ڪتاب جو نالو: ڏيهه پرڏيهه جو سفر
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: سنڌي ساهت گهر
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 2011
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 21 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 990 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 495 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي سفرنامو يورپ ۽ خاص ڪري ڊنمارڪ بابت آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر منظور قادر لکيو آهي جڏهن ته امداد سومري ۽ عمر قاضي جا ڪتاب ۽ الطاف شيخ بابت رايا شامل آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • انتساب
  • هڪ يونٽ ۾ پيڪ ٿيل...
  • الطاف شيخ- سدا سيلاني!
  • سمونڊ اندر ۽ سمونڊ کان ٻاهر جو ماڻهو- الطاف شيخ
  • هيءُ ڏيهه شائسته عالماڻيءَ جو
  • اسان جي ماڻهن جون ڪار گذاريون
  • انهن جو ڪم فقط ٻار ڄڻڻ آهي
  • وڌندڙ آدمشماريءَ ماريو آهي
  • فنلئنڊ جو مَان تعليم وڌايو آهي
  • فنلئنڊ ۾ اسلام جي آمد
  • نمازن جا حيرت انگيز ٽائيم
  • ڊئنمارڪ پاسي مسجدون ۽ اسلامي اسڪول
  • ٻه چار سؤ رپيا ۽ جان بچي وئي
  • اوريسنڊ پل ۽ جرمنيءَ جو ڪيل ڪئنال...
  • ولايت ۾ اسان جون ڪوتاهيون
  • يورپ جي ملڪن ۾ تبليغ ڪندڙ
  • ماڻهو نو مسلم جو واعظ غور سان ٻڌن ٿا
  • يورپ جون مسجدون ۽ احمديا ڪميونٽي
  • يورپ جا گورا نو مسلم
  • خالص الله واسطي
  • ڊئنمارڪ ۾ رهندڙ اسماءِ ۽ ٻيا...
  • وري يادگيرين ورايو اسان کي...
  • پنهنجي زال کي هتي ڇڏي وڃ
  • روزگار جي نالي تي ٿيندڙ جٺيون
  • ٺڳ ايجنٽن کان پاڻ بچايو
  • جهاز سان گڏ ديس واسين جو ٻڏڻ
  • جن جو هٿي کپ، تن جو مٿي به کپ...
  • قمر شهباز: هڪ قداور ليکڪ ...
  • امر جليل رائيس... ۽ ٻيا ڊش
  • ملڪ جي ستياناس ٿيڻ جو ڪارڻ...
  • آءِ ايم فرام يُو ڪي (U.K)
  • مات نه ٿيڻا آهيون مور
  • ڪلچر ڊپارٽمينٽ جو ويل ڪلچرڊ سيڪريٽري
  • اسان جو ’نان- پيٽارين‘ زرداري
  • رڳو ڇوڪرين جون ڪهاڻيون ڏئي ٿو...
  • ماڊرن سسئي جي ڪهاڻي...
  • ماسي حاڪم زاديءَ جي ڌيءَ رشيده حجاب
  • اَمي تماڪي ڪو تو ڀالو ڀاشي...
  • سيلف پورٽريٽ

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (182) ”گلشڪر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جو لکيل آهي جنهن جو پهريون ايڊيشن ورهاڱي کان اڳ 1905ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کي انجنيئر عبد الوهاب سهتي نئين سر ترتيب ڏنو آهي.
    هي ڪتاب المنعم لائبرري لاڙڪاڻي پاران انجنيئر عبد الوهاب سهتي اي بوڪ ايڊيشن ۾ سندس ويب سائيٽ تي آندو آهي. ٿورائتا آهيون سائين عبد الوهاب سهتي جا جنهن هن قيمتي ۽ ناياب ڪتاب کي ٻيهر اسان تائين اندو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    انتساب

    ديدار جوڻيجو جي نالي.
    گذريو وقت وديالا ۾ ڏينهن ڏاڍا شمشاد،
    نه هئي چنتا نه هئي ڳڻتي، دلربا دلشاد،
    آيا ڏينهن اَڀاڳا، دلڙي ٿي ناشاد،
    جيئن مينگهه ناد، رڙي مانگهه مهينن ۾.
    مٿيون خوبصورت شعر مون پنهنجو يا ڪنهن ٻئي شاعر جو ديدار لاءِ نه لکيو آهي، پر اهو شعر ديدار جو ئي آهي، جنهن کي هي پنهنجو ڪتاب منسوب ڪندي خوشي محسوس ڪريان ٿو.
    ديدار جوڻيجو جا هڪ ٻه ٻيا شعر به منهنجي دماغ ۾ هن وقت هُري رهيا آهن، جيڪي امر جليل، ايوب خاصخيلي، علي بابا ۽ ٻين دوستن جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ديدار پڙهيا هئا.
    پهچندين نه انهيءَ پد تي، سالڪ پري ڀڄ،
    چهرو چمڪي چڳ مان، جيئن ڪڪرن منجهان وڄ،
    مشڪل آهي اڄ، بچڻ انهيءَ باهه مان.
    ---
    مندون مٽيون سنڌ ۾، سياري سندا ڏينهن،
    سرد هوائون سائيبيريا جون، مٿان وسن مينهن،
    هينئڙو چوي هيئن، ملج اڄ ملهار ۾.
    ديدار نالي جنهن شخص کي ڪتاب منسوب ڪيو اٿم، اهو فقط شاعر ناهي. دراصل ديدار جوڻيجو جي شاعري جيئن ته اڃا ڪتابي صورت ۾ ڇپجي ناهي، ان ڪري اها فقط اسان چند دوستن کي خبر آهي ته هُو هڪ شاعر آهي. دنيا هن کي هڪ چائلڊ اسپيشلسٽ جي حيثيت سان سڃاڻي ٿي.
    ڊاڪٽر ديدار احمد جوڻيجو گذريل ٽيهارو سالن کان جناح اسپتال (J.P.M.C) ڪراچي جي ”نومولود ٻارن“ جي ڊپارٽمينٽ سان وابسته آهي ۽ شام جو تين تلوارن وٽ هلال احمر ۾ جوڻيجو اسپتال ۾ مريضن کي ڏسي ٿو.
    ڊاڪٽر ديدار 6 نومبر 1952ع تي راڌڻ اسٽيشن ڳوٺ ۾ حاجي علي محمد جوڻيجو صاحب جي گهر ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر ديدار پاڻ ۾ ست ڀائر ۽ ٻه ڀينرون آهن. راڌڻ جهڙي هڪ ڳوٺ ۾ رهي ڪري هنن تعليم حاصل ڪئي. ان لاءِ هن جي والد کي به ڪريڊٽ هجي، جو هُو هڪ غريب پيءُ جو پٽ ٿي انگريزن جي ڏينهن ۾ نه فقط پاڻ تعليم حاصل ڪئي، پر پنهنجي معمولي پگهار مان هيترن ٻارن جون ضرورتون پوريون ڪيائين. ڊاڪٽر ديدار جو ڏاڏو امير بخش جوڻيجو ڳوٺ جو هڪ غريب هاري هو ۽ پيءُ حاجي علي محمد ٿورو گهڻو پڙهي تپيدار ٿيو ۽ رٽائرمينٽ ملڻ تي هن ڳوٺ ۾ ڪپڙي جو دڪان کوليو.
    ڊاڪٽر ديدار جو وڏو ڀاءُ، جيڪو هن وقت 75 سالن جو آهي، ڳوٺ ۾ رهي زمينداري ڪري ٿو. ساڻس گڏ ٻه ٻيا وڏا ڀائر پڻ راڌڻ ۾ رهن ٿا، جن مان اياز جوڻيجو اريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ هوندو هو ۽ نجم الدين جوڻيجو هاءِ اسڪول ٽيچر هو. سندس چوٿون ڀاءُ نذير جوڻيجو جيڪو گڊو بئراج جو چيف انجنيئر هو ۽ 2005 ۾ سٺ ورهين جي ڄمار تي پهچڻ تي رٽائرڊ ٿيو، ڪراچيءَ ۾ ئي رهي ٿو. سندس پٽن آصف ۽ عمران سان منهنجي ڪجهه سال اڳ آمريڪا ۾ ملاقات ٿي هئي. هُو منهنجن ڀاڻيجن ثمير وسطڙو ۽ ضمير وسطڙو سان گڏ ڪراچي ڊفينس اٿارٽي اسڪول ۾ پڙهيا هئا. ان وقت USA ۾ مون کي اها خبر نه هئي ته اهي ڊاڪٽر ديدار جا ڀائٽيا آهن، پر هنن کي ميرٽ جي بنياد تي اسڪالر ۽ پوءِ نوڪري ملڻ تي اسان کي فخر ٿيو هو ته اسان جي ملڪ جا اهڙا به آهن، جيڪي آمريڪا جي نوجوانن سان مقابلو ڪن ٿا. بهرحال، ان معاملي ۾ آئون هميشه سائين نذير جوڻيجو جي واکاڻ ڪندو آهيان، ته هن شروع جي ڏينهن کان وٺي پنهنجي ٻارن تي ڌيان ڏنو آهي. کيسٽي پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي. ٽيون پٽ خرم ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو ۽ هن Ph.D ڪئي آهي ۽ سندن ڀيڻ قرآن اڪيڊمي مان B.Com ۽ زيبسٽ مان MBA ڪئي آهي ۽ هوءَ به پوزيشن هولڊر آهي.
    ڊاڪٽر ديدار جو پنجون ڀاءُ بشير احمد تعليم مڪمل ڪرڻ بعد بزنس ۾ آيو. ان بعد ديدار جو نمبر آهي. سڀ ۾ ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر تميز آهي، جنهن سان منهنجي ڪيترن ئي سالن کان اي ميل ذريعي سلام دعا هلندي اچي. ڊاڪٽر تميز جوڻيجو اکين جو ماهر ڊاڪٽر آهي ۽ هن جهڙو قابل ۽ جهونو ڊاڪٽر ته، نه فقط ملائيشيا، سنگاپور يا عرب ملڪن ۾ نوڪري ڪري سگهي ٿو، پر انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ به پنهنجي مرضيءَ جي پگهار تي نوڪري حاصل ڪري سگهي ٿو، پر گذريل 15 سالن کن کان جڏهن کان اسان وٽ انٽرنيٽ عام ٿي آهي ۽ منهنجي ڊاڪٽر تميز سان واقفيت ٿي آهي. هُو آفريڪا کنڊ جي ئي ملڪن ۾ ڦرندو رهيو آهي. آفريڪا جا به ڪي ملڪ ڪينيا، سائوٿ آفريڪا، مراقش وغيره دلچسپ ملڪ آهن، پر هي الله جو بندو ڪڏهن سوڊان ۾ ته ڪڏهن لئانڊا ۾، ڪڏهن چاڊ ۾ ته ڪڏهن زائر ۾. هن وقت به هُو آفريڪا جي ملڪ نائيجر ۾ آهي. نائيجر جيڪو صحارا رڻ پٽ جو مُلڪ آهي، جنهن کي نه سمنڊ آهي، نه مينهوڳي جهڙي موسم. جتي رڳو لڪون لڳن ٿيون، جتي رڳو ڌوڙ اُڏامي ٿي، جتي نه درياهه آهن ۽ نه باغ بستان – جتي سندن ملڪ جا ڊاڪٽر، انجنيئر به نوڪري نه ٿا ڪرڻ چاهين، اُتي ڊاڪٽر تميز جوڻيجو جهڙا انسان به آهن، جيڪي خلق جي خدمت ڪرڻ جي جذبي هيٺ پنهنجي زندگي پيا گذارين. هُو شروع کان ٽاپ جو شاگرد ۽ ٽاپ جو ڊاڪٽر ٿي رهيو آهي.
    ڊاڪٽر ديدار جوڻيجي جو به تعليمي رڪارڊ پنهنجن ڀائرن وانگر اعليٰ درجي جو رهيو آهي. هن پرائمري کان اٺين ڪلاس تائين تعليم راڌڻ مان حاصل ڪئي ۽ ڪلاس ۾ ٽاپ ڪيائين. مئٽرڪ جي امتحان ۾ سندس 84 سيڪڙو مارڪون هيون. 1971ع ۾ لارڪاڻي مان انٽر سائنس ڪرڻ بعد هن لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري ۾ داخلا ورتي ۽ 1978ع ۾ گرئجوئيشن ۽ ڪجهه مهينا جناح اسپتال ڪراچي ۾ هائوس جاب ڪرڻ بعد کيس اتي ئي نوڪري ملي وئي ته هُو اڄ تائين بچه وزچه وارڊ (Neonatology & Gynaecologist) سان ئي وابسته آهي.
    ڊاڪٽر ديدار جي شادي 1988ع ۾ فضا نالي هڪ اصفهاني (ايراني) ڇوڪريءَ سان ٿي ۽ کيس درِ شهوار نالي هڪ ئي ڌيءَ ٻار آهي. درِ شهوار ايندڙ سال گرئجوئيشن مڪمل ڪندي ۽ ديدار به ايندڙ سال 60 سالن جو ٿيڻ تي رٽائرمينٽ حاصل ڪندو. سندس اهو ئي شوق آهي ته هُو ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ شاعري جو ۽ هڪ آتم ڪهاڻي جو ڪتاب ضرور لکي. هن جي آتم ڪهاڻي يا يادگيرين جو ڪتاب ضرور دلچسپ ثابت ٿيندو، جو هن جو نوڪريءَ جي سلسلي ۾ توڙي سماجي ڪمن ۾ ڪيترن ماڻهن، مشاهدن ۽ تجربن سان واسطو پيو هوندو، جيڪي ڳالهيون پڙهندڙ لاءِ ضرور معلوماتي ۽ رهنمائي ڪندڙ ثابت ٿينديون.
    آخر ۾ سندس وري هڪ شعر لکان ٿو:
    ڪو ڪو پکي ڪوجهو، ڪو ڪو لڳي هنج،
    ڪنهن کي مليون خوشيون، ڪنهن کي مليو رنج،
    زندگي هڪ شطرنج، کيڏج وڏي خيال سان.

    نيڪ تمنائن سان
    الطاف شيخ
    16 مارچ 2011
    ڪراچي


    هڪ يونٽ ۾ پيڪ ٿيل...

    ڪائنات مختلف رنگن جو پرزم آهي. قدرت رنگن ۾ اها ڇڪ ۽ تازگي رکي آهي جو هر جاندار، خاص طور تي انسان، انهن رنگن کان تمام گهڻو متاثر ٿيندو آهي. هر شيءِ جا پنهنجا رنگ ٿين ٿا. ماڻهن جا به رنگ ٿين ٿا. ماڻهن جي مزاجن جا به رنگ ٿين ٿا. تڏهن ئي ته اڪثر ڪنهن جي لاءِ آڱر کڻي چئبو آهي؛ ”فلاڻو رنگين مزاج آهي.“ اهڙيءَ طرح شخصيتن جا به رنگ ٿين ٿا. ڪجهه شخصيتون بليڪ اينڊ وائيٽ ته ڪجهه وري ملٽي ڪلر ٿينديون آهن. توهان ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ٻٽي يا ٻرنگي شخصيت جي باري ۾ به ٻڌو هوندو. اهڙي قسم جي شخصيت کي توهان کچڙي به چئي سگهو ٿا. يعني اهڙي کچڙي جنهن ۾ دال به آهي ته چانور به آهن. جيڪڏهن توهان جي دل سان نٿي پوي ته دال کي الڳ ڪيو ۽ چانورن کي الڳ ڪريو پر شرط آهي ته ان دال ۾ ڪارو نه هجي. توهان يقين ڪريو ته مان جنهن شخصيت جو ذڪر ڪري رهيو آهيان اها شخصيت ٻرنگي يا اڃا به ائين چوان ته ملٽي ڪلر ضرور آهي پر اتي ڪارو انتهائي صاف، شفاف ۽ معصوم انسان آهي. پوري دنيا پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي چڪو آهي. پر توهان جڏهن ساڻس گفتگو ڪندؤ ته توهان کي قطعي به اهو احساس ڪو نه ٿيندو ته هيءُ اهو شخص آهي، جنهن گهر ويٺي، سڄي سنڌ جي ماڻهن کي، مفت ۾ دنيا جو سير ڪرايو آهي. نه صرف سير ڪرايو ۽ تفريح ڪرائي آهي پر گڏوگڏ معلومات جا انبار به گڏ ڪري ڏنا آهن. پنهنجي سٺ پنجهٺ سالن جي ڄمار منجهان هو سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ، ويهه سال رهيو آهي، جڏهن ته باقي سموري ڄمار سمنڊ جي حوالي ڪندي دنيا جهان جا ڦيرا پائيندو رهيو آهي. هو جتي جتي به وڃي ٿو، اتي سنڌ هن جي وجود سان ائين چهٽيل هوندي آهي، جيئن ڪئنگرو جي جهوليءَ ۾ سندس ٻچڙو! وري جڏهن هي پاڻ واپس سنڌ ايندو آهي ته منظر ئي ٻيو هوندو آهي. يعني سموري دنيا سندس ڪلهن جي مٿان سٿيل هوندي آهي. مون سندس شخصيت کي ٻرنگي شخصيت صرف ان ڪري چيو آهي، ڇاڪاڻ ته هو هڪ ئي وقت انتهائي پڙهيل لکيل ۽ ميچوئر قسم جو انسان آهي ته گڏوگڏ سندس اندر مان جهاتيون پائيندڙ معصوم ٻارڙو به توهان کي پيو نظر ايندو. ان ٻار جي هر وقت اها خواهش هوندي آهي ته هو توهان سان گڏ هڪ عدد فوٽو ڇڪرائي. هڪ عدد فوٽوءَ جي چڪر ۾ سڄو رول ختم ٿي ويندو. خير هاڻي ته ڊجيٽل ڪئميرا جو دور آهي، تنهن ڪري رول واري ڏچي کان هو بچيل آهي. هڪ فوٽو هڪ اينگل کان ته ٻيو فوٽو ٻيءَ اينگل کان. ائين توهان جي شخصيت ڊجيٽل ڪئيمرا جي رنگن جو حصو ٿي ويندي. پر شرط آهي ته اها شخصيت ان قابل هجي جو ڪئميرا جي رنگن جو حصو بڻجي ڪمپيوٽر مان گذري. سي ڊي تي لوڊ ٿي توهان جي گهر جي ائڊريس تي توهان کي پهچي وڃي. آهي ته حيرت جهڙي ڳالهه! ها باقي جيڪڏهن توهان وٽ ڪمپيوٽر آهي ۽ انٽرنيٽ جو شوق رکو ٿا ته پوءِ هر وقت توهان جي ميل باڪس توهان کي فل ملندي. اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي باوجود، هن معصوم ٻار جي خواهش، اڃا به پوري ڪو نه ٿئي. ڪڏهن توهان کي کيسي مان کٽمٺڙو ڪڍي ڏيندو ته ڪڏهن وري اٿندي ويل توهان کي ڪو سندل جو شربت، ٻاهر جو پرفيوم، انڊ پين، ٽاءِ پن يا ڪا نه ڪا سوکڙي ضرور ڏيندو. توهان جڏهن اها سوکڙي کڻي هن کان ٿورو اڳڀرا ٿيندا ته پوءِ ان معصوم جي چهري تي ڦهليل خوشي ڏسڻ وٽان هوندي آهي. مرڪن جا رنگين پوپٽ سندس چهري تي جهلمل پيا ڪندا. مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته الله پاڪ هن ماڻهوءَ کي ڪهڙي مٽيءَ مان ٺاهيو آهي. ڇاڪاڻ ته مان پاڻ کي ڪيترو به بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان. قول، فعل ۽ عمل ۾ هن جي ذري برابر به ٿي نه سگندس.
    سنڌ ۾ هونئن به ابن بطوطائن جو ڪال رهيو آهي. پر وري به جيڪي ٻه چار آهن انهن ۾ اسان جي هن من موجي يار، ”ڪتا ڀوڪندا رهن فقير رمندا رهن“ واري ڪار ڪندي، پنهنجي ڪم سان ڪم رکيو آهي. سندس اها سچائي ۽ همت ئي آهي جو هن وقت تائين گهٽ ۾ گهٽ، پنهنجي عمر جي حساب سان، برابر سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڪتابن سان سائي ڪندو رهيو آهي. يعني: هن وقت تائين ڇپجي آيل سندس ڪتابن جو تعداد لڳ ڀڳ ستر آهي. منهنجي خواهش آهي ته مان کيس سينچري ڪندي ڏسان.
    الطاف شيخ هن وقت ڪا اڪيلي شخصيت نه پر هڪ مڪمل ادارو آهي ۽ مان هن جي نالي کان واقف تڏهن ٿيو هوس، جڏهن اٺين ڪلاس ۾ پنهنجي هاءِ اسڪول خانواهڻ ۾ پڙهندو هوس. اها واقفيت پري جي هئي. مان صرف کيس سندس سفرنامي واري ڪتاب جي معرفت سڃاڻڻ لڳس. مون کي اها خبر هئي ته الطاف شيخ رڳو سفرنامو لکندڙ هڪ خشڪ ۽ شوخ طبيعت وارو انسان هوندو. سندس ٻرنگي طبيعت يا کچڙي نما شخصيت جي خبر تڏهن پئي جڏهن ڪراچيءَ ۾ ساڻس ملڻ جو موقعو مليو.
    الطاف شيخ پنهنجي صلاحيتن جي حوالي سان به هڪ منفرد انسان آهي. سندس طبيعت ۽ عادتون به نراليون آهن. ٻين انسانن جيان هن جي شخصيت ۾ به هر روپ موجود آهي. مثبت به آهي ته منفي به آهي. ذهن ۽ دماغ وارو ماڻهو به آهي ته هر دل عزيز به آهي. جيڪڏهن ڪنهن محفل ۾ ويٺو هوندو ته اهڙي خاموشي اختيار ڪندو، جهڙي خاموشي ڪنهن قبرستان ۾ بيٺل ۽ سڪي ويل ڪنڊيءَ جي ٿڙ جي هوندي آهي. وري جيڪڏهن موڊ ٿي پوندس ۽ ڳالهائڻ لڳندو ته ائين پيو محسوس ٿيندو ڄڻ سندس اندر ۾ ڪو بيقرار سمنڊ آهي جيڪو ڇوليون ويٺو هڻي. هونئن به سمنڊ سان سندس پراڻو ياراڻو آهي، سو ان جو اثر ته يقيناً سندس طبيعت به قبول ڪيو هوندو. ڪارو ٻڌ ڪمري سان، رنگ نه مٽي عادت ضرور مٽائي. چاليهه سال زندگيءَ جا سمنڊ جي حوالي ڪندڙ الطاف، ضرور سمنڊ جا به ڪي اثر قبول ڪيا هوندا. خوبصورت وجاهت ۽ قد ڪاٺ واري الطاف جو فرسٽ امپريشن ڏاڍو خوبصورت هوندو آهي. هو پنهنجي ڏيک ويک ۾ مڪمل پروفيسر/ دانشور لڳندو آهي. پروفيسر ته خير هو آهي، پر دانشوريءَ سان سندس گهٽ لڳي. هن جي ٻولي پڙهي ڏسو. توهان کي توهان جي پنهنجي ٻولي محسوس ٿيندي. ڪٿي به توهان کي گمان نه ٿيندو ته ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي پڙهي رهيا آهيو، جنهن دنيا جهان لتاڙڻ کان پوءِ ويهي لکيو آهي ۽ ايتري ساري تپسيا کانپوءِ ضرور سندس ٻولي ۽ خيالن تي ڪي دانشوريءَ يا پاڻ پڏائڻ واري بيماريءَ جا اثر پيا هوندا. ها باقي سندس ذهانت تي ته کيس مان داد ڏيندس. هاڻي تازو ئي آمريڪا بابت جيڪي سندس ٻه ڪتاب ”نيو هالا کان نيويارڪ“ ۽ ”بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور“ ڇپيا آهن، انهن ۾ هن سڄي آمريڪا جي تاريخ اٿلائي پٿلائي رکي آهي. اتان جي سماجي ۽ سائنسي ترقي، سياست، حڪومت، قانون سازي، تاريخ، جاگرافي، اينٿراپالاجي، ميڊيڪل سائنس، ڪهڙي ڪنڊ آهي، جيڪا هن نه لتاڙي هجي ۽ ان جا پردا چاڪ نه ڪيا هجن. ڪمال آهي! خاص طور تي اتي رهندڙ فيملين متعلق افسانوي انداز ۾ معلومات ڏيڻ، وري ڪنهن ڊراما نگار جيان ڪردارن/ ماڻهن جا رشتا ناتا، اصلوڪي رهائش تائين، پاڙون کوٽي ڪڍيون اٿائين. اهو الطاف جو ئي ڪمال آهي. ٻئي جي وس جي ڳالهه ناهي. هونئن ذهين ماڻهو جذباتي گهٽ ٿيندا آهن. يعني انهن ۾ جذبو جوش ملنساري، نه جي برابر هوندي آهي. جڏهن ته الطاف وٽ جذبو به اتم آهي. توهان سان جيڪڏهن تعلق جڙي پيس ته سندس پنهنجائپ ۽ قرب جي زنجيرن ۾ قابو ٿي ويندئو. مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته هن ماڻهوءَ جي شخصيت کي سمجهڻ لاءِ مون کي ٻيو جنم وٺڻو پوندو. ڇو ته هن عمر ۾ کيس مڪمل طرح سمجهڻ، مون جهڙي ماڻهوءَ جو ڪم ناهي. ساڻس ڪچهري ڪندي ۽ سندس ڳالهيون ٻڌندي، ائين محسوس ٿيندو آهي ته هو عقل جي ميز ڪرسي رکي ڊي سي آفيس جي ٻاهران گڏ ٿيل ماڻهن ۾ عقل ورهائڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. وري جڏهن جذباتي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿئي ته ٻارن جيان ٻک هڻي بيهي رهندو، چوندو ته؛ ”هاڻ ڀلا هڪ فوٽو ٿي وڃي.“ وري جي خاموش ٿي ويندو ته ائين لڳندو ڄڻ سموري ڪائنات جو بار سندس ڪلهن مٿان اچڻو آهي ۽ ان کي جاءِ تي لڳائڻ لاءِ ڪا پلاننگ ويٺو ڪري. پنهنجي ڏيک ويک ۽ ڪپڙي لٽي ۾ شاهي ڏک ڏيندڙ، ان وقت بلڪل عوامي ۽ مزدور قسم جو ماڻهو نظر ايندو آهي، جڏهن لنڊي جي ڪنهن دڪان تان ڪا شرٽ ڪا پتلون پيو وٺندو. پوءِ اهو لنڊي جو دڪان ڪراچيءَ جو هجي يا سنگاپور يا ملائيشيا جي ڪنهن ننڍي شهر جو. هر جاءِ تي، هر ملڪ ۾، عوامي رنگ سندس شخصيت مٿان حاوي رهندو. وري جيڪڏهن پور پئجي ويس ته غنڊو ٿيندي به دير نه ڪندو. غنڊي مان مراد هروڀرو به اها نه ورتي وڃي جيڪا روايتي غنڊن جي هوندي آهي. منهنجو مطلب آهي ته اهو ضروري ناهي ته هر وقت توهان جي ڳالهه ٻڌي ۽ مڃي به! خاص طور تي ماني کائڻ جي حوالي سان جيڪڏهن کيس صلاح ڪبي ته ٺپ جواب ڏيندو. ان جواب ڏيڻ وقت سندس انداز بلڪل غنڊن وارو هوندو آهي. جڏهن ته ٻاهر جي ماني نه کائڻ يا ڪنهن سان ٻاهر ڊنر يا لنچ کان جواب ڏيڻ جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ ته هو ٻاهر جي مانيءَ کي هائيجيڪ پوائنٽ آف وويو کان ڏسي ٿو ۽ ان کي هروڀرو جو معاشي بار سمجهي ٿو. اها ساڳي ماني، صاف سٿري نموني پنهنجي گهر ۾ ۽ گهٽ پئسن ۾ تيار ڪري به کائي سگهجي ٿي. باقي چانهه پيئڻ لاءِ ته ڪڏهن به نَهَه ڪندو. موڪلائڻ وقت، اهڙي فقيريءَ، مسڪينيءَ ۽ عاجزيءَ سان پيش ايندو جو دل پئي چوندي ته مٿس صدقي وڃجي. حيرت جو مقام اهو آهي جو هڪ ئي وقت اهي سڀ ڪيفيتون، رويا، عادتون ۽ اظهار، هڪ يونٽ ۾ پيڪ ٿي الطاف شيخ بنجي پون ٿا.
    مون کي حيرت ان ڏينهن ٿي، جڏهن منهنجي لاءِ ڪجهه ڪتاب شربت جو شيشو ۽ ڪجهه گفٽ پيڪ کڻي آيو ۽ ڪچهري ڪندي ڪندي چوڻ لڳو؛ ”منظور، ڪالهه هوٽل ۾ ڪا تقريب هئي، اتي هڪ خوبصورت عورت اچي ملي. عورت ڇا نوجوان ڇوڪري هئي. پر هئي بلا جي سهڻي. مون کي چوڻ لڳي ته؛ مان توهان کي تمام گهڻو پسند ڪندي آهيان. توهان مون سان گڏجي لنچ يا ڊنر ڪريو. تون يقين ڪندين ته هن کي ڪهڙو جواب ڏنم!“ مون تجسس وچان کانئس پڇيو؛ ”ڪهڙو جواب توهان کيس ڏنو؟“
    چوڻ لڳو؛ ”کيس چيم ته افسوس جو تون ۽ ڊاڪٽر منظور مون کي زندگيءَ ۾ تمام گهڻو دير سان مليا آهيو. جڏهن مان عمر جي آخري سرحدن کي ڇهڻ لڳو آهيان.“
    مان سندس محبت واري ان ٻنڌڻ ۾ اهڙو ته جڪڙجي چڪو هوس جو هو وڌيڪ ڳالهائيندو ته رهيو پر مان خلائن ۾ پهچي چڪو هوس. مون کي پاڻ تي فخر محسوس ٿيڻ لڳو هو ته؛ ”يار واقعي مان به ڪا شيءِ آهيان جو الطاف شيخ جهڙو ابن بطوطا مون کي پسند ڪري ٿو!“ ذهن جي وٿاڻ ۾ پاڻ پڏائڻ ۽ وڻڻ جا خيال ڇيلڙن جيان هيڏي هوڏي ٽپا ڏيڻ ۽ مي مي ڪرڻ لڳا. خبر تڏهن پئي جو منهنجي ڪلهي ۾ ڀاڪر وجهي ڊرائيور کي ڪئميرا هٿ ۾ ڏئي چوڻ لڳو؛ ”ڀلا هڪ فوٽو ٿي وڃي.“ مان خوشنصيب آهيان جو الطاف شيخ جهڙو تمام وڏو ماڻهو، مون پنهنجي ويجهو ڏٺو آهي ۽ هو مون سان پيار به ڪري ٿو، باقي جيستائين تعلق آهي علمي، ادبي قد ڪاٺ ۽ ماڻهپي جو ته مان سندس اڳيان ڪجهه به ناهيان. هو تمام وڏو ماڻهو آهي. الله کيس جنهن خاص خوبيءَ سان نوازيو آهي، اهڙي خوبي گهٽ ماڻهن کي نصيب ٿيندي آهي.

    ڊاڪٽر منظور قادر


    الطاف شيخ- سدا سيلاني!

    ياد نه ٿو اچي ته اهو شعر ڪهڙي اردو شاعر لکيو هو ته:
    "ہم اگر عشق نہ کرتے تو حکومت کرتے"
    ائين اگر اسان به عام زندگيءَ جي پنجوڙ ۾ نه ڦاسون ها ته جيڪر سيلاني هجون ها. اهي سيلاني جن جي لاءِ هڪ سرائڪي شاعر چيو آهي ته: ”هو ڪکن کان به هلڪا هوندا آهن.“
    مان پنهنجي مزاج ۾ تمام گهڻو رومانٽڪ ماڻهو آهيان ۽ منهنجي نظر ۾ رومانس، ڪنهن عورت جي وجود سان مشروط نه هوندو آهي. جهڙيءَ طرح پروين شاڪر لکيو آهي ته:
    پینے والی نگاہ ہے درکار
    آنکھ کو چاند کا سبو ہے بہت
    تهڙيءَ طرح رومانوي ٿيڻ جي لاءِ به ماڻهوءَ کي هڪ رومانوي روح جي ضرورت هوندي آهي. اهو رومانوي روح يقينًا رولاڪ ئي هوندو. ڇو ته رومانس جو مطلب ئي اهو هوندو آهي؛ جيڪو ڪڏهن به هڪ جاءِ تي ترسي نه پوي. اهو مزاج مون سدائين سيلانين ۾ محسوس ڪيو آهي. اهي سيلاني جيڪي منهنجا آئيڊيل آهن. ان ڪري ئي مون چيو ٿي ته؛ جيڪڏهن مان عام زندگيءَ جي جڪڙ ۾ نه ڦاسان ها ته هوند سيلاني هجان ها!
    ان سلسلي ۾ مون کي حيرت ان وقت محسوس ٿيندي آهي، جڏهن مان الطاف شيخ جهڙي تمام ذميوار ۽ زماني جي جوابدارين کي احسن نموني سان سرانجام ڏيندڙ شخص کي، هڪ سيلانيءَ جي روپ ۾ ڏسندو آهيان. وري مون کي سڀ کان وڌيڪ حيرت ان وقت ٿيندي آهي، جڏهن مان ذري گهٽ سڄي دنيا گهمي ايندڙ ماڻهوءَ کي اڄ به ايتري معصوميت واري ڪردار سان ٽمٽار ڏسان ٿو. ڇو ته هيءَ دنيا جيترو گهڻو گهمجي ۽ هن دنيا ۾ جيترو وڌيڪ ماڻهن سان ملجي، ايترو وڌيڪ انسانن کي ماڻهن مان اعتبار جو عنصر گهٽ ٿيندو محسوس ٿيندو. ڪيتري نه عجب ڳالهه آهي ته دنيا جي گردشن الطاف شيخ کان هڪ ٻار جهڙو مزاج نه کسيو آهي. هو اڄ به جنهن محفل ۾ هوندو آهي ته ان ۾ هڪ ٻار جهڙي بيچيني هوندي آهي. هن سان منهنجي ملاقات هڪ دوست جي پٽ جي شاديءَ جي دعوت ۾ ٿي. مان ان دعوت ۾ سڀ کي نوٽ ڪندو رهيس. وي آءِ پي دعوت سبب هر ماڻهو پنهنجي مفاد واري چڪر ۾ هو ۽ هن جي ڪوشش هئي ته ڪنهن نه ڪنهن وڏي ماڻهوءَ سان ملاقات جو ”شرف“ حاصل ڪري، پر ان سڄي محفل ۾ الطاف شيخ اهو ماڻهو هو، جنهن جي لاءِ اها محفل هڪ محفل نه پر ڄڻ ته هڪ ساحل تي هڪ ميلو هو ۽ هو ان ميلي جي هر جهلڪ کي پنهنجي ۽ پنهنجي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل هو. ان کي ڏسي مان ڪافي دير تائين هن جي باري ۾ سوچيندو رهيس ته دنيا ۾ اهڙا عجيب ۽ اجنبي انسان به آهن ۽ اهي ماڻهو ئي هن دنيا جو حقيقي حسن آهن. انهن ماڻهن سبب، هيءَ دنيا وڌيڪ خوبصورت محسوس ٿئي ٿي.
    ان رات مون کي ياد آيو ته الطاف شيخ جو نالو ادب جي دنيا ۾ ان وقت گونجيو هو، جڏهن سنڌ جو سماج نئين سر پنهنجو پاڻ سنڀالي رهيو هو. جڏهن سنڌي سماج سوچي رهيو هو ته؛ ”هن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ ان وقت سنڌ جي سياست جي سرواڻي به، سنڌي ادب ڪري رهيو هو. ان وقت ۾ الطاف شيخ سنڌ جي نوجوانن جي ذهنن ۾ نوان تصور ٺاهڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي. هن نهايت معصوميت سان سنڌي سماج جي ان سوچ تي ڀرپور وار ڪيا، جنهن سوچ جي لاءِ گهر کان ٻاهر نڪرڻ جو مطلب پرديسي ٿيڻ هوندو آهي ۽ پرديسي سنڌي زبان ۾ تمام قابلِ رحم لفظ آهي. جهڙيءَ طرح الطاف شيخ پنهنجي غير ملڪي تجربن جي سلسلي ۾ سنڌي سوسائٽيءَ کي اهو حوصلو بخشيو ته هو پنهنجي گهر ۽ تر جي ڪنڊ مان ٻاهر نڪري، اها دنيا ڏسن، جيڪا الڳ رنگ ۽ ڍنگ واري آهي. مجبوريءَ سبب ته هرڪو هجرت ڪندو آهي پر الطاف شيخ اسان ماڻهن کي چيو ته انسان کي خوشيءَ سان ٻاهر نڪرڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح هن سنڌ جي روايتي سوچ جي گهيري کي پوريءَ طاقت سان ٽوڙيو. ان سلسلي ۾ اهم ڳالهه اها هئي ته هن اها ڳالهه ڪنهن به غرور ۽ تڪبر سان نه ڪئي. هن سنڌ جي مٿان طنز ڪرڻ بدران بلڪل پنهنجائپ سان اهي ڳالهيون ائين سليون، جيئن ٻهراڙين ۾ ڪچهريون ٿينديون آهن. هو اسان جي سادگيءَ ۽ اڻڄاڻائيءَ جو وڏو فائدو وٺي ٿي سگهيو ۽ کوڙ سارا ڪوڙ هڻي ٿي سگهيو. هو پنهنجن جڙتو عشقن جا داستان ٻڌائي اسان جي نظر ۾ هيرو ٿي پئي سگهيو. جڏهن ته هن ان قسم جي ڪا به حرڪت نه ڪئي. هن جيڪو ڏٺو ۽ هن جيڪو تجربو حاصل ڪيو، اهو سادگيءَ سان بيان ڪيو. ان ڪري سندس لکڻين سنڌي ذهنن جي مٿان مثبت اثر وڌو.
    مون ان ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته قومون ترقي ائين ڪنديون آهن، جڏهن انهن جا ڪي نمائندا وڏا سمنڊ جهاڳي ايندا آهن ۽ پاڻ سان ڏندين آڱريون آڻڻ جهڙيون خبرون آڻيندا آهن ۽ انهن خبرن کي ٻُڌي ٻين جي دلين ۾ به شوق جي جوت جلندي آهي. اسان جي سماج ۾ ان قسم جو ڪم ان الطاف شيخ ڪيو، جنهن کي مان فخر سان پنهنجو دوست سڏي سگهان ٿو. هن پنهنجي کري طبيعت سبب، ڪڏهن به ڪُوڙ ۽ ڪُپت وارو ڪم نه ڪيو آهي.
    هو جيڪو هالا جو آهي، ان کي ڏسندي مون کي ان رات شاهه جو اهو شعر ياد اچي رهيو هو ته:
    ”کنڀ نه کاري تنهن کي، جو هالاري هوءِ،
    توڙي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالي ان جي نه لهي.“
    هو هالا جي مخصوص سماج جو ماڻهو، واقعي جنڊيءَ تان لٿل ڪنهن اهڙي شو پيس جهڙو آهي، جنهن کي ڏسندي ماڻهوءَ جي اکين جي بک نه لهي.
    هن سماج ۾ هڪ سٺو ماڻهو هجڻ ئي وڏي وَٿ جهڙي ڳالهه آهي. جيڪڏهن اهو ماڻهو ڪارائتو به هجي ته پوءِ سون مٿي سهاڳي واري شيءِ ٿي پوي ٿو. الطاف شيخ کي ان ڳالهه جي پروڙ آهي ته ڪتابن کان ڪٽيل قوم کي، جيڪڏهن ڪتابن سان ڪنهن ٻيهار واڳيو ته اهي سنڌ ۾ ٻه ماڻهو هئا؛ هڪ الطاف شيخ ۽ ٻيو امر جليل! امر جليل تي ته مان هڪ الڳ ڪالم لکڻ چاهيان ٿو. جيستائين الطاف شيخ جو تعلق آهي ته هيءُ به پنهنجي مزاج ۾ امر جليل جيان هڪ ٻاجهارو ماڻهو آهي. هن ڪڏهن به هن قوم کان پنهنجي ان ڪردار اد اڪرڻ جو ڪو سلو نه گهريو آهي، ڇو ته هو انهن ماڻهن مان آهي، جيڪي وٺڻ واري ڪار ۾ نه پر ڏيڻ واري راهه جا پانڌيئڙا هوندا آهن. جڏهن ته هو هالا جو آهي، ان جُوءِ جو آهي، جيڪا پيرن جي آهي. هو شيخ هجڻ جي باوجود، هڪ سخي روح جو مالڪ آهي.
    مون به ٿوري گهڻي سياحت ڪئي آهي ۽ مون اها ڳالهه به نوٽ ڪئي آهي ته ماڻهو ڪجهه وقت جي سياحت کان پوءِ تنگ اچي ويندا آهن ۽ خاص طور تي جيڪي سامونڊي سفر ڪندا آهن، انهن کي ته سمنڊ جي بوءِ به نه وڻندي آهي. الطاف شيخ اهو باڪمال ماڻهو آهي، جنهن ۾ اڄ به نوان ڏيهه ڏسڻ جي خواهش آهي ۽ هن جي روح جو رولاڪ ٻار اڃا تائين انهن سامونڊي سفرن مان نه ڍاپيو آهي. هن جي ياري انهن مسافرن سان آهي، جنهن ۾ انسان صرف دنيا کي ئي نه پر پنهنجو پاڻ کي به پرکيندو آهي. ان حساب سان جيڪڏهن مون کان الطاف شيخ جي لاءِ ڪو ٻن لفظن ۾ راءِ گهري ته مان جيڪر اهو ئي چوندس ته ”سدا سيلاني...“ اهي لفظ مون شيخ اياز جي ان بيت مان ورتا آهن، جيڪو ”ڀونئر ڀري آڪاس“ ۾ آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته:
    ”سدا سيلاني، آهي ساهه اياز جو،
    ڳچيءَ ۾ ڳاني، پرين وجهه نه پيار جي!“
    اياز کي به سير سفر جو تمام گهڻو شوق هو پر هو پنهنجي تمام گهڻين لاحاصل تمنائن سبب اها تمنا به تڪميل کي نه پهچائي سگهيو. ان جي باوجود هن جو ساهه سيلاني هو.
    سنڌ جي ساهه کي سيلاني بنائڻ ۾ الطاف شيخ جو تمام وڏو ڪردار آهي. هڪ جمود واري معاشري ۾ ماڻهن کي تحرڪ جي تمنا سان ملائڻ ڪا معمولي ڳالهه آهي؟! ان لاءِ انسان ۾ يا ته تمام گهڻي ڏاهپ هجي يا قدرت پاران عطا ڪيل ڏات! مان سمجهان ٿو ته الطاف شيخ کي ڏاتر اها ڏات ڏني آهي، جنهن کي هن سنڌ ۾ ائين ورهايو آهي، جيئن هڪ صوفي پنهنجي روح جي راحت کي انسانن ۾ ورهائيندو آهي.
    سيلاني ماڻهو، سدائين هر ساحل تي، ڪجهه نه ڪجهه ڏئي ويندا آهن. منهنجو خيال آهي ته هن صرف سنڌ واسين کي ئي گهڻو ڪجهه نه ڏنو آهي پر ڏورانهن ڏيهن جي ماڻهن کي به هن پنهنجي معصوم محبت وارو وکر ججهو ڏنو هوندو. هن ٻين ڏيهن جي ماڻهن سان پنهنجي پيار جي ڪهڙي ورڇ ڪئي؟ اهو سوال مان الطاف شيخ کان ضرور پڇندس ۽ ان جو جواب مان اوهان سان به شيئر ڪندس.
    عمر قاضي


    سمونڊ اندر ۽ سمونڊ کان ٻاهر جو ماڻهو- الطاف شيخ

    جيڪڏهن هو يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ پيدا ٿئي ها ته شايد هن وقت راڪ اسٽارز جيترو Celebrity هجي ها! جيڪڏهن هو سنڌيءَ بجاءِ اهڙا ڪتاب انگريزيءَ ۾ لکي ها ته لکين ڊالر ڪمائي ها. هو سنڌيءَ جو رائيٽر آهي ۽ ان ڪري هو سنڌ تائين سڀ کان گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. مان سوچيان ٿو ته جيڪڏهن هو ميرين اڪيڊميءَ بجاءِ، ٽائٽانڪ جهاز واري سفر ۾ شامل هجي ها ۽ انهيءَ سانحي مان بچي ويلن ۾ هجي ها ته هو ٽائٽانڪ واري سانحي کي ڪيئن قلمبند ڪري ها! هو ٽائيٽانڪ تي اهڙو ڪتاب لکي ها يا ڪنهن دوست کي ان ٽرئجڪ سفر متعلق خط لکي ها ته اڄ هن جا ڪتاب ڊائريڪٽر جيمس ڪيمران (James Cameron) جي ٽائٽانڪ فلم وانگر ئي hit وڃن ها.
    مان جڏهن مئٽرڪ ۾ هوس، تڏهن مون هن جو پهريون ڪتاب ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ پڙهيو هو ۽ اهو ڪتاب مون کي ايترو وڻيو هو، جو مون کي نيويءَ ۾ وڃڻ جو شوق ٿيو هو. اسان جي گهر ۾ ”منهنجو ساگر، منهنجو ساحل“ ڪتاب کان پوءِ هن جا سڀ ڪتاب آيا ۽ پڙهيا ويا ۽ ڳوٺ جي هر ڪتاب پڙهندڙ وٽ، اسان کي تڏهن جيڪي نالا ٻڌڻ لاءِ ملندا هئا، انهن ۾ سائين الطاف شيخ جو نالو به هوندو هو.
    مون کي خبر نه هئي ته هو نيويءَ جهڙي اداري ۾ رهندي به پنهنجي ”ٻاجهاري پڻي“ کي ايترو بچائي سگهيو هوندو! ان کي ڪئين سال ٿي ويا جو هن جا ڪتاب پڙهڻ باوجود مان ساڻس ڪڏهن به نه ملي سگهيس. مان هن سان پهريون دفعو گزري بليوارڊ روڊ جي موڙ وٽ مليس، جتي هن اسان جي آڌرڀاءُ ٻاجهاري مرڪ، ٻارن لاءِ رانديڪن واري ڀريل ٿيلهيءَ ۽ ڊائريءَ سان ڪيو هو. هو ٻاهر چپل ۾ آيو هو ۽ هن کي مون ائين Wandering Soul وانگر ڀاسيو، جيئن دنيا جا گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهو ۽ جي اهي ليکڪ آهن ته اڃا وڌيڪ ........ هوندا آهن.
    ٻارن جي لاءِ وٽس رانديڪا ۽ وڏن جي لاءِ مرڪ آهي. هو جيترو وڏو سيليبرٽي رائٽر آهي، اوترو هو نفيس ۽ زبردست ماڻهو به آهي. ڪنهن هڪ ملاقات ۾ ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ راءِ قائم ڪرڻ ڏکي آهي پر جيئن چيو ويندو آهي:
    ‘Firs timpression is last impression’
    ائين هو اسان کي وڻيو ۽ پوءِ اسان سڀني کي پنهنجي ڪئميرا ۾ فلمبند ڪري محفوظ ڪري هليو ويو.
    هڪ رائيٽر ڪيئن هجڻ گهرجي!! منهنجي خيال ۾ سڄي دنيا جي مختلف هنڌن، نالن، ماڻهن، تاريخن، شناختن ۽ جاگرافي ۽ تاريخ متعلق ايترو باخبر هجڻ ۽ ان سڄي انفرميشن کي محفوظ ڪرڻ، اهو رڳو الطاف شيخ صاحب جهڙو ليکڪ ڪري سگهي ٿو. هو اهڙو سياح نگار آهي، جنهن سڄي دنيا کي پنهنجي اکين جي فريم ۽ قلم ذريعي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. مون کي خبر ناهي ته سنڌي پبلشرن سان هن ڪيئن نڀايو آهي ۽ ڪيئن هو ايترا ڪتاب پروڊيوس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. ڇو ته سنڌي پبلشر ۽ سنڌي صحافيءَ (يا ڪنهن به صحافيءَ) تي اعتبار ڪرڻ جو وڏو عيوضو ڏيڻو پوندو آهي. شيخ اياز جهڙي وڏي شاعر کي به انهن پبلشرن نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو هو. بهرحال اهو هڪ ڌار موضوع آهي.
    الطاف شيخ، رچرڊ برٽن نه آهي. پر اوهين چئي سگهو ٿا ته رچرڊ برٽن به الطاف شيخ نه آهي. ٻنهي ۾ مفاصلو شايد اهو آهي ته برٽن هڪ هسٽورين هو ۽ سائين الطاف شيخ پروفيشن جي حساب سان ته ميرين انجنيئر آهي، جڏهن ته باقي هن دنيا کي، ڪنهن تاريخ نويس وانگر نه پر هڪ عام سياح نگار جي اک سان ڏٺو اٿائين.
    تازو مون سائين الطاف شيخ جي اها ڳالهه پڙهي، جيڪا مون کي بلڪل صحيح لڳي ته؛ ”جي مان لکان نه ها ته جهاز جي نوڪري ڪري نه سگهان ها، ۽ جي جهاز جي نوڪري نه ڪريان ها ته ايترو لکي نه سگهان ها!“ هڪ ڊسيپلينڊ اداري ۾ هڪ رائيٽر جي آزادي ڪيتري ٿي سگهي ٿي؟ جهاز جي ڊيڪ تان چنڊ ڏسڻ جي حد تائين يا ڪنهن کي ياد ڪرڻ جي حد تائين، ڪنهن کي خط لکڻ جي حد تائين يا ڪنارن تي لنگر انداز ٿيڻ واري اميد ڪرڻ جي حد تائين!
    هالا جي جنڊيءَ وارن رنگن ۽ اجرڪ جي چٽن واري خوبصورت دنيا ڇڏي، هن سمونڊ جي دنيا وسائي. هو هڪ حساب سان ڀٽائيءَ جو جديد سامونڊي ٿيو! مون کي ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿو محسوس ٿئي ته سائين الطاف شيخ محض ميرين انجنيئر هجي ها يا دنيا جي ميرين اڪيڊمين ۾ پڙهائي ها ته هو ايڏو وڏو ماڻهو (اسان واري حساب ۾) نه هجي ها. هو پنهنجي پروفيشن جي حد يا اڪيڊميءَ جي حد تائين ته ضرور وڏو ماڻهو هجي ها پر اهو عام ماڻهوءَ لاءِ نه هجي ها. هن سڄي دنيا ڏٺي، جيڪا هن جي اکين ۾ ئي بند ٿي رهجي وڃي ها پر هن انهيءَ دنيا کي پنهنجن پڙهندڙن سان شيئر ڪيو ۽ ايندڙ نسلن تائين محفوظ ڪري ڇڏيو.
    ڪنهن به ملڪ ۾ وڃڻ کان اڳ، سائين الطاف شيخ جو ڪتاب اوهان کي ڪنهن پروفيشنل گائيڊ وانگر ليڊ ڪندو. ائين هو پنهنجي پڙهندڙن جي آڱر کي پڪڙي ٿو ۽ هن کي ٻاهرين دنيا جي عام ماڻهن سان متعارف ڪرائي ٿو. حيرت جي حد تائين هو ان آرٽ ۾ ڪامياب ويو آهي، ڇو ته هو ٻين سياحت - نويسن وانگر رڳو پنهنجي اندر جو اوٻر نه ٿو ڪڍي. پر اصل ۾ هو قسمين قسمين ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ٻولي، ڪلچر، تهذيب تمدن ۽ انهن جي بنهه روزمره جي زندگيءَ کي Depictڪري ٿو.
    مون کي عام جپانيءَ جي باري ۾ ڪهڙي خبر پر ”جپان جن جي جيءَ سان“ پڙهڻ کان پوءِ ڪير به ڄاڻي سگهي ٿو ته اتي جي عام جپانيءَ جي زندگي ڪيئن آهي. ايترو ويجهو مشاهدو ڪنهن به خطي، قوم يا ڪلچر جي باري ۾، مون الطاف شيخ جي ڪتابن ۾ پڙهيو آهي. سنڌ ۾ سفرنامو به پڙهيو ويندو آهي؟ اهو پڙهڻ جو ٽرينڊ اسان کي رڳو الطاف شيخ جي سفرنامن پڙهڻ کان پوءِ نظر اچي ٿو.
    دنيا جي ڪيترن ملڪن متعلق هو انسائيڪلو پيڊيا وانگر آهي. نه رڳو اهو پر هن ايترين مصروفيتن باوجود گهڻو ڪجهه لکيو آهي ۽ جيڪو ڪجهه لکيو آهي، ان ۾ واقعي به جيڪڏهن هن جو 25 سيڪڙو جينئس آهي ته 75 سيڪڙو محنت آهي. ايتري محنت لاءِ هن جو نوٽ بڪ هندي وڏي سمونڊ کان پئسفڪ ۽ ائٽلانڪ سمونڊ تائين وڃي ٿو.
    تازو ايران مان ٿي آيل اسان جي هڪ دوست جڏهن ايران بابت ٻڌائي ٻڌائي اسان جو نڪَ ۾ دمُ ڪري ڇڏيو هو، تڏهن ايران جو سفرنامو جڏهن سائين الطاف شيخ جو منهنجي ڊيسڪ تائين پهتو ۽ ان کي ڏٺو ته ايران متعلق ٻنهي جي ذڪر ۾ مون کي هڪ جهڙائي ملي. پر جيئن توهان ڏسو ۽ ائين لکو به، اهو هر ڪنهن سان ممڪن ناهي. اسان جو هي دوست ان تي خوبصورت سفرنامو لکي سگهي ٿو پر هو ان کي اڃا قلمبند نه ڪري سگهيو آهي جنهن جو اسان کي انتظار رهندو. باقي ان وچ ۾ منهنجي ڳالهه ٻولهه سائين الطاف شيخ سان ٿي ته هن مون کي چيو ته، ”جي مان جوانيءَ ۾ ايران وڃان ها ته شايد مان باقي دنيا نه ڏسي سگهان ها. مطلب ته مان اتي ئي رهي پوان ها.“
    حافظ جي غزل جهڙي ايران کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي؟ انساني آزادي سڀ کان وڌيڪ مقدس آهي، پر جي سائين الطاف شيخ پنهنجي جوانيءَ ۾ ايران وڃي ها ته اهو شاهه جو ايران هجي ها.جڏهن ايران آزاد هو. پر انهيءَ آزاديءَ کي ٻلُ آمريڪا جو مليل هو. اهو ايران جيڪو خانم گگوش جي آواز ۽ رقص وارو هو. ڇا اهو اسان جي سنڌباد سيلانيءَ جي روح کي جڪڙي وٺي ها؟ ممڪن آهي ۽ ممڪن ناهي به.
    خير، سٺ کان مٿي سنڌ کي ڪتاب ڏيندڙ سائين الطاف شيخ جيڪو هاڻ 64 سالن جي عمر کي پهچي چڪو آهي، اسان هُن مان ايمانداريءَ سان سندس آٽو بايوگرافيءَ جي تقاضا ڪيون ٿا. حالانڪه هن جيڪو وقت سمنڊ اندر ۽ سمنڊ کان ٻاهر گذاريو آهي، اهو خود سوانح حيات آهي يا ان کي اوهان ”سياحتي آٽو بايو گرافي“ چئي سگهو ٿا. تنهن جي باوجود زندگيءَ جا ڪي گهٽ گهيڙ اهڙا رهن ٿا، جيڪي ماڻهو آٽو بايو گرافيءَ ۾ لکي سگهي ٿو. ڇو ته ان ۾ ماڻهو، نه ميرين انجنيئر آهي ۽ نه سياح. ان ۾ ماڻهوءَ جي Subjective دنيا اچي وڃي ٿي، جيڪا محض اندر جي دنيا آهي.
    مان نذير ميمڻ صاحب کي هميشه چوندو آهيان ته؛ ”محمد ابراهيم جويي صاحب کي ان لاءِ آماده ڪري ته هو پنهنجي سوانح حيات لکي!“ هر ڀيري وانگر اهو مامرو اتي رهجي ويندو آهي. ويندي اسان پليجي صاحب مان ايمانداريءَ سان لکيل آٽو بايو گرافيءَ جي تقاضا ڪريون ٿا.
    سنڌ کي دنيا سان ڪتابن جي پُل ذريعي ڳنڍي بيٺل سائين الطاف شيخ جو سنڌي ادب جي سياحت نامن ۾ ذڪر ابو بن اڌهم وانگر ٽاپ تي آهي. منهنجي خيال ۾ دنيا جو نقشو، هن جي پيشانيءَ تي، گهڻي عبادت ڪرڻ سبب نڪتل محراب جي نشانيءَ وانگر آهي. ڪريڊٽ جي اها ڳالهه آهي ته هن انهيءَ ڊگهي سفر کي مشاهدي جي ڪوزي ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي، جيئن سمونڊ کي ڪوڏ سمائي سگهندو آهي. شال هو ڪتابن جي پٺارڪ ۾ اضافو ڪندو رهي. انهيءَ پٺارڪ ۾ دنيا ۽ وقت جو سفر گڏ ٿيل آهي ۽ اها ڪا گهٽ ڳالهه ته نه آهي.

    امداد سومرو
    عبرت اخبار، حيدرآباد


    هيءُ ڏيهه شائسته عالماڻيءَ جو

    يونان، اٽلي، اسپين، فرانس ۽ پورچوگال جهڙا ملڪ يورپ کنڊ ۾ ضرور آهن پر ڏٺو وڃي ته اتي ڪا اهڙي گهڻي ٿڌ نٿي پوي. اتي جو سيارو ڪو اهڙو سخت ناهي. ڇو جو اهي ملڪ يورپ جي ڏکڻ ۾ آهن. رڳو سنڌ ۾ ئي ڏٺو وڃي ته ڪراچي ۽ ٺٽي ۾ ڪو اهڙو سيءُ نٿو ٿئي جهڙو سکر ۽ جيڪب آباد ۾. يورپ جا مٿيان ملڪ ته ائين آهن جيئن آفريڪا جا الجيريا، لبيا، ٽيونيشيا وغيره. وچ ۾ فقط ڀؤنچ (Mediterranean) سمنڊ آهي.
    يورپ کنڊ جي وچ ۾ جرمني، آسٽريليا، رومانيا، هنگري، بلغاريا جهڙا ملڪ آهن. انگلئنڊ به ڪافي اتر ۾ آهي، ان ڪري اتي وڌيڪ سيءُ پوي ٿو. اسان جي ننڍي کنڊ تي انگريزن حڪومت ڪئي ۽ اسان جا ماڻهو انگريزي سکيا. ان ڪري هنن کي جڏهن به نوڪري، گهمڻ يا تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يورپ کنڊ ڏي وڃڻ جو ارادو ٿيو ته هنن انگلئنڊ کي ئي ترجيح ڏني ٿي، نه ته موسم جي لحاظ کان اسان ماڻهو يونان، اٽلي يا اسپين جهڙن ملڪن ۾ وڌيڪ Comfirtable محسوس ڪريون ٿا.
    يورپ کنڊ جي بلڪل آخر ۾ يعني اتر ۾، جتي يورپ کنڊ وڃيو ٿو اتر قطب سان ملي، ناروي ملڪ آهي. نالي مان ئي اهو ملڪ اتر وارو لڳي ٿو يعني North May. حالت اها آهي جو اونهاري جي موسم ۾ جڏهن اسان جهڙن ملڪن ۾ لُڪون ۽ جهولا ٿا لڳن، تڏهن به هتي سيءَ ٿين ۽ ماڻهو ڪوٽ پائي هلن ۽ هتي جي سياري جي ته ڳالهه ئي نه پڇو! چوڌاري برف ئي برف هوندي آهي. وري به ٿڌي هوا کان برف بهتر آهي جو برف ٿڌي ٿڌي ته به ڪاٽو چار (4-) کان ته ٿڌي نه هوندي. هوا جو ٽيمپريچر ته ڪاٽو ويهه تائين به وڃيو پهچي. اهڙي ٿڌ ۾ برف گرم لڳندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ههڙي ٿڌي ماحول کان پاڻ کي بچائڻ ۽ گرم رکڻ لاءِ ڪيڙا مڪوڙا، چچيون ۽ ڪوئا برف جي ڇپن هيٺان يا انهن جي اوسي پاسي ۾ لڪندا وتندا آهن. سياري ۾، هنن ملڪ ۾ ڏينهن به ننڍو ٿئي. رڳو رات ئي رات ۽ اونداهه ئي اونداهه رهي ٿي. اونهاري ۾ وري ڏينهن وڏو ٿئي ٿو. آڌيءَ رات جو به سج بيٺو هوندو آهي. ان ڪري هنن پَٽن جو نالو The land of Vikings ۽ The land of midnight Sun پڻ آهي. وائيڪنگ هتي جا باشندا، سمنڊ تي ۽ اوسي پاسي جي مُلڪن ۾، ٻيڙين ذريعي وڃي ڦُرون ڪري ايندا هئا پر ناروي جا ماڻهو هنن کي هيرو ۽ سٺا نيويگيٽر سمجهن ٿا جو هو طوفاني راتين ۾ پنهنجين سنهين ۽ ننڍين ٻيڙين ذريعي جرمني، پولنڊ، هالنڊ ۽ بيلجم پاسي کان وڃي نڪرندا هئا.
    ناروي پاسي آئون پهريون دفعو 1972ع ڌاري ويو هوس. اسان جو جهاز ناروي جي به اتراهين بندرگاهه ٽرنڍاهم ۾ ويو هو. سياري جي ڪري ناروي ۾ ڪا خاص پوک نه ٿئي. تنهن ڪري اسان سڪل گوار سان جهاز کي، پاڪستان مان ڀرائي، اتي پهتا هئاسين. ههڙي ٿڌي ۽ اتراهين شهر ۾، پوءِ به ڪيترا دفعا وڃڻ ٿيو جتي پوءِ ته اسان جي ملڪ جي ماڻهن جو تعداد وڌيل نظر آيو. جڏهن ته پهرئين دفعي اسان کي فقط ٻه ڄڻا پاڪستاني مليا هئا، جن اتي جي ڪنهن فئڪٽريءَ يا ڍڳين جي وٿاڻن (Ranches) ۾ ڪم ٿي ڪيو. ٻئي دفعي اسان جي ڪاليج جو هڪ پراڻو ساٿي، سکر جو سيد عاشق حسين شاهه پڻ مليو هو. هُو مهراڻ يونيورسٽيءَ مان اليڪٽرڪ ۾ B.E ڪري ناروي جي هن اتراهين شهر ٽنڍام جي يونيورسٽيءَ ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ آيو هو. عاشق شاهه بعد ۾ سنڌ حڪومت جو سيڪريٽري به ٿيو.
    ناروي چڱو خاصو وڏو ملڪ آهي، جنهن جي ايراضي (پکيڙ) 385000 چورس ڪلوميٽر آهي. سنڌ ۽ پاڪستان جي پنجاب صوبي کي ملائجي ته 347000 چورس ڪلوميٽر ايراضي ٿئي ٿي. سنڌ ۽ پنجاب جي اڄ ڪلهه جملي آدمشماري 13 ڪروڙ آهي پر سڄي ناروي جي فقط اڌ ڪروڙ آهي! شروع کان ئي هنن ملڪن ۾ گهٽ ماڻهو رهيا ٿي. اڄ ڪلهه ته کڻي اليڪٽرسٽي ٿي پئي آهي نه ته هڪ سؤ سال کن اڳ جو سوچيو؛ جڏهن لائيٽ نه هئي ته ههڙن ملڪن ۾ رهڻ ڪيڏو ڏکيو ڪم هو! ڇهن مهينن کان ڊگهي سياري ۾ ته برف کي ڀڃي، باهه تي وٽڙائي، پوءِ پاڻي پيتو ويو ٿي. هينئر به اهي گهر جيڪي سينٽرلي هيٽيڊ نه آهن، انهن جي باٿ روم ۾ گهڙڻ سان ميڄالو به ٿڌو ٿيو وڃي. ڀتين کي هٿ لائڻ سان هٿ يخ ٿيو وڃن. ٿڌي ڪموڊ تي ويهڻ ته وڏي منزل هوندو آهي! جيئن اسان وٽ سياري ۾ ٻڪرين کي به پراڻا سئيٽر پارائبا آهن. تيئن يورپ جي غريب گهرن ۾، جن جا باٿ روم هيٽر بنا هوندا آهن، انهن جي ڪموڊن تي پراڻا ۽ ڇنل سئيٽر چڙهيل هوندا آهن.
    ناروي سان ئي لڳو لڳ يورپ جو هڪ ٻيو ملڪ سئيڊن آهي. ٻئي ملڪ اتر کان ڏکڻ تائين هڪ ٻئي سان ڄڻ ڀاڪرين مليا پيا آهن. سئيڊن جي بندرگاهن ۾ نه فقط جهازن کي وٺي وڃڻ جو موقعو مليو پر سئيڊن جي هڪ ڏاکڻي شهر ۽ بندرگاهه مالمو ۾، مون کي ٻه سال لڳاتار رهڻ جو موقعو پڻ مليو. مون هن شهر جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ مان مئرين انجنيئرنگ ۾ پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي هئي. سئيڊن، ناروي کان به وڏو ۽ امير ملڪ آهي. سندس ايراضي 450000 چورس ڪلوميٽر آهي. آدم شماري ناروي کان کڻي گهڻي اٿس پر ته به هڪ ڪروڙ کان گهٽ آهي. بقول اسان جي دادوءَ واري جهازي انجنيئر ظهير بابر قريشي جي، هنن ملڪن جي ماڻهن جي اميري ۽ خاموش طبع هجڻ جو هڪ اهو به ته سبب آهي ته؛ ملڪ جي اُپت گهڻي آهي، عوام گهٽ آهي ۽ اونهاري ۾ به ٿڌ لڳي پئي آهي. اسان جي ملڪ جهڙي گرمي ۽ گهِمَ، هُٻس ۽ ڪاڙهو ٿئي ته ڪيئن نه ٿا ڇِتا ٿين!
    سئيڊن جي گاديءَ جو شهر ”اسٽاڪهوم“ آهي ۽ ناروي جو ”اوسلو“ آهي. ننڍا ننڍا بندرگاهه ۽ شهر ڪيترا ئي آهن جيڪي وڃيو اتر قطب سان ملن، جتي ڇهه مهينا ڏينهن ٿئي ته ڇهن مهينن جي يڪي رات. بهرحال ناروي يا سئيڊن جي انهن شهرن مان ڪنهن جي به آدمشماري، ٽنڊو آدم يا شهدادپور جيتري ته ڇا پر اڏيرو لعل يا جنگشاهيءَ جيتري به ناهي.
    اتر قطب کان جي شروع ٿجي ته ناروي ۽ سئيڊن سان گڏ هڪ ٽيون ملڪ فنلئنڊ به شروع ٿئي ٿو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ هيلسنڪي آهي. فنلئنڊ به موسم ۾ سئيڊن ۽ ناروي جهڙو آهي. فنلئنڊ ۾ سندن زبان ”فنش“ کان علاوه ”سئيڊش“ به ڳالهائي وڃي ٿي. هيءُ ملڪ روس جو پاڙيسري هجڻ ڪري، هن ملڪ جي ڪلچر تي روس جو به اثر رهيو آهي ۽ ماضي ڏور ۾ فنلئنڊ ڪڏهن روس سلطنت هيٺ هو ته ڪڏهن سئيڊن جي شهنشائيت هيٺ.
    ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ، آئس لئنڊ ۽ ڊئنمارڪ اتر يورپ جا ملڪ آهن جيڪي انگريزيءَ ۾ Nordic ملڪ سڏجن ٿا. يعني اتر وارا ملڪ.
    ”ڊئنمارڪ“، ناروي ۽ سئيڊن ملڪن جي بلڪل ڏکڻ ۾ واقع آهي. وچ ۾ فقط سمنڊ جي سنهي پٽي آهي. جتي ناروي، سئيڊن ۽ فنلئنڊ پاڻ ۾ مليل آهن، اتي ڊئنمارڪ انهن کان ڌار آهي ۽ اهو باقي ڏاکڻي يورپ جي ملڪن جرمني، پولنڊ، فرانس ۽ سئٽرزر لئنڊ سان ڳنڍيل آهي. يعني توهان ڪار ذريعي ناروي کان سئيڊن ۽ فنلئنڊ ته وڃي سگهو ٿا پر ڊئمنارڪ وڃڻ لاءِ فيري يا جهاز ذريعي سمنڊ جي اها پٽي ٽپڻي پوندي. مالمو (سئيڊن) ۾ رهائش دوران جڏهن اسان مالمو کان جرمني جي ڪنهن شهر هئمبرگ يا برلن ڪار رستي ويندا هئاسين ته فيري ذريعي سمنڊ ٽپي، پهرين ڪوپن هيگن ايندا هئاسين، جتان پوءِ جرمنيءَ جي شهر فريزنبرگ پهچي پوءِ هئمبرگ جو رخ اختيار ڪندا هئاسين يا اڳتي فرانس جي شهر پئرس روانا ٿيندا هئاسين. فنلئنڊ جيتوڻيڪ سئيڊن ۽ ناروي سان گڏيو پيو آهي پر ڪلچر ۽ مزاج ۾ انهن کان مختلف آهي. سندس زبان به بنهه مختلف آهي، جيئن ڪنهن پنجابي ڳالهائڻ واري لاءِ بنگالي يا تامل.
    ڊئنمارڪ، جيتوڻيڪ سامونڊي نديءَ ڪري سئيڊن ۽ ناروي کان ڪٽيل آهي پر سندس ماڻهن ۽ ملڪ جو مزاج ناروي ۽ سئيڊن سان تمام گهڻو ملي جلي ٿو. ناروي، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جون زبانون هڪ ٻئي لاءِ ائين آهن جيئن؛ پنجابي ۽ سرائڪي، يا اسپيني ۽ پورچوگالي زبانون. بلڪ منجهن ان کان به گهٽ فرق آهي. ايتري قدر جو ڪڏهن مِڪسِڊ گڏجاڻين ۾ ناروي وارو نارويجن ۾ ڳالهائيندو ته ڊئنمارڪ وارو کيس پنهنجي زبان ڊئنش ۾ جواب ڏيندو يا سئيڊن وارو سئيڊش ۾. فقط ڪجهه لفظن جو فرق آهي ۽ ٿورو گهڻو لهجي جو. سو به اسان ڌارين کي شروع ۾ محسوس نٿو ٿئي. ڪجهه مهينا رهڻ بعد ٿئي ٿو. ناروي، ڊئنمارڪ ۽ سئيڊن جي رهاڪن جا کاڌا پيتا ۽ سوچ جو انداز به ساڳيو آهي. ڀر واري ملڪ فنلئنڊ جي ماڻهن جون شڪليون ۽ قد بت کڻي هنن سان ملن ٿا پرهنن جو ڪلچر، زبان، سوچ وغيره مختلف آهي. ايتري قدر جو فنلئنڊ اسان وانگر ڌارين جي غلاميءَ واري زندگي گذاري آهي. سئيڊن ۽ روس جو هر وقت فنلئنڊ وارن تي موچڙو رهيو ٿي ۽ انهن جي حڪومت هيٺ رهيو ٿي. اڄ به هيلسنڪي جي روڊن رستن جا نالا سئيڊش زبان ۾ لکيل نظر اچن ٿا. فنلئنڊ جو سياسي ۽ سماجي نظام کڻي، ڪيترن يورپي ملڪن کان بهتر هجي پر ان جي مقابلي ۾ ناروي، ڊئنمارڪ ۽ سئيڊن جو تمام بهتر آهي ۽ اهي ملڪ پئسي وارا به آهن. انهن جا ماڻهو قانون جو به تمام گهڻو خيال ڪن ٿا. دل کولي نه فقط سٺن ڪمن لاءِ پئسو خرچ ڪن ٿا پر سرڪار کي ٽئڪس به پورو پورو ادا ڪن ٿا ۽ سرڪار به عوام ۽ ملڪ تي خوب خرچ ڪري ٿي. هڪ بيروزگار کي به رهائش، کاڌ – خوراڪ، لائيٽ ۽ گئس جي بلن جي ادائگيءَ جو خرچ هر مهيني سرڪار کان مليو وڃي. ان ڪري دنيا جا ڪيترا ئي مظلوم توڙي ٽوٽي ۽ هڏ حرام Immigrants هنن ملڪن ۾ رهائش اختيار ڪرڻ ۾ پنهجي خوش نصيبي سمجهن ٿا. ٿڌ، برف باري، ڊگهين اونداهين راتين ۽ عيسائين جي حڪومت ڪري، هنن ملڪن ۾ جيتوڻيڪ اسان جي گرم ۽ مسلمان ملڪن جا ماڻهو نٿي آيا پر اڄ هنن ملڪن ۾ نوي سيڪڙو مهاجر عراق، ايران، صوماليه، پاڪستان، بنگلاديش، سري لنڪا جا نظر اچن ٿا ۽ سائين ڇا ڳالهه ڪجي وڏي موج مزي ۾ رهن پيا. هڪ فسلطينيءَ هنن ملڪن جي تعريف ڪندي چيو ته؛ ”سائين اسان کي جتي سعودي عرب جهڙن امير ۽ وڏي ايراضيءَ وارن ملڪن به رهڻ نٿي ڏنو، اتي هنن ملڪن اسان کي ڇِت ۽ ٽن وقتن جو کاڌو مهيا ڪيو آهي ۽ هتي اسان سڪون جي ننڊ سمهون ٿا.“
    ٽن وقتن جو کاڌو ۽ سڪون جي ننڊ ته اسان وٽ، خاص ڪري سنڌ ۾، عوامي حڪومت هوندي به مهيا ناهي. هنن ملڪن ۾ جيتوڻيڪ هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ ڌارين ماڻهن کي سياسي پناهه ڏيڻ تي ڪافي سختي ڪئي وئي آهي ۽ هاڻ جيڪو هيڏانهن پهچي ٿو ان کي ڌار Isolated جاءِ تي ترسائي، هن جي تحقيق ڪرڻ ۾ سال ٻه لڳايو ڇڏين، جڏهن ته شائسته عالماڻي جهڙين مظلوم ڇوڪرين کي يڪدم پناهه ڏيئي جان بچايو وٺن. هوءَ سنڌ جي هڪ ڳوٺ جي ڇوڪري هئي، جنهن کي پيار جو پرڻو ڪرڻ سبب سندس مائٽن ئي، هن جو ۽ سندس مڙس جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو ۽ کيس ڪارو- ڪاريءَ جي چڪر ۾ ماري رهيا هئا. سنڌ جي گرم ۽ خشڪ ڌرتيءَ جي نياڻي، اڄ پنهنجي مڙس ۽ ٻارن سان ناروي جي برفاني ۽ ٿڌي ملڪ ۾ سڪون جي زندگي گذاري رهي آهي. ٻارن سان سنڌي ڳالهائي ٿي ۽ پاڙي وارن سان نارويجن زبان. ناروي جي جنهن ٻيٽ نما ڳوٺ ۾ رهي ٿي، اتي جا سادا ڳوٺاڻا پنهنجي وچ ۾ هنن ايشين ماڻهن کي ڏسي حيرت کائين ٿا ته؛ ”هيءُ ڪهڙي اڻ سڌريل ڏيهه کان هتي آيا آهن، جتي ڪو پنهنجي پسند جي شادي به نٿو ڪري سگهي ۽ ڪهڙي مذهب سان تعلق رکن ٿا، جتي عورت کي جانورن وانگر ڪُٺو وڃي ٿو!“ جيتوڻيڪ ان ۾ سنڌ جي غريب عوام جو ڏوهه، ناهي ان کي جنهن Systematic طريقي سان ڪجهه ڪٺور دل وڏيرن، وزيرن، سياستدانن، پيرن ۽ ڀوتارن، جاهل ۽ ذهني طرح مفلوج ڪري رکيو آهي، ان جو دنيا فقط اولڙو ڏسي ڊڄيو وڃي ۽ نه وري اسان جي مذهب اسلام ۾ خرابي آهي رڳو اسان نالي ڪٺين مسلمانن، جاهل مُلن ۽ مولوين اسلام جهڙي خوبصورت ۽ يونيورسل مذهب کي پنهنجين خواهشن ۽ مفادن مطابق Interpret ڪري خوار ڪيو آهي. بقول اسان جي ايراني دوست جي:
    اسلام بذات خود ندارد عيبي،
    هر عيب ڪه هست از مسلمان ماست.
    اسلام ۾ جي ڏِنگ ۽ ور وڪڙ هجن ها ته اڄ جو پڙهيل ڳڙهيل، ذهين گورو آمريڪن توڙي انگريز، فرينچ توڙي جرمن ڪڏهن به مسلمان نه ٿئي ها. اڄ ڊئنمارڪ جهڙن ملڪن ۾ رهندڙ Minorities ۾ اسلام جا پوئلڳ تمام گهڻا آهن. آمريڪا ۾ سڀ کان گهڻا ماڻهو، اسلام جي دائري ۾ اچي رهيا آهن. سئيڊن جهڙو ملڪ، جتي ماڻهن جي مذهب سان گهڻي دلچسپي نه رهي آهي، اتي جي شهرن ۾ اڄ مسجدون آهن، جن ۾ عيدن ۽ جمع نماز تي نمازين جون صفون مسجدن کان ٻاهر تائين نظر اچن ٿيون ۽ چوڌاري نظر ڦيرائڻ سان انهن ۾ اسان جي ايشيائي ملڪن جا گهٽ پر هتي جا گورا يورپي نؤ مسلم وڌيڪ نظر اچن ٿا.
    بهرحال، يورپ جي اتراهن ملڪن (Nordic Countries) جو پنهنجو ڪلچر، ثقافت ۽ مزاج آهي ۽ انهن مان به وري ناروي، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جو نمونو نرالو آهي. جنهن ڪري اهي اسڪينڊينيويا (Scandinavia) جا ملڪ سڏجن ٿا.


    اسان جي ماڻهن جون ڪار گذاريون

    اسڪينڊينيويا جي ملڪن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن ۾ ناروي، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ اچي ٿا وڃن. هي ٽئي يورپي ملڪ، يورپ کنڊ جي اتر ۾ آهن ۽ ناروي ۽ سئيڊن جا اتراهان شهر ته بلڪه اتر قطب ۾ آهن، جتي ڇهه مهينا کن لڳاتار ڏينهن ۽ ڇهه مهينا يڪي رات ٿئي ٿي. اهڙن هنڌن تي وڏي دل ۽ گردي وارا ئي رهي سگهن ٿا. گهڻو ڪري ايسڪيموز رهن ٿا يا وري دنيا جا سائنسدان، جيڪي موسمياتي ۽ ٻيا تجربا ڪندي نظر اچن ٿا. ناروي جي گاديءَ واري شهر ”اوسلو“ ۽ سئيڊن جي اسٽاڪ هوم تائين وري به رهڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه آهي، جتي مون به تعليم دوران ٻه سال خير خوبيءَ سان گذاري ورتا، پر ان کان مٿي اتر ۾، ٽرنڍام جهڙن شهرن ۾، جتي ڪيترا ئي دفعا جهاز کي وٺي وڃڻو پيو ٿي، رهڻ ڪو ايترو آسان ڪم ناهي، جتي جو اونهارو به ڏکائي ٿو، جتي رمضان جو روزو ويهه ويهه ڪلاڪ به هلي ٿو. ساڳئي وقت ڪجهه سک به آهن. سيءَ ۾ صحت صحيح رهي ٿي. سياري جي موسم ۾ فقط ڪلاڪ ڏيڍ جو روزو مس ٿئي ٿو ۽ ان ئي ڪلاڪ ڏيڍ ۾ پنج ئي وقت نمازون پڙهيو وٺجن ۽ شروع جي ڏينهن ۾ يعني اڄ کان چاليهه سال اڳ، جڏهن اسٽاڪ هوم ۽ اوسلو ۾ به ڪو پاڪستاني يا هندستاني ورلي ٿي نظر آيو. سکر جي سيد عاشق حسين شاهه (منهنجي ڪاليجي دوست) جهڙا سخت جان ۽ پڪي عزم وارا ٽرنڍام جهڙي اتراهين شهر جي يونيورسٽيءَ ۾ اچي پوسٽ گريجوئيشن ڪري ويا. پر هاڻ انهن برفاني ملڪن ۾ (جن لاءِ منهنجو هڪ ٿائي دوست هميشه چوندو آهي ته ايسڪيموز ۽ ڀورا رڇ ئي رهن سگهن ٿا) نه فقط اسان جي ننڍي کنڊ جا هزارين ماڻهو نظر اچن ٿا پر ڪيترا ئي عراقي، شامي، لبناني، مراقشي، ايراني ۽ فلسطيني عرب به نظر اچن ٿا ۽ ڏينهون ڏينهن ايترا ته ڌاريا هنن ملڪن ڏي رخ رکڻ جا خواهشمند ٿيندا وڃن جو هنن ملڪن جي حڪومت ڌارين ملڪن جي شهرين کي هتي رهڻ لاءِ سخت کان سخت قانون ويهي ٺاهيا آهن. نه ته 1973ع تائين به هنن ملڪن ۾ رهڻ ۽ هتي جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم نه هو. اهو ان ڪري ياد اٿم جو 1971ع ۾ شاديءَ بعد جڏهن 1973ع ۾ ناروي جي بندرگاهن ۾ آيو هوس ته جهاز تي ڪم ڪارين سانگي ايندڙ مڪاني ڪيترن ماڻهن مون کي ناروي ۾ رهي پوڻ لاءِ صلاح ڏني ۽ هنن نه فقط ريزيڊنسي (سمجهو ته اگاما يا گرين ڪارڊ) ان ئي وقت وٺرائي ٿي ڏني پر مهيني اندر پاسپورٽ ڏيارڻ جو واعدو ٿي ڪيو ۽ مون به اهو سوچي ته هاڻي ٻار به ٿي ويا آهن، ڪيترا سال سمنڊ تي رهبو. هڪ ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ملڪ جي بندرگاهه ۾ ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ان سفر ۾ ناروي ايندي وقت بي آف بسڪي ۽ اتر سمنڊ ڏاڍو خراب مليو هو. ايتري قدر جو ان Voyage ۾ هيلسنڪيءَ کان اوسلو ايندي بالٽڪ سمنڊ به نه رڳو خراب مليو پر سخت طوفان لڳڻ ڪري جهاز جي حالت هڪ طرف خراب هئي ته اسان، هلائيندڙن جي ٻئي طرف. سِي سڪنيس سخت بيزار ڪيو هو. انجن روم ۾ جيڪا هوا لڳندي هئي، ان ۾ به جهڙي مڇين جي کِکي ڌپ هئي. جهاز جي ڊيڪ تي ته بيٺو نٿي ٿيو. ڪئبن (ڪمري) جي پورٽ هول (دريءَ) مان به سمنڊ ڏسڻ تي دل نٿي چاهيو. پاڻيءَ بدران منجهس رڳو اڇي گجي ۽ ولوڙ هئي، جيئن ماٽيءَ ۾ مکڻ ٺاهڻ وقت Turbulence هوندي آهي. ان ڪري منهنجي دل ناروي جي هن چانديءَ جهڙي برف سان ڍڪيل جبلن واري بندرگاهه اسٽاونگر، سنڊس وال يا ٽرنڍام جهڙي بندرگاهه ۾ لهي ڪناري جي نوڪري ڪرڻ لاءِ ڏاڍيون اڇلون کاڌيون. پنهنجي ملڪ ڪراچيءَ ۾ ايتريون نوڪريون نه هيون. رڳو ڪراچيءَ جو بندرگاهه هو. پورٽ قاسم به پوءِ ٺهيو. پر جيئن ته انهن ڏينهن ۾ ڌارين ملڪن ڏي لڏي وڃڻ جو فئشن نه هو ۽ ساڳئي وقت اسان جو ملڪ، دنيا جي ملڪن ۾ نه فقط موسم جي لحاظ کان بهتر هو پر امن امان ۽ سڪون ۾، سٺائي ۽ اخلاقي نقطي نگاهه کان پڻ اتم ۽ اتاهون هو، آئون ناروي يا سئيڊن ۾ رهڻ جو فيصلو ڪري نه سگهيس ۽ مون سان گڏ سفر ڪندڙ منهنجي زال ته هرگز نٿي چاهيو ته هنن يورپي يا آمريڪي ملڪن، يا ڪنهن ٻئي ڌارئين ملڪ ۾ رهجي. ان ڪري ان کان صلاح ورتم ته هن اهو ئي چيو ”ٿي سگهي ٿو ٻٽي (Dual) قوميت نه ملي ۽ اسان کي پنهنجي ملڪ جو پاسپورٽ Surrender ڪرڻو پوي، ان ڪري جهاز تي ئي هلندو رهجي، جيستائين ٻار وڏا ٿين.“ هونءَ به جهاز جو خاص ڪري پاڻيءَ واري سفر جو لطف ئي پنهنجو آهي، بشرطيڪه هلائي ڪو ٻيو. جهاز هلائيندڙ آفيسرن جي زالن ۽ مسافرن کي، طوفان ۽ خراب سمنڊ جو ڪهڙو فڪر! جهاز جي اهڙن لوڏن ۾ پاڻ سٺي ۽ گهاٽي ننڊ ٿي اچي. انسومنيا جو مريض به بنا ننڊ جي گوريءَ جي کونگهرا هڻي ٿو. جهاز جي انجڻ خراب ٿئي يا طوفان اچي، اهڙين مصيبتن کي منهن ته اسان جهاز هلائيندڙن کي ڏيڻو پوي ٿو ۽ اها پڻ حيرت جي ڳالهه آهي ته منهنجي زال توڙي ٻارن کي، اٺ سال سمنڊ تي رهڻ دوران ڪڏهن به سي سڪنيس نه ٿي! ٻار وڏا ٿيڻ تي اسان ملائيشيا ۾ رهي پياسين ۽ اتي جي ئي مئرين اڪيڊميءَ ۾ پڙهائڻ جو ڪم ڪيو.
    ڳالهه جو مطلب هيءُ آهي ته هي اتر قطب جا يورپي ملڪ جن کي Scandinavian ملڪ به سڏجي ٿو ڏورانهان ۽ بيحد ٿڌا ملڪ آهن، جن جي آدمشماري اڄ به نَهَه برابر آهي ۽ اڄ کان چاليهارو سال کن اڳ تائين ته هنن ملڪن جون حڪومتون ۽ ماڻهو، ڌارين ملڪن کان ايندڙ (توڙي کڻي اسان جي ايشيا جا سانورا ماڻهو هجن يا آفريڪا جا ڪارا) کي پنهنجي ملڪ توڙي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ٿي. جيڪو ناروي يا سئيڊن پهتو ٿي، ان کي ان ملڪ جي Citizenshipملي ٿي ۽ انهن ملڪن کان به اڳ ڊئنمارڪ ۾ ملي ٿي. ڊئنمارڪ ۾ ته اسان جي کنڊ جا تمام گهڻا ماڻهو آهن. اڄ به ڪوپن هيگن جهڙي شهر ۾ نيويارڪ ۽ واشنگٽن کان به گهڻا پاڪستاني ٽئڪسي ڊرائيور آهن. بهرحال آهستي آهستي ٿي هنن کي اسان لاءِ نفرت شروع ٿي آهي. ڪجهه اسان ماڻهن جي غلط ڪرتوتن ڪري، ڪجهه هتي جي مڪاني ماڻهن جي خوف ڪري. خاص ڪري هتي جي نوجوان ٽهي اهو محسوس ڪري رهي آهي ته عرب ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن کان ايندڙ مسلمان، پنهنجو پاڻ کي مڪاني ڪلچر ۽ ثقافت ۾ ڍالڻ بدران پنهنجو نئون ڪلچر پيدا ڪري رهيا آهن، جنهن ڳالهه کان هنن کي ڊپ ٿو ٿئي ته ڪٿي هنن جي به شهر شهر ۾ مسجد نه ٺهي وڃي. هنن جون ڇوڪريون مني اسڪرٽ پائڻ بدران مسلمان ڇوڪرين وانگر حجاب نه ٻڌن. اهو به شڪر آهي جو هنن ملڪن جي حڪومتن پاڻ ئي ان ڳالهه جو نوٽيس وٺندي ته؛ شراب ۽ ويندي ڪوڪا ڪولا جهڙيون ڪولائون صحت لاءِ خراب آهن، ڪيترا شراب خانه ۽ جوا خانا بند ڪري ڇڏيا آهن. جيڪي کليل آهن، اهي به سڄي رات کلڻ بدران ٻارهين هڪ تائين کليل رهن ٿا. نوجوان ٽهيءَ کي شراب پيئڻ کان روڪيو وڃي ٿو پر بار ۾ جيڪو هنن کي بيئر Serve ڪيو وڃي ٿو، ان ۾ نارمل بيئر کان گهٽ سيڪڙو الڪوحل رکيو وڃي ٿو ۽ ڪوڪا ڪولا، سيون اپ جهڙن شربتن جي قيمت ايڏي گهڻي رکي وئي آهي جو، ان کي پيئڻ لاءِ هڪ امير به ٻه دفعا سوچي ٿو. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته انهن جا يهودي مالڪ، سئيڊن جا ئي رهاڪو آهن.
    بهرحال هونءَ جو هر ملڪ کان نڪما، ناڪارا، بيروزگار ۽ ٽوٽي سئيڊن، ڊئنمارڪ ۽ ناروي پهچي پاڻ کي سياسي يا مذهبي مظلوم سڏائي، سياسي پناهه وٺڻ جي گهر ڪندا هئا ۽ باقي زندگي هنن ملڪن ۾ گهر ويٺي Social (خيرات جي پئسي) تي عيش ڪندا هئا، تن کي هيڏانهن رهڻ جي جلدي اجازت نه ملڻ لڳي. ڪجهه مهينا ڪئمپن اندر پاسپورٽ فقط انهن ايڪڙ ٻيڪڙ عراقين، ايرانين، سري لنڪن، تاملن، پاڪستانين، لبنانين ۽ ٻين کي ڏنو ٿي ويو، جن لاءِ حڪومت تحقيق ٿي ڪيو ته واقعي هنن کي جي سندن ملڪ ۾ موڪلبو ته هنن جي جان خطري ۾ اچي ويندي.


    انهن جو ڪم فقط ٻار ڄڻڻ آهي

    سئيڊن ۽ ناروي پاسي بيروزگاري ۽ ٻين ڪمن لاءِ سرڪاري طرح خوب پئسو ملڻ ڪري اسان جي ملڪ توڙي ٻين ڪيترن عرب آفريڪن ۽ ايشيائي ملڪن جي ڌم مچي وئي. هرهڪ پنهنجي ملڪ جي حاڪمن يا فوجين جا خيالي ڏکڙا ٻڌائي هنن ملڪن ۾ سياسي پناهه وٺڻ جو بهانو ٿي ڪيو. پوءِ ان ڪم تي سختي ٿي ته اسان جا ماڻهو هنن ملڪن ۾ رهائش اختيار ڪرڻ جا ٻيا طريقا ۽ ڊراما ڪرڻ لڳا. ڪيترن ايشيائي ماڻهن شاديءَ جو چڪر هلائي رهائش وٺڻ جي ڪئي، هتي پهچي هنن ڪنهن سئيڊش، نارويجن يا ڊئنش پوڙهي پڪي عورت، رنڙ يا بيوهه يا نوجوان ڇوڪريءَ کي ٻول يا وچن ڏيئي، شادي ڪري هنن ملڪن ۾ رهائش اختيار ڪرڻ لڳا ۽ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ تي هن کي يڪدم طلاق ڏئي پنهنجي ملڪ مان اصلي زال يا ٻي ڪا عورت وٺي ٿي آيا. ڪيترا ته ڪوڙن نڪاحن سان اهڙيون به زالون وٺي آيا جن کي پاسپورٽ ڏياري طلاقون ٿي ڏنيون ته جيئن هو سندن ٻين مائٽ مردن سان شادي ڪري انهن کي هيڏانهن اچي رهائين. ڪيترن ته پنهنجين سچين زالن سان هتي رهڻ جي باوجود ۽ انهن مان اولاد هوندي به سرڪاري طرح انهن کي طلاق تي رکيو ٿي، ڇو جو هنن ملڪن جي قانون موجب مرد کي بيروزگاريءَ جو الڳ پئسو مليو ٿي ته عورت کي الڳ. طلاق بعد ته گهر به سرڪار طرفان الڳ الڳ مليا ٿي ۽ اهو قانون اڃا تائين هلندو اچي. ان کان علاوه هنن ملڪن جي حڪومت، عورت جي همت افزائي ٿي ڪئي ته هوءَ طلاق بعد هر هفتي گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڏينهن کن مرد جي گهر رهي، جنهن پٺيان هنن جي نيڪ نيتي اها هئي ته من زال مڙس جو ٺاهه ٿي وڃي ۽ ٻچا رلي نه وڃن. اسان جي ملڪ جي ماڻهن ان قانون مان به فائدو وٺي طلاق رجسٽر ڪرائي زال لاءِ مفت جو ٻيو گهر وٺي زال کي وري پنهنجي گهر ٿي اچي رهايو، جيئن پاڻ به خوش، زال به خوش ته سرڪار به خوش ۽ زال لاءِ مليل گهر کي فرنش ڪرائي اسان جهڙن ڌارين شاگردن، واپارين ۽ ٽوئرسٽن کي مسواڙ تي ڏئي ٿي ڇڏيو. سئيڊن ۽ ناروي ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ دوران جيڪي مون سفرناما لکيا آهن، انهن ۾ هن سماجي برائيءَ بابت پڻ لکيو آهي ته ڪيئن اسان جا ماڻهو ان ڳالهه ۾ فخر محسوس ٿا ڪن! جيتوڻيڪ مڪاني مسجدن جا امام، جمع نماز جي خطبي ۾ بار بار اها فتوا ڏين ٿا ته اهو سخت گناهه جو ڪم آهي ۽ ائين ڪرڻ سان سمجهو ته طلاق ٿي وئي ۽ ان ريت حرام جو پئسو حاصل ڪرڻ بدران مڪاني ماڻهن وانگر، اٿي پورهيو مزدوري ڪريو.
    هڪ ڳالهه قابل ذڪر آهي ته جتي انگلنڊ، آمريڪا يا جپان ڏي اسان جي ملڪ جا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو تعليم ۽ نوڪريءَ لاءِ ويا اتي ناروي، ڊئنمارڪ ۽ سئيڊن جهڙن Scandinavian ملڪن ڏي گهڻا تڻا اڻ پڙهيل ۽ ڳوٺاڻا، خاص ڪري پنجاب جي ڏورانهن ڳوٺن جا، ماڻهو مزدوري لاءِ آيا يا وري اهڙا جن کي ڪو هنر به نٿي آيو، سڄي عمر بيروزگاريءَ جي الائونس تي ئي گذارو ڪندا رهيا. هن پاسي جا ماڻهو اولاد ۾ هڪ يا ٻه ٻار پسند ڪن ٿا، بلڪ ڪيترين عورتن کي، خاص ڪري سئيڊن جي عورتن کي ته، پنهنجي سونهن ۽ Shape جو ايڏو فڪر رهي ٿو، جو هو هڪ ٻار به نٿيون چاهين. مڙس يا بواءِ فرينڊ سان گڏ رهڻ پسند ڪنديون، Sex پسند ڪنديون، پر دکيءَ جهڙي پيٽ سان ڏهه مهينا عورتن ۾ هلڻ، ٻار ڄڻڻ ۽ نپائڻ جهڙي ڪم کان ونءُ وينديون. ڪيتريون عورتون وڏيءَ عمر ۾ پهچي، ٻار جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ ڪو ٿائي يا ويٽنامي يتيم يا غريب والدين جو ٻار نپائڻ کي بهترين مشغلو سمجهن ٿيون. ڪيتريون سئيڊش ۽ نارويجن عورتون، آفريڪن ٻار به پالين ٿيون. اهڙن مان هڪ سئيڊش عورت جيڪا اسان جي يونيورسٽيءَ جي پبلڪ رليشن ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر هئي، جنهن تنزانيا جو هڪ ٻار نپائڻ کان اڳ ان جي والدين کي ڏسڻ لاءِ زئنزيبار هلڻ چاهيو ٿي.
    ”ڇو ڀلا؟“ مون هن کان پڇيو، ”توکي هن جي پيءُ کي ته پاڻ وٽ نه رکڻو آهي؟“
    ”نه، اها ڳالهه ناهي، مسٽر الطاف!“ هن ٻڌايو، ”ٻار کي پالڻ جو ذمو کڻڻ کان اڳ، هن جا والدين ڏسڻ ضروري آهن، جيئن خبر پوي ته هو ڪيئن آهن. چور، ڊاڪو يا بداخلاق ته نه آهن، ڇو جو انهن جو اثر ٻار تي به رهي ٿو. وڏو ٿيڻ تي هن ۾ ڪي ڪي ڳالهيون والدين جون ضرور اچيو وڃن، چاهي آئون هن کي هتي جي بهترين اسڪول ۾ تعليم ڏياريان.“
    بهرحال جتي هتي جا مڪاني ماڻهو گهٽ ٻارن جي Favour ۾ آهن، اتي اسان جي ملڪن مان لڏي اچي هتي رهندڙن Immigrants جو لڳي ٿو ته ڪم ئي فقط ۽ فقط ٻار ڄڻڻ آهي. جڏهن آئون سئيڊن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هوس ته اخبار ۾ سئيڊن جي شهريت حاصل ڪندڙ هڪ اهڙي ڌارئين (Immigrant) جي تصوير آئي جنهن کي سڄي سئيڊن ۾ گهڻي کان گهڻا ٻار هئا ۽ اهو اسان جو پاڪستاني همراهه ئي هو! نه فقط اسان جي ماڻهن پر ڪيترن عرب ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ آفريڪا جي ماڻهن هنن ملڪن ۾ رهڻ سان ٻار ڄڻڻ کي به هڪ ڌنڌو کڻي سمجهيو آهي، جنهن ۾ نه سيڙپ ڪرڻي ٿي پوي نه نقصان جو ڊپ آهي. فائدو ئي فائدو آهي. ڇو جو هنن ملڪن ۾ جيئن ئي ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار سرجي ٿو ته حڪومت طرفان ٻار جي ماءُ کي الائونس ملڻ شروع ٿئي ٿو، جيڪو ان الائونس کان علحده آهي، جيڪو هن کي الڳ ۽ سندس مڙس کي الڳ بيروزگار هجڻ ڪري ملي ٿو ۽ پوءِ جڏهن ٻار ڄمي ٿو ته ٻار جو الائونس الڳ ملي ٿو. مثال طور هڪ ٻار جا پاڪستاني 8 هزار ملندا رهن ٿا، جيسين اهي ٻار 18 سالن جا ٿين. گهر مفت، دوا درمل مفت، پڙهائي مفت... اهڙو عيش ڪو ٻيو.
    هنن ملڪن ۾ اسان جي پاسي جي ملڪن جي رهندڙ ماڻهن لاءِ، ڪجهه سالن بعد هڪ ٻيو مسئلو پيدا ٿيو. وقت سان گڏ جڏهن ٻي جنريشن وڏي ٿي ته هنن جي والدين، يعني پهرين جنريشن، اهو پسند نه ڪيو ته سندن نوجوان ٻار، خاص ڪري ڌيئرون، مڪاني ٻارن وانگر، پيار جا پرڻا ڪن ۽ ان کان اڳ مختلف بواءِ فرينڊس سان ڊيٽنگ ۽ هوٽلن جي ڪمرن ۾ اڪيليون وڃي رهن. ان ڪري هنن پنهنجين ڌيئرن جي شادي چڪ نو سؤ دس ۾ رهندڙ پنهنجي هاري ڀائٽي سان زوريءَ ڪرائي يا اهو سوچي پنهنجي وطن جي ڪنهن ٻئي ڳوٺائي مائٽ ڇوڪري سان ڪرائي، جيئن ان کي به هن ملڪ جي Citizenship ملي سگهي. ڪجهه ڇوڪريون ته پنهنجي والدين جي رضا اڳيان اکر نه ڪڇي سگهيون، پر گهڻين تڻين جن سڄي عمر سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جي TV ڏسي ڏسي گذاري هئي، تن واپس پنهنجي نئين وطن ورڻ تي پوليس کي آگاهه ڪيو. هنن ملڪن ۾ قاعدو قانون سخت آهي. ڪو مائٽ پنهنجي ننڍي ٻار جي به مرضيءَ خلاف نٿو هلي سگهي. ڌڪ هڻڻ تي پوليس والدين کي ٻڌيو وڃي. هڪ ٻار اسڪول ۾ گرم ڪپڙا گهٽ پائي آيو ته ان جي والدين کي پوليس ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو. ڄڻيو کڻي ماءُ پيءُ آهي پر جڏهن حڪومت ٻار جي هر ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ والدين کي پئسو ڏئي ٿي ته والدين اهو پنهنجي ٻار تي ڇو نٿا خرچ ڪن؟
    بهرحال اهڙين ڇوڪرين جي بچاءَ لاءِ جن کي سندن والدين وطن گهمائڻ جي بهاني، وڃيو ڄٽن سان شادي ڪرائين، هيڏانهن جي حڪومت اهو قانون ڪڍيو آهي ته هوءَ ڌارئين سان تيستائين شادي نٿي ڪري سگهي، جيسين پاڻ ۽ سندس ٿيڻ وارو گهوٽ 24 سالن جو نه ٿئي ۽ ٻي ڳالهه ته پاڪستان، انڊيا، عراق يا سري لنڪا ۾ رهندڙ سندس گهوٽ کي هوءَ سئيڊن، ناروي يا ڊئنمارڪ تيسين نٿي آڻي سگهي، جيسين هوءَ اهو نه ڏيکاري ته هن ٻن ڪمرن جو گهر خريد ڪيو آهي، جنهن مان هڪ ۾ هوءَ مڙس سان رهندي ته ٻئي اندر مستقبل ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار رهندا.
    هاڻ ان قانون، هنن ملڪن ۾ رهندڙ ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪيترن ئي Immigrants کي منجهائي رکيو آهي، جن جو ڪم نه نوڪري ڪرڻ نه پورهيو ڪرڻ هو. هنن جو ڪم رڳو ٻار ڄڻڻ ۽ سرڪار مان پئسو ڪڍڻ هو ۽ انهن جي ٻين مائٽن سان زوريءَ شادي ڪرائي، کين به هنن ملڪن ڏانهن گهرائڻ هو.


    وڌندڙ آدمشماريءَ ماريو آهي

    پاڻ يورپ جي اتراهن ملڪن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪي دنيا جي گولي جي مٿئين نقطي اتر قطب جي بلڪل ويجهو آهن، جن ۾ رهندڙ ماڻهو، موسم ۽ حالتون، ويندي يورپ جي ڏاکڻن ملڪن کان به نراليون آهن. اهي ملڪ، اتراهان ملڪ يعني Nordic Countries سڏيا وڃن ٿا، جن ۾ فنلئنڊ، آئس لئنڊ، گرين لئنڊ، فارو ٻيٽ (Faroe Islands)، ناروي، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ اچي وڃن ٿا. انهن ملڪن ۾ ناروي، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ اهم ملڪ سمجهيا وڃن ٿا، جو انهن جون پنهنجون بادشاهتون هلنديون اچن ۽ فارو ٻيٽ، آئس لئنڊ وغيره انهن جي ئي قبضي ۾ رهيا آهن. فنلئنڊ ملڪ جيتوڻيڪ ڊئنمارڪ کان به وڌيڪ اتر ۾ آهي، پر جيئن هن کان اڳ وارن مضمونن ۾ لکي آيو آهيان ته هي ملڪ هميشھ موچڙن هيٺ رهيو آهي. فنلئنڊ جي ڪجهه جاگرافيائي پوزيشن ئي اهڙي آهي جو سندن هڪ پاسي کان اتر کان ڏکڻ تائين روس چهٽيو پيو آهي ته ٻئي پاسي سئيڊن آهي. ماضيءَ ۾ سالن جا سال فنلئنڊ کي ڪڏهن سئيڊن جي سلطنت پنهنجي ڪنٽرول ۾ ٿي رکيو ته ڪڏهن روس. فنلئنڊ جي اسڪولن ۾ ڪڏهن سئيڊش زبان پڙهائي ٿي وئي ته ڪڏهن روسي. ائين جيئن ننڍي کنڊ ۾ ڌارين حاڪمن جي زبان ايراني ٿي هلي ته بعد ۾ انگريزن جي راڄ ٿيڻ تي انگريزي. ڪو زمانو هو اسان جي ننڍي کنڊ ۾ فارسي ڳالهائڻ وارو وڏي ڳالهه سمجهيو ٿي ويو جو اها بابر کان نادر شاهه ۽ تيمور لنگ کان محمود غزنويءَ جهڙن حاڪمن جي زبان هئي ۽ ان بعد انگريزي ڳالهائڻ وڏي ڳالهه سمجهيو ويو ٿي. اڄ به اسان چوندا رهون ٿا ته قومي زبان اڙدو، هندي، بنگالي ۽ سنهالي کي پاڪستان، هندستان، بنگلاديش ۽ سريلنڪا ۾ اعليٰ درجو ڏنو وڃي پر اسان کي خبر آهي ته ايئر هوسٽس يا ڪلارڪ جي چونڊ لاءِ به انگريزيءَ ۾ انٽرويو ڪيو وڃي ٿو. ڀلي کڻي ان ايئر هوسٽس کي لاهور، ملتان يا ڪراچي سکر روٽ تي مسافرن جي خدمت چاڪري ڪرڻي پوي. اهڙيءَ طرح فنلئنڊ ۾ اڄ به جڏهن ته هو مڪمل طور آزاد ٿي چڪو هو، سئيڊش زبان ڳالهائڻ وارن جو مٿاهون مان سمجهيو وڃي ٿو. فنلئنڊ جا وڏيرا ۽ ڀوتار، جن جي سياست ملڪ جي ٻين مسئلن تي هلي ٿي، اها Minority آهي، جيڪي سئيڊش يا رُسڪي (روسي) اوريجن جا سڏائين ٿا. جيئن اسان وٽ سيد، پير، وڏيرو ۽ جاگيردار پاڻ کي سنڌي اوريجن جو سڏائڻ بدران ايران، سعودي عرب يا ڪابل قنڌار جو سڏرائيندو. لي ڪئان يو جيستائين سنگاپور کي مٿانهين ليول تي نه وٺي آيو، تيستائين سنگارپور ۾ رهندڙ ملئي، چيني، تامل ۽ انڊين، پاڻ کي سنگاپوري سڏائيندي بي عزتي محسوس ڪندا هئا ۽ اهو حال اسان به ستر واري ڏهي تائين ڏٺو ۽ پوءِ ته سائين جيئن ئي سنگاپور يورپ ٿيندو ويو ته هرهڪ پاڻ کي سنگاپوري سڏائيندي فخر محسوس ڪرڻ لڳو. هرڪو اهو ڏيک ڏيڻ لڳو ته هنن جي وڏن جو سنڌ، پنجاب، تامل ناڊو، ڪيرالا ۽ چين جي غريب ڳوٺن سان ڪو تعلق ته نه هو پر انهن کي اها به خبر ناهي ته انهن علائقن ۾ ڪهڙي زبان ڳالهائيندڙ ڪهڙا ماڻهو رهن ٿا. هو هاڻ خواب ۾ به انگريزي ڳالهائين ٿا، جيتوڻيڪ سنگاپور جي ڪيترن کان آئون به واقف آهيان ته هو ۽ هنن جا وڏا پنجابي، تامل، ملايالم جهڙيون زبانون ڳالهائيندا هئا. اهوئي حال ملائيشيا ۾ آهي.
    بهرحال فنلئنڊ ۾ 1830ع ۾ فينومن قومي تحريڪ، پنهنجي ملڪ جي ٻولي فنس (Finnish) لاءِ، ملڪ ۾ هلندڙ ڌارئين زبان سئيڊش جي برابر، حق گهرڻ شروع ڪيا. هن تحريڪ جو دلچسپ Motto هو:
    Swedes we are not,
    Russians we will never become
    So let us be Finns.
    (سئيڊ اسان نه آهيون، روسي اسان ٿي نه سگهنداسين، ان ڪري بهتر آهي اسان فِن ئي رهون.)
    هن تحريڪ ذريعي فنلئنڊ جي عوام، پنهنجي ٻوليءَ لاءِ انهن قانوني حقن جي گهر شروع ڪئي، جيڪي فنلئنڊ جي سرڪاري زبانن سئيڊش ۽ روسيءَ لا هئا ۽ پوءِ 1902ع ڌاري فنلئنڊ جي پنهنجي زبان کي پنهنجي ملڪ ۾ سئيڊش ۽ روسي زبانن جيترا حق مليا. بهرحال هاڻ فنلئنڊ جي سرڪاري زبان مڪمل طرح فنش آهي پر ان هوندي به ملڪ جي اِليٽ (سرڪاري ڪامورا، امير، واپاري، سياستدان) پنهنجن ٻارن کي سئيڊش زبان پڙهائڻ ۾ بهتري سمجهن ٿا، جيئن اسان وٽ ميهڙ ۽ ٽنڊي قيصر جهڙن ڳوٺن ۾ به انگريزي تعليم حاصل ڪندڙ ٻار مٿانهين مرتبي جا سمجهيا وڃن ٿا. کين ڪچي عمر ۾ ڀلي انگريزيءَ جو لفظ به سمجهه ۾ نه اچي پر سندن مائٽ کين نوڙين جهڙيون ٽايون پائي انگريزي اسڪولن ڏي ويندو ڏسي گد گد ٿين ٿا.
    هينئر ويجهڙائيءَ ۾ منهنجو هيلسنڪي (فنلئنڊ جي گاديءَ جي شهر) ۾ وڃڻ ٿيو ته اڃا تائين روڊن رستن جا نالا سئيڊش زبان ۾ لکيل نظر آيا، پوءِ ڀلي کڻي اهي، عوام چڱيءَ طرح نه سمجهي سگهي ۽ غلط اچاريندي وتي، جيئن اسان وٽ اڙدوءَ ۾ لکيل ڻهڻهه کي ٽهه ٽهه پڙهيو وڃي ٿو ۽ شڪارپور ۾ هاٿي گيٽ کي هاٿي گيڻ پڙهيو وڃي ٿو.
    هونءَ فنلئنڊ کي هڪ عجيب (Unique) ملڪ سمجهيو وڃي ٿو. اها ڳالهه هڪ ڌاريو ماڻهو به هفتي اندر محسوس ڪري ٿو. هڪ خيال کان فنلئنڊ کي ڀر وارن ملڪن وانگر پنهنجي تشخيص Identity ناهي. هن ملڪ ۾ رهڻ دوران، ويس وڳي، کاڌي پيتي ۽ تهذيب تمدن ۾ توهان کي سئيڊن جي به جهلڪ نظر ايندي ته روس جي به. پولنڊ ۽ جرمنيءَ جي به ته بالٽڪ ملڪن لئٽيويا، لٿيانيا ۽ ايسٽونيا جي به! هي بالٽڪ قومون به صدين تائين دٻيل ئي رهيون، جو هنن تي هر وقت ڌارين ملڪن جو اثر ۽ حڪومت رهي. پهرين جنگ عظيم (1920-1918ع) بعد وڃي هنن کي خودمختياري ملي. ايسٽونيا ته فنلئنڊ سان ائين ڳنڍيو پيو آهي، جيئن لاهور امرتسر يا دادو مورو فنلئنڊ جي بندرگاهه هيلسنڪي ۽ ايسٽونيا جو بندرگاهه ٽالن ائين آهن جيئن درياهه جي هڪ پاسي ڄامشورو ۽ ٻئي پاسي هالا پراڻا. ٻنهي بندرگاهن جي وچ ۾ هر اڌ ڪلاڪ بعد فيري هلي ٿي. اڄ ڪلهه فنلئنڊ، ايسٽونيا کان ڪافي امير ملڪ آهي. روزانو صبح جو هزارين پورهيت ۽ مزدور، فيرين ذريعي فنلئنڊ ۾ روزگار ڪمائڻ لاءِ اچن ٿا ۽ شام جو پنهنجي ملڪ موٽيو وڃن ۽ رات جو ايسٽونيا جون رنڊيون ۽ کنڊيون، ڳائڻيون ۽ ناچڻيون، هيلسنڪيءَ جي هوٽلن ۽ شراب خانن، مساج پارلرن ۽ ناچ گهرن ۾ اچيو نڪرن.
    فنلئنڊ جي زبان جيتوڻيڪ ساڄي ۽ کاٻي پاسي وارن ملڪن، روس ۽ سئيڊن جي زبان سان ته نٿي ملي پر درياهه (بالٽڪ سمنڊ) جي ٻئي پار واري ملڪ ايسٽونيا جي زبان سان ضرور ملي ٿي. ايسٽونيا پکيڙ ۾ ڪو گهڻو وڏو ملڪ ناهي. سندس پکيڙ 45 هزار چورس ڪلوميٽر آهي، يعني سنڌ جي ٽئين حصي جيڏو آهي. هن پاسي جي ٿڌن ملڪن وانگر ايسٽونيا جي به آدمشماري گهڻي ناهي. ٻه سال کن اڳ 000، 1340 هئي، اڄ 000، 1376 آهي، يعني ٻن سالن ۾ فقط 36 هزار وڌي آهي. اسان جي ملڪ ۾ هر سال آدمشماري 40 لک کن وڌي ٿي. يعني ايتري جيتري سڄي اردن ملڪ جي آهي. گذريل سال ڪجهه گهٽ وڌي. يعني 2007ع ۾ پاڪستان جي آدمشماري 17 ڪروڙ هئي ۽ 2008ع ۾ 17 ڪروڙ ٽيهه لک ٿي هئي، يعني فقط 30 لک وڌي. عمان جي 28 لک آدمشماري آهي، ڪويت جي ٽيهه لک آهي. معنيٰ آدمشماريءَ جي لحاظ کان گذريل سال به ڄڻ ته ڪويت يا عمان جيڏي ملڪ جو اسان جي ملڪ ۾ واڌارو ٿي ويو پر ڪويت ۽ عمان کي ته فقط تيل ۽ هيرن (Pearls) مان ايڏي آمدني ٿي ٿئي جيڏي اسان وٽ سڀني شين مان به نٿي ٿئي. ڪي ملڪ ته انهن کان به خوش نصيب آهن. جيئن ته برونائي، جنهن جي ڪمائي ڪويت جيتري آهي پر آدمشماري 4 لک. يعني برونائي جهڙا ست ملڪ ڳنڍجن ته پوءِ ڪويت جيتري آدمشماري ٿئي ۽ ڪويت جهڙن سٺ ملڪن جي آدمشماري پاڪستان جي برابر آهي! تڏهن ته اسان وٽ ڪيترا سياڻا ۽ دانشور اها شڪايت ٿا ڪن ته اسان کي وڌندڙ آدمشماريءَ ماريو آهي.


    فنلئنڊ جو مَان تعليم وڌايو آهي

    اتراهين يورپ جي هن ملڪ فنلئنڊ ۾ مون کي ٻه ٽي دفعا جهاز ذريعي وڃڻو پيو، جنهن تي آئون مئرين انجنيئر هوس. فنلئنڊ جو سامونڊي ڪنارو، تمام گهڻو کاڌل آهي ۽ ٿوري ٿوري پنڌ تي ننڍو يا وڏو بندرگاهه آهي. پاڻيءَ واري جهاز ذريعي جڏهن اسان جو سئيڊن يا ناروي اچڻ ٿيندو هو ته فنلئنڊ جي به هڪ ٻن بندرگاهن ۾ سامان لاهڻ يا چاڙهڻ لاءِ ايندا هئاسين. خاص ڪري هيلسنڪي، ترڪو (Turku) واسا، ميري ڪارويا وغيره. تڏهن رڳو ٻه ٽي ڏينهن رهي هليا ويندا هئاسين. بندرگاهه کان پري وڃڻ نه ٿيندو هو، پر پوءِ سئيڊن ۾ پوسٽ گرئيجوئيشن ڪرڻ دوران اسان کي فيريون ۽ هوور ڪرافٽ جي ڪنسٽرڪشن سکڻ لاءِ مهينو کن هيلسنڪيءَ ۾ رهڻو پيو. فن لئنڊ، ايسٽونيا، پولنڊ، جرمني، ڊئنمارڪ ۽ سئيڊن وغيره هڪ ٻئي سان سمنڊ ذريعي ايترو ته ڳنڍيا پيا آهن جو، پاڻيءَ جي جهازن يا ٻيڙين رستي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ وڃڻ ۾ ٿورو وقت ۽ ٿورو خرچ اچي ٿو. ان ڪم لاءِ پاڻيءَ جا جهاز يا ٻيڙيون جيڪي هلن ٿيون، اهي ٻن قسمن جون آهن. هڪ فيريون (Ferries) جيڪي وڏا پئسينجر جهاز سمجهڻ کپن، ايڏا وڏا جو ان ۾ ڪارون، ٽرڪون ۽ بسون ته ڇا ٻه ٻه ٽي ٽي ريل گاڏيون به اچيو وڃن، جن لاءِ انهن فيرين تي ريل جا پٽا ٺهيل آهن ۽ ايڏا خوبصورت آهن جو انهن ۾ سئمنگ پول، ريسٽورنٽون ۽ ڪلب آهن. سئيڊن جي جنهن شهر مالمو ۾ آئون تعليم وٺندو هوس اتان ڪوپن هيگن، هيلسنڪي، گڊانيا (پولئنڊ)، اسٽاڪهوم وڃڻ لاءِ فيريءَ ۾ چڙهندو هوس، ڇو جو ان جو هوائي جهاز کان ڀاڙو به گهٽ ٿئي ٿو ۽ سمنڊ جو نظارو به سٺو ٿيو وڃي. فيرين کان علاوه، سامونڊي سفر جي ٻي بهترين سواري هوور ڪرافٽ آهي، جنهن لاءِ هنن ملڪن جي سفرنامي واري ڪتاب ”يورپ جا ڏينهن“ ۽ ”اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا“ ۾ لکي چڪو آهيان ته Hoover Craft خچر وانگر، نه گڏهه آهي نه گهوڙو آهي! اهو نه هوائي جهاز آهي ۽ نه پاڻيءَ جو جهاز! اهو ٻنهي جي وچ جي هڪ شيءِ آهي. منجهس ويهڻ لاءِ هوائي جهازن وانگر سيٽون ٺهيل آهن. ايئر هوسٽس وانگر خذمتگار ڇوڪريون مسافرن کي ماني ٽِڪي کارائين ٿيون ۽ هنن جي سک جو خيال رکن ٿيون. کيس هوائي جهاز وانگر ٽربائين آهن، جن ذريعي جهاز اڳيان وڌي ٿو. کيس پاڻيءَ واري جهاز وانگر انجڻ ۽ پروپيلر نه ٿئي! پر هوور ڪرافٽ جي شڪل پاڻيءَ جي جهاز جهڙي ٿئي. هيءُ جهاز سمنڊ تي ضرور هلي ٿو پر پاڻيءَ تي ترڻ بدران پاڻيءَ کان فوٽ ٻه مٿي اڏامي ٿو. (خبر ناهي ان کي اڏامڻ چئجي يا هلڻ) ۽ مزي جي ڳالهه ته هوور ڪرافٽ نه فقط پاڻيءَ تي پر خشڪيءَ تي به هلي ٿو، خاص ڪري لسن پٽن، بيابانن ۽ ريتيءَ مٿان. سعودي عرب ۽ ٻين به ڪيترن ملڪن وٽ واريءَ مٿان هلائڻ لاءِ هي جهاز آهن. هيءُ جهاز ڪيئن ٺهي ٿو، ڪيئن هلي ٿو، منجهس ڪهڙين ڳالهين جو ڌيان رکيو وڃي ٿو، اهي سڀ ڳالهيون سکڻ لاءِ مون کي ۽ منهنجي ڪجهه ڪلاس ميٽن کي هيلسنڪيءَ ۾ رهڻو پيو هو.
    فيريون ۽ هوور ڪرافٽ سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ به ٺاهي ٿو پر منهنجي معلومات ۽ تجربي موجب، ان ڪم ۾ فنلئنڊ گوءِ کڻي ويو آهي. مهينو ڏيڍ رهڻ دوران، هنن جهازن کي هيلسنڪيءَ جي مختلف شپ يارڊن ۾ ٺهندو هڪ طرف ڏٺوسين ته انهن ۾ سفر ڪري هلائڻ جو تجربو پڻ حاصل ڪيوسين. هفتي ۾ ٻه ڏينهن، ڇنڇر ۽ آچر، موڪل هجڻ ڪري ڪيترا ئي موڪل جا ڏينهن ملي ويا جن ۾ نه فقط هيلسنڪي پر اوسي پاسي جا شهر به گهمندا رهياسين. اسان جو گهڻو واسطو هيلسنڪي يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي (TKK) سان هو. جنهن کي مڪاني زبان ۾Kor Keakoulu Tekinillinen سڏيو وڃي ٿو. سئيڊن جو هن ملڪ تي ڪيڏو اثر آهي، ان جو اندازو ان مان به لڳائي سگهو ٿا ته يونيورسٽي، مڪاني زبان فنش واري مٿئين نالي کان علاوه، سئيڊش زبان جي نالي سان Teknika Hogskolan پڻ سڏي وڃي ٿي. هيءَ يونيورسٽي هتي پراڻن تعليمي ادارن مان هڪ آهي. جنهن جو بنياد 1849ع ۾ رکيو ويو. کيس يونيورسٽيءَ جو درجو Status 1908ع ۾ مليو. يعني ان کي پورا 103 سال ٿي ويا آهن. هن يونيورسٽيءَ اندر داخلا وٺندڙ، 19 مختلف ڊگرين مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪن ٿا. بيچلر ۽ ماسٽرس آف انجنيئرنگ/ آرڪيٽيڪٽ کان سائنس ۽ فلاسافي جون ڊگريون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. گستاف ڪومپيا جنهن ڪافور (Camphor) کي سنٿيسز ذريعي ٺاهيو، نوبل انعام حاصل ڪندڙ آرتري ورتانين، ۽ الگورٿم جو نيٽ ورڪ ايجاد ڪندڙ Teuvo Kohonen هن يونيورسٽيءَ جي ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جا پروفيسر هئا ۽ فنلئنڊ ۾ هن يونيورسٽيءَ جهڙا ڪيترا ئي تعليمي ادارا آهن. تعليمي معيار ۾ نه فقط سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ جهڙا ملڪ پر فنلئنڊ به اڳ کان اڳرو آهي ۽ هتي جي ڪيترين ئي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن کي هڪ سؤ کان مٿي سال ٿي ويا آهن. سئيڊن جهڙي ملڪ جي ته ڳالهه ئي الڳ آهي، جن جا بادشاهه، فئمليءَ سان پبلڪ پارڪن ۾ پڪنڪ ملهائين ٿا جن جا صدر ۽ وزيراعظم، عوام جي بسين ۾ سفر ڪن ٿا ۽ پوڙهن ماڻهن کي بس ۾ چڙهڻ جي ڏکيائي محسوس ڪري ملڪ جي آٽو انجنيئرن کي حڪم ڏين ٿا ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ چڙهڻ وارو دروازو اهڙو ٺاهيو جيڪو پوڙهن ماڻهن لاءِ بنهه هيٺ ٿي سگهي ۽ اهي سولائي سان سوار ٿي سگهن. اڄ سئيڊن شهر جي هر عوامي بس، اميرن جي ڪارن کان وڌيڪ آرامده آهي. منجهس پوڙهن ۽ ننڍن ٻارن سان گڏ سفر ڪندڙ، عورتن توڙي مردن لاءِ، سيٽون بنا ٽڪيٽ آهن. اڄ کان پوڻيون چار صديون اڳ، 1631ع ۾ سئيڊن جي بادشاهه گستاورس اڊولفس جي راڻي صاحبه، ٻار ڄڻيندي فوت ٿي ويئي. انهن ئي ڏينهن ۾ هندستان جي عظيم الشان شهنشاهه شاهجهان جي راڻي ممتاز محل به، گوهر آرا نالي ڇوڪري ڄڻي وفات ڪري وئي. شاهجهان هن جي غم ۾ روئندو رهيو ۽ سندس ياد ۾ تاج محل اڏرائي خزانو خالي ڪري ڇڏيائين. سئيڊن جي شهنشاهه کي به پنهنجي راڻي ايتري ئي پياري هئي ۽ هو هيڪر ته غم ۾ غرق ٿي ويو پر پوءِ جلد ئي پاڻ سنڀالي پنهنجي زال جي موت تي غور ڪيائين ۽ جنهن وقت هندستان ۾ شاهجهان تاج محل ٺهرائي رهيو هو، گستاورس ملڪ جي هر ڳوٺ ۽ ڳوٺ جي هر پاڙي مان ٻه چست ۽ ذهين ڇوڪريون گاديءَ واري شهر اسٽاڪهوم ۾ گهرائي، کين دائيءَ جي ڪم جي ٽريننگ ڏياري، پنهنجي پنهنجي ڳوٺ موڪليو ته هو اتي وڃي ٻين کي به سکيا ڏين، جيئن اڄ کان پوءِ ڪا به عورت اڻڄاڻائيءَ سبب ويم دوران نه مري. بهرحال اهو اڄ کان 377 سال اڳ جو دور هو. هينئر ته هنن ملڪن ۾ خبر ناهي ڪهڙا انجنيئر ۽ ميڊيڪل جا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون آهن جو جهاز رانيءَ جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به اسان کي هيڏانهن اچڻو پوي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ ، خاص ڪري سنڌ ۾، ته ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڪو سنئون سبتو پرائمري اسڪول به نه آهي، جيتوڻيڪ ڪاغذن تي اسڪول به آهن ته انهن جا ماستر به پگهار وٺي رهيا آهن. روزگار ڪمائڻ لاءِ ڳوٺن ۾، خاص ڪري سنڌ جي ڳوٺن ۾، ڪو ڪارخانو يا فئڪٽري ناهي، جيتوڻيڪ ايوب دور کان وٺي ڏسبو ته اسان جي ڪيترن وزيرن ۽ سياستدانن کي فئڪٽريون لڳائڻ جون پرمٽون مليون. چئن ڏوڪڙن جي لالچ ۾ هنن اهي ڌارين کي وڪڻي، پئسو عيش عشرت ۾ چٽ ڪري ڇڏيو. ڳوٺن جا ڀوتار، اسڪولن کي اوطاقون ٺاهيو ويٺا آهن. هو چاهين ئي نٿا ته سندن سنڌ جا ڳوٺاڻا پڙهن، لکن ۽ روزگار ڪمائي ٻه ويلا حاصل ڪري سگهن. ان قسم جي فلم، ڪجهه سال اڳ سئيڊن ۾، ڪنهن جرمن ٽي وي چئنل تان جرمن زبان ۾ ڊپ ٿيل ڏٺي. جيڪا شايد سنڌي يا اڙدوءَ مان ڊب ڪئي وئي آهي. ان ڊاڪيومينٽري فلم ۾ عطيه دائود يا ڪا ٻي سنڌي وومئن Activist آهي جيڪا ڪنهن طريقي سان سنڌ جي ڳوٺن جي ڪن اسڪولن ۾ داخل ٿي انهن جي بلڊنگ جو حال ڏيکاري رهي آهي، جتي ٻارن جي پڙهڻ لاءِ بينچن بدران وڏيري جا وهٽ ۽ ڪتا ٻڌل آهن. وڏيري جي چوڪيدارن کي شڪ پوڻ تي ته هن عورت جو واسطو ميڊيا سان آهي ۽ هوءَ متان وڏيري جا پول پڌرا ڪري، هن کي بندوقون ڏيکاري ڌمڪيون ڏين ٿا ته هوءَ هتان يڪدم نڪري وڃي. اها فلم رات جو هلائڻ بعد، ڏينهن جو به هلائي وئي هئي. مون کان رات واري فلم ڏسڻ رهجي وئي هئي. صبح جو يونيورسٽيءَ ۾ جڏهن ڪجهه يورپي شاگردن ٻڌايو ته رات فلاڻي چئنل تان تنهنجي ملڪ جي فلم هلي هئي ته مون سمجهيو ته پڪ لاهور، ڪراچي يا موهن جو دڙو جون تاريخي شيون ڏيکاريون هوندائون پر پوءِ ڏينهن جو سنڌ ۾ تعليم بابت هيءَ ڊاڪيومينٽري فلم ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو.
    فنلئنڊ جي گاديءَ واري شهر ۽ وڏي بندرگاهه، هيلسنڪيءَ ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ۽ ڪاليج آهن جن ۾ ڌارين ملڪن، خاص ڪري مشرقي يورپ ۽ بالٽڪ ملڪن جا به شاگرد اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. هيلسنڪي يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجيءَ جي ڪئنٽين ۾ توڙي، شهر جي چوراهي تي، خاص ڪري اروٽاجن ڪاٽو ۽ اسپلانڊي وٽ، آچر ڏينهن تي ايشيا ۽ آفريڪا جا شاگرد پڻ نظر اچن ٿا. منهنجي به پهرئين ڏينهن تي عبدالحڪيم نالي هڪ پنجاب يونيورسٽي جي ليڪچرر سان ملاقات ٿي، جيڪو اسڪالر تي اعليٰ تعليم لاءِ هيلسنڪيءَ جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ آيو هو. هو ئي مون کي هتي جي هڪ مسجد ۾ وٺي آيو، جيڪا پاڪستاني مسجد سڏجي ٿي. هفتي ڏيڍ بعد خبر پيئي ته هيلسنڪي شهر ۽ اوسي پاسي ۾ ڪيتريون ئي مسجدون آهن، جيئن ته مسجد ترڪ، پاسلا مسجد، مسجد الامام (هيءَ مسجد ڀر واري شهر Munkkiniemi ۾ آهي)، رابطه مسجد (جنهن جي ويب سائيٽ به آهي. WWW.rabita.fi).


    فنلئنڊ ۾ اسلام جي آمد

    هيلسنڪي جي هڪ پراڻي بلغاري باشندي کان پڇيم ته؛ ”فنلئنڊ ۾ اسلام ڪڏهن کان آيو؟“ هن همراهه جو ڏاڏو ترڪ مسلمان هو ۽ اڄ کان اڌ صدي کن اڳ، سندس والد بلغاريا (بلقاني ملڪ) جي شهر ورنا کان لڏي هتي اچي رهيو. سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جهڙا ملڪ، جن ۾ گهڻائي چينين جي آهي، اتي اسلام جي آمد ۽ مسجدون ننڍي کنڊ جي مسلمانن ٺهرايون، خاص ڪري پنجاب جي مسلمانن ۽ سرحد جي پٺاڻن، جيڪي برطانيه جي فوج ۾ سپاهي هئا ۽ برطانيا جو ننڍي کنڊ، ملايا کان علاوه سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ به راڄ هو. پر هتي فنلئنڊ جهڙن ڏور يورپي ٿڌن ۽ قطبي ملڪن ۾ اسلام ڪيئن پهتو، واقعي حيرت جي ڳالهه لڳي ٿي. يعقوب نالي هن بلغاري عالم جيڪي ان بابت ڳالهيون ٻڌايون ۽ مون سمجهيون، اهي هتي لکان ٿو:
    فنلئنڊ کي اسلام سان متعارف بالٽڪ رياستن جي تاتارين (Tatars)ڪرايو. ايسٽونيا، لئٽويا (Latvia) ۽ لٿونيا، بالٽڪ رياستون يا ملڪ سڏجن ٿا، جيڪي روس جي چنبي هيٺ هئا ۽ سندن ڪنارو بالٽڪ سمنڊ سان ملي ٿو. انهن ئي رياستن جي ڏور ڏکڻ ۾ رومانيا ۽ بلغاريا جهڙيون بلقاني رياستون آهن، جيڪي ترڪيءَ سان وڃيو ملن.
    ان وقت جا فنلئنڊ ۾ آيل تاتاري، اڄ پاڻ کي فنش تاتاري سڏائين ٿا ۽ فِنش زبان سان گڏ پنهنجي اصلوڪي زبان به ڳالهائين ٿا. جيئن دهليءَ جي هرڪيش نگر جا رهاڪو اوڏ، هندي زبان به ڳالهائين ٿا ته پنهنجي اصلوڪي اوڏڪي زبان به. بهرحال فنلئنڊ ۾ رهندڙ هنن تاتارين جو تعداد ڪو هڪ هزار جي لڳ ڀڳ آهي.
    هنن تاتاري مسلمانن کانپوءِ، فنلئنڊ ۾ مسلمانن جو تعداد ويهين صديءَ جي آخر ۾ وڌيو، جڏهن پاڪستان کان قادياني، ايران جي انقلاب بعد ڪيترا ئي ايراني ۽ صدام جي ظلم کان سندس ملڪ جا ايراني، ان کان علاوه لبناني، سريلنڪن تامل ۽ ايشيا ۽ آفريڪا جي غريب ملڪن جا مسلمان، روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ فنلئنڊ ۾ اچي Settle ٿيا. جتي جيتوڻيڪ Immigrant لاءِ سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جهڙو سک نه هو، پر تڏهن به پنهنجن ملڪن کان هنن کي بهتر روزگار ۽ بهتر سلامتي حاصل هئي. اهڙيءَ ريت سرڪاري آدمشماريءَ مطابق، فنلئنڊ ۾ 1999ع ۾ ٿيل ڳڻپ موجب مسلمانن جو تعداد ويهه هزار هو.
    مٿي بيان ڪيل تاتارين جو فنلئنڊ ۾ سن 1880ع کان اچڻ شروع ٿيو. شروعاتي تاتاري سوداگر هئا ۽ هو هنن اتراهن پٽن تي وڻج واپار لاءِ آيا. پوءِ آهستي آهستي هتي Settle ٿيندا ويا. وقت گذرڻ تي ڪي پنهنجيون زالون به وٺي آيا. ڪن هتي جي مڪاني عورتن سان شادي ڪئي. ڪن هتي جي عورتن سان شادي ڪئي. وري پنهنجي وطن وريا ته پهرين زال هنن کي نه ڇڏيو. ڪي ته وطن ورڻ يا وري فنلئنڊ موٽڻ دوران، سفر ۾ مري کپي ويا جو تن ڏينهن ۾ سفر ڪو آسان نه هو. چاهي هي اتراهان برف باريءَ وارا ملڪ هجن يا عربستان جا وارياسا پٽ يا ملايا جا زهريلن جيتن ۽ نانگن، سؤ پيرين سان ڀريل جنگل. ملائيشيا پاسي به اسلام عرب سوداگرن متعارف ڪرايو. هنن جي سٺي وهنوار ۽ صاف نيتن جي ڪري، مڪاني ماڻهو پڻ مسلمان ٿيا. ويندي ملايا جو حاڪم، جيڪو تن ڏينهن ۾ ملاڪا ۾ رهندو هو، اهو پڻ مسلمان ٿيو. هنن عربن ۽ ايراني سوداگرن محمود غزنوي، تيمور لنگ يا نادر شاهه وانگر، نه مندر ۽ پگوڊا ڀڳا ۽ نه سون ۽ هيرن جواهرن جي ڦر ڪئي ۽ نه وري طاقت جي زور تي غير مسلم جو قتل عام ڪيو.
    هنن تاتاري مسلمانن جون ڪيتريون ئي تنظيمون فنلئنڊ جي گاديءَ واري شهر هيلسنڪي ۽ ترڪو، واسا ۽ ڪاسڪو ۾ آهن. سڀ کان پراڻي ”سئومين اسلام سيورا ڪنٽا“ آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Finnish Islamic Association سڏجي ٿو، پر هي تاتاري ان کي پنهنجي زبان ۾ فنلئنڊ يا اسلام چيماتي (Cemaati) سڏين ٿا، جيڪا 1925ع ۾ ٺهي. اهڙيءَ طرح هڪ ٻي فنلئنڊ يا ترڪليري برلگي 1935ع ۾ ٺهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ترڪ ڪلچر سوسائٽي سڏين ٿا. انهن جي ميمبرشپ، فقط تاتارين کي يا ترڪ نسل جي ماڻهن کي ڏني وڃي ٿي. هيلسنڪيءَ ۾ تاتارين جو پرائمري اسڪول Turk Halk Maktebi نالي پڻ هو، جيڪو هتي رهندڙ ترڪن مطابق 1948ع کان 1969ع تائين باقاعدي ڪم ڪندو رهيو. پر اڄ ڪلهه تاتاري يا ترڪ، پنهنجي زبان سکڻ بدران قومي زبان فنش ۽ ان سان گڏ سئيڊش ۽ انگريزي سکن ٿا.
    فنلئنڊ ۾ 1987ع ۾ Suomen Islamilainen Yhdyskunta نالي هڪ اسلامڪ سوسائٽي ٺهي هئي، جنهن جو فنلئنڊ ۾ رهندڙ هرهڪ مسلمان ميمبر ٿي سگهي ٿو، ويندي اسان جهڙا جن جو فنلئنڊ ۾ ڪجهه عرصي لاءِ رهڻ ٿئي ٿو، اهي به ميمبر ٿي سگهن ٿا. ويجهڙائيءَ ۾ جڏهن منهنجو هيلسنڪيءَ وڃڻ ٿيو هو ته هن سوسائٽيءَ جو، امام قادر صاحب (Khoder Chehab) چونڊيو هو، جيڪو اڃا تائين هلندو اچي. فنلئنڊ جا مسلمان، کيس امام سڏين ٿا. رنگ جو يورپين وانگر گورو آهي. مون کي لڳي ٿو ته هو ترڪ نسل جو آهي يا شايد تاتاري هجي. باقي هن سوسائٽيءَ جو وائيس چيئرمين، آفريڪا جي ملڪ جو هتي Setler ٿو لڳي. سندس نالو عبدالحڪيم ياسين اراسي آهي. Ararseسندس ذات يا اصل ڳوٺ جو نالو آهي. هينئر خاڪن جي ڳالهه تي دنيا جي مسلمانن رنج جو اظهار ڪيو ته فنلئنڊ جي هن اسلامي سوسائٽيءَ جي امام قادر صاحب ۽ عبدالحڪيم ياسين مختلف جلسن، Rallies ۽ سيمينارن ۾ پنهنجي حڪومت کي احساس ڏياريو ته؛ اهو ڊئنمارڪ جي اخبارن ۽ ڪارٽون ٺاهيندڙ جو سخت غلط ڪم آهي، جنهن لاءِ هو سزا جي لائق آهي. هن جي چوڻ تي فنلئنڊ جي مسلمانن، ڊئنمارڪ جون شيون وٺڻ بند ڪري ڇڏيون هيون.
    فنلئنڊ جي هيلسنڪي يونيورسٽيءَ جي هڪ تاريخدان ليڪچرر فنلئنڊ ۾ رهندڙ مسلمان تاتارين لاءِ ٻڌايو ته، هن ملڪ جا هي اوائلي مسلمان 1870ع کان وٺي 1920ع تائين روس جي سرگاچ علائقي جي ويهارو کن ڳوٺن کان، فنلئنڊ جي بارڊر وارن شهرن ۾ ايندا رهيا. سرگاچ، روس جي چوٿين نمبر وڏي شهر نزني کان ايترو پري آهي جيترو ڪراچيءَ کان حيدرآباد، اٽڪل 95 کن ميل. (روس جا ٻيا ٽي وڏا شهر آهن: ماسڪو، پيٽرس برگ ۽ نوووس برسڪ) هتي اهو به لکندو هلان ته روسي انقلاب وارن ڏينهن ۾ 1932ع کان 1990ع تائين، نزني شهر جو نالو ’گورڪي‘ هو. روس جو مشهور ليکڪ مئڪسم گورڪي، هن شهر ۾ ڄائو هو.
    سرگاچ وارا مٿيان ويهه ڳوٺ، جتان فنلئنڊ جا تاتاري مسلمان آيا، روس جي مشهور ندي وولگا جي ڪنارن تي آهن. جيئن اسان پاسي سنڌوندي، گنگا، جمنا ۽ نيل جهڙيون مشهور ۽ تاريخي شهرن واريون نديون آهن، تيئن هيڏانهن يورپ ۽ روس پاسي ڊئنيوب، راهين ۽ وولگا نديون مشهور نديون آهن. وولگا ڊيگهه، ڊسچارج ۽ Water Shed جي خيال کان يورپ جي وڏي ندي آهي. اها روس جي اولهه واري حصي مان وهي ٿي ۽ هن کي روس جي قومي نديءَ جي حيثيت ڏني وڃي ٿي. روس جي ويهن وڏن شهرن مان يارهن شهر، ماسڪو سميت، هن نديءَ تي آهن.


    نمازن جا حيرت انگيز ٽائيم

    فنلئنڊ ۾ مسجد کي Moskeijaسڏجي ٿو، جيڪو انگريزي لفظ ماسق مان نڪتل آهي. اڄ ڪلهه فنلئنڊ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مسجدون نظر اچن ٿيون، جن جا پيش امام مڪاني مسلمان آهن، يا ترڪيءَ کان گهرايل عالم. هيلسنڪيءَ ۾ هڪ مسجد ته فريڊرڪن ڪاٽو روڊ تي آهي. دراصل فِنش زبان ۾ ڪاٽو لفظ جي معنيٰ ئي روڊ آهي ۽ جيئن شروع ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته سئيڊن جي شهنشاهيت جو فنلئنڊ تي ايڏو اثر رهيو آهي جو اڄ به هتي ڪيترن رستن جا نالا فِنش زبان جا به آهن ته سئيڊش زبان جا به. سئيڊش زبان ۾ روڊ کي Gatan سڏين ٿا. سو مٿئين روڊ جو نالو فريڊرڪن ڪاٽو به آهي ته فريڊڪن گاتن به آهي.
    هيلسنڪيءَ ۾ هڪ مسجد Veluritori روڊ تي هڪ لونروٽن ڪاٽو تي به آهي. اهڙيءَ طرح Runeberginkatu تي هڪ مسجد آهي. Viherniemenkatuروڊ تي ۽ ٻين هنڌن ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ مسجدون آهن. وهرنائيمن روڊ واري مسجد جو نالو مسجد دارالامان آهي. ڪيترين ئي مسجدن سان گڏ حلال گوشت جا دڪان پڻ کلي ويا آهن. ستر واري ڏهي ۾، جڏهن هنن ملڪن ۾ جهاز هلائي اچبو هو ته انهن ڏينهن ۾ نه ايڏيون مسجدون هيون ۽ نه حلال گوشت جا دڪان. نماز توڙي ماني، جهاز تي ئي اچي کائبي هئي، پر هاڻي ته هنن ملڪن جي ڪيترن ئي شهرن ۾ سڄي سڄي مهيني جو ”اوقات نماز“ جو چارٽ به ملي ٿو. (يعني ان شهر ۾ سج ڪنهن وقت اڀري ٿو ۽ ڪنهن وقت لهي ٿو ۽ مختلف نمازن جا ڪهڙا ٽائيم آهن.) اسان وٽ سياري يا اونهاري ۾، نمازن جي ٽائيمن ۾ فرق اچي ٿو پر ايڏو نه. سنگاپور، ملائيشيا، انڊونيشيا، ڪينيا ۽ يوگنڊا جهڙا ملڪ جيڪي خط استوا تي يا ان جي ڀرسان آهن، انهن ۾ ته ٻارهوئي هر نماز جو وقت ساڳيو ئي رهي ٿو. ڪو معمولي منٽن جو فرق پوي ٿو. ان کان علاوه نمازن جا ٽائيم اهڙا آهن جن ۾ ننڊ ڊسٽرب نٿي ٿئي. سيارو هجي يا اونهارو، عشاء نماز سمهڻ کان اڳ ئي پڙهي وڃي ٿي ۽ هرڪو نماز بعد ئي سمهي ٿو. اهڙيءَ طرح هر نوڪريءَ وارو يا شاگرد، صبح جو فجر نماز مهل ئي اٿي ٿو. اونهاري ۾ رات ننڍي ٿئي ٿي ته به جلد ۾ جلد، فجر نماز 6 بجي ڌاري ٿئي ٿي، جنهن بعد تيار ٿي نيرن کائي، هرهڪ ساڍي ستين ڌاري پنهنجي اسڪول يا آفيس ۾ روانو ٿيو وڃي. پر ذرا سوچيو؛ توهان رات جو ڏهين بجي ڌاري سمهو ۽ توهان کي چئن ڪلاڪن بعد 2 بجي فجر نماز لاءِ اٿاريو وڃي ته توهان کي ڪيڏي اڻوڻندڙ ڳالهه لڳندي ۽ نماز بعد جي ننڊ نٿي اچي ته پوءِ اٺين بجي آفيس ويندي اکيون سڳل رهن ٿيون. پر اهو سوچيو ته ڏهين بجي سمهڻ بعد توهان کي جيڪڏهن ٻارهين بجي اٿاريو وڃي ته اٿي مغرب نماز پڙهو ۽ هڪ بجي عشا نماز ۽ ٻي يا اڍائي بجي وري اٿارجي ته فجر جو ٽائيم ٿي ويو آهي ته توهان ضرور اهو ئي چوندؤ ته؛ اسان کان اسان جو پاڪستان يا هندستان، بنگلاديش، ايران، سعودي عرب جهڙا ملڪ بهتر آهن. ٻي ڳالهه ته ويندي منهنجا پڙهندڙ حيرت کائي رهيا هوندا ته اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته آڌيءَ رات جو اٿي، سانجهي (مغرب) سومهڻي (عشا) ۽ فجر نماز پڙهجي. پر جيڪي فنلئنڊ، سئيڊن يا ناروي جهڙن ملڪن مان ٿي آيا هوندا، انهن کي خبر آهي ته اهڙن اتراهن ملڪن ۾ ائين ئي ٿئي ٿو. اونهاري ۾ سج سوير ئي ٽين چئين بجي ڌاري اڀري ٿو ۽ اونداهي ٻي بجي ڌاري ٽُٽي وڃي ٿي يعني فجر جو ٽائيم ٿئي ٿو ۽ سج تقريباً 18-19 ڪلاڪن بعد رات جو يارهين ٻارهين بجي ڌاري لهي ٿو.
    هڪ دفعي جولاءِ مهيني ۾ جهاز کي هيلسنڪيءَ وٺي وڃڻو پيو. مسجد جي امام کان جيڪو نمازن جي وقت جو چارٽ “Prayer Timetable for Helsink” مليو، مون وٽ اڃا تائين موجود آهي. ذرا نمازن جو ٽائيم ملاحظه فرمايو: تاريخ ستين جولاءِ: فجر 06: 02 (يعني ٻه لڳي ڇهه منٽ) سج جو اُڀرڻ: 08: 04 اسان وٽ سج جي طلوع ٿيڻ کان اڳ روشني Twilight رهي ٿي، اها اڌ يا منو ڪلاڪ ٿئي ٿي پر هيڏانهن اتراهن ملڪن ۾ به ٻه ٽي ڪلاڪ هلي ٿي. جيئن هيلسنڪيءَ جي مٿئين مثال ۾ رات جي اونداهي ٻه لڳي ڇهن منٽن تي ٽُٽي ٿي ۽ فجر جو وقت شروع ٿئي ٿو. ٻن ڪلاڪن بعد، اوڀر ۾ سج ڪَني ڪڍي ٻاهر نڪري ٿو.
    اڳينءَ نماز جو وقت 30: 13 منٽ يعني ڏيڍ بجي. منهنجي خيال ۾ هيلسنڪي يا دنيا جي ٻين شهرن ۾ اڳين (ظهر) نماز ئي هڪ اهڙي آهي جنهن جي وقت ۾ چند منٽن جو فرق اچي ٿو. جولاءِ جي سڄي مهيني ۾ ظهر نماز ۾ فقط ٽن منٽن جو فرق آهي. 1 جولاءِ تي 29: 13 آهي ته 31 جولاءِ تي 32: 13 منٽ آهي. باقي نمازن ۾ روزانو هڪ منٽ کان ٽن منٽن جو فرق اچي ٿو.
    بهرحال عصر نماز جو وقت، 04: 18 يعني ڇهه لڳي چئن منٽن تي آهي ۽ سج لهڻ يعني مغرب نماز جو وقت 44: 22 يعني ڏهه لڳي 44 منٽ آهي. سومهڻي (عشا) نماز جو وقت 00: 24 يعني پوري آڌي رات جو 12 وڳي. ظاهر آهي سج ئي پوڻي يارهين لهندو ته عشا نماز جلد ۾ جلد، ته به ٻارهين وڳي ٿيندي. هاڻي مون کي ٻڌايو ته جيڪو ماڻهو ٻارهين بجي عشا پڙهي، جيسين سمهڻ جي تياري ڪري ته هن کي هڪ ته ٿي ويندو ۽ ڪلاڪ بعد فجر جي ٻانگ ايندي آهي.
    تعليم دوران آگسٽ جي مهيني ۾، يونيورسٽيءَ کان موڪلون ٿيڻ تي هڪ سال منهنجو فنلئنڊ جي هڪ وڌيڪ اتراهين شهر اناري جروي (Inarijarvi) ۾ وڃڻ ٿيو. اتي جي نمازن جو ٽائيم ٽيبل پڻ مون وٽ موجود آهي ۽ مثال طور چوويهين آگسٽ جي نمازن ۽ سج اُڀرن ۽ لهڻ جو وقت لکان، جيڪو پڙهندڙن لاءِ پڪ حيرت انگيز ثابت ٿيندو.
    فجر نماز جو وقت 29: 01
    سج اُڀرڻ وقت: 06: 02.
    ظهر نماز جو وقت: 15: 13
    عصر نماز: 02: 18
    سج لهڻ يا مغرب نماز جو وقت: 37: 00
    عشا جو وقت 58: 00
    يعني مغرب ۽ عشا هڪ ئي وقت پڙهڻي پوي ٿي، جو گهڻي دير ڪرڻ تي اونداهه ختم ٿيو وڃي ۽ فجر جو وقت شروع ٿيو وڃي.


    ڊئنمارڪ پاسي مسجدون ۽ اسلامي اسڪول

    اتر قطبي ملڪن، سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ يا فنلئنڊ ۾ ڏٺو وڃي ته سڀ کان گهڻا مسلمان ڊئنمارڪ ۾ رهن ٿا. سرڪاري انگن اکرن مطابق ڊئنمارڪ ۾ ٻه لک کن مسلمان آهن جن جو وڏو تعداد گاديءَ واري شهر ڪوپن هيگن ۾ رهي ٿو. انهن ٻن لکن ۾ 40 سيڪڙو اهي آهن جيڪي سياسي پناهه جي بنياد تي ڊئنمارڪ ۾ رهيا پيا آهن. يعني هنن اهو سبب ڏئي هنن ملڪن جا پاسپورٽ حاصل ڪيا ته، سندن ملڪ ۾ هنن سان سياسي نظريي يا مذهبي بنياد تي ظلم ٿي رهيو هو، جنهن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هنن ملڪن ۾ اچي پناهه ورتي اٿن. انهن ۾ توهان کي ڪيترا ئي پاڪستاني، ايراني، عراقي، لبناني، سري لنڪن، يوگو سلاوين ملندا. يورپ جي هنن ملڪن ۾ رهڻ سان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته هتي آيل انهن ماڻهن ۾ ڪي ٿورا آهن، جيڪي واقعي پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ ظلم کان ڀڄي هيڏانهن آيا آهن. باقي ٻيا هنن ملڪن جي خوشحالي ۽ آرام جي نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوڙو بهانو ٺاهي آيا آهن. ياد رهي ته هنن ملڪن ۾ بيروزگار کي به سرڪار طرفان هر مهيني ايترو پئسو مليو وڃي جو هنن جو اٽو، لٽو ۽ اجهو ٿيو وڃي ۽ ڪيترا ته اسان جي ايشيا يا آفريڪا جا ٽوٽي ماڻهو، پورهيو/ نوڪري ملڻ تي به بيروزگار ٿي گهر ۾ ويهڻ کي ترجيح ڏين ٿا، جو هنن جو مهيني تي سوشل (خيرات) جي مليل پئسي مان سٺو گذارو ٿيو وڃي. ائين به نه آهي ته هنن ملڪن ۾ سياسي پناهه وٺندڙ سڀ ڪوڙا ۽ ٽوٽي آهن. ڪي واقعي سچار آهن، پر ڪيترا ٺڳ ڪوڙا ظلم جا داستان گهڙي هنن ملڪن ۾ سياسي پناهه وٺن ٿا. جڏهن پاڪستان ۾ قاديانين کي غير مسلم قرار ڏنو ويو هو، تڏهن ڪيترن سان نوڪري ۽ ٻين ڳالهين ۾ ناانصافيون ٿيون هونديون ۽ ڪيترا پنهنجي جان مال پاڪستان ۾ سلامت نه سمجهي هنن ملڪن ۾ پناهه لاءِ آيا هوندا، پر ڪيترا اهڙا به قادياني يا غير قادياني هئا جن جرمني، فرانس ۽ اٽليءَ جهڙن ملڪن ۾ مزدوري يا پورهيو پئي ڪيو پر جڏهن پاڪستان ۾ مٿين ڳالهه ٿي ته هو پاڪستان ۾ رهندڙ قاديانين کان اڳ سئيڊن، ڊئنمارڪ ۽ ناروي جهڙن ملڪن کان اچي نڪتا ۽ اهو بهانو ڪيائون ته هو جان بچائي پاڪستان کان پهتا آهن. اهڙيءَ طرح ضياءَ جي دور حڪومت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪيترن ئي ڪارڪنن ۽ ورڪرن سان ظلم ٿيو پر انهن مان ڪِن ورلي، ٻاهرين ملڪن ڏي ڀڄي اچي سياسي پناهه ورتي. باقي گهڻي ڀاڱي اتي ئي پاڪستان جي جيلن ۾ تڪليفون ۽ سياسي سختيون سهندا رهيا. اسان جو جڏهن به يورپ جي هنن ملڪن ڏي جهاز ايندو هو ته اسان کي هتي ڪيترا ئي اهڙا ماڻهو به ملندا هئا جن جو سياسي پارٽيءَ (PPP)سان ڪو پري جو به واسطو نه هو. جڏهن ته هتي اچي ڪوڙ ڳالهايائون ته ساڻن پاڪستان ۾ ظلم ٿي رهيو هو جو هنن جو پ پ پ سياسي پارٽيءَ سان واسطو هو. ڪي ته اهڙا به مليا، جيڪي بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن جا هئا پر هتي پهچي پاسپورٽ گم ڪري اهو اعلان ڪيائون ته هو پاڪستان کان آيا آهن ۽ هنن جو پيپلز پارٽيءَ سان تعلق آهي، جيڪا جنرل ضياءَ جي ڏمر هيٺ آهي. هو اسان جي جهاز تي ايندا هئا يا هيلسنڪي، مالمو، ڪوپن هيگن ۽ اسٽاڪهوم جهڙن شهرن ۾ ملندا هئا ته وڏي فخر سان اسان کي ٻڌائيندا هئا ته هنن ڪيئن فلاڻي يا فلاڻي سياسي Turmoilمان فائدو ورتو ۽ اچي هتان نڪتا. اهڙيءَ طرح عراق جا ڪيترا ئي عراقي، صدام جي ظلمن جو حوالو ڏئي هنن ملڪن ۾ اچي رهي پيا ۽ نه فقط عراق ۽ فلسطين جا عرب پر اوسي پاسي جي ٻين عرب ملڪن جا ماڻهو (جن ۾ ڪيترا ئي ڏوهاري پنهنجي ملڪ جي پوليس ۽ ڪورٽ ڪچهريءَ کان ڀڄي) هتان اچي نڪتا. سئيڊن ۾ سياسي پناهه هيٺ رهندڙ، هڪ مراڪش جي فيمليءَ کان پڇيم ته؛ ”هنن ڪهڙي حساب سان سئيڊن ۾ Citizen Ship ورتي؟ مراڪش ۾ ته ڪنهن سياسي دشمني يا ظلم جي ڪڏهن ڪا اسان خبر نه ٻُڌي.“ فئمليءَ جي وڏي چپن تي لچائيءَ واري مرڪ آڻيندي چيو: ”پر عراق ۾ ته صدام باهه ٻاري هئي. اسان موقعو سٺو سمجهي، سئيڊن کان اچي نڪتاسين. پاسپورٽ هوائي جهاز ۾ ئي ڦاڙي ڦٽا ڪري ڇڏيا هئاسين. ايئرپورٽ تي لهڻ سان هاءِ گهوڙا شروع ڪئي سين ته، اسان صدام جي ظلمن کان جان بچائي، مراڪش کان ڦري هتي پهتا آهيون.“
    ”پوءِ هنن کي خبر نه پئي ته توهان عراقي نه پر مراڪشي آهيو، موراڪو کان آيا آهيو.“ مون پڇيو.
    ”خبر ڌوڙ پوندن، جهڙي عربي عراقي ٿا ڳالهائين تهڙي عربي اسان ٿي ڳالهائي.“ هن وراڻيو.
    بهرحال وقت سان گڏ هنن اتراهن (Scandinavian) ملڪن ڌارين ماڻهن جي اچڻ تي ۽ رهائش اختيار ڪرڻ تي سختي شروع ڪئي ۽ اڄ هنن ملڪن جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ، ڪو سولو ڪم ناهي. جيئن ته هن پاسي ڪيترا ئي ماڻهو ايشيا توڙي آفريڪا جا، ٺڳ قسم جا ماڻهو، گهڻا آيا. ان ڪري هنن ملڪن ۾ ڌارين آيل ماڻهن ۾، ڏوهه جو تناسب گهڻو آهي. پاڪستان کان آيل Immigrants ۾ قاديانين جو تعداد گهڻو آهي. پر حق جي ڳالهه ڪبي ته اميگرنٽ ۾ قادياني سڀ کان گهڻو امن پسند ۽ تعليم يافته مڃيا وڃن ٿا. هو چاهي اچڻ وقت غريب ۽ مزدور طبقي جا هئا پر اڄ سندن اولاد پڙهي لکي وڏين پوسٽن تي آهي ۽ ٻئي نمبر تي ايراني مسلمان توڙي ڀئائي ۽ زوروسٽرن (باهه جا پوڄاري)، ٻين کان بهتر شهري سمجهيا وڃن ٿا، نه ته هتي رهندڙ ڌارين ۾ تعليم گهٽ آهي. سياسي يا سماجي ڳالهين ۾ حصو گهٽ آهي پر ڏوهن ۾ وڌيڪ آهي.
    هتي ڊئنمارڪ توڙي ٻين ملڪن ۾ احمدين (قاديانين) جون مسجدون به الڳ آهن. اهڙي ئي هڪ مسجد ڊئنمارڪ جي گاديءَ واري شهر ڪوپن هيگن ۾ آهي، جنهن جو نالو ”نصرت جهان مسجد“ آهي. ان مسجد ۾ احمدي وڃن ٿا. هنن جا اتي ليڪچر ۽ سيمينار به ٿين ٿا. هو پنهنجو پاڻ ۾ ڪافي آرگنائيزڊ آهن. هڪ ٻئي جي مدد ڪن ٿا ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ تبليغ جو ڪم ڪندا رهن ٿا. سندن هڪ مسجد ۾، مون گهٽ ۾ گهٽ ويهه کن زبانن ۾ قرآن مجيد جا ترجما ڏٺا.
    ڪوپن هيگن، آرهوس ۽ ڊئنمارڪ جي ٻين شهرن ۾ پڻ ڪافي مسجدون آهن. هتي جي ڪيترن رهاڪن جي چوڻ موجب، ڊئنمارڪ ۾ اڄ ڪلهه پنجاهه کان به وڌيڪ مسجدون آهن. هتي سرڪار طرفان مندر، مسجد، پگوڊا يا ڪنهن به قسم جي مذهبي عمارت ٺهرائڻ تي ڪا جهل پل نه آهي، پر هتي جا ڪجهه لوڪل Zoning قانون آهن، جنهن موجب عمارت ٺاهي وڃي ٿي.
    1968ع ۽ 1969ع ۾ جڏهن منهنجو جهاز پهريون دفعو هنن ملڪن ڏي آيو هو ته ڪوپن هيگن ۾ رهندڙ مسلمانن کي اهو فڪر هو ته هنن مان ڪو وفات ڪري وڃي ٿو ته هن جي دفن لاءِ ڊئنمارڪ ۾ ڪو مسلمانن جو قبرستان نه آهي. هن جي لاش کي هتي جي گورن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو وڃي يا پنهنجي وطن موڪليو وڃي ٿو، جنهن تي تمام گهڻو خرچ اچي ٿو ۽ فوتيءَ جا مائٽ قرضي ٿيو وڃن. اڄ ڊئنمارڪ ۾ ست اهڙا قبرستان آهن جن ۾ مسلمانن لاءِ ڌار سيڪشن ٺهيل آهن، جن ۾ مسلمانن کي دفن ڪيو وڃي ٿو. 2006ع ۾ ڪوپن هيگن ڀرسان برانڊبي شهر ۾ هڪ سڄو قبرستان مسلمانن لاءِ کوليو ويو آهي.
    مسلمانن لاءِ ڌار اسڪولن جو جائزو ٿو وٺجي ته ڊئنمارڪ ۾ 1977ع تائين ڪو به الڳ اسڪول نه هو. مون کي ياد آهي ته 1978ع جي آخر ۾ اسان جو جهاز آرهوس بندرگاهه ۾ پهتو هو ته اتي رهندڙ اسان جي هڪ پنجابي واقفڪار فئمليءَ، اها خوشخبري ٻڌائي ته هيلزنگر (Helsingor) ۾ هڪ اسلامي اسڪول کليو آهي، جنهن جو هتي جي زبان ۾ نالو ”اسلامي عربي اسڪول“ “Den Islamic Arabiske Skole” رکيو ويو آهي. اڄ اهو اسڪول ملڪ جي اعليٰ اسڪولن مان آهي، جتي ڊئنش ۽ عربي زبان ۾ پڙهايو وڃي ٿو ۽ سڄي ملڪ جا مسلمان ٻارڙا هن اسڪول کي ترجيح ڏين ٿا.
    مٿئين اسڪول کان علاوه ڊئنمارڪ ۾، اڄ ٻيا به 25 کن اسلامي اسڪول آهن، جن ۾ عربي پڙهائي وڃي ٿي ۽ ڪن ۾ ترڪي، ايراني ۽ اڙدو زبانن ۾ به پڙهايو وڃي ٿو. ڇو جو هتي عربن، ترڪن، ايرانين ۽ پاڪستانين جو وڏو تعداد آهي. آفريڪا جي ڪيترن ملڪن، جهڙوڪ سوڊان، صوماليا، جبوتي وغيره جا ٻار عربي اسڪولن ۾ وڃن، جو انهن ملڪن ۾ ٻي زبان عربي آهي، هو ان ڪري به عربي اسڪولن ۾ وڃن، جو قرآن ۽ حديث جا ڪتاب عربي ۾ آهن. روسي رياست جا ٻار جهڙوڪ: ترڪمانستاني، آذر بائيجاني، ازبڪ ۽ تاجڪ وغيره ايراني يا ترڪن جي اسڪول ۾ وڃن ٿا جو انهن ملڪن جي قومي يا ٻيو نمبر زبان فارسي يا ترڪي آهي. سڀ کان وڏو اسلامي اسڪول نوريبرو (Norrebro) شهر ۾ آهي، جنهن جو ڊئنش زبان ۾ نالو Dia Privatsrole آهي. ڪوپن هيگن ۾ موجود اسان جي پاڪستاني ايمبسيءَ وارن ٻڌايو ته هتي ٻه اهڙا اسڪول آهن جتي اڙدو مادري زبان جي حيثيت سان پڙهائي وڃي ٿي.


    ٻه چار سؤ رپيا ۽ جان بچي وئي

    سئيڊن ۾ تعليم دوران ڊئنمارڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ باءِ روڊ وڃڻ ٿيو. جهاز تي نوڪريءَ دوران اسان جو جهاز آرهوس (Arhus) آلبرگ ۽ ايسبرگ جي بندرگاهن ۾ ايندو رهيو ٿي. ڪوپن هيگن بندرگاهه ۾ ڪڏهن به اندر جاءِ نه ملي. هميشه ٻاهر ٿي بيهندا هئاسين. سامان بارجز ذريعي اسان جي جهاز تان کڄي اندر بندرگاهه ۾ ويندو هو. بارجز ويڪريون ٻيڙيون ٿين ٿيون، جن تي گهڻو سامان اچي سگهي ٿو. کين پنهنجي انجڻ نه ٿئي. جهاز کان بندرگاهه تائين ڪا لانچ يا ٽگ بوٽ انهن کي ڇڪي. ڪڏهن ڪڏهن هڪ ئي ٽگ ٽن ٽن چئن چئن بارجز کي ڇڪيندو ويندو آهي. اڳئين بارج جي پٺ سان ٻي بارج جو اڳ، رسي ذريعي ٻڌل هوندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح ٻي بارج جي پٺ سان ٽين بارج جو اڳ ٻڌو ويندو آهي. بس جيئن اٺن جي قطار هوندي آهي، جنهن ۾ اڳيان هلندڙ اُٺ جي پُڇ سان پوئين اٺ کي ٻڌو ويندو آهي. اسان جهاز هلائڻ وارن جي سهوليت لاءِ، اسان جي مقامي آفيس، ڪنهن مسواڙ تي هلندڙ موٽر بوٽ جو بندوبست ڪندي آهي، جيڪا ڪلاڪ ڪلاڪ يا ٻن ٻن ڪلاڪن بعد، جهاز تان ماڻهو کڻي شهر پهچائيندي آهي ۽ وري جهاز تي وٺي ايندي آهي.
    ڊئنمارڪ ملڪ جو به عجيب نقشو آهي. توهان هن کي غور سان ڏسندؤ ته توهان کي ماڻهوءَ جو پاسيرو منهن نظر ايندو. دليپ ڪٽ وار ۽ اک، ٿلهو نڪ جنهن تي ڪريل برف ڄڻ ڳري رهي هجي، وات، کاڏي ۽ ڳچي جيڪا جرمنيءَ جي نقشي سان وڃي ملي ٿي. ان ماڻهوءَ جي ڳچيءَ وٽ چار پنج وڏا ۽ ٻه درجن کن ننڍا ٻيٽ آهن. اهي ٻيٽ ۽ ماڻهوءَ جو ڳچيءَ تائين منهن، ڊئنمارڪ ملڪ آهي، جنهن جي هڪ پاسي بالٽڪ سمنڊ آهي ته ٻئي پاسي ”نارٿ سي“ سمنڊ آهي. ڊئنمارڪ جو سڀ کان وڏو ٻيٽ، جيڪو سئيڊن جي بلڪل ويجهو آهي، ڊئنمارڪ جي گاديءَ جو شهر ڪوپن هيگن آهي. پاڪستان کان جيڪا PIA جي فلائيٽ روزانو يورپ لاءِ ماڻهو کڻي ڪوپن هيگن اچي ٿي سا پنهنجا مسافر هن ٻيٽ تي اچيو ٿي لاهي، جتان پوءِ فيرين ذريعي هو ڀر وارن ملڪن سئيڊن، جرمني، پولنڊ يا ڊئنمارڪ جي ٻين شهرن ڏي وڃن ٿا يا ننڍن هوائي جهازن رستي هالنڊ، بيلجيم، چيڪ ۽ سلاويڪا وڃن ٿا.
    سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جڏهن اسين ڪراچيءَ کان ايندا هئاسين ته هميشه ڊئنمارڪ جي هن ٻيٽ نما شهر ڪوپن هيگن ۾ ايندا هئاسين. جتان پوءِ فيري يا هوور ڪرافٽ ذريعي سئيڊن جي شهر مالمو ۾. هاڻ ته ڪوپن هيگن ۽ مالمو جي وچ ۾ پُل ٺهڻ ڪري ڪوپن هيگن جي ايئرپورٽ تان بس يا ٽئڪسي ذريعي سڌو اچيو مالمو نڪرجي، نه ته اڳ ۾ ايئرپورٽ تان پهرين ڪوپن هيگن جي بندرگاهه ۾ اچبو هو. جتي پوءِ ڀاڙي ۽ سهوليت جو سوچي لانچ، ڪيري يا هوور ڪرافٽ جي ٽڪيٽ وٺي سندس ڊپارچر جو انتظار ڪبو هو. پوءِ مالمو جي بندرگاهه ۾ پهچي اتان ٽئڪسي يا بس ذريعي مالمو جي وچ شهر ۾ پهچبو هو.
    ڪوپن هيگن واري ٻيٽ ۽ سئيڊن جي بندرگاهه واري شهر مالمو جو قصو ائين آهي، جيئن هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جو. يا کڻي چئجي ته ملائيشيا جي ٻيٽ پينانگ ۽ بٽرورٿ شهر جو. سمنڊ ٽپي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ لاءِ فيري يا موٽر بوٽ ئي سواري هئي. جيئن جيئن ٽوئرزم وڌڻ لڳي، تيئن تيئن ماڻهو وڌڻ لڳا ۽ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ فيريءَ جو ڪلاڪ ڪلاڪ به انتظار ڪرڻو پيو ٿئي. ملائيشيا ۾ اسان جو جهاز هميشه بٽرورٿ پاسي بيهندو هو ۽ پينانگ گهمڻ لاءِ فيريءَ ۾ ئي وڃبو هو. ساڳيو حال هانگ ڪانگ ۾ ٿيندو هو. اتي جا ٻئي پاسا گهمڻ ڦرڻ، توڙي خريداري لاءِ بهترين هئا. اڄ اهي واچون ۽ ڪئلڪيوليٽر ته ڇا ڪئميرا ۽ ڪمپيوٽر به ڪراچيءَ جي ريگل پلازه، موٽڻ داس مارڪيٽ ۽ يوني پلازه ۾ ڌوڙ پيا پائين. پر اڄ کان چاليهه سال اڳ، اهي شيون ممباسا، عدن، ڪولمبو ۽ پوءِ پينانگ، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جهڙن بندرگاهن مان خريد ڪبيون هيون. ستر ۽ اسيءَ وارو سڄو ڏهو اسان جو جهاز هانگ ڪانگ پاسي لڳندو هو ته فيريءَ ذريعي ڪولون ويندا هئاسين ۽ جي ڪولون پاسي لنگر ڪيرائيندا هئاسين ته پوءِ هانگ ڪانگ فيريءَ ذريعي ويندا هئاسين. هر دفعي ٻُڌندا هئاسين ته هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جي وچ ۾، پينانگ ۽ بٽرورٿ جي وچ ۾، پُل ٺهڻ واري آهي... ۽ آخر ٻنهي هنڌن تي ٺهي وئي. اهڙيءَ طرح سئيڊن يا ڊئنمارڪ پاسي جهاز وٺي اچبو هو يا ٻه سال جيڪي مالمو ۾ پوسٽ گريجوئيشن دوران گذارياسين، ان ۾ اهو ئي ٻڌندا رهياسين ته اجهو ٿي مالمو ۽ ڪوپن هيگن جي وچ ۾ پُل ٺهي ۽ پوءِ فيريءَ ذريعي سمنڊ ٽپي ڪلاڪ بعد ڪوپن هيگن پهچڻ بدران ڪار يا بس ۾ ڏهن منٽن ۾ پهچي وڃبو ۽بندرگاهه پهچي فيريءَ ۾ چڙهڻ بدران پنهنجي يونيورسٽيءَ جي هاسٽل جي در وٽان ئي بس ۾ چڙهبو ته اچي ڪوپن هيگن شهر جي وچ ۾ پهچبو. هانگ ڪانگ ۽ پينانگ پاسي ته پُليون ٺهي ويون پر نه ٺهي ته هيءَ مالمو ۽ ڪوپن هيگن واري پُل نه ٺهي. رڳو ڳالهيون ٻڌندا رهياسين. پر سچ اهو آهي ته اسان جي دل به نٿي مڃيو ته ڪا هيءَ پُل ٺهي سگهندي، ڇو جو مالمو ۽ ڪوپن هيگن جي وچ ۾ ڪو ميل ڏيڍ فاصلو ناهي. ٻي ڳالهه ته مالمو ۽ ڪوپن هيگن جي وچ ۾ جيڪو ڳچي سمنڊ (Strait)”اور سنڊ“ نالي آهي، اهو ڪياماڙي ۽ منهوڙي جي وچ ۾ وهندڙ سمنڊ وانگر ڪو ماٺو سمنڊ ناهي! اسان جهاز هلائڻ وارا هميشه اهو سوچيندا هئاسين ته مالمو ۽ ڪوپن هيگن جي وچ ۾ ”اور سنڊ ڳچي سمنڊ“ مٿان جي پُل ٺهندي ته اسان جا هي آفت جيڏا بحري جهاز جيڪي ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي جڏهن ’نارٿ سي‘ سمنڊ ۾ پهچن ٿا ته پوءِ اتان بالٽڪ سمنڊ ۾ گهڙڻ لاءِ هن Oresund Strait مان ئي لنگهڻو پوي ٿو. هيٺانهين پل هيٺان ته جهازن جو لنگهڻ ناممڪن ڳالهه آهي ۽ ههڙين ڇتين ڇولين واري سمنڊ ۽ ٻارهوئي سخت سرديءَ ۾ سمنڊ اندر ڪيئن پيلپايا Pillars هڻي، مٿان پُل اڏيندا. جي واقعي ايڏي وڏي پُل ٺهي وئي ته سِول انجنيئرنگ جو هڪ وڏو ڪارنامو سمجهيو ويندو... حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اها پل ٺهي پئي! هن پل بابت هتي ڪجهه دلچسپ ۽ معلومات ڳالهيون لکان ٿو:
    هن پُل جو نالو اوريسنڊ ڳچي سمنڊ Oresund Starits تان ’اوريسنڊ برج‘ نالو رکيو ويو آهي. سئيڊش زبان جي هن لفظ Oresund جي معنيٰ آهي آواز. هيءُ لفظ انگريزي لفظ ، The Sound مان نڪتو آهي.
    دراصل مالمو ۽ ڪوپن هيگن کي ڳنڍڻ لاءِ رڳو پُل نه پر سرنگهه (Tunnel) به آهي. ان ڪري ڪيترا هن کي اوريسنڊ لنڪ يا ڪنيڪشن به سڏين ٿا، جنهن ۾ پل ۽ ٽنل ٻئي اچي وڃن ٿا.
    هن پل جا ٻه طبقا آهن. مٿئين تان لارين موٽرن جون چار قطارون هلن ٿيون ۽ هيٺئين تان ريل گاڏيءَ لاءِ به ٽرئڪ آهن. پل ٽپڻ لاءِ يعني سئيڊن جي شهر مالمو ۽ ڊئنمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ڏي اچڻ وڃڻ لاءِ مقامي توڙي ڌارين جي پاسپورٽ ۽ ڪسٽمس جي چڪاس نٿي ٿئي، جيڪا ملائيشيا کان سنگاپور ڪاز وي (پل) ٽپڻ تي ٿئي ٿي. منهنجي خيال ۾ مالمو ۽ ڪوپن هيگن جي وچ ۾، شايد ان ڪري ناهي جو ٻئي ملڪ سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ خوشحالي توڙي قانون قاعدي ۾ ساڳيو درجو رکن ٿا. ڪو ڌاريو جنهن کي هاڻ سئيڊن جو پاسپورٽ آهي، ان لاءِ ڊئنمارڪ به ساڳي حيثيت رکي ٿو. بيروزگاريءَ جو جهڙو هن کي سئيڊن ۾ الائونس ملي ٿو، اهڙو ڊئنمارڪ ۾ ئي ملندو، پوءِ هو ڇو هڪ ملڪ ۾ ٺهيل ڪک ڊاهي ٻئي ۾ اچي رهي.
    هيءَ پل 1995ع ۾ ٺهڻ شروع ٿي ۽ 14 آگسٽ 1999ع ۾ مڪمل ٿي. ڊئنمارڪ واري پاسي کان اتان جو شهزادو فريڊرڪ ۽ سئيڊن واري پاسي کان اتي جي شهزادي وڪٽوريا پل جي وچ تي اچي هٿ ملايو ۽ پل ٺهڻ جو جشن ملهايو ويو. ان بعد راڻي مارگيٽ 2 ۽ بادشاهه ڪارل 16 گستاف صدارت ڪئي ۽ رستي کُلڻ جو اعلان ڪيو. هيءَ پل مقرر ڪيل مدي کان 3 مهينا اڳ ٺهي راس ٿي. ان قسم جا ڪمال يعني ڪنهن وڏي پروجيڪٽ جو مقرر وقت ۾ يا ان کان به اڳ مڪمل ٿيڻ مون فقط هڪ ايشيائي ملڪ ملائيشيا ۾ ڏٺا آهن.
    پهريان ٻه ٽي سال هن پُل جو استعمال تمام گهٽ رهيو. هڪ ته ٽال ٽئڪس به چڱو خاصو ورتو وڃي ٿو. فقط هڪ طرف جو موٽر سائيڪل واري کي 190 سئيڊش ڪرونا ڏيڻا پون ٿا، يعني پنهنجا پاڪستاني 1900 رپيا ٿيا، ڇو جو هڪ سئيڊن جي ڪروني ۾ اڄ ڪلهه ڏهه رپيا آهن. اهڙيءَ طرح ڪار واري کي هن پل تان لنگهڻ جو 3500 رپيا ٽال ڏيڻو پوي ٿو ۽ بس واري کي 14000 رپيا، جيڪي پوءِ هو مسافرن کان ڀاڙي سان گڏ وٺي ٿو ۽ ٽرين جي لنگهڻ جو ته ڪو لک کن رپيا هوندو جو ٽرين ۾ ڪوپن هيگن کان مالمو ويندي، مون کي ٽرين جي ٽڪيٽ سان گڏ 100 ڪرونا يعني هڪ هزار رپيا پُل تان لنگهڻ جا ڏيڻا پيا. بهرحال پُل وارن جي وڏي ڪمائي آهي ۽ هنن جو خرچ به ان حساب سان ٿيو آهي. ايترو ڳرو ٽال هوندي به فيري ۽ هوور ڪرافٽ کان سستو ٿو پوي. هوور ڪرافٽ جو ڀاڙو ته تمام ڳرو ٿئي ٿو. جن ڏينهن ۾ آئون مالمو (سئيڊن) ۾ پڙهندو هوس ته في پئسينجر جو ڀاڙو 550 ڪرونا هو ۽ اسان هوور ڪرافٽ ۾ فقط تڏهن سفر ڪندا هئاسين، جڏهن ڪنهن سيمينار يا فيلڊ - ورڪ لاءِ ويندا هئاسين ۽ ڀاڙي جا پئسا يونيورسٽي ڏيندي هئي. نه ته پنهنجي خرچ تي سئيڊن يا ڊئنمارڪ جي ڪنهن شپنگ ڪمپني جي فيريءَ ۾ ويندا هئاسين. اڃا به ان ڪوشش ۾ هوندا هئاسين ته ڪا پولنڊ جي ڪمپنيءَ جي فيري ملي وڃي، جنهن جي ٽڪيٽ تمام گهٽ ٿئي ٿي. جيئن واشنگٽن کان نيويارڪ ويندڙ گري هائونڊ جي بسين جي ٽڪيٽ ڳري ٿئي ۽ ساڳئي روٽ تي هلندڙ چيني بسين جي ٽڪيٽ گهٽ هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٻه سال اڳ، مون ٻه دفعا انهن چيني بسين ۾ سفر ڪيو، ٻئي دفعا رستي تي خراب ٿي پيون. اهڙيءَ طرح هتي هلندڙ پولنڊ جي فيرين جو حال آهي. انجڻ دونهون پئي ڇڏيندي، رف سمنڊ ۾ ڊيڪ چيچاٽ پيو ڪندو. خبر ناهي بين الاقوامي قاعدي مطابق، هنن فيرين تي هر مسافر لاءِ لائيف جئڪيٽ به ٿئي ٿي يا نه! بهرحال اوريسنڊ ڳچي سمنڊ اُڪري، الله جا شڪر بجا آڻيندا هئاسين ته ٻه چار سؤ رپيا ۽ زندگي بچي وئي.


    اوريسنڊ پل ۽ جرمنيءَ جو ڪيل ڪئنال...

    گذريل مضمون ۾ پاڻ سئيڊن جي ڏاکڻي شهر ۽ بندرگاهه، مالمو ۽ ڊئنمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن کي ملائڻ واري پل ”اوريسنڊ برج“ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. اهي شهر پاڻ ۾ ائين آهن، جيئن اسان جو دادو مورو يا سکر روهڙي. انهن جي وچ ۾ يا ڪوٽڙي حيدرآباد جي وچ ۾، جڏهن پل نه هئي ته درياءُ ٽپڻ جو ذريعو فقط ٻيڙيون هونديون هيون. هاڻي پلين جي ڪري، باءِ روڊ وڃڻ ۾ خرچ به گهٽ ٿئي ٿو ته وقت جو بچاءُ پڻ ٿيو وڃي.
    اهڙيءَ طرح هيڏانهن مالمو کان ڪوپن هيگن وڃڻ لاءِ، فيرين (Feries) ذريعي سفر ڪرڻ کان پل ذريعي، يعني باءِ روڊ وڃڻ تي خرچ گهٽ آهي ۽ وقت جو بچاءُ آهي. تنهن هوندي به ڪيترا ماڻهو، فيريءَ رستي سمنڊ اُڪرڻ چاهين ٿا جو فيري يا هوور ڪرافٽ يا ڪنهن ٻي سامونڊي سواريءَ جو مزو ئي پنهنجو آهي. ڄڻ پڪنڪ ٿيو وڃي. هاڻ مڙيئي ڪجهه سالن کان پل رستي سمنڊ ٽپڻ وارن جو تعداد وڌي ويو آهي. ان جو سبب، مالمو ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني دوست ۽ بزنيس مئن مسعود ضيغم ٻڌايو ته؛ جيئن ته ڪوپن هيگن ٻيٽ تي زمين ۽ رهائش مهانگي آهي، ان ڪري ڊئنمارڪ جي ڪيترن شهرين، جيڪي ڪوپن هيگن ۾ نوڪري ڪن ٿا، سئيڊن پاسي مالمو ۾ گهر ورتا آهن. هاڻ هورهن سئيڊن پاسي ٿا پر نوڪريءَ لاءِ پل ٽپي ڪوپن هيگن وڃن ٿا ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ جيڪي سڄي مهيني جي ٽيڪٽ (ٽال) اڳواٽ ڀرين ٿا، فقط چوٿون حصو رکيو ويو آهي. هي سلسلو ائين ٿي ويو آهي، جيئن اسلام اباد ۾ نوڪري ڪرڻ وارا راولپنڊيءَ ۾ رهن ٿا پر اسلام آباد ۽ راولپنڊي ته هڪ ئي ملڪ ۾ ٿيا. ان ڪري هتي بهتر مثال سنگاپور ۽ ملائيشيا جي پڇڙي واري شهر جوهوربارو وارو ٿيندو. سنگاپور ڪوپن هيگن وانگر ننڍڙو ٻيٽ آهي، جتي زمين جو اگهه تمام گهڻو آهي. ان ڪري ڪيترن سنگاپورين پنهنجا فلئٽ يا ننڍڙا گهر وڪڻي، ساڳين پئسن ۾ جوهور بارو (ملائيشيا) پاسي وڏا گهر ورتا آهن ۽ هو صبح شام جو هوربارو ۽ سنگاپور جي وچ وارو سمنڊ، پل (ڪاز وي) ذريعي ٽپي نوڪري لاءِ وڃن ۽ موٽن ٿا. هينئر سئيڊن جي هڪ تازي رپورٽ پڙهي رهيو هوس ته گذريل سال يعني سال 2008ع ۾ اٽڪل اڍائي ڪروڙ ماڻهن پل تان سفر ڪيو، جن مان هڪ ڪروڙ ماڻهن ٽرين رستي ۽ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن بسن ۽ ڪارن ذريعي، هڪ ماڻهوءَ جا 200 رپيا ٽال کڻي لڳائجي ته به هتي جي سرڪار هڪ سال ۾ 5 ارب رپيا پل مان ڪمايا.
    شروع ۾ به لکي آيو آهيان ته ڪوپن هيگن ٻيٽ کان مالمو تائين جيڪو سمنڊ آهي، ان تي يڪي پل برج ناهي پر ان سمنڊ جي ڪجهه حصي تي پل آهي ۽ ڪجهه تي سمنڊ اندر ٽنل (سُرنگهه) آهي. مالمو ۽ ڪوپن هيگن جي و چ ۾ جيڪو سمنڊ آهي، ان ۾ 4 ڪلوميٽر کن ڊگهو ۽ اڌ ڪلوميٽر ويڪرو پيبر هوم (Peberholm) نالي هڪڙو هٿرادو (آرٽيفيشل) ٻيٽ ٺاهيو ويو آهي. سئيڊن جي شهر مالمو کان هن ٻيٽ تائين پل ٺاهي وئي آهي، جيڪا اوريسنڊ برج سڏجي ٿي ۽ 8 ڪلوميٽر ڊگهي آهي. مالمو کان نڪرندڙ ڪارون هن پل تان هلي پيبر هوم ٻيٽ تي پهچن ٿيون. ٻيٽ 4 ڪلوميٽر ڊگهو آهي ۽ هن ٻيٽ کان وٺي ڪوپن هيگن تائين سمنڊ اندر سرنگهه (Tunnel) آهي، جيڪو 4 ڪلوميٽر ڊگهو آهي ۽ ڪوپن هيگن ايئرپورٽ جي ويجهو اچيو نڪري. ڪوپن هيگن پاسي هيءَ ٽنل ٺاهڻ ان ڪري به ضروري هئي جو ايئرپورٽ ڀرسان آهي ۽ ان هنڌ تي جهاز لهندي يا چڙهندي هيٺانهين Altitude تي رهن ٿا.
    هن پل جي ڊگهي ۾ ڊگهي ٿنڀي (Pillar) جي اوچائي 204 ميٽر آهي. گهر جي ڇت جي 5 ميٽر جي سمجهي وڃي ته هن Pillar جي اوچائي اٽڪل 13 ماڙ عمارت جيڏي ٿي. هن پل جو خاص ونگ (Span) جيڪو دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو سمجهيو وڃي ٿو 490 ميٽر آهي. يعني اٽڪل اڌ ڪلوميٽر. هونءَ هن پل کي جيتوڻيڪ تمام گهڻو مٿامهون ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي هيٺان وڏيون وڏيون ٻيڙيون به آرام سان لنگهي سگهن ٿيون، پر هر ٻيڙي پل هيٺان لنگهڻ بدران ڊروجن ڳچي سمنڊ مان لنگهي ٿي، جيڪو سمنڊ جو حصو ٽنل مٿان آهي.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان پل وٽان ئي دنيا جا جهاز لنگهي پوءِ اڳيان بالٽڪ سمنڊ ۾ گهڙن ٿا. پولنڊ، بالٽڪ ملڪن، فنلئنڊ مشرقي جرمني ۽ سئيڊن جي بندرگاهه اسٽاڪهوم ۾ جهاز کي پهچڻ لاءِ هر صورت ۾ بالٽڪ سمنڊ ۾ اچڻو پوي ٿو. ڪراچيءَ کان اچڻ مهل، سئيز ڪئنال ٽپي پهرين ڀؤنچ(Mediteranean) سمنڊ ۾ اچڻو پوي ٿو ۽ پوءِ ٽن چئن ڏينهن جي سفر بعد، جبرالٽر وٽان ان سمنڊ مان نڪري ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اچڻو پوي ٿو ان کان پوءِ ”نارٿ سي“ سمنڊ لتاڙي، ڊئنمارڪ وٽان لنگهي، بالٽڪ سمنڊ ۾ گهڙجي ٿو. پهرين به لکي چڪو آهيان ته، ڊئنمارڪ جا ان هنڌ تي ڪيترا ئي ٻيٽ آهن. سندس گاديءَ وارو شهر انهن وڏي ٻيٽن مان هڪ ٻيٽ تي آهي ۽ ننڍا ننڍا ته سوين آهن، جن وٽان جهاز کي وڏي خبرداريءَ سان هلائڻو پوي ٿو. دنيا جي سوڙهين ۽ ٽريفڪ سان ڀريل سامونڊي گهٽين مان هيءَ به هڪ آهي. ائين ته سنگاپور وارو سمنڊ ۽ ملاڪانار (Malacca Strit) به آهي پر اتي هر وقت اهڙا طوفان ۽ مڇريل سمنڊ ته نه آهي، جهڙو هن پاسي، ”نارٿ سي“ ۽ بالٽڪ ۾ آهي. ان کان علاوه ڌنڌ اهڙو رهي ٿو جو جهاز جي وچ تي ٺهيل Accomodation ۽ ڪنٽرول روم مان جهاز جو اڳيون حصو نظر نٿو اچي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته منجهند مهل به Visibility زيرو رهي ٿو. ان ڪري هن پاسي اوريسنڊ جهڙيون پليون، جهاز هلائڻ وارن لاءِ مٿي جو سور ثابت ٿين ٿيون. ڪيترا دفعا ته جهاز هلائيندڙ توڙي مالڪن کي فيصلو ڪرڻو پوي ٿوته جهاز ۽ ان ۾ رکيل سامان ۽ ماڻهن کي مصيبت ۾ وجهڻ بدران، يعني جهاز کي ٻه ڏينهن طوفان ۽ ڌنڌ ۾ هلائڻ بدران، چار پئسا وڌيڪ ڏئي ڪيل ڪئنال مان ئي لنگهائجي ته سٺو. ڪيل (Kiel) ڪئنال، سيئز ڪئنال وانگر (پر ان کان ننڍو) هٿرادو کوٽايل ڪئنال آهي، جيڪو جرمنيءَ وارن پنهنجي ملڪ ۾ کوٽيو آهي. جرمنيءَ جي مٿان ماڻهوءَ جي منهن جي شڪل جهڙو ڊئنمارڪ آهي. جرمني ۽ ڊئنمارڪ جي هڪ پاسي ”نارٿ سي“ آهي ته ٻئي پاسي ”بالٽڪ سمنڊ“، جرمنيءَ جي اتر واري حصي ۾ هڪ هنڌ ٻنهي سمنڊن جي وچ ۾ تمام ٿورو فاصلو (اٽڪل 61 ميل يعني 98 ڪلوميٽر) هجڻ ڪري جرمنيءَ جي ماڻهن 1940ع ڌاري اهي 61 ميل کوٽي ڪئنال ٺاهيو، جيڪو نارٿ سي ۽ بالٽڪ سمنڊ کي ملائي ٿو. ڪيترا ئي دفعا اسان جي جهاز کي پڻ هن ڪيل ڪئنال مان لنگهڻو پيو آهي. يعني سڄي ڊئنمارڪ کي ڦيرو ڪرڻ ۽ طوفانن، سخت سردي ۽ ڌنڌ ۾ ٻه ڏينهن خوار ٿيڻ بدران ٽن چئن ڪلاڪن ۾ هن سوڙهي ڪئنال مان نڪري اچي بالٽڪ سمنڊ ۾ پوندا آهيون ۽ ڪيل ڪئنال مان چاهي اونهاري مان لنگهجي يا سياري ۾. نه طوفان نه سامونڊي لوڏا. چوڌاري خوبصورت نظارا هوندا آهن. پاسن کان روڊ رستا، جن تان ڪارون بسون پيون هلنديون آهن ۽ ٻهراڙيءَ جا گهر ۽ ساوا ساوا کيت هوندا آهن.
    ڪِيل ڪئنال بابت اها دلچسپ ڳالهه به لکندو هلان ته اهو هڪ ليول تي نه آهي، يعني ڏاڪڻ وانگر هيٺ مٿي آهي. ڇو جو بالٽڪ سمنڊ ۽ نارٿ سي هڪ ئي ليول تي نه آهن. هڪڙو هيٺ آهي ته ٻيو گهڻو مٿي ۽ جهاز کي مٿي چاڙهڻ لاءِ ڪيل ڪئنال ۾ مختلف هنڌن تي پاڻيءَ جي ليول مٿي چاڙهي يا هيٺ گهٽائي جهاز کي مٿي يا هيٺ ڪيو وڃي ٿو. اهڙن هنڌن کي اسان جهازين جي زبان ۾ ”لاڪ“ سڏجي ٿو. آمريڪا وارو پاتاما ڪئنال جيڪو اٿٽلانٽڪ سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ کي ڳنڍي ٿو، ان ۾ به لاڪ سسٽم آهي جو انهن سمنڊن جي ليول به هيٺ مٿي آهي. جهاز ڪئنال جو ڪجهه حصو پورو ڪري پوءِ ان لاڪ واري جاءِ تي اچي بيهندو آهي، جتي هن جي اڳيان لوهي دروازي ذريعي ڪئنال بند هوندو آهي. جهاز جي ان هنڌ تي پهچڻ سان سندس پويان به در بند ڪري هن کي ڄڻ چوديواريءَ ۾ بند ڪيو ويندو آهي. يعني ٻن پاسن کان ڪئنال جا ڪپر ۽ اڳيان پويان لوهي دروازا. ان بعد ان چؤديواري کي پمپن ذريعي پاڻي وجهي پاڻيءَ جي ليول کي مٿي آڻبو آهي. پاڻيءَ جي ليول سان گڏ جهاز به مٿي چڙهي ٿو ۽ پوءِ اها ليول هڪ حد تي پهچڻ بعد جهاز جي اڳيان وارو دروازو کوليو ويندو آهي ۽ جهاز هاڻ مٿانهين ليول تي هلڻ شروع ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح اڳيان وري ٻيو لاڪ اچڻ تي ساڳيو عمل دهرائي، جهاز کي اڃا مٿانهين ليول تي آڻبو آهي ۽ اهڙيءَ طرح وڃي ٻئي سمنڊ کان نڪربو آهي، جنهن جي ليول مٿانهين آهي. واپسيءَ تي وري جهاز کي انهن لاڪن ۾ آڻي پمپن ذريعي يا Gravity ذريعي پاڻيءَ کي ڪڍي جهاز کي هيٺ ڪيو ويندو آهي. بهرحال جرمنيءَ جي مٿئين ڪِيل ڪئنال ڪري اسان جا گهٽ ۾ گهٽ 280 ناٽيڪل ميل (جيڪي 520 ڪلوميٽرن برابر ٿين ٿا) بچيو وڃن. يعني گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن ۽ روزانو جي چاليهه ٽن تيل جي کپت آهي ته معنيٰ مالڪ کي 80 ٽن تيل جا پئسا هڪ طرف بچيا ته جهاز هلائيندڙن جون پگهارون ٻئي طرف بچيون ۽ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ موڪليل سامان ٻه ڏينهن اڳ پهچي ويو. انگلنڊ مان نڪرندڙ جهازن جي خبرن جي اخبار Lloyd List ۾ پڙهي رهيو هوس ته اڄ ڪلهه ته ڪيل ڪئنال مان ساليانو 40 کان 50 هزار جهاز لنگهن ٿا.


    ولايت ۾ اسان جون ڪوتاهيون

    ڊئنمارڪ ملڪ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته ان جا ٻه حصا آهن، هڪ يڪو زمين جو چَڪُ (Piece) جيڪو جرمنيءَ ۽ سڄي يورپ سان ڳنڍيو پيو آهي، جنهن جي نقشي جي شڪل ماڻهوءَ جي منهن جهڙي آهي ۽ ڊئنمارڪ جو ٻيو حصو ننڍن وڏن ڪيترن ئي ٻيٽن تي مشتمل آهي، جن مان هڪ وڏي ٻيٽ تي هن ملڪ جي گاديءَ وارو شهر ڪوپن هيگن آهي. هانگ ڪانگ به ڊئنمارڪ وانگر آهي، جنهن جو وڏو حصو ڪولون سڏجي ٿو ۽ اهو چين جي سرزمين سان مليل آهي، جنهن جي چوڌاري ڪجهه ٻيٽ آهن، جن مان وڏي ٻيٽ تي جيڪو شهر آهي اهو هانگ ڪانگ سڏجي ٿو پر سڄي ملڪ جي ڳالهه ڪجي ته هانگ ۾ ڪولون به اچي ويو (جنهن کي Mainland به سڏجي ٿو) ته هانگ ڪانگ وارو ٻيٽ به.
    آئون جنهن به جهاز تي رهيس ته ان کي گهڻو ڪري ڊئنمارڪ جي سرزمين تي ٺهيل بندرگاهن مان ڪنهن هڪ يا ٻن تي اچڻو پيو ٿي. خاص ڪري آرهوس، آلبرگ ۽ ايسبرگ گهڻو ايندا هئاسين. هنن ملڪن جي آدمشماري هونئن ئي گهٽ آهي. ڊئنمارڪ جو به اهو حال آهي. ان آدمشماريءَ جو به اڌ کان وڌيڪ ڪوپن هيگن واري ٻيٽ تي رهي ٿي ۽ باقي اڌ ڊئنمارڪ جي سرزمين تي پکڙيل آهي. ان ڪري هنن ملڪن جي خوبي آهي ته هنن جي شهرن ۾ گهٽ ماڻهو هجڻ ڪري ماٺ مٺوڙو رهي ٿو. صبح جي وقت ته ورلي ڪو نظر اچي ٿو جو ٻار اسڪول حوالي هوندا آهن ۽ وڏا آفيسن ۽ ڪارخانن حوالي. اڄ کان چاليهه سال اڳ واري ڊئنمارڪ جو ٿورو سوچجي ته حيرت ٿي ٿئي. پر تن ڏينهن ۾ حيدرآباد جي گاڏي کاتي ۽ سکر جي مارڪيٽ ۾ به اڄ واري گپا گيهه نه هئي. اڄ ڪلهه ڊئنمارڪ جي شهر ۾ صبح جي وقت البت اسان جا ايشيائي ۽ آفريڪن بيروزگار Immigrant نظر اچن ٿا، جيڪي سوشل (سرڪار طرفان مليل بيروزگاري الائونس) جي پئسن مان صوف، چاڪليٽ ۽ آئس ڪريمون کائيندي نظر ايندا آهن. جيئن آمريڪا جي فلاڊلفيا، بالٽيمور ۽ هيوسٽن جهڙن شهرن جي Slums ۾ اتي جا بيروزگار مقامي ڪارا، سرڪار طرفان مليل الائونس مان سڄو ڏينهن چَٽو ڪندي نظر اچن ٿا. مالمو ۾ اسان جي يونيورسٽيءَ ڀرسان هڪ سِکُ رهندو هو. هن جون ويلڊنگ ڪندي اکيون خراب ٿي پيون. ڊاڪٽر کيس ويڊلنگ ڪرڻ کان منع ڪئي ۽ هونءَ به وڏي عمر جي ڪري سرڪار کيس بيروزگاري جو الائونس ٿي ڏنو، جنهن کي سئيڊن پاسي ”سوشل“ سڏين ٿا. سک اهو سوشل وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ روزگار خاطر سائيڪل تي گاهه ڪٽڻ جي مشين رکي، گهر گهر ۾ ۽ اسان جي يونيورسٽيءَ ۾ ڇٻر ڪٽڻ ايندو هو. هڪ ڏينهن مون کي يونيورسٽيءَ جي ڪئنٽين ۾ مليو ويو. چيومانس؛ ”سردار جي! تون عجيب ماڻهو آهين، هتي چڱا ڀلا ڪوڙي بيماريءَ جو بهانو ڪري پينشن ۽ سوشل پيا وٺن، تون ڇو نٿو وٺين؟“ وراڻيائين؛ ”ان سوشل کي آئون خيرات سمجهان ٿو، جيسين منهنجي هٿن ۾ سگهه آهي، آئون پنهنجي هٿن سان ڪمائي پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جو گذر سفر ڪندس.“
    سردار جيءَ کي فقط هڪ پٽ هو، جنهن جي پڙهائيءَ جو کيس ڏاڍو فڪر هو. پڙهائيءَ کان علاوه هن کي شام جو اسڪيٽنگ ۽ ٽينس جهڙيون رانديون کيڏائيندو هو. هيءَ اڄ کان 20 سال کن اڳ جي ڳالهه آهي، جڏهن آئون اتي (مالمو سئيڊن) جي يونيورسٽي ۾ هوس ۽ هن سِکَ جو پٽ سمجهو ته اٺين تائين ڪلاس ۾ هو. ٻه ٽي سال اڳ جڏهن منهنجو ڊئنمارڪ ۽ سئيڊن ڏي وڃڻ ٿيو ته مون کي بيحد حيرت ۽ خوشي ٿي ته هن ڇٻر ڪٽيندڙ سک جي پٽ پڙهائيءَ ۾ نالو پيدا ڪيو ۽ هو مالمو جي ميونسپالٽي ۾ هڪ اعليٰ آفيسر جي عهدي تي آهي. پر يارو سچ پڇو ته دل اهو معلوم ڪري روئي ٿي ته هنن ملڪن ۾ ڪوڙي يا سچي سبب ڪري حاصل ڪندڙ سياسي پناهه وٺندڙ، خاص ڪري اسان جي مسلمانن (ننڍي کنڊ توڙي عرب ملڪن جي) ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاريو آهي. پاڻ ته کڻي اڻ پڙهيل هئا پر ههڙن ملڪن ۾ رهي ڪري، جتي انيڪ قسمن جا تعليمي ادارا آهن، جتي هر شيءِ جي جوابداري سرڪار کڻي ٿي، اتي هنن اميگرنٽ جي ٻي جنريشن به ائين رول ٿيو پيئي هلي ۽ وتي وقت برباد ڪندي ۽ بقول سک جي بيروزگاريءَ جي خيرات (سوشل) وٺي پئي، گد گد ٿئي ته اسان کي گهر ويٺي هيترو يا هيترو پئسو مليو وڃي. جنهن جيترو پگهار ته پاڪستان ۾ وڏي آفيسر جو به نه آهي ۽ وري کڻي هتي لڏي آيلن سان ڏک جو اظهار ڪر ته توهان جو اولاد ڪجهه نه ڪري سگهيو آهي ته توهان کي يڪدم پنج ڇهه اهڙن ٻارن جا نالا ٻڌائيندا جيڪي پوليس کاتي ۾ آهن، هڪ ٻه ڏندن جا ڊاڪٽر آهن، هڪ ٻه پرائمري يا مڊل اسڪول ۾ ٽيچر آهن... وغيره. هاڻ ساڻن ڪير بحث ڪري ته انهن کان ٻيڻ جيترا ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر ته ٽنڊو مستي، ڳڙهي خيرو، باقر خان نظاماڻي ۽ ڦلجي يا گهوٽڪيءَ جهڙن ڏورانهن ڳوٺن مان به ٿيو وڃن.
    هتي جا مڪاني گورا، خاص ڪري اڄ جي ننڍي ٽهي، هنن تي ۽ پنهنجي وڏن تي چٿرون ڪندا رهن ٿا ته هنن هڪڙن ڌارين ۽ اوپري ڪلچر وارن ماڻهن کي سياسي پناهه ڏئي ڇو رهايو، جيڪي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ پُٺتي آهن ۽ بيروزگاريءَ جو ڀتو وٺڻ ۾ اڳتي آهن. محنت مزدوري ڪرڻ ۾ پٺتي آهن ۽ ڏوهن ۾ اڳتي آهن. سندن وڏا ڪجهه نٿا ڪُڇي سگهن جو هو قانون جو احترام ڪن ٿا. جنهن هيٺ هنن آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن جي ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ رهائي کين هر ڳالهه ۾ پاڻ جهڙا حق ڏنا پر هو چپن ۾ مُرڪي اهو ضرور نجي محفلن ۾ چون ٿا ته هي ڌاريان ڄٽ جي تعليم يا هنر نٿا سکن ته سندن (يعني مقامي گورن جي) ننڍي ٽهيءَ لاءِ سٺو آهي. آخر ”مينئل جاب“ به ته ڪنهن کي ڪرڻا آهن ۽ انهن ”هيٺين جابس“ مان هنن جي مراد گٽر صاف ڪرڻ، پارڪن جي صفائي ڪرڻ، فئڪٽرين ۾ بار کڻڻ وغيره آهي.
    اڄ کان ٽيهارو سال کن اڳ، ڪوپن هيگن ايئرپورٽ جا ڪاڪوس صاف ڪندڙ پنهنجي ملڪ جي 45 سالا عورت کي ڏسي افسوس ٿيو هوم ۽ پنهنجي سامونڊي سفر ۾ اظهار ڪيو هوم. هن کي نه انگريزي آئي ٿي نه هنن ملڪن جي ڪا زبان. پنهنجو نالو هُن جميله ٻڌايو هو. اڄ مالمو جي سينٽرل ريلوي اسٽيشن جي Toilest وٽ پنهنجي ملڪ جي شڪل شبيهه جي 25 سالن جي نوجوان عورت ڏسي حيرت ٿئيم ٿي. هوءَ پنهنجي مادري زبان سان گڏ سئيڊش به ڳالهائي ٿي... سندس هٿ ۾ ٽئاليٽ صاف ڪرڻ جو وائيپر آهي. دل ۾ سوچيان ٿو ته اها به ڪنهن جميله جي ئي ڌيءَ هوندي. بندرگاهه کان ٻاهر وارن رستن تان ٻه نوجوان عرب عربيءَ ۾ به ڳالهائي رهيا آهن ته رستي تي ڪريل پنن کي ٻُهاريءَ سان ميڙي رهيا آهن. ڪوپن هيگن جي بس اسٽاپ تي هڪ بنگالي نوجوان بس کي ڌوئي رهيو آهي... مون کي هتي جي مقامي گوري جا اهي لفظ ياد ٿا اچن ته ”آخر مينئل جابس ڪير ڪندو.“ گورن جو اولاد ته هاڻ آفيسر ٿي ويو ۽ هيٺئين درجي جا ڪم هتي آيل اميگرنٽ جو اولاد ڪري رهيو آهي، جنهن جي وڏن کي جيتوڻيڪ هتي جي سرڪار وڏيون سهولتون ۽ پئسو ڏنو پر هنن اولاد تي ڌيان نه ڏنو. هنن ملڪن ۾ رهندڙ ڪيترن Immigrants جو درجو اسان جي ملڪ جي مزدور طبقي باگڙي ڀيلن جهڙو ٿيندو وڃي، جن کي اسان جو جاگيردار وڏيرو پنهنجي زمين تي جهوپڙو اڏي رهڻ ڏئي ٿو، ان ڪري نه ته ڪو هو هن کي دوست يا مائٽ ٿو سمجهي پر ان لاءِ ته جيئن کانئن ڦٽين جو چونڊو ڪرائي سگهجي، ڏکيا ۽ هيٺانهين درجي جا ڪم وٺي سگهجن.


    يورپ جي ملڪن ۾ تبليغ ڪندڙ

    سئيڊن جي ڏاکڻي شهر مالمو ۾، تعليم دوران جڏهن پهريون دفعو مالمو جي وڏي مسجد ۾ جمعي نماز تي ويس ته مون کي ٻن ڳالهين جي بيحد حيراني ٿي. هڪ ته سڄي مسجد نمازين سان ڀرجي وئي آهي پر ان جي اڱڻ تي ۽ مين گيٽ کان ٻاهر به صفون ٺهي ويون آهن. مون نٿي سمجهيو ته مالمو جي هڪ ننڍڙي شهر ۾، جنهن جي آدمشماري ٽنڊو آدم يا شهدادپور جيتري مس آهي، ان ۾ ايترا مسلمان رهن ٿا جيڪي نماز جو فرض پورو ڪرڻ لاءِ ٻاهر ٿڌ ۾ ويهي رهندا، جيتوڻيڪ اهو مهينو مارچ جو هو، جنهن ۾ آئون ٻن سالن لاءِ مالمو آيو هوس. سخت سيءَ گذري چڪا هئا پر تڏهن به ٻاهر جو ٽيمپريچر 3 ڊگريون هو، جيتري ٿڌ ڪوئٽيا ۽ ڪوهه مري ۾ سياري ۾ ٿئي ٿي. ان کان علاوه هنن ملڪن جي لڳندڙ تيز هوا جسم کي ڄڻ ڪٽيو ٿي. مون نماز بعد شڪر ادا ڪيو ته جلدي اچڻ ڪري مون کي مسجد جي اندر بند درن ۽ هيٽنگ سسٽم واري هال ۾ نماز پڙهڻ جي جاءِ ملي وئي نه ته مون جهڙو سنڌ جهڙي نيم بياباني ۽ گرم علائقي جو رهاڪو، هن مسجد جي اڱڻ ۾ نماز ختم ٿيڻ کان اڳ قلفي ٿي وڃي ها. هن کان اڳ آئون فقط سنڌ جي ماڻهن کي شاباس ڏيندو هوس، جيڪي جمعي نماز، مسجد ننڍي هجڻ ڪري ٻاهر نٽهڻ اس ۾ ڏامر جي رستن تي پڙهندي نظر آيا ٿي.
    ٻي ان ڳالهه جي حيرت ٿي ته هيڏي وڏي هجوم ۾ مون کي گهڻي کان گهڻا يورپين ٽائيپ گورا نظر آيا. نماز شرع ٿيڻ کان اڳ، سڄي هال ۾ ۽ نماز بعد، ٻاهر نڪري مون نظر ڊوڙائي ته مون کي پاڻ جهڙا ايشين يا آفريڪن ڪارا، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس نظر آيا. هنن کان اڳ يورپ ۽ آمريڪا جي ڪيترن ئي شهرن جي مسجدن ۾ نماز پڙهي چڪو هوس. جتي اڌ کان وڌيڪ ننڍي کنڊ جا ۽ باقي ايشيا جي ٻين ملڪن ۽ آفريڪا جا ماڻهو نظر ايندا هئا. هتي سئيڊن جي هن مسجد ۾ هي ڪير گورن جي ملڪن جا ماڻهو ٿي سگهن ٿا؟ نماز بعد گاڏيءَ ۾ ويهڻ کان اڳ ڪيترن کان پڇڻ جي ڪوشش ڪيم پر هنن هتي جي سئيڊش زبان ڳالهائي ٿي يا پنهنجي مادري زبان، جن کي انگريزي آئي ٿي انهن کان معلوم ٿيو ته هو يوگو سلاويا، بلغاريا، البانيا جهڙن ملڪن جا هتي لڏي آيل مسلمان آهن يا ڪيترا ئي هتي اچي مسلمان ٿيا آهن. بهرحال سال اڌ رهڻ بعد خبر پيئي ته نه فقط اوڀر يورپ جا پر ڪيترا ئي اهڙا نؤ مسلم هتي رهن ٿا جن جو واسطو اسڪينڊينويا جهڙن ملڪن (ناروي، ڊئنمارڪ ۽ سئيڊن) جرمني ۽ فرانس سان به آهي.
    حُسين نالي هڪ سئيڊش نوجوان کان پڇيم ته، هو مسلمان ڪيئن ٿيو؟ هيءَ 1992ع جي ڳالهه آهي. هن نينگر جي ماءُ سئيڊن جي گوري هئي ۽ پيءُ آمريڪا جو ڪارو. هنن جي طلاق ٿي چڪي هئي ۽ حُسين پنهنجي ماءُ وٽ مالمو ۾ رهيو ٿي. جن ڏينهن ۾ منهنجي حُسين سان ملاقات ٿي، هو 18 سالن جو ٿي چڪو هو ۽ بيروزگار هجڻ ڪري هن کي سرڪار طرفان فلئٽ مليل هو. هن ٻڌايو ته، هو اڃا ماءُ وٽ رهيل هو ته بلال فلپ جا ليڪچر ٻُڌي مسلمان ٿيو. ”بلال فلپ ٻه دفعا آمريڪا کان هتي سئيڊن اچي چڪو آهي. هو منهنجي دلپسند شخصيت آهي. هينئر به هن مون کي اسلام بابت ڪجهه آڊيو ڪيسٽ موڪليا آهن.“ حُسين ٻڌايو.
    حُسين جون ڳالهيون ٻڌي، مون کي به بلال فلپ سان ملڻ جو شوق ٿيو، جيڪو ابو امينه جي نالي سان به سڏجي ٿو. حُسين چيو ته، هو جڏهن به سئيڊن ۾ ايندو ته مون کي ٻُڌائيندو پر مالمو شهر جا مسلمان ڪڏهن ڪڏهن جمعي نماز پڙهڻ ۽ شاپنگ لاءِ ڪوپن هيگن ويا ٿي جو انهن ڏينهن ۾ ڪوپن هيگن ۾ ڪيتريون ئي شيون ڊيوٽي فري ۽ سستيون مليون ٿي ۽ ڊئنمارڪ ۾ پاڪستان جو سفارتخانو، پي آءِ اي جي آفيس ۽ بزنيس سينٽر ۽ وڏو هوائي اڏو هجڻ ڪري ڪيترن ئي هم وطنين سان ملاقات ٿي وئي ٿي. هڪ هفتي آئون سئيڊن ۾ رهندڙ پاڪستاني پروفيسر ممنون سان گڏ جمعي نماز تي ڪوپنگ هيگن ويس ته اتي بلال فلپ به آيل هو، جنهن نماز بعد ليڪچر ڏنو. هو اسان جي ئي عمر جو لڳي رهيو هو ۽ هو جيتوڻيڪ گهُنڊيدار وارن ۽ ٿُلهي نڪ چپ ڪري ويسٽ انڊيز پاسي جو پڻ لڳي رهيو هو. پاڻ سٺي انگريزيءَ ۾ هڪ سٺو عالماڻي قسم جو ليڪچر ڏنائين، جيڪو انگريزي سمجهڻ وارن پاڪستانين ۽ ٻين کي ڏاڍو وڻيو. سندس ليڪچر بعد ڊئنمارڪ جي مسلم ايسوسئيشن طرفان چانهه تي مون کي به ساڻس خبر چار ڪرڻ جو موقعو مليو.
    ڊاڪٽر ابو امينه بلال فلپ ٻڌايو ته هو 1947ع ۾ جئميڪار ۾ ڄائو ۽ سندس ننڍپڻ ڪئناڊا ۾ گذريو، جتي هو 1977ع ۾ يعني 25 سالن جو هو ته مسلمان ٿيو. ان بعد هن 1979ع ۾ مدينا يونيورسٽيءَ مان عربي سکي ۽ B.A جي ڊگري حاصل ڪئي. هن علم دين (Islamic Theology) ۾ MA سعودي عرب جي يونيورسٽي آف رياض مان 1985ع ۾ ڪئي ۽ انهن ڏينهن ۾ جڏهن منهنجي ساڻس ڪوپن هيگن ۾ ملاقات ٿي، هو انگلينڊ جي يونيورسٽي آف ويلس مان ”علم دين“ سبجيڪٽ تي Ph.D ڪري رهيو هو.
    بهرحال اڄ، ڊاڪٽر ابو امينه (بلال فلپ) Peace ٽي وي چئنل ڪري سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، جنهن چئنل تان هن جا ليڪچر ڪروڙين ماڻهو ٻڌن ٿا. ساڳئي وقت پاڻ ’عجمان يونيورسٽي‘ ۽ دبئي جي ’آمريڪن يونيورسٽيءَ‘ ۾ عربي زبان ۾ اسلامڪ اسٽيڊيز جو ليڪچرر آهي. منهنجي ساڻس مهينو کن اڳ دبئي ۾ ’اسلامڪ انفارميشن سينٽر‘ ۾ ملاقات ٿي جيڪو ‘Discover Islam’ پڻ سڏجي ٿو ۽ اهو ڊاڪٽر ابو امينه جي ڪوشش سان ئي قائم ڪيو ويو آهي. پاڻ ٻڌايائين ته هن يونيورسٽي آف ويلس مان 1994ع ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ بعد ڪيترا ئي سال (اٽڪل ڏهه سال) سعودي عرب جي گاديءَ واري شهر رياض جي پرائيويٽ اسڪولن ۾ عربي ۽ اسلامي تعليم پڙهائي، ان بعد فلپين جي SKC ڪاليج ۾ MAجي شاگردن کي پڻ پڙهايو. فلپين جو هي ڪاليج SKC (شريف ڪَبن سئان ڪاليج) فلپين جي ڏاکڻي صوبي مندا نائو جي ڪوٽا باتو شهر ۾ آهي، جتي جي آدمشماري مسلمان آهي ۽ مباح، سراوڪ ۽ برونائي جي مسلمانن وانگر ملئي زبان ڳالهائي وڃي ٿي.
    بهرحال پاڻ ڊئنمارڪ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جتي جي مسجد ۾ نه فقط ڊاڪٽر بلال فلپ پر ٻيا به ڪيترا ئي اسلام جا داعي ليڪچر ڏيڻ ٿي آيا ۽ اهي ليڪچر نه فقط ڪوپن هيگن ۽ سئيڊن جي اوسي پاسي ۾ رهندڙ مسلمانن وڏي شوق سان ٻُڌا ٿي پر غير مسلمانن به اٽينڊ ڪيا ٿي. انهن ٻُڌندڙن ۾ منهنجو يونيورسٽي جو هڪ هندو ساٿي، ڪئپٽن وجي به هوندو هو، جيڪو سائوٿ آفريڪا کان ايندڙ هڪ گجراتي داعي احمد ديدات جو ليڪچر ڪڏهن به مِس نه ڪندو هو. مون کي هڪ ڏينهن چيائين ته؛ ”تون ڪهڙو مسلمان آهين جو پنهنجي مذهب بابت ڄاڻ حاصل نٿو ڪرين، آئون هندو ٿي ڪوپن هيگن ليڪچر ٻڌڻ وڃان ٿو.“
    مون کلندي چيومانس: ”مون سمجهيو ته تون ڪوپن هيگن شاپنگ لاءِ وڃين ٿو، ڇو جو تون ليڪچر ٻڌڻ بعد به اڃا ته مسلمان نٿو ٿئين؟“
    ”ڳالهه ٻڌ!“ هن چيلهه تي هٿ رکي چيو؛ ”منهنجو فڪر گهٽ ڪر. آئون جي هڪ ڏينهن مسلمان ٿيس ته اسلام بابت آئون ٻين کي به ليڪچر ڏئي سگهان ٿو جو مون اسلام تي ايترا ڪتاب ۽ ليڪچر ٻڌا آهن پر توهان، مسلمانن جي گهرن ۾ ڄمڻ تي، اسلام قبول ڪيو آهي، ناليج نه اٿوَ.“
    منهنجي خيال ۾ هن صحيح ٿي چيو. بلڪل صحيح چيو. مون جهڙو ماڻهو، جنهن جو ننڍپڻ انگريزي اسڪولن جي مغربي ماحول ۾ گذريو ۽ جواني يورپ جهڙن ملڪن ۾، ان کي اسلام جي ڄاڻ ڳوٺ جي مُلي مولويءَ کان نه پر ههڙن دين جي داعين کان ليڪچر ٻُڌي ٿي.
    احمد ديدات جو آواز ٿورو گُهڻو (نَڪان) هجڻ ڪري هڪ نئين ماڻهوءَ کي پهريان ڏهه پنڌرهن منٽ سمجهه ۾ نٿو اچي پر پوءِ مون کي به هن جا ليڪچر وڻڻ لڳا. هن اسان ٻڌندڙن جي هر سوال ۽ مونجهاري جو جواب ٿي ڏنو. قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ ۽ اهو ئي ڪئپٽن وجي چيو، جڏهن هن کان پڇيم ته؛ ”تنهنجي اسلام ۾ ايڏي دلچسپي ڪيئن ٿي؟“ هن وراڻيو: ”ان ڪري جو اسلام ۾ منهنجي هر سوال جو جواب موجود آهي، جيڪو مون کي مطمئن ڪري ٿو.“
    احمد ديدات جو سڄو نالو، شيخ احمد حسين ديدات هو. پاڻ 1918ع ۾ انڊيا جي صوبي گجرات ۾ ڄائو. سندس ڄمڻ بعد سگهو ئي سندس والد ڏکڻ آفريڪا لڏي آيو، جتي هن جي پڙهائي ٿي ۽ ڪاليج بعد هن سائوٿ آفريڪا جي شهر ناتال ۾ هڪ فرنيچر جي دڪان تي سيلز مئن جي حيثيت سان ڪم ڪيو ۽ اتي هن جو مذهب ڏي گهڻو لاڙو ٿيو. سندس چوڻ آهي ته هن کي فرنيچر جي دڪان تي رحمت الله ڪئرانهوي جي ڪتاب ”اظهار الحق“، دين جي ڪمن لاءِ ڪافي اتهاس بخشيو هو. هو مسلم ۽ غير مسلم کي دين اسلام تي ليڪچر ۽ هنن جي سوالن جا جواب ڏيڻ لڳو. هن پهريون ليڪچر دربن شهر جي سئنيما هال “Avalon” ٿيٽر ۾ ڏنو، جنهن ۾ ٻڌڻ لاءِ فقط 15 ماڻهو آيا هئا پر پوءِ وقت سان گڏ سندس ليڪچر ٻڌڻ وارن جو تعداد وڌندو ويو. آهستي آهستي احمد ديدات کي ٻين ملڪن ۾ به ليڪچر ڏيڻ جي دعوت ملڻ لڳي. هو هڪ ٻه دفعا ڪراچيءَ ۾ به ليڪچر ڏيڻ آيو هو، جن تقريرن جا وڊيو اڄ به Peace نالي ٽي وي چئنلن تان ڏيکاريا وڃن ٿا. احمد ديدات کي 1986ع ۾ سعودي عرب جي بادشاهه بهترين داعي هجڻ جو ايوارڊ ڏنو هو.
    مئي 1996ع ۾ احمد ديدات کي ڏينهن لڳڻ ڪري، سندس هيٺيون ڌڙ اڌ - رنگ (Paralysis) جو شڪار ٿي پيو. هو نه ڳالهائي سگهيو ٿي، نه کائي سگهيو ٿي. فقط اکين جي اشارن سان Communicate ڪري سگهيو ٿي. ان حالت ۾ هن نَوَ سال سائوٿ آفريڪا ۾ پنهنجي ڳوٺ ويرو لام ۾ گذاريا، جتي هن جو گهر ”ٽري وينن روڊ“ تي هو. 8 آگسٽ 2005ع تي سندس وفات ٿي ۽ ويرو لام ڳوٺ ۾ ئي دفن ڪيو ويو. اڄ ڪلهه سندس شروع ڪيل دعويٰ جو ڪم سندس شاگرد، ذاڪر نائيڪ ڪري ٿو، جيڪو ان وقت جڏهن اسان 1992ع ۾ پهريون دفعو احمد ديدات کي ڏٺو ته ذاڪر نائڪ 28 سالن جو نوجوان هو. هڪ سال اڳ ’ٽوپي وال نئشنل ميڊيڪل ڪاليج‘ مان MBBS ڊگري حاصل ڪئي هئائين.
    ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جا ليڪچر گهڻي عرصي کان ملائيشا ۽ سنگاپور ۾ ٻڌندو رهيس ۽ اڄ ڪلهه Peace ٽي وي چئنل تان پاڪستان ۾ به ڏيکاريا وڃن ٿا. اسلام بابت معلومات ڏيڻ ۽ سوالن جا جواب سٺي نموني سان ڏيڻ جو اندازو تقريباً ساڳيو احمد ديدات جهڙو اٿس. بلڪ سندس گهڻي يادداشت (Memory Power) ڪري هو ٻڌندڙن ۾ بيحد مقبول آهي. ننڍپڻ کان سندس محنت، يادگيري ۽ خلوص نيتي ۽ مقبوليت کي ڏسي سندس داعي ٽيچر، احمد ديدات هن نوجوان داعي ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ لاءِ چوندو هو ته ’هي احمد ديدات پلس آهي.‘


    ماڻهو نو مسلم جو واعظ غور سان ٻڌن ٿا

    گذريل ڪالم ۾ لکيو اٿم ته يورپ جي اترانهن ملڪن، جهڙوڪ ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ ۽ ڊئنمارڪ وغيره ۾، جتي سخت ٿڌ ۽ اونداهين ڏينهن ڪري فقط ايسڪيموز ۽ ڀورا رڇ ئي خوشءَ سان رهي سگهن ٿا، اتي سائنس جي ترقي ۽ دنيا جي آدمشماري وڌڻ ڪري، هاڻ ڪيترا ئي ماڻهو سُک چين سان رهن ٿا. 1970ع ڌاري جڏهن منهنجو جهاز ناروي ۽ سئيڊن پاسي آيو هو تڏهن کان اسان جا ايشين نظر اچڻ لڳا هئا ۽ هاڻ ته ڪيترا ئي پاڪستاني، انڊين، عرب، ايراني ۽ آفريڪي نظر اچن ٿا ۽ وڃي پيو انهن جو تعداد وڌندو. غير مسلم ته مقامي ماڻهن سان ملي ڄڻ انهن جهڙا ٿي ويا آهن پر سک ۽ مسلمان پنهنجو مذهبي ۽ سماجي ڪلچر قائم رکندا اچن. هنن ملڪن ۾ سک عورتون کڻي سڃاڻپ ۾ نه اچن جو ننڍي کنڊ جون مسلمان ۽ هندو عورتون به ساڳي ڊريس شلوار قميص يا ساڙهي اوڍين ٿيون، پر سک مرد وڏي ڏاڙهي ۽ پٽڪي مان پري کان پڌرا نظر اچن ٿا. اهڙيءَ طرح مسلمان مردن ۽ عورتن ۾ فقط انهن عورتن لاءِ هتي جا يورپي خاطريءَ سان چئي سگهن ٿا جيڪي مٿي تي حجاب ٻڌن ٿيون. هن پاسي سِکن جو ايڏو وڏو تعداد ناهي جو هو ڪو کڻي هتي گردوارو ٺهرائين. منهنجي خيالن ۾ ته پارسين وانگر سِک اُهو ئي ٿي سگهي ٿو جيڪو سک جي گهر ۾ ڄائو هجي. ڇو جو مون کي ڪوبه آفريڪا جو ڪارو شيدي يا ناروي سئيڊن جهڙي ملڪ جو گورو يورپي سکن واري پڳڙي ۽ ڏاڙهيءَ ۾ نظر نه آيو. پارسي (باهه جا پوڄاري زوروسٽر) به فقط اهي آهن جيڪي سندن گهرن ۾ ڄمن ٿا، بلڪه جن جو ماءُ ۽ پيءُ ٻئي پارسي (Zoroasitrian) آهن. پارسين جي ڪا به ڇوڪري يا ڇوڪرو غير پارسيءَ سان شادي ڪري ته کيس پنهنجي مذهب ۽ ڪميونٽيءَ مان خارج ڪيو وڃي ٿو. نتيجي ۾ پارسين جو تعداد روز بروز گهٽبو وڃي. مسلمانن جو شمار ان ڪري وڌندو وڃي جو دنيا جو ڪو به ماڻهو اڇو هجي يا ڪارو، غريب هجي يا امير، اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هنن دور دراز ٿڌن ملڪن ۾ هڪ ته مسلمان ملڪن کان Immigrantsاچي رهيا آهن ۽ ٻيو ته مڪاني ماڻهو پڻ اسلام قبول ڪري رهيا آهن. ان ۾ انهن داعين (دين جي تبليغ ڪندڙن) جي وڏي Contribution آهي جيڪي مختلف ملڪن مان هتي اچي اسلام بابت ماڻهن کي ٻڌائين ٿا، انهن ۾ ڪيترا ئي نو مسلم به آهن. اهڙن داعين مان هڪ سان ٻه سال اڳ واشنگٽن ۾ رهڻ دوران، سندس گهر تي به ملاقات ٿي. يوسف ايستيس (Estes) نالي هي آمريڪن گورو، اڄ ڪلهه پنهنجي زال سان گڏ واشنگٽن ڊي سي جي ڀرسان ورجينا ۾ رهي ٿو. پاڻ منهنجي عمر جو آهي. يعني 1944ع ۾ ڄائو. پاڻ عيسائي فئملي ۾ اوهيو رياست ۾ ڄائو ۽ ٽيڪساز ۾ ننڍپڻ گذاريائين. وڏو ٿي هو ميوزڪ انڊسٽري سان وابسته رهيو، جتي هن ميوزڪ جي شين جي مارڪيٽنگ ڪئي ۽ ميوزڪ جو ٽيچر هجڻ کان علاوه گرجا گهرن ۾ به ميوزڪ ڏيندو هو. اڳتي هلي هو ڪيترن ئي ميوزڪ ڪمپنين جو مالڪ ٿيو، جن ۾ Setes Piano ۽ Estes Organ Company به آهي. ميوزڪ سان وابسته سندس آخري ٽي وي پروگرام ”ايستيس ميوزڪ جمبوري“ هو جيڪو فلوريڊا جي ٽي وي اسٽيشن اسپانسر ڪيو هو. ايسٽيس جا محمد نالي هڪ مصري عرب سان ڪاروباري تعلقات هئا. ايسٽيس هن کي عيسائيت بابت سمجهائيندي محمد کان اسلام بابت معلومات حاصل ڪئي ۽ اسلام جي تعليمات مان هو ايڏو ته متاثر ٿيو جو ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيو ۽ باقي زندگي اسلام جي خدمت ڪرڻ ۾ وقف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. پنهنجي ميوزڪ جا سمورا ساز ۽ ڪاروبار ڇڏي، عربي زبان ۽ قرآن جي تعليم سکڻ لاءِ مصر، موراڪو ۽ ترڪيءَ ۾ رهيو. هو اڄ ڪلهه انگلنڊ جي اسلامي چئنل سان گڏ Peace ، هُدا ۽ ٻين چئنلن تان تقرير ڪندو نظر اچي ٿو. هن جي ٽي ويءَ تان هلندڙ تازي سيريز ’قصص الانبياء‘ (نبين جون ڪهاڻيون) آهي. انٽرنيٽ Vistit Islamalwas.com نالي ويب سائيٽ آهي، جنهن لاءِ هو پنهنجين تقريرن، ليڪچررن ۽ انٽرويو جي آخر ۾ هميشھ هي جملو ورجائيندو آهي ته،
    “Visit Islam always.com, Where we are always open 24 hours a day and always plenty of free parking.”
    مٿئين آمريڪن داعيءَ کان علاوه ملائيشيا جي ان ڳوٺ جو، جنهن ۾ مون اٺ سال کن گذاريا، هڪ چيني اسڪالر حُسين يي (ye) آهي. حسين Ye مون کان عمر ۾ ننڍن توڙي وڏن کي چئنلن تي پڙهائيندو نظر اچي ٿو ۽ اتي ملائيشيا ۾ به ملئي مسلمانن، تامل ۽ چيني ٻارن کي پڙهائيندو رهيو ٿي. کيس عربي، چيني، ملئي ۽ انگريزي زبانون اچن ٿيون. اسلام جي دائري ۾ اچڻ کان اڳ، هن جو ۽ سندس فئمليءَ جو ٻڌ ڌرم سان واسطو هو. 18 سالن جي ڄمار ۾ هن اسلام قبول ڪيو ۽ سعودي عرب جي مدينھ يونيورسٽيءَ مان هن حديث ۾ اعليٰ ڊگري حاصل ڪئي. تعليم بعد هن ملائيشيا جي مسلم ويلفيئر سوسائٽي Perkim ۾ حصو ورتو جيڪا سوسائٽي نو مسلم جي ڀلائيءَ جو خيال رکي ٿي. ’حسين يي‘ ٽي وي چئنلن تي ليڪچر ڏيڻ کان علاوه انگلينڊ ۽ يورپ جي مسجد ۾ به تبليغ ڪندو رهي ٿو.
    مون ڏٺو ته ماڻهو اهڙن عالمن مان وڌيڪ متاثر رهن ٿا ۽ انهن جو ليڪچر (واعظ) غور سان ٻڌن ٿا. آئون پاڻ به ملائيشيا ۾ توڙي جپان ۾ حسين يي (Ye) سندس ذات آهي جيڪا مسلمان ٿيڻ بعد به ساڳي رهي ٿي. (جيئن برطانيه جو انگريز ائنٿوني گرين مسلمان ٿيڻ بعد پاڻ کي عبدالرحيم سڏائي ٿو پر ذات ساڳي Green اٿس) ۽ ٻين مڪاني چينين ۽ جپانين جا ليڪچر وڏي غور سان ٻڌان ٿو، جيڪي اسلام جي دائري ۾ اچڻ کان اڳ ٻڌ، عيسائي يا دهريا هئا. هنن کي سمجهائڻ ۽ مطمئن ڪرڻ جي قدرتي ڏات ٿئي ٿي. ظاهر آهي هو مسلمان گهرن ۾ ڄمڻ ڪري آٽو ميٽيڪلي مسلمان نه ٿيا آهن، پر هنن اسلام بابت پڙهي پهرين پنهنجو پاڻ کي مطمئن ڪيو هوندو. هنن جي دماغ، پنهنجي دل کي سندن خواهش خلاف سمجهايو هوندو، Reasoning ڪئي هوندي ۽ پنهنجي اندروني جنگ بعد هڪ طرفو فيصلو ڪيو هوندو. هو ٻين مسلمانن توڙي غير مسلم کي ڳوٺ جي جاهل ملن وانگر رڳو ڇڙون ۽ ڪفر جون فتوائون صادر ڪرڻ بدران پيار سان سمجهائين ٿا ته سوال ڪندڙ کي مونجهاري مان ڪڍن ٿا ۽ دين جي صحيح راهه تي آڻين ٿا. هتي هنن اترانهن يورپي ملڪن ۾ اسلام پکيڙڻ ۾ هنن داعين جي وڏي ڪاوش آهي. اڄ کان چاليهه سال اڳ، جڏهن پهريون دفعو جهاز هلائڻ جي نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ناروي، سئيڊن ۽ فنلئنڊ جهڙن ملڪن ۾ اچڻ ٿيو هو ته اوسلو، اسٽاڪهوم ۽ هيلسنڪيءَ جهڙن وڏن شهرن ۾ فقط هڪڙي هڪڙي مسجد هئي. اڄ مالمو، گوٿا برگ ۽ نور ڪوپنگ جهڙن شهرن ۾ به وڏين مسجدن کان علاوه سورائو (ننڍيون مسجدون) ۽ اسلاملڪ سينٽر آهن، جتي جماعت سان نماز پڙهي وڃي ٿي. ان کان علاوه ڪيترن ئي محلن ۾ يا انهن علائقن ۾ جتي مسلمانن جو تعداد وڌيڪ آهي، جماعت سان نماز پڙهڻ لاءِ ڪو گهر يا هوٽل جو هال مقرر ٿيل آهي (جيئن نيو جرسيءَ ۾ شيراز هوٽل جو هڪ هال نماز لاءِ وقف ٿيل آهي) جتي نماز پڙهي وڃي ٿي. ايتري قدر جو مالمو شهر جي ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽيءَ جنهن مان مون مئرين انجنيئرنگ جي وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي، هڪ هال تي مشتمل مسجد هئي جو هن يونيورسٽيءَ ۾ دنيا جي سڀني مسلمان ملڪن جا شاگرد هئا ۽ هينئر جڏهن منهنجو ڪوپن هيگن ۽ سئيڊن وڃڻ ٿيو ته ڏٺم ڪوپن هيگن ۾ Grand Mosque نالي هڪ تمام وڏي مسجد ٺهي رهي آهي، جيڪا يورپ جي وڏين ۽ اعليٰ مسجدن مان هڪ شمار ڪئي ويندي. هيءَ مسجد دبئي جي تاباح فائونڊيشن وارا مڪاني آرڪيٽڪٽ Lars Tuxen ۽ Wenzel وارن کان ٺهرائي رهيا آهن، جنهن تي 430 ملين يورو (يعني اسان جي 43 ارب رپين جيترو) خرچ ايندو. هن مسجد جي شڪل پهرين تاريخ جي چنڊ جهڙي ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ 3000 ماڻهو هڪ ئي وقت نماز پڙهي سگهندا. ان کان علاوه ديني تعليم حاصل ڪرڻ وارن شاگردن جي رهائش جو پڻ بندوبست رکيو ويو آهي. هن مسجد ۾ نمايان ڳالهه اها آهي ته ڪو به منارو نه رکيو ويو آهي. هيءَ مسجد ڪوپن هيگن جي جنهن حصي ۾ ٺاهي وئي آهي، ان جو نالو اوريسٽيڊ (Ores Tad) آهي. جيئن کڻي چئجي ته ڪراچيءَ جو گلستان جوهر يا ماريپور وغيره.
    ماهه جون 2007ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ خربت التحرير نالي هڪ وڏي پيماني تي ڪانفرنس ٿي هئي، جنهن ۾ ڊئنمارڪ جي ڪيترين ئي مسجدن جي امامن حصو ورتو هو ۽ سڀني يڪراءِ اهو فيصلو ڪيو ته ”هو گرائنڊ مسجد ۽ ٻين اهڙن اسلامي ڪمن لاءِ هڪ ٿي ڪم ڪندا ۽ پنهنجي حيثيت آهر ان جي مالي ۽ جاني مدد ڪندا.“ بهرحال اها خبر مون هتان نڪرندڙ انگريزي اخبار ”دي ڪوپن هيگن پوسٽ“ ۾ پڙهي.


    يورپ جون مسجدون ۽ احمديا ڪميونٽي

    گذريل مضمون ۾ اسڪينڊينيوين ملڪن جي سڀ کان وڏي مسجد جامع مسجد (The Grand Mosque) جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا ڊئنمارڪ جي گاديءَ واري شهر ڪوپن هيگن ۾ آهي. ڪوپن هيگن ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون مسجدون آهن، ڇاڪاڻ ته ڪوپن هيگن يورپ جو اهم ۽ وڏو شهر آهي. ان کان علاوه ڪوپن هيگن تمام وڏو ۽ مرڪزي ايئرپورٽ ۽ بندرگاهه ۽ ڊئنمارڪ ملڪ جي گاديءَ جو شهر آهي. جتي ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جا سفارتخانا، هوائي ۽ شپنگ ڪمپنين جون آفيسون ۽ واپاري ڪوٺيون آهن. جنهن ڪري آفريڪا ۽ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا مسلمان، نوڪريءَ ۽ واپار خاطر هتي رهن ٿا. ڪيترن ئي اسلامي ملڪن جا Immigrants (سياسي پناهه هيٺ يا ٻين طريقن سان) هتي جا شهري ٿي ويا آهن. ان کان علاوه ڪيترا ئي هتي جا ۽ ٻين يورپي ملڪن جا رهاڪو، جيڪي هتي جا شهري آهن، ٻاهران ايندڙ داعي مولوين جا ليڪچر ٻُڌي مسلمان ٿي ويا آهن. ڪوپن هيگن ۾ ڀر وارن ملڪن کان ڪجهه سستائي هجڻ ڪري ۽ حلال کاڌن جا گهڻا دڪان هئڻ ڪري سئيڊن، ڊئنمارڪ، پولينڊ ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن جا مسلمان ڪوپن هيگن ۾ ايندا رهن ٿا، ڪوپن هيگن ۾ حلال گوشت جا ايڏا دڪان ۽ ڪارخانا آهن جو دبئي، سعودي عرب ۽ ڪويت جهڙن ملڪن کي هو ڳائو ۽ ٻاڪرو گوشت، قيمون، ويندي ڪباب ۽ ڪٽليٽ، ايڪسپورٽ ڪن ٿا ۽ توهان سوچي سگهو ٿا ته عرب، ويلي تي ڪا ٻوٽي به ته نه رڌيندا هوندا. ڊئنمارڪ کي، سعودي عرب جهڙن ملڪن مان هرسال گوشت ۽ کير مکڻ مان ڪروڙها ڊالرن جي ڪمائي ٿئي ٿي. توهان شايد اهو سوچيندا هجو ته هي امير عرب ملڪ، پاڪستان جهڙي ويجهي ملڪ مان گوشت ڇو نٿا گهرائين؟ اهو شايد ان ڪري جو هو اخبارن ۾ پڙهندا هوندا يا اکين سان ڏسندا هوندا ته، اسان وٽ ڪهڙي قسم جي ڪراڙن ۽ بيمار ڍورن جو گوشت Unhygenic طريقي سان ڪٺو ۽ کليل سوزوڪين ۾ ٽرانسپورٽ ڪيو وڃي ٿو. بهرحال، ڪوپن هيگن ۾ وڏي تعداد ۾ رهندڙ ۽ ٻاهران گهمڻ لاءِ ايندڙ مسلمانن جو وڏو تعداد هجڻ ڪري، سڀ کان گهڻيون مسجدون آهن. سئيڊن جي شهر مالمو ۾ رهڻ دوران، اسان به گوشت ۽ فروٽ لاءِ، ڪوپن هيگن ايندا هئاسين. پڙهندڙن کي شايد حيرت ٿئي ته، پاسپورٽ کڻي اسان هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ، گوشت يا ڀاڄي ڀُتي وٺڻ، يا نماز پڙهڻ لاءِ ايندا هئاسين! ظاهر آهي، مالمو سئيڊن ۾ آهي ۽ ڪوپن هيگن ڊئنمارڪ ۾ آهي. تنهن ڪري بنا پاسپورٽ جي ٽريول ڪرڻ، ناممڪن ڳالهه آهي. جيڪي هتان ٿي ويا آهن يا جن کي جاگرافيءَ جي ڄاڻ آهي، اهي سمجهي سگهن ٿا ته مالمو ۽ ڪوپن هيگن ائين آهن، جيئن حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي، يا کڻي چئجي ته سکر ۽ روهڙي. مٿين شهرن، يعني مالمو ۽ ڪوپن هيگن جي وچ ۾ هلندڙ عام فيرين يا هوور ڪرافٽ (Hoover Graft) جو ڀاڙو جيتوڻيڪ وڏو آهي، پر ڪن ڪن مهينن ۾ جڏهن سردي سخت هوندي آهي ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ ماڻهو گهٽ نڪرندا آهن ته پولينڊ جهڙي ملڪ جون فيريون جيڪي سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جي فيرين کان سونهن، سهوليت ۽ سيفٽيءَ ۾ ڪجهه گهٽ درجي جون ٿين، فقط 11 سئيڊش ڪرونا وٺنديون هيون. انهن ڏينهن ۾ 4 رپئي جو سئيڊش ڪرونو هجڻ ڪري، 110 رپيا ڀاڙو ٿيو ٿي. ايتري ڀاڙي مان هنن فيرين جي مالڪن جي تيل جا پئسا به نٿا نڪري سگهن. اهي وري شراب ۽ بيئر جهڙيون شيون، هنن فيرين تي وڪڻي، فائدو ڪڍي وٺندا هئا. اهي شيون، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ ۾ وڏو ٽئڪس هجڻ ڪري انهن ملڪن ۾ تمام مهانگيون ملن ٿيون. فيري (Ferry) دراصل هڪ تانگهو پئسينجر جهاز ٿئي ٿي، جيڪا ٻن ويجهن بندرگاهن جي وچ ۾ هلي ٿي. پوءِ ڪن جو ڪلاڪ کن جو سفر ٿئي، جيئن مالمو ۽ ڪوپن هيگن جي وچ ۾ آهي. ڪي فيريون ڏورانهن بندرگاهن جي وچ ۾ هلن، جيئن مالمو کان گڊانسڪ (پولينڊ) هلندڙ ڦيريون 18 ڪلاڪ وٺن ٿيون ۽ اهي مسافر جيڪي انهن فيرين ۾ سمهڻ چاهين، سي وڌيڪ ڀاڙو ڏيئي ڪئبنون به بُڪ ڪرائي سگهن ٿا. نه فقط پئسينجر پاڻ پر انهن سان گڏ سندن ڪارون ۽ موٽر سائيڪلون پڻ، هنن فيرين ذريعي سمنڊ ٽپن. جيئن شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪن وڏين فيرين تي بسون ۽ ريل گاڏيون به سوار ٿين. انهن فيرين جي هيٺينءَ ڊيڪ تي ريل جا پٽا ٺهيل ٿين، جيڪي ڪناري تي ٺهيل ريل جي پٽن سان ڀيچي ٿي بيهن ۽ ريل ڪناري تان فيريءَ ۾ ۽ فيريءَ تان ڪناري تي آرام سان چڙهي ۽ لهي سگهي. بهرحال اسان ڊئنمارڪ ۽ ڀر وارن اتراهن ملڪن ۾، مسجدن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. ڊئنمارڪ ۾، سرڪاري انگن اکرن مطابق ٻه لک کن مسلمان رهن ٿا ۽ 50 کن مسجدون آهن، جن ۾ ڪجهه اهلِ تشيع وارن جون پڻ آهن. انهن مسجدن مان ڪي پاڪستانين جون سڏجن ٿيون، جن ۾ اڙدو خطبو ٿئي ٿو. ڪي موراڪش يا ترڪن جون پڻ آهن، جن ۾ عربي يا ترڪي زبان ۾ خطبو ٿئي ٿو. اهڙين مسجدن جي آس پاس، اها زبان ڳالهائيندڙ ڪميونٽي رهي ٿي. هڪ ئي زبان، جيڪا سڀني کي سمجهه ۾ اچي، اها اڳ ۾ ته ناممڪن ڳالهه هئي جو هتي ڀانت ڀانت جي ملڪن جا ماڻهو اچي نڪتا هئا. البته هاڻي سندن اولاد، يعني جيڪا نئين جنريشن اچي جوان ٿي آهي، اها هتي جي مڪاني زبان ڊئنش سمجهي ٿي.
    هونئن هنن ملڪن ۾ آيل ڌارين ملڪن جا ڪيترا مسلمان، پنهنجي ملڪ، زبان ۽ نظريات مطابق ورهايل هئا. هتي جي اخبار Jyllands Posten جڏهن خاڪن ڇپڻ جي شرارت ڪئي ته سڀ مسلمان هڪ ٿي ويا ۽ دنيا جي ڪيترن ملڪن سان گڏ ڊئنمارڪ جا مسلمان به هن اخبار ۽ حڪومت جي پاليسين خلاف، جلسا جلوس ۽ مظاهرا ڪندا رهيا. سعودي عرب جهڙي ملڪ، جڏهن ڊئنمارڪ کان ڪابه شيءِ خريد ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته صحيح معنيٰ ۾ ڊئنمارڪ پريشان ٿي ويو ۽ هن کي پهريون دفعو احساس ٿيو ته سندس ملڪ ۾ رهندڙ اقليتن ۾ مسلمان نه فقط وڏي اڪثريت (گهڻائي) رکن ٿا، پر طاقت پڻ. ڊئنمارڪ جي ”مسلم ڪائونسل“ هتي جي سڀ کان وڏي آرگنائيزيشن آهي، جنهن جا اڌ لک کن مسلمان ميمبر آهن. هن آرگنائيزيشن جو Spokesman عبدالواحد پيڊرسين، هتي جو مقامي ڊئنش گورو آهي، جن ڏينهن ۾ آئون سئيڊن جي مالمو يونيورسٽي سان وابسته هوس، پيڊرسين ڪوپن هيگن جي مسجد ۾ اسلام قبول ڪيو هو ۽ 1997ع ۾ ڪوپن هيگن جي ان مسجد جو پهريون مقامي گورو امام ٿيو، جنهن هتي جي ڊئنش زبان ۾ خطبو پڙهيو. نه ته هن کان اڳ هميشه ترڪي، انگريزي يا ڪڏهن ڪڏهن اڙدو زبان ۾ پڙهيو ويو ٿي. امام صاحب (عبدالواحد پيڊرسين) ٻڌايو ته؛ ڪوپن هيگن شهر جو ميئر چاهي ٿو ”جامع مسجد (Grand Mosque) ڪوپن هيگن“ جيترو جلد ٺهي سگهي، اوترو سٺو ۽ مسلمانن جي دل رکڻ لاءِ ان جهڙي هڪ ٻي به مسجد ٺهڻ کپي.
    ڊئنمارڪ جي ٻئي نمبر وڏي شهر ۽ مشغول بندرگاهه آرهوس (Arhus) ۾، جتي اسان کي ستر وراي ڏهي ۾ ڪيترا ئي دفعا جهاز کي آڻڻو پيو، پڻ هڪ وڏي مسجد ٺهي رهي آهي. هتي جي مسلمانن جو خيال هو ته؛ اها مسجد ترڪيءَ جي بلو مسجد جهڙي ٺاهي وڃي. ان مسجد جي ڊئنش پروجيڪٽ آرڪٽيڪٽ سان خيالن جي ڏي وٺ بعد سندن اهو فيصلو ٿيو آهي ته هن مسجد جو نقش نگار، اسلامي عمارتسازيءَ جهڙو ۽ مڪاني ڊئنش آرڪيٽيڪچر جهڙو هجڻ ضروري آهي.
    ڊئنمارڪ توڙي سئيڊن، ناروي ۽ فنلئنڊ ۾، ڪجهه مسجدون آهن جيڪي احمديا مسلم ڪميونٽي جون مسجدون سڏجن ٿيون. اهي مسجدون قاديانين ٺهرايون آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته احمدي فرقي جا ماڻهو، جنهن به ملڪ ۾ رهن ٿا ته هو آرگنائيزڊ طريقي سان رهن ٿا. هنن ۾ ڏوهن جو سيڪڙو، ٻين ڌارين جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي. هنن جو گهڻو ڌيان تعليم ڏي آهي. هو سٺين نوڪرين ۾ آهن ۽ ٻين Immigrants کان خوشحال زندگي گذارين ٿا. پئسي وارا هجڻ ڪري، هنن جون مسجدون به اعليٰ درجي جون آهن. اهڙي ئي هڪڙي مسجد ”نصرت جهان“ ڪوپن هيگن ۾ آهي. هو ڪنهن کي به پنهنجي مسجد ۾ نماز پڙهڻ کان جهلين نٿا پر پاڻ ٻي ڪنهن مسجد ۾ نماز پڙهڻ بدران ”احمديا مسلم ڪميونٽي“ جي ٺهيل مسجدن ۾ وڃن ٿا. سئيڊن جي ٽئين نمبر وڏي شهر گوٿنبرگ ۾ به قاديانين جي ”ناصر مسجد“ نالي هڪ تمام وڏي عبادتگاهه آهي. منجهس پنج وقت نماز ٿئي ٿي ۽ مون کي هن ۾ ٿيندڙ نماز ۽ اسان جي ملڪ جي مسجدن ۾ ٿيندڙ نماز ۾، ڪو فرق نظر نه آيو. هيءَ مسجد گهمڻ وقت، ٽوئرسٽن ۾ مون سان گڏ هڪ تاجڪستان جو مولوي به هو جنهن ويجهڙائيءَ ۾ قاهري جي الاظهر يونيورسٽيءَ مان تعليم مڪمل ڪئي آهي. هو بيروزگار هجڻ ڪري، هن احمديه ڪميونٽي جي ڪنهن مسجد ۾ پگهار تي امام ٿيڻ چاهيو ٿي. سندس پڇڻ تي ته هو ڪنهن مسجد جو امام ٿيڻ ٿو چاهي ۽ کيس اها نوڪري ملي سگهندي ته مسجد ناصر جي هڪ نمازيءَ سمجهايس ته ”هيءَ مسجد اسان جي احمديا مسلم ڪميونٽي جي آهي جنهن جو سرپرست اڄڪلهه حضرت مرزا مسرور احمد آية الله آهي جيڪو Promised Messiah ۽ امام مهدي جو پنجون خليفو آهي. اسان جي مسجدن جا امام فقط ”جامعھ احمديا“ جا گرئجوئيٽ ٿيندا آهن.“
    هن جو مطلب ڇا هو ۽ جامعھ احمديا ڪٿي آهي... مون هن کان احمديا فرقي بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ ٿي چاهي پر هو اسان کان به ڪو وڌيڪ مشغول ٿي لڳو. هن جلدي جلدي پني ڀور تي info@alislam.org اي ميل ائڊريس لکي، منهنجي نالي ڪئي ۽ پاڻ ڪار ۾ سوار ٿي ويو. وڃڻ وقت اهو چيائين ته:
    You can get more information by Contacting this email.


    يورپ جا گورا نو مسلم

    گذريل ڪالم ۾ پاڻ سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ ۾ احمديا ڪميونٽي جي ڳالهه پئي ڪئي. منهنجي خيال ۾ يورپ توڙي آفريڪا جي هر وڏي شهر ۾ ’احمديا مسلم ڪميونٽي‘ جي مسجد آهي. ناروي جي شهر اوسلو ۾ به هڪ هنڌان لنگهندي هن ڪميونٽي جي ’نور مسجد‘ نالي هڪ وڏي عبادتگاه نظر آئي. هنن مسجدن ۾ گهڻو ڪري احمدي اچن ٿا، جيڪي قادياني پڻ سڏجن ٿا. موڪلن ۾ سندن ٻار قرآن پڙهڻ يا واعظ ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿين ٿا. هنن مسجدن ۾ احمدين کان علاوه ٻيو ڪو نٿو وڃي، جيتوڻيڪ هو ڪنهن کي به جهلين نٿا، بلڪه ڪنهن ڌارئين جي اچڻ تي، هو پنهنجيون سماجي ۽ مذهبي خدمتون ٻڌائين ٿا.
    سئيڊن توڙي ڊئنمارڪ ۽ ناروي وغيره ۾ سنين يا شيعن لاءِ هر شهر ۾ الڳ الڳ وڏيون مسجدون ته آهن پر ننڍيون به تمام گهڻيون آهن. هنن مسجدن ٺاهڻ ۾ عرب ملڪن، ايران ۽ پاڪستان جي رهاڪن ڪافي دلچسپي ورتي آهي ۽ پئسو ڏوڪڙ پڻ ڏنو آهي. ڪيترن هنڌن تي نماز ٿئي ٿي ۽ قرآن به پڙهايو وڃي ٿو. ان کي مسجد يا مدرسو سڏڻ بدران ان جو نالو اسلامڪ سينٽر، اسلامڪ ڪلچر سينٽر يا مڪاني زبان ۾ فور بنڊنٽ سڏيو وڃي ٿو. ان قسم جا سينٽر سئيڊن جي به ڪيترن ئي شهرن ۾ آهن جيئن ڪالمار، اڊي والا، نور ڪوپنگ، لنڪوپنگ، اوريبرو، لوليئا، اميئا، هالينڊ وغيره. اسٽاڪهوم، گوٿا برگ، مالمو ۽ لُنڊ جهڙن شهرن ۾ ته ڪيترا ئي اهڙا اسلامڪ سينٽر آهن جيڪي انهن شهرن ۾ مختلف علائقن ۾ آهن. هن ڀيري سئيڊن ويس ته اهڙن هڪ سؤ سينٽرن جي لسٽ مون کي ڏني وئي، جيڪا انٽرنيٽ تان به mosques, Islamic Communities in Sweden جي عنوان سان سرچ ڪري سگهجي ٿي.
    ڪوپن هيگن وانگر سئيڊن ۾ به هڪ وڏي پئماني جي مسجد اسٽاڪهوم ۾ ٺهي رهي آهي. بقول هڪ مقامي گوري مسلمان جي ”اسان جي ماڻهن جي دلين ۾ جيتوڻيڪ اسلام جو ڊپ ويٺل آهي، جنهن ڪري ڪنهن مسلمان جو سندن پاڙي ۾ رهڻ يا شهر ۾ مسجد ٺهڻ تي اسين پهريون مخالفت يا ناپسنديدگي جو اظهار ڪريون ٿا پر پوءِ آهستي آهستي هرهڪ کي محسوس ٿئي ٿو ته اسلام واقعي امن جو مذهب آهي.“
    هڪ سئيڊش غير مسلم، جنهن جو گهر اسٽاڪهوم جي پراڻي مسجد ڀرسان آهي، ان کان پڇيم ته؛ ”توکي مسجد جي ڀر ۾ رهڻ سان ڇا ٿو محسوس ٿئي؟“
    ”مون کي بيحد خوف ٿئي ٿو.“ هن وراڻيو، ”ڇو جو هتي مختلف قومن ۽ رنگن جا ماڻهو، مختلف وڳن ۾ اچن ٿا ۽ مون کي بين الاقوامي ماحول جو احساس ٿئي. ٿو.“
    هتي جي ميونسپالٽيءَ مطابق، هر سال اڌ لک ماڻهن جو، هيءَ مسجد گهمڻ لاءِ اچي ٿو، جن ۾ 20 هزار کن ته سئيڊن جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد آهن. هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته سئيڊن جا ماڻهو پروٽيسٽنٽ عيسائي آهن. ڪجهه ڌاريا ۽ سندن ڪئٿولڪ عيسائي به آهن جن جا پڻ ڪجهه شهرن ۾ گرجا گهر آهن، جيڪي اسان جي ڪراچي ۽ لاهور جي گرجا گهرن (Churches) جهڙا ٿين ٿا، ڇو جو اسان جي ملڪ جا نوي سيڪڙو عيسائي، ڪئٿولڪ چرچ سان واسطو رکن ٿا.
    اسٽاڪهوم جي هيءَ مسجد پراڻي پاور هائوس بلڊنگ ۾ ٺهيل آهي. بلڊنگ جو ٻاهريون ڏيک ڪو جهڳ مڳ وارو ناهي جو هتي جي قانون موجب ڪنهن به عمارت کي ٻاهران جهرمر ڪندڙ بتين، فانوسن ۽ شئنڊ ليرن سان سينگارڻو ناهي. بهرحال مسجد جي اندر، ڪافي سهڻا نقش نگار ۽ اسلامي آرڪيٽيڪچر جا نمونا رکيا ويا آهن. ڇتين ۾ وڏا ۽ سهڻا شئنڊلير ۽ زمين تي خوبصورت غاليچا نظر اچن ٿا.
    اهڙيءَ طرح سئيڊن جي ٻئي وڏي شهر گوٿن برگ ۾ بيل ويو نالي مسجد آهي، جنهن جو خرچ پکي لاءِ لوڪل ميونسپالٽي پڻ فنڊ ڏئي ٿي. هيءَ مسجد ڪجهه عرصي لاءِ ميڊيا تان خبرن ۾ هئي، جنهن لاءِ Mirsad Bektasevic نالي هڪ مقامي گورو جنهن کي دهشتگرديءَ جي ڪيس ۾ 15 سال جيل جي سزا ملي، هن مسجد ۾ اڪثر نماز لاءِ ايندو هو.
    گوٿن برگ شهر، يونيورسٽين کان به مشهور آهي. هتي جي يونيورسٽين ۾ اسان جي ملڪ جا به ڪيترا ئي شاگرد نظر اچن ٿا. جن مان هڪ ٽنڊو قيصر جو عبدالرحيم نظاماڻي پڻ آهي. جيڪو اسان جي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي دوست نور احمد نظاماڻيءَ جو ڏوهٽو آهي. ٽيهارو سالن جو عبدالرحيم هتان ئي وڏي ڏاڙهيءَ سان سئيڊن روانو ٿيو هو.
    ”ڪر خبر، شڪل صورت مان طالبان ٿو لڳين، ڪٿي هتي جي پوليس تو کي اوساما جو پوئلڳ سمجهي تنگ ته نٿي ڪري؟“ کلندي پڇيومانس.
    ”نه انڪل،“ هن وراڻيو، ”اها ئي ته سٺي ڳالهه هنن ملڪن جي قاعدي قانون جي آهي، جيسين هنن کي ثبوت نه ملي، هنن لاءِ هر انسان عزت جي لائق آهي.“
    ”تڏهن به مڪاني ماڻهو، خاص ڪري يونيورسٽي ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ جون ڇوڪريون توکي حيرت مان ڏسي سوال جواب ته ڪنديون هونديون؛ هي ڏاڙهي ۽ ڄاري جي ٽوپي سان ڪير آهي؟“
    ”دراصل اها ئي ته ڳالهه مون کي تبليغ ڪرڻ ۽ اسلام بابت معلومات ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي.“ عبدالرحيم ٻڌايو.


    خالص الله واسطي

    مالمو ۾ جڏهن مسجد ٺهي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترا ئي مڪاني يورپي گورا مسلمان ٿيڻ لڳا ته هتي جي حڪومت گوٿن برگ (سئيڊن جو ٻيو نمبر وڏو شهر) واري مسجد ٺهڻ جي اجازت يڪدم ڪئنسل ڪري ڇڏي. هيءَ 1992ع جي ڳالهه آهي جڏهن آئون مالمو جي WMU يونيورسٽيءَ ۾ هوس. پر هاڻ اٽڪل 18 سالن بعد، نه فقط اها مسجد ٺهي وئي جنهن جي رٿا هئي پر اڄ ٽي چار مسجدون ٻيون به هن شهر ۾ ٺهي ويون آهن. انهن مان هڪ ترڪن جي مسجد سڏجي ٿي، هڪ عربن جي، وغيره. ترڪن جي مسجد جو مطلب اهو ناهي ته اها ترڪيءَ جي ماڻهن يا حڪومت ٺهرائي پر هن ۾ ترڪي زبان ۾ خطبو ٿئي ٿو. مشرقي يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن، بلقاني ملڪن ۽ روس جي اولهه وارن رياستن جا مسلمان، ترڪي سمجهن ٿا جو انهن ملڪن مٿان ڪيترا ئي سال سلطنت عثمانيه جي حڪومت رهي آهي. جيئن اسان وٽ انگريزن جي حڪومت هجڻ ڪري، اڄ به اسان وٽ انگريزي سمجهي وڃي ٿي.
    سئيڊن جي گاديءَ واري شهر اسٽاڪهوم جي ٻهراڙيءَ واري علائقي فِٽيا (Fittia) ۾ ٽرڪش آرڪيٽيڪچر جي هڪ خوبصورت مسجد ٺاهي وئي آهي. هيءُ علائقو، جيڪو سمجهو ته ڪراچيءَ جي شيرين جناح ڪالوني يا شانتي نگر جهڙو، ڪنڊ پاسي وارو علائقو ٿيو، مسلمانن جي گهڻائيءَ کان مشهور آهي.
    اڄ يورپ جي هنن ڏورانهن، ٿڌن ۽ ڊگهين راتين وارن اسڪينڊينيوين ملڪن ڏي نظر ٿو وجهان ته هيتريون مسجدون ڏسي تعجب ٿئي ٿو ۽ پاڻ جهڙا ايشيائي، آفريڪي ۽ هتي جا گورا يورپي، ڄاري واري ٽوپي مٿي تي رکي انهن مسجدن ڏي ويندي ڏسي حيرت وٺي ٿي. اڄ کان چاليهه سال اڳ جو زمانو ياد ٿو اچي ته جڏهن اسان جو جهاز ٽرنڍهام، نامساس، اميئا، نورڪوپنگ، آرهوس ۽ سنڊسوال جهڙن بندرگاهن ۾ پهچندو هو ته اتي جا نارويجن، سئيڊش ۽ ڊئنش ماڻهو اسان کي حيرت مان ڏسندا هئا. هنن مان ڪيترن پاڪستان جو نالو پهريون دفعو ٻڌو هو ۽ اسلام بابت ته هنن کي ڏور جي به خبر نه هئي. هنن کي حيرت لڳندي هئي ته اسان جتي ڪٿي وڪامندڙ خنزير جا هاٽ ڊاگ (ڪباب) يا هئم برگر ته نٿا کائون پر بيف برگر به نٿا کائون. اسان جي جهاز لاءِ ڇهن مهينن جو گوشت خاص ’حلال‘ سرٽيفڪيٽ سان گڏ ڪوپن هيگن يا راٽرڊم مان ايندو هو. جتي مڙيئي ڪجهه مسلمان رهيا ٿي. هو اسلام بابت اسان کان پڇندا هئا ۽ ڪي هِتان هُتان جون ٻڌل ڳالهيون اسان کان ڪنفرم ڪندا هئا ته ڇا اسان کي به چار چار زالون آهن ۽ ڪي ته وري اهڙي قسم جا عالماڻا سوال هوندا هئا، جن جا جواب ۽ سمجهاڻيون ڄاڻ رکندڙ عالم ئي ڏئي سگهي ٿو. اسان مهاڻا، ماڇي ۽ ساٽي قسم جا ماڻهو ٿياسين، جن جي دين بابت ڄاڻ وڌ ۾ وڌ ايتري هئي جيتري هڪ مسجد جي امام کي پاڻيءَ جي جهاز جي ٿي سگهي ٿي. سچ ته اهو هو ته اسان پاڻ ڪيترن ديني مسئلن تي منجهيل هئاسين، جن جا جواب اسان ڪنهن عالم کان معلوم ڪرڻ ٿي چاهيا. خاص ڪري ان کان، جيڪو اسان جي سامونڊي دنيا ۽ ولايتي ماحول جي مسئلن کان واقف هجي.
    اڄ جڏهن چاليهن سالن بعد ناروي، ڊئنمارڪ، فنلئنڊ ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن جي ڪيترن ئي شهرن ۾ جڏهن مسجدون ڏسان ٿو ۽ انهن ۾ ڀانت ڀانت جا نمازي، امام، عالم ۽ داعي ڏسان ٿو ته حيرت لڳي ٿي. عرب، ايراني، سائوٿ آفريڪن، گجراتي، پاڪستاني، ترڪ مولوي ۽ عالم جنهن نموني سان ۽ سٺي طريقي سان واعظ ڪن ٿا ۽ اسان جي منجهيل مسئلن جا حل ٻڌائين ٿا ان تي حيرت ۽ خوشي ٿئي ٿي. نه فقط اهي ڌاريان پر هاڻ مقامي ماڻهو به مسجد جا امام ۽ عالم ٿي پيا آهن، جن بابت آئون هنن ملڪن جي سفرنامي: ”يورپ جا ڏينهن“ ۽ ”مڪليءَ کان مالمو“ ۾ اهو لکي چڪو آهيان ته؛ هاڻ هتي جا گورا مسلمان اسان کي هدايت جي راهه ڏسين ٿا. جيئن هڪ هنڌ لکيو اٿم ته اسان کي هتي جي هڪ ڪمپنيءَ جا نوان ايجاد ڪيل لائيف رئفٽ (جيڪي سمنڊ ۾ ٻڏڻ وقت استعمال ڪجن ٿا) سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جي وچ واري سمنڊ ۾ چيڪ ڪرڻا هئا. اسان جي گروپ ۾ 8 کن مسلم ملڪن جا جهاز ران آفيسر هئا ۽ هڪ يورپي فرانس جو هو. سمنڊ ۾ ان ڏينهن ڏاڍي اٿل پٿل هئي ۽ هوائون به تيز لڳي رهيون هيون. اسان جي انسٽرڪٽر سڀني گروپن کي ڪلاڪ کن وڌيڪ سمجهڻ جي لاءِ چيو. جيئن سمنڊ تي سيءَ ۽ اونداهه ۾ پريشاني نه ٿئي. اسان جي گروپ جو هڪ جهازي، يمن جو مبارڪ، موقعو سٺو ڏسي ٻه ٽي بيئر جا دٻا وٺي پيئڻ لڳو. اسان به وڌيڪ پرئڪٽس جي موڊ ۾ نه هئاسين. اهو حال ڏسي اسان جي گروپ ۾ موجود فرينچ جهازيءَ اسان کي پرئڪٽس ڪرڻ جي صلاح ڏني، جيئن جهاز تان ان لائيف رئفٽ کي صحيح طرح لاهي سگهون ۽ منجهس هوا ڀري تري سگهون. مبارڪ بيئر جي چسڪي ڀريندي وڏي رعب سان چيس ته؛ ’اسان مسلمان آهيون. اسان موت کان نٿا ڊڄون. جي مرڻو هوندو ته مري وينداسين...‘ وغيره وغيره. يعني هن جو مطلب هو ته اسان مسلمانن کي الله پاڻهي بچائيندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته بيئر جو دٻو هٿ ۾ هئس ۽ توهان يورپ جا ماڻهو ڊڄڻا آهيو... وغيره. پر نڄاڻ اهو فرانس جو همراهه پاڻ به ڪو مسلمان هو ۽ هو اسان وانگر مسلمان گهر ۾ پيدا ٿيڻ سان مسلمان نه ٿيو هو پر علم حاصل ڪري مسلمان ٿيو هو. تنهن مبارڪ کي ماٺ ڪرائيندي چيو ته’هاڻ وڦلڻ بند ڪر. پنهنجي سستي ۽ ڪاهليءَ جو ڏوهه اسلام تي نه ڏي. اسلام پنهنجي جان جي حفاظت لاءِ چيو آهي ۽ پنهنجي بچاءَ جي ڪوشش لاءِ چيو آهي ۽ ساڳئي وقت پنهنجي رب تي به ڀروسو ڪرڻ ضروري آهي ۽ پوءِ حديث ٻڌائي ته حضورﷺ جن جو چوڻ آهي ته پنهنجي اٺ جو گوڏو چڱيءَ طرح ٻڌ ۽ پوءِ کيس الله حوالي ڪر. اسين سڀ چپ ٿي وياسين. مبارڪ بيئر جو دٻو کڻي ڪرسيءَ هيٺان لڪايو. سو هي اڄ جا نؤ مسلم يورپي يا آمريڪي وڏي معلومات رکن ٿا ۽ هو ڪنهن پير يا وڏيري جي ڊپ کان مسلمان نه ٿيا آهن، جيئن اسان وٽ غريب مسڪين ڪولهين ۽ باگڙين کي مسلمان ڪيو وڃي ٿو.
    آمريڪا جي نيويارڪ ايسٽ واري مسجد ۾ ڪجهه نؤ مسلم آمريڪن سان اسلامي تاريخ جي شروعاتي جنگي فتحن بابت ڳالهائي رهيا هئاسين ته انهن جنگين ۾ مسلمانن وٽ ايترا نه گهوڙا ۽ اٺ هئا، نه هٿيار! سندن تعداد به تمام گهٽ هو پر پوءِ به اهو سندن پختو ايمان هو، هنن اهي جنگيون رب پاڪ طرفان مقرر ڪيل دين خاطر ٿي وڙهيون، هنن لاءِ موت به شهادت هو... قدرت به هنن جي مدد ڪئي ۽ سندن دشمن مٿان سوڀ ٿي. يعني هنن جي هر ڳالهه ۽ هر ڪم الله خاطر هو.
    هن ڀيري هڪ اهڙي يورپي گوري نو مسلم واهه جي سبق آموز حڪايت بيان ڪئي، جيڪا پڙهندڙن سان Share ڪرڻ چاهيان ٿو.
    بني اسرائيل ۾ هڪ عابد هو جيڪو هر وقت عبادت ۾ مشغول رهيو ٿي. هڪ جماعت وٽس آئي ۽ اچي کيس ٻڌايو ته هتي هڪ قوم آهي، جيڪا هڪ وڻ کي پوڄي ٿي. اهو ٻڌي هن کي ڪاوڙ آئي ۽ ڪهاڙو ڪنڌ تي رکي، ان کي وڍڻ لاءِ روانو ٿيو. رستي تي شيطان هڪ پير مرد جي شڪل ۾ هن جي آڏو آيو ۽ چيائين؛ ته تنهنجو ان وڻ سان ڪهڙو واسطو، تون پنهنجي عبادت ۾ مشغول رهه. تون پنهنجي عبادت کي هڪ بيڪار ڪم لاءِ ڇڏيو پيو وڃين. عابد چيو ته هيءَ به ته هڪ عبادت آهي.
    شيطان چيو ته آئون توکي اهو وڻ وڍڻ هرگز نه ڏيندس. ٻنهي جي وچ ۾ مقابلو ٿيو. عابد هن کي دسي هن جي ڇاتيءَ تي چڙهي ويٺو. شيطان پنهنجو پاڻ کي عاجز ڏسي خوشامد ڪئي ۽ چيو ”چڱو منهنجي ڳالهه ٻڌ!“
    شيطان چيس ته الله توتي اهو ڪم فرض ته نه ڪيو آهي. تنهنجو هن وڻ مان ڪهڙو نقصان آهي. تون ته هن جي عبادت نٿو ڪرين. الله جا ڪيترا ئي نبي آهن جيڪڏهن الله چاهي ها ته ڪنهن نبيءَ ذريعي اهو وڻ وڍرائي ڇڏي ها. عابد چيو آئون اهو وڻ ضرور وڍيندس. هڪ دفعو وري مقابلو ٿيو ۽ عابد وري هن جي ڇاتيءَ تي چڙهي ويهي رهيو. شيطان چيو: ”چڱو ٻڌ، هڪ فيصلي واري ڳالهه تنهنجي ئي فائدي جي ٿو ڪريان.“
    عابد چيس ته جلدي ڪر.
    شيطان چيس ته تون غريب آهين ۽ هن ڌرتيءَ تي بار ٿيو پيو هلين. تون ان ڪم کان باز اچ ته آئون توکي روزانو ٽي اشرفيون ڏيندس، جيڪي روزانو تنهنجي وهاڻي وٽ رکيل ملندئي. تنهنجيون ته ضرورتون پوريون ٿي وينديون پر پنهنجن مائٽن تي به ٿورا ڪري سگهندين. فقيرن جي مدد ڪري سگهندين ۽ ٻيا به ڪيترا ئي ثواب جا ڪم ڪري سگهندين. وڻ وڍڻ ۾ تون فقط هڪ ئي ثواب ڪري سگهندين ۽ اهوبه بيڪار قسم جو، ڇو جو وڻ وڍڻ بعد ماڻهو وري ٻيو پوکي وٺندا.
    عابد جي سمجهه ۾ اچي ويو ۽ اهو فيصلو قبول ڪيائين. ٻه ڏينهن ته هن کي وهاڻي هيٺان اشرفيون مليون، ٽئين ڏينهن ندارد. عابد کي سخت ڪاوڙ آئي ۽ ڪهاڙو کڻي هڪ دفعو وري اٿي کڙو ٿيو. رستي تي وري اهو شيطان، پوڙهي ماڻهوءَ جي روپ ۾ مليو، جنهن پڇيس ته ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ عابد ٻڌايس ته؛ ”وڻ کي وڍڻ لاءِ پيو وڃان!“ ٻنهي ۾ وري جهيڙو ٿي پيو. هن ڀيري پوڙهو هن کان زور ٿي ويو ۽ عابد جي ڇاتيءَ تي چڙهي ويٺو. عابد کي ڏاڍو تعجب لڳو ۽ هُن پوڙهي (يعني شيطان) کان پڇيو ته ڇا ڳالهه آهي، هن ڀيري تون مون کان زور ٿي ويو آهين. پوڙهي چيس ته پهرئين دفعي تنهنجي ڪاوڙ خالص الله جي واسطي هئي، ان ڪري الله جل شانھ مون کي مغلوب ڪري ڇڏيو هو. هن دفعي دنيا ۽ مال (اشرفين) جو دخل آهي، ان ڪري تون مغلوم ٿئين.
    حق اهو آهي ته جيڪو ڪم خالص الله جي واسطي ڪيو وڃي ٿو، ان ۾ وڏي قوت ٿئي ٿي.


    ڊئنمارڪ ۾ رهندڙ اسماءِ ۽ ٻيا...

    جيئن اسان وٽ اتراهن جابلو ۽ سرد علائقن کان ماڻهو هيٺ ڏاکڻن علائقن ڏي ايندا رهيا ٿي ۽ ايندا رهن ٿا، پوءِ ڏکڻ ۾ توڙي سنڌ هجي يا گجرات، مهاراشترا هجي يا تامل ناڊو، نسبتن موسم ۽ حالتون بهتر آهن. خاص ڪري چوڌاري سمنڊ جو ڪنارو هجڻ ڪري هتي سياري ۾ نه ايڏو سيءُ پوي ٿو ۽ نه اونهاري ۾ ايڏي گرمي ٿئي ٿي. پوک به سٺي ٿئي ٿي. هماليا جبلن جي قدمن ۾ يا سوات وزيرستان ۾ سياري ۾ کڻي بادام، اخروٽ ۽ زردالون ٿيندا هجن پر اسان جو پيٽ ته انُ (ڪڻڪ، چانور وغيره) ئي ڀري سگهي ٿو. توهان ڪڏهن به ۽ ڪنهن دور ۾ به اهو نه ٻڌو هوندو ته ڪراچي يا حيدرآباد مان پاڙن جا پاڙا گلگت ۽ چترال لڏي ويا. دهلي ۽ بڙودا جا ماڻهو ڪارگل ۽ ليهھ لڏي ويا. توڙي کڻي اونهاري ۾ اتراهان علائقا سرسبز ۽ سهڻا لڳندا هجن! چرچو مشهور آهي ته ڪنهن چتراليءَ چيو هو ته؛ جنهن علائقي کان آيو آهي اهو سرسبز جنت جو ٽڪرو آهي. ان تي ٽنڊي آدم جي رهاڪوءَ چيس ته؛ پوءِ اهڙي جنت کي ڇڏي هيڏانهن دوزخ ۾ ڇو آيو آهين؟
    اهو ئي حال يورپ جي اتراهن ملڪن: ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن وغيره جو هو، جنهن کي پاڻ اسڪنڊينيويا جا ملڪ سڏيون ٿا. گذريل صديءَ جي شروع تائين هو ڏکڻ ڏي لڏي آيا ٿي پر ڏاکڻن ملڪن جي ڪنهن اسپيني، اطالوي، يوناني يا فرينچ جو دماغ خراب نٿي ٿيو جو هو پنهنجو وطن ڇڏي اتر ڏي وڃي سئيڊن يا ناروي ۾ رهائش اختيار ڪري، جتي اونهاري جي مهينن ۾ به ڏڪڻيءَ وارو سيءُ رهي ٿو. جتي جو سيارو اونداهه انڌوڪار آهي، جو ڏينهن جو ٻه چار ڪلاڪ مس ٿئي ٿو. باقي رات ئي رات آهي. اونداهه ئي اونداهه آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسڪئنڊينيوين ملڪن جون ڇوڪريون سهڻيون هجڻ ڪري باقي يورپي مٿن موهت رهيا آهن پرمحبوبائن جي ملڪن جي سخت سيءَ ۽ جياپي جون حالتون ڏکيون هجڻ ڪري، هنن عشق تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو ٿي يا ڇورين کي پنهنجي وطن ڀڄائي آيا ٿي.
    گذريل صديءَ جي شروعات وارن سالن ۾، ٻاڦ ۽ ڊيزل انجڻين جي ايجاد بعد جنريٽر ٺهيا ۽ اليڪٽرڪ سٽيءَ روشنائي پيدا ڪئي. گهرن ۾ هيٽنگ سسٽم شروع ٿيو ۽ يورپ جي اترادين (سئيڊن، نارويجن، فنس ۽ ڊئنش ماڻهن يعني انگلنڊ، پورچوگال، اٽلي، فرانس ۽ اسپين) لڏپلاڻ کي گهٽايو. بلڪه هاڻ ته انهن ڏاکڻن ملڪن جا ماڻهو به اتراهان ملڪ گهمڻ لڳا، خاص ڪري اونهاري جي موسم ۾. جيئن اسان وٽ اڄ ڪلهه اونهاري جي موڪلن ۾ ڪيترا ئي ماڻهو ٻارن کي ڪوهه مري، سوات، چترال، گلگت، اسڪردو گهمائڻ وٺي وڃن ٿا پر صدين تائين اتر طرف ماڻهن جو رخ گهٽ هجڻ ڪري اسڪينڊينيويا جي ملڪن کي ڪيترين ڳالهين جي ڄاڻ گهٽ ٿي رهي. هاڻ ته ٽي وي، ريڊيو، انٽرنيٽ ڪري سڄي دنيا ڳنڍي پئي آهي، پر اڄ کان هڪ صدي اڳ تائين اهڙن ملڪن (توڙي جپان) جون حالتون مختلف هيون. جپان جي موسم اهڙي ظالم کڻي نه چئجي پر هنن وري ڪنهن ڌارئين کي جاپان جي ڌرتيءَ تي قدم رکڻ نٿي ڏنو. ٻين سان ڏيٺ ويٺ نَهَه برابر هجڻ ڪري ناروي، ڊئنمارڪ، سئيدن، فنلئنڊ پاسي جا ماڻهو فقط عيسائيت کان واقف هئا. وڌ ۾ وڌ کڻي يهودين کان، جو اتي عيسائي ۽ ڪجهه يهودي رهيا ٿي. اسلام ته ڇا پر هو هندو ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم کان به اڻ واقف هئا، جيڪو ڏور اوڀر جي سڀني ملڪن تائين پکڙجي چڪو هو. گذريل صديءَ جي ٽئين ۽ چوٿين ڏهاڪي ۾ ايشيا ۽ آفريڪا جي ماڻهن جو سئيڊن، ناروي ۽ ڊئنمارڪ ۾ وڃڻ شروع ٿيو ته هنن کي اسلام، هندو ڌرم وغيره جي معلومات اتي پهچندڙ پاڪستاني، انڊين، ايراني، عراقي مسلمانن، هندن ۽ سکن کان پئي. ستر جي شروع وارن سالن ۾، جڏهن عربن تيل مهانگو ڪيو ۽ نيويارڪ جي 11 سيپٽمبر واري واقعي کانپوءِ هنن اترادي ماڻهن کي عربن ۽ مسلمانن ۽ سندن مذهب اسلام جي خبر پئي. جپان جي به عام ماڻهوءَ کي اسلام جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ستر واري ڏهي کان پئي، جڏهن تيل جي مهانگي ٿيڻ ڪري جپان جي واپار وڙي جي حالت خراب ٿي وئي هئي. اهو جپان، جتي خوبصورت پلاسٽڪ ٿيلهين (Shoppers) جي شروعات ٿي ۽ ڪا شيءِ وٺڻ تي دڪاندار ٻه ٻه، ٽي ٽي فالتون ٿيلهيون به ڏئي ڇڏيندا هئا. تيل مهانگي ٿيڻ تي اهي به بند ٿي ويون، جو اهي تيل مان ٺهيون ٿي. جاپاني عورتون ڀاڄي ڀُتي يا ڪو سيڌو وٺڻ لاءِ گهران ڳوٿريون يا پني جا لفافا کڻي نڪرڻ لڳيون. جپاني حڪومت جا سربراهه هلي ملي سعودي عرب، ڪويت ۽ دبئي، اتي جي حاڪمن سان ملڻ ويا ته تيل جي سپلاءِ ۽ قيمتن تي نظرثاني ڪريو. هر عام ماڻهو پڇڻ لڳو ته اهي عرب ڪير آهن، ڇا آهن... وغيره ۽ مون کي ياد آهي ته ان بعد جاپان جي T.V تان نه فقط عرب ملڪن جون ڊاڪيومينٽري فلمون پر پهريون دفعو جپان جي ٽي ويءَ تان ٻانگ ۽ حج ڪرڻ جو طريقو ڏيکاريو ويو ۽ پوءِ ته 1980ع بعد، جپاني ٽي ويءَ تان عربي زبان به سيکارڻ جو پروگرام شروع ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هڪ جپاني ڇوڪري عربي سيکاري ٿي، جنهن جو احوال جپان جي سفرنامي ”ڪراچي کان ڪوڪورا“ ڪتاب ۾ ڏئي چڪو آهيان. اهو ئي حال، يورپ جي هنن اتراهن ملڪن جو هو، جتي گذريل صديءَ جي اڌ تائين ته شايد ئي ڪو مسلمان عام طرح نظر آيو ٿي. 1980ع کانپوءِ اسان کي ڪوپن هيگن، مالمو، اسٽاڪهوم، اوسلو ۽ ٻين وڏن بندرگاهن ۾، جڏهن اسان جو جهاز انهن بندرگاهن ۾ پهتو ٿي ته گس پنڌ تي ڪنهن اسلامي ملڪ جي باشندي سان ملاقات ٿي ٿي. وڏن سفرن ڪري اسان کي گوشت ۽ حلال شين جي دقت ٿي ٿي، جيڪي شيون يورپ جي هنن اتراهن ملڪن ۾ ناپيد هيون. اتر ڪوريا يا چين ۾ وري به رڍون ٻڪريون ملي ويون ٿي ۽ ڪيترا ئي مڪاني مُلان ڪاسائي ملي ويا ٿي جن جهاز تي اچي، جهاز جي ڊيڪ تي جانور ذبح ڪري ڏنا ٿي پر هيڏانهن نه بازارين ۾ ائين وهٽ مليا ٿي ۽ نه ڪو مفتي مولوي مليو ٿي جيڪو حلال حرام جي صحيح فتويٰ ڏئي يا جانور ذبح ڪري ڏئي.
    اتر ڪوريا، وچ آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ ته اتي جي مڪاني آفيس وارن (جن اسان جي جهاز جي اتي سار سنڀال ٿي ڪئي) کي ٻڌائڻو پيو ٿي ته اسان جي جهاز تي سڀ مسلمان آهن ۽ اسان جهاٽڪي وارو گوشت کائڻ بدران ذبح ٿيل جانور جو ئي گوشت کائون ٿا. ان حلال سان گڏ ڪنهن مولوي مفتي جو سرٽيفڪيٽ هجڻ به ضروري آهي. اسان هنن کي آسٽريليا مان ورتل حلال گوشت ۽ اتي جي مولويءَ جو سرٽيفڪيٽ ڏيکاريو. مون کي ياد آهي ته ان کانپوءِ هڪ دفعي اسان کي هنن ملڪن مان ڪنهن هڪ مان، سرٽيفڪيٽ (فتويٰ) سان گڏ گوشت ملي ويو. اسان ڏاڍو خوش ٿياسين، مهينو سوا ان ملڪ جي مختلف بندرگاهن مان ٿي جڏهن وطن ورڻ لاءِ ڪوچ ڪري رهيا هئاسين ته اسان مان ڪنهن کڻي مڪاني ايجنٽ آفيسر کان پڇيو ته توهان هي حلال گوشت ڪيئن هٿ ڪيو. توهان کي هي حاصل ڪرڻ ۾ تڪليف ته ٿي هوندي.“
    ”نه هرگز نه.“ هن وراڻيو، ”جيئن توهان ٻڌايو هو تيئن اسان ٻڪرين ۽ رڍن جا گلا ڪٽي گوشت ٺاهيوسين ۽ توهان جي ڏيکاريل سرٽيفڪيٽ واري مولويءَ کي آسٽريليا خط لکي سرٽيفڪيٽ گهرايوسين.“ اسان اهو ٻڌي دنگ رهجي وياسين. خلاصين سان به ڳالهه نه ڪئي سين ته ماڳهين جهاز تي بلوو نه ڪن. جيڪي ڪجهه ٿيڻو هو سو ته ٿي چڪو. بچيل گوشت ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اڇلي، يڪدم موراڪو پهچي اتان اڳتي جي سفر لاءِ وري نئون گوشت ورتوسين.
    پر پوءِ مون ڏٺو ته ستر واري ڏهي جي ٻئي اڌ ۾ عراقي ۽ فلسطيني عربن جي لڏپلاڻ ڪري، آهستي آهستي يورپ جي اتراهن ملڪن جي ڪن شهرن ۾ حلال گوشت ۽ ڪجهه ٻيون کاڌي جون حلال شيون ملڻ لڳيون. خاص ڪري ڊئنمارڪ جي ڪوپن هيگن ۽ ٻين شهرن ۾ عام ٿي ويون. انهن شهرن ۾ پاڪستان کان ڪيترا ئي لڏي آيل قادياني ۽ مسلمان بنگالي به نظر اچڻ لڳا. مسلمان ڪاسائين ۽ حلال شيون وڪڻندڙ دڪاندارن مان هڪ عبدالحميد نالي فلسطيني دڪاندار به هو. پاڪستان کان ڊئنمارڪ ايندڙ اسان جا جهاز گهڻو ڪري هن ڪاسائيءَ کي حلال گوشت جو آرڊر ڏيندا هئا. عبدالحميد بعد ۾ ابينرا (Abenra) شهر ۾ شاورما (عربي ”ٻوٽي گوشت“) جي به ريسٽورنٽ کولي.
    عبدالحميد فلسطين جو رهاڪو هو جنهن جو ننڍپڻ لبنان جي مهاجر ڪئمپ ۾ گذريو. شاديءَ بعد هو ڪجهه سال سعودي عرب ۾ رهيو، ان بعد دبئي ۽ دوحا دربدر رهيو، جتي پوليس جي اجائي سجائي سختي ۽ پڇاڻي ڪري هن عرب دنيا کي خدا حافظ چيو ۽ 1978ع ڌاري ڊئنمارڪ ۾ اچي سياسي پناهه ورتي. انهن ڏينهن ۾ سئيڊن، ڊئنمارڪ ۽ ناروي جهڙن ملڪن ۾ نه فقط سياسي پناهه سولائيءَ سان ملي وئي ٿي پر ڪو بيروزگار ايشيائي يا آفريڪي نوڪري لاءِ آيو ٿي ته ان کي به بنا ڪنهن گهڻي ڊوڙ ڊڪ جي هنن ملڪن ۾ رهائش ملي وئي ٿي. ڇو جو هنن ملڪن جي ماڻهن کي دنيا جي غريب، ڏتڙيل ۽ مجبور ماڻهن لاءِ همدرديون هڪ طرف هيون ته ٻئي طرف آدمشماري گهٽ هجڻ ڪري هنن ملڪن جي حڪومتن چاهيو ٿي ته ڌارين ملڪن جا رهاڪو هتي اچي Settle ٿين ۽ سندن ملڪن جي ڪارخانن، فئڪٽرين ۽ ٻين هنڌن تي ڪم ڪري پاڻ به سُکيا ستابا ٿين ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ به هٿ ونڊائين. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترن پورهيي بدران ٽوٽپڻي کان ڪم ورتو. نوڪري يا ڪو جاب ڪرڻ بدران، بيماري ۽ ٻين بهانن کان ڪم وٺي سرڪار طرفان ملندڙ سوشل (خيرات) تي گذارو ڪيو. عبدالحميد فلسطيني انهن مان نه هو. هو پنهنجو پورهيو ڪندو رهيو. هتي هن جو ذڪر ان ڪري به کڻي ويٺو آهيان جو نه فقط پاڻ محنت ڪيائين، پر پرديس ۾ رهي پنهنجن ٻارن کي به سٺي تعليم ۽ تربيت ڏنائين. سندس 28 سالن جي ڌيءَ اسماءِ اڄ ڊئنمارڪ جي مشهور سماجي ورڪر ۽ سياستدان آهي.
    عبدالحميد جي ڇهن ٻارن مان اَسماءِ هڪ آهي، جيڪا 1981ع ۾ ڄائي. 2004ع ۾ ڪوپن هيگن ڪاليج آف سوشل ورڪس مان Social Work ۾ ڊگري حاصل ڪيائين. اڄ ڪلهه ماسٽرس ڪري رهي آهي. اسماءِ اسڪول جي ڏينهن کان ئي ڊئنمارڪ ۾ مشهور ٿي، جڏهن هن ”سوشل ڊيمو ڪريٽرڪ يوٿ آف ڊئنمارڪ“ ۾ حصو وٺي مڪاني ماڻهن جي امتيازي سلوڪ (Discrimination) جي خلاف مهم هلائي.
    2005ع ۾ اسماءِ ڊئنمارڪ جي شهر اوڊينسي جي سٽي ڪائونسل جي ميمبر چونڊي وئي. هوءَ ميڊيا ۾ مشهور ان وقت ٿي جڏهن هن ڪنهن سرڪاري ميٽنگ ۾ مرد حضرات سان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪيو. هن مردن سان کيڪارڻ وقت، فقط پنهنجو ساڄو هٿ پنهنجي سيني تي ٿي رکيو. ڊئنمارڪ جي اخبار Jallands Posten جڏهن خاڪا ڏئي مسلمانن جي دل آزاري ڪئي ته اسماءِ کي ڊئنمارڪ جي يارهن کن مسلم آرگنائيزيشن پنهنجو Spokesperson چونڊيو، جيئن هوءَ پوليس ۽ واسطيدار حاڪمن سان ڳالهائي سگهي.
    اسماءِ عبدالحميد کي، Adam go Asmma”“ ٽي وي پروگرام ڪري به وڏي شهرت ملي. هتي جي مشهور ڊئنش ميزبان آدم سان گڏ اسماءِ ٽي وي پروگرام ڪيا پر هي پهريون دفعو هو جو ڊئنمارڪ جي ڪنهن ڊئنش پروگرام ۾ ڇوڪريءَ حجاب ٻڌي پروگرام ڪيا. اسماءِ جي حجاب ٻڌڻ تي، جتي مسلمان عورتن واکاڻ ڪئي اتي مڪاني ماڻهن سخت مخالفت به ڪئي.
    بهرحال اسماءِ هاڻ ڊئنمارڪ جي پارليامينٽ جي سيٽ لاءِ اليڪشن وڙهڻ جو پروگرام ٺاهي رهي آهي.
    حجاب لاءِ اسماءِ هڪ هنڌ چيو هو ته:
    Wearing a head scarf does not mean that I am oppressed or deprived. The values on which I live my life are Islamic and not Arab. The Arab way of thinking discriminates against women. I make my choices in the light of my religion.
    هڪ ڌارئين پناهه وٺندڙ ڇوڪريءَ جو، يورپ جي ڊئنمارڪ جهڙي ملڪ ۾ سماجي ۽ سياسي اثر رسوخ وڏي ڳالهه سمجهيو وڃي ٿو. ڊئنمارڪ ۾ نه فقط اسماءِ اهم شخصيت سمجهي وڃي ٿي پر ٻيا به ڪجهه مسلمان آهن جن مختلف تعليمي ۽ هنري ڪمن ۾ نالو پيدا ڪيو آهي، خاص ڪري سياست ۾. ناصر خاضر نالي هڪ عرب به انهن مان هڪ آهي، جيڪو ڊئنمارڪ جي پارليامينٽ جو ميمبر آهي ۽ ڊئنمارڪ جي سوشل لبرل پارٽي ۽ لبرل الائنس جو نمائندو آهي. سندس پيءُ فلسطيني ۽ ماءُ شامي عرب آهن. سندس جنم 1963ع ۾ دمشق (شام) جي ٻهراڙيءَ واري علائقي ۾ ٿيو. هن جي پيءُ گهڻو ئي چاهيو ته شام، سعودي عرب يا دبئي وغيره ۾ رهي ڪا نوڪري يا پورهيو ڪري پر فلسطيني هجڻ ڪري کيس جتي ڪٿي ڌتڪاريو ويو ٿي. ٻيو ته ٺهيو پر شام ۾ سندس زال جي ڳوٺ ۾ به کيس سُک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو ويو. بلڪ سندس زال کي ڳوٺ جا ماڻهو اهو چئي چيڙائيندا هئا ته هن هڪ ڌارئين اجنبيءَ سان شادي ڪئي آهي. آخر هو بيزار ٿي يورپ هليا آيا. انهن ڏينهن ۾ سئيڊن، ناروي ۽ ڊئنمارڪ جهڙن ملڪن کي پنهنجن ڪارخانن لاءِ مزدورن جي ضرورت هئي ۽ ناصر خاضر جو پيءُ، زال ۽ ٻارن کي شام ڇڏي هيڏانهن ڊئنمارڪ هليو آيو. ڪجهه سالن بعد، 1974ع ۾ سندس باقي ٻار، ڳوٺ ڇڏي ڪوپن هيگن ۾ هڪ فلئٽ ۾ اچي ساڻس رهيا. انهن ڏينهن ۾ ناصر خاضر ڏهه يارنهن سالن جو مس هو. هن ڪوپن هيگن ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ 1983ع ۾ Rysensteen Gymiasium مان گريجوئيشن ڪئي.


    وري يادگيرين ورايو اسان کي...

    PNSC جي بلڊنگ لتاڙي جيئن ئي منهنجي ڪار جناح بِرج تي چڙهي ته کاٻِي هٿ تي، ڪياماڙي پاسي وارو ايسٽ وهارف (بندرگاهه) صاف نظر اچڻ لڳو. ڪيترن ئي ملڪن جا جهاز اڌ پاڻيءَ ۾، اڌ ٻاهر، ائين بيٺا هئا جيئن پراڻي رستي ذريعي هالا کان حيدرآباد اچبو هو ته ڦليليءَ ۾ مينهون نظر اينديون هيون. هينئر ته خبر ناهي اهو رستو به آهي يا نه. وڏي ڳالهه ته ڦليليءَ ۾ پاڻي به آهي يا نه! بهرحال مون سان گڏ ويٺل منهنجي ڌيءَ مريم جليل، هڪ جهاز ڏي اشارو ڪري پنهنجي تيرهن سالن جي پٽ احسن کي چيو ته؛ ”اهو جهاز مالاڪنڊ آهي جنهن تي آئون ستن سالن جي هيس ته تنهنجي ناني سان گڏ رهندي هيس.“
    هن جو اشارو مون ڏي هو. مون ڪجهه گهڙيءَ لاءِ سامهون رستي تان نگاهون هٽائي، کاٻي پاسي بندرگاهه ڏي نهاريو. مختلف ملڪن جي جهازن جي ميڙ ۾، منهنجي PNSC لکيل چمني (Funnel) واري جهاز تي يڪدم نظر پئجي وئي. سندس Bow (اڳئين حصي) تي M.V. Malakand لکيل هو. لڳو ٿي ته ڪنهن مڇريل سمنڊ مان يا طوفاني موسم مان لنگهي پهتو هو، جو جتان ڪٿان سندس رنگ اکڙيل هو.
    ”ايندڙ هفتي اِن جهاز کي اسڪريپ ڪري رهيا آهن.“ منهنجي ڌيءَ منهنجي ڏوهٽي کي وڌيڪ ٻڌايو. آئون هن جهاز کي وڌيڪ ڏسي نه سگهيس. مون پنهنجي ڪار کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر پنهنجي اکين تي ڪنٽرول ڪري نه سگهيس، جن مان ٻه ڳوڙها ڳڙي اچي ڳلن تي پيا. مون آڱر سان اهي اگهندي پنهنجو پاڻ تي حيرت کاڌي.
    ڇا اهي ڳوڙها خوشيءَ جا سڏجن؟ خوشي ان ڳالهه جي ته هڪ جهاز، جيڪو اسان جي جهازران ڪمپنيءَ لاءِ ڏهه سالن جي مختصر لائيف لاءِ ٺاهيو ويو، تنهن کي اسان دلدل وانگر سٺي پرگهور سان ٽيهه سال هلايو.
    يا ڇا اهي ڳوڙها ڏک جا سڏجن؟ ڏک ان ڳالهه جو ته هي جهاز تري واري ڪاٺي (Keel) کان کوهي (Mast) تائين منهنجي اڳيان ٺهيو، سندس ڊليوري (شپ يارڊ مان ڪڍي مالڪن حوالي) منهنجي اڳيان ٿي ۽ سندس پهرئين سفر (Maiden Voyage) ۾ آئون هن جو چيف انجنيئر هوس ۽ ان کان پوءِ به آئون کيس سئيز ڪئنال مان لنگهائي يا ڪيپ آف گڊ هوپ کان ڦيرائي يورپ ۽ آفريڪا جي مختلف بندرگاهن ۾ وٺي پئي ويس. اڄ ان جهاز جي موت جون گهڙيون ويجهو اچي ويون آهن ۽ چند ڏينهن ۾ Scrap(ڀاڱا ڀاڱا) ٿي ويندو. يا منهنجي انهن ڳوڙهن کي ناستلجيا جا لڙڪ سڏي سگهون ٿا. ناستلجيا لاءِ ملئي زبان ۾ ته Rindu لفظ آهي پر افسوس ته سنڌي يا اردو زبانن ۾ فڪشن، رومانس يا بائيڪاٽ لفظن وانگر Nostalgia لاءِ ڪو به لفظ ناهي. ناستلجيا ڇا آهي؟ بقول هڪ انگريز جي:
    “Alonging for the Past, one often Feels in idealized form”
    جي ها. آئون هن ڪنهن زماني جي ’موسٽ ماڊرن ۽ موچاري‘ جهاز جو چيف انجنير هوس، جيڪو ٽوڪيو (جپان) جي اڄ به مشهور شپ يارڊ IHI (اشيڪاوا هاريما هيوي انڊسٽريز) اسان جي جهاز ران ڪمپني جي آرڊر تي ٺاهيو ۽ هي جهاز منهنجي فئملي لاءِ آخري جهاز هو جو ان بعد ٻارن جي وڏي ٿيڻ ڪري سندن اسڪول خاطر سامونڊي نوڪري ڇڏي ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري ڪرڻي پئي. آخري جهاز هجڻ ڪري منهنجي زال ۽ ٻارن کي هي جهاز ايم. وي مالڪنڊ هر وقت ياد رهندو آهي. اڄ تازين خبرن مطابق ارڙهن هزار ٽن وزني، جهاز مالاڪنڊ (ڊيگهه پنج سؤ کن فٽ) پنهنجي آخري سفر جي تياري، ان قبرستان ڏي ڪندو، جتان ڪو وري نه موٽيو آهي.
    جڏهن ڪو وهٽ، مالڪ کي کير ڏيڻ ڇڏيو ڏئي يا جڏهن ڪو هاري زمين کيڙڻ لاءِ پنهنجي جانور کي ڪارآمد نٿو سمجهي، ته هو ان پوڙهي ۽ ناڪاري وهٽ کان آجو ٿيڻ لاءِ، جيڪي چار ڏوڪڙ ملنس ٿا ان ۾ به خوشي محسوس ڪري ٿو. ڪاسائي ان پوڙهي جانور جي گوشت جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري مختلف سستين هوٽلن وارن حوالي ڪري ٿو ۽ کل ۽ کُرَ شهر جي کلگورن حوالي ڪري ٿو، جيئن ان مان وڃي جوتا ۽ جيليون ٺهن.
    ساڳي ڪهاڻي سمنڊ تي سينو تاڻي هلندڙ هنن لوهي جهازن جي آهي. جيسين نوان هوندا، مالڪ کي ڪمائي پيا ڏيندا، سندن وڏي مک چک پئي ٿيندي. هر جهاز ڪنوار وانگر پيو سينگاربو. شايد اهو ئي سبب آهي جو انگريزيءَ ۾ جتي هر غير جاندار شيءِ لاءِ `It` استعمال ٿئي ٿو، اتي جهاز لاءِ `She` لفظ استعمال ٿئي ٿو. ڪجهه سالن جي سروس بعد جڏهن جهازن جا مالڪ اهو ڏسن ٿا ته جهاز، جيترو ڪمائي پيا ڏين، ان کان وڌيڪ انهن جي مرمت، جهاز هلائيندڙن جي پگهارن، تيل پاڻي ۽ انهن کي Saworthing (سمنڊ ۾ هلڻ جوڳو) رکڻ لاءِ خرچ ٿي رهيو آهي ته پوءِ اهي خوبصورت جهاز، هُنن لاءِ هلندڙ چلندڙ فائيو اسٽار هوٽلون نه پر لوهه جا ٽڪرا ثابت ٿين ٿا، جن کي هاڻ وڌيڪ رکڻ سان هنن کي وڌيڪ ئي زنگ لڳندو. هو جهاز کي اسڪريپ ۾ وڪڻڻ جو اعلان ڪن ٿا. لوهه، ٽامي ۽ پتل ۾ دلچسپي رکڻ وارا ڪٻاڙي (ردي وارا، جهوني پراڻي وارا) اهڙي ڪنهن جهاز جو ٻڌي ان کي ڏسڻ وقت اهو نٿا سوچين ته ان جهاز ۾ ڪمرا ڪيترا آهن، اهو ائٽلانٽڪ يا پئسفڪ سمنڊجهاڳي سگهندو يا نه، اهو خط استوا جي گرم علائقن ۽ نارٿ سمنڊ جي ٿڌن علائقن ۾ هلي سگهندو يا نه، جهاز جي مختلف پمپن ۽ ڊيڪ کي اوچو رنگ لڳل آهي يا نه... هو فقط اهو ڏسن ٿا ته هن جهاز ۾ ڪيترو ڌاتو موجود آهي. جيئن ڪاسائي ٻڪر خريد ڪرڻ وقت اهو نٿو ڏسي ته ان جو نسل ڪهڙو آهي، يا ڪهڙي مالڪ وٽ رهيو... هو فقط اهو ڏسي ٿو ته ان ۾ گوشت ڪيترو موجود آهي. اهڙيءَ طرح ڪو جهاز مسافر بردار طور دنيا جا بادشاهه ۽ راڻيون ڍوئيندو رهيو يا ٽويوٽا ۽ ڊاٽسن ڪمپنيءَ جون ڪارون کڻندو رهيو، يا اهو جهاز ڪنهن ملڪ جو فلئگ شپ ٿي رهيو (معنيٰ وڏي عزت وارو ليکيو ويو ٿي)، يا ان جهاز تي فائيو اسٽار هوٽل جا بورچي هئا... اسڪريپ ڊيلر (ردي خريد ڪرڻ وارا) جهاز جي ”آن، مان ۽ شان“ ۾ Interestedنه هوندا آهن، بلڪ هن جي جان کي لالچي نظرن سان ڏسندا آهن ته ان مان هنن کي ڪيترو ۽ ڪهڙو ڪهڙو ڌاتو ملي سگهندو.
    جهاز جي نيلام بعد، جهاز جا نوان خريدار جهاز کي گڊاني وٺي ويندا آهن، جيڪو اسان جي ملڪ ۾ جهازن جو قبرستان آهي. گڊاني شهر ڪراچيءَ جي اولهه ۾، بلوچستان صوبي ۾، سمنڊ جي ڪناري تي آهي. هتي مڙهه پوڙهن، اڻ گهربل ۽ اَن تي چٽي قسم جي جهازن کي، ڪوشش ڪري گهڻي کان گهڻو ڪناري ڏي آندو وڃي ٿو، جيئن مزور ان کي سولائيءَ سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري، ٽرڪن ذريعي ڪٻاڙي مارڪيٽ موڪلي سگهن. مزي جي ڳالهه اها ته ان ڪم لاءِ خاص تجربيڪار ڪئپٽن ۽ انجنيئر ٿين ٿا جيڪي خاص وقت تي، جڏهن هاءِ ٽائيڊ (وڏي ويرَ) چڙهيل هوندي آهي، ان وقت جهاز جي انجڻ کي فل رفتار تي رکي، جهاز کي سمنڊ ڏي نه پر ڪناري ڏي ڌڪي ويندا آهن. پوءِ اهو اتي ئي زمين تي ڦاسي بيهندو آهي. وير لهڻ تي چوڌاري خشڪي ٿي ويندي آهي پر جي ٿورو گهڻو پاڻي هوندو آهي ته به ان ۾ جهاز ڀڃڻ ۽ ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ وارا ويلڊر، گئس ڪٽر ۽ ٻيا مزدور سولائي سان بيهي ڪم ڪري سگهندا آهن، جيئن ڪاسائي تکين ڇرين سان جانور کي چيري ٻوٽيون ٻوٽيون ڪن ٿا، تيئن ويلڊر ۽ گئس ڪٽر گرم شعلي (Flame) سان جهاز جي لوهي پليٽن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪن ٿا. جهاز جون سوين مشينريون: پمپ، ڪمپريسر، جنريٽر، ڪئبنن جو فرنيچر، ڊائننگ سئلون جي ڪراڪري، ويندي ٽئاليٽن جا ڪمبوڊ، بئسن، گينڊيون ۽ وهنجڻ جا سهڻا ٽب، وڪري لاءِ شير شاهه جي سيڪنڊ هئنڊ مارڪيٽ ۾ پهچي وڃن ٿا ۽ لوهي پليٽون ۽ پائيپ ملڪ جي رولنگ ملرز ڏي روانا ٿين ٿا، جتي انهن کي ڳاري لوهي گارڊر، ٽيئرون، لوهي سيخون ٺاهيون وڃن ٿيون. اسان جي ملڪ جو هي گڊاني وارو جهاز جو قبرستان Ship Scrapyad دنيا جي وڏن اسڪريپ يارڊن مان آهي، جتي اسڪريپ ٿيڻ لاءِ ويندي تاريخي ۽ وڏو جهاز ’ڪئنبيرا‘ (Canberra) پڻ اسڪريپ ٿيڻ لاءِ آيو هو ۽ هاڻ ڪجهه ڏينهن بعد، هي جهاز ايم. وي. مالاڪنڊ (موٽر ويسل مالاڪنڊ) پنهنجي اجل جو شڪار ٿيندو. ’بيچنگ ڪئپٽن‘ هن کي بندرگاهه جي هن حصي مان ڪڍي گڊاني شهر جي سامونڊي ڪناري تي وڃي ڦٽو ڪندو ۽ هي سندس اهو آخري سفر ٿيندو، جتان اڄ ڏينهن تائين ڪو به جهاز واپس نه وريو آهي. آئون انهن ڪاسائين، يعني ويلڊرن ۽ گئس ڪٽرن کي وڏين ۽ طاقتور ٻرندڙ ٽارچن سان ٽوڪيو (جپان) جي IHI شپ يارڊ ۾، اڄ کان پورا ٽيهه سال اڳ ٺهندڙ هن جهاز کي، ڪپيندو ڏسي رهيو آهيان.
    ٽيهه سال اڳ 1979ع ۾، جڏهن هن جهاز مالاڪنڊ جو وجود فقط ليڪن ۽ ٽٻڪن جي صورت ۾ ڊرائنگ جي پنن تي هو ته مون کي هن جهاز ٺهڻ دوران ان جي سنڀال ۽ ان بعد هن جهاز تي چيف انجنيئر جي حيثيت سان Sail ڪرڻ (هلائڻ) جي عزت بخشي وئي. ان وقت آئون ملڪ جي قومي جهازران ڪمپني جي هڪ ٻئي جهاز ’ايم. وي چناب‘ تي چيف انجنيئر هوس. منهنجو اهو جهاز جيئن ته يورپ ۽ آفريڪا جي اولهه ڪناري جي بندر گاهن جو سفر جهاڳي ڪراچي پهتو ته هيڊ آفيس طرفان مون کي نئين اسائينمينٽ جو ليٽر مليو. مون سان گڏ چناب جهاز تي Sail ڪندڙ فئملي کي، ڳوٺ ڇڏي في الحال آئون اڪيلي سر جپان روانو ٿيس.
    ٽوڪيو جي ناريتا هوائي اڏي تي جنهن وقت PIA جو هوائي جهاز لٿو ته ان وقت جپان جي سرزمين تي بهار جو پهريون وسڪارو ٿي رهيو هو. شايد ههڙي مينهن لاءِ جپان جي ارڙهين صدي جي شاعر يوسا بوسون (Yosa Buson) پنهنجي هائڪو ۾ لکيو آهي ته:
    Ire to kawa,
    Hitotsu ni narinu,
    Haru no ame!
    ٽوڪيو جو رهاڪو شاعر چوي ٿو ته مينهن اهڙو وٺو جو:
    تلاءَ (Pond) ۽ ندي، (اِيڪي تَو ڪاوا)
    ٻئي هڪ ٿي ويا آهن، (هتاتسو نِي نارِي نُو)
    بهار جي بارش! (هارو نَو اَمي)
    اسان وٽ نه اهڙا تالاب آهن ۽ نه وري ڪي نديون. هڪ ئي ندي آهي جيڪا هماليه تي برف ڳرڻ تي وهي ٿي. نديون ۽ تالاب بنگال (جتي مون تعليم حاصل ڪئي)، ملائيشيا ۽ جپان جهڙن ملڪن ۾ جام ۽ هتي جي ندين جو مينهن سان واسطو آهي. صبح جو وسڪارو ٿيو ته درياهه ڪپر پيو ڪندو، منجهند جو وري خالي خالي! بهرحال ٽئڪسيءَ جي دريءَ مان ٽوڪيو شهر مان وهندڙ ندي سُميدا کي ڏسندو آيس. اها ڪٿي به تارو تار نه هئي. ان جي معنيٰ ڪو خاص مينهن نه وٺو آهي. بهرحال يوسا بوسون، ماتسو باشو ۽ ڪوباياشي اِيسا منهنجا دلپسند جاپاني شاعر آهي. توهان شايد فقط اهو ٻڌو هجي ته جپان ڪئميرائن، ڪارن ۽ ڪمپيوٽرن جو ملڪ آهي پر جپان ادب، شعر و شاعري ۽ ثقافت ۾ به مالامال آهي.
    ٽوڪيو ۾ منهنجي رهائش، شپ يارڊ جي گيسٽ هائوس ۾ هئي، جيڪو ٽوڪيو شهر جي صدر واري علائقي گنزا ۾، سُميدا نديءَ وٽ آهي. هن Fullyآٽوميٽڪ ٺهندڙ جهاز جي تري واري لوهي پليٽ (Keel) رکڻ جي رسم ادا ٿي چڪي هئي. جاپاني زبان جي ٿوري گهڻي ڄاڻ ۽ آٽو ميشن ۽ انسٽرومينٽيشن جهڙن سبجيڪٽن ۾ (Additional)تعليم هجڻ ڪري، ٽوڪيو جي هن شپ يارڊ ۾ ڪم ڪندڙ مڪاني مزدورن سان رلي ملي وڃڻ ۾ مون کي ڪا خاص ڏکيائي نه ٿي. هن جهاز جا ڪيترا ئي سسٽم ڪمپيوٽرائيزڊ نوعيت جا ٺاهيا ويا ۽ جنهن حد تائين ان دور ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ترقي ڪئي هئي، ان حد تائين هن جهاز جي هرهڪ شيءِ کي آٽوميٽرڪ بڻايو ويو. جيئن سمنڊ اندر شام ٿيڻ تي جهاز جا انجنيئر انجڻ روم کي تالو هڻي وڃي ننڊون ڪن ته سڄي رات جهاز پاڻهي پيو هلي. تيل جي هڪ ٽانڪي ختم ٿي وڃي ته ٻيءَ جو Valve (نلڪو) پاڻهي کلي وڃي. جنريٽر هڪڙو خراب ٿي پوي ته ٻيو Stand-by جنريٽر نه رڳو پاڻهي هلڻ شروع ٿي وڃي پر لوڊ تي به چڙهي وڃي. (اها ڳالهه اليڪٽرسٽي سان واسطو رکندڙ وڌيڪ بهتر نموني سان Appreciate ڪري سگهندا) آڌي رات ڌاري جهاز خط استوائي گرم سمنڊ ۾ موسم مان لنگهي ته جهاز جو مرڪزي ايئرڪنڊيشنر هر هنڌ هڪ جيتري ۽ انساني جسم کي فرحت ڏيندڙ حد تائين، ٿڌڪار پهچائي سگهي. جهاز جي ڪنهن به حصي ۾ باهه لڳي وڃي ته باهه جون ڄڀون (شعلا) پيدا ٿيڻ کان اڳ، پاڻي يا فوم (گجيءَ) ذريعي اها باهه وسامي وڃي...
    بهرحال روزانو سوين مزدور ۽ انجنيئر، ويلڊر ۽ مستري، اليڪٽريشن ۽ مڪينڪ، سپروائيزر ۽ ڊارفٽ مين، واڍا ۽ پلمبر هن جهاز تي ڪم ڪرڻ لڳا. ننڍا ننڍا لوهي حصا ملائي سامان رکڻ لاءِ گدام، تيل ۽ پاڻيءَ جون ٽانڪيون، رهائش لاءِ ڪئبنون، مشينن ۽ نيويگيشن لاءِ انجڻ روم ۽ ڪنٽرول روم ٺاهي، جهاز کي ڇهن مهينن اندر مڪمل ڪيو ويو. مڪمل ٿيڻ کان هفتو کن اڳ منهنجي مدد لاءِ، ڪراچي هيڊ آفيس طرفان ڪجهه ٻيا مئرين انجنيئر ۽ هڪ ٻه اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ ريفريجريٽر انجنيئر پڻ پهچي ويا ۽ شپ يارڊ مان جهاز جي ڊليوري ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ، جهاز جو باقي عملو به ڪراچيءَ کان ٽوڪيو پهچي ويو. ٽوڪيو ۾ موجود اسان جي مڪاني جهاز ران آفيس ۽ اسان جي سفارتخاني طرفان، جهاز جي ڊليوري،جهاز تان جپاني جهنڊو لاهي پاڪستاني چاڙهڻ ۽ ٻيون رسمون، ڌوم ڌام سان سرانجام ڏنيون ويون.
    رسمي طرح جهاز اسان جي حوالي ٿيڻ بعد، اسان ان کي شپ يارڊ جي جيٽي ۽ ٽوڪيو جي بندرگاهه مان ڪڍي، ڀر واري شهر يوڪوهاما جي بندرگاهه ۾ آندو، جيڪو اسان جو پهريون First Port of Call هو.
    چيف انجنيئر جي حيثيت سان مون هن کان اڳ به ڪيترا ئي جهاز هلايا هئا پر ڪنهن فئوريٽ ٻار وانگر، مالاڪنڊ مون لاءِ خاص ۽ دلپسند جهاز هو جنهن جي سرجڻ کان وٺي مڪمل ٿيڻ تائين ۽ ان بعد ڊليوري تي پڻ منهنجي موجودگي، لڳاتار قائم رهي ۽ پوءِ سندس پهرئين سفر ۾ (جيڪو جهاز جو تاريخي سفر سمجهيو ويندو آهي ۽ جنهن کي Maiden Voyage سڏبو آهي.) ان جو چيف انجنيئر ٿي رهيس. جيئن نئون ڄاول ٻار ماءُ کي ڪجهه عرصي لاءِ اوجاڳا ڪرائيندو آهي تيئن هر نئون جهاز، پهرئين سفر (Maiden Voyage) ۾ جهاز جي انجنيئرن کي رلائي رکندو آهي. ڇو جو جهاز کڻي جپان ۾ ٺهي يا جرمني ۾، باوجود ڪوششن جي هن ۾ ڪجهه خاميون ۽ نقص رهجي ويندا آهن، جن جي صحيح معنيٰ ۾ سمنڊ تي ئي خبر پئجي سگهي ٿي ۽ انهن کي منهن ڏيڻ ۽ صحيح ڪرڻ، جهازي انجنيئرن (Marine Engineers) جو ئي ڪم آهي.
    بهرحال سامونڊي لوڏن، طوفاني بارشن ۽ مشيني مصيبتن جي باوجود، مجموعي طور، اسين سڀ جهازي سڄي سفر ۾ خوش رهياسين. واٽ تي اسان جپاني بندرگاهن: اوساڪا، ڪوبي ۽ نگويا مان ڪراچي لاءِ ڪارگو کنيوسين. ان بعد باقي سامان پوسان (ڏکڻ ڪوريا جي بندرگاهه) هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ڪولمبو مان کنيوسين. جنهن به بندرگاهه ۾ اسان جي هن جهاز لنگر ڪيرايو ٿي ته اتي جي ماڻهن هن جهاز جي موچاري مُک (ٻاهرين Shape) ۽ اندروني ڊيڪوريشن جي واکاڻ ڪئي ٿي. هر بندرگاهه (Port of Call) ۾ اسان جي مڪاني آفيس وارن ۽ اسان جي سفارتخانن، جهاز جي مانَ ۾ دعوت ڪئي ٿي. چيف انجنيئر جي حيثيت سان، مون ٻيا به ٽي چار سفر (Voyages) هن جهاز تي ڪيا ۽ کيس سئيز ڪئنال مان لنگهائي يا ڪيپ آف گڊ هوپ جو ڦيرو ڪرائي اسان کي يورپ ۽ آفريڪا جي مختلف بندرگاهن ۾ وٺي وڃڻو پيو هو.
    اڄ جڏهن انهن ڏينهن جو ٿو سوچيان ته ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪالهوڪو ڏينهن هو... جڏهن آئون 35 سالن جو جوان هوس. اڄ، 65 سالن جي ڄمار تي پهچڻ تي آئون هن جهاز ۽ ان تي گهاريل ڏينهن لاءِ سخت قسم جي نوستلجيا (Nostalgia) ٿو محسوس ڪريان، جڏهن منهنجي اڳيان، ٽوڪيو جي شپ يارڊ ۾ جپاني مزدورن، لوهي ٽڪرا ڳنڍي ڳنڍي، هي جهاز ٺاهيو، جنهن جو اسان ”مالاڪنڊ“ نالو رکيو... ۽ هاڻ ڪجهه ڏينهن اندر اسان جا پاڪستاني مزدور ڀائر، هن جهاز کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندا...
    عہد پیری شباب کی باتیں،
    ایسی ہیں جیسے خواب کی باتین۔
    اڄ ماضيءَ کي ياد ٿو ڪريان ته دل ۾ جهڙي هلچل ٿي مچي. ڪاش! گذريل وقت وري واپس اچي وڃي. ڪو حاتم طائي ملي وڃي جيڪو ”هڪ ڀيرو ڏٺو اٿم ٻيو ڀيرو ڏسڻ جو شوق آهي“ جو سوال پورو ڪري. پر اهو ناممڪن آهي...!
    ملائيشيا ۾ جڏهن ڪو موڪلائي، سفر لاءِ روانو ٿيندو آهي ته موڪلائڻ وارا اڪثر هي مشهور ملئي شعر جهونگاريندا آهن:
    “Kalau umer Panjang”
    Boleh Jumpa lagi”
    (الله جيڪڏهن وڏي ڄمار ڏني، ته هڪ ڏينهن وري توسان ملڻ ٿي ويندو.) (جيئن اسان پڻ سنڌيءَ ۾ چوندا آهيون: يار زنده، صحبت باقي)
    پر ’مالاڪنڊ‘ جهڙو، پنهنجي زماني جو سهڻو جهاز، هاڻ جنهن سفر تي روانو ٿيڻ وارو آهي، ان جو سوچي آئون فقط اهو چئي سگهان ٿو ته:
    ”باءِ باءِ مالاڪنڊ! هاڻ توسان ملڻ محال آهي!“ ۽ اُهي جپاني، جن هن جهاز کي ٺاهيو، اهي به ساڳيا ئي لفظ ورجائي سگهن ٿا:
    “Sayonara Malakand! Mo Aemasen!


    پنهنجي زال کي هتي ڇڏي وڃ

    ڪيترا ئي ماڻهو مون کان ولايت بابت عجيب سوال ڪندا آهن. انهن سوالن مان هڪ اهو به آهي ته توهان کي ڪهڙا ملڪ سٺا لڳن ٿا؟
    خير هڪ خيال کان اهو سٺو سوال به آهي جنهن جو جواب شروع وارن ڏينهن ۾ سمجهه ۾ نه ايندو هو ته ڪهڙن ملڪن کي سٺو چئجي. انهن ڏينهن ۾، يعني چاليهه سال کن اڳ، جنهن ملڪ جي بندرگاهه ۾ اسان جو جهاز گهڻا ڏينهن بيهندو هو ۽ اسان کي گهمڻ ڦرڻ لاءِ گهڻو وقت ملندو هو ته ان ملڪ کي اسان سٺو سمجهندا هئاسين. يا جنهن ملڪ ۾ ورڪشاپ طرفان جهاز جي ڳري رپيئر ٿيندي هئي ۽ جهاز ران ڪمپني اسانکي جهاز تي رهڻ بدران ڪنهن وڏي هوٽل ۾ ترسائيندي هئي ته اسان لاءِ موج مزا ٿي ويندا هئا جو پوءِ نه ڊيوٽي ڪرڻي پوندي هئي نه ڪو ڪم ڪار. سڄو ڏينهن گهمبو هو يا ننڊون ڪبيون هيون ۽ جهاز شپ يارڊ (ورڪ شاپ) يا ڊاڪيارڊ (خشڪ گوديءَ) حوالي هوندو هو. جهاز جي مالڪ لاءِ، خرچ پکي جي وڏي چٽي ٿي پر اسان لاءِ، ان ملڪ جهڙو ڪو ٻيو ملڪ نه ٿيو.
    پر پوءِ آهستي آهستي، جيئن جيئن دنيا جا مختلف ملڪ ڏسندا وياسين ۽ انهن جون حالتون هڪ ٻئي سان ڀيٽيندا وياسين ۽ وقت سان گڏ ٻارن ٻچن وارا ٿياسين ۽ مٿي تي جوابداريون آيون ته اهو محسوس ٿيو ته ملڪ کڻي ايشيا جا هجن يا آفريڪا جا، يورپ جا هجن يا آمريڪا جا، مشرق جا هجن يا مغرب جا، ٿڌي موسم وارا هجن يا خط استوا وارا گرم، عربن جا ملڪ هجن يا يهودي ۽ عيسائين جا... سٺا ملڪ اُهي آهن جتي قاعدي ۽ قانون جي حڪمراني آهي، يعني لا ائنڊ آرڊر جي حالت بهتر آهي، جتي انصاف آهي. اها ڳالهه پهرين پهرين مون جپان ۾ محسوس ڪئي، جڏهن اتي اسان جي ملڪ جي هڪ جهاز جي آفيسر ڪجهه غلط ڪم ڪيو ۽ هن کي جهلي جڏهن ڪورٽ ۾ آندو ويو ته ثبوت خاطر اتي جي پوليس هن جي حرڪتن جي وڊيو فلم ڏيکاري جيڪا هوءَ ٽن ڏينهن کان لڳاتار لڪي ڇپي ڪڍي رهي هئي. يعني هنن اهو ثابت ڪيو ته هو واقعي ڏوهاري آهي، تڏهن هن کي جهليو ويو آهي نه ته قانون جو خيال ڪرڻ وارو جپان ۾ امير توڙي غريب، هڪ عزت وارو انسان آهي. اهڙيءَ طرح ناروي ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ رهي محسوس ٿيو ته اتي جيڪڏهن ڪو ڏوهه نٿو ڪري ته مجال آهي جو ڪو هن جو نالو وٺي. اهڙن ملڪن ۾ اسان کي بي فڪر ٿي هلڻو پيو ٿي. اهڙن ملڪن ۾ ڪو ڀوتار، وڏيرو يا پوليس جو ڪو اهلڪار ڪنهن بي ڏوهيءَ جو نالو ته وٺي ڏيکاري.
    ستر واري ڏهي تائين، خاص ڪري شروع جي اڌ تائين، سنگاپور چورن ۽ ٺڳن جو ملڪ هو پر پوءِ وزيراعظم لي ڪئان يو جي حڪومت قاعدي ۽ قانون کي سخت ڪندي وئي. لوفر لفنگا رولي ۾ اچي ويا. امير توڙي عام ماڻهوءَ کي نه فقط سندن در تي انصاف ملڻ لڳو پر جلد ملڻ لڳو، ڇو جو اها چوڻي سچ آهي ته:
    Justice Delayed is justice Denied.
    اڄ سنگاپور، دنيا جي بهترين ملڪن مان هڪ آهي، جتي هرهڪ رهڻ ۾ خوش نصيبي سمجهي ٿو. چاهي مڪاني ماڻهو هجي يا ڌاريو، هو جي شريف آهي ته هن لاءِ سنگاپور ۾ سُک آهي، ڏوهي کڻي ڪيڏو به طاقتور هجي هن کي نٿو بخشيو وڃي. انهيءَ جهڙو ملائيشيا ٿي چڪو آهي. ٻهراڙي ۽ جهنگلن ۾ رهندڙ اڪيلي گهر جا ڀاتي به سڪون جي ننڊ سمهن ٿا. مجال آهي جو ڪو چور يا ڌاڙيل اچي ان گهر ۾ ڌاڙو هڻي. مختلف فئڪٽرين، ايئرپورٽس يا اسپتالن ۾ رات واري شفٽ ڪري اڪيليون ڇوڪريون پيرين پنڌ، سائيڪلن تي يا ٽئڪسي ۽ بسن ۾ پيون گهر ڏي وڃن. مجال آهي جو ڪو سندن پرس ڦري يا کين اغوا ڪري. اهو سڀ ان ڪري جو اهڙن ملڪن جي هر باعزت شهريءَ کي خبر آهي ته ساڳي وقت لوفر، غنڊي يا چور ڌاڙيل کي به خبر آهي ته ان ملڪ ۾ قاعدو قانون آهي. هرهڪ لاءِ ساڳيو انصاف ۽ فيصلو جهٽ ٿئي ٿو. پوليس ڪنهن جي به کيسن ۾ نه آهي ۽ هن جي بقا فقط ۽ فقط عوام جي خدمت ڪرڻ ۽ سٺو شهري ٿي رهڻ ۾ آهي.
    اهي ملڪ جن ۾ لا ۽ آرڊر آهي، جن ۾ سستو ۽ جلد انصاف ملي ٿو، اتي توهان پنهنجن ٻارن کي تعليم لاءِ موڪليندي سڪون محسوس ڪيو ٿا، اتي توهان پنهنجو ناڻو لڳائي بزنيس ڪريو ٿا، اتي توهان گهمڻ لاءِ ويندي خوشي محسوس ڪريو ٿا ۽ اهڙن ملڪن جا ادارا مضبوط ٿين ٿا هو ڪو به غلط ڪم نٿا ڪن. اهڙن ملڪن کي پاڙيسري ملڪ يا طاقتور ڏورانهان ملڪ تنگ ڪرڻ ۾ ناڪام وڃن ٿا. ملائيشيا ۽ ايران جو مثال اسان جي اکين آڏو آهي. ملائيشيا ۾ پنهنجي رهڻ وارن ڏينهن جو هڪ واقعو ڪنهن ڪتاب ۾ لکي چڪو آهيان ته اسان واري ملاڪا رياست جي ڀر واري رياست ”نگري سيمبيلان“ جي سلطان جي پٽ پنهنجي رياست جي شهر سريمبان ۾ تيز رفتاريءَ سان ڪار هلائي ته پوليس چالان ڪيس. سندس پيءُ جيڪو ان رياست جو والي وارث ٿيو ۽ جيڪو واري اچڻ تي چئن سالن لاءِ سڄي ملائيشيا جو بادشاهه ٿئي ٿو تنهن کي به ان ڳالهه جي ان ئي وقت خبر پيئي... توهان، يعني اسان جي ملڪ پاڪستان جا رهاڪو، پڪ اهو سوچي رهيا هوندؤ ته سلطان کي خبر پوڻ تي هن نه فقط پوليس واري پر ان جي ايس پي کي به نوڪريءَ مان خارج ڪيو هوندو. پر ائين نه ٿيو. سلطان پنهنجي پٽ کي سڏائي ٿڦڙ وهائي ڪڍي ته ماڻهو ٿي هل. اها ڳالهه ٻئي ڏينهن اخبار ۾ اچڻ سان سڄي قوم جي ماڻهن لاءِ توڙي اسان ڌارين لاءِ نياپو ثابت ٿي ته ٻيلي هن ملڪ ۾ رهڻو آهي ته شريف ٿي رهڻو آهي. ڪنهن به قسم جي مستي نه هلي سگهندي. اهو ئي سبب آهي جو ملائيشيا ۾ هرهڪ سڌو ٿي هلي ٿو. سنگاپور، جپان، چين ۽ ڪوريا ۾ هرهڪ سڌو ٿي هلي ٿو. سعودي عرب، دبئي ۽ ڪويت ۾ هرهڪ سڌو ٿي هلي ٿو. توهان کي جيڪي حق مليل آهن، اهي ڀلي Enjoy ڪريو. گهمو ڦرو، ڳايو، وڄايو، نچو ٽپو پر ٻئي شهريءَ کي نه رنجايو. عوام جي پراپرٽيءَ کي نقصان نه رسايو. اهو ئي سبب آهي جو ڌاريا، يورپ توڙي ايشيائي ملڪن جا به ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ سڪون سان گهمن ڦرن ٿا. يورپي ۽ جپاني ته ڇا عرب ۽ ايراني به پنهنجين زالن ۽ جوان ڌيئن سان گڏ ملائيشيا جي شاپنگ سينٽرن ۾ خريداري پيا ڪن. سئنيما هالن ۾ ڌارين سان گڏ ويهي فلمون پيا ڏسن. مجال آهي جو ڪو ٺلهو رمارڪ به ڏي. ٽوئرسٽن جي اچڻ ڪري ملائيشيا جهڙا ملڪ وڃن خوشحال ٿيندا. انگلينڊ جو ته هرڪو مثال ڏئي ٿو. خاص ڪري چرچل جي ٻي جنگ عظيم واري ڳالهه ته هرڪو ورجائي ٿو.
    دنيا جي ٻي عالمي جنگ زور شور سان هلي رهي هئي. جرمني ڏينهون ڏينهن زور نظر اچي رهيو هو. پولنڊ، فرانس جهڙن ملڪن تي ته هو حاوي ٿي ويو هو ۽ هاڻ برطانيه تي موچڙن جو وسڪارو هوس. انگريزن جي فوج جا سپاهي مارجي رهيا هئا. هٽلر جا هوائي جهاز روزانو لنڊن مٿان، جڏهن چاهيائون ٿي تڏهن بمباري ڪري سلامتيءَ سان موٽي ويا ٿي. لنڊن جا رستا ۽ گهٽيون ويران ٿي ويون هيون. کاڌ خوراڪ جي کوٽ به شروع ٿي چڪي هئي. کاڌي جي شين تي راشن بندي ٿي رهي هئي. انگريز عوام مايوس ٿي چڪو هو. انهن ڏينهن ۾ ڪجهه ڪارخانن جا مالڪ، وڪيل، پروفيسر ۽ دانشور ٽولو ٺاهي ان وقت جي وزيراعظم سر ونسٽن چرچل سان ملڻ پرائم منسٽر جي سرڪاري رهائشگاهه 10 ڊائوننگ اسٽريٽ پهتا.
    هنن وزيراعظم چرچل کي عوام جي مايوسين کان آگاهه ڪيو ۽ پڇيو ته ”جناب وزيراعظم! برطانيه جو ڇا مستقبل آهي. هرهڪ پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيو آهي.“
    اڌ ڪلاڪ تائين چرچل هنن سڀني جا خوف ۽ وسوسا خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو ۽ سندس عادت مطابق هُن جو سگار هن جي چپن تي رکيو رهيو. جڏهن هو سڀ ڪجهه ڳالهائي چڪا ته چرچل وات مان سگار ڪڍي هنن کان پڇيو ته ”ڇا توهان جي ملڪ ۾ ڪورٽن (عدالتن) ۾ ماڻهن کي انصاف ملي رهيو آهي يا نه؟“
    هنن سڀني هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چيو ”هائو! بلڪل ملي رهيو آهي.“
    چرچل وڏي اعتماد سان کين وراڻيو: ”منهنجا هم وطنو، وڃو ۽ عوام کي ٻڌائي ڇڏيو ته دشمن توهان تي ڪڏهن به حاوي نه ٿيندو. توهان سڪون سان رهو، شڪست دشمن جو ئي مقدر ثابت ٿيندي.“
    سڄي دنيا ڏٺو ته برطانيه جيڪو ظاهري طرح لڳو ٿي ته هن جنگ ۾ هارائيندو، ان کي سوڀ نصيب ٿي ۽ هٽلر، کٽيل جنگ هارائي ويو.
    بهرحال ڏٺو وڃي ته جتي انصاف آهي، جتي غريب توڙي امير لاءِ ساڳيو قانون آهي پر ان قانون تي سختيءَ سان عمل ٿئي ٿو، جنهن ملڪ ۾ ڪو به ٻئي جي حق تي ڌاڙو نٿو هڻي، اهو ملڪ ڪڏهن به برباد نٿو ٿئي. منهنجو هڪ ملئي شاگرد، جيڪو هاڻ جهازن جو ڪئپٽن آهي، ان مٿين ڳالهه جو هڪ بيحد دلچسپ مثال ڏيندو آهي، جيڪا نصيحت آموز ڳالهه (جنهن کي ملئي زبان ۾ ”حڪايت“ سڏجي ٿو) هن ريت آهي.
    هڪ طوطو ۽ طوطي سڄو ڏينهن رزق جي ڳولا بعد، شام جا پاڇا لڙڻ تي پنهنجي گهر روانا ٿي رهيا هئا ته رستي تي رات ٿي وين. اهڙي حالت ۾ هنن لاءِ پنهنجو سفر جاري رکڻ ممڪن نه هو ۽ هڪ جهنگل مان لنگهڻ وقت هنن اها رات اتي گذارڻ جو فيصلو ڪيو. هڪ ڊگهي وڻ جي چوٽيءَ تي هنن پنهنجو عارضي ٺڪاڻو ڳوليو. کين پنهنجي آس پاس جو نظارو ڪرڻ جو به سٺو وجهه مليو ٿي. ٿورو پريان هڪ اجڙيل وستيءَ کي ڏسي ٻئي پريشان ٿي ويا. طوطي، سخت مونجهاري جي حالت ۾ طوطيءَ کان پڇيو ته؛ ”خبر ناهي هن وستيءَ جي برباد ٿيڻ جو سبب ڇا آهي؟“
    ان تي طوطيءَ پنهنجي عقل موجب وراڻيس ته؛ ”جنهن وستيءَ جي ويجهو چٻرا اچي رهن ته ان جاءِ جو تباهه ٿيڻ، مقدر بڻيو وڃي.“
    اڃا هو ان موضوع تي گفتگو ڪري رهيا هئا ته هڪ چٻرو اڏامندو اچي وٽن لٿو. هن طوطي ۽ طوطيءَ کان سندن موجودگيءَ جو سبب پڇيائين. طوطي جواب ۾ ٻڌايس ته؛ ”گهر ويندي رستي ۾ رات پئجي وئي ۽ اونداهه ۾ وڌيڪ اڏامڻ بدران رات هتي ٽِڪڻ جو ارادو ڪيو آهي. صبح ٿيڻ سان ٻئي پنهنجي گهر روانا ٿي وينداسين“.
    چٻري پنهنجو تعارف ڪرائيندي کين ٻڌايو ته هو هن ئي جهنگل جو رهواسي آهي. هڪ ميزبان جي حيثيت ۾ هن هنن ٻنهي جي چڱي خدمت چاڪري ڪئي. صبح ٿيڻ تي جڏهن طوطو ۽ طوطي پنهنجي منزل ڏي روانا ٿيڻ لڳا ته هنن اهو مناسب سمجهيو ته پنهنجي ميزبان چٻري سان الوداعي ملاقات ڪئي وڃي. چٻري سان ملي هاڻ جڏهن هو هلڻ لڳا ته چٻري طوطي کي چيو ته تون ته وڃي سگهين ٿو پر طوطيءَ کي پاڻ سان وٺي وڃي نٿو سگهين. اهو ٻڌي طوطي جا هوش خطا ٿي ويا ۽ احتجاج طور چيائينس؛ ”اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته مان پنهنجي زال کي هتي ڇڏي وڃان!“ ان تي چٻري چيس؛ ”طوطي ته منهنجي زال آهي ۽ نه تنهنجي.“ پريشان طوطيءَ به رڙيون ڪري چيو ته؛ هوءَ ته طوطي جي زال آهي ۽ نه چٻري جي.
    چٻري ۽ طوطي جي وچ ۾ طوطيءَ جي متعلق اڃا بحث هلي رهيو هو ته ڀر واري اجڙيل وستيءَ سان تعلق رکڻ واري هڪ شخص جو اتان گذر ٿيو. چٻري رڙ ڪري ان همراهه کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ عرض ڪيو ته هو هن جي ۽ طوطي جي وچ ۾ هلندڙ جهيڙي جو فيصلو ڪري. هو همراهه خوشيءَ سان راضي ٿي ويو ۽ ٻنهي ڌرين کان الڳ الڳ بيان ورتائين ۽ پوءِ طوطيءَ کان پڇيائين ته؛ ”هوءَ ڪنهن جي زال آهي؟“
    طوطيءَ هن جهنگل ۾ رات رهڻ جو سڄو قصو ٻڌايو ۽ قسم نامي تي چيو ته؛ هوءَ طوطي جي ئي زال آهي ۽ هن جو چٻري سان ڪنهن به قسم جو واسطو يا تعلق ناهي.
    هن شخص ٽنهي جي ڳالهه ٻڌڻ بعد فيصلو ٻڌايو ته؛ طوطِي طوطي جي نه پر چٻري جي زال آهي ۽ طوطي کي هتان هڪدم هليو وڃڻ جو حڪم ڏنو. ان تي طوطو اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو پر هن جي هڪ به نه ٻڌي وئي.
    مايوسيءَ جي حالت ۾ جڏهن طوطو گهر ڏي روانو ٿيڻ لاءِ اڏامڻ لڳو ته چٻري هن کي روڪيو ۽ چيو ته پنهنجي طوطيءَ کي به پاڻ سان وٺي وڃ. ان تي طوطو خوش ٿي چٻري ڏي حيرت مان ڏسڻ لڳو. چٻري ٻنهي کي مخاطب ٿيندي چيو ته؛ ”ياد رکو ته وستيون يا ملڪ چٻرن ڪري نٿا نابود ٿين پر اهي ناانصافيءَ ڪري تباهه ٿين ٿا.”


    روزگار جي نالي تي ٿيندڙ جٺيون

    هن وقت جڏهن آئون انڊيا ۽ دبئي جي سفرنامي لکڻ کان علاوه ايندڙ مهيني ملائيشيا جي انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏيڻ جي تياري ۾ مشغول آهيان ته ڪنهن ٻئي عنوان تي ڪجهه لکڻ نٿو چاهيان، پر هي هڪ اهڙو مسئلو منهنجي سامهون اچي ويو آهي، جيڪو پنهنجو دم ٽوڙڻ بدران وڌندو وڃي ۽ اسان جي ملڪ جا مجبور ۽ عقل جا سادا نوجوان، وڃن ان جو شڪار ٿيندا.
    اها ڳالهه عام آهي ته جتي لوڀي آهن، اتي ٺوڳي (ٺڳ ۽ بشني) به پيدا ٿيو پون. ساڳيءَ طرح اسان جهڙن ملڪن ۾ جتي بيروزگاري آهي، ملڪ جا نوجوان ۽ والدين مجبور ۽ پريشان آهن، اتي ڪي ظالم ۽ دل جا ڪٺور پنهنجا ڀڀ ڀرڻ لاءِ، انهن غريب ماڻهن جي مجبوريءَ مان فائدو وٺي کين وڌيڪ مسڪين ۽ ڪنگال ڪن ٿا.
    بيروزگاري سڄي دنيا ۾ وڌي ويئي آهي. ان جو شڪار آمريڪا ۽ جپان جهڙا ملڪ به آهن پر اسان جي ملڪ ۾ ڪجهه غلط پلاننگ ڪري غربت ۽ بيروزگاري وڃي ٿي ڏينهون ڏينهن وڌندي. ماڻهن کي اها ئي شڪايت آهي ته نوڪريون جيڪي نڪرن ٿيون، انهن جو فقط هڪ ننڍڙو حصو قابل ۽ لائق ماڻهن کي ملي ٿو، باقي گهڻو حصو انهن ناڪارن ۽ نڪَمن کي ملي ٿو جيڪي وڏيون رشوتون ڏين ٿا يا جيڪي اثر رسوخ رکڻ وارن سياستدانن ۽ وڏن ماڻهن جا مائٽ آهن. نتيجي ۾ محنت ڪري تعليم ۽ هنر حاصل ڪرڻ بدران هرڪو شارٽ ڪٽ جي چڪر ۾ لڳو رهي ٿو. هو گهر يا چار ايڪڙ زمين جا يا ڪو وهٽ کپائي ڏوڪڙ، وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن طرفان مقرر ڪيل مڊل مين (دلالن) حوالي ڪري، مرضيءَ جي نوڪري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳو رهي ٿو. ان ڪري ڇا ٿيو آهي جو ڪيترا ئي وزير يا سرڪاري ڪامورا يا نوڪرين جي چونڊ لاءِ واسطيدار عملدار، جيڪي ايماندار آهن، اهي به بدنام ٿي رهيا آهن. ساڳئي وقت ڪيترا اهڙا به ڪوڙا دلال آهن جيڪي پاڻ کي ڪنهن وزير يا وڏي عملدار جو ماڻهو سڏائي، انهن کي بدنام هڪ طرف ڪري رهيا آهن ته غريبن جو پئسو ٻئي طرف لُٽي رهيا آهن. بهرحال مجموعي طرح اسان جي قوم، ان سائڪيءَ جو شڪار ٿي رهي آهي ته نوڪري يا جاب پئسي سان ئي ملي سگهي ٿو. هو اهو به نٿا سوچين ته ان نوڪريءَ لاءِ ڪهڙي قابليت هجڻ ضروري آهي ۽ اها منجهن آهي به يا نه.
    اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي غربت ۽ بيروزگاريءَ جهڙين مجبورين مان فائدو وٺي نه فقط پنهنجي ملڪ جا پر ڪيترن ئي ڌارين ملڪن جا رهاڪو (جيڪي گهڻو ڪري اتي Settle ٿيل اسان جا هم وطني ئي آهن) ناجائز فائدو وٺي رهيا آهن. هو ملڪ جي ٺڳ ايجنٽن سان ملي، غريب ماڻهن کي ڌارين ملڪن ۾ نوڪريءَ جو ڪوڙو آسرو ڏئي کانئن ويزا ۽ هوائي جهاز جي ڀاڙي جي نالي تي ڳري رقم وٺي گم ٿيو وڃن. يا کين انهن ملڪن ۾ گهُرائي روهه ۾ رُلايو ڇڏين، يا وري ڌارئين ملڪن ۾ سندن هوائي اڏي تي آڌرڀاءُ ڪري کانئن پاسپورٽ وٺي کين پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ بدران ٻي بس يا ٽئڪسي ۾ چاڙهي، پاڻ ڀڄيو وڃن ۽ هو غريب پرديس ۾ پاسپورٽ به وڃايو ويهن. ڌارين ملڪن ۾ سندن ڪو داد فرياد ٻڌڻ وارو ڪونهي ۽ کين مختلف ڏوهن ۾ جيلن ۾ وڌو وڃي ٿو. ڪي ايجنٽ پئسو وٺي ملائيشيا يا عرب ملڪن ۾ نوڪري ته ڏيارين ٿا، پر اميدوار کي ڌارئين ملڪ ۾ پهچي خبر پوي ٿي ته ٺڳ ايجنٽ کانئن جنهن پگهار ۽ جنهن نوڪريءَ لاءِ لکين رپيا ورتا اها ته آهي ئي ڪانه. گهٽ پگهار ۽ سخت پورهئي واري ان نوڪريءَ مان هاڻ هو جان به بچائي نٿا سگهن، جو هو ڪورٽ جي پنن تي اڳواٽ Contract (صحيح) ڪري چڪا آهن ۽ نه وري کين ڀاڙي جا پئسا آهن جو ٽڪيٽ وٺي پنهنجي وطن ڀڄي وڃن. کين جيڪي ڪجهه گهر ۾ هو، سو سڀ وڪڻي ٻاهر جي نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ، ايجنٽ کي خرچ ڏنائون، هاڻ پئسو ڪٿان آڻين. ان کان علاوه سندن پاسپورٽ به Employer (ڪفيل) وٽ سوگهو آهي. توبهه توبهه هو نسورو ئي غلاميءَ جي زندگيءَ ۾ اچيو وڃن!
    ڪيترا ٺڳ ايجنٽ، اسان جي ماڻهن کي يورپ موڪلڻ جا ڏٽا ڏئي پئسا ڦرين ٿا. ڪراچيءَ ۾ اسان جي گهٽيءَ ۾، روزانو شام جو هڪ نوجوان، سائيڪل تي ڊبل روٽي ۽ بيضا ۽ ڪيڪ بسڪيٽ رکي وڪڻندو هو. هن جي تمام سٺي ڪمائي پئي ٿي ۽ اسان لاءِ به اهو سُک ٿي پيو ته گاڏي ڪڍي مارڪيٽ مان وٺي اچڻ بدران، هر شيءِ دراوزي تي ملي ٿي ويئي. هڪ ڏينهن اهڙو آيو جو هن جو اچڻ بند ٿي ويو. پاڙي اوڙي وارن اهو ئي چيو ته شايد بيمار ٿي پيو هجي يا هفتي ٻن لاءِ ڳوٺ (پنجاب) هليو ويو هجي پر مهيني پٺيان ٻه مهينا ۽ ٽي مهينا به ٿي ويا ته هو نظر نه آيو. گذريل هفتي، اٽڪل ڇهه ست مهينن بعد، هو اوچتو اچي حاضر ٿيو.
    ”سائين آئون اٽلي ويو هوس.“ منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو، ”اتي نوڪري پئي ڪيم.“
    ”پوءِ اها نوڪري ڇڏي ڇو آئين؟“ پڇيومانس ۽ هن ڪنن تي هٿ رکي، توبهه زاري ڪندي چيو ته، ”سائين! مون ته توبهه ڪئي پر منهنجي ستن پيڙهين به توبهه ڪئي، جو آئون وري ٻاهر وڃان.“
    هن ٻڌايو ته هن کي ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ ۽ گهڻو پئئو ڪمائڻ جو ڏاڍو شوق هو ۽ جڏهن هن کي هڪ ايجنٽ يورپ پهچائڻ ۽ اتي نوڪريءَ جي خاطري ڏني ته هن پنهنجي بچت ۽ زال ۽ ماءُ جا ڳهه ڳٺا وڪڻي ۽ ڪجهه وياج تي قرض کڻي، ايجنٽ کي ڇهه لک رپيا ڏنا.
    ”يورپ وڃڻ لاءِ اسان ٻارنهن کن ڄڻا هئاسين،“ هن ٻڌايو، ”هتان اسان کي باءِ ايئر تهران وٺي هليا جتان پوءِ باءِ روڊ تبريز آياسين، جتان پوءِ مختلف ٽرڪن ۽ ڪنٽينرن ۾ بند ٿي ترڪي پهتاسين. ترڪي جي بارڊر وٽ پهچي، پوءِ سڄي سڄي رات اسان کي جهنگلن مان پنڌ هلائيندا هئا ۽ ڏينهن جو ننڊ ڪندا هئاسين. ڏينهن ۾ فقط هڪ دفعو جهڙي تهڙي ماني ملندي هئي. اهڙيءَ طرح هفتي کن بعد اٽلي پهتاسين. آئون خوش نصيب هوس جو مون کي هڪ پيٽرول پمپ تي نوڪري ملي وئي. منهنجا ڪجهه ساٿي يونان کان اٽلي ٻيڙين رستي پهچڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا ۽ هو پوليس جي فائرنگ جو به شڪار ٿي ويا. ڪجهه ساٿي ترڪيءَ ۾ جهلجي پيا ۽ ساڻن جيلن ۾ تمام گهڻيون جُٺيون ڪيون ويون. هر هفتي کين پنهنجي گهر فون ڪرايو ويندوهو ته هو واپس موٽڻ لاءِ جهاز جي ٽڪيٽ ۽ ٻيو خرچ گهران گهرائين ۽ پوءِ جن جي مائٽن موڪليو ٿي، تن کي جيل مان آزاد ڪيائون ٿي، ٻيا هر روز پوليس جي ٿُڪ بُجي هيٺ رهيا ٿي.“
    ”پوءِ تون ڇو موٽي آئين، جڏهن توکي اٽليءَ ۾ روزگار به ملي ويو هو.“ مون پڇيومانس.
    ”بلڪل صحيح ٿا چئو، مون موٽڻ نٿي چاهيو!“ ڊبل روٽيءَ واري ٻڌايو، ”پر اهو به هڪ فراڊ هو. اسان جو اٽليءَ ۾ غير قانوني طور هجڻ ڪري پيٽرول پمپ وارو اسان کي مڪاني نوڪرن کان اڌ جيترو پگهار ڏيندو هو ۽ اسان کي هر وقت ان ڊپ ۾ رکندو هو ته احتجاج ڪرڻ تي هو پوليس کي اطلاع ڪندو.“
    ڪيترن پڙهندڙن کي شايد اها خبر نه هجي ته ڪيترا ئي يورپي توڙي ايشيائي، جپان ۽ ملائيشيا جهڙا، يا عرب ملڪن جهڙا امير ملڪ ۽ انهن جون حڪومتون، پنهنجي ملڪ جا ڪارخانا، هوٽلون، مئخانا، ويندي عياشيءَ جا اڏا هلائڻ لاءِ، ههڙن غير قانوني ماڻهن جي موجودگي تي ڪنهن حد تائين اک ٻوٽ به ڪن ٿيون. ڇو ته غير قانوني آيل ماڻهو هر وقت ڊپ ۾ رهي ٿو ۽ گهٽ پگهار تي ڪم ڪرڻ ۾ راضي رهي ٿو. هو نه ميڊيڪل جي گهر ڪري ٿو نه ڪنهن ٻئي الائونس جي ۽ جنهن وقت به محسوس ٿيو ته هن جي هاڻ ضرورت ناهي ته کيس ذليل ڪري ڪڍي به سگهجي ٿو. هن ڊبل روٽيءَ واري ٻڌايو ته؛ ”هو سيءَ ۾ سڄي رات ڊيوٽي ڪندو هو ۽ ڏينهن جو ان پيٽرول پمپ جي گدام ۾ سُمهندو هو، جتي کيس جيت پٽيندا رهندا هئا. کيس هڪ دفعو کنگهه به ٿي پئي ۽ هڪ دفعو جسم تي ڏڍ (خارش) ٿي پئي ته به هو ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکاري نه سگهيو، جو هتي ڪنهن به اسپتال يا ڊاڪٽر وٽ وڃڻ لاءِ هتي جو مليل شناختي ڪارڊ ڏيکارڻ ضروري آهي. ٻي صورت ۾ پوليس ۾ رپورٽ ٿيو وڃي.
    پيٽرول پمپ واري هڪ ته اسان کي ٻين جي مقابلي ۾ اڌپگهار تي رکيو هو ۽ ٻيو ته ان پگهار جو به هڪ معمولي حصو اسان کي ڏيندو هو ۽ ٻيو في الحال پاڻ وٽ ان ڪري رکندوهو ته متان پوليس اسان کي پڪڙي ۽ هن تي ڏنڊ هڻي ته هو اهو ڏنڊ اسان جي جمع ڪيل پگهار مان ڏئي سگهي.“
    ڊبل روٽي واري ٻڌايو ته هو ايڏو بيزار ٿي پيو جو هر وقت وطن ورڻ جا خواب ڏسندو هو. آخر ڇهه مهينا کن پورهيو ڪرڻ بعد هڪ رات پوليس اوچتو ڇاپو هنيو (يا شايد مالڪ جي چوڻ تي) ۽ پوليس اسان کي پڪڙي وئي ۽ اسان کي هفتو کن جيل ۾ رکي ڪراچي ڊيپورٽ ڪيو ويو. ٽڪيٽ جا پئسا پيٽرول پمپ جي مالڪ اسان جي گڏ ڪيل رقم مان ڏنا ۽ اهڙيءَ طرح ٺلهي هٿين اچي پنهنجي وطن کان نڪتاسين.
    منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هيڏي پورهئي ۽ پٺيان هيڏو قرض ڇڏڻ جي باوجو هو پاڻ کي خوش نصيب ٿو سمجهي جو هو جيئرو واپس موٽيو آهي. نه ته سندس ڪيترا ساٿي پوليس جي گولين جو شڪار ٿي ويا، ڪي جهنگلن ۾ لڪڻ دوران سيءَ وگهي مري ويا ۽ ڪي هڪ رات سخت طوفاني رات ۾ ننڍڙي ٻيڙيءَ جي اونڌي ٿيڻ ڪري ٻُڏي ويا.
    ايجنٽ بابت پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هاڻ نه اهو ايجنٽ نظر اچي ٿو ۽ نه هن جي آفيس- هن اسان مان هرهڪ کان ڇهه ڇهه لک وٺي اهو واعدو ڪيو هو ته هو اسان کي هوائي جهاز رستي روم (اٽلي) پهچائيندو جتان پوءِ فئڪٽري جي بس اسان کي کڻي ويندي، جتي اسان لاءِ نوڪريءَ جو پڪو بندوبست آهي پر تهران پهچي اسان کي خبر پئي ته اسان جي ٽڪيٽ فقط تهران تائين آهي ۽ باقي منزل تائين اسان کي پيرين پنڌ ۽ ننڍڙين ٻيڙين ذريعي لڪي ڇپي پهچڻو آهي.


    ٺڳ ايجنٽن کان پاڻ بچايو

    گذريل مضمون ۾ پاڻ ڊبل روٽيءَ واري جي ڳالهه پئي ڪئي ته ڪيئن کيس لاهور جو هڪ ٺڳ ۽ ظالم ايجنٽ، ولايت ۾ نوڪريءَ جا ڏٽا ڏيئي، پئسا هڪ طرف ڦري ويو ته سندس زندگي خطري ۾ ٻي طرف وجهي ويو. وري به، بقول سندس، پاڻ خوش نصيب چئبو جو زندگي بچي ويس ۽ پنهنجي وطن سلامت موٽي آيو. جڏهن ته سندس ڪيترن ساٿين مان ڪي بند ڪنٽينرن ۾ سفر ڪرڻ ڪري گهُٽجي مري ويا ته ڪي يورپ جي بارڊرن تي پوليس فائرنگ ۾ مري ويا ته ڪي ننڍين ۽ ڪمزور ٻيڙين ۾ رات جو لڪي سمنڊ اڪرڻ دوران ٻڏي مئا. اڄ به ان قسم جا ڪيترا ئي ظالم ۽ ٺڳ ايجنٽ، ماڻهن کي بيوقوف بڻائيندا رهن ٿا ۽ اسان جي ملڪ جا غريب ۽ بيوس، لاچار ۽ مجبور، ٻچڙيوال ۽ بيروزگار ماڻهو انهن ٺڳ ايجنٽن کي سچار سمجهي، سندن ڳالهين تي وسهجيو وڃن. جيڪڏهن ڪٿي عوام خبردار ٿيو وڃي ۽ کين ڪجهه هوش اچي ٿو ته هي ظالم ايجنٽ کين وري پنهنجن نون ايجاد ڪيل دامن ۽ ڪوڙڪن ۾ ڦاسائڻ جي ڪن ٿا.
    اسان جي ڳوٺ جي هڪ ڇوڪريءَ کي، سندس غريب ماءُ پيءُ، ڏينهن رات پورهيا ڪري پڙهايو. هوءَ بيحد محنتڻ ۽ هوشيار هئي. مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ سٺي ڊويزن کڻڻ بعد، مهراڻ يونيورسٽيءَ مان اليڪٽرانڪ B.E ۾ به سٺي پوزيشن کنيائين. ان بعد سال کن سرڪاري نوڪرين لاءِ فارم ڀريندي ۽ انٽرويو ڏيندي رهي پر نوڪري حاصل ڪري نه سگهي. هاڻ ته هن جي شادي ٿي وئي ۽ ”هائوس وائيف“ ٿي زندگي گذاري رهي آهي، پر مون کي ڏاڍو افسوس آهي جو هوءَ هيڏو پڙهڻ جي باوجود اڄ بنا نوڪريءَ جي گهر ويٺي آهي. افسوس ان جو به اٿم ته هن چڱيءَ طرح تعليم حاصل ڪري سٺين مارڪن سان امتحان پاس ڪيا ۽ کيس اليڪٽرانڪس جي وڏي ڄاڻ آهي. ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي ڪٿي ڪا سرڪاري نوڪري يا ڪنهن پرائيويٽ فرم ۾ کيس ڪو، لائق جاب ملي وڃي، جتي هوءَ پنهنجو ورٿ ثابت ڪري ڏيکاري. هتي فقط ان پهلوءَ بابت لکندس ته نوڪرين جي ڳولا ۾ هن ڇوڪريءَ وانگر اسان جا انيڪ بيروزگار گريجوئيٽ، ٺڳن هٿان ڦربا رهن ٿا. نوڪريءَ جي ڳولا ۾ هن ڇوڪريءَ راولپنڊيءَ جي ڪنهن روزگار ڏياريندڙ ايجنسيءَ جو اشتهار اخبار ۾ ڏٺو ۽ کين ٻه سؤ رپين جو پي آرڊر موڪلي کانئن فارم گهرايائين. فارم ڀري وري پي آرڊر جي صورت ۾ سندن لکڻ موجب هڪ هزار رپيا في به موڪلي ڏنائين. ان بعد هن کي خط مليو ته سندس لاءِ نوڪري تيار آهي پر ڪمپني جي آفيس ۽ ٻي خرچ پکي لاءِ پنج هزار رپيا موڪلي ته کيس نوڪريءَ جو آرڊر ڏنو وڃي. نوڪريءَ لاءِ پريشان هن ڇوڪريءَ، پئسن لاءِ مائٽن کي چيو، جن اتفاق سان مون سان ڳالهه ڪئي. مون راولپنڊي پنهنجي هڪ دوست کي ان بابت فون تي ٻڌايو ۽ خبر پئي ته راولپنڊيءَ ۾ اهڙي نه ڪا ايجنسي آهي ۽ نه آفيس. هي سڄو ڪم ”پوسٽ باڪس“ ذريعي پيو هلي. بهرحال هيءَ ڇوڪري وڌيڪ پئسا وڃائڻ کان بچي وئي، پر هن ٻڌايو ته ڳوٺ جي هڪ ٻن ٻين ڇوڪرين جن 5000 رپيا موڪليا، انهن کي به نوڪريءَ جو آرڊر نه مليو ۽ هاڻ ته خط لکڻ تي جواب به نٿو ملي. ان مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ان قسم جا ٺڳ ايجنٽ، مجبور ۽ غريب ماڻهن کان ڪيئن پئسو ڦرين ٿا.
    اڄ ڪلهه ته پڪڙ ڌڪڙ کان بچڻ ۽ Safe طريقو استعمال ڪرڻ لاءِ پنهنجي ۽ ڌارئين ملڪن جا ٺڳ E-mail جي مدد وٺن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڌارين ملڪن ۾ اهي ٺڳيون آپريٽ ڪرڻ وارا گهڻو ڪري اسان جي ئي ملڪ جا ماڻهو آهن جن کي هاڻ اتي جي Nationality آهي. مختلف نوڪرين جي آفر ڪرڻ لاءِ هو ”اِي ميل“ ذريعي خط لکن ٿا ۽ ماڻهو سمجهن ٿا ته ولايت ۾ ماڻهن جي کوٽ آهي، سو سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن کي نوڪريون ڏيئي مٿن ٿورو ٿا ڪن. ماڻهو نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪن ٿا، ان سان گڏ هڪ سؤ کن ڊالر (اٺ هزار رپيه) کن في جا به موڪلين ٿا. ان بعد وري کانئن وڌيڪ پئسا ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ۽ اڳلو ائين ئي سمجهي ٿو ته اجها ته هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ۽ ويزا آئي... پر سندن پئسن مان اهي ٺڳ ايجنٽ موج مزا ڪندا رهن ٿا. مون سمجهيو ته ان قسم جون جهاز رانيءَ سان واسطو رکندڙ اي ميلون فقط مون جهڙن ماڻهن کي ملن ٿيون، جيڪي انهن بيوقوفين جي ڳالهين تي کلي Erase ڪري ڇڏيندا هوندا. پر ڪيترن ڏينهن کان ڏسان پيو ته ڪڏهن گمبٽ کان آگيڏنو سولنگي ته ڪڏهن ٺلهه جيڪب آباد کان الهداد چاچڙ ۽ ٻين ڳوٺن جا بيروزگار نوجوان يا انهن جا مائٽ خبر ناهي ڪٿان ڪٿان منهنجو فون نمبر هٿ ڪري مون کان ان بابت صلاح پڇندا رهن ٿا ۽ ٻيا ته خبر ناهي ڪيترا هوندا، جيڪي صحيح صلاح نه ملڻ تي ڦربا هوندا. ان کان علاوه ٻيون به خبر ناهي ڪهڙين نوڪرين لاءِ ٺڳيءَ جون آڇون هجن. هتي آئون فقط هڪ نوڪريءَ بابت پڙهندڙن کي خبردار ڪندس، جنهن بابت ڏسان پيو ته گذريل ٻن ٽن سالن کان اخبارن ۽ هاڻ وري Email ذريعي ماڻهن کي هرکايو پيو وڃي. اها آهي پاڻيءَ جي ”ڪروزر جهازن“ تي نوڪري جي آڇ. ڪروز جهاز پاڻيءَ جا خوبصورت فائيو اسٽار هوٽلن جهڙا پئسينجر جهاز ٿين ٿا، جيڪي يورپ جي مختلف ملڪن کان علاوه، آمريڪا، جپان ۽ آمريڪا- انگلينڊ جي وچ ۾ هلن ٿا. هنن جهازن تي مسافرن لاءِ شاپنگ مال، جمناسٽڪ ڪلب، والي بال ۽ نيٽ بال کيڏڻ جو گرائونڊ، سئمنگ پول، بال روم (ڊانسنگ روم) جهڙيون شيون پڻ ٿين ٿيون. هنن جهازن تي مسافرن جي رهائش لاءِ ڪمرا يا کاڌو پيتو، يورپ جي فائيو اسٽار هوٽلن جي برابر جو ٿئي ٿو.
    اڄ ڪلهه مسافر کڻندڙ توڙي سامان کڻندڙ جهازن جو تعداد بنهه ٿورو وڃي ٿيو آهي جو هر ملڪ پنهنجي ڌرتيءَ تي پوکيل اناج ئي کائي ٿو، ٻين ملڪن کان نٿو گهرائي. ويندي موٽر ڪارن جا ڪارخانا به هر ملڪ ۾ ٿي پيا آهن. ڪو ورلي ٻاهران گهرائڻ پسند ڪري ٿو ۽ هوائي جهازن جي ايجاد بعد هاڻ ته مسافر جهاز به ٿورا ٿي پيا آهن. ويندي حاجي سڳورا به ستن ڏينهن جو سامونڊي سفر ڪري جدي پهچڻ بدران هوائي جهاز ۾ ٽن ڪلاڪن ۾ پهچيو وڃن. ٻي ڳالهه ته پاڻيءَ جي جهاز جو سفر ڪو سستو ناهي. لنڊن کان نيويارڪ، هوائي جهاز جي اوٽ موٽ ٽڪيٽ اڌ لک رپيا آهن ته پاڻيءَ جي جهاز جي ٽڪيٽ پنج لک رپيا ٿئي ٿي، ڇو جو فقط ٻن هفتن لاءِ جهاز جي ڪمري جي مسواڙ لڳائي وڃي ته اڍائي لک ٿئي ٿي جو ڪراچيءَ جي شيرٽن هوٽل جي به هڪ ڏينهن جي مسواڙ ڏهه هزار رپين کان مٿي آهي. اهڙيءَ طرح، هفتو اوٽ ۽ هفتو موٽ، کاڌي جو حساب لڳايو وڃي ۽ ان بعد ڀاڙو ته وڃيو پنج لک جي ويجهو ٿئي. سو پاڻيءَ جي جهاز ۾ امير ماڻهو ئي سفر ڪن ٿا پوءِ انهن ۾ ڪي فئمليءَ سان موڪلون ملهائين ٿا، ڪي هني مون ملهائين ٿا، ڪي امير وانديون عورتون ۽ مرد، پئسو خرچڻ ۽ وقت گذارڻ لاءِ سفر ڪن ٿا. جهڙيءَ طرح هوائي جهاز ۾ پڙهيل ڳڙهيل، سمارٽ ۽ سهڻيون ڇوڪريون ڪم ڪار لاءِ رکيون وڃن ٿيون، تيئن هنن بحري جهازن تي وڏي چونڊ بعد ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون رکيون وڃن ٿيون. يعني هو جوان هجن، چست هجن، همت واريون هجن ۽ ان کان علاوه کين گهٽ ۾ گهٽ ٽي زبانون اچڻ ضروري آهن، جيئن جهاز تي سفر ڪندڙ عزت ماب مسافرن جي ڳالهه سمجهي سگهن. ان معاملي ۾ مون ڏٺو آهي ته ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن، اسپين ۽ پورچوگال جهڙن يورپي ملڪن جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ گهڻو ڪامياب ٿين ٿا. ڇو ته سامونڊي ڪنارن جا رهواسي هجڻ ڪري ۽ ننڍي هوندي کان ٻيڙين ۾ سفر ڪرڻ جي تجربي ڪري، هڪ ته هو سامونڊي زندگي کان ڊڄن نٿا ۽ نه هنن کي ايتري سي سڪنيس ٿئي ٿي. اسڪولن ۾ انگريزي سکڻ بعد هو آسانيءَ سان ٽي زبانون ڳالهائي سگهن ٿا. ڇو جو ڊئنمارڪ جي رهاڪو جي مادري زبان کڻي ڊئنش آهي پر هو سئيڊش ۽ نارويجن زبانون به سمجهي سگهي ٿو ۽ ٿوري ئي پرئڪٽس سان ڳالهائي به سگهي ٿو. اهي ٽئي زبانون هڪ ٻئي سان ايترو ملن ٿيون جيترو سرائڪي ۽ پنجابي يا وري سرائڪي ۽ سنڌي. اهڙيءَ طرح، ساڳيو حال اسپين ۽ پورچوگال جي زبانن جو آهي. اهي به ٻئي هڪ ٻئي سان ملن ٿيون. اڄ کان 50 سال کن اڳ، جڏهن آئون سامونڊي زندگيءَ ۾ آيو هوس ته ان وقت فقط اسان جهاز هلائڻ وارن لاءِ فائر فائيٽنگ، Survival at Sea جهڙا ڪورس ڪرڻ ضروري هئا. جهاز جو هيٺيون عملو خلاصي بورچي، تيل وارا، آگ وارا، بئرا، اسٽيورڊ فقط پنهنجي ڪم ۽ قابليت آهر چونڊيا ويندا هئا، پر هاڻ ويهارو سالن کان بين الاقوامي طور اهو ضروري ڪيو ويو آهي ته جهاز تي نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪرڻ وارو چاهي ڀنگي هجي، هن لاءِ اهو ضروري آهي ته اهي سڀ ڪورس پهرين ڪري. اهي ڪورس ان ڪري ضروري ڪيا ويا آهن، جيئن جهاز تي باهه لڳي، يا جهاز ٻڏي وڃي ته پنهنجو ۽ ٻين جو بچاءُ ڪري سگهي. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود، جڏهن هزارين اميدوار جهاز جي ڪنهن نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪن ٿا ته ڪي چند خوش نصيب ئي چونڊجن ٿا. جيئن ته اهي مسافر بردار جهاز گورن جا آهن ته هو پنهنجا گورا ئي رکن ٿا. جهازن جا مالڪ پنهنجن جهازن تي سفر ڪندڙ مسافرن جي خدمت چاڪريءَ لاءِ ڪوشش ڪري ڇوڪريون رکن ٿا. سي به، جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته، هو چونڊي چونڊي نوجوان، سهڻيون، پڙهيل ڳڙهيل ۽ يورپي نسل جون رکن ٿا. ان هوندي به مون ڏٺو آهي ته مسافر دانهن ڪندا رهندا آهن ته اڃا به وڌيڪ سهڻيون، چئيوان ۽ وندرائيندڙ هجن. هاڻ ان (Scenario تناظر) ۾ سوچيو ته هنن مسافر جهاز (ڪروزرن) لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي مئٽرڪ پاس ڇوڪرن کي اِي ميل ڪيو وڃي ٿو، جن جا نه سامونڊي ڪورس ٿيل آهن ۽ نه کين يورپ جون ٽي زبانون اچن ٿيون. ان مان اندازو لڳايو ته ان قسم جي نوڪرين لاءِ اشتهار ڏئي يا اِي ميل ڪري غريبن سان ڪيڏي وڏي جاڙ ڪئي وڃي ٿي. اسان جي غريب ماڻهن جي مجبورين مان ناجائز فائدو وٺي کين ڦريو وڃي ٿو ۽ هي ٺڳ ايجنٽ اهڙي نموني جا اِي ميل ڪن ٿا ڄڻ سوين جهازن تي نوڪريون خالي هجن ۽ بس فقط ڏهه هزار ڪاغذن جو خرچ پکو موڪلڻ سان نوڪريءَ جو آرڊر ملي ويندو. بيروزگاري ۽ غربت جا ستايل ۽ اهڙين نوڪرين جا قاعدن قانون کان اڻ واقف اسان جا سٻاجهڙا، انهن ظالم ۽ ٺڳ ماڻهن جي مِٺين مِٺين ڳالهين ۾ اچي پاڻ کي ڦرايو ويهن. اهو سوچي نيٺ اڄ سوچيم ته پڙهندڙن کي ان جي پسمنظر کان واقف ڪريان جيئن اسان جا ماڻهو ان قسم جي ڪوڙڪن کان پاڻ بچائي وجهن.


    جهاز سان گڏ ديس واسين جو ٻڏڻ

    ڪجهه ڏينهن کان اسان وٽ پاڪستان ۾ توڙي دنيا جي انيڪ ملڪن ۾، فنلئنڊ جي ٺهيل پاڻيءَ واري جهاز ڊئنيءَ جي ٻڏڻ جو چوٻول اڃا تائين جاري آهي. سنگاپور جي مالڪ جي هن جهاز ڊئني (سڄو نالو: Danny F2) تي پاڪستاني عملو به هو، جنهن جو وڏو تعداد اڃا تائين غائب آهي. يعني هنن جا لاش نه ملي سگهيا آهن. هنن جا مائٽ مٽ، جن جو تعلق سوات پاسي جي ڳوٺن سان آهي، اڃا تائين ان اميد تي آهن ته ٿي سگهي ٿو هو ڪنهن وڏي ڇول يا طوفاني هوا جي زورتي ميڊيٽرينن (ڀؤنچ) سمنڊ جي ڪنهن ڪناري واري ملڪ تي وڃي پيا هجن. هو زخمي حالت ۾ يا دماغي توازن وڃائڻ ڪري، پاڻ بابت نه ٻڌائي سگهندا هجن. ان ڪري جهاز ۾ ڪم ڪندڙ اهي خلاصي جن جا لاش اڃا نه مليا آهن انهن جا عزيز ۽ دوست، مختلف ملڪن ۽ دنيا جي سامونڊي ادارن کي هر روز اي ميل ذريعي پنهنجن پيارن جا پار پتا ٻڌائيندا رهن ٿا.
    ائين نه آهي ته ٽائيٽينڪ جهاز بعد هن جهاز ٻڏڻ جو پهريون واقعو آهي. ڏٺو وڃي ته پاڻيءَ جا جهاز ٽائيٽينڪ جهاز کان اڳ ۽ پوءِ به، اڄ ڏينهن تائين ٻڏندا رهن ٿا. انگلنڊ جي اخبار لائيڊ لسٽ جنهن ۾ جهازن جي حادثن، ٻڏي وڃڻ، ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيسن ۽ انهن جي مرمت جون خبرون اچن ٿيون، پڙهندي ڪڏهن ڪڏهن مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته دنيا جي مختلف سمنڊن ۾ روزانو گهٽ ۾ گهٽ هڪ جهاز ته ٻڏي ئي ٻڏي ٿو ۽ ننڍيون ٻيڙيون ۽ بتيلا ته خبر ناهي ڪيترا ٻڏن ٿا. پاڻيءَ جي جهازن (Ships) جي مقابلي ۾ هوائي جهاز(Aeroplanes) ڄڻ ته اٽي ۾ لوڻ برابر تباهه ٿين ٿا. جڏهن ته هوائي جهاز جي تباهيءَ جي خبر يڪدم پئجيو وڃي ۽ اخبارن ۽ ريڊين ذريعي، هاڻ ٽي وي ۽ انٽرنيٽ ذريعي، جهنگل جي باهه وانگر پکڙجيو وڃي. پاڻيءَ جي جهاز جي خبر، ميڊيا تائين رسندي پراڻي ٿيو وڃي ۽ ان کي اهميت نٿي ڏني وڃي. ويندي ٽائٽينڪ جهاز جي ڳالهه به لئه مِٽ ٿي وڃي ها پر ان ۾ چڙهيل مسافر سؤ سيڪڙو اهم ماڻهو هئا، ان تي سوار اخبار ۽ ريڊيو سان تعلق رکندڙ جرنلسٽ هئا.
    هڪ ٻي ڳالهه جيڪا پاڻيءَ جي جهاز ٻڏڻ کي اهم نٿي بنائي اها هيءَ آهي ته پاڻيءَ جو جهاز، سمنڊ ۾ غرق ٿيڻ کان اڳ، منجهس چڙهيل مسافر، توڙي جهاز هلائڻ وارا ٻيڙين ذريعي يا لائيف رئفٽ ذريعي پاڻ بچايو وٺن. لائيف جئڪيٽ ته هرهڪ وٽ ٿئي ٿي ۽ جيڪي Life Boats ۾ سوار نٿا ٿيو سگهن ۽ سمنڊ ۾ تڙڳندا رهن ٿا، انهن کي به اوسي پاسي جا جهاز اچيو بچائين يا ڪنارو ويجهو آهي ته جهٽ پٽ هيليڪاپٽر به پهچيو وڃن. لائيف جئڪيٽ، جنهن ۾ ڪارڪ ڀريل ٿئي ٿو (جيڪو ڪاٺ کان به گهڻو گهڻو هلڪو ٿئي ٿو) اهو ماڻهو کي گهٽ ۾ گهٽ 24 ڪلاڪ سمنڊ اندر ٻڏڻ کان بچائي ٿو. ڪارڪ (Cork) دراصل اهو ڪاٺ جو قسم آهي جنهن مان بوتلن جا ٻوچ (ڍَڪ) ٺهن ٿا. بهه؛ ڪارڪ، پلاسٽڪ ۽ ڪپهه کان به هلڪو ٿئي ٿو. ڪارڪ جي نه ٻڏڻ تان، ٽائٽينڪ جهاز ٺاهڻ وارن انجنيئرن جي ڳالهه ٿي ياد اچي، جن هي جهاز ٺاهڻ بعد وڏي يقين سان اعلان ڪيو هو ته ”ڪارڪ ٻڏي سگهي ٿو پر هي جهاز هرگز نه.“ ۽ واقعي ٽائيٽينڪ جهاز ۾ وڏي سلامتي (Safety)رکي وئي هئي پر هو پهرئين ئي سفر تي، پهرئين ئي رات ٻڏي ويو. ان جو تفصيلي احوال ”موج نه سهي مڪڙي“ ڪتاب ۾ ڪري چڪو آهيان.
    پاڻيءَ جي جهاز ۽ هوائي جهاز جي حادثي ۾ اهو به فرق آهي ته هوائي جهاز توڙي ان جا مسافر ان ئي گهڙيءَ تباهه ٿيو وڃن. جڏهن ته پاڻيءَ وارو جهاز فقط ڪڏهن ڪڏهن ٽائٽينڪ وانگر منٽن جا فيصلا ٿئي ٿو نه ته کيس ٻڏندي ڪلاڪ ڇا ڏينهن به لڳيو وڃن ۽ ان ۾ سوار ماڻهو آرام سان ٻيڙين کي جهاز تان لاهي ان ۾ چڙهيو ويهن. ان کان علاوه بين الاقوامي قاعدي موجب اوسي پاسي جي جهازن کي سڀ ڪم ڪاريون ڇڏي، حادثي واري جاءِ تي پهچي ٻڏندڙن کي بچائڻو آهي ۽ ٻيڙين ۾ سوار ماڻهن کي به پنهنجي جهاز تي چاڙهي ڀر واري بندرگاهه ۾ پهچائڻو آهي. ظاهر آهي ٻيڙيءَ ۾ تيل جي ٽانڪي ايتري ته ننڍي ٿئي ٿي جو اها وڌ ۾ وڌ سؤ کن ڪلوميٽر هلي سگهندي.
    پاڻيءَ جو جهاز، جيئن ئي ٻڏي ٿو ته ان ۾ لڳل ٽرانسميٽر SOS جو سگنل (Save Our Souls) ۽ جهاز جي ٻڏڻ واري پوزيشن ٽرانسمٽ ڪري ٿو ۽ اوسي پاسي جا جهاز، سمنڊ جي ان جاگرافيائي هنڌ تي، ٻڏندڙن کي بچائڻ لاءِ يڪدم پهچيو وڃن. هو پهرين سمنڊ ۾ ترندڙن کي رسن ذريعي ڇڪي پنهنجي جهاز تي چاڙهين ٿا، پوءِ انهن کي کڻن ٿا، جيڪي جهاز تان لٿل ٻيڙين يا لائيف رئفٽ ۾ ويٺل آهن. ڪڏهن ڪڏهن سخت طوفان يا مڇريل سمنڊ جي اتاهين ڇولين ڪري اهو ڪم ڏکيو ٿيو پوي. ڪڏهن ته انهن وڏين ڇولين ڪري ڪاٺ يا فائبر جي ٻيڙي پنهنجي ٻڏندڙ جهاز سان ٽڪرائجيو ڇيتيون ڇيتيون ٿيو وڃي ۽ ماڻهو زخمي حالت ۾ سمنڊ ۾ تڙڳڻ لاءِ مجبور ٿيو وڃي. بچاءَ جو آپريشن ويتر مشڪل ٿيو پوي. جيڪڏهن سياري جي مند آهي يا رات جو وقت آهي. خط استوا وارو فقط ڪجهه حصو بچيل رهي ٿو نه ته اتر توڙي ڏکڻ ڏي ڇا ته سخت سيءُ رهي ٿو. جهاز ٻڏڻ مهل جهاز ۾ سوار مسافر کي هميشھ کپي ته ٻه ٽي قميصون، سوئيٽر ۽ ڪوٽ پائي پوءِ لائيف جئڪيٽ پائي، ٻڏندڙ يا سڙندڙ جهاز مان ٽپو ڏئي پاڻ کي سمنڊ حوالي ڪري. سوچيو ته يورپ، جپان، آمريڪا يا آسٽريليا پاسي جي سخت سردي جنهن ۾ ماڻهو ڪمري ۾ به هيٽر ٻاري ويهي ٿو ان جي طوفان هوا ۽ سمنڊ جي ٿڌي پاڻيءَ ۾ ڇا حالت ٿيندي هوندي! هن بدنصيب ڊئني جهاز جو به اهڙي مصيبت سان واسطو پئجي ويو. هيءُ جهاز انهن مان هڪ آهي جيڪي منهنجي سامهون تيار ڪيا ويا.
    جن ڏينهن ۾ (14 نومبر 1975ع) هي جهاز فنلئنڊ جي ابو (Abo) شپ يارڊ ۾ ٺهي لانچ ٿيو هو، يعني هن کي خشڪ گودي (Dry Cock) ۾ تيار ڪري، هاڻي منجهس انجڻ وغيره فِٽ ڪرڻ لاءِ سمنڊ ۾ لاٿو ويو هو، تن ڏينهن ۾ اسان جي ملڪ جو هڪ جهاز رنگا متي نالي ان بندرگاهه ۾ مرمت هيٺ هو. آئون ان جهاز تي سيڪنڊ انجنيئر هوس ۽ اسان بيلجم جي بندرگاهه ائنٽورپ ۽ ڊئنمارڪ جي بندرگاهه ڪوپن هيگن ۾ ڪراچيءَ کان آندل ڪارگو لاهي هاڻ جهاز جي روٽين مرمت لاءِ ان بندرگاهه ۾ پهتا هئاسين، جو ان بعد فنلئنڊ جي بندرگاهه هيلسنڪي مان سامان چاڙهڻو هئوسين. ”ابو“ فنلئنڊ جو بندرگاهه آهي. جنهن کي ترڪُو (Turuku) بندرگاهه به سڏين ٿا. فنلئنڊ وارن سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته فنلئنڊ ۾ سندن زبان فنش کان علاوه ٻي زبان سئيڊش هلي ٿي جو فنلئنڊ تي سئيڊن جي شهنشاهه جي ڪيترا ئي سال حڪومت هلي ۽ اڄ فنلئنڊ خودمختيار هجڻ جي باوجود فنلئنڊ جي شهرن جي گهٽين ۽ روڊن جا نالا ٻنهي زبانن ۾ لکيل آهن، بلڪه ٻنهي دورن جا نالا هلندا اچن، جيئن کڻي چئجي ته ڪراچي جي رستي تي اڄ وارو نالو آءِ آءِ چندريگر روڊ به لکيل هجي ته مئڪلوڊ روڊ به. يا فيصل آباد شهر جي ريلوي اسٽيشن تي فيصل آباد به لکيل هجي ته پراڻو نالو لائلپور به.
    سو فنلئنڊ جي هن بندرگاهه جو سئيڊش نالو اَبو (Abo) آهي ته فنش نالو ترڪو (Turku) به آهي، جتي جي شپ يارڊ ۾ مٿيون اڀاڳو جهاز ڊئني ٺهيو ۽ جتي انهن ئي ڏينهن ۾ اسان جي جهاز جي به وڏي رپيئر هلي رهي هئي. ان کان علاوه پوسٽ گرئجوئيشن دوران فيلڊ ٽرپ لاءِ منهنجو هن بندرگاهه ۾ اچڻ ٿيندو هو ۽ هي بندرگاهه اورا (Aura) ندي جي ڇوڙ وٽ آهي. يا کڻي چئجي ته هن نديءَ جي منهن وٽ آهي، جتي اها بالٽڪ سمنڊ ۾ اچيو ٿي ڇوڙ ڪري.
    هن جهاز ڊئني (Danny F-2) جو ٺهڻ وقت نالو ڊون ڪارلوس (Don Carlos) هو ۽ هي ان وقت هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ڪارون ڍوئڻ لاءِ ”ڪار ڪئريئر“ جهاز طور ٺاهيو ويو هو. هي جهاز جپان ۾ ٺهندڙ ڪارون مختلف ملڪن؛ ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلنڊ ويندي پاڪستان ۽ ايران پهچائيندو رهيو يا جرمني ۽ فرانس ۾ ٺهندڙ ڪارون اسپين، دبئي ۽ آمريڪا ڍوئيندو رهيو. پوءِ آهستي آهستي ائين ٿيو جو هر ملڪ جپان، فرانس، انگلنڊ يا جرمني مان ڪارون گهرائڻ بدران، پنهنجي ملڪ ۾ اهي ڌاريون ڪارون، سوزوڪي ۽ ٽويوٽا کان فاڪس وئگن ۽ مرسيڊيز ٺاهڻ لڳو. ان کان علاوه پنهنجي مڪاني نالي واريون ڪارون جيئن ته پروٽون ساگا (ملائيشيا) موروتي ۽ ائمبسڊر (انڊيا)، خيبر، مهراڻ وغيره (پاڪستان) ٺاهڻ لڳا. نتيجي ۾ دنيا جي سمنڊن تي هلندڙ ڪار ڪئريئر جهاز بيڪار ٿي ويا. مٿئين جهاز، ڊان ڪارلوس جي مالڪ 1994ع ۾ پنهنجي ڪار ڪئريئر جهاز کي اوڻي پوڻي ۾ وڪڻي پنهنجي جان آجي ڪئي.
    نئين خريدار، هن جهاز کي سنگاپور جي شپ يارڊ ۾ آندو، جتي مٿس ٽي چار مهينا ڪم هلندو رهيو ۽ وڏي ڊاهه ڊوه ۽ تبديلي کان پوءِ هن جهاز کي ڪار ڪئريئر بدران Cattle Carrier (رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا ڍوئڻ وارو) جهاز بڻايو ويو ۽ سندس نالو ڊان ڪارلوس بدران ”ڊئني ايف ٽو“ رکيو ويو ۽ هاڻ هي جهاز نيوزيلئنڊ يا آسٽريليا کان رڍون/ٻڪريون کڻي سعودي عرب، دبئي ۽ ڪويت پهچائڻ لڳو. يا وري وچ آمريڪا کان مختلف وهٽ، ڀؤنچ سمنڊ جي ملڪن لبنان، اسرائيل، لبيا وغيره آڻڻ لڳو. ٻڏڻ وقت به هن تي 10250 رڍون ۽ ارڙهن هزار کن ڍڳيون، مينهون، گابا ۽ پاڏا هئا جيڪي هي جهاز ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ يوروگئي (Uruguay) جي بندرگاهه مونٽي وڊيو کان کڻي شام ملڪ جي بندرگاهه تارتارس ڏي وڃي رهيو هو ته لبنان جي بندرگاهه طرابلس (Tripoli) کان فقط 11 ناٽيڪل ميل (20 کن ڪلوميٽرن) جي فاصلي تي خراب موسم ۽ رف سمنڊ جي سختي نه سهي اونڌو ٿي پيو ۽ ڪلاڪ اندر سمنڊ اندر غرق ٿي ويو. هن بدنصيب سفر ۾ هن جهاز تي ڇهه مسافر ۽ 77 جهاز هلائيندڙ عملي جا ماڻهو هئا، انهن مان 38 ماڻهو ٻڏڻ کان بچايا ويا ۽ 9 ڄڻن جا لاش مليا آهن. باقي 35 ماڻهن جي اڃا خبر نه پئجي سگهي آهي. هيءُ حادثو ڊسمبر جي 17 تاريخ واري رات جو ٿيو. اڄ ان کي پورا ٻه هفتا ٿي ويا آهن.
    مڪاني ٽائيم موجب پوري چئين وڳي جيئن ئي ٻڏندڙ جهاز جو Distress سگنل جاري ٿيو ته ڀر واري ملڪ لبنان جي نيوي جا جهاز ۽ لبنان ۾ موجود جرمني ۽ اٽلي جي نيويءَ جا جهاز جاءِ واردات ڏي روانا ٿيا. ان کان علاوه ساٺيڪو ميلن جي رينج ۾ لنگهندڙ پاڻيءَ جا جهاز پڻ ان ڊگهائي (Longitude) ۽ ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) تي پهچڻ لاءِ مُڙيا جتي هي حادثو ٿيو هو. پاڻيءَ جي جهازن کان علاوه، قبرص (Cyprus) ٻيٽ جي پوليس جا Bell412 نالي هيليڪاپٽر پڻ جاءِ واردات تي پهچي ويا. سياري جو سج ميڊيٽرينينين ۾ 5 بجي ئي لهيو وڃي. جنهن وقت مدد لاءِ مختلف جهاز ۽ هيليڪاپٽر وغيره پهتا ته چوڌاري اونداهه ٿي ويئي هئي. وهٽ ته سمورا (اٺاويهه هزار کن) سمجهو ته مري چڪا هئا ۽ جي ڪو بچيل به هجي ها ته ظاهر آهي، هي سڀ انهن کي نه پر انساني جانين کي بچائڻ لاءِ اتي پهتا هئا.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن جهاز جي ٻڏندڙن کي بچائڻ ڪو آسان ڪم نٿو چئي سگهجي. اها ئي ڳالهه جيڪا شروع ۾ لکي آيو آهيان ته رات جي اونداهيءَ ۾ ٻڏندڙن کي سمنڊ تي ڳولڻ ڏکيو ٿيو پوي، جيڪي هڪ هنڌ موجود هجڻ بدران، سمنڊ جي ڇولين ۽ هوا جي تيک سبب ٽيهه چاليهه چورس ميلن جي ايراضيءَ تائين پکڙجيو وڃن. ان رات سمنڊ به سخت خراب هو. چوڌاري جبلن جيڏيون ڇوليون هيون. ان کان علاوه سخت طوفان لڳي رهيو هو. دراصل انهن طوفاني هوائن ۽ ڌڪا ڏيندڙ طاقتور ڇولين ڪري هي جهاز ڊئني، ساڄي کاٻي رول ڪري ڪري، نيٺ کاٻي پاسي اونڌو ٿي پيو ۽ ويو منجهس پاڻي ڀربو. سمنڊ ۾ ٻڏندڙن کي بچائڻ ۾ سؤ سيڪڙو ڪاميابي ان ڪري به نه ٿي جو چوڌاري وهٽ جا لاش پکڙيل هئا. ذرا تصور ڪريو ته پنجويهه ڇويهه هزار مئل رڍن، ٻڪرين ۽ ڍڳين جي وچ ۾ رات جي وقت، سخت ڇولين ۾ انسانن کي ترندو يا انهن جي لاشن کي سڃاڻڻ ڪيڏو ڏکيو ڪم آهي ۽ ههڙي بارش ۽ سخت سيءَ ۾ انسانن جو پاري جهڙي سمنڊ ۾ 24 ڪلاڪ جيئرو رهڻ به وڏي ڳالهه آهي. بهرحال بين الاقوامي قانون موجب مختلف ايجنسيون ٽي ڏينهن ٽي راتيون، ميڊيٽرينين سمنڊ جي وڏي حصي جي ڳولا ڪنديون رهيون پر باقي 35 ماڻهن جا لاش نه سمنڊ مان ۽ نه مختلف ملڪن جي سامونڊي ڪنارن Beaches تان هٿ اچي سگهيا آهن.
    ائين به نه آهي ته هي ڪو ننڍو جهاز هو. 15 هزار ٽن وزن کڻڻ واري هن جهاز جي ڊيگهه 203 ميٽر يعني 600 فوٽ هئي ۽ ويڪر 28 ميٽر يعني 90 کن فوٽ هئي. کيس هلائڻ واري مين انجڻ سلزر Rnd اڄ به مضبوط ۽ ڀروسي واري انجڻ مڃي وڃي ٿي ۽ جهاز جي رفتار 20 ناٽ (اٽڪل 37 ڪلوميٽر في ڪلاڪ) هئي جيڪا پاڻيءَ جي جهاز لاءِ تمام سٺي اسپيڊ آهي. جيئن ته جهاز بنا بيهڻ جي يڪو مهينو ٻه، ڏينهن رات هلي سگهي ٿو سو اهو سمجهجي ته 24 ڪلاڪن ۾ جهاز 800 کن ڪلوميٽر فاصلو طئي ڪيو ٿي. وهٽ کڻڻ کان اڳ ۾، جڏهن هي جهاز ڪار ڪئرير هو ته هر سفر ۾ پنج هزار ڪارون کنيائين ٿي. ان مان پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهن ٿا ته هن گهڻ - ماڙ جهاز تي ڪيتري گهڻي Space هئي. ان کان علاوه جهاز هلائڻ لاءِ ڪئپٽن، چيف انجنيئر، نيويگٽرن، 6 کن مئرين انجنيئرن، مڪين ڪنواڍن، خلاصين کان بورچي ڀنگيءَ تائين 77 ماڻهن جي ضرورت پيئي ٿي جنهن لاءِ اوتريون ڪئبنون (ڪمرا هئا ۽ هي اهو جهاز آهي جنهن سن 2000 ۾ مئڊونا نالي جهاز جا 25 ڄڻا ٻڏي مرڻ کان بچايا هئا. مئڊونا جهاز آسٽريليا ڏي ويندڙ رستي تي ڪوڪوز (Cocos) نالي ٻيٽن وٽ ٻڏي ويو هو ۽ ڊئني جهاز جي خلاصين وڏي همت کان ڪم وٺي، ان جهاز جا سڀ ماڻهو بچائي ورتا هئا. پر افسوس جو اڄ ان جهاز جي باقي 35 ماڻهن کي ڪناري کان فقط 20 کن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي حادثو ٿيڻ جي باوجود ڪو به نه بچائي سگهيو. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي. وچ سمنڊ تي ماڻهو بچي ويندو آهي پر حالتون سازگار نه هجڻ تي ڪناري جي ويجهو به غرقِ درياهه ٿي ويندو آهي.
    جهاز ڪنهن سمنڊ اندر موجود ٻيٽ سان يا ڪنهن ٻئي جهاز سان ٽڪرائجي تباهه ٿيندو آهي، باهه لڳڻ ڪري تباهه ٿيندو آهي يا وري طوفاني ڇولين ۾ جهاز جي رول ڪرڻ تي، يعني ساڄي کاٻي جهڪڻ تي سندس اندر رکيل ڳرو سامان رسا ڇنائي هڪ پاسي ڍرڪڻ ڪري جهاز ان پاسي ايترو ڍرڪي ويندو آهي جو بلڪل Capsize (اونڌو) ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ ان ۾ پاڻي ڀرجڻ ڪري ويندو آهي سمنڊ اندر داخل ٿيندو. هن جهاز ۾ اهڙو لوهي ڳرو سامان ته نه هو جو هڪ طرف ڍرڪي جهاز جو توازن Stability خراب ڪري. پر اهو شڪ ڪيو پيو وڃي ته هن جهاز جو ترو ۽ ديوارون زنگ لڳڻ ڪري ڪافي ڪٽجي ۽ ڪمزور ٿي ويون هيون ۽ جهاز جي مالڪ پئسو بچائڻ خاطر انهن کي صحيح نٿي ڪرايو. هن شايد اهو پئي سوچيو ته جهاز ايڏو پراڻو ٿي ويو آهي جو هن کي هي آخري سفر ڪرائي اسڪرئپ ڪرايو وڃي. يعني لوهه جي اگهه ۾ وڪيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو جهاز جي مالڪ آخري سالن ۾ هن جهاز کي لائيبيريا ۽ پوءِ پاناما جهڙن بدنام ملڪن ۾ رجسٽرڊ ڪرايو. هي ملڪ سامونڊي دنيا ۾ ان ڪري بدنام آهن جو هنن کي جهاز هلائيندڙ انسانن جو خيال نٿو ٿئي. اهي ٻڏي مرن تي ڀلي مرن. جهاز جي صحيح چيڪنگ ڪرڻ بنا، ته آيا اهو جهاز Sea Worthy (سمنڊ ۾ سلامتيءَ سان هلڻ جي قابل) آهي يا نه، جهاز جي مالڪن کان رشوت وٺي هنن جا جهاز رجسٽرڊ ڪريو ڇڏين. جهاز جا مالڪ پوءِ ائين ئي پيا جهاز هلائين. ايتري قدر جو جهاز جا مالڪ صحيح قسم جا قابل جهاز ران نٿا رکن ته به هنن جي جهاز جي رجسٽري قائم رهي ٿي.
    لائيڊ لسٽ جهڙين اخبارن ۾ آهي ته هن جهاز ڊئنيءَ کي سال 2005ع ۾ اڊيلائيڊ نالي بندرگاهه ۾ ڏوهاريءَ جي حيثيت سان ٻَڌو ويو هو. يعني کيس بندرگاهه مان ٻاهر نڪري سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو هو جو ان بندرگاهه جي سرويئرن ۽ پورٽ ڪنٽرول اٿارٽي وارن هن جهاز ۾ ڪيترا ئي نقص (Defects) ڳولي ورتا هئا. سندسن نيوگيشن جي ناڪارا بتين ۽ ريڊيو ٽرانسميٽر کان علاوه، سندس لوهي ڀتين ۾ به سوراخ هئا ۽ جهاز جا دروازا به واٽر ٽائيٽ نه هئا پر جهاز جا مالڪ اهو وعدو ڪري بندرگاهه مان نڪري ويا هئا ته هو پاناما ۾ وڃي ٿا مرمت ڪرائين، جتي هي جهاز رجسٽرڊ هو. لڳي ٿو هنن اتي ڪجهه نه ڪرايو ۽ هينئر ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ طوفاني رات ۾ جهاز جون ديوارون ٽُٽڻ يا جهاز جو ترو نڪرڻ ڪري منجهس پاڻي ڀرجي ويو ۽ اونڌو ٿي سمنڊ اندر هليو ويو. ايترو آهي جو کيس ٻڏڻ ۾ ڪلاڪ کن لڳي ويو، تيسين جهاز ۾ موجود ماڻهو (سواءِ ڪئپٽن جي) لائيف جئڪيٽون پائي جهاز مان نڪري آيا. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندن بچاءَ لاءِ جيتوڻيڪ وڏو اٽالو پهچي ويو پر طوفاني اونداهي ۽ سرد رات ۾ ميلن ۾ پکڙيل، هزارين جانورن جي لاشن ۾ مليل انسانن جو سؤ سيڪڙو بچاءُ ٿي نه سگهيو.
    هن جهاز تي اڌ کن سرحد پاڪستان پاسي جا پٺاڻ خلاصي هئا ۽ ٻيا فلپينو ۽ سائوٿ آمريڪا جا هئا. جهاز جو ڪئپٽن برطانيا جو انگريز هو جنهن لاءِ زندهه بچيل جهاز وارن اهو ئي ٻڌايو ته هن آخر تائين جهاز نه ڇڏيو. پراڻين سامونڊي روايتن موجب هو جهاز تي آخر تائين بيٺو رهيو. جهاز جڏهن پاسيرو ٿي اونڌو ٿي ويو ته ڪئپٽن به ان سان گڏ سمنڊ اندر غائب ٿي ويو.
    جهاز جو ڪئپٽن، جهاز جي مالڪ جي نمائندگي ٿو ڪري بلڪه پراڻي زماني ۾ ته جهاز جو مالڪ ئي جهاز جو ڪئپٽن هوندو هو ۽ هو ئي سوداگر هو ۽ پنهنجي جهاز تي پنهنجو مال رکي ڌارئين ملڪ ڏي سودي لاءِ نڪرندو هو. جهاز جو مالڪ بلڪ هاڻ جهاز جو ڪئپٽن، پيءُ جو درجو رکي ٿو. هن لاءِ جهاز جا سمورا آفيسر ۽ خلاصي ٻچن وانگر آهن. هو پاڻ تي اهو فرض سمجهي ٿو ته جهاز جي ٻڏڻ کان اڳ، جهاز جي سمورن مسافرن ۽ جهاز هلائيندڙ عملي کي خطري کان آگاهه ڪري، جيئن هو جهاز جي تباهه ٿيڻ کان اڳ، لائيف جئڪيٽ پائي مقرر ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ٻيڙيءَ کي سمنڊ ۾ لاهين. سٺو ڪئپٽن اهو آهي جيڪو سڀ کان آخر ۾ جهاز ڇڏي. يعني پهرين پنهنجي سمورن ماڻهن کي ٻيڙين ۾ سوار ڪري، پوءِ آخر ۾ پاڻ جهاز ڇڏي، ٻيڙيءَ ۾ ويهي. يا ٻيڙي جهاز تان هيٺ لهي سمنڊ تي پهچي ته پوءِ پاڻ رسي ذريعي هيٺ لهي اچي ٻيڙيءَ ۾ ويهي.
    هونءَ به جهاز کي تيستائين نه ڇڏجي، جيسين سؤ سيڪڙو پڪ نه ٿي وڃي ته هاڻ هي جهاز بچي نه سگهندو. جهاز جا جڏهن سڀ ماڻهو جهاز کي ڇڏي ٿا ڏين ته اهڙي جهاز کي Abandoned جهاز سڏجي ٿو. يعني نڌڻڪو جهاز ۽ بين الاقوامي قانون مطابق Abandon ڪيل جهاز ڪنهن جي به ملڪيت ناهي. ڪو به ماڻهو اچي ان تي قبضو ڪري سگهي ٿو. ڪيترا دفعا ائين به ٿيو آهي ته فقط ٿورو خطرو محسوس ڪري جهاز جي سڀني ماڻهن جهاز کي ڇڏي ڏنو هوندو. ڪن صورتن ۾ ته جهاز جو ڪئپٽن سڀ کان اڳ ڀڄي ويو هوندو. بعد ۾ طوفان ٽري وڃڻ بعد خبر پيئي هوندي ته جهاز بچي ويو. يا باهه لڳڻ تي جهاز جو سڄو عملو ڀڄي ويو هوندو. بعد ۾ خبر پيئي هوندي ته هڪ محدود حصو ساڙڻ بعد باهه اجهامي وئي يا ان دوران اهڙي سخت طوفاني بارش ٿي جو باهه يڪدم وسامي وئي. پوءِ اهڙن نڌڻڪن جهازن تي اتان لانگهائو ٻيا جهاز قبضو ڪري وٺندا آهن.
    هڪ دفعو اسان کي به هڪ اهڙو Abandon ڪيل جهاز، آفريڪا کنڊ جي هيٺان، ڪيپ آف گڊ هوپ وٽ مليو هو. اسان جي جهاز تان اسان ٽن چئن ڄڻن پنهنجي جهاز جي ٻيڙي هيٺ لاهي ان نڌڻڪي جهاز تي پهتاسين. ان جهاز جي ”بوسن اسٽور“ مان رسا ڪڍي جهاز جي فاڪسل (اڳئين حصي) سان ٻڌي پوءِ پنهنجي جهاز جي پٺ سان ٻڌاسين. بهرحال ان ۾ اڌ ڏينهن لڳي ويو. پوءِ اسان جي جهاز هن نڌڻڪي جهاز کي ڇڪڻ شروع ڪيو.
    جنهن وقت اسان ان نڌڻڪي جهاز تي پهتا هئاسين ان کان ڪلاڪ کن بعد ٻيا به ٻه جهاز اتي پهچي ويا پر اسان کي ان جهاز تي موجود ڏسي، هو افسوس جا هٿ ملڻ لڳا ته ههڙو شڪار سندن هٿن مان نڪري ويو. اسان خوش هئاسين ته اسين صحيح وقت تي پهچي وياسين ۽ مفت جي جهاز تي قبضو ڪري ورتوسين. اسان جي ڪمپني به خوش ٿيندي ته هڪ بدران ٻه جهاز اچي ويا ۽ اسان کي به وڏا انعام اڪرام ملندا. بهرحال ان نڌڻڪي جهاز کي اسان جي جهاز ٽي ڪلاڪ کن مس ڇڪيو هوندو ته ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ جي خراب سمنڊ ۽ ان جي لهرن ٻنهي جهاز تي ايڏو پريشر وڌو جو هڪ هڪ ٿي ٽوئنگ واريون ٽئي رسيون ٽُٽي پيون ۽ اسان کان اهو جهاز ڪافي پٺيان هليو ويو ۽ جيسين اسان جو جهاز وڏو چڪر ڪاٽي پٺيان مڙي ۽ اسان هڪ دفعو وري ٻيڙيون لاهيون، تنهن کان اڳ پٺيان ايندڙ ٻن جهازن مان هڪ جهاز جي عملي ان نڌڻڪي جهاز تي قبضو ڪري ورتو. اسان اڌ ڏينهن ضايع ٿيڻ ۽ خوار خراب ٿيڻ تي افسوس ڪندا اڳين منزل ممباسا ڏي وڌڻ لڳاسين. بعد ۾ پنهنجي هڪ ٻي غلطي به محسوس ڪئيسين ته اهڙي جهاز جي ”بوسن اسٽور“ يا ڪنهن بند ڪمري ۾ هرگز نه گهڙجي جو خبر ناهي اهڙي جهاز جا ڪمرا ڪيترن ڏينهن کان بند هجن ۽ منجهن زهريلي گئس جا اثر هجن.
    بهرحال ڪي ڪئپٽن اهڙا به ٿين ٿا، خاص ڪري انگريز قوم جا جيڪي نه فقط آخر تائين ان ٻڏندڙ جهاز سان گڏ رهن ٿا پر جهاز سان هڪ قسم جي Attachnent ڪري، هو پنهنجي ٻڏندڙ جهاز جي غرق ٿيڻ سان گڏ پاڻ به پنهنجو پاڻ کي سمنڊ اندر داخل ڪريو ڇڏين. جيئن هن جهاز ڊئني ايف ٽُو جي ڪئپٽن ڪيو ۽ هي هو برٽشر (انگريز). جهاز جي زندهه بچيل خلاصين مان هڪ پاڪستاني خلاصيءَ ٻڌايو ته ڪئپٽن کي جيئن ئي کڙڪ پيئي ته سندس جهاز هن طوفاني موسم ۽ مڇريل سمنڊ جي سَٽ نه پيو جهلي سگهي ۽ منجهس پاڻي ڀرجڻ ڪري جهاز List ٿي پيو آهي، يعني پاسيرو ٿي ويو آهي ته هن سڀني مسافرن ۽ جهاز جي عملي کي گهرائي لائيف جئڪيٽون پائڻ ۽ ٻيڙيون لاهي جهاز کي ڇڏڻ لاءِ چيو.
    هڪ خلاصيءَ اهو به ٻڌايو ته هنن کي جهاز ٻڏڻ جو شڪ ڪئپٽن جي اطلاع ڏيڻ کان ٻه ڪلاڪ کن اڳ پئجي ويو هو، جڏهن هنن ڪوئن کي جهاز تان ٽپ ڏئي سمنڊ ۾ ڪرندو ڏٺو.
    هيءَ ڪوئن واري ڳالهه به عجيب آهي. صدين کان وٺي اڄ تائين، دنيا جي ڪيترن جهاز ران (Seafarers) ۽ سامونڊي سفر ڪندڙ مسافرن جو اهو يقين آهي ته جهاز جي تباهيءَ جي پهرين خبر جهاز ۾ موجود ڪوئن کي پوي ٿي. هو جهاز ٻڏڻ کان گهڻو اڳ جهاز تان ٽپ ڏيندي نظر اچن ٿا. جهاز گهر مثال آهي، بلڪه ڪنهن هاسٽل جي بورچي خاني وانگر آهي، جتي هر ويلي تي پنجاهه سٺ ماڻهن جي ماني تيار ٿئي ٿي. چانور، دالين کان وٺي پستن بادامن تائين، بسڪيٽن، نمڪو کان کنڊ ۽ ڳڙ تائين هر شيءِ تمام گهڻي مقدار ۾ جهاز جي اسٽور رومن ۾ موجود ٿئي ٿي. جهاز جو ڪراچي کان ڪئناڊا تائين 30 ڏينهن جو سفر هوندو ته سيڌو 50 يا سٺ ڏينهن جو کڻڻو پوي ٿو جو متان رستي تي جهاز خراب ٿيڻ تي، مرمت ۾ ڪجهه ڏينهن لڳي وڃن يا منزل تي پهچڻ بعد خبر پوي ته اندر بندرگاهه ۾ جاءِ خالي ناهي سو ٻاهر کلئي سمنڊ ۾ ئي هفتو ڏيڍ انتظار ڪرڻو آهي. ان ڪري راشن پاڻيءَ جو فالتو هجڻ ضروري آهي. خاص ڪري کاڌي جي شين جو. ڇو جو پاڻي ته وري F.W.E Vaporator مشين ذريعي سمنڊ جي کاري مان مٺو ٺاهي سگهجي ٿو. جهاز کڻي ٽئنڪر (تيل کڻڻ وارو) هجي يا وهٽ، جانور يا ڪارون کڻڻ وارو، منجهس ڪوئا موجود ٿين ٿا ۽ جي جهاز جنرل ڪارگو کڻڻ وارو آهي يا اناج کڻڻ وارو ته پوءِ ان جهاز تي ڪوئن جون ڪالونيون رهن ٿيون ۽ ڪڏهن ته زهريلي دوا ڇڙڪڻ (Fumigation) وارن کي گهرائي ڪوئن کي مارڻو پوندو آهي. ڪجهه عرصي کان پوءِ وري ساڳيو حال ٿيو وڃي. جهاز تي ڪوئا ڪيئن چڙهن ٿا؟ اهي هڪ ته سامان سان گڏ چڙهن ٿا. هو اناج جي ٻورين ۽ سيڌي جي کوکن ۾ لڪل ٿين ٿا. هر بندرگاهه جي گدامن ۾ به ڪوئا ٿين ٿا، بلڪه بندرگاهن جا ڪوئا گهڻو کائڻ ڪري صحت مند نظر اچن ٿا. آفريڪا جي ڪيترن بندرگاهن ۾ ته اهڙا به ڪوئا نظر آيا آهن جيڪي نه قفط ٻلن جهڙا ٿلها ٿنڀرا ٿين ٿا پر کين هُش هُش ڪري هڪل ته ڀڄي وڃڻ بدران ڪاوڙ ۾ ڏند شيڪين ٿا. هي ڪوئا وجهه ملڻ تي جهاز جي گئنگ وي (ڏاڪڻ) ذريعي مٿي چڙهيو اچن. سڀ کان گهڻا ڪوئا رسين ذريعي جهاز تي اچن ٿا جن سان جهاز کي بندرگاهه ۾ کتل ڪِلن سان ٻڌو وڃي ٿو. ڪيترن جهازن تي، ڪوئن کي رسن ذريعي مٿي چڙهڻ کان روڪڻ لاءِ، انهن رسن جي اڌ رستي تي هڪ گول پليٽ لڳائي ويندي آهي، جيئن ان کي عبور ڪرڻ مهل ڪوئو ترڪي وڃي هيٺ سمنڊ ۾ ڦهڪو ڪري.
    پاڻ ڪوئن جي اها ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هنن کي جهاز ٻڏڻ جي اڳواٽ خبر پوي ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته قدرت ڪيترن جانورن توڙي پکين ۾، ڪجهه اهڙا حواس (Senses) رکيا آهن جو کين طوفان لڳڻ، بارش يا زلزلي جهڙين شين جي سمڪ انسان کان اڳ پئجيو وڃي. کيکڙي کي توهان ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ بند ڪري رکندؤ، تڏهن به کيس خبر پئجيو وڃي ته وير (High Tide) ڪڏهن ٿي ۽ Low Tide ڪڏهن. ڪميءَ جا ٻچا آنن مان نڪرڻ بعد سمجهيو وڃن ته سمنڊ جو ڪنارو ڪهڙي طرف آهي، وغيره. ڪوئن کي ٻي ڪنهن ڳالهه جي ڄاڻ پوندي هوندي ته هوندي، جيئن ٻليءَ کي ڏسڻ بنا کين ٻليءَ جي خوشبوءِ مان خبر پئجي وڃي ته دشمن اچي رهيو آهي، يا کين اها خبر پوندي هجي ته جهاز جي ڪهڙي گدام ۾ سندن دلپسند شيءِ رکيل آهي، وغيره پر کين ان ڳالهه جي ڪا ڄاڻ نٿي رهي ته جهاز تباهه ٿي رهيو آهي. اها هڪ فقط مِٿ (Myth) يعني خيالي ڳالهه آهي.
    جهاز جو جيڪو بنهه هيٺيون پليٽ فارم آهي، جنهن کي بلجز (Bilges) سڏجي ٿو، ان مان جهاز جي پائيپن جو نيٽ ورڪ گذري ٿو ۽ اهو علائقو اهڙو آهي جتي هڪ ته ماڻهن جو وڃڻ نٿو ٿئي ۽ ٻيو ته پائيپن، تارن ۽ ٻين شين سان اهڙو ته ڳتيل ٿئي ٿو جو ڪوئا هن علائقي ۾ وڏي سلامتي سان رهن ٿا. جهاز جي مختلف مشينن جو ليڪ ٿيل تيل، پاڻي يا جهاز جي ڌوپ جو پاڻي هن هيٺئين طبقي (Bilges) ۾ جمع ٿئي ٿو جيڪو هر ”ڊيوٽي واچ“ (چئن ڪلاڪن) ۾ بلج پمپ ذريعي سمنڊ ۾ ٻاهر اڇلي خالي ڪيو وڃي ٿو. پر جڏهن جهاز جي تري يا ڀتين ۾ سوراخ ٿئي ٿو ۽ پاڻي ڌوڪي اچي ٿو ته بلجز هيڪاندو ڀرجيو وڃن ۽ جيسين ڪجهه ڪلاڪن بعد اڃا گهڻو پاڻي گڏ ٿئي ۽ جهاز جي ٻڏڻ جي جهاز وارن کي خبر پوي، ڪوئا هيٺيون علائقو ڇڏي مٿي ڊيڪ (عرشي) ڏي ڀڄن ٿا، جتي ماڻهن جي هلچل ۽ گوڙ گهمسان جي خوف کان پاڻيءَ ۾ کڻيو ٽپو ڏين.
    ڪيترا دفعا جهازن کي جڏهن باهه لڳي ٿي ته ان وقت ته ڪوئن کي هوش ئي نٿو اچي. هو ان حالت ۾ پاڻ کي جهاز جي تري ۾ سڪون سان سمجهن ٿا، جيسين باهه هيٺ پهچي کين باربي ڪيو بنايو ڇڏي. يا جهاز جي مٿئين حصي ۾ سوراخ ٿيڻ تي کين هوش به نٿو اچي. جهاز وارا سڀ ٻيڙين رستي جهاز ڇڏيو ڏين ۽ هي هيٺ تري ۾ ٻڏيو وڃن.
    بهرحال هن جهاز ’ڊئني‘ جي سوارن جو افسوس ٿو ٿئي ته جيتوڻيڪ سندن جهاز ائٽلانٽڪ يا پئسفڪ جهڙي وڏي سمنڊ ۾ نه ٻڏو هو. اهو ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ ٻڏو ، جنهن جي چوڌاري يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا جا امير ۽ سامونڊي دنيا ۾ ڪافي سڌريل ملڪ آهن ۽ هي جهاز ته لبنان جي ڪناري کان فقط يارهن ناٽيڪل ميلن (يعني 20 کن ڪلوميٽرن) جي فاصلي تي هو جيڪو فاصلو، جي سمنڊ ۽ موسم صحيح هجي ها ته ڊئني جهڙو جهاز مني ڪلاڪ ۾ ڪري سگهيو ٿي پر جهاز صفا ڏئي وٺي بيهي رهيو. منجهس سمنڊ جو پاڻي ايڏي ته تيز رفتار سان اندر وڃڻ لڳو جو سندس سموريون انجڻيون پاڻيءَ هيٺ اچي بند ٿي ويون ۽ جهاز اڳتي وڌڻ بدران ويو هڪ پاسي اونڌو ٿيندو ۽ ڪلاڪ اندر سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو. جهاز تي سوار ماڻهن کي ايترو ٽائيم ملي ويو جو هو جهاز ڇڏي ٻيڙين ۾ سوار ٿي ويا. جيئن ته شروع ۾ لکي آيو آهيان ته سخت بارش، طوفان ۽ خراب سمنڊ هو، جنهن جي آفت جيڏين ڇولين ۾ هنن جون ٻيڙيون هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي اونڌيون ٿي پيون.
    دراصل اهڙي خراب سمنڊ ۾ هن ڊنئي جهڙا وڏا لوهي جهاز به ڇوڏي جيان لڳن ٿا، پنهنجي سامونڊي زندگيءَ ۾ مون ڪيترا دفعا اهو ڏٺو ته اهڙي خراب سمنڊ ۾ جنهن ۾ ڇهه ڇهه ماڙ جيڏي ڇول هجي، اهڙي ڇول جي Crest (چوٽيءَ) تي جڏهن جهاز جو وچ ايندو آهي ته ڪئبن جي دري بند هجڻ جي باوجود جهاز مان نڪرندڙ چيچاٽ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. ڪجهه سيڪنڊن لاءِ ائين لڳندو آهي ته ڄڻ جهاز بيد جي سنهي ڏنڊي هجي جنهن کي ڪنڊن کان جهلي چٻو ڪيو وڃي، جيئن ان جو وچ مٿانهون رهي ۽ پاسا هيٺ. ائين لڳندو آهي ڄڻ ڄاڻ ته جهاز وچ مان ٽُٽو ۽ اهڙي موسم ۾ ڪيترا ئي جهاز وچ مان ٻه اڌ ٿي پوندا آهن، جن مان ڪن جون تصويرون هن وقت مون وٽ آهن ۽ ٿي سگهي ٿو هي مضمون ڪنهن اهڙي اخبار يا رسالي ۾ ڇپجي جنهن ۾ هڪ اڌ ڦوٽو ڏيڻ جي گنجائش هجي. سو اهڙي سمنڊ ۾ ڪاٺ يا فائبر جي ٻيڙي ڪهڙي حيثيت رکي ٿي. هن جهاز تان لاٿل ٻئي لائيف بوٽون اونڌيون ٿي پيون ۽ سخت سيءَ ۽ بارش ۾ جهاز وارا سيني سان ٻڌل لائيف جئڪيٽ جي زور تي ترڻ لڳا.
    هن جهاز سان ٽريجڊيءَ جي ڳالهه اها به آهي ته جيئن سندس Distress سگنل ٽرانسمٽ ٿيو ته اسرائيل، لبنان، شام، يونان ۽ ٻين ڀر وارن ملڪن ڏي ويندڙ جهاز هن ڊئني جهاز جي ٻڏندڙن کي بچائڻ لاءِ روانا ٿي ويا. ڪنارو ويجهو هجڻ ڪري هيليڪاپٽر به پهچي ويا. اهڙي صورت ۾ جهاز ۾ سوار هنن 80 کن ماڻهن کي سمنڊ مان ڪڍڻ ۾ ڪلاڪ به نه ٿو لڳي، ڀلي کڻي اهي ماڻهو ويهه کن ميلن جي قطر واري ايراضيءَ ۾ پکڙيل هجن. اڪيلي سر هيليڪاپٽر ئي ٻه ٻه، ٽي ٽي ماڻهو هڪ ئي وقت کڻندو، ڪنهن به جهاز جي ڊيڪ (عرشي) تي ڦٽا ڪندو وڃي ها. پر افسوس جي ڳالهه اها هئي ته اهي اسي کن ماڻهو ٽيهه هزار کن جانورن جي لاشن سان مڪس ٿيل هئا ۽ اهڙي حالت ۾ صاف موسم ۽ ماٺي سمنڊ ۾ ئي ماڻهن کي پري کان سڃاڻڻ ۾ دقت ٿئي ٿي. هتي سياري جي موسم ڪري ڌنڌ هڪ طرف هو ته سخت بارش جو وسڪارو ٻئي طرف. هن پاسي جي ڌنڌ بابت اسان جو ايشيائي ماڻهو سوچي نٿو سگهي. يورپ جهڙو ڌنڌ، هن ڀيري پنجاب ۾ ٿيو آهي، جنهن ڪري اتي ٽرئفڪ بند ڪئي وئي، ڇو جو ڏيک (Visibility) بنهه برابر وڃيو ٿئي. چند ميٽرن جي فاصلي تي به ڪا شيءِ نظر نٿي اچي. بهرحال هن جهاز ۾ سفر ڪندڙ ماڻهن جي اڀاڳ تي افسوس ٿو ٿئي ته هر قسم جي مدد يڪدم اچڻ جي باوجود ٽيهه کن ماڻهو لاپته آهن، جن ۾ گهڻائي پاڪستان جي غريب خلاصين جي آهي، انهن جي مائٽن جو انٽرنيٽ تي اي ميل پڙهڻ سان اکين ۾ ڳوڙها ڳڙيو اچن. هڪ حيدر سعد نالي نينگر جو آهي جنهن لکيو آهي ته منهنجو وڏو ڀاءُ سجاد علي ۽ چاچو روزمن خان ڊئني جهاز تان لاپته آهن جيڪڏهن ڪنهن کي به انهن جي خبر پوي ته مون کي هن اي ميل ائڊريس يا فون تي اطلاع ڪجو. هڪ ٻئي اهڙي خط ۾ پڻ هڪ شاگرد پنهنجي چاچي جمشيد خان ولد زرين خان جو پڇيو آهي، جنهن جي زندهه هجڻ يا لاش ملڻ جي اڃا ڪا خبر پئجي نه سگهي آهي. هڪ باچا علي نالي جو سوات کان اي ميل آهي ۽ دنيا جي ماڻهن کي اپيل ڪئي اٿس ته سندس والد محترم محمد رشيد جي ڪنهن کي خبر هجي ته هن کي سندس ائڊريس تي اطلاع ڪن. سندس والد جنهن جهاز ”ڊئني ايف ٽو“ تي هو، اهو لبنان ڀرسان ٻڏي ويو آهي.
    هونءَ ههڙين حالتن ۾ لاش سمنڊ جي سطح تي ترندا نظر اچن ٿا يا هاءِ ٽائيڊ ۾ ڀر واري ڪناري تي اڇلجيو وڃن. اهڙن موقعن تي شارڪ مڇيون به اچيو گڏ ٿين ۽ زندهه ماڻهن تي به حملو ڪن ٿيون پر هي حادثو جنهن هنڌ تي ٿيو آهي، اهو شارڪ مڇين کان بدنام ناهي، باقي گهڻا ڏينهن گذرڻ تي ننڍيون مڇيون لاش کي چچريو ڇڏين. مٿين پاڪستانين مان جن جي اي ميل سان گڏ فون نمبر به هئا انهن مان هڪ کي فون ڪيم جيڪو نمبر سوات جو آهي. سميع الله نالي هڪ ويهن سالن جي ڇوڪري فون کنيو. تنهن ٻڌايو ته:
    ”هن حادثي ۾ منهنجو پيءُ جمشيد خان لاپته آهي. ٽي هفتا ٿي ويا آهن، هن جي لاش جي خبر نه پئجي سگهي آهي.“
    هن ٻڌايو ته هن جو پيءُ هن جهاز تي خلاصي هو ۽ کيس ٻه مهينا ٿيا ته نوڪري ملي هئي.
    ”هن کي اها نوڪري ڪيئن ملي؟“ مون پڇيومانس.
    ”اسان جي ڳوٺ جي هڪ ايجنٽ منهنجي پيءُ کان سوا لک رپيا وٺي اها نوڪري ڏياري.“ هن ٻڌايو.
    ”توهان جي پيءُ هي جهاز ڪراچي ۾ Join ڪيو يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾؟“ مون پڇيومانس.
    ”هن کي هتان باءِ ايئر يونان موڪليو ويو هو، جتي هي جهاز بيٺل هو. هن کي 700 ڊالر مهيني جي پگهار تي جهاز تي رکيو ويو. اڄ هن جي ڪا خبر نٿي پوي.“
    ”توهان ڇا ٻڌو آهي ته جهاز کي ڇا ٿيو؟“ مون پڇيومانس.
    ”خبر ناهي، اسان کي ته ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي،“ سميع الله ٻڌايو، ”مون ته ڪڏهن جهاز به نه ڏٺو آهي.“
    ”پر جيڪي بچي ويا آهن اهي ڇا ٿا چون؟“ مون پڇيومانس.
    ”ڪي اهو ٿا چون ته جهاز تي ڪنهن کان غلطيءَ ۾ جانورن وارو در کلي ويو ۽ سخت طوفاني بارش ۽ خراب سمنڊ جي ڪري پاڻي جهاز اندر ڪاهي آيو. ڪي چون ٿا ته جهاز بيحد پراڻو هو. مالڪ ان جي مرمت به نٿي ڪرائي ۽ جهاز جون هيٺيون پليٽون نڪرڻ ڪري جهاز ٻڏي ويو. جهاز کي رڳو ٻاهران روغن ڪرائي پئي هلايائون.“
    ”پوءِ اهڙي جهاز تي ته هرگز نوڪري نه ڪرڻ کتي ٿي.“ مون چيومانس.
    ”ها بلڪل. اسان جي ماڻهن اتي پهچي هن جهاز تي نوڪري نه ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو ته جهاز جي مالڪ جي پٽ (مالڪ ڪڏهوڪو وفات ڪري ويو آهي) چيو ته بس هن جهاز کي هڪ يا ٻن سفرن ۾ هلايو ته پوءِ توهان کي نئون وٺي ٿو ڏيان.“
    سميع الله ٻڌايو ته هن جي پيءُ قرض کڻي ايجنٽ کي نوڪريءَ لاءِ ڏنو هو. اهو قرض ته نه لٿو پر اسان جو پيءُ به هليو ويو. ايجنٽ وٽ وڃون ٿا ته هو به چوي ٿو ته آئون ڇا ڪريان. ان جاءِ تي ڪويت جي يا BP شيل ڪمپني جو جهاز هجي ها ته اسان پوين جي به پرگهور لهي ها.“
    ”توهان جي پيءُ جهاز تي وڃڻ کان اڳ ڪراچي ۾ شپنگ آفيس جي رجسٽر تي هن جهاز جي ڪمپني جي نمائندن سان معاهدي تي صحيح ڪئي؟“ مون پڇيومانس.
    ”نه. هُو ته هتان سڌو ولايت هليو ويو، جتي هو جهاز تي وڃي چڙهيو. پاڪستان حڪومت کي کپي ته هوءَ جهاز وارن تي زور آڻي جيئن هو لاش جي ڳولا ڪري اسان تائين پهچائين ۽ اسان جي پيءُ جي ڪيل ٻن مهينن جي پورهئي جا پئسا اسان کي ڏين، جيئن اسان جو قرض لهي سگهي...“
    هڪ غريب، بيروزگار ۽ مجبور ماڻهوءَ تي ڇا ته غم جا پهاڙ ڪري پيا هوندا. هنن جي پيءُ کي جهاز تي نوڪري ملڻ تي هنن ڇا ڇا نه خواب جوڙيا هوندا. هاڻي هو پريشان آهن ۽ سمجهه ۾ نٿو اچين ته جهاز جي مالڪ کي ڪٿي ڳولين. مدد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙو در کڙڪائين؟
    اسان جي ملڪ جا هزارين ماڻهو، ملڪي ۽ غير ملڪي جهازن تي ڪم ڪن ٿا. ڪي جهاز هلائڻ وارا مئرين انجنيئر ۽ نيويگيٽر آهن ته ڪي خلاصي (مزور ٽائيپ) آهن. اڄ کان منو صدي کن اڳ سامونڊي نوڪريءَ ۾ فقط ڪڇي، ڪوڪني ۽ مڪراني هئا يا پٺاڻ. هاڻ هر صوبي جا ماڻهو نظر اچن ٿا. سنڌ جي به ڪيترن وڏن توڙي ننڍن شهرن جا جوان، دنيا جي مختلف جهازن تي نظر اچن ٿا. ڪيترا جهازن تي نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ انتظار ڪري رهيا آهن ته ٻيا زيرِ تعليم آهن. انهن مڙني ۽ انهن جي مائٽن عزيزن لاءِ گائيڊ طور هتي اها ڄاڻ ڏيڻ چاهيان ٿو ته فارين گوئنگ شپ يعني ڌارين ملڪن ڏي ويندڙ جهاز تي نوڪري تي چڙهڻ کان اڳ ملڪ جي شپنگ ڪمپني آفيس ۾ آرٽيڪلس جي رجسٽر تي صحيح ڪرڻ ضروري هوندو آهي. جهاز کڻي ملڪي هجي يا غير ملڪي ۽ جهاز تي نوڪري ڪندڙ چاهي ڪئڊٽ هجي يا چيف انجنير، رسا ڇڪڻ وارو هڪ خلاصي هجي يا بورچي ۽ ڀنگي، هن لاءِ هن رجسٽر تي صحيح ڪرڻ ضروري ٿئي ٿو. جهاز جي نوڪري، هڪ قسم جو جهاز جي مالڪ ۽ نوڪري ڪرڻ واري جي وچ ۾ معاهدو ٿئي ٿو جنهن ۾ پگهار ۽ سهوليتن کان علاوه کاڌي خوراڪ جو مقدار لکيو ويندو آهي ته جهاز ران تي نوڪري ڪرڻ واري کي جهاز تي ڪهڙي ڪهڙي ڊيوٽي ڪرڻي آهي ۽ روزانو ڪيترا ڪلاڪ ۽ ان مقرر ڊيوٽيءَ کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ تي ڇا اوور ٽائيم ملندو. ان معاهدي تي جهاز تي نوڪري ڪرڻ وارو ۽ جهاز جو مالڪ صحيح ڪندو آهي، جيڪو ڪم حڪومتي اداري، گورنمينٽ شپنگ آفيس جي اڳيان ٿيندو آهي ۽ اهي وچ ۾ ضامن پوندا آهن.
    جهاز اگر ٻئي ملڪ ۾ بيٺل هوندو آهي ته به ان جهاز تي هوائي جهاز رستي وڃڻ کان اڳ، ڪراچي ۾ شپنگ آفيس ۾ رجسٽر تي صحيح ڪرڻ ضروري آهي. جهاز جي مالڪ جي غير موجودگيءَ ۾ هو پنهنجو ڪو مڪاني نمائندو مقرر ڪندو آهي، جنهن کي شپنگ آفيس ۾ اچي ان معاهدي تي صحيح ڪرڻي پوي ٿي. ان سان اهو فائدو ٿئي ٿو ته جهاز جو مالڪ ڪنهن به پورهيت سان ظلم نٿو ڪري. نوڪري پوري ٿيڻ تائين هو (مالڪ) پورهيتن جي ويلفيئر جو ذميوار ٿئي ٿو ۽ ههڙن حادثن جي حالت ۾ جهاز تي نوڪري ڪندڙن جا وارث پنهنجي ملڪ جي شپنگ آفيس ۾ پهچيو وڃن ۽ اها آفيس مالڪن تي دٻاءُ وجهي سگهي ٿي. آرٽيڪلز تي Sign On ڪرڻ مهل، يعني جهاز تي نوڪري ڪرڻ جي معاهدي واري رجسٽر تي صحيح ڪرڻ مهل، هر جهاز ران کي پنهنجي وارثن جو به نالو لکڻو پوي ٿو، يعني جهاز ران جي موت تي ڪنهن کي اطلاع ڪيو وڃي يا مري ويل جي بقاياجات ڪنهن جي حوالي ڪئي وڃي. جهاز جي مالڪن لاءِ هيءُ سسٽم سٺو آهي جو جهاز تي نوڪري ڪرڻ واري جي گڙٻڙ ڪرڻ تي هن جي حڪومت کي آگاهه ڪري سگهجي ٿو.
    ڪي ڪي جهازن جا مالڪ، کوٽي نيت جا ٿين ٿا. بلڪ آئون ته اهو چوندس ته هو اهڙا ته پٿردل ۽ ظالم ٿين ٿا جو مٿن رڳو پئسو ڪمائڻ جو ڀوت سوار ٿئي ٿو. اهي ماڻهو، جيڪي گهر ٻار ڇڏي سمنڊ جي ڏکين حالتن ۾ سندن جهاز هلائين ٿا، تن جو کين بلڪل فڪر نٿو ٿئي. هو ٻڏن يا مرن، کين سندن جهاز جا انشوئرنس ڪمپنيءَ کان پئسا ملڻ کپن. ڪيترا ته اهڙا به جهازن جا مالڪ ٿين ٿا، جيڪي جڏهن ڏسن ٿا ته سندن جهاز هاڻ اهڙو ته پراڻو ٿي ويو آهي جو ان کي وڌيڪ هلائڻ لاءِ وڏو خرچ ڪرڻو پوندو يا جيڪڏهن وڪڻندا ته کين ردي (Scrape) جي اگهه جا پئسا ملندا ته هو ڇا ٿا ڪن جو جهاز کي ڇڏيو ڏين ته ڀلي ٻڏي وڃي. سندن جهاز هلائڻ لاءِ هو هر ماڻهوءَ کي وڌيڪ پگهار آفر ڪن ٿا ۽ ڪيترا ئي ماڻهو اڻ ڄاڻائيءَ يا لالچ ۾ اچي، هنن جو جهاز هلائين ٿا. لڳي ٿو ته هي جهاز Danny به اهڙي قسم جو هو جو ڪالهه جڏهن ڇهن پاڪستانين جا لاش، شام ۽ لبنان کان ڪراچي پهتا ته انهن سان گڏ آيل هڪ همراهه جيڪو خوش قسمتيءَ سان بچي ويو اهو ٻڌائي رهيو هو ته جهاز جي لوهي پليٽن ۽ تري جي اهڙي حالت هئي جو ذري ذري ٿي پوندڙ سوراخن کي، سيمينٽ سان بند ڪرڻو پيو ٿي. هاڻ ٻڌايو ته اهڙو جهاز طوفانن ۽ خراب سمنڊ ۾ ته ڇا ماٺي سمنڊ ۾ هلائڻ به ڪيڏو خطرناڪ آهي. اڄ ڪلهه بين الاقوامي قاعدا قانون ايڏا سخت آهن جو جهاز جي لوهي پليٽ ۾ ڪٽ لڳڻ ڪري فقط معمولي ڳار (Wastage) تي سڄي پليٽ بدلائڻي پوي ٿي. دنيا ۾ لائبيريا ۽ پاناما جهڙا ٽي چار ملڪ اهڙا آهن، جن جي حڪومت جهازن جي مالڪن کي آزاد ڇڏي ڏنو آهي، هنن تي ڪا سختي نٿي ڪئي وڃي.
    اهو ئي سبب آهي جو ڪيترا ئي ٺڳ جهاز اونر (مالڪن) پنهنجي جهاز کي پنهنجي ملڪ ۾ رجسٽر ڪرائڻ بدران اهڙن ملڪن ۾ رجسٽر ڪرائين ٿا ۽ پنهنجي جهاز تي پنهنجي ملڪ جو جهنڊو جهولائڻ بدران انهن ڌارين ملڪن جو جهنڊو جهولائين ٿا، ان ڪري اهڙي جهاز لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو Flag of Convenience وارو جهاز آهي، يعني جهاز جي مالڪ پنهنجي فائدي لاءِ پنهنجي جهاز کي ٻئي ملڪ ۾ رجسٽرڊ ڪيو آهي ۽ اهو فائدو صاف ظاهر آهي ته هڪ طرف ٽئڪس بچائڻ ۽ ٻئي طرف جهاز تي اهي سهولتون مهيا نه ڪرڻ، جيڪي بين الاقوامي قانون موجب ضروري آهن، جي صورت ۾ ڏئي ٿو. هي جهاز ڊئني ايف ٽو به پاناما ۾ رجسٽرڊ ٿيل هو، جيتوڻيڪ جهاز فنلئنڊ ۾ ٺهيو هو ۽ جهاز جو مالڪ سنگاپور جو شهري هو.
    پنهنجي تجربي مطابق جهاز ران (Seafarers) کي هميشھ اها صلاح ڏيندو آهيان ته اهڙن جهازن تي پگهار کڻي گهڻو هجي، پر Sail نه ڪجي. اهڙن جهازن تي ڪپتان ۽ انجنيئر به خاص تعليم يافته ۽تجربيڪار نٿا رکيا وڃن. ان قسم جا ڪيترا ئي جهازن جا مالڪ، پنهنجن جهازن تي جيڪو اسٽاف رکن ٿا اهو انهن جي ملڪ جي شپنگ آفيس جي معرفت گهرائڻ بدران ڊئريڪٽ گهرائين ٿا، يعني ڪنهن به معاهدي تي ائگريمينٽ نٿو ڪيو وڃي ۽ حڪومت کي Involve نٿو ڪيو وڃي. هن ٻڏي ويل جهاز ڊئنيءَ جي مون کي خبر ناهي پر جي بدنصيب خلاصي پاڪستان شپنگ آفيس جي معرفت نه ويا آهن ته ههڙي صورت ۾ جڏهن جهاز جي مالڪ سان ڪو قانوني Contract ناهي ته حڪومت به ڇا ٿي ڪري سگهي. ان قسم جا شپ اونر (جهازن جا مالڪ) اهڙا ته فراڊي قسم جا ٿين ٿا جو سندن نئشنلٽي هڪ ملڪ جي هوندي آهي، رهندا ٻئي ملڪ ۾ آهن، جهاز جي آفيس ٽئين ملڪ ۾ کوليندا آهن ۽ جهاز رجسٽرڊ وري چوٿين ملڪ ۾ ڪندا آهن ۽ جهاز تي ڪم وارا خلاصي ۽ جهاز هلائيندڙ پنجين ۽ ڇهين ملڪ جا رکندا آهن، جيئن هن قسم جو واقعو ٿئي ٿو ته هو ڳولي نه لڀي سگهجن ۽ نه وري ڪا لکپڙهه جهڙي شيءِ هجي، جنهن ذريعي ڪورٽ ۾ قانوني طرح ڪيس وڙهي سگهجي. ٿي سگهي ٿو هن جهاز جا مالڪ به ان قسم جا هجن جو ٽي هفتا ٿي ويا آهن، بقول سوات جي نينگر جي جنهن سان منهنجي فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، هنن کي جهاز جي مالڪ فون تائين نه ڪيو آهي، نه ته عام حالتن ۾ اهڙن حادثن تي جهازن جا مالڪ، قانوني ۽ اخلاقي طرح ٻڌل آهن ته ٻڏي ويلن جي وارثن جي پوئواري ڪن ۽ کين معاوضو ڏيڻ کان علاوه ڳرو انشورنس به وٺرائي ڏين. ههڙن جهازن جا مالڪ، جهاز هلائڻ وارن جو ته انشوئرنس نٿا ڪرائين پر پنهنجي جهاز جو به انشوئرنش نٿا ڪرائين. انشوئر به ڪهڙي ڪمپني اهڙن جهازن کي ڪندي جن جي ڀڳل لوهي پٽين کي سيمينٽ لڳائي ائٽلانٽڪ ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ ٽپايا ٿا وڃن.
    ياد رهي ته ڪابه انشورنس ڪمپني تيسين ڪنهن جهاز کي انشوئر نٿي ڪري جيسين کين پڪ نه هجي ته هي جهاز Seaworthy آهي يعني جهاز جي بناوٽ ۽ مشينري هر لحاظ کان Safe هجي. هڪ پراڻي جهاز ران (Seafarer) جي حيثيت سان منهنجو اڄ جي نوجوان جهازران (آفيسرن توڙي خلاصي) کي اهو ئي ميسيج آهي ته اهڙي جهاز تي نوڪري ڪرڻ کان پاسو ڪن جيڪو پاناما يا لائبيريا جهڙن ملڪن ۾ رجسٽرڊ هجي. يعني ان جهاز تي اهڙي ڪنهن ملڪ جو جهنڊو هجي. بندرگاهه ۾ هر جهاز تي ٻه جهنڊا نظر ايندا آهن. هڪ جهنڊو ان جي پٺئين حصي تي لڳل هوندو آهي، جيڪو ان ملڪ جو هوندو آهي، جنهن ملڪ ۾ اهو رجسٽر ٿيل آهي. جنهن ملڪ جي بندرگاهه ۾ جهاز بيهندو آهي، ان ملڪ جو جهنڊو جهاز جي وچ واري Mast (کوهي) تي لڳل هوندو آهي. سو پٺئين جهنڊي کي ڏسي معلوم ٿي سگهي ٿو ته جهاز ڪهڙي ملڪ ۾ رجسٽرڊ ٿيل آهي ۽ ڪنهن به جهاز تي نوڪري ڪرڻ جي ملڪ جي گورنمينٽ شپنگ آفيس کي ڄاڻ هجڻ ضروري آهي، ڇو جو اهڙن ٺڳ جهازن جي مالڪن سان وري به حڪومت جي مشينري مقابلو ڪري سگهي ٿي. هڪ ٻڏي ويل غريب خلاصيءَ جا ٻار انصاف لاءِ ڪنهن وٽ وڃن! اهو جهاز جيڪو صحيح طرح انشوئر ٿيل ناهي اهو سڀ ۾ خطرناڪ آهي. انشوئر ٿيل جهاز کي، ان جي مالڪ کي، ٺيڪ ٺاڪ رکڻو پوي ٿو. ڇو جو انشوئرنس ڪمپني پنهنجي ڪلاسيفڪيشن سوسائٽي جي سرويئرن ذريعي، هر وقت جهاز تي نظر رکي ٿي ۽ جهاز ۾ هر ٿيندڙ خرابيءَ لاءِ مالڪ کي خبردار ڪن ٿا ته هو جهاز ۾ پئدا ٿيل اهو نقص (Fault) هڪدم ٺيڪ ڪرائي، ٻي صورت ۾ ان جي جهاز کي هلڻ کان روڪيو ڇڏين.


    جن جو هٿي کپ، تن جو مٿي به کپ...

    پاڻيءَ جو جهاز هلائڻ جي حيثيت ۾ مون ڪهڙا ڪهڙا نه موت ڏٺا هوندا. پنهنجي جهاز جي عرشي (Deck) تي بيهي، اسان، ان جهاز جا دوست، سامهون هانگ ڪانگ جي ڊگهين عمارتن جو نظارو ڪري رهيا هئاسين. پراڻيون ڳالهيون ياد ڪري، ٽهڪ به ڏيئي رهيا هئاسين. اسان جي ٻئي پاسي ٻڌل جهاز جو، خبر ناهي هاءِ ٽائيڊ ڪري يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري رسو، جيڪو اسان جي جهاز مٿان لنگهي جيٽي (بندرگاهه جي ڌڪي) سان ٻڌل هو، اوچتو ئي اوچتو ڇڄي پيو. ٽيهه هزار ٽن وزني جهاز جي ڇِڪ (Pull) ڪري اهو، گليل جي ڇڪيل رٻڙ وانگر پنهنجي جهاز ڏي ايڏي ته رفتار سان ويو جو اسان کي فقط چهبڪ جي آواز جهڙو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو. ٻيءَ گهڙيءَ اسان سان گڏ بيٺل، اسان جو جونيئر ساٿي، ڪئڊٽ نجم غائب هو. ان لوهي رسي نجم جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو هيو.
    جهاز تي لڳندڙ باهين ۾، جهاز ۽ ساٿين کي بچائڻ لاءِ، باهه ۾ سڙي ويندڙ يا دونهين ۾ گهٽجي وڃڻ تي موت به اهڙن موتن منجهان آهن. جپان جي مڇريل سمونڊ اندر طوفاني راتين ۾، جهاز جي ڊيڪ تي بي خبر بيٺل جهازين کي ڇول جو کڻي وڃڻ ۽ اونداهي سمنڊ اندر غرق ڪري ڇڏڻ! اباسين جهاز، جنهن تي مون پهريون سفر ڪيو، ائٽلانٽڪ، هندي ۽ ٻيا سمنڊ پار ڪري، پنهنجي وطن پهچڻ تي منهوڙي وٽ عربي سمنڊ ۾، سانوڻيءَ جي موسم ۾ اڳي ٻڏل جهاز سان ٽڪرائجي (جنهن ٻڏل جهاز جي اسان کي خبر نه هئي)، اونڌو ٿي ٻڏي وڃڻ. هن حادثي ۾ ڪن جو بچڻ، ڪن جا فقط لاش هٿ اچڻ!
    ان قسم جا ٻيا به ڏکوئيندڙ ۽ Unexpected موت، جيڪي باقي بچڻ وارن جي دوستن ۽ عزيزن، خاص ڪري پوڙهن والدين کي رُلايو رکن.
    ان کان اڳ، آڳاٽي زندگيءَ جي ڳالهه.
    منهنجي ماءُ حيدرآباد جي سومرياڻي آهي. 1944ع ڌاري آئون ڄايس ته امان جي پڦي، زينت هالا ۾ رهندي هئي. هوءَ هالن جي نه هئي، سندس مڙس خان محمد شيخ خيرپور (ڳاڙهي موري) جو هو ۽ سرڪاري نوڪريءَ ڪري 1942ع ۾ هالا بدلي ٿي آيو هو ته يڪا ست اٺ سال هالا ۾ ئي نوڪري رهيس. مون کي چئن پنجن سالن جي ڄمار جي ايتري يادگيري آهي ته سندن گهر، درگاهه وٽ، هڪ کوهه ڀرسان هو، سندن وڏو پٽ عرض محمد شيخ، جيڪو مون کان ڇهه ست سال کن وڏو هو. مون کي بازار مان ڦيرائي گهر وٺي ايندو هو. منهنجي ناني، سيٺ محمد حسن سومرو کي ٻه ڀيڻيون هيون. هڪ عرض محمد شيخ جي والده ”پڦو زينت“ ۽ ٻيءَ پڦو ”غلام فاطمان“ جنهن ،جي صدر ۾ رهندڙ بروهين ۾ شادي ٿي. مشهور ليکڪ حليم بروهي ۽ حنيف صديقيءَ جي زال آپا تاج هن جي ٻارن مان آهن. عرض محمد کي اسان ننڍي هوندي کان اَجُو ڪوٺيندا هئاسين، ان جي پيءُ جي بعد ۾ هالا کان حيدرآباد بدلي ٿي ته اچي قلعي ۾ ٺهيل هڪ مسواڙي گهر ۾ رهيا. هالن جون مشهور شخصيتون پروفيسر عبدالقدوس علوي جيڪو NED جو وائيس چانسلر به ٿيو، مسعود ارباب سنڌ صوبي جي ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جو چيف انجنيئر، مرحوم ڊاڪٽر حسن ميمڻ جو لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال ٿي رهيو ۽ بيا اجوءَ جا هم عمر ۽ هالا جي اسڪول جا ڪلاس ميٽ اڄ تائين هن جا دوست آهن.
    منهنجي والده پنهنجي سڀني ڪزن ۾ وڏي آهي. جنهن ڪري سندس ڪيترا ئي ڪزن رشتي ۾ ته کڻي منهنجا ماما ٿيا پر ڪجهه منهنجا هم عمر هئا يا مون کان ٿورا ننڍا. سياري يا گرمين جي موڪلن ۾، والده سان گڏ حيدرآباد ايندو هوس ته سڀني وٽ ويندو هوس. نه رڳو منهنجي پر مون جيڏن سڀني جي دلپسند شخصيت ’اَجُو‘ (عرض محمد) هوندو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اَجُو اڄ ڏينهن تائين هڪ Versatile شخصيت جو مالڪ آهي. هو ننڍي هوندي کان نه فقط پڙهائيءَ ۾ پر راندين ۾ توڙي مصوريءَ ۾ ذهين هو. اسان هن مان ڏاڍا متاثر هئاسين. هو اسان لاءِ وڏي ڀاءُ وانگر هو. اسان کي گهمائڻ وٺي هلندو هو. پاڻ به پينٽنگ ڪندو هو ۽ اسان کي به سيکاريندو هو. مون کي سائيڪل هلائڻ به اَجُوءَ سيکاري. جيستائين ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ انٽر ڪيم، تيسين حيدرآباد اچڻ تي پڦو زينت وٽ اچبو هو ته اجوءَ سان به ملاقات ٿيندي رهي ٿي. اجوءَ NED مان سول انجنيئرنگ ڪئي ته سندس لاءِ ڪنوار ڳولهي وئي ۽ آخر سندس مڱڻو بخشو لغاريءَ ڳوٺ جي هڪ ڇوڪريءَ ڊاڪٽر مهرالنساءِ لغاريءَ سان ٿيو. ان بعد جڏهن سندن شادي ٿي ته آئون پاڪستان ۾ نه هوس. منهنجي ڀائرن ڀينرن اها اٽينڊ ڪئي. مون کي خوشي ٿي ته منهنجي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ ڊاڪٽر خالد لغاري (سنيٽر جاويد لغاري جو وڏو ڀاءُ) سان دوستي سان گڏ مائٽي به ٿي، جنهن جي مهرالنساءِ ڪزن ٿي.
    جهاز راني جي تعليم ۽ ڪجهه سال جهاز هلائڻ بعد، پنهنجي ڳوٺ آيس ته خبر پيئي ته اجُو ابوڌابيءَ ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ اتي ئي فئمليءَ سان رهي ٿو. وقت سان گڏ اَجوءَ جو والد، ان بعد والده هڪ هڪ ٿي هي فاني جهان ڇڏي ويا. ڏهه ٻارهن سال جهاز هلائڻ ۽ ڏهه ٻارهن سال ملائيشا ۾، ۽ ان بعد ٻين هنڌن تي رهڻ بعد رٽائرمينٽ تي پاڻيءَ جو جهاز هلائي وڃڻ بدران، پنهنجي خرچ تي مسافر جي حيثيت ۾ آمريڪا ويس. اتي منور لغاريءَ سان واشنگٽن ۾ ملاقات ٿي ته هن ٻڌايو ته اجوءَ جي گهر واري ۽ منهنجو پيٽارو جو دوست خالد لغاري سندس به ڪزن ٿين ۽ هن ئي ٻڌايو ته اجوءَ وارا اڃا تائين ابو ڌاٻيءَ ۾ رهن ٿا ۽ سندن هڪ ڪزن آدم خان جي شادي اجوءَ جي وڏي ڌيءَ ڊاڪٽر عاصمه سان ٿي آهي. هن گهڻي ئي ڪوشش ڪئي پر اجوءَ سان رابطو نه ڪري سگهياسين. گذريل سال 2008ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪجهه ٻين تعليمي ادارن ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ آيس ته حيدرآباد جي هڪ ڪاليج، شايد زبيده گرلس ڪاليج جي پرنسپال صاحبه ٻڌايو ته هن جو نالو نوشين لغاري آهي. مون کيس کلندي چيو؛ ”هڪ لغاري ڇوڪري ڊاڪٽر مهرالنساءِ نالي اسان جي به مائٽ آهي.“
    ”اها ته منهنجي وڏي ڀيڻ آهي.“ پروفيسر نوشين ٻڌايو. ان بعد ان کان خبر پيئي ته اَجُو اڃا ابو ڌابي ۾ رهي ٿو. هن کي چار ڌيئرون آهن جن مان هڪ ڊاڪٽر عُظمه پنهنجي مڙس سان گڏ اتي ئي ابو ڌابي ۾ نوڪري ڪري ٿي. وڏي ڌيءَ ڊاڪٽر عاصمه ڪراچيءَ ۾ ڪنهن اسپتال ۾ نوڪري ڪري ٿي ۽ سندس انجنيئر مڙس آدم خان لغاري زمينداري به ڪري ٿو ته سوشل ڪم به. اَجُو پاڪستان ۾ ايندو آهي ته هن وٽ ئي رهندو آهي. ننڍي ڌيءَ ڊاڪٽر حنا جي هاڻ شادي ٿي آهي ۽ آسٽريليا ۾ رهي ٿي. پروفيسر نوشين وٽ ان وقت اجو (عرض محمد) جا نمبر نه هئا. پر گهر پهچي، وعدي مطابق هن اجوءَ کي مون بابت ٻڌايو ته آئون پاڪستان ۾ آهيان.
    هفتي کن بعد اسلام آباد ۾ هوس، ته ابو ڌابيءَ مان اسان جي وڇڙيل مائٽ جو فون آيو. ڪا دير خبر چار ڪرڻ ۽ ملڻ جا پروگرام ٺاهڻ بعد آخر ۾ موڪلائڻ وقت اجوءَ چيو: ”ڪراچي ويندو رهين ٿو. منهنجي وڏي ڌيءَ عاصمه اتي رهي ٿي. سندس مڙس آدم خان لغاري پيٽارو جو ئي پڙهيل آهي. تون ضرور ملندو رهجان.“
    آدم کي فون ڪيم. هو منهنجي ڪتابن جو پرستار ٿي لڳو. هو بار بار مون کي منهنجي ڪتاب ”بخشو لغاري کان بالٽيمور“لاءِ مهرباني چوڻ لڳو. ڄڻ اهو ڪتاب لکي مون مٿس ٿورو ڪيو هجي. مون ڏٺو ته آمريڪا ۾ رهندي ۽ ڪراچيءَ ۾ گهر هوندي، هو هر هفتي، ٻه ڏينهن پنهنجي ڳوٺ بخشو لغاريءَ ۾ گذاري ٿو، جتي هن ٻارن لاءِ مفت اسڪول کوليو آهي. کيس پنهنجي ڳوٺ سان ايڏو پيار هيو، جو منهنجي ڪتاب جي ٽائيٽل تي سندس ڳوٺ جو نالو سندس وڏي عزت ۽ خوشيءَ جو باعث بڻجي پيو هيو. هفتي بعد پيٽارو ايسوسيئيشن جي ميٽنگ ۽ ڊنر لاءِ اسلام آباد کان ڪراچي آيس. ڊنر تان اٿڻ مهل، ڪفلٽن پل وٽان آدم لغاريءَ کي فون ڪيم.
    ”آدم تنهنجي گهر اڳيان لنگهان پيو، چئين ته پنج منٽ تو وٽان ٿيندو وڃان.“’هيلو‘ ڪرڻ تي پڇيومانس.
    ”سائين بلڪل هليا اچو، اسين اڃا جاڳون پيا.“ آدم وراڻيو. تين تلوارن وٽان مُڙي، باٿ آئلنڊ تي سندس ٻُڌايل ائڊريس تي گهر پهتس. پاڻ ٻڌايائين ته سندس ڪِٽِ نمبر 7425 آهي. يعني هو 1974ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ آيو هو. سندس ٻه ٻار، محمد فارز نون سالن جو ۽ احمد خان ستن سالن جو، اڃا جاڳي رهيا هئا. آدم ٻڌايو ته؛ ”اڄ کين سئمنگ ڪرائي آيو آهيان. هنن جي ماءُ نوڪري ٿي ڪري ان ڪري سندس ڪجهه ڪم مون کي ڪرڻا پون ٿا.“
    پنجن منٽن جي ويهڻ جو سوچي آيس، پر مون کي ڪلاڪ ٿي ويو. ڳالهيون هجن سي کٽن ئي نه. بهرحال مون کين پهريون دفعو ڏٺو. آدم کي چيم ته؛ ”تنهنجي گهر واري يعني ڊاڪٽر عاصمه جي ڏاڏي ۽ منهنجو نانو ٻئي سڳا ڀاءُ ڀيڻ هئا.“
    ”مون کي چڱيءَ طرح خبر آهي. توهان جو هر وقت عاصمه جي مائٽن وٽ ذڪر ٿيندو رهي ٿو.“
    ”مون کي ڪجهه تصويرون پنهنجي فئمليءَ جون ڏيو.“ مون ڊاڪٽر عاصمه کي چيو، ”خاص ڪري پنهنجي بابا عرض محمد جون، جيئن انهن کي Scan ڪري توهان کي واپس ڪريان.“
    ”توهان بابا کي آخري دفعو ڪڏهن ڏٺو؟“ عاصمه پڇيو.
    ”خبر اٿئي ڪڏهن؟“ مون کِلندي عاصمه کي چيو، ”جڏهن تون ڄائي به نه هئين. تنهنجي ڏاڏي پنهنجي پٽ لاءِ ڪنوار ڳولڻ لاءِ تنهنجي ماءُ (ادي مهروءَ) جو منهن ڏسڻ لاءِ توهان جي ناناڻي گهر آئي هئي. آئون به ساڻس گڏ هوس. تنهنجي پيءُ کي اسان ٻاهر ئي گاڏيءَ ۾ ويهڻ لاءِ چيو هو. اَجوءَ سان ملاقات جو اهو آخري دفعو هو. ان بعد آئون ٻاهر ئي رهيس.“
    عاصمه کي ٻڌايم ته؛ ”مون کي هن وقت به ياد آهي ته توهان جي ناني جو اهو گهر هيرآباد ۾ روپ محل وٽ هو.“
    ”اهو گهر اڃا به اسان وٽ آهي،“ آدم ٻڌايو، ”هر هفتي حيدرآباد ويندا آهيون ته اتي ئي رهندا آهيون. حيدرآباد ۾ جڏهن به توهان جو وڃڻ ٿئي ته هاڻي اتي ئي رهجو. بورچي به رکيل آهي.“
    آدم ٻڌايو ته؛ ”مون پنهنجي ڳوٺ بخشو لغاريءَ ۾ اسڪول به کوليو آهي، جتي ڳوٺ جي ٻارن جي تعليم جو مفت ۾ بندوبست آهي.“
    مون کي آدم جي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي ۽ وعدو ڪيومانس؛ ڪجهه ڏينهن بهتر ٿين ته اهو اسڪول هلي ڏسبو. ڇو جو منهنجي نظر ۾ هر اهو سنڌي جيڪو سنڌ جي ٻارن لاءِ تعليم جو بندوبست ڪري ٿو، نيڪ آهي ۽ پوءِ ٽهڪ ڏيندي عاصمه کي چيم؛ ”تنهنجو گهوٽ ڪهڙي قسم جو وڏيرو آهي، جيڪو ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ تعليم عام ٿو ڪري.“
    ”منهنجو ننڍي هوندي کان زندگيءَ جو مقصد اهو رهيو آهي ته تعليم عام ڪجي. ان لاءِ مون کان جيڪي پُڄي ٿو، مالي مدد ڪريان ٿو ۽ وقت ڏيان ٿو.“ آدم خان ٻڌايو.
    آدم خان، مهراڻ يونيورسٽيءَ مان B.E ڪرڻ بعد، تازو ويجهڙائيءَ ۾ آمريڪا ۾ چار پنج سال رهڻ دوران، اتان MBA جي ڊگري به حاصل ڪري آيو آهي. آمريڪا ۾ رهڻ دوران، پاڻ سانا (سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا) جو سرگرم رڪن ۽ ڪئليفورنيا جو ريجنل سيڪريٽري پڻ ٿي رهيو. ان کان اڳ، اسيءَ واري ڏهي ۾ پڻ آدم لغاري لاس اينجلس ۾ رهيو، جتي پڙهائي ۽ نوڪري کان علاوه هو ”ساڃهه“ رسالي جو مقامي نمائندو پڻ هو. هي رسالو، بالٽيمور آمريڪا ۾ رهندڙ، اعجاز سنڌي جي ادارت هيٺ نڪتو ٿي، جنهن پاڪستان ۾ رهڻ دوران ”سنڌي پبليڪيشنس“ رسالو پڻ ڪڍيو ٿي.
    بهرحال آدم لغاريءَ سان پهرين ملاقات ۾ ئي آئون ڏاڍو Impress ٿيس. جنهن جو ذڪر مون گهر پهچي پنهنجي زال سان به ڪيو. اها پڻ سندن مون جهڙي مائٽِ ٿئي جو اسين زال مڙس پاڻ ۾ ماسات پڻ آهيون. ملاقات ۽ ڪچهرين ۾ گهٽ وقت وڃائڻ جي باوجود، مون آدم سان ٻئي هفتي وري ملڻ جو پروگرام ٺاهيو. هو مون کي سخت محنتي، صحيح معنيٰ ۾ قومپرست، ڪم جو ماڻهو ۽ تعليم کي عام ڪرڻ جو خواهشمند لڳو.
    هاڻ ان کي پورو هفتو اچي ٿيو هو. اڄ شام جو آدم سان وري ملڻ جو پروگرام هو. صبح کان، مون هن لاءِ ڪجهه ڪتاب ۽ سندس زال ڊاڪٽر عاصمه ۽ ٻارن لاءِ ڪجهه سووينئر هڪ بئگ ۾ ٺاهي رکيا. وچئين نماز تي ويس ته دعا کان اڳ پيش امام ڪنهن خاندان جي حادثي بابت ٻڌايو ۽ ان جي لاءِ اسان سڀني کي دعا لاءِ چيو. جماعت ۾ منهنجي ڀرسان سول اسپتال ڪراچيءَ جو، منهنجو پاڙيسري، پروفيسر عمر ميمڻ ويٺو هو. تنهن پڇيو ته؛ ”ڪنهن جو حادثو ٿيو آهي.“
    ”خبر ناهي ڪنهن جو ٿيو آهي،“ مون ڊاڪٽر عمر کي چيو، ”ضرور سندس ڪنهن مائٽ جو ٿيو هوندو، جنهن جي کيس خبر پيئي هوندي.“
    مسجد مان ٻاهر نڪرڻ وقت، مسجد جو امام قاري سليمان در تي جيئن ئي مليو ته ڊاڪٽر عمر کانئس پڇيو؛ ”اهي ڪير هئا جن جو حادثو ٿيو آهي.“
    ”ڀاءُ مون کي پاڻ خبر ناهي!“ قاري سليمان ٻڌايو، ”مون به مسجد ۾ ايندي وقت ٽي وي تي خبر ٻڌي ته سگنل وٽ ڪارون بيٺيون هيون. هڪ ٽرالر واري تيز رفتار ٽرڪ، اونڌي ٿي پئي. مٿانئس رکيل اڻ ٻڌل ٽرالر پاسي کان بيٺل هونڊا ڪار جي مٿان وڃي ڪريو، جنهن ۾ ويٺل سڄو خاندان- زال مڙس ٻن ٻارن سميت، چپجي مري ويو.“
    قاري صاحب پڙهيل لکيل ماڻهو آهي، هو هر سال رمضان جون تراويحون پڙهائڻ آمريڪا يا يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ ويندو آهي. هو ڌارين ملڪن جي سخت قاعدي قانونن کان به واقف آهي. مٿين ڳالهه ٻڌائي، هڪ دفعو وري ڪاوڙ ۾ اچي ويو. چوڻ لڳو؛ ”هي ملڪ آهي جتي جا ڊرائيور نشي ۾ ڌت ٿي گاڏيون ٿا هلائين. جتي جا مالڪ بنا Secure ڪرڻ (سوگهو ٻڌڻ) جي پنهنجا ڪنٽينر ٽرانسپورٽ ٿا ڪن. جتي جي پوليس اهڙين گاڏين جي چڪاس ڪرڻ بدران اکيون ٻوٽي ڇڏي ٿي ۽ معصوم جانيون تباهه ٿيو وڃن. آمريڪا يا يورپ جو ڪو ملڪ هجي ها ته نه فقط ڊرائيور کي پر ٽرڪ ۽ ڪنٽينر جي مالڪن کي به جيل سان گڏ ڪروڙها رپين جو جرمانو لڳايو وڃي ها. دعا ڪريو ته رب پاڪ فوتين کي شهادت جو درجو ڏئي...“
    گهر پهچي هن حادثي جي ڳالهه زال سان ڪرڻ ٿي چاهيم پر خبر ناهي ڇو اڳواٽ هن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا!
    ”اڄ هڪ ڏاڍو غمناڪ قسم جو واقعو ٿيو آهي، جنهن ۾ ڪار مٿان ٽرالر ڪرڻ ڪري سڄي خاندان جو موت واقع ٿيو آهي. چون ٿا ته ڪنٽينر جي وزن جي ڇِپِ ڪرڻ سبب زال مڙس ۽ ٻارن جي جسم جون سموريون هڏيون ڀڄي پيون.“
    هوءَ چپ هئي.
    ”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيو.
    ”هينئر ادا عرض محمد جي ننڍي ڀيڻ نسرين جو فون آيو ته آدم لغاري ٻارن سميت پنهنجي زال ڊاڪٽرعاصمه کي ماريپور جي اسپتال ۾ ڇڏڻ پئي ويو، جتي هوءَ چئن سالن کان سرڪاري ڊاڪٽر آهي ته سندن ڪار مٿان اهو ڪنٽينر ڪري پيو.“
    ظاهر آهي في الحال آئون به شاڪ ۾ هليو ويس. سامهون ٽيبل تي اهو ٿيلهو رکيو هو جيڪو مون آدم وارن لاءِ ٺاهي رکيو هو ۽ ڪجهه ڪلاڪن بعد هنن وٽ وڃڻو هوس. هي ايڏو Unexpected موت هو، جنهن تي يقين نه پئي يو. آدم ۽ عاصمه جون فقط هڪ هفتو اڳ جون ٻُڌايل ڳالهيون هن وقت به ڪنن ۾ ٻُري رهيون آهن. هن نوجوان جوڙي جو سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ پيار ۽ پورهيو منهنجي لاءِ مثالي هو. ڏتڙيل سنڌ کي ههڙن دلبر ماڻهن جي اڃا ته ضرورت هئي. هي اهڙي ڏيهه ڏي روانا ٿي ويا، جتان اڄ ڏينهن تائين ڪو به نه موٽيو آهي. دل اهو ئي چوي ٿي ته هنن کي اڃا وڃڻ نٿي کتو. پر هو ڇا چوندا آهن ته:
    People Who are needed here, are needed above also.
    اهي ماڻهو جن جي اسان کي ضرورت آهي، انهن جي شايد مٿي به ضروت آهي. يا؛ جن جو هتي کپ، تن جو اُتي به کپ……


    قمر شهباز: هڪ قداور ليکڪ ...

    مئي مهيني جو امرتا مليو آهي. توهان جو ’امرتا‘ هاڻ ’سُهڻي‘ ۽ ’روح رهاڻ‘ جون سڪون ٿو لاهي. مواد ۽ ڇپائيءَ جي لحاظ کان اُتم ۽ اُتاهون ٿيندو وڃي. باقي اشتهار نه هجڻ ڪري، اهو ضرور احساس ٿئي ٿو ته هي رسالو ڪڍڻ وارا ڪيڏي وڏي عذاب ۾ هوندا. ڪٿي ته اخبارن ۽ رسالن کي ايڏا اشتهار ملن ٿا جو هُو مفت ۾ ورهائين ته به وڏي فائدي ۾ وڃن ۽ ڪٿي وري ’امرتا‘ جا مسڪينيءَ وارا حال ٿا ڏسجن ته ڏک ٿو ٿئي. ڇپڻ وارا هن رسالي کي جياري رکڻ لاءِ جيڪي جَتَن ڪري رهيا هوندا، ان جو اندازو لڳائڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. توهان (فقير محمد ڍول) جا هن پرچي ۾ قمر شهباز لاءِ لکيل جذبات حقيقت تي مبني آهن. ان قسم جا تاثرات عبرت، ڪاوش ۽ عوامي آواز جهڙين اخبارن ۾ به ڇپجڻ کپن، جيئن پرديس ۾ رهندڙ مون جهڙا، هن قسم جو لاجواب مضمون انٽرنيٽ تي به پڙهي سگهن.
    قمر شهباز هڪ تمام قداور ۽ Great ليکڪ چئي سگهجي ٿو. گذريل 45 سالن کان آءٌ بلڪل سندس ويجهو رهيو آهيان. هو منهنجو دوست به رهيو آهي ته امر جليل ۽ تاج بلوچ وانگر، لکڻ جي معاملي ۾ منهنجو استاد به. سندس لکڻين جو اندازو ته’امرتا‘ ۾ ڇپيل سندس ڪهاڻي ’ڏاڏي آدم جو سوال‘ مان ئي لڳائي سگهجي ٿو. ڇا ته هو Talented ماڻهو هو. سندس لکڻين ۾ طنز ۽ مزاح آهي. سندس لکڻين ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي ڏکن، دردن، ڪوتاهين ۽ معاشري جي خامين لاءِ ڏک ۽ ڳڻتي آهي. ڪارو ڪاريءَ تي، گهڻن ئي ماڻهن لکيو آهي، پر هن جي ڪهاڻيءَ ’ڏاڏي آدم جو سوال‘ ۾ اسان جي کوکلي ماحول، ڪوڙي وڏائي ۽ ڪوڙي لئي تي ڀونڊو آهي...
    ’لک جي نالت اٿو سڀني جي ٻوٿ ۾! ڀاڙيا ڪنهن جَاءِ جا! معصومن ۽ گگدامن کي ماري کڳيون ٿا هڻو کوٻلا؟ وڏ گيرتي پٽ ٿا سڏايو پاڻ کي؟ سڄي سنڌ پئي سڙي، ماءُ پئي ليلام ٿيئي، جيجل پئي ڌارين هٿان جُهري، اتي گيرت ڪا نه ٿي اچو...؟‘ سندس اهي جملا پڙهي دل مان اهو ئي نڪتو ته قمر توکي اڃا وڃڻو ڪو نه هو... ڪاش توهان جو رسالو (امرتا) Net تي هجي ها ۽ هيءَ ڪهاڻي ٻيا به پڙهي سگهن ها. هيءَ ڪهاڻي اسان جي هڪ هڪ سنڌيءَ لاءِ پڙهڻ ضروري آهي...
    مون کي خوشي ٿي آهي ته ’امرتا‘ وارا، قمر شهباز جون ڪهاڻيون هٿ ڪري ’امرتا‘ ۾ ڇپڻ جو ارادو رکن ٿا. منهنجو قمر سان هر وقت- بلڪ گذريل چاليهه سالن کان، ان ڳالهه تي جهيڙو رهندو هو ته ههڙيون لاجواب ڪهاڻيون ۽ ڪالم ٿو لکين، انهن کي گڏ ڪري ڇپائين ڇونٿو سندس جواب هميشه، سراج ميمڻ وارو هوندو هو؛ ”وقت ملڻ تي اهو وڌيڪ لکڻ ۾ استعمال ڪريو ڇڏيان. پراڻيون ڇپيل ڪهاڻيون ڪٿي ڳولهيان؟“ هاڻ پهريون دفعو، وفات کان ٽي يا چار ڏينهن اڳ، ڊفينس جي UBL بئنڪ ۾ مليو. مون کي ٻاهر وٺي پنهنجي گاڏيءَ ۾ رکيل ڪجهه رسالن ۽ اخبارن ڏي اشارو ڪري چيائين؛ ”هيءُ ڪجهه مواد هٿ ڪيو اٿم ۽ باقي ملڻ ته ناممڪن ٿو لڳي. الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويو.“ مون سان گڏ ملائيشيا جي نيول اڪيڊميءَ ۾ تدريس جو ڪم ڪندڙ ۽ گڏ جهاز هلائيندڙ ڪئپٽن عثمان خان به هو. تنهن کي قمر شهباز سان ملايم ته قمر ٽهڪ ڏيئي هن کي چيو: ’سنڌي ادب کي ٻن ماڻهن چڱو سڃاتو آهي. هڪ امر جليل ۽ هڪ هن توهان جي دوست.‘
    ’ڪيئن ڀلا؟‘ ڪئپٽن عثمان خان پڇيو.
    ’ان ڪري جو هنن ٻنهي وٽ لکڻ لاءِ ڪينواس آهي. الطاف دنيا جو سفر ڪري ٿو ۽ وڃي لکندو. اسان کي ته هر دفعي سوچڻو پوي ٿو ته ڪهڙي عنوان تي لکون.‘
    مون قمر کي چيو؛ ’پوءِ ته امر جليل کي شاباس هجي، هو توهان وانگر هتي ئي ويٺو آهي، پوءِ به لکندو رهي ٿو. هن وٽ مصوري ڪرڻ لاءِ ڪهڙو پردو آهي؟‘
    قمر کِلي چيو، ’امر جليل وري اهو خول ٺاهي ڇڏيو آهي ته آئون هڪ چريو آهيان. آئون هڪ موڳو مَٽر آهيان، آئون ڊڄڻو گدڙ آهيان ۽ پوءِ وتي هر عنوان تي لکندو. چريو ماڻهو ٿيو ته ڪجهه به ڪري سگهي ٿو... ڪجهه به لکي سگهي ٿو...‘
    پوءِ گاڏيءَ مان اپريل يا شايد مارچ مهيني جو ’امرتا‘ رسالو ڪڍي مون کي چيائين؛ ”هي رسالو ڏٺو اٿئي...؟“
    ”سالن کان پڙهندو اچان! جڏهن کان ان جو جنم ٿيو آهي.“ ٻڌايومانس.
    ”بس هاڻي تون اهو پڙهندو رهجان. مون به هڪ Canvas ڳولهي لڌو آهي ۽ ان تي آئون ايترو لکندو رهندس جو توهان به پڄي نه سگهندؤ.“
    اڄ جڏهن فقير محمد ڍول جو قمر شهباز بابت ليک ’اوهان جي پڄاڻان‘ ۾ هيءُ جملو پڙهان ٿو: ”هن مون سان واعدو ڪيو هو، ته تون رڳو ’امرتا‘ ۾ ڪهاڻيون ڇپيندو وڃ، آئون امرتا لاءِ ڪهاڻيون لکندو ويندس...“ ته اهو لڳي ٿو ته ڪيترا ئي پڙهندڙ فقير محمد ڍول جي لکيل ان جملي کي من گهڙت يا فقير محمد ڍول جي Fabrication سمجهن، پر آئون اهو ئي لکندس ته اها هڪ حقيقت آهي...
    قمر شهباز اهڙو ماڻهو هيو، جنهن کي مون هميشه Composed ۽ کلندو مرڪندو ڏٺو، دل جي آپريشن لاءِ ٿيٽر ۾ وڃي رهيو هو ته، چرچا ڪندو پئي ويو. هو گهڻو ڪري پاڻ تي ئي چرچا ڪندو هو. زبردست Sense of Humor جو ماڻهو هو. گهڻو گهڻو اڳ سندس چوڻ تي آئون پنهنجي پيٽارو جي دوست ENT سرجن سرفراز شاهه کي ساڻس ملائڻ لاءِ وٺي ويس. ڊاڪٽر سرفراز تازو ويانا (يورپ) مان پلاسٽڪ سرجريءَ جو هُنر سکي آيو هو ۽ تمام ڪاميابيءَ سان آپريشنون ڪري رهيو هو. قمر شهباز سان جڏهن اها ڳالهه ڪيم ته يڪدم پنهنجي هڪ ڌيءَ کي ڊرائنگ روم ۾ گهرائي سرفراز کي چيائين؛ ”ادا هن جي نڪ جي پلاسٽڪ سرجري ڪندؤ!“ پوءِ کلندي ڌيءَ کي چيائين: ”پٽ ! شرماءِ نه. چاچا کي ٻڌاءِ ته تنهنجو ڪنهن جهڙو نڪ ٺاهي... ڊمپل ڪپاڊيا جهڙو يا سري ديويءَ جهڙو يا رتي اگني هوتريءَ جهڙو؟“ ڊاڪٽر سرفراز ته ويچارو گذاري ويو، پر مون کي اڄ به قمر شهباز جي اهاڳالهه ياد ٿي اچي ته کل از خود اچيو وڃي.
    قمر کي هڪ ڏينهن چيم؛ ”تنهنجي اها ڳالهه ڏاڍي سٺي آهي جو هر حال ۾ پاڻ کي خوش ٿو رکين.“ ڳنڀير شڪل ٺاهي وراڻيائين؛ ”اهو رڳو ٻاهران ٿو ڏسين اندر ڦٽيو پيو آهي.“
    ”ڇو ڀلا؟“ پڇيومانس.
    ”ادا ڪهڙو پڙهيل ڳڙهيل ۽ باشعور سنڌي هوندو، جيڪو اڄ جي دور ۾ خوشي محسوس ڪندو هوندو؟ اهو ملڪ جنهن جو ٻچو ٻچو ڄمڻ سان قرضي ٿي پيو آهي. اها اسان جي ڌرتي جنهن جا پنهنجا ئي بي گهر ۽ بيروزگار آهن. اغوا اسين پيا ٿيون، يتيم اسين پيا ٿيون... هن ايڪهين صديءَ ۾ به اسان جي ٻارن لاءِ نه تعليم آهي نه صحت، نه نوڪري آهي نه اجهو...“
    ”قمر! هڪ ڏينهن پاڻ وٽ به ضرور جمهوريت ايندي، پنهنجا ئي ماڻهو حڪومت ۾ ايندا ۽ پوءِ خوشحالي ضرور ايندي...“ چيومانس.
    ”ڀلي کڻي پنهنجا ئي اچن، اهي به اسان سنڌين لاءِ اهو ئي ڪندا... رڳو آسرا ۽ اميدون اسان جي نصيب ۾ رهندا...“
    اڄ قمر جي مرڻ پڄاڻان، سندس ڳالهين تي ٿو سوچيان. سندس مرڪندڙ چهري پويان بيان ڪيل غمن جي جهلڪ ٿي نظر اچي... خوشيون ڄڻ ته اسان کان موڪلائي ويون هجن.
    نه چرچو نه تاڙي، رهي آ اسان وٽ،
    رڳو رات ٻاڙي، رهي آ اسان وٽ،
    مڃان ڪيئن ڀٽائي! ته سنڌ آ ساڳي،
    نه اجرڪ نه ساڙهي، رهي آ اسان وٽ،
    ڪٿي ماءُ مومل، ڪٿي ڀيڻ ڪاري،
    ڪُهڻ لاءِ ڪهاڙي، رهي آ اسان وٽ.


    امر جليل رائيس... ۽ ٻيا ڊش

    امر جليل فون ڪري پڇيو؛ ”اڄ جي اخبار پڙهي اٿئي يا نه؟“
    ”اخبار نه پڙهي اٿم،“ وراڻيومانس، ”پر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال فون ڪري ٻڌايو آهي ته سنڌي ادبي سنگت وارا پاڻ ٻنهي کي لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ٿا ڏين.“
    امر جيل ٽهڪ ڏيندي چيو؛ ”لڳي ٿو هو اسان ڏاڙهين وارن کي پڪو مسلمان بنائڻ ٿا چاهين.“
    اڄ کان پورا ويهه سال اڳ، 1989ع ڌاري، ملائيشيا حڪومت منهنجي ادبي خدمتن سبب، مون کي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. جنهن بابت، ملاڪا صوبي جي چيف سيڪريٽريءَ ايوارڊ ڏيڻ کان فقط ٻه ڏينهن اڳ، مون کي فون ڪري ٻڌايو هو. ڏهاڪو کن سال ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي بندرگاهن ۾ جهاز هلائڻ بعد، ملائيشيا جي هڪ خوبصورت رياست ملاڪا ۾ رهي پيو هوس، جتي جي مئرين اڪيڊمي جي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي سرپرست جي حيثيت سان پنج ڇهه سال کان نوڪري ڪري رهيو هوس. درس و تدريس جي ڪم سان گڏ پنهنجو لکڻ پڙهڻ جو شوق به جاري رکيم. ملائيشيا بابت ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون عبرت ۽ هلال پاڪستان اخبارن ۾ لکندو رهيس، جن کي نيو فيلڊس پبليڪيشن جو مالڪ فيروز ميمڻ صاحب گڏ ڪري ڪتاب ڇپيندو رهيو... ”مڪليءَ کان ملاڪا...“، ”ڪولالمپور ڪجهه ڪوهه“ وغيره. چيف سيڪريٽريءَ فون تي ئي ٻڌايو؛ ”اسان کي پاڪستان ۾ موجود اسان جي اسلام آباد واري سفارتخاني ۽ ڪراچي واري قونصل خاني کان معلوم ٿيو آهي ته؛ توهان ملائيشيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بهتر تعلقات پيدا ڪرڻ خاطر ملائيشيا ملڪ ۽ ان جي ادب، ڪلچر ۽ ثقافت کي پاڪستانين سان متعارف ڪرائي رهيا آهيو.“
    بهرحال مون ته ان بابت سوچيو به ڪو نه هو. منهنجي لاءِ ته منهنجي سفرنامن ڇپجڻ ڪري پڙهندڙن جا جيڪي سيکاٽ، ميهڙ، تلهار ۽ بدين جهڙن سنڌ جي شهرن مان خط ايندا هئا، سي ئي وڏي ڳالهه هئا. مون کي ته خواب خيال ۾ به نه هو ته پرديس ۾، مفت ۾، مون کي هيڏو وڏو انعام ملي ويندو. اهي ڏينهن ياد ڪريان ٿو ته مون کي ان ايوارڊ جو ٻڌي ڪا خاص خوشي نه ٿي هئي، جيتري هينئر سنڌي ادبي سنگت جي ايوارڊ جو ٻڌي ٿي اٿم. جيتوڻيڪ ملائيشيا وارن مون کي هڪ خوبصورت سرٽيفڪيٽ کان علاوه، ٽن تولن جو سونو ٻلو (Medal) به ڏنو هو ۽ هن ايوارڊ PJK (Pingat Jasa Kebaktian) جي اهميت جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملائيشيا جا وڏا وڏا سرجن، انجنيئر، پروفيسر وغيره، هن ايوارڊ ملڻ بعد پنهنجي سڃاڻپ واري ڪارڊ تي نالي بعد مختلف ڊگريون لکڻ بدران فقط ۽ فقط PJK لکرائي ڇڏيندا آهن.
    هيڏانهن ڪنهن مون کي ٻڌايو ته؛ ”سنڌي ادبي سنگت وارا ايوارڊ طور هڪ پلاسٽڪ جي شيلڊ ڏيندا.“ پر ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي بيحد گهڻي خوشي ۽ Excitement محسوس ٿي. ڇو جو اهو ايوارڊ مون کي پنهنجن ماڻهن طرفان ملي رهيو هو. هونءَ ته اسان جي ملڪ جو اهو حال آهي جو سرڪاري انعام اڪرام گهڻو ڪري سرڪاري ڪامورن کي ملن ٿا يا وري انهن کي ملن ٿا جيڪي سرڪاري ڪامورن ۽ حاڪمن جي خدمت چاڪري ۽ ٽهل ٽڪور ڪن ٿا، جنهن کي ”لابي“ سڏيو وڃي ٿو. ڪنهن مون کي چيو؛ ”توهان کڻي ڪيترو به لکو پر توهان کي سرڪاري يا نيم سرڪاري اداري طرفان ايوارڊ ملڻ مشڪل آهي! ڇو جو توهان جي ڪابه لابي ناهي.“ ٻين اکرن ۾ لکڻ وارو ماڻهو، پنهنجي لياقت يا لکيت جي Quality کي بهتر بنائڻ لاءِ محنت ڪرڻ بدران وتي وقت جي حاڪمن جي چمچا گيري ڪندو.
    ڊاڪٽر ذالفقار سيال، جڏهن سنڌي ادبي سنگت جي ايوارڊ جي خوشخبري ٻڌائي ته يڪدم پڇيومانس؛ ”اهو ايوارڊ مون کي واقعي ميرٽ تي ڏنو پيو وڃي يا دوستي ياريءَ ۾.“
    ”سنڌي ادبي سنگت جو جنرل سيڪريٽري دڙي شهر جو يوسف سنڌي آهي،“ ڊاڪٽر ذوالفقار ٻڌايو، ”جنهن نه توهان کي ۽ نه توهان کيس ڪڏهن ڏٺو آهي جو دوستي ياريءَ جو شڪ ڪجي. ٻي ڳالهه ته ايوارڊ لاءِ سنڌي ادبي سنگت وارا، سڄي سنڌ جي نمائندن کان راءِ پڇندا آهن ۽ توهان کي اهو ٻڌي خوشي ٿيندي ته وڏي ميجارٽيءَ امر جليل ۽ توهان لاءِ ووٽ ڏنو آهي.“
    بهرحال امر جليل ته سنڌيءَ توڙي اڙدوءَ ۽ انگريزي ادب ۾ بيحد قدآور هستي آهي. اسان ڄامڙا، هن اڳيان ڪابه حيثيت نٿا رکي سگهون. امر جليل منهنجو ننڍپڻ کان دلپسند ليکڪ رهيو آهي. سنڌي لکڻين ۾ هو منهنجو استاد ۽ رهنما پڻ رهيو آهي. سٺ واري ڏهي جا ٻه سال کن، جيڪي مون ڪراچي شپ يارڊ ۾ ڪم ڪيو، هر هفتي ڪراچي جي وڪيل سائين نور الدين سرڪي صاحب جي آفيس ۾ ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت جي ميڙاڪي ۾، اسين پنهنجيون لکڻيون پڙهندا هئاسين ته امر جليل درستيون ڪندو هو. هن جا ادب بابت ڏاهپ وارا قول، مون کي هميشه ياد رهن ٿا ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. بهرحال مون لاءِ اها ڊبل خوشيءَ جي ڳالهه هئي ته مون کي هڪ ته ايوارڊ ڏنو ٿو وڃي ۽ ٻيو ته اهو ايوارڊ سنڌ جي عظيم هستي امر جليل سان گڏ ڏنو ٿو وڃي، جنهن جي مقابلي ۾ آئون ڪابه حيثيت نٿو رکان. بلڪه ڪجهه ڪجهه شرمندگيءَ جو احساس ٿي رهيو اٿم ته ڪٿي هو ڪٿي آئون؛ جنهن جو گذر سفر مهاڻن، ماڇين ۽ ساٽين جهڙي ”جينٽري“ سان ٿو ٿئي. وري منهنجيون ڪچيون ڦڪيون لکڻيون ”وقت گذاري“ خاطر آهن. عجيب اتفاق آهي جو اهو ساڳيو احساس، اڄ کان چاليهه سال اڳ 1969ع ۾ به ٿيو هوم. جڏهن ”پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس“ سنڌي ادب ۾، امر جليل جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”دل جي دنيا“ ۽ منهنجي سفر نامي ”منهنجو ساگر، منهنجو ساحل“ کي Best Book of the Year قرار ڏنو هو ۽ ان وقت ”نظر ڏنڀاڻيءَ“ خاطر جيڪا رقم (جملي رپيه 850) حڪومت پاڪستان علائقائي ادب لاءِ رکي هئي، ان جي اڌ جو چيڪ مون کي مليو هو ۽ اڌ جو امر جليل کي.
    مون کي ياد ٿو اچي ته ان ڏينهن امر جليل، تاج جويو، پي ٽي وي جو مئنيجر عبدالڪريم بلوچ ۽ آئون صدر ۾ الفا نالي هڪ ريسٽورنٽ ۾ چانهن ۽ سمبوسا کائي پوءِ اڄ واري پاسپورٽ آفيس جي سامهون هڪ Shanty Town نموني جي سرڪاري بئرڪن مان هڪ ۾، شمشير حيدريءَ وٽ آيا هئاسين، جيڪو انهن ڏينهن ۾ نئين زندگيءَ جو ايڊيٽر هو. شمشير وٽ بنا کير جي ”کيري واري“ چانهه پي- يعني چانهه ٺاهڻ واري جي چوڻ مطابق هن کير وڌو آهي پر هو ”نه“ برابر- اسان ٻاهر نڪري، هاڻ روانا ٿياسين ته سامهون هڪ فوٽو گرافر جو دڪان ڏسي چيومان؛ ”هلو ته گروپ فوٽو ڪڍرايون!“ اسان چارئي ڄڻا اسٽوڊيو ۾ پهتاسين. مرحوم عبدالڪريم بلوچ ڏندن ڀڳل ۽ مر لڳل ڦڻي کڻي، پنهنجا وار سيٽ ڪيا. تاج بلوچ اسٽوڊيو ۾ رکيل ۽ اڳواٽ ڳنڍيون ٻڌل ٽائين مان هڪ کڻي ٻڌڻ ٿي چاهي ته جليل اها آئيڊيا ڊراپ ڪرڻ جي صلاح ڏنس ۽ پوءِ قطار ۾ ٿي بيٺاسين. اٺن ڪاپين جو آرڊر ڏنوسين، جيئن هرهڪ کي ٻه ملي سگهن. ٻن ڏينهن بعد آئون پنهنجي حصي جون ٻه ڪاپيون وٺي جهاز تي روانو ٿي ويس. انهن مان هڪ ڪاپي لورپول (انگلينڊ) پهچي، خيرپور جي لعل جوڻيجو کي ڏنم ۽ ٻي ڪاپي فريم ڪرائي جهاز جي ڪئبن ۾ ڀت تي ٽنگي ڇڏيم. هڪ پاسي کان تن ڏينهن جي فلمي هيروئن رحمان جي تصوير هئي ته ٻئي پاسي شرميلا ٽئگور جي. فوٽوءَ ۾ اسان هيرو ٿي لڳاسين. جهاز بدلي ٿيڻ تي اها تصوير ٻين جهازن تي به ٽنگيندو رهيس. سالن تي سال گذرڻ بعد احساس ٿيو ته اسان چارئي ڄڻا، ڏاڙهي مڇون ڪوڙيل عجيب مسخرا ٿا لڳون. بلڪه لسا پٽاٽا ٿا لڳون. پوءِ هڪ ڏينهن اها تصوير لاهي ڇڏيم ۽ الائي ڪيڏانهن گم ٿي وئي. هاڻ سوچيان ٿو ته اڄ اها هجي ها يا جي ڪنهن وٽ هجي ۽ مون کي ملي وڃي ته ضرور اخبار ۾ ڏيڻ چاهيندس، جيئن اڄ جا نوجوان 1969ع جي ان وقت وارن بيل باٽم هيروز جي، يعني اسان جي چال، ڍال ۽ پوشاڪ کي ڏسي سگهن ته ڪهڙا عجيب ٿي لڳاسين!
    هڪ ٻي ڳالهه ياد آئي. 1971ع ۾ منهنجي شادي ٿي. اڄڪلهه ته ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تان 24 ڪلاڪ رڌ پچاءَ جا طريقا سيکاريا وڃن ٿا. خاص ڪري الله ڀلو ڪري ادي سلطانه صديقيءَ جو، جنهن مسالا ٽي وي چئنل ڪڍي سڀني کي گهر ويٺي رڌ پچاءُ سيکاري ڇڏيو آهي. تن ڏينهن ۾ ٻاجهريءَ جي مانيءَ جي ترڪيب ٻڌائيندي به ڪيترن کي ٻرو چڙهندو هو. منهنجي زال کي رڌ پچاءُ صفا نٿي آيو. چڱو جو جهاز جي نوڪريءَ ڪري سڀ رڌو پڪو ٺهي ملندو هو. بندرگاهن ۾ مهمان ايندا هئا ته ڪمپنيءَ طرفان انهن جي ماني به جهاز طرفان هوندي هئي. ڪراچيءَ جڏهن به جهاز ايندو هو ته اسان امر جليل جي گهر اينداهئاسين، جيڪو انهن ڏينهن ۾ سعيد منزل (NJV اسڪول) واري لائين ۾ جميله اسٽريٽ تي هو. امر جليل سان منهنجي ادب ۽ ڪتابن تي ڪچهري هلندي هئي. تيسين سندس گهر واري، منهنجي زال کي هر دفعي ٻن ٽن مختلف ڊشن جون ترڪيبون ٻڌائيندي هئي. انهن سڀني ۾ اسان لاءِ دلپسند ۽ جهٽ پٽ واري ترڪيب چانور ٺاهڻ جي هئي. اڄ به جڏهن ماڻهو سنڌي برياني، بهاري ڪباب، پنجابي نان پاون جي ڳالهه ڪن ٿا ته اسان جي گهر ۾ ”امر جليل ڀت“ ياد ڪيو وڃي ٿو.
    بهرحال مون پنهنجي تقرير ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته اڄ کان پورا ويهه سال اڳ يعني 1989ع ۾ مون کي ملائيشيا حڪومت طرفان جڏهن ادبي خدمتن ڪارڻ ايوارڊ مليو هو ته ڪوالالمپور ۾ موجود اسان جي سفارتخاني وارا ڏاڍا خوش ٿيا هئا ته ملائيشيا ۾ ان قسم جو ايوارڊ هڪ پاڪستاني Expatriate کي مليو آهي. ڌارئين ملڪ جي ايوارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ملڪ جي حڪومت کان اجازت وٺڻي پوندي آهي. اها به ان وقت جي سفير سيد عظمت حسن مون پاران اسلام آباد مان وٺي ملائيشيا جي حڪومت کي اطلاع ڪيو هو. هو سڀ ڏاڍا خوش هئا. مون کي رکي رکي ائين پئي فون ڪيائون ۽ خير عافيت پڇيائون ڄڻ ملائيشيا ۾ ان وقت آيو هجان ۽ ان کان پنج سال اڳ وارو مدو آئون پاڻ نه پر منهنجو پاڇو ملائيشيا ۾ ترسيل هو. سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ جي مقابلي ۾ مون لاءِ ملائيشيا وارو ايوارڊ ڄڻ ”جنگل مين مور ناچا...“ وارو حساب هو. ايوارڊ ضرور مون کي مليو پر ڪهڙا منهنجا سڃاڻا ملائيشيا ۾ هئا جن تي لئه رکجي. مون وٽان پڙهي ويل شاگرد به اتي نٿي رهيا، جو منهنجا شاگرد جهازن جا انجنيئر ۽ نيويگيشن آفيسر هئا جيڪي فقط ٽن مهينن جو ڪورس ڪري پنهنجي پنهنجن جهازن تي هليا وڃن ٿا. هتي سنڌي ادبي سنگت جو ايوارڊ حيدرآباد ۾ ملي رهيو هو، جنهن شهر جا ماڻهو منهنجا هم زبان ۽ هم وطن ٿيا ۽ جن مون کي سڃاتو ٿي ۽ ڪيترن کي مون به سڃاتو ٿي.
    ايوارڊ واري فنڪشن تي معلوم ٿيو ته مهمان نه فقط حيدرآباد کان پر سڄي سنڌ کان آيا آهن.


    ملڪ جي ستياناس ٿيڻ جو ڪارڻ...

    سنڌي ادبي سنگت طرفان ايوارڊ جو فنڪشن، حيدرباد ۾ سنڌي لئنگوئيج اٿارٽيءَ جي عمارت ۾ صبح جو يارهين بجي رکيو ويو هو. مئي جو مهينو، يارهين بجي فنڪشن، معنيٰ سخت گرمي ۽ ٽاڪ منجهند ئي ٿي! ڪراچيءَ مان نڪرڻ کان اڳ، وري به پڪ ڪيم. معلوم ٿيو ته اهو ئي صحيح ٽائيم آهي، جيڪو دعوتنامي واري ڪارڊ ۾ پڻ لکيل آهي. ٿي سگهي ٿو فنڪشن اڃا به دير سان شروع ٿئي، جيئن اسان جي ملڪ ۾ هر ڪم دير سان ٿئي ٿو. وقت جي پابنديءَ جهڙي ڪا شيءِ ناهي! پر مون يارهين کان پنج منٽ اڳ پهچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ دير ڪري پهچڻ جو Risk نٿي کڻڻ چاهيو. متان ڪو اهو سمجهي ته اسان کي ايوارڊ ٿو ملي ان ڪري لئه رکڻ لاءِ دير ڪئي اٿئون. جيئن اسان وٽ چيف گيسٽ ۽ ٻيا وڏا ماڻهو ڪندا آهن. هو تيسين دعوت ۾ نه پهچندا آهن. هوڏانهن جيسين کين پڪ نه ٿئي ته وڏي خلق اچي گڏ ٿي آهي ۽ هرهڪ الله کان ٻاڏائي پيو ته چيف گيسٽ اچي ته فنڪشن شروع ٿئي. چيف گيسٽ اچي ته ماني لاءِ سڏ ٿئي. ٻيا ته ٺهيو پر اسان جي ملڪ جا، ڳريون فيون وٺندڙ، ڊاڪٽر ۽ سرجن به وقت تي نه ايندا آهن. رسيپشن هال ۾ رکيل سڀ ڪرسيون مريضن سان ڀرجي وينديون. ڪيترا بيمار بيٺا هوندا پوءِ ڪمپائونڊر يا نرس ڊاڪٽر کي فون ڪري چوندو؛ ”سائين هاڻ گهران نڪرو.“ بهرحال ان سان ڪا وڏ ماڻهپي يا ڊاڪٽر جي مشهور هجڻ جو ماڻهن تي Impact نٿو پوي. بلڪه ماڻهن جي وقت جو زيان هڪ طرف ٿو ٿئي، جيڪو هڪ قومي نقصان پڻ آهي ۽ ٻئي طرف انتظار ڪندڙ دعوتي يا مريض، چيف گيسٽ توڙي دير سان ايندڙ ڊاڪٽر کي ٻڪ کڻي دعا ڏيڻ بدران پِٽون ۽ پاراتا ڏين ٿا.
    آئون ڪراچي هاءِ وي لتاڙي، واڌو واهه وٽ سوا ڏهين بجي پهچي ويس. ٻن ٽن کان پڇڻ بعد آخر هڪ همراهه ٻڌايو ته سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي بلڊنگ سنڌ ميوزم ڀرسان آهي. اسان وارو ڊرائيور سنڌ ميوزم جو پڇائيندو اڳتي وڌندو رهيو... آئون ٿورو ماضيءَ جي ”ميمري لين“ ۾ هليو ويس، جڏهن ڊاڪٽر ارباب رحيم سنڌ جو چيف منسٽر هو ۽ آئون سندس آفيس ۾ اهو چئي اٿيو هوس ته کڻي ڇا به ٿي پوي ته سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي آفيس ۾ ڪڏهن به نه ويندس.
    ارباب رحيم ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جو آهي. مون کان ڏهاڪو کن سال جونيئر ٿيندو. مون کيس چيف منسٽر ٿيڻ کان اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هڪ ڏينهن اتر سنڌ جا ٻه اديب مون وٽ آيا ته سندن ڪنهن مائٽ آفيسر لاءِ، وزيراعليٰ کي بدليءَ جي سفارش ڪريان.
    مون کين ٻڌايو؛ ”هڪ ته بدلي اهڙي شيءِ آهي جنهن جي سفارش جي خلاف آهيان، اڃا به ڪا ناانصافي ٿي رهي هجي ته اها ٻي ڳالهه آهي. ٻي ڳالهه ته وزيراعليٰ پيٽارو جو ضرور آهي پر منهنجو نه دوست آهي نه سڃاڻو. وڏي ڳالهه ته اهڙن ماڻهن کي ٻئي ڪنهن سان ملڻ جو وقت ڪٿي آهي ۽ آئون اجايو هن جي آفيس ٻاهران هلي پنهنجو وقت ڇو خراب ڪريان.“ پر هنن مون کي هن آفيسر جي دردناڪ ڪهاڻي ٻڌائي مون کي مطمئن ڪيو. چيائون؛ ”هن نيڪ آفيسر جي بدلي نه ٿيندي ۽ گهر کان پري رهيو ته سندس بيمار هجڻ ڪري سندس موت ٿي سگهي ٿو.“ بهرحال اهو ناممڪن سمجهي به مون سي ايم هائوس فون ڪيو. سيڪريٽريءَ ان ئي وقت وزيراعليٰ کي فون پاس ڪيو ۽ ارباب صاحب تمام سٺي نموني سان ڳالهايو ۽ منهنجو پاڪستان ۾ هجڻ سبب، هن ملڻ جي به خواهش ظاهر ڪئي. مون کيس ڪم جي ڳالهه ٻڌائي. هن منهنجي ڳالهه ٻڌي، ٿوري دير لاءِ ماٺ ٿي ويو. پوءِ چيائين؛ ”توهان چئو ٿا ته هن جي بدلي ضرور ڪندس پر توهان کي هتي جي ماحول جي خبر ناهي. اهو آفيسر ايماندار ناهي ۽ پنهنجي بدلي بدنيتي تي ڪرائي ٿو.“ ٻن ڏينهن بعد مون کي هڪ سٺي دوست جو فون آيو جيڪو ان وقت سنڌ حڪومت ۾، ان کاتي جو سيڪريٽري هو، جنهن سان مٿئين آفيسر جو واسطو هو. هن خوش خير عافيت ڪرڻ بعد ٻڌايو؛ ” مون کي توهان جي ريفرنس سان وزيراعليٰ هدايتون ڏنيون آهن ته ان آفيسر جي بدلي ڪئي وڃي. ڪجهه پراجيڪٽ اهڙا آهن، جن ۾ گهپلو ڪرڻ ۽ پئسو کائڻ جي چڪر ۾ هو سکر بدلي ڪرائڻ ٿو چاهي ۽ سندس ڳوٺ ۽ گهر ٻار ته پاڻ ان شهر کي ويجهو آهي، جتي هن وقت هن جي نوڪري آهي!“
    پنهنجي دوست کان اها حقيقت معلوم ٿيڻ تي منهنجي ضمير گوارا نه ڪيو ڪو اهو ڪم انساني همدردي خاطر آهي. مون پاڻ کي ان گناهه جهڙي ڪم ۾ شامل ڪرڻ نٿي چاهيو ۽ يڪدم ارباب صاحب کي سندس ڏنل موبائيل فون تي ٻڌايم؛ ”منهنجي سفارش کي نه مڃيو وڃي، باقي پاڻ يا واسطيدار کاتو هن آفيسر جي بدلي ڪرڻ چاهي ٿو ته ڀلي ڪري.“
    ڪجهه ڏينهن بعد آئون اسلام آباد هوس ته ارباب صاحب جي سيڪريٽري جو فون آيو ته ارباب صاحب ملڻ ٿو چاهي.
    ”آئون هن وقت ڪراچي کان ٻاهر آهيان، جيئن ئي ايندس ته ساڻس اچي ملندس.“ مون کيس ٻڌايو.
    ارباب صاحب سي ايم هائوس ۾ ئي رهيو ٿي ۽ فجر نماز هن هر صورت ۾ مسجد ۾ پڙهي ٿي. مون ڏٺو آهي ته هڪ نمازيءَ سان بنا ڪنهن وقت ضايع ڪرڻ جي ملڻ جو بهترين هنڌ مسجد آهي. بهرحال آئون سندس آفيس ۾ پهچي ويس. چانهه جو اڃا پهريون ڍڪ مس ڀريم ته ارباب صاحب چيو ته؛ ”واندو ويٺو آهين. ڀلي سوچ! سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي چيئرمين جي پوسٽ لاءِ اسان تنهنجي لاءِ سوچيو آهي.“ منهنجو ارباب صاحب سان ڪلاڪ ٻه بحث هليو. پر منهنجي انڪاري ڳالهه نه مڃيائين ۽ هفتو کن سوچڻ لاءِ ڏنائين. ٻاهر نڪري ان وقت جي سيڪريٽري ايوب شيخ کي چيم ته ديندار ماڻهو آهين، دعا ڪر ته صاحب جي دماغ مان اها ڳالهه نڪري وڃي ته توهان کي مٺائي کارائيندس. ايوب کي خبر هئي ته آئون پنهنجي طبيعت وارو موڊي ماڻهو آهيان ۽ ان قسم جي سرڪاري نوڪري جنهن ۾ ڪامورڪو پڻ جو پهلو هجي، منهنجي مزاج جي ئي خلاف آهي. هن کان اڳ به جڏهن لياقت علي جتوئي وزيراعليٰ هو يا جنرل معين حيدر گورنر هو ته مون کان ڪجهه اهڙين نوڪرين لاءِ پڇيو ويو هو. مون اسان جي عظيم شاعر ۽ سنڌي ڪهاڻيڪار شيخ اياز ۽ حميد سنڌي جو حال ۽ انجام ڏٺو هو. منهنجا ان سلسلي ۾ اهي Views رهيا آهن ته ڪنهن به سنڌي اديب يا شاعر کي ان قسم جي پوسٽ قبول ڪرڻ لاءِ خبردار رهڻ کپي، ڇو جو ڊيوٽي سر انجام ڏيڻ جي معاملي ۾، سندن ٿوري به ڪوتاهي، کين نه پر هڪ ”اديب“ يا ”شاعر“ کي بدنام ڪريو ڇڏي. ٻي ڳالهه ته اهي اهڙيون نوڪريون آهن جن ۾ توهان سڀني کي خوش نٿا ڪري سگهو. بهرحال ٻيو ڪو اديب يا شاعر اهڙي ڪنهن پوسٽ لاءِ اهل ٿي سگهي ٿو پر آئون هرگز نه. ان ڪري جو منهنجي نوڪريءَ جي نوعيت؛ جهاز هلائڻ توڙي جهازي آفيسرن کي پڙهائڻ، مختلف رهي آهي. آئون پنهنجي ملڪ جي ماحول کان ايترو Familiar به نه آهيان. منهنجي پنهنجي فلاسفي اها آهي ته هرهڪ کي اهو ڪم ڪرڻ کپي جنهن جي هن کي ڄاڻ ۽ تجربو هجي. اسان جي ملڪ جي ستيا ناس ٿيڻ جو هڪ اهو به ڪارڻ آهي ته اسان وٽ غلط جاين تي غلط ماڻهو مقرر ٿيل آهن. مون سڄي عمر جهاز هلايو، هاڻ جي مون کي توهان ”سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ“ جو، يا ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو چيئرمين ڪري رکندؤ ته ظاهر آهي ان اداري جي ستياناس ٿيندي، توڙي کڻي آئون هڪ سؤ ڪتابن جو ليکڪ هجان، توڙي کڻي آئون سخت قسم جو ايماندار ۽ نيڪ نمازي هجان، پر جيئن ته مون کي هتي جي ادارن جي ڪم جي نه ڄاڻ آهي، نه مزاج جي واقفيت ته آئون پنهنجي ديوٽي ڪيئن ٿو صحيح طرح سرانجام ڏيئي سگهان؟ اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ ڪيترا ئي اهڙا آهن جيڪي ڊيوٽي ڏيڻ جي خيال کان نه، ۽ نه وري سنڌ جي خدمت ڪرڻ جي جذبي طور، پر پنهنجي نالي خاطر ۽ معاشي مفاد لاءِ، هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ادارن جا ميمبر، ڊائريڪٽر، چيئرمين ٿيو پيا هلن. هاڻ مون کي ڪو ٻڌائي ته هڪ ماڻهو، هڪ ئي وقت ڪيئن ٿو مختلف ادارن سان نباهه ڪري سگهي؟! ”سائين توهان جو ڪو جهاز هجي ته اهو هلائڻ لاءِ تيار آهيان، جنهن ڪم جو آئون ماهر آهيان.“ بحث دوران مون ارباب صاحب کي چيو. جنهن شايد ”جهاز“ بدران ”جهاد“ سمجهيو جو هن يڪدم چيو؛ ”مون لاءِ ته في الحال اهو ئي جهاد آهي ته سنڌ جي مختلف ادارن لاءِ صحيح ماڻهو ڳوليان پر تون به ساٿ نٿو ڏين.“
    ”سائين آئون جهاد نه پر جهاز پيو چوان.“ مون ورجايو، ”اهو ان ڪري ته توهان اهو نه سمجهو ته آئون توهان لاءِ ڪو ڪم ڪرڻ نٿو چاهيان. آئون جهاز هلائڻ جو ماهر آهيان. توهان مون کي ڀلي کڻي ڪو پراڻو جهاز ئي ڏيو، انشاءَ الله طوفانن ۽ خراب سمنڊن مان به اُڪاري منزل تي وٺي ايندوسانس.“
    ”۽ هي سنڌي لئنگويج اٿارٽي کي دڳ لائڻ لاءِ...؟“
    ”سائين ان ۾ مون کي ٽپائڻ، يا ان ٻيڙيءَ جو ناکئو مون کي بنائڻ، ائين آهي جيئن پوڙهي باندر کي نوان ڪرتب سيکارڻ. ٻي ڳالهه ته جنهن عمر ۾ آئون آهيان، ان ۾ مون کي يا ڪنهن ٻئي کي سرڪاري نوڪري ته هرگز ڪرڻ نه کپي. ملائيشيا ۾ ان ڪري سرڪار طرفان رٽائرمينٽ جي عمر 55 سال مقرر ٿيل آهي.“
    مون کين ٻڌايو ته نه فقط ملائيشيا ۾ پر ان سڄي ريجن ۾ نيوزيلينڊ آسٽريليا تائين، ويندي پاپا نيوگني ۾ به رٽائرڊ ٿيڻ جي اها ئي عمر آهي ۽ سچ پچ ڏٺو وڃي ته ملڪ ۽ قوم جي خدمت لاءِ اسان وٽ ايشيا ۾ اها عمر صحيح آهي. اسان وٽ صحت جو معيار اهڙو آهي جو سٺ سالن وارو يا ان جي ويجهن سالن وارو Efficiency سان ڪم نٿو ڪري سگهي، جيڪو هڪ نوجوان ڪري سگهي ٿو. ملائيشيا ۾ ته اهو مشهور آهي؛ ڪنهن اداري جو خانو خراب ڪرڻو هجي ته ان اداري تي سٺ سالن واري يا ان کان وڏي عمر واري کي رکيو وڃي. اسان سڀني کي خبر آهي ته سٺ کان وڏي عمر وارو سائين مظهر صديقي جهڙو ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ انسان مس هجي، جيڪو Energetic هجڻ کان علاوه خلق جي خدمت جو به سوچيندو هجي نه ته گهڻائي انهن جي آهي جيڪي پگهار ۾ عوام جي ٽئڪسن جو پئسو وٺن ٿا پر عوام جي خدمت ڪرڻ بدران هو ان وزير يا صاحب جا موسٽ اوبيڊنٽ سرونٽ ٿي ڪم ڪن ٿا، جن هنن کي نالائق سمجهندي به وڏي نوڪري ڏني آهي.
    ارباب صاحب مون کي ٻيو دفعو به چانهه تي گهرايو ۽ اها سندن مهرباني سڏيندس جو هن مون ۾ ايڏو اعتماد رکيو ٿي، پر مون آخر تائين سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي يا ڪنهن ٻئي اهڙي اداري ۾ وڃڻ کان معذرت ڪئي.
    ”توهان جا هي ٿورا لاهڻ لاءِ آئون توهان وٽ توهان جي ڳوٺ هلي اچي مهرباني چوندس... پر هينئر نه، جڏهن توهان هن ”وڏ وزارت“ تان لهندؤ.“
    ارباب صاحب منهنجو اهو آخري جملو شايد غلط سمجهيو، جو هن ٿورو ڪاوڙ ۽ ڏک مان مون کان پڇيو، ”ڇا مطلب، ڀائي جان! توهان مون کي هن عهدي تي نٿا ڏسڻ چاهيو؟“
    ”منهنجو مطلب آهي ته هينئر ته توهان وڏا وزير آهيو هرڪو پيو سلامي ٿئي. لهڻ وقت فقط آئون ئي توهان جو هي ٿورو اچي مڃيندس ته توهان جي دل ۾ مون لاءِ اهميت آهي. باقي منهنجي چاهڻ يا نه چاهڻ سان ڇا ٿيندو، آخر هڪ ڏينهن هيءَ ڪرسي ڇڏڻي آهي. هن کان اڳ اسان جو پيٽارين دوست لياقت جتوئي هو، ان کان اڳ مظفر شاهه هو، جنهن سان گڏ آئون ميٺارام هاسٽل ۾ رهيس، ان کان اڳ ۾ سائين غوث علي شاهه هيو جنهن سان شوڪت جماڻي ڪري ڀائرن واري دوست هئي... اڄ هنن مان ڪو به ناهي.“
    جيستائين ارباب رحيم وڏو وزير رهيو، هو مون کي سنڌ جي ڪنهن اداري جي پوسٽ تي ڪم ڪرڻ لاءِ مطمئن ڪندو رهيو، خاص ڪري سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جو چيئرمين ٿيڻ لاءِ ۽ آئون به ڏکويل دل سان معذرت ڪندو رهيس. ڏک ان ڳالهه جو ته صوبي جو اعليٰ آفيسر مون کي هڪ وڏي پوسٽ جي آفر ڪري رهيو آهي ۽ آئون ان لاءِ انڪار ڪري رهيو آهيان. پر هو منهنجي خلوص نيتي ۽ فلسفي کي نٿو سمجهي.
    هڪ دفعي ملائيشيا ۽ انڊيا جي مختلف يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏئي ڪراچيءَ پهتس ته حڪومتون بدلجي چڪيون هيون. ارباب صاحب سان ملڻ لاءِ مون ڪراچي واري گهر يا سندس ڳوٺ وڃڻ جو ارادو ڏيکاريو. معلوم ٿيو ته ارباب صاحب اسلام آباد ۾ آهي. انهن ڏينهن ۾ منهنجو هفتي لاءِ دبئي وڃڻ ٿيو. پهريون دفعو 1968ع ۾ منهنجو دبئي وڃڻ ٿيو هو. ان وقت دبئي هڪڙو ڳوٺڙو هو ۽ سندس بندرگاهه ايڏو ته ننڍو هو جو اسان جو ويهه هزار ٽنن جو جهاز به اندر اچي نٿي سگهيو ۽ هاڻ چاليهه سالن بعد، هفتو کن دبئي ۾ رهي ان جو سفرنامو لکڻ لاءِ موٽيس ٿي ته آخري ڏينهن، ڪنهن ٻڌايو ته ارباب رحيم صاحب دبئي جي ڀرسان واري عرب رياست ”عجمان“ ۾ رهي ٿو. پڪ ٿيڻ تي مون ڀڄي ڊڪي پنهنجي ان ڏينهن وڃڻ جي اڏام ڪئنسل ڪرائي، ٻئي ڏينهن تي ڪرائي. شام جو ٺُل (جيڪب آباد) جي هڪ نوجوان آٽي ايڪسپرٽ شوڪت سرڪي سان گڏ عجمان روانو ٿيس. سڀني دوستن کي حيرت ٿي ته ارباب صاحب ته هاڻ وڏو وزير نه رهيو آهي، آئون ان سان ملڻ ڇو پيو وڃان. پر مون ساڻس هاڻ ملڻ پاڻ تي فرض ٿي سمجهيو. شوڪت سرڪيءَ کي ان ڪري کنيم جو هو نه فقط رستي (هاءِ وي) جو پر عجمان شهر جو به واقف آهي. ڳولي ڳولي نيٺ سندن فلئٽ واري عمارت هٿ آئي، جنهن جي سورهين يا سترهين ماڙ تي سندن فلئٽ هو. سندن ٿري نوڪر، جيڪو ساڻن گڏ ٿو رهي، اهو هيٺ وٺڻ لاءِ پهتو ۽ اسان جي فلئٽ تائين رهنمائي ڪئي. ارباب صاحب سان ڳالهين ڪندي، مون کين چيو ته؛ ”توهان جا لک ٿورا جو توهان مون کي هڪ اهم پوسٽ لاءِ اهل ٿي سمجهيو پر منهنجي نه ڪرڻ جي باوجود توهان هر وقت خبر ناهي ڇو ضد ڪندا رهيئو؟“
    کلندي چيائين؛ ”ڪيترا ماڻهو مون وٽ رڳو چانهه پيئڻ ايندا هئا ته ٻاهر وڃي ماڻهن تي وڏي لئه رکندا هئا پر توهان عجيب ماڻهو آهيو. هيڏي وڏي پگهار ۽ ٺٺ واري پوسٽ لاءِ هميشه انڪار ڪندا رهيئو. ان ڪري مون به چاهيو ٿي ته توهان جهڙو ئي ماڻهو ان پوسٽ تي صحيح رهندو ۽ ڪنهن طرح توهان کي راضي ڪريان. خاص ڪري سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي لاءِ.“
    اسان اها به ڳالهه ياد ڪري، کلڻ لڳاسين جڏهن هڪ ڏينهن فون تي ارباب مون کي (شايد چرچي ۾) چيو ته؛ ”ڀلا تنهنجي انڪار جي باوجود آئون حڪومت سنڌ طرفان ليٽر اشو ڪري توهان کي زوريءَ سنڌ لئنگوئيج اٿارٽي آفيس موڪليان ته پوءِ؟“
    ”بس پوءِ وري اسان وڏي صاحب کي رجوع ٿينداسين.“ مون چيو هو.
    ”جنرل مشرف کي؟“ ارباب صاحب پڇيو.
    ”سائين جنرل مشرف کان به مٿانهين سرڪار، يعني رب پاڪ کي. مشرف ته مون کان پورو سال سينئر هو. هو ڪٿي ٿو مون کي سڃاڻي.“
    بهرحال ان بعد مون ڪيترا دفعا سوچيو ته سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي بلڊنگ وڃي ڏسان، جنهن ۾ سنڌي ثقافت ۽ ادب سان واسطو رکندڙ ڪيتريون شيون آهن پر منهنجو حيدرآباد وڃڻ ئي نه پئي ٿيو. اڄ سنڌي ادبي سنگت جو فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ ۽ ايوارڊ وٺڻ خاطر، منهنجي ڪار، مون کي ان اداري جي عمارت ڏي ڍوئي وڃي رهي هئي.


    آءِ ايم فرام يُو ڪي (U.K)

    سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي بلڊنگ ۾ پهتس ته ان وقت يارهن ۾ پنج منٽ ٿيا هئا. خوشي ٿي ته پوري وقت تي پهچي ويس.هاڻ فنڪشن ڀلي کڻي دير سان شروع ٿئي. ٻاهر آڌرڀاءُ لاءِ چار کن سنڌي ادبي سنگت جا ڪارڪن هئا، جن ۾ هاڻوڪو چونڊيل جنرل سيڪريٽري ”يوسف سنڌي“ پڻ شامل هو. يوسف سنڌيءَ سان منهنجي، ادبي ناتي جي حوالي سان ڄاڻ سڃاڻ، اڄ کان پنج ڇهه سال اڳ ٿي جڏهن نيو فيلڊس پبليڪيشن جي مالڪ فيروز ميمڻ، حيدرآباد مان سندس اداري طرفان ڇپايل ڪتاب ”سنڌي ادب جا سرچشما“ موڪليو. يوسف سنڌيءَ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي زندگي ۽ انهن جي ادبي پورهئي بابت لکيو آهي. هر وقت سفر ۾ رهڻ ۽ جهاز تي، توڙي جپان ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ۾، هر ماڻهو لاءِ مختصر رهائش هجڻ ڪري، مون ڪڏهن پنهنجن ڪتابن جو به سيٽ نه رکيو پر يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب مون سان هميشه گڏ رهي ٿو. ان ڪري نه ته هن ڪتاب ۾ يوسف صاحب مون تي ٽي چار صفحا لکيا آهن، پر ان ۾ ٻين به ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن جو احوال لکيو اٿس ۽ مون لاءِ اهڙا ڪتاب جنهن ۾ منهنجي ديس جي اهم ماڻهن جو احوال ملي ٿو، بيحد گهڻي اهميت رکن ٿا ۽ ريفرنس خاطر اهڙن ڪتابن کي هميشه پاڻ سان رکان ٿو. مون سان گڏ رهندڙ ڪتابن جي کوکي ۾ پير علي محمد راشدي جي ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جي ٽن جلدن، حسام الدين شاهه راشدي جي ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۽ ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، سائين جي ايم سيد صاحب جو ”جنب گذاريم جن سين“ کان وٺي ويجهڙائيءَ ۾ ڇپيل ”پاڻي پٽ ڪَڻا“ (ڊاڪٽر نور افروز)، سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ (تاج جويو)، سوجهرن جا سفير (بلوچ صحبت خان)، دادو منهنجيون يادون (ڌڻي بخش مگسي)، مارو جي ملير جا (خادم حسين چانڊيو) جهڙا پنجاهه کن ڪتاب گڏ رهن ٿا... ان ڪري (شايد) انهن ڪتابن جا ليکڪ هميشه دل تي رهن ٿا.
    ”سنڌي ادب جا سرچشما“ ڪتاب ۾ يوسف سنڌي صاحب، امر جليل، اياز قادري ۽ ابراهيم منشيءَ کان نسيم کرل، نورالهديٰ شاهه ۽ نوردين سرڪي تائين 50 کن اديبن ۽ شاعرن جو احوال ته ڏنو آهي پر سندس (ليکڪ يوسف سنڌي) بابت هڪ سِٽَ به ڪٿي لکيل نه آهي. آئون هر وقت هن شخص بابت سوچيندو هوس ته ڪير ٿي سگهي ٿو! ٿي سگهي ٿو ته اسان وانگر پوڙهو هجي، گنجو هجي، گڪو هجي... پر اڄ يوسف سان ملي خوشي ٿي. هو ته فلمي هيرو وانگر جوان، سمارٽ ۽ هئنڊسم نڪتو. ملئي فلمن جي ڪنهن زماني جي هيرو ”پي راملي“ جهڙو لڳي رهيو هو. پي راملي اڄ به ملائيشيا وارن لاءِ ائين آهي جيئن ننڍي کنڊ جي ماڻهن لاءِ دليپ ڪمار! ڊاڪٽر نبي بخش هال ۾ گهڙي، خبر پئي ته آيل مهمانن ۾ آئون ٻيو هوس. مون کان اڳ ملتان پاسي کان آيل هڪ پنجابي اديب نذير پهوڙ صاحب هو.
    ”ٺهيو مڙيئي خير آهي!“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو، ”آئون هونءَ به ادبي فنڪشن گهٽ اٽينڊ ٿو ڪريان. اڄ گهڻي کان گهڻن اديبن ۽ سنڌي ادبي سنگت جي ماڻهن سان ملاقات هڪ طرف ٿي ويندي ته هن عمارت (سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي) جي ڀتين تي لڳل ڪاشي ۽ چٽسالي جو ڪم ڏسڻ لاءِ پڻ موقعو ملي ويندو.“
    يوسف سنڌيءَ سان ڪچهريءَ دوران خبر پئي ته سندس واسطو ٺٽي ضلعي جي دڙو شهر سان آهي. يوسف دڙي شهر ۾ پهرين آڪٽوبر 1967ع تي جنم ورتو. پاڻ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنهنجي ڳوٺ دڙو مان ئي حاصل ڪيائين. مئٽرڪ بعد، فرسٽ ييئر ۽ انٽر سجاول جي ڪاليج مان ڪري بي. اي ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. پاڻ ڪافي عرصي کان سنڌي ادبي سنگت جو ڪارڪن رهيو آهي. 2006ع کان، جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري هو، يوسف س. ا. س جي ”پبليڪيشن“ جو ڪم سنڀاليو ۽ سنڌي ادبي سنگت جا تيرهن هڪڙا ۽ ڇهه ٻيا پرچا ڪڍيا. يوسف سنڌيءَ جي ان ڪوشش کي، اتي موجود ٻيا به ساراهي رهيا هئا. پبليڪيشن ۾ يوسف جي ڪاميابيءَ جو سبب، سندس اخباري دنيا سان واسطو ۽ تجربو به چئي سگهجي ٿو. يوسف 2003ع کان 2006ع تائين هلال پاڪستان اخبار سان وابسته رهيو، جتي هو ”ڏاهپ“ نالي سنڌي ادب جو صفحو ڪڍندو هو.
    يوسف سنڌي جي مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ”سنڌي ادب جا سرچمشا“ کان علاوه ٻيا ڪتاب به آهن، جيڪي مختلف ادارن ڇپرايا آهن:
    - پسي تنهنجي تجلي.
    - دڙي جا شاعر اديب ۽ تاريخ.
    - نجم عباسي... سندس فن ۽ شخصيت.
    - تو ڇو پيار ڪيو. (ناول).
    ٿي سگهي ٿو ته سندس هڪ ٻه ٻيو به ڪتاب هجي پر هن وقت اهي ئي ياد اچي رهيا آهن.
    سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي عمارت جا ورانڊا ۽ بُڪ اسٽور جو چڪر هڻي، اندر هال ۾ اچي ويٺاسين. مهمانن جي آمد جي رفتار ايتري سُست هئي جو منجهند جا ٻارنهن ٿي ويا پر ڪي ويهارو کن مس آيا. اهي به سنڌي ادبي سنگت جا ئي ميمبر ڪارڪن هئا. پر اسان نٽهڻ اُس ۽ گرمي جو تاءُ نه جهلي اندر هال ۾ اچي پناهه ورتي هئي. هونءَ ته هتي ئي ڄاواسين، نپناسين پر هاڻ وڏو عرصو ٻاهر رهڻ بعد، يا شايد وڏي عمر جو ٿيڻ ڪري، جسماني Resistance گهٽجي ويو آهي. ان ڪري حيدرآباد جي گرمي برداشت نه پئي ٿئي. منهنجي خيال ۾ ان ڏينهن گرمي به ڪجهه سرس هئي.
    جيئن يورپ ۾ سخت سردي ڪري ميلا ملاکڙا، فنڪشن ۽ ڪاڄ اونهاري ۾ ٿين ٿا، تيئن سنڌ جي سخت گرميءَ ڪري حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد وغيره ۾ ان قسم جون محفلون مئي، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جهڙن اُلا وسائيندڙ مهينن بدران، سياري ۾ ٿين ٿيون. اهو به شڪر جو اسان وٽ ملائيشيا وانگر فقط هڪ موسم نه پر چار موسمون آهن. ان ڪري اسان وٽ ميلا ملاکڙا ۽ محفلون ۽ مجلسون اونهاري بدران ٻين مهينن ۾ رکيا وڃن ٿا ۽ ٿيڻ به ائين کپي، تڏهن ته امر جليل پنهنجي تقرير ۾ گرميءَ جي شڪايت ڪندي چيو ته:
    ”بابا ههڙي گرمي ۾، ڏينهن تتي جو توهان فنڪشن رکيو آهي! سنڌ ۾ ٻيون به ته موسمون ٿين ٿيون.“
    بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جو اونهارو ڪو وڻندڙ ناهي. خاص ڪري ان زماني ۾ جڏهن لائيٽ نه هئي تن ڏينهن ۾ ڇا حالت هوندي هئي. ان زماني ۾، ٿڌن ملڪن کان آيلن لاءِ، اونهاري ۾ سنڌ ۾ رهڻ ڪو سولو ڪم نه هو. تڏهن ته 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ بعد سرچارلس نيپيئر ڏٺو ته حيدرآباد ۾ گرمي ايڏي آهي جو سندن اتي رهڻ، سندن وس جي ڳالهه ناهي. سو هن پهريون ڪم اهو ڪيو جو پنهنجي فوج جي ٻن ڪئپٽنن کي حڪم ڏنو ته اوسو پاسو جاچي اچن ته حيدرآباد جي هن گنجي ٽڪر کان علاوه ٻيو ڪهڙو علائقو رهڻ لاءِ بهتر آهي. هُنن ٺٽو، بدين ۽ ڪراچي پاسو چڪاسي، آخري رپورٽ ڏني ته ڪراچي سمنڊ جي ڪناري تي هجڻ ڪري بهتر آهي ۽ پوءِ ميرن جو حيدرآباد وارو تخت گاهه ڇڏي ڪراچيءَ کي گادي وارو شهر بڻايو وڃي.
    ان ڏينهن جيتوڻيڪ ڪراچيءَ ۾ سخت گرمي هئي پر حيدرآباد ته جهڙو کورو لڳي رهيو هو. ڪراچيءَ کان ان وقت آيل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به اها ئي ڳالهه ڪئي. پر ٿوري دير کان پوءِ مون کي حيرت ٿي جڏهن منهنجي پٺيان واري قطار ۾ ويٺلن مان ٻن ڄڻن کان جڏهن ذوالفقار سيال سفر جو ۽ حيدرآباد جو احوال پڇيو ته هنن شڪر جو ڪلمو پڙهي چيو ته هتي وري به فرحت آهي!
    ههڙي گرمي ۽ هي پيا چون ته فرحت لڳي پئي آهي! مون کي پنهنجي دادو واري ماسي ۽ اڄ کان اڌ صدي اڳ وارو زمانو ياد اچي ويو، جڏهن گذريل صديءَ جي پنجاهه واري ڏهي جي شروعاتي سالن ۾ اسان پرائمري اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين ته اونهاري جي موڪلن ۾ اسين ڀائر ڀينرون ماءُ سان گڏ هالا کان حيدرآباد پنهنجي ناني جي گهر ايندا هئاسين. هالا ڳوٺ هو. حيدرآباد شهر هو. ان ڪري حيدرآباد وڻندڙ هو. هالا ۾ اڃا اليڪٽرسٽي نه آئي هئي پر اسان جو گهر ٿلهين ڀتين ۽ منگهن وارو هجڻ ڪري ناني جي حيدرآباد واري سرن سيمنٽ جي ڪمرن واري گهر کان ٿڌو هو. حيدرآباد اچي اسان کي آرائيون به ٿي پونديون هيون. انهن ڏينهن ۾ دادوءَ کان اسان جي ماسي به ٻارن سميت حيدرآباد نانا جي گهر ۾ اچي لهندي هئي ۽ هوءَ هميشه اهو چوندي رهندي هئي ته هتي حيدرآباد ۾ فرحت آهي. پوءِ گهڻو گهڻو پوءِ جڏهن اسين مئٽرڪ ۾ هئاسين ۽ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو طرفان اسان کي جون جي مهيني ۾ دادو ۽ لاڙڪاڻي وٺي ويا هئا ته خبر پيئي ته انهن ڏينهن ۾ اتي جيڪا چِٽَ واري گرمي ٿئي ٿي ان جي مقابلي ۾ حيدرآباد جي گرمي ڪجهه به نه هئي.
    مون پٺيان مُڙي هنن کان پڇيو ته هو ڪٿان آيا آهن؟ هڪ ٻڌايو ته هو قمبر کان آيو آهي ۽ ٻيو لاڙڪاڻي کان. چئبو ته هن فنڪشن ۾ فقط حيدرآباد جا نه پر سڄي سنڌ جا اديب آيا آهن.... بلڪ اڃا ته اچي رهيا آهن. هڪ ويهه ٻاويهه سالن جو سنهڙو نوجوان منهنجي ڀرسان اچي ويٺو. هن مون سان فوٽو ڪڍرائڻ ٿي چاهيو.
    ”توهان ڪٿان آيا آهيو؟“ مون ساڻس هٿ ملائي سنڌيءَ ۾ پڇيو پر هن عجيب Accent سان انگريزيءَ ۾ وراڻيو ”آءِ ايم هنس راج فرام يوڪي!“
    ”پر آهيو ته سنڌي نه؟“ مون وري سنڌيءَ ۾ پڇيومانس، پر هن وري انگريزيءَ ۾ جواب ڏنو.
    “Yes I am Sindhi but From U.K”
    مون به ديسي انگريز گهڻا ئي ڏٺا پر ههڙو نه. جيڪو انگريزيءَ جي جان نه پيو ڇڏي ۽ مون کي به انگريزي ڳالهائڻ تي مجبور پيو ڪري.
    پر پوءِ خبر پيئي ته هو چرچا پيو ڪري ۽ هن جو U.K سان مطلب يونائيٽيڊ ڪنگڊم (انگلنڊ) نه پر عمرڪوٽ آهي. هيءَ ڳالهه ائين ٿي جيئن الهاس نگر (انڊيا) جو سنڌي بزنيس مين، سندن ڪارخانن ۾ ٺهندڙ شين تي ”ميڊ ان انڊيا“ جو ٺپو هڻڻ بدران ميڊ باءِ USA جو هڻندا آهن ۽ سندن USA مان مراد ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا“ نه پر ”الهاس نگر سنڌي ايسوسيئيشن“ هوندو آهي.
    اسي واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ نوڪري ڪري رهيو هوس ته اتي جي ڪنهن کاتي لاءِ، ملائيشيا وارن کي، ڪجهه پاڪستاني رکڻ جي ضرورت پئي. اميدوارن جي انٽرويو وٺڻ لاءِ مون سان گڏ هڪ ملئي آفيسر به هو. انٽرويو کان هڪ ڏينهن اڳ اسان جڏهن اميدوار جون C.Vs (بايو ڊيٽا) پڙهي رهيا هئاسين ته هڪ اميدوار انٽر ته حيدرآباد جي سٽي ڪاليج مان ڪئي هئي ۽ سندس ايم اي ايڪنامڪس جي ڊگري جي سامهون U.S لکيل هو. اسان ٻنهي کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ان جو مطلب ڇا آهي ۽ جي آمريڪا (يونائيٽيڊ اسٽيٽس) مان هن M.A ڪئي آهي، ته ڪهڙي يونيورسٽيءَ مان؟ ٻئي ڏينهن هن کان پڇڻ تي خبر پئي ته هن جو U.S لکڻ مان مراد ”يونيورسٽي آف سنڌ“ آهي.


    مات نه ٿيڻا آهيون مور

    سنڌي ادبي سنگت طرفان، حيدرآباد ۾ سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي بلڊنگ ۾ رٿيل ايوارڊ فنڪشن، جيتوڻيڪ يارهين بجي بدران ڏيڍ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، پر مون کي ان جو افسوس ٿيڻ بدران خوشي ٿي جو مون کي سنڌ جي ڪيترن ئي وڏن اديبن ۽ شاعرن سان ملڻ جو موقعو ملي ويو. منجهان ڪيترا ته منهنجا دوست ۽ واقفڪار هئا، جن سان مِلئي ڪيترا ئي سال، بلڪه ڪيترا ئي ڏهاڪا گذري چڪا هئا. سدا سهڻو، سدا سمارٽ ۽ پنهنجي عمر کان گهڻو ننڍو لڳندڙ عنايت بلوچ به اچي نڪتو. عنايت جو واسطو موسيقي، ريڊيو ۽ ٽي ويءَ سان رهيو آهي. پاڻ سٺو شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ سفرناما لکندڙ پڻ آهي. منهنجي هڪ سفرنامي جو مهاڳ پڻ لکيو اٿس. ماضيءَ ۾ گهڻو ئي جهاتي ٿو هڻان پر خبر نٿي پوي ته ڪڏهن کان اسان جي واقفيت ٿي. اهڙي صورت ۾ اسان کي به سسئي وانگر (يعني هيءَ اسان جي چيف گيسٽ، حڪومت سنڌ جي وزير سسئي پليجو نه، پر پنهون واري سسئي وانگر) اهو ئي چوڻو پوندو ته الست بربڪم جڏهن ڪن پيوم... عنايت بلوچ جو ننڍپڻ ۽ جواني کان وٺي اهو ئي ڌيرج وارو ڳالهائڻ ۽ حليم طبيعت ۽ نفاست وارو انداز رهيو آهي. عنايت بلوچ سان واقفيت نه ٿئي ها ته آئون اهو ئي سمجهان ها ته سڀ ٻروچ، بلوچ جهڙا ٿيندا هوندا.
    سنڌ جي مشهور شاعره ۽ اديبه مريم مجيدي سان به منهنجي پهريون دفعو ملاقات ٿي. پاڻ ضلعي ٺٽي جي شهر سجاول جي آهي. پاڻ سنڌ جي قومي شاعر محمد خان مجيديءَ جي ڌيءَ آهي. سائين محمد خان مون کي نئين زندگيءَ جي ايڊيٽر عبدالواحد سنڌيءَ صاحب سان، سٺ جي ڏهي ۾ ملايو هو. مريم مجيديءَ، شاعريءَ جي ڪيترين ئي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. مريم مجيديءَ جو واسطو، تعليم کاتي سان رهيو آهي. سندس لاءِ شاعري کان علاوه سماجي ڪمن ڪري به، ماڻهن جي دلين ۾ عزت آهي. امر سنڌو، عرفانا ملاح، ڊاڪٽر رخسانه پريت ۽ مهرالنساءِ لاڙڪ وانگر هيءَ به عورتن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهي ٿي. مريم مجيديءَ جو هڪ شعر ياد اچي رهيو آهي:
    مات نه ڏيندي مات اسان کي، مات نه ٿيڻا آهيون مور،
    پرزا پرزا پاڻ ٿيون پر چوٽا چوٽ اسان جو چاهه،
    سوچ سگهاري جن جي آهي، عظمت تن جو آهي ماڳ،
    اندر جن جو آئينو ۽ ذهن تي ڪا اونداهه ناهه.
    آيل مهمانن ۾ سنڌ جو عظيم ڪهاڻيڪار ۽ هاڻ ناول نويس غلام نبي مغل پڻ هو. ساڻس ملئي وڏو عرصو ٿي ويو هو. غلام نبي مغل کي سنڌي ادب ۾ ڪو کڻي ڪهڙي به نمبر تي Rating ڪري، پر منهنجي نظرن ۾ امر جليل بعد جيڪڏهن ڪو ٻئي نمبر تي آهي ته اهو غلام نبي مغل آهي. آئون 1963ع کان وٺي پنهنجي همعصر ليکڪن جون لکڻيون پڙهندو اچان. وڏي غور سان! امر جليل اسان جو پير و مرشد آهي، هو اڌ صديءَ کان پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ تي ڇانيل آهي. امر جليل کي لکڻ جو ڏانءُ آهي، ڏات آهي، گهرو مطالعو آهي. هو هر لکڻيءَ تي وڏي محنت ڪري ٿو. پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو آهي. وڏي ڳالهه ته زبردست حقيقت پسند ۽ سنڌ ڌرتي ۽ انهن جي رهواسين سان پيار ڪندڙ انسان آهي. هو وڪامڻ وارو ماڻهو ناهي، هو سرڪاري ڪامورو ٿي ڪري به اسان جي ملڪ جو Stereo ٽائيپ ظالم بيورو ڪريٽ يا آفيسر ٿي نه رهيو. هن جي ليول جو مشهور ۽ مهان ليکڪ منهنجي نظرن ۾ نسيم کرل ٿي سگهيو ٿي، ڇو ته سٺ واري ڏهي ۾، ڪراچيءَ ۾ جيڪي ادبي محفلون ٿينديون هيون انهن ۾ اهي ٻئي اديب هڪ ٻئي جي ٽڪر جا لڳا ٿي. نسيم کرل جي ڪهاڻين جو توڙي کڻي مختلف انداز هو پر هو به هر ڪهاڻيءَ پٺيان وڏي محنت ڪندو هو. مون هن کي خيرپور ۾ توڙي ڪراچي ۾ هڪ هڪ ڪهاڻي پٺيان محنت ڪندي ڏٺو. هو وڏي سوچ ويچار ۽ Concentration بعد هڪ هڪ ڪهاڻي لکندو هو ۽ اها هميشه Hit هوندي هئي. پڙهندڙ جي ڏکندڙ دل جو آواز هوندي هئي. طنز ۽ مزاح سان ٽمٽار هوندي هئي. پر هن سان زندگيءَ ساٿ نه ڏنو ۽ ننڍي هوندي ئي اسان کان جدا ٿي ويو. امر جليل يا نسيم کرل جهڙين قدآور ادبي هستين اڳيان، اسان جهڙا ته سڀ سندن پيرن جي خاڪ آهيون. آئون هميشه اهو سوچيندو آهيان ته امر جليل بعد ٻيو نمبر، ڀلي کڻي هن جي ويجهو نه پر پري سهي، جيڪڏهن آهي ته اهو غلام نبي مغل آهي. خاص ڪري سندس آخري ٻن ناولن ”مون کي ساهه کڻڻ ڏيو“ ۽ ”وطن واويلا“ بعد ان ۾ ڪو شڪ نه رهيو آهي. ذاتي طرح سندس ناول جي ڪن ڳالهين تي منهنجو يا ٻين جو، ساڻس ڀلي اختلاف رهي، پر ادبي نقطي نظر کان، ناول جي گهاڙيٽي، حقيقتن جي بنياد تي ۽ معاشري جي خامين کي اجاگر ڪرڻ ۾ غلام نبي مغل جو جواب ناهي. توهان غلام نبي مغل جا اهي ٻه ناول نه پڙهيا آهن ته افسوس جي ڳالهه آهي ته توهان ههڙا ڪتاب مِس ڪيا آهن.
    غلام نبي مغل منهنجو هم عمر آهي. اسان ٻنهي جو جنم 1944ع ۾ ٿيو. غلام نبيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات منهنجي ننڍي ماسي ”زبيده سومرو“ جي شادي تي ٿي، جنهن جي مڙس محمد علي ٻگهيو صاحب جو غلام نبي مغل ماسات ٿئي. غلام نبي مغل مئٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول مان ۽ B.A سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان ۽ L.L.B لا ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي. پاڻ نوڪريءَ جو وڏو عرصو فوڊ ڊپارٽمينٽ سان لاڳاپيل رهيو. هن ننڍي عمر کان لکڻ شروع ڪيو. پهرين اڙدو ڪهاڻيون لکيائين ۽ پوءِ سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيائين. سندس ڪيترين ئي ڪهاڻين جو ترجمو اڙدو انگريزي ۽ پنجابي زبانن ۾ ٿي چڪو آهي. ڪجهه ڪهاڻين کي ڊرامي جي روپ ۾ ٽي وي تان به پيش ڪيو ويو آهي. غلام نبي مغل لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن پهريون دفعو شهري ماڻهن جا مسئلا کنيا. بيروزگار نوجوانن کان علاه شهر جا لوفر، بدمعاش، ڳنڍي ڇوڙ، عورتن جا دلال، رازا، واڍا، موچي ۽ فقير وغيره وغيره اڪثر سندس ڪهاڻين جا ڪردار رهيا آهن. سندس ڪجهه ڪهاڻين جا مجموعا ۽ ناول جيڪي مون پڙهيا آهن، اهي هن ريت آهن:
    نئون شهر- غلام نبي جو هي ڪتاب 1964ع ۾ ڇپيو هو. جڏهن پاڻ ويهن سالن جو هو ۽ سچل سرمست ڪاليج ۾ پڙهي رهيو هو.
    رات جا نيڻ(ڪهاڻيون).
    رات منهنجي روح ۾ (ڪهاڻيون)
    سٺ ستر اسي (ڪهاڻيون)
    اوڙاهه (ناول)
    دونهاٽيل راتيون ۽ رولاڪ (ناول)
    مون کي ساهه کڻڻ ڏيو (ناول)
    وطن واويلا وغيره.
    هن فنڪشن ۾ امر جليل سان به چڱي طرح ملاقات ٿي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي چيم ته پاڙي ۾ رهڻ جي باوجود امر جليل سان ملاقات نٿي ٿئي.
    ”ڇو ڀلا؟“ هن حيرت مان پڇيو.
    ”ان ڪري جو اسان جي سمهڻ ۽ جاڳڻ جا وقت ٽوٽلي مختلف آهن.“ مون هن کي ٻڌايو، ”امر جليل رات جو ٽين چئين تائين جاڳندو آهي ۽ آئون چئين بجي ڌاري ننڊ پوري ڪري اُٿندو آهيان. ظُهر نماز ۽ منجهند جي مانيءَ بعد، منهنجي بيٽري صفا ڊسچارج ٿي ويندي آهي ۽ اُوٻاسين جو ڦهڪو شروع ٿيندو آهي ۽ ٽين بجي ڌاري سمهي رهندو آهيان ۽ ان وقت امر جليل ننڊ پوري ڪري اُٿندو آهي. ٻن اڍائي ڪلاڪن بعد آئون اُٿي ويندو آهيان پر پوءِ هڪ ٻئي پويان نمازن خاطر مسجد ۾ هوندو آهيان ۽ عشا نماز پڙهي سمهي رهندو آهيان، جو صبح جو سوير چئين بجي اُٿڻو هوندو اٿم.“
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي چيم؛ ”اهو ٻڌاءِ ته امر جليل هتي ڪيئن پهتو. يعني هن کي ان لاءِ اڄ صبح جو سوير اُٿڻو پيو هوندو.“ ذوالفقار ٽهڪ ڏيندي چيو ”سائين! امر جليل کي ڪراچي کان هيستائين آئون وٺي آيو آهيان.“
    ”ڀلا هي ڏينهن تتي وارو سهانو ٽائيم رکڻ پٺيان ڪهڙو فلسفو هو؟“ مون ذوالفقار کان پڇيو.
    ”ان ڪري ته جيئن پري پري کان، ويندي جيڪب آباد ۽ ڪشمور کان سنڌي ادبي سنگت جا ميمبر پهچي سگهن ۽ اڄوڪي ئي ڏينهن ۾ واپس گهرن ڏي روانا ٿي وڃن.“
    ڊاڪٽر ذالفقار مون کان عمر ۾ گهڻو ننڍو آهي، پر منهنجي هن سان فون ذريعي يا Email ذريعي گذريل ويهارو سالن کان سلام دعا هلندي اچي. جڏهن به منهنجو پاڪستان اچڻ ٿيندو آهي ته ٽن ماڻهن سان ضرور خبر چار ڪندو آهيان. هڪ قمر شهباز، جنهن سان ته هاڻ جدائي ٿي وئي. هو هي فاني جهان ڇڏي ويو. قمر شهباز کان علاوه تاج بلوچ ۽ ذوالفقار سان Contact ۾ رهندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن هنن وٽ هلي به ويندو آهيان ۽ اهي ٻئي ڄڻا مون کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏيندا آهن. نه چانهه لاءِ زور ڀريندا آهن ۽ نه ڪنهن فنڪشن يا ٽي وي پروگرام ۾ هلڻ لاءِ چوندا آهن. آئون جلدي جلدي ساڻن خبر چار ڪري ڀڄي ويندو آهيان. هنن کان هر نئين ڇپيل ڪتاب، رسالي ۽ ادبي محفل ۽ اديبن جي خبر پئجي ويندي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته پاڻ کي Update رکڻ لاءِ تاج جي سمورين ڳالهين تي وشواس ڪرڻ بدران، هن جي ڳالهين جي ڪجهه سرجري ڪرڻي پوندي آهي. ڇو جو هن جي هر اديب ۽ اديبا تي ڪاوڙ هوندي آهي، جنهن کان اسين به بچيل نه هوندا آهيون. گهڻو گهڻو اڳ، هڪ ڏينهن ساڻس گڏ شيخ اياز وٽ وياسين. هو اسان کي ڊرائنگ روم ۾ ويهاري اسان لاءِ اندر چانهه لاءِ چوڻ ويو. شيخ اياز ڪافي ڪمزور ٿي ويو هو ۽ هلڻ ۾ به ڏڪيو پئي. مون تاج کي چيو ته هي Voyage (سامونڊي سفر) پورو ڪري، ڪراچي موٽان تي شيخ اياز سان شايد وري ملاقات نه ٿي سگهي.
    ”تون کڻي ڏهه Voyages هڻي اچ، شيخ اياز اتي ئي نظر ايندئي.“ پوءِ ٽهڪ ڏيئي چيو هئائين: ”موت ته هن وٽ گهڻو ئي اچي ٿو، پر اياز هن کي هر دفعي بُجا ڏيو ڀڄايو ڪڍي.“
    ذوالفقار سيال 28 مئي 1957ع تي لاڙڪاڻي کان ست کن ڪلوميٽر پري، فريدآباد نالي ڳوٺ ۾ ڄائو. پاڻ پرائمري تعليم لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ ديني مدرسه اسڪول مان ڪيائين ۽ مئٽرڪ تائين اتي جي ئي گورنمينٽ پائلٽ اسڪول مان پڙهيو. انٽر حيدرآباد جي ڦليلي واري گورنمينٽ ڪاليج مان ڪرڻ بعد، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان ڊاڪٽري پڙهيو ۽ 1981ع ۾ ڊگري حاصل ڪيائين. ان بعد چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ LMC ۾ آر ايم او ٿي رهيو. ان بعد 5 سال کن جناح اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر جي حيثيت ۾ نوڪري سرانجام ڏنائين. ان بعد وري ٽي سال کن چانڊڪا اسپتال جو ائڊيشنل ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ٿي رهيو ۽ هاڻ 12 سالن کان ڪراچي جي سول اسپتال ۽ جناح اسپتال ۾ ائڊيشنل پوليس سرجن آهي.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سٺو اديب، شاعر ۽ ڪالم نويس پڻ آهي. هن گيت، غزل، بيت، دوها، هائيڪو ۽ آزاد نظم ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. پاڻ ٻاراڻي شاعريءَ جي حوالي سان تمام گهڻو مشهور آهي. بلڪه ٻاراڻي شاعريءَ جو تمام وڏو شاعر آهي. سندس ڪجهه ڪتاب هن ريت آهن:
    - رڻ سڄو رت ڦڙا.
    - مکڙين مالها.
    - ڳاڙها هٿ پيلا چهرا.
    - منهنجي ديس جا ٻار.
    - گلڙن جهڙا گيت.
    - لفظن جا رانديڪا.
    - بارش کانپوءِ.
    - اکر اکر سرهاڻ.
    - چهرا چنڊ گلابن جهڙا، وغيره.
    سنڌي ادبي سنگت جو جنرل سيڪريٽري اڄ ڪلهه يوسف سنڌي آهي پر هن کان اڳ، ٻن سالن لاءِ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال هو. پاڻ هڪ روزنامي سنڌي اخبار جي ادبي صفحي جو پڻ انچارج آهي. ذوالفقار سيال جو هڪ ٻه خوبصورت شعر هن وقت ياد اچي رهيو آهي:

    جيڏو زهر آهي انسانن ۾،
    ناهي جيتن حيوانن ۾،
    ساريون حدون اورانگهي ويا،
    سڀ ڪجهه ٿئي ٿو ايوانن ۾.

    ساري وستي باهه جا شعلا،
    هٿ لڳن جي بي جانن ۾،
    پتيون هاڻ ڪين ڦٽن ٿيون،
    ڪنڊا آهن گلدانن ۾.


    ڪلچر ڊپارٽمينٽ جو ويل ڪلچرڊ سيڪريٽري

    پاڻ گذريل ڪالم ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شاعريءَ جي ڪتابن جي ڳالهه پئي ڪئي. سندس هڪ ٻه ٻيو شعر ياد اچي رهيو آهي.
    لفظ هوا ۾ ڳالهائين ٿا،
    تنهنجا سڏڪا تڙپائين ٿا،
    گل مٽي مان مهڪي نڪتا،
    تنهنجي خوشبو ڦهلائين ٿا...

    پشم جهڙا پير کڻي ٿي،
    گلڙا چوڌار لهرائين ٿا،
    تون جو آڏو بيٺي آهين،
    آئينا به شرمائين ٿا...
    ’ذلف‘ زماني وارا ماڻهو،
    سارولا سهسائين ٿا...
    سنڌي ادبي سنگت جي هن ايوارڊ فنڪشن ۾ آيل مراد علي مرزا ۽ ڊاڪٽر لائق زرداريءَ سان ملي رهيو هوس ته اتي خبر پيئي ته محفل جي خاص مهمان، صوبائي وزير سسئي پليجو صاحبه اچي رهي آهي. چوڌاري نظر ڊوڙايم. سڄو هال مهمانن سان ڀرجي چڪو هو. هڪ ڪرسي به خالي نه رهي هئي. بلڪه پنجاهه کن مهمان هال جي پٺئين حصي ۾ بيٺا هئا. سخت گرمي ۽ هال Over Crowded هجڻ ڪري مڙني ايئرڪنڊيشنرن گڏجي به هال کي ٿڌو ته ڇا پر Pleasantحد تي به نٿي آندو. سڄي هال ۾ سخت Suffocation ۽ حبس محسوس ٿي رهيو هو. جهاز جي انجڻ روم ۾ به گرمي ٿئي ٿي، سعودي عرب ۾ به گرمي ٿئي ٿي پر سنڌ ۾ سانوڻي واري چاليهي کان اڳ، جيڪو هي چاليهو ٿئي ٿو اهو منجهند جي وقت ساڙيو رکي. مون کي اهو سوچي کل آئي ته اڄ کان پورا 38 سال اڳ، هن ئي مهيني جي هن ئي هفتي منهنجي شاديءَ جو فنڪشن دادو ۾ ٿيو هو. گهوٽ آئون ٿي پيو هوس. سو ويٺو رهيس. جي مهمان هجان ها ته ڀڄي وڃان ها. منهنجا دوست پير مظهرالحق (هاڻوڪو وزير تعليم)، غلام محمد سومرو (ريلويز وارو)، جسٽس غلام نبي سومرو، هالن جو پير، پنيلڌو مخدوم (سائين غلام محي الدين (N) ML شاهنواز شاهه جو والد صاحب) ۽ ٻيا منهنجا ڪيترا دوست ۽ ڪلاس ميٽ ٻه ڏينهن دادوءَ ۾ ٽِڪي پيا. هڪ انهن کي شابس هجي ۽ هڪ اڄ جي مهمانن کي، جيڪي اسان جي خوشيءَ خاطر ڪٿان ڪٿان اچي گڏ ٿيا آهن ۽ آئون اهو ئي سوچي رهيو آهيان ته مون کي جي ايوارڊ وٺڻو نه هجي ها ته ڀڄي وڃان ها.
    چيف گيسٽس سسئي پليجو جي هال ۾ داخل ٿيڻ تي مائيڪ تي اعلان ڪيو ويو ته هوءَ اچي صدارت جي ڪرسيءَ تي ويهي ۽ جيئن ئي هوءَ ويٺي ته بجلي هلي وئي ۽ حيدرآباد ۾ لوڊشيڊنگ جي ٽن ڪلاڪن جو وقت شروع ٿي ويو. امر جليل ۽ مون کي به مٿي اسٽيج تي ويهاريو ويو. ان کان علاوه ثقافت کاتي جو سيڪريٽري، انجمن ترقي پسند جو سرپرست راحت سعيد ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي ۽ هاڻوڪي جنرل سيڪريٽري کي ويهاريو ويو. سچ هِيءُ آهي ته سخت گرميءَ جي باوجود مزو اچي رهيو هو ۽ اسٽيج تان آئون رکي رکي سنڌ جي اهم اديبن ۽ شاعرن کي ڏسي خوش ٿي رهيو هوس. منهنجي لاءِ زندگيءَ ۾ هي پهريون موقعو هو جو هڪ ئي وقت ايترن ادبي شخصيتن کي ڏسي رهيو هوس. انعام شيخ، سنڌي ادبي بورڊ جو اڳوڻو سيڪريٽري ۽ دلير ڪالم نويس گل حسن ڪلمتي جنهن جو ڪتاب ’ڪراچي‘ منهنجي خيال ۾ ايشيا جو ٿلهي ۾ ٿلهو ڪتاب آهي. ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، جنهن جو آتم ڪٿا جو ڪتاب ”ڪيم روح رهاڻ“ هرهڪ کي پڙهڻ کپي. منهنجي جهاز ران دوستن: ڪئپٽن بشير وسطڙو کان وٺي ڪئپٽن رشيد ابڙو ۽ چيف انجنيئر ظهير بابر قريشيءَ ان ڪتاب کي نه فقط پڙهيو پر تمام گهڻي تعريف ڪئي. قرآن جا انگريزي ۾ تفسير لکندڙ ڊاڪٽر عبدالرئوف سومرو، عاشق سولنگي، حفيظ باغي، حفيظ چنا، عباس ڪوريجو، فقير محمد ڍول، مختيار سهترو، عبدالعزيز مينڌرو، رخسانا لغاري، ڊاڪٽر قربان جهتيال، زيب نظاماڻي، امر سنڌو، بهادر رند ۽ ٻيا ڪيترا اديب ۽ شاعر نظر اچي رهيا هئا جن سان فنڪشن ختم ٿيڻ تي ملڻ جو پڪو پهه ڪيم. هڪ ڳالهه نوٽ ڪيم ته هيڏي گرمي هوندي به نه فقط مرد حضرات پر عورتون به فنڪشن جو سمورو ٽائيم صبر سان ويٺيون رهيون ۽ ان ڳالهه جو اظهار نه فقط مون پر امر جليل به پنهنجي تقرير ۾ ڪيو.
    چيف گيسٽ سسئي پليجو جي هڪ پاسي، امر جليل ويٺل هو ٻئي پاسي منهنجي ڪرسي هئي. امر جليل جي ٻئي پاسي سنڌ گورنمينٽ جي ثقافت کاتي جو سيڪريٽري شمس جعفراڻي ويٺل هو. امر جليل چيو ته پاڻ کي ته هتي ئي گرمي پئي ٿئي، ڪجهه دير اڳ سسئي پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽريءَ سان ٻئي هفتي جيڪب آباد هلي عوام سان کلي ڪچهري ڪرڻ جو پروگرام ٺاهي رهي آهي. سسئي صاحبه کي چيم ته؛ ”تون خوش نصيب آهين جو توکي شمس جعفراڻيءَ جهڙو ماڻهو مليو آهي، جيڪو نيڪ، محنتي، ايماندار، عوام جي خدمت ڪرڻ جو جذبو رکندڙ آهي.“
    ”توهان شمس کي سڃاڻو؟“ سسئيءَ حيرت مان پڇيو.
    ”ها مڙيئي.“
    ”ڪڏهن کان؟“
    ”اها ڳالهه ئي نه پڇو،“ ٻڌايومانس، ”شمس کي اڄ سالن کانپوءِ ڏسي اهو احساس ٿي رهيو آهي، جيڪو فلمي دنيا ۾ ٿيندو آهي. جنهن ۾ ٻه جاڙا ڀائر ميلي ۾ وڇڙي ويندا آهن ۽ سالن کانپوءِ ملندا آهن ته خبر پوندي آهي ته هڪ ڌاڙيل ٿي ويو آهي ته ٻيو پوليس آفيسر، پر شڪر آهي جو اسان ٻنهي ۾ ڪو ڌاڙيل يا اسان جي معاشري جو ظالم پوليس آفيسر نه ٿيو آهي.“
    آئون گذريل زماني جو سوچڻ لڳس، جڏهن 1964ع ۾، چٽگانگ مان مئرين انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪري، ڪراچي جي شپ يارڊ ۾ ٽريننگ وٺڻ لاءِ ميٺار رام هاسٽل ۾ اچي رهيو هوس. ڪراچيءَ جي هيءَ پراڻي ۽ مشهور هاسٽل، پاڪستان چوڪ ۾ ڊي جي سائنس ڪاليج جي سامهون آهي. سنڌ جون ڪيتريون ئي اهم شخصيتون هن ۾ رهي ويون ۽ اڄ به اهي ولي محمد بورچي جي ماني ياد ڪن ٿيون. آئون جن ڏينهن ۾ هن هاسٽل ۾ رهندو هوس، انهن ڏينهن ۾ منهنجي ڀر واري ڪمري ۾ سيد مظفر شاهه (اڳوڻو چيف منسٽر) ان جي ڀر واري ڪمري ۾ هزارخان بجاراڻي رهيو ٿي ۽ ٻئي پاسي ٺٽي جو محمد خان سومرو هو، جنهن جو پيٽارين پٽ عبدالواحد سومرو پيپلس پارٽيءَ جو اهم سياسي ليڊر آهي. منهنجي ڪمري جي کاٻي پاسي وارن ڪمرن مان هڪ ۾ ٺٽي جا عقيلي ڀائر ۽ ٻئي ۾ هاءِ ڪورٽ جو هالا وارو ڊگهو وڪيل عبداللطيف انصاري رهيو ٿي. ڇهه اٺ مهينن بعد مون کي مٿين فلور تي ڪمرو مليو، جتي منهنجي ڀر واري ڪمري ۾ شمس جعفراڻي رهيو ٿي. ان بعد ساڄي ۽ کاٻي وارن ڪمرن ۾ منهنجا پيٽارو جا ڪلاس ميٽ يا سال کن جونيئر رهيا ٿي، جيڪي NED ڪاليج جا شاگرد هئا، جهڙوڪ اختر عباسي (سينيٽر صفدر عباسي جو وڏو ڀاءُ) شاهه پنجو جو غلام محمد سومرو جنهن ريلوي ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪئي. NED ڪاليج جي آخري امتحان ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ حاصل ڪيو. جهانگارا باجارا وارو اقبال ترڪ جيڪو انٽر ۾ سنڌ جي بورڊ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيو. نَول راءِ اوڏ (جنهن پوءِ CSS جو امتحان ڏيئي انڪم ٽئڪس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪئي ۽ ڪمشنر جي پوسٽ تي هو ته 57 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو) ۽ سندس ڀاءُ ڊاڪٽر رامچند اوڏ جيڪو UNO سان وابسته آهي. آمريڪا جي رياست ڪالو روڊو ۾ رهي ٿو ۽ ٻيا به ڪيترا ئي پيٽارو جا هئا. ايتري قدر جو اسان کي پنهنجن پيٽارو وارن سان ئي ملڻ جي فرصت نٿي ملي ۽ ٻي ڳالهه ته تن ڏينهن ۾ اسان پيٽارو وارن جو دماغ ڪجهه وڌيڪ ئي خراب هو. اسان پيٽارو وارن مان اڃا ڪو صوبيدار به نه ٿيو هو پر پنهنجو پاڻ کي ملڪ جو والي وارث ٿي سمجهيوسين. توبهه نعوذ باالله! ٻين کي پنهنجي مقابلي ۾ ڄٽ ٿي سمجهيوسين ۽ هاسٽل ۾ رهندڙ ٻئي ڪنهن سان ڳالهائڻ ۾ بي عزتي ٿي محسوس ڪئيسين. ان ماحول ۽ تناظر ۾، شمس جعفراڻي جيڪو جيتوڻيڪ اسان کان پنج سال ننڍو هو ۽ ٺٽي جي هڪ ڳوٺ سجاول کان ڪراچيءَ جي ڊي جي ڪاليج ۾ فرسٽ ييئر ۾ داخلا وٺي ميٺارام هاسٽل ۾ اچي رهيو هو، پر هاسٽل ۾، توڙي ميس ۾ هن جو پاڻ جيڏن ۽ اسان وڏن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي انداز ۽ اخلاق سڀني کي موهي رکيو. ننڍو ٿي ڪري هن جي ڪرنٽ افيئرس بابت ڄاڻ توڙي عام معلومات تمام سٺي هئي. شمس جعفراڻي جي هوندي به آئون سال ڏيڍ کن ميٺارام هاسٽل ۾ رهيس، پر مون ڪڏهن به هن کي اجايو سجايو رُلندي يا ڳالهائيندي نه ڏٺو. ڪمري ۾ هر وقت لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول رهيو ٿي. هن هرهڪ سان ادب ۽ فضيلت سان ڳالهايو ٿي. ايتري قدر جو مون کي ياد آهي ته منهنجو پيٽارو جو ساٿي اختر عباسي، شمس جي حوالي سان چوندو هو ته؛ ”ڪي ڪي شاگرد ڳوٺن جا ٿي ڪري به ڪيتري سٺي انگريزي ڳالهائين ٿا، ڪيتري سٺي جنرل ناليج اٿن.“ اڄ به مون کي شمس جي اها خوبي ياد آهي ته هو ڪنهن سان به جاهلن وانگر جهيڙو جهٽو ڪرڻ بدران دليلن سان Convince ڪندو هو. ميٺارام هاسٽل ۾ شمس جا ٻيا به ڪيترا ئي ڪلاس ميٽ رهيا ٿي، جيڪي سنڌ جي مختلف ڳوٺن کان ڪراچي آيا هئا پر شمس جي شخصيت سڀني کان مختلف ۽ اعليٰ هجڻ ڪري سندس شڪل ۽ نالو هميشه ياد رهيو. ميٺارام ڇڏڻ بعد، نه وري محمد خان سومرو سان ملاقات ٿي نه هزار خان بجاراڻي يا سيد مظفر حسين شاهه سان ۽ نه وري شمس جعفراڻيءَ سان. سياست ۾ حصو وٺندڙن جو مُک يا نالو وري به ٽي وي يا اخبار ۾ ڏسي خبر پوندي ٿي رهي پر شمس جي خبر نٿي پئي. هڪ ڳالهه آهي ته شمس جعفراڻي جڏهن به ياد ايندو هو ته سوچيندو هوس ته ڪاش خبر پئجي سگهي ته هو ڪٿي آهي. هڪ ٽيچر جي حيثيت سان مون کي هميشه اهو تجسس رهندو هو ته شمس فرسٽ ييئر ۽ سيڪنڊ ييئر کانپوءِ ڇا ڪيو؟ ڪٿي آهن سنڌ جا ڳوٺ ۽ انهن جا رهاڪو، سُکيا ستابا جو اتي جا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهن؟ جيڪي پئسي وارا پير مير وڏيرا آهن، انهن جا وري ٻار ورلي ڪو پڙهن ٿا.
    شمس جعفراڻيءَ سان منهنجي ملاقات 1965ع ۾ ٿي هئي، ان بعد ڪا خبر نه پيئي. پورن چاليهه سالن بعد 2005ع ۾ USAهوس ته SANA جي هڪ فنڪشن ۾ ڪنهن جي واتان (شايد شيري رحمان جي ڀيڻ حميرا رحمان جي) شمس جعفراڻي جو نالو ٻُڌم ته هن جي شمس جي گهر واريءَ سان مائٽي آهي. شمس جو نالو ٻڌي سُک ڦِٽي پيم. شوڪت نظاماڻي، منظور ٻانڀڻ، ڪليم وساڻ ۽ ساجد صديقي جهڙا نالا ته ٻين جا به ٿي سگهن ٿا پر ”شمس جعفراڻي“ هڪ اهڙو نالو آهي جو ورلي ڪنهن ٻئي جو هجي. آخر معلوم ڪرڻ تي خبرپيئي ته شمس جعفراڻي حيدرآباد جي شهباز بلڊنگ ۾ ڪنهن ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر آهي. آمريڪا کان ملائيشيا پهچي پيٽارو جي دوستن قاسم لاشاري ۽ عبدالجبار عباسي کان فون ڪري پڇيم، جيڪي پڻ ان بلڊنگ ۾ آفيسر هئا. انهن ته مون کي وري نه ٻڌايو پر هنن شايد شمس جعفراڻي کي مون بابت ٻڌايو ته آئون پاڪستان ۾ ايندو رهان ٿو. ان بعد هو مون کي هر عيد ۽ سال جي پهرين ڏينهن تي ڳوٺ جي ائڊريس تي ڪارڊ موڪليندو رهيو، جيڪو پوءِ ڦرندو گرندو دير سان مون کي ڪراچي يا ڪوالالمپور ۾ مليو ٿي. گذريل مهيني مون کي خبر پيئي ته شمس ڪراچيءَ ۾ ثقافت کاتي ۾ آهي. سندس آفيس جو پُڇائيندو سندس ڪمري ۾ پهتس. مون کي سڃاڻڻ ۾ ڪا دقت نه ٿي. منجهس ڪا خاص تبديلي نه آئي هئي. ڪلاڪ کن ساڻس خبر چار ڪرڻ دوران محسوس ڪيم ته هن جي اخلاق، طور طريقي ۽ ٻين سان ڳالهائڻ جي نموني ۾ به ڪو فرق نه آيو آهي. هو مون کي ڪنهن به ڪنڊ کان اسان جي معاشري جو ”ٽون ڦان وارو بيورو ڪريٽ“ محسوس نه ٿيو. ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو اسان وٽ پيا آهن! ڪي ته معمولي سرڪاري آفيسر ٿيڻ تي به پاڻ کي الائي ڇا ٿا سمجهن ۽ وتن عوام جي زندگي زهر ڪندا ۽ ڪي سيڪريٽري ليول تي پهچيو وڃن ته به منجهن اهو ئي اخلاق، فضيلت ۽ نرم مزاجي ۽ خدا جو خوف! منهنجي خيال ۾ ان ۾ ڪو وڌاءُ نٿو لڳي. جيڪڏهن مون سسئيءَ کي کڻي چيو هو ته هوءَ خوش نصيب آهي جو هن جي ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري اسان جي ميٺارام هاسٽل جو ساٿي شمس جعفراڻي آهي پرهتي ان جو Credit شمس کي ڏيڻ بدران سندس استاد والد سائين محمد جمن کي ڏيندس، جنهن غربت ۾ رهي به پنهنجي اولاد کي صحيح تعليم و تربيت سان گڏ اخلاق ۽ ادب به سيکاريو. هن کي ننڍي هوندي کان محنت ۽ ايمانداريءَ سان زندگي گذارڻ جو سبق ڏنو. هن پنهنجي پٽ جي دل ۾ خدا جو خوف وڌو ۽ کيس انسان ذات جي مدد ڪرڻ جو درس ڏنو. شمس کي چيم ته مهيني ٻن لاءِ ٻاهر وڃي رهيو آهيان، نومبر ۾ موٽي اچان ته تون مون کي پنهنجن ٻارن سان ضرور ملائجانءِ. آئون هنن کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته هنن جي والد ننڍي هوندي کان ڪيئن محنت ڪئي. ڪيئن سٺي اخلاق سان هرهڪ سان پيش آيو ۽ ٻين جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهيائين، جنهن جو شاهد آئون پاڻ آهيان.


    اسان جو ’نان- پيٽارين‘ زرداري

    سنڌي ادبي سنگت جي ايوارڊ فنڪشن ۾ ٻارن جي ادب، شاعري، افسانا، آتم ڪٿا، ناول ۽ تحقيق جي بهترين ڪتابن جي ليکڪن کي به ايوارڊ ڏنا ويا. ايوارڊ يافته اديبن مان هڪ، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري کي شيلڊ ڏيڻ لاءِ، مون کي عزت بخشي وئي.
    ڊاڪٽر زرداري جو 400 کن صفحن جو ڪتاب ”ڪيم روح رهاڻ“ سندس آتم ڪٿا آهي، جيڪا هن وڏي محنت ۽ سچائيءَ سان لکي آهي. ڪيتريون ئي پنهنجيون ۽ پنهنجي فئملي ۽ راڄ ڳوٺ جون ڳالهيون، جيڪي عام حالتن ۾ اسين ٻڌائيندي شرمايون ۽ گهٻرايون ٿا. ڊاڪٽر صاحب وڏي ادبي سچائيءَ سان بيان ڪيون آهن، جيئن اسان انهن اوڻاين ۽ ڪمزورين کي Identify ڪري سگهون ۽ انهن خامين ۽ خرابين کي دور ڪري سگهون. اهي ڳالهيون نه فقط لائق زرداري يا ان جي ڳوٺ ۽ ماحول سان تعلق رکن ٿيون پر اسان جي سڄي سنڌ سان وابسته آهن. اسان رڳو پنهنجي تعريف ٻڌڻ وارن مان ٿي پيا آهيون. اسان ۾ يا اسان جي معاشري ۾ جيڪي ڪمزوريون يا خرابيون آهن، انهن کي محسوس ڪندي به نٿا مڃيون ۽ جڏهن مڃيون ئي نٿا ته پوءِ انهن کي دور ڪرڻ لاءِ ڪيئن ٿا جستجو ڪري سگهون. جڏهن ته ڊاڪٽر صاحب بنا ڪنهن رک رکاءَ جي، نه فقط وڏي دليريءَ سان لکيو آهي پر ان کي سختيءَ سان ننديو به آهي. جيئن ڊاڪٽر صاحب جي ننڍپڻ ۾ ئي شادي هڪ اهڙي ڇوڪريءَ سان ٿي، جيڪا ڏهن سالن جي به مس هئي. ڊاڪٽر صاحب ان لاءِ لکيو آهي ته ننڍي عمر ۾ جڏهن ڇوڪر توڙي ڇوڪريءَ جي سوچ اڃا پختي نه ٿي آهي ته اها شادي ڄڻ گُڏي گُڏيءَ جي شادي ٿيو پوي. اهڙي شاديءَ بابت ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته... ”اسان جي ٻهراڙيءَ جي سنڌي سماج ۾ اهو جائز هو ۽ صدين کان ائين ٿيندو آيو آهي. گهوٽ 70-80 سالن جو ته ڪنوار سورنهن سالن جي! يا ائين به عام نظر اچي ٿو ته ڪنوار ٽن سالن جي ته گهوٽ ٽيهن سالن جو. اهو رواج، عين اسلامي سمجهيو ويندو هو، پوءِ سماج ۾ کڻي ڪهڙيون به بُرايون پيدا ٿين. سماج کي ان جي ڪابه پرواهه نه هئي...“
    ڊاڪٽر زرداريءَ، ويندي پنهنجي ناني لاءِ، لکيو آهي ته هن 16 سالن جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ پنهنجي چوڏهن سالن جي پوٽِي ان ڇوڪريءَ جي پنجاهه سالن جي پيءُ کي ڏني، جنهن ڇوڪريءَ بعد ۾ خودڪشي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي کوهه ۾ اڇليو هو.
    ڊاڪٽر لائق زرداريءَ، ڳوٺ ۾ رهي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيڏي جدوجهد ۽ جفاڪشي ڪئي، ان جو احوال اڄ جي شاگرد کي پڙهڻ کپي، جيڪو ڪيترين ئي ڳالهين ۾ خوش نصيب هوندي به پنهنجو پاڻ کي ارهو ٿو سمجهي. نه رڳو هڪ شاگرد کي پر هر سنڌيءَ کي، پاڻ ۽ پنهنجي اولاد کي، ڊاڪٽر صاحب جي هيءَ آتم ڪٿا پڙهائڻ کپي. منهنجو گهڻو وقت ٻاهر رهڻ ۾ گذري ٿو، ان ڪري آئون سنڌيءَ جي ڪيترن ئي ڪتابن جي ڇپجڻ کان اڻ واقف رهان ٿو. اسان وٽ ڪو به نئون ڪتاب ڇپجي ٿو ته بڪ اسٽال وارا ڪجهه مهينن بعد اهو ڪتاب هٽايو ڇڏين. ظاهر آهي ته وٽن ڪتاب رکڻ لاءِ معمولي جاءِ ٿئي ٿي. منهنجي قسمت ۾ شايد هي ڪتاب پڙهڻو هو. هڪ ڏينهن، سنڌ سيڪريٽريٽ مان نڪري رهيو هوس ته سامهون ڊاڪٽر لائق زرداري نظر آيو. اسان جي هڪ ٻئي سان پهرين جي ڪا واقفيت نه هئي. آئون مڙي ئي ڪڏهن ڪڏهن موڊ ۾ هوندو آهيان ته نئين ماڻهوءَ سان زوريءَ پيو ڳالهائيندو آهيان ۽ کانئس سندن ڳوٺ جو ۽ خاص ڪري سندس اولاد جي تعليم بابت پڇندو رهندو آهيان ته انٽر بعد هو ڇا ڪندا. فوج ۾ ڇو نٿا وڃن، وغيره. سامهون ڊاڪٽر لائق کي ايندو ڏسي مون کي ساڻن ڳالهائڻ جي ڪشش ٿي. خوش خير عافيت بعد خبر پئي ته ڊاڪٽر صاحب نه فقط تعليم يافته ماڻهو آهي پر ليکڪ پڻ. پاڻ پٺيان موٽي، پنهنجي ڪار مان پنهنجي آتم ڪٿا ڪتاب ”ڪيم روح رهاڻ“ ڪڍي آڻي ڏنائين. ان بعد آئون اهو ڪتاب کڻي جهاز تي آيس ته ڪئپٽن بشير وسطڙو مون کان اهو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ورتو.
    ”يار هي ته اسان جو ڳوٺائي آهي. هي ڪتاب آئون ضرور پڙهندس.“ نوشهرو فيروز جي ڪئپٽن بشير وسطڙو چيو.
    هفتي کن کانپوءِ، ڪتاب واپس ڪرڻ تي هن ڏاڍي تعريف ڪئي؛ ”يار ٻروچ واهه جون ڳالهيون لکيون آهن.“
    ڪتاب پڙهڻ بعد مون به اهو ئي رايو اختيار ڪيو. آئون ڪو به ڪتاب ٻيو دفعو ورلي پڙهندو آهيان پر علي محمد راشدي جي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ وانگر هن ڪتاب کي ٻيو دفعو پڙهيم. منهنجي اها خواهش آهي ته هن ڪتاب کي هرهڪ سنڌي پڙهي. هيءُ ڪتاب نه فقط ڊاڪٽر لائق زرداريءَ جي آتم ڪٿا آهي پر هڪ دور جي تاريخ آهي. جاگرافي آهي. اسان جي سوسائٽي ۽ معاشري جي عڪاسي آهي. اسان جنهن دنيا ۾ رهون ٿا ان ۾ All is Well ناهي پر ڪيتريون خاميون ۽ ڏک پڻ آهن. اڄ به اسان جا معصوم ٻار اغوا ٿي خرڪار ڪئمپن ۾ ڏکن جي زندگي گذارين ٿا ۽ ٻئي پاسي سندن مائٽ غمن ۾ مريو وڃن. ظالم هميشه طاقتور ۽ پئسي وارو هجڻ ڪري اڄ به آزاد نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر لائق زرداري ۽ سندس دوست جو خرڪارن حوالي ٿي وڃڻ واري ڳالهه پڙهي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. ڪيئن هو اسڪول جي عمر جا ٻار ڪوئيٽا گهمڻ وڃن ٿا، جتي ڏاڙهيءَ سان هڪ مولوي کين ريهي ريبي هڪ مهيني جي ڪلارڪي لاءِ چوي ٿو ۽ ڪيئن ٻيو ظاهري طرح نيڪ مولوي کين ٽرڪ ۾ کڻي پنجگور کان به پري خرڪارن حوالي ڪري ٿو ۽ هي ٻار ٻين ٻارن سان گڏ، قيد کان به خراب زندگي گذارين ٿا. هيءَ ڳالهه 1962ع جي آهي. ڊاڪٽر زرداري پنهنجي ڪٿا ۾ لکي ٿو ته اچ به خرڪار ڪئمپون موجود آهن. اڄ به معصوم ٻارن کي ڌُتاري اوڏانهن سخت پورهئي لاءِ نيو وڃي ٿو... ڊاڪٽر زرداري پنهنجن انهن ڏينهن لاءِ لکي ٿو ته، ”بغير ڪنهن قصور ۽ اڻ ڪيل ڏوهه جي سزا ۾ هيس... اڪيلائيءَ جون اڻ کُٽ واٽون ۽ راهون هيون... جن زندگيءَ جي سفر ۾ ٿڪائي وڌو.“
    منهنجي سوچ ۽ ويچار تي پهرو،
    منهنجي مرڪڻ ۽ کِلڻ تي پهرو،
    منهنجي روئڻ ۽ سُڏڪڻ تي پهرو،
    منهنجي تڙپڻ ۽ لُڇڻ تي پهرو..
    هن خرڪار ڪئمپ ۾ چاليهه مزور، ٽيهه کن گڏهه، ڇهه بندوقن سان چوڪيدار ۽ ٻه منشي هئا. اهڙا ڪيترا ئي ٽولا بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ اهڙي ڪارروائي ڪرڻ ۾ مشغول هئا، جيڪي شهرن جي بازارين ۽ هوٽلن تان ماڻهن کي، خاص ڪري ٻارن کي، مختلف دلاسا، لالچون ۽ سبز باغ ڏيکاري ڦاسائيندا هئا ۽ انهن کي ٽرڪن رستي ڪئمپ تي پهچائيندا هئا...
    ڊاڪٽر زرداري ڪاوش اخبار جي هڪ تازي خبر ڏي پڻ ڌيان ڇڪايو آهي ته اهي ظالم اڄ به ساڳيون ڪاروايون ڪندا رهن ٿا. ڪاوش اخبار جي اها خبر هن ريت آهي:
    ”خرڪار ڪئمپ مان هڪ نوجوان فرار ٿي پير جي ڳوٺ پهتو، جنهن ٻڌايو ته هو ملتان جو آهي.
    اٺن سالن جي عمر ۾ هن کي پٺاڻ اغوا ڪري ويا ۽ کيس 15 سالن بعد اتان ڀڄي نڪرڻ جو موقعو مليو. هن کي ڪوئيٽا لڳ خرڪار ڪئمپ ۾ رکيو ويو، جتي ڪم کان انڪار ڪندڙن کي گولي هڻي ماري ڇڏيندا هئا...“
    اسان وٽ اجايا سجايا جهيڙا به ڏاڍا آهن. لئه خاطر، داداگيري ڪارڻ يا عزت جو سوال وٺي، معمولي ڳالهه تي ٻئي سان جهيڙو ڪري ويهنداسين. پوءِ ٻئي ڌريون سورن ۾! ٻنهي جو جهُڳو ئي جهڻ. عيش وڪيلن ۽ پوليس جو، سال پيا ڪيس هلن. انهيءَ دوران ٻئي ڌريون دربدر ۽ ٻار ٻچا رُلندا رهن ٿا. هڪڙي اهڙي جهيڙي جو احوال، ڊاڪٽر زرداريءَ پنهنجي هن ڪتاب ۾ به لکيو آهي، ان مان اسين سنڌي پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهون ٿا ته اسان جي تباهيءَ جو سبب، اهي اجايا سجايا جهيڙا به آهن. اڄ به سنڌ انهن قبيلائي جهيڙن ۽ ڪارو ڪاريءَ جي چڪر ۾ ٻري رهي آهي. ڊاڪٽر زرداري، هڪ اهڙي ڪارو ڪاريءَ جو به احوال لکيو آهي جيڪو ننڍپڻ ۾ هن جي سامهون رونما ٿيو. پر هن ۾ مرد پنهنجي پهلواني ڏيکارڻ لاءِ ڪنهن ناتوان عورت- ماءُ، ڀيڻ يا زال کي ڪُهڻ بدران، هڪ عورت پنهنجي بيوفا مڙس کي، ٻين جا لوڙها ٽپڻ تان ڪهاڙيءَ سان ڳترا ڳترا ڪري ڇڏي ٿي.
    ڊاڪٽر لائق زرداريءَ جي اها ڳالهه پڙهي حيرت ٿي ته هن جي ڳوٺ جا ٻار، اسڪول توڙي گهٽين ۾ پٽڪا ٻڌي هلندا هئا ۽ پوءِ جڏهن هو اٺين ڪلاس ۾ پهتو ۽ موري جي اسڪول ۾ داخلا ورتائين ته اتي به ڪجهه ڏينهن لاءِ پٽڪو ٻڌي ڪلاس ۾ ويندو رهيو. پوءِ شهر جي ڇوڪرن جي تنگ ڪرڻ تي اهو لاهي ڇڏيائين. اهو پڙهي مون کي ملائيشيا جا ڳوٺ ياد اچي ويا، جتي جي مدرسن ۾ اڄ به ملئي ٻار پٽڪن سان ويندي نظر اچن ٿا.
    بهرحال هڪ دفعو آئون وري پڙهندڙن کي هي ڪتاب ”ڪيم روح رهاڻ“ پڙهڻ لاءِ چوندس ڇو جو هن ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون پڙهندڙن لاءِ سبق آموز ۽ رهنمائي ڪري سگهن ٿيون. هيءُ ڪتاب، حيدرآباد مان انٽيل ڪميونيڪيشن وارن پڇيو آهي، جن جو فون نمبر 2721172 آهي يا ليکڪ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري کان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته اهو ڪتاب ڪٿي وڪرو ٿئي ٿو. ڊاڪٽر زرداري جو ڪراچي جو نمبر 34630176- 021 آهي ۽ موري جو 411757-0242 ۽ موبائيل نمبر 8232848-0302 آهي.
    ڊاڪٽر محمد لائق زرداري 23 آگسٽ 1943ع تي مورو تعلقي جي ڳوٺ محمد موسيٰ ۾ احمد خان زنگاڻي جي گهر ۾ ڄائو. (زنگاڻو، زرداري قبيلي جو هڪ پاڙو آهي) پاڻ پرائمري تعليم جا ڇهه درجا پرائمري اسڪول مڪراري مان ڪيائين. ان بعد مورو ۽ نوابشاهه مان مئٽرڪ ۽ انٽر ڪيائين. پاڻ B.A ۽ MA (پوليٽيڪل سائنس ۾) سنڌ يونيورسٽي مان 1970ع ۾ ڪيائين. ان بعد 1975ع ۾ وڪالت ۽ 1980ع ۾ Ph.D ڪيائين. سندس ٿيسز جو عنوان هو ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو.“
    ڊاڪٽر زرداري ويهن سالن جي ڄمار کان مختلف نوڪريون ڪيون جيئن ته ورڪ مستري روڊس (هالاڻي) کان ناڪي منشي ٽائون ڪميٽي (مورو) تائين. اهي نوڪريون 2-2 مهينا ڪيائين. ان بعد 1965ع کان وٺي 1970ع تائين سانگهڙ، خيرپورميرس، حيدرآباد ۽ نوابشاهه جي ٽريننگ اسڪولن ۾ ڊرائنگ ٽيچرس ٿي رهيو. ان بعد هالا، سجاول، مورو، ڪوٽڙي جهڙن شهرن جي ڪاليجن ۾ ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي رهيو، جيڪو سلسلو 1994ع تائين هليو. ان بعد ٻه سال ڊپٽي سيڪريٽري جنرل يونيسڪو، اسلام آباد ۾ رهيو ۽ بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽري اينڊ ڪلچر، نوابشاهه جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 2003ع ۾ سرڪاري نوڪري مان رٽائرڊ ٿيڻ کان اڳ، ڊگري ڪاليج مورو ۽ خيرپور ناٿن شاهه جو پرنسپال پڻ ٿي رهيو. اڄ ڪلهه سائين جن هڪ دفعو وري بلاول انسٽيٽيوٽ نوابشاهه ۾ ڊائريڪٽر جنرل جا فرائض سرانجام ڏئي رهيا آهن.
    زرداري صاحب تاريخ، سياست ۽ ادب جي موضوعن تي ڪيترا ئي مقالا، مضمون ۽ ڪتاب لکي چڪا آهن. سندن ڇپايل ڪتابن مان هيٺيان قابل ذڪر آهن.
    تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو.
    هن ڪتاب ۾ 1843ع کان وٺي 1936ع تائين برطانوي دور ۾ سنڌي عوام جي مختلف سياسي تحريڪن، خاص ڪري خلافت تحريڪ لاءِ ڪيل جدوجهد جو ذڪر تفصيل سان ڪيل آهي.
    واليءِ سنڌ ميان نورمحمد ڪلهوڙو.
    غدار سنڌ.
    هي ڪتاب اردو ۾ ڊاڪٽر مبارڪ علي جي ڪتاب ”ڪِيا نائون مل غدار تها“ جي جواب ۾ لکيل آهي.
    مجذوب حافظ علي مراد زرداري.
    هي ڪتاب هڪ بزرگ جي فڪر ۽ زندگيءَ جي حالات تي مشتمل آهي.
    لنڊڪيءَ کان لنڊن تائين سفرنامو.
    سائين جو لکيل هي سفرنامو پڻ پڙهڻ وٽان آهي. بيحد دلچسپ ۽ معلومات آهي. سفرنامي تان ”ڪراچي کان هنزا“ سفرنامو به ياد اچي ويو، جيڪو سائين جي ٻئي نمبر پٽ حاڪم علي (جيڪو ڪراچي ۾ انڪم ٽئڪس آفيسر آهي) جي گهر واري عائشه زرداري جو لکيل آهي. ڊاڪٽر لائق زرداري نه فقط پاڻ تعليم حاصل ڪئي پر پنهنجي اولاد کي به گهڻي کان گهڻي تعليم ڏياريائين. اڄ سندس پٽن مان ڪو ڊاڪٽر آهي ته ڪو انجنيئر يا ڪو ڪمپيوٽر سائنس ۾ پوسٽ گريجوئيٽ آهي. سندس تمنا به اها آهي ته سندس اولاد، تعليم جي لاٽ کي روشن ڪندو اچي. پنهنجي آتم ڪٿا ”ڪيم روح رهاڻ“ ۾، انتساب به ان حوالي سان ڪيو اٿن.
    پنهنجي اولاد کي،
    ان اميد سان ته،
    اهي منهنجي روشن ڪيل ڏيئي مان
    ڏيئو ٻاري، پنهنجي قوم جي،
    اونداهي مستقبل جي راهه ۾،
    مون کي وڌيڪ روشن ڪندا.
    نوٽ: مٿئين مضمون جي عنوان ۾ مون کي مجبورن ”نان پيٽارين“ لفظ ٽنبڻو پيو آهي ڇو جو اسان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جا پڙهيل جنهن سان به کڻي ڪنهن زرداريءَ جي ڳالهه ٿا ڪريون ته هن جو هروڀرو ملڪ جي صدر آصف علي زرداريءَ ڏي ڌيان هليو وڃي. جيتوڻيڪ پيٽارو مان نه فقط آصف علي زرداري (ڪِٽ نمبر 991) پڙهيو پر ٻيا به ڪيترا ئي زرداري جهڙوڪ ڪئڊٽ علي زرداري، ڪئڊٽ اصغر زرداري، ڪئڊٽ سڪندر زرداري ۽ ٻيا ڪيترا ئي پڙهيا پر ملڪ جي وزيراعظم محترما بينظير سان شادي بعد ۽ خاص ڪري هاڻ ملڪ جو صدر ٿيڻ بعد ڪيترن لاءِ، خاص ڪري اسان پيٽارين لاءِ، زرداري معنيٰ ڪئڊٽ آصف علي! ان ڪري پڙهندڙن کي ان غلط فهميءَ مان ڪڍڻ خاطر، شروع ۾ ئي لکيو اٿم ته هتي اسان واري پيٽارو جي زرداريءَ جو نه پر هڪ ’غير پيٽارين‘ جو احوال ٿا ڪريون.
    هونءَ ڏٺو وڃي ته پيٽارين زرداري وانگر هي زرداري صاحب (ڊاڪٽر محمد لائق زرداري) به اسان لاءِ هڪ اهم زرداري آهي، جيڪو پنهنجي قبيلي جو پهريون اعليٰ تعليم يافته شخص آهي. ساڳي وقت اسان جي پيٽارو واري زرداري کي به هتي ڪريڊٽ ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو، جنهن ڊاڪٽر لائق زرداري جي لکڻين جو قدر ڪيو ۽ سندن پهرين ڪتاب جي اڌ کان وڌيڪ ڇپائي پنهنجي کيسي مان ڏني ۽ سندس ان همٿ افزائي ڪري ڊاڪٽر صاحب اڄ تائين لکندو اچي ۽ سندس ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي پورهيو مختلف ڪتابن جي شڪل ۾ اسان اڳيان آهي.


    رڳو ڇوڪرين جون ڪهاڻيون ڏئي ٿو...

    ڏٺو وڃي ته سنڌي ادبي سنگت جهڙيون ايسوسيئيشنون ۽ ادارا، سِڌيءَ طرح يا اڻ سِڌيءَ طرح، ڪافي حد تائين ڪارآمد ثابت ٿيا آهن. هڪ نئون لکندڙ، جيڪو ڪچو ڦِڪو لکي ٿو، سو چاهي ٿو ته سندس همت افزائي ٿئي. اسان وٽ اڄ ڪلهه سنڌي اخبارن جو تعداد چڱو خاصو آهي. ايترو به نه آهي جو هر نئين لکندڙ جي لکڻي ڇپين. اهڙي صورت ۾ سنڌي ادبي سنگت، اهم رول ادا ڪيو آهي. هر ڳوٺ ۽ شهر ۾، هفتي يا پنڌرهين ڏينهن، هڪ دفعو ادب دوست گڏجاڻي ڪن ٿا. جنهن ۾ هرهڪ کي پنهنجي تخليق؛ ڪهاڻي يا شعر پيش ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. هو پنهنجي ڪاوش ٻين کي ٻُڌائي خوش ٿئي ٿو ۽ ساڳئي وقت محفل ۾ موجود سينيئر اديب جيڪا ٽيڪا ٽپڻي ڪن ٿا، تن مان نئين لکندڙ کي فائدو رسي ٿو. ان سان هن جي رهنمائي ٿئي ٿي. گهٽ ۾ گهٽ آئون، جيڪي ڪجهه سکيس، اهڙين محفلن مان، جتي منهنجا سينئر اديب؛ نسيم کرل، شمشيرالحيدري، تاج بلوچ، امر جليل، آغا سليم ۽ سليم خواجا جهڙا منهنجي لکڻين تي جيڪا ٽيڪا ٽپڻي ڪندا هئا، سا ڌيان ۾ رکي لکندو رهيس. آئون اسڪول جي ڏينهن ۾، پيٽارو ۽ جهاز هلائڻ جي تعليم حاصل ڪرڻ دوران چٽگانگ (بنگال) مان، ٿورو گهڻو اخبارن ۽ رسالن لاءِ لکندو ضرور رهيس پر ڪو خاص نه. لکڻ کان وڌيڪ مون کي پينٽنگ ۽ ڪئليگرافيءَ جو شوق هو. جنهن بابت شمس جعفراڻيءَ کي اڄ به ياد آهي ته ميٺارام هاسٽل ۾ جڏهن به واندڪائي ملندي هئي ته مصوري ڪندو هوس. جيئن امر جليل ننڍپڻ ۾ ڪرڪيٽ جو متوالو وڌيڪ هو. هن جو لکڻ پڙهڻ تي به شوق هو پر ڪو اهڙو گهڻو نه. پوءِ ڪراچيءَ کان نواب شاهه اچڻ تي سندس هڪ ڪلاس ميٽ ۽ دوست قمرالدين ٻگهيو، جيڪو پوءِ قمر شهباز جي نالي سان ادبي دنيا ۾ مشهور ٿيو، امر جليل کي سنڌي ادبي سنگت ۾ وٺي وڃڻ لڳو. جتي هرهڪ ڪجهه نه ڪجهه لکي ايندو هو، جنهن تي ٻيا پنهنجيون Comments ڏيندا هئا ۽ پوءِ امر جليل جي لکڻ جي خاصيت وڌيڪ ڊيولپ ٿي ۽ سڄي سنڌ ۾ هڪ نمايان اديب مڃيو وڃڻ لڳو. ڏٺو وڃي ته اها سنڌي ادبي سنگت نه هجي ها ته اڄ اسان امر جليل ۽ قمر شهباز جهڙن ڪيترن ئي وڏن اديبن کان محروم رهجي وڃون ها. آئون پنهنجو تجزيو ٿو ڪريان ته جيڪي ڪجهه ادبي دنيا ۾ منهنجي حيثيت آهي، ان ۾ سنڌي ادبي سنگت جو وڏو هٿ آهي. ادبي دنيا ۾ جيڪا همت افزائي يا تعليم ۽ رهنمائي مون کي ملي، اها سنڌي ادبي سنگت جي ڪري. سٺ جي وچ واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آئون ڪراچي جي ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هوس ۽ وندر جون گهڙيون مصوري ذريعي گذاريندو هوس ته هاسٽل ۾ رهندڙ هڪ لاڙڪاڻي جو شاگرد فدا حسين بلوچ (جيڪو پوءِ پاڪستان ٽيليويزن تي مئنيجر ٿيو) مون کي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ لاءِ وٺي هليو. انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ جا اديب، سنڌ جي مشهور وڪيل نورالدين سرڪي جي آفيس ۾ گڏ ٿي پنهنجون لکڻيون پڙهندا هئا. اتي منهنجي ملاقات منهنجن دلپسند ليکڪن امر جليل، آغا سليم، قمر شهباز ۽ نسيم کرل سان ٿي. نسيم کرل هرهفتي خيرپور کان ڪراچي ايندو هو ۽ ريڊيو پاڪستان جي ڀرسان ڪنهن هوٽل ۾ اچي رهندو هو. هوٽل جو نالو شايد زميندار هوٽل هو. يا اسان ساڻس ملڻ هوٽل ۾ به ويندا هئاسين. هو کائڻ پيئڻ جو شوقين هو ۽ اسان کي به خوب کارائيندو هو. کيس جڏهن ڪا ڪهاڻي پوري ڪرڻي هوندي هئي ته ٻئي ڏينهن ڳوٺ وڃڻ بدران سڄو هفتو ٽِڪي پوندو هو. مِڪسڊ گِرل ۽ پهرين مُراد، جهڙيون ڪهاڻيون نسيم کرل ڪراچي جي ان هوٽل ۾ رهي لکيون ۽ نورالدين سرڪي صاحب جي آفيس ۾ هفتيوار سنڌي ادبي سنگت ۾ پڙهيون، جن تي خوب ٽيڪا ٽپڻي هلي ۽ انهن ۾ ڪجهه حد تائين هن تبديلي به آندي.
    انهن ڏينهن ۾ لکڻ وارا ٿورا هئا ته رسالا به بنهه نه برابر هئا. نسيم کرل چرچا ڀوڳ به ڏاڍا ڪندو هو. هڪ دفعي نئين زندگي رسالي جو ايڊيٽر مولوي عبدالواحد سنڌي به موجود هو. منهنجي خيال ۾ ان ڏينهن عبدالواحد سنڌي صاحب سان سنڌ اسلاميه هوٽل (بولٽن مارڪيٽ) ۾ سندس جنم ڏينهن ملهائي رهيا هئاسين. يا شايد سندن رٽائرمينٽ تي الوداعي دعوت ڏئي رهيا هئاسين. نسيم کرل ٿوري تعريف ڪري چيو ته سائين عبدالواحد صاحب پنهنجي رسالي ۾ اسان جون ڪهاڻيون گهٽ ڏنيون ٿي، رڳو ڇوڪرين جون ڏيڻ پسند ڪندو هو. جواب ۾ اسان ڏاڍو کِليا هئاسين جڏهن سائين عبدالواحد آريسر چيو ته ”نسيم کرل اجايو ناراض آهي. هي منهنجي عمر آهي ڇوڪرين سان عشق ڪرڻ جي؟ آئون ته اهو چاهيان ٿو ته عورتن جي همت افزائي ڪئي وڃي جو سنڌي ادب ۾ تمام ٿوريون عورتون لکن ٿيون.“ پر ان ڏينهن لڳي ٿو ته نسيم کرل سخت ڪاوڙ ۾ هو. هوٽل مان نڪرڻ بعد تاج بلوچ، امر جليل، آغا سليم ۽ مون کي جهلي چوڻ لڳو بهتر آهي، گهٽ ۾ گهٽ اسان مان ڪو به ”نئين زندگي“ رسالي لاءِ نه لکي. نسيم کرل جي وڃڻ بعد مون امر جليل کي چيو ته توهان ته وڏا ليکڪ آهيو ۽ هر رسالو توهان جي ڪهاڻي ڇپيندو، اسان لاءِ ته اهو ئي نئين زندگي رسالو آهي. سو هاڻ ڇا ڪجي.
    امر جليل ٽهڪ ڏيئي چيو: ”نسيم کرل جا اهي وڏيرڪا حڪم آهن. هفتي کن کان پوءِ پاڻهي پرچي ويندو ۽ چوندو ته نئين زندگي لاءِ ئي لکو.“ پوءِ اسان امر جليل جي فليٽ تي اچي چانهه پيتي هئي، جتي هن هڪ ڳالهه واهه جي ڪئي ته؛ اسان اديبن کي اهو نه سوچڻ کپي ته اخبار يا رسالي جو مالڪ ڪير آهي؟ اسان جو دوست آهي يا دشمن؟ اسان کي پڙهندڙ جو سوچڻ کپي ۽ انهن جو سوچي لکڻ کپي. رسالو يا اخبار کڻي سرڪاري هجي يا ڪنهن سياسي پارٽي جي، پر اها گهڻن کان گهڻن ماڻهن تائين پهچي ٿي ته اسان کي ان ۾ ضرور لکڻ کپي. ڪراچيءَ جي هنن ادبي محفلن ۾ مٿي ڄاڻايل اديبن کان علاوه ٻيا به ڪيترا ئي ايندا هئا، جهڙوڪ آزاد جتوئي، اقبال جتوئي، سليم خواجا، مورائي، يوسف شاهين، تاجل بيوس، عنايت ۽ هدايت بلوچ وغيره.
    مٿي ذڪر ڪيل ڇوڪريون، جن لاءِ نسيم کرل صاحب کي شڪايت هئي ته نئين زندگي جو ان وقت جو ايڊيٽر عبدالواحد صاحب رڳو انهن جون لکڻيون ڇپي ٿو، ڪير هيون...؟ ثميره زرين، ماهتاب محبوب، ريٽا شاهاڻي، رشيده حجاب، جميلا نرگس، پروين سومرو وغيره.
    بهرحال اهي جيڪي پوءِ سنڌي ادب جا چمڪندڙ ستارا ثابت ٿيون، پر بقول نسيم کرل جي ”ڇوڪريون“، اڄ ستر کي پهچي ويون آهن، ڪي ويچاريون ته الله کي به پياريون ٿي ويون آهن. هنن تمام سٺو لکيو ۽ تمام وڏو نالو پيدا ڪيو آهي.


    ماڊرن سسئي جي ڪهاڻي...

    سنڌي ادبي سنگت جي سال 2009ع واري ايوارڊ فنڪشن ۾ سسئي پليجو پنهنجي تقرير ۾ اهو يقين ڏياريو ته هڪ وزير جي حيثيت ۾ هوءَ هر ممڪن ڪوشش ڪندي ته سنڌي ادبي سنگت خوشحال رهي ۽ هن اداري کي گهڻي کان گهڻيون سهولتون ملي سگهن. سسئي پليجو، جيڪا هڪ ليکڪ جي حيثيت سان اُڀري ۽ هاڻي سياستدان آهي. ادب ۽ سياست کيس ورثي ۾ ئي مليو آهي. سندس چاچو رسول بخش پليجو به هڪ ليکڪ، مفڪر، دانشور ۽ سياستدان آهي. سندس والده اختر بلوچ سنڌ جي پهرين عورت آهي جنهن جيل ڀوڳيو ۽ سندس ان جيل جي ڪٿا، ڪتابي صورت ۾ تمام گهڻي مشهور ٿي. سندس هن ڪتاب ”قيدياڻيءَ جي ڊائري“ جون خبر ناهي ڪيتريون Editions نڪري چڪيون آهن. سسئي پليجو، منهنجي هڪ ڪتاب ”تيستائين گڊ باءِ“ جا پيش لفظ پڻ لکيا آهن. هاڻ جڏهن کان وزير ٿي آهي، هن جا اخبار ۾ ڪالم نٿا اچن، نه ته سندس ڪالم ۽ مضمون مختلف اخبارن ۾ Regularly ايندا رهيا ٿي. ان کان علاوه هوءَ ٻاهر توڙي ملڪ ۾ ٽي ويءَ جي مختلف چئنلن تي انٽرويو ڏيندي رهي ٿي ۽ سنڌ جي ڪاز لاءِ مختلف بحث مباحثن ۾ نظر ايندي رهي ٿي. ”هڪ ليکڪ“، منهنجو اهو پنهنجو اصول ۽ خيال آهي، ”چاهي ڪيترو به مشغول ٿي وڃي، هن کي لکڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه وقت ڪڍڻ کپي.“ اڄ سسئي جهڙا ماڻهو اسان لاءِ وزير يا سياستدان نه پر ليکڪ آهن. منهنجو ان ڳالهه تي هر وقت غلام قادر (سسئي جي والد) سان جهيڙو هوندو آهي ته سسئي کي لکڻ کپي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته وزير ٿيڻ بعد، هوءَ ڪافي بزي ٿي وئي آهي ۽ هن کي عوام جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪرڻي پوي ٿي، پر تنهن هوندي به هوءَ چاهي ته لکڻ لاءِ وقت ڪڍي سگهي ٿي. غلام قادر جو اهو ئي جواب هوندو آهي ته؛ ”آئون توهان سان سؤ سيڪڙو سهمت آهيان، پر هوءَ منهنجي شايد نه ٻڌي توهان چوندئوس ته مڃيندي.“ بهرحال اسان جي سسئي، اياز سومرو ۽ پير مظهر جهڙن پڙهيل ڳڙهيل سياستدانن کي کپي ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير صاحبه وانگر پنهنجو مطالعو قائم رکن ۽ ٻيو اخبارن ۾ لکڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه وقت ڪڍندا رهن. ظاهر آهي سياست ۾ هو اسان کان وڌيڪ تجربو رکن ٿا، هر وقت سياستدانن سان ملندا رهن ٿا ۽ هنن جون لکڻيون هڪ عام ماڻهو کي Educate ڪري سگهن ٿيون. ملائيشيا ۾ هوندو هوس ته اتي به ڏسندو هوس ته ڪيترن ئي وزيرن جا، توڙي محمد مهاتير جا، ملئي اخبارن ۾ ڪالم ايندا رهيا ٿي. ملائيشيا جي پهرين وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان به ڏاڍو لکيو. اڄ هن جا ڪالم ڪتابي صورت ۾ سندن ملڪ جا نوجوان ۽ اسان ڌاريان پڙهون ٿا ۽ سسئي پليجو ته ماشاءَ الله هڪ اعليٰ تعليم يافته، ڪالم نگار، دنيا جو گهڻي کان گهڻو سفر ڪندڙ ۽ سنڌ جي اڀرندڙ مستقبل جي هڪ بهترين عورت اڳواڻ ليکي وڃي ٿي،. سندس وزير ٿيڻ کان اڳ آمريڪا ۾ ڪجهه سياسي سُڌ ٻُڌ رکندڙن سان اها ئي ڳالهه ٿي رهي هئي. هڪ چيو ته؛ ”سسئي ٻين ڪيترن ئي سياستدانن کان ان ڳالهه ۾ مختلف آهي ته هوءَ ڳوٺن ۾ رهي آهي ۽ هن غربت کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو آهي. ان ڪري هن مان غريب عوام جو وڌيڪ فڪر ڪرڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي. اڄ سندس وزير ٿيڻ بعد سندس هڪ ٻي به Plus پوائنٽ نظر اچي ٿي ته هن جو مڙس هن جي ڊيوٽي ۾ ڪابه دخل اندازي نٿو ڪري. مارگريٽ ٿيچر جي مڙس وانگر نه شوبازي ٿو ڪري نه وڏ - ماڻهپي. ڪيترن کي ته اها به خبر ناهي ته سسئي شادي شده آهي.“
    سائين رسول بخش پليجو وارن سان، منهنجي ڄاڻ سڃاڻ تمام پراڻي هلندي اچي. سنڌي ادبي سنگت جي فنڪشن دوران آئون ماضيءَ ۾ جهاتي پائڻ لڳس ته منهنجي پهرين ملاقات رسول بخش سان ڪڏهن ٿي ۽ ڪٿي ٿي؟ حيدرآباد ۾ يا جنگشاهيءَ ۾؟ ياد نه پيو اچيم پر اهو سٺ جي ڏهي جو سال هو. منهنجي ناني محمد حسن سومرو جو گهر گاڏي کاتي ۾ هوندو هو. اتي ئي شايد پليجو صاحب جي آفيس هئي يا اسان جي نانيءَ جي ڀاءُ ماما عبدالرحمان مرزا يا ان جي پٽ جسٽس حامد علي مرزا جن جي گهر ملاقات ٿي. اهي سڀ وڪالت ڪندا هئا. ماضي جي هڪ Scene ۾ رسول بخش صاحب سان منهنجي خبر چار منهنجي والد گل محمد شيخ جي آفيس ۾ به ٿي هئي. هن وقت مون کي پهرين ملاقات ياد نٿي اچي. رسول بخش پليجو صاحب جي ننڍن ڀائرن عبدالرحمان ۽ غلام قادر سان به منهنجو ملڻ ٿيندو هو. عبدالرحمان ڪراچي ۾ روس جي سفارتخاني ۾ هوندو هو. هي سال 1964ع هو. اسان اديب، روسي سفارتخاني جو ڪو فنڪشن ٿيندو هو ته ضرور ويندا هئاسين، جتي عبدالرحمان پليجو ۽ هڪ نظاماڻي صاحب (هن وقت نالو وسري ويو آهي) اسان کي، خاص ڪري مون کي، جهليندا هئا ته هتي اچڻ سان پوليس توهان جي پٺيان لڳي ويندي. رسول بخش پليجو جي ڳوٺ به وڃڻ ٿيندو هو. منهنجو والد ٺٽي ۾ ڪافي سال ڊپٽي ڪمشنر ٿي رهيو. آئون جڏهن به ڪراچي کان ٺٽي ويندو هوس ته ريل رستي جنگشاهي ۾ لهي، پوءِ بس ۾ ٺٽي پهچندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن عبدالرحمان (سسئي جو چاچو) به مون سان گڏ هوندو هو. هنن جو ڳوٺ جنگشاهي آهي، بلڪه جنگشاهي جي ڀرسان نيوات نالي ڳوٺ آهي. رسول بخش پليجو صاحب بعد ۾ (۽ شايد حالتن جي گردش ڪري) سياستدان بڻيو، نه ته اسان جيڪي شروع جا سال هن کي ڏٺو، هو هڪ قابل وڪيل ۽ ليکڪ هو. هن جون ڪهاڻيون، خاص ڪري انڌا اونڌا ويڄ (تنقيد) پسي ڳاڙها گل (ڪهاڻيون)، سَندِي ذات هنجن وغيره سهڻي، روح رهاڻ ۽ مختلف اخبارن ۾ ڇپبيون هيون ته سڄي سنڌ ۾ چؤپچؤ هُلي ويندي هئي. اڄ کان اڌ صدي اڳ کان وٺي، رسول بخش پليجو جون ڳالهيون ٻڌڻ وٽان رهيون آهن. تن ڏينهن ۾ به هو ڳالهائيندو هو ته اسان ٻڌڻ وارا پنڊ پهڻ ٿي ويندا هئاسين. هن جي هر ڳالهه ۾ ڄاڻ، عقل ۽ دليل هو ۽ ٻڌندڙ کي آسانيءَ سان قائل ڪري وٺندو هو. اڄ به اسان رسول بخش پليجو کي ان ئي شوق سان ٻُڌون ٿا. ڪڏهن ڪڏهن آئون سوچيندو آهيان ته اهي خوش نصيب آهن، جيڪي حيدرآباد ۾ رهن ٿا ۽ رسول بخش صاحب جون وقت بوقت ڳالهيون ۽ تقريرون ٻُڌندا رهن ٿا. ٽي سال اڳ، پليجو صاحب واشنگٽن آيو هو. آئون به اتي هوس. سندس تقرير ٻُڌڻ لاءِ اسان دوست، نيوجرسي کان هلي مَلهِي واشنگٽن وياسين. ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽي، خميساڻي ۽ ڊاڪٽر اعجاز ترڪ جهڙا ته اڃا به پري کان اچي نڪتا هئا. شام جو ان هوٽل جي هڪ ريسٽورنٽ ۾ ڪافي پيئڻ ويس ته اتي ڊاڪٽر مٺل وقاصي، عزيز ناريجو ۽ رحمان سومرو جن، رسول بخش پليجو جو نالو وٺي، ڪجهه بحث ڪري رهيا هئا. منهنجي پڇڻ تي ڊاڪٽر مٺل ٻڌايو هو ته رسول بخش پليجو جون اڄ تائين ڪيل تقريرون جمع ڪري CD ٺاهڻ چاهيون ٿا. مون کي ته ڏاڍي خوشي ٿي. خبر ناهي اهو ڪم سرانجام ٿي سگهيو آهي يا نه، ان جي ڄاڻ حاصل ڪري نه سگهيو آهيان. اسٽيج تي ڀرسان ويٺل سسئي کان پڇيم ته ننڍي هوندي اسان پنهنجي ماسي زبيده ٻگهيو جي گهر، فقير جي پڙ ڏي ويندا هئاسين ته رستي تي شهاب سئنيما وٽ توهان جو فلئٽ هوندو هو جتي ادا رسول بخش، توهان جو والد ۽ عبدالرحمان کان علاوه هنن جي حور نالي هڪ ڀيڻ پينگهي ۾ ويٺي هوندي هئي. مون کي اڄ به اهو گهر ۽ ادي حور چٽيءَ طرح ياد ٿي اچي. هوءَ اسان کان چار پنج سال وڏي هئي. اسان جو ڏاڍو خيال ڪندي هئي. هڪ ڏينهن مينهن ۾ آئون ۽ منهنجو دادو وارو ماسات رضا حسين گهلو گپ هاڻن چپلن سان سندن گهر ۾ گهڙياسين. ادي حور اسان کي در تي ئي اهڙا دڙڪا ڏنا جو پويان پير ڪري ڀڄي وياسين. سسئيءَ ٻڌايو ته سندس پڦي اڃان حيدرآباد ۾ ئي رهي ٿي.
    تعليم پوري ڪرڻ بعد عبدالرحمان، غلام قادر ۽ اسان جي شادي ٿي. 1971ع ۾ منهنجي شادي ٿي. ٻئي سال غلام قادر جي شادي جيجي زرينه جي ڌيءَ اختر بلوچ سان ٿي. ادي اختر ويجهڙائيءَ ۾ ٻه دفعا جيل ڪاٽي آئي هئي، سندس ڪتاب ”قيدياڻي جي ڊائري“ ڪري به هوءَ سڄي سنڌ ۾ مشهور هئي. کين ٻار دير سان ٿيا. 1972ع ۾ مون کي وڏي ڌيءَ مريم جيجل ڄائي ۽ 1975ع ۾ ٻي ڌيءَ مارئي ڄائي. سال کن رکي 1976ع ۾ ادي اختر وارن کي پهريون ٻار سسئي جنگشاهيءَ ۾ ڄائي. ان بعد بختاور، پرهه، سرمد ۽ اسد جنم ورتو. سسئي جي شادي 2000 ۾ علي نواز ڪلهوڙي جي پٽ سهيل احمد سان ٿي. انهن ڏينهن ۾ آئون ڪراچي ۾ هوس ۽ سسئي جي شادي تي سندس چاچن، پڦين ۽ جيجي زرينه سان سالن بعد ملي بيحد خوشي ٿي. انهن سان ملڻ ۾ آئون ايڏو ته محو ٿي ويس جو گهوٽ ڪنوار کي به نه ڏسي سگهيس. سسئي کي مون پهريون دفعو سن 2005ع ۾ ٽي وي جي ڪنهن چئنل تي ڏٺو. سندس بردباري ۽ اعتماد سان مختلف ماڻهن سان سنڌ جي مسئلن تي سنڌي، اڙدو ۽ انگريزي ۾ بحث مباحثا ٻڌي خوشي به ٿي ته حيرت به! اخبارن ۾ سندس ڪالمن به متاثر ڪيو ۽ ٻه ٽي دفعا فون ڪري سسئي کي پنهنجي هڪ سفرنامي لاءِ پيش لفظ لکڻ لاءِ چيم. ان بعد هڪ ٻه دفعو جڏهن به ڪراچي اچڻ ٿيو ۽ سسئيءَ سان ملڻ لاءِ ارادو ڪيم ته ادي اختر يا سندس والد غلام قادر ٻڌايو ته هوءَ لنڊن آهي يا جنگشاهي. اڄ هن فنڪشن ۾ کيس سامهون ڏسي هڪ دفعو وري خوشي ۽ حيرت ٿي رهي آهي ته وقت ڪيترو جلدي گذري ٿو. ڄڻ ڪالهوڪو ڏينهن هو ۽ اسين وڏي تجسس مان سندس والده (اختر بلوچ) جي قسط وار ”قيدياڻيءَ جي ڊائري“ روح رهاڻ يا شايد سهڻي رسالي ۾ پڙهندا هئاسين.


    ماسي حاڪم زاديءَ جي ڌيءَ رشيده حجاب

    پاڻ گذريل ڪالم ۾ سسئي پليجو ۽ سندس ڳوٺ جنگشاهي جي ڳالهه ڪئي. هڪ ٻه ڳالهيون رهجي ويون اهي هتي لکان ٿو. رسول بخش پليجو، سياسي طرح جيتوڻيڪ ”عوامي تحريڪ“ سان تعلق رکي ٿو، پر سندس ڀاءُ غلام قادر ۽ ان جي ڌيءَ سسئي پيپلز پارٽيءَ سان آهن. غلام قادر پليجو به ٻه دفعا، صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي چڪو آهي ۽ هينئر به سياست ۾ فعال آهي. سسئي پليجو، واحد صوبائي اسيمبلي جي ميمبر آهي جيڪا عورتن جي سيٽ تي ٺٽي جي ميرپورساڪرو PS-85 تڪ ۾ چونڊجي وئي آهي. پاڻ هن وقت وزير ثقافت ۽ سياحت آهي. پاڻ ڊبل گريجوئيٽ آهي. سنڌ يونيورسٽي مان بي اي ڪرڻ بعد، هن لنڊن مان بين الاقوامي قانون ۾ ڊگري حاصل ڪئي. سسئي پليجو جي والده اختر بلوچ 17 سالن جي هئي ته ايوب خان جي مارشل لا واري دور ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ دوران جيل ۾ سال کن رهي. رسول بخش پليجو سنڌين ۾ سڀ کان گهڻو عرصو جيل ۾ رهيو آهي. آئون ملائيشيا ۾ هوس ته 1989ع ۾ ملائيشيا جي انگريزي اخبار New Straits Times رسول بخش پليجو صاحب تي صفحو ڪڍيو هو ته هو ايشيا جو اهو انسان آهي جيڪو وڏي ڄمار جيل ۾ گذاري آزاد ٿيو آهي. ان جو ذڪر مون ملائيشيا واري سفرنامي ”ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه“ ۾ به ڪيو آهي.
    جنگشاهي ٻي ڪنهن ڳالهه کان مشهور هجي يا نه پر فوجي تاريخ ۾ پاڪستان جي ٿيڻ واري پهرين ”ڪمانڊر ان چيف“ جنرل محمد افتخار خان جي حادثي کان مشهور آهي. پاڪستان ٿيڻ وقت پاڪستان جو آرمي چيف فرئنڪ ميسروي هو ان بعد 11 فيبروري تي سر ڊگلس ڊيوڊ گريسي ”ڪمانڊر ان چيف“ ٿيو ۽ 1951ع تائين يعني رٽائرمينٽ تائين، گريسي ان پوسٽ تي رهيو. ان کان اڳ اهو فيصلو ٿيو ته گريسيءَ بعد، پاڪستان جو فوجي ڪمانڊر ان چيف، انگريز بدران هن نئين ملڪ پاڪستان جو رهاڪو ٿيندو. جنهن لاءِ ميجر جنرل محمد افتخار جو نالو منتخب ٿي چڪو هو. پر جنرل صاحب، انگريز فوجي آفيسر گريسي جي رٽائرمينٽ کان اڳ، 1949ع ۾ جنگشاهي وٽ هوائي حادثي ۾ وفات ڪري ويو. جنگشاهي ٺٽي ضلعي جو وڏو ۽ اهم شهر آهي، جيڪو ريل رستي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن سان ڳنڍيل آهي ۽ ٺٽي کان 13 ميل اولهه ۾ آهي.
    بهرحال ويٺي ويٺي هي پراڻيون ڳالهيون ياد اچي ويون، جيڪي سٺ واري ڏهي جون آهن. سسئي جو پيءُ غلام قادر پليجو، چاچو عبدالرحمان ۽ اسان سڀ اڃا شاگرد هئاسين. پنجاهه سي سي هونڊا تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ چڪر هڻندا هئاسين. اڄ ان کي اڌ صدي کن اچي ٿي آهي. مون کي ان قسم جون ڳالهيون هيڪانديون عجيب ٿيون لڳن جو آئون وچ وارو عرصو، يعني 30-40 سال کن، پنهنجي ملڪ جي Scene مان ئي آئوٽ رهيس. 1963ع تائين يعني 18-19 سال پنهنجي ڳوٺ هالا، پيٽارو جتي پڙهندو هوس ۽ حيدرآباد (جتي منهنجا ناناڻا رهيا ٿي ۽ گرمين جي موڪل ۾ حيدر چوڪ وٽ ناني جي گهر رهائش ٿيندي هئي) ۾ رهڻ بعد پوءِ آئون يڪا 30-40 سال، پنهنجي ملڪ کان ئي ڏور ٿي ويس ۽ هاڻ جڏهن 60-65 ورهين جو ٿي موٽيو آهيان ته ڪيتريون ئي ڳالهيون عجيب ٿيون لڳن. حيرت ۽ خوشيءَ جا مختلف جذبا پيدا ٿا ٿين. جيئن اڄ 44 سالن بعد شمس جعفراڻيءَ کي ۽ پهريون دفعي سسئي کي ڏسي حيرت ۽ خوشي ٿي اٿم. ان سان گڏ، هڪ ٻئي ماڻهو سان منهنجي تازي ملاقات جو احوال هتي لکڻ بي محل نه ٿيندو ۽ ان عظيم شخصيت جو هتي مون کي ضرور ذڪر ڪرڻ کپي، جنهن کي اسان جي ڪيترن ادب دوست ماڻهن وساري ڇڏيو آهي.
    مٿي آئون ٻڌائي چڪو آهيان ته انٽر تائين جيڪي سال آئون پاڪستان يعني سنڌ ۾ رهيس، ان ۾ پيٽارو کان علاوه موڪل جا ڪجهه ڏينهن ڳوٺ هالا ۾ گذرندا هئا ته ڪجهه ڏينهن حيدرآباد ۾ ناني جي گهر. اسان جي ناني جو گهر اڄ واري حيدر چوڪ کان ڪجهه وکون ڏکڻ طرف هو. ٻه چار گهرن بعد خالد هاشماڻي جو گهر هو، جيڪو پڻ ٻه سال رکي پيٽارو آيو ۽ هاڻ آمريڪا ۾ رهي ٿو. هن جي گهر سامهون مغلن جو گهر هو، جنهن جي ٻاهران نوراحمد مغل لکيل هوندو هو. هنن جي گهر ۾ به منهنجي ڀاءُ ۽ مون جيڏا ٻار هئا ۽ ڪڏهن سندن گهر ته ڪڏهن ٻاهر راند ڪندا هئاسين. اسان جيڏو رشيد ۽ مقبول هئا. سندن هڪ وڏي ڀيڻ رشيده نالي هئي. ڪا خاص وڏي نه هئي. مون کان کڻي ٻه سال کن وڏي هجي، جو اتي جي گاڏي کاتي واري اسڪول ۾ رشيده ۽ اڄ جي V.C ادا مظهر جي ننڍي ڀيڻ سلطانه صديقي، جيڪا اڄ ڪلهه ٽي وي چئنل ’هم‘ ۽ ’مصالا‘ جي حوالي سان سڃاتي وڃي ٿي، چوٿين ڪلاس ۾ هيون ته اسان ٻئي ڪلاس ۾ هئاسين. ڊاڪٽر فهميده حسين جن جو پڻ، پاڙي ۾ گهر هو جيڪا اسان کان به ٻه ٽي سال کن ننڍي هئي. رشيده جو والد نوراحمد مغل صاحب انهن ڏينهن ۾ مختيارڪار هو ۽ منهنجو پيءُ به روينيو ۾ ئي هو. شايد اسسٽنٽ ڪمشنر، ٻنهي جي پاڻ ۾ سٺي دوستي هئي. سندن ٽيون دوست جمال الدين جماڻي هو، جنهن جو گهر ٿورو اڳيان هو. جماڻي صاحب جو پٽ اقبال (جيڪو هاڻ انڪم ٽئڪس ڪمشنر ۽ D.G جي عهدي تان، گذريل سال رٽائرڊ ٿيو آهي، اهو) پڻ اتي ايندو هو جنهن لاءِ ماسي حاڪمزادي (رشيده جي ماءُ) چوندي هئي ته هي منهنجو سڳو ڀاڻيجو آهي. گهڻو گهڻو پوءِ هڪ دفعو ناني جي گهر آياسين ته خبر پيئي ته ادي رشيده جي شادي راڄپرن ۾ ايڏانهن موري پاسي ٿي آهي.
    پيٽارو ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد مئرين انجنيئرنگ (جهاز هلائڻ جي انجنيئرنگ) جي تعليم ۽ پوءِ نوڪري ٻاهر ئي ٿيندي رهي. اسڪول، ڪاليج ۽ هاڻ نوڪري جي ڏينهن ۾ آئون هر وقت رسالا ۽ اخبارون پڙهندو رهيس ۽ افسانا لکندڙن ۾ منهنجا جيڪي دلپسند لکندڙ هئا، رشيده حجاب انهن مان هڪ هئي. مون کي اها خبر ئي نه هئي ته ناناڻن جي پاڙي ۾ جيڪا ماسي حاڪمزادي جي ڌيءَ رشيده نظر ايندي هئي، اها رشيده حجاب ئي آهي، جنهن جا افسانا نئين زندگي ۽ مهراڻ جهڙن رسالن ۾ هميشه پڙهندا رهون ٿا. ان ڳالهه جي خبر مون کي اڌ صديءَ بعد، گذريل هفتي اقبال جماڻي جي ڌيءَ جي شادي تي پيئي، سو به آخر ۾ اٿڻ وقت. شادي ۾ آيل مهمان، هاڻ وڃي رهيا هئا. هڪ ٽيبل تي اڃا ڪجهه مهمان ويٺا هئا. وٽانئن جيئن ئي منهنجو لنگهه ٿيو ته سامهون ويٺل فضل قلباڻي اٿي مليو ۽ مون کي ڀر ۾ ويٺل محترمه ڏي اشارو ڪري چيو ته ”ادي رشيده حجاب سان نه ملندؤ؟“
    ”رشيده حجاب!“ حيرت مان مون نالو ورجايو.
    هيستائين مون ته رشيده حجاب جو نالو ٻڌو هو. ملڻ جي شوق جي باوجود مون کي ڪڏهن کيس ڏسڻ جو به موقعو نه مليو هو ۽ هاڻ جيئن کڻي ڏسان ته وڏي عرصي جي تبديلي جي باوجود، هوءَ ماسي حاڪمزادي جي ڌيءَ لڳي رهي هئي، آئون ويهي رهيس؛ ”آپا توهين هتي ڪيئن؟“
    ”اقبال جماڻي منهنجو ماسات ته ٿئي ۽ هي قلباڻي به اماني جي مائٽيءَ ۾ آهن.“
    جيتوڻيڪ جلدي ۾ هوس پر هن عجيب ملاقات ڪري، ڪلاڪ کن ويهي ادي رشيده حجاب کان سندس ۽ سندس فئملي جو احوال وٺندو رهيس. ان ڏينهن مون کيس تقريباً 50 سالن جي Gap کانپوءِ ڏٺو هو. آخري دفعو سندن گهر 1961ع ۾ ويو هوس، جڏهن مئٽرڪ ۾ هوس.


    اَمي تماڪي ڪو تو ڀالو ڀاشي...

    (آئون توسان ڪيڏو ته پيار ڪريان ٿي)
    محترمه رشيده حجاب ٻڌايو ته هن زبيده ڪاليج مان B.Sc ڪرڻ بعد، سنڌ يونيورسٽي مان باٽني ۾ Ph.D ڪئي. پاڻ پهرين ڇوڪري هئي جنهن هن سبجيڪٽ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي ۽ گولڊ ميڊلسٽ رهي. ان بعد پاڻ سڄي عمر درس و تدريس جي شعبي ۾ رهي. پاڻ ڪيترن ئي ڪاليجن ۾ ٽيچنگ ڪيائين جهڙوڪ زبيده ڪاليج حيدرآباد، ان بعد ان ئي ڪاليج جي پرنسپال به ٿي رهي. ان کان علاوه سکر ڪاليج، نزهت ڪاليج حيدرآباد، وومين ڪاليج ڪراچي جي پڻ پرنسپال ٿي رهي. ان بعد ڪاليجن جي ڊائريڪٽر ۽ پوءِ سنڌ حڪومت ۾ ڊائريڪٽر جنرل ٿي رهي. 2002ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. ادي رشيده حجاب جي شادي 1969ع ۾ جناب انور علي راڄپر سان ٿي. کيس چار ڌيئون آهن. وڏي ڌيءَ انيتا زخرف اعليٰ تعليم ڪئناڊا مان حاصل ڪئي ۽ اتي ئي پنهنجي مڙس نويد پيرزادو ۽ ٻن ٻارن معروف مجتبيٰ ۽ روز علي شاهه سان گڏ رهي ٿي. ٻي ڌيءَ عينا سعيده پڻ ڪئناڊا ۾ رهي ٿي، جتي هن جو مڙس علي رضا مهراڻ يونيورسٽي مان B.E ڪرڻ بعد هاڻ ڪئناڊا ۾ ME ڪري رهيو آهي. هن کي به ٻه ٻار آهن. حسين علي ۽ عائشه لنتا.
    آپا جي ٽين ڌيءَ ڊاڪٽر امير پارس ڄامشوري مان MBBS ڪئي ۽ سندس مڙس محمد عالم نوناري انجنيئر آهي. کين به ٻه ٻار آهن: مريم فاطمھ ۽ سعد. آپا جي ننڍي ڌيءَ ثنا آغا خان ڪاليج مان MBBS ڪرڻ بعد، هاڻ اتي ئي پوسٽ گريجوئيشن ڪري رهي آهي. سندس گهوٽ جو نالو حيدر علي آهي.
    رشيده حجاب ادبي دنيا ۾ هڪ مٿانهون نالو آهي. لڳي ٿو ته نوڪري ۽ ٻارن ۾ بزي ٿي وڃڻ ڪري، هن بعد ۾ لکڻ ڇڏي ڏنو يا گهٽائي ڇڏيو. نه ته سٺ ستر واري ڏهي ۾ سندس ڪهاڻيون مهراڻ، روح رهاڻ، مارئي، نئين زندگي، سهڻي ۽ هلال پاڪستان جهڙن رسالن ۽ اخبارن ۾ اينديون رهيون ٿي. ڪي ڪهاڻيون ته تمام گهڻيون پسند ڪيون ويون، جهڙوڪ:
    چڻنگ.
    ڪنڊن جي سيج.
    ديوي ۽ ديوتا.
    مَـڪِ روءِ مَ ڪي رڙ، وغيره.
    بهرحال هي سڀ پراڻيون ڳالهيون، ان ڏينهن حيدرآباد ۾ هلندڙ سنڌي ادبي سنگت جي ايوارڊ ڏيڻ واري فنڪشن دوران ياد اچي ويون. فنڪشن جي ڪارروائيءَ جو تفصيل هتي نه ڏنو اٿم جو اهو ٻئي ڏينهن سڀني اخبارن ۾ اچي ويون. فنڪشن وارو ڏينهن، ڪيترين ئي اخبارن ۽ ٽي وي چنئلن جا نمائندا ۽ فوٽو گرافر نظر اچي رهيا هئا. KTN ۽ مهراڻ ٽي وي وارن مون کان به انٽرويو اچي ورتو. ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي KTN گهڻو ڏسن ٿا پر هاڻ هنن ۾ ”مهراڻ“ وڌيڪ پاپولر ٿيندي وڃي. ٿوري ئي عرصي ۾ لڳي ٿو ته مهراڻ وارن وڏي محنت ڪئي آهي. آئون اڄ ڪلهه عبرت اخبار ۾ ڪالم لکان ٿو. سو ٻئي ڏينهن ان خبر جي ڪٽنگ پاڻ وٽ محفوظ رکڻ لاءِ ته سنڌي ادبي سنگت، اسان چڱن مڙسن جي ادبي خدمتن جي مڃوتي ۾ اسان کي ايوارڊ سان نوازيو، عبرت اخبار ئي خريد ڪيم. عبرت اخبار پڙهي افسوس ٿيو ته ان ۾ نه اسان کي ايوارڊ ملڻ جي خبر ۽ نه تصوير. آخر ڪاوش اخبار گهرايم ۽ پوءِ خبر پئي ته عوامي آواز، هلال پاڪستان ويندي سوڀ اخبار به اها خبر نه فقط تفصيل سان ڏني آهي پر فوٽو به ڏنو آهي. هن عمر ۾ مون لاءِ فوٽو يا ڪا خبر اچڻ ڪا اهم ڳالهه ناهي پر عبرت اخبار جي انهن افعالن تي ٻه ٽڪا افسوس ضرور ٿيو. هونءَ به عبرت اخبار وارا ڪڏهن ڪالم جو اڌ کائي ويندا ته ڪڏهن وري سڄو ڪالم گم ڪري ڇڏيندا. مالڪ لک عزتون ڏيندا، پر سندن اخبار جو ڪم هلائيندڙ، هر ڳالهه کي Casual پيا وٺندا. اخبار جي نيوز ايڊيٽر کي فون ڪري ان ڳالهه ڏي ڌيان ڇڪايم.
    ”سائين مون کي خبر ناهي. رات جي نيوز واري ايڊيٽر جو ڏوهه آهي.“
    وري رات واري نيوز ايڊيٽر کي فون ڪيم ته وراڻيائين؛ ”سائين فوٽو گرافر نئون هو. ان کي خبر ئي نه هئي ته توهان عبرت اخبار لاءِ ڪالم لکو ٿا.“ جواب مليو.
    وراڻيومانس ته؛ ”پوءِ ڪاوش اخبار ۽ ٻين اخبار وارن کي شابس هجي جو هنن جي اخبارن ۾ نه لکڻ جي باوجود، هنن اسان جي تصوير ڏني آهي.“
    بهرحال عبرت اخبار وارن سان ڪڏهن ڪالم گم ڪرڻ تي، ڪڏهن ڪالم کي صحيح جاءِ نه ڏيڻ تي، ڪڏهن پروفن جي چُڪن تي شڪوه شڪايتون لڳيون رهن ٿيون. عبرت اخبار جي آفيس ۾ جنهن سان به کڻي ڳالهاءِ ته آخر ۾ چوندو؛ ”سائين توهان سوچي نٿا سگهو ته اسان توهان جو ڪالم ڪيڏي خيال سان ٿا ڇپيون. توهان سوچي به نٿا سگهو ته توهان جي ڪالم اچڻ جو اسان کي ڪيڏو انتظار ٿو رهي...“
    اهي ساڳيون شڪايتون ۽ عبرت اخبار وارن طرفان ساڳيا جواب، مون جهڙن ٻين ڪالم لکڻ وارن کي به ملندا رهندا هوندا. عبرت جي انهن افعالن تان هڪ بنگالي ڇوڪري ياد ٿي اچي، جيڪا اڄ کان 47 سال اڳ، جڏهن بنگلاديش جي شهر چٽگانگ ۾ مئرين انجنيئرنگ پڙهڻ دوران، منهنجي بنگالي روم ميٽ کي خط لکندي هئي. هوءَ هميشه خط ۾ اهو جملو لکندي هئي ته:
    ”تمي وشئس ڪوتي پارونا، اَمي تماڪي ڪوتو ڀالي ڀاشي.“
    (تون اندازو نٿو ڪري سگهين ته آئون توسان ڪيڏو پيار ڪريان ٿي.)
    جواب ۾ نيٺ منهنجي روم ميٽ لکيس ته؛ ”جنهن ردي اخبار جي ڪنڊ تي تون هر دفعي اهو جملو لکي مون ڏي موڪلين ٿي، مون کي ان مان ئي اندازو ٿيو وڃي ته تون مون سان ڪيڏو پيار ڪرين ٿي!“
    عبرت اخبار وارا به هر وقت اهو ضرور چوندا رهن ٿا ته؛ کين اسان جا ڪالم وڻن ٿا، پر رکي رکي ليکڪن سان جيڪي جُٺيون پٺيون ڪن ٿا، ان مان اندازو ٿيو وڃي ته هو اسان جهڙن ليکڪن کي ۽ انهن جي ڪالمن کي ڪيڏو پسند ڪن ٿا.
    بهرحال ردي اخبار جي ڪنڊ تي، خط لکڻ جي باوجود منهنجي بنگالي ڪلاس ميٽ کي پنهنجي هم زبان دوشيزه جون ٻيون ڪيتريون ئي ادائون پسند اچي ويون. هو ساڻس شادي ڪري اڄ ڏينهن تائين خوش زندگي گذاري رهيو آهي. گذريل سال، سلهٽ (بنگلاديش) سندن گهر ويو هوس ته ”اَمي تُماڪي ڪوتو ڀالو ڀاشي“ لکڻ واري ڇوڪري اسان وانگر ناني ڏاڏي ٿيو ويٺي هئي.
    عبرت اخبار جي باوجود ڪوتاهين جي سندن ڪي ڪي ادائون اهڙيون آهن جو اسان جهڙن ڪيترن ليکڪن جو ساٿ ساڻن قائم دائم رهندو اچي. عبرت اخبار وارن جي اها ڳالهه پڻ تعريف جوڳي آهي ته اها صبح ساڻ نيٽ تي اچيو وڃي ۽ ولايت ۾ رهندڙ سنڌي اڄ ڪلهه گهڻي کان گهڻا، عبرت اخبار ئي پڙهن ٿا. ايتري قدر جو ڪراچيءَ ۾ جيسين اخبار وارو اخبار اڇلائي وڃي، ان کان اڳ منهنجي ڇپيل ڪالم بابت Comments جو، ڪڏهن ڪوالالمپور کان غلام علي سولنگي جو ته ڪڏهن شاهه عالم کان ڊاڪٽر شفيع محمد نظاماڻيءَ جو، ته ڪڏهن وري ترنگانو کان مير الهداد ٽالپر جو فون يا اِي ميل پهچيو وڃي.
    (نوٽ: ڪولالمپور، شاهه عالم ۽ ترنگانو ملائيشيا جا شهر آهن، جتي اسان کان چار ڪلاڪ اڳ سج اُڀري ٿو.)


    سيلف پورٽريٽ

    جنڊي، ڪاشي ۽ پڻ تعليم جي حوالي سان مشهور مٽياري ضلعي جي ڳوٺ هالا نوان ۾ 14 نومبر 1944ع تي منهنجو جنم ٿيو. ننڍپڻ هالا ۾ ئي گذريو. سال ۾ ٻه چار دفعا حيدرآباد اچڻ ٿيندو هو، جتي منهنجا ناناڻا (سنڌ زميندار هوٽل ۽ فاران هوٽل وارا) سومرا رهيا ٿي. تن ڏينهن ۾ پرائمري تعليم ۾ چار درجا هوندا هئا ۽ صبح توڙي شام جو اسڪول وڃڻو پوندو هو. هالا جي پرائمري اسڪول جا هڪ ٻه استاد سائين عبدالهادي شيخ، يارمحمد تورپيو، محمد بچل قريشي ۽ سائين محمد اشرف ۽ اهڙيءَ طرح انگريزي اسڪول جا ٽيچر سائين عبدالرحيم ارباب، ظفر علي ارباب، محمود ابڙيجو، محمد خان گاجڻي ميمڻ (جيڪو بعد ۾ ABL بئنڪ جو صدر به ٿيو) اڄ به ياد ٿا اچن ته انهن جو قدر ٿو ٿئي ۽ سندن فرض ادائيگي، محنت ۽ ايمانداريءَ کي مڃڻو پوي ٿو، جن مون جهڙن هزارين شاگردن کي دل و جان سان تعليم ڏني. اڳتي هلي مون به ويهارو کن سال ماستري ڪئي پر ماڊرن طريقن Audio Visual Aids سان. اڄ جي پڙهائي کان ان وقت جي نوڪري ڪيڏي سخت هوندي هئي، جڏهن هڪ ماستر صاحب فقط ڪاري بورڊ ۽ اڇي چاڪ جي مدد سان ٻارن کي پڙهائيندو هو.
    هالا جي مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ ٽي درجا پڙهڻ بعد منهنجي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخلا ٿي، جيڪو ڪاليج ٻه سال کن ميرپور خاص ۾ عارضي طور رهڻ بعد اڄ واري پيٽارو ڪئمپس ۾ شفٽ ٿيو. ان وقت 1960ع ۾ جڏهن ڪاليج جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ اسين شاگرد ميرپورخاص کان پيٽارو پهتا هئاسين ته چوڌاري رڻ پٽ هو. ٻي جنگ عظيم جو هڪ رن وي ۽ ٻه ٽي ڊٺل هئنگر (جنهن ۾ هوائي جهاز بيهن ٿا) هئا. اڄ 50 سالن پڄاڻان يعني پوري اڌ صديءَ بعد، اهو هنڌ جنگل ۾ منگل ٿو لڳي.
    ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد آئون اڪيلو ۽ (پهريون پڻ) هوس جيڪو چٽگانگ، بنگلاديش (ان وقت مشرقي پاڪستان) جي مئرين اڪيڊمي لاءِ چونڊجي ويس. ٻئي سال ٻيا به سنڌ کان آيا، جن ۾ ڪئپٽن بشير وسطڙو، ڳوٺ مچر (نوشهرو فيروز جو) ڪئپٽن احمد حسين مخدوم (درٻيلي جي زاهده مخدوم ۽ ثريا مخدوم جو ڀاءُ)، سانگهڙ جو ڪئپٽن رياض چوڌري ۽ ٻيا. آئون انجنيئرنگ برانچ ۾ رهيس. اڳتي هلي مئرين انجنيئرنگ (جهازن جي مشينن جي انجنيرئنگ) ۾ پوسٽ گريجوئيشن سئيڊن جي ڏاکڻي شهر مالمو جي World Maritime University مان ڪيم.
    لکڻ پڙهڻ جو شوق ننڍپڻ کان پيدا ٿيو. والد مرحوم گل محمد شيخ ڪيترا ئي رسالا گهرائيندو هو، جن ۾ پهريون تصويرون پوءِ ننڍا ننڍا مضمون پڙهڻ شروع ڪيم. 13 سالن جي ڄمار ۾ جڏهن ڪئڊٽ ڪاليج پهتس ته ان وقت جي رسالن؛ بادل، گلستان ۽ ڳوٺ سڌار ۾ ڪچو ڦڪو لکڻ لڳس. ان بعد مئٽرڪ ۾ پهچي ڪاليج جي مئگزين جي ايڊيٽر ٿيڻ جو موقعو مليو ۽ پوءِ چٽگانگ مان بنگال جون ڳالهيون ”دريائن جي ديس مان“ جي عنوان سان لکڻ لڳس. هالا ۾ اسان جي مائٽي مٽي ۾ ڪيترا ئي اديب شاعر هئا، جهڙوڪ انور هالائي، سليم هالائي، شوڪت (جنهن جو پٽ امتياز ابڙو، اڄ ڪلهه ڪاوش ۾ مزاحيه ڪالم لکي ٿو)، اضعف هالائي (جنهن جا پٽ منصور ويراڳي، منور ۽ پوٽا ثاقب ابڙو، سهيل ابڙو وغيره شاعر، اديب ۽ ٽي وي ائڪٽر آهن.) خود منهنجي والد صاحب کي به لکڻ پڙهڻ جو شوق هو ۽ سندن ڪتاب ”ماکيءَ جي مک“، ”ڪوريئڙو“، ”ماڪوڙي“ ۽ هڪ ڪتاب پنهنجي ڪلاسي دوستن (سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ) سان گڏجي لکيل ”گڏهه“، اڃا تائين مختلف ادارن طرفان وري وري ڇپبو رهي ٿو. حيدرآباد ۾ اچبو هو ته منهنجا ناناڻا بزنيس سان تعلق ضرور رکندا هئا پر منهنجي ناني سيٺ محمد حسن جي گهر ۾ وڏي لئبرري هئي ۽ اسان کي به هر وقت پڙهڻ لاءِ چوندو هو. سنڌ جو طنز و مزاح وارو ليکڪ حليم بروهي منهنجي ناني جي وڏي ڀيڻ (پڦو غلام فاطمه جو پٽ) به اتي ايندو هو يا هن وٽ وڃڻ تي اهي ئي ادبي ڳالهيون هونديون هيون. وائيس چانسلر نظير مغل، جسٽس حامد علي مرزا وغيره جيڪي منهنجي ناني جا ڀاڻيجا ٿين، اهي به ناني جي گهر ايندا رهندا هئا يا پاڙي ۾ سندن گهر وڃڻ ٿيندو هو ته هميشه لکڻ پڙهڻ جون ڳالهيون ڪندا هئا.
    ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اچي مطالعي جي اڃا به وڌيڪ عادت، اتي جي انگريز پرنسپال، ڪرنل ڪومبس وڌي. اهو اسان کي ڪتاب پڙهڻ تي ڏاڍو زور ڏيندو هو. ڪرنل ڪومبس اسان جي ڪاليج جو پهريون پرنسپال ٿي آيو هو. پاڻ برٽش آرمي جو ڪرنل ۽ ٻي جنگ عظيم جو جپانين وٽ قيدي Prisoner of war ٿي رهيو. هو اسان کي چوندو هو ته جنهن ماڻهوءَ کي مطالعي جي عادت آهي، اهو جهنگ ۾ به اڪيلو رهي سگهي ٿو. هن جي نصيحت جو احساس مون کي ڊگهن سامونڊي سفرن ۾ ٿيو، جڏهن چين کان ڪئناڊا، چاليهن ڏينهن راتين جو يا جپان کان ڪيوبا 35 ڏينهن راتين جو لڳاتار سفر ٿي ڪيوسين ۽ ڳالهائڻ لاءِ ڪا پهر نه هوندي هئي. ان وقت ڪتابن اسان کي مشغول رکيو ٿي. اسان پيٽارو ۾ سنڌي، اڙدو، ۽ انگريزي جا فقط ڪتاب نه پر مصنفن جا سڄا سڄا سيٽ پڙهيا. چٽگانگ ۾ به مون کي ان قسم جو ماحول مليو. منهنجي بنگالي دوست ڪلاس ميٽن جو ڪتاب پڙهڻ سان ايترو ته چاهه هيو جو مون کي شروع جي ڇهن مهينن اندر پنهنجي بنگالي زبان نه رڳو ڳالهائڻ پر لکڻ سيکاريائون. منهنجو روم ميٽ چيف انجنيئر راشد ڪاظمي ته سمهڻ کان اڳ اوڙي پاڙي جي ڪمرن مان ٻين ڪئڊٽن کي گڏ ڪري رابندر ناٿ ٽئگور جي ”گيتانجلي“ پڙهي ٻڌائيندو هو.
    چٽگانگ ۾ موڪل جا ڏينهن آئون چٽگانگ ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل ۾ نعيم دريشاڻي وٽ ويندو هوس. نعيم هاڻي ڪافي سالن کان لکڻ ڇڏي ڏنو آهي، پر تن ڏينهن ۾ سندس شاعري ٽيڙو، هائيڪو، روح رهاڻ ۽ سهڻي رسالي ۾ هر مهيني ڇپبا هئا. سندس هڪ آزاد نظم آهي:
    آئون جنهن گهڙي
    پنهنجي ماءُ جي ڪک مان نڪري
    هن جهان ۾ آيس
    تنهن گهڙيءَ کان
    منهنجو پاڇو مون ساڻ هو
    ڪالهه
    ٻن ڏينهن جي بک کانپوءِ
    ڀڳڙن مٺ جي عيوض
    مون اهو سچو دوست
    پنهنجو پاڇو
    وڪڻي ڇڏيو.
    بهرحال اتي چٽگانگ ۾ نعيم سان گهڻي ڀاڱي ادبي ڳالهيون ٿينديون هيون. حميد سنڌي، طارق اشرف، ولي رام ولڀ، وغيره هن جا دوست هئا، جن سان ڊاڪٽر نعيم مون کي اتي چٽگانگ ۾ ويهي متعارف ڪرايو.
    جهازن جي ڊگهين مسافرين (Routes) تي جهازي، وقت پاس ڪرڻ لاءِ اڪثر پتي راند کيڏندا هئاسون، يعني تن ڏينهن ۾ جڏهن 60ع واري ڏهي جي آخري سالن ۾ جونيئر انجنيئر جي حيثيت سان جهاز تي چڙهيو هوس. پتي راند نه اچڻ ڪري آئون ٻين کان الڳ ٿلڳ ٿي ويس. پوءِ پنهنجي منهن مون ٿوري گهڻي پيسڪوٽ ۽ برج (جيڪي رانديون عام هيون) سکڻ جي ڪوشش به ڪئي پر ايڏو پختو رانديگر نه هجڻ ڪري ڪو به مون کي پنهنجو ڀيچي ٺاهڻ لاءِ تيار نه هو. ڏسڻ لاءِ ويندو هوس ته ڏسڻ جو موقعو به نه ملندو هو. رانديگرن مان ڪو چوندو هو يار اسٽيورڊ کي ته فون ڪر ته چانهه ٺاهي اچي. ڪو چوندو هو يار ڪنٽرول روم وارن کي ته ٻڌائي اچ ته آئون هتي آهيان، جيئن منهنجو جهاز هلائڻ جو وارو اچي ته مون کي هن ڪمري ۾ اطلاع ڪن وغيره وغيره. پوءِ هڪ ڏينهن فيصلو ڪيم ته فقط جهاز هلائڻو آهي، يعني ڊيوٽي ڪرڻي آهي ۽ پنهنجو منهن وٺي ويهڻو آهي.
    پوءِ جهاز تي وقت پاس ڪرڻ لاءِ دوستن کي خط ۽ عبرت اخبار لاءِ ڪالم لکڻ لڳس. جنهن ۾ بندرگاهن، سمنڊ ۽ جهازن بابت اهي ڳالهيون هيون، جيڪي مون کي دلچسپ ۽ کلائيندڙ لڳيون ٿي يا اهي جن مان سمجهيم ته عام ماڻهوءَ کي معلومات به حاصل ٿيندي. شروع جي ڏينهن ۾ افسانوي نموني، انهن ڳالهين ۾ رومانيت ۽ دلڪشي پيدا ڪندو هوس ته جيئن سنڌ جا نوجوان، جيڪي سمنڊن جي ڪناري واري وطن ۾ رهي به سمنڊ جي نوڪري کان اڻڄاڻ آهن، تن جو هن فيلڊ ۾ چاهه پئدا ٿئي.
    منهنجي پهرين ان قسم جي سفرنامي ”منهنجو ساگر، منهنجو ساحل“ تي رائيٽرس گلڊ جو ايوارڊ ملڻ تي به منهنجي لکڻ لاءِ دلچسپي وڌي، پر سڀ کان وڏي ڳالهه ته لکڻ منهنجي مجبوري هئي ڇو جو ڏينهن رات، سال جا 365 ڏينهن، جهاز تي رهي، ڊگهن سفرن جو وقت ڪاٽڻ لاءِ منهنجو وڏو هٿيار، لکڻ پڙهڻ هو.
    60ع واري ڏهي ۾ سائين نورالدين سرڪي وڪيل صاحب جي آفيس ۾ به سنڌي اديبن جي گڏجاڻي ٿيندي هئي. منهنجو جهاز جڏهن به ڪراچيءَ ۾ لنگر انداز رهندو هو ته آئون اتي ويندو هوس. جتي منهنجي ملاقات ۽ دوستي امر جليل، نسيم کرل، شمشيرالحيدري، قمرشهباز، تاج بلوچ ۽ ٻين اديبن سان ٿي. هرڪو پنهنجي لکڻي پڙهندو هو. جنهن تي ٻيا تنقيد ڪندا هئا. آخر ۾ سرڪي صاحب جي خرچ تي، هڪ چانهن ۽ ڪجهه بسڪيٽ (نسيم کرل ٻه چانهيون ۽ گهڻا بسڪيٽ) کائي روانا ٿيندا هئاسين، يا وري نسيم کرل وٽ، جنهن هوٽل ۾ هو ٽڪيل هوندو هو، اچي رات جي ماني کائيندا هئاسين.
    1971ع ۾ منهنجي مستوران گهلوءَ سان، جيڪا منهنجي ماسات به ٿئي، دادوءَ ۾ شادي ٿي. ڪجهه ڏينهن هالا ۾ گذاري وري اچي جهاز تي چڙهيس. اسان جو گهر يعني جهاز ٿيو. اسان لاءِ به اهو بهتر هو جو ٻين نوڪرين وانگر سيڌو سامان آڻڻ، رڌ پچاءُ ڪرڻ، گئس ۽ بجلي جا بل ڀرڻ جهڙن کٽراڳن کان بچيا پيا هئاسين. هر شيءِ ٺهي ٺڪي ملي ٿي. جهاز جي نوڪريءَ ۾ مون کي سڀ کان بهتر ڳالهه اها لڳي. آفيس وڃڻ لاءِ نه هو بس ٽئڪسي جو کٽراڳ ۽ نه پنهنجي ڪار ڪڍڻ جو مسئلو. بس رڳو پنهنجي ڪئبن جو در کولي، ورانڊو ٽپي پنهنجي جهاز جي آفيس جو يا انجڻ روم جو دروازو کولڻو پوندو هو.
    ڪڏهن ڪهڙي ملڪ ۾ ته ڪڏهن ڪهڙي ملڪ ۾. ساڳئي وقت ڪڏهن پراڻي جهاز تي ته ڪڏهن نئين آٽوميٽڪ جهاز تي. پراڻن جهازن جو وري اهو فائدو هوندو جو ويجهن ويجهن بندرگاهن واري روٽ ملندي هئي. جيئن ڪراچي کان پوءِ ڏيڍ ڏينهن بعد بمبئي، هڪ ڏينهن بعد ڪولمبو، ٽن ڏينهن بعد پينانگ، هڪ ڏينهن بعد ڪوالالمپور، هڪ ڏينهن بعد سنگاپور ۽ پوءِ هانگ ڪانگ، جپان ۽ ڪوريا وغيره ۽ پوءِ ڪيترا ئي ڏينهن ان بندرگاهه ۾ رهيا پيا هوندا هئاسين.
    نون جهازن ۾ ڊگهن روٽن تي هلندا هئاسين. ڪراچي کان ممباسا- جتان پوءِ موزمبق، پوءِ ڊڪار (سينيگال)، لاس پاماس (ڪناري ٻيٽ)، ڊئنمارڪ، ناروي وغيره. آٽوميٽڪ ۽ ماڊرن جهاز، ٽيڪنيڪلي به ته سونهن سوڀيا ۾ به، State of Art هئا. چيف انجنيئر جي حيثيت سان وڏو بيڊ روم، ڊرائنگ روم ۽ اٽيچڊ آفيس ملندي هئي. طوفانن ۽ خراب سمنڊن ۾ وري به تڪليف مون لاءِ هوندي هئي، ڇو جو جهاز مون کي هلائڻو پوندو هو. زال ۽ ٻارن لاءِ ته رڳو گهمڻ ۽ گهمڻ هوندو هو. خراب موسم ۾ سي سڪنيس Sea Sickness به ان کي تنگ ڪري ٿي، جيڪو جهاز هلائي ٿو، جيڪي ستا پيا هجن تن کي ڪهڙي پرواهه. کين وڌ ۾ وڌ رکي رکي چڪر، ننڊ جا گهيرٽ ۽ هڪ اڌ الٽي ٿي اچي. پر اهو عجيب اتفاق هو جو منهنجي زال توڙي ٻارن کي ائٽلانٽڪ، هندي وڏي سمنڊ توڙي بحر احمر ۽ ڀؤنچ سمنڊ ۾ ڪڏهن به سي سڪنيس نه ٿي. مون کي ڪمري ۾ ويٺي ويٺي به سخت ٿيندي هئي. الٽيون ڪري پيٽ خالي ٿي ويندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پيٽ ۾ ڪجهه نه هئڻ ڪري اٻڙاڪن تي رت ايندو هو. پر ان ڳالهه جي منهنجي عملي جي ماڻهن کي ڪڏهن به خبر نه پيئي. ڪٿي لڪي يا ڪمري ۾ اچي الٽيون ڪندو هوس. آخر تائين اها ڳالهه ظاهر نه ڪيم ۽ ڪرڻ به نه کپي. ڇو جو چاهي ڪهڙو به سمنڊ يا موسم ٿي وڃي، جهاز ته هلائڻو پوي ٿو. ٻي صورت ۾ جهاز ٿو ٻڏي. ٻي ڳالهه ته سي سڪنيس جو اثر سڀني کي ٿئي ٿو ۽ جي منهنجي عملي جي ماڻهن کي خبر پئجي وڃي ته چيف انجنيئر کي سخت سي سڪنيس ٿي پيئي آهي ته اهي به ويتر سست ٿي پون. ان ڪري هونءَ جو انجڻ جي چڪاس لاءِ رات جو هڪ ٻه چڪر هڻڻو پوندو هو، خراب موسم ۾ ٻيڻا چڪر ڪري ڇڏيندو هو، جيئن ڪنهن کي شڪ به نه پوي ته سي سڪنيس جي ڪري منهنجي ڪارڪردگي سست ٿي رهي آهي ۽ انجڻ تي يا جهاز هلائيندڙ انجنيئرن تي آئون اها اک رکي نٿو سگهان. ڪو جونيئر انجنيئر سي سڪنيس جي دانهن ڪندو هو ته آئون ٻاهريون ٻنو رکي وڏي اعتماد سان هن کي دڙڪو ڏيندو هوس:
    There is nothing like Sea Sickness.
    جيئن هرڪو پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهي. ڪو سست ٿي ڪري پوندو ته ان جي ڊيوٽي ڪير ڪندو. ڪجهه به ٿي پوي، پر جهاز ته ڏينهن رات هلندو رهڻ کپي. ۽ خراب موسم ۾، هڪ هنڌ بيهارڻ بدران، خراب موسم ۽ خراب سمنڊ کي اُڪرڻ ۾ ئي عافيت آهي. هونءَ به اهڙي خراب موسم ۾ شل نه ڪو جهاز خراب ٿئي يا بيهي رهي. پوءِ ته ان جهاز کي گڏهه وانگر سمنڊ جيڪو ڪڏائي ٿو، ان ۾ چڱا ڀلا به بيحال ٿيو وڃن. بهرحال سمنڊ تي اهڙا خراب ڏينهن روز ڪو نه ٿا اچن. گهڻا ئي سٺن ڏينهن جي ئي رهي ٿي ۽ آن دي هول سامونڊي نوڪري جهڙي ٻي بهتر نوڪري ناهي ۽ مون وانگر ڪيترا ان قسم جي زندگيءَ مان ڪڏهن به بيزار نٿا ٿين. پر جيئن ٻار وڏا ٿين ٿا ته انهن جي تعليم جو مسئلو ٿئي ٿو. مون کي به ٻه ٻار ٿي ويا ۽ پهريان ٻه ٽي ڪلاس آئون کين جهاز تي پڙهائيندو رهيس. آخر مون کي سامونڊي نوڪريءَ کي خدا حافظ چئي، ڪنهن ڪناري جي نوڪريءَ جي ڳولا ڪرڻي پئي.
    عرب ملڪن جي مون ڏاڍي تعريف ٻڌي هئي. ڪيترا ئي منهنجا هم وطني ۽ دوست ڊاڪٽر، سول انجنيئر، پروفيسر، پاڪستان ۾ تعليم ختم ڪري مختلف عرب ملڪن ۾ نوڪري ڪري رهيا هئا. انگلينڊ جي هڪ رسالي Economist ۾ ڪويت بندرگاهه جي چيف انجنيئر جي پوسٽ جو اشتهار آيو. مون Applyڪيو ۽ چونڊجي ويس. پنهنجي جهاز ران ڪمپنيءَ سان حال اوريم ته مون کي جهاز هلائڻ واري ڊيوٽي کان آجو ڪيو وڃي. هنن مون کي اجازت ڏني. ڪجهه مهينا ڪويت ۾ ڪم ڪيم، پر بنهه مزو نه آيو. عربن (يعني هنن اڄ جي عياش عربن) جي سوچ ۾ وڏو فرق محسوس ڪيم. ڪٿي جپان، يورپ، آمريڪا جهڙو سوچ جي آزادي وارو ماحول ۽ ڪٿي هي ٻوساٽيل ماحول. هڪ عرب پوءِ چاهي هو جاهل هجي، اڇو جبو پائي پير مرشد بڻجيو وڃي ۽ اسان جا ننڍي کنڊ جا ماڻهو هنن جي نظرن ۾ جهڙا باگڙي ۽ ڀيل. گورن انگريزن کان اهڙا متاثر جو ڳالهه ئي نه پڇ. پنهنجي آفيس ۾ لکيم ته پگهار گهڻي هوندي به هتي دل نٿي لڳي. آفيس وارن کي انهن ڏينهن ۾ ڪنهن چيف انجنيئر جي ضرورت هئي، جيڪو ڪمپني جي جپان ۾ ٺهندڙ نون آٽوميٽڪ جهازن تي نظر رکي. منهنجا اليڪٽرانڪ ۽ ڪمپيوٽر سائنس جا به ڪيترا ئي ڪورس ڪيل هئا. هنن مون کي ٽوڪيو جي IHI شپ يارڊ ۾ موڪليو جتي جهاز ٺهڻ وارا هئا.
    جپان ۾ هونءَ به جهازن کي وٺي اچڻ وڃڻ لڳو رهيو، پر هاڻ جپان جي شهر ٽوڪيو ۾ رهڻ ڪري جپان کي وڌيڪ ويجهڙائيءَ سان ڏسڻ جو موقعو مليو. IHI (آشيڪاواجيما هَريما هيوي انڊسٽريز) جو هي ڪارخانو (شپ يارڊ) جنهن ۾ مالاڪنڊ جهڙا جهاز ٺهيا، ٽوڪيو جي مرڪزي علائقي گنزا ڀرسان آهي. رهائش جو بندوبست اتي رهيو. ڪناري جي هن نوڪريءَ ۾ ڇهه ست مهينا ته ڪناري ۾ رهڻ جا ملي ويا ٿي، پر جهاز تيار ٿيڻ تي ان کي چيف انجنيئر جي حيثيت سان يورپ ۽ آمريڪا وٺي وڃڻو پيو ٿي. هڪ دفعو وري ٻار جهاز تي چڙهيا ۽ سندن پڙهائي ڊسٽرب رهي.
    1980ع کان اڳ تائين، ملائيشيا جا نوجوان جهاز راني جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان، انڊيا ۽ آسٽريليا ويا ٿي. 1981ع ڌاري هنن جي حڪومت ملاڪا ۾ نيول اڪيڊمي کولي، جنهن جو سرپرست ڪئپٽن حمزه نور سان منهنجي ملاقات ٿي. بلڪه هڪ قسم جو آفيشل انٽرويو ٿيو. اڪيڊمي، ملاڪا شهر کان چاليهه کن ڪلوميٽر پري سمنڊ جي ڪناري تي هئي. ڳوٺ وڃڻ جي موڪل ٽن سالن ۾ هڪ دفعي جو شرط هو. ٻارن جي تعليم لاءِ ملئي زبان جا اسڪول هئا ۽ روزانو ملاڪا وڃڻو پيو ٿي. پگهار گهٽ هو، پر مون کي ملائيشيا جهڙو ملڪ ۽ ملاڪا جهڙي پرسڪون جاءِ ڌيان ۾ هئي ۽ پسند هئي. ان کان اڳ، ڏهه سال کن جپان ۽ ڪوريا ايندي ويندي ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ ترسڻو پوندو هو. هتي جي ملئي زبان (جنهن کي هي بَهاسا ملائيشيا سڏين ٿا) هر هر اچڻ وڃڻ ڪري نه فقط آئون پر شادي بعد منهنجي زال به سکي ويئي هئي، سو جهاز هلائڻ جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا جي هن اڪيڊمي جو مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ اچي سنڀاليم. جهازن جي ٻي برانچ، ناٽيڪل ۾ درٻيلي جو ڪئپٽن احمد حسين مخدوم مون کان اڳ ئي اتي موجود هو. هن سنگاپور مان شادي ڪئي هئي ۽ پنهنجي زال مونا ۽ هڪ پٽ سان گڏ رهيو ٿي. ان کان علاوه دنيا جي مختلف ملڪن جا جهازي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر اتي پڙهائڻ لاءِ اچي چڪا هئا يا ايندا رهيا. پر پڙهائڻ وارن جي کوٽ هجڻ ڪري اسان کي ٽن سالن بدران چئن سالن بعد، وطن وڃڻ جي موڪل ملي. آئون ٽي مهينا کن موڪلون گذاري وري ملائيشيا واپس آيس. ڪئپٽن مخدوم برونائي هليو ويو، جتي جهازن جي سکيا جو نئون تعليمي ادارو کليو هو.
    ملاڪا جي نيول اڪيڊمي کان علاوه سنگاپور جي ”پولي ٽِڪنڪ“ ۽ ملائيشيا جي ٿائيلينڊ جي ڀر ۾ شهر اپوح جي ”انگڪو عمر پوليٽِڪنڪ“ اداري ۾ وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان پڻ مون کي وڃڻو پيو ٿي. ان ريت ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائيلينڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. هونئن جهاز رستي اچبو هو ته فقط بندرگاهه ڏسي سگهبا هئا پر هاڻي شهر، ڳوٺ ٻهراڙيون ۽ ٻيٽ ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. سنگاپور توڙي ٿائيلينڊ ۾ اسان پاڪستانين لاءِ ويزا جي سختي شروع نه ٿي هئي، سو پنهنجي ڪار ۾ يا بس ۾ پيو هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ائين اچبو وڃبو هو، جيئن ڪو حيدرآباد کان ڪوٽڙي ۽ اتان ڄامشوري پهچي. سنگاپور کان ”تاناح ملايو ڪيريتا آپي“ (ملئي ڌرتي جي باهه تي هلندڙ ڪار- يعني ٻاڦ گاڏي- يعني ٽرين) ۾ چڙهبو هو ته سنگاپور ۽ ملائيشيا جي وچ وارو سمنڊ ٽپي، سڄو ملائيشيا لتاڙي، ٿائيلنڊ جي اڌ ملڪ مان ٿي 72 ڪلاڪن بعد وري ريل گاڏي اچي بئنڪاڪ جي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏيندي هئي.
    ملائيشيا، جپان، سئيڊن، آمريڪا ۽ چين ۾ منهنجو گهڻو رهڻ ٿيو. ان ڪري ان پاسي جي ملڪن تي گهڻا ڪتاب لکيا اٿم. ملائيشيا وارن جي حڪومت منهنجي لکڻين ۽ سندن ڏورانهن ۽ نئين اڪيڊمي کي سيٽ اپ ڪرڻ لاءِ مون کي ايوارڊ به ڏنو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن پروفيشن ۾ يعني ماستري واري نوڪري ۾ مون کي لکڻ پڙهڻ لاءِ ڪافي وقت ملي ويو ٿي جنهن ڪري آئون بيحد خوش هوس. ملائيشيا ۾ شادين مرادين، ملڻ جلڻ ۽ ڪچهرين تي ماڻهو نه برابر وقت وڃائين ٿا. ان ڪري ڊيوٽي بعد هرڪو پنهنجي ذاتي ڪم ۽ وندر ۾ مصروف رهي ٿو. هتي جا ماڻهو هڪ ٻئي جي هورا کورا ۽ نوس نوس ۾ به نٿا وقت وڃائين. سندن ترقيءَ جو هڪ راز اهو به آهي نه ته ملئي ماڻهو ته اسان کان وڌيڪ چٽ ۽ ڳوٺاڻا هئا. پر انگريزن کان آزادي ملڻ بعد هنن جي ڳوٺ ڳوٺ جي وڏيري غير قانوني ۽ غير شرعي جويون رکڻ، شراب ڪواب جون محلفون سجائڻ، ڪڪڙ ويڙهائڻ، چوريون ۽ ڌاڙا هڻائڻ، اغوا ۽ ٻين جي زمينن تي قبضا ڪرڻ جا هڪ ٻئي سان مقابلا ڪرڻ بدران هُنن ڳوٺ ڳوٺ ۾ تعليمي ادارا، روڊ رستا، اسپتالون ۽ ڪارخانا نه فقط ٺهرايا پر اهي امن امان سان هلائڻ ۾ مدد ڪئي. هتي جي عوام، ڳوٺ جي ان وڏيري کي هيرو سمجهي ٿي، جيڪو ڳوٺ جي عوام جي ڀلائيءَ جو سوچي ٿو ۽ نه جنهن جي کيسي ۾ پوليس هجي. هتي وڏيرا، سردار ويندي سلطان (جيڪي واري وٽي تي ملڪ جا چئن سالن لاءِ بادشاهه ٿين ٿا) پنهنجي ٻارن تي عام ماڻهن کان وڌيڪ سختي ڪن ٿا، جيئن هو وڌيڪ تعليم يافته ٿي سگهن. صحيح معنيٰ ۾ تعليم حاصل ڪري سٺا ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ سائنسدان ٿي سگهن ۽ پنهنجون اسپتالون، ڪارخانا ۽ فئڪٽريون کولي ٻين لاءِ روزگار مهيا ڪري سگهن.
    آئون هن وقت 67 سالن جو ٿي ويو آهيان. ستن سالن کان رٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهيو آهيان، جنهن لاءِ وڏي عرصي کان تانگهي رهيو هوس. اڄ به ملائيشيا وارا مختلف ادارن مان ڪنهن جي نظرداري يا صلاحڪار جي حيثيت ۾ مون کي گهرائڻ چاهين ٿا، پر آئون آزاد زندگي گذارڻ چاهيان ٿو ۽ پنهنجي هابي لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول رهڻ چاهيان ٿو. لکڻ پڙهڻ هاڻ مون لاءِ وندر نه پر نشو ٿي پيو آهي، جنهن جو اهڙو Addicted ٿي پيو آهيان، جو ان بنا مزو نٿو اچي. بهرحال هاڻي آئون پاڻ کي آزاد محسوس ڪريان ٿو. پٺيان جهاز هلائڻ يا جهازين لاءِ ليڪچر تيار ڪرڻ جو فڪر نه اٿم. ٻه ٽي مهينا ملائيشيا ۾ دوستن ۽ پراڻن شاگردن وٽ رهي آيس. ڪئڊٽ ڪاليج جي ٻن ڀائر دوستن جي پٽن جي دهلي ۽ بڙودا ۾ شادي ٿي ته آئون به ساڻن نڪري پيس ۽ ٻه مهينا کن مختلف شهرن جي مندرن، ڌرمشالائن، ننڍين هوٽلن ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ساڻن گڏ گذاريم. تازو هاڻ هوائي جهاز رستي چار مهينا آمريڪا جي انهن شهرن ۾ رهي آيو آهيان، جن شهرن ۾ آئون پاڻي واري جهاز تي نوڪري خاطر ويندو هوس. انهن ڏينهن ۽ اڄ جي دور جو احوال پنهنجن ٻن ڪتابن ۾ قلمبند ڪيو اٿم. هڪ ”نيو هالا کان نيويارڪ“ ڇپجي چڪو آهي ۽ ٻيو ”ڳوٺ بخشو لغاري کان بالٽيمور“ پڻ تازو ڇپجي ويو آهي. ان سفر جو باقي احوال ”آمريڪا ڙي آمريڪا“ ڪتاب لکڻ ۾ مشغول آهيان.
    جيستائين سوال وقت ملڻ جو آهي، ان لاءِ اهو چوندس ته Where there is a will, there are ways لکڻ جهڙين شين لاءِ هتان هتان وقت ڪڍندو رهان ٿو. ريڊيو، ٽي وي يا ماڻهن سان ملڻ جلڻ کان پري رهان ٿو. ڪچهرين پٺيان ٽائيم وڃائڻ کان گريز ڪريان ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه ننڍپڻ کان مون کي گهٽ ننڊ اچي ٿي. صبح جو سوير، فجر نماز کان به گهڻو اڳ، اٿان ٿو. چاهي اونهارو هجي يا سيارو، ڳوٺ هجي يا ولايت، آفيس هجي يا موڪل جو ڏينهن هجي. منجهند جو ڪلاڪ ڏيڍ سمهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. جي ننڊ اچي ويندي آهي ته باقي ڏينهن بيحد توانو محسوس ڪندو آهيان ۽ شام جو تمام گهڻو لکي سگهندو آهيان.
    مختلف وقتن ۾ مختلف اخبارن، رسالن ۾ لکندو آهيان. اڄ ڪلهه عبرت، هلال پاڪستان، ڪاوش ۽ اڙدو اخبار امت ڏي مضمون موڪليندو آهيان. رسالن مان ڪرزما، عبرت مئگزين، سرتيون، گل ڦل، سوجهرو ۽ اردو ۾ پاڪستان پوسٽ، سرگزشت ۽ اردو ڊائجسٽ ۾ مضمون ايندا رهن ٿا.
    سڀني اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽرن سان سٺاتعلقات آهن. بس رڳو سوجهري رسالي جي ايڊيٽر تاج بلوچ سان جنگ جوٽيل رهي ٿي جو هو منهنجا مضمون گم ڪريو ڇڏي. وري دڙڪا به اسان لکندڙن کي ڏئي ٿو ۽ کيس جي ڪجهه چئجي ٿو ته يڪدم ورندي ڏئي ٿو: ”توهان اديبن بيزار ڪري وڌو آهي. توهان اديبن ۽ شاعرن سان ڳالهائڻ به ڏيڏر تورڻا آهن.“
    منهنجا هيستائين ستر کن ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. صحيح تعداد جي گهڻي خبر ڪانهي، ڇو ته منهنجو ڪنهن به پبلشر سان ڪو واسطو نٿو رهي. آئون رڳو اخبارن ڏي ڪالم موڪليان ٿو، جيئن گهڻي کان گهڻا ماڻهو پڙهي سگهن. ڪو به ادارو يا ماڻهو منهنجا ڪتاب ڇپائي سگهي ٿو. منهنجي طرفان ڪنهن به اجوري يا رائلٽي وغيره جي گهُر ناهي. آئون پنهنجي پڙهڻ لاءِ ڪاپي به دڪان تان پاڻ خريد ڪندو آهيان. ان ڪري منهنجن دوستن کي جيڪڏهن آئون پنهنجو ڪتاب تحفي ۾ نٿو ڏيان ته دل ۾ نه ڪن ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي ڏيان ٿو ته ان کي ان جو قدر ڪرڻ کپي، ان ڪري جو ان تي مون پنهنجي کيسي مان ٻه يا ٽي سؤ خرچ ڪيو آهي.
    اڄ ڪلهه جي انٽرنيٽ ۽ ڪيبل جي دور ۾ جڏهن ماڻهن پڙهڻ گهٽائي ڇڏيو آهي ۽ دڪانن ۽ اسٽالن تي ڪتاب ۽ رسالا ائين پيا سڙن، ان دؤر ۾ علي نواز گهانگهري، فيروز ميمڻ، محمد علي ماجد، ناز سنائي، قربان منگي صاحب جهڙو ڪو پبلشر يا تاج بلوچ، فقير محمد ڍول، سرفراز عباسي، عرفان عباسي جهڙو ايڊيٽر رسالو ٿو شايع ڪري ته ان جي مهرباني آهي، جو هو اسان جهڙن اديبن ۽ شاعرن کي پڙهندڙن سان متعارف ٿو ڪرائي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 494
    ڪتابن جو مشاهدو: 471355
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188671
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ