ڪتاب جو نالو: پھاڪن جي حڪمت
مصنف: مرزا قليچ بيگ
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 1925
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 24 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 917 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 317 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (179) ”پهاڪن جي حڪمت“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي جيڪو 1925ع ۾ ڇپيو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • منڍ
  • پهاڪن جي حڪمت ديپاچو
  • باب پهريون- مشرقي پهاڪا

  • ڀاڱو پهريون- اڀرندي ايشيا جا
  • فصل پهريون- چيني پهاڪا
  • فصل ٻيو- جپاني پهاڪا
  • فصل ٽيون- ملايا جا پهاڪا
  • فصل چوٿون- بنگالي پهاڪا
  • فصل پنجون- ڪشميري پهاڪا
  • فصل ڇهون- مرهٽي پهاڪا
  • فصل ستون- ڪانريز پهاڪا
  • فصل اٺون- تامِل پهاڪا
  • فصل نائون- تيليگو پهاڪا
  • ڀاڱو ٻيون- اُلهندي ايشيا جا
  • فصل پهريون- عربي پهاڪا
  • فصل ٻيو- پارسي پهاڪا
  • فصل ٽيون- تُرڪي پهاڪا
  • فصل چوٿون- افغاني يا پشتو پهاڪا
  • فصل پنجون- هندستاني پهاڪا
  • فصل ڇهون- سنڌي پهاڪا
  • ضميمه
  • باب ٻيو- مغربي پهاڪا

  • فصل پهريون- انگريزي پهاڪا
  • فصل ٻيو - فرينچ پهاڪا
  • فصل ٽيون- سپئنش پهاڪا
  • فصل چوٿون- پورٽوگيز پهاڪا
  • فصل پنجون- اِٽالين پهاڪا
  • فصل ڇهون- جرمن پهاڪا
  • فصل ستون- رشين پهاڪا
  • باب ٽيون- پاڪ ڪتابن مان پهاڪا

  • فصل پهريون- توريت مان
  • فصل ٻيو - زبُور مان پهاڪا
  • فصل ٽيون- حضرت سليمان جا مثال
  • فصل چوٿون- انجيل مان
  • فصل پنجون- قرآن مان
  • فصل ڇهون- حديث مان

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (179) ”پهاڪن جي حڪمت“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي جيڪو 1925ع ۾ ڇپيو.

    هي ڪتاب المنعم لائبرري لاڙڪاڻي پاران انجنيئر عبد الوهاب سهتي اي بوڪ ايڊيشن ۾ سندس ويب سائيٽ تي آندو آهي. ٿورائتا آهيون سائين عبد الوهاب سهتي جا جنهن هن قيمتي ۽ ناياب ڪتاب کي ٻيهر اسان تائين آندو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    منڍ

    هنکان اڳي فارسي شعر جون مصراعون جي پهاڪن وانگي ڪم اچن ٿيون سي هڪڙي ڪتاب مصارع المثال ۾ مون ڏنيون آهن. سنڌي پهاڪا جيترا گهڻا ٿي سگهيا آهن اوترا هن ۾ ڏنا ويا آهن. انهن کان سواءِ دنيا جي جدا جدا ملڪن جا پهاڪا سنڌيءَ ۾ ڏجن ٿا. ڏسڻ ۾ ايندو ته ساڳئي مضمون جا ڪي پهاڪا علحدن ملڪن ۽ ٻولين ۾ علحدن لفظن ۾ ڏنا ويا آهن، جيئن ديباچي مان معلوم ٿيندو. اُميد آهي ته سنڌ جي پڙهندڙن کي پسند ايندا ۽ پهاڪن مان جا حڪمت ۽ ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي سا حاصل ٿيندين.

    حيدرآباد سنڌ
    فيبروري ۱۹۲۵
    بيگ


    پهاڪن جي حڪمت ديپاچو

    پهاڪو هڪڙي ننڍڙي چَوڻي يا ڪَهاوت اهي جنهن ۾ وڏو سچ لڪل ٿو رهي، جو عملي طرح ڪمائتو ٿو ٿئي. پهاڪو پهرين هڪڙي ڄڻي جو چرچو آهي پر پوءِ گهڻن جي ڏاهپ آهي. پهاڪو ضرور پُر معنيٰ، مختصر ۽ سلوڻو هئڻ گهرجي. خوش طبعي ۽ ظرافت لوڻ سان مشابهت ٿي رکي. هڪرو عربي پهاڪو آهي ته گفتگو ۾ ظرافت اهڙي آهي جهڙو لوڻ طعام ۾. بعضي ته شعر جون مصراعون هونديون آهن، جي زياده موزون ۽ دلچسپ ٿينديون آهن. هڪڙي ٻولئي جو پهاڪو ٻيءَ ٻولئي ۾ ترجمي ڪرڻ سان گهڻي لذت وڃائي ڇڏي ٿو. گهڻا پهاڪا ته تمام قديم وقت کان اڄ تائين هلندا اچن ۽ گهڻا ته ساڳئي مضمون جا علحدن قومن ۽ ملڪن ۽ ٻولين ۾ علحدن لفظن ۽ صورتن ۾ آيا آهن، جو اتي جي ملڪي ۽ اخلاقي ۽ مذهبي حالتن سان لاڳو ٿا ٿين. سڀ ڪنهن ملڪ يا قوم جي اخلاقي يا علمي فضيلت اڪثر سندن پهاڪن مان پڌري ٿيندي آهي. هر هڪ ملڪ ۽ ٻوليءَ ۾ پنهنجن پنهنجن پهاڪن جا ڪتاب آهن. هتي اسين انهن مان ڪي چونڊيل ڪڍي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏينداسين. انهن جا پهرين ٻه باب ڪجن ٿا، هڪڙو مشرقي پهاڪن جو ۽ ٻيو مغربي پهاڪن جو. پوءِ هر هڪ ۾ جدا جدا ملڪن ۽ ٻولين جي پهاڪن جا ڌار ڌار فصل ڏينداسين ۽ پڇاڙيءَ ۾ ٽئي باب ۾ پاڪ ڪتابن مان ڪي چونڊيل پهاڪا ڏينداسين.


    باب پهريون- مشرقي پهاڪا

    ڀاڱو پهريون- اڀرندي ايشيا جا

    ڀاڱو پهريون- اڀرندي ايشيا جا


    فصل پهريون- چيني پهاڪا

    رستي ڄاڻن ڪري ماڻهو ايترو نٿو رُلي جيترو به ڄاڻڻ ڪري.
    رن زال سُڪان بنا ٻيڙيءَ وانگي آهي
    ڦتل ڀت جيئن مٿي وڌي تيئن جلد هيٺ ڪِرڻ واري اسين تلاھ ڀرھ سگهون ٿا، پر ماڻهوءَ جي دل ڪير ڀري سگهندو.
    جيڪو پاڻي ٻيڙيءَ کي کڻي گهمائي ٿو سوئي انهيکي ٻوڙي ٿو جنهنکي ننڊ نٿي اچي سو پنهنجي وڃايل هنڌ مان عيب ڪڍي ٿو.
    لشڪر هزارن ڏينهن لاءِ رکجن ٿا تڏهن مس هڪڙي ڏينهن ڪم اچن ٿا.
    چڱا قول يا لفظ موتين جي سَرَسان مشابھ آهن.
    ڪڪر لنگهي وڃن ٿا پر مينهن رهجي وڃي ٿو.
    سچو سون باھ کان ڪين ڊڄندو آهي.
    تمام پڪل ميوو به ڪنهنجي وات ۾ ڪري نٿو پوي.
    ڪو مايل وڻ بهار جي موسم ۾ ڦٽي ساوا ٿين ٿا پر ماڻهو ٻه ڀيرا جوان ٿي نٿو سگهي.
    خريد ڪرڻ جو خيال ڪرين تنهنکان اڳي وڪڻڻ جو خيال ڪر.
    ناممڪن ڪم اهڙو آهي جهڙو وهندڙ پاڻيءَ ۾ واريءَ جو بند ٻڌڻ.
    ماڻهوءَ کي طعنو هڻڻ هڪڙو لحظو ٿو وٺي پر انهيکي وسارڻ ۾ ورھ ٿا لڳن.
    جي ڀانئين ته نه ٺڳجين ته بازار ۾ ٽن دڪانن تان شيءِ جي قيمت پڇ.
    جنهن ماڻهوءَ جو منهن مُرڪندڙ ناهي تنهنکي ڪو به دڪان کولڻ نه گهرجي.
    ماڻهو مَک جي مٿي جيتري فائدي لاءِ اڀرندي کان الهندي تائين ڊوڙندا آهن.
    هڪڙي چڻنگ مان هزارن ٻيلن يا ٽَڪرن کي باھ لڳي سگهي ٿي.
    هڪڙو سک سَوَن ڏکن کي هڪالي ڇڏي ٿو.
    چڱا دوست ترت حساب صفا ڪن ٿا.
    آسمان مٿي ناهي، ماڻهوءَ جي دل آسمان کان به مٿي آهي.
    عيبدار هيرو بي عيب بهڻيءَ کان چڱو آهي.
    ماڻهوءَ جي حياتي اهڙي آهي جهڙي شمع واءَ ۾ رکيل.
    سئيءَ کان سواءِ ڪو به سبي نه سگهندو.
    سُڪل آڱر لوڻ کڻي نه سگهندي.
    اڳئين در تي شينهن ويني به بگهڙ پنئين در کان انر لنگهي اچي ٿو
    خوشيءَ جي بيحد گهڻائي ڏک جي برابر آهي
    ڪتي کي هڪالڻ جي لاءِ شينهن کي سڌڻ بيعقلي آهي
    پنهنجي در جي اڳيان ڀلي هر ڪو برف ٻُهاري پر پاڙي واري جي کڏ تان ڇوپارو لاهي.
    ڪانگ ٿو سُوئر کي ڪاري هئڻ جو مهڻو ڏئي.
    حيا زال ذات جي همت آهي.
    ماٺ ۽ شرم زال ذات جي معدي تقرير آهي.
    چڱا ماڻهو فقط ٻه آهن- هڪڙو مئل ۽ ٻيو نه ڄاول.
    سنوان وڻ جبلن ۽ ٻيلن ۾ لڀن ٿا پر سنوان ماڻهو دنيا ۾ نٿا لڀن.
    ڪِليءَ تي ڊوڙي وڃي پوڻ ۾ ڪهڙي سلامتي؟
    جڏهن واڍ پيو لڳي تڏهن باھ کي ڦوڪي ٻارڻ جو ڪهڙو ضرور؟
    ڪُوئي جي وات مان عاج نٿو نڪري.
    بيعقل پکي سڀکان اڳي اڏامندا آهن.
    اڪيلو ويهي پنهنجن عيبن ۽ قصورن تي ويچار ڪم باھ کي اجهائڻ جي لاءِ گند ڪچرو ان تي وجهڻ بيعقلي آهي.
    ٻلي هٿ ڪرڻ ۽ ڳئون هٿان وڃائڻ مان ڪهڙو فائدو؟
    جيڪو مٿي نٿو اُڏامي سو هيٺ وڏو ڌڪو به نٿو کائي وڏو وڻ واءَ کي ڇڪي وٺي ٿو.
    هڪڙي ٻڪريءَ تان ٻه کلون لاهي نه سگهبيون.
    جنهن هنڌ بيماريون گهڙن ٿيون، مصيبتون، اُتان ئي نڪرن ٿيون، يعني وات مان.
    هڪڙي پَلَ جي چوڪ مان حياتيءَ جو ڏک پيدا ٿئي ٿو.
    جڏهن وڻ وڍجي ٿو تڏهن اُن جو پاڇو گم ٿي وڃي ٿو.
    جيڪو هرڻ جي پٺيان ٿو پوي. سو سهن ڏي ڌيان نٿو ڏي.
    جي پاڙون ڇڏي ڏبيون ته گاھ وري به ڦُٽي نڪرندو.
    جيڪي ڪن ۾ چئبو آهي سو اڪثر سؤ ميل پري ٻڌيو آهي.
    ڏاهو ماڻهو جهونا وير وساري ڇڏيندو آهي.
    پکي نيٺ فقط هڪڙي ٽاريءَ تي وهندو ۽ گهوڙو نيٺ هڪڙي نديءَ تان پاڻي پي ڍؤ ڪندو.
    جڏهن ڍنڍُ سڪندي تڏهن مڇي ڏسڻ ۾ ايندي.
    جيڪو جلد ڳڙڪائي وڃي ٿو سو ٿورو چَٻي ٿو.
    اڃ لڳڻ کان اڳي کوهي کوٽڻ گهرجي.
    هڪڙي پيو سان سُڪيءَ تي ترڻ ناداني آهي.
    تيل جو دٻو وري به تيل کان سواءِ ٻئي ڪنهن ڪم اچڻ جو ناهي.
    وڏا ڪُڪڙ ٿورو داڻو ڪين کائيندا.
    وڏا ڪامورا ٿوري رشوت تي راضي نه ٿيندا.
    هڪڙي شيءِ هٿ آڻڻ مان ٻن جي هٿ ڪرڻ جي طمع پيدا ٿي ٿئي.
    ماڻهوءَ جي گفتگو سندس دل جي آرسي آهي.
    اسين پنهنجا عيب فقط ٻين جي اکين سان ڏسي سگهون ٿا.
    ماڻهو ٻڍو ٿئي ٿو پر سندس دل ٻڍي نٿي ٿئي.
    اڌارو ورتل پيسو وقت کي ڇوٽو ڪيو ڇڏي ۽ ٻين جي لاءِ ڪم ڪرڻ وقت کي وڌايو وجهي.
    ننڍي عمر جي نوڪري قابليت کي سست ڪيو ڇڏي.
    ڪن ماڻهن جون اکيون سندن پيٽ کان وڏيون ٿينديون آهن.
    وات پٽڻ ۾ ايتري سلامتي ناهي جيتري وات پورڻ ۾ آهي.
    ڪي ماڻهو گڏھ تي ويٺي گڏھ وڃايو ڇڏين.
    جنهن ڀُنگي ۾ خوشي آهي سا انهيءَ محلات کان چڱي آهي جنهن ۾ ڏک آهي.
    جيڪو گپ ۾ بهندو سو انهي ۾ ڦاسي پوندو.
    جيئن دشمن کي ويجهو وڃبو تئن دل جا شينهن به ڇيلا ٿي پوندا.
    وڏيون کڏون ڀرجي سگهن ٿيون پر ماڻهوءَ جي دل ڀرجي نه سگهندي.
    چورن کي گوشت کائيندي نه ڏسو پر سزا کائيندي ڏسو
    ڀلي گهوڙي کي هڪڙو چهبڪ ۽ ڀلي آدميءَ کي هڪڙو اکر.
    شينهن ۽ هرڻ گڏ نٿا گهمن.
    بڪ ڪرڻ سان اسين چانور رڌي نه سگهنداسين.
    ترار سان باھ کي نه سور.
    سوچ کي نه ڇڏجي متان ڦٽ ٿي پوي.
    چنڊ هميشه گول ناهي ۽ ڪڪر هميشه بيقا نه هوندا.
    کوھ جي مٿان ويهي تارن ڏي نهارڻ بيعقلي آهي.
    چقبق هڻڻ کان سواءِ رڳو دونهون نه نڪرندو.
    جيئن سمنڊ ۾ لهر جي پٺيان لهر ٿي اچي تئن دنيا ۾ نوان ماڻهو جهونن جي جاين تي ٿا اچن.
    جڏهن ٻيڙي درياھ جي وچ ۾ آهي تڏهن انهي جو ٽُنگ بند ڪرڻ اجايو آهي.
    جڏهن ميوو پچي ٿو تڏهن پاڻهيء ڪِري پوي ٿو.
    اسان جون خوشيون تانگهيون آهن، اسان جون تڪليفون اونهيون آهن.
    هڪڙي ڪاٺيءَ جي پُل تان لنگهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
    ٻين کي ايذار رسائڻ لاءِ پاڻ کي ايذا رسائڻ ضروري آهي.
    ڪاغذ ۽ قلم ترار ڪم آڻڻ کان سواءِ ڪنهن به ماڻهوءَ جي حياتي وٺي سگهن ٿا.
    رڍ کي ٺڳاري شينهن جي ولر ۾ وٺي وڃڻ.
    کوھ ۾ پيل ماڻهوءَ کي مٿان پهڻ هڻڻ.
    ڪنهين به سُئيءَ کي ٻه پاکا نه هوندا.
    هڪڙي هٿ سان سج جي روشنائي روڪي نه سگهبي.
    ڪنهن ڪُڪڙ کي زور ڪري آرو ڪرائڻ.
    هڪڙو پير ٻن ٻيڙن تي، بيهي نه سگهندو.
    ڍرو ڪم چڱو ٺاهيل مال پيدا ڪري ٿو.
    جيڪي سُخت پورهئي سان ڪمائبو آهي سو گهڻي خوشيءَ سان کائبو آهي.
    سَؤ رستا سَؤ مشڪلاتون پيش ڪن ٿا.
    هڪڙو ڪتو ڪنهن شيءَ تي ڀؤنڪي ٿو باقي ٻيا سؤ ڪتا وري انهي تي ٿا ڀونڪن.
    ڪانگ دنيا ۾ جتي ڪٿي ڪارا ٿا ٿين.
    سهانگيون شيون چڱيون ناهن؛ چڱيون شيون سهانگيون آهن.
    ميوون وڪندڙُ هميشه مفن پڪلن ميوون جو هوڪو ٿو ڏئي.
    دولت مفلسيءَ کان چڱي ٿي لڳي پر مفلسي دولت کان پوءِ چڱي نٿي لڳي.
    دهل جو آواز مٿانهين ٽڪريءَ تي پري ٿو ٻڌجي.
    ماڻهوءَ جا چڱا ڪم رڳو گهر ۾ معلوم آهن پر سندس بڇڙا ڪم پري وڃيو نڪرن.
    هزارن ورهن جي آبرو ڪهڙي ڏينهن جي حالت تي منحصر رهي ٿي سگهي.
    دلي جو وات بند ٿي سگهندو پر ماڻهوءَ جو وات بند ٿيڻ جو ناهي.
    قابل ماڻهو اڪثر بيعقلن جا نوڪر آهن.
    جيئن ٿورا نوڪر تئن خدمت بهتر ٿي ٿئي.
    گهر چونڊي وٺڻ کان اڳي پاڙي جي پڇا ڪرڻ گهرجي.
    جيڪي لوھ رد ڪيو ڇڏين سي رُڪُ جوڙي نه سگهندا.
    جي ڏئي ۾ تيل ڪونهي ته وٽ اجائي زيان ٿي ٿئي.
    ماڻهو ڀلي ٻڍاپي تائين پيو پڙهي تڏهن به اڃا گهڻيون ڳالهيون سِکڻيون هونديس.
    ڪاٺ جو گهنڊ وڄائڻ اجائي ڪوشش ڪرڻي آهي.
    ڏاڙهي ۽ مٿي جي وارن کي گڏ ڦڻي ڏيڻ.
    پکي پڪڙڻ لاءِ وڻ وڍي رکڻ.
    انڌي ماڻهوءَ کان رستي جو ڏس پڇڻ.
    ڳوٿري ۾ پيل ٻلي خريد ڪرڻ.
    موتي ڪکن ۾ ويڙهيل.
    ٻه تير هڪڙي ڪمان مان گڏي هڻڻ.


    فصل ٻيو- جپاني پهاڪا

    روشنائيءَ جي ٺلھ جي پاڙ ۾ اونداهي ٿي رهي.
    جڏهن ڪُڪڙ ڪَر ڪندي ومي تڏهن گهر ويران ٿيندو آهي.
    سونيون مهرون ٻليءَ کي اڇلائي ڏيڻ.
    ڪڏهن ڪڏهن ڏند به زبان کي وڍي وجهندا آهن.
    ڪوڙهين کي ڦٽن ۽ ڦڙڙين وارن تي ريس ٿي ٿئي.
    ڪُڻجي چور کي.
    هوا ۾ اُڏامندڙ پکي پاڻيءَ ۾ ولوڙو نٿو وجهي.
    ڪريل گُل وري ٽاريءَ ڏي نٿو موٽي.
    جا زبان فقط ڏھ گز ڊگهي آهي، ساٿي پنجن فوٽن واري بدن تي ڪاوڙجي.
    آسماني ڄار مان ڇٽڻ مشڪل آهي.
    چڱي دوا ڪڙي ٿيندي آهي.
    دنيا ۾ جهڪڻ کان سواءِ بيهي نه سگهبو.
    ميدان تي ترڻ سکڻ.
    اڻ اُجاريل موتي چمڪندا ڪين آهن.
    سِپ سان سمنڊ خالي ڪرڻ.
    ننڍي دل وارو ماڻهو آهي آنچيءَ مان آسمان ڏي ٿو نهاري.
    ويڙھ بس ٿيڻ کان پوءِ لٺ ڀڃي ڇڏڻ.
    ست پيرا ڪِرُ ۽ اٺين ڀيري اُٿي بيھ.
    شينهن کي کنڀَ ڏيڻ.
    پڇ نه لڪائڻ پر مٿو لڪائڻ.
    دل سٺ ورهن جي عمر ۾ به اهڙي آهي جهڙي ٽن ورهن جي عمر ۾.
    پُٺ ۽ پيٽُ هڪٻئي جي جاءِ وٺي ڪين سهگندا.
    بگهڙ کي درويش جو ويس ڍڪائڻ.
    عشق ۽ مرض ۽ بيعقل جي لاءِ ڪو به علاج ڪونهي.
    سڪل وڻ تي گل.
    هزارن ميلن وارو رستو هڪڙي قدم سان شروع ٿو ٿئي.


    فصل ٽيون- ملايا جا پهاڪا

    ڪاوڙ کي اکيون ڪينهن.
    شينهن وانگي نُنهن اندر ڪري ويهڻ.
    چپن تي ڪماند پوکڻ.
    دٻي جي ڀرسان گاھ جي تڏي وانگي اُڀرڻ.
    ٻِه منهين ڪارائيءَ وانگر.
    تار پاڻيءَ ۾ وڃڻ ڪري انسان کي سيءَ نٿو لڳي.
    ٻن ٻيرين ۾ نه چڙهجي.
    سنکئي جو ذرو سَو ڪانگن کي مارڻ لاءِ ڪافي آهي.
    چونرو پنهنجي ڦَريءَ کي وساري ڇڏي ٿو.
    جن جي ڊپ کان مُردي کي چنڀرڻ.
    ڄور نانگ ٿيڻ ٿي گهري.
    گابي کي شينهن سان گڏ پالڻ لاءِ ڏيڻ.
    ٻه زالون هڪڙي گهر ۾ ۽ ٻه شينهن هڪڙي پڃري ۾ خواب ۾ وڙهڻ.
    مينهن ۾ پنهنجو لوڻ ٻاهر ڪڍي رکڻ ڪير گهرندو؟
    سڄي رانَ ۾ چهنڊڙي لڳندي ته کبي به سور ڪندي.
    سج کي ڪو پروڻ سان ڍڪي سگهبو؟
    سبيل ۽ ڇنل ڌاڳو وري ڳنڍي سگهبو، پر نه ڀڳل آڱر.
    واريءَ تي مينهن جو وسڻ.
    جهنگ ۾ مور جي کنڀن ٽيڙڻ مان ڪهڙو فائدوئ
    جهنگلي پکيءَ کي سوني ٿانو مان داڻو کارائبو ته به وري جهنگ ڏي اُڏامي ويندو.
    ڪتي جو ٻلو نگڙو ڪو کٿوريءَ وارو ٻلو ٿي سگهندو.
    انهي کي نه بدڪ کائيندي نه ڪڪڙِ ٺونگو هڻندي.
    ڪتي کي ڪيتري به ڀَتَ ڏيڻ سان ڪو سندس پيٽ ڀري سگهندو؟
    ڪيوڙو ٻه ڀيرا ڦر نه ڪندو آهي.
    شينهن پنهنجا ٻچا نه کائيندو آهي.
    جي هوڪَنُ مروتي نه سگهندو ته سڱ کي ڇڪيندو.
    آسمان ۾ ٿُڪ اُڇلائڻ ۽ وري منهن ۾ جهلڻ.
    ڪيوليون کنڊ ۾ مرنديون ته ٻيو ڪٿي مرنديون.
    جيڪو ڳاڙها مرچ کائيندو سو پنهنجو وات ساڙيندو.
    جسم کي وات ٿو ناس ڪري.
    ڳوٺ ۾ هاٿيءَ جي ڪاھ وانگي.
    جي رستو ڪٿي ڀلجي وڃجي ته وري مُهڙ ڏي موٽي اچجي.
    جنهن پيتيءَ ۾ سون رپو رکبو آهي سا ٻاهر ڪين ڇڏنڊي صاف ڪبي آهي.
    ڀلي ننڍو هجي ته به شينهن جو ٻچو شينهن آهي.
    هو هاٿي خريد ڪري سگهي ٿو پر نه ٻڪري.
    ڦٽ ميٽجي وڃي ٿو براداغ رهجي وڃي ٿو.


    فصل چوٿون- بنگالي پهاڪا

    پَر وڻ ٿو چري سئيءَ کي تنهنجي پڇ ۾ ٽنگ آهي.
    پاڻي پي پوءِ پيارڻ واري کان پڇڻ ته تنهنجي ذات ڪهڙي آهي.
    ڍڳو، جو کنڊ کنيو هلي.
    ٻگهو تيستائين درويش آهي جيستائين پاڻيءَ ۾ مڇي ڪا نه ٿي ڏسجي.
    جو ڳڻ وات سان چويٿي ته آءُ مڇي ڪين کائينديس پر ٽي مڇيون سندس اڳيان رکيون آهن.
    اهڙو ڪو به هٿ ڪونهي جو وقت کي جهلي قابو ڪري.
    ڦڻس مان ڪا انب جي رس ڪڍي سگهبي؟
    سُئي ۾ گهڙي وڃڻ ۽ هَرَ جي ڦار مان نڪري اچڻ.
    هنجي زبان ٻهاندريدار جي رنبي آهي.
    ڏينهن لنگهي وڃن ٿا پر جيڪي ڳالهايو ويو آهي. سو رهجي وڃي ٿو.
    ڪچي مٽيءَ جي ٿانو تي نچڻ.
    ٻيڙي ڪو جهاز جو کوهو کڻي سگهندي؟
    هو تنهنجن هٿن ۾ چنڊ آڻي ڏيڻ جو انجام ٿو ڪري.
    هڪڙي ماڻهوءَ کي قيد ۾ وجهجي ٿو پر ٻيو ڪاٺ جا سنڌ پيو ڳڻي.
    پراڻي ڀنگي کي مٽي ۽ ڇيڻي سان پوچو ڏيڻ.
    جنهنکي ٻه زالون آهن تنهنکي گهڻو ڏک آهي.
    جڏهن چور ڀڄي ويو آهي تڏهن ماڻهو عقل سکيا آهن.
    ڪڪڙ کي نانگ جي نچ ڏيڻ جي خبر پوي ٿي.
    پنج آڱريون ڪي هڪجيڏيون آهن.
    جنهنکي آرايون هونديون تنهنکي خبر هوندي ته اُهي ڇا آهن.
    ڇوڪرين جي ويڙھ وانگي رڳو ڌڪا ٿا اچن.
    تمام ڊگهو نه ٿي متان طوفان ڀڃي ڪيترائي ڇڏئي.
    ڏندن بنا ٻار جي کِلَ ڏاڍي وڻندي آهي.
    پرزو پرزي سان گڏ رک.
    هو بندرو آهي ته به چنڊ کي وٺڻ لاءِ هٿ ڊگهيريٿو.
    نانگ ۽ نور جي محبت.
    اونداهيءَ ۾ ٿيلهو ڏيڻ.
    آسمان ۾ جڏهن چنڊ يا سج گرهبو آهي تڏهن سڀڪو ڏسندو آهي.
    جڏهن باھ لڳي آهي تڏهن پاڻيءَ جي لاءِ کوهي کوٽڻ لڳو آهي.
    پهرين پنهنجي ڦيٿي کي تيل لاءِ.
    پهرين ڪڙو پوءِ مٺو.
    تي انچ رسو ساري گهر کي ڦري اچڻ لاءِ.
    ڪو به پنهنجي ڏڍ کي کٽو نٿو چوي.
    ڪو به پنهنجا عيب ڪين ڏسندو آهي.
    ٻئي کي سفر کان روڪڻ لاءِ پنهنجو نڪ وڍي ڇڏڻ.
    پنهنجي ٽنگ پنهنجي ڪهاڙي سان وڍڻ.
    تنهنجي چال تنهنجي هٿ ۾ آهي.
    تون پنهنجي منهن ڏي نهار، نه ٻين جي منهن ڏي.
    انب نه لهي ککڙائي ٿو چوسي.
    انب جي ڪاٺيءَ مان اُکري مهري ٺاهڻ.
    ڪهڙو به هٿ وڍيو ته به سو اهڙو ئي ساڳيو ٿيندو.
    ٻوڙي ماڻهوءَ جي خوابن وانگي.
    هو اڳڙين جي باھ آهي.
    هو کنڊ جو پُتلو آهي.
    ڪُوئي کي خبر ڪانهي ته ٻلي انڌي آهي.
    اڏامي سگهي ڪين، رڳا کنڀ پيو ڦڙڪائي.
    ٻاهران لسو ۽ چٽيل، اندران رڳا ڪک.
    گاڏي هڪڙي ڦيٿي ته نه هلندي آهي.
    هڪڙو پُٽ انڌي جي لٺ جي مثال آهي.
    هڪڙي ڌڪ سان ست نانگ مارڻ.
    ٺڪر جا ٿانو گڏ رکبا ته ضرور پاڻ ۾ ٺهڪندا.
    چورڻ جي لاءِ ٻئي هٿ ڪم آڻجن.
    ڪنهن نانگ جا پنج پير ڏٺا آهن ڇا؟
    آءُ توکي پنهنجن ڪوڏين ڌوئڻ وارو پاڻي به ڪين ڏيندس.
    ڪوڏيون تو کي ڌورو ڀت وٺي ڏينديون، ڪوڏين کانسواءِ دوست به نه ملندئي.
    ڪنڊي کي ڪنڊي سان ڪڍ.
    هن جي پيشانيءَ تي تعصب جا نشان چٽا پيا ڏسجن.
    نوڪري هٿ ڪرڻ واسطي ڪتي جي پيرن ڌوئڻ لاءِ به تيار رهڻ گهرجي.
    ڪيوڙو وڍي پوءِ انهيءَ جي کَل ٿو ٻڌي.
    ڪانگ مئو طوفان جي ڪري پر چٻرو چوي ته منهنجي پِٽ سان مئو.
    ڪانگ جهڙو ڏاهو يا ٺڳ.
    مٺن انبن ۾ به ڪنيان پون ٿا ۽ ٻچا ڪن ٿا.
    هن کوٽي ڪنيون ٿي ڪڍيون ته نانگ نڪري پيو.
    رپين وٺڻ کان اڳي ڳڻ، هلڻ کان اڳي رستو پڇي پَڪ ڪر.
    کائڻ مهل هنجي ٿالهي ڀريل ٿي رهي.
    وڙهڻ مهل گدڙ به شينهن آهي.
    گهڻي کائڻ ڪري هو واڳو ٿي پيو آهي.
    هن ديوتا جي مورت ٺاهڻ ٿي گهري پر ڪتي جي مورت ٺهي پئي.
    مئل گهوڙي کي نعل هڻڻ.
    جي ڳئون نه هجي ته پوءِ ڏاند کي ڏُهجي.
    جيڪو وڻ تي چڙهندو سو ٻيڻو ڏسندو.
    ميوو وڻ کان ڳرو.
    کنڊ اونداهيءَ ۾ به مٺي ٿي ٿئي.
    ڏيڏر کوھ ۾ آسمان ڏسي ٿو ڇا؟
    ميوو هنجي مُڇَ تي ڪريو پر هن سُستيءَ کان اهو وات ۾ نه وڌو.
    داعالفيل جي مرض واري ماڻهوءَ جي پير ۾ منڊي.
    گهر ڌياڻيءَ وٽ ڀت ٺَهئي ڪو نه ته به ڪتو پيو پڇ لوڏي.
    ڦٽ ڇٽي وڃي ٿو ته به داغ رهجيو وڃي.
    گهوڙو ڏسي منڊو ٿيو پوي.
    ڌونرو ۽ سرڪو ٻئي گڏيل.
    پَٽيلن اکين سان به هو ڏسي نٿو سگهي.
    جهرڪيءَ کي وڍي سؤ ٽڪر ڪرڻ.
    چانڊوڪيءَ ۾ کُڏ کٻيتي جو چمڪڻ.
    ڪم لٿي کانپوءِ ٻهاريدار بد معاش آهي.
    ڪم جي مهل هو لڀئي ڪو نه، کائڻ جي مهل هو حاضر ويٺو آهي.
    وڍيل وڻ جي پاڙ ۾ ويهڻ.
    تازي ڦٽ تي لوڻ ٻرڪڻ.
    ڪنن کي ڇڪ ته مٿو نڪريو اچي.
    انڌو لٺ چوي ته ناچ واھ جو آهي ۽ ٻوڙو چوي ته راڳ واھ جو آهي.
    جنهن ماڻهوءَ کي گپ لڳل آهي سو مٽيءَ جي پرواھ نه رکندو.
    ڪنڀر جو ڪم لوهار کي نٿو ٺهي.
    هو جوڳي فقط ڪالھ هو ته وار کُڙين تائين ڳُتيا پيا اٿس.
    مس قلم ۽ دماغ هوندو ته انهن ٽن سان تون چڱو لکندين.
    هو رهي ڪکائين گهر ۾ ٿو ۽ گُهري پلنگ ۽ گادي ٿو.
    هو ڪتي کي ڪلهن تي کنيو شڪار ٿو ڪري.
    ڪتي کي پيار ڪبو ته جهولي ۾ چڙهي ويهي کائيندو.
    ڪتي جي پڇ کي گهڻوئي تيل لائجي ته به سئون ڪين ٿيندو.
    هو واڳوءَ سان وير ٿو رکي ۽ رهي پاڻيءَ ۾ ٿو.
    ڪٽنب ۽ پاڻي هميشه هيٺ لهندا آهن.
    کوھ مان نڪتل ڏيڏر اونهي پاڻيءَ ۾ ترندي ٻڏي مئو.
    اهو رڳو تهن کي ڳاهڻو آهي.


    فصل پنجون- ڪشميري پهاڪا

    سمجھ فتحيابيءَ لاءِ مکڻ آهي.
    انڌي جي زال خدا جي پناھ هيٺ آهي.
    مون ڪانڊيرا پوکيا ۽ پوءِ انهن ڪانڊيرن منکي ڏنگيو.
    انڌي جي لاءِ رات ۽ ڏينهن هڪ جهڙا آهن.
    اچڻ ۽ وڃڻ هن جي لاءِ هڪ جهڙا آهن.
    اڄ وقت ڪونهي، سڀاڻي اچج.
    ٺڳم پاڻکي ٿو ٺڳي.
    ڏاو دشمن بيعقل دوست کان چڱو آهي.
    سِڱَ کي ڍڳي جي لاءِ ڳرا آهن؟
    ماڻهو ٻن آڱرين سان چپٽي وڄائي ٿو سگهي.
    ڏاٽي سان گوشت وڍڻ.
    دوستي کان سچ بهتر آهي.
    ظاهريءَ ۾ رڍ ۽ حقيقت ۾ بگهڙ.
    مڇي درياھ ۾ اُڃ جي ڪري مري ٿي.
    ڳوٺ جو شينهن ۽ شهر جو ڪتو برابر آهي.
    جهنگ جو مال لوڻ ٿو کائي ۽ گهر جو مال ڀِتِ ٿو چٽي.
    گابو ڪو کير واري جي پِٽ کان مرندو؟
    کاڏيءَ جي لاءِ چميون ۽ نڙي لاءِ ڪهاڙي.
    طبيب سؤ ماڻهو ماريا.
    اڃا هوءَ گابي آهي، اڃا سِڱَ ڪين ڄاوا اٿس.
    شل تون ڪتو ٿين پر ننڍو ڀاءُ نه ٿين.
    ڊڀ اُتي ٿا ڄمن جتي پوکبا نه آهن.
    خرابي گم ٿي ويندي پر عادت جهٽي پوندي.
    يارهن ماڻهن هڪڙو ڪانگ پاڻ ۾ وڃايو آهي.
    ڪاڻي جي آڏو هن کي ڪاڻو سڏڻ ڪو واجب آهي؟
    گڏھ جي لاءِ ڦڻي.
    پڇ ڏي منهن ڪري گڏھ تي چرهڻ.
    خراب ماڻهوءَ جو راڄ هڪ گهڙي ٿو هلي.
    اڙي گانئن، ڌرم جي واسطي ٿورو گاھ کاءُ.
    چکڻ لاءِ مٺو پرپيسن ڏيڻ لاءِ ڪڙو.
    ڪنڀر جي لاءِ ڀڳل ٿانءُ.
    ڪُڪڙن جي اڳيان موتي هاري ڇڏڻ.
    ڪڪڙ جي لتن کلان ٻچا نٿا مرن.
    لعلؤن وڪڻندڙ لعل جو ملھ ڄاڻي ٿو.
    ٻاراڻي وهيءَ ۾ ڪا به ڳڻتي ڪا نه ٿي ٿئي.
    رن زال کان مڙس گُهرڻ.
    سوَ چهبڪ بيعقل لاءِ پر هڪڙو لفظ چالاڪ ماڻهوءَ لاءِ.
    خريد ڪرڻ کان پوءِ شيءِ اُڇلائي درياھ ۾ وجهڻ.
    بيعقل کي صلاح ڏيڻ اهڙو آهي جهـڙو نوريئڙي کي لوڻ ڏيڻ.
    منکي نه ماکي گهرجي نه ڏنگ گهرجي.
    سوڙهي جتيءَ ڍڪڻ کان پيرن اگهاڙو هلڻ بهتر آهي.
    هو پنهنجي ساز جي آواز تي پاڻ نچي ٿو.
    چڱو نالو دولت جي پاڙ آهي.
    پڙهيل ماڻهو لسي تراشيل پهڻ وانگي آهي.
    ماڪ ماڪوڙيءَ جي لاءِ طوفان آهي.
    گپ مينهن جي پوڻ ڪري ٿي ٿئي.
    نانگ هلي ورن وڪڙن سان ٿو پر پنهنجي ڏنگ ۾ سئون ٿو وڃي.
    ماڻهو پنهنجو عيب يا قصور پسند ڪري ٿو.
    قوت جو وڻ ڪدوءَ جي ول مان.
    ڪنئارو سڪي ٿو (پرڻجڻ لاءِ) پرڻيل پشيمان ٿئي ٿو (پرجڻجڻ ڪري).


    فصل ڇهون- مرهٽي پهاڪا

    مَٺَ جو گهر هيٺ آهي.
    جنهنجون ڪڻڪ جيون مانيون اسين کائون ٿا.
    تنهنجي ساراھ ۾ اسان کي تاڙيون وڄائڻ گهرجن.
    لڪل جواهر.
    جبل جي چيرڻ مان ڪوئو پيدا ٿيو.
    اکين تي پردو چاڙهڻ.
    جڏهن اڃ لڳي تڏهن کوھ کوٽڻ.
    ڦڙي ڦڙي تلاھ ٿيو پوي.
    پري کان ٽڪريون ڏسبيون ته سهڻيون پيون لڳنديون.
    خراب ناچؤ جاءِ مان عيب ڪڍندو ۽ خراب بورچي لين ڪاٺين مان.
    خراب ماڻهن جو پيار واريءَ جي ڀت وانگي آهي.
    اونڌي ٿانو تي پاڻي هارڻ.
    منهنجي پٺ تي ڌڪ هڻ پر منهنجي پيٽ تي ڌڪ نه هڻڻ.
    گل جو هڪڙو پن ساري گلاب جي بجاءِ.
    آڱري ڏينس ته هو ڪارائي تائين هٿ ڳهي ويندو.
    خواهش ڪرڻ سان ڪو بهشت به ملي سهگندو؟
    جڏهن لوڙهو ٻنيءَ کي ڳهي ويندو تڏهن وري ٻيو ڪير ان کي بچائيندو؟
    کوھ ۾ پاڻي گهڻوئي هجي پر فقط خواهش ڪرڻ سان اهو ٻاهر نه ايندو.
    باندر کي جواهر ڏيڻ.
    ڪُني کي ڀڃڻ لا3 ڪو سوپاريءَ جو وڻ درڪار آهي ڇا؟
    مينهن کان بچڻ لاءِ نديءَ ۾ ٽپي پوڻ.
    پاڻيءَ ۾ ٽٻڻ ڪري ڪو مڇيءَ کي به وضو جيترو ثواب ملندو؟
    گڏھ کي ڪوموتيءَ جي سونهن جو قدر آهي؟
    نَٿ نڪ کان ڳري آهي.
    جيڪي ٽي ماڻهو ڄاڻن ٿا سو اُڏامي ٽن جهانن ڏي وڃي ٿو.
    جڏهن ٻانهن چرندي تڏهن ڪارائي پاڻهئيءَ چرندي.
    راجا ڪير به هجي، اسان کي مڙئي ان پيهڻو.
    دشمن جي هٿان پنهنجي سنوارت ڪرائڻ.
    اڳي هو ٿي وڻيو، هاڻي هي ٿو وڻي.
    سونارو پنهنجي ڀيڻ جي مال مان به ڪين ٿو ٽري.
    گڏھ ڪنڀر کان ڏاهو آهي.
    گدڙ ونگي سان راضي نه ٿيندو.
    اسانجي ڪم لٿي کان پوءِ طبيعت وڃي مئو ته حرڪت ڪانهي.
    وَهندڙ گنگا ۾ پنهنجا هٿ ڌو.
    مٽيءَ جا چلها سڀڪنهن ماڻهوءَ جي گهر ۾ هوندا.
    ضامن پؤ، پوءِ پنهنجي هڙان پيسان ڀري ڏي.
    ڀِت کي ڪن آهن ۽ در کي اکيون آهن.
    سڀڪنهن کي پنهنجي دل جي شاهديءَ تي هلڻ گهرجي.
    ڏاهن جي لاءِ هڪڙو لفظ ۽ بيعقل جي لاءِ هڪڙو لڪڻ.


    فصل ستون- ڪانريز پهاڪا

    ناريل ڍڳي کي ڏيڻ.
    مينهن تي مِينهن پوڻ.
    جيڪڏهن اُکريءَ ۾ وهندين ته مهري به مٿان اينديئي.
    لٺ ڪڇ ۾ رکي هو ڏاڍي نياز سان سلام ٿو ڪري ٻين جي ٻارن کي ڌڪي کوھ ۾ ٿو وجهي ته اونهائي جي خبر رکي.
    گڏھ کٿوريءَ جو بارُ ٿو کڻي.
    ڏيڏر رڙيو ته مينهن پيو.
    چور چور کي ٿو سڃاڻي.
    ڪنڀر جو هڪ ورھ جو پورهيو لٺ جي هڪ لحظي جو ڪم آهي.
    ڀَت اڇلائبو ته هزارين ڪانگ اچي گڏ ٿيندا.
    هٿ ۾ آيو پر وات تائين نه پهتو.
    مينهن جي اڳيان رباب وڄائڻ.
    کڏ سڄي ٽيِڻ سواءِ هڪ گرانٺ جي.
    ڪپ سون جو هوندو ته پنهنجي سسي به ڪا وڍائبي ڇا؟
    گار گند ڪرڻ وارو بيعقل کن وڌيڪ آهي.
    هڪڙي پهڻ جيترو بار کي ٿڪل ڍڳي لاءِ گهڻو آهي.
    اڃايل کي پيڻ لاءِ ڪپھ ڏيڻ.
    گهٽ ذات واري جي گهر ۾ ڏيو نٿو پوي ڇا؟
    ٽُنگ تي ڌڪن هڻن سان ڪو نانگ مري ٿو ڇا؟
    بدن تي چهبڪن هڻڻ سان ڪو روح کي ڇوٽڪارو ملي ٿو؟
    ڏيڏر مک ٿو ڳهي ۽ ٻنهي کي نانگ ٿو ڳهي.
    جڏهن ڌوٻيءَ جو لاش ٻاهر ٿي نڪري تڏهن منجهنجا ڳجھ ظاهر ٿي سگهن ٿا.
    ڪپڙن جي نئي هئڻ ۽ ماڻهنجي ٻُڍي هئڻ جهڙي شئيءَ ڪانهي.
    حياتي واچ ۾ رکيل ڏئي وانگي آهي.
    موتي اُپجي پاڻيءَ ۾ ٿوپر وري پاڻي نٿو ٿئي.
    هو گذاري ڪانجهيءَ تي ٿو تڏهن به يا نئي ته ٻين ڪو سندس مڇون اگهي ڇڏي.
    جيڪي پکڙيل آهي سو نيٺ ڦاٽندو، جيڪي گهو آهي سو نيٺ ڀڄندو.
    چڱي ماڻهوءَ جي مايا سارين جي پوک ۾ ڇڏيل پاڻي انگي آهي.
    خيرات سفر جي لاءِ آذقو آهي.
    چندن سڙندي خوشبوءَ ٿو ڏئي؛ چڱي ماڻهوءَ جا ڏک ائين آهن.
    لڪڻ مان ڪو نپوڙي تيل ڪڍي سگهبو؟
    ٻڪريءَ کي دال جي ڪهڙي خبر؟
    ڪتي جي ڀَونڪڻ تي ڪو آسمان ڪري پوندو ڇا جتي پاڻي نه هجي اتي ڳوٺ ٻڏڻ.
    جيڪي ڄار مان ڀڄي وڃي ٿو سو ڪو لٺ ساڻ پڪڙي سگهبو؟
    ڪيوڙي کي وڍڻ لاءِ ڪو ڪارائي جو ضرور آهي ڇا؟
    گهر ۾ ايترو دونهون ٿو ڪري جو سندس دوست لاچار ٿي نڪري وڃي ٿو.
    جيڪڏهن مينهن جو سان ۽ ڍڳو جو ٽبا ته هڪڙو درياھ ڏي ڀڄندو ۽ ٻيو ٽَڪَرَ ڏي.
    ڪاوڙ واري زال اهڙي آهي جهڙو مينهن ۾ وهندڙ گَهر.
    بخيل انهي ميوو دار وڻ وانگي آهي جنهن جو ڦر ڪنهن کي نٿو ملي.


    فصل اٺون- تامِل پهاڪا

    جتي ڪتا هوندا اُتي جهيڙو به هوندو.
    زبان جو تِرڪڻ پيرن جي ترڪڻ کان خراب آهي.
    جا گانئن مارڻ ۽ ٽڪر هڻڻ ٿي اچي تنهنکي ويد پڙهي ٻڌائڻ.
    نانگ تي ڪو مروت ۽ مهربانيءَ جو اثر ٿيندو؟
    ڪوئن جي ڊپ کان گهر کي باھ ڏيئي ساڙي ڇڏڻ ڄڻ ته گدڙ ٻار جي قبر جي چوڌاري ٿو ڦري.
    شينهن جي ٻچي کي چنبا يا ننهن نه هوندا ڪئن؟
    گدڙ جي پڇ سان سمنڊ جي تري جي جانچ ڪرڻ.
    جي ڪو ماڻهو بد شڪل هوندو ته ان ۾ آرسيءَ جو ڪهڙو ڏوھ؟
    گدڙ جي ٻچي کي اُنائڻ جي تعليم ڏيڻ جو ڪو ضرور آهي ڇا؟
    شال هن جي ڀيڻ جي آهي ۽ خنجر هن جي مڙس جو آهي.
    چيتن کي سنڀال سان پالي وڏو ڪرڻ ۽ پوءِ ٻليءَ کي ڏيئي ڇڏڻ.
    ڏاڏو ڏاڏيءَ کي ڏسڻ ٿو وڃي.
    کڏ تان ڪريل کي لٺ سان مارڻ.
    وڻ تنهنجي پيءُ جو پوکيل آهي تنهنڪري تون انهيءَ تي پاڻ کي لڙڪائيندين ڪئن؟ڍ
    راجا جي گهوڙي لتاڙيس، تنهنڪري هن کي ڪو فائدو پهتو ڇا؟
    راجا جو گهوڙو ٻڍو ٿي ويو پر ڪُڙھ کان ٻاهر نه نڪتو.
    اُکڙيل ڏند تي ڇِپ جي ڪرڻ وانگي.
    گانئن ڪاري هوندي ته سندس کير به ڪارو هوندو ڇا؟
    جيئن اک ۾ وهندڙ مک هاٿيءَ کي ستائي.
    جيئن ڪو ڪتو هاٿيءَ تي ڀؤنڪي.
    مٿي سوڌو پاڻيءَ ۾ وڃ ته سيءُ نه لڳئي.
    ڪوئو ٿو ٻليءَ جي شاهدي ڏئي.
    هن ڪوئي تي اُلَر ڪئي پر وڃي شينهن جي وات ۾ پيو.
    جڏهن شهر ۾ ڪوس شروع ٿيو، تڏهن هنن در بند ڪيو.
    تيل جو ماڻ هميشه سڻڀو رهندو.
    ڪاوڙ ۾ نڪ وڍيل نرم ڳالهائڻ جي ڪري وري ڳنڍ جي نه سگهندو.
    شيهي جي رنبيءَ سان ڪو ٽَڪَرُ ٽُڪي سگهبو
    ڪُر ڪندڙ مڙس ڌوَنري ۾ پهڻيون ڏسندو آهي.
    ننڍڙي مٿي تي وڏي پڳ.
    مُئل رڍ ڪا باھ کان ڊڄي ٿي؟
    غريب ڍڳي تي ٻيڻو بار پوندو آهي.
    هو سوارن جي لشڪر تي حڪم هلائي ٿو پر پنهنجي زال جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي ٿو.
    هزار ٻليون ڪو هڪڙي شينهن جي مٽ ٿي سگهنديون؟
    پيسي جو نالو وٺ ته مُڙدو به اٻاسيون ڏيڻ لڳندو.
    هڪڙو چانور شاهدي ڏيندو ته ڀت جو سڄو ديڳڙو رڌو آهي يا نه.
    گدڙ پنهنجي بت کي ڏنڀ ڏيئي شينهن ٿو بنجي.
    ڪوئو ڀلي ٻاهر نڪري مسافري ڪري ته به ڪو کڏ کوٽڻ کان رهندو؟
    ڄٽ طبيب کا آزمودگار بيمار چڱو.
    لوڻ جي ڪڻي بچائڻ جي ڪوشش ۾ لوڻ جو ٿانءُ وڃائي ويهڻ.

    هن کان هيٺ باب جي پڇاڙيءَ تائين پهاڪا خاص نيلگريءَ جي قوم بداگا جا آهن.

    اسين رڙين ڪندڙ ٻليءَ کي کير ٿا ڏيون يا رڙين نه ڪندڙ کي؟
    جهنگ ۾ هو چور آهي ۽ شهر ۾ هو گُرو ٿيڻ ٿو گهري.
    مفلسيءَ ۾ هو قناعت وارو هو، جڏهن پيسي وارو ٿيو تڌهن قناعت ڇڏي ڏنائين.
    نانگ جي ٻچي کي کير ڏيندين ته به هو لوڙهي جي هيٺان سُرڻ جي عادت ڇڏي ڏيندو ڇا؟
    هڪڙو ٽانڊو چڱو نٿو پري.
    گدڙ جي اونائڻ ڪري منهنجي ڪراڙي مينهن ڪا مري ويندي ڇا؟
    ڪڪڙ ٻانگ ڏيندو ته ڏينهن ٿيندو، ڪتو ڀونڪندو ته ڏينهن ٿيندو ڇا؟ تنهنڪري بيعقل جي ڳالھ تي ڀروسو نه ڪر.
    راجا جو پٽ اَڌ اَکر سان جيڪي ڏسندو سو ڄٽ جو پٽ ٻن اکين سان نه ڏسندو.
    جيسين اهو تنهنجن هٿن ۾ آهي تيسين سڄو ٿانءُ آهي. هيٺ زمين تي اڇلينس ته پرزا پرزا ٿي پوندو ۽ ڪنهن ڪم جو نه ٿيندو.
    کوھ کي پوري سگهبو پر ماڻهوءَ جو وات پوري نه سگهبو.
    هو پنهنجي دوست کي هلي وڃڻ لاءِ نٿو چوي پر.
    چپٽي وڄائڻ سان تنبو کڙو ڪرڻ.
    ڏاڍو ڏٻري جو ڪن مروٽي ٿو.
    دل جهڙو شاهد ٽنهي جهانن ۾ ڪونهي.
    مارَ جي ڊپ کان جن ڀوت به ڀڄي وڃي ٿو. ان هاريءَ جو آهي ۽ انهي جي لاءِ پاڻ ۾ وڙهن گدڙ.
    ڪتي جي ٽنگ ۽ ٻليءَ تي ۽ ٻليءَ جي ٽنگ ڪتي تي.
    ڪتو به هڪل سان هڏو ڪيرائي وجهي ٿو.
    ٿورو علم ماڻهوءَ کي مغرور ٿو ڪري.
    ڀت داڻا هجن ته جيڪر جن ڀوت به اچي انهي تي گڏ ٿين.
    پنهنجي هنڌ آهر پير ڊگهيرجن.
    باھ تي تيل اوتي وجهڻ.
    ڦُر مار سان هٿ ڪيل مايا جلد ضايع ٿي وڃي ٿي.
    انڌو اَن پيهي ۽ ڪتو اٽو کائي.
    هتي ڏاڪن کان سواءِ کوھ.
    تڪڙو گهوٽ مُنگهٽ پنهنجي گوڏي تي ٻڌائيندو.
    ساڳئي هار جا مڻڪا.
    دوا ڪرڻ کان سواءِ خارش لهي وئي.
    وقت آيو پر وقت جي گهڙي نه آئي.
    ڪتي کي عمدو تعام ۽ گڏھ کي مانيون.
    منڊو ماڻهو پنگلي جي مقابلي ۾ پهلوان آهي.
    مٿي جو سور لاهڻ لاءِ وهاڻو مٽائڻ.
    اهڙو ماٺيڻو جهڙو نانگ کاريء ۾.
    جنهن ماڻهوءَ کي ٻه زالون آهن تنهن جي گهر کي باھ ڏيڻ جو ڪهڙو ضرور؟
    مغروريءَ سان ڀريل پروڻ ڇاڻبو ته ڪي نه ڪين پچندو گرانٺ اڳتي وڌڻ ۽ نري پٺ تي هٽڻ.
    جنهنکي عقل ۽ هوش ڪونهي سو گذريءَ تي ويچار ڪري ٿو.
    ڀونڪندڙ ڪتو شڪار ڪرڻ جو لائق ناهي.
    هُن جهان ڏي ويندي ڪڇ ۾ چرخي نيڻ جو ڪرڻ ضرور آهي؟
    منهن موڙيندڙ سپاهيءَ کي مُڇين جي ڪهڙي ضرورت؟
    ڪهاڙي جو ڳن پنهنجي ذات جو دشمن.
    ڀلي بادشاه هجي ته به پنهنجي ماءُ جو پٽ آهي.
    جيسين ويٺل اُٿي بيٺو تيسين بينل ڏھ ميل پري اچي نڪتو.
    ٻارن ٻچن وارو دنيا ترڪ ڪرڻ واري کان خوش گذاري.
    جا پوشاڪ ڍڪڻ ۾ نٿي اچي سا سؤ ٻٽن جو شڪار آهي.
    جنهن پوک جي مالڪ سنڀال نٿو ڪري سا ڪين اڀرندي ڇا؟
    لوڻ ۽ ڪافور ڪي گڏ ڪم آڻبا آهن ڪيئن؟
    اُکريءَ کي هڪڙي پاسي کان ڌڪ ٿو لڳي ۽ دهل کي ٻنهي پاسن کان.
    جيڪو ٻاهر نڪبو آهي سو اندر گهر ۾ به نڪبو آهي.
    ڪوئو ٿو ٻليءَ کي سلام ڪري.
    جتي ڪوئو هوندو اُتي نانگ به هوندو.
    هڪ رقم بچايل ٻن رقمن جي مٽ آهي.
    سيِر پيل ٿانءُ کنڊ جهلي سگهندو.
    واڱڻن جو ٻج ونگا ڪين پيدا ڪندو.
    جهڙو نانگ سرڻ جي اڳيان.
    ڪماند به بدلجي ٽوھ ٿي پيو آهي.
    ذات افعالن مان پيدا ٿي ٿئي نه اصل نسل مان.
    ڪي اڇا ڪانگ به آهن ڇا؟
    سُڪل وڻ به ڪڏهن ٻُور ڪيو آهي؟
    جڏهن واءُ لڳي تڏهن صفا ڪر.
    شرابيءَ جي ڪٽنب به ڪڏهن سکيو گذريو؟
    باھ باھ چوڻ سان ڪو وات سڙندو؟
    کائڻ سان بک لهندي، نه کاڌي کي ڏسڻ سان.
    گهڻي کائن رڪي ماکي به زهر ٿي پوي.
    نانگ به منڊ جي ڊپ کان ڪوئي سان دوستي نٿو رکي.
    پاڻکي ڪوسو ڀلي ڪجي پر ساڙجي ته نه.
    ڪنڊن واري وڻ تي ڪپڙو وجهجي ته وري اڍي سنڀال سان کڻجي.
    گڏھ کي ڪَنَ ۾ گهڻوئي وعظ ڪجي ته به هينگ کان سواءِ ٻيو ڪي به ڪين ڪندو.
    هاٿي به ترڪي پوندو آهي.
    مينهن کان اڳڀرو ماڪوڙيون به پنهنجا آنا کڻي ڪنهن مٿانهينءَ جاءِ ڏي وينديون آهن.
    دشمن جو حسد سندس سزا بس آهي.
    چکيا جا خوف جهڙا خيال تيستائين ٿا هلن جيسين ماڻهو مساڻن کان موٽي گهر اچن ٿا.
    پهڻ ۾ ڳري سگهن ٿا پر بيعقل جي دل ڳرڻ يا نرم ٿيڻ ناهي.
    تير جو ڪهڙو ڏوھ، جڏهن ڪمان وارو ڇُٽو هليو وڃي.
    اک کي ڌڪ لڳڻ ڪري ڪو به هٿ کي وڍي نٿو سگهي.
    کيکڙا پچائي گدڙ کي انهي جي سنڀال لاءِ رکجي.
    ٻوڏ جو پاڻي بند ڀڃڻ کان پوءِ ڪو هڪل سان بيهي سگهندو؟
    رئندڙ ٻار کي پڪل ڪيوڙو ڏيکارڻ.
    فصل لهڻ وقت ته ڪوئي کي به پنج زالون آهن.
    ڪمذات ماڻهوءَ کي بخت لڳي ته اڌ رات جو ڇٽي کڻي هلي.
    ايترو فرق آهي جيترو هاٿي ۽ مڇر جي وچ ۾ آهي.
    جيئن خِزائيءَ جي موسم ۾ واءُ سان وڻن جا سڪل پن ڇڻندا آهن.
    جي کير کپي ويو ته مکڻ وري ڪٿان نڪرندو؟
    رڍن ج يپسڻ ڪري بگهڙ ٿو روئي.
    ڊڄڻو ماڻهو هٿيار کي ڏوھ ٿو ڏئي.
    هزارن ڪانگن جي وچ ۾ هڪڙو هنج.
    هاٿيءَ تي چڙهيل ماڻهو ڪو ننڍي ڦاٽڪ مان لنگهي سهگندو؟
    گم ٿيل هاٿي ڪو ڪُني ۾ لڀندو؟
    جتي هاٿي ٿا ڍاپن اتي ڇيلو ڪو بکه مرندو؟
    هاٿيءَ جي ظاهر ٿيڻ کا اڳي پهرين اُنجي گهنڊڻي ٿي ٻُڌجي.
    پنبڻين جي عيب جي اکين کي خبر نٿي پوي.
    هڪڙي ڀڄندڙ ٽاريءَ تي منهنجو پير آهي ۽ ٻيءَ ڀڄندڙ ٽاريءَ ۾ منهنجو هٿ آهي.
    جهرڪي ڪيترو به مٿي اُڏامي ته به ڪو باز ٿيندي؟
    هاٿيءَ جي زور ڪُنڍو جهڪو ڪيو ڇڏي.
    بندر ۾ رهندڙ ٻلي ديوتائن کان ڪين ڊڄندي آهي.
    چندن گَهَڻَ سان کپي ويندو ته به واس نه ڇڏيندو.
    ٻيا عضوا کڻي ڪهڙا به وڏا هجن ته به بت جو مکيه هضوو مٿو آهي.
    هيبت ناڪ جوڳي ۽ خوفناڪ ٺڳ.
    هزارين ڪوڙ ڳالهائي ۽ ٺهرائي ٿو مندر.
    دوائن کي ويساھ اثر وارو ٿو ڪري.
    خراب طبيعت جي لاءِ ڪا دوا آهي ڇا؟
    جنهن هزار ماڻهو ماريا سو اڌ طبيب آهي.
    حجام جي ٻار جي نظر ۾ وارُ به ڪا عجيب شيءِ آهي.
    برھم جو ليکو ٽرڻ جو ناهي.
    راجا هڪدم ماري وجهي ٿو پر ڌڻي مارڻ ۾ دير ڪري ٿو.
    چانورن کان ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي ديڳڙي ۾ لوڻ جو ڪهڙو ضرور؟
    اڌ ڀريل ٿانو ۾ پاڻي ڦٿڪي ٿو پر ڀريل ۾ نٿو ڦڦڪي.


    فصل نائون- تيليگو پهاڪا

    هُن جي ڏسندي ڏسندي گهوڙي ڦري گڏھ ٿي پيو.
    وڻ وڍي پنهنجي مٿان ڪيرائي وجهڻ.
    اها پڇا ڪرڻ ته وڻ اڳي هو يا ٻج.
    ڪماند کائڻ جي لاءِ به مزوري ڏبي ڪيئن؟
    تنهنجي پيءُ کوه کنيو تنهنڪري تون اُنهيءَ ۾ ٻڏي مرندين ڪيئن؟
    ڦٽيل پير هڪڙي به ٻي شيء کي ضرور لڳندو آهي.
    هُڻ پنهنجن ٽنگن لاءِ پاڻ نِير آندا.
    دنيا ۾ ڪو به بي عيب ماڻهو ڪونهي.
    هنن جا مٿا برابر صفا ڪوڙيل آهن پر هنن جا خيال به ڪي اهڙا صفا آهن؟
    وهاڻي جي هيٺان نانگ.
    ڌيءُ ڪا ماءُ جي پيروي ڪرڻ ۾ گهٽائيندي؟
    ٻلي پي نه سگهي، ٿانءُ اونڌو ڪري وڌائين.
    جڏهن رسو ڇوٽو ٿيو تڏهن کرھ کي ڀرائڻ جي لاءِ حڪم ڏنائين.
    ڏاڏي کي به کنگهڻ سيکاريندين ڪيئن؟
    هر رهي کڏ ۾ ٿو ۽ خواب ڪوٽن جا ٿو لهي.
    جيڪا ڪڪڙ هُڻ پڪڙي تنهنکي چار ٽنگون آهن.
    جهڙو پاڻيءَ جو ڦڙو ڪنول جي پن تي.
    ڌوتيءَ هوندي هٿ ساڙڻ.
    ڄاڻڻ کان اڳي مشڪل ۽ ڄاڻڻ کان پوءِ اسان.
    هڪڙي ڏينهن محفل ۽ ٻي ڏينهن دوا.
    ڳوٺ ڏي وڃڻ جا هزارين چارا آهن.
    سست زال دانهن ڪري ته پيرن جون منڊيون ٿيون مونکي ڏکوئين.
    اچي الف بي ڪين ڪوشش ڪري ٿو ضرب ڪرڻ جي.
    چلھ ڪاٺيءَ جي ڏنگائي ڪڍيو ڇڏي.
    ترار به ڪا قلم جهڙي تکي آهي ڇا؟
    ڪانگ جو ٻچو ڪانگ کي پيارو آهي.
    هو سڙيل چنبي وارو ٻليء وانگي ٿو پَٽي.
    ڪتي کي مارڻ لاءِ چٽيل لٺ گهر جئي ڇا؟
    جي ڪتي جي پوشاڪ ڍڪين ته ضرور ڀونڪڻ گهرجئي.
    ڪنڀر جي نهائينءَ ۾ ڪو پتل جو ٿانءُ هوندو؟
    ڪوئي کي پڪڙڻ جي لاءِ جبل کوٽڻ.
    آني کي ڀڃڻ لاءِ پهڻ جو سانهر گهرجي ڪيئن؟
    ان ڇڏي تُهَنِ جي لاءِ وڙهڻ.
    رڌلن چڻن جو کائڻ به گهوڙي کي سيکارڻ گهرجي ڪيئن؟
    نمڍيون ڳوڻيون رڏين کان گهڻيون آهن.
    کنڊ سان ڍڪيل زهر.
    اجي (( پيڻ لاءِ ۽ لڪائي ٿانءُ.
    موتُ ڪو هڪ ڀيري کان وڌيڪ به اچي ٿو ڇا؟
    چتون پاڻ لاءِ ڏلو ٿيڻ گهرجي ٿو، ٻئي کي لاڏلو ڏسڻ نٿو گهري.
    جيڪڏهن تون کجئي جي ميدان ويهي کير پيندين ته به ماڻهو چوندا تاڙي ٿو پين.
    منڊين پيلن آڱرين سان چماٽ ايذا نه ڏيندي.
    جنهن لوڻ کاڌو آهي سو پاڻي پئي ٿو.
    ٻار کي پينگهي ۾ سمهارڻ ۽ پوءِ انهي کي ساري شهر ۾ ڳولڻ.
    ساھ بند ڪرڻ سان ڪو پيٽ ڀريو؟
    جڏهن سارو ڳوٺ پنهنجا چانور اُس ۾ سڪڻ لاءِ وجهي ٿو تڏهن گدڙ پنهنجو پڇ سڪڻ لاءِ وجهي ٿو.
    ڳوٺ ۾ منڊو ۽ جهنگ ۾ هرڻ.
    هو ڪانگن جي لاءِ به ڀور نٿو ڇڏي.
    سُڪڻ سان ڪو ڳاڻيٽو گهٽبو به آهي؟
    مينهن جي تَڪَرَ کان ڊڄي گهوڙي جي پٺيان وڃي بيٺو.
    ڪوئي جي مقدمي ۾ ٻلي شاهد.
    درياھ جي هُن ڀر موتي ناريل جيڏا وڻ آهن.
    هاٿيءَ تي چڙهيل ماڻهو ڪتي جي ڀؤنڪ کان نه ڊڄندو.
    هاٿي ستل به گهوڙي کان وڏو آهي.
    کائڻ مهل هشيار پر پڙهڻ مهل موڳو.
    تنهنجو قرضخواھ تنهنجو خير خواھ هوندو پر تنهنجو قرضي تنهنجو بدخواھ هوندو.
    قرض ذارا لوڻ ۽ پاڻي به چڱا آهن.
    خراج جنتري ڏينهن جا سڀ ڪلاڪ نڀاڳا بتائيندي.
    پهڻ گپ ۾ اڇلائبو ته ڇنڊا منهن ۾ پوندا.
    اچيس نچڻ نه، گاريون ڏئي دهل کي.
    جي گانئن ٻنيء ۾ چرندي ته گابو ڪو جهنگ ۾ چرندو؟
    گهر ڪڪڙن سان ڀريو پيو آهي پر ٻانگ ڏيڻ جي لاءِ هڪڙو به ڪڪڙ ڪونهي.
    مالڪ جا ڳائڻ ۽ چور کي لٺ ڏيڻ.
    جتي لوھ کي ٿو پگهار جي اُتي مکين جو ڪهڙو ڪم؟
    جي گهر ڌياڻي انڌي هوندي ته گهر جا سڀ ٿانو ٿپا ڀڃي ڇڏيندا.
    سڙندر گهر مان پٽيون ڇڪي ڪڍڻ.
    ٻه تراريون هڪ کپ ۾ نه ماپنديون.
    چمڙو ٿو ڀانئي ته اءُ آسمان کي جهليو بيٺو آهيان.
    جڏهن ڪتو اچي تڏهن پهڻ نه لڀي، جڏهن پهڻ لڀي تڏهن ڪتو نه اچي.
    خواب ۾ کير پيندي ٿانءُ پتل جو هوندو ته ڇا، سون جو هوندو ته ڇا؟
    لٺ کان سواءِ ماڻهوءَ کي رڍ به چَڪَ وجهندي.
    درياھ ۾ مڇيءَ جو اوڀارو وڃڻ.
    ڪي مفا مرض ۽ لذتي دوائون به آهن ڇا.
    جيسين ٻار نٿو روئي تيسين ماءُ به کير نٿي پياريس.
    جيڪڏهن چور پنهنجي اچڻ جي خبر اڳواٽ ڏئي ها ته اءُ جيڪر شاهد تيار ڪري بيهاريان ها.
    ٻنڊي وجهڻ کان اڳي ڍڳي کان پڇڻ جو ڪو ضرور آهي ڇا؟
    تارونءَ ۾ ڳُڙ ۽ دل ۾ زهر.
    ميوي لاءِ مٿو هئڻ پر انهي کي نه پهچڻ.
    تِڏِ جو باھ ۾ ٽپڻ.
    نُنهن جو سس جي مرڻ تي ماتم ڪرڻ.
    ناڻي جي ڳوٿري آرسيءَ ۾.
    خالي ڳالهيون به ڪي پيٽ ڀرينديون؟
    ڪماند مٺو آهي تنهنڪري ڪو کَلن ۽ پاڙن سوڌو به کائي وڃبو ڇا؟
    گدامڙي سڪائبي ته به کٽاڻ نه ڇڏيندي.
    سوئر جو گلاب جي ٻاٽليءَ سان ڪهڙو ڪم؟
    پهڻ جي ديڳڙي لاءِ لوھ جي ڏوئي.
    جيڪو وڻ پوکيندو سو انهي کي پاڻي نه ڏيندو ڇا ماڻهوءَ جو پاڇو سندس ويجهو ٿو رهي.
    ڍڳي جي ڦٽ تي ڪانگ کي ڪو قياس اچي ٿو ڇا؟
    دنيا جو سک اهڙو آهي جهڙو پاڻيءَ تي ڪي لکڻ.
    مهربانيءَ سان پيش اچڻ مهمان ڪرڻ کان بهتر آهي.
    ڪنريءَ تي گلاب ڇَٽڻ.
    هڪڙي ڌڪ سان نَوَ سوپاريون ڀڃڻ ( يا نهَ ناريل ڀڃڻ).
    فصل کي لاباري تائين سنڀالڻ ۽ پوءِ گدڙن جي حوالي ڪري هليو وڃڻ.
    جڏهن ماڻهوءَ کي ترڻو پيو تڏهن پاڻي ڪيترو اونهو هوندو ته حرڪت ڪانهي.


    ڀاڱو ٻيون- اُلهندي ايشيا جا

    ڀاڱو ٻيون- اُلهندي ايشيا جا


    فصل پهريون- عربي پهاڪا

    تمام چڱي جنگ پنهنجي نفس سان آهي.
    ڪبوتر خاني جي ڪنجي ٻليء کي ڏيئي ڇڏڻ.
    جيڪي ڪپڙا ٻين ڪي ڍڪڻ لاءِ ٿا ڏجن سي پنهنجن ڍڪڻ جي ڪپڙن کان وڌيڪ جٽاءُ ٿا ڪن.
    دولتمن بخيل مينهن کان خالي ڪڪر جي مثال آهي.
    پهاڪا ڪلام ۾ جا ڏيا آهن.
    تِرياق جي اچڻ کان اڳي نانگ ڏنگيل مري وڃيٿو.
    عبادت دين جو ٿنڀ آهي.
    ٻليء جي دعا قبول نٿي پوي.
    حياتيء جو سڀڪو ڏينهن ماڻهوءَ جي تاريخ جو هڪڙو ورق آهي.
    ڪنڊن وارا وڻ کونئر پيدا ٿا ڪن.
    پيٽ ماڻهوءَ جو دشمن آهي.
    ڪاوڙ اندر جي باھ آهي.
    ڪاوڙ جو علاج ماٺ سان ڪر.
    شل ڪنهنکي به خدا ٻن اکين وارو پاڙيسيري نه ڏئي.
    سڀ کان وڏي حڪومت نفس تي يا ڪاوڙ تي حڪم هلائڻ آهي.
    پڙهيل ماڻهو مشغوليءَ کان سواءِ اهڙو آهي جهڙ ڪَڪر مينهن کان سواءِ.
    دنيا ڍونڍ آهي ۽ جيڪي انهيکي ڳولين ٿا سي ڪتا آهن.
    گڏھ سنڱن لاءِ ويو پر ڪَنَ به ڪپائي آيو.
    خواهش کان پري رهڻ دولت آهي.
    ڪانگ سونهون هوندو ته هلي ڪتن جي ڍونڍن تي بيهاريندو.
    ٻن سهن کي ڊوڙائي وٺڻ مشڪل آهي.
    جي دل انڌي آهي ته اکيون ڪهڙي ڪم جون؟
    ٻرندڙ شمع تي پرواني وانگي.
    خراب دوست لوهار وانگي آهي جو توکي باھ سان نه ساڙيندڙ ته دونهي سان هلاڪ ڪندو.
    کوھ ماڪ سان ڪين ڀريو.
    اڇا وار موت جا قاصد آهن.
    ٻڍاپي جي گنڀرائي جوانيءَ جي چالاڪيءَ کان چڱي آهي.
    رڇ کان ڀڄندي کڏ ۾ وڃي ڪريو.
    بيحيا زال ڄڻ ته لوڻ کان سواءِ کاڌو آهي.
    رڙيون ڪندڙ ٻلي ڪوئا ڪين ماريندي.
    مسڪين ماڻهو صبر کان سواءِ تيل کان سواءِ ڏئي وانگي آهي.
    جيڪو نانگ جو ٻچو پاليندو سو نيٺ انهي کان پاڻ ڏنگائيندو.
    چڱو گهوڙو به ٿاٻو کائيندو، چڱو ڪپ به مُڏو ٿيندو.
    جن شين کي سسيءَ کان وٺي نه سگهين تنکي پڇ کان وٺ.
    وقت يا وجھ ڪڪرن وانگي لنگهي وڃن ٿا.
    ٺريل لوھ کي مطرقن هڻن مان ڪهڙو فائدو؟
    تونگر بخيل مفلس ماڻهوءَ کان به غريب آهي.
    ڪتي جي ڀؤنڪ تي وڃجي پر گدڙ جي اونائڻ تي نه وڃجي.
    جيئن گهڻي اميد رکندين تئين وڌيڪ تڪيلف ڏسندين.
    فڪر کان خالي دل، ڀريل کيسي کان چڱي آهي.
    هنجو نڪ آسمان ڏي آهي، هنجون ٽنگون پاڻيءَ ۾ آهن.
    دولت ڪم اچڻ ڪري گهٽجي ٿي، ڏاهپ ڪم اچڻ ڪري وڌي ٿي.
    ناداني تمام وڏي مفلسي آهي.
    بي ڊؤلي شيءِ جو ڇو به بي ڊؤلو آهي.
    همت کان سواءِ ڪو به مذهب ڪونهي.
    پرهيزگاري هڪڙو وڻ آهي جنهنجي پاڙ قناعت آهي ۽ ڦر آرام آهي.
    صبر خوشيءَ جي ڪنجي آهي.
    ڏينهن رات جو ڊپ گم ڪيو ڇڏي.
    جڏهن سندان هجين تڏهن صبر ڪر جڏهن مطرقو هجين تڏهن ڌڪ هڻ.
    هنجو مٿو مٽيءَ ۾ آهي ۽ پڇ آسمان ڏي.
    دنيا ئي خوشين کان پوءِ نفساني خواهشون ڇڏڻ عمدو روزو آهي.
    شينهن کان ڀڄڻ کان پاڻ کان ڀڄڻ وڌيڪ ڪمائتو آهي.
    توبھ جو عمدو ڀاڱو آهي ٿورا گناھ ڪرڻ.
    توبھ جا ڳوڙها ٿڌا آهن ۽ اکين کي ٺارين ٿا.
    چڱي ماکي خراب ٿانو ۾.
    ڪمان ڏنگي آهي ته به تير سنئون نشان تي ٿي هڻي.


    فصل ٻيو- پارسي پهاڪا

    پهڻ مان چربي نٿي نڪري.
    لوھ جي ڀريءَ سان درياھ ترڻ جي ڪوشش ڪرڻ.
    جيڪو ڪنڊا پوکيندو سو گل ڪين گڏ ڪندو.
    واريءَ مان تيل ڪڍڻ.
    ڊگهي زبان عمر کي ڇوٽو ٿو ڪري.
    ڌيان ڪر متان تنهنجي زبان تنهنجي سسي لاهي.
    دولت جي لاءِ سئيءَ جو کاپو به ويڪرو آهي ۽ دشمن جي لاءِ ساري دنيا به سوڙهي آهي.
    عشق ۽ مشڪ لڪڻ جا ناهن.
    شاهي رستي سان هلجي اگرچه اهو ورن وڪڙن وارو هجي.
    پنهنجي ڀاڇي کان ڀڄڻ.
    وقت سڀکان چڱو استاد آهي.
    خراب زال ڀت تي بيفل وڻ وانگي آهي.
    جيڪو ماٺ ۾ رهي ٿو تنهن کي خدا هدايت ڪري ٿو.
    ڳالھ ۽ پهڻ اڇلائڻ کان پوءِ وري نٿا موٽن.
    گهڻو ڳالهائيندڙ ڀڳلن دلن وانگي آهي جنمان پاڻي وهيو وڃي.
    شينهن ڪتي جي اوبر ڪين کائيندو آهي.
    ڪتي جو مسجد سان ڪهڙو ڪم؟
    رڇ سان گڏ ڳوُڻ ۾ پوڻ.
    ڪوڙا دوست مفائيءَ تي گڏ ٿيان مکين وانگي آهي.
    گهڻو بيٺل پاڻي ڪنو ٿئي ٿو.
    علم جي هِڪڙي مڻ کي عقل جا ڏھ مڻ گهرجن.
    تکي ترار نرم پَٽُ ڪين وڍي سگهندي.
    نرميءَ سان هاٿيءَ کي به وار سان وٺي هلائي ٿو سگهجي.
    قداعت سان ماڻهو بادشاھ ٿي گذاري سگهي ٿو.
    ڏنگ کان سواءِ ماکي نه ملندي.
    اَُٺ ۽ ٻليءَ گڏ جوٽڻ نگ نگهرجي.
    هڪڙي گري ٻڪري سڄي ڌڻ کي گَرُلائي ٿي.
    مدو آواز نانگ کي به پر مان ڪڍي ٿو.
    لوڻ کائڻ ۽ لوڻ جو ٿانءُ ڀڃي ڇڏڻ.
    مرجن کي ننڍڙو ڄاڻي نه ڌڪار، کائي ڏس نه ڪهڙيون نه تکيون آهن.
    پهرين ڪلام پوءِ طعام.
    رڳو کنڊ نه ٿي نه ته ماڻهو ڳهي ويندئي، رڳو زهر به نه ٿي ماڻهو ٿُڪي ڇڏيندئي.
    جي ڪڪُڙ ٿين ته ٻانگ ڏي، جي ڪڪڙِ ٿين آنا لاھ.
    ڳئون کي مذائي ڏيڻ بيعقلي آهي.
    اهو ڪير آهي جنهن پنهنجن ڪپڙن تي داغ نه ڪيا هوندا؟
    مڇر جي ڦؤڪ سج کي اُجهلائي ڪين ڇڏيندي.
    اُڇلايل تير موتي ڪمان ڏي نٿو اچي.
    ڪپ پنهنجو ڳن نٿو وڍي.
    ڀِت جو لائق ڀتر رستي تي اڇلائي نٿو ڇڏجي.
    آهي چريو پر مطلب لاءِ ڏاهو آهي.
    جي غم نه مجئي ته ٻڪري خريد ڪر.
    گهاٽا يار، گڏ کائيندڙ پيئندڙ.
    سڀڪو ماڻهو پنهنجي مصلحت ٿو ڄاڻي.


    فصل ٽيون- تُرڪي پهاڪا

    سچا دوست ڄڻ ته هڪڙي بُت ۾ ٻه ساھ آهن.
    ماني پوري ٿيڻ کان پوءِ چمچي کي ڪو به ڪو نه ٿو پڇي.
    قبر جي مٽي ماڻهوءَ جي اک ۾ ٿي پوي.
    پراڻي ڇنل رسي سان کوھ ۾ نه گهڙجي.
    ٿلهو ڍڳو خراب هَر سان ڇا ڪري سگهندو؟
    گلن جي بستري تي علم حاصل نه ٿيندو آهي.
    چور جي گهر کي باھ لڳندي ته به ڪنهنکي اعتبار نه ايندو.
    دونهي کان بچڻ لاءِ پاڻکي باھ لڳندي ته به ڪنهنکي اعتبار نه ايندو.
    دونهي کان بچڻ لاءِ پاڻکي باھ ۾ اُڇلائي نه وجهجي.
    وڏا وار، ٿورو مغز.
    وڻ هڪڙي ڌڪ سان ڪين ڪرندو آهي.
    ڏاڪڻ تي ڏاڪو ڏاڪو ڪري چڙهبو آهي.
    شوق ۽ تجمل سان ڪُوئو تختي ۾ سوراخ ڪري ٿو.
    جيڪو بي عيب دوست ڳوليندو تنهنکي ڪو به دوست ڪو نه ملندو.
    بيعقل کي آکاڻيون نه ٻڌاءِ متان جو اُهي وري تنهن جي مٿان اڇلائي هڻي.
    مٿي ڍڪڻ کان سواءِ ماکيءَ جي مکين جي ويجهو نه وڇ.
    جيڪڏهن منهنجي مٿي کي باھ لڳندي ته ٻيو انهيءَ مان پنهنجي ٻِيڙي دکائيندا.
    بخاري کي هميشه اندران باھ لڳندي آهي.
    جي بگهڙ سان سنگت رکڻ گهرين ته ڪتو ساڻ رک.
    دل ننڍڙو ٻار آهي، جو جيڪي ڏسي ٿو ته گهري ٿو.
    به هٿ هڪڙي مٿي جي خدمت چاڪريءَ لاءِ ڏنا ويا آهن.
    موت هڪڙو ڪارو اُٺ آهي جو سڀڪنهن ماڻهو جي در تي اچي گوڏا کوڙي ٿو.
    زبان ترار کان وڌيڪ ماڻهو ماري ٿي.
    بار سان لڏيل گڏھ هينگيندو ڪين آهي.
    زبان ۾ هڏو ڪونهي انهيءَ هوندي به چڀيو وجهي.
    جيڪو پنهنجي زبان جي سڀنال ڪري ٿو انهيءَ سان سِرُ بچائي ٿو.
    پنهنجي سر بچائڻ لاءِ ڏاڙهي صدقي ڪرڻ گهرجن.
    بندري گڏھ تي چڙهڻ سولو.
    مئي تي نه رو، پر بيعقل تي رو.
    بيعقل ماڻهو ڪُمهلو ٻانگ ڏيڻ وارو ڪڪڙ آهي.
    سڀڪنهن چاڙهيءَ کي لاڙهي آهي.
    ڏهن مڙسن ۾ نَسَو زالون.
    رات بد معاشن يا شريرن جو ڏينهن آهي.
    ساڳي کڏ ۾ فقط بيعقل ٻه ڀيرا ڪري ٿو.
    دنيا هڪڙي جانڊھ آهي جا ڪڏهن ڪڏهن اٽو پيهندي آهي پر هڪڙي ڏينهن اسانکي به پيهندي.
    جنهن گهر ۾ ڪڪڙ گهڻا هوندا اتي پرھ دير ڦٽندي آهي.
    مڪي وڃڻ جي ڪري گڏھ حاجي ڪين ٿو ٿئي.
    جيئن اسين جيون ٿا تيئن مرون ٿا.
    ستل نانگ کي نه لتاڙ.
    پِٽوُن ڪُڪڙن وانگي وري پنهنجي گهر اچن ٿيون.


    فصل چوٿون- افغاني يا پشتو پهاڪا

    پاڻيءَ کان اڳ ڪپڙا لاهڻ.
    جي چور دوست هجئي ته گهر پنهنجو گڏھ ٻڌي قابو ڪر.
    پکي داڻو ڏسي ٿو پر ڦاهي نٿو ڏسي.
    جڏهن ڪاتي ڪنڌ تي ٿي اچي تڏهن خدا ٿو ياد پوي.
    جيڪي اڇو آهي سو ڪارن جي وچ ۾ چڱو ٿو چمڪي.
    ماءُ ڀلي بگهياڙي هجي ته به پنهنجي ٻچي جو ماس نٿي کائي.
    ٻڍي پاليل گڏھ پنهنجي ڌڻيءَ جو گهر نه سڃاتو.
    جنهنکي گهر ۾ جهيڙا گهرجن سو ٻه زالون پرڻجي.
    سڀڪنهن ماڻهوءَ لاءِ پنهنجو عقل بادشاھ آهي.
    گدڙ پنهنجو پاڇو ڊگهو ٿو سمجهي.
    جيڪو گپ ۾ ماٺ ڪري بيهندو سو گپندو ويندو.
    ڍاول کي بکئي جو حال جي ڪهڙي خبر؟
    ڪڪڙ ٻانگ نه ڏيندو ته به صبح ضرور ٿيندو.
    دنيا هڪڙو مسافر خانو آهي.
    پوک کائي ويا ڍڳا ڪَنَ وڍيا گڏھ جا.
    ڪڪر ڪارو هوندو ته به منجهانس مينهن اڇو وسندو.
    کاڌو ٻئي جو هر پروات ته تنهنجو هو.
    ڪڇ ۾ قرآن ڏاند ۾ اکيون.
    ڇتي ڪتي وانگي پاڻ کي پيو چڪ پائي.
    بصر هجي ته به کلندي ڏجي.
    رڇ جي دوستي رهڙڻ ۽ ڦاڙڻ.
    جيڪو لوهار سان گڏ رهندو سو نيٺ پنهنجا ڪپڙا ساڙائي ويندو.
    جيڪو پيار ڪندو سو پورهيو ڪندو.
    اکيون وڏيون هونديون ته به ننڍڙن تارن مان ٿيون ڏسن.
    ڀالي جو وڏو ڦٽ جلد ڇٽي ٿو، پر زبان جو سخت ڦٽ ڇٽڻ جو ناهي.
    بيعقل جي دوستي ڄڻ ته رڇ کي ڀاڪر وجهڻ آهي.
    گڏھ جي دوستي آهي ايٽيون هڻڻ.
    ڏنڊو پراڻو هوندو ته به دلي ڀڃڻ لاءِ ڪافي آهي.
    تنهنجو دشمن واريءَ جو رسو هجي ته به نانگ سمجهينس.
    مايا انهيجي آهي جو کائي کپائي ٿو، نه انهي جي جو رکي ڇڏي ٿو.
    گهوڙن پنهنجا نعل ٿي ٻڌا ته ڏيڏرن پنهنجا پير ڊگهيري ڏنا.
    جيئن سج جو پاڇو پيو ڦري تيئن دنيا ۾ به بيهڪ ڪانهي.
    پٺاڻ ۽ سندس ڀاءُ چاري وٺندي ٽڪر تان ڪري پيا.


    فصل پنجون- هندستاني پهاڪا

    ڪانگ کي پڃري ۾ وجهبو ته به ڪو چتونءَ وانگي ڳالهائيندو؟
    پنهنجا انب کاءُ ۽ پنهنجا ڪوڪلا وڪڻ.
    عاشقن جي شادي هرڻ جي سڱن تي.
    انڌي جي اڳيان روئڻ پنهنجون ٻئي اکيون خراب ڪرڻيون آهن.
    چور ڪوٽوال کي موچڙا هنيا.
    چربي ( يا پچي) اکيون پوريو ڇڏي.
    آسمان جي ماڪ کي وڻ روڪيو ڇڏين.
    انڌو ماڻهو فقط ڪهڙو ڀيرو لٺ ڪيرائي ٿو.
    پهرين پاڻي پوءِ گپ.
    ننڍي ڀت جي مٿان پاڻي چڙهي وڃي ٿو.
    ٻليءَ جي خواب ۾ ڇيڇڙا.
    جنهنجي کُڙيءَ ۾ لڦ ڪا نه نڪتي آهي تنهنکي ٻئي جي سور جي ڪهڙي خبر؟
    جن کي ماريو ته به ڀڄي ويندو.
    جهڙو ڪم تهڙو پگهار.
    جيڪو صبر ڪري ٿو تنهنکي خدا اجر ڏئي ٿو.
    خدا جا ڪم خدا ٿو ڄاڻي.
    خدا مهربان ته سارو جڳ مهربان.
    دولت ساري دنيا کي ٿي هلائي.
    هو اڌ رپيو ڏيندو پر اڌ پائي نه ڏيندو.
    اڌ ڪڪڙ ۽ اڌ ٻٽيرو.
    باندرن جا مهندار باندرن جو مطلب سمجهن ٿا.
    ننڍڙي جهرڪي شينهن کي ٿي اکيون ڦاڙي ڏسي.
    ڇُڙيل گهوڙو پنهنجي ٿان ڏي ٿو موٽي.
    ماڪوڙي ٿي سمنڊ جي اونهائي ماپي.
    سڀ چور هڪ ٻئي جا سؤٽ آهن.
    پيسا ڏئي پنهنجو ڪم ڪراءِ.
    بيعقل دوست کان ڏاهو دشمن چڱو آهي.
    جيڪو تڪڙو ڊوڙندو سو نيٺ (( ڀر ڪندو.
    ڏسڻ خواهش ڪرڻ آهي.
    ڪميني جي دوستي واريءَ جي ڀت آهي.
    ماڪوڙين ۽ ڪتن کي مٺائيءَ جي سنڀال ته رک.
    مڇي ڪا سرڻ جي آکيري ۾ رهي سگهندي؟
    ماڻهن مان ڪي جواهر آهن ۽ ڪي پهڻيون.
    جنگ ۾ مٺائي ڪين ورهائبي آهي.
    جيڪو شاهي رستو ڇڏي پيچرو وٺندو سو سگهوئي پنهنجو رستو وڃائي رهندو.
    ڌيءُ ۽ ناني ۽ ڀائيٽو اهي ڪڏهن به پنهنجا نه ٿيندا.
    ڌيءُ کي مار ته ننهن کي سکي.
    واريءَ جو رستو وٽڻ.
    بهادري ماڻهور جو جوهر آهي.
    دهلي دؤر آهي.
    قناعت واري دل سڀڪنهن شيءِ ۾ مجلسن جي ماني ٿي ڏسي.
    دل ۾ باھ گهر ۾ ڇُري.
    وقت دير ڪين ٿو سهي.
    ڏٺي تي اعتبار ڪجي نه ٻڌي تي.
    اکيون کنبڻين جو بار کڻي نه ٿيون سگهن.
    پنهنجون ٻنيون غيرآباد ڇڏيو ڏئي ٻين جون هر ڏيو پيو پوکي.
    چڱو ماڻهو چڱو جهان ٿو ڏسي.
    هو پنهنجي قبر پاڻ ٿو کوٽي.
    پنهنجي ڪئي سڀ کان چڱي.
    ماڻهو پنهنجو گهر پري کان ٿو سڃاڻي.
    پنهنجا نقصان ۽ پنهنجي زال جا قصور ڪير ظاهر ٿو ڪري؟
    ڳنڍ ۾ نهي ڪين ٻين تي سخاوت ٿو ڪري.
    پٽ ته پنهنجو ٻئي جو ته اُلو.
    سڀڪو ماڻهو پنهنجن عيبن کي ٿو پوچو ڏئي.
    سڀڪو ماڻهو پنهنجي گهر جو بادشاھ آهي.
    هو ڪهاڙي سان پنهنجا پير پاڻ ٿو وڍي.
    سڀڪو ماڻهو پنهنجو راڳ ٿو ڳائي.
    تون پنهنجي ٻيڙي دکائڻ لاءِ منهنجي ڀُڻگي ٿو ساڙين.
    جيڪو مدد لاءِ ٻين ڏي نهاريندو سو نيٺ هلاڪ ٿيندو.
    جڏهن اٽو کٽو تڏهن ڪتو ويو.
    سيني ۾ خنجر وات ۾ مهرباني.
    ٻلي شينهن جي ماسي آهي.
    ٻگهو ڌوٻيءَ جو ڀاءُ آهي.
    جي ٻڪريون هر ڪاهين ها ته ڍڳا ڪير رکي ها.
    هو سهي جي کل لاهي ٿو سگهي ۽ هڪڙي لفظ کي چيري پرازا پرزا ٿو ڪري.
    فقير کان خيرات گهرڻ (يا پنڻي کان پنڻ)
    جتي رات پئي اتي فقير جو مسافرخانو.
    گهوڙو ۽ گڏھ ڪي برابر آهن؟
    جي گڏھ ملندئي ته انهيکي گهوڙو ڪين ڪندين.
    ٻئي جو مٿو ڪدؤ آهي.
    ڌوٻيءَ جو پٽ ڳوٺ جو ٽنڊي ماڪورو آهي.
    پنهنجي گڊلي جي سنڀال ڪر.
    هڪ گهڙي اولياءَ ٻي گهڙيء شيطان.
    ڏينڀو مارڻ لاءِ گهر ساڙڻ.
    نوريئڙي جو گهر وڻ تي آهي.
    پنهنجون ڳئون ڳڻندو رھ ته پوءِ انهن کي چور نيندو.
    جي کنڊ سان ماري سگهجي ته زهر ڇو ڏجي؟
    جي کنڊ ڏئي نه سگهين ته کنڊ ڳالهاءِ.
    ڪاوڙ کي چڱي بڇڙي جي خبر ڪا نه ٿي پوي.
    سهڻي منهن کي رنگ ڏيڻ جو ضرور ڪونهي.
    سڀڪو ماڻهو حجام جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي ٿو.
    حرڪت ۾ برڪت.
    هار قبول ڪر ته جنگ کٽين.
    هاراءِ ۽ هاراءِ، کٽ ۽ هاراءِ.
    هاٿين کان ڪماند کسڻ.
    هو هوا جي گهوڙي تي چڙهيل آهي.
    هوءَ سڄي ڏينهن رُلي ۽ رات جو ويهي ڪتي.
    بيعقل کي ڪن جي ڳالھ ٻڌاءِ ته هو کڏ تي چڙهي ڍنڍورو ڏئي.
    ڀتين کي به ڪن آهن.
    ٻه وڙهندا ته هڪڙو ضرور ڪرندو.
    پڳ کي ٻن هٿن سان جهلڻو ٿو پوي.
    تنهنجي ماءُ جي کير جي باس اڃا تنهنجن ڏندن ۾ آهي.
    گهوٽ جي بادشاهي اڍائي ڏينهن آهي.
    جاهن مُئن جي ساراھ ٿو ڪري.
    نيڪي ڪر ۽ درياھ ۾ اڇلائي وجھ.
    هڪڙي شيءِ کي لڳي رھ ته سڀ هٿ اچئي، سڀ ڪنهن شيءِ کي وٺڻ جي ڪندين ته سڀ وڃائيندين.
    هڪڙو اڪيلو آهي ٻه جماعت.
    ملڪ ۾ آنو هڪڙو، سو به ڪنو.
    هو هڪڙي اک سان کلي ٿو ۽ ٻگھي اک سان روئي ٿو.
    هڪڙي ماٺ سؤ کي شڪست ٿي ڏئي.
    هڪڙي هٿ سان وٺ ٻئي هٿ سان ڏي.
    هو سڀني کي هڪڙي لٺ سان ٿو هڪلي.
    هڪڙو اکر نه ڳالهاءِ ته ڏھ نه ٻڌين.
    هڪڙي ڪني مڇي ساري تلاھ کي ڪنو ٿي ڪري.
    هڪڙي نهارست خرابيون دفع ٿي ڪري.
    هڪڙي بٿيءَ جا تير.
    مرچون سُنڍ ڪين وينديون آهن.
    هو ماڻهو آهن يا بجلي.
    ماڻهوءَ کي سندس صحبت مان سڃاڻجي ۽ سون کي ڪسوٽيءَ سان.
    ماڻهوءَ جو شيطان ماڻهو آهي.
    وڃائڻ سکڻ آهي.
    سج ڏي ٿُڪ اُڇلائبي ته منهن ۾ پوندي.
    باھ ۾ ڪک پاڻ ۾ ڪين ٺهندا.
    اڳيان کوه پٺيان کڏ.
    باھ کي دامن سان ڍڪڻ.
    سڀڪنهن بيعقل کي خبر آهي ته ڪڏهن سندس پيٽ ڀريل آهي.
    هڪڙي ڳالھ ڳڙ کان مني آهي.
    آرس، ننڊ ۽ اوپاسي ٽئي موت جون ڀيڻيون آهن.
    هو الف بي به نٿو ڄاڻي.
    ماٺ اڌرضا آهي.
    سست ماڻهو هميشه بيمار آهي.
    ڦَرَ وقت انب هيٺ جهڪي ٿو ۽ هيرڻ مٿي وڃي ٿو.
    آنا هٿ آڻ ته ڪڪڙ گهڻا ٿينئي.
    انڌي کي اکين جو قدر آهي.
    انڌن کي ڊوڙڻ نه گهرجي.
    اونداهو گهر نانگن سان ڀريل ٿو رهي.


    فصل ڇهون- سنڌي پهاڪا

    ( اشارو- هيٺيان ڇھ سؤ کن سنڌي پهاڪا گهڻو ڪري يادگيريءَ تان ڏنا ويا آهن ۽ ڪي ٿورا ٻين هنڌان هٿ ڪيا ويا آهن. انهن ۾ ڪي سنڌي آهن ڪي ٿورا سرائڪي يا پنجابي، ڪي فارسيءَ ڪي هندي، جي عام رواج ۾ آهن- ڪي خاص مسلمانڪا آهن، ڪي هندڪا ۽ ڪي عام يا ٻنهي جا. گهڻا مڙئي نثر جي جملن يا فَقرنِ ۾ آهن، پر ڪي تُڪن ۾ ۽ ڪي مصواعن ۾ آهن. انهن مان جي مصراعون شاھ جي بيتن مان آهن تنجي پڇاڙيءَ ۾ اهڙو نشان ڪيو ويو آهي. ٻين ٻولين ۾ اصلاح به پهاڪن يا چَوِڻين ۾ شمار ٿيل آهن پر سنڌي اصلاح بيشمار آهن. انهن لاءِ جدا ڪتاب گهرجي. هتي فقط ڪي ٿورا ڏنل آهن جي اڪثر پهاڪن وانگي چوندا آهن. جن پهاڪن ۾ ڪي خراب لفظ هئا سي ڪڍي ڇڏيا ويا آهن. سڀ پهاڪا الف بي وار ترتيب ۾ ڏجن ٿا ته سو لائي سان لڀي سگهن.)
    اَپ جي خور جي ٻئي کي چئي ته مکي کاءِ.
    اَج نه ديکا لال تو ڪل ديکينگي.
    آڏوءَ جي آڪھ هڪڙي.
    آزمائي کي آزمائي سو ڦِر ڦِر ڇائي پائي.
    آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڻي سومرا (شاه).
    آھ غريبان قهر خدا.
    آهي آساني پر ڪم پئي ڪَلَ پوي (شاه)
    آئي ٽانڊي کي بور چياڻي ٿي ويٺي.
    آئي ڪنن کي سڱ به وڍائي وئي.
    اٽو باٽ جي گهر ٻاٽ.
    اٽو کاڌو ڪوُئي مار پئي گابي تي.
    اٽي تي اٽو کارو نه کٽو.
    اٽي جو ڏيو، اندر ته کائن ڪوئا ٻاهر ته کائن ڪانگ.
    اُٺ جي وات ۾ ڄار جي باس.
    اُٺ ماڪوڙي جو سالو.
    اُٺ نه رُنا پورا رُنا.
    اپڻا عرض ڏُنهان دي چغلي.
    اپڻا مال هَهيءَ، روسان به کاسان به.
    اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوئي.
    اچين تا آءُ وڃين ته واھ، ڪانهي ڪا ڪمال چئي.
    اڇو الله ڳاڙهو رسول.
    اڇي ڏاڙهي نانءُ دلبر.
    ادي مئي ادو ڄائو، اسين اوتري جا اوترا.
    اَسي مت کسي.
    اڪ جي ماکي ناهي جو کائي وٺبي.
    اک ٺهئي نه کٻڙ خان چنڊ ڏٺو.
    اڪ آمونه ٿئي مَرُ ڦُٽي ڏئي ڦر.
    اکيون تاعيد، ڪانهي عيد اکين ري (شاھ).
    اکيون سيئي ڌارجن سين پسين پرينءَ کي (شاھ).
    اکيون لڳي چار ٿينديون.
    اکئين لونگ لڳا جفر ويا وسري.
    اڳيان باھ پٺيان پاڻي.
    اگھ ڪنهن وڌو، چي جنهنجي نه سري.
    اگهيون ڪائو ڪچ ماڻڪن موٽ ٿي (شاھ).
    ان جو منهن چنڊ ڏي.
    انهن جون سڪون انبڻيون نه لاهين.
    اندر جن جو اڌ ڏونگر سي ڏورينديون (شاھ)
    انڌ ڌنڌ نگري چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا.
    انڌ وٺجي، منڊ وٺجي، پر ننڍ وٺجي.
    انڌو بي ايمان.
    انڌو گهر الله کان ٻه اکيون.
    انڌو هاٿي لشڪر جو زيان.
    انڌو مڱڻهار ڏسي نه آر ڪري.
    انڌي کي جهڙو تئو تهڙي آرسي.
    انڌي گهوڙي ڪل ۾.
    انڌي وڃي ملتان لڌو هو.
    انڌيون ٻه چمڪا چار.
    انگ اُگهاڙو پيٽ بُکيو.
    انهي ۾ ڪا اربعا خطا آهي ڇا؟
    اُڌاري جي ماءُ ڪا نه مئي آهي.
    اُڻائي به وئي، پُڻاڻي به وئي، وري ڪپھ جي ڪپھ.
    اَڻندو اُهائي، جيڪا ڪوريءَ من ۾.
    اَوَل پيٽ پنجوُءَ جو ۽ پوءِ ٻار ٻچا.
    اول خويش بعد درويش.
    اول طعام پوءِ ڪلام.
    اُنڌا شل آچار ڪانڌ ڪنهنسين نه ڪري (شاھ).
    اِها دعا دل سان ئي نٿي لڳي.
    اِها گوءِ اهو ميدان.
    اهڙا موچڙا کاڌائين جهڙا اُٺ پتڻ تي کائي.
    اهڙو ئي الله جو پورهيتون پيش ڪري (شاھ).
    اُهو سو نئي گهوريو جو ڪنَ ڇني.
    اُهو ڪي ڪجي جو مينهن وسندي (يا آئيءَ ويل) ڪم اچي.
    اُهو وڻئي ڪونهي جو واءَ نه لوڏيو هوندو.
    اُهو هٿ کير ۾ اُهو هٿ نير ۾.
    اُهي تُنيا مري ويا جي گهٽا ڏيندا هئا.
    اُهي گڏھ اهي آٿر.
    ائين اچي جيئن ڍڪي گهوڙي ڦر تي اچي.
    ائين ڀڳو جيئن کاري هيٺان ڪانءُ ڀڄي.
    ائين ڪجي جو لال به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي.
    ايرازي آندي ڳور نهاري ڳوٺ ۾.
    ايندو سڀڪو ڏسي ويندو ڪو نه ڏسي.
    باراز مصطفا جي خريدار خدا.
    باز جي ريس ڪير اُڏاڻي چڙي، آنو هئس پيٽ ۾ پيس ڪري.
    بڇڙو ڪتو ڌڻي پُڻائي.
    بس الله جي وس.
    بسم الله بر ((.
    بک جون بسريون، رَلين جا رُمال.
    بکئي کي بَٺُ به ڏور.
    بکئي کي بصر سان روٽي رکيائي، سيري کان سواد ۾ ڏيڍي سوائي.
    بندو خطا جو گهر آهي.
    بندي جي من ۾ هڪڙي، الله جي من ۾ ٻي.
    بيحيائي تي بادشاهي.
    بي بي دَلَي ڍڪي ڀَلي.
    بيعقل بازار ۾ سنگتي نه کڻجي ساڻ- اَول ڪُٽائي پاڻ، پوءِ سمر ڏئي ساٿين کي.
    ٻه ته ٻارنهن.
    ٻه جوئي کان وري به سکيو آهيان.
    ٻه گدرا مٺ ۾ ڪين ايندا.
    ٻارنهن گدرا تيرنهن لاڳدار.
    ٻائي ٻير اڍائي سير.
    ٻائي جو ٻائو، واڱڻ جو واڱڻ.
    ٻٻرن کان ٿو ٻير گهري.
    ٻڏندي ٻوڙن کي ڪي ماتڪ هٿ وجهن. (شاھ).
    ٻڏو سهسن ڏنو ته سهسائن.
    ٻڏي ٻيڙيءَ جون هريڙون به چڱيون ( يا تخت به چڱا).
    ٻلي ست ڪوُئا کائي حج پڙهڻ هلي.
    ٻلي شير ڪو پڙهايا ڦر شير ٻلي ڪو کاوڻ آيا.
    ٻليءَ کي خواب ۾ ڇيڇڙا.
    ٻن باهين جي وچ ۾ آهيان.
    ٻنڌ ڀڄي ماڻهن هيڻي هنڌان.
    ٻوڙو کِلي ٻه ڀيرا.
    ٻيو سڀ لوڪ لباس، ڪو هڪدل هوندو هيڪڙو (شاه).
    ڀاڙ جو ترو مور ٿو ٽلي.
    ڀتين کي به ڪن آهن.
    ڀتين تان ٿو ڀَتُ اُڇلائي.
    ڀڄ سرڻ باز ٿو اچي.
    ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳؤرو.
    ڀڳي سان ئي ڀير جيسين رتو راس ٿئي.
    ڀلن پيٽان ڍلا، ڍلن پيٽان ڀلا.
    ڀلو پِير ڪي ويساھ.
    ڀُلي ڀُلي ڀاڻ آئي سا به نه ڀُلي.
    ڀنڀور کي باھ لڳي آهي (لائق اٿس).
    ڀولڙي کي به پنهنجي زال پياري آهي.
    تاڃيءَ پيٽي پٽ.
    تاڙي هڪ هٿ سان نه وڄندي آهي.
    تازيءَ کي اشارو ٽٽونءَ کي چهبڪ.
    تتيءَ ٿڏيءَ ڪاھ، ڪانهي ويل وهڻ جي (شاھ).
    تڏ وانگي مٿو ڇو ٿو هڻين؟
    تِر جي گٿي سؤ چوٿون کائي.
    قرت دان مها پڃ.
    تڪڙو ڪم شيطان جو.
    تنهنجي ئِي ڀت گهاٽو.
    تيئڏا سو مئيڏا، مئيڏا سو هيِن هيِن.
    تيليءَ مان بنائي ٿنڀ ڪيو اٿس.
    ٿڌو دلو پاڻ کي ڇانو ۾ رکائي.
    ٽِٽڻ آڻي مچائي اٿس.
    ٽَٽوُن ٽوپڻ جي هتي جاءِ ڪانهي.
    ٽُڪر مليو هڪڙو ڳڻي ٿي چاليھ.
    ٽڪريءَ کي سؤر ٿيا آهن.
    ٽيڏي پسي ٽي، هؤتا آهي هڪڙو (شاھ)
    پاڙ نبين کي پيارو.
    پاڻ نه پاري، ڪتا ڌاري.
    پاڻي ڇو ٿو ولوڙين.
    پاڻيءَ کان اڳي موزا نه لاھ.
    پاڻيءَ مٿي جهوپڙا مورکه اُڃ مرن (شاھ).
    پاڻهئي خبر پونديئي ته گهڻي ويهين سَؤ آهي.
    پاڻهئي سئي سڳي کي سيريندي.
    پٽ ٻٽيھ لکڻو، موجڙو (يا پادر) ڇٽيھ لکڻو.
    پڇڻا نه منجهڻا.
    پرائي دهلين احمق نچي.
    پرائي ڌر تان ڌڪو به چڱو.
    پرائي ماڙي ڏسي پنهنجي ڀنگي نه ڊاهجي.
    پروڻ چيو ڏُنگهي کي ته هل ڙي ته ٽُنگا.
    پڙهيو آهي پر ڪڙهيو ناهي.
    پکن منجھ پساھ قالب آهي ڪوٽ ۾. (شاھ)
    پلاھ جهڙي پد مڻي حاضر هڪي هوءِ، ريڙهي وجهينس پيٽ ۾ توڙي پيٽ ڦاٽي پوءِ.
    پنج آڱريون برابر آهن.
    پنجئي گھ ۾.
    ٻنڻئي جو پڙو ڇنڊڻئي ۾ ويو.
    پِني پني مَمَن ڄائو، تنهن ۾ به اڌ پرائو.
    پنهنجو آهين پاڻ آڏو عجيبن کي (شاھ).
    پنهنجو منهن پنهنجو موچڙو.
    پنهنجي ٿوري گڏھ کي به پيرين پئبو آهي.
    پنهنجي پير ۾ پاڻ ڪهاڙو ٿو هڻي.
    پنهنجي وڍيءَ جو نڪو ويڄ نڪو طبيب.
    پوڙهو اُٺ ٻه ڪنواٽ لهي.
    پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڙي لک لُٽائي.
    پهاج خاطر وِھُ ٿي کائي.
    پؤن ٻارنهن.
    پيٽ ڪو دائيءَ کان ڳجهو آهي.
    پيرين پيادو مادرزادو.
    ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاھ.
    ڦڳڻ ڦوسارو، راتيان سيارو، ڏينهان اُونهارو.
    ڦليار ۾ ٿو ڦوڪون پئنچن جي.
    جاڳندن جون وڇون ستان جا ڪؤنهان.
    جت باھ ٻري اُت سيڪ اچي.
    جت پُڄڻ ناهي وس اُت ڀڄڻ ڪم وريام جو.
    جتي لوڀي هوندا اُتي ٺوڳي بک نه مرندا.
    جِتي وڻ ناهي اُتي ڪانڊيرو به درخت آهي.
    جَڏا جياري مرڪندا ماري.
    جڏهوڪا مينهن تڏهوڪا پاڻي.
    جَرَ نئي پر جيڏي نه نٿي.
    جن آهرن ۾ کائي ڏٺو هوندو، تنکي توبرن ۾ کائڻ ڏکيو لڳندو.
    جن کاڌا پلي جا پيٽارا، تنجا هينئڙا ويچارا.
    جواني ديواني.
    جو ڄائوئي نه هوندو سو مرندو ڪٿان؟
    جو ڏاڍو سو گابو.
    جهڙا روح تهڙا ختما.
    جهڙا ساڍا ٻه تهڙا اڍائي.
    جهڙا ڪانگ تهڙا ٻچا.
    جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پرين.
    جهڙو ديس تهڙو ويس.
    جهڙو واءُ لڳي تهڙي پُٺ ڏجي.
    جهڙي تاجي تهڙي پيٽي، جهڙي ماءُ تهڙي ٻيٽي.
    جهڙي ڇالي پني وهن لاهي کڻي هُنکي ڏني.
    جتي پاڙا اُتي ڍيڍوڙا.
    جتي ماکي تتي مک.
    جهڙو راجا تتي مک.
    جهڙو راجا تهڙي پرجا.
    جهڙو سنگ تهڙو رنگ.
    جهڙي سَٺِ تهڙيون ٿي ويهون.
    جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي.
    جهڙي نيت تهڙي مراد.
    جنهن اُڀرندي تاءُ نه ڪيو سو لهندي ڇا ڪندو؟
    جنهنجو کائجي تنهنجو ڳائجي.
    جنهنجي ماني تنهنجي ڪاني.
    جنهنجي وڃجي گهر تنهنجي ڪي پَرِ.
    جنهنکي اڳي اچن مڇون، تنهنجي ڏاڙهي ڪنهنکان پڇون؟
    جنهنکي ساه کنئي سڌ نه پوي تنهن سان سؤر ڪيهو سلجي.
    جن مُڱن کان لنگها ڀَڃن سيئي لنگهن مُڱَ.
    جني لاءِ مُياس، سي ڪانڌي مون نه ٿيڙا.
    جواڳي سوتڳي.
    جو ڄڻي سونپائي، چوڌاري سوپاري.
    جو کائي غم تنهنکي کائي جَم.
    جَوَ ڍيري کڏھ رکوال.
    جَوَ پوکي ڪڻڪ ڪو نه لڻندو.
    جي چلھ تي سي دل تي.
    جي وڙ آهن جنجاسي دڙ سيئي ڪن (شاھ).
    جي ورق وراين ويھ، ته به اکر اُهوئي هيڪڙو (شاھ).
    جِي کير پيءُ.
    جي هِت نه هوت پس، سي ڪنهن پِرَ ڪيچ پسنديون (شاھ).
    جيءُ خوش ته جهان خوش.
    جيترو پَوَ تيترو ڍَوَ.
    جيڏا اُٺ تيڏا پُوٽا.
    جيڏهن ڪريان پر که تڏنهن سڄڻ سامهون (شاھ).
    جيري لاءِ ٿو ٻڪري ڪهي.
    جيسين ڍائو ٽنگ کڻي تيسين بکئي جو وڃي ساھ.
    جيسين سائو کڻي ساھ بکئي جو وڃي پساھ.
    جيسين لَلولٺ کڻي تيسين ڪرھ اُجهامي وڃي.
    جئيسي ڪوتئيسا مِلا.
    جيڪو اڌ ڇڏي سڄيءَ ڏي ڊوڙي تنهنجو اڌ به وڃي سڄو به وڃي.
    جيڪو آسمان ڏي ٿڪ اڇلائيندو تنهنجي منهن ۾ موٽي پوندي.
    جيڪو ڏاڍو سو گابو.
    جيڪو کڏ کڻي سو ڪوريءَ وانگي پاڻ ان ۾ پوي.
    جيڪو ڄاُر ٿو ڏسي سو جي مهاڻو ڏسي ته ڦاٽي مري.
    جيڪي طالب تات جا تات به تني وٽ (شاھ).
    جيڪي فراقان سو وصالان نه ٿئي (شاھ).
    جيڪي ڪري ناڻو سو نه ڪري راڻو.
    جيڪي ڪري گهر سو نه ڪري ماءُ نه پيءُ.
    جيڪي ڪني ۾ هوندو سو پاٽ ۾ ٻوندو.
    جيئري ڪين پڇئون مئي دٻ دٻ ڪري پٽيئون.
    جئي مير ٺارو جو ڏئي ٿو اڌارو.
    جئي مير غازي جنهن گڏھ ڪيا نوازي.
    جيئرو ته لک جو مئو ته ڪک جو.
    ڄٽ پڙهيو الله اڙيو.
    ڄٽ جي عمر اڍائي کٿا.
    ڄٽ ملوڪ ته به گلم جو زيان.
    ڄٽيءَ سُٽ پسايو واڻئي وڌيس وٽي.
    ڄچ ۾ سڃاڻيئي ڪو نه چي آءُ گهوٽ جي ڦڦي.
    جڱرو ۽ ڄارا گهر مڙيئي هيڪڙو.
    ڄمندي ڄام پنهو پاڳارو ٿيو.
    جهل ٻُٽي آئي کُٽي.
    جهنگ ۾ مينهون، ڪلن تي وڇون، چي ڌايون ڙي ڌايون.
    چاردِن ڪي چاندني ڦر انڌيري رات.
    چاڪرن جي اڳيان چُوڪر.
    چاڪيءَ ڏاند وڃايو گهمي گهاڻي ڌاري.
    چاندين مگسين وارو پر.
    چُچن گهر چلا پڪا چُچا اُٿي نچڻ لڳا.
    چرنديء تي چم ڪنڊيء تي رم.
    چريا ڏيئي چارو اڇان وٺجي هڪڙي.
    چريا پاڻ ٿياس متيون ڏيندي لوڪ کي.
    چري ڦٽ ۾ خوش.
    چريء جو چُوڙو ڪڏهن ٻانهن ۾ ڪڏهن ٽنگ ۾.
    چريء کان پڇيائون ته ڪيئن، چي ويران وير وڌ.
    چرئي کي پٽ ڄائو سوچمين ۾ ئي پورو ٿيو.
    چرئي کي چوريو آهي چئن گارين لاءِ.
    چرين ڪهڙا چِت مئن ڪهڙا مامرا.
    چرين جا پؤر مٿي جا سوُر.
    چرين کي ڪي سڱ ٿيندا آهن؟
    چڪر کي لتر ملي.
    چڱائي ڪجي ڄٽ ڦيري هڻي پٽ سان.
    چڱائي کي چار ڳڻي هڻجن موچڙا.
    چڱو جني لکيو مدوسي نه پس- توڙي روم. ( هن ته به کنڊون کائن کير سان.
    چُلھ اڱارين نه ڍاپي.
    چمڙي ڏيندو پر دمڙي نه ڏيندو.
    چندن جي شهر ۾ ڪنڊو پٽ ڪوڙ جو.
    چڻو ٽپي ٽپي بٺ ڪين ڀڃندو.
    چور نه ته چاڪي سهي.
    چورن جا ڀاءَ ڳنڍي ڇوڙ.
    چورن مٿان موڙ پيا اڌ وراهي کڻي ويا.
    چور جي ماءُ (يا ناني) گهر ڪنڊ ۾ روئي.
    چَوء ڌيءَ کي ته سکي ننهن.
    ڇِتو ڪتو به ڌڻي سڃاڻي.
    ڇَڪ پؤَن تي اچي بيٺي آهي.
    ڇلي وارن زبان.
    چوڏنئي طبق روشن.
    ڇوڪراڻي پوتي ڌوتي نه ڌوتي.
    حاڪم جي ياري ٻه آڱر ٽاڪ ٻي سڀ واري.
    حجامڙو حرامڙو.
    حُجَتي لعنتي.
    حرڪت مان برڪت ٿي پئي.
    حيلي رزق بهاني موت.
    خان سندي خاني مانيء مان معلوم ٿئي.
    خدا حَقؤن به رکي ناحقؤن به رکي.
    خرچ کاءُ ڏيئي شاھ.
    خون کٿوري لڪڻ جو ناهي.
    خيرپوري نيت بُري، هٿ ۾ قران ڪڇ ۾ ڇُري.
    خير صلاح مهر الله.
    دائيء کان پيٽ ڳجهو ڪونهي.
    دشمن نه دوست، اوجهري نه گوشت.
    دل دي قضا دل جاني ڪيا جاني قاضي.
    دل کوٽي عذر گهڻا.
    دلاسي دوستن جي سيءَ سڪايس کل.
    دم درميان موليٰ مهربان.
    دنيا آهي ڌوڙ. ڌوڙ دنيا جي منهن ۾.
    دنيا پاڻيان نڪري ويو آهي.
    دوا به ڪجي دعا به ڪجي.
    دهلن تي دل ٿي اٿس.
    دير ٻيا درست پيا.
    ديسي سيڻ ڪجن پرديسي ڪهڙا پرين (شاھ)
    ديوان جو دم دمڙيء جي دال تي.
    ڌاريان ئي ڌار، مِٽَ مُئيء جا نه ٿيا.
    ڌرت پريئي ڌرم نه ڇوڙيئي.
    ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري.
    ڌڻ ته ڌڻي نه ته، وڪڻ کڻي.
    ڌڻيء ري ڌڻُ سُڃو، ڌڻ ري ڌَڻار سُڃو.
    ڌوٻيءَ جو ڪتو نه گهر جو گهاٽ جو.
    ڌوٻي ڌوئي ڌڻي روئي.
    ڌوپي منجھ درياھ ته به اوجھ به ڇڏي اوجهري.
    ڌوڙ ڇائي، ٻڪ اڍائي.
    ڌوڙ ڌاڻيون اٽي ڇاڻيون.
    ڌؤڙ ڌاڻيون اٽي ڇاڻيون.
    ڌؤنري ۾ ڪي هو ته ڌڻين ڪين ڇڏيو.
    ڌيون ڊڀؤريون آهن.
    ڏات نه آهي ذات ٿي، جو وهي سو لهي (شاھ)
    ڏاڙهي مٿو چٽ ڀرون شاھ بچايا
    ڏاڏي آدم جي واري جو.
    ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.
    ڏاهو ڪانءُ ٻه ٽنگون ڦاسي
    ڏٻري ڍور کي مڇر گهڻو
    ڏجي نه ته ڏکوئجي به نه.
    ڏٺو پير پني مراد
    ڏڌو کير وري ٿڻڻ ۾ نه پوي
    ڏسڻ ۾ ڪرڏور حد ٻنهي جي هيڪڙي (شاھ)
    ڏک سکن جي سونهن گهوريا سک ڏکن ري (شاھ)
    ڏکن پٺيان سک
    ڏکڻ مينهن نه وسڻو وسي تا ٻوڙي- ڪانئر ڌ (( هڻڻو هڻي تا ٽوڙي
    ڏکوين اهڃاڻ ڪلهي ڦاٽو ڪجرو (شاھ)
    ڏمري ڏيھ ڌڻي نه ڏڪر ڏيکاري
    ڏندن ڀڳي ڏيڏري ڪُوئي سندي جوءِ.
    ڪوئو ويو ڪاٺين کي رلي پائي روءِ
    ڏنو پَنو آهي
    ڏنو ٿئي نه ڪِنو.
    ڏنو پُٽ ڇُٽي جو.
    ڏني ٻنڌن ڇني
    ڏور پنديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا (شاھ)
    ڏوئي ڍڪڻ گهر
    ڏھ دنيا ستر آخرت
    ڏُهين تائين اُڻيو اٿس
    ڏئي جي هيٺان اونداهي
    ڏياريءَ جو ڏيو ٻريو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو.
    ڏيرياڻيون توڙ جؤن ويراڻيؤن.
    ڏيڏريءَ کي به ٿو زڪام ٿئي.
    ڏيهان ڏور ملڪان پري.
    ڏينهن شينهن آهي.
    ڊڄجي انهيکان جو درياھ پرئين پر بيهي گاريون ڏئي.
    ڍنڍ شورود ڊام ڊڳڙي.
    ذات تي ڏات ناهي.
    راجا جي گهر ۾ ڪو موتين جو ڪال آهي؟
    راجا کي وڻي سا رڻي.
    رتيءَ جي رهاڻ جيءُ اڙيم جت سان (شاھ)
    رٺي جو ڀاڱو مٺو.
    رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورھ ٿيا.
    رڍون سڀ ٻوٿ ڪاريون.
    رُسي گهوٽ سان، ڳالهائي نه ڳوٺ سان.
    رمضان جي چنڊ وانگي ٿا هنجو رستو ڏسن.
    رن پٽ ريڍار ڪان هڻي بنڊ ۾.
    رن پٽ کي لڳي ڀاڳ ته جوئاري ڀت کي ڏئي داغ.
    رَنُن مڪر جنون، تِتر تار ڪنَ- رڌيون پڪُيون ڪونجڙيون اڏايون ڏين.
    رِهي درياھ جي ڀرتي وير وجهي واڳن سان.
    رهي راهُوجن ۾ بَهي باهوجن ۾ ڪُتي ڪونريجن جي.
    زاريءَ ڌارا زور هلي ڪو نه حبيب سان (يا ڪين هلندئي ڪانڌ سان) (شاھ).
    زال جو عقل کڙيءَ ۾.
    زال زال جو کاڄ آهي.
    زربسيار ته عشق ٺھ پھ.
    زور مس ڪاوئي مهمان.
    ساڌن سان سنبکه پنجن سان پُورو.
    ساڌُو ٻه آڱر واڌُو.
    سانن وڙهندي ٻوڙن جوکو.
    ساھ مُٺ ۾ اٿس.
    ساهڙ مون سينگار ماڻهن ليکي ميهڻو (شاھ).
    سائڻ جو پيٽ سڙيو ڪنهين نه ڏٺو، ٻانهيءَ جو مٿو ٿو هر ڪنهن ڏٺو.
    سائي کي سهي ڪو نه بکئي کي ڏئي ڪو نه.
    سڀاڳا پُٽَ پينگهن ۾ پَڌرا.
    سڀڪو ڪَم پرين، چَمَ پرين ڪونڪو.
    سڀڪا ٻڪري پنهنجي پائي ٽنگجي.
    سڀڪا وڇ ڪلي آهر ڪڏي.
    سپ نڪري ويو، سڀ جو ليڪو پيو ڪٽجي.
    سڀ نه ماري سپ جو سيراب ماري.
    ست رڇيءَ جو به هڪ رڇيءَ ۾ ڪم ٿو پوي.
    سُتي ٻلي ڪوئا ڪين ماريندي.
    سج لٿي کان پوءِ اوڀر ڪانهي، ڦُڙئي کان پوءِ ڊپ ڪونهي.
    سڄڻ سڄي ٻانهن ڏئي ته سڃي نه ڳهجي.
    سڄن پيٽان وڍيان وڍين پيٽان سڄا.
    سچ ته بيٺو نچ.
    سچ جني جي سينڱ، تير نه گسي تنجو.
    سچ سير، ڪاري ٻڪريءَ جو اڇوکير.
    سخئي کان شوم ڀلو جو تُرت ڏئي جواب.
    سِرُ ڏجي پر سُرُ نه ڏجي.
    سِرَ کاري هَٿِ ٻُهاري.
    سر منڊل جي ساز مان سانڊو ڇا سمجهي.
    سرمو سڀڪو ئي وجهي پر اک اک جو ڦير آهي.
    سُڪتڙ کان ٻڏ تڙ چڱي.
    سُڪن گڏ آلا به ٻري ويندا آهن.
    سَکڻي ڪُني گهڻو اُڀامي.
    سڳا سيئي سيڻ، پکا جني اوڏڙا.
    سڱ ۾ ساڙو رت ۾ باھ.
    سلو اُهو جو انگورئين ڀلو
    سمر جن نه ساڻ هوت حماني تنجو (شاھ).
    سنگ تاري ڪُسنگ ٻوڙي.
    سودا گر سيئي جنجو سودو الله سان.
    سؤر پوي ساٽيءَ کي ڏنڀجي گڏھ.
    سُري جني سيج مرڻ تن مشاهدو (شاھ).
    سوکيءَ ڀائي سڀڪو اوکيءَ تون هين تون (شاھ).
    سَوَڙ آهر پير ڊگهيڙ پر پٺيانس آڱارو.
    سون کي ڪهڙي ڪس.
    سونارو ماءُ جي نٿ مان به نه ٽري.
    سونارو جو سؤ ڌڪن لهر جو هڪڙو.
    سؤ تير ٻارنهن ذات.
    سهيسن ڪري سينگار ته به کودڙِيءَ ڀت کودڙو.
    سهڻا ٽوھ پٽن ۾ پيا آهن.
    سَهي ٽنگون ٽي چوٿين ٺهئي نه.
    سياري جي سوَڙ سڀڪو پاڻ ڏي سيري.
    سي ڪيئن پرين پسن ڪٽر جن اکين ۾ (شاھ).
    شاهدي ڏجي حق جي پاران، لٺ هڻجي ڀاءُ جي پاران.
    شراع ظاهر تي آهن.
    شراع هٿ وڍائي ته وڍيا وڃن.
    شڪل شيطان منهن ڀولڙو.
    شوروو حلال ٻوٽيون مراد.
    شيخ جلال ڪتو ٻلو حلال.
    شيطان جي ناني.
    شيطان واري ڳُڙجي آڱر.
    شينهن ۽ ٻڪري اڄ گڏ ٿيون چرن.
    صدقو رد بلا.
    صفا راند سونٽي جي.
    طالب جي تڪرار ڏاڙهي ڏاند چري ويا.
    طمع شند وتَسُ ڀريو ڀرجي ڪينڪي.
    عدل ڇٽان آءُ نه ڪو ڪو ڦيرو فضل جو (شاھ).
    عشق ۽ کٿوري لڪڻ جا ناهن.
    عشق نه ڏسي ذات نه ڏسي ڪُذات.
    عقل ٺهيس ڪو نه، ڪياڙي کڻي رکائي اٿس.
    عقل ري عذاب گهڻا پسندينءَ جندڙي.
    عُمر جي آشنائي سؤورھ جي ساڃاھ.
    عُمَرُ نئي نئي ماروئي نيندو ڪي ٿر به ٿيلهيندو.
    غربت جي زال سڀ جي ڀاڄائي.
    قاصائيءَ کي ماھ جي ٻڪريءَ کي ساھ جي.
    قاصداڻي ڪار ڪين رسائي ڪيچ کي (شاھ).
    قاضي ڄاڻي قيام ڄاڻي.
    قاضي رشوت تي راضي.
    قبر ۾ ٺَهئي ڪين ختمن آڻي ڊوڙ رکي آهي.
    قُبن ڪينهن پير مرشد مساڻن ۾ (شاھ).
    قرض جهڙو ٻيو مرض ڪونهي.
    قسمت قيد ڪياس نه ته ڪير اچي هن ڪوٽ (شاھ).
    قضا پڇي نٿي اچي.
    قلندرن جي پٺيان ڪيئي ڪتا پون ڀونڪن.
    قهر درويش برجان، درويش.
    ڪاتي ڪري گدري تي ته به گدري جوکو ۽ گدرو ڪري ڪاتيءَ تي ته به گدرو جوکو.
    ڪاتيءَ ڪونهي ڏوھ ڳن وڍيندڙ هٿ ۾ (شاھ).
    ڪارو ٻڌ جي ڪمري جي ڀر ۾ رنگ نه مٽائي عادت مٽائي ئي مٽائي.
    ڪارو مهن ڪتي جو رب اوتِري جي اوتري.
    ڪارو منهن نيرا پير.
    ڪا مُنهين ۾ گهٽ نه ته سڄڻ سٻاجها گهڻو (شاھ).
    ڪانگ کي لُڙ ۾ ڀاڱو.
    ڪانگ مري ويا آهن جو لولو حج پڙهڻ هلندو؟
    ڪانگ نه ڪُوڙا هُون پريان سندي پار جا (شاھ).
    ڪانياري ٻلي ڪوئي سندي جوءِ.
    ڪاني وسوڙي ته ايو ويو اکر اکي.
    ڪاڻيءَ جي شاديءَ ۾ نکٽ گهڻا.
    ڪاهيندڙن جي پٺ ۾ ڀڄندڙن جي اڳ ۾.
    ڪتا تو به منهن تنهنجي ڌڻيءَ جو منهن.
    ڪتو به کاڌو ڪُکِ به نه ڀري.
    ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان؟
    ڪتو ڪُڙم جو ويري.
    ڪتي جا ڏند گڏھ جو ماس.
    ڪتي جو پڇ نڙ ۾ به سئون نه ٿئي.
    ڪُتيءَ ڪَنَ وڍيا.
    ڪٿ ڍور سڃا ڪٿ چور سڃا.
    ڪُڇان ته پٽجن مُڇان.
    ڪَڇُن کنئي ڦڦڙ پيا ڏسجن.
    ڪڃريءَ جو يار سدا خوار.
    ڪڍ ڪُڪڙِ دائري مان وڻ ٿي وڃائي.
    ڪرند پسند، ڏيِند لَهند.
    ڪري سوپائي (ياڀري).
    ڪسيري جن ڪتي کائي ٽڪي جا نان.
    ڪک پئي نه سهيس ڀت پئي سهيس.
    ڪک جو چور سو لک جو چور.
    ڪک هيٺ لک پيو آهي.
    ڪلام ڪنڌ ڀر هڻندو.
    ڪم ٿورو ڦر ڦر گهڻي.
    ڪم پئي ڪل پوي.
    ڪم خرچ بالا نشين.
    ڪم ڪم کي سيکاري.
    ڪم لٿو ڊکڻ وسريو.
    ڪن جي ڳالھ مير بجر مارايو هو.
    ڪِن جو کلڻ کپت جهڙو ڪن جو روئڻ راحت جهڙو.
    ڪنڀر جو دلو ڀڳو منهنجي مٽي جيڪي.
    ڪنڊو لڳس پير ۾ کوٽي ٿو گوڏو، چي اڳ ٿو وٺانس.
    ڪَنڍو ڪاپار ۾ لڳو پيو اٿس.
    ڪنگر ۾ ڪڪڙا پڙي مبارڪ
    ڪني آڱر ڪپي (وڍي) چڱي
    ڪنهنکي ڏيان دانهن قضا قلم واهيو (شاھ).
    ڪڻي گهٽ ڪاسو ڪوڏر ۽ ڪاني آهي سِرِ سڀڪنهن (شاھ).
    ڪوري کڏ کڻي ته پهرين پاڻ اُن ۾ پوي.
    ڪوڙ ايمان جي ڪتر آهي
    ڪُور جو مَسئلو ڪوڙ.
    ڪوڙي جي ڊوڙ کڏ تائين.
    ڪوڙي جي منهن ۾ ڌوڙ.
    ڪوڙي کي کُڻين کٽائجي
    ڪُوڙي ڪتابون وچُونِ ڪجھ نه ٿيسين.
    ڪُهَرَ ڪيئن جي اَن سنوان؛ موچڙن سان جي جهوليئي تنهنجي.
    ڪهڙي پڇين ذات جي آياسي اگهيا (شاھ).
    ڪهڻي سڀڪو ڪهي پر کرو ڪو رهڻي رهي.
    ڪي اوڏائي ڏور به اوڏا سپرين (شاھ).
    ڪي ڏُهائي کي ڏوھ، ڪي ساڙهي ۾ سانگڙي.
    ڪيڏي ٿيو ڪوهيار، ڪيڏي ٿي هٿ کڻي (شاھ).
    ڪيئن؟ چي جيئن هالا ۽ ڀينءَ کاڌي خرار کٽيو پون.
    کاڌي کان ڏٺو ڀلو.
    کاڌي لوھ کٽيو پون.
    کاڻي مانيءَ تان کل به نٿو لاهي.
    کاڻيون کچڻيون اونڌا طباق
    کائڻ مهل مڙس ڪم محل ڇوڪر
    کائڻ مهل کرو ڪم مهل ٻرو
    کُٽو واڻيو رهيون سنڀالي
    کٽيو تُنهنجو گهوريو وڃائج مَ مُور.
    کَٽيو کائي فقير لٺيون جهلي ڀولڙو.
    کپي وٽ ٻري تيل شابس ڏيا شابس
    کچڻي ناهي جا کائي وٺبي.
    کڏ گهر ۾ هجي ته ٻُهَرُ ٻاهر نه اڇلائجي.
    کَلو کوھ ۾ ڇو وڌو اٿئي
    کِلي ماريو کڳو جنهنکي ليکو دل سان لڳو
    کُهنبي جو چٽڪو چار ڏينهن.
    کنئي وٿ جو ملھ ڪونهي.
    کوھ جي مٽي کوھ تائين.
    کوهن جا وات بند ي وڃن پر ماڻهن جا وات بند ٿيڻ جا آهن.
    کيتي سِر سيتي
    گدري جي چور کي ٻه مڪون
    گدڙا ڊاک نه پڄي اَکي ٿو کٽا
    گدڙ جي دانهن تي سڏ نه ڏئي ته ڪوڙهيو ٿي مري.
    گڏون فرستاد ڏوئي رسيد
    گڏهن کي ٿا گج پائجن.
    گذري سا گذري
    گذريء کي وري ياد نه ڪجي
    گُگر گگر پنڊا اڙيا
    گنديَ ماٺيء چريو.
    گنجي کي نڪا جُون نڪا ليِکه
    گند گند سان نه ڌوپندو آهي، گند پاڻيء سان ڌوپندو آهي
    ڳالھ مان ڳالهڙو ٿي پيو.
    ڳالهين سنديون ڳالهيون ٽڪي سندا موٺ.
    ڳُڙ ڄاڻي ڳڙ جي ڳوٿري ڄاڻي.
    ڳنڍ جو ڳُڙهو مَتِ جو مُوزهو.
    ڳوھ کي کٽي کڻي ته شڪارين جا گهر تڪي
    گهر جو پِير چُلھ جو مارنگ.
    گهر ڪي مُرغي دال برابر.
    گهر ۾ ٻه ٺڪر به پيا ٺهڪن
    گهر ۾ کلا بجا، ٻاهر شير بهادر ملي
    گهر ۾ ماءُ ڌيء اڍائي ڄڻيون
    گُهر جئي پاڳ ته سويل جاڳ
    گهڙيُ تولو گهڙيء ماسو
    گهڙيء جا گهڙيال نوان
    گهڻن کنئي ڇپو کڄيو پوي
    گهڻين زالين گهر نه هلي آهرين هر نه هلي
    گهوٽ ڪنئارا راضي ته ڪوھ ڪندو قاضي
    گهوڙن ۽ گهوٽن جيڻ ٿورا ڏينهڙا
    لاڙ جو ڍڳو سِري جو ماڻهو
    لالچ بُري بلا هئي
    لالن لوءِ، ڪي اڳي ڪي پوءِ.
    لٺ به ڏيکارجي چٺ به ڏيکارجي
    لڄيون جي لاهين سيئي ٿئڙم سامان (شاھ).
    لُچائي ته بادشاهي.
    لڏ به ڏي لڏيندڙ به ڏي.
    لڏيندين سين لڏ ته رهين تون راڄ ڪري (شاھ).
    لڪيو جو فقير.
    لکيا لوهاران کي ٽنگن ۾ ٽانڊا
    لکيو پري ڪڏهن نه ٽري.
    لکيو جو نراڙ قلم ڪياڙيء نه وهي (شاھ).
    لکين ليلائون چنيسر جي راڄ (شاھ).
    لڳو ته تير نه ته تُڪو.
    لهي لُوڻڪ ڪين مري ٿو مريڙي کي.
    مارجي ته مير نه ته چاڪر ڇا چِڪائجي.
    مارڻ واري کان رکڻ وارو ويجهو آهي.
    ماڪ تي موريو وتي
    ماڪوڙين مارڻ ڪم نه ڪيهر شينهن جو
    مال پراوا بِدھ شاهي
    مانيءَ کي مزور گهڻا مزور کي ماني گهڻي.
    ماڻهنجا وات ڪي بند ٿيڻ جا آهن؟
    ماڻهو نه مڙئي ماڻهو پکي نه مڙئي هنج.
    ماءُ ڄڻيندي پُٽڙا ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ.
    ماھ جي مانيء وانگي ڦُوڪيو وتي.
    ماءُ مُولي پيءُ بصر پٽ ٻنهي کان ڪَرَ.
    مٿان چَکي مَکي اندر بڙُ بڙُد کي.
    مٺائي سان ميٺ، حلوائيء سان وير.
    مِٺي به ماٺِ مُٺي به ماٺ.
    مُڇ جو وار ۽ ماڻهوءَ جو ٻار، جيئن موڙ جي تئن مڙي.
    مُدعي سُست گواھ چُست.
    مَرسان مرسان پر ڊڀ نه چرسان.
    مرض اچي گهوڙي وانگي وڃي جؤن وانگي.
    مِروان موت ملوڪان شڪار.
    مري نه ميهار ته وٿاڻ ولهو نه ٿئي.
    مڙس ته ڏاڙهي نه ته ٻيا رڳا ڏاڙھ.
    مُڙس پوڙهو زال جوان- ننهن کي ڄاڻي ڪُکِ ڪان.
    مغلن آئي فارسي وسري ويندي آهي.
    مفتي منجھ وهار ته قاضيء ڪانيارو نه ٿين (شاھ).
    مکڻ پئي ڪنهنجو مٿو سڙندو؟
    مُکي گَهَر جو ڏُکي.
    مڱيو ته اڙيو، پرڻيو ته پيو ڪاٺ- ماڻهو ڪري ماٺ ته مڙس به ويو پيسا به ويا.
    مُلاَ ۽ ڀت، گهوڙا ۽ پَٽُ- هي چڙهيا ته رسا هُونَيا ته چٽ.
    ملتاني گهيتلو سڀڪنهن جي پير ۾ پورو.
    مِلڪ ۾ ڏيڊ کجور، ميان ليٽي باغ ۾
    مُلو چور ٻانگو گواھ.
    مُلو مئو محابو ويو.
    ملي جي جنگ مسيت سان.
    مُنهن جي ڪُونئري ڳِٽا پٽائي.
    منهنجي وس واڪا ٻُڌڻ ڪم ٻروچ جو (شاھ).
    منهن ۾ مسلمان اندر آزر آهيئن (شاھ).
    منهن ۾ موسيٰ جهڙو اندر ۾ ابليس (شاھ).
    مِني ڪوڀ ڪِني
    موت پڇي نٿو اچي
    موٽيا مير ڀڳا پير
    موٽيا مير مانيُن تي
    مُور کان لاڀ مِٺو.
    مولاٰ مينهن وساءِ ڪانئر ڇُٽن ڪم کان.
    مُئا پَرُ پِٽجن هيل.
    مئي کان پوءِ سي اڀري نه اڀري
    ميان مري ته به حلوو کائون بي بي مري ته به حلوو کائون.
    ميرل شاھ جي مڏي هڪرو ڏندڻ ٻي تڏي
    مڀڙو متوئي ڇڏجي.
    ميديء رتا هٿڙا ڪُنگوُءَ رتا پير
    مِيم ۾ ٿو مارُئي ڳائي.
    ميمڻ هلي مڪي ته به سير سامهي تڪي
    ميهار سچو ٿئي ته کَڙھ تي کير پياري
    مينهن مان ميهار نڪتو ته پوءِ وڇن جي ڪهڙي پارت آهي؟
    نا اميد نيج ته اوڏو ٿين اميد کي (شاھ).
    نالو نارائڻ جو کُوهي کنگهار جي.
    نالو جيو ۽ هٿ وجهي نانگ جي ٻِرن ۾
    نالي ڪيس نهال اديو ان آريچن جي.
    ناناڻي لڏي ويا ڪاري ڪتي ڇڏي ويا.
    نانگيل ڦوسيل ڊني پٽي اوهان تي.
    نانو چڙهيو واپاري کٽي کائي نانو چڙهيو چور ڦاسي اچي.
    ناني رڌڻ واري ڏهٽا کائڻ وارا.
    نچڻ لڳي ته پوءِ گنگهٽ ڪهڙو؟
    ناني نؤري جتي ڪٿي پوري.
    ناڻو شينهن جي ڪَن ۾ آهي.
    نه تيڏا سُٽ نه ميري ڪپاھ.
    نائي نيڻ نهار ته تو ۾ ديرو دوست جو (شاھ).
    نڀاڳن جا نار واڍن چاڙهيا واٽ تي.
    نه پرائي سُٽَ کي هٿ لائجي نه پنهنجو پَٽُ پُڻائجي
    نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا هسوار.
    نصوحي واري توبھ.
    نڪا هوند نڪو شڪر
    نه موسيٰ نه عيسيٰ بڙا پير پئيسا.
    ننڍي واتَون وڏو ريڻ نه ڪڍجي.
    ننگ جو پاڙون دوزخ ۾.
    ننهن سان ڇڄي ته ڪاتي نه وهائجي.
    نوڙيء مان بنائي سپ ڪيو اٿس.
    نَوَن ميهارن ميهون ڌاريون کٿا لاهي دونهان ڪيائون.
    نَوَ نوُ داڻي ڏھ حُقَا ته هُر لا پڪا، جي ڏھ نُوداڻي.
    نَوَ حقا ته هر لا نه پڪا.
    نَيء به تکي ڳُڙ به مٺو.
    نئي ڪنئار نَوَ ڏينهن، ڇنڊي ڦُوڪي ڏھ ڏينهن.
    نياڻي ست قرآن
    نيتَ صاف مراد حاصل.
    نيرو ٽيء جي ڪُن کري آهي يا گهوڙي ڏينهن جو ريائي آهي.
    نيڪي برباد گناھ لازم.
    نيم طبيب خطره جان نيم مُلاَ خطرھ ايمان.
    نينگرِ به ننڍي جُمعا به گهڻا.
    وات جي پلاھ کي گهر جو ڪهرو صرفو؟
    واٽون ويھ ٿيون ڪوھ ڄاڻان ڪهڙي ويا (شاھ).
    واڳ ڌڻيءَ جي وس آءُ ڪا پاڻ وهيڻي (شاھ).
    واڙيء ٻارنهن هٽ اٺارنهن، گهر ويٺي چوويھ.
    واڻيو وڙهي ته ڌوتي ٻڌڻ تي زور.
    واھ ڙي دال تنهنجي ڪهڙي ڪجي ڳالھ.
    وٽو هڪڙو کڻي نڪر گهڻن کي اچي.
    وڏي يا ٻاگهي ڪي وڏيء ڌيڻس.
    وڇ ڪُڏي ڪلي آهر.
    وِڪاڻل گهوڙين جون ڪهڙيون بهائون.
    ولايت جي ڪٻر هتي جي مينا.
    وهامي ويند پاءُ گهڻا هڻيندين هٿڙا (شاھ).
    وَهي نه وهي وٺ رينگٽ کي.
    وئي سڱن لاءِ پڇ به وڍائي آهي.
    ويٺي ڊڀ ڄمي ويندا.
    هارئي کان پيتو ڀلو.
    هٿان تو پيئي ٿي ڪچا ڪيچين کي ڏيئن (شاھ).
    هٿ جي پُٺِ ناڻي جي مُٺ.
    هٿ جي ڪنگڻ کي ڪهڙو آرسي؟
    هٿ جي وڍيء جو نڪو ويو نڪو طبيب.
    هٿ لڳي ته هٿ ڪارو پير لڳي ته پير ڪارو.
    هٿن سان هاج ڪرنيڻن سان نهار (شاھ).
    بجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو.
    هڏي ته هوڏ.
    هر حالا منهن ڪالا.
    هرڪو پنهنجي هٽيءَ جو هوڪو ڏئي.
    هرڻ جتي کائي اتي اوجھ ڏئي.
    هرهارو منهن ڪارو.
    هر هاري جي هير ٽنگ ڀڳي نه وڃي.
    هڙ سکڻي لوڏ گهڻي.
    هڙ ۾ هريڙون گوڏ ۾ ٺڪريون.
    هُش ۾ خوش.
    هڪ اڳئيءَ نچڻي ٻي ويتر پيس گهنڊڻي.
    هڪ اڳئي رُني وري آيس بيڪان ماڻهو.
    هڪڙو سيد ٻيو سپاهي تنهنکان رکج يا الاهي.
    هڪڙو پنڻ ٻيو ملهائڻ.
    هڪڙو ٻانهي ٻيو ٻرو.
    هڪڙي ٻانهي مَنَ ۾ ٻي جا ڪندو الله (شاھ).
    هڪڙي ٻيلي ۾ ٻه شينهن نه ماپندا.
    هڪڙي ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن کان ڪڍيو ڇڏي.
    هڪڙي مياڻ ۾ ٻه تراريون ڪين ماپنديون.
    هِڪ سج ٻه پاڇا.
    همت مردان مدد خدا.
    هنجو ته مڪو متو آهي.
    هجنا ٽپڙ ٿيشن تي رکيا آهن.
    هنجي پڳ ۾ اُٺ آهي.
    هندوءِ گانئن مسلمان سوئر.
    هوت تنهنجي هن ۾ پڇين ڪوھ پرياڻ (شاھ).
    هُهئين هوند مئي پر ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا (شاھ).
    يا ته درياھ ٽپيو وڃي يا ته اڏ تي بيهو رهي.
    يار به تيلي سينڌ به ميلي.
    يارن سان ڪهڙا ليکا آهن؟
    يا ڪن بود (اياڪ نعڊ) منجهان ڪنهين برابر ڪينڪي.


    ضميمه

    آئي ته روچي (روزي) ڳئي ته بلا.
    اُٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت لاهيء کي به لعنت.
    الله ڏئي بندو سَهي.
    انڌن ۾ ڪاڻو راجا.
    ((( ((
    انهي تريء تيل ئي ڪونهي.
    اُڻٽيھ راتيون چور جون ته ٽيهين رات ساڌ جي.
    بڻي ته بڻي نه ته دال روٽي گهڻي.
    بيٺو ته لک جو ڪريو ته ڪک جو.
    ٻُڌو ماڻهو به ٽئي ڏينهڻ نڪري.
    ٻن زالنجو وَرُ تنهنجو قبر ۾ گهر.
    تريء تي بهشت ٿو طبين.
    توبَھ ڪَيم ترار ٻڌڻ کان جيسين رب جياري.
    توڙي وڃي رُوم ته به ڍوڍي مٿي ٿُوم.
    ٿُڪ پَٽَ ته اُڇلائي ڪير چٿيندو؟
    ٽُٻڻي ٽاڻي هلي اَباڻي.
    ٽڪو ڏيو ٿو ٽانڊو کڻائي.
    پنهنجو رکي ٻئي جو چکي.
    پنهنجي ۾ هَٿُ پرائي ۾ اکيون.
    خويشي به خُشي سَودا بَه رضا.
    سِنڌ سئين وَڻ ڏنگا ماڻهو منجهس خلم- جيڪو کڻي موچڙو تنهنکي ڪن سلام.
    سَؤنٽي هُجي ساڻ ته گڏھُ گوهي نه ڪري.


    باب ٻيو- مغربي پهاڪا

    فصل پهريون- انگريزي پهاڪا

    جيسين لوھ گرم آهي تيسين پيو ڪٽينس.
    گهڻو ڳالهائيندڙ اڪثر ٿورو ڪم ڪندڙ ٿا ٿين.
    تمام وڏو وڻ ڪِرڻ مهل وڏو ڌڪ ٿو کائي.
    سست ماڻهوءَ پنڻي فقير جو ڀاءُ آهي.
    ماڻهوءَ کي جيئن عقل گهٽ هوندو تيئن گهٽ ڄاڻندو عقل گهٽ اٿس.
    چنڊ کي ڪتن جي ڀونڪڻ جي ڪهڙي پرواھ؟
    ٻه ڪارا هڪ اڇو نه جوڙيندا.
    نه وڃاءِ گهرج نه پوئي.
    جيڪي اسان کي وڻي ٿو تنهن تي جلد ويساھ آڻيون ٿا.
    چارا اکيون ٻن کان وڌيڪ آهن.
    دوست سڀکان ويجها مائٽ آهن.
    ڪتي کي بدنامي ڏئي وڃي سوريء چاڙهيوس.
    جيئن پري ويندي تيئن زيادھ خراب حال ٿيندئي.
    چڱي طرح شروع ڪرڻ چڱو آهي پر چڱي طرح پورو ڪرڻ انهي کان بهتر آهي.
    چڱن ٻولن جو ملھ اصل ڪونهي، مگر اُهي گهڻي ڪم جا آهن.
    هن مٿي تي پوري ڪلي ٺوڪي آهي.
    هجني ڪمان کي ٻه زهر آهن.
    سهڻو اهو آهي جو سهڻا ڪم ٿو ڪري.
    هو واريءَ جا رسا ٿو ٺاهي.
    هو هاڻ پنهنجن پونين ٽنگن تي آهي.
    هو پنهنجي شمع ٻنهي ڇيڙن کان ٿو ٻاري.
    ماڻهو پنهنجي مطلب جي ڪمن ۾ انڌو آهي.
    جيئن وڌيڪ اَن تيئن وڌيڪ ڳڻتي.
    گهڻي کي زياده جي طمع ٿي، تنهنڪري سڀئي وڃائي ويٺو.
    محنت کان سواءِ فائدو ڪونهي.
    ٻڍا ڪتا اجايو ڪين ڀؤنڪندا آهن.
    هڪڙو چڱو ڪم ٻئي جو لائق آهي.
    هڪڙو ڪوڙ گهڻا ڪيو وجهي.
    هڪڙو اڄ ٻن سڀاڻن جي برابر آهي.
    جو قرض کان پري، سو خوف کان پري.
    جيڪي شيشائين گهر ۾ ٿا رهن تنکي پهڻ اڇلائڻ گهرجن.
    وري وري ڪرڻ ڪري ماڻهو ڪامل ٿو ٿئي.
    مرض کي روڪڻ علاج کان بهتر آهي.
    مغروري نيٺ ڌڪو کائي.
    چڱائي مان ڪنهن کان برائي نه پهچندي.
    پنهنجي تعريف سفارش ناهي.
    تانگهو پاڻي گهڻو ڪڙ ڪوٿو ڪري.
    لسو پاڻي اُونهو ٿو رهي.
    گلا غيبت پاڻ تي پهڻ ٿي اُڇلائي.
    جلد پچندڙ ميوو جلد ڪِنو ٿو ٿئي.
    سست ماڻهوءَ کي تمام ٿوري فرصت ٿي رهي.
    جو ٽوپي برابر اچي ته ڀلي ڍڪجي.
    نصيحت چڱي هجي ته پوءِ ڪنهن به ڏني، پنهنجي حرڪت ڪانهي.
    جي آسمبان ڪري پيو ته اسين چندول وٺنداسين.
    جي خواهشون گهوڙا هجن ته جيڪر پنڻا فقير سواريون ڪن ٿا.
    ناداني بحيائي جي ماءُ آهي.
    خراب ڪمن ڪرڻ وارا خراب خيالن ڪرڻ وارا آهن.
    جيڪا مؤڙي خراب رستي هٿ ٿي اچي سا خراب رستي خرچ ٿئي ٿي.
    خراب گاھ جَلد ٿو اُڀري.
    ايذائن جي وير وٺڻ ۾ انهنجي سهڻ کان وڌيڪ خرچ ٿو لڳي.
    اڏڻ کان ڊاهڻ سَوِلو آهي.
    سڌاري ڪرڻ ۾ ڪير ڪڏهن به ڪين ٿي ٿئي.
    چوڻ سولو آهي پر ڪرڻ مشڪل آهي.
    علم طاقت آهي.
    گذريء کي ياد نه ڪجي.
    آرام سان اچجي آرام سان وڃجي.
    ڪوڙ ڳالهائڻ قرض جي مٿان سواري ڪري ٿو.
    بندي جي من ۾ هڪڙي الله جي من ۾ ٻي.
    پيالي ۽ چپن جي وچ ۾ گهڻائي اتفاق آهن.
    سڀڪو گڏھ پنهنجي هينگ ٻڌڻ گهري ٿو.
    سڀڪو پکي پنهنجن کنڀن جي ڪري ٿو سڃاپي.
    سڀڪو ڪتو پنهنجي در تي بهادر آهي.
    سڀڪنهن روشنائي کي پاڇولو آهي.
    سڀڪا روشنائي سي ناهي.
    سڀ ماڻهوءَ ۾ عيب آهن.
    رت پاڻيء کان گهاٽو آهي.
    ڪي ڪجھ نه ڪرن ڪري اسين بُرائي ڪرڻ ٿا سکون.
    ڪوئو ڪو ٻليءَ تي عاشق ٿي سهگندو؟
    رڇ کي پهرين پڪڙي هٿ ڪر پوءِ اُنجي کل وڪڻ جي ڪر.
    ڦڙي ڦُڙي ڪِرڻ ڪري پهڻ گسي وڃي ٿو.
    رسم بيعقلن جي سونهن آهي.
    ڪم ميوا آهن ۽ ڳالهيون پن آهن.
    جيڪي اڄ ڪري سگهجي سو سڀاڻي تي نه رکجي.
    هيرا هيرن کي ٿا وڍين.
    اُئين ڪر جيئن ٻيا توسان ڪن.
    خراب ڪاريگر پنهنجن اوزارن سان ٿو جهيڙو ڪري.
    گنجو مٿو جلد ڪوُڙ جي وڃي ٿو.
    انڌو آرسيء جي لاءِ تنهنجو شڪر گذار نه ٿيندو.
    ٻلي بادشاھ تي نهاري سگهي ٿي.
    لالچي ماڻهو چڱو ڪنهنجي لاءِ ناهي، پر منهنجي سڀکان خراب آهي.
    سِرپيل گهنڊ ڪڏهن به چڱو نه وڄندو.
    جنهن خوف جي اڳ خبر ٿي پوي سو اڌ ٽريل سمجهڻ گهرجي.
    لفظن جو طوفان ۽ معنيٰ جو فقط هڪڙو ڦڙو.
    گناھ کان هڪڙو ڀيرو نهڪر ڪرڻ ڄڻ به ڀيرا گناھ ڪرڻ آهي.
    بيعقل ۽ سندس جو گهند وجهڻ بيعقل جي کلڻ کان چڱو آهي.
    چڱو مثال نهايت عمدو وعط آهي.
    ناموس کٽڻ کان جلد وڃائجي ٿي.
    ڪوئي کي هاٿيء جيڏي پاڇي وجهڻ جو خيال نه ڪرڻ گهرجي.
    خراب ڪم ڪيل ٻه ڀيرا ڪرڻ گهرجي.
    طوفان کان پوءِ هوا ماٺي ٿي ٿئي.
    جيڪي مٺو ٿا ڳالهائين سي سڀ دوست ناهن.
    جيڪي چمڪي ٿو سو سون ناهي.
    جيڪي ڪم خوشيء سان ٿا ڪجن سي سڀ سولا آهن.
    جنهن ڪم جي پڇاڙي چڱي سو ڪم چڱو.


    فصل ٻيو - فرينچ پهاڪا

    هڪڙي ٽُنگ کي بند ڪرڻ سان ٻيو ٽنگ ڪرڻ.
    جيڪي ڪرڻو هجئي سو ڀلي ڪر، جيڪي ٿيڻو هجي سو ڀلي ٿئي.
    بيعقل زال پنهنجي ڏک واري پوشاڪ مان سُڃاپي.
    زور حق ڪين سڃاڻندو آهي.
    سُئي ڳولڻ لاءِ شمع ٻاري کپائي ڇڏڻ.
    گهڻي ڳالهائڻ وارو وڏو ڪوڙو هوندو آهي.
    گهڻي ٻٽاڪ هڻڻ وارو ٿورو ڪم ڪندڙ هوندو آهي.
    مٿو وڏو، عقل ٿورو.
    هن پنهنجا سڀ آنا ڪري ٽوڪريءَ ۾ وڌا آهن.
    ٻڍي ڳئون ڀانئيندي آهي ته آءُ ڪڏهن به گابي ڪين هيس.
    پنهنجي گهوڙي جو لغام قابو رکڻ چڱو آهي.
    جيڪو مغز کائڻ گهرندو سو ضرور پهرين بادامي پڇندو.
    سمنڊ جي ساراھ ڪر، پر گذار سڪئيءَ تي.
    دروازو ضرور يا پوريل هوندو يا پٽيل هوندو.
    ڳالهائڻ کان اڳي ست ڀيرا زبان ڦيراءِ.
    مڇين کي ترڻ نه سيکار.
    پنڻو شاهوڪار ٿئي ته انهي جهڙو مغرور ٻيو ڪو به ڪو نه هوندو.
    ڳجھ کي قابو رکڻ جو رستو آهي اصل نه ڳالهائڻ.
    چڱو گهوڙو اُهو جو اصل ٿاٻو نه کائي.
    نڪمن جهڙو مشغول ٻيو ڪير هوندو؟
    ننڍڙو ٻُوڙو به پاڇولو وجهندو.
    بيعقل وڪري ڪندڙن کان بيعقل خريدار گهڻا آهن.
    سهڻو پڃرو پکيءَ کي کارائيندو ڪين.
    کاڌي جي هٻڇ ترار کان وڌيڪ ماڻهو ماريا آهن.
    باز مکين جو شڪار نه ڪندو آهي.
    ڪڪڙ جون اکيون سندس ٻچن ۾.
    سڀکان وڏي ٺڳي اها آهي ته ڪا به ٺڳي نه ڪجي.
    ڪَٽُ ڪم آڻڻ کان وڌيڪ زيان ٿي ڪري.
    جيسين ماڻهوءَ کي خبر پوي ٿي ته حياتي ڇا آهي. تيسين اڌ حياتي گذريو وڃي.
    گلا ٻڌندڙ گلا ڪندڙ ٿي پوي ٿو،.
    مصيبت گهوڙي تي چڙهي اچي ٿي ۽ پيادي وڃي ٿي.
    مرض کا زياده اڪثر ڊاڪٽر کان ڊڄڻو ٿو ٿئي.
    جيڪو پاڻي لنگهي وڃي ٿو تنهن سان جانڊھ اَنُ نٿي پيهي.
    ڪندو دنيا ۾ پهرين نوڪ ڪڍي اچي ٿو.
    پهريون ڌڪ ٻن ڌڪن جو مٽ آهي.
    غير حاضر ماڻهو هميشه غلطي ٿا ڪن.
    ٻارن کي جهڙو ڪبو تهڙا ٿيندا.
    گهڻي ڪم ڪرڻ وارا وڏا ڏاند نه ٿيندا آهن.
    خراب خبر کي کنڀ ٿيندا آهن.
    وڏا ٺڳ پهرين ڦاسندا آهن.
    بادشاهن جون ٻانهون ڊگهيون ٿيون ٿين.
    هَرُ ڍڳن جي اڳيان ٻڌڻ.
    ڪاري ڪڪڙ اڇو آنو لاهيندي آهي.
    هارائڻ سان ماڻهو عقل سکي ٿو.
    حجام بيعقل جي ڏاڙهئيء تي وار ڪوڙڻ سکندو آهي.
    ٻلي ٻاهر وڃي ٿي ته ڪوئا نچن ٿا.
    عام جاري پيچري تي گاھ ڪين ڄمندو آهي.
    چوڻ سولو پر ڪرڻ ڏکيو.
    اٿلين اکين جي لاءِ روشنائي خراب آهي.
    ٽهڪندڙ ٿانو تي مکيون ڪين وهنديون آهن.
    گارين لاءِ ٻوڙا ڪَنَ گهرجن.
    پيسن ملڻ کان پوءِ مزور جي ٻانهن ڀڄي پئي ٿي.
    جيڪو ڪو به ڪم نٿو ڪري سو گهڻو ٿو سمهي.
    جهڙي چڱي مار ڏيڻ تهڙي خراب مار ڏيڻ.
    خوبصورتي ۽ بيعقلي اڪثر سنگتياڻيون هونديون آهن.
    چڱو انجام بيعقل کي ٻڌل رکي ٿو.
    پڪو چور اُهو جو چور جي چوري ڪري.
    چڱو قاعده دان وڪيل خراب پاڙيسيري آهي.
    پوريل وات ۾ مکيون ڪين پونديون آهن.
    ڏنگو بنڊُ باھ ۾ چڱو ٻري.
    خراب ڦيٿو هميشه گهڻو جيڪو ڪري.
    سڀڪو ڪنڀر پنهنجن ٿانون جي ساراھ ڪندو آهي.
    گاھ جي بند ۾ سوئي ڳولڻ.
    ٿوري خوشيءَ مان گهڻو پڇتاءُ.
    آنو يا بيضو ڏيڻ ۽ اُٺ وٺڻ.
    جيڪو ڪي ڪين وڃائي ٿو سو سمهي ننڊ ڪري ٿو.
    هوا ۾ محلاتون جوڙڻ.


    فصل ٽيون- سپئنش پهاڪا

    سڀڪو بيوقوف پنهنجن ڏيک جي شين سان خوش آهي.
    ڏهاڙي شام جو پنهنجي ڀاءُ جي گهر ۾ نه وڃ.
    ننڍڙي پکيءَ جو ننڍڙو آکيرو هوندو آهي.
    وڏو ٽُپ وڏو لوڏو ٿو ڏئي.
    ڪوڏر جي پهرئين لپي سان پاڻي لهڻ جي اُميد ٿو رکي.
    خراب زبانن لاءِ قينچيون چڱيون.
    ٻين کي پڪڙڻ جي خيال ۾ ڪڏهن اسين پاڻ پڪڙجي پوندا آهيون.
    ستل گدڙ جي وات ۾ ڪا به شيء ڪا نه ٿي پوي.
    ضرور ڪندڙ ڪڏهن به عذر کان خالي ڪونهي.
    جنهن ڪوئي کي فقط هڪڙو ٻر آهي سو جلد ڦاسي پئي ٿو.
    جيڪڏهن مقدمن ڪرڻ جو شوقي هوندو آهي سو مفلس ٿئي ٿو.
    سڀڪنهن جو دوست ۽ ڪنهين جو به نه دوست، ٻئي برابر آهن.
    ڇنل دوستي ڳنڍجي سگهندي پر ڪڏهن به سڄي ٿي نه سگهندي.
    صوفي واري پيءُ جو پٽ اڪثر خرچائؤ ٿيندو آهي.
    پنندڙ پسند ڪندڙ ٿيڻ نه گهرجي.
    جيڪو ماني پچائي نٿو سگهي تنهنکي ڪتو رکڻ نه گهرجي.
    ٻن وڪيلن جي وچ ۾ هڪڙو ڄٽ اهڙو آهي جهڙو ٻن ٻيلن جي وچ ۾ هڪڙي مڇي.
    باندر پٽ جي پوشاڪ ۾ به باندر آهي.
    ڪڪڙ جون اکيون پنهنجن آنن ۾.
    جنهنکي چڱي محبت سو چڱو وعظ ٿو ڪري.
    گڏھ کي خبر آهي ته ڪنهن جي منهن ۾ هينگ ٿو ڏئي.
    ڏاهو ماڻهو ڄاڻي ٿو ته آءُ نٿو ڄاڻان پر بيعقل ڀانئي ٿو ته آءُ ڄاڻان ٿو.
    گهوڙي جي کڙڪندڙ نعل کي ڪلئي جي گهرج آهي.
    جنهنکي مٿو ڪونهي تنهنکي ٽوپي به ڪا نه گهرجي.
    جيڪي زبان ٿي چوي سو سڀ ڏاهو هٿ نٿو ڪري.
    ڪوريئڙي جي تاڃي ڪوئي کي ڇڏيو ڏئي پر مک کي ڦاسايو وجهي.
    سچ تيل وانگي هميسه مٿي تري بيهي ٿو.
    سودا مهانگا آهن.
    جيڪي بگهياڙي ڪري ٿي تنهن مان بگهڙ راضي ٿو رهي.
    جيڪي تون پاڻ پسند نٿو ڪرين سو منهنجي لاءِ به پسند نه ڪر.
    جيڪي ٽي ڄڻا ڄاڻن ٿا سو سڀڪوئي ڄاڻي ٿو.
    بڇڙي سنگت کان اڪيلائي ڀلي.
    اصل انڌي کان ڪاڻو چڱو.
    جيڪو سڀڪنهن کي خوش ڪرڻ گهرندو تنهنکي گهڻو ڪم ڪرڻو ٿيندو.
    ڪو به چور چورايل مال وٺندڙ کان سواءِ ڪو نه هوندو.
    جيڪو ٻڌڻ نٿو گهري تنهن جهڙو ٻوڙو ٻيو ڪو نه هوندو.
    ماکي گڏھ جي وات لاءِ ڪين جڙي هئي.
    جيڪو سڀڪنهن جو ڪم آهي سو ڪنهنجو به ڪم ناهي.
    مٺاڻ لڳل ٻوليون اڪثر ڪڙيون ٿيو پون.
    پٽايل وڻ اڪثر نڪي اُڀري ٿو نڪي وڌي ٿو.
    آهستي آهستي واري گهٽي مان ماڻهو ڪڏهن ڪين جي گهر ۾ پهچي ٿو.
    پوري پني نه خرچڻ جي ڪري اسين تمام گهڻو خرچيو ويهون.
    ڪَرڪڻ ۽ آنو نه لاهڻ.
    ٻئي جي هٿ سان نانگ ٻِر مان ڪڍڻ.
    ڪوئا ٻليءَ جي ٻچن سان راند ڪين ڪندا آهن.
    ڪانگ جي ٻچي کي پالبو ته نيٺ اکيون ڪڍندو.
    ڪڍڻ ۽ نه وجهڻ سان ماڻهو جلد تري تائين وڃي رسندو.
    چوڻ ۽ ڪرڻ جي وچ ۾ پري پنڌ آهي.
    خراب ڪپڙي مان چڱو ڪوٽ ڪين ٺهي سگهندو.
    جڏهن خرابي ٿي ٿئي تڏهن سڀڪو ڏاهو آهي.
    پيسو پيسي کي ٿو ڇڪي.
    نشو اندر گهڙي ٿو ته عقل ٻاهر نڪري ٿو.
    جڏهن هڪڙو درُ بند ٿئي ٿو تڏهن ٻيو پٽجي ٿو.
    گهوڙي جو تمام عمدو کاڌو سندس ڌڻيءَ جي اک آهي.
    سست نوڪر هڪ قدم بچائڻ لاءِ اٺَ قدم کڻي ٿو.
    پنهنجي ٺونٺ سان پنهنجي اک اُگھ.
    جيڪو پاڻ گپ ۾ آهي سو ڀانئي ته ٻئي کي به گپ ۾ وجهي.
    جيڪو قاعدو جوڙي تنهن کي گهرجي ته انهي تي عمل ڪري.
    جنهنکي ڪنهن ۾ به شڪ نه پوندو سو ڪي به ڪين ڄاڻندو.
    بکيو پيٽ ڪنهنجي ڳالھ به ڪين ٻڌندو آهي.
    نيلام ۾ پنهنجو وات بند رک.
    سڙيل ٻلي ٿڌي پاڻيءَ کان ڊڄندي آهي.
    ميائو ميائو ڪندڙ ٻلي گهڻا ڪؤئا ڪين ماريندي.


    فصل چوٿون- پورٽوگيز پهاڪا

    جيڪي پاڻي ٿو ڏئي سو پاڻي کنيو وڃي.
    تڪڙي سوال جو ڍرو جواب.
    خراب پاڙيسيري ڌاڳي کان سواءِ سُئي ٿو ڏئي.
    ٻلي چڱي آهي، رڳو رهنڊا ٿي هڻي.
    گڏھ سان راند ڪندين ته هو پڇ منهن ۾ هڻندئي.
    سڀڪو وار پنهنجو پاڇو وجهي ٿو.
    دونهي مان نڪري باھ ۾ پوڻ.
    کُليل پيتي ايماندار ماڻهوءَ کي به لالچائي ٿي.
    انهي وٽ ڪي ڪينهي جو جيڪي وٽس آهي تنهن تي راضي ناهي.
    زبان کي اُها ڳالھ نه ڪرڻ گهرجي جنهنجي لاءِ سِسي سزا ملي.
    توتي ڀؤنڪڻ جي لاءِ ڪتن جي ڪمي ڪانهي.
    جيڪا بيماري اصل ڇٽڻ جي ناهي سا بيعقلي آهي.
    گهڻي کل ٿورو عقل.


    فصل پنجون- اِٽالين پهاڪا

    ڪوڙ گهڻو ئي تکو هجي ته به سچ وڃيو پهچيس.
    اُها مصيبت سڀاڳي آهي جا اڪيلي اچي ٿي.
    چڱو سندان مطرقي کان نٿو ڊڄي.
    چڱو شروع ڪيل ڪم اڌ پورو ڪيل آهي.
    ڀؤڪندڙ ڪتو ڏاڙهي نٿو.
    جيڪو گڏھ آهي ۽ پاڻکي هرڻ ٿو سمجهي تنهنکي پنهنجي چوڪ تڏهن معلوم ٿي ٿئي جڏهن ڪنهن کڏ ٽپڻ تي اچي ٿو.
    جيڪو عيب ٿو ڪڍي سو خريد ڪرڻ ٿو گهري.
    جيڪو منکي اڳيان چٽي ٿو سو پٺيان ڪارو ڪري ٿو.
    جيڪو سمهندو سو مڇي ڪين ماريندو.
    جيڪو ٻين سهن جي پٺيان ٿو پوي سو وٺي هڪڙو به نٿو ۽ ٻئي کي به هٿان وڃائي ٿو.
    جيڪو ڏُهاري آهي سو سمجهي ٿو ته سڀ ماڻهو سندس گلا ٿا ڪن.
    جيڪو بيهندو سو ڪري سگهندو.
    جنهنجو مٿو ميڻ جو آهي تنهن کي اُس ۾ هلڻ گهرجي.
    جيڪو پتڻ لنگهي ٿو تنهن کي خبر آهي ته پاڻي ڪيڏو اُونهو آهي.
    جيڪو ڄائي ڄم کان بيعقل آهي سو هميشه اهڙو ئي رهندو، بهتر نه ٿيندو.
    جيڪو گهڻو نه ڳالهائيندو آهي سو ڪڏهن به ڪوڙ ڪين ڳالهائيندو آهي.
    جنهن اڃا خيال ڪرڻ کان بس به ڪئي آهي سو ڪڏهن به ڪم ڪرڻ شروع نٿو ڪري.
    جيڪو ڪڏهن به ڪين ٿو هارائي سو ڪڏهن به دولتمند نه ٿيندو.
    جنهنکي اولاد ڪونهي تنهنکي ڪا به محبت جي خبر ڪانهي.
    چڱي سؤدي تي دير ۽ ويچار ڪر.
    خريد ڪندڙ جي لاءِ سَوَ اکيون به ٿوريون آهن، وڪڻندڙ جي لاءِ هڪڙي اک بس آهي.
    جنهنکي تون پنهنجي اندر جو ڳجھ ٻڌائين ٿو، تنهن کي تون پنهنجي آزادگي ڏئي ڇڏين ٿو.
    جيڪو گهڻو کلي ٿو تنهنجي دل ۾ درد ٿي سگهيٿو.
    پري جو پاڻي ويجهي باھ کي نٿو اُجهائي.
    ميرو پاڻي آر سئي جو ڪم ڏيئي نٿو سگهي.
    رستي جي خراب ڀاڱن تي آهستو هلڻ گهرجي.
    جڏهن ڪو وڏو درخت ڪرندو آهي تڏهن سڀڪو انهي سان گڏ رڙيون ڪري ٿو.
    سڀڪو پکي پنهنجي آکيري کي سهڻو ڄاڻندو آهي.
    انڌي کي رستو ڏيکارڻ سولو نه آهي.
    بادشاهن ۽ وڏن ماڻهن جي دوستي شينهن سان ڀائپي رکڻ آهي
    جنهن اگھ تي محبت خريد ڪجي ٿي سو خود محبت آهي.
    جي ڏيڏر کي ڏند هجن ها ته جيڪر چڪ وجهي ها.
    جيڪو ڪي آڻي ٿو سو پنهنجي لاءِ در پٽيل ٿو ڏسي.
    بکيل گدڙ ڪهڙي به قسم جو گاھ کائي ٿو.
    جيڪي چڱي طرح ڪيو ويو آهي سو جلد ڪيو ويو آهي.
    ساڳي جُتي سڀڪنهن جي پير ۾ پوري.
    هڪڙو بيوقوف گهر جي لاءِ بس آهي.
    مٺي ٻولي چڱي، پنهنجي کيسي جي سنڀال رکج.
    وڻ جي خبر سندس ڇوڏي مان ڪين ٿي پوي.
    بندرو ماڻهو اڪثر ڊگهو پاڇو وجهندو آهي.
    پڇ ته پهرين ڪير ڄائو- آنو يا ڪڪڙ؟
    جڏهن لوڙهو ننڍو آهي تڏهن اُهو سڀڪو اورانگهي سگهي.
    جنهنجو در هيٺ آهي تنهنکي ضرور نوڙڻو ٿيندو.
    خراب ڦيٿو گهڻو جيڪو ٿو ڪري.
    گهوڙي جي بدران زين وڃي ته چڱو.
    دولتمند اهو جنهن کي ڪو به قرض ڏيڻو نه آهي.
    چڱائي ڪر پر اهو خيال نه ڪر ته ڪنهن سان ٿو ڪرين.
    مک کي بنائي هاٿي ڪرڻ.
    وڏا گرنهن ماڻهوءَ کي گُهٽي ڇڏيندا.
    سڀ کان مهانگي شيء سڀ کان چڱي.
    ماڻهوءَ جي پنهنجي راءِ ڪڏهن به غلط نه آهي.
    ٻئي ڀيري جا خيال سڀ کان عمدا آهن.
    مينهن جو ڇوهو جلد پورو ٿو ٿئي.
    بيعقل پاڻي ملڻ کان سواءِ پيا اُڀرندا آهن.
    ڏاڙهي ماڻهوءَ کي فيلسوف نٿي ڪري.
    ٻليءَ کي مڇي وڻي ٿي پر پاڻيءَ ۾ پير پسائڻ نه گهرندي.
    جيڪا مک ڪڇون آهي سا پنهنجو ڏنگ ڀڃندي آهي.


    فصل ڇهون- جرمن پهاڪا

    شام جي وقت سست مشغول ٿو رهي.
    بازن مان ڳيرا پيدا ڪين ٿيندا آهن.
    سڀڪنهن کي پنهنجي مصلحت جي خبر آهي.
    سواءِ انهيجي جنهنکي انهيجي گهرج آهي.
    حد کان وڌيڪ پؤرو ناهي.
    حد کان وڌيڪ انداز ڳوٿري ڦاڙي وجهي ٿو.
    ٻڍا ڪانگ مشڪل ڦاسندا آهن.
    ڪجھ به نه کان ڪي ڪجھ بهتر آهي.
    انڌو گهوڙو سڌو اڳتي هليو وڃي.
    اُڌارو وٺڻ فقط هڪڙو ڀيرو چڱو آهي.
    خراب اکيون ڪا به چڱي شيءَ نه ڏسنديون آهن.
    هڪڙي ڪڙي ڀڳي ته سڄو زنجير ڀڳو.
    آني کي ڪڪڙ کان وڌيڪ خبر ٿي پوي.
    نظر ڪنڊر کي ڪو به ڪم تمام سخت ناهي.
    جوان امڪان آهي ته مون، ٻڍا ضرور آهي ته مرن.
    ڏاهي ماڻهوءَ کي وڏا ڪَنَ ۽ ننڍي زبان آهي.
    پڙهيل بيوقوف سڀني بيوقوفن کان ڪثر آهي.
    ننڍا ماڻهو وڏن ماڻهن جي ڪمن جي گهڻو ذڪر ڪندا آهن.
    هڪڙي ماکيء جي مک عام مکين جي مُٺ جي برابر آهي
    هڪڙو گڏھ ٻئي کي ٽوڪ ڪري گوش دراز ٿو سڏي.
    اڌ دنيا ٻئي اڌ تي ٿي کلي.
    هڪڙو ڪانگ ٻئي ڪانگ جي اَک ٺونگو هڻي نٿو ڪڍي.
    هڪڙو بيعقل ايترا سوال پڇي ٿو سگهي جنجا جواب ست ڏاها ماڻهو به نه ڏئي سگهن.
    جن جون اکيون پوريل آهن سي سڀ ستل نه آهن.
    جي بيعقل نه هجن ته عقل وارا اصل ڪين هجن.
    وهندڙ هَرُ چمڪي ٿو ۽ بيٺل پاڻي باس ڪري ٿو.
    بادشاهن کي ٻانهون ڊگهيون آهن ۽ ڪن گهڻا اٿن.
    جڏهن ڪڪڙِ آنو لاهي ٿي تڏهن ڪَرڪي ٿي.
    گناھ جا سؤورھ ثواب جي هڪڙي گهڙي جي برابر ناهن.
    ٻڍي بيوقوف جهڙو ٻيو ڪو بيوقوف ڪونهي.
    سڀڪو ماڻهو پنهنجي ٽامي کي سون ٿو سمجهي.
    گهڻي چڱين ڳئن جا خراب گابا آهن.
    شڪاري پکي ڳائيندا ڪين آهن.
    بهتر ڪم ڪرڻ کان ٻئي جي ڪم مان عيب ڪڍڻ آسان آهي.
    جيڪا ماکي ڪنڊن تان ٿي چٽجي سان مهانگي چئبي.
    مئل ڪتا ڪين ڏارهيندا آهن.
    ڌين کي پاکڻ سولو آهي پر پر ٽائڻ ڏکيو آهي.
    جڏهن هڪڙي بدڪ پاڻي پئي تڏهن سڀئي پين.
    جيڪي حرام جي رستي هٿ ٿو اچي سو حرام جي رستي ٿو وڃي.
    اسانجي پاڙيسيرن جا ٻار هميشه خراب آهن.
    جيڪي جلد پچي ٿو سو گهڻُ جٽاءُ نٿو ڪري.
    گڏھ جي وات ۾ ماکي وجهڻ مان ڪهڙو فائدو؟
    سمنڊ ڏي پاڻي کڻي هلڻ.


    فصل ستون- رشين پهاڪا

    ڳئون جي زبان ڊگهي آهي پر انهيکي ڳالهائڻ ڪين ڏيندا آهن.
    دل کان سواءِ مٿو رڳو پتلو آهي.
    ڀريل پيٽ ڪنهنجي به صلاح ڪين مڃيندو آهي.
    هو زبان سان چٽي ٿو ۽ پونين ٽنگن سان لتون هڻي ٿو.
    ڏينهن جي ٻٽاڪ سج لٿي مهل هڻ.
    مٺا ٻول هڏ ڀڃيون وجهن.
    هڪڙي هٿ سان رڳي ڳنڍ به ٻڌي نٿي سگهجي.
    شينهن کي ڦٽن جي سؤوران اصل بندوق نه هڻڻ بهتر آهي.
    ڳالھ جلد ٻڌائي ٿي سگهجي پر ڪم جلد ڪري نٿو سگهجي.
    گهڻا صلاح ڏيڻ وارا، ٿورا مدد ڪرڻ وارا.
    چڱي مرحبا ٻليء کي به نرم ڪيو ڇڏي.
    بگهڙ پنهنجا وار ڇاڻي نوان ڪڍي ٿو.
    ماکيء جي پيپ ۾ ڏامر جو هڪڙو چمچو سڄي کي خراب ڪيو ڇڏي.
    هڪڙي سال ۾ ٻه اونهارا ڪين ٿيندا.
    رڍ کي پنهنجو پي ياد ناهي، باقي گاھ سو سدائين ياد اٿس.
    سئي ننڍڙي آهي پر ڏاڍو چپي ٿي.
    خدا اسانکي بيشڪ مدد ڪري ٿو پر تون به پنن ڀر نه سمهي رھ.
    چڱي مٿي کي سوين هٿ آهن.
    هو بگهڙ کان ڀڳو ۽ رڇ جي منهن ۾ پيو.
    ماکي اگرچه مٺي آهي تڏهن به هڪڙيئي دفعي ٻه چمچا ڪين وٺبا.
    هو زمين تي ڪنڌ رکي ٿو پر پنهنجي پيرن جي آڱرين کي چڪ وجهي ٿو.
    زال مڙس کي ماري ڪين ٿي مگر هنجي شوخي مٿس عمل ڪري ٿي.
    پنهنجو ڪپڙو ڏوھ ڀيرا ماپ ڪر، ڪتري فقط هڪ ڀيرو سگهندين.
    هشيار گدڙ کي ٽي ٻِر هوندا آهن.
    ريڍار رڍن جي اُن ڪتري ٿو پر انهنجي کل نٿو لاهي.
    تڪڙ فقط مکين پڪڙڻ لاءِ ڪبي آهي.
    ڪلئي جو ڪهڙو قصور جو مطرقو ڪاٺ ۾ ٺوڪي ٿو هڻيس.
    گهوڙو گهڻو ئي تکو ڊوڙي پر پنهنجي پڇ کان ڀڄي نه سگهندو.
    ماني ۽ لوڻ پٺيان اڇلائبا ته به وري اچي اڳيان پوندا.
    ماءُ جي مڪ سان هڏو ڪين ڀڄي پوندو.
    نشئي ڪڙمي گوگڙوءَ سان به وڙهي پئي ٿو.
    پنهنجي دريء مان سارو جهان ڏسي ڪين سگهبو.
    گهنڊ ماڻهنکي ديول ڏي سڏي ٿو پر پاڻ ديول ۾ نٿو وڃي.
    جيڪو رڇ جو شڪار ٿو ڪري سو اُتي سمهي نه ٿو پوي.


    باب ٽيون- پاڪ ڪتابن مان پهاڪا

    فصل پهريون- توريت مان

    ماڻهوءَ کي اڪيلو رهڻ چڱو نه آهي.
    پنهنجي منهن جي پگهر ۾ توکي ماني کائڻ گهرجي.
    جيڪو ماڻهوءَ جو رت هاريندو تنهنجو رت ماڻهو هاريندو.
    ماڻهو فقط مانيء تي نٿو جيي.
    اک اک جي عيوض، ڏند ڏند جي، هٿ هٿ جي، پير پير جي.
    ڳجهيون شيون اسانجي خداوند خدا جون آهن.
    جيئن تنهنجا ڏينهن تئن تنهنجو زور هوندو.
    مرند وانگي هلت ڪريو.
    ساري خلق ۾ ضرب المثل يا پهاڪو.
    ماءُ جي پيٽان اُگهاڙو آيس ۽ وري اوڏي به اگهاڙو ويندس.
    سچيون ڳالهيون ڪهڙيون نه زور واريون آهن.
    منهنجي حياتي ڪوريء جي نڙَي کان تکي ٿي هلي.
    زال مان ڄاول ماڻهو ٿورن ڏينهن جي لاءِ آهي ۽ گهڻي تڪليف ٿو ڏسي.
    موت جو خوفن جو بادشاھ آهي.
    ڏاهپ جو ملھ لالُن کان مٿي آهي.
    آءُ انڌن جي لاءِ اکيون هوس ۽ منڊن جي لاءِ ٽنگون هوس.
    هنجي دل پهڻ جهڙي مضبوط آهي، ته به اهڙي سخت آهي جهڙو جنڊ جو هيٺيون پُڙُ.
    بيعقل پنهنجي دل ۾ چويٿو ته خدا آهيئي ڪو نه.
    سج جي هيٺان ڪا به نئي شيء ڪانهي.
    جيڪو عام وڌائي ٿو سو ڏک وڌائي ٿو.
    سڀڪنهن شي لاءِ ٺهرايل وقت آهي.
    انجام ڪرين ۽ نه پارين تنهنکان بهتر آهي ته اصل انجام نه ڪرين.
    پورهئي ڪندر ماڻهوءَ جي ننڊ مٺي آهي.
    نالو ناموس قيمتي خوشبو کان بهتر آهي.
    خوشيء جي گهر ۾ وڃڻ کان ماتم جي گهر ۾ وڃڻ بهتر آهي.
    جيئن ٿانو جي هيٺان ڪنڊن جو ڪڙڪو، تيئن بيقعل جي کل آهي.
    سک جي ڏينهن خوش رھ ۽ ڏک جي ڏينهن ويچار ڪر.
    حد کان وڌيڪ سچو نه ٿي.
    مئل شينهن کان جيئرو ڪتو بهتر آهي.
    شرط تکو نه کٽندو آهي، نڪي جنگ ڏاڍو کٽندو آهي، پر وقت ۽ اتفاق سڀني سان لاڳو ٿو ٿئي.
    جيڪو واءَ جي ڳڻتي ڪندو سو نه پوکيندو ۽ جيڪو ڪڪرن ڏي نهاريندو سو نه لڻندو.
    صبح جو پنهنجو ٻج پوک ۽ شام جو پنهنجو هٿ نه جهل.
    جوانيء ۾ پنهنجي حالق کي ياد ڪر.
    مِٽي زمين ڏي موٽندي ۽ روح خدا ڏي موٽندو جنهن اهو ڏنو.
    خدا کان ڊڄ ۽ هنجا حڪم (( اهو اهي انسان جو سارو فرض.
    عشق موت جهڙو زبردست آهي.
    گهڻو پاڻي عشق کي اجهائي نه سگهندو.
    پر حال انهنجا جي چڱي کي بڇڙو ۽ بڇڙي کي چڱو ٿا سڏين.
    بگهڙ گهيٽي سان گڏ رهندو ۽ شينهن ڇيلي سان گڏ سمهندو.
    اچو ته کائون ۽ پِيُون جو سڀاڻي مري وينداسون.
    سڀ گوشت گاھ آهي.
    شريرن لاءِ سک ڪونهي.
    هڪڙو ٿورو هزار ٿيندو ۽ هڪڙو ننڍو وڏو ٿيندو.
    اسين سڀ پن وانگي ڪومائجي وڃون ٿا.
    پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌار.
    پين کٽي ڊاک کاڌي آهي ۽ ڏند انهن جي اولاد جا کٽا ٿيا آهن.
    توکي ساهمي ۾ توريو اٿن ۽ ۽ تون کُٽي پيو آهين.
    هنن واڍ پوکيو آهي ۽ لڻندا واچوڙا.
    بزرگن جي وعظ کان نه گُساءِ.
    جيڪو ڏامر کي هٿ لائيندو سو انهي سان پليد ٿيندو.


    فصل ٻيو - زبُور مان پهاڪا

    آسمانَ خدا جي وڏائي ظاهر ڪن ٿا ۽ اُڀ سندس قدرت ۽ صُنعت ٿو ڏيکاري.
    ڏينهن ڏينهن سان ٿو ڳالهائي، ۽ رات رات کي خبر ٿي ڏئي.
    ماڻهو تمام چڱي حالت ۾ به بي بقا آهي.
    هو دولت گڏ ڪري ٿو ۽ خبر نه اٿس ته ڪير اُها هٿ ڪندو.
    اُهو سڀاڳو آهي جو مسڪينن تي قياس ٿو ڪري.
    منهنجي زبان چالاڪ لکندر جو قلم آهي.
    هنجي وات جا لفظ مکڻ کان لسا هئا پر هنجي دل ۾ جنگ هئي.
    ماڻهوءَ جي مدد اجائي آهي.
    ترقي نڪي اُڀرندي کان ٿي اچي، نڪي الهندي کان، نڪي ڏکڻ کان.
    خدا هڪڙي کي ڪيرائي ٿو ۽ ٻئي کي کڙو ڪري ٿو.
    تنهنجي درگاھ ۾ هڪڙو ڏينهن هزارن کان بهتر آهي.
    خدا جي گهر ۾ جو دربان ٿيڻ بهتر آهي جو گناهن جي تنبن ۾ رهجي.
    تنهنجي نظر ۾ هزار ورھ ڄڻ ته ڪالهوڪو ڏينهن آهي جو گذري ويو.
    اسانجي حياتيء جا ڏينهن ٽي ويهون ۽ ڏھ ورھ آهن، پر جي طاقت جي ڪري کڻي چارويهون ٿين.
    ته به ا نهنجي طاقت ڏک ۽ ڪشالو آهي، جو اهي جلد گذري وڃن ٿا.
    ماڻهوءَ جا ڏينهن گاه جي مثال آهن، جيئن ٻنيء ۾ گل تيئن هو وڌي ٿو.
    خدا وند جي نظر ۾ سندس اوليائن جو موت قدر وارو آهي.
    منهنجي پيرن لاءِ ڏڀو ۽ منهنجي رستي جي لاءِ روشنائي.
    نه سِڄ توکي ڏينهن جو ضرب رسائيندو، نه چنڊ رات جو.
    آءُ نه پنهنجن اکين کي ننڊ ڏيندس نه پنهنجن ڇپرن کي پنڪي.
    ڀائر پاڻ ۾ گڏ ٿي ڪهڙو نه خوش ٿا گذارين!


    فصل ٽيون- حضرت سليمان جا مثال

    ڏاهپ مکيه شيءِ آهي، تنهنڪري ڏاهپ هٿ ڪر ۽ ڪوشش ڪري سمجھ ڌار.
    انصاف وارن جو رستو چڪندڙ روشنائيءَ وانگي آهي، جا چمڪندي روزو روشن ٿيو وڃي.
    اي سست تون ماڪوڙيءَ وٽ وڃ ۽ هنجي رستن تي ويچار ڪري ڏاهو ٿي.
    چورايل پاڻي مٺو ٿو ٿئي ۽ لڪ ڇپ ۾ کاڌل ماني وڻي ٿي.
    ڏاهو پٽ پي خوش ڪري ٿو.
    انصاف وارن جي يادگيري برڪت واري آهي.
    گهڻن جي صلاح مشورت ۾ سلامتي آهي.
    سچي ماڻهوءَ کي پنهنجي جانور جي حياتيء جي به ڳڻتي ٿي رهي پر شريرن جو رحم ۽ ظلم جهڙو آهي.
    جا اميد جلد پوري نه ٿي ٿئي سا ماڻهوءَ کي دلگير ٿي ڪري.
    حد کان لنگهندڙن جو رستو سخت آهي.
    جيڪو لڪڻ ڪم ۾ نٿو آڻي سو پنهنجي پٽ جو دشمن آهي.
    بيعقل گناه تي ٺٺوليون ڪن ٿا.
    سياڻو ماڻهو پنهنجي هلت چلت جي گهڻي نظرداري ڪري ٿو.
    سچائي قوم جو مرتبو ۽ در جو وڌائي ٿي.
    نرم جواب ڪاوڙ لاهي ڇڏي ٿو.
    جنهنجي دل خوش آهي تنهنجي منهن مان به خوشي معلوم ٿئي ٿو.
    محبت جي ڀاڄي عداوت جي ڀُڳل ڏاند کان بهتر آهي.
    پوري مهل ڳالهايل لفظ ڪهڙو نه چڱو آهي!
    ماڻهوءَ جي دل هنجو رستو ٿي ٿي پر خداوند هنجا قدم هلائي ٿو.
    مغروري هلاڪت جي اڳيان ٿي هلي ۽ هٺ ڪِرڻ کان اڳي.
    اڇو مٿو عزت جو ڇٽ آهي.
    جنهنکي علم آهي سو ٿورو ڳالهائي ٿو.
    بيعقل به جڏهن ماٺ ڪري ٿو تڏهن ڏاهو ليکجي ٿو.
    مسڪين تي جيڪو رحم ٿو ڪري سو ڄڻ ته خدا کي قرض ٿو کڻائي.
    شراب ٺٺولي ڪندڙ آهي ۽ سخت نشو چريائي آهي.
    سڀڪو بيعقل ٻين جي ڳالهين ۾ ٽپيو پئي.
    ٻڌندڙ ڪن ۽ ڏسندڙ اک.
    ڪشادي گهر ۾ جهيڙاڪ زال سان گڏ رهڻ گهرجي.
    ڇت جي مٿان رهڻ بهتر آهي.
    ناموس گهڻي دولت کان بهتر آهي.
    اڌارو وٺندڙ اڌاري ڏيندڙ جو ٻانهو آهي.
    قديم نشان کڻي نه ڇڏيو.
    دولت پاڻهئي کنڀ پيدا ڪري ٿي.
    جيئن ڪو دل ۾ خيال ڪندو تئن هو ٿيندو.
    غفلت ماڻهوءَ کي ٿڳڙين ڍڪيندڙ ڪندي.
    شراب جڏهن پيالي ۾ ڳاڙهو آهي تڏهن انهيڏي نه ڏس، اُهو نانگ وانگي ڏنگي ٿو.
    مصيبت جي ڏينهن جي ماندو ٿئين ته تون ڪمزور ڄاڻبين.
    عمدو لفظ مهل ڳالهايل اهڙو آهي جهڙو چانديء جي تصوير ۾ سون جا صوف.
    پري کان آيل خوشخبري اهڙي آهي جهڙو اُڃايل روح کي ٿڌو پاڻي.
    بيعقل کي سندن بيعقليء موافق جواب ڏي.
    جيڪو کڏ کڻندو سو پاڻ اُن ۾ پوندو.
    سڀاڻي جي ٻٽاڪ نه هڻ، جو توکي خبر ڪانهي ته سڀاڻوڪو ڏينهن ڇا آڻندو.
    لڪل محبت کا کيل عداوت بهتر آهي.
    دوست جا ڦٽ چڱي ايمان وارا آهن.
    لوھ لوھ تکو ٿو ڪري، تيئن ماڻهو پنهنجي دوست جي شڪل تکي ٿو ڪري.
    شرير ڪنهنجي پٺيان لوڻ کان سوائي ڀڄن ٿا پر سچا شينهن جهڙا بهادر آهن.
    جيڪو دولتمند ٿيڻ لاءِ تڪڙ ڪري ٿو سو بيگناھ نه رهندو.
    دل ۾ خدا تي ڀروسو رک پنهنجي سمجھ تي تعلق نه رھ.
    بيعقلن جو سک انهنکي ناس ڪندو.
    معزوري جڏهن اچي ٿي تڏهن شرم ۽ خواري به اچي ٿي.
    بيعقل جو رستو سندس نظر ۾ چڱو آهي پر جيڪو نصيحت ٻڌي ٿو سو عقل وارو آهي.
    سچ جا چپ هميشه قائم هوندا پر ڪوڙ ڪندڙ زبان هڪ لحظي لاءِ آهي.
    جيڪو پنهنجا گناھ ڍڪيندو سو ڪڏهن خوش نه رهندو پر جيڪو ڏوھ قبوليندو ۽ وري نه ڪندو تنهن تي رحم ڪيو ويندو.
    جيڪو ڏانهن سان گڏ هلندو سو ڏاهو ٿيندو پر بيعقلن جو سنگتي ناس ٿيندو.
    جيڪو دير ٿو ڪاورجي سو سمجھ وارو آهي.
    پر جيڪو تڪڙو آهي تنهنجي بيعقلي وڌي ٿي.
    جيڪو لالچي آهي سو پنهنجي گهر کي تڪليف ۾ وجهي ٿو پر جيڪو لالچي کي ڌڪاري ٿو سو ئي جيئرو رهندو.
    جهيڙو شروع ڪرڻ اهڙو آهي جهڙو پاڻي ڇوڙي ڇڏڻ.
    ڪَنَ جي ڳالھ گهاٽا دوست ڌار ڪري ٿي.
    جيڪڏهن تون ڏاهو ٿيندين ته پنهنجي لاءِ ٿيندين، پر جي ڌڪار ڪندين ته پاڻ سزا ڀوڳيندين.
    ڪير چوندو ته منهنجي دل پاڪ آهي ۽ مون گناھ ڪو نه ڪيو آهي؟
    ٻار کي اهو رستو سيکار جنهن تي هنکي هلڻ گهرجي، پوءِ وڏي هوندي هو انهي کان پري نه ويندو.


    فصل چوٿون- انجيل مان

    جنجي دل پاڪ آهي سي سڀاڳا آهن جو اُهي خدا ڏسندا.
    رحم وارا سڀاڳا آهن، ڇا لاءِ جو اُهي رحم حاصل ڪندا.
    قَسَم اصل متان کڻين.
    پنهنجن دشمن کي پيار ڪر، جي توکي پٽين تنکي دعا ڪر؛ جي توسان برائي ڪن تنسان ڀلائي ڪري.
    سنڀال متان ٻين جي آڏو خيرات ڏين ته ڀلي هو ڏسن.
    زمين تي پنهنجن لاءِ خزانا گڏ نه ڪريو، آسمان تي اهي گڏ ڪريو.
    وٺڻ کان ڏيڻ ۾ زياده برڪت آهي.
    ڪو به ماڻهو ٻن ڌڻين جي خدمت چاڪري ڪري نه سگهندو.
    پهرين اوهين خدا جي بادشاهت ۽ سندس سچائي ڳوليو.
    ٻين جي ڏوهن تي فتوا نه ڏيو ته اوهانجي ڏوهن تي به فتوا نه ڏني وڃي.
    جيڪي بدن کي ٿا مارين تنکان نه ڊڄو جو اُهي روح نه ٿا ماري سگهن، بلڪل ڊڄو انهي کان جو روح توڙي بدن ٻئي دوزخ ۾ ناس ڪري ٿو سگهي.
    ماڻهو هتي جيڪو به اجايو لفظ ڳالهائيندا تنهنجو حساب قيامت جي ڏينهن ڏيندا.
    خدا روح آهي ۽ جيڪو انهي جي پرستش ڪرڻ گهري سو روح ۾ ۽ سچ ۾ پرستش ڪري.
    خدا جي بادشاهت معصوم ٻارن جي آهي.
    تون خدا وند خدا کي پنهنجي ساري دل سان ۽ ساري ساھ ۽ ساري دماغ سان پيار ڪجئين.
    پنهنجي پاڙيسيريءَ کي اهڙو پيار ڪر جهڙو پاڻ کي ڪرين.
    جيڪو گنهگار توبھ ڪري ٿو تنهن ته خدا جي ملائڪن کي حاضر هئڻ ۾ خوشي ٿي ٿئي.
    خيرات اهڙيءَ طرح ڏيو جو جيڪي اوهان جو سڄو هٿ ڏئي، تنهنجي کٻي کي خبر نه پوي.
    جتي اوهانجو خزانو هوندو اُتي اوهانجي دل هوندي.
    اوهين خدا ۽ مايا کي تڏ پؤڄي نه سگهندوؤ؛ کڙ ڪائيندؤ ته در کلندو.
    سَپَن جهڙا ڏاها ٿيو ۽ ڳيرن جهڙا بي آزار ٿيو.
    اوهانجي مٿي جا وار به سڀ ڳڻيا پيا آهن.
    وڻ پنهنجي ڦر کان معلوم ٿيندو آهي.
    نبيءَ کي پنهنجي ديس ۽ پنهنجي گهر کان سواءِ ٻئي هنڌ تعظيم ملي ٿي.
    جي انڌو انڌي کي سونهو ٿي هلائيندو ته ٻئي کڏ ۾ ڪري پوندا.
    جيڪي خدا پاڻ ۾ ملائي ڇڏيو آهي تنهن کي ڪو به ماڻهو ڌار ڪري نه سگهندو.
    سُي جي پاکي مان اُٺ آسانيءَ سان لنگهندو پر دنيا دار ماڻهو خدا جي بادشاهت ۾ مشڪل لنگهندو.
    گهڻا سڏبا آهن پر ٿورا چوڊيا ويندا آهن.
    قيصر کي قيصر حق ڏيو پر خدا کي خدا جا.
    جتي ڪو ڍونڍ هوندو اُتي ڳجهيون ضرور هونديون.
    جنهن وٽ ڪي آهي تنهن کي بي انداز ملندو ۽ جنهن وٽ ڪي ڪينهي تنهن کان جيڪي اٿس سو به کسيو ويندو.
    سَبت ماڻهوءَ جي لاءِ جڙيو هو نه ماڻهو سَبت جي لاءِ.
    سنڀاليو ۽ دعا گهرو ته لالچ ۾ نه پئو. روح خواهشمند آهي پر بدن ضعيف آهي.
    جو گهر خود پنهنجي بر خلاف آهي سو جٽاءُ ڪين ڪندو.
    جنهنکي ڪن ٻڌڻ لاءِ آهن سو ڀلي ته ٻڏي.
    وڏائي خدا جي لاءِ آسمان تي ۽ آرام ڌرتيء ۽ خيرخواهي ماڻهن ڏانهن.
    اي طبيب پاڻکي ڇُٽاءِ.
    جيڪو مونسان ناهي سو منهنجي بر خلاف آهي.
    آءُ تنهنجي واتان توتي فتوا ڏيندس.
    طاهري ڏيک موجب فيصلو نه ڪر.
    سچ اوهانکي آزاد ڪندو.
    جيسين سوجهرو آهي تيسين هل، پوءِ ڀلي ته توتي اونداهي اچي.
    منهنجي پئي جي گهر ۾ گهڻا ڪمرا آهن.
    گناھ جو عيضو موت آهي.
    پنهنجي خيال ۾ ڏاهو نه ٿي.
    تنهنجو دشمن بکيو هجي ته انهيکي کاراءِ، جي اُڃو هجي ته پاڻي پيارينس جو ائين ڪرڻ سان تون هنجي مٿي تي ٽانڊا ڍير ڪرين.
    برائيءَ کان جيتجي نه وڃ، پر برائي کي ڀلائيءَ سان جيت.
    سڀني جو حق ادا ڪر.
    محبت قاعدي جي پورائي آهي.
    سڀڪنهن ماڻهوءَ جو ڪم ظاهر ڪيو ويندو.
    بدن ۾ غير حاضر ۽ روح ۾ حاضر.
    اکر ماري ٿو پر معنيٰ جياري ٿي.
    اسين ايمان سان هلون ٿا نه نظر سان.
    جيڪي ماڻهو پوکيندو سو هوُ لڻندو.
    ڪاوڙجي ڀلي، پر گناھ نه ڪريو، ائين به ڪريو ته سج اوهانجي ڪاوڙ تي لهي وڃي.
    اوهانجي گفتگو لذت واري ۽ سلوڻي هئڻ گهرجي.
    سڀني شين جي چڪاس وٺو ۽ جيڪا چڱي هجي سا هٿ ڪريو.
    قائدع چڱو آهي بشرطيڪ ماڻهو انهي کي قاعدي موجب ڪم آڻي.
    پيسي جي محبت سڀ قسم جي خرابيءَ جي پاڙ آهي.
    وڙهين ته چڱي ويڙھ ڪر.
    پاڪن جي لاءِ سڀ شيون پاڪ آهن.
    اُهو ماڻهو برڪت وارو آهي جو ڌتارجي ٿو، ڇا لاءِ جو آزمائش هئڻ ڪري هنکي حياتي جو ڇٽ ملي ٿو.
    ڪو به ماڻهو زبان کي عمل ۾ آڻي نه سگهندو، جو اُها اَجَهل خرابي آهي.
    پڇاڙيءَ تائين اميد رک.
    خيرات هزارين گناھ ڍڪي ٿي.
    محبت ۾ ڊپ ڪونهي، پر ڪامل محبت ڊپ ڪڍي ڇڏي ٿي.
    آءُ الف ۽ بي آهيان، اول ۽ آخر آهيان، شروع ۽ پڇاڙي آهيان.


    فصل پنجون- قرآن مان

    ٻين ماڻهن کي چڱائي ڪرڻ جو حڪم ٿا ڪريو ۽ پاڻ کي وساري ٿا ڇڏيو.
    اڀرندو ۽ الهندو الله جو آهي، جيڏي ڦرندؤ اوڏي خدا جو منهن آهي.
    اسان لاءِ اسانجا ڪم ۽ اوهان لاءِ اوهانجا ڪم.
    مونکي ياد ڪريو ته آءُ اوهان کي ياد ڪريان، منهنجو شڪر ڪريو ۽ بيشڪر نه ٿيو.
    هنن کان نه ڊڄو منکان ڊڄو.
    فتنو ۽ فساد قتل کان به زياده سخت آهي.
    اوهانجون زالون اوهانجي پوشاڪ آهن ۽ اوهين هنن جي پوشاڪ آهيو.
    الله حساب وٺڻ ۾ تڪڙو آهي.
    پاڻ کي هٿ سان هلاڪت نه وجهو.
    الله فساد کي پسند نٿو ڪري.
    سڀ ڪم الله ڏي موٽن ٿا.
    الله طاقت کان وڌيڪ ڪنهنکي تڪليف نٿو ڏئي.
    الله ڄاڻي ٿو ته فساد ڪندڙ ڪير آهي ۽ اصلاح ڪندڙ ڪير آهي.
    جيڪي اوهين ڪريو ٿا سو سڀ الله ڏسي ٿو.
    الله جنهنکي چاهي ٿو تنهنکي عزت ڏئي ٿو ۽ جنهن کي چاهي ٿو تنهنکي ذلت ڏئي ٿو.
    جنهنکي حڪمت عطا ٿي تنهنکي گهڻو خير عطا ٿيو.
    الله جي رسولن جي وچ ۾ ڪو به فرق ڪونهي.
    مڙس زال جي برابر ناهي.
    جيڪو چڱا ڪم ڪري ٿو تنهنکي پنهنجو عيوضو پورو ملي ٿو.
    اوهان مان ڪنهنکي زخم رسيو ته ڄڻ ساري قوم کي زخم رسيو.
    سڀڪو ماڻهو موت جو ذائقو چکندو.
    الله جي ۽ رسول جي ۽ جيڪي اوهان ۾ حاڪم آهن تنهنجي فرمانبرداري ڪئي.
    صلح چڱو آهي.
    اي ايمان وارو، پنهنجا انجام پورا ڪريو.
    رسول جي لاءِ سواءِ پيغام پهچائڻ جي ٻيو ڪي ڪين آهي.
    الله جا حڪم بدلجڻ جا نه آهن.
    گناھ ظاهري به ڇڏيو باطني نه ڇڏيو.
    جيڪو چڱائي ڪندو تنهنکي ڏهوڻو اجر ملندو ۽ جيڪو بُرائي ڪندو سو اهڙيئي ڏسندو.
    جڏهن اجل اچي ٿو تڏهن گهڙي اڳي ايندو نه گهڙي پوءِ.
    ڪافر بهشت ۾ نه ويندا جيسين ڪ اُٺ سئيءَ جي پا کي مان نه لنگهندو.
    گهڻن کي دليون آهن جي سمجهن نه ٿيون.
    اکيون آهن جي ڏسن نه ٿيون، ڪَنَ آهن جي ٻڌن نٿا.
    اُهي جانورن جهڙا آهن، بلڪ انهن کان به زياده گمراھ آهن.
    اوهانجو مال ۽ اوهانجو اولاد فتنو آهي.
    الله صبر وارن سان آهي.
    کِلو ٿورو ۽ روئو گهڻو.
    الله نيڪي ڪندڙن جو اجر نٿو وڃائي.
    الله جي اوليائن کي نڪو خوف آهي نڪو ڏک.
    سڀڪو موٽي الله ڏي ويندو.
    نيڪيون بدين کي وٺي وڃن ٿيون.
    سڀڪنهن قوم جي لاءِ هڪڙو هدايت ڪندڙ آهي.
    الله ڪنهن قوم کي نٿو ڦيرائي جيسين ڪ هو خود پاڻ کي نه ڦيرائينديون.
    جيڪي آسمان يا زمين ۾ آهي سو سڀ الله کي سجدو ٿو ڪري.
    الله جي يادگيري دل کي تسليٰ ٿي ڏئي.
    مون انسان ۾ پنهنجي روح مان ذرو ڦوڪي وڌو.
    جي چڱائي ڪريو ٿا ته به پنهنجي لاءِ جي بُرائي ڪريو ٿا ته به پنهنجي لاءِ.
    گهڻي اجائي خرچ ڪرڻ وارا شيطان جا ڀائر آهن.
    جيڪو هن دنيا ۾ انڌو ٿي گذاريندو سو آخرت ۾ به انڌو هوندو.
    الله آسمان ۽ زمين جو نور آهي.
    پاڪ شيون پاڪن لاءِ پليد شيون پليندن لا3.
    ڪِن جو الله سندن نفس جي خواهش آهي.
    عبادت بد ڪاريء کي بچائي ٿي.
    سڀني آوازن مان خراب آواز گڏھ جو آهي.
    الله ڪنهن به اندر ۾ ٻه دليون نه رکيون.
    مصيبت ۾ صبر ڪرڻ ۽ قصور معاف ڪرڻ وڏن ڪمن مان آهن.
    جيڪو جهڙي ڪندو تنهن کي تهڙو بدلو ملندو.
    دنيا جي حياتي راند ۽ کيل آهي.
    علم الله وٽ آهي.
    اسين ماڻهوءَ کي نڙيء جي رڳ کان به ويجها آهيون.
    ايمان وارا سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهن.
    الله اوهان ۾ آهي پوءِ اوهين ڇو انکي نٿا ڏسو.
    انسان جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪينهي.
    جتي ڪٿي اوهين اُتي الله اوهان سان آهي.
    جيڪو الله تي توڪل ڪندو تنهنکي اُهو ڪافي آهي.
    الله ڏکن پٺيان سک رکيا آهن.
    اوهان لاءِ اوهانجو دين ۽ مون لاءِ منهنجو دين.
    يتيم تي ظلم نه ڪريو ۽ سوال ڪندڙ يا پِنندڙ سان شوخي نه ڪريو.


    فصل ڇهون- حديث مان

    عمل نيتن موجب آهن ۽ نيت عمل کان بهتر آهي.
    سڀڪنهن ڪم جي فتويٰ پنهنجي دل کان گهرو.
    عمل پڇاڙيءَ تي منحصر آهن.
    انسان جون دليون الله جي ٻن آڱرين جي وچ ۾ آهن.
    علم جي ڳولا سڀني مسلمانن تي فرض آهي.
    بڇڙن مان بڇڙا به عالم چڱن مان چڱا به عالم.
    عبادت بهشت جي ڪنجي آهي.
    نماز ۽ رب ماڻهوءَ ۽ قبلي جي وچ ۾ آهي.
    قبلو اُڀرندي ۽ الهندي جي وچ ۾ آهي.
    سڀڪنهن ماڻهوءَ لاءِ ڪفارت آهي.
    دنيا ۾ مسافرن وانگي گذاريو.
    ميت کي مائٽن جو روئڻ عذاب ٿو ڏئي.
    ڏيندڙ هٿ وٺندڙ هٿ کا بهتر آهي.
    سڀڪو چڱو ڪم صدقو يا خيرات آهي.
    صدقو رب جي ڪاوڙ ۽ بڇڙو موت ٽاري ٿو.
    ڪا به عبادت دل جي حاضريء کان سواءِ ڪانهي.
    دعا عبادت جو مغز آهي.
    دعا قضا کي ڦيرائي ٿي ۽ نيڪي عمر کي وڌائي ٿي.
    الله جي يادگيري دل جي ڪس لاهي ٿي ۽ انهي کي روشن ڪري ٿي.
    جيڪو ماڻهنجو شڪرانو ادا نٿو ڪري سو الله جو به نه ڪندو.
    جنهن گناھ کان توبھ ڪئي تنهن ڄڻ ته اُهو گناھ ڪيوئي ڪو نه.
    پُٽ پيُ جو ڳجھ آهي.
    ڏهاڙي نوڪر کي ستر ڀيرا معافي ڏيو.
    شراب دوا ناهي پر بيماري آهي.
    چڱو جهاد اهو آهي جو پنهنجي سان ڪيو وڃي.
    بهشت ماءُ پيءُ جي پيرن هيٺ آهي.
    قوم جو سردار انجو خادم آهي.
    جنگ مڪر يا ٺڳي آهي.
    گهڻو کائڻ بي برڪتي آهي.
    سرڪي ۽ لوڻ جهڙو ٻيو چڱو ڳنڌڻ ڪونهي.
    گڏجي کائڻ ۾ گهڻي برڪت آهي.
    الله ڪو به مرض نٿو موڪلي جنهنجي لاءِ دوا يا شفا نٿو موڪلي.
    پهرين طعام پوءِ ڪلام ۽ پهرين سلام پوءِ ڪلام.
    الله آدم کي پنهنجي صورت تي خلقيو.
    سڀڪنهن ماڻهوءَ جي عمر سندن ٻن اکين جي وچ تي لکيل آهي.
    جو ماٺ ڪندو سو ڇٽيندو.
    ٻانهو پنهنجي زبان جي ڪري ٿِڙَڪي يا آٿِري ٿو.
    گهڻو کِلڻ دل کي ماري ٿو ۽ منهن جو نور نئي ٿو.
    سچ ڪڙو آهي.
    ڪنهن به شيء جي محبت ماڻهوءَ کي انڌو ۽ ٻوڙو ڪري ٿي.
    هڪڙو مومن ٻئي مومن جي آرسي آهي.
    خلق خدا جو عيال آهي.
    حسد سڀ نيڪيون کائي وڃي ٿو.
    تدبير جهڙو عقل ڪونهي.
    چڱو سوال اڌ علم جو آهي.
    حياءُ ايمان جي ڪري آهي.
    الله سهڻو آهي ۽ سونهن کي پسند ٿو ڪري.
    ڪاوڙ شيطان کان آهي.
    جيڪو نياز ڪندو تنهنکي خدا مٿي چاڙهيندو.
    شراب پڇراين جي ماءُ آهي.
    مومن جي لاءِ فتني ۽ فساد کان موت بهتر آهي.
    ريا ننڍ و شرڪ آهي.
    اکين ڏٺي جهڙي ٻي خبر ڪانهي.
    کارڪ جي ٽڪر خيرات ڪرڻ سان به دوزخ کان بچو.
    جاهل کي هيڪوڻي سزا ملندي ۽ عالم کي ستوڻي.
    مومنن جي دل الله تعليٰ جو عرش يا تخت آهي يا خدا جو گهر آهي.
    سڀ ماڻهو قيامت جي ڏينهن پنهنجن نيتن موجب اٿاريا ويندا.
    فقيري منهنجو فخر آهي.
    عبادت مومن جي لاءِ معراج آهي.
    گمنامي راحت آهي ۽ مشهورائي آفت آهي.
    ماڻهو اڪثر پنهنجن بادشاهن جي دين تي ٿا رهن.
    جن وٽ موليٰ آهي تن وٽ سڀڪجھ آهي.
    دنيا جي محبت سڀني گناهن جو مٿو آهي.
    شراب پيندڙُ بت پرست جي برابر آهي.
    مهمان پنهنجي روزي کنيو اچي ۽ گهر وارن جا گناھ کنيو وڃي.
    تپ موت جو اڳواڻ آهي ۽ دوزخ جي باھ جو درد آهي.
    سڀڪنهن بادشاهن کان رعيت جي نسبت پڇاٿيندي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 478
    ڪتابن جو مشاهدو: 428743
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 174396
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ