٿين ٿا. ائين رڳو سنڌي زبان ۾ ڪونهي پر اردو ٻولي ۾ به ٿئي ٿو.
    مثال (1) اردو ٻولي ۾ سڄي يو پي، سي پي ۽ بهاري کير جي مٿان ڄميل ٿَرُ کي بالائي چون پر دهلي ۽ رياست حيدر آباد دکن وارا چون؛ ملائي.
    مثال (2( سڄي پنجاب ۽ صوبي بهار وارا چون؛ ”گول گپا“ پر يو پي خاص طور تي لکنئو، ميرٺ ۽ هاپڙ (باباءِ اردو مولوي عبدالحق جو ڳوٺ) وارا ۽ بريلي وارا چون؛ ”پاني ڪي بتاشي“.
    مثال (3) ڏهي جي پيڙن کي سڄي پاڪستان ۾ ”دهي بڙي“ ڪري لکن ۽ ڪوٺين ٿا پر دهلي ۽ لکنئو وارا چون؛ ”دهي ڀلي“.
    مثال (4) عام طور پنجن جي انگ کي اردو وارا ”پانچ“ چوندا آهن پر لکنئو ۽ سڄي يو پي ۾ ”پانچ“ جي بجاءِ ”پان“ چون ٿا. اردو زبان جا وڏا اديب ۽ شاعر جهڙوڪ پنڊت آنند نارائڻ ”ملا“، شاعر انقلاب حضرت جوش مليح آبادي، پروفيسر مالڪ رام ۽ گيانچند پنهنجي لکڻين ۾ ”پانچ“ بجاءِ پان (5) استعمال ڪيو آهي. ثبوت لاءِ گيانچند جو ڪتاب ”شخصيات و مشاهدات“ (پاڪستان ايڊيشن ) ۽ جوش مليح آبادي جي آتم ڪٿا ”يادون ڪي بارات“ ۽ خليق انجم جو ڪتاب ”جو ڪي خطوط“ ڏسي ۽ پڙهي سگهجن ٿا.
    مثال (5) اردو ٻولي جو مشهور محاورو آهي ”بي پرڪي اُڙانا“ پر صوبي بهار ۾ ان کي ”ڀانجا“ چون ۽ رانچي وارا چون؛ ”جهاڙِ دينا“. پر ممبئي وارا چون؛ ”ڦينڪنا“. مقصد آهي ته ان سان اردو ٻولي جي اصل شڪل / هيئت ته تبديل نه ٿي ٿئي ۽ نه ڪو اردو وارا اسان جي اديبن وانگر لکندا آهن ته ”دهلي ڪي اردو“، ”بهارڪي اردو“، ”لکنوي اردو“. اهڙي طرح اسان جي سنڌي ٻولي ۾ به فقط ڪن شين جا نالا تبديل ٿيل آهن. مثال طور:
    مثال (1) اُترادي ميوي جي هڪ قسم کي هنداڻون چون پر ساهتي ۽ حيدرآباد طرف ڇانهون ۽ ٿر ۾ ”ڪارينگ” چون.
    مثال (2) اُترادي ماني رکڻ واري شيءِ کي پنڊي چون پر ٿر ۽ ساهتي وارا ”دٻڪي“ چون.
    مثال (3) لاڙڪاڻوي کٽاڻ چون پر شڪارپوري، ٿر واسي ۽ سبيءَ وارا ”آچار“ چون.
    مثال (4) اُترادي ”کنڊ“ چون پر سبي وارا ”ٻُورو“ ۽ ٿر وارا چون ”کنڏ“.
    مٿال (5) سڄي سنڌ ۾ چون ”هل“ يا ”هلئون“ پر سبي ۽ سرائيڪي وارا چون؛ ”ڄُل“ يا ”ڄلئون“.
    چوڻ ۽ لکڻ جو مقصد اھو آهي ته فقط چند لفظن جي مٽا سان، سموري سنڌي ٻولي بدلجي نه ٿي وڃي يا پنهنجو رنگ، روپ ۽ مفهوم مٽائي نه ٿي ڇڏي. ان حوالي سان جيڪڏهن سائنسي سوچ رکندڙ اديبن ۽ سندن تواريخن کي پڙهئون ۽ ادبي حوالن سان بين الاقوامي طور تي مفڪرن جي اها مڃيل را ته هر سئو (100) ڪلوميٽرن کان پوءِ ٻولي جا لب و لهجا تبديل ضرور ٿيندا آهن پر ان جو مقصد اهو هرگز ناھي ته شيون پنهنجي شڪل کي تبديل ڪنديون آهن. لفظن جي مٽا يا تبديلي ۽ لهجن جي تبديلي جو هڪ اڌ مثال ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو.
    سنڌ جي مشهور راڳي ماسٽر چندر جو ڳاٺائي يعني ٺارو شاهه جو رهواسي ۽ سنڌ جو مشهور اديب گوبند مالهي اُتر سنڌ جي پهرئين ڪاليج، سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور ۾ داخلا ورتي ته ڪاليج ڪيمپس ۾ جڙيل هاسٽل ۾ رهڻ لڳو. جتي دوستن کيس مجبور ڪري ميس مئنيجر بڻايو. سندس رانڌي (بورچي) جو نالو شامون ھو ۽ روم- پارٽر لاڙڪاڻي واسي بالچنداڻي هو. هاسٽل ۾ رهڻ دوران گوبند مالهي کي ڪجهه اُترادي لفظ سمجهه ۾ نه پئي آيا. اهڙو اظهار هن پنهنجي آٿم ڪٿا ”سنڌڙي، منهنجي جندڙي“ (سنڌي ساهت گهر، ناز سانئي طرفان ڇپايل 2004ع) جي صفحي 88 تي شڪارپوري لفظن بابت ڪيو آهي. گوبند مالهي لکي ٿو، شڪارپوري ٻولي جي لفظن منڍ ۾ مون کي ڪيئن پريشان ڪيو تنهن جا ٻه مثال ڏيان ٿو“.
    هڪ ڏيبنهن شام جو رانڌي (بڳرچيءَ) اچي پڇيو؛ ”ديوان! سُڀان (صبحاڻي) نيرن تي حلوو پوري ٺاهيان؟“
    مون چيو مانس: ”دماغ جاءِ تي اٿئي؟ ڪُجا حلوو ڪُجا پُوري؟“
    بالچنداڻي هئو ته لاڙڪاڻائي پر شڪارپور ۾ ڪافي وقت رهي چڪو هو. چيائين؛ ”حلوو معنيٰ سيرو“. هن ٽهڪ ڏئي چيو ته ”سيرو پوري ته هلي نه؟“ مون به کلي چيو ته ”هلي ئي ڇو، اھو ميلاپ ته ڊوڙي“.
    مثال (2) هڪ آرتوار (آچر) تي ورانڊي ۾ ويٺو هوس ته ساڳيو رانڌو شامون آيو. ايندي ئي چيائين؛ ”ديوان ڌائيندا ڪي کائيندا؟“ مان شرم ۾ پاڻي ٿي ويس ته جيڪب آبادي سڌوا چيو: ” جنهن ڌانئڻ جو سوچيندي تون شرمائين ٿو تنهن ڌانئڻ جي ڇا هي وهي آهي تنهنجي؟“ اهڙن لفظن لاءِ انڊس گلاس فيڪٽري حيدرآباد جو مالڪ ۽ پوني انڊيا جو سيٺ ۽ مشهور ليکڪ سرڳواسي لوڪرام ڏوڏيجا پنهجي ڪتاب ”منهنجو وطن منهنجا ماڻهو“ جيڪو ڪوڪ ڪلياڻ ٽرسٽ پوني مان 1982 ع ۾ شايع ٿيو ۾ لکي ٿو:
    ”هزارن ورهين کان سنڌ ۾ جيڪي حملا آوار قومون جهڙوڪ چيني، ترڪستاني، يوناني، هوڻ، شڪ، ايراني، افغاني، پٺاڻ، پورچوگيز ۽ انگريز وغيره آيا سي سنڌي ٻولي ۾ پنهنجون نشانيون ۽ يادگار ڇڏي ويا. خاص ڪري اهي لفظ جيڪي شڪارپور ۽ اُتر سنڌ ۾ گهڻا هلندا هئا پر لاڙ وارا مشڪل سان سمجهندا هئا. جيئن:
    ڌاوڻ معنيٰ وهنجڻ
    جند : خود
    کرانڊو : رڌڻو
    ڪوٺو : کُڏُ، ڇت
    مُنجڻ : موڪلڻ
    پيشين : ٽيهپري کان پوءِ وارو وقت، ٽيپهري ڌاران ( شام جو قت)
    ٻٽالون : پٽاٽا
    ۽ مان (لوڪرام ڏوڏيجا) شڪارپوري هوندي به شڪارپوري لفظن جو ٿاهُه پائي نه سهگيو آهيان.
    مون کي ياد ٿو اچي ته اسٽوڊنٽ لائيف دوران ئي پنهنجي ڪلاس-ميٽ عبدالغفار سومرو (پوءِ ڪمشنر حيدرآباد ۽ هاڻي ڊاڪٽر، اديب ۽ اسڪالر) سان گڏجي برصفير جي نامور اداڪاره ۽ ڳائڻي، ملڪه ترنم نورجهان سان به لاهور ۾ مليو هيم. هڪ دفعي ميهڙ جي هڪ رازدان ۽ ننڍپڻ جي همخيال دوست محمد نواز چنڊ (هاڻي ڊاڪٽر ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ ڊين آف اسٽوڊنٽس افيئرس آهي) ۽ نازڪ ۽ نفيس قسم جي انسان ۽ سندس ڀيڻيويي غلام سرور چانڊيو سان گڏجي ميهڙ شهر ۾ غلام قادر شيخ سان ملڻ ويس. سنڌي زبان ۾ ٺهيل ميوزيڪل فلم پرديسي جن به ڏٺي هوندي تن کي ان فلم جو ”سنهڙو“ نالي ڪردار ياد هوندو، جيڪو غلام قادر شيخ ميهڙ واري ادا ڪيو هو (حالانڪه غلام قادر شيخ گهڻو جسيم لحيم ۽ شحيم هئو) ڏسڻ وارن کان اھو ڪردار ڪٿي وسريو هوندو؟ پرديسي فلم مٽيارين واري مشهور فلمي اداڪار سيد حسين علي شاهه فاضلاڻي ٺاهي هئي جنهن ۾ مصطفيٰ قريشي پهريون دفعو ڪم ڪيو هو ۽ کيس انور نالي ڪردار مليل هو. غلام قادر شيخ پنهنجي ميڊيڪل اسٽور تي ويٺو هو. منهنجي دوستن منهنجو ساڻس تعارف ڪريو ته ڏاڍي قربائتي نموني ۾ مليو ۽ ڪچهري دوران ٻڌايائين ته منهنجي ڳالهائڻ تي سيد حسين علي شاهه فاضلاڻي ڏاڍو کلندو هو. ڇاڪاڻ ته منهنجي ڳالهائڻ واري لهجي تي لاڙڪاڻي يعني اُترادي لهجي جو اثر هو. فاضلاڻي صاحب منهنجو ”ش“ ۽ ”ق“ به دوست ڪندو هو. آ هيس نئون اداڪار، ان ڪري ڪئميرا آڏو بيهڻ سان ئي ياد ڪيل ڊائيلاگ مون کان وسري ويندا هئا ته فاضلاڻي صاحب خفا ٿي چوندو هو: ”اڙي !هنيان تي .... اٿئي ڇا؟“
    حالانڪ اهو جملو اُتر سنڌ ۾ گهڻو مروج آهي. جڏهن به ڪنهن کي ويسر ۾ ڏسندا آهن ته هڪدم مٿيون جملو چئي ڏيندا آهن. اُترادي ٻولي لاءِ ته ڪاڪي ڀرومل جهڙي عالم به پنهنجي مشهور ڪتاب ”سنڌي ٻولي جي ادبي تاريخ“ ۾ سنڌ جي مختلف لهجن ۾ ڀيٽ ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪندي واکاڻ ڪئي آهي. مشرقي ٻولين جو ماهر سر رچرڊ برٽن به سنڌي ٻولي بابت پنهنجي راءِ ڏيندي چوي ٿو:
    ”سنڌي ٻولي ۽ ادب بابت ايترو يقين سان چوڻ چاهيان ٿو ته سڄي هندوستان جي ڪنهن به ٻي ٻولي ۾ ايترو علم ۽ ادب موجود ناهي جيترو سنڌي ٻولي ۾ آهي.“
    مشهور انگريز ليکڪ ۽ نقاد آءِ اي رچرڊ جيان مان به پهاڪي کي ذهني واقعو سڏيان ۽ سمجهان ٿو.
    يعني پھاڪو لفظن جو اهو عقلي مجموعو ٿئي ٿو جيڪو خيالن جي دانائي کي متحد ڪري هڪ سٽ يا جملي ۾ قيد ڪري ان کي حياتِ جاودان عطا ڪري ٿو ۽ انهي جي هر هنڌ ”هاڪ“ ٻڌجي ٿي. پهاڪا سماج ۽ ادب جا مغزيات آهن. ڇاڪاڻ ته پهاڪن ۾ هي ڳالهه به سمايل ٿئي ٿي ته اهي نه رڳو انساني زندگي جي ذاتي مسئلن ۽ محبت ڀري دنيا، پر ادب ۽ شاعري کي به سونهن بخشي ائين جرڪائي ڇڏين ٿا جيئن اُس جي تپش ڪنهن نوخيز سهڻي دوشيزه يا ڪنهن خوبصورت عورت جي تکن مُهانڊن واري نقش نگارن کي جرڪائي ٻهه ٻهه ٻاري ڇڏيندي آهي.
    حيرت ۽ اچرج جهڙي ڳالهه هي آهي ته سنڌي ٻولي جي چند اديبن پهاڪن جي معني لکي آهي؛ ”اُهي الفاظ ۽ جملا جيڪي ”پهه“ ڪري چيا ويا هجن، ان ڪري لفظ ٺهيو ”پهاڪو”. آ اهڙن اديبن جي خيالن ۽ لکيل ڳالهين کي (Puraile) سمجهان ٿو. ان ڪري مان سمجهان ٿو ته هنن سان ڪو به متفق ڪونه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته پهه ڪرڻ معني ارادو ڪرڻ يا خيال کي سوچي سمجهي مضبوط ڪرڻ. جڏهن ته پهاڪن بابت سٺي ڄاڻ رکندڙ عالم ۽ اديب به چون ٿا ته پھاڪي ۾ ڪنهن به ارادي جو عمل دخل ناهي ۽ اهي سونهري الفاظ آهن جيڪي اُمالڪ يا بنا ارادي جي چيا ويا آهن. سنڌ جي ساهتي واري ڀاڱي سان تعلق رکندڙ هڪ اديب چوي ٿو ته پهاڪو معنيٰ؛ “ڊونگل”. سنڌي ۾ ڊونگل ته چٿر ۽ ٽوڪ کي چئبو آهي. ڇا اسين اهو مڃئون ته پهاڪو به ٽوڪ ۽ چٿر آهي؟!!!!!
    پهاڪا ته ٻوليءَ ۽ سماج جو ادبي ۽ ثقافتي املهه خزانو ۽ سرمايو ٿين ٿا ۽ آهن. زبان ۽ ٻولي جي هن سرمايي کي ڪنهن به سطح تي سماجي سرمايي کان الڳ نه ٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته براه راست علمي ۽ سماجي اثرن کان ادب جي عليحدگي ممڪن ئي ڪونهي ۽ سنڌي ۾ پهاڪن کي اها حيثيت حاصل آهي جيڪا برطانيه جي تاريخ ۾ ميگنا ڪارٽا (Magna Carta) (اڻ لکيل آئين) کي آهي.
    سنڌي ٻولي جي درسي ڪتابن منجهان پهاڪا ختم ڪري سنڌي ٻولي سان دشمني ڪئي وئي آهي. نتيجي ۾ نئون نسل ههڙي املهه خزاني کان محروم رهجي ويو آهي ۽ ڄڻ ته واقف ئي ڪونهي. ڌاريون ٻوليون، ڪئبل ڪلچر ۽ ڪئيسٽي شاعري جي ذريعي سنڌ جي نئين نسل جي ٻولي جو اصل ”روح “ مجروح ٿيندو پيو نظر اچي.
    گهڻا سال اڳ، محترم فضل احمد بچاڻي پاڻ ۽ پنهنجي خاندان بابت يادگيرين (Biographics) تي مشتمل ڪتاب ”اڳي ائين هياس“ (جيڪو 1984ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدر آباد طرفان شايع ٿيو) ۾ هڪ هنڌ لکيو آهيو؛ ”حقيقت هيس آهي ته شهر برابر سنڌ ۾ آهن پر سنڌ شهرن ۾ ڪانهي، بنيادي سنڌائتي پڪي پختي ٻولي سڀيتا جا سڀ مظهر ۽ اهڃاڻ ۽ سماج جا بنياد ٻهراڙين ۾ آهن.... اهو به ڏسئون پيا ته اسان جي نج بنيادي ٻولي جو ذخيرو وري به انهن ٻاهراڙي وارن اٻوجهن وٽ اسان کان وڌيڪ محفوظ آهي. انهن سگهڙن وٽ وڌيڪ هٿيڪو به آهي ۽ مستعمل به.“
    هونئن به چوندا آهن؛ ”ٻهراڙي جي گفتار، ساهت جو سينگار.“ بچاڻي صاحب وڌيڪ لکي ٿو؛“اسان جو هڪڙو عزيز انگلستان مان بئريسٽري پاس ڪري آيو ته اٻوجهه، منجهانئس اڙجي ويا (ڄٽ پڙهيو، جڳ اڙيو. راقم الحروف) اڻ پڙهيلن سان به ويٺو انگريزي ۾ گِٽِ مِٽِ ڪري. سُٿڻ پٽڪي واري کي هٿ ملائيندي پئي بڇان اچيس. سمجهو آسمان مان لٿو آهي . هڪڙي ڏينهن ڀري ڪچهري ۾ هڪڙي اشراف سادات اچي گهٽيس ته؛ ”باليسٽر صاحب اول ته جيڪو علم ايڏو هٺ وڏائي سيکاري سو علم ئي ڪونهي. پر خير تون اسان ڄٽن جي هڪڙي ٻن اکرن جي معنيٰ ٻڌاءِ جيڪي تنهنجا ابا ڏاڏا اڃا به ڳالهائن ٿا، تڏهن چئون ته علم پرايو اٿئي.“ اهي اکر هئا؛ “گڏون”، “ڪاشڪ”، “سلَهڙ”، “سهانجو” ۽ “اوبڻ” ۽ ڪي ٻيا. هي بئريسٽر صاحب هڪڙي جي به معنيٰ نه ٻڌائي سگهيو . چي؛ اھي اکر هاڻي “متروڪ” ٿي ويا آهن ته انهي لفظ متروڪ جي معنيٰ وري هنن “ڄٽن” ڪانه سمجهي. جڏهن سمجهايوسون ته لڳا ڪنن تي هٿ ڏيڻ ته “سائين توبهن توبهن! امڙ جن اکرن ۾ لولي ڏني سي ڪڏهن متروڪه به ٿيا ؟!!”
    مشهور جرمن ڏاهو Luding Wittenstein پنهنجي ڪتاب A Brief History of Literary Theory (Vol:IV) پهاڪن، چوڻين ۽ محاورن کي لفظن جي مصوري Pictorial Theory ۽ لفظن جي راند Language Game جو اضافو ڪندي، پهاڪن کي “لساني سائنس” جو درجو ڏئي ٿو.
    نئين دور جون نيون تقضائون آهن. ان ڪري ڪي نوان پهاڪا ۽ چوڻيون، ورجيسيون ۽ اصطلاح به پاڻ-هرتو وجود ۾ اچي ويا آهن، اهي ڪڏهن به ۽ ڪنهن به حالت ۾ پراڻن پهاڪن سان بَرُ ميچي نه ٿا سگهن. ڇاڪاڻ ته نئون دور ۽ ماڻهن جي سوچ به اهڙي آهي. ”جهڙا روح، تهڙا ختما“. ان حوالي سان به اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ نون پهاڪن ۽ اصطلاحن جا ٻه ٽي مثال ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو.
    مثال (1) انگريزي ٻولي جي لفظ “Danger” جي لغوي معنيٰ خطرو آهي پر صوبي بهار ۽ نئين صوبي ”جهاڙ کنڊ“ جي گادي واري مشهور شھر ”رانچي“ ۾ آٽو رڪشا ڊرائيورن وٽ ”ڊينجر“ معنيٰ خطرو نه بلڪ سٺو آهي. جيڪڏهن ڪا فلم کين وڻي وئي ته چوندا ڏاڍي ”ڊينجر “ فلم هئي. ڀلي اُها فلم ميوزيڪل ۽ گهريلو قسم جي ڇو نه هجي.
    مثال (2) اسان سنڌين وٽ مذهبي، اخلاقي توڙي سماجي لحاظ کان لفظ ”سوئر“ ڪيڏو نه قبيح، ڪراهت جوڳو ۽ نفرت ڀريو آهي. بلڪ گار ڏيڻ برابر آهي پر اڄڪلهه جيڪڏهن ڪو ڊرائيور يا ڪو مستري پنهنجي فن ۽ ڪرت ۾ ماهر ۽ هوشيار آهي ته ان لاءِ پهاڪي / محاوري طور چوندا؛ ”فلاڻو! ”سوئر“ ڊرائيور آهي“.
    هنن وٽ ”سوئر“ مان مراد ڪنو نه پر سٺو ماهر ورتي وڃي ٿي. يا چئبو آهي ”فلاڻو ڳالهائڻ جو ڪتو آهي“ يا جنهن مان بيزار ٿبو آهي تنهن لاءِ چئبو آهي؛ ”فلاڻو ته حضرت آهي“ يا ”فلاڻو ته بادشاهه آهي.“ وغيره.
    مثال (3) جرمني جو هٽلر پنهنجي ڪردار جي ڪري ڏاڍ ۽ جبر، ظلم ۽ استبداد جي اهڃاڻ طور سڄي دنيا ۾ سڃاتو ۽ ياد ڪيو ويندو آهي. سنڌي سماج ۾ هاڻي جيڪڏهن ڪنهن جو منظورِ نظر (سواءِ ڪهن جنس جي تفريق جي) قدرتي فياضي جي ڪري جسماني طور سونهن ۽ خوبصورتي سان ٽُٻ آهي ته ان لاءِ محاوري يا پهاڪي طور چوندا: ”فلاڻي جو محبوب ته سائين ”هٽلر” آهي. يا چوندا؛ فلاڻو ته ”ليڊر “ جوان آهي.
    مثال (4) جيڪب آبادي ، هر سٺي/ چڱي شيءِ لاءِ چوندا آهن؛ ”فلاڻي شيءِ ڏاڍي وي آءِ پي آهي“.
    اڄ جي نئين اصطلاح ”گلوبل وليج“ جي پس منظر ۾ انساني سماج جي موجوده صورتحال، ان جي جمالياتي قدرن ۽ مختلف طبقن جي وچ ۾ پيدا ٿيل ناتن ۽ رشتن هوندي به پهاڪن پنهنجي پاڻ مان روايتي ڏاهپ (Conventional Wisdom) وارو سرور ۽ حِظُ، لطف ۽ مزو ڪونه وڃايو آهي. ڇاڪاڻ ته پهاڪن جون جڙون، ڌرتي ۽ سماج جي پاتال ۾ پختيون هوندو آهن. حيرت ۽ اچرج جهڙي ڳالهه هي آهي ته ههڙن اَملهه خزانن (پهاڪن ۽ چوڻين) جا موجد (ٺاهيندڙ ۽ جوڙيندڙ) گمنامي جي دنيا ۾ هليا ويا!! سنڌي ٻولي ۾ سونهن ڀري اضافي ڪرڻ وارا اُهي مهندار اڄ اسان ۾ موجود ناهن پر سندن سونهري ۽ زرين اقوال، پهاڪن جي روپ ۾ نشاني طور اسان وٽ موجود آهن. اهڙن سدا حيات پهاڪن جي سهيڙپ به اوتري ئي اهميت جوڳي ٿئي ٿي. انجنيئر عبدالوهاب سهتي پنهنجو قيمتي وقت سيڙائي، هتان هتان چونڊ ڪري، پهاڪن جي روپ ۾ اسان کي ههڙو املهه ڪتاب ڏئي، اسان جي وڏي محقق ۽ اديب، دانشور ۽ فلاسافر پير حسام الدين راشدي ۽ سنڌي ٻولي جي اديبا ۽ شاعره ريٽا شهاڻي جي چوڻ کي ”پاڻي ڏنو“ آهي.
    هڪ دفعي پير حسام الدين راشدي ڪنهن ڪتاب جي مهورت واري تقريب دوران پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته ”پنهنجي اردگرد جيڪي ڪجهه ڏسو، پسو * ٻڌو ٿا سي سڀ لکي ڇڏيو ۽ بهتر آهي ته ڇپائي ڇڏيو. اوهان جون لکڻيون ملڪ جي ٻولي، ادب، ثقافت ، تهذيب، ۽ تواريخ جو اهم جُز آهن. سي لکبيون رهڻ گهرجن، جي ائين نه ڪيو ته اوهان جي تواريخ گم ٿي ويندي“.
    سنڌ جي هڪ وڏي اديب سرڳواسي پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جي سڳي ڀائٽي ۽ حيدرآباد سنڌ جي رهواسڻ (هاڻي پونا انڊيا) مشهور اديبا ۽ شاعرا ريٽا شهاڻي پنهنجي آتم ڪٿا ”ٻپهري جا به پل“ ۾ چند لفظ واري عنوان ۾ لکي ٿئي:
    ”ڪٿي ڪٿي سنڌي جيون، ريتن رسمن، رهڻي ڪهڻي ڏانهن اشارو هلندي هلندي سهج ،سڀاويڪ ۽ ڀاوَ سان اچي ٿو وڃي (پهاڪا به ته اسان جي سنڌي جيون، ريتن رسمن ۽ رهڻي ڪهڻي جا نمائندا آهن - راقم) هن وقت انهن ڳالهين لکڻ جي اهميت ان ڪري وڌيڪ آهي جو اسان پنهنجي اڳين پيڙهي جي باري ۾ جيڪڏهن هاڻي ڪجهه رڪارڊ نه ڪندا سون ته اهي سڀ ڳالهيون آخر ۾ اوجهل ٿي وينديون ۽ اسان جي سنڌي تهذيب جا اهڃاڻ اتهاس جي ورقن ۾ ڳولهئي به نه لڀندا “.
    ائين اسان جي محقق انجنيئر عبدالوھاب سهتي به اُترادي پهاڪا هن ڪتاب ۾ رڪارڊ ڪيا آهن. سهتي صاحب پنهنجو ادبي سفر ته تخليق کان شروع ڪيو هو پر هن جي اندر واري شخصيت ۾ ڪو تحقيق جو پکي به موجود هو جنهن پنهنجا پر هڻن شروع ڪيا. سهتو صاحب پهاڪن، پوڻين ۽ ورجيسن جي حوالي سان لوڪ ادب جي ميدان جو اڪيلو شهسوار نه سهي پر هن تحقيقي ميدان ۾ ٻين کان مختلف ۽ منفرد ضرور آھي، جنھن جو ثبوت سندس تحقيقي ڪتاب آهن، جيڪي حوالي سان سند طور پيش ڪري سگهجن ٿا ۽ هن ميدان ۾ سندس محنت، جاکوڙ ۽ لگن کي واکاڻي سگهجي ٿو. شڪر آهي جو انجنيئر عبدالوهاب سهتي اهو ڪونه لکيو ته ”اُترادي ٻولي جا پهاڪا“ بلڪ هو سڄي سنڌ ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهر ڳالهائيندڙ سنڌين جي ٻولي کي فقط ۽ فقط سنڌي ٻولي سمجهي ٿو. ان ڪري ته پنهنجي تحقيق ڪيل محنت جو نالو ڏنو اٿس ”اُترادي پهاڪا“ يعني سنڌ جي اُترئين ڀاڱي ۾ ڳالهه ٻولهه اندر ۽ سماج ۾ استعمال ٿيندڙ مشهور پهاڪا.
    آ انجنيئر عبدالوهاب سهتي لاءِ اهي روايتي، گسيل ۽ پيٺل، چٻاڙيل ۽ چُوسيل جملا هتي ڪونه ورجائيندم. ڪن اديبن وانگر مون کي ”نثري قصيدن“ لکڻ جو ڏانءُ ”بنه“ ڪونه اچي ۽ آ پڙهندڙن کي اهڙي دوکي ۾ رکڻ بجاءِ اهو سڀ ڪجهه سندن پنهنجي قائم ڪيل اڻ ڌري راءِ تي ڇڏيان ٿو ته هو پاڻ هيءُ ڪتاب پڙهي پاڻ اظهار ڪن. پڙهندڙن کان وڌيڪ پارکو ٻيو ڪير به ناهي.

    پروفيسر نذير احمد سومرو
    ذوالفقار راشدي اڪيڊمي،
    نئون ديرو ضلعو لاڙڪاڻو
    چار فيبروري ٻه هزار پنج


    پهاڪا

    خيرپور ميرس جا پهاڪا ۽ چوڻيون

    خيرپور ميرس جا پهاڪا ۽ چوڻيون
    )مرحوم عبدالرحمٰن چنا صاحب جي ڪاپي تان کنيل(
    اپريل 2001 ع ڌاري، قاسميه لائبريري ۾ سائين محمد ادريس سومرو صاحب، ڪچهري ڪندي ٻڌايو: ”ماستر عبدالرحمان چنا، پيرڳوٺ واري کي اوهان سان ملڻ جو ڏاڍو شوق آهي! مون کان اوهان جي لاڙڪاڻي واري ايڊريس گهريائين. مون وٽ ڪانه هئي، تنهنڪري ڪانه ڏنيمانس!“
    ”پر! مان ته کيس سڃاڻان ئي ڪونه!“ حيرت مان ورندي ڏنيانس.
    ”هتي آيو هيو!“ سائين ڳالهه کي اڇو ڪندي ٻڌايو؛ ”کيس پهاڪن وغيره گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق آهي. گڏ به ڪيا اٿائين! اوهان جي شوق بابت کيس ٻڌايم ته ملاقات ڪرڻ لاءِ اشتياق ڏيکاريائين. ايڊريس به طلب ڪيائين. مون وٽ نه هئڻ جي ڪري، پنهنجي ايڊريس ڏئي ويو آهي.“
    سائين سندس ايڊريس ڏيندي تاڪيد ڪيو؛ ”لاڙڪاڻي پهچي کيس خط ضرور لکجو!“
    لاڙڪاڻي پهچي، حڪم جي تعميل ڪيم. ستت ئي جواب پهتو. ملاقات ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني هئائين.
    خط و ڪتابت هلندي رهي. هر خط ۾ ملاقات ڪرڻ لاءِ دعوت ۽ ڇپيل ڪتابن بابت معلومات پوي ڪيائين. انھي دوران، ڪھاڻين جو ڇپيل مجموعو: هٿ جي وڍي، کيس موڪليم. پڙهڻ پڄاڻان، ڪتاب جي تعريف به ڪيائين ۽ پهاڪن/ چوڻين جي ڪتاب جي تقاضا به ڪيائين. پهاڪن بابت ڪو به ڪتاب ڇپيل صورت ۾ موجود نه هئو، جنهنڪري کيس موڪلي نه سگهيس.
    جون 2001ع جي شروعاتي تاريخن ۾، رتيديري مان فون آئي. ڳالهائيندڙ بنا تعارف ڪرائڻ جي چيو: ”اوهان سان عبدالرحمان چنا صاحب ڳالهائڻ چاهي ٿو“.
    ”ملايو!“ کيس چيم.
    ”ڪراڙپ ۽ ضعف اٿم“ عليڪ سليڪ کان پوءِ عبدالرحمان چنا صاحب فون تي چوڻ لڳو، ”ايڏانهن اچي نه ٿو سگهان، هتي ويجهو پهتو آهيان. ضرور ٿي وڃو“.
    رتوديرو، منهنجي حد نه هئي. فرصت به ڪانه هئي. تنهنڪري وڃي نه سگهيس.
    جولاءِ ڌاران فون ڪيائين؛ ”مان مڙهو، پاڻ کڻائي لاڙڪاڻي اچان ٿو، ڪٿي ملندئو!“ گهر جي ايڊريس ڏئي چيو مانس: ”اتي واري آفيس ۾ احمد علي مگسي وٽ پهچو“. ساڻس ملاقات ۽ ماني لاءِ هڪ ڪلاڪ، ٽين کان چئين تائين، نڪري سگهيو. روبرو پهرين ملاقات هئي. ڪهچري به ٿي ۽ پهاڪن /چوڻين جي لغت وارو قلمي مسودو به کيس ڏيکاري سگهيس. ڏسڻ بعد چيائين؛ ”اکر تمام سنها آهن. فوٽو اسٽيٽ ۾ چٽا نه ايندا. نه ته جيڪر فوٽو ڪاپي ڪرائي کڻي وڃان ها. افسوس! عمر جي آخري حصي ۾ نظر چٽي ناهي“.
    اسي سالن جي عمر هئڻ جي باوجود بنا چشمي جي هليو چليو پئي. ڄنگهه ۾ ٿورو لَڱُ هيس، جنهنڪري هلڻ ۾ تڪليف هيس.
    خيالن جي ڏي وٺ دوران خبر پئي ته پاڻ به ڪي ڪتاب سهيڙيا اٿائين، جيڪي ڇپجي نه سگهيا اٿس. ڏسڻ جي خواهش ڏيکاريمانس ته خوش به ٿيو ۽ دعوت ڏيندي چيائين؛ ”اوهان منهنجي محنت جو معائنو ضرور ڪيو. ان لاءِ وقت به ڪڍو! ڪي ٻه چار راتون مون وٽ هلي ڪنگري ۾ رهو. منهنجي دعوت به قبول ڪيو“.
    ”ايڏو وقت ڪڍڻ مشڪل آهي!“ کيس پنهنجي مجبوري ظاهر ڪندي ٻڌايم: ”باقي جڏهن هاڻي ٻيهر پير ڳوٺ وڃو ته هٿ وارا قلمي نسخا ضرور کڻي اچجو. رتيدري ۾ ئي ڏسي وٺندا سين .“
    ان لاءِ آماده ٿيو ۽ موڪلائي هليو ويو.
    ڏهن ڏينهن کان پوءِ رتيديري فون ڪيم. سندس ڀائٽيي محمد يوسف کنئي. تعارف ڪرايومانس ته يڪدم سهڪندي ٻڌايائين؛ ”چاچا کي اوهان سان ملڻ جو ڏاڍو شوق هيو. ڪتابن جو ٻورٽو به پير ڳوٺ مان کڻي آيو هيو. اوهان کي فون ڪرڻ لاءِ آياسين پئي ته اوچتو دل ۾ سور پيس. پنج منٽ ٿيا جو ٽيڪسي ڪري کيس سکر موڪليو اٿم. اتي مهنهجو ڀائٽيو محمد رمضان چنا ڊاڪٽر آهي، ان جي دوا لڳندي اٿس. شام تائين جيڪو احوال مليو، اوهان کي ٻڌائينداسين!“
    ٻه ڏينهن رکي ٽيپو لائبريري ڪنگري واري سرنامي تي خط لکيو مانس. موٽ ۾ فون ڪيائين.
    ٻيهر فون ڪيم ته سندس ڀائٽين ٻڌايو؛ ”چاچي جي آخري خواهش آهي ته اوهان مولوي محمد ادريس سان گڏجي هڪ رات لاءِ پير ڳوٺ اچو! اوهان کي اکين سان ڏسڻ چاهي ٿو ۽ ڪچهري ڪرڻ گهري ٿو“.
    سائين ادريس صاحب سان ڪنڊيارو رابطو ڪيم، رتيديري ۾ محمد يوسف سان ۽ سکر ۾ ڊاڪٽر محمد رمضان چنا سان پڻ رابطو ٿيو.
    پروگرام طئي ڪري، ٻئي ڏينهن شام جو سکر پڳاسين. سائين ادريس صاحب نه ملي سگهيو. وڌيڪ نه ترسياسين ۽ نڪري پيا سين. رات ڌاري پير ڳوٺ پهتاسين. محترم عزيزالله عزيز بروهي صاحب، جنهن جو ڪتاب خالق جون سائنسي ڪاريگريون به ڇپيل آهي، رات جي نماز تي موجود هيو. ساڻس محمد پور اوڍو ۾ ملاقات پڻ ٿيل هئي. جتي خبر پئي ته سائين عبدالرحمان چنا صاحب جو اصل ڳوٺ به محمد پور اوڍو، تعلقو ڳڙهي خيرو، ضلعو جيڪب آباد هيو. ماني بعد عزيزالله صاحب ته آرامي ٿيو. يارهين ڌاري سائين ادريس صاحب سکر مان ٽيڪسي ڪرائي پڳو. اڌ منو ڪلاڪ گڏيل ڪچھري ھلي. بعد ۾ سائين عبدالرحمٰن چنا صاحب سان رات جو ٽين بجي تائين نويڪلي ڪچهري هلي ۽ سندس هٿ لکيل ڪتابن تي ٽيڪاٽپڻي پڻ ٿي.
    ساڍين پنجين بجي فجر نماز لاءِ اٿيا سين. چانهه پيتيسين. لائبريري ڏسڻ لا زور ڀريائين. جيڪا گهر جي ڪوٽ ۾ هئي. پردو ڪرائڻ پڄاڻان، اندر وياسين. ڇهين ڌاري چانهن پي موڪلايوسين. سائين ادريس صاحب سڌو خيرپور ويو. اسان رتيديري پهتاسين جتان ويگن ۾ لاڙڪاڻي اچي پهتم.
    هفتي کان پوءِ جمعي جي صبح جو ڇهين بجي ڌاري، رتيديري کان محمد يوسف فون ڪئي؛ ”چاچو عبدالرحمان چنه صاحب خدا تعالي کي پيارو ٿي ويو آھي. انالله وانا اليه راجعون، جمعي نماز کان اڳ جنازي نماز ٿيندي. اوهان کي اطلاع هجي“.
    افسوس! عدم فرصت سبب وڃي نه سگهيس. سندس ياد کي تازو ڪرڻ لاءِ، سندس ئي چوڻين واري نوٽ بوڪ تان ڪجهه چوڻيون ۽ پهاڪا الفابيٽ ترتيب ڏئي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ پيش ڪجن ٿا.
    1. آڱرين کي به سَنڌَ آهن. (پهاڪو)
    آڱر، جسم جو ننڍو عضوو هئڻ جي باوجود به اڃا وڌيڪ حصن ۾ ورهايل آهي. اهو ان لاءِ ته منجهانئس اڃا گهڻا فائدا حاصل ڪري سگهجن. هڪ حصو، گهڻن متحد جزن ۾ ورهايل هجي يا گهڻا جزا متحد ٿي ڪا اڪائي ٺاهين ته منجهانئن ڪيترائي فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا.
    هڪ گهر ۾ مختلف طبيعتن جا ڀاتي رهندا آهن. جيڪڏهن هر هڪ پنهنجي طبعيت آهر، مختلف ڪم پاڻ تي ورهائي کڻي ۽ سر انجام ڏئي ته گهر جنت ٿي سگهي ٿو.
    مطلب (1) اتفاق ۾ برڪت آهي.
    (2) سڀئي اڱريون پاڻ ۾ برابر ناهن.
    (3) سمورا ڀائر، طبيعتاّ هڪجهڙا نه هوندا آهن
    2. ابو اما، لاطمع. (چوڻي)
    دنيا ۾ابي ۽ امڙ جو واحد رشتو آهي، جنهن تحت اهي بنا لالچ ۽ لوڀ جي ٻچڙي کي پالين، نپائين ۽ تاتي وڏو ڪن ٿا. مٿس ڪوسو واءُ به نه ٿا سهن. پنهنجي پاڻ کي تڪليف ۾ وجهن ٿا پر ٻچڙي جي هر لحاظ کان حفاظت ڪن ٿا. سندن پيار ۾ ڪو ريب فريب يا ٺڳي ناهي.
    مطلب:
    (1) والدين، اولاد سان اڻ ميو پيار ڪن ٿا.
    (2)لالچ رکي، ماءُ پيءُ نه پاليندا آهن.
    (3) ماءُ پيءُ، اولاد ۾ لالچ نه رکندو.
    ڀيٽو: اما ابو، بي لبو.
    3. ابي ڏاڏي ڪار، نا ڇڏجي ناکئا! (چوڻي)
    وڏن جي ڌنڌي / ڪِرت کي ڇڏڻ بجاءِ، اڳتي وڌائڻ گهرجي. ڇو جو وڏڙا تجربي ۽ مشاهدي، واسطيداري ۽ ڏيٺ ويٺ سبب، مددگار پڻ ٿي سگهندا. جنهن ڪم ۾ وڏڙن جي مدد شامل هوندي آهي، ان ۾ رب پاڪ به مدد ڪندو آهي. وڏڙن جي رستي کان هٽي ڪيل ڪم ۾ رب طرفان ڪا به مدد شامل نه هوندي آهي. منجهس نقصان پوڻ جا انديشا گهڻا هوندا آهن.
    مطلب: وڏن جو ادب ڪجي ۽ سندن چوڻ تي هلجي.
    4. اتر جو ڍڳو ، لاڙ جو ماڻهو. (چوڻي)
    اتر وارا هن ڪهاوت جو مطلب هڪڙو ٿا ڪڍن ته لاڙ وارا ٻيو. اترادين جو چوڻ آهي: اتر جي ڍڳي ۾ لاڙي ماڻهو جيترو عقل آهي. لاڙ وارن جو چوڻ آھي؛ اتر ۾ رهندڙ، ڍڳي وانگر جسماني طرح طاقتور ۽ ويڙهاڪ آهن پر عقل ۾ گهٽ آهن. سندن ڀيٽ ۾، لاڙ ۾ ماڻهو ٿا رهن.
    هي چوڻي فقط پنهنجي فوقيت ڏيکارڻ لاءِ ٻنهي ڌرين ۾ مشهور آهي.
    مطلب (1) چٿر جي طور تي ڪتب ايندڙ ڪهاوت آهي.
    (2) لاڙي، اترادي ڍڳي وانگر، ٽاهڙ هوندا آهن.
    5. اڄ جو ٻار آئنده جو استاد. (چوڻي)
    هر ماڻهو، ماءُ جي پيٽان، ٻار جي صورت ۾ ڄمي ٿو. جسماني طرح توڙي دماغي طرح، ڪمزور هوندو آهي. آهستي آهستي عقل ۽ علم جون منزلون طئي ڪري ٿو. حتيٰ ڪ جيڪو اڄ شاگرد آهي، اهو مستقبل ۾، استادن جي خالي ڪيل جاءِ پُر ڪري ٿو.
    مطلب (1) اڄ جي ٻار کي آئنده جو استاد سمجهي، سندس تربيت ۽ ورتاءُ ڪرڻ گهرجي.
    (2) ٻار جي اخلاق تي توجه ڏيڻ، ايندڙ نسل جي اخلاق تي توجه ڏيڻ آهي.
    (3) Child is father of man.
    6. اڄ جي ڳڻتي، اڄ تائين. (چوڻي)
    روزي رزق، هر هڪ کي، رب رسائي ٿو. انهي جي رسد لاءِ هڪڙو قانون مقرر ڪيل آهي. ان قانون تحت،انسان کي فقط لوچڻو آهي. روزي رزق، زمين ۾ پکيڙي ڇڏيو اٿائين. چڳڻ لاءِ چنهنب ۽ لوچڻ لاءِ ڄنگهون ٻانهون ڏنيون اٿائين. هٿن جا پورهيا، اڄ جي ڏينهن لاءِ ڪرڻ گهرجن. ڇو جو سڀاڻي وري روزي، رب ٻئي هنڌان ڏيندو.
    مطلب (1) مستقبل ۽ اولاد جي آئنده لاءِ ڳڻتي ڪرڻ کان بهتر آهي ته محنت ڪري اڄوڪو ڏينهن چڱو گذارجي. ائين ڪرڻ سان، اڳتي تڪليف نه ايندي.
    (2) اٺ وانگر اڳتي ڏسبو ۽ پيرن ۾ نه نهاربو ته پوءِ ٿيڙ ئي کائبا.
    (3) اڄ جو ڪم، سڀاڻي ته نه رکجي.
    7. اڄ عيد، سڀان غيد، پرينهن پڇي جا پيالا. (پهاڪو)
    عيد، بمشابه خوشيء جي آهي. دنيا جي خوشي دائمي ناهي. دنيا ۾ نه خوشي سدائين رهي ٿي ۽ نه وري غم. دنيا جي حياتي ۾، غم ۽ خوشي، ٻئي گڏوگڏ هلن ٿا. ان ڪري سدا لاءِ خوشي خريد ڪرڻ جا خواب نه ڏسڻ گهرجن. نه ئي وري غم اچڻ تي نااميد ٿي ويهي رهجي. البته چڱي جي اميد رکي، اڳتي وڌڻ گهرجي.
    مطلب (1) اڄ عيد، سڀان غيد، پرينهن ساڳيا ٽڪر ساڳ سان.
    (2) اڄوڪو ڏينهن ڪالهه جهڙو ناهي، سڀاڻڪو ڏينھن اڄ جهڙو ناهي.
    (3) اڄوڪو ڏينهن به گذري ويندو.
    8. اڇي ڪپڙي تي داغ ، جلد چڙهي . (پهاڪو)
    داغ، چُٽو، نشان تڏهن عيان نظر ايندو آهي، جڏهن متضاد رنگ جي مٿان ٿيل هوندو آهي، جيئن اڇي تي ڪارو لکڻ، چِٽو نظر ايندو آهي. اهڙي طرح اشراف، غلط ڪم ڪندو ته پڌري پٽ هر هڪ کي نظر ايندو. بدمعاش ڪو چڱو ڪم ڪندو ته به هر هڪ جي اک تي چڙهي بيهي رهندو. شريف ماڻهو کي گهرجي ته داغدار ڪن ماحول کان پاسو ڪري. ورنه جلد بدناموسي جي دلدل ۾ ڦاسي ويندو.
    مطلب (1) مينهن کي ئي ڳئون جو پڇ ڪارو نظر ايندو آهي.
    ( (2شريف ماڻهو جو عيب، هر ڪنهن کي نظر ايندو آهي.
    (3). بدمعاش جي چڱائي به هر ڪو پيو واکاڻيندو آهي.
    9. ارهه زوارئي ڪرڻ، : کير ۾ وري وجهڻ. (چوڻي)
    کير ۾ موري وجهبي ته کير ڦٽي ويندو ۽ پيئڻ جي قابل نه رهندو. اهڙي طرح ٻين سان ڏاڍائي ڪرڻ وارو به ماڻهن جي نظرن ۾ جلد اھميت وڃائي ويھي ٿو. ڪير به کيس چڱي نظر سان نه ٿو ڏسي ۽ عام ماڻهن جي نظرن ۾ ڪرڻ کان پوءِ يڪدم اڪيلو ٿيو وڃي ۽ مايوسي جي ڄار ۾ ڦاسي، ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏئي ٿو.
    مطلب (1) ظلم قائم آهي، ظالم قائم ناهي.
    (2)ڏاڍائي ڪرڻ سان، سڌريل معاملا به بگڙجندا آهن.
    (3) مظلومن سان ڏاڍائي نه ڪجي.
    (4)لا تَظلِمُون، وَلا تُظلَمُونَ.
    10. استاد، ماءُ پيءُ بجاءِ. ) چوڻي(
    ماءُ پيءُ، ڄڻي ھي جهان ڏيکارين ٿا. استاد جي ذريعي علم جي اک عطا ٿئي ٿي، جنهن سان ڪتابن جو علم حاصل ٿئي ٿو ۽ دنيا جا راز کُلن ۽ معلوم ٿين ٿا. علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، دماغ جا طبقا / ڪُپاٽ کلن ٿا ۽ زندگي گهارڻ آسان ٿيو وڃي.
    مطلب: (1) والدين جو احسان آهي، جسماني طرح ڄڻڻ. جڏهن ته استاد جو احسان آهي، روحاني طرح پروان چاڙهڻ.
    ( 2) استاد جو ادب، دل و جان سان ڪجي.
    (3) ماءُ پيءُ عرش تان فرش تي رسائين ٿا. استاد فرش تان کڻي عرش تي رسائي ٿو.
    11. اصل کان خطا نه ٿيندي، بد اصل کان وفا نه ٿيندي (چوڻي)
    اصل، بڻيائتو ماڻهو، ھر قدم ڦوڪي کڻندو آهي. هر عام خاص سان سهڻو ورتاءُ رکندو آهي. لالچ ۾ پئي ٻئي مان مطلب سَرِ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي. بدمعاش / لچ، هميشه مطلب حاصل ڪرڻ جي پويان هوندو آهي. وٽس شناس ۽ سڃاڻپ جي اک نه هندي آهي. جڏهن به موقعو ملندس، کوچرائپ ڪندي دير نه ڪندو.
    مطلب: (1). اشرف مهل نه وڃائيندو. بدمعاش مهل تي ڌڪ پٽيندو.
    (2). خانداني ماڻهو دوکو نه ڏيندو ۽ ڪميڻي مان چڱائي ڪين ٿيندي.
    12. اڪ لهي لک، نم لهي نيل، پپل لهي پدم، بڙ جي بها ئي ڪانهي. (چوڻي)
    خدا پاڪ دنيا ۾ ڪا به شيءِ بيڪار/ بي سود ۽ اجائي نه خلقي آهي. هر هڪ مان ڪونه ڪو ڪارج ضرور ٿئي ٿو . انسان ۽ جنّ کي فقط پنهنجي عبادت لاءِ خلقيو اٿائين . جڏهن ته ٻي ساري مخلوق انسان جي فائدي ڪاڻ خلقيل آهي ۽ انهي کي انسان آڏو مسخر ۽ مطيع به ڪيو ويو آهي.
    اڪ ، نم ، پپر ۽ بڙ وغيره ۾ به انسان لاءِ فائدو رکيو ويو آهي. حڪيم ۽ طبيب، ماهر ۽ ڄاڻو، ڪن مرضن جو علاج جڙي ٻوٽين ذريعي ڪن ٿا. سان انسان کي قيمتي فائدو پهچي ٿو.
    مطلب: (1) ڪابه شيءِ بيڪار پيدا نه ڪئي وئي آهي.
    (2) هر ڪنهن شيءِ ۾ ڪا نه ڪا خاصيت / خوبي ضرور آهي.
    13. اک ۾ وَرُ ، ٻار ۾ وَرُ (چوڻي)
    ٻار، ناتجربيڪار ۽ غير آزمودگار هئڻ سبب، صحيح فيصلا نه ڪري سگهندو آهي. کيس صحيح دڳ لائڻ لا، والدين جي رهنمائي جي هر وقت ضرورت رهندي آهي.
    انساني سڀا ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکيل آهي. ڪم هجي نه هجي، ضرورت هجي نه هجي پر ماڻهو جو هٿ چرپر ۾ ضرور رهي ٿو. ائين فطري طور تي آهي. ان فطري چرپر کي ، ڪارآمد بنائڻ لاءِ دماغ ۽ سوچ جي ضرورت آهي. ٻار وٽ اها گهٽ هوندي آهي. والدين کي مٿس ڪَرڙي نظر رکڻ گهرجي. جيڪڏهن کيس اک ۾ نه رکندا ته لامحاله سندس اُڌرڻ جا ذميوار به خود ئي هوندا.
    مطلب: (1). ٻار، مڇ جو وار . جيئن وار، تيئن وري .
    (2) ٻار تي نظر نه رکبي ته اُڌري ويندو.
    14. اڳيان پي ، پويان سور . (چوڻي)
    مرد کي لاڳيتين چئن شادين ڪرڻ تائين اختيار مليل آهي، جڏهن ته عورت کي نه آهي. ڇو جو مرد وري به چئن عورت سان وقت گذاري ويندو . جڏهن ته عورت ويچاري هڪڙي مرد کان ٽُٽڻ بعد جڏهن ٻئي وٽ پهچي ٿي ته سندس مقام اهو نه ٿو رهي. احساسِ ڪمتري ۾ مبتلا ٿي ويندي آهي. کيس پهريون مڙس ، مڙس ۽ پويون مڙس، سور ئي سور نظر ايندو آهي.
    مطلب (1) عورت لاءِ مڙس پهريون ، پويون رڳو سور.
    ( (2ور ته پهريون ور، ٻيو آهي ڪارنهن جو ٺڪر.
    (3) ٻئي مڙس واري سدائين چوندي؛ ”هاءِ ! پهريان مڙس!“
    15. اما ابو، بي لبو (چوڻي)
    لب ۽ لالچ مائٽ / والدين نه رکندا آهن. نه ئي لالچ رکي پاليندا آهن ۽ نه ئي وري لالچ رکي پاڙهيندا آهن. جيڪڏهن نه پڙهڻ تان مار / مهميز به ڏيندا آهن ته اها به اولاد جي ڀلي لاءِ ته جيئن پڙهي پنهنجي پيرن تي بيهي ۽ مستقبل ۾ جڏهن پاڻ هن دنيا ۾ نه هوندا، تڏهن ٻين جو محتاج نه ٿئي.
    مطلب (1) والدين، اولاد کي غرض خاطر نه بلڪ آسيس ۽ خوشي خاطر پالي وڏو ڪندا آهن.
    (2) ٻچن کي پالڻ يا ساڻن مٿا کٿا ڏيڻ ۾ ئي والدين کي آنند / سرور ايندو آهي.
    ڀيٽيو: ابو اما، لا طمع
    16. اميد واري وٽان ، نااميد نه ٿبو آهي. نا اميد واري وٽان ، اميدون پوريون نه ٿينديون آهن. (چوڻي)
    اميدون پوريون ڪرڻ واري ذات، فقط الله جل جلاله جي آهي . انسان ويچارو ته پاڻ ئي محتاج آهي. اهو ڪٿان اميدون پوريون ڪندو؟ انسانن ۾ اميد رکڻ احمقائپ آهي . رب جي رحمت مان نا اميد ٿيڻ، ڇسائپ ۽ ڪفر آهي. ماڻهو هڪ دفعو ڏيندا ، ٻه دفعا ڏيندا ، پر سدائينءَ لاءِ نه ڏيندا . رب ستار آهي، ڏئي نه پچاريندو آهي. نه گهرڻ تي ناراض ٿيندو آهي.
    مطلب (1) نه انسانن ۾ اميد رکجي ۽ نه رب جي رحمت مان نا اميد ٿجي.
    (2) چڱي مان چڱائي ٿيندي، مَدي مان گذا نه ٿيندي.
    ڀيٽيو: اصل کان خطا نه ٿيندي، بداصل کان وفا نه ٿيندي.
    17. اڻ گهريئي ملي ته کير، گهرئي ملي ته نير ، ظلم سان ملي ته خنزير . (چوڻي)
    دنيا جي تختي تي موڪلڻ کان اڳ ، هر ماڻهو جو نصيب لکو ويو آهي. کيس نصيب آهر هر شيءِ ملي ٿي، صبر سان کيس، حلال ٿي ملي ٿي . جڏهن ته تڪڙ ڪري حآصل ڪرڻ سان ، حرام ٿيو وڃيس. بنا گهرڻ جي ۽ صبر سان مليل شيءِ ، کير وانگر لذيذ ۽ لذت واري هوندي آهي. گهري ورتل يا اٻهرائپ سان حاصل ڪيل پاڻي وانگر آهي. ڇِني / ڦُري ورتل، سوئر جي گوشت وانگر حرام آهي.
    مطلب: (1) حاصل ڪرڻ لاءِ صبر کان ڪم وٺجي.
    (2) رضا سان چڙهي آيل ٻوٽي نه ڇڏجي .
    (3) اڻ مانگئي ملي ته کير، مانگئي ملي ته نير، ڦريي ملي ته خنزير.
    (4) جو هان ڪري اس ڪو ڇوڙو نهين، جو نان ڪري اس ڪو ڇيڙو نهين (اردو)
    18. اوڌر جا ٻيڻا به ٻَنِ پون. (چوڻي)
    قرض (اوڌر) وٺڻ سولو، موٽائڻ ڏکيو آهي. پئسا وٺي خرچڻ / کپائڻ آسان ڪم آهي، جڏهن ته پورهيا ڪري / پئسا موٽائڻ ڏکيو ڪم آهي. آساني سان پئسا مڙندا ناهن جو قرض لاهي وٺجي . موٽائڻ ۾ دير سبب، دوستيون ۽ ياريون، مٽيون ۽ مائٽيون ، شڪ جي نظر ٿي ، ٽُٽي ڦِٽي ۽ اهنج و اهنج ٿي وينديون آهن.
    مطلب : (1) اوڌر وٺڻ يا قرض کڻڻ کان هميشه پاسو ڪجي، پنهنجي سوتي پوتي ڪمائي مان گذر ڪرڻ ۾ ئي سک آهي.
    (2) اڌار، محبت لاءِ قينچي.
    (3) قرض، آ مرض
    19. اهو پاڙهيو ئي کَڏِ پوي ، جو ڇورا کاري . (پهاڪو)
    پاڙهيو ، پاڙهيندڙ / استاد / رهبر، تعليم ڏيڻ يا سيکارڻ لاءِ رکبو آهي. جيڪو پڙهائڻ بجاءِ ، ٻار کاري تنهن جي پڙهائڻ کان ڀينگ ڀلي آهي.
    جڏهن ڪو ماڻهو منزل مقصود جي رستي تي راهي ٿيڻ بجاءِ بي راهه روي ڪندو آهي ته ٻين کي پڻ گمراهه ڪندو آهي. ان مان وڏا نقصان ٿيندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ سندس پيروي نه ڪجي.
    مطلب: (1) اهو سون ئي گهوريو، جو ڪن ڇني.
    (2) کَٽَرَ پنهنجو ته هاري، ٻي کي به کاري.
    20. اهي ڳري ڪين ڳرن ، جي قائم رهن ڪير سان . (چوڻي)
    پٿر/ پاتال ۾ مضبوطي سان پڪڙڻ لاءِ کوڙيل لوهي سيخ کي ڪير ڪوٺبو آهي. جنڊ جي هيٺئين پڙ ۾ لڳل اڀي سيخ، مٿئين پڙ کي هڪ هنڌ قائم رکڻ لاءِ لڳندي آهي. ارڏن گهوڙن کي ٿانيڪو ڪرڻ لاءِ لوهي ڪل / ڪير زمين ۾ کوڙڻو پوندو آهي. وڏ ماڙ جاين جو وزن لوهه، سيمينٽ ۽ ڪانڪريٽ ذريعي جڙيل پلرن ۽ ڪيرن جي مدد سان ، سخت (firm) زمين تائين منتقل (transmit) ڪيو ويندو آهي. اهڙيون جايون جلد نه وينديون آهن.
    مطلب : (1) جن جو ڳانڍاپو ، طاقت وارن سان آهي، تن کي ڌوڏڻ پڻ ڏکيو آهي.
    (2) جنهن جو ڪيرو قائم، تنهن کي نه ڀئو نه ڀولو.
    (3) وڇ ، ڪڏندي آهي ڪير آهر.
    21. بختاور سو ، جنهن جي گهر مهمان آيو . (چوڻي)
    مهمان ، بخت جي نشاني آهي ۽ پنهنجي روزي پاڻ کڻي ايندو آهي. سندس صدقي آيل روزي / روٽي مان ميزبان به کائيندا آهن . جن جي در تي ڪتو به نه ٿو لڙي ، سي آخر بکون ڪاٽين ٿا. ڪتو به ، سکيئي ستابي ۽ سخي جي در تي اچي ڪرندو آهي. مهمان ته وري به عزت وارا هوندا آهن ۽ عزت وارن وٽ ئي لڙي ايندا آهن.
    مطلب: (1) مهمان جي اچڻ سان ، بخت به اچي ٿو.
    (2) مهمان ، بختاورن ڏي ايندا آهن.
    22. بزدلي، غربت جي ڀيڻ (چوڻي)
    غريب ماڻهو، هر ڪم ۾ هٿ وجهڻ کان پيو لهرائيندو آهي . جڏهن ته دنيا ۾ فائدو ان کي حاصل ٿيندو آهي، جيڪو دل جهلي ڪم ۾ هٿ وجهندو آهي . غريب ماڻهو ، سڃآئي جي ڪري ۽ نقصان جي انديشن / انومانن سبب، ڪنهن به مهم ۾ هٿ نه وجهندو آھي. انهي بزدلي سبب ، غربت جي دلدل ۾ ڏينهون ڏينهن ڌڪبو ويندو آهي.
    مطلب (1): امير، پئسي جي ڍَو / ٻَلَ تي وڏن جوکم جهڙن ڪمن ۾ هٿ وجهندي ڪين ڪيٻائيندو ۽ غريب ٻُڌي پيو ٽهندو.
    (2) سڃو، ڊڄڻو ٿيندو آهي.
    (3) غريب جي ماءُ ، رَنَ آهي.
    23. بندو اپاءُ ڪري ، ڌڻي شفاءَ ڪري . (پهاڪو)
    هر شيءِ جو خالق ۽ مالڪ الله آهي. بيماري به پاڻ خلقي اٿائين ته علاج به پاڻ ٿو ڄاڻي . بيماري جنهن شيءِ سان لهي ٿي، ان ۾ به اها خاصيت پاڻ رکي اٿائين. ٻانهي جو ڪم آهي فقط اپاءُ وٺڻ، منجهانئن فائدا / نقصان ، رب جي مرضي ۽ حڪمت تحت ٿين ٿا. نتيجا انسان جي اختيار ۾ ناهن . سندس هٿ وس فقط مرحمت فرمايل وسيلا استعمال ڪرڻ آهي.
    مطلب: (1) علاج ڪرڻ ٻانهي جو ڪم ، شفا ڏيڻ مالڪ جو ڪم.
    (2) تدبير ڪند بنده ، تقدير ڪند خنده.
    24. بيماري ايندي آ ڊڪ ، ويندي آ وک ، (چوڻي/ پهاڪو)
    نقصان ۽ بيماري ، بربادي ۽ تباهي وغيره اک ڇنڀ ۾ ٿينديون آهن جڏهن ته آبادي ۽ صحت وڏي محنت ۽ وقت ڏيڻ کان پوءِ حاصل ٿينديون آهن . انسان ويچارو پئدا ئي مرڻ لاءِ ٿيو آهي ۽ دنيا جي هر شيءِ پڻ ٺهي ئي ڊهڻ لاءِ آهي. ڊاهڻ لاءِ ، ضروري ناهي ته ڪي وسيلا استعمال ڪجن . جڳهه ۾ رهڻ ڇڏي ڏيو ته به هوائن ۾ آندل دز، زميني پاڻيءَ جي سيمي / سيڪ ، اڏوهي ۽ چمڙن وغيره جي واسو ڪرڻ سان جلد ڊهي اچي پٽ پندي . جڏهن ته ان کي سلامت رکڻ لاءِ سنڀال سان گڏ اپا وٺڻ پڻ لازمي آهن.
    انساني صحت به ائين آهي. خيال رکبس ته وقتي برقرار رهندي. هٿ ڪڍبس ته جسم لاغر ٿي ويندو . وري سڌارڻ لاءِ آهستي آهستي سڌرندو . اهو به تڏهن جڏهن پئسو ۽ توجهه ، وقت ۽ محنت وغيره استعمال ڪبا.
    مطلب : (1) نقصان جلدي پهچي ، تدارڪ آهستي آهستي ٿئي.
    (2) بيماري اچي جبل وانگر، وڃي جون وانگر.
    25. ٻاهريان اچڻا وڃڻا، تَرُ راضي رکجي. (چوڻي)
    اوطاق يا شادي جي ڪاڄ ۾، ڪانڍيا ۽ ري- ڪانڍيا گهڻا، اچي سهڙندا آهن. خيال ته مڙني جو ڪرڻ گهرجي . وقت آهر بلا امتياز مانُ / ماني ۽ جي ۾ جايون ڏجن. ڪنهن مجبوري تحت، هڪ ڌر کي وڌيڪ رکڻ ضروري هجي ته پوءِ رشتيدارن جو خيال وڌيڪ ڪرڻ گهرجي. ڌاريا امير، پنهنجي غريب مائٽ جيترو ڪم نه ايندا . پنهنجن جو خيال / مانُ ، پراون جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪرڻ، شان ۽ شوڪت، عزت ۽ مرتبي وارو ڪم آهي. ان ۾ رعب ۽ دٻدٻو، هيبت ۽ حشمت آهي. پنهنجن جي گهٽتائي ڪرڻ سان ، پنهنجا ته رسي ويندا پر اهي حال ڏسي پراوا به پنهنجا نه ٿيندا.
    مطلب: (1) هر حال ۾ رشتيدارن / عزيزن کي مانُ / عزت ڏيڻ گهرجي.
    (2) شادي غمي ۾ ، مٽ عزيز کي وڌيڪ مانُ ڏجي.
    26. ٻني ۽ وني ، ڪنهن ڀاڙيي جي ڀيلبي آهي . (چوڻي/پهاڪو)
    عزت ۽ غيرت وارا، ٻني کي وني ۽ وني کي ٻني وانگر سمجهندا آهن. مٿن جان لٽائيندي دير نه ڪندا آهن. بزدل ۽ گيدي، لوڀي ۽ لالچي ، ٻنهي کي گهٽ نگاهه سان ڏسندا آهن، پنهنجي ٻني ۾ پاڻ هَرُ نه ڪاهيندا آهن. جنهن سببان ٻيا اچي مالڪي ڪندا آهن ۽ هَرَ جوٽيندا آهن. ڇو جو ٻني ۾ ڪاهيندڙ هاري لاءِ، پاڻ ڏانهن ڇڪڻ واري فطري ڪشش رکيل آهي. هر ڪنهن جي، پرائي ٻني / وني ڏانهن نگاهه ضرور ويندي آهي.
    مطلب: (1) غيرت وارا ، عزتن تي جان به لٽائي ڦٽي ڪندا آهن.
    (2) بي غيرت جو مال ۽ عزت لٽبي رھندي آهي.
    (3) مال صدقو جان جو، جان صدقو شان / عزت جو.
    27. ڀاڙي، ڀڄڻو (چوڻي)
    ڀاڙِ ؛ ڀڳڙن / ڦلن ڀُڃڻ واري ٺڪر جي تئي ، جنهن جو ترو ڀُتو / ڀُرڪڻو، ٽاڪئون ۽ ڪمزور هوندو آهي. ڪمزور ۽ بزدل کي به ان نسبت سان ڀاڙي / ڀاڙيو سڏيو ويند آهي.
    دنيا جا ڪم ، همت ۽ دليري سان سَرِ ڪري سگهبا آهن. پير کوڙي ميدان ۾ بيهبو، تڏهن فتح حاصل ٿيندي. دڙڪي آڏو ڊڄي ميدان ڇڏڻ ۾ ، بزدلي ۽ گيدي پڻو آهي. جيڪو ميدان مارڻ بجاءِ ، منجهانئس کڙين تي زور رکي، پوئين پير ڀڄي ، سو بزدل ۽ ڀاڙي / ڀاڙيو سڏبو آهي.
    مطلب
    (1) بزدل، هميشه ميدان خالي ڪري ڀڄندا آهن.
    (2) بزدل، ڪنهن به مهم ۾ هٿ وجهڻ کان ڪيٻائيندو آهي.
    28. ڀاڙيي ڀا کان، کٽ خالي ڀلي. (پهاڪو)
    ڀاڙيو؛ بزدل يا ڊڄڻو ڪنهن به ڪم ۾ هٿ وجهڻ کان ويٺو ڪيٻائيندو . طاقت هوندي به جسماني ڪم نه ڪندو . پئسي هوندي، سيڙائڻ کان پيو لنوائيندو . جڏهن ته دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي، سيڙپ ڪرڻ ۾ آهي. وقت، جان ۽ مال ڪنهن به ڌنڌي ۾ توڪل ڪري لڳائبو ته منافعو ضرور ٿيندو.
    ماڻهو جي ناڪامي جي شروعات ، بزدلي کان ٿيندي آهي. پهرين ماڻهو بزدل ٿيندو آهي. پوءِ هر ڪم مان ڊڄي هٿ ڪڍندو آهي. وڏن کان ورثي ۾ مليل زمين / ٻني جا به ٻيا هسوار ٿي ويندا اٿس. ان ڪري بزدل ماڻهو، ڀاءُ ئي نه هجي ته چڱو آهي،.
    مطلب :(1) بي همت بندو ، بيزار خدا.
    (2). ڀاڙيو، ڀاءُ به چڱو ناهي.
    (3) پٽ ۽ گهوڙا ، ارڏا ڀلا.
    29. ڀت آئري تي ويندي آهي. (پهاڪو)
    هر اڏاوت، زمين جي مٿان جڙندي آهي. زمين تي اڏاوت جو سڌو سنئون وزن وجهبو ته زمين جي مٿاڇري جي ڪَچَ-پڪائي سبب ڪٿي ڪٿي جهڪي (Un-even settlement) به سگهي ٿو . ان لاءِ ضروري آهي ته زمين جو مٿيون گهٽ دٻيل تَھُ (Less Compacted layer) هٽائي ، پوءِ عمارت (edifice) کڙي ڪجي . ضروري ناهي ته سمورو تَهُه هٽائجي . ان سان وري ظاھر ٿيل تَهُه به ڪَچَ-پڪو ٿي سگهي ٿو. سولو طريقو اهو آهي ته پهرين ڀتين جي ماپ سنئين آئرا (چريون) کوٽجن، پوءِ اڏاوت (construction) ڪجي. آئرا گَهرا هوندا ته اڏاوت (building)مضبوط بيهندي ۽ جيڪڏهن آئرا ٽيڙا ۽ ننڍا هوندا ته ڀت ٽيڙي ، هڪ پاسي اوهاريل/ لڙيل هوندي ۽ گهڻي اوچي کڻي نه گهبي.
    مطلب : (1) اولاد والدين تي اَڍَ ڇڪيندو آهي.
    (2) استاد محنتي هوندو ته شاگرد به سٺا هوشيار هوندا.
    30. ڀَتَ ڀِتِ تائين ، چانور چانئٺ تائين ، جوئر درياه ڀَرِ تائين ، ڪڻڪ درياه جي اوٽ موٽ تائين . (چوڻي)
    چانور ، ڪڻڪ ، سانئون يا جوئر وغيره جي ڏاري منجهان لُپري وانگر رڌيل نمڪين سيري کي ڀَتُ چئبو آهي . جيڪو رڌڻ ۽ ورهائڻ ، پائڻ ۽ هضم ڪرڻ آسان آهي . آساني جو مثال ، گهر جي ڪمري جي ڀت وانگر آهي . جڏهن ته چانورن يا پلا لاءِ چانئٺ جيترو پنڌ ڪرڻ مترادف آهي. جوئر ملڻ ڏکي ، منجهانئس ماني پچائڻ اڃا ڏکي . جڏهن ته کائڻ ۾ زود هضم ۽ سوادي . ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ درياه جي ڀر تائين وڃڻ / پنڌ ڪرڻ ۾ ڪو عيب ناهي. ان جي ڀيٽ ۾ ڪڻڪ جهڙي سوادي اَنّ لاءِ درياهه جي آرپار اچڻ وڃڻ ڪا وڏي قيمت ناهي. ڪن جو چوڻ آهي ته انهي داڻي خاطر، آدم عليه السلام جنت ڇڏي ، ۽ دنيا ۾ آيو .
    مطلب : ڪڻڪ جي انّ کي ٻين اناجن مٿان فوقيت حاصل آھي .
    31. ڀَتَ جي آسري، درياه ۾ نه گهڙجي . (پهاڪو)
    درياه ۾ گهڙڻ ، ڏکيو ۽ ڪُڌو ڪم ڪرڻ برابر آهي . ان سان جي کي جنجل ۾ وجهڻو آهي. ڀَتُ ، پيٽ ڪتي کي پادر هڻڻ لاءِ ترت علاج آهي. ان خاطر ، درياه پار ڪرڻ جهڙا جوکم کڻڻ ۽ جُهد پٽڻ، عقلمندي جي ڳالهه ناهي . ڇو جو روزي رزق جو ذمو، رپ پاڪ پاڻ تي کنيو آهي. اهو هر هنڌ روزي رزق پهچائي ٿو.
    مطلب : پيٽ خاطر، ڪڌو ڪم نه ڪجي.
    32. ڀونگا جنين ڀينگ، سڄڻ تنين سامهون . (پهاڪو)
    هٿ ۾ ٻه شيون، هڪ ئي وقت ڏکيون اينديون آهن . دنيا هٿ ايندي ته آخرت هٿان نڪرندي ويندي . آخرت سنوارڻ جي ڪوشش ڪبي ته دنيا تان هٿ کڻڻو پوندو.
    زماني جي عشق جو به ساڳيو حال آهي. دنيا جو عشق، ڪنهن کي به راس نه آيو آهي. جيڪي عاشق ، قصن ۽ داستانن جي صورت ۾ زنده آهن، سي محبت ماڻي نه سگهيا ۽ وقت کان اڳ مري، پاڻ کي زنده جاويد ڪري ويا.
    مطلب: عشق ۾ سڀ ڪجهه لٽائيندڙ ئي ڪاميابي ماڻين ٿا.
    33. ڀونءِ ڦِرندي ، ڀاڳ لڳي . (چوڻي)
    جنهن ڀونءِ / زمين تي ماڻهو ڄائو آهي. ضروري ناهي ته سندس ڀاڳ به اتي ئي ڄائو هجي. هجرت ڪرڻ سان به پنهنجي ڀاڳ / رزق کي چڱيءَ طرح حاصل ڪري سگهبو آهي. حڪم به آهي ته ”روزي رزق حاصل ڪرڻ لاءِ زمين ۾ پکڙجي وڃو“.
    جيڪي رب تعاليٰ جي حڪم جي تعميل ۾ ، سندس جوڙيل ڌرتيءَ تي ڦهلجي ويا، تن ان جي نعمتن کي اکين سان ڏٺو ۽ هٿن سان حاصل ڪيو. آخرت به سنواريائون ۽ دنيا ۾ به خوش و خرم ۽ سوڀارا رهيا.
    مطلب (1) حرڪت ۾ برڪت آهي.
    (2) سفر ڪرڻ سان ، روزي رزق ۾ برڪت پوي ٿي.
    (3) چرپر ۾ حياتي آهي.
    ڀيٽيو: سفر ، وسيله ظفر.
    34. ٿر ڏلهي ته سنڌ جهلي، سنڌ ڏلهي ته ڪير جهلي؟ (چوڻي/پهاڪو)
    ٿر جو علائقو ، وُٺي تي آباد ٿئي ٿو . جڏهن ته سنڌ جو سنئون سڌو علائقو نهري ۽ زميني آبي ذخيرن تي آباد ٿئي ٿو. برساتن نه پوڻ جي صورت ۾ ، ٿر ۾ قحط پوندو آهي ۽ اتان جا اصلي باشندا به سنڌ ڏانهن رخ رکندا آهن ، جتي کين پنهنجي سِرَ بچائڻ لاءِ انّ پاڻي ۽ مال لاءِ چارو ملي ويند آهي. سنڌ جي علائقي ۽ وسيلن ۾ ايتري ڪشادگي آهي جو قحط دوران ٿرين جي سَٽَ سهي سگهندا آهن . جيڪڏهن سنڌ ۾ به قحط پوي ته پوءِ آفت سٽيل ٿري ته ٺهيو پر سنڌ جا اصل باشندا به ان جي لپيٽ ۾ اچي وڃن . سڀني لاءِ پنهنجي جان بچائڻ به موراڳو مشڪل ٿيو وڃي . ان صورت ۾ اهي لاچار ڪيڏانهن وڃن؟!
    مطلب: ننڍن کي پيل نقصان وڏا برداشت ڪن . وڏن کي پيل نقصان ڪير برداشت ڪري؟!
    35. ٿَڪُ ۽ وِکَ ، مڙسن کان نه وسرندا آهن . (چوڻي)
    ٿڪ ، ٿڪاوٽ مڙسن لاءِ عيب سمان آهي . جنهن جڳهه تي ٿڪجي ۽ هاري بيٺا هوندا، اها جاءِ ياعمر کانئن ڪين وسرندي . اهڙيءَ طرح جتي وِکَ يا ڳرو قدم کنيو هوندائون سو به کانئن ڪين وسرندو ، ان کي به عمر جي آخري ايامن ۾ ساري پيا سرها ٿيندا.
    مطلب: بيعزتي ۽ پنڌ ، مڙسن کان نه وسرندا آهن.
    36. ٽُنڊن ۾ مَنڊو، پهلون. (پهاڪو)
    ٽُنڊو ، هٿن کان معذور ماڻهو هر جاءِ تي پهچي وڃي ٿو ، پر ڪم نه ڪري سگهڻ سبب ڪنهن ڪم جو نه ٿو رهي. ڇو جو هر ڪم هٿن سان ٿيندو آهي . ان جي برعڪس منڊو ، ڄنگهن کان معذور هئڻ سبب ٻين جي سهاري گهران ڪم جي جاءِ تي پهچي ٿو، مگر هٿ سڄا هئڻ سبب، پنهنجي حصي جو ڪم وقت اندر اُڪلايو وڃي . ان ڪري سندس مانُ ، ٽنڊي کان وڌيڪ آهي.
    مطلب: (1) سست سڄي کان ، محنتي معذور چڱو.
    (2) انڌن ۾ ڪاڻو، راجا
    (3) جتي وڻ ناهي، اتي ڪانڊيرو به درخت.
    37. ٽوٽي پٽ چوندو: ”ابي جو ٻج نه ملي ته هر ڪاهڻ کان ڇٽي پوان“. (پهاڪو)
    هڪڙي هاريءَ پٽ کي چيو، ”ابا ! زميندار کان ٻِجُّ وٺي اچ ته هَرُ ڪاهي، زمين ۾ ڇٽيون“.
    پُٽُ جڏهن زميندار وٽ ويو، تڏهن کيس چيائين؛ ”ابي ٻج لاءِ موڪليو آهي. جيڪڏهن اڄ نه ٿو ٿي سگهي ته ڀلا ٻئي دفعي ئي ڏجو“.
    ”سست ۽ نڪمو پٽ ئي چوندو آهي“ زميندار ٽوڪيندي چيس؛ ”ابي جو ٻج نه ملي ته هر ڪاهڻ کان ڇٽي پوان“.
    مطلب : سست / ڪاهل پٽ چوندو؛ ”ابي جو ٻج ڪلر نه ملي ته گڏه تي چڙهي پيو گهمان“.
    38. پَتِ واري جهڙو ڪو شاهوڪار ڪونهي. بي پتيي جهڙو ڪو سڃو ڪونهي . (چوڻي)
    دنيا ۾ ڪار وهنوار مان اهو ڪمائي ٿو جنهن جي مارڪيٽ ۾ ساک ويٺل آهي. جنهن جي ساک ، ڏيتيءَ ليتيءَ يا ڪسي مال سبب، خراب ٿيل آھي ، تنهن کان ڪير به سودو نه وٺندو آهي ۽ نه ئي ڪو وڏو دڪاندار کيس هٽ هلائڻ لاءِ رکت تي مال ڏيندو آهي.
    مطلب:(1) نالي چڙهيو واپاري کٽيو کائي، نالي چڙهيو چور ڦاهيءَ چڙهي.
    (2) ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جو انحصار ، ڪارِ- پت تي آهي.
    39. پٺاڻن آئي ، پارسي وسريو وڃي (پهاڪو)
    پٺاڻ، مغل گڏيل هندستان جا حڪمران رهيا آهن. فارسيءَ جا مها ڄاڻو ۽ قدردان هئا. سندن آڏو فارسي علوم جا وڏا ڄاڻو ۽ مدبر ويهندا هئا . چڱن ڀلن کان، سندن آڏو فارسي وسري ويندي هئي.
    عالمن آڏو، ڳالهائڻ لاءِ به علم کپي . جاهلن آڏو ڏاڍيان ڳالهائيندڙ جي ، عالمن آڏو پھچڻ کانپو بولتي بند ٿي ويندي آهي ۽ مغز مان هوا نڪري ويندي آهي.
    مطلب (1) ڄاڻو اچن ، جاهل ڀڄي وڃن.
    (2) مغلن آئي، پارسي وسريو وڃي.
    (3)حق اچي، ناحق ڀڄي وڃي.
    40. پٺي مارِ ، پيٽ نه مار . (چوڻي/ پهاڪو)
    پيٽ هر ساهدار سان لڳل آهي. هر ڪو ان جي ڀرڻ جي جستجوءَ ۾ لڳل آهي. اها لوري کيس محنت ڪرائي ٿي ۽ وزن ڍورائي ٿي. پيٽ خاطر، خوشيءَ خوشيءَ جانور ته ڇا ماڻهو به وزن کڻي ٿو وڃي . ان جي برعڪس، پيٽ لاءِ ڪجهه نه ملي ۽ محنت لاءِ حڪم ٿئي ته ڪير به ڪم نه ڪندو . مار جي ڀَؤَ کان ڪير ڪم ته ڪندو پر جيڪا آهه سندس دل مان نڪرندي سا عرش کي لرزائي وجهندي.
    مطلب: (1) ڪنهن جي روزيءَ تي لت نه رکجي.
    (2) جانور تي وزن ڀلي رکجي پر کيس بکيو نه رکجي .
    (3) پيٽ ڀر ، پٺي لڏ .
    41. پڇن ، سي پسن . (چوڻي)
    ضروري ناهي ته ماڻهوءَ کي مڙئي علوم معلوم هجن. کيس هر ڳالهه جا سمورا گوشا معلوم نه هوندا آهن. جنهن به ڪم ۾ هٿ وجهڻو هجي، ان بابت پڇڻ ۾ ڪو عيب ناهي. پڇڻ سان ماڻهو گهڻين غلطين کان بچي سگهندو آهي. نه پڇڻ جي صورت ۾ جيڪي غلطيون ٿين ٿيون ، تن جو ازالو ته ناهي، هٿائين خلق خواري آهي. پڇڻ سبب، ٻڌائيندڙ / رهبرن جي راءِ شامل هجي ٿي ۽ رب پاڪ طرفان مدد پڻ . نه پڇڻ سبب، نه مدد پهچي ٿي ۽ نه ئي ماڻهن جون دليون ٺريل رهن ٿيون. جنهن سبب ڪيتريون ئي خرابيون پيدا ٿين ٿيون.
    مطلب:
    (1) پڇندڙ، پسندڙ.
    (2) پڇندڙ، نه منجهندڙ
    42. پڇن، سي وير . )چوڻي(
    پڇڻ سبب ، ٻين ماڻهن جي راءِ ۽ ٺريل دل ، شامل حال رهندي آهي. ربّ پاڪ جي مدد پڻ انهيءَ ۾ پهچندي آهي. جنهن سان ايترو سهڪار ٿئي ، تنهن جا سمورا ڪم، خير خوبيءَ سان پورا ٿيندا آهن . ڪاميابيون قدم چمنديون اٿس. هر ميدان ۾ ڪاميابي ماڻڻ سبب، وير/ شاهمير هوندو آهي.
    مطلب:
    (1) پڇندڙ، ڪاميابي ماڻيندڙ هوندو آهي.
    (2). مشوري سان ڪيل ڪم ۾ ڪاميابي حاصل ٿئي ٿي.
    43. پگهر نڪرڻ بنا ، پئسو نه ٿو ملي . (چوڻي)
    پگهر، محنت ڪرڻ سان نڪرندو آهي. محنت ڪرڻ ، ڪم ڪرڻ جي نشاني آهي. ڪم ڪار ڪرڻ وارو چاهي پنهنجي گهر جو ڪم ڪري يا ٻئي جو ٻيلپو ڪري، محنتاڻو ضرور لهڻي . مزوري، دولت جي صورت ۾ ئي بچي / وڌي ٿي.
    مطلب : محنت کانسوا، نه ملڪيت مڙي ٿي ۽ نه ئي بچي يا وڌي ٿي.
    44. پنهنجو کٽ تي ويهاري ، ڌاريو ويهاري کيڙهي ۾ ، ته به کيڙهي واهه واهه . (پهاڪو)
    پنهنجي ماڻهوءَ مان هر ڪنهن کي هر معاملي ۾ ڌارين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آسرو هوندو آهي. ڌاريي مان چڱائيءَ جي اميد، پنهنجي جي ڀيٽ ۾، گهٽ هوندي آهي. پنهنجو عزت ڏئي کٽ تي ويهاري، ان ۾ ايتري عزت محسوس نه ٿيندي آهي ، جيتري ڌاريي طرفان پٽ تي ويهارڻ ۾ حاصل ٿيندي آهي.
    مطلب : پنهنجن جي چڱاين ۾ به عيب، ڌارين جي برائيءَ ۾ به گڻ / اصول پيا نظر ايندا آهن.
    45. پوک جي هڪ آهي کيڙي، ٻي آهي ميڙي . (پهاڪو /چوڻي)
    فصل، زمين ۾ تڏهن ڀلو ڄاپندو، جڏهن اها چڱيءَ طرح کِڙيل هوندي. اندر دٻيل مٽيءَ کي، هوا اندر موجود نائٽروجن، جيڪا فصل لاءِ ڀاڻ طور ڪم ايندي آهي، آسانيءَ سان نه ٿي ملي. هَرَ ذريعي زمين کي اٿلاڻي ڏيڻ سان، مٽيءَ جو ھر ذرو کلي پوي ٿو ۽ ساڻس نائٽروجن ملي وڃي ٿي. زمين جيترو گهڻو کِڙِيل ۽ ڀُريل (Pulverized) هوندي، اوترو وڌيڪ طاقت سان منجهس فصل لڳندو.
    فصل جي سٺي ڄاپڻ کان پوءِ به اهو هاري گهر ڏانهن گهڻو اَنُّ کڻي ايندو، جنهن چپي چپي تي فصل جي سار سنڀار لڌي هوندي. جهار ۽ جانورن کان بچائي، چڱيءَ طرح ٻارِ ميڙي رکي هوندائين. ٻيءَ صورت ۾، مال ئي پرايو آهي.
    مطلب : فصل جي پئداوار، هَرَ ۽ سنڀال تي انحصار رکي ٿي.
    46. پيٽ بک مري، چُت راڳ ڪري. (پهاڪو)
    پيٽ ۾ اَنُّ هوندو ته منجهس گئس به پئي ٺهندي. ريح جڏهن پيٽ جي برداشت / گنجائش کان وڌيڪ ٺهندي آهي ته پوءِ ٺڪا سان خارج ٿيڻ شروع ٿيندي آهي. جڏهن ته خالي پيٽ تي ريح ٺهڻ ڪجهه عجيب فطري ڳالهه نظر ايندي آهي، ڇو جو ٽٽ به ڍَوَ تي ايندا آهن.
    اهڙيءَ طرح گهر ڀاتي محنت ڪرڻ پڄاڻان به بکن تي هجن ۽ هڪڙو لاڏلو پٽ، منجهانئن ناز نخري واري زندگي گذاري ته ڪجهه عجيب ٿو لڳي. ڇو جو، ناز ۽ نخرا به هوندَ تي ٿيندا آهن.
    مطلب (1) گهڻو کائڻ سان ، گهڻي ريح پئدا ٿيندي.
    (2) هڪڙن جي عياشين سبب، ٻين کي تڪليف سهڻي پوندي.
    47. پيٽ ، ماڻهو جو دشمن آهي. (چوڻي)
    دنيا اندر، جيڪا به ماڻهوءَ جي هٿن سبب، ترقي ٿي آهي سا مابدولت پيٽ جي ئي ٿي آهي. جيڪڏهن ماڻهوءَ سان پيٽ لڳل نه هجي ها ته شايد دنيا جو نقشو ائين نه هجي ها، جيئن هن وقت نظر اچي ٿو. پيٽ خاطر ئي هرڪو لوڙي / لوچي ٿو. ماٺ ڪين اٿس. چڱي ڪم ذريعي ڪمائي ٿيندي نه ٿي نظر اچيس ته ڪڌا ڪم به ڪري ٿو. ماڻهن جون دشمنيون به کڻي وٺي ٿو.
    مطلب (1( پيٽ ڪتي خاطر، ڪڌا ڪم ڪجن ٿا.
    (2) پيٽ، ڪتن سان گڏ کارائي.
    48. پيري ، بيماريءَ جو گهر . (چوڻي ،طبي)
    جوانيءَ ۾، طاقت جي ٻل تي، ماڻهو دڙيون پيو ٽپندو آهي ۽ لوڙها پيو لتاڙيندو آهي. دَس دَسَان پيو ڪندو آهي ۽ ملهون پيو وڙهندو آهي. دسجي پوڻ جي صورت ۾ ٿڪاوٽ ۽ معذوري به محسوس نه ڪندو آهي. جڏهن ته پيريءَ ۾ ضعف سبب، ڪا به سٽ نه سهي سگهندو آهي. ڪراڙو هڏ ٽٽي، ته ڳنڍجي ئي نه. بيماري لڳيس ته دوائن سان به ڪين لهيس. جوانيءَ ۾ کاڌل ڌڪن جا ڦٽ به پيريءَ ۾ اُکلي پون.
    مطلب :
    • ڪمزور تي هر ڪنهن جي ڪاهه هوندي آهي.
    • ڪراڙپ کي مرض گهڻا چنبڙندا آهن.
    • ڏٻري ڍور تي مڇر به گهڻا.
    49. پيري عيش عشرت کي نه ٿي ڌڪاري، عيش عشرت ٿي پيري کي ڌڪاري. (چوڻي/پهاڪو)
    پهچ کان پري ۽ منع ٿيل شيءِ ۾ گهڻي ڪشش رکيل آهي. عيش عشرت، طاقت سان ٿيندا آهن. طاقت جوانيءَ ۾ هوندي آهي. پيريءَ کي، عيش عشرت واري سٽ سهڻ جي، طاقت نه هوندي آهي. اوڏانهن رغبت ضرور هوندي اٿس. پيريءَ ۾ عملي طرح عياشي ڪرڻ، ڏکيو ڪم ته آهي پر آهون ڀرڻ ۽ وات جا چشڪا وٺڻ ته ويا ڪونهن.
    عيش عشرت لاءِ گهربل طاقت ۽ حسن، پئسو ۽ موقعا، عدم موجود هئڻ سبب، پيري ، عياشي ءَ جي اڏي تان تڙجي نڪري ٿي.
    مطلب:
    • عياشي، سگهاري جسم سان ٿيندي آهي.
    • پيري، جوانيءَ تي ڪُرڪي.
    50. جاءِ، زال ۽ زمين کي جيترو سينگار، اوترو ٿورو. (چوڻي)
    جاءِ، رهڻ لاءِ اجهوآھي. زال، زندگيءَ کي آسان بڻائڻ لاءِ ساٿي آھي ۽ زمين، معيشت کي سڌارڻ لاءِ معاون هوندي آهي. پنهنجي وقت تي، ماڻهوءَ کي انهن ٽنهي جي ضرورت پوندي رهندي آهي. لاڳيتو گڏ رهڻ سبب، انهن جي سجاوٽ ۽ سينگار جو اُلڪو پڻ رهي ٿو. کين جيترو به سينگارجي، آخر ڦِٽيو/ بگڙيو وڃن. ڇو جو دنيا جي هر شيءِ ٺهي ئي ڊهڻ لاءِ آهي.
    مطلب :
    • سينگار، جاءِ ۽ جوءِ جو مرڪ آهي.
    • جاءِ چوي؛ جوڙائي ڏس، زال چوي؛ پرڻجي ڏس.
    51. جن جاتي ڄاتو، تن تاتي پاتو. (پهاڪو)
    حاصلات ۽ ڪمائي وغيره جو دارومدار نصيب تي آهي. جتي نصيب هوندو، اتان ئي روزي، رزق حاصل ٿيندو. نصيب واري جاءِ تي، پوري وقت تي پهچڻ، قدرت طرفان آهي. اتان جي ڄاڻ حاصل ٿي وڃڻ به قدرتي ڏات هوندي آهي.
    اهڙيءَ طرح سمورا علوم ۽ رب پاڪ جو تصور پڻ آهن. جنهن ماڻهوءَ جهڙو تصور ۽ گمان رکيو، ساڻس تهڙو ئي معاملو / ورتاءُ ٿيو.
    مطلب:
    • پهرين ڄاڻ ايندي آهي، پوءِ ڪمائي
    • پهرين سکجي، پوءِ ڪمائجي.
    • جنهن کي جتي نظر آيو، تنهن کي اتان مليو به.
    • First learn , then earn
    52. جنهن ان ڇڏيو، تنهن قبر کي ڪَن هنيو. جنهن پاڻي ڇڏيو، تنهن قبر کي ماڻي ڇڏيو. (چوڻي)
    حياتي، کائڻ پيئڻ ۽ چرپر ۾ آهي. جيئن پئٽرول کانسواءِ گاڏي نه ٿي هلي، تيئن کاڌِ خوراڪ کانسواءِ جيئڻ به ڏکيو آهي. انساني عضون جون گهرجون ۽ تقاضائون، خوراڪ مان ئي پوريون ٿينديون آهن.
    جڏهن ماڻهو، اَنُّ / ماني نه کائيندو آهي ته ڏينهون ڏينهن لاغر / ڏٻرو ٿيندو ويندو آهي. منجهانئس مائٽ آسرو لاهيندا ويندا آهن. دوا مٿس اثر ڪرڻ ڇڏي ڏيندي آهي. بيماري روزبروز وڌندي ويندي اٿس. جڏهن پاڻي ڇڏيندو آهي ته پوءِ سندس موت ته يقيني ئي ٿي ويندو آهي.
    مطلب:
    • کائڻ پيئڻ، حياتيءَ جي نشاني آهي
    • جي چرن، سي نه مرن.
    • چرند، نه مرند.
    53. جنهن شيءِ کان نفرت هوندي آ، سا ئي آڏو ايندي آهي. (چوڻي)
    هرشيءِ جي گهڻائي، نفرت جي حد تائين بيزار ڪندڙ هوندي آهي. گهڻي شيءِ پيرن ۾ به پئي وچڙندي آهي. جڏهن ته ٿوري شيءِ ۾ قدرتي طور ڪشش رکيل آهي. ماڻهو ان ڏانهن ڇڪجيو ڇڪجيو پيو ويندو. گهڻي ۽ نفرت واري شيءِ، ماڻهوءَ جي هر هر آڏو پئي ايندي آهي.
    مطلب:
    • نفرت وارو ماڻهو دل تي پيو ترندو.
    • جا لڳي لَٽَ ، سا ڪاڻي اک ۾.
    54. جنهن ماٺ ڪئي، سو ڇٽو. (چوڻي)
    دنيا جي تختي تي، ڪي معاملا جهيڙن / وڙهڻ سان نبرندا آهن. ڪي پيار قرب سان ته ڪي وري دل وجان سان محنت ڪندي سلجهندا آهن. ڪيترا معاملا، ماٺ يا صبر ڪرڻ سان ئي حل ٿيندا آهن. منجهن جيتري تڪڙ ڪبي اوترو منجهندا / الجهندا ويندا.
    صبر جهڙو ڪو هٿيار ڪونهي. تلوار گسي سگهي ٿي، تير گسي سگهي ٿو، ڪاردوس اڻ ڇٽو رهجي سگهي ٿو پر صبر ڪڏهن به نه گسندو آهي. صبر جهڙو وارُ، ٻيو ڪونهي. صبر ۾ الله سائينءَ جي مدد شامل هوندي آهي.
    مطلب:
    • چُپِ، هزار تکن جملن کان وڌيڪ تکي هوندي آهي.
    • صبر جنين جو سير، تير نه گسي تنين جو.
    • صبر وارو، پريشانين کان آجو آهي.
    • جن ڇڏي دعويٰ، سي ٿيا سدا ساوا.
    55. جنهن هٿ گل ڪيرايا ، سو ڳچي ۾ هار به وجهي سگهي ٿو. (پهاڪو)
    دنيا جي تختي تي، فطرت جي ڪارفرمائيءَ کان هٽي ڪري، جيڪا به ترقي ۽ رونق، تباهي ۽ تنزل ٿيو آهي، سو انسان جي هٿن جي ڪمائيءَ سبب ٿيو آهي. انهن ئي هٿن سان چڱا ڪم ڪجن ٿا. انهن ئي هٿن سان برا ڪم ڪجن ٿا.
    انهن ئي هٿن سان ڪن دوستن جي عزت افزائيءَ وارا ڪم ڪجن ٿا ته انهن ئي هٿن سان ڪن جي دل آزاريءَ وارا ڪم ڪجن ٿا. “هٿ” سان هر نوعيت جو ڪم ڪرڻ ممڪن آهي.
    مطلب:
    • سنڀال ڪندڙ چوڪيدار، چور به ٿي سگهي ٿو.
    • نقصان پوڻ واري ڪم مان، فائدو به پئجي سگهي ٿو.
    56. جو ڊڄي، سو مري. (چوڻي)
    دنيا ۾ ترقي اهو ڪندو، جيڪو دلير ٿي هر ڪم ۾ هٿ وجهندو. اڻ ڏٺل مهم ۾ پئسو، جان ۽ مال سيڙائڻ سان نفعا حاصل ٿين ٿا. جيڪو زمين ۾ اَنُّ ڇٽيندو يا يارن دوستن تي پئسو خرچ ڪندو، سو ئي منجهانئن فائدا وٺندو. جيڪو ڊڄي، هٿ سوڙهو رکندو، سو ترقي ته نه ڪري سگهندو، هٿائين زندگي گذارڻ ڏکيو مسئلو ٿي ويندس.
    مطلب:
    • جي ڊنا، سي ڊڙيا.
    • گيدي سؤ سال جيئي پر تاريخ کيس ڪڏهن به ياد نه رکندي.
    • ڊر گيا، مر گيا. (اردو)
    57. جو هٿ ڪري، سو هٿ پائي. (پهاڪو)
    هر ڪو هٿ جي ڪمائي کائي ٿو. ان ئي هٿ سان چڱا ڪم ڪبا ته نفعا به پاڻ وٽبا. جيڪڏهن ڀُڏا ڪم ڪبا ته نقصان به پاڻ پائبو. هڪ جي ڪيل ڪم بدران، ٻئي کي نه نفعو پهچندو، نه ئي نقصان ٿيندو. جيڪو ڪندو، سو لوڙندو.
    مطلب:
    • ڪرند پسند، ڏيند لهند.
    • ڪندڙ، ڀوڳيندڙ.
    • ڪري، نه ڀري.
    • جو ڪمائي، سو کائي.
    58. جوئر جو اٽو، نه شادي جو نه غمي جو . (پهاڪو)
    جوئر جو اٽو، اڻڀو ٿيندو آهي. منجهانئس پڪل ماني ڀورو ۽ جلد سڪي ويندڙ ۽ منجھانئس رڌل ڀت به گهڻو گيهه کڻندڙ ٿيندو آهي. کائڻ وارا گهڻا هجن ۽ کين جلدي اڪلائڻو هجي ته پوءِ گِسو اَنُّ ڪونه هلندو. اتي يا ڪڻڪ جي اٽي جي ماني هجي يا چانورن مان رڌل ڀت هجي.
    مطلب:
    • رکو ماڻهو اجتماعي ڪم لاءِ نامناسب آهي. رکائپ سبب، ٺهيل ڪم به بگيڙي ڇڏيندو آهي.
    • بزدل ماڻهوءَ مان، نه دشمن کي ڀؤ نه سڄڻ کي آسرو.
    • رکو ماڻهو، نه خوشيءَ ۾ چڱو نه غميءَ ۾.
    • ڏکئي ڪم لاءِ، ماڻهوءَ کي ٿورو کٽو مٺو ٿيڻو پوندو آهي.
    59. جهڙا استاد، تهڙا شاگرد. (پهاڪو)
    شاگرد، اهو ئي سکندا، جيڪو استاد کين سيکارندا. استاد، اها شيءِ سيکاريندو، جيڪا هو پاڻ سکيل هوندو. جيڪڏهن استاد جا اخلاق چڱا ۽ پڙهائڻ جو ڍنگ سهڻو آهي ته شاگرد به تمام چڱو علم ۽ عقل، اخلاق ۽ اطوار پرائيندا. جيڪڏهن استاد اَڻُونڍُ آهي ته پوءِ شاگرد به برا افعال پرائيندا.
    مطلب:
    • جهڙو راجا ، تهڙي پرجا.
    • جھڙو را، تھڙي رعيت.
    • جهڙا روح تهڙا فرشتا / ختما.
    • جهڙو مالڪ، تهڙو نوڪر.
    • جهڙا گڏهه گاڏا، تهڙا ڪاهيندڙ ڪاهين، هنن نه پڇيو هنن کان ته ڪاٿي لاهين.
    • جهڙي ٻني تهڙو ٻج ، تنهن جي سلي ڀر نه ڊڄ.
    60. جيڪو پوکبو سو لڻبو ، جو کڻبو سو کائبو (پهاڪو / چوڻي(
    زمين منجهه اها خاصيت رکل آهي ته محنت سان جيڪي منجهس پوکبو ، سو ئي سلو منجهانئس اڀرندو . جيڪڏهن ڻڪ پوکبي ته ڪڻڪ لڻبي، جَوَ پوکبا ته جَوَ لڻبا. ڪي ڪين پوکبو ته اوڀڙ به ڪي ڪين ٿيندي.
    زمين ۾ اوءر اڀرڻ جي استعداد، فطري رکيل آهي . ڪو به فصل نه پوکڻ جي صورت ۾ منجهائس ، خودرو ٻوٽاڦٽندا، جيڪي انسان لاءِ براه راست منافعي بخش نه رهندا.
    مطلب: (1) جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي.
    جهڙو ٻين سان هلبو، تهڙو ئي ٻيا هلندا.
    61. جيڪي پايون نه سنڀاريندا، سي روپيا ڪيئن گڏ ڪندا؟ (واپاري، پهاڪو)
    دڪان تي گوڏو ڀڃي ويهڻ کانپوءِ، مراديءَ جي ٽڪي پئسي کي احتياط سان سنڀالڻ ضروري آهي. اٿندي سان ئي وڏو ڊپارٽمينٽل اسٽور کولبو ته لامحاله پوءِ مينٽل ئي ٿي وڃبو. نه ڪاروبار سنڀالي سگهبو ۽ نه ڪارِ وهنوار هلائي سگهبو.
    ڪارِ وهنوار ۾ ننڍين ننڍين شين ڏانهن ڌيان ڌرڻ اشد ضروري آهي.
    مطلب:
    • قناعت نه ڪندڙ، نيٺ پنندو.
    • ڌنڌي ۾ فائدو، اوگهه سوگهه مان پوندو آهي.
    • ٿوري کٽئي، گهڻي برڪت.
    • ڦڙي ڦڙيءَ، تلاءُ آهي.
    62. چغلي، جهيڙي جي ماءُ آهي. (چوڻي)
    هڪ جو عيب ٻئي کي ٻڌائڻ يا هڪ جي مهم جو راز ٻئي تي افشان ڪرڻ کي چغلي چئبو آهي. جنهن جو عيب ۽ راز اگهاڙبا، سو براه راست جهيڙي ۽ گارين تي لهي ايندو آهي. دشمنين جي شروعات، هڪ گار سان ئي ٿيندي آهي.
    مطلب:
    • گلا ۽ چغليءَ سان نفرتون وڌن ٿيون.
    • سؤ ميل جي سفر جي شروعات، هڪ ئي قدم سان ٿيندي آهي.
    63. حلوي کائڻ لاءِ به وات گهرجي / ڏند گهرجن. (پهاڪو)
    دندئي / چاٻو/ حبشي حلوو، چٻاڙڻ لاءِ ڏند سخت ضروري آهن. حلوي مان مراد، اگر مٺي شيءِ ئي وٺجي ته به صحتمند ڏندن جي ضرورت آهي. ڏندن ۾ جيڪڏهن اڳيئي سور هوندو يا بيماري لڳل هوندي ته مٺاڻ تي ويتر منجهن سور پوندو ۽ ماڪوڙي به کائيندن. جيڪڏهن حلوي مان مراد، لذيذ ۽ سڻڀا طعام آهن ته پوءِ انهن لاءِ به صحتمند جسم ۽ پئسي خرچ ڪرڻ وارو هٿ کپي، بعد ۾ اهي شيون واپرائي سگهبيون.
    مطلب:
    • بظاهر آسان ڪم لاءِ به جان، وقت ۽ مال لڳائڻو پوندو آھي.
    • بنا محنت جي، ڪوبه ڪم اُڪلائجي نه سگهندو.
    • سڀ آسان ڪم، هڪ ئي وقت هڪ ماڻهوءَ لاءِ، ڏکيا آهن.
    64. دل جي ڳالهه، دلي دوست سان به نه ڪجي . (چوڻي)
    هر ماڻهوءَ جو ڪو نه ڪو حال محرم هوندو آهي. ٻئي کي دلي دوست سمجهي راز نه ٻڌائجي، لامحاله سندس به ٻيو ڪو راز محرم ضرور هوندو. ان کان ڳالهه ڪين رکي سگهندو. ڪنهن نموني اها ڳالهه ان تائين پهچندي ضرور. ائين ان جي دوست جا به ڪي دل گهريا دوست هوندا، اهو کين ساڳي ڳالهه، راز واري انداز ۾، ضرور ٻڌائيندو. ائين ڳالهه ، گهڻن واتن تان ٿيندي گهڻن ڪنن تائين پهچي ويندي ۽ راز نه رهندي.
    مطلب:
    • جنهنجي ڳالهه پنهنجي پيٽ ۾ نه ٿي ٽڪي ، تنهن جي ڳالهه ڪاٿي به ڪين ٿي لڪي.
    • واتين سري، واڳين سري.
    • راز ۾ آهستي ڪيل ڳالهه، وڏي وويڪ سان ٻڌڻ ۾ ايندي آهي.
    65. دَلِّي، ڪنهن نه جهلي. (پهاڪو)
    دلال، ٻن قسمن جا هندا آهن. هڪڙا ڀڙوا ٻيا ڪڃر. پرائي عورت کان ڪسب ڪرائيندڙ؛ ڀڙوو ۽ پنهنجي کان ڪرائيندڙ؛ ڪڃر ٿيندو آهي. ٻين جي هٿن ۾ ڪسب ڪندڙ ڪسبياڻي، وڏي مڪار ۽ عيار پڻ ٿيندي آهي. ڪنهن جي به چوڻ آکڻ ۾ نه هوندي آهي. هر معاملي ۾ هڪ پير تي بيهي نچندي آهي.
    مطلب:
    • مڪار عورت، ڪنهن جي به جهل پل ۾ نه ايندي آهي.
    • ڪني رن جو، نه تار نه تانگهو.
    • عورت ڪين ڄاڻي ته به اٺ مڪرن جو ڄاڻي.
    66. دنيا کي هڪ ڏينهن ڇڏڻو ضرور آهي، ڀانڊو جو گهڙيو سو ڀڄڻو ضرور آهي. (چوڻي)
    دنيا ۾ هر جاءِ ڊهڻ لاءِ ٺهي آهي ۽ ماڻهو مرڻ لاءِ آيو آهي. هر شيءِ، سواءِ الله جي، آخر فنا آهي. باقي رهي نالو الله جو. پڪ سان قيامت ايندي. هر شيءِ تباهه ٿيندي. جاءِ ۾ رهڻ ڇڏي ڏبو ته به ڊهي ويندي. ان ڪري، ان کي جوڙائجي ئي اهڙي نسبت سان. مٿس اجايو خرچ ڪرڻ کان هتر ڪجي.
    مطلب:
    • آخرت جي زندگيءَ لاءِ محنت ڪجي. دنيا جي زندگي عارضي آهي.
    • هيءُ جهان، نه چاهڻ جي باوجود، هر جِيوَ کي ڇڏڻو آهي.
    67. ڌاريجن کان ڌار، ٻارو پوکجي ٻاهر. (پهاڪو/چوڻي)
    سهتا ذات جي هڪ شاخ، جيڪي ڌار ٿيڻ سبب ڌاريجا سڏائين ٿا، تن سان ٻني گڏي نه ڪاهجي. يا جيڪڏهن کانئن الڳ ٿجي ته پوءِ صفا جوءِ ئي ڇڏي وڃجي. ڌار ٿيڻ نه سهندا آهن. اهڙي کينس ڪندا جو، ٻار مان اَنَّ جو ڪڻو به کڻي ڪين سگهبو.
    مطلب:
    • ڌاريجن کان ڌار، ٻارو ڪجي ٻارِ جو.
    • ڌاريجن کان ڌار، ٻارو نه ڪجي ٻاهر. (ابتو)
    68. ڏاڍي تي چڙ چڙهي نه، هيڻي تان لهي نه. (چوڻي)
    فطرتًا ظالم ۽ ڏاڍي سان سينو ساهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. منجهانئس تقصان جو انديشو رهي ٿو. هيڻي تي آڪڙيو آڪڙيو پيو اچبو آهي. منجهانئس نقصان جو ڀؤ نه ٿيندو آهي. حقيقت انهن ڳالهين جي برعڪس آهي. ائين ڪرڻ سان نتيجا ڏاڍا اُگرا نڪرندا. جيڪڏهن ظالم سان سينو نه ساهي سگهجي ته غريب سان به اڇن ڏندن جي پريت نه ڇڏجي.
    مطلب:
    • ڪاوڙ هيڻي تان لاهڻ سان لهندي ناهي، ڏاڍي تي چاڙهڻ سان چڙهندي ناهي.
    • هيڻو حاڪم، ڪورين لاءِ قهار.
    69. ڏاهپ / حڪمت، قدرتي نور آهي. (چوڻي)
    عقل ۽ علم، دانائي ۽ دورانديشي، فهم ۽ فراست، ڏاهپ ۽ حڪمت، سڦل زندگي گذارڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. جيئن اکين لاءِ روشني ضروري آهي، تيئن دماغ لاءِ ڏاهپ ۽ حڪمت جي ضرورت آهي. ان کان سواءِ دنيوي معاملات کي سمجهڻ ۽ صحيح فيصلا ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي.
    مطلب:
    • ڏات ناهي ذات تي، جو وهي سو لهي.
    • ڏات، قدرت جو تحفو آهي.
    70. ڏهڻ آ سؤ ڀيرا، ڪهڻ آ هڪ ڀيرو. (پهاڪو)
    مينهون، ڍڳيون، ڏُهي ۽ ڦر وٺي کائبيون ته ڌڻ پيو وٿاڻ ۾ وڌندو. ڪھبو يا وڪڻبو ته پوءِ ڄڻ جهاٽڪو ٿي ويندو.
    مال مڪيت مان، محنت سارو ٿورو، ٿورو ڪري نفعو حاصل ڪبو ته گهڻي وقت تائين وٺي سگهبو. گهڻو ۽ يڪدم وٺبو، ته پوءِ ٿوري دير لاءِ حاصل ڪري سگهبو.
    جاءِ جي مسواڙ کائبي ته جاءِ به رهندي ۽ گهر جو گاڏو به پيو گهلبو. جاءِ هڪدم وڪڻبي ته نه جاءِ رهندي ۽ نه گهڻي وقت تائين منجهانئس فائدو حاصل ڪري سگهبو.
    دڪان تي محنت ڪري ٿورو ٿورو نفعو گهر جي خرچ لاءِ ڪڍبو ته دڪان به رهندو ۽ گهر به هلندو. تڪڙ ڪبي ته دڪان به کپي ويندو ۽ گهر جو گذران پڻ تنگ ٿي ويندو.
    مطلب :
    • سنگتين کان ٿورا ٿورا، سهنديءَ آهر ڪم وٺجن.
    • ڏهي کائجي، ڪهي نه کائجي.
    71. ڏهون گهر، ڏائڻ به اورانگهي . (پهاڪو)
    ڏائڻ، مُردا ڪڍي کائيندي آهي. جيڪو سامهون آيس تنهن کي به ڪين ڇڏيندي آهي. انهيءَ جي باوجود هڪ اڌ گهر ٽاري به ويندي آهي يا رهجي به ويندو اٿس. هڪ اڌ گهر رهائڻ جي باوجود به کيس ڏائڻ سڏجي ٿو.
    جيڪو ماڻهو ڪنهن به معاملي ۾ يار دوست جو به خيال نه رکي ۽ مٿانئس نه ٽري ته پو ان لاءِ ڇا چئجي؟
    مطلب:
    • سڀني سان چالاڪي / ظلم نه ڪرڻ گهرجي.
    • اٺون گهر، ڏائڻ به اورانگھي.
    • ستون گھر، ڏائڻ به ٽاري.
    72. ڏيڻ تان وڏو ڏاج ، پر ناهي مَٽُ نِوڙَت جو. (چوڻي)
    ڏاج؛ ڏيڻ يا ڏيارڻ، جيڪو مائٽ شاديءَ ۾ نياڻيءَ کي لائي لڳائي ڏيندا آهن. ڪابه شي ڏيڻ، وڏي ڏاج برابر آهي. ڏيڻ سان اڳلي جي دل موهي سگهجي ٿي. جڏهن ته نِوڙت ساڻ ڏجي ته ان ۾ ان کان وڌيڪ موهه رکيل آهي.
    مطلب:
    • سخاوت سان گڏ، نهٺائي به ضروري آهي.
    • عبادت سان گڏ، عاجزي به ضروري آهي.
    • سخاوت چڱي پر، نوڙت سان به دليون جيتي سگهجن ٿيون.
    • ڏجي نه، ته ڏکوئجي به نه.
    73. ڏيڻو لهڻي کي نه پڄي ، لهڻو ڏيڻي کي نه پڄي. (پهاڪو)
    ڏيڻ: سخاوت ڪرڻ يا قرض موٽائڻ، تمام وڏي شيءِ آهي پر لهڻو يا قرض کڻڻ ان کان وڌيڪ ڳورو آهي. قرض کڻي سخاوت ڪرڻ ۾ پورت نه پوندي.
    لهڻو؛ قرض جنهن تي رهت آهي، ان کي ڪيترو به دان پِڃُ ملي پر سندس قرض ڪڏهن به ڪين لهندو.
    مطلب:
    • قرض / لهڻو، هر حال ۾ ڏکيو آهي.
    • قرض ڏيڻ به ڏکيو، موٽائڻ به ڏکيو.
    • قرض : مرض.
    74. ڊينگهر کنئي سؤ ليڪو، پڃر کنئي هڪ ليڪو. (پهاڪو)
    ڊينگهر ۾ ڪيئي بِينجها هوندا آهن ۽ گِهلجڻ وقت سمورن بينجهڙن جا نشان ٺھندا ايندا آهن. پڃر گهلڻ سان پويان فقط هڪ ليڪو ٺهندو ايندو. دنيا ۾ ڪي اهڙا ڪم هوندا آهن جن مان سوين ماڻهن کي فائدو پهچندو آهي. ڪي وري اهڙا ڪم هوندا آهن جن مان فقط ڪنهن هڪ اڌ وڏي ماڻهوءَ جو ڀڀ ڀرجي سگهندو آهي. تنهنڪري اهڙو ڪم ڪجي، جنهن سان سوين غريب گهرن جي چلهه ٻري. ڀَريا، نه ڀرجن.
    مطلب:
    • سؤ ڌڪ سوناري جو، هڪ ڌڪ لوهر جو.
    • هڪ شينهن جو شڪار، سؤ لومڙيون ٿيون کائين.
    75. ذهانت، ڪنهن جي ميراث ناهي. (چوڻي)
    ذهانت؛ ڏات هر ڪنهن کي ربَّ تعالي طرفان تحفي ۾ ملي ٿي. ڪنهن کي گهٽ ته ڪنهن کي وڌ. ڇو جو هر ماڻهوءَ جو دنيا ۾ معاملو ساڳيو ناهي. الله سائينءَ کي جنهن ماڻهوءَ کان دنيا ۾ جيڪو ڪم وٺڻو آهي، ان کي اهڙي ئي قسم جو ذهن به مرحمت فرمايو اٿائين. ان ۾ ٻئي ڪنهن جو داعو دخل به ڪونهي. نه ڪنهن جي هٿان نه ڪنهنجي مرضيءَ سان، بلڪه الله سائين پنهنجي حڪمت ۽ مصلحت تحت انسان تي ڏات جا راز کوليا آهن.
    مطلب:
    • ڏات وغيره ربَّ تعالي طرفان مرحمت ٿيل آهي.
    • ڏات ناهي ذات تي، جو وهي لهي.
    76. رَنَ رُلي ته ڀُلي، ڏاند رُلي ته کُلي. (چوڻي)
    عورت جو حسن ۽ رعنائي، عزت ۽ وقار، پردي ڪرڻ ۾ آهي. پردو پري ٿيڻ سان، حسن ۽ رعنائي اڏاميو وڃن. عزت ۽ وقار ڌوڙ ٿيو وڃي. عورت رولاڪ ٿئي ته سمورو قدر وڃائي ڇڏي. جتان ڪٿان ٿُڏجي نڪري ۽ رُلندي وتي.
    مرد يا ڍڳو، جيترو رُلندا، اوترو جسماني طرح مضبوط ۽ دماغي طرح کلندا ۽ ڪارائتا ٿيندا ويندا. ڪارائتي هئڻ سبب، هر جاءِ تي کين چڱو مان پيو ملندو.
    مطلب:
    • عورت ، پردي ۾ چڱي آهي. مرد ، زماني جي ڪمن ۾ چڱو آھي.
    • العورت عوراتٌ، مستوراتٌ به.
    • رن رُلي ته ڀلي، مرد رُلي ته کُلي.
    77. رن زال جو ٻيٽو، نه مَنهه ويٺو نه مڪارڪي ويٺو، انهي کي عقل وري چُت ڏانهون ٻيٺو . (چوڻي(
    جنهن جو پيءُ وفات ڪري ويو هجي، تنهن کي محروميءَ جو احساس شديد ٿيندو آهي. هر ڳالهه تي پيو روئندو ۽ رڙندو، جهڄندو ۽ جهرندو آهي. انهيءَ ڪري ڪير به کيس، چڱي ڳالهه چوڻ يا نصيحت ڪرڻ کان پيو لنوائيندو آهي. آزمودگارن ۽ بزرگن جي رهنمائي نه ملڻ سبب، ڪو به ڪارائتو ڪم نه ڪري سگهندو، نه ئي وري ڪو علم يا عقل ئي پرائي سگهندو.
    مطلب :
    • جنھن جو ڌڻي ڌوڪي ناھي، تنھن وٽ عقل به ناھي.
    • ڇورو ٻار؛ دادلو/ چلولو يا چريو / چور.
    78. زال ته سهڻو گهر، نه ته آهي برَ جو برُ. (چوڻي)
    گهر جو سينگار، عورت جي محنت سان آهي. جيترو زال سگهڙ، محنتي ۽ گهرسان محبت ڪندڙ، اوترو گھر صاف سٿرو ۽ سڪون جي جاءِ هوندو. جيترو عورت اُڌريل/ بگڙيل هوندي، گهر جي حالت اوترو بگڙيل هوندي. گهر کي جنت / جهنم بنائڻ ۾ عورت جو هٿ ئي هوندو آهي.
    مطلب: گهر-واري اها ڀلي، جيڪا سگهڙ هجي.
    79. زالن جو مڙس هڪڙو، مردن جو مڙس ڪوڪو. (پهاڪو)
    حاڪم اهو آهي، جنهن جو حڪم هلي. عورت ۽ گهر لاءِ حاڪم؛ مڙس آهي. چار عورتون، پاڻ ۾ هڪٻئي جون ساهڙيون/ پهاڄون آهن ته سندن وَرُ، هڪڙو ئي آهي. جڏهن ته سندن ان مڙس جو حاڪم، ان جو پيءُ آهي. شرط اِهو آهي ته اُهو جيئرو هجي. لازمي ناهي ته ھڙني مڙسن جا پيئر جيئرا به هجن، تنهنڪري چئبو؛ انهن جو حاڪم ڪو ڪو آهي.
    مطلب:
    • مخلوق جو، خالق/ مالڪ هڪ آهي.
    • ڌڻي جو، ڪوبه ڌڻي ڪونھي.
    80. زبان، زر ۽ زن ، جهيڙي جو ڪارڻ. (چوڻي)
    جهيڙي/ دشمنيءَ جي جڙ پاڙ کوٽبي ته مٿين ٽن شين منجهان ڪانه ڪا هڪ ضرور هوندي. خراب زبان سبب به ڪافي جهيڙا جهٽا ٿيا آهن. جيتري گهڻي دولت، اوتريون گهڻيون دشمنيون. اڻ واقف ۽ اڻ ڏٺل به پيا کينس ڪندا ۽ عڪس پوندا. عورت جي حسن تي به موهت ٿيڻ وارن جو تعداد وڏو آهي. جيڪڏهن سمورن جي ذهن جي سئي، هڪ ئي حسن تي اٽڪي پوي ته وڏا حداوسا، حسد ۽ عداوتون، پيدا ٿيو پون.
    مطلب:
    • زمين، زن ۽ زر، تينون قضيي ڪي گهر.
    • زر، زمين ۽ زن، جهيڙي کي جوڀن.
    • ڄنگهن ڏارائيءَ کان، وات ڏارائي خراب.
    81. ستل، آهي مئل مثل. (چوڻي/ پهاڪو)
    ننڊ ۾ پيل جو ساهه ڪڍيو وڃي ٿو. جڏهن جاڳ ٿئي ٿي، تڏهن واپس وڌو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ننڊ واري تي ڪو به شرعي حڪم لاڳو نه ٿيندو آهي.
    مطلب: ننڊ موت جي ڀيڻ آھي.
    82. سچي ڳالهه، هميشه ڪؤڙي لڳندي آهي. (چوڻي)
    سچ ٻڌڻ سان ماڻهوءَ کي پنهنجي عيبن تان قلعي لهندي محسوس ٿيندي آهي. عيب اگهاڙا ٿيڻ شرط، چڙي پوندو آهي. جيڪو حق تي زندگي گهاري ٿو، تنهن کي سچ ٻڌڻ مان ڪو به ڀؤ نه ٿيندو آهي. ڪوڙ تي کيس الٽو چڙ ايندي آهي. ناحق تي هلڻ وارو ۽ عيبدار ماڻهو پنهنجي ڪوڙي تعريف ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيندو آهي.
    مطلب: سچ مرچ، ڪوڙ ڳڙ.
    83. سرڪار ، اونڌي ڪوپري . (چوڻي/ پهاڪو)
    سرڪار، عام ڀلائيءَ جي ڪمن لاءِ، وڏا وڏا منصوبا جوڙي مٿن وڏا خرچ ڪندي آهي. اها ڳالهه ڪنهن امير ڪبير جي وس جي ناهي. وڏا منصوبا جوڙڻ ۽ مٿن خرچ ڪرڻ ڪنهن سر ڦرئي جو ئي ڪم ٿي سگهي ٿو.
    مطلب:
    • سرڪار؛ اونڌي لوٽي.
    • سرڪار؛ فيل مست.
    • سرڪار؛ ماءِ باپ آھي.
    • سرڪار؛ ڪنهن جي “چاچا ماما” ناهي.
    84. سفر، آهي سقر (چوڻي)
    سقر؛ دوزخ / جهنم ، تڪليف جي جاءِ آهي. اتي ڪوبه سک ناهي. سفر جي دوران به تڪليف ٿئي ٿي. اڻ ڏٺل ماڻهن جي وچ ۾ وڃڻو پوي ٿو. اتي پاڻ تي تڪليف دور ڪرڻ لاءِ ٻين کان مدد وٺڻ به ڏکي هوندي آهي. سفر ڪرڻ پڄاڻان، البته روزي روزگار ۾ ڪشادگي حاصل ٿئي ٿي ۽ منجهانئس ٻيا به ڪيترائي فائدا آهن. وقتي تڪليف، مگر گهڻن کي منجهائي ڇڏيندي آهي.
    مطلب:
    • سفر ۾ سهولتون گهٽ، تڪليفون وڌيڪ هونديون آهن.
    • سفر، وسيله ظفر. (ابتو)
    85. سک سمهه ڙي ڪنڀار، تنهنجا ڪچا ڪير نه نيندو. (پهاڪو)
    ڪنڀر جا ٿانءَ مٽيءَ مان جڙيل هوندا آهن، جن جي قيمت ڪا خاص نه هوندي آهي. چور به چوريءَ لاءِ سر تريءَ تي تڏهن رکندو آهي، جڏهن اڳيان کيس ڪجهه حاصل ٿيڻ جي اميد هجي. ڏسي وائسي، ڀَريل ڀُڪيل گهر ۾ کاٽ هڻندو آهي، جتان سون مين هٿ اچيس، جيڪو کڻڻ ۽ لڪائڻ ۾ آسان، وڪڻڻ ۽ ڪمائڻ ۾ مهانگو/ مُلهائتو هجي. باقي ڪنڀر جي گهر ۾ کاٽ هڻڻ مان، مزوريءَ جيترا به پئسا ڪون ملندس ته پوءِ خفا ڇا لاءِ ڪري؟
    مطلب:
    • ڍڳو نه ڍور، ڇا ڪاهيندو چور؟
    • ڀيٽيو: سک سمهن ڪنڀار، چور نه چائن مٽي.
    86. سکڻو ڦيڻو، سور ٻيڻو. (طبي پهاڪو)
    دعا تعويذ به تڏهن اثر ڪندو آهي، جڏهن پڳر يا نذرانو ڏئي، لکندڙ جي دل ٺاربي. رب تعالي مختلف ذريعن سان مختلف ماڻهن جي روزيءَ روٽيءَ جو بندوبست ڪيو آهي. تنهنڪري ڏيڻ جو رواج پاڻ ۾ رکجي ته چڱو. ائين ٻين جي دل به وٺي سگهبي ۽ معاشي معاملا به سلجهيل رهندا.
    مطلب:
    • ٺلهو ڦيڻو، ٻرو ٻيڻو.
    • سکڻي دعا، پٽ برابر.
    87. سکيي ستابي ڀاءُ کان، پنهنجي اڀري سڀري پوک ڀلي. (زرعي ، چوڻي)
    جنهن ماڻهوءَ وٽ، جيترو به آهي سو پنهنجي سِر تي استعمال ڪرڻ لاءِ آهي. ٻئي کي ان ۾ آسرو نه رکڻ گهرجي، بلڪه پنهنجي ٻارڻ چاڙهڻ گهرجي. ڀاءُ جي ملڪيت ۽ مدد ۾ نگهه/ واجهه وجهڻ مان ڪوبه فائدو نه پوندو. پنهنجي اڀري سڀري، روزگار جي ٽڪريءَ / ٺيهي تي ڀاڙڻ چڱو آهي. ان ۾ ئي دلي سڪون آهي.
    مطلب:
    • وقت تي، رکيل مُوڙي ڪم اچي.
    • “کڏ !” چي؛ “جيءُ سڏ !؟”
    • ادل گهر گهوڙي، ڪا مون هڻ هڻ.
    88. سندي ساڻيهه، کِهه کٿوري ڀانئيان . (چوڻي)
    وطن جي هر شيءِ ۾ ڪشش رکيل آهي. مٽيءَ ۽ پاڻيءَ ۾ به هٻڪار رکيل آهي، جنهن جهڙي طراوت پرديس جي مشڪ ۽ کٿوري، عطر ۽ عنبير مان به ڪين حاصل ٿيندي آهي.
    مطلب:
    • وطن / ڏيهه جهڙي حُب، ٻي جاءِ سان نه ٿي ٿي سگهي.
    • وطن جو اڌ ٽڪر، ٻاهر جي سڄي مانيءَ کان به وڌيڪ.
    • وطن جي مٽي به، مُشڪ برابر.
    • ڏيهه ڇڏڻ، ڏيهي ڇڏڻ، ڏکيا ڪم.
    • ڳوٺ جو رستو ڏسي، ڏاند به ڏورڻا ڀڃندا آهن.
    89. سوال : ٻِه- مُنهِين ترار. )چوڻي(
    سوال، ڀلي ان جي موٽ ۾ مراد پوري به ٿي وڃي، تمام خراب آهي. ماڻهوءَ جي عزت ۽ وقار، خاڪ ۾ ميلو وڃي. ترار جي ڌڪ سان ، ماڻهوءَ کي ايترو ڇيهو نه ٿو رسي، جيترو سوال ڪرڻ سان سندس وقار ۽ ناموس، عزت ۽ قدر، مجروح ٿين ٿا.
    مطلب:
    • سوال ڪرڻ کان، هر هميشه پاسو ڪرڻ گهرجي.
    • سوال ڪندڙ جي منهن جو پنو، لٿل هوندو آهي.
    • سوال، ويچارو آهي.
    90. صالحن جي صحبت پارس مثل آهي، جنهن کي ملي، سو سون مثل آهي. (چوڻي)
    پارس هڪ فرضي پٿر آهي، جنهن لاءِ گمان آهي ته جيڪڏهن لوهه ساڻس ٽڪرائيندو ته سون ٿي پوندو. چڱن جي صحبت لاءِ مٿيون مثال، بلڪل ڪافي آهي. صالح ۽ صوفي، عالم ۽ اولياءَ جي صحبت مان جنهن کي ماسو ملي، سو به رڱجي لال ٿي وڃي ٿو.
    مطلب:
    • چڱن سان چاهه پئي، جي من ميڙ ڪيائين. رڱجي ته لال ٿيندو، نه ته ڪڪوربو ته سهي.
    • صحبت صالح ترا صالح ڪند، صحبت طالح ترا طالح ڪند. )فارسي(
    91. صبر سان موتي ٿئي، سِپَ ۾ ڦڙو. (چوڻي/پهاڪو(
    سِپَ، سمنڊ اندر پئدا ٿئي ٿي. سندس پيٽ ۾ اگر، برسات جي صاف پاڻيءَ جو قطرو پوي ته اهو موتي ٿي پوندو آهي. انهيءَ سبب ڪري، سمنڊ جي سِپَ، وات پٽي، مينهن ڦُڙَي لاءِ ابر آسري انتظار ڪندي آهي. برسات جي پيل اوچتي ڦُڙِي، سندس انتظار جا ٿڪ لاهي ڇڏيندي آهي. شرط آهي ته صبر ۽ تسلسل سان، سِپَ انتظار ڪري، جيڪڏهن اٻهري ٿئي ۽ صبر نه ڪري ته انهيءَ نعمت کان محروم ٿي وڃي ٿي.
    مطلب:
    • صبر جن جوسير، تير نه گسي تن جو.
    • صبر، وڏي وٿ آهي.
    • ڳالهائڻ چاندي، صبر سون.
    92. صحت جو قدر، بيمار کان پڇو؟ (طبي پهاڪو)
    ججھي تعداد ۾ موجود شيءِ پنهنجو قدر وڃائي ويهندي آهي. جڏهن اها کسبي آهي، تڏهن منجهانئس پهچندڙ نفعا / فائدا رڪجي ويندا آهن. ان جو قدر پوءِ ئي ٿيندو آهي. صحت به جنهن وقت آهي ته ماڻهو بي قدرو ٿي انڌ جي گهوڙي تي ڊڪي ٿو. غلط ڪمن ۾ هٿ وجهي، جڏهن اها نعمت کسائي ٿو، پوءِ سندس اکيون کلي وڃن ٿيون. ڇو جو بيماري، ايندي ته اوچتو آهي پر ڇڏيندي پنهنجي مُداءَ تي آهي.
    مطلب:
    • جوانيِ جو قدر، پوڙهي/ جڏڙي کان پڇجي.
    • نعمت جو قدر، نادار کان پڇجي.
    • پي ما جو قدر، يتيم کان پڇو.
    • ھٿن جو قدر، ٽُنڊڙَن کان پڇو.
    93. صحيح ادب، حياتي جي تنقيد آهي. (چوڻي)
    حياتي، سمورين نعمتن منجهان وڏي نعمت آهي. ان کي ئي صحيح نموني سان استعمال ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن غلط ڪمن ۾ صرف ٿي وئي ته پوءِ ھَڙَ هلي وئي. زندگي صحيح نموني سان گذارڻ لاءِ، ڪي ڏاهه ڏيندڙ ۽ راهه ڏيکاريندڙ، رهنما اصول مقرر ٿيل آهن يا وضع ڪرڻا پوندا آهن. اهڙن اصولن تي مبني ادب، زندگيءَ جي تنقيدي اڀياس بعد تخليق ٿئي ٿو ۽ ڪارائتو پڻ رهي ٿو.
    مطلب:
    • ادب، زندگيءَ ۾ رهنمائي ڪندو آهي.
    • جنين ادب، تنين عجب.
    94. عالم اهو، جو عامل هجي. (چوڻي)
    علم ۽ عمل جو پاڻ ۾ براه راست ڳانڍاپو آهي. علم پرائبو ئي عمل ڪرڻ لاءِ آهي. علم پرائڻ کانپوءِ مٿس عمل نه ڪبو ته ضايع ٿي ويندو. اهڙو علم حاصل ڪندڙ، ڄڻ پنهنجو وقت اجايو وڃائي ڇڏي ٿو. مٿس ڪيل خرچ ڄڻ ضايع ڪري ڇڏيائين.
    مطلب:
    • جنهن وٽ علم سان گڏ عمل آهي، سوئي حقيقت ۾ عالم آهي.
    • عمل ڪرڻ سان علم، پڪو ۽ پختو، جوان ۽ جٽادار ٿئي ٿو.
    • عمل کانسواءِ علم ، جيئن ڪتابن سان سٿيل گڏهه.
    • عمل کانسواءِ علم، فائدو ڪين ڏيندو آهي.
    95. عزت / ذلت رب جي هٿ آهي. (چوڻي)
    عزت ۽ ذلت، پئسن سان خريد ڪري نه سگهبيون آهن. گهڻي دولت وارا، خوار خراب نظر اچن ٿا. جڏهن ته هٿين خالي به عزت وارا ڏٺا ويا آهن. ڪمزور جسم وارا، سرمائيدار ۽ معزز ٿي سگهن ٿا. سالم ۽ جانٺي جسم وارا، سڃا ۽ ذليل ٿي سگهن ٿا.
    مطلب:
    • خدا تعاليٰ جنھنکي عزت بخشڻ چاهي، تنهنکي ڀُنگين ۾ به بخشي. جنهنکي خوار ڪرڻ چاهي ، تنهنکي بنگلن ۽ ماڙين، قلعن ۽ ڪوٽن ۾ به خوار خراب ڪري ڇڏي.
    • عزت اها آهي، جيڪا رب ڪرائي.
    96. عقلمند دماغ سان گڏ، خاموش زبان به هوندي آهي. (چوڻي)
    دانشمندي، گهڻي ڳالهائڻ ۾ نه پر سوچي سمجهي ڳالهائڻ ۾ آهي. ڪڏهن ڪڏهن زبان سان ڳالهائي ايترو اثر نه وجهي سگهبو آهي، جيترو صبر ۽ چُپِ ۾ رهي، وجهي سگهبو آهي. صبر جهڙو ته هٿيار ئي ڪو ڪونهي. تير ۽ تلوار گسي سگهن ٿا، صبر ڪين گسندو آهي.
    مطلب:
    • گهڻي بڪ بڪ قدر وڃائي ٿي، پُپ قدر ڪرائي ٿي.
    • Listen hundreds, ponder thousands, speak ones.
    • ڳالهائڻ چاندي، صبر سون.
    • مُٺِ ڀيڙيائي ڀلي، اپٽي ته واءُ. پڌر پيئي ڳالهڙي، ڇڏي ويندي ساءُ.
    • داناءُ، لٻاڙي نه ٿيندو آهي.
    • ڀيٽيو: جنهن ماٺ ڪئي، سو ڇٽو.
    97. عقلمند ، سوچي پوءِ ڳالهائي. بي عقل، ڳالهائي پوءِ پڇتائي. (چوڻي)
    عقلمندي، سوچي پوءِ ڳالهائڻ ۾ آهي. ڳالهائي پوءِ سوچڻ ۾ ناهي. نڪتل گفتو، پوءِ سوچڻ تائين، پنهنجو اثر ڏيکاري ويندو آهي. پوئين سوچڻ مان، سواءِ پڇتاءَ جي ڪي به ڪين حاصل ٿيندو آهي. ڏڌل کير ٿڻين نه پوي. نڪتل گفتو ۽ ڇٽل تير به موٽي ماڳ نه ٿا اچن. ڀلو انهيءَ ۾ آهي ته سوچي سمجهي ڳالهائجي. ٻيءَ صورت ۾ سُنُ ڦڪي وڃجي.
    مطلب:
    • ڳالهائڻ کان اڳ، سوچجي.
    • پهرين تورجي، پوءِ اورجي.
    • پهلي تولو، ڦِر بولو. (اردو)
    98. علم جيترو کپاءِ، اوترو وڌي. (چوڻي)
    دنيا جي هر مادي دولت، کپائڻ سان کٽندي آهي. جڏهن ته علم ۽ عقل واريون وٿون، ورهائڻ ۽ ونڊڻ سان ٻين کي فائدي پھچائڻ سان گڏوگڏ ورهائڻ واري وٽ به وڌنديون ويجهنديون رهنديون آهن. بند ڪري رکڻ سان علم / عقل ذھن ۾ دٻجي سُسندو ۽ سوڙهو ٿيندو ويندو آهي. انهن جي کپائڻ ۾ ئي ڀلائي آهي.
    مطلب:
    • جيترو ٿي سگهي، علم ٻين تائين پهچائجي.
    • ڏيئي مان ڏيئو، ٻري ٿو.
    • علم ڏيڻ سان، وڌي ٿو. نه ڏيڻ سان، کٽي ٿو.
    • دولت کي باهه ۽ چور جو ڊپ ڊا، علم کي نه ڪير لٽي، نه لڳيس ڪوسو واءُ.
    99. عورت ته گهر، مرد هَرُ. (چوڻي)
    عورت جو شان مانُ، گهر جي سنڀال ۽ ان اندر گذارڻ ۾ آهي. سندس پردو به رهي ٿو ۽ گهر به رونق وارو رهي ٿو. گهر ۾ عورت جي محنت سان برڪت پوي ٿي. جڏهن ته مرد جو شان ۽ وقار ٻاهرين ڪمن ڪارين ڪرڻ ۾ آهي. ان سان گهر جي ڪمائي وڌي ٿي ۽ مرد جو عقل پڻ وڌي ٿو. عورت گهران نڪتي يا مرد گهر ۾ نِکمڻو ٿي ويٺو ته گهر ئي تباهه ٿي ويندو.
    مطلب:
    • هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي ماحول (environment) ۾ رهي، ڪم ڪرڻ ۽ زندگي گذارڻ گهرجي.
    • گهر جي سنڀال گهر واريءَ سان، ڪاروبار جي سنڀال مرد سان آهي.
    • عورت ته ايٽ، مرد ته کيٽ.
    100. عورت جو مرڪ آهن چار چيز؛ چَڪي، چُلهه، چَرخو ۽ چادر. (چوڻي)
    گهر جا چار ڪم ته ڪنهن به صورت ۾ عورت کي ئي سنڀالڻ گهرجن، مرد جي سنڀالڻ کان چڙهيل آهن. جيڪڏهن مرد کي انهن جي ذميواري سونپبي ته هيڪاري بگاڙي وجهندو. عورت سنڀالي به سگهندي ۽ کيس سونهن به ٿا. اهي ڪم آهن.
    (1) اٽو ٻاٽ ۽ اَنُّ وغيره، ڇڙڻ ڇنڊڻ ۽ سانڍڻ.
    (2) ماني ٽڪي ڪرڻ. گهر ڀاتين کان علاوه، مهمانن وغيره جي کاڌِ خوراڪ لاءِ بندوبست ڪرڻ.
    (3) ڪپڙو لٽو ڌوئڻ ۽ سنڀالي رکڻ. وقت تي استري ٿيل ڪپڙو، مڙس سميت ٻارن کي پارائڻ وغيره.
    (4) پردي ۾ ۽ حياءَ سان حياتي گذارڻ. ٻين آڏو، ڏندڙا نه ٽيڙڻ.
    مطلب :
    • گهر جو سمورو ڪاروبار، عورت کي سنڀالڻ گهرجي. ان ۾ ئي برڪت، عزت ۽ شرف آهي.
    101. قسم، نه ڏني چڱو نه وتي چڱو. (چوڻي)
    هر ڳالهه تي قسم ۽ قرآن ڏيڻ وارو، پنهنجي عزت ۽ اعتبار ته وڃائي ٿو پر کڻڻ وارو پڻ پنهنجو وقار وڃائي ويهي ٿو. ڪوڙي ڳالهه لاءِ کنيل قسم / قرآن، ماڻهوءَ کي وَٺُ ڪندو آهي. دانشمندي انهيءَ ۾ آهي ته دنيا جو نقصان نقصان برداشت ڪري وڃجي ۽ قسم / قرآن کڻڻ کان پاسو ڪجي.
    مطلب:
    • قرآني ۽ قسمي ماڻھو مان ٻين کي ته ٺھيو پر پاڻ کي به نقصان ئي پوندو آهي.
    • اعتماد ڪجي ۽ اعتماد ويهارجي.
    102. ڪاٺ جي ڪني، باهه تي صرف هڪ دفعو چڙهي. (پهاڪو)
    دنيا ۾ ڪن کي ڪمزور، ڪن کي طاقتور ڪري پيدا ڪيو ويو آهي. ڏاڍي ۽ هيڻي جو ميل، ڏکيو ئي ٿيندو آهي. باهه ساڙڻ جو ڪم ڪري ٿي. ڪپهه آڏو آڻبس ته ان کي ساڙي ڇڏيندي. هيڻي کي ڏاڍي جي آڏو وڃڻ ۾ نقصان آهي. ويندو ته بچي ڪين سگهندو.
    مطلب:
    • هيڻي کي، ڏاڍي کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
    • ڪمزور، ڏاڍي آڏو ٽڪي نه سگهندو .
    • ڏاڍي نال شراڪت، چلدي ناهين.
    • ڀيٽيو؛ ڏاڍي نال وَپَار، ڏيندي گهِندي سائين.
    103. ڪارو نانءُ ڪانون جو، ملڪ ڦُري ويا ڳيرا. (پهاڪو)
    ڪارو ته الله کي پيارو هوندو آهي. البته ڪانون جي اوجهاڪڙ ۽ ڦُرلٽ واري طبيعت سبب، سندن رنگ ۽ حرڪت، ڪنهن کي به نه وڻندي آهي. ڳيرا، پنهنجي نرم طبيعت ۽ نماڻائي واري انداز سان، ڪانون جي ڀيٽ ۾، چڱو خاصو کائي ويندا آهن، ۽ مٿن ڪنهن کي به ڪاوڙ نه ايندي آهي.
    مطلب:
    • چڱي سڀاءُ وارو، غلط ڪم ڪري ته به مٿس چڙ نه ايندي.
    • نالو بد ڪانون جو، ملڪ ڳيرا کائي ويا.
    • نالي چڙهيو چور ڦاهيءَ چڙهي، نالي چڙهيو واپاري کٽيو کائي.
    • سهڻيون سيڏائن، لنڊيون لاڏ ڪن. (ابتو)
    104. ڪاريهر جي ٻِرُ مٿان جيڪو لنگهائي لنگهه، جي نه ڳڙڪائي ڄنگهه، ڪاريهر ڪيئن ڪوٺجي. (پهاڪو)
    ڪاريهر نانگ جي اَڍَ آهي ته جيڪو ساڻس کينس ڪندو، تنهن سان عڪس پئجي ويندو. اهڙو وير رکندس جو آڪهه ئي اُم کان گم ڪري ڇڏيندس.
    مطلب:
    • ڪاريهر نانگ سان نه اُچائجي.
    • ڪاريهر جي ٻر ۾ وجهبي ٻانهن، ته ڪرائيندو دانهن.
    • ڪاريهر / ڪاري جي هڏي تي پير اچڻ سان به موت واقع ٿي ويندو آهي.
    105. ڪر ڪار ته ڪانئر نه ٿئين، ڪارئون نه ڀانءِ ته ڪافر نه ٿئين. (چوڻي)
    دنيا ۾ لوچي کائڻ لاءِ انسان کي هٿ پير مليل آهن. اهي هلائي ڪمائيندو ته ڪنهن جي آڏو نه هٿ ڊگهيڙڻو پوندس ۽ نه ئي شرمساري کڻڻي پوندس.
    ڏيڻ وارو فقط الله آهي. ڏيڻ لاءِ ڪنهن به بهاني جو محتاج ناهي. جيڪو ڪجهه ملي ٿو سو کانئس ڀانئجي. پنهنجي محنت ۽ پنهنجي جسم تي نه ناز ڪجي ۽ نه ان منجهان ڀانئجي ائين. ڪرڻ به ڪفر ۾ ڌڪي ڇڏيندو آهي.
    مطلب :
    • محنت وارو ٻين جو محتاج نه ٿيندو .
    • اسباب تي يقين رکڻ وارو، مسبب الاسباب کي وساري ويهندو آهي.
    106. ڪميڻي کاڌو ڪانءُ، چي؛ “پکي ڍند جو!” (پهاڪو)
    بدمعاش ۽ بدقماش، چوري ۽ زنا، ڦر ۽ ڌاڙي ، جوئا ۽ شراب جي ڪمائيءَ کي محنت ۽ مشقت سان حاصل ٿيڻ سبب جائز سمجهي کائيندو آهي.
    مطلب:
    • بدمعاش، حرام کي حلال سمجهي کائيندو آهي.
    107. ڪنهن جو کلڻ به کيٽ، ڪنهن جا ويڻ به ورونهن. (چوڻي /پهاڪو)
    جهڙيءَ طرح ماڻهوءَ جي طبعيت جون ڪيفيتون ڦرنديون رهن ٿيون، تهڙيءَ طرح سندس پسند جا معيار ۽ زاويا به بدلبا رهن ٿا. ڪڏهن پيل نقصان تي پيو کلندو آهي ته ڪڏهن خوشيءَ جي موقعي تي به ڳوڙها ڳڙي پوندا اٿس. ڪڏهن من ماڪوڙي هوندس ته ڪڏهن ڪيهر شينهن.
    ڪڏهن ڪنهن جي سونهن کان نفرت پئي ايندي، ڪڏهن ڪنهن جو ڪارو رنگ به پيو وڻندو. ڪڏهن ڪنهن جو کلڻ به ٺٺول پئي محسوس ٿيندي. ڪڏهن ڪنهن جي طعنن تنڪن کي به نصيحت پيو سمجهندو ۽ ٿورائتو پيو رهندو. انساني طبعيت جا به ويرا آهن. پوءِ جهڙي گَيڙَ تي بيهي.
    مطلب:
    • ڪنهن کي ڪارو به پيارو لڳي، ڪنهن کي اڇو به ڪڪڙ جو پَڇو لڳي.
    • ڪنهن جو عيب به وڻي ته ڪنهن جي خوبي به خراب لڳي.
    • ڪنهن جو کلڻ به خواري، ڪنهن جو روئڻ به راحت.
    108. ڪوري ڇا ڄاڻي، ڪباب مان. (پهاڪو)
    ڪباب، سوادي ۽ محنت سان تيار ٿيل کاڌو آهي. ذائقيدار هئڻ سان گڏ دير هضم پڻ آهي. ان کي هضم ڪرڻ لاءِ مضبوط آنڊو ۽ ڪسرتي بت گهرجي. ان جي برعڪس ڪوري ماڻهو سڄو ڏينهن آڏاڻي تي ويهي، ڌاڳي تي محنت ڪري چار ڏوڪڙ گڏ ڪن، تن کان نه ڪباب جا خرچ برداشت ٿي سگهندا، نه ئي مرچ مصالحا هضم ٿي سگهندا. هڪ هنڌ ويهڻ واري ڪوريءَ کي هضم ڪرڻ لاءِ زود هضم کاڌا گهرجن.
    مطلب:
    • گڏهه ڇا ڄاڻي، گلقند مان.
    • ڪتو ڇا ڄاڻي، ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
    • لچ ڇا ڄاڻي، چڱائيءَ مان.
    109. کاڻيل ٻلي، چلهه جي ويجهو نه اچي. (پهاڪو)
    جنهن کي جتان هڪ دفعو فائدو پيو، سو وري وري پيو ات ايندو. جنهن کي جتان هڪ دفعو نقصان پيو، سو اتان لنگهڻ وقت ڏاڍو محتاط پيو ٿيندو.
    مطلب:
    • ٽوٽِ واري ڌنڌي کان، هرڪو ونءُ پيو ويندو آهي.
    • کير جو کانيل، ڇاڇ ڦوڪي پيئي.
    • ڪتيءَ کي لڳي چنواتي، تارا ڏسي پئي رُوڙِي.
    110. گدڙ کي هر ڪو سڃاڻي، گدڙ ڪنهن کي نه سڃاڻي. (پهاڪو)
    گدڙ، بزدل پر چالاڪ جانور آهي. چالاڪيءَ سبب، مڙني اڳيان پاڻ ڪڍائي ڀڄي ته ويندو آهي، پر سندس حرڪتون ڪنهن جي نظر کان اوجهل نه رهنديون آهن. جنهن تي مڙني جون نظرون هجن، اهو ڀلي ٻين کي نه ڏسي يا نه سڃاڻي پر سمورا کيس سڃاڻن ٿا.
    مطلب :
    • ممشهورِ زمانه ماڻهوءَ کي، ڪير نه سڃاڻي؟
    • ڪانءَ کي، هرڪو سڃاڻي.
    • گدڙ جي گونهن ۾ ڪم پوي ته انگاس تي چڙهي هنگي اچي.
    111. گڏهه تي ٻورو ڀلو، مڙس تي ٿورو ڀلو. (چوڻي)
    گڏهه کي خلقيو ئي وزن ڍوئڻ لاءِ ويو آهي. سندس نه گوشت ڪم جو آهي ۽ نه ئي کير وغيره. جيڪڏهن مٿس وزن نه ڍوئڻ وارو ٿورو ڪبو، ته به مڃيندو ڪونه. ان کان بهتر آهي ته ٿورو ڪنهن مڙس ماڻهوءَ تي ڪجي ۽ گڏهه تي نه ڪجي.
    مطلب:
    • گڏهن سان سوٽي ذريعي ۽ مڙسن سان احسان ذريعي ورتاءُ ڪجي.
    • جيڪو جنهن ورتاءَ لائق آهي، تنهن سان تهڙو ورتا ڪجي.
    • عزت واري جي عزت ڪجي ۽ لچ کي به نظر ۾ رکجي.
    112. گڏهه گهوڙو نه ٿئي، توڙي سونا وجهجنس سنج، پاٽيون وجهجنس پنج، ته به ڊوڙيو وڃي گونهن تي. (پهاڪو)
    اُچا ڪپڙا پهرڻ سان، ماڻهوءَ جي طبيعت خراب مان ڀلي نه ٿيندي. پئسن اچڻ سان عقل ۾ واڌارو نه ايندو. سون پائڻ سان، نه حسن ۾ واڌارو ايندو ۽ نه ئي طبيعت ۾ سُڀاءُ / من ڀاءُ پيدا ٿيندو.
    مطلب:
    • لچ اشراف نه ٿيندو، توڙي سؤ نصيحتون ڪجنس.
    • اڪ، انب نه ٿئي، توڙي جال پيارجيس جَلُ/ جَرُ.
    • سوئر ٻڪري نه ٿيندو، توڙي سَوَ تڪبيرون پڙهجنس.
    113. ڳل رکبو آهي ڳوڙهو، وهه جو ڀربو آهي ڍُڪ. (چوڻي /پهاڪو)
    دنيا ۾ آيل تڪليفن سبب ڳوڙها فطرتًا ڳڙي پوندا آهن. جڏهن ته نقصان جو تدارڪ ڳوڙهن وهائڻ سان نه ٿي سگهندو آهي. نقصان برداشت ڪرڻ لاءِ زهر جو ڍڪ ڀرڻو پوندو يا ڪؤڙي گوري ڳيهڻي پوندي آهي. پيل نقصان سبب آيل اُٻڙڪن کي به، هَپُ ڪري پي وڃبو آھي. تڏهن ئي زندگيءَ جو گاڏو گڙندو. ٻي صورت ۾ وري به پنهنجي ئي جان جو نقصان آهي.
    مطلب:
    • تڪليف سهي وڃبي آهي پر اک مان ڳوڙهو وهڻ به فطري عمل آهي.
    114. ڳُڻ ڪجي، ڳُڻ پرکجي، ڳُڻ ڪجي ڳڻهار سان، بدوءَ بيڪار سان، ڪيو ئي ڪلر ۾ وڃي. (چوڻي)
    احسان به ماڻهوءَ سان ڪبو آهي، جيڪو ان مان ڄاڻي. بي قدري سان احسان ڪبو ته اهو ڳچيءَ پئجي ويندو. ناروا سلوڪ سان بي قدري ته ڪندو پر خلق خواري تنهن کان علاوه ٿيندي.
    مطلب:
    • چڱائي، قدردان سان ڪجي.
    115. گهرج ڌاران ٻولڻ، ابروءَ جو زيان. (چوڻي)
    ڳالهائڻ به وقتائتو ٺهندو/ سونهندو آهي. بي وقتو ۽ فضول ڳالهائڻ، خوراريءَ جو سبب ٿيندو آهي. ڳالهائڻ وقت، ڪچهريءَ جو موضوع ۽ ويٺلن جي خيالن جو معيار ذهن ۾ رکي ڳالهائجي. ٻيءَ صورت ۾ خواري ۽ ککائپ ٿيڻ جو انديشو رهي ٿو.
    مطلب:
    • جهڙي ڪچهري، تهڙو گفتو ڪجي.
    • ڳالهائڻ وقت ڳالهائجي، چُپِ رهڻ وقت چُپِ رهجي.
    116. گهڻي نه ڍاپائي، ٿي ڍاپائي. (چوڻي)
    انسان جي پيٽ ڀرڻ لاءِ هڪڙي مانيءَ، اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ هڪڙي وڳي، آرام ۽ ننڊ ڪرڻ لاءِ هڪڙيءَ کٽ يا بستري، رهڻ لاءِ هڪڙي ڪمري واري گهر جي ضرورت هوندي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته کيس حرص الائي ڪيترين آمدنين ۽ وڳن، بسترن ۽ بنگلن جو هوندو آهي. انهن جي هجڻ سان به ڍؤ نه ٿيندو آهيس. جڏهن ته شڪر گذران کي ٿوري شيءِ مان به ڍؤ ٿي ويندو آهي.
    مطلب:
    • گهڻي شيءِ مان اکين کي به ڍؤ نه ٿيندو آهي.
    • گهڻي سان نه پر هئڻ سان ڍؤ ٿيندو آهي.
    117. لاهن کان لاڙو، ڪيو ڪين جنهن، هَرُ ، ڪلي ۽ ناڙو، ٽيئي تنهن جا زيان ٿيا. (پهاڪو)
    زمين ۾ بيٺل جهنگلي وڻ، پاڙئون ڪڍڻ پڄاڻان ئي زمين کي فصل پوکڻ لائق بنائي سگهجي ٿو. وڻ پاڙ وٽان وڍڻ کان پوءِ سندن پاڙون يا لاهه زمين ۾ رهجي ويندا آھن، جيڪي هَرَ ڏيڻ وقت گهوٻي کي ڀڃندا آهن ۽ فصل /سلي کي اڀرڻ ڪين ڏيندا آهن. ان ڪري ڪڙميءَ کي لازمي جڳائي ته ٻنيءَ کي فصل لائق بنائڻ لاءِ، پهرين منجهانئس لاهه ڪڍي، ٻيءَ صورت ۾ ڪيل محنت، ڇٽيل ٻِجُّ ۽ ريج وارو پاڻي، سمورا ضايع ٿي ويندا.
    مطلب:
    • لچ کان ٽارو ڪجي، ور نه نقصان ئي رسندو.
    118. لب لعنتير، طمع حرام. (چوڻي)
    لالچ ۾ ماڻهو ٻئي جو خيال نه رکندو آهي. پنهنجي غرض حاصل ڪرڻ لاءِ بدتميزي به ڪندو آهي يا اخلاق کان به هيٺ ڪري پوندو آهي. جنهن سبب کانئس پري رهڻ لاءِ چيو ويو آهي. طمع / سڌ ڪرڻ يا دل ۾ ٽلڻ / خيال پچائڻ ته؛ “فلاڻو جيڪر مون تي مهربان ٿي پوي ۽ فلاڻي شيءِ مرحمت ڪري وجهي وغيره” پڻ غلط آهي. اڳلي سان به ڪي اڻ ٽر مجبوريون لاحق ٿي سگهن ٿيون. انهن جي ڪري مذڪوره تمنائون پوريون نه ڪري سگهندو هجي. اهڙي اميد رکڻ کان به منع ڪئي وئي آهي. تمنا نه پوري ٿيڻ جي صورت ۾ ساري عمر لاءِ ڦِڪت ٿي پوندي آهي.
    مطلب:
    • لالچ کي لعنت ۽ طمع کي حرام چيو ويو آهي.
    119. لڪڻ لائو، ڏاند پرائو. (پهاڪو)
    ڏاند کي هَرَ يا نار، گهاڻي يا بيل گاڏيءَ ۾ وهائڻ، لڪڻ کان سواءِ آسان ناهي. اهي مڙيئي ڏکيا ۽ اهنجا ڪم آهن، جيڪي ڍڳو ئي ڪري سگهي ٿو. پر شرط اهو آهي ته کاڌي سان گڏ، ڳاڌيءَ تي ويٺل کيس لڪڻ جي مهميز ڏيندو هلي. ٻيءَ صورت ۾ کٽر ٿي پوندو ۽ ڪم وقت ٻوڙن ۾ لڪندو وتندو.
    مطلب:
    • لڪڻ جو صرفو ڪبو ته ٻار کري پوندو.
    • سوٽي هجي ساڻ، گڏهه گوهي نه ڪري.
    120. ماتا، ماري يا کاري. (چوڻي)
    ماتا بيماريءَ جو نالو آهي، جيڪا اڪثر ننڍن ٻارن کي وچڙندي آهي. گهر گهر ۾ ڦهلجي ويندي آهي. جنهن سبب گهڻا ٻار مري ويندا آهن. جيڪي بچي ويندا آهن تن جا به چهرا چُگهن / نشانن سبب بگڙجي ويندا آهن.
    مطلب:
    • بيماري، بگاڙي يا ماري.
    121. ماڪوڙن جي گهر ۾، مڙيوئي ماتام. (پهاڪو)
    ماڪوڙا، ٻِرُ ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ رهندا آهن. جنهن سبب ٻِرُ سوڙهي ۽ پاڻ گهڻا ٿي پوندا آهن. ٿوري به مصيبت، پاڻيءَ يا کڙڪي جي صورت ۾، جڏهن مٿانئن ايندي آهي ته پوءِ رستو هٿ نه ايندو اٿن. هيڏي هوڏي ڀڄ ڀڄان هوندي اٿن. ماتم وارو منظر نظر پيو ايندو آهي.
    مطلب:
    • مظلوم ۽ غريب ، جهُڙيءَ ڦڙيءَ وقت، آزار ۾ هوندو آهي.
    • واندن جي گهر ۾ مڇي مارڪيٽ وارو ڏيک.
    122. ماڻهو آ، مهل جو. (چوڻي).
    انسان ڪامل يا ماڻهو اهو آهي جيڪو وقت / مهل تي ٻين جي ڪم اچي. ٻين جي ڪم نه ايندڙ جو، کائڻ پيئڻ به ڄڻ حرام آهي. منجهانئس هرڪو بيزار هوندو آهي. نه کيس ڪنهن جي دعا نصيب ٿيندي آهي ۽ نه ئي کيس ڪو خير جي صلاح ڏيندو آهي.
    مطلب:
    • تڪليف ۾ ساٿ ڏيڻ وارا ئي، مانجهي مڙس هوندا آهن.
    • جيڪو مهل تي ڪم نه اچي، ان جي ياري به بيڪار آهي.
    • هڏ ڏوکي اهو آهي، جيڪو وقت پوڻ تي ساٿ ڏئي.
    123. ماڻهو جنهن جو مال، تنهن کي ڪهڙي ڳالهه جو ڪال. (چوڻي)
    جنهن ماڻهوءَ جي چئي آکئي ۾ ٻيا ماڻهو هجن ۽ تعزيم تڪريم ڪندڙ هجنس، تنهن سان اللهﷻ جي مدد پڻ شامل هوندي آهي. جنهن مان مخلوق / ماڻهو بيزار هجي سو مالڪ کي به پسند ڪينهي.
    مطلب:
    • گهڻا ماڻهو جنهن جي خدمت ڪن، ان کي مال ملڪيت ڪٺي ڪرڻ جي ڪهڙي ڳڻتي؟
    • آوازِ خلق، نقاره خدا است. )فارسي(
    124. ماءُ جي گود، پهريون استاد. (چوڻي)
    ماڻهو، دنيا جي معاملات ۾ پوڻ کان اڳ ٻولي ۽ زبان هلائڻ ماءُ جي هنج ۾ سکي ٿو. ماڻهوءَ جي اصلي زبان به، مادري ٻولي يا ماءُ واري ٻوليءَ کي چيو ويندو آهي. ماڻهو ڳالهائڻ وقت پهرين مادري زبان ۾ سوچيندو آهي، پوءِ ئي ترجمو ڪندي ڪنهن ٻي زبان ۾ ڳالهائيندو آهي.
    مطلب:
    • سکڻ جي شروعات، ماءُ جي گود کان ٿئي ٿي.
    • ماءُ ئي ٻار کي، ڳالهائڻ، ٻولهائڻ / ٻولي سيکاريندي آهي.
    125. مٽي مٽي جو پنهنجو ميٺاڄ آهي. (چوڻي/ پهاڪو)
    هر ٻنيءَ ۾ ساڳيو فصل، ساڳئي ذائقي ۽ خوشبوءِ سان نه ٿو ٿئي. انب، ميرپور خاص جو، زيتون ماهوٽن جو، سڳداسي چانور گهوگهاري جو، باسپتي (ڪرنل) چانور پنجاب جو، ڏاڙھون قنڌار جو ته صوف چمن جو مشهور آهي. منجهن اها خوبي، اتان جي زمين سبب آهي.
    مطلب:
    • هر ماڻهوءَ جو پنهنجو سڀاءُ آهي.
    126. مرد جيترو اُلجهندا، اوترو ٻُجھندا، عورتون جيترو اُلجهنديون، اوترو مُنجهنديون . (چوڻي)
    مرد ۽ عورت جي پنهنجي پنهنجي نفسيات آهي. عورت ۾ حياءُ ۽ شرم هئڻ سبب، مُنجهڻ وقت پڇڻ جو مادو گهٽ رهي ٿو. ان کان علاوه، عورتن ۾ ٻڌڻ جي ڀيٽ ۾ ڳالهائڻ جي عادت وڌيڪ هوندي آهي. جنهن سبب نه پوري طرح رهنمائي ٿيندي اٿن ۽ نه سمورين ڳالهين جا لڪل پاسا مٿن ظاهر ٿيندا آهن. مرد جي ڀيٽ ۾ سدائين الجهيل هونديون آهن.
    مطلب:
    • مرد جنهن ڪم کي وچڙندو، تنهن کي سلجهائيندو. عورت جنهن ڪم ۾ اڙي، تنهن ۾ ڦاٿي پئي هوندي.
    127. مڙسن لاءِ زالون کوڙ. (پهاڪو)
    مرد لاءِ زال ضروري آهي. عرت لاءِ به مڙس اشد ضروري آهي. ٻئي هڪٻئي لاءِ ڍَڪُ آهن. اڃا به مرد ڇڙائپ واري زندگي گذاري ويندو پر عورت لاءِ ڇڙائپ عذاب آهي. کيس هر حال ۾ سگهرائپ واري ڍڪ جي ضرورت آهي. شرط اهو آهي ته مڙس، ڪمائيندڙ ۽ غيرت وارو هجي.
    مطلب:
    • ڪمائيندڙ مرد کي هرڪو سڱ ڏيڻ لاءِ تيار هوندو آهي.
    • سائي جو سڀڪو سالو، ڀينگئي جو ڪو ڀيڻيويو به نه.
    • مانيءَ کي مزور گهڻا، مزور کي ماني گهڻي.
    • مڙسن جو، جتي ڪٿي قدر ٿئي ٿو.
    • جهڳا هووي، جوءِ مل ويسي.
    128. مڙسن لاءِ ٻيلو، ٻه ٻرانگهون. (چوڻي)
    پڪي ارادي ۽ همت وارا، مڙس ماڻهو آهن. اهي جڏهن ڪنهن ڪم ۾ هٿ وجهندا آهن، تڏهن خدا تعالي طرفان به کين مدد پهچندي آهي. جنهن سبب سندن هر ڪم، جلد پورو ٿي ويندو آهي.
    مطلب:
    • همت وارن لاءِ، هر ڪم آسان آهي.
    • همت مردان، مدد خدا.
    • پڪو ارادو ڪرڻ وارن لاء ، هر مشڪل ڪم آسان ٿيو وڃي.
    129. مشغولي، ضابطي جي ڪنجي. (چوڻي)
    مشغول رهڻ وارو پنهنجيءَ ڌن ۾ مگن هوندو آهي. نه ڪنهن جي کٿيءَ کي هٿ لائيندو آهي ۽ نه ئي پنهنجو پٽ پُڻائيندو آهي. واندن وانگر شيطانگيريءَ جا ڪم نه ڪندو آهي. بلڪ جنهن ڪم ۾ مشغول هوندو آهي، ان ۾ ئي گم ۽ ضابطي اندر زندگي گذاريندو آهي.
    مطلب:
    • واندو ماڻهو، شيطان جو گهر.
    • پاڻ کي مشغول رکندڙ، پاڻ کي آپي ۾ رکندڙ هوندو آهي.
    130. مڪو: پڪو. (چوڻي).
    مڪي وارا هر ڳالهه ۾ پڪا آهن. ڪفر ۽ شرڪ تي هيا ته به پڪا ۽ ڪٽا هيا، جڏهن ايمان آڻي مسلمان ٿيا ته به پڪا ۽ سچا مسلمان ٿيا. منجهن منافقي ڪا نه هئي. اڄ به مڪي وارا ڳالهائڻ ۾ کهرا ۽ سڌا آهن. منجهن جوش ۽ جلال آهي. منافقي ناهي.
    مڪي ۾ اللهﷻ جو گهر آهي. فقط جلال ئي جلال آهي. مديني ۾ رحمة للعالمين آهي، اتي فقط نرمي ئي نرمي آهي.
    مطلب:
    • مڪي ۾ جلال آهي.
    • مڪي جا رهندڙ پنهنجي عقيدي ۾ پڪا آهن.
    131. موت مند ناهي، تائب ٿجي تڪڙو. (چوڻي)
    حياتي، ڪنهن به وقت پوري ٿي سگهي ٿي. نه ڊگهي حياتيءَ جي خوشفهميءَ ۾ رهجي ۽ نه ئي گناهن جي دلدل ۾ پاڻ کي ان آسري تي ڌڪي ڇڏجي ته زندگيءَ جي آخري حصي ۾ توبه تائب ٿيندس. زندگي ۽ موت جو ڪو به ڀروسو ڪونهي. ڪنهن به وقت موت اچي وارد ٿي سگهي ٿو ۽ زندگي ختم ٿي سگهي ٿي. اصل ابدي زندگي، آخرت واري زندگي آهي. ان جي هر وقت تياري ڪرڻ گهرجي.
    مطلب:
    • موت، ڪنهن وقت به اچي سگهي ٿو.
    • مرڻ لاءِ، عمر جو ڪوبه حصو مقرر ٿيل ناهي.
    132. مينهان ۽ نينهان، ٻئي اکر هڪڙو. (چوڻي)
    مينهن جي وسڻ سان، زمينون آباد ٿين ٿيون ۽ موسمي لحاظ کان گرميءَ / گهُٽ ۾ گهٽتائي اچي ٿي. نينهن / عشق سان به ماڻهوءَ جي ڪيفيت / طبيعت ۾ ڦيرو اچيو وڃي. کيس دنيا جي هر شيءِ مان عجيب قسم جو لطف ۽ سرور پيو محسوس ٿيندو آهي. نينهن پڄاڻان، شاديءَ سان خانه آبادي ۽ نسل جو وڌڻ ويجهڻ پڻ ٿئي ٿو.
    مطلب:
    • مينهن ملڪ ۾ ۽ عشق اندر ۾ بهاري آڻين ٿا.
    133. مينهن ڪنڍي ڀلي، زال ننڍي ڀلي. (چوڻي )
    مينهن ڀلي اها آهي جيڪا کير جالارو / ججھو ڏئي. ڪنڍي مينهن ٻين جي ڀيٽ ۾ کير جالارو ڏيندو آهي ۽ مِهر سان ڏُهائيندي آهي. مينهن جي مڙني نسلن مان، اها مينهن چڱي آهي.
    زال اها ڀلي آهي، جيڪا مڙس جي خدمت ڪرڻ سان گڏ، اولاد ڄڻڻ جي صلاحيت رکي. اها خوبي نوجوان / ننڍي نيٽي زال ۾ ئي ٿي سگهي ٿي. وڏيءَ عمر واري پاڻ کڻڻ ۾ ئي پوري هوندي مڙس جي ڪھڙي خدمت ڪندي؟ ڄڻڻ جي خوبي پڻ گهٽ هوندي اٿس.
    مطلب:
    • مينهن ڌَڻَ مان، زال ڄَڻَ مان آڻجي.
    • مينهن يا زال، سٺي نسل مان ۽ ننڍيءَ عمر واري آڻڻ گهرجي.
    • اَنڌِ وٺجي، مَنڊِ وٺجي ، ٽُنڊِ وٺجي، پر نَنڍِ وٺجي.
    134. ناداني، وڏي مفلسي. (چوڻي)
    مفلس اهو ناهي، جيڪو سڃو / نادار آهي. حقيقت ۾ مفلس اهو آهي، جيڪو پئسي کي صحيح طرح سنڀالي / استعمال نه ٿو ڪري سگهي. بيوقوف ۽ نادان، آيل پئسو رکي نه کائيندو آهي. ائين ئي زيان / دُڦُ ڪري ڇڏيندو آهي. مٿان وري ڪمائڻ جي صلاحيت به نه هوندي اٿس، جنهنڪري جلد مفلس ٿي ويندو آهي. نادانيءَ / ذهني ناداريءَ سبب، ٻين جون همدرديون به وڃائي ويهندوآهي.
    مطلب:
    • عقل کان سواءِ، دولت هوندي به سڃ آهي.
    • سڃي ۾ سڃو ماڻهو اهو آهي، جنهن وٽ عقل ناهي.
    135. نانگ کي مَنڊُ لڳي، ڳوهه کي نه لڳي. (پهاڪو)
    نانگ، زهر سان ڀريل هئڻ جي باوجود به منڊجي سگهي ٿو. جڏهن ته ڳوهه بنا زهر هئڻ جي ايتري ضدي ۽ هٺيلي آهي جو مٿس ڪو به منڊ نه چڙهندو آهي. نانگ مُرليءَ جي آواز تي ڦڻ ڪڍي نچي، جڏهن ته ڳوهه موراڳو ڇپ هڻي ويهي رهي ۽ نه نڪري.
    مطلب:
    • مرليءَ جي آواز تي نانگ ٻِرُ مان نڪري اچي، ڳوهه نه نڪري.
    • نانگ ريجهائڻ سولو، کرو ڪو ڳوهه ريجهائي.
    • نانگ ريجهائڻ سولو، انسان ريجهائڻ ڏکيو.
    • اشراف مان ڪم ڪڍڻ سولو، بدمعاش مان ڪڍڻ ڏکيو.
    136. نانوائي جي اڳياڙي، ڪاسائي جي پڇاڙي. (چوڻي)
    نانوائي يا هوٽل واري جو ٻوڙ جنهن وقت رجهي ٿو، ان وقت تازو ۽ سوادي هئڻ سبب، کائڻ ۾ لذيذ هوندو آهي. جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو، تيئن ٻوڙ ٺرندو ويندو ۽ پهريَن گراهڪن واسطي، مٿان مٿان سڻڀ نڪرڻ سبب، ديڳڙي جي تري ۾ فقط بيسوادي ڀاڄي يا کاکڙ کوکڙ وڃي بچندي آهي. کائيندي پيٽ ۾ هٿ هوندا آهن.
    ڪاسائيءَ جي ڪوشش هوندي آهي ته پهرينءَ سٽ اهو گوشت هلائي ڇڏي، جيڪو سجائي رکڻ جهڙو نه هجي. چڱو گوشت، گراهڪن جي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ٽنگي يا لڪائي رکندو آهي. جيڪو آخر ۾ ميدان / اڏيءَ تي آڻيندو آهي.
    مطلب :
    • هر معاملي مان موقعي / مهل آهر فائدو وٺجي.
    137. نظر، ماري يا کاري. (چوڻي)
    نطر؛ نگھ چڱيءَ شيءِ تي ٿيندي آهي. سهڻي ٻار جي چهري تي، مائرون ڪارو تِرُ ان ڪري ٺاهي ڇڏينديون آھن ته جيئن کين بدنظر نه لڳي. عيبدار شي کي، عيب سبب، نظر نه لڳندي آهي.
    نعمتن کان محروم ماڻهوءَ جي نگھ لڳندي آهي. انهيءَ کان بچجي. کيس ڪجهه نه ڪجهه ڏجي، يا کانئس پاسو ڪري وڃجي. ڪتن ٻلن جي به نظر لڳندي آهي. کائڻ وقت، کين گرهه اڳواٽ ڪڍي وجهجي ته ڪاٿي پيٽ ۾ ويلو نه پوي.
    مطلب:
    • بدنظر سان يا ماڻهوبيمار ٿئي ۽ عضوا کرنس، يا حياتيءَ تان هٿ ڌوئي ويهي.
    • بدنظر، پٿر کي به ڦوڙي.
    • چشم بد، دور.
    • ڪتي واري نگهه، خراب.
    138. نه مَٽجڻ وارو، مِٽجي ويندو. (چوڻي)
    دنيا جون حالتون، مسلسل تغير پذير آھن. حالتن سارو، ماڻھو کي به تبديل ٿيڻ گھرجي ته جيئن ماحول ۾ پاڻ کي ماپائي سگھي. جيڪو حالتن سارو، پاڻ کي تبديل نه ٿو ڪري، سو پنھنجي ضد ۽ ھٺ ڌرمي سبب، جتان ڪٿان ٿُڏجي نڪري ٿو ۽ آخر فنا ٿيو وڃي.
    مطلب:
    • حالتن سارو، پاڻ ۾ تبديلي آڻڻ گھرجي.
    139. وڻ جي ڇان ۾ ھر ڪو ويھي، دل جي ڇان ۾ ڪو ڪو ويھي. (چوڻي)
    وڻ جي ڇان ھر ھڪ لا کليل آھي. انسان به ويھي ته جانور به ويھي. فرشته- صفت به آساس وٺي ته شيطان-صفت به استفادو ڪري. جڏھن ته دل جي ڇان يا قربُ ان کي ملندو، جيڪو پاڻ قرب ونڊيندو. مطلبي ۽ فريبي، خود غرض ۽ لالچي، ڪڏھن به دل ۾ جائگير نه ٿو ٿي سگھي. جتي ڪٿي رسوا ٿئي ٿو.
    مطلب :
    • ٻئي جي دل ۾ جا ٺاھڻ، ڏکيو ڪم آھي.
    • ڀيٽيو : لک جي ڇان تي، ڪتو به ويھي.
    140. وڻ مان پَنُ ڇِڄي وري ڳنڍجي، سو ڳؤري ڳالهه. (پهاڪو)
    وڻ ۾ پَنُ، قدرتي طرح ڦٽي ٿو، جيڪو هڪ دفعو ڇڄڻ کانپوءِ موٽي منجهس ڪين ٿو لڳي. دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ڪم آهن، جن جي ڪرڻ لاءِ ماڻهوءَ کي قدرتي طرح هڪ دفعو موقعو ملي ٿو. جڏهن سستيءَ سبب، ماڻهو پنهنجي هٿان اهي موقعا وڃائي ويهي ٿو ته پوءِ ساري عمر کيس پڇتائڻ ۽ هٿ مهٽڻ کان سواءِ ڪي ڪين ٿو ملي.
    مطلب:
    • آيل موقعو، هٿان نه وڃائجي.
    • ڏڌو کير، ٿڻين ڪين پوندو.
    • ڇٽل / نڪتل تير، موٽي ڪمان ۾ نه ايندو.
    141. ويئي وٿ جو قدر ٿيندو آهي. (چوڻي)
    جڏهن ڪوبه موقعو هٿان ويندو آهي ته موٽي اچڻ جي اميد نه رهندي آهي ته پوءِ ماڻهوءَ جي اندر ۾ آنڌ مانڌ ۽ لوڇ پوڇ پيدا ٿيندي آهي. ان وقت ويل شيءِ جي وڃڻ جو کيس شديد احساس ٿيندو آحي.
    مطلب:
    • وِيل وَيل، وري هٿ نه ايندي آهي.
    • صحت جو قدر، بيمار ٿيڻ کان پوءِ ٿيندو آهي.
    • جوانيءَ جو قدر، ڪراڙو ٿيڻ کان پوءِ ٿيندو آهي.
    142. هَٿُ ڏِئي ، هَٿَ کي. (پهاڪو)
    دنيا جي تختي تي، معاملا هر ڪنهن سان پون ٿا. جيڪو چڱائي ڪندو، تنهن سان چڱائي ڪرڻ لا دل به گهرندي آهي ۽ هٿ به چيو ڪندو آهي. جيڪو برائي ڪندو آهي، تنهن سان برائي ڪرڻ لاءِ به دل ۾ آنڌ مانڌ هوندي آهي ۽ سندس ڪم ڪرڻ لاءِ هٿ پير به چيو نه ڪندا آهن.
    مطلب:
    • جنهن جي هٿ مان وٺي کائبو آهي، تنهن لاءِ شناس ضرور هوندي آهي.
    • هَٿُ سڃاڻي، هَٿَ کي.
    143. هرڪو، پنهنجي دل جو بادشاهه آهي. (چوڻي)
    جنهنجو حڪم هلي يا جيڪو حاڪم هجي، تنهن کي بادشاهه چئبو آهي. هر ماڻهو، ٻئي جو چيو موٽائي سگهي ٿو پر پنهنجي دل جو چيو موٽائڻ کيس ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي. ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم به، دل جي منشا تي ڪري بيهي رهندو آهي. ڪن حالتن ۾ دل جي ڳالهه کي به ٽاري / دٻائي ڇڏيندو آهي. جنهن سبب کيس پنهنجيءَ دل جو به بادشاهه سڏيو ويندو آهي.
    مطلب:
    • دل جي ڳالهه ٽارڻ ڏکي ڳالهه آهي.
    • هر ڪوپنهنجي مرضيءَ جومالڪ آهي.
    • دل ۽ بادشاهه جي ڳالهه، ڪير به نه ٽاريندو آهي.
    144. هر هڪ ڏينهنُ، هڪ ننڍڙي زندگي آ. (چوڻي)
    ڏينهنُ، جاڳڻ ۽ ڌنڌو وغيره ڪرڻ لاءِ هوندو آهي. حياتي، ڏينهن جي حساب سان ڪَٿِي ويندي آهي. جڏهن ته رات، آرم خاطر خلقيل آهي. ماڻھو ان ۾ سمهي پوي ٿو ۽ ننڊ کي موت جي ڀيڻ سڏيو ويو آهي. يعني رات بعد ماڻهو ننڊ ۾ مستغرق ٿيڻ سبب، مئل جي مثل آهي.
    جڏهن ڏينهن ٿيڻ سان ماڻهو جاڳي ٿو تڏهن ڄڻ ٻيهر حياتي وٺي اچي ٿو. انهيءَ حساب سان هر ھڪ ڏينهن، هڪ ننڍڙي زندگيءَ برابر هوندو آهي.
    مطلب:
    • هر ڏينهن کي، نئين سج نئون سمجهڻ گهرجي.
    145. هَرُ هلائڻ سولو، گهَرُ هلائڻ اولو. (زرعي، چوڻي)
    هَرُ هلائڻ وقت گهوٻي ۽ اوڙ جو خيال ڪندي، هَرَ جو مُٺيو مضبوط جهلڻ سان گڏ ڏاندن کي سنڀالي هلائڻ لاءِ مٿن نگاهه رکڻي آهي. جيڪا آزمودي سان آسان ٿي ويندي آهي. جڏهن ته گهرو معاملات کي هلائڻ لاءِ ٻاهرين مسئلن تي الڳ نگاهه رکڻي آهي ته اندرين تي الڳ. ٻاهريان مسئلا، ويندي ڪمائڻ ڪرتڻ تائين، مرد کي خود نڀائڻا آهن. جڏهن ته اندرين مسئلن جهڙوڪ؛ سُئي سڳو، رڌُ پچاءُ وغيره کي سلجهائڻ عورت جو ڪم آهي. عورت به اها جيڪا، گهرو معاملات ۾ دل جي سچائيءَ سان هٿ ونڊائي ۽ جنهن کي يا خوف خدا هجي يا مڙس جي شرافت تي اعتبار هجي. ٻي صورت ۾ گهر جو جنازو ئي نڪري ويندو.
    مطلب:
    • محنت ڪرڻ سولو ڪم، ڪمائي گهر جو انتظام هلائڻ ڏکيو ڪم.
    146. هَڙَ جي ماني، مٿي جو سُور. (پهاڪو/ چوڻي)
    سفر جي دوران، ڪٿي ماني ملڻ جو امڪان هوندو آهي ته ڪٿي نه. ڪڏهن ڪڏهن ماني ته ملندي آهي پر ڀانءِ پوڻ يا نه پوڻ جو انديشو پڻ رهندو آهي. انهيءَ لاءِ ڪي مسافر، سفر جي دوران، ماني هڙ ۾ ٻڌي هلندا آهن. ٻڌل ماني، ڇوڙي کائڻ آسان آهي. جنهن وقت دل گهريو، ان وقت کولي کائي ڇڏي. ڪن حالتن ۾ وري ٻڌل ماني، رکي سَٺِي نه ٿيندي آهي. هر هر پيو ڏانهنس خيال ويندو. ٻيو ڪم وسري ويندو، رڳو ماني کائڻ وار ڪم، مغز تي سوار ٿي بيهي رهندو يا موراڳو مٿي ۾ سور کڻي وجهندو. ان حالت ۾ هَڙَ واري ماني، مٿي جي سور برابر آهي.
    مطلب:
    • هَڙ دي ماني، مٿي دا سور.
    147. هستيءَ کي مستي. (چوڻي)
    پنهنجي طاقت / ٻل تي هر ڪنهن کي ناز هوندو آهي. پيو دڙيون ٽپندو ۽ مستي ڏيکاريندو آھي. هستي / وجود وارو ئي، مستي ۽ موج، ڏيک ۽ ويک، شور ۽ شغل ڏيکاريندو آهي.
    مطلب:
    • وجود کي حيثيت آهي.
    • دستيءَ کي مستي.
    • ٽيڪ کي بيک.
    148. يا ٿجي جوان، يا هججي جوانن جي ڪُلهي تي. (چوڻي)
    بزدل ۽ ڪانئر ٿي رهڻ سان زندگي ته گذري ويندي آهي پر ڪا به عزت ڪين رهندي، ڏيهاڙي لٿي پئي هندي. عزت کان بغير، زندگي گذارڻ پڻ عذاب آهي. ان لاءِ بهتر آهي ته مڙس ماڻهو ٿي ڪري، پنهنجي زندگي عزت / شرافت سان گذارجي. پنھنجي پاڻ ۾لالڻ نه ھجي ته پو عزت وارن / اشرافن جي سايي ۾ رهجي. نه اهي پاڻ عزت ۾ هٿ وجهندا نه ٻئي کي وجهڻ ئي ڏيندا / سهندا.
    مطلب:
    • ڪوشش ڪري، عزت واري زندگي گذارجي.
    • يا ته مڙس ماڻهو ٿي ٻين جي ڪم اچجي يا مڙسن سان ياري رکي پنهنجي عزت محفوظ رکجي.


    جيڪب آباد جا پهاڪا ۽ چوڻيون

    جيڪب آباد جا پهاڪا ۽ چوڻيون
    (نياز سرڪي عودائي جي ڊائريءَ تان کنيل)

    فتاح عابد لاشاري سان، جيڪب آباد ۾ مقرريءُ کان اڳ ئي منٺارسولنگيءَ جي معرفت واقفيت هئي. جيڪب آباد ۾ پهريون ڀيرو 1993ع ۾ مقرري ٿي ته پاڻ ڊاڪٽر غلام نبي صابر سڌايو سميت اچي مليو هو. ڏاڍو لائق ماڻهو هو. پاڻ هلي اچڻ ۾ عار محسوس نه ڪندو هو، نه ئي وري عام صحافي هو، بلڪ بااصول ۽ ادبي ڄاڻ رکڻ ۽ مدد ڪرڻ وارو مڙس هو. سندس والد محترم عبدالڪريم گدائيءَ جي به ڏاڍي هاڪ هئي. مون اهو ڪونه ڏٺو پر فتاح کي ته اکئين ڏٺم.
    ٻين اديبن سان به زور ڪري واقفيت ڪرائيندو هو. جيڪڏھن مٿن خاڪا لکي ها ته تمام ڀلا لکي ها. نياز سرڪي عودائي سان به مرحيات پاڻ واقفيت ڪرائي هئي. پهرين سندس ڪتاب، ماموئين جا بيت کڻي آيو هو، بعد ۾ کيس ساڻ وٺي آيو هو.
    نياز صاحب کي به لوڪ ادب سان لڳاءُ آهي. خاص طور تي پهاڪن ۽ چوڻين، ورجيسن ۽ اصطلاحن گڏ ڪرڻ ۽ سهيڙڻ سان. سندس ٻيو ڪتاب “قرآن ۽ سنڌي ورجيسون” جي نالي سان سنڌي ساهت گهر حيدرآباد طرفان ڇپيو آهي. جڏهن ته پاڻ ڊاڪٽريٽ جي مقالي طور، شاهه لطيف جي ڪلام ۾پهاڪا ۽ محاورا جو موضوع چونڊيو اٿائين.
    پاڻ مرادو ڪچهري ڪرڻ ۽ ڪهي قرب ونڊڻ ايندو آھي. پهاڪن ۽ چوڻين واري، پنهنجي زندگيءَ جي ميڙا چوندي، سوڌڻ ۽ سنوارڻ، ترتيب ۽ تدوين لاءِ راقم حوالي ڪيائين.
    ازين علاوه ڪي پهاڪا ۽ چوڻيون، ڪن دوستن کان ڪنين ٻڌم. جهڙوڪ؛ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهي، پروفيسر محمد اسحاق شيخ ۽ غلام رسول ڪلهوڙو صاحب وغيره. اهي به پڙهندڙن جي ڄاڻ ۽ دلچسيءَ لاءِ هت پيش ڪجن ٿا.
    149. اعتبار نه ڪجي، اوڀر جي واءَ تي.
    ماٽيلي ماءُ تي، سرڪي سڳي ڀاءُ تي. (چوڻي)
    اوڀر جي واءَ ۾ مٽي هوندي آهي. اکين ۾ پوڻ سان اکين اٿڻ جو انديشو هوندو آهي. جڏهن ته مڙني ڏِسائن کان اٿيل واءَ جي ڀيٽ ۾، اوڀر واري واءَ ۾ سنهي دز هئڻ سبب، روزي رزق جام لهندي آهي. ائين به چوندا آهن.
    اوڀر وائي ته ان اپائي، اتر وائي ته سيءُ آئي،
    ڏکڻ وائي ته هير آئي، اولهه وائي ته ڌوڙ اپائي.
    ماٽيلي ماءُ جو سلوڪ به ضرب المثل آهي. پيءُ جي ٻي زال، ويهندي ته ماءُ جي گاديءَ تي آهي پر منجهانئس ڪا به اميد پوري نه ٿيندي آهي. سدائين اميدن مٿان خاڪ ڦيري ڇڏيندي آهي.
    سرڪي، سماٽ قوم جي ذات، راڻيپور ۽ ٺل ۾ رهن ٿا. ٻين سان ته ڀلا هلن ٿا پر الائي ڇو پاڻ ۾ سرچاءُ ڪونه اٿن. اها شڪايت ٻين ذاتين وارن کي به پنھنجي ڍات وارن منجھان ھوندي آهي. ائين به چوندا آهن ته؛ پاڻ ۾ ٻه ٺڪر ٺهڪندا ئي آهن.
    مطلب:
    • انڌي جي ٿُڪ، ماٽيلي ماءُ جي مُڪ،
    جهڙ جي ڌُپ، جتي لڳي تاتي سُڪ.
    150. اعتبار نه ڪجي، مڙس پانڊي تي، ڏاند ڊانڍي تي. (چوڻي)
    پانڊي : پنڊيوالي ڪندڙ، هر حڪم مڃيندڙ، مڄو مڙس.
    ڊانڍي : ڪراڙو، پوڙهو.
    پوڙهو ڏاند؛ نه ڏهڻ جو نه ڪهڻ جو. نه هر ۾ وهي نه بار ڪاهي / ڍوئي. مڄو مڙس مان به مڙساڻا نقطا نڪتا وڃن. اهو به ڪنهن ڪم جو نه ٿو رهي.
    مطلب:
    • ڀاڙين تي ڀاڙڻ کان ڪا ٻي راهه وٺڻ گهرجي ته ڀلو.
    151. اَل اڏريا، ڪانهن نسريا، سانوڻ مند پوري. (چوڻي)
    ڪانءُ سياري ۾ آنن تي آرو ڪري، آخر ڌاري يا بهار ۾ ٻچا ڦوڙين. گرميءَ سبب سارو سانوڻ ٻچن کي آکيري مان ٻاهر نڪرڻ نه ڏين، ڇو جو ڪانءُ گرمي جو ڀاڙيو آهي. جڏهن سانوڻ پورو ٿيندو آهي ته ڪان، اَل کي آکيري مان ٻاهر ڇڏيندو آهي.
    سانوڻ جو مھينو يا سانوڻي، بڊي جي ٻاويهين يا آگسٽ جي ويهين تاريخ تي پورو ٿئي. ان کان پوءِ چِٽَ هلندي آهي. ڏينهن جو پگهر، رات جو ٿڌ. جنهن لاءِ چون؛ ڏينهون پگهارا، راتون پارا. ان ۾ به ڪانءَ جو وات ڦاٽل هوندو آهي. سندس اها حالت به ضرب المثل آھي. جيئن چئبو آهي؛ “فلاڻي جو اَل ڪانءَ وانگر وات ڦاٽي ويو آهي”.
    اهڙيءَ طرح سچي سر/ ڪانهن جو نسرڻ به سانوڻ جي مند پوري ٿيڻ جي نشاني آهي.
    مطلب:
    • ڪئلينڊر وغيره جي وجود کان اڳي مندن بابت، پاڻمرادو ڦٽندڙ / خود- رو ٻوٽن ۽ پکين جي عادتن / واڌ ويجهه سارو اندازو لڳائبو هيو.
    • اَل اڏاڻا، سانوڻ ڏينهن پڄاڻا.
    • ڪَتِي دُني، سانوڻ حد پُني.
    152. باندر / بيوقف جي ڀلائي به، سِرُ وڃائي. (چوڻي)
    هڪڙي بازيگر، سمهڻ کان اڳ، سيکاريل باندر کي چيو؛ “متان منهنجي منهن تي مکيون مڙن ۽ ننڊ ڦٽائين، تنهنڪري تون سجاڳ به رھه ۽ کين تڙ به.“ انهي تاڪيد پڄاڻا ن، باندر مکين تڙڻ کي لڳي ويو. تڙي ٿڪو ته هڪ اٽڪل سجهي آيس.
    پنهنجي گگ ڪڍي مالڪ جي اگهاڙي پيٽ تي لاتائين. مکيون گگ تي مُچو ڪري اچي مڙيون. جڏهن تسلي ٿيس ته مڙئي مکيون مُڪ جي هڪ وار هيٺ آهن ته مٿن مُڪ سان مارو ڪيائين. مُڪ هيٺان آيل مکيون ته ميون، پر زوردار ڌڪ سان بازيگر جو به ساهه هليو ويو.
    مطلب:
    • بيوقوف جي سنگت مان، گهڻا نقصان ٿيا آهن.
    • بيوقوف بازار ۾، سنگتي کڻجي نه ساڻ،
    اول ڪٽائي پاڻ، پوءِ لهرائي هاج همراهن جي.
    • بيوقوف هجئي يار، ٻيو دشمن ئي نه ڌار.
    153. باھ ۽ بلا تي، ڪنهن جو آ ڀروسو؟ (چوڻي /پهاڪو)
    قانون فطرت تحت باھه جي خاصيت آهي ساڙڻ ۽ بلا جي خاصيت آهي؛ ڪکڻ، سنگهڻ، ڏنگڻ، زهر هارڻ. ڀلي ٻنهي جي سامهون ڪير به هجي، مٿي ڄاڻايل امر تحت عمل ضرور ڪن. ائين جيئن ڪاتيءَ جي آڏو ڪير به اچي وڍ بو. پاڻيءَ ۾ ڪير به گهڙي ته ٻڏندو ۽ پر جي پيئي ته اڃ لهندس.
    تاريخ انساني ۾، ڪن واقعن / مرحلن تي قادر مطلق جي حڪم سان منجهانئن معجزي طور اهي امر ڪڍيا ويا آهن. جيئن ابراهيم عليه السلام کي باھه نه ساڙيو. اسماعيل عليه السلام کي ڪاتيءَ نه وڍيو. موسيٰ عليه السلام کي پاڻي نه ٻوڙيو. طالوت جي قوم، جالوت سان جنگ ڪرڻ وقت درياھه پار ڪندي، پاڻي پيتو ته اڃ نه مئن.
    اهي چند ۽ خاص مثال آهن، جيڪي قانون فطرت کان هٽيل آهن. هاڻي ائين نه ٿيندو.
    مطلب:
    • پاڻي ۽ باھه کان، ٽارو ڪرڻ گهرجي.
    • پاڻي ۽ باھه، گهٽ ڪين ڄاڻجن.
    • جهيڙي، باھه بلا جو بر ڏي منهن.
    154. ٻارُ، ڄمڻ سان ابو نه ڪندو آهي. (پهاڪو)
    انسان فطرتي طور تي ڪمزور ۽ تخليقي طور تي هڪ نطفي مان پيدا ڪيو ويو آهي. جتان بتدريج ارتقائي منزلون طئي ڪري، سهڻي صورت وٺي ٿو. هن دنيا جي ماحول ۾ پلجڻ / رهڻ ۽ ماحولياتي ڦير گهير کي سهڻ جي سگهه / صلاحيت رکڻ جي باوجود ڪيترين ڳالهن ۾ ڪمزور ۽ ٻين جو محتاج رهي ٿو.
    ٻڌڻ ۽ ڏسڻ کان پوءِ، غون غان سان ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو. سمجهه اچڻ کان پوءِ پيءُ کي سڃاڻي ٿو ۽ ڳالهائڻ سکڻ پڄاڻان، پوءِ کيس ابو ڪوٺي ٿو.
    مطلب:
    • انسان دنيا ۾ ڪنهن به معاملي کي پهرينءَ سٽ سمجهڻ جي صلاحيت نه ٿو رکي. البته درجي بدرجي سکڻ کان پوءِ، ان کي سمجهڻ جي قابل ٿئي ٿو.
    155. ٻڌ ٻوڙي، سمجهه ڪنڌي. (چوڻي)
    جيڪو پرائي ٻُڌِ / مت تي هلندو، سو ضرور تڪليف ڏسندو. ان جي برعڪس جيڪو پنهنجي سمجهه کان ڪم وٺندو، سو غلطان جي سمنڊ ۾ غوطا نه کائيندو. البته سندس ٻيڙا، سدائين پار هوندا.
    مطلب:
    • پرائي مت : پرڻ ۾ پاڻي.
    • پرائو عقل : کُڏَ جي ڊوڙ.
    156. ڀَتَ جو اڳ : لٺ جي پُٺِ. (چوڻي)
    دعوت / خيرات ۾ پهرين پهچڻ واري کي گرم، تازو، سڻڀو، ٻوٽين وارو ۽ گهڻو ڀت ملندو. دير سان پهتل کي آروٿو پارٿو، ٻوٽين چونڊيل، ٿڌو ۽ اڻڀو ڀت ملندو. اوباريل ۽ ٿورو ڀت نه قبوليندو ته ڇڙٻون، چهڙون ۽ اڀيون لٺيون ملندس.
    جهيڙي ۾ به پهرين باهه وڏي هوندي آهي. جيڪو پهرين ايندو آھي سو سٽجي ويندو آهي. ڇو جو وڙهڻ وارن کي گرمي، تاءُ ۽ تازگي هوندي آهي. جوش سان وڙهندا آهن. پڇاڙيءَ ۾ مڙني جا ڍڍر ڍرا هوندا آهن. ان وقت فقط ٻانهن ۾ هٿ وجهڻ جي دير هوندي آهي.
    مطلب:
    • ڀڄندڙن جي اڳ ۾، لڪندڙن جي پٺ ۾.
    • آفيسر جي اڳياڙي خراب، گهوڙي جي پڇاڙي خراب.
    • اڳين پاڻي، پوين چِڪَ.
    • ڀيٽيو: نانوائيءَ جي اڳياڙي، قاصائي / ڪاسائيءَ جي پڇاڙي.
    157. تنگواني ، تنگ ماني. (چوڻي)
    تنگواڻِي جي وستي (واهڻ / شهر ) ضلعي ڪشمور ائٽ ڪنڌڪوٽ ۾ آھي، جنھن کي ھن وقت تعلقي ھيڊ ڪوارٽر جو درجو مليل آھي. اھو شھر ڳهڻي واھ مٿان اڏيل آهي. ڳهڻو، شاهي واهه مان نڪري ٿو. گڊو بئراج مان نڪرندڙ اهو واهه، سنڌ - بلوچستان جي سرحد تي وهي ٿو. ان جي ٺهڻ کان اڳ، تنگواڻيءَ جي پسگردائي واريون زمينون، پاڻي جي اڻاٺ سبب، ايتريون آباد نه هيون. هُرلن ذريعي زمين تي پاڻي چاڙهبو هيو. فصل گهٽ ٿيندا هئا. ماڻهن ۾ تنگدستي ڏاڍي هوندي هئي. جنهن تان ائين مشهور ٿيو.
    ٻي تاويل هيءَ ڪئي ٿي وڃي ته گڊوءَ کان جيڪب آباد ويندڙ ريل ۾ ڪنڌڪوٽ ۽ ٺل جي وچ ۾ ڏاڍي رش ٿيندي هئي. خاص ڪري تنگواڻيءَ کان ٺل تائين. جنهن تان ريل ۾ ٽنگجي سفر ڪندڙن ائين مشهور ڪيو؛ “تنگواڻي، ٽنگ ماني”.
    مطلب:
    • تنگواڻيءَ کان پوءِ ريل ۾ ماني رکڻ جي جاءِ به نه ملندي، اها به ٽنگي کڻي هلڻي پوندي.
    158. توڙي سج ڪاپار، ته به انڌيءَ اونداهي نه لهي. (پهاڪو)
    مادرزاد انڌي کي ڏسڻ لاءِ اکين ۾ بينائي نه هئڻ سبب، سدائين اکين آڏو اوندهه هوندي آهي. جاهل / ڪم-عقل لاءِ به چؤڦير جهالت هوندي آهي، ڇو جو سندس دل ۾ دنيا جي معاملن ۽ ديني علوم کي سمجهڻ جي سگهه موجود نه هوندي آهي.
    مطلب:
    • سانوڻ جي انڌي لاءِ سدائين ساواڻ ئي ساواڻ.
    159. ٺل : آهي گل. (چوڻي)
    ٺل شهر جا رهواسي، پنهنجي شهر جي انهن لفظن سان تعريف ڪندا آهن. جڏهن ته ٺل جي اصل رهواسين، ٻاهران لڏي آيلن جي ڀيٽ ۾، ڪا خاص ترقي نه ڪئي آهي. جنهن سبب، ٺل جا اصل رهواسي، ٺل بابت شڪايتي انداز ۾ چوندا آهن؛ “ٺل آئي جو، ڄائي جو نه”.
    جيڪب آباد شهر جا اصل باشندا به ائين چوندا آهن؛ “جيڪب آباد آئي جو، ڄائي جونه.” ٻين شهرن وارا به پنهنجن شهرن بابت ائين چئي سگهن ٿا. هونئن به ٻاهران لڏي آيل، فطرتي اصول تحت، هميشه اصل باسين جي ڀيٽ ۾ گھڻي ترقي ڪندو آهي.
    ٻاهران لڏي آيلن جو، ٺل بابت مختلف رايو آهي. اهي اھو ته مڃين ٿا ته “ٺل، گل آهي” پر شڪايت به ڪن ٿا؛ “ٺل، دل ڏيئي ويٺو رل” يا “ٺل، رل” يا “ٺل ڏنو ٺڪاءُ، عودي اڌواڌ” وغيره وغيره.
    اهي سڀ تڪبند چوڻيون، چٿر يا ٽوڪ طوربه ٺهيل آهن. انهن جو حقيقت سان گهٽ تعلق آھي. ائين جيئن هڪڙو لطيفو مشهور آهي.
    “ڪهڙي شهر ۾ رهندو آهين؟” هڪڙي ٺلاهيءَ کان ڪنهن پڇيو.
    “مان ان شهر ۾ رهندو آهيان.” ٺلاهيءَ کيس ڳجهارت جي انداز ۾ جواب ڏيندي ٻڌايو؛ “جنهن جي نالي کي ابتو ڪجي ته لٺ ٿي پوي”.
    مطلب:
    • انهيءَ نموني ، ٻين ڳوٺن / شهرن بابت به چوڻيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن.
    • گهوڙي جي ڦٽي وهي ٽانگي ۾،
    ڏاند جي ڦٽي وهي گهاڻي ۾،
    آفيسر جي ڦٽي، نوڪري ڪري لاڙڪاڻي ۾.
    • ڌنڌ دوداپور، قهر ڪوٽڙي، ظلم زورڳڙهه.
    هنيل حيدرآباد ، شير شيرانپور، دائو ٻچن کائو.
    • ڀيٽيو؛ جيڪب آبادي، نر نه مادي.
    160. پاپيءَ جو پير، ٻارنهن هٿ ٻنيءَ ۾ . (چوڻي /پهاڪو)
    پاپي/ زاني / غاصب/ جواري، ڪڏهن به ساڳائيندو ناهي. ڇو جو هو پرائي حق / ملڪيت تي ڌاڙو ٿو هڻي. محنت سان جيڪو ملڪيت ميڙيندو آهي، ڦُرجڻ وقت سندس دل مان نڪرندڙ آهَ، عرش ڏڪائي وجهندي آھي. زمين به چوندي آهي ته مون کي حڪم ٿئي ته پاپيءَ کي ستر گز، هيٺ تائين ڳهي وڃان.
    مطلب:
    • پاپيءَ کي ڪو به سڪون ميسر نه هوندو آهي.
    • پاپي عذاب جي دلدل ۾ غرق هوندو آهي.
    • پاپ جو گهڙو، ڀرجي ڀرجي نيٺ ڦاٽي.
    • پاپ ڪي مايا، پراڇت کايا.
    161. پاڻ گواه هججي ته گوال نه گِهلجي. (پهاڪو)
    گوال؛ گنوار، ڳنوار، ڳئون چاريندڙ. عقل جو سادو، ٻالو ڀولو ماڻهو ، شاهديءَ طور وٺي وڃبو ته ڪيس کٽڻ بدران هارائي اچبو. يا سادگيءَ سبب معاملو بگيڙيندو يا ٻين جي دٻاءَ هيٺ اچي شاهدي ڦيري ويندو. ان جي ڀيٽ ۾ ماڻهو پاڻ گواه هجي ته بهتر آهي.
    مطلب:
    • سادي ماڻهوءَ جي حوالي، ذاتي معاملا ڪين ڪجن.
    162. پرائي ٻارِ مان، ٻُڪ ڀرڻ سولا. (پهاڪو)
    پرائي ٻار/ فصل / اَنَّ جي ديري مان، چوري ڪرڻ سنهنجي آهي. پنهنجي محنت ڪري ڪمائڻ ڏکيو آهي. پرائو نقصان ڪرڻ سولو آهي.
    مطلب:
    • ڪاٺ پرائي پيٽ ۾، ڪپهه کان به ڪنئرو.
    163. پرائي مت، اڌاري اک، وهائيءَ جي توڻ، ڪنهن ڪم نه اچي. (چوڻي)
    (1) پرائي متِ / پرائو عقل / اڌارو ڏس؛ وقتائتو/ مهلائتو نه هئڻ سبب، منجهس مصلحت ۽ منهن ڏيڻ واري صلاحيت نه هوندي آهي. جنهن سبب گهڻا ڪم کرندا آهن. ٻيو ته پرائي مت، پرڻ ۾ پيل پاڻيءَ وانگر مغز مان جلد نڪري ويندي آهي.
    (2) اڌاري اک؛ ٻين جي ٽيڪ / سهاري تي نه ڀاڙجي. پنهنجي شيءِ جي پنهنجي اک سان سنڀال ڪجي. نوڪرن جي اک سان سنڀال نه ٿي سگهندي. ٻني، دوڪان ۽ ڌَڻُ سنڀالڻ لاءِ نوڪر رکبا ته اُڪي ميڙي ناس ٿي ويندي. انهن لاءِ پنهنجي اک هئڻ گهرجي. اک پٽبي ته انب نظر ايندو.
    (3) وهائيءَ جي توڻ؛ هر ويلو اوڌر تي پٽي کائڻ به چڱو ڪم ناهي. محنت ڪري، سال نه ته مهيني جو، سيڌو وٺي گهر ۾ رکجي ته جيئن سڪون سان وقت گذري سگهي.
    مطلب:
    • آکئي جو عقل، وهائيءَ جي توڻ، پوري نه ٿئي.
    • کيتي، سير سيتي.
    • پرائي مت، پرڻ ۾ پاڻي.
    164. پرڻي کان پوءِ، لڄ ڪونهي. (پهاڪو)
    لڄ، حياءُ، شرم به ماڻهوءَ جي جبلت ۾ رکيل آهي ته جيئن ماءُ ڀيڻ جهڙن رشتن جو احترام ڪري سگهي. پرڻي کانپوءِ فطرتي تقاضائن جي حل خاطر، خلوت ۾ پنهنجي ساٿيءَ (Espouse) سان بي حجاب ڳالهائي سگهبو آهي. اتي ڊپ نڪري وڃڻ سبب ائين ڪبو آهي، ٻي صورت ۾ انساني واڌ ويجهه رڪجي ويندي. جڏهن ته کلئي عام، گهر واريءَ سان به فحش نه ڳالهائبو آهي. ان سان به معاملا گنجرندا آهن.
    مطلب:
    • آهاري، وهنواري، گهوٽ مهاري، لڄا ڪري ته هاري.
    • مرڻ / ھنگڻ ناهي مهڻو، پرڻو ناهي گار.
    • پير سڳوري بيشڪ ڀلي، خاص خليفي ٺڪر ٺلھي. (پهاڪو)
    حاڪم کي رعايا، آفيسر کي پٽيوالا، وڏيري کي نوڪر چاڪر، مير کي خاصخيلي ۽ پير کي خليفا کڻندا آهن. تنهن هوندي به پير پير رهندو. سندس مانُ خليفي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو آهي.
    مطلب:
    • ظاهرداريءَ ۾ پير ڀلو، خليفا گهٽ آهن.
    165. پير ويهارڻ گهر ۾ ، هٿ وجهڻ سَرَ ۾،
    نانگ وجهڻ وَرَ ۾، ٽيئي جڏا ڪم. (چوڻي)
    (1) پير گهر ۾ ويهاري، هٽ تان سودو وٺڻ لاءِ وڃڻ آهي، کيس بدديانتي ڪرڻ لاءِ موقعو فراهم ڪرڻ. پير به انسان آهي. هر انسان سان شيطان ساڻ آهي. اهو مٿس غالب ٿي سگهي ٿو.
    (2) سَرَ ۾ هٿ وجهبو ته آڱريون ۽ هٿ چيربا.
    (3) ڪانئچ جي ابداڻي ۾ اڳٺ بجاءِ نانگ وجهبو ته حياتيءَ تان هٿ کڻبو.
    مطلب:
    • زيان خور شين کان پاسو ڪجي ته بهتر.
    • هٿ نه وجهجي سَرَ ۾، نانگ نه وجهجهي ور ۾.
    گهوڙو نه ٻڌجي در ۾، ڌاريو نه آڻجي گهر ۾. چئني مان چڱائي نه ٿيندي.
    166. جَتُ، بي پَتِ، مار گهت يا اڳون لاتي وَت. (چوڻي)
    جتَ قوم وارن لاءِ سسئيءَ سان جاڙ ڪرڻ پڄاڻان، اهڙيون چوڻيون منسوب آهن. عورت، ڪمزوريءَ جي علامت آهي. ان سان به جٺ ڪري، ڏير سندس ورُ کڻي ويا. جنهن پڄاڻان، جتن بابت ائين چيو وڃي ٿو.
    مطلب:
    • جت ۽ لاڏائو قومن تي اعتبار گهٽ ڪجي. ساڻن سڱ سياڪا نه رکجن ته بهتر.
    167. جتي گپ گهڻي، اتي هاٿي به ترڪن. (پهاڪو)
    جتي فحاشي/ بي حيائي عام هوندي، اتي وڏا وڏا دُبنگ بزرگ به مشڪل ۾ اچي ويندا آهن.
    مطلب:
    • بڇڙي ماحول کان پاسو ڪرڻ به، دلير مڙس جو ڪم آهي.
    • جاتي پئسو جام، اتي رشوت / بي حيائي به ليئا پئي پائيندي.
    168. جنهن وٽ عهدو، تنهن جو رتبو. (پهاڪو)
    بظاهر رتبو ۽ عزت، عهدي ماڻڻ سان ملندا نظر ايندا آهن. حقيقت ۾ ائين ناهي. وڏن عهدن تي ويٺلن مان ڪن جو حال هيڻو، مانُ مسڪينن کان به پري هوندو آهي. ڪي ته عزت ۽ غيرت وڪڻي عهدي کي برقرار رکندا آهن.
    مطلب :
    • دنيا جا عهدا، دنياداريءَ واري رتبي جا سرچشما آهن.
    169. جو ڪاڪ چڙهيو، سو مالڪ. (پهاڪو)
    مومل، فريب ۽ دوکي لاءِ، من موهندڙ مانڊاڻ واري ماڙي ٺهرائي هئي، جنهن کي ڪاڪ يا ڪاڪ محل سڏبو هو. ماڙيءَ/ محل جي منجهيل، رستن واري ڄار (Labyrinths) ۾ ڪيئي ڪونڌر ڪنڌ ڪپائي، ڪسجي ويا. پلنگ تي پهچڻ وارو فقط راڻو هيو، جيڪو مومل ماڻي، ماڙيءَ جو مالڪ ٿيو.
    مطلب:
    • مومل ماڻڻ ۽ مالڪ ٿيڻ لاءِ، ڪاڪ تي چڙهڻ وارا ڪشالا ڪڍڻ ضروري آهن.
    • ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ، محنت، جذبي ۽ دليريءَ سان اڳتي وڌڻ، اشد ضروري آهي.
    170. جَوَن جي ماني، جواب جي نشاني. (پهاڪو)
    اڳي نه رسم الخط هيو ۽ نه ئي خط (چٺي) لکي سگهبو هيو. نياپا سنيها اشارن سان ڏبا / پهچائبا هئا. جَوَن جي ماني موڪلڻ مان مراد، ڪم نه ڪرڻ هوندو هيو.
    مطلب :
    • ڪنهن ڪم کان اڻ سڌو انڪار ڪرڻ واري لاءِ ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
    171. جهڙو وڻ، تهڙو ڦر. (پهاڪو)
    جَوَ پوکڻ سان جَوَ لڻبا ۽ ڪڻڪ پوکڻ سان ڪڻڪ، جوئر ڪانه لڻبي. هونئن به جنهن وڻ / ول جا پن ۽ ڏانڊيون ڪؤڙيون ھجن تنهنجو ڦل به ڪؤڙوھوندو. جيڪڏهن مٺا هوندا ته ڦل به مٺو هوندو آهي. جيئن ٽوهه جي ول پاڙ سميت ڪؤڙي زهر آهي ته منجهانئس ڦٽندڙ ٽوهه تهائين زهر هوندا آهن. اهڙيءَ طرح نم جو به مثال آهي.
    مطلب:
    • اولاد ، عادات و اطوار ۾، پيءُ تي ڇِڪَ ڪندو آهي.
    • ڪانءَ جو ٻچو، ڪانءُ ٿيندو.
    • بگهڙ جو وياءُ بگهڙ ٿيندو، ٻڪري نه ٿيندو.
    • فطرت، وس ويندي ڪا نه مٽبي آهي.
    172. جيترو ناڻو، اوترو فطراڻو. (پهاڪو)
    فطراڻو/فطرو، رمضان شريف جي روزن رکڻ پڄاڻان، في ماڻهوءَ جي حساب سان پوڻا ٻه سير ڪڻڪ يا ان جي قيمت جيترو، عيدالفطر کان اڳ ادا ڪبو آهي.
    هتي فطراڻي مان مراد، زڪوات ۽ خيرات آهن. جيتري دولت وڌيڪ هوندي آهي. اوتري ئي زڪوات، اڍائي سيڪڙو جي حساب سان ادا ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو زڪوات واري حساب ڪتاب کان بچڻ گهري ٿو ته ان لاءِ آسان رستو آهي ته سموري دولت اللهﷻ جي راهه ۾ خرچ ڪري ڇڏي. سمورن جنجهٽن کان جان آجي ٿي ويندس.
    مطلب:
    • جيترومال، اوترو خيال.
    • جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا.
    • جيترو اٽو ڇاڻبو، اوترو ٻُهر ٻاهر نڪرندو.
    173. جيسين سوڻا سڪن، تيسين بکر بک مري. (پهاڪو)
    سوڻن (ڇيڻن) کي سڪي، باهه ۾ ٻرڻ لائق ٿيڻ لاءِ وقت ۽ ويساند، اس ۽ هوا درڪار آهن. جڏهن ته بُکر / بکئي کي مهل تي ماني کپي. ڇيڻن سڪڻ جو بهانو، ماني نه ڏيڻ جي مترادف آهي، جنهن سان بکيي جو ساهه هليو ويندو.
    مطلب:
    • جاسين سکيو کڻي ساهه، تاسين بکي جو وڃي ارواح.
    • جيسين عرق مان ترياق اچي، تيسين نانگ ڏنگيل مريو وڃي.
    • نه نو مڻ تيل اچي، نه راڌا نچي.
    • نه پرڻ ۾ پاڻي پوندو، نه ئي ڌوڙ مان ڌاڻيون وٽبيون.
    174. جيسين لونگ لڪڻ ڀڃي، تيسين ڪرهو ڪيچ نڪري وڃي. (پهاڪو)
    لونگ، سست ۽ ٽوٽي، ڪنجهڻي ۽ ڪُرڪڻي ماڻهوءَ جو نالو، جيڪو هر عمل ۾ پوئتي رهي. اهڙي آرسيءَ جي آسري، سمورا ڪم کريل ئي هوندا آھن.
    مطلب:
    • جاسين لَلُو کڻي لٺ، تاسين ڪرهه اجهاڻي.
    • لونگ چڙهي لاريءَ ته لاري ليٽ، چڙهي ٻيڙيءَ ۾ ته ٻيڙي ڌوپڻ وڃي.
    175. جيڪب آبادي، نر نه مادي. )چوڻي(
    جيڪب آباد جي ماڻهن ڏانهن سادڙو هئڻ وارو اشارو آهي. گهٽ پڙهيل ۽ معاملي فهمي جي گهٽ ڄاڻ رکڻ سبب، نه بحث ڀلو ڪري سگهندا آهن ۽ نه ئي وري سٽائتي نموني سان ڪنهن کان ڪم وٺي سگهندا آهن. اهوئي سبب آهي جو مٿن، اهڙيون چٿرون به ٺهيل آهن. جڏهن ته ان تڪبند چوڻيءَ جو حقيقت سان تعلق گهٽ آهي. جيئن شڪارپور بابت هن چوڻيءَ جو به گهٽ آهي؛ “شڪارپور شهزادي، اچي نر وڃي مادي”.
    مطلب :
    • جيڪب آباد جا ماڻهو نه ماين وانگر زبان سان جهيڙو ڳائي ڄاڻن، نه ئي نشانبر ٿي مردن وانگر لٺ يا ڌُڪي سان وڙهي ڄاڻڻ.
    • انهيءَ ٽوڪ جي موٽ ۾ جيڪب آباد وارن به جواب ٺاهيو آهي؛ “جيڪب آبادي، نه ڇڏن نر نه مادي.”
    176. جي ڪڙمي کڻي ٻار، ته به ڪڻا رهن ڪيترا. (پهاڪو)
    ڪيڏي به احتياط سان ٻارِ/ ديري مان بٽئي / فصل کڻبو ته به پکي پکڻ جي نصيب سانگي، منجهانئس ڪي داڻا ٻنيءَ ۾ ضرور ڪرندا.
    مطلب:
    • سموري ملڪيت، ڪنهن کي به راس نه ايندي آهي. حقدار حصو ضرور کڻندا آهن.
    • احتياط سان سودو تورڻ جي باوجود چاليهين پتي ضرور هاربي آهي.
    177. جيڪو اڇن ۾ کري، سو ڪنهن تان به نه ٽري. (چوڻي/ پهاڪو)
    اڇا وار، پيري / بزرگي جي نشاني آهن. انهن جي اچڻ پڄاڻان، ماڻهوءَ جي رفتار ۽ گفتار ۾ ماٺار ايندي آهي. تيزي جي جاءِ تي ڳنڀيرتا ۽ معاملي فهمي اچي ويندي آهي.
    اهڙي عمر ۾ کرڻ، بي حيائي / بڇڙائي جا ڪم ڪرڻ کيس نه ٿا سونهن. ڇو جو منجهائس هر ڪو، کيس بزرگ سمجهڻ ڪري، اخلاقيات سان پيش اچڻ جي تقاضا رکندو آهي.
    مطلب:
    • پوڙهپ ۾ کرندڙ، ڪنهن جي به عزت نه ڪندو آهي.
    • کريل ڪراڙي، رستي تي بيهي، ضرور پيشاب ڪري.
    178. ڄٽ جي ياري، گلم جو زيان. (پهاڪو)
    ڄٽ / جاهل، وقت جي مصلحتن کي نه سمجهندو آهي ۽ هروڀرو پيو هجائتو / هلڪو / ٽرڙو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. موقعو ۽ مهل، وقت ۽ هنڌ نه ڏسندو آهي ۽ سنگتين کي به مردم- بيزار ڪري وجهندو آهي.
    مطلب:
    • ڄٽ ملوڪ ، گلم جو زيان.
    • ڄٽ پڙهيو، لوڪ اڙيو.
    179. چَپر لڳندي ته چُوڙ بندي ٿيندي. (پهاڪو)
    ڪاٺ جي کٽ ۾، چار پاوا، ٻه ايسون ۽ ٻه سيرون هوندا آهن. چئني پاون ۾ سَلَ ڪڍي، سيرون ۽ ايسون چُوڙ ذريعي بيهاريا ويندا آهن. اهو اَٺَ- ڪاٺيو ڪم ڏاڍو اڻائو آهي. اڪثر ڪري يا سل ويڪرو / گهرگهلو ٿي ويندو آھي يا چوڙ سنهي ٿي ويندي آهي. اهڙيءَ صورت ۾ چپر (Wedge) هڻي کٽ کي لڏڻ، چيچٽن نڪرڻ کان محفوظ ڪيو ويندو آهي.
    مطلب:
    • دنيا جي گهرگهلن معاملن کي، سفارش / رشوت جي چپر هڻبي آهي.
    180. چنڊي جي ماني، دانگيءَ تي سڙي .(پهاڪو)
    چنڊو ماڻهو پنهنجي پرڪارن جي ڪري، آيل روزي به موٽائي ڇڏيندو آهي. نتيجي ۾ بخت به کيس ڇڏي هليو ويندو آهي.
    مطلب: ڪروڌ، ٺڪرن / نارن جو پاڻي به سڪائي ڇڏي.
    181. ڇُٽاڻي ، ڳاٽي لڙيو. (چوڻي)
    ڇٽاڻي، کوسا قوم جو پاڙو. ان جا اڪثر ماڻهو حياداريءَ سبب، هڪ پاسي ڪنڌ جهڪائي هلندا آهن. جنهن تان سندن لاءِ اها چوڻي رواج ۾ آئي آهي.
    182. ڇڏيليءَ کان ٽڪيلي ڀلي. (چوڻي/پهاڪو)
    ڇڏيلي / مطلقه / طلاق ڏنل جو، نه مڙه نه مقام. عورت جو اصل گهر، مڙس وارو گهر آهي. اتان تڙجي نڪتي ته پوءِ نه مائٽن وٽ عزت ملندس، نه ئي معاشري ۾ مانُ ملندس. ان جي ڀيٽ ۾ ٽڪيلي / رکيل (keep) وري چڱي آهي. اھا ڪنهن مرد جي سايي ۾ ته ساهه کڻي ٿي. ڏانهنس ڪو ميري اک کڻي ڪونه ڏسندو. ھر ڳالهه کي مان ملندس ۽ داد رسي ٿيندس.
    مطلب:
    • ڏهاڳڻ کان، ويهاريل سدا-سهاڳڻ چڱي.
    183. ڇنڊڇاڻ سان اڱر سچا يا لهر سچا. (پهاڪو)
    هر معاملو محنت ڪرڻ ۽ هٿ ڳنڍڻ سان حل ٿيندو آهي. هٿُ هٿَ تي رکي ويهبو ته معاملو گنجرجي ويندو ۽ اڇا ڪارا پڌرا نه ٿيندا. اصل معاملي جي تڏهن خبر پوندي آهي، جڏهن سندرو ٻڌي هٿ ڳنڍبس.
    مطلب:
    • معاملي جي تهه ۾ وڃڻ کان پوءِ خبر پوندي آهي ته وَٽَ کوٽا آهن يا ڦودني ۾ ڦير آهي.
    184. حاڪم ته گرم، کچڻي ته نرم. (چوڻي)
    (1). حاڪم / آفيسر، جيستائين اک نه ڏيکاريندو تيستائين نه ڪم وٺي سگهندو ۽ نه ئي ڪمائي سگهندو. حاڪم لاءِ ضروري آهي ته هر وقت گرم هجي.
    (2). کچڻي بيمارن جو کاڌو آهي. بيمار کي زود هضم کاڌو کپي. کچڻي زود هضم تڏهن ٿيندي، جڏهن نرم هوندي. کچڻيءَ جو فائديمند هئڻ لاءِ نرم هجڻ ضروري آهي.
    مطلب:
    • استري ته شرم، حاڪم ته گرم، طبيب ته نرم، وئيشا ته بيشرم.
    • حاڪم ٽنگتا کائي، فقير منگتا کائي.
    185. حسد جون اکيون، انڌيون. (چوڻي)
    حاسدي، حسد جي باهه ۾ سڙي ڀسم ٿي ويندو آهي. جنهن سبب پنهنجن کي به نه سڃاڻندو آهي. حياءُ / شرم/ شناس نڪري ويندي اٿس. هر هڪ کي ساڙولي اک سان ڏسندو آهي.
    مطلب:
    • لالچيءَ جي اکين تي، غرض جي عينڪ چڙهيل هوندي آهي.
    • حاسد، اندر جو انڌو ٿي ويندو آهي.
    186. حياتي وڏي چاڙهو ڪونه . (چوڻي)
    ڊگهي حياتيءَ واري جي، آخر ۾ سگهه ختم ٿي ويندي آهي ۽ ٻين جي سهاري جو محتاج هوندو آهي. ايستائين جو آخر ٻيا به بيزار ۽ خدمت کان لاچار ٿي ويندا اٿس. جوانيءَ واري سگهه نه هئن ڪري، ڪراڙو / بي همت ماڻهو، زندگيءَ جا ڏينهن ويٺو ڳڻيندو آهي. ائين به چوندو آهي؛ “رب سائين ، هلنديءَ هلاءِ”.
    مطلب:
    • حياتي ڊگهي ٿيڻ سان، جوانيءَ وارو ٻل نه ٿو رهي.
    187. دال ، غربت جي ڍال. (چوڻي /پهاڪو)
    دال جو ٻوڙ کائڻ ، سادگيءَ جي نشاني آهي. سادگي اختيار ڪرڻ وارو گهڻين بيمارين کان بچي ٿو. سادگيءَ کي، ڍال طور استعمال ڪرڻ گهرجي.
    مطلب:
    • ٿلهو کائجي، ٿلهو پائجي، ٿلهو ڳالهائجي، ٿلهو هنڍائجي.
    • دال ،ٻچڙن پال.
    188. دشمن نه هجئي ته گهر ۾ ٻيرِ پوک. (پهاڪو)
    ٻيرِ جي وڻ ۾ ڪنڊا جام ٿيندا آهن. ڇڻي ڪرڻ جي صورت ۾ سڄو گهر ڪنڊا ٿي ويندو آهي. سڄو ڏينهن ٻهاري ڏيڻ وارو خفو نه ڪبو ته ڪنڊا پيا پيرن ۾ لڳندا.
    وڻ ۾ ٻير ٿيندا ته مٿانئس پکي به ويهندا. وٺيون لاهيندا. ٻير ٽُڪي هيٺ ڪِنُ ڪندا ۽ ڪَنَ ويٺا کائيندا. پاڙي جا ٻار، ٻيرن جي لُونجهه تي پيا منجهس ڀينڊون هڻندا. ٻير هيٺان ويهي آرام نٿو ڪري سگهجي. پراون ٻارن کي جهل ته جهيڙا ڳچيءَ ۾.
    مطلب:
    • کَرِ ماڻهو، وڻ ٻاٻرو، شل نه هوون اوڙي پاڙي.
    • مال ملڪيت ڪٺي ڪرڻ سان مسئلا پيدا ٿيندا آهن. ستت ٺڪاڻي لڳائجيس.
    • نياڻي گهر ۾گھڻو وقت نه ويهارجي.
    189. دل جو انڌو، دين کان محروم. (چوڻي)
    دل جو انڌو، شڪي مزج ماڻهو، گمان سبب گناهن جي دلدل ۾ ڦاسي، گمراهه ٿيندو آهي ۽ دين جي واٽ کان محروم ٿي ويندو آهي. گمان کان پاسو ڪجي، ڇو جو اڪثر گمان گناهه هوندا آهن. انهيءَ جي ڪري جاچوسي / چوڪسي ڪرڻي پوي ٿي. ٻين جو احترام دل مان نڪريو وڃي.
    مطلب:
    • هميشه حسنءِ ظن رکڻ گهرجي.
    • انڌو دوزخي، ٻوڙو بهشتي.
    190. ڏاچي، ٻچو نه سڃاڻندي آهي. (چوڻي/پهاڪو)
    هر حلال جانور جي مادي، پنهنجي تازي ڄاول ڦَرَ کي سڃاڻندي آهي. ان کي ڏسي، کير لاهيندي آهي. ڦر مري وڃڻ جي صورت ۾ کير نه لاهيندي. ٻيءَ جو ڦَرُ آڏو آڻبس ته ان کي به ٿونا هڻي ماريندي. اهڙيءَ صورت ۾ ڏوهو سندس مئل ڦَرَ به سندس آڏو رکندو آهي ته جيئن کيس چٽڻ بعد کير لاهي.
    ان جي برعڪس، ڏاچي پنهنجي ۽ پرائي ڄاول ڦَرَ ۾ فرق ڪين ڄاڻندي آهي. جيڪو به ڦر آڏو رکبس، کير لاهي بيهي رهندي.
    مطلب:
    • اٺ / بيوقوف / سادي ماڻهوءَ سان، ٺڳي ڪرڻ وارو ڪامياب ٿي ويندو.
    191. ڏُک، ڏٻرو آچار. (چوڻي)
    ڏکن / ڏوجهرن جو ڏڌيل، ٻين آڏو سوال ڪرڻ کان به پيو ڪيٻائيندو آهي. ڇو جو وٽس، موٽ ۾ ڏيڻ لاءِ ڪي ڪين هوندو آهي. جنهنڪري سوال ڪرڻ / هٿ ٽنگڻ وقت ڏوٻر لاهي ويهندو آهي. ان تي به ڪنهن کي ڪهل اچيس يا نه.
    مطلب :
    • سوال ويچارو آهي.
    192. ڊاڪٽر سچا ٿين ته ٻَوڙا به ٻڌڻ لڳن. (پهاڪو)
    ڊاڪٽر به عام انسانن وانگر غرضن / ضرورتن سان وڪوڙيل ماڻھو آهن. جنهن سبب چاهيندا آهن ته ڪمائي ججهي ۽ برڪت واري هجي. مرضن جي، در تي قطار لڳي پئي هجي. ويساند ئي نه هجي. هٿ شفا به هجي، ڪاتي به تکي هجي، جنهن کي زنگ ڪڏهن نه لڳي.
    مريض کي ضرورت هوندي هڪ دوا جي ته ٻڌائيندس ٽي، ميڊيڪل اسٽور به پنهنجو هوندو يا ڪنهن سان پرسنٽيج مقرر هوندن. ٽوئر ڪرائينديون ۽ Amples جا samples ڏينديون، تن جون دوائون پيا Prescribe ڪندا پوءِ ڀلي اها دوا مريض جي مرض تي پوي يا نه.
    مطلب:
    • جت سچائي تي چڙهي ته کڙهه تي کير پياري.
    193. راهيندڙ؛ لڻندڙ. (پهاڪو)
    راهيندڙ؛ راهي، فصل پوکڻ کان اڳ ٻيجارو تيار ڪندڙ، پوکي ڪندڙ، محنت مزدوري ڪري کيتي ٻاڙي ڪندڙ، ئي فصل جي بٽئي کڻڻ جو حقدار هوندو آهي. ان جي برعڪس جيڪو محنت نٿو ڪري، تنهن کي ڦل نه ملندو.
    مطلب :
    • جو پوکيندو، سو لڻندو.
    194. رڍ بگهڙ ڏسي، ڌنار ڏانهن ڀڄي. (پهاڪو)
    ڪمزور ماڻهو، بجاءِ مقابلو ڪرڻ جي، حملي جو رخ پنهنجي محسن ڏانهن ڪرائيندو آهي. بزدل / گيديءَ سان ياري نه رکڻ گهرجي. پاڻُ ته مارائيندو. سنگت کي به ٽوٽي ۾ وجهندو.
    مطلب:
    • بگهڙ ڏسڻ کان پوءِ، قاضي ڇيلي کي ڇڏي، ڇيلو قاضيءَ کي نه ڇڏي.
    • پٺاڻ ڪمبل کي ڇڏي، ڪمبل پٺاڻ کي نه ڇڏي.
    • جِنُّ ته جَنِيءَ کي ڇڏي وڃي پر جَنِي جِنَّ کي نه ٿي ڇڏي.
    • صنم هم تو ڊوبي هين، مگر تمهين ڀي ليڪر.
    195. رن ٻڏندي وڃي، نينهنگ نپوڙيندي وڃي. (پهاڪو/چوڻي)
    ٻڏندڙ ماڻهو، ٻڏڻ وقت سَرُ بچائڻ لاءِ سَرَن ۾ هٿ وجهندو آهي. ڪک جو سهارو به هٿان وڃڻ نه ڏيندو آهي. اھڙي موقعي تي به عورت پنهنجي اُلٽي مت / ضد کان نه مڙندي آهي. سلوار جو نينهنگ / اُبداڻو به سڪائڻ لاءِ پاڻيءَ اندر نپوڙيندي ويندي آهي. جڏهن ته پُسي ڳرا ٿيل ڪپڙا، پاڻيءَ اندر نپوڙڻ سان نه سُڪندا آھن ۽ نه ئي هلڪا ٿيندا آهن.
    عورتن جي ضدي نفسيات بابت چوڻي / پهاڪو ٺهيل آهي.
    مطلب :
    • رن تي ٻڏءِ، پلئه تي نپوڙ. (ٿري)
    • ٻڏڻ لاءِ وڃڻ ۽ پاڻ کي گپ کان بچائڻ. (ورجيس)
    • پاڻيءَ ۾ گهڙجي ته ڦهنگن ڀئه نه ڊڄجي.
    • ٻڏڻا ته گهيڙ ڪهڙا پڇڻا؟
    • مينهن کان ڀڄي، نيساري هيٺان نه لڪجي.
    • ٻڏڻ وڃجي ته گپ لڳڻ کان پاڻ نه بچائجي.
    196. روپو جنهن رد ڪيو، ڪوڙ تنهين کي ڪک. (پهاڪو).
    جنهن کي روپو/ چاندي يا سون به هرکائي نه سگهيا، سو ڪوڙين ۽ بي قيمت شين تي لوڀجي / ريبجي نه سگهندو.
    مطلب :
    • ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا نه ڪنهن مال،
    ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا. (شاهه)
    197. زوريءَ ياري رکڻ، بنا صلاح ڀت چکڻ.
    ٿڪ هڻي ڏاڙهي مکڻ، ڳئي اگهاڙي مٿو ڍڪڻ. چارئي خراب لڇڻ. (چوڻي)
    (1) نه زوريءَ جي ميندي لڳندي آهي. نه وري زوريءَ جي ياري جٽادار هوندي آهي.
    (2) ريءَ صلاحيو / اڻ ڪوٺيو، ڪنهن وٽ وڃڻ ۽ بي دعوتيو ماني کائڻ ۾ اڳلي کي ڪراهت ڏيارڻي آهي ۽ پنهنجو مان گھٽائڻو آهي.
    (3) ڏاڙهي مرد جو شان، نشان ۽ سونهن وڌائڻ جو ذريعو آهي. تيلُ، وارن جو مَرَڪُ آهي. اڻڀي ڏاڙهي نه ٿي سونهين، ان کي سنوارڻ لاءِ شاندار طريقا اخذ (Adopt) ڪرڻ گهرجن.
    (4) پڳ پائبي آهي، عزت وڌائڻ لاءِ. ان کان وڌيڪ ضرورت اوگهڙ ڍڪڻ جي آهي.
    پهرين پنهنجي ننگ کي محفوظ ڪجي، پوءِ پٽڪا ٻڌي بازارون گهمجن. پوشاڪ اها پائجي، جنهن سان اوگهڙ ڍڪجي وڃي ۽ موسمي اثرات کان بچاءُ ٿي سگهي.
    مطلب:
    • خراب لڇڻن کان بچڻ گهرجي.
    198. سڀان پوندو سيءُ، ڏڪنديون ڏهاڳڻيون،
    پاسي جنين پَي، وِلُهه نه ويجهي تن کي. (چوڻي/پهاڪو)
    جڏهن تڪليف / مصيبت ايندي آهي ته پوءِ نڌڻڪن/ ڏهاڳڻين / بنا اجهي/ بنا مڙس وارين تي سرس ڪڙڪندي آھي. جڏھن ته مالڪي وارين ڌڻڪن / پي وارين / پتي وارين / مڙس وارين تي ايترو اثر نه ڇڏيندي آهي.
    مطلب:
    • ڏٻريءَ تي مڇر گهڻا.
    • ڏٻري مال ۽ بي اجهي مارن تي سيءُ ججهو ڪڙڪندو آهي.
    • مضبوط گهر ۽ مالڪيءَ وارا، مڙيئي بچيل هوندا آهن.
    199. سِڱَ سوگها، ساکئون سچا. (چوڻي/ پهاڪو)
    ورجيس طور تي ڪن ساهدارن جا نالا عضون سان به نعم البدل طور سڏيا ويندا آهن. رڍ، ٻڪري لاءِ ڪَنُ، عورت لاءِ ٻانهن، ڍڳي ۽ مينهن لاءِ سِڱُ.
    جنهن چور، چوريءَ جو ڍور ڪهي کائي، هڏا گڏا زمين ۾ پوري سوگھا ڪري ڇڏيا، تنھن تي ساک کڻڱ فيصلو گھرندڙ به ڏوھ ثابت نه ڪري سگهندو.
    مطلب:
    • سچو ثبوت، ڪيس مضبوط.
    200. سون کڻندي، ڪهڙو بار؟ (پهاڪو)
    سون، هر هنڌ سڪه رائج الوقت جي حيثيت رکي ٿو، هڪ ملڪ جو سڪو ٻئي هنڌ هلڻ ڏکيو هوندو آهي. جڏهن ته سون، هر ملڪ جو، هر صراف (Money Exchanger) مٽي ڏيندو آهي. هاڻي اهڙي ڪارائتي شيءِ ڪنهن کي بار ٿي لڳندي؟
    مطلب:
    • کير ڏيندڙ گانءِ جون لتون، هر ڪو سهندو آهي.
    201. شراب جو نشو آڌي رات تائين، عشق جو نشو تاحيات تائين. (چوڻي)
    عشق ڪندڙ ۽ شراب پيئندڙ جا حواس باخته ٿي ويندا آهن. کين دنيا جهان جي خبر نه پوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته لٽا لاهي به پيا گهمندا آهن ۽ کلي خوش پيا ٿيندا آهن.
    تنهن هندي بي شراب جو اثر، وقتي وائيسر ڦيرائي ڇڏيندو آهي. جڏهن ته عشق جي جهڙپ ساري عمر لاءِ پاڳل ڪري ڇڏيندي آهي.
    مطلب:
    • عشق نه ٿيوي ٻڍا، توڙي چٽي هووي ڏاڙهي.
    202. شينهن جي کٽيي ۾، گدڙ به ڀائيوار. (پهاڪو)
    شينهن شڪار ڪرڻ پڄاڻان، شڪار کي ڪِنو ڪرڻ خاطر، ڪنهن محفوظ هنڌ تي ٿمائي هليو ويندو آهي. ڪِني / ڪمزور ٿيڻ بعد ، شڪار جانورن جي کائڻ لائق ٿيندو آهي. انهي اپرانڌ، گدڙن جهڙا ڪمزورجانور، شڪار جا ڪمزور عضوا پٽي کائي ويندا آهن. يا شينهن جي کائي بچائڻ کان پوءِ اوبر تي به گدڙ پيٽ پلي ويندا آهن.
    مطلب:
    • مڙسن جي ڪمائي تي، گهڻيئي ڪمزور پيا پلبا آهن.
    203. صفر جو ڄائو، سفر ۾ ئي رهندو. (چوڻي)
    ڪن ماڻهن جو گمان آهي ته اسلامي سال جي ٻئي مهيني يعني صفر ۾ جيڪو ڄمندو آهي، سو سدائين سفر ۾ رهندو آهي.
    مطلب:
    • صفري، سدا مسافر.
    • صفري، سفري.
    204. ضد واري جاءِ تي ڏَڪَ پي ڏسندو ڪير؟ (چوڻي
    ضد / ڪروڌ، جهيڙي واري جاءِ ۽ معاملي مان هرڪو جان خُلاصي ڪرائي ڀڄڻ جي ڪندو آهي. جهيڙي مان ڪا شيءِ راس نه آئي آهي.
    مطلب:
    • دشمنيءَ وارن معاملن ۾، ڪير به هٿ نه وجهندو آهي.
    205. علم نه ڄاڻي ذات، هنر نه ڄاڻي پات. (چوڻي)
    ذاتيون ۽ قومون، ڪڙم ۽ قبيلا، رنگ ۽ نسل وغيره زماني ۾ هڪٻئي کي سڃاڻڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن. ٻي صورت ۾ سمورا انسان، هڪ ئي آدم جا ڄايا آهن. ڪنهن کي به ڪنهن تي رنگ ۽ نسل جي لحاظ کان ڪا به فوقيت حاصل ناهي.
    البته علم ۽ هنر جو قدر ضرور آهي. انهن ٻنهي جو انحصار ذات پات تي ناهي. ليڪن ڏاتار جي ڏنل ڏات تي آهي.
    مطلب:
    • عشق نه پڇي ذات ڪُذات.
    • عشق نه پڇي ذات، بوک نه پوڇي باسي ڀات،
    پياس نه پوڇي ڌوٻي گهاٽ، نيند نه پوڇي ٽوٽي کاٽ.
    206. فلاسافر مري ويندا، فلسفو نه مرندو. (پهاڪو).
    فلسفو، هنر، علم، ظلم ۽ سخا وغيره سمورا فعل آهن. فعل، ازل کان ابد تائين، دنيا ۾ قائم رهيا آهن ۽ رھندا. جڏهن ته فاعل هر دور ۾ مٽبا رهيا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪي ماڻهو ڪن فعلن ۾ ضرب المثل ٿي ويا آهن ۽ سندن نالا ورجيس طور ڪتب اچن ٿا. مثال طور؛ فلسفي ۾ سقراط، حڪمت ۾ حڪيم لقمان يا اجمل، سخا ۾ حاتم طائي ۽ ظلم ۾ فرعون وغيره. جڏهن ته اهي سمورا فعل، اڄ به موجود آهن. ناپيد نه ٿيا آهن. جڏهن ته مٿي ڄاڻايل فاعل موجود ناهن.
    مطلب:
    • ظلم قائم آهي، ظالم قائم ناهي.
    207. ڪا ٿي احمد ميان سومرو، ڪا ٿي گوشو ڊرائيور. (چوڻي / پهاڪو)
    احمد ميان سومرو، جيڪب آباد جو وڏو بااثر ۽ با اصول زميندار ٿي گذريو آهي. سندس نوڪر به عياشين / ٺٺ ۾ رهندا هئا. سندس خانگي ڊرائيور گوشو خاصخيلي به پاڻ کي لٽي ڪپري پهرڻ ۾ چڱو رکندو هيو. جڏهن منشيءَ سان ٻنين تي حساب ڪتاب / بٽئي بڙي ڪرڻ ويندو هيو ته هاري ناري کيس احمد ميان سومرو سمجهي پيرين پوندا ۽ تعظيم ڪندا هئا. اهو ڀانڊو تڏهن ڦاٽو، جڏهن هڪ ڏينهن احمد ميان سومرو جند زمينن تي گوشي ڊرائيور سان ويو. اتي هارين، بجاءِ احمد ميان جي، گوشي سان پيرين پَئي پِئي هٿ ملايو. جنهن تي منشيءَ، احمد ميان جو ساڻن نئين سر تعارف ڪريو.
    مطلب:
    • اصل ۽ نقل ۾، وڏو فرق آهي.
    • ڪاڏي منهن مريم جو، ڪاڏي الهيار.
    • ڪاٿي راجا ڀوڄ، ڪاٿي گنگو تيلي.
    • ڪاٿي دستگير، ڪاٿي جمعو فقير.
    • ڪاٿي محمد خان مختيارڪار، ڪاٿي مٽرن جي دال.
    208. ڪاز ۽ باز کي پَرَ ٿين، پر هر هڪ جي پرواز پنهنجي. (پهاڪو)
    هر مخلوق، پنهنجي ماحول ۾ پلجي نپجي / وڌي ويجهي ٿي. ظاهري مماثلت هوندي به، هر هڪ جنس جون پنهنجيون خوبيون / خاصيتون هوندون آهن. ٻئي ڪنهن سان نه ملنديون آهن، نه ئي وري ڀيٽي سگهجن ٿيون.
    مطلب:
    • پيٽرول جيپ ۾ به پوي ٿو ۽ جهاز ۾ به پوي ٿو، پر هر هڪ جي اڏام پنهنجي پنهنجي آهي.
    209. ڪپڙو ڌوئڻو به هجي نه پُسائجي نه. (پهاڪو)
    ڪپڙو پاڻيءَ ۾ پوڻ کانپوءِ ڌوئڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ناهي. نپوڙي نه ڪڍبو ته يا سينوار جي آ ڪو ٿيندو يا اوسنو هئڻ سبب وقتي ڪم جو نه رهندو. پُسائڻ بعد ڌوئي، نپوڙي نه سڪائبو ته ڇوڙو ٿي ويندو.
    مطلب:
    • جنهن ڪم ڪرڻ جي نيت نه هجي، اهو شروع نه ڪجي.
    • سخاوت ڪجي ته پوري ڪجي، نه ته نه ڪجي.
    • وهنجڻو نه هجي ته ڪپڙا نه لاهجن.
    • ڪنهن کي ٻيڙيءَ تي چاڙهجي ته درياهه پار پهچائجيس، وچ سير ۾ نه ٻوڙجيس.
    210. ڪُمي ڪنئري هجي ها ته پهرين گدڙ کائينس ها. (پهاڪو)
    ڪُميءَ جو جسم ڪنئرو ٿئي ٿو، پر جنهن کوپي ۾ رهي ٿي، سو ڏاڍو سخت هوندو آهي. وقتي ٽرڪ جي ٽائر هيٺان به بچي وينديون آهن. اهڙي سخت کوپي کي گدڙ ڪيڏانهن کائي سگهندو.
    اهڙيءَ طرح هر ماڻهو، ڪمزور ناهي. ڪنهن نه ڪنهن طرح سان، پاڻ کي ماحولياتي گدلاڻ / آپدائن کان حفاظت ۾ رکڻ جا جتن ڪري ٿو.
    مطلب:
    • ڪنهن کي به نڌڻڪو / غير محفوظ نه ڄاڻجي.
    • مُنهن جي ڪونئري، ڳٽا پٽائي.
    • پٿر ڪونئرا هيا ته هوند گدڙن کائي ڇڏيا.
    • تيل سستا هيا ته هوند گدڙن به ڳل مکيا.
    • هيڻي نه ٻولجي، ڪمزور به فائدو وٺي ويندا.
    • ڀيٽيو: ھر پٿر پنھنجي جا تي ڳؤرو آھي.
    211. ڪنڌڪوٽ، ول نه موٽ. (چوڻي)
    ڪنڌ ڪوٽ شهر کي، وڏي ٻهراڙي آهي، جنهن سبب واپاري لحاظ کان وڏي چلتي وارو شهر آهي. جيڪو به واپار/ روزگارسانگي آيو، اڏجي ويو. شهر ۾ اڪثر آبادي ٻاهران لڏي آيلن جي آهي.
    مطلب:
    • شهداد ڪوٽ، وري نه موٽ ، موٽ ته مري موٽ.
    • شڪارپور شهزادي، ڏيهان ڏيهه مشهور.
    • شهر ڪراچي، ڇورن جو نيپاڄ.
    212. ڪُڻي ۾ نڪتل ڪنوار، پرائي پچار، آهن ذائقا زبان جا. (پهاڪو)
    لال ڪنوار، ڪُڻي ۾ يا جهنگ مان هٿ نه ايندي آهي. البته ان لاءِ مڙسي درڪار آهي. تنهن هوندي به بنا ووڙڻ جي، منزل جي مومل ماڻي نه سگهبي آهي. جيڪڏهن ڪير اهڙي دعويٰ ڪري ته ڪوڙ ٿو هڻي. ائين ئي پرائي پچار ڪرڻ به زبان کي لست وٺرائڻ جي مترادف آهي.
    مطلب:
    • ڪمزرو ماڻهو فقط زبان جا چشڪا وٺندو آهي ۽ اک جو عاشق يا نظروت ئي هوندو آهي.
    213. ڪو ڏٺي ڪري ستاري، ڪو اڻ ڏٺي ڪري خواري. (چوڻي)
    دنيا ۾ هر قسم جا ماڻهو موجود آهن. هڪڙا دشمن هئڻ جي باوجود اصولن جي پاسداري ڪندا ۽ لٽو پيا وجهندا ۽ هڪڙا وري دوست هوندي به، بي اصول طبيعت سبب، پيا عيب اگهاڙيندا ۽ لٽو لاهيندا.
    مطلب:
    • بردبار ماڻهو، خبر هئڻ جي باوجود، بدلو نه وٺندو آهي. بزدل اڻ ڄاڻ هوندي به جُلهون پيو ڪندوآهي.
    • ڪاٺيءَ ڪاٺيءَ لڇڻ، ڪلي ڪلي ڀاڳ.
    • هر ڪاٺيءَ / وڻ کي پنهنجو لڇڻ آهي.
    214. گيد گيدليءَ جا پار، ڳوهي اٽو، کوهي وار. (چوڻي)
    چڱي ڪم ڪرڻ پڄان، ٻه چار نقصان ڪرڻ به چنڊائپ جي نشاني آهي. ھونئن به نڀاڳ/بدبختي ته ڪنهن ڪنهن سان ساڻ هوندا آهن.
    مطلب:
    • چڱائي ڪندي، چنڊن جا ھٿ سڙندا آهن.
    • تيل / گيهه پئي، نڀاڳن جي سينڌ سڙندي آهي.
    215. ڳوٺ ۾ هجن ئي ست گهر ته ڏائڻ ڪهڙو ٽاري؟ (پهاڪو)
    ڏائڻ جو ڪم آهي، مڙدا کوٽڻ، تنهن هوندي به ست گهر ٽاريندي آهي. سمورا ڪين لتاڙيندي آهي. جڏھن اورانگهڻ لاءِ هجن ئي ست گهر ته پوءِ ڏيڻپي کي ڇڏي اصول جي پاسداري نه ڪندي. مجبورًا ستين گهر کي وَلَو چاڙھيندي.
    مطلب:
    • ظالم ماڻهو محدود دائري ۾ پنهنجي ظلم کي روا رکڻ لاءِ اهڙا دليل گهڙيندو آھي.
    • ڏائڻ ستون گهر ٽاري، ظالم اهو به نه ٽاري.
    216. گهنيي راڌي، گهنيي کاڌي، اڃا ئي گهنيو فريادي. (چوڻي(
    گهنيا، پجاب جي علائقن؛ رحيم يار خان، صادق آباد، خان پور ڪٽوره وغيره ۾ آباد ذات آهي. سنڌ ۾ به اتان لڏي اچي گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو، ڏهرڪي، مريد شاخ ۽ جيڪب آباد ۾ ٿيا آهن.
    جيڪب آباد جي ڳوٺ ٿرڙيءَ ۾ گهنيا، عنايت الله اوستي جي رَهڪي ڪندا هئا. هڪ دفعي اتان رسي، کيرٿر جي ڀڪ ۾ شيران پور وٽ، محمد صديق پٺاڻ جا اچي راهڪ ٿيا ۽ ٻني راڌائون. فصل جي تيار ٿيڻ تائين، فصل جا ٽي حصا ائين ئي کڻي کائي ويا. بٽئيءَ وقت چوٿون حصو ڦٻائڻ لاءِ به ڪمدار سان ڦڏو ڪيائون. چوڻ لڳا : “اسان راهڪ ماڻهو، ڏاڍا غريب آهيون. تمام ٿورو فصل ٿيو آهي. اهو اسان کان نه وٺو.”
    نتيجي ۾ ڪمدار مٿن دڙڪا داٻ ڪيا. گهنين الٽو مٿس فرياد ڪيو. ڪمدار وڃي پوليس ۾ پيش پيو. پٺاڻ زميندار، ڪمدار کي ڇڏايو، جنهن تي ڪمدار چيو؛ “گهنين راڌي، گهنين کاڌي، اڃا ئي گهنيا فريادي.”
    ان کان علاوه ٻي تاويل اها آهي ته گهنين ڪنهن جو ڇيلو ڪهي کائي ڇڏيو.
    پڇا ڳاڇا تي الٽو مٿس ڪاوڙيا ۽ فيصلي ۾ ڇڪايائونس، جنهن تان ائين مشهور ٿيو.
    مطلب:
    • جڏھن ڪو ھَڙَ ھنيون وڃي ۽ لانگ به رکيون وڃي ته ائين چئبو آھي.
    217. لک پتي کُٽي، پَتِ پتي نه کُٽي. (ڇوڻي )
    لک پتي؛لکن ڪروڙن جو مالڪ، کائيندي لک ڪروڙ کُٽائي ويندو. ڇو جو زر کپا ئڻ سان کُٽندي آهي. جڏهن ته ڪارِپَتِ وارو ماڻهو، پئسو نه هئڻ جي باوجود به بک نه مرندو آهي. پنهنجي اعتبار / ساک سبب، ٻين مان ڪم ڪار / ڏوڪڙ پنجڙ ڪڍي ويندو آهي ۽ سندس ائين کائڻ تي ڪير ڪُرڪندو به ناهي.
    مطلب:
    • کاڌي خرار کٽيو وڃن.
    • جيڪڏهن چاهين ته اولاد کي بي انداز ملڪيت ڏيا ن ته کيس هٿ جو هنر سيکار.
    • سائٿ وارو کائي وڃي، لهڻي وارو لنگهڻ وڃي.
    218. ماڇڪو ڪتو، سوئر جو ساٿي. (پهاڪو )
    ماڇين جو ڪتو؛ مفت جي مڇين / مانين تي پلجڻ سبب، شڪار نه ڪري سگهندو آهي. مُهاڙيءَ ۾ لاهڻ پڄاڻان، سوئر تي حملو ڪرڻ بد ران، پڇ پائي پوئتي مو ٽندو آھي ته مالڪ کي به چڪي رکندو آھي.
    مطلب:
    • ڪمزور/ ڀينگيئي کي، گهر جو رکوال / چوڪيدار نه ڪجي. چورن سان ساٿاري ٿي کاٽ هڻائيندو.
    • جَوَ ڍيري رکي، گڏھه کي رکپال.
    219. مانجهاڻي : منجهند تائين. (چوڻي)
    مانجهي خان کوسي جي نالي پويان اڏيل شهر؛ مانجهي پور جا کوسا مانجهاڻي سڏائيندا آهن. طبعًا ڏاڍا سادا ۽ ويسارا آھن. صبح جو سنگت رکي، منجهند تائين وساري ڇڏيندا آهن.
    مطلب:
    • مانجھڻين جي سنگت بابت گمان آهي ته ٿوري عرصي لاءِ هلندي آهي.
    220. ما جي پِٽَ، گُسي پي جي نه. (چوڻي)
    ماءُ جي مامتا، سندس پِٽَ مٿان غالب هوندي آهي. جنهن سبب سندس پِٽَ اڪثر نه لڳندي آهي. ان جي برعڪس پي جو پِٽيو ڪڏهن به سائو نه ٿيو آهي.
    ما جو ادب، پيءُ جي ڀيٽ ۾، ٽي دفعا وڌيڪ ڪرڻو آهي. تنهن هوندي به جيڪڏهن ساڻس ماڻا ڪبا ته سهي ويندي. جڏهن ته پي نه سهي سگهندو. بي ادبي ته، ڪنهن به صورت ۾، ٻنهي جي ناهي ڪرڻي.
    مطلب:
    • پي جو پٽيل، سنئين لڱين نه هوندو.
    221. مِٽُ نه ما، پِنُ ۽ کا. (چوڻي / پهاڪا )
    جنهن کي ننڍي لاڪون ،پي ما يا چاچي مامي جهڙو رشتو نصيب ٿيو، سو ڇورو ٻار / نڌڻڪو ٿي پلبو آهي. ٻين جو محتاج رهڻ سبب، احساس محرومي جو شڪار ھوندو. پو ڀلي ٻيا مٿس جهُٻو به کائيندا ھجن، جنھن لا انهن جي مهرباني، پر يتيم کي اندر ۾ ھڪڙو اڻ لَکو احساس ضرور ھوندو آھي، جيڪو کيس کائيندو ۽ اندر ۾ وَڍَ وجھندو رھندو آھي. ڀلي مائٽ ڪيڏي به ملڪيت ڇڏي ڇو نه مئا هجن، پوءِ به يتيم ٻار کان اهو مسڪين جو ٻار وڌيڪ سکيو آهي، جنهن جا پيءُ ماءُ جيئرا آهن.
    مطلب:
    • مائٽ جو ڏَڍُ، دولت جي ڏَڍَ کان تمام گهڻو آهي.
    • جنهن کي نه آهي ماءُ نه ماءُ جو ڄايو،
    سو گهڻن پيءُ ماءُ وارن کان سائو. (ابتو)
    222. محبتي: محنتي. (چوڻي)
    محنت ڪرن لاءِ محبت جو جذ بو هئڻ ضروري آهي. محبت / رغبت / شوق / عشق کانسواءِ ڪو به ڪم ڪري نه سگهبو آهي. جنهن محنت ۾ محبت شامل ناهي، اها محنت رنگ نه لائيندي آهي. فائدي بجاءِ، منجھانئس نقصان پوندو آهي.
    محبت ڪرڻ لاءِ به محنت جي ضرورت آهي. محبوب کي ماڻڻ لاءِ، جيڪو محنت نٿو ڪري ۽ گهر ويٺي پِرين تان جندڙو قربان ٿو ڪري، سو به سچو عاشق ناهي. محنت کانسواءِ محبت نه ٿيندي، محبت کانسواءِ محنت بيڪار آهي.
    مطلب:
    • محبت ۽ محنت لازم ملزوم آھن.
    223. مرد جي دشمن کٽائي، عورت جي دشمن مٺائي. (چوڻي)
    عورتن کي کٽيون، چٽپٽيون / چهريون شيون وڻنديون / ڀانءِ پونديون آهن. خاص طور تي ٻن جيئن واريءَ جي چاهت اڃا وڌيڪ هوندي آهي. عورت کي مٺاڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اهو سندس لاءِ زهر برابرآهي. ان جي بر عڪس، مرد کٽاڻ جو تاثير براشت نه ڪري سگهندو. سندس هاٺي ((physec مٺاڻ کي برداشت ڪرڻ واري ٺهيل آهي. مٺان کائڻ سان محنت جو جذبو پروان چڙهندس. ان جي پيٽ ۾ کٽاڻ کيس کاري ويهاري ڇڏيندي.
    مطلب :
    • مرد کي کٽين شين ۽ عورت کي مٺين شين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي.
    224. معاملا اسرندا به، نبرندا به. (چوڻي)
    هيءَ دنيا معاملن / مسئلن جو گهر آهي. معاملن / مسئلن کانسواءِ دنيا بي چسي، بد مزي ۽ بيڪار آهي. وندر انهيءَ ۾ آهي ته هڪڙا مسئلا حل ٿين ته ٻيا ڪَرُ کڻن. بغير مسئلن / معاملن جي ڪابه زندگي ناهي. هڪ- ڪَري زندگي ڪنهن کي به نه راس آئي آهي ۽ نه ئي وري پسند آئي آهي. زماني جون گردشون هر هڪ کي وڻن ٿيون. انهن سان منهن ڏيڻ لاءِ هر هڪ کي تيار به رهڻ گهرجي. ڇو جو هر ماڻهوءَ کي، مختلف ماحولن ۾ آزمايو ويندو.
    ڪنهن به معاملي کان مايوس نه ٿجي. مايوسي گناهه آهي. اڄ جيڪو مسئلو پيش آيو آهي، سو سڀاڻي ياد ڪرڻ سان به ياد نه ايندو.
    مطلب:
    • ايندڙ زندگيءَ / حالات کان خائف نه ٿجي.
    225. ملتان، پيرن جو اسٿان. (چوڻي)
    گورستان ۽ گرمي، گرد ۽ گداگرن واري شهر ملتان ۾، پيرن فقيرن جي پڻ ججهائي آهي. غوث بھاؤالدين زڪريا، شاھ رڪن عالم ۽ شمس تبريز جهڙن بزرگن / اوليائن جو مدفن هئڻ سبب اتي گهڻن ئي درويشن جا ڦيرا / مدفن رهيا آهن. سنڌ جا تنيا فقير ۽ سندن ٻيا عقيدتمند ته گهٽا وٺي، پيرين پنڌ پڄائي، اچي بخشرائيندا هئا.
    مطلب:
    • ملتان، پيرن سان ڀريل.
    • چار چيز ست تحفات ملتان؛ گرد، گدا، گرم و گورستان.
    226. ميرپوري منڊي، چانڊاڻ چنڊي، عودي سنجن سوڌي،
    ٺل ڏنو ٺڪاءُ، هلي ڏسو ڳڙهيءَ جو لقاءُ. (چوڻي)
    اڳي سماع هڻندڙ فقير، غريبن سان ظلم ڪندڙن کي سمجهائڻ ويندا هيا. سندن ڳالهه نه مڃڻ تي کين پاراتا يا پٽون، سماع ۾ ڏيندا هيا.
    ميرپور ٻرڙو، چانڊاڻ، عودي ۽ ڙهي حسن، تعلقي ٺل جا وڏا ڳوٺ (قصبا) آهن. گمان آهي ته ڪنهن فقير ٿيل ظلم پڄاڻان کين سمجھايو ھجي ۽ اتان جا رھواسي سندس چوڻ تي نه مڙيا ھجن، جنھن تان فقير سماع ۾ ائين چيو هجي.
    محترم نظام الدين کوسو، ڪامريڊ محمد امين کوسو جو ڀاءُ پنهنجي مقالي؛ “نئين ٺل جا پراڻا گل” جي ٻي قسط ۾، ٽِه- ماهي مهراڻ جي پرچي 4/1995 جي ص 92 تي اها چوڻي هيئن لکي آھي؛ “ميرپور منڊي، چانڊاڻ چنڊي، ٺل ڏنو ٺڪاءُ ته عودي ويئي سنجن سوڌي”.
    تاويل ۾ لکيو اٿائين ته ڪنهن زماني ۾ ڪنهن درويش جي زبان مان نڪتل هي گفتا، ڏاڍي چؤٻول ۾ هوندا هئا.
    اڳتي الکيو اٿائين؛ “خبر ناهي ته درويش ائين ڇو چيو. انهن گفتن جو اثر ڪنهن وقت تائين انهن ڳوٺن تي ڏاڍو رهيو. هينئر مس مس وڃي انهن ڳوٺن ساهي پٽي آهي ۽ اڳتي قدم وڌائڻ شروع ڪيو آهي.”
    مطلب:
    اهڙيون کوڙ پٽون يا پاراتا ساريءَ سنڌ ۾ ٻين ڳوٺن لاءِ پڻ مشهور آهن. منجهانئن ڪجهه هتي ڏجن ٿا.
    • ٽَهل ويئي مَهل، مهتي موٽي آئي، ٺل ڏنو ٺڪاءُ، دُٻي ٻين دٻائي. (سماع)
    • قاضي ويندا قلات، وِڪيا ڪين وسندا. (پاراتو)
    • محبت سندا ٻار، پيالي منجهه پنندا.
    • ٻُٽيءَ دکيءَ ڪاڻ، مُٺن مٽ ڀڃايا.
    • ٺَٽِ ڏنو ٺڪاءُ، ڳوراها سڀ ڳري ويا.
    • ٿرڙي ٿي ڍرڙي، لٿو لاڏ لغارين جو.
    • ڪو جو وايو واءُ، ڳچل سڀ ڳري ويا.
    • ڳچل پنهنجي ڳوٺ، پيالي منجهه پنندا.
    • دُٻيءَ لڳي باهه، چڻنگون چمن ۾.
    • ڀيٽيو؛ “ٺل آهي گل”.
    227. مينهان چاري سنجر فقير، کير کا وڃن کوٻلي. (پهاڪو)
    تعلقي ٺل جي ڳوٺ ڪريم آباد ۾، سنجر فقير نالي غريب ڌراڙ رھندو ھيو، جيڪو چاراڻي تي ڳوٺ جون مينھون چاريندو ھيو.
    ھڪ دفعي عيد آئي پر کيس چاراڻي نه ملي. عيد رات ڌنارن جي در تان کير لپ پنڻ ويو ته ڪنهن به نه ڏنس. عيد ڏينھن ته کير هر ڪنهن کي پاڻ کپي، سو هن کي ڪيئن ڏين. کير نه ملڻ سبب، ٻئي ڏينهن مينهون نه ڇوڙيائين ۽ مينهون ڪلن تي ٻڌيون، رنڀنديون رهيون.
    مينهُنِ نه ڇورڻ جو سبب جڏهن کانئس پڇيو ويو، تڏهن موٽ ۾ چيائين؛ “مينهان چاري سنجر فقير، کير کا وڃن کوٻلي!”
    مطلب:
    • کوهي کنگهار جي، نالو نارائڻ جو.
    • کير ملوڪ جي مينهن جو، پيئندو پير شاهه.
    228. نر شينهن، رڍن جي لشڪر کان نه ڊڄندو آهي. (پهاڪو)
    شينهن جي فطرت ۾ هيبت سمايل آهي، جنهن سبب رڍون ٻڪريون کانئس ڊڄنديون آهن. هيسجڻ سبب، شينهن جي دل اڃا وڌيو وڃي. نه ڊڄندڙ جانور کان، شينهن به پاسو ڪري لنگهندو آهي.
    جنهن کان ڊڄبو آهي، سو آڪرو ٿيندو ويندو آهي. جنهن سان اکِ اکِ ۾ وجهي، ڳالهائبو آهي سو پڻ محتاط رهندو آهي ۽ ٽارو ڪري لنگهندو آهي.
    مطلب:
    • ڀؤ / خوف / ڊپ، دل ۾ ويٺل هوندا آهن. اڳلي جي حشمت پوءِ اثر ڪندي آهي.
    229. نظر ڳِجهه جي، ڏاٺ اُڏوهيءَ جي، نڪ ڪِول جو. (چوڻي)
    (1) ڳِجهه جي نظر، تيز هئڻ ۾ ضرب المثل آهي. ميلن تي مٿان به ڍونڍ تي نظر پئجيو وڃيس ۽ مٿس پهچيو وڃي. مبالغه آرائي ڪندي (Exaggeration) ڪي ته ائين به چوندا آهن؛ “ڳجهه جي نظر، ستين آسمان تان به پوندي آهي”.
    (2) اُڏوهيءَ جي ڏاٺ ڏاڍي ڪاٺ کي به ڏَڏيو رکي. مضبوط ۽ مقدس شين مان به ڪين مڙي. حضرت سليمان عليه السلام واري لٺ کي به اڏوهيءَ ئي کائي چٽ ڪيو جو، جنھن جي جنن کي به آخر تائين خبر نه پئي هئي. جنَّ ويچارا ته ٽن سالن تائين محنت ڪندا رهيا. اڏوهيءَ جي انهيءَ ڪارنامي پڄاڻان کين خبر پئي ته حضرت سليمان عليه السلام ته دنيا مان ڪڏهوڪو برقعو مٽائي چڪو هيو.
    (3) ڪول کي اک نه ٿيندي آھي. نڪ جي حواس سان سنگهي اڳتي هلندي آهي.
    مطلب:
    • هر هڪ ۾ ڪانه ڪا خوب ضرور هوندي آهي.
    230. نڪ هوندو ناهر کي، وري نه ايندو واڙ تي. (چوڻي)
    ناھر/ بگھڙ سان، ڌنار جي ڪتي جيڪڏھن چڱي جٺ ڪئي آھي ته ھاڻي کيس ٻڪرين جي واڙ تي نه اچڻ گھرجي. شرط اھو آھي ته بگھڙ کي نڪ ھوندو ته نه ايندو. بي نڪو ته ھر ھر پيو پڇ لوڏيندو.
    مطلب:
    غيرت وارو، بيعزتي واري ھنڌ وري وري نه ايندو آھي.
    231. واسطو آھي، رابطو آھي. سفارش آھي، نوازش آھي. (چوڻي)
    واسطي کان سواءِ، رابطو ٿيڻ يا رکڻ ڏکيو آهي. واسطي رکڻ لاءِ رابطو ڪرڻ ضروري آهي. واسطو هوندو ته سُفارش / سُپارت / پارت به ڪري سگهبي.
    سفارش سان به نوازش حاصل ڪري سگهبي آهي. هٿُ هٿَ تي رکي ويهبو ته ڪم نه ھلندو.
    مطلب:
    • هيءُ جهان، ڏي وٺ (give & take) جو جهان آهي.
    • جستجو ڪندڙن جو جهان آهي، سستن جو ناهي.
    232. واڻيو ڳڙ نه ڏئي ته ڳڙ جهڙي ڳالهه ڪري. (پهاڪو)
    واڻيي/ دڪاندار کي، ڳُڙ جهڙو وکر کپائڻ سان گڏ، مٺڙو ٿي به ڳالهائڻو هوندو آهي. ڇو جو گراهڪ کي دڪان تي ڇڪي آڻڻ ۾ واڻيي جي وھنوار جو به هٿ هوندو آهي. جيڪڏهن هٽَ- واڻيو کلي ڳالهائيندو ته هر ڪو وٽس وکر وٺڻ لاءِ پيو واجهائيندو. ان جي برعڪس، ڇڙٻن سان ڳالهائيندڙَ، اُڇلن سان توري ڏيندڙَ ۽ سَٽُن سان پئسا وٺندڙَ دڪاندار جي دڪان تي، ڪير به پير نه پائيندو آهي.
    مطلب:
    • واڻيي وٽ وکر نه وڪامي پر وڙ وڪامي.
    • ڳڙ نه ڏجي ته ڳڙ جهڙي ڳالهه ضرور ڪجي.
    233. واڻيي جو دستور، ڌڪ به هڻي ڌاڙ ڌاڙ به ڪري. (پهاڪو)
    هڪڙو واڻيو، هڪڙي مسلمان کي دسيون، سيني تي چڙهي مڪون به وهائي رهيو هئس ۽ رڙيون به ڪري رهيو هو؛ “اڙي مون کي بچايو!اڙي بچايو! مون کي مُشلو ماري ڇڏيندو!”
    ماڻهو مٿس مڙيا. الٽي ماجرا ڏسي پڇيائونس؛ “سيني تي به تون چڙهيو ويٺو آهين، مارينس به تون ٿو، رڙيون به تون ٿو ڪرين؟”
    ”اري ڌڻي! توهان کي خبڙ ناهي هن جي!” واڻيي، مسلمان کي مسلسل ڪٽيندي ۽ سهڪندي چيو؛ “مان سندس سيني تان لهندس ته مون کي ڪُٽي ناڙُ ڪڙي ڇڏيندو. ڏسو نه ٿا ته ڪاوڙ ۾ اکيون لال ٿي ويون اٿس”.
    مطلب :
    • واڻيو ڦُري به، ڦُرجڻ جون رڙيون به ڪري.
    234. هر هڏي ۾، مِکُ هوندي آهي. (پهاڪو)
    رت جا اڇا جزا (White Blood Corpsles) جيڪي رت ۾ دفاعي (Defensive) ڪم ڪندا آهن، سي ٺهندا ئي مِکُ (Bone marrow) منجهان آهن. مِکُ ٺهڻ بند ٿيندي ته اڇا جزا (WBC) به ٺهڻ بند ٿي ويندا. نتيجتًا دفاعي نظام درهم برهم ٿي ويندو. قوت مدافعت ختم ٿيڻ سبب، موت واقع ٿي ويندو آهي.
    هڏو، بغير مِکُ جي نه هوندو آهي. اهڙيءَ طرح ڪو به ماڻهو خوبين کان خالي ناهي.
    مطلب:
    • هر لباس ۾، ماڻهو هوندو آهي.
    • هر ماڻهوءَ ۾ ڪانه ڪا خوبي / خصلت ضرور آهي.
    235. هڪ ٽپي سان کوهه ۾ ڪربو آهي.
    سَوَ 100 ٽپي سان نڪري نه سگهبو آهي. (پهاڪو)
    ترقي ڪرڻ لاءِ وڏي محنت، وڏا جتن/ جُهد ڪرڻا پوندا آهن. جڏهن ته تباهي ڪرڻ لاءِ يا ڊاهڻ لاءِ هڪ ڌڪ جي ضرورت هوندي آهي. هرشيءِ کي قائم (maintain) رکڻ لاءِ به محنت ۽ خرچ ڪرڻو پوندو آهي.
    مطلب:
    • کوهه ۾ ڪرڻ کان اڳي، قدم احتياط سان کڻجي.
    • تِرَ جي گٿي، سؤ چوٽون کائيندي آهي.
    236. هيڪوڻي هندو مري، ٻيڻي مري مسلمان.
    ٽيڻي سو مري، جنهن جي ڪنڌ تي قرآن. (چوڻي)
    هندو، هڪ- جهاني هئڻ سبب، فقط هن جهان هٿ ڪرڻ لاءِ محنت ڪندا آهن. مسلمان، آخرت ۾ به يقين رکڻ سبب، دنيا ۽ آخرت يعني ٻنھي جي موچاري ٿيڻ لاءِ محنت ڪندا آهن. جڏهن ته قرآن وارا ۽ اهل الله، دنيا ۽ آخرت موچاري ٿيڻ کان علاوه، مالڪ کي راضي ڪرڻ لاءِ به محنت ڪندا آهن.
    مطلب:
    • الله وارو ٿيڻ جي لا مخلوق تي رحم ڪجي. جهنم جي عذاب کان پناهه گهرڻ پڄاڻان، عذاب قبر کان به پناهه گهرجي. رب جو راضپو ۽ جنت الفرودس جي تقاضا به ڪجي ته ٻئي جهان موچارا ٿيڻ لاءِ به دعا گهرجي.
    237. هيڻو حريف، گلا ڪندو آهي. (چوڻي/پهاڪو)
    دشمني ڪرڻي هجي ته مڙس ماڻهو يا اصول- پرست سان ڪجي. بي اصول ۽ ڪانياري، ڊڄڻي ۽ گيديءَ سان دشمني نه رکجي. خواه مخواه گلا ڪندو ۽ جتي ڪٿي ڏِٺووِٺو ڪندو.
    مطلب :
    • مارجن ته مير مارجن، چاڪر نه چڪائجن.


    شڪارپور جا چند پهاڪا ۽ چوڻيون

    شڪارپور جا چند پهاڪا ۽ چوڻيون
    )نقش ناياب منگي صاحب وٽان هٿ آيل(
    سال 1989ع ۾ راقم جو پهريون ڪهاڻين جو ڪتاب “هراس” ڇپيو، جيڪو چند دوستن کي پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. شڪارپور ۾ جميل احمد ابڙو جي معرفت، محترم حق نواز نقش ناياب منگي ۽ محترم محمد انور فگار هَڪڙو صاحب جن ڏانهن به موڪليو ويو.
    سال 1990ع ۾، شڪارپور وڃڻ ٿيو ۽ ٻنهي سان روبرو ملاقات ٿي. سائين غلام رسول ميمڻ صاحب، ماڊرن پريس واري به ملاقات جو شرف بخشيو. ائين ملاقاتن جو سلسلو جاري ٿي ويو.
    اپريل 1998ع ڌاري، راقم جي ساڍن چئن مهينن لاءِ شڪارپور ۾ مقرري ٿي. جنهن دوران مٿي ذڪر ڪيل سنگتين کان علاوه، ارشاد احمد ڪاغذي، محترم خليل احمد مورياڻي، ڀائو اصغر سومري صاحب ۽ مرحوم نثار علي هَڪڙو صاحب جن سان روزاني ڪچهري ٿيندي هئي.
    ڪڏهن دوسو نانوائيءَ واري صندل تي، ڪڏهن اقبال سوئيٽس هائوس هاٿي در تي، ڪڏهن فرسٽ وومين بئنڪ جي ڀرسان ته ڪڏهن ڪنهن ٻيءَ هوٽل يا پان ٻيڙيءَ جي مانڊڻيءَ تي، رات جو ڪچهري مچندي هئي. سمورا دوست جڏهن گڏبا هياسين ته ٻيا ماڻهو، اھو چئي پاسو ڪري ويندا هيا ته؛ “خشڪن کان پاسو چڱو آهي”.
    شڪارپور ۾ محترم حق نواز نقش ناياب منگي صاحب مختلف اديبن کي اُتساهي ڪن موضوعن تي لکڻ لاءِ آماده ڪري ٿو. ڪتابن جي معاملي ۾ رهنمائي به ڪري ٿو ۽ اڻ هوند ۾ مهيا ڪري ڏيڻ ۾ به مدد ڪري ٿو.
    ملاقاتن دوران کانئس شڪارپور جا چند پهاڪا / چوڻيون مليا جيڪي ھتي پيش ڪجن ٿا.

    238. آ ڏکڻ ڏيهي، وڃ هانو ۾ پيهي. (چوڻي)
    شڪار پور ۾ بجليءَ جي اچڻ کان اڳ، ماڻهو اڪثر کليل جاين ۾ رهندا هيا. رات جي وقت گرمي ٿيندي هين ته وڃڻي سان پگهر به سُڪائيندا هيا ۽ ڏکڻ جي هير کي به پيا ساريندا هيا.
    سنڌ علائقي جي ڏکڻ ۾ وڏو هندي سمنڊ آهي. اُتان ايندڙ موسمي هوائون، رات جي وقت ٿڌيون هونديون آهن، جن سان روح کي راحت ۽ جسم کي فرحت اچي ويندي آهي.
    پراڻي شڪارپور جا ماڻهو منگهن سان ماڙا ٺهرئندا هيا. گرمين جي وقت ململ جا ڪپڙا اوڍيندا هيا ۽ رات جو ڪوٺن تي، پاڻيءَ جو ڇڻڪار ڪري سمهندا هيا. جيستائين رات جون ٿڌيون هوائون گهُلن، تيستائين پيا ڏکڻ کي ساريندا هيا.
    جڏهن ٿڌڙيون هوائون شروع ٿينديون هيون ۽ اکين ۾ ڳهر شروع ٿيندي هئي ته هو وراڻي طور چوندا هئا؛ “وَلِ بهار، وَلِ بهار”.
    مطلب:
    • آ ڏکڻ ڏيهي، ڀڃ مڇر جي پيهي.
    • ڏکڻ آيو دير سان، مينهن آيو ڇير سان.
    239. الف شاهه غازي، ڀڃ ڪتي جي بازي. (چوڻي)
    شڪارپور شهر، سنڌ جي قديم وستين وانگر، هڪ دڙي يا ٽِٻَي تي اڏيل آهي. پراڻا شهر، خاص طور تي درياههِ سنڌ جي ڪنڌيءَ وارا، جهڙوڪ؛ موهن جو دڙو، ڪنڊيارو، نوشهرو فيروز، هالاڻي، بهلاڻي، ڪوٽڙي ڪبير، هڱورجا وغيره دڙن تي اڏيل آهن. جنهن سبب ڪري اهي درياهي ٻوڏن، گرميءَ جي اثرن ۽ مڇرن جي حملن کان بچيل رهندا هيا. برسات توڙي عام استعمال وارو پاڻي ازخود وهي وڃي کڏن ۾ پوندو هيو ۽ گهرن ڀرسان گندگيءَ جو آزار نه ٿيندو هيو. گهر نِوائيءَ تي هئڻ سبب، فرحت بخش هوندا هيا.
    دڙي تي اڏيل شهر شڪار پور جي چوڌاري ، ڏهن دروازن تي مشتمل هڪ قلعو هيو. دروازن جا نالا هيا؛ لکي در، هزاري در، هاٿي در، خانپور در، سِوي يا سِبي در، واڳڻو در، ڪرن در، نوشهرو در، شيخ افضل در ۽ ڪوٽ در. نوشهري در جي اُڀرندي پاسي، الف شاهه شهيد جي مزار آهي. بزرگ بابت ڪا به تفصيلي معلومات ملي نه سگهي آهي. جڏهن ته سندس ڪرامتن بابت ماڻهن منجهه خاص عقيدو ويٺل آهي.
    جڏهن به ڪو ڪتو، رستي روڪ ڪندو آھي ته هتان جا ماڻهو کيس رستي کان هٽائڻ لاءِ چوندا آهن؛ “الف شاهه غازي! ڀڃ ڪتي جي بازي!”
    ان کان پوءِ ڪتي تي مَنڊ پڙهڻ لاءِ، ڪتي سان مخاطب ٿي چوندا آهن؛ “چار ڄنگهون، پنجون پُڇ، ڪُتا تون نه ڪُڇ!”
    مطلب:
    • جيڪو تنگ ڪري، ان کي ٽوڪڻ لا پڻ ائين چيو ويندو آھي.
    240. اهو ڪيس ڪهڙو، جو ضامن پوي چور،
    جيڪو موڙي مُنهن تي، سو سڀن کان زور. (پهاڪو)
    ڪڏهن ڪڏهن چور به ايڏي اک جي پڪائي ڏيکاريندا آهن، جو ڀاڳيو ويچارو شڪي شڪي پيو ٿيندو آهي. ڪن حالتن ۾ ته ڀاڳيا، ايڏو ڪمزوريءَ جو مظاهرو ڪندا آهن جو چور جي سَڌَ وڌي ويندي آهي. مال موٽائڻ ته موٽائڻ جي ماڳ، مورڳو ڀُنگ سميت هڙپ ڪري ويندا آهن. مٿان عزتِ نفس جو ڪيس الڳ ڪندا آهن ۽ ان جي آڙ ۾ الڳ مال ڦريندا آهن.
    ڀاڳيي کي گهرجي ته چور جي مٿان ڪيس ڪرڻ کان اڳ، شاهد اوگاهه مضبوط ٻڌي! ائين نه ٿئي جو عين وقت تي، چورن طرفان هٿ آيل مال جي لالچ ڏسي، شاهد شاهدي ڏيڻ کان ڦري وڃن ۽ چورن سان ڀائيوار ٿي، ڀاڳيي کي ڀريءَ بازار ۾ بڇڙو ڪرائين. ڀاڳيي جو واريل شاهد، شاهديءَ کان ڦري وڃي ته اهڙي ڪيس کان وڌيڪ ڪمزور ڪيس، ڪهڙو ٿيندو؟
    مطلب:
    • درياهه پار کان بيهي گاريون ڏيندڙ زرو ٿيند آهي.
    • منهن تي ڦري ويندڙ زور ٿيندو آهي.
    241. بڊو بد بلا، تنهن کان سانوڻ ڀلا. (چوڻي)
    بڊو: ھندي مهيني جو نالو آهي. منجهس ڪاڙها ۽ گرميون ٿين. گاهه سڪي وڃن، مال متاع بک مري ۽ کير سُڪائي وڃي. جنهن سبب مارو ماڻهو، تڪليف واري زندگي ڪاٽيندا آهن. “بڊي جي بک” پڻ ضرب المثل آهي ۽ ورجيس طور ڪتب ايندي آهي.
    بڊي جي مهيني دوران هڪ ته مال ۾ سوڪهڙو، ٻيو ٻانڀڻ ڪانون لاءِ سيراڌن ڪڍرائين، جنهن سبب عام ماڻهن کي تڪليف پهچندي آهي.
    انهيءَ جي ڀيٽ ۾ سانوڻ جو مهينو ڀلو آهي. گرميون ته هونديون آهن پر بڊي وارا ڪاڙها ۽ گاهه جو قحط نه هوندو آهي. ڪانون لاءِ سيراڌن نه ڪڍڻا پوندا آهن.
    مطلب:
    • بڊو، بکن ڪڍو.
    • بڊو، ڏيڻين ڊڍو.
    • بڊو پنو، ڪانوَن رُنو.
    • بڊو پنو، ٻانڀڻ چاڙهيو ڪُنو.
    242. بيوقوف بازار ۾، ساٿي نه کڻجي ساڻ،
    اول ڪٽائي پاڻ، پوءِ ثمر ڏئي ساٿيءَ کي. (چوڻي)
    بيوقوف سنگتي، وڏي دشمن کان وڌيڪ خراب ٿيندو آهي. ڇو جو دشمن جي دشمني ظاهر هئڻ سبب کانئس هر وقت پاسو ڪرڻ لاءِ پيو سوچبو آهي. جڏهن ته بيوقوف دوست کي دوست ۽ ھڏ-ڏوکي ڄاڻي وچ ۾ پيو ويھاربو آھي. اھو وري حال محرم هئڻ سبب، هر راز جو ڄاڻو هوندو آهي. پنهنجي بيوقوفيءَ سبب، هر معاملي ۾ ڄنگهه پيو اڙائيندو آهي. سندس بيوقوفين جي ڪري، ٺهيل معاملا ته گنجرندا آهن پر بگڙيل معاملا ايترا بگڙجي ويندا آهن جو سِرُ چَٽُ، مال نيلام ٿي ويندو آهي.
    انهيءَ ڪري بهتر آهي ته بيوقوف جي سنگت کان پاسو ڪجي. جيڪڏهن فائدو نه ڏيندو ته رنج پهچائڻ کان به نه رهندو. دوستيءَ سبب، سندس نيت تي ته شڪ نه ڪري سگهبو ۽ اوجهڙ ۾ پئجي وڏو ڌَڪُ کائبو.
    مطلب:
    • نادان دوست کان، داناءُ دشن ڀلي.
    • ڀاڙيءَ جي ڀاڪر کان، دلير جو ڌِڪو به ڀلو.
    243. ٺڪ ٺوٺا! جليبي کاءُ!
    جرمن مئو، اسان جو ڇا؟ (پهاڪو)
    هن پهاڪي جو تعلق ٻي مهاڀاري لڙائيءَ سان آهي. انهيءَ جنگ ۾ جرمنيءَ جو هٽلر پنهنجو لشڪر وٺي، روس ۾ ڪاهي پيو. آخر سندس اتحادي ڪمزور ٿي پيا ۽ روس جي سرد علائقي ۾، پنهنجي جرمن لشڪر سميت تباهه ٿي ويو.
    مطلب:
    • جڏھن ٻه ڄڻا پاڻ ۾ وڙهيل هجن ته کين ڇڏي ڏجي ته ڀلي ڀِتِ سان منهن وڃي لڳين. ٻنهي جي وچ ۾ پئبو ته تڪليف به ايندي ۽ ڏُکارو به ٿي پئبو.
    • ٺڪ ٺو ٺا، جيلبيون کاءُ، جرمن مئو اسان جو ڇا؟
    چار ڪٽوريون پنجين ٿالهي، جرمن ويو هٿين خالي.
    • اِي ڄاڻي ته اُو ڄاڻي! تون ٻيٺي اٽا تور.
    244. پنهنجي گهِٽيءَ ۾، ڪتو به شينهن. (پهاڪو)
    هر ساهوارو جنهن جاءِ تي ڄائو آهي، تنهن جاءِ سان کيس خاص اُنسيت هوندي آهي. ان سان اهڙو ته مانوس ٿئي ٿو جو ان کي پنهنجي جان جو حصو سمجهي ٿو. اها جاءِ کيس پنهنجي مددگار / ساٿي معلوم ٿئي ٿي، جنهن ڪري ان جاءِ تي پهچڻ کان پوءِ سندس دل وڏي ٿيو وڃي. مانوس ماڳ جي عجيب احساس سبب، دلير ٿيو وڃي.
    ڪمزور کان ڪمزور جيو، پنهنجي گهر توڙي گهٽيءَ ۾ مالڪيءَ واري احساس سبب دلير رهي ٿو. جڏهن ته ٻئي هنڌ وڃڻ کان پوءِ دلير ماڻهو به، دلي طرح دلگير رهي ٿو. اهو هڪ فطري عمل آهي.
    مطلب:
    • پنهنجي ڏر تي ٻلي به شينهن.
    • پنهنجو گهر، هنگي کڻي ڀر، پرائو گهر، ٿُڪ اُڇلي ويٺو ڏر.
    • اپني گلي مين ، ڪُتا ڀي شير. (اردو)
    245. جاڏي ويا شير، تاڏي ويا ڍير. (پهاڪو)
    شير؛ شينهن، بهادريءَ جي علامت آهي. جيڪي ماڻهو، بهادريءَ سان دنيا ۾ رهن ٿا، تن جو مثال شينهن جهڙو آهي. گيديءَ جو مثال گدڙ وانگر آهي.
    شينهن ڪڏهن به پرائيءَ ماريءَ ۾ نگاهه نه وجهندو آهي. هميشه پنهنجن چنبن سان شڪار ڪندو آهي. سندس اوبر تي ڪيترائي گدڙ / لومڙيون پلبيون آهن. پاڻ ڪنهن جي اوبر کائي پيٽ نه پاليندو آهي. شينهن بک مري، دڀ نه چري.
    ٻئي جي محنت تي ڀاڙڻ، پنڻ برابر آهي. شينهن مڙس جو وڙُ ناهي ته ٻين جي هٿن ڏانهن ڏسي. پنهنجي جان کي جوکي ۾ وجهي، رزق جي تلاش ڪندو اهي.
    محنت-ڪش سان، خدا جي مدد شامل هوندي آهي. محنت ڪش ڀلي چور هجي پر سندس پورھيو، مالڪ ڪين وڃائيندو آهي. کيس روزي حاصل ڪرڻ جو ڀرپور موقعو فراهم ڪندو آهي. جڏهن ته جائز محنت ڪرڻ واري لاءِ رزق جا دروازا کولي ڇڏيندو آھي.
    مطلب:
    • محنت وارو جتي به ويندو، مانُ ملندس.
    246. چور چوران دي ڀائي، چوران سُڌِ نه ڪائي. (سرائڪي پهاڪو)
    مالڪ جي غير موجودگيءَ ۾، سندس مال ڦٻائڻ کي چوري ۽ سندس سامان کڻندڙ کي چور چئبو آهي.
    چور جي خواهش اها هوندي آهي ته پرائو سامان اهڙيءَ طرح کڻي جو مالڪ کي کَڙڪ /سڻس به نه پوي. جنهن ڪري سوڙها گهٽ، گهگهه انڌيرا، گڙٻڙ واري ماحول جي تاڙ ۾ رهندو آهي ۽ منجهانئن پورو پورو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. سندس نيت اها هوندي آهي ته اهو ڪڌو ڪم ڪندي، ڪابه اک کيس نه ڏسي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته؛ چور ڪيڏي به چالاڪيءَ سان چوري ڪري، پر نشانات ڇڏي ويندو آهي.
    چوري ڪرڻ بعد به کيس اطمينان نه هوندو آهي. چوري پئي کُکندي اٿس. ان ڪري ڏوهه آخر تائين لڪائيندو آهي. سنگتين سان به نه سليندو آهي. ڀائن جهڙي سنگت هئڻ باوجود، چور هڪٻئي جي سچ کان اڻ واقف هوندا آهن.
    مطلب:
    • چور جي من ۾ چڙي.
    • چور جي دل ۾ گدڙ.
    247. رنان، مڪر منان، تر تر تال ڪرن. (چوڻي)
    عورت جو مڪر، عظيم مڪر آهي. پنهنجو ڏوهه ٻئي جي ڳچيءَ ۾ وجهڻ جو کيس وڏو ڏانءُ آهي. منجهي پوي ته روئڻ وار هٿيار به هلائيندي دير نه ري.
    دنيا جي تختي تي جيڪي به جنگيون لڳيون آهن، تن منجهان گهڻيون ته عورت جي فريب ڪاريءَ سبب لڳيون آهن.
    عورت جا چار رشتا آهن: ماءُ، ڌي، ڀيڻ ۽ زال. اُن کان علاوه، ان محبوبه وارو رشتو به آهي، جيڪا پنهنجيءَ تي چڙهندي آهي ته پيءُ ماءُ جي چانئٺ لتاڙي، وڏن جي ڏاڙهي ڪوڙي، آشنا سان هلي ويندي آهي. مڙسَ مارائيندي به دير نه ڪندي آهي. وڏن تي گلا جو گهانگهو ته ايندو آهي پر پاڻ کي اڇو ثابت ڪرڻ لاءِ مٿن ٻيا به ڪيترائي الزام ڌريندي آهي.
    مطلب:
    • زر، زمين ۽ زن، جهيڙي جوڀن.
    • عورت ڪين ڄاڻي، ته به اُٺ مڪرن جو ڄاڻي.
    • رنان، مڪر تنان، تر تر تال ڪن.
    • رنون، مڪر جنون، تتر تال ڪرن،
    رڌيون پڪيون ڪونجڙيون، اُڏايو وڃن.
    248. رن نه رلي، ته ماريو ڇو ڀلي. (چوڻي)
    عورت جو مرد ڏانهن ڇڪجي اچڻ ۽ مرد جو عورت ڏانهن ڇڪجي وڃڻ، هڪ فطري تقاضا تحت آهي. قدرت واري، ٻنهي جو امتحان وٺڻ لاءِ منجهن اها ڪشش رکي آهي. جيڪڏهن اها ڪشش ڪنهن هڪ ڌر ۾ نه هجي ها ته جهان نه هلي ها. انهيءَ ڇڪ ۾ اڳرائي ڪرڻ واري کي، آزمائش ۾ وڌو ويو آهي. عورت جو اصل مَسڪن، گهر جي چوديواري آهي. مرد جو تعلق ٻاهر واريءَ دنيا سان آهي. هڪ عورت پنهنجي دنيا مان نڪري مرد جي دائري / جهان ۾ ايندي ته خلل پيدا ٿيندو.
    مرد کي ڪڏهن به جرئت نه ٿيندي آهي ته اڳرائي ڪري ۽ عورت جي زندگي ۾ ٽپي پوي. اها عورت ئي آهي جنهن وٽان گرين سگنل ملڻ کان پوءِ، مرد ميدان ۾ ڪُڏي پوندو آهي. جڏهن ته مرد جي هزار جتن ڪرڻ جي باوجود عورت پنهنجي ضد تان تِرَ جيترو به ٿڙي نه سگهندي آهي.
    مطلب:
    • مرد چڙهي جي چوٽ، عورت لاهيس ساڻ اشاري،
    آهر ڪيڏو به آتاري، عورت نه لهي دِڪيءَ تان.
    • رن رُلي ته ڀُلي، مرد رُلي ته کُلي.
    249. روهڙائي روهه تي، ننڍا وڏا ڊوهه تي. (چوڻي)
    روهڙيءَ جو علائقو، اروڙ جي ويجهو آهي. ڪنهن لڱا، اروڙ ۾ راجا ڏاهر جي حڪومت هوندي هئي. حڪومت جي واڳ حاصل ڪرڻ لاءِ، اُن علائقي ۾ ڏاڍي رساڪشي ٿيندي هئي. روهڙيءَ جي روهه (جبل) تي رهندڙ، حڪومت جي واڳ هٿ ڪرڻ لاءِ، ڊوهه به ڪندا هيا. سندن ڊوهن / سازشن سبب، اروڙ تباهه ٿيو. جنهن بعد اها چوڻي مشهور ٿي وئي.
    روهڙيءَ وارن لاءِ ٻي روايت به مشهور آهي.
    آڳاٽي دؤر ۾ روهڙيءَ جا رهاڪو روهه تي رهڻ سبب، پٿر پنهنجي پکڙن ڏانهن ڍوئيندي ڏسڻ ۾ ايندا هيا. جنهن سببان مشهور ٿي ويو: “روهڙائي روهه تي، ننڍا وڏا ڍوءَ تي.”
    روهڙاين لاءِ هي به مشهور آهي:
    روهڙيءَ جا مومن، روئڻ جا به تکا، روئارڻ جا به تکا.
    250. شڪارپور شهزادي، اچي نر ٿئي مادي. (چوڻي)
    شڪارپور شهر، واپار جي ڪري مشهور هيو. جنهن ڪري جيڪو به هتي، نر وانگر خالي پيٽ / ڪُکِ سان آيو، ماديءَ وانگر ڀريل پيٽ / سائي ڪُکِ سان موٽي ويو.
    مطلب:
    شڪارپور شهزادي، وڃي نر ٿئي مادي.
    251. شڪارپور شهزادي، ڏيهان ڏيهه مشهور. (چوڻي)
    شڪارپور، سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي موجود، شڪارگاهه واري هنڌ تي دائود پوٽن جو اڏايل شهر، سکر شهر جي مٿان بولان لڪ واري رستي تي واقع آهي. سڄي سنڌ هند توڙي ست سمنڊ پار، واپار جي لحاظ کان مشهور هئو. هتان جا واپاري سکيا ستابا ۽ جڳ مشهور هئا. سندن ڪاروبار، ڏيهان ڏيهه ڦهليل هيو. جنهن سببان سندن، سڄي جڳ ۾ هُنڊيون هلنديون هيون. انهيءَ ڪري شڪارپور شهر کي گهڻي مقبوليت حاصل هئي.
    252. شڪارپوري نيت بري، ڏيکارين ٻاجهر ڏين ٻري. (چوڻي)
    شڪارپور جي واڻين جو واپار، ڏيساور سان هلندڙ هيو. واپار جي لحاظ کان وڏا چالاڪ هيا. مٺڙو مٺڙو ڳالهائي، سادي شيءِ به اوچيءَ واري اگهه ۾ هڻي ويندا هئا. جنس اُچي مال جي ڏيکاري، سارو مال کڻائي ڇڏيندا هيا. آخر تائين ماني ته ڇا چانهه به نه پياريندا هيا. اُٿڻ مهل فقط صلاحيندا هيا ته؛ “چانهن پي وڃو!” جيڪڏهن ڪو ضد ڪري ويهي رهيو ته چوٿاڙ ڪوپ چانهه جو گهُرائي کيس پياريندا هيا. چوٿي ۽ اڌڙ چانهه جي ڪوپ جو رواج، اڃا به هوٽلن تي آهي.
    اُن کان علاوه، غلط العوام ۾ هيٺيون ٻه چوڻيون به شڪارپورين لاءِ مشهور آهن.
    • شڪار پوري، نيت بُري، ڏيکارين گجر، ڏين موري.
    • شڪارپوري، نيت بُري، هٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇُري.
    253. صبح مردان سان، الله نبيءَ جو نالو ڳنهجي. (چوڻي)
    شڪارپور، واپارين جو شهر هيو. هتان جا واپاري، صبح جي وقت وڏو ڌيان رکندا هيا. سندن عقيدو هيو: صبح چڱو ٿيو ته ڏينهن چڱو گذرندو. صبح بُرو ته سڄو ڏينهن ڪِرڪِرو ٿيندو ۽ پئي برائي هلندي.
    اهو ئي سبب آهي جو صبح جو ٻيا ڪم ڇڏي، الله نبيءَ جو نالو ڳنهڻ کي ترجيح ڏيندا هيا. ڪنهن سان به ٻاڙو نه ٻوليندا هيا. صبح سان يڪدم واپار وارو ڪم نه ڪندا هيا. متان گراهڪ جي غلط رويي سبب، اُتان ڪا ڪچي ڦڪي وائي نڪري وڃي ۽ پوءِ سارو ڏينهن ٻاڙا ٻول ٻُڌڻا پون.
    هر ڪنهن کي چڱن ٻولن ٻولڻ جي نصيحت به ڪندا رهندا هيا!
    مطلب:
    • جنهن اُڀرندي تاءُ نه ڪيو، سو لهندي ڇا ڪندو؟
    254. صبح مردان سان، واتان ڪڍجي چڱي وائي. (چوڻي)
    واپاري قسم جا ماڻهو صبح مردان جو چڱي وائيءَ کي، ڌنڌي جي سلسلي ۾ چڱو سئوڻ سمجهندا آهن. هونئن به چڱو ڳالهائڻ، هر ڪنهن کي پيو موهيندو آهي. ايستائين جو دشمن به چڱو ڳالهائڻ کان پوءِ دوست ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته ڪِنو ڳالهائڻ، ڪنهن کي به ڪين وڻندو آهي. دوست به ڪني ڳالهائڻ يا ويڻ ڏيڻ سان دوستي ڇني ويندو آهي.
    مطلب: صبح مردان سان، چڱي واتان وائي ٻول.
    255. علم، انسان جي ٽين اک. (چوڻي)
    انسان کي دنيا ۾ ڏسڻ لاءِ خدا تعالي ٻه اکيون عطا ڪيون آهن. ڏسڻ، ڇهن (6) حِسن مان هڪ حِس آهي. انهيءَ حِس ذريعي به ماڻهوءَ کي معلومات ملي ٿي. خاص طور تي اکري علوم جي. جڏهن اکري علم، ماڻهو حاصل ڪري ٿو، تڏهن سندس ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي سگهه وڌي ٿي وڃي.
    جنهن کي علم ناهي، تنهن کي ظاهري اکيون به ايترو فائدو نه ٿيون ڏين. بنا اکين واري کي به علم سبب، تمام گهڻا فائدا پون ٿا. علم انسان کي فرش تان کڻي، عرش تائين رسائي ٿو.
    مطلب:
    • علم واري جو علم، بي علم جي ڄمار.
    • علم وارو، ڪٿي به بُک نه ٿو مري.
    • بي علم ماڻهو، سُڪل وڻ جي برابر آهي، منجهانئس ٻين کي ته ٺهيو پر پاڻ کي به فائدو نه ٿو پوي.
    256. ڦڦڙ نه گوشت، ڪافر نه دوست. (پهاڪو /چوڻي)
    جيئن ڦڦڙ، جسم جو اهم حصو هوندي به، اوجهريءَ وانگر کائڻ ۾، ٻئي گوشت جهڙو سواد نه رکندو آهي. تيئن ڪافر يا انڪاري قسم جو ماڻهو، دوست هوندي به دوستن جهڙو ورتاءُ نه ڪري سگهندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڦڦڙ يا اوجهريءَ جي قيمت موجوده دور ۾ به پندرهن روپيا کن آهي. جڏهن ته منجهانئن رڌل ٻوڙ مان آڪهه به ڍؤ ڪري سگهي ٿي. اُن جي برعڪس مغز منجهان هڪ اڌ ماڻهوءَ لاءِ ٻوڙ ٺهي سگهي ٿو، پر سندس قيمت اوجهري يا ڦڦڙ جي قيمت کان ٻيڻي آهي.
    اهڙيءَ طرح ڪافر يا انڪاري ماڻهو، مائٽ هوندي به دوست نه ٿي سگهندو آهي. ساڻس ڪير به واسطو رکڻ پسند نه ڪندو آهي. اهڙي قسم جي ياريءَ کان هرڪو ونءُ ويند آهي.
    مطلب:
    • ڦڦڙ نه گوشت، واڻيو / واپاري / دڪاندار نه دوست.
    • اوجهري نه گوشت، سپاهي نه دوست.
    • ڦڦڙ نه گوشت، سپاهي نه دوست.
    257. ڦيري رک فقير، هٿ پنهنجي هانو تي. (پهاڪو)
    ٻئي کي تڪليف، وسئون ويندي نه ڏجي. چڱي ماڻهوءَ جو ڪم آهي ته ٻئي تي وزن وجهڻ کان اڳ، پنهنجي دل تي هٿ رکي ڏسي ته پاڻ اها اتڪليف برداشت ڪري سگهندو يا نه؟
    جيڪو ماڻهو پاڻ ڪنهن تڪليف مان نه گذريو آهي، ان کي ٻئي جي تڪليف جو احساس نه ٿيندو. اهو ئي سبب آهي جو مڙئي مذهب تپسيا ڪرڻ واري تڪليف جو ڏَسُ ڏيندا آهن. انهيءَ سان سٺي سلوڪ جو سليقو سکي وٺجي ٿو.
    مطلب:
    ٻئي جي حال تي نظرثاني ڪرڻ کان پنهنجي هيانءَ تي هٿ رکي ڏسڻ ضروري آهي.
    258. ڪاڻي سڏي سڄيءَ کي؛ “اڙي او انڌي!”
    لڀيس هريڙ نه هٿ۾، کنيو وٺي کنڌي. (پهاڪو)
    ٻئي جو عيب، هميشه عيبدار کي نظر ايندو آهي. جنهن ۾ عيب ناهي اهو ٻين جا عيب، نه جاچيندو آهي ۽ نه لڀندو آھي. ڏوهي ماڻهو ئي گلا خور هوندو آهي. اُهو پنهنجي عيب کي، ٻين جي عيب جوئيءَ سان لڪائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اها خبر کيس تڏهن پوندي آهي، جڏهن اُهي گلا ۽ عيب جوئيءَ وارا عيب، منجهس گهر ڪري ويندا آهن.
    چڱو ماڻهو اهو آهي جيڪو ٻين جي خوبين تي نظر رکي ۽ پنهنجي عيبن تي. انهيءَ سان پاڻ کي عيبن کان آجو ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندو ۽ ٻين جي چڱن اخلاقن مان متاثر ٿي، مٿن عمل به ڪندو.
    مطلب:
    • مينهن ٿي چوي ڳئونءَ کي؛ “هل ڙي هل! پُڇ ڪاري”.
    • مينهن سڄي ڪاري، رڍ کي چوي؛ “ٻوٿ- ڪاري”.
    259. ڪوئلن جي دلاليءَ ۾ هٿ ڪاري جا ڪارا. (پهاڪو)
    ڪوئلن جي دلالي، بماشبه ڪُڌي فعل جي آهي. منجهس ماڻهو ڪيترو به پاڻ بچائي پر هٿ ۽ منهن ڪارا ضرور ٿيندا. غليظ فعل کان پاسو ڪرڻ ئي بهتر آهي.
    ماڻهوءَ جي حيثيت، پنهنجي ماحول سان هوندي آهي. ڪمي / ڪاسبي ماڻهن سان، سندن ڪسب سبب ڪير گڏ ويهڻ به پسند نه ڪندو آهي. عطر فروش سان ويهڻ وارو، جيڪڏهن عطر خريد نه ڪندو ته خوشبوءِ ضرور حاصل ٿيندس. لوهر وٽ ويهڻ وارو لوهه خريد نه ڪندو ته به چڻنگون/ دونهون ضرور ڪپڙن تي ڪرندس.
    مطلب:
    • صالح جي صحبت، توکي صالح ڪندي،
    طالح جي صحبت، توکي طالح ڪندي.
    • چڱن سان چاهه پئي، جي من ميڙُ ڪيئي،
    رڱجي ته لال ٿيندو، نه ته ڪڪوربو ته سهي.
    • چورن سان چاهه پئي، جي من ميڙُ ڪيئي،
    پوندو ته ڪاٺِ، نه ته ڪوٺائبو ته سهي.
    • لوهارن کي لڳيون، چڏن ۾ چڻنگون.
    260. لال نه لوءِ، هڪڙا اڳي هڪڙا پوءِ. (پهاڪو /چوڻي)
    هندو ڌرم وارن وٽ، پڳڙين / پرچاڻي وقت، رسمي طور ائين چيو ويندو آهي. جيئن مسلمان، فوتي تي عذر ڏيندي چوندا آهن: “ادا! جيئن ڌڻيءَ جي مرضي / رضا!” يا “جيڪو ڌڻيءَ جو حڪم!”
    اهڙيءَ طرح، پرچاڻي وقت هندو ڌرم وارا، مري ويل جي وارثن سان عذر ڪندي، هٿ جي اشاري سان چوندا آهن: “لال نه لوءِ، هڪڙا اڳي ٻيا پوءِ”.
    موت لاءِ گهڻا ئي پهاڪا ۽ چوڻيون مستعمل آهن، جيئن:
    • موت جو ذائقو، هر ساهواري کي چکڻو آهي.
    • اجل، اٽل آهي.
    • موت، هر حال ۾ اچڻو آهي.
    • دنيا فاني آهي، هڪ ڏينهن ڇڏڻي آهي.
    • موت سي ڪسي ڪو رستگاري هي،
    آج تُم، ڪل هماري باري هي.
    261. “ماما ولو! مينهن ڏي!” چي: “حاضر بابا! عيد تي.” (پهاڪو)
    ولي محمد نالي، ڪارڙي رنگ جو همراهه، شهر جي مينهن جو کَيرِ چاريندو هيو. گهر گهر جي مينهن چارڻ سبب، سمورو شهر کيس سڃاڻيندو هيو. جنهن سبب سڀڪو ساڻس خوش- مذاقي ڪندي چوندو هيو: “ماما ولو! مينهن ڏي!” پاڻ به موٽ ۾ چوندو هيو؛ “حاضر بابا! عيد تي”.
    ڪن ماڻهن ته عيد ڏينهن به چيس؛ “ماما ولو! اڄ عيد آهي، اڄ ته مينهن ڏي!”
    “عيد وئي! عيد ڪٿي آهي!؟” ولي محمد، ساڳيءَ اک جي پڪائيءَ سان چوندو هيس؛ “نماز پڙهيسين. عيد گذري وئي. وري ٻي عيد تي!”
    مطلب:
    • انڪار جو انڪار ڪرڻ ۽ جند به ڇڏائڻ.
    • ڀڄندو به وڃجي، رھائيندو به وڃجي.
    • ڳُڙ نه ڏجي ته ڳُڙَ جهڙي ڳالهه ضرور ڪجي.
    1. مڏي وڍي تکيءَ کي، تکيءَ ڪهڙو تاءُ. (پهاڪو)
    مُڏي ڪاتي ڪنهن به شيءِ کي وڍڻ جي ڪم نه ايندي آهي. جڏهن ته تکو اوزار وڍڻ جي ڪم ايندو آهي. ماڻهو ته تکو چڱو، مُڏو بيڪار آهي. گهوڙو يا وهٽ به تکو چڱو، ڍلو بيڪار آهي.
    اُن جي ابتڙ، مُڏي تکيءَ کي وڍي وڃي ته پو تکيءَ رکڻ مان ڇا فائدو. ٽٽون، تازيءَ کي وک ماري وڃي ته پو تازي ڌارڻ مان ڇا فائدو؟
    مطلب:
    • تڪڙ چڱي ناهي، تکائي چڱي آهي.
    • ڀيٽيو:
    262. نر ننگو، ناري لڄ. (چوڻي)
    هڪڙو شهزادو هڪ گهٽيءَ مان لنگهيو ته هڪ در تي سهڻي عورت ڏٺائين. ڏسڻ شرط مٿس عاشق ٿي پيو. عورت حياءَ کان يڪدم اندر هلي وئي. مرد پاڻ نه پلي سگهيو، ريسڏيو، سندس پويان گهر ۾ گهڙي پيو.
    عورت گهر ۾ هڪڙي ننڍڙي ٻار سان ترسيل هئي. مرد ماڻهو گھر ۾ ڪين هيس. غير مرد کي گهر ۾ آيل ڏسي، چيائينس؛ “مون توکي اندر اچڻ جو اشارو به نه ڏنو آهي. پوءِ ڪيئن اڻ پڇيو گهر ۾ گهڙي آئين؟”
    “مان ڏسڻ شرط توتي عاشق ٿي پيو آهيان”. مرد دليل ڏيندي چيس؛ “تو لاءِ پاڻ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان”.
    “عورت کي، مرد کان چاليهه ڀيرا گهُرج وڌيڪ آهي”. عورت دليل ڏيندي چيس؛ “تنهن هوندي به مان صبر سان گهر ويٺي آهيان ۽ تون لوڙها لتاڙيندو ٿو وتين!“
    “مان پاڻ نٿو پلي سگهان!” مرد وراڻي ڏنيس.
    “عورت کي لڄ آهي، مرد اُٻهرو آهي”. عورت رهڙ ڏيندي چيس؛ “اُن کان اڳي جو منهنجو مڙس پهچي، هتان هليو وڃ! نه ته ڏاڍو خوار ٿيندين”.
    مطلب :
    • مرد جي سونهن، مردانگيءَ ۾، عورت جي سونهن حياءَ ۾ آهي.
    • ڀيٽيو: رن نه رلي، ته ماريو ڇو ڀلي.
    263. نما شام جو، ڪين ڪجي ڪو ڪروڌ. (چوڻي)
    شام کان پوءِ رات جو وقت آهي. رات کي آرام لاءِ خلقيو ويو آهي. آرام تڏهن ڪري سگهبو، جڏهن بنا ڪنهن ڳڻتيءَ جي، سڪون سان، بستري تي وڃي ليٽبو. ڳڻتيءَ کان اهو بچيل رهندو، جيڪو ڪروڌ کان پري هوندو.
    اُن مهل ڪروڌ ڪرڻ، ان ڪري به غير ضروري آهي جو هر ڪو الڪو پلي وڃي سمهي ٿو. ويڌن وارو پاسا بدلائيندو رهي ٿو. سڀني جي سمهڻ سبب، سندس انهيءَ ڪيفيت جو ازالو به اوکو ٿي وڃي ٿو. دل ۾ طرحين طرحين جا خيال اچنس ٿا، جن منجهان نتيجا خراب نڪرن ٿا.
    مطلب:
    • اللهﷻ ۽ رسولﷺ به، خير ۾ راضي آهن.
    • ڪروڌ مان ڪير به راضي ناهي.
    264. وِٿِ پئي، ڀِتِ پئي. (چوڻي /پهاڪو)
    پھرين ملڪيت تي تڪرار ٿيندو آهي، پوءِ دلين ۾ چڻنگ جاڳندي آهي. دور ٿي دل کي ساڙيندي آهي. دل ۾ لڳل باهه دنيا جي پاڻيءَ سان ڪين وسامي سگهندي آهي. ان جو ازالو پري رهڻ سان ٿيندو آهي. پري ٿيڻ لاءِ وچ ۾ مفاصلو هئڻ ضروري هوندو آهي. ان سان ئي سک ملندو آهي.
    دل ۾ پيل وٿيءَ سبب، جاين ۾ ويريون پئجي ويندون آهن. هڪ آدم جو اولاد هوندي، پاڻ ۾ ڀائر ئي نه لڳندا آهيون.
    مطلب:
    • جو چُلهه تي سو دل تي، جو چُلهه کان دور، سو دل کان دُور.
    265. وڏيرا چٽي پئي اٿئي، ڦيري رک ڦلپوٽن تي. (پهاڪو)
    اڪٿر راڄن منجهه رواج هوندو آهي ته وڏيري مٿان پيل چٽي، راڄ ڀريندو آهي. ڦلپوٽن جي وڏيري تي چٽي پئي، منجهن ساڳيو رواج هيو، جنهن سبب وڏيرو پريشان ئي نه ٿيو. سندس پُر سڪون رهڻ تي هڪڙي همراهه سبب پڇيو. کيس ٻُڌايو ويو: ”وڏيري جي گهران، ڪجهه وڃڻو ناهي. راڄ کي ڦوڙي ڪري ڏنڊ ڀرڻو آهي، تنهنڪري وڏيرو پريشان ناهي.”
    مطلب:
    • مٿي تي رکيل وزن، آخر پيرن تي ايندو.
    • ڌوٻي جي گهران وئي شوو، ڪپڙو ڦاٽو مالڪ جو.
    266. وقت تي گڏهه کي به بابو / گابو چئبو آهي. (پهاڪو)
    پريشانيءَ وقت ڪم ٽپائڻ خاطر، ادنيٰ ماڻهوءَ جي خوشامد ڪرڻ ۾ حرج ناهي. مطلب خاطر، اڳلي کي مانُ ڏيڻ سان لهي نه وڃبو. پاڻ کي منجهيل نه رکڻ لاءِ بهتر آهي ته رويي ۾ لچڪ آڻجي. ضد سان مسئلو حل ٿيڻ بجاءِ گنجرندو آهي. پاڻ کي موڙڻ سان سڪون حاصل ٿئي ٿو.
    مطلب:
    • وقت تي وڏائيءَ کي ٻن وجهي، هيٺاهين هلت هلڻ گهرجي.
    267. هل هلندن جي ماڳ، منزل کٽي ڪين. (پهاڪو)
    هيءُ جهان، ايندڙ ويندڙ جو ماڳ آهي. هڪڙا وڃن پيا، ٻيا اچن پيا. ڪنهن کي به ٽڪاءُ / بقا ڪونهي. ڪوبه ٺُڪَ ٺاهي ويهي نه رهيو آهي. ملڪ الموت کان، ڪوبه گوهي ڏئي لڪي ويهي نه رهيو آهي.
    دنيا ۾ ڪنهن کي به منزل نه ملي آهي. نه ئي وري دنيا ڪنهن کي راس آئي آهي. وڏي هام هڻڻ وارا به هڪ ڏينهن ابول ڪري، هٿين خالي هليا ويا. سڀ ڪجهه ڦٽي ڪري ويا. اڄ تائين مري ويل جو ترڪو ته شما ر ٿي سگهيو آهي، پر اڳئين جهان ۾ ساڻ کڻي وڃڻ واري مال جي ڪنهن کي به خبر ناهي.
    دنيا خواب مثل آهي. اک ڇنڀ ۾ فنا ٿيڻي آهي. رٿيون رهجي وڃڻيون آهن. سڀ ڪجهه فنا ٿيڻو آهي. رهندو نام؛ فقط الله جو.
    مطلب:
    هڻ هڻندن جي ماڳ، منزل کُٽي ئي ڪانه.


    ماٿيلي / اوٻاوڙي جا پهاڪا ۽ چوڻيون

    ماٿيلي / اوٻاوڙي جا پهاڪا ۽ چوڻيون
    (پروفيسر محمد فاضل شيخ صاحب وٽان حاصل ڪيل)

    “ماٿيلي اوٻاوڙي جي ٻولي”، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ طرفان سال 1992ع ڌاري ڇپيل ڪتاب، سائين محمد فاضل شيخ جو تصنيف ٿيل آهي. منجهس انهيءَ علائقي سان لاڳاپيل ڪيترائي پهاڪا ۽ چوڻيون ڏنل آهن.
    گهڻي وقت کان ارادو هو ته انهن پهاڪن /چوڻين کي ترتيب ڏئي، وضاحتن سان مضمون طور لکجي، پر ڪن پهاڪن / چوڻين جي وضاحت جي ضرورت هئي. جنهن ڪري مصنف سان روبرو ملڻ ضروري پئي سمجهيم. ساڻس ڏيٺ ويٺ نه هئڻ ڪري تاخير ٿيندي رهي.
    هڪ ڏينهن منهنجو اسسٽنٽ انجنيئر محمد عثمان کوسو، ڪنهن دوست سان موبائل فون تي ڳالهائي رهيو هو ۽ کيس چئي رهيو هو؛ “مان سکر ٿو وڃان! اتي سائين محمد فاصل شيخ صاحب جي پٽ جي شادي آهي! اها اٽيند ڪرڻي آهي.”
    سائينءَ جو نالو ڪَنَ تي پوندي ئي ڏانهنس توجه ڇڪجي ويو. يڪدم سائينءَ بابت کانئس پڇيم. سندس جواب مان معلوم ٿيو ته سائين بلڪل اهو ئي فاضل شيخ آهي، جنهن سان ماٿيلي / اوٻاوڙي جي پهاڪن / چوڻين بابت ملڻ جي ضرورت هئم.
    سائينءَ سان پهرين فون تي رابطو ٿيو. ڏاڍيءَ سڪ سان سکر اچڻ جي دعوت ڏنائين. سکر هاءِ ڪورٽ ۾ سڏ هو. جنهن ڪري ڏهين آگسٽ 2004ع تي پنهنجي ڪلارڪ عبدالرشيد شيخ جي معرفت، سائينءَ جي بنگلي تي وڃي پهتس. شام جو ساڍي ستين کان رات جو ٻارهين بجي تائين، بجليءَ جي اکٻوٽ ۾، ڪچهري هلي. سيد احمد شاهه عرف استاد بخاريءَ وانگر، سائينءَ جي گهرو يا مادري زبان سرائڪي آهي. ڏهرڪي جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ جنم ورتائين. سال 1954ع ڌاري تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. سال 1965ع ڌاري ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشوري ۾ آيو. جتي پنج سال کن، گڏيل پاڪستان جي مختلف ٻولين ۽ مضمونن وارا 28 کن ڪتاب ترجمو ڪيائين. پنهنجي محسن دوست محرم محمد صالح راهوءَ جي زور ڀرڻ تي، سال 1969ع ڌاري پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، سنڌيءَ جو ليڪچرار ٿيو ۽ سکر ۾ پوسٽنگ ٿيس، جتان رٽائر ڪيائين.
    سکر واري ايامڪاريءَ ۾ به ڪيترائي درسي ڪتاب ترجمو ڪيائين. ان کان علاوه “اصغر سائينءَ جو ڪلام” به تحقيق ڪري تشريح سان ترتيب ڏنائين، جيڪو جميعت علماءِ سڪندريه جامعه راشديه درگاهه حضرت پير صاحب پاڳاره پير جو ڳوٺ طرفان چوٿين ايڊيشن طور سال 1999ع ڌاري ڇپيو آهي.
    پهرين ملاقات دوران، ڪتاب ۾ آيل ڪن پهاڪن / چوڻين جون وضاحتون معلوم ٿيون. ڪجهه نوان پهاڪا / چوڻيون لکيل پنن تان پڙهي ٻڌايائين. ٻي ملاقات ٻيءَ شنوائيءَ دوران، ستين سيپٽمبر 2004ع تي رات جو نائين بجي کان ٻين بجي تائين هلي. ستر سالن جي هن ڪراڙي مڙس، نوجوانن وانگر وڏي هوشناڪيءَ سان لکيل پنن تان رهيل پهاڪا ۽ چوڻيون پڙهي ٻڌايا. هر هڪ بابت زباني وضاحت پڻ ٻڌايائين. اهي سمورا پهاڪا / چوڻيون، الفابيٽ جي ترتيب سان پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هيٺ ڏجن ٿا.

    268. آڱر ۽ آڱوٺي ۾وٿي آهي. (پهاڪو)
    چارئي آڱريون؛ چيچ، ٻاچ، وچين ۽ ڏسڻي، پاڻ ۾ اهڙيءَ طرح جڙيل آهن، جو جڏهن هٿ کولبو آهي ته سندن رخ هڪ طرف ۽ آڱوٺي جو ٻئي طرف هوندو آهي. گراٺ ۽ ٻاڪ هڻڻ لاءِ به آڱوٺي جي ابتي رخ سبب، ماپڻ ۾ مدد ملندي آهي.
    مطلب:
    • ساڳئي خاندان جا فرد طبعًا، مزاج ۽ مال ملڪيت / ورثي مطابق، هڪٻئي کان جدا نظر ايندا آهن.
    • پنج ئي آڱريون برابر ناهن.
    269. آنڊا ڪنهن کي ڪؤڙا آهن؟ (چوڻي)
    آنڊا؛ ڄڻيو اولاد، هر ڪنهن کي پيارو آهي. خونخوار جانور به ٻچن کي ڪين ماريندا آهن. هٿائين انهن کي پالي وڏو ڪرڻ لاءِ جتن ڪندا آهن.
    ريءَ اولاديو، اولاد جي سڪ ۾ ڳريو پيو ويندو آهي. اولادي، اولاد کي پالڻ جي هڻ وٺ ۾ مشغول هوندو آهي.
    اولاد لاءِ، هر ساهدار جي دل ۾ اڻ لکي محبت ڇُپيل هوندي آهي. دل نرم هوندي اٿس ۽ مٿس ڪوسو واءُ سهڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي.
    جيڪو اولاد جي نعمت کان محروم آهي، سو رحم واري دل کان پڻ محروم آهي. ان جي برعڪس، اولاد واري کي ٻين جي ڄڻيي اولاد لاءِ به دل ۾ مِهر هوندي آهي.
    مطلب :
    • اولاد سڀڪنهن کي پيارو آهي.
    270. ابو، امڙ تي وريام. (پهاڪو)
    مڙس ڀلي ٻاهران مار کايو اچي پر گهر ۾ زال تي رعب ضرور هلندو اٿس. عورت ويچاري ڪمزور ۽ نازڪ هئڻ سبب، ساڻس مهاڏو اٽڪائي نه سگهندي آهي.
    جنهنڪري مٿس الريو الريو پيو ايندو آهي. زال ڪيڏي به سهڻي هجي، مڙس ڪهڙو به ڪِرڙين کاڌو هجي، عورت تي رعب ضرور هلندس. ٻاهران ڪمائي اچڻ جو وارو ٿيو.
    مطلب:
    • عورت تي مرد جو حڪم هلندو آهي.
    • بابو، امڙ لاءِ بهادر يا سخت گير آهي.
    • مڙس جو رعب، فقط زال تائين هلندو آھي.
    271. اوٻاوڙي جي ٻولي : دٻي ۾ ٺڪريون. (چوڻي)
    اوٻاوڙو جغرافيائي لحاظ کان سنڌ، پنجاب، بلوچستان جي سرحد تي ۽ هندوستان جي رياست جيسلمير جي ويجهو آهي. سرائڪي، پنجابي، بلوچي ۽ سنڌي ٻولين جي گڏيل اثر کان علاوه، علائقائي لهجن جي فرق ۽ ڦير سبب، اتان جي ٻولي چڱي خاصي بگڙيل آهي. ان کي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ دقت ٿئي ٿي. جنهن سببان اتي مروج لهجي (dialect) بابت عام راءِ اها آهي ته دٻي ۾ کڙڪندڙ ٺڪرين وانگر سمجهڻ ۾ تڪليفده آهي.
    مطلب :
    • اوٻاوڙي جي ٻولي، سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ ڏکي آهي.
    • بروهڪي/ جتڪي ٻولي، دٻي ۾ ٺڪريون.
    272. اٺ جو پويون آسڻ، سهنجو (چوڻي/ پهاڪو)
    اٺ، سواريءَ طور پڻ ڪتب ايندو آهي. مٿانئس ٻه سوار، هڪڙو ٿوهي جي اڳيان ۽ ٻيو ٿوهي جي پٺيان ويهي سگهن ٿا. وڏو وهٽ هئڻ سان گڏ، سندس ڪابه ڪَلَ سڌي ناهي. جنهن سببان اڳئين آسڻ ۾ ويٺل سوار اهنجو ۽ پوئين ۾ ويٺل سهنجو هوندو آهي. ڊگهيءَ مسافريءَ يا صحرا جي سفر ۾، مسافر اٺ جي پوئين آسڻ ۾ سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن.
    مطلب:
    • وڏن ماڻهن يا آفيسرن جي اڳيان ٿيڻ سان مشڪلاتون پيش اينديون آهن.
    • وڏن ماڻهن يا آفيسرن جي پويان هلڻ سهنجو ۽ سڦلائتو هوندو آهي.
    273. اٺ جو لاڏ، ڪجائو ٽوڙي. (پهاڪو)
    اٺ، وڏو وهٽ ۽ اوکي بناوت وارو جانور آهي. مٿانئس بار به ڍوئبو آهي ۽ سواري به ڪبي آهي. سهنجي بار لاءِ ڪجائو، نه ته پاکڙو استعمال ٿيندو آهي. بار ڍوئڻ لاءِ ڪجائو الڳ قسم جو هوندو آهي ۽ سواري کڻڻ لاءِ الڳ قسم جو هوندو آهي.
    جيڪڏهن اٺ لاڏ ۾ اچي ڪڏڪار ڪندو ته سواري يا بار ته ڪيرائيندو پر ڪجائو به ٽوڙي رکندو آهي. تنهن ڪري کيس بود ۾ اچڻ نه ڏجي.
    مطلب:
    • وڏو ماڻهو يا ڏاڍو مڙس، انگل به وڏو ڪندو آهي. جنهن سان وڏا نقصان پوندا آهن.
    • وڏي ماڻهوءَ کي بود ۾ اچڻ جو موقعو فراهم نه ڪجي.
    274. اڍائي جهڳا مهتمن جا، نانءُ شاهه پور. (پهاڪو)
    شاهه پور ڳوٺ ۾، سماٽ قوم جي مهتم ذات وارن جا بلڪل ٿورا گهر آهن. ان جي بر عڪس شاهه جي معنيٰ تمام وڏو ۽ ڳوٺ جو نالو شاهه پويان آهي. جڏهن ڳوٺ جو نالو، آباديءَ جي حساب سان ابتو هجي ته ائين مثال ڏيندا آهن. ٺيڪراٺي ڀرسان ڳوٺ شاهه پور جي مهتمن لاءِ ائين ٽوڪ طور چوندا آهن.
    مطلب:
    • نانءُ بڙا، ديهه بيران.
    • نام بڙا، درشن ڇوٽا.
    • اکين کان انڌي، نالو نورپري.
    • اکين کان انڌو ، نالو روشن ميان.
    • ڄاڻي اکر به نه، نالو فاضل شاهه.
    • رنگ جو ڪارو، نالو يوسف.
    275. اک اوڍر، پهاڙ اوڍر. (چوڻي)
    انساني اک آسمان جي وسعتن اندر، سمورين شين کي ڏسڻ جي صلاحيت رکي ٿي. شرط اهو آهي ته آڏو ڪا شيءِ رڪاوٽ طور نه اچيس. ٿوري به اوڍر، وڏي پهاڙ سمان هوندي آهي.
    مطلب:
    • اک جي اڳيان وارو نظارو، آڱر اڳيان اچڻ، اک ڇنڀڻ يا ٻوٽڻ سان به نه ڏسي سگهبو آهي.
    • آنک اوجهل، پهاڙ اوجهل. (اردو)
    276. اک ڏٺي مک، ڪير نه اُڳردو آهي. (پهاڪو)
    مک جي هڪ پَرَ ۾ حڪمت ۽ ٻئي ۾ بيماري آهي. گندگيءَ تي پلجي وڏي ٿيڻ پڄاڻان، جڏهن گهرن ڏانهن ايندي آهي ته کاڌي جي شين تي پڻ ويهندي آهي. ان وقت کاڌي ۾ پهرين اهو پَرُ هڻندي آهي، جنهن ۾ بيماري اٿس. اهو کاڌو کائڻ سان پيٽ جون بيماريون ٿيندون آهن. جڏهن ته مک ڏسڻ سان ئي ڪراهت ايندي آهي ته پوءِ جيئري مک ڪير اُڳردو / ڳهندو؟
    مطب :
    • ڪير به پنهنجو ڏٺو وائٺو نقصان نه سهندو.
    277. اڳلي ڪون، پڇلي نهين پڄدي. (چوڻي /پهاڪو)
    ساڳي منزل لاءِ ساڳي طاقت رکندڙ ٻه سواريون، هڪٻئي پٺيان ساڳي تيزيءَ سان نڪرن ته لازمًا اڳتي نڪتل کي پوئين ڪين پڄي سگهندي.
    مطلب :
    اڳي ڄاول کان، پوءِ ڄاول، اڳ ڪين ڪڍي سگهندو.
    278. اگهاڙي ڪني، ڪانون هاب. (پهاڪو)
    ٺڪر جي پاري يا چاڏيءَ کي ڪُني پڻ سڏبو آهي. اٽو رکجيس ته پارو، ڏُڌُ يا لسي رکجيس ته چاڏي ۽ ٻوڙ رڌجيس ته ڪُنو سڏبو اٿس. بيوه عورت جو مثال به ٻوڙ واري اگهاڙيءَ ڪنيءَ وانگر آهي. مٿس ڪانءَ ۽ ڪتا پيا لوهون ڏيندا آهن. ڍڪيل هوندي ته ڪنهن جي به نگاهه نه هوندس.
    مطلب:
    • مڙس، عورت لاءِ ڍڪ آهي. مڙس جي مرڻ پڄاڻان، عورت اگهاڙيءَ ڪنيءَ وانگر آهي. جلد ئي کيس ڍڪڻ جي ڪوشش ڪجي ته بهتر.
    • مٺائيءَ جو ٿانءُ ڍڪبو نه ته مکيون جهينگاري ڪِنُ ڪري ڇڏيندس.
    279. اگهه بازار، ٻوها ڀي جوار. (پهاڪو)
    اَنُّ، پيٽ ڀرڻ جو ذريعو آهي. پيٽ ڪتي کي، اَنَّ کانسواءِ پادر نه لڳي سگهندو آهي. اَنَّ جي کوٽ ٿيندي آهي ته سٺي بجاءِ خراب ۽ خراب بجاءِ ٻُوها، جوئر يا ٻاجهريءَ جي اَنَّ جا تُهه يا ڪاريون کلون، به اگهه ڪري وينديون آهن.
    مطلب:
    • ضرورتمند، ڪَسِي شيءِ لاءِ به چڱا پئسا ڏيندو آهي.
    • جتي وڻ ناهي، اتي ڪانڊيرو به درخت.
    280. “اگهه ڪنهن وڌو؟” چي؛ “جنهن جا ٻچا رات لنگهڻ تي ويٺا!” (پهاڪو)
    جنهن جي گهر ۾ اَنُّ ناهي، تنهن جا ٻچا بک ڪاٽيندا. بک تي، نه ساري رات آرام ڪندا ۽ نه ڪرڻ ڏيندا. اولاد جي اهڙي صورتحال ڪنهن کان به برداشت ڪين ٿيندي آهي. لازمًا ٻچڙن جي پيٽ گذر لاءِ، مهانگو اَنُّ به خريد ڪري ايندو.
    مطلب:
    • مجبور ماڻهو ئي، سستي شيءِ جو وڏو اگهه ڀريندو آهي.
    • “اگهه ڪنهن وڌو؟” چي؛ “جنهن جي نه سري!”
    281. انڌو دوزخي، ٻوڙو بهشتي. (چوڻي)
    انڌو ڏسڻ جي سگهه نه رکڻ سبب، شڪ جو شڪار رهندو آهي. گمان هوندو اٿس ته سندس عيبن مان ٻيا فائدو وٺندي، کيس نقصان رسائڻ جي پويان آهن. نتيجتًا ڪنهن سان به نه پوندي اٿس. گمان جي دلدل ۾ ڦاسي، جيئري ئي پاڻ لاءِ جهنم کڙو ڪندو آهي.
    ٻوڙو، ٻڌڻ جي سگهه نه هئڻ سبب، پاڻ مٿان ٿيل ٺٺول تي، ٻين کي کلندو ڏسي، پاڻ به پيو کلندو آهي. انهيءَ ڪري ٻيا به ساڻس دل-پشوري پيا ڪندا آهن. ٻوڙو ٻين ۾ چڱو گمان رکڻ سبب، سک جي زندگي گذاريندو آهي ۽ ڄڻ جيئري ئي جنت ۾ هوندو آهي.
    مطلب:
    • عقل جو انڌو عذاب ۾، گلا نه ٻڌندڙ خوشين ۾ رهي ٿو.
    282. انڌي پيڪين پڳي نه پڳي جيهي. (پهاڪو)
    انڌي عورت جو نه ساهرن ۾ قدر نه پيڪن ۾. محتاجيءَ سبب ساهرا ته بيزار پر پيڪا به تنگ. نه پيڪا وڃڻ ۾ ارها، نه ساهرا اچڻ ۾ خوش. پيڪين ويندي ته هٿئين ساهرا خوش پيا ٿيندس.
    مطلب:
    • بيوقوف ماڻهوءَ جو ڪٿي به قدر ڪونه ٿو ٿئي.
    • انڌي جهڙي پيڪين، تهڙي ساهرين.
    283. انڌي ڪرين خيرات، ول ول ڏيون آپڻيان ڪون. (پهاڪو)
    انڌن کي به ونڊ ورهاست وقت پنهنجا ياد هوندا آهن. موقعو ملي وڃين ته اقربا پروري (nepotism) کان ڪين مڙندا آهن.
    مطلب:
    • انڌا بانٽي ريوڙيان، اپنون اپنون ڪو ديوي.
    • فائدي واري ڪم لاءِ، انڌن کي به مٽ مائٽ نظر ايندا آهن.
    284. اڻ سهندا بار، اٺن ڀي اڇليا. (پھاڪو)
    ھر ماڻھو ۾ ڪو نه ڪو گڻ، لياقت يا صلاحيت ضرور ھوندي آھي. جيڪا ڪنھن حد اندر ھوندي آھي. ان حد اندر عملي ڪارنامو سر انجام ڏيڻ سندس وس ۾ ھوندو آھي. ان کان ٻاھر وس ۾ نه ھوندو اٿس.
    اٺ بنا پاڻيس جي، اٺن ڏينھن تائين صحرا ۾ ھلي سگھي ٿو. ايڏي طاقت رکڻ جي باوجود، وت کان وڏو بار، اڇلي ھليو ويندو آھي.
    مطلب:
    • ھر ڪو وت / وس آھر ڪم ڪري سگھندو آھي.
    • بيوس بار، اٺن به ڇڏيا آھن.
    285. اڻ ھوند تي لعنت. (چوڻي)
    نه هئڻ کان، هئڻ بهتر. اڻ هوند، ماڻهوءَ کان گهڻا ئي ڪڌا ڪم ڪرايا آهن. چوري / ڦُر کان وٺي بيحيائيءَ / فحاشيءَ تائين به. پنڻ جهڙو غليظ ڌنڌو به سڃائي ڪرائي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ڪفر ۾ به سڃائي ڌڪي ڇڏيندي آهي.
    اهڙي اڻ هوند ۾، جنهن ۾ ماڻهو ڪفريه ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ٿئي، خدا تعاليٰ شل ڪنهن کي نه وجهي.
    مطلب:
    • صفا سڃائي به چڱي ناهي.
    • هوند تي هونگر آهي. (ابتڙ)
    286. اؤٽن جي قبرن تي، نه ڌُپَ نه ڇانءَ. (چوڻي /پهاڪو)
    اؤٽو؛ ريءَ اولادي، اولاد جي نعمت کان محروم هئڻ سبب، احساس محروميءَ ۾ مبتلا هوندو آهي ۽ هر ڪنهن کي ساڙ جي اک سان ڏسندو آهي. مرڻ پڄاڻان، ڪير به کيس همدرديءَ سان نه ڏسندو آهي. نه ڄڻيو اولاد هئس، نه ئي ٻين کي پنهنجو ڪيائين. ان ڪري قبر به سڃي هوندي اٿس.
    مطلب:
    • مري ويو مردود، نه ڪفن نه درود.
    • نامرد، بي درد.
    287. بکئي جي ڀاڄي هارجي پئي ته رکي کئوندو. (پهاڪو)
    سچي پچي بک واري کي، پيٽ ڀرڻ سان سروڪار آهي، ذائقي سان نه. ڀاڄيءَ جو خيال اهو ڪندو، جنهن جي پيٽ ۾ اڳيئي ٻَلُّ هوندو. بکئي کي سواد، ذائقي ۽ مصالحي سان ڇا؟ هن کي ته رکي ماني به ڪوفتن سمان لڳندي آهي.
    مطب:
    • بکئي کي رکي روٽي، سيري کان سواد ۾ سوائي.
    • بک نه پڇي ڳُنڌڻ، ننڊ نه پڇي اوڇڻ.
    • بکئي کي بصر به مٺا لڳندا آهن.
    • بوک نه پڇي باسي ڀات، نيند نه پوڇي ٽوٽي کاٽ.
    288. ٻارهين ڪوهين، گهر سُجهي. (چوڻي /پهاڪو)
    ٻارنهن ڪوهه يا چوويهه ميل وڏو پنڌ ناهي، جتي وڃڻ کان پوءِ ماڻهو پاڻ کي مسافر يا پرديسي سمجهي. پر گهر / وطن، اهڙي شيءِ آهي جو ايتري پنڌ تي به روح موٽي پهچڻ لاءِ پيو ريلا ڏيندو آھي. ماڻهو دل ۾ ۽ زبان سان به پيو چوندو؛ “جيڪر پَرَ هجن ته اڏامي وڃي گهر پهچان”. رستي ۾ رڃ هجي، برسات پوي، ڦُر جو يا خونخار درندي جو ڀؤ هجي يا ڪاري رات هجي ته به ماڻهو چوندو ته؛ پار ڪري گهر ڀيڙو ٿيا.
    مطلب:
    • گهر جهڙو سک ڪٿي به ڪونهي.
    • سؤ ڪوهه تي گهر سُجهي.
    • پٺاڻ کان سنڌ ۾ پڇيائون؛ “لالا! وطن ياد آتا هي؟”
    “ماڙا!لالي سي ڪيا پوڇتا هي؟” پٺاڻ ٿڌا ساهه ڀريندي ٻڌاين؛ “تمهارا گاڙي ڪري ڪوڪو! لالي ڪا دل ڪري وطن وطن!”
    289. ٻڪرين ۾ نهر پيو، ڪتي کي هنگڻ آيو. (پهاڪو)
    اڳي ٻڪرار / پنهوار، ٻڪرين جي سنڀال لاءِ، ڪتا ڌاريندا هئا. ڪتا ڏاڍا بهادر ۽ ويڙهاڪ هوندا هئا. نه ٻڪريءَ کي ڌڻ کان ٻاهر وڃڻ ڏيندا هئا نه ئي بگهڙ وغيره کي ڪا رڍ يا ٻڪري کڻڻ ڏيندا هئا. ڌڻ پهرائڻ وقت يا واڙ ۾ واڙجڻ کان پوءِ، مٿن پهرو ڏيندا هئا.
    بزدل ڪتا ڪير نه ڌاريندا هو. بزدل ڪتو، ڪُتين جي ڪڍ وڃڻ سبب، وقت تي ڪم نه ايندو آهي. ڪتي کي قبضي به گهڻي ٿيندي آهي. بزدل ڪتي کي، بگهڙ وغيره ڏسي قبضي اڃان وڌي ويندي آهي. بگهڙ جا ڀلي جنڊا منڊيل هجن، آرام سان ٻڪري واڙ مان ڪڍي هليو ويندو آهي. جنڊا کلندي ئي ٻڪريءَ کي ڦاڙي يا ڪلهي تي ورائي، رند وڃائي ڀڄي ويندو آهي.
    مطلب:
    • نڀاڳي کي مانيءَ تي نڪهير اچي.
    • نڀاڳي مڱڻهار کي، گهور مهل ٽورو اچي.
    • نڀاڳي جي ماني، تئي تي سڙي.
    290. ٻين سان پنج، يارن سان ڪيها پنج؟ (چوڻي)
    دوستي ياري رکڻ سولي، نباهڻ ڏکي. ڪس ڪسر کائڻ سان نڀندي آهي پڪائي ڪرڻ سان ۽ ٽڪي ٽڪي جي حساب ڪرڻ سان ڦٽندي آهي. گرهه گرهه تي واهگرو ڪرائڻ وارو، سنگت کي بيزار ڪري وجهندو آهي. سنگت ۾ ليکو يا حساب سڌو رکجي ۽ حساب ڪتاب ۾ تنگي به نه ڪجي.
    مطلب:
    • دوستي، لهه لحاظ لهڻي.
    • دوستيءَ قائم رکڻ لاءِ، قرباني ڏيڻ گهرجي.
    • ٻين سان ته پنبئون پر يارن سان به پنبئون؟!
    • ٻين سان ته نچ پر يارن سان به نچ؟!
    • يارن سان ڪهڙا ليکا؟
    291. ڀاڱا ڀائيوارن لهڻا، توڙي هجن اَڏَ جا ڪانا. (چوڻي)
    دنيا ۾ واسطن وڙن، تعلق دارين ۽ ربط کان سواءِ زندگيءَ جو گاڏو گهلڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. آزمائش به انهن جي آهي ۽ حياتي به انهن سان آهي. جنهن ڏينهن اهي ٽٽا، ان ڏينهن ماڻهو پاڻ ٽٽي پوندو.
    تعلقات به ڪن اصولن تحت قائم رهي سگهن ٿا. نه ڪنهن جو حق کائجي نه ڪنهن کي پنهنجو حق کائڻ ڏجي. حقدارن کي حق ملندو ته دل ۾ به محبت رھندي. ان جي برعڪس ڪنهن جي ڪک کي هٿ لائبو ته پنهني ڀُنگي به ڀڃائبي. دلين ۾ نفرت پيدا ٿيڻ سان، زندگي به زهر ٿي ويندي.
    مطلب:
    • سنگت ۾ حساب سڌو رکجي.
    • بخشش سَوَ سَوَ، حساب جَوَ جَوَ.
    • ٻه ڀائر، ٽيون ليکو،
    ليکو آهي چوکو، چوکي آهي پريت.
    292. ڀاڱو ڪوٺي چڙهي ڪجي، ورهائجي ڪنڊ ۾. (چوڻي)
    ڪنهن به ڪم جي ڀائيواري / شرڪت، لکيت واري اندز ۾ اصولن تحت، عام آڏو ظاهر ڪري ڪجي ته جيئن آخر ۾ ڇيني نبيري ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. ڀائيواريءَ ۾، هيٺ مٿانهيون به سامهون اينديون آهن. انهن کي ڪس ڪسر کائي ڪنڊ سنڊ ۾ نباهي ڇڏجي. هڪٻئي جي ڦشري نه ڪجي. ڪروڌ سان برڪت نه پوندي آهي. پر شراڪت ٽٽڻ کان پوءِ ڪير ٻيو ڳنڍڻ لاءِ تيار به نه ٿيندو آهي.
    مطلب:
    • معاملا سر عام طئي ڪجن، نباهجن ڀلي لڪ ڇپ ۾.
    • مٽي مائٽي ڪوٺي تي چڙھي ڪجي، نباھجي ڪنڊ سنڊ ۾.
    293. ڀا ڀائن جا، چچڙ ڪانون جا. (چوڻي)
    مينھن جي اوھ کي چنبڙيل چچڙ، ڪانون جو کاڄ ٿيندا آھن. ساماڻل ويائن جا وارث مٽ عزيز ئي ٿيندا آھن. رشتي ڳنڍڻ جو حق برادريس وارن جو وڌيڪ آھي. اھي نه ڳنڍيندا ته ڌاريا ڪھڙي مُنھن ڳنڍيندا؟ جيڪو پنھنجن کي نه ٿو وڻي، تنھن کي ٻيا ڪيئن ڪلھن کڻندا؟
    مطلب:
    • وڏائي، تڪبر ۽ آڪڙ چڱا ڪم ناھن.
    • ٿائرن سان ڀا ٿجي.
    • چهڙن جون ونڊيون، چهڙا کڻندا آهن.
    • پنهنجو ماري ڇانءَ ۾ اڇلي، ڌاريو ماري اس تي اڇلي.
    294. ڀڳي ٻانهن، ڳل سان ٻڌبي آهي. (پهاڪو)
    ڀڳل ٻانهن، ڪمزر هئڻ سبب، پنهنجي وزن تي ڏُکندي به ٽُٽندي به. لڙڪائڻ سان سور سجيهه ٿيندو. کڻڻي به پاڻ کي ئي پوندي، ٻيو ڪير کڻائي به ڪين سگهندو. جيستائين ٻانهن ساڳي جاءِ تي ٺهڪي لڳي وڃي تيستائين حفاظت خاطر، ڪپڙي جي جهولي ٺاهي، منجهس رکي ڳچيءَ ۾ لڙڪائي کڻي هلڻ ۾ ئي عافيت آهي.
    مطلب:
    • پنهنجي عضون /عزيزن /اولاد جا بار، پاڻ کي ئي کڻڻا آهن، ان ۾ ئي ڀلائي آهي.
    • ڀڳي ٻانهن، ورائي ڳچيءَ ۾ لڙڪائبي آهي، ڇني نه ڇڏبي آهي.
    295. ڀڳي ڀڳي ڏونگري، تائين ڀانڊي ڀڃڻ لائق. (پهاڪو)
    ڏونگري؛ مُڃَن ڪٽڻ واري ٽوڙي، شڪل ۾ مهريءَ جي هڪ پاسي جهڙي، اردوءَ ۾ مگلي ۽ اتر سنڌ ۾ مهرلو سڏبو اٿس. ڀڄي پوڻ کانپوءِ به منجانئس ساڳئي ڪم واري صلاحيت خلاص نه ٿيندي آهي. البته هلڪن ڦلڪن ڀانڊن (ٿانون) ڀڃڻ جو ڪم ڏئي سگهندي آهي.
    مطلب:
    • مَلُھ، ڀلي بيمار يا ڪراڙو ٿئي پر کانئس انگ نه وسرندا آهن.
    • هيڻو وڏيرو، ڪورين لاءِ قهار.
    • مهري ڀُتي، ته به ڀترن ڀڃڻ لائق.
    296. ڀڳي جو ڀاڱو ڪونهي (چوڻي)
    ڪنهن به ڌنڌي /واپار مان، نفعي جو حصو ان کي ملندو آهي، جنهن جو منجهس مال، وقت ۽ جان لڳايل هجي. جيڪو حالتن کان ڊڄي، واٽ تان هٿ ڪڍي ڀڄي وڃي، تنهن کي منافعي مان حصو ڪين ملندو.
    مطلب:
    • حصو حاصل ڪرڻ لاءِ، سيڙپڪاري مڪمل طور ڪرڻي پوندي.
    • ڀڳي تي ڀُئي ڪانهي.
    • ڀائيواري ڇڏي ويندڙ کي، منافعي مان حصو ڪين ملندو.
    297. تتي دانگي، دشمن ڀي نه وڃي. (چوڻي)
    دانگيءَ کي چلهه مٿان رکي، هيٺان باهه ٻاري تپائبو آهي ته جيئن مٿس ٿڦيل لولو پچي کاڄڻ لائق ٿئي. دانگيءَ جو تپڻ، بمشابه ماني پچڻ جي آهي. جڏهن مانيءَ پچڻ جو وقت هجي، ان وقت مهمان کي بنا مانيءَ جي نه ڇڏجي. پوءِ ڀلي کڻي اھو دشمن ڇو نه هجي. ڀلي يا سخي ميزبان جو اهو وڙ ناهي جو ويلي وقت تي مهمان کي ماني نه کارائي.
    مطلب:
    • مانيءَ کان سواءِ ڪنهن به مهمان کي نه ڇڏجي.
    298. تن گهرن جون ڪيهون ساکان، ويچن ٻير تي کاون ڊاکان. (چوڻي)
    ڪاروبار، ساک پت تي هلندو آهي. ڪار پت يا نيت پت به اهو قائم رکي سگهندو، جيڪو سوڙ آهر پير ڊگهيريندو. اوڌر کڻي حلوا کائڻ وارو، هڪ ڏينهن گهر به کپائي بيهي رهندو.
    جيڪو ٻيريون پوکي، ڊاکن جهڙا ڦل فروٽ وٺي کائيندو، سو به جلد پنهنجي ساک پت، قدر ۽ اعتبار وڃائي ويهندو.
    مطلب:
    • بوتي آهر کائجي.
    • تن گهرن جون ڪهڙيون ساکون، جيڪي وڪڻن ٻير کائين ڊاکون.
    • چيريءَ آهر، پير ڊگهيڙجن.
    299. ٿڪي کي جُتي به بار (پهاڪو)
    ھر ساھدار کي، کڻڻ لا پنھنجي جسم جو بار به، ڪافي محسوس ٿيندو آھي. پنڌ ڪرڻ يا ڪم ڪرڻ کان پو ٿڪ ٿيڻ سبب، ماڻھو بُت مان به بيڌار ٿي پوندو آھي. پيرن ۾ پيل جُتي به بار پئي محسوس ٿيندي آھي. پيرن مان لاھي اڇلي، ڦٽي ڪرڻ سان فرحت پئي ايندي.
    مطلب:
    غريب لا پنھنجو پيٽ پالڻ به اھنجو آھي. ٻچا پالڻ، وڏو عذاب آھي.
    ٿڪي / ڏٻري تي چچڙ به گھڻا.
    300. پٿر پنهنجي جاءِ تي ڳؤرو آھي. (پهاڪو)
    پٿر جڏهن پنهنجي جاءِ تي پيو آهي ته اتان کيس هٽائڻ ڏکيو آهي. اتان هڪ دفعو چرڻ کان پوءِ کيس هيڏي هوڏي چورڻ آسان آهي. چرڻ پرڻ سان سندس وزن گهٽجي ٿو وڃي. هڪ جاءِ تي رهڻ سبب ڳؤرو هوندو آهي.
    ماڻهو به جيستائين پنهنجي پير تي بيٺو آهي، تيسين کيس هيٺ لاهڻ ڏکيو آهي. جڏهن راز سليائين يا ٻين آڏو هڪ دفعو جهڪيو ته پوءِ وزن وڃائي ويهي ٿو. مانُ ۽ قدر کسجي وڃيس ٿو.
    مطلب:
    • دوستن جي در تي هر هر نه وڃجي. ان سان هلڪڙائپ طاهر ٿي پوندي.
    301. پٺيءَ پويان هٿ وريا ته پوءِ ڌڪ جي ڪهڙي پارت. (پهاڪو)
    ملهه وڙهڻ وقت، ٻَئي هٿ ٻِئي ملهه جي پٺيءَ پويان ورائي، سندري ۾ وجهبا آهن، پوءِ پنهنجي سيني، ٻانهنِ يا ڄنگهنِ جي زور يا ملهه جي انگن / فن سان، اڳلي ملهه کي دسڻ جي ڪوشش ڪبي آهي. راند ۾ هڪ جي ھار ضرور ٿيندي. هٿ ڳنڍڻ کان پوءِ ڌڪ نه ڏيڻ جي پارت ڪرڻ عبث آهي.
    مطلب:
    • ڪم ڀلي ڪڌو ڪجي، هٿ مضبوط وجهجن.
    • ميهار مينهن مان نڪتو، وڇن ڪهڙي پارت؟
    • نچڻ بيٺي ته پوءِ، گهونگهٽ ڪڍڻ ڪهڙو؟
    302. پرائي ٻري، ڪير مري؟ (پهاڪو)
    ٻرو؛ بخار، بيماري يا ٻي تڪليف، ماڻهوءَ جي برداشت اندر ھوندا آهن، تنهن هوندي به کانئس هرڪو پيو ٽهندو آهي. انسان ويچارو، نه ٿڌي سهي نه ڪوسي. پاڻ تي آيل تڪليف سهڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. ٻئي جي حصي جي تڪليف، پاڻ تي ڪيئن مسلط ڪندو؟
    مطلب:
    • ٻئي جو بخار به، ڪير نه کڻي سگهندو آهي.
    • پرائيءَ آئيءَ / آهيءَ ۾ ڪير به نه پوندو آهي.
    • ٻئي جي تڪليف، سِرَ تي کڻڻ ڏکي آهي.
    • سِرُ، سڀ کي پيارو آهي.
    303. پرائي مينهن جو اوهُه، وڏو نظر ايندو آهي. (پهاڪو)
    پنهنجي قبضي هيٺ آيل وڏي ۽ سهڻي شيءِ، ٿوري ۽ بيڪار پئي نظر ايندي. سندس وقعت ۽ قدر، ويجهي هئڻ سبب نظر مان نڪري ويندا آهن. نوٽن سان ڀريل پنهنجي ڪوٺي، خالي پئي نظر ايندي. پرائي خالي گندي به، ڀريل پئي نظر پئي ايندي. پرائي مينھن وڌيڪ کير ڏيندڙ پئي نظر ايندي، جڏهن ته اصل مالڪ جي نظر اڃا ڪنهن ٻيءَ مينهن جي اوهه تي هوندي. پرائي زال پري هئڻ سبب، پَرِي پئي نظر ايندي ۽ پنهنجي سهڻي زال، ويجهي هئڻ سبب ڏائڻ / ڪوجهي پئي نظر ايندي.
    مطلب:
    • ويجهي ٿيڻ سبب، شيءِ جو قدر گهٽجي ٿو. پري ٿيڻ سبب سڪ وڌي ٿي.
    • پرائي هر شيءِ وڻندي آهي، سواءِ پُٽَ جي.
    • پرائي پليٽ ۾ گيهه گهڻو نظر ايندو آهي.
    • پرائي ڪنيءَ جو ٻوڙ سوادي.
    • ڳوليان ڳوليان، شال م ملان هوت،
    من اندر جا لوڇ، ملڻ سان ماٺي ٿئي.
    • گهر جو پير، چلهه جو مارنگ (ابتو)
    304. پوهن راڌي، مانگهن کاڌي. (چوڻي)
    1. پوهه؛ سنبت سال جو مهينو، ڊسمبر جنوريءَ ڌاران ٿئي. منجهنس ڏاڍا پارا پون، جيڪي ڪمزور مال کي رڌي / ڳاري ڇڏين.
    2. مانگهه؛ سنبت سال جو مهينو. پوهه کانپو، جنوري- فيبروريءَ ۾ اچي ۽ منجهس سخت سيءُ پوي. جيڪو ڍڳين ٻڪرين کي کائي کپائي ڇڏي.
    مطلب:
    • پوهه جو پارو ۽ مانگهه ۾ اتر واءُ، مال لاءِ نقصانڪار آھن.
    305. پوهه نه ڳڌئي ٻڪري، مانگهه نه ڳڌئي ڏاند،
    پڇي وَتَ ڪريندو ٻڪري، تي وَتَ ڪريندو ڏاند. (چوڻيِ)
    پوهه ۾ پارا پون، گاهه جي قلت ٿئي ۽ مال ۾ ڦڦڙي پوي. مال مرڻ جي ڀوَ تتان، ٻڪرار سستي اگهه تي ٻڪريون کپائين.
    (2) مانگهه ۾ اتر کان سرد هوائون هلن. ڏاندن کي مرڻينگ ڪري ڇڏين. ان موسم ۾ هر ڪاهڻ جي به ضرورت نه هوندي آهي. ڏاند رکڻ فضول ٿي ويندو آهي. ڀاڳيو جلد کپائڻ جي ڪوشش ڪندس.
    ٻڪريءَ/ ڏاند جي خريدار کي، ڌراڙن جي انهيءَ ڪمزوريءَ جو فائدو وٺندي، سستي اگهه ۾ سٺو مال وٺڻ کپي.
    مطلب:
    • موقعي جو فائدو وٺڻ کپي.
    306. پوهه؛ هڪ کاءُ ٻي جهوءِ. (چوڻي)
    پوهه ۾، ڏينهن ننڍو ٿئي. گذري وڃي ته خبر ئي نه پوي. هڪ ويلي جي ماني کائي، ٻئي لاءِ سعيو ڪرڻو پوندو آهي. اَنُّ نه هجي ته پيهڻ لاءِ جنڊ جوٽڻو پوندو. پيهي بس ڪبي ته ٻئي ويلي جي مانيءَ کائڻ جو وقت / ويلو ٿي ويندو.
    مطلب:
    • سياري جو ڏينهن، جلد گذري وڃي.
    • سياري جو سج، کڻ پاءِ ۾ پورو. (ساهتي)
    • ناهري، نمي هڻ ٻُهاري، سج وڃي اوهاري. (لاڙ)
    307. پيٽ جي مار، خبر نه چار. (چوڻي)
    پيٽ، هر ساهدار سان لڳل آهي ۽ ان جي ڀرڻ ۾ هرڪو مشغول آهي. خالي پيٽ، ڪير به برداشت نه ڪري سگهندو آهي. ڀريل هوندو ته دڙيون پيو ٽپندو. خالي هوندو ته محنت ڪندو ۽ مٿا مونا ڏيندو. محنت ڪرڻ کان پوءِ اجورو نه ملي ۽ پيٽ جي مار ملي ته ماڻهو بِرِ ٿي ويندو آهي. هوش حواس نه رهندو آهي.
    مطلب:
    • پٺي مار، پيٽ نه مار.
    • پيٽ ڀر، پٺي لڏ.
    • پيٽ، سڀ ڪم ڪرائي ٿو،
    • ڀيٽيو؛ حق جي مار، خبر نه چار.
    308. جن کان سواءِ سري نه ساهه، رتي نه رسجي تن کان. (چوڻي)
    ڪي دوست احباب اهڙا هوندا آهن جن سان دل جو ڪانڍو هوندو آهي ۽ ساڻن معاشرت ۽ معيشيت وارو تعلق پڻ ڳنڍيل هوندو آهي. ڪاوڙجن ته ڄڻ قسمت جي ديوي ناراض ٿي وڃي. اهڙن سان ته ڪس ڪسر کائي نباهبو آهي. کين رسڻ جو موقعو ئي نه ڏبو آهي. سندن غرضن جو به خيال ڪبو آهي. خيال نه ڪبو ته پنهنجا غرض به اٽڪي پوندا. ربط ٽٽي پوندو. ٽٽل ربط سان زندگي گهارڻ ڏکي ٿي ويندي.
    مطلب:
    • سنگتين کان رسڻ چڱو ناهي.
    • جنهن لاءِ اڳيان هلي بيهجي، تنهن سان گڏيو ڇو نه هلجي.
    • راند، رَسَ ۾ ڇڏجي.
    • رنگ رتو، ميلو متو، يار پرتو ڇڏجي.
    309. جنهن جي ساکن جو سهي، تنهن جا ڏند ڇا ڏسبا؟ (پهاڪو)
    ڏاند يا ٻڪريءَ جي عمر جو اندازو، ڏندن ڳڻڻ سان به ڪري سگهبو آهي. کير وارا ڏند ڀڄڻ کان پوءِ ٻڙاندو، چئوڳو وغيره ٿيڻ، سندن عمر جي نشاندهي ڪندا آهن. ان جي برعڪس، سال ۾ ٻه ساکون يا مندون ڳڻبيون آهن. ڏاند يا ٻڪريءَ جي عمر ساک پيري به ٿيندي آهي. جڏهن کان ڄمندا آهن ته مالڪ سندن ساکون ڄاڻندا آهن. ان ڪري سندن عمر جي پڪ ڪرڻ خاطر کين ڏند پٽي ڏسڻ جي ضرورت نه پوندي آهي.
    مطلب:
    • جنهن جي ڄم کان واقف، تنهن جا ڏند پٽي ڪهڙا ڏسجن؟
    • جنهن جي پرڪارن جي خبر، تنهن جي ٽَوهَ پوڻ مان ڪهڙو فائدو؟
    • هٿ ڪنگڻ کي، ڪهڙي آرسي ڏيکاربي؟
    310. جوڳيءَ کي پٽ نه وسريو هيو، نانگ کي پڇ نه وسريو هيو. (پهاڪو)
    جوڳيءَ هڪڙو نانگ ڏٺو، ڦاسائڻ لاءِ مرلي کڻي پويان پيس. نانگ، ڪُئي يا سيڙهه جي ڏرڙ ۾ گهڙي ويو. جوڳيءَ مٿانئس گهڻيئي مريلون وڄايون پر نانگ ٻر مان نه نڪتو. آخر ڪوڏر سان، ٻِرُ گُڏيندو اڳتي وڌيو ته پوئتي رهيل نانگ جو پڇ به ڪٽي وڌائين. زخمي نانگ ٻاهر نڪتو پر جوڳيءَ جي پٽ کي ڪکي وڌائين. جوڳي نانگ کي ڇڏي پٽ جي سنڀال ۾ لڳي ويو ته نانگ ڀڄي ويو. ان کان پوءِ نانگ کي پڇ وڃڻ جو سور هوندو هيو ۽ جوڳيءَ کي پُٽ وڃڻ جو.
    مطلب:
    • دشمن جو ڌڪ، ڪنهن کان به ڪين وسرندو آهي.
    • ڌڪ، دشمن جو به ڳائجي.
    • ريڍار کي سؤ مان کڄي ويل ھڪ رڍ جو غم ھيو،
    بگھڙ کي موٽي ويل نوانوي رڍن جو غم ھيو.
    • دشمن جي چال کي مڃڻ به مراد آهي.
    311. جهڙا چانهه، تهڙا ٻچانهه. (پهاڪو)
    چانهه؛ سهڻو ۽ رنگين پکي آهي. سندس ٻچانهه يا ٻچا به سندس جهڙا ئي سهڻا ۽ رنگين ٿيندا آهن. عادتون به هڪجهڙيون ٿينديون اٿن. اڏامڻ ڪرڻ به هوبهو هڪجهڙو هوندو اٿن.
    مطلب:
    • اولاد، لُڪ تُڪ والدين تي ڇِڪ ڪري ويندو آهي.
    • جهڙا ڪانءَ، تهڙا ٻچا.
    • بگهڙ جو ديا بگهڙ ٿيندو، ٻڪري ڪين ٿيندو.
    312. جي تون بنڊ بنڊاڻي ته مان شينهن شينهاڻي.
    تون چور چوراڻي ته هيءَ گڏهه هيءَ واڻياڻي. (پهاڪو)
    هڪڙو نوجوان هندو، پاڻ کي ڳوٺ ۾ شينهن شينهاڻي سڏائي مسلمانن تي رعب جهاڙيندو هو. هڪ ڏينهن زال کي گڏهه تي ويهاري، شام ڌاري شهر پئي ويو ته هڪڙي مسلمان ڀوڳ ڪرائڻ خاطر سندس اڳ اچي جهليو. مقام واري پاسي کان، ڪنڊيءَ جي وڻ کي ٽيڪ ڏئي، چلڪڻي ڪهاڙي ڪلهي تي رکي، ڇڙهه ھڻي بيهي رھيو. واڻياڻي، بت بنيل همراهه کي ڏسي دهلجي وئي ۽ اشاري سان مڙس کي ڏيکاريندي چيائين؛ “ميان رستي ۾ الائي ڪهڙي نافت بيٺي آهي! ڪجهه ته ڏس!”
    واڻئي ٿڙڪندڙ لڱن سان، پنڊ پهڻ وانگر بيٺل همراهه آڏو اچي چيو؛ “جي تون بنڊ بنڊاڻي ته مان شينهن شينهاڻي، تون چور چوراڻي ته ھيءَ گڏهه هيءَ واڻياڻي”.
    مطلب:
    • تون ڪمزور آهين ته مان ڏاڍو مڙس آهيان. جيڪڏهن تون ڏاڍو مڙس آهين ته مون هٿيار ڦٽا ڪيا.
    313. جيڪو مري جمعي خميس، تنهن سان ڪهڙي ريس. (پهاڪو)
    جمعو ۽ خميس / جمعرات، ڀلارا ڏينهن آهن. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته انهن ڏينهن تي گذاري وڃڻ وارن سان حساب ڪتاب ۾ سهولت ٿئي ٿي. ساڻن سختي نه ٿي ٿئي. جنهن ڪري اهي خوشنصيب آهن. اهڙي سعادت ماڻڻ واري سان هاڻي ريس به ڪانه ٿي ڪري سگهجي.
    مطلب:
    • جنهن تي رب راضي آهي، تنهن کي جڳ نقصان نه ٿو ڏئي سگهي.
    • جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي.
    • مدعي لاک برا چاهي، مگر وهي هوتا هي جو منظور خدا هوتا هي.
    • جيڪو هجي ڌُرِ پليت، تنهن کي ڇا ڪري جمعو ڇا ڪري خميس. (ابتو)
    314. جيندا، هڪ ڏينهن ملندا. (چوڻي)
    ماڻهو جيئرو آهي ته دنيا ۾ پيو هڪٻئي سان ملندو. مري ويو ته ملاقات بند ٿي. جڏهن هڪٻئي کان موڪلائبو آهي ته ٻئي دفعي ملڻ جي آس / اميد واسطي ۽ ڊگهي عمر جي دعا ڪرڻ خاطر چئبو آهي؛ “چڱو موڪلاڻي ناهي”.
    يا چئبو آهي؛ “سدائين گڏ !”
    يا چئبو آهي؛ “وري ملنداسين!”
    يا چئبو آهي؛ “گڏيو پيو آهي ميهڙ سان، گاجي مهيسر!“
    مطلب :
    • زندگي آهي ته ملاقات پئي ٿيندي.
    • حيات باقي، يار اوطاقي / ملاقاتي.
    • يار زنده، صحبت باقي.
    • يار حياتي، ملاقات باقي.
    • حيدرآباد ۽ کهنبڙي به گڏئي پئي هِن.
    315. جهڙ جهيڙا، سدا نه رهندا. (چوڻي)
    جهُڙ، موسم آهر ٺهي ايندو آهي ۽ وسڻ کان پوءِ هيڏي هوڏي ٿي ويندو آهي. جهيڙو به وقت سِرِ اٿندو آهي، ڪجهه نقصان ٿيڻ کان پوءِ جيڏانهن تيڏانهن ٺاپر ٿي ويندي آهي.
    لسيءَ کي وڌائڻو هجي ته لوڻ ۽ پاڻي گڏجيس. جهيڙي کي ڊگهو ڪرڻو هجي ته گارگند گڏجيس. بهتر ائين آهي ته جهيڙي ۾ گارگند کان پاسو ڪجي.
    مطلب:
    • حالات واقعات، سدائين ساڳيا نه رهندا آهن.
    • اها گهڙي به گذري ويندي.
    316. جهيڙو جهيڙِ، ڪُجهيڙو نه جهيڙِ. (چوڻي)
    جهيڙي جا ٻه قسم آهن. ڀلو جهيڙو، جيڪو اللهﷻ ۽ رسولﷺ جي خاطر ڪجي. خراب جهيڙو جيڪو نفس کي راضي ڪرڻ خاطر ڪجي.
    پنهنجي عزت، غيرت، مال ملڪيت، دين ڌرم کي بچائڻ خاطر ڪيل جهيڙو ڀلو آهي ۽ جهيڙڻ گهرجي. پرائو مال ٺڳڻ / ڦرڻ، پرائي عزت تهس نهس ڪرڻ ۽ زنا / شراب / جوئا خاطر جهيڙو ڪرڻ چڱو ڪم ناهي. ان کان هميشه پاسو ڪرڻ گهرجي. ان جي پڇاڙي عبرتناڪ ٿيندي آهي.
    مطلب:
    • اللهﷻ جي راهه ۾ جهيڙجي.
    • جهڙي ۾ لڏون ڪونه ورهائبا آهن جو کائي به اچبا ۽ کڻي به اچبا.
    • جهيڙو ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي ته ڳهه جيان ٺمڪائجي.
    317. چڱي ڀلي جي نُنهن، بَرَ ڏي مُنهن. (چوڻي)
    ننهن ڀلي ڪهڙي به خاندان مان وٺجي ۽ ڀلي سٺي خاندان ۾ آڻجي پر رهندي وري به آخر ننهن. فطرتي طور تي سس سان ڪڏھن نه ٺهندي ڀلي کڻي سس پڦي يا ماسي هجيس، نڻان سان نه ٺهندي ڀلي کڻي نڻان سوٽ يا ماسات هجيس، ڏيرياڻيءَسان ڪانه ٺهندي ڀلي کڻي اھا ڀيڻ هجيس. ڏيرن سان ڪانه ٺهندي، ڀلي سَڪا سوٽ هجنس. ٺهيل گهر، شاديءَ کان پوءِ / ننھن جي اچڻ کانپو ئي، هڪ مان ٻه ۽ ٻن مان چار ٿيندا آهن.
    مطلب:
    • سس ننهن جو آدجڳاد کان جهيڙو آهي. کانئس منهن پري ڪرڻ ۾ عافيت نظر ايندي آهي. ان سان ئي دنيا ۾ آبادي وڌي آهي.
    • ننهن اها جيڪا پيڪا به ملهائي ته ساهرا به.
    • ٻن پيو سيڻپو، جنهن وڃايو ڀيڻپو.
    • ڀيڻ نه ڪجي ڏيرياڻي، ٿي پوندي ويرياڻي.
    • سيڻ، ڪڍن نيڻ.
    318. چنڊي جي قبر، پري کون پڌري. (چوڻي)
    چنڊي جي نحوست / نڀاڳ جو اثر پاڙي اوڙي تي به پوندو آهي. ڪير به نه چاهيندو آهي ته چنڊو ماڻهو صبح جومنهن پوي. ڪن ماڻهن کي وهم آهي ته چنڊن کي ڏسڻ سان سڄو ڏينهن ڪوبه ڪم نه ٿيندو. مري وڃڻ کان پوءِ به سندن قبر تي ناهن ويندا ته متان نڀاڳ کين وڪوڙي وڃي. ٻين کي به روڪيندا آهن ۽ ائين هن جي قبر به مشهور ڪري ڇڏيندا آهن.
    مطلب:
    • چنڊو چنڊي جي قبر کي سڃاڻي.
    • چنڊو چنڊي کي سَوَ ڪوهه تي سڃاڻي.
    • چنڊو، پينگهي ۾ پڌرو.
    • سانوڻ ماءُ سلونگڙي، تي لُڙهدا آيا جنڊا،
    سؤ ڪوهه دا ولا ماريونِ، ته به چنڊي ڪون مليا چنڊا.
    319. چورن جا ڪپڙا، ڏانگن جا گز. (پهاڪو)
    چور، چوريءَ جي مال کي پهرين باهه ۾ ٿمائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. بعد ۾ حصا پتيون ڪرڻ وقت وڏو احتياط ڪندا آهن. ڪنهن ڄاڻوءَ يا سڄاڻ کان حساب ڪتاب به نه ڪرائيندا آهن. متان پول کلي پوي.
    چوريءَ جو ڪپڙو، نه درزيءَ کان ڪڇائيندا آهن، نه ئي گزن پيري ماپيندا آهن. ڌُڪي سان ٺهيل، ڪاٺ جي لٺين ۽ هٿن سان مئي کڻندا آهن. پئسن سان ورتل نه هئڻ ڪري، بيدرديءَ سان ڪڇي ورهائيندا آهن.
    مطلب:
    • چوريءَ جي مال جو، قدر نه ٿيندو آهي.
    • رشوت جي ڪمائيءَ تي ئي عياشيون ڪري سگهبيون آهن.
    320. چهڙڪي ڪاتي، حلال ۾ به وهي ته حرام ۾ به. (پهاڪو)
    چهڙا / چوهڙا، هٿ جي ڪُٺيءَ کان علاوه، “الله جي ماري” به ڳولي هٿ ڪن. چمڙو، گوشت ۽ هڏا به ڪتب آڻين. سندن ڪاتيءَ جو اعتبار نه هوندو آهي. حلال ڍور تي به هلائين ته حرام مال تي به وهائين. حرام تي اڙهل ڪاتي، حلال تي وهائبي ته گوشت جو اعتبار نه رهندو.
    مطلب:
    • منافق ماڻهو، دوستن سان به ٻِٽُ ته دشمنن سان به پورو هوندو آهي.
    • منافق ماڻهو، ساڌن سان به سنمک ته پئنچن سان به پورو.
    • موچڪي رنبي؛ حلال ۾ به وهي ته حرام ۾ به.
    • ميلي/ بازار جي مٺائي؛ پي به کائي ته پٽ به کائي.
    • رنڊيءَ وٽ، پيءُ به وڃي ته پٽ به.
    • ڪُهين ته آپ ڪُهه، آڇ مَ چُوهيڙيان! (شاهه)
    321. ڇا گڏهه، ڇا گلقند؟ (پهاڪو)
    گڏهه کي خوب گاهه چاري هٿ ڪڍبو ته به ڊڪي وڃي پُئيءَ ۾ / گونهن جي واڙيءَ تي بيهندو. چونڊي سڪل ڪرڦٽي پيو ڪرٽيندو. نرم نرم ڪين وڻندس. گلقند، مٺو ۽ نرم هئڻ ڪري، کيس وڻندو ئي ناهي.
    مطلب:
    • ڪم ذات، تعظيم مان ڪين ڄاڻي.
    • ڪتو ڇا ڄاڻي؟ ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
    • ڇا ڪوري، ڇا تراريون.
    • ڇا ڪول، ڇا ڪول جو وزن.
    • ڇا پدي، ڇا پدي جو شوروو.
    322. ڇتي گدڙي، پنهنجي پڇ ۾ وجهي چَڪَ. (پهاڪو)
    جهنگلي جانورن ۾ گدڙ، ڊڄڻو ۽ چالاڪ آهي. ٻئي جو شڪار تاڙيندو آهي. سندس مادي ته ڏر به ڪين ڇڏيندي آهي. شڪاري چيڙائي ويندا اٿس ته پنهنجي ڪاوڙ پاڻ تي پئي هاريندي آهي ۽ پنهنجي پڇ ۾ پئي چڪ هڻندي آهي. ڇو جو منجهس مقابلي ڪرڻ جي سگهه نه هوندي آهي.
    مطلب:
    • ڪمزور/ بي پهچ ماڻهو، پاڻ کي ئي نقصان ڏيندو آهي.
    • ڍڳو چريو ٿئي ته به گاهه چري، نٿ ڪين چري.
    • ڏيڏري ڪاوڙ ۾ پاڻ ڦوڪي ڦاٽي مرندي، ٻئي کي ڪجهه نه ڪري سگهندي.
    • قهرِ درويش، بر جانِ درويش.
    323. ڇڄ پڏي، کارو پڏي، پروڻ ڇو پڏي، جنهن کي سَوَ ٽُنگ. (پهاڪو)
    ڇڄ، اَنَّ کڻڻ ۽ وائرڻ، ڇڙڻ ۽ ڇنڊڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. منجهس ڪوبه سوراخ وغيره نه هوندو آهي، جنهن مان ان وهي وڃي.
    کارو، ماني ۽ ٻوڙ ، مڇي يا ننڍا چوزا ڍڪڻ/ واڙڻ لاءِ ڪتب ايندو آهي. منجهس هوا لاءِ سوراخ هوندا آهن پر منجهانئن نقصان رسائيندڙ شيءِ پار نه ٿي سگهندي آهي.
    پرڻ، سوراخدار ڄاريءَ وانگر هوندو آهي، جيڪو ميدي جهڙين شين کي ڇاڻڻ لاءِ ڪتب ايندو آهي. منجهس مٿين ٻن جي مقابلي ۾ تمام سنھا پر گهڻا ۽ گهاٽا سوراخ هوندا آهن. تنهنڪري کيس ٻين مٿان فوقيت ڪرڻ نه گهرجي.
    مطلب:
    • عيبدار ماڻهوءَ کي ئي ٻين ۾ عيب نظر ايندا آهن.
    • مينهن ئي ڳئونءَ کي چوندي آهي؛ “هل پڇ ڪاري! ”
    • پرڻ ٿو چوي ڏونگهي کي؛ “هل ٽِه- ٽُونگا”.
    324. حق جي مار، خبر نه چار. (چوڻي)
    عورت جو مرد سان نڪاح ڪرڻ يا مرد جو عورت سان نڪاح ڪرڻ، حق ڪرڻ يا شرعي حق ڪرڻ آهي. نڪاح کان پوءِ مرد تي جوابداريون وڌي وڃن ٿيون. جنهن سبب سندس اٿڻي ويهڻيءَ ۾ وڏو ڦيرو ايندو آهي. جيڪڏهن سڌري نه هلندو ته حق / رب طرفان سخت پڪڙ ٿيندس. ڇڏائڻ وارا کٽي ويندس.
    طرفين يا زوجين (Espouses) لاءِ لازمي آهي ته امانت ۾ خيانت نه ڪن .
    مطلب:
    • ضائفاڻي مار، خبر نه چار.
    • سوڙ جي مار، خبر نه چار.
    • عقل جي مار، خبر نه چار.
    • انڌي جي مار، خبر نه چار.
    • علم جي مار، خبر نه چار
    • بستري / اندر جون مڪون، اندر ۾.
    • ڀيٽيو، پيٽ جي مار، خبر نه چار.
    325. داڻو هِڻ هِڻ ته لغام به هِڻ هِڻ. (پهاڪو)
    هڪڙي همراه، شوق مان گهوڙو ڌاريو. روزانو کيس خوب داڻو کارائي، کرکنا هڻي پيو مالشون ڪندو هيو. جڏهن گهوڙو سواريءَ لائق ٿيو ته هڪ ڏينهن، چڙهڻ لاءِ وات ۾ لغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائينس. گهوڙو واڳ وجهڻ ئي نه ڏئيس، رڳو پيو هِڻڪي.
    “داڻو هِڻ هِڻ نه، باقي لغام هِڻ هِڻ!” هِڻڪارڻ تي مالڪ ٽوڪيندي، ڳچيءَ ۾ ڀاڪر وجهي، لغام جي ڪڙي زبردستيءَ اڳين ڏندن وٽان ٽپائيندي چيس؛ “داڻو هِڻ هِڻ ته لغام به هِڻ هِڻ!”
    مطلب :
    • جنهن جو احسان کڻجي، ان جو موٽائجي به.
    • داڻي تي خوش خوش، چاقوءَ تي چين چين.
    • احسان لاهي نه سگهجي ته ڳائجي ضرور.
    326. درياهن جا منهن، ڪنهن بند ڪيا آهن؟ (پهاڪو)
    آڳاٽي دور ۾، درياهه شاھ، دادلي پٽ وانگر، ارڏو هوندو هو. آبڪلاڻيءَ جي مند ۾، جيڏانهن رخ رکندو هو، تيڏانهن راهه ٺاهيندو ويندو هو. سدائين پيو رخ ڦيريندو هو ۽ روڪڻ لاءِ مٿس بند ٻڌي نه سگهبا هئا. کوهن/ درياهن مان پاڻي کڻڻ لاءِ ڪنهن تي به جهل پل نه هئي.
    هاڻي بچاءَ بند (Protection Bund)، اَڙ (Spur)، رنڊ (Wier)، بيراجن (Barrages)، دورازن (Gates) ذريعي درياهه کي سوڙهو ڪيو ويو آهي. مستي ئي مري وئي اٿس. نه رخ مٽائڻ جي سگهه اٿس، نه ئي سمنڊ تائين نِيڻ لاءِ پيٽ ۾ پاڻيءَ ڦڙو بچيو اٿس. واٽ تي ئي پاڻيءَ جا حصا پتيون ٿي ٿا وڃن.
    مطلب:
    • ماڻهن ۽ کوهن جا وات، ڪنهن به بند نه ڪيا آهن.
    • نيڪيءَ جي ذريعن کي بندَ نه پوندا آهن.
    327. درياهن ۾ ڪالَ، ربوءَ جي ماءُ ڀي تاري. (پهاڪو)
    ربوءَ نالي ڏٻرڙو همراهه هو، اڏ به ٽپي نه سگهندو هو. جڏهانڪر، درياهه تي بند ٻڌي، ڍنڍون (Dams) يا Impounding Reservolors ٺاهيا اٿن ۽ پاڻي مٿي جهلجي ويو آهي، تڏهانڪر ربو به مڙس ماڻهو ٿي پيو آهي. درياهه جي پِني ٻوڙ پاڻيءَ منجهان، ماءُ کي ڪلهي تي ويهاري ور کِنجي پار پئجيو وڃي.
    مطلب:
    • جڏهن حالات ڪمزور ٿيندا آهن، تڏهن ڏٻرڙا به مڙس ماڻهو ٿي پوندا آهن.
    • جتي وڻ ناهي، اتي ڪانڊيرو به درخت.
    • ڀيٽيو؛ ملڪ وچ تپ تپالي، ته مَستي موهر هالي،
    جي ملڪ وچ خيرصليٰ، مار مَستي جي منهن تي کلا.
    328. دڳ ويندي سَرَ سُوٽي، سو ڀي ڪَپوٽي.
    نيچا ٻهي اونچا مُوٽي، سو ڀي ڪَپوٽي. (چوڻي)
    سَرَ ۾ ڇڙو هٿ وجهبو ته به چيريندو. جيڪڏهن سر کي سٽ ڏئي سُوٽبو ته تري ئي چيرجي ويندي. رت ٺينديون ڪري وهندو. اهڙو ڪڌو ڪم ڪرڻ واروبه ڪَپُٽ آهي.
    (2) هيٺ ويهي، آسمان ڏانهن مُهڙ ڪري پيشاب ڪبو ته موٽي منهن ۾ نه پيو ته جسم تي ڇنڊا ضرور لڳندا. اهو ڪڌو ڪم ڪرڻ وارو به ڪپٽ ئي ٿي سگهي ٿو.
    مطلب:
    • جو اُڀ ۾ ٿڪ اڇلائي، سو منهن ۾ پائي.
    • پُٽ ڪَپٽ، پينگهي ۾ پڌرا.
    • هٿ نه وجهجي سَرَ ۾، نانگ نه وجهجي وَرَ ۾،
    گهوڙو نه ٻڌجي دَرَ۾، ڌاريو نه آڻجي گهر ۾.
    329. دلي ۾ داڻا، ڪُڏن ڪٽاڻا. (پهاڪو)
    ڇڄ / کارا ٻَڌندڙن کي “ٿوري” يا “ڪُٽاڻا” سڏبو آهي. ڍيڍن يا ماڙيچن منجهان هوندا آهن، ڇڄ ٻڌي يا کارا ٺاهي، پيٽ گذر ڪندا آهن. اَنَّ جون گنديون يا پليون ڀري ڪين رکندا آهن. جيڪڏهن دلي ۾ رکڻ جيترا اَنَّ جا داڻا ملندا اٿن ته به بيهي ٽپ ڏيڻ شروع ڪندا آهن ۽ خوشي ملهائيندا آهن.
    مطلب:
    • بيوقوف کي ٿوري دولت هٿ اچي ته بودايون ڪري.
    330. ڏاڍو ماري، رووڻ ڀي نه ڏئي. (چوڻي)
    ڏاڍو يا ظالم، اندر ۾ بزدل هئڻ سبب، ٻين تي ڏاڍ / جبر ڪندو آهي. مظلوم کي دانهون ڪرڻ يا فرياد ڪرڻ به نه ڏيندو آهي. ڀؤ هوندو اٿس ته متان مٿس جوابي ڪارروائي ٿئي.
    مطلب:
    • ظالم، جوابي حملي کان ڊڄندو آهي. تنهنڪري مظلوم جو آواز گهُٽڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
    • ظالم کي، ڊگهو رسو مليل آهي.
    • ظلم قائم آهي، ظالم قائم ناهي.
    • Cowardice is mother of cruelty.
    331. ڏاڍي نال وَپار، ڏيندي گهندي سائين. (چوڻي /پهاڪو)
    ڏاڍي سان واپار ڪرڻ چڱو ناهي. مال ڏيڻ وقت به کيس سائين سائين ڪرڻو پوندو ته مال وٺڻ وقت به. پئسا ڏيڻ وقت به واهگرو ته وٺڻ وقت به ايلاز منٿون.
    ڏاڍي سان ڪو به تعلق چڱو ناهي. منجهانئس چڱائي ٿيڻي ئي ناهي.
    مطلب:
    • ڏاي سان نه مٽي چڱي، نه رشتيداري چڱي.
    • ڏاڍو / ظلم ، ڏيتي ليتيءَ ۾ کوچرائپ ڪندو آهي.
    332. ڏندو جي زال، سدائين نهال. (چوڻي /پهاڪو)
    هر عورت اهو پسند ڪندي آهي ته سندس مڙس، ڏانهنس کلي /مشڪي ڏسي. اها سعادت ڏندري جي زال کي مفت ۾ مليل هوندي آهي. مڙس جي، فطري طور وڏن ڏندن کي، کلندڙ چهرو سمجهي مٿس نهال / ٻلهار پئي ٿيندي آهي.
    مطلب:
    • ڏندوءَ جي زال جي خواهش پئي پوري ٿيندي آهي.
    • ڪي ماڻهو چڱي مهانڊي سبب ٻين جو قرب حاصل ڪندا آهن ته ڪي سادڙي شڪل سبب، ماڻهن جي نفرت جو شڪار ٿي مانيءَ لاءِ محتاج ٿي ويندا آهن.
    • پٺاڻ کان پڇيائون: “لالا!روتا ڪيون هي!؟”
    • “ماڙا روتا ڪهان هي!” پٺاڻ اڃا شڪل بڇڙي ڪندي جواب ڏنن؛ “شڪل ايسا هي!”
    333. ڏوهل، سدائين ڏٻري (پهاڪو)
    هر پيٽ تي لاڳيتو کير ڏهائيندڙ مينهن / ڳئونءَ کي ڏوهل سڏبو آهي. مسلسل ٿڻن مان کير ڏيڻ سبب، بت تي نه رت چاڙهيندي آهي ۽ نه ماس. کل مان به چمڪ نڪري ويندي اٿس. شڪل مان ڏٻري پئي نظر ايندي آهي.
    مطلب:
    • ٻين لاءِ قرباني ڏيندڙ وٽ، بئنڪ بيلنس نه هوندو آهي.
    • سخين وٽ، مال ملڪيت ڪٺا نه ٿيندا آهن.
    334. ڏيڏر ٽپ جوئار، ڪوئي ڪوئي ٿڏا واڙ. (چوڻي)
    فصل مان چڱي پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ، ان جي پوکي واري ترتيب تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڏيڏر جي ٽپ جيترو جوئر جا ڪانا هڪٻئي کان پري هوندا ته پئداوار سٺي لهندي. نه ڪانو سنهو ٿيندو ۽ نه سنگ. اڃا ڇڊي پوک هوندي ته وري مجموعي پيداوار گهٽ لهندي.
    واڙ؛ وونئڻ به ڪٿي ڪٿي ٿُڏو هوندو ته ڇَٽو/ جهڳٽو هڻي ٻوڙو ٿيندو. ڏينو وڏا ۽ ڦُٽي سٺي لهندي. منجهس گُڏَ ڪرڻ ۽ هَرُ ڏيڻ سهنجا ٿيندا. گهاٽو فصل، مجموعي طور گهٽ پيداوار ڏيندو آهي.
    مطلب:
    • آمون، ڏهه گامون.
    • ڇڊي پوک، ٿلها سنگ،
    گهاٽي پوک، سنها سنگ.
    335. ڏيڻ هيانءَ هيٺان آهي. (چوڻي)
    پياري شيءِ دل / هيانءَ هيٺان رکبي آهي. اها ڏيڻ ڏاڍي ڏکي لڳندي آهي. پنهنجي شيءِ ٻئي کي ڏيڻ، جگر جو ٽڪرو ڪٽي ڏيڻ برابر آهي.
    مطلب:
    • ڏيڻ، ڏاڍو ڏکيو آهي.
    • ڀتين تان ڀَتَ، ڪير نه اڇليندو آهي.
    • وٺڻ سولو، ڏيڻ ڏکيو.
    • ڏيڻ، ڏيهه ڇڏڻ، ڏيهي ڇڏڻ، ٽيئي ڪم ڏکيا.
    336. راڄ ستار، ڪاسبي اٺار. (چوڻي)
    منجهانئس ٻه مرادون آهن.
    (1) راڄ جا ماڻهو، ڪاسبيءَ جي ستاري ڪندڙ يعني عيب ڍڪيندڙ آهن. جڏهن ته ڪاسبي / ڪم ذات؛ لنگهو، مڱڻهار، بهشتي، ڪنڀر، موچي، ماڇي، ڪوري وغيره راڄ وارن جا عيب ڦولهيندڙ هوندو آهي.
    (2) راڄ وارا جيڪڏهن تعداد ۾ ستارنهن (سترنهن) آهن ته ڪاسبي انهن کان هڪ وڌيڪ يعني اٺارنهن (ارڙهن( آهن.
    مطلب:
    • ڪاسبيءَ سان پڄي ڪين سگهبو.
    • ڪم ذات، سکرن کان تعداد ۾ گهڻا آهن.
    337. رَتُ، راڻو آهي. (چوڻي)
    ڍور ڍڳو ڪم ڪار لاءِ ڌاربو آهي. رڍ / ٻڪري، کير، گوشت ۽ ڏاس لاءِ. مينهن / ڳئون، کير ۽ واپار لاءِ. منجهانئن اهو ڍور/ وهٽ ، ڌڻين کي وڻندو آهي، جنهن ۾ رتُ هوندو ۽ سگهو هوندو. جڏهن ته ڪمزور جانور مان مالڪ به بيزار هوندا آهن. يڪدم ڪاسائيءَ جي حوالي ڪندا اٿس.
    مطلب:
    • رتَ ستَ وارو مال، مالڪن کي راڻن وانگر، پيارو لڳندو آهي.
    • رت وارو جانور، سهڻو لڳندو آهي.
    338. رُٺا يار، گراهه ڳڻين (پهاڪو)
    يار / دوست ريڌل هوندو ته هر شيءِ پيو پيش ڪندو. اولَ- گهولَ پيو ويندو. ڏسي پيو ٺرندو. جان به قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندو.
    رُسندو ته ٽڪي ٽڪي جو حساب پيو ڪندو. سنگت ۾ کارايل مانيءَ جا به ڍيڪ پيو ڏيندو. ٻئي وٽ ٿيل دعوت ۾ به ويٺو گرهه ڳڻيندو ۽ ڳڻي ڳڻي لوڪ آڏو گلاھاب ڪندو.
    مطلب:
    • سنگت ۾ حساب ڪتاب، رٺل ئي ڪندا آهن.
    • ڀيٽيو؛ ٻين سان پنج، يارن سان ڪيها پنج.
    339. رٺي جو ڀاڱو، مٺو. (چوڻي)
    گهر ڀاتين کان رسي ماني نه کائيندڙ جي حصي جا هسوار ٻيا گهر ڀاتي ٿي پوندا آهن. هر ڪو رٺل جي ڀاڱي جي طلب ڪندو آهي.
    گڏيل ڪاروبار مان حصو ڇڏيندڙ جي ڀاڱي جا به ڪيئي طلبگار ٿي پوندا آهن. حاصل ڪرڻ لاءِ جتن پيا ڪندا آهن.
    مطلب:
    • رسندڙ جو حصو، سڀني کي مٺو لڳندو آهي.
    340. رڍ ڏئي کير، اهو ڀي ڦيڱڻين هاڻو. (پهاڪو)
    رڍ جي پول ۾ ڦولهڙيون چنبڙيل هونديون آهن. جيڪي لهي اوهه کي به چنبڙي پونديون آهن. صاف ڪرڻ جي باوجود کير ۾ هَوَڙَ ضرور رهندي آهي. جنهن سبب رڍ جي کير جو ذائقو مينهن ۽ ڳئون جي کير کان مَٽَ هوندو آهي. ذائقي ۽ بوءِ مٽ ٿيڻ سبب، ڪيترن ئي ماڻهن کي رڍ مان ڏڌل کير پسند نه ايندو آهي.
    مطلب:
    • رڍ جي کير ڏيڻ واري چڱائي، ڦولهڙين جي بانس سبب، اهميت گهٽائي ويندي آهي.
    • چڱائي ڪري کوهه ۾ اڇلجي، ڍيڪ نه ڏجن.
    • چڱائي ڪندڙ کي طعنا / مهڻا ڏيڻ، زيب نه ٿا ڏين.
    341. ساڌن جو ڇا سواد سان؟ (پهاڪو)
    ساڌو، هندن جا فقير آهن، جيڪي دنيا کي تياڳ ڏيڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ تپسيا ڪندا آهن. انهن جو ذائقي ۽ سواد ڏانهن ڌيان نه هوندو آهي. جيڪڏهن اوڏانهن خيال ڪن ٿا ته پڪ ساڌو ناهن.
    مطلب:
    • پارسا سڏائيندڙ کي، دنياداريءَ جي جنجهٽ ۾ نه پوڻ گهرجي.
    • ڀيٽيو؛ ڪوئي مري ڪوئي جيوي، سٿريا گهول پتاشا پيوي.
    342. ستل اون مئل، هڪ مثال. (چوڻي)
    ستل جو به روح قبض ڪيو وڃي ٿو. نند مان اٿڻ وقت واپس وڌو وڃي ٿو. ڪن جو روح واپس نه به وڌو ويندو آهي. ننڊ کي موت جي ڀيڻ ان ڪري سڏيو ويو آهي. ننڊ واري جو مئل وانگر، دفتر به بند هوندو آهي.
    مطلب:
    • جهالت جي ننڊ ۾ ستل قوم، مئل وانگر ۽ سجاڳ قوم زنده مثل آهي.
    • سستي ۽ ننڊ، آرس ۽ ڪم همتي، قوم جي تباهيءَ جون نشانيون آهن.
    343. سڃي کي نه هيٺين واٽ ڀؤ نه مٿين. (پهاڪو)
    خراب رستي تان ڦُرجڻ جو ڀؤ، ان مسافر کي هوندو آهي، جنهن کي قيمتي سامان ساڻ هوندو آهي. سڃي ۽ سکڻي کي نه مال هوندو آهي ۽ نه ڦرجڻ جو ڀؤ هوندو اٿس. ان لاءِ هڙئي رستا هڪجهڙا آهن.
    مطلب:
    • سج لٿي کان پوءِ دير ناهي، ڦُرئي کان پوءِ ڀؤ ناهي.
    • ڍڳو نه ڍور، ڇا ڪاهيندو چور؟
    • ڪڏهن ڪڏهن سڃائي به ڪم اچي ويندي آهي.
    • ڀيٽيو؛ سک سمهن ڪنڀار، چور نه چائن مٽي.
    344. سر وڃي، سرواهه نه وڃي. (پهاڪو)
    سِرواهه؛ جان جي واهت ڪندڙ اوزار، جهڙوڪ؛ ڍال، ترار، بندوق وغيره. ان سان پنهنجي جان جي حفاظت ته ڪري سگهبي پر اهل و عيال جي به ڪري سگهبي. جيڪڏهن هٿيار، هٿان هليو ويو ته پوءِ قوم ۽ ملڪ جي حفاظت نه ڪري سگهبي.
    مطلب:
    • ٻين جي حفاظت لاءِ ڌاريل هٿيار، ضايع ڪرڻ کان جان ڏيڻ چڱي آهي.
    • دشمن کي هٿيار تائين پهچڻ نه ڏجي.
    • سِرُ ڏجي، سُرُ نه ڏجي.
    345. سک سمهن ڪنڀار چور نه چائن مٽي. (پهاڪو)
    ڪنڀر جو ڪم، مٽيءَ جا ٿانوٺاهڻ آهي. مٽيءَ جا ٿانءَ، قيمتي وٿ ناهن. جڏهن ته چور چڱي مال کي تڪيندو آهي ۽ ڀريل ڀڪيل گهر ۾ کاٽ هڻندو آهي. سڃي ماڻهوءَ جي گهر ۾ ڪير به کاٽ نه هڻندو آهي.
    مطلب:
    • سڃي کي نه چور جو ڀؤ، نه ٻوڏ مان نقصان ۽ نه ئي باهه مان خطرو.
    • سک سمهه ڙي ڪنڀار، تنهنجا ڪچا ڪير نه نيندو.
    • ڀيٽيو؛ سڃي کي نه هيٺين واٽ ڀؤ، نه مٿين.
    346. سکڻ ۾ ڪهڙو شرم. (چوڻي)
    ارسطوءَ لاءِ مشهور آهي ته ستر سال جي عمر ۾ اڇي ڏاڙهيءَ سان گٽار وڄائڻ پئي سکيائين ته ڪنهن دوست ٽوڪيندي چيس؛ “هن عمر ۾ گٽار وڄائڻ پيو سکين! شرم نه ٿو اچئي!”
    “ها شرم ته اچي ٿو! پر ان وقت ڏاڍو ايندو آھي!” ارسطوءَ دليل ڏيندي چيس؛ “جڏهن محفل ۾ سڄي سنگت گٽار وڄائڻ کان پوءِ چوندي آهي؛ هاڻي تون اچي وارو وٺاءِ! ان وقت شرم ڏاڍو ايندو آهي. هاڻي، سکڻ ۾ ڪهڙو شرم آهي؟!”
    مطلب:
    • سکڻ لاءِ، ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين جو وقت آهي.
    • سکڻ يا علم پرائڻ ۾، لڄ نه ڪرڻ گهرجي.
    347. سنجهي جي مئي کي، ڪيترو روئبو؟ (پهاڪو)
    مرڻ وارن جي پويان روئڻ ۽ ڏک ڪرڻ جي به هڪ حد هوندي آهي. جذبات ۾ پهرين مٿو ٽڪرائبو، پوءِ منهن ۾ چنبا هڻبا. پار ڪڍبا، ڳوڙها وهائبا. نيٺ سڏڪي سڏڪي چپ کڻي ڪبي. شريعت به ڍڪ رکڻ خاطر، ڏک ڪرڻ يا تڏو وڇائڻ جي ٽن ڏينهن تائين حد مقرر ڪئي آهي.
    سانجهيءَ ڌاري عزيز مري وڃي ته سڄي رات ويهي ڪير به ڪونه روئندو آهي. ٿوري وقت ۾ ئي ڍنڍڪرون ڏئي ماڻهو ماٺ ٿي ويندو آهي.
    مطلب:
    • ڏک ڪرڻ لاءِ موقعو ڀلي گهڻو ملي، پر ڪبو حد اندر آهي.
    • مرندڙن پويان، ڪير به نه مرندو آهي.
    • آڳاٽي پيل نقصان لاءِ ڪير به پنهنجو قيمتي وقت، پڇتائڻ ۾ ضايع نه ڪندو آهي.
    348. سوڌا هجن سپرين ته جوٺا پيا جک مارين. (چوڻي)
    پيارا پرين، من گهريا محبوب، جيڪڏهن سچا هجن ته ڏکين حالات جي پرواهه ڪير به نه ڪندو آهي. نه ئي ڪوڙا ماڻهو ورغلائي سگهندا ۽ نه ئي مخالفن جون ميارون کڻڻيون / سهڻيون پونديون.
    مطلب :
    • يار سچا آهن ته دشمن جي پرواهه ناهي.
    349. سهري گهر ڄانٽو، ڪتي جي آچار (چوڻي)
    ڄانٽو / نياڻو، شادي ڪرڻ کان پوءِ ساهري گهر جو مالڪ يا وارث نه ٿيندو آهي. نياڻيءَ جي مڙس هئڻ ڪري، کيس عزت تعظيم ته ملندي آهي پر گهر ۾ پُٽ واري حيثيت نه هوندي اٿس. نه کيس ساهري گهر بابت پوري حقيقت جي ڄاڻ هوندي آهي، نه ئي سندس ڪو حڪم هلي سگهندوآهي.
    مطلب:
    • نياڻو پنهنجي گهر جو وڏو ٿي سگهي ٿو، ساهري گهر جو نه.
    • پٽ پيٽئون، ناٺي نيڻئون.
    • ڄاٽا، ابتا ڏاٽا.
    350. عاشقن ٻڌيون ڪمرون، دلي اڍائي ڪوهه. (چوڻي/پهاڪو)
    عاشق، عشق جي جنون ۾ جڏهن محنت ڪندو آهي ته سهولتين کي ڪونه ڏسندو آهي. جنهن ڪري قدرت به مٿس مهربان ٿي پوندي آهي. جبل کي ٽاڪڻ عاشق جو ڪم، کير جي ندي وهائڻ قدرت واري جو ڪم. سمنڊ جو پاڻي ڌنئڻ عاشق جو ڪم، هر لپي سان موتين جو ٻڪ اڇلڻ قدرت واري جو ڪم. عاشقن وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. صحرائن مان، موتي به ميڙي آيا آهن ته عشق ۾ ملڪن جو بادشاهيون به تياڳي ڇڏيون اٿائون. سندن همت آڏو، ٻيلو به ٻه ٻرانگهون ۽ دهلي به اڍائي ڪوهه آهي.
    مطلب:
    • عاشق لاءِ سوري سيج ۽ وِههُ امرت برابر آهي.
    351. عشق، هٽ بازار جو سودو ناهي. (چوڻي)
    عشق، دل جو لطيف جذبو آهي. جيڪو قدرت طرفان عطا ٿيندو آهي. عشق ۾ عاشق پنهنجي پاڻ کي ٻڌو ٻانهو سمجهندو آهي. کيس پنهنجا هٿ پير ٻڌل نظر ايندا آهن. سندس عضوا سندس وس ۾ ئي ڄڻ نه هوندا آهن.
    عشق ڪيو نه ويندو آهي پر ٿي ويندو آهي. عشق نباهڻ پڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
    مطلب:
    • اول سانگو سر جو لاهِ، پوءِ ڀلي عشق کي هٿڙو لاءِ.
    • عشق ناهي راند، جيئن ڳڀرو کيلين،
    سسي نيزي پاند، اڇل ته اڌ ٿئي.
    • عشق پر زور نهين، يه وه آتش هي،
    جو لڳائي نه لڳي، بجهائي نه بني.
    • عاشقان را شش نشانيان است پسر؛
    آه سرد، رنگ زرد، چشم تر،
    آه زاري، بيقراري، بي قدر.
    352. ڪاڏي الله جي الاهي، ڪاڏي جهِلار جا مُنا. (پهاڪو)
    کوهه مٿان چاڙهيل چرخيءَ کي نار ۽ کوهاڏي مٿان چاڙهيل چرخيءَ کي جهلار سڏبو آهي. جهلار جي چرخين جو وزن، ٻن ڪاٺ جي ٿوڻين ذريعي زمين ڏانهن منتقل(Transmit) ڪبو آهي، انهن کي مُنا چئبو آهي. مُنا چڱي طاقت رکندا آهن.
    ساري ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ، هڪ الله آهي. ساڻس ڪنهن شيءِ جي ڀيٽ نه ٿي ڪري سگهجي. پنهنجي ذات ۽ صفات ۾ بي مثل آهي. ليس ڪمثله شيءِ. دنيا ۾ جن به شين کي طاقت يا سگهه ميسر / عطا ٿيل آهي، سا پڻ الله طرفان ٿيل آهي.
    مطلب:
    • الله ﷻ جي طاقت سان، ڪنهن به طاقت کي ڀيٽي نه ٿو سگهجي.
    • ڪاڏي احمد ميان سومرو، ڪاڏي گوشو ڊرائيور.
    353. ڪال ويسي، سُڪال ويسي، چت سڙي دا داڳ نه ويسي. (پهاڪو)
    ڪال؛ ڏڪر ۽ سڪال؛ سڪر وغيره سدائين نه رهندا آهن. اڄ آهن سڀاڻي نه هوندا. ڏُڪر هوندو ته سُڪر ڀڄي ويندو. سُڪر ايندو ته ڏئڪر بَرِ منهن ڪري ويندو. سک / ڏک سدائين نه ٿا رهن.
    جسم جي عضون تي تڪليفن سبب ٿيل زخم يا نشان سدائين لاءِ ڇپجي وڃن ٿا، ختم نه ٿا ٿين.
    مطلب:
    • ڪنهن جو به احسان، دل تان ميسارجي نه سگهندو آهي.
    • رڻا ڇٽي وڃن، وڻا ڪين وسرن.
    • ڦٽ ڇٽي وڃن، داڳ ڪين لهن.
    354. ڪانءَ، ڪراڙ، ڪتي تي، پت نه ڪجي ستي تي. (چوڻي)
    (1) ڪانءَ جي عادت آهي، جهپڙ ڏئي ٻار جي هٿن مان لولا ڦرڻ.
    (2) ڪتو به عادت کان مجبور آهي. کاڌي جي شيءِ خاص طور گوشت تي لُوهه ضرور ڏئي.
    (3) ڪِراڙ؛ وياجي واڻيو، وياج وٺڻ کان ڪين مڙندو. پنهنجي دوستن / مائٽن مان به ڪين ٽرندو.
    (4) ستل ماڻهوءَ کان به ڪو ڪم سرانجام نه ٿيندو.
    مطلب:
    • مٿي ٻڌايل چئني تي ڀروسو / اعتماد نه ڪجي. نه ئي سندن ويجهو وڃي پاڻ ڦُرائجي.
    355. ڪَڇُڙ واري کي ڇڏي، پيٽ واري جي ڳڻتي نه کائجي. (پهاڪو)
    ڪَڇُڙ يا ڪڇ واري ٻار جي پرگهور لهڻ، ماءُ لاءِ اشد ضروري آهي. کاڌي پيتي، لٽي ڪپڙي ۽ صفائي سٿرائي لاءِ اهو اڃا سندس محتاج آهي. ڇو جو ابھم کي اڃا انهن ڪمن ڪرڻ جي سگهه ناهي.
    پيٽ واري جي پلجڻ لاءِ، الله سائينءَ اڳواٽ ئي بندوبست ڪيو آهي. فطري نظام تحت کيس گهربل خوراڪ وغيره ملي ٿي پئي.
    مطلب:
    • معذور / محتاج جو خيال رکڻ گهرجي.
    • ايندڙ کان وڌيڪ، موجود شيءِ جي پرگهور لهڻ گهرج.
    • آنن ڦٽڻ کان اڳ، چوزا ڪين ڳڻجن.
    • Don’t count chiknes, before hatchet.
    356. ڪنڌي کون پار، ڌُر قنڌار. (چوڻي)
    گهر جي عالم پناهه / چوديواريءَ مٿان ٺاهيل ڪانن جي اولي کي ڪنڌي ڪوٺبو آهي. جيڪا پردي يا پناهه خاطر ڏبي آهي. گهر ڀاتي، ڪنڌيءَ کان نڪتو ته ڄڻ پري ٿيو. ايترو پري جيترو قنڌار پري آهي.
    مطلب:
    • گهران نڪري ويل عزيز کي پهرين دل ۾ ساربو آهي. نيٺ دل تان ياد به لهي ويندو آهي.
    • ڪنڌارئون پار، ڌر قندار.
    • جو چلهه تي سو دل تي، چلهه کان دور سو دل کان دور.
    • ڪنڌي کون پار، قنڌارئون پار.
    357. ڪوري چڙهيا شڪار، موليٰ خير گذار. (چوڻي)
    ڪپڙو اُڻي پنهنجو پيٽ گذر ڪرڻ وارا ڪوري، پنهنجي جوڙيل ڪپڙي کي وقت سر نيڪال ڪرڻ جي اون ۾ ھوندا آهن، ٻئي سان سينو ساهيندا ته گراهڪي خراب ٿيندن ۽ روزيءَ تي لت اچي ويندن. دشمني ڪرڻ سان، ڪپڙي جو وڪرو بند ٿي سگهي ٿو. مخالف باهه سان ساڙائي به سگهن ٿا. رکئي خراب به ٿي سگهي ٿو. انهيءَ اون ڪري، ڪوري ڪنهن سان به ڪين ڦٽائيندا آهن. سي شڪار وري ڪيڏانهن ڪندا؟
    مطلب:
    • ڪمزور، ڪڏهن به جهيڙو نه چاهيندو آهي.
    • ڇا ڪوري، ڇا ترارون.
    358. ڪوئي مري ڪوئي جيوي، شترا گهول پتاشا پيوي. (پهاڪو)
    آڳاٽي دور ۾ هندن جا ڪي فقير، پاڻ سان مختصر سامان کنيو، اڄ هِن شهر سڀان هُن شهر ۾، پيا هلندا هئا. ڪنهن جي مراد پُني يا عزيز فوت ٿيو، ٻنهي حالتن ۾ کانئس پتاشن جو شربت طلبيندا هئا. اهڙن فقيرن کي شترو سڏبو آهي.
    مطلب:
    • فقير هر حال ۾، اکيون ٻوٽي پيا مال وٺندا آهن.
    359. کٽائو پٽ، پيارو. (چوڻي)
    هر ماڻهوءَ کي ڪاميابي پسند هوندي آهي. دنيا جي ڪاميابي، ڌن دولت ۾ نظر ايندي آهي. هر ڪنهن جي ڪوشش ڌن ميڙڻ يا ڌن واري سان تعلق قائم ڪرڻ ۾ هوندي آهي.
    پٽن منجهان به اهو وڻندو آهي، جيڪو کي کارائي. نڪمو پٽ به ڪنهن کي ڪين وڻندو آهي. کيس اٽي تي چٽي سمجهيو ويندو آهي.
    مطلب:
    • اولاد به فائدي وارو وڻي ٿو.
    • پٽ کٽيءَ وارو، ننهن لڌي واري.
    • پٽ ڪاڻو، ته به کاٽو ڀلو.
    360. کلو، پنجون پير. (چوڻي)
    دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي، دين ۾ رکيل آهي. دين تي صحيح نموني هلڻ لاءِ ڪامل مرشد يا پير جي هٿ تي بيعت ڪرڻ ضروري آهي. پير جو چيو يا حڪم، هر ڪو مڃيندو آهي.
    ڪير جيڪڏھن ڪو ڪم نه ڪندو آهي يا جهيڙو نه ڇڏيندو آهي ته کيس چئبو آهي؛ “اٿئي ڪو پير مرشد ڪن نه!؟”
    اهڙيءَ طرح چئني طرفن ڏانهن ڪونه ڪو مرشد مڃي، گهٽ ۾ گهٽ چار پير سمجهيا ويندا آهن.
    پير کان پوءِ وڌ ۾ وڌ حڪم ڏنڊي جو هلندو آهي. ان کي به پنجين پير جي حيثيت حاصل آهي.
    مطلب:
    • مار به هدايت جو سبب ٿئي ٿي.
    • مار، ڀوت ڀڄايو ڇڏي.
    • مار، ڏاتار آهي.
    • عرشان لٿيان چار ڪتابان ، پنجوان لٿا ڏنڊا،
    ڪتابان اوھ نه ڪيتا، جو ڪيتا ڏنڊا.
    361. گابا هَرَ وهن ته ڏاندن کي ڪير پڇي؟ (پهاڪو)
    هَرَ وھڻ لاءِ، طاقت ۽ آزمودو درڪار آهي. جيڪو ڪنهن ڏاند ۾ ٿي سگهي ٿو، گابي ۾ نه. گابو اڻ آزمودگار ۽ سيکڙاٽ هئڻ سبب، هَرُ نه ڪاهي سگهندو.
    ملهه وڙهڻ به آزمودگار ملهن جو ڪم آهي. سيکڙاٽ ۽ ناتجربيڪار جو ڪم ناهي.
    مطلب:
    • وڇِ، کير ڏئي ته مينهن ڪير ڌاري.
    • جنهن محفل ۾ پير مرد ناهي، ان ۾ ڪو نه ڪو ڪم ضرور کري.
    • پوڙهو اٺ، ٻه ڪنواٽ لهي.
    362. گهوڙن جون لتون، گهوڙا جهلين يا ٻيڙا جهلين. (پهاڪو)
    گهوڙي جي لت، ڳؤري ٿيندي آهي، جنهن کي لڳي تنهن کي اڏائي ڇڏيندي آهي. گھوڙا ڊوڙڻ وقت، جبلن جي پٿرن مان به چڻنگون ڪڍي ڇڏيندا آهن. گهوڙن جي لت يا اهڙي طاقت رکندڙ گهوڙا جهلين يا اهي جنگي ٻيڙا جهلين، جن منجهه جنگي گهوڙا کڻي هلبا آهن.
    مطلب:
    • گهوڙا ۽ ٻيڙا، وڏا بار کڻي سگهن ٿا.
    • طاقت جو ايڪو (unit) گهوڙي جي طاقت (Horse Power) سان ڀيٽي لڳايو ويندو آهي.
    363. ڳنا آڀون هارين کاڌا، پڇڙ کاڌا جهار،
    ڇا کڻي زميندار، ته ڇا وٺي سرڪار. (پهاڪو)
    هڪڙن هارين ڪمند ڪاهيو. ڳنا پاڻ کائي ويا ۽ پڇڙ مال کان ڀيلائي ڇڏيائون. ڪڻڪ پوکڻ پڄاڻان آڀون ۽ اَنُّ پاڻ کڻي ويا. باقي تيلا جهار جي حوالي ڪري ڇڏيائون. بٽئيءَ وقت نه زميندار کي حصو ڏنائون ۽ نه ئي وري سرڪار کي ڍل ڏنائون. جنهن تان زميندار ٽوڪ ڪندي ائين چين.
    مطلب:
    • وقت کان اڳي ملڪيت کائبي ته ندامت ڏسڻي پوندي.
    364. لک جي ڇانءَ تي، ڪتو به ويهندو آهي. (چوڻي)
    لک روپئي جو ريزو، آڌين، پائلين، ڏهه پيسين، ٻِه- پائين ۾ ڪرائي ڍير ڪجي ته ان ڍير جي پاڇي واري ڇانءَ ۾ ڪتو به آرام ڪري سگهي ٿو.
    (2) ڇانءَ؛ لکن روپين جي قيمت واري آهي. جنهن جو قدر صحرائن ۾ هلندڙ کي هوندو آهي. اها به ڪتي جهڙي جانور کي مفت ۾ ميسر هوندي آهي.
    مطلب:
    • قيمتي شيون، قدرت طرفان مفت ۾ ميسر ٿيل آهن.
    365. لک مري، لک پال نه مري. (چوڻي)
    لک پال؛ سخي مڙس جي ڪمائيءَ تي لکين ماڻهو پلبا آهن. جيڪڏهن عام رواجي لک ماڻهو مري وڃن ته سندن لاءِ ايترو گڏيل ڏک نه ڪيو ويندو آهي، جيترو هڪ سخي مڙس لاءِ ڪيو ويندو آهي. سخي الله ﷻ کي پيارو آهي، پوءِ ڀلي کڻي فاسق هجي. وقت تي سر ڏيندڙ هوندو آهي ۽ ڪنجوس وانگر قطعي نه کسڪندو آهي.
    مطلب:
    • هڪ سخيءَ جو موت، لک عام ماڻهن کان وڌيڪ دکدائڪ ٿيندو آهي.
    366. لوڪن کي لوڪ جي، ٻوڙي کي ڪنن جي. (چوڻي/پهاڪو)
    هر معذور کي پنهنجي تڪليف ئي ياد هوندي آهي. سدائين پيو ان جو بيان ڪندو. معاملو ڪهڙو به ھجي پر سندس ذهن جي سئي ساڳي جاءِ تي اٽڪيل هوندي.کيس ٻي ڪا ڳالهه سُجهندي ئي نه.
    ٻوڙو، ڪنن کان اڳي ئي گهٻرو، تنهن کي پنهنجي عذر سبب ڪن لاٽار به ڪرڻ پئي ڏانءُ ايندي. ماڻهو، عوام جي ڀلائيءَ لاءِ پيا سوچيندا ۽ رٿون رٿيندا. جڏهن ته ٻوڙو، ڪن ڪڍيون پيو، ڪنن جي تدراڪ جي ڳالهه ڪندو.
    مطلب:
    • هر ڪنهن کي پنهنجي تڪليف ياد هوندي آهي.
    • پٿر پرائي، سڀڪا روئي سور پنهنجن جا.
    367. ماڙيچا، ڪنهن نه پاڙيچا.
    ڊگها ڏُوت، جيئري جِنَّ، مئي ڀُوت. (چوڻي)
    مارواڙ جي علائقي وارن کي ماڙيچو سڏبو آهي. سنڌ ۾ پڻ ذات آهي. قداور/ ڊگها ٿين ٿا. ڪنجوس اهڙا جو پاڙي ۾ نه ويهارجين. پاڙي ۾ هجن ته پاڙو ڇڏي ڀڄي وڃجي. ڇو جو هو پاڻ ته لڏيندا ئي ڪونه. جيئرا آهن ته جنن وانگر پيا وڙهندا. مري وڃڻ کان پوءِ ڀوت ٿي لڳندا آهن.
    مطلب:
    • وس ويندي نه ماڙيچن جي پاڙي ۾ رهجي ۽ نه ئي کين پاڙي ۾ رهڻ ڏجي.
    368. مالڪن کي ڀي اهو پيارو، چورن کي ڀي اهو پيارو. (پهاڪو)
    مالڪ هميشه چڱي شيءِ ڌارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. بيمار مال، ڪنهن ڪم جو نه هوندو آهي. جلد کيس ڪاسائيءَ وٽ پهچائڻ جي ڪوشش ڪبي آهي. سهڻي جانور جي ٽهل ٽڪور به پئي وڻندي ۽ پيارو به پيو لڳندو.
    چور کي به چڱي مال جي تاڙ هوندي آهي. جيڪو پڙيءَ تي پهچندي ئي چڱو منافعو ڏئي. بيمار ڍور کي ڪاهڻ مان کين ڪهڙو فائدو؟
    مطلب:
    • چڱي شيءِ، هر ڪنهن کي وڻي ٿي.
    • ٻارن جي کيڏ ڀي اتي، ڏائڻ جو گهر ڀي اتي.
    369. ملان مئو، مهابو ٽٽو. (پهاڪو)
    مهابو؛ نيت يا صدقو ڏيڻ کي چئبو آهي. وڏن جي نيت، ماني يا ٽڪي مسيت جي ملان کي ڏبي آهي. هڪ دفعو شروع ڪرڻ کان پوءِ، وس ويندي بس نه ڪبي آهي. جڏهن ملان رحلت ڪري ويندو آهي ته پوءِ وڃي بند ٿيندي آهي.
    مطلب:
    • ملان جي وفات سان، ياري به ختم.
    • دوستي، حياتيءَ تائين هوندي آهي.
    370. ملڪ وچ تپ تپالي، ته مَست موهر هالِي،
    ملڪ وچ خير صليٰ، ته مار مستي جي مُنهن تي کلا. (پهاڪو)
    مَستيءَ نالي همراه کي هَرُ ڪاهڻ ڏانءُ نه ايندو هو، جنهن سبب ڪير به کيس زمين ڪاهڻ لاءِ نه ڏيندو هو. هڪ دفعي ڏيهه ۾ وڏي تپاوليءَ جي بيماري ٿي پئي. چڱا ڀلا ھالي/ هاري بيماريءَ سببان گهرن ۾ ويهجي ويا. مستي چاق هو، جنهن ڪري مڙني زميندارن کيس زمين ڪاهڻ لاءِ ڏني ۽ هالي / هاري ٿي پيو.
    تپاولي ختم ٿي. ٻيءَ مند تي سمورا هاري نؤبنا هئا. مَستيءَ کي هارپ تي زمين ڏيڻ لاءِ ڪنهن به نه چيو. نيٺ پاڻ زبان سان زميندارن کان گهريائين ته ڪنهن به نه ڏنس. جنهن تي چٿر طور ڏک مان کين ائين چيائين.
    مطلب:
    • ڏک ۾ غريب ياد، سک ۾ ڪير پڇيس ئي نه.
    • جت وڻ ناهي، اتي ڪانڊيرو به درخت.
    • ڀيٽيو؛ درياهه ۾ ڪال، ربوءَ جي ماءُ ڀي تاري.
    371. من مردار، حجتون هزار. (چوڻي)
    سست ماڻهوءَ جي دل ڪم کان ڀڳل هوندي آهي. کائڻ کان کَٽي نه هوندي اٿس. ڪم کان لهرائيندو آهي پر مطلب ڪڍڻ خاطر، ڪوڙا دليل به گهڙي عذر ڏيندو آهي. ڇو جو هڏ- حرام هئڻ سبب، مفت جا مال پيو تاڙيندو آهي.
    مطلب:
    • ٽوٽي ماڻهو، گهڻا بهانا ٺاهيندو آهي.
    • دل ڀڳي لاءِ، هزار بهانا.
    • ٻانهن ڀڳو ڪم ڪري، ٽنگ ڀڳو ڪم ڪري، دل ڀڳو نه ڪري.
    372. نِرو پِرو ٻئي تي نه ڀاڙجي، ڪجهه پنهنجي به ٻارِجي. (چوڻي)
    لاهي پاهي ٻين جي آسري تي ڌنڌا ڌاڙيون نه ڇڏي ڏجن. ڪجهه پنهنجو هڏ به هلائجي. سنگت ۾، هڪ ڏينهن ٻئي جو کائجي ته ٻئي ڏينهن ٻئي کي کارائجي به. اڄ ٻئي کان ڪم وٺجي ته سڀاڻي وري ان جو به ڪم ڪجي. ٺلهو ٻين تي ڀاڙڻ وارو، عنقريب محتاج ٿيندو ۽ پينو فقيرن وانگر صدائون هڻندو وتندو.
    مطلب:
    • ٻئي تي نه ڀاڙ، پنهنجي به ٻار ۽ چاڙهه.
    • ٻانهن جهڙو ٻل ناهي، اک جهڙي جوت ناهي.
    • ڀيٽيو؛ هڏون نڪتو ڪار آهي.
    373. وات کاوي، اک لڄاوي. (چوڻي)
    وات جو ڪم آهي کائڻ. پوءِ جيڪو به مال مليس ۽ جنهن کان به مليس. جڏهن ته اک هر مال جي نوعيت ۽ مالڪ بابت پئي لڄائيندي. پرائو مفت جو مال کائڻ وقت به وات جا ڏند پيا ڪُرٽيندا، جڏهن ته اکيون ويچاريون پيون شڪي شڪي ٿينديون آهن.
    مطلب:
    • وات جو ڪم آهي کائڻ، اک لڄائيندي.
    • کائي گَلو، وڃي ڪلهو.
    • زبان چوي؛ “چٺو مٺو!”
    نڙي چوي؛ “مون نه ڏٺو!”
    • وات کائي، اکيون لڄائين.
    374. وڏي ڪني جي کروڙ ئي گهڻي. (پهاڪو)
    جڏهن ديڳ رجهندي آهي ته منجهس کرڙ به ٿيندي آهي. جيڏي وڏي ديڳ هوندي، کرڙ به ان مقدار سان وڌيڪ هوندي. مالڪ پاڻ ته ڀت کائيندا پر کرڙ جي صورت ۾ فقير فقراءَ به پيا سواد وٺندا.
    جڏهن سرڪار طرفان نوڪرين جي ديڳ چڙهندي آهي، تڏهن وڏيون نوڪريون ته ڪامورا ۽ سياستدان پنهنجن کي نوازڻ خاطر والاري ويندا آهن پر ننڍيون نوڪريون، ڪُتِ خلق کي يا اهليت رکڻ وارن کي مفت ۾ ملي وينديون آهن.
    مطلب:
    • وڏي ميراث جي ورهاست مان، نادار ماڻهن کي به حصو ملي ويندو آهي.
    375. هڏون، نڪتو ڪار آهي. (چوڻي)
    هر ڪم، هڏ هلائڻ سان سر انجام ڏئي سگهبو آهي. هڏ- رک ٿيڻ سان هٿائين ڪمزور ٿبو آ. نه هڏن ۾ طاقت ايندي، نه ئي ڪم ڪاريون ٿي سگهندا. سست ۽ ٽوٽي ماڻهو، ڪم نه ڪرڻ سبب روزي رزق نه ڪمائي سگهندو آهي. جنهن ڪري معاشري ۾ سندس عزت نه هوندي آهي. سدائين ٻين جو محتاج هوندو آهي.
    ان جي برعڪس، ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو، شان مان سان رهي ٿو ۽ ٻين جي محتاجيءَ کان به آجو رهي ٿو. کيس ڪنهن جي آڏو هٿ ٽنگڻو نه ٿو پوي.
    مطلب:
    • محنت ۾ عزت آهي.
    • Dignity is in Labour
    • ڀيٽيو: نِرو پِرو ٻئي تي نه ڀاڙجي.
    376. هڪ راڌي، هر ڪو ڇڏي. (چوڻي/پهاڪو)
    هڪڙو راهيل فصل، زندگيءَ ۾ هر ڪنهن کي ڇڏڻو پوي ٿو. فصل ڪاهڻ / پوکڻ کان پوءِ مري وڃڻ وارو، اهو فصل نه ٿو کڻي. البته ٻيا يعني سندس وارث کڻن ٿا.
    مطلب:
    • آخري محنتاڻو، هر ڪو ٻين لاءِ ڇڏي ٿو.
    • فصل جي نقصان تي ارهو نه ٿجي.
    377. هڪ سهڻي زبان، ٻيو سونو ڳَهُه،
    پوءِ ڪير نه رکندو ڳَهُه؟ (پهاڪو)
    هڪڙو همراھ هڪ ڪتو ڪاهي بازار ۾ آيو. کيس پئسن جي ضرورت هئي. ڪتو ڳَههُ رکي، پئسا وٺڻ پئي گهريائين. ان لاءِ وچ بازار ۾ بيهي چوڻ لڳو؛ “آهي ڪو ڪميڻو! جيڪو هيءُ ڪتو ڳَهُه رکي!”
    سندس اهي اُگرا الفاظ، ڪنهن کي به نه پئي وڻيا. تنهنڪري ساڻس ڪنهن به نه پئي ڳالهايو. آخر هڪڙي دڪاندار، ٽهڪ ڏيندي چيس؛ “هڪ سهڻي زبان، ٻيو سونو ڳَهُه، پوءِ ڪير نه رکندو ڳَهُه!”
    مطلب:
    • مٺي زبان سان، ٻين مان ڪم ڪڍبو آهي.
    • اُگري زبان سان، پنهنجو حق به نه وٺي سگهبو آهي.
    378. هنگي هروءَ ماءُ، ڪاڄُ ڪِنُ ڪيو. (پهاڪو)
    هروءَ ماءُ نالي هڪ ڪنجوس عورت هئي. جنهن پٽ جي شاديءَ ۾ به وڏي ڪنجوسيءَ کان ڪم ورتو. ڄڃ کي ته خوار خراب ڪيائين پر مَڃَ وارن کي به وڏو ذليل ڪيائين. جنهن سببان سندس تيار ڪرايل طعامن ۾ سواد نه رهيو. ڪنهن به گرهه نه هنيس. وڏي گلا ٿيس. آخر ۾ سندس لاءِ ائين مشهور ٿيو.
    مطلب:
    • پڪائيءَ / ڪنجوسائيءَ سان ڪيل ڪم، به بگڙندا آهن.
    • ڪنجوسائپ، بدناميءَ جو سبب ٿئي ٿي.
    379. يار اچن، ڇيڇڙا وڪامن. (پهاڪو)
    ڪاسائي، ڇيڇڙا وغيره نيڪال ڪرڻ لاءِ واقفڪار ۽ سنگتي تاڙيندو آهي، جيڪي تور وقت ڪُرڪن ئي نه. هو مروتًا ساڻس سٺا هلن ۽ هيءُ عادتًا کين ڪسي ڪانڊي شيءِ کڻائي ڇڏي. نه بعد ۾ ھو کيس ميار يا ڏوراپو ڏين. نه پر پٺ گلا ڪن ۽ نه ئي گراهڪي ڦٽائي وڃن.
    مطلب:
    • دڪاندار هجي يار، ٻيو دشمن ئي نه ڌار.
    • واڻيو، واقفڪار کي ٺڳيندو آهي.
    • يار آڻ، تي ڇڇڙي بِڪ جاڻ. (پنجابي)
    380. يار ڳنڍي نه ڳنڍي، اسان ڊهيسون پئي ڳنڍي. (پهاڪو/ورجيس)
    يار، اسان سان ياري ڀلي نه ڳنڍي پر اسان ساڻس ڳنڍيندا رهنداسين. ثبوت جي طور تي، هُج ۾ سندس ٻارِ مان پلال جا ڳنڍا يا ڳنڍيون يا ٻِنڊون، پنهنجي مال واسطي پيا ڊوھيندا / ڍوئيندا رهنداسين.
    سنگت مان چالاڪيءَ سان مطلب پورا ڪرڻ واري کي ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.
    مطلب:
    • يار ليکي نه ليکي، اسان يار جي ليکي.
    • هُت ڄڃ نه سڃاڻيس، چي؛ “گهوٽ پڦي آهيان.”
    • هو سودو نه سلي، هيءُ اٽل گهري.
    • هُتِ زمين ۾ گهيڙين! ھي چي؛ “منهنجي پٽ جو ٻيو لاپو!”
    • هو سوڙ پاند نه ڏين، هيءَ وچ ۾ سمهندي.
    • هو ساڻ نه نين، هيءَ ڏاند تي چڙهندي.


    ڏسڻي

    1. آ ڏکڻ ڏيهي، وڃ هانوَ ۾ پيهي.
    2. آڱر ۽ آڱوٺي ۾ وٿي آهي.
    3. آڱرين کي به سنڌ آهن.
    4. آنڊا ڪنهن کي ڪؤڙا آهن؟
    5. ابو اما، لاطمع.
    6. ابو، امڙ تي وريام.
    7. ابي ڏاڏي ڪار، نا ڇڏجي ناکئا.
    8. اٻاوڙي جي ٻولي : دٻي ۾ ٺڪريون.
    9. اتر جو ڍڳو : لاڙ جو ماڻهو.
    10. اٺ جو پويون آسڻ، سهنجو.
    11. اٺ جو لاڏ : ڪجائو ٽوڙي.
    12. اڄ جو ٻار، آئنده جو استاد.
    13. اڄ جي ڳڻتي، اڄ تائين.
    14. اڄ عيد، سڀان غيد، پرينهن پڇيءَ جا پيالا.
    15. اڇي ڪپڙي تي داغ، جلد چڙهي.
    16. اڍائي جهڳا مهتمن جا، نانءُ شاه پور.
    17. اره زورائي ڪرڻ : کير ۾ موري وجهڻ .
    18. استاد، ماءُ پيءُ بجاءِ.
    19. اصل کان خطا نه ٿيندي، بد اصل کان وفا نه ٿيندي.
    20. اعتبار نه ڪجي، اوڀر جي واءَ تي، ماٽيلي ماءُ تي، سرڪي سڳي ڀاءُ تي.
    21. اعتبار نه ڪجي، مڙس پانڊي تي، ڏاند ڍانڍي تي.
    22. اڪ لهي لک، نم لهي نيل، پپل لهي پدم، بڙ جي بها ئي ڪانهي.
    23. اک اوڍر، پهاڙ اوڍر.
    24. اک ڏٺي مک، ڪير نه اڳردو آهي.
    25. اک ۾ ور، ٻار ۾ ور.
    26. اڳلي ڪون، پڇلي نهين پڄدي.
    27. اڳيان پي، پويان سور.
    28. اگهاڙي ڪني، ڪانون هاب.
    29. اگهه بازار، ٻوها ڀي جوار.
    30. “اگهه ڪنهن وڌو!؟” چي؛ “جنهن جا ٻچا رات لنگهڻ تي ويٺا!”
    31. ال اڏريا، ڪانهن نسريا، سانوڻ مند پوري.
    32. الف شاه غازي، ڀڃ ڪتي جي بازي
    33. اما ابو، بي لبو
    34. اميدواري وٽان، نا اميد نه ٿبو آهي. نااميد واري وٽان، اميدون پوريون نه ٿيندون آهن.
    35. انڌو دوزخي، ٻوڙو بهشتي.
    36. انڌي پيڪين پڳي، نه پڳي جيهي.
    37. انڌي ڪرين خيرات، ول ول ڏيون آپڻيين ڪون.
    38. اڻ سهندا بار، اٺن ڀي اڇليا.
    39. اڻ گهريي ملي ته کير، گهريئي ملي ته نير، ظلم سان ملي ته خنزير.
    40. اڻ هوند تي، لعنت.
    41. اوٽن جي قبرن تي، نه ڌُپَ نه ڇانءَ.
    42. اوڌر جا ٻيڻا به ٻَنِ پون.
    43. اهو پاڙهيو ئي کڏ پوي، جو ڇورا کاري.
    44. اهو ڪيس ڪهڙو، جو ضامن پوي چور، جيڪو موڙي منهن تي، سو سڀن کان زور.
    45. اهي ڳري ڪين ڳرن، جي قائم رهن ڪير سان.
    46. باندر بيوقوف جي ڀلائي به سر وڃائي
    47. باهه ۽ بلا تي، ڪنهن جو آ ڀروسو.
    48. بختاور سو، جنهن جي گهر مهمان آيو.
    49. بڊو بڊ بلا، تنهن کان سانوڻ ڀلا.
    50. بزدلي، غربت جي ڀيڻ.
    51. بکئي جي ڀاڄي هارجي پئي ته رکي کئوندو.
    52. بندو اُپاءُ ڪري، ڌڻي شفاءُ ڪري.
    53. بيماري ايندي آ ڊڪ، ويندي آ وک.
    54. بيوقوف بازار ۾، ساٿي نه کڻجي ساڻ،
    اول ڪٽائي پاڻ، پوءِ ثمر ڏئي ساٿيءَ کي.
    55. ٻار، ڄمڻ سان ابو نه ڪندو آ.
    56. ٻارهين ڪوهين، گهر سُجهي.
    57. ٻاهريان اچڻا وڃڻا، تَرُ راضي رکجي.
    58. ٻُڌِ ٻوڙي، سمجهه ڪنڌي.
    59. ٻڪرين ۾ نهر پيو، ڪتي کي هنگڻ آيو.
    60. ٻني ۽ وني، ڪنهن ڀاڙيي جي ڀيلبي آهي.
    61. ٻين سان پنج، يارن سان ڪيها پنج؟
    62. ڀاڙي، ڀڄڻو.
    63. ڀاڙي ڀاءُ کان، کٽ خالي ڀلي.
    64. ڀاڱا ڀائيوارن لهڻا، توڙي هجن اڏ جا ڪانا.
    65. ڀاڱو ڪوٺي چڙهي ڪجي، ورهائجي ڪنڊ ۾.
    66. ڀا ڀاون جا، چچڙ ڪانون جا.
    67. ڀِتِ آئري تي ويندي آهي.
    68. ڀَتُ ڀِتِ تائين، چانور چانئٺ تائين،
    جوئر درياه ڀر تائين، ڪڻڪ درياه جي اوٽ موٽ تائين.
    69. ڀَتَ جو اڳ، لٺ جي پُٺِ.
    70. ڀَتَ جي آسري، درياه ۾ نه گهڙجي.
    71. ڀڳي ٻانهن، ڳل سان ٻڌبي آهي.
    72. ڀڳي ڀڳي ڏونگري، تائين ڀانڊي ڀڃڻ لائق.
    73. ڀڳي جو ڀاڱو، ڪونهي.
    74. ڀونگا جنين ڀينگ، سڄڻ تنين سامهون.
    75. ڀونءِ ڦرندي، ڀاڳ لڳي.
    76. تتي دانگي، دشمن ڀي نه وڃي.
    77. تنگواني، تنگ ماني.
    78. تن گهرن جون ڪيهون ساکون، ويچن ٻير تي کاون ڊاکون.
    79. توڙي سج ڪاپار، ته به انڌيءَ اونداهي نه لهي.
    80. ٿر ڏلهي ته سنڌ جهلي، سنڌ ڏلهي ته ڪير جهلي.
    81. ٿُڪَ ۽ وِکَ، مڙسن کان نه وسرندي آهي.
    82. ٿڪيي کي، جُتِي به بار.
    83. ٽُنڊن ۾ مَنڊو، پهلوان.
    84. ٺڪ ٺوٺا، جليبي کاءُ، جرمن مئو اسان جو ڇا؟
    85. ٺل، آهي گل.
    86. پاپيءَ جو پير، ٻارنهن هٿ ٻنيءَ ۾.
    87. پاڻ گواهه هججي ته گوال نه گهلجي.
    88. پَتِ واري جهڙو شاهوڪار ڪونهي، بي پتيي جهڙو ڪو سڃو ڪونهي.
    89. پٿر پنهنجي جاءِ تي ڳورو آهي.
    90. پٺاڻن آئي، پارسي وسريو وڃي.
    91. پٺي مار، پيٽ نه مار.
    92. پٺي پويان هٿ وريا، ته پوءِ ڌڪ جي ڪهڙي پارت؟
    93. پڇن، سي پسن.
    94. پڇن، سي وير.
    95. پرائي ٻار مان، ٻڪ ڀرڻ سولا.
    96. پرائي ٻري، ڪير مري؟
    97. پرائي مت، اڌاري اک، وهائيءَ جي توڻ، ڪنهن ڪم نه اچي.
    98. پرائي مينهن جو اوهُ، وڏو نظر ايندو آهي.
    99. پرڻي کان پوءِ، لڄ ڪونهي.
    100. پگهر نڪرڻ بنا، پئسو نه ٿو ملي.
    101. پنهنجو کٽ تي ويهاري، ڌاريو ويهاري کيڙهيءَ ۾، ته به کيڙهي واه واه.
    102. پنهنجي گهٽي ۾، ڪتو به شينهن.
    103. پوک جي هڪ آهي کيڙي، ٻي آهي ميڙي.
    104. پوهن راڌي، مانگهن کاڌي.
    105. پوه نه ڳڌئي ٻڪري، مانگهه نه ڳڌئي ڏاند،
    پڇي وت ڪريندو؛ ٻڪري! تي وت ڪريندو؛ ڏاند!
    106. پوه، هڪ کاءُ ٻي جهوءِ.
    107. پيٽ بک مري، چُتِ راڳ ڪري.
    108. پيٽ جي مار، خبر نه چار.
    109. پيٽ، ماڻهوءَ جو دشمن آهي.
    110. پير سڳوري بيشڪ ڀلي، خاص خليفي ٺڪر ٺلهي.
    111. پير ويهارڻ گهر ۾، هٿ وجهڻ سر ۾،
    نانگ وجهڻ ور ۾، ٽيئي جڏا ڪم.
    112. پيري، بيماريءَ جو گهر.
    113. پيري، عيش عشرت کي نه ٿي ڌڪاري،
    عيش عشرت، ٿي پيريءَ کي ڌڪاري.
    114. جاڏي ويا شير، تاڏي ويا ڍير.
    115. جاءِ، زال ۽ زمين کي جيترو سينگار، اوترو ٿورو.
    116. جَتُ، بي پَتِ، مار گهت يا اڳون لاتي وَتُ.
    117. جتي گپ گهڻي، اتي هاٿي به ترڪن.
    118. جن جاتي ڄاتو، تن تاتي پاتو.
    119. جنهن اَنُّ ڇڏيو، تنهن قبر کي ڪن هنيو،
    جنهن پاڻي ڇڏيو، تنهن قبر کي ماڻي ڇڏيو.
    120. جنهن شيءِ کان نفرت هوندي آهي، سا ئي آڏو ايندي آهي.
    121. جنهن وٽ عهدو، تنهن جو رتبو.
    122. جنهن هٿ گل ڪيرايا، سو ڳچيءَ ۾ هار به وجهي سگهي ٿو.
    123. جو ڊڄي، سو مري.
    124. جو ڪاڪ چڙهيو، سو مالڪ.
    125. جن کان سواءِ سري نه ساهُ، رَتي نه رُسجي تن کان.
    126. جنهن جي ساکن جو سهي، تنهن جا ڏند ڇا ڏسبا؟
    127. جوڳي کي پٽ نه وسريو هيو، نانگ کي پڇ نه وسريو هيو.
    128. جَوَن جي ماني: جواب جي نشاني.
    129. جو هٿ ڪري، سو هٿ پائي.
    130. جوئر جو اٽو؛ نه شاديءَ جو نه غميءَ جو.
    131. جهڙا استاد، تهڙا شاگرد.
    132. جهڙا چانهه، تهڙا ٻچانهه.
    133. جهڙو وڻ، تهڙوڦر.
    134. جيترو ناڻو، اوترو فطراڻو.
    135. جي تون بنڊ بنڊاڻي ته مان شينهن شينهاڻي،
    جي تون چور چوراڻي ته هيءَ گڏه، هيءَ واڻياڻي.
    136. جيسين سوڻا سڪن، تيسين بکر بک مري.
    137. جيسين لونگ لڪڻ ڀڃي، تيسين ڪرھو ڪيچ نڪري وڃي.
    138. جيڪب آبادي، نر نه مادي.
    139. جي ڪڙمي کڻي ٻار، ته به ڪڻا رهن ڪيترا.
    140. جيڪو اڇن ۾ کري، سو ڪنهن تان به نه ٽري.
    141. جيڪو پوکبو، سو لڻبو، جو کڻبو، سو کائبو.
    142. جيڪو مري جمعي خميس، تنهن سان ڪهڙي ريس؟
    143. جيڪي پايون نه سنڀاريندا، سي روپيا ڪيئن گڏ ڪندا؟
    144. جيندا، هڪ ڏينهن ملندا.
    145. ڄٽ جي ياري، گلم جو زيان.
    146. جهڙ جهيڙا، سدا نه رهندا.
    147. جهيڙو جهيڙِ، ڪُجهيڙو نه جهيڙِ.
    148. چپر لڳندي، ته چوڙ بند ٿيندي.
    149. چغلي، جهيڙي جي ماءُ آهي.
    150. چڱي ڀلي جي نُنهن، بَرَ ڏي مُنهن.
    151. چنڊي جي قبر، پري کون پڌري.
    152. چنڊي جي ماني، دانگي تي سڙي.
    153. چور چوران دي ڀائي، چوران سُڌِ نه ڪائي.
    154. چورن جا ڪپڙا، ڏانگن جا گز.
    155. چُهڙڪي ڪاتي؛ حلال ۾ به وهي ته حرام ۾ به.
    156. ڇا گڏهه، ڇا گلقند؟
    157. ڇتي گداڙي، پنهنجي پڇ ۾ وجهي چڪ.
    158. ڇُٽاڻي، ڳاٽي- لڙيو.
    159. ڇڄ پڏي، کارو پڏي، پروڻ ڇو پڏي، جنهن کي سَوَ ٽُنگ.
    160. ڇڏيلي کان، ٽڪيلي ڀلي.
    161. ڇنڊڇاڻ سان، اڱر سچا يا لهر سچا.
    162. حاڪم ته گرم،کچڻي ته نرم.
    163. حسد جون اکيون، انڌيون.
    164. حق جي مار، خبر نه چار.
    165. حلوي کائڻ لاءِ به وات گهرجي / ڏند گهرجن.
    166. حياتي وڏي، چاڙهو ڪونه.
    167. دال، غربت جي ڍال.
    168. داڻو هِڻِ هِڻِ ته لغام به هِڻِ هِڻِ.
    169. درياهن جا منهن، ڪنهن بند ڪيا آهن؟
    170. درياهن ۾ ڪال، ربوءَ جي ماءُ ڀي تاري.
    171. دشمن نه هجئي ته گهر ۾ ٻير پوک.
    172. دڳ ويندي سر سُوٽي، سو ڀي ڪَپُوٽي،
    نيچا ٻهي اونچا مُوٽي، سو ڀي ڪَپُوٽي.
    173. دل جو انڌو؛ دين کان محروم.
    174. دل جي ڳالهه، دلي دوست سان به نه ڪجي.
    175. دلي، ڪنهن نه جهلي.
    176. دلي ۾ داڻا، ڪُڏن ڪُٽاڻا.
    177. دنيا کي هڪ ڏينهن ڇڏڻو ضرور آهي،
    ڀانڊو جو گھڙيو، سو ڀڄڻو ضرور آهي.
    178. ڌاريجن کان ڌار، ٻارو پوکجي ٻاهر.
    179. ڏاچي، ٻچو نه سڃاڻندي آهي.
    180. ڏاڍو ماري، رووڻ ڀي نه ڏئي.
    181. ڏاڍي تي چڙ چڙهي نه، هيڻي تان لهي نه.
    182. ڏاڍي نال وَپَار، ڏيندي گهِندي؛ سائين!
    183. ڏاهپ /حڪمت، قدرتي نور آهي.
    184. ڏک، ڏٻرو آچار.
    185. ڏندو جي زال، سدائين نهال.
    186. ڏوهل، سدائين ڏٻري
    187. ڏهڻ آ سو ڀيرا، ڪهڻ آ هڪ ڀيرو.
    188. ڏهون گهر، ڏائڻ به اورانگهي.
    189. ڏيڏر ٽپ جوئار، ڪوئي ڪوئي ٿڏا واڙ.
    190. ڏيڻ تان وڏو ڏاج، پر ناهي مٽ نِوڙت جو.
    191. ڏيڻ لهڻي کي نه پڄي، لهڻو ڏيڻي کي نه پڄي.
    192. ڏيڻ، هيانءَ هيٺان آهي.
    193. ڊاڪٽر سچا ٿين ته، ٻوڙا به ٻڌڻ لڳن.
    194. ڊينگهر کنئي سو ليڪو، پڃر کنئي هڪ ليڪو.
    195. ذهانت ڪنهن جي ميراث ناهي.
    196. راڄ ستار، ڪاسبي اٺار.
    197. راهيندڙ، لڻندڙ .
    198. رت، راڻو آ.
    199. رُٺا يار، گراه ڳڻين.
    200. رٺي جو ڀاڱو، مٺو.
    201. رڍ بگهڙ ڏسي، ڌنار ڏانهن ڀڄي.
    202. رڍ ڏئي کير، اهو ڀي ڦيڱڻين هاڻو.
    203. رنان، مڪر منان، تر تر تال ڪرن.
    204. رن ٻڏندي وڃي، نينهنگ نپوڙيندي وڃي.
    205. رن رُلي ته ڀلي، ڏاند رُلي ته کُلي.
    206. رن زال جو ٻيٽو، نه مَنَهِه ويٺو نه مڪارڪي ويٺو،
    انهي کي عقل وري چُتِ ڏانهون ٻيٺو.
    207. رن نه رلي، ته ماريو ڇو ڀلي؟
    208. روپو جنهن رد ڪيو، ڪوڙ تنهين کي ڪک.
    209. روهڙائي روه تي، ننڍا وڏا ڊوه تي.
    210. زال ته سهڻو گهر، نه ته آهي بر جو بر.
    211. زالن جو مڙس هڪڙو، مردن جو مڙس ڪو ڪو.
    212. زبان، زر، زن، جهيڙي جو ڪارڻ.
    213. زوري ياري رکڻ، بنا صلاح ڀَتُ چکڻ،
    ٿڪ هڻي ڏاڙهي مکڻ، ڳئي اگهاڙي مٿو ڍڪڻ؛ چارئي خراب لڇڻ.
    214. ساڌن جو ڇا سواد سان؟
    215. سڀان پوندو سيءُ، ڏڪنديون ڏهاڳڻيون،
    پاسي جنين پي، ولهه نه ويجهي تن کي.
    216. ستل آهي مئل مثل.
    217. ستل اون مئل، هڪ مثال
    218. سڃي کي، نه هيٺين واٽ ڀؤ نه مٿين.
    219. سچي ڳالهه، هميشه ڪؤڙي لڳندي آهي
    220. سر ڪار، اونڌي ڪوپري.
    221. سِرُ وڃي، سِرواه نه وڃي.
    222. سفر، آهي سقر.
    223. سک سمهه ڙي ڪنڀار، تنھنجا ڪچا ڪير نه نيندو.
    224. سک سمهن ڪنڀار، چور نه چائن مٽي.
    225. سکڻ ۾، ڪهڙو شرم؟
    226. سکڻو ڦيڻو، سور ٻيڻو.
    227. سکيي ستابي ڀاءُ کان، پنهنجي اڀري سڀري پوک ڀلي.
    228. سڱ سوگها، ساکئون سچا.
    229. سنجهي جي مئي کي ڪيترو روئبو؟
    230. سندي ساڻيهه، کهه کٿوري ڀانئيان.
    231. سوال، ٻِه- مُنهين ترار.
    232. سُوڌا هجن سپرين ته جُوٺا پيا جک مارين.
    233. سون کڻندي، ڪهڙو بار؟
    234. سهري گهر ڄانٽو، ڪتي جي آچار.
    235. شراب جو نشو، آڌي رات تائين،
    عشق جو نشو، تاحيات تائين.
    236. شڪارپور شهزادي، اچي نر ٿئي مادي.
    237. شڪارپور شهزادي، ڏيهان ڏيهه مشهور.
    238. شڪارپوري، نيت بري،
    ڏيکارين ٻاجهر، ڏين ٻُري.
    239. شينهن جي کٽيي ۾، گدڙ به ڀائيوار.
    240. صالحن جي صحبت، پارس مثل آهي.
    241. صبح مردان سان، الله نبيءَ جو نالو ڳنهجي.
    242. صبح مردان سان، واتان ڪڍجي چڱي وائي.
    243. صبر سان موتي ٿئي، سِپَ ۾ ڦڙو.
    244. صحت جو قدر، بيمار کان پڇو.
    245. صحيح ادب، حياتيءَ جي تنقيد آهي.
    246. صفر جو ڄائو، سفر ۾ ئي رهندو.
    247. ضد واري جاءِ تي، ڏَڪَ پٽي ڏسندو ڪير؟
    248. عاشقن ٻڌيون ڪمرون، دلي اڍائي ڪوه.
    249. عالم اهو، جو عامل هجي.
    250. عزت / ذلت، رب جي هٿ آهي.
    251. عشق، هٽ بازار جو سودو ناهي.
    252. عقلمند دماغ سان گڏ، خاموش زبان به هوندي آهي.
    253. عقلمند سوچي پوءِ ڳالهائي، بي عقل ڳالهائي پوءِ پڇتائي.
    254. علم، انسان جي ٽين اک آهي.
    255. علم جيترو کپاءِ، اوترو وڌي.
    256. علم نه ڄاڻي ذات، هنر نه ڄاڻي پات.
    257. عورت ته گهر، مرد ته هر.
    258. عورت جو مرڪ آهن چار چيز؛ چڪي، چلهه، چرخو، ۽ چادر.
    259. فلاسافر مري ويندا، فلسفو نه مرندو.
    260. ڦڦڙ نه گوشت، ڪافر نه دوست.
    261. ڦيري رک فقير، هٿ پنهنجي هانو تي.
    262. قسم، نه ڏني چڱو نه ورتي چڱو.
    263. ڪاٿي احمد ميان سومرو، ڪاٿي گوشو ڊرائيور.
    264. ڪاٺ جي ڪني، باه تي صرف هڪ دفعو چڙهي.
    265. ڪاڏي الله جي اِلاهي، ڪاڏي جھلار جا مُنا؟
    266. ڪارو نانءُ ڪانون جو، ملڪ ڦري ويا ڳيرا.
    267. ڪاريهر جي ٻِرَ مٿان جيڪو لنگهائي لنگهه،
    جي نه ڳڙڪائي ڄنگهه، ڪاريهر ڪيئن ڪوٺجي؟
    268. ڪاز ۽ باز کي پَرَ ٿين، پر هر هڪ جي پرواز پنهنجي.
    269. ڪال ويسي، سڪال ويسي،
    چُتِ سڙي دا، داڳ نه ويسي.
    270. ڪان ڪراڙ، ڪتي تي، پت نه ڪجي سُتي تي.
    271. ڪاڻي سڏي سڄيءَ کي؛ “اڙي او انڌي!”
    لڀيس هريڙ نه هٿ ۾، کنيو وتي کنڌي!
    272. ڪپڙو ڌوئڻو نه هجي ته پسائجي نه.
    273. ڪَڇُڙ واري کي ڇڏي، پيٽ واري جي ڳڻتي نه کائجي.
    274. ڪر ڪار، ته ڪانئر نه ٿئين،
    ڪارئون نه ڀانءِ، ته ڪافر نه ٿئين.
    275. ڪمي ڪنئري هجي ها ته پهرين گدڙ کائنس ها.
    276. ڪميڻي کاڌو ڪانءُ! چي؛ “پکي ڍنڍ جو!”
    277. ڪنڌ ڪوٽ، وَلِ نه موٽ.
    278. ڪنڌي کون پار، ڌُر قنڌار.
    279. ڪنهن جو کلڻ به کيٽ، ڪنهن جا ويڻ به ورونهن.
    280. ڪڻي ۾ نڪتل ڪنوار، پرائي پچار؛ آهن ذائقا زبان جا.
    281. ڪو ڏٺي ڪري ستاري، ڪو اڻ-ڏٺي ڪري خواري.
    282. ڪوري چڙهيا شڪار، موليٰ خير گذار!
    283. ڪوري ڇا ڄاڻي ڪباب مان؟
    284. ڪوئلن جي دلاليءَ ۾، هٿ ڪاري جا ڪارا.
    285. ڪوئي مري، ڪوئي جيوي، شترا گهول پتاشا پيوي.
    286. کاڻيل ٻلي، چلهه جي ويجهو نه اچي.
    287. کٽائو پٽ، پيارو.
    288. کلو، پنجون پير.
    289. گابا، هَرُ وهن ته ڏاندن کي ڪير پڇي؟
    290. گدڙ کي هر ڪو سڃاڻي، گدڙ ڪنهن کي نه سڃاڻي.
    291. گڏه تي ٻورو ڀلو، مڙس تي ٿورو ڀلو.
    292. گڏه گهوڙو نه ٿئي، توڙي سونا وجهجنس سنج،
    پاٽيون وجهجنس پنج، ته به ڊوڙيو وڃي گونهن تي.
    293. گيد گيدليءَ جا پار؛ ڳوهي اٽو، کوهي وار.
    294. ڳل رکبو آهي ڳوڙهو، وِهَ جو ڀربو آهي ڍڪ.
    295. ڳنا آڀون هارين کاڌا، پڇڙ کاڌا جهار،
    ڇا کڻي زميندار ته ڇا وٺي سرڪار؟!
    296. ڳُڻ ڪجي، ڳُڻ پرکجي، ڳُڻ ڪجي ڳُڻهار سان،
    بدوءَ بيڪار سان، ڪيو ئي ڪلر ۾ وڃي.
    297. ڳوٺ ۾ هجن ئي ست گهر ته ڏائڻ ڪهڙو ٽاري؟
    298. گهرج ڌاران ٻولڻ، ابروءَ جو زيان.
    299. گهُنيي راڌي، گهُنيي کاڌي، اڃا ئي گهُنيو فريادي!
    300. گهڻي نه ڍاپائي، ٿي ڍاپائي.
    301. گهوڙن جون لتون، گهوڙا جهلين يا ٻيڙا جهلين.
    302. لال نه لوءِ، هڪڙا اڳي هڪڙا پوءِ.
    303. لاهن کان لاڙو، ڪيو ڪين جنهن،
    هَرُ، ڪِلي ۽ ناڙو، ٽيئي تنهن جا زيان ٿيا.
    304. لب لعنتير، طمع حرام.
    305. لڪڻ لائو، ڏاند پرائو.
    306. لک- پتي کٽي، پَتِ- پتي نه کٽي.
    307. لک جي ڇانءَ تي، ڪتو به ويهندو آهي.
    308. لک مري، لکپال نه مري.
    309. لوڪن کي لوڪ جي، ٻوڙي کي ڪنن جي.
    310. ماتا، ماري يا کاري.
    311. ماڇڪو ڪتو، سوئر جو ساٿي.
    312. ماڙيچا، ڪنهن نه پاڙيچا،
    ڊگها ڏوت، جيئري جِنَّ، مئي ڀوت.
    313. ماڪوڙن جي گهر ۾، مڙيوئي ماتام.
    314. مالڪن کي ڀي اهو پيارو، چورن کي ڀي اهو پيارو.
    315. “ماما ولو مينهن ڏي!” چي؛ “حاضر بابا! عيد تي!”
    316. مانجهاڻي، منجهند تائين.
    317. ماڻهو آ، مهل جو.
    318. ماڻهو جنهن جو مال، تنهن کي ڪهڙي ڳالهه جو ڪال؟
    319. ماءُ جي گود، پهريون استاد.
    320. مٽ نه ماءُ؛ پِنُ ۽ کاءُ.
    321. مٽي مٽي جو پنهنجو ميٺاجُّ آهي.
    322. محبتي: محنتي.
    323. مُڏي وڍي تکي کي، تکي ڪهڙو تاءُ؟
    324. مرد جيترو اُلجهندا، اوترو ٻُجهندا،
    عورتون جيترو اُلجهنديون، اوترو مُنجهنديون.
    325. مرد جي دشمن کٽائي، عورت جي دشمن مٺائي.
    326. مڙسن لاءِ زالون کوڙ.
    327. مڙسن لاءِ ٻيلو ٻه ٻرانگهون
    328. مشغولي، ضابطي جي ڪنجي.
    329. معاملا اسرندا به، نبرندا به.
    330. مڪو، آ پڪو.
    331. ملان مئو، مهابو ٽٽو.
    332. ملتان، پيرن جو اسٿان.
    333. ملڪ وچ تپالي ته مَستي موهر هالي،
    ملڪ وچ خير صليٰ، ته مار مستي جي منهن تي کلا.
    334. من مُردار؛ حجتون هزار.
    335. موت مند ناهي، تائب ٿجي تڪڙو.
    336. ميرپور منڊي، چانڊاڻ چنڊي، عودي سنجن سوڌي،
    ٺل ڏنو ٺڪاءُ، هلي ڏسو ڳڙهيءَ جو لقاءُ!
    337. مينهان چاري سنجر فقير، کير کا وڃن کوٻلي.
    338. مينهان ۽ نينهان، ٻئي اکر هڪڙو.
    339. مينهن ڪنڍي ڀلي، زال ننڍي ڀلي.
    340. ناداني؛ وڏي مفلسي.
    341. نانگ کي مَنڊُ لڳي، ڳوه کي نه لڳي.
    342. نانوائيءَ جي اڳياڙي: ڪاسائيءَ جي پڇاڙي.
    343. نر شينهن، رڍن جي لشڪر کان نه ڊڄندو آهي.
    344. نر ننگو، ناري لڄ.
    345. نِرو پِرو ٻئي تي نه ڀاڙجي، ڪجهه پنهنجي به ٻارجي.
    346. نظر ڳِجهه جي، ڏاٺ اڏوهيءَ جي، نڪ ڪول جو.
    347. نظر، ماري يا کاري.
    348. نڪ هوندو ناهرکي، وري نه ايندو واڙ تي.
    349. نماشام جو ڪين ڪجي ڪو ڪروڌ.
    350. نه مِٽجڻ وارو، مَٽجي ويندو.
    351. وات کاوي، اک لڄاوي.
    352. واسطو آهي، رابطو آهي،
    سفارش آهي، نوازش آهي.
    353. واڻيو ڳڙ نه ڏئي ته ڳڙ جهڙي ڳالهه ڪري.
    354. واڻيي جو دستور، ڌڪ به هڻي ڌاڙِ ڌاڙِ به ڪري.
    355. وِٿِ پئي، ڀِت پئي.
    356. وڏيرا! چٽي پئي اٿئي، ڦيري رک ڦلپوٽن تي.
    357. وڏي ڪني جي کروڙ ئي گهڻي.
    358. وقت تي گڏهه کي به بابو/ گابو چئبو آهي.
    359. وڻ جي ڇانءَ ۾ هرڪو ويهي، دل جي ڇانءَ ۾ ڪو ڪو ويهي.
    360. وڻ مان پن ڇڄي وري ڳبنڍجي، سو ڳؤري ڳالهه.
    361. ويئي وَٿُ جو قدر ٿيندو آهي.
    362. هَٿُ ڏئي، هَٿَ کي.
    363. هڏون نڪتو، ڪار آهي.
    364. هرڪو پنهنجي دل جو بادشاهه آهي.
    365. هر هڏي ۾ مِکُ هوندي آهي.
    366. هر هڪ ڏينهن، هڪ ننڍڙي زندگي آ.
    367. هَرُ هلائڻ سولو، گهر هلائڻ اولو.
    368. هڙ جي ماني، مٿي جو سور.
    369. هستيءَ کي مستي.
    370. هڪ ٽپي سان کوهه ۾ ڪربو آهي،
    سَوَ ٽپي سان به نڪري نه سگهبو آهي.
    371. هڪ راڌي، هر ڪو ڇڏي.
    372. هڪ سهڻي زبان، ٻيو سونو ڳَهُه، پوءِ ڪير نه رکندو ڳَهُه؟
    373. هل هلندن جي ماڳ، منزل کٽي ڪين ڪي.
    374. هنگي هروءَ ماءُ، ڪاڄُّ ڪِنُ ڪيو.
    375. هيڪوڻي هندو مري، ٻيڻي مري مسلمان،
    ٽيڻي سو مري، جنهن جي ڪنڌ تي قرآن.
    376. هيڻو حريف، گلا ڪندو آهي.
    377. يا ٿجي جوان، يا هججي جوانن جي ڪلهي تي.
    378. يار اچن، ڇڇڙا وڪامن.
    379. يار ڳنڍي نه ڳنڍي، اسان ڊُهيسون پئي ڳنڍي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 343861
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 141633
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ