ڪتاب جو نالو: گلشڪر (اصلوڪو)
مصنف: ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي
ڇپائيندڙ: المنعم لائبرري لاڙڪاڻو
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 1905
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 20 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 345 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 149 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”گلشڪر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جو لکيل آهي جنهن جو پهريون ايڊيشن ورهاڱي کان اڳ 1905ع ۾ ڇپيو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سنڌ سلامت پاران :
  • مقدمو
  • ڌڻيءَ جي ساراهه
  • پهاڪا

  • الف
  • ب
  • ٻ
  • ڀ
  • ت
  • ٿ
  • ٽ
  • ٺ
  • پ
  • ڦ
  • ج
  • ڄ
  • جهه
  • چ
  • ڇ
  • ح
  • خ
  • د
  • ڌ
  • ڏ
  • ڊ
  • ر
  • ز
  • س
  • ش
  • ص
  • ظ
  • ع
  • غ
  • ق
  • ڪ
  • ک
  • گ
  • ڳ
  • گهه
  • ل
  • م
  • ن
  • و
  • هه
  • ي
  • ڪتاب جي پڄاڻي
  • ڏسڻي

  • ترتيب

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (181) ڪتاب ”گلشڪر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جو لکيل آهي جنهن جو پهريون ايڊيشن ورهاڱي کان اڳ 1905ع ۾ ڇپيو.

    هي ڪتاب المنعم لائبرري لاڙڪاڻي پاران انجنيئر عبد الوهاب سهتي اي بوڪ ايڊيشن ۾ سندس ويب سائيٽ تي آندو آهي. ٿورائتا آهيون سائين عبد الوهاب سهتي جا جنهن هن قيمتي ۽ ناياب ڪتاب کي ٻيهر اسان تائين اندو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    مقدمو

    (ستين ڇاپي جو)

    گل شڪر سنڌي ٻوليءَ ۾ پھاڪن تي پھريون ڪتاب آھي، جو ديوان ڪيول رام سلامت راءِ آڏواڻيءَ سرڪاري نوڪريءَ مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ نھايت پورھيو ڪري ۱۸۶۹ع ۾ لکي پورو ڪيو، پر پنجٽيھ سالن تائين مسودو ڇپڻ بنا پيو رھيو ۽ نيٺ ۱۹۰۵ع ۾ پھريون ڀيرو شايع ٿيو.
    ديوان صاحب انھن لکندڙ مان ھو، جيڪي پبلشر جي پرواھ نه ڪندي، پنھنجين لکڻين کي ايندڙ نسلن لاءِ ڇڏي ويندا آھن ۽ پنھنجي نه لکڻ کي پبلشر نه ملڻ جو ڪارڻ نه ٻڌائيندا آھن.
    ھن ڪتاب ۾ پنج سؤ کان به مٿي پھاڪا جمع ڪيل آھن، جي پڙھندڙ جي سھوليت لاءِ نه رڳو الف-بي وار ڏنل آھن، پر انھيءَ سان گڏ پھاڪن ۾ ڪتب آندل ڏکين لفظن جي معنيٰ، سمجھاڻي ۽ پھاڪن جو پس منظر به ڏنل آھي ته جيئن اسڪولي شاگرد به سمجھي وڃي. ان سان گڏ ھندي ۽ فارسي ھم معنيٰ شعر ۽ پھاڪا به ڏنل آھن.
    دراصل ڪو به سنڌي لکندڙ يا پڙھندڙ ھن ڪتاب جي ڪارائتي ھجڻ کان انڪار نه ٿو ڪري سگھي. سنڌي لکندڙ لاءِ ته ھي ڪتاب بيحد ضروري آھي.
    ھن ڪتاب جي اھميت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته ھن ڪتاب جو ھي ستون ايڊيشن آھي.


    ڌڻيءَ جي ساراهه

    ساراهه ٿو ڪريان ڌڻيءَ جي، جنهن پنهنجي توهه سان هن ماڻهوءَ کي سڀن ساهه وارن ۾ وڏي مانَ وارو ڪيو آهي، ۽ ڳالهائڻ لاءِ ڄڀ ۽ سمجهڻ لاءِ ڏاهپ بخشي، مٿس اشرف المخلوقات نالو رکيو اٿس؛ ۽ سندس کائڻ، پيئڻ، پهرڻ لاءِ طرح طرح جون وٿون جوڙيون اٿس. تڏهن هن کي پڻ جڳائي، جو پنهنجي ڏاهپ آهر ڄڀ سان هن جي ساراهه ڪري، ۽ پڄنديءَ سارو سنديس وڏائي چئي سڻائي.
    اُن ٻاجهاري جو شڪرانو ٿو ڪريان، جو مون کي پڻ اُن ماڻهن ۾ اُپائي، ڪيولرام سلامت راءِ آڏواڻي نالو رکي، حيدرآباد سنڌ ۾ رهاڪو فرمايو اٿس.
    تنهن اُپائڻهار جي دِڳي سان ڪي ڏهاڙا مير صاحبن جي راڄ جا، ۽ گهڻا ڏهاڙا سرڪار جهانمدار انگريز صاحب بهادر جي سلطنت جا، ايمان ۽ مانَ سان نوڪري ڪري، تاريخ ۱۶ فيبروري ۱۸۶۴ع کان وٺي سو (۱۰۰) رپين مهيني پينشن ۾ آيو آهيان.
    هڪڙيءَ مهل هڪڙي سردار سنڌي پهاڪن ٻڌڻ جي دل رکي، تڏهن سو (۱۰۰) ٻه سا (۲۰۰) پهاڪا لکائي پهچايامانس. پر ويچار ڪيم، جو پهاڪن ۾ گهڻو ڪري ملڪ جا اصطلاحي اکر آيا آهن، جن مان ڪي اکر سنڌ جي سڀن ماڻهن کي پڻ سمجهڻ ۾ نه اچن، جن جي ٻولي ماءُ پيٽان آهي، تڏهين ٻين ملڪن جي ماڻهن کي جي پوءِ ٻولي ٿا سکن، سمجهاڻيءَ جي گهرج ڇو نه ٿيندي؟ تنهن خيال تي هن ريت جي ڪتاب جي رٿ ڪيم.
    اڳي گهڻن سياڻن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب جوڙيا آهن، پر آهي عمر جا جوان، ۽ عقل جا تکا، سي وڏن ڪاريگرن وانگي آهن! جهڙا وينجهر، جي موتي ونڌن، يا خاتوبند، جي ڪاٺ ۽ عاج جا اُچا اُچا ڪم ڪن، يا جَڙيا جي سون ۾ جواهر جي جڙت جوڙن، يا نقاش جي چڱيون صُورتون جوڙن، تن جي اڳيان آءٌ هڪڙو پوڙهو، اياڻو ڌوڙ ڌوئي جهڙو سادي ڪم وارو آهيان. هن ريت، جو ڌوڙ ڌوئي جو ڪم هي آهي، جو سونارن جي هٽن جو يا گهٽين جو ٻُهر گڏ ڪري، ڌوئي، منجهاس مال ڪڍي. تن وانگي مون پڻ گهڻن جا چيل سادا پهاڪا گڏ ڪري، پورهئي سان منجهائن مطلب ڪڍيو آهي. مگر پڙهندڙن جي مهربانيءَ ۾ هيءَ اُميد ٿو رکان، جو جيڪو منجهس ڀولو رولو ڏسن، تنهن جي ڏڏائيءَ ڏي نه نهاري، پنهنجو لائق سڃاڻي، اُن ڀل چڪ کي سنواري ڇڏن.
    پهريائين ڀانيم، جو هڪڙي هڪڙي ذڪر بابت ڌار ڌار باب ڪري لکان؛ پر پهاڪا گهڻن ذڪرن بابت آهن، اِن طرح جيڪر گهڻا باب ٿي پون: سو ڪو، ته ڪي پهاڪا اهڙا آهن، جو جيڪر هڪڙي پهاڪي لاءِ ڌار نِجو باب ڪرڻو پوي؛ تنهن ڪري سنڌي الف بي جي تختيءَ تي نظر رکي، هڪ ٻئي پٺيان هڪڙي هڪڙي منڍ واري اکر جا پهاڪا لکان ٿو.
    ڪن پهاڪن جي معنيٰ ۾ ڳالهه جي پورائيءَ لاءِ ٻين ٻولين جون شاهديون آيون آهن، تن ڪري ڊنس، ته متان صاحبن سنڌيءَ جي پيار وارن کي نه وڻن، يا ٻين ٻولين جو محاورو نه هجين، تنهن ڪري اُن کي پڻ اُتي جو اُتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمون ڪري ڇڏيان ٿو.


    پهاڪا

    الف

    ۱ - اُڻندو اُها، جا ڪوريءَ جي من ۾ هوندي.
    هي پهاڪو ظاهري واٽ ۾ ڪوريءَ جي اختياري ڏيکاري ٿو، جو جڏهن تاڃي اڳيانس پکڙيل آهي، ۽ پيٽي لاءِ نَڙو هٿ ۾ اٿس. تڏهن ڪپڙو گهاٽو اُڻي توڙي ڇڊو؛ ته مرضي سنديس. پر حقيقت جي واٽ ۾ مطلب هيءُ اٿس جو ڌڻي سڀ ڪم لاءِ سگهارو آهي. نه ڪنهن جي صلاح وَهيڻو، نه ڪنهن جو دلبو کائي. نه ڪنهن جو مٿس زور هلي، نه ڪنهن جي واهر گُهري. جيڪي وڻيس سو ڪري. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

    قادرا قدرت تو داري، هرچه خواهي آن کني،
    مُرده را جاني به بخشي، زنده را بيجان کني،
    شاهه را تاجي ستاني، آرزو ئي نان کني،
    هر گدائي را که خواهي، آن زمان سلطان کني. اي ڌڻي! سگهارو آهين، جيڪي وڻيئي سو ڪرين،
    مئي کي جيارين، جيئري کي مارين،
    راجا کان ڇٽ کسي ان کي مانيءَ جو محتاج ڪرين،
    جنهن پينار کي وڻيئي تنهن کي ان مهل راجا ڪرين.

    ۲ - اَبَ جو ڏنو ڪهڙي ڪم، جاسين رَبُ نه ڏيئي.
    ابَ يعني پيءُ، رَبُ يعني ڌڻي. ڪي ماڻهو آرسي، پيءُ کي وهيون ڏسي، پاڻ دولت ڪمائڻ لاءِ پورهيو نه ڪن. ڀائين جو اها پيءُ واري دولت ورثي ۾ هٿ ايندي، سا بس آهي. ائين نٿا ڄاڻن ته ابي اُها ڪٿان آندي. هي پهاڪي وارو انهن کي ڇينڀ ڪري چوي ٿو، ته پيءُ جي دولت جو به آسرو نه ڪر ۽ پنهنجي ڪمائيءَ تي ڀاڙ. جهڙو فارسيءَ وارو چوي ٿو:
    ميراثِ پدر خواهي علمِ پدر آموز،
    که اين مالِ پدر خرچ توان کرد به ده روز. جي پيءُ جو ورثو گهرجيئي ته پيءُ وارو علم سک،
    جو هي پيءُ جو مال ڏهن ڏهاڙن ۾ خرچجي ويندءِ.

    ۳ - اندر اڇو نه ڪري، ڌُئي ٿو ڌاڳا.
    ڌاڳا هن ملڪ جي فقيرن جو ويس آهي، جو مٿي تي ويڙهن، يا ڳچيءَ ۾ پائين، يعني جو ماڻهو پنهنجو اندر ڪوڙ ۽ ڪُپَت، دولاب ۽ ٺڳيءَ کان، ۽ ٻين بڇڙن لڇڻن کان پاڪ نه رکندو، ۽ رڳا ڌاڳا ڌُئندو، تنهن کي ڪيئن پاڪ ڄاڻبو؟ جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    بر زبان الله در دل گاؤ و خر؛
    اين چنين تسبيح کي دارد اثر. ڄڀ تي الله جو نالو، دل ۾ ڏاند ۽ گڏههُ،
    اهڙي تسبيح ڪهڙو ڳُڻ ڪندي.

    ۴ - اندر ٻِڏ ٻَهُون، ٻاهر آٽڻ اَنّ جو.
    ٻِڏ، لاڙ ملڪ ۾ هڪڙي گاهه جي پاڙ آهي. جنهن جي ڏڪار ۾ ماڻهو اٽو ڪري ماني پچائي کائن؛ ٻَهُون معنيٰ گهڻي. آٽڻ سڪو اٽو، جو ڪڻڪ جي اٽي جي چاڻي کي ماني پچائڻ وير لائيندا آهن. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي: جو ٻِڏَ جي اٽي جي چاڻيءَ کي ڪڻڪ جي اٽي جو آٽڻ مکبو ته به اندريون سَوادُ ٻِڏَ جو ڪين مٽيندو. تهڙيءَ ريت ڪُلڇڻو ماڻهو پڻ جيڪڏهن ويس چڱو پهريندو، ته به سنديس عادت ڪين ڦرندي: اهڙو لباسي مثل ٻڏ آهي:
    از برُون چُون گور ظالم پُر حُلل،
    اندرون قهر خُداي عزّ و جل. ٻاهران ظالم جي قبر وانگي ڪپڙن سان ڍڪيل،
    اندر ڌڻي تعاليٰ جو قهر.

    ۵ - انڌي وڃي ملتان لڌو.
    ملتان جي هن ملڪ کان ٻه سا (۲۰۰) کن ڪوهه پنڌ آهي، تنهن ۾ انڌو ڪيئن پهتو؛ يعني پُڇندو ڏَسُ ٻڌندو ويو. پر مطلب هي آهي، ته جو ماڻهو مرشد يا استاد کان پڇي ڏَسُ وٺندو، سو پنهنجي ڳوليل کي پهچندو؛ جهڙو گرو نانڪ شاهه جو وچن آهي:
    سڻ سڻ انڌي پاون راهه. ٻُڌي ٻُڌي انڌو به واٽ لهي.

    ۶ - اهو ڪر، جو مينهن وسندي ڪم اچيئي.
    مينهن وسندي، جو مطلب آهي ته گهرج مهل، يعني هلندي چلندي ۾ اهڙو خرچ ڪر، جو چاقائيءَ ناچاقائيءَ ۾ بک نه مرين. تنهن جو ارٿ هي آهي ته: ڪي کاءُ، ڪي بچاءِ. تنهن تي هڪڙي وڏي اشراف سردار جي زبانؤن هڪڙو ٽوٽڪو ٻڌو اٿم، ته ماڻهن جا لڇڻ ٽن طرحن جا آهن: هڪڙا نوراني، سي اُهي، جي پنهنجي ڪمائيءَ مان اڌ کان ٿورو خرچ ڪن، ۽ گهڻو بچائين؛ ٻيا انساني، جي اڌ کائين، اڌ بچائين؛ ٽيا حيواني، جي اڌ کان گهڻو کپائين، ٿورو رکن.

    ۷ - اُستاد جي مار سنوار آهي.
    استاد جو ماريندو، سو رڳو سيکارڻ لاءِ، تنهن کان پاسو ڪرڻ نه کپي؛ سو ڇو ته فائدي واري دوا گهڻو تڻو ڪَؤڙي ٿيندي آهي. فارسي واري پڻ چيو آهي:
    بادشاهي پسر بمڪتب داد،
    لوح سيمينش در ڪنار نهاد،
    بر سر لوح او نوشت به زر:
    “جور استاد بہ ز مهر پدر”. راجا هڪڙو پُٽُ اسڪول ۾ ڏنو،
    فرحي روپي ڪڇ ۾ ڏنائينس،
    ان جي فرحيءَ تي سون سان لکيائين:
    “استاد جو ظلم، پيءُ جي مهربانيءَ کان چڱو”.

    ۸ - اَنَ پَلي ذات ڀَلي.
    پَلي اَنّ رکڻ جي شيءِ آهي، جا ٻهراڙيءَ جا ماڻهو گهرن جي اڳيان جوڙي منجهس اَن رکن. پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو جنهن جي گهر ۾ اَن سان ڀريل پَلي آهي، تنهن کي وَهيون ڄاڻبو، ۽ وَهيون اڻ پُڇو مان وارو آهي. تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:
    زردار را به مجلس در تنگ جا دِهند؛
    بي زر اگرچه دور ولي دور تر ڪُنند. دنيادار کي مجلس سوڙهيءَ ۾ به جاءِ ڏين؛
    نرڌن توڙي پري هئي ته هيڪاري پري ڪنس.

    ۹ - اَڻُ گهُريو ماءُ به پٽ کي ببو نه ڏئي.
    هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو ڳالهائي بنا رڳيءَ ماٺ مان ڪو ڪم نه ڇٽي؛ تنهن لاءِ هندي پڻ شاهدي ٿو ڏئي:
    مونتي ڪون سڀَوٽي *رهي،
    بن بولي کُلي گهر ڪو نه ڪوارو. ماٺ مان ڪير مطلب کي پهتو،
    ڳالهائي بنا پنهنجي گهر جو در به نه پٽجي.
    * سڀوٽي معنيٰ مطلب کي پهتل.

    ۱۰ - اڄاڻ کي مِصِري تهڙي ڦٽڪي.
    جيتوڙي ڦٽڪيءَ جو رنگ پڻ مصريءَ جهڙو آهي، پر سَوادَ ڪري ٻنهي جي وچ ۾ وڏو ڦير آهي. اَڄاڻ ماڻهو سندن سواد کي نه سمجهي، ٻنهي کي هڪجهڙو ڄاڻندو آهي، اهڙو مثل هنديءَ واري پڻ چيو آهي:
    اَن جانت ڪُون پارداس * مصري ڦٽڪي ايڪ. اڄاڻ کي مِصِري تهڙي ڦٽڪي
    * پارداس، شاعر جو نالو.

    ۱۱ - اڻ سرنديءَ سڀڪو ٽري، کرو ڪو سرنديءَ ٽَري.
    پهاڪي جو مطلب هي آهي: جو اڻ پُڄنديءَ وارو پاڻيهي به غريبيءَ سان هلندو، پر پڄنديءَ وارو جڏهن غريب ٿي هلي، تڏهن چڱو مڙس سڏجي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    تواضع ز گردن فرازان نڪو ست،
    گداگر تواضع ڪند خوي است. نياز وڏن ماڻهن کي چڱو آهي،
    پينار جيڪڏهن نياز ڪندو ته اها هن جي عادت آهي.

    ۱۲ - اَهاري، وهنواري، ٽيون گهوٽ مُهاري، لڄا ڪري ته هاري
    اهارُ يعني کائڻ، وهنوار يعني ڏيتي ليتي. مهارو؛ گهوٽ پرڻيل جي پهرئين رات جي سمهڻ جي جاءِ.
    مطلب هي آهي، جو سياڻا چوندا آهن ته لڄ چڱي آهي، پر ان ٽن ڪمن ۾ لڄ ڪرڻ مرڳو گهاٽو آهي. تهڙيءَ ريت جيڪڏهن ڌڻي جو ڳولو پڻ سنسار جا حجاب نه ڀڃندو ته ڌڻيءَ کي واصل نه ٿيندو.

    ۱۳ - آهِر کٽي اوبِڻي، رن وڃائي رَنبو.
    آهِرُ جهنگلي ماڻهو، اوبڻي هڪڙي لوهه جي هلڪي شي دڪو ٻه تور آهي، جنهن تي زالو سٽ اوبين. رنبو، هڪڙو لوهه جو ڏو نِج آهي، جنهن سان گاهه کوٽجي. مطلب آهي ته جيڪڏهن مڙس ٿورو ڪمائيندو، ۽ سنديس زال گهڻو وڃائيندي، يا خرچ ڪندي، ته اهُو گهر ڪٿان وسندو. اهڙي ڳالهه نمبر ۴۷۲ واري پهاڪي ۾ پڻ آهي.

    ۱۴ - انڌي اڳيان آهِري، ڪَرَ تئو ٽنگيو آهه.
    انڌي ماڻهوءَ جي اڳيان آرسي اهڙي آهي، جهڙو اڄاڻ جي اڳيان ڪتاب، سو ڪو ته نه انڌي کي آرسيءَ جو قدر، نه اڄاڻ کي ڪتاب جو مانُ. ان لاءِ هنديءَ واري پڻ چيو آهي:
    مورک ڪُون پوٿي دئي باچِن ڪُون گُن گاٿَ؛
    جيسي نرمل آرسي ديئي انڌ ڪي هاٿ. اڄاڻ کي ڳڻن جي ڳالهن پڙهڻ لاءِ ڪتاب ڏيڻ اهڙو آهي،
    جهڙي صفا آرسي انڌي جي هٿ ۾ ڏجي.

    ۱۵ - اَنڌ ڌُنڌُ نگري، چَرٻَٽُ راجا؛ ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا
    ڀاڄي يعني سائو ساڳ جو سستي وکري آهي، کاڄا هڪڙو مهانگو ميوو آهي، سي ٻئي شيون هڪڙي اگهه وڪامڻ بي ويچاري ڳالهه آهي؛ تهڙيءَ ريت جنهن راڄ ۾ ڪُنياؤ هلي، تاتي لچ ۽ چڱي مڙس جو ڦير ڪو نه رهي. جهڙو هنديءَ واري به چيو آهي:
    ڀلي بري جهان ايڪسي تهان نه بسئي جاءِ؛
    جيون انياء پُر ۾ بڪي کَڙُ ڳُڙُ ايڪي ڀاءِ. جاتي چڱو مٺو هڪجهڙا تاتي وڃي نه رهجي:
    جهڙو ڪنياء واري شهر ۾ کَڙُ ۽ ڳُڙُ هڪ اگهه وڪامن.

    ۱۶ - اوهو سون به گهوريو، جو ڪن ڇني.
    هن ملڪ جون عورتون سونهن لاءِ ڪنن ۾ سون جا ڳهه پائينديون آهن، پر ڪنهن مهل ان مڻين جي بار سان سونهن بدران ڪن پچي يا ڇڄي پوندا اٿن. اهڙي زيان واري سون پائڻ جي هي پهاڪو گلا ڪري ٿو. يعني جو ڪم فائدي واسطي ڪجي، تنهن مان مورڳو گهاٽو پوي، سو ڪَمُ گهوريو. هنديءَ واري پڻ چيو آهي:
    ڪريئِي سُکَ ڪُون، هوءِ دُک، يه ڪھ ڪون سيان؟
    وه سوني ڪُون جارھيي جا سُون ٽوٽي ڪانُ. ڪجي سک لاءِ ٿئي ڏک، اها ڪهڙي سياڻپ آهي؟
    جنهن سونُ مان ڪن ڇڄن، تنهن کي ساڙي ڇڏجي.

    ۱۷ - اَڪن کان آما گُهري، ٻَٻُرن کان ٻير.
    اَڪُ هڪڙو جهنگلي بڇڙو وڻ آهي، ۽ ٻَٻر هڪڙو ڪنڊن وارو وڻ آهي؛ تن مان آمان يعني انب، ۽ ٻير ڪٿان ملندا؟ تنهن وانگي جو ماڻهو ڪم بڇڙا ڪري ڦل چڱو گهرندو، تنهن کي ڇا حاصل ٿيندو! ان تي هنديءَ واري چيو آهي:
    ڪري برائي سک چَاهي ڪيسي پاوي ڪوءِ.
    روپي پيڙ بَبول ڪو انب ڪهان تي هوءِ؟ بڇڙائي ڪري سک گهرندو، سو ڪٿان لهندو،
    ٻٻر جي وڻ پوکڻ مان، انب ڪٿان ٿيندو؟

    ۱۸ - اٽي ۾ لوڻ.
    هن پهاڪي جي جوڙڻ واري جو مطلب هي آهي جو جيڪڏهن ڪنهن خير جي ڪم ڪرڻ لاءِ سچ سان ٿورو ڪوڙ گڏجي ته حرڪت نه آهي؛ جهڙو اٽي ۾ ٿورو لوڻ، شيخ سعديءَ چيو آهي:
    دروغ مصلحت آميز بہ از راستي فتنه انگيز. صلح گڏيل ڪوڙ جهيڙي جاڳائڻ واري سچ کان چڱو.

    جيتوڙي ته ڪي ڪم شعر جوڙڻ جا ۽ ٻيا اهڙا آهن، جن ۾ ڪوڙ جي گهرج رهي ٿي، تنهنڪري ڀانئجي ٿو، جو اهڙين صورتن ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ لاءِ موڪل ڏني هوندائون، نه ته آءٌ ڀانيان ٿو ته جڏهن گهڻو ڪوڙ بڇڙو آهي، تڏهن ٿورو ڪوڙ پڻ چڱو نه آهي.

    ۱۹ - آهر جي وڏائي، ڪُني پاٽ اُتي آئي.
    آهر يعني جهنگلي ماڻهو، ڪُنو، پاٽ، ٺڪر جا باسڻ، جن ۾ غريب ماڻهو رنڌين ۽ کائن. مطلب هي آهي، جي جهنگلي غريب ماڻهوءَ کي ايترا وسلا گهر ۾ ٿيا ته به پاڻ کي هوند وارو ڄاڻندو؛ تهڙيءَ ريت ٽرڙي ماڻهوءَ کي ٿورڙي دولت هٿ لڳي ته پاڻ کي وڏو ماڻهو چوائيندو.

    ۲۰ - آمون، ڏهه گامون.
    آمون يعني انب. هن پهاڪي مان ٻيو نرالو مطلب ڪو نه ٿو ڪري، مگر آرائين جو اصطلاح آهي، جو وڻ انب جو هڪڙو ٻئي کي ويجهو پوکجي ته وڏي هوندي سوڙهه جي سبب ڦر ٿورو ڪري؛ تنهن ڪري پري پري يعني ڏهن ڏهن وکن تي پوکڻ چڱو آهي.

    ۲۱ - انڌو کڏ تي چڙهي هنگي، چي؛ مون کي ڪو نه ٿو ڏسي.
    ڀلا جيڪو کڏ تي چڙهي اگهاڙو ٿيندو، تنهن کي ڪيئن نه گهڻا ماڻهو ڏسندا! تنهن وانگي ڪي ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ کي لڪائين، پر لڪڻ بدران پڌري ٿي پوي. اهڙن ماڻهن لاءِ هي پهاڪو آيو آهي.

    ۲۲ - اُٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت، لاهيءَ کي به لعنت.
    اُٺ هڪڙو ڊگهو ۽ بيڊؤلو وهٽ آهي، سو جڏهن چاڙهيءَ لاهيءَ تان چڙهي لهي، تڏهن سوار کي اهنجو لڳي؛ تنهنڪري پهاڪي واري گلا ڪئي آهي. مطلب هي آهي جو لوٺئي ماڻهوءَ جي دوستي توڙي دشمني ته اُٺ جي چاڙهيءَ لاهيءَ وانگي دکدائڪي آهي.

    ۲۳ - انڌن جي وهانءِ، منڊا نچن، ٽنڊا پاين ڦيريون.
    انڌن جو وهانءُ، منڊن جو نچڻ، ٽنڊن جون ڦيريون، هي سڀ ڳالهيون اڻ ٺهندڙ آهن. تنهن وانگي جاتي گهڻا لچ يا اڄاڻ، يا ولها گڏ ٿي پنهنجي لل يا عقل هوند کان وڏو ڪم رٿن، ته ڪٿان پوري پوي. اهڙن لاءِ هي پهاڪو آيو آهي.

    ۲۴ - اُڻائي به ويئي تڻائي به ويئي، وري ڪپهه جي ڪپهه.
    هي پهاڪو اصل هن طرح آيو آهي، جو آفيميءَ هڪڙي کي واٽ جي ڀرسان پيشاب ڪندي پنڪي لڳي ويئي. اوچتو ماڻهو اتان لنگهيو، تنهن سندس مٿي تان پڳڙي لاهي، ڪپهه جي پوڻي مٿس رکي. ذري کان پوءِ جڏهن پنڪي کليس، تڏهن پڳڙيءَ بدران پوڻي ڏسي، تپرس کائي هي پهاڪو چيائين: يعني ڪپهه ڪتجي سٽ ٿيو ۽ سٽُ اُڄي ڪپڙو ٿيو، سو پورهيو سڀ ويو؛ وري ڪپهه ٿي پيئي. جهڙو ڪي هڪڙو سرڪاري نوڪر ٿوري پگهار وارو چڱي نوڪري ڪري وڏي درجي کي پهچي، پر ڪنهن غفلت يا قصور جي سبب وري اڳوڻي ننڍي درجي واري پگهار تي وڃي.

    ۲۵ - اُٺ جي وات ۾ زيرو.
    زيرو تمام سنهڙا داڻا آهي، ۽ اٺ جو وات وڏو، جو ٿلها گاهه چري؛ تنهن ۾ جي زيرو پوي ته جيڪر چٻڻ ۾ به نه اچيس. تهڙيءَ ريت، جو ماڻهو سير ان جو کايارو هوندو، تنهن کي دڪي اَنّ مان ڪهڙو ڍَو ٿيندو؟

    ۲۶ - اُٺ پٺيان گهنڊڻي.
    گهنڊڻي جو آواز تمام ننڍو آهي، ۽ اُٺ وڏو سگهو وهٽ آهي، سو جيڪڏهين ڪو ماڻهو اُٺ کي ڊيڄارڻ لاءِ پٺيان هڪڙي گهنڊڻي وڄائيندو، ته اُٺ کي ڇا ڪندو؟ تنهن تي هڪڙو مثل ياد آيو اٿم:
    هڪڙي ڇوڪر اُٺ تي چڙهي اُٺ جي ڊيڄارڻ لاءِ تاڙيون وڄايون، تڏهن اُٺ چيس، جو مون تي نغارا وڄن ته به نه ڊڄان، تنهنجي تاڙي ڇا ڊيڄارينديم؟ تهڙيءَ ريت هڪڙو نڀاڳو ماڻهو پنهنجي مطلب ڇٽائڻ لاءِ ڪنهن بختاور کي دڙڪائيندو، ته بختاور جو ڪهڙو ڀنجهرُ ڀُرندو.

    ۲۷ - انڌن آندو ٻلن چٽيو.
    انڌو ماڻهو ڌُونري يا گيهه جهڙي يا اهڙي ٻي ڪا شيءِ گهر ۾ آڻي اگهاڙي رکندو، ته جائي ٻلي چٽي ويندي، تڏهن ڄاڻبو، جو ناڻو اجايو ويو. تهڙي ريت هڪڙو ٽرڙو ماڻهو گهڻو ناڻو ڪمائي، پڇاڙيءَ جي ڳڻتي نه ڪري، ٿوري ويرم ۾ اجايو خرچي وهندو، ته پوءِ گُهرج مهل ڏکيو ٿيندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    ابلهي ڪه او روز روشن شمع ڪافوري نهد،
    زود بيني ڪه اش بشب روغن نباشد در چراغ. جو اياڻو ڏينهن ڏٺي ۾ ڪافوري شمع ٻاريندو،
    سگهو ڏسندينس، جو رات جو ڏئي ۾ تيل نه هوندس.

    ۲۸ - انڌي جي جوءِ جو واهي الله.
    واهي الله، جنهن جو الله واهي هئي، تنهن کي ڪهڙو جوکو آهي؛ پر سنڌ ۾ هي اصطلاح آهي جو هڪڙو ٻئي کان گهري، اڳلو چويس جو الله ڏينديئي، ته ڄاڻبو جو ڪين ڏيندس. يا هڪڙو چوي جو فلاڻي جي گهر ۾ الله جو نالو آهي، ته ڄاڻبو جو ڪي ڪين آهي. تهڙيءَ ريت هن “واهي الله” جي لفظ جي معنيٰ هيءَ ڄاڻڻ گهرجي، جو واهي ڪو نه. پر مطلب هي آهي، جو جيڪو ماڻهو پنهنجي ذمي جي ڪم تي ڌيان نه ڪندو، ته جائي ڪم بگڙندو. تڏهن هي پهاڪو مٿس لاڳو ٿيندو.

    ۲۹ - اُڀرندي تاءُ جنهن نه ڪيو، سو الهندي ڇا ڪندو؟
    سج جڏهن اُڀرڻ ويل سوجهرو نه ڪندو، تڏهن لهڻ مهل ڇا ڪندو؟ تهڙيءَ ريت جو ماڻهو ننڍپڻ ۾ للايِتو نه هوندو، سو وڏپڻ ۾ ڇا ٻوٽو ٻاريندو. اهڙي ڳالهه ۱۲۸ واري پهاڪي ۾ پڻ هلي آهي.

    ۳۰ - اڌ ڇڏي سڄيءَ پٺيان ڊوڙي، تنهن جو اڌ به وڃي.
    هيءُ پهاڪو قناعت ڪرڻ لاءِ تاڪيد ٿو ڪري. هن ريت، جو ڌڻيءَ جي ڏني تي قناعت ڪري گذران ڪرڻ سياڻپ جو ڪم آهي. ڇا کان، ته جو لالچ ڪري ٿورو ڇڏي گهڻي پٺيان ڊوڙندو، تنهن کي ڇا حاصل ٿيندو؟ ويتر اڳوڻي کي جوکو ٿيندس.

    ۳۱ - اڱر ڄاڻن لهرُ ڄاڻي.
    جڏهن اڱر لوهار جي هٿ آهن، تڏهن ساڙڻ يا بچائڻ لاءِ وَس وارو آهي؛ تهڙيءَ ريت هن انسان جا سڀ ڪم ڌڻيءَ جي اختيار ۾ آهن. جيئن وڻيس تيئن ڪري. پهاڪي واري جو مطلب هيءُ آهي، جو تون پڻ پنهنجا ڪم ڌڻيءَ کي سونپ، يعني توڪل ڪر.

    ۳۲ - انڌا رکن روزا، تڏهن ڏينهن به ٿين وڏا.
    اگرچ پهاڪي وارو چوي ٿو ته انڌن جي روزي رکڻ مهل ڏينهن وڏو ٿئي ٿو، پر اها ڳالهه ٿيڻ جي نه آهي، ان جو مطلب هيءُ آهي ته نڀاڳو ماڻهو جنهن ڪم ۾ هٿ وجهندو، سو جيڪڏهن سَوَلو هوندو ته به اَوَلو ٿي پوندو.

    ۳۳ - اُها زبان اُس ۾ وهاري، اُها زبان ڇانوَ ۾ وهاري.
    ڇانوَ ۽ اُس، اشارو مان ۽ بي مانائيءَ جو آهي. پهاڪي جو مطلب هي آهي، ته جو ماڻهوادب سان، يا مٺو، يا سچ ڳالهائيندڙ هوندو، سو آڌرُ پائيندو؛ ۽ بي ادبيءَ سان، يا ڪؤڙو، يا ڪوڙ ڳالهائيندو، سو بي مانو ٿيندو. هاڻي ويچار ڪرڻ گهرجي ته ٻن طرحن جي ڳالهائڻ لاءِ زبان هڪڙي، پر هڪڙيءَ طرح جي ڳالهائڻ جو ڦل هڪڙو، ۽ ٻيءَ طرح جي ڳالهائڻ جو ٻيو ڦل. تڏهن پهاڪي واري جو خيال برابر آهي.

    ۳۴ - اڳي به اَنُ هو، پوءِ به ٿيو اَن. ڪانو ۽ پن، ويو وچون ئي نڪري.
    ٻج جي پوک ۾ پوي، سو اَنُ آهي. جڏهن پوک پچي لُبي ۽ ڳاهجي وائرجي، تڏهن وري به اَنّ ٿي رهي؛ پوءِ ڪانا توڙي پن ويندا رهيا. تنهن وانگي پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو انسان جو وجود اصلي خاڪ آهي، سو مرڻ پڄاڻا وري ته خاڪ ٿي ويندو؛ پوءِ هن دنيا جا ڌنڌا ڪاٿي ڪم ايندا. فارسي واري جو چوڻ آهي:
    اي برادر چون عاقبت خاڪ است،
    خاڪ شو پيش ازان خاڪ شوي. اي ادا جڏهن نيٺ مٽي ٿيڻو آهين،
    تڏهن مٽي ٿيڻ کان اڳي مٽي ٿي رهه.

    ۳۵ - اڌارو ڏجي تنهن کي، جنهن کان گُهرجي نه، اڌارو وٺجي تنهن کان، جو گُهري نه.
    اڌارو ڏيئي نه گهُرڻ، يا اڌارو ڏيئي نه گهرندو، هي ٻئي عجب جهڙيون ڳالهيون آهن. پر مطلب هي آهي، جو اهڙيءَ پت واري ماڻهوءَ کي اُڌارو ڏجي، جو گُهرڻ ڌاران پهچائي ۽ وٺڻ مهل اهڙي ڍاول کان وٺجي، جو گُهرڻ مهل ڏک نه ڏئي ۽ پاڻ اونو رکي پهچائي. ڏسو اهڙي صورت ۾ پڻ ٻنهي ڌرين کي گهرڻ جو ضرور ڪٿان رهندو. پر نج مطلب هي آهي جو پهاڪي وارو سُپت جو تاڪيد ٿو ڪري.

    ۳۶ - اَن جو واپار هس مان ڇلو، ڇلي مان هس ڪري.
    هس، ڳچيءَ ۾ پائڻ جو ڳرو مڻيو آهي، ۽ ڇلو آڱر جي پائڻ جو هلڪو ڳهه آهي. پهاڪو اَن جي واپار جو حال ٿو ڏيکاري ته منجهس واڌو به گهڻو، گهاٽو به وڏو. جهڙو فارسي مثل آهي:
    يا گنج برگيري، يا در تلاطم امواج بميري. يا خزانو لهين، يا لهرن جي ڌڪاون ۾ مرين.

    سو ڪو، ته ان جو اگهه ڪڏهن ڏهه رپيا خرار جا، ڪڏهن سؤ رپين خرار جو پڻ ٻڌڻ ڏسڻ ۾ آيو آهي. پوءِ جنهن واپار جي اگهه ۾ ايترو ڦير گهير ٿئي، تنهن لاءِ پهاڪي واري جو چوڻ سچو آهي.

    ۳۷ - آرهڙ جي تتي ڏينهن، سانوڻ جي وسندي مينهن، سياري جي آڌي رات، شال نه ٿئي هنگڻ تات.
    هن پهاڪي مان ٻيو نرالو مطلب ڪو نه ٿو نڪري، مگر هي ٽيئي، مهلون ٽوري تي وڃڻ ڏاکڙو آهي؛ يعني ڪُمهلو ڪم سڀڪو دقت ڏيندڙ آهي.

    ۳۸ - اُٺ پوڙهو ٿيو، ته به مُٽڻ نه سکيو.
    ٻيو سڀڪو جانور پيشاب اڳتي ڪري، رڳو اُٺ اُبتڙ اُن جي پوءِ ڏي مُٽي. تنهن لاءِ سياڻن هي پهاڪو چيو آهي؛ پر مطلب سندس هي آهي، ته جو ماڻهو وڏتڻ تائين علم يا عقل نه سکي، سو پڻ هن پهاڪي جو مُهاڏو آهي. جهڙو فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    گوسالهءِ ما پير شد و گاؤ نه شد. گابو اسان جو پوڙهو، پر ڏاند نه ٿيو.

    ۳۹ - اُڀ ۾ ٿڪ اڇلائيندو، تنهن کي منهن ۾ پوندي.
    هن پهاڪي جي اکرن جي معنيٰ پڌري آهي؛ مگر مطلب سندس هي آهي ته جيڪو پاڻان ڏاڍي سان وڙهندو، سو پاڻ کي مارائيندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    هرڪ با بزرگان سِتيزد، خون خود بريزد. جيڪو ڏاڍن سان وڙهي، سو رت پنهنجو هاري.
    ان ڳالهه تي هندي پهاڪو پڻ آهي.
    سُر سنڌي آڪاس ڪُون، ڦر ماٿي آوي. تير هڻي اُڀ ۾ ته وري مٿانس اچي.

    ۴۰ - اڻ پڙهيا پڙهين اڳيان ڀريون ڍوئيندا.
    ڀريون ڍوئيندا، يعني مزوري ڪندا. اها ڳالهه پڌري آهي ته پڙهيل ماڻهو نوڪريءَ يا واپار مان، يا ٻي ڪرت مان سو (۱۰۰) ۽ هزار (۱۰۰۰) ڪمائي سگهي، جنهن مان سکيو دم گذاري؛ ۽ اڻ پڙهيل کي مزوريءَ بنا ڪهڙي واهه؟ تنهن لاءِ هي پهاڪو علم پڙهڻ جو تاڪيد ڪري ٿو، ۽ چوي ٿو ته علم ڌاران مزدوري ڪرڻي پوندي. تنهن لاءِ فارسي وارو پڻ چوي ٿو:
    مياموز جز علم گر عاقلي،
    ڪ بي علم بودن بود غافلي. نه سک علم بنا جيڪڏهن سياڻو آهين،
    ڇو ته علم ري هئڻ غفلت آهي.

    ۴۱ - اياڻو چوي سياڻو ويڃائي.
    جڏهن اِياڻو ماڻهو اهڙي ڳالهه ڪري جا گمان جهڙي هئي، يا ويسہ جهڙي نه هئي، تڏهن سياڻي کي ويچار کان پوءِ وسهڻ گهرجي. سو ڪوه، ته جيڪڏهين اياڻو ٻٽاڪ هڻي چوندو، جو هاٿي ڪري پيو هو، تنهن کي ٻلي گِهِري ويئي، تنهن تي سياڻو وسهندو، ته سياڻپ ۾ ڦير اٿس، تنهن لاءِ هندي وارو به چوندو آهي:
    نادان بات ڪري، دانا قياس ڪري. اياڻو چوي سياڻو ويڃائي.

    ۴۲ - اُٺان مينهان دا ڪيها ميلا، او چرن پٽ، ته او چرن ٻيلا.
    اُٺ ۽ مينهون پاڻ ۾ هم جنس نه آهن، هن جي جوءِ چرڻ جي پٽ، ۽ هن جي جوءِ ٻيلو، تنهنڪري پاڻ ۾ سنگت نٿي ٺهين. مطلب هي آهي ته ناجنس جي صحبت ڪنهن کي به نٿي وڻي.

    ۴۳ - اُٺ جي وات ۾ لوڻ وجهه ته به رڙي، کنڊ وجهه ته به رڙي.
    معنيٰ هن پهاڪي جي سڀ ڪو ڄاڻي ٿو. مطلب هي آهي جو لچ ماڻهوءَ سان دوستيءَ مان زيان، ۽ دشمنيءَ مان به زيان؛ سياڻا چوندا آهن لچ جي صحبت ۽ ڪتو ڌارڻ هڪجهڙا آهن. هن ڪري، جو ڪتو خوش ٿئي ته ٻوٿ چٽي، جي ڏمرجي ته ڄنگهون ڦاڙي؛ جهڙو سمن شاعر هنديءَ ۾ چيو آهي:
    سمن پريت سُوانَ ڪي دونون باتين دُکُ؛
    کيجي ته ڪاٽي پاوڪُون، ريجهي ته چاٽي مُک. ڪتي جي دوستيءَ مان ٻن طرح ڏک آهي،
    ڏمرجي پير ڦاڙي، ريجهي ته منهن چٽي.

    ۴۴ - اگهه کٽيو کائجي، وٽ کٽيو نه کائجي.
    وٽ کٽيو کائڻ يعني تور ۾ گهٽ ڏيڻ. مطلب پهاڪي جو هي آهي ته واپار جي ڪم ۾ اگهه مهانگو يا سهانگو وڪڻڻ واپارين جو ڌرم آهي. پر ڪي دولابي واپاري اگهه سهانگو ٻولي وَٿُ کوٽي وٽ سان توري ڏين. اهڙن دولابين کي ٽوڪي ٿو.

    ۴۵ - انبان ٻور، ڪلالان لاها.
    لاها يعني کٽيو، هن پهاڪي مان نرالو مطلب ڪو نه نڪري ٿو؛ مگر هيءَ ڳالهه پڌري آهي ته انب جي وڻ ۾ پهريائين ٻور گهڻو ڏسجي، پر نيٺ انب منجهس ڪي ٿورا رهن. تنهن وانگي ڪلال جي اُپت پڻ پهرين گهڻي ڏسجي، پر اوڌر سوڌر ۾ هارجي ويرجي ٿوري رهي.

    ۴۶ - اڳياڙي تڏهين سُرهي، جڏهن پڇاڙي سُرهي.
    مطلب هي آهي ته، جڏهن ڪنهن سان دوستي رکجي، تڏهن گهرجي جو پڇاڙيءَ تائين نباهجي، ۽ جيڪڏهن اڳياڙيءَ ۾ دوستي رکي پڇاڙيءَ ۾ ڪُلال ٿبو، ته اڳياڙيءَ جي چڱ-مڙسي پڻ ويندي رهندي. اُٽلو بڇڙائي ٿي ڳڻبي. تنهن لاءِ هنديءَ واري پڻ چيو آهي:
    پريت ڪري پاڇي ڦري پاپي ڪهيئي سوءِ،
    * ناڌا نيهن نه ڇوڙيئي جا هوڻي سا هوءِ. دوستي رکي پوءِ ڦري، سو پاپي چئجي،
    ناڌا دوستي نه ڇڏجي، پوءِ جا ٿيڻي هئي سا ٿئي.
    * ناڌا، شاعر جو نالو.

    ۴۷ - انڌ وَٺُ، منڊِ وَٺُ، پر ننڍ وَٺُ.
    انڌ يعني انڌو وهٽ، منڊ يعني منڊو وهٽ. هي پهاڪي وارو انڌي ۽ منڊي وهٽ کان پڻ پوڙهي وهٽ جي وڌيڪ گِلا ٿو ڪري. سو اها ڳالهه وسهڻ جهڙي آهي. اهڙو ذڪر پهاڪي نمبر ۲۲۶ واري ۾ پڻ آيو آهي. ۽ فارسي واري پڻ چيو آهي:
    طرب نوجوان ز پير مجو،
    که دگر نايد آب رفته به جو،
    زرع را چون رسيد وقت درؤ،
    نخرامد چنانڪ سبز نوء. جواڻ جي خوشي پوڙهي کان م ڳول،
    جو گٺ مان ويل پاڻي نه موٽي.
    پوک کي جڏهن لاباري جي مهل اچي،
    تڏهن تازي سبزي گهاءِ ڪڏهن نه ٽلي.

    ۴۸ - اُکرن ۾ مٿا وجهن، سي مُهرن کان نه ڊڄن.
    اُکري هڪ ڪاٺ يا ٺڪر جي پوري شي آهي، جنهن ۾ اَن ڇڙجي؛ مهري ڪاٺ جي ڊگهي شيءِ آهي، جنهن سان اُکريءَ وارو اَن ڪُٽجي. مطلب هي آهي، جو جيئن ڪو ماڻهو هرڻ جو شڪار ڪري، ۽ اس يا اڃ کان ڊڄي، يا مڇيءَ جي شڪار وارو ٻڏڻ کان ڊڄي، يا راجا جنگ کان ڊڄي، تيئن ڌڻيءَ جو ڳولو زماني جي ڏک ڏاکڙي کان ڊڄي، مطلوب کي ڪٿان پهچندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    فدائي ندارد ز مقصود چنگ،
    اگر برسرش تيغ بارند و سنگ. عاشق پنهنجي گهربل کان هٿ نه ڪڍي،
    توڙي مٿس تراريون ۽ پاهڻ ڪري وسن.

    ۴۹ - اُٺ پنهنجي مٽ ۾ ترڪي.
    اُٺ جا پير اهڙا ترڪڻا آهن، جو گهڻا ڀيرا سندس مٽ ۾ سندس پير ترڪندا ڏسڻ ۾ آيا آهن. پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو ڪلڇڻو ماڻهو پنهنجي لڇڻ کان پاڻ بڇڙو ٿئي، تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:
    اگر زدستِ بلا بر فلڪ رود بدخو،
    ز دستِ خوءِ بدِ خويش در بلا افتد. ڪلڇڻو بلا کان ڀڄي جي اڀ ۾ وڃي،
    پنهنجي بڇڙن لڇڻن جي هٿان بلا ۾ پوي.

    ۵۰ - اٺ جي چوري پکي ۾ ڇا لڪندي؟
    اُٺ وڏو وهٽ آهي، تنهن کي ڪو چورائي پکي ۾ لڪائيندو ته ڪاٿي لڪندو. تنهن وانگي جا ڳالهه پڌري گهڻن ڪنن تي پيل هوندي، سا ڪئن ڪو لڪائي سگهندو؟ جهڙو فارسي واري چيو آهي:
    نهان ڪَي ماند آن رازي، ڪز و سازند محفلها. اهو ڳجهه ڪٿان لڪي، جنهن جون مجلسون ڪن.

    ۵۱ - آئي ٽانڊي کي بورچاڻي ٿي ويٺي.
    هن پهاڪي جي ظاهري معنيٰ هيءَ آهي، جو پرائي گهر ۾ ٿوري ڪم لاءِ اچي، گهر جو دعويٰ دار ٿي ويٺو. جهڙو فارسي وارو پڻ چوي ٿو:
    آمد براءِ اخگر چون مطبخ نشست. آئي ٽانڊي کي بورچاڻي ٿي ويٺي.
    پر مطلب هي آهي، جو هيءَ دنيا پرائو گهر آهي، تنهن ۾ ماڻهو رڳو عبادت لاءِ آيو آهي؛ اهو ڪم ڇڏي پاڻ کي گهر جو ڌڻي ڄاڻي ويٺو آهي. ۽ فريد صاحب جي هن سلوڪ کي نٿو سمجهي:
    چار گنوايا هنڊڪي، چار گنوايا سُمهه،
    ليکا ربُ مڱيسين، تون آيون ڪهڙي ڪم؟ چار پھر ڌنڌي ۾ وڃايئي، چار پهر ننڊ ۾ وڃايئي،
    حساب ڌڻي گهرندءِ، آئين ڪهڙي ڪم؟

    ۵۲ - اُٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو.
    لاڻو هڪڙو جهنگلي گاهه آهي جو اُٺ کي چڱو لڳي؛ ماڻو يعني ناز. هن پهاڪي مان ٻيو نرالو مطلب ڪو نه ٿو نڪري، مگر جهڙيءَ طرح پهرين ٽن کي ٽي شيون چڱيون آهن، تهڙي ريت محبوب کي پڻ ناز چڱو آهي. خصوصاً فارسيءَ واري محبوب ۽ ناز کي ابجد جي ليکي هڪ ڪري ڏيکاريو آهي:
    محبوب اکر م ح ب و ب ڪل تعداد
    ابجد/ انگ ۴۰ ۸ ۲ ۶ ۲ ۵۸
    ناز اکر ن ۱ ز
    ابجد/ انگ ۵۰ ۱ ۷ ۵۸

    ۵۳ - اڳين پاڻي، پوين چِڪَ.
    ڪنهن تلاوَ ۾ پاڻي ٿورو هجي، ۽ اُتاهون ڌڻ يا لشڪر گهڻو اُڃايل لنگهي، ته جيڪي اڳي هوندا سي پاڻي پيئندا، جيڪي پوءِ هوندا اهي چِڪ چٽيندا. پر مطلب هي آهي، جو پهاڪي وارو ڦڙتائيءَ جو سعيو ۽ آرس جي گلا ٿو ڪري. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    ڪه آفتهاست در تاخير طالب را زيان دارد. ته دير ۾ آفتون آهن، ڳوليندڙ کي ڇيهو آهي.

    ۵۴ - انڌو هاٿي لشڪر جو زيانُ.
    لشڪر ۾ هاٿي هئڻ چڱو آهي، پر جي هاٿي انڌو هوندو ته واهر بدران سندس لتڙ ۾ لشڪر لتاڙجي مرندو. تهڙيءَ ريت ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪم سڌارڻ لاءِ ڏبو ۽ هو اڄاڻ هوندو ته سڌارڻ بدران بگاڙي ڇڏيندو.

    ۵۵ - آهُر جي آسري جهنگ نه چنائون.
    آهر، ڍڳا يا اُٺ ۽ ٻيا پاليل وهٽ جهنگ ۾ چرڻ وڃن، تن جي رات جي چرڻ لاءِ سندن ڌڻي ڏارو، يا کڙ، ڪتر تيار ڪري رکن، تنهن کي آهُر چئجي. پر جهنگ ۾ گاهه چرڻ وهٽ جي وس آهي. ۽ آهر جوڙي رکڻ ڌڻيس جي وس. جڏهن ڪو آهر جي لالچ دل ۾ رکي جهنگ ۾ گاهه نه چرندو، ۽ بکائجي گهر ايندو، ۽ ڌڻيس به آهُر نه جوڙيو هوندو ته بک مرندو يا نه؟ تنهن وانگي جو ماڻهو پنهنجي وس وارو فائدي جو ڪم پرائي وس واري ڪم جي آسري تي سيڙائيندو، سو فائدو ڪٿان پائيندو؟

    ۵۶ - اُڀ ڦاٽي کي به ڪڏهن اڳڙي پوي.
    اڳڙي پوڻ يعني ڳنڍ پوڻ، اُڀ ڦاٽڻ يا اُڀ ڦاٽي گي ڳنڍ وجهڻ نه ٿيڻ جي ڳالهه آهي. تڏهن پهاڪي جو مطلب هي سمجهڻ گُهرجي ته جنهن ڪم جو ٿيڻ يا جنهن ڪم ٿيڻ واري جو دفع ٿيڻ ناممڪن هئي، تنهن لاءِ ڳڻتي نه کائجي. تنهن لاءِ هڪڙو نقل ياد آيو آهي:
    نقل
    هڪڙي ماريءَ جهرڪي ڦاسائي ان کي ڪُهڻ جو ارادو ڪيو، جهرڪيءَ چيس ته مون مان اڌ دڪو گوشت نڪرندو، تنهن مان ڪهڙو ڍَؤُ ٿيندءِ؟ آءٌ توکي ٽي نصيحتون چونديس، پر هڪڙي تنهنجي هٿ ۾ چونديس، ٻي جڏهن ڇڏيندين تڏهن وڻ تي ويهي چونديسانءِ، ۽ ٽين وڻ تان اڏامڻ مهل. ماريءَ اها ڳالهه مڃي. جهرڪيءَ چيس: جو جيڪا ڳالهه ٻُڌِ ۽ عقل جي قياس کان ٻاهر هئي ته نه وِسهِج. تڏهن ماريءَ ڇڏي ڏنس. جهرڪيءَ وڻ تي ويهي چيس ته جو ڪم هٿان نڪري وڃي ۽ وري هٿ اچڻ جو نه هجي ته ان لاءِ ارمان نه کائج؛ ايترو چئي جهرڪي روئڻ لڳي ۽ ماريءَ جي حال تي ارمان کائي چيائين ته منهنجي پيٽ ۾ ٻه دڪا تور هيرو آهي؛ جيڪڏهن هٿ اچيئي ها ته ڄمار لاءِ ڍَوَ هجي ئي ها. اها ڳالهه ٻڌي ماريءَ هٿ مهٽي ارمان کاڌو. تڏهن پکي اڏاڻو. تنهن کان باقي ٽين نصيحت پڇيائين، تنهن چيو جو ٻن ڳالهين توکي اثر ڪو نه ڪيو، هن ريت جو اڌ دڪي تور پکيءَ جي پيٽ ۾ ٻن دڪن تور وارو هيرو ڪٿان ماپندو؟ تنهن تي وسيھ ڪيئي، پر جي هجا ها ته به اڏاڻي کان پوءِ وري هٿ اچڻ جو نه هوس، تنهن لاءِ ارمان کاڌُءِ: تنهن ڪري تو جهڙي ماڻهوءَ کي باقي نصيحت چوڻ ڪار نه آهي.

    ۵۷ - انبن جون سڪون به ڪي انبڙين مان لهن.
    انب هڪڙو پڪو ميوو آهي؛ تنهن جو سواد انبڙيءَ مان ڇا ايندو، جا کٽي ۽ ڪچي؟ جهڙوڪ، ڪڻڪ سڀ ڪڻڪ؛ پر جو سواد حلوي مان اچي سو سَتُن ۾ ڪٿي اچي؟ تنهن وانگي جنهن کي ڌڻيءَ جي عبادت مان چش آئي هوندي، تنهن کي دنيا جا ڌنڌا ڇا وڻندا؟

    ۵۸ - اُٺ چڙهئي به ڪڏهن نانگ کائي.
    جو ماڻهو اُٺ تي چڙهيل هوندو تنهن کي ڪٿان نانگ ڏنگيندو؟ تنهن وانگي جو ماڻهو ٻيا سڀ آسرا ڇڏي ڌڻيءَ جي آسري رهندو، تنهن کي دنيا جي ڌنڌن جو ڪهڙو ڊپ؟ جهڙو سڌني ڀڳت جو وچن آهي:
    شنگهه سرن ڪَتِ جائيئي جو جنپڪ گِراسي؟ شينهن جي سام ڇو وڃجي جاتي گدڙ کائي؟

    ۵۹ - آپ سکي ته جڳ سکي.
    جو ماڻهو پاڻ سکي آهي تنهن جي ليکي سارو جهان سکي آهي. اهڙي وارداني نمبر ۲۱۸ واري پهاڪي ۾ گهڻي وچور سان آئي آهي.

    ۶۰ - اگهه ۽ ڳڀ جي سڌ الله کي.
    ڳڀ يعني پيٽ وارو ٻار، معنيٰ هيءَ آهي جو جنس جو اگهه سھانگو ٿيندو يا مهانگو، ۽ پيٽ وارو ٻار پٽ ڄمندو يا ڌيءَ، سا خدا کي ڪلّ. پر ان ڳالهه ۾ منهنجو چوڻ هي آهي، جو سڀ ڪم جو هاڻي کان پوءِ ٿيندو، تنهن جي سڌ ڌڻيءَ بنا ڪنهن کي ناهي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    ڪسِ را وقوف نيست ڪه انجام ڪار چيست. ڪنهن کي خبر نه آهي ته اوڙڪ ڪم جو ڇا آهي.

    ۶۱ - انڌو ۽ اڻ سونهون هڪجهڙا.
    هن پهاڪي جي مطلب ۾ ذرو به ڦير نه آهي؛ ڇا کان جو هن انسان جي اندر ۾ ذات پاڪ جو نور آهي. پر جڏهن اڻ سونهپ کان اُن کي نٿو ڄاڻي. تڏهن انڌو ڄاڻبس يا نه؟ تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي.
    آنچه ما ڪرديم با خود هيچ نابينا نڪرد،
    درميان خانه گم ڪرديم صاحب خانه را. جيڪي اسان پاڻ سان ڪيو، سو ڪنهن انڌي به نه ڪيو،
    گهر جي اندر، گهر ڌڻي کي وڃايوسون.

    ۶۲ - اُٺ ٻڍو ته به ٻه ڪنواٺ لهي.
    ڪنواٽ يعني اُٺ ننڍو، نئون سکيل. يعني جيئن پڪو اُٺ بار کڻڻ ۾ ڪنواٺ کان واڌو آهي، تيئن پوڙهو ماڻهو سياڻو پڻ رِٿ پنهنجي ڪم ۾ جوان نئي سکيل کان وڌ ڄاڻبو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    آنچه در آئينه بيند جوان،
    پير اندر خيشت بيند پيش زان. جيڪي جواڻ آرسيءَ ۾ ڏسي،
    سو پوڙهو تنهن کان اڳي سر ۾ ڏسي.

    ۶۳ - اڃا مينهون جهنگ ۾ ڌوئي ڌريائون رڇ.
    رڇ يعني باسڻ؛ جڏهن مينهون جهنگ مان چري اچن، تڏهن سڀڪو باسڻ ڌوئي کير ڏهي. ۽ اڳواٽ باسڻ ڌوئڻ اڳ ڪٿيو ڪم ڪرڻ آهي، سا ڳالهه سياڻن کي نه وڻي. تنهن لاءِ نمبر ۳۹۶ واري پهاڪي ۾ گهڻو ذڪر هليو آهي سو ڏسڻ گُهرجي.


    ب

    ۶۴ - بادشاهين پوندي معاملي ڄٽي ڪير ويچاري؟
    هن پهاڪي جو مطلب هي آهي جو دنيا ۾ ڏک توڙي سک اهنجي توڙي سهنجي سڀڪنهن تي هڪجهڙي بيٺي آهي. جهڙي راجا تي تهڙي پينار تي. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:
    ڪيا رنڪ، ڪيا ڀُوپُ، دک سک سنگ سدا رهي،
    گهر اُجاڙ جيون ڪوپ رهي؛ دوهون گهٽ جيوڙي. ڇا راجا، ڇا غريب، ڏک سک سدا ساڻ رهيس؛
    گهر ۾ کوه هئي، يا سڃ ۾، ته دلي جي ڳچيءَ ۾ نوڙي.

    ۶۵ - بکئي کي بصر سان روٽي رکيائي، سيري کان سواد ۾ ڏيڍي سوائي.
    ڍائي ماڻهوءَ کي پلاءُ به اهڙو سواد نه ڏئي، جهڙي بکئي کي رُکي روٽي سواد ڏئي. تنهن تي هڪڙو مثل آهي:
    هڪڙي درويش جي ڀنڊار ۾ روٽيون پڪيون؛ پر ڌڻيءَ جي حڪم سان تيوڻ ڪو نه هو، درويش جي هڪڙي ٻالڪي رُکي روٽي کائڻ جي نه ڪئي، درويش جي چوڻ سان اُن جي روٽي لڪائي رکيائون. ڳچ کان پوءِ ٻالڪي کي بک لڳي، تڏهن ڦڪو ٿي اُها رُکي روٽي ڳولي لهي، مٺي ڪري کاڌائين؛ تڏهن درويش کلي، هي فارسي سٽ پڙهي:
    ڪوفته را نان تِهي ڪوفتہ. ٿڪي کي رکي روٽي ڪوفتو آهي.

    ۶۶ - بندي جي من ۾ هڪڙي، صاحب جي من ۾ ٻي.
    هي بندو گهڻو چاهي جو فلاڻو ڪم ڪريان، يا فلاڻي شي هٿ لڳيم؛ پر جيسين ڌڻيءَ کي نه وڻي، تيسين ڇا ڪري سگهندو؟ جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:
    همري من ڪڇ اور هئي، ڪرتار ڪي ڪِڇُ اور،
    همري ٺاٽي ٺٽ رهي، پرڀ ڪي ٺاٽي ٺور. منهنجي دل ۾ ڪا ٻي، ڌڻيءَ جي دل ۾ ڪا ٻي؛
    منهنجي رٿي بيجاءِ ٿي، ڌڻيءَ جي رٿي بجاءِ.

    ۶۷ - بي عقل جي بلا دور.
    دين جي ڪم ۾ هن پهاڪي جي ڪم آڻڻ جي گهرج نه آهي، مگر دنيا جي ڪم ۾ آهي. جيڪڏهن چئجي جو ننڍي ٻار وانگي بي عقل ٿي رهه، ته مائٽن جي نظر سان تنهنجي بلا ڀڄي، ته به هڪڙي ڳالهه. جهڙو فارسيءَ وارو چوي:
    هر چند عقل بيش، غم روز گار بيش،
    ديوانه باش، تا غم تو ديگران خورند. جيترو عقل گهڻو، اوترو زماني جي ڳڻتي گهڻي،
    چريو ٿي ته تنهنجي ڳڻتي ٻيا کائين.
    پر ان پهاڪي لاءِ منهنجو مت هي آهي، جو بي عقل کان بلا دور يعني بي عقل جي سنگت کان ٻيو ته سڀڪو ڀڄي، پر بلا به. تنهن لاءِ فارسي بيت آيو آهي:
    ترا ازدها گر بود يارِ غار،
    زان بہ ڪ جاهل بود غمگسار. توکي جيڪڏهن اُرڙ هئي سڄڻ ڳُوڙهي،
    تنهن کان چڱو جو جاهل هئي ڏک اوريندڙ.

    ۶۸ - بي عقل دوست کان داناءُ دشمن چڱو.
    هن پهاڪي وارو بي عقل جي سنگت کان ڀڄڻ جو ڏاڍو تاڪيد ٿو ڪري؛ ڇا کان جو بي عقل جي صحبت مان ساهه جو ڊپ آهي. ان تي هڪڙو مثل ياد آيو اٿم:
    هڪڙي شخص جو باندر هڪڙي تي ويسھ ٻڌل هو، تنهن کي ڏهاڙي رات جو پنهنجي کٽ جو جاڳو وهاريندو هو. هڪڙي ڏهاڙي هو ننڊ ۾ هو، ۽ باندر ترار اگهاڙي ڪري مٿس واهي بيٺو هو. اوچتو چور هڪڙو چوريءَ لاءِ آيو، جنهن کي باندر ڪين ڏٺو. ان مهل ڪِرڙي هڪڙي گهر ڌڻيءَ جي بت تي چڙهي، باندر ترار سنباهي ته هڻي ڪِرڙي کي ماري. اهو حال ڏسي چور سمجهيو جو ترار سان ڪِرڙي ته مرندي، پر گهر ڌڻي به ساڻس. تڏهن ڊوڙي باندر کي هٿ کان جهليائين؛ تنهن بکيڙي تي گهر ڌڻي جاڳيو ۽ چور جي واتان سڄو حال ٻڌي، چوڻ لڳو جو فارسيءَ واري سچ چيو آهي:
    اگر خصم جان تو عاقل بود،
    بہ از دوستداري ڪ جاهل بود. جيڪڏهن سياڻو تنهجي ساهه جو ويري هئي،
    ته به هو ان سڄڻ کان چڱو جو جاهل هجي.

    ۶۹ - باسڻ هڪڙو کڻي، ٺڪر گهڻن کي ڏئي.
    ٺڪر ڏيڻ يعني گلارو ڪرڻ، هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو گهڻن ماڻهن سنگتِين مان هڪڙو ڪنهن باسڻ جي چوري ڪري، ته جيڪر گمان سڀني ۾ پوي؛ يعني هڪڙو لوٺيو ماڻهو گهڻن اشرافن جي سنگت ۾ هوندو ته سڄيءَ کي گلارو ڪندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    شنيد ستي ڪه گاوي در علف زار،
    بيالايد همہ گاوان دهه را. ٻڌو اٿي ته ڏاندن مان هڪڙو ويءَ ۾ پوي،
    ته جهلائي سڀن ڏاندن ڳوٺ جي کي.

    ۷۰ - بک وچان اُگهڙ ياد نه آهي.
    ڪمائيءَ واري ماڻهوءَ کي سڀ کان اڳي پيٽ پاڙڻ کپي، تنهن کانپوءِ انگ ڍڪڻ. ٻيا سڀ ڪم ان کان پوءِ؛ جڏهين ڪنهن کي پيٽ ڀرڻ لاءِ پورت نه هوندي، تڏهن اگهڙ يعني انگ ڍڪڻ ڪٿان ياد پوندس؟ مطلب هي آهي، جو اڻ هوندي واري ماڻهوءَ کي ڪو سک نه ملندو. فارسيءَ واري چيو آهي:
    فراغت به فاقہ نه پيوندد،
    جمعيت در تنگدستي صورت نه بندد. بک ساڻ واندڪائيءَ جو لاڳاپو نه آهي؛
    اڻ هوند ۾ جمعيت حاصل نه ٿئي.
    اهڙو ذڪر نمبر ۱۲۶ واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي.

    ۷۱ - بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري.
    ڌڻي شال پيٽ جي بک ڪنهن کي نه ڏئي! بک سڀ کان بڇڙي ڏُوار آهي، جهڙو ڪنهن کي مرض غالب پوي ته حواس باختا ٿي وڃن، تنهن وانگي جنهن کي بک زور پوي، تنهن جو عقل هارجي رهي. تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:
    پراگنده روزي پراگنده دل. جنهن جو رزق پريشان تنهن جي دل پريشان.

    ۷۲ - بڇڙو ڪتو ڌڻي پڻائي.
    ڌڻي پُڻائي يعني ڌڻيءَ کي گاريون ڏياري. ڪنهن مهل ڪُتا ماڻهن کي ڏاڙهن، ته اُو ماڻهو ان جي ڌڻين کي گاريون ڏين. تنهن وانگي جو ماڻهو بڇڙي چال هلندو ته پنهنجي مائٽن کي پڻ گلا ڏياريندو.


    ٻ

    ۷۳ - ٻلي کائيندي ڪين ساري، هنگندي ساري.
    ڪنهن مهل ٻلي گهڻو يا ڏاڍو کاڄ کائي وڃي؛ پر جڏهن اهو کاڄ پيٽ ۾ وڪڙ وجهيس، تڏهن ڏکي ٿئي. تنهن وانگي هڪڙا ماڻهو ڪنهن مهل ڪنهن جي وهانو وڌاڻي تي کائڻ وڃن، ته اڳلي جي حال ڏي ڏسي قناعت ته نه ڪن، پر مورڳو هٻڇ ڪري کائڻ جيترو ته کائن، پر ٻيو زيان پڻ ڪن. پر جڏهن وٽن شادي مرادي ٿئي، ۽ اهي ساڳيا کائڻ لاءِ اچن، ۽ اهڙي ساڳي هلت ڪن، تڏهن هن پهاڪي وارو حال ٿئين. پر مطلب هي آهي جو سڀڪنهن ڪم ۾ اڳياڙيءَ مهل پڇاڙيءَ ڳڻڻ سياڻپ جو ڪم آهي.

    ۷۴ - ٻارهن ٻوڙي ٻانڀڻي، چوڏهن ٻوڙي چمار، جي تون اهڙو ڪامي، ته به گهر ڌوٻي جو ٽار.
    هن پهاڪي جي عبارت جو مضمون هي آهي، جو ان ٽن قومن جي عورتن سان زناءُ ڪرڻ ڪري ٻارهن، چوڏهن پيڙهيون نرڳ ۾ ٻڏنديون، سو اها ڳالهه سچ آهي. پر جڏهين انهن قومن جو زنانءُ ٻوڙيندڙ آهي، تڏهين ٻين قومن جو زناءُ نه ٻوڙيندو ڇا؟ تنهنڪري منهنجو چوڻ آهي جو زناءُ سڀ بڇڙو ۽ سڃو ڪندڙ آهي. زناءُ ڪندڙ جو ڪڏهن ٻاڻ نه لڳندو. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    زاني نه مالي، اشتداقي نه خالي. زناءُ وارو وهيون، سوير جاڳندڙ ولهو نه ٿئي.

    ۷۵ - ٻه ڀائر ٽيون ليکو.
    هي پهاڪو وهنوار ۾ سوڌي هلڻ لاءِ سمجهائي ٿو، پوءِ توڙي سڳي ڀاءُ سان هجي، ته به وهنوار کي ڀائن وانگي ڄاڻي ساڻس سولو هلجي. اهڙو پهاڪو فارسيءَ ۾ پڻ آيو آهي:
    دو برادر سيوم حساب. ٻه ڀائر ٽيون ليکو.

    ۷۶ - ٻاهران چکي مکي، اندران بڙ بڙ دکي.
    هڪڙا ماڻهو ٻاهران فاقيرو ويس پهري، اندر ۾ پاپ ۽ ڪپت رکن. تن لاءِ هي پهاڪو آيو آهي. اهڙن کي گُرو نانڪ شاه پڻ ننديو آهي:
    ٻاهر گيان، ڌيان، اشنان،
    انتر وِياپي لوڀ سُوانُ ظاهري ويچار، ۽ ڌڻيءَ ڏي دل، ۽ وهنجڻ،
    باطني ڪتي وانگي لالچ ۾ گهڙيل.

    ۷۷ - ٻليءَ شير پڙهايا، ڦير ٻلي ڪون کاوڻ آيا.
    هي پهاڪو ڏسي هي مثل ياد آيو اٿم:
    هڪڙي ماڻهوءَ کي گهڻن ماڻهن جو قرض ڏيڻو ٿيو. رٿ ڪيائين ته جيڪڏهن ڏيوالو ڪڍندس، ته به گلا ٿيندي، تڏهن هڪڙي سياڻي سان پَههُ ڪيائين. تنهن چيس جو جيڪو قرض ڇڪيئي، تنهن کي چرين وانگي هيءَ ورندي ڏي؛ “نچ.” حاصل ڳالهه جو، اهڙيون ورنديون ٻڌي لهڻي وارن اُن کي چريو سمجهي، قرض ڇڪڻ کان بس ڪئي. پر اُن سياڻي جو پڻ ڪي قرض مٿس هو، تنهن گهريس، تنهن کي پڻ چيائين “نچ.” چي ڙي مون کي به “نچ”، چي؛ “توکي ته توکي، پر تنهنجي پيءُ کي به نچ.” حاصل ڳالهه جو، لچ کي چڱي مت ڏَسڻ پاڻ لاءِ جنجل پرائڻ آهي.

    ۷۸ - ٻه گدرا هڪڙيءَ مٺ ۾ نه ماپن.
    مطلب هي آهي ته جو ماڻهو ڌڻيءَ کي ڳولي، سو جڏهن دنيا جي ڌنڌن کان پاڻ آجو رکي، تڏهن ڌڻي ڏي مهاڙ ٿئيس. يعني دنيا جو ڌنڌو ۽ ڌڻيءَ جي يادگيري ٻه ڪم گڏ پورا ٿيڻ اڻانگو ڪم آهي. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:
    اڦُر اوستابُنِ اَکا نيند نه آوي نئن؛
    بنان اڦر ڪيون پائيئي آتم سُک ڪي چئن؟ دل ايڪانت ڌاران اکين ۾ ننڊ نه اچي؛
    ري ايڪانت ڪئن پائجي ڌڻيءَ ملڻ جو سک؟
    انهيءَ تي هڪڙو نقل ياد آيو اٿم:
    راجا هڪڙي ڪامل هڪڙي جي خدمت ۾ ڌڻي ملڻ جي واٽ ڏيکارڻ لاءِ وينتي ڪي. ۽ اُن مراد حاصل ڪرڻ لاءِ فقير پنهنجي بنگلي ۾ آڻي ٽڪايائين. هڪڙيءَ رات فقير بنگلي جي کڏ تي چڙهي هيڏي هوڏي ٿي نهاريو؛ تنهن کان راجا پڇيو. فقير چيو جو “اُٺ وڃايو اٿم. سو ٿو ڳوليان.” راجا چيو؛ “جو اُٺ وِيلُ به ڪڏهن کڏ تي ڳولجي؟” فقير چيو؛ جو تڏهن ڌڻيءَ ملڻ جي واٽ راڄ جي تخت تي ڪئن ڳولجي؟ مطلب جو جاسين دنيا جي ڌنڌن کان پاڻ نه ڇڏائبو، تاسين ڌڻيءَ جي ملڻ جي اُميد نه رهندي، يعني ٻئي هاجون گڏ هٿ نه اينديون.

    ۷۹ - ٻن ٻيڙين تي پير رکي، تنهن جون ڄنگهون ڦاٽن.
    هن پهاڪي جي مطلب سمجهڻ لاءِ نمبر ۷۸ وارو پهاڪو ساڳيو آهي. تنهنڪري ٻيو نٿو لکان.

    ۸۰ - ٻڪريءَ کي ساس جي، ڪاسائيءَ کي ماس جي.
    هن پهاڪي جي مضمون جهڙو هڪڙو پهاڪو نمبر ۴۸۶ وارو آيو آهي، تنهن ۾ گهڻي وارداتي هلي آهي؛ تنهنڪري هت تفصيل نه لکيل آھي.

    ۸۱ - ٻڪري جنهن وڻ سان ٻَجهي، سو وڻ چَري.
    هن پهاڪي جي اکرن جي معنيٰ اهڙي اهنجي نه آهي، جنهن ۾ ڪو منجهي؛ ۽ سندس مطلب هي آهي جو لچ ماڻهوءَ کي جيڪو ايڇپو ڪندو، تنهن کي اُهو لچ مورڳو گهاٽو وجهندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    خبيث را چون تعهد کني و بنوازي،
    بدولت تو نگہ ميڪند به انبازي. خبيث تي جيترو توه ۽ پالنا ڪندين،
    تنهنجي دولت تي بڇڙائيءَ جي نظر ڪندو.

    ۸۲ - ٻليءَ کي خواب ۾ به ڇِڇِڙ.
    ڇڇڙو هڪڙي ميري شي آهي، پر هميشھ ٻليءَ جو کاڄ آهي. هن کي سُپني ۾ پڻ اُهو ميرو کاڄ نه وسري. تنهن وانگي لچ ماڻهو جو لچائيءَ ۾ سدا رُڌو رهي، تنهن کان ڀلجي، سپني ۾ پڻ چڱمڙسيءَ جو ڪم نه ٿيندو. جهڙو فارسيءَ جو بيت آهي:
    ز ابليس هرگز نيايد سجود؛
    نه از بد گُهر نيکوئي در وجود. شيطان کان ڪڏهن مٿو نايو نه ٿئي،
    لچ کان پڻ موچارائي موجود نه ٿئي.

    ۸۳ - ٻاٻُل آچاري، پر ڪو مڃي.
    ٻاٻل يعني مکي، يا پريو مڙس؛ آچاري يعني پورو نياءُ چوندڙ.
    مطلب هي آهي ته پريو مڙس گهڻو ئي سچ چوندڙ هئي، پر اڳيان مڃيندڙ جو ڪو نه هوندو! تنهن وانگي نصيحت ڪرڻ وارو هوندو، پر ٻڌڻ واري ۾ جو لل ڪو نه هوندو ته ڇا حاصل ٿيندو؟ جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    فهم سخن گر نکند مستمع
    قوت طبع از متکلم مَ جو. سمجهه ڳالهه جي جيڪڏهن نه ڪري ٻڌڻ وارو،
    زور طبع جو چوندڙ کان م ڳول.


    ڀ

    ۸۴ - ڀڳو گهڙو ڍَون ڍَون ڪري.
    جهڙو ڀڳو گهڙو، تهڙو اڄاڻ ماڻهو، يعني هن جو کڙڪو بڇڙو، تهڙو هن جو ڳالهوَ اجايو. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:
    ان پوڇي هي جانيئي موُڍ ديک من ماهه،
    ڇلڪي اوڇي نير پر، پوري ڇلڪي نانھ. اڻ پڇي مورک جو حال دل ۾ ڄاڻي وٺجي،
    ڀريل دلي جو پاڻي نه ڇلڪي، ۽ اوڻي جو ڇُلڪي.
    اهڙي ڳالهه نمبر ۱۱۵ واري پهاڪي ۾ پڻ هلي آهي.

    ۸۵ - ڀڳيءَ سان ئي ڀير، جاسين رتو راس ٿئي.
    هي پهاڪو پڻ قناعت جو تاڪيد ٿو ڪري، جو جاسين تو وٽ دولت گهڻي نه آهي، تاسين سادي سودي تي سنجم ڪري دم لنگهاءِ. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    گر نبود بالِش آگنِده پر،
    خواب توان کرد حجر زير سر. جيڪڏهن وهاڻو کنڀن ڀريل نه هئي،
    پاهڻ مٿي هيٺ ڏيئي ننڊ ڪري سگهجي.

    ۸۶ - ڀنگڙي سلطان، هيري موتيان دي کاڻ، نه جيوڻ ڪا آسرا، نه مرڻ دي ڪاڻ.
    هي پهاڪو نجو ڀنگ پيڻ وارن موالين جي چوڻ جو آهي، جي ڀنگ پيڻ مهل ڀنگ جي ساراه بابت چوندا آهن، ۽ منجهانس ٻيو مطلب ڪو نه ٿو نڪري.

    ۸۷ - ڀنگان چيز ٻڏن، لنڊي رووي ڪڻڪ ڪُون.
    هي پهاڪو پڻ ڀنگ پيڻ وارن موالين جي چوڻ جو آهي، پر سندس بُڻ هن طرح آهي، جو هڪڙي هنڌ ڪڻڪ ۽ ڀنگ جي پوک هڪٻئي جي ڀرسان پيئون هيون. اوچتو برسات ڏاڍي ٿي، جنهنڪري ٻئي پوکون ٻڏڻ لڳيون. پوک ڌڻيءَ جي جوءِ زيان ٿيندو ڏسي ڪڻڪ جي ٻڏڻ جو ارمان کائي رُئڻ لڳي. اوچتو اتاهون موالي هڪڙو لنگهيو، تنهن هي پهاڪو چيو. پر مطلب هي، جو سڀڪنهن کي پنهنجي مطلب واري ڳالهه، ۽ دل گهربل شي وڻي. پوءِ ٻئي کي وڻي ته ڇا، نه وڻي ته ڇا.

    ۸۸ - ڀنگ جهنگ ۾ پاڻي، ملڪ ۾ آباداني.
    هي پهاڪو پڻ ڀنگ گهوٽڻ کان پوءِ ڀنگ ۾ پاڻي وجهڻ مهل موالي چوندا آهن، هن مطلب تي، جو جڏهن جهنگ ۾ پاڻي اچي تڏهن آبادي ٿئي، تنهن وانگي ڀنگ ۾ پاڻي پوڻ ڪري به ڄاڻ موالين لاءِ وَسَندي ٿئي.

    ۸۹ - ڀاڙي ۽ مسواڙ جو ڪئت ڪو نه آهي.
    ڪئت يعني قاعدو، يعني ڀاڙو ۽ مسواڙ ڪڏهين سهانگو ڪڏهن مهانگو. جيتوڙي پهاڪي وارو رڳو ان ٻن ڪمن جي اگهه جي بيهڪ نه هئڻ جو بيان ڪري ٿو، پر سچ هيءَ ڳالهه آهي، جو دنيا جو ڪو به ڪم سدا هڪڙي حال ۾ نٿو رهي. تنهن تي اردوءَ واري چيو آهي:
    جب گيا بلبل چمن ۾ ديک ڪي فصل خزان،
    رو ڪي هس ڪهني لگا گاهي چنين گاهي چنان. جڏهن بلبل باغ ۾ ويئي جهولي جي مُند ڏسي،
    روئي کلي چيائين ڪڏهن ڪيئن ڪڏهن ڪيئن.

    ۹۰ - ڀينر ڀنڀوران جي ڀڳيون سي ڇٽيون.
    ڀنڀور هڪڙو جبل ۾ ڳوٺ، جنهن ۾ سسئي ٿي لنگهي آهي، پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو سسئي جڏهن ڀنڀور کان ڀڳي، تڏهن ڪَرَ ڇٽي. تنهن وانگي جو ماڻهو دنيا جي کَپِتَن کان ڀڄندو، سو ڌڻيءَ کي واصل ٿيندو.

    ۹۱ - ڀنگي ڀائر ٻه صوفي ست هزار، ماري مُتهرن سان ڌڙ ڪيائون ڌار، پيئي لوڪ پچار ته پِڙُ ڀنگين کٽيو.
    صوفي يعني ڀنگ جو اڻ پياڪ. مُتهرو يعني ڀنگ گهوٽڻ جو ڏنڊو. هي پهاڪو رڳو ڀنگ پيئندڙن موالين جي گهٻي جو آهي، جي پاڻ کي اهڙو سورهه ٿا ڄاڻن، جو ڪَرَ (۷۰۰۰) ستن هزارن صوفين کي، ٻن موالين ماري ورتو. سو جي اهڙا سورهه هئن ها، ته جيڪر حبش جي ويڙهه تي ڪُڏي ويا؛ پر ڪوڙ جو مسئلو ڪوڙ.

    ۹۲ - ڀنگي دي جوءِ سهاڳڻ، آفيمي دي جوءِ رووي، ڪئفي دي جوءِ اِينوين آکي، ماريا هت نه هووي.
    هن پهاڪي مان ڌار مطلب ڪو نه نڪري ٿو، رڳو نشي پيڻ وارن جا لڇڻ ڏيکاري ٿو. هن ريت، جو ڀنگ پيڻ وارو ماڻهو نشي جي مهل زبان توڙي دل ڪئنري رکندو آهي؛ تنهنڪري سنديس جوءءِ ڪنانس سرهي رهي ۽ آفيمي ماڻهو نشي ۾ پنڪيون کائي؛ جنهنڪري ڪنهن مهل ضروري ڪم کان پڻ گُسي وڃي، تنهن ڪري جوڻس ارمان کائي؛ ۽ ڪئفي يعني شرابي نشي مهل ڪاوڙ گهڻي ڪري، ۽ زال سان اڻ وڻت رکي، تنهنڪري جوڻس ڀائني، جو نشي مهل شال گهر ۾ نه هئي.

    ۹۳ - ڀرئي اُٺ تان وڃڻي لٿي، ته به چڱي.
    هن پهاڪي جي معنيٰ ۾ ڪي موڙهو ڪين آهي، جنهن جو بيان ڪجي، مگر مطلب سو هي آهي، جو جيڪڏهن هڪڙي ماڻهوءَ کي پنجاهه ڪوهه پنڌ ڪرڻو هئي، تنهن مان هڪڙو ڪوهه به ڪيائين ته به شڪر ڪرڻ کپيس؛ يا ڪنهن کي سؤ رپين قرض ڏيڻو هئي تنهن مان هڪڙو رپيو به لٿو، ته به سرهو ٿيڻ گهرجيس، جو ٿورو توڙي گهڻو ته گهٽ ٿيو، تنهن وانگي جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاپ جهڙا ڪم گهڻا ڪندڙ هئي، تن مان هڪڙي ڪرڻ کان ڇٽو ته به چڱو.

    ۹۴ - ڀڄ چريا مست آيئي.
    هن پهاڪي ۾ اهڙي مُعما ڪا نه آهي، جنهن جي بيان ڪرڻ جي گهرج هجي. رڳو ايترو آهي، جو نشئي ماڻهو چرئي کان به چريو چئجي، جو چرئي کي ڪنهن مهل رات ۽ ڏينهن جي ڦير جي سڌ رهي؛ نشئيءَ کي ايتري به نه رهي. جهڙو هڪڙو سنڌي ساڌ چوندو آهي: “ڀنگان پي پُٽ مانجهي، ته ڀتيون ٿين سون جون، صبح منجهان سانجهي.”

    ۹۵ - ڀڄندڙن جي اگ ۾ لڪندڙن جي پوءِ ۾.
    هي پهاڪو ٻچاپڙن ماڻهن جي حال تي آيو آهي، جن کي فارسيءَ ۾ خانه برانداز چئجي، جيڪي هڪڙي هنڌان ٻڌي ٻئي هنڌ ٻڌائي ٻن دوستن جي وچ ۾ ڏڦيڙ وجهن. اهڙن لاءِ فارسيءَ واري پڻ بيت چيو آهي:
    مال داري را بگويد مال دار؛
    دزد را گويد که املاڪش برار. مال واري کي چوي مال سوگهو ڪر،
    چور کي چوي؛ وسلا چورائينس.
    پر اهو ڪم لچن جو آهي؛ اشراف کي اهڙيءَ هاج کان پاسو ڪرڻ کپي. ڌڻي اهڙيءَ سنگت ۽ اهڙن لڇڻن کان رکيا ڪري.

    ۹۶ - ڀُلي ڀاڻَ آئي، سا به نه ڀلي.
    هن پهاڪي ۾ ڌنارن جي اصطلاح جا اکر آيا آهن؛ ته جو ڍور ڀُلي يعني ڌڻ مان رلي ويو، ۽ وري ڀاڻ يعني وٿاڻ ۾ آيو، اُهو به ڪَرَ نه ڀُلو. تنهن وانگي پاپ يا بُڇڙي ڪم کي جنهن ماڻهوءَ بڇڙو ڄاڻي ڇڏيو، ۽ توبھ ڪئي، تنهن به ڄاڻ بڇڙو ڪم نه ڪيو. ويتر اهڙن پاپن کي ماڻهو ساراهيندا آهن. جهڙو فارسي مثل آيو آهي:
    گنهگار توبہ کار بہ از عابد ناپرهيزگار. بي ڪريائتي فقير کان توبہ وارو پاپي چڱو.

    ۹۷ - ڀڳڙن کاڌي هٿ ڌوتا پيا آهن.
    جنهن کاڄ جي کائندي کاڄ ۾ هٿ ڀرجن، تنهن جي کاڌي هٿ ڌوئڻ ضرور آهن؛ پر ڀڳڙن کاڌي نڪي هٿ ڀرجن نڪي ڌوئجن. تنهن وانگي دنيا جي ڪنن ڪمن ۾ هٿ وجهبو، ته پڇاڙيءَ جي ڳڻتي رهندي. نه ته ڪهڙو ڊپ؟ جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    تو پاک باش برادر، مدار از کس باک؛
    زنند جامه ناپاک گاذران بر سنگ. ادا، تون پاڪ ره، پوءِ ڪنهن کان ڊپ نه رک،
    کٽي/ڌوٻي به پليت ڪپڙي کي پاهڻ تي سٽي.

    ۹۸ - ڀريءَ ڇنيءَ کان ڀيري ڇنو چڱو.
    هڪڙي هنڌان ڪنهن مزور کي چار مڻ بار جا کڻي ڪاٿي پهچائڻا هئا، سو جيڪڏهن هڪ ڀيري اهو سڀ ڀري ٻڌي کڻندو، ته چيلهه يا ڳاٽو ڀڄي پوندس. پر جي هڪڙو مڻ چار ڀيرا ڪري کڻندو، ته جيتوڙي پنڌ گهڻو ٿيندس، پر زيان ڪو نه پهچندس. تنهن وانگي جو ڪم هري هري سُڌرندو، سو تڪڙ سان نه ٿيندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    بچشم خويش ديدم در بيابان،
    که آهستھ سبق برد از شتابان.
    سمند باد پا از ننگ فروماند،
    شتربان همچنين آهسته مي راند. پنهنجين اکين سان بر پٽ ۾ ڏٺم،
    ته هوري هلندڙ کٽيو ڊوڙندڙ کان.
    گهوڙو تکو ڊوڙي ٿڪي پيو،
    اوٺي هري هري هلندو رهيو.


    ت

    ۹۹ - توڙي وڃي روم، ته به هي نصيبان اڳرو، ڍوڍي مٿان ٿوم، لکيي لوح قلم ۾.
    ڍوڍو، جوار/ ٻاجهريءَ جي ماني، ٿوم هڪڙو ڀاڄيءَ جو قسم آهي. هي ٻئي شيون سادو کاڄ غريبن جو آهي. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُچي کاڄ ملڻ لاءِ ڪنهن پرانهين ملڪ ۾ به ويندو، ته به نصيب ۾ سادو لکيو ويو هوندس، ته اُچو ڪٿان ملندس؟ جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    رو مغرب، رو مشرق، رو، رو، رو،
    هرچه نصيب است ازان ڪم نشود جو. الهندي وڃ! اُڀرندي وڃ! جاڏي وڃين وڃ!
    جيڪي نصيب آهي تنهن مان جو به نه گهٽبو.

    ۱۰۰ - تڪڙي ڪتي انڌا گُلِر ڄڻي.
    گُلِر يعني ڪتي جا پونگڙا. ڪتي توڙي ڪا ٻي ويامندڙ، پوري وقت کان اڳي ويامندي، ته جائي ٻچو ڪچو ڄڻيندي، تنهن وانگي جيڪو ماڻهو ڪم ۾ اجائي تڪڙ ڪندو، تنهن جو ڪم رُلندو. تنهن لاءِ فارسيءَ واري چيو آهي:
    که تعجيل کار شياطين بود. جو تڪڙ شيطان جو ڪم هئي.

    ۱۰۱ - تڪڙو ماڻهو ٻه ڀيرا هنگي.
    ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪو تڪڙو ڪم ڪرڻو هئي، ۽ ان مهل ۾ جهاڙو اچيس؛ پر تڪڙو ٿي خطري مٽائڻ کان اڳي جهاڙي تان اُٿي اچي، ۽ ڪم ڪندي وري جهاڙي جو خطرو ٿئيس، ته وري ٻيو ڀيرو پوئيءَ ۾ وڃڻو پويس. هاڻي ڏسو ته ان تڪڙ مان اُٽلو سيڙاپو ٿيو يا نه؟ مطلب، جو هي پهاڪو پڻ نمبر ۱۰۰ واري پهاڪي وانگي اجائي تڪڙ کان جهلي ٿو.

    ۱۰۲ - تڪيا سڀ تڪيام، تو ري تڪيو نانہ ڪو.
    تڪيو يعني آسرو، تڪيام معنيٰ ڳوليم؛ پهاڪي واري جو مطلب هي آهي، جو سڀ آسرا ڳوليم، ته ڌڻيءَ بنا ٻيو آسرو ڪو نه آهي. سو ان ڳالهه ۾ ڦير ڪو نه آهي. ان تي فارسيءَ واري جي به شاهدي آهي:
    ندارم بجز تو پناهي دگر؛
    نه غير از درت روُءِ راهي دگر. تو ڌاران پناهه نه رکان ڪا ٻي،
    تنهنجي در ڌاران ڪنھن واٽ جو منهن نه ڏسان.

    ۱۰۳ - تنهن جي مرڻ جو ارمان کائجي، جنهن جي جيئڻ مان فائدو هئي.
    هيءَ ڳالهه پڌري آهي، جو ماڻهو مئي کي ڪو نه رُئي، سڀڪو پنهنجي سک کي رئي؛ يعني جنهن مان سک ڪو نه هوندو، تنهن جي مرڻ جو ڏک ڪنهن کي ٿيندو؟ جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    هرکه در زندگي نانش نخورند،
    چون بميرد نامش نه برند. جنهن جي جيئندي هٿانس ماني نه کائيندا،
    جڏهن مرندو، نالو به نه وٺندس.

    ۱۰۴ - تاڙي هڪ هٿي نه وڄي، ٻه هٿي وڄي.
    تاڙي هٿ هٿ تي هڻجي، تنهن مان ٺڪاءُ نڪري، تنهن ٺڪاءَ جو نالو. پهاڪي جو مطلب هي آهي، ته دوستي توڙي وير جاسين هڪڙي دل ۾ هجي، تاسين پڌري نه ٿئي. جڏهن ٻن ڌرين جي دل ۾ پوي، تڏهن اثر ڪري. هنديءَ واري پڻ اهڙو پهاڪو چيو آهي:
    دو اُو چاهي ملن ڪون تون ملاپ نرڌار،
    ڪٻهون نانھ باجئي ايک هاٿ سون تار. ٻئي ملڻ ڀائين تڏهن گڏجاڻي ٿئي؛
    ڪڏهن هڪ هٿ سان تاڙي نه وڄي.

    ۱۰۵ - تماڪُو تاڻي جنين وڌو جان ۾، انهن کي آڻي حُورون ڏيندا هنجن ۾.
    هي پهاڪو تماڪ جي ساراه جو آهي، جو تماڪ جا پياڪ گهٻو ڪري چوندا آهن. پر جي ري کل پڇو ٿا، ته هي پهاڪو سچ پچ هئن چوڻ کپي جو “طمع کي تاڻي، جنين ڪڍيو جان مان، انهن کي آڻي، حورون ڏيندا هنجن ۾.”
    يعني جو لالچ ڇڏيندو، سو سکي رهندو.

    ۱۰۶ - تيل ساهنگو هو، ته جيڪر گدڙن پڇ مکيا.
    سڀ ڪم جي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻن مان هڪڙي شيءِ گهرجي، سي ڪهڙيون ٻه؟ زر يا زور. پوءِ عقل ته به زور، علم ته به زور، ۽ جو ماڻهو اِن ڌاران ڪنهن ڪم جو سوس رکندو، سو گدڙ آهي، ۽ ڪم اڳيانس تيل آهي. تنهن تي فارسي مثل به آيو آهي:
    ميخواستم که سکه زنم تا به روم و شام؛
    عقلم جواب داد که بي زر نميشود. ڀانيم ته روم ۽ شام تائين پنهنجو سڪو هلايان؛
    عقل جواب ڏنم ته ناڻي ڌاران نٿو ٿئي.

    ۱۰۷ - تَوَڻِ جو تڪرار سان، سڏ جنهن کي هوءِ. منجي اُتي جوءِ، وڃي تنهن کي وسري.
    توڻ يعني رات ڏينهن جو کاڌو؛ هن پهاڪي جهڙو ذڪر نمبر ۲۹۰ واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي. پر اُن ۾ بازار ۽ سرڪار جي قرض جي ڊپ بابت ڳالهه آهي. اُن ۽ هن ڳڻتيءَ جي وچ ۾ وڏو ڦير آهي. بازار جي قرض واري کي معافيءَ جي اُميد، نا ته ٿوري قيد جو ڀوَ، پر اُتي به کاڌي جي بک ڪا نه رهنديس، ۽ تَوَڻ جو اُلڪو سڀ کان ڏاڍو آهي. ڌڻي اُن سڀني ڳڻتين کان شال بچاءُ ڪري. اهڙي حال واري لاءِ فارسيءَ واري پڻ ارمان کائي چيو آهي:
    شب پراگنده خسپد آنکه پديد،
    نبود وجھ با مدادانش. رات جو پريشان سمهي اهو، جنهن کي پڌري،
    نه هئي تَوَڻ صبحاڻي جي.

    ۱۰۸ - تڪڙ ۽ طمع ڇا ڏجي؟
    يعني ڪنهن ڪم جي طمع رکي، تنهن ۾ تڪڙ ڪبي، ته ڇا پرائبو؟ ڇا کان، جو طمع پاڻ هڪڙي بڇڙي بلا آهي. جنهن جي فارسيءَ وارو گلا ٿو ڪري:
    بدوزد طمع ديده هوشمند،
    در آرد طمع مرغ و ماهي به بند. لالچ سياڻي جي اک سبي،
    مڇيءَ ۽ پکيءَ کي لالچ ڦاهيءَ ۾ وجهي.
    تنهن ۾ وري تڪڙ ٻي بلا آهي. جنهن جي عربيءَ وارو گلا ٿو ڪري.
    التعجيل فعل الشيطان. تڪڙ شيطان جو ڪم آهي.
    هاڻي ڪرڻ قياس گُهرجي، ته جاتي هڪڙي بلا خراب ڪرڻ لاءِ گنج آهي، تاتي ٻه بلائون گڏ هونديون ته منجهان ڪٿان سک ٿيندو؟

    ۱۰۹ - تِرَ جي گُٿي سوَ (۱۰۰) چوٽون کائي.
    تِر هڪڙو ان جو قسم جنهن جو تمام ننڍڙو داڻو آهي؛ پر سنڌ جي اصطلاح ۾ ٿوري کي چئجي. چوٽ يعني ڌڪو. معنيٰ پهاڪي جي هيءَ آهي، جو ٿوري تان به ڪنهن ڳالهه ۾ جو ماڻهو گٿو، سو سَوَ (۱۰۰) ڌڪا کائيندو؛ يعني ڏکي ٿيندو. تنهن ڪري کپي ته جيڪي ڳالهائجي، يا ڪم ڪجي سو سمجهي ويچاري ڪجي ۽ تڪڙي بي ويچاري ڳالهائڻ يا ڪم ڪرڻ کان ويچار واري ماٺ ڀلي آهي. تنهن لاءِ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    تامّل کنان در خطا و صواب،
    بہ از زاز گويان حاضر جواب. ويچار ڪندڙ سڌائيءَ ۽ ڏنگائي ۾،
    اجائي ڳالهائيندڙ حاضر جواب ڏيڻ واري کان چڱو.


    ٿ

    ۱۱۰ - ٿوري کٽئي گهڻي برڪت.
    هن پهاڪي جي معنيٰ ۽ مطلب ۾ ڦير آهي. ڀلا ويچار کپي، جو ٿوريءَ اُپت ۾ ٻي برڪت ڪٿان وهي پوندي؟ ۽ جيڪڏهن ائين هجي ته گهڻي کٽئي لاءِ جيڪر ڪير رلي اُجهي؟ پر سندس پورو مطلب هي آهي، جو پهاڪي وارو قناعت کي ٿو ساراهي، ته جنهن کي ڪمائي ٿوري به هئي ۽ خرچ اُپت آهر ڪري، ته سُکيو رهي. تنهن لاءِ هي نقل ياد آيو اٿم:
    هن حيدرآباد شهر ۾ آڳاٽو، ڀائي مينگهراج هڪڙو وڏو سائين لوڪ سدا ڌڻيءَ جي عبادت ۾ رهندو هو؛ ۽ ڪنهن کان گهرڻ يا ڪي وٺڻ جي هير نه هيس. مگر آڳاٽا (۱۰) ڏهه (۲۰) ويهه رپيا گڏ ڪيل صراف وٽ وياج تي رکيل هيس. تنهن جو جيڪي وياج ملندو هوس، تنهن مان وڏي سنجم يعني صرفي سان سڄي مهيني جي تَوَڻ ڪندو هو. مرڻ مهل اُهو ڌراوت وارو ناڻو ڌرم ڪري ڇڏيائين. ڏسو، جو اهڙيءَ نيت واري ماڻهوءَ کي ٿوري کٽئي ۾ برڪت پيئي يا نه؟ ۽ مرڻ مهل سوڌو وهيون رهيو ڪو نه؟ پر جيڪڏهن ڪو چوي، جو ڏهن ويهن رپين واري کي ڇا وهيون چئبو، ته تنهن جو جواب فارسيءَ واري چئي ڇڏيو آهي:
    اگر فرمان روائي ڪامران است،
    و گر درويش حاجتمند نان است.
    دوران ساعت که خواهد اين و آن مرد،
    نخواهند زين جهان پيش از کفن برد. جيڪڏهن راجا مراد هلائيندڙ آهي،
    ۽ جيڪڏهن فقير مانيءَ جو محتاج آهي،
    جنهن مهل هي ۽ هو ٻئي مرندا،
    هن جهان مان ڪفن کان واڌو نه نيندا.

    ۱۱۱ - ٿوري گرهين گهڻو کائجي.
    معنيٰ پهاڪي جي هيءَ آهي، جو ننڍن گرهن کاڌي کاڄ گهڻو کائي وڃجي؛ جهڙيءَ ريت، وڏين منزلن وارو پانڌيڙو سگهو ٿڪجي، ۽ ننڍين منزلن وارو چرڪو: جئن ته فارسيءَ واري چيو آهي؛
    اي بسا اسپ تيز رو که بماند،
    که خرلنگ جان به منزل برد. گهڻا ڀيرا گهوڙو تکو هلندر رهي ويو،
    جو منڊي گڏه ساهي منزل تي وڃي پٽي.
    پر آءٌ ڀانيان ٿو، جو هن پهاڪي ۾ قناعت جي ساره آهي. جو ماڻهو ٿورو کائيندڙ هوندو، تنهن جو سدائين هٺُ سڄو رهندو، ۽ هٺ سڄي وارو ماڻهو گهڻا ڏهاڙا جيئندو ۽ کائيندو، ۽ گهڻ کائڪ هوندو، ته هڪڙي پاسي گلا؛ ٻي پاسي طبع ۾ ڪَسُ. تنهن لاءِ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    چوکم خوردن طبيعت شد کسي را،
    چو سختي پيشش آيد سهل گيرد،
    و گر تن پرور است اندر فراخي؛
    چو تنگي بيند از سختي به ميرد. جڏهن ٿورو کائڻ ڪنهن جي عادت ٿي،
    جڏهن اهنجي اڳيانس اچي ته سنهنجي لڳيس،
    جيڪڏهن بت پاليندڙ آهي سنهنجائيءَ ۾،
    جڏهن اهنجي ڏسي ته ڏک ۾ مري.

    ۱۱۲ - ٿڌو گهڙو پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکائي.
    جنهن دلي ۾ پاڻي سِگهو يا گهڻو ٺري، تنهن کي سڀڪو پاڻيهي ڇانوَ ۾ رکي. تنهن وانگي، جو ماڻهو اشراف، يا ايمان، يا وفاداريءَ، يا نمڪ حلاليءَ سان هلندو، تنهن کي سڀڪو آڌر ڏيندو؛ يعني پنهنجو مان سڀڪنهن کي پنهنجي وس آهي.

    ۱۱۳- ٿورو ڏسي ارهو نه ٿجي، گهڻو ڏسي سرهو نه ٿجي.
    مطلب هي آهي، جو سک ۽ ڏک ۾ سرهو يا ارهو نه رهه، ۽ اهو سڀ ڌڻيءَ جي پاران ڄاڻ، ۽ شڪر ڪر، ته ڌڻي ان ڳالهه ۾ راضي رهندو آهي. ان ڳالهه لاءِ فارسيءَ وارو شاهد آهي:
    اگر عزّ و جاه است ور دِلّ قيد،
    من از حق شناسم نه از عمرو زيد. جيڪڏهن وڏائي ۽ مان آهي يا قيد جي ڀنڊي آهي،
    آءٌ ڌڻيءَ کان ڄاڻان نه فلاڻي فلاڻي کان.


    ٽ

    ۱۱۴ - ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اِشارو.
    ٽٽون يعني ڍلو گهوڙو، ٽارو يعني لڪڻ. هن پهاڪي وارو چوي ٿو، جو جيترو پنڌ ٽٽون لڪڻ هڻڻ سان هلي، ڀلو گهوڙو اشاري سان اوترو هلي. تنهن وانگي جو ڪم سياڻو ماڻهو اشاري سان ڪري، اهو ڪم اياڻو ماڻهو ڦٽ لعنت سان به مس ڪري.


    ٺ

    ۱۱۵ - ٺلهو چڙو وڄي گهڻو.
    چڙو يعني گهنڊ يا گهنڊڻي. گهنڊڻي جڏهن پوري آهي، تڏهن کڙڪو ٿي ڪري، پر جي نهري هئي ته جيڪر ڪٿان وڄي؟ تنهن وانگي ماڻهو پڻ جو سڃو هوندو، سو گهڻي بڪواد ڪندو، ۽ سائو ٿورو ڳالهائيندو. اهڙو ذڪر نمبر ۸۴ واري پهاڪي ۾ پڻ هليو آهي.

    ۱۱۶ - ٺِڙِ ڪَجي ٺڪاءُ ڪجي، اڳلو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄجي.
    يعني جهيڙي جي مهل کڙڪو ڪري جهيڙو ٽارجي، پر جي اُن ٺڙڪي تي ٻي ڌر نه ٽري، ته پاڻ ٽري پاسو ڪجي. مطلب جو جيئن تيئن کانڌ ڪرڻ چڱو ڪم آهي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    چو پرخاش بيني تحمل بيار؛
    که نرمي به بندد درِ ڪارِ زار. جڏهن جهڳڙو، ڏسين تڏهين کانڌ ڪر؛
    ته ڪونئرائي جهيڙي جو در ٻنڌي.

    ۱۱۷ - ٺونٺ لڳي ساهيڙي ڀڳي.
    ٺونٺ ٻانهن جي اڌ واري سنَڌي جو نالو، ساهيڙي يعني دوستي. مطلب هي آهي، جو دوستي هڪڙي چڱي وٿ آهي، تنهن کي غنيمت ڄاڻ. ۽ جهڙيءَ تهڙيءَ ڳالهه تي دوستيءَ جهڙي نازڪ جواهر کي نه ڀڃ. فارسيءَ واري پڻ هڪڙو اهڙو مثل چيو آهي:
    سنگي بچند سال شود لعل پاره،
    زنهار تابه يک نفسش نشکني به سنگ. پاهڻ ڪيترن ورهين کان پوءِ جواهر ٿئي،
    سنڀال ته ٿوريءَ ويرم ۾ پاهڻ سان نه ڀڃي سگھندين.


    پ

    ۱۱۸ - پرائيءَ ڌيءَ تان کارڪ به چڱي.
    هن پهاڪي جي پاڙ هن طرح آهي، جو هڪڙو ماڻهو پاڙوسيءَ جي ڌيءُ جي وهانو تي ويو، جڏهن وري آيو، تڏهن ڀاڻس پڇيو ته ڇا مليُئي؟ چي کارڪ. چي بس؟ تڏهن هي پهاڪو چئي ٻڌايائينس. مطلب جو جيڪي اونهيئين ري کپت ملي، پوءِ توڙي ٿورو هجي، ته به چڱو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    مفت را چه بايد گفت. مفت ملي تنهن کي ڇا پڇبو.

    ۱۱۹ - پڇندڙ نه منجهندڙ.
    هن پهاڪي وارو پڻ نمبر ۵ واري پهاڪي چوندڙ وانگي مرشد کان واٽ پڇي وٺڻ لاءِ تاڪيد ٿو ڪري، ۽ چوي ٿو ته پڇندين ته واٽ ملندئي، ۽ منجهندين ڪين. فارسيءَ وارو پڻ چوي ٿو:
    جوينده يابنده. ڳوليندڙ سو لهندڙ.

    ۱۲۰ - پنهنجي ڪئي جو نڪو ويڄ، نڪو طبيب.
    هن پهاڪي مان ٻيو نرالو مطلب ڪو نه ٿو نڪري، رڳو ايترو آهي، ته جو ماڻهو پاڻ پنهنجو زيان ڪندو، تنهن جو علاج ڪير ڪندو؟ جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    خود کرده را علاجي نيست پنهنجي ڪئي جو نڪو ويڄ، نڪو طبيب

    ۱۲۱ - پاڻي ۽ باهه ٿورا نه ڄاڻجن.
    اکري هن پهاڪي جي معنيٰ توڙي مطلب هي آهي، جو باهه توڙي هڪڙي چڻنگ به هئي ته به ٿوري نه چئجي، ڇا کان جو وڌندي ويرم نه ڪري؛ ۽ پاڻي ته به ان طرح جو هڪڙي واهه ۾ ننڍو پاڻي هئي، تنهن ۾ ڪو بيخوف ٿي گهڙي، پر جي اُن ۾ هڪڙي کڏ هئي ته ٻڏي يا نه؟ تنهن ڪري ٻنهي کي ٿورو نه ڄاڻجي؛ ۽ ڊڄڻ گهرجي. فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    آب و آتش به چشم کم ديدن،
    کار داناءِ دوربين نه بُود پاڻي ۽ باهه اکين سان ٿورا ڏسڻ،
    ڪم ڏاهي پڇاڙي-ڳڻيندڙ جو نه هئي.

    ۱۲۲ - پاڻيءَ کان اڳي ڪپڙا نه لاهجن.
    ڪنهن واهه جو پاڻي لنگهڻو هجي، ته پاڻيءَ وٽ اچي سڀڪو ڪپڙا لاهي، پر واهه تي پهچڻ کان اڳي ڪپڙا لاهڻ اهو ڪم آهي، جهڙو حجامت جوڙائڻ واري ڏينهن حجام اڃا آيو ئي نه هجي، اڳيئي مٿو اگهاڙو ڪري پسائي ويهجي، يعني اڳ ڪٿيءَ ڳالهه لاءِ فڪر ڪرڻ سياڻپ نه آهي.

    ۱۲۳ - پيادي مان هسوار، هسوارن مان پيادا.
    دنيا جو معاملو سدائين ڪنهن سان هڪجهڙو نٿو رهي؛ هڪ سڃن مان ساوا ٻيا ساون مان سڃا ٿين. تنهن تي هي هڪڙو مثل آهي:
    بادشاهه هڪڙي ڪامل کان پڇيو؛ جو ڌڻي ڪهڙا ڪم ڪري؟ ڪامل چيس؛ جو گهوڙي تي چڙهي جهنگ ڏي هل، ته ورندي ڏيانءِ. تنهن موجب ڪامل پنڌڙيو ۽ بادشاهه گهوڙي تي چڙهيل جهنگ ۾ ويا. تڏهن بادشاهه ڪامل جي چوڻ پٽاندر گهوڙي تان لهي پنڌ ٿيو، ۽ ڪامل گهوڙي تي بادشاهه کي سوال جي ورندي ڏني، ته ڌڻي هي ڪم ڪري، جهڙو مون کي پيادي مان سوار ڪيائين، ۽ توکي سوار مان پيادو. ان تي گورو نانڪ شاهه پڻ چيو آهي:
    ريتي ڀري، ڀري سکناوي، يہ تانڪو وهنوار. ٺلها ڀري، ڀريا ٺلها اهو سندس ڌنڌو.

    ۱۲۴ - پنهنجي ڌنئري کي کٽو ڪو نه چوي.
    هن پهاڪي جي اکرن جي معنيٰ پڌري آهي؛ مگر مطلب هي آهي، جو پنهنجي وٿ جي گلا ڪو به ڪو نه ڪري. ويتر سڀڪو ساراهي، جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    تا سمند زمين در يورش است،
    کس نگويد که دوغ من ترش است، جاسين ڌرتيءَ جو گهوڙو ڊوڙندڙ آهي،
    ڪو ماڻهو نه چوي ته منهنجو ڏڌ کٽو آهي.

    ۱۲۵ - پرڻ چوي ڏونگهي کي وڃ ٽِه ٽُنگا.
    پرڻ، هڪڙو اٽي ڇاڻڻ جو باسڻ آهي، جنهن کي گهڻا ٽنگ ٿين؛ ڏونگهو مٽ مان پاڻي ڪڍڻ جي شيءِ آهي، جنهن کي ٽي ٽنگ آهن. مطلب هي آهي جو گهڻن ويڪُن وارو ٿورن وِڏُن وارن کي مهڻو ڏئي. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:
    آپ نه ديئي چُلون ڀر پاني؛
    تن نندي جن گنگا آني. پاڻ ڪنهن کي چرونءَ جيترو پاڻي به نه ڏئي؛
    تن جي گلا ڪري جن گنگا آندي.
    پر فارسيءَ وارو اهڙين ڳالهين ڳالهائڻ وارن کي منع ٿو ڪري، ۽ چوي ٿو:
    چو بد ناپسند آيدت خود مکن؛
    پس آنکه به همسايه گو بد مکن. جي بڇڙائي نه وڻيئي ته پهريائين پاڻ نه ڪر،
    پوءِ پاڙي واري کي چئو ته بڇڙائي نه ڪر.

    ۱۲۶ - پنڻ وچان پڙهڻ ياد نه آهي.
    هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، ته جنهن کي بک هوندي تنهن کي پڙهڻ يا عبادت يا ٻيو ڪم ڪٿان ياد پوندو؟ جهڙو ڪبير صاحب جو وچن آهي:
    بوُکي ڀڳت نه ڪيجي، يه وچن مالها اپني ليجي بک ۾ ڀڳت نه ٿئي، هيءَ ارٿ مالها پنهنجي وٺ
    ۽ ان تي هڪڙو نقل پڻ آيو آهي:
    هڪڙو غريب ماڻهو ڏهاڙي هڪڙي پڙهيل وٽ پڙهڻ ويندو هو؛ ۽ هڪڙو ڀاڳوان اُن غريب کي ڏهاڙي روٽي کارائيندو هو. هڪڙيءَ مهل او ڀاڳوان مسافريءَ تي ويو؛ تنهن ڪري غريب کي پيٽ ڀرڻ لاءِ پنڻو پيو، ۽ پڙهڻ جي واندڪائي نه رهيس. هڪڙي ڏهاڙي اُو پڙهيل واٽ تي مليس، ۽ پڙهڻ لاءِ نه اچڻ جو سبب پڇيائينس، تنهن تي چيائين جو پنڻ کان واندو ڪين آهيان، پڙهان ڪئن؟ مطلب جو اڻ هوند واري کي سڀ ڪم اهنجو آهي. اهڙو مذڪور نمبر ۷۰ واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي.

    ۱۲۷ - پيٽ ڀريو ته منهن ڪارو سهي.
    ڪميني ماڻهوءَ کي دولت گڏ ڪرڻ جي ڳڻتي گهڻي رهي، ۽ مان جو فڪر ٿورو به نه رکي؛ ۽ مان کان ماني پياري ڄاڻي، ۽ چوي:
    بخدمت منہ دست برپاي من،
    مرا نان ده و کفش بر سر بزن. خذمت سان منهنجي پيرن تي هٿ نه رک؛
    مون کي ماني ڏي ۽ پادر مٿي تي هڻ.
    پر اهو لڇڻ ڪميڻ جو آهي؛ ۽ اشراف کي اها ڳالهه نه وڻي؛ جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    اگر آبحيات را بر آبروءِ فروشند، دانا نخرد. جيڪڏهن انبرت آبروءَ تي وڪامي ته به سياڻو نه ڳنهي.
    ۽ اهڙو ذڪر نمبر ۱۶۱ واري پهاڪي ۾ پڻ هليو آهي.

    ۱۲۸ - پُٽ ڪُپُٽ پينگهي ۾ پڌرو.
    هن پهاڪي جي اکري ارٿ ۾ ڪي اهنجو نه آهي، جنهن جو بيان ڪجي؛ مگر مطلب سندس هي آهي، جو سلڇڻو ۽ ڪلڇڻو ماڻهو آريکڻن ۾ پڌرو. جهڙو هندي وارو چوندو آهي:
    ڪل سُپوت جانيو پري لک سڀ لڇڻ گات؛
    هون هار بروان کي هوت چِڪني پات. ذاتي سُپُتُ بُتَ جي لڇڻن ڏسڻ مان سڃاپي،
    ڀلي ٿيڻ وارو بروان * جا پن ئي سڻڀا ٿئن.
    ۽ اهڙو ذڪر نمبر ۲۹ واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي.
    * “بروان” وڻ جو نالو.

    ۱۲۹ - پاڻُ نه پلي سسئي، لوڪان متيون ڏئي.
    هي پهاڪو اهڙن ماڻهن جي نصيحت لاءِ آيو آهي، جي ٻين کي جنهن کان جهلن سو ساڳيو ڪم پاڻ ڪن. تنهن لاءِ گرو نانڪ شاهه پڻ چيو آهي:
    اوران اُپديسي اَپ نه ڪري،
    آوت جاوت جنمي مري. ٻين کي نصيحت ڪري، ۽ پاڻ اُئين نه ڪري،
    اُهو اچي وڃي ۽ ڄاپي ۽ مري.
    ۽ اهڙن لاءِ هنديءَ واري چيو آهي:
    آپ ڪهي ناهن ڪري تانڪو هي يہ هيت،
    آپُ نجاوي ساسُري اوران ڪُون مت ديت. چوي ۽ پاڻ نه ڪري تنهن جو حال هي آهي،
    جا عورت پاڻ ساهري نه وڃي، ۽ ٻين کي صلاح ڏئي.
    ۽ فارسيءَ واري پڻ اهڙن لاءِ چيو آهي:
    ترک دنيا به مردم آموزند،
    خويشتن سيم و غله اندوزند. دنيا جو ڇڏڻ ماڻهن کي سيکارين،
    پاڻ چاندي ۽ اَنُ گڏ ڪن.
    پر جڏهن اهڙي ماڻهوءَ جي هي سڀ اڻ وڻندي ٿا ڏيکارين تڏهن ديندار ماڻهوءَ کي ان هلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

    ۱۳۰ - پاڻي پي نه ذات پڇجي.
    ڪي ماڻهو هڪڙين ذاتين وارن ماڻهن جي هٿ جو پاڻي نه پين؛ پر جڏهن ڪنهن ذات واري جو پاڻي پي پوءِ ذات پڇندو، ۽ اُن ذات واري جو پاڻي پيڻو نه هوندس، ته ارمان کائيندو. پر مطلب هي آهي، جو جنهن ڪم ڪرڻ کان پوءِ ارمان کاڌي به پرائجي سو پهريائين جاچي ڇو نه ڪجي؟ تنهن تي هنديءَ واري به چيو آهي:
    جو ڪرئي سو ڪيجيي پهلي ڪر نر ڌار؛
    پاني پي گهر پوڇنا ناهن ڀلو ويچار. جيڪي ڪرڻو هئي سو پهريائين ويچار ڪري ڪجي؛ اڳ ۾ پاڻي پي پوءِ گهر پڇڻ چڱو ويچار نه آهي.

    ۱۳۱ - پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو ٿو هڻي.
    سڀڪنهن ماڻهوءَ کي بڇڙي ۽ چڱي ڪم جي ڦير جي سُڌ آهي. توڙي هڪڙو جهنگلي ماڻهو هوندو، ته به حلال ۽ حرام کائڻ جو ڦير سمجهندو، تڏهين جو ماڻهو ڄاڻي بڇڙو ڪم ڪندو، سو ڪر پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻندو. تنهن وانگي سڀڪو ڄاڻي ٿو جو دنيا دوياري آهي؛ پر جو ماڻهو ائين ڄاڻي دنيا جي لوڀ تي دين ٻوڙيندو، تنهن سان هي پهاڪو لاڳو آهي. جهڙو شيخ فريد صاحب فرمايو آهي:
    دين گوايو دُني سين، دني نه چلي ساٿ؛
    پاءِ ڪهاڙا ماريا غافل اپني هاٿ. دنيا لاءِ دين وڃايئي دنيا به ساڻ نه هلي؛
    موڳي پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيون.

    ۱۳۲ - پلاءُ رحمت الله عليہ، جي هڪيو حاضر هوءِ. ريڙهي هڻجي پيٽ ۾، مر پيٽ ڦاٽي پوءِ.
    پلاءُ هڪڙي چڱي کاڄ جو نالو آهي، جو چانورن، گوشت ۽ گهڻي گيهه، مصالح سان جڙي. مطلب جو جن کي ڌڻيءَ جو ڏنو آهي، تن کي ڏهاڙي اهڙا کاڄ کائڻ لاءِ هڪيا آهن؛ ۽ جن کي ڌڻي سنجم يعني قناعت بخشي آهي، سي پنهنجي لڄ پت جي رٻ کي پلاوَ کان پڻ واڌو ڄاڻن. مگر جي حريص وات جا چٽا آهن، تن مان ڪنهن هي پهاڪو چيو آهي، جي پرائو ان ڏسي، پيٽ به پرائو ڄاڻي ڀرن، تن کي نيٺ زيان ٿئي. پر سُگهڙ ماڻهوءَ کي اهڙي هلت نه گهرجي.

    ۱۳۳ - پرائي دهلين احمق نچي.
    پنهنجي گهر جي شاديءَ جي دهلن تي سڀڪو نچي، جو هڪڙن قومن جي ريت آهي؛ پر پرائي شاديءَ جي دهلن تي ڪنهن جو ڇا واسطو؟ جهڙو ڪي هڪڙي جي گهر ۾ پلاءُ رجهي، ته پاڙي واري توڙي ٻئي کي ڪهڙو سواد ايندو؟ ۽ تهان سواءِ جو پراوا دهل وڄندا ڏسي نچندو، سو پنهنجو ڪم سيڙائيندو. پوءِ اُن کي احمق ڄاڻبو ڪي نه؟ تنهن ڪري سياڻي کي گُهرجي جو اهڙي پهاڪي جو مهاڏو ٿي، پنهنجي ڪم ۾ رڌو رهي. اهڙو بيان نمبر ۱۳۴ ۾ پڻ آيو آهي.

    ۱۳۴ - پرائي پٽ کي چمئي، گِگ ڀرجي وات.
    پنهنجي پٽ کي چمي ڏيڻ مان، سڀڪنهن کي سواد اچي، ۽ پرائي پٽ چمڻ مان مورڳو ڪراهت. هن پهاڪي مان پڻ نمبر ۱۳۳ واري پهاڪي جهڙو مطلب نڪري ٿو.

    ۱۳۵ - پلا ڇڏي پاپي، ڪو کُٽل کڳا کائي.
    پلو مٺي درياءَ جي هڪڙي سوادي مڇي آهي، کڳو هڪڙي سادي مڇي. مطلب هي آهي جو جيڪڏهن ڌڻي گيهه مليدو کائڻ لاءِ ڏئي ته بصر سان روٽي ڪير کائي؟ ۽ جي ڪيمخاب اطلس پهرڻ لاءِ ڏئي ته کٿو ڪير ڍڪي؟

    ۱۳۶ - پاڻ نه پاري ڪتا ڌاري.
    بعضي ماڻهو ٿوريءَ پڄنديءَ وارا خرچ گهڻو ڪن. هي پهاڪو انهن لاءِ چوي ٿو، ۽ قناعت لاءِ سمجهائين ٿو. هن ريت، جو ماڻهوءَ کي پيٽ ڀرڻ ۽ انگ ڍڪڻ سڀ کان ضرور آهي، ٻيا ورتڻ جا ڪم سڀ کان پوءِ؛ پر جو ماڻهو اهڙن ضروري ڪمن کي پاسي رکي پهريائين ٻين ڪمن جي ڳڻتي ڪندو، تنهن کي هي پهاڪو لاڳو ٿيندو.

    ۱۳۷ - پَت نَهَن تي پاڻي آهي.
    پانيءَ جو ڦڙو نهن تي رکجي ۽ نهن ٿورو ئي لڏي ته هارجي پوي. تنهن وانگي پت جو ڪم پڻ نازڪ کان نازڪ آهي، جو جيڪڏهن ٿوري به منجهس حرڪت پوي، ته وري هٿ اچڻ اَولي آهي.

    ۱۳۸ - پاهڻ ڪنئرا هئا ته هوند گدڙن کائي ڇڏيا.
    پاهڻ هڪڙي ڏاڍي شيءِ آهي، تنهن کي گدڙ جهڙو گانڊو مرون ڇا کائي سگهندو؟ تنهن وانگي نڌر ماڻهو سڌر ڪم ۾ هٿ وجهندو ته ڪٿان ڪري سگهندو؟ اهڙو مثل نمبر ۱۰۶ واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي.

    ۱۳۹ - پيٽُ ڀَرِ، پٺي لَڏِ.
    هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو وهٽ کي گاه داڻو ڏيئي پيٽ ڀر، ته پٺيءَ تي بار کڻي. تنهن وانگي نوڪر يا مزدور کي پڻ قوت ڏي ته پورهيو ڪري. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    زر بده مرد سپاهي را تا سر بدهد؛
    و گرش زر ندهي سر نهد در عالم. ناڻو سپاهيءَ مڙس کي ڏي ته سِرُ ڏيئي؛
    جيڪڏهن زر نه ڏيندينس ته ڀڄي ويندو.

    ۱۴۰ - پير کان به ويساه ڀلو آهي.
    مطلب هي آهي، جو پِير گهڻو ڀلو هئي پر منجهس ويساهه رکبو ته مراد پوري ڪندو، نه ته نه. تنهنڪري ڇا سمجهڻ کپي ته ويساهه وڏو آهي يا نه؟ جهڙو فارسي مثل آهي:
    محفل خدا پرستان همچو کلبہ بزازان ست؛
    آنجا تا نقدي نه دهي، بضاعتي نَستائي؛
    اينجا تا ارادتي نياري، سعادتي نه بَري. مجلس ڪاملن جي بزازن جي گهر جهڙي آهي،
    هُت جاسين روڪڙ نه ڏين، وٿُ نه مليئي،
    هِت جاسين ويساهه نه آڻين، مراد نه وٺين.

    ۱۴۱ - پٽيندي ئي پيٽ کي ويو ڄمارو ڄٽ، هو جو مٿي کٽ سو پڻ پٽي پيٽ کي.
    ڄٽ معنيٰ جهنگلي يا غريب، هو جو مٿي کٽ يعني هو جو وهيون، پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو غريب توڙي دنيادار، ته سدائين پيٽ کي پٽيندو رهي ٿو، يعني پيٽ ڀرڻ لاءِ رُلي ٿو. اِن ڳالهه ۾ ڦير ڪو نه آهي. تنهن تي شيخ سعديءَ پڻ چيو آهي:
    اگر جور شکم نبودي، مرغي در دام نيفتادي،
    بلکه صياد خود دام نه نهادي. اگر پيٽ جو ظلم نه هجي ها، پکي ڦاهيءَ ۾ نه پوي ها،
    ويتر ماري ڦاهي نه پکيڙي ها.

    ۱۴۲ - پٽ پراڻو ته ڪو جنڊ جو نائو.
    جنڊ جو نائو، اٽو پينهي پڇاڙيءَ ۾ هڪڙي پراڻي اڳڙيءَ سان جنڊ تان اٽو اگهي لاهين، تنهن اڳڙيءَ جو نالو. معنيٰ هيءَ آهي، جو پٽ ڪهڙو به پراڻو هجي ته به جنڊ اگهڻ جي لائق نه ڄاڻبو. پر مطلب هي آهي جو هڪڙو اشراف وڏو وئل پئجي سُڃو ٿئي، ته به ان جي قدامت تي ڌيان نه رکي، ان تي نالائق ڪم رکڻ نه کپي، ڇا کان جو اڻ هوند ڪري هن جو مان اڏامي ڪين ويندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    جوهر اگر در خلاب افتد همان نفيس است؛
    غبار اگر بر آسمان پرد همان خسيس است. جواهر جيڪڏهن گپ ۾ پوي ته به نازڪ آهي؛
    لٽ جيڪڏهن اُڀ ۾ اڏامي ته به هلڪي آهي.

    ۱۴۳ - پنهنجي ٿوري، گڏهه کي به پيرين پئجي.
    گڏهه کي پيرين پوڻ جو مطلب هي آهي جو ڪنهن مهل ڪميڻي ماڻهوءَ ۾ ڪم پوي ته سياڻو ماڻهو نياز ڪري ڪڍي وٺي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    نا سزائي را چو بيني بخت يار،
    عاقلان تسليم کردند اختيار. نالائق ماڻهوءَ سان جڏهن ڏسين بخت ساٿي،
    سياڻن سلام ڪرڻ کي اختيار ڪيو آهي.

    ۱۴۴ - پرائي ماڙي ڏسي پنهنجو ڀُنگو نه ڊاهجي.
    هن پهاڪي جي معنيٰ ۾ لڪو ڪين آهي جو پڌرو ڪري ڏيکارجي. مگر مطلب سندس هي آهي، جو ڪي ماڻهو ٽرڙا، وِلها، وهين جو کاڌو ۽ پهرڻ ڏسي ريس ڪري، پاڻ به اُها هلت ڪرڻ ڀائين؛ پر دولت بنا اُها چال ڪٿان هلي؟ مورڳو جيڪو وسلو هئين، سو پڻ ٿورن ڏهاڙن ۾ چٽ ڪري وهن. اهڙن ماڻهن کي هي پهاڪو ٽوڪي ٿو، ۽ چوي ٿو جو پنهنجي سادي سودي تي شڪر ڪري گذار. تنهن لاءِ فريد صاحب پڻ چيو آهي:
    رُکا سُکا کائڪي ٺنڍا پاڻي پيءُ،
    ديک پرائي چوپڙي نا ترسائو جيءُ. رُکي سُکي روٽي کائي ٿڌو پاڻي پيءُ؛
    پرائي سڻڀي ماني ڏسي دل نه سڪاءِ.

    ۱۴۵ - پريو مڙس پَي نه ڪجي، وڃائجي نه وهي.
    پَي معنيٰ مڙس، جنهن سان زال پرڻجي. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي جو جا زال جواڻ، مڙس پوڙهي سان پرڻي؛ تنهن ڄاڻ پنهنجي وهي وڃائي؛ ڇا کان جو هن کي اُن مڙس جي سنگت کان ڏاڍي بڇان لڳندي، جهڙو فارسي مثل آهي:
    زن جوان را تير در پهلو،
    بہ که پير در پهلو. جواڻ زال کي پوڙهو مڙس بغل ۾،
    تنهن کان ڪُکِ ۾ ڪان چڱو.
    پر سندس نج مطلب هي آهي، جو نا جنس سنگت ڪنهن کي نه وڻي. جهڙو فارسيءَ واري جو چوڻ آهي:
    پارسا را بس اين قدر زندان،
    که بود هم طويلئه رندان. پرهيزگار فقير کي ايترو ئي قيد گهڻو آهي،
    جو مست فقير سان هئي گڏ.

    ۱۴۶ - پنهنجي گهر ۾ ٻلي به شينهن/ پنهنجي ڏر تي گدڙ به شينهن.
    هنن ٻنهي پهاڪن جو مطلب هي آهي جو غريب، توڙي دنيادار، نِڌرُ جي سِڌُر، ته پنهنجي گهر ۾ ڄڻ راجا آهي.
    تنهن تي هنديءَ واري پڻ چيو آهي:
    سکنانو گهر اپني، دکيا تو پرديس. سک ته پنهنجي گهر ۾، ڏک ته پرڏيهه ۾.

    ۱۴۷ - پاپ جي مايا پراڇت ۾ وڃي.
    پراڇت معنيٰ گنگهاريءَ جو ڏنڊ؛ يعني جا دولت پاپ ڪري ڪو گڏ ڪندو تنهن جي اُها دولت پاپ جي گنگهاريءَ ۾ ويندي. جهڙو هڪڙو ماڻهو دلبو ڪري ڪٿان پنج رپيا هٿ ڪري، سي ڦٻي وڃنس؛ تنهن چوس تي وري اُن طرح دولاب ڪري ٻيا پنج رپيا ڪمائي، سا ڳالهه سرڪار ۾ پڌري ٿي پوي، تنهن بدران ڏهه رپيا ڏنڊ ڀري، اڳين پوئين ڪسر ڏيئي اچي، ته هي پهاڪو مٿس لاڳو ٿئي يا نه؟ تنهنڪري گهرجي، جو ست ڌرم جي ڪمائيءَ مان حلال جي دولت هٿ آڻجي، جنهن کي اڳي پوءِ لهر نه لوڏو.

    ۱۴۸ - پلو سيري کان به ڀلو، سيري ۾ نه ساءُ، پلو گوڏا کوڙي کاءُ.
    پلو هڪڙي مڇيءَ جي چڱي ذات آهي، ماڻهو سندس سواد جي ساراه ڪندا آهن؛ سيرو هڪڙيءَ طرح جو مٺو حلوي جهڙو کاڄ آهي؛ پر پلن جا کايارا ماڻهو پلي کي سيري کان پڻ واڌو ڄاڻي هي پهاڪو چوندا آهن؛ ٻيو نرالو مطلب منجهانس ڪو نه ٿو نڪري.

    ۱۴۹ - پائجي ته وڏي ڍيران پائجي.
    يعني ڌوڙ نه پائجي، پر جي پائجي ته وڏي ڍير مان. مطلب سندس هي آهي جو ڪنهن جو ٿورو نه کڻجي؛ جي کڻجي ته وڏي لل ڀرئي جو کڻجي. تنهن لاءِ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    مدد از مردمي کريم طلب؛ خاڪ از توده کلان بردار. واهر ڏاتار ماڻهوءَ کان گهر؛ ڌوڙ وڏي ڍير مان کڻ.

    ۱۵۰ - پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڙي لک لُٽائي.
    قرض ڪنهن کان به کڻڻ چڱو نه آهي؛ پر هن پهاڪي وارو پوءِ ڍائي، يعني ڪميڻي نئين ڍاول کان اُڌاري وٺڻ جي ڏاڍي منع ٿو ڪري. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    هر چه از دُونان به منت خواستي،
    در تن افزودي، و از جان کاشتي. جيڪي ڪميڻن کان منٿ سان گهريئي،
    بت ۾ وڌايئي؛ ساهه ۾ گهٽايئي.

    ۱۵۱ - پرائي آس؛ ڪني جي لاس.
    لاس معنيٰ تيوڻ جي رسُ. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي جو پرائو آسرو اهڙو آهي، جهڙوڪي رڳيءَ رس کاڌي ڍَءُ ٿئي: يعني ڍءُ نه ٿئي. پر مطلب هي آهي، جو ڌڻيءَ ڌاران ٻئي جي آس رکڻ اهڙي آهي، جهڙي ڪُني جي رس ۾ آسرو رکڻ؛ ڇا کان، جو ديڳڙي ۾ رڌل تيوڻ جي رس لٿي کان پوءِ چِرڪي سُڪي، ۽ ڪني واري جي سِگھي. پر جيڪي پرائي آس رکن، تن لاءِ فارسيءَ واري چڱو بيت چيو آهي:
    چه دلتنگ خفت آن فرومايه دوش،
    که بر سفره ديگران داشت ڪوش. ڇا ڪوماڻل ستو اُهو اڄاڻ ڪلهه رات،
    جنهن پرائي خونچي ۾ اک رکي.

    ۱۵۲ - پَهَيرُ چور ٿئي، ته واهي ڪيترو وهي.
    پهير يا لوڙهو ٻنيءَ جي چوڌاري ڀيل کان بچاوَ لاءِ ڏيندا آهن، واهي يعني نگهبان. مطلب هي آهي، جو حاڪم رعيت لاءِ اهڙو آهي جهڙو پوک ڪاڻ پهير؛ پر جڏهن ڪو رعيت جو مَٺَ-گُهرو ٿيو؛ تڏهن رکڻ وارو ڪير ٿيندو؟ تنهن تي فارسي واري چيو آهي:
    نکند جور پيشہ سلطاني، که نايد زگرگ چوباني. ظالم بادشاهي نه ڪري؛ بگهڙ کان ڌنارپي نه ٿئي.

    ۱۵۳ - پڙهڻ، ترڻ، تير هڻڻ، چوٿين سواري، ننڍي هوندي نه سکيو، وڏي خواري.
    هي چار ڪم ننڍپڻ ۾ سکڻ سولا آهن ۽ اُن مهل جا سکيا وسرڻ جا نه آهن. وڏپڻ ۾ اهي ڪين سکي سگهجن. سياڻا چوندا آهن، جو ننڍي ٻار جي دل اهڙي آهي جهڙو ڪورو ڪاڳر. تنهن تي وڻي سو لکجي، پر جڏهن وڏو ٿيو تڏهن لکيل ڪاڳر تي لکبو؟

    ۱۵۴ - پراڻي ڳوٿري، بربلا ٽڪا.
    بربلا ٽڪا، يعني ٿلها يا ڳرا ڏوڪڙ. پراڻي ڳوٿريءَ ۾ ٿلها ڏوڪڙ پوندا ته ضرور ڦاٽندي؛ تنهن وانگي ڪميڻي ماڻهوءَ کي دولت هٿ لڳندي ته مستي ڪندو، ۽ موچڙا کائيندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    سفله چو جاه آمد سيم و زرش؛
    سيلي خواهد به ضرورت سرش. ڪميڻي کي جڏهن وڏائي ۽ دولت ملي،
    ضرور سندس مٿو ڌڪ گهري.

    ۱۵۵ - پُٽُ تي گذار ته سگهو ئي پيءُ ٿيندين.
    معنيٰ هن پهاڪي جي پڌري آهي، ۽ مطلب سندس هي آهي، جو نياز ڪري ادب سان هلندين ته سگهو وڏائي پائيندين؛ ۽ ٻيا تو اڳيان نياز ڪندا، پر جڏهن اصلي وڏائيءَ جو دم هڻندين ته ڇا پرائيندين؟ فارسي مثل آهي:
    بلنديت بايد تواضع گُزين؛
    که اين بام را نيست سُلمي جز اين. وڏائي گهرجيئي ته نياز هٿ ڪر؛
    ته اِن ماڙيءَ کي اِن ڌاران چڙهڻي نه آهي.

    ۱۵۶ - پيٽ ٻه ٻانهون چنتا ناهين.
    جنهن ماڻهوءَ کي کائڻ لاءِ هڪڙو پيٽ ۽ ڪمائڻ لاءِ ٻانهون ٻه، تنهن کي ڳڻتي ڪهڙي؟ پر مطلب هي آهي، ته ماڻهو دنيا جا سڀ ڌنڌا ڇڏي آجو رهندو، تنهن کي ڪنهن ڳالهه جو فڪر ڪو نه ٿيندو. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:
    سات گانٺ ڪوپين ۾ ته او نه آني سنڪ،
    رام عمل ماتي ڦرين گِنِھ اندرُ ڪُون رنُڪ. لانگوٽيءَ ۾ ست ڳنڍيون ته به فڪر ڪو نه ڪن.
    ڌڻيءَ جي نشي ۾ مست وتن، اِندرُ* کي ولهو سمجهن.
    * اندر – سرڳ جو راجا.

    ۱۵۷ - پنئين مڱئين گهر هلي ته کہ اُڌاري واٽ.
    بعضي آرسي ماڻهو پورهئي کان ڀڄن، ۽ چون جو پن مان گذر ٿئي ته اُڌارو پڻ نه وٺجي. هي پهاڪو اهڙن ڏي ميڇ ٿو ڏئي؛ پر لڄ واري کي ان جي ابتڙ ڪرڻ کپي. هن ريت جو حلال جي ڪمائيءَ مان پاڻ به پالي، ۽ پڄنديءَ آهر مسڪين محتاج جي به پالنا ڪري، فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    بچنگ آر، با ديگران نوش کن؛
    نه بر فضلئه ديگران کوش کن. هٿ آڻ، ۽ ٻين سان ونڊي کاءُ؛
    ٻين جي اوبر کائڻ جو سعيو نه ڪر.

    ۱۵۸ - پڙهي پاڻ نه ڄاڻي ماري کتابي.
    کتابي يعني شاگرد. سياڻا چوندا آهن جو استاد جي مار سنوار آهي، پر جڏهن استاد پاڻ پڙهيل نه هوندو تڏهن شاگرد سندس مار مان ڇا پرائيندو؟ تنهن وانگي جو درويش پاڻ ڌنيءَ جي واٽ جو سونهون نه هوندو، سو ٻئي کي ڪٿان واٽ ڏيکاريندو؟ جهڙو؛
    خفتهء را خفتهء کي کند بيدار؟ ستل کي ستل ڪٿان جاڳائيندو؟


    ڦ

    ۱۵۹ - ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ.
    هن پهاڪي مان ٻيو مطلب ڪو نه نڪري ٿو، مگر ايترو آهي، جو ٿورو ٿورو گڏ ڪبو وڃبو، ته سمي پاڻي گهڻو ٿي پوندو. جهڙوڪي پاين مان پيسا، پيسن مان رپيا، اهڙو هڪڙو مثل فارسيءَ ۾ پڻ آيو آهي:
    اندک اندک همي شود بسيار؛
    دانه دانه است غلّه در انبار. ٿورو ٿورو گهڻو ٿي پوي؛
    انبارن ۾ ان داڻو داڻو آهي.

    ۱۶۰ - ڦرندي گهرندي نامردان دي، مردان دي هي هڪ.
    گانڊن جي ڳالهه ڪڏهن قائم نه رهي، سدا ڦرندي گهرندي رهي. مردن جي ڳالهه ٿي سا ٿي، ڪڏهن ڪين ڦري، جهڙي پاهڻ تي ليڪ. اهڙو بيان نمبر ۲۶۴ واري پهاڪي ۾ پڻ هليو آهي.

    ۱۶۱ - ڦِٺ بجو ڪج، پر گيھ ذرو ڏج.
    هي پهاڪو پڻ بي لڄي ماڻهوءَ جي شان ۾ آيو آهي جنهن کي آبروءَ کان پيٽ پيارو لڳي. اهڙن لاءِ هڪڙي سنڌيءَ پڻ چيو آهي، جو “مرد گهري مانَ کي، گانڊو گُهري نان کي”. اهڙو مضمون نمبر ۱۲۷ واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي.

    ۱۶۲ - ڦَرَ کان اڳي ڄَرَ نه ڪڍجي.
    ڄر کي “اور” پڻ چئجي. جڏهن ڪا بُبَن واري مادي ويامڻ لڳي، تڏهن پهريائين ڦر ڄڻي، پوءِ ڄر ڇڏي. پر مطلب هي آهي، جو بعضي ماڻهو ڪنهن ڪم حاصل ڪرڻ لاءِ اجائي تڪڙ ڪن. جهڙو هڪڙو طبيب ڪنهن بيمار جي دوا شروع ڪري، پر اُن جي ڇٽڻ کان اڳي انعام وٺي، ته ڄاڻ ڦر کان اڳي ڄر ڪڍيائين. يا هڪڙو دلال ٻن شاهوڪارن جي وچ ۾ سودي جي ڳالهه ٻولهه ڪري، پر سودي ٺاهڻ کان اڳي دلالي گُهري، ته ڄاڻ هن پهاڪي جو مهاڳو آهي. پر ويچار وارو ماڻهو اهڙي ڳالهه نه ڪري. اهڙي ڳالهه لاءِ نمبر ۴۴۴ وارو پهاڪو پڻ آيو آهي.

    ۱۶۳ - ڦورو نه ڦولهي، شال سنئين پوي صراف کي.
    ڦورو؛ زالون سُٽُ ڪتي اوبي ڦورا ڪن تنهن جو نالو، صراف جيتوڙي ته روڪڙ جي واپاريءَ جو صفاتي نالو آهي، پر هت سُٽَ جي خريدار کي ٿو چوي. معنيٰ هي آهي، جو بعضي عورتون سٽ جا ڦورا بازار ۾ وڪڻن، هي پهاڪو اُنهن جي پاران چوي ٿو ته منهنجو سٽ چڱو آهي، يا بڇڙو، پر شال خريدار ان جي حال کي کولي نه ڏسي. مطلب هي آهي، جو ڌڻي شل هن انسان جي لڇڻن ڏي نه نهاري، پنهنجو رحم ڪري. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    من نگويم که طاعتم به پذير،
    قلم عفو بر گناهم کش. نٿو چوان عبادت منهنجي قبول ڪر،
    منهنجي پاپن تي معافي جو قلم وهاءِ.

    ۱۶۴ - ڦُلهِيرَ ۾ ٿو ڦوڪون ڏئي.
    ٽانڊي کي ڦوڪ ڏجي، ته باه ٻري، جنهن مان ڪو ڪم ڪري وٺجي. پر جيڪڏهن ڦلھير يعني رک کي ڦوڪ ڏبي، ته منجهانس ڪم ته ڪو نه سرندو، پر اُلٽو اڏامي منهن ۾ پوندي. تنهن وانگي لوٺئي ماڻهوءَ کي سيکارڻ مان ڪي ڪين پرائڻو آهي. جهڙو فارسي مثل آهي:
    هيچ صيقل * نکو نخواهد کرد،
    آهني را که بد گهر باشد. ڪو ڪڙو موچارو ڪري نه سگهندو،
    اُن لوه کي جو بڇڙي بنياد وارو هوندو.
    * ترار ملڻ جو اواز.

    ۱۶۵ - ڦاڙهو جاتي کائي، تاتي اوجهه ڏئي.
    اوجهه ڏئي يعني مري پيٽ ڦاڙائي. شڪار ڪندڙ ماڻهو ساوا گاهه يا شيون جهنگ يا ٻيلي ۾ رکي اچن، تنهن جي کائڻ تي ڦاڙها يا ٻيا مرون هرن. هو وجهه وٺي انهن کي ماري وٺن. مطلب هي آهي جو لالچ اُنھن جانورن کي اُتي آڻي ٿي مارائي. تنهن وانگي انسان کي پڻ طمع مارائيندڙ آهي. جيئن مڇيءَ کي ڳاهُ، ۽ پکيءَ کي چوڳو.


    ج

    ۱۶۶- جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي.
    چڱائي توڙي بڇڙائي، ته جو ڪندو، سو لوڙيندو. اِن لاءِ گورو نانڪ شاه جو وچن آهي:
    جيسا ٻيجي سو لڻي، ڪرما ايهو کيتُ. جهڙي پوکي تهڙي لڻي، اها ڪرمن جي پوک.
    ۽ فارسيءَ واري پڻ هڪڙو مثل چيو آهي:
    از مڪافات جهان ايمن مشوَ؛
    گندم از گندم برويد، جو ز جو. جهان جي پاڙي جهاڙي کان بي ڀَو نه ره؛
    ڪڻڪ مان ڪڻڪ ڄاپي، جَوَن مان جَوَ.

    ۱۶۷ - جنهن ساس ڏنو آهي سو گراس به ڏيندو.
    گراس يعني کائڻ جو گرهه. سچ جنهن ڌڻيءَ هن انسان کي اُپايو آهي، سو ٿر ۾، توڙي بر ۾، توڙي ڇپر ۾ قوت پهچائڻ وارو آهي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    بي مَگَس هرگز نمانہ عنکبوت،
    رزق را روزي رسان پر ميدهد. مک ڌاران ڪوريئڙو نه گذاري سگهي.
    رزق کي رزق پهچائيندڙ کنڀ ٿو ڏئي.

    ۱۶۸ - جڏهن ٻورا ٿي سبيا، تڏهن اُٺن ٿي رنو.
    يعني اُٺن ڄاتو، جو نيٺ اُهي ٻورا کين کڻڻا پوندا، تنهنڪري پهاڪي واري جو مطلب هي آهي، جو سڀڪنهن ڪم ۾ پڇاڙيءَ جي ڳڻتي ڪرڻ چڱي آهي. اهڙي ڪم لاءِ مولانا نظام الدين پڻ چيو آهي:
    آخر هر گريهءَ ما خننده ايست؛
    مرد آخر بين مبارڪ بنده ايست. اسان جي روئڻ جو اوڙڪ کلڻ آهي،
    اوڙڪ نهارڻ وارو برڪت وارو آهي.

    ۱۶۹ - جو واءُ جبل اڏائين، تنهن جي اڳيان ڪپھ ڇا آهي؟
    هن پهاڪي جي اکري معنيٰ پڌري آهي، پر مطلب سندس هي آهي، ته جنهن ڏاڍي کان سڀرو پڻ ڊڄي، تنهن جي اڳيان اڀرو ڇا ڏاڙهي آهي. اهڙي ڳالهه لاءِ گسائينءَ تلسي داس پڻ چيو آهي:
    جنهن مارت گِرمير اُڏاهين،
    ڪهو تول ڪنهن ليکي ماهين؟ جو واءُ جبل اڏائين،
    تنهن جي اڳيان ڪپھ ڇا آهي؟

    ۱۷۰ - جيڪي هوندو ڀاڳ ۾، سو وهي پوندو پاڳ ۾.
    هن ملڪ جا واپاري گهڻو ڪري پڳڙيون وڏيون ٻڌن، تن کي هلندي ڪو رپيو پيسو اوڌر سوڌر مان پڙ پي ته پڳ ۾ وجهن. پهاڪي جو مطلب هي آهي، ته جيڪي نصيب ۾ لکيل هوندو اوترو ئي ملندو، جهڙو نمبر ۹۹ واري پهاڪي ۾ ذڪر هليو آهي.

    ۱۷۱ - جهڙا عاشق عيد ۾، تهڙا منجهه مقام.
    عيد هڪڙو خوشيءَ جو ڏهاڙو ۽ مقام ۾ وڃڻ، موت وارو ڏهاڙو آهي؛ پر جيڪي ڌڻيءَ جا نيهي آهن، تن کي اُهي ٻئي ڏهاڙا هڪجهڙا ڏسڻ ۾ اچن. ڇاڪاڻ جو اُنهن کي دنيا جو سک توڙي ڏک، ۽ سون توڙي مٽي، چاندي توڙي ڀتر سَرکا ڄاڻڻ ۾ اچن. اهڙن ڪاڻ گرو نانڪ صاحب جو وچن آهي:
    تَسيا سو ورنُ تَيسي اُس ماٽي،
    تَسيا انبرت، تَيسي بِکُ کاٽي. اُن کي جهڙو سون تهڙي مٽي،
    جهڙو انبرت پيڻ، تهڙو وه کائڻ.

    ۱۷۲ - جنهن ڪاڻ اڳي هلي بيهجي، تنهن سان گڏيو ڇو نه وڃجي.
    هي پهاڪو پڻ پڇاڙيءَ ڳڻڻ جو سعيو ٿو ڪري، جيئن ته عمر ۽ زيد گڏجي پنڌ پون، ۽ ڪي ناڻو ٻنهي جي ڀائيواريءَ جو عمر جي بيٺ ۾ ٻڌل هجي ۽ زيد تڪڙو پنڌ ڪري ڪوه کن عمر کان اڳي وڌي وڃي، اتي عمر جي ڀڄي يا لڪي وڃڻ جي ڳڻتي اچيس، ۽ ان جي اچڻ لاءِ سيڙي بيهي، ته ان جو سيڙاپو ۽ تڪڙو پنڌ اجايو ويو ڪي نه؟ تيئن پهاڪي وارو چوي ٿو، جو جنهن ڪم مان نيٺ پڇتاءُ جو ڊپ هئي، سو پهريائين سمجهي ڇو نه ڪجي؟ تنهن لاءِ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    چرا عاقل کند کاري که باز آيد پشيماني؟ ڇو سياڻو اُهو ڪم ڪري، جنهن مان نيٺ پڇتائي؟

    ۱۷۳ - جنهن جي ويلا تنهن جي رکيا.
    ويلا ۽ رکيا هي ٻئي اکر هندن جي اصطلاح جا آهن. يعني جنهن جو وقت تنهن جي پناهه. جهڙوڪ جنهن جي سلطنت تنهن جي شرع، يا جنهن جو راڄ تنهن جو رگليشن. جهڙيءَ ريت مير صاحبن جي راڄ ۾ چورن لاءِ ڦاهو انگ ڀنگ هو؛ هاڻي ان جي منع آهي. پر مطلب هي آهي جو سياڻي ماڻهوءَ کي گهرجي، جو جهڙو سلطنت جو رواج ڏسي، اُهڙي چلت رکي.

    ۱۷۴ - جنهين سندي مَنَهين، تنهين جو آچار.
    مَنَهين يعني اوتارو يا اوطاق، جنهن ۾ ڳوٺ جو وڏيرو وهي، ۽ وٽس ڪچهري لڳي، آچار ويچار نبري. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، جو جنهن جي اوتاري ۾ ڪو آچار نبرندو، سو ان جي ئي مرضيءَ سان نبرندو. پر سندس نج مطلب ساڳيو نمبر ۱۷۳ واري پهاڪي جهڙو آهي.

    ۱۷۵ - جاڏي وڃي واگهو، تاڏي پاڻي تانگهو.
    واگهو پاڻيءَ ۾ رهڻ وارو وڏو جانور آهي، جو تانگي پاڻيءَ ۾ ڏکيو گذاري. ۽ پهاڪي جي مطلب ڏيکارڻ لاءِ هڪڙو مثال لکان ٿو:
    هڪڙو ماڻهو اُڃايل، ڏوري ۽ لوٽو کڻي پاڻيءَ ڀرڻ لاءِ کوهه تي ويو، ته کوهه ۾ پاڻي سُڪي ويو هو؛ تڏهن ٻئي کوهه تي تنهن ۾ پاڻي هو، پر ڏوري ننڍي ٿي پيئي، ۽ پاڻيءَ کي نه پهتي؛ تڏهن بيوس ٿي ٽئين کوهه تي وڃي لوٽو گهيڙيائين ته ڏوري هٿ مان کسڪي ويس، پاڻيءَ بدران لوٽو کوهه ۾ ڪِري پيس. تڏهن کان هي پهاڪو پڙهيائين؛ پر هن پهاڪي جو خاص مطلب هي آهي جو نڀاڳو ماڻهو جاتي ويندو، تاتي سک ڪين لهندو.

    ۱۷۶ - جُڙيءَ کي جَسُ.
    جس يعني شاباس. مطلب هي آهي، جو جيڪو ڌڻيءَ جي پاران جُڙي اچي تنهن کي شاباس چئو، يعني شڪر ڪري کاءُ، جهڙو سنسڪرت واري چيو آهي:
    يٿا لاڀُ سنتشٽُ. جيڪي ملي تنهن تي خوش.
    ۽ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    بخور هرچه آيد ز دستِ حبيب،
    نه بيمار دانا تر است از طبيب. جيڪي سڄڻ هٿان ملي سو کاءُ،
    طبيب کان بيمار سياڻو نه آهي.
    اِن لاءِ هنديءَ واري پڻ چيو آهي.
    آئي ڪون روچي جان،
    گئي ڪون بلا. جيڪي اچي تنهن کي رزق ڄاڻ،
    جيڪي وڃي تنهن کي بلا.

    ۱۷۷ - جنهين جي هيڪار، ڪيائين ڪوڙي ٿي، تنهين تي ٻيهار، سچيءَ ساک نه وسهان.
    جو ماڻهو هيڪر ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ پڌرو ٿيندو، تنهن تي وري ڪير وسهندو؟ جهڙو هڪڙو انگريزي ڪتاب جو نقل ٻڌو اٿم:
    هڪڙي ڳنوار ڇوڪر جهنگ ۾ دانهن ڪري چيو: شينهن ڙي شينهن! تنهن تي پاسي اوسي وارا هاري ناري ڊوڙي آيا، تڏهن چيائين ته؛ ڪوڙ ٿي ڪيم. اوچتو هڪڙي ڏهاڙي سچ شينهن اچي ڌڻ ۾ پيس، تڏهن دانهون ڪري ٿڪو، پر ماڻهن اڳي وانگي ڪوڙ سمجهيو ۽ ڪو نه آيا، پوءِ ڍور گهڻا شينهن ماري ڇڏيا. مطلب جو ڪوڙ ڳالهائيندڙ ماڻهو بي اعتبار رهندو.

    ۱۷۸ - جيڪي لکيو منجهه ازل، تنهن کي ڪير وجهي جهل.
    هن پهاڪي جي معنيٰ توڙي مطلب کي سڀڪو ڄاڻي ٿو، تنهنڪري گهڻو بيان ڪرڻ ضرور نه آهي، مگر ايترو بس آهي جو فارسيءَ وارو چوي ٿو:
    گر رود بر نگردد سر نوشت. جيڪڏهن مٿو وڃي ته به نصيب نه ڦري.

    ۱۷۹ - جنهن جي واٽ نه وڃجي، تنهن جو پنڌ به نه پڇجي.
    يعني جنهن ڪم ۾ پنهنجو پروجن نه هجي، تنهن جي ڳالهه ڪرڻ، يا ان ۾ هٿ گڏڻ پنهنجي مطلب واري ڪم ۾ سيڙاپو وجهڻ آهي. ان لاءِ هنديءَ واري به چيو آهي:
    بنا پروجن ڀول هُون ٺٽئي ناه ٺاٽُ؛
    جانو نهين جا نگر ۾ تانڪي پوڇ نه باٽِ. مطلب ڌاران ڀلجي به ڪا رٿ نه رٿجي؛
    جنهن شهر ۾ وڃڻو نه هئي تنهن جي واٽ نه پڇ.

    ۱۸۰ - جاسين ڍائو مٿو کنهي، تاسين بکئي جو مٿو وڃي.
    مٿو وڃي يعني مري، هن پهاڪي جي ورجائڻ لاءِ هڪڙو مثل لکان ٿو: جهڙوڪ، هڪڙي ماڻهوءَ کي اوچتي اهڙي ڏوار ٿئي جو ڇڙڇوٽ دوا ٿيڻ ڌاران مرڻ جو ڊپ هئيس. ۽ طبيب ڏي ماڻهو وڃي سو بي پروائيءَ کان اچڻ ۾ ويرم لائي يا اهڙي دوا چوي جا ڏهن ويهن ڪوهن پنڌ کان اوري نه لڀي، ته اُن بيمار جو حال هن پهاڪي جي مضمون وانگي ٿئي. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    تا ترياق از عراق آورده شود،
    مارِ گزيده مرده شود. جاسين ترياق عراق مان آڻجي،
    تاسين نانگ ڏنگيل مري.

    ۱۸۱ - جاسين للو لٺ کڻي، تاسين ڪره وساڻي.
    للو مثلاً هڪڙي جو نالو، ڪره يعني جهيڙو. هن پهاڪي جي نرواري لاءِ مثل ٿو لکان:
    للي جي ڀاءُ سان هڪڙي ماڻهوءَ جهيڙو ڪيو، اها ڳالهه ٻڌي للو اُٿيو ۽ ڀاءُ جي واهر لاءِ لٺ کڻي هليو؛ پر آرس مرندي لٺ ڳولڻ ۾ ايتري ويرم لڳس، جيتري ۾ هو شخص ڀاڻس کي مار ڏيئي ويندو رهيو. پر مطلب هي آهي، جو هي پهاڪو آرسي ماڻهوءَ تي ٽوڪ ٿو ڪري. تنهن تي هي نقل ياد آيو اٿم.
    هڪڙو شخص پٽ ساڻ ڪيو وات وٺيو ٿي ويو. هڪڙي هنڌ مقام جي ڀر ۾ وڻراه ۽ ٿڌي ڇانوَ ڏٺائين، سا وڻيس. پٽ کي چيائين؛ جو جڏهن آءٌ مران، تڏهن منهنجو ميٿ هن ٿڌڪار ۾ پورج. ٿورن ڏهاڙن کان پوءِ اهو پٽس وري اُتاهون لنگهيو، ۽ اُن هنڌ ٻيو ميٿ پوربو ڏٺائين. اها ڳالهه ۽ پڻس وارو چوڻ پنهنجي ماءُ کي ٻڌايائين، تنهن چيس؛ اڙي ابا! مُٺا ئي پڻهين جي آرس آهيون، جو قبر به ٻياري واري ويس: ڏسو جڏهن زال کي پنهنجي مڙس جو آرس نٿو وڻي، تڏهن ٻئي کي ڪٿان وڻندو.

    ۱۸۲ - جن جي پليءَ ۾ داڻا، سي چريا ئي سياڻا.
    پِلِي اَن رکڻ جي جاءِ ٽوئن ۽ پَڃرن سان ننڍن ڳوٺن ۾ جوڙيندا آهن تنهن جو نالو، داڻا يعني اَن. هن پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، جو جنهن جي گهر ۾ کائڻ لاءِ اَن موجود آهي سو چريو، ته به سياڻو ليکجي؛ ۽ مطلب هي آهي جو دولت وارو ماڻهو جهڙو جي تهڙو ته وڏو ماڻهو ڳڻبو. اهو مطلب نمبر ۸ واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي.

    ۱۸۳ - جوا جي هارڻ واري جو اڌ منهن ڪارو، ۽ کٽڻ واري جو سڄو منهن ڪارو.
    جوا هڪڙو بڇڙو ڪم آهي، تنهن لاءِ پهاڪي واري جو خيال هي آهي، جو جيڪو جوا ۾ هاريندو، سو ڊپ جو ماريو جوا خاني ۾ وري ٿورو ويندو؛ تنهن ڪري ٿوري لعنت ٿو وجهيس ۽ جيڪو کٽندو سو وري وري کيڏندو، تنهنڪري سڄي لعنت ٿو ڪريس. پر ان ۾ منهنجو رايو هي آهي، ته جڏهن جوا ڪيائين، پوءِ هاري توڙي کٽي، ته ڪارو مُنهنُس، نيرا پيرس: جهڙوڪ ٻه خوني هئن، تن مان هڪڙي کي ڇانوَ ۾ ڦاهي چاڙهن، ٻئي کي اُس ۾، پوءِ ڪهڙي کي چڱو مڙس ڄاڻبو؟ پر اڃان پهاڪي واري کان هڪڙي ڳالهه وسري آهي، جو جڏهن جوا جي کٽڻ ۽ هارڻ واري جو حال اهو، تڏهن جوا خاني جوڙڻ ۽ نال اُڳاڙڻ واري جو ڪهڙو حال؟ تنهن لاءِ چوڻ گهربو هوس، ته ان جي مائٽن جو پڻ منهن ڪارو! اهڙي ڳالهه پهاڪي نمبر ۱۹۵ ۾ پڻ هلي آهي.

    ۱۸۴ - جيڏي رات، تيڏو سپنو.
    سڀڪنهن ڪم ۾ جُڳائيندي ويرم لائڻ پوري ڳالهه آهي، پر جڏهن ڪنهن کي اَٺن پهرن ۾ هڪڙو ڀيرو کاڄ کائڻو هئي، ۽ اهي اٺ ئي پهر کاڄ جوڙڻ تي لائي، ته پوءِ ٻيا ڌنڌا ڪڏهن ڪندو؟ اهڙن کي ٿوري ويرم ٿيڻ لاءِ هي پهاڪو سمجهائي ٿو.

    ۱۸۵ - جاڏي پوي جهار، تاڏي ڳوڙهو نه هڻي.
    هارين جي ريت آهي جو پوک ۾ جاتي جهار يعني پکي ويٺا ڏسن، اوڏانهن ڳوڙهو يعني گُليلو هڻي جهار اُٿارين؛ پر جي هاري اُن جي اُبتڙ جاڏي جهار هئي، اوڏاهين جو فڪر نه رکي، ٻئي پاسي ڳوڙهو هڻن، تن جي لاءِ هي پهاڪو آهي، جهڙو هڪڙي کي پير ۾ ڪرهن ٿئي، تنهن لاءِ ڪياڙي کنهي، تنهن کي ڇا چئبو؟ ان لاءِ هڪڙو مثل آيو آهي:
    هڪڙي شخص کي واٽ تي چورن ڦري رڳيءَ ڪانچ ۾ ڇڏيو؛ سو جڏهن ڳوٺ جي ٻاهران آيو، تڏهن مٿي اُگهاڙو ڳوٺ ۾ اچڻ مناسب نه ڄاڻي ڪانچ لاهي مٿي تي ٻڌائين. اهڙو ڀوڪ، جو سڄي اُگهاڙي ٿيڻ کان پڻ مٿي اگهاڙي ٿيڻ جو فڪر واڌو رکي، سو هن پهاڪي جو مهاڳو آهي يا نه، پر مطلب هي آهي جو جڳائيندي ۽ اڻ جڳائيندي ڪم ۾ ڦير رکڻ سياڻپ آهي.

    ۱۸۶ - جنهن کي ساهه کنئين ڪل ڪا نه پوي، تنهن کي سور ڪيهو سلجي؟ جو سنڌي سمجهي ڪين ڪي، تنهن سان هندي ڇو هلجي؟
    هي پهاڪو سڄاڻ ماڻهوءَ ڌاران ٻئي سان حال ڳرهڻ جي منع ٿو ڪري؛ ڇاڪاڻ جو رمز-دان ماڻهو اهڙو آهي جهڙو نبض سڃاڻندڙ طبيب. جئن طبيب رڳو نبض ڏسي مرض سڃاڻي دوا ڪري، تئن رمز-دان ماڻهو پڻ رمز مان حال سمجهي علاج ڪري.

    ۱۸۷ - جنهن جو ڪم اُهو ڪري، ٻيو ڪري ته گهاٽو ڀري.
    هي پهاڪو پڌرو چوي ٿو، ته جنهن جو ڪيل يعني آزمايل ڪم هوندو، سو ڪندو، ته پورو اُتاريندو، ۽ ٻيو يعني اڻ آزمايل ڪندو، ته بگاڙيندو، يا پاڻ کي زيان پهچائيندو؛ جهڙو سوناري جو ڪم واڍو ڪري، يا واڍي جو ڪم ڪنڀار ڪري.

    ۱۸۸ - جر نئيس، پر جيڏي نه نئيس.
    هي پهاڪو اصل کان هن طرح آيو آهي، جو هڪڙي عورت دريا جي ڀر تان هڪڙو مڇيءَ جو ڏنڀرو لڌو. اوچتو پريان ٻي عورت اچي سهڙي، تنهن اُن ڪرڙي تي پنهنجي دعوا ڪئي؛ تڏهن ان عورت اُهو ڏنڀرو دريا ۾ اُڇلائي هي پهاڪو چيو. پر مطلب هي آهي، جو هي پهاڪو رڳو تڪرار وارن جي چوڻ جو آهي، جي ٻڏو سهن، ڏنو نه سهسائن.

    ۱۸۹ - جي پوندا سوڙهين، تن لڳندا سيلهه.
    سيلهه يعني ڪنڊا، پهاڪي جي اکرن جي معنيٰ هي آهي ته جو سوڙهيءَ واٽ گهڙندو، تنهن کي ڪنڊا به لڳندا؛ پر مطلب هي آهي، جو جيڪي سفر ڪندا، ڏاکڙا ڏسندا؛ يا جي ڌنڌا ڪندا، سي ڪنهن مهل گهاٽا به ڀريندا، پر سياڻي کي ان ڏاکڙن ۽ گهاٽن کان ڊڄڻ نه گهرجي، سو ڪو ته جاسين ڏک نه ڏسندو تاسين سک ڪٿان پائيندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    تا رنج نخوري گنج بر نداري؛
    تا جان در خطر نه نهي بر دشمن ظفر نيابي. جاسين ڏک نه پائيندين تاسين خزانو نه ملندءِ؛
    جاسين ساه ڊپ ۾ نه وجهندين تاسين دشمن کي نه جيتيندين.

    ۱۹۰ - جاتي وڻ ناهي، تاتي ڪانڊيرو به درخت.
    هن پهاڪي جي اکري معنيٰ پڌري آهي، ۽ مطلب هي آهي، جو دولتمند کي جا دولت ٿوري ڏسڻ ۾ اچي، اڻ هوند واري کي اُها ٿوري پڻ گهڻي ڏيکاري ڏئي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    هر که را دستگاه قدرت نيست،
    شلغم پخته مرغ بِريسان ست. جنهن کي طاقت ۽ هوند نه آهي،
    تنهن کي گوگڙو پڪل ڄاڻ ته پکي ڀڳل آهي.
    ۱۹۱ - جَو ڍيري، گڏهه رکوال.
    جوَ گڏهه جي خوراڪ آهن، سو جڏهن گڏهه جوَن جو رکوال ٿيندو، تڏهن کائڻ ڌاران ڪاٿي رهندو. تنهن وانگي امانت جهڙو ڪم جو خيانت واري ماڻهوءَ جي حوالي رهندو، تنهن ڪم ۾ سلامت رهڻ جو ڪهڙو ڀروسو؟ تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:
    ملحد گرسنہ، در خانه خالي پر خوان،
    عقل باور نکند کز رمضان انديشد. بيدين بکيو، کاڄ ڀريل سڄي گهر ۾،
    عقل نه وسهي ته ڪي رمضان کان ڊڄندو.

    ۱۹۲ - جيڪي ڏسي ڄار، سو جي ڏسي ميو ته ڦاٽي مري.
    ميو يعني مڇيءَ مارڻ وارو، يعني ڄار پاڻيءَ ۾ پوي ۽ مڇيون گهڻيون ڏسي، پر تن مان ٿوريون ڦاسن، سي مهاڻو ڏسي؛ ۽ سڀ مڇيون ڪين ڏسي، پر جي ڏسي ته جيڪر حرص کان چريو ٿي پوي. مطلب هي آهي، جو ٿوريءَ گجيءَ وارو ماڻهو جيڪڏهن ڪو گهڻو مال ڏسي، ته سانڍي نه سگهي، يا ڪا وڏي ڳالهه ٻڌي ته دل ۾ رکي نه سگهي؛ سو ڪو ته ٿوريءَ گجيءَ وارو ماڻهو اهڙو آهي، جهڙو ننڍو باسڻ؛ جي ننڍي باسڻ ۾ گهڻو پاڻي وجهبو، ته جائي هاربو. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:
    ڇوٽي نر ڪي پيٽ ۾ رهي نه موٽي بات؛
    اڌ سير ڪي پاتِر ۾ ڪيسي سير سمات؟ ننڍي ماڻهوءَ جي پيٽ ۾ وڏي ڳالهه نه ماپي؛
    اڌ سير جي باسڻ ۾ ڪٿي سير ماپندو؟

    ۱۹۳ - جاتي پاڻي، تاتي پاڻ.
    پهاڪي جي معنيٰ هي آهي، جو جتي پاڻي آهي، تتي ڪر ڌڻي پاڻ آهي. مطلب جو جنهن ڌرتيءَ تي پاڻي آهي، تنهن تي وسندي آهي؛ پاڻي بنا سڃ آهي. ان لاءِ هڪڙو نقل آيو آهي:
    هڪڙي بادشاهه پنهنجي ٻن اميرن تي ڌار ڌار تڪليف رکي، ته سڀني شين جو ٻج آڻي ڏيو. تنهن موجب هڪڙو شين جي ٻج ڳولڻ لاءِ وتيو ملڪ گهمندو؛ ايتري ۾ ٻئي پاڻيءَ جو ڪٽورو ڀري اڳيانس رکيو، يعني ڄاتائين ته پاڻي سڀ جو ٻج آهي؛ تنهن جي عقل کي بادشاهه پسند ڪيو. حاصل ڳالهه جو هي، ته پهاڪي وارو پاڻيءَ کي ساراهي ٿو، جو سڄيءَ دنيا جو جيئاپو پاڻيءَ تي آهي.

    ۱۹۴ - جيڪا ڌاريان ٻڪري، تنهن لمندا ڪن.
    لمندا ڪن يعني ڊگها ڪن. جيتوري ڊگها ڪن ٻڪري کي وڏي ويڪ نه آهي، پر هڪڙو ٿورو اُهڃاڻ وِڏَ جو ڏيکاري ٿو. پر مطلب هي آهي، جو هڪڙو نوڪر رکجي، تنهن کي ننڊ جي عادت گهڻي هئي ۽ اُن جي بدران ٻيو رکجي، پر اُن جو حال پڻ اهڙو ئي هئي، ته اُهي نوڪر هن پهاڪي جا مخاطب ڄاڻجن.

    ۱۹۵ - جواريءَ ميٺي هار.
    پهاڪي وارو چوي ٿو، جو جواري جئن هاريندو، تيئن راند مٺي لڳنديس، ۽ وري وري کٽڻ جي لالچ تي کيڏندو. پر يقين آهي جو کٽندو ته به ڪارو مُنهنُس، جي هاريندو ته به مُنهنُس ڪارو. جهڙو نمبر ۱۸۳ واري پهاڪي ۾ لکيو آهي.

    ۱۹۶ - جاتي کير تاتي کنڊ، جاتي جهڻ تاتي لوڻ.
    معنيٰ پهاڪي جي هيءَ آهي، جو جن وٽ کير اُچي شيءِ کائڻ لاءِ آهي، تن کي مٺاڻ پڻ عمدي وٿ گڏڻ لاءِ ملي ٿي؛ ۽ جن کي جهڻ سادي وکري آهي، تن وٽ اُن ۾ وجهڻ لاءِ لوڻ به مس ٿو لڀي. پر مطلب هي آهي، جو پهاڪي وارو ڌڻيءَ جي وڏائي ۽ بي پروائي ٿو ڏيکاري، جو هڪڙن وٽ دولت به گهڻي ۽ اولاد به صالح، هڪڙا ولها، تن جو اولاد نٻالو. تنهن تي بجيدي ساڌ چيو آهي:
    اڪنا دي گهر پُٽَ پُٽَان دي پوتي،
    اڪنان دي گهر نُهان نُهان دي دوتِي،
    اڪنان دي گهر اڪ سو بي جاءِ مَر،
    بجيدا ڪون آکِي صاحب نون يون نان يون ڪر. هڪڙن جي گهر ۾ پُٽ پُٽن جا پوٽا؛
    هڪڙن جي گهر نُهَرُ نُهُرن جا ڏوهٽا؛
    هڪڙن جي گهر ۾ هڪڙو پٽ اوهو به مري،
    ڪير چوي ڌڻيءَ کي هئن نه هئن ڪر؟

    ۱۹۷ - جڏهن ڏند هئا تڏهن حلوو نه هو. جڏهن حلوو آهي، تڏهن ڏند نه آهن.
    حلوو جيتوڙي ڪُنئري شيءِ آهي، ڏندن بنا پڻ کائي سگهجي پر چٻڻ ڌاران ڪا به شيءِ ساءُ نه ڏئي. مطلب پهاڪي جو هي آهي، جو جڏهن جواني هئي ۽ محنت ٿي سگهي ٿي، تڏهن موت ياد نه هو، ۽ ڌڻيءَ جي عبادت ڪري نه سگهيو، ۽ ڌنڌن ۾ وهاڻي؛ هاڻي جڏهن موت اکين سان ڏسجي ٿو، تڏهن جواني ناهي جو محنت ڪري سگهجي، تنهن جو ارمان ٿو ڪري. تنهن لاءِ سائين لوڪ چيو آهي:
    پنچ پهر ڌنڌي گئي، تين گواهي سوءِ،
    ايڪ گهڙي هر نا ڀڄو، ڪُسل ڪهان تي هوءِ؟ پنج پهر ڌنڌي ۾ ويا، ٽي پهر ننڊ ۾ وڃايئي،
    هڪڙي گهڙي به ڌڻي ياد نه ڪيئي، خيرُ ڪٿان ٿيندُءِ؟

    ۱۹۸ - جبل سان مٿو هنئين نيٺ مٿو ڀڄي.
    مطلب هي آهي، ته جو پاڻان ڏاڍي سان وڙهندو، تنهن ڪر جبل سان مٿو هنيو، سو پنهنجو مٿو ڀڃائيندو. جهڙو فارسيءَ واري جو چوڻ آهي:
    زود بيني شکسته پيشاني،
    تو که بازي بسر کني با قوچ. سگهو پنهنجو نرڙ ڀڳل ڏسندين،
    تون جو دُنبي سان ٽڪري راند ڪندين.

    ۱۹۹ - جڳ مڙيوئي جوا بازي، ڪن کٽي، ڪن هاري.
    هن پهاڪي جي معنيٰ ۽ مطلب هڪڙو آهي. جو هي دنيا جوا بازي آهي؛ تنهن ۾ جن چڱا ڪم ڪيا ۽ ڌڻيءَ کي ياد ڪيو، تن کٽيو، ۽ جن بڇڙا ڪم ڪيا ۽ ڌڻي وساريو، تن هاريو.

    ۲۰۰ - جي وسي چيٽ، ته ان نه ماپي کيٽ.
    چيٽ يعني چيٽ جو فصل، کيٽ يعني پوک. هي پهاڪو سنڌ ملڪ جو اصطلاحي آهي؛ هن طرح، جو چيٽ جي پوک گهڻو ڪري بوسي ٿيندي آهي، جنهن کي واهه جو پاڻي نه رسي. تنهن تي جيڪڏهن مينهن وسي ته اَن گهڻو ڪري.

    ۲۰۱ - جنڊ به وار، بٺ به وار.
    اکرن جي معنيٰ هي آهي، جو جيڪڏهن گهڻيون زالون هڪڙي جنڊ تي اٽو پيهڻ وينديون هيون، ته جيڪا اڳي ويندي، سا اڳي پيهندي، جيڪا پوءِ ويندي سا پوءِ. تنهن وانگر بٺ تي ڦُلا ڀُڃائڻ واري تي اڳين اڳي، پوئين پوءِ ڀُڃائي. پر مطلب هي آهي، جو دنيا مان وهيون، توڙي وِلهو، سڀڪو ڏينهن پُني هليو ويندو. تنهن تي خواجه حافظ چيو آهي:
    دَورِ مجنون گذشت، و نوبت ماست،
    هر کسي پنج روزه نوبت اوست. مجنونءَ جو وارو لنگهيو، اسان جو وارو آهي،
    سڀ ڪنهن کي پنجن ڏهاڙن جو وارو آهي.

    ۲۰۲ - جيئرو ته ڪک جو، مئو ته لک جو.
    هي پهاڪو عام ماڻهو ائين چوندا آهن. هن مطلب تي، جو هڪڙي ماڻهوءَ ڪنهن کان گهوڙو اڌارو ورتو، جو ٿوري ملهه وارو هو؛ پر قضا سان مري پيو. تڏهن مٿس مالڪ جي دعوا گهڻي ناڻي جي ٿي هلندي. ڇا کان جو جيئرو نه آهي. جنهن کي ڏسي ڪو ملهه ڪٿيندو. پر چڱو سو هن طرح آهي:
    جيئرو ته لک جو مئو ته ڪک جو.
    يعني هي ماڻهو جاسين جيئرو آهي، تاسين هزار توڙي لک ڪمائي وٺي، ۽ مئي کان پوءِ ڪک جو مان پڻ نه اٿس.

    ۲۰۳ - جي نه وڃجي پاڻ، ته نينهن نياپي نه ٿئي.
    نينهن يعني عشق، معنيٰ پهاڪي جي هيءَ آهي، جو پاڻ وڃڻ ڌاران نياپن سان عشق نٿو ٿئي پر، مطلب هيءُ آهي ته جو رڳي زبان سان چوندو، ته ڌڻيءَ کي ياد ڪريان ٿو، يا ڪندس ته ڇا پرائيندو، جاسين دل لائي نه ڪندو. جهڙو گورو نانڪ شاهه جو وچن آهي:
    مُکون هر هر سڀڪو ڪهي، ورلي هردي وسايا،
    نانڪ جنڪي هردي وسيا، موک مُڪت تن پايا. وات سان ڌڻيءَ جو نالو سڀڪو چوي، پر دل ۾ ڪو ورلي وهاري. گرو ٿو چوي جن جي دل ۾ وسيو، سي ڇٽي ويا.

    ۲۰۴ - جي هيئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو، جي نه هيئي ناڻو ته وت ويڳاڻو.
    هن پهاڪي وارو رڳو لاڙڪاڻي شهر جو نالو وٺي چوي ٿو، جو ناڻي بنا منجهس ويڳاڻو يعني وائڙو ٿيندين. پر مطلب هي آهي، جو دولت وارو جاتي ڪاٿي مان مُهُت پائيندو، ۽ دولت ڌاران گهر ۾ ويڳاڻو آهي. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    آنرا که بر مُراد جهان نيست دسترس،
    در زاد بوم خويش غريب است ناشناس. جنهن کي جهان جي مراد تي پڄندي نه آهي،
    پنهنجي وطن ۾ پڻ مسافر اڻ سڃاتل آهي.

    ۲۰۵ - جي جڏهن ڀڳا، سي تڏهن ڇٽا.
    هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو بڇڙن ڪمن کي جڏهن بڇڙو ڄاڻي ڪو ڇڏيندو، تڏهن ڇٽل ڄاڻبو، جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    کسي گر چه بد ڪره هم بد نه کرد،
    چو سر را بزانوءِ توبہ بُبرد. جنهن شخص بڇڙي ڪي تنهن به ڄاڻ بڇڙي نه ڪي،
    جو مٿي کي توبہ جي مونن تي رکيائين.

    ۲۰۶ - جھڙي ڀت، تهڙو چِٽُ.
    جي ڀت لسي آهي، ته مٿس چٽ به چڱو ٿيندو، نه ته نه. تنهن وانگي جي اِرادو چڱو هوندو. ته ڦل به چڱو ملندو.
    جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    ارادت نياري سعادت مجوءِ،
    بچوگان خذمت توان برد گوءِ. ويساه نه آڻين ته سڀاڳائي نه ڳول؛
    خذمت جي ڏڪر سان مطلب جي اِٽي کڄي سگهي.

    ۲۰۷ - جھڙي نيت، تهڙي مراد.
    نيت چڱي هوندي، ته مراد پرائبي. اهڙو فارسي پهاڪو پڻ آيو آهي:
    نيت خاص، مراد حاصل. چڱي نيت سان مطلب پرائبو.
    اهڙي وارداني نمبر ۲۰۶ واري پهاڪي ۾ پڻ هلي آهي:

    ۲۰۸ - جيڪي کوهه ۾ هوندو، سو آهَه ۾ پوندو.
    آهه، کوهه جي ڀرسان ڍورن جي پاڻي پيڻ لاءِ جوڙيندا آهن. معنيٰ پهاڪي جي هيءَ آهي. جو کوهه ۾ پاڻي مٺو هوندو توڙي کارو، ته اهو آهه ۾ پوندو. تهڙيءَ ريت جي ڪم چڱا ڪبا، توڙي بڇڙا، ته اهڙو ڦل اڳيان ملندو. جهڙو فارسيءَ وارو چوي ٿو:
    کسي دانهءِ نيکمردي نه کاشت،
    کزو خرمنِ عافيت بر نداشت،
    نه هرگز شنيديم در عمرِ خويش،
    که بد مرد را نيکي آمد به پيش. ڪنهن چڱمڙسيءَ جو ٻج نه پوکيو،
    جو ان مان ڀلائيءَ جو ڦر نه کنيائين.
    پنهنجي ڄمار ۾ ڪڏهن نه ٻڌوسون،
    جو بڇڙي ماڻهوءَ کي چڱائي آڏو آئي.

    ۲۰۹ - جيڪي ڪُنيءَ ۾ هوندو، سو پاٽ ۾ پوندو.
    يعني ڪُنيءَ ۾ پلاءُ رڌل هوندو ته پلاءُ، جي رٻ رڌل هوندي ته رٻ پاٽ ۾ پرڇبي. پر مطلب سندس اهڙو آهي جهڙو پهاڪي نمبر ۲۰۸ واري ۾ لکيل آهي.

    ۲۱۰ - جھڙا روح، تهڙا ختما.
    هي پهاڪو مسلماني اصطلاح جو آهي، جو مئن جي روحن نيت کاڄ جوڙي ختما ڏيارين؛ پر وڏن ماڻهن جي روحن لاءِ اُچا کاڄ، ۽ غريبن لاءِ سادا. مگر مطلب هي آهي جو سڀ هڪجهڙا لياقت وارا نه آهن. هڪڙا اهڙا، جن مان شاباس چوڻ سان ڪم ڇٽي، ۽ هڪڙن کي ڪم ڪرڻ لاءِ ڦٽ لعنت جو ضرور ٿئي. جهڙو فارسي بيت آهي:
    نه هر کس سزاوار باشد بمال،
    يکي مال خواهد دگر گوشمال. سڀڪو مال وٺڻ جو جوڳو نه هُئي،
    هڪڙو مال گُهري ٻيو ڪَنَ مهٽ.

    ۲۱۱ - جهڙا ڪانوَ، تهڙا ٻچا.
    ڪانءُ هڪڙو بڇڙي مهانڊي وارو پکي آهي، پر پکين ۾ سياڻو پکي ٿو سڏجي. سو جڏهن پاڻ سياڻو، تڏهن سندس ٻچا پڻ سياڻا چئبا. تنهن وانگي سگهڙ ماڻهوءَ جو اولاد پڻ سگهڙ ڄاڻبو. جهڙو فارسيءَ ۾ آيو آهي:
    کسي را که بابا فلاطون بود،
    ازان پُر هنر بي هنر چون بود؟ جنهن جو پيءُ فلاطون * هُئي،
    اهڙي هنر واري مان اڄاڻ پُٽ ڪئن ٿئي؟
    * ناليري حڪيم جو نالو.

    ۲۱۲ - جيڏا اُٺ، تيڏا لوڏا.
    اُٺ وڏي قد وارو وهٽ آهي؛ تنهنڪري سواريءَ ۾ سندس لوڏو پڻ وڏو ٿئي. گڏهه ننڍو وهٽ آهي، ته سندس آهي؛ ته مٿس ڳڻتيون ۽ معاملا پڻ وڏا آهن؛ فقير غريب آهي، ته چنتا پڻ رڳي روٽيءَ جي اٿس. ان لاءِ هڪڙو نقل ياد آيو اٿم:
    فقير هڪڙو نصيب جي زور سان، ڪاٿي وڃي راجا ٿيو. هڪڙي ٻئي فقير، جو سندس آڳاٽو سڃاڻو هو، اِهو حال ڏسي واڌائي ڏنيس، تنهن کي فارسيءَ ۾ چيائين:
    تعزيت کن، تهنيت مده،
    پيشتر غم ناني داشتم، حالا غم جهاني. * پرچاڻي ڪر، واڌائي نه ڏي،
    اڳي مانيءَ جي ڳڻتي هيم، هاڻي جهان جو ڏک اٿم.
    * مئي جي وارثن سان ڳالهائڻ.
    هي بيت پڻ ٻڌو اٿم:
    گدا را چو حاصل شود نانِ شام،
    چنان خوش بخسپد که سلطانِ شام. پينار کي سانجهيءَ جي ماني جڏهن پڙ پي،
    اهڙو سکالو سمهي، جهڙو شام ولايت جو راجا.

    ۲۱۳ - جي جڏهن چڙهيا، سي تڏهن سوار.
    هڪڙو ماڻهو ولهو هُئي، ۽ ڌڻيءَ جي توهَ سان ڀاڳُ لڳس، ۽ وهيون ٿئي، ته اُهو وهيون ڄاڻبو؛ جهڙو نادر شاهه بادشاهه ۽ تيمورلنگ بادشاهه، جي اصل غريب هئا، سي بادشاهي ملڻ کان پوءِ بادشاهه سڏيا ويا. پهاڪي وارو سچو آهي ڪ نه؟

    ۲۱۴ - جيڏو پٽ، تيڏي بکيا.
    پٽُ؛ دريائي ناريل جي کل جو اڌ، جنهن کي پَٽ به چون ۽ ڪشتي پڻ؛ تنهن ۾ فقير بکيا يعني پن وٺن. معنيٰ هيءَ آهي، جو وڏي پَٽ واري فقير کي گهڻي بکيا ملي ۽ ننڍي پٽ واري کي ٿوري. مطلب هي آهي، جو ڌڻي پنهنجي قدرت سان سڀڪنهن کي قدر ساروُ رزق ٿو پهچائي، جهڙو هاٿيءَ کي مڻ، ڪيليءَ کي ڪڻ. جهڙو فارسيءَ ۾ آيو آهي:
    گدا را کند يک دِرم سيم سَير،
    فريدون بملکِ عجم نيم سير. پينار کي هڪڙو دُڪو رپي جو ڍاپائي،
    فريدون * عجم جي ملڪ هوندي اڌ ڍاول.
    * وڏي راجا جو نالو.

    ۲۱۵ - جهڙي سٺ، تهڙيون ٽي ويهون.
    هي پهاڪو ڏڏن جي بي سمجهيءَ ڏيکارڻ لاءِ آيو آهي؛ جهڙوڪي هڪڙي جت کي سٺ رپيا اُٺ جو ملهه چئجي، ۽ هو ناراض ٿي ٽي ويهون گُهري. اُن ۾ رڳي ڄٽ جي اڄاڻائي، يا ڪو ڦير؟ اِن تي هڪڙي ڳالهه ياد آئي اٿم:
    ڳالهه
    سال ۱۸۵۷ع ۾ کپري جو مختيارڪار هوس ۽ سرڪاري حڪم سان اُٺن جي ڳنهڻ لاءِ ٿر ۾ ويس. اُتي هڪڙو ماڻهو ذات جو پلي اُٺ ويڪو وٺي آيو، ۽ سو رپين ملهه چيائين؛ تنهن کي ڪميٽيءَ جي صلاح سان ستر رپيا چيم، ته راضي نه ٿيو. چيائين جو جيڪڏهن ڏهن مٿي سٺ رپيا ڏيو، ته اُٺ ڏيان. اها ڳالهه ٻڌي سڀ مجلس وارا کلي کلي کيرا ٿياسين.
    پر مطلب هي آهي، جو اهڙن ڏڏن جي سنگت کان پاسي رهڻ چڱو آهي. اُميد نه آهي جو اهڙو ڏڏ عقل واري کان ڪي سکندو، ويتر جيڪڏهن سياڻي کي اهڙيءَ سنگت مان کرڻ جو ڊپ آهي. جهڙو فارسيءَ ۾ لکي ٿو:
    طلب کردم ز دانايان يکي پند،
    مرا گفتند: با نادان مپيوندَ،
    که گر داناءِ دَهري، خر نباشي،
    وگر ناداني، اِبلہ تر نباشي. سياڻن کان هڪڙي نصيحت گُهريم،
    مون کي چيائون، اڄاڻ سان نه گڏ ٿيءُ،
    جو جيڪڏهن زماني جو سياڻو آهين ته گڏهه نه ٿين،
    ۽ جيڪڏهن اِياڻو آهين ته هيڪاري ڏڏ نه ٿين.

    ۲۱۶ - جا مڙسي مڙسن ۾، سا مارئِي ۾ ناهي.
    ماريو، هي اکر هن ملڪ جي زالن جي چوڻ جو آهي، جو ڪاوڙ جي مهل مڙسن يا ڇوڪرن کي چون. هن پهاڪي وارو ڪنهن گانڊوءَ ڏي اِشارو ڪري چوي ٿو، جو مڙسن واري مڙسي منجهس ناهي. پر مطلب ڇا آهي، جو مڙسي اُها، جنهن سان ڌڻيءَ کي پهچي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    مردانِ خدا خدا نباشند، ليکن ز خدا جُدا نباشند. ڌڻيءَ جا مرد ڌڻي نه آهن؛ پر ڌڻيءَ کان ڌار نه آهن.
    ۽ جنهن ۾ اُها مڙسي نه آهي، رڳو دنيا جو گهورو آهي، تنهن کي مڙس نه چئبو. بلڪ کدڙو ڄاڻبو. جهڙو عربيءَ واري چيو آهي:
    طَالِبُ المَوليٰ مُذَڪّراّ، طَالِبُ الدّنيَا مخَنَّثاً. ڌڻيءَ جو ڳولو مڙس، دنيا جو ڳولو کدڙو.
    تڏهن جنهن ۾ اُها مڙسي نه هُئي، سو پاڻ کي مڙسن جي قطار ۾ نه ڳڻي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    محاسن چو مردان نداري بدست،
    نه مردي بود پيش مردان نشست. مڙسن واريون چڱايون جي پاڻ نه سارين،
    ته مڙسن وٽ وهڻ مڙسي نه آهي.

    ۲۱۷ - جاتي پڄي نه سگهجي، تاتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.
    وريام معنيٰ سورهيه، يعني پاڻان ڏاڍي سان جهيڙو هئي ۽ پهچي نه سگهي، ته ڀڄڻ به سورهيائي آهي. جهڙو فارسي بيت آهي:
    ز خورشيد پنهان شود بوم کور،
    ڪ جهل است با آهنين پنجه زور. سجَ کان چٻَ انڌي لڪي رهي،
    جو لوهي چنبي واري سان زور لائڻ ڏَڏائي آهي.
    تنهن وانگي جيڪڏهن زمانو تنهنجي مرضيءَ موجب نه هلي ته ساڻس زور نه هلاءِ، ۽ تون سندس مرضيءَ تي هل.
    جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    گر زمانه با تو نسازد، تو با زمانه بساز. جيڪڏهن زمانو تو سان نه ٺهي، ته تون ساڻس ٺهه.

    ۲۱۸ - جيءُ خوش، ته جهان خوش.
    يعني ماڻهو پاڻ سکي آهي، تنهن جي ليکي سڄو عالم سکي آهي؛ ۽ ٻئي جي ڏک جي هن کي ڪهڙي سُڌ. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    کسي قيمتِ تندرستي شناخت،
    که يکچند بيچاره در تپ گذاشت. چڱڀلائيءَ جو ملهه اهو سڃاڻندو،
    جو ڪي ڏهاڙا ويچارو تپ ۾ گذاريندو.
    ۽ اِن لاءِ هڪڙو نقل آهي:
    هڪڙي حجام پنج ڏهه مُهرون گڏ ڪري ڀانيءَ ۾ ڌَريون هيون. هڪڙي ڏهاڙي ملڪ جي حاڪم وٽ حجامت جوڙڻ لاءِ ويو، تنهن ملڪ جو سماچار پڇيس. تنهن کي چيائين ته ملڪ سکي وسي ٿو. پر حاڪم کي ڀانيءَ وارين مهرُن جي سڌ پئجي ويئي، تنهن ڪو ڊول ڪري اهي مهرون ڪڍائي ورتيس. وري هڪڙي ڏهاڙي سيرب جي مِنهن سڏائي ملڪ جو حال پڇانس. تڏهن چيائين ته ملڪ ڀينگ ٿيو پيو آهي. هاڻي ويچار ڪرڻ گهرجي، ته پهاڪي واري سچ چيو آهي يانه. اهڙي مطلب لاءِ نمبر ۵۹ وارو پهاڪو پڻ آيو آهي.

    ۲۱۹ - جا بندي کي بارُ، سا صاحب کي سُٿري.
    سچ، جو ڪم هن بندي کي اهنجو لڳي، سو ڌڻيءَ جي اڳيان سنهنجو آهي، تنهن ڪري انسان کي گهرجي، جو جڏهن ڪا سوڙهه پويس، تڏهن ان مشڪل ڪشا کي ياد ڪري، ته سولي ٿئيس. ان باب ۾ اردوءَ واري چيو آهي:
    اي دل تو فڪر مت ڪر، تيرا خدا ڀي هي،
    مشڪل پڙا تو ڪيا هي، مشڪل ڪشا ڀي هي. اڙي هيا! تون ڳڻتي نه ڪر، تنهنجو ڌڻي آهي،
    اَوکي پيئي ته ڇا ٿيو؟ آسان ڪندڙ به آهي.


    ڄ

    ۲۲۰ - ڄڱر ۽ ڄار، اگهه مڙيئي هڪڙي.
    ڄڱر يعني ڄاڱوري ٻير؛ جنهن جي ڪاٺي ڏاڍي ۽ ملهه واري آهي. ڄار جنهن جو ڦر پيرون، جنهن جي ڪاٺي هيڻي ۽ ٿوري ملهه واري ٿئي؛ يعني هنن ٻنهي ذاتين جون ڪاٺيون هڪ اگهه وڪامن. مطلب هي آهي جو هي پهاڪو ڪُنياوَ واري راڄ جو نشان ٿو ڏيکاري، جنهن ۾ اشراف ۽ ڪميڻي جو هڪ جيترو مانُ. جهڙو هن ڪتاب جي نمبر ۱۵ واري پهاڪي ۾ لکيو ويو آهي.

    ۲۲۱ - ڄٽ بکيو موري کائي، موري بک گهڻيري لائي.
    موري جيتوڻيڪ ته پاڻ چرڪي هضم ٿئي، پر ٻئي کاڌل کاڄ کي سگهو پچائي ۽ بک لائي. ان پهاڪي مان مطلب هي ٿو نڪري، جو بعضي ماڻهو پنهنجي اڄاڻائي کان فائدي لاءِ اهو ڪم ڪن، جنهن مان مورڳو گهاٽي ٿئي، تنهنڪري سياڻي کي کپي ته جو ڪم ڪري، تنهنجو آڳو پيڇو ڳڻي ڪري.

    ۲۲۲ - ڄٽ جي ڄمار، اڍائي کٿا.
    اڍائي کٿا، هي گهٻي جهڙو اکر آهي؛ پر معنيٰ سنديس هيءَ، جو ڄٽ يعني مورک هڪڙو کٿو چوڙي پورو ڪندو ۽ ٻيو پڻ چوڙيندو، ٽيون جاسين اڌوراڻو ڪندو، تاسين ڄمار پوري ٿينديس، پر مطلب هي آهي جو انسان کي دنيا ۾ اچي وڏو ڪم هي ڪرڻو آهي، جو ڌڻيءَ کي ياد ڪري ساڻس واصل ٿئي، يا پڙهيل ناليرو، يا ڪاريگر پڌرو، يا سياڻو مشهور يا سخي، يا سورهه ٿي نالو پڌرو ڪري. پر جڏهين اهڙن ڪمن کان پري رهيو، تڏهن سمجهبو جو ڄمار اجائي وڃايائين ۽ اجايو ڄائو. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:
    جنني جني، ته هرجن جني، ڪان داتا، ڪان سور،
    تينون جني نا جني، ته اور جنن سڀ ڪوڙ. ماءُ ڄڻي ته ڀڳت ڄڻي، يا سخي، يا سورهه ڄڻي،
    جي اهي ٽي نه ڄڻي؛ ته ٻيو ڄڻڻ ڪوڙو آهي.

    ۲۲۳ - ڄاڻي وڇونءَ جون منڊ به نه، هٿ وجهي نانگن ۾.
    بعضي اياڻا ماڻهو پاڻ کي سياڻو ڄاڻي پنهنجي سياڻپ ۽ وت کان وڏي ڪم ۾ هٿ وجهن. جنهن کي سنوارڻ بدران کارين؛ يا پاڻ کي گهاٽو وجهن. اهڙن کي هي پهاڪو ڇينڀ ٿو ڪري. ان لاءِ هنديءَ واري چيو آهي:
    ڊاري هاٿ سانپ مين، نه جاني منتر بيڇن ڪو؛
    ائيسو موڍ مت ڪهو؛ ڪهان سک پاءِ هي. وجهي سپ ۾ هٿ، منڊ وڇون جو پڻ نه ڄاڻي،
    اهڙو اڄاڻ ڪٿان سک پائيندو؟

    ۲۲۴ - ڄڀ جي ترڪڻ کان پير جو ترڪڻ چڱو آهي.
    ڄڀ جو ترڪڻ يعني اجايو ڳالهائڻ، پير سان ترڪيل ماڻهو ٿورو گهڻو ڌڪ کائيندو، جو ٿوريءَ گهڻيءَ ٻڪيءَ ڦڪي سان ڇٽي پوندو. ۽ زبان مان اجائي اکر نڪرڻ مان وڏو ڊپ آهي، جو اُهو ڳالهو وري وات ۾ نه پوندو. مطلب جو هي پهاڪو زبان جي قناعت جو تاڪيد ٿو ڪري، ته سمجھ سارو ڳالهاءِ، جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    صرافِ سخن باش، سخن پيش مگو؛
    تا از تو نپرسند تو از خويش مگو؛
    گوش تو دو دادند، زبان تو يکي؛
    بهر آنکه دو بشو، زيکي بيش مگو. ڳالهو جو صرفو ڪر، ڳالهو اڳي نه ڳالهائي؛
    جاسين توکان نه پڇن، تاسين پاڻان نه ڳالهائي،
    توکي ڌڻيءَ ڪن ٻه ڏنا ۽ ڄڀ هڪڙي،
    هن لاءِ جو ٻڌ ٻه، ڳالهاءِ هڪڙي کان واڌو نه.

    ۲۲۵ - ڄٽ جي ڄمار، ملوڪ جي رات.
    ڄٽ يعني جنگلي يا اڄاڻ. ملوڪ يعني اشراف يا وڏوماڻهو. هي پهاڪو اصل ڪنهن ميري ڪم جي باب ۾ آيو آهي سو بيان ڪرڻ صلاح نٿو اچي؛ مون کي منجهانس مطلب ڪڍڻو آهي، پوءِ پهاڪو ميرو هوندو ته ڇا ڪندو؟ جهڙو سياڻا چوندا آهن، جو سون گپ ۾ هئي ته به کڻي وٺجي. سو مطلب هي آهي جو بي ڌرم ماڻهوءَ جي سنگت ۾ جيڪڏهن سڄي ڄمار وڃائبي، ته به پرائبو ڪين؛ ۽ ڌرميءَ جي هڪ گهڙيءَ جي صحبت پل گهڻو ڦل ڏيندي، جهڙي لوهه کي پارس جي سنگت.


    جهه

    ۲۲۶ - جهونا ڪپڙا ٻوڍا ڍور، تسڪا ناڻا لي گيا چور.
    هي پهاڪو جيتوڙي هنديءَ ٻوليءَ وانگي چوڻ ۾ اچي ٿو، پر سنڌ ۾ رواجي آهي. معنيٰ سنديس هيءَ آهي، جو ڪپڙو پراڻو ٿيو ته ڪر ملهه چور ٿيو؛ تنهن وانگي ڍور پڻ پوڙهو ٿيو ته ڪم کان نبريو. پر جيڪڏهن سچ ڪري پڇو، ته ماڻهو پوڙهو پڻ اِن قطار ۾ ڳڻڻ کپي. فارسيءَ وارو چوندو آهي:
    پيري صد عيب، چنين گفته اند. سياڻن چيو آهي جو ٻڍاپڻ سو ويڪون.
    اهڙو ذڪر نمبر ۴۷ واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي.


    چ

    ۲۲۷ - چيريءَ آهر پير ڊگهيرجي.
    چيري يعني رات کي مٿي تي پائڻ جو ڪپڙو يعني سوڙ. سياري ۾ مٿان سوڙ ننڍي هوندي ۽ پير کانئس ڊگها پکيڙبا، ته سيءَ ۾ ڏڪندا؛ تنهن وانگي جو ماڻهو پنهنجي ڪمائيءَ کان واڌو خرچ رکندو، تنهن جون سگهو ٽنگون لڳنديون يعني کاٻاربو. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:
    اپني پهچ وچارڪي ڪرتب ڪرئي دور،
    تتي پير پسارئي جتني لنبي سوڙ. پنهنجي پڄندي ساري ڪم ڊوڙي ڪجي،
    ايترو پير ڊگهارجن، جيتري ڊگهي سوڙ.

    ۲۲۸ - چڱو جن لکيو، مندو سي نه پسن، توڙي رڻ رهن، ته به کنڊون کائن کير سان.
    هي پهاڪو بخت جي ساراهه ٿو ڪري، يعني بختاور کي سڃ ۾ پڻ وسندي، ٽوٽي مان واڌو، نڀاڳ مان سڀاڳ. اهڙيءَ طرح فارسيءَ واري پڻ بخت کي ساراهيو آهي:
    فروغِ بخت طلب، سايئه هما مطلب؛
    چو بخت يار شود چغد هم هما گردد. ڀاڳ جو سوجهرو گُهر، هما (۱) جو پاڇو نه گهر؛
    جڏهن بخت ساٿي ٿئي، چغد (۲) پڻ هما ٿئي.
    (۱) سڀاڳو پکي. (۲) نڀاڳو پکي.

    ۲۲۹ - چاڪر، چياڪر.
    چاڪر يعني چياڪر، چيو مڃيندڙ. مطلب هي آهي جو نوڪر پنهنجي مالڪ جو چيو مڃيندڙ هوندو، سو مان لهندو؛ جهڙو گورو نانڪ شاهه جو وچن آهي:
    چاڪر لڳي چاڪري جي چلي خس ۾ ڀاءِ.
    حرمت اُسنون اگلي، وجهه به دوڻا کاءِ. نوڪر نوڪريءَ ۾ لڳي جي مالڪ جي وڻنديءَ تي هلي،
    مان وڏو ملندس، مواجب پڻ ٻيڻو کائيندو.

    ۲۳۰ - چرئي کان پڇيائون: ڪي چڱو آهين؟ چي؛ ويران وير وڌ.
    ويران وير وڌ، هي رواجي چوڻ آهي، جهڙو ڏينهان ڏينهن واڌو، معنيٰ هيءَ آهي، جو ذاتي چريو هوندو، سو گهڻيءَ تربيت کان پوءِ به سڌريل نه ڏسبو، ويتر اڳي کان واڌو چريو ٿيندو. تنهن وانگي لانڊاري ماڻهوءَ کي توڙي گهڻي تعليم ڪبي، ته به پنهنجي پراڻي هير نه مٽيندو. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:
    ڪانگ پڙهايا پڃري، پڙھ گيا چارون بيد؛
    سمجهايا سمجهي نهين، ڪوڙا ڍيڍ ڪا ڍيڍ. ڪانءُ پڃري ۾ ويهي چار ئي بيد پڙهي؛
    سمجهائڻ سان به نه سمجهي، ڪوڙو پليت جو پليت.
    ۽ ان لاءِ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    شمشير نيک ز آهنِ بد چون کند کسي،
    ناکس به تربيت نشود اي حڪيم کس. بڇڙي لوهه مان ڪير ترار موچاري جوڙي سگهي،
    نا ماڻهو سيکارڻ سان ماڻهو نه ٿئي.

    ۲۳۱ - چريا چرين گڏيا، ادا عيد مبارڪ.
    عيد مبارڪ، هي مسلماني اصطلاح آهي، جو عيد ڏهاڙي خوش ٿي هڪ ٻئي کي مبارڪ ڏين؛ پر پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو چرين کي سنگت پڻ چرين جي وڻي. جيترو ڪي چرئي جي سنگت سياڻي کي وڻي، سياڻي جي سنگت پڻ چرئي کي اوتري وڻندي. جهڙو کير کنڊ سان ٺهي، ۽ جهَڻ لوڻ سان: پر جي لوڻ کير ۾ پوي، يا کنڊ جهڻ ۾، ته اٽلو ساءُ مٽائي. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:
    اُتم سون اُتم ملي، ملي نيچ سون نيچ،
    پاني سون پاني ملي، ملي ڪيچ سون ڪيچ. چڱي سان چڱو گڏجي، ڪميڻي سان ڪميڻو،
    پاڻيءَ پاڻي سان ملي، ۽ گپ گپ سان گڏجي.

    ۲۳۲ - چرين ڪهڙا چت، مئن ڪهڙا معاملا.
    چت يعني دل، پر مطلب چنتا يا فڪر. مطلب پهاڪي جو هي آهي، جو جيئن مئو ماڻهو دنيا جي ڏيتي ليتيءَ کان پري ٿيو، تيئن چريو ماڻهو دل جي چتونائن، توڙي دنيا جي ڌنڌن کان ڇٽل آهي. پر جڏهن ڪو ڪامل دنيا کي ڪوڙو سمجهي گرهانس ڀڄي ويس مٽايو وتي، ته ان کي دنيا جا ماڻهو چريو سمجهن. پر هو پاڻ کي دل جي اڻ تڻ، توڙي دنيا جي اُلڪن کان بي پرواهه ڄاڻيو، رنگ ۾ رتو رهي، ۽ ماڻهن جي اجائي سجائي ڳالهائڻ جو سانگو به نه رکي. جهڙو هڪڙي ڪامل جو وچن آهي:
    جيون املي سنگ امل لُڀانا،
    ميرا من رامهن لپٽانا،
    رام نام ميري هردي بسي،
    نهين ڇوڏؤن چاهي ڪو هسي. جئن آفيمي آفيم سان لوڀيل،
    منهنجي دل ڌڻيءَ سان ڳنڍيل؛
    ڌڻيءَ جو نالو منهنجي دل ۾ ٽڪي،
    توڙي ڪو کلي، ته به ڪين ڇڏيندس.

    ۲۳۳ - چريءَ جو چوڙو، ڪڏهن ٽنگ ۾، ڪڏهن ٻانهن ۾.
    چوڙو سڀڪا زال ٻانهن ۾ پائي، ڄنگهه ۾ ڪا ئي ڪا نه پائي، پر هي پهاڪو چريءَ رن جو اهڃاڻ ڏيکاري ٿو. تنهن وانگي چريو ماڻهو سدائين ڪڏهن ڪهڙي، ڪڏهن ڪهڙي حال ۾ رهي.

    ۲۳۴ - چري ڦٽ ۾ به خوش.
    ڦٽ يعني لعنت. مطلب هي آهي، جو بيوقوف ماڻهو هڪڙو چريائيءَ جهڙو ڪم ڪري، تنهن کي ڏسي سياڻو ماڻهو ساراهه جي لباس ۾ گلا ڪري، ۽ اڻڄاڻ ان کي سچ پچ ساراهه سمجهي ٽيڳرجي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    سگي را چون کُلوخش بر سر آيد،
    ز شادي بر جهد کين استخوانست. ڪتي کي جڏهن ڀتر مٿي تي لڳي،
    خوشيءَ کان هڏو سمجهي ٽپي.

    ۲۳۵ - چوري نه موري، موري ته به گهوري.
    اکرن جي معنيٰ هيءَ آهي، جو چوري وارو سائو نه ٿيندو، پر جي سائو ٿئي، ته چڱو نه آهي. ۽ مطلب هي آهي، پهاڪي وارو چوريءَ کي بڇڙو ڄاڻي منع ڪري ٿو.

    ۲۳۶ - چڱو ڪر، چڱو ٿيئي.
    هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو جيڪا ڪنهن سان ڀلائي ڪبي، سا ڄاڻ پاڻ لاءِ فائدو آهي، ان لاءِ هڪڙو سنڌي بيت آهي:
    نيڪيءَ منجهان نيٺ، چوڌاري چڱو ٿئي؛
    بري پائي بيٺ، چڱي چوري ڪو نه ڪو.

    ۲۳۷ - چوڻو، نه اُوڻو.
    چوڻو يعني رزق، اُوڻو يعني گهٽ. مطلب هي آهي، جو رزق جيڪي نصيب ۾ لکيل آهي، سو ڪڏهن گهٽ وڌ نه ٿيندو. تنهن لاءِ هڪڙو پهاڪو آهي:
    دو چيز محال عقل است و خلاف نقل،
    خوردن کم بيش از رزق مقسوم،
    و مردن پس پيش از اجل معلوم. ٻه شيون عقل کان اهنجون ۽ آکاڻيءَ کان ابتڙ آهن:
    نصيب واري رزق کان وڌ گهٽ کائڻ،
    موت واري ڏينهن کان اڳي پوءِ مرڻ.

    ۲۳۸ - چاڪريءَ چور، نيوالي حاضر.
    نيوالو، يعني کاڄ جو گره، فارسي نوالہ. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، ته جو نوڪر ڪم مهل چورن گهاءِ لڪي وڃي، ۽ کائڻ مهل حاضر، اهڙي لوڻ چور لاءِ هي پهاڪو آيو آهي. پر مطلب هي آهي، جو هي بت ۽ دولت سڀ ڌڻيءَ جا ڏنل آهن، جيڪو اُها نعمت هنڊائي ڌڻيءَ جي عبادت نه ڪندو، سو پڻ هن پهاڪي جو مهاڏو آهي.

    ۲۳۹ - چڱا سي، جن جا پويان چڱا.
    جو شخص چڱو مڙس هئي ۽ سندس اولاد سلڇڻو ٿئي، ته ڄاڻبو، جو اُن جي چڱ مڙسيءَ جو نالو ڪو ڏهاڙو ڌرتيءَ تي رهندو؛ ۽ جي اولاد نٻالو ٿيس ته سندس چڱ مڙسيءَ جو نالو اڏامي ويندو. تنهنڪري اولاد کي گُهرجي جو وڏڙن جي نالي رهڻ لاءِ سعيو ڪن. تنهن لاءِ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    نام نيکو رفتگان ضايع مکن،
    تا بماند نام نيکت پايدار. نالو موچارو وين جو اجايو نه ڪر،
    ته تنهنجو نالو موچارو سدا رهي.

    ۲۴۰ - چاڪيءَ ڏاند وڃايو، گهمي گهاڻي ڌاري.
    ڀلا ڏاند وڃايل گهاڻي جي چوڌاري ڳوليندو، سو ڪٿان لهندو؛ پر جيڪڏهن گهر کان ٻاهر نڪري ڳوليندو، ته شايد هٿ اچي سهڙندس. تنهن وانگي هنر وارو يا عقل وارو ماڻهو پنهنجي ڳڻ کي پڌرو ڪرڻ ڀانئي، ته هيڏي هوڏي گهمي پنهنجي سياڻپ ڏيکاري، نه ته گهر ۾ گمنام رهندو. جهڙو باز هڪڙو پکي آهي، پر هيڏي هوڏي جا شڪار ماري پنهنجي ڳڻ ٿو ڏيکاري، ته وڏي مان ۽ مهت سان بادشاهن ۽ سردارن جي هٿن تي ويهڻ جي جاءِ ٿو پائي. ۽ چٻ پڻ اُڏامندڙ پکي آهي، پر سدائين کوه ۾ يا انڌاريءَ ڪنڊ ۾ ٿي رهي، ته سندس پاڇي کان به ماڻهو ڀڄن. ان تي هڪڙو فارسي بيت پڻ آيو آهي:
    نيست صائب در وطن اهلِ سخن را آبرو،
    آبرو گوهر نباشد تا که باشد در صدف. سياڻي ماڻهوءَ کي وطن ۾ مان نه آهي،
    موتي جاسين سپ ۾ آهي تاسين مان نه اٿس.


    ڇ

    ۲۴۱ - ڇتي ڪتي جي دوا ڀتر.
    هن پهاڪي جي معنيٰ پڌري آهي، جا سڀ کي سُجهي ٿي؛ مگر مطلب ڏيکارڻ کپي، سو هي آهي، جو لچ ماڻهو موچڙي ڌاران نه سمجهي، ان لاءِ فارسي پهاڪو پڻ آيو آهي؛ ۽ نمبر ۳۰۲ واري پهاڪي ۾ پڻ اهڙو ذڪر هليو آهي.
    سگِ ديوانه را دارو کلوخ است. ڇتي ڪتي جي دوا ڀتر.

    ۲۴۲ - ڇڏ منڊو واريءَ ۾.
    منڊو ماڻهو واريءَ ۾ تکو هلي نه سگهي، تڏهن سندس سنگتي جو ڪاڏي سگهو وڃڻو هوندو، سو سندس لالانگهري لڳي سيڙبو يا نه؟ تنهنڪري پهاڪي وارو چوي ٿو، ته جو سنگتي اهڙو ڦڙت نه اَٿي، جو ڊوڙي تو کي واهر ڏئي، تنهن کي ڀڄي ڇڏ. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    چو بيني که ياران نباشند يار،
    هزيمت ز ميدان غنيمت شمار. جڏهن ڏسين، جو سنگتي واهرو نه آهن،
    ميدان مان ڀڄڻ، غنيمت ڄاڻ.


    ح

    ۲۴۳ - حمائتڻ گڏهه عراقيءَ کي لتون هڻي.
    عراقي، گهوڙن جي چڱيءَ ذات جو نالو آهي. پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو ڪميني ماڻهوءَ کي حمايت جو زور ملي وڃي، ته اشراف وڏي ماڻهوءَ سان جهڳڙيندي ويرم نه ڪري. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:
    نٻل سٻل ڪي پکئي تي سٻلن سُون انکات؛
    ديت حمايت ڪي گڏي ماري عراقي ڪون لات. هيڻو حمايت جي زور تي ڏاڍي سان وڙهي پوي.
    حمائتڻ گڏهه عراقيءَ کي لتون هڻي.


    خ

    ۲۴۴ - خون کٿوري ڳجها نه رهن.
    هن پهاڪي لاءِ ايترو ئي چوڻ بس آهي، جو کٿوريءَ کي ڪو گهڻو ئي لڪائي، پر سندس خوشبوءِ نه لڪي؛ تنهن وانگي خون پڻ. اهڙي طرح فارسي پهاڪو پڻ آهي:
    خوش است اين نقطه از خردان بگفتن،
    که عشق و مشک را نتوان نهفتن. سياڻن جي چوڻ جو هي چڱو نقطو آهي،
    جو عشق ۽ کٿوريءَ کي لڪائي نه سگهجي.


    د

    ۲۴۵ - دريا ڀر تي ڇوڪر ڪڏي، اڄ نه ٻڏي سڀان ٻڏي.
    درياءَ جي ڀر ڊپ واري جاءِ آهي، تاتي ڇوڪر کيڏندو، سو هڪڙي نه ٻئي ڏهاڙي ٻڏندو. تنهن وانگي جو چوريءَ يا ٺڳيءَ يا اهڙي ٻيءَ ڪنهن هاج سان وهنوار رکندو، سو ڪڏهن نه ڪڏهن کاٻاربو ۽ موچڙا کائيندو. جهڙو هڪڙي کان پڇيائون ته؛ نالو ڇا اٿئي؟ چي؛ بچو. چي؛ ڪم ڪهڙا ڪرين؟ چي؛ نانگن جي ٻرن ۾ هٿ وجهان. چي؛ تون به نه بچين.

    ۲۴۶ - دم درميان، الله مهربان.
    هي پهاڪو سختيءَ پيلن کي دلاسو ڏيڻ لاءِ آيو آهي، جو جنهن سختيءَ ۾ ڪي ويرم هئي، تنهن کان به نه ڊڄجي. تنهن لاءِ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    خداوندان کام و نيک بختي،
    چرا سختي کشتد از پيش سختي؟
    برو شادي کن اي يار دل افروز،
    غم فردا نبايد خورد امروز. وڏي ڀاڳ وارا صاحب مراد مند،
    سختيءَ کان اڳي ڇو پريشان ٿين؟
    وڃ اي يار دل ٺار خوشي ڪر،
    سڀاڻي جو غم اڄ کائڻ نه کپي.

    ۲۴۷ - دال روٽيءَ کاڌي ڌن کٽي، ته کٽڻ ڏي.
    دال روٽي کائڻ قناعت جو آريکڻ آهي، تنهن جي کاڌي ماڻهو ولهو ڪين ٿئي؛ پر جي ولهو ٿئي، ته به ٽرڙائيءَ جو نالو مٿس نه پوندو. پر مطلب هي آهي، جو پهاڪي وارو قناعت لاءِ تاڪيد ٿو ڪري. تنهن لاءِ فارسي پهاڪو پڻ آهي:
    تونگري بقناعت بہ از تونگري به بضاعت. قناعت واري شاھوڪاري، ھٿ-ڦاڙ شاھوڪاريءَ کان ڀلي

    ۲۴۸ - دل کوٽي ته عذر گهڻا.
    اهڙو فارسي پهاڪو پڻ آيو آهي.
    دل ناخوار را عذر است بسيار. دل کوٽي ته عذر گهڻا
    تنهن جو مضمون ساڳيو سنڌيءَ وارو آهي؛ مطلب سندن هي آهي، جو جڏهن دل ۾ کوٽ هوندو، تڏهن گسائڻ لاءِ مِنهن گهڻا.

    ۲۴۹ - دائيءَ کان ڪو پيٽ ڳجهو آهي.
    دائي، جا زال کي ويارائي ٿي، تنهن کان پيٽ ڳجهو نه آهي، تڏهن ڌڻيءَ جو هن ماڻهوءَ جو اُپائڻهار ۽ پالڻ وارو آهي، تنهن کان سندس ڪهڙو حال ڳجهو هوندو؟ تنهن تي هڪڙو مثال آيو آهي:
    ٻٽي ڄڻا گڏجي هڪڙي ڪامل وٽ مريد ٿيڻ لاءِ ويا؛ تنهن چڪاس لاءِ هڪڙي هڪڙي کي ڌار ڌار ڪري هڪڙو هڪڙو پکي ڏنو، ۽ چيائين جو جاتي ڪوئي ڪو نه ڏسي، اتي ڪهي کڻي اچو. ٿوريءَ ويرم کان ٻيا سڀ پکي ڪهي کڻي آيا، مگر هڪڙي جيئرو واري آندو. چيائين جو جاتي وڃان ٿو، تاتي ڌڻي، جو انتر جامي آهي، سو ڏسي ٿو. تنهن جي ايمان تي ڪامل شاباس ڪئي. مطلب جو ڌڻي سڀ ڳالهه جو ڄاڻندڙ ويڻندڙ آهي.

    ۲۵۰ - دولت نهن کان ماس وڇوڙي.
    نهن کان ماس وڇوڙي، هيءَ اصطلاحي ڳالهه آهي، يعني پيءُ کان پٽ، ڀاءُ کان ڀاءُ وڇڙي پري ٿئي. مطلب جو دولت اهڙي نازڪ ۽ پياري وٿ آهي، جو سنديس ڏيتي ليتي مائٽن کان مائٽ ۽ دوست وڇوڙي. تنهن تي هڪڙو مثل آيو آهي.
    هڪڙي ساڌ پنهنجي گروءَ کي چيو، جو ماڻهو وٽم گهڻا ٿا اچن، تن جي گوڙ وچان ڌڻيءَ جي ڀڄن ۾ سيڙ ٿي ٿئي. تنهن کي چيائين ته جيڪو وهيون هئي، تنهن کان اڌار گهر؛ ۽ جيڪو ولهو هجي تنهن کي اُڌارو ڏي، ته جڏهن مايا جي ڏيتي ليتي ٿي، تڏهن سائي کي اُڌارو ڏيڻ ۽ سڃي کي قرض لاهڻ ڏکيو لڳندو، سي وري ڪين ايندا.
    اِن ڳالهه تي ٻيو به هڪڙو ڏٺل ٽوٽڪو ياد آيو اٿم:
    زيد سؤ (۱۰۰) رپين، بڪر، پنهنجي پراڻي يار کان اُڌارو گُهريو؛ تنهن نه ڏنس. ڪن ڏهاڙن کان پوءِ بڪر کي زيد ڏوراپو ڏيئي چيو، جو مون کي تو ۾ اها اُميد نه هئي، ته سؤ (۱۰۰) رپين لاءِ مون کي موٽائيندين. تنهن کي بڪر چيو، جو مون پڻ تو ۾ اها اميد نه ڄاتي هئي، جو تون هيترن ورهين جي دوستي ٿوريءَ ڳالهه لاءِ ڇنندين. تنهن کان زيد کلي پڇو ته سو ڪيئن؟ چي جا دولت نهان ماس وڇوڙي، سا تو ۽ منهنجي دوستيءَ ۾ وڇوڙو وجهندي، ڇا ويرم ڪندي؟ هاڻي ويچار گُهرجي، ته دولت وڇوڙي جو سبب آهي يا نه؟

    ۲۵۱ - دل ڪاريءَ کان منهن ڪارو چڱو آهي.
    دل ۾ کوٽ ۽ ڪپت رکي، ظاهر پاڻ کي درويش چوائڻ کان ڪارَ-مُنهائي چڱي آهي، تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    نکو سيرتي بي تکلف برون،
    بہ از پارسائي خراب اندرون. ٻاهران سادائي، اندر ۾ موچاري عادت،
    فقيريءَ کان چڱي، جنهن ۾ اندر بڇڙو.

    ۲۵۲ - دولتمندن جا ڏاند ويامن.
    ڏاند جو ويامڻ، هي نه ٿيڻ جي ڳالهه آهي؛ پر پهاڪي واري جو مطلب هي آهي، جو ڀاڳوان ماڻهوءَ کي ناممڪن هنڌان پڻ فائدو ملي ٿو. ان تي هڪڙو نقل آيو آهي:
    هڪڙي ڌنوان ماڻهوءَ چيو، جو شاهوڪارن جو ناڻو ويامندو آهي، اها ڳالهه ٻڌي هڪڙي ولهي ان ساڳئي دولتمند کان سؤ (۱۰۰) رپين وياجيرو وٺي آڻي گهر رکيو؛ ڀانيائين جو جڏهن رپيا ويامندا، تڏهن ٻچا پاڻ وٽ رکي رپيا شاهوڪار کي ورائي ڏيندس. ٿورن ڏينهن کان پوءِ شاهوڪار رپيا گهريس، ڏٺائين جو اوترا ئي رکيا آهن، تڏهن رپيو ٻه وياج جو گهران وجهي ڏنائين ۽ شاهوڪار کي رپين جي نه ويامڻ جو ڏوراپو ڏنائين. تڏهن اهي وياج وارا رپيا ڏيکاري چيس، جو رپين جو ويامڻ اهو آهي، جهڙا منهنجا ويايا. تنهنڪري ڄاڻڻ گهرجي، جو ڏاندن جو ويامڻ پڻ اهڙو آهي.


    ڌ

    ۲۵۳ - ڌاتوري ڌاري، جي ڪجي ڪار ڪماند جي؛ ته به اصل انهيءَ پار جو ڏينا ڏيکاري.
    ڌاتورو هڪڙو بڇڙو وڻ آهي، جو جهنگ ۾ يا ٿوريءَ محنت سان باغن ۾ ٿئي؛ پر جيڪڏهن ڪو ان کي ڪمند جي پوک وانگي گُڏَ ڪري، ڀاڻُ ڏئي ۽ ڀرٿو پاڻي پياري، ته به منجهانس ڦر اُهي ساڳيا ڏينا ٿيندا؛ ڪماند جهڙي رس يا ڪڪ ڪڏهن به نه ٿيندو. تنهن وانگي لچ ماڻهوءَ سان گهڻي مهرباني يا تربيت ڪبي، ته به نيٺ منجهانس لچائي پيدا ٿيندي، ۽ چڱائي ڪا نه نڪرندي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    ابر گر آب زندگي بارد،
    هرگز از شاخ بيد بر نه خوري. جيڪڏهن ڪڪر پاڻيءَ جي بدران انبرت وسائي،
    نيٽ جي ٽاريءَ مان ڪڏهن ڦر نه کائيندين.

    ۲۵۴ - ڌُڪو کڻجي ڀاءُ لڳ، شاهدي ڏجي الله لڳ.
    جهيڙي جهٽي ۾ ڀاءُ بدران ڌڪو کڻي وڙهڻ هڪڙي ريت يا خوءِ آهي؛ پر جيڪڏهن شاهدي ڏيڻي پوي، پوءِ توڙي سڳي ڀاءُ يا مائٽ جي پاران هئي، ته به ڌڻيءَ ڏي ڏسي جيتري جي تيتري ڳالهائجي، يعني ڪوڙ ڳالهائڻ سڀ بڇڙو، پر تنهن ۾ به شاهدي ڪوڙي، جنهن مان غير واجبي ڦل نڪري، ڏيڻ ڏاڍي بڇڙي آهي. تنهن تي هڪڙي ڳالهه ياد آئي آهي:
    هڪڙي اشراف سردار يورپيءَ کان ٻڌو اٿم، جو انگلنڊ ۾ هڪڙيءَ عورت تي خون جو مقدمو هليو، تنهن پنهنجي بچاءَ ۾ پنهنجي ڀيڻ جي شاهدي واري. اُها ڀيڻس اهڙي آبروءَ واري هئي، جو جيڪڏهن ڪوڙ به ڳالهائي ڀيڻ جي بچاءَ واري شاھدي ڏئي ها، ته جيڪر جائي هوءَ ڇٽي وڃي. پر هن اهڙي ضرور ۾ پڻ ڪورٽ ۾ ڪوڙ نه ڳالهايو؛ تنهنڪري قيدڻ جي بچاو جو رستو بند رهيو. اها ڳالهه ملڪہ معظمه دام اقبالها ٻڌي اُن سچيار عورت کي ساراهيو: هي پهاڪو اهڙا اشارو ٿو ڏئي.

    ۲۵۵ - ڌڻيءَ ريءَ ڌڻ سڃو، ڌڻ ريءَ سڃي واڙ.
    ڌڻي يعني ڌنار، جنهن ڌڻ سان ڌنار نه هوندو، يا جنهن واڙ ۾ ڌڻ نه هوندو ته سڃا ليکبا يا نه؟ تنهن وانگي جنهن پرجا جي سنڀالڻ لاءِ راجا نه هوندو، يا جنهن ملڪ جي وسائڻ لاءِ پرجا نه هوندي ته سڃا ڄاڻبا. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ هڪڙو پهاڪو چيو آهي:
    رعيت بي سلطان رمہ است بي چوبان،
    ملک بي رعيت همچو خانہ در گورستان. راجا بنا پرجا اهڙي، جهڙو ڌنار بنا ڌڻ،
    پرجا بنا ملڪ اهڙو، جهڙو مقام ۾ گهر.

    ۲۵۶ - ڌن رک ڌوڙ ۾، ته چمڪاٽ ڏئي نور ۾.
    ڌن يعني دولت، ڌوڙ ۾ يعني ڌرتيءَ يا کڏ ۾؛ جيڪڏهن ڪو شخص دولت ڌرتيءَ ۾ پوري رکي، ته به لڇڻن مان سنديس دولتمندي پڌي رهي. تنهن وانگي هڪڙو الله والو ڌڻيءَ جي عبادت لڪائي ڪري، يا ماڻهن کان پاڻ لڪائي وتي، ته به ڳجهو نه رهي. جهڙو رجب صاحب چيو آهي:
    ڀڳت ڪري پاتال ۾ پر گهٽ هوءِ آڪاس؛
    رجب تينون لوڪ ۾ ڇپي نه هر ڪو داس. ڌرتيءَ کان هيت ڀڄن ڪري، ته اُڀ ۾ پڌرو ٿئي،
    ڌڻيءَ جو ٻانهو ٽنهين لوڪن ۾ ڳجهو نه رهي.


    ڏ

    ۲۵۷ - ڏاهو ڪانءُ کائي گونهن، ڀوري بُربلي کائي شڪر.
    ڀوري يعني اياڻي. سياڻيون توڙي اياڻيون ٽن طرحن جون آهن؛ تن ۾ هڪڙي رحماني، ٻي انساني، ٽين شيطاني؛ تن مان هي پهاڪو شيطاني سياڻپ ۽ اياڻپ لاءِ آيو آهي. جهڙو ڪانءَ جي سياڻپ هيءَ آهي، جو ٻين پکين جي آکيرن مان آنا، ٻچا ڪڍي کائي، ته اهڙي سياڻپ جو ڦل اهڙو کاڄ ٿو مليس، جو اهڙيءَ لاءِ گورو نانڪ شاهه جو وچن آهي:
    بهت سياڻپ جم جو ڪاڀَو وياپي. گهڻي ڏاهپ موت جو ڊپ ويڙهي.
    ۽ بربل هڪڙو ننڍڙو پکي ٻارن جي راند ڪرڻ جو آهي، تنهن جي اياڻپ هيءَ، جو ڇوڪرن وٽ سگهي هري، جهنگ وساري؛ تنهن جو ڦل ڇوڪرن جي هٿان مٺاڻ کائي. جهڙو فارسي وارو چوي ٿو:
    بنادان آنچنان روزي رساند،
    که صد دانا دران حيران بماند. اياڻي کي ڌڻي اهڙيءَ طرح رزق پهچائي،
    جو سوَ سياڻا اُن ۾ منجهي رهن.
    پر اهڙي سياڻپ توڙي اياڻپ ته گهوري، ۽ سياڻپ اُها گهرجي جنهن سان ڌڻيءَ ملڻ جي واٽ هٿ اچي. ۽ اُها اياڻپ به چڱي، جنهن سان دنيا جا خلل ۽ لچايون ڏانوَ نه اچن.

    ۲۵۸ - ڏاهو ڪانءُ ٻه ڄنگهو ڦاسي.
    ڪانءُ سياڻو پکي آهي، جو اهنجو ڦاسي؛ پر ماري سندس ڦاسائڻ لاءِ اهڙي ڊول سان ڦاهي منڊن، جنهن ۾ سنديس ٻئي ٽنگون ڦاسي پون، جو وري ڇٽي نه سگهي. مطلب هن پهاڪي جو پڻ نمبر ۲۵۷ پهاڪي وارو آهي.

    ۲۵۹ - ڏُڌو کير ٿڻن ۾ نه پوي.
    هي پهاڪو اهڙو آهي، جهڙو ڳالهايل اکر وري وات ۾ نه اچي؛ تنهن وانگي جو ڪم هٿان ڇٽي ويو، سو وري ڪٿان هٿ ايندو. اهڙو بيان نمبر ۴۰۴ واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي.

    ۲۶۰ - ڏيڻ سڀ چڱو، بڇڙي هڪڙي گار؛ وٺڻ سڀ بڇڙو، چڱي هڪڙي دل.
    يعني هٿان ڏيڻ سڀڪي موچارو آهي، جنهن مان سڀڪو راضي ٿئي؛ پر گار ڏيڻ اهڙي بڇڙي آهي، جنهن کان ڀولو پڻ مٺيان ڀانئين. ۽ وٺڻ ڪي به چڱو نه آهي؛ مگر ڪنهن جي دل وٺڻ يعني راضي ڪرڻ چڱي آهي. تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:
    بدست آوردن دنيا هنر نيست؛
    يکي را گر تواني دل بدست آر. دولت هٿ آڻڻ وڏو هنر نه آهي؛
    ٿي سگهي ته هڪڙي جي دل هٿ آڻ.

    ۲۶۱ - ڏيئي کي پٺ ۾ اوندهه.
    يعني اُوندهه پٺ ڏانهن لڪايو وتي؛ ۽ سوجهرو پڌرو ڪيو ڏيکاري. تنهن وانگي بعضي ماڻهو پڻ پنهنجا عيب لڪايو صواب پڌرا ڪن، هي پهاڪو اهڙن کي ٿو ٽوڪي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    اي هنر ها نهاده بر کف دست،
    عيبها را نهاده زير بغل؛
    تا چه خواهي خريدن اي مغرور،
    روز درماندگي به سيم دغل؟ اي پنهنجا ڳڻ هٿ جي تريءَ تي رکيا اٿي،
    اَوڳڻن کي ڪڇ هيٺ لڪايو اٿي،
    اڙي هٺيلا! ڇا ڳنهي سگهندين،
    گهرج جي مهل ۾، کوٽي رپي سان؟

    ۲۶۲ - ڏيتا نهين، چي پورا تول.
    هن پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، جو هو وڪڻڻ واري نه ڪري، هي چويس جو پورو تورج. پر مطلب هي آهي جو هڪڙو شخص اڻ ڪوٺيو. ڪنهن جي گهر ۾ وڃي ۽ گهر ڌڻيءَ کي رڳو سندس اچڻ به نه وڻي ۽ هو چوي، جو آءٌ کچڻي ڪين کائيندس، مون لاءِ پلاءُ جوڙائج. تنهن تي هنديءَ واري پڻ چيو آهي:
    مان منائي بن ڪهت اَو کيل هيس ٻول،
    بَنِڪُ هاٽ بيٺن نه دي، ڪھ جهڪتو ئي تول. آڌر ملي بنا چوي، جو اچ کيڏ، کل، ڳالهاءِ،
    هٽائي وهڻ نه ڏئي، چئجيس اُٽل سان تور.
    پر سياڻي کي اهڙي هلت ڪرڻ نه گهرجي؛ ڇا کان جو ڪنهن تي اجايو بار ٿي پوڻ چڱو نه آهي. اهڙو ذڪر نمبر ۵۵۲ واري پهاڪي ۾ پڻ هليو آهي.

    ۲۶۳ - ڏنڀجي گڏهه، سور ٿئي ساٽيءَ کي.
    ساٽي، گڏهه جو ڌڻي. گڏهه ڏنڀجڻ مان ساٽيءَ کي سور ٿيڻ رڳي ساٽيءَ جي بي سمجهي آهي، تنهن وانگي بعضي لچا ماڻهو پنهنجو ڪيو پائن ۽ ٻيا مورک ان جي حال تي ارمان ڪن.

    ۲۶۴ - ڏاندان ڳاههُ مردان ڌُڪا، زالان ساهه پنڌ وچ سُڪا، گهوڙا ضبط ڪنان وڃ لڪا.
    ڳاهه، پوک جا سنگ گڏ ڪري پنج ڏهه ڏاند گڏ ٻڌي هلر وهائين سو. ڌُڪا، جي اُهي سنگ ٿورا هئن، ته ڳچ جيترا مڙس گڏ ٿي سوٽن سان ڪٽن سي. اهي ٻه ڪم ڏاندن ۽ مڙسن کي ڏکيا لڳن، تئن زالن کي پنڌ ۽ گهوڙن کي پوک ڪڇڻ جي مهل اهنجي آهي. ڌڻي شال سهندا بار نه ڏئي!

    ۲۶۵ - ڏُچَرُ گهوڙو، سُچَر زال ٻئي ٻن پيا.
    ڏُچَر يعني ٿورَ-کائڪ، سُچَر يعني گهڻ-کائڪ، ٻن پيا؛ هي اصطلاحي لفظ آهي جهڙو چئجي کوه پيا، يا کڏ پيا، جنهن جو مطلب پڻ هوندو چڱو. ۽ پهاڪي جو مطلب آهي، جو ڏچر گهوڙي جي گلا ٿو ڪري، سو سچ، هن ريت جو ڏچر گهوڙو متارو نه ٿيندو، مهل ۾ ڪم به نه ايندو. تنهن وانگي سچر زال جي پڻ نندا ڪري ٿو، تنهن ۾ به ڦير ڪو نه آهي؛ هن طرح جو زال جي ذات کي چَٽائيءَ جي هير پيئي، ته سگهو گهر کي چپڙ چٽ ڪندي.

    ۲۶۶ - ڏکڻ مينهن نه وسڻا وسي ته ٻوڙي، ڪانئر ڌڪ نه هڻڻان هڻي ته جهوري.
    هن ملڪ ۾ ڏکڻ پاسي جو مينهن گهڻو ڪري ڪين وسي پر جڏهن ڪڏهين وسي ته اهڙو گهڻو وسي، جو ٻوڏ ڪري. پهاڪي وارو ڪانئر کي پڻ اهڙو ڄاڻي ٿو؛ سو سچ آهي جو ڪانئر ڊپ کان ڌڪ نه هڻندو؛ پر جڏهن هڻندو تڏهين ڊڄي ڏاڍو هڻندو.

    ۲۶۷ - ڏني جو پٽ ڇٽو.
    ڏنو ۽ ڇٽو، هي ٻئي ماڻهن جا نالا آهن، پهاڪي جو مطلب يعني معنيٰ هيءَ آهي، جو جنهن ڏنو، سو ڇٽو. پر مراد سنديس هڪڙي هيءَ به آهي، جو جنهن کي ڪي قرض ڏيڻو هوندو، سو جڏهن ڏيندو، تڏهن ڇٽندو؛ ٻي هي آهيءَ ته جو سخاوت ڪندو، سو پرلوڪ جي ڏکن کان ڇٽندو؛ ٽين هيءَ، جو دنيا خدا جي واٽ کي ٻنڌ آهي، تنهن کي جو ڇڏيندو سو ڇٽندو. تنهن تي هڪڙو مثل آهي:
    هڪڙي ڪامل پنهنجي مريد کي اُپديش ڪيو، جو دنيا کي ڇڏيندين، ته ڇٽندين. هڪڙي ڏهاڙي اُهو ساڳيو مريد، ڪامل جي ڪچهريءَ ۾ ويو، جتي ماڻهو تمام گهڻا ويٺا هئا؛ جنهنڪري مريد کي اندر لنگهي وهڻ جي اُميد نه ٿي. تڏهن مُهر هڪڙي سون جي کيسي مان ڪڍي ڪامل جي خاص مريد کي ڏنائين، جو ڪامل جي اڳيان ويٺو هو، سو مهر جي لالچ تي اها جاءِ ڇڏي ٻاهر ويو. اُن مريد اتي ويهي ڪامل کي عرض ڪيو، جو جنهن دنيا ڇڏڻ لاءِ فرمايو هُئو، تنهن جي برڪت سان اوهان جي اڳيان وهڻ مليو اٿم. تڏهن ڪامل چيو، سو پڻ تڏهن، جڏهن هٿان ڇڏيئي؛ نه ته جنهن ورتي، تنهن کان اها جاءِ ويئي.

    ۲۶۸ - ڏُٻري ڍور کي مڇر گهڻا.
    معنيٰ هن پهاڪي جي پڌري آهي، ۽ مطلب هي آهي، جو هيڻي کي سڀڪو ماري. جهڙو فارسيءَ ۾ بيت آيو آهي:
    بقهرِ خدا چون کسي اوفتاد.
    همھ عالمش پاءِ بر سر نهند. ڌڻيءَ جي ڏمر ۾ جڏهن ڪو پوي،
    سڀ ماڻهو اُن جي مٿي تي لت رکن.

    ۲۶۹ - ڏيڻ، ڏيهه ڇڏڻ، ڏيهي ڇڏڻ ٽيئي اهنجا.
    ڏيڻ يعني ناڻو هٿان ڏيڻ، ڏيهه ڇڏڻ، يعني وطن ڇڏڻ، ۽ پرڏيهه وڃڻ، ڏيهي ڇڏڻ يعني مرڻ، سچ هي ٽيئي ڪم ڏاڍا اهنجا آهن.
    ۱. ڏيڻ جي نسبت ۾ سياڻا چوندا آهن، جو ڏيڻ ۽ روئڻ دل جي هيٺان، ۽ گهرڻ کلڻ دل جي مٿان آهن؛ سو مٿ واري شي ڪڍڻ سولي، ۽ هيٺ واري اولي آهي.
    ۲. ڏيهه ڇڏڻ پڻ سولو نه آهي؛ ڇا کان جو سفر جا ڏک جنهن ڏٺا هوندا، سو ڄاڻندو هوندو، تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:
    سفر اگر چه به يک نقطه کمتر از سقر است،
    ولي عذاب سفر از سقر زياده تر است. نقطن ۾ سفر هڪڙو نقطو سقر * کان گهٽ آهي؛
    پر سفر جو ڏک دوزخ کان واڌو آهي.
    * يعني دوزخ.
    ۳. مرڻ سڀ کان ڏکيو آهي، جو ڪنهن کي نه وڻي؛ ان لاءِ فارسيءَ واري چيو آهي:
    نديده که چه سختي رسد بحال کسي،
    که از دهانش بدر ميکنند دنداني؛
    قياس کن که حالت بود دران ساعت،
    که از وجود عزيزش بدر رود جاني. نه ڏٺو اٿي، جو اُن شخص کي ڪهڙو حال رسندو آهي، جنهن جي وات مان رڳو ڏند ڪڍندا آهن؟
    ويچار ڪر، ته اُن مهل ڪهڙو حال ٿيندو هوندو،
    جڏهن پياري بت مان ساهه ٻاهر ويندو هوندو!
    تنهن تي هڪڙو نقل ياد آيو اٿم:
    هڪڙي پوڙهي عورت جيئڻ کان وِرتي؛ سا ڏهاڙي وڻ تي چڙهي، اُڀ ڏي نهاري چوندي هئي ته، ڌڻي منهنجا! عزرائيل موڪلي مون کي گُهراءِ. هڪڙي ڏهاڙي رات جو سندس پاڙي واري گهر ۾ هڪڙي گابي وڃي هڪڙي تس ۾ ٻوٿ وڌو، جو اٽڪي پيس؛ سو گابو تس سوڌو هن پوڙهيءَ جي گهر ۾ گهڙي ويو، تنهن کي اوندهه جي سبب نه سڃاتائين ۽ عجب جهڙو ڏسي گابي کي عزرائيل ڄاڻي ڀڳي، ۽ چيائين، جو ميان عزرائيل! ڌڻيءَ وٽان تو کي جنهن عورت آڻڻ جو حڪم مليو آهي، سا آءٌ نه آهيان. اُها منهنجي ڀيڻ منهنجي مهانڊي آهي، منهنجي گهر ڀلجي آيو آهين؟ ڏسو هاڻي ته پهاڪي واري سچ چيو آهي يا نه؟

    ۲۷۰ - ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو.
    چڀڙ هڪڙيءَ ول جو ڦر آهي، جو ڪَتيءَ جي پوک سان ٿئي، ۽ متيرو پڻ چوندس، جنهن کي ماڻهو ڪڏهن ڪچو کائن ڪڏهن تيوڻ ۾ وجهن؛ بعضي چيري، لوڻي، سڪائي، ڪچريون ڪري، گيهه ۾ تري کائين. پر جاسين ڪچڙو هئي تاسين ڪڙو لڳي؛ ۽ جڏهن ڏياريءَ وارن ڏهاڙن ۾ پچي، تڏهن ڪوڙٽ ڇڏي، تنهن لاءِ ماڻهو هي پهاڪو چوندا آهن، منجهانس ٻيو ڦل ڪو نه ٿو نڪري.

    ۲۷۱ - ڏٺو سڀ وسار، اڻ ڏٺي کي ياد ڪر.
    ڏٺو يعني دنيا جو ڌنڌو جيڪي ڏسجي ٿو، اڻ ڏٺو يعني ڌڻي پاڪ، جنهن کي هن اکين سان ڏسي نه سگهجي. مطلب هي آهي، جو دنيا جو ڌنڌو جو ڏسڻ ۾ ٿو اچي، سو سڀ ناس ٿيندو. جهڙو گورو نانڪ شاهه چيو آهي:
    جو ديسي سو سگل بِناسي، جيون بادل ڪي ڇائي. جيڪي ڏسجي ٿو سو ناس ٿيندو، جئن ڪڪر جو پاڇو.
    تنهن کي وساري ڇڏ ۽ ڌڻي پاڪ جنهن کي ڏسي نٿو سگهجي، تنهن کي ياد رک. اِن حرفن جي ورجائڻ لاءِ مولوي صاحب جو پڻ بيت آهي:
    آنچه در انيشه آيد آن فنا است؛
    آنچه اندر وهم نايد آن خدا است. جيڪي فڪر ۾ اچي سو ناس ٿيندو؛
    جيڪي فڪر ۾ نه اچي اُهو ڌڻي آهي.

    ۲۷۲ - ڏاندَ چڙهي ٿي ڏک ڏسي.
    جنهن غريب ماڻهوءَ کي پنڌ ۾ چڙهڻ واسطي ڏاند ملي، سو پنڌڙئي کان سکيو هلندو؛ پر جڏهن اهڙيءَ حالت ۾ بي راضي ٿئي تڏهن ڄاڻبو، جو ڌڻيءَ جي ڏني تي بي شڪر ٿي هن پهاڪي جو مخاطب آهي. مثل:
    هڪڙو غريب ماڻهو ڪٿان لڏي جنڊ مٿي تي کڻي، جوءِ ڏاند تي چاڙهي ڪاڏيو هليو: واٽ تي زال کي هڪڙي ساهيڙي ملي، تنهن کيڪاري پڇيس، تنهن جي اڳيان مڙس ڏي هٿ کڻي چيائين، جو هو جنڊ کنيو جشن ڪندو هلي، آءٌ ڏاند چڙهي ڏک ڏسندي ٿي وڃان. تنهن کي ساهيڙيءَ چيو، جو مڙس تو کي مهرباني ڪري ڏاند تي چاڙهيو آهي، ته شڪر بدران سندس گلا ٿي ڪرين. سو مڙس توکان ڇا راضي رهندو؟ تنهن وانگي جو شخص ڌڻيءَ جي نعمت جو شڪر نه ڪندو، تنهن سان ڌڻي راضي نه رهندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    خداوند زان بنده خورسند نيست،
    که راضي قسمت خداوند نيست. اُن ٻانهي کان ڌڻي راضي نه آهي،
    جو ڌڻيءَ جي ورهاڱي تي راضي نه آهي.

    ۲۷۳ - ڏُٿ نه کُٽو، ڏوٿي کُٽا.
    ڏُٿ يعني جهنگلي اَن ۽ ٻيون شيون، جهڙي ساوڙي، گُم، مکڻي، لوڙهه، بهه ۽ ٻيا؛ ڏوٿي يعني جهنگلي غريب ماڻهو جي ڏٿ تي گذر ڪن.
    معنيٰ پهاڪي جي هيءَ آهي، جو ڏوٿي گهڻا ئي ڏٿ چونڊي کائي کائي مري ويا؛ پر ڏٿ مند تي اوتري جو اترو. تنهن وانگي هن ڌرتيءَ تان ڪيترا راجائون راڄ ڪري هليا ويا؛ ڌرتي جهڙي جي تهڙي. تنهن تي ديندار ماڻهو هڪڙو مثل چوندا آهن، جو جڏهن ٻه راجائون ڌرتيءَ تي پنهنجي پنهنجي دعوا ڪري ويڙهه ڪن، تڏهن ڌرتي کلي چوي؛ جو هنن جهڙا اڳي ڪيترا ڳيٿا اٿم، تن وانگي هنن کي به کائينديس، جي مون کي پنهنجو ٿا ڄاڻن.

    ۲۷۴ - ڏِس ڪاڻيءَ کان، اک ڪاڻي چڱي.
    ڏِس ڪاڻي، هي اصطلاحي لفظ آهن جو جيڪڏهن ڪنهن هنڌان قرض کڻي ڪو ڀڄي ٻئي ملڪ ۾ وڃي، ته ڄڻ ڏِس ڪاڻي ڪيائين. پهاڪي واري جو مطلب هي آهي، جو اهڙيءَ ڪُپت ڪرڻ کان ڪاڻو ٿيڻ چڱو، پر ان لاءِ ڪو سچ پڇي ته انڌو چڱو آهي.

    ۲۷۵ - ڏائڻ هلي مڙدا، ڪڍڻ، مڙدن ڪپڙا به لاهي ورتس.
    رَن پنهنجو ٻل ساري ڪم نه ڪيو، تڏهن اهو حال ٿيس؛ ڇو پنهنجي قدرت کان واڌو ڪم ۾ هٿ وڌائين؟ ان لاءِ هڪڙو مثل آيو آهي:
    هڪڙو ڪوريئڙو مک جي شڪار لاءِ هليو؛ مک جي بدران ڪاٿي هڪڙو باز ويٺل ڏٺائين، ڀانيائين، جو اهڙو شڪار آهي، جنهن مان گهڻن ڏهاڙن جو ڍءُ ٿيندو. تنهن لوڀ تي باز جي ڦاسڻ لاءِ پنهنجي گگ جي تند مٿس ويڙهيندي گهڻي ويرم وڃايائين. ايتري ۾ باز اُڏاڻو، تنهن کي گگ جي تندن نه جهليو؛ پر سندس کنڀن جي واءَ ۾ ڪوريئڙو پڻ اڏامي ويو. تنهن وانگي، جو ماڻهو پنهجي پهچ کان واڌو ڪم ۾ هٿ وجهندو، سو نيٺ باهُڙبو.


    ڊ

    ۲۷۶ - ڊڄ تنهين جي ڊاءِ، جنهن جي وائيءَ ۾ ور گهڻا.
    ڊاءِ يعني ڊپ، مطلب هي آهي جو جنهن جي زبان هڪڙي نه آهي، يعني منجهس ڦير گهير ٿئي ٿو، جو ڪڏهن ڪا ڳالهه ڳالهائي، يا ڪڏهن ڪنهن سان ڪڏهن ڪنهن سان همراهه ٿئي، تنهن کان يا تنهن جي سنگت کان ڊڄجي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    بيزارم زان چشم که هر سو نگران،
    بيزارم زان دل ڪہ پنجاه زبان،
    بيزارم از صحبت ياران چنان،
    گہ با من، گہ با تو، گھ با دگران. جا اک سڀني پاسي نهاري تنهن کان وِرتل آهيان،
    جنهن جي دل هڪڙي زبانون پنجاه تنهن کان وِرتل آهيان،
    اهڙن يارن جي صحبت کان وِرتل آهيان،
    جي ڪڏهن توسان، ڪڏهن مون سان، ڪڏهن ٻين سان.

    ۲۷۷ - ڊني واڻئي، لاڀ نه مور.
    واڻيو يعني واپاري؛ مطلب واپاري ڊڄي واپار ۾ هٿ نه وجهندو، تنهن کي ڪٿان فائدو ٿيندو؟ ۽ سياڻا چوندا آهن، جو واپار ڪم جر جي ٽٻي آهي، تنهن ۾ واڌي جو سوس گهڻو آهي، ته گهاٽي جو ڊپ پڻ ٿورو نه آهي؛ هن فارسيءَ پهاڪي وانگي:
    يا گنج بر گيري، يا در تلاطم امواج بميري. يا خزانو هٿ ڪندين يا لهر جي لوڏن ۾ مرندين.
    پر مطلب هي آهي، ته جو دنيا جو ماڻهو ڏاکڙي کان ڊڄندو، تنهن کي روزگار ڪٿان هٿ لڳندو؟ جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    غواص گر انديشہ کند کام نهنگ،
    هر گز نکند دُرِ گران مايه چنگ. جيڪڏهن ٽوٻو واڳوءَ جي وات کان ڊڄندو،
    ڳري ملهه وارو موتي هٿ نه آڻيندو.


    ر

    ۲۷۸ - رڪ جا چڻا آنڊا ڦاڙن.
    چڻا، هڪڙي اَن جي وَنِڪَ آهي، جا ماڻهو کائن ته پيٽ ۾ پچي وڃي؛ پر جيڪڏهن ڪو اهڙا رڪ جا داڻا کائي ته جيڪر ڪين ڦٻنس. مگر هي رڪ جا چڻا اصطلاح آهي، يعني ڏاڍي جو مال، جهڙوڪ ڪو شخص سرڪاري نوڪر هجي ۽ جيڪي هٿ ڏنو قُوت مليس ته اُهو اَن وانگي ڦٻي وڃيس؛ پر جي غير واجبيءَ طرح کائيندو ته ڪر رڪ جا چڻا کاڌائين، سي کائڻ مهل کائي ويندو، پر پوءِ خراب ٿيندو. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    تَوان به حلق فرو برد استخوان درشت،
    ولي شکم بدرد چون بگيرد اندر ناف. نڙيءَ کان هيٺ ڏاڍو هڏو لنگهائي سگهجي،
    پر جڏهن دُنَ ۾ وٺي تڏهن پيٽ ڦاڙي.

    ۲۷۹ - راکي رام، ته ماري ڪير؟
    هن پهاڪي جي مطلب کي سڀ ديندار بلڪ سڀني مذهبن جا ماڻهو مڃيندا، ڇو ته جنهن کي ڌڻي رکڻهار، تنهن کي ڪير ماري سگهي؟ جهڙو فارسي بيت آهي:
    دشمن چه کند چون مهربان باشد دوست. جڏهن ڌڻي مهربان هئي، تڏهن ويري ڇا ڪندو؟

    ۲۸۰ - رڙا ڪين رجهن، توڙي ٻارڻ ٻرن ٻهِ پُڙا.
    رڙو مڱن جي اَن ۾ هڪڙو کريل داڻو آهي، جو گهڻي ٻارڻ سان پڻ نه رجهي؛ ٻه پڙا يعني ٻيڻا. مطلب هي آهي، جو جئن رڙو گهڻي ٻارڻ سان پڻ نه رجهي، تيئن ڪميڻو ماڻهو گهڻيءَ تربيت سان پڻ نه سکي، نه سڌري. جهڙو فارسي مثل آهي:
    تربيت نااهل را چون گردگان بر گنبذ است. سيکارڻ ڪميڻي کي جهڙو قبي تي کينهون.

    ۲۸۱ - رهي راهوجين، بهي باهوجين، ڪتي ڪنئريجن جي.
    راهوجا، باهوجا ۽ ڪنئريجا ٽيئي ذاتين جي نالي جا ڳوٺ آهن: يعني ڪتي هڪڙي هنڌ جي، ٽِڪي ٻئي هنڌ، ڀونڪي ٽئي هنڌ. پر مطلب هي آهي، جو هڪڙي ڪارخاني جي ماڻهوءَ کي بنا پروجن ٻئي ڪارخاني جي ڪم ۾ هٿ وجهڻ اهڙو آهي، جهڙو پهاڪي واريءَ ڪتيءَ جو حال.

    ۲۸۲ - راڻي سا، جا راءِ کي وڻي.
    جيڪڏهن هڪڙي راجا کي گهڻيون راڻيون هونديون تن مان جيڪا وڻندڙ هونديس، اها ئي سهاڳڻ چئبي. تنهن وانگي ماڻهو توڙي ڪم ته اُهو چڱو، جو ڌڻيءَ کي وڻي. جهڙو گورو نانڪ شاهه جو وچن آهي:
    جو تُڌُ ڀاوي سا ئي ڀلي ڪار. جو توکي وڻي اهو ئي چڱو ڪم.

    ۲۸۳ - رڍ اڳيان رباب، وڄائيندي ورھ ٿيا.
    هن پهاڪي جي چوڻ واري جو اصل مطلب ٻيو هو، پر رواج ۾ غلط ٿي ويو آهي. جيتوڙي ته عربي قول آهي:
    غلط العام صحيح. گهڻن جي غلط کي صحيح ڄاڻجي.
    پر جڏهن ڪا ڳالهه سياڻن جي مجلس ۾ اچي تڏهن غلط ۽ صحيح جو ويچار کپي؛ تنهن لاءِ هي مثل کي ڏيکاريان ٿو:
    هڪڙو ريڍار نصيب جي زور سان ڪاٿي وڃي راجا ٿيو، ۽ لنگهو سندس آڳاٽو ڄاڻائو هو، سو ڪنهن مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ وٽس وڃي رباب وڄائڻ ۽ ڳائڻ لڳو، پر گهڻن ڏهاڙن تائين ڳالهه مان ڪين وريس. هڪڙي ڏهاڙي لنگهي کي هڪڙو يار مليو، تنهن پڇيس، تنهن کي کلي چيائين؛ ڙي يار! ريڍار اڳيان رباب وڄائيندي ورهه ٿيا. مطلب ڳالهه جو هي جو اڄاڻ ريجهائڻ گهڻي کپت گهري. فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    اگر صد باب حڪمت پيش نادان،
    بخوانند آيدش بازيچه در گوش. اڄاڻ اڳيان جيڪڏهن حڪمت جا سؤ باب،
    پڙهين، ته به هن کي راند ٻڌڻ ۾ اچي.

    ۲۸۴ - راجا ڪري سو نياءُ، ڍارو پوي سو داءُ.
    ڍارا هن ملڪ ۾ چوپڙ راند کيڏڻ جا ٽي اوزار آهن، جن تي ڳاڻيٽي جا نشان رهن ٿا؛ اڇلائڻ مهل ٽن کان وٺي ارڙهن تائين سندن عدد ڏسڻ ۾ اچن، تن موجب کيڏڻ وارا چوپڙ تي ساريون هلائين. مطلب جو ان عددن مان جيترا به عدد پون، تن کي داءُ چئجي؛ پر اِها تڪ رڳي قافيه جي پورائيءَ لاءِ آندي اٿن. پهاڪي جو مطلب هي آهي جو وقت جو راجا جيڪي ڪري، سو واجبي ڄاڻجي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    هر چه آن خسرو کند شيرين بود. جيڪي اُو راجا ڪري سو مٺو هئي.

    ۲۸۵ - رن پٽ کي لڳي ڀاڳ، ته ڏي جواري ڀت کي داڳ.
    داڳ، اصلي هي اکر داغ آهي، جو اصطلاح ۾ غلط ٿي داڳ چئجي ٿو، ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ پگهار پڻ سڏبو آهي؛ يعني گيهه ڪوسو ڪري چانورن رڌڻ ۾ وجهجي، يا منجهس گوشت پلاءُ رڌجي؛ پر ڀت يعني رٻ ۾ اِن طرح جو گيهه وجهڻ ضرور نه آهي. پهاڪي واري جو مطلب هي آهي، جو جڏهن ڪميني ماڻهوءَ کي مفت جو ناڻو هٿ لڳي، تڏهن اهڙا اجايا خرچ ڪري.

    ۲۸۶ - رات ٿوري، ساٺ گهڻا.
    ساٺ، شادين ۾ ماڻهو خصوصاً هندو پوڄائون ڪن، تن جو نالو، يعني جيڪڏهن گهڻي ويرم لائي ججها ساٺ ڪجن، ته هوند ساٺن ڪندي رات وهامي ۽ شاديءَ جو مُورت گُسي وڃي. هي پهاڪو ٿوريءَ ويرم ۾ گهڻو ڪم ڪرڻو هئي، تنهن لاءِ آيو آهي. جهڙو چئجي وقت ٿورو ڪم گهڻو، يا ڄمار ٿوري ڌنڌو گهڻو، يا ڏينهن ٿورو پنڌ گهڻو.

    ۲۸۷ - رن چشڪي هري، رکي آرت وار.
    چشڪو يعني لذت يا سواد، هي پهاڪو منڍ ۾ هڪڙي نقل تي آيو آهي:
    هڪڙي شخص جي جوءِ وات جي چٽي هئي، هڪڙي ڏهاڙي مڙس کي کاڄ کارائي پاڻ لنگهڻ ويهي رهي؛ مڙس کي چيائين جو آرت وار ورت جو اٿم، تنهن ويچاري ڪهل ڪري بزار مان کير پيڙا آڻي کارايس. ورندي ڏهاڙي پڻ رن اُن مهل آرت وار جو مِنهن ڪري لنگهڻ ويهي رهي، تڏهن مڙس کلي هي پهاڪو چيو؛ پر مطلب هي آهي، جو لچ ماڻهوءَ تي هڪڙي ڀيري مهرباني ڪبي، ته وري وري هِري گستاخ ٿيندو.

    ۲۸۸ - راءِ ري گهران گيهه جهلجي پاند ۾.
    رائرو گهر يعني راجا جو گهر، پهاڪي جي معنيٰ هي آهي جو جيڪڏهن راجا جي گهران گيهه ملي ۽ باسڻ ساڻ نه هئي، ته ورائجي نه، ۽ ڪپڙي ۾ وٺندي پڻ صرفو نه ڪجي، پوءِ مَرُ هارجي پوي ۽ پاند سڻڀو ٿئي. مطلب جو سلطاني ڪارخاني مان سلوڪ سان جيڪي ملي، سو شڪر ڪري وٺجي ته اڳتي اُميد نه وڃي.

    ۲۸۹ - رن پٽ ريڍار، ڪانُ هڻي بنڊ ۾.
    بنڊ يعني ٿلهي ڪاٺي، شڪار ۾ مرن يا پکين کي ۽ جنگ جهيڙي ۾ ڪانُ يعني تير هڻڻ هڪڙي ريت آهي، پر بنڊ کي ڪانُ هڻڻ رڳي چريائي آهي، ۽ جيڪو هڻي تنهن کي هن پهاڪي وارو خطاب ملي. مطلب جو اڻ ٺاهوڪو ڪم ڪرڻ اِياڻپ جو آريکڻ آهي.

    ۲۹۰ - رِڻيءَ ۽ رائر جو سڏ جنهين کي هوءِ، مَنجي اُتي جوءِ، وڃي تنهن کي وسري.
    رڻو يعني قرض، رائُر يعني سرڪاري ڍل. هن پهاڪي جي سا معنيٰ سو مطلب، يعني جنهن کي بازار جو توڙي سرڪار جو قرض ڏيڻو هوندو، تنهن کي ڀاڪر واري جوءِ به ياد نه پوندي. اهڙو ذڪر نمبر ۱۰۷ واري پهاڪي ۾ پڻ هليو آهي.

    ۲۹۱ - روزن پٺيان عيدون، عيدن پٺيان روزا.
    هن پهاڪي جي معنيٰ توڙي مطلب سڀڪو ڄاڻي ٿو، تڏهن به ايترو چوان ٿو، جو دنيا جو سدائين اهو ڌرم آهي، جو ڏک پٺيان سک، سک پٺيان ڏک بيٺو ئي آهي.

    ۲۹۲ - رتُ ڏسي رُمي هڻجي.
    رُمي ماڻهوءَ جي بت مان رت ڪڍڻ جي شيءِ يعني اوزار آهي، معنيٰ پهاڪي جي هيءَ آهي، جو ضرورت جي وقت، جاتي رت هئي اُتي رُمي هڻي رت ڪڍجي؛ پر جاتي رت ٿورو هوندو، اُتي رُمي لڳندي، ته مورڳو زيان ٿيندو؛ تنهنڪري اهڙي هنڌ رُمي هڻڻ ڪار نه آهي. مطلب جو جانور يا ماڻهوءَ تي اُن جي پڄنديءَ سارو بار رکڻ کپي؛ جهڙو هڪڙو وهٽ ٻه مڻ بار کڻي سگهي. تنهن تي چار مڻ رکبا، ته مرندو يا چيلهه ڀڄنديس، ۽ جي سهندو بار هوندس، ته کڻي منزل تي رسائيندو، ۽ سکيو هلندو. جهڙو فارسيءَ ۾ آيو آهي:
    خر که کمتر نهند بروي بار،
    برهه آسوده ميکند رفتار. گڏهه جنهن تي ٿورو بار رکبو،
    واٽ ۾ آرامي هليو ويندو.


    ز

    ۲۹۳ - زيري لاءِ ٻڪري نه ڪجهي.
    زيرو؛ جيرو ٻڪريءَ جي بت ۾ ننڍڙو لنڱ آهي، يعني رڳي جيري لاءِ گهرج مهل ٻڪري ڪهڻ اهڙي آهي، جهڙو هڪڙيءَ سر لاءِ سڄو گهر ڊاهڻ؛ تنهنڪري ٿوري مطلب ڪاڻ گهڻو زيان ڪرڻ نه گهرجي. جهڙو فارسيءَ وارو چوي ٿو:
    ترا تيشہ دادم که هيزم شکن،
    نگفتم که ديوار مسجد بکَن. تو کي واهولو ڏنم ته ٻارڻ جي ڪاٺي ڀڃ،
    نه چيم ته مسجد جي ڀت ڊاهه.

    ۲۹۴ - زالان ڌاوڻ، مردان کاوڻ.
    ڌاوڻ يعني وهنجڻ، يعني زال جي ذات کي گهرجي، جو وهنجڻ تي ويرم ٿوري لائي، يعني جلد وهنجي؛ سو ڪو ته وهنجڻ وير ڪي لنڱ ضرور اگهاڙا ٿيندس، ۽ زال کي اگهاڙو رهڻ مناسب نه آهي، ۽ مرد کي پڻ کاڄ کائيندي ويرم نه ڪرڻ گهرجي. مطلب جو زال کي ستر جو، ۽ مڙس کي ڦڙتائيءَ جو سعيو گهرجي.


    س

    ۲۹۵ - سورائتڻ سور اڻ سورائت سان اوريو، هن جو ڀنجهر نه ڀُريو، هوءَ وڃي ٿي وهلور، پرايائين پور، اڳي کان به اڳرو.
    سورائت يا سورائتڻ يعني ڏکويل، اڻ سورائت يعني بيدرد، اوريو يعني ڳرهيو، ڀنجهر نه ڀريو هي اصطلاح آهي يعني اثر نه ٿيو، وهلور يعني هيڻو ٿي ويو. پهاڪي جو مطلب هي آهي جو ڏک واري کي بيدرد اڳيان حال ڳرهڻ مان فائدو ڪو نه ٿيندو. جهڙو سمن چيو آهي:
    سمن پر گهر جائڪي دک نه ڪهيئي روءِ،
    ڀرم گواوڻ اَپنا ونڊ نه ڏيوي ڪوءِ. سمن پرائي گهر وڃي روئي ڏک نه ٻڌائجي،
    پنهنجي لڄ وڃائبي، ورهائي ڪو نه ڏيندو.
    ۽ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    تا ترا حالي نباشد همچو من،
    حال من باشد ترا افسانه. جاسين مون جهڙو حال نه هوندءِ.
    منهنجو حال تو اڳيان آکاڻي هوندي.

    ۲۹۶ - سنگ تاري، ڪسنگ ٻوڙي.
    سنگ يعني اشرافن جي صحبت، ڪسنگ بڇڙي صحبت؛ مطلب جو پهاڪي واري چڱيءَ صحبت کي ساراهيو آهي؛ تنهن تي سياڻا چوندا آهن جو چڱي صحبت اهڙي آهي جهڙو پارس جو پاسو. فارسيءَ واري چيو آهي:
    آهن چو بپارس آشنا شد،
    في الفور صورت طلا شد. پارس سان جڏهن لوهه سينڌو ٿيو،
    سگهو سون جو روپ ٿيو.
    ۽ بڇڙيءَ صحبت جي گلا ٿو ڪري، تنهن تي هنديءَ واري چيو آهي:
    ماري مرون ڪسنگ ڪي ڪيلي پاس جيون ٻير،
    اوهه جهولي اوهه چيرئي سائين ڪسنگ نه ميڙ. ڪسنگ جو ماريو ائين مران، جئن ڪيوڙي وٽ ٻير،
    هوءَ لڏي، هو چيرجي، ڌڻي ڪسنگ نه ملاءِ.

    ۲۹۷ – سچ جي ٻيڙي لڏي لڏي پر ٻڏي ڪين.
    هن پهاڪي جي معنيٰ پڌري آهي، مگر سندس مطلب هي آهي جو سچ کي ڪڏهن ڊپ ڪو نه آهي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    راستي را زوالي نيست. سچ کي ڦِٽاڻي نه آهي.
    اهڙو ذڪر نمبر ۳۱۳ واري پهاڪي ۾ پڻ هليو آهي.

    ۲۹۸ - سکڻي ڪني، گهڻو اُڀامي.
    ڪني، هڪڙو ٺڪر جو باسڻ آهي، جنهن ۾ غريب ماڻهو رڌن، سا جيڪڏهن چانورن يا ٻيءَ شيءِ سان ڀري باهه تي چاڙهجي ته پوريءَ طرح رجهي؛ پر جيڪڏهن منجهس اَن ٿورو هئي، ته باهه جي زور سان سندس پاڻي گهڻو ڦڦڪي. تنهن وانگي ماڻهو پڻ جيئن اشراف ۽ وهيون هوندو، تيئن سهمي سهمي هلندو؛ جيئن لچ ۽ ولهو هوندو تيئن ٽيڳر گهڻي ڪندو. تنهن تي ڪبير صاحب جو وچن آهي:
    ڪهت ڪبير ڇو ڇا گهٽ ٻولي؛
    ڀريا هوئي سو ڪٻهون نه ڏولي. ڪبير صاحب چوي اُوڻو دلو پاڻيءَ جو ڇلڪي،
    ڀريل هئي سو ڪڏهن نه ڇلڪي.

    ۲۹۹ - سَتي ٿي سيڏائي، لَنڊي ٿي کائي:
    ستي يعني اشراف عورت، سيڏائي يعني نهاري ۽ سڪي، مطلب هي آهي جو زماني جي هلت موجب ڪنهن وقت اشرافن لاءِ بک ۽ ڪميڻن ڪاڻ ڍئو آهي، جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    اسپ تازي شد مجروح به زير پالان؛
    طوقِ زرين همه در گردن خر مي بينم. ڀلو گهوڙو پلاڻ هيٺ ڦٽيو،
    سون جا ڳٽ گڏهه جي سسيءَ ۾ ڏسان ٿو.

    ۳۰۰ - سِرُ ڏجي، پر سُر نه ڏجي.
    سِرُ يعني مٿو يا سسي، سُر يعني دل جو ڳجهه، معنيٰ هيءَ آهي جو دل جو ڳجهه سڀ کان واڌو لڪائڻ کپي؛ بلڪ جيڪڏهن سر وڃي ته ڀؤ نه آهي؛ پر ڳجهه نه ڏجي. تنهن تي هڪڙو مثل آيو آهي:
    هڪڙي بادشاهه کي ڪنهن سياڻي چيو، جو سڀ کان واڌو سياڻپ هيءَ اٿي، جو دل جو ڳجهه پنهنجي سڳيءَ پياري جوءِ کي پڻ نه ٻڌائج. بادشاهه ان ڳالهه جي چڪاس لاءِ پنهنجي زال کي چرچو ڪري چيو جو فلاڻو وزير منهنجي چئي ۾ برابر نٿو هلي تنهن کي مارائيندس. اها ڳالهه ٻئي کي ٻڌائڻ کان جهلي ڇڏيانس؛ پر اُن وزير جي جوءِ جيڪس راڻيءَ جي ساهيڙي هئي، تنهن پنهنجيءَ ساهيڙيءَ جي مڙس جي لاءِ اها ڳالهه ساهيڙيءَ کي ٻڌائي چيو جو ٻئي کي متان ٻڌائين. پر اهڙي ڳالهه اُن جي دل ۾ ڪٿان ٽڪي؟ تنهن پنهنجي مڙس کي ٻڌايو. وزير اها ڳالهه سچي ڄاڻي دل کي چيو جو پاڻ مرندي ڪهڙا سيڻ، ۽ وقت ڏسي بادشاهه کي مارائي ڇڏيائين. ڏسو جو رڳو چرچو ڪري دل جو ڳجهه ٻڌائڻ تنهن جو هي ڦل آهي. تڏهن پهاڪي وارو سچ ڪين ٿو چوي؟ فارسيءَ وارو پڻ چوي ٿو:
    تا تواني رازِ دل با يار جاني هم مگو،
    يار را ياري بود از يارِ انديشہ کن. جاسين ٿي سگهي ته دل جو ڳجهه جاني يار کي به نه ٻڌاءِ؛
    يار کي به ڪو يار هوندو تنهن يار جي يار کان ڊڄ.

    ۳۰۱ - سڪن گڏ آلا ٻرن.
    پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، جو هڪڙي سڪي وڻ کي باهه لڳي ته ڀرسان آلو وڻ نه ٻرڻ جهڙو به سڙي وڃي. تنهن وانگي لچ جي صحبت ۾ چڱو مڙس پڻ گلا هاب ٿئي. تنهن تي هڪڙو مثل آهي:
    هڪڙو چور جهنگ مان ڏاند چورائي هليو. گهڻي پنڌ کان پوءِ هڪڙو غريب واٽهڙو اچي ساڻس سنگتي ٿيو، تنهن کي چوريءَ جي سُڌِ مورئون ڪا نه هئي. ايتري ۾ ڏاند جا ڌڻي ۽ پيري اچي پهتا، ۽ ٻنهي کي چور ڪري جهلي قيد ڪرايائون. مطلب بڇڙيءَ صحبت جو اِهو ڦل آهي.

    ۳۰۲ - سوٽي هئي ساڻ، ته گڏهه گوهي نه ڪري.
    گڏهه هڪڙو لچو وهٽ آهي، جڏهن ڍاپي تڏهن پنڌ ۾ ٺينگ ڏئي ۽ گوهيون ڪري. پر جي سندس ڌڻي سوٽي چکائيس ته گوهيون ڇڏي. تنهن وانگي لچو ماڻهو پڻ جڏهن سائو ٿئي، تڏهن لچائي ڪري، ۽ موچڙن ڌاران سنئون نه هلي. ان لاءِ نمبر ۲۴۱ واري پهاڪي ۾ پڻ ذڪر هليو آهي.

    ۳۰۳ - سون پرکجي ڪسوٽيءَ، رُپو پرکجي باهه، ماڻهو تڏهن پرکجي، جڏهن ڪي ڳالهاءِ.
    هن پهاڪي جي اکري معنيٰ سڀڪو ٿو ڄاڻي ۽ مطلب سندس هي آهي، جو جهڙيءَ طرح سون کرو جي کوٽو ته ڪسوٽيءَ لڳي سڃاپي ۽ رپي جي کرائي کوٽائي باهه ۾ پڌري ٿئي، تهڙيءَ طرح ماڻهو پڻ جاسين ماٺ ڪيو ويٺو هوندو، تاسين سندس سياڻپ اياڻپ يا چڱائي برائي پڌري نه ٿيندي. تنهن لاءِ فارسيءَ وارو شاهد آهي:
    تا مرد سخت نگفته باشد،
    عيب و هنرش نهفته باشد. جاسين مڙس نه ڳالهايو هئي،
    سندس عيب ۽ هنر ڳجها هئن.

    ۳۰۴ - سر کان پوءِ سج اُڀري ته واهه نه ته ڇٽو.
    پهاڪي جو مطلب هي آهي جو هڪڙو شخص رات جو بيمار ٿئي، تنهن کي طبيب دوا کارائي چوي؛ جو سج اُڀرندو، تنهن جي سوجهري ۾ دوا اثر ڪندي، تنهنڪري بيمار سج اُڀرڻ جو آسائو رهي؛ پر تنهن کان اڳي مري وڃي. پوءِ ان کي سج اُڀرڻ نه اڀرڻ سان ڪهڙو ڪم؟ تنهن وانگي جا شيءِ گهرج لٿي کان پوءِ ملندي تنهن مان ڇا؟ تنهن تي سڌني ساڌ جو وچن آهي:
    ڏوٻ مُئي تو ڪاملي ڪنهن ڪام نه آوي. ٻڏي مرڻ کان پوءِ ٻيڙي ملي ڪنهن ڪم نه اچي.

    ۳۰۵ - سَپهوُ نه وسهوُ، وسهوُ ته مُسهوُ.
    سَپ تي نه وسهجي، جي وسهبو ته مُسهبو، ڇا کان جو سپ ماڻهوءَ جو ويري آهي. تنهنڪري ويريءَ تي ويساهه رکڻ مان نيٺ ڊپ آهي. تنهن لاءِ فارسيءَ واري جو چوڻ آهي:
    بر تواضع هاءِ دشمن تکيه کردن ابلهي است؛
    پاءِ بوسي سَيل از پا افکند ديوار را. ويريءَ جي نياز تي ڀروسو رکڻ اياڻپ آهي؛
    اَڏَ جو پيرين پوڻ ڀت کي پاڙ کان ڊاهي.

    ۳۰۶ - سرمو سڀڪو پائي، پر اک اک جو ڦير آهي.
    سرمو اهڙي سهڻي شيءِ نه آهي، جنهن مان سونهن وڌي؛ بلڪ اهڙو ڪارو آهي، جنهن کي هٿ لاتي هٿ پير ڪارو ٿئي. سو جيڪڏهن سهڻيءَ اک ۾ پوي، ته سهڻو لڳي؛ پر جي ٽيڏيءَ يا ڪوجهيءَ يا چوچيءَ يا ڪاڻيءَ اک ۾ پوي ته نه اک سونهين نه سرمو. تنهن وانگي جو ڪم سياڻي ماڻهوءَ جي هٿان سڌري، سو ساڳيو اياڻي جي هٿان مورڳو کري.

    ۳۰۷ - سنت سنت سڀڪو چوي سنت سمنڊان پار، اَنَلُ پکي ڪو هڪڙو ٻيا پکن ڪوٽ هزار.
    سنت، ڌڻيءَ جو سچو ٻانهون، سمنڊان پار، هي اصطلاح آهي ته سمنڊ جي هُن ڀر يعني الڀ، اَنَلُ پکي، هندوي ڪتاب چون ٿا جو سدا اُڀ ۾ رهي ۽ سڳورو آهي، جهڙو فارسي ڪتاب هماءُ چون. پهاڪي جو مطلب هي آهي جو اهڙا سچيار سنت ڌرتيءَ تي ٿورا بلڪ اَلڀ آهن.

    ۳۰۸ - ستين لنگهڻين ڪتو به حلال آهي.
    هن پهاڪي وارو اهڙي موڪل نٿو ڏئي، جو هروڀرو ڪو ماڻهو بخيل پيسا گهر رکي ست ويلا لنگهڻ ڪري، ناڻو پاڇي وجهي، ڪتو کائي پيٽ ڀري، ۽ ائين به نٿو چوي ته هروڀرو ڪتو ئي کائي، مگر سياڻپ جو اشارو آهي جو لاچاري بک جي ويلي جي سولو قوت نه ملي، ته اَولو گذران ڪري وٺي، ته به جهل نه آهي. جهڙو سُڪيءَ جي بي ڊپي سفر مان پيٽ قوت پورو نه ٿئي، ته سمنڊ جو ڊپ وارو سفر ڪرڻ منع نه آهي. يا جيڪڏهن ملڪي ڪارخاني جي نوڪري ڪرڻ مان ڍوَ نه ملي، ته جنگي ڪارخاني ۾ به نوڪري ڪرڻ روا آهي، جاتي سدائين تريءَ تي سر رکڻو پوي. فارسيءَ واري پڻ اهڙو اشارو ڏنو آهي:
    چو دست از همہ حيلتي در گسست،
    ضرور است بردن به شمشير دست. جڏهن سڀن حيلن کان هٿ ڇنو،
    ترار تي هٿ رکڻ ضرور آهي.

    ۳۰۹ - سڄن پيٽان وڍيا، وڍين پيٽان سڄا.
    سڄا، هي اصطلاحي اکر آهي، يعني اشراف يا سياڻا، يا ڀاڳ ڀريا. وڍيا، يعني لچ يا ڏڏ يا نڀاڳا. مطلب پهاڪي جو بعضي وقت ڀلن ماڻهن جو اولاد ڍلا، ۽ ڍلن جو اولاد ڀلا ٿين. اهڙيءَ طرح سنڌ جا ماڻهو گهڻو ٻڌا ۽ ڏٺا اٿم، پر اُهي نالا وٺڻ جي صلاح نه آئي؛ مگر آڳاٽا ڪي ٻڌا اٿم سي چوان ٿو، جو هڪڙي پاسي نوح نبيءَ جو پٽ، ۽ يوسف ڌاران ٻيا يعقوب نبيءَ جا پٽ، ۽ ٻئي پاسي نادر شاهه ۽ تمرلنگ بادشاهه.

    ۳۱۰ - سيرو کاڌو پاتل ڦاٽي.
    سيرو جهڙوڪي حلوو کاڄرو شيءِ آهي، پاتل ليسوڙيءَ يا بڙ يا ٻين اهڙن وڻن جا پن گڏي ڇيتن سان ڳنڍي جوڙجن، تن تي هندو ماڻهو کاڄ کائن؛ ۽ پاتل هيڪر جوٺي ٿي، ته وري ڪم نه اچي. هي پهاڪو هندوي اصطلاح جو آهي، يعني سبري کاڌي کان پوءِ پاتل جا وري ڪم نه اچي سا رکڻ ڇا ضرور؟ تنهن لاءِ هڪڙو مثل لکان ٿو:
    جڏهن نوشهري جي مختيارڪاري ڇڏي پينشن وٺي گهر آيس، تڏهن اُٺ گهوڙا جن ۾ ڪم ڪو نه رهيو، وڪڻي تڪڻي ڇڏيم. هڪڙي دوست پڇو جو وهٽ وانا سگها ڇو وڪيئي، تنهن کي اهو پهاڪو ٻڌايم. مطلب جو جنهن شيءِ مان ڪم لٿو ۽ وري ڪم اچڻ جي نه هئي، تنهن کي سانڍڻ ضرور نه آهي.

    ۳۱۱ - سو چور ئي نه آهي جو پنهنجو جوڻيت نه سڃاڻي.
    جوڻيت، اُهو جيڪو چور کي صحيح ڪري وٺائي، سو چور جو ويري آهي ڪ نه؟ مطلب جو پنهنجي ويريءَ کي سڀڪو سڃاڻي ٿو، چور ته هڪڙو ماڻهو آهي، پر پنهنجي ويريءَ جي مرونءَ کي به سڌ رهي ٿي. جهڙو ٻلي گهر ۾ هئي ته ڪئا لڪي وڃن، يا سينڱ هٿ ۾ ڏسي ڪانوَ ڀڄن. تنهن تي هنديءَ جي شاهدي آهي:
    پسون پکي هون جانتي هِتِ اَن هِتِ ڪي بات،
    * رِکي ديک سَڪُچَتَ نهين ٻنڌڪ تي ڏر پات. مرون ۽ پکي به وير ۽ دوستيءَ جي ڳالهه ڄاڻن،
    ساڌو ڏسي نه ڊڄن، ماريءَ کان ڊڄن.
    * بن ۾ عبادت ڪن سي.

    ۳۱۲ - سپتيو ماڻهو پرائي مال ۾ ڀائيوار.
    سپتيو يعني پت وارو، يا ڏيتيءَ ليتيءَ ۾ پورو. پهاڪي واري سپتئي ماڻهوءَ کي پرائي مال ۾ پورو ڀائيوار چيو آهي؛ جيتوڙي ڳالهه پڪ جهڙي نه آهي پر جيڪڏهن پت وارو اوير سوير گهرج مهل اُڌاري سڌاري لاءِ ڪاٿي ويندو ته ٺلهو ڪين ورندو، تڏهن قياس گهرجي ته ڀائيوار ٿيو ڪ نه؟

    ۳۱۳ - سچ سير، ڪاري ٻڪري، اڇو کير.
    هي پهاڪي وارو سچ کي ٿو ساراهي؛ جو کير هڪڙي شي آهي، جيتوڙي ڪ ڪاريءَ ٻڪريءَ مان نڪري ٿو، ته به سو اڇو. تنهن وانگي سچ پڻ جهڙي حال ۾ هوندو، تهڙي ۾ جوکو نه اٿس؛ جهڙو سون گپ ۾ پوندو، ته به ملهه ڪين گهٽائيندو. اهڙي ڳالهه نمبر ۲۹۷ واري پهاڪي ۾ هلي آهي.

    ۳۴۱ - سُڪ تُور کان ٻُڏ تُور چڱو.
    تُور يعني دفعو يا منڊ، پهاڪي جو مطلب هي آهي. جو پاڻي ٿورو ٿي پوک سڪائي، تنهن سڪ تور کان گهڻو ٿي ٻوڙي ته چڱو. جيتوڙي ته سياڻا چوندا آهن جو پوک کي پاڻي ٿورو به زيان ڪري، ۽ گهڻو به، پر گهڻن هنڌن ڪَتيءَ جي پوک پاڻيءَ جي گهڻائيءَ کان ٻڏي، ته ان ڌرتيءَ ۾ چيٽ ٿئي. تنهن کان سواءِ ٻوڏ واريءَ ڌرتيءَ ۾ به مڇي، لوڙهه، پٻڻ، ڪُمَ ۽ ٻيا اُپچن؛ ۽ جاتي سوڪ ٿئي اُتي واري ۽ مٽي. تنهنڪري ڄاڻجي ٿو جو پهاڪي وارو سچو آهي.

    ۳۱۵ - سياري جي سوَڙ سڀڪو پاڻ ڏي سيري.
    بعضي ماڻهو هن پهاڪي ۾ سياري جي باهه پڻ چوندا آهن، پر سوڙ توڙي باهه ته سياري ۾ سيءَ لاهيندڙ آهن. تنهنڪري مطلب هڪڙو نڪري ٿو سو هي آهي، جو مائٽ توڙي يار توڙي ڪو ٻيو ته سڀڪو پنهنجو سک ڳولي. جهڙو اردوءَ واري چيو آهي:
    مادر، پدر، برادر، فرزند، يار و زن،
    سڀ سک ڪي هين سنگتي ٽڪ سمجهه وي سجن. ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، پٽ، يار ۽ جوءِ،
    مڙئي سک جا ساٿي آهن ڙي يار ڪي سمجهه.

    ۳۱۶ - سڄڻ سڄي ٻانهن ڏئي ته سڄي نه ڳيهجي.
    هن پهاڪي جي سڄي عبارت گهڻو ڪري اصطلاحي اشارا آهن؛ ڇا کان جو نڪو ٻانهن ڪنهن جي وات ۾ ڏئي، نڪو ٻانهن ڪنهن جي ڳيهي. مگر مطلب هي آهي جو ڪو شخص ڀروسو رکي ڪا وٿ يا ڪو ڪم سپاري، ته ان ۾ خيانت يا ڪپت، يا ويساهه گهاتي نه ڪجي، نه ته اڳتي ويساهه ڪو نه ڪندو.

    ۳۱۷ - سچ مرچان، ڪوڙ ڳڙ، پير پيسا، جوءِ گُر ُ.
    هن پهاڪي مان ٻيو نرالو مطلب ڪو نه ٿو نڪري، رڳو بيدينن ۽ بخيلن ۽ گانڊن جي گلا ۾ آيو آهي، جن کي سچ مرچن وانگي ڪڙو لڳي ۽ ڪوڙ ڳڙ گهاءِ مٺو، ناڻي ۽ جوءِ کي مرشد ڪري پوڄن.

    ۳۱۸ - سياري ۾ سي ئي چڱا جن گهڻي باهه، اونهاري ۾ به سيئي چڱا جن گهڻي ڇاهه.
    هن پهاڪي واري جو مطلب هي آهي، جو جنهن جي گهر سياري ۾ باهه گهڻي ۽ اونهاري ۾ ڇاهه يعني جهڻ گهڻي هوندي، سي سکي رهندا؛ پر سک سڀ دولت جو کيل آهي. تنهن جو بيان ۽ هن پهاڪي جو جواب نمبر ۳۱۹ واري پهاڪي ۾ هلندو.

    ۳۱۹ - سياري به سي ئي چڱا جن کي آهه، اونهاري به سي ئي چڱا جن کي ڪي آهه.
    ڪي آهه يعني ڪي دولت آهي، هن پهاڪي وارو نمبر ۳۱۸ واري پهاڪي کي جواب ڏئي ٿو؛ ۽ چوي ٿو جو جنهن کي دولت آهي سو اونهاري توڙي سياري ۾ سکي رهندو. ڇا کان جو باهه توڙي جهڻ ته ٿوري ملهه واريون شيون آهن، پر دولت واري کي سڀ نعمتون سڻوليون آهن. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    بگرما و به سرما در بهار است،
    کسي کش دولت و اقبال يار ست. اُونهاري سياري اُن لاءِ بهار آهي،
    جنهن کي دولت ۽ ڀاڳ همراهه آهي.

    ۳۲۰ - سڳا سي ئي سيڻ، جنين پکا اوڏڙا.
    سيڻ يعني مائٽ، پکا ويجهڙا يعني پاڙوسي، پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، ته جو پاڙوسي سو وڏو مائٽ؛ مطلب جو مائٽ اُهو جو دوست. جهڙو فارسي پهاڪو آهي:
    برادر همان باشد که يار باشد. ڀاءُ اهو آهي جو دوست هجي.

    ۳۲۱ - سلو سو، جو انگورين ڀلو.
    مطلب ته جو ماڻهو ننڍپڻ ۾ لڇڻن وارو هوندو، سو وڏ پڻ ۾ پڻ سڌرندو. تنهن تي فارسيءَ واري به چيو آهي:
    هرکه در خورديش ادب نکند،
    در بزرگي فلاح زر بر خواست؛
    چوب تر را چنانکه خواهي پيچ،
    نشود خشک جز به آتش راست. جيڪو ننڍپڻ ۾ ادب نه ڪندو،
    وڏپڻ ۾ ڀلائي وٽانس اُٿي ويندي؛
    آلي ڪاٺي جئن وڻيئي تئن موڙ،
    سڪي باهه ڌاران سنئين نه ٿئي.

    ۳۲۲ - سوڙهي سياندري وهنوار نه ڪجي.
    سوڙهو سياندرو، اکرن جي معنيٰ ويجهي حد، مگر اصطلاحي معنيٰ مائٽي يا دوستي. پهاڪي وارو مائٽيءَ ۽ دوستيءَ ۾ واپار ڪرڻ کان جهلي ٿو، سو سچ آهي؛ جو واپار جي ڪم ۾ هڪڙي نه ٻئي وقت ڇڪتاڻ هلندي، جنهن ۾ واجبي حق سڀڪنهن کي ڇڪڻو پوي. پوءِ هڪڙي ڌر سانگو ڪري اُهو حق ڇڏيندي، ته حق ٻڏندس؛ تنهن تي هڪڙو ڏٺل قصو ياد آيو اٿم، جو هيٺ لکي ڏيکاريان ٿو:
    هلال ۽ بدر جي پاڻ ۾ ويجها ۽ نازڪ مائٽ آهن، تن ٻنهين پاڻ ۾ اڌواڌ ڀائيوار ٿي پندرهن سؤ (۱۵۰۰) رپيا خرچ ڪري هڪڙي ڏهاڙي کٽندڙ ڳڌي؛ هن انجام تي ته جيڪي منجهانس پيدا ٿيندو، سو اڌ ڪري ورهائيندا رهندا. اها شيءِ بدر جي هٿ ۾ رهندي هئي، مگر جيڪي پيدا ٿيندو هو، سو بدر سال بسال يا مهيني سر مهيني گهر ويٺي هلال کي پهچائيندو هو. ان طرح چار پنج ورهيه سندن وهنوار هليو. ايتري ۾ هلال کي هڪڙي ٻه اهڙي حرڪت معلوم ٿي، جنهن ۾ سؤ (۱۰۰) ڏيڍ سؤ (۱۵۰) روپيا پنهنجو نقصان ڄاتائين. تڏهن لاچار ٿي ڀائيواري نبيرڻ لاءِ رٿ ڪيائين، ۽ ڀانيائين جو شاهوڪارن جي دستور وانگي کري کاتي ڀائيواري نبيريان. پر بدر کي ان طرح نبيرڻ نه وڻيو، ۽ ڀانيائين جو هلال کي دربدر رلائي رقم سموري ڳيهي وڃان. ان باب ۾ جيڪي هلال سان ڀَتَ رڌائين، ۽ هلال سان ڳالهايائين، جي اهي سڀ لکان، ته جيڪر هڪڙو نرالو ڪتاب ٿئي. پر نيٺ هلال ويچاري کي پنهنجي لڄ لڪائڻ پيئي. تنهن اڳوڻي نقصان کي وساريو، ۽ هن مهل پڻ قريب ٻن سون روپين جي ڏٺي وائٺي ڪس کائي ڀائيواري نبيريائين. اهو تماشو ڏسي آءٌ پڻ چوان ٿو جو پهاڪي واري سچ چيو آهي:

    ۳۲۳ - سڙئي گهوڙي ۽ پِٽِيل ماڻهوءَ مان ڪين ٿئي.
    جنهن گهوڙي کي مڇر کائن ۽ ان زهر کان سڙي، تنهن کي سڙيو گهوڙو چئجي، سو دوائن سان پڻ سڌري ڪين. پهاڪي وارو پِٽِيل ماڻهوءَ کي پڻ اهڙو ڄاڻي ٿو. تنهن ۾ ڪو ڦير ڪو نه آهي؛ ڇا کان ته جو ماڻهو ڪنهن جي دل ڏکوئيندو، ته ڏکويل جي دل مان پٽ نڪرندي، سا جائي اثر ڪندي. فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    چه نيکي طمع دارد آن بيوفا؟
    که باشد دعائي بدش از قفا. ڀلائيءَ جي لالچ اهو ڪلال ڪئن رکي؟
    جنهن جي پٺيان پاراتا هوندا.

    ۳۲۴ - سؤ ڪري سينگار، ته به کودڙيءَ پُٽ کودڙو.
    اکرن جي معنيٰ سولي آهي، جا سڀڪو ڄاڻي ٿو. مطلب هي آهي، جو ڪميڻو ماڻهو چڱي پوشاڪ ڪِئي اشراف ڪين ٿي سگهندو. بلڪ منهنجو چوڻ هي آهي جو اُن پوشاڪ کي خوار ڪندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    نا سزائي که خرقه در بر کرد،
    جامئه کعبه را جُلِ خر کرد. نالائق جنهن گودڙي پهري،
    تنهن ڪعبي جي ڪپڙي کي گڏهه جي جُهل ڪيو.

    ۳۲۵ - سهڻا ٽوهه به پَٽَن ۾ آهن.
    ٽوهه هڪڙو جهنگلي ول جو ڦر آهي، جو ڏسڻ ۾ گدري کان پڻ سهڻو، ۽ کائڻ ۾ ايرئي کان به ڪوڙو. پهاڪي واري جو مطلب هي آهي، جو شڪل جو سهڻو ماڻهو ڏسي نه ڄاڻجي ته هروڀرو سياڻو، يا اشراف، يا چڱو مڙس هوندو؛ جو متان ٽوهه وانگي اندر ٻاهرو هئي. تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:
    نه هر که به صورت نيکو است سيرت زيباور درو است؛
    کار بمغز اندرون است نه به پوست بيرون. نه سڀڪنهن سهڻي ۾ موچارا لڇڻ آهن،
    ڪم اندرئين مغز سان آهي، نه ٻاهرينءَ کل سان.
    درويش هن پهاڪي لاءِ هي چون، ته جو ماڻهو ويس فاقيرو ڪري، ۽ اندر ۾ دنيا جا ڌنڌا ۽ ڪپت سانڍيو وتي، سو ٽوهه جهڙو آهي، ۽ اهڙي کي پرلوڪ ۾ ڏاڍا ڏک ملندا. جهڙو گورو نانڪ شاهه جو وچن آهي:
    بيک دکاوي جڳت ڪُون؛ لوڪن ڪُون وس ڪين،
    انت ڪال ڪاتي ڪٽي باس نرڪ ۾ لين. جهان کي ويس ڏيکاري، ماڻهن کي مڃائي،
    مرڻ مهل ڪاتيءَ سان وڍجي نرڳ ۾ پوي.

    ۳۲۶ - سڀڪا ٻڪري پنهنجي پائي ٽنگجي.
    ڪاسائي ٻڪريءَ کي ڪُهي، کل لاهڻ لاءِ پير کان وٺي ٽنگي. پر هڪڙيءَ جي کل لاهڻ لاءِ ٻيءَ کي ڪو نه ٽنگي. تنهن وانگي ڏوهه جي ثواب، ته جيڪو ڪندو سو ئي لوڙيندو. جهڙو هنديءَ وارو چوندو آهي:
    اِهُ ڪَرُ ڪري سو اِهُ ڪَرُ پاوي هاٿون هاٿ نبيرا. هي هٿ ڪري سو هي هٿ لوڙهي هٿون هٿ فيصلو.

    ۳۲۷ - سڃا عاشق ڀيٽو دي آچار.
    ڀيٽو يعني ڪڃريءَ جو پانڊي، دولت بنا عاشق ٿيڻ اهڙو آهي، جهڙو پانڊي يا ڀاڙي؛ پر مطلب هي آهي جو دولت ڌاران ڪو ڪم پورو نه ٿيندو. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    مرغ بي پر، درخت بي بر، خانه بي در، عاشق بي زر. کنڀن بنا پکي، ڦر بنا وڻ، در بنا گهر، دولت بنا عاشق.

    ۳۲۸ - ستي لڪڙن کان موٽي، ته ڪتن هاب ٿئي.
    هندستان ۾ ڪي زالون مڙس جي مرڻ مهل پاڻ جيئرو مڙس جي ميٿ سان گڏ ساڙينديون هيون، تن کي ستي چوندا ها؛ ڪتن هاب يا ڪتن جو کاڄ هي اصطلاح آهي، جنهن جو مطلب آهي گلارو، يا بدنام؛ تنهن وانگي هڪڙو سورهه دم هڻي جنگ ڏي هلي، ۽ اڳيان ترارن جو تاءُ ڏسي ڀڄي ته اُن ستيءَ وارو لقب مليس. اهڙي لاءِ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    يکي را چو بيني تو در جنگ پشت،
    بِکُش گر عدو در مصافش نکشت. جڏهن هڪڙي کي ويڙهه ۾ پٺيرو ڏسين،
    ڪُههُ، جيڪڏهن ويريءَ ويڙھ ۾ نه ڪٺس.

    ۳۲۹ - سَٻَر سان سينءَ، ڪبي ڪئن، چوندو جئن، ٿيندي تئن.
    سٻر، ڏاڍو ماڻهو، سينءَ يعني دنگ، پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، جو هڪڙي هيڻي ۽ ڏاڍي جي وچان دنگ جو رڳڙو هوندو، تنهن جو نبيرو هروڀرو ڏاڍي جي چوڻ تي ٿيندو؛ تنهنڪري گهرجي، جو پاڻان ڏاڍي جو چوڻ مڃيندو رهجي، نه ته پاڻ لاءِ ڇيئو وهائڻو آهي. تنهن تي فارسي بيت آيو آهي:
    خلاف راءِ سلطان راءِ جُستن،
    بخون خويش باشد دست شستن. بادشاهه جي صلاح کان ابتڙ صلاح ڳولڻ،
    پنهنجي رت سان هٿ ڌوئڻو آهي.

    ۳۳۰ - سي اڍائي، سي ساڍا ٻه.
    ساڍن ٻن ۽ اڍائن ۾ ايترو ڦير آهي، جيترو ۳۱۵ واري پهاڪي ۾ بيان ٿيو آهي؛ ۽ هن پهاڪي جو مطلب پڻ ڏڏن جي بي سمجهي ڏيکارڻ جو آهي. سياڻي کي گهرجي، جو اهڙي ڏڏ جي صحبت کان پاسي رهي، ۽ نه سمجهي ته ڪو کانئس سکندو، پر شال هي سندس سنگت مان کري نه. تنهن تي هڪڙو فارسي مثل آيو آهي:
    خري را ابلهي تعليم ميکرد،
    بر اوبر صرف کردي عمر دائم؛
    حکيمي گفت اي نادان چه کوشي؟
    درين سودا بترس از لوم لائم.
    نياموزد بهائيم از تو گفتار،
    تو خاموشي بياموز از بهائم. هڪڙي اياڻي هڪڙي گڏهه کي ٿي سيکاريو.
    سدائين ان تي ڄمار ٿي وڃايائين؛
    سياڻي هڪڙي چيس ڙي ڏڏ ڇو ٿو سعيو ڪرين؟
    هن سوداءَ ۾ مٿي هڻڻ کان ڊڄ.
    مرون تو کان ڳالهائڻ نه سکندو؛
    تون مرونءَ کان ماٺ سک.

    ۳۳۱ - سوناري جو سؤ ڌڪن، لوهر جو هڪڙو ڌڪ.
    جو ڪم سوناري جي سؤ ڌڪ هڻڻ سان ٿئي، اُهو ڪم لوهر هڪڙي ڌڪ سان ڪري سگهي. تنهن وانگي ڏڏ ماڻهو جيڪو گهڻي ڏاکڙي سان مس ڪري، سياڻو اهو ڪم اشاري سان اڪلائي.

    ۳۳۲ - سياڻي اڳيان رئڻ، اکين جو زيان.
    يعني سياڻو ماڻهو رڳو ڳالهه ڪرڻ مان حال سمجهي، تنهن جي اڳيان روئي حال ڳرهڻ اجايو آهي. تنهن لاءِ هڪڙو مثل آيو آهي:
    هڪڙيءَ زال جي وڏور ڌيءَ ڪنواري هئي؛ تنهن جي پرڻائڻ لاءِ مڙس کي سعيو ڪيائين ۽ ڌيءَ کي چيائين جو اُٿي بيهه ته پياءِ ڏسي. تنهن چيو جو ابو سياڻو آهي، ويٺي به ڏسي ٿو جو وڏي آهيان. مطلب جڏهن پهاڪي وارو سياڻي ماڻهوءَ کي ايترو ساراهي ٿو، تڏهين ڌڻي، جو سڀ ڳالهه جو ڄاڻندڙ ۽ وائسندڙ آهي، سو انسان جو حال ري چئي نه ڄاڻندو ڇا؟ تنهن تي گرو نانڪ شاهه جو وچن آهي:
    انتر جامي پورک سوامي اڻ بولت هي جانت حال. ڳجهه ڄاڻندڙ سائين ري چيو حال ڄاڻي.

    ۳۳۳ - سُتي شينهن کي آڱر نه ڏجي.
    ڪاٿي شينهن ستو پيو هئي، اتانهون هوري هوري لنگهي وڃبو ته شينهن ڪين چوندو؛ پر جيڪڏهن آڱر ڏبيس يعني چُرَ ڪبيس، ته جائي وڙهندو. تهڙيءَ طرح وساڻل جهيڙي کي پڻ ستل شينهن ڄاڻي ڳرهانس پاسو ڪجي ۽ جي چوربس ته منجهانس جيڪا سا ڏاٻوڇي ٿيندي.

    ۳۳۴ - سڀڪو پنهنجي هٽيءَ جو هوڪو ڏئي.
    هوڪو، سڏ جهڙو ڪُهَرَن جي وڪڻڻ وارو جهولي کڻي هوڪو ڏيئي چوي، “ڪُهَرَ ڪوسا”. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي جو لوڻ وڪڻڻ وارو لوڻ جو هوڪو ڏيندو، ۽ کنڊ وڪڻڻ وارو کنڊ جو؛ تنهن وانگي اشراف کان اشرافت جو ڪم ٿيندو ۽ لچ کان لچائيءَ جو. تنهن تي هڪڙو مثل آيو آهي:
    هڪڙو اشراف ماڻهو پتڻ لنگهڻ لاءِ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو، اوچتو هڪڙو مسخرو اُن ٻيڙيءَ ۾ ويٺل هو، تنهن هن اشراف سان گهڻيون چٿرون ڪيون، پر اشراف ڪين ڪڇو؛ اُٽلو لهڻ مهل ڳراٽڙي پائي موڪلايائينس. تنهن کي ڏسي ٻين چيو، جو اهڙي لچ سان اهڙي خوشامد ڇا ٿي ٺهي. تن کي چيائين ته هن پنهنجو لائق ڪيو، مون پنهنجو لائق سڃاتو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    هر کسي آن کند کہ لائق اوست. سڀڪو پنهنجي لائق جهڙو ڪري.

    ۳۳۵ - سڪو ڪاٺ ٻه پاسا ڀڃي.
    سڪي ڪاٺ تي ساڄي پاسي ڀر سمهبو ته ساڄو ڀڄندو، جي کٻي ڀر سمهبو ته کٻو؛ تنهن وانگي بخيل ۽ بي ڌرم ماڻهوءَ جي صحبت مان لوڪ پرلوڪ جو جوکو آهي. تنهنڪري سياڻي کي اهڙيءَ صحبت کان پاسي رهڻ گهرجي. فارسيءَ وارو پڻ چوي ٿو:
    آنکس که از او نفع نه دنيا و نه دين است،
    بگريز ازو گرچه شهي روءِ زمين است. جنهن ماڻهوءَ مان نه دنيا جو نه دين جو فائدو آهي،
    جي سڄيءَ دنيا جو راجا آهي، ته به کانئس ڀڄ.

    ۳۳۶ - ست ڪئا کائي، ٻلي حج چڙهي.
    هن پهاڪي واري ٻليءَ جي حج وڃڻ جي ڳالهه آندي آهي سو رڳو مثل آهي؛ نا ته ڪاڏي ٻلي ڪاڏي حج وڃڻ، مگر مطلب هي آهي ته جي ماڻهو اندر ۾ پاپ رکي ٻاهران ماڻهن جي ڏيکارڻ لاءِ ڊگهي عبادت ڪن، تن کي ٽوڪجي ٿو. پر اهڙي عبادت مورڳو گناهه آهي. جهڙو فارسيءَ ۾ آيو آهي:
    کليد در دوزخ است آن نماز،
    که در روءِ مردم گذاري دراز. اها نماز دوزخ جي در جي ڪنجي آهي،
    جا ماڻهن جي ڏيکارڻ لاءِ ڊگهي پڙهين.


    ش

    ۳۳۷ - شڪر ڪر صحيح، ته توئي سان تُوه ٿئي.
    توه يعني مهرباني؛ پهاڪي جو چوڻ وارو ڌڻيءَ جو ويساسي ٻانهو ڏسجي ٿو، جو ڌڻيءَ جي شڪرانه ڪرڻ جي ساک ٿو ڪري. اها ڳالهه سچ آهي، جو شڪرانه ڪرڻ واري تي ڌڻي گهڻي مهرباني ڪري بخششون ڪندو آهي. فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    ترا مال و نعمت فزايد ز شکر،
    ترا فتح از در در آيد ز شکر. شڪر ڪرڻ مان تنهنجي دولت ۽ مال وڌي؛
    شڪر ڪرڻ کان تنهنجي سوڀ ٿئي.

    ۳۳۸ - شينهن اڳيان لڪڙي اڇلڻ سولي، پر وري کڻڻ اولي آهي.
    جيڪڏهن ڪو شخص شينهن جي اڳيان ڪاٺي اُڇلي، ته اُڇلي سگهي؛ پر وري اها ڪاٺي کڻڻ ڪم گهري؟ تنهن وانگي پاڻان ڏاڍي اڳيان ڳالهه ڪرڻ سٿري آهي، پر جيڪڏهن پوري نه هئي ته سندس پورائو اهنجو آهي. تنهنڪري گهرجي جو ڏاڍي اڳيان ڳالهه ڪجي، ته اڳ پوءِ ڳڻي ڪجي، نه ته ماٺ ڀلي. فارسيءَ واري جو چوڻ آهي:
    ندارد کسي با تو نا گفته کار.
    و ليکن چو گفتي دليلش بيار. جاسين نه ڳالهايو اٿي، تاسين ڪنهن جو توسان ڪم نه آهي،
    پر جڏهن ڳالهايئي تڏهن پورائو آڻ.

    ۳۳۹ - شينهن نه ڏيکيا ته ڏيک ٻلاڙا، چور نه ڏيکيا ته ڏيک سونارا.
    هن پهاڪي مان ٻيو ڌار مطلب ڪو نه نڪري ٿو، مگر جهڙوڪي ٻلي ۾ گهڻا آريکڻ شينهن جا آهن، تهڙو سونارو پڻ چوريءَ يعني سون رُپي ۾ مٺ گڏڻ لاءِ پڌرو آهي. سياڻا چوندا آهن، جو سونارو ماءُ ڀيڻ جي مڻئي مان به نه گسي، هڪڙو مثل ياد آيو اٿم:
    ناري جو مختيارڪار هوس، تن ڏهاڙن ۾ راڻاهوءَ مڪان ۾ بيکي نالي سوناري کي عينڪ جي ڇلي جوڙڻ لاءِ ٿوري چاندي ڏنيم. چيومانس جو منجهس مٺ نه گڏج، ته ان جي بدران مزوري واڌو ڏيندوسانءِ. تڏهن کلي چيائين، جو ڏهوڻو پورهيو ڏيندين، ته به مائٽن جي پَر ڪين ڇڏينديس، ڇا کان جو جاسين اُهو ڪم نه ڪريون، تاسين برڪت نه پوي. هاڻي ويچار کپي ته جڏهن سونارن کي اها پڪ آهي، تڏهن پهاڪي واري جي خيال ۾ ڪهڙو ڦير آهي؟


    ص

    ۳۴۰ - صبر جنين سينڱ، تير نه گسي تن جو.
    هن پهاڪي واري صبر کي ساراهيو آهي، يعني جو صبر ڪندو سو مطلب کي پهچندو. فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    به صبري تَواني رسيدن به کام؛
    به آهستگي صيَد آيد بدام. صبر سان مراد کي پهچي سگهندين،
    صبر سان شڪار ڦاهيءَ ۾ اچي.
    اهڙي ڳالهه هيٺ نمبر ۳۴۱ واري پهاڪي ۾ پڻ هلندي.

    ۳۴۱ - صبر وڏو ٽول آهي.
    ٽول يعني وٿ، هن پهاڪي وارو پڻ نمبر ۳۴۰ واري پهاڪي وانگي صبر کي ساراهي ٿو؛ سا ڳالهه سچ آهي، جو سياڻا چوندا آهن ته جن کي صبر جهڙي وٿ ڌڻيءَ ڏني آهي، تن کي ڄاڻ حڪمت بخشي اٿس، ۽ بي صبر ان حڪمت کان پالها آهن. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    گنج صبر اختيار لقمان است،
    هر که را صبر نيست حڪمت نيست. صبر جي گنج لقمان جي قدرت جهڙي آهي،
    جنهن کي صبر نه آهي، تنهن کي حڪمت ناهي.

    ۳۴۲ - صلاحين شينهن ٻجهن، ڪم ڪرهين نه ٿئي.
    ڪَرَہ يعني جهيڙو، مطلب جو ميٺ محبت سان جهڙو ڪم ڇٽندو، تهڙو جهيڙي سان نه ٿيندو؛ جهڙيءَ طرح شينهن جي ٻچي کي چيتاري ڌتاري پڃري ۾ پايو وتن، پر ويڙهه سان جيڪر اهو ساڳيو مارئي مارائي بنا نه رهي. فارسيءَ واري چيو آهي:
    به شيرين زباني و لطف و خوشي،
    تواني که پيلي به موئي کشي. مٺي زبان ۽ موچارائيءَ ۽ سرهائيءَ سان،
    هاٿيءَ کي وار ۾ ٻڌي سگهين.


    ظ

    ۳۴۳ - ظلم قائم آهي، ڪندڙ قائم نه آهي.
    ظلم هڪڙو فعل آهي، تنهن جو نالو جهان مان وڃڻ جو نه آهي، تنهنڪري قائم رهي ٿو. پر ظلم ڪندڙ يعني ظالم جي ڄمار ٿوري آهي؛ ڇا کان جو غريبن جي پٽ ظالم لاءِ پاڙ پٽيندڙ آهي. مگر ظالم جي گلا جي ڄمار سنديس ڄمار کان وڏي آهي، جا سندس مرڻ کان پوءِ به رهي ٿي. جهڙو فارسي بيت آهي:
    نماند ستمگار بد روزگار،
    بماند برا و لعنت پائدار. ظالم بڇڙو ڳچ ڏهاڙا نه رهي؛
    مٿس لعنت سدائين رهي.


    ع

    ۳۴۴ - عقل ري ارمان، گهڻا کائيندين جيئڙا.
    سياڻپ ڌاران نيٺ ارمان کائڻو پوندو؛ ڇا کان جو عقل وارو ماڻهو توڙي ذات جو هيڻو هوندو ته به جاتي تاتي عقل جي برڪت سان مان لهندو، ۽ اياڻو ماڻهو توڙي وڏ-آڪاهيو هوندو، ته به بي مانو رهندو ۽ ارمان کائيندو. تنهنڪري ڏاهپ پرائڻ جو سعيو گهرجي، تنهن جو علاج سياڻن جو سنگ آهي.

    ۳۴۵ - عيسيٰ، نه موسيٰ، وڏا پير پيسا.
    پيسا يعني دولت يا ناڻو، هن پهاڪي وارو دولت کي پيغمبرن کان پڻ وڏو چوي ٿو، جيتوڙي ته پيغمبرن جو مان ڌڻيءَ وڏو ڪيو آهي، پر ڪن مهلن ۾ دولت پڻ گهڻا ڏک ڪٽيندي آهي. جنهن ڪري فارسيءَ وارو چوندو اٿس:
    اي زر تو خدا نه ئي؛ و ليکن به خدا،
    ستار عيوب، قاضي الحاجات تو ئي. ڙي دولت، تون ڌڻي نه آهين پر قسم ڌڻيءَ جو،
    ڍڪيندڙ عيبن جي، ۽ جاري ڪندڙ گهرجن جي آهين.

    ۳۴۶ - عقل آهيرن جو ڌريون ئي ويو، مڱائن هڪڙو پرڻائن ٻيو.
    آهير يعني جهنگلي ڄٽ، دنيا جو دستور آهي جو جا عورت جنهن سان مڱائن، سا عورت نيٺ ان ساڳئي سان پرڻائن، پر جڏهن ڪنهن عورت کي مڱيندو ڇڏائي ٻئي سان پرڻائن، تڏهن واعدي خلافيءَ جهڙي ڳالهه چئجي. وعدي خلافي پڻ هڪڙو ڪوڙ آهي؛ سو جڏهن ڪو ماڻهو وعدي خلاف ٿيو، سو آهير هئي توڙي ارباب، ته هن پهاڪي جو مخاطب يعني مهاڙيو ڄاڻبو.

    ۳۴۷ - علت وڃي، عادت نه وڃي.
    علت يعني مرض، عادت يعني هير، مطلب هي آهي جو ڪنهن کي مرض هجي ۽ دوا ڪرڻ سان ڇڏي وڃي ته مڃبو؛ پر عادت ڪڏهن ڪين مٽبي. تنهن تي فارسيءَ واري جو چوڻ آهي:
    خوي بد در طبيعتي که نشست،
    نرود تا به وقت مرگ از دست. عادت بڇڙي جنهن طبع ۾ ويٺي،
    موت جي مهل تائين هٿان نه ويندي.


    غ

    ۳۴۸ - غريب جي جوءِ، سڀني جي ڀاڄائي.
    ڀاڄائي يعني ڀاءُ جي جوءِ. ملڪ جو دستور آهي، جو گهڻا ماڻهو ڀاڄائيءَ کي پاڻي پيارڻ يا ماني کارائڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن ڏسڻ ۾ عيب نه ڄاڻن، تنهن وانگي غريب ماڻهوءَ جي جوءِ کي پڻ سڀڪو ڀاڀي ڄاڻي مٿس حڪم هلائي؛ پر مطلب هيءُ آهي، جو هيڻي ماڻهوءَ کي سڀڪو پانهنجو اڌبن ڄاڻي.


    ق

    ۳۴۹ - قرض ڪوڙه جو ٽڪو آهي.
    ڪوڙه، هڪڙو بڇڙو مرض آهي، جو ماڻهوءَ لڱن جي تي اڇا يا ڪارا چٽا ٿي پون. پهاڪي وارو قرض کي پڻ اهڙو بڇڙو ڄاڻي کڻڻ کان جهلي ٿو. ڇا کان جو قرضيءَ کي لهڻي وارن جي هٿان خراب ٿيڻ جو ڊپ آهي، تنهن لاءِ فارسيءَ وارو چوي ٿو:
    به تمناءِ گوشت مُردن بہ،
    که تقاضاي ز شت قصابان. گوشت کائڻ جي سَڌَ ۾ مرڻ چڱو،
    جو نَهري وارن جي ڇڪ تاڻ بڇڙي آهي.

    ۳۵۰ - قاضي، ڄاڻي، قيامت ڄاڻي.
    هن پهاڪي وارو ظاهري لباس ۾ مسلماني مذهب جي رستي چوي ٿو، جو هي انسان قاضيءَ سمجهائڻ پٽاندر چڱا ڪم ڪندو ته قيامت ۾ سندس پاران قاضي ڄڻ جوابدار رهندو. پر هڪڙو هي به مطلب آهي، جو ماڻهوءَ کي جڳائي ته توڪل ڪري يعني پنهنجا ڪم ڌڻيءَ کي سونپي؛ ۽ چوي، جو ڌڻي ڄاڻي ڪم ڄاڻي؛ ڇا کان جو فارسيءَ واري پڻ توڪل کي ساراهيو آهي:
    اگر خواهي که از خارت شود گل،
    توکل کن توکل کن توکل. جيڪڏهن ڀانئين ته ڪنڊي مان گل ٿئيئي،
    ته رڳو توڪل ئي توڪل ڪر.


    ڪ

    ۳۵۱ - ڪتيم سڀ ڄمار، پاندي پوري ڪين ٿي.
    پاندي، زالون سٽ ڪتن، جڏهن هڪڙي پاندي پوري ٿئي، تڏهن اُها ٽڪ تان لاهي ٻي پاندي ڏائن سا، پر جڏهن هڪڙي پاندي پڻ سڄيءَ ڄمار ۾ پوري نه ٿيندي، تڏهن ڪٿان ڪتبي. تنهن وانگي سڄي ڄمار مايا جي ڌنڌي ۾ وڃائبي، ته ڌڻيءَ جي يادگيري ڪڏهن ڪبي؟ فارسيءَ واري پڻ اهڙو ڏوراپو چيو آهي:
    طِفلي به بازي، جواني به مستي،
    پيري به سُستي، ڪَي خدارا پرستي؟ ٻالاتڻ راند ۾، جواني نشي ۾،
    پوڙهائي هيڻائيءَ ۾، ڪڏهن ڌڻيءَ کي پوڄيندين؟

    ۳۵۲ - ڪکان ڪوڙي باهه، غلامان دوستي، يار نه ڪجي ڏوم، پيادا پوستي.
    ڏوم؛ يعني لنگهو، پيادو؛ هي اصطلاحي لفظ آهي يعني ڍل جي اوڳڙ ڪندڙ، پوستي يعني پوست جي نشي پيئڻ وارو. مطلب هي آهي جو ڪکن جي باهه ڪوڙي جٽاءُ نه ڪري، ۽ گولاڙي جي دوستي پڻ ڪمائتي نه آهي. جنهن لاءِ عربي پهاڪو آهي؛
    لا خير في عبيدي. نه آهي ڀلائي گولاڙي مان.
    تنهن وانگي لنگهي، پيادي ۽ پوستيءَ جي دوستيءَ مان به نيٺ نلائي آهي.

    ۳۵۳ - ڪتي جا ڏند، گڏهه جو ماس.
    گڏهه جو ماس بڇڙي شيءِ آهي، ته ڪتي جا ڏند ڪي چڱا آهن ڇا؟ تڏهن ڄاڻڻ گهرجي، جو بڇڙي کي بڇڙو پهچي. جهڙي دستور سياڻي ماڻهوءَ جو لچ سان ڌنڌو اڙي، ته ٻيو لچ پنهنجي پاران وڪيل بڇي جند ڇڏائي. اهڙيءَ ڳالهه لاءِ عربي پهاڪو پڻ آيو آهي:
    سنون الڪلابا، لحم الحمارا. ڪتي جا ڏند، گڏهه جو ماس

    ۳۵۴ - ڪنين ماضي من ۾، ڪنين استقبال، حيف تنين جي حال، جن وساريو حال کي.
    ماضي يعني جيڪا ٿي لنگهي، استقبال يعني جيڪا ٿيندي، حال، جيڪا هاڻي ٿي نبري؛ مطلب هي آهي، جو هڪڙا ماڻهو پراڻين ڳالهين کي ياد ڪيو ٽيڳريا وتن، سا پڻ پوري ڳالهه نه آهي. جهڙيءَ طرح ڪو ماڻهو اڳي وهيون هو، پر هاڻي ڌڻيءَ جي قدرت سان ولهو هئي ته اها پراڻي ٽيڊ ڪاٿي هلنديس، ۽ ٻيا هڪڙا ماڻهو اڳتي ٿيندڙ ڪم جي اڻ تڻ رکن، سا پڻ پوري هاج نه آهي: ڇا کان جو معلوم نه آهي، ته هن کان پوءِ ڇا ٿيندو. تنهنڪري هاڻوڪيءَ مهل جي حال ۽ صحبت موجب هلت ڪرڻ گهرجي.

    ۳۵۵ - ڪڏهن ڀريءَ ۾، ڪڏهن ڀاڪر ۾.
    ڀريءَ ۾ ۽ ڀاڪر ۾، هي اصطلاح آهن، جن جي معنيٰ گهڻو ۽ ٿورو آهي. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، جو ڪڏهن گهڻو ڪڏهن ٿورو؛ پر مطلب سندس هي آهي، جو مايا جو ڌنڌو ڪڏهن ڪهڙي ڪڏهن ڪهڙي روپ ۾ رهي ٿو. جهڙي ريت اردوءَ وارو چوي ٿو:
    جب گيا بلبل چمن ۾ ديکهه ڪي فصل خزان،
    رو ڪي هس ڪهني لگي گاهي چنين گاهي چنان. جڏهن بربليءَ باغ ۾ وڃي ڦٽاڻيءَ جو حال ڏٺو،
    روئي کلي چوڻ لڳي، ڪڏهن ڪيئن ڪڏهن ڪيئن.

    ۳۵۶ - ڪارو وهي ڪمري گڏ، ته ورن نه مٽائي ته عادت مٽائي.
    ڪمرو، چٽ ڪمرو يعني ٻه رنگو، ورن يعني رنگ، اشراف ماڻهو لچ جي سنگت ۾ وهندو ته مهانڊو لچ جهڙو ڪين ٿيندس، پر لڇڻ جائي لچ جا سکندو. تنهنڪري سياڻا ماڻهو اهڙيءَ صحبت کان جهليندا آهن. فارسيءَ وارو پڻ چوي ٿو:
    با بدان کم نشين، که صحبت بد،
    گر چه پاکي، ترا پليد کند.
    آفتابي بدين بلندي و تاب،
    پاره ابر ناپديد کند. بڇڙن سان ٿورو ويهه، جو بڇڙي صحبت،
    جيتوڙي سٺو آهين، اوٺو ڪندءِ.
    سج کي هيتريءَ وڏائيءَ ۽ سوجهري سوڌو،
    ڪڪر جو ٽڪر لڪائي ڇڏي.

    ۳۵۷ - ڪهڻي سڀڪو ڪهي، پر کرو ڪو وهڻيءَ وهي.
    ڪهڻي ۽ وهڻي هي ٻئي اصطلاحي لفظ آهن، يعني چوڻ ۽ ڪرڻ. پهاڪي جي معنيٰ هي آهي، جو چوڻ لاءِ سڀڪو چوي، پر کرو ڪو ڪرڻ لاءِ ڪري. جهڙوڪي سڀڪو چوي، جو ڪوڙ، چوري، گلا، حرام ۽ ٻيا اهڙا ڪم بڇڙا آهن پر کرو جڏهن ڪو پاڻ نه ڪري. تنهنڪري جيترو ڪري سگهي، ڄڀ سان پڻ اوترو چوي، تڏهن هن پهاڪي جي اوڀالي کان ڇٽي.

    ۳۵۸ - ڪتيءَ کي ڪنهن اُماڙ ڏنو هو، سا تارا ڏسي ٿي ڊني.
    هن پهاڪي جي معنيٰ ۾ لڪو ڪين آهي، جو پڌرو ڪجي؛ پر مطلب هي آهي، جو هڪڙيءَ مهل ڪو ماڻهو ڪنهن ڪم مان گهاٽو پائي، يا ڏک ڏسي ته وري جيڪر ان ڪم ڏسڻ کان پڻ ڊڄي. پهاڪي نمبر ۴۰۲ واري ۾ پڻ اهڙو بيان ٿيو آهي.

    ۳۵۹ - ڪتي جو پڇ ٻارهن مهينا نڙ ۾ پائي رک، ته به ڏنگو ئي رهندو.
    ڪتي جو پڇ اصل کان ڏنگو هوندو، سو نڙ ۾ پوڻ سان ڪٿي ڏنگ ڇڏيندو؟ تنهن وانگي جنهن ماڻهوءَ کي اصل کان بڇڙي عادت هوندي، سو سيکارڻ سان ڇڏيندو ڇا؟ جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:
    جو جانڪو پڙيو سڀاءُ جاوي جيءَ سون،
    نيم نه ميٺي هوءِ سنچ ڳڙ گيھَ سون. جا جنهن جي عادت هوندي سا ساهه سان ويندي؛
    ڳڙ ۽ گيهه سان گڏ، ته به نم مٺي نه ٿئي.

    ۳۶۰ - ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
    ڪتي جو کاڄ سدائين جوٺ آٺ ۽ هڏو گڏو آهي، تنهن کي ڪڻڪ جي ماني جا اُچو کاڄ آهي کارائبي؛ ته ڇا سڌرندو. تنهن وانگي ڪميڻو ماڻهو سدائين ڦٺ لعنت سان سمجهندو هوندو، سو شابس چوڻ مان ڇا سمجهندو؟ تنهن تي هڪڙو مثل ياد آيو اٿم:
    هڪڙو حاڪم پنهنجي پکاليءَ جي ڇوڪريءَ تي عاشق ٿيو، تنھن جي سڱ لاءِ پکاليءَ کي گهڻو ڪي ناڻو باسيائين ۽ گهڻي منٿ ميڙ ڪيائين، پر مهاڻي يعني پکاليءَ سڱ ڏيڻ نه باسيو؛ تنهنڪري ڏک ڀرجي موڙه سوڙه ڪري ويٺو. اها ڳالهه سندس هڪڙي صوبي ٻڌي، تنهن مهاڻي کي گهرائي ڏاڙهيءَ مان جهلي پنج ست موچڙا هنيا. مهاڻي پڇيو، ڙي سائين ڇو ٿو ماريم؟ چي ڙي ليڙپيءَ منهنجو حاڪم تو کان سڱ ٿو گهري، تنهن کي ڇو نٿو ڏين؟ مهاڻي چيو، اڙي سائين اُن ڪو تو وانگي سمجهائي به چيو هو! هاڻي تو سمجهايو آهي، تڏهن جيءُ ڏيان، نچ ڏيان. هاڻي ڏسڻ گهرجي ته پهاڪي واري سچ چيو آهي نه؟

    ۳۶۱ - ڪالهوڻي ڪالهه گئي، اڄ پڻ ڏينهن ٻيو، جنهن ۾ ماڻ پيو، سا راهه رهندي ڪيترو.
    راهه يعني اَن جو ڍڳ، جنهن ان جي ڍڳ مان ماڻ سان مئجي نڪرندو، سو ڇا جهليندو؟ نيٺ کپي ويندو. تنهن وانگي دنيا ۾ جيوت جا ڏهاڙا جنهن مان ڏهاڙي هڪڙو ڏهاڙو نبرندو ويندو، سي ڇا جهليندا؟ جهڙو ڦُٽَلَ دلي جو پاڻي ٽمندي ٽمندي کپي رهي.

    ۳۶۲ - ڪنيءَ رن جا ٻار، ٿورا تيئن چڱا.
    هن پهاڪي جو بنياد هي آهي، جو هڪڙي عورت پوڙهيءَ، سڃيءَ ۽ بيمار کي ٻار گهڻا هئا، تن مان هڪڙو مري پيو، ۽ رن پٽڻ لڳي؛ اهو حال ڏسي پاڙوسي هڪڙو کلڻ لڳو. فقير هڪڙي اُن پاڙوسيءَ کي چيو، جو هن کي مرڻو، توکي کل؟ تنهن کي پاڙوسيءَ هي پهاڪو چئي سڻايو. پر مطلب هي آهي جو ڪني وهنوار ۾ هٿ جيئن ٿورو تيئن چڱو؛ بلڪ نه هئي ته هيڪاري چڱو.

    ۳۶۳ - ڪري سو پائي، فقير کنڊ کائي.
    هي پهاڪي جي پوئين سٽ رڳي خوش طبعيءَ لاءِ آئي آهي؛ مگر پهرينءَ جو مطلب هي آهي، جو جهڙا ڪم ڪندو سو تهڙو ڦل پائيندو. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    هر کسي آن درَ وَد عاقبت کار، که کِشت. نيٺ سڀڪو اُهو لڻندو جيڪي پوکيائين.

    ۳۶۴ - ڪهي سا رهي، ٻولي ٻاروچن جي.
    هن پهاڪي وارو رڳو سچارن مڙسن جي ڳالهه جي سچائي ڏيکاري ٿو، جو سچار ماڻهوءَ جي وات مان ڳالهه نڪتي ته ڄاڻ ٿي، وري ڦري نه . فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    سخن مردان جان دارد. مڙسن جي ڳالهه ۾ ساهه آهي.

    ۳۶۵ - ڪوسا ناوي، ٿڌا کاوي، ته ويج پاس نه جاوي.
    سياڻا ماڻهو ڪوسي پاڻيءَ سان وهنجڻ، ۽ ٺاري کاڄ کائڻ جو گهڻو تاڪيد ڪندا آهن؛ ۽ چون ته جيڪو اها هلت ڪندو؛ تنهن کي گهڻو ڪري اگهائيءَ جو ڊپ يا طبيب جي ڪاڻ نه رهندي. بعضي يوناني طبيب ڪوسي پاڻيءَ سان وهنجڻ بابت هي لطيفو چوندا آهن، جو مئل ماڻهوءَ کي ڪوسي پاڻيءَ سان وهنجارن ٿا، سو جيءُ نه ٿو پوي، تنهن جو عجب آهي: يعني ڪوسي پاڻيءَ سان وهنجڻ ۾ اهڙي ڀلائي آهي. تنهن کان سواءِ ننڍپڻ جي ڏهاڙن ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ هڪڙو مهتو تاراچند سيوهاڻي ڏٺو هوم، جو هميشھ کاڄ تمام ٺاري کائيندو هو ۽ سنان پڻ ڪوسي پاڻيءَ سان ڪندڙ هو. تن ڏهاڙن ۾ اٽڪل پنجاسي (۸۵) ورهين جي ڄمار هيس، ته به اکين جو سهائو اهڙو هوس، جو رات جو بنا عينڪ لکندو ۽ ڏندن سان ڀڳڙن جهڙيون شيون چٻي ويندو هو. تڏهن ڀايان ٿو جو پهاڪي واري سچ چيو آهي.

    ۳۶۶ - ڪر چڱائي ڄٽ سان، ته ڦيري هڻيئي پٽ سان.
    ڄٽ يعني جهنگلي، پر هت لچ جي شان ۾ آيو آهي. مطلب پهاڪي جو هي آهي، جو لچ سان گهڻو ئي ڪو ڀلائي ڪري، ته به نيٺ منجهانس برائي پرائي. تنهن لاءِ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    اگر عمري نوازي سفلئه را،
    به کمتر چيزي آيد با تو در جنگ. جيڪڏهن سڄي ڄمار لچ کي پالين،
    ٿوريءَ شيءِ تان توسان وڙهندو.

    ۳۶۷ - ڪنڌيون پار، قنڌارون پار.
    ڪنڌيان پار يعني نديءَ جي هن ڀر، يا ڀت جي ٻئي پاسي، قنڌاران پار يعني قنڌار کان پري. مطلب پهاڪي جو هي آهي، ته جو ماڻهو دل کان پري آهي، سو پري آهي؛ ۽ دل کي ويجهو سو ويجهو. فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    دوران با خبر در حضور؛ نزديکان بي بصر دور. پراهان خبر سان ويجها، ويجها اڻ ڏٺا پري.

    ۳۶۸ - ڪچيءَ ڪنا نه وريا، پڪيءَ ڇا ورندا.
    هن پهاڪي جي معنيٰ هي آهي، جو مٽيءَ جو باسڻ جاسين ڪچو آهي، تاسين سندس ڪنن جو وارڻ ڦيرڻ ڪنڀر جي وس آهي؛ پر پڪي کان پوءِ وري نه سگهن. تنهن وانگي جو ماڻهو ننڍپڻ ۾ علم يا ادب جي ترتيب سان نه سڌريو، سو وڏتڻ ۾ اهڙو سڌرندو، جهڙو ٻڍو طوطو پڙهي.

    ۳۶۹ - ڪک هيٺ لک پيو آهي.
    هن پهاڪي جو مطلب اهو نه آهي، جو پڪ سڀ ڪنهن ڪک هيٺ اهڙو مال رکيو آهي؛ مگر ڌڻيءَ جي وڏائي ڏيکاري ٿو، جو هن جي ڳجهه جي ڪل ڪنهن کي ڪا نه آهي. فارسيءَ واري پڻ اهڙو پهاڪو چيو آهي.
    هر بيشہ گمان مبر که خالي است،
    شايد که پلنگ خفته باشد. سڀڪو ٻُوڙو مَڄاڻ ته ٺلهو هوندو،
    جو متان منجهس چيتو سُتو هئي.

    ۳۷۰ - ڪؤڙو کائجي، مٺي جي لالچ تي.
    مطلب هي آهي جو جڏهن ڪنهن مان ڪم ڪڍڻو پوي؛ تڏهن ڪؤڙو ڳالهؤُ ٻڌي به ماٺ ڪري ڪم ڪڍي وٺجي ٿو؛ نه ته جيڪر ڪير ڪنهن جو ويڻ سهي؟ جهڙو هنديءَ وارو چوي ٿو؛
    بن سوارٿ ڪئسي ڪو اوڪڙ وي بَيِن؟
    لات کان ٻُچڪار ئي جيون دو ڌارو ڌين. پنهنجي مطلب بنا ڪير ڪؤڙا ڳالهوَ سهي؟
    جئن ڌنار لت کائي به ڳئون ٻچڪاري ڏُهي.

    ۳۷۱ - ڪوئي مري ڪوئي جيوي، شُتريا گهول پتاشا پيوي.
    شُتريا هڪڙي فقيرن جي ذات آهي، جي هميشھ بي پرواهه ۽ خوش طبع رهن؛ گهول پتاشا پيوي؛ يعني شربت جوڙي پيئي. پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو جيڪي فقير ڌڻيءَ جا ڳولا ۽ دنيا کان ڇٽل آهن، تن کي ڪنهن جي ڀلي يا بري سان ڪو واسطو نه آهي؛ سدائين رنگ ۾ رتا وتن. جهڙو فارسيءَ وارو چوي ٿو:
    ما در دو جهان غير خدا يار نداريم؛
    جز ياد خدا با دگران ڪار نداريم؛ ڌڻيءَ ڌاران ٻن جهانن ۾ ڪو يار نه رکون؛
    ڌڻيءَ جي يادگيريءَ بنان ٻين سان ڪم نه رکون.
    ۽ نمبر ۴۳۲ واري پهاڪي ۾ پڻ اهڙي پچار هلي آهي.

    ۳۷۲ - ڪڃريءَ جو يار، بهريءَ جو شڪار، سدا خوار.
    بهري، باز جي ذات ۾ هڪڙو شڪاري پکي آهي، جو ڪونجن جو شڪار ڪري ۽ شڪار جي وقت پاڻ ڪونج لاءِ اڀ ۾ ڊوڙي، ۽ سندس ڌڻي منجهس ڌيان رکي نهاريندو، ڌرتيءَ تي پٺس ڊوڪندو وڃي؛ تنهنڪري ان شڪار واري ماڻهوءَ کي کڏ کوٻي ۾ ڪرڻ جهرڻ جو ڊپ رهي. مطلب، جو شڪار هڪڙو چشڪي جهڙو ڪم آهي، پر سياڻا ماڻهو جوکي جي سانگي اهڙي سواد کان پڻ روڪين. تنهن وانگي ڪڃريءَ جي صحبت جو گهاٽو جو پڌرو آهي، سو پڻ ويچار وارن کي نه وڻي.

    ۳۷۳ - ڪشيي نه ڪمان، پڙيئي نه ضمان، ٽپيئي نه کوها، رهيئي نه جوا.
    ۱. سينڱ تاڻڻ مان هي گهاٽو آهي، جو ڇُٽل تير وري نه موٽي، جهڙو وات مان نڪتل ڳالهه وات ۾ نه اچي؛ يا جهڙو ڏڌل کير ٿڻن ۾ پوي.
    ۲. ضامن پوڻ مان هي تاوڻ آهي، جو گهڻا ڀرڪا ضامنن کي تاوڻ ڀريندو ڏٺو ٻڌو آهي.
    ۳. کوهه ٽپڻ ۾ هي ڊپ آهي، جو پير ترڪيو، ته سر جو جوکو.
    ۴. جوا کيڏڻ جو گهاٽو ۽ گلا جهان ۾ پڌرا آهن.
    تنهنڪري سياڻا ماڻهو انهن چئن ڪمن کان منع ڪندا آهن.

    ۳۷۴ - ڪميڻو ڪپڙا ڪري ڏسي پنهنجو ڏيل، ڏسي پنهنجي ڏيل کي ڊوڙائي دليل، ته مون جهڙو ملڪن ۾ آهي قدر قليل؛ اڳيان گڏيس اصيل، تڏهن وايون ويس وسري.
    ڪي ڪي ڪميڻا ماڻهو پنهنجي ٿوريءَ موڙيءَ کي گهڻو ڄاڻي ٽنڊ ڪن، پر اشرافن يا ڀاڳوانن جي اڳيان اُها ٽنڊ ڦڪي لڳين. تن جي شان ۾ هي پهاڪو بيت ٿي آيو آهي؛ تنهن لاءِ هڪڙو مثل ياد آيو اٿم.
    هڪڙو بادو نالي ڪوري غريب ماڻهو هو، ۽ عيد جي ڏهاڙي پنهنجي غريبيءَ آهر ڪپڙا ڪيائين، اُن ڪپڙن کي ڏسي ٽيڳرجي پاڻ کي چوڻ لڳو؛ “جيءُ ڙي بادا جيءُ.” پر جڏهن گهر کان ٻاهر نڪري ڏٺائين جو وڏا وڏا ماڻهو زري زربفت جا ڪپڙا ڍڪيو عيد پڙهڻ ٿا وڃن، تڏهن پنهنجي پوشاڪ کي سادو ڄاڻي شرمندو ٿي وري پاڻ کي چوڻ لڳو؛ “ڊين ڙي باڊا ڊين”. مطلب جو هن ماڻهوءَ کي جڏهن ڌڻيءَ عقل ڏنو آهي، تڏهن پنهنجي ڪَود ۾ پاڻ منهن پائي ويچار ڪري پنهنجي ۽ ٻئي جي دولت ۽ مان کي ۽ وڏائيءَ کي تڪي هلت ڪري، ته جيڪر نيٺ نه پڇتائي.

    ۳۷۵ - ڪاڻي وسوڙي، چي مڙسم ويو اک کي.
    واهه مائي ڪاڻي ٻائي، مڙسئين اک وٺي ٿو اچي. هي پهاڪو ڀورڙن ماڻهن جي ويساهه جي ڀل ڏيکاري ٿو، جو ڪاڻي وسهي ته مڙسس اک وٺي ٿو اچي؛ نه ته سچ پچ ڪو ماڻهو ڪٿان آڻيندو. تنهن تي هڪڙي ڳالهه آئي اٿم:
    ڳالهه
    جڏهن نوشهري ۾ مختيارڪار هوس، تڏهن ساڌوءَ نالي هندو جنهن جو پٽ ناجوڙ ٿيو، تنهن کي ڊاڪٽر صاحب يا يوناني طبيب جي دوا ڪرڻ لاءِ گهڻو چيم، پر هن چيو جو هڪڙا ٻه ڄڻا سن ساوڙيءَ جي ڳوٺ مان آيا آهن، جي چون ٿا ته جِنَ سندن مڃتا ۾ آهن. تن کي گهرائي ڇوڪر ڇٽائينداسون. ان ڪوڙي دلبي تي نه لڳڻ لاءِ هن کي گهڻو سمجهايم، پر نه سمجهيو؛ ۽ هن پهاڪي واريءَ ڪاڻيءَ وانگي اُڻ جي دلاسي لڳي سندن هيٺ خرچ پڻ ڪيائين ۽ بيماري جي دوا کان به ماٺ ۾ رهيو، ايتري ۾ مرض دوا ڪرڻ کان ڏاڍو ٿي ويو، نيٺ ويچارو بيمار ڪين ڇٽو. حاصل ڳالهه جو اڻ ٿيڻ جهڙيءَ ڳالهه تي وسهڻ سياڻپ سان وير وجهڻ آهي.

    ۳۷۶ - ڪم قُوَت، آڪڙ بهت، مار کاوڻ ڪي نشاني.
    هن پهاڪي جي اکري معنيٰ پڌري آهي؛ مگر سندس چوڻ وارو سمجهائي ٿو ته پاڻان ڏاڍي سان جو وڙهندو سو پاڻ مارائيندو. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    هر که با فولاد بازو پنجه کرد؛
    ساعد سيمين خود را رنجه کرد. جنهن رڪ جي ٻانهن واري سان هٿ اڙايو،
    روپين ڪرائين پنهنجن کي ڏکويائين.

    ۳۷۷ - ڪوڙ ڄمار جي ڪتر آهي.
    جيتوڙي ته هن پهاڪي مان پڌرو نڪري ٿو، جو ڪوڙ ڳالهائيندڙ جي ڄمار ڪترجي گهٽ ٿي ٿئي، پر فارسي لطيفه؛
    گر روي در دهان شير و پلنگ،
    نه خورندت، مگر بروز اجل. جيڪڏهن شينهن ۽ چيتي جي وات ۾ وڃي،
    نه کائيندءِ، مگر مرڻ جي ڏهاڙي.
    جڏهن انهيءَ لطيفي تي ئي نظر ڪجي، تڏهن ڄاڻجي ٿو جو ڄمار گهٽ وڌ ٿيڻ جي نه آهي.
    مگر سندس مطلب هي آهي جو ڪوڙ مانُ وڃائيندڙ ۽ گلا ڏياريندڙ آهي. اهڙي بي ماني ۽ گلاري جيڻ کان مرڻ ڀلو آهي. جهڙو هنديءَ وارو چوي ٿو:
    جو جڳ ۾ اپ ڪيرت هوءِ سٺ،
    ميچ ڀلي ره ڀات جيئي تي. جهان ۾ گلا ٿئي،
    اهڙي جيئڻ کان مرڻ ڀلو.

    ۳۷۸ - ڪاڻيءَ جي وهانو ۾ سنگٽ به گهڻا.
    سنگٽ، هي هندي اصطلاح جو لفظ آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن ڪو تارو يعني گرهه ڪنهن اهڙيءَ راس ۾ ايندو آهي، جو هندن جي وهانو جي مُورت ۾ حرڪت ٿي پوي، اهڙيءَ حرڪت جو نالو سنگٽ آهي. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، جو ڪاڻي عورت جا وڏ واري آهي، تنهن کي گهوٽ ملڻ اهنجو، باقي وهانو ۾ سنگٽ پيس، ته رولي ۾ رولو ٿيو. پر مطلب هي آهي، جو نڀاڳو ماڻهو ڪنهن ڪم لاءِ توڙي گهڻو به ڊوڙندو، ته به سندس ڪم مان هڪڙي نه ٻي حرڪت ڪين ويندي.

    ۳۷۹ - ڪرم هيڻ کيتي ڪري، بَلدُ مري، يا ٽوٽا پڙي.
    ڪرم هيڻ يعني نڀاڳو، بلد يعني ڍڳو، ٽوٽو يعني گاٽهو، پهاڪي جي لفظن جي معنيٰ پڌري آهي جا سڀڪو ڄاڻي ٿو؛ مگر مطلب هي آهي، جو نڀاڳو ماڻهو واڌيءَ واري ڪم ۾ هٿ وجهندو، ته به گهاٽو پائيندو. مثلًا جاڏي ويندو، تاڏي واڌُو نه ڏسندو. جهڙو فارسي بيت آهي:
    بي بخت اگر تشنھ رود بر سر چاهي،
    يا دَلَو فرو افند، يا خشک بر آيد. نڀاڳو اُڃايل جيڪڏهن کوهه تي وڃي،
    يا ٻوڪو ڪري پوي، يا کوهه سڪي رهي.

    ۳۸۰ - ڪتي جو ڪارو منهن، رٻ اوتري جي اوتري.
    پهاڪي جي پيڙهه هن ريت آهي، جو هڪڙي غريب رٻ جو ڪنو رڌي رکيو، تنهن ۾ ڪتي اچي ٻوٿ وڌو، پر رٻ کائڻ کان اڳي مالڪ هڪلي ڇڏيو ۽ ڏٺائين جو ڪتي رٻ ڪا نه کاڌي. رڳو ڪنو نوسيائين ۽ ڪني جي ڪارنهن منهن کي لڳس، تڏهن ڪني جي ڌڻيءَ کلي هي پهاڪو چيو. پر مطلب پهاڪي جو هيءُ آهي، جو ٻن يارن جي وچ ۾ هڪڙو ڇيڻا-ڀور پئجي هڪڙي جي ٻئي وٽ گلا ڪري- ڏُڦيڙ وجهي؛ پر جڏهن هو ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري ٻڌي لائيءَ چائيءَ واري جي ڳالهه کي گڏهه جي هينگ جهڙو ڄاڻي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿين، تڏهن اُن ٻچاپڙي جي واسطي هي پهاڪو چوڻ ۾ اچي.

    ۳۸۱ - ڪڏهن ماٽي مٽ تي، ڪڏهن ماٽيءَ مٿان مٽ.
    ماٽي، اُهو ماڻهو، جو پلن جي مند ۾ پيٽ ڀر مٽ تي چڙهي پلا ماري؛ مٽ، اُهو ٺڪر جو مٽ، جنهن تي اُهو مهاڻو چڙهي.
    معنيٰ پهاڪي جي هي آهي، جو پهريائين اُهو مهاڻو مٽ تي چڙهي لاهوارو ٿي پلا ماريندو درياءَ ۾ وڃي؛ ڳچ پنڌ کان پوءِ وري سُڪيءَ تي نڪري اُهو ساڳيو مٽ مٿي تي کڻي، ڪپ وٺي اوڀارو وڃي. مطلب پهاڪي جو هي آهي، جو ڌڻيءَ جي وڏائيءَ جو نشان ٿو ڏيکاري. جهڙيءَ طرح ڪڏهن پٽ پيءُ جو تليڍؤ، ڪڏهن پيءُ پٽ جو محتاج؛ ۽ گهڻا ڀيرا ڏٺو ٻڌو ويو آهي، جو سرڪاري نوڪريءَ ۾ هڪڙو ٻئي جي هٿ هيٺ رهيو آهي، ۽ سمي پائي ڌڻيءَ جي دڳي سان هٿ هيٺ وارو بالادست ٿي ويو آهي، ۽ اُهو بالادست اُن ساڳئي جو تليڍو ٿي رهيو آهي.

    ۳۸۲ - ڪتو به کاڌو، ڪک به نه ڀري.
    ڪُک هڪڙي پيٽ جي ڀر ۾ پاسريءَ جي هيٺيان عضوو آهي؛ پر هت مراد سنديس پيٽ آهي. مطلب پهاڪي جو هي آهي، جو هڪڙو ماڻهو بک مرندي چوري، يا ٺڳي يا ڪا ٻي ڪپت جهڙي هاج ڪري، سا ڦٻيس ته نه، پر مورڳو جهلجي پوي، ته مٿس هي پهاڪو لاڳو ٿئي.

    ۳۸۳ - ڪني آڱر وڍي چڱي.
    هڪڙيءَ آڱر ۾ ڪنهن کي اهڙو ڦٽ ٿئي، جو پاڻ ته ڇٽڻ جهڙو نه هئي، پر ٻين آڱرين کي کارڻ جهڙو هجي، ته اهڙيءَ آڱر کي وڍائڻ چڱو آهي. تنهن وانگي جڏهن ڪنهن لچ، يا ڪپتئي ماڻهوءَ سان ڌنڌو اڙي، جنهن مان واڌو واڌيءَ جي ماڳ، پر مورڳو گهاٽي جو ڊپ هئي، تڏهن اُهو ڌنڌو اٻوڇي پائي به ڇني ڇڏجي.

    ۳۸۴ - ڪوڙي سڄڻ کان سچو ويري به چڱو.
    جيتوڙي هي پهاڪي وارو سچي ماڻهوءَ جو ويرپو ڌُڻي ٿو، جو وير ڪنهن جو به چڱو نه آهي، پر مطلب سندس ڇا آهي، جو ڪوڙي کان مُدل ڀڄي ٿو، ۽ سچي کي ساراهي ٿو.

    ۳۸۵ - ڪٿي چور سڃا، ڪٿي ڍور سڃا.
    لفظن جي معنيٰ هيءَ آهي، جو ڪاٿي چور وتن چوريءَ لاءَ ڍور ڳوليندا، ته هٿ ڪو نه لڳين؛ ڪاٿي ڍور وتن سڃا چرندا، ته چور ڪو نه ڏسين. پر مطلب هي آهي، جو هي پهاڪو ڌڻيءَ جي بيپروائي ڏيکاري ٿو، جو ڪاٿي ڪهڙو رنگ، ڪاٿي ڪهڙو روپ جوڙيو اٿس. تنهن تي هڪڙو مثل ياد آيو اٿم:
    مير غلام علي خان صاحب بهادر اڳوڻو حاڪم سنڌ جو هڪڙي ڏهاڙي ڪچهڙيءَ ۾ ويٺو هو ۽ اڳيانس چلمچي سوني رکي هئي تنهن ۾ ٿڪ اڇلايائين، اهو حال ڏسي ٻروچ هڪڙي چلمچيءَ کي سلام ڪري چيو، “واهه ميان سون، ڪاٿي ٻروچاڻيءَ جي نڪ ۾ نٿ به نه ٺهي، ڪاٿي ته ٿڪون پيو جهلين”.

    ۳۸۶ - ڪنهن جو اگهي ڪوڙ، ڪنهن جو سچ به سُهمن گاڏئون؛ ڪنهن جي ماني ڪري نه مور ڪنهن جا ٽڪر به ٽيڻان ڪري.
    سُهمون يعني ڇڙٻون، ٽڪر يعني مانيءَ ڀور.
    هي پهاڪو پڻ ڌڻيءَ جي وڏائيءَ جو اُهڃاڻ ٿو ڏيکاري؛ جو جڏهن ڌڻي مهربان آهي، تڏهن ڪوڙ به ٿو اگهي؛ نه ته سچ به ملهه-چور ٿيو پوي. پر مطلب هي آهي، جو ڪٿي ڪٿي ڏٺو ٻڌو ويو آهي، جو ڏڏ ڀاڳوان، ۽ سياڻو نڀاڳو. تنهن تي فارسي بيت پڻ آيو آهي:
    اوفتاده است در جهان بسيار،
    بي تميز ارجمند، و عاقل خوار. جهان ۾ گهڻا پيا آهن،
    اڄاڻ پيارو، ۽ سياڻو خوار.

    ۳۸۷ - ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙھ مقام ۾؛ واريءَ سندو ڪوٽ، اَڏيو اڏبو ڪيترو.
    مطلب پهاڪي جو هي آهي، جو جيوت جا ڏهاڙا ٿورا آهن، سي واريءَ جي ڪوٽ وانگر ڪين جهليندا، نيٺ مرڻو ئي آهي. تنهن تي بابا نانڪ صاحب جو وچن پڻ آهي:
    ڪَھُ نانڪ ٿِرُ ڪڇ نهين، سپني جيون سنسار. ٻائو صاحب ٿو فرمائي ته سپني جهڙو جهان رهڻ جو نه آهي.

    ۳۸۸ - ڪانياري ٻلي ڪوئي جي جوءِ.
    ڪانياري، يعني ڪاڻ يا گهرج واري؛ جيتوڙي ته ڪوئو ٻليءَ جو شڪار آهي، پر پهاڪي وارو چوي ٿو جو گهرج وارو ماڻهو توڙي ڏاڍو ئي هوندو ته به ڊڄندو ئي رهندو. جهڙو فارسيءَ وارو چوندو آهي:
    آنچه شيران را کند روبہ مزاج،
    احتياج و احتياج و احتياج. جيڪي شينهن کي ڦيڪاريءَ جهڙو ڪري،
    گهرج ۽ گهرج ۽ گهرج.

    ۳۸۹ - ڪک جو چور، سو لک جو چور.
    هن پهاڪي مان ٻيو نرالو مطلب ڪو نه ٿو نڪري، مگر ايترو آهي ته جو ماڻهو هڪڙي ڀيري ٿوريءَ چوريءَ تي به هريو، سو ٻيهر گهڻي چوري ڪندي پڻ ويرم نه ڪندو.

    ۳۹۰ - ڪتو ۽ ڪپاٽ، ٽوڙهي سان ٽپائجي، ساڌو ۽ سپاٽ، وهارجي وچ ۾.
    ڪپاٽ يعني نالائق ماڻهو، ٽوڙهو يعني نوڙي، ساڌو يعني اشراف، سپاٽ يعني لائق ماڻهو، وهارجي وچ ۾، هي اصطلاحي لفظ آهي، يعني آبرو ڏجيس. هي پهاڪي وارو ايترو سمجهائي ٿو، جو لچ کي آڌر نه ڏي ۽ اشراف کي پيار ڏي، ۽ ساڻس پريت رک. تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:
    با بدان بدباش، با نيکان نکو،
    جاءِ گل گل باش، جاءِ خار خار. بڇڙن سان بڇڙو رهه، ۽ چڱن سان چڱو؛
    گل هنڌ گل ٿي، ڪنڊي هنڌ ڪنڊو.

    ۳۹۱ - ڪڻڪ ڪڍي بهه کي باهه ڏي.
    هن پهاڪي مان سنساريءَ ماڻهوءَ لاءِ هي مطلب نڪري ٿو، جو دنيا ۾ ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جن ۾ گهڻا اوڳڻ آهن، پر منجهن ڪي ڳڻ ڪم اچڻ جهڙا پڻ آهن. تڏهن سياڻو ماڻهو اُن جي اوڳڻن ڏي نه نهاري ۽ ڳڻن کي اُڀري وٺي. جهڙو فارسيءَ وارو چوي ٿو:
    بود خار با گل هم اي هوشمند،
    چه در بند خاري؟ تو گلدسته بند. اي سياڻا گل ۽ ڪنڊو گڏ ٿا رهن،
    ڪنڊي جو فڪر ڇو ٿو ڪرين؟ گلدستو جوڙ.
    ۽ درويش لاءِ مطلب هي آهي، جو دنيا مان هڪڙو پاڪ ڌڻيءَ جو نالو هٿ ڪري ٻين ڌنڌن کي کڻي ڇڏي. تنهن لاءِ پڻ فارسيءَ واري چيو آهي:
    خلاف طريقت بود که اوليا،
    تمنا کند جز خدا از خدا. درويش کي هي طريقت کان اُبتڙ آهي،
    جو ڌڻيءَ کان ڌڻيءَ ڌاران ٻيو گهري.

    ۳۹۲ - ڪوري پلوين نه پائجي.
    ڪوري يعني نئين گندي، چادر، يا ڌوتي، يا ٻيو اهڙو ڪپڙو گهڻو ڪري وچ کان سگهو پراڻو ٿئي؛ پلوين يعني پاسن کان چرڪو. جڏهن ماڻهو وچ پراڻو ڏسن، تڏهن پَلَوَ ڳنڍي وچ کان ڦاڙن. تنهن کي اصطلاح ۾ چون پلوين پائڻ، پر اهو ڪم پراڻيءَ گنديءَ لاءِ آهي. ڪوريءَ گنديءَ کي پلوين ڪو نه پائي؛ پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ان ريت ڪري ته جيڪر پاڻ تان ماڻهو کلائي. جهڙوڪ هڪڙو ماڻهو واٽ ويندي ڄاڻي، جو ڪوهه پنڌ کان پوءِ واهه جو پاڻي لنگهڻو آهي، ۽ اڳوار ڪپڙا لاهي مٿي تي ٻڌي، يا هڪڙو ماڻهو چڱو ڀلو هئي، ۽ ٻيو ڄاڻي جو هي نيٺ مرندو، تنهن لاءِ ڪفن وٺي اچي. اهڙين ڳالهين کان پهاڪي وارو منع ٿو ڪري؛ سنديس مراد هيءَ آهي، جو سڀڪنهن ڳالهه جو مهل کان اڳي اُلڪو ڪرڻ نه گهرجي.

    ۳۹۳ - ڪوري کڏ کڻي، پر پاڻ پوي.
    ڪوري ماڻهو هڪڙي کڏ کڻن؛ جنهن ۾ اُڻڻ مهل ڄنگهون وجهي ويهي اُڻن، جنهن کڏ کي دَکَڻُ ڪري چوندا آهن. پهاڪي جو مطلب، جيڪو ماڻهو ٻئي جي برائيءَ لاءِ جوڙجڪ ڪندو آهي، سو ڪر پاڻ لاءِ ٿو ڪري؛ تنهن جي سمجهائڻ لاءِ فريد صاحب وچن فرمايو آهي:
    جو تيري کڏ کڻي تون اُسدي راه سنوار؛
    اوه آپي پوسين کڏ وچ تون لنگهي پوسين پار. جو تولاءِ کڏ کوٽي تون ان جي واٽ جوڙ؛
    هو پاڻ کڏ ۾ پوندو تون پار لنگهي پوندين.

    ۳۹۴ - ڪم پوي، ڪل پوي.
    ڪل يعني سُڌ، اندر ٻاهرو ماڻهو ويس چڱو ڪري، جنهن ڪري چڱو مڙس ڄاڻجي، پر سندس اندر جا وسلا تڏهن سمجهي سگهجن، جڏهن ساڻس ڪو ڌنڌو اڙي. تنهن تي شاه عبداللطيف پڻ فرمايو آهي:
    يار سڏائي سڀڪو جاني زباني،
    آهي آساني، پر ڪم پئي ڪل پوي.

    ۳۹۵ - ڪُوڙي جي ڳالهه کُڏَ جي ڊوڙ.
    جهڙيءَ طرح هڪڙو ماڻهو کُڏ تي چڙهي ڊوڙ پائي، پر جڏهن کُڏُ پورو ٿئي تڏهن ڪاڏي ويندو. جائي مُنجهي بيهي رهندو. تنهن وانگي جو ماڻهو ڪوڙي ڳالهه ڪندو، ۽ اُها ڳالهه پوري نه لڳندي، ته کُڏ جي ڊُڪڻ وانگي ڦڪو ٿي بيهندو ڪ نه؟ مراد هيءَ آهي، جو ڪوڙ جي پاڙ ٺڪريءَ تي آهي.

    ۳۹۶ - ڪنگر ۾ ڪڪڙا، پڙي مبارڪ.
    ڪڪڙا يعني ڪپھ جو ٻج، هڪڙو هاري وونئڻن پوکڻ لاءِ ڪڪڙا ڪنگر ۾ پسائي رکي، جوڻس رٿ ڪري جو وونئڻ ٿيندا، تن جي ڪپھ ڪتي ڪپڙو اُڻائي؛ پڙو رڱائي ڍڪيندس؛ تنهن تي اڳوار واڌايون ورائي، تنهن کي اڳ ڪٿي ڳالهه چئجي. جهڙيءَ ريت ڪو ماڻهو دل ۾ ڳڻي، جو ٻه چار ڏهاڙا پورهيو ڪري رپيو گڏ ڪنديس؛ تنهن مان ٻڪري وٺندس، اها ويامي گهڻيون ٿينديون؛ سي وڪڻي ڍڳي ڳنهندس، جڏهن ڍڳي ويامي گهڻيون ٿينديون، تڏهن اُٺ. ان ريت وهئين ٿيڻ جو سوس رکي، پر اهو رڳو اجايو حرص آهي، جو سنجم يعني قناعت بنا پورو ٿيڻ جو نه آهي. جهڙو فارسي بيت آهي:
    رَوده تنگ به يک نان تِهي پُر گردد؛
    دولت روءِ زمين پر نکند ديده تنگ. آنڊو سوڙهو هڪڙيءَ رُکيءَ روٽيءَ سان ڀرجي،
    سڄي جهان جو ناڻو سوڙهيءَ اک کي نه ڀري.

    ۳۹۷ - ڪڍي ڪاڍارا، ڏئي اُڌارا.
    ڪڍي ڪاڍارا، يعني وٺي وياجيرو؛ مطلب هي آهي، ته جو ماڻهو هڪڙي هنڌان وياج تي ناڻو وٺي، ٻئي هنڌ وري وياج تي اُڌارو ڏيندو، اهڙي اڄاڻ جو جُهڳو ڪَمُنو ٿيندو ڪ نه؟

    ۳۹۸ - ڪم پرين سڀڪو آهي، چم پرين ڪو نه آهي.
    ڪم ڪرڻ واري ماڻهوءَ کي سڀڪو پسند ڪري، چم کي يعني رڳي مهانڊي کي ڪو نه پيارو رکي. جهڙيءَ ريت هڪڙو ماڻهو مهانڊي جو بڇڙو ۽ لڇڻن جو چڱو ڪم سنواريندڙ هئي، ته جيڪر سڀ کي وڻي؛ پر جيڪڏهن مهانڊي جو سهڻو، رڳو ڏسڻ جو ٽوهه ۽ نڪمو هوندو، ته ڪنهن کي وڻندو؟ تنهن تي هڪڙو مثل آيو آهي:
    محمود شاهه غزنويءَ کان پڇيائون، جو اياز جو مهانڊو بڇڙو آهي، تنهن تي ڇو عاشق ٿيو آهين؟ تن کي هي فارسي بيت ورنديءَ ۾ چيائين:
    که عشق من اي خواجه بر خوءِ او است،
    نه بر قد بالاءِ نيکوءِ او است. اي سائين منهنجو عشق ان جي لڇڻ تي آهي؛
    ان جي وڏي قد موچاري تي نه آهي.

    ۳۹۹ - ڪوسو پاڻي ڪک نه ساڙي.
    هيءَ ڳالهه پڌري آهي، جو پاڻي ڪهڙو به ڪوسو هئي ته به منجهس ڪک ڪين سڙن؛ ڇا کان جو ڪک پاڻيءَ جا نپايل آهن، سو پنهنجي پاليل جو مَٺو نٿو گهري. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    چوب را آب فرومي نبرد، حکمت چيست؟
    شرم دارد ز فرو بردن پرورده خويش. ڪاٺ کي پاڻي نٿو ٻوڙي، ڪهڙي حڪمت آهي؟
    پنهنجي نپايل کي ٻوڙڻ لڄ ٿي ٿئيس.
    پر هڪڙي ڳالهه ٻي پڻ چڱي آهي، جو ڪک پاڻ کي سڀ کان هيڻو چوايو آهي، تنهن ڪري ڪوسو پاڻي نٿو ساڙيس. تنهن وانگي درويش پڻ پاڻ کي نماڻو ٿا ڄاڻن، تڏهن سنسار جي ڌنڌن ڏاکڙن گوندرن کان ڇٽي وڏي پد کي پهچن ٿا. جهڙو فارسي بيت آهي:
    طريقت جز اين نيست درويش را،
    که افگنده دارد تن خويش را. اِن ڌاران درويش کي ڪا واٽ نه آهي
    جو ڪريل رکي پنهنجو پاڻ کي.
    ۽ تنهن کان سواءِ آڳاٽو هن ڏيهه ۾ شاهه عنايت هڪڙو ڪامل ٿي لنگهيو آهي، تنهن هڪڙي ڏهاڙي مدن ڀڳت پنهنجي سڄڻ کان پڇو، ته خدا جو در ڪيڏو آهي؟ چي اهڙو ننڍڙو آهي، جو جڏهن ڪو نِئڙي نِئڙي پنهنجو ڳاٽو ڀڃي، تڏهن مس منجهانس لنگهي. مطلب ته جنهن ڳاٽو نايو، يعني نئڙت ڪري هيڻو چوايو، سو پد کي پهتو. جهڙو شيخ سعديءَ جو چوڻ آهي:
    در آن حضرت آنان گرفتند صدر،
    که خود را فروتر نهادند قدر. اُن درٻار ۾ اُنهن جاءِ پاتي،
    جن پاڻ کي گهٽ قدر وارو ڄاتو.

    ۴۰۰ - ڪاڏي ڪوري، ڪاڏي ترار؟
    يعني ڪوريءَ کان ترار هڻڻ نه پڄي؛ هن ريت، جو اڳوڻن حڪومتن ۾ سڀڪو ائين ڄاڻندو هو ته ڪورين جي ڊڄڻي ذات آهي؛ تنهنڪري مٿن هي پهاڪو آيو آهي. پر مطلب هي آهي، جو گانڊوءَ کان مڙسيءَ جو ڪم ڪڏھن ڪين ٿيندو. تنھنڪري اھڙي ماڻھوءَ تياھڙو ڪم رکڻ پوري ڳالهه نه آهي. سياڻا چوندا آهن، ته گانڊوءَ مڙس کان همت وارو کدڙو به چڱو. جهڙو فارسي بيت آهي:
    مخنث بہ از مرد شمشير زن،
    که روز و غاسر نتابد چو زن. ترار هڻڻ واري مڙس کان اُو کدڙو چڱو،
    جو جنگ جي ڏهاڙي زال گهاءِ مٿو نه موڙي.

    ۴۰۱ - ڪچي وزيران، ٿئي ٺُڙڪو ٺَڪر.
    ٺڙڪو يعني اڻ وڻت، ٺَڪُرَ يعني راجائون؛ جن راڄن ۾ وزير ڪچا هوندا، تاتي راجائن لاءِ ڀلو ڪٿان ٿيندو؟ تنهنڪري پهاڪي واري جي مراد هيءَ آهي، جو سياڻي ڌاران راڄ جي رٿ پَھَ جو ڪم ٻئي تي رکڻ نه گهرجي. جهڙو فارسيءَ واري جو چوڻ آهي:
    بند اگر بشنوي، اي بادشاهه!
    در همہ دفتر بہ زين پند نيست؛
    جز به خردمند مفرما عمل،
    گرچه عمل کار خود مند نيست. اي راجا! جيڪڏهن اُپديش ٻڌين،
    سڄي دفتر ۾ هن کان واڌو اُپديش ناهي؛
    سياڻي ڌاران ٻئي تي ڪم نه رک،
    جيتوڙي ته ڪم ڪرڻ سياڻي جو ڪم نه آهي.


    ک

    ۴۰۲ - کير جو کانيَلُ جهڻ کي ڦوڪي پِيئي.
    هن پهاڪي جهڙي ڳالهه نمبر ۳۵۸ واري پهاڪي ۾ پڻ هلي آهي. اکري معنيٰ سنديس ڌار آهي، جا سڀڪو ڄاڻي ٿو؛ مگر مطلب ساڳيو اهو آهي. تنهنڪري ان لاءِ هڪڙو فارسي شاھد هيٺ ڏيان ٿو:
    چو باري فتادي نگهدار پاي؛
    که تا بار ديگر نه لغزي ز جاي. جڏهن هيڪر ڪِرئين تڏهن ٻيهر پير سنڀال،
    ته ٻيهر وري نه تِرڪي پوين.

    ۴۰۳ - کاڻي کچڻي، اونڌو طباق.
    هن پهاڪي جي پيڙهه هن ريت آهي، جو هڪڙو مڙس بُکائجي گهر آيو؛ ڏٺائين جو زال گهر ۾ ڪا نه آهي، ۽ کچڻيءَ جو ڪنو چلهه تي، ۽ مٿس اونڌو طباق ٿيو رکيو آهي، سو لاهي ڏٺائين ته کچڻي کامي رهي هئي. ايتري ۾ جوڻس ٻاهران اچي پڇيس ته ڪي کاڌءِ؟ تنهن کي هي پهاڪو ٻڌائي چيائين ته کِيان ڪڄاڙو؟ مطلب ته جا زال گهر جي ڪم ۾ گينوار رهندي، تنهن جي مڙس کي مهل تي ماني به نه ملندي.

    ۴۰۴ - کُٿي ڏاڙهي هٿ نه اچي.
    جيتوڙي هن پهاڪي جي اکري معنيٰ ڌار آهي، پر سنديس مراد ساڳي نمبر ۳۵۹ واري پهاڪي واري آهي؛ تنهنڪري گهڻو بيان نٿو لکان، مگر ايترو بس ته جو ماڻهو جواڻي آرس ۾ وڃائي، ڌڻي ياد نه ڪندو، ۽ وڏتڻ ۾ سگهه نه رهنديس، تڏهن هي پهاڪو ياد ڪري ڪبير صاحب جو هيءُ وچن پڙهندو:
    دُڌا ٿڻين نه آوهين، پِر هوءِ نه ميل. ڏڌل ببن ۾ نه اچي، ۽ وري ملڻ نه ٿئي.

    ۴۰۵ - کيتي سِرَ سيتي.
    هي پهاڪو نسورو پوک لاءِ چوي ٿو، ته پوک جو ڪم سِرَ سان لاڳو آهي، يعني جيڪو پنهنجي هٿ يا ميٽ ڌاران ڪندو، سو کٽيو ڪين کائيندو. سا ڳالهه سچ آهي، جو گهڻا ڀيرا ڏٺو ويو آهي ته جن ماڻهن ٻين جي آسري پوک جو ڪم ڇڏيو آهي، تن مورڳا ھڙ جا ھاريا آھن؛ پر ان ۾ منھنجو چوڻ ھي آھي، جو مايا جو سڀ ڌنڌو پنهنجي هٿ يا نظر ڌاران ڪرڻ پاڻ لاءِ گهاٽي جو ڊپ پرائڻ آهي؛ تنهن لاءِ شاهوڪار ماڻهو هڪڙو مثل چوندا آهن، جو پنهنجي هٿ جو گهاٽو به پرائي هٿ جي واڌي کان چڱو.

    ۴۰۶ - کاڌي کي کامن، ڄاڙيون ڄاموٽن جون.
    ڄاموٽُ، هڪڙيءَ سکر ذات مسلمانن جو پريو مڙس. هن پهاڪي مان ٻيو ڌار مطلب ڪو نه ٿو نڪري، رڳو هي آهي، جو ڪن ذاتين جا ڄاموٽ وهانو وڌاڻي تي پنهنجي نياتن ۾ وڃن، ته اڳلا آڌر ڀاءُ ڪري کاڄ اُچو، يا مٺائي سرس ڏينن؛ پر جي ڪاٿي اوترو لوت لباس نه ٿئين، ته ڏک ڀرجن، تن جي لاءِ هي پهاڪو آيو آهي.

    ۴۰۷ - کُٽو واڻيو ڪاڳر ساري.
    واپاري ماڻهو جڏهن ڏيوالو ڪڍن، تڏهن لهڻي وارن کي جواب ڏيئي ڇڏين؛ مگر چٻ چوچيءَ لاءِ پراڻا سراڻا ڪاڳر ويهي جاچن، ته مانَ ڪنهن ڏي ڀل چوڪ جي رقم نڪري، ته اُڳاڙي وٺن، تن لاءِ هي پهاڪو آيو آهي، پر مطلب هي آهي، جو نڪمو ماڻهو گهڻو ڪري چٻ جون واٽون ڳولي.

    ۴۰۸ - کوھ جي مٽي کوهه کي لڳي.
    جڏهن ڪو کوهه کڄي، تڏهن پهريائين جيڪا ڀاڏ جي مٽي منجهانس نڪري، سا دڙو ڪري ڇڏين، پر جڏهن کوهه جڙي رهي، تڏهن اُها مٽي ڪي رڇيءَ ۾، ڪي پِڙ جي ٿلهي ۾ پوري ٿي اچي. تنهن وانگي جيڪا دولت جهان ۾ آهي، سا سڀ ڌڻيءَ جي آهي؛ تنهن مان جيڪو ڪي ڌڻيءَ جي نالي ڏئي تنهن کي گهرجي جو هئن ڄاڻي ته جنهن جو مال هو تنهن جي ڪم آيو. جهڙي کوهه جي مٽي کوهه کي. تنهن تي هنديءَ واري جو چوڻ آهي:
    ميرا مُجهه ۾ ڪڇ نهين سڀ ڪڇ هي تيرا،
    تيرا تجهه ڪُون سونپيئي ڪيا لاگي ميرا. مون ۾ منهنجو ڪين آهي، سڀڪي تنهنجو آهي،
    تنهنجو توکي ڏجي تنهن ۾ منهنجو ڇا ٿو لڳي.
    تنهن جي لاءِ فارسيءَ وارو پڻ چوي ٿو:
    برد بوستان بان به ايوان شاه،
    به تحفه ثمر هم زبستان شاه. راجا وٽ آرائين کڻي وڃي؛
    سوکڙيءَ لاءِ ميوو راجا جي ئي باغ مان.

    ۴۰۹ - کَرُ ماڻهو وڻ ٻاٻرو ٻنهين ڏينهن کُٽن.
    کر ماڻهو يعني لچ ماڻهو، وڻ ٻاٻرو يعني ٻٻر جو وڻ. پهاڪي وارو ان ٻنهي کي هڪجهڙو ڄاڻي گلا ٿو ڪري، هن ڪري جو کر ماڻهوءَ مان نيٺ کرائي ٿيندي، ۽ ٻٻر مان اوڙڪ ڪنڊا لڳندا، تنهنڪري نه هوندا چڱا.

    ۴۱۰ - کير ۾ مُوري وجهي ٿو.
    موري کير جي ويرياڻي آهي، جا کير ۾ پوي ته وِسُلي وڃي. تنهن وانگي ٻچاپڙا ماڻهو هڪڙي هنڌان ٻڌي ٻئي هنڌ وڃي لائي چائي ڪن، جنهن مان ٻن جي وچ ۾ جهيڙو جاڳي. اهڙن لووا لائڻ وارن لاءِ هي پهاڪو آيو آهي. فارسيءَ وارو اهڙن جي سنگت کان پري رهڻ لاءِ بيت چوي ٿو:
    ازان همنشين تاتواني گريز،
    که مرفتہ خفتہ را گفت خيز. اهڙي سنگتيءَ کان جيڪي سگهين سو ڀڄ،
    جو ستل جهيڙي کي چوي اُٿ.

    ۴۱۱ - کَڏَ چي جيءُ سَڏَ.
    اکرن جي معنيٰ هيءَ آهي، جو کڏ رکيل ناڻو اوير سوير سڏ تي سَڏُ ڏئي، يعني ڪم اچي، پر نجات مطلب هي آهي، جو چُوڻو جيڪي نصيب ۾ لکيل آهي سو ڪر کڏ جو رکيل ناڻو. يا گُنديءَ جو رکيل ان آهي، مهل سر هروڀرو اچي ملندو. جهڙو فارسي بيت آهي:
    جهد رزق ارکني وگر نه کني،
    برساند خداي عز و جل. چُوڻي جي ڳولا ڪرين توڙي نه ڪرين،
    ڌڻي پاڪ تو کي پهچائيندو.

    ۴۱۲ - کير ۽ کنڊ، نور ۾ نور، جواڻي ۽ مايا، پور ۾ پور، پنڌ ۽ بار، سور ۾ سور.
    هن پهاڪي مان ٻي مراد ڪا نه ٿي نڪري، رڳو ايترو آهي، جو پهرين سٽ ڄڻ سواد ۾ سواد آهي، ٻي سٽ ڪر نشي ۾ نشو، ۽ ٽين سٽ ڏک ۾ ڏک.

    ۴۱۳ - کڻ کلو، ٿيئي ڀلو.
    کلو يعني موچڙو، لچ ۽ ويري مٺي ڳالَهوَ سان نه سمجهن؛ ويتر لچائيءَ ۾ پير اڳرو کڻن. تن لاءِ هي پهاڪو چوي ٿو، جو اهڙي سمي ۾ تکو ٿي هل. جهڙو فارسيءَ جو بيت آهي:
    سخن به لطف و کرم با درشت خوءِ مگو،
    که زنگ خورده نگردد مگر به سوهن پاک. مهربانيءَ جو اکر لچ سان نه ڳالهاءِ؛
    جو ڪٽيل لوه رواتيءَ ڌاران صفا نه ٿئي.

    ۴۱۴ - کٽيو کائي مڙس جو، چي جيئي ابو.
    جهڙيءَ طرح هڪڙي زال کائي پيئي مڙس جو ۽ دعا ڪري پيءُ کي، تهڙيءَ طرح هي ماڻهو هلي ڌڻيءَ جي توهه سان، ۽ کائي پهري ڌڻيءَ جو ڏنل، ۽ ڄاڻي پنهنجي ڪمائيءَ ۽ لڇڻن کان. اهڙن کي هي پهاڪو ميڇ سان سمجهائي ٿو. جهڙو فارسي بيت آهي:
    چه انديشي از خود که فعلم نکو است؛
    ازان در نگہ کن که توفيق او است. ڇا ٿو ڄاڻين ته لڇڻ منهنجا چڱا آهن؛
    هوڏي نهار ڪر، جو سگهه ان جي آهي.

    ۴۱۵ - کٽيو تو تان گهوريو، وڃائج نه مُور.
    مُور جيڪو ناڻو واپار ۾ گهران ڏجي: جو ماڻهو ناڻو گهران پائي وڻج ڪري، تنهن کي گهرجي، جو مور واري ناڻي کان واڌو اُپائي؛ پر جڏهن واڌو نه اُپائي، تڏهن به موڙيءَ کي گهاٽو وجهڻ ته ڪار نه آهي. تنهن وانگي هي ماڻهو پڻ ساهه وٺي دنيا ۾ آيو آهي، سو جيڪڏهن ڌڻيءَ جي يادگيري ۽ چڱا ڪم ڪيائين ته ڪر کٽيائين؛ نه ته ساهه جو مُوڙي اٿس، سو اجايو وڃايائين. تنهن تي فارسيءَ واري جو بيت پڻ آهي:
    بمايہ توان اي پسر سود کرد،
    چه سود آيد آنرا که سرمايه خورد. اي پٽ موڙيءَ مان کٽيو ڪري سگهجي،
    جو موڙي کائي ويو تنهن کي ڇا کٽيو ٿيندو.


    گ

    ۴۱۶ - گذر گئي گذران، ڪيا جهوپڙي، ڪيا ميدان.
    سکي جي ڏکي، جهوپڙيءَ ۾ جي پوٺي تي، جا گذري، تنهن کي چڱي لنگِهي چئي شڪر ڪرڻ گهرجي؛ ڇا کان جو سکيا ڏينهن لنگهندي ويرم نه لڳي، تنهن وانگي ڏکيا ڏينهن پڻ ڪين رهن. فارسيءَ واري چيو آهي:
    ز روزگار همين عادتم پسند آمد،
    که خوب وزشت جهان جمله درگذر ديدم. زماني جي هيءَ عادت گهڻو وڻيم،
    جو جهان جي چڱي مدي لنگهندي ڏٺم.
    اهڙي مثل لاءِ هيٺ نمبر ۴۱۷ وارو پهاڪو پڻ لکجي ٿو.

    ۴۱۷ - گذري ڪوُن ڦر ياد نه ڪرڻا، جا گذري سا چوکي.
    هن مضمون تي مٿي پڻ پهاڪو نمبر ۴۱۶ وارو آيو آهي، تنهنڪري هن جي ڌار وچور نه ڪيم، مگر هڪڙو نقل ياد آيو اٿم:
    راجا هڪڙو سياري جي مند ۾ صبوح جو ڪاڏي چڙهي ٿي ويو؛ واٽ تي ڏٺائين جو سائين والو فقير هڪڙو، بَٺَ کي پاسو ڏيو سيءَ کان پاڻ بچايو پيو آهي. تنهن کي ڏسي راجا ويچار ڪيو جو آءٌ سڄي رات ثمور جي وڇاڻي ۾ ستل هوس، ته به سيءَ لکايو ٿي، اها رات فقير کي بت ۾ ڪئن لنگهي هوندي. اها ڳالهه فقير کان پڇيائين، تنهن ورنديءَ ۾ هيءَ مصرع چيس:
    شب تنور گذشت و شب ثمور گذشت. بٺ ۾ توڙي ثمور جي وڇاڻي ۾ رات لنگهي.

    ۴۱۸ - گڏي اڏجي، يا لڏي ڇڏجي.
    مطلب هي آهي، جو يا سڄڻ ٿي گڏ رهجي، يا ويري ٿي ڀڄي پري ٿجي؛ اندر ۾ دشمني ٻاهران ياراني اها اندر-ٻاهرائي رکڻ ڪار نه آهي. تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:
    رُو سياهي بہ از سياهي دل. منهن-ڪارائي دل جي ڪارائيءَ کان چڱي.
    گورو نانڪ شاهه پڻ فرمايو آهي:
    دليون محبت جن سيئي ساچيا؛
    جن من هور مک هور سي ڪاڍو ڪاچيا. جن کي دل کان لئون آهي سي سچيار،
    جن کي دل ۾ ٻي، وات ۾ سي ڪچا ڪڍي ڇڏ.

    ۴۱۹ - گولاڙو ڳيان پچي.
    گولاڙو يعني ٻانهو، ۽ گولاڙو جهنگلي ول جو ميوو آهي، جو ٻين ميون کان ابتڙ ڳُيان يعني هيٺان پچندو آهي. تڏهن پهاڪي واري هن گولاڙي ٻانهي کي پڻ هُن ول واري گولاڙي وانگي سمجهي گلا ڪئي آهي، جو جنهن ماڻهوءَ تي ٻانهپيءَ جو نالو ٿيو، سو اُبتا ڪم ڪندو، واجبي طرح ڪم نه ايندو. جهڙو فارسي بيت آهه:
    پرستار زاده نيايد بکار؛
    اگر چه بود زاده شهر يار. ٻانهيءَ جو ڄاول ڪم نه اچي،
    جيتوڙي راجا جو اولاد به هئي.
    پر انگريز سرڪار چڱو توهه ڪيو آهي جو پنهنجي راڄ مان هو بڇڙو نالو ڪڍي ماڻهن کي هن پهاڪي جي ڦٽڪار کان ڇڏايو آهي.

    ۴۲۰ - گدڙ گدڙ جي ڪوڪ تي نه اونائي ته ڪوڙهيو ٿئي.
    اونائي يعني سڏ تي سڏ ڏئي؛ هيءَ ڳالهه پڌري آهي، جو جڏهن هڪڙو گدڙ دانهن ڪري تڏهن پاسي اوسي وارا سڀ گدڙ ڪوڪار ڪن. پر هي پهاڪي وارو گدڙن جي ٻڌي ٻڌائي، اهڙن ڀوڪن کي سمجهائي ٿو، جي پاڻ ۾ هڪ مُٺ نه آهن، ۽ چوي ٿو جو رڳا ٻه ڄڻا هڪ مُٺ هجن ته به وڏو ڪم ڪري وجهن. تنهن تي هڪڙو فارسي بيت آيو آهي:
    دو دل يک شود بشکند کوه را؛
    پراگنده گي آرد انبوه را. ٻه دليون گڏ ٿين ته جبل ڀڃي ڇڏن،
    گهڻن کي ڊانوان ڊول ڪن.
    اُن تي هڪڙي آکاڻي ياد ٿي اچيم:
    ٽي ڄڻا؛ هڪڙو ٻانڀڻ، ٻيو لنگهو، ٽيون بٺارو پاڻ ۾ گڏجي هڪڙي هندوءَ هاريءَ جي ڪمند جي پوک ۾ رات جو وڃي ڏاڍ سان ڪمند ڀڃي کائڻ لڳا. هاريءَ ويچاري گهڻو ڪي جهلين، پر نه رهيا. هاري جيتوڙي ته ڏاڍو مڙس هو؛ پر ٽن ڄڻن سان پڄي نه سگهيو. جهڙو ڏاها چوندا آهن جو ٻن پاڏن سان به هڪڙو شينهن نه پڄي، تڏهن هاريءَ حرفت ڪري هوريان هوريان ٻانڀڻ کي چيو جو تون اسان هندن جو مصر آهين، تنهنجو کاڌو اسان جي پترن کي ملندو، ۽ پڃ پڻ ٿيندو؛ تنهنڪري تون ڪماند ڀلي کاءُ، ۽ هي لنگهو کائيندو ته به وڃي جاتي ڪاٿي واکاڻ ڪندو، اهو پڻ نچ کائي. مگر بٺاري کان ڇو ٿا ڦرايوم؟ اها ڳالهه ٻڌي ٻانڀڻ ۽ لنگهي چيس ته بٺاري کي لوڌي ڇڏ. تڏهن بٺاري کي ڏاڙهيءَ کان جهلي ٻڌي وهاريائين ۽ وري ٻانڀڻ کي چيائين جو آءٌ غريب ماڻهو لنگهي جي ساراهه جو فڪر ڪو نه ڪريان ٿو، مگر تون برهمڻ ڀلي کاءُ، نچ کاءُ. حاصل ڳالهه جو، ٻانڀڻ جي آگيا وٺي لنگهي سان پڻ بٺاري واري پَر ڪيائين. اها دلجاءِ ڪري ٻانڀڻ کي چوڻ لڳو، مصر جي! پاڻ ته ڦُريوَ پر ٻين کان به ٿي ڦرايوَ. نيٺ ٽنهين کي ٻڌي سرڪار ۾ پهچايائين. ڏسو، جاسين هو ٽيئي ڄڻا پاڻ ۾ هڪ مٺ هوا، تاسين هاري ڇُهي نٿي سگهين، جڏهن ڇُڙُ ڇُڙُ گابڙا ٿيا تڏهن موچڙا کاڌائون.

    ۴۲۱ - گڏهه پنهنجي ساوڻي هينگن ۾ وڃائي.
    گڏهه جي پَر آهي، جو جڏهن سانوڻيءَ جا گاهه ٿين، تڏهن ٻه ٽي ڏهاڙا چري ٿورو ڍَو ڪري؛ پوءِ هيڏي هوڏي جي گڏهن جون هينگون ٻڌي پاڻ به هينگن ۾ رِڌو رهي، ۽ گاهه چرڻ کان کري. تنهن وانگي هڪڙا ڇوڪر ننڍپڻ جا ڏهاڙا راند ۾ وڃائي پڙهڻ کان سيڙن، يا هڪڙا سرڪاري نوڪر نوڪريءَ جي مهل ڳالهين ۾ وڃائي ڪم کان کرن؛ يا ڪي واپاري ڏيتيءَ ليتيءَ جي مهل بازر جي گهوم ۾ وڃائي ڪرت کان سيڙن، اهڙن سِلين ساٿن ماڻهن کي هي پهاڪي وارو ٽوڪي ٿو. اهڙن لاءِ هنديءَ وارو چوي ۽ سمجهائي ٿو:
    غفلت ۾ وقت اپنا نه کوهه، هوشيار ھوشيار هو. آرس ۾ مهل نه وڃاءِ سجاڳ ٿيءُ.

    ۴۲۲ - گدڙ ڊاک نه پڄ سگهي، آکي ٿوُ ڪوڙي، ناچو نچ نه ڄاڻندا آکي ڀون سوڙهي.
    هن پهاڪي جي معنيٰ پڌري آهي؛ پر مطلب سندس هي آهي جو جنهن هاج کي ڪو پهچي نه سگهندو، تنهن کان ڀڄي پري ٿيندو، ته ڇا ٿيو. جهڙو هنديءَ وارو چوندو آهي.
    بوڍا جوڳي سهجي جُتي پوڙهو فقير پراڻي جتي
    ۽ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    جوان گوشہ نشين شير مرد راه خداست،
    که پير خود نتواند ز گوشئه برخواست. جوان ماٺ ۾ وهي ته خدا جي واٽ جو شينهن آهي،
    جو پوڙهو ماڏنهين ڪنڊ مان اُٿي نه سگهي.

    ۴۲۳ - گابي وانگي چٽ ته چٽيانءِ.
    گابن جو ڌرم آهي، جو هي هُن کي چٽي؛ ته هُو هِن کي چٽي، تنهن وانگي دنيا ۾ پڻ جنهن سان مهرباني ڪبي تنهن ۾ ڀلائيءَ جو سوس رهندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    بنده حلقه بگوش گر نه نوازي برود،
    لطف کن لطف که بيگانه شود حلقه بگوش. ٻانهو ٻڌل جيڪڏهن نه پاليندين ته ويندو؛
    مهرباني ڪر مهرباني ته ڌاريو ٿئي ٻڌو ٻانهو.

    ۴۲۴ - ڪِنُ ڪِنَ سان نه ڌوپي، نيٺ پاڻيءَ سان ڌوپي.
    اَوٺي شيءِ ٻيءَ اَوٺي شيءِ کي سٺو نه ڪندي، تنهن وانگي لچو ماڻهو ڪنهن اشراف سان اٽڪي، ۽ اشراف پڻ ساڻس سامهون ٿي وڙهي، ته ڄڻ ٻئي هڪ جهڙا ٿيا. تڏهن اشراف کي ڇا گهرجي جو هن فارسيءَ بيت کي ڏسي کانڌ ڪري:
    تحمل چو زهرت نمايد نخست،
    ولي شهد گردد چو در طبع رُست. کانڌ پهريائين وه جي ڏيکاري ڏينديءِ؛
    پر ماکي ٿيندي جڏهن طبع ۾ ويٺي.
    ڇا کان جو جيڪڏهن لچ ڪي اشراف کي ڳالهائي ورتو، ته به اشراف جو مان گهٽ ڪين ٿيندو، ۽ لچ جو وڌندو ڪين. جهڙو فارسي بيت آهي:
    سنگ بد گوهر گر کاسئه زرين شکند؛
    قيمت سنگ نيفزايد، زر ڪم نشود. بڇڙو پاهڻ جيڪڏهن سوني باسڻ کي جهوري،
    پاهڻ جو ملهه وڌندو ڪين، سون جو گهٽندو ڪين.

    ۴۲۵ - گَھَ-گيرو گهوڙو ۽ پيٽيرو ماڻهو مهل ۾ ڪم نه اچن.
    گھ-گيرو گهوڙو، جو گهوڙو هلندي هلندي بيهي رهي، يا اٽون هڻي، يا پٺيرو هلي؛ پيٽيرو ماڻهو جو ماڻهو ري مواجب رڳو پيٽ جي کاڌي تي ڪمائي، يعني نوڪر رهي. سچ گھ-گيرو گهوڙو ڪاهه جي مهل ۾ ڪم نه ايندو؛ تهڙيءَ ريت ري مواجب وارو نوڪر پڻ ويل سر ڀڄي ويندو. تنهن تي فارسي بيت آهي:
    چه مردي کند در صف کار زار؟
    که دستش تهي باشد از روزگار. ڪهڙي مڙسي ڪندو جنگ جي هنڌ،
    جنهن جو هٿ قُوت کان ٺلهو هوندو؟

    ۴۲۶ - گَھُ پيھَ ٺڪرن مان پاڻي سڪائي.
    گَھُ، پيھَ، هي ٻه لفظ جيتوڙي گَهڻَ ۽ پيهَڻ جي مصدر مان نڪتا آهن، پر رواجي معنيٰ ۾ هڪڙو گهر جو جهيڙو آهي؛ ٺڪرن مان پاڻي سڪڻ، هي پڻ رواجي معنيٰ ۾ سڃ ٿيڻ آهي. مطلب هي، جو جنهن گهر ۾ گهرو ريڙ پيڙ رهندي، سو وسندو ڪين. فارسي بيت آهي:
    تهي پلئي بودن بہ از کفش تنگ؛
    پلائي سفر بهتر از خانه جنگ. سوڙهيءَ جتي پائڻ کان پير اُگهاڙا چڱا؛
    جهيڙي واري گهر کان پرڏيهه جو ڏک چڱو.

    ۴۲۷ - گڏهه کي به ڪو گج پائجي.
    گج هڪڙو زالن جي ڳچيءَ جو ڪپڙو آهي؛ پر اُهو ڪپڙو زالن کي پهرائجي، ۽ گڏهن کي ڍڪائڻ ڪار نه آهي. تنهن وانگي مهرباني پڻ چڱي ماڻهوءَ تي ڪرڻ کپي؛ لچ جو گڏهه جهڙو آهي، تنهن تي مهرباني ڪبي، ته اُٽلو آڪرو ٿيندو، ۽ منجهانس جيڪو سو ڇيهو پهچندو، جهڙو فارسي بيت آهي:
    چو با سفله گوئي به لطف و خوشي،
    فزون گرددش کير و گردن کشي. جڏهن لچ سان مٺو ڳالهائيندين،
    ته هيڪاري هٺ وڌندس.

    ۴۲۸ - گڏهه کي به ڪڏهن گابو ڄائو آهي.
    گڏهه جهڙي ڪميڻي مرونءَ جي پيٽ مان گابي جهڙو سائو ڍور ڄاپڻ تپرس جهڙي ڳالهه آهي؛ تنهن وانگي لچ ماڻهوءَ کان ڪنهن جي ڀلائي ٿيڻ ويسهه جهڙي ڳالهه نه آهي. تنهن تي صائب شاعر جو فارسي بيت آهي:
    صائبا اُميد فيض از صحبت دو نان مدار؛
    بوءِ جستن از گل کاغذ نشان ابلهي است. اي صائب ڀلائيءَ جي اُميد ڪميڻن ۾ نه رک؛
    ڪاڳر جي گل ۾ باس ڳولڻ اياڻپ جو اهڃاڻ آهي.

    ۴۲۹ - گڏهه جو ڇا وس جو ٻيڙيءَ ۾ نه چڙهندو.
    جڏهن ڪنهن کي گڏهه ٻيڙيءَ ۾ چاڙهڻو هئي، پوءِ توڙي گڏهه نٽائي، ته به ڪَن کان وٺي چاڙهيس. تنهن وانگي هن جيوَ کي پڻ جڏهن ڪال مارڻ ڀانئين تڏهن هي کانئس توڙي گهڻو ئي لڪي؛ توڙي ڀڄي، ته به ڪاڏي ويندو. تنهن تي هڪڙي الله واري چيو آهي:
    نا ڇٽيگا ڳڙهان ڪوٽان ۾ نا ڇٽيگا لکان ٻاهين؛
    جان جم آوي پڪڙ چلاوي عذر ڪسي دا ناهين. نه ڪوٽن ۾، نه لکن ٻانهن سان ڇٽندين؛
    جڏهن ڪال ايندو وٺي ويندو ڪنهن جو عذر نه آهي.

    ۴۳۰ - گيهه پوندي به ڪو مٿو سڙي.
    سڙي يعني پوسري، جڏهن ڪو ماڻهو ڪڙو تيل مٿي ۾ وجهي، ته هروڀرو مٿو سڙندس، ۽ ڪنهن جو گيهه پوندي مٿو ڪين پوسري. مطلب هي آهي، جو ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جو جڏهن ڌڻي ٻاجهه ڪري مٿن ڪو آبروءَ جهڙو ڪم رکي، پوءِ توڙي دل ۾ خوش هئن، ته به وات سان چون ته هن ڪم مان مورڳو اڙيا آهيون. پر اِن هلت ۾ هڪڙو پاپ آهي، جو ماڻهو اندر-ٻاهريو ٿو ٿئي، ٻيو ڌڻيءَ جي مهربانيءَ تي بي شڪري ڪرڻي پوي ٿي، سي ٻئي ديندارن کي نه وڻن.

    ۴۳۱ - گرمي ڇڏي جهڻ ڪنگر سان، سردي ڇڏي زر ڪنگر سان.
    هن پهاڪي مان ٻيو مطلب ڪو نه ٿو نڪري، مگر سياڻا ماڻهو چوندا آهن ته ڪنهن کي گرميءَ کان مٿي ۾ سور پوي، يا ڪَليون چڙهن، يا ڪامڻ ٿئي، يا ٻي اهڙي ڪا ڏوار لڳي، ته ان لاءِ شربت ۽ ٻيون سَلوڻيون دوائون به بس آهن. پر جي سرديءَ کان ڪنهن کي لَقوي، يا اڌ-رنگ جهڙو، يا ڪو ٻيو مرض ٿئي، ته ان لاءِ ترياق يا کٿوري يا عنبر ۽ ٻيون مهانگيون ٻُڪيون گهرجن.

    ۴۳۲ - گنجي جي مٿي ۾ جُونءَ نه ليک.
    گنجو، جنهن ماڻهوءَ جي مٿي جا وار سمورا کُسي وڃن، جونءَ هڪڙو جيت تِرَ جيڏو، جيڪو ماڻهوءَ جي وارن ۾ ڄاپندو آهي، ليک ان جونءَ جو آنو. مطلب هي آهي، ته جنهن کي مٿي ۾ وار نه هوندو، تنهن کي جونءَ يا ليک ڪٿان پوندي. تنهن وانگي جو نيهي مايا جي ڌنڌن کان آجو رهندو، تنهن کي سڪار، ڏڪار، سوڪ ۽ ٻوڏ جو ڪهڙو ڊپ؟ جهڙو نمبر ۳۷۱ واري پهاڪي ۾ چيو ويو آهي.

    ۴۳۳ - گدرو ڪري ڪاتيءَ تي ته به گدري جوکو، جي ڪاتي ڪري گدري تي ته به گدري جوکو.
    جهڙيءَ طرح ڪو مٿو هڻي پاهڻ تي ته به مٿو ڀڄيس، جي پاهڻ هڻي مٿي تي ته به مٿو ڀڄيس. تنهن وانگي ڏاڍي ۽ هيڻي جي ويڙهه مان ٻنهين پارين هيڻي کي جوکو.

    ۴۳۴ - گُگِرُ گُگِرُ پنڊا اڙايا.
    گگر هڪڙي جابلوءَ وڻ جو کنئور آهي، هن پهاڪي جو بنياد هي آهي جو هڪڙي پساريءَ وڪڻڻ لاءِ گگر پنڊي ۾ پائي رکيو، جو پنڊي کي چنبڙي پيو! وڪري هٿن منجهانس پنڊو اڙيو. تنهن وانگي هي ماڻهو ڌڻيءَ کي ياد ڪرڻ لاءِ دنيا ۾ آيو آهي، پر دنيا کي اهڙو چهٽي ويو آهي، جو ڪر مورڳي دنيا منجهانس اڙي آهي. تنهن تي هڪڙو مثل آيو آهي:
    ٻه چتون ماءُ کان موڪلائي چُوڻي ڳولڻ لاءِ هليا؛ اوچتو هڪڙي پُست جي پوک مان ڏوڏيون کائي وڻ جي ٽاريءَ تي ويٺا، ۽ ڏوڏين جي نشي ۾ پنڪيون کائي ليٽيا، پر چنبا ٽاريءَ ۾ اٽڪيا ئي رهن؛ تنهنڪري لڙڪڻ لڳا. ايتري ۾ سندين ماءُ ڳوليندي اچي پهتي ۽ هنن کي لٽڪندو ڏسي پڇيائين، تنهن کي چيائون ته وڻ جي ٽاري اسان کي نٿي ڇڏي. تنهن چين ته ٽاريءَ ڪين جهليا آهيو، پر ٽاري جهلي اٿوَ.

    ۴۳۵ - گنجو کنهڻ کان نه رهي.
    جنهن ماڻهوءَ جا خارس سببان مٿي جا وار کُسي رهن، اهڙي ماڻهوءَ کي گهڻو ڪري مٿي ۾ ڪِرنهنِ رهي، سو اَوس کنهندو رهي؛ تنهن وانگي لچ ماڻهوءَ جي دل پڻ لچائيءَ کان نه رهي.


    ڳ

    ۴۳۶ - ڳوٺ سئين، سا وهانوَ سئين.
    سئين اکر جي معنيٰ هيءَ آهي، ته جو ڪم سڄي ڳوٺ جي ماڻهن سان ٿئي، سو وهانو جهڙو ڄاڻجي، يعني گهڻن سان گڏ ڏکي جي سکي جڙي اچي ته مٺي ڪري ڀوڳجي. جهڙو فارسيءَ واري جو چوڻ آهي:
    مرگ انبوه جشني دارد. گهڻن سان گڏ مرڻ هڪڙو جُڃ آهي.

    ۴۳۷ - ڳڙ سان مري ته زهر ڇو ڏجيس.
    هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، ته جو ڪم ميٺ محبت سان ڇٽي سگهي، تنهن لاءِ تکو ۽ ڪؤڙو ڇو ڳالهائجي. تنهن لاءِ فارسيءَ واري چيو آهي:
    چو کارت به نرمي برايد ز کس،
    ضرورت نباشد به گرمي و بس. جڏهن ڪُنئرائيءَ سان ڪنهن مان ڪم ٿي سگهي، ڏاڍائيءَ جي گهرج نه آهي، ٻيو ڇا.
    اهڙيء ڳالهه نمبر ۵۰۷ واري پهاڪي ۾ پڻ هلي آهي.

    ۴۳۸ - ڳالهين سنديون ڳالهيون، ٽَڪي سندا موٺَ.
    موٺ هڪڙي سادي جنس اَن جي آهي، جا گهڻو ڪري گهوڙا کائين. پهاڪي جي پيڙهه هيءَ آهي، جو هڪڙو ماڻهو ڪنهن کيپ تي ٿي ويو، تنهن کي هڪڙي مائٽ پاڻ لاءِ سوکڙي پاکڙي آڻڻ جو چيو، پر پيسو ڪو نه ڏنائينس. ٻئي مائٽ ٽڪو هٿ ۾ ڏئي چيس ته هن ٽڪي جا موٺ آڻج. جڏهن هو وري آيو، تڏهن پڇيس، ته جنهن رڳو وات سان چيو هوس تنهن کي سوکڙين جي نه ملڻ جون سچيون ڪوڙيون ڳالهيون ڪري ٻڌايائين؛ ته ٽڪي واري کي موٺ ڪڍي ڏنائين. تڏهن هڪڙي سالڪ هي پهاڪو چيو، يعني جو ڪم ناڻي ڏني ڇٽي، سو ڳالهين سان ڪاٿي ڇٽندو. جهڙو فارسي پهاڪو آهي:
    زرکار کند، مرد لاف زند. ناڻو ڪم ڪري، مڙس ٻٽاڪ هڻي.
    ۴۳۹ - ڳڙ ڄاڻي، ڳڙ جي ڳوٿري ڄاڻي.
    اکري معنيٰ هيءَ آهي، جو ڳڙ ڳوٿريءَ جي سونپ ۾ رهي ٿو، وڻيس کائي توڙي بچائي؛ پر ڳوٿري نِساهي آهي، سان کيندي ڪڄاڙو؟ تنهنڪري پهاڪي واري جو مطلب هي ٿو ڄاڻجي، جو توڪل ڪري پنهنجا ڪم ڌڻيءَ کي سونپ، ته جيڪي وڻيس سو ڪري، جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    خداوند عالم بکارش شفيق،
    کسي را که باشد توڪل رفيق. ڌڻي اَن جي ڪم ۾ توه ڪري،
    جنهن سان توڪل ساٿي.


    گهه

    ۴۴۰ - گهڻن زالين گهر نه هلي، گهڻين ڏاندين هر نه هلي.
    هر ۾ ٻن ڏاندن کان واڌو ٻڌجن ته نه هلي؛ تنهن وانگي هڪڙي مڙس جي گهر ۾ هڪڙيءَ کان واڌو جويون هئن، ته گهر مان ٻائيتال نه وڃيس. تنهن تي هڪڙو مثل آيو آهي:
    هڪڙو مڙس ٻه جويون پرڻيو هو، تن مان هڪڙي ماڙيءَ تي ۽ ٻي هيٺ گهر ۾ رهندي هئي، ۽ پاڻ واري تي وٽن ويندو هو. هڪڙي ڏهاڙي اُهو مڙس وڇائتيءَ لاءِ ڪنهن ٻئي ڳوٺ ۾ ويو. رات جو چور هڪڙو سندس گهر ۾ آيو، ۽ هري هري ماڙيءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهڻ لڳو. هيٺئين گهر واريءَ زال پنهنجو مڙس ڄاڻي سمجهيو ته ماڙيءَ واريءَ زال وٽ ٿو وڃي؛ تنهن پهاڄپي جي تعصب کان ڊوڙي پيرن کان ورتس. پر ايتري ۾ چور جو مٿو ماڙي جي مٿئين در وٽ آيو. تنهن کي ماڙيءَ واريءَ پڻ پنهنجو مڙس ڄاڻي سمجهيو ته متان وري پٺتي وڃي، تنهن تَتَ وهندي ڊوڙي ڏاڙهيءَ مان ورتس. چور ويچاري ڊپ جي ماري ڪڇيو ڪين؛ ۽ سڄي رات سور سهي لنگهايائين. صبح جو چور کي جهلي چبوتري تي نيائون؛ اُتي چيائين ته سچ چوري ڪرڻ لاءِ ويو هوس، تنهن بدران جيڪا جٺ وڻيو سان ڪريو؛ پر ٻه جويون نه پرڻائجوم؛ ڇاڪاڻ ته ٻهِ جوئي جي پاران رات هيتري جٺ ٿي اٿم. حاصل هي ته جڏهن ٻن جوين واري جو حال اهو، تڏهن گهڻين جوين واري جي گهر مان ٽمجَهڻُ ڪٿان ويندو؟

    ۴۴۱ - گهٽو ڌاريم اُن کي هٿان چري ڪپاهه.
    هڪڙو نوڪر پاڻيءَ ڀرڻ لاءِ ڌارجي، ۽ هو جيڪو پاڻي ڀري سو ته ڇڏ، پر مورڳو جيڪي اڳي پاڻي گهر ۾ هئي سو به ڪي پيئي، ٻيو هاري ڇڏي، ته اُهو نوڪر ڄڻ هن پهاڪي وارو گهٽو ٿيو. هنديءَ واري پڻ هڪڙو اهڙو پهاڪو چيو آهي:
    الي لئي سنگ ٽهل ڪون ڪرن لگي رس راس:
    ميندي راکي اُون ڪون بيٺي چري ڪپاس. ساهيڙي ٽهل لاءِ رکيم، سا اُٽلو لاڏ ڪوڏ ڪري ٿي؛
    رڍ ڌاريم اُنَ لاءِ، مورڳي ڪپھ ٿي کائي.

    ۴۴۲ - گهر جو پير چلهه جو مارنگ.
    مارنگ، ڪنهن مهل ڀترن تي دانگي يا ڪُنو رکي هيٺانس باهه ٻاري کاڄ جوڙي وٺجي تنهن ڀتر جو نالو. مطلب جو پير گهر ۾ يا ويجهو هوندو سو هر هر ڏسبو، تنهن تي ويساهه اهڙو ڄمندو جهڙو چلهه جي مارنگ تي. تنهن وانگي مائٽ يا دوست پڻ، جو هر هر گڏبو، تنهن سان محبت ٿوري رهندي.

    ۴۴۳ - گهوڙا ۽ پَٽُ، مُلا ۽ ڀَتُ؛ هو ڪشيا تا رسيا، هو نيان تا چٽُ.
    هي پهاڪو عام ماڻهو گهوڙن جي ڦڙتائيءَ لاءِ چوندا آهن، جو گهوڙا جنهن پنڌ لاءِ سنڀايا، سو پنڌ ڪر نبريو. پر قافيه جي پورائيءَ ڪاڻ مُلن جو نالو پڻ آيو آهي، جو مُلا ماڻهو جاتي ڀت کائڻ ويٺا، سو ڀت پڻ ڄاڻ نبريو.

    ۴۴۴ - گهوٽ ماءُ کان به اهنر ماءُ تڪڙي.
    گهوٽ يعني پرڻجڻ وارو مڙس؛ اهنر، گهوٽ جو ڀيڻيويو يا ڀاڻيجو. هندن جي ريت آهي، جو وهانو مهل اهنر گهوٽ جو پوءِ لڳ ٿي هلي؛ پر وهانو جي ڪم ۾ جتي ڪي گهوٽ ماءُ جو پروجن هوندو اتي اهنر ماءُ جو ڇا؟ ۽ جي اهنر ماءُ واڌو ڦڙ ڦڙ ڪندي، ته هي پهاڪو مٿس لاڳو ٿيندو. جهڙو نمبر ۱۶۲ واري پهاڪي ۾ بيان ٿيو آهي، هن جو مطلب پڻ اهڙو آهي.

    ۴۴۵ - گهڻي کاڌي کان گهڻو ڏٺو چڱو آهي.
    جي گهڻو ۽ چڱو کائبو، ته به اُن وات کي سواد ايندو، ٿوريءَ ويرم کان پوءِ بس. پر جيڪڏهن ڪو چڱو رونشو يا ڪو ڪم ڏسبو، ته گهڻا ڏهاڙا ياد رهندو؛ تڏهن کائڻ کان ڏسڻ چڱو ٿيو يا نه؟ پر مطلب هيءُ آهي، جو گهر ڪنڊ ۾ ويهي کائي آرسي نه ٿيءُ؛ ٻاهر نڪر، گهم ڦر، ڌڻيءَ جا رنگ ۽ اچرج ڏس. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

    تا به دکان خانه در گروي،
    هر گز اي خام آدمي نشوي.
    بَرو اندر جهان تفرج کن؛
    پيش زان روز کز جهان بروي. جاسين گهر جي هٽ ۾ ڳهه پيو آهين،
    اي ڪچا ڪڏهن ماڻهو ڪين ٿيندين.
    وڃ جهان ۾ ۽ گهوم ڪر؛
    جهان مان وڃين تنهن ڏهاڙي کان اڳي.
    ۴۴۶ - گهر ۾ کڏ هئي ته ٻُهر ٻاهر ڇو اُڇلجي.
    سڀڪو ماڻهو ٻهاري پائي ٻُهر گهر کان ٻاهر اُڇلائي ٿو ڇڏي، پر جڏهن گهر ۾ ٻُهر رکڻ جي جاءِ هُئي، تڏهن ٻاهر ڇو اُڇلائجي؟ جيتوڙي هي پهاڪو ڪني ڪم جي وس ۾ آيو آهي، پر سندس سٺو مطلب هي آهي، جو هي ماڻهو ذات پاڪ ڌڻيءَ جي کي جو ٻاهر ٿو ڳولي، سا ڀل آهي. ڇا کان جو ڌڻيءَ جي جوت هن جي اندر آهي، تڏهن ٻاهر ڇو ٿو اَڌيڙا کائي. تنهن تي شاهه عبداللطيف پڻ فرمايو آهي:
    نائي نيڻ نهار، ته تو ۾ ديرو دوست جو.
    ۽ بابا نانڪ صاحب پڻ فرمايو آهي:
    گهر ۾ ٺاڪر نه آوي، گل ۾ پاٿرلي لٽڪاوي. اندر ۾ ڌڻي نٿو ڏسجي، ڳچيءَ ۾ پاهڻ لڙڪائي ٿو.

    ۴۴۷ - گهر ۾ به گهر کائڻو، ٻاهر به گهر کائڻو.
    يعني گهر ۾ ويهي کائبو ته به گهر جو ناڻو، پر مطلب هي آهي، ته جاتي وڃبو، تاتي پنهنجو نصيب کائبو. تنهنڪري گهرجي، جو جيڪي ريهندو ڌڻي ڏي، تنهن تي سنجم ڪري گهڻي ٿيڻ لاءِ اجايو نه ڊوڙجي. جهڙو فارسي بيت آهي:
    قناعت تونگر کند مرد را،
    خبر ده حريص جهان گرد را. مڙس کي سنجم وهيون ڪري،
    لوڀيءَ رول کي اها سڌ ٻڌاءِ.

    ۴۴۸ - گهوٽ ڪنوار راضي ته ڪوه ڪندو قاضي؟
    جڏهن جوءِ مڙس جو، يا ڪن ٻين ماڻهن جو پاڻ ۾ جهڳڙو هئي، تڏهن نبيري لاءِ قاضيءَ وٽ وڃن، پر جي پاڻ ۾ ٺهيل هجن ته قاضي توڙي ٻئي ٽياڪڙ جي ڪهڙي گهرج؟ درويش لاءِ هي اشارو آهي، ته جڏهن ڌڻي پاڪ توتي راضي آهي، تڏهن تو کي ٻئي ڪنهن جي ڪهڙي ڪاڻ؟ جهڙو فارسيءَ ۾ آيو آهي:
    چو راضي شد از بنده يزدان پاک،
    گر اين ها نگردند راضي چه باک؟ جڏهن ٻانهي تي ڌڻي پاڪ راضي ٿيو،
    جيڪڏهن هي راضي نه ٿيا ته ڇا ڊپ؟

    ۴۴۹ - گهڻي کٽئي کان مور ياد نه آهي.
    هڪڙي ماڻهوءَ جي باغ کي ڦر گهڻو لڳي، سو ڦر جي گڏ ڪرڻ ۾ رڌو رهي، ۽ وڻن جي تات نه ڪري؛ يا هڪڙي ڍڳيءَ ۾ کير گهڻو هجي، هو کير جي سميٽڻ وچان ڳئون جي سنڀال نه ڪري؛ اهڙن لاءِ هي پهاڪو چوڻ ۾ ايندو آهي.

    ۴۵۰ - گهر ۾ غرقي به مس اٿس، دم هڻي ٿو ٺوڙهيءَ جو.
    غرقي يعني ٻڏل اَنُ؛ ٺوڙهي، ڪڻڪ جي هڪڙيءَ اُچيءَ جنس جو نالو؛ يعني آهي سڃو، پر ڏيکاءُ شاهوڪاريءَ جو ٿو ڪري. پر درويش جي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ لاءِ مطلب هي آهي، جو جنهن جي اندر ۾ جوفو ۽ ٻيا دنيا جا ڌنڌا پيا هوندا ۽ ٻاهران فقيري بيک ۾ هوندو، تنهن جي فقيري ڪهڙي ڪم ايندي؟ جهڙو بابا نانڪ صاحب فرمايو آهي:
    انتر اگن ٻاهر تن سواءِ،
    گل پاٿر ڪيسي تري اٿاه. اندر ۾ باه، ٻاهران بت تي ڀڀوت،
    ڳچيءَ ۾ پاهڻ، سمنڊ ڪئن ترندو.

    ۴۵۱ - گهڻ پيٽاري بکري، کائي ويئي جهار.
    گهڻ پيٽاري يعني گهڻن جي ڀائيواري، بکري يعني پوک جي ٽُڪري؛ يعني جا پوک گهڻن هارين جي ڀائيواريءَ جي هوندي، تنهن کي سڀڪو ڄاڻندو جو ٻيو ڀائيوار سنڀاليندو؛ ايتري ۾ پوک جهار جي کاڄُ ٿيندي. تنهن وانگي هڪڙي ڏيهه ۾ گهڻا راجائون هجن، ته اُهو راڄ تڙي کڙي غنيم جي هٿ اچي.

    ۴۵۲ - گهڻن کي ثمر، هڪڙي کي ڀري.
    جڏهن هڪڙي اڏاوت جوڙڻي هئي، جا هڪڙو واڍو مهيني ۾ جوڙي سگهي، پر جي ڏهه واڍا مڙن، ته هٿ هٿ ڪري ٽن ڏهاڙن ۾ جوڙي ڇڏن؛ يا ڌرمائو ڪم جنهن ۾ هزار رپين جي گهرج هئي، سو هڪڙي کي ڏيڻ ڳرو ٿي پوي، پر جيڪڏهن سؤ (۱۰۰) ٻه سؤ (۲۰۰) ماڻهو گڏ ٿي ڦوڙي ڪري ڏين ته هروڀرو سولو لڳين. جهڙو هندي پهاڪو آهي:
    پانچ سات ڪي لڪڙي ايڪ جني ڪا بوج. پنجن ستن جي لٺ، هڪڙي لاءِ ڀري.

    ۴۵۳ - گهڻن کنئي ڇپر کڄي.
    هيءَ ڳالهه سچي آهي، جو جيڪڏهن گهڻا گڏ ٿي هڪڙي وڏي ڪم ۾ هٿ وجهن ته ڪري سگهن. تنهن تي هڪڙو مثل ياد آيو اٿم:
    هڪڙيءَ مند ۾ سرڪاري حڪم موجب نصير واهه جي کاٽي ٿي کڻايم؛ پر واهه ۾ لٽ گهڻو ۽ چڪڻ هو. جنهنڪري کاٽيءَ جو ڪم پورو ٿيڻ اهنجو هو؛ پر ڌڻيءَ جي ٻاجهه سان ستاويهه سؤ (۲۷۰۰) کامڙيا گڏ ٿي ويا، جو ٿورن ڏهاڙن ۾ گهڻو ڪم اُڪلائي وڌائون ۽ اميد هئي ته رهندو کهندو ڪم پڻ وهندڙي ئي نبري پوندو. ان وچ ۾ جناب خان بهادر آخوند حبيب الله صاحب ڊپٽي ڪليڪٽر اُتي آيو، ۽ کاٽيءَ جو ڪم سڌريل ڏسي تپرس کائي چوڻ لڳو جو “گهڻا ڪر الله جا پٽ آهن، جيڪي ڪن سو ٿي سگهي.”


    ل

    ۴۵۴ - لوچ ته لهين لعل کي، ڏور ته پوئي ڏس.
    لوچ، ڏور يعني ڳول؛ لعل يعني محبوب يا گهربل وٿ؛ مطلب هي آهي ته وديا، توڙي رزق، توڙي ڌڻيءَ ملڻ جي واٽ ڳوليندين ته ملنديون، اڻ ڳولئي ڪي به هٿ نه اچي. ڇا کان جو اهي سڀ شيون ڌرتيءَ تي ملي سگهن، پر سياڻا ڳولي لهن؛ اياڻا نڪي ڳولن، نڪي لهن. تنهن تي هنديءَ واري چيو آهي:
    هيرا پڙا بازار ۾ خاڪ رهي لپٽاءِ،
    مورک مورک چل گئي چاتر ليا اُٺاءِ. هيرو بازار ۾ پيل مٿس مٽي ويڙهيل،
    اياڻا اياڻا لنگهي ويا سياڻي کڻي ورتو.

    ۴۵۵ - لڇمي وڃي، تڏهن لڇڻ به وڃن.
    لڇمي يعني دولت، پهاڪي جي معنيٰ توڙي مطلب ته هڪڙو آهي، جو وهيون ماڻهو جڏهن ولهو ٿئي، تڏهن مايا جي ڄر عقل ناس ڪري ڇڏيس، پوءِ توڙي سلڇڻو هئي ته به ڪلڇڻو ڀانئجي.

    ۴۵۶ - لچان چوران پت نه ڪائي؛ توڙي هوون سڳي ڀائي.
    لچ ماڻهو توڙي سڳو مائٽ به هوندو، ته به مهل سر پنهنجي عادت لچائيءَ جي نه ڇڏيندو. پوءِ توڙي ڄاڻي ويڻي نه ڪندو، ته به ڀل مانسائيءَ جي هاج هن کي ڏانءُ جا نه ايندي. جهڙو فارسي بيت آهي:
    نيش عقرب نه از پَي کين است،
    مقتضائي طبيعتش اين است. وڇونءَ جو ڏنگ وير لاءِ نه آهي؛
    سنديس طبع جي عادت اِها آهي.
    ۽ چور، ته به توڙي مائٽ هوندو، ته وجهه ڏسي، ڪڏهن ڪين رهندو؛ تنهن ڪري انهن ٻن تي پت رکڻ نه گهرجي.

    ۴۵۷ - لک کٽيا ڏُومڻيءَ، جو ڏُوم سلامت آيا.
    ڏُومڻي يعني لنگهِي، ڏُوم يعني لنگهو، منڍ کان هي پهاڪو هن ريت آيو آهي، جو هڪڙو ڏُوم ڪرت ڪار لاءِ پرڏيهه ويو. پرپٺ جوڻس ٻڌو ته مري ويو. پر هو مئو هڏِ ڪين هو، ۽ ٿورن ڏهاڙن کان پوءِ جيئرو جاڳندو وري آيو؛ پر پيسو ڪمائي ڪو نه آيو. تڏهن هڪڙيءَ ساهيڙيءَ جوڻس کي چيو ته مڙسهن ڏينهن گهڻا لاتا، ڇو کٽي ڪين آيو؟ تنهن جي ورنديءَ ۾ هي پهاڪو چيائين. پر ملڪ جي رواج پٽاندر مطلب هي آهي، ته واپار يا ڌنڌو کٽيو کڻي نه ڪري، ۽ سک سان موڙي بچي، ته به شڪر ڪرڻ گهرجي، جو ڄڻ لک کٽيا.

    ۴۵۸ - لنگهي لاٿي لوئي، ته ڪيا ڪريگا ڪوئي.
    مجاز جي واٽ ۾ مطلب هي آهي، جو هڪڙو لچ نر لڄو ٿي بڇڙو ڪم ڪندو، ته ڇا ڪندس؛ ۽ حقيقت جي واٽ ۾ هي آهي، ته جو سچو ڌڻيءَ جو نيهي دنيا جا ڌنڌا ڇڏي سڀ کان پري رهندو، تنهن کي نرڳ توڙي سرڳ، يا ڪنهن جي ساراهه يا گلا جو ڪهڙو ڊپ؟ جهڙو اردوءَ واري جو بيت آهي:
    اي شيخ پاکدامن دوزخ سون مت ڊرا کر؛
    مين عشق کا جلا هون مجهه کو عذاب ڪيا هي؟ اي سلڇڻا شيخ! نرڳ کان متان ڊڄارين؛
    آءٌ نينهن جو سڙيل آهيان مون کي ڏک ڇا آهي.

    ۴۵۹ - لنگهن پنهنجو وهانءُ.
    جڏهن ڪنهن کي وهانءُ ڪرڻو هئي، تڏهن لنگها گهرائي تن کي ناڻو ڏئي دهل وڄارائي؛ پر جڏهن پاڻ لنگها وهانءُ ڪن، تڏهن نه ڪنهن کي سڏڻ جي، نه ناڻي ڏيڻ جي گهرج رهين؛ پاڻ ڄاڻي واڻي وڏيءَ دل سان دهلن کي گهايون ڏين ۽ واڄا ڪن. پر مطلب هي آهي، ته سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڪم لاءِ پاڻ سجاڳ رهي ٿو.

    ۴۶۰ - لکئي منجان لِک، نڪو لاهي نڪو پائي.
    لِک يعني ٿورو ذرو، هن پهاڪي جي معنيٰ آهي، ته جيڪي ڌڻيءَ جي پاران ماڻهوءَ جي ڀاڳ ۾ لکيو آهي، تنهن مان تر جيترو به ڪو وڌائي سگهي، نه گهٽائي سگهي.

    ۴۶۱ - لنگهو چڙي مڱن کان، اُهي ئي مڱ.
    اَڳوڻن مسلماني راڄن ۾ ڪاريگر ۽ ڪسبي ماڻهو حاڪمن يا سردارن جي خوش طبعيءَ لاءِ هڪڙيءَ هڪڙيءَ شيءِ جي نالي تان چڙندا هئا، جهڙو واڍو واڱڻ کان، دايو ليمي کان، رازو مصريءَ کان، تهڙو لنگهو مڱن کان؛ پر هي سڀ چڙ جون ڳالهيون. مگر اُها چڙ جنهن مان ڪنهن جي دل ڏکوئجي، سا ڪنهن کي چوڻ ڪار نه آهي. فارسيءَ وارو پڻ اهڙي ڳالهه نه ڪرڻ لاءِ بيت چوي ٿو:
    تا تواني دورن کس نخراش؛
    کاندرين راه خارها باشد. جاسين ٿي سگهيئي ڪنهن جي دل نه ڏکوءِ؛
    جو ان واٽ ۾ ڪنڊا آهن.

    ۴۶۲ - لوڀ سڀن پاپن جي پاڙ.
    هن پهاڪي جي سا معنيٰ سو مطلب، جو سڀڪو ڄاڻي ٿو: نا ته مڇي ڏسو ڪُنڍيءَ ۾، پکي ڏسو ڄار ۾، اڃا به نه وسهو، ته ڏسو پاڻيءَ جي هڪڙي ڦڙي جي لوڀ تان سپ جو پيٽ ڦاٽل. سنسڪرت واري پڻ ان تي پهاڪو چيو آهي:
    لوڀ مولان پاپاني. لوڀ سڀن پاپن جي پاڙ.

    ۴۶۳ - لوڀيءَ سندي راڄ ۾ ٺوڳي مري نه بک.
    لوڀي يعني لالچ وارو، ٺوڳي يعني ٺڳ، مطلب هي آهي جو لوڀي ماڻهو ڦرڻ، ٺڳ جي اڳيان سولو آهي؛ ڇا کان جو لوڀ ماڻهوءَ جو هوش وڃائي ڇڏي ۽ جڏهن هوش ويس، تڏهن ٺڳ جو مڪو متو. تنهن تي هڪڙي سياڻي سچار ماڻهوءَ جي واتان مثل ٻڌو اٿم:
    هڪڙي ڄٽ ماڻهوءَ کي پُٽ جي وهانءُ لاءِ ٽيهه (۳۰) رپيا گهربا هئا؛ جوءِ کان پڇيائين ته گهر ۾ ڪي آهي؟ چي هڪڙو ٽڪو، تنهن مان وهانءُ ڇا ٿيندو؟ چي هي ٽڪو وڏا ڪم ڪندو؛ نيٺ اُهو ٽڪو کڻي ڳوٺ جي واڻئي کي چيائين جو هي ٽڪو وياج جو وٺ، مهيني کن تي رپيو ڏي. اُهو رپيو وٺي شهر ۾ وڃي ٻٽيھ (۳۲) ٽڪا مٽائي هڪڙي شاهوڪار کي چيائين، جو هي ٽيهه ٽڪا وياج وٺ، ٽيهه (۳۰) رپيا وياجيرو ڏي، باقي ٻه ٽڪا بچا، سي خرچيءَ لاءِ شاهوڪار جي پٽ کي ڏنائين، تنهن ڳرو وياج ۽ پٽ واري خرچي ڏسي لوڀجي رپيا ڪڍي ڏنس، جنهن مان وهانءُ ڪري ورتائين. کڻ پني کان پوءِ ٻنهي کي ڳاڙهي ماڻ سان مئي ڏنائين، يعني ڳوٺ جي واڻئي کي اُهو ٽڪو بچيو، ۽ شهري واري شاهوڪار کي اُهي ٽيهه (۳۰) ٽڪا ڦٻيا.

    ۴۶۴ - لکيون لوهارن کي چڏن ۾ چڻنگون.
    چڏا هڪڙن لڱن جو نالو، جي سٿرن جي مٿان آهن، هن پهاڪي جو بنياد هن طرح آهي، جو هڪڙي لوهار لوهه تائڻ مهل چمڙو اڳيان نه رکيو، تنهن ڪري باهه جون چڻنگون ڪانچ ۾ لڳس ۽ ڪانچ سڙيس. فقير هڪڙي هي حال ڏسي اهو پهاڪو چيو، يعني باهه جي ڪم جي وهنوار مان اوڙڪ اهو حال ٿيندو. تنهن وانگي بڇڙي ڌنڌي رکڻ مان نيٺ جيڪا سا اٻوڇي.

    ۴۶۵ - لوڻ وجهي ڀت ڀائيوار ٿيو.
    هن پهاڪي جي معنيٰ توڙي مطلب ته هڪڙو آهي جو سڀڪو ڄاڻي ٿو؛ تنهن سوڌو به دليل هي آهي، جو هڪڙو ماڻهو ناڻو لائي ڀت رڌي، پر لوڻ هڪيو نه هجيس، ۽ ٻيو ماڻهو ٿورو لوڻ جو ٿوري ملهه جي شيءِ آهي، منجهس وجهي ڀت جو ڀاڱو گهريس؛ يا هڪڙو ماڻهو ٽڪا خرچي ڌرتي ڳنهي، ۽ پيسا لائي گهر اَڏائي، پڇاڙيءَ ۾ تَرُ لنبڻ لاءِ ٻيو ماڻهو پاڻيءَ جو ڇيڻو آئي ڏئيس ۽ گهر ۾ ڀائيواريءَ جي چب ڪري، اهڙن لاءِ هي پهاڪو چوڻ ۾ اچي.

    ۴۶۶ - لوڀ ڇڏ ته سون مٺن سان ورهائين.
    سون مٺن سان ورهائڻ، هيءَ رواجي ڳالهه آهي، يعني بي ريائي ڪرڻ؛ مطلب هي آهي، جو جيسين هن ماڻهوءَ کي لوڀ اندر ۾ آهي، تيسين امانت جو جوڳو نه آهي؛ ۽ جڏهن لوڀ ڇڏيائين تڏهن مائٽ کي، تهڙو ڌارئين کي ڄاڻندو ۽ امانت ۾ خيانت ڪڏهن نه ڪندو، ته سون ڄڻ مُٺين سان ورهايائين. تنهن تي فارسي بيت پڻ آيو آهي:
    چو در چشم شاهد نيايد زرت،
    زر و خاک يکسان نمايد برت. جڏهن سون تنهنجي اک ۾ پيارو نه لڳي،
    سون ۽ مٽي هڪ جهڙا ڏسندين.

    ۴۶۷ - لهي لوهه به نه، چي منهنجو نالو سون ٻائي.
    هن پهاڪي جي لفظي معنيٰ پڌري آهي؛ مگر سمجهاڻي هيءَ اٿس، جو هڪڙو ماڻهو نڌر پنهنجي پيرن اڳيان ڪِريل ٻير به کڻي نه سگهي، ۽ اُڀ مان تاري لاهڻ جو دم هڻي. تنهن کي فارسيءَ وارو ٿو چوي:
    تو کار زمين راز نکو ساختي،
    که بر آسمان نيز پرداختي. ڌرتيءَ جا سڀ ڪم پورا ڪيئي،
    هاڻي اُڀ تي پورا ڪرڻ هلئين.
    يا هڪڙو گينڊو گدڙ کان پڻ ڊڄندو هئي، ۽ شينهن سان وڙهڻ جي ٻٽاڪ هڻي. تنهن کي فارسيءَ وارو هي بيت ٻڌائي سمجهائي ٿو:
    مزن بانگ بر شير مردان درشت،
    چو با کودکان بر نيائي به مشت. شينهن جهڙن ڏاڍن مڙسن سان دم نه هڻ،
    جڏهن ڇوڪرن سان مُٺ ويڙهه نه پهچين.
    پر مطلب هي آهي، جو پنهنجي سگهه کان واڌو ڍيڪ ڏيڻ نه کپي.

    ۴۶۸ - لکين ليلائون چنيسر جي راڄ ۾.
    چنيسر هن ملڪ ۾ آڳاٽو هڪڙو حاڪم ٿي لنگهيو آهي، جنهن جو نالو پهاڪي ۾ آيو آهي؛ ۽ سندس جوءِ جو نالو ليلان هو، تنهن ليلان هڪڙي جواهر جي لالچ تي پنهنجو مڙس ڪنئروءَ نالي زال کي اُڌارو ڏنو. ڀانيائين ته مون جهڙي جوءِ چنيسر کي هٿ ڪا نه لڳندي، تنهنڪري وري مون وٽ ايندو. پر هو ڪنئروءَ سان پرڻجي ويٺو. اُنهيءَ ليلان جي هٺ ڀڃڻ لاءِ هي پهاڪو آيو آهي. مطلب جو اهڙيءَ عورت کي اهڙو اجايو هٺ نه ڪرڻ گهرجي، جهڙيءَ ريت هڪڙو نوڪر هٺ ڪري ڄاڻي، جو مون جهڙو نوڪر راجا کي ڪو نه ملندو. پر اهو هٺ اجايو آهي؛ ڇا کان جو راجائن وٽ نوڪر لک هزار، ۽ نوڪرن لاءِ راجائون ٿورا. تنهنڪري نوڪر کي اهڙو هٺ نه ڪرڻ گهرجي، فارسيءَ واري چيو آهي:
    منت منه که خذمت سلطان همي کنم؛
    منت ازو ببرکه بخذمت گذاشتت. ٿورو نه رک ته راجا جي ٽهل ٿو ڪريان؛
    اُن جو ٿورو باس جنهن ٽهل ۾ رکيئي.

    ۴۶۹ - لتر کي چڪر پهچي.
    لتن هڻڻ واري وهٽ کي جيڪڏهن ٻيو وهٽ ڪين ڪڇندو؛ ته اُٽلو گهڻيون لتون هڻندو؛ پر جي اڳيان وري چڪ هڻندس، ته جان تان ڊڄندو، تنهن وانگي لچ جي اڳيان به ماٺ ڪبي، ته اُٽلو ٽيڳربو. پر جي ڌڪي سان ڌڪو ملندس، ته سمجهندو. تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:
    توهم کينه ور باش چون فتنه خواست،
    که با کينه ور مهرباني خطا است. تون پڻ جهيڙاڪار ٿيءُ جڏهن جهيڙو کڙو ٿيو،
    جو جهيڙاڪار تي توهه ڪرڻ ڀل آهي.
    ۽ ٻئي هڪڙي پڻ هڪڙو بيت چيو آهي:
    کسي که لطف کند با تو خاکپايش باش؛
    وگر خلاف کند در دو چشمش افگن خاک. توتي مهرباني جو ڪري تنهن جي پيرن جي مٿي ٿيءُ؛
    جيڪو ابتڙ ڪري ته اکين ۾ مٽي وجهينس.


    م

    ۴۷۰ - ماڻهو ٻٽيهه لڇڻو، موچڙو ڇٽيھ لڇڻو.
    موچڙو، جتيءَ جو هڪڙو پادر، پر هت مطلب سندس زور، يعني موچڙن هڻڻ وارو، ڪرڪي ڏاڍو، يعني جو ڪم سڀڪنهن ماڻهوءَ کان ٿيندو، ڏاڍو ماڻهو جائي اُن کان واڌو ڪري سگهندو. موچڙي جي سلڇڻائي ڏيکارڻ لاءِ هڪڙو مثل ٿو ڏيان:
    جن ڏهاڙن ۾ شاهه شجاع الملڪ لاهور ۾ مهاراجا رنجيت سنگھ وٽ اچي بند ٿيو، تن ڏهاڙن ۾ هڪڙو هيرو (ڪوه نور) ساڻس هو. مهاراجا صاحب اُن هيري وٺڻ جي لالچ ڪئي، پر بادشاهه ڏيڻ نه باسيو، تنهنڪري مهاراجا صاحب پيئڻ جو پاڻي جهلي ڇڏيس، تڏهن ورچي هيرو کڻي ڏنائين. هڪڙي ڏهاڙي مهاراجا صاحب ساڻس گڏجاڻي ڪري چيس؛ “جو هيري جو ملهه چئو ته ڏيانءِ” تنهن کي موچڙو ڏيکاري چيائين جو هي ملهه اٿس، ڇا کان جو اڳين بادشاهن کان اُن ملهه تي ورتو هوم، تنهن اگهه توکي ڏنم. ڏسو موچڙي جو ڪم.

    ۴۷۱ - موتيو اُتي مار، جاتي پاڻي هجي تار.
    هن پهاڪي مان ٻيو ڌار مطلب ڪو نه ڄاپي ٿو، رڳو لاڙ ملڪ جو رواجي آهي؛ هن ريت جو موتيو سارين جي اَن ۽ پوک ۾ هڪڙيءَ جنس جو نالو آهي، سا پوک گهڻي پاڻيءَ واريءَ ڍنڍ ڌاران ٿوري پاڻيءَ ۾ نه پچي؛ تنهن لاءِ پهاڪي واري اهڃاڻ ڏنو آهي.

    ۴۷۲ - مڙس جو پاهوڙن سان ميڙي آڻڻ، زال جو سُئيءَ سان کوٽي ڪڍڻ.
    پاهوڙي هڪڙي ڪاٺ جي ڪوڏر جهڙي شيءِ آهي، جنهن سان گهڻو ڪري گهوڙن جي لڏ ٽارين. يعني پاهوڙيءَ سان جو وڏي شيءِ آهي گهڻو ميڙجي؛ ۽ سُئي جا سنهڙي آهي، تنهن سان ٿورو کوٽجي، تنهنجو مطلب هي آهي، جو مڙس گهڻو ئي ڪمائي اَچي ۽ زال ٿورو ٿورو ڪري وڃائي ته به پورت نه پوي؛ ڇا کان جو گهر جو ڌنڌو هلائڻ گهڻو ڪري زال جي هٿ ۾ آهي؛ تنهنڪري پهاڪي وارو زالن کي سنجم سان هلڻ لاءِ سمجهائي ٿو. اهڙي ڳالهه نمبر ۱۳ واري پهاڪي ۾ پڻ آئي آهي.

    ۴۷۳ - ماءُ ڄڻيندي پٽڙي، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ.
    هن پهاڪي جي معنيٰ توڙي مطلب هي آهي، جو ماءُ هڪڙي پيٽ مان گهڻا پٽ ڄڻي، پر ڀاڳ هڪ جيترو ورهائي ڪين ڏئين. يعني سڀڪنهن جو پاڻو واڻي ڪنهن جو ڪهڙو ڪنهن جو ڪهڙو ڀاڳ. جهڙو پنجابيءَ وارو چوي ٿو:
    سج ايڪ پڇاوين ڏون، پيءُ دا بخت نه پٽان ڪون. هڪ سج ٻه پاڇولا، پيءُ جو بخت پٽن کي نا.

    ۴۷۴ - مڱن ڏانڊي، ڪارڙي ٽانڊي، مڱ پچي، ڪارڙو مچي، مڱ لُئو، ڪارڙو مُئو.
    ڪارڙو، هڪڙو ڪارو تر کان پڻ ننڍڙو جيت لاڙ ملڪ ۾ ٿيندو آهي، ۽ ماڻهن کي چڪ پائي، جو مڱن جو پوک ڄاپڻ وارن ڏهاڙن ۾ ڄاپي، ۽ مڱن جي لاباري ۾ ناس ٿي وڃي، تنهن جي حال ڏيکارڻ لاءِ سياڻي هي پهاڪو ڏنو آهي.

    ۴۷۵ - مغلن اڳيان فارسي وسري وڃي.
    مغل ماڻهو فارسيءَ جو گهر آهي، جن جي ٻولي ماءُ پيٽان فارسي آهي ۽ ٻين ڏيهن جا سڀ پوءِ سکن. تنهنڪري مغلن کي فارسي ٻولي سڀني کان واڌو اچي؛ ۽ پهاڪي واري جو مطلب هي آهي، جو وڏي سياڻي اڳيان ٿوري عقل واري ماڻهوءَ جي دال نه ڳري. تنهن تي فارسي بيت آيو آهي:
    گرچه شاطر بود خروس بجنگ،
    چه زند پيش باز روئين چنگ. ڪڪڙ جيڪڏهن جنگ ۾ گهڻو ڏاڍو هئي،
    ته به باز ڏاڍي اڳيان ڇا چنبو هڻندو.

    ۴۷۶ - مور چڱو، پر پير ڏنگا.
    ڪنهن سلڇڻي ماڻهوءَ ۾ ڪو بڇڙو لڇڻ هئي، ته هي پهاڪو مٿس لاڳو ٿئي، پر ايترو چئي نٿو سگهجي، ته ڪو اُپايل بي وِڏَ هوندو. هن ڪري جو جڏهن مور جهڙي سهڻي پکيءَ جي پيرن ۾ وڏ، ۽ يوسف جهڙي سهڻي نبيءَ تي ٻانهپيءَ جي ويڪ، تڏهن ڌڻيءَ پاڪ ڌاران ٻيو ڪو ئي بي عيب نه آهي.

    ۴۷۷ - مڌ پيوڻ، ذات پرکڻ.
    مڌ يعني نشو، پر هت شراب لاءِ چوي ٿو، ته شراب پيئڻ کان پوءِ نشي ۾ سڀڪنهن جو ٿوم بصر پڌرو ٿي پوي، يعني جيڪا ڪچائي ڪي دل ۾ هئي سا نڪري ٻاهر پوي. تنهن لاءِ فارسيءَ واري چيو آهي:
    گوهر هر کس نا کس شود از مئي پيدا؛
    نتوان يافت دگر بہ ز مئي لعل مهک. سڀڪنهن چڱي مٺي جو حال شراب مان پڌرو ٿئي؛ شراب جهڙي ڪسوٽي ٻي ڪا نه لڀي.

    ۴۷۸ - مارڻ واري کان رکڻ وارو ويجهو آهي.
    مارڻ وارو ويري، رکڻ وارو ڌڻي؛ جڏهن ڌڻي راکو آهي، تڏهن ويري ڇا ماري سگهندو؟ جهڙو فارسي بيت آهي:
    هزار دشمنم از قصد ميکنند هلاک،
    گرم تو دوستي ازدشمنان ندارم باک. هزار ويري جيڪڏهن منهنجي مارڻ واري ڪن،
    جي تون سڄڻ آهين ته ويرين جو ڊپ نه اٿم.
    ۽ گرو نانڪ صاحب پڻ فرمايو آهي:
    جس راکي تِسُ ڪوءِ نه ماري. جنهن کي ڌڻي بچائي تنهن کي ڪو ئي نه ماري.

    ۴۷۹ - موڳو پنهنجي مانيءَ مان پيٽ ڀري کائي، وڃي ويهي مجلس ۾ ته سڀني سُهائي؛ چريو ڳالهائي ته به بختاور بودلو.
    موڳو يعني اڄاڻ ماڻهو، اهڙو ڀاڳوان هئي جو ٻئي کان گهري نه، ۽ پنهنجي ڌن مان پيٽ پاري، سو جيڪڏهن سڀا ۾ وڃي ابتو ئي ڳالهائي، ته به ماڻهن کي وڻي. پر مطلب هي ته مايا ڪلڇڻ ڍڪڻي آهي.

    ۴۸۰ - مالڪ وڃن ٻيڙيءَ چڙهيا، شاهد وڃن گهوتا کائيندا.
    هن پهاڪي جو بُڻ هي آهي جو “و” ۽ “ج” پاڻ ۾ جهيڙو ڪيو سو “د” ۽ “ص” رونشائين بيهي ڏٺو. جڏهن سرڪار ۾ دانهن ٿي، تڏهن حڪم پٽاندر ٻئي ڌريون ۽ اُهي (د ۽ ص) رونشائي شاهد گِهرِجِي هليا؛ پر پتڻ لانگهو پنڌ هو، جڏهن پتڻ جي ٻيڙيءَ تي آيا، تڏهن “و” ۽ “ج” جي وهيان هئا، سي پيسا ڏيئي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا، ۽ “د” ۽ “ص” جي وِلها هئا تن کي پيسن ڌاران پاتڻيءَ نه چاڙهيو، سي مولهاٽا ٻڌي پاڻيءَ ۾ گهڙيا ۽ گهوتا کائڻ لڳا. سالڪ هڪڙي اهو رونشو ڏسي هي پهاڪو چيو. پر مطلب هي آهي، ته جو غريب ماڻهو پنهنجو ڌنڌو سيڙائي اهڙا رونشا ڏسندو، تنهن جو اهو حال ٿيندو.

    ۴۸۱ - مَرُ سين سُڄاڻا، ٻئي ڄنگهون ڪاٺ ۾، کُھِ سين اڄاڻا، هنيون هندوري لوڏجي.
    سياڻي گڏ ڪاٺ ۾ به باسي ٿو، ۽ اڄاڻ گڏ هندوري ۾ لڏڻ به نٿو وڻيس، ڇا کان جو چڱيءَ سنگت ۾ توڙي پهريائين ڏک ڏسڻ ۾ ايندو، ته به نيٺ منجهانس ڀلو ٿيندو، بڇڙيءَ سنگت ۾ سک ڏيکاري ڏيندو، ته به اوڙڪ بڇڙائي ٿيندي. فارسيءَ واري پڻ اها ڳالهه باسي هڪڙو بيت چيو آهي:
    پاي در زنجير پيش عاقلان،
    بہ که اندر بوستان با جاهلان. سياڻن گڏ پير ۾ ٻيڙي،
    ڏڏن گڏ باغ ۾ هئڻ کان چڱو.

    ۴۸۲ - مرسان مرسان، پر ڊڀ نه چرسان.
    جهڙيءَ ريت شينهن بک ۾ مري ته به ڊڀ يعني گاهه ڪين کائي، تهڙيءَ ريت اشراف ماڻهو توڙي بک مرندو، ته به ڪُڇ پڇُ نه کائيندو، يا نه ڪرڻ جو ڪم نه ڪندو. تنهن تي هنديءَ واري به چيو آهي:
    ڀلو ڀلائي ناتجي، بري نه راکي آس،
    سات دوَسَ ڀوکن مري، شنگهه نه اچوي گهاس. چڱو چڱائي نه ڇڏي بڇڙائيءَ جو سوس به نه رکي،
    ست ڏهاڙا بک مري ته به شينهن گاهه نه کائي.

    ۴۸۳ - ماڻهو سڀ چڱا، پر ڪي ڪن سان ڪي ڪن سان.
    جهڙو هڪڙو راجا نياءَ وارو، جو هلندي ڀونءِ نه ڏکوئي، جو گهڻن ماڻهن کي وڻي، پر جنهن ڏوهاريءَ کي سزا ڏيندو، سو هن کي ڪٿان چڱو ڄاڻندو، تنهن وانگي ٻيو هڪڙو راجا ظالم جنهن کان گهڻا ماڻهو ڏکويل هجن، پر جن پنهنجن مٽن مائٽن تي مهرباني ڪندو هوندو، سي اجائي ڳرهانس راضي رهندا.

    ۴۸۴ - ماچي ته ناچي.
    جهڙيءَ طرح هڪڙو ڍور گاه کائي ٿلهو ٿئي، ته ٺينگ ڏئي، تهڙيءَ طرح ماڻهوءَ وٽ به جڏهن ناڻو گڏ ٿئي، تڏهن ٽنڊ ڪري، ۽ ڊونگل ڍاري. جهڙو گوسائين تلسيداس جو وچن آهي:
    اس نہ ڪو جن مان جڳ ماهين،
    پرڀتا پاءِ جاسُ مڌ ناهين. اهڙو جهان ۾ ڄائو ئي ڪو نه آهي،
    وڏ-پائي جو جنهن کي نشو نه آهي.
    فارسيءَ واري چيو آهي:
    بيذق شطرنج را چون منصب فرزين رسد،
    رهوري را واگذارد کجروي گيرد به پيش. شطرنج جي پيادي کي جڏهن گهوڙي جي جاءِ ملي، سنئون هلڻ ڇڏي ڏنگو هلڻ سِٽي.

    ۴۸۵ - ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجهه، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
    هن پهاڪي جي معنيٰ ۽ مطلب کي سڀڪو سمجهندو هوندو؛ جهڙو چئجي ته ماڻهو به سڀ يوسف جهڙا سهڻا نه آهن، ۽ ڪاٺ به سڀ چندن جهڙا سُرها نه آهن. ۽ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    نه هر زن زن است و نه هر مرد مرد؛
    خدا پنج انگشت يکسان نکرد. نه زالون سڀ زالون نه مڙس سڀ مڙس،
    ڌڻيءَ پنج آڱريون هڪ جهڙيون نه ڪيون.
    ۽ سنسڪرت واري پڻ چيو آهي:
    شيلي شيلي نه ماڻڪيا، موڪتڪا نه گجي گجي،
    ساڌو نه سروتر، چندنو نه وني وني. نه سڀڪنهن جبل ۾ ماڻڪ، نه سڀڪنهن هاٿيءَ ۾ موتي،
    ساڌ به سڀ نه آهن، نه سڀ جهنگ ۾ چندن آهي.

    ۴۸۶ - مروان موت ملوڪان شڪار، يا مڇيءَ موت ميئي شڪار.
    يعني هڪڙي کي مرڻ جهڙو ڊپ، ٻئي کي رڳو رونشو؛ تنهن وانگي هڪڙا هوند وارا بي قياس ماڻهو پنهنجي ٿوري رونشي لاءِ ٻئي غريب جي زيان جي پرواهه نه رکن. پر چڱو هي آهي، جو پرائي ڏک جو پڻ پنهنجي ڏک جهڙو ارمان ڪرڻ گهرجي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    آنچه بر خود نه پسندي، پر ديگران هم مپسند. جيڪي پاڻ لاءِ نه وڻيئي، سو ٻين لاءِ نه گهُرُ.

    ۴۸۷ - موا پَرُ، پٽجن هيل.
    جو جڏهن مري، سو تڏهن پٽجي، ۽ پروڪي مئل کي هيل ڪو نه پٽي. تنهن وانگي جا ڳالهه جڏهن هلي، يا جو ڪم جاتي ٿئي، تڏهن تاتي اُن جو ويچار ٺهي. جي ٿي لنگهڻ کان پوءِ به ڪبو، ته ڇا کَسندو؟ جهڙو پراڻو ٽپڻو ڪڍي ٻانڀڻ تٿ وار ٻڌائي.

    ۴۸۸ - مُئا آهن جيئرن جي وس.
    هن پهاڪي جي اکري معنيٰ پڌري آهي؛ پر مطلب سندس هي آهي، جو هي دنيا جا ماڻهو سڀ مُئن جي آچار آهن، جيئرو هڪڙو پاڻ ڌڻي پاڪ آهي. ان لاءِ فارسي پهاڪو پڻ آيو آهي:
    مرده بدست زنده. مُئا آهن جيئرن جي وس.

    ۴۸۹ - محبتي مڙن، ته ٽنهين لوڪن لک پوي.
    محبتي يعني نيهي، هندن جي مذهبي ڪتابن ۾ ٽي لوڪ چيا آهن: هڪڙو سُرگ يعني اُڀ، ٻيو مِرتُ يعني ڌرتي، ٽيون پاتال يعني ڌرتيءَ کان هيٺ جو لوڪ آهي. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، جو جيڪڏهن عاشق ڦِرن، ته سڀڪنهن هنڌ سُڌ ٿي وڃي؛ ۽ مطلب هي آهي، جو سچن عاشقن تي جيڪڏهن سوڙهه پوي، ته به پنهنجي سچائيءَ کان نه گسن. جهڙو فارسي بيت آهي:
    آسمان گر تيغ بارد سر نه خارد اهل دل،
    زخم ناخن بر سر نامرد چون خنجر بود. جيڪڏهن اُڀ تراريون وسائي ته به نيهي مٿو نه کنهن، گانڊوءَ کي نهن جو چِهڪُ پڻ ڪٽاريءَ جهڙو هئي.

    ۴۹۰ - مُنهنَ ڪونئري ڳٽا پٽائي.
    منهن ڪونئري يعني مٺو ڳالهائڻ وارو. مٺو ڳالهائڻ چڱو آهي، پر جاتي ڪڙو ڳالهائڻ ڪم ايندو، تاتي مٺو ڳالهائڻ مورڳو گهر جو گهاٽو. تنهن لاءِ فارسيءَ وارو چوي ٿو:
    وقتي به قهر گوءِ که يک کوزه نبات،
    گہ گہ چنان بکار نيايد که حنظلي. ڪنهن مهل ڪڙو به ڳالهائي، جو مصريءَ جو ڪُپڙو، ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ڪم نه اچي جهڙو ڪي ٽوهه.

    ۴۹۱ - مُڙيا، سي جُڙيا.
    مڙڻ يعني ٽري ڇڏڻ، هي پهاڪي وارو کاند ڪرڻ لاءِ ٿو سمجهائي، يعني جيڪڏهن ڪنهن کان اهنج پهچيئي ته به کاند ڪري مڙي وڃ، ته ڌڻي توتي توهه ڪري. اهڙو فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    گر گرندت رسد تحمل کن؛
    که به عفو از گناه پاک شوي. جيڪڏهن ڪنهن کان اهنج پهچيئي ته کاند ڪر،
    جو اوسراڻ سان پاپن کان ڇٽندين.

    ۴۹۲ - ملڪ صاحب دا وسي، ڪوئي رووي ڪوئي هسي.
    هي پهاڪو مايا جا کيل ڏيکاري ٿو، جنهن ۾ هڪڙا ڏکيا، هڪڙا سکيا، هڪڙا پيا رئن، هڪڙا کلندا وتن، هڪڙا ويٺا راڄ ڪمائين، هڪڙا وتن پنندا. فارسيءَ وارو پڻ شاهد آهي:
    يکي را بُرون رفتد ز اندازه مال؛
    يکي را غم نان و خرچ عيال. هڪڙي کي ڳاڻيٽي کان به مال گهڻو؛
    هڪڙي کي مانيءَ ۽ ٻارن جي قوت جي ڳڻتي.

    ۴۹۳ - مينهن ڍائي هوري هلي، رڍ ڍائي ٺينگ ڏئي.
    مينهن وڏو وهٽ آهي، سو جي ڍاپي، ته پنهنجي ڳورائيءَ کان هري هلي ۽ رڍ هلڪڙي آهي سا ڍئجي ته ڊوڙون پائي ۽ اُڇانگ ماري. تنهن وانگي سکر ماڻهو پڻ جيئن وڏو پد پائيندو، تيئن نئڙت گهڻي ڪندو، ۽ نِکَرَ کي ٿورو ڍَؤ ٿيندو ته به گهڻي ٽانءِ ڪندو.

    ۴۹۵ - منهن ڏسي تلڪ ڏجي.
    تلڪ، هندڪو اُهڃاڻ نرڙ ۾ ڏيڻ جو آهي، يعني جنهن جو منهن تلڪ جو لائق هجي تنهن کي ڏجي، جو نه، تنهن کي نه؛ تنهن وانگي جو ماڻهو ڪهل جو جوڳو هئي، تنهن تي ڪهل ڪجي، نا ته نه. تنهن تي هڪڙو فارسي بيت به آهي:
    پسنديد است بخشايس، و ليکن،
    منہ بر ريش خلق آزار مرهم. اوسراڻ ڪرڻ چڱو آهي پر،
    ماڻهو ڏکوئيندڙ جي ڦٽ تي ملم نه لاءِ.

    ۴۹۵ - ماديءَ ڪڪڙ به ڪڏهن ٻانگ ڏني.
    ٻانگ ڏيڻ نر ڪڪڙ جو ڪم آهي، ۽ مادي ڪڏهن ٻانگ نه ڏئي، جهڙوڪي سَنڍِ زال ٻار ڄڻي، جهڙوڪي ڪانئر جنگ ڪري، تهڙو لاٻر چٽي ماڻهوءَ کان چڱمڙسي ٿئي.

    ۴۹۶ - مئي کي مارڻ سوره جي گلا.
    جيتوڙي ته پهاڪي ۾ حرف مئي کي مارڻ آيو آهي، پر جو مري پيو هوندو، تنهن کي ڇا ڪو ماريندو؛ پر مطلب هي آهي، جو تنهنجي هڪڙي ويريءَ جي مايا ناس ٿي وڃي ۽ کُٽي تِرين ڀر ٿئي، يا نوڪري ٽٽي وڃيس ۽ اڳتي به نوڪريءَ کان نڪمو ٿي رهي، تڏهن توکي هيءُ سمجهڻ کپي، ته هن کي ڌڻيءَ ماريو آهي. تنهن کي ڇا ماربو، ۽ جي اهڙي کي ماريندين ته گلارو ٿيندين.

    ۴۹۷ - ماءُ مري رُکي، سُڪي، ڌيءُ دا نالا ڏهي.
    ملڪ جي هلت آهي، جو هڪڙن ماڻهن جا نالا، ذات يا جنس جي ٺاهه پٽاندر رکن؛ جهڙو هڪڙي سهڻي جو نالو يوسف، يا هڪڙي ڀڄن واري جو نالو ساڌو، يا هڪڙي سياڻي جو نالو لقمان، ۽ هڪڙن ماڻهن جا نالا ذات يا جنس جي اُبتڙ رکن، جهڙو هڪڙي شيديءَ جو نالو الماس يا ياقوت، يا هڪڙي مهاڻي جو نالو چنڊ يا هڪڙيءَ اڄاڻ عورت جو نالو سياڻي؛ تنهن وانگي هڪڙي غريب زال جنهن کي رکي ماني به مس مس ملندي هئي، سا پنهنجي ڌيءُ جو نالو ڏهي يعني ڏڌ رکندي، ته نالي رکئي ان جي رُکائي ڇڏي ويندي ڇا؟ جهڙيءَ ريت هڪڙو اگهو ماڻهو ٻُڪيءَ لاءِ ويڄ وٽ وڃي ۽ طبيب دوا چويس، سا ڪري ڪين، رڳو دوا جو نالو چوندو وتي، ته ڪٿان ڇٽندو؟ تهڙيءَ ريت هڪڙو درويش پنهنجي ٻالڪي کي سمجهائي ته ڌڻيءَ جو ڀڄن ڪر، اهو چيلو اهي ساڳيا اکر “ڀڄن ڪر” وات سان چوندو وتندو، ڀڄن هڏهين ڪين ڪندو، سو ڇا پرائيندو؟ تنهن تي ساميءَ جو سلوڪ آهي:
    “مک سان رام چئي، سانت نه اچي جيءَ کي،
    اَنَّ پاڻيءَ جي نانوَ سان اُڃ بک ڪين لهي.”

    ۴۹۸ - ماريءَ جي گهر هڏن جو ڍير.
    ماري يعني پکين يا مِرن کي ڦاسائي، تنهن سان پيٽ ڀريندڙ. مطلب ته اهڙيءَ ڪمائيءَ واري جي گهر ۾ هڏن ڌاران ٻيو ڇا هوندو؟ تنهن وانگي جو پاپ ڪري ناڻو ميڙيندو، سو سائو ڪٿان ٿيندو.

    ۴۹۹ - ميهر مينهن مان نڪتو، وَڇِن ڪهڙي پارت.
    جڏهن مينهن جو ڌڻي هڪڙو ميهار ڪڍي ٻيو رکي، تڏهن پراڻي ميهر جو وَڇن جي پارت سان ڇا؟ جهڙيءَ طرح هڪڙي راجا جو راڄ ٻيو کسي وٺي، تڏهن اڳوڻي راجا جو ڇا جو ڪوٽن ۽ هٿيارن ۽ گهوڙن جي پارت ڪري. تنهن وانگي هي ماڻهو پڻ ڏسي ٿو، جو نيٺ چوٽي موت جي هٿ آهي، تڏهن مايا جي وهنوارن جي ڳڻتي ڇو ٿو ڪري؛ ۽ جيڪڏهن اِن اشاري ڏي نه نهاريندو، ته ڌڻيءَ جي يادگيريءَ کان پري رهندو.

    ۵۰۰ - مارئي کان پڏايو چڱو آهي.
    پڏايو يعني ڊيڄاريو، جڏهن ويري هٿ ۾ اچي، تڏهن سياڻي کي گهرجي، جو تَتَ وهندي ماري نه ڇڏيس، ۽ چڱو هي آهي، جو ڊيڄاري ڀڄائيس؛ ڇا کان جو ڪاوڙ مهل جيئري کي مارڻ سنهنجو آهي، پر ڪاوڙ لٿي جيڪڏهن پڇتائيندو، ته وري جيئاري ڪين سگهندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    نيک سهل است، زنده بيجان کرد؛
    کُشتھ را باز زنده نتوان کرده. چڱو سوَلو آهي جيئري کي مارڻ،
    ڪٺل کي وري جيئاري نه سگهبو.

    ۵۰۱ - موتين جي پرک مان ڇا ڄاڻي شيشہ گر.
    جهڙو چئجي سون جي پرک مان ڀانساني ڇا ڄاڻي، يا کٿوريءَ جي اگهه جي دَٻِگَر کي ڪهڙي سڌ، تنهن وانگي راڄ جون مصلحتون پينار ڇا سمجهي. جهڙو خواجه حافظ چيو آهي:
    گداي گوشہ نشيني، تو حافظا خاموش،
    رموز مملڪت ملک خسروان دانند. پينار ڪنڊ وهندڙ آهين حافظ ماٺ ڪر؛
    راڄ جون صلاحون راجائون ڄاڻن.

    ۵۰۲ - مِلَڪ ۾ ڏيڍ کجور، ميان ليٽي باغ ۾.
    کَجور يعني کجيءَ جو وڻ، جنهن ماڻهوءَ کي رڳو هڪڙو ٻه وڻ کجيءَ جو هئي، ۽ اُن کي باغ سمجهي کٽ وڇائي تنهن ۾ ليٽي، ته اُن جي سمجهه اجائي ڄاڻجي، تنهن وانگي هن ماڻهوءَ کي دنيا ۾ رهڻ جي ويرم ٿوري آهي، تنهن تي وسهي پسارا ڪرڻ پڻ اجائي ڳالهه آهي. جهڙو گرو نانڪ صاحب جو وچن آهي:
    اک ميٽندي رهه گئي، مک وچ رهيا گراس،
    لعنت اُسدي عقل نون، جو دم دا ڪري وساس. اک ڇنڀيندي رهي ۽ وات ۾ گره رهي ويو؛
    اُن جي عقل کي ڦٺ آهي جو پلڪ جو ويسہ ڪري.
    ۵۰۳ - ميون ڳور لائق، بيبي سيج لائق.
    ڳور لائق يعني پوڙهو قبر وڃڻ جهڙو، سيج لائق يعني جوان، مطلب هي جو مڙس پوڙهو ۽ زال جوان. ڀلا ويچار گهرجي، جو مڙس جوان کي پوڙهيءَ زال جي صحبت کان ڪهڙي بڇان لڳندي آهي، تڏهن زال جوان کي مڙس پوڙهي جي صحبت ڪٿان وڻندي هوندي. تهڙيءَ پر هڪ جهڙيءَ صحبت ڌاران ٻي صحبت ڪنهن کي به نه وڻي. جهڙو فارسيءَ واري بيت چيو آهي:
    چو طوطي کُلاغش بود هم نفس،
    غنيمت شمارد خلاص از قفس. جڏهن چتونءَ سان ڪانءُ گڏ هئي،
    تڏهن پڃري مان ڇٽڻ غنيمت ڳڻي.

    ۵۰۴ - مُلو مُئو، مُهابو لٿو.
    ملو يعني ڇوڪرن پڙهائڻ وارو، مهابو يعني لحاظ، پڙهڻ وارن ڇوڪرن جو لحاظ مُلي سان رڳو سبق پڙهڻ تائين آهي. تنهن جو هي فارسي دليل:
    دوستي ملايان تا به طبق،
    دوستي کان کودتا به سبق. ملن جي پريت طبق* تائين،
    ڇوڪرن جي پريت سبق تائين.
    ڀلا جڏهن ملي جيئري جو مهابو سبق کان پوءِ ڇڏيائون، تڏهن ملي مئي کان پوءِ ڪهڙو مهابو رهندن. پر اها ڪُلالائي لاٻڙ-چٽين جو ڪم آهي، جو اشرافن مڙسن کي نه وڻي.
    * يعني کاڄ جو ٿانءُ.

    ۵۰۵ - ميان جي مڏي، ٻه ڏندڻ ٽين تڏي.
    هڪڙا ماڻهو ٿوريءَ هوند وارا ٽانءِ گهڻي ڪن، تن لاءِ هي پهاڪو آيو آهي. اُن تي هڪڙو نقل آيو آهي:
    هڪڙو مسافر ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي لٿو، پر وڇاڻو ساڻ ڪو نه هوس؛ رڳو لباس ساڻس هو، جو ڏينهن ڪلهن ۾ ڍڪيندو هو، ۽ سمهڻ مهل اوڇڻ ڪندو هو. ڳوٺ جا ماڻهو مهمان آيو ٻڌي وٽس گڏجڻ آيا. جڏهن ڳچ ويرم لنگهي، ڀانيائين جو ڳوٺ وارا اُٿن، ته ننڊ ڪريان، تڏهن مِنهن ڪري نوڪر کي چيائين، جو وڇاڻو جوڙ ته سمهندس، پر نوڪر ڪن لاٽار ڪئي. تڏهن وري نوڪر کي هنڌ جوڙڻ لاءِ چيائين، ته به نوڪر ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري نٽائي ڇڏيو. ٿوري کان پوءِ وري وڇاڻي جوڙڻ لاءِ چيائينس؛ تڏهن نوڪر چيس، سائين، هنڌ تنهنجي ڳچيءَ ۾ آهي لباتو، ٻيو ڇا وڇايان؟ اها ورندي ٻڌي ڳوٺاڻا کلي کيرا ٿيا، مسافر ڦڪو ٿيو. مطلب جو هوند کان واڌو ٽنڊ ڪرڻ مورڳو ڦڪائي آهي.

    ۵۰۶ - مئا به ڪڏهن مسڻ مان موٽيا آهن.
    جو ماڻهو مري مساڻ يا مقام ۾ ويو، تنهن جو وري موٽڻ ڏٺو نه ٻڌو. تهڙيءَ ريت مهل هٿان ويل به وري هٿ نه ايندي، تنهنڪري گهرجي جو هلنديءَ چلنديءَ ۾ ڌڻيءَ جي يادگيري ڪري اڳ جو توشو هٿ آڻجي، متان پوءِ مهل هٿ نه اچي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    جوانا رهي طاعت امروز گير؛
    که فردا جواني نيايد ز پير. اي جوان، اڄ ڌڻيءَ جي يادگيري ڪر؛
    جو سڀاڻي پوڙهي کان جوانيءَ جو ڪم نه ٿيندو.


    ن

    ۵۰۷ - نُهن سان ڇڄي، ته ڪاتي ڇو وجهجي؟
    هن پهاڪي جو مطلب ساڳيو نمبر ۴۳۷ واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي؛ يعني جو ڪم هري ۽ ٿوري ڳالهائڻ سان ڇٽي؛ تنهن لاءِ ڏاڍيان يا گهڻو نه ڳالهائجي. ان ڪاڻ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
    اگر برآيد به نرمي و هوش،
    به تندي و خشم و درشتي مکوش. جيڪڏهن ڪونئرائي ۽ ڏاهپ سان ٿي اچي،
    ته تکائيءَ ۽ ڏمر ڏاڍائيءَ سان نه رِٿِ.

    ۵۰۸ - نه ڪنهن کي عقل منجهايو آهي، نه ڪنهن کي سونهن سڪايو آهي.
    يعني عقل به پاڻ وٽ سڀڪو گهڻو ڄاڻي؛ جهڙو فارسيءَ وارو چوي ٿو:
    گر از بساط زمين عقل منهدم گردد،
    بخود گمان نه برد هيچکس که نادانم. سڄيءَ ڌرتيءَ تان جيڪڏهن عقل ناس ٿي وڃي،
    پاڻ ۾ ڪو به شڪ نه آڻي ته ڪو اڄاڻ آهيان.
    ۽ سونهن ۾ پڻ پاڻ کي گهٽ ڪو نه ڄاڻي، جهڙو ڇوڪر نقل ڪندا آهن جو ڏيڏريون پاڻ ۾ گڏ ٿي ويٺيون هيون، ۽ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳيون جو جڏهن اسان کي ڌڻيءَ اُپايو، تڏهن حورن اپائڻ جو ڪهڙو کپ هو. ڏسو جڏهن ڏيڏرن کي پنهنجي سونهن تي ايترو هٺ، تڏهن ٻيو ڪير آهي، جو پاڻ کي سهڻو نه ڄاڻندو؟

    ۵۰۹ - نه ڏي، نه ڏکوءِ.
    مطلب هي آهي، جو ڪنهن کي ڪي به ڏيڻ چڱو آهي، پر جي ڏيئي نه سگهجي، ته ڏکوئڻ ڪار نه آهي. تنهن تي فارسي پهاڪو پڻ آهي:
    چيزي مده درويش را، چيزي مگو درويش را. فقير کي ڏي به ڪين، ته فقير کي چؤ به ڪين.

    ۵۱۰ - ناڻو نَرَ چُتو ڪري.
    ناڻو يعني دولت اهڙي شيءِ آهي، جا اَڻ ناين کي نائي ڇڏي. جهڙو فارسيءَ وارو چوي ٿو:
    هرکه زر ديد سر فرود آورد،
    ور ترازوي آهني دوش ست. جنهن ناڻو ڏٺو تنهن مٿو نايو؛
    توڙي لوهن مٿن واري ساهمي هئي.

    ۵۱۱ - ناڻو جهڙي تاوَ سان گهرجي، تهڙي تاوَ سان نڪري.
    هن پهاڪي جو بنياد هن پر آهي، جو مير صاحبن جي راڄ ۾ حسن شاه تحصيلداريءَ جو ڪم ڪندو هو؛ ان ڏهاڙن ۾ هڪڙي هاريءَ ڏي رپيو رائر جو هو، تنهن کان مان ڀاءَ سان گهري ٿڪو، ته نه ڏنائين. نيٺ ڌرتيءَ ۾ ڏرا کڻائي تنهن ۾ سنديس ٻانهون پوري اُس ۾ وهاريائينس، تڏهن منجهانس مس سڌو؛ يعني پٽڪي ۾ رپيو ٻڌل هوس، سو ڇوڙي ڏنائين. تڏهن ٻين چيس، جو رپئي ساڻ هوندي هيتري مار ڇو ٿي کاڌءِ؟ چي ڙي يار! رپيو به ائين ته نه ڄاڻي، ته ڪنهن گانڊوءَ جي هڙ ۾ هوس. مطلب، جو سالڪ هڪڙي سيد کي چيو جو ٿوري ناڻي لاءِ ايترو مارڻ نه گهربو هو، تنهن کي هي پهاڪو پڙهي ٻڌايائين. حاصل ڳالهه جو ناڻو هڙان ڇوڙڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.

    ۵۱۲ - نڪي پاراتن ۾ نڪي منجهه دعا، انگ اڳيئي لکيا پاڙڻ پوءِ پيا.
    اکرن جي معنيٰ پڌري آهي، مگر مطلب هي آهي، جو جيڪي نصيب ۾ انگ لکيل هوندا سي پوندا، ڪڏهن ڪين ٽرندا، پوءِ توڙي ڪو ڏک ڀريو، ته به ڀوڳيندو، جي راضي رهندو ته به لوڙيندو. جهڙو فارسي بيت آهي:
    قضا دگر نشود گر هزار نالہ و آه،
    به شکر يا به شڪايت برايد از دهني. لکيو ڪين ڦري، جيڪڏهن هزار دانهون ڪوڪون،
    شڪر سان يا گلا سان ڪنهن وات مان نڪرنديون.

    ۵۱۳ - نئن به تکي، ڳڙ به مٺو.
    جهڙيءَ ريت، هڪڙيءَ نئن جي پراڙ ڪنهن کي ڳڙ ملڻ جو دلاسو هجي، پر جي نئن ۾ گهڙي ته وهڪري ۾ لڙهي وڃي، نا ته ڳڙ کائڻ جو ارمان رهيس، پر مطلب هي آهي، جو مايا جو ڌنڌو اهڙو آهي، جو جنهن وٽ نه آهي سو سندس هٻڇ جي وگهي ڏک ڏسي؛ ۽ جنهن وٽ آهي، سو سندس ڌنڌي ۾ موڙهو وتي پر ٻنهين طرح ڌڻي وسريو وڃي. تنهن تي فارسي مثل آهي:
    اي فرزند آدم، اگر تونگر باشي، مشتغل شوي بمال،
    اگر درويش شوي تنگدل نشيني بمال،
    پس حلاوت ذڪر حق ڪجا يابي؟
    و به عبادتش ڪي شتابي. اي ماڻهوءَ جا پٽ جي وهيون هئين ته مال ۾ رجهين،
    جي فقير ٿين، ته اُڻ تڻ ۾ موڙه سوڙه ٿين؛
    پوءِ ڌڻيءَ جي يادگيريءَ جو سواد ڪٿان لهندين؟
    ۽ سندس بندگيءَ ڏي ڪڏهن ڊوڙندين.

    ۵۱۴ - ننڍي وات مان وڏو ويڻ نه ڪڍجي.
    ويڻ يعني مهڻو، يا طعنو، يا ٻيو بڇڙو ڳالهؤُ؛ پهاڪي وارو ڄڀ مان ڳالهه جو سنجم ڪرڻ چڱو ڄاڻي تاڪيد ٿو ڪري. جهڙو فارسيءَ وارو چوي ٿو:
    زبان شڪل زنان دارد، زنان را سَتُر در کار ست، شکستن سَتُر مستوراة به پيش عاقلان عار ست. ڄڀ کي صورت زال جي آهي، زالن کي ستر گهرجي؛ ستر وارن جو ستر ڀڃڻ سياڻن کي ويڪ آهي.
    هن ٻُجهارت جو بيان
    زبان يعني ڄڀ، زنان يعني زالون، ٻنهي حرفن جي صورت هڪ جهڙي؛ رڳي هڪڙي نقطي جو ڦير آهي.

    ۵۱۵ - نه ڪنهن جي کٿي کي هٿ لاءِ، نه پنهنجو پَٽُ پُڻاءِ.
    پَٽ جي پُڻائي يعني پٽ جي ڪپڙي کي بڇڙو چوائڻ. هي پهاڪي وارو چوي ٿو ته ڪنهن کي بڇڙو نه ڳالهاءِ ته توکي بڇڙو ڪو نه ڳالهائي، ۽ نه ڪنهن جو مان لاھ ته تنهنجو مان به ڪو نه لاهي: يعني تنهنجو مان تو وهيڻو آهي. تنهن تي فارسي بيت آيو آهي:
    چه نيکو زده ست اين مثل برهمن،
    بود حرمت هرڪس از خويشتن. ڪهڙو چڱو مثل ٻانڀڻ چيو آهي،
    سڀڪنهن جو مان پاڻ وهيڻو آهي.

    ۵۱۶ - ناڻو سو جو ڳنڍ، ٻاڻي سا جا ڪنٺ.
    ٻاڻي يعني جيڪي پڙهجي، پهاڪي جو مطلب هي آهي، ته ناڻو اُهو ڪم ايندو، جو هڙ ۾ يعني پاڻ وٽ هوندو، تهڙيءَ ريت علم اُهو ڪم ايندو، جو ڪنٺ يعني ياد هوندو. تنهن تي فارسي بيت آيو آهي:
    علم همان نيست که در جلد ميش،
    علم همان ست که در جلد خويش. اهو علم ڪار نه آهي جو چم جي جلد يعني ڪتاب ۾، اهو علم ڪار آهي جو پنهنجي چم يعني دل ۾.

    ۵۱۷ - نه ڪَتي، نه ڪوريءَ جي ڪاڻ ڪڍي.
    جيڪي زالون ڪَتي سُٽ مان ڪپڙو اُڻائن، تن کي جائي ڪوريءَ جي ڪاڻ ڪڍڻي پوي؛ پر جيڪي موران نه ڪتن، تن کي ڪهڙي ڪاڻ؟ تنهن وانگي جو ماڻهو ماڳان بڇڙي ڪم کان پري هوندو، تنهن کي جواب پڇندڙ جو ڪهڙو ڊپ؟ جهڙو فارسي مثل آهي:
    آنرا که پاڪ ست از محاسبه چه پاک؟ جنهن جو ليکو چوکو آهي تنهن کي ليکي وٺندڙ جو ڇا ڊپ؟

    ۵۱۸ - نانگ ريجهائڻ سولو، پر کرو ڪو ڳوهه ريجهائي.
    سلڇڻي ماڻهوءَ کي ڪو ڳڻ سيکاربو، ته هروڀرو سکي پوندو؛ ۽ ڪلڇڻي ماڻهوءَ کي جو ڳوهه جهڙو آهي جيڪي سيکاربو، سو ڪين سکندو. جهڙو فارسي بيت آهي:
    باران که در لطافت طبعش خلاف نيست،
    در باغ لالہ رويد در شور خار و خس. مينهن جي موچارائيءَ ۾ ڪو ڦير نه آهي،
    باغ ۾ گل ڄاپن، ڪلر ۾ ڪنڊا ڪک.

    ۵۱۹ - نيچ نوڪري، اُتم کيتي، وڌنت واپار.
    هي پهاڪي وارو ٻنيءَ ۽ واپار جي ڪرت کي ساراهي، نوڪريءَ جي ڪرت جي گلا ٿو ڪري. سا ڳالهه سچ آهي؛ ڇا کان جو نوڪريءَ وارو ماڻهو سدا پرائي وس ۾ رهي ٿو. تنهنڪري فارسيءَ وارو پڻ نوڪريءَ کي اَڻ وڻندڙ ڄاڻي گلا ڪري ٿو:
    نان جَوي خوردن، و بر زمين نشستن،
    بہ که کمر زرين بستن، و در خذمت سلطان استادن. جَوَن جي ماني کائڻ، ڌرتيءَ تي وهڻ؛
    سوني ترار ٻڌي راجا اڳيان بيهڻ کان چڱو.

    ۵۲۰ - ننڍي مري نه مايڙي، ٻُڍي مري نه جوءِ، ڪنتُ چوڙيلي نا مري، مت جهڻڪ وهيڻي هوءِ.
    ڪنت يعني مڙس، چوڙيلي يعني جواڻ جوءِ، هن پهاڪي مان ٻيو ڌار مطلب ڪو نه ٿو نڪري؛ مگر ايترو آهي جو جنهن ٻار جي ماءُ ننڍپڻ ۾ مرندي سو ڇورو ٿي ڏک ڏسندو، ۽ جنهن مڙس جي ٻڍاپڻ ۾ جوءِ مرندي، سو پڻ اهنجا ڏينهن لنگهائيندو؛ جنهن عورت جو جوانيءَ ۾ مڙس مرندو، سا رناپڻ جو ڏهاڳ ڏسندي.

    ۵۲۱ - نڪي دٻگرن مال ميڙيو، نڪي سُرهيا بک موا.
    دٻگرن جو ڪم بڇڙيءَ ڌپ وارو آهي، ۽ سُرهين جي ڪرت سٺي سڳنڌ واري آهي؛ تن لاءِ پهاڪي وارو چوي ٿو ته هُنن ڪني ڪرت مٿي تي کنئين، ته ايترو ناڻو گڏ ڪو نه ڪيائون، جو وٽن سدائين رهي، ۽ هنن سٺي ڪرت ڪئي ته به اهڙا سڃا ڪين ٿيا جو بک مرن. تنهن وانگي جو ماڻهو چوريءَ يا ڪپت يا ٺڳيءَ مان گهڻو ناڻو ڪمائيندو، تنهن وٽ به سدا ڪين رهندو، ۽ جو ڀل-مانسائيءَ جي ڪرت مان ٿورو گڏ ڪندو سو بک ڪين مرندو.

    ۵۲۲ - نون ميهارن مينهون ڌاريون، لاهي دونهيون ٻاريون.
    ميهار ماڻهو گهڻو تڻو مينهن جي وٿاڻ ۾ ڇيڻا گڏ ڪري دونهي ٻارين؛ پر کٿو ڪو نه دونهيءَ ۾ ٻارين. تڏهن هي پهاڪو اڻ پرکيل ماڻهوءَ سان لاڳو ٿو ٿئي، جو نيازموده ڪري ماڻهو جائي اُبتو ڪم ڪندو، جو ڦِٽڪيءَ کي مصري، ۽ لوڻ کي کنڊ ڄاڻندو.

    ۵۳۳ - نئين سناسڻ چيلهه ۾ جٽائون.
    هندو مذهب جا سناسي فقير مٿي جي وارن ۾ بَڙَ جو کير ۽ رک وجهي نوڙن وانگي وٽي مٿي تي ويڙهن، تن کي جٽائون چئجي؛ پر اُهي چيلهه تي ڪو نه ويڙهي، ۽ جي ڪا عورت گروءَ جي اُپديش ڌاران اهڙي هلت رکي، ته هي پهاڪو مٿس لاڳو ٿئي، پر مطلب هي آهي، جو سڀڪو ڪم دنيا توڙي دين جو مرشد جي واٽ ڏني ڌاران ڪرڻ اجايو آهي. تنهن تي گورو نانڪ صاحب جو وچن آهي:
    چي سو چنڊان اُگوي، سورج چڙهن هزار،
    ايتي چانڊن هونديا، گور بن گهور انڌار. سَوَ چنڊن ۽ هزار سجن کڻي اُڀري،
    ايتري سوجهري هوندي به گروءَ بنا اونده.

    ۵۲۴ - نانءِ چڙهيو واپاري کٽي کائي، نانءِ چڙهيو چور ڦاهي اچي.
    جو واپاري واپار ۾ سپت رکندو هوندو، تنهن جو واپار گهڻو هلندو، ۽ جو ماڻهو چوريءَ ڪرڻ ۾ پڌرو هوندو، سو جاتي ڪاٿي جهلبو. تنهن وانگي جو ماڻهو چڱ مڙسيءَ جي واٽ هلندو، سو جتي ڪٿي مانُ لهندو؛ ۽ جو لچائيءَ ۾ پڌرو هوندو، سو سڀ هنڌ بي مانو رهندو.

    ۵۲۵ - نچڻ هلي ته گهونگهٽ ڪهڙو؟
    گهڻيون تڻيون زالون منهن ڍڪي گهمنديون آهن، پر جا زال نچڻ هلي، تنهن کي گهونگهٽ يعني منهن ڍڪڻ جو ڪهڙو کپ؟ تنهن وانگي جو درويش دنيا جا ڌنڌا ڇڏي ڌڻيءَ جو ڳولو ٿيو، تنهن کي دنيا جي گلا جي ڪهڙي ڳڻتي؟

    ۵۲۶ - ناڻو ڏجي آڪرو، ته گيهه ڇو وٺجي ٻاڪرو.
    آڪرو يعني مهانگو؛ گيهه ٻاڪرو، ٻڪرين چي کير جو گيهه يعني سادو. جي ملهه مهانگو ڏبو، ته گيهه سادو ڇو وٺبو؟ جهڙو پيسا گهڻا ڏبا، ته شيءِ سادي ڇو وٺبي؟ تنهن وانگي خذمت ايمان سان ڪبي، ته ڦل چڱو ڇو نه ملندو.


    و

    ۵۲۷ - واڳ ڌڻين جي هٿ، آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي.
    هن ماڻهوءَ جو جيئڻ، مرڻ، اُٿڻ، وهڻ، کائڻ، پيئڻ، ڏک، سک، کٽيو، ڇيئو، ۽ ٻيا سڀ ڪم ڌڻيءَ جي وس آهن. پاڻ-وهيڻو ڪي به ڪين اٿس. جهڙو گرو نانڪ صاحب جو وچن آهي:
    ڪري ڪرائي آپي آپ، مانکُ ڪي ڪڇ ناهين هاٿ. ڪرائي ڪري سڀ ڌڻي پاڻ؛ ماڻهوءَ جي هٿ ڪي به نه آهي.

    ۵۲۸ - ويئي سڱن کي، ڪن به وڍائي آئي.
    هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، جر هڪڙي گڏهه ڌڻيءَ کان سڱ ٿي گهريا، پر ايتري ۾ هڪڙي پوک ۾ ڀيل ڪيائين، تنهن جي هاريءَ ڪن وڍي ڇڏيس؛ جهڙو ڪي هڪڙو فقير ڪنهن کان ٽڪر مانيءَ جو گُهري، اڳلو ڪپڙا به لاهي وٺيس. ان جهڙو فارسي پهاڪو به آهي:
    بيچاره خر آروي دُم کرد؛
    نايافت دُم و دو گوش گم کرد. ويچاري گڏهه پڇ جِي سڌ ڪي؛
    پچ نه مليس پر ڪن وڃايائين.

    ۵۲۹ - ويهي ويهي مڙس ڪري، سا وَهي ڇو وڃائي.
    جنهن عورت کي نيٺ مڙس ڪرڻو هئي، سا ويهي جواني وڃائي ٻڍاپڻ ۾ پرڻبي تنهن کي ڇا سواد ايندو؛ ۽ اوڙڪ پڇتائيندي، تنهن وانگي جنهن ڪم مان نيٺ پڇتاءُ ٿئي؛ سو مهل ويچاري ڪرڻ کپي.

    ۵۳۰ - وِهي درياءَ جي ڀر تي، وجهي واڳوءَ سان وير.
    هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو پاڻان ڏاڍو پاڙي ۾ هئي تنهن سان وير رکڻ مان نيٺ ڀلائي ڪا نه آهي. اهڙو مثل هنديءَ ۾ به چيل آهي:
    ڪَيسي بن هي نِبَل ڪون ڪر سَبَلن سُون غيرَ؟
    جيسي بس ساگرو ڪي ڪَرَت مَگَرَ سون بيرَ. هيڻي کي ڏاڍن سان ٻيائي ڪرڻ ڇا ٺهي؟
    جهڙو دريا ۾ وهي مانگر مڇ سان وير هجي.

    ۵۳۱ - واڱڻ هڪڙن کي وائي هڪڙن کي پيچي.
    هي پهاڪو ڌڻيءَ جا اچرج ڏيکاري ٿو، جو اُهي ساڳيا ڪم هڪڙن کي فائدو، ٻين کي گهاٽو ڪن، جهڙو شرم اشراف زال کي سونهي؛ پر ڪسبڻ عورت کي بک ماري؛ يا جهڙي ماٺ درويش کي چڱي، پر راجا کي راڄ جو جوکو.

    ۵۳۲ - واتون خرار کاڄن، نڪون ڪڻو به نه کاڄي.
    وات جي واٽان ٿورو ٿورو ڪري گهڻو کائي وڃجي؛ نڪ مان ٿورو به نه کائجي. پر مطلب هي آهي، جو واجبي طرح سان يعني جوڳائيندو سڀڪو گهڻو ئي پيو کائي ۽ اڻ جوڳائيندو کائڻ اهڙو آهي، جهڙو نڪ مان کائڻ.

    ۵۳۳ - واهَڻَ جو واڻيو، تهڙو ڍوري جو پاتِڻِي.
    هن پهاڪي مان ٻيو ڪين ٿو نڪري، مگر واھڻ ۾ گھڻو ڪري واڻئي جو ھٽ ھڪڙو رھي؛ تنھنڪري سيڌو پاڌو، ويڳر وکر مھانگو وڪڻي، ته به گراڪ بيوس ٿي وٺي. تنھن وانگي ڍوري جو پاتڻي مھاڻو پڻ گھڻو تڻو اڙي گور ٿئي.

    ۵۳۴ - ويري ھڪڙو به گھڻو، سڄڻ ھزار به ٿورا.
    هن پهاڪي وارو چوي ٿو، جو دوستي جئن گهڻن سان هُئي تئن چڱي؛ ۽ وير هڪڙي سان به چڱو نه آهي. ڇا کان جو دشمن هيڻو ئي هئي ته هيڻو ڄاڻڻ نه گهرجي. جهڙو فارسيءَ ۾ آيو آهي:
    دشمن نتوان حقير بيچاره شمرد. ويريءَ کي هيڻو نماڻو نه ڳڻجي.

    ۵۳۵ - ونڊ کائيئي، سُک پائيئي.
    هن پهاڪي جي معنيٰ ۾ اهڙو اهنجو اکر ڪو نه آهي، جنهن جي لکڻ جو کپ هئي، مگر مطلب هي آهي، جو سخاوت جي ساراهه آهي. هن ريت جو ونڊي کاءُ يعني ڌڻيءَ جي نالي به ڏي ۽ کاءُ به، ڇا کان جو ان ٻن ڪمن ڌاران ناڻو ٻئي ڪهڙي ڪم ايندو؟ تنهن لاءِ فارسي بيت پڻ آيو آهي:
    اگر گنج قارون بدست آوري،
    نماند مگر آنچه بخشي خوري. جيڪڏهن قارون جو خزانو هٿ ڪندين،
    جيڪي کاڌءِ ۽ ڌڻيءَ جي نانءِ ڏنئه، تنهن ڌاران نه رهندءِ.

    ۵۳۶ - وڻجن ٻير، کائن ڊاکون، تن گهرن جون ڪهڙيون ساکون؟
    ٻير، هڪڙي سستي وکري، ۽ ڊاک مهانگي وٿ آهي: تنهن جو مطلب هي آهي، ته جو ماڻهو ڪمائيندو ٿورو ۽ کائيندو گهڻو، تنهن جي پت ڪٿان رهندي؟ اهڙي لاءِ فارسيءَ واري پڻ ارمان کائي بيت چيو آهي:
    بر احوال آنکس ببايد گريست،
    که دخلش بود نوزده خرچ بيست. اُن جي حال تي روئڻ گهرجي،
    جنهن کي اُڻيهه اُپت ويهه کپت.

    ۵۳۷ - وير وير واڌائي به ورچي.
    واڌائيءَ جهڙي ڳالهه جا سڀ کي وڻي، هر هر چوڻ سان اُها به نه وڻي، تڏهن ٻي ڳالهه وري وري ڳالهائبي، ته ڇا سواد ڪندي؟ تنهن لاءِ فارسيءَ واري چيو آهي:
    سخن گر چه دلبند شيرين بود؛
    سزاوار تصديق و تحسين بود،
    چو يکبار گفتي مگو باز پرس؛
    که حلوا چو يکبار خوردي و بس. جيتوڙي ڳالهه وڻندر ۽ مٺي هئي،
    سچائيءَ ۽ ساراهه جي لائق هئي،
    جڏهن هيڪر چيئي، وري نه چئو؛
    جئن حلوو هيڪر چٻيل وري نه چٻبو.

    ۵۳۸ - وڇ کير ڏئي، ته مينهن ڇو ڌارجي؟
    وڇ، مينهن جو مادي ڦر آهي، تنهن جو نيپاج مينهن کان ٿوري ڏاکڙي سان ٿئي. جڏهن ٿوري خرچ واري وڇ کير ڏئي، تڏهن گهڻي کاڌي واري مينهن ڇو رکجي؟ پر مطلب هي آهي، ته جو ڪم ٿوري ڳالهائڻ سان ڇٽي، تنهن لاءِ گهڻو نه ڳالهائجي. جهڙو فارسي بيت آهي:
    چو کاري بر آيد به لطف و خوشي،
    چه حاجت به تُندي ور گردن کَشي؟ جڏهن ميٺ ۽ رس سان ڪم ڇٽي،
    تڏهن تيک ۽ هٺ جو ڪهڙو کپ؟

    ۵۳۹ - وهندي پير ٻوڙ به چڱي، بيٺل تار به نه چڱي.
    پير ٻوڙ يعني تانگهو پاڻي، جنهن ۾ رڳو پير پسي، يعني وهندڙ پاڻي ننڍو هوندو ته به ڪنو نه ٿيندو؛ ۽ بيٺل پاڻي توڙي وڏو هوندو، ته به اوڙڪ ڪنو ٿي پوندو. تنهن وانگي ناڻو ٿورو ئي هڙ ۾ هوندو، ۽ هلائڻ چلائڻ، خرچڻ کائڻ جي ڪم ۾ ايندو ته چڱو ۽ جي گهڻو ئي رکيل هوندو ۽ ڪم ۾ نه ايندو، ته ناڻو تهڙا ڀتر. تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:
    ز نعمت نهادن بلندي مجو،
    که نا خوش کند آب استاد بو. ناڻي رکڻ مان وڏائي مَ ڳول؛
    جو بيٺل پاڻي بڇڙي باس ڪري.

    ۵۴۰ - وِهُ وڻجي، سو وه مان کائي.
    هيءَ ڳالهه سڀڪو ٿو ڄاڻي، ته جي ماڻهو سنکئي، رسڪپور ۽ ٻين وک جهڙن وکرن جو واپار ڪندڙ آهن، تن کي ڌڻي تَوڻ پهچائي ٿو؛ تڏهن کنڊ جي وڻجارن کي بک ماريندو ڇا؟ تنهن وانگي جي ماڻهو ڪپت ۽ ويساهه گهاتيءَ ۽ ٻين بڇڙن ڪمن مان پيٽ ڀريندا، تڏهن پت وارا ڪٿان بک مرندا؟

    ۵۴۱ - وسي ته به ڏٻري گسي، نه وسي ته به ڏٻري گسي.
    وسي، يعني مينهن وسي؛ ڏٻري يعني ڏٻرو ڍور، گسي يعني مري يا پُڇ پوي؛ مطلب هي آهي، جو جيڪڏهن وَس ٿئي، ته به ڏٻري ڍور کي برسات وارا ڏهاڙا جهنگ ۾ چرڻ جي ويرم نه ملي سو بک ۾ ساهه ڇڏي، جي وس نه ٿئي ته جهنگ ۾ گاهه نه ڄاپي، ته به ڏٻرو بک ۾ سِجهي سگهو مري. تنهن وانگي هيڻو ماڻهو پڻ نه ٿڌي سهي، نه ڪوسي سهي.


    هه

    ۵۴۲ - هر هر هورائي، وڃڻ در دوسن جي.
    هورائي يعني هڪ ئي، وري وري، يا سگهو سگهو سڄڻ وٽ اچ وڃ ڪرڻ مان هلڪائي آهي؛ اهڙيءَ اچ وڃ مان نيٺ دوستي گهٽجي وڃي. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:
    پريت گهٽي متر ڪي نِتُ جائي. مائٽ وٽ ڏهاڙي وڃڻ مان دوستي گهٽجي.

    ۵۴۳ – هاسي، ڪَرَه جي ماسي.
    ماسي يعني ماءُ جي ڀيڻ يعني مائٽياڻي. پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو هاسي يعني مسخري يا ٺٺولي، جهيڙي جي پاڙ آهي. جهڙو فارسي پهاڪو آهي:
    المسخري مايهءِ فساد. ٺٺولي جهيڙي جي موڙي.

    ۵۴۴ - هڙ به گاسو، لوڪ به تماشو.
    ڪنهن ڪنهن مهل ۾ ماڻهوءَ جي هٿان قضا اهڙا ڪم ڪرائي، جنهن مان گهر کي به گهاٽو پويس، ۽ ماڻهو به مٿانئس کلن؛ جهڙو هڪڙو ماڻهو سهانگائيءَ ۾ هڪڙو واپار مهانگو وٺي، تنهن کي پاڙي وارا پڻ جهلين، پر نيٺ ان واپار ۾ گهاٽو پائي، ته هڙ جو ڇيئو پويس، ۽ پاڙي وارا به کِلنس. اهڙين ڳالهين لاءِ هيءُ پهاڪو آهي.

    ۵۴۵ - هڪڙو چوي ٻيو مڃي، تنهن جو پورهيو ڌڻي نه ڀڃي.
    هن پهاڪي وارو هڪ ٻئي جي چئي مڃڻ جو ڳُڻ ڏيکاري ٿو، يعني چئي مڃڻ کان ڌڻي به خوش ٿو ٿئي. تنهن تي گرو نانڪ صاحب جو وچن آهي:
    آگيا مانِ جانِ سک پايو. چوڻ مڃي ڄاڻي سک پاتو.

    ۵۴۶ - هٿ جنين جو هيئن، پهرين پتڻ سي لنگهيندا.
    هٿ هيئن يعني هٿ سنئون يعني ڏيڻ وارو، يعني جنهن جو هٿ پئسي ڏيڻ لاءِ سنئون هوندو، سو پتڻ جي پهرئين پور ۾ لنگهندو. پر مطلب هي آهي، ته جيڪو سخاوت ڪندو، تنهن جو سڀڪو ڪم اڳي ڇٽندو. جهڙو فارسي بيت آهي:
    سخاوت همہ دردها را دوا ست. سخاوت مڙني سورن جي دوا آهي.

    ۵۴۷ - هنجهن سان حرص ڪري اُڏاڻي چِڙي، چڻو هوس چهنب ۾، سو به پِيُس ڪري.
    هنجهه هڪڙو وڏو پکي، ۽ چِڙي يعني جهرڪي، ننڍڙو پکي آهي؛ سا جهرڪي جيڪڏهن هنجهه سان ريس ڪري اُڏامندي، ته ساڻس پهچندي ته ڪين، پر مورڳو ٿڪجي بڇڙي ٿيندي. تنهن وانگي هڪڙو ڏڏ ماڻهو ڪنهن سياڻي کي وڏو ڪم ڪندو ڏسي، ريس ڪري اهڙي ڪم ۾ هٿ وجهندو، ته جائي کاٻاربو. تنهن تي گرو نانڪ صاحب جو وچن آهي:
    هنس ترندا ديکڪي ٻگان به آيا چاو؛
    ڏٻ موئي ٻگ ٻپري سر تلي اُوپر پاو. هنس کي ترندو ڏسي ٻگهن کي به دل ٿي؛
    ويچارا ٻگهه ٻڏي موا، پير مٿي، مٿو هيٺ ٿين.
    ۽ فارسيءَ واري پڻ اهڙو مثل چيو آهي:
    کلاغي تگ کبک راکوش کرد،
    تگ خويشتن را فراموش کرد. ڪانءُ هڪڙو ڊيل جو ٽلڻ ٿي سکيو،
    پر پنهنجي هلڻ کي به وساري ڇڏيائين.

    ۵۴۸ - هنر واري جو هنر کپي، بي هنر جي جند کپي.
    جو ڪم هنر وارو ماڻهو پنهنجي هنر سان ڪندو، تنهن ڪم ڪرڻ ۾ بي هنر پنهنجو مٿو وڃائي، ته به نه ڪندو؛ جهڙيءَ ريت هڪڙو تارو ماڻهو سيڻھ تي چڙهي درياءُ تري وڃي، جو اڻ تارو اُن وانگي سيڻھ ڦوڪي چڙهي درياءَ ۾ گهڙي، پر جي سيڻھ اُٿلي پوي، ته پار پهچڻ جي هٿڻ ٻڏي مري، مطلب جو اڻ ڄاتي ڪم ۾ هٿ وجهڻ، مورڳو جيءَ جو جوکو آهي.

    ۵۴۹ - هڙ ۾ تماڪ ته جهنگ مڙيوئي دائريو.
    تماڪ پيئڻ وارا ماڻهو چلم ڇڪڻ لاءِ هروڀرو واٽ کان لڙي به دائرين ۾ وڃن، ڇا کان جو دائري ۾ تماڪ، چلم، ٽانڊو هڪيو رهندو آهي. پر جنهن کي تماڪ هڙ ۾ هوندو، تنهن کي دائرئي ڌاران به جاتي ڪاٿي چلم پيئڻ جو اٽڪاءُ نه ٿيندو. تنهن وانگي جنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو ناڻو ڳنڍ ۾ آهي، تنهن کي سڃ ۾ به وسنئو آهي. جهڙو فارسي بيت آهي:
    منعم به کوه و دشت بيابان غريب نيست،
    هرجا که رفت خيمه زد و بارگاهه ساخت. ڌن وارو، ڏونگر ۽ پٽ رڻ ۾ مسافر نه آهي؛
    جاتي وڃي، تنبو هڻي درٻار ڪري.

    ۵۵۰ - هڙ سکڻي، لوڏ گهڻي.
    هي پهاڪو پڻ اهڙو آهي، جهڙو نمبر ۲۹۸ وارو پهاڪو، جو هڙ سکڻيءَ وارو يعني ولهو ماڻهو هيڪاري ٽنڊ گهڻي ڪري.

    ۵۵۱ - هٿ جي ڪنگڻ لاءِ ڪهڙي آرسي.
    ڪَن يا ڳچيءَ جي ڳهه ڏسڻ لاءِ آرسي ڏسڻ جي گهرج ٿئي؛ پر هٿ جي ڪنگڻ ڏسڻ لاءِ آرسي ڪو نه ڏسي. تنهن وانگي جا شيءِ يا جو ڪم اڳيان هڪيو هئي، تنهن لاءِ ٻئي کان ڇو پڇجي؟ تنهن لاءِ هي مثل ياد آيو اٿم؛
    هڪڙي ماڻهوءَ، حجام کان مٿو ٿي ڪوڙايو؛ تنهن کان پڇيائين جو مٿي جا وار ڪارا آهن، يا اڇا؟ تنهن چيس، چي اڇا جي ڪارا، ته اڳيان ٿا پوني، ڏسي وٺ، پڇڻ جو ڪهڙو کپ؟

    ۵۵۲ - هو ساڻ نه نيندا، هيءَ ڏاند چڙهندي.
    پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي؛ جو هُنن کي هِن جو ساڻ هلڻ به نه وڻي، هيءَ لاڏ ڪري، جو پنڌ ڪين ڪنديس، ڏاند تي چاڙهي هلوم. مطلب ڪنهن سان اڻ وڻندڙ انگل ڪرڻ پنهنجو مان وڃائڻ آهي. تنهن تي هڪڙو مثل ياد آيو آهي:
    هڪڙي هنڌ ٽن چئن ڄڻن گڏجي ويٺي کاڄ کاڌو؛ اوچتو هڪڙو ڌاريو ماڻهو لنگهي آيو، جنهن جو اچڻ نه وڻين. پر ملڪ جي ريت پٽاندر لنڊي صلاح ڪيائونس، “چي ادا، اچي کاءُ.” هن به هم تم ڪا نه ڪئي؛ ۽ هٿ ڌوئي وهڻ لڳو، پر جاءِ سوڙهي هئي، تنهنڪري پڇيائين جو ڪٿي وهان؟ تنهن کي چيائون جو چڙهي ويهه اسان جي ڄڀ تي، جا چوڻ کان نٿي رهي. ۽ نمبر ۲۶۲ واري پهاڪي ۾ پڻ اها ئي مراد آهي.

    ۵۵۳ - هو سَوڙَ پاند به نه ڏين، هيءَ وچ سمهندي.
    هن پهاڪي جو مطلب پڻ نمبر ۲۵۶۲ ۽ نمبر ۵۵۲ وارن پهاڪن جهڙو آهي، جو هو هن کي گڏ به نٿا سمهارين، هيءَ ڀانئين ته وچ ۾ سمهان؛ يعني هيءَ به اڻ وڻندو لاڏ ڪري. اهڙي لاڏ ڪرڻ واري کي فارسيءَ وارو سمجهائي ٿو:
    ناز بران کن که خريدار تست،
    پپش کسي رَو که طلبگار تست. لاڏ اُن سان ڪر جو سهيئي؛
    وڃ تنهن وٽ جو ڪوٺيئي.

    ۵۵۴ - هنڱ سهانگي ته به ڪا ٻاٽ ۾ گهوربي.
    هنڱ، هڪڙي باس واري مهانگي شيءِ آهي، جا گهڻو تڻو خراسان کان اچي، جنهن کي هندو ماڻهو، تن ۾ به گهڻو ڪري وشنو، اُچن اَچن تيوڻن ۽ ترڪارن ڀاڄن ۾ باس لاءِ وجهندا آهن. ٻاٽ يعني اَن ڏريل جنهن جي رٻ رنڌجي، گهورڻ يعني ٻُرڪڻ؛ پهاڪي جي معنيءَ هيءَ آهي جو هنڱ توڙي سستي هئي ته به رٻ جهڙي سادي کاڄ ۾ ڪو نه ٻرڪبي. تنهن وانگي جا وٿ اُچي ۽ گهڻي ملهه واري هئي، ۽ سستي ملي وڃي، ته به سادي ڪم ۾ نه آڻجي. جهڙو گيهه گهڻو سهانگو هئي، ته به سڀڪو ٻوڙ پلاوَ ۽ ٻين کاڄن ۾ وجهي، يا ڪنهن کي مکي؛ پر جُتي ساڻس ڪو نه مکي.

    ۵۵۵ - هارئي کان پيتو ڀلو آهي.
    هي پهاڪو اصل کان هن طرح آيو آهي، جو هڪڙو ماڻهو شربت جي بتي کڻي ٿي ويو، اوچتو ڌڪو کاڌائين، جنهن ڪري بتيءَ کي چير پيو، ۽ شربت وهڻ لڳو. هيڏي هوڏي نهاريائين، ته ٻيو باسڻ ڪو نه ڏٺائين، جنهن ۾ شربت لاهي. تڏهن ويچار ڪيائين، جو گهر ويندي تائين سڀ وهي ويندو، تڏهن ماٺڙي ڪري پي هي پهاڪو چيائين؛ پر مطلب ڇا هي، جو ماڻهو ناڻو گڏ ڪري مري اجايو ڇڏي، سو کائي يا ڌڻيءَ جي نالي ڏيئي سجايو ڇو نه ڪري، ته ارمان دل ۾ نه رهيس. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    دو کس مردند و حسرت بردند،
    يکي داشت نخورد دويم دانست نکرد. ٻه ڄڻا مئا ۽ ارمان کاڌائون،
    هڪڙي رکيو نه کاڌو، ٻئي ڄاتو نه ڪيو.

    ۵۵۶ - هڻ ڌڻيءَ کي، ته سکي نُهَن.
    نُهَن يعني پٽ جي جوءِ، پرائي ڌيءَ آهي، تنهن جو سڀڪو ليئو رکي، ۽ ڌيءَ جا پنهنجي ڄائي آهي، تنهن کي چڱائيءَ لاءِ دڙڪو کڙڪو ڪرڻ ۾ ويڪ نه آهي. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي جو جيڪڏهن ڌيءَ ۽ نُهَن ٻنهي ۾ ڏِنگ هئي ته ان مان ڌيءَ کي دڙڪو ڏجي، ته نُهَن پاڻا ڄاڻي سمجهندي. پر مطلب هي آهي، ته جو ڪم رڳيءَ ميڇ سان ڇٽي، تنهن لاءِ ڄڀ به نه هلاءِ، ۽ جو ڄڀ جي ڳالهوَ سان نبري، تنهن لاءِ هٿ به نه چور.

    ۵۵۷ - هنجهه نه ميرو وت، جاسين جيئين ڏينهڙا، جيءُ نه جنجل گهت، سِر تا سَرَ ڪيترا.
    هنجهه هڪڙو پاڻيءَ جو پکي آهي، جو تلاون ۾ رهي، تنهن کي مهاڏو ڪري هي پهاڪو چوي ٿو، ته جيڪڏهن سَرُ يعني تلاءُ سڪي ويو ته دل ۾ ڏک نه ڪر، ڇا کان جو سِرُ آهي، ته تلاءَ گهڻا. پر مطلب هي آهي؛ جو ڪرت مان اُپت ٿوري ڏسي ڳڻتي نه کاءُ، ڌڻيءَ جو آسرو رک. جو سڀ کي قُوت ٿو پهچائي. ان تي مولوي صاحب چيو آهي:
    هان توکل کن، مرنجان پا و دست،
    رزق تو بر تو ز تو عاشق تر است. اڙي ڌڻيءَ تي ڀاڙ، هٿ پير نه ڏکوءِ،
    تنهنجو رزق توکان واڌو تنهنجو ڳولو آهي.

    ۵۵۸ - هَٺَ سهائيندو کائجي، لوڪ سهائيندو پهرجي.
    هٺُ يعني طبع، يعني کائجي اهڙو ۽ اوترو، جو طبع کي وڻي ۽ سيبائي، ڇا کان جو واڌو کائڻ مان هڪڙو طبع کي وڻاءُ، ٻي ماڻهن جي گلا. جهڙي فارسي سٽ آهي:
    که بسيار خَوار است بسيار خُوار. جو گهڻي کائڻ وارو گهڻو گلارو آهي.
    ۽ پهرجي اهڙو، جو گهڻن کي وڻي، سو ڪو ته، جو ماڻهو پنهنجي هوند کان واڌو ڪپڙا ڪري ٽنڊ ڪندو، سو به ماڻهن ۾ گلاهاب ٿيندو، ۽ گلا ناسور جي ڦٽ گهاءِ ڇٽڻ جي نه آهي. فارسيءَ واري چيو آهي:
    به عذر توبه توان رُستن از عذاب خدا،
    وليکه مي نتوان از زبان مردم رُست. توبہ ڪرڻ سان ڌڻيءَ جي ڏکن کان ڇٽي سگهبو؛
    پر ماڻهن جي وات کان ڇٽي نه سگهبو.

    ۵۵۹ - هيڻي کي نه هڻي، سو هٿن ۾ لهي.
    هٿن ۾ لهي، هي رواجي مَنهُن پاراتي وانگي آهي، جهڙو ڪو چوي، ته هي ڪم نه ڪري، سو اکين ۾ لهي، يعني انڌو ٿئي، پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو هيڻي کي سڀڪو ماري، ڏاڍي کان سڀڪو ڊڄي، ۽ سنديس وٽپ ڪري. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:
    سڀي سهائڪ سَٻَل ڪوءِ نه نَٻَل سهاءِ،
    پون جڳاوت آگ ڪون، ديپنہ ديت ٻجهاءِ. سڀ ڏاڍي جا همراهه، هيڻي جو ساٿي ڪو به نه،
    واءَ باهه کي ٻارين، ڏيئي کي وسائين.

    ۵۶۰ - هاٿيءَ جا ڏند کائڻ جا هڪڙا، ڏيکارڻ جا ٻيا.
    جي ماڻهو اندر ۾ پاپن ۾ ڀريل، ۽ ٻاهران درويش جو ويس ڏيکارين، هي پهاڪي وارو اُنهن جا اهڃاڻ ڏئي ٿو.

    ۵۶۱ - هڻن ڪين حمير، کائن پاٽ پلاءَ جي.
    حمير يعني سورهيه، جي مانجهي کائڻ وير پلاءُ کائن، ۽ ويڙهه مهل پٺ تي ڀڄن. هي پهاڪي وارو اُنهن جي ڳالهه ٿو ڪري. پر مطلب هي اٿس، ته هي ماڻهو ڌڻيءَ جو ڏنو کائي پي سندس ڀڄن مهل آرس ڪري، نٿو ڄاڻي ته هن دنيا ۾ ڇا لاءِ آيو آهيان؟ مولوي صاحب جي هن بيت کي نٿو سمجهي:
    زندگي آمد برائي بندگي،
    زندگي بي بندگي شرمندگي، جيوت ڀڄن لاءِ ملي آهي،
    جيوت ري ڀڄن لڄ آهي.
    ۽ مورک ڄاڻي ٿو، جو جيوت رڳي کائڻ ڪاڻ آهي. تنهن کي فارسي بيت ڇينڀ ڪري سمجهائي ٿو.
    نان از براءِ زيستن و ذکر کردن است،
    تو معتقد که زيستن از بهر خوردن است. ماني جئڻ ۽ ڀڄن ڪرڻ لاءِ آهي،
    تو وسهيو ته جئڻ کائڻ لاءِ آهي.

    ۵۶۲ - هنڌ ڏسي هاسي ڪجي.
    هاسي يعني کل، پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، جو مهل ڌاران گهٻو نه ڪجي؛ پر مطلب هي آهي، جو جيڪي ڳالهائڻو هئي، سو هنڌ ڏسي مهل سر ڳالهائجي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
    هران عاقل که با مجنون نشيند،
    نبياد کردنش جز ذڪر ليلي. جو سياڻو مجنونءَ گڏ وهي،
    ليليءَ جي ڳالهه ڌاران ٻيو نه ڳالهائي.

    ۵۶۳ - هڪڙو هٿ کير ۾، ٻيو هٿ نير ۾.
    نير يعني پاڻي؛ پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو دنيا ۾ سک توڙي ڏک، هڪ ٻئي پٺيان لڳا ئي بيٺا آهن. جهڙي ريت ڏينهن پٺيان رات، يا گل سان ڪنڊو، ۽ ماکيءَ سان ڏنگ.

    ۵۶۴ - هرڻي اڳي نچڻي، ويتر پيس گهنڊڻي.
    هرڻي هڪڙو جهنگلي ٽاهَڙُ مرون آهي، تنهن کي گهنڊڻي ڳچيءَ ۾ ٻڌبي، ته هٿاهين واڌو ٽهندي ۽ نچندي. تنهن وانگي لچو ماڻهو اڳي ٽاٽر، تنهن کي ناڻو هٿ لڳو يا وَٽپ ملي، ته اڳي کان گهڻي ٽانءِ ڪندو. تنهنڪري اهڙو وَلهَو چڱو آهي. اهڙي لاءِ فارسي مثل آهي:
    چه نيکو زده است اين مثل پير ده!
    سِيتُور لکد زن گران بار بہ. ڳوٺاڻي ڪهڙو چڱو مثل ڏنو آهي!
    لَتَر وهٽ تي ڳرو بار چڱو.

    ۵۶۵ - هٿن سان هاجون ڪري، پيرن سان کڏون کڻي.
    جي ماڻهو منهن تي دوستي ڏيکاري ٻئي جي گلا ڪري، اڳلي جو وچ ڪڍائي، پر پٺ اُهي ڳالهيون ٻڌائي ٻئي هنڌ جهيڙو جاڳائن، تن لاءِ هي پهاڪو آيو آهي. فارسيءَ واري اهڙي ماڻهوءَ لاءِ هي پهاڪو چيو آهي:
    در برابر چوگو سفند سليم؛
    در قفا همچو گرگ مردم در. مُنهن تي گهٽي وانگي ڪونئرا،
    پر پٺ بگهڙ گهاءِ ماڻهو ڦڙيندڙ.
    پر اهڙن جرمن کان، يا اهڙن جي سنگت کان سياڻي کي پاسو ڪرڻ کپي.

    ۵۶۶ - هيانو تتي کان کُڙي تتي چڱي.
    گهڻي يا ٿوري پنڌ تي وڃي ڪو ڪم ڪرڻو هئي، جي مهل سر کڙي تپائي يعني پنڌ ڪري ڇٽائي اچجي ته چڱو، ۽ جي ويرم ٿي وڃي، اوتري ۾ ڪم رلي رنڊجي پوي، ته هيانءُ تپندو، يعني پڇتائبو. تنهن وانگي جي هلنديءَ چلنديءَ ۾ ڏاکڙو ڪري ڌڻيءَ کي ياد ڪبو ته چڱو؛ نه ته وڏتڻ ۾ چلڻ چڪي رهندا، تڏهن پڇتائڻو پوندو. تنهن تي هنديءَ واري چيو آهي:
    رام نام ڀنڊار هي لوٽ سگهين تان لوٽ،
    نت پيڇي پڇتائيگا پران جائيگا ڇوٽ. ڌڻيءَ جو نالو خزانو آهي، ڦرڻو اٿئي ته ڦر؛
    نات پوءِ پڇتائيندي، ساهه نڪري ويندءِ.

    ۵۶۷ - هڪ سج، ٻه پاڇا.
    هي پهاڪو دنيا جي ڪلالائي ڏيکاري ٿو، جو جهڙو سج جو پاڇو ڪڏهن وڻ جي هڪڙي پاسي، ڪڏهن ٻئي پاسي؛ تنهن وانگي دنيا به ڪڏهن ڪنهن وٽ، ڪڏهن ڪنهن وٽ. تنهنڪري درويش ساڻس وهنوار ۽ پيار نه رکن. فارسيءَ واري چيو آهي:
    بر مرد هشيار دنيا خس است،
    که هر مدتي جاءِ ديگر کس است. سياڻي مڙس اڳيان دنيا ڪک آهي،
    جا سڀڪنهن مهل ٻئي ٻئي وٽ آهي.
    تنهنڪري دولت جڏهن گڏ ٿئي، تڏهن سياڻي ماڻهوءَ کي اُن جي هوند تي هٺ ڪرڻ نه جڳائي.

    ۵۶۸ - هسڻو جوڳي، پڏڻي نار، گد ڪهي هي ٻيئي مار.
    هسڻو يعني کلڻ وارو، يعني چرچائي، پڏڻي يعني ٻٽاڪڻ، يا کلندڙ يا اجايو هلندڙ، يا گهڻ ڳالهائي، نار يعني زال، گد هڪڙي شاعر جو نالو. مطلب پهاڪي جو هي آهي، ته جوڳي يعني ڌڻيءَ جي ڳولي کي دنيا جي رونشن ڏسڻ ۽ کلڻ ڪڏڻ سان ڪهڙو ڪم؟ تنهن وانگي اشراف زال کي پڻ اجائيءَ هلت ۽ کلڻ کان منع آهي. تنهن لاءِ فارسي بيت آيو آهي:
    چو در روءِ بيگانه خنديد زن،
    دگر مرد گو لاف مردي مزن. جڏهن ڌارئين جي اڳيان زال کليو،
    تڏهن مڙسهنس کي مڙسيءَ جي ٻٽاڪ هڻڻ نه کپي.


    ي

    ۵۶۹ - يار به تيلي، سينڌ به ميلي.
    تيلي يعني چاڪي، ميلي يعني اڻڀي، مطلب، جو جنهن عورت جو يار چاڪي هوندو، تنهن کي سينڌ مکڻ لاءِ تيل به ڪو ٿورو، پر جڏهن تيل نه مليس، تڏهن چاڪيءَ جي مهابائي چئبي؟ تڏهن ويچار ڪرڻ گهرجي ته جو ماڻهو پنهنجي سڄڻ يا مائٽ جو مهابو نه رکندو. تنهن ۾ ڌارئين جي ڪهڙي اميد رهندي.

    ۵۷۰ - ياد جنين کي يار، سي ياد هميشہ يار کي.
    جي ماڻهو يار کي ياد ڪندا، يار به انهن کي ياد ڪندو، يعني جي ڌڻيءَ کي ياد ڪندا رهندا، ڌڻي پڻ مهرباني ڪري انهن کي نه وساريندو. تنهن تي هنديءَ واري چيو آهي:
    جل ۾ بسي ڪمودني چندا بسي آڪاس،
    جو جاهوڪي من وسي سو ٿاهوڪي پاس. ڪُوڻي رهي پاڻيءَ ۾، چنڊ رهي اُڀ ۾،
    جو جنهن جي دل ۾ رهي، سو ڄاڻ ان وٽ آهي.
    تڏهن اهڙي ڌڻيءَ کي جو پنهنجي ياد ڪندڙ ٻانهن کي نه وساري، تنهن کي سدائين ياد ڪندو رهجي!
    اڙي ڪيولرام! تون پڻ اهڙي ڌڻيءَ کي ياد ڪري ڪتاب پورو ڪر!


    ڪتاب جي پڄاڻي

    هن ڪتاب جوڙڻ تي جيتوڙي ته ڳچ ڏهاڙا لائي گهڻو پورهيو ڪري پورو ڪيو اٿم، تڏهن پڻ اهڙو چڱو نٿو چوانس، جنهن کي ڏسي پڙهڻ وارا ساراهن. مگر پلاوَ جا کايار ڪنهن ڪنهن مهل جوار جي روٽي پڻ دل ڪري کائيندا آهن. هي ڪتاب پڻ هڪڙي نئين ڊول جو ٿيو آهي، تنهنڪري ڀانيان ٿو جو پڙهڻ وارا هن کي پڙهي، جوار جي مانيءَ وانگي سواد وٺندا.
    ڪتاب پورو ڪري سندس نالي رکڻ لاءِ هڪڙي جوتشيءَ کان پڇيم، جنهن جو نالو عقل، تنهن فرمايو ته جڏهن پنج سؤ ۽ ستر پهاڪا منجهس آيا آهن، تڏهن اَبجد جي ليکي پٽاندر (گل شڪر) نالو رکڻ گهرجي، جو گل شڪر هڪڙي جڙيل دوا آهي، جنهن کي (گلقند) پڻ چون. تنهن ۾ ٻه شيون هڪڙا گل، ٻي مصري پون؛ تنهن وانگي هن ۾ پڻ هڪڙا پهاڪا ۽ ٻيو ارٿ گڏيو آهي، اها ڳالهه وڻيم. ڀانيان ٿو ته پڙهڻ وارن کي پڻ اهو نالو وڻندو.
    پورو ٿيو ڪتاب گل شڪر، جوڙيل ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي مگهو جو، تاريخ ۲۷ مهيني آڪٽوبر ۱۸۶۹ع جي ٻڌر ڏهاڙي، حيدرآباد سنڌ ۾.

    گل شڪر گ ل ش ڪ ر ڪل تعداد
    ابجد ۲۰ ۳۰ ۳۰۰ ۲۰ ۲۰۰ ۵۷۰


    ڏسڻي

    1. اُڻندو اُها، جا ڪوريءَ جي من ۾ هوندي.
    2. اَبَ جو ڏنو ڪهڙي ڪم، جاسين رَبُ نه ڏيئي.
    3. اندر اڇو نه ڪري، ڌُئي ٿو ڌاڳا.
    4. اندر ٻِڏ ٻَهُون، ٻاهر آٽڻ اَنّ جو.
    5. انڌي وڃي ملتان لڌو.
    6. اهو ڪر، جو مينهن وسندي ڪم اچيئي.
    7. اُستاد جي مار سنوار آهي.
    8. اَنَ پَلي ذات ڀَلي.
    9. اَڻُ گهُريو ماءُ به پٽ کي ببو نه ڏئي.
    10. اڄاڻ کي مِصِري تهڙي ڦٽڪي.
    11. اڻ سرنديءَ سڀڪو ٽري، کرو ڪو سرنديءَ ٽَري.
    12. اَهاري، وهنواري، ٽيون گهوٽ مُهاري، لڄا ڪري ته هاري
    13. آهِر کٽي اوبِڻي، رن وڃائي رَنبو.
    14. انڌي اڳيان آهِري، ڪَرَ تئو ٽنگيو آهه.
    15. اَنڌ ڌُنڌُ نگري، چَرٻَٽُ راجا؛ ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا
    16. اوهو سون به گهوريو، جو ڪن ڇني.
    17. اَڪن کان آما گُهري، ٻَٻُرن کان ٻير.
    18. اٽي ۾ لوڻ.
    19. اَهر جي وڏائي، ڪُني پاٽ اُتي آئي.
    20. آمون، ڏهه گامون.
    21. انڌو کڏ تي چڙهي هنگي، چي؛ مون کي ڪو نه ٿو ڏسي.
    22. اُٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت لاهيءَ کي به لعنت.
    23. انڌن جو وهانءُ، منڊا نچن، ٽنڊا پاين ڦيريون.
    24. اُڻائي به ويئي تڻائي به ويئي، وري ڪپهه جي ڪپهه.
    25. اُٺ جي وات ۾ زيرو.
    26. اُٺ پٺيان گهنڊڻي.
    27. انڌن آندو ٻلن چٽيو.
    28. انڌي جي جوءِ جو واهي الله.
    29. اُڀرندي تاءُ جنهن نه ڪيو، سو الهندي ڇا ڪندو؟
    30. اڌ ڇڏي سڄيءَ پٺيان ڊوڙي، تنهن جو اڌ به وڃي.
    31. اڱر ڄاڻن لهرُ ڄاڻي.
    32. انڌا رکن روزا، تڏهن ڏينهن به ٿين وڏا.
    33. اُها زبان اُس ۾ وهاري، اُها زبان ڇانوَ ۾ وهاري.
    34. اڳي به اَنُ هو، پوءِ به ٿيو اَن. ڪانو ۽ پن، ويو وچون ئي نڪري.
    35. اڌارو ڏجي تنهن کي، جنهن کان گُهرجي نه، اڌارو وٺجي تنهن کان، جو گُهري نه.
    36. اَن جو واپار هس مان ڇلو، ڇلي مان هس ڪري.
    37. آرهڙ جي تتي ڏينهن، سانوڻ جي وسندي مينهن، سياري جي آڌي رات، شال نه ٿئي هنگڻ تات.
    38. اُٺ پوڙهو ٿيو، ته به مُٽڻ نه سکيو.
    39. اُڀ ۾ ٿڪ اڇلائيندو، تنهن کي منهن ۾ پوندي.
    40. اڻ پڙهيا پڙهين اڳيان ڀريون ڍوئيندا.
    41. اياڻو چوي سياڻو ويڃائي.
    42. اُٺان مينهان دا ڪيها ميلا، او چرن پٽ، ته او چرن ٻيلا.
    43. اُٺ جي وات ۾ لوڻ وجهه ته به رڙي، کنڊ وجهه ته به رڙي.
    44. اگهه کٽيو کائجي، وٽ کٽيو نه کائجي.
    45. انبان ٻور، ڪَلالان لاها.
    46. اڳياڙي تڏهين سُرهي، جڏهن پڇاڙي سُرهي.
    47. انڌ وَٺُ، منڊِ، وَٽُ، پر ننڍ وَٺُ.
    48. اُکرن ۾ مٿا وجهن، سي مُهرن کان نه ڊڄن.
    49. اُٺ پنهنجي مٽ ۾ ترڪي.
    50. اٺ جي چوري پکي ۾ ڇا لڪندي؟
    51. آئي ٽانڊي کي بورچاڻي ٿي ويٺي.
    52. اُٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو.
    53. اڳين پاڻي، پوين چِڪَ.
    54. انڌو هاٿي لشڪر جو زيانُ.
    55. اَهُر جي آسري جهنگ نه چنائون.
    56. اُڀ ڦاٽي کي به ڪڏهن اڳڙي پوي.
    57. انبن جون سڪون به ڪي انبڙين مان لهن.
    58. اُٺ چڙهئي به ڪڏهن نانگ کائي.
    59. آپ سکي ته جڳ سکي.
    60. اگهه ۽ ڳڀ جي سڌ الله کي.
    61. انڌو ۽ اڻ سونهون هڪجهڙا.
    62. اُٺ ٻڍو ته به ٻه ڪنواٺ لهي.
    63. اڃان مينهون جهنگ ۾ ڌوئي ڌريائون رڇ.
    64. بادشاهين پوندي معاملي ڄٽي ڪير ويچاري؟
    65. بکئي کي بصر سان روٽي رکيائي، سيري کان سواد ۾ ڏيڍي سوائي.
    66. بندي جي من ۾ هڪڙي، صاحب جي من ۾ ٻي.
    67. بي عقل جي بلا دور.
    68. بي عقل دوست کان داناءُ دشمن چڱو.
    69. باسڻ هڪڙو کڻي، ٺڪر گهڻن کي ڏئي.
    70. بک وچان اُگهڙ ياد نه آهي.
    71. بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري.
    72. بڇڙو ڪتو ڌڻي پڻائي.
    73. ٻلي کائيندي ڪين ساري، هنگندي ساري.
    74. ٻارهن ٻوڙي ٻانڀڻي، چوڏهن ٻوڙي چمار، جي تون اهڙو ڪامي، ته به گهر ڌوٻي جو ٽار.
    75. ٻه ڀائر ٽيون ليکو.
    76. ٻاهران چکي مکي، اندران بڙ بڙ دکي.
    77. ٻليءَ شير پڙهايا، ڦير ٻلي ڪون کاوڻ آيا.
    78. ٻه گدرا هڪڙيءَ مٺ ۾ نه ماپن.
    79. ٻن ٻيڙين تي پير رکي، تنهن جون ڄنگهون ڦاٽن.
    80. ٻڪريءَ کي ساس جي، ڪاسائيءَ کي ماس جي.
    81. ٻڪري جنهن وڻ سان ٻَجهي، سو وڻ چَري.
    82. ٻليءَ کي خواب ۾ به ڇِڇِڙ.
    83. ٻاٻُل آچاري، پر ڪو مڃي.
    84. ڀڳو گهڙو ڍَون ڍَون ڪري.
    85. ڀڳيءَ سان ئي ڀير، جاسين رتو راس ٿئي.
    86. ڀنگڙي سلطان، هيري موتيان دي کاڻ، نه جيوڻ ڪا آسرا، نه مرڻ دي ڪاڻ.
    87. ڀنگان چيز ٻڏن، لنڊي رووي ڪڻڪ ڪُون.
    88. ڀنگ جهنگ ۾ پاڻي، ملڪ ۾ آباداني.
    89. ڀاڙي ۽ مسواڙ جو ڪئت ڪو نه آهي.
    90. ڀينر ڀنڀوران جي ڀڳيون سي ڇٽيون.
    91. ڀنگي ڀائر ٻه صوفي ست هزار، ماري مُتهرن سان ڌڙ ڪيائون ڌار، پيئي لوڪ پچار ته هي پِڙُ ڀنگين کٽيو.
    92. ڀنگي دي جوءِ سهاڳڻ، آفيمي دي جوءِ رووي، ڪئفي دي جوءِ اِينوين آکي، ماريا هت نه هووي.
    93. ڀرئي اُٺ تان وڃڻي لٿي، ته به چڱي.
    94. ڀڄ چريا مست آيئي.
    95. ڀڄندڙن جي اگ ۾ لڪندڙن جي پوءِ ۾.
    96. ڀُلي ڀاڻَ آئي، سا به نه ڀلي.
    97. ڀڳڙن کاڌي هٿ ڌوتا پيا آهن.
    98. ڀريءَ ڇنيءَ کان ڀيري ڇنو چڱو.
    99. توڙي وڃي روم، ته به هي نصيبان اڳرو، مٿان ٿوم، لکيي لوح قلم ۾.
    100. تڪڙي ڪتي انڌا گُلِر ڄڻي.
    101. تڪڙو ماڻهو ٻه ڀيرا هنگي.
    102. تڪيا سڀ تڪيام، تو ري تڪيو نانھ ڪو.
    103. تنهن جي مرڻ جو ارمان کائجي، جنهن جي جيئڻ مان فائدو هئي.
    104. تاڙي هڪ هٿي نه وڄي، ٻه هٿي وڄي.
    105. تماڪُو تاڻي جنين وڌو جان ۾، انهن کي آڻي حُورون ڏيندا هنجن ۾.
    106. تيل ساهنگو هو، ته جيڪر گدڙن پڇ مکيا.
    107. تَوَڻِ جو تڪرار سان، سڏ جنهن کي هوءِ. منجي اُتي جوءِ، وڃي تنهن کي وسري.
    108. تڪڙ ۽ طمع ڇا ڏجي؟
    109. تِرَ جي گُٿي سوَ چوٽون کائي.
    110. ٿوري کٽئي گهڻي برڪت.
    111. ٿوري گرهين گهڻو کائجي.
    112. ٿڌو گهڙو پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکائي.
    113. ٿورو ڏسي ارهو نه ٿجي، گهڻو ڏسي سرهو نه ٿجي.
    114. ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اِشارو.
    115. ٺلهو چڙو وڄي گهڻو.
    116. نِڙِ ڪَجي ٺڪائو ڪجي، اڳلو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄجي.
    117. ٺونٺ لڳي ساهيڙي ڀڳي.
    118. پرائيءَ ڌيءَ تان کارڪ به چڱي.
    119. پڇندڙ نه منجهندڙ.
    120. پنهنجي ڪئي جو نڪو ويڄ، نڪو طبيب.
    121. پاڻي ۽ باهه ٿورا نه ڄاڻجن.
    122. پاڻيءَ کان اڳي ڪپڙا نه لاهجن.
    123. پيادي مان هسوار، هسوارن مان پيادا.
    124. پنهنجي ڌنئري کي کٽو ڪو نه چوي.
    125. پرڻ چوي ڏونگهي کي وڃ ٽِه ٽُنگا.
    126. پنڻ وچان پڙهڻ ياد نه آهي.
    127. پيٽ ڀريو ته منهن ڪاري سهي.
    128. پُٽ ڪُپُٽ پينگهي ۾ پڌرو.
    129. پاڻُ نه پلي سسئي، لوڪان متيون ڏئي.
    130. پاڻي پي نه ذات پڇجي.
    131. پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو ٿو هڻي.
    132. پلاءُ رحمت الله عليھ جي، هڪيو حاضر هوءِ. ريڙهي هڻجي پيٽ ۾، مر پيٽ ڦاٽي پوءِ.
    133. پرائي دهلين احمق نچي.
    134. پرائي پٽ کي چمئي، گِگ ڀرجي وات.
    135. پلا ڇڏي پاٻي ڪو کُٽل کڳا کائي.
    136. پاڻ نه پاري ڪتا ڌاري.
    137. پَت نَهَن تي پاڻي آهي.
    138. پاهڻ ڪنئرا هئا ته هوند گدڙن کائي ڇڏيا.
    139. پيٽُ ڀَرِ، پٺي لَڏِ.
    140. پير کان به ويساه ڀلو آهي.
    141. پٽيندي ئي پيٽ کي ويو ڄمارو ڄٽ، هو جو مٿي کٽ سو پڻ پٽي پيٽ کي.
    142. پٽ پراڻو ته به ڪو جنڊ جو نائو.
    143. پنهنجي ٿوري، گڏهه کي به پيرين پئجي.
    144. پرائي ماڙي ڏسي پنهنجو ڀُنگو نه ڊاهجي.
    145. پريو مڙس پَي نه ڪجي، وڃائجي نه وهي.
    146. پنهنجي گهر ۾ ٻلي به شينهن، پنهنجي ڏر تي گدڙ به شينهن.
    147. پاپ جي مايا پراڇت ۾ وڃي.
    148. پلو سيري کان به ڀلو، سيري ۾ نه ساءُ، پلو گوڏا کوڙي کاءُ.
    149. پائجي ته وڏي ڍيران پائجي.
    150. پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڙي لک لُٽائي.
    151. پرائي آس ڪني جي لاس.
    152. پَهَيرُ چور ٿئي، ته واهي ڪيترو وهي.
    153. پڙهڻ، ترڻ، تير هڻڻ، چوٿين سواري، ننڍي هوندي نه سکيو، وڏي خواري.
    154. پراڻي ڳوٿري، بربلا ٽڪا،
    155. پُٽُ تي گذار ته سگهوئي پيءُ ٿيندين.
    156. پيٽ ٻه ٻانهون چنتا ناهين.
    157. پنئين مڱئين گهر هلي ته کھ اُڌاري واٽ.
    158. پڙهي پاڻ نه ڄاڻي ماري کتابي.
    159. ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ.
    160. ڦرندي گهرندي نامردان دي، مردان دي هي هڪ.
    161. ڦِٽ بجو ڪج، پر گيھ ذرو ڏج.
    162. ڦَرَ کان اڳي ڄَرَ نه ڪڍجي.
    163. ڦورو نه ڦولهي، شال سنئين پوي صراف کي.
    164. ڦُلهِيرَ ۾ ٿو ڦوڪون ڏئي.
    165. ڦاڙهو جاتي کائي، تاتي اوجهه ڏئي.
    166. جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي.
    167. جنهن ساس ڏنو آهي سو گراس به ڏيندو.
    168. جڏهن ٻورا ٿي سبيا، تڏهن اُٺن ٿي رنو.
    169. جو واءُ جبل اڏائين، تنهن جي اڳيان ڪپھ ڇا آهي؟
    170. جيڪي هوندو ڀاڳ ۾، سو وهي پوندو پاڳ ۾.
    171. جهڙا عاشق عيد ۾، تهڙا منجهه مقام.
    172. جنهن ڪاڻ اڳي هلي بيهجي، تنهن سان گڏيو ڇو نه وڃجي.
    173. جنهن جي ويلا تنهن جي رکيا.
    174. جنهين سندي مَنَهين تنهين جو اَچار.
    175. جاڏي وڃي واگهو، تاڏي پاڻي تانگهو.
    176. جُڙيءَ کي جَسُ.
    177. جنهين جي هيڪار، ڪيائين ڪوڙي ٿي، تنهين تي ٻيهار، سچيءَ ساک نه وسهان.
    178. جيڪي لکيو منجهه ازل، تنهن کي ڪير وجهي جهل.
    179. جنهن جي واٽ نه وڃجي، تنهن جو پنڌ به نه پڇجي.
    180. جاسين ڍائو مٿو کنهي، تاسين بکئي جو مٿو وڃي.
    181. جاسين للو لٺ کڻي، تاسين ڪره وساڻي.
    182. جن جي پليءَ ۾ داڻا، سي چريائي سياڻا.
    183. جوا جي هارڻ واري جو اڌ منهن ڪارو، ۽ کٽڻ واري جو سڄو منهن ڪارو.
    184. جيڏي رات، تيڏو سپنو.
    185. جاڏي پوي جهار، تاڏي ڳوڙهو نه هڻي.
    186. جنهن کي ساهه کنئين ڪل ڪا نه پوي، تنهن کي سور ڪيهو سلجي؟ جو سنڌي سمجهي ڪين ڪي، تنهن سان هندي ڇو هلجي؟
    187. جنهن جو ڪم اُهو ڪري، ٻيو ڪري ته گهاٽو ڀري.
    188. جر نئيس، پر جيڏي نه نئيس.
    189. جي پوندا سوڙهين، تن لڳندا سيلهه.
    190. جاتي وڻ ناهي، تاتي ڪانڊيرو به درخت.
    191. جَو ڍيري، گڏهه رکوال.
    192. جيڪي ڏسي ڄار، سو جي ڏسي ميو ته ڦاٽي مري.
    193. جاتي پاڻي، تاتي پاڻ.
    194. جيڪا ڌاريان ٻڪري، تنهن لمندا ڪن.
    195. جواريءَ ميٺي هار.
    196. جاتي کير تاتي کنڊ، جاتي جهڻ تاتي لوڻ.
    197. جڏهن ڏند هئا تڏهن حلوو نه هو. جڏهن حلوو آهي، تڏهن ڏند نه آهن.
    198. جي جبل سان مٿو هنئين نيٺ مٿو ڀڄي.
    199. جڳ مڙيوئي جوابازي، ڪن کٽي، ڪن هاري.
    200. جي وسي چيٽ، ته ان نه ماپي کيٽ.
    201. جنڊ به وار، بٺ به وار.
    202. جيئرو ته ڪک جو، مئو ته لک جو.
    203. جي نه وڃجي پاڻ، ته نينهن نياپي نه ٿئي.
    204. جي هيئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو، جي نه هيئي ناڻو ته وت ويڳاڻو.
    205. جي جڏهن ڀڳا، سي تڏهن ڇٽا.
    206. جھڙي ڀت، تهڙو چِٽُ.
    207. جھڙي نيت، تهڙي مراد.
    208. جيڪي کوهه ۾ هوندو، سو اَهَه ۾ پوندو.
    209. جيڪي ڪُنيءَ ۾ هوندو، سو پاٽ ۾ پوندو.
    210. جھڙا روح تهڙا ختما.
    211. جهڙا ڪانوَ تهڙا ٻچا.
    212. جيڏا اُٺ، تيڏا لوڏا.
    213. جي جڏهن چڙهيا، سي تڏهن سوار.
    214. جيڏو پٽ، تيڏي بکيا.
    215. جهڙي سٺ تهڙيون ٽي ويهون.
    216. جا مڙسي مڙسن ۾،سا مارئي ۾ ناهي.
    217. جاتي پڄي نه سگهجي، تاتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.
    218. جيءُ خوش، ته جهان خوش.
    219. جا بندي کي بارُ، سا صاحب کي سُٿري.
    220. ڄڱر ۽ ڄار، اگهه مڙيئي هڪڙي.
    221. ڄٽ بکيو موري کائي، موري بک گهڻيري لائي.
    222. ڄٽ جي ڄمار اڍائي کٿا.
    223. ڄاڻي وڇونءَ جون منڊ به نه، هٿ وجهي نانگن ۾.
    224. ڄڀ جي ترڪڻ کان پير جو ترڪڻ چڱو آهي.
    225. ڄٽ جي ڄمار، ملوڪ جي رات.
    226. جهونا ڪپڙا ٻوڍا ڍور، تسڪا ناڻا لي گيا چور.
    227. چيريءَ آهر پير ڊگهيرجي.
    228. چڱو جن لکيو، مندو سي نه پسن، توڙي رڻ رهن، ته به کنڊون کائن کير سان.
    229. چاڪر، چياڪر.
    230. چرئي کان پڇيائون: ڪي چڱو آهين؟ چي ويران وير وڌ.
    231. چريا چرين گڏيا، ادا عيد مبارڪ.
    232. چرين ڪهڙا چت، مئن ڪهڙا معاملا.
    233. چريءَ جو چوڙو، ڪڏهن ٽنگ ۾، ڪڏهن ٻانهن ۾.
    234. چري ڦٺ ۾ به خوش.
    235. چوري نه موري، موري ته به گهوري.
    236. چڱو ڪر، چڱو ٿئيئي.
    237. چوڻو نه اُوڻو.
    238. چاڪريءَ چور، نيوالي حاضر.
    239. چڱا سي، جن جا پويان چڱا.
    240. چاڪيءَ ڏاند وڃايو، گهمي گهاڻي ڌاري.
    241. ڇتي ڪتي جي دوا ڀتر.
    242. ڇڏ منڊو واريءَ ۾.
    243. حمائتڻ گڏهه عراقيءَ کي لتون هڻي.
    244. خون کٿوري ڳجها نه رهن.
    245. دريا ڀر تي ڇوڪر ڪڏي، اڄ نه ٻڏي سڀان ٻڏي.
    246. دم درميان، الله مهربان.
    247. دال روٽيءَ کاڌي ڌن کٽي، ته کٽڻ ڏي.
    248. دل کوٽي ته عذر گهڻا.
    249. دائيءَ کان ڪو پيٽ ڳجهو آهي.
    250. دولت نهن کان ماس وڇوڙي.
    251. دل ڪاريءَ کان منهن ڪارو چڱو آهي.
    252. دولتمندن جا ڏاند ويامن.
    253. ڌاتوري ڌاري، جي ڪجي ڪار ڪماند جي؛ ته به اصل انهيءَ پار جو ڏينا ڏيکاري.
    254. ڌڪو کڻجي ڀاءُ لڳ، شاهدي ڏجي الله لڳ.
    255. ڌڻيءَ ري ڌڻ سڃو، ڌڻ ري سڃي واڙ.
    256. ڌن رک ڌوڙ ۾، ته چمڪاٽ ڏئي نور ۾.
    257. ڏاهو ڪانءُ کائي گونهن، ڀوري بُربلي کائي شڪر.
    258. ڏاهو ڪانءُ ٻه ڄنگهو ڦاسي.
    259. ڏُڌو کير ٿڻن ۾ نه پوي.
    260. ڏيڻ سڀ چڱو، بڇڙي هڪڙي گار؛ وٺن سڀ بڇڙو، چڱي هڪڙي دل.
    261. ڏيئي کي پٺ ۾ اوندهه.
    262. ڏيتا نهين، چي پورا تول.
    263. ڏنڀجي گڏهه، سور ٿئي ساٽيءَ کي.
    264. ڏاندان ڳاههُ مردان ڌُڪا، زالان، ساهه، پنڌ وچ سُڪا، گهوڙا ضبط ڪنان وڃ لڪا.
    265. ڏُچَرُ گهوڙو، سُچَر زال ٻئي ٻن پيا.
    266. ڏکڻ مينهن نه وسڻا وسي ته ٻوڙي، ڪانئر ڌڪ نه هڻڻان هڻي ته جهوري.
    267. ڏني جو پٽ ڇٽو.
    268. ڏُٻري ڍور کي مڇر گهڻا.
    269. ڏيڻ، ڏيهه ڇڏڻ، ڏيهي ڇڏڻ ٽيئي اهنجا.
    270. ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو.
    271. ڏٺو سڀ وسار، اڻ ڏٺي کي ياد ڪر.
    272. ڏاندَ چڙهي ٿي ڏک ڏسي.
    273. ڏُٿ نه کُٽو، ڏوٿي کُٽا.
    274. ڏِس ڪاڻيءَ کان اک ڪاڻي چڱي.
    275. ڏائڻ هلي مڙدا، ڪڍڻ، مڙدن، ڪپڙا به لاهي ورتس.
    276. ڊڄ تنهين جي ڊاءُ، جنهن جي وائيءَ ۾ ور گهڻا.
    277. ڊني واڻئي لاڀ نه مور.
    278. رڪ جا چڻا آنڊا ڦاڙن.
    279. راکي رام، ته ماري ڪير؟
    280. رڙا ڪين رجهن، توڙي ٻارڻ ٻرن ٻهِ پُڙا.
    281. رهي رهوجين، بهي باهوجين، ڪتي ڪنئريجن جي.
    282. راڻي سا، جا راءِ کي وڻي.
    283. رڍ اڳيان رباب، وڄائيندي وره ٿيا.
    284. راجا ڪري سو نياءُ، ڍارو پوي سو داءُ.
    285. رن پٽ کي لڳي ڀاڳ، ته ڏي جواري ڀت کي داڳ.
    286. رات ٿوري، ساٺ گهڻا.
    287. رن چشڪي هري، رکي آرت وار.
    288. راءِ ري گهران گيهه جهلجي پانڌ ۾.
    289. رن پٽ ريڍار، ڪان هڻي بنڊ ۾.
    290. رِڻيءَ ۽ رائر جو سڏ جنهين کي هوءِ، مَنجي اُتي جوءِ، وڃي تنهن کي وسري.
    291. روزن پٺيان عيدون، عيدن پٺيان روزا.
    292. رتُ ڏسي رُمي هڻجي.
    293. جيري لاءِ ٻڪري به ڪجهي.
    294. زالان ڌاوڻ، مردان کاوڻ.
    295. سورائتڻ سور اڻ سورائت سان اوريو، هن جو ڀنجهر نه ڀُريو، هوءَ وڃي ٿي وهلور، پرايائين پور، اڳي کان به اڳرو.
    296. سنگ تاري ڪسنگ ٻوڙي.
    297. سچ جي ٻيڙي لڏي لڏي پر ٻڏي ڪين.
    298. سکڻي ڪني گهڻو اُڀامي.
    299. سَتي ٿي سيڏائي، لَنڊي ٿي کائي:
    300. سِرُ ڏجي، پر سُر نه ڏجي.
    301. سڪن گڏ آلا ٻرن.
    302. سوٽي هئي ساڻ، ته گڏهه گوهي نه ڪري.
    303. سون پرکجي ڪسوٽيءَ، رپو پرکجي باهه، ماڻهو تڏهن پرکجي، جڏهن ڪي ڳالهاءِ.
    304. سر کان پوءِ سج اُڀري ته واهه نه ته ڇٽو.
    305. سَپهوُ نه وسهوُ، وسهوُ نه مُسهوُ.
    306. سرمو سڀڪو پائي، پر اک اک جو ڦير آهي.
    307. سنت سنت سڀڪو چوي سنت سمنڊان پار، اَنَلُ پکي ڪو هڪڙو ٻيا پکن ڪوٽ هزار.
    308. ستين لنگهڻين ڪتو به حلال آهي.
    309. سڄن پيٽان وڍيا، وڍين پيٽان سڄا.
    310. سيرو کاڌو پاتل ڦاٽي.
    311. سو چور ئي نه آهي جو پنهنجو جوڻيت نه سڃاڻي.
    312. سپتيو ماڻهو پرائي مال ۾ ڀائيوار.
    313. سچ سير، ڪاري ٻڪري، اڇو کير.
    314. سُڪ تُور کان ٻُڏ تُور چڱو.
    315. سياري جي سوَڙ سڀڪو پاڻ ڏي سيري.
    316. سڄڻ سڄي ٻانهن ڏئي ته سڄي نه ڳيهجي.
    317. سچ مرچان، ڪوڙ ڳڙ، پير پيسا، جوءِ گُر ُ.
    318. سياري ۾ سي ئي چڱا جن گهڻي باهه، اونهاري ۾ به سيئي چڱا جن گهڻي ڇاهه.
    319. سياري به سي ئي چڱا جن کي آهه، اونهاري به سي ئي چڱا جن کي ڪي آهه.
    320. سڳا سي ئي سيڻ، جنين پکا اوڏڙا.
    321. سلو سو، جو انگورين ڀلو.
    322. سوڙهي سياندري وهنوار نه ڪجي.
    323. سڙئي گهوڙي ۽ پٽيل ماڻهوءَ مان ڪين ٿئي.
    324. سؤ ڪري سينگار، ته به کودڙيءَ پُٽ کودڙو.
    325. سهڻا ٽوهه به پَٽَن ۾ آهن.
    326. سڀڪا ٻڪري پنهنجي پائي ٽنگجي.
    327. سڃا عاشق ڀيٽو دي آچار.
    328. ستي لڪڙن کان موٽي، ته ڪتن هاب ٿئي.
    329. سَٻَر سان سينءَ، ڪبي ڪئن، چوندو جئن، ٿيندي تئن.
    330. سي اڍائي، سي ساڍا ٻه.
    331. سوناري جو سؤ ڌڪن، لوهر جو هڪڙو ڌڪ.
    332. سياڻي اڳيان رئڻ، اکين جو زيان.
    333. سُتي شينهن کي آڱر نه ڏجي.
    334. سڀڪو پنهنجي هٽيءَ جو هو ڪو ڏئي.
    335. سڪو ڪاٺ ٻه پاسا ڀڃي.
    336. ست ڪئا کائي، ٻلي حج چڙهي.
    337. شڪر ڪر صحيح، ته توئي سان تُوه ٿئي.
    338. شينهن اڳيان لڪڙي اڇلڻ سولي، پر وري کڻڻ اولي آهي.
    339. شينهن نه ڏيکيا ته ڏيک ٻلاڙا، چور نه ڏيکيا ته ڏيک سونارا.
    340. صبر جنين سينڱ، تير نه گسي تن جو.
    341. صبر وڏو ٽول آهي.
    342. صلاحين شينهن ٻجهن، ڪم ڪرهين نه ٿئي.
    343. ظلم قائم آهي، ڪندڙ قائم نه آهي.
    344. عقل ري ارمان، گهڻا کائيندين جيئڙا.
    345. عيسيٰ، نه موسيٰ، وڏا پير پيسا.
    346. عقل آهيرن جو ڌريون ئي ويو، مڱائن هڪڙو پرڻائن ٻيو.
    347. علت وڃي، عادت نه وڃي.
    348. غريب جي جوءِ، سڀني جي ڀاڄائي.
    349. قرض ڪوڙه جو ٽڪو آهي.
    350. قاضي، ڄاڻي، قيامت ڄاڻي.
    351. ڪتيم سڀ ڄمار، پاندي پوري ڪين ٿي.
    352. ڪکان ڪوڙي باهه، غلامان دوستي، يار نه ڪجي ڏوم، پيادا پوستي.
    353. ڪتي جا ڏند، گڏهه جو ماس.
    354. ڪنين ماضي من ۾، ڪنين استقبال، حيف تنين جي حال، جن وساريو حال کي.
    355. ڪڏهن ڀريءَ ۾، ڪڏهن ڀاڪر ۾.
    356. ڪارو وهي ڪمري گڏ، ته ورن نه مٽائي ته عادت مٽائي.
    357. ڪهڻي سڀڪو ڪهي، پر کرو ڪو وهڻيءَ رهي.
    358. ڪتيءَ کي ڪنهن اُماڙ ڏنو هو، سا تارا ڏسي ٿي ڊني.
    359. ڪتي جو پڇ ٻارهن مهينا نڙ ۾ پائي رک، ته به ڏنگوئي رهندو.
    360. ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
    361. ڪالهوڻي ڪالهه گئي، اڄ پڻ ڏينهن ٻيو، جنهن ۾ ماڻ پيو، سا راهه رهندي ڪيترو.
    362. ڪنيءَ رن جا ٻار، ٿورا تئن چڱا.
    363. ڪري سو پائي، فقير کنڊ کائي.
    364. ڪهي سا رهي، ٻولي ٻاروچن جي.
    365. ڪوسا ناوي، ٿڌا کاوي، ته ويج پاس نه جاوي.
    366. ڪر چڱائي ڄٽ سان، ته ڦيري هڻيئي پٽ سان.
    367. ڪنڌيون پار، قنڌارون پار.
    368. ڪچيءَ ڪنا نه وريا، پڪيءَ ڇا ورندا.
    369. ڪک هيٺ لک پيو آهي.
    370. ڪوڙو کائجي، مٺي جي لالچ تي.
    371. ڪوئي مري ڪوئي جيوي، شُتريا گهول پتاشا پيوي.
    372. ڪڃريءَ جو يار، بهريءَ جو شڪار، سدا خوار.
    373. ڪشيي نه ڪمان، پڙيئي نه ضمان، ٽپيئي نه کوها، رهيئي نه جوا.
    374. ڪميڻو ڪپڙا ڪري ڏسي پنهنجو ڏيل، ڏسي پنهنجي ڏيل کي ڊوڙائي دليل، ته مون جهڙو ملڪن ۾ آهي قدر قليل؛ اڳيان گڏيس اصيل، تڏهن رايون ويس وسري.
    375. ڪاڻي وسوڙي، چي مڙسم ويو اک کي.
    376. ڪم قُوَت، آڪڙ بهت، مار کاوڻ ڪي نشاني.
    377. ڪوڙ ڄمار جي ڪتر آهي.
    378. ڪاڻيءَ جي وهانو ۾ سنگٽ به گهڻا.
    379. ڪم هيڻ کيتي ڪري، بَلدُ مري، يا ٽوٽا پڙي.
    380. ڪتي جو ڪارو منهن، رٻ اوتري جي اوتري.
    381. ڪڏهن ماٽي مٽ تي، ڪڏهن ماٽيءَ مٿان مٽ.
    382. ڪتو به کاڌو، ڪک به نه ڀري.
    383. ڪني آڱر وڍي چڱي.
    384. ڪوڙي سڄڻ کان سچو ويري به چڱو.
    385. ڪٿي چور سڃا، ڪٿي ڍور سڃا.
    386. ڪنهن جو اگهي ڪوڙ، ڪنهن جو سچ به سُهمن گاڏئون؛ ڪنهن جي ماني ڪري نه مور ڪنهن جا ٽڪر به ٽيڻان ڪري. سُهمون يعني ڇڙٻون، ٽڪر يعني مانيءَ ڀور.
    387. ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙه مقام ۾؛ واريءَ سندو ڪوٽ، اَڏيو اڏبو ڪيترو.
    388. ڪانياري ٻلي ڪوئي جي جوءِ.
    389. ڪک جو چور، سو لک جو چور.
    390. ڪتو ۽ ڪپاٽ ٽوڙهي سان ٽپائجي، ساڌو ۽ سپاٽ، وهارجي وچ ۾.
    391. ڪڻڪ ڪڍي بهه کي باهه ڏي.
    392. ڪوري پلوين ن پائجي.
    393. ڪوري کڏ کڻي، پر پاڻ پوي.
    394. ڪم پوي، ڪل پوي.
    395. ڪُوڙي جي ڳالهه کڏ جي ڊوڙ.
    396. ڪنگر ۾ ڪڪڙا، پڙي مبارڪ.
    397. ڪڍي ڪاڍارا، ڏئي اُڌارا.
    398. ڪم پرين سڀڪو آهي، چم پرين ڪو نه آهي.
    399. ڪوسو پاڻي ڪک نه ساڙي.
    400. ڪاڏي ڪوري، ڪاڏي ترار؟
    401. ڪچي وزيران، ٿئي ٺُڙڪو ٺَڪر.
    402. کير جو کانيَلُ جهڻ کي ڦوڪي پِيئي.
    403. کاڻي کچڻي، اونڌو طباق.
    404. کُٿي ڏاڙهي هٿ نه اچي.
    405. کيتي سِرَ سيتي.
    406. کاڌي کي کامن، ڄاڙيون ڄاموٽن جون.
    407. کُٽو واڻيو ڪاڳر ساري.
    408. کوه جي مٽي کوهه کي لڳي.
    409. کَرُ ماڻهو وڻ ٻاٻرو ٻنهين ڏينهن کُٽن.
    410. کير ۾ مُوري وجهي ٿو.
    411. کَڏَ چي جيءُ سَڏَ.
    412. کير ۽ کنڊ، نور ۾ نور، جواڻي ۽ مايا، پور ۾ پور، پنڌ ۽ بار، سور ۾ سور.
    413. کڻ کلو، ٿيئي ڀلو.
    414. کٽيو کائي مڙس جو، چي جيئي ابو.
    415. کٽيو توتان گهوريو، وڃائج نه مور.
    416. گذر گئي گذ ران، ڪيا جهوپڙي، ڪيا ميدان.
    417. گذري ڪوُن ڦر ياد نه ڪرڻا، جا گذري سا چوکي.
    418. گڏي اڏجي، يا لڏي ڇڏجي.
    419. گولاڙو ڳيان پچي.
    420. گدڙ گدڙ جي ڪوڪ تي نه اونائي ته ڪوڙهيو ٿئي.
    421. گڏهه پنهنجي ساوڻي هينگن ۾ وڃائي.
    422. گدڙ ڊاک نه پڄ سگهي، آکي ٿوُ ڪوڙي. ناچو نچ نه ڄاڻندا آکي ڀون سوڙهي.
    423. گابي وانگي چٽ ته چٽيانءِ.
    424. ڪِن ڪِنَ سان نه ڌوپي، نيٺ پاڻيءَ سان ڌوپي.
    425. گَهَگيرو گهوڙو ۽ پيٽيرو ماڻهو مهل ۾ ڪم نه اچن.
    426. گَھُ پيھَ ٺڪرن مان پاڻي سڪائي.
    427. گڏهه کي به ڪو گج پائجي.
    428. گڏهه کي به ڪڏهن گابو ڄائو آهي.
    429. گڏهه جو ڇا وس جو ٻيڙيءَ ۾ نه چڙهندو.
    430. گيهه پوندي به ڪو مٿو سڙي.
    431. گرمي ڇڏي جهڻ ڪنگر سان، سردي ڇڏي زر ڪنگر سان.
    432. گنجي جي مٿي ۾ جُون نه ليک.
    433. گدرو ڪري ڪاتيءَ تي ته به گدرو جوکو، جي ڪاتي ڪري گدري تي به گدري جوکو.
    434. گُگِرُ گُگِرُ پنڊا اڙايا.
    435. گنجو کنهڻ کان نه رهي.
    436. ڳوٺ سئين، سا وهانوَ سئين.
    437. ڳڙ سان مري ته زهر ڇو ڏجيس.
    438. ڳالهين سنديون ڳالهيون، ٽَڪي سندا موٺَ.
    439. ڳڙ ڄاڻي، ڳڙ جي ڳوٿري ڄائي.
    440. گهڻن زالين گهر نه هلي، گهڻين ڏاندين هر نه هلي.
    441. گهٽو ڌاريم اُن کي هٿان چري ڪپاهه.
    442. گهر جو پير چلهه جو مارنگ.
    443. گهوڙا ۽ پَٽُ، مُلا ۽ ڀَتُ؛ هو ڪشيا تا رسيا، هو نيان تا چٽُ.
    444. گهوٽ ماءُ کان به اهنر ماءُ تڪڙي.
    445. گهڻي کاڌي کان گهڻو ڏٺو چڱو آهي.
    446. گهر ۾ کڏ هئي ته ٻُهر ٻاهر ڇو اُڇلجي.
    447. گهر ۾ به گهر کائڻو، ٻاهر به گهر کائڻو.
    448. گهوٽ ڪنوار راضي ته ڪوه ڪندو قاضي؟
    449. گهڻي کٽئي کان مور ڍار نه آهي.
    450. گهر ۾ غرقي به مس اٿس، دم هڻي ٿو ٺوڙهيءَ جو.
    451. گهڻ پيٽاري بگري، کائي ويئي جهار.
    452. گهڻن کي ثمر، هڪڙي کي ڀري.
    453. گهڻن کنئي ڇپر کڄي.
    454. لوچ ته لهين لعل کي، ڏور ته پوئي ڏس.
    455. لڇمي وڃي، تڏهن لڇڻ به وڃن.
    456. لچان چوران پت نه ڪائي؛ توڙي هوون سڳي ڀائي.
    457. لک کٽيا ڏومڻيءَ، جو ڏوم سلامت آيا.
    458. لنگهي لاٿي لوئي، ته ڪيا ڪريگا ڪوئي.
    459. لنگهن پنهنجو وهانءُ.
    460. لکئي منجان لِک، نڪو لاهي نڪو پائي.
    461. لنگهو چڙي مڱن کان اُهي ئي مڱ.
    462. لوڀ سڀنين پاپن جي پاڙ.
    463. لوڀيءَ سندي راڄ ۾ ٺوڳي مري نه بک.
    464. لکيون لوهارن کي چڏن ۾ چڻنگون.
    465. لوڻ وجهي ڀت ڀائيوار ٿيو.
    466. لوڀ ڇڏ ته سون مٺن سان ورهائين.
    467. لهي لوهه به نه، چي منهنجو نالو سون ٻائي.
    468. لکين ليلائون چنيسر جي راڄ ۾.
    469. لتر کي چڪر پهچي.
    470. ماڻهو ٻٽيهه لڇڻو، موچڙو ڇٽيھ لڇڻو.
    471. موتيو اُتي مار، جاتي پاڻي هجي تار.
    472. مڙس جو پاهون سان ميڙي آڻڻ، زال جو سوئيءَ سان کوٽي ڪڍڻ.
    473. ماءُ ڄڻيندي پٽڙي، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ.
    474. مڱن ڏانڊي، ڪارڙي ٽانڊي، مڱ پچي، ڪارڙو مچي، مڱ لُئو، ڪارڙو مُئو.
    475. مغلن اڳيان فارسي وسري وڃي.
    476. مور چڱو، پر پير ڏنگا.
    477. مڌ پيوڻ، ذات پرکڻ.
    478. مارڻ واري کان رکڻ وارو ويجهو آهي.
    479. موڳو پنهنجي مانيءَ مان پيٽ ڀري کائي، وڃي ويهه مجلس ۾ ته سڀني سُهائي؛ چريو ڳالهائي ته به بختاور بودلو.
    480. مالڪ وڃن ٻيڙيءَ چڙهيا، شاهد گهوتا کائيندا.
    481. مَر ُسين سُڄاڻا، ٻئي ڄنگهون ڪاٺ ۾، کُھِ سين اڄاڻا، هنيون هندوري لوڏ جي.
    482. مرسان مرسان، پر ڊڀ نه چرسان.
    483. ماڻهو سڀ چڱا، پر ڪي ڪن سان ڪي ڪن سان.
    484. ماچي ته ناچي.
    485. ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجهه، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.
    486. مروان موت ملوڪان شڪار، يا مڇيءَ موت ميئي شڪار.
    487. موا پَر، پٽجن هيل.
    488. مُئا آهن جيئرن جي وس.
    489. محبتي مڙن، ته ٽنهين لوڪن لک پوي.
    490. مُنهنَ ڪونئري ڳٽا پٽائي.
    491. مُڙيا، سي جُڙيا.
    492. ملڪ صاحب دا وسي، ڪوئي رووي ڪوئي هسي.
    493. مينهن ڍائي هوري هلي، رڍ ڍائي ٺينگ ڏئي.
    494. منهن ڏسي تلڪ ڏجي.
    495. ماديءَ ڪڪڙ به ڪڏهن ٻانگ ڏني.
    496. مئي کي مارڻ سوره جي گلا.
    497. ماءُ مري رُکي، سُڪي، ڌيءُ دا نالا ڏهي.
    498. ماريءَ جي گهر هڏن جو ڍير.
    499. ميهر مينهن مان نڪتو، وَڇِن ڪهڙي پارت.
    500. مارئي کان پڏايو چڱو آهي.
    501. موتِن جي پرک مان ڇا ڄاڻي شيشھ گر.
    502. مِلَڪ ۾ ڏيڍ کجور، ميان ليٽي باغ ۾.
    503. ميون ڳور لائق، بيبي سيج لائق.
    504. مُلو مُئو، مُهابو لٿو.
    505. ميان جي مڏي، ٻه ڏندڻ ٽين تڏي.
    506. مئا به ڪڏهن مسڻ مان موٽيا آهن.
    507. ننهن سان ڇڄي، ته ڪاتي ڇو وجهجي؟
    508. نه ڪنهن کي عقل منجهايو آهي، نه ڪنهن کي سونهن سڪايو آهي.
    509. نه ڏي، نه ڏکوءِ.
    510. ناڻو نَرَ چُٽو ڪري.
    511. ناڻو جهڙي تاوَ سان گهرجي، تهڙي تاوَ سان نڪري.
    512. نڪي پاراتن ۾ نڪي منجهه دعا، انگ اڳيئي لکيا پاڙڻ پوءِ پيا.
    513. نئن به تکي، ڳڙ به مٺو.
    514. ننڍي وات مان وڏو ويڻ نه ڪڍجي.
    515. نه ڪنهن جي کٿي کي هٿ لاءِ، نه پنهنجو پَٽُ پُڻاءِ.
    516. ناڻو سو جو ڳنڍ، ٻاڻي سا جا ڪنٺ.
    517. نه ڪتي، نه ڪوريءَ جي ڪاڻ ڪڍي.
    518. نانگ ريجهائڻ سولو، پر کرو ڪو ڳوهه ريجهائي.
    519. نيچ نوڪري، اُتم کيتي، وڌنت واپار.
    520. ننڍي مري نه مايڙي، ٻُڍي مري نه جوءِ، ڪنتُ چوڙلي نا مري، مت جهڻڪ وهيڻي هوءِ.
    521. نڪي دٻگرن مال ميڙيو، نڪي سُرهيا بک موا.
    522. نون ميهارن مينهون ڌاريون، لاهي دونهيون ٻاريون.
    523. نئين سناسڻ چيلهه ۾ جٽائون.
    524. نانءُ چڙهيو واپاري کٽي کائي، نانءُ چڙهيو چور ڦاهي اچي.
    525. نچڻ هلي ته گهونگهٽ ڪهڙو؟
    526. ناڻو ڏجي آڪرو، ته گيهه ڇو وٺجي ٻاڪرو.
    527. واڳ ڌڻين جي هٿ، آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي.
    528. ويئي سڱن کي، ڪن به وڍائي آئي.
    529. ويهي ويهي مڙس ڪري، سا وَهي ڇو وڃائي.
    530. وِهي درياءَ جي ڀر تي، وجهي واڳوءَ سان وير.
    531. واڱڻ هڪڙن کي وائي هڪڙن کي پيچي.
    532. واتون خرار کاڄن، نڪون ڪڻو به نه کاڄي.
    533. واهَڻَ جو واڻيو، تهڙو ڍوري جو پاتِڻِي.
    534. ويري ھڪڙو به گھڻو، سڄڻ ھزار به ٿورا.
    535. ونڊ کائيئي سک پائيئي.
    536. وڻجن ٻير، کائون ڊاکون، تن گهرن جون ڪهڙيون ساکون؟
    537. وير وير واڌائي به ورچي.
    538. وڇ کير ڏئي، ته مينهن ڇو ڌارجي؟
    539. وهندي پير ٻوڙ به چڱي، بيٺل تار به نه چڱي.
    540. وِهُ وڻجي، سو وه مان کائي.
    541. وسي ته به ڏٻري گسي، نه وسي ته به ڏٻري گسي.
    542. هر هر هورائي، وڃڻ در دوسن جي.
    543. هاسي ڪَرَه جي ماسي.
    544. هڙ به گاسو، لوڪ به تماشو.
    545. هڪڙو چوي ٻيو مڃي، تنهن جو پورهيو ڌڻي نه ڀڃي.
    546. هٿ جنين جو هيئن، پهرين پتڻ سي لنگهيندا.
    547. هنجهن سان حرص ڪري اُڏاڻي چِڙي، چڻو هوس چهنب ۾، سو به پِيُس ڪري.
    548. هنر واري جو هنر کپي، بي هنر جي جند کپي.
    549. هڙ ۾ تماڪ ته جهنگ مڙيوئي دائريو.
    550. هڙ سکڻي لوڏ گهڻي.
    551. هٿ جي ڪنگڻ لاءِ ڪهڙي آرسي.
    552. هو ساڻ نه نيندا، هيءَ ڏاند چڙهندي.
    553. هو سَوڙَ پاند به نه ڏين، هيءَ وچ سمهندي.
    554. هنڱ سهانگي ته به ڪا ٻاٽ ۾ گهوربي.
    555. هارئي کان پيتو ڀلو آهي.
    556. هڻ ڌڻيءَ کي، ته سکي نُهَن.
    557. هنجهه نه ميرو وت، جاسين جيئين ڏينهڙا، جيءُ نه جنجل گهت، سِر تا سَرَ ڪيترا.
    558. هَٺ سهائيندو کائجي، لوڪ سهائيندو پهرجي.
    559. هيڻي کي نه هڻي، سو هٿن ۾ لهي.
    560. هاٿيءَ جا ڏند کائڻ جا هڪڙا، ڏيکارڻ جا ٻيا.
    561. هڻن ڪين حمير کائي پاٽ پلاو جي.
    562. هنڌ ڏسي هاسي ڪجي.
    563. هڪڙو هٿ کير ۾، ٻيو هٿ نير ۾.
    564. هرڻي اڳي نچڻي، ويتر پيس گهنڊڻي.
    565. هٿن سان هاجون ڪري، پيرن سان کڏو کڻي.
    566. هيانو تتي کان کُڙي تتي چڱي.
    567. هڪ سج، ٻه پاڇا.
    568. هسڻو جوڳي، پڏڻي نار، گد ڪهي هي ٻيئي مار.
    569. يار به تيلي، سينڌ به ميلي.
    570. ياد جنين کي يار، سي ياد هميشھ يار کي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 464
    ڪتابن جو مشاهدو: 373057
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 151963
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ