ڪتاب جو نالو: ڀؤنرن جي انتظار ۾
مصنف: منظور ڪوهيار
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 20 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 450 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 250 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”ڀؤنرن جي انتظار ۾“ نامياري ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جي مختصر مختصر ڪهاڻين يا مائڪرو ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هن ڪتاب ۾ منظور ڪوهيار صاحب مائڪرو يا مختصر ڪهاڻي بابت به تفصيل سان لکيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • حق ۽ واسطا
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران :
  • مهاڳ
  • مختصر مختصرڪهاڻيون

  • سدا بهار
  • ٻلي جو خواب
  • صوفي گڏهه ۽ گڏهه صوفي
  • سياسي مفاهمت
  • آب حيات ۽ اديب
  • محنت جي عظمت
  • ڀؤنرن جي انتظار۾
  • جهانديده مستري
  • اڳٺ نڪتـل سٿڻيون ۽ عوام
  • اعتراف
  • نئين گدڙ سنگهي
  • پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو ٿا هڻن
  • ويچارو پاڪستاني
  • ڪانءُ ٿو ڏونگهي کائي
  • رني ڪوٽ جا مورک
  • ديوارن ۾ ساهه کڻندڙ
  • زردار ۽ نادار
  • ڪرسي مٿان رکيل ڍونڍ
  • ڪراچي ۾ گذرندڙ زندگي
  • اجازت نامو
  • تبديليءَ جو انتظار
  • اناڙي
  • ڇا ته ڪارنامو آهي!
  • پنجاهه ڪروڙ نوڪريون
  • نقارخاني ۾ طوطي جو آواز
  • چرٻٽ عظيم هيو
  • چريو چئي، سياڻو سمجھي
  • ٺيڪو
  • ڪٻري ٿي توت ڳهي
  • خراب قسمت
  • ڪڙهڻ ۽ پڙهڻ
  • سچا ماڻهو
  • مڙئي وقت گُذري پيو
  • بي شرم، بي حيا
  • شريف النفس
  • ٽي سونهري دؤرَ
  • سياسي پناهه وٺندڙ
  • سياڻو ڪانو وِٺ تي ويهي
  • هيروئني جي دعا
  • منسٽر جو خواب
  • انقلابي تبديلي
  • عظيم ۽ گهٽيا
  • سياسي ٻار
  • سرموڙ اديب
  • اديب ۽ ليکڪ
  • بي وقتو دانشور
  • قبرن جا ڪتبا
  • مشاهدو
  • دانشور کي ٽائيم ڪونهي
  • ٽين اک
  • دانشوراڻي ٻولي
  • انسانيت ۽ رواداريءَ خاطر
  • تعريف جا بکيا
  • ايڪتا، ٻيڪتا، ٽيڪتا
  • پوءِ ڍايا
  • جدت پسند
  • رحم دل
  • حجت
  • وقت وقت کي سلام آ
  • منافق
  • ڪارگر ٻيڙي
  • شڪايت ۽ انصاف
  • انسان ۽ حيوان
  • ڀلو پار
  • فرمانبردار شخصيت
  • ڏوهاري پيءُ جي پٽ کي نصيحت
  • الفائده
  • زال جو ستايل خودڪش بمبار
  • قراقلي ٽوپي
  • انساني جنوني روبوٽ
  • مارئي ملير جي
  • خوني انقلاب کانسواءِ چارو ڪونهي
  • سنڌي سٻاجهڙو
  • مان سمهيو ڪٿي آهيان
  • ڪير پنهنجو، ڪير پرايو
  • سبحان الله!
  • اڄوڪي اخبارن جي هڪ حيرتناڪ خبر
  • ٻه وڏا ڪوڙا
  • صفا صحافي
  • بزدل سواري
  • اڳ ڳڻتي
  • شهري ۽ ڳوٺاڻا
  • سڀئي اڻ سڌريل
  • ’مان مان‘، ’تون تون‘!
  • مشرڪ
  • وڏائي
  • ملان اڃا فائدي ۾ آهي
  • زنده هستي
  • سوچيندين ته سمجهه ۾ اچي ويندءُ
  • خدا جي ڳولا ۾
  • مالڪن جا قرب
  • عاشق ۽ معشوقن جا ڪهڙا ليکا
  • ڇُري ۽ گدرو
  • ديسي گڏهه
  • محمود و اياز
  • پراڻو شهري ۽ شهري رٿابندي جو ماهر
  • ميگا ڪميشن
  • ڪهاڻيءَ جو هڪ ستايل ڪردار
  • حيثيت
  • هڪ عام ليکڪ جي جمالياتي حس

  • ترتيب

    حق ۽ واسطا

    BOOK NO: (87)

    • ڀؤنرن جي انتظار ۾ BHAONRAN JAY INTIZAR MEIN
    (مختصرمختصر ڪهاڻيون) (Short short stories)
    • منظور ڪوهيار MANZOOR KOHYAR•
    ڇاپو پهريـون: مارچ 2012ع 2012 FIRST EDITION
    ٽائيـٽل ڊزائين: روحل ڪوهيار
    ڪمپوزنگ: ڪنول گروپ With All Rights Reserved
    ڪنول © KANWAL
    پبليڪيـشن قنبر Publication Kamber





    ملهه: 150روپيـا


    انتساب

    خوددار ليکڪ دوستن
    شوڪت ڪيهر ۽ ملڪ آگاڻي
    جي نانءُ


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (180) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ڀؤنرن جي انتظار ۾“ نامياري ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جي مختصر مختصر ڪهاڻين يا مائڪرو ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هن ڪتاب ۾ منظور ڪوهيار صاحب مائڪرو يا مختصر ڪهاڻي بابت به تفصيل سان لکيو آهي.
    هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو. اسان منظور ڪوهيار ۽ سعيد سومري جا ٿورائتا آهيون. قرب انجنيئر عبد الوهاب سهتي صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    مهاڳ

    ذڪر مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جو

    مختصر مختصر ڪهاڻين جي حوالي سان 2009ع ۾ ڇپيل ڪهاڻين جي ڪتاب ’سچا ڪوڙا رشتا‘ ۾ پنهنجي لکيل مهاڳ بعنوان ’روايتي ۽ جديد ڪهاڻي‘ ۾ هڪ وصف ڏني هئي ته؛
    ’جئين اکيون روح ۽ جسم جون دريون آهن، تئين مختصر مختصر ڪهاڻي به هڪ اهڙي دريءَ مثل آهي، جنهن مان زندگيءَ کي اک ڇنڀ ۾ ڏسي يا محسوس ڪري سگھجي ٿو.‘
    ۽ پوءِ ’ارنسيٽ هيمنگوي‘ جي ڇهن لفظن تي مشتمل ڪهاڻي مثال طور پيش ڪئي هئي:
    وڪري لاءِ
    وڪري لاءِ اڻ پاتل ٻاراڻا بوٽ
    انهيءَ ڪهاڻيءَ کي عالمي نقادن خوبصورت احساساتي ڪهاڻي قرار ڏنو ۽ راءِ ڏني هئي ته هڪ اهڙي ٻار جي ڪهاڻي آهي، جيڪو مائٽن جي ورتل ٻاراڻن بوٽن کي پائڻ کان اڳ مري ويو يا غريب مائٽن کي غربت سبب ڪنهن معصوم ٻار جا اُهي اڻ پاتل بوٽ وڪڻڻا پيا. وغيره.
    مون اُن مهاڳ ۾ فرانزڪافڪا جي مختصر مختصر ڪهاڻي ’اُن جو حصو‘ ۽ رابندر ناٿ ٽئگور جي ڪهاڻي ’بانسري وارو‘ جا حوالا ڏنا هيا پر مثال پيش نه ڪيا هيا.
    بس، اِها تنقيد هئي منهنجي دوست سهيل مڪاني ۽ ٻين جي، ته مان جيڪڏهن انهن مختصر مختصر ڪهاڻين کي مثال طور پيش ڪري ۽ کين تاريخي تناظر ۾ پيش ڪيان ها ته تشنگي نه رهجي ها.
    سچ پچ ته مان ڪو محقق يا وڏو پڙهيل اديب ناهيان جو ڪنهن ادبي صنف تي ايڏي گھرائي و گيرائي سان لکي سگھان. مان ته عام ليکڪ آهيان. جڏهن زندگيءَ جي گورک ڌنڌن مان واندڪائي نصيب ٿيندي آهي ته ڪجهه لکي وٺندو آهيان. پر دوستن جي دل رکڻ لاءِ اتان شروع ڪجي ٿو، جتان تشنگي رهجي وئي هئي يعني ’فرانزڪافڪا‘ جي مختصر مختصر ڪهاڻيءَ کي پيش ڪندي:
    ’اُن جو حصو‘
    هُو اُن لائق آهي، ته گمنام پوڙهي عورت اُن کي ڏني وڃي، جنهن جون رانون سُسيل هجن، جيڪا هن جي مردانه جوهر کي کن پل ۾ ڪڍڻ تي مجبور ڪري. پوءِ پئسه وٺي پنهنجي کيسي ۾ وجھي ۽ تڪڙ ۾ ٻي ڪمري ۾ هلي وڃي، جتي ٻيو گراهڪ سندس انتظار ڪري ـــ‘

    هيءَ ڪهاڻي ٻن حصن تي مشتمل آهي. هڪ اهڙي نوجوان طرف اشارو آهي، جيڪو جنسي نفسياتي پيچيدگين Psychosexual Disorder جو شڪار آهي. ۽ ٻيو حصو ان پوڙهي تجربيڪار رنڊي Experienced sex worker بابت آهي، جيڪا اهڙن نفسياتي جنسي مريضن کي منهن ڏيڻ ڄاڻي ٿي، پر اصل ڳالهه آهي اُن رنڊي جي تجربي جي، جئين سنڌيءَ جو هڪ پهاڪو آهي ’پوڙهو اُٺ ٻه ڪنواٽ لهي.‘
    تجربي جي حوالي سان اهڙي ڪهاڻي ايسپ جي آکاڻين ۾ به موجود آهي:

    پوڙهي زال ۽ شراب جو مٽ
    هڪڙي پوڙهي زال، هڪڙو ٺلهو شراب جو مٽ زمين تي پيل ڏٺو. جنهن ۾ شراب جو هڪ ڦڙو به نه هو، پر لنگھندڙن کي منجھائنس شراب جي بوءِ پئي آئي. پوڙهي پنهنجو نڪ ويجھو آڻي، اُن کي سنگھڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي، ’اي مڌ ...! جڏهن تنهنجي بوءِ ايڏي خوشبودار آهي، تڏهن تو پاڻ ڪيڏو نه سٺو هوندين!‘


    مون هتي ايسپ جي آکاڻيءَ کي مثال طور تي ان ڪري پيش ڪيو، جو ارنيسٽ هيمنگويءَ ۽ فرانزڪافڪا جون مختصر مختصر ڪهاڻيون20 صديءَ عيسويءَ جون آهن. جڏهن ته ايسپ جي آکاڻي جو دؤر 620 ق.م وارو دؤر لِــيکيو وڃي ٿو. يعني اڄ کان 26 صديون اڳ. ايسپ جي آکاڻين جو تعداد اندازن 300 کن آهي. ڪي دوست ائين سمجھن ٿا ته شايد مختصر مختصر ڪهاڻي جو بنياد 19 يا 20 صدي عيسويءَ ۾ پيو آهي. پر ان جو بنياد ڏند ڪٿائن، لوڪ آکاڻين، قصن، حڪايتن، ٽوٽڪن ۽ چوڻين تي رکيل آهي. هزارن سالن کان وٺي اهڙي قسم جو ادب انساني سمجهه ۽ ڏاهپ کي وڌائڻ لاءِ، هڪ نسل کان ٻي نسل ڏانهن منتقل ٿيندو رهيو آهي. اهڙي قسم جو ادب لکت کان ڪيترا هزار سال اڳ ۾ آيو آهي. پر جيڪڏهن تاريخي تناظر ۾ ڏسبو، ته پوءِ شروع اُتان ڪبو، جتان لکت ۾ مليو آهي.
    ايسپ جي آکاڻين کان گھڻو اڳ يعني اڄ کان ساڍا ٽي هزار سال اڳ اهڙي قسم جو ادب سوميرين وٽ به موجود هيو. مٽيءَ جي پڪل تختين تي هڪ اهڙي مختصر مختصر آکاڻي/ڪهاڻي به ملي آهي، جنهن ۾ ڏاهپ ۽ سمجهه سمايل آهي:

    لومڙ ۽ ڪتا
    لومڙ، پنهنجي زال کي چيو ’هل ته اسان ’اُر‘ شهر کي پنهنجن ڏندن سان چٻاڙيون، جئين ٻوٽي کي چٻاڙبو آهي، ’ڪلاب‘ شهر کي پنهنجي پيرن سان اهڙي طرح ٻڌئون، جئين جُوتي کي تسمن (رسيءَ) سان ٻڌبو آهي.‘
    اُهي شهر کان اڃان ڪجهه پرتي هيا ته شهر جي اندران کين ڪتن جي ڀونڪڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. گدڙ پنهنجي زال کي چيو ’واپس هل، جو ڪُتا شهر جي اندر خوفناڪ انداز ۾ ڀونڪن ٿا.‘

    اهڙي قسم جي آکاڻي/ڳالهه سنڌي لوڪ ادب ۾ به ملي ٿي. سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپايل ڪتاب لوڪ ڪهاڻيون جلد 6 ۾ ’گدڙ ۽ ڪتا‘ جي عنوان سان موجود آهي، جنهن جون روايتون لاڙ، وچولي، اتر ۽ ٿر مان مليل ڄاڻايل آهن. پر اها آکاڻي/ڳالهه ٿوري ڦير گھير سان ته مان ننڍي لاءِ گھڻن هنڌن تي ٻڌي آهي، جيڪا مون کي ياد آهي. اُها اوهان آڏو پيش ڪجي ٿي:
    ’هڪ گدڙ کي ڪو پنو هٿ آيو. هن اُهو کڻي پئي گھمايو ته ٻين گدڙن پڇيس، ته ’اِهو ڇا ٿو کنيو پيو گھمين؟‘
    گدڙ وراڻيو ، ’بادشاهه سلامت طرفان کيس پروانو مليل آهي، ته اڄ کان وٺي سندس بادشاهي ۾ ڪو به ڪتو سندس ڪڍ نه پوندو.‘
    اوچتو ڪتن جو ولر گدڙن آڏو اچي ويو، جيڪو رومڙ ڪندي سندن ڪڍ پئجي ويو. سڀئي گدڙ ڀڄڻ لڳا. ڀڄندي ٻين گدڙن پني واري گدڙ کان پڇيو، ’تون پروانو ڇو نه ٿو ڏيکارين .... تون ڇو ٿو اسان وانگر ڀڄين؟‘
    پني واري گدڙ وراڻيو، ’ادا، پروانو ڪنهن کي ڏيکاريان ... اِها فوج ئي اڻ پڙهيلن جي آهي.‘

    انهن آکاڻين، ڳالهين، ڪهاڻين انسانن سان گڏ وڏا سفر ڪيا آهن، خبر ناهي ته اِها ڪهاڻي/آکاڻي سوميري تهذيب (عراق) مان سنڌو تهذيب ڏانهن سفر ڪيو يا وري سنڌو تهذيب جي ڪجهه سوداگرن سوميري تهذيب کي تحفي ۾ ڏني. ان جو دليل اهو آهي ته جيڪي آکاڻيون/ڪهاڻيون/ٽوٽڪا ايسپ جا سمجھيا ويندا هيا، سا خبر پئي ته ايسپ کان به اڳ جا آهن. مثال ’ڪانءُ ۽ گُھگھي‘ واري آکاڻي:

    ’هڪ اڃايل ڪانءُ پري کان هڪڙيءَ پاڻيءَ جي گھگھي کي ڏسي خوش ٿيو ۽ تڪڙو گھگھيءَ وٽ آيو. پر ويجھو اچي ڏٺائين ته پاڻي اُنهيءَ جي تري ۾ آهي. هن گھڻو ئي پاڻ جھڪايو. پر پاڻيءَ کي پهچي نه سگھيو. تڏهن گھگھيءَ کي اونڌو ڪرڻ جو ارادو ڪيائين پر ايتري طاقت ڪانه هيس. نيٺ سوچي، ويجھڙائي مان پٿريون چونڊي، هڪڙي هڪڙي پٿري منجھس وجھڻ لڳو. ۽ انهيءَ ڏاهپ سان پاڻي ڪنن تائين آڻي، پنهنجي اُڃ لاٿائين.‘

    چند سال اڳ اها ڪهاڻي مصر جي قديم آثارن مان ملي پئي. جنهن جي قدامت ايسپ کان گھڻو اڳ جي هئي، آثار قديمه ۽ علم انسانيت جي ماهرن ان ڪهاڻي/آکاڻي کي نج مصري ڪوٺيو.
    پر هروڀرو ائين به ناهي ته سڀ ايسپ جون آکاڻيون اڳ جون هيون. هو نهايت ذهين تخليقار هيو. آکاڻين/ڪهاڻين ٺاهڻ جو ماهر هو. ڪافي ڪهاڻيون هن جون پنهنجون تخليق آهن. مثلن؛ سندس هي سدا بهار آکاڻي مون کي ڏاڍي وڻندي آهي، جيڪا اڄ به ساڳي اهميت رکي ٿي ۽ عدالتي نظام تي هڪ وڏو طنز آهي:

    ابابيل جيڪا عدالت ۾ ويٺي هئي

    هڪڙي مادي ابابيل ، ڪنهن عدالت جي عمارتي ڇڄهري تي پنهنجو آکيرو جوڙيون ويٺي هئي، سندس ٻچا ايترا ته ننڍا هيا جو اڏامي نٿي سگھيا. تڏهن هڪڙو نانگ پنهنجي ٻر مان نڪري سڀني ٻچن کي کائي ويو. جڏهن ابابيل موٽي پنهنجي آکيري ۾ آئي، تڏهن آکيرو خالي ڏسي عجب نموني روئڻ لڳي. تڏهن هڪ پاڙي واري آٿت ڏيندي چيس، تون ڪا پهرين پکڻ ناهين، جنهن جا ٻچا ويا آهن، جو ايترو روئين ٿي!؟‘
    ابابيل جواب ڏنس:
    ’اِهو سچ آهي، پر مان رڳو ٻچن لاءِ ڪا نه ٿي روئان، روئان ٿي اِنهيءَ ڪري ته جنهن هنڌ تان سڀ ڪو ڏکويل انصاف وٺڻ اچي ٿو،اُنهيءَ هنڌ تي مون سان اهڙو انڌير ٿيو آهي.‘

    بس ان ڪهاڻي/آکاڻي کي اڄوڪي حالتن سان ڀيٽايو ۽ پوءِ کلو يا روئو، اِها اوهان جي مرضي ....!؟
    ايسپ جي مقبوليت جو عالم اِهو هيو، جو پوءِ جا آکاڻي نويس يا ڪهاڻي نويس ايسپ جي نسبت سان سڏيا ويندا هيا. ’جان گي‘ کي انگلينڊ جو ايسپ، ’جين ڊي لافنٽين‘ کي فرانس جو ايسپ ، ’گاڊ هولڊ ايفريم ليسنگ‘ کي جرمني جو ايسپ سڏيو ويو. انهن سڀني جي آکاڻين/ڪهاڻين کي جيڪڏهن مثال طور پيش ڪبو، ته پوءِ هي مهاڳ طوالت جو شڪار ٿي بذات خود هڪ ڪتاب ٿي ويندو.
    پر ’وشنو شرمن‘ جو نالو نه کڻڻ زيادتي ٿيندي، جنهن پنج تنتر نالي ڪتاب ۾ تمثيل واري انداز ۾ نصيحت آموز مختصر مختصر آکاڻيون لکيون. هي دؤر تقريبن ٽي صديون ق ــ م جو آهي. ۽ اهي آکاڻيون ايتريون ته مقبول ويون جو فارسي ساساني شهنشاهه (579-531) جي حڪم سان شاهي طبيب بروزيه هن کي سنسڪرت مان پهلوي زبان (پراڻي فارسي) ۾ ترجمو ڪيو ۽ پوءِ 8 صدي عيسوي ۾ عبدالله ابن مقفع، هن کي ’ڪليله و دمنه‘ جي نالي سان عربي ۾ ترجمو ڪيو. عربيءَ جي افسانوي ادب جي حوالي سان هي پهريون ڪتاب آهي. عبدالله ابن مقفع هن ڪتاب ۾ هڪ باب جو اضافو ڪيو يعني وڌيڪ آکاڻيون تخليق ڪيون. پوءِ خليفي ابن منصور کي تحفي طور اهو ڪتاب موڪليو. خليفي اهي آکاڻيون پڙهي پاڻ تي طنز محسوس ڪيو. 35 سالن جي نوجوان اديب ابن مقفع تي نئون قرآن لکڻ وارو الزام هڻائي، هٿ وڍرائي کيس اٻرندڙ تيل جي ڪڙهائيءَ ۾ اڇلرايو. اهو ڪڌو ڪم بصره جي حاڪم عامل سفيان بن معاويه جي هٿان ڪرايائين.
    ڪليله و دمنه آکاڻين يا ڪهاڻين جي حوالي سان ان ڪري به منفرد آهي، جو پهريون دفعو افسانوي ادب ۾ هڪ نئين ٽيڪنڪ متعارف ٿي يعني ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻي Story in story وارو اسلوب متعارف ٿيو. جنهن جي بنياد تي دنيا جو افسانوي ادب جي حوالي سان ’الف ليلة و ليلة‘ جھڙو شاهڪار افسانوي ادب تخليق ٿيو. جنهن جي باري ۾ ’موپاسان‘ چيو هيو ته مون افسانوي ادب جي حوالي سان جيڪو ڪتاب بار بار پڙهيو آهي، سو ’الف ليلة و ليلة‘ آهي. سچ پچ ته جڏهن مون کي به زندگيءَ جي کڦڙتالن مان واندڪائي نصيب ٿيندي آهي ته مان اهو ڪتاب بار بار پڙهندو آهيان ۽ لطف اندوز ٿيندو آهيان. خير، ڳالهه هلي پئي ’ڪليله و دمنه‘ جي، تنهن ڪري ان حوالي سان هڪ آکاڻي پيش ڪجي ٿي:

    هر آواز خطرناڪ نه هوندو آهي

    هڪ لومڙ هڪ جھنگل مان پئي گذريو. ان جھنگل جي هڪ وڻ جي ٽارين ۾ هڪ دهل ٻڌل هيو. جڏهن به هوا لڳندي هئي ۽ دهل لڏندو هو ته وڻ جون ٽاريون ان سان لڳنديون هيون جنهن جي ڪري اُهو زور سان وڄندو هيو. لومڙ ان دهل جي وڄت ٻڌي دهل جي ويجھو ٿيو . ڏٺائين ته هڪ ٿلهي متاري شئي آواز ڪري رهي آهي. هن سوچيو ته ان ۾ گوشت ۽ چرٻي به جام هوندي. پوءِ ڪنهن اٽڪل سان ان تائين پهتو ۽ اُن کي رهنڊون ڏئي ڦاڙيائين ته کيس اندران پورو نظر آيو ۽ منجھس ڪجهه به نه هيو. ان تي لومڙ افسوس ڪندي چيو:
    ’مون کي اها خبر نه هئي ته وڏي بُت ۽ ڳري آواز واريون شيون اهڙيون ڪمزور ۽ بيڪار هونديون آهن.‘

    پنچ تنتر جون آکاڻيون عام ڏاهپ جي حوالي سان لکيون ويون ۽ اسان جي لوڪ ادب ۾ گدڙ جي حوالي سان ڪافي ڪهاڻيون/آکاڻيون پنج تنتر تان ورتل آهن. پر اُپنشد جون ڪهاڻيون ويدانتي نظريي جون پرچارڪ هيون. هي ڪهاڻيون نهايت پُرمغز، بامقصد ۽ بامعنيٰ هونديون هيون.
    چيو وڃي ٿو ته ’ويدانت جو سڄو فلسفو ’اُپنشدن‘ ۾ آهي، اُپشندن جو مجموعي تعداد 108 آهي. ابتدائي دؤر جا لکيل اُپنشد مثلن بهدرنيڪ ۽ چاند وگيانتري وغيره آهن. جن ۾ اصولن ۽ عقيدن جي تشريح لاءِ ننڍڙيون ننڍڙيون ڪهاڻيون ڏنل آهن. جنهن ۾ ’هڪ وجود‘ جنهن کي برهم يا برهمڻ سڏيو وڃي ٿو جيڪو انسان جي اندر آهي، تنهن جي تلاش آهي، جيڪو ازلي سچ آهي. جنهن کي جڏهن انسان ڳولي ٿو ته حقيقت سمجھي وڃي ٿو. پوءِ کيس هيءَ دنيا ڄڻ خواب جيان لڳي ٿي، جنهن ۾ ڪو ڀوءَ ڀولو ۽ ڳڻتي ناهي. هو هر شئي کان آزاد ٿي وڃي ٿو. اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته ’اُپنشد‘ لفظ جي معنيٰ آهي ’تدريسي نشست‘ يا ’استاد جي قدمن ۾ ويهي علم سکڻ‘. اُپشند جي هڪ ڪهاڻي اوهان جي آڏو رکجي ٿي، پڙهو، سوچيو ۽ سمجھو:
    ستيه ڪام
    جبالا جي پٽ ستيه ڪام پنهنجي ماءُ کي چيو : ’ڀڳوتي! مان برهم چاري بڻجي رهڻ چاهيان ٿو، مون کي ٻڌاءِ ته مان ڪهڙي مرد جو پٽ آهيان؟‘
    اُن جواب ڏنو، ’اي پٽ! مون کي معلوم ڪونهي ته تون ڪهڙي مرد مان آهين. مان پنهنجي جوانيءَ ۾ ڪيترن ئي جڳهن تي نوڪرياڻيءَ جي حيثيت سان ڪم ڪيو، ته تون مون کي ملين. مون کي خبر ناهي ته تون ڪهڙي مرد مان آهين. منهنجو نالو جبالا آهي ۽ تنهنجو نالو ستيه ڪام. سو پنهنجو پاڻ کي جبالا جو پٽ، ستيه ڪام ئي سڏاءِ.‘
    پوءِ هو ’دُرومت‘ جي پٽ گوتم وٽ ويو ۽ کيس چيائين، ’آءٌ برهمچاري طور تي رهڻ چاهيان ٿو، ڇا تون مون کي پنهنجو چيلو بڻائيندين؟‘
    گوتم پڇيو ’اي عزيز! تون ڪهڙي خاندان مان آهين؟‘
    ان جواب ڏنو ته ’مون کي معلوم ناهي ته مان ڪهڙي خاندان مان آهيان، ها، مون پنهنجي ماءُ کان پڇيو هيو ته ڪهڙي خاندان مان آهيان؟ ان جواب ڏنو هيو ته هوءَ پنهنجي جواني ۾ گھڻن جڳهن تي نوڪرياڻيءَ جي حيثيت سان ڪم ڪندي رهي هئي. سو کيس پتو ناهي ته هو ڪهڙي خاندان منجھان آهي. بس ان ڪري مون کي صرف اِها ڄاڻ آهي ته مان جبالا جو پٽ، ستيه ڪام آهيان.‘
    اُهو ٻڌي گوتم وراڻيو، ’برهمڻ کان سواءِ ڪوئي ائين نٿو چئي سگھي. بيشڪ! تو سچائيءَ کي نروار ڪيو.‘ اِهو چئي هن ستيه ڪام کي چيلو بڻايو.
    ڪهاڻيءَ جو صاف مطلب آهي، ته سچائي جي وڏي اهميت آهي ۽ اُن زماني ۾ ’برهمڻ‘ جو مطلب ئي اِهو هيو، جيڪو سچائي ۽ حقيقت کي هر حالت ۾ نروار ڪري ۽ اهڙي قسم جي وديا/علم سکي ۽ سيکاري. اڳتي هلي اُهو برهمڻ جيڪو سچائي ۽ حقيقت جي تلاش ۾ هوندو هيو، اُن ذات پات رنگ نسل ۽ جنس جي بنياد تي ’منو دهرم شاستر‘ لکي برصغير جي سلجھيل سماج کي الجھائي ڇڏيو.
    ’منو دهرم شاستر‘ تي وري ڪنهن ٻي دفعي ڳالهائبو. ان ڪري ڇڏيون ٿا ان ڳالهه کي، وٺون ٿا، مختصر مختصر ڪهاڻيءَ کي.
    مختصر مختصر آکاڻي/حڪايت/ڪهاڻيءَ کي صوفي بزرگن، پنهنجي مت جي پرچار لاءِ خوب ۽ ڪاميابيءَ سان استعمال ڪيو. منهنجي صوفي ڪهاڻين جو ڪتاب ’فراق جي منزل‘ جڏهن شايع ٿيو ته ڪيترن دوستن کي وڏي تڪليف پهتي. اُنهن ڏاڍا تبرا ڪيا. پر ڪنهن به دليل ۽ حوالي سان نه ڳالهايو. جيتوڻيڪ مون گھڻي حد تائين صوفي ڪهاڻيءَ جي حوالي سان مهاڳ ’تصوف جا رخ ۽ صوفي ڪهاڻي‘ ۾ حوالن ۽ دليلن سان لکيو هيو. پر مهرباني، سائين امر جليل جي، جنهن مون تان اِها ملامت لاهي، پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌي ۽ هڪ ملامتي صوفيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي ڪتاب ’آتم ڪٿا‘ (ڀاڱو پهريون) 2011ع ۾ صفحي نمبر 122 تي لکي ٿو:
    ’صوفي ڪهاڻيون ۽ ڪالم لکڻ ڪري پهريون دفعو (2000ع) ۾ جڏهن شاهه عبدالطيف ايوارڊ مليو هو ، تڏهن به ملڪ ۾ مارشل لا هئي. ٻئي دفعي 2007ع ۾ جڏهن ٽن ٻولين انگريزيءَ، سنڌي ۽ اردو ۾ صوفي مت جو پرچار ڪرڻ سبب شاهه لطيف ايڪسيلنس ايوارڊ ڏنو هئائون، تڏهن به مارشل لا جو بدترين دؤر هو.‘

    مٿئين حوالي کان پوءِ، دليل وري اِهو آهي ته جئين ’صوفياڻي ڪلام‘ وارو اصطلاح استعمال ٿيندو آهي، تئين صوفي ڪهاڻي به هڪ ادبي اصطلاح آهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. ائين اصطلاحن ۽ ادبي لفظن جي ڳالهه ڪجي ته ڪيترائي لفظ معنيٰ ۽ مطلب جي حوالي سان ساڳيا هوندا آهن پر وصف جي حوالي سان اُنهن ۾ ڪجهه نه ڪجهه فرق ضرور هوندو آهي. مثال اچون ٿا، لفظ افسانو، ڪهاڻي، ڪٿا، وياکياڻ، قصه، ڳالهه ، آکاڻي، داستان، حڪايت وغيره تي ته خبر پوندي ته معنيٰ جي لحاظ کان مطلب مڙيوئي ساڳيو آهي.
    افسانو: افسانه (ف – اُفسانه) ڪهاڻي، عجيب و غريب قصو، ڪوڙي ڳالهه، نقل، داستان، بيان (سورن جو)
    ڪهاڻي: (سن: ڪٿنڪا) پرا. ڪهاڻئا=آکاڻي.
    سن. ڪٿ= ڪٿا، هڪ وڏو من گھڙت قصو. حڪايت، ڳالهه، آکاڻي، ذڪِر- رجوعات، قصو. ڪٿا، وارتا، داستان، پٽاڙ، بيان، افسانو، تذڪرو، ڪَهت، ڪهاتَ، چوڻي، پهاڪو، مثال.
    ڪٿا: (سن. ڪٿا= ڳالهه) ڳالهه بيان. آکاڻي. وارتا. ڪهاڻي، افسانو، داستان، مذهبي ڳالهين تي واعظ، خطاب، تقرير، ليڪچر، وياکياڻ، نصيحت.
    وياکياڻ: سن، وياکياڻ= سمجھائڻ، تقرير ، گفتگو، تات، ليڪچر، واعظ.
    قصه: (عربي قصه) قص= هُن بيان ڪيو، ڪهاڻي، ڳالهه، افسانو، حڪايت، وارتا، ذڪر، جھڳڙو، لڙائي.
    ڳالهه: (سن. گاٿا= ڳالهه- ع قال= چوڻ. ) آکاڻي، ڪهاڻي، ڪٿا، قصو، گفتگو، داستان، ڪوڙ سچ.
    آکاڻي: (پرا: آُکاڻيه. س. اکيانيم، اکيانڪا. آکيا= چوڻ)
    داستان: (ف) آکاڻي، قصو، ڪهاڻي، ڳالهه، ڪٿا، وارتا، بيان، حڪايت، نظير.
    حڪايت؛ (ع. حڪيٰ= هن ڳالهه ٻڌائي) آکاڻي. ڳالهه، قصو، داستان، ڪهاڻي، بيان، خبر، احوال، روايت.
    روايت: (ع) ڪنهن جي ڳالهه زباني نقل ڪرڻ. سرگذشت.
    مون ته صرف فيروزاللغات ۽ سنڌي لغات (سنڌي ادبي بورڊ) کي سامهون رکي ڪري لکيو آهي، پر انهن لفظن کي باقاعده ادبي اصطلاحن جي حوالي سان ڪا وصف ملڻ گھرجي ته جئين ادب جا شاگرد مونجھاري جو شڪار نه ٿين ۽ اهو ڪم آهي، علمي ۽ ادبي ادارن جو.
    بهرحال ڳالهه پئي هلي صوفي ڪهاڻيءَ جي؛ منهنجي هڪ صوفي ڪهاڻي ’مارڳ محبوبن جو‘ تي هڪ صوفيءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي هئي. اُن مون کي هڪ گارين جو خط به لکيو هيو ته مان ان ڪهاڻيءَ ۾ صوفين کي ڇوري باز سڏيو آهي ۽ ساڳي قسم جي تنقيد سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن حديد جي گڏجاڻيءَ ۾ ڪنهن زبرزنگ اديب به ڪئي هئي. پر هاڻي ڇا ڪجي جو شيخ سعدي جھڙو عظيم صوفي، نثرنگار ۽ شاعر به نام نهاد صوفين کي اگھاڙو ڪري ته پوءِ اهڙي قسم جي ادب کي بي ادبي ته نه چئبو، پر اهڙو ادب خودتنقيدي ادب جو اتم حصو سڏبو. سندس ڪتاب ’بوستان‘ مان هڪ اهڙي قسم جي مختصر مختصر ڪهاڻي پيش ڪجي ٿي:
    عشق جي گپ ۾ ترڪي پيل صوفيءَ جو قصو
    هڪڙي صوفي فقير جي نظر ڪنهن سهڻي ڇوڪري تي پئجي وئي. پوءِ ته ان جي عشق ۾ اڙجي ويو. هوش وڃائي بيهوش ٿي پيو. جسم تي پگھر ائين نڪري نروار ٿي پيس، جئين وڻن جي پنن تي ماڪ جا ڦڙا. اتفاق سان ان وقت جو مشهور حڪيم سواريءَ تي چڙهيل اتان اچي لنگھيو.
    ڪنهن ماڻهو ٻڌايس، ’هي پرهيزگار فقير آهي. گناهه جي گندگي کان پري ڀڳل آهي، رات ڏينهن جنهگلن ، جبلن ۾ پيو ڦرندو آهي، ماڻهن سان ته ملندو ئي ڪونهي. پر اڄ هن جي نظر لسي ۽ سهڻي ڇوڪري تي پئجي وئي ۽ دل ڦرائي ويٺو آهي، يعني عشق جي گپ ۾ ترڪي پيو آهي.‘
    فقير کي جڏهن ڪجهه هوش آيو ۽ ماڻهن جي ملامت جو چوٻول ڪنين پيس، تڏهن روئي ڏنائين. ماڻهن کي چيائين ’مون تي ڪيتري ملامت ڪندوَ ....؟ هاڻي کڻي ماٺ ڪيو. آءٌ جيڪڏهن روئان ٿو ته اُهو به بنا عذر جي ناهي، منهنجو هيءُ حال بنا سبب جي ڪونهي.
    ان ڇوڪري جي سهڻي صورت منهنجي دل ڦُري نٿي سگھي، پر مون ته ان سهڻي جي پيدا ڪندڙ خالق ڏي پئي ڏٺو. جنهن اهڙي سهڻي صورت بڻائي آهي.‘
    اتي هڪڙو تجربيڪار ۽ پڪي عمر جو ماڻهو به بيٺو هو. ان عاشق صوفيءَ جون ڳالهيون ٻڌي چيو، ’فقير! گھڻيون ڳالهيون ڪندين، تنهنجي پرهيزگاري ۽ نيڪيءَ جي جھان ۾ هاڪ آهي پر هن واقعي کان پوءِ تون پنهنجي شرافت ثابت نه ڪري سگھندين. ڇو ته ان خالق ڪاريگر رڳوسهڻا ڇوڪرا ڪونه خلقيا آهن، جو تو جھڙا فقير اُنهن کي ڏسي دل ڦرائيندا وتن.. رب سائينءَ جي ڪاريگري نئين ڄاول ٻار ۾ به آهي. خالق جي ڪاريگري ڏسڻي اٿئي ته اُٺ کي ڏس، ته خالق ڪئين خلقيو اٿس. يا هروڀرو ’چين چگل (ترڪستان جو هڪ شهر، جتان جو حسن مشهور آهي) جا سهڻا ڇوڪرا ڏسي رب جي ڪاريگري تي حيران ٿيئه. باقي تنهنجي اِها ڇاڻي بازي واري ترڪيب نه هلندي.‘

    سو اسان جي به صرف اُنهن صوفين تي تنقيد هئي، جيڪي جنسي گپ ۾ ترڪي پيا هيا. حقيقت اها آهي ته صوفين جيترو پاڻ تي تنقيد ڪئي آهي، شايد ڪنهن ٻي طبقي ڪئي هجي. جيڪڏهن ان حوالي سان سندن تخليق ڪيل ادب پيش ڪجي ته هڪ زخيم ڪتاب جُڙي وڃي. هڪ اهڙي حڪايت شيخ فريد الدين عطار پنهنجي ڪتاب ’منطق الطير‘ ۾ به ڪئي آهي:
    شيخ ابو بڪر نيشاپوري جي ڳالهه
    هڪڙي دفعي شيخ ابو بڪر نيشاپوري پنهنجي مريدن سان گڏ، هڪڙي گڏهه تي سوار، ڪنهن رستي تي وڃي رهيو هيو ته اوچتو سندس گڏهه ٽٽ ڏنو. شيخ ان سبب حال ۾ اچي نعرا هڻڻ ۽ ڪپڙا ڦاڙڻ لڳو. مريدن کي اِها ڳالهه پسند نه آئي. اُنهن مان هڪڙي پڇيس: ’آخر ڪهڙي سبب، اوهان ان حال ۾ اچي ويا؟‘
    جواب ڏنائين، ’مان مريدن جي وڏي مجموعي کي ڏسي خيال ڪيو ته مان با يزيد بسطامي (هڪ عظيم صوفي) کان گھٽ ناهيان ۽ سڀاڻي قيامت جي ڏينهن به اِنهيءَ عزت ۽ ناز سان محشر جي ميدان ۾ ويندس. جڏهن هي خيال ڪيم ته اتفاق سان گڏهه ٽٽ ڏنو. ائين ڪرڻ سان گويا هن مون کي جواب ڏنوته جو به شخص اهڙي لٻاڙ هڻي ٿو،سا گڏهه جي ٽٽ مثال آهي. ان سچ ڪري منهنجو اندر تڙپي اُٿيو ۽ مان حال ۾ اچي ويس.‘

    پنهنجو پاڻ تي پاڻ تنقيد ڪرڻ وڏي جرئت آهي. شيخ سعدي پاڻ شاعر هيو پوءِ به هن شاعرن تي تنقيد ڪئي.
    گلستان مان هڪ شاعر جي حالتِ زار جو قصو ملاحظه ٿئي. جيڪو اسان جي اڄ جي درٻاري شاعرن جھڙو آهي.
    شاعر ۽ ڌاڙيل
    هڪڙو هو شاعر، جيڪو ڌاڙيلن جي سردار وٽ وڃي پهتو. ان جي تعريف ۾ ڪجهه شعر پڙهيائين. پر ڌاڙيل ڪنهن ٻي خيال ۾ هو، تنهن ٻين ڌاڙيلن کي حڪم ڏنو ته هن شاعر جا ڪپڙا لهرائي، ننگو ڪري ٻاهر ڪڍوس. شاعر ويچارو اگھاڙو ٻاهر نڪتو ته سياري جي موسم هئي، پارو ڄائو پيو هو. هيءُ ٿڙڪندو جئين ئي اڳتي هليو، تئين ڪتن جي لوڌ مٿس حملو ڪيو. شاعر ويچارو نوڙي پٿر کڻڻ لڳو ته جئين ڪتن کي هڻي، پر پٿر پٽجي نه سگھيو. چوڻ لڳو: هي ڪهڙا ڪميڻا ماڻهو آهن، جو ڪتن کي ڇوڙي ڇڏيو اٿن ۽ پٿرن کي ٻڌي ڇڏيو اٿن.‘
    ڌاڙيلن جي سردار ڪٿان شاعر جو اِهو حال ڏٺو پئي، هن جا چيل اکر ٻڌي کلي ڏنائين ۽ اتان سڏ ڪري چيائينس، ’اي سياڻا!‘ هيڏانهن موٽي اچ. جيڪو گھرڻو هجئي، اُهو گھر!‘ شاعر چيو، ’مون کي رڳو منهنجا ڪپڙا ڏيو. مون لاءِ اِهو انعام ئي ڪافي آهي. ٻيو توهان جو ڪجهه نه گھرجي، آءٌ ڪنهن چڱائي جي اميد رکي آيو هوس، چڱائي نٿا ڪريو، برائي ته نه ڪريو.‘
    اِهو ٻڌي ڌاڙيلن جي سردار کي رحم اچي ويو. حڪم ڪيائين ته هن کي ڪپڙا واپس ڪريو. پر وڌيڪ وڳو به ڏيوس. پوءِ ٻيا انعام و اڪرام ڏئي واپس ڪيائونس.
    ڳالهه هلي هئي پاڻ تي خود تنقيد واري ادب جي ته مون کي خليل جبران ياد اچي ويو. جنهن جا اِهي لکيل جملا ڏاڍي گهرائي ۽ گيرائي رکندڙ آهن:
    ”جڏهن اوهان آڱر جي اشاري سان ڪنهن جي گريبان طرف اشارو ڪيو ٿا، ته اُنهن ٽن آڱرين کي به ڏسو، جيڪو توهان جي گريبان طرف اشارا ڪن ٿيون.“
    خليل جبران به مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جي حوالي سان مقبول اديب هيو، 1960ع جي ڏهاڪي ۾ ته سندس بهترين وڪرو ٿيندڙڪتاب ليکيا ويندا هيا. سندس مثاليت سان ڀرپور ڪهاڻيون، ڪنهن اهڙي تخلياتي دنيا ۾ گهلي وينديون هيون جتي سچائي ۽ معصوميت جي موجود هوندي هئي. ان به ڪيتريون ئي مختصر مختصر ڪهاڻيون لکيون ۽ سندس ڪهاڻين جو تمثيلي انداز ايڏو ته خوبصورت ۽ دلپذير آهي، جو پڙهندڙ اُن جي سحر ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿو. سندس تمثيلي انداز ۾ لکيل هي ڪهاڻي پڙهو ۽ غور ڪيو:
    ڪورو ڪاغذ
    ڪاغذ جي هڪ سفيد ورق چيو، ’آءٌ بي داغ بڻايو ويو آهيان ۽ هميشه بي داغ رهندس، مان سڙي خاڪ ۾ تبديل ٿيڻ زياده پسند ڪندس، بجاءِ ان جي ته ڪا مس مون کي ڇُهي ۽ داغدار ڪري.‘
    جو ڪجهه سفيد ورق چيو، مس اُهو ٻڌي ورتو ۽ پنهنجي اندر کلي ويٺي. ليڪن اُن جي قريب وڃڻ جي همت نه ڪئي.
    رنگبرنگي پينسلن به ٻڌو، اهي به اُن جي نزديڪ نه ويون ۽ ڪاغذ جو سفيد ورق اهڙيءَ طرح بي داغ رهيو، بي داغ ۽ صاف_ ليڪن ڪورو_‘

    هڪ دفعي مان ڪليات خليل جبران جو اردو ترجمو پئي پڙهيو_ منهنجي اِها عادت آهي، ته مان سٺن ڪتابن کي بار بار پڙهندو آهيان، ائين جيئن ڪنهن سٺي دوست سان بار بار ملاقات ڪجي ۽ حظ حاصل ڪجي.
    منهنجي ڀرسان، منهنجو ڀائٽيو ’وينجھار‘ ويٺو هيو، اُن چيو ’اَبُـو، جيڪو تون پڙهين ٿو، اِهو مون کي پڙهي ٻڌاءِ!‘
    مون مشڪي کيس اِها ڪهاڻي ٻڌائي. ’وينجھار‘ ٻُڌي چيو، ’پوءِ ته اِهو ڪاغذ ڦاٽي پوندو.‘
    ’ڇو؟‘ مون پڇيو.
    ’جڏهن اُن تي نه لکبو، ته بيڪار ٿي ويندو.‘
    مون کي اِهو تبصرو ايڏو وڻيو ۽ مون سوچيو ته واقعي مابعد جديديت جو اِهو نظريو صحيح آهي، ته جتي ليکڪ جي تخليق ختم ٿئي ٿي، اُتان پڙهندڙ جي تخليق شروع ٿئي ٿي ۽ هن ’وينجھار‘ ته تمثيلي ڪهاڻيءَ جي تهه تائين پهچي ڪمال ڪري ڏيکاريو. تڏهن ته چيو ويندو آهي ته ٻار ماڻهوءَ جو پيءُ آهي. Child is father of men.
    ڪجهه وڏن پڙهيل اديبن جو خيال آهي ته تمثيلي ڪهاڻيءَ جي ضرورت صرف جبر واري دؤر ۾ هوندي آهي ۽ هاڻي تمثيلي انداز ۾ لکڻ بي سود آهي پر مان عام ليکڪ جي حيثيت سان چوان ٿو ته تمثيل ۾ ڏاڍي خوبصورتي ۽ خيالن جي گھرائي هوندي آهي. هڪ سٺو پڙهندڙ ان تي ائين سوچي نتيجو ڪڍي سگھي ٿو جئين منهنجي پنجن سالن جي ڀائٽي ’وينجھار‘ ڪڍيو.
    لطيف سائين جي شاعري به ته تمثيل جو شاهڪار آهي. ڇو ته تمثيل ۾ معنائن، مطلبن، مقصدن جا درياهه وهن ٿا. لطيف سائين جي هيٺين شعر کي لطيف جا پارکو ان ڪري پنهنجي مرتب ٿيل شاهه جي رسالي مان خارج ڪن ٿا، جو شاهه سائينءَ رنڊيءَ جي تمثيل ڏني آهي.
    لنڊيون لک لهن،جي ڏين ڏيهاڙي ڏيهه کي،
    ستيون ڪوهه ڪجن، جي سانڍي رکن سيل کي.


    ڳالهه هلي هئي خليل جبران جي تمثيلي ڪهاڻيءَ تان، ته پوءِ ڇو نه ڪجهه ٻين تمثيلي مختصر مختصر ڪهاڻين جو به ذڪر ٿي وڃي. دراصل عربي ۾ تمثيلي ادب به پراڻي دؤر کان هلندڙ هيو. عربي ادب مان ورتل 14 سئو سال اڳ جي هڪ ڪهاڻي/آکاڻي هتي پيش ڪجي ٿي:
    ڏيڏر ۽ وڇون
    هڪ وڇون ۽ ڏيڏر هڪ ڏينهن نيل نديءَ جي ڪناري تي مليا. ٻنهي ڄڻن دريا جي ٻي پار وڃڻ پئي گھريو. ڏيڏر کي ته ڪنهن ٻيڙيءَ جي سهاري جي ضرورت نه هئي البت وڇونءَ کي ٻيڙي ۾ لڪي ويهي وڃڻو هيو. ڏيڏر، وڇون کي چيو ته هو وڇونءَ کي پٺيءَ تي کڻي ٻي پار وٺي وڃي سگھي ٿو،ان شرط سان ته وڇون کيس ڏنگ نه هڻي. وڇون واعدو ڪيو، ته هو ائين نه ڪندو. ڏيڏر، وڇونءَ کي پٺيءَ تي چاڙهي نيل نديءَ جي ٻي ڪناري تي پهتو. وڇونءَ سندس پٺيءَ تان لهڻ کان اڳ ڏيڏر کي ڏنگ هڻي ڪڍيو.ڏيڏر تڙپڻ لڳو. تڙپندي وڇونءَ کي چيائين: ”تو واعدي خلافي ڇو ڪئي؟“
    وڇونءَ جواب ڏنو، ’اسان ٻئي عرب آهيون .... يا ناهيون ...؟ ٻڌاءِ ...!؟‘‘
    اِها لوڪ ڪهاڻي پنهنجي دؤر جي عربن جي سماجي نفسياتي ڪيفيتن جي عڪاس آهي. ڪي تمثيلي ڪهاڻيون ڏاڍيون پر مغز ۽ پر خيال هونديون آهن، جئين انجيل ۾ حضرت عيسيٰ جي حوالي سان هڪ ڪهاڻي تمثيلي انداز ۾ بيان ٿيل آهي.
    ٻج ۽ ٻني
    ”ڏسو، هڪ ٻج ڇٽڻ وارو، ٻج ڇٽي نڪتو. ڇٽڻ وقت ڪجهه ٻج رستي جي پاسن تي ڪريا ۽ پکين اچي، اُنهن کي چڳي ڇڏيو. ڪجهه پٿريلي زمين تي ڪريا، جتي اُنهن کي وڌيڪ مٽي نه ملي ۽ گھرائي واري مٽي نه ملڻ سبب جلدي ڦٽي پيا ۽ جڏهن سج نڪتو ته سڙي ويا. ڪجهه ڊڀن ۾ ڪريا، ڊڀ وڌيا ته اُهي دٻجي ويا، ڪجهه سٺي زمين تي ڪريا ۽ ڦريا. پوءِ انهن مان ڪي سٺوڻ ۽ ڪي ٽيهوڻ ٿيا ... جنهن جا ڪن هجن، اُهي ٻڌي وٺن.‘‘

    تمثيلي ڪهاڻيون نه صرف وچ اوڀر ۾ هلندڙ هيون پر برصغير ۾ به تمثيلي ڪهاڻيون سمجھاڻي ڏيڻ لاءِ هڪ بهترين ذريعو هيون. ان حوالي سان مان اڳ ئي پنج تنتر جو ذڪر ڪري چڪو آهيان، پر نوبل انعام يافته اديب رابندر ناٿ ٽئگور جون به مختصر مختصر تمثيلي ۽ علامتي ڪهاڻيون به نزاڪت جو اعليٰ نمونو آهن. هڪ ڪهاڻي هتي حاضر خدمت آهي:

    بانسري وارو
    ’’سج لهي چڪو آهي ... پاڇو زمين تي لهي آيو آهي ... اِهوئي وقت آهي ته مان پنهنجي صراحي ڀرڻ لاءِ جھرڻي تي وڃان ... شام جي هوا، وهندڙ پاڻيءَ جي غمگين راڳ تي مست آهي ۽ مون کي اونداهي سڏي رهي آهي.
    ان سنسان رستي تي ڪوئي هلڻ وارو ناهي ... هوا تند ۽ تيز آهي ...درياهه ۾ لهرون پاڳل ٿي ويون آهن. اِهو به معلوم ناهي ته گھر واپس به اچي سگھان يا نه .... ڪهڙي خبر ڪير رستي ۾ ملي وڃي ... اُُتي هڪ سونهري ڪشتي ۾ ويٺل هڪ شخص، جنهن کي مان سڃاڻان به نه ٿي، بانسري وڄائي رهيو آهي.‘‘

    مذڪوره ڪهاڻي مختصر هئڻ جي باوجود به ڪيڏي نه خوبصورت آهي. اوهان غور ڪندءُ ته اوهان کي هڪ اهڙي عورت جو ڪردار ملي ٿو، جيڪو راڌا يا ميرا سان مشابهه آهي. جيڪي سماج جي رسمن ۽ رواجن جي تيز و تند هوائن مان گذرندي، وقت جي درياهه جي دم ڌڙڪن جي باوجود پنهنجي من جي صراحي کي ڀرڻ چاهي ٿي. سامهون کيس اميدن جي ڪشتي ۾ سندس رهبر ڪرشن ويٺل نظر اچي ٿو.
    مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جي حوالي سان چيني ادب تي به سرسري نظر وجھجي ته بهتر ٿيندو.
    مختصر مختصر ڪهاڻين جو دؤر اُستاد ڪنفيوشس کان ٿورو اڳ جو آهي ۽ ڪنفيوشس (551 ق.م ــ 479 ق.م) جي دؤر ۾ ماڻهوءَ کي ماڻهپي ڏيڻ لاءِ ايڏيون ته مختصر مختصر ڪهاڻيون سرجيون ويون. جو سمجهه ۾ اچي ٿو ته ان وقت جي چيني سماج ۾ عدل وانصاف، رحمدلي، سخاوت ۽ سچائيءَ لاءِ ڪيڏي نه تڙپ هئي. ڌوڪي، ڪوڙ، منافقت، ڊاڙ ۽ لٻاڙ لاءِ ڪيڏي نه نفرت هئي. ۽ اِهو دؤر چين جي ڏاهپ جي حوالي سان سماجي تبديليءَ جو دؤر هيو. زندگيءَ ۽ سماج کي سمجھڻ لاءِ چيني ادب هر حوالي سان دنيا جو امير ترين ادب آهي. هڪ ڪهاڻي اُن دؤر جي ٿي وڃي:

    ڀوتار شن ۽ ڊريگون
    ”شن زهيولانگ‘‘ نالي هڪ شخص ’چائو‘ شهر ۾ رهندو هيو. اُهو پاڻ کي ڀوتار سڏرائيندو هيو. هن کي ڊريگون جون تصويرون وڻنديون هيون. ان ڪري هن پنهنجي محل جي ديوارن، ٿنڀن، دروازن ۽ درين تي ڊريگون جون تصويرون ٺهرائي ۽ اُڪرائي ڇڏيون هيون. نتيجي ۾ ڊريگون سان هن جي محبت مشهور ٿي وئي. اها ڳالهه جڏهن آسمان تي رهندڙ ڊريگون ٻڌي ته هو ڏاڍو خوش ٿيو. هن فيصلو ڪيو ته ڀوتار شن زهيو لانگ سان ملي، سندس ايڏي محبت ڪرڻ جو شڪريو ادا ڪري.
    پر جئين ئي ڊريگون سندس شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ سندس محل ۾ لٿو ۽ سامهون ٿيو ته ڀوتار وٺي ڀڳو. اُنهيءَ کان پوءِ ماڻهن کي خبر پئي ته ڀوتار ’شن‘ کي صرف ڊريگون جون تصويرون وڻنديون آهن، نه ڪي حقيقي ڊريگون.

    ڳالهه هلي چيني مختصر مختصر ڪهاڻيءَ تان ته چين ۾ اڄ به مختصر مختصر ڪهاڻيون مقبول آهن ۽ اهو سلسلو مسلسل هلندڙ آهي پر يورپي ۽ آمريڪي ادب جي نقادن/محققن ۾ به اهو پراڻو مرض آهي ته اُهي هر شئي پاڻ ڏانهن منسوب ڪندا آهن. ڪڏهن دعويٰ ڪندا آهن ته جديد مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جو بنياد 1920ع ۾ رکيو ويو ته ڪڏهن دعويٰ ڪندا آهن ته ان قسم جي ادب جو بنياد ايسپ جي آکاڻين تان پيو. پر مون ڪٿي به ناهي ڏٺو ته ڪنهن چيني اديب جو نالو به کڻن. شايد ان ڪري جو اُهو ڪميونسٽن جو ادب آهي ۽ سندن خيال ۾ ڪميونسٽ انساني معاشري مان خارج آهن.
    20 صدي جي مختصر مختصر ڪهاڻي لکندڙ هڪ مشهور چيني اديب ۽ سندس ڪهاڻيءَ جو ذڪر نه ڪرڻ زيادتي ٿيندي. 1962ع ۾ ’ڪيوهو جو‘ پنهنجي نظريي جي پختگيءَ لاءِ بهترين ڪهاڻيون سرجيون. سندس هڪڙي مختصر ڪهاڻي ’ريڍار‘ نالي هئي. جنهن ۾ هن مائوزي تنگ جي انهي نظريي جي پوئواري ۾ لکي هئي. ته ’جيڪڏهن توهان جنگ کان بچڻ چاهيو ٿا، ته جنگ لاءِ تيار رهو.‘
    ٻي ڪهاڻي ساڳئي ليکڪ ساڳئي دؤر ۾ سامراجي قوتن کي مکين ۽ هاٿيءَ کي محنت ڪشن جي علامت طور پيش ڪيو هيو. سندس ٻي ڪهاڻي هتي نموني طور پيش ڪجي ٿي:
    هاٿي ۽ مکيون
    هڪ هاٿي جھنگل مان محنت سان لاهه ڪڍي رهيو هيو. مکين جا ميڙ چوڌاري ’ڀُون ڀُون‘ ڪندي کيس ذهني عذاب ڏئي رهيا هئا. اُهي ميڙ سندس اکين جي تنرن ۾ چنبڙڻ، پگھر چٽڻ يا سندس ناسن تي ويهي، سندس ساهه بند ڪرڻ ۾ مشغول هئا. بي يارو مددگار هاٿي رڳو پنهنجن ڪنن کي وڃڻي جيان هلائڻ لڳو.
    جڏهن گھڻي ڪم ڪرڻ کان پوءِ هاٿي آرام ڪري رهيو هو ته مکيون وري سندس چوڌاري ميڙاڪو ڪري آيون. هن ڪوشش ڪئي ته انهن کي پنهنجي وڏي سونڊ سان لامارو ڏئي هڪلي. پر اهو سڀ ڪجهه اجايو هو. جڏهن هن انهن کي هڪڙي طرف کان پئي هڪليو ته اهي ٻئي طرف کان حملي آور پئي ٿيون . اڃان هڪ ميڙ کي هڪلي بس پئي ڪيائين ته ٻين پئي اچي ٺڪاءُ ڪيو.
    پنهنجي سونڍ کي زور سان لامارو ڏيندي هاٿي آخر ڪجهه مکيون ماري وڌيون، پر مکيون هيون زور آور، سو چوڻ لڳيون: ’تون بدمعاش! اسان تي تشدد ڪري رهيو آهين، تون اسان جي آزاديءَ ۾ خلل وجھي رهيو آهين. اسان جي خود مختياريءَ ۾ مداخلت ڪري رهيو آهين ۽ اسان جي حدن تي ناجائز قبضو ڪري رهيو آهين!‘
    ’توهان جي حدن تي ناجائز قبضو ...؟ موٽي وڃو پنهنجي بدبودار جڳهن تي.‘ هاٿي وراڻيو.
    ’ٺيڪ آ، اسان وينداسين، جيڏانهن اسان کي وڻندو. دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ ... پر توکي سزا ڏني ويندي. تنهنجي تشدد واري عمل تي، اسان جا ساٿي سڄي دنيا ۾ آهن. ڪالرا، پليگ، پيچش ۽ تشنج سڀئي پنهنجا اتحادي آهن. اسان توکي اگھي ڇڏينداسين. توڙي جو اسان کي توسان هزارين سال وڙهڻو پوي يا ڏهن هزارن سالن تائين تنهنجي انت اچڻ تائين جھيڙينداسي.‘‘
    هاڻي مکين جي ٻين ساٿين به، آواز ڪڍڻ شروع ڪيا ۽ اها ساڳي ئي زبان استعمال ڪيائون، جيڪا مکين ڪئي هئي.

    المقصد ته جن کي اڄ ڪلهه micro fiction سڏيو وڃي ٿو، اُن جا بنياد هزارن سالن کان وٺي پيل آهي. صرف نالا مٽيا ۽ وڌيا آهن. هاڻي ته عددي لفظن جي حوالي سان به ڪهاڻيون آهن. مثلن 55 لفظ ڪهاڻي، 69 لفظ ڪهاڻي، 16 لفظ ڪهاڻي، 8 لفظ ڪهاڻي، 4 لفظ ڪهاڻي، 2 لفظ، 1 لفظ ڪهاڻي، 0 لفظ ڪهاڻي.
    1987ع ۾ 55 لفظ ڪهاڻي جون New Times وارن باقاعده بين الاقوامي مقابلو ڪرايو هيو، هيٺين شرطن تحت:
    1. 55 لفظن کان هڪ لفظ به گھٽ يا وڌيڪ نه هجي.
    2. بيهڪ ڪهاڻي وانگر هجيس يعني شروعات، وچ ۽ آخر.
    3. هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ڪردارن تي مشتمل هجي
    4. منجھس ڪو مسئلو يا مونجھارو هجي
    5. آخر ۾ حل يا نتيجو ڪڍي سگھجي.

    اهڙين ڪهاڻين کي ڪيئي نالا ڏنا ويا آهن. مثلن
    Sudden story, postcard story, minute story, furious, fast, quick, short short story, Bytes, skinning story, palm-sized, little short story, pocket size story, smoking long story, novelties , sketch story. وغير وغيره.
    اردو ۾ انهن کي ’افسانچـﺆ ‘ سڏيو وڃي ٿو. منٽو ڏاڍا سٺا افسانچا لکيا پر اُنهن کي ايڏي پذيرائي نه ملي.
    ويجھڙ ۾ سعيد سومري ويلنٽائين ڊي تي ’پيار ڏهاڙي جي سوکڙي‘ لکي اردو جو هڪ ڪتاب ’کچوکـﺆ‘ نالي موڪليو. جنهن جو مصنف نور محمد قريشي آهي، تنهن جون مختصر مختصر ڪهاڻيون لکيل آهن. جن کي هو ’ڪچوڪي‘ سڏي ٿو. سندس هڪ ڪهاڻي مثال طور پيش ڪجي ٿي:
    پڇتاءُ
    وهندڙ پاڻيءَ ۾ پنهنجي جان خطري ۾ وجھي، اُن کي ڪناري تائين آندائين ۽ زيور لاهي، وري اُن کي پاڻيءَ جي سپرد ڪيائين. ان افسوس سان ته تازي هجي ها ته پنهنجي باهه ڪڍي ها.

    هاڻي ته ڪافي اديب سنڌي ۾ به لکي رهيا آهن. انهيءَ ڪري اهڙين ڪهاڻين کي ڪوبه حتمي نالو ڏئي ڇڏجي. مثلن:
    1 . افسانڙا. 2. مختصر مختصر ڪهاڻي. 3- ننڍڙي مختصر ڪهاڻي. 4- ننڍيرڙي ڪهاڻي وغيره وغيره.
    پر مان سمجھان ٿو ته هڪ اهڙي ڪهاڻي، جيڪا عام مختصر ڪهاڻي(common short story) کان به وڌيڪ مختصر هجي ته ان کي مختصر مختصر ڪهاڻي (short short story) سڏڻ بهتر رهندو. ڊيگهه/طوالت جي حوالي سان منهنجي راءِ اها آهي ته اهڙي ڪهاڻي هڪ صفحي يا 300 لفظن کان وڌيڪ نه هجڻ گھرجي.

    ترقي يافته ٻولين ۾ سائنسي افسانوي ادب گھڻو مقبول آهي. سائنسي افسانوي ادب ۾ ناول ۽ افسانه ته جام آهن پر هاڻي ته مختصر مختصر ڪهاڻيون به لکيون وڃن ٿيون.
    هڪڙو مثال پيش خدمت آهي.
    تنهنجي هن دنيا ۾ اچڻ جو مقصد ڪهڙو آهي؟
    هڪڙو مثبت، ته وڻن ٽڻن جي زندهه رهڻ لاءِ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪيان.
    ٻيو منفي، ته ڪمري ۾ ويٺل ماڻهن جي حصي جي آڪسيجن کڻي وڃان.

    ٻي هڪڙي 6 لفظ ڪهاڻي به ان حوالي سان پيش ڪجي ٿي:

    ڊائونسار موٽن ٿا
    ڊائونسار موٽيا، تيل واپس گھرڻ لاءِ.

    مٿئين ڪهاڻي اِن سائنسي نظريي تي ٻڌل آهي، ته تيل/پيٽرول پنڊ پهڻ ٿيل ڊائونسار يا زمين اندر دٻيل حياتياتي مواد مان نڪرندو آهي.
    سائنسي ادب کان علاوه سماجي پهلوئن تي به مختصر مختصر ڪهاڻيون آهن، مثلن: 4 لفظ ڪهاڻي
    پاڳل ماڻهو ۽ مان
    مان پاڳل نه آهيان
    2 لفظ ڪهاڻي، مثلن:
    گھريل دعا جو جواب
    بلڪل ... نه!
    (مطلب ته گھريل دعا نه اگھامي)
    1 لفظ ڪهاڻي ، مثلن:
    جي خدا مون سان آهي، ته پوءِ ڪير مخالفت ڪندو.
    مان
    0 لفظ ڪهاڻي: مثلن،
    وقت جو بهترين پل
    انٽرنيٽ تي اهڙي قسم جون ڪيتريون ڪهاڻيون رکيل آهن، جن ۾ خاص ڪري اڄ ڪلهه اسٽينلي بيوبن جون ڪهاڻيون عام جام موجود آهن.
    پر ڇا اهڙي قسم جون ڪهاڻيون اڳ به موجود هيون …؟ ان سوال جو جواب آهي ته ’ها، پهاڪن ۽ چوڻين جي صورت ۾.‘
    ان حوالي سان اسان جي دوست ’انجنيئر عبدالوهاب سهتو‘ موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪن ۽ چوڻين نالي هڪ ڪتاب لکيو. تنهن پنهنجي مقدمي ۾ ’مثالي ٽوٽڪا يا ڪهاڻي‘ جي وصف هن طرح بيان ڪئي آهي:
    ’ٻن ٽن سٽن يا هڪ پيراگراف کان وٺي اٺن ڏهن پيراگرافن منجهه بيان ڪيل وارتا، جيڪا مثال طور تي ٻڌائي وڃي، ان کي مثالي ٽوٽڪو يا ڪهاڻي سڏيو ويندو آهي.
    مثال: ٻُڏيءَ ٻيڙي جون هريڙو به ڀليون
    ان پس منظر ۾ ڄاڻايل هڪ ڪهاڻي هت پيش ڪجي ٿي:
    ’سامان سان ڀريل ٻيڙي هڪڙي پتڻ کان ٻئي تي پُور کنيون پئي وئي ته واٽ تي طوفان سبب اونڌي ٿي پئي. ماڻهو جيئين تئين بچيا پر سامان سارو درياهه داخل ٿي ويو. هريڙن جي هڪڙي ٻوري پئي تري، جيڪو ناکئو صحيح سلامت ٻاهر ڪڍي آيو ته اهو ڏسي مالڪ چيو، ’ٻُڏيءَ ٻيڙيءَ جون هريڙيون به ڀليون.‘
    مطلب ته اهڙي قسم جا پهاڪا يا چوڻيون ٻڙي ڪهاڻيون آهن. جنهن جي عنوان ٻڌڻ سان ماڻهوءَ کي پس منظر ۾ ڪهاڻي/آکاڻي/حڪايت وغيره ياد اچي وڃي ٿي. اڄ ڪلهه جي ٻڙي ڪهاڻين کي سمجھڻ لاءِ ضروري آهي ته نئين دؤر جي حوالي سان درست ادراڪ هجڻ کپي، نه ته اُهي اسٽوري بائيٽس يا مختصر مختصر ڪهاڻيون مڪمل نه سمجھي سگھبيون. جئين اسان اڳ ۾ ’ڊائنوسار موٽن ٿا‘ ڪهاڻي مثال طور پيش ڪئي آهي.
    بهرحال موجوده دؤر ۾ مختصر مختصر ڪهاڻيءَ بابت اِهو نظريو Less is More ائين آهي، جئين سولي سنڌيءَ ۾ چئبو آهي ته ’ٿورو لکيو، گھڻو سمجھندا.‘
    بس مختصر مختصر ڪهاڻي به ائين آهي، يعني ٿورن لفظن ۾ سمجهه داري واري وڏي ڳالهه ڪرڻ ـــــ يعني درياهه کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ. پر جي ان ۾ ليکڪ ڪامياب نه ٿو ٿئي، ته پوءِ پاڻ کي ناڪام سمجھي يا ائين سمجھي ته ان لفظن جو اجايو استعمال ڪيو آهي!
    لفظن جي استعمال جي حوالي سان استاد سقراط چيو آهي:
    Misuse of the words is the great sin
    (لفظن جو غلط استعمال دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي.)
    منهنجي ڪهاڻين جي هن چوٿين مجموعي ’ڀؤنرن جي انتظار ۾‘ اهڙين ڪهاڻين پيش ڪرڻ جو مقصد اِهو به آهي ته اسان سنڌي ادب ۾ سرجندڙ مختصر مختصر ڪهاڻيءَ کي به پنهنجي ادب جو اهم حصو بڻايون.
    اِهوئي مقصد اسان جي نوجوان ليکڪ ۽ پبلشر سعيد سومري جو پڻ آهي ته سنڌي ڪهاڻيءَ کي دنيا جي جديد عالمي ادب جي قطار ۾ بيهارجي. ٻنهي جي ڪوشش، پڙهندڙن آڏو آهي ۽ پڙهندڙ ئي وڏا منصف آهن.
    منظور ڪوهيار
    Cell: 0343-3629448


    مختصر مختصرڪهاڻيون

    سدا بهار

    صبوح صبوح سان ماکيءَ جي مک، سدا بهار جي گُلن کي چوُسڻ لڳي. سدا بهار جي ٻُوٽي احتجاج ڪندي چيو:
    ” تون هر موسم ۾ پهريان پهريان منهنجي گلن جو رَسُ چُوسي هلي وڃين ٿي، اِها زيادتي آهي!“
    ماکيءَ جي مک کلندي وراڻيو:
    ” جي سدا بهار سڏائيندين، ته ائين ئي ٿيندءُ.“

    *


    ٻلي جو خواب

    هڪ ٻلي خواب ۾ ڏٺو، ته شهر جا دادگير ڪتا سندس اتحادي ٿي ويا آهن. هو کيس ڇڇڙا کائيندي ڏسي، نه مٿائنس ڀؤنڪن ٿا ۽ نه وري ڪڍ پون ٿا.
    هُن ٻي ڏينهن تي پنهنجي برادريءَ وارن کي اِهو خواب ٻڌايو ۽ دعوى سان چيو ته سندس خواب سچو آهي. جنهن تي سڀني حيرت جو اظهار ڪيو.
    پوءِ هڪ ڏينهن ٻلو، جڏهن آرام سان سياسي گند جي ڍير تان ڇڇڙا کائي رهيو هيو، ته شهر جي هڪ داداگير ڪتي جي مٿائنس نظر پئجي وئي. هُن ڀؤنڪي پهريان پنهنجي برادري وارن کي سڏيو ۽ پوءِ رُومڙ ڪندي ٻلي جي ڪڍ پئجي ويا. ٻين ٻلن اتفاق سان گهرن جي ڀتين تي هلندي اِهو نظارو پئي ڏٺو ۽ جڏهن ڀڄندڙ ٻلي ڀت تي چڙهي جان بچائي ته ٻين ٻلن پڇيس:
    ” ڀائو جي تنهنجي خواب مطابق، اِهي تنهنجا اتحادي آهن، ته تون ڀڄين ڇو پيو؟“
    ” ادا، اڄ خبر پئي، ته ٻلي جي خواب جو ڪتن وٽ ڪو قدر ڪونهي!“


    صوفي گڏهه ۽ گڏهه صوفي

    هڪ صوفي گڏهه تي چڙهي، هڪ خانقاهه کان ٻي طرف پئي ويو. گڏهه نحيف ۽ هلڻ ۾ هلاڪ هيو. تنهن شڪايت ڪندي چيس:
    ” جڏهن تون چوين ٿو ته هر شيءَ ۾ خدا رسي وسي ٿو، ته پوءِ مون کي تون ايڏي تڪليف ڇو ٿو ڏين؟“
    صوفي وراڻيو، ”تنهنجي تڪليف، منهنجي تڪليف آهي. تون ائين سمجهه ڄڻ مان پاڻ تي ويٺو آهيان ۽ پاڻ کي هڪلي رهيو آهيان“
    اِهو ٻڌي، گڏهه چيو:
    ”اِن جو مطلب ته تون صوفي گڏهه ۽ مان گڏهه صوفي آهيان؟“
    صوفي وراڻيو، ”بيشڪ، تو ۾ ۽ مون ۾ صرف ايترو ئي فرق آهي.“

    *


    سياسي مفاهمت

    اٻوجهه، سٻوجهه کان پڇيو:
    ”سياسي مفاهمت ڇاکي چئجي ٿو؟“
    سٻوجهه وراڻيو:
    ” ٿڪُ اڇلي، پوءِ چٽڻ کي، اڄڪلهه سياسي مفاهمت چيو ويندو آهي!“

    *


    آب حيات ۽ اديب

    ”ساڃاهوند ۽ سپورنج اديب هڪ ٻئي پٺيان مرندا ٿا وڃن، آخرڪار سنڌي ادب جو ڇا ٿيندو؟“هڪ اديب، ڳڻتيءَ وچان، ٻي اديب کان پڇيو.
    ” واقعي سنڌي ادب خطري ۾ آهي. جيڪڏهن پاڻ ويهي اِهو ليکو ڪنداسين ته هاڻي وڌ ۾ وڌ ٻه وڏا اديب بچيا آهن.“ ٻي اديب ليکو چوکو ڪندي وراڻيو.
    ” تنهنجي نظر ۾ اُهي ٻه وڏا اديب ڪهڙا آهن؟“
    پهرين اديب ڳڻتي وچان پڇيو.
    ” جواب صاف ظاهر آهي ... هڪ تون ۽ ٻيو آءٌ .“ ٻي اديب کلي وراڻيو.
    پهرين اديب غمگين ٿيندي چيو، ”جيڪڏهن اسان به خدانخواسته مري وياسين، ته پوءِ سنڌي ادب جو ڇا ٿيندو؟“
    ٻي اديب جواب ڏنو، ’’ادبي تاريخ جو اِهو هڪ وڏو الميه ٿيندو. اِن ڪري پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪونه ڪو اُپاءُ وٺڻ گهرجي“
    ” ڪهڙو اُپاءُ؟“پهرين اديب پڇيو.
    ” سڄاڻ ڌرين کان اِهو مطالبو ڪرايو وڃي، ته ثقافت کاتو مهان اديبن کي بچائڻ لاءِ آب حيات جو انتظام ڪري“
    ” زبردست آئيڊيا آهي.“
    ٻي اديب، پهرين جي تائيد ڪندي چيو.

    *


    محنت جي عظمت

    دلدل گهوڙو جيڪو ڪجهه نه ڪندو هيو، ته به سندس عزت وتڪريم ٿيندي هئي، سندس آڏو هاڏر ۾ سدائين ڪُتر، ڪڙٻ يا ڪٽي پئي هوندي هئي. خدمتگار هر وقت سندس مهٽ سهٽ ۾ لڳا پيا هوندا هيا.جڏهن ته عام گهوڙو بگي ڇڪيندي به هر وقت چهبڪن جي ضد ۾ هوندو هيو.
    هڪ ڏينهن امام بارگاهه جي ڀر ۾ بيٺل دلدل گهوڙي کان، عام گهوڙي هڻڪندي پڇيو:
    ” تو ۾ آخر ڪهڙي خاص ڳالهه آهي، جو محنت نه ڪرڻ جي باوجود به ايترن مزن ۾ آهين؟“
    دلدل گهوڙي وراڻيو:
    ”آءٌ هڪ عظيم هستيءَجي نالي سان منسوب آهيان، اِن ڪري مزن ۾ آهيان.“
    عام گهوڙي ٿڌو ساهه ڀريندي وراڻيو:
    ”آهيون ته ٻئي گهوڙا، پر لڳي ٿو ته دنيا اڃا محنت جي عظمت ۾ ايمان نٿي رکي.“
    *


    ڀؤنرن جي انتظار۾

    چمن ۾ گل ٽڙيا. ڪجهه عرصي کان پوءِ مرجھائجي ڇڻڻ لڳا،
    تڏهن هڪ گل ٻئي کان پڇيو:
    ’’ڀنؤرڪٿي آهن؟“
    ”لڳي ٿو مري ويا آهن.“ ٻئي گل ٿڌو ساهه ڀريندي وراڻيو.

    *


    جهانديده مستري

    نوجوان مستري، پنهنجي اُستاد کي دل جو احوال ٻڌائيندي صلاح ورتي:
    ” اُستاد منهنجي گهر واري مون سان ٺهي ئي نه ٿي. سال ٿي ويو آ شاديءَ کي، پئي ٿي چڀُ چڀُ هلي!“
    ”ٻچا، جي مڙس ڪوڪي جيان ۽ زال جُتيءَ جيان هوندي، ته پئي چُڀ چُڀ هلندي.“
    ”پوءِ ڇا ڪجي؟“
    ”ٻچا جي مڙس بولٽ جيان ۽ زال نٽ جيان ٿي رهندي ته مسئلو حل ٿي ويندو.“
    *


    اڳٺ نڪتـل سٿڻيون ۽ عوام

    هڪ وزير، پنهنجي داناءَ مشير کان پڇيو:
    ”اڄڪلهه عوام ڏاڍو تنگ ٿو ڪري. جتان لنگهئون ٿا. اسان کي ڏسي، ٻئي هٿ مٿي ڪري اسان جي خلاف نعرا ٿو هڻي. اِن جو ڪو حل ٻڌاءِ؟“
    مشير وراڻيو، ”سائين، عوام جي سٿـڻين ۾ اڳٺ وجهڻ تي پابندي هڻائي ڇڏيو.“
    وزير کي اِها ڳالهه ڏاڍي وڻي. هن اهڙي قسم جو بل اسيمبليءَ مان منظور ڪرائي ڇڏيو. اُن ڏينهن کان وٺي عوام جا ٻئي هٿ سٿـڻن ۾ آهن.

    *


    اعتراف

    خدا پنهنجي بندي کان پڇيو:
    ” تون ڇا ٿو ڪرڻ چاهين؟“
    بندي وراڻيو:
    ”ڪجهه به نه!“
    خدا چيو:
    ”اِن جو مطلب ته مون توکي اجايو تخليق ڪيو؟“
    بندي وراڻيو:
    ”تو مون جهڙا کوڙ اجايا تخليق ڪيا آهن، آءٌ ڪو هڪڙو ته نه آهيان.“
    ”واقعي مون مقدار تي وڌيڪ ۽ معيار تي گهٽ توجهه ڏنو. “
    خدا اعتراف ڪندي وراڻيو.

    *


    نئين گدڙ سنگهي

    هڪ سرڪاري ماتحت، ٻي کان پڇيو:
    ” تون باس کان نه ٿيندڙڪم به ڪرائي وڃين ٿو. آخر تو وٽ اُها ڪهڙي گدڙ سنگهي آهي...؟!
    ٻي کلندي وراڻيو:
    ”مان باس کي پيسا سنگهائيندو آهيان!“

    *


    پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو ٿا هڻن

    ننڍڙو شيام ڪمار اغوا ٿي ويو.
    مائٽن ڀنگ ڀري کيس آزاد ڪرايو.
    ته هن پهريون سوال پنهنجي پيءُ جيئند راءِ کان اِهو ڪيو:
    ”بابا، مسلمان اسان کي اغوا ڇو ٿا ڪن؟“
    جيئندراءِ جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. هن ٿڌو ساهه ڀريندي وراڻيو:
    ”پٽ، اسان کي اغوا نه ٿا ڪن، پر پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو ٿا هڻن!“
    اِها ڳالهه ننڍڙي شيام ڪمار کي سمجهه ۾ نه آئي.

    *


    ويچارو پاڪستاني

    هڪ پاڪستاني صحافي کان، ڪنهن ٻاهرين ملڪ جي صحافي پڇيو:
    ’’پاڪستاني ما ڻهو جو روز مرهه جو ڪم ڪيئن ٿو هلي؟“
    پاڪستاني صحافيءَ وراڻيو:
    ”زال چويس ٿي، ڊو مور!
    باس چويس ٿو، ڊو مور!
    آمريڪا، چويس ٿو، ڊو مور!
    هاڻي ٻڌاءِ، ته ويچارو پاڪستاني ڪيڏانهن وڃي؟“

    *


    ڪانءُ ٿو ڏونگهي کائي

    ”سائين ٻڌو آهي ته ستر سالن جي عمر رسيده سياستدان، جيڪو ڏوهٽن ۽ پوٽن وارو آهي. تنهن مڇن ۽ وارن کي رنگ هڻي، ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي آهي. ڇا اِهو ظلم ناهي؟“ اٻوجهه، سٻوجهه کان سوال ڪيو.
    سٻوجهه کيس پيار سان سمجهائيندي چيو.
    ” چريا ائين ناهي چئبو؟“
    ته پوءِ تون ئي کڻي ٻڌاءِ، ته ڇا چئبو آهي؟“
    اٻوجهه ترش لهجي مان پڇيس.
    سٻوجهه سنجيدگيءَ سان وراڻيو:
    ”چئبو آهي، ڪانءُ ٿو ڏونگهي کائي. “

    *


    رني ڪوٽ جا مورک

    رني ڪوٽ تي ڀانت ڀانت جامؤرخ ۽ آثار قديمه جا ماهر، هڪ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ گڏ ٿيا.
    هڪ دعوى ڪئي : ”هي قلعو ميرن جي دؤر جو ٺهيل آهي.“
    هن پنهنجي دعوى کي درست ڪرڻ لاءِ ويهن صفحن تي مشتمل مضمون پڙهيو.
    ٻي دعوى ڪئي، ” هي راءِ گهراڻي جي دؤر جو قلعو آهي. “
    هن تاريخي دليلن سان ٽيهن صفحن تي مشتمل مقالو پڙهيو.
    ٽئين دعوى ڪئي، ”هي قلعو ساساني دؤر جي نشاني آهي، جڏهن سنڌ فارس جي شهنشاهن جي هٿ هيٺ هئي.“
    هن چاليهن صفحن کي تاريخي حوالن سان سينگاري پيش ڪيو.
    چوٿين چيو، ”هي ڪوٽ سنڌ جي مهان حڪمران ۽ مهاڀارت جي جوڌي راجا جئدرٿ جي زال راڻي دوشالا ٺهرايو هيو.“
    هن پنهنجي دعوى کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ تاريخي ۽ ڏند ڪٿائي حوالا ڏيندي، پنجاهه صفحن تي مشتمل آرٽيڪل پڙهيو.
    ڪانفرنس ۾ ويٺل هڪ عام ماڻهو، جيڪو مختلف دعوائون ٻڌي تنگ ٿي پيو هيو، تنهن اُٿي بيهي، وڏي واڪي چيو:
    ”حقيقت اِها آهي ته هن عظيم الشان ڪوٽ کي هڪ وڏي مورک ٺاهيو هيو، ته جيئن ايندڙ وقت جا مؤرخ ۽ ماهر پنهنجي مورکائپ جو اظهار ڪندا رهن!“
    اِهو ٻُڌي محققن کيس ڪانفرنس مان ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو.

    *


    ديوارن ۾ ساهه کڻندڙ

    هڪ اٻوجهه، پنهنجي سٻوجهه دوست کان پڇيو:
    ”ديوارن تي سياسي پارٽين جا نالا ڇو لکيل هوندا آهن؟“
    سٻوجهه دوست وراڻيو:
    ”اِن ڪري جو اسان وٽ سياسي پارٽيون هاڻ ديوارن ۾ ساهه کڻنديون آهن!“
    *


    زردار ۽ نادار

    هڪ نادار جڏهن زردار سان مليو ته مٿائنس هزارين لعنتون وجهندي چيائين:
    ”او زردار! تون مونکي ايترو ته نادار ڪري ڇڏيو آهي. جو هاڻي منهنجي مٿان غربت جو ڪيئي لڪيرون گذري ويون آهن. ڪجهه مون تي رحم ڪر ۽ پنهنجي هوس کي گهٽاءِ!“
    زردار وراڻيو، ”اي بيوقوف نادار، ناداري ته تنهنجي خوشقسمتي آهي ۽ زردار ٿيڻ منهنجي بدقسمتي آهي.“
    نادار وراڻيو، ”مون نه سمجهيو ... وضاحت ڪر!“
    زردار چيو، ”تون سنئون سڌو جنت جو حقدار آهين. جتي توکي ٻاهتر حورون ۽ ڪيئي غلمان ملندا. رهڻ لاءِ عاليشان سونا محل۽ کائڻ لاءِ هزارين قسمن جا ميوا ۽ پيئڻ لاءِ کير ۽ ماکي جون نهرون ۽ وڏي ڳالهه ته شرابن طهورا به توکي ئي ملندو. جڏهن ته مان دوزخ جي باهه ۾ سڙندس، ٽهڪايل ٿوهر جو پاڻي پيئندس ۽ بدترين شيون کائيندس.“
    نادار وراڻيو، ”اِهو آسرو ته ضرور آهي. پر هن دنيا ۾ جيڪا هڪ هڪ گهڙي هزارن ۽ لکن سالن جي عذاب مثل گذري ٿي ... اُن جو ڇا ڪجي؟“
    زردار وراڻيو، ”صبر ۽ مفاهمت سان سهندو رهه، جيستائين قيامت نه اچي.“
    *


    ڪرسي مٿان رکيل ڍونڍ

    هڪ وڏي اداري جا ٻه ننڍا ملازم يعني نائب قاصد، باس جي ڪمري ٻاهران پاڻ ۾ گفتگو ڪري رهيا هيا:
    ”تون جڏهن صاحب جي ڪمري ۾ وڃي ٿو، ته ڪجهه محسوس ڪرين ٿو؟“
    ”مان گهڻو ڪجهه محسوس ڪندو آهيان... نئون نئون هتي آيو آهين، تون ٻڌاءِ؟“پراڻي نائب قاصد، نئين کي چيو.
    ”صاحب، زبردست ڪپڙا پائي ٿو!“
    ”اِها ڪا نئين ڳالهه ڪونهي، سڀ صاحب سٺا ڪپڙا پائيندا آهن... “
    ”صاحب، تمام سٺي پرفيوم هڻندو آهي.“
    ”سڀ صاحب هڻندا آهن، پوءِ؟“
    ”پر پوءِ به خبر ناهي ڇو، صاحب مان هلڪي هلڪي ڌپ ايندي آهي...‘‘
    پراڻي نائب قاصد ٽهڪ ڏيندي وراڻيو:
    ”جڏهن به ڪو رٽائرڊ صاحب ٻيهر ملازمت ڪندو آهي، ته هو ڪرسيءَ مٿان رکيل ڍونڍ جي مثل هوندو آهي. پوءِ هو کڻي ڪيڏا به عطر عنبير هڻي ڌپ نه ويندي اٿس.“
    *


    ڪراچي ۾ گذرندڙ زندگي

    انساني دل مان گولي آرپار ٿيڻ کانپوءِ روح پرواز ڪندو آسمان تي پهتو، ته ٻين روحن سندن آجيان ڪئي.
    نئين آيل روح کان هڪ پراڻي روح پڇيو:
    ”اِها حقيقت آهي، ته انساني سماج ۾ ڪنهن جي ڏاڍي خراب گذري ۽ ڪنهنجي سٺي. اي دوست!تون ٻڌاءِ، تنهنجي زندگي ڪيئن گذري؟“
    نئين آيل روح مختصر جواب ڏيندي چيو:
    ”منهنجي زندگي ڪراچي ۾ گذري!“
    ”بس ته پوءِ تنهنجو پڇاڻو معاف آهي.“
    پراڻن روحن کيس آٿت ڏيندي چيو.

    *


    اجازت نامو

    خودڪش حملي ڪرڻ واري ٽريننگ ورتل شخص جڏهن اخبار ۾ وزير داخلا جو اِهو بيان پڙهيو، ته هاڻي دهشتگردي ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي، ته ويچارو پريشان ٿي ويو.
    هن پين ۽ پنو ڪڍيو ۽ مؤدبانه انداز ۾ وزير کي ويهي درخواست لکي:
    جناب وزير داخلا صاحب
    گذارش ته جيئن اوهان قومي مفادن کي سامهون رکي وزير داخلا ٿيا آهيو.تيئن مان به مذهبي مفادن کي سامهون رکي ڪري دهشتگرديءَ جي ٽريننگ ورتي آهي، ته جيئن اسان جو مذهبي فرض به پورو ٿيندو رهي ۽ اوهان کي به امداد ملندي رهي.
    اِن ڪري اميد آهي ته گڏيل مفادن کي سامهون رکندي، مون کي دهشتگردي ڪرڻ جي اجازت ڏيندا، ته اوهان جي آل و اولاد جو شهادت کانپوءِ به شڪرگذار رهندس.
    اوهان جو فرمانبردار
    هڪ معصوم
    دهشتگرد

    هن اُها درخواست لفافي ۾ وجهي، لفافي تي ائڊريس لکي، پوسٽ آفيس جي دٻي ۾ اڇلي ڇڏي.
    ۽ پوءِ ٻي ڏينهن تي هُن هڪ چيڪ پوسٽ تي پاڻ کي اُڏائي ڇڏيو.
    ٽين ڏينهن تي وزير داخلا جو بيان سرخي بڻيل هيو:
    ”گهڻو ٿيو ... اسان ڪنهن به صورت ۾ دهشت گردي جي، هاڻي ڪنهن کي به هرگز هرگز اجازت نه ڏينداسين!“
    اِها خبر پڙهي، معصوم دهشتگرد جو روح مطمئن ٿي ويو، ته گهٽ ۾ گهٽ کيس اجازت ته ملي وئي. باقي ٻيا ڄاڻين ۽ وزير داخلا ڄاڻي.

    *


    تبديليءَ جو انتظار

    ”خبر ناهي، ته هيءَ انڌيري رات ڪڏهن ختم ٿيندي...؟ ڪڏهن هن ظلمتن جي سفر جي پڄاڻي ٿيندي...؟. ڪڏهن هيءَ دنيا نور سان لبريز ٿيندي...؟ ائين ٿو لڳي ڄڻ پنهنجي قسمت ڪنهن سياهي سان لکي ڇڏي آهي...! آءٌ هن اونداهيءَ جي سلسلي کان تنگ اچي چڪو آهيان ... ڪا اُميد ڪو آسرو ڪونهي ... بس رڳو موت جو انتظار آهي.“ هڪ شخص نهايت بيوسيءَ وچان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو.
    ٻي همراهه وراڻيو: ”تنهنجي مايوسي ڪنهن حد تائين بجا آهي. ڇو ته هر طرف مايوسيءَ جو راڄ آهي. ڪا واهه نظر نه ٿي اچي. اقتصادي ۽ سياسي حالتون ابتر آهن، بدامني عروج تي آهي ۽ سماجي صورتحال ڊيڄاريندڙآهي. پر هڪ نه هڪ ڏينهن اُميدن جو سج ضرور اُڀرندو، ظلمات جي پڄاڻي ٿيندي .... تون يقين ڪر!“
    ”پر اهڙي تبديلي ايندي ڪڏهن...؟ڪڏهن تبديل ٿيندو، هي گهُٽ ۽ ٻوسُٽ وارو ماحول...؟ “
    پهرين شخص، اشتياق ۽ تجسس وچان پڇيو.
    ”اِها تبديلي تنهنجي منهنجي جدوجهد سان ئي ايندي ۽ يقين ڪر ته گڏيل جدوجهد ضرور رنگ لائيندي.“ ٻي شخص کيس سمجهائيندي ۽ آٿت ڏيندي وراڻيو.
    ”مان جدوجهد جي تڪليف ۽ عذاب کان بچڻ چاهيان ٿو. مان چاهيان ٿو ته ڪو اهڙو معجزو ٿئي، جو اِها تبديلي خودبخود اچي وڃي.“
    ”ته پوءِ انتظار ڪر.‘‘
    ”ڪيستائين؟“
    ”هزارن سالن تائين، جيستائين ڪو معجزو رونما ٿئي يا وري نه ٿئي ...!!“
    ٻي همراهه انتهائي سنجيدگيءَ سان وراڻيو.

    *


    اناڙي

    هڪ سٺو تعليم يافته شخص هڪ وزير سان مليو ۽ پنهنجي اهليت جتائڻ لڳو:
    ”سر! مان تمام گهڻو تعليم يافته آهيان.“
    وزير وراڻيو، ”مان ڇا ڪيانءِ؟“
    ”سر! مون کي جنرل ناليج به گهڻي آهي.“
    ”پوءِ مان ڇا ڪيانءِ!“وزير بيزار ٿي وراڻيو.
    ”سر! مان ايماندار به آهيان.“
    ”مان تنهنجي تعليم، ذهانت ۽ ايمانداريءَ کي پيئندس، کائيندس، گهوٽيندس، ڇا ڪندس؟“وزير ڪاوڙجي چيو.
    ”سر! توهان کي ڪهڙي اهليت کپي؟“
    ”صرف اِهو ٻڌاءِ، ته تون اسان جي ڪهڙي ڪم جو آهين؟“
    ”سر! مون نه سمجهيو!“
    ” جنهن نه سمجهيو، اُن جي اسان کي ڪا ضرورت ڪونهي!“

    *


    ڇا ته ڪارنامو آهي!

    هڪ صحافي، هڪ وزير کان سوال ڪيو:
    ’’وزير صاحب! اسان ٻڌو آهي، ته اوهان نااهلن کي نوڪريون ڏيو ٿا؟‘‘
    وزير وراڻيو، ’’اهلن کي ته ڪير به نوڪري ڏئي سگھي ٿو، پر نااهلن کي نوڪري ڏيڻ ئي ته اسان جو ڪارنامو آهي!‘‘
    صحافي حيرت زده ٿي وراڻيو:
    ’ڇا ته ڪارنامو آهي!‘‘
    *


    پنجاهه ڪروڙ نوڪريون

    هڪ سرڪاري ڌر جي جاگيردار وزير دعويٰ ڪندي چيو،
    ’’مان پنجاهه ڪروڙ سنڌين کي نوڪريون ڏنيون آهن.‘‘
    ’پنجاهه ڪروڙ سنڌي ....!؟ پنجاهه ڪروڙ سنڌي ته آهن ئي ڪونه ...!؟‘‘ هڪ صحافي حيرت وچان وات پٽيندي سوال ڪيو.
    ’مان هڪ خاص سنڌيءَ کي هڪ ڪروڙ عام ماڻهن جي برابر سمجھندو آهيان، هاڻي تون حساب ڪر.‘‘
    صحافي ليکو ڪندي لاجواب ٿي ويو.
    *


    نقارخاني ۾ طوطي جو آواز

    سڀني سياسي، مذهبي، سماجي ۽ رٽائرڊ فوجي اڳواڻن واري واري سان وڏي دعويٰ ڪندي چيو:
    ’’هن ملڪ جو پوري جو پورو عوام اسان سان گڏ آهي....!!‘‘
    ملڪ جي هڪ شخص رڙيون ڪندي چيو، ’’مان ڪنهن سان به گڏ نه آهيان، مان ڪنهن سان به گڏ ناهيان ....‘‘
    پر هن کي ڪنهن ٻُڌو ئي ڪو نه.
    *


    چرٻٽ عظيم هيو

    هڪ ماڻهو نجي محفل ۾ موجودهه دؤر جي حڪومت تي تبصرو ڪندي نتيجو ڪڍيو، ’بس! انڌير نگري، چرٻٽ راجا وارو دؤر لڳو پيو آهي!‘‘
    ٻئي شخص احتجاج ڪندي چيو، ’’تون راجا چرٻٽ جي توهين ڪري رهيو آهين، راجا چرٻٽ عظيم هيو ...‘‘
    پهرين چيو، ’’دليل ڏي ته ڪئين!؟‘‘
    ٻي وراڻيو، ’چوڻي آهي
    انڌير نگري چرٻٽ راجا،
    ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا.
    آهي يا نه؟‘‘
    ’بالڪل، اِها عام چوڻي آهي‘‘ پهرئين اعتراف ڪندي وراڻيو.
    ٻي پنهنجي دليل کي وڌائيندي چيو.
    ’’جيتوڻيڪ ان جو دؤر به ناانصافي جو هيو پر ان دؤر ۾ انتهائي سستائي هئي جو هڪ غريب ماڻهو به کاڄا وٺي کائي سگھندو هيو. پر هاڻي انڌير نگري سان گڏ، مهانگائي به چوٽ چڙهيل آهي!‘‘
    پهرين شخص اِهو دليل ٻڌي، اعتراف ڪندي وراڻيو، ’’ واقعي چرٻٽ عظيم هيو، هن دؤر جا حڪمران، سندس پيرن مٽ به ناهن!‘‘
    *


    چريو چئي، سياڻو سمجھي

    هڪ چرئي پئي چيو،
    ’’جڏهن به ڪو سياسي اڳواڻ، مذهبي عالم، سرڪاري آفيسر، دانشور ۽ اديب، پنهنجي تعريف پاڻ ڪري ۽ بس نه ڪري، ته سمجھي ڇڏيو ته هو اُن وهڪيل مينهن جيان آهي، جيڪا کير ڏيڻ بجاءِ رڳو رنڀندي آهي!‘‘
    ’’ان جو مطلب ته هاڻي اسان وٽ رڳو وهڪيل مينهون بچيون آهن.‘‘ هڪ عام شّخص وراڻيو.
    *


    ٺيڪو

    اخبار جي هڪ رپورٽ پڙهڻ کانپوءِ اٻوجهه، سٻوجهه کي ٻڌايو:
    ”اخبار جي رپورٽ مطابق ته ملڪي سياستدانن پرڏيهي بئنڪن ۾ بي حساب پئسو رکيو آهي“
    ”ائين ناهي چئبو.“ سٻوجهه وراڻيو
    ”ته ڇا چئبو آهي؟“
    ”چئبو آهي ته الله کين بي حساب ڏنو آهي. اِن ڪري ٻاهرين ملڪن جي بئنڪن ۾ پئسا رکڻ تي مجبور آهن“
    ”پر ان ڏوهه ۾ خوامخواهه الله کي ڇو ٿو ملوث ڪيو وڃي؟“
    اٻوجهه ڪاوڙجي پڇيو.
    ”اِن ڪري جو دولت مند سياستدانن، پنهنجي هر ڏوهه جو ٺيڪو الله کي ڏئي ڇڏيو آهي!“
    سٻوجهه سمجهايس.
    *


    ڪٻري ٿي توت ڳهي

    ”سائين ٻڌو آهي ته هوءَ جيڪا حد کان وڌيڪ مشهور سياسي سماجي اڳواڻ عورت آهي، سا ٽٻرٽٻر ڇورا ڇورا رکيون ويٺي آهي ... ان جو سبب؟“ اٻوجهه، سٻوجهه کان پڇيو.
    سٻوجهه وراڻيو، ”ائين ناهي چئبو چريا!“
    ” باقي ڪيئن چئبو آهي؟“
    ”چئبو آهي، ته ڪٻري ٿي توت ڳهي. “
    *


    خراب قسمت

    اٻوجهه اخبار ۾ ٽرئفڪ حادثن بابت پڙهندي راءِ ڏني:
    ”ڊرائيور ڏاڍ ا ظالم ٿين ٿا. انڌن وانگر گاڏيون هلائي حادثا ڪن ٿا!“
    ” ائين نه چئجي،‘‘ سٻوجهه کيس سمجهايو
    ” باقي ڇا چئجي؟“
    ’’ائين چئجي ته مسافرن جي قسمت خراب آهي!“
    سٻوجهه سمجهايس.
    *


    ڪڙهڻ ۽ پڙهڻ

    تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي ڪلاسن کان بائيڪاٽ ڪرڻ واري خبر تي، اٻوجهه تبصرو ڪندي چيو:
    ” اڄڪلهه جا شاگرد پڙهن گهٽ، بائيڪاٽ گهڻا ڪن ٿا. “
    ”ائين ناهي چئبو!“ سٻوجهه کيس منع ڪندي چيو.
    ” ته ڇا چئبو آهي؟“
    ” چئبو آهي، ته شاگرد ڪڙهن گهڻو ٿا، پر پڙهن گهٽ ٿا!“

    *


    سچا ماڻهو

    سياستدانن هڪ نجي ٽي وي چينل تي واري واري سان پئي چيو:
    ”اسان هن ملڪ مان بي روزگاري کي هميشه هميشه لاءِ تڙي ڇڏينداسي!“
    ”اسان هن ملڪ کي امن ۽ شانتيءَجو مرڪز بڻائي ڇڏينداسي. “
    اسان هن ملڪ کي اجهو، لٽو۽اٽو ڏئي پوءِ سک جو ساهه کڻنداسين. “
    ”اسان هن ملڪ کي فلاحي رياست جو درجو ڏئي ڇڏينداسي.“
    اٻوجهه اهي سڀ دعوائون ٻڌڻ کانپوءِ، سٻوجهه کان پڇيو:
    ”اهي ڪيڏا نه ڪوڙا ۽ ڊاڙيل آهن، جو ڪوڙ ڳالهائيندي کين شرم ئي نه ٿو اچي.
    ”ائين ناهي چئبو!“ سٻوجهه منع ڪيس
    ”باقي ڇا چئبو آهي؟“ اٻوجهه پڇيس
    ”چئبو آهي ته ڪيڏا نه سچا آهن. جو سچ ڳالهائيندي کين خوف ئي نٿو ٿئي.“
    *


    مڙئي وقت گُذري پيو

    هڪ سياستدان کان ڪنهن پڇيو:
    ” جناب وقت ڪيئن پيو گُذري؟“
    سياستدان وراڻيو:
    ” ٻار ٻاهر پڙهن ٿا. . . . واپار دبئي ۾ هلي پيو. . . . سياست پاڪستان ۾ ٿئي ٿي . . . . مڙئي وقت گذري پيو“

    *


    بي شرم، بي حيا

    هڪ پراڻو سياستدان، اميدوار جي حيثيت سان هڪ ووٽر جي در تي آيو ۽ ووٽ ڏيڻ جي لاءِ کيس گذارش ڪئي. ووٽر وراڻيو:
    ”سائين، نه اوهانکي ووٽ گهرندي شرم ٿو اچي، ۽ نه اسان کي ووٽ ڏيندي حياءُ ٿو ٿيئي.“
    سياستدان کلندي چيو:
    ”اِها اسان جي روايت آهي، ته بي شرم ٿي ووٽ وٺون ۽ اها توهان جي روايت آهي ته بي حيا ٿي ووٽ ڏيو.‘‘

    *


    شريف النفس

    ”هي قومي اسيمبليءَ جو شريف النفس ميمبر آهي.“
    هڪ ماڻهو قومي اسيمبلي جي ميمبر جي سامهون تعريف ڪندي ٻئي کي ٻڌايو.
    ”ته پوءِ سائين جن جو اُهو ڪهڙو ڪارنامو آهي، جنهن جي بنياد تي، تون هن کي شريف النفس شخص سڏين ٿو؟“ ٻي شخص پڇيس.
    ”هن اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڪڏهن هڪ اکر به ناهي ڳالهايو.“
    تعريف ڪندڙ شخص وراڻيو.

    *


    ٽي سونهري دؤرَ

    هڪ سياسي مذاڪري ۾، هڪ پراڻي پارٽيءَ جي سچي ڪارڪن دعويٰ ڪندي چيو:
    ”اسان جو دؤرسونهري دؤر هيو!“
    ”ڪيئن؟“ ٻين پڇيس
    هن وراڻيو، ”اسان جي دؤر جو نعرو هيو، مرو ۽ مرڻ ڏيو ... پوءِ دنيا ڏٺو، ته ان نعري جي تحت اسان کي آزادي ملي.“
    ” بيشڪ توهان جي دؤر ۾ وڏا فساد ٿيا ۽ لکين ماڻهو مئا.“ ٻين سياسي پارٽي جي ڪارڪنن، سندن سونهري دؤر کي سلام ڪيو.
    ٻئي سياسي پارٽيءَ جي ڪارڪن به دعويٰ ڪئي، ته ”اسان جو دؤر به سونهري دؤر هيو!“
    ”ڪيئن؟“ٻين پڇيس.
    هن چيو، ”اسان جي دؤر جو نعرو هيو، وڙهو ۽ وڙهڻ ڏيو. پوءِ دنيا ڏٺو، ته اسان خوامخواهه جنگيون ڪرائي، قوم کي متحد رکيو سي!“
    ”بيشڪ، اوهان جي دؤر۾ به ماڻهن خوف ۾ زندگي گذاري.“ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن، ان صداقت کي تسليم ڪيو.
    ٽئين پارٽي جي جوشيلي ڪارڪن به دعويِٰ ڪئي:
    ”اسان جو دؤر به سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو!“
    ٻين پڇيس، ”ڪيئن؟“
    هن وراڻيو، ”اسان جو نعرو آهي، کائو ۽ کائڻ ڏيو“
    ”بيشڪ، اوهان جو دؤر به ڪرپشن جو سونهري دؤر آهي.“ سڀني سياسي ڪارڪنن اعتراف ڪندي چيو.
    *


    سياسي پناهه وٺندڙ

    ڪنهن آزاد ملڪ ۾ سياسي پناهه وٺندڙن جا انٽرويو ٿي رهيا هيا. هڪ متعلق آفيسر، هڪ عورت کان پڇيو:
    ”تون ڇو هتي سياسي پناهه وٺڻ چاهين ٿي؟“
    عورت جواب ڏنو، ”منهنجو ملڪ اهڙي چڪلي جي مثال آهي، جتي رنڊيون گهٽ ڪڃر وڌيڪ آهن. ڪڃرن جي گهڻائي ڪري عورتون عذاب ۾ آهن. اِن عذاب کان بچڻ لاءِ سياسي پناهه وٺڻ چاهيان ٿي.“
    اُن کانپوءِ متعلق آفيسر هڪ مرد کان پڇيو:
    ”تون ڇو هتي سياسي پناهه وٺڻ چاهين ٿو؟“
    مرد وراڻيو، ”منهنجو ملڪ هڪ اهڙي پاڳل خاني جي مثال آهي. جنهن جا ڊاڪٽر ۽ طبيب به چريا آهن. هو هر مريض کي ساڳي سئي هڻندا يا دوا ڏيندا آهن. جنهن کانپوءِ مريض اڃا وڌيڪ پاڳل بڻجي، خودڪش حملا ڪندوآهي.“
    اِهو ٻڌي متعلق آفيسر ٻنهي جي حق ۾ سفارش ڪري ڇڏي.
    *


    سياڻو ڪانو وِٺ تي ويهي

    هڪ سياسي ٽاپرو، هڪ سياسي جاگيردار کي ويٺي ٽاپان پئي ڏنيون. سياسي جاگيردار، سياسي ٽاپروءَ کان پڇيو:
    ” شهر جي سياسي صورت حال ڪيئن آهي؟“
    ”مؤجن ۾ آهي، “سياسي ٽاپرو وراڻيو.
    ”سچي سچي ٻڌاءِ، ٽاپان نه ڏجانءِ... ته منهجي لاءِ عام ماڻهو ڇا ٿا چون؟“
    ”چون ٿا، ته صفا سياڻو ڪانءِ آهي. “ سياسي ٽاپرو وراڻيو.
    ”ڪيئن ڀلا؟“سياسي جاگيردار زيرلب مشڪندي پڇيس.
    ”ماڻهو چون ٿا، اوهان اُڏي اُڏي اُتي ويهو ٿا، جتي سياڻو ڪانوءَ وڃي ويهندو آهي.“
    *


    هيروئني جي دعا

    هڪ هيروئني صدا هڻندي چيو:
    ”مولا وزير ڪندئي. . . . صرف پنجاهه روپئي جو سوال آ.“
    مون وراڻيو، ”مان ۽ وزير!؟. . . ڇو ٿو چرچا ڪرين؟. . . “
    هيروئني وراڻيو، ’’مون کان به ردي ردي وزير ٿي ويا آهن. تون ڳالهه ڪهڙي ٿو ڪرين ...!‘‘
    اِن جملي ٻڌڻ کانپوءِ، مون هيروئني کي هڪدم سؤ روپيه ڏئي ڇڏيا، ته من هيروئني جي دعا لڳي پوي ۽ مان صدر ٿي وڃان.

    *


    منسٽر جو خواب

    منسٽر رات جو خواب ڏٺو ۽ ڏينهن جو هڪ خوابن جي تشريح ڪندڙ شخص کي ٻڌائڻ لڳو:
    ”مون رات خواب ۾ ڏٺو، ته هن ملڪ جا هڙئي ماڻهو انڌا، منڊا، گونگا ۽ ٻوڙا ٿي ويا آهن ۽ مان آرام سان سڄي ملڪ ۾ گهمي رهيو آهيان. “
    خوابن جي تشريح ڪندڙ شخص وراڻيو:
    ”سر، اُهي ته اڳي ئي آهن، جي نه هجن ها، ته اوهان هرگز منسٽر نه ٿيو ها!“

    *


    انقلابي تبديلي

    هڪ سياسي اڳواڻ تقرير ڪندي چيو:
    ”جيڪڏهن اسان اليڪشن کٽي ۽ اقتدار مليو ته مان يقين ٿو ڏياريان، ته اهڙي انقلابي تبديلي آڻيندس، جو ڪُتا به ماڻهو ٿي ويندا.“
    اُن سياسي اڳواڻ جي پارٽي اليڪشن کٽي ۽ جڏهن کيس اقتدار مليو، ته دنيا ڏٺو ته سندس دؤر حڪومت ۾ ڪُتا ماڻهو ۽ ماڻهو ڪُتا ٿي ويا.

    *


    عظيم ۽ گهٽيا

    ٻه ڄڻا پاڻ ۾ بحث ڪري رهيا هيا ۽ ٻه ڄڻا ٻڌي رهيا هيا.
    هڪڙي چيو:
    ’’عظيم اڳواڻ اُهو آهي، جيڪو ملڪ جي اندر رهي سياست ڪري ٿو“
    ٻي چيو:
    ’’عظيم اڳواڻ اھو آهي، جيڪو ملڪ کان ٻاهر رهي به سياست ڪري ٿو.“
    ٻڌندڙن مان هڪ پڇيو:
    ”باقي گهٽيا ڪير آهي؟“
    ٻي ٻڌندڙ وراڻيو:
    ”اسان جيڪي اِنهن تي بحث ڪري رهيا آهيون!“

    *


    سياسي ٻار

    هڪ سياسي رن کي يار به گهڻا هيا، ته ٻار به.
    جڏهن کيس گهڻن ٻارن تنگ ڪرڻ شروع ڪيو، ته ڪنهن کي چنبو، ڪنهن کي بجو ۽ ڪنهن کي دڙڪو ڏيندي چيائين:
    ”خبر نه ٿي پئي ته ڪهڙا سياسي ڪارڪنن مان ۽ ڪهڙا ليڊرن منجھان آهيو! “
    *


    سرموڙ اديب

    اٻوجهه، جڏهن هڪ ادبي پروگرام ۾ ڪنهن مرد اديب کي عورتاڻي انداز ۾ هلندي ۽ ڳالهائيندي ڏٺو، ته هڪدم تبصرو ڪندي چيائين:
    ”هي ته اڳيان مور۽ پٺيان ڊيل ٿو لڳي، ڪير آهي؟“
    ”ائين ناهي چئبو“، سٻوجهه، اٻوجهه کي سمجهائيندي چيو.
    ”ته ڇا چئبو آهي؟“، اٻوجهه کائنس پڇيو.
    ”جيڪو اڳيان مور وانگر ۽ پٺيان ڊيل وانگر ٽلي، اُن کي سنڌ جو سرموڙ اديب سڏبو آهي.“

    *


    اديب ۽ ليکڪ

    هڪ شخص ڪنهن ليکڪ کان پڇيو:
    ”اوهان لکندا آهيو؟“
    هن وراڻيو، ”ها!“
    ”اِن جو مطلب ته اوهان اديب آهيو؟“
    هن وراڻيو، ’’نه. . . ليکڪ!“
    ”ته پوءِ اديب ڪير هوندا آهن؟“
    ”اسان وٽ اديب ٻن قسمن جا هوندا آهن، هڪڙا اُهي جيڪي ادبي ادارن کي ڳجهن جيان پٽيندارهن ۽ ٻيا اُهي جيڪي ثقافت کاتي کان خيرات وٺن!“
    اُن شخص وراڻيو، ”هاڻي سمجهه ۾ اچي ويو، ته اديب ۽ ليکڪ ۾ ڪهڙو فرق آهي!“
    *


    بي وقتو دانشور

    هڪ دانشور جي تعزيتي ريفرنس تي، ٻي دانشور ڳالهائيندي چيو:
    ”مرحوم وقت کان اڳ جو دانشور هيو. جنهن کي ٽيهن چاليهن سالن تائين، هيءَ جاهل قوم سمجهي نٿي سگهي!“
    ”اُن جو مطلب ته مرحوم بي وقتو دانشور هيو!“
    حاضرين مان ڪنهن عام شخص دٻيل لفظن ۾ وراڻيو.

    *


    قبرن جا ڪتبا

    ”تون اِهي ڪتاب ڇو ٿو لکين؟‘‘ هڪ ملان عام ليکڪ کان پڇيو.
    ” بس لکڻ جي عادت آهي.“ عام ليکڪ جواب ڏنو.
    ” ڇا اِهي اجايا ڪتاب لکڻ، توکي قبر ۾ ڪم ايندا؟“ملان سوال ڪيس.
    ” قبر ۾ ڪم ته نه ايندا، پر اِهي ڪتاب منهنجي قبر جا ڪتبا ضرور بڻبا“ ليکڪ خاموشي سان جواب ڏنو.
    ملان اِهو ٻڌي ليکڪ کي حيرت وچان ڏسندي هليو ويو

    *


    مشاهدو

    هڪ فنڪار کان سندس دوست پڇيو:
    ”تون ايڏو نشو ڇو ٿو ڪرين، جو بار بار بيمار ٿي اسپتال ۾ داخل ٿئين ٿو؟“
    فنڪار وراڻيو:
    ”اِن ڪري جو آءٌ موت جو مشاهدو ماڻڻ چاهيان ٿو.“
    ”پوءِ تون پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اچي، علاج لاءِ اپيل ڇو ٿو ڪرين؟“
    ”اِن ڪري جو آءٌ زندگيءَ جو مشاهدو ڪرڻ چاهيان ٿو.“
    فنڪار سادگيءَ سان جواب ڏنو.

    *


    دانشور کي ٽائيم ڪونهي

    لاڙڪاڻي جي مهراڻ هوٽل ۾ هڪ دانشور، چانهه جي چسڪي هڻندي، پنهنجي يارن دوستن کي زور ڀريندي چيو:
    ”يار، ڪجهه ڪيو، ائين هٿ تي هٿ رکي نه ويهو.“
    ”ڇا ڪيون؟“سامهون ويٺل دوستن مان هڪ ڄڻي کائنس پڇيو.
    ”سنڌي ادب جي لاءِ ڪيو، تعليم جي لاءِ ڪيو، ثقافت لاءِ ڪيو، معاشيات لاءِ ڪيو، سياست لاءِ ڪيو.“ دانشور جذباتي انداز ۾ ٽيبل تي مُڪ هڻندي چيو.
    ”اوهان ڇو نه ٿا ڪيو؟“سامهون ويٺل دوستن مان هڪ دوست کائنس پڇيو.
    ”مان ڪرڻ لاءِ ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهان ٿو، پر دراصل ڳالهه اِها آهي، ته مون کي ٽائيم ڪونهي!“
    *


    ٽين اک

    هڪ شخص اکين واري ڊاڪٽر ڏانهن ويو. ڊاڪٽر اکين جي تپاس ڪندي کائنس پڇيو:
    ” تنهنجي ٻنهي اکين جي نظر نهايت ڪمزور ٿي وئي آهي. تون ڇا ڪندو آهين؟“
    ”سائين مان ادب دوست آهيان. اِن ڪري ڪتاب پڙهندو آهيان.“
    ”تون خوامخواهه ايترا ڪتاب ڇو پڙهيا؟‘‘
    ڊاڪٽر سوال ڪيس.
    ”پنهنجي ڄاڻ وڌائڻ لاءِ_چوندا آهن، ته علم انسان جي ٽين اک آهي.“
    ”پوءِ تنهنجي ٽين اک کلي؟“
    ”ها ڊاڪٽر صاحب، ٿوري ٿوري!“
    ”پوءِ اُن ٽين اک سان تو ڇا ڏٺو؟“
    ” هر طرف اوندهه انڌڪار ڏٺو.“
    ڊاڪٽر صاحب سمجهائيندي چيس، ”آءٌ توکي ٻنهي اکين جي نظر جو نمبر لکي ٿو ڏيان، اُهو چشمو وڃي وٺ ۽ ساڳي وقت توکي اِها به تاڪيد ٿو ڪيان، ته هن معاشري ۾ ٽين اک کولڻ جي چڪر ۾ پنهنجيون ٻئي اکيون نه وڃانءِ!“

    *


    دانشوراڻي ٻولي

    چانهه جي هوٽل تي هڪ دانشور ۽ ٻه ٻيا عام ماڻهو ويٺا هيا. اُنهن منجهان هڪ پراڻو ايندڙ ۽ ٻيو نئون ايندڙ هيو. پراڻي ايندڙ ٽن چانهين جو آرڊر ڏنو. دانشور سياسي سماجي صورت حال تي تبصرو ڪرڻ شروع ڪيو:
    ”سڄو سماج نه سمجهڻ واري صورتحال جو شڪار آهي. جيستائين معروضي حالات، رجحانات ۽ ميلانات وارن معاملن کي نه سمجهبو. تيستائين معاشرتي ۽ سياسي معاملات کي نٿو سمجهي سگهجي، دانشور ڪلاڪ کن ڳالهائيندو رهيو. نئون آيل همراهه اَل ڪانوَ وانگر وات پٽي کيس ڏسندو رهيو. پراڻو ايندڙ همراهه اتفاق ڪندي ڪنڌ ڌوڻيندو رهيو.
    چانهه پيئڻ کانپوءِ، دانشور اُن ٽيبل تان اُٿي، ٻي ٽيبل تي وڃي ويٺو. جتي اڳ ئي ٻه ڄڻا سندس انتظار ۾ ويٺا هيا.
    نئين آيل همراهه، پراڻي ايندڙ همراهه کان پڇيو:
    ”هُن ڇا پئي چيو، مون کي ته ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو“
    ”هُن دانشوراڻي ٻولي پئي ڳالهائي. جيڪا عام ماڻهوءَ جي سمجهه کان چڙهيل آهي.“
    ”پوءِ هو عام ٻولي ڇو نه ٿو ڳالهائي، جو مان به کيس سمجهي سگهان؟“ نئين آيل همراهه سوال ڪندي پڇيو.
    ”تون هن کي ڪڏهن به سمجهي نه سگهندين؟“
    ”پر ڇو!؟؟“
    ”ڇو جو دانشورن جا لفظ وڏا ۽ جملا بي مقصد هوندا آهن. “
    هوٽل تي پراڻي ايندڙ وراڻيو.
    *


    انسانيت ۽ رواداريءَ خاطر

    هڪ قاتل جي دوست، قاتل کان پڇيو:
    ” تون عجيب قسم جو قاتل آهين. تو جنهن کي قتل ڪيو، اُن لاءِ رڙيون ڪندي مطالبو ڪيو، ته اُن جي قتل جي جاچ ڪرائي وڃي؟“
    ” مون اِهو سڀ ڪجهه انسانيت جي ناتي سان ڪيو.“
    قاتل جواب ڏنو
    ’’۽ پوءِ وري مقتول جي تڏي تي ويهي، سندس عزيزن سان تعزيت به ڪئي!؟‘‘ دوست پڇيس.
    ” مون اِهو سڀ ڪجهه رواداريءَ جي تحت ڪيو. “ قاتل وراڻيو.

    *


    تعريف جا بکيا

    هڪ نئين دوست، ٻي کي چيو:
    ”آءٌ توسان مستقل بنيادن تي دوستي رکڻ چاهيان ٿو. مون کي اِهو ٻڌاءِ ته مان اُها ڪهڙي ڳالهه ڪيان، جنهن سان تون سدائين خوش رهين؟“
    ٻي وراڻيو:
    ”چاهيان ٿو ته جڏهن مان پنهنجي تعريف ڪيان، ته تون خاموشيءَ سان ٻڌندو رهه ۽ جڏهن وري مان پنهنجي تعريف ڪري بس ڪيان، ته تون منهنجي تعريف ۾ شروع ٿي وڃ.“
    پهرين چيو، ”پنهنجي دوستي هلي نه سگهندي“
    ٻي پڇيو، ”ڇو؟“
    پهرين وراڻيو، ”مسئلو اِهو آهي، ته مان به اِهو ئي چاهيان ٿو، جيڪو تون چاهين ٿو!“
    *


    ايڪتا، ٻيڪتا، ٽيڪتا

    هڪ پراڻي دوست (غير سنڌي) ٻي صوبي مان ٽيليفون ڪري سنڌي سٻاجهڙي کان پڇيو:
    ”اوهان سنڌين ايڪتا جو ڏينهن ڪيئن ملهايو؟“
    سنڌي سٻاجهڙي وراڻيو، ”اسان ٻيڪتا ملهائي سي!“
    ”ٻيڪتا!؟‘‘ هُن حيرانگيءَ وچان پڇيو.
    سنڌي سٻاجهڙي وراڻيو، ”هڪ ڏينهن اسان پنهنجي ثقافتي اتحاد جي نالي سان ملهايو ۽ ٻيو ڏينهن سماجي اتحاد جي نالي سان.“
    ”حيرانگي آهي!“
    ”حيرانگي ته توکي اڳلي سال ٿيندي.“
    ”اِهو وري ڪيئن؟“
    ” جڏهن اسان ٽيڪتا ملهائينداسي.“
    ”ٽيڪتا!؟ “ هن پهريائين پريشان ٿيندي پڇيو ۽ پوءِ هڪ زوردار ٽهڪ ڏئي ”خداحافظ!“ چئي ٽيليفون بند ڪري ڇڏي.

    *


    پوءِ ڍايا

    ٻه پراڻا دوست ڪافي عرصي کانپوءِ زندگيءَ جي شاهراهه تي مليا. هڪڙي ٻي جي سادن سودن ڪپڙن کي ڏسي چيو:
    ”لڳي ٿو، ته تون اڃا سماجي آدرشن ۽ اصولن تحت پاڻ کي تنگدست رکيون ٿو اچين؟“
    ٻي پهرين جي زرق برق ڪپڙن کي گهوريندي وراڻيو:
    ”لڳي ٿو ته تون بي اصولي ۽ منافقي جي تحت پاڻ کي خوشحال رکيون ٿو اچين.“
    پهرين چيس، ”ڪجهه به سهي، پر تون اِهو ته مڃيندين، ته مان غربت جي لعنت کي پاڻ تان لاٿو آهي.“
    ٻي مڃيندي چيو، ”بيشڪ“
    پهرين پڇيس، ”ته پوءِ تون پاڻ تان اِن لعنت کي لاهڻ جي جدوجهد ڇو نه ٿو ڪرين؟“
    ٻي وراڻيس، ”تو جهڙا پوءِ ڍايا لاهڻ ڏين ته لاهيان نه!؟“

    *


    جدت پسند

    هڪ همراهه چيو، ”مان جدت پسند آهيان ان ڪري منهنجي زال مون سان انتها درجي جو پيار ڪندي آهي.“
    ٻئي پڇيو، ”ڪيترو؟“
    ”جيترو ماءُ پنهنجي ٻار سان ڪندي آهي.“ پهرين شخص جواب ڏنو.
    ”تنهنجي ماءُ جيئري آهي؟“
    ”بالڪل!“
    ”تون واقعي جدت پسند آهين!“ ٻئي مشڪندي وراڻيو.

    *


    رحم دل

    هڪ همراهه چيو:
    ” منهنجي زال دنيا جي رحم دل عورت آهي.“
    ٻئي پڇيس.
    ”اُن جو ثبوت؟“
    پهرين همراهه وراڻيو:
    ”اُن جو ثبوت اِهو آهي، ته آءٌ اڃا زنده آهيان.“

    *


    حجت

    سائين ارباب شاهه اُها هستي هيو، جڏهن به درياهه شاه بادشاهه، سائينءَ جي درگاهه کي پائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سائين اهڙي لت ٺوڪيندو هيس، جو درياه شاهه بادشاهه ڪيئي ڪوهه پٺتي هٽي ويندو هو.
    وقت وقت جي ڳالهه آهي. پر هن ڀيري واري ٻوڏ ۾ درياهه شاهه بادشاهه درگاهه کي ورائي ويو، ته اٻوجهه، وڏي دڙي تي چڙهي، اِهو منظر آبديده نظرن سان ڏسندي چوڻ لڳو:
    ”درياه شاهه بادشاهه اسان کي ته ٻوڙيو، پر سائين جي درگاهه کي به ٻوڙي ٿو.“
    ” ائين نه چئه ته درياهه شاهه بادشاهه سائين جي درگاهه کي ٻوڙي ٿو“ سٻوجهه کيس سمجهايو.
    ”باقي، ڇا چوان؟“
    ” اِهو چئه ته، سائين جي قدمبوسيءَ لاءِ درگاهه ۾ گهريو آهي“
    ٿوري دير کانپوءِ، ڏسندي ڏسندي درگاهه ڪري پئي، ته اٻوجهه کان رڙ نڪري وئي:
    ”يا حسين!... سائين ارباب شاهه کي درياهه شاهه بادشاهه درگاهه سميت لوڙهي ويو“
    ” ائين نه چئه !“ سٻوجهه، اٻوجهه کي سمجهائيندي چيو:
    ” باقي ڇا چوان؟“
    ”ائين چئه، ته درياهه شاهه بادشاهه، سائين سان حجت ڪري کيس دعوت ڏئي پاڻ سان گڏ وٺي ويو آهي.“
    *


    وقت وقت کي سلام آ

    ڪنهن موٽيل وهي واري عورت، ٻي پاڻ جهڙي هرڻ جهاٽيءَ کان پڇيو:
    ”ڇا حال آهي؟“
    ته اُن ٿڌو ساهه ڀريندي چيو:
    ”جڏهن جواني هئي ۽ ڪو اک اٽڪائيندو هيو ته پاڻ منهن ڦيري ڇڏينديو هيون سي ۽ هاڻي اسان ڪنهن سان اک اٽڪايون ٿيون، ته اڳلو منهن ڦيري ڇڏي ٿو!“
    پهرين گهرو ساهه کڻندي وراڻيو:
    ”بس وقت وقت کي سلام آ!“
    *


    منافق

    ” منهنجو دوست گلاب جي گل جيان خوبصورت ۽ خوشبودار آهي.“
    هڪ ماڻهو هڪ محفل ۾ پنهنجي دوست جي تعريف ڪندي چيو.
    ”بالڪل گلاب جي گل جيان!؟“
    محفل ۾ ويٺل هڪ شخص رشڪ کائيندي پڇيو.
    ”ها، بالڪل گلاب جي گل جيان منافق، جيڪو خوشيءَ جي موقعي تي ڳچيءَ جو هار ۽ مرڻ کان پوءِ قبر جو سينگار بڻبو آهي. “

    *


    ڪارگر ٻيڙي

    ” تون ٻڌو هوندو، ته سچ جي ٻيڙي لڏندي آهي، ٻڏندي ڪونهي؟“
    ”جي گُرو !“چيلي وراڻيو
    ”۽ تون ٻڌو هوندو ته ڪوڙجي ٻيڙي لڏندي ناهي، پر اوچتو ٻڏي ويندي آهي.“
    ”جي گرو!“
    ” پر جيڪا ٻيڙي درياهه يا سمنڊ وچ ۾ رڳو لڏندي رهي ۽ ساحل تي نه پهچي. ڇا تون ان ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيندي؟“
    ”هرگز نه!“
    ”ڇا تون اُن ٻيڙي ۾ نه چڙهندين، جنهن ۾ توکي ڌن دولت جي لائف سيونگ جيڪٽ پاتل هجي ۽ اُها ٻيڙي تيزيءَ سان ساحل جي ڀرسان اچي ٻڏي ۽ پوءِ اُن لائف سيونگ جيڪٽ جي سهاري تون ترندو اچي ساحل تي پهچين ...؟ “
    ”بالڪل چڙهندس، گُرو!“
    ”ته پوءِ ٻڌاءِ چيلا، اِن سڄي بحث مان ڇا ثابت ٿيو؟“
    ”گُرو، اِن مان ثابت ٿيو، ته ڪوڙ جي ٻيڙي وڌيڪ ڪارگر آهي!“


    شڪايت ۽ انصاف

    هڪ شخص ڪورٽ سڳوري جي احاطي ۾ بيٺي شڪايت ڪئي :
    ” هتي انصاف مفت ۾ نٿو ملي سگهي، ڇا ڪجي؟“
    اُتي بيٺل هڪ همراهه صلاح ڏيندي چيس، ”مفت ۾ نه ٿو ملي، ته پئسن سان خريد ڪر!“
    ”انصاف خريد ڪرڻ لاءِ پئسا ڪونهن.“ اُن شخص پنهنجي تنگدست هجڻ جي شڪايت ڪئي.
    ”اِنهن پئسن کي حاصل ڪرڻ لاءِ، هر ڏوهه ڪر!“
    اُن همراهه صلاح ڏيندي چيس.
    هُن سندس صلاح تي عمل ڪيو ۽ پوءِ کيس ڪورٽ مان انصاف نه ملڻ جي ڪڏهن به شڪايت نه رهي.
    *


    انسان ۽ حيوان

    گُرو چئي رهيو هيو:
    ”حيوان اُتي رهندو، جتي ٽي شيون هونديون.“
    ”ڪهڙيون؟“چيلي پڇيو.
    ”جتي کاڌ خوراڪ، صاف پاڻي۽ امن هوندو.“ گرو وراڻيو.
    ”۽ انسان؟“ چيلي سوال ڪيو.
    ”انسان به اُتي رهندو، جتي ٽي شيون هونديون.“
    ”ڪهڙيون؟“چيلي پڇيو
    ”جتي حوس، اَنا ۽ لالچ هوندي.“

    *


    ڀلو پار

    ”آءٌ ڀلي پار ٿو وڃان، سوچيم، توکان موڪلائي پوءِ وڃان.“
    هڪ شخص پنهنجي پراڻي دوست کان موڪلائيندي چيو.
    ”مڪي مديني تياري آهي؟“ پراڻي دوست پڇيس
    ”نه ...!“
    ”ڪربلا معلى!؟“
    ”بالڪل نه!“
    ”بيت المقدس؟“
    ”اصلي نه !“
    ”ته پوءِ ڪهڙي ڀلي پار ٿو وڃين؟“
    ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا!“ ان شخص خوش ٿيندي ٻڌايس.
    ٻئي دوست ڀاڪر پائيندي چيس :
    ”مبارڪ ٿي ...“

    *


    فرمانبردار شخصيت

    هڪ مجلس ۾، ڪنهن سياڻي سيبتي ماڻهو، پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي تحت نصيحت وارا نقطا پئي ٻڌايا:
    ”اوهان فرمانبرداري جي مٿانهين منزل تي رسي سگهو ٿا. جيڪڏهن اوهان ٽن ڳالهين تي عمل ڪيو !ٰ“
    ”ڪهڙيون؟“حاضرين مجلس مان ڪنهن سوال ڪيس.
    هُن ٻڌايو، ”هن دنيا کي پيءُ جي ذهن سان سوچيو، ماءُ جي ڪنن سان ٻڌو ۽ زال جي اک سان ڏسو. “
    ”۽ پنهنجي شخصيت؟“حاضرين مجلس مان ڪنهن سوال ڪيو.
    فرمانبردار ماڻهوءَ جي ڪابه شخصيت ناهي ٿيندي.“سيبتي ماڻهو وراڻيو.

    *


    ڏوهاري پيءُ جي پٽ کي نصيحت

    هڪ خانداني ڏوهاري مرڻ کان اڳ پنهنجي نوجوان پٽ کي نصيحت ڪندي چيو:
    ”پٽ، جيڪڏهن تون چوري ڪرين، ته ڌاڙو نه هڻجانءِ، پر جي دل جي چوڻ تي ڌاڙو هڻين ٿو، ته اغوا نه ڪجانءِ، پر جي اغوا ڪرين ٿو ته قتل نه ڪجانءِ، پر جي مجبوري ۾ قتل ڪرين ته ٻيو نه ڪجانءِ، جي ٻيو ڪرين ٿو ته ٽيون نه ڪجانءِ، پر جي ٽيون ڪرين ته پوءِ ڪنهن طاقت ور سياسي پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪجانءِ.... انشاالله اُتي توکي عزت، نيڪ نامي ۽ تحفظ ملندو. “
    ”ها بابا، مان اوهان جي نصيحت تي پورو پورو عمل ڪندس.“
    پٽ، ڏوهاريءَ پيءُ جي نصيحت دل سان هنڊائيندي واعدو ڪيو.

    *


    الفائده

    هڪ ڊگهي ڏاڙهي واري همراهه کان، انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي، ڪنهن انٽيليجنس ايجنسي جي آفيسر پڇيو:
    ”تنهنجو تعلق القائده تنظيم سان ته ناهي؟“
    ڊگهي ڏاڙهي واري همراه وراڻيو، ”بالڪل نه!“
    ”ٻي ڪنهن تنظيم سان؟“
    ”ها، هڪ سان ضرور آهي“
    ”ڪهڙي؟“
    الفائده سان!“
    ”الفائده وري ڇاآهي؟“ انٽيليجنس آفيسر حيرانگيءَ وچان پڇيس.
    ”الفائده جو مطلب آهي، جتي فائدو ڏسو اُتي فٽ ٿي وڃو!“
    اِهو جواب ٻڌي، انٽيليجنس آفيسر ٽهڪ ڏيندي کيس هڪدم ڪليئرنس ڏئي ڇڏي.
    *


    زال جو ستايل خودڪش بمبار

    پاڙي جي مسجد جي ملان نظير احمد، هڪ ڏينهن مسجد ۾ اعلان ڪري، سڄي جماعت کي حيران ڪري ڇڏيو، ته هو خودڪش بمبار ٿيڻ ٿو چاهي.
    ”سبب !؟“ هڪ جماعتي کائنس با ادب ٿي پڇيو.
    وراڻيائين، ”جنت ۾ وڃڻ چاهيان ٿو.“
    ” ايڏي تڪڙ!؟“ڪنهن جماعتي سوال ڪيس.
    ”پنهنجي بدصورت ۽ بد بخت زال جو منهن ڏسي ڏسي بيزار ٿي پيو آهيان!“ ملان جذباتي انداز ۾ جواب ڏنو.

    *


    قراقلي ٽوپي

    هڪ بگهڙ قراقلي ٽوپي مٿي تي رکي اعلان ڪيو:
    ”صدين کان وٺي اسان ويچارين غريب رڍن کي کاڌو آهي ۽ سندن استحصال ڪيو آهي. پر جڏهن کان وٺي پاڻ هيءَ شرافت جي ٽوپي مٿي تي رکي آهي، اُن ڏينهن کان وٺي اِهو واعدو ڪيو آهي، ته هاڻي رڍن کي نه کائبو، پر انهن جي رکوالي ڪبي.“
    سڀني رڍن ۽ گهٽن خوشيءَ ۾ ٻيڪاٽ ڪيا، سواءِ هڪ ڍڪي رڍ جي، جنهن جي نظر بگهڙ جي پهريل قراقلي ٽوپي تي هئي، سا خوف وچان ڪنبڻ لڳي.

    *


    انساني جنوني روبوٽ

    پئرس جي ”لُور“ ميوزيم اندر گهمندي گهمندي ٻه سياح ساهي پٽڻ لاءِ رکيل صوفي تي ويٺا. ٻئي اجنبي هيا. ٻنهي هڪ ٻئي کي مشڪي”هاءِ!“چيو. ان کانپوءِ مرد سياح، عورت سياح کان پڇيو:
    ”اوهان جو تعلق ڪهڙي ملڪ سان آهي؟“
    عورت وراڻيو، “جتي دنيا ۾ گهڻي ۾ گهڻا ڪمپيوٽرائزڊ مشيني روبوٽ ٺهنداآهن.“
    مرد وراڻيو، ”مان سمجهي ويس، ته اوهان جو تعلق جاپان سان آهي.“
    عورت چيو، ”صحيح سڃاتو ... اوهان ٻڌايو ته اوهان جو تعلق ڪهڙي ملڪ سان آهي؟“
    مرد وراڻيو، ”جتي وڌ ۾ وڌ انساني جنوني روبوٽ ٺهندا آهن ۽ خودڪش حملا ڪندا آهن.“
    عورت وراڻيو، ”مان سمجهي ويس، ته توهانجو تعلق ڪهڙي ملڪ سان آهي!‘‘

    *


    مارئي ملير جي

    ڀالوا ۾ مارئي جو ميلو لڳل هيو. کوهه تي سڄي سنڌ جا ماڻهو بيٺا تبصرو ڪري رهيا هيا.
    اتراڌي چيو، ”جي اسان جي پاسي عمر ماروي وارو واقعو ٿئي ها، ته ٻنهي ڄڻن کي ڪارو ڪاري قرار ڏئي قتل ڪيو وڃي ها.“
    لاڙي چيو، ”اسان وٽ عمر تي وڏو ڏنڊ لڳي ها. ڏنڊ ۾ بادشاهي هلي وڃيس ها ۽ مارئي به وڏي اگهه وڪامجي ها.‘‘
    وچولي واري چيو، ”جي اسان وٽ اِهو واقعو ٿئي ها، ته عمر کي سنڌ مان لڏائي ڇڏجي ها ۽ مارئي ڪنهن پير جي ڪوٽ ۾ قابو ٿئي ها ۽ ڪڏهن به نه نڪري سگھي ها.‘‘
    ڪوهستاني چيو، ”اسان وٽ جي اِهو قصو ٿئي ها، ته عمر تي سؤ سڱ چٽي رکجي ها ۽ مارئي کي ابتو ڪهي، پهاڙن تان اڇلائجي ها.“
    ٿري وراڻيو، ”ڀائي، تڏهن ته مارئي توهان وٽ نه ڄائي، جو توهان جي افعالن جي ازل کان خبر هيس. “


    خوني انقلاب کانسواءِ چارو ڪونهي

    هڪ ظالم، مظلوم کي ماري رهيو هيو، ته مظلوم سندس کاڏيءَ تي هٿ رکي سمجهائيندي چيس:
    ”ڏاهو ٿيئه!. . . بنيادي حقن جي لتاڙ نه ڪر ... زنده رهه ۽ ٻين کي به زنده رهڻ ڏي!“ ظالم کاڏي تان مظلوم جو هٿ پرتي ڪندي چيو:
    ”مان پنهنجو فطرتي حق استعمال ڪيان ٿو“
    مظلوم حيرانگيءَ وچان پڇيس، ”اِهو ڪيئن؟“
    ظالم وراڻيو، ”گاهه کي رڍ کائي ٿي... رڍ کي بگهڙ... بگهڙ کي شينهن ماري ٿو... شينهن کي ماڻهو... ۽ ماڻهوءَ کي عزرائيل...هر طاقتور ڪمزور کي مارڻ جو فطري حق رکي ٿو. ان فطري حق جي تحت آءٌ توکي ماريان ٿو، جو تون ڪمزور ۽ مان طاقتور آهيان. “
    اِهو چئي ظالم مظلوم کي مارڻ لڳو. ان وقت مظلوم سنجيدگيءَ سان سوچڻ لڳو، ته ظلم ۽ زيادتي کي ختم ڪرڻ لاءِ خوني انقلاب کان سواءِ ڪو چارو ڪونهي.

    *


    سنڌي سٻاجهڙو

    سنڌي سٻاجهڙو، جيڪو زندگيءَ جي چؤواٽي تي پريشان حال ويٺو هيو. تنهن سوچيو، ڪانه ڪا راهه وٺڻ گهرجي، ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ گهرجي. اِهو سوچي هو ڏکڻ طرف هلڻ لڳو، ته واٽ تي هڪ سياڻو سيبتو همراهه مليس . تنهن حال احوال وٺڻ کان پوءِ کيس سختي سان منع ڪئي ته ڏکڻ پاسي اجهل سمونڊ آهي. جيڪو نهايت پر خطر آهي. جنهن ڪيترائي غوراب ماڻهن سوڌا غرق ڪري ڇڏيا آهن.
    سنڌي سٻاجهڙي ڏکڻ وارو رستو ڇڏي اتر طرف هلڻ لڳوته واٽ تي کيس هڪ جهانديده راهبر ملي ويو. تنهن سندس ارادا معلوم ڪري کيس سمجهايو ته اتر طرف هرگز هرگز نه وڃي، جو اتر طرف وڃڻ، موت کي دعوت ڏيڻ جي برابر آهي. ڇو ته اتان جو ماحول ظالم ۽ هوائون بي رحم آهي.سنڌي سٻاجهڙي اتر جي واٽ ڇڏي، پورب جو گس ورتو، ته کيس ساڃاهوند سونهون ملي ويو. تنهن ٻڌايس، ته هو جنهن راهه جو راهي آهي، اُهو رڃ ۽ ريگستان جو سفر آهي. هو هلندي مرگهه ترشنا جو شڪار ٿي ويندو. سنڌي سٻاجهڙو پورب جو پنڌ ڇڏي، اولهه طرف رخ رکيو. اڃا هو پهاڙن جي دامن ۾ پهتو، ته سندس ملاقات هڪ مهان ڏاهي سان ٿي. جڏهن هن پنهنجي دل کولي اُن جي سامهون رکي ته هن ٻڌايس ته اڳتي آڏ تراڇا آهڙا ڏونگر کي ڏاڪا ٿي جيڪڏهن سندس پير ٿڙڪيو ته ڳاٽي ڀر لڳندو ۽ سندس مڻڪو ڀڃي پوندو.
    سنڌي سٻاجهڙي اِهو ٻڌي، پنهنجي دل دٻلي ۾ رکي ٿڙڪندو واپس موٽيو ۽ زندگيءَ جي چؤواٽي تي لت ڏئي سمهي پيو.

    *


    مان سمهيو ڪٿي آهيان

    هڪڙي انقلابي سنڌي سٻاجھڙي کي ستل ڏسي زور زو سان نعرا هنيا،
    ’جاڳ سنڌي جاڳ ...!‘‘
    سنڌي سٻاجهڙي اُٿي وراڻيو،
    ’’ادا! مان ته ائين ئي آهليو پيو هيس، سمهيو ڪٿي آهيان !‘‘
    ’’پوءِ پورن پنج هزار سالن کان وٺي ڇا پئي ڪيئي؟‘‘ انقلابي ، تاريخي سوال ڪندي ڇڙٻ ڏنس.
    سنڌي سٻاجهڙي وراڻيو، ’رات جو مڇرن سمهڻ نه ڏنو، ڏينهن مکين هڪلڻ ۾ پورو ٿي ويو. باقي رهي سهي ڪسر اوهان جي نعرن ڪڍي ڇڏي ...!‘‘

    *


    ڪير پنهنجو، ڪير پرايو

    هڪ حسين بيوهه کي، ڪنهن محفل ۾ هڪ بزرگ شخص سمجھائيندي چيو،
    ’’ٻڌو آهي،ته اڄ ڪلهه تون پراون ماڻهن سان راتيون گذارين ٿي. توکي پنهنجي مرحوم مڙس جي عزت جو خيال ڪرڻ کپي.‘‘
    حسين بيوهه سرد آهه ڀريندي وراڻيو، ’’محبوب مڙس جي مرڻ کان پوءِ هوش ئي ناهي رهيو،ته ڪير پنهنجو آ، ڪير پرايو آ ...!‘‘

    *


    سبحان الله!

    خليفي چيو:
    پير سائين، جي ڪوڙ ڳالهائي ته به سچ هوندو آهي ۽ جي سچ ڳالهائي ته پوءِ مَچُ هوندو آهي.‘‘
    سڀني ويٺل مريدين زور سان چيو،
    ’’سبحان الله!‘‘
    *


    اڄوڪي اخبارن جي هڪ حيرتناڪ خبر

    ٻه قرب جا بکيا، قرب ونڊيندي گرفتار ٿي ويا.

    *


    ٻه وڏا ڪوڙا

    هڪڙي ڪوڙي دعويٰ ڪئي:
    مان هٿ جو ڪوڙ ٺاهي هڻان، ته پکي ٿي وڃي.‘‘
    ٻئي چيو، ’’مان هٿ جو ڪوڙ ٺاهي هڻان، ته بندوق ٿي وڃي.‘‘
    پهرين ڪوڙي هٿ جو ڪوڙ ٺاهي هنيو ته پکي ٿي ويو، پر بنا پرن جي.
    ٻئي ڪوڙي هٿ جو ڪوڙ ٺاهي هنيو ته بندوق ٿي وئي، پر بنا ڪارتوسن جي ..!

    *


    صفا صحافي

    هڪڙا صحافي هوٽل تي ڪچهري ڪندي بدشد ڳالهائي رهيا هيا. ڀرسان واري ٽيبل تي ويٺل همراهن کين گذارش ڪندي چيو، ’’سائين، ڪجهه ماڻهو ٿيو! فضيلت سان ڳالهايو.‘‘
    بد شد ڳالهائڻ وارن وراڻيو:
    ’’اسان صحافي آهيون، جئين وڻندو، تئين ڳالهائينداسي.‘‘
    *


    بزدل سواري

    ڪراچي کان حيدرآباد ڏانهن ويندڙ بس، جيئن ئي ڪاٺوڙ واري سنگل روڊ تي چڙهي ته بس کي ڄڻ پر لڳي ويا. وڏن ٽرالن ۽ ٽرڪن جر وچ مان بس ائين گهتون هڻي هلڻ لڳي، جيئن چمڙا رات جي اونداهي ۾ اُڏامندا آهن. ڪڏهن اوچتو بريڪ، جو ماڻهن جا مٿا وڃي اڳين سيٽن تي لڳن، ته ڪڏهن اهڙو ڪٽ جو ماڻهو هڪ ٻئي جي مٿان سٿجي وڃن. هڪ ٻه دفعو ته ماڻهو اهڙن جهٽڪن کي برداشت ڪري ويا. پر جڏهن ٽيون دفعو هڪ زوردار بريڪ سان گڏ ڪٽ لڳو ته ٽائرن مان چيڪٽ ۽ دونهان نڪري ويا. ماڻهو ڪاوڙ ۾اُٿي بيٺا ۽ ڊرائيور کي چوڻ لڳا:
    ”انڌن وانگر گاڏي ٿو هلائين ... سڀني کي ماريندين ڇا ...؟شرافت سان گاڏي هلاءِ ...!‘‘
    ڊرائيور هڪ نهايت خطرناڪ بريڪ هڻي گاڏي بيهاري، جو ماڻهو لڙهڪندي لڙهڪندي بچيا. پوءِ خونخوار نظرن سان پٺتي نهاريندي چيائين:
    ”زندگي ۽ موت خدا جي هٿ آهي. ڪو ڊرائيور جي هٿ ۾ ناهي. سڀ جو سڀ لهي وڃو، مان بزدل سواريءَ کي ناهيان ويهاريندو!“
    اِهو ٻڌي سڀ ماڻهو دلير ٿي ويهي رهيا.

    *


    اڳ ڳڻتي

    ڪراچي شهر جي هڪ شهري، ٻي شهريءَ کي چيو:
    ”ٽي وي تي ڏيکارن ٿا، ته سنڌ ۾ وڏي ٻوڏ آئي آهي. ٻهراڙي جي ماڻهن شهر جو رخ رکيو آهي.“
    ٻي شهري وراڻيو، ”مسئلو ٻوڏ جو ناهي، پر مسئلو اِهو آهي، ته جي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو شهر ۾ ڪاهي پيا، ته اسان جو ڇا ٿيندو؟“

    *


    شهري ۽ ڳوٺاڻا

    ٻه ڳوٺاڻا، ڳوٺ جي گهاٽي نم جي ڇانوَ هيٺان ڪچهري ڪري رهيا هيا.
    هڪ ڳوٺاڻي چيو: ”پاڪستان ۽ هندوستان جي ڇڪتاڻ وڌندي وڃي ٿي، لڳي ٿو جنگ لڳندي.“
    ٻي ڳوٺاڻي وراڻيو، ”هن ڀيري واري جنگ، عام جنگ نه هوندي، ٻئي ملڪ ايٽم بمن جو استعمال ڪندا.“
    پهريائن ڳوٺاڻي تشويش وچان سوال ڪيو، ”اِهي بم اسان جي ڳوٺن تي، ته نه ڪرندا نه؟“
    ”تون ڳڻتي نه ڪر، اِهي بم ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي وڏن شهرن تي هڻندا.“ ٻي ڳوٺاڻي کيس اطمينان ڏياريو.
    پهرين ڳوٺاڻي وراڻيو، ’’ڀلي شهرن تي بم لڳن ، اسان جو ڇا!“

    *


    سڀئي اڻ سڌريل

    هڪ ڏينهن ڪراما ڪاتبين (ملائڪ سڳورا) حضرت انسان جي ڪلهن تان لهي سندس سامهون ٿي بيٺا ۽ کيس سمجهائڻ لڳا:
    ” اي حضرت انسان، تون اڃا تائين ناهين سڌريو. گناهن مٿان گناهه ڪندو ٿو رهين، پر پوءِ به تنهنجي گناهن ڪرڻ واري خواهش اڃا ختم ناهي ٿي.“
    حضرت انسان جواب ڏنو:
    ” جي مان نه سڌريو آهيان، ته اوهان وري ڪهڙا سڌريا آهيو. توهان به ته چغل خوري وارو ڌنڌو اڃا تائين ناهي ڇڏيو!“

    *


    ’مان مان‘، ’تون تون‘!

    خدا بندي کان پڇيو:
    ” مان ڇا آهيان، تون ڇا آهين؟“
    بندي وراڻيو:
    ”مان مان آهيان، تون تون آهين“

    *


    مشرڪ

    ڪنهن مردِ مومن ڪنهن صوفيءَکي چيو:
    ”اوهان صوفي شرڪ ڦهلايو ٿا، اوهان بدعتي آهيو.“
    صوفي وراڻيو، ”، اسان ان کان به وڌ، يعني بذات خود بدعت آهيو.“
    ”پوءِ ضروري آهي، ته اوهان جهڙن مشرڪن خلاف جهاد ڪري، اوهان کي صفحه هستيءَ تان مٽائي ڇڏجي.“ مردِ مومن جوش ۾ ايندي وراڻيو.
    ”اوهان جي مهرباني ٿيندي، ڇو ته اسان جي به اِها ڪوشش آهي، ته پنهنجي هستيءَ کي مٽائي، اُن کي ظاهر ڪيون، جنهن وٽ ڪا ٻيائي ڪونهي.“

    *


    وڏائي

    هڪ غريب شخص، هڪ صوفيءَ وٽ آيو ۽ کائنس پڇيائين:
    ”صوفي صاحب، خدا کي اسان ٻاڏايون به گهڻو ٿا، پر خدا اسان کي ٻڌي ئي نٿو. جڏهن ته وڏا ماڻهو کيس ياد به گهٽ ڪن ٿا. پر ٻڌي اُنهن جي گهڻي ٿو، سو ڇو؟“
    صوفي جواب ڏنو، ”خدا وڏو آهي. اِن ڪري وڏو وڏن جي ٻڌندو.... ننڍن جي ڇو ٻڌندو!!؟‘‘
    *


    ملان اڃا فائدي ۾ آهي

    هڪ ملان موجوده دؤر تي تبصرو ڪندي چيو:
    ”مذهب جي دُوري انسان کي تباهه طرف وٺي وڃي رهي آهي. تڏهن ته قرآن ۾ لکيل آهي، ’بيشڪ انسان خساري ۾ آهي.‘
    صوفي وراڻيو، ’’بيشڪ انسان خساري ۾ آهي، پر ملان نه!“

    *


    زنده هستي

    ”هي دنيا ڪنهن جي محابي ته هلي ٿي. نه ته هيءَ دنيا ڪڏهن جو تباهه ٿي وڃي ها.“
    پير صاحب، محفل ۾ ويٺل ماڻهن کي رازداريءَ سان ٻڌائيندي چيو:
    ”اُها ڪهڙي زنده هستي آ، جنهن جي ڪري، هيءَ دنيا هلي رهي آهي؟“
    محفل ۾ ويٺل هڪ ماڻهو زور ڀريندي پير صاحب کان پڇيو.
    ’’اوهان سڀيئي واعدو ڪيو، ته ڪنهن کي نه ٻڌائيندا!؟‘‘
    محفل ۾ ويٺل سڀني ماڻهن واعدو ڪيو، ته اُهي ڪنهن کي نه ٻڌائيندا.
    پير صاحب واعدي وٺڻ کانپوءِ، کين انتهائي رازداريءَ سان ٻڌايو:
    ”اُها عظيم هستي آءٌ پاڻ آهيان ... هاڻي آ اوهان جي مرضي يقين ڪيو يا نه!‘‘
    *


    سوچيندين ته سمجهه ۾ اچي ويندءُ

    صوفي فولاد فقير وٽ هرسوال جو جواب موجود آهي. اِهو ٻڌي هڪ شخص، فولاد فقير وٽ آيو ۽ کائنس سوال ڪيائين:
    ”فولاد فقير، سڄي دنيا جا ماڻهو الله کي هر روز ٻاڏائن ٿا، ته سندن حالتِ زار تي رحم فرمائي. کيس پستين مان ڪڍي، بلنديءَ تي پهچائي، کين ڪافرن جي مٿان غالب ڪري. پر پوءِ به الله تعالي ڪنهن هڪ مومن مسلمان جي نٿو ٻڌي ...؟ سو ڇو ...؟پر جواب ڏيڻ کان اڳ هڪ ڳالهه ٻڌي ڇڏ فولاد فقير! ته مان ملن وارو اهو رٽيل پٽيل جواب هرگز ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيان، ته اِهو سڀ ڪجهه الله جي طرف کان امتحان يا آزمائش آهي.“
    فولاد فقير اِهو سوال ٻڌي مشڪيو ۽ پوءِ کيس رازداريءَ واري انداز ۾ ٻڌايو:
    ”دراصل خدا ٻڌي ٿو ۽ ملائڪ سڳورن کي باقائده حڪم ٿو ڪري، ته وڃي مومن مسلمانن جي مدد ڪريو. پر ملائڪ سڳورا ڪافرن کي مسلمان ۽ مسلمانن کي ڪافر سمجهن ٿا.‘‘
    ان شخص وراڻيو، ”اِها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.“
    فولاد فقير وراڻيو، ”پنهنجن افعالن تي سوچيندين ته سمجهه اچي ويندءُ.“
    *


    خدا جي ڳولا ۾

    هڪ بندي خدا جي ڳولا ۾ ايڏا ڪشالا ڪڍيا ۽ ڪشٽ ڪڍيا جو ملائڪن خدا کي عرض ڪيو، ته ’’سائين! هن تي ڪهل ڪيو.‘‘
    خدا وراڻيو، ’اِن ڪري ڳولهي ٿو، جو لالچ اٿس، اِن ڪري ڪشٽ ۽ ڪشالن واري ئي سزا ان لاءِ ڪافي آهي!‘‘
    *


    مالڪن جا قرب

    هڪ صوفي چوراهي ته اونڌي منجي ڪيون ويٺو هيو. ڪنهن پڇيس:
    ’’ائين اونڌي منجي ڪيون، چوراهي تي ڇو ويٺو آهين!؟‘‘
    هڪدم وراڻيائين، ’’مالڪن جي مرضي آهي، اونڌي منجي تي ويهارين يا سنئين منجي تي ...‘‘
    پڇندڙ همراهه چيس:
    ’’جي مالڪن جا اهڙا قرب ٿي، ته تو به ڪلياڻ نه ڪيو ...!!‘‘
    *


    عاشق ۽ معشوقن جا ڪهڙا ليکا

    هڪ صوفي ۽ محقق گڏجي ڀنڀور گهمڻ ويا.
    ڀنڀور جا آثار گهمندي صوفي چيو:
    ’’نه سسئي عاشق ٿئي ها، ۽نه وري ڪشالا ڪٽي ها.“
    محقق سندس بيان کي درست ڪندي چيو:
    ”قصو ته اِهو ٻڌائي ٿو، ته پنهون عاشق هيو ۽ سسئي معشوقه. “
    صوفي وراڻيو، ”ڪشٽ ۽ ڪشالا عاشق ڪٽيندو آهي، معشوق ته جورو جفا ڪندو آهي. هونئن به مزاجي عشق عورت ڪري ڄاڻي، مرد کي ڪهڙي خبر. “
    محقق جواب ڏنو، ”انساني عشق جي تاريخ ٻڌائي ٿي، ته مزاجي عشق جي شروعات مرد کان ٿي. اِن ڪري تاريخي طور تي مرد وڏو عاشق آهي. “
    هڪ سائيٽ اٽينڊنٽ، جيڪو ڀرسان بيٺو هيو، سو پاڻ جهلي نه سگهيو، تنهن وراڻيو:
    ”ٻئي عاشق معشوق هيا. هڪ ابتدا ڪئي، ٻئي انتها. سو سائين! عاشقن ۽ معشوقن جا ڪهڙا ليکا، جو توهان ليکا ٿا ڪيو!؟“
    اِهو ٻڌي صوفي ۽ محقق ڏاڍا شڪي ٿيا.

    *


    ڇُري ۽ گدرو

    سرڪاري باس پنهنجي ماتحت کي سمجهائيندي چيو:
    ”ماتحت گدري جي مثال آهي ۽ باس ڇُري جيان آهي. جي گدرو ڪري ڇُري تي، ته به گدري کي نقصان.جي ڇُري ڪري گدري تي، ته به گدري کي نقصان“
    ماتحت وراڻيو:
    ”سر، جي گدري مٿان سياسي اسٽيل جو تهه چڙهيل هجي ته پوءِ؟“
    باس هڪدم وراڻيو :
    ”ڇُري به گدري جي اڳ پٺ ڏسي، پوءِ ڪرندي آهي“

    *


    ديسي گڏهه

    مان جيئن ئي آفيس پهتس، ڏٺم ته منهنجي آفيس جو نائب قاصد رمضان ڪنهن ڳوڙهي سوچ وچان مٿي کي هٿ ڏئي ويٺو هيو. مون سوچيو، ’اڄ وري موڪل وٺڻ لاءِ ڪو نه ڪو بهانو ڪندو.‘
    پڇيومانس، ”رمضان خير ته آهي، ائين گمُ سمُ لڳو ويٺو آهين؟“
    ”اي سائين، ڳالهه نه پڇ ... ! اڄ ويو هيس اُن باغ ۾ جتي جانور ۽ پکي هوندا آهن“
    ”چڙيا گهر۾ ... پوءِ؟“ مون سمجھندي وراڻيو.
    ”اُتي بي انصافي ڏسي، ڏاڍو ارمان ٿيو“
    ”ڪهڙي بي انصافي!؟“
    ” اي سائين، هڪ پڃري ۾ ڏٺم ته آفريڪي پٽاپٽي گڏهه پيا ڊوڙين. ڇا چئبو آهي نڀاڳن کي؟“
    ”زيبرا“
    ”ها، اِهي ... جيبرا“
    ”پوءِ؟“
    ”غور سان ڏٺم، ته ٻئي ماديون!“
    ”پر اِن ۾ ناانصافي ڇاجي، نر زيبرا نه مليا هوندن!‘‘ مون کيس سمجهائيندي چيو
    ”اي سائين، نر زيبرا نه هيا، ته پنهنجا ديسي گڏهه ته موجود هيا. اُنهن کي ئي پڃري ۾ وجهن ها، ته جوڙ ٺهي وڃن ها.“رمضان وراڻيو.
    ” پوءِ تون اِها تجويز چڙيا گهر وارن کي ڇو نه ڏني؟“مون کائنس سوال ڪيو
    ”اي سائين، اِها ڳالهه منهنجي ذهن ۾ آئي ته سهي، پر پوءِ سوچيم، پنهنجا ديسي گڏهه ڪير ڏسڻ ايندو؟“ رمضان وراڻيو.
    *


    محمود و اياز

    سرڪاري باس ۽ ماتحت، جڏهن مسجد مان نماز پڙهي نڪتا، ته ماتحت چيو،
    ”سر، گڏجي نماز پڙهڻ ۾ ڪيڏو نه سڪون آهي.“
    باس وراڻيو، ”بيشڪ، محمود ۽اياز ۾ فرق ئي نٿو رهي.“
    ماتحت چيو، ”جيڪڏهن اِهو فرق رشوت وٺڻ ۾ به نه هجي ته ڪيڏو نه وڌيڪ سڪون ملي.“
    باس وراڻيو، ”جي سڀ فرق ختم ٿي وڃن ته پوءِ محمود محمود نه رهندو، اياز اياز نه رهندو!“
    *


    پراڻو شهري ۽ شهري رٿابندي جو ماهر

    ”مون کي هاڻ هت ڪير به نٿو سڃاڻي ... مان پنهنجي ئي شهر ۾ اجنبي ٿي ويو آهيان. مون کي ويڳاڻپ ۽ وائڙائپ ذهني مريض ڪري ڇڏيو آهي. مهرباني ڪري ڪا اهڙي رٿابندي ڪيو، جو مون کي منهنجي شناخت ملي.“ هڪ پراڻي شهري، رٿابندي جي ماهر کي ليلائيندي چيو.
    رٿابندي جي ماهر وراڻيو، ”جڏهن تون ننڍو هئين، ته تنهنجي شهر جي آبادي لک کن مس هئي. اِها منهنجي ئي رٿابندي آهي، جو تنهنجو شهر ڪيترن ئي لکن تي مشتمل آهي. جڏهن تون اڃا ٻار هئين، ته تنهنجي شهر جي پکيڙ چند چورس ڪلوميٽر مس هئي، اڄ تنهنجي شهر جي پکيڙ چاليهه چورس ڪلوميٽرن کان به مٿي آهي. اڳي تنهنجي شهر جي ٻاهران جهنگ ئي جهنگ هيو. هاڻي تنهنجي شهر ٻاهران ڪيئي رهائشي ڪالونيون کنڀين وانگر نڪري آيون آهن. اِن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي رٿابندي ڪيان؟“
    پراڻي شهري تنقيد ڪندي چيو:
    ”تنهنجي اِن رٿابندي جي ڪري، منهنجي شهر جي آبادي سهڪڻ لڳي آهي. شهر جي ڦهلاءُ ماڻهن کي منجهائي ماريو آهي. رڪشائن ۽ گاڏين جي شور ڪري ماڻهن هڪ ٻئي کي ٻڌڻ ڇڏي ڏنو آهي. مٽيءَ ۽ دونهين جي غبار ڪري ڏسڻ کان معذور آهن. نين رهائشي ڪالونين، فطرتي سونهن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هيءَ ڪهڙي رٿابندي آهي، جيڪا ماڻهوءَ کان ماڻهپو ۽ خوبصورتي کسي رهي آهي؟“
    ”توهان پراڻا شهري کوهه جا ڏيڏر آهيو. توهان جديد تقاضائن کي هرگز نه سمجهي سگهندءُ. تنهن ڪري توهان سان مٿو هڻڻ اجايو آهي.“
    اِهو چئي شهري رٿابندي جي ماهر خفا ٿيندي منهن ڦيري ڇڏيو.
    اِهو ٻڌي پراڻي شهري سوچيو، ته هاڻي شهر ۾ رهڻ بجاءِ جهنگ منهن ڪجي ته بهتر آهي.
    *


    ميگا ڪميشن

    هڪ ترقياتي ميگا پراجيڪٽ جي رٿا تي لاڳاپيل وڏي آفيسر، وزيرِ موصوف ۽ صلاحڪارکي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو :
    ”سر، هي ميگا پراجيڪٽ ملڪي معيشيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ توهان يقين ڪيو ته هي ملڪ جي قسمت بدلائي ڇڏيندو.“
    وزير موصوف صلاحڪار کان رازداري واري انداز۾ آهستگيءَ سان پڇيو:
    ”ڇا توکي يقين آهي، ته هي ميگا پراجيڪٽ ڪامياب ويندو؟“
    صلاحڪار به اوتري ئي رازداري سان جواب ڏنس، ”سر، ميگا پراجيڪٽ ڪامياب وڃي يا نه، پر ملندي سڀني کي ميگا ڪميشن .... وڌيڪ اوهان جي مرضي .... “
    ”جي اِها ڳالهه آهي، ته پوءِ اِها پراجيڪٽ ضرور هلڻ گهرجي.“
    وزير پراجيڪٽ جي منظوري ڏيڻ ۾ دير ئي نه ڪئي.


    ڪهاڻيءَ جو هڪ ستايل ڪردار

    گلشن حديد جي پهاڙيءَ تي هڪ ڪهاڻيڪار پنهنجي خيالن ۾ گم سُم لڳو ويٺو هيو، ڪنهن ڪهاڻيءَ جو ستايل ڪردار کيس ڳولهيندو اچي پهتو. اچڻ سان چيائين:
    ”ڇا پيا سوچيو؟“
    ”ڪنهن ڪهاڻي جي ڪردار تي پيو سوچيان!“
    ”آءٌ به ته ڪنهن ڪهاڻي جو ڪردارآهيان، مون تي ڇو نه ٿا لکو؟“
    ’’تون اڳ ۾ ئي لکيل آهين. ان ڪري لکيل ڪردارن جي قسمت تبديل نه ٿي ڪري سگھجي.‘‘ ڪهاڻيڪار سمجهايس.
    ”اوهان صحيح آهيو، پر جنهن مون تي لکيو آهي. اُن مون سان وڏي زيادتي ڪئي آهي.“ ڪردار وراڻيو.
    ”ڪهڙي زيادتي؟“ڪهاڻيڪار ستايل ڪردارکان پڇيو.
    ”تخليقار مون سان ايڏا مسئلا ڳنڍيا آهن، جو اڄ تائين انهن مسئلن ۾ اُلجهيل آهيان.“
    ”اِها هر تخليقار جي مرضي آهي، ته هو پنهنجن ڪردارن سان ڪهڙي به جٺ ڪري!“ ڪهاڻيڪار ٻڌايس.
    ”ڪو مثال ٻڌايو؟“ ڪردار پڇيس.
    ”آءٌ پاڻ مثال آهيان! جنهن مون کي تخليق ڪيو آهي، ان به مون سان ائين ئي ڪيو آهي!‘ ڪهاڻيڪار وراڻيس.
    ستايل ڪردار اِهو ٻڌي خاموشيءَ سان پنهنجي ڪهاڻي ۾ گم ٿي ويو.

    *


    حيثيت

    هڪ خود پسند شخص جبل سان دوستي رکي، پاڻ کي ڪوهيار‘ سڏائڻ لڳو. جڏهن به جبل جي چوٽيءَ تي چڙهندو هو، ته جبل سان پنهنجي دوستيءَ جو دم ڀريندي مٿائنس احسان جتائيندو هو:
    ”جبل، مون کي شابس ڏي، جو مان تنهنجي چوٽيءَ تي چڙهي، توسان دوستيءَ جو دم ڀريان ٿو.“
    جبل ٻڌي ٻُڌي نيٺ تنگ ٿي پيو ته هڪ ڏينهن چيائينس :
    ”ڪوهيار جي تون چاهين ته مان تنهنجي ان احسان جو بدلو چڪائي ڇڏيان.“
    ”ڪيئن احسان چڪائيندين؟“ڪوهيار تجسس وچان پڇيس.
    جبل وراڻيو، ”جيئن تون منهنجي چوٽي تي چڙهي احسان ڪرين ٿو، تيئن آءٌ تنهنجي مٿان چڙهي احسان چڪائي سگهان ٿو.“
    اِهو ٻڌي ڪوهيار وراڻيو،
    ”جبل، تون پنهنجي جاءِ تي بيٺو رهه، مون کي منهنجي حيثيت جي خبر پئجي وئي.“


    هڪ عام ليکڪ جي جمالياتي حس

    نئين سال جي شروعات وارن ڏينهن ۾، هڪ نيم پاڳل ليکڪ اسٽيشنري جي دوڪان تي چڙهيو ۽ دوڪاندار کي چيائين:
    ”نئين سال جي ڊائري ڏيکار.“ دوڪاندار سندس آڏو ڪيترين ننڍين وڏين ۽ رنگبرنگي ڊائرين جو ڍير لڳائي ڇڏيو.
    ”اڃا ڪي سٺيون هجن ته ڏيکار.“ ليکڪ اڳيان رکيل ڊائرين کي ڏسندي، ناپسند ڪندي چيو.
    ”آءٌ توکي سڃاڻان، تون هڪ غريب ليکڪ آهين، مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته تون مهانگي ڊائري وٺي ڇا ڪندين؟“دوڪاندار مٿائنس طنز ڪندي چيو:
    ليکڪ وراڻيو:
    ”انساني سماج جي بد ذوقيءَ کي خوبصورت پنن تي لکڻ چاهيان ٿو.“
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515334
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205431
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ