ڪتاب جو نالو: درد جي ساڳي ڪٿا
مصنف: بخشل باغي
ڇپائيندڙ: سپ پبليڪيشن، نوابشاهه
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2009
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 20 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 731 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 346 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
بخشل باغي جي شاعري پنهنجي شاعراڻين حُسناڪين جي رنگن سان سماعتن ۾ سمائجي ويندڙ ۽ بند دلين جي دروازن تي دستڪ ڏيڻ جو ڀرپور ساهس رکي ٿي، فڪري گهرائي، خيال جي اوچي اُڏام، اندازِ بيان جهڙا اهم گُڻ بخشل باغي جي شاعريءَ جا اُهي زيور آهن جن جي ميلاپ سندس شاعريءَ کي نکاري، اُجاري ڌيان جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • اداري پاران
  • سَروم، دُکم دُکم
  • غزل

  • هُن کان وِڇڙي به اِلاهي! ڏِسجي!
  • ٿي رَڙي رُڃ رَهه گُذاريءَ ۾.
  • خيال تنهنجي کِڙي ڪئي خوشبو.
  • رات جا مَنڊَ، سانورا سپنا.
  • ساهه ۾ تنهنجين سُڳنڌن کي سنگي.
  • آسمانن، ڏٺو پئي توکي.
  • اِنتها، تي پُڳي ڪهاڻي آ.
  • ٿي ٻري دل ۾ ڏياٽي عشق جي.
  • هاءِ،! هڪ، هڪ ٿي ڪَري ڌڻ ٿي ويون.
  • تنهنجي آواز کان، محروم ٿي ويا آهيون.
  • ڪنهن شڪاري جهَٽي آ صحرا ۾.
  • اڄ مليا آهيون اويلا پاڻ ۾.
  • هٿ ۾ هٿ حُور تنهنجو آ.
  • سوُنهن آڏو اڃان سوالي آ.
  • تو هَٿان منهنجون شامون ڪئي خُون ٿيون.
  • ”ها“ منجهان ”ڪين“ تو ڪري ڇڏيو.
  • بابا جي ياد ۾
  • چاندنيءَ جي لباس ۾ ملبوس.
  • مون سان اچي وڇوڙو، پنهنجو ته ونڊ نيرو.
  • سَڙي سوز جا ساز ڇيڙيا اسان.
  • جنهن نه دل ساڻ لاتو ڪڏهن ڏُک کي.
  • سَرن جي سرسراهٽ تي، هوا ترندي وڃي پيئي.
  • پتڻ تي پُور هوندو هو.
  • عڪس، نيڻن ۾ نکاريان پيو اڃان.
  • جنهن جي ڪارڻ ڇڏيوسين زمانو سڄو.
  • نه ڇڙٻِ ايڏو به سائلن کي.
  • مون کي اُتساهه سان جيئڻ جي واٽ ڏيکاري.
  • تو به هيڪل ڇڏي ڏنو اسان کي رستي ۾.
  • ٺرو ئي نٿا پيا، بِرهه ۾ سَڙو.
  • هاڻ آ جيئن، ايئن اڳ لڳي ڪين هئي.
  • جي نه تنهنجي رهي ڪا پرڇائي.
  • عڪس رهجي ويا نگاهن ۾.
  • پنن جي آ، ڇڻ، ڇڻ.
  • موت جي ٿڌ ۾ ٺَري ويندا.
  • ڪنهن ڏهاڙي پکين جيئن اُڏامي.
  • ميل رکجو مَتو، خدا حافظـ.
  • عشق! توکان اڳي نويلو هوس.
  • ماکيءَ کان آهي مٺڙو، احساس زندگيءَ جو.
  • هُو هليو ويو هيڪلاين ۾ ڇڏي.
  • اسان جون هي رولاڪ ڀٽڪيون اکيون.
  • ويلنٽائن ڊ ي
  • ڀونئر مُکڙين مٿان ڀِري آيا.
  • ڪهڙو ويساهه ڪيان قاتل تي.
  • ڀَل کڻي ڪيترو به چاهي ڪو.
  • سپنا اُڻي، اُڻي هي، آهن اکيون سجايون.
  • ڪئي آ گهڻي مون ته چهرن جي ڳولا.
  • ڪُنن مان ڪنارين ته، ٿورا.
  • وقت کي تو اکين سان ڏني مات آ.
  • اکين جا اُهي جام ڪيئن وساريان؟
  • دردن جي سرد اُسَ ۾، دل جو آ ياد اوڇڻ.
  • رات ويران رستن تي آوارگيون.
  • خود کي اول وڃائي، پوءِ پاڻ پائي سگهندين.
  • سڀ ڪو سُتو پيو آ، آرام سان گهرن ۾،
  • وشواس وقت جي اڄ، ڪنهن واٽ تي ڪري پيو،
  • تون متان سمجهين ته ناهي درد ڪو.
  • هوءَ جو ٽهڪ ڏئي ٽِڙي پوندي.
  • تنهنجي اهڙي نگاهه لڳندي آ.
  • خُوب احساس منجهه خُوابي آ.
  • جنمن کان پيو ڀوڳيان، بي نانءُ ڪا اسيري.
  • خواهشن جي چَتيون، چَتيون چولي.
  • رنگ برکا کڻي پُڳي آهي.
  • کِلي موڪلائي هليا آياسين.
  • ياد تنهنجي ڪتين، قطارون آ.
  • سونهن ۾ ڏِسُ حيات جنمن جي.
  • دوستي ذرڙيون لڳي اهڙي.
  • هونءَ ته گُذري ويون ڪيتريون ئي رُتون.
  • پنڌ آهي وڏو کُٽڻ گهُرجي.
  • وقت ڀي ڪين سگهيو آ ڊاهي.
  • مون ستارن سان سليون پئي ڳالهڙيون.
  • ڇا چوان خواب هو يا حقيقت هئي.
  • شفق جي گُلابي هُيو ويس ۾.
  • ستارن سان جهوليون ڀري رات آئي.
  • هئي توڙي جو دل جي ڌرتي سَنئين.
  • هوا ۾ شور آهي، پوءِ به تون خاموش ڇو آهين!؟
  • سگريٽ کي دُکائي سوچن ۾ ٻُڏي ويو آ.
  • سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو آ تنهنجي ئي سنگ ۾.
  • پَس منظر ۾ آهن، عيان خواب ڪر.
  • پيو ٻرِي آڪاس ۾ سج جو ڏيئو.
  • ڪيڏا سرور آهن، تخليق جي نشي ۾.
  • هي وڇوڙ ڄڻ ته ڪارو ويس آ.
  • حَسين رُخ تي نقاب ڪارا.
  • سِيءَ ۾ گهرجي ڪو ٻارڻ باهه کي.
  • اِن کان اڳي ڪٿي هو، ڪو ٿاڪ زندگيءَ ۾.
  • ڪٿا ٻُڌائيندي هُو خود به ڪهاڻي ٿي ويو.
  • ذهن جو سامان ٺاهي ٺيڪ ڪر.
  • کوڙ حيرانيون کڻي جيئان پيو.
  • ڪين دل جي مڃي رهيا آهن.
  • ستارن تي قدم رکندي، هلي آ چنڊ تائين تون.
  • پل به بيهي صدين جا نٿو ٿڪ ڀڃي.
  • ماڻهپي جي نه ماڻي سو خوشبو سگهيو،
  • تون نه مون کي ايترو مايوس ڪر.
  • زخمن جا نيشان پُراڻا آهن دوست!
  • هيءَ سانجهي سهيڙجي ويندي.
  • رُسي ننڊ نيڻان هوا ٿي وئي.
  • جُدا ٿئين جُدائي به روئي ڏنو آ.
  • ڪڏهن دل سان، دل کي ملائي ملي.
  • اکين ۾ اُداسين جي موسم سليٽي.
  • يادگيري ٿي اچي هڪ ڏينهنءَ جي.
  • بيت

  • گانڌيءَ کي ڀيٽا
  • ٿر-ياترا
  • شام جهُڙاليءَ ۾ هُئا، مورن ٽهوُڪا،
  • ”گوڙيءَ جي مندر“، چُپ جي چادر آڍڪي،
  • لمبي ٿر جي ياترا، ”ڀاڳيءَ“* جو آواز،
  • سائو، سُرهو ”ڪاسبو“ ، مَٿس مورن، رنگ،
  • ”راڻا سر“ جو روپ، سون سريکو سونهن جيان،
  • نظم

  • شهر جو الميو
  • چانِهه
  • حادثن جو ٿيٽر
  • ڪبوتر جو خواب
  • ثبات
  • ٿــــــــر
  • ٿيا آثار عاشورا،
  • رَتا ڪئي رنگ ”روحل“ ۾،
  • ڇا چوان
  • مِٽيءَ جو قرض
  • تضاد
  • صبح جون خالي اکيون
  • ستاويهين ڊسمبر
  • بي سُڪوني وياج وانگر ٿي وڌي
  • سچ
  • رُڪاوٽ
  • / نِدا
  • ميونسپالٽي
  • اسٽاپ
  • ليڊي وايو ليٽ
  • متفرقه

  • هائيڪو
  • پنجڪڙو
  • شاعر جي باري ۾ رايا

  • حليم باغي
  • زاهد شيخ
  • ادل سومرو
  • سميع بلوچ
  • ليکڪ جا ڇپيل ڪتاب

  • ليکڪ جا ڇپيل ڪتاب

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (171) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”درد جي ساڳي ڪٿا“ سنڌ جي خوبصورت شاعر بخشل باغيءَ جي شاعريءَ جو ڇهون مجموعو آهي.
    هي ڪتاب سِپ پبليڪيشن نواب شاهه پاران 2009ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون بخشل باغيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني. بخشل باغي جي شاعري پنهنجي شاعراڻين حُسناڪين جي رنگن سان سماعتن ۾ سمائجي ويندڙ ۽ بند دلين جي دروازن تي دستڪ ڏيڻ جو ڀرپور ساهس رکي ٿي، فڪري گهرائي، خيال جي اوچي اُڏام، اندازِ بيان جهڙا اهم گُڻ بخشل باغي جي شاعريءَ جا اُهي زيور آهن جن جي ميلاپ سندس شاعريءَ کي نکاري، اُجاري ڌيان جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    سپ پبليڪيشن بخشل باغي جو ڇهون شعري مجموعو ”درد جي ساڳي ڪٿا“ اوهان پڙهندڙ ساٿين ۽ سنڌي شاعري جي آغوش کي آڇيندي سُرهائي محسوس ڪري رهي آهي. ڇا ڪاڻ جو بخشل باغي نئين ٽهي جي شاعراڻي قافلي جو هڪ سنجيده، فڪر آميز، جدت پسند، فطرت پسند، ۽ فطري تخليقڪار آهي جنهن جي شاعري جا پيچرا، سندس شاعريءَ جي نفيس زخمي پيرن مان ڦُٽي نڪتا آهن.
    بخشل باغي جي شاعري پنهنجي شاعراڻين حُسناڪين جي رنگن سان سماعتن ۾ سمائجي ويندڙ ۽ بند دلين جي دروازن تي دستڪ ڏيڻ جو ڀرپور ساهس رکي ٿي، فڪري گهرائي، خيال جي اوچي اُڏام، اندازِ بيان جهڙا اهم گُڻ بخشل باغي جي شاعريءَ جا اُهي زيور آهن جن جي ميلاپ سندس شاعريءَ کي نکاري، اُجاري ڌيان جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي.
    سندس شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ اظهار جي اُڻت جو فن فطري احساس سان سرشار نظر اچي ٿو، بخشل باغي جڏهن ڪنهن به صنف ۾ اظهاري ٿو ته اُها صنف سندس من جي پسند نه بلڪ پاڻمرادي اظهار جي چونڊ ۾ ڍلجي ظاهر ٿئي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو بخشل باغي جڏهن غزل لکي ٿو ته هو غزل جو شاعر لڳي ٿو، بلڪل ساڳي طرح جڏهن هو بيت، وائي، هائيڪو يا نظم لکي ٿو ته ايئن ئي هو انهن صنفن جو به پُختو شاعر نظر اچي ٿو، پر پوءِ به بخشل باغي پنهنجي اندر ۾ موجود درد کي نه اظهاري سگهڻ واري درد ۾ مُبتلا، رنڊا روڙيندي ”درد جي ساڳي ڪٿا“ تائين پهتو آهي، جنهن جي سفر جي ساڃاهه اڄ به تازي تواني آهي.

    - ادارو


    سَروم، دُکم دُکم

    ازل جي اک مان درد جو لُڙڪ، لَڙيو ته وقت سوڳوار بڻجي پيو ۽ سموري فضا ۾ ”سَروم دُکم دُکم“ جو دونهون ڦهلجي ويو. هوائون نوحا خوان بڻجي ويون، ۽ پوءِ روزِ ازل کان درد، دلين جي ديس ۾ دانهون ڪندو، پنهنجين پُرسوز صدائن سان پولارن کي لرزائيندو احساسن جي ٽچڪندڙ پيچرن تي اگهاڙي پيرين، پيڙهبو، پڄرندو، رڙهندو، سُڏڪندو، زهر پيئندو، ٽياس تي ٽنگجندو، گهاڻي ۾ پيڙهبو، ڦاهي تي چڙهندو، ٻُڏندو، جبل جهاڳيندو، روحن جا رابيل اُجاريندو وڃي رهيو آهي بقول فيض:
    دونوڻ جِهان تيري مُحبت ميڻ هار ڪڳ،
    وه جا رها هڳ ڪوئي شبِ غم گُذار ڪڳ.
    اها به هڪ حقيقت آهي ته خوشيءَ نالي ڪا شيءَ آهي ئي ڪانه، البته جڏهن به ڪٿ درد جي سطح گهٽجي ٿي ته خوشي، سُک محسوس ٿئي ٿي. تڏهن ته ڀٽائي سائين به ”ڏکن کي سُکن جي سونهن“ ڪوٺيو آهي.
    ڀٽائي ۽ اياز جي شاعراڻي فڪري تسلسل هئڻ جي ناتي هيل به ”درد جي ساڳي ڪٿا“ جي خوشبو کڻي اوجاڳيل اکين جا خواب واسڻ نڪتو آهيان، ۽ درد جي دار تي، دل کي مصلوب ڪري صدين جي حسين، رومانٽڪ روايت کي نڀائيندي پنهنجي سادي سودي درد کي شاعريءَ ۾ پوئي اوهان جي دردن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ آيو آهيان.
    ”درد جي ساڳي ڪٿا“ اُن ڪري به ساڳي آهي جو اُها هر دور ۾ پيڙائن جي ئي قلم سان تحرير ڪئي وئي آهي. فرق صرف محسوسات ۽ اُن جي بيان جو آهي، بلڪل ايئن جيئن جگجيت سنگهه جي پُرسوز ۽ دل آويز آواز ۾.
    درد ڪي داستان هڳ پيارڳ،
    اپني، اپني زبان هڳ پيارڳ.
    مون محسوس ڪيو آهي ته جيڪا سگهه، همت، ۽ شعور جي چمڪ درد ۾ آهي، اُها دنيا جي ڪنهن به چيز ۾ نه آهي، درد ئي زندگي ۽ موت کي معنيٰ خيز بڻائي ٿو. اهڙي معنيٰ، جنهن جي جوهر ۾ ڏُکن جو ڏياٽيون، جهرمِر، جهرمِر، ڪنديون رهن ٿيون. تنهن ڪري ته سمورو عظيم آرٽ درد جي ڪُک مان جنميو آهي، ۽ شاعري ته درد جي پيٽ ڄائي آهي، اُن ڪري به جيڪو دوام درد کي حاصل آهي، اهو ڪنهن کي به راس ناهي زندگيءَ ۾ خوشين جا ڪروڙين لمحا هُجن پر يادگيرين ۾ صرف ۽ صرف درد جا ئي لمحا رهجي ويندا آهن. ”رهجي ويل منظر“ جيان. ”راجه گِڌ“ جيان، ”تون هڪ خواب آهين“، جيان، ”خانه بدوش“ جيان، هونءَ به يادگيرين ۾ درد ئي حُسناڪين جا ديپ جلائي کين روشن رکن ٿا. اُهي يادگيريون، عارضي/ثانوي خوشين جي ”بليڪ هول“ مان سج جيئن جلوا افروز ٿي سموري وجود کي اُجاري ڇڏينديون آهي.
    منهنجي شاعريءَ جي دل جي تهه خاني ۾ به دردن جي يادن جا سَٿا پيا آهن. جن کي ڇنڊي ڦوڪي اوهان کي آڇي رهيو آهيان. ڇاڪاڻ جو مون روح جي نگاهن سان ڏِسي ڪري محسوس ڪيو آهي ته، درد بيحد خوبصورت آهي. ڏاڍو نفيس آهي، ڏاڍو خوشبودار آهي، ڏاڍو هڏ ڏوکي آهي، ڏاڍو هم راز، هم دم آهي. وڏو ڏَڍ آهي حوصلو آهي، درد پنهنجي جوهر ۾ معصوم پاڪ پوتر، ڪو خدائي صحيفو آهي، ڪا آيت آهي يا ”درد جون آيتون“ آهي، جنهن جو دل ئي دل ۾ ورد ڪرڻ سان زندگيءَ جي عبادتن جا معراج ماڻي سگهجن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو منهنجي شاعريءَ جو درد رڳو منهنجي ذات جو الميو ناهي، پر اُهو ته غمِ جانان ۽ غمِ دوران سان گڏ پنهنجي ديس جي دانهن ۽ پيڙائن جو پڙاڏو پڻ آهي.
    اور بهي غم هڳيڻ زمانڳ ميڻ محبت ڪڳ سوا،
    راحتيڻ اور بـﮬـي هيڻ وصل ڪي راحت ڪڳ سوا.
    پنهنجي خانه بدوش روح ۾ ڪنڊي جيان جنمن کان اَٽڪي پيل درد جي اظهارڻ جي ڪوشش ۾ مون کان هيل تائين جيڪي شاعريءَ جي روپ ۾ درد جا داستان تحرير ٿي ويا آهن. اُنهن جو خام مال پنهنجي اردگرد جي ماحول مان اُڏامي منهنجي روح جي گهراين ۾ تحليل ٿي ڪري منهنجي ذات مان ظاهر ٿيو آهي.
    ڇاڪاڻ جو شعور، لاشعور ۽ تحت الشعور جا عالم منهنجي شاعريءَ جا اُهي مقام آهن. جن تي منهنجي معصوم شاعريءَ جا گلابي، نفيس پيرڙا هميشه ڪَڪوربا رهيا آهن. جنهن ڪَڪور جو درد منهنجي شاعريءَ جي لفظ، لفظ ۾ جاڳي رهيو آهي. جنهن جاڳ جي جُنون ۾ مان هر لمحي جُنون جي حدن کي اُڪري ويندو آهيان. اُن جنون جي جولان منهنجي جيءُ کي سدائين سراب جو سفر پئي سونپيو آهي. جنهن جي وسعتن ۾ منهنجي شاعريءَ جي هرڻي اُڃاري، تپندڙ سج هيٺان، تتل، ٽچڪندڙ واريءَ تي ڊوڙندي رهي آهي، ۽ چمڪندڙ ريت جي ذرڙن ۾ آبي لهرن جو فريب کيس جيئڻ جو اُتساهه بخشيندو رهيو آهي.
    هونءَ به شاعري، منهنجي وجود جي اُها بانسري آهي، جنهن جي آلاپن ۾، مان پنهنجي ذات جي تڪميل جا سُر ڳولڻ جي ڪوشش ڪندي، خود ڪلامي ڪندي ڳالهين جا سبز ڳوٺ اَڏيندو آهيان. ڇاڪاڻ جو منهنجي زندگيءَ جو هڪ وڏو الميو اُهو به آهي ته جنهن ديس جي دانهن منهنجي شاعريءَ جي روح ۾ گونجي ٿي. اُن جي ڌرتيءَ تي منهنجو ڪو به ڳوٺ ناهي. ڳوٺ جنهن کي مان پنهنجي اباڻن سان منسوب ڪندي ياد ڪريان، نه ئي ڪو اَجهو، جنهن جي زمين ٽڪري تي پنهنجي ذات جي دعوا ڪري سگهان. پوءِ به ڌرتيءَ کي پنهنجو چوڻ جي دعوا منهنجو ايمان آهي. هي به هڪ دل جو المياتي درد آهي جو مان شهر جي شناسائي کان به محروم رهجي ويو آهيان. جو هڪ عجيب قسم جي اجنبيت جو احساس، شعور کي وڍي رهيو آهي. جنهن جي صليب تي هِن دل کي درد جي ڪوڪن سان ٽنگي ڇڏيو اَٿم.
    بچپن کان وٺي هيل تائين مُفلسي جي موسم وقت ۽ حالتن سان، ڏينهون ڏينهن طويل ٿي رهي آهي. ۽ هاڻ اُها طوالت تماشائي بڻجي منهنجي احساسن کي گهائي ٿي ته شاعري دل جو درد بڻجي روح کي اُتساهي ٿي، جيئڻ جو وشواس ڏياري ٿي، هر حال ۾ اَڏولتا جو احساس جاڳائي ٿي. تنهنڪري مان زندگي جي ڪئي خواهشن جي خاڪ ٿيڻ کان پوءِ اُنهيءَ خاڪ مان ڪيترائي خواب جوڙيان ٿو. سُرمئي خواب، جيڪي شاعريءَ جي روپ ۾ هيل جيان اوهان سان شيئر ڪندو رهيو آهيان. پر پوءِ به هڪڙو خيال غالب جي زباني ڪَر موڙي جاڳي ٿو پوي.
    هزاروڻ خواهشيڻ ايسي ڪه هر خواهش پڳ دم نڪلڳ،
    بهت نڪلڳ ميرڳ ارمان ليڪن پهر بهي ڪم نڪلڳ.
    خواهشن، خوابن جي اَڻ پورائي جو حُسن ۽ درد به ڏاڍو من موهيندڙ ٿئي ٿو. جيڪو هڪ لامحدود جُستجوءَ کي تخليق ڪري لطيف سائينءَ جو پيروڪار بڻائي ٿو.
    ڳوليان ڳوليان مَ لهان، شال مَ ملان هوتَ،
    من اندر جا لوچ، ملڻ سين ماٺي ٿئي.
    هونءَ به جيڪو لُطف لاحاصلات ۾ آهي، اُهو حاصلات ۾ ڪِٿ، حاصلات زندگيءَ ۾ مايوسين جو ڪارڻ بڻجي. جياپي جي جوت کي جهيڻو ڪري ٿي. پر لاحاصلات جو حاصل، حوصلن کي مضبوط ۽ پُختو بڻائي، دنيا جي لاهن چاڙهن ۾ ڀرپور جيئڻ جو درس ڏئي ٿو. ماڻهوءَ جي نفيسات کي نوان رُخ ۽ موڙ ڏئي ٿو. ۽ بي وسيءَ ۽ لاچارگيءَ جي اوندهه ٻاٽ ۾ خود اعتماديءَ جو اُجالو ڪري ٿو.
    ڏيون ٿا ٽهڪ اُڀ جيڏا، خوشي توڙي ذرو ناهي،
    اَڙي او سونهن! تنهنجي ساٿ ۾ سَرندي وڃي پيئي.
    ۽ پوءِ اُها سونهن درد جي دلڪشي به ٿي سگهي، جيڪا روح کي لُڀائي، لُڀائي ۽ ديوانگي جا داستان، شاعريءَ ۾ تخليق ڪرائي ٿي جنهن تخليق جي سگهه سڀني دلين جي احساسن ۽ اُمنگن جو آئينو بڻجي هر ڪنهن کي پنهنجا، پنهنجا عڪس پسائي ٿي.
    حقيقت اِها آهي ته هِن دنيا ۽ زندگيِءَ ۾ اگر مون کي ڪجهه فخر لائق مليو آهي ته اُها شاعري جي پريميڪا ئي آهي. ۽ اُن جي ئي آڌار تي مونکي بي انتها مُحبتون، عزتون، خلوص، احترام راس آيا آهن، نه ته مون جهڙي غريب طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهوءَ کي هِن عوامي رُتبي واري مصنوعي عينڪ پائي جيئندڙ سماج ۾ مانَ ۽ مرتبو ڪٿي ٿو ملي. ماڻهو ڳالهائڻ، هَٿ ڏيڻ ۽ ڏسڻ تائين به ڪنهن کي گوارا نه ٿا ڪن اُتي هڪ شاعر هئڻ جي ناتي مانُ ملڻ سچ ته اهو شاعري (ادب) جي شعوري سگهه جو ئي ڪمال آهي. جنهن مون کي ڪنهن جي آڏو جُهڪڻ، هٿ نه ٽنگڻ، هرحال ۾ صبر ۽ برداشت، همت سان مُنهن مُقابل ٿي جيئڻ جي جرُئت ڏني آهي. اها ئي شاعري آهي جنهن منهنجي دل جي ديس جي درد کي پنهنجي رنگين، پوتر آغوش ۾ نپايو آهي، منهنجي روح جي رڻ تي بَرکا بڻجي بوندون برسايون آهن ۽ برکا رُت جي رنگيني ارپي آهي. تنهن ڪري به بقول ڪنهن شاعر جي.
    راحت ملي ٿي درد ۾،
    هِن پيار تان صدقي، دلدار تان صدقي.
    ڏٺو وڃي ته هي حقيقت سڏجندڙ، خواب نُما دنيا، شاعري ۾ پيش ٿيل درد جي تصور کي افسانوي سمجهي ٿي ۽ اُن کي خواب ۽ خيال جي سرحدن جو حِصو ئي ڄاڻي ٿي پر حقيقت اُن جي اُبتڙ آهي ڇو جو درد ئي هِن سڄي سرشٽي جو خالق آهي. اُهو درد جيڪو تنهائي جي احساس مان، ڦٽي ”ڪُن فيڪُون“ ۾ تبديل ٿي ويو. پوءِ ڇو اڄ جو انسان درد جي دامن ۾ پناهه پائڻ کان ايڏو ڇرڪي ٿو ۽ عارضي خوش فهمين جي انگاس تي پاڻ ٽنگجڻ کي اوليت ٿو ڏئي. ڇو نه ٿو درد جي دانهن ڪنائي ۽ اُن جو سَڏ ورنائي، بحرحال اهو ته ٿيو دنيا جو، عام جو خيال، پر هڪ شاعر جي خيال ۾ درد هڪ آفاقي احساس جو نانءُ آهي. صدين جي سورن جو پڙاڏو آهي. جيڪو خلائن مان گونجندو رهي ٿو. زمين کان آسمان تائين، هِن ڪائنات جي ذري، ذري تائين.
    ٽهڪ، هڪڙي ۾ لُڙڪ آهين کوڙ،
    هر خوشي آهي ياس ۾ ملبوس.
    اهو ئي سبب آهي جو، شاعريءَ جي حَسين، نفيس ۽ نازڪ، وينگس جي دل به درد مان ئي جُڙي راس ٿي آهي. جنهن جي هر ڌڙڪن منجهان اُٿندڙ ”سروم دُکم دُکم“ جا پڙاڏا، شاعريءَ جي هر لفظ جي وجود ۾ گونجن ٿا. تڏهن ته چنڊ کي پکراج جهڙي تشبيهه ڏيندڙ شاعر گُلزار به چيو آهي ته:
    تيرڳ غم ڪا نمڪ چک ڪر،
    بڙا ميٺا لگا هڳ زندگي ڪا ذائقه مجـﮬــــــ ڪو.
    سچ ته زندگيءَ جي وهه جو امرت ۾ تبديل ٿيڻ، درد جو ئي ڪمال آهي جنهن جو، جنهن به ذائقو محسوس ڪيو آهي. اُن امرتا پاتي آهي. اگر هِن ڪائنات مان درد کي ڪڍي ڇڏجي ته پوءِ هڪ اهڙو خال پيدا ٿي پوندو، جنهن کي دنيا جي ڪابه شيءَ ڀري نه ٿي سگهي اُن ڪري آئون ته ايئن چوندس ته درد کان سواءِ دليون ايئن آهن، جيئن خدا کان سواءِ ڪائنات، زندگيءَ کان سواءِ ماڻهو، روح کان سواءِ جسم، آواز کان سواءِ گيت، مانجهيءَ کان سواءِ ناوَ، بلڪل ايئن ئي شاعريءَ جو آواز درد مان ئي جڙيو آهي، جيڪو اُن کي جلا بخشي ٿو ۽ اها جَلا جي جوت شاعريءَ ۾ روشن ٿي ڪري، خوابن کي روشن ڪري ٿي، ۽ اُن ئي درد مان ڦٽي نڪتل شاعريءَ تي مون کي وڏو فخر آهي، جنهن مون کي تنهائي، اُداسي، اوجاڳن، پيڙائن ۽ درد ۾ به مطمئن رهڻ جو ساهس ڏنو آهي، ڌرتيءَ جو ڌرم سمجهايو، جيڪو هاڻ منهنجو ايمان بڻجي چُڪو آهي اهڙي طرح سان منهنجي زندگيءَ جي دامن ۾ دوستيءَ جهڙي عظيم رشتي جا ماڻڪ به شاعريءَ جي بدولت پلئه پيا، جن ۾ ستار سُندر به هڪ آهي. ڇاڪاڻ جو ستار سُندر منهنجي شاعريءَ ۽ مون سان ايتري ته مُحبت ڪندو آهي، جو مان ۽ منهنجي شاعري اُن خُلوص تي فخر محسوس ڪندا آهيون، ستار سُندر ئي منهنجي شاعريءَ کي پنو، پنو ٿي وِکري وڃڻ، اُڏوهيءَ جي وَر چڙهي وڃڻ يا وقت جي دز ۾ لٽجي وڃڻ کان محفوظ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻي جيڪو مانُ ۽ مقام بخشيو آهي، اهو مون لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي پڇاڙيءَ ۾ ”درد جي ساڳي ڪٿا“ مان ڪجهه درد سان منسوب شعر ڏئي هِن لکڻيءَ کي پڄاڻيءَ تي رسائڻ چاهيان ٿو. ڇاڪاڻ جو هر چيز جي پُڄاڻي نيٺ ته ٿيڻي آهي.
    • ڏُک، مون لاءِ ڄڻ، گهر جي ڀاتين جيان،
    مون ته مهمان سمجهيو سدا سُک کي.
    *
    • ”معراج، درد جو دل“، ماڻي وتو آ شايد!
    هر خيال مان ڪو تڏهين، اُڀري ٿو چنڊ نيرو.
    *
    • درد گُل جيئن ٽڙي پيا آهن،
    زندگيءَ جي اُداس ٽاريءَ ۾.
    *
    • دل جي آهي گهٽا به گهنگهوري،
    درد جي ڪيفيت نِرالي آ.
    *
    • دل جا احساس ٿي ويا آلا،
    درد جي روح مان اُٿي ڇولي.
    *
    • ٽهڪ جا ڦول ٿا ٽڙن تو ۾،
    درد، جهڙي نه پر اٿئي خوشبو.
    *
    • ماڻپي جي نه ماڻي سو خوشبو سگهيو.
    درد کان جو به مانوس ناهي ٿيو،
    *

    بخشل باغي
    ڀنگوار ڪالوني، نوابشاهه، سنڌ.
    آچر، 22 مارچ 2009ع
    Cell:0300-3217411


    غزل

    هُن کان وِڇڙي به اِلاهي! ڏِسجي!

    هُن کان وِڇڙي به اِلاهي! ڏِسجي!
    ڪُجهه ته هِن دل جي تباهي ڏِسجي.

    ٿو ٽُٽي ڪَنڌُ يا ڦاهي ڏِسجي،
    وقت، مُنصف جي گواهي ڏِسجي.

    اچ ته اي سمنڊ! دَم پُڄايو ٻَئِي،
    ڪنهن جي آهي گهڻي ساهي ڏِسجي.

    موت، جي زندگيءَ جي رستي ۾،
    ڪيتري اُونهي آ، کاهي ڏِسجي.

    کوڙ عرصي کان ڏِسان پيو دُنيا،
    هاڻ دُنيا ۾ ڪو ماهي ڏِسجي.

    سارو رستو لِڦون، لِڦون ٿي ويو،
    نيٺ هي ڪير آ، راهي ڏِسجي؟


    ٿي رَڙي رُڃ رَهه گُذاريءَ ۾.

    ٿي رَڙي رُڃ رَهه گُذاريءَ ۾.
    اُڃ، چَمڪي رهي آ واريءَ ۾.

    هر ڏيئي ۾ نِهار هئي تنهنجي،
    ڏيک، تنهنجا ڏِٺم ڏياريءَ ۾.

    مون ڊسمبر جي ڏٺي اڪيلائي،
    تو سوا، اڄ به برف باريءَ ۾.

    دوستو! فرق لازمي آهي،
    دوستيءَ ۾، دُڪانداريءَ ۾.

    دردَ، گُل جيئن ٽِڙي پيا آهن،
    زندگيءَ جي اُداس ٽاريءَ ۾.

    سمنڊَ، نيڻن ۾، سار سامونڊي،
    سُرَ، سارنگ ها، اشڪباريءَ ۾.


    خيال تنهنجي کِڙي ڪئي خوشبو.

    خيال تنهنجي کِڙي ڪئي خوشبو.
    منهنجي تنهائي ٿي وئي خوشبو.

    ڪنهن جي ديوانگيءَ جا رنگ آهن،
    رِڻ رَتو آ، سڄي رَئي خوشبو.

    ٿو اکين ۾ اڃان دُکي دُونهون،
    ويو ڇڏي خوابُ سُرمئي خوشبو.

    منهنجي احساس ۾ ٽِڙيا موتيا،
    ڀاڪُرن ۾ ڇڏي وئي خوشبو.

    ٽهڪ جا ڦول ٿا ٽِڙن تو ۾،
    درد جهڙي نه پر اٿئي خوشبو.

    پنکڙين ۾ پُڪار آ، تنهنجي،
    هر ڪَليءَ مان پئي سَڏئي خوشبو.


    رات جا مَنڊَ، سانورا سپنا.

    رات جا مَنڊَ، سانورا سپنا.
    سانوري ننڊَ، سانورا سپنا.

    پيو اُڻين ساحلن جي پلڪن تي،
    سُرمئي سمنڊَ! سانورا سپنا.

    خيال تنهنجا کڻي کِڙيا آهن،
    چنڊَ، سَرکنڊَ، سانوارا سپنا.

    ٿو سمائي چڪور نيڻن ۾،
    تنهنجا اي چنڊَ! سانورا سپنا.

    روز ٿين ٿا دفن حويلين ۾،
    سانت جي ڪُنڊَ! سانورا سپنا.

    تو به داڻن جيان ڇڏيا پيهين،
    ڪيترا جنڊَ! سانورا سپنا.


    ساهه ۾ تنهنجين سُڳنڌن کي سنگي.

    ساهه ۾ تنهنجين سُڳنڌن کي سنگي.
    نينهن ۾ نڪري پيس پيرين ننگي.

    آرسيءَ کي تون ڪرين مَصلوبُ ٿو،
    ڀِتِ تي اِحساس نيڻن جا ٽنگي.

    عشق جي درگاهه ۾ ديوانگي،
    روز توکي ٿي دُعائن ۾ منگي.

    جاڳ جي ننڊَ ۾ ڪُنجي گُم ٿي وئي،
    وقت، ڇڏيو ڪُلف، نيڻن جو زنگي.

    منهنجي وارن کي نه سُلجهايو ڪڏهن،
    ڪنهن به سَنهڙين آڱرين، هٿ جي ڪنگي.

    دل به آ رنگريز، جيڪا سُونهن جي،
    رنگ سان ٿي روز نيڻن کي رنگي.


    آسمانن، ڏٺو پئي توکي.

    آسمانن، ڏٺو پئي توکي.
    لامڪانن، ڏٺو پئي توکي.

    تو ڏِٺا پئي جهان جا منظر،
    ۽ جهانن، ڏِٺو پئي توکي.

    وقتُ، تنهنجي اکين مان جاڳي پيو،
    ڄڻ زمانن، ڏِٺو پئي توکي.

    تنهنجي دَستڪ لئه دَرَ پئي تَرسيا،
    آشيانن، ڏِٺو پئي توکي.

    رنگ، انڊلٺ جا ٿي کِڙيئن جُهڙَمان،
    بيابانن، ڏٺو پئي توکي.

    مُرڪ، تنهنجيءَ ۾ ها قصا ڪيئي،
    داستانن، ڏِٺو پئي توکي.

    اُس ۾ ڇانوَ تو اُڻي ويٺي،
    سائبانن، ڏِٺو پئي توکي.

    موت، ۾ تو پئي زندگي ڳولي،
    امتحانن، ڏٺو پئي توکي.


    اِنتها، تي پُڳي ڪهاڻي آ.

    اِنتها، تي پُڳي ڪهاڻي آ.
    دوستو! هاڻ موڪلاڻي آ.

    خودڪُشيءَ لاءِ سمنڊ ڪُجهه ناهي،
    تنهنجي نيڻن ۾ گهڻو پاڻي آ.

    زندگي، موت جي نگاهن ۾،
    ننڊَ جي ڄڻ ته اوجهراڻي آ.

    ڏِسُ، شفق آ جنم تماچيءَ جو،
    شام، ڪينجهر مٿان نماڻي آ.

    سرد آهون، ڳلن تي نمڪيني،
    ڳالهه، يادن ۾ ڪا پُراڻي آ.

    جنهن جي نالي سان سُڃاڻپ منهنجي،
    منهنجي نالي کان سا اَياڻي آ.


    ٿي ٻري دل ۾ ڏياٽي عشق جي.

    ٿي ٻري دل ۾ ڏياٽي عشق جي.
    انتظاري، عمر ڪاٽي عشق جي.

    وِرههُ ٿو مون کي ولوڙي وِلهه ۾،
    درد سان آ تار ماٽي عشق جي.

    بي قراريءَ ۾ به آ ڪيڏو قرار،
    جُهڙ وانگر اُس گهاٽي عشق جي.

    سمنڊ ٿو مون ۾ وڇوڙي جو گجي،
    آس، ڪيڏي آ اُساٽي عشق جي.

    درد جي هُن پار سي پُهچن نٿا،
    جن ڏِٺي ناهي پَڇاٽي عشق جي.

    خواب اُن جا ويس نيرو ٿا ڍَڪِن،
    آهه جيڪا دل، وِهاٽي عشق جي.

    * پَڇاٽي،= پاڇاٽي، پُڄاڻي


    هاءِ،! هڪ، هڪ ٿي ڪَري ڌڻ ٿي ويون.

    هاءِ،! هڪ، هڪ ٿي ڪَري ڌڻ ٿي ويون.
    خواهشون، دِل جون وڌي، وڻ ٿي ويون.

    هر گهڙيءَ جي دار تي آهيون کڙا،
    هاڻ مجبوريون به سِرڪڻ ٿي ويون.

    زهر، رستن تي چڙهي ويو پنڌ جو،
    منزلون واسينگ جي ڦڻ، ٿي ويون.

    وقت، وٽ آ قيد سيتا سُک جي،
    حالتون بي رحم راوڻ ٿي ويون.

    تنهنجي چهري تي پُڳيون نظرون جڏهن،
    مُشڪلاتون طي سڀئي ڄڻ ٿي ويون.

    چنڊ جو چرخو ڪَتي پيو انتظار،
    اُڀ ۾ ڪتيون به آتڻ ٿي ويون.


    تنهنجي آواز کان، محروم ٿي ويا آهيون.

    تنهنجي آواز کان، محروم ٿي ويا آهيون.
    روح جي راز کان، محروم ٿي ويا آهيون.

    تون ملين ها ته جيئڻ جي به ابتدا ٿئي ها،
    ڇو ته آغاز کان، محروم ٿي ويا آهيون.

    پَـرَ، خوابن کي تو رنگين ڏِنا ها ڪيڏا،
    ننڊَ-پرواز کان، محروم ٿي ويا آهيون.

    تنهنجو پرچڻ، رُسڻ، مُرڪي مِلڻ جياپو هو،
    اهڙي اعزاز کان، محروم ٿي ويا آهيون.

    زندگي جهنگ آهي ٿي پئي آوازن جو،
    سانت جي ساز کان، محروم ٿي ويا آهيون.

    سڀ اُتساهه، ۽ ويساهه الئي ڪاڏي ويا،
    نينهن جي ناز کان، محروم ٿي ويا آهيون.


    ڪنهن شڪاري جهَٽي آ صحرا ۾.

    ڪنهن شڪاري جهَٽي آ صحرا ۾.
    اُڃَ، مُنهنجي ڦَٽي آ صحرا ۾.

    ذرو، ذرو سُڃاڻي واريءَ جو،
    عُمر ساري ڪَٽي آ صحرا ۾.

    همسفر، سائبان آ اُس جو،
    سِجُ، سِرَ تي ڇَٽي آ صحرا ۾.

    سمنڊ ۾ سمنڊ کان گهڻي اُڃ هئي،
    سا ته هاڻي گهَٽي آ صحرا ۾.

    ڪنهن جا پيرا، هوا! تون ڳولين پئي؟
    راهه ڪنهن جي لَٽي آ صحرا ۾.


    اڄ مليا آهيون اويلا پاڻ ۾.

    اڄ مليا آهيون اويلا پاڻ ۾.
    ڪيترا آهيون اڪيلا پاڻ ۾.

    وَنجهَه هئا ٻانهون، سنڌؤ سان ڀاڪرين،
    ڳالهڙيون ڪن ٿا بتيلا پاڻ ۾.

    زندگيءَ کان ڀي وڏيون ناراضگيون،
    تو وَڌايون ڇو ڳهيلا پاڻ ۾؟

    جُهونڙا جُهريا نظرانداز ٿي،
    بي خبر ليڪن نويلا پاڻ ۾.

    پيهه ۾ آ شور ماڻهن جو مَتل،
    هاءِ! تنها، پوءِ به ميلا پاڻ ۾.

    روز پکين کان پري ٿيندا وڃون،
    وڍجندي سوچين ٻيلا پاڻ ۾.


    هٿ ۾ هٿ حُور تنهنجو آ.

    هٿ ۾ هٿ حُور تنهنجو آ.
    سنگ، سُرهو سرُور تنهنجو آ.

    تنهنجي دامن ۾ نينهن نِکري ٿو،
    چاهتن تي عبُور تنهنجو آ.

    منهنجي هر هڪ عمل ۾ تون آهين،
    مون کان ٿيندڙ قصور تنهنجو آ.

    سارو آڪاس آرسي تنهنجي،
    هر ستاري ۾ نُور تنهنجو آ.

    واءُ مَهڪي پيو آ خوشبو سان،
    ٽهڪُ ٽڙندڙ ضرُور تنهنجو آ.

    دل کي لا حاصلات جي ڳولا.
    هي مسلسل شعُور تنهنجو آ.

    آرسيءَ جي اُداس ٽُڪرن ۾،
    عڪس ڏِس چُور چوُر تنهنجو آ.

    پيار تنهنجو الائي ڇا هوندو!؟
    قُرب جهڙو ڪلوُر تنهنجو آ.

    سانجهه جي سينڌ ۾ شفق اُڀري،
    يا ته اُن ۾ سنڌُور تنهنجو آ.

    آهه منهنجي مٽيءَ ۾ بي چيني،
    ڇو ته جنمن کان پُور تنهنجو آ.

    روح منهنجو اڃان سفر ۾ آ،
    ڏيهه ڪيڏو نه ڏُور تنهنجو آ.


    سوُنهن آڏو اڃان سوالي آ.

    سوُنهن آڏو اڃان سوالي آ.
    مون چَري دل ڪٿي سنڀالي آ.

    ڪنهن ته ڳوڙهن سان کيس آ ڌوتو،
    آرسيءَ جي نگاهه آلي آ.

    چنڊ اڄ فوت ٿي ويو آهي،
    روئندڙ راتڙي، رُڌالي آ.

    دل جي آهي گهٽا به گهنگهوري،
    درد جي ڪيفيت نِـرالي آ.

    عشقَ سائل ڪري ڇڏيو دل کي،
    منهنجي جهولي ازل کان خالي آ.

    تنهنجي آواز جي مَهڪ اڄ ڇو؟
    منهنجي نيڻن جيان جُهڙالي آ.

    ڪيڏي ساڀيان ۾ مُـفلسي آهي،
    زندگي، خواب کان به خالي آ.

    مينهن جي مُند آ لفافي ۾،
    تنهن ڪري ئي چٺي به آلي آ.

    هونءَ ته ناچيز آهي ”باغي“ پر،
    مُحبتن ۾ رهيو مثالي آ.


    تو هَٿان منهنجون شامون ڪئي خُون ٿيون.

    تو هَٿان منهنجون شامون ڪئي خُون ٿيون.
    رات جي پيٽ ۾ مون سان مدفُون ٿيون.

    دل مٿان برف باري ڪنديون جي هُيون،
    اڄ ته اکڙيون جُهڙاليون به سي جُون ٿيون.

    آڱريون تنهنجون، منهنجي هٿن ۾ اچي،
    منهنجي ڀاڳن تي جَڙجي سي زرڪُون ٿيون.

    عشق کي تون نه اَثبات جو روپ ڏي.
    پاڻ مِٽجي نفيءَ جو وڃي ”نُون“ ٿيون.

    مُرڪ جي جنهن سان معنيٰ سڀن کي اچي،
    ڏُک جي درس جو اهڙو مضمُون ٿيون.

    تون اکين تي شفق جيان وئين ڇانئجي،
    موسمون منهنجي خوابن جون مَيرُون ٿيون.


    ”ها“ منجهان ”ڪين“ تو ڪري ڇڏيو.

    ”ها“ منجهان ”ڪين“ تو ڪري ڇڏيو.
    عشق! لادين تو ڪري ڇڏيو.

    روح جي تار کي ڇڏيئي ڇيڙي،
    گيت! غمگين تو ڪري ڇڏيو.

    پنهنجي نيڻن کان اڄ ڪري اوجهل،
    مون کي نابين تو ڪري ڇَڏيو.

    ”عين“ ۽ ”قاف“ جي وچان آڻي،
    عشق جو ”شين“ تو ڪري ڇڏيو.

    زرد ”باغي“ هُيو زمانن کان،
    پل ۾ رنگين تو ڪري ڇڏيو.


    بابا جي ياد ۾

    مان جڏهن ڀي ٻُڌان ٿو شرنايون.
    ياد تنهنجون اچن ٿيون پرڇايون.

    تنهنجِي سازن ۾ سار سُڏڪي ٿي،
    ”بين“ مان سوز جون ٻُرن وايون.

    رنگ ماتم جو گهر تي ڇانيل هو،
    سانجهه، سُڏڪا، ڪَئي اُداسايون.

    تو اُٿي ڪين پر نماز پڙهي،
    چوڏسا کوڙ اَذانون آيون.

    ڍير تنهنجي مٿان مِٽي واري،
    ياد تنهنجون اچي ويون اَرڏايون.

    توسان دل ٿي چوي مُخاطب ٿيان،
    ڪيئن تنهنجي مِٽيءَ سان ڳالهايون.؟


    چاندنيءَ جي لباس ۾ ملبوس.

    چاندنيءَ جي لباس ۾ ملبوس.
    هوءَ چندن جي واس ۾ ملبوس.

    تو فنا ۾ بقا ڪئي آباد،
    روح جو راز، ماس ۾ ملبوس.

    ٿي ويو آ جلاوطن احساس،
    ديس منهنجو قياس ۾ ملبوس.

    مُنصفو! غور سان ڏِسو هي ڏيک،
    ٿيو مسيحا، ٽياس ۾ ملبوس.

    ڏينهَن، چادر جيان ڍَڪي آ رات،
    سڀ ستارا اُماس ۾ ملبوس.

    دانهن ٻيڙيءَ جي ٿي ويو درياهه،
    وَنجهه آهن، پياس ۾ ملبوس.

    ٽهڪَ، هڪڙي ۾ لُڙڪ آهن کوڙ،
    هر خوشي آهي ياس ۾ ملبوس.

    آرزوءَ جا ڪَٽي پيو بنواس،
    آدمي سارو آس ۾ ملبوس.


    مون سان اچي وڇوڙو، پنهنجو ته ونڊ نيرو.

    مون سان اچي وڇوڙو، پنهنجو ته ونڊ نيرو.
    اُٿلي پوي هي برفيل، نيڻن جو سمنڊ نيرو.

    گُذري ٿو هاڻ جيون، سانجهي، سوير، سُرمئي،
    سپنن جو روز صحرا، جهاڳي ٿي ننڊ نيرو.

    معراج، درد جو دل، ماڻي وَتو آ شايد!
    هر خيال مان ڪو تڏهين، اُڀري ٿو چنڊ نيرو.

    ڪيڏا، اَڏياسين دل ۾، ڳالهين جا ڳوٺ رنگين،
    اڄ ڀي اُهو آ ڇانيل، محبوب! منڊ نيرو.

    ڄڻ وقت کي ازل کان، پيهين رهي آ، ڌرتي،
    محسوس ايئن ٿئي ٿو، آڪاس جَنڊ نيرو.

    هڪڙي لڪير سارا، مُحبت جا رنگ ريٽيا،
    ٿي پيو ”عدم تشدد“، وارو هي کنڊ نيرو.


    سَڙي سوز جا ساز ڇيڙيا اسان.

    سَڙي سوز جا ساز ڇيڙيا اسان.
    صدائون، پڙاڏا، پکيڙيا اسان.

    مليو روح کي عشق جو حوصلو،
    اَنا سان تڏهن آهيون جهيڙيا اسان.

    سُکن کي ونڊيوسين، سڀن سان کِلي،
    لِڪي درد، روئي سهِيڙيا اسان.

    ٻَري ٻاٽ ۾ لاٽ جي نُور سان،
    صبح جا سويرا به کيڙيا اسان.

    اِنهيءَ ۾ هُيو روح جو راضپو،
    سڄي زندگي خواب ميڙيا اسان.

    اڪيلائي پوءِ ڀي نه دل جي کُٽي،
    سدا، ساٿ توڙي سهيڙيا اسان.


    جنهن نه دل ساڻ لاتو ڪڏهن ڏُک کي.

    جنهن نه دل ساڻ لاتو ڪڏهن ڏُک کي.
    سو ڪري ڪنهن جي محسوس ڪيئن دُک کي.

    ڍَوَ ۾ ماڻهو حيوان بڻجو پوي،
    ماڻهپي ئي سُڃاتو رڳو بُک کي.

    ڏُکَ مون لاءِ ڄڻ گهر جي ڀاتين جيان،
    مون ته مهمان سمجهيو سدا سُک کي.

    سونهن آهي مِٽي، نيٺ ويندئي ڦِٽي،
    ڇو پئي تون مَٽين، عشق کان مُک کي.

    وقت جا ڪانَ ڪيڏا نه سهندي رهي،
    جَسُ، ڌرتيءَ جي آهي جُهريل ڪُک کي.

    سِج-ڪرڻن منجهان، اُڃ پيئي وَسي،
    ڪير ڀاڪر ڀري، سُڏڪندڙ لُک کي.


    سَرن جي سرسراهٽ تي، هوا ترندي وڃي پيئي.

    سَرن جي سرسراهٽ تي، هوا ترندي وڃي پيئي.
    ڏِياٽي کُڙکٻيتي جي، مَٿس ٻرندي وڃي پيئي.

    پنهنجي نازڪ هٿن جي هاڻ، تون مون کي حَرارت ڏي،
    حياتي، جنوريءَ جيان، جُون ۾ ٺرندي وڃي پيئي.

    وڏا حالات جا مانگر، وڏي دَڙ، وقت – دريا ۾،
    پوءِ ڀي سنڌ، سُهڻي، هُن ڪنڌيءَ ترندي وڃي پيئي.

    سَنواٽي واٽ پنهنجي جاٽ جي، تبديل ٿيئي پيئي،
    تنهنجن وارن-وراڪن وانگيان ورندي وڃي پيئي.

    اچي پُهتا آهيون ويجها، مِلڻ پنهنجو پَري ناهي،
    صدين جيڏي وڇوٽي، بَرف جيان ڳرندي وڃي پيئي.

    ڏيون ٿا ٽهڪ اُڀ جيڏا، خوشي توڙي ذرو ناهي،
    اَڙي او سونهن! تنهنجي ساٿ ۾ سَرندي وڃي پيئي.


    پتڻ تي پُور هوندو هو.

    پتڻ تي پُور هوندو هو.
    دريا ڀرپُور هوندو هو.

    سنڌؤ جي ويڪري ڇاتي،
    ڪنارو ڏُور هوندو هو.

    پکين ٻوليو پئي ٻيلن ۾،
    ڪنڌيءَ تي جُهور هوندو هو.

    ڏنائين حوصلا هرپل،
    توڙي جو چُور هوندو هو.

    ٿڌيري ڇانوَ هو نِم جي،
    وڻن جو ٻُور هوندو هو.

    سُجاڳيءَ جي علامت هو،
    وطن لئه نُور هوندو هو.

    کنيائين تُهمتون سِر، تي،
    ميان! منصُور هوندو هو.

    مرڻ، جيئڻ آ، ڌرتيءَ سان،
    سندس منشُور هوندو هو.


    عڪس، نيڻن ۾ نکاريان پيو اڃان.

    عڪس، نيڻن ۾ نکاريان پيو اڃان.
    مان تصور کي اُجاريان پيو اڃان.

    پنڌ، واريءَ جو پيو پيرين رڳو،
    سِجُ، صحرا ۾ اُڀاريان پيو اڃان.

    سانوڻين جهڙيون تنهنجو ساروڻيون،
    مان گهٽائن ۾ گُذاريان پيو اڃان.

    خود شناسي آئينا! ڏيڻي اٿئي،
    تنهن ڪري تو ۾ نهاريان پيو اڃان.

    بيقراري دل مٿان ڪَرڪي پئي،
    درد جون ڪُونجون اُڏاريان پيو اڃان.

    خيال جي پرواز ٿڪجي ئي نٿي،
    ڪهڪشائن کي اُڪاريان پيو اڃان.


    جنهن جي ڪارڻ ڇڏيوسين زمانو سڄو.

    جنهن جي ڪارڻ ڇڏيوسين زمانو سڄو.
    تنهن زماني جي ڪارڻ اسان کي ڇڏيو.

    پنهنجي هَستيءَ جي مَستيءَ ۾ بي خود هئس،
    مان رهيس ڪين مان عشق اهڙو گڏيو.

    سَڏ منهنجا پڙاڏا ٿي واپس وريا،
    مون جڏهن ڀي ستارن کي سُڏڪي سَڏيو.

    درد مان دل جي تنهائي پيئي سَڏي،
    اي تماشائيو! هاڻ مون کي ڇڏيو.

    پنڌ، منهنجي ۾ ٻرندو رهيو رڻ سدا،
    دل جي خانه بدوشي نه ڪو گهر اَڏيو.

    سج لڙيي، شام جي ڌنڌ ۾ سُڃ مان،
    قافلو نيٺ ڪنهن جو وڃي پيو لڏيو!


    نه ڇڙٻِ ايڏو به سائلن کي.

    نه ڇڙٻِ ايڏو به سائلن کي.
    دُکي نه ڪر تون دُکايلن کي.

    مسيحا بڻجي نٿو سگهين جي،
    نه درد، ڪُوڙا! ڏي گهائلن کي.

    لٿي جڏهن ڪا به شام سُرمئي،
    اُداسي ويڙهي وئي پاڳلن کي.

    اُداس ٿي ويو سمونڊ سارو،
    پُڳيون نه ٻيڙيون جو ساحلن کي.

    متان تون ڇوڙي سُرن کي مارين،
    نه ٽوڙ پيرن جي پائلن کي.

    ملي نه بَرکا سفر ۾ ڪڏهين،
    صدين کان رُڃ ۾ اُڃايلن کي.

    اَڏولتا سان ڏي مُنهن ”باغي“،
    حيات جي تون مسائلن کي.


    مون کي اُتساهه سان جيئڻ جي واٽ ڏيکاري.

    مون کي اُتساهه سان جيئڻ جي واٽ ڏيکاري.
    شاعريءَ زندگي سان عشق ڇڏيو سيکاري.

    موڪلاڻيءَ جو وقت ٿي ويو آ موڪل ڏي،
    ڳالهه پوري ڪنداسين هي اڌوري ٻئي واري.

    خودڪشيءَ کان اڳي ئي هُن کان خودڪشي ٿي وئي،
    زندگيءَ کي به الوداع نه ڪيو ويچاري.

    ڪنهن ته معصوم جنم جي ٿو ياد تازي ڪري،
    ڪيڪ ننڍڙي مٿان هو ميڻ بتين کي ٻاري.

    جهول هيرن جا ڀري ديس! جنهن ڏِنا توکي.
    پنهنجي سِرَتي وسايا سنگ اُنهيءَ وڻجاري.

    ننڊ کي جاڳ جي آنڌي ڪري ڇڏيو، پن، پن،
    خاڪ، خوابن جي اُڏامي ٿي هر گهٽيءَ، چاري.

    زندگيءَ جي به حادثن نه اکيون آليون ڪيون،
    پر اي سنڌ! تنهنجي درد ڇڏيو روئاري.


    تو به هيڪل ڇڏي ڏنو اسان کي رستي ۾.

    تو به هيڪل ڇڏي ڏنو اسان کي رستي ۾.
    پنڌ ڏاڍو ڪيوسين رات توسان سپني ۾.

    تنهنجي احساس جو سنتوش صدين کان به وڏو،
    روح محسوس ڪيو جنهن کي هڪڙي لمحي ۾.

    ديپ گُل ٿي ويا ۽ گُل به خاڪ ٿي ويا سڀئي،
    وقت پر قيد ٿي ويو قبر جي ڪَتبي ۾.

    شام جو سمنڊ جي مُصلي تي ڄڻ عبادت ۾،
    ڪنڌ پنهنجو ٿو سِج جُهڪائي روز سجدي ۾.

    وَٽ، نيڻن جي جلائي ڪو خواب روشن ڪر.
    ڪين اُونداهه رهي ننڊ جي جهروڪي ۾.

    نيڻ هُن جا به ڄڻ ته ٻاجهه ڀري ڪا ٻولي،
    شاهه جي شاعريءَ جو لُطف سندس لهجي ۾.

    پيار جو آ ڪيو پرچار سدائين ”باغي“،
    ڪين پئسي جي رهياسين ڪڏهن به پيڇي ۾.


    ٺرو ئي نٿا پيا، بِرهه ۾ سَڙو.

    ٺرو ئي نٿا پيا، بِرهه ۾ سَڙو.
    رڳو نيڻ! نادان پيا ٿا اَڙو.

    وَسي ٿو ته بوندن، بهارون ڪري،
    ڪِري ٿو ته پو عشق بڻجي ڳڙو.

    سڀن کي هي آڇي ٿو پاڻي مِٺو،
    مگر اُڃ ۾ خود رهي ٿو گهڙو.

    جتان ساٿ تنهنجو بڻيو مان هئس،
    اُتي اڄ اڪيلو مان آهيان کڙو.

    سدا جنهن جو احساس امرت لڳو،
    اُهو اَڪ کان ڀي گهڻو هو ڪَڙو.

    مَٿي تي ستارن جي چُنري ۽،
    ڍڪيو آهي ڌرتيءَ به سائو پڙو.

    قصو هيڪلائيءَ جو اُن کان ئي پُڇ،
    رهيو عمر ڀر جيڪو گهر ۾ ڇڙو.

    اکيون ٻيڪڙيل در جون ”باغي“ رهيون،
    ويو زنگ ۾ دل جو، ڪٽجي ڪَڙو.


    هاڻ آ جيئن، ايئن اڳ لڳي ڪين هئي.

    هاڻ آ جيئن، ايئن اڳ لڳي ڪين هئي.
    تنهنجي چهري تي ڪا بي حسي ڪين هئي.

    اوپرائپ جي ايڏي هئي پيهَه جو،
    تنهنجي گهر ڏي اچڻ جي گهٽي ڪين هئي.

    موت جاڳايو جڏهين ته آ ايئن لڳو،
    زندگيءَ ۾ ته ڪا زندگي ڪين هئي.

    يا ته هاڻي کڻي مان به ايئن سمجهندس،
    تنهنجي مون سان ڪڏهن دوستي ڪين هئي.

    روپ تنهنجو نئون توکي ڏيکاريان ها،
    ڪابه مون وٽ مگر آرسي ڪين هئي.

    تنهنجي چهري تي مون کي جا آئي نظر،
    تنهنجي من ۾ اُها سادگي ڪين هئي.

    موڙ اهڙي تي تو ڀي اچي هٿ ڇڏيو،
    منهنجي وَس ۾ ڪَرڻ خودڪشي ڪين هئي.


    جي نه تنهنجي رهي ڪا پرڇائي.

    جي نه تنهنجي رهي ڪا پرڇائي.
    مون کي ماري ڇڏيندي تنهائي.

    وقت، جابر جيئڻ ڏئي ئي نٿو،
    مون کي جيئاري ٿي منهنجي اَرڏائي.

    خواب منهنجا رنگين ٿي ويا سڀ،
    تو جو چُنري اکين تي ڦهلائي.

    رات جي پيٽ ۾ دفن تو ڪئي،
    شام منهنجي حسين هر ڪائي.

    عاشقاڻي نگاهه جي ئي ڪري،
    زندگيءَ ۾ رهي ٿي رعنائي.

    حالتن کي ته مُنهن ڏئي وٺبو،
    يار! ماري ٿي پر اڪيلائي.

    تنهنجا موسم تي وڏا وڙ آهن،
    وار ڇوڙي تو مُند، مهڪائي.


    عڪس رهجي ويا نگاهن ۾.

    عڪس رهجي ويا نگاهن ۾.
    رنگ، اُڏري ويا هوائن ۾.

    تو به پَرگهور ڪِٿ لڌي تن جي،
    سَڏ، گُم ٿي ويا خلائن ۾.

    هانوَ تي ياد ڪا هُري پيئي،
    عشق! آهيون سندءِ صدائن ۾.

    اڄ به ڄڻ، ڪالهه جو تسلسل آ،
    فرق ڪهڙو ڪيان فضائن ۾.

    نيڻ، لفظن جا ٿي ويا آلا،
    درد، ڪيڏو هُيو دُعائن ۾.

    منهنجي خوابن جي آرسيءَ جهڙو،
    زرد هر ڏيک آ، خزائن ۾.

    سنڌ! ڪنهن جي لڳي نظر توکي،
    گهاٽ تنهنجا سُڪل گهٽائن ۾.

    چين جي جُستجوءَ ۾ جيون کان،
    ڏور نڪري ويس دوائن ۾.


    پنن جي آ، ڇڻ، ڇڻ.

    پنن جي آ، ڇڻ، ڇڻ.
    مٿان مينهَن ڪڻ، ڪڻ.

    ڪَتي واءُ چرخو،
    گهٽائن جو آتڻ.

    بڻيو قيد جيون،
    پيا ڏک ڏانوڻ.

    وَڳي درد ويڻا،
    لڳا سور مهڪڻ.

    ڪئي ڪوڪ ڪوئل،
    ته سُڏڪي پيو سانوڻ.

    پکي ڪنهن جنم هوس،
    سُڃاڻي ٿو وڻ، وڻ.

    ڪڏهن نيٺ ايندينءَ.
    وجودن کي واسڻ.

    هرڻ جي حياتي،
    بَرن ۾ آ ڀٽڪڻ.

    ڏٺيئن ڪين ”باغي“،
    الا، تانگهه تڙپڻ.


    موت جي ٿڌ ۾ ٺَري ويندا.

    موت جي ٿڌ ۾ ٺَري ويندا.
    برف جيان خواب سڀ ڳَري ويندا.

    رات! ايڏي نه ٿي ڀيانڪ تون،
    ٻار معصوم سڀ ڏَري ويندا.

    پيار کي جن به حَوسَ ۾ ڳوليو،
    موت، ماڻهو اُهي مَري ويندا.

    عشق! تنهنجي ندي اُٻهري آ،
    پو به اَڻ تار سَڀ تَري ويندا.

    آههُ، منهنجي اندر مان نِڪتي جي،
    ڪيئي ٻارڻ ميان! ٻَري ويندا.


    ڪنهن ڏهاڙي پکين جيئن اُڏامي.

    ڪنهن ڏهاڙي پکين جيئن اُڏامي.
    وقت جيان مان به ويندُس وهامي.

    سج جهڙا نه تون رک روَيا،
    ميڻ بڻجي وڃان مان نه کامي.

    داوَ تي تون نه هڻ دوستيءَ کي،
    بي مُلهو تولئه ويندس وڪامي.

    دل جي درگاهه جو مان مُجاور،
    ڪين منهنجي دُعا پر اَگهامي.

    درد جو ڳٽ، جيون- ڳچيءَ ۾،
    عشق! تنهنجي ڪيون پيا غلامي.

    دُونهون بڻجي به توکي پيو ڳوليان،
    وَٽِ هُئس، تو هٿان ويس وسامي.

    جاڳ، آواز هُن کان کسي وئي،
    خواب ۾ ٿو ڪري خود-ڪلامي.


    ميل رکجو مَتو، خدا حافظـ.

    ميل رکجو مَتو، خدا حافظـ.
    هاڻ اي دوستو! خدا حافظـ.

    ڏَسُ، خانه بدوش جو ڪهڙو؟
    پنهنجو ناهي پتو، خدا حافظـ.

    منهنجي ڌرتيءَ جو خيال رکجو پيا،
    سنڌ جا پربتو! خدا حافظـ.

    ٿَڪ، ڪهڙا ڀڃان مان صحرا ۾،
    پنڌ پيو آ تَتو، خدا حافظـ.

    منهنجي ڏُک ۾ ڇڻي ويا آهيو!
    او بسنتي پَتو! خدا حافظـ.

    ڏِسُ، ٻيڙي شفق جي آئي آ،
    سج آهي رَتو، خدا حافظـ.

    بي گُناهي سجائي سين سِر تي،
    هاڻ اي تُهمتو! خدا حافظـ.


    عشق! توکان اڳي نويلو هوس.

    عشق! توکان اڳي نويلو هوس.
    پر نه مان ايترو اڪيلو هوس.

    قافلا حادثن جا پُهچي ويا،
    پاڻ درويش، پاڻ ميلو هوس.

    زندگي مون کي سمجهو سُهڻيءَ جيان،
    موت لئه بي ثبات ڀيلو هوس.

    وقت آيو نه هو اڃا منهنجو،
    آئون هڪڙو ئي بس اويلو هوس.

    ڪو به مانجهي نه سَڙهه، نه ئي لنگر،
    مان بنا وَنجهه ڪو بتيلو هوس.

    ڪو به دل جي نه ويجهڙو آيو،
    ڄڻ ته جهولن ۾ ٻريل ٻيلو هوس.


    ماکيءَ کان آهي مٺڙو، احساس زندگيءَ جو.

    ماکيءَ کان آهي مٺڙو، احساس زندگيءَ جو.
    کائين ٿو ڇالئه ڪوڙو؟ بادام خودڪشيءَ جو.

    تنهنجين اکين ۾ پنهنجو، ٿي عڪس ڏِسڻ چاهي،
    تون ساڀيان ڪري ڇڏ، اڄ خواب آرسيءَ جو.

    آواز جي هوءَ رستي، دل ۾ لهي چُڪي آ،
    سوچيان ٿو ڪيئن چهرو، هوندو تنهن اجنبيءَ جو.

    صحرا جو ذرو، ذرو، تجلا ڏئي رهيو آ،
    ڪيئن ٿو پري کان جَرڪي، ڏس رنگ تشنگيءَ جو.

    ڏُک مان ئي آهي خلقي، خالق سڄي سرشٽي،
    بي ڪيف، بي رنگو آ، احساس هر خوشيءَ جو.

    رشتن جي نُمائش ۾، مجبوريون ٿيون سُڏڪن،
    چهري مٿان سجايل، چهرو مُنافقيءَ جو.

    اُوندهه جو جهنگ گهاٽو، ويندو سَڙي تون ڏِسجان،
    رَستو ڦُٽي انهيءَ مان، پوندو پِرهه ڦُٽيءَ جو.

    مايوسيون، اُتساهه ۾، تبديل ٿي وڃن ٿيون،
    ايندو آ خيال جڏهين به ”مُون“ ۽ ”مِليءَ“ جو.
    ___
    * مُون ۽ مِلي، منهنجو اولاد.


    هُو هليو ويو هيڪلاين ۾ ڇڏي.

    هُو هليو ويو هيڪلاين ۾ ڇڏي.
    مون کي منهنجي ڪربلائن ۾ ڇڏي.

    خواب جا پاڇا سدائين جاڳندا،
    ننڊَ، کي ويندس دوائن ۾ ڇڏي.

    ياد منهنجي گونجندي پڙلاءَ ٿي،
    دردَ کي ويندس صدائن ۾ ڇڏي.

    بد دعائن جا پني الفاظ ڪجهه،
    ٿو وڃان توکي دُعائن ۾ ڇڏي.

    تون حقيقت جي بَڻي اچ ساڀيان،
    وَڃ نه خوابن جي خلائن ۾ ڇڏي.


    اسان جون هي رولاڪ ڀٽڪيون اکيون.

    اسان جون هي رولاڪ ڀٽڪيون اکيون.
    وري لاڙڪاڻي ۾ اٽڪيون اکيون.

    صدين کان آ پو خودشناسي ملي،
    مون تنهنجون پري کان ئي پرکيون اکيون.

    ٻري جيئن جَر تي ڪي ڏيئا پون،
    ايئن تنهنجي خوابن سان جَرڪيون اکيون.

    سدائين اکين کان رُٺل ئي رهيون،
    نه تنهنجون اکين ساڻ پرچيون اکيون.

    اڙي لاڙڪاڻا! وسارين متان،
    ته ”باغي“ جون تولئه به برسيون اکيون.


    ويلنٽائن ڊ ي

    جيئو، جيئو اي عاشقو! سنيهن آيو آ.
    بسنت ۾ ته مُحبتن جو، ڏينهن آيو آ.

    دلين ۾ ڪونپلون اظهار جون ٽڙيون آهن،
    نڪور، رنگ کڻي ڇا ته نينهن آيو آ.

    ڪڻي، ڪڻيءَ جي چَپن تي آ مُرڪ موتيي جي،
    گهٽيءَ، گهٽيءَ ۾ ڪرڻ رقص مينهن آيو آ.


    ڀونئر مُکڙين مٿان ڀِري آيا.

    ڀونئر مُکڙين مٿان ڀِري آيا.
    رنگَ ڪيڏا بسنت ڦهلايا.

    مون ته آڇيون کِلي کٿوريون پر،
    دوستن جا عجيب ها، رايا.

    پوپٽن جي پَرن تي آيو بهار،
    کيپ خاصا پکين مٿان ڇايا.

    توسان منسوب موسمون دل جون،
    توئي سڀ خواب منهنجا مهڪايا.

    روڪ، اکڙيون نه ٿي وڃان مُفلس،
    تنهنجا ڳوڙها ئي اٿم سرمايا.

    مون کي سڀني ڇڏيو رُسائي پر،
    پو به مون دوست، سڀئي پرچايا.


    ڪهڙو ويساهه ڪيان قاتل تي.

    ڪهڙو ويساهه ڪيان قاتل تي.
    ضبط هاڻي رهيو نه آ دل تي.

    مون کي ڳيهي رهيو آ، هر لمحو،
    زندگيءَ جو سفر آ، دلدل تي.

    پاڻ کي ٿو فنا ڪيان محسوس،
    هي ٿو احساس ڏنگي منزل تي.

    ڀونءِ ساري ڪنڊا ۽ شيشا ٿئي،
    مون ڏي اچجان مگر تون بادل تي.

    وِير وانگي وڇوڙو ويو لوڙهي،
    پيار واريءَ جو گهر هو ساحل تي.

    ڄڻ ته فطرت اِتي کُٽي ٿي پوي،
    تنهنجي رنگين، حسين آنچل تي.

    نيڻ ڀونئرن جيان ڀِرن ”باغي“،
    سونهن جي سُرخ، گلابي گل تي.


    ڀَل کڻي ڪيترو به چاهي ڪو.

    ڀَل کڻي ڪيترو به چاهي ڪو.
    توڙ تائين نٿو نڀاهي ڪو.

    دل ڏيڻ لاءِ مان کڙو آهيان،
    پيار سان ڪير وٺندو، آهي ڪو؟

    دل تي دز ماٺ جي چڙهي ويئي،
    هاءِ! ڦُوڪي، ڇنڊي ته لاهي ڪو.

    جنهن جي ڀاڪر ۾ روئي هلڪو ٿيان،
    ساٿ اهڙو ته مليو ناهي ڪو.

    جوڙو، جوڙو هي جڳ سارو آ،
    هيڪلي دل کي ڪيئن صلاحي ڪو!؟


    سپنا اُڻي، اُڻي هي، آهن اکيون سجايون.

    سپنا اُڻي، اُڻي هي، آهن اکيون سجايون.
    اي عشق! رنگ تنهنجا، دل کي ٿا روز لايون.

    جيڏو به ٿي سگهي تون، فطرت جي رهج ويجهو،
    گُلڙن جا گيت ڳاءِ، ٻُڌ پوپٽن جون وايون.

    مٽيءَ جو مانُ ڄاڻڻ، جيڪر گهُرين ٿو جيئري،
    ڌرتيءَ جي خاڪ ٿي تون، سڀئي ڇڏي وڏايون.

    محبت ۽ عاجزيءَ جو، هيءَ زندگي آ ميلو،
    انسان! هي اَنائون، تنهنجون سڀئي اَجايون.

    ايئن ٿئي نه خاڪ بڻجي، اُڏري وڃون هوا ۾،
    چاهت جو ڀڀڙ بڻجي، چڻنگون وري دُکايون.

    جو عڪس، نقش ٿي پيو، آ دل جي درسنيءَ ۾،
    سو اولڙو اکين مان، ”باغي“! ڪيئن مِٽايون.


    ڪئي آ گهڻي مون ته چهرن جي ڳولا.

    ڪئي آ گهڻي مون ته چهرن جي ڳولا.
    ڪٿي آهين منهنجي او جنمن جي ڳولا؟

    جنمَ جن جي گُذري ويا جُستجوءَ ۾،
    کُٽي ئي نٿي سا ته لمحن جي ڳولا.

    وڇوڙا ڏِسي سُرمئي، ساڀيان ۾،
    سليٽي ڪئي ننڊ، سپنن جي ڳولا.

    الئي وقت جي ورق ڪهڙي تي گُذري،
    الئي ڪِٿ وڃائي مون بچپن جي ڳولا.

    سفر کان اڳي سمنڊ ڏاڍو چيو پئي،
    کُٽي پوندي ساحل تي لهرن جي ڳولا.

    ڪيم کوڙ اظهار لئه لفظ باندي،
    رهي روح کي پو به لفظن جي ڳولا.

    ڏسي جنهن ۾ محسوس ٿئي خودشناسي،
    اٿم روح کي اهڙي درپن جي ڳولا.

    رهيو سادڙو دل جو اسڪيچ تنها،
    ڪيم پيار جي خُوب رنگن جي ڳولا.

    ڪڏهن زندگي ٿي نه محسوس ”باغي“
    رهي زندگيءَ ۾ به جيون جي ڳولا.


    ڪُنن مان ڪنارين ته، ٿورا.

    ڪُنن مان ڪنارين ته، ٿورا.
    ٻُڏل دل کي تارين ته، ٿورا.

    چڙهي دز دل تي وئي آ،
    ڇنڊي سا اُجارين ته، ٿورا.

    ورڻ هاڻ مون وَس نه آهي،
    نه جيڪر پُڪارين ته، ٿورا.

    چڙهن پيار جا کيپ دل تي،
    نشيلو نهارين ته، ٿورا.

    ڪري ياد سارو زمانو،
    سڄڻ تون جي سارين ته، ٿورا.

    سڀئي کولي پڃرا پکين کي،
    هوا ۾ اُڏارين ته، ٿورا.

    تون جنمن جي اُونداهين مان،
    پِرهَه ڪا اُڀارين ته، ٿورا.

    تون تنهائين جي سفر ۾،
    اچي گڏ گُذارين ته، ٿورا.


    وقت کي تو اکين سان ڏني مات آ.

    وقت کي تو اکين سان ڏني مات آ.
    قيد تو اڄ ڪجل ۾ ڪئي رات آ.

    ڳل تنهنجا حيا ۾ گُلابي ٿيا،
    پيار جي هي ته پهرين ملاقات آ.

    خواب ۾ ڀي لڪي ٿي اچي لوڪ کان،
    هيءُ معصوم هُن جي ادا ڇا ته آ.

    يا خُدا! جڳ تنهنجو آ سُندر سڄو،
    ها مگر سنڌ ڌرتيءَ جي ٻي بات آ.

    بي سبب دل جي ڌڙڪن نه وڌندي ميان!
    منهنجي خيالن منجهان گُذرندي ڪا ته آ.

    رات ٿئي ٿي جُهڪائين ٿي نظرون جڏهن،
    جي کڻين ٿي نگاهون ته پِرڀات آ.

    هونءَ ته آهي اکين جي ڪکائين جُهڳي،
    ها مگر، اُن ۾ خوابن جي محلات آ.

    ڏُک مون کي جيئڻ جو ٿا اُتساهه ڏين،
    درد، منهنجي ڏهوڻي ڪئي ڏات آ.


    اکين جا اُهي جام ڪيئن وساريان؟

    اکين جا اُهي جام ڪيئن وساريان؟
    ٻُڌا! شبنمي شام ڪيئن وساريان؟

    چپن تي اچڻ سان خُماري ڇڏي ٿو،
    نشيلو تنهنجو نام ڪيئن وساريان؟

    وڇوڙو جتان سج وانگر هو اُڀريو،
    غمن جو اُهو گام ڪيئن وساريان؟

    هيءَ دل، مورتي، جنهن جي بڻجي وئي آ،
    اُهو روح جو رام ڪيئن وساريان؟

    خدائي جو ڏسندي ئي احساس ٿيو هو،
    ٿيل دل تي الهام ڪيئن وساريان؟

    ٽڙيون جنهن تي پنهنجون دليون ڪونپلن جيئن،
    خوابن جي سا لام ڪيئن وساريان؟

    اکين سان تو دل کي پکين جيئن ڦاسايو،
    اُهو ديد جو دام ڪيئن وساريان؟


    دردن جي سرد اُسَ ۾، دل جو آ ياد اوڇڻ.

    دردن جي سرد اُسَ ۾، دل جو آ ياد اوڇڻ.
    ساري سندءِ وڇوڙو، لِڱُ لِڱُ لڳي ٿو ٿڙڪڻ.

    هر ياد تنهنجي دل تي، آ زرد ويس وانگر،
    ڇاڻي رهي آ مون کي، پَن پَن، وِرهه جي پَن ڇَڻ.

    پنگهٽ مٿان هي پونم، پيئي انتظار ڀوڳي،
    اي چنڊ! هيءَ صدين کان، ڪنهن لئه آ تنهنجو ڀٽڪڻ؟

    بي وقت موڪلاڻي، محشر جو آهي منظر،
    سڀ ڪجهه فنا لڳي ٿو، هر چيز ڀَسم آ، ڄڻ.

    چِت جو هلائي چرخو، ڪتيان پئي قُرب تنهنجو،
    سپنن ۾ گهُمي وڃجان، دل جو اُداس آتڻ.

    پنهنجين اکين کان مون کي، تون ئي پُڇي ٻُڌائج،
    هي رنگ کڻي ايڏا، ڪاٿان اچي ٿو سانوڻ؟

    ”باغي“! هجر ۾ پڄري، هي دل به خاڪ ٿي وئي،
    برکا جي برف جهڙي، پوءِ پئي آ ڪڻ ڪڻ.


    رات ويران رستن تي آوارگيون.

    رات ويران رستن تي آوارگيون.
    راس آيون رڳو دل کي ديوانگيون.

    توکي پرچائيندي عمر گُذري وئي،
    پر نه تنهنجو کُٽيون پو به ناراضگيون.

    پاڻ ۾ مون جو پيهي، پروڙي ڏٺو،
    آشنا ٿي ويون سڀئي بيگانگيون.

    اي زمانا! مان توسان نه سگهندس هلي،
    منهنجي فطرت ۾ آهن رڳو سادگيون.

    تنهنجي هَستيءَ جي خوشبو ٿي محسوس ٿئي،
    تنهنجي احساس ۾ وقت جون تازگيون.

    روح جي ديد سان جو ڏِٺم هڪ جهلڪ،
    دل کي گيڙو ڪري ويون ڪي حيرانگيون.

    يا خدا! پيار لئه هڪ جنم ڇو ڏنئي،
    عشق بڻجڻ لئه گُهرجن ڪئي زندگيون.

    سچ جي ئي سُڃاڻپ وڏي آ ميان!
    ڪين تنهن ساڻ پُڄنديون تنهنجون بندگيون.


    خود کي اول وڃائي، پوءِ پاڻ پائي سگهندين.

    خود کي اول وڃائي، پوءِ پاڻ پائي سگهندين.
    گيڙو تڏهن گداگر! پهرياڻ پائي سگهندين.

    جاتي به وڃين پنهنجي، خوشبوءِ ڇڏي اچجان،
    تڏهين ته موٽ ۾ تون، سُرهاڻ پائي سگهندين.

    پنهنجي وجود ۾ تون، جيسين نه چنڊ بڻبين،
    ذرڙي به تون نه اوسين، چانڊاڻ پائي سگهندين.

    سڀ ڪجهه ڀُلائي پهرين، اَڻ ڄاڻ ٿي ازل جو،
    ڪجهه ڪين مان ئي تڏهين، ڪا ڄاڻ پائي سگهندين.

    رک جُستجو هي جاري، من جي اندر جي ”باغي“،
    تڏهين ته ماڻڪن جي، تون کاڻ پائي سگهندين.


    سڀ ڪو سُتو پيو آ، آرام سان گهرن ۾،

    سڀ ڪو سُتو پيو آ، آرام سان گهرن ۾،
    هڪ مان ئي آهيان جيڪو، آواراگي ڪيان ٿو.

    توڙي جو مونکي توکان، آهن مليون اُداسيون،
    توسان وفائون پو ڀي، اي زندگي! ڪيان ٿو.

    هي ڪهڙي ننڊ جو آ، مون تي جُنون طاري؟
    جو روز خواب ۾ ڀي، مان خودڪشي ڪيان ٿو.


    وشواس وقت جي اڄ، ڪنهن واٽ تي ڪري پيو،

    وشواس وقت جي اڄ، ڪنهن واٽ تي ڪري پيو،
    جهيرون ڪري ڇڏيو تو، جو دوستيءَ جو دامن.

    تنهائيءَ جي سُئيءَ ۾، سارن جو سَڳو آهي،
    رُلندي سِبي ٿي هيءَ دل، آوارگيءَ جو دامن.

    ٽهڪن جون اکيون ڳاڙهيون، ڳوڙهن سان تار آهن،
    غم سان ڀريو پيو آ، هر ڪنهن خوشيءَ جو دامن.


    تون متان سمجهين ته ناهي درد ڪو.

    تون متان سمجهين ته ناهي درد ڪو.
    مون ته ڳوڙهن کي لڪائي آ رکيو.

    مون ڏٺو رُئندي بُکايل ٻارڙو،
    بُک جهڙو هي سڄو عالم لڳو.

    مون وڃايو پاڻ کي ڪِٿ ۽ ڪڏهن،
    هي پتو مون کي اڃان ناهي پيو.

    درد جو دل تي ڪُرف آهي لڳل،
    زنگجي ويل ٿي پيو آهيان ڪڙو.

    باک سان هر روز مان مَرندو هئس،
    هو ڪڏهن منهنجو به جيون، سج لٿو.

    چنڊ، موکي ۽ ستارا سڀ پياڪ،
    مڌ، چانڊوڪي، بڻيو اُڀ مي ڪدو.


    هوءَ جو ٽهڪ ڏئي ٽِڙي پوندي.

    هوءَ جو ٽهڪ ڏئي ٽِڙي پوندي.
    رات، رابيل جيئن کِڙي پوندي.

    ڳل، چانڊاڻ ٿي چُمي تنهنجا،
    روڪ اِن کي، هي دل چِڙي پوندي.

    تنهنجي زلفن جي ڦند ۾ ڦاسي،
    واءُ، ويچارِڙي ٿِڙي پوندي.

    کيس ڪهڙي خبر ته دوريءَ سان،
    اوڏو دل کي ٿي ويجهڙي پوندي.


    تنهنجي اهڙي نگاهه لڳندي آ.

    تنهنجي اهڙي نگاهه لڳندي آ.
    مڌ-ماتي صلاح لڳندي آ.

    ڪين جيڪا ڪڏهن سگهي وسمي،
    پنهنجي گهر مان سا باهه لڳندي آ.

    خاڪ، پنهنجيءَ منجهان مان جنمان ٿو،
    تات، تنهنجي تباهه لڳندي آ.

    توڏي ايندي بنا جُهڙالن جي،
    دل جي گهنگهور راهه لڳندي آ.

    روز ٻُڏندو رهان ٿو ٻُڏتر ۾.
    سوچ اُٿليل درياهه لڳندي آ.

    تنهن ڪري ٿو رهان خوابن ۾،
    ننڊ مون کي پناهه لڳندي آ.

    آس تنهنجيءَ سواءِ هر خواهش،
    چاهنا ۾ گناهه لڳندي آ.

    تون جڏهن موڪلائي ويندي آن،
    زندگي خوامخواهه لڳندي آ.


    خُوب احساس منجهه خُوابي آ.

    خُوب احساس منجهه خُوابي آ.
    ڪيف جي ڪيفيت گُلابي آ.

    هُن جو چهرو ڏِسي سگهيو ناهيان،
    هوءَ خوابن ۾ ڀي نقابي آ.

    دل جَهٽي ٿي وڃين ڪبوتر جيان،
    تنهنجي نيڻن، ڪشش عُقابي آ.

    خيال جي ڪائنات کي جوڙي،
    دل اُنهيءَ تي ڪندي نوابي آ.

    کيپ آهن اکين ۾ اَڻ پيتا،
    دل مزاجن ملي شرابي آ.

    عشق خانه بدوش آ ”باغي“،
    تنهن ۾ ڀٽڪڻ ڪهڙي خرابي آ؟


    جنمن کان پيو ڀوڳيان، بي نانءُ ڪا اسيري.

    جنمن کان پيو ڀوڳيان، بي نانءُ ڪا اسيري.
    دل تي هُري رهي آ، هيءَ ڪنهن جي يادگيري؟

    ڌن جا گهڻا ئي آهن، ڌنوان زماني ۾،
    ڪنهن، ڪنهن کي پر ملي ٿي، دل جي اُتم اميري.

    دنيا جي اُلجهنن ۾، اُلجهڻ کان بچي وياسين،
    هِن عشق فاصلن ۾، ارپي ڇڏي فقيري.

    پاسو ڪري اِنهيءَ کان، هر ڪو وڃي ٿو گُذري،
    هر دور ۾ اڪيلي، رهجي وڃي ٿي پِيري.

    هِن دل مان اڃان تائين، باکو ن ڦُٽي رهيو هِن،
    اهڙي ته آ نشيلي، تنهنجي نگاهه نيري.


    خواهشن جي چَتيون، چَتيون چولي.

    خواهشن جي چَتيون، چَتيون چولي.
    دل به جهڙي فقير جي جهولي.

    ننڊ، پوپٽ جيان وئي اُڏري،
    خواب، خوشبوءِ جي دري کولي.

    دل جا احساس ٿي ويا آلا،
    درد جي روح مان اُٿي ڇولي.

    جنهن کي ناهيان ڏِسي سگهيو ڪڏهين،
    اهڙي صورت اکين سدا ڳولي.

    عشقُ من جي نجات ٿي آيو،
    ورنه هيءَ زندگي به هئي کولي.


    رنگ برکا کڻي پُڳي آهي.

    رنگ برکا کڻي پُڳي آهي.
    پنهنجي جهيڻي مگر جُهڳي آهي.

    عشق تي آ گُذر، سفر دل جو،
    انتظاري اکين چُڳي آهي.

    سُک پاڇو، ڏُکن جي پنڇيءَ جو،
    رُڃ پرواز ۾ رُڳي آهي.

    هُن جي ڳالهين ۾ کٽڙي آخوشبو،
    سانوري، ڊاک جي ڇُڳي آهي.


    کِلي موڪلائي هليا آياسين.

    کِلي موڪلائي هليا آياسين.
    مگر دک پائي هليا آياسين.

    صدين کان وڏو دوستي جو يقين،
    پَلن ۾ لٽائي هليا آياسين.

    الائي ڇو جن سان ڪيو پيار آ،
    اُنهن کي وڃائي هليا آياسين.

    هُيو مُحبتن جو نشو روح کي،
    اهُو اڄ اُڏائي هليا آياسين.

    لِڪل لڙڪ نيڻن جي ها ڪُنڊ ۾،
    ڪِرڻ کان بچائي هليا آياسين.

    ڏني عشق ايڏي ته نوِڙت وڏي،
    نگاهون جهُڪائي هليا آياسين.

    الا! ڏوهه جيڪو ڪيو ئي نه هو،
    سزا اُن جي پائي هليا آياسين.

    هُيو روح ڪوري، ڳنڍيئين ڳالهه کي،
    ڀَرم کي بچائي هليا آياسين.

    عجب ڳالهه جن کان شڪايت هئي،
    اُنهن کي منائي هليا آياسين.


    ياد تنهنجي ڪتين، قطارون آ.

    ياد تنهنجي ڪتين، قطارون آ.
    سارو آڪاس اوڇنگارون آ.

    چنڊ کي ڪئين ڏِسان، ٻُڌا مون کي،
    ڇو ته چانڊاڻ تنهنجون سارون آ.

    هر ڪليءَ مان اکيون ڏسن تنهنجون،
    تنهنجو احساس ڀي بهارون آ.

    دل اڪيلائي ۾ هي ڄاتو آ،
    زندگي نينهن جون نِهارون آ.

    ڪابه ناهي خلا ۾ خاموشي،
    ڀونءِ، پولار سڀ پُڪارون آ.

    لفظ پيا ٿا اُڏن تصور ۾،
    شاعري ريشمي اُڏارون آ.

    ضابطن ۾ رهيو نه آ ڪڏهين،
    عشق آزاد بي مهارون آ.

    عاشقن جي ٽٽل دلين لاءِ،
    درد جهڙو نه ڪو به دارون آ.


    سونهن ۾ ڏِسُ حيات جنمن جي.

    سونهن ۾ ڏِسُ حيات جنمن جي.
    نينهن آهي نجات جنمن جي.

    ڏَس ته دنيا! ڪيئن ڇڏيان هِن کي؟
    منهنجي همدم آ ڏات جنمن جي.

    شال تو مان ٿئي جنم منهنجو،
    تو سان سَلڻي آ بات جنمن جي.

    پنڌ پيرن جو پَٽيون ٿي پوندو،
    پيو ڪَٽيان پُلصراط جنمن جي.

    خواب جي اِن ۾ حقيقت آهي،
    تون ئي ٿي حاصلات جنمن جي.

    ڪين پوري پَسِي سگهيو آ ڪو،
    زندگي آهي جهات جنمن جي.

    آ ڪٿان آئي، وڃي ٿي ڪاڏي،
    هُو ستارن برات جنمن جي.

    دل کي ناهي جُنون جيئڻ جو،
    آ ملي کيس مات جنمن جي.


    دوستي ذرڙيون لڳي اهڙي.

    دوستي ذرڙيون لڳي اهڙي.
    آرسي ڀرم جي ڀڳي اهڙي.

    روز خود کي فريب ڏيان ٿو مان،
    روز تون ٿي ڪرين ٺڳي اهڙي.

    وقت! تون ئي ٻُڌا وڃان ڪاڏي؟
    زندگي ٿي پئي چؤدڳي اهڙي.

    سڀ اکيون تنهنجي ڪِريون قدمن ۾،
    جهانجهه پيرن سندءِ وڳي اهڙي.

    تون ئي تون آهين مان ڪٿي آهيان،
    اڳ نه ڪنهن سان به دل لڳي اهڙي.

    ڄڻ گهٽائون تو ويڙهيون انڊلٺ سان،
    تنهنجي وارن ۾ آ سڳي اهڙي.


    هونءَ ته گُذري ويون ڪيتريون ئي رُتون.

    هونءَ ته گُذري ويون ڪيتريون ئي رُتون.
    پر وڇوڙن جون گُذرن نه ٿيون ساعتون.

    روز تون ڪنهن نئين رنگ ۾ ٿو ملين،
    عشق! تنهنجون ڏٺيوسين سوين صورتون.

    تنهنجي معصوم چهري جو ٻيو رُخ ڏسي،
    مون کي ويڙهي ولين جيئن ويون حيرتون.

    پو به ناهي ڪو چارو اِنهن کان سوا،
    توڙي ماري، جيئارين ٿيون مُحبتون.

    اڄ اُتي هڪ پلازه آ تعمير ٿيو،
    ڪالهه جاتي ڪي بي نام هُون تربتون.

    نَرڳ جهڙي حياتيءَ ۾ منهنجي امان!
    مون لئه تنهنجون دعائون سدا رحمتون.


    پنڌ آهي وڏو کُٽڻ گهُرجي.

    پنڌ آهي وڏو کُٽڻ گهُرجي.
    هاڻ هي سلسلو ٽُٽڻ گهُرجي.

    آس جون ٽاريون ٻُسيون آهن،
    ڪا ته مُکڙي مٿن ڦُٽڻ گهُرجي.

    ڪيترائي لُٽيا مُسافر تو،
    هاڻ توکي حُسن! لُٽڻ گُهرجي.

    تون به دنيا جي رسم پوري ڪر،
    سنگ ديواني کي چُٽڻ گهُرجي.

    پيار جا رنگ ورهائڻ گُهرجن،
    ڪين اظهار ڪو گهُٽڻ گهرجي.


    وقت ڀي ڪين سگهيو آ ڊاهي.

    وقت ڀي ڪين سگهيو آ ڊاهي.
    روح ۾ رنگ اوهان جو آهي.

    زندگيءَ کي ملي وئي معنيٰ،
    پاڻ پاتو اٿم توکي چاهي.

    ماءُ ڌرتي! تنهنجو مياري هان،
    قرض تنهنجو نه مان سگهيس لاهي.

    تو ته سمجهو هو فنا ٿي ويندو،
    سچ جي عمر وڌائي ڦاهي.

    مون خدا جي ثنا ڪئي آهي،
    سونهن تنهنجي سدائين ساراهي.


    مون ستارن سان سليون پئي ڳالهڙيون.

    مون ستارن سان سليون پئي ڳالهڙيون.
    چنڊ جون اکڙيون به ٿي ويون آلڙيون.

    هُن جي جيون جو فقط حاصل هُيون،
    اَن جا داڻا، ٺڪر جون پيالڙيون.

    عڪس آ، آڪاس تنهنجي روپ جو،
    کير ڌارئون، ڪنن ۾ والڙيون.

    شام جو آ سمنڊ ڳاڙهو ٿي ويو،
    ڪنهن ائين ڌوتيون ڳلن تان لالڙيون؟


    ڇا چوان خواب هو يا حقيقت هئي.

    ڇا چوان خواب هو يا حقيقت هئي.
    ڇا به هو پر خدا جي غنيمت هئي.

    اڄ به آهي حواسن تي ڇانيل اُها،
    آسماني اکين واري صورت هئي.

    خواب هُن جا نه ماڻي سگهيا ساڀيان،
    جاڳ ۾ هُن جي ايڏي ته غربت هئي.

    تنهن ڪري ٿيڙ کائيندا اُڏري ويا،
    پوپٽن جي ڇُهڻ توکي نيت هئي.

    سي مري ڀي امر ٿي ويا تاريخ ۾،
    جن جي ڌرتيءَ سان عزت ۽ غيرت هئي.

    مون کي ”سيد“ جي پيرن ۾ دفنائجو،
    هي به ”باغي“ جي من جي وصيعت هئي.


    شفق جي گُلابي هُيو ويس ۾.

    شفق جي گُلابي هُيو ويس ۾.
    الئي سِج ڪهڙي لٿو ديس ۾؟

    مٽي راس ڌرتيءَ جي ٿي ڪين تن،
    مُئا ديس واسي هُو پرديس ۾.


    ستارن سان جهوليون ڀري رات آئي.

    ستارن سان جهوليون ڀري رات آئي.
    ڏياٽيون، ڏياٽيون بڻي ڏات آئي.

    هلو نيڻ اُوندهه ۾ ٻاري ڏيئا سڀ،
    اِجهو ڄاڻ اُڀري ڪا پرڀات آئي.


    هئي توڙي جو دل جي ڌرتي سَنئين.

    هئي توڙي جو دل جي ڌرتي سَنئين.
    ويا عشق ۾ پو به ٿِڙندا ڪَئين.

    هي دنيا به خيرات وانگر لڳي،
    جڏهن سيئن پُر سوز سائل هَنئين.

    تڏهن ئي تون آڪاش بڻجي سگهين ٿو،
    جُهڪي تون جو ڌرتيءَ جي پيرين پَئين.

    فقط هڪ دفعو تو ڇُهيا نيڻ ها،
    تڏهن کان هي دنيا آ لڳندي نئين.

    لهي ڏوجهرا زندگيءَ جا وڃن،
    ٻه ٽي ٻول جي پيار جا تون چَئين.


    هوا ۾ شور آهي، پوءِ به تون خاموش ڇو آهين!؟

    هوا ۾ شور آهي، پوءِ به تون خاموش ڇو آهين!؟
    گهٽا، گهنگهور آهي، پوءِ به تون خاموش ڇو آهين!؟

    اُٿي ڀاڳيا ڪري ڪڙڪو، ڀڃي وجهه ڪنڌ ڌاريي جو،
    ڏسين پيو چور آهي، پوءِ به تون خاموش ڇو آهين!؟


    سگريٽ کي دُکائي سوچن ۾ ٻُڏي ويو آ.

    سگريٽ کي دُکائي سوچن ۾ ٻُڏي ويو آ.
    ڄڻ پاڻ کي جلائي سوچن ۾ ٻُڏي ويو آ.


    سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو آ تنهنجي ئي سنگ ۾.

    سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو آ تنهنجي ئي سنگ ۾.
    تحليل ٿي وياسين تنهنجي ئي رنگ ۾.


    پَس منظر ۾ آهن، عيان خواب ڪر.

    پَس منظر ۾ آهن، عيان خواب ڪر.
    تون چُمي نيڻ منهنجا، جوان خواب ڪر.

    ننڊ کي نيرو هلڪو ڪري آسمان،
    اُن مٿان چمڪندڙ ڪهڪشان خواب ڪر.

    سمنڊ ٻيڙين جي نيڻن سان ڏسندو پيو،
    واءُ ۾ جهُومندڙ بادبان خواب ڪر.

    جاڳ جو سڏ ڏئي ڪين مونکي جڳا،
    مون کي ڀاڪر ۾ پنهنجي اڃان خواب ڪر.

    وقت تي آهي تنهنجي اگر دسترس،
    وقت جي پوءِ تون ساڀيان خواب ڪر.

    جاڳ جو جوڳ ڏيئي تون جوڳي ڪري،
    خالي نيڻن ۾ ڪو داستان خواب ڪر.

    مون سڄي زندگي جيڪي تو لئه ڏٺا،
    ڌار ٿي سي نه تون رائيگان خواب ڪر.


    پيو ٻرِي آڪاس ۾ سج جو ڏيئو.

    پيو ٻرِي آڪاس ۾ سج جو ڏيئو.
    ڏينهن جو چهرو به روشن ٿي ويو.

    رنگ انڊلٺ جا اکيون بڻجي ويون،
    خواب جهڙو تو لڪي پاتو ليئو.

    آرسي مون ۾ ڏسي هُن کي وَتو،
    پيار جو هي ڪرشمو آ ٿي ويو.

    هيڪلائي جي اچي ٿي روپ ۾،
    هاڻ هي احساس آ دل کي ٿيو.

    ڪهڪشائون تنهنجي پيرن جا نيشان،
    چنڊ جن تي جهُومندو پئي دُور ويو.

    مُرڪ جا خالي اَٿو هي جام سڀ،
    مڌ لڙڪن جو وجهي تن ۾ پيئو.

    مون پٺيان منهنجي تعاقب ۾ هُيو،
    تنهن ڪري مون ڌار پاڇي کي ڪيو.


    ڪيڏا سرور آهن، تخليق جي نشي ۾.

    ڪيڏا سرور آهن، تخليق جي نشي ۾.
    ناهيان وجود اندر، موجود ڏس پتي ۾.

    اِن کي سُڪي ڪِري پيل، ڇڻيل نه سمجهه پنڙو،
    وڻ جون ٻُڌيون مون آهن، آهون لِڪل پتي ۾.

    منظر سڀئي ٻُڏي ويا، اُوندهه جي سمنڊ اندر،
    هئي ڏينهن جي ٿڪاوٽ، ڪيڏي نه سج لٿي ۾.

    نيڻن کان ٻاهر مون کي، سگهنديئن نه سُڃاڻي تون،
    تو سان ته جهُوميو آهيان، هر خواب مڌمتي ۾.

    آڪاس کي گهڻو ئي، ماپي ڏٺم اکين سان،
    وسعت سگهي نه ماپي، هِن ديد جي ڪَٿي ۾.


    هي وڇوڙ ڄڻ ته ڪارو ويس آ.

    هي وڇوڙ ڄڻ ته ڪارو ويس آ.
    دل، دُکيءَ جو درد ئي هڪ ديس آ.

    ڪو نپلون آهن ٽڙيون ٽارين مٿان،
    پوپٽن اُڏري ڏنو سنديس آ.

    مون ته هُن کي دل ڪئي آ ارپنا،
    هوءَ قبولي يا نه مرضي کيس آ.

    نيٺ پنهنجي ڏيهه ڏي ويندو ڪهي،
    هي جسم ڀي روح لئه پرديس آ.

    اڄ وري ڪنهن کي چتا چاڙهيو اٿن،
    واءُ ۾ دُونهي ڏنو سنديس آ.

    مُرڪندي ٽڪرا اندر ۾ ٿي ويس،
    هُن ڏني اهڙي طرح ڪجهه ٺيس آ.


    حَسين رُخ تي نقاب ڪارا.

    حَسين رُخ تي نقاب ڪارا.
    ٽڙن پيا ڄڻ گُلاب ڪارا.

    شعور جو هڪ اکر وڏو آ،
    نه ڪر اجايو ڪتاب ڪارا.

    سفيد پنهنجا گُناهه ٿي پيا،
    الئي ٿيا ڪئين ثواب ڪارا.

    جواب اُوندهه اُنهن جا آيا،
    ڏنا تو جيڪي حساب ڪارا.


    سِيءَ ۾ گهرجي ڪو ٻارڻ باهه کي.

    سِيءَ ۾ گهرجي ڪو ٻارڻ باهه کي.
    روشنيءَ سان ڌوئجي اُونداهه کي.

    لهر ٿي چانڊاڻ کي سُڏڪي چوي،
    سمنڊ ٿو ساري سنڌو درياهه کي.

    اُڀ، ڌرتيءَ کي ڏسي پيو قياس مان،
    جيئن ڏسندو آهي ڪو بيواهه کي.

    واس بڻجي تون الئي ايندينءَ ڪٿان،
    پيا تڪن رابيل تنهنجي راهه کي.

    ٿيڙ کائيندو وڃي پيو سُڏڪندو،
    ڪنهن دُکايو آ الئي همراهه کي؟

    روح ۾ ٿو عشق جو ڏيئو ٻري،
    پو اکين ۾ ڪئين لڪايان چاهه کي.


    اِن کان اڳي ڪٿي هو، ڪو ٿاڪ زندگيءَ ۾.

    اِن کان اڳي ڪٿي هو، ڪو ٿاڪ زندگيءَ ۾.
    هِن دل پناهه ڀٽڪي، پاتي آ شاعريءَ ۾.

    پاڻي اکين جي ڪُنڊ ۾، ايئن نظر اچي ٿو،
    خود کي ڏسي رهيو آ، دُک ڄڻ ته آرسيءَ ۾.

    ناهي گهٽيءَ ۾ ڪو ڀي، سُڏڪي ٿي سانت سُرمئي،
    پيون ٿيون ٻَرن نگاهون، ڪنهن جون مگر گهٽيءَ ۾.

    اي ديس! بي حسي هي، هن روح کي رنجي ٿي،
    آ ”شاهه جو رسالو“، ڦاٽو پيو رديءَ ۾.

    ڄڻ ويس ڍَڪي ڳاڙهو، ونواهه ۾ آن ويٺي،
    پيو عڪس پَسان تنهنجو، ٻرندڙ پريان بتيءَ ۾.


    ڪٿا ٻُڌائيندي هُو خود به ڪهاڻي ٿي ويو.

    ڪٿا ٻُڌائيندي هُو خود به ڪهاڻي ٿي ويو.
    عجيب شخص هو، پنهنجي ئي پُڄاڻي ٿي ويو.


    ذهن جو سامان ٺاهي ٺيڪ ڪر.

    ذهن جو سامان ٺاهي ٺيڪ ڪر.
    سوچ جارستا نوان تخليق ڪر.

    عِڪس جيئن تو ۾ نظر پنهنجو اچي،
    نيڻ، نيڻن جي اڃان نزديڪ ڪر.


    کوڙ حيرانيون کڻي جيئان پيو.

    کوڙ حيرانيون کڻي جيئان پيو.
    مان پريشانيون کڻي جيئان پيو.

    تنهن ڪري شهرن منجهان گُذران نٿو،
    ڇو ته ويرانيون کڻي جيئان پيو.


    ڪين دل جي مڃي رهيا آهن.

    ڪين دل جي مڃي رهيا آهن.
    خواب هُن ڏي وڃي رهيا آهن.

    چنڊ، آ ڪاش جي ڳُجهارت آ،
    جا ستارا ڀڃي رهيا آهن.


    ستارن تي قدم رکندي، هلي آ چنڊ تائين تون.

    ستارن تي قدم رکندي، هلي آ چنڊ تائين تون.
    مان ساحل ٿي پيو آهيان، لهي آ سمنڊ تائين تون.

    ڪڏهن تون جاڳ جي رستي، مٿان ئي همسفر ٿي هل،
    اچي موٽي وڃين ٿي خواب جيان، ڇو ننڊ تائين تون؟


    پل به بيهي صدين جا نٿو ٿڪ ڀڃي.

    پل به بيهي صدين جا نٿو ٿڪ ڀڃي.
    وقت مغرور ماڻهوءَ جيان پيو وڃي.

    بندشن کي ته ٽوڙي ٿو ٽُڪرا ڪري،
    عشق ارڏو نه ٿو آڻ ڪنهن جي مڃي.


    ماڻهپي جي نه ماڻي سو خوشبو سگهيو،

    ماڻهپي جي نه ماڻي سو خوشبو سگهيو،
    درد، کان جو به مانوس ناهي ٿيو.

    هيءَ دنيا سدائين لڳي اجنبي،
    دل کي پنهنجو ڪو محسوس ناهي ٿيو.


    تون نه مون کي ايترو مايوس ڪر.

    تون نه مون کي ايترو مايوس ڪر.
    ڪجهه ته دل جي درد کي محسوس ڪر.

    روز ڪپڙن جيان مَٽيندو ٿو وتين،
    دوستيءَ کي ڪين تون ملبوس ڪر.

    فاصلا اُونداهه جا ميٽي سڀئي،
    وصل جا واعدا کڻي فانوس ڪر.

    تون ملي مون کي سُڃاڻپ ڏي نئين،
    تون ئي مون کي پاڻ سان مانوس ڪر.


    زخمن جا نيشان پُراڻا آهن دوست!

    زخمن جا نيشان پُراڻا آهن دوست!
    ديپ دُکن جا ڪين اُجهاڻا آهن دوست!

    مُنهن تي مُرڪي، ڀاڪر پائي ملندا هن،
    منهنجا ڪيڏا، ٿي پيا سياڻا آهن دوست.


    هيءَ سانجهي سهيڙجي ويندي.

    هيءَ سانجهي سهيڙجي ويندي.
    دل اُداسين ۾ ويڙهجي ويندي.


    رُسي ننڊ نيڻان هوا ٿي وئي.

    رُسي ننڊ نيڻان هوا ٿي وئي.
    سموري حياتي دوا ٿي وئي.


    جُدا ٿئين جُدائي به روئي ڏنو آ.

    جُدا ٿئين جُدائي به روئي ڏنو آ.
    خُدا جي خُدائي به روئي ڏنو آ.

    ڪندي خواب ۾ ”شاهه“ سان ذڪر تنهنجو،
    رُنس جو ڀٽائي به روئي ڏنو آ.


    ڪڏهن دل سان، دل کي ملائي ملي.

    ڪڏهن دل سان، دل کي ملائي ملي.
    اسان سان به ڀاڪر ڪو پائي ملي.


    اکين ۾ اُداسين جي موسم سليٽي.

    اکين ۾ اُداسين جي موسم سليٽي.
    چڙهيا دل تي يادن جا آگم سليٽي.


    يادگيري ٿي اچي هڪ ڏينهنءَ جي.

    يادگيري ٿي اچي هڪ ڏينهنءَ جي.
    سانوري ڪنهن ڇوڪريءَ جي نينهنءَ جي.


    بيت

    گانڌيءَ کي ڀيٽا

    ”گانڌيءَ“ جي گُفتار، اَهنسا جون آيتون،
    امن سندي پرچار، چرخو چوريندي ڪَيئن.

    ***

    ”گانڌي“ گوتم جو وري، روپ وٺي آيو،
    بڻجي سرمايو، پاڻ ويو تاريخ جو.

    ***

    اَهسنا جي آبرو، ميان! رکيئي خوبُ،
    پنهنجي فطرت ۾ رهيئن، سدائين مجذوبُ،
    بڻجي وئين محبوبُ، گانڌي! هر هڪ گيان جو.

    ***

    اَهنسا جي بانسري، گانڌيءَ وَڄائي،
    آزادي آئي، اُڏري ڪبوتر جيان.

    ***

    تو وٽ مذهب کان مٿي، انسانيت لئه مانُ،
    پوءِ به ڪئي انسانُ، توتي باهيندا رهيا.

    ***

    هڪڙي ڏُٻري ڏِيل، هَنسا کي هيڻو ڪيو،
    اَهنسا جي روح سان، ٻاري جنهن قنديل،
    سوئي ابابيل، گوليءَ جو نيشان ٿيو.

    ***

    ڪانئر جي گولي، اَهنسا جي ڪُک ۾،
    ڦُٽي اُنهيءَ شبد مان، امن جي ٻولي،
    ڌرتيءَ جي جهولي، گل گلابي ٿي وئي.

    ***

    چرخي کي چوري ميان! آنند ئي سُجاڳي،
    جندڙي تو واڳي، آزاديءَ جي عشق سان.

    ***

    اَهنسا جي لاٽ سان، جاڳائي جنهن جاڳ،
    وساڻيل هر روح ۾، ڀڙڪايائين آڳ،
    ڀليرا ٿيا ڀاڳ، ساري ئي سنسار جا.

    ***

    اوڙهي الفي امن جي، نڪتو اڪيلو،
    مچي ويو ميلو، اَهنسا جي مچ تي،

    ***

    هَنسا جي بنواس ۾، اَهنسا جي ڪونج،
    اڄ ڀي اُن جي گونج، گونجي ٿي تاريخ ۾.

    ***

    صدائون سائل، ڏيندو هُيو ڏيهه کي،
    ڌرتيءَ تي انياءُ جا، اوهيڙا ڇانيل،
    او گولي! گهايل، ڪيئن ڪيئي تاريخ کي؟

    ***

    ”جليان وارو باغ“ ريٽو ٿي ويو رت سان،
    ڪير ڌوئيندو داغ، اَنياءُ جو اتهاس تان.

    ***

    ”هاءِ رام“ چئي، وڻجارو هليو ويو،
    گولي ڇرڪي وئي، چيخ ٻُڌي تاريخ جي.

    ***

    اَهنسا جو گيت، گونجي ويو سنسار ۾،
    ڪتيندي تو جوڙيو، سنساري سنگيت،
    او امن جا ميت! ڪيئي اوچو ماڻهپو.

    ***

    تون ته سمورا فرق هُئين، آيو مٽائڻ،
    چاهيئي پرچائڻ، اَهنسا سان امن کي.


    ٿر-ياترا

    ”گڍيءَ“ اوچو ڳاٽ، سونهين ”مِٺيءَ“* جي مٿان،
    ڀٽن وچان واٽ، سانجهيءَ جو هئي سُرمئي.

    ***

    بيهي ”گڍيءَ“ جي مٿان، ڏٺم مِٺيءَ کي.
    گهٽيءَ، گهٽيءَ کي، ونگ هئا وارن جيان.

    ***

    ”مٺيءَ“ جي ماحول ۾، سليٽي سنتوش،
    اَڻ پيتيءَ ۾ هوش، خُماريل هو خواب جيئن.

    ***

    ”مٺيءَ“ جي اُڀ تي هئي، چادر ڪڪرن جي،
    هوائن ۾ هئي سُڳنڌ، سازن، سُرن جي،
    ڪيڏي چهرن جي، رنگيني هئي رات جو.

    ***

    جيون مون، محسوس ٿيو، ٿر جي سفر ۾،
    ڀٽون، چونئرا، مالوند، اکڙيون ڪڪر ۾،
    ٿڪ صدين جا مون ڏٺا، ٿوهر، ٿوهر ۾،
    هر هڪ منظر ۾، اُڃ ليئاڪا پئي هنيا.

    ***

    جُهڙ ڦُڙ مينگهه ملهار هئي، موسم ”مِٺيءَ“ جي،
    گهٽيءَ، گهٽيءَ جي، گهٽا گهنگهوري هئي.

    ***

    ”ننگر“ جي آغوش ۾، رات حَسين گُذري،
    ڪارونجهر جي ڪور تان، آيو سج اُڀري،
    جهُڙ ۾ پئي نکري، باک ڀليري ڀونءِ تي.

    ***

    ڪارونجهر* جي ٻَک ۾، جهُڙالي هئي شام،
    الهامي آرام، فضا تي ڇانيل هُيو.


    شام جهُڙاليءَ ۾ هُئا، مورن ٽهوُڪا،

    شام جهُڙاليءَ ۾ هُئا، مورن ٽهوُڪا،
    رَڙِ سندن هر ڪا، رهڙيو پئي ڄڻ روح کي.

    ***

    ننگر جي بازار، پاڇا سانجهيءَ جا مَٿس،
    جهڙا سڀ سنسار، سهڙيا سندس ڏيک ۾.

    ***

    ننگر جون سَنهڙيون گهٽيون، پرينءَ ٻانُهن جيئان،
    هر هڪ روپ منجهان، پنهنجائپ پاتا ليئا.

    ***

    ڪارونجهر جو سُرمئي، ڏيک نِرالو هو،
    ڇا ته حوالو هو، ننگر! تنهنجي سونهن جو.

    ***

    ٿر جو سُهانو سفر، مڌ ماتو ڄڻ خواب،
    پهريون ڀيرو ديد کي، آيو ايئن نظر،
    چؤڏس واريءَ بحر، لهرون، لهرون هو رڳو.

    ***

    عجب ڪي شهڪار ها، ”جينين“ جا مندر،
    ظاهر ۾ کنڊر، اندر ۾ اتهاس ڪئي.

    ***

    ڏسندي ئي حيرت، ويڙهيو ٿي وئي روح کي،
    روحاني راحت، هر هڪ منظر ۾ هئي.

    ***

    ٿر جي ٿوهر آبرو، جهڙو ازلي خواب.
    جنهن جي جاڳ ۾ آب، بوند به ناهي ڀاڳ ۾.

    ***

    ڀٽون اُڃايل، ازل کان آهن الا،
    ڄڻ هرڻيون گهايل، سج هيٺان سَهڪن پيون.

    ***

    ڏکڻ ٿڌڙي واءُ ۾، جهُڙ ڦُڙ رنگ رَتا،
    ڪيڏا کيپ مَتا، ”روحل“!* تنهنجي رات ۾.

    ***

    مارويءَ جو کوهه، چؤڏس راڙا رُڃ جا،
    ”ڀالوا“* جو روح، ڀٽن ۾ ڀٽڪي پيو.

    ***

    مندر مٿان مور، ڪيڏو سُندر ”ڪاسبو“،*
    پريان آئي پئي نظر، ڪارونجهر جي ڪور،
    ڊيل خُماريل ٽور، اکين ۾ وئي اوتجي.

    ***

    مورن جا سڀ رنگ، دل ته چيو چورائجن،
    خواب نُما هو ”ڪاسبو“ جُهڙ ڦُڙ ۾ سارنگ،
    ڊيلن جا ڀي ڍنگ، ڪَوِتا جهڙا پئي لڳا.


    روحل واءِ، جُمن دربدر ۽ حليم باغي جو ڳوٺ
    *ڀالوا، ٿرجو هڪ ڳوٺ، جت مارئي جو تاريخي کوهه آهي
    *ڪاسبو، ٿُر جو ٻاروهي وسندڙ / سائو ڳوٺڙو


    ”گوڙيءَ جي مندر“، چُپ جي چادر آڍڪي،

    ”گوڙيءَ جي مندر“، چُپ جي چادر آڍڪي،
    ڪو به نه ”جيني“ جوءِ ۾، کولي جيڪو در،
    اُڀريا ڪئي اوڀر، سوچي ”مهاوير“ ٿو.

    ***

    هي مندر، هي مورتيون، هي فن جا شهڪار،
    ايئن ٿيندا بيڪار، ”جين“ ڪڏهن سوچيو نه هو.

    ***

    مون کي سنگتراش، هر مورت مان پيو تڪي،
    پٿر، پٿر، ڪاش! مون سان ڳالهاءِ وجهي.

    ***

    ”روحل“! تنهنجي رات ۾، مڌ ملايو سين،
    ڀٽ تي اُوندهه ٻاٽ ۾، جام جلايو سين،
    ڪيڏو پايوسين، آنند اُونهي اُنس جو.



    گوڙي جو مندر، گوري جو مندر
    *جيني، جين ڌرم وارا،
    *مهاوير، جين ڌرم جو باني


    لمبي ٿر جي ياترا، ”ڀاڳيءَ“* جو آواز،

    لمبي ٿر جي ياترا، ”ڀاڳيءَ“* جو آواز،
    ڀٽن مان ته ڦُٽي پيو، سُهانو ڄڻ ساز،
    ڪيڏو سُندر سُرمئي، اکڙين جو آغاز،
    مورن جو محبوب جيئن، ڀاسيو هر انداز،
    ڪيڏي نيِنهَن، نواز، ڊول لڳي پئي ڊيل جي.

    ***

    ”ڪاهوءَ“ جو ڪئين ڀلا، آئون ڪيان ڪاٿو،
    جهُڪي ويو ماٿو، سندس عظمت جي اڳيان.

    ***

    ”راڻا سَر“ جو آبُ، جهڙو پاڻي سون جو،
    ڀٽن ۾ هي خوابُ، لهرون، لهرون، ٿي پيو.





    *ڀاڳي، مائي ڀاڳي، ٿر جي ڪوئل،
    ڪاهو، ڪاهوءَ جو تاريخي دڙو، (مير پور خاص ۾)
    راڻا سَر، ٿر ۾ ڀٽن جي وچ ۾ ترائي.


    سائو، سُرهو ”ڪاسبو“ ، مَٿس مورن، رنگ،

    سائو، سُرهو ”ڪاسبو“ ، مَٿس مورن، رنگ،
    ۽ ٻيو اُجرا ڪنگ، کيتن تي اُڏريا پئي.

    ***

    ڀري پاڻي ڏول سان، گهڙا ڀريندي،
    پَـڙا، لوڏيندي، ڏٺم ٿريءَ سونهن کي.

    ***

    ڪارونجهر جي ڪامڻي، ننگر جيئن نهار،
    جوڀن ڇاتيءَ مان ڪئي، سورج جيئن اُڀار،
    اکڙين ۾ اسرار، سانوڻ جهڙي سونهن جا.

    ***

    ڪارونجهر جي ڪُنڊ مان، ڪٿان مور رَڙيو،
    منهنجو جيءُ جَڙيو، سانجهه، گهٽا گهنگهور سان.

    ***

    چونئري مٿان چنڊُ، منڊيو ڪهڙيءَ ڪامڻي؟
    جاڳي جوڀن جنڊُ، پيهين ڪنهن جو پريتڻو؟

    ***

    ”ڀوڏيسر“ جي جهُونڙي، مسجد تنها هئي،
    سانجهه مَٿس سُرمئي، سُڏڪن جهڙي پئي لٿي.

    ***

    ڪيڏي ويراني، مسجد مان گهُوريو پئي،
    ”ڀوڏيسر“ تي هئي ايئن، ڇانيل حيراني،
    ٿاريلي ناني، ڪٿا ڄڻ ته ڏسي پئي.

    ***

    ”راڻاسر“ جو جَرُ، ڪرڻن سان جَرڪِي پيو،
    جنهن ۾ ڏٺو پاڻ کي، ڀٽن کڻي ڪَرُ،
    بادل بَرسا بَرُ، ٿر جا رنگ کِڙي پيا.



    ڀوڏيسر، ٿر جي تاريخي جاءِ.


    ”راڻا سر“ جو روپ، سون سريکو سونهن جيان،

    ”راڻا سر“ جو روپ، سون سريکو سونهن جيان،
    اُجري سورج ڌوپ، نينهنءَ جيان نکري پئي.

    ***

    ڀٽن تي چونئرا، نظر ايئن آيا پئي،
    اُرهه، نڪورا، ڪُولهڻ جي ڇاتيءَ مٿان.

    ***

    ڀٽن ڀُڻڪيو پاڻ ۾، اِجهو کنوڻ کِجي،
    پونديون نيٺ گَجي، گهٽائون هِن گُهٽَ ۾.


    نظم

    شهر جو الميو

    گهرته مَسواڙ تي آهي ننڍڙو مگر،
    اُن جي آڳر مٿان.
    اُڀ جو نيرڙو آهي ٽُڪرو ٽنگيل،
    جنهن تان سياري جو سورج به جهاتي هڻي،
    اوٽجي ٿو وڃي،
    رات جو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا،
    ڪُجهه ستارا کِڙن ٿا جو اُونداهه ۾،
    تن کي جهيڻو ڪري ٿي ڇڏي روشني،
    ۽ ڪڏهن چنڊ، چانڊاڻ جا ڪجهه ڪِرڻا،
    ٿو اُڇلي وڃي.
    ها، اُنهيءَ گهرجي آڳُر مٿان،
    اُڀ تي ٿا چڙهن جيڪڏهن،
    ڀورا، ناسي، ڪڪر ڪارڙا،
    چؤ طرف کان اُڀيون،
    ”چين ديوار“ جيڏيون ڀتيون،
    منهنجي گهر جي حصي منجهه ايندڙ،
    ٿڌي مينهن جون ڪجهه ڪڻيون،
    پنهنجي اُوچي رُڪاوٽ ۾ روڪيو ڇڏين،
    ۽ ڏکڻ جي ٿڌي هير جهڙي هوا،
    ڄڻ ته ڀاڳن ۾ پنهنجي لکيل ئي نه آ،
    شهر فطرت کان ڪيڏو نه ڪٽجي ويا،
    پو به حسرت منجهان،
    مان ۽ منهنجي ”مِلي“
    بارشن ۾ ڀڄڻ جي ٿا ڪوشش ڪريون.


    چانِهه

    هر روز شام ڌاري،
    گڏ چانِهه هئاسين پيئندا،
    تنهنجي هٿن جي چانهه جو،
    عادي مان ٿي ويس،
    ڪو وقت هو،
    هڪ ٻئي کان سوا،
    ڪجهه نه هو وڻندو،
    اڄ هيڪلو مان چانهه مگر،
    پِي نٿو سگهان،
    هر ڍُڪ ۾
    تنهنجي هٿن جي ذائقي جي،
    آرزو اڃا!
    ليڪن مان روز شام جو،
    توکان سواءِ ڄڻ ته،
    مِٺو زهر ٿو پيئان،
    ڀُلجي به تو پڇيو نه ڪڏهن،
    تو سواءِ چانِهه پئيندي،
    هاڻ ڇا محسوس ٿو ڪريان
    هر روز شام ڌاري!
    هر روز شام ڌاري!


    حادثن جو ٿيٽر

    حادثن جي وسيع ٿيٽر ۾،
    هي جياپو به ڄڻ ته آ ڪرتب،
    جنهن کي گُمنام ڪنهن هدايتڪار،
    اُونهي اسرار سان ڪيو مُرتب،
    زندگي، درد جي سنهڙي ۽ تِکي،
    تار تي مُرڪندي، هلندي ٿي رهي،
    شور، مايوسين جو خُوب مَتل،
    ٽهڪ، پنهنجا به ٿيا تماشائي،
    رَش کان دور ڪُنڊ ۾ ويهي،
    لڙُڪ، لاڙي پئي، اڪيلائي،
    ڪو به اُتساهه جو نه پاڇو آ،
    ذلتن جي ٽڪيٽ جاري آ.
    پيهه ۾ پورجي ويو جيون،
    ڪيڏو اُڪتائجي ويو آ، من،
    لُڙڪ، نيڻن جا ٿي پيا جوڪر،
    تاڙي، تاڙي لڳي ٿي ڄڻ ٺوڪر،
    هي الئي پارٽ ڪڏهن پورو ٿئي،
    روح ڪيسين ڪمائيندو ڏُکڙا؟
    حادثن جي وسيع ٿيٽر ۾!!!


    ڪبوتر جو خواب

    تو ڪبوتر جا معصوم پَرَ ڇو پَٽيا،
    تو هي پرواز کي ڇالئه گهايل ڪيو،
    تو ڪبوتر کان ڇالئه اُڏارون کسيون؟
    تو هوا کان پَرَن جون پُڪارون کسيون،
    تو ته تنها ڪيو، نيري آڪاس کي،
    جنهن جي وسعت ۾ اُوچون اُڏارون هُيون،
    جن پَرن سان خود آڪاس هو اُڏرندو،
    جنهن جي پرواز مان امن هو اُڀرندو،
    تو فضائن جي ساهن کي زخمي ڪيو،
    تو خدائي فرشتي جا پرڙا پٽي،
    اڄ ته انياءُ جي انتها آ ڪئي،
    ساري فطرت اُداسيءَ ۾ ڍڪجي وئي،
    اُڀ کي آسَ مان ٿو ڪبوتر تڪي،
    کنڀ تو جو پٽيا کير جهڙا اڇا،
    هُن جي نازڪ ۽ نرمل جسم مان ڇڪي،
    هي ڏسي خود، خدا کي ايئن ٿو لڳي،
    امن جي خواب مان رت پيو ٿو ٽِمي.
    امن جي خواب مان رت پيو ٿو ٽِمي.


    ثبات

    پيار مان جيڪر ڇُهين تون ،
    مان گُلابي ٿي پوان،
    جام، آڇين ڀاڪرن جا،
    مان شرابي ٿي پوان،
    پِرهه ٿي مون، مان ڦُٽين تون،
    آفتابي ٿي پوان،
    تنهنجي ڪجرارين اکين جي،
    ڪاش! جهاتي ٿي پوان،
    تون اگر منهنجي سڏائين،
    ڪائناتي ٿي پوان،
    مان ثباتي ٿي پوان،


    ٿــــــــر

    ننگر جي سُونهن ڪارونجهر،
    ٽهوڪي ”ڪاسبو“ سائو
    مندر تي مور جو جهُومڻ،
    جهُڪيل مورت اڳيان ٻائو.

    رڙي ٿو ڪڇ جو رڻ پٽ،
    مَٿس سورج تتل ٽامو،
    برف جهڙي اڇي واري،
    ۽ ڪوهيڙي نُما رائو.

    مِٺيءَ جي مُند مينهوڳي،
    ڪڪر، گيڙو رَتا جوڳي،
    ”گڍيءَ“ تي ريت جي ڪَڻ، ڪَڻ،
    ٽُٽل اتهاس جو ڪائو.

    ڀٽن مان ڀالوا ڀُڻڪيو،
    سڏي ٿو کُوهه ”مارل“ کي،
    ڪٿي آ، ڪوٽ ڪالهو ڪو،
    هُيو جو وقت جو ڌو مُسلسل ڪو.


    ٿيا آثار عاشورا،

    ٿيا آثار عاشورا،
    سڄو ٿر درد جي آهي،
    علامت ٿي پيو اهڙي
    نه دنيا ۾ ڪٿي جهڙي،
    عجب اسرار ٿا اُڀرن،
    اکين ۾ حيرتون ڪيئي،
    سفر پنهنجو ڀٽن وچ مان،
    مٿان ڪارا ڪڪر برسن،

    چُميو ”چيلهار“* کي نيڻن،
    گُلابي سُونهن نکري پئي،
    ۽ ”راڻاسر“ ترائي تي
    ڀِنل هئي سانجهڙي سُرمئي.

    هئا لهرن مٿان ڪيڏا،
    گهٽا جا رنگ سُرمائي،
    هوا ۾ کيپ اَڻ پيتا،
    لڳو ٿر ڪنهن جي پرڇائي،

    ________________
    چيلهار، ٿر جو هڪ ڳوٺ


    رَتا ڪئي رنگ ”روحل“ ۾،

    رَتا ڪئي رنگ ”روحل“ ۾،
    کڙي هر جام مان انڊلٺ،
    هئي هر ڍُڪ ۾ راحت،
    صديون محسوس ٿيون پل ۾

    صبح جي هير ٿڌڙيءَ ۾،
    اکين تي کيپ خوابن جا،
    لڳو ساغر جيان سورج،
    اَمر لمحا شرابن جا.

    ويو پئي روڊ ڏامر جو،
    ڀٽن جي وچ مان ڊُڪندو،
    هُيو ٿر جو سفر سُندر،
    پکين جيان پئي ويو اُڏندو.

    اِها ٿر ياترا هئي يا،
    هُيو ڪو خواب کاهوڙي،
    ڏٺوسين جاڳندي جيڪو،
    اکين جي ٿي پيو مُوڙي.

    اڙي او ٿر! ڀٽن وارا،
    اڙي ٿوهر! ٿڪن وارا،
    اُڃارا او اَڪن وارا!
    سدا وسندو رهين تون شل،
    مِٺو امرت نُما ٿئي جل،
    وڏا سانڍين خزانا ٿو،
    رکين ڪيڏا زمانا ٿو.


    ڇا چوان

    سمنڊ آهين، ڀاڪرن ۾،
    ڪيئن مان توکي ڀريان،
    مان ڪنارو ٿي ويو هان،
    تون ڏسين بيٺو پريان.
    فاصلن جون،
    هي جو آهن ڇوليون،
    حيرتن جي ڄڻ پکين جون،
    تن مٿان هِن ٽوليون،
    ڄڻ اُڏامي ٿيون ڏين سي
    پَرَ پِکيڙي ڪي پروليون،
    مان نٿو سمجهان،
    ڳُجهارت ڳالهڙيون،
    مان اياڻو،
    ريت جي ڪڻ جيترو،
    تون وڏو آن ايترو،
    ڇا چوان مان ڪيترو؟
    ڇا چوان مان ڪيترو؟


    مِٽيءَ جو قرض

    هوا ڦرڻي، گهرڻي
    هوا هلڪڙي آ.
    اُنهيءَ تي نه وشواس،
    پنهنجو رهيو آ.
    سدا، جيڪا پنهنجي
    مُخالف گُهلي آهي،
    طوفان بڻجي،
    مگر! پاڻ ڪڏهين،
    نه پنهنجي سفر جو،
    مَٽيو رُخ آهي،
    گُهٽن ۾، جهَڪن ۾،
    به جهُرندي ۽ رڙهندي،
    هميشھ کنيل هر قدم،
    پنهنجو اڳتي وڌيو آ،
    هوا جي رحم ۽ ڪرم تي
    هلڻ پنهنجي فطرت ۾ ناهي،
    سدا پاڻ ئي،
    پنهنجا تخليق رستا،
    ڪندا پيا هلون
    اسان پنهنجي منزل جا،
    خود آهيون سُونهان
    اسان ڪنهن طرف جا،
    نه مُحتاج آهيون،
    اسين پنهنجي سِر جا ئي،
    خود تاج آهيون،
    جڏهن ۽ جتان ڀي
    گُذر ٿيو اسان جو،
    اُتي پنهنجا نيشان،
    ايندڙ نسل لئه،
    ڪيا وقت جي،
    ثبت سيني مٿان،
    اسان جي مُرڪ،
    حوصلن جي علامت،
    اسان ڪين ڀاڙيو،
    بهارن تي ”باغي“!
    خزائن کي پنهنجون،
    اميدون بڻائي،
    اسان ديس جي دلبري،
    پيا نڀايون،
    اسان جي حياتي،
    نه احسان ڪنهن تي،
    اسان جو جنم،
    قرض آهي مٽيءَ جو!


    تضاد

    مون کان مليل ڏُکن جي،
    گهرائي ۾ جي لهندين،
    تو ۾ دلي خوشيءَ جو،
    احساس جاڳي پوندو،
    جيئن تو وٽان مليل خوشيون،
    محسوس مان ڪري،
    آهيان اُداس ٿيندو،
    آهون ٿڌيون ڀريندو.


    صبح جون خالي اکيون

    گُهگهه اُوندهه، دور جهِر مِر روشنيون،
    جهُوپڙيون ٻه چار، جهيڻي با هڙي،
    ڪير ويٺي آهه ڙي؟
    آسمان سارو ستارن سان جهنجهيل،
    هيٺ پاڻيءَ جو تلاءُ،
    شو ر جيتن، ڏيڏرن جو،
    شهر جي ٻاهران کُليل ميدان تي
    سانجهه ڌاري اوچتو آيو ڪٿان
    خانه بدوشن جو لڏو
    ڌُنڌ، ڪو هيڙي ڪيو ماحول تي،
    واءُ جو احساس برفيلو بڻيو،
    چنڊ پيلي پن وانگر پئي ڇڻيو،
    پوءِ به آخر ڪير هئي هوءَ،
    رات ڪاريءَ ۾ اڪيلي،
    سرد سُڏڪن جي سهيلي،
    رات، سياري جي پئي ماپيئين جاڳ سان،
    سانت ۾ ڪجهه ٿي سليائين آڳ سان،
    جاڳ جي نيڻن ۾ او تيل،
    ڪنهن اَڄاتل انتظاريءَ جو جنون،
    ننڊ ۾ ڪهڙو سُڪون،
    خواب تي پارو ڄَمي ويو،
    چتِ جو چارو ڄَمي ويو،
    ماڪ کان رستن پُڇيو پئي.
    هيءُ ڪهڙو هو سحر،
    ڪين پيئي ڪا خبر،
    صبح جون خالي اکيون،
    کيسي جيان رهجي ويون،
    سج مَهٽي نيڻ خوابي،
    ساڀيان کي پيو تلاشي،
    ڏيک راتو ڪو مگر ڪٿ ڪين آ،
    شخص هڪڙو پنهنجي ڪمري ۾،
    بنهه غمگين آ،
    آرسيءَ سان هُو مخاطب ٿي چوي ٿو،
    ڇا اِها تصوير هئي ڪنهن خواب جي،
    عشق جي رهجي ويل اڌ ۾ اڌوري باب جي،
    جو جُڙيو هو، جِيءُ مان ڪنهن خيال ۾،
    روح جي پاتال ۾،
    ڪير ايندي آڍڪي،
    خانه بدوشيءَ جو نقاب،
    پدمڻي ڪا لا جواب،
    موتئي جي واس جهڙي،
    نيرڙي آ ڪاس جهڙي،
    اَڻ ڇُهيل احساس جهڙي،
    ڪنهن اڌوري آس جهڙي،
    روح ۾ ڪنڊي جيان چُڀندي رهي ٿي،
    نيٺ هوءَ ڇالئه منهنجا،
    خواب شيشي جيان ڀَڃي ٿي،
    خواب شيشي جيان ڀَڃي ٿي.


    ستاويهين ڊسمبر

    وري سنڌ جي گُلستان مان،
    ڇِني ويا ”هُو“ گُلِ نرگس،
    اکيون آڪاس جون آليون،
    ستارا سوڳ بڻجي پيا،
    سموري ڪائناتي سونهن کي،
    ويڙهي اُداسي وئي،
    اُتر جي سرد، برفيلي هوا،
    نمڪين ٿي ويئي،
    ڍَڪي فطرت رِدا ڪاري،
    خُدائي ٿي پئي نوحو،
    ڪروڙين خواب هئا منسوب،
    جنهن جي خُواب هڪڙي سان،
    جلا وطنيءَ جي پيڙا ڀي،
    نه هاريو حوصلو اُن جو،
    لُٽيو ويو قافلو اُن جو،
    اُنهيءَ جي زندگيءَ جي ورق کي.
    جو وقت اُٿلايو،
    وري اتهاس پنهنجي جو،
    تسلسل ياد ڪو آيو،
    الائي ڪيترا، احساس، جذبا،
    خواب، آهون، سڀ صدائون،
    ٿيون نيشانو هاءِ! ڪنهن،
    ڇُڙواڳ گوليءَ جو،
    ”ستاويهين ڊسمبر“ جو،
    لٿو جيئن سج، سانجهيءَ جو،
    کڻي ويو پاڻ سان ميڙي،
    وطن جي روشني ساري،
    ٻُڏي وئي رَت ۾ اي سنڌ!
    تنهنجي مارئي آخر!!!
    __________

    محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي.


    بي سُڪوني وياج وانگر ٿي وڌي

    مان هٿين خالي اڪيلو،
    هِن دنيا ۾ اويلو،
    بي سَرو سامان آهيان،
    سُڃ جيئن سُنسان آهيان،
    آ ڪَٺن مون لئه اي دُنيا!
    هيءَ تنهنجي دنيا داري،
    ڇانوَ ڀي خانه بدوشن،
    جيئن آ، سِرتي اُڌاري،
    زندگي ايڏي مهانگي،
    هاڻ جنهن کي مان خريدڻ،
    کان به قاصر آهيان،
    گهر جا هرروز وڌندڙ،
    مسئلا مارين ٿا،
    خواب منهنجا موت جهڙي،
    زندگي گهارين ٿا،
    خواب جيڪي ننڊ ۾ ۽،
    جاڳ ۾ آهيان اُڻيندو،
    ننڊ، نيڻن لاءِ،
    پئسن سان خريديان روز ٿو،
    روح ۾ پوءِ به منهنجي.
    بي سُڪوني وياج وانگر
    روز ٿي وڌندي رهي،
    (1) هَٽ تي هر روز ”مِليءَ“ سان،
    وڃڻ مون لئه ڏُکيو،
    (2) ”مُون“ لئه رانديڪڙا آڻيان ڪٿان؟
    خواهشن جي ڪا به سرحد،
    ڪين آهي دوستو!
    پاڻ کي حد ۾ مگر،
    پوءِ به ٿو رکڻو پوي،
    ڇا ڪجي هر حال ۾،
    پوءِ به جيئڻو ٿو پوي!


    سچ

    هر روز ٻارڙن کي،
    مان ڪوڙ پڙهائڻ لئه،
    اسڪول ويندو آهيان،
    پنهنجي ضمير آڏو،
    آهيان لَڄي مان ٿيندو،
    درسي ڪَتاب جي هر،
    صفحي تي ڪوڙ ڇاپيل،
    هي علم جي نالي ۾،
    تاريخ، حوالي ۾،
    معصوم ٻارڙن کي،
    سچ کان پري رکڻ جون،
    هي سازشون سٺ سالا،
    سچ جي حقيقتن تي،
    پردا وجهي رهيون هِن،
    هي بورڊ لکيل سفيد چاڪ جا اکر،
    زنجير پيل قيدين
    وانگر لڳي رهيا هِن،
    مون کي چئي رهيا هِن،
    ڏَسُ، ڪوڙ جو اسان تان،
    هي قيد ڪڏهن کُٽندو،
    ڪڏهين ڪتاب جي هر،
    صفحي مان سچ ڦُٽندو؟


    رُڪاوٽ

    اي زندگي! مان توکي،
    جڏهين جيئڻ ٿو چاهيان،
    دنيا منهنجي جيئڻ ۾،
    بڻجي رُڪاوٽون ٿي،
    دنيا کي جي مان تنهنجي جيئڻ،
    جي ٿو وچ ۾ آڻيان،
    توکي ڪئين پو ماڻيان؟
    دنيا کي جي ٿو جيئان،
    توکي نه جِي سگهان ٿو،
    تنهنجو نه ٿي سگهان ٿو؟


    / نِدا

    ياد ڪر توئي ڏني ”مِس ڪال“ هئي،
    ياد ڪر توئي ڳالهايو هو اول،
    مان نه ڄاڻان ڪئين هو،
    توکي مليو منهنجو ”نمبر“،
    توئي پنهنجي ريشمي آواز ۾،
    نالو ٻُڌايو هو ”نِدا“،
    دوستيءَ جا تو وڌايا سلسلا،
    ڇا ته هو آواز تنهنجي ۾ سحر،
    روح ۾ منهنجي کِڙيا ها رنگ ڪئي،
    ساهه منهنجا خوشبو، خوشبو ٿيا هئا،
    پنهنجي وچ ۾ پُل هئي آواز جي،
    ڪنهن انوکي راز جي،
    رازُ، جيڪو رازُ ئي رهجي ويو،
    منهنجي خيال ۽ خواب ۾،
    آواز ئي رهجي ويو،
    تو وڌائي هَٿُ پنهنجو،
    ڇو وري پُٺتي ڪيو.
    دل چري ليڪن مڃي ئي ڪين ٿي،
    بس رهي غمگين ٿي،
    تو ڪيا ”ميسيج“ جيڪي،
    مون ته سي پنهنجي ”موبائل“ مان،
    ڪري ڇڏيا ”ڊيليٽ“،
    تنهنجي ”نمبر“ کي به مون
    آهي مٽايو،
    پر ڇا ڪجي، سڀ ويو اجايو،
    ڇا ڪريان، جڏهين به ڪو،
    ”نمبر“ ٿو مان ”ڊائل“ ڪريان،
    آڱريون منهنجو ”نمبر“
    تنهنجو ملائي ٿيو ڇڏن،
    مون کي ڀُلائي ٿيون، ڇڏن،
    مون کي ڀُلائي ٿيون، ڇڏن!


    ميونسپالٽي

    ننڍڙ اگُلر ڦِريا پئي،
    هڪڙي نِٻل ڪُتيءَ سان،
    رستن تي ڊوڙندي هُو،
    هڪ ٻئي سان کيڏندا ها،
    بُکِ ۾ سُڪل ٿڻن کي،
    واري سان چنبڙندا ها،
    پوءِ به نٻل هيڻي،
    ڪيئن نه پئي ٻچن کي،
    هئي کير ڌارائيندي،
    ڪيئن نه ڪيو ٽولو،
    گڏ ماءُ سان رُلندا ها،
    پاڙي ۾ گند جي هُو،
    رهندا ها ڍير تي،
    ڪيڏو نه ساٿ تن جو،
    وڻندو هو اکين کي،
    ڇانيل هئي فضا تي،
    رنگين رُت بسنتي،
    جهُومي پئي خوشيءَ مان،
    گُلرن سان گڏجي ڌرتي.
    هاءِ! ٽڙڻ جي موسم،
    پر وِهَه، وهاٽجي وئي،
    فطرت، گهوماٽجي وئي،
    ڏندن ۾ آڱريون ڏئي،
    ڏسندو ئي ويس رهجي،
    سُرهاڻ ٿي وئي سُرمئي،
    ڦٿڪيا پئي گهٽيءَ ۾،
    معصوم گُلرڙا،
    گڏ پنهنجي مامتا سان،
    پوءِ به گُلر هڪڙو،
    رهجي ويو بُکايل،
    جيڪو اڪيلو بُک ۾،
    ڪيڪا ٽيندو رهيو،
    پوءِ ڀي نه ڌُڏي ڌرتي،
    نه اُڀ لرزيو،
    احساس جو ئي مور مگر،
    روح ۾ رڙيو!


    اسٽاپ

    ننڍپڻ ۾ راند رهندي،
    ياد ٿئي تو چنڊ مان،
    عاج جون چوڙيون بڻائي،
    منهنجي ٻانُهن منجهه پارايون هُيون،
    پوءِ وري جُگنو بڻائي چنڊ کي،
    پَرَ، ڀنڀوريءَ جا هَڻي،
    سيرڪيڏا خواب جهڙا هئا ڪيا،
    راند رهندي، راند ۾،
    تون ڪري ”اسٽاپ“ مون کي
    ڊوڙندو ويو هُئين هليو،
    مان تڏهن کان اڄ تائين،
    آهيان ”اسٽاپ“ بيٺي،
    ريشمي ۽ رات جهڙن
    منهنجي ڪارن وارڙن ۾.
    کير ڌارا آ لٿي،
    هاڻ نيڻن جي بَتي،
    انتظارين جي اُونداهين ۾،
    ٻُڏي آهي وئي
    ۽ جواني ڀي تتر، وانگر،
    ڏئي ڀڙڪو اُڏي آهي وئي،
    پوءِ به ڏِسُ، ”اسٽاپ“ آهيان،
    راند توسان پئي نڀايان،
    وقت پر ”اسٽاپ“ ٿي ناهي سگهيو،
    مان اڱڻ گهرجي مٿان،
    اڄ به ساڳي نِم جي وڻ هيٺ،
    ڏِسُ! ”اسٽاپ“ آهيان،
    تون اچي هاڻي ته ڪو،
    ”اسٽاپ“ ۾ وقفو به ڏي،
    چنڊ مان چوڙيون بڻائي،
    پيار جو تحفو به ڏي!


    ____________________
    نسيم پارس گاد جي ڪهاڻي ”چنڊ مان ٺهيل چوڙيون“ کان متاثر ٿي لکيل


    ليڊي وايو ليٽ

    مُحبت جي ٻيڙي، مُحبت جا نغما،
    هُئا هِن ڪنڌيءَ کان پَرين پارتائين،
    سڄي رات ويندي، صبح سحر تائين،
    نشيلين نگاهن جي سنسار تائين،
    خُمارن ۾ مخمُور ٿي رقص جڏهين ڪندي هئي،
    ته ساري سرشٽي به جهُومي هئي پوندي،
    مُحبت جي ڳالهين ۽ خوشبوءِ سان،
    سارو جَر واسجي، جرڪي پوندو هُيو،
    هُو ”بالي“ جي نيڻن جي مخمور جوتي،
    جڏهن ”مير“ جي دل ۾ ٻرندي هئي،
    ته ڪيڏا سهائي جا جَهرڻا ڦُٽندا هئا،
    اکين ئي اکين ۾ خوابن جا عالم نه کُٽندا هئا،
    اُهو ساڳيو درياهه، ساڳي ئي ٻيڙي،
    هُيو جنهن کي ”باليءَ“ جي الفت جوڙايو،
    اُها ناوَ آهي مُحبت جي ساکي،
    اُنهيءَ دؤر ڪيڏا ڏٺا ڏنگ جهڙا،
    اُها ناوَ جنهن جي حُسن سان هئي صحبت،
    لڳي جنهن کي ”باليءَ“ جي نيڻن جي رنگت.
    هئا جنهن تي حُسناڪ زلفن جا پاڇا،
    ڏٺو ”مير“ جي تنهن محبت ۾ ڇاڇا؟
    ڪيو عشق جو جنهن وڏو سيرهو،
    جنهن ڪاٺيءَ مان جوڙي، اُهو ڪير هو؟
    اُها عشق جي آخري اڄ نيشاني،
    نه جنهن جو ڪو ثاني،
    اُها وقت جي ٽياس تي آ ٽنگي وئي،
    ننڌڻڪي ڪناري تي آهي پئي،
    دُکي سانجهه سُرمئي لهي ٿي جڏهن،
    يادگيرين جي جَرتي،
    ته درياهه دانهون، ڪري ٿو وهي،
    جهُريل ناوَ چُپ چاپ حسرت منجهان،
    ٿي تصور ۾ وهندي رهي، روز ڊهندي رهي!

    _______________________
    ليڊي وايو ليٽ“ ٻيڙي جنهن کي ”مير علي نواز ناز“ پنهنجي محبوبا ”باليءَ“ لاءِ 26 فيبروري 1925ع ۾ 75 هزارن ۾ ٺهرايو هو، جيڪا هاڻ اڳوڻي ”هاڪڙي درياهه“ ۽ هاڻوڪي ”نارا ڪئنال“ جي ڪنڌيءَ تي ”مُنڍ جهڙاڻو“ ضلعي نوابشاهه ۾ موجود آهي.


    متفرقه

    هائيڪو

    هئه، هئه قاسم آباد،
    تنهنجي رستن تي اڃان،
    ڀٽڪي ٿي هڪ ياد.


    پنجڪڙو

    زندگي گُذري پئي توکان سوا،
    تون متان سمجهين ته ويو ”باغي“ مري،
    ڪير ڪنهن لئه ڪو نه مرندو آ چري!
    ڳالهه منهنجي ياد تون رکجان اِها،
    زندگي گُذري پئي توکان سوا.


    شاعر جي باري ۾ رايا

    حليم باغي

    بخشل باغي شاعراڻي ميراث جو وڏو دعويدار آهي. راتيون محبت جي ڀوڳنائن ۽ ڏينهن محبوب جي واعدن ۽ انتظارن جي اسرارن ۾ گُذارڻ وارو هيءُ شخص ميلي ۾ به تنها هوندو آهي. اُها وحشت ۽ بيقراري کيس جيڪر آپي مان ڪڍي ڇڏي پر ڏات جي مهربان ديوي سندس سوچ جي آڱر پَڪڙي هِن سنسار جي ”سروم دُکم دُکم“ جي سفر ۾ ساڻس گڏ هلندي آهي. هو مُسلسل لکندو رهي ٿو. اُن جو سبب ئي اِهو آهي ته هُو مُسلسل ڀوڳيندو رهي ٿو. هُو ڏات جي ڏيهه ۾ ”لطيف“ جي ”سسئي“ آهي. جنهن جي راتين جي ”رنج“ جي ”پاڙي کي پَروُڙ“ ئي ڪانهي. بخشل هِن دنيا ۽ زندگيءَ جي حُسناڪيءَ ۽ نواڻ جا آدرش، زندگيءَ ۽ شاعريءَ ۾ گڏ کڻي هلي ٿو. سندس ڪَويتا جي ڪاڪ اسان شاعرن کي وڻي ٿي. پياري لڳي ٿي، اُها شاعراڻي ميراث بخشل جي، اسان شاعرن جي ۽ بخشل باغي جي هر پڙهندڙ جي پنهنجي آهي.
    - حليم باغي


    زاهد شيخ

    اسانجو شاعر دوست بخشل باغي سگهارن شاعرن منجهان آهي، جن جي شاعريءَ جون سِٽون ذهن ۽ ضمير کي جنجهوڙي جاڳائن ٿيون، ۽ پٿر دل ماڻهوءَ کي پيار جو احساس ڏيارين ٿيون. بخشل جي شاعريءَ ۾ فن ۽ فڪر جو مضبوط سنگم آهي. فن ته سکي به سگهجي ٿو پر فڪر جي بلندي قدرت جي ڏات آهي. اُها اُنهن ماڻهن جي نصيب ۾ هوندي آهي. جن جو اندر اُجرو، ذهن خوبصورت ۽ ضمير زندهه هُجي ۽ بخشل ۾ اُهي سڀ خوبيون قدرتي طور تي موجود آهن. تڏهن ئي ته سندس شاعريءَ ۾ فن جي سُندرتا ۽ فڪر جي گهرائي آهي. جڏهن به ڪو موسيقار بخشل جي غزلن کي پڙهندو ته هر غزل ۾ کيس شاعر جي اندر جا نوان آلاپ محسوس ٿيندا ۽ جڏهن به ڪنهن راڳي هن جا غزل ڳايا ته اهو يقينن امرتا ماڻيندو.
    - زاهد شيخ


    ادل سومرو

    نئين ٽهيءَ جي شاعرن مان، جن شاعرن ويجهڙائيءَ ۾ پنهنجي هڪ ڌار ۽ مُنفرد سڃاڻپ ڪرائي آهي. تن مان بخشل باغيءَ جو نالو نمايان آهي. هونءَ ته ڪنهن به شاعر کي هڪ خاص صنف تائين محدود نٿو ڪري سگهجي. پر ڪي شاعر ڪن خاص صنفن ۾ پنهنجن احساسن جي اظهار جو ڏانءُ رکندا آهن. ان نسبت سان بخشل باغي غزل جي صنت تي سُٺي مهارت رکي ٿو. هر ان صنف جي فني گهرجن کي نڀائيندي نهايت سهڻِ انداز سان پنهنجو فڪري اظهار ڪري ٿو. ٻولي جي سادگي، فطرت جي سونهن سان هم آهنگي بخشل جي شاعري جا نُمايان گڻ آهن. هن جي شعرن ۾ شهري ماحول جي اندورني تضادن ۽ ڀڃ ڊاهه وارين ڪيفيتن جو ذڪر ضرور آهي. پر ٻهراڙيءَ جي حسن جو هڳاءُ، پکي، وڻ، نديون، رند راهون، گُل ٻوٽا، مُندون ۽ اهڙا ڪيئي عڪس هن جي تخيلق جي نمايان رنگن ۾ شامل آهن. ايئن کڻي چئجي ته هن جي تخليقي اظهار تي مُشاهداتي رنگ وڌيڪ چٽو ۽ گهرو آهي. هن جو لهجو سندس تخلص جي ابتڙ، ٿڌو، مٺو ۽ نرم آهي. هڪ سچي ۽ کري شاعر وانگر. هن جي وابستگي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ سان آهي ۽ هُو پنهنجي ڏات وسيلي هڪ مثالي سماج اڏڻ وارين ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

    ادل سومرو
    سکر


    سميع بلوچ

    بخشل باغيءَ جي شاعريءَ ۾ سڀئي شاعراڻيون خوبيون موجود آهن. مان پي.ٽي.وي تي شاعري رڪارڊ ڪرڻ لاءِ اڪثر شاعر دوستن جا مجموعا کڻي چونڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. ته ڪڏهن، ڪڏهن، سڄي مجموعي مان ڪو هڪ اَڌ غزل، گيت، نظم ملندو آهي، پر بخشل جو ڪوبه مجموعو کنيو اٿم ته سندس کوڙ سارا اهڙا غزل مليا جن ۾ موسيقيت ڀرپور نظر ايندي آهي ۽ ڳائجي سگهڻ جهڙا احساس به موجود هوندا آهن. سچ پَچ ته سندس شاعريءَ تي بي اختيار داد ڏيڻ لاءِ دل چوندي آهي. بخشل باغي سنڌ پرست شاعر آهي ۽ مون کي سنڌ پرستن سان محبت آهي. شاعر ماضيءَ کان مُستقبل جي وچ ۾ هڪ پُل جو ڪردار ادا ڪندا آهن. تاريخ کي جوڙڻ جو ڪمال رکندا آهن. بخشل جي شاعريءَ ۾ به ڏِسبو ته هُو موهن جي دڙي کان وٺي حال جي احساسن کي اوري ٿو ۽ مسُتقبل تي به نظر رکي ٿو. اِها ئي سندس شاعريءَ جي تڪميل آهي. مون هڪ ڳالهه سوچي پئي ته بخشل جو تخلص ”باغي“ ٻُڌي ڪري به خوبصورت لفظ بخشل کان ڇرڪن ڇو نٿا؟ پر اُن جي باوجود بخشل باغيءَ جي شاعريءَ جي ڪيئنواس تي خوبصورت رنگ مُرڪن ٿا!!!

    سميع بلوچ
    پي.ٽي.وي ڪراچي سينٽر


    ليکڪ جا ڇپيل ڪتاب

    ليکڪ جا ڇپيل ڪتاب

    • سمنڊ جي هُن پار
    • سپنو سنڌو ديس جو
    • مٽيءَ جي خوشبو
    • آرسيءَ جا خواب
    • ڊسمبر جي اڪيلائي
    • درد جي ساڳي ڪٿا
    • هي روح جزيرو حيرت جو (اياز جا سمورا غزل) مُرتب ڪيل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 345139
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142510
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ