ڪتاب جو نالو: ڳوٺاڻو ڳُڙ
مصنف: ڄاڃي لعل.ڊي . آهوجا ’طائر‘
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 22 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 667 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 205 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
پهاڪا ۽ چوڻيون گهڻو ڪري هر ماڻهو ڳالهائيندو رهندو آهي، نه صرف اهو پر ڪيترا سنڌي ليکڪ پنهنجي لکڻين ۾ به پهاڪا استعمال ڪن ٿا۔ سنڌي پهاڪن بابت هڪ ڪتاب ڳوٺاڻو ڳُڙ : سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون دوستن اڳيان حاضر آهي۔ ڄاڃي لعل.ڊي . آهوجا ’طائر‘ جي هن ڪتاب کي محترم عبدالوهاب سهتو صاحب ڪمپوز ڪري ڊجيٽل ڪتاب جي صورت ڏني آهي
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • حق ۽ واسطا
  • انتساب
  • ٻه چار لفظ
  • سادا اکر
  • مقدمو
  • متن

  • الف
  • ب
  • ٻ
  • ڀ
  • ٿ
  • ٽ
  • ٺ
  • پ
  • ج
  • ڄ
  • جهه
  • چ
  • ڇ
  • ڌ
  • ڏ
  • ذ
  • ر
  • ز
  • س
  • ص
  • ع
  • غ
  • ڪ
  • ک
  • گهه
  • ل
  • م
  • ن
  • و
  • هه
  • ڏسڻي
  • ’سنڌوءَ‘ ۾ ڇپيل مضمون جي ’قسط-۲‘ جو عڪس
  • انجنيئر عبدالوهاب سهتي جا ڇپيل ڪتاب
  • ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپرايل ڪتاب
  • ترتيب

    حق ۽ واسطا

    ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر جو ڪتاب نمبر (۴۶)
    © ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر ۲۰۱۵ع

    ڪتاب: ڳوٺاڻو ڳُــڙ
    ليکڪ: ڄاڃي لال ڊي آهوجا ’طائر‘ ۽
    انجنيئر عبدالوهاب سهتو
    پهريون ڇاپو: ڊسمبر ۲۰۱۵ع
    ٽائيٽل: احسان دانش
    ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر

    قيمت: ۱۴۰ رپيا

    Book name: “Gothhano Gurr”
    [Countryside Sweet (Sayings & Proverbs)]
    By: Janjey Lal D. Ahuja `Tair` &
    Engr. Abdul Wahab Sahito
    1st Edition: December 2015 A.D
    Published by: Dr. Muhabbat Academy®, Kambar
    E-mail: dmacademy@yahoo.com

    هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيـڊمي قنبر جي چيئرمئن عبدالحميد ميمڻ
    ڪراچيءَ مان ڇپائي، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران پڌرو ڪيو.

    انتساب

    ھيءُ ڪتاب معرض وجود ۾ نه اچي ھا، اگر مرحوم و محترم محمد نواز نوناري صاحب، ’سنڌو‘ رسالي جي پرچن ڏانھن ڌيان نه ڇڪائي ھا.
    نورالحق جکراڻي، سگ سلطاني لائبرري جيڪب آباد جو مالڪ، اگر ’سنڌوءَ‘ جي ڇھن پرچن جو جلد اڌارو ڏئي، ھمت افزائي نه ڪرائي ھا ته به ڪم اڌورو ھجي ھا.
    وڏا وڙ سائين محترم الطاف پيچوھي صاحب جا، جنھن پڻ ھڪڙو ڇھن مھينن جو ’سنڌو‘ رسالي جو جلد عاريتًا ڏنو. وري سندس پچار ئي نه ڪئي.
    ان کان علاوھ سائين محمد انس راڄپر صاحب احسان ڪيو، جو ذاتي ڪوشش وٺي، ’سنڌو‘ رسالي جا کٽل پرچا، سنڌالاجيءَ جي لائبرري مان ڳولهي، فوٽو ڪاپي ڪرائي موڪليائين.
    انھيءَ سڄي جدوجھد ۾ محترم ناز سنائي پڻ ساڻُ ھيو، جنھن جي ھمت ڏيارڻ ۽ ڏڍ تي ھلي، مون ڪتابڙو جوڙي مڪمل ڪيو.
    مان پنھنجي ھيءَ محنت، مٿي ڄاڻايل مڙني صاحبن ڏانھن منسوب ڪيان ٿو.

    - انجنيئر عبدالوهاب سهتو

    ٻه چار لفظ

    سنڌ جي لوڪ ڏاهپَ؛ پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن جي روپ ۾، سنڌي ماڻهن جي رويّن ۽ مزاجن جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ، سنڌي ماڻهن جي رهنمائي به ڪندي رهي آهي. سنڌي ماڻهو، جڏهن، پهاڪن ۽ چوڻين جو ٺهڪندڙ ۽ بَر وقت واهپو ڪن ٿا ته ڄڻ انهن پهاڪن ۽ چوڻين جي سماجي ڪارج ۽ ڪردار کي ادا ڪن ٿا ۽ ٻوليءَ جي حسناڪيءَ کي لفظن جي خوبصورتيءَ ۽ ادائگيءَ ۾ اظهارڻ سان گڏوگڏ معنى ۽ مفهوم جي بامقصد سرگرميءَ مان لطف اندوز ٿيڻ سُوڌو، پاڻ کي پهاڪن ۽ چوڻين ۾ سمايل آزمودن ۽ تجربن سان سلهاڙين ٿا.
    ڏسڻ ۾ اهو پڻ اچي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جا پهاڪا ۽ چوڻيون؛ اسان جي ماضيءَ جا مشاهدا ۽ تجربا پڻ آهن، جن جو عملي استعمال حال ۽ مستقبل جي متوقع بهتريءَ، تنبيهه ۽ سمجھاڻيءَ لاءِ ڪيو ويندو آهي. ٻئي طرف، پهاڪن ۽ چوڻين جي لفظن منجھان، انهن لفظن جي لغوي توڙي سماجي ۽ اصطلاحي معنائن جو دلچسپ مطالعو پڻ ڪري سگھجي ٿو ۽ انهن جي قدامت کي پڻ پرکي سگھجي ٿو.
    اها اسان جي چڱائي آهي ته گذريل سَـﺆ؛ سوا سَـﺆ سالن کان سنڌي ٻوليءَ جا ڪي نه ڪي محققَ پهاڪن ۽ چوڻين جي سهيڙ ۽ مطالعو ڪندا رهيا آهن، جنهن سان لوڪ ڏاهپ تي تحقيق ۽ ترتيب جو اهو سلسلو بيهجي وڃڻ بدران هلندو پئي رهيو آهي. ان ئي سلسلي هيٺ، ۱۹۴۱ع ڌاري، مشهور ۽ معروف رسالي ’سنڌو‘ ۾، قسطوار، ڄاڃي لال ڊي آھوجا ’طائر‘ صاحب جو مضمون ”ڳوٺاڻو ڳڙ“ ڇپيو، جنهن ۾، سنڌي ٻوليءَ جي هن سڄڻ؛ پهاڪن ۽ چوڻين جي سهيڙ ڪري، انهن جي ضروري تشريح لکي پيش ڪئي هئي. جيئن ٻيون گھڻيون ئي تحقيقي ڪاوشون ماضيءَ جي ورقن ۾ دٻجي ۽ لَٽجي ويون آهن، تيئن ’طائر‘ صاحب جو اهو مضمون به اسان جي اکين کان اوجھل ئي رهجي وڃي ها، جيڪڏهن اهو، پهاڪن ۽ چوڻين کي پنهنجيءَ تحقيق جو ڪُل وقتي موضوع بڻائيندڙ ۽ ان سان عشق ڪندڙ؛ انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب کي اتفاقي طور هٿ نه اچي ها. سهتي صاحب وڏيءَ جاکوڙ سان نه صرف انهيءَ قسطوار مضمون کي، ’سنڌوءَ‘ جي پنجن شمارن مان سهيڙي، هڪ ڪتاب جي صورت ۾، نئون جيئدان ڏنو آهي، پر انهن پهاڪن ۽ چوڻين کي الف-ب وار ترتيب ڏئي، پهاڪي، چوڻيءَ ۽ ورجيس جِي، ڏکين لفظن ۽ اصطلاحن جي معنى سان گڏ، سولي تشريح ۽ مطلب پڻ چِٽو ڪيو آهي، جيڪو پهاڪن ۽ چوڻين کي پيش ڪرڻ جو سندس خاص انداز آهي. سندس طرفان، ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾، الف-ب وار ترتيب سان ئي، ’ڏسڻي‘ پڻ شامل ڪئي وئي آهي ته جيئن پڙهندڙن ۽ محققن لاءِ گھربل پهاڪي يا چوڻيءَ کي ڳولڻ جي سهولت رهي.
    ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ طرفان ڄاڃي لال ڊي آهوجا ’طائر‘ ۽ انجنيئر عبدالوهاب سهتي جو هيءُ ڪتاب پيش ڪندي اسان کي سرهائي ٿي رهي آهي.
    مهرباني.
    رياضت ٻرڙو
    پروفيسرس ڪالوني، لاڙڪاڻو
    ۲ نومبر ۲۰۱۵ع

    سادا اکر

    لکمي کلاڻي ۽ ٻيا سنڌي اديب، انڊيا کان سال ٢٠٠٦ ۾ آيل ھيا. نثار حسيني مرحوم پنھنجي جا تي سندن مان ۾ شام يا گڏجاڻي رکي ھئي. اتفاق سان مان به آفيس جي ڪم سانگي ان ڏينھن حيدرآباد ۾ ھيس، جنھنڪري ناز سنائي سان گڏجي پروگرام ۾ شرڪت جو موقعو ملي ويو. سنڌ جا ڪيترا ئي اديب يا ادب دوست پڻ آيل ھيا. محمد نواز نوناري مرحوم پڻ مرحوم حيدر علي لغاري سان گڏ آيل ھيو. ڏسندي ئي ڏاڍو اڪير سان مليو. ملڻ شرط اپڪائي چيائين؛ ”اڄ جيڪڏھن مون وٽ ھلين ته ڪجھ ’سنڌو‘ جا پرچا ڏيان.“
    ’سنڌو‘ رسالي جي ڪن پرچن، جن ۾ جيڪب آباد جي جھونن اديبن بابت معلومات ھجي، تن جي مون کي پڻ ڳولا ھئي. سال ١٩٣٩ع جا جولا کان ڊسمبر تائين، جلد ٻڌل پرچا، نورالحق جکراڻي جي سگِ سلطاني لائبرري مان اڌارا ورتا ھيم. اھڙو ئي ڇھن مھينن، جنوري کان جون ١٩٤٢ع، جو سيٽ پڻ سائين الطاف گوھر پيچوھي صاحب ڏنو ھيم.
    محمد نواز صاحب، ناز سنائي جي موجودگي ۾، جيڪي پرچا ڏنا سي مڪمل طرح ڀُتا ھيا. جلد به نڪتل ھين. ھٿ وجھڻ سان پنا ڀور ڀور پئي ٿيا، پر ھيا پوري سال ١٩٤٢ع جا. منجھن آگسٽ ١٩٤٢ واري مخزن ۾ ھڪڙي مضمون؛ ”ڳوٺاڻو ڳڙ“ جي قسط نمبر چار ڇپيل ھئي، جنھن جي منڍ ۾ ايڊيٽر صاحب جو ھنن لفظن ۾ نوٽ لڳل ھيو؛ ”ڳوٺاڻي ڳڙ جي چوٿين قسط، اتفاقًا رھجي وئي ھئي، سا ھيٺ ڏجي ٿي.“
    چوٿين نمبر قسط ۾ ٣٥ پھاڪا/چوڻيون يا ورجيسون، ١٠٦ نمبر کان١٤٠ نمبر تائين، درج ٿيل ھيا. جڏھن ته اصل ليکڪ، قسط جي منڍ ۾ نوٽ اندر لکيو ھيو؛ ”ھن کان اڳ ٽي قسطون مٿئين سلسلي ۾ ڏنيون اٿم. ڪيترن ساھتيه پريمي دوستن جي زوردار گھر تي، ھي سلسلو وڌيڪ ھلائڻ چاھيان ٿو. چوٿين قسط عرض رکجي ٿي، باقي قسطون به جلد سنڌي ساھتيه جي سڌ يٿڙن اڳيان پيش رکبيون. ڳوٺاڻو ڳڙ، جلد کائي کپائي ڇڏيو، آئينده جا ڀاڳ آئينده سان. وري موليٰ ٻيو ڏياريندو.“
    قسط ڏسڻ ۽ نوٽ پڙھڻ شرط، اڳي ڇپيل قسطن ۽ بعد ۾ ڇپيل قسطن ڳولھڻ ڏانھن ڌيان ھليو ويو. گھر اچي ڏٺم ته مون وٽ موجود ڪنھن به پرچي ۾ يعني ١٩٤٢ع جي پھرين ڇھن ۽ ١٩٣٩ جي پوين ڇھن پرچن ۾، ڳوٺاڻو ڳڙ جي ڪا به قسط ھليل نه ھئي.
    ھاڻي انھن پرچن جي ڳولا ۾ لڳي ويس، جن ۾ بقايا قسطون ڇپيل ھيون.
    ھڪ دفعي ناز سنائي، فون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي، ٻڌايو؛ ”سنڌالاجي طرفان ڇپيل ڪئٽالاگ، ١٩٤٧ کان اڳ وارن ڪتابن ۾ ”ڳوٺاڻو ڳڙ“ ڪتاب جو ذڪر ملي ٿو.“
    ساڻس اتفاق سانگي شاھنواز ڀٽو لائبرري لاڙڪاڻو ۽ سنڌالاجي وڃڻ ٿيو. ٻنھي ھنڌ، ڇپيل ڪتاب ته نه مليو، البته سائين محمد انس راڄپر صاحب جي تعاون ۽ محنت سان ’سنڌو‘ جا اھي پرچا ملي ويا جن ۾ اڳيون قسطون شايع ٿيل ھيون. سائين سال ١٩٤١ع جي پوين ڇھن مھينن جا پرچا کڻي آيو، جن ۾ پھريون ٽي قسطون؛ جولا، آگسٽ ۽ آڪٽوبر جي پرچن ۾، ۽ پنجين ۽ آخري قسط ڊسمبر واري پرچي ۾ شايع ٿيل ھيون. منجھس ١٤١ کان ١٧٥ تائين داخلائون ھيون.
    جڏھن ته سيپٽمبر ۽ نومبر جي مھينن وارن پرچن ۾ ڳوٺاڻو ڳڙ جي ڪا به قسط نه ھليل ھئي.
    سمورا پرچا گڏ ڪرڻ بعد، منجھن ڇپيل ڳوٺاڻو ڳڙ جون قسطون ھڪ ھنڌ ڪٺي ڪيم ته جيئن الفابيٽ ترتيب ڏئي، ڇنڊ ڇاڻ بعد تشريحون پوريون ڪري سگھجن.
    رھنمائيءَ جي طور تي ليکڪ پنھنجي قسطن ۾ ڪجھ نوٽس به ڏنا ھيا، تن جي مدد سان ھن ڪم جي تڪميل ممڪن ٿي سگھي. اھي نوٽس پڙھندڙ محققن جي دلچسپيءَ لاءِ ھيٺ ڏجن ٿا.
    پھرين قسط جي فوٽ نوٽ ۾ ليکڪ لکي ٿو؛ ”اڃا ته اھڙا پھاڪا انيڪ ۽ اٿاھ لڳا پيا آھن. ڪو سونجھو ويھي سوڌي ۽ سنواري. وڌيڪ پھاڪن ۽ ڳوٺاڻن اصطلاحن جي ڇنڊ ڇاڻ وري ڪنھن ٻئي وقت ڪئي ويندي.“
    جنھن مان ظاھر ٿيو ته سندس ارادو وڌيڪ قسطن لکڻ جو آھي.
    ٻين قسط جي منڍ ۾ نوٽ اندر لکي ٿو؛ ”ھن کان اڳ به ساھتيه پريمين جي پاڙي ۾ ڳوٺاڻي وستُن جو چپو ٺاھي گھور تي آيو آھيان. ڳوٺاڻي ڳڙ جو ھوڪو ڏنو ھوم. الائي قدردانن وٽ قبول پيو يا نه، اھا ڪا ڪل ڪا نه اٿم. وري به آس ڌري، گھورڙيو بڻجي، پنھنجيءَ ھٽيءَ آھر ھوڪو ڏيڻ نڪتو آھيان. ڳوٺاڻي ڳڙ ۾ شھرن جو ميٺاڄ ۽ سواد موران ڪو نه آھي، پر جنھن ملڪ جي پيدائش آھي، اتي چڱو چوکو نانءُ ناموس مليل اٿس. ڏسجي ته ڏور ڏيھن جي ساھتيه پريمين اڳيان ڪيتري قدر قبول ٿو پوي. اڳ (۳۵) چوڻيون ۽ پھاڪا پيش ڪيا ھيم. ھن دفعي (۳۵) ٻيا به ڀيٽ ڌريان ٿو.“
    ان ئي قسط جي آخر ۾ فوٽ نوٽ اندر وري رقمطراز آھي؛ ”اڃا ته ھڪڙي تر جو تڙ تانگھي، ڪناري تي پيل ڪوڏ ڪٺا ڪيا اٿم. بحر بيگانو لڳو پيو آھي. اونھون عميق ۾ ڪو نه ويو آھيان. ھي ساھتيه جي ساگر جون سامونڊي سپون، لڙھ ۾ لڙڪائي اوھان اڳيان آنديون اٿم. وڌيڪ چوڻين ۽ پھاڪن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪنھن ٻئي وقت. --- اجازت کان سواءِ ڪو نه ڇپائي.“
    ٽين قسط اندر نوٽ منجھ لکي ٿو؛ ”ڳوٺاڻي ڳڙ جي سري سان ھن کان اول (۷۰) ڳوٺاڻين چوڻين ۽ پھاڪن جي پيڙھ ڏني اٿم. ھن ٽين قسط ۾ (۳۵) وڌيڪ سنڌي ساھتيه پريمين اڳيان رکان ٿو.“ جڏھن ته فوٽ نوٽ ۾ لکيو اٿائين؛ ”وڌيڪ ٻئي دفعي.“
    چوٿين قسط بابت مٿي ڄاڻائي آيا آھيون.
    پنجين قسط جي منڍ ۾ نوٽ طور لکيل آھي؛ ”ڳوٺاڻي ڳڙ جي پنجين ڳوٿري پاٺڪن اڳيان ڀيٽ رکجي ٿي. اڳي (۱۴۰) پھاڪن ۽ چوڻين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي آھي. ھينئر (۳۵) وڌيڪ ڏيئي، سلسلي کي حال في الحال اتي ختم ڪيو ٿو وڃي.“
    جڏھن ته ان ئي پنجين قسط جي فوٽ نوٽ ۾ لکيو اٿائين؛ ”ڳوٺاڻو ڳڙ جو سلسلو ھن سان ختم ٿيو. آشا آھي ته سنڌي ساھتڪارن کي ان کان چڱو ئي ميٺاڄ مليو ھوندو. اھڙا پھاڪا ۽ چوڻيون، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جام آھن. اھڙين طرزن تي چيل ڪيتريون ئي اخلاق جي درجي کان ڪريل فاحش چوڻيون پڻ گھڻي تعداد ۾ ھٿ آيون آھن پر انھن کي سنڌي ساھتيه جي لڙھ ۾ پوئڻ چڱو نه ڄاڻي، نظر انداز ڪري ڇڏيم. ھر ھڪ ڳوٺ ۽ شھر تي وري جدا جدا چوڻيون چيل آھن، سي وري ڪنھن ٻئي دفع سنڌي ساھتيه پريمين اڳيان ڀيٽا رکبا. باقي رھيا ڳوٺاڻا اصطلاح ۽ الفاظ، جن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪنھن وقت ڪئي ويندي.“
    انھي نوٽ مان سمجھ ۾ آيو ته ڪتاب، سال ١٩٤١ع ۾ ئي پورو ٿي ويو ھيو. اتفاق سان، منجھانئس چوٿين قسط ڇپجڻ کان رھجي وئي ھئي، جيڪا ايڊيٽر صاحب مٿيون نوٽ ھڻي آگسٽ ١٩٤٢ع واري پرچي ۾ شايع ڪئي ھئي.
    ھر قسط ۾ ٣٥ داخلائون ھيون. جملي ١٧٥ داخلائون ٿيون. اتفاق سان ٽي داخلائون نمبر ٣٥، ٧٠ ۽ ١١٥ واريون وچ ۾ ڇڏجي ويل آھن. ٻه داخلائون ورجايل آھن. نمبر ٥٨ ۽ ١٣٥ تي ساڳي داخلا؛ منھن ملان جو، اکيون چور جون، ڏنل آھي. نمبر ٨٦ ۽ ١٦٧ تي ساڳي داخلا؛ پيٽ ۾ نانھن روٽيان، سڀئي ڳالھيان کوٽيان، ڏنل آھي. جڏھن ته ١٧٥ واري داخلا کان پو ٽي داخلائون وري بنا نمبر جي ڏنل آھن. انھي حساب سان ملائي سلائي ١٧٣ داخلائون بيھن ٿيون.
    ھٿ آيل پرچا اٿلائڻ سان، ڄاڃي لال ڊي آھوجا طائر بابت ٻي ڪا معلومات ته ڪا نه ھٿ اچي سگھي، باقي منجھن سندس نالي سان ھيٺ ڄاڻايل ڪجھ مضمون شايع ٿيل ھيا. تن مان سندس علم داني جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
    ترجما: شريبت پرڀات ڪمار مکو پاڌيه (بنگال) جي ڪتاب ڪايا پلٽ جون ٻه قسطون؛ ڪايا پلٽ-۳ (نومبر ۱۹۴۰ع، ص ۴۳ کان ص ۵۰ تائين) ۽ ڪايا پلٽ-۴ (ڊسمبر ۱۹۴۰ع، ص ۴۳ کان ص ۵۰ تائين)
    سوانح: بين ڪنگ (آمريڪي شاعر) (جنوري ۱۹۴۱ع، ص۹۲ کان ص ۱۰۱ تائين)
    مضمون: ۱. بيماريون ۽ ڀرم (مارچ ۱۹۴۰ع، ص ۳۱ کان ص ۳۷) ۲. اھا ئي سچي عادت (ھندو مسلم ايڪتا لاءِ) (اپريل ۱۹۴۰ع) ۳. ھي ڦير ڇو انسان جو؟ (ھندو مسلم ايڪتا لاءِ) (جون ۱۹۴۰ع، ص ۶۳ کان ص ۷۰) ۴. شعر: ساھتيه جو روح (نومبر ۱۹۴۰ع، ص ۱۴ کان ص ۱۹) ۵. شيراز- فارسي شاعريءَ جو ھندورو (ڊسمبر ۱۹۴۱ع، ص ۴۸ کان ص ۵۳)
    شعر: ۱. پنھل منھنجا پيارا ڪٿي آھين تون؟ (مئي ۱۹۴۰ع، ص۷۰ کان ص۷۱ ) ۲. اڄوڪا ھند ڄاوا، ڪريون ملڪ جي خدمت (بزم مشاعرھ سي ايس ڪاليج ۾ پھريون نمبر انعام مليل) (ڊسمبر ۱۹۴۰ع) ۳. چاھنا (نومبر ۱۹۴۱ع، ص ۱) ۴. سھاڳ رات (آڪٽوبر ۱۹۴۱ع، ص ۳۴ کان ص ۳۵) ۵. ماھيه (پريتم) (آگسٽ ۱۹۴۳ع، ص ۲۵ کان ص ۲۷) ۶. پايل جي جھنڪار (اپريل ۱۹۴۴ع، ص ۶ کان ص ۸) ۷. راجڪماري (مئي ۱۹۴۴ع، ص ۸)
    ڪتاب جو نالو، ان دور جي رواج مطابق، ڪنھن مٺي شيءِ سان نسبت ڏئي رکيل آھي. ڇو جو ان وقت تائين پھاڪن جا ڇپيل ڪتاب ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻيءَ جو ”گلشڪر“ ۽ ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جو ”گلقند“ نالي سان ادبي ميدان ۾ مشھور ھيا. ھيءُ نالو پڻ انھن سان ميچ ۾ رکيل ٿو نظر اچي. جيئن مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ”پھاڪن جي حڪمت“ جي تتبع تي پوين ليکڪن/محققن پنھنجين محنتن جا نالا ائين رکيا آھن. جھڙوڪ؛ ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ ”پھاڪن جي پيڙھ“، الله بخش ٽالپر ”پھاڪن جي پيڙھ“، عبدالڪريم سنديلو صاحب ”پھاڪن جي پاڙ“، تيرٿ داس پيسومل ”پھاڪن جي پاٻوھ“ ۽ شمس الدين تونيو لاڙڪاڻويءَ ”پھاڪن جي پروڙ“ وغيرھ.
    ھن ڪتاب جي تصحيح ٿيل مسودي ۾، مٿي ڄاڻايل مڙني دوستن جو تعاون شامل رھيو آھي. انھن جي تعاون ۽ خاص ڪري سنڌالاجي ۾ ڪم ڪندڙ غلام قادر گھانگھرو جي مدد کان سوا ڪم ھيلتائين مڪمل نه ٿي سگھي ھا. ھيءُ ڪتاب پڙھندڙن جي ھٿن تائين پھچائڻ ۾ مٿي ڄاڻايل مڙني صاحبن جو احسان آھي. سڀني جا لک ٿورا.

    انجنيئر عبدالوھاب سھتو
    ۸۹ پروفيسرس ڪالوني-۲
    قمبر روڊ- لاڙڪاڻو

    مقدمو

    (مصنف طرفان)

    ڳوٺاڻا ٿين ڳالھين جا ڳوٿرا/ ڳھير. بھاري وري تڏهن ٿئي، جڏهن چونڪ/اوطاق ۾ چلم (حقي) جي چوڌاري ويھي، اوڀاريون لھواريون ويھي ڪندا آهن. ڳالھين کي مرچ مصالحا (۽ چھر چٽڻيون) لڳائي اهڙي ته سلوڻي نموني سڻائيندا، جو ان ڳوٺاڻي چھر جو سواد ئي ٻيو. ”ڳوٺاڻي ڳُـڙُ“ جو ميٺاڄ، مڙني کان مور ڪين وسرندو.
    • ساهتيه جو سينگار، آهه ٻھراڙيءَ جي گفتار.
    ٻھراڙيءَ جي ٻوليءَ ۾، پھاڪن جي سڳنڌ جام. ڪاغذ ۽ قلم کڻي، وڃ موتي جهٽيندو. ڇڻ ڇڻ پئي پوندي. ڪو رڳو ٻُڪَ جهلي، يا جهولي جهلي.
    • نڪا گهٽ گهوٽ ۾، نڪا ڪمي ڪنوار ۾.
    زالون ته وري مڙسالن کان به گوءِ کڻي وڃن. گهر ۾ اٿندي ويھندي پيئيون چوڻيون چونديون ۽ پھاڪن جون پلٽاپلٽ ڪنديون. ٽپي ٽپي تي ٽوٽڪو ۽ چپي چپي تي چوڻي. سي به اوڦٽو سوڦٽو نه، پر سھڻيون ۽ سيبائتيون. ائين پيون مڻ اوڳاڇينديون. ڪراڙيون ته تيھان زور. ننڍين نيٽين کي به پھاڪا چڱا اچن. پر جيئن ئي ڳڀوراڙي يا ٻار ڪڇ لڳس، تيئن ئي چوڻيون پنھنجو پاڻ پيئيون وات مان وهندس.
    سڳوري سنڌي (ساهت) ڪا غريب ڪينھي، بلڪ دنيا جي شاهوڪار ٻولين منجهان هڪ آهي. هر ڳوٺ يا علائقي، واهڻ يا وستيءَ کي پنھنجا پنھنجا پھاڪا ۽ اصطلاح آهن. جيڪڏهن سمورا، سنڌي ساهتيه جي لڙهه/مالھا ۾ پوئجن ته فرحتي زيب ۽ زينت ڪن. سنڌڙيءَ جو ساهتيه، سچ پچ آهي ئي ڳوٺن ۾. شل سنڌڙيءَ جا ڳوٺ وسن.
    هن ليک ۾ منھنجو ارادو فقط ڳوٺاڻن ۾ مروج يا هالو چالو پھاڪا، وايون ۽ چوڻيون، جيڪي گهڻو ڪري ڪتابن ۾ درج ڪين ڪيل آهن، سي پڙهندڙن آڏو پيش ڪرڻ آهن. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ٻيا جوان به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان نڪري نروار ٿيا ۽ پھاڪن جي پلٽ پلٽان شروع ٿي ته سنڌي ٻولي، پنھنجو پاڻ سڌرندي ويندي. ٻين ٻولين جھڙوڪ عربي، فارسي، اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ جي اکرن جي اوڙڪ کي، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪاهي پوڻ کان ٻنجو اچي ويندو. سنڌ ۾، ائين ڪرڻ سان، وري ڄڻ شاهه ۽ سچل پارن جو دور چالو ٿي ويندو.
    ڌيان/خيال سان جاچبو ته نظر ايندو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اکرن جي اڻاٺ ناهي. اڻاٺ فقط، اڀياس جي آهي.
    • جو ٽٻي ڏئي، سو ٽول لھي.
    • پنڌ ڪئي بنا، ڪو ننگر نه پھتو آهي.
    • طعام جي نالي ڳڌي، نه سواد اچي ۽ نه اڃ/ بک لھي.
    اهڙا پھاڪا ۽ چوڻيون، سنڌيءَ ۾ انيڪ آهن. ڪو کيڙائو هجي، جو ويھي کارو کيڙي.
    نموني جي طور، سنڌي ساهت جي خرار مان، پڙهندڙن لاءِ مُـٺ موتين جي پيش ڪجي ٿي.

    (سنڌو جيڪب آباد ۴۲-۱۹۴۱ع تان کنيل)

    متن

    الف

    1. آلا نور، مٿي جا سور. (ورجيس)
    آلا: آلي جو جمع، ڀِڳل، پُسيل.
    آلا؛ اعلى جي بگڙيل صورت. اعلى: مٿانھون/ اوچو.
    اعليٰ نور: اھا روشني يا هدايت، عقل يا فھم، جيڪو اعليٰ يا اتم ھجي.
    جيڪو ماڻھو، صلاح ڏيڻ يا ڏاھ ڏيڻ کان پوءِ به ڏسيل رستي تي نه هلي ته سندس عقل تي چڙ ايندي آهي. چڙ ۾ به گهٽ وڌ ڳالھائڻ کان احتراز ڪندي، پنھنجي اولاد وغيره لاءِ بيعقل وغيره جھڙا لفظ ڪتب نه آڻبا آهن. بلڪ ٽوڪ طور کيس ”اعلى نور“ يا ”آلا نور“ سڏبو آهي. فقري جي ٻئي حصي ۾ احساس ڏيارڻ لاءِ وري ڳنڍبو آهي؛ تو وارو عقل ”مٿي جو سور“ آهي.
    مطلب:
    1.1 ڏس ڏيڻ باوجود غلط ڪم ڪندڙ.
    1.2 بيزار ڪندڙ ٻار لاءِ، والدين ائين چون؛ تون ته ڪو آلو نور آھين!
    1.3 اعلى نور، مٿي جو سور هئڻ. (ورجيس)

    2. آهِي ٽپين، کاهي نه ٽپين. (ورجيس)
    آھي؛ آھ، اڏ، ننڍي واھي.
    کاھي؛ اونھي ۽ ڊگھي کڏ، خندق، Trench, Moat
    آھي ٽپڻ ۽ کاھي نه ٽپڻ اصطلاح آھن، جيڪي سولي ڪم ڪرڻ جي تلقين ڪن ٿا ۽ ڏکئي ڪم کان احتراز ڪرڻ جو ڏسُ ڏين ٿا. جڏھن ته استعمال ۾ ابتي طرح استعمال ڪبا آھن. يعني؛ آھي نه ٽپڻ، کاھي ٽپڻ.
    مطلب:
    2.1 مٺو مٺو هپو هپو، ڪؤڙو ڪؤڙو ٿُو ٿُو.
    2.2 کاھي ٽپين، آھي نه ٽپين. (سُبتي)
    2.3 ڀيٽيو؛ کڏ ٽپين، اڏ نه ٽپين.

    3. آئي کي آدر، وئي کي پادر. (ورجيس)
    آئي کي؛ آيل کي، مھمان کي، ايندڙ دوست کي.
    وِئي کي؛ ويل کي، مري ويل کي، لڏي ويل کي، گذاري ويل کي.
    آئي کي آدر ڏيڻ ۽ وئي کي پادر ھڻڻ اصطلاح آھن، جيڪي لنڊي خوشامد لا ڪتب آڻبا آھن.
    اخلاقًا ايندڙ جي عزت ڪرڻي آھي ۽ ويندڙ کي به مانُ مرجا سان رخصت ڪرڻو آھي. سندس وئي پڄاڻان، سندس ڳڻ ڳائڻ گھرجن. ائين نه ٿئي جو اچڻ واري لا ته منھن تي مشابھت ڪندي آدر ڀا ڪجي ۽ جڏھن اھو کائي پي يا ڪاروھنوار ڪري ھليو وڃي ته پَرَ-پُٺِ دل کولي سندس گلا ڪجي؛ ھھڙو تھڙو کائڻ جو خچرو ھيو، رڳو پيٽ ڀرڻ ۽ ويلو ٽارڻ آيو ھيو، فلاڻين شين ۾ نگھ ھيس سي کڻڻ آيو ھيو ۽ کڻي ويو، وغيرھ.
    مطلب:
    3.1 ’لنڊي خوشامند‘ کان پاسو ڪجي.
    3.2 اڀرندي سج جو سلامي نه ٿجي.
    3.3 ڀيٽو؛ اڳيان ويا وسري، پويان لڳا مصري.

    4. آيا يار، ملا روزگار. (اردو چوڻي/پھاڪو)
    خريدار، ھر ھميشه واقفڪار دڪاندار تاڙيندو آھي ته جيئن اوڌر پاڌر تي چڱي شي، ڪنھن ٻئي صلاحڪار کي وچ ۾ آڻيندي، کانئس وٺي سگھي. اميد ھوندي اٿس ته تور ۾ اُٽل ۽ ڪوالٽي ۾ ڪسر، ريٽ ۾ رعايت ۽ اگھ ۾ اوڌر، بنا ڄاڙي ھڻڻ جي اتان ئي ملندي.
    جڏھن ته دڪاندار پيو تاڙيندو ته اھڙا واقفڪار دڪان تي اچن، جيڪي مال ڀلي اوڌر تي وٺن پر انھي ٿوري يا احسان سبب، شي جي ڪوالٽي ۽ اگھ تي گَھُ پِيھَ يا لاھو گاھو نه ڪن. اعتبار تي، اکيون ٻوٽي، شي کڻي وڃن ۽ ٻئي ڪنھن دڪان تي چڙھي ان جي ڀيٽ به نه ڪن.
    مطلب:
    4.1 جيڪي دڪاندار، واقفڪار گراهڪن جي، بنا لاهي گاهي جي، سڪيءَ پاڪيءَ سان سيرب وٺن، تن لاءِ ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.
    4.2 يار اچن، ڇيڇڙا وڪامي وڃن. (پنجابي)

    5. اُٺ پوئتان، گهنڊڻي. (ورجيس)
    اٺ جي ڳچي ۾ وڏو چڙو ٻڌبو آھي. خاص طور تي جڏھن واپار جو مال اٺن تي لڏي، گلو قطاري ھلبو آھي، تڏھن پوئين اٺ کي ڳچي ۾ وڏو ٽلو يا چڙو ٻڌبو آھي ته جيئن پنھنجي وڏي آواز سان اڳئين اٺ تي ويٺل شتربان کي اطلاع ملندو رھي ته آخري اٺ سميت، سمورا اٺ قطاريا ٿا اچن. ان کان علاوه، چڙي جي آواز تي اڳيان ھلندڙ سمورا اٺ ھڪلبا ھلندا آھن.
    اٺ جي ڳچي بدران، پڇ ۾ ٻڌل گھنڊڻي، ڪنھن ڪم جي نه آھي. گھنڊڻي ۾ آواز گھٽ ھوندو آھي، ان سان اٺ ڪين ھڪلبا آھن.
    مطلب:
    5.1 ڪراڙو ڪاڪو ڪڪرم ڪري، ڪنئاري ۽ ڪچڙي ڪنيا سان لائون لھي ته کيس ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.
    5.2 پيريءَ ۾، ننڍڙي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ کي اُٺ پوئتان گهنڊڻي ٻڌڻ به چئبو آهي.

    6. اڄوڪا ٻاوا، کٽ جا پاوا، کائي ماوا، ڪن ٿا جاوا. (چوڻي)
    ٻاوا؛ ٻائو جو جمع. مندر جو رکوالو، جيڪو ڇڙو ڇانڊُ هجي ۽ ساري عمر شادي نه ڪري، ڏڻ وار تي ٻاڻي پڙهندو آهي.
    مندر؛ جتي ڌرم شالا، پاٺڪ شالا، ڀنڊارو ۽ آشرم هجن ۽ پرارٿنا سان گڏ مسڪينن جي شيوا به ٿيندي هجي.
    هر مذهب ۾، مذهبي وڏن عھدن جو شان ڏسي، ڪي لالچي/ لوڀي به ويس بدلي اچي پوڄا پاٺ جا مالڪ ٿي ويھي رهندا آهن. پنھنجي پليد اندر جي پوڄا به ساڻ ساڻ چالو رکندا آهن. جنھنڪري اتي جي مال ملڪيت، آيل يتيم عورتن وغيره مان پيا واس وٺندا آهن. کائي پي، مچي مھوڙ تي پوندا آهن.
    مطلب:
    6.1 پنگتي سڌارڪ، نام نھاد مذهبي رکوالن لاءِ ٽوڪ طور ائين چوندا آهن.
    6.2 اڄوڪا حاجي وتندئي، رنون زالون ڦريندا.
    6.3 ڀيٽيو؛ اڄوڪا ساڌو، ٻه آڱر واڌو.

    7. اڄوڪا ساڌو، ٻه آڱر واڌو. (چوڻي)
    ساڌو؛ سنت، پنھنجي مُـنھن رام جي نام جي مالا جپڻ وارو، جوڳي، ڪشٽ ڪڍڻ وارو.
    مذهب جي خدمت ڪرڻ واري کي هر ڪو چڱي نيت سان ڏسندو آهي. منجهس چڱيون اميدون رکي، کيس مال ملڪيت جو رکوالو پيو سمجهندو آهي. سندن اها عزت ڏسي، ڪي لوڀي ۽ لالچي ماڻھو به ويس بدلي جوڳي ٿي پوندا آهن ته جيئن ماڻھن جي مال مان، بي خوف و خطر، هٿ صاف ڪندا رهن.
    مطلب:
    7.1 نام نھاد مذهبي ٺيڪيدارن لاءِ ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
    7.2 ڀيٽيو؛ اڄوڪا ٻاوا، کٽ جا پاوا، کائي ماوا، ڪن ٿا جاوا.
    8. اڇي ڏاڙهي، اٽو خراب. (ورجيس)
    اڇي ڏاڙھي ٿيڻ: وار اڇا ٿيڻ، عمر وڏي ٿيڻ. کائي پي چڙھڻ.
    اٽو خراب ھئڻ: ڪم ڀُڏا ھئڻ. بي اعتباري جھڙا ڪم ڪرڻ.
    وڏي عمر ۾، سوا حرص ۽ لالچ، عقل ۽ تجربي جي، باقي ھر شي پوئتي پئجي ويندي آھي. نظر گھٽ، لڱ ڪمزور، ڏند ڀڳل، آنڊا بي طاقتا، مڙسي کان ويٺل ھئڻ سبب ڪراڙي مان ھر ڪو بيزار. ان عمر ۾ ڪراڙي ماڻھو کان، سندس تجربي جي آڌار، فقط عقل جي صلاحن وٺڻ جي، ٻيو ڪم نه وٺجي.
    مطلب:
    8.1 پنھنجي معاملي ۾، اڇي ڏاڙهيءَ وارو، پاڻ تي کلائڻ جھڙا ڪم ڪري ته پوءِ سندس عقل لاءِ ائين ئي ٽوڪ طور چئبو آهي.
    8.2 پيريءَ ۾ نوجوان ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ؛ اڇي ڏاڙهيءَ ۾ اٽو خراب ٿيڻ برابر آهي.

    9. ادا واندا مل! پالھو مل ڪٿي مليئه؟ (چوڻي)
    واندي ماڻھوءَ کي ڪرڻ لاءِ ڪو به ڪم نه هوندو آهي. جڏھن ته وقت گذارڻ لاءِ کيس ڪنھن نه ڪنھن سان ڪچھري ڪرڻ يا ڪا ٻي وندر ته کپي. ڪراڙو مڙس ڪم نه ٿو ڪري سگهي ته کيس وندر ۽ کيڏڻ لاءِ ننڍڙي ٻار جي ضرورت آهي. ٻارُ به وڏا ڪم نه ٿو ڪري سگهي. جيڏن سان گهمڻ جيترو نه ٿيو آهي ته ڪنھن ڪراڙيءَ جي ڪڇ ۾ ئي وندرندو.
    ان جي برعڪس نوجوان ماڻھوءَ کي ڪم کان سواءِ ٻي وندر ناهي. ڪم نه هوندس ته پاڻ جھڙا نڪما تاڙيندو. ڇو جو ننڍن سان ڀيچي ٿي نه سگهندو آھي ۽ ڪراڙا ساڻس سنمک نه ٿي سگھندا. واندا، پاڻ ۾ ويھي اجايون سجايون ۽ اوڀاريون لھواريون ڳالھيون ڪري، وقت ڪاٽيندا آھن.
    مطلب:
    9.1 نکمڻي ماڻھوءَ لاءِ، ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.
    9.2 چنڊو چنڊي کي، سؤ ڪوهه تان ڳولھي لھي.
    9.3 سنُ، سنَ کي ڳولھي لھي.

    10. اڌ کير، اڌ زنده پير. (ورجيس)
    کير؛ ھر ماڻھو جي پھرين غذا آھي. اڃ به لاھي ته بک به. منجھانئس ٻيا به گھڻا فائدا آھن.
    زندھ پير؛ ورڻ ديوتا، جل جو ديوتا.
    کير ۽ پاڻي کي، ھر ساھدار جي زندھ رھڻ لا مددگار سمجھيو ويندو آھي، جنھن سبب، ٻنھي کي پير مثل سڏيو ويو آھي. زندگي ۾ ڪجھ آسانيون، کير سبب ته ڪجھ پاڻي سبب آھن، جنھنڪري ٻنھي لا گڏي، ائين چئبو آھي.
    مطلب:
    10.1 ڪجهه محنت، ڪجهه چالاڪي.
    10.2 ڪجهه حق حلال، ڪجهه گند بلا جي ملاوت.
    10.3 بازاري کير ۾، اڌ تي يا گهٽ-وڌ، پاڻيءَ جي ملاوٽ هجي، تنھن منجهان ٿيل ڪمائي.

    11. اڳيان ويا وسري، پويان لڳا مصري. (پھاڪو)
    دنيا جو دستور آهي، جيڪو سامھون ويٺو آهي يا ساٿ ۾ آهي، سو ئي دل تي ياد پوي ٿو. گذاري ويل، مري ويل يا ڇڏي ويل دوست به وقت تي ياد نه پوندا آهن. گهڻو ڪري اهي ياد پوندا آهن، جن مان ڪم ٿيڻ جي اميد هجي. اهي دل تي ئي نه چڙهندا، جن منجهان ٽڪي جي به اميد نه هجي. هر ڪو پرديسين جي پُٺِ ڏيڻ سان، کين وساري ويھي ٿو ۽ نيون ياراڻيون ڳنڍي ٿو.
    مطلب:
    11.1 جو چلهه تي، سو دل تي.
    11.2 اڀرندڙ سج کي، هر ڪو سلام ڪري ٿو.
    11.3 ڀيٽيو؛ آئي کي آدر، وئي کي پادر.

    12. اگهه کٽيو کائجي، وٽ کٽيو نه کائجي. (پھاڪو)
    اگهه کٽيو کائڻ؛ اگهه چاڙهي چاڙهي وٺڻ.
    وٽ کٽيو کائڻ؛ تور ماپ ۾ ٺڳي ڪرڻ/ هٿڙي هڻڻ.
    دڪاندار، تور ماپ ۾ ٺڳي ڪندو ته برڪت ته نه پوندس، هٿائين پِٽَ پاراتي جي آيل پئسن مان نقصان به پوندس. ان جي برعڪس اگهه چاڙهي وٺڻ به ظلم ڪرڻ برابر آهي. جيئن ته گراهڪ کي زبان سان کولي ٻڌائجي ٿو، سو اھو ان ڪري، وري به ٺيڪ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته مجبور ماڻھو يا وافر پئسي وارو، مھانگي چيز به خريد ڪندو آھي. ان سودي يا واپار ۾، ايڏو نقصان يا خرابي ناهي. تنھن ھوندي به چڱائي ان ۾ آھي ته؛ اڳلي جي يا گراهڪ جي حال تي رحم کائي، اگهه وٺجي. ٺلھي دنبڙ به نه ٻڌجي.
    مطلب:
    12.1 تور ماپ ۾ ٺڳي ڪرڻ کان، وات جي چالاڪيءَ سان، گراهڪ کي شيءِ کڻائڻ چڱو آهي.

    13. الک! ڏي ڪي ٻه ٽي لک. (تڪ بند جملو)
    تڪ بنديءَ ۾ ڳالھائڻ به ڪن ماڻھن جي عادت ٿي ويندي آهي. جڏهن ڌڻيءَ، الک، مالڪ يا الله کي ڀُل ڀلايو ياد ڪندا آهن يا ماڻھن آڏو غير ارادي طور تي زبان مان وڏي آواز، سڏ نڪري ويندو اٿن ته پويان تُڪ بند فقرو به مرم پرچائڻ لاءِ ڳنڍي ڇڏيندا آهن. جيئن ٻڌندڙ سمجهي ته چيل جملو، سوچي سمجهي چيو ويو آهي. واندڪائيءَ کان بيزار ٿي بي اختيار ۽ اڻ سوچيو نه نڪتو اٿس.
    جيئن ڪي چوندا آهن؛
    • الله الصمد، کارا ڪمند!
    • صبح جي ناري! ڏيار ڪي هزاري ته چڙهي ڪيون سواري.
    • اولِ، انڌيءَ کي نه رولِ.
    مطلب:
    13.1 گهرڻ لا، ڌڻيءَ کي ئي ٻاڏائجي.
    13.2 ڀيٽيو؛ بک! وڏا ملندءِ سک.

    14. اندر لنگهڻ، ٻاهر کنگهڻ. (ورجيس)
    دستور ۽ اڻ-ٽر سچائي اها آهي ته جيڪا شيءِ جھڙي ٻاهران نظر اچي ٿي، اندران به اهڙي هئڻ گهرجي. جيئن ماڻھو ڏسڻ جو سھڻو هجي ته سندس ورتاءُ به محبتي هئڻ گهرجي. انب ڏسڻ جو خوبصورت ۽ سنگهڻ ۾ خوشبوءِ دار هجي ته ذائقي ۾ مٺو هئڻ گهرجي.
    ڪڏهن ڪڏهن ڪي شيون، انھيءَ فطري اصول کان هٽي ڪري به ٿي پونديون آهن. جيئن ٽوهه ڏسڻ ۾ گدري وانگر سھڻو، گول، لسي ۽ چمڪندڙ کل سان آهي پر اندران زهر وانگر ڪؤڙو. سھڻي صورت ڏسي ڪنھن سان عشق ڪجي يا شادي ڪجي پر ويجهو اچڻ کان پوءِ خبر پوي ته ان جي سيرت ته خراب ۽ ڌپ واري آهي، جنھن کان پوءِ ٻئي هٿ ٻوٿ ۾ هجن.
    مطلب:
    14.1 گهر ۾ رکي سڪي کائڻ واري کي ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ ٻانھن لوڏي ۽ کنگهي کُڙڪي لنگهڻ نه گهرجي.
    14.2 اڇي پڳ مَ پس، اندر مِڙيو ئي اڳڙيون.
    14.3 ڀيٽيو؛ گهر ۾ ڪين، ته به رکي گهوڙي تي زين.

    15. انڌي ۽ جنڊ، کٽولو ۽ هنڌ،
    واڻيو ۽ هٽ، تارازي ۽ وٽ. (چوڻي/پھاڪو)
    انڌي عورت، ٻاهر گهمڻ ڦرڻ يا اندر-ٻاهر ٿيڻ لاءِ، ٻين جي محتاج هوندي آهي. جنڊ جو معاملو سمجهه ۾ اچي ويس ته پيھندي. سڄيءَ عورت وانگر کيس ڪاڏي پاڻمرادو وڃڻو ڪونھي، تنھنڪري مٿانئس چڙهي ويٺي هوندي. ٻيءَ صورت ۾ کيس کٽ ۽ بسترو کپي، جنھن تي سُتي پئي هجي.
    واڻيي/ هَٽائي/ دڪاندار کي به ڪمائڻو ۽ ڌنڌو ڪرڻو آهي ته هٽ تي ويٺو هجي. لٿو ته بک مئو. هٽ تي به تارازي ۽ وٽ هلندا رهن. ٻيءَ صورت ۾ مکيون پيو ماريندو.
    مطلب:
    15.1 جڳ جو چرخو هلائڻ لا، هر ھڪ کي ڪو نه ڪو ڪم، ڌڻيءَ سڳوري سونپي ڇڏيو آهي.
    15.2 ڀڳوان به سڃاڻي سڱ ڏئي ٿو.
    15.3 انڌي ۽ جنڊ، ڏهه پاٽيون ڏوڪڙ.

    16. انسان کي کپي؛ اجهو، اٽو ۽ لٽو. (چوڻي)
    انسان کي زندگي گذارڻ لاءِ ۽ زنده رهڻ لاءِ بنيادي طرح هوا ۽ پاڻي کپن، جيڪي قدرت واري پنھنجي ٻاجهه سان وافر مقدار ۾ جوڙي ڌرتيءَ تي پکيڙي ڇڏيا آهن. هر هڪ کي سندس گهرج آهر، بنا ڪنھن محنت/ تڪليف ڪرڻ يا گهرڻ جي ملي ٿا وڃن. ان کان علاوه زنده رهڻ لاءِ جن شين جي سخت ضرورت آهي ۽ جن کان سواءِ زنده رهڻ مشڪل ٿيو وڃي، سي آهن؛ اٽو، لٽو ۽ اجهو. پيٽ کي ڀرڻ لاءِ اٽو، انگ کي ڍڪڻ لاءِ لٽو ۽ شان مان سان ٿانيڪو رهڻ لاءِ اجهو. ان کان علاوه فطري تقاضا، جيڪا پڻ اڻ ٽر آهي، سا شھوت (Sex) جي پورائي جي آهي.
    مطلب:
    16.1 زنده رهڻ لاءِ؛ پيٽ ڀرڻ، انگ ڍڪڻ ۽ سر لڪائڻ جي جاءِ کپي.
    16.2 Food, Dress and Shelter are necessary for life.

    17. اوٻاسي، ننڊ جي ماسي. (چوڻي)
    جڏهن ماڻھو ٿڪجي ٿو ته پوءِ سندس ڪم ۾ سستي پيدا ٿئي ٿي. آرام لاءِ پوءِ به نه ليٽندو ۽ جاڳندو پيو يا ڪم ۾ رڌل هوندو ته فطري طور اوٻاسيون ايندس. اھي اوٻاسيون، ننڊاکو ھجڻ يا ٿڪجي پوڻ جو اھڃاڻ آھن.
    مطلب:
    17.1 اوٻاسيءَ جو اچڻ، ٿڪاوٽ، سستيءَ ۽ ننڊ اچڻ جي نشاني آهي.
    17.2 اوٻاسي آهي، ننڊ جواهڃاڻ.
    17.3 اوٻاسيون آيون، ننڊ سندو نياپو.

    18. اويلو مھمان، پٽائي پاڻ. (چوڻي/پھاڪو)
    ٻھراڙيءَ جي ڳوٺن ۾ ماڻھو، غريبيءَ سبب، پنھنجي پيٽ لاءِ به ڪڏهن ڪڏهن ماني پچائي ڪو نه کائي سگهن. تن گهرن ۾ وقتائتو مھمان به تڪليف جو سبب بڻجندو. وري به وقت تي پھتل يا ڪوٺ تي آيل مھمان لاءِ هڻي ماري بندوبست ڪري وٺبو آهي پر اڻ ڪوٺئي يا ويل ٽريءَ کان پوءِ آيل مھمان لاءِ خفا ڪرڻ ڏاڍا اهنجا آهن. گهر ڀاتي، اوکا پوکا لاهي، ٻين ڪمن ۾ جنبيل هوندا آهن، تن کي اتان ڪڍي مانيءَ ۽ چلهه جي حوالي ڪرڻ، ڏکيو هوندو آهي. اهڙي آيل مھمان کي هر ڪو هچا پيو سمجهندو. سندس لاءِ کٽون بسترا ڪڍڻ ۽ ماني ڳنڌڻ ڪرڻ، سڀ خفي وارا ڪم آهن.
    مطلب:
    18.1 ريءَ ڪوٺيو مھمان، پٽائي پاڻ.

    19. اهڙو سياڻو، جھڙو جيئو ڪاڻو. (ورجيس)
    سياڻو چوڻ؛ چالاڪ يا هوشيار ھئڻ.
    ڪاڻو ڪوٺڻ؛ عيب ڪڍڻ.
    ڪنھن به عقل جي وير يا عقل جي بيربل کي چترائيءَ سان چيڙائڻ يا چٿر ڪرڻ لاءِ ڪجهه تعريف ۽ ڪجهه گلا، گڏي ڪرڻي پوندي آهي. نجي تعريف يا نجي گلا، سندس هيانءَ تي تور ٿي بيھنديون آهن. هنن لفظن مان به فقط ٽوڪ جو ئي مطلب ورتو ويندو آهي.
    مطلب:
    19.1 چاچي به ڪوٺڻ ۽ چھنڊڙي به پائڻ.
    19.2 ”ناني ڪاڻي! پيار پاڻي!“ چي؛”ابا انھين افعالين پيتو به اٿئي.“

    20. اهڙو مٺو، ڪنھن نه ڏٺو. (تڪ بند جملو)
    مٺو ھئڻ: وڻندڙ ھئڻ.
    ڏٺل نه ھئڻ: نئون ھئڻ
    دڪاندار يا ڇٻي وارا، پنھنجا ٽول کپائڻ لا اھڙي قسم جا ھوڪا ٺاھيندا آھن، جنھن سان گراھڪ ڇڪجي اچن. عيبدار شي جي به ايڏي وڌائي چڙھائي تعريف ڪندا آھن جو نه وٺڻ وارو به سَڌ ڪري وٺندو آھي.
    جيئن؛
    چَپَ چٽڻي، وَٽَ وٺڻي؛ (مٽرن جي ڏڌڙيءَ لاءِ هوڪو)
    ادا مائو! وٺي کائو؛ (مائي کپائڻ وارا، مائي لاءِ ائين چون).
    ميھا، مکڻ جيھا؛ (سبزيءَ واري جو هوڪو)
    مطلب:
    20.1 پاڻ ڏانھن متوجه ڪرڻ جھڙو جملو.

    21. ايڪ ديوي، دس پاوي. (چوڻي)
    ڏيڻ، ڏاڍو ڏکيو آهي. ان جي ڀيٽ ۾، وٺڻ وري به سولو آهي. خاص طور تي، هن آزمائش جي جھان ۾، مال ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. انھيءَ حالت ۾ جيڪو ڌڻيءَ جي نالي تي جيڪي ڪجهه ڏيندو، ان جو بدلو آخرت ۾ ته کيس سترھوڻ ملندو پر ھن دنيا ۾ به کيس ڏهوڻو ملندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هيءَ چوڻي، رشوت جي ڏيڻ وٺڻ بابت ڪتب ايندي آهي.
    مطلب:
    21.1 ڌڻيءَ جي نالي تي، غريبن ۾ به ڪجهه دان پڃ ڪرڻ گهرجي.
    21.2 ڏي ڪڻو، ملئي گهڻو.
    21.3 ڏهه دنيا، ستر آخرت.
    21.4 ڀيٽيو؛ ڏي ڏالي، ملئي مالي.

    22. ايڪ ناري، سدا برهمچاري. (چوڻي)
    ناري: عورت، زال.
    برهمچاري: ويدن جي علم جي حاصلات لاءِ سياحت ڪندڙ شخص. ايشور يا ڀڳوان جو ڳولائو. تارڪ الدنيا يا دنيا تياڳيندڙ.
    هڪ عورت، مرد لاءِ زندگيءَ ۾ ساٿيءَ طور اشد ضروري آهي، پوءِ ڀلي، مرد ساڻس پوريءَ طرح انصاف ڪري سگهي يا نه. عورت کان سواءِ مرد، مرد کان سواءِ عورت، اڌورا آهن. اڪيلي ۾ اگهاڙا آهن، ملڻ کان پوءِ ڍڪجي پون ٿا. مرد، عورت لاءِ لباس آھي ته عورت، مرد لاءِ لباس آھي. الڳ آهن ته اڌَ آهن، ملن ٿا ته پورو ھڪُ ٿين ٿا.
    جنھن مرد، جنسي پورائي لاءِ هڪ عورت تي گذارو ڪيو، سو به ڄڻڪ تارڪ الدنيا مثل آهي. ان جي برعڪس ڪي فاحش ذهن ماڻھو، انھيءَ چوڻيءَ کي پنھنجي مطلب ۾ مٽائي به استعمال ڪندا آهن؛
    ”ايڪ ناري آئي تو ماري، نهين تو برهمچاري.“ (ابتو)
    مطلب:
    22.1 پنھنجي گهر واريءَ کان علاوه، ٻئي هنڌ نه واجهائجي.

    ب

    23. بار گڏهه تي، هينگي کوتي. (پھاڪو)
    اصول آهي ته جنھن تي وزن رکيل هوندو آهي، تڪليف به ان کي ٿيندي آهي. جنھن کي تڪليف ٿئي، سو ڪرڪندو ۽ ڪُجهندو به. ان جي برعڪس جنھن تي نه وزن آهي ۽ نه ئي تڪليف پھتي اٿس، سو ڪُرڪي ته اجايو آهي.
    مطلب:
    23.1 ’الف‘، ’ب‘ جو ڪم ڪري ٿو. ’ب‘ جو ڪم سنوارجي ٿو پر ’ج‘ کي انھيءَ تي ساڙ ۽ حسد وچان خار اچن، سا به غلط ڳالهه آهي، ڇو جو ’ج‘ جو ان معاملي سان نه واسطو آهي نه وجهه آهي. اهڙي ماڻھوءَ لاءِ ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.
    23.2 شادي ڀيڻ جي، ٽٽ نه بيھي ڀاءُ جو.
    23.3 ڀيٽيو: ڌڪ لڳي هڪڙي کي ته روئن ٻيا، اچن جي ٽيان ته ڳوڙها ڳاڙيندا وڃن.

    24. بک! وڏا ملندءِ سک! (تڪ بند جملو)
    بک، اڳيئي اهنج ۽ ڏک آهي. جنھن وٽ ويندي، تنھن وٽ به بک/ ڏک ئي ڏسڻ نصيب ٿيندس. اڳلا ڏکن ۾ هوندا ته کيس به سک ڪين ملندا.
    جن غريب مائرن جا ٻچا، بک ۾ ڪوڪرائيندا آهن، سي مائرون بي بسيءَ وچان آهه ڀري، بک کي پاراتي ڏيڻ لاءِ چونديون آهن؛ ”بک! وڏا ملندءِ سک!“
    مطلب:
    24.1 بک کي ڪٿي به سک نه ملندو. ملندس ته پٽون ۽ پاراتا.
    24.2 ڀيٽيو: الک! ڏي ڪي ٻه ٽي لک.

    25. بن پئسي جو کيلي جوئا، آج نه موئا ته ڪل موئا. (چوڻي)
    جوئا کيڏڻ لاءِ، وافر ملڪيت ۽ پئسو گهرجي. هارائجي ته ان ڳالھ جو ڀؤ نه ٿئي؛ ”هاڻي وقت ڪٿان گذرندو؟“ هوند تي جواري، هونگر ڏئي پيو کيڏندو ۽ تڏر ڏئي پيو ساري کڻندو يا پتو اڇليندو. دليريءَ سان کيڏڻ ڪري، بزدل/ ڀاڙين رانديگرن کي ڀڄائي ميدان ماريو بيٺو هوندو. اڻھوند تي کيڏڻ وارو، ڊڄ ۾ کٽڻ جھڙا داءَ به نه کيڏندو ۽ آخرڪار هارائي، ’هر هارو، منھن ڪارو‘ ڪرائيندو.
    جوئا کان علاوه، دنيا جا سمورا ڪاروبار پڻ ائين آهن. دليريءَ سان گهربل پئسو سيڙائڻ وارو وڏو منافعو ڪمائي ٿو. ڪسڪي ڪسڪي پئسو ڪڍڻ وارو، منافعو نه ٿو ڪمائي.
    مطلب:
    25.1 اٺ-ڪاٺئي ڪم ۾ هٿ وجهڻ ۽ منجهس ڪامياب ٿيڻ لاءِ پئسو جام هئڻ گهرجي.
    25.2 جيڪي ڪري پئسو، نه ڪري سو پيءُ، ماءُ ۽ ڀاءُ سڳو.

    26. بڻي ته بڻي، نه ته دال روٽي گهڻي. (ورجيس)
    بڻي؛ بني، ٺھي ھلي.
    دال روٽي؛ بک ڏک جو گذر، سادي سودي خوراڪ.
    ڪنھن ڏکيي ڪار وهنوار ۾، وسيلن ۽ مدد نه ھئڻ جي باوجود اگر هٿ وجھندا آھن ته پوءِ پاڻ کي انھن لفظن سان آٿت ڏيندا آهن. ٻين جي پڇڻ تي پڻ ائين دلداري ڏيندا آھن.
    مطلب:
    26.1 جيڪڏهن اهو واپار/نوڪري ڪامياب وئي ته واه واه، نه ته گهر ۾ ته دال ماني ملي ٿي پئي.
    26.2 جنھن ساھ ڏنو آهي، سو گراھ به ڏيندو.
    26.3 لڳي ته لائي، نه ته رن پرائي.
    26.4 بڻي ته بڻي، نه ته دائود خان پڻي. (سبي)

    27. بيبي ننڍي، برقعا باري. (ورجيس)
    برقعو؛ پردو، وڏي چادر.
    ننڍي نيٽي زال، وڏيءَ جي ڀيٽ ۾ هر ڪو پيو لڪائيندو آهي ۽ کيس برقعن ۾ ويڙهيندو آهي. ڇو جو گهڻو انديشو هوندو آهي ته ان کي ئي ٻيا ڏسندا. ڪراڙيءَ کي پنھنجو مڙس ئي نه ٿو ليکي ته ٻيا ڇا ڏسندس. تنھنڪري سندس مڙس جي نظرن ۾، ڏانھس ڪنھن جي به نظر نه ٿي کڄي. ان کي پردو گهٽ ڪرائيندو آھي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ ننڍيءَ کي باري برقعا پارائيندو.
    مطلب:
    27.1 هر قدم، ٺھندڙ آهر ۽ سونھائيندو کڻجي.
    27.2 هَٺَ سھائيندو کائجي، لوڪ سھائيندو پائجي.
    27.3 هوند ٿوري، ڦاها وڏا ڦڪڻ. (ورجيس)
    27.4 وت ٿورو، ڦڙ ڦڙ گهڻي. (ورجيس)
    27.5 باري کڻن بار، ناهي ڪم ڪچن جو. (چوڻي/ پھاڪو).

    28. بيٺو کائي اَنُ، پيو کائي ڌَنُ. (طبي، چوڻي)
    بيٺو؛ تندرست، چاق، چڱو ڀلو.
    پَيو؛ ڪريل، بستري تي پيل، بيمار، ڪمزور.
    تندرست ماڻھوءَ جي ويلي تي خوراڪ؛ ٻه مانيون. يعني گهر ۾ رکيل اَنَ مان سندس پيٽ قوت ٿيو وڃي. ان جي برعڪس، بيمار ماڻھوءَ کي جان مان به بيزاري هوندي. ماني ته وڻندس ڪا نه. کيس، ترت عمل طور، دوائون گهرجن، جيڪي کائي تندرست ٿئي. دوائون، پئسن/ڌن سان اينديون آهن. ڌن هوندو ته دوائون به اينديون. نه هوندو ته، نه اينديون. ٻين لفظن ۾ بيمار ماڻھو، ڌن ئي کائي ٿو، تڏهن جياپو ٿئيس ٿو.
    مطلب:
    28.1 اگهو کائي ڌن، سگهو کائي اَنُ.

    ٻ

    29. ٻڏڻ ويو آهي وسري، لڏڻ آيو آهي ياد. (ورجيس)
    ڪنھن ڪسي ڪم ڪرڻ تي، خبر پوڻ کان پوءِ، هر حيادار کي شرم ايندو آهي. بي حياءَ ماڻھوءَ کي، بجاءِ شرم اچڻ جي، ويتر مذاق سُجهي ايندي آهي. اهڙيءَ حالت ۾، اهڙي بي حياءَ نؤد لاءِ ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.
    مطلب:
    29.1 جيڪو غلط ڪم تي پشيمان ٿيڻ بدران الٽو بيھي ڏند ٽيڙي ۽ ٽھڪ ڏئي کلي تنھن لاءِ چئبو آهي، ٻڏڻ ويو وسري، لُڏڻ آيو ياد.
    29.2 شرم ويو شڪار تي، لڄ وئي لعل تي.
    29.3 شرم ويو شڪارپور، لڄ وئي لاڙڪاڻي.
    29.4 شرم ويو شھدادپور، حياءُ ويو حڪيماڻين.

    30. ٻڪريءَ جي ماءُ، ٻچن جو گهڻا ڏينھن خير گهرندي. (پھاڪو)
    ڇيلي جو گوشت، مينھن ۽ اٺ، رڍ ۽ ڳئونءَ جي گوشت کان وڌيڪ ذائقيدار آهي، بلڪ مڇيءَ ۽ مرغيءَ کان به وڌيڪ مُلھائتو آهي. گوشت کائڪن کي، ليلي جي گوشت جي ضرورت جلد جلد پوي ٿي. اڄ جيڪڏهن ڪنھن ڇيلي جي ڪنڌ تان، سندس ماءُ جي دعا اگهڻ سبب، ڪاتي ٽري وئي آهي ته سڀاڻي ضرور پوندي، ڇو جو سندس گوشت جا طالبو/ گھورائو ججھا آھن.
    مطلب:
    30.1 غلط ڪم ۾ هٿ وجهڻ واري جي مٿان، جيڪڏهن ڪا آپدا هر وقت بيٺي هجي ته ان لاءِ ائين چيو ويندو آهي.
    30.2 کاڄ ٿيندڙ شيءِ کي، هڪ ڏينھن کاڄ ضرور ٿيڻو آهي.
    30.3 بڪري ڪي مان ڪب تڪ خير منائي گِي. (اردو).

    ڀ

    31. ڀِت پيئي، وِٿ پيئي. (پھاڪو)
    گڏ رهڻ سان، سِڪ جي سلي کي پاڻي پيو پھچندو آهي. ملڻ ۾، وقت جي وڇوٽي پئي، ڄڻ ڪپڙي جو پاند ڦاٽي پيو. ٽٽيءَ کي ٽاڪو ته لڳندو پر سنڌو ظاهر بيٺو هوندو.
    ٻه جگري يار/ ڀائر پاڻ ۾ ڪن سببن جي ڪري ڦٽا ۽ سندن دوستيءَ/ ڀائپيءَ جي رشتي ۾ ڦڪت/ نفرت جي ديوار پئي ته پوءِ پاڻ ۾ ويڇو پوندو ويندن. وقت تي سندن رت ريلو نه ڏيندو ۽ ورلي هڪ ٻئي جي ڪم ايندا.
    مطلب:
    31.1 ٽُٽِيءَ کي ٽاڪو، لڳڻو ئي ناهي.
    31.2 ڀتِ پيئي، ڀِڪَ پيئي.

    32. ڀونڪ ڙي ڪتا ڀونڪ، ٽڪر کائي پيو ٽونڪ.
    (طنزيه تڪ بند جملو)
    جهيڙي ۾، ٻار يا مايون، وڙهي ٿڪجڻ کان پوءِ، پاڻ ۾ وڌيڪ وڙهڻ/ گارين ڏيڻ جي سڪت نه ڀانئين. انھيءَ حالت ۾ جڏهن هڪ ڌر اڃا ڌُم لايون بيٺي هجي ته ٻي ڪمزور ڌُر، دل جي باهه ڪڍڻ لاءِ ائين ٽوڪيس.
    مطلب:
    32.1 ڪنھن کي جهيڙي ۾ اڃا کجائڻ، چيڙائڻ يا چيڙائي تيڪ ڪرڻ لاءِ اهڙا تڪبند جملا في البديھ ٺھي زبان تي تري ايندا آهن ۽ بي اختيار نڪري ويندا آهن.
    32.2 تون ڀونڪ نال ڪتي، مين ننڊ نال ستي.
    32.3 تئن ڀونڪ ته ميڪون ننڊ آوي. (سرائڪي)
    32.4 تون ڀونڪ ته مون کي ننڊ اچي. (جملو).

    ٿ

    33. ٿورو ڪر ڄٽ سان، ڄٽ ڦيري هڻئي پٽ سان. (پھاڪو)
    ڄٽ: بي ادب، جاهل، آداب کان وانجهيل.
    ٿورو؛ چڱائي، احسان.
    چڱائي يا احسان، ڪنھن وڙ واري سان ڪبو آهي. بي وڙي سان چڱائي ڪبي ته الٽو برائي ڪندو. جيڪڏهن ڪنھن سان چڱائيءَ جا پير ڀرجن ۽ اهو برائيءَ سان بدلو ڏئي، ان لاءِ ائين مثال ڏبو آهي.
    مطلب:
    33.1 چڱائي ان سان ڪجي، جنھن مان ڪجهه وري ۽ سري.
    33.2 ناشڪري سان نيڪي ڪرڻ، آهي جيءَ جو زيان.

    ٽ

    34. ٽٻڻو ٽاڻي، هلي اباڻي. (ورجيس)
    ٽٻڻو؛ ٽٻڻي، ڪکن/ تيلين مان ٺھيل ٽوڪري، جنھن کي مٿان پُڙ/ڍڪ هجي.
    ٽاڻي؛ ڪپھه کي ڪتِڻ، ڪپھه مان ڪڪڙا يا ڪچرو ڪڍڻ، ڪپھه جا ٽاڻا ٺاهڻ.
    ٽٻڻي ۾ ڪپھه ٿوري پوندي آهي. منجهس پيل ڪپھه ٽاڻڻ لاءِ ويھبو ته جلدي ٽاڻي وٺبو ۽ وقت ٿورو لڳندو. ڪي عورتون ساهرين گهر ۾ ميار لاهڻ لاءِ تمام ٿورو ڪم ڪنديون آهن، وري جلدي پيڪن ڏانھن گهمڻ لاءِ برقعو ڪلھي تي رکنديون آهن. اهڙين عورتن لاءِ سَـسُـون ٽوڪ طور ائين چونديون آهن.
    مطلب:
    34.1 ٿورو ڪم ڪري، جلدي مِٽن ڏانھن ڀڄڻ.
    34.2 بي-دليو ڪم ڪرڻ واري لاءِ ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.
    34.3 ائين تڪڙي آئي ۽ وئي، جيئن ڏينڀو ڏنگ ھڻڻ لا اچي.

    35. ٽـپـڙ ئي ٽيشڻ تي هئڻ. (ورجيس)
    ٽپڙ؛ گهر ۾ ڪتب ايندڙ سامان. Luggage
    ٽيشڻ؛ Railway Station، ريلوي اسٽيشن جو بگڙيل نالو يا سنڌي روپ.
    ھيڻو مسافر، ريل ۾ چڙهڻ لاءِ سامان، مال واري گاڏي ۾ چاڙهائڻ بدران، پاڻ سان کڻي. گاڏيءَ جي تڪڙ سبب، فقط پاڻ چڙهي سگهي ۽ سامان پليٽ فارم تي رهجي وڃيس. اھڙو مسافر، گاڏيءَ جي ڇٽڻ کان پوءِ، اندر پيو ٻاٿون ڏيندو ۽ ڦٿڪندو. ٻاڪاريندو پيو؛ ”ٽپڙ ته ٽيشڻ تي رهجي ويا“.
    مطلب:
    35.1 جنھن سان صورتحال اهڙي ٿئي، جو سندس رٿيون، اڻ رٿيون رهجي وڃن ۽ هڪڙا ٽپڙ هڪ هنڌ ته ٻيا ٻئي هنڌ ۽ پاڻ ٽئين هنڌ هجي ته ان لاءِ حيرت مان ائين چئبو آهي.
    35.2 بي واھو يا بي مالڪيو، جنھن جي ھر شيءِ رليل ھجي.

    36. ٽڪر گهٽ، ته به جوءِ وٽ. (چوڻي)
    ٽُڪر؛ مانيءَ جو ٽڪر، ڳڀي ٽڪر، ڳپل، لولي چوٿاڙ.
    گهر هلائڻ لاءِ عورت ته گهر ۾ رهي، گهر جو ڪم ڪار ڪري ٿي. جڏهن ته ٻاهريان ڪم ۽ ڪمائي مرد کي ڪرڻي آهي. ڪي ماڻھو پنھنجي ڳوٺ يا شھر، ديس يا ملڪ ۾ روزگار نه ملڻ سبب، اڃا پرديس تي ويندا آهن.
    پرديس جا معاملا، ڏاڍا اهنجا آهن. گهر وارن، توڙي سفر تي ويلن کي، نصيحت طور چئبو آهي؛ ٽڪر گھٽ، ته به جو وٽ. مال جي هوس ۾ جوءِ ڇڏي نه وڃجي، ڇو جو جوءِ کي به ٻارهون ديوتا ڪري پوڄيو وڃي ٿو.
    مطلب:
    36.1 ٽڪر گهٽ، جُوءِ وٽ.
    36.2 گرھ گهٽ، پرين وٽ.
    36.3 ڌنڌي ڌاڙي يا ڪرت ڪار سانگي، گهر کان پير ٻاهر نه ڪڍجي.
    36.4 رپيو گهٽ هجي ته به ننگ ساڻ هجن.
    36.5 ٻاھر جي سڄيءَ کان، گھر جو اڌ ڀلو.
    36.6 ٻاھر جي پلاءَ کان، گھر جي کَنھي ڀلي.
    36.7 پرديس جي ٻوڙ پلاءَ کان، ديس جو پِڇُ-پاڻي ڀلو.

    ٺ

    37. ٺلھو چڻو، وڄي گهڻو. (پھاڪو)
    ڀريل ڀڪيل، دٻيل يا دٻي ڀريل شيءِ، وزن هئڻ سبب، ڌڪ لڳڻ سان کڙڪو گهٽ ڪندي. ان جي برعڪس خالي، پوري يا هلڪي شيءِ، ڌڪ لڳڻ تي وڏو ٺڙڪو ڪندي آهي.
    اهڙيءَ طرح جيڪي ماڻھو کيسن ۾ خالي، گهر ۾ بک تي، عقل جا کٽل ۽ علم کان وانجهيل ھوندا آهن، سي ڀريل ڀڪيل ماڻھن جي ڀيٽ ۾ گهڻ-ڳالھائو، ڊاڙي ۽ لٻاڙي ٿيندا آهن.
    مطلب:
    37.1 کوکلو، پولو، اندران خالي چڙو ئي وڄندو آهي.
    37.2 سکڻي ڪني، گهڻو اُڀامي.

    38. ٺونٺ لڳي، ساهيڙي ڀڳي. (پھاڪو)
    ٺونٺ لڳڻ؛ ڌڪ لڳڻ، ٿورو نقصان پوڻ.
    ساهيڙي ڀڳي؛ سنگتياڻي ڀڳي، سنگت ٽٽي وئي.
    نازڪ مزاج ماڻھو، سنگت ۾ ٿورڙو ٺينشڙو به برداشت نه ڪري سگهندا آهن. ٽاڪڻين ٿانءَ وانگر، هٿ لڳڻ سان به ٽِڙڪي ٽُٽي پوندا آهن. اھڙا نازڪ ھوندا آھن جو، ٿُڪ تان به ترڪي پوندا آهن.
    مطلب:
    38.1 خسيس ڳالھين تان، لک جھڙي سنگت نه ڦٽائجي.
    38.2 ٺونٺ لڳي، ساهيڙپ ڀڳي.

    پ

    39. پاڻ پِنان، گهوڙا ڳنھان. (ورجيس)
    گهوڙو ڌارڻ؛ ڏکئي ڪم ۾ هٿ وجهڻ، خرچ جھڙو ڪم ڪرڻ. اھڙو واپار ڪرڻ، جنھن ۾ سيڙپ سرس ۽ منافعو نه ھئڻ برابر ھجي.
    جيڪي ماڻھو پنھنجي پيٽ پالڻ ۾ آذرت آهن، سي ڀلا گهوڙا ڪيئن ڌاري سگهندا؟ جيڪو پنھنجي وت کان وڏن ڪمن ۾ هٿ وجهي، تنھن لاءِ ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.
    مطلب:
    39.1 جڏهن ڪنھن ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ ڀُتو نه ڀانئجي يا ڪن سببن جي ڪري، ڪم ڪرڻ کان نٽائجي ته پوءِ ائين چئبو آهي؛ ”مان اڃا پاڻ پنھنجي پيرن تي بيھي ڪو نه ٿو سگهان، ٻئي کي ڪيئن کڻان؟“
    39.2 جنھن کي خرچڻ لاءِ کاڻي ٽامي ٺڪري نه هجي، سو وڏن خرچن جون سڌون ڪٿان ڪندو؟

    40. پَـرُ پيو، گهر ويو. (چوڻي)
    پَـرُ؛ پرايو، اوپرو، ڌاريو.
    پَـرُ پوڻ؛ ڌاري عورت گهر ۾ اچڻ، ڌاريو عقل ذهنن ۾ ويھڻ.
    پرائي مَـتِ تي هلبو يا ڌاري عورت گهر ۾ آڻبي ته گهر ۾ ڪلڪل ۽ گھپي پئي ٿيندي. ڌاريا ڇيڻاڀور به ٿيندا آهن. ڳالھين ۾ مرچ مصالحا ملائي يا ڳڙ لائي/ ٿڦي پيا ماڪوڙا بڇائيندا آهن. تنھنڪري پرائي مَـتِ تي نه هلجي.
    مطلب:
    40.1 جڏهن گهر جي معاملن ۾ ڌاريا دائو دخل ڏيندا آهن، تڏهن معاملا ڦٽندا آهن.
    40.2 ٻاھريون ماڻھو، جيڪو پنھنجو گھر ۽ مٽ مائٽ ڇڏي اچي ٿو، سو ٻين سان چڱائي ڪيئن ڪندو؟

    41. پَـرَ-متڙيو، پُڇ-ڪتريو. (چوڻي)
    پـر-متڙيو؛ پرائي عقل تي هلندڙ.
    پڇ-ڪتريو؛ لنڊو، جنھن کي پڇ نه هجي. بي پھچ.
    جيڪو ماڻھو، هر معاملي ۾، ٻين جي عقل تي هلي ٿو، سو جلد ئي ٻين کي بيزار ڪري ٿو. جڏهن کانئس هر ڪو بيزار ٿئي ٿو ته پوءِ کيس ابتا ڏس ڏئي جان ڇڏائي ٿو. ائين ڪرڻ سان، پر-متڙيو، ڪٿان جو به ڪين رهي ٿو. سندس پھچ يا واسطيداري، محدود ٿيندي ٿيندي ختم ٿي وڃي ٿي.
    مطلب:
    41.1 پرائي مت تي هلندڙ، پنھنجا تعلقات به وڃائي ويھي ٿو.
    41.2 پر-متڙيو فقير؛ نه صافيين، نه ڪُڙڪين.

    42. پلاه جھڙي پدمڻي، جب هڪي حاضر هوءِ،
    ٻوهي وجهه پيٽ ۾، مر ته پيٽ ڦاٽي پوءِ. (چوڻي)
    پلاه؛ پلاءُ، چانورن ۽ گوشت مان جڙندڙ چھرو ڀت.
    پدمڻي؛ سھڻي عورت، پرڪشش.
    پلاءَ کان وڌيڪ پرڪشش کاڌو ٻيو ڪين آهي. ذائقيدار ۽ چٻاڙڻ ۾ سھنجو. اهو جڏهن هڪيو حاضر هجي ته جلد پيٽ ۾ داخل ڪجيس.
    مطلب:
    42.1 جيڪو ماڻھو ڄڀ جي ذائقي لاءِ، پيٽ کوڙي پرائي ڀت تي ويھي رهي ۽ اٿڻ جي حامي نه ڀري، تنھن کي انھن لفظن سان ٽوڪبو آهي.

    43. پنھنجو، سنھنجو. (چوڻي/ پھاڪو)
    پنھنجي شيءِ وقت تي ڪم آڻڻ، تمام آسان آهي. ڪنھن کان اڌاري گهرڻ جي نوبت ئي نه ايندي. ان ڪري ڪتب آڻڻ ۾ نه ڪو عار ۽ نه شرم. ان جي برعڪس ڌارئي جي شيءِ استعمال ڪرڻ اهنجي. کانئس اڌاري گهرڻ، تنھن کان وڌيڪ خراب، پئي هچڪ محسوس ٿيندي.
    مطلب:
    43.1 جيتري قدر ٿي سگهي، اوتري قدر مال پاڻ وٽ موجود رکجي. اويل سويل مٿس ئي پيا هٿ کُپندا آهن.
    44. پنھنجو گهر، الک جو در. (چوڻي)
    الک جو در؛ ڌڻيءَ جي عبادت ڪرڻ لاءِ جوڙيل جاءِ، جتي هر ڪو بنا روڪ ٽوڪ اچي وڃي سگهي.
    پنھنجي گهر ۾ ماڻھو، آزاديءَ سان اچي وڃي، سمھي اٿي، کائي پي، ڪري ڪرتي، وهنجي سھنجي سگهي ٿو. ڪير به کيس ٽوڪيندو ڪو نه. جيئن ڌڻيءَ جي در تي وڃڻ سان کيس انند ۽ سُڪون پيو ملندو آهي، تيئن پنھنجي گهر ۾ سک ۽ شانتيءَ سان پيو رهندو آهي. تڏهن ته مارئي، محلن ۾ رهندي به، اباڻن ڪکن پسڻ لاءِ ماندي هئي.
    مطلب:
    44.1 پنھنجي ڪکين، ڪوئي نه لکين.
    44.2 ڏر تي گدڙ به شينھن.
    44.3 پنھنجو گهر، هنگي ڀر، پرائو گهر، ٿڪئي ڏر.
    44.4 East & west, though we may roam,
    Be it ever so humble,
    There is no place like home.

    45. پئسا ئي پاڻيءَ ۾. (ورجيس)
    پئسو، خرچڻ ڪرڻ ۾ ساٿي رهي ٿو، جنھنڪري سڀڪو کيس جان کان وڌيڪ حفاظت سان رکندو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ جيڪڏهن اهو موراڳو دريا بُرد ٿي وڃي ۽ وري ملڻ مشڪل ٿي وڃي ته پوءِ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي.
    مطلب:
    45.1 جنھن ڪم تي سيڙپ گهڻي ڪجي ۽ منجهانئس اڳتي هلي نفعي بدران نقصان پوي ته ان لاءِ تمثيلن ائين چئبو آهي؛ ”پئسا ئي پاڻيءَ ۾ ويا.“

    46. پئسي بنا پرشاد، ڏيئي ٻائو هريرام ڪينڪي. (پھاڪو)
    مندرن ۾ ڀنڊارا هوندا آهن، جتان غريب غربن، رکوالن ۽ يتيمن لاءِ روٽي ويندي آهي، جنھن کي پرشاد چئبو آهي. پئسي ۽ ڌن دولت ۾ وڏو چمڪو آهي. اهو غريبن ۾ ورهائجڻ وارو پرشاد به پئسي وارن کي تبرڪ طور اوليت جي بنياد تي ڏنو ويندو آهي. پوءِ غريبن کي انھيءَ ثواب/خير مان مستفيد ٿيڻ لاءِ موقعو فراهم ڪيو ويندو آهي.
    دنيا ۾ پئسي جي بازي آهي. دنيادار، وڏو پير يا مرشد سمجهن ئي پئسي کي. ٻيا ته ٺھيو خود ٽڪاڻيدار ۽ گديسر، جيڪي پاڻ کي نرموهو سڏيندا آهن، سي پڻ هن مرض ۾ مبتلا آهن. ڪڻاهه جو ڪڻڪو ۽ پوري پرشاد به مالدارن ڏانھن اوليت ڏئي وڌائيندا آهن.
    مطلب:
    46.1 پئسي جو وڏو مان آهي.
    46.2 پئسي بنا پرشاد، ھرو ڏئي نه ھٿ ۾.

    47. پيٽ ۾ بک، ارهه ۾ آڪڙ. (ورجيس)
    پيٽ ۾ بک هئڻ سان، اُرهه مان آڪڙ نڪري ويندي آهي. تنھن هوندي به جيڪڏهن ڪير ڪري ٿو ته پوءِ پڪ کيس مار کائڻ جو شوق ٿيو آهي.
    هڪڙا ماڻھو پيٽ ۾ بک هوندي، آڪڙ کان ڪم ڪار نه ڪندا آهن. گهر ۾ پيا بک مرندا ۽ جک ماريندا. سڃي شان تي ڳنڍ ٻڌي، نه نوڪري ڪندا ۽ نه ڌنڌو ۽ واپار ڪندا. گهر ۾، بک تي ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي ويھڻ ۾ پاڻ کي پيا تيسمار خان سمجهندا. هٿ جي پورهئي لاءِ چئبن ته پيا وڏونھن ڪڍندا ۽ ٽيئڙ تپ پيو چڙهندن ۽ چڙي چڙي پيا ڳالھائيندا.
    مطلب:
    47.1 پيٽ ۾ بک، اره ۾ آڪڙ؛ مار کائڻ جي نشاني.
    48. پيٽ ۾ نانھه روٽيان، سڀئي ڳالھيان کوٽيان. (چوڻي)
    جسم جي سمورن عضون کي رطوبت ۽ طاقت جا جزا، پيٽ جي ذريعي ملن ٿا. پيٽ ۾ ڪجهه پوندو ته ٻارڻ (Fuel) وانگر سمورن عضون کي ورهائجي ملندو. پيٽ ۾ ڪين هوندو ته ٻيا عضوا به ڍرا ٿيڻ لڳندا. ڪنھن به ڪم لاءِ دلچسپي پيدا نه ٿيندي. ڪم جي ڳالهه ٻڌي، بيزاري پئي محسوس ٿيندي.
    پيٽ کي ڀرڻ لاءِ روٽي کپي. روٽي ايتري به نه کپي جو پيٽ کڻڻ به مشڪل ٿي وڃي. ايڏي به پيٽ کي بک نه ڏجي جو ماڻھو ايمان مان نڪري وڃي.
    مطلب:
    48.1 اَنُ ته ايمان، بک ته بي ايمان.
    48.2 پيٽ ۾ لُل، ملڪ ۾ هُل.

    ج

    49. جاڏي پير، تاڏي خير. (دعائيه جملو)
    دنيا جي ڪار وهنوار ۽ سفر حضر ۾ پير پائڻ کان اڳي، سوچڻ سمجهڻ گهرجي ۽ پوءِ پير پائڻ گهرجي. تنھن کان پوءِ به ڌڻيءَ سڳوري کان مدد وٺڻ گهرجي. مڄاڻ جنھن اڻ ڏٺي ديس جي سفر تي اسھجي ٿو، ان مان ڪي مونجهارا ۽ مشڪلاتون پِڙ نه پون.
    هر ماڻھو، هر گهڙيءَ ڄڻ ڪنھن نئين سفر تي آهي. اهو ئي سبب آهي جو وڏڙا ۽ پير فقير، هر وقت اها ئي دعا ڏيندا آهن.
    مطلب:
    49.1 هر ڪم ۾ برڪت ۽ ڌڻيءَ جي ٻاجهه گهرجي.

    50. جڏا جيئاري، مرڪندا ماري. (چوڻي)
    جيئارڻ ۽ مارڻ، ڌڻيءَ جي وس آهي. وڻيس ته جڏي ماڻھوءَ کي، جيڪو ٻين جو محتاج بڻيو بيٺو آهي، تندرست کان اڳي ماري يا پوءِ ماري. بيمار ۽ ڪمزور، چند گهڙين جو مھمان هوندي، سالن جا سال جيئي ٿو. اها به رب جي مرضي آهي. تندرست ۽ سگهو، جوانيءَ جي ٻل تي، گهڻي عمر ماڻڻ وارو معلوم ٿيندو آهي. جڏهن ته چند ڏينھن کان پوءِ زماني جي حوادث ۽ بيمارين بڙين جو شڪار ٿي، جڏي کان اڳي چالاڻو ڪري ويندو آهي. اها به ڌڻيءَ سڳوري جي مرضي آهي.
    مطلب:
    50.1 رب جي مرضي آهي، وڻيس ته ڪچو پٽي، وڻيس ته پڪو پٽي.
    50.2 جن جي هت گهرج، تن جي اتي به گهرج.

    51. جڏهن آئي جوءِ، تڏهن گيان گوش اُتِ ٿيوءِ. (چوڻي)
    گيان؛ ڌيان، سوچ ويچار.
    گوش؛ ڪن، ڳالهه ٻڌڻ، ورنائڻ.
    ماڻھو جيسين ڇڙو آهي، تيسين ته پيو سنگت ۾ سرڪيون ڀري ۽ پنگت ۾ پِڪون پيئي. جيئن ئي شادي ڪيائين ۽ ڪن-ٽوپي پوئتان لڳس، تيئن ئي اهي مستيون ۽ الوليون وسري ويندس. ائين پيو چاهيندو ته جيڪر پنگت کان پاند ڪترائي وڃي راڻيءَ سان رهاڻيون رچايان.
    مطلب:
    51.1 گهر پيا، گهنگهر پيا.
    51.2 شاديءَ کان پوءِ، رلڻ پنڻ بند ٿيو وڃي.

    52. جنڊ کڻ ته جنڊ ڳؤرو، پُـڙ کڻ ته پُڙ ڳؤرو. (ورجيس)
    زندگيءَ جا ڪي معاملا اهڙا هوندا آهن، جن جا ٻئي پاسا ڀاري هوندا آهن. ماڻھو هڪڙي پاسي کي ڳؤرو سمجهي ڇڏي ڏيندو آھي ۽ ٻئي کي هلڪو سمجهي وڃي چنبڙندو آهي. جڏھن ته اهو به جلد ڇڏڻو پوندو اٿس. اهڙيءَ ڏکيءَ حالت کي جنڊ جي ڳؤراڻ ۽ سندس پـُڙ يا تونئر جي ڳؤراڻ سان مشابھت ڏنل آهي. ماڻھو جنڊ کي ڳؤرو سمجهي، چي؛ ’پڙ هلڪو آهي، سو کڻان‘ ۽ اهو به ڳؤرو هئڻ سبب ڦٽو ڪري ته پوءِ ائين محسوس ڪندو.
    مطلب:
    52.1 ٻن باهين ۾ ڦاٿل لاءِ، ائين ڪتب آڻبو آهي.
    52.2 اڳيان باهه، پويان پاڻي.
    52.3 هڻ پيرن ڀر ته بيٺو آهي مٿي ڀر، هڻ مٿي ڀر تي بيٺو آهي پيرن ڀر.
    52.4 اڳيان درياهه جي موج، پويان فرعون جي فوج.
    52.5 اڳيان ڀت، پويان پاڻي، بغداد مُنيءَ ۾.
    52.6 Between devil and deep sea.

    53. جنھن جي هٿ ۾ ڏوئي، بک مري سو ئي. (چوڻي)
    ڀنڊاري ۾ يا خيرات جي ماني ورهائڻ ۾، ڏٺو ويو آهي ته ورهائيندڙ، ماڻھن جي طعنن تنڪن جي ڀَـوَ کان، پيو ورهائيندو آهي. سمورا وٺي ويندا آهن ۽ پوءِ ٻيا وٺڻ لاءِ ايندا آهن. پنھنجي لاءِ نه رکي، سڀني کي ڏيندو آهي. گهر ۾ به جيڪڏهن، وڏڙي ويھي ونڊيدي ورهائيندي آ ته آخر ۾ پنھنجي لاءِ فقط ڪنو چٽڻ لاءِ بچندو اٿس.
    مطلب:
    53.1 ورهائڻ واري لاءِ، پنھنجو حصو به نه بچندو آهي.
    53.2 جنھن جي هٿ ۾ ڏوئي، ڍَوَ ڪري سو ئي. (ابتو).
    53.3 جنھن جي هٿ ۾ ڏوئي، دوزخ وڃي سو ئي. (ابتو).

    54. جنھن ساه ڏنو آهي، سو گراه به ڏيندو. (چوڻي)
    گراه؛ گره، نوالو، روزي روٽي.
    دنيا جي تختي تي موڪلڻ کان اڳ ۾ ئي، رب پاڪ ماڻھوءَ جي روزيءَ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا لوچي کيس لھڻي آهي، جنھن لاءِ کيس ٻه هٿ، ٻه پير ۽ دماغ به عطا ڪيو اٿائين.
    ان جي برعڪس ٽوٽي ماڻھو، رڳو لال جا آرسي بڻجي، ٻانھن سيراندي ڪري ستا پيا هوندا آهن ۽ پوءِ ويٺا چوندا آهن؛ ”پاڻھيئي غيب مان ڍاڪون ڍڪجي ايندو، ڇو جو جنھن پيدا ڪيو آهي، سو پاڻھيئي کارائيندو. هڪ در بند ڪيو اٿائين ته پنج وري ٻيا پٽيندو.“
    بيشڪ ڏيڻ وارو ته رب پرور ئي آهي. تنھن هوندي به شينھن وانگر لوچي لھجي، لومڙيءَ وانگر نوسي پرائو نه تڳائجي.
    مطلب:
    54.1 روزي ڏيڻ، رب ڪريم جي ذمي آهي.

    55. جھڙو گهر، تھڙو پر. (ورجيس)
    گهر: گهر ۾، پنھنجي علائقي ۾.
    پَـرُ؛ پرديس ۾، پرائي گهر ۾.
    هڪڙا ٻار، گهر ۾ ته چلولا ۽ حرڪتي هوندا آهن. گهر جو ڪو به ٽپڙ، سندن هٿ جي نشاني کان، بچيل ڪين هوندو آهي. اهي جڏهن پرائي گهر هلندا آهن ته ڏاڍا معصومڙا ۽ شريفڙا ٿي پوندا آهن.
    ان جي برعڪس ٻيا ٻار اهڙا آهن، جيڪي گهر ۾ به شريف ته ٻاهر پڻ. يا گهر ۾ به حرڪتي ته پرائي گهر ۾ به ساڳي هٿ-کينس هوندي اٿن. اهڙن ٻارن لاءِ ائين مثال ڏبو آهي.
    مطلب:
    55.1 ماحول جي مَـٽَ سٽ جو اثر نه وٺندڙ.

    56. جھڙي ڇالي، تھڙي پني، هُن لاهي هُنَ کي ڏني. (پھاڪو)
    ڇالي ۽ پني، اکين جي بيمارين جا نالا آهن. ٻنھي ۾ اکيون اٿي ڇالا ٿي پونديون آهن. هڪ مان بيزار ٿي ٻيءَ جي تمنا ڪرڻ واري کي، ساڳي ئي تڪليف ٿيندي.
    مطلب:
    56.1 جھڙو هڪڙو ڪلڇڻو يا بدمعاش آهي، تھڙو ئي ٻيو به ڪلڇڻو ۽ بدمعاش آهي.
    56.2 جھڙي ڇالي، تھڙي پني، جھڙو گھوٽ، تھڙي وني.
    56.3 ڀيٽيو؛ نڪا گهٽ گهوٽ ۾، نڪا ڪمي منجهه ڪنوار.

    57. جيڏا شھر، تيڏا قھر. (چوڻي)
    شھر، ڳوٺ جي ڀيٽ ۾ هڪڙي گوناگون وستي آهي. جتي منجهس انيڪ سھوليتون ۽ آسائشون آهن، اتي منجهس خرابين ۽ براين جا به انبار آهن. ڪيئي، ڏينھن ڏٺي جو ٿيل، گناه/ قتل لڪيو وڃن. ديناداستيءَ لٽيل، عزتن جو تدارڪ ڪو نه ٿئي. ننگ ناموس، اڻ لکو غير محفوظ رهي ٿو. ان حساب سان شھرن ۾ قھر ۽ قيس ٿين ٿا. ڦورو ويھي ڦولهه ته الامان والحفيظ لڳي پئي آهي.
    مطلب:
    57.1 شھر جيڏو وڏو، منجهس پاپ ۽ ڪڪرم، انياءَ ۽ پاکنڊ جو پرچار به اوڏو وڏو.

    58. جيڪو پيئي تَـرو، تنھن کي تپ نه ٿئي ٻَـرو. (چوڻي)
    آڳاٽي دور ۾، ڳوٺن ۾ وڏڙيون ويچاريون اگهن ٻارن/ ٻڍن لاءِ، پاڻ ستيون ڦڪيون گهوٽينديون ۽ ڇاڻينديون هيون. ڪن سُـتين جو سَتُ ڪڍبو هيو ۽ ڪي گهوٽي پاڻيءَ ۾ پيئبيون هيون ته ماڻھو چاق ٿي پوندو هيو.
    پاڻيءَ ۾ ملڻ جي باوجود ڪن سُتين جو سفوف، ڳرندو ڪين هيو پر ترو وڃي وٺندو هيو. تڪڙو پيئڻ سان، اتاڇرو پاڻي ته ٻار پي ويندا هيا پر تري ۾ رهيل ڪڙو سفوف رهجي ويندو هيو. بيمار لاءِ اهو سفوف پيئڻ ضروري سمجهندي وڏڙيون ائين چونديون هيون.
    مطلب:
    58.1 چاق ٿيڻ لاءِ، ڪڙي دوا پيئڻي پوندي.
    58.2 موالي به گهوٽيل ڀنگ جي جوڳ ۾ پاڻي ملائي پيئڻ وقت، مرم پرچائڻ لاءِ نعرو هڻندا آهن؛ جيڪي پيئن ترو، تن کي سور نه ٻرو.

    59. جيڪو مڙيو، سو جُـڙيو. (چوڻي)
    جهيڙي، بحث ۽ تڪرار/ ضد مان ڪي ڪين وريو آهي. دانائي، مڙي وڃڻ يا صبر ڪرڻ ۾ آهي. صبر سان، ڏکيا ڪم به آسان ٿي پون ٿا. جهيڙي ڪرڻ سان پنھنجي جان به جوکم ۾ وجهڻي آهي.
    مطلب:
    59.1 پنھنجي پاڻ کي سوا سير سمجهي تڪرار ڪرڻ کان بھتر آهي ته مڙي وڃجي.
    59.2 جن ڇڏي دعوى، سي ٿيا سدا ساوا.
    59.3 صبر جن جو سيڱ، تير نه گسي تن جو.

    60. جيڪو ٻن زالن جو ور، تنھن جو مساڻن ۾ گهر. (چوڻي)
    جتي ٻه پھاڄون هڪ گهر ۾ هونديون، تِتي ٽِڙ ڦِٽڙ ضرور هوندي. هر ڪا سياري جي سوڙ پئي پاڻ ڏانھن ڇڪيندي. هر ڪا پئي مڙس ۾، پنھنجو حق وڌيڪ سمجهندي. وڏي ۽ ڪراڙي چوندي؛ ”مون اجازت ڏنيمانس تڏهن پرڻيو. هاڻي منھنجي چوڻ تي هلي.“ ننڍي نيٽي پئي چوندي؛ ”مون کان سواءِ چُري ڪو نه ٿو سگهي. وڏيءَ ڏانھن ارواح ئي ڪو نه ٿو وريس. تنھنڪري جيئن مان چوان تيئن ٿئي.“ ائين مڙس جي زندگي ئي زهر ڪري ڇڏينديون. پاڻ پنھنجي پنھنجي جاءِ تي ڪانڊاريون، ويچاري مڙس لاءِ ويل ويھاري ڇڏينديون.
    مطلب:
    60.1 ٻن جوئين جو ور، تنھن جو جيئري ئي جھنم ۾ گهر.
    60.2 ٻه- جوئيو ٿيڻ کان، ٽوهيو ٿيڻ چڱو.
    60.3 جتي ٻه ڀانڊا هوندا، تتي ٺڙڪا ۽ کڙڪا پڻ هوندا.

    61. جيڪو رُسي، تنھن جو ڀاڱو سسي. (چوڻي)
    گهر ۾ جيڪا شيءِ ايندي آهي، سا حصي رسيءَ سان گهر ڀاتين ۾ ورهائجندي آهي. اهڙي موقعي تي جيڪڏهن ڪو گهر ڀاتي، ٻارائپ ڪري رسي يا گهڻو گهرڻ لاءِ کيٽو ڪري، تڏهن هر ڪو سندس انھيءَ رويي تي پريشان ٿئي. جيڪڏهن کيٽي ڪرڻ وارو ٻار، سڀني جو دادلو آهي ته پوءِ سڀ پيا پنھنجي ڀاڱي مان حصو ڏيندس. جيڪڏهن ٻار دادلو ناهي ۽ ائين کيٽو ڪيو اٿائين ته پوءِ خار ۾ ڪو نه ڪو ڀاتي سندس ڀاڱو اهو چئي کائي ڇڏيندو آهي ته؛ ”نه ٿو کائي ته نه کائي، رکي وڃائڻ کان، مان ٿو کائي ڇڏيان!“
    مطلب:
    61.1 حصي وٺڻ تي ڪِلڪل/ گھپي يا کيٽو پٿيرڻ نه گهرجي. ان سان ايندڙ ڀاڱو به رُسي/ سُسي ويندو آ.

    62. جيڪي وٽيو، سو کٽيو. (ورجيسي جملو)
    وٽيو؛ حاصل ٿيو، نفعو مليو.
    کٽيو؛ ماڻيو، پلئه پيو، غنيمت.
    دڪاندار کي سڃي/کٽل گراهڪ مان، ڪنھن اڌوراڻي يا ڪسي شيءِ جي بدلي جيڪي ملي سو غنيمت سمجهڻ گهرجي. رپئي جي بدران ڇھه آنا ملنس ته به ڄڻ کٽيائين.
    مطلب:
    62.1 دڪاندار لاءِ رکي پڇتائڻ کان، ڏئي پڇتائڻ چڱو آهي.
    62.2 ڀڳل/عيب/ نقص واري شيءِ جي بدلي، جيڪي مليو سو غنيمت.

    63. جيئن ٿـڌ، تيئن وڌ. (ورجيس)
    هر معاملو گرميءَ تي اڀامندو ۽ واڌ کائيندو آهي. ٿڌ سان ٿڌو ۽ ماٺو ٿيندو آهي. تنھن هوندي به ڪي اهڙا مرحلا يا معاملا آهن، جيڪي ٿڌ پوڻ سان ماچ کائيندا آهن. جيئن ٿڌ پوڻ سان زيتون جو فصل طاقتور ۽ ڀلو ٿئي. ٿڌ پوڻ سان، اُٺَ به دِلي ڪڍي مست ٿين. اهڙيءَ طرح چريا به ٿڌ ۾ مست وڌيڪ ٿيندا آهن. مٿن چريائپ جا دؤرا ٿڌ ۾ ئي سبيل پوندا آهن.
    جيڪي معاملا ٿڌ تي وڌيڪ اسرن، تن کي چرين سان مشابھت ڏيڻ لاءِ، ائين چئبو آهي ته، ”فلاڻي جو معاملو يا طبيعت ائين آهي؛ جيئن ٿڌ، تيئن وڌ.“
    مطلب:
    63.1 ”چريا ڪيئن؟“ چي؛ ”جيئن ٿڌ، تيئن ويرؤن وير وڌ“.

    ڄ

    64. ڄاٽا، ابتا ڏاٽا. (چوڻي)
    ڄاٽو؛ نياڻو، ناٺي، ڌيءُ جو وَرُ.
    ناٺيءَ جو پنھنجي زال سان ڪيل ورتاءُ، ساهرن تي اثر انداز ضرور ٿيندو آهي. زال سان چڱو نه هليو يا ٻين معاملن ۾ ساهرن سان چڱو نه هليو ته به ڌيءَ جا والدين ويٺا، ڌيءَ جي ڪري سھندس. ڪي نياڻا ته ساهرن جي انھيءَ مجبوريءَ مان فائدو وٺندي، پيا مڏيءَ ڪاتيءَ سان سندن ماس ڪوريندا آهن.
    مطلب:
    64.1 ڄاٽا، ڏاڍا ڏنڀ ڏيندڙ هوندا آهن.
    64.2 ڏاٽي وَرُ هڪڙو، ڄاٽي وَرَ ويھه،
    شل نه ڄمي ڌيءَ، جو ڏجي پرائي پٽ کي.

    65. ڄٽ ڇا ڄاڻي، ڪڻڪ جي مانيءَ مان. (پھاڪو)
    ڄٽ؛ جاهل ماڻھوءَ کي اخلاقي قدرن جي ڄاڻ نه هوندي آهي، تنھنڪري عزت ۽ مان جو به قدر نه هوندو اٿس. خوشامد ڪري جيڪڏهن چڱو طعام پيش ڪبو اٿس، ان منجهان به پيو عيب ڪڍندو آهي. جڏهن ته کيس گهر ۾ کائڻ لاءِ جوئر جو ڍوڍو يا ٻاجهريءَ جي ماني به نه هوندي. پيش ڪرڻ تي، پيو ڪڻڪ جي اوڦراٽي مان عيب ڪڍندو.
    مطلب:
    65.1 نيڪيءَ جي بدلي ۾، اڳلو قدر ڪرڻ بجاءِ ڪانڊائي/ اھنڊائي ڪري ته ائين چئبو آهي.
    65.2 جاهل ماڻھو، نا قدرو ٿيندو آهي.
    65.3 ڄٽ ڇا ڄاڻي، چڱائيءَ مان.
    65.4 ڪتو ڇا ڄاڻي، ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
    65.5 باندر ڇا ڄاڻي، بصرن جي سواد مان.

    66. ڄٽي نون رونا ياران نون،
    لي لي نانءَ ڀراوان نون. (پنجابي، پھاڪو)
    ڄٽي؛ جٽي، جٽ قوم جي جوانڙي.
    هڪڙيءَ جٽي عورت جو هڪڙي رانجهن سان روح رليل هيو. هڪ دفعو ڪمائيءَ خاطر سندس ڀائر ۽ اهو رانجهن رلجي، ڪنھن سفر تي ويا. ڏاڍا ڏينھن لاتائون. اها جوان عورت، پنھنجي محبوب کي ياد ڪري پئي پسارا ڪڍندي هئي. چپن تي ڀائن جا نالا هوندا هيس پر اندر ۾ رانجهن جي ياد هوندي هيس.
    مطلب:
    66.1 جيڪو بظاهر ٻين لاءِ روئي ۽ اندران پنھنجي غرض هجيس، تنھن لاءِ ائين چئبو آهي.
    66.2 اندر ۾ هڪڙي، ٻاهر ۾ ٻي.
    66.3 زبان تي الله الله، دل ۾ ڳئون ۽ گڏهه.

    67. ڄٽيءَ پسايو سُٽ، واڻيي وڌس وٽي،
    ڄٽيءَ ليکي واڻيو ڦريو، واڻيي ليکي ڄٽي. (پھاڪو)
    ڄٽي؛ مسلمان عورت، ٻھراڙيءَ جي سٽ ڪتيندڙ اٻوجھ عورت.
    واڻيو؛ دڪاندار، واپاري، چالاڪ.
    الف) ٻھراڙيءَ جون اٻوجھ عورتون، سٽ ڪتي دڪاندار وٽ کپائڻ اينديون ھيون. ان ۾ ٻيو ڪجھ نه رڳو پاڻيءَ ذرو ملائينديون ھيون، جيڪو آلاڻ سبب، واڻيو معلوم ڪري ويندو ھيو. ان ڪري اگھ ماري ۽ تور کاري، پوءِ وٺندو ھين.
    ب) پاڻ-هرتڙيون مايون، گهران نڪري خريداري ڪنديون آهن. مڙسن کي چونديون؛ ”نه ڪپڙي جي ٿي خبر پئيوَ ۽ نه ئي اگهه جي ڄاڻ اٿوَ. اهي دڪاندار اوهان جي سڪي پاڪيءَ سان ٿا سيرب ڪن! اوهان ويھو گهر جي سنڀال تي، اسان ٿيون خريداري ڪري اچئون. ڏسئون ته ڪيئن ٿا دڪاندار ڪسي شيءِ، مھانگي ڪري ڏين!“
    خريداريءَ کان پوءِ خوش هونديون آهن ته واڻيي کي ڦري آيونسين. ويچارين کي واڻئي جي وڪڙن ۽ اٽڪلن جي خبر ئي نه هوندي آهي. پاڻ ته ٻارهين مھيني واڻيي وٽ آيون آهن. جڏهن ته واڻيو ڏينھن ۾ اهڙين سوين مت جي موڙهيلن جا مٿا پيو ڪوڙي.
    مطلب:
    67.1 چالاڪ جي چالاڪيءَ آڏو، مت موڙهيل ۽ اڻ ڀوميو پاڻ کي تيسمار سمجهي ته ائين مثال ڏبو آهي.

    جهه

    68. جهنگ جهر جي جهرڪي، جهٽي وئي جهار. (پھاڪو)
    جهنگ جهر، جهرڪين جي چرڻ کان گهڻو آهي. تنھن هوندي به جيڪڏهن جهار نه هڪلبي ته سڄيءَ ٻنيءَ مان هاريءَ کي ڪڻو ڪو نه نصيب ٿيندو. جهار ۽ جهرڪي سڄي فصل کي ائين اڏار ڪري ويندس جو ڪڻو نه ملندس نالي کي.
    اهڙيءَ طرح ڪي معاملا لڪائڻ سان به ڪين لڪندا آهن. تو مان جي وات تي اچڻ کان پوءِ، سڄي ملڪ ۾ پيا وڄندا آهن.
    مطلب:
    68.1 ڳجهي ڳالهه پڌري ٿي پوي يا ٽياڪڙ نوس نوس ڪري کوج ڪري ڀيد هٿ ڪري ته ائين مثال ڏيندا آهن.

    چ

    69. ”چريا! چيڙايان!“ چي؛ ”چيڙاءِ!“ (پھاڪو)
    چريي کي چيڙائڻ لاءِ، کانئس پڇڻ جي ڪا ضرورت نه هوندي آهي. هو ته اڳيئي ڇريو وتندو آهي. ڪا ڳالهه ڏسي به پاڻ مرادو پيو ٻين سان کينس ڪندو.
    خارباز نوجوان کي چيڙائڻ ۽ پوسرائڻ سان، آپي کان ٻاهر ڪڍي سگهجي ٿو. بھتر آهي ته کيس نه پوسرائجي. موٽ ۾ ھن بدلو ورتو ته ٺاهي ٺوڪي هٿ ڳنڍيندو. پير کوڙي زهل مان ڌڪ هڻندو ته آڏاري رکندو.
    مطلب:
    69.1 چرين سان کينس نه ڪجي.
    69.2 چريو جک ماري ته به پاسو ڪري هليو وڃجي، کيس موٽ نه ڏجي.
    69.3 ڪنھن جي پسرائڻ تي پوسرجي، چڙجي نه.
    69.4 چريءَ کي چيڙائجي، چئن ڀترن خاطر.

    70. چريءَ کي چوڙو، ڪڏهن ٻانھن ۾ ڪڏهن نڪ ۾. (پھاڪو)
    چوڙو؛ ٻانھن ۾ پائڻ جو زيور آهي. بولي ۽ منڊيءَ جي ساخت، سائيز کان هٽي ڪري، لڳ ڀڳ چوڙي جھڙي هوندي آهي. ڪي چريون يا مت جون موڙهيل، چوڙي کي به پازيب، منڊي ۽ وينڊي طور پيون استعمال ڪنديون آهن.
    اهڙيءَ طرح دنيا جا معاملا به آهن. سياڻا ماڻھو، ٺھيل اصولن ۽ قانونن تي پيا عمل ڪندا آهن، جڏهن ته عقل جا سادا انسان پاڻ کي قانون ۽ اصول جو پابند ئي نه ڄاڻندا آهن. جيئن جيءَ ۾ ايندو اٿن، تيئن پيا ڪندا آهن ۽ ان کي ئي اصول/ قانون پيا سمجهندا آهن.
    مطلب:
    70.1 سادي عقل وارن لاءِ مثال جي طور تي ائين چئبو آهي.
    70.2 چريءَ کي چوڙو، ڪڏهن ٻانھن ۾ ڪڏهن ٽنگ ۾.

    71. چُلهه ۾ اُماڙي، رنڙ کي جوءِ پياري. (تڪبند چٿر، چوڻي)
    رنـڙ؛ جنھن جي زال مري وئي هجي. جنھن کي زال ناهي سو، ساڻس پيار ڪيئن ڪندو، سواءِ کيس ياد ڪرڻ جي. جڏهن ماڻھوءَ کان قدرتي نعمت کسجي ويندي آهي، پوءِ ئي تڏهن کيس احساس ٿيندو آهي ۽ جهوريءَ ۾ پيو جهڄندو آهي. سندس انھيءَ ڪمزور رڳ کي ٻار به تاڙي ويندا آهن ۽ ائين چئي پيا پوسرائيندا اٿس.
    مطلب:
    ڪي تڪبند چٿرون به آهن، جن منجهان رنڙن لاءِ اها هڪ آهي.
    71.1 عيد عيد مشالو، دشمن جو منھن ڪارو.
    71.2 عيد عيد ڄاٽي، دشمن جي چوت ڦاٽي.
    71.3 سيءُ پوي ٿو هاروهار، سمھو ڌاروڌار.
    سيءُ پوي ٿو هڏوهڏ، سمھو گڏوگڏ. وغيره.

    72. چمڙي وڃي، دمڙي نه وڃي. (ورجيس)
    دمڙي؛ ڪسيرو، ڌيلو، ڪوڏي، رائج الوقت سڪي جو انتھائي ننڍو جز.
    چمڙي؛ کل، جسم جو عضوو.
    ڪي ڪم، جان کي جوکم ۾ وجهڻ کان بچڻ لاءِ، ناڻو ڏئي ڪرائبا آهن، ڇو جو دنيا جا سمورا ڪم، اڪيلي سر ڪرڻ کان زور آهن. ونڊي ورهائي مـُلھه تي ڪم ڪرائجن ته بھتر آهي. تنھن هوندي به ڪي ڪنجوس، مکي چوس يا چم چوس ماڻھو، پاڻ کي وڏي هلاڪت ۾ وجهندا آهن پر پئسو خرچ نه ڪندا آهن.
    مطلب:
    72.1 مھا ڪنجوس کي، انھن لفظن سان مثال ڏيئي، ٽوڪبو آهي.
    72.2 مٿو ڀاڳو ساڄو ٿئي، روپيو ڀاڳيو ساڄو نه ٿئي. (ٿري، چوڻي)
    72.3 اهڙو ڪنجوس جو چي؛ ”چمڙي وڃي، دمڙي نه وڃي.“

    73. چوٿـڙو ئي چٽ. (ورجيس)
    هڪڙي ماڻھوءَ کي گهڻو مال هجي ۽ ٿورو نقصان ٿئيس ته برداشت ڪري ويندو. ان جي برعڪس، جنھن کي چوٿائي کن ان يا چانورن جي ھجي، سا به ڪنھن آپدا سبب تباهه ٿي وڃيس ته اهڙي ماڻھوءَ جو ڳاڻيٽي جي حساب سان وڏو نقصان ليکبو.
    مطلب:
    73.1 الھه تلھه ٻھارجي وڃڻ.
    73.2 ڀيٽيو: پئسا ئي پاڻيءَ ۾ وڃڻ.
    73.3 کودو ئي کوه ۾ هئڻ.
    73.4 پويان پير کاٽ ۾ هڻڻ.

    74. چور جي ماءُ، ڪنڊ ۾ روئي. (پھاڪو)
    چور، بنيادي طرح بزدل ٿيندو آهي. پڪڙجڻ کان پوءِ به ڪوڪٽ نه ڪندو آھي. جڏهن ڦاسندو آهي ته مالڪ به بدناميءَ کان پوئواري نه ڪندا اٿس. جڏهن مٿس ڏنڊا وسندا آهن، تڏهن سندس ماءُ به ڪنڊ ۾ روئيندي آهي. ظاهري طرح نه روئندي آهي ته متان ڪير کيس چور جي ماءُ ڪوٺي.
    مطلب:
    74.1 چور جي من ۾ چڙي.
    74.2 چور کي پنھنجو پاپ، اندر ئي اندر ۾، پيو کائيندو آهي.
    74.3 چور وڻ جي پاڇي کي، ٿاڻي جو چارو سمجهي، پيو کانئس ڇرڪندو آهي.

    ڇ

    75. ڇڙو، ٿڌو گهڙو. (چوڻي)
    ڇڙن جو ڪو به جھان ڪونھي. ڇڙو ماڻھو، پرڻيل جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گرم ۽ چڙچڙو هوندو آهي. ٿڌو گهڙو ٿيڻ لاءِ کيس شادي ڪرڻي ئي پوندي.
    ڪي ماڻھو شادي ڪرڻ جي پاڻ ۾ هام نه ڀانئيندا آهن. شادي ڪرڻ سان ٻارن جي جنجهٽ ۾ پنھنجي جان جلائڻ آهي. پاڻ کي ٿڌي گهڙي سان تشبيھه ڏيڻ جھڙا اصطلاح به دليل جي طور تي پيا گهڙيندا ۽ ٻڌائيندا آهن.
    مطلب:
    75.1 ڇڙي کي نه ڪو جنجهٽ نه ڪا ڳڻتي.
    75.2 ٿڌو گهڙو پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکرائي.
    75.3 زال زحمت، ٻار ٻرو، وس پڄئي گھم ڇڙو.
    75.4 ڇڙي کي نڪا جهوري جهنگ جي، نڪا ثمر/سمر سندي تات.

    ڌ

    76. ڌڪ لڳي هڪڙي کي، ته روئن ٻيا،
    اچن جي ٽيان ته ڳوڙها ڳاڙيندا وڃن. (ڳجهارت، پھاڪو)
    هيءَ هڪ ڳجهارت آهي، جنھن جي ڀڃڻي آهي؛ نار.
    نار، کوهه جي مٿان چاڙهبو آهي. نار جي ڍينگي تي لوٽين جي مالهه ڦرندي آهي، جيڪا کوهه مان پاڻي ڪڍي نيسر ۾ اڇليندي آهي، جتان پاڻي ڪسيءَ/هود ۾ ويندو آهي. ڍينگي کي ڦيرڻ لاءِ چڪر رکيل هوندو آهي، جنھن کي ڏاند ذريعي گهمائبو آهي.
    ڌڪ ڏاند کي لڳندو آهي، جنھنڪري ھو ھلڻ لڳندو آھي. سندس ھلڻ سان، چڪر ۽ مالھه ڦرندي آهي ۽ چيچٽ سان آواز ڪندي آهي. مالھه جي ڦرڻ سان ڀريل لوٽيون مٿي اينديون آهن ۽ نيسر ۾ پاڻي ڳاڙينديون وينديون آهن.
    مطلب:
    76.1 ربط ۽ تعلق جو سلسلو جڙيل هوندو آهي ته هڪ جو اثر ٻئي تي ۽ ٻئي جو ٽئين تي پوندو آهي.
    76.2 ڀيٽيو؛ بار گڏھ تي هينگي کوتي.

    77. ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي،
    وار ته ڦڻي، نه ته ڪوڙاءِ کڻي. (پھاڪو)
    ڌڻ؛ ٻڪرين يا رڍن جو ولر، ڌارڻ سولو پر سنڀالڻ ڏکيو آهي، ڇو جو رڍ ۽ ٻڪري ڪمزور به ٿيندي آ ۽ طبعاً پاڻ ھُرتڙي به ٿيندي آهي. هر وقت سار سنڀال نه ڪبي ته ڌڻ رلي ويندو.
    وار به ڦڻي ڦوڪاري سان تازا توانا ۽ سينگاريل رهن ٿا. ٻي صورت ۾ ٻڦي ۽ جوئن جي رهائشگاهه بڻجي وڃن ٿا.
    مطلب:
    77.1 ڌڻ ڌارجي ته ڌڻين جيان ٽھل به ڪجي. وار رکرائجن ته ڦڻي ڦوڪارو ۽ سينڌ سرمو به ڪجي.
    77.2 جيڪو هٻڇ ڪري سامان سڙو وٺي اچي پر صفائي سٿرائي ۽ ٽھل ٽڪور نه ڪري تنھن کي مثال ڏئي ائين سمجهائبو آهي.
    77.3 کيتي، سر سيتي.

    78. ڌوٻي ڌوئي، مالڪ روئي. (پھاڪو)
    ڌوٻيءَ کي مزدوريءَ سان غرض آهي. ڪپڙن کي ڌوئي، فقط پنھنجي مزدوريءَ کي کري ڪرڻ لاءِ ٿو. جيترا گهڻا ڪپڙا، ڏينھڪ نيڪال ڪندو، اوتري مزوري جڙندس، تنھنڪري سندس ڪوشش اها هوندي آهي ته هڻ-وٺ ڪري، سٽي ڪٽي جلد پلد ۾ گهڻا ڪپڙا ڌوئان. پوءِ ٿاڦي تي، ڌڪ پاڻي ڌڪ ٿاڦو ڪري، زور سان پيو ڪپڙا سٽيندو، جنھنڪري اڻ جهالائو ڪپڙا ته ليڙون ليڙون ٿي وڃن پر ڏاڍا ۽ چڱيرڙا به چھڪن کان آجا نه رهن. نتيجتًا ڪپڙي جي مالڪ لاءِ، سواءِ روئڻ جي ڪو چارو ئي نٿو رهي.
    مطلب:
    78.1 شيءِ جو قدر، مالڪ کي ٿيندو آهي.

    79. ڌيءُ وجهجي ڪکين، وڃي پوي لکين. (چوڻي)
    ڌيءُ، پرائو ڌڻ آهي، کيس هر حالت ۾ شينھن ڪلھي چاڙهڻو آهي. کيس وَرُ شانائتو ڏجي ته جيئن سدائين لاءِ سکي رهي ۽ والدين کي دعائون ڏيندي رهي. اڪثر ماڻھو، انھيءَ ڳولھا ۽ سوچ ويچار ۾ ئي، نياڻي ويھاري مٿو اڇو ڪري ڇڏيندا آهن.
    نياڻي واري لاءِ بھتر آهي ته اگر سکيو ستابو گهر نه ٿو مليس ته ڪکائين گهر ۾ به نياڻي ڏئي بار لاهي ۽ مالڪ ۾ اميد رکي. مالڪ جي مھربانيءَ سان، پير رکندي ئي گهر ۾ خير برڪت ايندن ۽ لکن وارا ٿي ويندا.
    مطلب:
    79.1 ڌيءُ اٿارڻ لاءِ ضروري ناهي ته لکن وارو نياڻو ملي ته اٿارجي. توڪل ڪري اٿاري ڇڏجي ۽ اميد رکجي ته مالڪ ڀاڳ ڀلو ڪندس.
    79.2 (مِٽي مائٽي) لوڻ جي ڏسي ڪجي، کنڊ جي ٿي پوندي.

    ڏ

    80. ڏنو، ٻنو. (چوڻي/پھاڪو)
    جيڪا دان پڃ يا خير خيرات ڏجي ٿي سا آيل يا ايندڙ آفتن کي روڪڻ لاءِ بند/ ٻنڌ يا ٻنو آهي.
    بيماريءَ وغيره ۾ صدقو ڪڍڻ يا خيرات ڪرڻ سان، صحت موٽي ملي ٿي. جان جو صدقو، ائين به ڪڍندو رهجي. صدقو، ردِ بلا آهي.
    مطلب:
    80.1 جيڪي ڪڻا پوکڻا آهن، سي هتي ئي پوکجن ته جيئن آخرت جو ڀلو ٿئي.
    80.2 ڏي ڪڻو، ملئي گهڻو.
    80.3 ڀيٽو؛ ايڪ ديوي، دس پاوي.

    81. ڏي ڏالي، ملئي مالي. (چوڻي)
    ڏالي؛ ڏال ڏيڻ، خير ڪڍڻ.
    مالي؛ مال ۽ ملڪيت.
    دنيا جو ڪار وهنوار، ڏيڻ وٺڻ سان هلي ٿو. ٻين کي تحفا تحائف ڏبا ته اهي به نوازيندا. ٻين تي خرچ ڪبو ته اهي به خرچ ڪندا. سھوليتون ڏئي مراعتون حاصل ڪجن ٿيون.
    آفيسرن وغيره ۾ رڪيل/ ڦاٿل ڪم به ڏني وتي کان سواءِ نه ٿا اڪلائجن. هڪ هٿ سان ڏئي، ٻئي سان وٺجي ٿو.
    مطلب:
    81.1 رشوت ڏيڻ سان، ناجائز مراعتون حاصل ڪرڻ واري لاءِ، ائين مثال ڏئي سمجهائبو آهي.
    81.2 ڀيٽيو؛ ڏنو، ٻنو.

    82. ڏي ڪڻو، ملئي گهڻو. (چوڻي)
    دنياداريءَ جي سودي ۾ جيترو ڏبو، اوترو ملندو. مالڪ مھربان سان ڪيل واپار اندر، ڏهه دنيا ۽ ستر آخرت ۾ ملڻ جي اميد آهي ۽ ملن به ٿا. ڪڻو ڏجي ٿو ته بعضي خرار به مليو وڃن. ڪڏهن ڪڏهن ته ڏيڻ جو ارادو ڪرڻ سان به ڪيچ ٿيو وڃن. ڇو جو هو مال کي نه ٿو ڏسي، بلڪ دل کي ڏسي ٿو. جھڙيءَ دل/ نِيَتَ سان خيرات ڪبي، اُهڙي ئي نِيتِ (Formula) سان دنيا ۽ آخرت ۾ بدلو ملندو.
    مطلب:
    82.1 رب جي راهه ۾ خرچ ڪيل ڪڻي مان، خرارَ اَنَ جا ملي وڃن ٿا.
    82.2 ڀيٽيو؛ ايڪ ديوي، دس پاوي.
    83. ڏينھان پگهارو، راتيان پارو. (ورجيس)
    چِٽَ جي موسم ۾ ڏينھن تکا ۽ راتيون ٿڌيون ٿينديون آهن. رات جو پارو ۽ ٿڌ پوندي آھي. ٻاهر سمهه ته سيءُ، اندر سمهه ته رُگهه. اندر پکو هلاءِ ته زڪام، ٻاهر سوڙ لٿي ته بخار آيو. ڏينھن جو تکي اس تي ويتر طبيعت خراب ٿئي. يڪدم ٿڌ وري يڪدم گرمي، طبيعت کي لوڏي وجهنديون آهن.
    مطلب:
    83.1 ان مند لاءِ ائين چئبو آهي جنھن ۾ رات ٿڌي ۽ ڏينھن گرم ٿئي.
    83.2 ڦڳڻ ڦوسارو؛ راتيان پارو، ڏينھان پگهارو. (چوڻي)

    84. ڏينھن، شينھن. (چوڻي)
    شينھن؛ جهنگ جو اهو دلير جانور آهي، جنھن کان مڙئي جانور پيا ڪَـوَ کائيندا آهن. ڏينھن کي به شينھن سان مشابھت آهي. ڏينھن ڏٺي جو، بزدل ماڻھو به پيو شينھن وانگر دلير ٿيو گهمندو آهي.
    ڏينھن؛ روشنيءَ سان منور آهي، روشني حق ۽ سچ جو مظھر آهي. حق ۽ سچ بزدليءَ کي دور ڪري دلير بڻائيندو آهي ۽ دليري، شينھن جو خاصو آهي.
    مطلب:
    84.1 مسافري وغيره تي رات جو ڪير به نه نڪرندو آهي ۽ ڏينھن جو نڪرڻ لاءِ ائين دليل ڏيندو آهي؛ ڏينھن، شينھن آ.

    ذ

    85. ذرڙي جونءِ، سڀ جي نُھنِ. (پھاڪو)
    جونءَ؛ مٿي جي وارن ۾ رهندي ۽ وڌندي ويجهندي آهي. وار جي پاڙ ۾ گهر ڪري پئي رت پيئندي آهي. جنھن جي وارن ۾ هوندي، تنھن جا نُھن ته پيا ڳولھيندس ۽ ڦلھوڙيندس پر مٿي ويڙهڻ واري يا جونئن ڪڍڻ واري مائيءَ جي نھن کان به ڪين بچي سگهندي. ڳولھي ڳولھي، ٻنھي آڱوٺن جي نھن ۾ آڻي، ٺڪاءَ سان ڀڃي پئي ماريندس.
    مطلب:
    85.1 آزاريندڙ شيءِ، ڪيتري به ننڍي هجي، سڀڪو ڳولھي پيو ماريندس. جيئن وڇون، بلا، نانگ، منگهڻ ۽ مڇر وغيره .

    ر

    86. رات رهو، صبح پنڌ پئو. (ورجيسي جملو)
    جيڪي مسافر رات رهن، وري صبح جو پنڌ پون ۽ روڪڻ سان به نه رڪجن، تن کي ائين چئبو آهي. اڻ سڌيءَ طرح چٿر اها هوندي آهي ته فقط پنھنجي رات گذاري جي غرض سان اچي رهيا آهيو ۽ اسان جي ڪا سڪ ئي نه هيئو. جيڪڏهن اسان جي سڪ لاهڻ آيا آهيو، سا ته نه لٿي آهي. اھا ته ڏينھن جي ڪچھريءَ سان لھندي.
    مطلب:
    86.1 رات پنھنجي گذاري/مطلب لاءِ رهجي ته صبح جو ميزبان جي دل وندرائڻ لاءِ ضرور ترسجي. يڪدم مطلب ڪڍي نه ڀڄجي.

    87. راجا جي گهر، موتين جو ڪال؟ (پھاڪو)
    ڪال؛ موت، ڏڪر.
    راجا، ڪنھن علائقي جو والي يا بادشاهه ٿيندو آهي. وٽس، ملڪيت ۽ سونُ مِين، مڙني کان وڌيڪ هوندو آهي. ملڪ جا مڙئي نه ته به چڱي تعداد ۾ موتي سندس گهر ۾ موجود هوندا آهن. اتي موتين جو قحط ته ٿي ئي نه ٿو سگهي. اھا اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي.
    مطلب:
    87.1 اڻ ٿيڻي ڳالهه لاءِ، حيرت وچان ائين مثال ڏئي پڇبو آهي.
    87.2 هٿ-ڦاڙ ۽ گهڻ-خرچائو ماڻھو، روڪڻ تي رد ڏئي اهو دليل ڏيندا آهن.
    87.3 جيئن ڪير اوڌر نه ڏيندو آهي ته ڍيڪ طور کيس چئبو آهي؛ ”اڌاري جي ماءُ مئي آهي ڇا؟“ اهڙيءَ طرح ائين به چئبو آهي؛ ”راجا جي گهر ۾ به، موتين جو ڪال پئجي سگهي ٿو ڇا؟“
    88. رام رام جپ، پرايون ڳنڍيون ڪپ. (پھاڪو)
    رام رام؛ ساڌو ۽ سنت جپيندا آهن. نيت جا سچا ۽ خالص هوندا آهن. کين دنيا جي غرض نه هوندي آهي. دنيا کي تياڳي پيا هلندا آهن. جنھن سببان سمورا ماڻھو، سندن عزت ڪندا آهن. دان پڃ به کين ڏيندا آهن.
    کين بنا محنت/معاوضي جي ملندو ڏسي، ڪي ٻگهلا ڀڳت به ساڳيو روپ ڌرن ڪري، ساڌو ٿي پوندا آهن. سندن نيت، پيٽ پوڄا ڪرڻ جي هوندي آهي. زبان تي رام جو نام هوندو اٿن پر نِگھه مال ۾ هوندي اٿن.
    مطلب:
    88.1 لالچي/لوڀ-پرستن لاءِ، ائين مثال ڏئي سمجهايو ويندو آهي.
    88.2 ڀيٽيو؛ رام رام جپنا، پرايا مال اپنا.

    89. رام رام جپنا، پرايا مال اپنا. (پھاڪو)
    جيڪي رام جو نام، ماڻھن جي ڏيکاءَ لاءِ جپين ٿا، سي رڳو ٻين کي نه، پر پاڻ کي به ٺڳين ٿا.
    مطلب:
    89.1 خبيث روحن لاءِ، جيڪي مالڪ جو نالو وٺي ٺڳي ڪن ٿا، ائين مثال ڏبو آهي.
    89.2 منھن ۾ ملان، اندر ۾ ابليس.
    89.3 ڀيٽيو؛ اکيون چور جھڙيون، منھن مور جھڙو.

    90. رَنَ! پَـٽِيانءِ ڪن! (تڪبند جملو)
    ڪنھن ننڍيءَ ٻارڙيءَ کي، لاڏ ڪوڏ وچان، اڳ وٺي ڪا ڳالهه پڇڻ جي انداز سان، ائين دڙڪي جو دڙڪو ۽ مھميز جي مھميز ڏبي آهي.
    ڪن حالتن ۾ ڪنھن اڌڙوٽ عورت کي به ڪي هجائتا وڏڙا مرد مائٽ ائين هوشيار ڪندا آهن.
    مطلب:
    90.1 هن تڪبند جملي مان، سواءِ ڪن مھٽ ڪرڻ جي، ٻيو ڪو مفھوم نه ورتو ويندو آهي.
    90.2 ڀيٽيو؛ بک! ملندءِ وڏا سک!
    90.3 پرائي پٽڻي رن، کُھائي ڪنَ، تڏھن ته ڪرن، وڍيس ٻئي ڪنَ.

    91. رَنَ ڪراڙي، مَلي مُساڳ. (ورجيس)
    مساڳ؛ ڏندڻ جي جاءِ تي، ڏندن کي اڇو ڪرڻ لاءِ ملبو آهي. ان سان ڏند اڇا ۽ چپ ڪارسرا ڳاڙها ٿي پوندا آهن. اکين ۾ پاتل سرمي جي ڪاري ريھه سان اکيون ڪڪڙيون ٿي پونديون آهن. مساڳ جي ڪارڙي ڳاڙهي لڪير سان چپ به پرڪشش ٿي پوندا آهن. جيڪي ڪنھن جوانڙيءَ جي مک تي ته بلڪل ٺھندا آهن پر ڪراڙي ٻوٿ تي ته صفا بڇڙا لڳندا آهن.
    مطلب:
    91.1 ڪراڙي عورت، مساڳ ملڻ سان، نه جوان ٿي سگهي ٿي ۽ نه ئي منجهس ڪشش پيدا ٿي سگهي ٿي، نه وري پيريءَ ۾ ساڻس ڪير پرڻبو ئي.
    91.2 جنھن جي شڪل شيشا ڀڃي، سو جيڪڏهن سورنھن سينگار ڪري ته کيس انھيءَ مثال سان ٽوڪبو آهي.
    91.3 ٻڍي گھوڙي، لال لغام.
    91.4 شلوار دسيءَ جي، اڳٺ ريشم جو.
    91.5 گڏھ ساڳيو، آٿر نوان.

    92. رهي، نه سھي. (ورجيس)
    رهي سھي؛ جيسي، جوڙ جس، هم منصب ۽ هم نسب.
    ماڻھو هميشه هم پيشه سان دوستي رکندو آهي. هم منصب سان اٿندو ويھندو آهي ۽ هم منصب سان رشتيداري ڪندو آهي.
    جيڪڏهن ڪو نه دوست هجي ۽ نه جيسي هجي، پوءِ به پيو تعلقات لاءِ واجهه وجهي، ته ڪير به ڏانھس ڌيان نه ڏيندو. جيڪڏهن پوءِ به نه مڙي ته کيس چوندا آهن؛ ”تون اسان جو؛ ’نه رهي، نه سھي‘، پوءِ ڇو ٿو پويان لڇ لڇ ڪرين.“
    مطلب:
    92.1 نه هم منصب ۽ نه هم نسب. (هئڻ).

    ز

    93. زالاڻي موڙي؛ جتي رکي اتي پوري. (چوڻي)
    موڙي؛ رقم، Cost Capital
    پھرين ڳالهه ته زالون، ٻاهر وڃي نوڪري ڪري ڪمائين ڪو نه ٿيون، جو وٽن موڙي جمع ٿئي. جيڪڏهن ٻاهر وڃي به ڪمائين يا مڙس جي ڪمائيءَ مان ميڙا چونڊي ڪن به ته ڪيڏانھن ڪن! يا وري به مڙس کي ڏين يا وڃي پيڪن ۾ سانڍين. پيڪاڻي گهر ۾ به گهرج ته آهي ئي آهي. جتان موٽائڻ به سولو ناهي. وڏي واڪ گهري نه ٿي سگهي، ڇو جو مڙس کان لڪائي رکي اٿائين. واڪو ٿي ڪري ته مڙس وٽ ٿي پت وائکي ٿئيس؛ ”کيسا ڪتري مڙس جا، گهر ڀري پيڪن جا!“
    مطلب:
    93.1 ويچارين عورتن جي موڙي، هِتي هُتي لڪائڻ سان به نه ٿي لڪي.

    94. زبان آهي ننڍڙي، پر وِهه جي ڳنڍڙي. (چوڻي)
    زبان، ذرڙي ماس مان جڙيل آهي. منجهانئس الائي ڇا ڇا ٿو ڳالھائجي. مٺو ڳالھائي ماڻھن کي موهي وجهجي ٿو. اگرو ڳالھائي مائٽن کي به ڪڪ ڪري وجهجي ٿو.
    مٺڙي زبان سان، دشمن جي دل به کٽي سگهجي ٿي. زهريلي زبان سان، دل گهريا دوست ۽ من گهريا مشتاق به ڦٽائي ڇڏجن ٿا. اها ئي عزت ڪرائي، اها ئي خوار ڪرائي.
    مطلب:
    94.1 زبان تي ڪنٽرول رکڻ ضروري آهي.
    94.2 زبان نه ڄاڻ ننڍڙي، اٿئي وِهَ جي ڳنڍڙي.
    94.3 جونءَ آهي ننڍڙي، پر چڱن/ وڏن جا ٿي پٽڪا لھرائي.
    94.4 زبان چم جي، ڪنھن نه ڪم جي.
    94.5 اها ئي زبان ڇانءَ ۾ ويھاري، اها ئي زبان اس ۾ ويھاري.
    94.6 ساڳي زبان اس ۾ ويھاري، ساڳي زبان ڇانءَ ۾ ويھاري.

    س

    95. سانوڻ جو ستو؛ نه ڪانءُ، نه ڪتو. (چوڻي)
    سنبت سال جو مھينو سانوڻ؛ عيسوي سال جي جولاءِ جي اڌ کان شروع ٿي آگسٽ جي اڌ ۾ پورو ٿيندو آهي. سانوڻ مھيني جي ختم ٿيڻ سان، سانوڻيءَ جي يا گرمين جي حد پوري ٿيندي آهي. سارين جا رونبا ۽ جوئر جي پوکائي، سانوڻ جي مھيني ۾ ٿيندي آهي.
    سانوڻ جي مھيني ۾، جيڪڏهن هاري نڪمو ٿي ستو پيو هوندو ته فصل پوکڻ جو وقت هٿ مان نڪري ويندس. اهڙي صورت ۾، فصل لھڻ وقت، سندس حالت ڪتي ۽ ڪانءَ کان به پري هوندي، ڇو جو ڪتي ۽ ڪانءَ کي لُوه/ سٽ ڏيڻ سان ڪجهه نه ڪجهه ته ڦٻندو آهي پر هن کي اهو به نه ڦٻندو.
    مطلب:
    95.1 سانوڻ ۾ سستي ڪرڻ نه گهرجي.

    96. سج کٽي، يا ٻج کٽي. (ورجيس)
    ڏينھن جو مداءُ، صبح کان شروع ٿي، شام تائين پورو ٿئي ٿو. هڪڙي هاريءَ کي زمين ۾ ٻج پوکڻو هجي ته لازمي طرح ڏينھن جو پوکيندو. اَوِرچ ۽ محنتي هاري، صبح مردان جو الاتوهار (الله تو آهر) ڪري هلي بيھندو آهي، تيستائين ٻنيءَ مان ٻاهر نه نڪرندو آهي، جيستائين ٻج ڇٽي پورو نه ڪري يا سج لھي نه وڃيس.
    مطلب:
    96.1 زبان جي پڪي ۽ محنت کان نه لنوائيندڙ لاءِ ائين مثال ڏبو آهي؛ ”فلاڻو ڪم جو شينھن آهي. تيستائين پيو هلندو آهي، جيستائين يا ٻج کٽيس يا سج کٽيس.“
    96.2 هل هلان، اڻ ٿڪ محنت.

    97. سج لٿو، ڇوڪر ڊٿو. (چوڻي)
    ڊٿو؛ سمھي پيو.
    ڇوڪر/ٻار کي سارو ڏينھن راند ۾ هَڄَڻ کان سواءِ ڪو ڪم ڪار ڪونھي. سج لٿي کان پوءِ، اوندھ ٿيڻ سان، سندس راند به پوري ٿيندي. ٿڪ به محسوس ڪندو. ٻاهر، اوندھ ڌاران، نڪرڻ ۾ به ڀؤ پيو محسوس ڪندو. هاڻي کيس سمھڻ کان سواءِ ٻيو چارو ڪونھي. وڏن وانگر کيس، ڏينھن جي ڪيل ڪمن جو حساب، سوچ ويچار ۽ وچور ٺاهڻي ناهي، تنھنڪري ڪِرڻ شرط، کيس ننڊ کنيو وڃي.
    مطلب:
    97.1 ٻار کي رات جو، سواءِ ننڊ ڪرڻ جي، ٻيو ڪم آهي ئي ڪو نه.

    98. سچي ڳالهه سونٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي. (چوڻي)
    مڃرائڻ لاءِ آسمان مان چار ڪتاب لٿا. ماڻھن جي شيطانن، انھن کي پڙهي ايترو نه مڃيو، جيترو وري مٿان لٿل ڏنڊي کي سچو سمجهي ايمان آندائون.
    پير/مرشد کي وچ ۾ آڻڻ، ويد پڙھڻ، فلسفا ۽ منطق جھاڙڻ، قسم قرآن کڻڻ سان به ڪير نه مڃي ته کيس آخر ۾، موچڙي سان سمجهائجي، ڇو جو موچڙو، ڪنھن جو مُـنھن نه ڏسندو آهي. چڱن ڀلن معتبرن کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندو آهي. ائين سچ به سوٽي جي مثل آهي. کوٽي ماڻھوءَ کي، سدائين ٻيڙيءَ ٻڏل وانگر، نقصان ئي رسندو آهي.
    مطلب:
    98.1 سچي ڳالهه سونٽي سان ئي معلوم ٿيندي آهي.
    98.2 سڌي ڳالهه سوٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي.
    98.3 سچي جي ڳالهه، سوٽي وانگر سڌي هوندي آهي. کوٽي جي ڳالهه، ٻيڙي ٻڏي جھڙي هوندي آهي.

    99. سخي ۽ شوم جو ليکو، ٻارهين مھيني ساڳيو.
    (چوڻي/پھاڪو)
    سخي، مالڪ جي مرهمت ڪيل ملڪيت مان، جان ۽ اولاد تي، مٽن ۽ دوستن مٿان خرچ ڪن ٿا، جنھنڪري موٽ ۾، سمورا سندس ملڪيت جي حفاظت ڪن ٿا ۽ وڌڻ/محفوظ رهڻ لاءِ دل سان دعائون گهرن ٿا، جنھن سبب سندس مال ۾ برڪت پوي ٿي. سخيءَ جي سخاوت سبب، مالڪ به مٿس مھربان رهي ٿو، جنھن سببان سندس ڪمائيءَ جا دروازا مٿس کولي ڇڏي ٿو.
    بخيل يا ڪنجوس، مولى جي طرفان عنايت ڪيل مال، ٻين تي ته ٺھيو پر پاڻ تي به خرچ نه ٿو ڪري. هَوس ۾ وڃي ٿو گڏ ڪندو. ٻين جون دليون ڏانھس ٺريل نه هونديون آهن. مال ۾ برڪت نه پوندي اٿس. چور چڪار به سندس مال کي پيو تاڙيندو آهي.
    ٻارھن مھينن جي ليکي تي خبر پوندي ته ٻنھي جو حساب ڪتاب هڪجھڙو هوندو.
    مطلب:
    99.1 سخيءَ جو مال، برڪت پوڻ سبب ۽ ڪنجوس جو مال بي برڪتو هئڻ سبب، سال تي ليکي ۾ هڪ-ڪرا هوندا آهن.
    99.2 سخي، الله جو دوست ۽ بخيل، الله جو دشمن آهي.

    100. سگهرا کائن ٻوڙ پلاهه، وانڍن جو واهي هڪ الله.(چوڻي)
    سگهرو؛ پرڻيل ۽ ٻارن ٻچن وارو.
    وانڍو؛ اڻ پرڻيل، ڇڙهو ڇانڊ، ٽوهيو.
    شادي شده ماڻھوءَ کي ٻچن لاءِ هٿ پير هڻڻو پوي ٿو ۽ سندس گهر واريءَ کي ٻچن جي پيٽ قوت لاءِ رڌ-پچاءُ ڪرڻو پوي ٿو. نتيجي طور کيس به رڌل ٻوڙ پلاءَ مان ڀاڱو مليو وڃي.
    ڇڙهي ڇانڊ جو ته جهڳو ئي جدا آهي. کيس؛ نه زال نه زنب، نه ٻار نه ٻچا. ڪمائي ته ڪنھن لاءِ، رکي ته ڪنھن لاءِ. کيس پن جو ٽڪر مليو، نه مليي جھڙو، سندس گذر ٿي ويو.
    مطلب:
    100.1 گڏجي رهڻ واري کي کائڻ لاءِ ملي ٿو، اڪيلي رهڻ وارو ٻاٿن ۾ آهي.
    100.2 ڇَـڙن جو جھان ئي ڪونھي.

    101. سڳو ٽُٽو، ساهَ ڇُٽي. (چوڻي)
    ساهَ؛ مالھا، تسبيح وغيره.
    مالھا ۾ موتي/مڻيا، سڳي جي ذريعي پوتل هوندا آهن. سڳو سلامت آهي ته مالھا/ مالھه/ ساهَ به سلامت آهي. سڳو ٽٽو ته ساهَ به ڇٽي.
    کوھ جي مٿان نار چاڙھبو آھي. نار منجھ، مالھ جي ذريعي لوٽيون ٻڌل ھونديون آھن. مالھ، ڪاٺ جي چڪر تي ڦرندي آھي، جنھن کي ڍينگو ڦيرائيندو آھي. ڍينگي کي سرائي، ۽ سرائيءَ کي ڳاڌيءَ تي ويٺل ھمراھ جي مدد سان، ماڻھو يا ڏاند يا اٺ گھمائيندو آھي. مالھ چڪر مٿان رسن ۽ نوڙين ذريعي جڙندي آھي، جنھن ۾ لوٽيون ٻڌبيون آھن. خالي لوٽيون مالھ ذريعي ھڪ طرف کان ھيٺ کوھ ۾ وينديون آھن ۽ ٻئي طرف کان ڀرجي مٿي پيون اينديون آھن. مالھ جي اگر نوڙي جڏي ٿي ٽٽي ته، ڀريل لوٽين وارو پاسو ڌڙام سان وڃي کوھ منجھ ڪرندو.
    زندگيءَ جي تند به ساهه سان سري ٿي پئي. جڏهن حياتيءَ جو سڳو ٽٽندو ته هيءَ جان به ختم ٿي ويندي.
    مطلب:
    101.1 حياتيءَ جو چرخو، دم جو محتاج آهي. دم نڪتو، آدم جھان مان نڪتو.
    101.2 ڀيٽيو؛ موت نه پڇي مائٽي، نه پڇي تِٿ نه تاريخ.

    102. سنڀاريندي سار، وڏي ٿئيس ڄمار. (تُڪ بند جملو)
    ڪڏهن ڪڏهن اهڙا به اتفاق ٿيا آهن جو ڪچھريءَ ۾ ڪنھن ماڻھوءَ جي سنڀار پئي هلندي آهي ته اهو به اچي مٿان پھچندو آهي. انھيءَ اتفاق ٿيڻ تي، گهڻن کي حيرت ٿيندي آهي. جيڪڏهن سندس ذڪر، خير وارو هوندو ته سندس اچڻ به برڪت وارو ڀانئيندا ۽ چوندا؛ ”عمر وڏي اٿئي! هاڻي تنھنجو ذڪر ڪيوسين ته هاڻي تون اچي وئين!“ ڪي عورتون اخلاقي طرح چونديون آهن؛ ”سنڀاريندي سار، وڏي ٿئيس ڄمار“.
    ان جي برعڪس ڪنھن جي گلا هلي ۽ اهو مٿان اچي ڪڙڪي ته پوءِ مڙني ۾ کسرپسر پئجي ويندي. ڏاڍو مڙس هوندو ته ڳالهه دٻجي ويندي ۽ موضوع مٽجي ويندو. جيڪڏهن هيڻو مڙس هوندو ته چوندس؛ ”سنڀاريندي سار، اچي ته ٺوڪي ڪڍوس مار“.
    مطلب:
    102.1 چڱي جي چڱي ڳالھ ھلي، ته سڀڪو چڱو چويس.
    102.2 انگريزيءَ ۾ اھڙي نڀاڳي جي اچانڪ اچڻ تي سندس لاءِ چوندا آهن؛ “Think of devil, devil is here”

    103. سنجها ٽري، جوت ٻري. (چوڻي/ پھاڪو)
    سنجها؛ سج لٿو، شام ٿي.
    جوت؛ بتي، روشني.
    شام جو، سج لھڻ کان پوءِ، اوندهه شروع ٿيندي آهي. ماڻھو سج لھڻ شرط، هنڌ ڀيڙو نه ٿيندو آهي. بلڪ ڏينھن جا رهيل کھيل ڪم يا مؤخر ڪيل منصوبن ۾ هٿ وجهندو آهي. ان ڪري کيس روشنيءَ جي ضرورت پوندي آهي، جنھن لاءِ بتي ٻاريندو آهي.
    مطلب:
    103.1 اوندهه کي تڙڻ لاءِ، روشني ڪرڻي پوندي آهي.
    103.2 سنجها جي ويل ٽري، رات جي راڻي راڄ ڪري، ته گهر گهر ۾ پيل ڏيئي ۾ تيل ۽ وٽ ٻري.

    104. سنڌ، سڌي آهي موچڙي سان. (پھاڪو)
    آڳاٽي دور ۾ هيءُ خطو ٻن حصن، هند ۽ سنڌ ۾ ورهايل هيو. ڳوٺ جي ماڻھن لاءِ سنڌ ئي ڄڻ پوري ڌرتي هئي، تنھنڪري ساري مخلوق جو مثال، پوري سنڌ سان ڏيندي چوندا هيا: ”سنڌ، سڌي آهي کَـلي سان“.
    موچڙو، مرونءَ کي ماڻھو ڪيو ڇڏي. ڪتابن جي نصيحت ايترو اثر نه ڪندي آهي، جيترو ڏنڊي جي.
    مطلب:
    104.1 ڏنڊي سان، گهڻا معاملا سڌا ٿين ٿا.
    104.2 سنڌ، کلي سان سڌي آهي.
    104.3 کڻ کلو، ٿيئي ڀلو.
    104.4 عرشان لٿيان چار ڪتابان، پنجوان لٿا ڏنڊا،
    ڪتابان اوھ نه ڪيتا، جو ڪيتا ڏنڊا. (پنجابي)
    104.5 ڀيٽيو؛ کلو لڳو، هٺ ڀڳو.

    105. سوڙ جو جهيڙو، سوڙ ۾. (پھاڪو)
    سوڙ جي اندر، جيڪي ٻيلھه سمھندا، سي پاڻ ۾ ئي جهيڙا ڪندا. خاص طور تي هڪ ئي سوڙ جي اندر، زال مڙس ئي سمھندا آهن. عورتن جي عادت آهي ته مڙسن سان مطالبا، گهڻو ڪري سوڙ جي اندر لڪي ڪنديون آهن. سوڙ جي اندر، پيا روساما پرچاءَ يا سرچاءَ هلندا اٿن. صبح جو اٿڻ کان پوءِ، ماڻھن آڏو ساڳيي جا ساڳيا ئي هوندا آهن. سندن جهيڙو ۽ سرچاءُ، نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو.
    مطلب:
    105.1 جنھن سان به معاملو رکجي، ان سان ڪنڊ سنڊ ۾ نباهي ڇڏجي. ٻين تائين معاملو نه پھچائجي.
    105.2 جڳ کلائڻ کان بھتر آهي ته معاملن جي، گهر ۾ ئي ڇيني نبيري ڪري ڇڏجي.

    106. سؤ ڏهون قلم لاڳو، چور ڇُٽا ڀاڳيا قابو. (چوڻي)
    پوليس وٽ قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ، مختلف ڏوھن لاءِ مختلف قلم (article) هوندا آهن، جيڪي ماھرن جي مدد سان سوچي سمجهي ٺاھيا ويا آهن. جھڙي قسم جو ڏوهه هوندو، اهڙي قسم جو قلم لاڳو ٿيندو. قائدن ۽ قانونن ۾ ڪي پيچيدگيون ۽ گهرگهلائيون اهڙيون هونديون آهن جو وار برابر ٿيل غلطيءَ سببان، ڏوهاري ڇٽي ويندا آهن ۽ بي ڏوهي ٻڌجي ويندا آهن. چور بدران، چاڪي سُڪ هوندا آهن.
    مطلب:
    106.1 قلم نمبر: 110 ۾ ڪافي گنجائش آهي. ٻئي ڌريون هڪٻئي مٿان ڪيس ڪري سگهن ٿيون. نتيجي ۾ ٻئي ساڳئي ڏوهه تحت، ساڳئي لاڪپ ۾ گڏ ٻڌجي سگهجن ٿيون. ڪڏھن ڪڏھن اثر رسوخ هلائي، چور ته ڇٽي ويندا آهن، پر ڀاڳيا واڙيا پيا هوندا آهن.

    107. سيري جي سڏ تي، ٻه ٻه کنيائون ٻار،
    هڪڙي کي گپايائون گپ ۾، هڪڙي کي ڏنائون مار،
    جڏهن ٿي سيري جي سنڀار، تڏهن ٻه ٻه چپاٽون ٻار کي.
    (چٿر، چوڻي)
    جيڪي ماڻھو، کاڌي جي دعوت تي ويلو ٽارڻ ۽ سنگت تي ٿورو ٿڦڻ لاءِ، هڪ بدران ٽي ڄڻا گڏجي پھچندا آهن ۽ ڀت کائي هڪ ڄڻي جو پاهت لکائيندا آهن، اھڙن ماڻھن لاءِ، ائين مثال ڏئي، ٽوڪ ٺاهبي آهي.
    ھڪڙو لطيفو مشھور آھي: ھڪڙو ماستر، مائٽن جي ڪنھن شاديءَ ۾ پنھنجي ڊزن ٻارن جي لوڌ ساڻ ڪري، جڏھن زال سميت وڃي اتي پھتو ته اڳين ڏسندي ئي پڇيس؛ ”حيا، ڪو نه ھيئي!“ اتفاق سان ’حيا‘ به سندس ھڪ ڌيءُ جو نالو ھيو، جيڪا ان ڏينھن امتحان سبب، عين وقت تي اسڪول کان موٽي نه سگھي ھئي، جيڪا ھن شاديءَ ۾ اچڻ کان رھجي وئي ھئي. ماستر، ان جو نالو ٻڌڻ شرط جواب ڏنن؛ ”ان جو پرچو ھيو، نه ته اھا به اچي ھا!“
    مطلب:
    107.1 قربائتي ڪوٺ تي، ٻارن جي ٽرڪ ڀري پھچڻ وارن لاءِ ٽوڪ طور ائين آڌر ڀاءُ ڪبو آهي.

    ص

    108. صلاحين، شينھن ٻجهن. (چوڻي)
    دنيا جي اندر هر ڪم، اڪيلي سر ٿيڻ کان مشڪل آهي. ڪنھن ڪم ۾ زور ڏيارڻ جي مدد کپي. ڪنھن ڪم ۾ پئسي جي مدد کپي. ڪنھن ڪم ۾ ڪنھن شيءِ جي مدد کپي. حتى ڪه اهڙا ڪم به آهن، جن ۾ تجربي جي اڻاٺ سبب، صلاح جي ضرورت پڻ پوندي آهي. بنا صلاح مشوري جي، جيڪو ڪم ڪبو، سو اڌ ۾ رهجي ويندو ۽ نقصان پڻ برداشت ڪرڻو پوندو.
    هر ڪم ۾ آزمودگار ۽ تجربيڪار، وڏڙي ۽ استاد کان صلاح وٺڻ ضروري آهي. صلاح نه وٺڻ وارو، سور وڏا سھندو آهي.
    مطلب:
    108.1 هڪ-صلاح ٿيڻ سان، شينھن ٻڌڻ جھڙا ڏکيا ڪم به ڪري سگهجن ٿا، بلڪ ان کان به ڏکيا ۽ مشڪل ڪم ڪري سگهجن ٿا.

    ع

    109. عقل بنا عذاب، گهڻا پسندينءَ جندڙي. (پھاڪو)
    دنيا جو ڪار وهنوار هلائڻ لاءِ پئسي، طاقت ۽ وقت جي ضرورت آهي. انھن مان به ڪم تڏهن اُڪلي سگهي ٿو، جڏهن عقل هجي. بنا عقل جي، نه طاقت ڪم جي آهي ۽ نه ئي وري پئسو. بي عقل وٽ آيل پئسو ۽ طاقت به جنجال/ وبال ثابت ٿيا آهن.
    مطلب:
    109.1 عقل بنا، ٿوري ڪم ۾ به، گپجي پئبو آهي. عقل سان، ڏکيا ڪم به سَـرِ ڪري سگهبا آهن.
    109.2 ڀيٽيو: هنر واري جي گهڙي، بي هنر جي ڄمار.

    غ

    110. غريبن جي مڏي، ٻه رليون ٽين تڏي. (پھاڪو)
    مسڪين ماڻھن کي مال ملڪيت؛ نه هئڻ برابر هوندي آهي. آفت آئي يا باهه لڳي ته نقصان به ٿورو ٿيندو اٿن. زلزلن ۽ آپدائن جي پريشاني، مال ملڪيت وارن کي گهڻي هوندي آهي. غريبن کي نه ھوندي آھي. انھن لا هيڏانھن ٻوڏ آئي ناهي، هوڏانھن ٽپڙ/آٿر ڪلھي تي رکيا ناهن. وتايي فقير اهڙي موقعي لاءِ چيو هيو؛ ”سڃائي به ڪڏهن ڪڏهن ڪم اچي ويندي آهي.“
    مطلب:
    110.1 چور ۽ باه، آفت ۽ ٻوڏ جو ڀَؤُ، هوندَ واري کي ججهو هوندو آهي.
    110.2 غريب کي نه چور جو ڀؤ نه باهه جو، جتي ويٺو اتي جنگل ۾ منگل.
    110.3 سڃي ماڻھوءَ کي؛ نه ھيٺين واٽ ڀؤ، نه مٿين واٽ ڀؤ.
    110.4 ڍڳو نه ڍور، ڇا ڪاهيندو چور؟

    ڪ

    111. ڪارو، رام کي پيارو. (چوڻي)
    ماڻھن جا رنگ روپ، پاڪ پروردگار پنھنجي سشيت سان جوڙيا آهن. کيس، خلقيل سمورا ٻانھا، هڪجھڙا پيارا آهن. وٽس مقبوليتِ عام، عمل ۽ نيت کي آهي، رنگ روپ جي ناهي. جيئن ماءُ کي پنھنجو ڪارڙو پٽ مڙني ٻارن کان پيارو لڳندو آهي، تيئن مالڪ کي به رنگ جا ڪارڙا وڌيڪ پيارڙا هوندا آهن.
    مطلب:
    111.1 ڪاري رنگ واري کي، احساس محروميءَ ۾ پوڻ نه گهرجي.
    111.2 ڳوٺن ۾ ڪي مائرون، ڪارڙن ٻارن جي دل رکڻ لاءِ، اڃا به وڌائي چونديون آهن؛ ”ڪارو، رب جو پيارو. اڇو، ڪڪڙ جو پڇو.“

    112. ڪارو ڪاري؛ هڻ ڪھاڙي. (چوڻي)
    ڪارو ڪاري؛ عزت خاطر قتل ڪرڻ، غيرت ۾ عورت ۽ مرد کي مارڻ. Honour Killing.
    ڪھاڙي هڻڻ؛ ختم ڪرڻ.
    ڪارو ڪاريءَ جي رسم، غير شرعي رسم آهي، جنھن منجهان اڳتي هلي ڪيتريون ئي برايون جنم وٺن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن لالچ ۾، عزت/غيرت جو رنگ ڏئي به ٻه جانيون ضايع ڪيون وڃن ٿيون. انھيءَ فعل کان بھتر آهي ته قانون الاهيءَ تي عمل ڪجي ۽ پنھنجي افترائي قانون تي ڪاربند ٿيڻ کان پرهيز ڪجي.
    مطلب:
    112.1 ڪارو ڪاريءَ جي رسم کي ئي ڪھاڙي هڻي ڇڏجي.
    112.2 غلط روايتون ختم ڪرڻ گهرجن.

    113. ڪاڻو پٽ، کاٽائو ڀلو. (پھاڪو)
    هر ڪنھن کي کٽي ڪمائي وڻندي آهي. زال کي مڙس تڏهن وڻندو، جڏهن ڪمائي ايندو. اهڙيءَ طرح والدين به ان پٽ سان وڌيڪ پيار ڪندا آهن، جيڪو کٽي ڪمائي اچي، پوءِ ڀلي منجهس جسماني عيب ئي هجن.
    ان جي برعڪس سھڻو سيبتو پٽ، نکمڻو ٿيو گهر ۾ ويٺو هوندو ۽ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪندو، ٻين کي ته ٺھيو پر والدين کي به پِتي تي ڪو نه پيو پوندو.
    مطلب:
    113.1 کاٽو پٽ، ڪاڻو به ڀلو.
    113.2 پٽ ڀلي ڪاڻو ھجي، پر کاٽو ھجي.
    113.3 پٽ آنديءَ وارو، زال لڌيءَ واري وڻندا آهن.

    114. ڪاڻيءَ جي وهانءَ ۾، سنڪٽ ڀي گهڻا. (پھاڪو)
    جنھن کي جسماني عيب آهي، سو سڀڪنھن جي نظر ۾ جلدي اچي ويندو آهي ۽ سڃاتو به ان عيب سان ويندو آهي. جيئن منڊو يا انڌو، ڪاڻو يا ٽنڊو، ڇو جو ان عيب وارا، هوندا به ورلي (Rare) آهن، تنھنڪري جهٽ سڃاپجي پوندا آهن. ان عيب سببان، کين سڃاڻندو به سڀڪو آهي. سندن هر ڪم، ڪڌو يا سڌو، جلد وائرجي ويندو آهي.
    سنگهٽ؛ ڇيڏڪ نخرا هر هڪ جي وهانءَ ۾ پوندا آهن پر پڌرا ڪاڻيءَ جي وهانءَ ۾ ٿيندا آهن.
    مطلب:
    114.1 عيبدار جا ٻيا عيب به جلد وائرجي پڌر پوندا آهن.
    114.2 جيڪا لڳي لٽ، سا ڪاڻي اک ۾.
    114.3 ڏٻريءَ تي مڇر به گهڻا.
    114.4 ڏکندڙ آڱر، هر ڪم ۾ پئي ڏکندي آهي.

    115. ڪڪڙ ڪورين جو، نانءُ وڏيري جو. (ورجيس)
    اصول اهو آهي ته خير خيرات يا محنت جيڪو ڪري ته نانءُ/ نام ناموس/نيڪنامي به ان جي ٿئي. ڪن حالتن ۾ محنت، مشقت ۽ قرباني ننڍا ۽ ڪمزور ڪندا آهن پر نالو وري وڏن جو ٿيندو آهي. جيئن ڪم ڪلارڪ ڪندا آهن، نالو آفيسر جو ڳائبو آهي. اهڙي نا انصافيءَ واري نيڪناميءَ لاءِ، ائين مثال ڏئي سمجهائبو آهي.
    مطلب:
    115.1 وڙهن سپاهي، نالو صوبيدار جو ٿئي. (پھاڪو)
    115.2 محنت هڪڙن جي، معاوضو ملي ٻين کي. (ورجيس)
    115.3 ڪڪڙ ڪورين جو، نانءُ وري وڏيري جو ٿئي. (پھاڪو)
    115.4 ٽڪا گهوٽ پيءُ جا، شابس مُـکيءَ کي.
    115.5 ٻري تيل، کامي وٽ، واه ڙي ڏيا واه.

    116. ڪم کپي، چم نه کپي. (چوڻي)
    ڪم کپڻ؛ سھوليت ميسر اچڻ، تڪليف دور ڪرڻ.
    چم کپڻ؛ سھڻو هجڻ، اڇيءَ چمڙيءَ وارو هجڻ.
    سھڻي شيءِ، هر ڪنھن کي وڻندي آهي. جڏهن ته سھڻو ڪم، ان کان وڌيڪ وڻندو آهي. نوڪر، اولاد جي ڀيٽ ۾ ڪم سبب، وڌيڪ پسند پوندو آهي. سندس اڇي يا ڪاري چمڙي، سندس ڪم واري محنت تي اثر انداز نه ٿيندي آهي. محنت ڪاري چمڙيءَ وارو ڪري ۽ اڇيءَ چمڙيءَ وارو نه ڪري ته پسنديدگيءَ جي لحاظ کان محنت واري جو قدر وڌيڪ ڪيو ويندو آهي.
    مطلب:
    116.1 ظاهري سونھن کان، اندر جي سونھن ۽ محنت وڌيڪ وڻندڙ آهي.
    116.2 هر ڪنھن کي وهڻيءَ جا وهٽ وڻندا آهن.
    116.3 ڪم کپڻ، چم نه کپڻ. (ورجيس).
    116.4 هر ڪو ڪم پرين آهي، چم پرين ڪير به ناهي. (چوڻي).
    116.5 ڏسڻ جا سھڻا ٽوهه، پٽن تي پيا آهن.

    117. ڪنواري بادشاهي، مڱڻي پئي ڦاهي،
    پرڻي کان پوءِ، ٿيو چلهه جو واهي. (چوڻي)
    نوجوان ڇوڪري، پرڻي کان اڳ پيڪن ۾ ڄڻ راڄ ڪندڙ آهي. پيءُ جي ڪمائيءَ تي بادشاهه بڻي ويٺي آهي. مڱجڻ سان، نڪ ۾ ناڪيلي پويس ٿي. ڳالھائڻ ٻولھائڻ جي حساب سان ڦاسي پوي ٿي. جڏهن پرڻجي مڙس جي گهر اچي ٿي، پوءِ سڄو ڏينھن گهر جي ڀتين اندر رهڻو پويس ٿو ۽ ماني ٽڪي ڪرڻ لاءِ چلھه جو چوڪيدار بڻجي ويھڻو پويس ٿو.
    مطلب:
    117.1 پرڻي کان اڳي؛ ماڻھو آزاد آهي. مڱڻي کان پوءِ، محتاط رهڻو ٿو پويس. شاديءَ کان پوءِ، ته رڳو ٻيلپا آهن جيڪي ساري عمر ڏيڻا اٿس.
    117.2 ڀيٽيو؛ مڙس مڱيو ته سنگت کان ويو، جوان پرڻيو ته مٽن مائٽن کان ويو، ٻڍي ڄايس ٻار ته پاڻ کان ويو.

    118. ڪِنو سھندو، ڏنو نه سھندو. (ورجيس)
    هڪڙو ڪتو، گابن جي ڪونر ۾ ويھي رهيو. ڳئون آيون ته کين ڏاڙهڻ لڳو. جڏهن ته آهر ۾ پيل ڪُـتر، سندس کائڻ جي به نه هئي. منجهس گهڻي دير ويھي، ڪِني ڪري ڇڏيائين ۽ گانين/ گابن کي کائڻ نه سٺائين. (هيءَ ڳالهه ايسپ جي آکاڻين تان کنيل آهي).
    مطلب:
    118.1 جيڪا شيءِ پنھنجي ڪم جي نه هجي، سا ٻين گُهرجائن کان نه لڪائجي.
    118.2 ڪنو سھڻ، ڏنو نه سھڻ.
    118.3 مئي سھائڻ، ڏني نه سھائڻ.
    118.4 اڇلي سھائڻ، ڏني نه سھائڻ.

    ک

    119. کاءُ ساڳ، لڳئي ڀاڳ. (چوڻي)
    ساڳ، سادو ۽ غريباڻو کاڌو آهي، جيڪو سرنھن جي پنن مان جڙندو آهي. مٿس، ٻين ڀاڄين/سبزين جي ڀيٽ ۾، گهٽ خرچ اچي ٿو. ٻھراڙيءَ ۾ ته غريب ماڻھو، ساڳ مفت ۾ پٽيندا آهن. ساڳ پٽڻ سان، سرنھن جو تيلو زور وٺندو آهي. تنھنڪري مالڪ/ هاري پڻ چاهيندو آهي ته سندس سرنھن مان ڪو ڀلي ساڳ پٽي وڃي. سادي ۽ سستي کاڌي کائڻ سان بچت ۽ ڀاڳ ورندو آهي.
    مطلب:
    119.1 سادو کائجي، سادو پھرجي.
    119.2 سادو کاڌو، صحت جي صندوقڙي آهي.
    119.3 دال، ٻچن پال.

    120. کائڻ لاءِ کرو، ڪمائڻ لاءِ ٻرو. (ورجيس)
    ٽوٽي/ سست ماڻھو ڪم کان لھرائيندو آهي. کائڻ وقت سڀني کان اڳي ڪن ڪڍيو ويٺو هوندو آهي. اهڙي کائڻ جي خچري/ ڳوٿري کي، ائين مثال ڏيئي ٽوڪ/ چٿر ڪبي آهي.
    مطلب:
    120.1 کائڻ مھل کڙو تڙو، ڪم مھل ٽيئڙ تپ.
    120.2 کائڻ مھل گڏ، سمھڻ مھل مسيت ۾.
    120.3 ڀيٽيو؛ کائڻ وير مڙس، هاج وير ڇوڪر.

    121. کڏ ٽپين، اڏ نه ٽپين. (ورجيس)
    جيڪي هونءَ وڏا ڦاها پيا ڦڪين ۽ وقت تي خسيس ڪم لاءِ به ڀولڙيءَ جھڙي شڪل ٺاهي ويھن، تن ماڻھن لاءِ ائين مثال ڏيئي ٽوڪ هڻبي آهي.
    مطلب:
    121.1 وقت تي جيڪو ڌڪ پٽي، تنھن کي ائين ٽوڪبو آهي.
    121.2 پڄاءُ پويس ته درياھ ٽپي وڃي، ھوڏ تي چڙھي ته اڏ ٽپڻ وقت به ڊُھي ھڻي بيھي رھي.
    121.3 ڀيٽيو؛ آهِي ٽپين، کاهي نه ٽپين.

    122. کلو لڳو، هَٺُ ڀڳو. (چوڻي)
    کلو لڳڻ؛ موچڙو لڳڻ.
    هَٺُ ڪرڻ؛ وڏائي يا تڪبر ڪرڻ.
    هَٺُ ڀڄڻ؛ ڪنڌ ڀڄڻ، تڪبر ڪِرڻ.
    ڪن ماڻھن کي ائين ئي ڪنڌ ۾ ڪلي ۽ من ۾ مڳي هوندي آهي. پيا غريب غربي سان مٿا مونا ۽ ٿانا ٿونا هڻندا آهن. جڏهن کين ڪو ڏاڍو مڙس ٽڪربو آهي ۽ موچڙي سان کنجيندو اٿن ته پوءِ ٽڪ مان ور نڪري ويندو اٿن ۽ هر ڪنھن سان نوڙت سان پيا هلندا آهن.
    مطلب:
    122.1 مار، سنوار آهي.
    122.2 مار؛ ڏاتار آهي.
    122.3 عرشان لٿيان چار ڪتابان پنجوان لٿا ڏنڊا،
    ڪتابان اوه نه ڪيتا، جو ڪيتا ڏنڊا. (پنجابي)
    122.4 ڀيٽيو؛ سنڌ، سڌي آهي موچڙي سان.

    123. کڻ کلو، ٿيئي ڀلو. (چوڻي)
    مرد جيستائين موچڙي ۾ ڳن نه وجهندو، تيستائين گهر مان ٺِـڙ ڦِٺڙ نه ويندس. جيڪڏهن چاهي ته گهر جو ڪار وهنوار، سانت سڪون سان هلي ۽ ٻار به ڏنگايون نه ڪن ته پوءِ مرد کي گهر ۾ مڙس ماڻھو ٿي رهڻ گهرجي. مجال آهي جو ڪو چوڪٽ به ٻڌڻ ۾ اچيس. باقي کلو لڪائي رکيائين ته ڏيھاڙي ڏاڙهيءَ-پٽ هوندس.
    مطلب:
    123.1 مار جو سھارو، هٿان نه وڃائڻ گهرجي.
    123.2 کلو، پنجون پير آهي.
    123.3 ڀيٽيو؛ کلو لڳو، هٺ ڀڳو.

    124. گهر گهينگهر، ٻار ڊينگهر. (چوڻي)
    گهينگهر؛ گهنگهر، بوجو، بار. (گهنگهر گهڻو ٿيا، ڄاپي ماروئڙن کي. شاھ، سر مائي)
    ڊينگهر؛ ٻٻر يا ڪنڊيءَ يا ڪنڊيدار وڻ جي وڏي ٽاري، جيڪا ڪنڊن سان ڀريل هجي. جيڪو منجهس هٿ وجهي، تنھن کي سيلھه ڪنڊا چڀي پون. پلاندُ، اٽڪيو ته رهڙيون کنيو هلندو.
    ڇڙا ماڻھو، شادي نه ڪرڻ لاءِ اهو دليل ڏيندا آهن؛ گهر هلائڻ گهنگهر ڳچيءَ ۾ وجهڻ برابر آهي ۽ ٻار پالڻ ته ڊينگهرن سان پاڻ رهڙائڻو آهي. ھونئن ته شادي شدھ ماڻھو، زال سان ائين جڪڙيل آھي، جيئن ٽاھڙ مينھن کي ڳچيءَ ۾ ڊينگھر يا کٽ جو پائو ٻڌل ھجي. ھاڻي اگر ڀڄڻ چاھي ته ڀڄي نه سگھندي، جو پائو يا ڊينگھر پيو لڳندس. ائين، ٻارن جي ڄمڻ کان پوءِ، مڙس اگر اھو ڳچيءَ-پيل ڳٽُ ڪڍرائڻ چاھي ته به نه ڪڍائي سگھندو.
    مطلب:
    124.1 زال زنب، ٻار ٻرو، وس پڄئي ته گهم ڇـڙو.

    گهه

    125. گهر ۾ ڪين، ته به رکي گهوڙي تي زين. (ورجيس)
    اصول اهو آهي ته جنھن کي کائڻ لاءِ ڪونھي، تنھن کي ڀلا گهوڙا به ڌارڻ نه گهرجن. جيڪو ائين ڪري ٿو، سو پنھنجي لاءِ جنجل پيدا ڪري ٿو.
    مطلب:
    125.1 جيڪو پنھنجي اوقات کان وڌيڪ خرچ ڪري ٿو يا وت کان ٻاهر مھم ۾ هٿ وجهي ٿو، تنھن لاءِ مام ۾ ائين چٿر ڪئي ويندي آهي.
    125.2 گهر ۾ ککي کاڻي نه، ٻاهر لوڏ لکن جي.
    125.3 اهڙو هٿ-ڦاڙ جو؛ گهر ۾ اٿس ڪين، ته به رکي ٿو گهوڙي تي زين.
    125.4 ڀيٽيو؛ اندر لنگهڻ، ٻاهر کنگهڻ.

    126. گهر ويائي، چڱي ويائي. (چوڻي)
    ڪي غيرت وارا گهراڻا، وس ويندي نياڻي ٻاهر نه ڪڍندا آهن. پرڻائڻ لاءِ به گهر يا پاڙي ۾ جاءِ تاڙيندا آهن. پنھنجي ڪنھن جڏي سڏي مائٽ کي به عجبن جھڙي نينگري پٺيءَ پاڏئون لائي ڇڏيندا آهن، پر کيس ٻاهر ڪڍڻ ۾ پنھنجي گهٽتائي سمجهندا آهن. ويم وقت به ڪوشش ڪندا آهن ته گهر ۾ موجود ماسين چاچين هٿارئون ناڙو وڍرائي ڇڏين. جي نه ته به دائيءَ کي گهر ۾ گهرائي ويھاريندا آهن. ان حالت ۾ به نياڻيءَ کي ٻئي جي منھن پوڻ نه ڏيندا آهن. ان کي ئي چڱو سمجهندا آهن.
    مطلب:
    126.1 نياڻيءَ کي وس ويندي، ٻاهر نه ڪڍجي.

    127. گهوٽ ڪنوار راضي، ڇا ڪندو ملو قاضي. (پھاڪو)
    ٻه ڌريون پاڻ ۾ کير کنڊ آهن ته ٽيون کين ويڙهائي نه ٿو سگهي. نه ڪنھن چالاڪيءَ سان ۽ نه ئي ڪنھن قانوني وڪڙ سان. جيڪڏهن ڪي ٻه ڌريون وڙهي ڍانگو ڍانگ ٿيڻ کان پوءِ به ٿاڻي يا ڪورٽ ۾ نه ٿا اچن ته ڪورٽ يا جيل وارا، سندن معاملو ڪورٽ ۾ آڻڻ لاءِ دٻاءُ نه ٿا وجهي سگهن.
    مطلب:
    127.1 ٻه پاڻ ۾ ٺھيل آهن ته ٽئين جو ڪھڙو اٽو کٽو آهي جو سندن وچ ۾ پوي. پيا پاڻ ۾ پرچن ۽ سرچن، ٽئين کي ٽنگ اڙائڻ نه گهرجي. ٽنگ اڙائيندو ته خوار ٿيندو.
    127.2 قاضي ڄاڻي ته قاضيءَ جي قيام ڄاڻي.

    128. گهوٽ چڙهيو گهوڙي تي، ناس پتو ٻوڙي،
    سوا گهڙيءَ جي سُک لئه، عمر پيو لوڙي. (چوڻي)
    گهوٽ جڏهن لانئون لھڻ لاءِ، موڙ ٻڌي ڪاتي هٿ ۾ کڻي، گهوڙيءَ تي ٽيڳرجي هلندو آهي ته سندس انھيءَ ٽيڳر تي ڪي مايون ٺٺول خاطر ائين لاڏو چونديون آهن. ڇو جو گهوٽ جي لئه، گهڙي سوا لاءِ آهي، پوءِ سڄي عمر ڳھڻو اٿس. جڏھن ته ڪنوار، روئي گهڙي سوا لاءِ ٿي، باقي عمر راڄ ڪرڻو اٿس.
    مطلب:
    128.1 دنيا جا ٺٺ، عارضي آھن.

    129. گهوٽڻ مھل گم، ڇاڻڻ مھل ڇتا،
    پيئڻ مھل جيئن مير علي مراد جا ڪتا. (ورجيس)
    گهوٽڻ مھل گم، ڇاڻڻ مھل ڇتا، پيئڻ مھل، ڪوڙي ڍڳي وانگر ٻوڙن ۾ لڪي ويندا آهن. جڏهن ڏسندا آهن ته ڪم اڪلائجي ويو آهي ته نرو کڻي نروار ٿيندا آهن، پوءِ کنگهڪر ڪري، پنھنجي هئڻ جو اطلاع ڪندا آهن ۽ احساس ڏياريندا آهن ته منافعي ۾ پاڻ به حصيدار آهن.
    مطلب:
    129.1 ٽوٽي/مطلبي ۽ شاهه صاحب جي وڳند فقير جھڙن، کائڻ جي ملھن لاءِ ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
    129.2 گهوٽڻ مھل گم، ڇاڻڻ مھل ڇتا، پيئڻ مھل ائين آيا جين قلندر/ گوسائينءَ جا ڪتا.
    129.3 بنا ڪمائيءَ نانڪا، مون کي ساڌن جھڙو ڪر.
    129.4 دال گيھ تيرا، آگ ڦوڪ ميرا.
    129.5 ڀيٽو، کائڻ لاءِ کڙو، ڪم لاءِ ٻـرو.

    ل

    130. لعل جي ڏات، ٻچن جي وات. (ٻول)
    هندن جي عقيدي مطابق، جيڪو پِير پُڄائي سو لعل آهي. قلندر به لعل آهي، اڏيرو به لعل آهي، ته درياهه شاهه بادشاهه به لعل آهي. جڏهن نھرن ۾ انگريزي مئي مھيني ڌاران نئون پاڻي وهي ايندو آهي ته درياهه ۾ اکا چاڙهيا ويندا آهن. نوروزي جي ڏينھن ۾ نو ڏينھن جَلَ پوڄا ۽ شنان ڪيا ويندا آهن. جَلَ پوڄا دوران ڪي مائرون پنھنجي ٻارن کي درياهه جو پويتر پاڻي وات تي هڻندي، اهي ٻول اچارينديون آهن، يعني کين پاڻيءَ جي ڏات ڏينديون آهن.
    اهڙيءَ طرح چنڊ جي ڏسڻ تي پڻ وهمن ڀريي عقيدي سان چونديون؛ ”چنڊ ٻَلِي، ڪندو ڀلي“.
    مطلب:
    130.1 ڀرمن سان ڀريل ماڻھو، هر هڪ شيءِ کان ڊڄندي، کانئس ئي پيو خير گهرندو آهي.
    130.2 چنڊ ٻَلِي، ڪندو ڀلي.

    131. لعلوءَ واري کوهه تي، جتي لک وهي ٿي لوٽي،
    يار منھنجو آ اچڻو، دير ڪرڻ سان وڃي نه موٽي. (ٻول)
    کوهه مٿان چڙهيل نار ۾ لک لوٽيءَ جي وهڻ واري ڳالهه ۾ ئي وڌاءُ آهي. اتي يار جو اچڻ پڻ عقل ۾ نه ايندڙ ڳالهه آهي. جيڪڏهن هڪڙيءَ جو يار اتي اچي سگهي ٿو ته پوءِ ٻين جا به اتي اچي سگهن ٿا. جتي ايڏو ميلو متل ھجي، اتي محبوب سان ملڻ مشڪل آهي. جڏهن دير ٿيڻ تي اهو موٽي ٿو وڃي ۽ انتظار نه ٿو ڪري ته اهو به مطلبي آهي، عاشق ناهي. هيءَ به جيڪي لفظ چوي ٿي، سي به ڪنھن کان اجازت وٺڻ لاءِ چيل آهن. يار کان علاوھ ٻئي وٽ به ڦاٿل آھي، جنھن سان اندر پئي اوري.
    مطلب:
    131.1 تن تو سان، من منجي واري سان، اکيون آٿر ھيٺ،
    دل اٿم ان سان، جيڪو ستل آهي سڪل ڊينگهر هيٺ.

    132. لکي لعلو، واچي واڌو. (ورجيس)
    جنھن ماڻھوءَ جا اکر خراب هوندا آهن، سو لکڻ وقت هڪڙي ڳالهه لکندو آهي ۽ پڙهڻ وقت پنھنجا لکيل اکر نه سمجهندي، ٻي ڳالهه پڙهندو آهي. مثال طور کيس لکرائبو آهي لعلو ته پڙهڻ وقت پنھنجا اکر پڙهي ٻڌائيندو آهي ته مون لکيو آهي؛ ”واڌو“.
    ھڪڙي ھمراھ کي ٻئي دوست چيو؛ ”ادا خط ته لکي ڏي؟“
    موٽ ۾ انڪار ڪندي چيائينس؛ ”ادا! ڄنگھ ۾ سور آھي، نه ته سَوَ خط لکي ڏيان!“
    ”ادا! خط ته ھٿ سان لکبو آھي.“ خط لکرائڻ واري تعجب ڪندي پڇيس؛ ”مون کي تو وارو عذر سمجھ ۾ نه آيو.“
    ”ادا! تو واري ڳالھ صحيح آھي ته خط لکندس ته ھٿ سان پر ٻيلي اتي ھلي پڙھي ٻڌائڻ ۾ ڄنگھون ته ڪم اينديون!؟!“
    مطلب:
    132.1 اهڙا خراب اکر هئڻ جو لکڻ وارو خود نه پڙهي سگهي.
    132.2 لکي لکانو، پڙهي الانو.
    132.3 لکي لاکو، پڙهي پير شاهه.
    132.4 لکي عيسى، پڙهي موسى.

    133. لڳو نه لڳو، تنھنجو هڏ گڏ ته ڀڳو. (ورجيسي جملو)
    هڪڙا ٻه سنگتي پاڻ ۾ مذاق ڪندي وڃي لتن مڪن تي پھتا. هڪڙي ڀتر کڻي ٻئي کي هنيو، جيڪو ان کي نه لڳو. البته هو پاڻ بچائڻ لاءِ، جيئن ئي تڪڙو ٿيو ته پير ترڪڻ سان گوڏن ڀر وڃي ڪريو. اٿي گوڏن تي هٿ رکي، سور جي رڙ ڪري، اڳلي دوست کي چيڙائڻ لاءِ چيائين؛ ”ڪو نه لڳو! ڪو نه لڳو!“
    ”لڳو نه لڳو!“ ٻئي دوست چيڙائڻ، مڇرائڻ ۽ جوش ۾ جک کائڻ لاءِ کيس چيو؛ ”تنھنجو ته هڏ گڏ ڀڳو!“
    مطلب:
    133.1 نار وهي نه وهي، وٺ رينگٽ کي.

    134. لڳي دم، مٽي غم. (تڪبند ٻول، موالين جو نعرو)
    چرسي؛ چرس جا دگاڙا هڻندڙ.
    چرس جا دگاڙا هڻندڙ چرسين جا، چرس جو سوٽو ھڻڻ پڄاڻان جڏھن تارا ڳاڙها ٿي ٽمڪڻ لڳندا آهن، تڏھن ماڻھن آڏو شرم پرچائڻ لاءِ بيھي نعرا هڻندا آهن؛ ”لڳي دم، مٽي غم!“
    اها ٻي ڳالهه آهي ته نشي ڪرڻ سان، سندن غم اڃا وڌندا آهن. ماڻھو کين نفرت سان ڏسڻ لڳندا آهن. پاڻ ماڻھن ۾ اٿڻ ويھڻ کان هليا ويندا آهن. پيا نالين ۾ هوندا آهن ته به مُک تي نعرا هوندا اٿن؛ ”پيئون ٿا چرس، گهمئون ٿا عرش!“
    مطلب:
    134.1 موالي ويچارا، پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ تڪبند نعرا پيا هڻندا آهن.
    134.2 نشو ٿو سرڪي، محبوب ٿو مُرڪي،
    ملو ٿو ڪُرڪي، ڄڻ پڻس جي ٿا پيئون.

    135. لنڊيون لوٺيون لک، هڪ الله جي رَک. (چوڻي)
    رب تعالى، جھان جي ساري مخلوقات کان وڌيڪ وڏو، وڌيڪ طاقتور، وڌيڪ مددگار آهي. اهو هڪڙو ساٿي هجي ۽ ان جي برعڪس لکين لوٺيا ۽ ڇيڻين ڀور، جيڪڏهن دشمن به ٿي پون، تڏهن به هڪڙو وار ونگو ڪري نه سگهندا. پھرين ڳالهه ته مخلوق جي خالق سان ڀيٽ آهي ئي ڪو نه. ٻيو جڏهن خالق پاڻ راضي آهي ته مخلوق کي ڪھڙو ساهه آهي جو اها ناراض/ ناخوش يا دشمن ٿئي يا نقصان ڏئي سگهي.
    مطلب:
    135.1 مخلوق جي ڀيٽ ۾ خالق کي ناراض نه ڪجي. لک دفعا مخلوق کي ناراض ڪرڻو پوي ته ڪجي پر هڪ رب کي لمحي لاءِ به ناراض نه ڪجي.
    135.2 سر ۾ پکي هڪڙو، پارهيڙي پنجاه، جي رب ڏئي پناه، ته سر ۾ پکي سرهو.
    135.3 مارڻ واري کان، جيئارڻ/بچائڻ/رکڻ وارو ويجهو آهي.
    135.4 هڪڙو رسي نه رانجهن، جڳ جي رٺو ته ڇا ٿيو.

    136. لھي لٽاڪو، ڇٽي ڦٽاڪو. (تڪبند ٻول)
    لٽاڪو؛ انتظار، بيقراريءَ واري فڪرات.
    لھي؛ ختم ٿئي.
    ڇٽي؛ جوهر ڏيکاري.
    ڦٽاڪو؛ ڇڙڻ واري گندرف سان جڙيل گولو.
    ڪي ڦٽاڪا اهڙا هوندا آهن، جو تيلي ڏيئي سمجهبو آهي ته اجهو ڇٽو. ڇٽڻ واري ٺڪاءَ کان اڳ ڪنن کي به هٿ ڏبا آھن. جڏهن چڱي خاصي دير تائين به نه ڇٽن ۽ ڪنن مان هٿ ڪڍي وري ڏسبو اٿن ۽ ان وقت ٺڪاءَ سان ڇٽي پوندا آهن ته دل ۾ ٽاهه وجهي ڇڏيندا آهن. دل چوندي آهي ته جيڪر اهڙا ڦٽاڪا ڪنن تي هٿ رکڻ وقت ڇٽي پون ۽ انتظار نه ڪرائين.
    مطلب:
    136.1 ڦڏي/ڌانڌل کي ختم ڪرڻ لاءِ، ڌنڌي وارا ائين مثال ڏيندا آهن.

    م

    137. ماتا؛ ماري يا کاري. (چوڻي)
    ماتا؛ بيماريءَ جو قسم آهي، جنھن ۾ سڄي جسم تي نرم نرم ۽ گرم گرم داڻا نڪري پوندا آهن. جسم اندر ڪڻس ۽ بخار تنھن کان سواءِ ٿيندا آهن. ننڍن ٻارن کي، خاص طور ٿيندي آهي, جنھن جي سٽ گهڻا ٻار نه سهي سگهندا آهن ۽ مري ويندا آهن. وري جيڪي بچي ويندا آهن، تن جي چھري وغيره تي اهڙا چُٽا ۽ چُگهه ٺھي پوندا آهن، جن سان سندن چهري جي ساڳي رونق نه رهندي آهي.
    مطلب:
    137.1 ماتا جي بيماري ڏاڍي خطرناڪ آهي.

    138. ماٽيلي ماءُ، پچائي ساهه. (پھاڪو)
    ماٽيلي ماءُ؛ پيءُ جي ٻي زال، ويڳي ماءُ.
    ماسي؛ ماءُ سي يا مان سي، ماءُ جي ڀيڻ.
    جنھن ٻار جي ماءُ ننڍي هوندي مري وئي، تنھن کي هاڻي ماءُ جھڙو پيار، دنيا جي ڪنھن به عورت منجهان نه ٿو ملي سگهي. پيءُ جي ٻي زال به پنھنجي ڄڻيي اولاد کي وڌيڪ گهرندي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ مڙس جي ٻئي اولاد کي پنھنجي اولاد جو ڏائڻ ۽ ملڪيت جو ڀائيوار سمجهي پئي ڌڪاريندي، پئي ان کي تڙڻ لاءِ گهات گهڙيندي.
    مطلب:
    138.1 ويڳي ماءُ جو رويو، ظالماڻو هوندو آهي.
    138.2 ڀيٽيو؛ ننڍي مري نه ماءُ، وڏي مري نه جوءِ،
    ڪنت چڙيلي نا مري، جهڻڪ وهيڻي نه هوءِ.

    139. ماٽيلي ماءُ جي مُـڪ، اونھاري جي لُڪ،
    پوڙهي جي ٿُڪ، جاتي لڳي تاتي سُڪ. (چوڻي)
    ماٽيلي ماءُ، جڏهن مُـڪ هڻندي آهي، تڏهن سندس دل ۾ مامتا جو جذبو نه هوندو آهي، جنھن سببان سندس مُـڪ، ڏاڍي ڳؤري ۽ ساهه ڪڍندڙ هوندي آهي.
    پوڙهي ماڻھو جا اعصاب ڪمزور هوندا آهن. سندس وات ۾ ٺھندڙ سنگھون ۽ گگون چيڙهاليون ۽ گهاٽيون هونديون آهن. ڪمزور اعصابن/ عنصرن سان کانگهارو يا ٿُـڪ اڇليندو آهي پر اڇلجي نه سگهندي آهي. چپ وٽ، کاڏيءَ وٽ يا ڪپڙن کي چھٽيا پيا هوندا آھن ۽ سُڌ به نه پوندي اٿس ته گگ/ سنگهه/ ٿڪ ڪا لڱن/لٽن کي چنبڙي پئي آهي.
    مطلب:
    139.1 ٽئي شيون سڪ ڪندڙ آهن.

    140. ماٺو ماري، تکو تاري،
    سنھو وري ڪوٺا ڳاري. (چوڻي/ پھاڪو)
    ماٺو يا گونگو مينھن، وڏ-ڦڙو ٿي چورن وانگر وسندو آهي. جهور ٻڌي بيھندو آهي ۽ لھڻ جو نالو ئي نه وٺندو آهي. سندس پاڻي وهي ته هلندو آهي پر گهڻي هئڻ سبب، ڍنڍون ڍورا ڀري، جھنگ ۽ ٻنيون ٻوڙي، پڊ ۽ پوٺا پسائي، انڇر ڇنڇر ڪري ڇڏيندو آهي، جنھن ۾ گهڻيئي حشرات الارض اجل جو شڪار ٿي ويندا آهن.
    تکو مينھن، آيو ۽ اوڪاڻيو. جيترو به ايندو جلدي ايندو ۽ هڪ هنڌ بيھڻ بجاءِ وهڪرو ٺاهي وهڻ شروع ڪندو. جاين جڳھين کي به ايترو نقصان نه ڪندو. گوڙيون ڏيندو ۽ گجگوڙيون ڪندو هليو ويندو آهي.
    سنھو مينھن، آهستي آهستي وسندو آهي ۽ گهڻي دير تائين وسندو آهي. پاڻي ته ٿورو پوندو آهي پر جيڪو پوندو آهي سو آهستي آهستي زمين ۾ جذب ٿيندو ويندو آهي، جنھن سان جاين جون پاڙون ڪمزور ۽ جڏيون ٿي، آءُ ڪنديون آهن.
    مطلب:
    140.1 مينھن وسي ٻه پھر، ڇنو ٽمي ڇھ پھر.

    141. مانِ نه مانِ، مئن تيرا مھمان. (ورجيسي جملو)
    مھمان اهو آهي جيڪو وقت پوڻ تي، گهڙي پل لاءِ اچي ۽ آساس وٺي نڪتو هليو وڃي. ان جي برعڪس جيڪي زوريءَ اچي ٽڪن، رڳو مانيون کائين ۽ بي وقتيون چانھيون پيئن، تن کي مھمان ڪين سڏبو آهي. بلڪ کين بلاءِ جان سڏبو آهي.
    مطلب:
    141.1 زوريءَ ڳچيءَ پوڻ واري مھمان کي انھن لفظن سان ٽوڪبو آهي.
    141.2 جن ڇڏي، ڀوت ڇڏي، مان نه ڇڏيانءِ.
    141.3 هڙ کائي ويندوسانءِ، بي ايماني اصل نه ڪندوسانءِ.

    142. مڙس ته ڦڏو، نه ته جڏو. (پھاڪو)
    ڦڏا ڦڙا به زندگيءَ جو حصو آهن. ڪي کانئن پيا ڪترائيندا ۽ لنوائيندا آهن. انھن افعالن تي ملڪيتون لٽرائي، ڪنڊ ۾ ويھي پيا روئندا آهن. مڙسي انھيءَ کي نه چئبو آهي. مڙسي انھيءَ ۾ آهي ته ننگ، جان ۽ مال تي حملو ڪندڙ سان مھاڏو اٽڪائجي ۽ ساڻس اکيون اکين ۾ ملائي ڳالھائجي. اڃا ناحق کان نه مڙي ته سندس اکيون ۽ ڦڦڙ ڪڍي ڇڏجن.
    مطلب:
    142.1 جان تي آيل ڦڏي سان، مڙس ماڻھو ٿي منھن ڏجي.
    142.2 جهيڙو ڳچيءَ پوي ته ڳچيءَ جو هار سمجهي پائجي.

    143. مڙس مڱيو ته سنگت کان ويو،
    جوان پرڻيو ته مٽن مائٽن کان ويو،
    ٻڍي ڄايس ٻار ته پاڻ کان ويو. (چوڻي).
    مڱجڻ کان پوءِ، ماڻھوءَ کي گهر ٺاهڻ ۽ پنھنجي ونيءَ کي گهر ۾ آڻڻ لاءِ ٽپڙ ٽاڙي ڪٺو ڪرڻ ڏانھن ڌيان وڃي ٿو ۽ نتيجي ۾ سنگت کان خيال کڄي وڃي ٿو.
    شاديءَ کان پوءِ، زال جو ٿي وڃي ٿو ۽ اولاد جي تمنا ڪري ٿو. ان لاءِ ڪٺو ڪري رکڻ، جايون جوڙائڻ ۾ لڳي وڃي ٿو. کيس اولاد جو مفاد، مٽن مائٽن جي مفاد کان وڌيڪ عزيز لڳي ٿو. جنھن سببان مائرن ۽ ڀينرن، ڀائرن ۽ پيئرن سان ساڳيو سلوڪ نه ٿو رهيس. آهستي آهستي اهي به هٿ ڪڍڻ شروع ڪن ٿا.
    جڏهن ٻار ڄمنس ٿا، ته پوءِ پنھنجي جان کان وڌيڪ انھن جي ڳڻتي لڳندس. پاڻ نه وهنجندو، انھن لاءِ صابڻ پيو وٺي ايندو. پاڻ چتين لڳل ڪپڙا پائيندو، انھن لاءِ ڀلا وڳا پيو آڻيندو. پاڻ کي پيرن ۾ جتي ڇڳل هوندس، انھن لاءِ سون مين پيو خريد ڪندو.
    مطلب:
    143.1 شاديءَ سان، ماڻھوءَ جي زندگيءَ ۾ وڏا انقلاب اچن ٿا.
    143.2 ڀيٽيو؛ ڪنواري بادشاهي، مڱڻي پئي ڦاهي، پرڻي کان پوءِ، ٿيو چلهه جي واهي.
    144. مڙس هيڻو هيڻو، ته به زال کان ٻيڻو. (چوڻي)
    مرد ۽ عورت جي جسم جي ساخت ڪجهه عجيب آهي. عورت جسماني ۽ اعصابي طرح، مرد جي ڀيٽ ۾ ڪمزور هوندي آهي. ڪيڏي به سڀر هجي پر سندس ڀيٽ ۾ ڪرڙين کاڌو مرد، وري به مرد آهي. مرد کي مٿانھين حيثيت آهي. عورت جي ڪاميابي انھيءَ ۾ آهي ته مرد سان هيٺانھينءَ سان هلي. سندس تحفظ انھيءَ ۾ آهي.
    مطلب:
    144.1 ڇڙهي عورت کي هر ڪو پيو تڪيندو. جيڪڏهن اها عورت ڪنھن ڪرڙين کاڌي مرد جي پِناري پيل آهي، تڏهن به هر ڪو کانئس پاسو ڪري پيو هلندو. اهو فطري خاصو آهي.

    145. مسلماني، بصر ماني. (چوڻي)
    بصر سان ماني کائڻ، غربت جي نشاني به آهي ته سادي زندگي گذارڻ جي نشاني پڻ آهي. مسلمان ويچارا، گهڻي جي هٻڇ/ لالچ نه ڪن. سادي زندگي گهارين، سادو پھرين ۽ سادو هنڊائين.
    مطلب:
    145.1 مسلمانيءَ جي نشاني، سادي زندگي گهارڻ آهي.
    145.2 مسلمان اهو آهي، جنھن جي هٿ ۽ زبان کان ٻيو مسلمان محفوظ رهي.
    145.3 مسلماني، آساني.
    145.4 ٻين لاءِ آساني پيدا ڪرڻ ۾ مسلماني آهي.
    145.5 پنھنجي پيٽ کي، اوليت تي ٺوسي ڀرڻ ۾ مسلماني ناهي.

    146. مک ۾ رام، بغل ۾ ڇري. (ورجيس)
    جنھن ماڻھوءَ جي زبان تي رام جو نام يا رب جو نالو هجي، هرڪو منجهانئس پرهيزگار هئڻ جي اميد پيو رکندو، ڇو جو جيڪو ڌڻيءَ جي نالي جو ذڪر ڪري ٿو، سو پڪ کانئس ڊڄندو هوندو. ان جي برعڪس ڪو ڍونگي، ڍونگ رچائي، ظاهري طرح مالڪ جو نالو پيو پڪاري ۽ اندر ۾ پنھنجي نفس جون خواهشون زنده رکيو اچي ته پوءِ اهو ته ظالم چئبو.
    مطلب:
    146.1 زبان تي الله الله، دل ۾ ’گائو و خر.‘
    146.2 اندر ڪارو ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنج جي.
    146.3 هٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇري.
    146.4 ڀيٽيو؛ رام رام جپ، پرايون ڳنڍيون ڪپ.

    147. منھن-ڪنئري، ڳٽا پٽائي. (پھاڪو)
    منھن-ڪنئري؛ نرم ڳٽن واري، جنھن ڏانھن هر ڪو ڇڪجي اچي پر هيءَ نرم لفظن سان مرڪي پئي موٽ ڏئي، نه ڪنھن کي اک ڏيکاري، نه تڙي پٽي. پوءِ ته هر ڪنھن جي مٿس سَڌَ ۽ ڪاههَ هوندي. آخر ڪنئرا ۽ نرم ڳٽڙا به پٽائيندي.
    مطلب:
    147.1 منھن جو شوخ ٿيڻ سان، جان ۽ مال جو بچاءُ آهي.
    147.2 مٺي پاڻيءَ جي چشمي تي؛ ماڻھو، مرون، پکي ۽ ماڪوڙا مِڙن ٿا.
    147.3 ڳڙ جي مٺاڻ تي، ڪوِليون ۽ ماڪوڙا چنبڙن ٿا.
    147.4 سھڻي شڪل ۽ نرم گفتي تي چڱا ڀلا هرکجي پون ٿا.

    148. منھن ملان جو، اکيون چور جون. (ورجيس)
    ملان، مذهبي پيشوا آهي، جيڪو بظاهر لٽي ڪپڙي ۽ ڊيل ڊول ۾ عام ماڻھن کان مختلف نظر ايندو آهي. سندس شڪل ڏسي، منجهانئس هرڪو خدا ترسيءَ جي اميد رکندو آهي. ڪي وجھي ملان، ماڻھن جي توقعات جو غلط فائدو وٺندي، پنھنجي شيطاني خواهشن کي اڳتي ڪندا آهن، جن سببان ڏٺا وٺا ٿيندا آهن.
    مطلب:
    148.1 جنھن ماڻھوءَ جو ظاهر ۽ باطن هڪجھڙو نه هجي، تنھن لاءِ ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.
    148.2 ڪڻڪ ڏيکاري، جَوَ وڪڻندڙ.
    148.3 منھن ۾ ملان، اندر ۾ ابليس.
    148.4 منھن ۾ موسى، اندر ۾ ابليس.
    148.5 منھن مور جو، اکيون چور جون.
    148.6 منھن ۾ ملان، ڄنگهن ۾ کوسو.
    148.7 ڀيٽيو؛ مک ۾ رام، بغل ۾ ڇري.

    149. موت نه پڇي مائٽي، نه پڇي تٿ نه وار. (چوڻي)
    موت جو ذائقو هر هڪ ساهدار کي چکڻو آهي. ڪال ايندو ته اچي ڪڙڪندو. نه ان جي ڪنھن سان مائٽي آهي، جو سندس لحاظ ڪري، نه ئي وري ڪنھن کي تاريخ ڏئي ايندو. ڪنھن به وقت، مٿان اچي ڪڙڪندو، تنھنڪري سندس اچڻ کان اڳي تياري ڪري وٺجي. جواني ۽ ٻڍائپ تي، موت جو دارومدار، ناهي. ڌڻيءَ جي مرضي آهي، جڏهن به جنھن کي وڻيس تنھن کي گهرائي وٺي. موت جو ٻولايو پيو آهي، نئين سر ٻولائي يا وقفو/وٿي ڏئي نه ايندو. پوري وقت تي اچي ڪنڌ تي ڪڙڪو ڪندو.
    مطلب:
    149.1 موت جي اڳواٽ تياري ڪري ڇڏجي. قرض لاهي ڇڏجن، حق حقدارن کي ۽ مال وارثن ۾ ورهائي ڇڏجي.
    149.2 بک نه پڇي ڳنڌڻ، ننڊ نه پڇي اوڇڻ.
    149.3 Death keeps no calendar.

    ن

    150. نانا نورا، ليکا پورا. (تڪبند ورجيس)
    نوري نالي، ڪنھن جي ناني کي، هر شيءِ ۾ هٿ وجهڻ ۽ ھر معاملي ۾ ٽنگ اڙائڻ جي عادت هئي. جيستائين ڪنھن معاملي ۾ پنھنجي عقل سارو چرخو نه ڦيرائيندو هيو تيسين مزو نه ايندو هيس. وري تيستائين هٿ نه ڪڍندو هيس، جيستائين ان جو ليکو نه لاهي، تنھنڪري ھر ڪو سندس لاءِ ائين چئي، کيس چيڙائڻ جي ڪندو آھي.
    مطلب:
    150.1 حرڪتي ٻار، جيڪو گهر جي جنھن ٽپڙ پويان پوي ۽ سندس ستياناس ڪرڻ کان اڳ جان نه ڇڏي، اهڙي ٻار کي اهڙي نقصان ڪرڻ کان پوءِ ٽوڪ طور ائين چئبو آهي؛ ”تنھنجي هٿ ۾ آهي ڇنڇر، جيسين شيءِ جو خاتمو نه ڪرين، تيسين ٽڪاءُ نه اچئي. هاڻي ته پچر ڇڏ. نانا نورا، ليکا پورا.“
    150.2 دادا ڌورا، ليکا پورا.
    150.3 داد اڌورا، ليکا پورا.

    151. نڪا گهٽ گهوٽ ۾، نڪا ڪمي منجهه ڪنوار. (ورجيس)
    ٻه ڏاڍيون ڌريون، پاڻ ۾ جهيڙو ڪن ۽ نبرن نه، ته پوءِ ٻيا به سندن معاملي ۾ ڪين پون. ڇو جو هڪڙي هيڻي هجي ته ان جي ڌر ٿين يا ڏاڍيءَ کي اڻ-ڌريو ٿي نصيحت ڪن. هتي ٻئي هڪ-ڪريون، ڏاڍ مڙسيءَ ۽ لنگهائپ تي گامزن آهن، تنھنڪري ڪنھن هڪ کي به ڪير نه چئي سگھندو.
    مطلب:
    151.1 گهٽ هڪ ڌر ۾ ناهي، ٻئي هڪ ٻئي کان ٻه ٽڪا زور آهن.
    151.2 ٻن ڏاڍن جي معاملي ۾ پوڻ کان لنوائڻ وارا، دليل طور ائين مثال ڏئي جان ڇڏائيندا آهن.

    152. نڪ نه ناسان، سنگهان ڇا سان؟ (ورجيس)
    نڪ يا ناس جو هجڻ، حياداريءَ جو دليل هوندو آهي. جيڪڏهن ڪنھن ماڻھوءَ کي هڪڙا پاڻ وٽ اچڻ کان روڪين ۽ هو تڏهن به نه مڙي ۽ وري وٽن اچي ته کيس چوندا آهن؛ ”تو کي ته نڪ ئي ناهي. وري آيو آهين!“ يا چوندا آھن؛ ”نڪ هجئي ها ته وڃي ڪٿي ٻڏي مرين ها.“ يا چوندا آهن؛ ”فلاڻي کي ته لوسڻ جو نڪ آهي. جيڏو وڍينس اوڏو وڌيو اچيس.“
    مطلب:
    152.1 جنھن کي حياداري نه ھجي، تنھن لاءِ نڪ ۽ ناس نه هجڻ جي تمثيل جوڙيندا آهن.
    152.2 ”لڀيس کاڻي پائي به نه، وتي ٿو وڏا خرچ ڪندو. نڪ نه ناسان، سنگهي ڇا سان؟“
    152.3 نه نڪ، نه ناس؛ وچان ئي ٻي واس/ واٽ.
    152.4 نه نڪ، نه ناسان؛ کٽ چڙهه، ٻھ کاسان!
    152.5 فلاڻي کي ڪو ننڍو وڏو آهي ڪو نه جو جهليس، نه ئي وري ناس پتو/نڪ پتو اٿس جو رڪجي پوي.

    153. ننڍڙا ٻار، گلي جا هار. (چوڻي)
    ننڍڙو ٻار، وڏڙن لاءِ وندر ۽ ورونھن آهي. ٻار کي وڏا پرڀائين ۽ پرچائين ٿا ته ننڍڙا ٻار وري ٻڍڙن جي ڳچيءَ ۾ ٻانھون وجهي جڏهن جهولن ٿا تڏهن سرچندي ٻڍڙا محسوس ڪن ٿا ته ڄڻ سندن ڳچيءَ ۾ سون چانديءَ کان وڌ قيمتي هار پيل آهن.
    ٻارن کان سواءِ گهر ٻُسو ۽ اوطاق وانگر لڳندو آهي. ننڍڙا، فرشتن وانگر معصوم، چالاڪين ۽ خود غرضين کان پاڪ هوندا آهن. ٻاتڙين ٻولين سان گرهست جيون جي باغيچي کي سرڳ ڌام بڻائي ٿا ڇڏين.
    مطلب:
    153.1 ٻار، هينئين جا ٺار آهن.
    153.2 ٻار، آئنده جا ابا ۽ مستقبل جا وارث آهن.

    154. ننڍي مري نه ماءُ، وڏي مري نه جوءِ. (چوڻي)
    لاڏ ڪوڏ سان پالڻ، ماءُ کان پوءِ دنگ آهي. ٻالڪ اوسٿا ۾ جيئن ماءُ انگل آرا سھي ٿي ۽ بک ڏک تي پيٽ مان ڪڍي به پالي ٿي يا پاڻ تي سھي ٻچي کي ڪوسو واءُ لڳڻ نه ٿي ڏئي، تيئن ڪا به نه ٿي ڪري سگهي. جنھن کان قدرت ڪچيءَ ۾ ماءُ جو سايو هٽائي ڇڏيو، ماءُ جو قدر تنھن کان پڇو! ڪيئن نه نڌڻڪو ٿي پليو آ! پيءُ ماءُ ملڻ وري محال آهي.
    ٻڍائپ ۾ مرد کي، ساٿيءَ/همدرد جي سخت/اشد ضرورت آهي، جيڪو قدرت زال جي صورت ۾ مھيا ڪيو آهي. ان ساٿ ڇڏيو، ڄڻ زمين پيرن هيٺان نڪري وئي. گهڙي پل به جالڻ اهنجو ٿي وڃي ٿو، ڇو جو ان عمر ۾ کيس ٻي زال ملڻ محال آهي.
    مطلب:
    154.1 اهڙيءَ طرح نوجوان عورت جو مڙس مئو ته ڄڻ جھان ئي مري ويو. رڳو جهڻڪن ۽ سھمن ۾ پئي گذاريندي. طعنن تنڪن جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿئي ٿي. ٻيو مڙس مليس ته به پھرئين جھڙي آسيس منجهانئس نه ملنديس.
    154.2 ننڍڙي مري نه ماءُ، ٻڍڙي مري نه جوءِ،
    ڪنت چُڙيلي نا مري، مت جهڻڪ وهيڻي هوءِ.

    155. نئين ڪنوار نَوَ ڏينھن، ڇنڊي ڦوڪي ڏھ ڏينھن،
    يارهون ڏينھن پيس، عزت مانُ ويس. (چوڻي/پھاڪو).
    نئين جاءِ تي وڃڻ وارو، نئين ماحول ۾ پاڻ کي اوپرو اوپرو پيو محسوس ڪندو آهي. حجاب ۽ موشو گهڻو هوندو اٿس. مھمان هجي يا نئين پرڻيل ڪنوار هجي. مھمان کي ته ٻه چار گهڙيون ترسي هليو وڃڻو آهي پر ڪنوار کي ته باقي زندگي مڙس جي گهر ۾ گذارڻي آهي، تنھنڪري سندس نئين هجڻ جو وقت ٿورو آهي پوءِ يڪدم گهر ڀاتين سان هري مري، آخر گهر جي نوڪرياڻي پوءِ مالڪياڻي ٿي ويھي رھڻو آهي.
    مطلب:
    155.1 نخرو، گهڻو وقت نه ٿو هلي.
    155.2 کھنبي جو چٽڪو، چار ڏينھن.

    156. نياڻي نماڻي؛ گهر جي راڻي. (چوڻي)
    نياڻي؛ نماڻي ٿيندي آهي. پٽ جي ڀيٽ ۾ سٻاجهڙي، چئي وان، فرمانبردار ۽ سھپ واري. ڪيڏو به ستائبس، وات مان ٻڙڪ نه ڪڇندي. پنھنجي منھن پئي جهڄندي، ورندي نه ڏيندي. انھيءَ سڀاءَ سبب، گهر جي ڀاتين جون دليون جيتي، گهر جي راڻي لڳي پئي هوندي آهي. هر هڪ سندس خيال ڪندو آهي. سندس هر چاهنا سِرَ اکين تي رکندو آهي.
    مطلب:
    156.1 نياڻين جو، گهر جي سونھن/ رونق ۾، وڏو حصو آهي.
    156.2 نياڻيون، گهر کي جنت بڻائين ٿيون. گهر کي جرڪائي، صاف سٿرو رکي، من موهيندڙ ڪري ڇڏين ٿيون.
    156.3 نياڻيءَ کان سواءِ گھر، ڄڻ اوطاق.

    157. نيت بد، روٽي رد. (چوڻي)
    عملن جو دارومدار نيت تي آهي. جنھن ماڻھوءَ، ٻئي سان بد-نيتي ڪري ڪو معاملو ڪيو، پوءِ اڳلي کي ڀلي ان جي خبر نه به پوي، تڏهن به بد-نيتي ڪرڻ واري کي موٽ ۾ نقصان ضرور رسندو.
    بد-نيت ماڻھوءَ کي، پنھنجي نيت هَر هَر پئي هُر هُر ڪندي. قرار نه هوندس. بيچينيءَ سببان پاڻ کي پيو اگهاڙو ڪندو. ڀؤ هوندس ته جي سر تي ٻري آئي ته روٽي پاڻي حرام ٿي ويندو.
    مطلب:
    157.1 نيت آهي نانگ، کوٽن کي ٿي کائي.
    157.2 جنھن جي نيت بد، تنھن جي روٽي ئي رد.
    157.3 جيڪو کڏ ٻئي لاءِ کڻي، سو منجھس پاڻ ضرور پوي.
    157.4 ڀيٽيو؛ چور جي ماءُ، ڪنڊ ۾ روئي.

    و

    158. وات کائي، اک لڄائي. (چوڻي)
    ڪنھن جي به گهر ۾ وڃي ڪا شي کائڻ ته سولي آهي. جڏهن اهو اچي ۽ سندس خاطر مدارت ساڳي نه ٿئي ته شرمساري ٿيندي آهي، ڇو جو اُتي کائڻ لاءِ وات ته کائي ويو، هتي اک ملائڻ ملائي نه سگهبي آهي.
    مطلب:
    158.1 ڪير ٿورو ڪري ته جلد ان جو ٿورو لاهجي.
    158.2 هڪڙن عضون/ڀاتين جي ڪيل ڪڌن ڪمن سبب، ٻيا عضوا/ڀاتي لوڙين ٿا.

    159. وار نه ونگو، ڏينھن نه ڏنگو. (اصطلاحي ورجيس)
    وار ونگو ٿيڻ؛ تڪليف ٿيڻ، بيماري ٿيڻ.
    ڏينھن ڏنگو ٿيڻ؛ مصيبت اچڻ.
    مائرون پنھنجي ٻچڙي تان ٻلھار وينديون آهن. کين ڪوسو واءُ لڳڻ نه ڏينديون آهن. ٻچڙي جي سر بخت جو خير گهرندي، باسون باسينديون آھن ۽ چونديون آهن؛ ”ٻچڙي جو وار ونگو، ڏينھن ڏنگو نه ٿئي“.
    مطلب:
    159.1 رنجهه ڪنجهه نه ٿئي.

    160. واڻيو پنج نه سھي، پنجاهه سھي. (پھاڪو)
    واڻيو؛ دڪاندار هر سودي ۾ پڪائي ڪندو آهي. گراهڪن سان پنجن روپين جي به پيو پڪائي ڪندو. پنجين روپئي جي پڪائي ڪري، سودو کاري ڇڏيندو. آخر ۾ اها شيءِ يا وٺڻ وارو ڪير نه هوندس يا رکئي رکئي ملهه وڃائي ويھندي آهي. پوءِ ته پنجاهه روپيا ٽوٽ کائي به نيڪال ڪرڻي پوندس. جيڪڏهن رقم هڪ شيءِ ۾ سيڙائي ڇڏيندو ۽ اها نه کپندس ته دڪان جو ڪاروبار ئي ٺَپ ٿي ويندس.
    مطلب:
    160.1 پڪو ماڻھو، ٿوري پڪائيءَ جي ڪري، وڏو نقصان ڪندو آهي.
    160.2 سستا روئي بار بار، مھنگا روئي هڪ وار.
    160.3 ڪنجوس، مکي چوس جي ڪاروبار ۾ برڪت نه پوندي آهي.

    161. وڃڻ واري ڌيئڙي، کلڻ وارو لوڪ. (پھاڪو)
    شاديءَ جي موقعي تي ڪنوار ويچاري، پيڪي گهر کان جدا ٿيڻ سبب پيئي روئندي آهي. جڏهن ته گهوٽيتن سان گڏ آيل پوري ڄڃ، پئي خوشيون ملھائيندي آهي.
    مطلب:
    161.1 ڌيءُ جي جدا ٿيڻ تي والدين ويچارن جا هيانءَ کاڌل هوندا آهن ۽ ٻيا ماڻھو پيا خوشي ڪندا آهن.
    161.2 مروان موت، ملوڪان شڪار.
    161.3 جا جاءِ جلي، هنڌ اوه ٻلي.
    161.4 جتي باهه ٻري، سيڪ اتي اچي، ڪھڙو سيڪ اچي، پاڙيوارن کي!
    161.5 دردِ دل، درد آشنا داندِ.

    162. وڌيو وياءُ، ٿيو شاهه. (چوڻي)
    وياءُ؛ ڌيءَ ڌڻ
    شاهه؛ عقل ۾ پر، جنھن کان ٻيون عقل پرائين.
    ڌيءُ جيئن وڌندي آهي، تيئن عقل ۾ پُر ٿيندي آهي. ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾ ڀڙ ۽ لفظن محاورن استعمال ڪرڻ ۾ ماهر هوندي آهي. آخر کيس پنھنجي ڄاون کي ٻولي ۽ ڳالھائڻ به سيکارڻو آهي. ٻار جو پھريون استاد هئڻ سبب، کيس شاهه به سڏبو آهي.
    مطلب:
    162.1 عورت جي سمجهه ٻوجهه ۾ عمر سارو واڌارو اچي ٿو.

    163. وڏو؛ جڏو. (چوڻي)
    جڏو؛ اکين کان معذور يا انڌو. ڄنگهن کان معذور يا منڊو. هٿن کان معذور يا ٽنڊو.
    وڏي کي جڏي سان مشابھت ان ڪري آهي جو ٻئي هڪ هنڌ ويٺا هوندا آهن ۽ ننڍن/ ٻين تي حڪم هلائي، ڪم ڪڍندا آهن. پاڻ ڪم نه ڪندا آهن. وڏو ننڍن تي رعب ڪندو آهي ۽ جڏو پنھنجي ڪمزوريءَ سبب، ٻين جون همدرديون حاصل ڪندو آهي ۽ نتيجي ۾ پيو حڪم هلائيندو آهي.
    مطلب:
    163.1 نکمڻي ۽ ٽوٽيءَ کي، وڏو جڏو ڪري سڏيو ويندو آهي. چئبو آهي؛ ”وڏو جڏو ٿيو آهين پر ارڪان/ لڇڻ ڪونه سڌاريئه“.
    163.2 وڏو ڀاءُ ٿيڻ کان گڏھ ٿيڻ چڱو، ننڍو ڀاءُ ٿيڻ کان ڪتو ٿيڻ چڱو.

    164. وڻن ٻور، لڱن سور. (چوڻي)
    بھار جي مند کان ٿورو اڳ، ٻير ۽ انب وغيره ۾ ٻور ٿيندو آهي. ٻور تي مختلف قسم جا جراثيم اچي مِڙندا آهن. هوائن لڳڻ سان اهي جراثيم اڏامي اکين ۽ نڪ ذريعي ماڻھوءَ تي حملو ڪندا آهن ۽ بيماريون آڻيندا آهن. تپاولي ۽ اکين اٿڻ جھڙيون بيماريون عام خاص ٿي پونديون آهن. لڱن ۾ ڪڻس تنھن کان سواءِ رهندي آهي.
    مطلب:
    164.1 وڻن ۾ ٻور لڳڻ سان، موسمي اثرات پڻ مرتب ٿيندا آهن.
    165. ويجهو، ڪوجهو. (پھاڪو)
    ويجهي رهڻ سان خوبيون ظاهر ٿين نه ٿين پر خاميون گهڻيون نروار ٿينديون آهن. ويجهي کان شيءِ جي سونھن، پري جي ڀيٽ ۾ گهٽ نظر ايندي آهي. دهل جو آواز به پري کان وڻندو آهي. سڪ به پري رهڻ سبب وڌندي آهي. عشق به پري رهڻ سبب قائم هوندو آهي.
    مطلب:
    165.1 ويجهي شيءِ جو قدر گهٽجي وڃي ٿو.
    165.2 ڏوريان ڏوريان، شال مَ مِلان هوت،
    من اندر جا لوچ، ملڻ سان ماٺي ٿئي.
    165.3 ٻولت ٻولت، وڌي وقار.
    165.4 جلدي جلدي اچڻ، قدر کي گهٽائي ڇڏي ٿو.

    هه

    166. هڏ به ڏجي، هڙ به ڏجي. (ورجيس)
    هڪڙا ماڻھو، ٿوري مان ڪين ڄاڻندا آهن. هڪڙو ڪم ڪبو اٿن ته وري مٿان ٻيو لاڳو ڪم به چئي ڇڏيندا آهن. جھڙوڪ؛ هڪڙي کي ڪپڙن جي مشين سبڻ لاءِ اڌاري کپي. ڏيڻ کان پوءِ چوي؛ هاڻي مون کي رلي به سبي ڏيو.
    يا هڪڙي کي گهر جي اڏاوت لاءِ لوهه ۽ سيمينٽ کپي. اوڌر تي اهو وٺرائي ڏيڻ کان پوءِ سوال ڪري ته؛ ”مون کي ٽرئڪٽر تي گهر پھچائي ڏيو.“ اهڙي حالت ۾ اوڌر ڏيڻ وارو چڙي چوندس؛ ”هڏ به ڏيون، هڙ به ڏيون، کڻي به ڏيون ۽ پھچائي به ڏيون!“
    مطلب:
    166.1 جيڪو تن من ۽ ڌن سان ڪيل ٿوري جو مان نه ڪري، تنھن کي ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.
    166.2 لڏ به ڏي لڏاڻي به ڏي، لڏ جو لڏيندڙ به ڏي.

    167. هڙ ئي هلاڪ. (ورجيس)
    هڙئي هلاڪ ٿيڻ (اصطلاح)؛ سڀڪجهه تباهه ٿيڻ.
    هلاڪ ٿيڻ؛ ٿڪجي پوڻ.
    جيڪو محنت ڪرڻ کان پوءِ، فائدي بدران نقصان ڏيکاري ۽ سيڙايل موڙي به تباھ ڏيکاري، مٿان نوڪرن چاڪرن جي پگھارن جي به رھت جو بل ڪڍي، تنھن لاءِ ائين مثال ڏبو آهي.
    مطلب:
    167.1 ڍينگو ئي ڍيري (ٿيڻ).
    167.2 ڀيٽيو؛ چوٿڙو ئي چٽ.

    168. هڪ اڌ ۾، ٻيو پنڌ ۾. (ورجيس)
    ھڪڙا سودائي ماڻھو به ٿيندا آهن، جيڪي هڪڙو ڪم اڌ ۾ هوندي، ٻيو شروع ڪري ڏيندا آهن. يڪدم ان مان به دل اُڪتائجي ويندي اٿن ته حرص/ هوس ۾ ٽيون ڪم وڃي شروع ڪندا آهن. ساهه ستيءَ سان، هڪ ڪم به پورو نه ڪندا آهن. جنھن سببان ڪو به ڪم مڪمل ڪري، منجهانئس جوڳو فائدو حاصل نه ڪري سگهندا آهن.
    مطلب:
    168.1 ڪو به ڪم ڪجي ته توڙ تائين ڪجي، جيئن مڪمل ٿي وڃي. هڪ اڌ ۾، ٻيو پنڌ ۾ ۽ ٽيون ڪنڌ ۾ نه ڪجي.

    169. هڪ هٿ چوٽيءَ ۾، ٻيو هٿ سوٽيءَ ۾. (ورجيس)
    استاد شاگرد کي مار ڏيڻ وقت، هڪ هٿ سان چوٽيءَ/ مٿي کان جهليندو آهي ۽ ٻئي هٿ سان کيس لڪڻ هڻندو آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ استاد لاءِ چئبو آهي؛ ”وڏو ظالم آهي، سندس هڪ هٿ شاگرد جي چوٽيءَ ۾ آهي ته ٻيو سوٽيءَ ۾ آهي. اهڙي مارڻي ماستر وٽ ٻچا ڪير پڙهائيندو. هڻي ٻارن جا عضوا ئي کاري وجهي“.
    مطلب:
    169.1 ٻنھي هٿن سان موچڙا ڏيڻ.
    169.2 مار ڏيڻ لاءِ لاهي پاهي بيھي رهڻ.
    169.3 هر مسئلي جو حل، مار موچڙي ۾ سمجهڻ واري لاءِ ائين مثال ڏبو آهي.
    169.4 هڪ پير ريل ۾، ٻيو جيل ۾.
    169.5 هڪ هٿ کير ۾، ٻيو هٿ نير ۾.

    170. هنر واري جي گهڙي، بي هنر جي ڄمار. (پھاڪو)
    هنر وارو ماڻھو جيڪو ڪم يا ڪمائي، گهڙيءَ ۾ ڪري ٿو سا بي هنر ماڻھو، سڄي عمر ۾ به نه ٿو ڪري. هنر واري وٽ گهڙي ويھڻ به ڀلي. ان گهڙيءَ ۾ کانئس ايترو ڪجهه سکي وٺبو، جيترو جاهل کان سڄي عمر لڳائڻ سان به نه سکي سگهبو.
    مطلب:
    170.1 هنر وارو ٿجي پوءِ ڀلي گهڙيءَ سوا جي عمر ملي. ان کان بھتر آهي جو گهڻي عمر ملي ۽ بي هنر رهجي.
    170.2 گدڙ جي سؤ ساله زندگيءَ کان شينھن جي زندگيءَ جو هڪ ڏينھن بھتر آهي.
    170.3 ھنر واري جو ھنر، بي ھنر جي بيک.
    170.4 ھنر، نر آ.

    171. هڻي مُـڪَ، ڪري سُڪَ. (ورجيس)
    طاقتور ۽ ٻلوان ماڻھوءَ جي مُڪ ئي ڪافي هوندي آهي. ان سان ئي چڱي ڀلي کي سُڪ ڪري ڇڏيندو آهي.
    ماٽيلي ماءُ، انڌو ماڻھو ۽ بي عقل طاقتور، جڏهن مُڪ وهائيندا آهن، تڏهن کين پنھنجي مُڪ جي وزن ۽ مُڪ سھندڙ جي وِتَ جو اندازو نه ٿيندو آهي. پنھنجي شڪار کي هڪ ئي مُـڪ ۾ سڪ ڪري ڇڏيندا آهن.
    مطلب:
    171.1 اهڙو تيسمار خان جو سندس هڪ ٺونشو ئي مخالف لاءِ ڪافي آهي.
    171.2 اهڙو طاقتور جو؛ هڻي مُڪ، ڪري سُڪ. (ورجيس)

    172. يار نه ياري، رشته داري. (ورجيس)
    هجت ٿيندي آهي يار سان، جنھن سان ياري هجي، ڪم به چئبو آهي ان کي، ٻئي کي نه چئبو آهي. يا وري هجت ٿيندي آهي مائٽ يا رشتيداري سان، جنھن سان ڪو سڱ/سياڪو هجي. باقي جنھن سان ڏنگ ڏوڪو ئي نه هجي، تنھن پٺيان لور لور يا لڇ لڇ ڪرڻ، پاڻ کي ڏٺو وٺو ڪرڻ جي مترادف آهي.
    مطلب:
    172.1 جيڪي لڳڻيءَ ٻيڙيءَ وانگر، اڻ واقفن سان به ڪلھي گس ڪن ۽ موٽ ۾ کين اڳلو کنگهي به نه، تن لاءِ ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.
    172.2 ڀيٽيو؛ مانِ نه مانِ، مئن تيرا مھمان.

    173. يار ياراڻي، معاملو صفا. (چوڻي)
    دوستي رکجي ته نباهجي. دوستي ۾ هر معاملو صاف رکجي. اِٽڪي ٻِٽڪي نه ڪجي. اير ڦير ڪرڻ سان سنگت هلي نه سگهندي. جيڪا به ڳالهه ڪرڻي هجي، ڪنھن طريقي سان منھن تي چئي ڏجي. نه پنھنجي دل تي تور رکجي ۽ نه ئي اڳلي ۾ گمان رکجي. نه پاڻ شڪ جو شڪار ٿجي، نه اڳلي کي گمان جي دلدل ۾ ڌڪي ڇڏجي.
    مطلب:
    173.1 دوستيءَ ۾ ڪنھن به ڳالهه جو رک رکاءُ نه ڪجي.
    173.2 سنگت ۾ سچ ڳالھائجي ۽ روبرو ڳالھائجي، پر مصلحت سان ڳالھائجي.

    ڏسڻي

    نمبر داخلا
    1. آلا نور، مٿي جا سور. (ورجيس(
    2. آھي ٽپين، کاھي نه ٽپين. (ورجيس(
    3. آئي کي آدر، وئي کي پادر. (ورجيس(
    4. آيا يار، ملا روزگار. (اردو، چوڻي/ پھاڪو)
    5. اٺ پوئتان گھنڊڻي. (ورجيس(
    6. اڄوڪا ٻاوا، کٽ جا پاوا، کائي ماوا، ڪن جاوا. (چوڻي)
    7. اڄوڪا ساڌو، ٻه آڱر واڌو. (چوڻي)
    8. اڇي ڏاڙھي، اٽو خراب. )ورجيس(

    10. اڌ کير، اڌ زنده پير. (ورجيس(

    12. اگھ کٽيو کائجي، وٽ کٽيو نه کائجي. (پھاڪو)
    13. الک! ڏي ڪي ٻه ٽي لک. (تڪ بند جملو)
    14. اندر لنگھڻ، ٻاھر کنگھڻ. (ورجيس(
    15. انڌي ۽ جنڊ، کٽولو ۽ هنڌ، واڻيو ۽ ھٽ، تارازي ۽ وٽ. (چوڻي/پھاڪو)
    16. انسان کي کپي؛ اجھو، اٽو ۽ لٽو. (چوڻي)
    17. اوٻاسي، ننڊ جي ماسي. (چوڻي)
    18. اويلو مھمان، پٽائي پاڻ. (چوڻي/ پھاڪو)
    19. اھڙو سياڻو، جھڙو جيئو ڪاڻو. (ورجيس(
    20. اھڙو مٺو، جھڙو ڪنھن نه ڏٺو. (تڪ بند جملو(
    21. ايڪ ديوي، دس پاوي. (چوڻي)
    22. ايڪ ناري، سدا برھمچاري. (چوڻي)
    23. بار گڏه تي، ھينگي کوتي. (پھاڪو)
    24. بک! وڏا ملند سک. (تڪ بند جملو)

    26. بڻي ته بڻي، نه ته دال روٽي گھڻي. (ورجيس(
    27. بيبي ننڍي، برقعا باري. (ورجيس(
    28. بيٺو کائي انُّ، پيو کائي ڌنُّ. (طبي، چوڻي)
    29. ٻڏڻ ويو آھي وسري، لڏڻ آيو آھي ياد. (ورجيس(
    30. ٻڪري جي ما، ٻچن جو گھڻا ڏينھن خير گھرندي. (پھاڪو)
    31. ڀِتِ پيئي، وِٿِ پيئي. (پھاڪو)
    32. ڀونڪ ڪتا ڀونڪ، ٽُڪر کائي پيو ڀونڪ. (طنزيه تڪ بند جملو)
    33. ٿورو ڪر ڄٽ سان، ڄٽ ڦيري ھڻئي پٽ سان. (پھاڪو)
    34. ٽٻڻي ٽاڻي، ھلي اباڻي. (ورجيس(
    35. ٽپڙ ئي ٽيشڻ تي. (ورجيس(
    36. ٽُڪر گھٽ، ته به جو وٽ. (چوڻي)
    37. ٺلھو چڻو، وڄي گھڻو. (پھاڪو)
    38. ٺونٺ لڳي، ساھيڙي ڀڳي. (پھاڪو)
    39. پاڻ پنان، گھوڙا ڳنھان. (ورجيس(
    40. پر پيو، گھر ويو. (چوڻي)
    41. پر-متڙيو: پڇ-ڪتريو. (چوڻي)
    42. پلاه جھڙي پدمڻي، جب ھڪي حاضر ھو، ٻوھي وجھ پيٽ ۾، مر ته پيٽ ڦاٽي پوءِ. (چوڻي)
    43. پنھنجو، سنھنجو. (چوڻي/ پھاڪو)
    44. پنھنجو گھر، الک جو در. (چوڻي)
    45. پئسا ئي پاڻي ۾. (ورجيس(
    46. پئسي بنا پرشاد، ڏيئي ٻائو ھريرام ڪينڪي. (پھاڪو)
    47. پيٽ ۾ بک، اره ۾ آڪڙ. (ورجيس(
    48. پيٽ ۾ نانھ روٽيان، سڀئي ڳالھيان کوٽيان. (چوڻي)
    49. جاڏي پير، تاڏي خير. (دعائيه جملو)
    50. جڏا جيئاري، مرڪندا ماري. (چوڻي)
    51. جڏھن آئي جو، تڏھن گيان گوش ات ٿيوءِ. (چوڻي)
    52. جنڊ کڻ ته جنڊ ڳؤرو، پڙ کڻ ته پڙ ڳؤرو. (ورجيس(
    53. جنھن جي ھٿ ۾ ڏوئي، بک مري سو ئي. (چوڻي)
    54. جنھن ساھ ڏنو آھي، سو گراھ به ڏيندو. (چوڻي)
    55. جھڙو گھر، تھڙو پر. (ورجيس(
    56. جھڙي ڇالي، تھڙي پني، ھن لاھي ھن کي ڏني. (پھاڪو)
    57. جيڏا شھر، تيڏا قھر. (چوڻي)
    58. جيڪو پيئي ترو، تنھن کي تپ نه ٿئي ٻرو. (چوڻي)
    59. جيڪو مڙيو، سو جڙيو. (چوڻي)
    60. جيڪو ٻن زالن جو ور، تنھن جو مساڻن ۾ گھر. (چوڻي)
    61. جيڪو رسي، تنھن جو ڀاڳ سسي. (چوڻي)
    62. جيڪي وٽيو، سو کٽيو. (ورجيسي جملو)
    63. جيئن ٿڌ، تيئن وڌ. (ورجيس(

    66. ڄٽي نون رونا ياران نون، لي لي نانءَ ڀراوان نون. (پنجابي، پھاڪو)
    67. ڄٽي پُسايو سٽ، واڻيي وڌس وٽي، ڄٽيءَ ليکي واڻيو ڦريو، واڻيي ليکي ڄٽي. (چوڻي/پھاڪو)
    68. جھنگ جھر جي جھرڪي، جھٽي وئي جھار. (پھاڪو)
    69. ”چريا! چيڙايانءِ!“ چي؛ ”چيڙاءِ!“
    70. چري کي چوڙو، ڪڏھن ٻانھن ۾ ڪڏھن نڪ ۾. (پھاڪو)
    71. چلھ ۾ اماڙي، رنڙ کي جو پياري. (تڪ بند چٿر، چوڻي)
    72. چمڙي وڃي، دمڙي نه وڃي. (ورجيس(
    73. چوٿڙو ئي چٽ. (ورجيس(
    74. چور جي ما ڪنڊ ۾ روئي. (پھاڪو)
    75. ڇڙو، ٿڌو گھڙو. (چوڻي)
    76. ڌڪ لڳي ھڪڙن کي ته روئن ٻيا، اچن جي ٽيان، ڳوڙھا ڳاڙيندا وڃن. (ڳجھارت، پھاڪو)
    77. ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي، وار ته ڦڻي، نه ته ڪوڙا کڻي. (پھاڪو)
    78. ڌوٻي ڌوئي، مالڪ روئي. (پھاڪو)
    79. ڌي وجھجي ڪکين، وڃي پوي لکين. (چوڻي)
    80. ڏنو، ٻنو. (چوڻي/ پھاڪو)
    81. ڏي ڏالي، ملئي مالي. (چوڻي)
    82. ڏي ڪڻو، ملئي گھڻو. (چوڻي)
    83. ڏينھن پگھارو، راتيان پارو. (ورجيس(
    84. ڏينھن، شينھن. (چوڻي)
    85. ذرڙي جون، سڀ جي نُھن. (پھاڪو)
    86. رات رھو، صبح پنڌ پئو. (ورجيسي جملو)
    87. راجا جي گھر، موتين جو ڪال؟ (پھاڪو)

    90. رن! پٽيان ڪن. (تڪ بند جملو)
    91. رن ڪراڙي، ملي مساڳ. (ورجيس(
    92. رھي، نه سھي. (ورجيس(
    93. زالاڻي موڙي، جتي رکي اتي پوري. (چوڻي)
    94. زبان آھي ننڍڙي، پر وھ جي ڳنڍڙي. (چوڻي)
    95. سانوڻ جو ستو؛ نه ڪان، نه ڪتو. (چوڻي)
    96. سجُّ کٽي، يا ٻجُّ کٽي. (ورجيس(
    97. سجُّ لٿو، ڇوڪر ڊٿو. (چوڻي)
    98. سچي ڳالھ سونٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي. (چوڻي)
    99. سخي ۽ شوم جو ليکو، ٻارھين مھيني ساڳيو. (چوڻي/ پھاڪو)
    100. سگھرا کائن ٻوڙ پلا، وانڍن جو واھي ھڪ اللھ. (چوڻي)
    101. سڳو ٽٽو، ساھَ ڇُٽي. (چوڻي)
    102. سنڀاريندي سار، وڏي ٿئيس ڄمار. (تڪ بند جملو)
    103. سنجھا ٽري، جوت ٻري. (چوڻي/ پھاڪو)
    104. سنڌ، سڌي آھي موچڙي سان. (پھاڪو)
    105. سوڙ جو جھيڙو، سوڙ ۾. (پھاڪو)
    106. سؤ ڏھون قلم لاڳو، چور ڇٽا ڀاڳيا قابو. (چوڻي)
    107. سيري جي سڏ تي، ٻه ٻه کنيائون ٻار، ھڪڙي کي گپايائون گپ ۾، ٻئي کي ڪڍيائون مار، جڏھن پئي سيري جي سنڀار، تڏھن ٻه ٻه چپاٽون ٻار کي. (چٿر، چوڻي)
    108. صلاحين، شينھن ٻجھن. (چوڻي)
    109. عقل بنا عذاب، گھڻا پسندين جندڙي. (پھاڪو)
    110. غريبن جي مڏي؛ ٻه ڏندڻ، ٽين تڏي. (پھاڪو)
    111. ڪارو، رام کي پيارو. (چوڻي)
    112. ڪارو ڪاري، ھڻ ڪھاڙي. (چوڻي)
    113. ڪاڻو پٽ، کاٽائو ڀلو. (پھاڪو)
    114. ڪاڻي جي وھان ۾، سنڪٽ ڀي گھڻا. (پھاڪو)
    115. ڪڪڙ ڪورين جو، نان وڏيري جو. (ورجيس(
    116. ڪم کپي، چم نه کپي. (چوڻي)
    117. ڪنواري بادشاھي، مڱڻي پئي ڦاھي، پرڻي کان پو، ٿيو چلھ جو واھي. (چوڻي)
    118. ڪنو سھندو، ڏنو نه سھندو. (ورجيس(
    119. کا ساڳ، لڳئي ڀاڳ. (چوڻي)
    120. کائڻ لا کرو، ڪمائڻ لا ٻرو. )ورجيس(
    121. کڏ ٽپين، اڏ نه ٽپين. )ورجيس(
    122. کلو لڳو، ھٺ ڀڳو. (چوڻي)
    123. کڻ کلو، ٿيئي ڀلو. (پھاڪو)
    124. گھر گھنگھر، ٻار ڊينگھر. (چوڻي)
    125. گھر ۾ ڪين، ته به رکي گھوڙي تي زين. (ورجيس(
    126. گھر ويائي، چڱي ويائي. (چوڻي)
    127. گھوٽ ڪنوار راضي، ڇا ڪندو ملو قاضي. (پھاڪو)
    128. گھوٽ چڙھيو گھوڙي، ناس پتو ٻوڙي، سوا گھڙي جي سک لا، عمر ڀر پيو لوڙي. (چوڻي)
    129. گھوٽڻ مھل گم، ڇاڻڻ مھل ڇتا، پيئڻ مھل جيئن مير عليمراد جا ڪتا. (ورجيس(
    130. لعل جي ڏات، ٻچن جي وات. (ٻول)
    131. لعلو واري کوھ تي، جتي لک وھي ٿي لوٽي، يار منھنجو آھي اچڻو، دير ڪرڻ سان وڃي نه موٽي. (ٻول)
    132. لکي لعلو، واچي واڌو. (ورجيس(
    133. لڳو نه لڳو، تنھنجو ھَڏُ گُڏُ ته ڀڳو. (ورجيسي جملو(
    134. لڳي دم، مٽي غم. (تڪ بند ٻول، موالين جو نعرو)
    135. لنڊيون لوٺيون لک، ھڪ اللھ جي رک. (چوڻي)
    136. لھي لٽاڪو، ڇٽي ڦٽاڪو. (تڪ بند ٻول)
    137. ماتا؛ ماري يا کاري. (چوڻي)
    138. ماٽيلي ما، پچائي ساھ. (پھاڪو)
    139. ماٽيلي ما جي مڪ، اونھاري جي لڪ، پوڙھي جي ٿڪ، جاتي لڳي تاتي سڪ. (چوڻي)
    140. ماٺو ماري، تکو تاري، سنھون وري ڪوٺا ڳاري. (چوڻي/ پھاڪو)
    141. مانِ نه مانِ مين تيرا مھمان. (ورجيسي جملو)
    142. مڙس ته ڦڏو، نه ته جڏو. (پھاڪو)
    143. مڙس مڱيو ته سنگت کان ويو، جوان پرڻيو ته مٽن مائٽن کان ويو، ٻڍي ڄايس ٻار ته پاڻ کان ويو. (چوڻي)
    144. مڙس ھيڻو ھيڻو، ته به زال کان ٻيڻو. (چوڻي)
    145. مسلماني، بصر ماني. (چوڻي)
    146. مک ۾ رام، بغل ۾ ڇري. (ورجيس(
    147. منھن-ڪنئري، ڳٽا پٽائي. (پھاڪو)
    148. منھن ملان جو، اکيون چور جون. (ورجيس(

    150. نانا نورا، ليکا پورا. (تڪبند ورجيس(
    151. نڪا گھٽ گھوٽ ۾، نڪا ڪمي منجھ ڪنوار. (ورجيس(
    152. نڪ نه ناسان، سنگھان ڇا سان؟ (ورجيس(
    153. ننڍڙا ٻار، گلي جا ھار. (چوڻي)
    154. ننڍي مري نه ما، وڏي مري نه جوءِ (چوڻي)
    155. نئين ڪنوار نو ڏينھن، ڇنڊي ڦوڪي ڏھ ڏينھن، يارھون ڏينھن پيس، عزت مانُ ويس. (چوڻي/ پھاڪو)
    156. نياڻي نماڻي، گھر جي راڻي. (چوڻي)
    157. نيت بد، روٽي رد. (چوڻي)
    158. وات کائي، اک لڄائي. (چوڻي)
    159. وار نه ونگو، ڏينھن نه ڏنگو. (اصطلاحي ورجيس(
    160. واڻيو پنج سھي، پنجاھ نه سھي. (پھاڪو)

    162. وڌيو ويا، ٿيو شاھ. (چوڻي)
    163. وڏو، جڏو. (چوڻي)
    164. وڻن ٻور، لڱن سور. (چوڻي)
    165. ويجھو، ڪوجھو. (پھاڪو)
    166. ھڏ به ڏجي، ھڙ به ڏجي. (ورجيس(
    167. ھڙ ئي ھلاڪ. (ورجيس(
    168. ھڪ اڌ ۾، ٻيو پنڌ ۾. (ورجيس(
    169. ھڪ ھٿ چوٽيءَ ۾، ٻيو ھٿ سوٽيءَ ۾. (ورجيس(
    170. ھنر واري جي گھڙي، بي ھنر جي ڄمار. (پھاڪو)
    171. ھڻي مڪ، ڪري سڪ. (ورجيس(
    172. يار نه ياري، رشته داري. (ورجيس(
    173. يار ياراڻي، معاملو صفا. (چوڻي)

    ’سنڌوءَ‘ ۾ ڇپيل مضمون جي ’قسط-۲‘ جو عڪس

    انجنيئر عبدالوهاب سهتي جا ڇپيل ڪتاب

    ڪھاڻيون (ڇپيل)
    1. ھراس آڪٽوبر ۱۹۸۹ع
    2. جڏھن بت ئي چوي ڪافر نومبر ۱۹۹۲ع
    3. ھٿ جي وڍي ۱۹۹۹ع
    • پھاڪا ۽ چوڻيون/ ورجيسون (ڇپيل)
    1. ننڍڙي روپ وارا، چوڻيون ۽ پھاڪا اپريل ۲۰۰۲
    2. ورجيسون: پسمنظر ۽ ڪارج نومبر ۲۰۰۳ع
    3. موزون آکاڻين تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون آگسٽ ۲۰۰۴ع
    4. اترادي پھاڪا ۽ چوڻيون مارچ ۲۰۰۶ع
    5. گل شڪر (نئين سر لکيل) مارچ ۲۰۱۱ع
    6. پهاڪن ۽ چوڻين بابت تنقيدي مضمون جولاءِ ۲۰۱۵ع
    7. لاڙي پھاڪا ۽ چوڻيون سيپٽمبر ۲۰۱۵ع
    8. ڳوٺاڻو ڳُـڙ (نئين سر لکيل) ڊسمبر ۲۰۱۵ع
    • تاليف ۽ ترتيب
    1. عبدالڪريم گدائي؛ روايت ۽ بغاوت جو شاعر. جنوري ۲۰۰۶ع
    2. تنقيدون ۽ تجزيا- پروفيسر نذير احمد سومرو جنوري ۲۰۱۳ع
    3. موھيو مون کي جن- پروفيسر نذير احمد سومرو مئي ۲۰۱۵ع
    4. جيڪب آبادي صاحب ڪتاب ۽ سندن ڪتاب ڇپائيءَ ھيٺ
    • پھاڪا ۽ چوڻيون (اڻ ڇپيل)
    1. چوڻين ۽ پهاڪن تي مشتمل مضمون. ڇپائيءَ ھيٺ
    2. چوڻين ۽ پهاڪن بابت مضمون ۽ مقالا. س ل ا وٽ
    3. ٿري پھاڪا ۽ چوڻيون ڇپائيءَ ھيٺ
    4. نصيحت آموز آکاڻين وارا پھاڪا ۽ چوڻيون س ل ا وٽ
    5. تاريخي واقعن منجھان نڪتل چوڻيون ۽ پھاڪا ڇپائيءَ ھيٺ
    6. ماڳ مڪان وارا چوڻيون ۽ پھاڪا ڇپائيءَ ھيٺ

    ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپرايل ڪتاب

    1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا .......................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    2. ماڻهو ۽ ماڻهپو .......................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    3. آبشار ............................ جبران خليل جبران/انجنيئر شفقت حسين وڌو (ختم)
    4. يادون ۽ سُڪونُ ......................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    5. ٻوليءَ جو بڻ .............................................................. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    6. سائنسي ڄاڻ ....................................................................... اجمل هديٰ ڀٽو (ختم)
    7. ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟ ............................ شفقت حسين وڌو (ختم)
    8. سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت ............................. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/50)
    9. رانديڪو ................................................................................... ملهار سنڌي (-/20)
    10. ٻه ٽي جام پيئڻ کان پوءِ ....................... عمر خيام/ شفقت حسين وڌو (-/50)
    11. گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ڪالا باغ ڊيم .................... محمد ادريس راجپوت (ختم)
    12. شعور ......................................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    13. شام جي هوا ........................................................................ رياضت ٻرڙو (ختم)
    14. هوا ۾ ٻرياسين ...................................................................... بيخود بلوچ (ختم)
    15. تقريرون .............................................................................. غلام علي چنه (ختم)
    16. موسيٰ کان مارڪس تائين ............... سِبطِ حسن/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/100)
    17. پنج ڏينهن .............................................. سعادت حسن منٽو/رضوان گل (ختم)
    18. وکر ڌارو ڌار ...................................................................... غلام علي چنه (-/80)
    19. ڪونج .................................................................................. غلام علي چنه (-/80)
    20. ديوانِ رياضت ....................................................................... رياضت ٻرڙو (-/60)
    21. تحفو .............................................................................. حسن علي هڪڙو (-/40)
    22. جيون تنهنجي نانءِ ............................................................ وفا اسلم شيخ (-/50)
    23. ساحل ۽ سمنڊ ................. جبران خليل جبران/پروفيسر عطاءُ اللھ ابڙو (-/40)
    24. سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام .... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/90)
    25. قنبر: هڪ اڀياس ............................ ايڊيٽر ۽ سهيڙيندڙ: رياضت ٻرڙو (ختم)
    26. قنبر تعلقو: مختصر ڄاڻ سڃاڻ ............... مرتب: دين محمد ڪلهوڙو (ختم)
    27. گرهن جي کوجنا ................................. جيقئلن مٽن/ جاويد حسين وڌو (ختم)
    28. ٻول جو بڻ ............................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/100)
    29. ڳولا .................................................... ٽيلر ڪالڊويل/ شفقت حسين وڌو (-/80)
    30. چانڊوڻا چمڪن ...................................................... مرتب: رياضت ٻرڙو (ختم)
    31. سڄڻ ماکيءَ ميٺ ....................................................................... اسد چاچڙ (-/40)
    32. ڌرتي: منهنجو گھر ................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/40)
    33. آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ............ ايم ايڇ پنهور/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/120)
    34. فلسفو: هڪ مطالعو ............................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/100)
    35. ضميري پڇاڙيون .................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/100)
    36. سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون ........................ ڊاڪٽر بشير احمد شاد (-/120)
    37. پيرل قنبر .......................................................................... ڪوڙل قربدار (-/160)
    38. اهنجي ڌرتي ............................................................ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/130)
    39. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (شخصيت، فڪر ۽ فن) ................ رياضت ٻرڙو (-/200)
    40. ابتدائي سائنس (ٽئين درجي لاءِ) ................................ جاويد حسين وڌو (-/50)
    41. ابتدائي سائنس (چوٿين درجي لاءِ) ............................ جاويد حسين وڌو (-/50)
    42. ابتدائي سائنس (پنجين درجي لاءِ) ............................. جاويد حسين وڌو (-/50)
    43. فطرت، سائنس ۽ سماج ......................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/150)
    44. پهاڪن ۽ چوڻين بابت تنقيدي مقالا ....... انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/120)
    45. لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون .............................. انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/120)
    46. ڳوٺاڻو ڳُــڙ ........... ڄاڃي لال ڊي آهوجا ۽ انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/140)

    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 464
    ڪتابن جو مشاهدو: 372971
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 151935
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ