ڪتاب جو نالو: پهاڪن جي پيڙهه
مصنف: الله بخش حسين بخش ٽالپر
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 24 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 658 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 241 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (178) ”پهاڪن جي پيڙهه“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب الله بخش حسين بخش ٽالپر جو لکيل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • حصو پهريون
  • حصو ٻيو

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (178) ”پهاڪن جي پيڙهه“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب الله بخش حسين بخش ٽالپر جو لکيل آهي.

    هي ڪتاب المنعم لائبرري لاڙڪاڻي پاران انجنيئر عبد الوهاب سهتي اي بوڪ ايڊيشن ۾ سندس ويب سائيٽ تي آندو آهي. ٿورائتا آهيون سائين عبد الوهاب سهتي جا جنهن هن قيمتي ۽ ناياب ڪتاب کي ٻيهر اسان تائين آندو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    حصو پهريون

    الله بخش حسين بخش ٽالپر

    پھاڪن جي پيڙهه

    محبوب سنڌڙي شل تنھنجون ڪچھريون قائم هجن. تنھنجا ڳوٺ وسن ۽ سگهڙ جيئن. تنھنجي راتين جي رهاڻ ۾ جيڪو رس آهي، سو ٻيءَ ڪنھن ڳالهه ۾ ڪونھي. تنھنجي ٻھراڙين جي اوطاق ۾، هميشه موج لڳي پيئي آهي. پوڙها پڪا، ننڍا نيٽا ۽ جيڏا سرتا، اچيو انھيءَ سٿ ۾ ويھن.
    اهڙي هڪ قربن ڀري ڪچھري متل هئي. سيارو به ٺيٺ هجي. مچ تي چؤطرف ماڻھو مڙيا پيا هيا. همراهه هڪڙو منجيءَ تي ڪانڀ ڪڍيو، ڳالهه کنيو ويٺو هيو. آءٌ به اوچتو وڃي نڪتس. باهه ڀرِ وٺي، ماٺڙي ڪري، ڳالهه ڏي ڪن ڏنم. ڳچ وقت ڪھاڻي ڪري، پڇاڙيءَ ۾ چيائين؛ “ادا ائين لعل به لڌي ۽ پريت به رهجي آئي.”
    ان ڏينھن کان وٺي خيال ٿيم؛ “اهي پھاڪا ضرور ڪنھن ڳالهه مان پيدا ٿيا هوندا! ڇونه اهي ڳالھيون هٿ ڪريان!”
    انھيءَ ڪري، ان ڏينھن کان، آءٌ انھيءَ جستجوءَ ۾ آهيان ۽ رهندس. ڪم ڪٺن به آهي ۽ تمام وڏو پڻ. في الحال جيڪي هٿ آيو اٿم، سو ميدان تي آڻيان ٿو. ان کان بعد جيڪي هٿ ايندم، اهو انشاءَ الله پيش ڪندس.
    ڪوڙ سچ، راوين جي ڪنڌ تي. مون کي جيڪي هٿ آيو آهي، سو پيش ڪيو اٿم. ٿي سگهي ٿو ته منجهس ڪي غلطيون هجن، تنھن لاءِ سنڌ جي اهلِ قلم حضرات کي عرض گذار آهيان ته؛ “ازراهِ ڪرم! اهڙيون حقيقتون مون ڏانھن لکي موڪلين ته ٻئي ڇاپي ۾ انھن کي درست ڪيو وڃي.”
    ڪي پھاڪا خاص ٽڪرن ۾ رائج آهن پر مشھور سڄيءَ سنڌ ۾ آهن. مون انھن کي به هن هنڌ آندو آهي.
    آءٌ انھيءَ صاحب جو نھايت شڪر گذار رهندس، جيڪو ٻين پھاڪن جي سوانح حيات، مون ڏانھن لکي موڪليندو.
    منھنجو سنڌ جي سگهڙن ۽ ڪچھريءَ جي مورڙن کي خاص عرض آهي ته هو هن ڏس ۾ منھنجي مدد ڪن. سندن اهو احسان، نه رڳو مون تي بلڪ، سنڌ جي سڄي سرزمين تي ٿيندو.

    1. ادا ڏٺيسون، اوهان جي گهاٽي سرنھن (ورجيسي جملو)
    هڪڙو چور، چوريءَ جي ارادي سان کاٽ چاڙهي، هڪڙي گهر ۾ گهڙيو ته ڀاڳيا جاڳي پيا ۽ وٺي چور چور ڪيائون. رڙين تي چؤطرف وٺ وٺان ٿي وئي. ڳوٺ ۾ هوڪريا پئجي ويا. چور منجهي پيو ۽ گهر جي هڪ پاسي ۾ ڇَپ هڻي بيھي رهيو.
    ايتري ۾ گهر ۾ موجود ڪراڙيءَ پٽن کي هوشيار ڪندي چيو؛ “الھندي پاسي ڏانھن گهٽُ جهليوس. ايڏانھن سرنھن گهاٽي آهي، متان ان ۾ وڃي لڪي. پوءِ ته کيس پڪڙڻ مشڪل ٿي ويندو!”
    “ٻيلي واه!” چور، ڪراڙيءَ کي دل ۾ دعائون ڏيندي چيو؛ “لڪڻ جو مسئلو ته حل ٿي ويو.”
    اهو خيال ايندي ئي وٺي ڀڳو، ڏَسَ واري رخ ۾. اڳيان ته سرنھن هئي ننڍي ۽ ڇڊي. جيڪي همراهه پٺيان لڳا پئي آيس، تن ڊوڙائي ٿڪائي کڻي جهليس.
    “هائو ٻيلي! ڇٽي ته آءٌ به ويندس پر!” چور ٻڌجڻ کانپوءِ کين ميار ڏيندي چيو؛ “ادا ڏٺيسون اوهان جي گهاٽي سرنھن!”
    مطلب:
    1.1 اوهان جو ٻيائيءَ واري چال سمجهي ڇڏيسين.
    1.2 چالاڪيءَ جو پول پڌرو ٿي پيو اٿو.
    1.3 گهاٽي سرنھن. (ورجيس)
    1.4 گهاٽي سرنھن ڏسي ڇڏڻ. (اصطلاح)
    2. اک ڏٺيءَ تي به ويچار ڪجي. (چوڻي)
    “ڪنـن ٻڌي ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌڻ بجاءِ مٿس ضرور ويچارجي” بادشاهه جي درٻار ۾ هڪڙي وزير چيو.
    “ڪنن ٻڌي ته ٺھيو پر!” وڏي ۽ داناءَ وزير، ڳالهه کي وڌائيندي چيو؛ “اکين ڏٺيءَ تي به ويچار ڪجي!”
    “ڏسڻ کان پوءِ ڪھڙو ويچار ڪبو؟” بادشاهه سلامت پاڻ وزير کان جرح ڏيندي پڇيو.
    “قبلا!” وزير آداب، آڻيندي چيو؛ “ان تي به ويچار ڪبو. ڪي، رازُ ڏسڻ کان پوءِ به نه سمجهندا.”
    “چڱو!” بادشاهه ڪنڌ ڌوڻيندو چيس؛ “انھيءَ کي به ڪڏهن آزمائينداسون!”
    بادشاهه محل ۾، پاسائتي جڙيل ڪمري ۾ راڻيءَ سان گڏ رات گذاريندو هيو. ڪچھريءَ کان موٽڻ کان اڳي، نوڪر هنڌ وڇائي ڇڏيندو هيو. راڻي به بعد ۾ اچي پاسو ڏئي سمھندي هيس.
    هڪڙيءَ رات، نوڪر هنڌ وڇايو ته کيس، مٿس سمھڻ جي آرزو ٿي. بادشاهه ۽ راڻيءَ کي اچڻ ۾ ڪافي دير هئي. جيئن ئي چادر تاڻي ليٽيو ته کيس ننڊ کڻي وئي. راڻي پنھنجي وقت تي آئي ته کيس بادشاهه سمجهي پاسو ڏئي سمھي رهي. بادشاهه ڪچھريءَ تان، ڪنھن معاملي سببان دير سان گهر پھتو ته بستري تي ٻه ڄڻا ستل ڏسي حيران ٿي ويو. تلوار ڪڍي ٻنھي جو ڪم تمام ڪرڻ وارو هيو جو وزير جا اکر ڪنن تي ٻُرڻ لڳس.
    خيال ايندي ئي وزير کي وڃي ساڻ وٺي آيو. لقاءُ ڏيکاريندي پڇيائينس؛ “هاڻي ڏسڻ کان پوءِ ڪھڙو ويچار ڪجي؟”
    “قبلا تڪڙ نه ڪيو!” وزير ستلن کي گھريءَ ننڊ ۾ ڏسندي بادشاهه کي چيو؛ “پاڻھي پتو ٿو پوي!”
    اوٽ ۾ بيٺل هنن ٻنھي جي ڳالھائڻ تي نوڪر کي سجاڳي ٿي پئي ته ٽپو ڏئي، اکيون مھٽي اٿي کڙو ٿيو. راڻيءَ جي به سونچي تي اک کلي ته نوڪر يڪدم کيس پيرن تي ڪري پيو؛ “مون کي معاف ڪر! مون کان غلطي ٿي آهي. مون فقط بستري تي سمھڻ جو مزو وٺڻ خاطر ليٽيو هيس جو ننڊ کڻي وئي ۽ هاڻي خبر پئي آهي. بادشاهه سلامت کي خبر پئي ته ڄڻ ٻچو ناس ڪرائي ڇڏيندو.”
    “بيوقوف! پنھنجو ته سر وڃايو هيئي پر منھنجي به عزت خاڪ ۾ ملائي هيئي.” راڻيءَ کيس ڇنڊ پٽيندي چيو. “بادشاهه پاڻ کي هن حالت ۾ ڏسي ها ته سر قلم ڪرائي ڇڏي ها! مان ته بادشاهه ڄاڻي، بستري تي ليٽي آهيان! خبر هجي ها ته تون آهين ته توکي اٿاري ڇڏيان ها! هاڻي ڀڄ ته ڪير ڏسئي نه!”
    نوڪر کيس دعائون ڏيندو هليو ويو.
    “بادشاهه سلامت! ڏٺوَ! ٻئي بي قصور آهن.” وزير دليل ڏيندي چيس؛ “جيڪڏهن اوهان اک ڏٺيءَ تي ويچار نه ڪيو ها ته پوءِ هي معصوم جانيون مفت ۾ ضايع ٿي وڃن ها!”
    مطلب:
    2.1 نقل ۽ اصل جي شڪل، ساڳي ٿيندي آهي. اصل کي سڃاڻڻ لاءِ عقل هلائڻ گهرجي.
    2.2 اک ڏٺيءَ تي ويچارڻ. (اصطلاح).

    3. اهڙي ڪندو سانءِ، جھڙي ٻرڙي ڪئي ٻارن سان. (ورجيسي جملو)
    هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪڙو بي واهو پيرسن، ذات جو ٻرڙو رهندو هيو. پيرسنيءَ سبب کانئس ڪو به ڪم نه پڄندو هيو، سواءِ ڳوٺ جا ٻار کيڏائڻ جي.
    ڳوٺ جون عورتون ٻني ٻاري تي وڃڻ وقت، پنھنجا ٻارڙا کيڏڻ لاءِ سندس نظرداريءَ هيٺ ڇڏي وينديون هيون. هڪ دفعي وٽس گهڻا ٻار ٿي ويا، جيڪي سندس سنڀال کان چڙهي ويا.
    ٻار به گهڻا ٿيا ته کين گوڙ ڪرڻ ۾ وڏو رونشو ٿي لڳو. ٻرڙي ڏاڍو ئي کين آتاريو پر هو به هوڏ تان نه لٿا ۽ مسلسل گوڙ ڪندا رهيا. ٻرڙو آخر ۾ ڏاڍو کِٿِ ٿيو ۽ آپي کان ٻاهر نڪري ويو.
    غصي ۾ گنديءَ جو ٻھلڻ لاهي، هڪ هڪ ٻار منجهس اڇليندو ويو. آخر ۾ وري مٿان ٻھلڻ ورائي به ڇڏيائين.
    شام جو مائرون موٽيون ۽ ٻارن جي پڇا ڪيائونس؛ “اسان جا ٻار نظر نه ٿا اچن؟”
    “پيا اٿو ايڏانھن!” ٻرڙي خار مان چين؛ “گنديءَ ۾ پيا اٿو، ٻھلڻ لاهي سڃاڻي کڻون.”
    مايون جڏهن ڊوڙي گنديءَ وٽ پھتيون ته ڏندڻجي ڪري پيون. گرميءَ، گُهٽَ ۽ رُگهه سبب سندن معصومڙا، فوت ٿي چڪا هيا.
    مطلب:
    3.1 تمام وڏي جُٺ ڪرڻ لاءِ ائين مثال ڏبو آهي.
    3.2 اهڙي جُٺ ڪرڻ، جھڙي ٻرڙو ڪري ٻارن سان. (ورجيس)

    4. ايتري ٻڌو جو، ساڪرو سٽي سھي. (ورجيسي جملو) 33
    ميرن/ ٽالپرن جي دؤر ۾، فصل مٿان ڍل مقرر ٿيل هئي، جنھن جي اوڳاڙيءَ لاءِ هڪڙو دستور جڙيل هيو. ان دستور تحت، ٻاڌارا ايندا هيا ۽ ٻنيون گهمي فصل جو اندازو ڪري تَڪ ڪندا هيا. تڪيل فصل جو ٽيون حصو ڍل طور، هارين کي جمع ڪرائڻو پوندو هيو.
    فصلُ، لھڻ کان پوءِ، تڪ يا ٻڌ کان گهٽ ٿيو يا وڌ، اها هاريءَ جي قسمت. البته کيس ڍل، ٻَڌَ جي حساب سان جمع ڪرائڻي پوندي هئي.
    هڪڙي سال، ساڪري طرف ٻاڌرا پھتا، جن تَڪَ/ ٻَڌَ ۾ ڏاڍي سختي ڪئي. وڌائي وڌائي اندازا هنيائون. هاري ويچارا ڊڄي ويا. مڙني ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي. چوڻ لڳا؛ “ايترو اَنُ ئي نه لھندو، جيتري ان جي ڪـَٿَ ڪئي وئي آهي.”
    ٻاڌارا ضد تي چڙهي بيھي رهيا. لھن ئي نه پيا. سندن ضد ڏسي، هڪڙي هاريءَ کان بي ساخته نڪري ويو؛ “ايتري ٻڌو جو، ساڪرو سٽ سھي!”
    مطلب:
    4.1 ٻين تي سھنديءَ آهر بار رکڻ گهرجي.
    4.2 ڪنھن تي به ان جي سھپ کان وڌيڪ وزن رکڻ واجبي نه ٿو جڳائي.
    4.3 ايتري ٻڌڻ، جيتري ساڪرو سٽ سھي. (ورجيس)

    5. بچيو آهين بھرام، نه ته دست چڙهيو هئين ديو جي. (ورجيسي جملو)
    مير بھرام خان، سورهيائيءَ ۾ ڏاڍو بھادر ٿي گذريو آهي.
    سندس دور ۾ گل محمد کوسو به طاقتور، قدآور ۽ بت ۾ ڀريل مڙس ٿي گذريو آهي، جنھن کي سڏيندا ئي ديو هيا. ٻه ٻه نوجوان چنبي نه ڇڏائي سگهندا هيس. ٻن مڻن جي پڃري کڻي ويندو هيو. هڪ دفعي مست اٺ مھارو ڇنائي، گوڙ ڏئي ڳوٺ وارن تي وريو. خوف سببان ڪير به ويجهو نه پئي ويس. ماڻھن ۾ ڀؤ ويٺو ته متان ڪو جاني زيان ڪري وجهي، سو گل محمد ڏانھن ماڻھو ڊوڙايائون. گل محمد ٻڌندي ئي ڪڏڪار ڪري پھتو. اٺ مٿس الر ڪئي ته هن به نرو ڏئي وڃي پڇ کان جهليس. پڇ ڇڏائڻ لاءِ، اٺ ڦرڻ جي ڪئي ته گل محمد پوئين ٽنگ تي پير سان اهڙو زور ڏنس جو اٺ کان وڙهڻ وسري ويو، جان بچائڻ ۾ آذرت ٿي ويو. ديو جا هٿ ڄڻ ڪِل ۽ ڏانوڻ هيا، نيٺ اٺ مالڪ آڏو هُشي ويھي رهيو.
    گل محمد هڪڙي ڏينھن ڳوٺ جي مواليءَ کي ڪنھن ڳالهه تان چپاٽ وهائي ڪڍي. موالي چپاٽ سان قلابازيون کائيندو وڃي پري ڪريو. سامت ۾ اچڻ کانپوءِ اٿيو ته خار مان چوڻ لڳس؛ “کوسڙا! اڀرڙا اڀرڙا موالي ٿو مارين. مارين ته مير ماري ڏيکار، باقي اسان جھڙا چاڪر چيڪائڻ مان ڇا ٿو ورئي!”
    “اڙي اهو ماءُ ئي نه ڄڻيو آهي جيڪو منھنجي تلوار جو رڳو وار روڪي سگهي!” گل محمد دڙندي چيس.
    “مير بھرام خان شير مڙس آهي.” مواليءَ چيڙائيندي چيس؛ “ور چڙهينس ته ٽڪ ۾ ور تو ۾ ور. لاهي نه ڇڏئي ته منھنجي ڳالهه ئي اجائي آ. متان هٿ اٽڪائينس ته ڇٺيءَ جو کير ياد اچي ويندءِ!”
    مواليءَ، گل محمد کوسي کي پاڻيءَ مان ڪڍي ڇڏيو.
    گل محمد نه ڪئي هَم نه تَم، تلوار کڻي گهوڙيءَ تي چڙهي پيو. پڇائيندو اچي مير جي اوطاق تي لٿو. مير ٿلھي تي تلوار سٿرن مٿان رکيو ويٺو هيو. گل محمد ايندي شرط هڪل ڪيس. مير اٿيو ئي نه جو مٿس وار ڪيائين. مير سٿرن تي رکيل تلوار سان وار روڪيس. گل محمد مڇريو آيو هيو. مير کي مياڻ مان تلوار ڪڍڻ جي مھلت ئي نه ڏنائين. مير مياڻ سوڌي تلوار سان، سندس ڌڪ روڪيندو اٿيو. جڏهن بيھي کڙو ٿيو ۽ پنھنجو وزن سنڀاليائين ته موٽ ۾، مياڻ سوڌي تلوار سان، گهوڙي تي چڙهيل گل محمد تي حملو ڪيائين. هڪ ئي ڌڪ سان تلوار مياڻ سوڌو کوسي ۽ گهوڙي کي چيريون وئي. ڪچھريءَ مان هڪڙي کان واتان نڪري ويو؛ “بچيو آهين بھرام، نه ته دست چڙهيو هئين ديو جي.”
    مطلب:
    5.1 وڏي مصيبت مٿان هئي، جيڪا ٽري وئي.

    6. ٻن ٻيڙين ۾ جيڪو چڙهي، تنھن جا چڏا چيرجن. (پھاڪو) 23
    هڪڙي شھزادي درياهه جي سير تي نڪتي. کيس ٻيڙيءَ جي سفر ڏاڍو لطف ڏنو ۽ بھار بھار ٿي وئي. خوشيءَ ۾ جذباتي ٿي ميربحر کي حڪم ڪيائين؛ “هڪ ٻيڙيءَ ۾ ايڏو مزو آيو آهي. ٻن ٻيڙين ۾ ته الائي ڇا مزو هوندو؟ اسان لاءِ ٻن ٻيڙين منجهه چڙهڻ جي سواريءَ جو بندوبست ڪيو وڃي!”
    حڪمِ حاڪم، مرگِ مفاجات. ٻه ٻيڙيون حاضر ٿي ويون. ميربحر جو مسلسل انڪار هيو؛ “اسان جي قانون ۾ ٻن ٻيڙين تي هڪ ئي وقت چڙهڻو ناهي. اسان کي وڏن جي منع پڻ ٿيل آهي.”
    موٽ ۾ شھزاديءَ جو شديد اسرار هيو؛ “چڙهبو ته ٻن ٻيڙين تي! ٻي بڪ بڪ ٻڌڻي ناهي. جيڪو ٽان ٽان ڪندو، تنھن کي ڪاٺ ۾ وجهبو!”
    جيڪو مري، سو ڇا نه ڪري!؟ يڪدم ٻنھي ٻيڙين کي گڏي بيھاريو ويو. آڳيل آڳيلن سان ۽ پاڇيل پاڇيل سان، واڍين ذريعي ٻڌي سڪ ڪيا ويا. جڏهن جوڙو ٻيڙين جو ٻَجهي تيار ٿيو ته شھزادي ٽپ ڏيئي، ٻيڙين جي جوڙ واري سَنڌي تي لانگ ورائي هڪ ٽنگ هڪ ٻيڙيءَ ۾ ۽ ٻي ٽنگ ٻي ٻيڙيءَ ۾ رکي بيٺي. ملاح کي ٻيڙي هلائڻ لاءِ حڪم ٿيو. ناکئا تحرڪ ۾ اچي ويا. اڳڀرو هلڻ کانپوءِ، ناکئن جي نئين تجربي ۽ پاڻيءَ جي ڇولين تي ٻيڙين سان ٻڌل رسا ڇڪجي گرگهلا ٿيڻ لڳا ته ٻيڙيون به هڪٻئي کان پرتي سُرڻ لڳيون. اثر ڦري گهري شھزادي صاحبه تي وڃي پيو. چڏا چيرجن، تنھن کان اڳ رڙيون ڪري، ٻيڙيون واپس ڪرايائين ۽ يڪدم ٽپ ڏئي هڪ ٻيڙيءَ ۾ ٿي ويٺي ته جان بچيس.
    مطلب:
    6.1 ٻه ڪم هڪ وقت نه ٿي سگهندا آهن.
    6.2 ٻه گدرا مٺ ۾ ڪين ايندا آهن.
    6.3 جيڪو هڪ ئي وقت ٻه مختلف ڪم ڪندو، سو سور وڏا ئي سھندو.
    6.4 ٻن ٻيڙين ۾ چڙهڻ. (اصطلاح) ٻه مختلف ڪم ڪرڻ.
    6.5 چڏا چيرجڻ. (اصطلاح)، نقصان پھچڻ.

    7. ڀاڙين مٿان ڀت، ڪانون ڪيرائي وڌي. (پھاڪو) 22
    هڪڙو شخص زال سوڌو، پنھنجي ڳوٺان نڪري، ساهرين ڳوٺ وڃي رهيو هيو جو واٽ تي چور ڦري آيس. هيڪل وسلا هيا ۽ ساڻن پڄي ڪين سگهيا. چور، ڌڪ هنيون، کانئس زال به ڦري روانا ٿي ويا. کين منٿون ڏاڍيون ڪيائين؛ “ٻيلي مڙس ٿيو! ڀاڙيا نه ٿيو! منھنجي لڄ مون کان نه کسيو!”
    هو بي رحم، مڙيا ڪين. هن جي زال، ساڻُ ڪري اڳتي جا راهي ٿيا.
    اڳڀرو رڙهيا ئي مس جو قدرت طرفان مٿن مينھن جي صورت ۾ عذاب اچي ڪڙڪيو. کلئي ميدان ۾، وڏ-ڦڙو مينھن به ڳڙي سمان هوندو آهي. پاسي اوسي ڪنھن اجهي لاءِ واجهايائون، سو به ڪين نظر آين. هڪڙي پراڻي ڀت نظر آين. ڊڪي ان جي اوڍر وڃي ورتائون.
    مينھن به چئي، اڄ نه وسان ته ڪڏهن نه وسان. پاڻيءَ جا اَنڇر لڳي ويا. مينھن جي جهڪي ٿيڻ بعد، وڻن تي ويٺل ڪانءَ به، وڻن جي پنن آلي ٿيڻ ۽ منجهانئن برسات جي پاڻيءَ ٽمڻ سبب اُڏي اچي ڀت تي ڪانگيرو ڪري ويٺا. ڀت به برساتي پاڻيءَ سبب، پاڙ کان ڀُتي ٿي پئي هئي. ڪانگيري ۽ لُڙ تي، چورن ڪانون کي سڌيون بندوقون ڏيکاريون ته اوچتو ڪانءَ به اڏاڻا. سندن اڏامڻ تي ڀت جهِم کائي وئي ۽ ڌُو چورن مٿان وڃي ڦھڪو ڪيائين. جنھن ۾ سمورا دٻجي مري ويا، سواءِ عورت جي، جيڪا کانئن پَر-ڀري ۽ ڀت جي اوٽ/اجهي کان محروم ويٺي هئي.
    مطلب:
    7.1 گيدي ۽ ظالم ماڻھن تي، عذاب جي شڪل ۾، ڪمزور به حاوي ٿي ويندا آهن.
    7.2 ظالمن کي هر هميشه، ڪمزورن هٿان ئي مار پوندي آهي.

    8. ڀلان ڀليءَ جو ڇيھه ئي ڪونھي. (چوڻي) 10
    هڪڙي بادشاهه جي ڪچھريءَ ۾ هڪ ماڻھوءَ ڪرتب ڏيکاريا. هڪڙي ڪرتب تحت بدنو گهرائي منجهس ڪرينڊڙو ٿي ويٺو ۽ سوڙهو ٿيندو ٿيندو، منجهس پوريءَ طرح ويھجي ويو. ڏسندڙن کي حيران ڪري ڇڏيائين. سندس انھيءَ ڪمال تي، راضي ٿي بادشاهه کيس انعام اڪرام ڏنا ۽ بي اختيار ٿي چئي ڏنائين؛ “اڄ ڀلان ڀليءَ جو ڇيھه ٿي ويو.”
    “سائين! جيئندا قبلا!” وزير وچ ۾ ٽپو ڏيندي چيو؛ “ڀلان ڀليءَ جو ڇيھه ئي ڪونھي!”
    بادشاهه، وزير جي انھيءَ گفتي تي ناراض ٿي پيو. ڏمرجي چيائين؛ “پوءِ ان کان وڌيڪ ڪو ڪمال ڏيکار! نه ته تنھنجي حياتيءَ جو خير ڪونھي!”
    وزير، بادشاهه کان هڪ مھيني جي مھلت وٺي، گهر اچي ويٺو. گهر ۾ قرار نه آيس ته ٻاهر جي سفر جي تياري ڪيائين. جيئن تيئن گهر ۾ رات گذريس. صبح جو سفر لاءِ هڪ پاسي مُنھن ڪري نڪري پيو.
    چڱي مسافريءَ کان پوءِ هڪ همراهه، سفر ۾ گڏيس، جيڪو گڏهه تي سفر تان موٽيو پنھنجي وطن وڃي رهيو هيو. سفر جو ساٿي هئڻ ڪري، هڪ ٻئي سان حال احوال اوريائون. وزير کيس پنھنجي دل تي پيل ٻوجهه جي پڻ حقيقت ڪري ٻڌائي ۽ سفر جو سبب به ٻڌايو.
    “منھنجو ڳوٺ، هن ئي واٽ سان ڳچ پنڌ پڄاڻان اچي ويندو. اوستائين ته مان ساڻ هوندس. پوءِ اڳتي پاڻ هليا وڃجو!” مسافر، وزير کي چيو. گڏجي اڳڀرو ٿيا ته هڪڙو جنازو ايندي ڏٺائون. وڌي، جنازي کي ڪلھو ڏنائون. ڪلھي ڏيڻ پڄاڻان، مسافر جنازي وارن مان هڪ کان پڇيو؛ “ادا! هيءُ مري ويو آهي يا مرندو؟”
    “ادا!” ڪانڌيءَ کيس ٻڌايو؛ “هيءُ مري ويو آهي.”
    ڪلھو ڏئي آجا ٿي، اچي پنھنجي سفر واري واٽ تي بيٺا. مسافر گڏهه سنڀالي هلڻ لڳو ته وزير کانئس پڇيو؛ “لاش بابت اوهان جو اهو سوال ته مري ويو آهي، يا مرندو؟ مون کي ڪجهه عجيب لڳو! اهو واضح ڪري ٻڌائيندؤ!”
    “جيئندا قبلا! اهو ته تمام آسان آهي.” گڏهه واري مسافر، وزير کي وضاحت ڪندي ٻڌايو؛ “جنھن کي اولاد آهي، سو مرڻ کانپوءِ به ڄڻ اڃا زنده آهي. جنھن کي اولاد ناهي، سو مرڻ سان ڄڻ مري ويو. منھنجي انھيءَ سوال مان، منھنجي مراد هئي ته کيس پوئتي اولاد آهي يا نه! ڪانڌيءَ جواب ڏنو؛ مري ويو آهي. مراد هئي ته پوئتي اولاد نه اٿس!”
    وزير انھيءَ وضاحت تي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. سمجهيائين ته هيءُ به ڪو داناءُ مڙس ۽ سپورنج قسم جو ماڻھو آهي. تڏهن ته دانائيءَ وارو گفتو ڪڍيائين.
    اڳڀرو هليا ته کين ٻاجهريءَ جو تيار فصل نظر آيو، جنھن ۾ پيھي تي ويھي، هاري جهار هڪلي رهيو هيو. ڀر ۾ نارُ وهيو پئي. پاڻي پيئڻ ۽ ڊاٻو ڪرڻ لاءِ هيءُ به اوڏانھن لڙي پيا ۽ ڳالھين ڪندي، ناريءَ کان ڪانگ-تڙيي هاريءَ بابت گڏهه واري مسافر پڇيو؛ “ادا! هيءُ هاري، جيڪو جهار پيو هڪلي، سو ٻاجهري کائي ويو آهي يا کائيندو!؟”
    “ادا!” ناريءَ کيس ٻن لفظن ۾ جواب ڏنو؛ “کائي ويو آهي.”
    ٻنھي جي گفتگوءَ تي وزير، پريشان ٿي ويو. دل ۾ چيائين؟ “فصل ۾ اڃا لابارو نه پيو آهي. سنگ ڪانن کان ۽ ان سنگن کان جدا نه ٿيو آهي. کائڻ لاءِ ٻيا مرحلا به اڃا کوڙ آهن. هيءُ ٿا ويٺا کائي وڃڻ جون ڳالھيون ڪن. سي به عجيب نموني سان، ڇا ماجرا آهي؟!”
    اتان نڪري اڳڀرو نه ٿيا جو وزير پنھنجي دل جي هُرکُر مسافر تي واضح ڪندي پڇيو؛ “مون کي اَنُ کائي وڃڻ واري ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. جڏهن ته فصل اڃا لُبيو ئي ناهي!”
    “جيئندا قبلا!” مسافر وضاحت ڪندي ٻڌايس؛ “هاري ويچارا، غربت سبب فصل تيار ٿيڻ کان اڳ، زميندار کان ڪافي روڪڙ اوڌر طور وٺي ويندا آهن ۽ فصل لھڻ تي موٽائي ڏيندا آهن. جڏهن فصل لھندو آهي، تڏهن فقط حساب ڪتاب ٿيندو آهي. باقي هاريءَ کي، گهڻو ڪري ٺلھو بوڇڻ ڪلھي تي هوندو آهي! هيءُ هاري به اڳواٽ، فصل ٻولي کائي ويو آهي. هاڻي محنت ٻين لاءِ پئي ڪيائين!”
    جواب ٻڌي، وزير ڏاڍو ڦڪو ٿيو، وڌيڪ ڪڇي ڪين سگهيو.
    اڳڀرو هليا ته مسافر جو ڳوٺ اچي ويو. ويزير کي رات ترسڻ جي صلاح هنيائين؛ “سائين سفر ڪافي ڪيو اٿو، ٿڪا به هوندؤ! رات مون مسڪين وٽ ٿڪ ڀڃي، پِڇ پاڻي پي، صبح جو خيرن سان هتان هليا وڃجو!”
    وزير، ٿڪل هيو ۽ سندس دانائي مان مرعوب پڻ هيو، سو يڪدم خوشيءَ سان سندس دعوت قبول ڪيائين.
    مسافر، گهر ڀرسان ٺھيل مسيت ۾، وزير کي ترسائي پاڻ گهر ويو. گهر ۾ فقط ڌيءَ هيس، جنھن جي خدمت لاءِ هڪڙي پوڙهي، پيٽ تي نوڪرياڻي رکيل هيس.
    “امان ڌيءَ!” گهر ۾ پھچندي، مسافر پنھنجي ڌيءَ کي ماني تيار ڪرڻ لاءِ چيو؛ “مھمان به آهي. ان لاءِ ماني ۽ هنڌ بسترو پڻ ويندو.”
    “بابا!” ڌيڻس مسافر لاءِ بسترو ڏيندي چيس؛ “مسافر ڪير آهي!”
    “امان! مسافر جيڪو آهي، سو ملڪ جو وزير آهي.” ڌيءَ کي حقيقت کان آگاهه ڪندي چيائين؛ “بادشاهه سان تڪرار ٿي پيو اٿس. بادشاهه وٽ هڪڙي ماڻھوءَ، پاڻ کي بدني ۾ پوريءَ طرح ماپائڻ وارو ڪرتب ڏيکاريو، جنھن تي بادشاهه کان بي اختيار نڪري ويو؟ ‘اڄ ڀلان ڀليءَ جو ڇيھه ٿي ويو’. اتي هن وزير کان رهيو نه ٿيو، وچ ۾ ٽپو ڏيندي چيائين؛ ‘ڀلان ڀليءَ جو ڇيھه ئي ڪونھي’. بادشاهه سندس انھيءَ گفتي تي ناراص ٿي پيو ۽ کيس ان کان ڀلو ڪمال ڏيکارڻ لاءِ انجام ورتائين. هيءُ مھيني جي مھلت تي ٻاهر نڪتل آهي!”
    نينگري اها ڳالهه ٻڌي وڃي رڌ پچاءَ کي لڳي. ماني تيار ڪري، پوڙهي هٿارائون، هن نياپي سان ڏياري موڪليائين؛ “چنڊ چوڏهينءَ جو، تارا بيشمار”.
    پوڙهي نوڪرياڻي ماني کڻي، جيئن ئي گهران نڪتي ته رستي ۾ هڪڙي غريب اچي مانيءَ لاءِ سئن هنيس. رحم کائي اڌ مانيون ۽ ٻوڙ کيس لاهي ڏنائين. سمجهيائين ته ماني ڪافي آهي ۽ ايتري مھمان نه کائي سگهندو. بچائي اوبر ڪري ڏئي، جيڪا بعد ۾ ڪتن ٻلن کي ڏيون، تنھن کان اها ڪنھن انسان جي پيٽ ۾ وڃي ته چڱو!”
    ڪراڙيءَ بقايا مانيون اچي مھمان آڏو، نياپي ساڻ پيش ڪيون.
    مھمان ماني کائي، هن نياپي سان ڪراڙيءَ کي ٿانءَ موٽائي ڏنا؛ “چنڊ ستينءَ جو، تارو ڪو ڪو.”
    جڏهن، پوڙهيءَ مھمان جي جوابي نياپي سان، ٿانءَ موٽائي ڏنا ته نينگري ٻڌي تپرس ۾ اچي وئي ۽ پوڙهيءَ کان پڇيائين؛ “توکي چوڏهن مانيون ۽ ڪافي ٻوٽين وارو ٻوڙ ڏنو هيم پر تو مھمان کي ست مانيون ۽ ٻوٽين نڪتل ٻوڙ وڃي پيش ڪيو آهي، سو ڇو؟!”
    “امڙ رستي ۾ ٽن ڏينھن جي بکايل مسافر ايلاز ڪيم” پوڙهيءَ، گهٽ ماني پھچائڻ لاءِ دليل ڏيندي ٻڌايس؛ “اڌ مانيون ۽ ٻوڙ کيس ڏنم. ڇو جو ايتري ماني، مھمان کائي ڪين سگهي ها! تنھن ڪري قياس کائي غريب مسافر کي ڏنم!”
    نينگري ٻنھي جا ٻول ۽ دليل ٻڌي خوش ۽ خاموش رهي. جڏهن سندس پيءُ گهر واپس وريو ته کيس چيائين؛ “مان شادي ڪندس ته انھيءَ مھمان سان!”
    “امان! مسافر ملڪ جو وزير آهي.” پيءُ، ڌيءُ کي واضح ڪندي، مڙي وڃڻ لاءِ چيو؟ “سو! اسان سان ڪيئن ڳنڍبو.”
    “بابا! تون ڳالهه چوري ڏسينس! پوءِ کٽن ڀاڳ.”
    “چڱو مان ڪوشش ڪريان ٿو.” پڻس آٿت ڏيندي چيس؛ “باقي اڳتي تنھنجي قسمت آ.”
    پڻس، گهران نڪري، مھمان سان سمھڻ کان اڳ واري آخري ڪچھري ڪرڻ لاءِ پھتو. اوڀاريون لھواريون ڪندي کيس ڌيءَ جي سڱ جي آڇ ڪيائين، جيڪا هُن خوشيءَ سان قبول ڪئي جو نينگريءَ ۽ سندس ڏاهپ تي اڳيئي مفتون هيو، پر شرط رکيائين؛ “مان مسافريءَ تان موٽان ۽ پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيان ته پوءِ!”
    اها خوشخبري موٽي اچي ڌيءُ کي سڻايائين.
    شرط ٻڌي ڌيڻس چيو؛ “وزير جي اُڻ تڻ هتي ئي ختم ٿيندي. بادشاهه کي ڪمال ڏيکارڻ لاءِ مان تيار آهيان.”
    انھيءَ نياپي تي وزير شاديءَ لاءِ آماده ٿي ويو ۽ شادي ڪري زال سوڌو پنھنجي وطن ڏانھن اسھيو.
    انجام واري ڏينھن کان هڪ ڏينھن اڳي پھتو. پھچندي شرط، بادشاهه جا خابرو، حاضر ٿيڻ جو نياپو کڻي آيس.
    بادشاهه جي درٻار ۾ پھچي، ٻئي ڏينھن ميدان ۾ ڪمال پيش ڪرڻ جو واعدو ڪري موٽي آيو.
    گهر ۾ زال چيس؛ “ٿورو سُٽ ۽ لوهه جي ڪليءَ جو بندوبست ڪيو!”
    يڪدم سُٽ ۽ ڪليءَ جو بندوبست ٿي ويو. رات جو سندس گهر واريءَ ڪليءَ ۽ سُٽ تي ڪجهه پڙهي شوڪاريو ۽ چيائين؛ “جنھن ميدان ۾ ڪمال ڏيکارڻو آهي. ان جي وچ تي هيءَ ڪلي کُپندي ۽ سُٽ جي تند مٿس ويڙهبي.”
    وزير، لوڪان لڪي، ميدان ۾ ڪلي کوڙي، مٿس سُٽَ-تند ويڙهي آيو.
    صبح جو بادشاهه سميت سمورا ميدان ۾ پھتا. ڏٺائون ته ميدان ۾ ڪلي کتل آهي ۽ منجهس هڪ تند ٻڌل آهي، جنھن جو ٻيو ڇيڙو آسمان ڏي حد نگاهه کان به مٿي آهي. وزير ڏانھن، ڪمال پيش ڪرڻ لاءِ ايلچي ويو پر هُن اچڻ ۾ ڄاڻي ٻجهي گيسر ڪئي. انھيءَ اپرانڌ هڪڙو مرد مائيءَ سميت ميدان ۾ آيو ۽ بادشاهه کي عرض ڪيائين؛ “مان جنگ تي چڙهان ٿو، پويان منھنجي هن زال جي پارت هجيو! مارجي وڃان ته ڀلي کيس خاش خوشيءَ سان ٻئي هنڌ پرڻائي ڇڏجو.” ائين چئي تند جي سھاري، مٿي چڙهڻ شروع ڪيائين، تان جو اکين کان اوجهل ٿي ويو. اوچتو مٿان وڍيل عضوا، ڦٿڪندڙ صورت ۾ ڪرڻ لڳا. ماڻھو حيران ۽ وائڙا ٿي ويا ۽ منجھن ڦڙڦوٽ پئجي وئي. انھيءَ گهمسان ۾، هيٺ بيٺل زال به گم ٿي وئي.
    انھيءَ اپرانڌ، وزير کي به ڪيئي نياپا ويا پر ان به اڃا اچڻ ۾ دير ڪئي. نياپي واري کي سندس گهران، نه سڏ نه واڪو پئي مليو.
    ميدان ۾ مٿي چڙھي ويل همراهه جا پھرين هٿ، پوءِ پير ۽ ٽنگون هڪ هڪ ٿي ڪريا. آخر ۾ ڌڙ ۽ ان کان پوءِ منڍي ميدان ۾ اچي ڦھڪو ڪيو. بيٺي، بيٺي عضوا پاڻ ۾ ملي ويا ۽ همراهه، ڪپڙا ڇنڊي اٿي بيٺو. لوڻا ڦيرائي، بادشاهه کي جاچيائين. کيس لڀندي ئي ويجهو اچي امانت جي طلب ڪيائين، جنھن تي بادشاهه ششدر ٿي ويو. عين ان وقت وزير به اچي پھتو جنھن کي بادشاهه، دير سان اچڻ ۽ ڪمال نه ڏيکارڻ جي شڪايت ڪئي.
    “جيئندا قبلا!” وزير هٿ ٻڌي چيس؛ “هيءُ ڪمال، بدني واري همراهه جي ڪمال کان وڌيڪ نه هيو ڇا؟”
    “بيشڪ ھيو.” بادشاھ آڻ مڃيندي چيس.
    “پوءِ ته اوھان قبول ڪيو نه ته!” وزير ياد ڏياريندي چيس؛ “ڀلان ڀليءَ جو ڇيھ ئي ڪونھي.”
    بادشاھ به زبان سان اقرار ڪيو؛ “ڀلان ڀليءَ جو ڇيھ ئي ڪونھي.”
    مطلب:
    8.1 رپن مٿان رپون پيو آھن.
    8.2 ماريءَ مٿان ماري پيو آھي.
    8.3 سير مٿان سوا-سير پيو آھي.

    9. تر جي گٿي، سو چوٽون کائي. (پھاڪو)
    هڪڙي پھتل بزرگ ۽ حڪيم کي جڏهن موت جو انديشو ٿيو تڏهن سؤ کن پاڻ جھڙا ماڻھو ٺاهي، ڇڏي ڏنائين. جڏهن سؤ سندس هم-شڪل ٺھي پيا ته سمورا ماڻھو منجهي پيا ته اصل ڪھڙو هيو.
    هڪ ڏينھن موت جو ملائڪ اچي سر تي ڪڙڪيس.
    بوکلائجي، ملائڪ کي چيائين؛ “مان اهو ناهيان، مون جھڙا کوڙ آهن. متان ٻئي جو وارو هجي.”
    “نه!” اجل جي ايلچيءَ وراڻيس؛ “مون کي تون ئي گهربل آهين. تنھنجو ئي وقت پورو ٿي ويو آهي.”
    “ايترن هم شڪلن مان مون کي ڪيئن سڃاتئي!” حيران ٿي پڇيائين.
    “تنھنجي ڪن جي پاپڙيءَ هيٺان هڪڙو تر آهي، جيڪو تنھنجي ڪنھن به هم شڪل کي ناهي.”
    “افسوس! منھنجو ته تر ڏانھن خيال ئي نه ويو!” حڪيم، افسوس جا هٿ مھٽيندي چوڻ لڳو؛ “تِر جي گٿي، سؤ چوٽون کائي.”
    مطلب:
    9.1 ذري تان گسي ويل همراهه، ساري عمر پڇتائي ٿو.
    9.2 واريءَ کي واٽون گهڻيون، ٿـڙيءَ کي ٿاٻا گهڻا.
    9.3 تر تان گسي، سؤ چوٽون کائڻ. (اصطلاح).

    10. تو وهايون آهن خرارين، نعمونءَ جون چوٿايون توکي ڇا ڪنديون. (ورجيسي جملو) 48
    مدد خان پٺاڻ، جڏهن سنڌ مان ڦرلٽ ڪري واپس وطن ويو پئي ته هالن پراڻن وٽان موٽڻ وقت، اتي جي ان وقت جي مخدوم نعمت الله ڀٽيءَ وٽ حاضري ڀرڻ لاءِ ويو.
    مخدوم صاحب، بزرگ، درويش ۽ پھتل شخص هيو. سندس بزرگيءَ ۽ ڪرامت جي هاڪ، هنڌين ماڳين پکڙيل هئي. مدد خان به ساراهه ٻڌي هئي، تڏهن خدمت ۾ حاضر ٿيو هيو.
    ملاقات ڪري، موڪلائڻ وقت، مخدوم صاحب کي دعا لاءِ عرض ڪيائين.
    “مدد! مان ڇا دعا ڪيانءِ!” مخدوم نعمت الله ڀٽيءَ، سندس ظلمن جي روءِ، کيس جواب ڏيندي چيو؛ “تو وهايون آهن خرارين، نعمونءَ جون چوٿايون توکي ڇا ڪنديون؟”
    مطلب:
    10.1 دعا به ان کي لڳندي، جنھن جا افعال چڱا هوندا.
    10.2 ظالم ماڻھوءَ کي، ڪنھن جي به دعا مدد نه ڪندي آهي.
    10.3 خرارين وِهائڻ واري کي، نعموءَ جون چوٿايون ڇا ڪنديون؟ (سواليه، پھاڪو).
    10.4 مدد جي خرارن پيري ظلم کي، نعموءَ جون چوٿاين برابر دعائون، ڪھڙي ڏينديون مدد.

    11. جن سان مِٺا کائبا آهن، تن سان ڪڙا به کائبا آهن. (پھاڪو) 8
    سلطان محمود غزنوي بادشاهه هيو. وٽس اياز نالي شيدي، غلام هيو، جنھن کي ڏاڍو ڀائيندو هيو. اياز شڪل جو ڪوجهو، بلڪ اخلاق جو بُلند مرتبه هيو.
    محمود کيس پل پري نه ڪندو هيو. جيڪي پاڻ کائيندو هيو، سو عاشقن وانگر، کيس کارائيندو هيو.
    هڪ دفعي هڪڙو گدرو وڍي، ڦاڪ ڦاڪ ڪري کيس ڏنائين. جيڪو اياز خوشي خوشي وٺندو کائيندوپئي ويو. جڏهن آخري ڦاڪ بچي ته محمود پنھنجي زبان تي رکي. گدرو ڪؤڙو زهر هيو. ڦاڪ رکڻ سان چپ ئي ڪـُرڻ لڳس. ٿوڪاري ڦٽي ڪيائين ۽ محمود کان حيرت مان پڇيائين؛ “توکي گدرو ڪؤڙو نه لڳو؟”
    “بلڪل ڪؤڙو هوندو پر مونکي نه لڳو.” اياز وراڻيو
    “توکي ڪؤڙو نه لڳو ۽ تون سڄو کائي وئين سو ڪيئن؟”محمود ورجائي پڇيس.
    “حضور!” اياز ادب جا هٿ ٻڌي عرض ڪيائين؛ “جن سان مٺا کائبا آهن، تن سان ڪڙا به کائبا آهن.”
    مطلب:
    11.1 دل وارن جون ڪسَ-پڪايون سھڻ گهرجن.
    11.2 همين ياران بھشت، همين ياران دوزخ.
    11.3 جن سان مٺا کائڻ، تن سان ڪڙا کائڻ. (ورجيس)
    11.4 جن سان مٺا کائجن، تن سان ڪڙا به کائجن. (پھاڪو)

    12. جنھن جو استاد ناهي، تنھن جو بنياد ناهي. (چوڻي) 31
    هڪڙو شخص، هڪڙي بادشاهه جي ڪچھريءَ ۾ هڪڙو ڪمال پيش ڪرڻ لاءِ، اجازت وٺي حاضر ٿيو. ڪمال پيش ڪندي هُن هڪ ڪـَپُ/ چاقو کولي مٿي اڇليو ۽ جڏهن اهو مٿان موٽيو، سو بجاءِ هٿن سان پڪڙڻ جي وات سان جهٽيائين. سڄيءَ ڪچھريءَ ۾ واه واه ٿي وئي.
    وزير کان رهيو نه ٿيو. ڪمال پيش ڪندڙ کان پڇائين؛ “انھيءَ ڪمال پيش ڪرڻ ۾ تنھنجو استاد آهي يا نه.”
    “منھنجو انھيءَ ڪمال ۾ ڪو به استاد ڪونھي.” ڪمال پيش ڪندڙ ٻڌايس.
    وزير ساڳيو سوال ٽي دفعا پڇيو ۽ هُن به ساڳيو جواب ٽئي دفعا ڏنو.
    “چڱو اهو ڪرتب وري ڏيکار ۽ ساڳئي نموني ڪـَپُ وات سان جهٽي ڏيکار!”
    وزير جرح ڪندي چيس. جنھن تي هُن وري ڪرتب پيش ڪيو پر هن دفعي موٽندڙ ڪپ سندس چپن تي لڳو ۽ پاڻ رتورت ٿي ويو.
    “هاڻي ٻڌاءِ!” وزير وچ ۾ ٽپو ڏيندي چيس؛ “تنھنجو استاد ڪھڙو آهي!؟”
    “آءٌ ميربحر آهيان، مڇين ماريندي، درياهه تي هڪڙو پکي ڏٺم، جيڪو پاڻيءَ مٿان اُڏيو پئي ۽ بُل کائيندڙ مڇين کي جهٽي قُوت پئي ڪيائين. سندس اها جهٽڻ واري چال ڏسي، مون کي به اڏامندڙ/ هلندڙ شيءِ وات سان جهٽڻ جو شوق ٿيو. پھرين ڪاٺي، پوءِ ٻي ڪا هلڪي شيءِ ۽ آخر هيءُ تيز ڌار وارو آلو به جهٽڻ ۾ ماهر ٿي ويس.”
    “پوءِ مڃ نه ته، اهو پکي ئي تنھنجو استاد آهي.” وزير ٽوڪيندي چيس؛ “جنھن جو استاد ناهي، تنھن جو بنياد ناهي.”
    اڃا به ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي وزير نصيحت ڪيس؛ “جيڪڏهن کيس استاد مڃين ها ته هيءَ توکان خطا نه ٿئي ها. ڪنھن جو ذري جو احسان، سيکارڻ جي معاملي ۾، نه وساربو آهي.”
    مطلب:
    12.1 استاد وٺڻ ۽ سندس ادب ڪرڻ ضروري آهي.
    12.2 بي استاد، بي بنياد.
    12.3 بي پيرو، بڇڙو.
    12.4 بي پيرو، بينشيرو.

    13. جھڙي نيت، تھڙي مراد. (چوڻي)
    مراد نالي هڪ درويش، هميشه سير سفر ۾ وقت گذاريندو هيو. سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ پيو ڦرندو هيو ۽ سال ۾ ھڪ دفعو ساڳئي ڳوٺ ۾ ڀيرو ضرور ڪندو هيو.
    هڪ ڳوٺ ۾ هڪ مائيءَ کي اولاد نه پئي ٿيو. کيس خبر پئي ته مراد فقير پڻ ڪاني ڪرامت وارو آهي. سال تي جڏهن مراد فقير ڀيرو ڪيو ته مائيءَ به وڃي دعا گهرايس؛ “فقير دعا ڪرينم ته الله سائين پٽڙو ڏئينم.” کيس پڪي مريدياڻي هئڻ جو ثبوت ڏيڻ خاطر مٿان اهو به چيائين؛ “اميد پوري ٿي ته ڀوري مينھن ڪلي تان ڇوڙي ڏينديسانءِ!”
    فقير، من جي مراد پوري ٿيڻ لاءِ دعا ڪيون، رمندو رهيو. سال تي موٽيو ته مائي، تازي ڄاول پٽڙي سميت حاضر ٿي ۽ ٻچڙي لاءِ دعا ڪرائيندي چيائينس؛ “فقير تو سان وچن هيو ته پٽڙي ڄمڻ تي توکي مينھن ڪاهي ڏيندس. پر هن سال نه ٿي ڏيانءِ. آئينديءَ سال توکي پڪ مينھن ڏيندس.”
    فقير کي مينھن جي ته لوڙ ئي نه هئي. ٻڌي اڻٻڌي ڪيون، مُرڪندو رمندو هيو.
    ٻئي سال فقير وريو پر مائيءَ جو منُ. باسيل مينھن ڏيڻ لاءِ نه وريو. سندس نيت ۾ پڌرو کوٽ هيو. فقير سمجهڻ جي باوجود به دعائون ڏيندو هليو ويو.
    پويان ننڍڙو ٻارڙو بيمار ٿيو. چڙهيو ڪونه. چالاڻو ڪري ويو. مائيءَ کي وهم ويھجي ويو ته فقير دعا ڪرڻ بجاءِ پاراتو ڏنو آهي. ڪانيءَ سان منھنجو ٻچڙو هليو ويو آهي. رڙيون ڪري چوڻ لڳي؛ “مراد مٺيس”.
    ٽئين سال تي جڏهن فقير آيو ته ماڻھن واتان کيس مائيءَ جا لفظ ڪنين پيا، جنھن تي فقير چوائي موڪليس؛ “مراد ڪانه مٺينءَ، پر نيت مٺينءَ!”
    مطلب:
    13.1 عملن جو دارومدار نيت تي آهي.
    13.2 نيت آهي نانگ، کوٽن پئي کائي.
    13.3 جھڙي نيت هئڻ، تھڙي مراد ملڻ. (اصطلاحي ورجيس).

    14. چور چور ٿيندو، ٻلو ٻلو ٿيندو. (ورجيس) 18
    هڪڙو واڻيو، ٿڌين مٺين راتين ۾، گهر اندر ستو پيو هيو. ڪمري جو دروازو کولي ڇڏيو هيائين ته جيئن بنا وڃڻي هڻڻ جي فرحتي ننڊ ڪري سگهي.
    هڪڙو چور اونداهيءَ جو فائدو وٺندي، پير پير ۾ ڏئي اچي ڪوٺيءَ ۾ گهڙيو. در جي ڀرسان واري ڀت سان ڪُنن پارن جي ٽولي پئي هئي. ڪجهه نظر نه اچڻ سبب، ٺڪرن جي ٿانون جي ٽوليءَ سان وڃي ٽڪرايو.
    کڙڪي تي واڻيو سجاڳ ٿي پيو. اک کلڻ تي ڏٺائين ته چور ڀت سان ڇڙهه ھنيو بيٺو آهي. ٽپو ڏيئي اٿيو. يڪديم ٻاهر وڃي، دروازي کي ٻاهران ڪڙو ڏنائين ۽ بيھي هُش هُش ڪرڻ لڳو.
    چور دل ۾ چيو؛ “واڻيو ڪمري مان ڊڄي ڀڳو آهي. شڪ اٿس ته اندر ٻلي آهي. تنھنڪري کيس يقين ڏيارڻ لاءِ، سندس هش هش جي موٽ ۾، ٻلي وانگر مياؤ مياؤ ڪرڻ لڳو.
    ماڻھوءَ جي مياؤ ۽ ٻلي جي مياؤ وارو فرق محسوس ڪندي، واڻيو ٻاهران بيھي خوشيءَ ۾ کلڻ لڳو ۽ اطمينان سان چور کي ڌمڪيون ڏيڻ لڳو؛ “تڙش تڙش ٻَچُو! رڳو صبح ٿئي، سج کي اڀرڻ ڏي. پوءِ چور چور ٿيندو ۽ ٻلو ٻلو ٿيندو.”
    مطلب:
    14.1 سج جي روشنيءَ ۾ اڇا ڪارا، پاڻيھي پڌرا ٿيندا.
    14.2 چور چور ٿيڻ، ٻلو ٻلو ٿيڻ. (اصطلاحي ورجيس)
    14.3 صبح ٿيڻ سان، چور چور ٿيندو، ٻلو ٻلو ٿيندو. (پھاڪو)

    15. سائينءَ جن جي ٿي زبان خرچ، مواليءَ جو مٿو ويو. (ورجيسي جملو)
    سائين ڇتن شاهه جي اوتاري تي نمن جون ٿڌيون ڇانئون لڳيون پيون هيون. موالي حوالي، نشئي پتئي پنھنجي پنھنجي مُنھن، بي خيالا ويٺا هيا. مواليءَ چرس جي سلفي تيار ڪري اڃا نعرو ئي مس هنيو؛ “اچي! ڀلي ڀلي ڪري اچي! ڪوڙي ڪانگڙ ۾ نچي! هڪڙي پوک تي ٻي پچي! جيڪا بچي سا به ٽوپيءَ جي ٽانڊي ۾ پچي!” جو پويان آبڪاري کاتي وارن اچي اوطاق تي ڪڙو چاڙهيو. ويٺل سمورا، جهلجي پيا. مواليءَ وٽان، جهڙتيءَ دوران، ڪافي چرس نڪتو. ان جي ئي ڪيس ۾ چالان ڪري ڪورٽ تي چاڙهيائونس.
    ڪيس هليو. مواليءَ کي وڪيل ٻڌڻ لاءِ ٽڪو به نه هيو. پاڻ پالي يا ڦڏن ۾ وقت وڃائي. پاڻ ئي پنھنجو وڪيل ٿيو.
    مئجسٽريٽ ڪيس جي آخر ۾ فتوى ڏيندي چيس؛ “ڪورٽ سڳوري مھربان ٿيندي، توکي ٻارنھن مھينا ٽيپ ڏئي ٿي.”
    “سائينءَ جن جي ٿي زبان خرچ !” مواليءَ، جج جي اکين ۾ اکيون ملائيندي چيو؛ “مواليءَ جو مٿو ئي ويو.”
    مطلب:
    15.1 مروان موت، ملوڪان شڪار.
    15.2 ڪتيءَ کي پُڇ ۾ سور، سرائيءَ کي بَڇ تي زور.
    15.3 سائين جن جي زبان خرچ ٿيڻ، مواليءَ جو مٿو وڃڻ. (اصطلاحي ورجيس)

    16. سپڙ، هڪ ئي نال بس. (چوڻي)
    ميان سرفراز ڪلھوڙي جي دور ۾، سپڙ نالي هڪ بھادر شينھن هيو جنھن کي ميان پنھنجي سنڀال ۽ حفاظت لاءِ نوڪر رکيو هيو. بھادر اڳيئي هيو، ويتر جو حڪومت جو هٿ پٺيءَ تي پيس ته ٻه ٻه هٿ زمين کان مٿي اڏامڻ لڳو ۽ چوندو هيو؛ “اهو مڙس ڪھڙو جو تلوار جي پھرئين وار سان پورو ٿئي!”
    ميرن وٽ به ڀلو ڀل هئي. مرد مٿير ۽ شجاعت ۽ بھادريءَ جا ڪوڏيا، سي به هڪٻئي کان اُتر. مير بھرام ته مڙني کان ڪسر هيو جو وقت جي هڪڙي قصيده خوان سندس لاءِ شر چيو هيو؛
    “بدلجي بھرام، بادل وسي رڪ جو،
    مسلم صمد صمد پڙهن، هندو پڙهن رام،
    لونءَ لونءَ منجهه لغام، نر کي هو نيمڪ جو.”
    ميان وٽ حاضري ڀرڻ ويندو هيو ته سندس خاص نشاني اها هئي جو قلعي جي ٻاهرئين دروازي جو طاق چوڙ کان ڪڍي ٻاهر رکي ويندو هيو ۽ موٽڻ وقت وري ساڳي جاءِ تي وجهي پوءِ موٽندو هيو. جنھن سببان، ميان کي منجهانئس هر وقت خطرو رهندو هيو. ساٿين سان صلاح ڪري، کيس ختم ڪرائڻ لاءِ ساز سٽيائين. چند هٿيار-بند، پنھنجي ڪچھريءَ ۾ پھرائي لڪائي ويھاريائين ۽ ٻاهرئين در وٽ، سپڙ کي بيھاري ڇڏيائين.
    مير بھرام خان، جيئن حسبِ دستور، طاقُ چوڙ کان ڪڍي اندر ٿيو ته ميرن جي نوڪرن کيس چيو؛ “ميان اوهان سان اڪيلائيءَ ۾ ڪي ڳالھيون ڪرڻ چاهي ٿو. تنھن ڪري اڪيلا اچو!”
    ساڻُ آيل پٽ مير صوبدار، غلام محمد خان لغاري ۽ ٻيا نوڪر دروازي تي ڇڏي، هڪڙي ننڍي ڇوڪر سان جيڪو نوڪر هيس، مير صاحب اندر آيو. اڃا ويٺو ئي نه جو چئني طرفن کان مٿس تلوارن جا وار شروع ٿي ويا. بس رڳو ميار ڏيڻ لاءِ ميان کي ايترو چئي سگهيو؛ “حيف اٿئي نامراد! دغا سان وڙهيو آهين.”
    پويان مير صوبدار کي پڻ شڪ ٿيڻ پڄاڻان، نوڪر ڇوڪرو وٺي ٻاهر ڀڳو جو دروازي وٽ سپڙ کڻي کيس کنڀيو. مير صوبدار کانئس حقيقت پڇي. ڇوڪرو ڪڇي ئي ڪڇي، سپڙ کڻي ٻوٿ تي هٿ ڏنس پر هٿن جي اشارن سان ڳچيءَ تي هٿ ڦيري مير جي شھيد ٿيڻ بابت پيغام ڏيئي ويو.
    مير صوبدار خان جي اکين آڏو آنڌاريون اچي ويون. يڪدم تلوار سنڀالي، سپڙ کي هڪل ڪيائين؛ “متان چوين ته ڪنھن مرد ٻولايو ڪونه هيو!”
    سپڙ ڇوڪري مان هٿ ڪڍي، جيئن ئي مير ڏانھن مڙيو ته مير تلوار اڀي ڪيس. سپڙ، سِپر آڏو ڏني پر تيستائين مير وار ڪري چڪو هيو. مير جي دو-دستي تلوار، سِپر ۽ سپڙ، ٻنھي مان ائين پار ٿي ويئي، جيئن پاڻيءَ مان وهي وئي. سپڙ جي سسي ڌڙ کان ڌار ٿي، ڪري ته مٿان بيٺل نوڪرن مير صوبدار جي بھادريءَ جي تعريف ۽ سپڙ جي موت تي بي اختيار چيو؛ “سپڙ! هڪ ئي نال بس!”
    مطلب:
    16.1 اهڙو بھادر جو سپڙ جھڙي پھلوان جو هڪ ئي ڌڪ سان قصو تمام ڪري ڇڏيائين.

    17. سرمون سڀڪا پائي، پر اک اک جو ڦير آهي. (پۡھاڪو) 49
    ڄام تماچي، سما خاندان جو هاڪارو بادشاه، نوريءَ نالي هڪ مھاڻيءَ تي موهت ٿي پيو. شادي ڪري کيس محلات ۾ اچي رهايائين. جنھن تي محلات اندر رهندڙ اڳين گهر وارين ۽ ڏاڏي پوٽين کي نوري اک ۾ ٿي پئي.
    ڄام تماچيءَ هڪ ڏينھن محلات ۾ چوائي موڪليو؛ “اڄ شام، جيڪا راڻي مون کي مڙني کان وڌيڪ موهيندي، تنھن کي پاڻ سان گڏ گهمائڻ هلندس!”
    پيغام پھچندي، سموريون سواءِ نوريءَ جي، سورنھن سينگار ۽ سرمن سينڌين کي لڳي ويون. پٽ پٽيھر ۽ سون چانديءَ سان پاڻ کي جِنجهي ڇڏيائون.
    نوريءَ نه سرمو پاتو نه سرها تيل هنيا. نه سينڌيون ڪڍيائين نه سون پاتائين. نه پيرن جا پازيب پاتائين ۽ نه ئي پٽ پٽيھر پھريائين. جيئن سادڙي سودڙي نموني سان، سادڙن ڪپڙن ۾ ويٺي رهي. سندس حسن، مڙني ۾ نروار بيٺو هيو، جڏهن ته فقط اکين ۾ سرمي ڪاني پاتي هئائين.
    اصلي حسن ته سون مين ۽ پٽ پٽيھر جو محتاج آهي ئي نه. سادن ڪپڙن ۾ به پيو تجلا ڏيندو ۽ جرڪندو. باقي گڏهيون گج پائين ته پريون ته ٿي ڪونه سگهنديون.
    مقرر وقت ڄام تماچي، محلات ۾ آيو. مڙني کي اک مان ڪڍندو، جڏهن نوريءَ مٿان آيو ۽ اکيون اکين سان ملي چار ٿيون ته اڙيل اکيون ڪڍائي نه سگهيو. اصلي حسن جي چار چشميءَ، ٽنگن ۾ ڏاوڻ وجهي ڇڏيس ۽ ٻين سڀني کي رد ڪري فقط نوريءَ جو انتخاب ڪيائين.
    شام جو جڏهين نوريءَ کي سير تفريح ڪرائي موٽي آيو ته ڏاڏي پوٽين ڏوراپا ڏيندي چيس؛ “اسان خانداني، اسان سينگار ڪيا. پوءِ تو وڃي انھيءَ مھاڻيءَ تي هٿ رکيو. جنهن، تو لاءِ پاڻ کي سينگاريو به نه هيو. مھاڻيءَ جادو ڪيو اٿئي يا اکين ۾ سرمو وڌو اٿائين!”
    “سينگار ته بلڪل توهان جا لاجواب هيا پر!” ڄام تماچيءَ کين دليل ڏيندي چيو؛ “سرمو سڀڪا پائي پر اک اک جو ڦير!”
    مطلب:
    17.1 لٽو ڪپڙو به ڪنھن جسم تي ٺھندو آهي.
    17.2 سون مين به ڪنھن ڪنھن مائيءَ کي ٺھندو آهي.
    17.3 هر چھرو، سينگار جو محتاج ناهي.

    18. سؤ وڃائجي پر ساءُ نه وڃائجي. (چوڻي)
    دائم ۽ سليمان، پاڻ ۾ ننڍي هوندي جا گھرا دوست هيا. شاديون ٿي وين، روزگار سانگي ٽڙي پکڙي ويا پر هڪٻئي ڏانھن ڀيرو ضرور ڪندا هيا. هڪ اڌ، رات ٽڪي، وري پنھنجي ڪکين ماڳين پھچندا هيا.
    هڪ دفعي سليمان، دائم وٽ اچي ٽڪيو. ڏينھن جو خوب مانيون مليس. رات جو ڪچھريءَ جي رس رهاڻ ٿيس، سمھڻ لاءِ نويڪلي ۽ پر-ڀري مينھن جي ڀرسان کٽ رکي ڏنائونس. رات ستو ۽ صبح جو سجاڳ ٿيڻ کان پوءِ کٽ تي ئي نيرن مليس. کائي پي، دوست کان موڪلائي ڳوٺ روانو ٿيو.
    پويان دائم جي زال هنڌ بسترا ويڙهي وڃي رکيا. جيڪو بسترو مھمانن لاءِ خاص هيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪڍبو هيو سو ٽجوڙ طور به استعمال ٿيندو هيو. منجهس سندن سؤ روپيا رکيل هيا. بسترو مقرر جاءِ تي رکڻ وقت، گهر ڌياڻيءَ سؤ روپيا پڻ سنڀاليا. سڄو هنڌ اکيليائين، کٽ واري جاءِ به جاچيائين پر سؤ روپيا نه مليس ته يڪدم مڙس کي مھمان پويان ڊوڙايائين؛ “پاڻ مسڪين ماڻھو آهيون. سؤ ويو ڄڻ جهڳي تي ٽانڊو اچي ويو. گس ۾ مھمان کان وڃي پڇ!”
    دائم، سليمان کي واٽ تي ئي وڃي پڳو. سبب پڇڻ تي ٻڌايائينس؛ “جنھن بستري تي تون ستل هئين، ان ۾ سؤ روپيا رکيل هيا. سي ڪونھن. توکي ڪا خبر آهي.” سليمان ڳالهه سمجهي ويو ۽ يڪدم کيسي مان سؤ رپيا ڪڍي کيس ڏنائين. دائم ساڳين پيرن تي موٽيو ۽ اچي گهر پڳو.
    پويان، اڻ تڻ سبب سندس زال گهر مان ٻه گهر ڪيا. مينھن جي وٿاڻ مان ٻه وٿاڻ ڪيا. ڇيڻن کي اٿلائيندي کيس سؤ رپيا ملي ويا. هنڌ وڇائيندي ڪريل سؤ روپيا، مينھن جي تازي لاٿل ڇيڻي هيٺان دٻيا پيا هيا. مڙس کي ايندو ڏٺائين ته کيس يڪدم ٻڌيائين؛ “پئسا ته گهر مان ئي لڌا آهن!”
    “پئسا گهر ۾ هيا ته پوءِ هن مون کي سؤ روپيا ڪھڙا ڏنا آهن.” مڙس، حيرت مان زال کي چيو؛ “تنھنجي تڪڙي ڀڄائڻ ته مونکي ڪٿي جو به نه ڇڏيو. ڊوڙائڻ کان اڳي ڳولين ها ته ائين ککا وکا ۽ کٽا مٺا نه ٿيون ها!”
    “وري به ڀڄ! وقت ويو ناهي.” جوڻس ترت ساڳين پيرن تي موٽائيندي چيس؛ “ويھه نه! بلڪ پرائي امانت وڃي جلد پڄاءِ. حقيقت ٻڌائي معافي به وڃي وٺينس.”
    دائم سھڪندو، سؤ روپيا کڻي ساڳين رندن تي نڪري پيو. سليمان گهر ۾ پھتو ته دائم به اچي ٻاهران سلام ڏنو. ٻاهر نڪري وري اچڻ جو سبب پڇيائينس. دائم پيرن تي ڪري سؤ موٽائي ڏنس ۽ پنھنجي سَوَ لڀڻ جي ڳالھه به ڪيائينس.
    “ادا شڪر آهي، سنگت ۾ پت رهجي آئي.” سليمان چيس.
    “پر! تو جڏهن سؤ کنيو ئي نه هيو ته پوءِ مون کي ڇا لاءِ ڏنو هيئي.” دائم کانئس پڇيو.
    “ادا پاڻ ۾ ڀائر آهيون، تنھنجا ويا ۽ مون ڀريا ته ڪو حرج ناهي. رڳو سنگت قائم رهي.” سليمان سمجهائيندي چيس؛ “سؤ وڃي، ساءُ نه وڃي.”
    مطلب:
    18.1 هزار وڃي، حُب نه وڃي.
    18.2 ڪروڙ وڃي، قرب نه وڃي.
    18.3 لک وڃي، لحاظ نه وڃي.
    18.4 سؤ وڃائڻ، ساءُ نه وڃائڻ. (اصطلاحي ورجيس).

    19. ڪانھي جوئر جُوءِ ۾، تڏهن ٿو رهو رانديون ڪري. (ورجيسي جملو/ پھاڪو)
    هڪڙو جبل جو رهاڪو، سنڌ گهمڻ آيو ته مھمانيءَ طور کيس پلي جو ڇڊو ٻوڙ ۽ ڪڻڪ جي ماني کائڻ لاءِ ڏنائون.
    هن سڄي ڄمار، جبل ۾ ڏني هئي. ڪڻڪ موراڳي کاڌي ئي نه هئائين. جوئر جو هيراڪ هيو. جوئر جي ماني سادي ۽ ڀورالي ٿيندي آهي. ڪڻڪ جي ماني چپڙ ۽ چيڙهالي ٿيندي آهي. جوئر، رهي ۾ وجهبي ته مسُ-چُٽي وانگر چڱو رهو چوهي وٺندي. ڪڻڪ رهي ۾ ٻوڙبي ته رهو گهٽ کڻندي.
    هن همراهه به رهي کي مانيءَ سان کٽائڻ جا وڏا وس ڪيا. هيڏانھن گرهه جي ڪشتي ٺاهي هڻي ته رهو هوڏي ڀڳو وڃي. گرهه ۾ به چوهڻ جي سگهه نه هئي. نھاري ته رهو ته اوترو ئي اوترو پيو آهي. نيٺ بيزار ٿي چيائين، “ڪانھي جوئر جوءِ ۾، تڏهن ٿو رهو رانديون ڪري.”
    مطلب:
    19.1 ڪونھي مڙس ملڪ ۾، تڏهن ٿيون وانڍيون وس چرن.
    19.2 ٻيا سڀ مري ويا، تڏهن فوجو ٿيو آ فقير.
    19.3 ڪونھي وڻ ملڪ ۾، تڏهن ڪانڊيرو ٿيو آ درخت.

    20. ڪتو به کاڌو، ڪـُک به نه ڀري. (ورجيسي جملو)
    هڪڙي بادشاهه کي اولاد نه ٿيندو هيو، جنھن ڪري پيو پيرن فقيرن جي مزارن تي پڙ چاڙهيندو ۽ باسون باسيندو هيو. هڪڙي درويش فقير کيس پٽ ڄمڻ لاءِ دعا ڪئي ۽ ان سان گڏ ملڪ مان آرسي/ آئينو ڪڍائي ڇڏڻ جو پڻ شرط وڌائين. چي؛ “آرسي ڪڍائي ڇڏيندين ته توکي جلد پٽ ڄمندو.”
    حڪم جي دير هئي. ملڪ ۾ پڙهو گھمي ويو. آرسيءَ کي ڏيھه نيڪالي اچي وئي. سال جي اندر ئي بادشاهه کي پٽ ڄمي پيو. خوشيءَ ۾ خير خيراتون ڪيائين ۽ ڏاڍا فقير فقراءَ کارايائين. ساڳئي ڏينھن تي اتفاق سان وزير کي به پٽ ڄائو. ٻنھي جي لاڏ ڪوڏ سان پرورش ٿي. اڄ ننڍا، سڀان وڏا. نيٺ اچي جوان ٿيا. ٻنھي جي پاڻ ۾ گھري سنگت ٿي وئي.
    هڪ ڏينھن ٻئي شھزادا شيل شڪار تي نڪري پيا. جهنگ ۾ ڀٽڪي ويا ۽ اوجهڙ ۾ وڃي پيا. اڃ بک ڏاڍو ستايو هين. رلندي رلندي هڪڙي جهوپڙي نظر آين، جنھن ۾ هڪ عورت گوڏن جي وچ ۾ ڪا شئ لڪايو ڏسي رهي هئي. کانئس پاڻي گهريائون. جيڪو هُن کڻي پيارين. پاڻي پيئڻ پڄاڻان، گوڏن ۾ لڪايل شيءِ بابت دريافت ڪيائونس ته مائيءَ ٻڌاين؛ “آرسي هئي، جنھن ۾ منھن ڏسي سينڌ پئي ڪڍيم. لڪايو انھيءَ لاءِ ويٺي هيس جو بادشاهه جو حڪم آهي ته جنھن وٽ آرسي هوندي، تنھن کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويندو.”
    کانئس آرسي وٺي ڏٺائون. اڳي پنھنجو چھرو پنھنجي اکين سان نه ڏٺو هئائون. شھزادي پنھنجو چھرو ڏٺو ته پاڻ تي ئي موهت ٿي پيو. دل ۾ دليل ڊوڙايائين ته شادي به ڪنھن اهڙيءَ عورت سان ڪندس، جيڪا مون وانگر سھڻي هوندي. مائيءَ کان واپسيءَ جا دڳ پنڌ پڇي، موڪلائي پنھنجي ملڪ اچي پھتا. ڪجهه وقت اندر، بادشاهه شھزادي کي شاديءَ لاءِ زور ڀريو ته هن به مٿيون شرط رکيس. شھزادي جي هڪڙي سنگتراش کان تصوير ڪڍائي، وزير کي سندس جوڙ جس ڳولھڻ لاءِ سوارين ۽ دولت سان آراسته ڪري ملڪ ملڪ موڪليو ويو.
    هڪڙي بادشاهه، پنھنجي ڌيءَ جي حسين هجڻ ۽ سندس شادي ڪرائڻ لاءِ حامي ڀري. وزير موٽي اچي بادشاهه کي مبارڪ ڏني. بادشاهه خوشيءَ مان پٽ کي سڏائي خوشخبري سُڻائي. شھزادي تنھن هوندي به پڪ ڪرڻ ٿي چاهي. ٻڌل ۽ ڏٺل ۾ فرق جي خبر هيس، جنھنڪري پنھنجي اکين سان مشاهدو ڪرڻ پئي چاهيائين. وزير کان پار پتا ۽ ملڪ جو ڏس پنڌ پڇي، وزيرزادي سان سفر تي راهي ٿيو.
    لڪ ڇپ ۾ آرسي خريد ڪيائون. مٿس ٻه قيمتي لعل جڙايائون. چمڙا پوش ڪري، دلبر جي ديدار واسطي، فقير بڻجي سندس ملڪ ۾ وڃي وارد ٿيا. محبوب جي محل سامھون، ڀونگي اڏي، دونھين دکائي ويھي رھيا. رات جو اونداهيءَ ۾، باهه جي ترورن سان محلات ڏانھن، آئيني ۽ لعل جي معرفت اولڙا ۽ شعاع اڇلڻ لڳا. مٿي ويٺل شھزاديءَ ٻانھيءَ کي گھرائي، تجلن جو سبب پڇيو. جنھن ٻڌايس؛ “ڪي فقير، هيٺ ڀونگي اڏي ويٺا آهن. اهو شعاع وٽانئن اچي ٿو.”
    تجلن کي نور جون اڀرندڙ لاٽون سمجهي، شھزاديءَ کين جادوگر يا پھتل بزرگ ڄاتو پئي. پڪ ڪرڻ لاءِ ٻانھيءَ هٿارائون کانئن چلڪا ڏيندڙ شيءِ گهرائڻ چاهيائين. هنن چيو، “فقير محلات ۾ نه ايندا ۽ نه لاٽ جو سبب ٻڌائيندا. باقي ڀونگيءَ ۾ ايندڙ کي ان جو درشن ڪرائبو.”
    شھزادي، گهڻن نياپن جي اچ وڃ کان پوءِ، محل جي در تي بيھڻ لاءِ راضي ٿي ۽ هيءُ به اوستائين اچڻ لاءِ آماده ٿيا.
    آمھون سامھون ٿيڻ کان پوءِ هنن درسني، شھزاديءَ کي ڏني. هوءَ منجهس پنھنجو چھرو ۽ لعل ڏسندي ئي محو ٿي وئي. هنن ڀرپور نموني سان سندس ديدار ڪيو ۽ آئينو سندس هٿن ۾ ڇڏي، پنھنجا پير ڊاٺا.
    شھزادي جڏهن درشن مان پوريءَ طرح سير ٿي، منھن مٿي ڪيو ته فقيرن جو نه اتو نه پتو. ٻانھيءَ کي ڀونگيءَ ڏانھن ڀڄايائين ته امانت حقدارن کي ڏئي اچ. اتي به فقيرن جو نه اير نه ڀير. پريشان ٿي ويون. ڪير هيا، جيڪي ديدار ڪري ويا ۽ پار پتو به نه ڏنائون. آرسي ۽ لعل اٿلائيندي، پويان شھزادي جو نالو ۽ سرنامو لکيل ڏٺائون ته آٿت ٿين. هاڻي پتو کرو کڻڻ سولو هيو. جيڪو اٽڪل سان ديدار ڪري ويو آهي، تنھن سان ساڳي راند ڪبي.
    شھزادي وڃڻ سان پيءُ کي شادي ڪرڻ لاءِ آمادگي ڏيکاري. شھزاديءَ وارن ڏانھن پيغام پھچي ويا. پڇڻ تي شھزاديءَ پيءُ کان ڪجهه ڏينھن جي مھلت گهري؛ “شڪار تي وڃڻ جو ارادو آهي، اتان موٽان ته شاديءَ جي تاريخ ڏجو.”
    پيغام آڻيندڙ کي، سنبت ڪرڻ جي مھلت وارو پيغام ڏئي، واپس ڪيو ويو ۽ وڌيڪ به چيو ويس؛ “تاريخ بابت هاڻي اسان اوهان کي پاڻمرادو نياپو ڪنداسون.”
    شھزادي، شڪار جا ساز سامان تيار ڪرائي، شھزادي سان راند ڪرڻ لاءِ نڪري پئي. سندس محلات اڳيان وانڍ لڳي وئي. خيما کوڙجي ويا. اعلان ۽ پڙها گهمي ويا؛ “ولايت ملڪ مان حسين ۽ سريلي آواز سان مغنيه پھتل آهي، جيڪا فقط شھزادن کي وندرائڻ لاءِ راڳ رنگ ۽ ساز سرود جي محفل ڪندي آهي. ٻين لاءِ نه. فقط شھزادا ۽ اميرزادا، رئيس ۽ وزيرزادا اچڻ لاءِ زحمت ڪن.”
    شھزادو به وزيرزادي سان صلاح ڪري، راڳ ٻڌڻ لاءِ اڏيل محفل ۾ آيو. پاڻ به حسين هيو ته شھزادي به وڏي حسين ۽ مرگهه-نيڻ هئي. شھزادو راڳ ٻڌڻ آيو، پاڻ راڳ ٿي ويو. پھرئين ديدار ۾ ئي دل ڦرائي ويٺو. شھزاديءَ راڳ ٻڌڻ لاءِ شرط رکيس؛ “راڳ ان کي ٻڌائيندس، جيڪو مون سان گڏجي ماني کائيندو.”
    “مان ماني کائڻ ۽ دعوت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.” شھزادي حامي ڀري.
    “مان غير مذهب آهيان. گوشت ۾ فقط ڪتي جو گوشت پسند ڪندي آهيان.” هڪڙو سگهو ڪتو وانڍ اندر بيٺل ڏيکاريندي شھزاديءَ چيس؛ “صبحاڻي ڪھنداسين. ان جا ڪباب، قورما ۽ قيما تيار ڪرائينداسون. اوهان به دعوت ۾ اچجو. پھرين طعام کائبو، پوءِ ڪلام ٻڌبو.”
    ٻئي ڏينھن شھزاديءَ ڇيلو ڪھرائي، ٻوڙ پلاءَ تيار ڪرايا ۽ ٻيا به سمورا بندوبست ڪرائي ڇڏيا. سمورا هم سفر ساٿي، سامان ٻڌي لڏڻ جي اشاري جا منتظر ڪرايائين. تنبوءَ ٻاهران پنھنجو گهوڙو به سنبرائي ۽ سنجائي بيھاريائين.
    رات جو شھزادو اڪيلو اچي نڪتو. مانيءَ لاءِ اندر آيو ته پويان ٻيو سڄو قافلو روانو ٿي ويو. ماني تمام ٿوري آئي، جيڪا هوڙ کي به نه لڳي. ٻنھي کاڌي پئي جو ٻوڙ کٽو. نوڪر ٻوڙ کڻڻ لاءِ ويو ته گم ٿي ويو. دير ٿي ته شھزادي پاڻ ٻوڙ ٻوڙ جو آواز ڏئي اٿي. جڏهن چڱي دير ٿي وئي ۽ اها به نه موٽي ته شھزادو پاڻ ٻاهر نڪتو. نڪرندي ئي حيران ٿي ويو. خيمي جي ٻاهران، سواءِ سندس گهوڙي جي، باقي ڀنڀ بيراني لڳي پئي هئي.
    شھزادي کيس ميل ماريون، اکين کان اوجهل ٿي چڪي هئي.
    “ڪتي جو ٻوڙ کاڌم، سو به اڌ گيدو، ڪُکِ به نه ڀري.” شھزادي کي انھيءَ خيال ايندي اٻڙڪ اچڻ لڳا ۽ چرين وانگر وڦلندي واتان نڪتس؛ “ڪتو به کاڌم، ڪـُکِ به نه ڀري.”
    وايون بتال ٿي ويس. گهر پھتو، ڏاڍا علاج معالجا ٿيا پر ڦڪين فرق نه ڪيو. هوڏانھن شھزاديءَ کي به اُڻ تڻ ٿي. نيٺ شاديءَ لاءِ نيپا نڙا پھتا. شھزاديءَ جي پيءُ کي اها به خبر پئي ته شھزادو دماغي توازن وڃائي ويٺو آهي، جنھنڪري رشتي ڏيڻ کان لنوائڻ لڳو. شھزاديءَ کي خبر پئي ته پيءُ کي چوائي موڪليائين؛ “آئون هڪ جي زال ٿي چڪي آهيان. هاڻي جڏهن ٻيو مڙس ڪنديس ئي نه ته پوءِ انھيءَ کي جواب نه ڏيو. مان ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. توهان تاريخ ٻڌي ڏيوس.”
    قصو ڪوتاهه. شادي ٿي وئي، گهوٽ ڪنوار سيج تي ستا ته به شھزادي جي اها ئي وائي؛ “ڪتو به کاڌو، ڪک به نه ڀري.”
    “ڪتو به نه کاڌئي، ڪک به ڀريئي.” شھزاديءَ جلوو پسائيندي چيس؛ “پھرين تو راند ڪئي، مونکي لڪ ۾ تاڙيئي، پوءِ مون به توسان ساڳي راند ڪئي. هاڻي برابر ٿياسين. اها شھزادي مان هيس. اهو ڪتي جو نه بلڪ ڇيلي جو گوشت هيو. مان غير مذهب يا غير مھذب نه ناهيان.”
    شھزادي کيس سڃاتو ۽ پڪ ڏيارڻ تي دل جاءِ ٿيس ۽ خوش ٿي چيائين؛ “ڪتو به نه کاڌم، ڪک به ڀرجي وئي.”

    مطلب:
    20.1 ڏوهه جو ڪم به ڪيو، مليو به ڪجهه نه.
    20.2 ڪتو به کائڻ، ڪک به نه ڀرجڻ. (اصطلاحي ورجيس)


    حصو ٻيو

    21. گهوڙا ڙي گهوڙا. (ندائيه ورجيس)
    ڪلھوڙن، مدد خان پٺاڻ کي مدد لاءِ، لشڪر سوڌو سنڌ ۾ گهرايو هيو، پر ساڻس واعدي مطابق راه خرچ نه ڏيئي سگهيا. پيادا ته لشڪر ۾ هيا ڪونه. رڳو گهوڙيسوار هيا. تن جي گهوڙن لاءِ گاهه به ڪونه هيا ته فوج کي کائڻ لاءِ گوشت پلاءَ به ڪونه پئي مليا.
    لشڪر ۾، بک تتان رڙو رڙ پئجي وئي. مدد خان به بيزار ٿي عوام کي سڌو سنئون ڦرڻ ۽ لٽڻ جو حڪم ڏنو. لشڪر مان رسو نڪتو ته رڻ ٻاري ڏنائون. نه ڇڏيائون ڪنھن جو ڪڪڙ جو ٻچو. جتي پئي پھتا ته رڳو ٻاڪر-ڪٽو هجي. ڳوٺ ڳوٺ ۾ مچايل ٻائيتال سببان، ماڻھو ڊڄي ويا. هر ڳوٺ ٻاهران راکا ويھاري ڇڏيائون، جيڪي ٺھرايل ٺلھن تان بيھي گهوڙن جي ٽاپن سان اڏايل ڌوڙ جو اندازو لڳائي ڳوٺ وارن کي انھن لفظن سان جان، مال ۽ عزتون بچائڻ لاءِ هوشيار ڪندا هيا؛ “گهوڙا ڙي گهوڙا!”
    جنھن تي ماڻھو ويچارا گهر ڇڏيو، ٻار ٻچا کنڀيو، ڪن ٻوساٽيو جهنگن ۾ وڃي ٿي لڪيا.
    مطلب:
    21.1 مصيبت مٿان اچي رهي آهي.
    21.2 مصيبت جو اطلاع.
    21.3 تڪڙو ۽ ڀوائتو ندائيه اعلان.

    22. لالچ ڪتن سان گڏ کارائي. (چوڻي) 83
    هڪڙو بادشاهه، حسب معمول صبح جو نيراني، ڀنڀرڪي ويل اٿي شھر جي گهٽين ۾ پنڌ ڪندو ويو پئي جو کيس صبحڙي واري اونداهي ۾ پٽ تي چانديءَ جي روپئي نما چلڪندڙ شيءِ نظر آئي. کيس چانديءَ جو روپيو سمجهي، نوڙي هٿ وڌائين ته آلي شيءِ ۾ هٿ ڀرجي ويس. مڄاڻ ڪو اڳ ۾ انھيءَ واٽ سان موالڙي به لنگهيو هيو ۽ چيڙهيالي کانگهاري جو دوڳ پٽ تي دوڳيون ويو هيو.
    “لالچ ڪھڙي بڇڙي بلا، آهي.” ڀريل هٿ لٽي سان اُگهندي دل ۾ چوڻ لڳو؛ “نه دل ۾ لالچ پيدا ٿئي ها ۽ نه ئي هٿ خراب ٿئي ها!”
    اهي خيال پچائيندو جڏهن پنڌ کان موٽي اچي درٻار ۾ ويٺو ته ڪچھريءَ جي ٻين معاملن کان آجو ٿي وزير کان پڇيائين؛ “ٻڌايو ته دنيا ۾ ڪھڙي شيءِ بڇڙي آهي؟” جواب ۾ وزير ڪيئي مادي شيون ٻڌائي/ ڳڻائي ويو پر بادشاهه جي دل واري ڳالهه نه ڪيائين. آخر بادشاهه تنگ ٿي ڪاوڙجي پيس. تيش ۾ اچي چيائينس؛ “صحيح صحيح نه ٻڌائيندي ته ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويندين.”
    وزير، مھيني جي لاءِ مھلت ۽ سر-جيئدان گهريو، جيڪو کيس مليو. گهر آيو، قرار نه آيس. ٻئي ڏينھن صبح جو سوير گهوڙي تي چڙهي، جهنگ منھن ڪيائين. هڪڙي هنڌ جهنگ ۾، ٻڪرار جي واڙ نظر آيس. گهوڙو ۽ پاڻ ٿڪجي پيا هيا. وسنھن ڏسي، ڊاٻي ڪرڻ خاطر، گهوڙي تان لھي پيو. هڪڙي وڻ هيٺان گهوڙو ٻڌي، ليٽي پيو.
    شام ڌاري، ٻڪرار ڌڻ پھرائي موٽيو. واڙ ۾ واڙي، اچي ساڻس حالي احوالي ٿيو. بادشاهه وارو سوال ٻڌايائينس ۽ جواب صحيح نه ڏيڻ جي ڪري مھيني جي مھلت بابت به ٻڌايائينس. اڳتي ٻڌايائينس؛ “ارادو اٿم ته زمين ۾ موجود ڪن دانائن سان ملان ۽ کانئن انھيءَ شيءِ بابت دريافت ڪيان ته جيئن سر-جيئدان حاصل ڪري سگهان.”
    ٻڪرار، حال احوال وٺي گهر ڏانھن ويو، سندس واڙ جي ڳليءَ وٽ ٻه ڪتا ٻڌل هيا، انھن مان هڪ جي ڳچيءَ ۾ سچو موتي ٻڌل هيو. وزير جي جيئن مٿس نظر پئي ته سمجهيائين؛ “ٻڪرار کي خبر ئي ناهي ته اهو سچو موتي آهي جو ڪتي جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيو اٿائين! اهو جيڪر کانئس ڪنھن بھاني ڪڍان!”
    جڏهن ٻڪرار ماني وغيره کڻائي موٽيو ته کانئس پڇيائين؛ “ڪتي جي ڳچيءَ ۾ ڇا ٻڌو اٿئي!”
    “هيڏانھن هڪڙي کڏ آهي، منجهس اهڙن مڻين جا ڍڳ پيا آهن.” ٻڪرار کيس مڻيي جي غير اهم هئڻ واري حيثيت بابت ٻڌايو؛ “منجهانئس هڪڙو کڻي ڪتي جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيو اٿم؟”
    “اها کڏ مونکي ڏيکاريندين.” وزير اڃا حرص ۾ ڪاهيندي پڇيس.
    “هڪڙي شرط تي ڏيکاريندس.” ٻڪرار چيس.
    “اهو ڪھڙو شرط آهي؟” وزير بيقراريءَ سان پڇيس.
    “مان اها کڏ ان کي ڏيکاريندس!” وزير کي شرط ٻڌائيندي چيائين؛ “جيڪو منھنجي ڪتي سان گڏ، سندس چَٺِ ۾ کير لڪيندو.”
    “ٻيلي ! مڙس ٿيءُ!” وزير ويچارو ٿيندي ۽ ليلائيندي چيس؛ “ائين نه ڪر! کڏ ڏيکارڻ سان تنھنجو ڪھڙو نقصان آهي ۽ تنھنجي ڪتي سان گڏ لڪڻ ۾ تنھنجو ڪھڙو فائدو آهي! مون کي کڏ ائين ڏيکار! هونئن به ڪتي سان گڏ، ماڻھو ڪيئن کائيندو؟ ٻيو جيڪو چوين سو ڪيان. جيڪو گهرين سو ڏيانءِ پر اهو ڳرو شرط نه رک.”
    ٻڪرار پنھنجي هوڏ تان نه لٿو. هٺئون هيٺ هيءُ به نه ٿيو. دل ۾ چيائين؛ “هتي جهنگ ۾ هئين ڪير ڪونه ٿو ڏسي! جيڪڏهن ٻڪرار جي ڪتي سان گڏ لڪيم ته ڪھڙي اربعا خطا ٿي پوندي. موٽ ۾ موتين جي کڏ هٿ اچي ويندي. جنھن سان ڪنھن ملڪ جو بادشاهه ٿي سگهان ٿو. گهڙي سواءِ جي ذلت سان، ساري عمر جي راحت ملي ته ڇونه وٺان!” اهو سوچي ڪتي سان گڏ، چٺ ۾ کير لڪڻ لاءِ آماده ٿي ويو.
    جڏهن ڪتي سان گڏ کير لڪي بيٺو ته ٻڪرار کي کڏ ڏيکارڻ لاءِ چيائين. ٻڪرار کيس هڪڙي خالي کڏ ڏيکاري، جنھن ۾ ڪو به مڻيو ڪونه هيو. کيس چيائين؛ “مون سان ٺڳي نه ڪر! مڻين واري کڏ ڏيکار!”
    “صاحب! عجيب عقل اٿئي!” ٻڪرار دليل ڏيندي ٻڌايس، کڏ ۾ به موتي ٿيندا آهن ڇا؟” موتيءَ جو لفظ، ٻڪرار جي واتان ٻڌي حيران ٿي ويو. سمجهيائين ته هن مون سان سوچي سمجهي راند ڪئي آهي. ڇو ته مڻيي ۽ موتيءَ جي فرق جي کيس خبر آهي.
    “توکي جڏهن ايتري ڄاڻ هئي ته پوءِ مون کي ڪتي سان کائڻ لاءِ آماده ڇو ڪيئي؟” وزير کانئس پڇيو.
    “جيئن توکي خبر پوي ته لالچ، دنيا ۾ ڪيتري بڇڙي شيءِ آهي!” ٻڪرار، کيس سندس مراد وارو سبق ڏيندي چيو.
    وزير، دنيا جي بڇڙي شيءِ بابت ٻڌڻ کانپوءِ حيران ٿي ويو. ٻي ڪنھن به چون چرا ڪرڻ کان سواءِ، ترت پنھنجي ملڪ ڏانھن راهي ٿيو.
    شام واري ڪچھريءَ ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ بادشاهه جي درٻار ۾ پھتو. بادشاهه ساڳيو سوال پڇيس؛ “ڏي خبر دنيا ۾ بڇڙي ۾ بڇڙي ڪھڙي شيءِ آهي!”
    “حضور! لالچ!” وزير هٿ ٻڌندي ٻڌايس؛ “ان جھڙي ڪا بڇڙي شيءِ آهي ئي ڪانه!”
    “توکي ڪيئن خبر پئي؟” بادشاهه، وضاحت طلبيندي پڇيس؛ “فقط لالچ ئي بڇڙي شيءِ آهي.”
    “سائين! لالچ ڏاڍي بڇڙي آهي!” دليل ۾ ٻڪرارو وارو قصو ٻڌائيندي چيائين؛ “لالچ ڪتن سان گڏ کارائي ٿي!”
    مطلب:
    22.1 لالچ ۾ اچي، ماڻھو غلط ڪم ڪري ٿو.
    22.2 لالچي، لعنتي.

    23. لعل به لڀي، پريت به رهجي اچي. (ورجيسي فقرو)
    هڪڙي بادشاهه کي ٽي پٽ هيا، جن کي پڙهائڻ لاءِ هڪڙو ڪامل استاد رکي ڏنو هئائين، جنھن کين پڙهائي ڪڙهائي گوهر ڪري ڇڏيو هيو. علم ادب سان گڏ کين شاهي آداب جي پڻ تربيت ڏني وئي هئي. وڏي ٿيڻ کانپوءِ، وڏا داناءَ ليکجڻ لڳا.
    بادشاهه جڏهن پيرسن ٿيو ۽ هلڻ جا ڏينھن ٿيس ته ٽنھي کي گهرائي نصيحت ڪيائين؛ “منھنجو سج هاڻ لھڻ تي آهي. مانا کائي مٿي چڙهيو آهيان. هاڻ سمورا بار اوهان جي سر تي آهن. تنھنڪري چند نصيحتون ياد رکجو. حڪومت سنڀالڻ ۽ گهرداريءَ لاءِ اوهان لاءِ ڏاڍيون ڪارائتيون ٿينديون.
    • حڪومت، عدل ۽ انصاف سان قائم رهندي آهي. اوهان انصاف جي گهوڙي کي هٿان ڇڏيو ته سمجهو پڪ زوال آيو.
    • رعيت، اولاد مثل آهي. مٿس هميشه هٿ ڌرجو.
    • پاڻ ۾ هميشه قرب ۽ محبت سان رهجو.
    • اتفاق ۾ سڀڪجهه آهي.
    • وڏن جو فرمان مڃڻ، فرض آهي.
    پٽن ادب سان چيس؛ “اوهان جي حڪم جي حرف بحرف تعميل ڪئي ويندي.”
    “پٽ دنيا دورنگي آهي.” بادشاهه اڃا کين نصيحت ڪندي چيو؛ “هوءَ ڪنھن سان به توڙ نه نڀائيندي آهي. سندس رنگ نيارا آهن. انسان هميشه ساڳيي حال ۾ نه رهندو. ڪڏهن شاهه ته ڪڏهن گدا. ڪڏهن امير ته ڪڏهن فقير. هڪ سج، ٻه پاڇا. اوهين به سدائين ساڳئي حال ۾ نه هوندؤ. تنھنڪري اوهان لاءِ ٽي لعلون گهوڙي جي پيٽ ۾ لڪائي رکيون اٿم. وقت پِئي، اوهان کي ڪم اينديون.”
    چند ڏينھن کانپوءِ بادشاهه موڪلائي ويو. حڪومت جي واڳ پٽن جي هٿ آئي. سال اڌ، ڏاڍي انصاف سان حڪومت هلي. ان کانپوءِ هڪڙو غنيم ڪاه ڪري آيو. همت ڪري مقابلو ڪيائون پر قسمت ساٿ نه ڏنن ۽ شڪست کاڌائون. ڀڄڻ کان اڳ صلاح ڪيائون ته بابي واريون لعلون ڪڍي کڻون ته سفر ۾ ڪم اچن.
    گهوڙن جي ڪُڙهه ۾ پھچي وڏي ڀاءُ چيو؛ “بابي ڏسيو هيو ته لعلون گهوڙي جي پيٽ ۾ آهن. اهي گهوڙي جي پيٽ ۾ نه هونديون، بلڪ پيٽ هيٺان زمين ۾ پوريل هونديون.”
    گهوڙو پري ڪري، زمين کوٽيائون. کوٽيندي ٻه لعلون لڌيون، ٽين هٿ نه آين. تڏهن وڏي ڀاءُ چيو؛ “بابي جي زبان سچي آهي. لعلون ٽي هئڻ گهرجن. پاڻ ڌرتيءَ مان ٻه ڌرتيون ڪيون آهن، ٽين لعل نه ٿي لڀي ته پڪ اسان مان ڪنھن لڪائي آهي. پاڻ ۾ وڙهڻ کان بھتر آهي ته لعل لھڻ لاءِ ڪا رٿ رٿيون.”
    “اول ته دشمن مان پلئه آجا ڪرائي ڀڄون!” وچين ڀاءُ صلاح ڏيندي چين؛ “پوءِ ٿا هلي اهو فيصلو ڪرايون.”
    ڇڙا سرَ بچائي، گهوڙا ڀڄائي، ملڪ ڇڏيائون. منزلون هڻڻ پڄاڻان هڪڙي ملڪ جي وڏي شھر ۾ پھتا ته صلاح ڪيائون؛ “ڇو نه هلي هتان جي بادشاهه وٽ گم ٿيل لعل جو فيصلو ڪرايون. جنھن کي اهو چور بڻائي سو ڏوهه جو ڏوهاري سڏائي.”
    رٿ رِٿي، ڏس پنڌ پڇي، بادشاهي محلات وٽ اچي گهوڙن تان لٿا. خير عافيت ۽ خبرن چارن کان پوءِ، گم ٿيل لعل واري مدعا پيش ڪيائون ۽ فيصلي لاءِ عرض ڪيائون. بادشاهه، اٻھرو ۽ ڇوٽ ۾ فيصلو ڪرڻ کان لنوائيندي کين چيو؛ “في الحال ماني ٽڪي کائي، وهنجي سھنجي آرام ڪيو. پوءِ ٿا ڏسون اوهان جي فيصلي کي.”
    کين شاهي مھمان خانو کولائي ڏنو ويو، جنھن ۾ آرام پذير ٿيا. ٿڪ ڀڃي، وهنجي سھنجي هلڪا ڦلڪا ٿيا ته وٽن شاهي دسترخوان تان ماني اچي وئي. مانيءَ تي ويھڻ کانپوءِ، پھريون گرهه ڀڃي کائڻ پڄاڻان پھرئين شھزادي چيو؛ “ادا! مانيءَ مان ته مون کي مردن جي بوءِ ٿي اچي!”
    “ادا! مون کي گوشت جي ٻوڙ مان، ڪتي جي گوشت واري بڻاس ٿي اچي.” ٻئي ڀاءُ ٻوڙ چکندي چيو.
    “ادا! مون کي بادشاهه ڪنھن مڱڻھار جو ڦر ٿو لڳي.” ٽئين، دسترخوان جو ڍنگ جاچيندي چيو.
    بادشاهه سندن بات بيٺي ٻڌي ۽ ٻڌندي برهم ٿي بنگلي ڏانھن ڀڳو. ويندي شرط اصل ماجرا ڄاڻڻ لاءِ مڙني ۾ ٻاڪر ڪُٽو وڌائين.
    “پنھنجي گهر ۾ ان ڪٿان آيو آهي؟”
    “ابا! پنھنجي زمينن تان آيو آهي!” ماڻس، جيڪا رڌ پچاءَ جو معاملو پاڻ سنڀاليندي، تنھن جواب ڏنس.
    “ڪھڙي زمين جو ان آهي؟”
    “الھندي طرف جيڪو ڦٽل مقام هيو، تنھن کي تنھنجي پيءُ سڌو ڪرائي زمين هٿ ڪئي هئي. انھيءَ زمين جو انُ آهي.” ماڻس وڌيڪ وضاحت ڪندي چيس؛ “ايامن کان اتان پيو ان اچي. اڳي ڪڏهن ڪونه پڇيئي، اڄ ڇو ايڏي پڇا ٿي آهي؟!”
    “بس انھيءَ کي ڇڏ!” بادشاهه، وائڙائپ مان کيس ورندي ڏني ۽ دل ۾ چيو؛ “پھرئين شھزادي جي بات ته سچي نڪتي.”
    “اڄ گوشت ڪٿان آيو هيو؟”
    “پنھنجو نوڪر وٺي آيو هيو؟”
    “ان کي پيش ڪيو.”
    نوڪر پيش ٿيو ته کانئس گوشت جي آڻڻ بابت پڇيائين، جنھن ڪاسائيءَ جو نالو ٻڌايس. يڪدم ان ڪاسائيءَ کي گهرايائين. ڪاسائي پھتو ته کانئس پڇيائين؛ “اڄ گوشت ڇا جو هيو؟”
    “سرڪار! ڇيلي جو هيو؟!”
    “ڇيلو ڪٿان آيو هيو!” بادشاهه اڃا برهم ٿيندي چيس؛ “جنھن ٻڪرار کان ورتو هيئي تنھنکي پيش ڪر!”
    ٻڪرار ڏڪندو پھتو، کانئس پڇيائين؛ “تو هن کي ڇيلو ڏنو هيو يا ڪتو!”
    “سرڪار مون ته ڇيلو ڏنو هيو!” ٻڪرار هٿ ادب جا ٻڌندي عرض ڪيو.
    “چڱيءَ طرح ياد ڪر!” بادشاهه مُڇن کي تاءُ ڏيندي اک ڏيکاريس.
    “حضور ياد اچي ويو.” ٻڪرار، پاڻي پاڻي ٿيندي چيو؛ ڇيلو جڏهن ماءُ کي ڄائو هيو، تڏهن واڙيءَ ڀرسان هڪڙي ويايل ڪتيءَ به ڏر کنئي هئي. جڏهن ڌڻ، جهنگ پھرائي ويو هيس، تڏهن ڦرڙا واڙ ۾ واڙيا پيا هيا. هن کي بک لڳي هئي، جنھن ڪري ٻيڪٽ ڪندي ۽ مِمِ مِمِ ڪندي وڃي ڪتيءَ جي ٿڻ ۾ چڳڙون ڏنيون هيائين. تيستائين ٻڪريون به جهنگ ۾ چري موٽيون هيون، پر هڪ اڌ گوهو هن جي وات ۾ هليو ويو هيو. تنھن سببان مٿس ڪو اثر هجي!”
    بادشاهه ٻڪرار جي روئداد ٻڌي وسامجي ويو. پڪ ٿي ويس ته ٻن شھزادن جون ڳالھيون سچيون ۽ دل سان لڳندڙ نڪتيون آهن، ٽئين جي به سچي هوندي. دل ۾ چوڻ لڳو؛ “آهيان مان به مڱڻھار جو پٽ!”
    اهو ويچار ايندي ئي، تلوار ننگي ڪري، ماءُ جي مٿان “الريو آيو. کيس هڪڙي ڪمري ۾ نويڪلو ڪري، تلوار نڙيءَ تي رکي چيائين؛ “سچ سچ ٻڌاءِ ته مان ڪنھن مان ڄايو آهيان؟ سچ نه ٻڌايئه ته سسي ڌڙ کان ڌار هوندئي؟”
    “ابا تو سان ڪھڙو ڪوڙ.” ماڻس حقيقت ڪري ٻڌايس؛ “تنھنجي پيءُ بادشاهه جي مون سان شادي ٿي پر منجهس مردانگيءَ جا جزا هيا ئي ڪين. سڄي سڄي رات گڏ سمھون پر هو مون ڏانھن اچي ئي ڪونه. مھينو ٻه، ٻيا به حيلا هلائي ٿڪياسين پر ٿيو مڙئي خير. گهڻيئي ڊاڪٽر، حڪيم، پير به ڀيٽياسين پر وريو ڪي ڪين. هڪ علاج به اثر نه ڪيو. نيٺ پاڻ ئي خلق خواريءَ کان، مون کي اجازت ڏنائين ته گهرج ڪٿان وڃي پوري ڪيان!” وڌيڪ چيائين؛ “توکي آفرين آهي جو ايترو صبر ڪيئي پر مون ۾ ڪمي ئي آهي، تنھن جي سزا توکي ڇو ملي! نمونو اهڙو وٺجانءِ جو اها ٻاڦ ٻاهر نه نڪري.”
    “ابا! مون لاءِ ٻيا امير زادا ته کوڙ هيا پر منجهن ڳالهه لڪي ڪانه ها. تنھنڪري چيم ته ڪو غريب هوندو ته ڳالهه لڪي ويندي. ڀؤ کان اهو ڳالهه ڪندو ڪونه. ڪندو ته ڪير مٿس اعتبار ڪندو ڪونه. کيس ڪنھن به ڪم ڪار جي بھاني، نويڪلائيءَ ۾ گهرائڻ به سولو. ڪنھن جو اوڏانھن شڪ به نه ويندو. اهو خيال ڪري، شڪم پارڻ لاءِ در تي ايندڙ مڱڻھار سان اٺين ڏھين ڏينھن جو آهت رکيم. نيٺ تون به خيرن سان ڄائين!”
    بادشاهه، ٽيئي حقيقتون معلوم ٿيڻ کانپوءِ تپرس ۾ اچي ويو. دل ۾ چيائين؛ “شھزادا ايڏا داناءَ ۽ ڄاڻ رکندڙ آهن جو ٿوري حرڪت اکين سان ڏسي، گهڻيءَ ڳالهه جو اندازو ڪري ٿا وڃن، سي پنھنجي لعل جي باري ۾ اندازو رکندا هوندا. جڏهن اهي به فيصلو ٿا ڪرائين ته پوءِ ڪا رمز آهي. هاڻي فيصلو ڪرڻ به ڏکيو مسئلو آهي. نه ڪرڻ به وڏي خلق خواري آهي.”
    انھن ويچارن ۾ ايڏو غرق ٿيو جو اونڌي منجي اچي ويس. سڄو ڏينھن ۽ رات، ڪمري مان نه نڪتو ۽ اوجاڳي ۾ اکيون لال ٿي ويس. سندس ڌيءَ ڏاڍي داناءِ هئي. دل جهلي اها ڪمري ۾ آيس. کيس ويڳاڻو ڏسي، حيرت مان پڇيائينس؛ “بابا، اوهان سان خير ته آهي؟ ڏاڍا مغموم آهيو!”
    ڌيءَ کي شھزادن جي لعل گم ٿيڻ وارو قصو سربستو ڪري ٻڌايائين ۽ وڌيڪ چيائينس ته؛ “شھزادا پڻ داناءَ ۽ مدبر آهن. تن جو هيءُ فيصلو آءٌ ڪيئن ڪري سگهندس!”
    “بابا اهو ڪو ايڏو مسئلو ناهي، جنھن ۾ اوهان مغموم ٿيا آهيون. اهو فيصلو مون تي ڇڏيو! مان اهو فيصلو ڪنديس.”
    بادشاهه کيس اجازت ڏني ته مٿان شرط رکندي چيائينس؛ “جڏهن مان فيصلي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيان ته منجهانئن مون کي ور چونڊڻ جو حق هوندو.”
    اها به اجازت ڏنائينس ته ڌيءُ مٿان چيس؛ “اوهين وٽن وڃو ۽ کين چئو ته اوهان کي ٻاهر ڪم ٿي پيو آهي، جنھن ڪري تڪڙا آهيو ۽ اوهان جي جاءِ تي اوهان جو پٽ سندن فيصلو ڪندو! اهو چئي توهان هليا اچو، پوءِ ٿي مان وڃي سندن فيصلو ڪيان!”
    بادشاهه، شھزادن وٽ وڃي، پنھنجي جان آجي ڪرائي آيو ۽ وٽن پنھنجو پٽ موڪلڻ جو انجام پڻ ڪري آيو.
    شھزادي مرداڻو ويس ڪري، درٻار ۾ آئي ۽ اچي شھزادن جا بيان ٻڌائين.
    شھزادن آخر ۾ کيس التجا ڪئي؛ “اسان پاڻ ۾ ڀائر آهيون، لعل اسان ۾ گم ٿي آهي. چاهيون ٿا ته اها به لڀي پر اهڙي نموني سان جو ڀائپي به نه ٽٽي. لعل سان گڏ، چور به لڀڻو آهي!”
    “آءٌ اوهان جو فيصلو ڪيان ٿو! پر ان کان اڳ اوهان کي هڪڙو داستان ٻڌايان ٿو، ٿورو غور سان ٻڌو!” شھزاديءَ، فيصلي ڪرڻ جي نوع ۾، کين چتائيندي چيو؛ “آخر ۾ اوهان کان سوال جواب ٿيندا جن جا جواب انھيءَ قصي مان ئي اوهان کي ڏيڻا پوندا. جيڪڏهن اوهان جواب ڏيڻ ۾ ڪامياب ويندؤ ته اوهان جو فيصلو به ٿيندو. لعل به لڀندي، چور به لڀندو ۽ ڀائپي به نه ٽٽندي.”
    شھزادن، جڏهن شرط قبول ڪيو ته شھزادي کين قصو ٻڌائڻ شروع ڪيو.
    هڪڙي شھر ۾ هڪڙو غريب ڇوڪر، مڪتب ۾ پڙهندو هيو، جتي ساڻس بادشاهه جي ڌيءَ پڻ پڙهندي هئي. ٻئي هم-عمر ۽ هوشيار هئڻ سبب، آهسته آهسته هڪٻئي جي ويجهو اچڻ لڳا ۽ ائين سندن پاڻ ۾ وڏي پريت ٿي وئي. ايستائين جو سارو ڏينھن مڪتب ۾ گڏ گذارڻ کانپوءِ دل نه ڍاپندي هين.
    وقت گذرندو رهيو، پڙهندا، درجا چڙهندا، عمر ۾ وڏا ٿيندا ويا. بادشاهه، ڌيءَ جي وڌندڙ جوانيءَ ڏانھن نظر ڪندي، کيس مڪتب ۾ وڃڻ کان بند ڪرايو. شھزاديءَ جي دل تي پھاڙ ٽٽي پيا. اول استاد کان، پوءِ پرين پياري کان گونگن ڳوڙهن ۽ آلين اکين سان وڇوڙي جو ويراڳ وٺندي چيائين؛ “جيڪي وقت گذريو، واه گذريو پر هاڻي هٿ نه ايندو. ان کي سارڻ به عذاب آهي. تون به وساري ڇڏ، مان به وساري ڇڏيان ته چڱو.”
    غريب ڇوڪر، شھزاديءَ کان روئندي موڪلايو ۽ آخر ۾ چيائين؛ “تون ته وري به محلاتن ۽ باغن ۾ هوندينءَ. هيءَ نيم بسمل خبر ناهي ته ڪھڙي عذاب ۾ گذاري. ان کي ائين وساري ڇڏيندينءَ!”
    “ٻيو منھنجي وس ۾ ڪجهه ناهي.” شھزاديءَ موڪلائيندي چيس؛ “سينڌ جو اقرار آهي ته شاديءَ جي رات پھرين تون سان ملاقات ڪنديس پوءِ ور ڏي ورنديس!”
    ائين چئي ٻنھي موڪلايو. شھزادي محلات ۾ ۽ غريب ڇوڪر مڪتب ۾ پھتا. غريب لاءِ دنيا ئي ويران ٿي وئي. مڪتب زهر ٿي لڳو. دل پڙهڻ کان کڄي ويس. اڪيلائي محسوس ڪندي، پڙهڻ ڇڏي وڃي ڪنھن ڌنڌي ڌاڙيءَ سان لڳو.”
    ڳچ ڏينھن پڄاڻان شھزاديءَ جي شادي ٿي. شاديءَ واري رات، ڄڃ به ڪافي دير سان پھتي ۽ پرڻي کي به چڱي رات گذري وئي. اڌ رات ڌاري، جڏهن گهوٽ ڪنوار، سيج واري ڪمري ۾ پنھنجي منھن ٿيا ته شھزادي جي اچڻ شرط، شھزادي سيج تان اٿي کڙي ٿي ۽ ڪڇ اندر لڪايل خنجر ڪڍي چوڻ لڳس؛ “خبردار! مون کي هٿ لاتئي ته مان پاڻُ ماري وجهندس.”
    شھزادي جا پير اتي ئي ڄمي ويا ۽ بيخبرائيءَ مان چيائينس؟ “تون منھنجي نڪاح ۾ رضا خوشيءَ سان آئي آهين ۽ هاڻي پاڻُ ٿي مارين سو ڇو؟ اهو اڳ ۾ ڇونه سوچيو هيئي!”
    “منھنجو مڙس به تون آهين ۽ توکي قبول به خوشيءَ سان ڪيو اٿم.” شھزاديءَ حقيقت کان آگاهه ڪندي چيس؛ “پر منھنجو ڪنھن سان قول ٻڌل آهي، اول اهو پاڙينديس پوءِ توکي ويجهو اچڻ ڏيندس!”
    “قول ڇا هي؟” شھزادي پڇيس.
    “اول انجام ڪر ته هر صورت ۾ موڪل ڏيندينم” شھزاديءَ شرط رکندي چيس؛ “پوءِ ئي توکي حقيقت ٻڌائيندس.”
    “مون توکي بنا ٻڌڻ جي موڪل ڏني.” شھزادي راز معلوم ڪرڻ لاءِ پڇيس؛ “هاڻي ته حقيقت بيان ڪر!”
    شھزاديءَ مڪتب ۾ پڙهڻ ۽ غريب ڇوڪر سان پريت ٿيڻ وارو سمورو قصو ٻڌائڻ کان پوءِ چيس؛ “منھنجو ان سان اقرار ٿيل آهي. پھرين وٽس ويندس، پوءِ ٻي ڳالهه ٿيندي! تو به انجام ڪيو آهي. هاڻي خوشيءَ سان موڪل ڏينم ته وڃان!”
    شھزادو، اٻھري ڪيل ها تي، ڏاڍو پشيمان ٿيو. دل تي پٿر رکي، هٿ جي اشاري سان، کيس وڃڻ جي اجازت ڏنائين.
    شھزادي محلات کان نڪري، گهٽين مان ٿيندي جيئن وئي پئي ته هڪ گهٽيءَ ۾، کاٽ هڻڻ جي تاڙ ۾ بيٺل چور جي منھن پئجي وئي. سونن زيورن سان جنجهيل عورت ڏسي، چور جو سڄو ڌيان سونن زيورن جي ڇمڪار ڏانھن هليو ويو. ڪنواري عورت، نون لباسن ۽ سونن ڳھن ڳٺن ۾ ڏسي کيس ننڍي هوندي ڏنل ماءُ واري دعا ياد اچي وئي؛ “ابا رستي ويندي لال ڪنوار ملندءِ.”
    چور جڏهن شھزاديءَ آڏو لالچ ۾ ڦري آيو ته کانئس پڇيائين؛ “مان ڪير به آهيان، ان کي ڇڏ! پھرين ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين ۽ هن بيگاه وقت ۾ زيورن سان سجي سجائي ڪيڏانھن پنڌ پئي آهين؟”
    شھزاديءَ کيس تڪڙ تڪڙ ۾، مختصر لفظن ۾ سمورو قصو ٻڌايو ۽ ٻڌايائين؛ “مڙس جي اجازت سان، زندگيءَ ۾ ڏنل وچن، پاڙڻ وڃي رهي آهيان.”
    “تنھنجي مڙس توکي موڪل ڪيئن ڏني هوندي؟” چور اڳ وٺندي پچيس؛ “اهو کوڙو ئي ڪونه ٿو لڳي.”
    “کيس واعدو پورو ڪرڻ لاءِ چيم. ٻي صورت ۾ خنجر ڪڍي سيني تي رکيم.” شھزاديءَ چور آڏو خنجر ڪڍي سيني تي رکندي ٻڌايس؛ “جيڪڏهن اجازت نه ڏنئي ته پاڻ کي هتي پورو ڪنديس.”
    چور، انھيءَ ڌمڪيءَ تي پڻ ڍرو ٿي ويو. يڪدم خيال مٽ ڪندي پڇيائينس؛ “ڀلا مون سان ڪھڙو انجام ٿي ڪرين!”
    “پھرين پرين پياري سان ملان!” شھزاديءَ زباني سينڌ ڏيندي چيس؛ “پوءِ تو وٽان ٿي گهر ويندس!”
    انھيءَ اقرار تي چور کيس اجازت ڏني ۽ جلد موٽڻ جو پڻ تاڪيد ڪيو.
    شھزاديءَ جڏهن وڃي دل گهريي دوست جو بيگاهه وقت در کڙڪايو ته اهو پڻ ششدر ٿي ويو. زيورن ۾ ڏٽيل ڏسي کانئس پيڇائين؛ “توکي تنھنجي مڙس مُھاري رات جو اجازت ڪيئن ڏني؟”
    “مون کيس ڪيل وچن پاڙڻ بابت، خنجر سيني تي رکي، ڌمڪيءَ واري نوع ۾ اجازت گهري. جيڪڏهن اجازت نه ڏئي ها ته پاڻ ماريان هان. پر تڪڙ ۾ پاڻ به انجامي ٿي ويٺو. دل تي پٿر رکي اجازت ڏنائين!” شھزاديءَ کيس مختصر لفظن ۾ ساري حقيقت ڪري ٻڌائي.
    “هاڻي تون ٻين جي امانت آهين. امانت ۾ خيانت نه ڪجي.” دوست پنج روپيه گنديءَ جا مٿي تي رکندي چيس؛ “هڪدم موٽي مڙس وٽ وڃ. توکي هاڻي ان سان ئي ملڻو آهي. منھنجي لاءِ هاڻ تون سڳي ڀيڻ برابر آهين.”
    شھزادي جڏهن ساڳين پيرن تي چور وٽ پھتي ته اهو پڻ وائڙو ٿي ويو. دل ۾ چوڻ لڳو؛ “هيءَ ته تاڪيد ڪيل وقت کان به اڳ پھتي آهي. ڇا ماجرا آهي!”
    “ڇو خير ته آهي، جهٽ موٽي آئين!” چور کانئس پڇيو؛ “تنھنجو من گهريو مشتاق موجود نه هيو ڇا؟”
    “موجود هيو.” شھزاديءَ پنج رپيا گنديءَ جا ڏيکاريندي چيس؛ “هن مون کي ٻين جي امانت چيو ۽ ڀيڻ ڪوٺي پنج رپيا گنديءَ جا مٿي تي رکي، جلد مڙس وٽ پھچڻ لاءِ چيائين. بھرحال مون قول پاڙيس، هُن به امانت ۾ خيانت نه ڪئي. هاڻي تو وٽ پھتي آهيان!”
    “تنھنجي دوست انصاف ڪري ڇڏيو. آفرين اٿس.” چور گنديءَ طور، هڪڙو رپيو مٿي تي رکندي چيس؛ “جيڪڏهن هُن توکي ڀيڻ ڪوٺيو آهي ته مان به توکي ڌيءَ سڏيان ٿو! وڃ ۽ وڃي وَرَ سان وصال ڪر.”
    شھزادي اهو رپيو وٺي، يڪدم گهر پھتي. سندس گهوٽ اونڌي منھن ڪريو پيو هيو. کيس جلد موٽي آيل ڏسي اٿي کڙو ٿيو. شھزاديءَ کان جلد موٽڻ جو سبب پڇيائين. شھزاديءَ کيس، پنج روپيا ۽ رپيو ڏيکاريندي، سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي.
    شھزادو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا.
    جڏهن مٿيون داستان، شھزادي ٻڌائي بس ڪيو ته مٿان، ٽنھي شھزادن کان پڇيائين؛ “هاڻي ٻڌايو ته انھيءَ ڳالهه ۾ انصاف ڪنھن جو هيو؟ مڙس جو، دوست جو يا چور جو؟”
    “انصاف مڙس جو هيو!” وڏي شھزادي کيس چيو؛ “ان قول پاڙڻ جي اجازت ڏني.”
    “انصاف دوست جو هيو!” وچٽ شھزادي چيو؛ “ ان امانت ۾ خيانت نه ڪئي!”
    “انصاف چور جو هيو!” ننڍي شھزادي چيو؛ “جنھن ڪک لاءِ ڪشالا ڪڍڻ جي باوجود، سونن زيورن سان جنجهيل عورت کان ڦر نه ڪئي آهي! هٿائين رپيو به کيس ڏنائين. وڏي ڳالهه آ.”
    “جيڪڏهن تنھنجي حمايت چور سان آهي ته پوءِ پڪ!” بادشاهزادي قصي جي تھه تائين پھچندي چيس؛ “لعل به تو لڪائي آهي.”
    “جيڪڏهن لعل مون لڪائي آهي ته پوءِ” ننڍي شھزادي، مرداڻي لباس ۾ ويٺل بادشاهه زاديءَ کي چيو؛ “تون به بادشاهه جي ڌيءَ آهين. پٽ نه آهين. تڏهن شھزاديءَ جي قصي ۾ کيس ڪٿي به قصوروار ڪونه ڄاڻايئه!”
    “جيڪڏهن مان شھزادو نه، بادشاهه جي ڌيءَ آهيان ته پوءِ” شھزاديءَ عورتاڻو روپ ظاهر ڪندي ننڍي شھزادي کي چيو؛ “منھنجو به هاڻي کان پوءِ مڙس تون ٿيندين!”
    اها ڳالهه ڪري، ڪچھري برخواست ڪري هڪدم گهر پھتي ۽ پيءُ کي ساري حقيقت ڪري ٻڌايائين. آخر ۾ کيس ٻڌيائين؛ “لعل لڀي وئي اهي ۽ ڀائرن جي پريت به رهجي آئي آهي. ڇو جو جنھن شھزادي لعل لڪائي آهي، تنھن منھنجي دل پڻ ڦري آهي.”
    ننڍي شھزادي کي شھزادي ملي ۽ ائين لعل به لڌي ۽ ڀائرن جي پريت به رهجي آئي.
    مطلب:
    23.1 اهڙو ڪم ڪجي جو نانگ به مري، لٺ به نه ڀڄي. (چوڻي)
    23.2 اهڙو ڪم ڪجي جو لعل به لڀي، پريت به رهجي اچي. (چوڻي)
    23.3 لعل به لڀڻ، پريت به رهجي اچڻ. (ورجيس)
    23.4 اهو ڪي ڪجي جو مينھن وسندي ڪم اچي.

    24. لڳي ته لائي، نه ته رن پرائي. (تڪبند ورجيسي جملو)
    هڪڙو شخص زال سميت گهوڙيءَ تي چڙهيو، جهنگ واري واٽ وٺيو پئي آيو جو واٽ تي هڪڙو انڌو نابين ويٺل نظر آيس. ساڻس عليڪ سليڪ ڪري اتي ويھڻ جو سبب پڇيائين. جنھن ٻڌايس؛ “واٽ جو سونھون آهيان پر ٿڪجي هتي ويھي رهيو آهيان. هاڻي ويٺو آهيان ته من ڪو الله جو بندو اچي ۽ مون کي منزل رسائي.”
    انڌي تي رحم کائي، کيس اڳيان گهوڙي تي ويھاريائين ۽ زال پويان ويٺل ئي رهي. گهوڙي کي واڳ کان وٺي اڳتي هليو. جڏهن هڪڙي ڳوٺ وٽ پھتا ته انڌي وٺي واويلا ڪئي. ماڻھو مڙي ويا، انڌي جي رڙورڙ هجي، چي؛ “زال سميت گهوڙي ٿو ڦري!”
    ماڻھن جي پڇڻ تي، گهوڙي جي مالڪ سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي؛ “واٽ تي رحم کائي هن جڏڙي کي گهوڙي تي ويھاريو اٿم. پويان منھنجي زال آهي. منزل تي پھتو آهي، چوانس ٿو لھه ته بجاءِ لھڻ جي گهوڙي جو ھسوار ٿي ويھي رهيو آهي. چڱائي ته ڇٽي، هٿئين هچا نرڙ ۾ لڳي وئي.”
    “ابا! نابين!” ماڻھن انڌي کي چيو؛ “تون ڇو نه ٿو گهوڙي تان لھين!”
    “ابا! گهوڙو منھنجو” انڌي، ٻليءَ وارو ٻک هڻندي چيو؛ “هيءَ زال به منھنجي! هيءُ الائي ڪير!”
    “مئا انڌا! کوٻلا” مائيءَ اتي رڙيون ڪيون؛ “تون الائي ڪير! منھنجي مڙس رحم کائي گهوڙي تي ويھاريئه ته وري مالڪ ٿي ويٺو آهين. ٻڏي نه ٿو مرين!”
    “ابا ظلم!” انڌي ويتر رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون؛ “هاڻي هيءَ رن به مون کي انڌو ڏسي، هُن سڄي تي اڪن ڇڪن ٿي آهي. پاڻ ته وڃي ٿي پر گهوڙو به ٿي ڦرائي.”
    گيڙ بگيڙو ۽ هُل بکيڙو گهڻو ٿيو. ماڻھو معاملو نبيري نه سگهيا ته ٽنھي کي گهوڙي سميت شھر جي قاضيءَ آڏو آڻي پيش ڪيائون. قاضيءَ شھر مان ٻيو انڌو گهرائي، ٻنھي انڌن کي نويڪلي ڪمري ۾ ويھاري پاڻ ۾ ڪچھري ڪرائي. شھر جي انڌي جي خبرن چارن تي ۽ حال احوال وٺڻ تي، هن انڌي پھرين لنوايو، نيٺ ساڳي جنس هئڻ سبب سچي ڪيائين. قاضيءَ به اوٽ ۾ ويٺي ٻڌو جو انڌو چئي رهيو هو؛ “ادا لڳي ته لائي، نه ته رن پرائي.”
    مطلب:
    24.1 هگدو لڳو ته واهه واهه نه ته بک تي ته هُهئين ويٺا آهيون.
    24.2 دادا ڌورا، ليکا پورا.
    24.3 نانا نورا، ليکا پورا.
    24.4 الله صمد، کاراءِ ڪمند.
    24.5 اول، انڌيءَ کي رڻ ۾ نه رول.
    24.6 الک، ڏي ڪي ٻه ٽي لک.
    24.7 بک، ملندءِ وڏا سک.
    24.8 صبح جا سائين، ٻيڙا ٻني لائين.
    24.9 چلھه ۾ اماڙي، رنڙ کي جوءِ پياري.
    24.10 رن! پٽيانءِ ڪـَنَ.
    24.11 ڪارو ڪاري، هڻ ڪھاڙي.
    24.12 لڳو نه لڳو، تنھنجو هڏ گڏ ڀڳو.
    24.13 لھي لٽاڪو، ڇٽي ڦٽاڪو.

    25. ماٺ ڏاڍي مِٺي آهي. (چوڻي) 30
    هڪ بادشاهه جي ٻنيءَ جي ونگار ۾ ڪي ڏاهري مڙس آيا ته سندس حڪم تحت هنن لاءِ تانھري تياري ڪرائي وئي.
    شام جو ونگار وهي، ڪم تان لٿا ته اچي تانھريءَ تي ٽُٽا. سڄو ڏينھن اڙھيا هيا. ٿڪ سبب، بک به ڏاڍي لڳي هين. بک تي کين سڻڀي ۽ مٺي تانھريءَ ڏاڍو مزو ڏنو.
    اڳي ڪڏهن نه کاڌي هئائون ۽ نه وري ڏٺي هئائون. تنھنڪري نالي جي به خبر نه هين. دل ۾ خيال ڪيائون؛ “جيڪر هن طعام جو نالو ۽ رڌڻ جي ڏانءَ جي خبر پئجي وڃي ته هوند ڳوٺ موٽي وڃي گهر وارن کان رڌرائي چڙهه ڪيون.” اهو خيال ايندي، وزير کان پڇيائون؛ “هن مٺي طعام جو نالو ڇاهي؟”
    “ابا انھيءَ طعام جو نالو آهي!” وزير کين پوريءَ طرح جاهل ڄاڻندي، ڀلائڻ وارو نالو ٻڌايو؛ “ماٺ!”
    “ٻيلي واه واه!” پاڻ ۾ ويھي چوڻ لڳا؛ “ماٺ ڏاڍي مٺي هئي!”
    مطلب:
    25.1 چپ رهڻ ۾ گهڻا فائدا آهن. ڳالھائڻ ۾ گهڻا نقصان به آهن.

    26. مون ڀانيو درويش، پر هئين بازن کان بڇڙو. (ورجيسي جملو)
    هڪڙو ڳيرو، هڪڙي وڻ تي ويٺو هيو جو مٿانئس هڪڙي باز لامارا ڏيندي پئي لُوهون ڏنيون. وڻ هيٺان وري هڪڙو شڪاري به گز ڪمان کنيو شڪار لاءِ پئي ڦريو جو باز جي لوهن تي ان جو ڌيان به ڳيري ڏانھن کڄي ويو.
    ڳيري ٻه خطرا، هڪ ئي وقت ڏٺا ته وچ ڏئي اڏاڻو. گازڙيي کان ته پاڻ گسايائين پر بازڙو پويان لڳو آيس. ڀڄي ڀڄي ساڻو ٿيو ته ٻي واهه نه ڏسي هڪ جهنگ ۾ ويراڳ پچائيندڙ فقير جي جهوليءَ ۾ وڃي ڪريو. فقير کي الفي ڍڪيل هئي ۽ جهنگ ۾ دونھين دکايو، پوڄا پاٺ/ پرارٿنا ڪري رهيو هيو. شڪل مان به بزرگ لڳي رهيو هيو.
    جيئن ڳيرو سندس هنج ۾ ڪريو، تيئن ئي کيس مولى طرفان موڪليل روزي سمجهي، چاقو ڪڍي ڪھي ڇڏيائين. ‘ڪنڌ تي ڪاتي اچڻ’ کان اڳ، ڳيري سسندي ڪرڪيو؛ “مون ڀانيو درويش، پر هئين بازن کان بڇڙو.”
    مطلب:
    26.1 مون، تو مان چڱائيءَ جي اميد رکي هئي پر تنھنجو رويو بدفضيلت ماڻھن وارو آهي.
    26.2 ٻاهران درويش، اندران باز کان بڇڙو. (ورجيس)

    27. مون ته ڪا اربع خطا ڪانه ڪئي. (ورجيسي جملو) 78
    هڪڙي بزرگ جي مزار تي، هر اربع رات ميلو لڳندو هيو، جنھن ۾ تر جا ننڍا وڏا، پوڙها پڪا، زائفون مرد، جوان جڙا اچي ڪُتر ٿيندا هيا.
    هڪڙي جوان جي به هڪڙيءَ جوانڙيءَ سان اک اٽڪيل هئي، سي به ديدار درشن واسطي، هر اربع تي ميلي جي بھاني سان، اچي چار چشمي ڪندا هيا. واعدا اقرر اهڙا هين جو ڪير به ڏينھن جو ڪوڙو نه ٿيندو هيو.
    اتفاق سان جوان کان ڪو ڏوهه يا خطا ٿي، جنھن ۾ ٻارنھن مھينا ٽيپ کائي ويو. هوڏانھن سنگتياڻيءَ کي سڻس ئي نه پئي. خلق ۾ خوار ٿيڻ کان بچڻ واسطي، پڇڻ جي بھاني سان به، ٻڙڪ ٻاھر نه پئي ٻاڦيائين. ليڪن هر اربع تي سندس انتظار ضرور ڪندي هئي.
    جنھن لا ءِ دل ۾ عشق ۽ اندر ۾ هورا کورا هجي، تنھنجي تات به هوندي آهي. نيٺ ٻاٻور پيس ته يارڙو ته قيد بند ۾ آهي. صدمو ته گهڻو ئي رسيس پر ڪري ڪجهه نه سگهي ۽ هر اربع تي اچي، سندس انتظار سان، ياد تازي ڪري، واپس ويندي هئي.
    نيٺ عاشق به سزا ڪاٽي آزاد ٿيو پر ڪنھن مجبوريءَ تحت ميلي تي نه پئي آيو. گهڻيئي اربعائون آيون، ميلا مڙيا پر سڄڻ نه آيو ته نيٺ نياپا سنيھا شوع ٿيا؛ “اربع اسان خطا نه ڪئي آهي. تو ڇا تي روسامو ڪيو آهي جو نه ٿو اچين.”
    نياپي تي يار، ايندڙ اربع واري ميلي جي حاضري ڀري. وڇڙيا پاڻ ۾ مليا ته ڏک ڏوراپا شروع ٿيا. عاشق پڪ ڪرڻ خاطر پڇيو؛ “واقعي تو ڪا به اربع خطا نه ڪئي آهي.”
    “نه بلڪل نه !” پڪ ڏياريندي محبوبه چيس؛ “مون ته ڪا اربع خطا ڪانه ڪئي آهي.”

    مطلب:
    27.1 مون ڪو وڏو جرم يا ڏوهه نه ڪيو آهي.
    27.2 اربعا خطا ڪرڻ (اصطلاح): غلطي يا ڏوهه ڪرڻ، چوٿون ڀيرو غلطي ڪرڻ.
    27.3 اربعا خطا نه ڪرڻ. (ناڪاري اصطلاح) (چوٿون ڀيرو غلطي نه ڪرڻ. ٽي دفعا معاف ۽ چوٿون دفعون معاف نه ٿيڻ واري غلطي نه ڪرڻ).

    28. ميٽ مٿي ۾ هجئي ته مون وٽ اچي ڪڍ. (ورجيسي جملو)
    هڪڙي مائي پيڪين گهمڻ وئي ته مائٽن کيس جهلي ڇڏيو. سيڻن سان چپقلش هين، بدلي ۾ هن کي رهائي ڇڏيائون.
    ڳچ ڏينھن تائين مڙس به صبر ڪيو پر هو مُڙيا ڪين ۽ پنھنجيءَ کي پاڻمرادو اجازت ڏنائون ڪونه. نيٺ مڙسھس، پٽن کي چيو؛ “ماءُ ڏي وڃو ۽ وٺي اچوس. چئوس؛ سگهو اچي! ايترو جو ميٽ مٿي ۾ هجيس ته به نه ڪڍي ۽ هتي اچي ڪڍي! ٻي صورت ۾ منھنجو به جواب اٿس.”
    پٽ جڏهن ناناڻي گهر پھتا ته ماڻَھن واقعي مٿي ۾ ميٽ وجهيون سڪائي رهي هئي. کيس پيءُ جو پيغام ڏنائون. ھوءِ پاڻ به پٽن ۽ مڙس کان سواءِ، پيڪي گهر ۾ ڀاڄاين جي طعنن تنڪن ۾ اچي بيزار ٿي هئي. کيس به پيڪن مان نڪرڻ لاءِ بھانو کپندو هيو، سو يڪدم اٿي کڙي ٿي. چي؛ “ميٽ ڪڍندم ته ڪلاڪ ٻه لڳي ويندو. تنھنڪري اتي هلي ٿي ڪڍان!”
    ڪپڙو مٿي کي ٻڌي، بڊ ڪپڙن لٽن جي، پٽن کي کڻائي پيڪن مان نڪتي ۽ ٿڏي تي پنھنجي گهر اچي پڳي. مڙسس ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو.
    مطلب:
    28.1 ايڏو جلدي اچڻ، جو ٻيو ڪم به نه ڪرڻ.
    28.2 نياپي ملڻ کانپوءِ، گرڙا گاهه کائڻ حرام آهي.
    28.3 اهڙو تڪڙو نياپو موڪلڻ، جو سنبرڻ جي مھلت به نه ڏيڻ.
    28.4 اهڙو تڪڙو، جو مٿي ۾ پيل ميٽ به نه ڪڍڻ ڏئي. (ورجيس)
    28.5 مٿي مان ميٽ به ڪڍڻ نه ڏيڻ. (ناڪاري اصطلاح)

    29. همت بندا، مدد خدا. (چوڻي) 80
    هڪڙو فقير، بادشاهي محلات وٽان لنگهيو ته عين ان وقت بادشاهه جي ڌيءَ دريءَ وٽ بيٺي درشن ڪيا. مٿس نظر پوندي ئي موهت ٿي پيو ۽ دل ڦرائي ويھي رهيو. عشق جو تير؛ بي پير، جگر ۾ پيوست ٿي ويس. حسن جي حملي، پير اُتي ڄمائي ۽ خمار چاڙهي ڇڏيس. ڪا پھر پلڪ ته اکيون اتي اڙيل رهيس. آخر تجلو ٽٽو، خيال کٽو. پاڻ سنڀالڻ جي ڪيائين، سنڀالي نه سگهيو.
    جهنگ منھن ڪيائين. ساوڪ ڏٺائين، پر روح نه وندريس. وڻ پسيائين، پر فرحت نه آيس. ميدان گهميو، پر اندر نه ٺريس. لُوهون ڏنائين، پر آرام نه آيس. سِيرَ پيل پکيءَ وارا بُل هيس. موٽي شھر آيو ته به ڪنھن شيءِ مزو نه ڏنس. وس کان بيوس، ڀانئي ته پـَرَ ڪري اڏامي محلات جي دريءَ وٽ وڃي ويھان. ڪا واهه نظر نه آيس.
    لڳي لٿي، پڪو ارادو ڪري بادشاهه جي ڀريءَ درٻار ۾ اچي صدا هنيائين؛ “فقير به عام انسانن جھڙو آهي. کيس شاني شريڪ سمجهندي، سڱ ڏيڻ جي عنايت ڪئي وڃي.”
    بادشاهه، بي شانائتا گفتا ٻڌي تپي لال ٿي ويو. وزير بادشاهه جو غصو سمجهي ويو. خيال- مٽ ڪرائڻ لاءِ عرض رکيائين؛ “جيئندا قبلا! فقيرُ، ڪل ٿڙيل معلوم ٿو ٿئي. عقل وارو اهڙيون ڳالھيون ڪونه ڪندو آهي. بلڪ جھڙي ڪچھري، اُهڙو گفتو ڪڍندو آهي. تنھنڪري اهڙي بي وس ماڻھوءَ تي غضب ڪرڻ کان بھتر آهي ته کيس اهڙو ڪم ڏسجي جنھن ۾ ڦاسڻ کان پوءِ جان ئي نه ڇٽيس!”
    “پوءِ صلاح ڏي ته ڪھڙو ڪم ڏسيونس!” بادشاهه پڇيو.
    “جيئندا قبلا! کيس هڪڙو ڪم ٿا ڏسيون!” وزير ڏکيو ڪم ٻڌائڻ لاءِ چيس؛ “کيس حڪم ڪيو وڃي ته سمنڊ مان سچا موتي ڳولھي اچي!”
    بادشاهه انھيءَ راءِ تي متفق ٿيو ۽ فقير کي تعميل لاءِ حڪم ٿيو.
    فقير سچن موتين جو نمونو گهريو. کيس اھو ملي ويو ۽ همت ڪري سمنڊ ڏانھن نڪري پيو.
    سمنڊ تي پھچي، ڪستي سان پاڻي ٻاهر ڌنئڻ شروع ڪيائين. ڏينھن رات هڻ هڻان هيس. هڪڙي ڏينھن صبح جو ڏسي ته رات واري ڌنئيل پاڻيءَ واري جاءِ تي موتين جو ڍير لڳو پيو آهي. نموني طور آندل موتيءَ سان، سمنڊ مان نڪتل موتين جي ڀيٽ ڪيائين. پڪ ٿيس ته هڪجھڙا آهن. ڪستو موتين سان ڀري، درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ واعدي مطابق سڱ جي تقاضا ڪيائين.
    موتي ڏسي، بادشاهه وزير ڏانھن ڏٺو، موٽ ۾ وزير چيو؛ “سائين فقير وٽ ايترا موتي آهن، جيترا اسان جي محلات ۾ ڪونھن. هاڻي ته هيءُ امير هئڻ جي ناتي سان به سڱ جي قابل ٿي ويو آهي.”
    مطلب:
    29.1 همت ۽ محنت ڪرڻ واري جي الله به مدد ڪري ٿو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 464
    ڪتابن جو مشاهدو: 373066
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 151963
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ