ڪتاب جو نالو: پھاڪن جي پاڙ
مصنف: ڊاڪٽر عبد الڪريم سنديلو
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 1969
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 22 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 581 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 214 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
پهاڪا ۽ چوڻيون لوڪ ادب جو اهم حصو آهن. اوهان اڳيان نامياري محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر عبد الڪريم سنديلي جو ڪتاب ”پهاڪن جي پاڙ“ پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو آهي ۽ بي اي ۽ ايم اي سنڌي جي ڪورس ۾ پڻ شامل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • ٻه اکر
  •   ڇاپو ٻيو
  • ادبي بورڊ واري ڇاپي اندر ’ڇپائيندڙ پاران‘
  • متن

  • (الف)
  • ( ب )
  • (ٻ)
  • (ڀ)
  • (ت)
  • (ٿ)
  • (ٺ)
  • (پ)
  • (ج)
  • (ڄ)
  • (چ)
  • (ڇ)
  • (ح)
  • (خ)
  • (د)
  • (ڌ)
  • (ڏ)
  • (ر)
  • ( س )
  • )ع )
  • ( ڪ )
  • ( گ )
  • (ڳ)
  • (گهه)
  • (ل)
  • (م)
  • (ن)
  • ( و )
  • ( هه )
  • ( ي )
  • رايا

  • ترتيب

    ٻه اکر

    عبدالڪريم سنديلو
    “وينجهار”، “سنڌ جو سينگار” ۽ “تحقيق لغات سنڌي” لکندي، جيڪي به پھاڪا، اک تي چڙهندا هئا، سي يڪ جاءِ ڪندو ويندو هوس. تنھن کانسواءِ ٻُڌ سُڌ مان هٿ پئي آيا، سي پڻ گڏيندو ويندو هئس. جڏهن ڏٺم ته ڏسڻ جھڙو مواد موجود ٿي ويو آهي، تڏهن ميدانِ عمل تي آڻڻ جو ارادو ٿيو. پر وري خيال آيو ته هر هڪ پھاڪي جي اصليت ڏجي ته بھتر. ڪيڏو نه ڪـَٺن ڪم!
    اها ڪا اهڙي سولي ۽ سُٿري ڳالهه نه هئي، جا کِنَ ۾ کڻي وٺجي. هِت ته رُڪُ ٿو ريھون ڪري! جَرَ مان گڏون ڳولڻو هو يا ائين کڻي چئجي ته لَٽِيلَ لوڙهَه پَٽڻا هئا، ڇاڪاڻ ته اسان جي زبان تي هڪ ٻوليءَ جو اثر هجي ته ان جي پويان پئجي ۽ خيالن کي به اوستائين ڇڏجي، پر هِت ته “پَنجَ ڪـَڻي، مِھر گهڻي” لڳي پيئي آهي.
    پھاڪا، چوڻيون ۽ ٻھڳڻن جا ٻول، سنڌ جي سياڻپ جو آئينو آهن. منجهن سنڌ جي رهڻي ڪھڻي ۽ ڳَڻ ڳوت جي گهڻي ڀاڱي جيئري جاڳندي تصوير ڇڪيل آهي. جيتوڻيڪ مختصر آهن، مگر چوڻ وقت، مطلب کي مفصل ڪن ٿا.
    سندس ڪامل استعمال، ٻوليءَ کي ٻَھڪايو ڇڏي. خيالن جي ادائگي، جا ھونءَ هوند، ٻن ٽن سٽن ۾ ٿئي، سا هنن جي استعمال سان، اختصار ۾ آڻي سگهجي ٿي ۽ اختصار وري عبارت جي جانِ آهي. جو زور پھاڪي ۾ آهي، سو وري رواجي عبارت ۾ ڪونھي. گهڻي پٽاڙ کان، مختصر، پر مايه دار لفظن جو استعمال، مضمون کي کڻي بيھي ٿو.
    دنيا جي ڪا به زبان، پھاڪن کان خالي نه آهي ۽ نه وري ڪو دور ئي، پھاڪن کان خالي رهيو آهي. پر خبر ناهي ته اهي عقل جا نسخا ۽ تجربن جا ٽوٽڪا، ڪھڙن ماڻھن جي آزمودي جو عطر آهن! بھرحال جو ڪجهه ڏنو اٿن، سو وقت جي ۽ ماحول جي پوري پوري ترجماني ڪري ٿو. مثلًا: “ڪلھوڙن” ۽ “ميرن” جي حڪومت ۾، پارسيءَ جو قدر هو، ته چيائون؛ “پارسي، گهوڙي چاڙهسي”. “مير بجار” جي مارائڻ جو اڻ سھائيندڙ رستو ڏسي، چيائون؛ “ڪَنن جي ڳالھين، مير بجار مارايو.” ٻن ڀائرن، دودو ۽ چنيسر، جي ناسازيءَ جو نتيجو ڏسي، چيائون؛ “دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي”.
    مٿين حقيقتن مان، معلوم ٿيو ته پھاڪن مان، نه رڳو وقت جي تاريخ جو پتو پوي ٿو، پر ملڪ جي عادات ۽ اطوار، رفتار ۽ گفتار، رسم ۽ رواج، ڪمال ۽ زوال، حرفت ۽ بدعت جو به جيئن جو تيئن پتو پوي ٿو. انھن جي ذريعي هڪ اَناڙيءَ جي دل تي، اهڙا اوکا اصول نقش پذير ڪري سگهجن ٿا، جي جيڪر ڪوڙين ڪتابن ٻڌائڻ سان به نه ڪري سگهجن. اهي، روشن منارا آهن، جن کي نظر ۾ رکندي، هڪ ناکئو پنھنجي مقصد جي ٻيڙيءَ کي، درياءَ جي موج و طلاطم مان ڪڍي، سلامتيءَ سان ساحل ڀيڙو ڪري سگهي ٿو. اهي، قديم فلسفي جا ٽڪرا آهن، جن مان اُهي ته نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا، جي افلاطون جي تصانيف مان به ملڻ محال آهن. اِهي، تقرير توڙي تحرير جا، اُهي تيز اوزار آهن، جن سان مطلب جي ڳنڍين کي آسانيءَ سان ڪپي، کولي سگهجي ٿو. اِهي، رهبر ۽ رهنما آهن، جي راءِ کي مضبوط بڻائين ٿا ۽ نتيجي کي وڌيڪ واضح ڪن ٿا. انھن جي عاليشان محلات جي بنياد ۾، عقلمنديءَ جون اهڙيون ته پڪيون ۽ پختيون سرون لڳل آهن، جي صدين گذرڻ تائين به قائم رهنديون. زماني جي گردش سبب، کڻي ڪھڙو به شديد ۽ هولناڪ طوفان ۽ زلزلو اچي، ته به هن فولادي ڪوٽ کي، ڪٿان به شگاف پوڻو نه آهي. جڏهن به موقعي محل تي ڳالھايا وڃن ٿا، تڏهن “المثل في الکلام کاالملح في الطعام” جو پورو پورو ثبوت ڏين ٿا.
    جڳ پرسڌ اديبن، پھاڪن جي باري ۾، هيٺين راءِ ڇڏي آهي.
    ڊزرائيل چوي ٿو:
    “پھاڪن ۾ زندگيءَ جي هر رنگ جي جَهلڪ موجود آهي. منجهن هَلڪي ۽ ڀرپور طنز جي چاشني رهي ٿي. گهر جي هَليپي ۽ هَنڊيپي سان گھرو ۽ گهاٽو واسطو رکن ٿا. جيتوڻيڪ هنن جو استعمال گهٽ ٿي چڪو آهي، تڏهن به منجهن عقل ۽ سوچ ويچار جو اَکٽ خزانو، پوشيده رهي ٿو.”
    اي- ايس-جي- جيڪر چوي ٿو: ( )
    “ڪنھن به قوم جي عادات، اطوار ۽ خيالات جي عڪاسي، جنھن نموني پھاڪا ڪري سگهن ٿا، سا ٻئي نموني ٿي نٿي سگهي.”
    شِري گوونده، هنديءَ ۾ ڪھڙو نه سھڻو چيو آهي، ( ):
    “ڪھاوتين ڀاشا ڪا مرم هين. جس ني ڀاشا ڪا يه مَرم نهين سمجها، اس ني ڪچهه نهين سمجها”.
    پھاڪن جو بنياد: ڏند ڪٿائون، مذهبي قصا، تاريخي واقعات، عام قصا ڪھاڻيون ۽ نقل نظير ئي ٿي سگهن ٿا. هر زبان، پھاڪن سان جهنجهي پئي آهي. اسان جي زبان ۾ به اڪيچار پھاڪا آهن؛ ڇاڪاڻ ته ورهين کان وٺي، داخل ٿيندا رهيا آهن. ڪٿان رڙھي آيا، ڪھڙي وقت ۾ آيا ۽ ڪيئن پرگهٽ ٿيا، سا ڳالهه البت وهڃائڻ جوڳي آهي. انھن جي استعمال جي خبر آهي، پر اهو پتو ڪيئن پوي ته سندن اصليت جون پاڙون ڪھڙيءَ ٻوليءَ ۾ کُتل آهن. اُن لاءِ، بِھَه ۽ لوڙَه کي، پاڻيءَ مان هٿ ڪرڻ جيان، پٻڻ ۽ ڪُم کان وٺي، هيٺ هلڻو آهي. هِن ڏس ۾ جيتوڻيڪ ڪافي مَٿا ڪُٽ ڪيل آهي، پر تار جي تَري تائين پھچڻ بدران، تانگهي ۾ ئي ترسي پيا آهن؛ ڇاڪاڻ ته ڪم ئي اهڙو آهي، جنھن ۾ ساهي منجهائڻي آهي. پر ڪي اهڙا پھاڪا به آهن، جن جو عرصو مقرر ڪري سگهجي ٿو. جيئن:
    1- عمر وٺي وٺي، مارئي وٺندو، ٿر ته ڪين ٿيلھيندو. (ص 114)
    2- هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو. (ص 149)
    3- جُمن چارن وارو سوال. (ص 58)
    مٿين ٽنھي پھاڪن جو عرصو، هيٺينءَ طرح مقرر ڪري سگهجي ٿو:
    پھريون پھاڪو، “سومرن” جي دور جو، ٻيو “ڪلھوڙن” جي دور جو ۽ ٽيون به “ڪلھوڙن” جي دور جو آهي.
    پھاڪن جي تُز تاريخ ٻڌائڻ لاءِ وقت کپي، ڇاڪاڻ ته مٿن لَٽَ جا ايترا ته تَھن مٿان تَھه چڙهيل آهن، جو اصليت ئي اوندهه ۾ نظر اچي ٿي. تنھن ڪري تحقيق جي تَھهَ ۾ وڃي، ڳوڙهي جانچ پڙتال ڪرڻ کپي. پر جيڪڏهن اسان، اندازًا ۽ قياس طور، هڪ پھاڪي کي، اصل ٻوليءَ مان خارج ڪري، ٻيءَ ٻوليءَ ڏانھن اُماڻيون ته اها نه رڳو اُن ملڪ جي وڏي حق تَلفي چئبي، پر گويا امانت ۾ خيانت!
    پھاڪن جي حق ۾، راءِ بھادر ڪوڙو مل چندن مل کلناڻيءَ کيرون، لھڻيون، جنھن پھريائين “سنڌي پھاڪا” نالي ڪتاب، 1889ع ۾ لکي، هِن ميدان تي، پھريون ادبي پَڳُ ڌَري. ڪتاب ۾ تقريبًا، ٻارهن سؤ پھاڪا آندل آهن، پر اصليت آندل نه آهي، جنھن لاءِ آکي ٿو:
    “اصل هرهڪ پھاڪو ڪيئن چوڻ ۾ آيو ۽ ڪھڙي وقت ۽ ڪيئن ڪم آڻجي، انھن جي بيان ڏيڻ جو ارادو هوم ........ پر ائين ڪجي ها، ته غريب غربو يا ڇوڪرو ٻاڪر وٺي ڪين سگهي ها.”
    ظاهر ٿيو ته وٽن مواد موجود هو، پر اسان جي سَرد مـُھريءَ کان، پوريءَ پَر واقف هو، تڏهن ته ڇوڪر ٻاڪر جو عذر ڏيئي، سائُو ۽ سَھندڙن تي ڪَکَ رکي، اهو اشارو ڪيو اٿس. خير، ڪيئن به هجي، پر ڪتاب جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته ڪيترا پھاڪا اڌو گابرا آهن:
    1- جنھن جو بد بُنياد، تنھنجو ميوو مٺو نه ٿئي.
    2- ڀائر ڪوٽ جا ڪُنگر، پُٽ گَهر جي سونھن.
    3- سَتي لَڪڙن کان موٽي، ته ڪتن هاب ٿئي.
    4- اُٺ نه رُٺا ٻورا رُٺا.
    مٿيان پھاڪا، در اصل هن ريت آهن:

    1- ڪُوَڻَ کي پاڻيءَ جان، پيڙي پياريم ڪماند،
    نڪو زهر زمين ۾، نڪو ڌاتوري ڌرپاندُ،
    ڪمائي ڪم ذات سان، وڃي ٿي وِڙواند،
    جنھن جو بد بنياد، تنھن جو ميوو مٺو نه ٿئي.
    2- ڀائر ڪوٽ جا ڪنگر، پُٽ گهرَ جي سونھن،
    ويٺا ڪن ورونھن، ڏُڄَڻ ڏُوران ئي ڏَري.
    3- سَتي چڙهي ڏاگهه، لھي ته ٿئي ڪُتن ڪانون هاب.
    4- اُٺ نه رُٺا، ٻورا رُٺا، مينھن مٿان، ڇَپر اُٺا،
    ڀونڪن چور ته ڪُتا ٽٺا، ٽِن شين جا، اُبتا پُٺا.
    پوئين چوڻي، پيراڻي ڀنڀري جو اُبتو ٽوپو آهي، جنھن جي سمجهاڻي، مسٽر بولچند ڏيارام 1893ع ۾ مئٽرڪ (بمبئي يونيورسٽي) جي سنڌي پيپر ڪڍندي، پڻ طلب ڪئي آهي.
    بھرحال ان موضوع تي، اِها پھرين ڪوشش ورتل هئي، جنھن ڪري ٿورو اختلاف نظر اچي ٿو، ورنه محنت جَس جوڳي آهي.
    ٻيو ڪتاب، ديوان ڪيولرام سلامت راءِ آڏواڻيءَ جو “گلشڪر” نالي آهي، جو هن صاحب 1869ع ۾ لکي پورو ڪيو، ليڪن گورنمينٽ وري 1905ع ۾ شايع ڪرايو. محنت کان ٻه پَھرَ گهٽايو ڪينھيس، پر اصليت آندل نه آهي.
    ٽيون ڪتاب “پھاڪن جي حڪمت” آهي، جو سنڌي زبان جي محسن اعظم، مرزا قليچ بيگ 1926ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هر ٻوليءَ جا پھاڪا الڳ الڳ آندا اٿس، پر مقصد جي هَدف کي تير نه هنيو اٿس.
    چوٿون ڪتاب “گلقند” آهي، جو آنجھاني ڀيرومل مھرچند آڏواڻي 1926ع ۾ شايع ڪرايو. جيتوڻيڪ اصليت آندل نه آهي، تڏهن به محنت مڙني کان سرس ۽ سوائي ڪئي اٿس. سرڳواسي ڪيترا پھاڪا اڌورا ڏنا آهن:
    1- ٻي سڀ ڪا ويٺي ڏُڀي، بيٺي ڏُڀي اُٺ.
    2- ڏُچر گهوڙي، سُچر زال، ٻَئي کڏ پيا.
    اسان کي وري، اهي چوڻيون، هن ريت هٿ آيون آهن:
    1- ڳئون ۽ مينھڻ ويٺي ڏُڀي، بيٺي ڏُڀي اُٺِ،
    چاري اَٽي ڏجي سَڃَ ، گئُو اَٽي مُٺ ،
    جھڙو لڳي واءُ، تھڙي ڏجي پُٺِ.
    2- ڏُچر گهوڙي، سُچرَ زال،
    ڇِڊي ڪڻڪ، گهاٽا تِر،
    اُڌارو وهانءُ، پنج ئي نه ٿيا.
    هن پوئين چوڻيءَ کي “پنجڪا” چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته پنجن شين جو ذڪر آندل آهي.
    ساڳئي قابل مصنف جو “پھاڪن جي پيڙهه” پڻ شايع ٿيل آهي، جنھن ۾ اصليت آندل آهي، پر هڪ ته ڪتاب ننڍو آهي ۽ ٻيو وري مٿاڇري بيان تي اڪتفا ڪيل آهي. اسانجي ٻوليءَ ۾، جيڪي به پھاڪا آهن، سي يا ته اصل ٻوليءَ جيان، جيئرا جاڳندا ڪم اچن ٿا، يا ته ٿوريءَ مـَٽَ سـَٽَ سان. ڪن جو ته بنھه ترجمو اچي ٿو. ڪي وري ديسي (سنڌ ديس جا) به آهن.

    اصل ٻوليءَ وارا:
    1- بڙا ڪھاوڻ، بڙا دک پاوڻ، ڇوٽي ڪا دک دور.
    2- ايڪ پَنٿ، دو ڪاج.
    (هندي)
    1- دراز ريش، خضر يا ابليس.
    2- يڪ تندريستي، هزار نعمت.
    (پارسي)
    1- آپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوئي.
    2- آپڻا مال هي، روسون ڀي کاسون ڀي.
    (سرائڪي)
    ٿوريءَ مٽ سٽ وارا:
    1- جھڙو راجا، تھڙي پرجا.
    2- نيچ نوڪري، اُتم کيتي، وڌنت واپار. (وڏو وياڪرڻ، ڀيرو مل، ص 354)
    يا
    اُتم کيتي، وڌندڙ واپار، نيچ نوڪري. (پھاڪن جو ڪتاب ڀاڱو 2- روچيرام ص 84)
    مٿيان در اصل هن ريت آهن:
    1- يَٿا راجا، تَٿا پِرجا. (سنسڪرت پھاڪو)
    2- اتم کيتي، مدهم بيوپار، نِش چاڪري، بهيک لاچار. هندي ڪھاوت (پھاڪو)
    ترجمي وارا:
    1- تڪڙ ڪم شيطان جو.
    2- ٻه ڀائر ٽيون ليکو.
    هيٺين زبانن جو ترجمو آهن.
    ۱- التعجيل فعل الشيطان. (عربي)
    ۲- دور براد، سوم حساب. (پارسي)
    مٿي ڏيکاريل آهي ته پھاڪن جي اصليت ڏيڻ لاءِ، جُڳَ گهرجن؛ پاڪاڻ ته هرهڪ جي اصليت ڏيڻ، ائين آهي، جيئن پاکي مان اُٺ لنگهائڻ. جيتوڻيڪ وس آهر اُڊيڙ ۽ اُکيڙ ڪئي ويئي آهي، پر سچ پچ ته اکِ-کُٽُ جهنگ لڳو پيو آهي. جيڪڏهن ڪَچيلا ٻـَرُوٽا پاڙون پٽجن ها ته جيڪر، هينئر وانگر، ڇَٽا نه هڻي وڃن ها. ڪوشش ڪري زمين کي ڪنھن حد تائين، هموار بڻايو ويو آهي. باقي مٿس تاريخي ۽ تحقيقي سانھَرُ گهمائڻ ته انھن ئي قابل ڪيمياگرن جو ڪم آهي، جن جو قلم اڪسيري اثر رکي ٿو.
    جناب زم، جنھن خلوص نيت سان، پنھنجا بيش بھا ۽ قيمتي قلمي نسخا، اَڌ ڳالھائي ۾ پيش ڪيا، تنھن لاءِ، بنده وٽ ڪي به لفظ ڪونه آهن، جن سان پوريءَ طرح، سندن ڳڻ ڳائي سگهي.
    محترم جناب محمد خان شيخ (مالڪ پاڪستان پريس) جو ازحد ٿورائتو آهيان، جنھن پنھنجو وَڙُ ڪري، پريس کي ئي، ڪتاب لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، جنھن ڪري ڪم، جلد سُتَڙُ ٿي سگهيو.
    پريس جي عملي، ميان غلام مصطفى خان، محمد عظيم انصاري ۽ محرم علي جا به مُجرا نه وڃائبا، جن اويل سويل به، پريس ۾ پئي ڪم ڪيو.
    ڪتاب لکندي هيٺيان ڪتاب نظر مان گذريا:
    (عربي)
    1- عَماني پراور بس- ليفٽيننٽ ڪرنل اي.ايس.جي جيڪر، رايل ايشياٽڪ سوسائٽي بمبئي 1904ع.
    (پارسي)
    1- امثال و حِڪم (چار ڀاڱا) علي اڪبر دھخدا تھران 1931ع.
    2- فرهنگِ امثال- سيد مسعود حسن رضوي اديب، ڪتاب گهر- لکنئو 1937ع.
    3- داستانئه امثال (ٻه ڀاڱا) مير قلي اصفھان 1945ع.
    4- پرشن پراوربس، ايل.پي الولسٽن لنڊن 1954ع.
    5- “لُب تاريخ” خانبھادر قادر داد خان ادبي بورڊ حيدرآباد.
    (هندي)
    1- ڪھاوت رتنا ڪر، نولڪشور لکنئو، 1926ع.
    2- محاوره اور ڪھاوتين راشٽر ڀاشا پرچار سمت، ورڌا 1945ع.
    3- راجستاني ڀيلون ڪي ڪھاوتين، شري ڦولجي ڀائي ڀيل، اديپور 1945ع.
    4- مالوي ڪھاوتين، رتن لال اديپور، 1954ع.
    5- ڪھاوتون ڪي ڪھانيان، مھابير پرساد رتن ساهتيه نئين دهلي، 1960ع.
    (گجراتي)
    1- گجراتي ڪھيوت سَنگره اَشا رام دليچند شاهه، احمد آباد 1923ع.
    (تليگو)
    تليگو پراوربس، ڪئپٽن ڪار، لنڊن 1880ع.
    (اردو)
    1- محبوب الامثال (حاجي مولوي محبوب عالم) ڪارپردازان پيسه اخبار لاهور، 1925ع.
    2- مخزن الامثال، احمد الدين-لڌيانه 1884ع.
    3- امثال بي مثال، چرنجي لال دهلي 1886ع.
    4- ضرب الامثال، شيخ احمد حسين خان لکنو 1886ع.
    5- علم الامثال، محبوب عالم- گجرانواله، 1888ع.
    6- فلسفه امثال، ذڪاءُ الله- مطبع مجتبائي دهلي، 1890ع.
    7- گلدسته الامثال و محاورات، چنون لال گپتا دهلي، 1893ع.
    8- خزينة الامثال، سيد حسين شاهه نولڪشور 1309ع.
    9- ايشيا اور يورپ ڪي ضرب المثلين، ڪارپردازان پيسه اخبار لاهور 1922ع.
    10- نجم الامثال مولوي نجم الدين، ڪارپردازان پيسه اخبار لاهور 1922ع.
    11- اتاليق محاورات و ضرب الامثال، مولوي محمد وحيد غازيپوري همدم برقي پريس لکنئو 1935ع.
    12- لغات خواتين، مولانا اشھيري پيسه اخبار لاهور، ٽيون ڇاپو 1935ع.
    13- گلدسته محاورات مع ضرب الامثال، راءِ صاحب لاله رگهوناٿ منشي گلاب سنگ-لاهور 1931ع.
    14- محاورات مع ضرب الامثال، ايم. عبدالرحيم ساقي حجازي پريس لاهور 1950ع.
    15- ڪليد زبانداني، منشي گنيش لال-مطبع محب هند دهلي 1890ع.
    16- تاريخ سنده عهد ڪلهوڙه، مولوي غلام رسول مھر- ادبي بورڊ حيدرآباد، 1958ع.
    (سنڌي)
    1- پھاڪا (ديوان ڪوڙو مل) 1883ع.
    2- سنڌي پھاڪا ڀاڱو 1 ۽ 2 (روچيرام گجومل، کيمچند شيوارام بوڪ سيلر حيدرآباد 1895ع.
    3- عجيب نُڪتا، روچيرام گجومل، کيمچند شيوارام بوڪ سيلر حيدرآباد 1895ع.
    4- گلشڪر، ديوان ڪيولرام گورنمينٽ سينٽرل بوڪ ڊيپو ڪراچي 1905ع.
    5- پھاڪن جي حڪمت، مرزا قليچ بيگ حيدرآباد، 1925ع.
    6- گلقند ڀاڱو 1 (ڀيرومل مھرچند آڏواڻي) 1940ع.
    7- سنڌ جي مختصر تاريخ، راءِ بھادر آلومل ٽيڪمداس، گورنمينٽ سينٽرل بوڪ ڊيپو ڪراچي نائون ڇاپو 1892ع.
    8- تاريخ سنڌ ڀاڱو 1 (مولوي نور محمد نظاماڻي حيدرآباد) 1933ع.
    9- تاريخ سنڌ ڀاڱو 2 (مولوي نور محمد نظاماڻي حيدرآباد) 1934ع.
    10- تاريخ سنڌ ڀاڱو 3 (مولوي نور محمد نظاماڻي حيدرآباد) 1939ع.
    11- سنڌ جو پراچين اتھاس ڀاڱو 3 (دوارڪا پرساد شرما، حيدرآباد.
    12- تحفة الڪرام (سنڌي) ادبي بورڊ (حيدرآباد.
    (انگريزي)
    1- ڊڪشنري آف دي هندستاني پراوربس بنارس پريس انڊيا 1910ع.
    2- هسٽورينس آف سنڌ، سر ايليٽ، ڪلڪتو ٻيو ڇاپو 1956ع.
    (قلمي نسخا)
    1- نگيرانِ سنده (فارسي) پنڊت موهن لال سيوستاني.
    2- تاريخ سنده (فارسي) محمد صديق پيرزاده.
    3- تاريخ سنڌ (سنڌي) محمد صديق پيرزاده.

    سنديلو
    اسلم منزل ۱-۹-۱۹۶۶ع


      ڇاپو ٻيو

    هن ڇاپي ۾، ڪجهه مواد وڌايل آهي. جن سڄڻن، پھاڪا ۽ رايا موڪليا آهن، تن جو ٿورائتو آهيان.


    سنديلو
    اسلم منزل، نزديڪ پاور ھائوس، لاڙڪاڻو. ۱-۳-۱۹۶۹ع



    ادبي بورڊ واري ڇاپي اندر ’ڇپائيندڙ پاران‘

    ڪنهن به ادب ۽ ٻوليءَ ۾ پهاڪا، ڳُجهارتون، تشبيهون ۽ تمثيلون وغيره انهيءَ ادب ۽ ٻوليءَ جي سونهن ۽ سينگار هجن ٿيون. اهي مڙيوئي خوبصورتيون صدين جي سماجي، ثقافتي، تهذيبي ۽ مشاهداتي پسمنظر جو نچوڙ بڻجي ادب ۽ ٻوليءَ کي شاهوڪار بڻائي انهيءَ قوم کي به ممتاز ڪري ڇڏين ٿيون.
    سنڌ ۾ پڻ صدين کان اهي صنفون پنهنجي سماجي ڪارج جي حوالي سان مشهور آهن، بلڪ سنڌي ثقافت جو اٽوٽ حصو به رهيون آهن. انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ ناهي، ته داستان گوئي، قصه نويسي ۽ زندگيءَ جي ٻين بيشمار رُخن ۾ پهاڪن ۽ ڳُجهارتن جي استعمال ذريعي ئي سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ترقي ۽ دوام حاصل ٿيو آهي.
    انهن صنفن جي اهميت کي سمجهندي کين ڪتابن ۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ سنڌ جي، جن عالمن، اديبن ۽ ڏاهن نور نچوئي ۽ ڏينهن هڪ ڪري مثالي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، تن ۾ لاڙڪاڻي واسي ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو سرفهرست آهي. ڊاڪٽر صاحب جهر جهنگ ووڙي ۽ سنڌ جا ماڳ مڪان گهمي، جيڪي ماڻڪ موتي هٿ ڪيا آهن، تن جو ڪو ملهه ته ڪونهي، پر سنڌي ادبي بورڊ انهيءَ پيار ڀريي پورهئي جو دل سان قدر ڪندي عوام تائين پهچڻ جو قصد ڪيو آهي.
    “پهاڪن جي پاڙ” هيءُ پنجون ڇاپو پيش ڪندي اميد ٿي ڪجي، ته ماضيءَ وانگر هيءُ ڇاپو پڻ سنڌ واسين وٽ قبوليت جو شرف حاصل ڪندو.

    انعام الله شيخ سيڪريٽري
    سنڌي ادبي بورڊ
    ڄام شورو، سنڌ
    سومر 28_محرم الحرام 1427هه
    بمطابق 27 فيبروري 2006ع


    متن

    (الف)

    1. اَڇي ڏاڙهي، اَٽو خراب
    سنڌ جا ٻه نواب، جي دَنگئي پَلئي هئا، تن مان هڪڙي، هڪ اڇي ڏاڙهيءَ وارو ماڻهو مقرر ڪيو، جو ٻئي نواب جي دڳي مان ڳَرٽ گَرٽ ڇوڪرا برغلائي ايندو هو، جن کان ڍڳن ڍورن چارڻ ۽ ٻي خدمت چاڪريءَ جو ڪم ورتو ويندو هو. ٻَئي نواب، وري هڪ چالاڪ ڳڀرو ڇوڪرو پاڻ وٽ رکيو هو، جووري هُن نواب جي حد مان، اڇي ڏاڙهيءَ وارن کي ڏٽا سَٽا ڏيئي، کين مقرر سَراءِ ۾ آڻي ڪڍندو هو، جتي انهن کان چَڪي پيهڻ جو ڪم ورتو ويندو هو.
    هڪڙي ڏينهن پوڙهي ۽ ڇوڪري جو هڪ ٻئي سان پَلئه پيو. پوڙهي پَههُ پچايو ته، “آءٌ، هن ڇوڪري کي هيٺاهيون مٿاهيون ڏيئي، پنهنجي حد ۾ وٺي وڃان”. ڇوڪري خيال ڪيو ته “آءٌ، هن پوڙهي کي ساڻ وٺي وڃان”.
    ٻئي پنهنجي پَهن گَهن ۾ مست ۽ مگن!
    نيٺ جڏهن هڪ ٻئي جي ڊَهه بَڊَهه (روبرو) ٿيا، تڏهن ڇوڪرو ٽاڙهه ڏيئي، روئندو روئندو، چاچا سائين، چاچا سائين ڪندو، اچي پوڙهي جي پيرن تي پيو. روئي جو روئي پيو زارو زار! پوڙهي کي هن جي روئڻ تي رحم آيو، سو ڳراٽڙي پائي، پُڇيائينس ته، “اَبا، روءُ نه، خبر ڪر ته روئين ڇو ٿو؟” ڇوڪري ڏاڍو ڍَنگَ پيچ ۽ ڦَند سان ڇَندُ ڪري، چيو ته، “چاچا سائين، بابو ويچارو راهه رباني وٺي ويو، اما ۽ ٽي ڀينرون ڇڏي ويون آهي، ڏوڪڙ پئسو، ۽ ٻَني ٻارو به آهي، پر سنڀالي ڪير؟ اما چيو ته، “پُٽ، تنهنجو چاچو هتان رُسي هليو ويو آهي، اُن کي ڳولي ڦولهي اچ، ڏَس پَنڌَ ۽ پار پَتا، جيڪي ڏنا اٿس، سي سڀ چاچا، تو ۾ آهن، سو مهرباني ڪري هاڻي هَل، ۽ هلي سار سنڀال لَهه”. مطلب ته ڇوري، اهڙا ته حيلا هلايا، جو پوڙهو فريب ۾ ڦاسي ويو. ڇوڪري کي چيائين ته، “پُٽ، ماٺ ڪر، روءُ رڙ نه. مون سڀ ڪاوڙ ڇڏي. هل ته هاڻي ئي هلون ٿا”. ڇوڪر اڳيان، پوڙهو پويان. جڏهن مقرر سراءِ جي ڀرسان آيا، تڏهن ڇوڪري، پوڙهي کي چيو، “چاچا، تون هل، انهيءَ جاءِ ۾، ته آءٌ جهنگ جو خيال لاهيو ٿو اچان.” پوڙهو خوشيءَ سان سراءِ ۾ گهڙيو، اُتي ته اڳيئي جوان انتظار ۾ ويٺا هئا، جن پوڙهي کي پهچندو ڏسي، جهلي چَڪَيءَ (جنڊ) تي ويهاري، ڪاسو اَنَ جو ڏيئي، چيائونس ته، “پيههُ اَنُ، نه ته سِرِ جو خير نه ٿيندءِ”. اتي پوڙهي سمجهيو ته، “مار، ڇوڪرو راند هڻي ويو!”
    ڀلا، هڪ پيرسن، ٻيو جنڊ ڳرو ۽ اَن گهڻو، ويچارو سو ڪري به ڪري ڇا! جي تڪڙو ٿو هلائي ته اَنُ ڏارو پيو ٿئي، جي هوريان ته اَٽو نه پيو نِبري، اچي ويو سورن ۾! مٿانئس بيٺل ماڻهو، ٿورو ۽ ڏڏريل اَٽو ڏسي، کيس چون ته، “پوڙها، هي ڇا ٿو ڪري؟ اَڇي ڏاڙهي ۽ اٽو خراب!”
    مطلب: جڏهن ڪو ڪم، ڪنهن جي لياقت مطابق ڪيل نه ڏسڻ ۾ ايندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.

    2. آءٌ به ويندي پيڪي، مون به لهندي سِڪ:
    ڪنهن ڪنوار کي ساهرن ۾ گهڻو سک هوندو هو ته به پيڪن جي پيئي پچار ڪندي هئي چي، منهنجا لَک لهن پيڪا، قرب جا ڪوڏيا پيڪا! هڪ دفعي جڏهن پيڪي (پيءُ جي گهر) آئي، تڏهن ڪنهن ڳالهه تان، سندس ڀاڄائيءَ کيس کڻي ڏنو. آخر نتيجو اهو نڪتو، جو ڀاڄائنس، هن ويچاريءَ کي روئاري ڪڍيو، پوءِ ته کيس پيڪن جي سڪ به لهي ويئي.
    مطلب: جڏهن ڪنهن کي، جنهن ڳالهه جو اجايو شوق کڻي، تڏهن ائين چئبو آهي، انهيءَ خيال سان آخر پڇتائيندين.

    3. آيا مير، ڀڳا پِير
    جڏهن ڏاڍا اچن، تڏهن هيڻا بيهي نه سگهن.
    سنڌ ۾ “ڪلهوڙن” جي صاحبي 1701ع کان 1782ع تائين هلي. ڪلهوڙن کي “ميان” ۽ “پِير” به ڪري سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته کين ڪيترائي مريد هئا. اڃا تائين پير ميان شاهل محمد عباسي (تعلقه قنبر _ ضلع قنبر- شهدادڪوٽ) ۽ پير ميان الياس عباسي (تعلقه ڏوڪري _ ضلع لاڙڪاڻه) جي مقبرن تي سوين سائل ڍَرندا رهن ٿا، ۽ پنهنجون باسون باسيندا رهن ٿا.
    جڏهن “ڪلهوڙن” جي حڪومت ڪمزور ٿي، تڏهن ئي “مير” حاڪم ٿيا ۽ “پير” (ڪلهوڙا) ڀڄي ، ميدان ڇڏي ويا.
    سرڳواسي ڀيرو مل، فئلن صاحب جي ڪتاب جو حوالو ڏيندي، هن طرح بنياد ڏئي ٿو:
    “امروه جي شهر ۾ ميرانجي نالي هڪ شخص وٽ جادوءَ جو ڏِيو هو، جنهن جي وسيلي، هن ڪيترائي ڪرامت جهڙا ڪم ڪيا، جنهنڪري هڪ وڏو پِير ڪري ليکيندا هئس. هاڻ هو اتي جي ڪن ماڻهن ۾ اچي واسو ڪندو آهي. امروه ۾ ٻيا به ڪي پير جهڙوڪ: زين خان، ننهي ميان ماڻهن ۾ واسو ڪن ٿا، پر چون ته “جڏهن مير (مرانجي) اچي، تڏهن ٻيا پير ڀڄيو وڃن جو هو کانئن وڌيڪ ڪلا وارو هو.

    4. اَبو گسي، ڌيءُ وسي:
    هندن ۾ رواج آهي ته ڌيءُ کي جهجهو ڏاج ڏين. جنهن سيٺئي، ڌيءُ کي ايترو ته ڏاج ڏنو، جو پاڙي وارن کي ڏندين آڱريون اچي ويون، تنهن تي ڪنهن پاڙن ائين چيو:
    مطلبِ: اَبي جي کٽي، اَدي کپائي.
    ڪمائي هڪڙو ته کائي ٻيو.

    5. اُتم کيتي، وڌندڙ واپار، نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار:
    مطلب آهي ته کيتيءَ کي اول نمبر، واپار کي ٻئي نمبر، نوڪريءَ کي ٽئين نمبر ۽ پنڻ کي چوٿين نمبر يعني بيڪاريءَ ۾ شمار ڪيو ويو آهي.
    چون ٿا ته هڪڙي زميندار کي ڪا پٿر جي پَٽِي هٿ اچي ويئي، جنهن تي ڪا عبارت نقش ٿيل هئي. آزمائش خاطر، انهيءَ زميندار، تمام گهڻي زمين آباد ڪئي، مگر پاڻ ڪڏهن به پوک جي نظرداري ڪانه ڪيائين، اٽلو عيش عشرت ۾ وقت گذارڻ لڳو. اهو به نه ڏٺائين ته پوک کي ڀاڻ آهي يا نه، پورو پاڻي مليس ٿو يا نه.
    نتيجو اهو نڪتو، جو هو وڏي نقصان هيٺ‎ ويو. اهو حال ڏسي، غصي وچان، پٿر کي کڻي، زور سان زمين تي سٽيائين (جو سمجهيائين ته پٿر کي کيتيءَ وارا لفظ غلط لکيل آهن). اڃا ان جي پوئين پاسي، جو هن اڳ ۾ ڏٺو ئي ڪونه هو. هيٺان لفظ لکيل نظر آيس:
    “کيتِي سِر سيِتي”
    اهي لفظ پڙهي، اهو زميندار ڏاڍو ڦِڪو ٿيو ۽ پنهنجي عيش عشرت کان هڪدم باز آيو ۽ چوڻ لڳو ته “ڏوهه منهنجو آهي ۽ نه هن پٿر لکڻ واري جو!”

    6. اَٽو چي، گهوٻاٽو:
    هڪ جو، ٻيو مطلب وٺڻ.
    ڪنهن سائل، هڪ در تي اچي، سَين هنئي. گهر جي مالڪ نوڪر کي چيو ته “فقير کي اٽو ڏي.” نوڪر اٽو اکر ٻُڌو ئي ڪونه. هن سمجهيو ته شايد هو چوي ٿو ته “فقير کي گهوٻاٽو ڏي”. سو گهوٻاٽو کڻي، فقير ڏي ويو. فقير ڀانيو ته گهوٻاٽو (لٺ) کڻي، شايد مون کي مارڻ ٿو اچي، تنهنڪري ويچاري رکيو پيرن تي زور! مالڪ ويٺي سارو لقاءُ ڏٺو. بي اختيار زبان مان نڪري ويس: اٽو، چي گهوٻاٽو.

    7. اُٺ ڪڍن سسئي!
    جڏهن پنهونءَ جا ڀائر، رات جو چوريءَ، سسئي جي پاسي مان پنهون ڪڍي، ڪيچ روانا ٿيا، تڏهن سسئي ويچاريءَ صبح سان ڪاريءَ وارا ڪک ڏٺا. ڀنڀور کي باهه ڏيئي، اڪيلي سر، پيرين پيادي، ڏونگر ڏورڻ لڳي. هڪ پنڌ اڻانگو، ٻيو مسافري لنبي، ته به ويچاري پنڌ سٽيندي پئي ويئي، پر ڪٿي ڀنڀور، ڪٿي ڪيچ! ڪنهن، سسئيءَ جي اهڙي حالت کي ڏسي ائين چيو:
    مطلب آهي ته: پٿر ۽ پوٺي، رڻ ۽ راڻي، جهَر ۽ جهنگ، دَڙي ۽ دَنگ کي پار ڪرڻ لاءِ اُٺ کپن. پيرين پيادو ڪيترو هلبو. اُٺ ئي سسئي کي ڪيچ پهچائي سگهندا، ڇاڪاڻ ته پنهونءَ کي اُٺ تي کڻي ويا هئا.
    مطلب: جڏهن ڪو ڏکيو پنڌ هوندو آهي، يا ڏکيو مسئلو درپيش ايندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.

    8. اُٺ نه پڄي، هڻي ٻورن لتون
    هڪ جي باهه، ٻئي مان ڪڍڻ.
    جَتَ، اُٺن تي مال لَڏيو، پاڻ ٻورن مٿان چڙهيو پيا وڃن. اُٺن کي تيز هلڻ لاءِ خوب لتون پيا هڻن، پر لتون ته اُٺن تائين پهچن ئي نه پيون، تنهنڪري اُٺن جي تيزيءَ ۾ خير ڪو فرق پئي آيو. وري زور سان لتون پيا هڻن، ته به اُٺن تائين نه پيون پهچن، ۽ ٻورن کي پيون لڳن. تڏهن ڪنهن ڏسي ائين چيو.

    9. اَپڻا مال هي، روسُون ڀي، کاسُون ڀي:
    پنهنجي ڪيل ڳالهه، کِلي به قبولبي ۽ روئي به.
    جَت، بصر سان ماني پيا کائين. بصرن جي بانس ۽ ڪَڙاڻ کان سندن اکين مان پاڻي پيو وهي. ڪنهن چيوته “رو به پيا ته کائو به پيا!” کِلي چيائون ته “اپڻا مال هي، روسون ڀي، کاسون ڀي.”

    10. اَپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوَئي:
    پنهنجي سنهنجي آهي، پرائيءَ ۾ اک، پنهنجيءَ ۾ هٿ.
    پنهنجو ٻوٽو ٻارڻ کپي.
    ڪن موالين، ڀنگ پئي پيتي ته ڪنهن واٽهڙوءَ سوال تي لَپ گهُرين. پيالي پِي، چيائين ته، “هيءَ چُڪِي ته نه لڳي (نشو ته ڪو نه ٿيو!) تنهن تي هڪ مواليءَ چيو ته، “اَپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوَئي”.

    11. اَڌ کي ڇڏي، جو سڄيءَ پٺيان ڊُڪي، تنهن کي سڄي ته نه ملي، پر اڌ ڪاڻ سِڪي:
    نفعي جي لالچ ۾، نقصان سهڻ.
    هڪڙو ڪتو ڪاسائيءَ جي دڪان تان، گوشت جو ٽڪرو کڻي ڀڳو. ڪتو، ڀرسان وهندڙ واهه ۾ گهڙي ترڻ لڳو. جڏهن وچ تي آيو، تڏهن پاڻيءَ ۾ پنهنجو پاڇو ڏسي، ڀانيائين ته ٻيو ڪتو آهي، جو گوشت جو ٽڪرو وات ۾ کنيو ٿو وڃي. هن کي خيال ٿيو ته اهو ٽڪرو به هن کان ڦريان، سو جهڙو وات ڦاڙي، ڪتي تي گُرڻ شروع ڪيائين، تهڙو پنهنجي وات وارو گوشت جو ٽڪرو، پاڻيءَ ۾ ڪِري پيس، تنهن تي ڪنهن عاقل ائين چيو.
    ڪنهن وري هيئن ٻڌايو:
    اڌ کي ڇڏي، جو سڄيءَ لاءِ ڏوئي،[1]
    سو اڌ ته وڃائي، پر سڄيءَ لاءِ روئي.

    12. اَڌ رات ئي کڏ ۾:
    ڪنهن ٺيڪيدار دايَن کي کڏ کوٽڻ لاءِ ڏني. جڏهن داين ٿورو ڪم ڪيو، تڏهن اندازو لڳايائون ته هن ڪم ۾ ڪَس لڳندي، تنهنڪري ڏينهن جو پرائو ڪم، ۽ رات جو ٺيڪي وارو ڪم ڪندا رهيا. ڏينهن جو ٺيڪيدار پڇين ته “ڪيترو ڪم ڪيو اٿو؟” هُو چون ته: “سائين اڌ رات ڪم ڪندا آهيون”. ٺيڪيدار هنن جو معمولي ڪم ڏسي، سڙي ويندو هو، ۽ کين چوندو هو ته “اوهان جي اڌ رات ئي کڏ ۾.”
    مطلب: جڏهن ماڻهو، دل سان ڪم نه ڪندو آهي، پر اجائي سجائي پيو هام هڻندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.

    13. اَڍائي گهرن جو خير:
    سڀ جو خير، سڄي جهان جو خير.
    قديم زماني ۾، ڀارت وَرش ۾ اڍائي گهر ليکيندا هئا: گهر برهمڻ جو، گهر کَتريءَ جو ۽ اڌ گهر وَيشَ جو، اڇوت کي گهٽ ذات سمجهي، ڏانهس ته مورڳو نهارڻ به پاپ سمجهندا هئا.
    عربن ۾ وري گهر مسلمانن جو، گهر اهل ڪتاب (يهودين ۽ عيسائين جو)، ۽ اڌ گهر ٻئي مذهب وارن جو شمار ڪيو ويندو هو.
    يارهين صدي عيسويءَ ۾ جيئن ڀارت جو نالو نه رهيو، ۽ اسلامي حڪومت سبب سڀ هند واسي ٿي ويا، تڏهن پنگتي ورهاست ڦِري، وري به اڍائي گهر سڏجڻ ۾ آيا. اهي هئا: گهر هندو، گهر مسلمان، ۽ اڌ گهر اڇوت. سنڌ تي به اهو ساڳيو اثر رهيو، جنهن موجب گهر “هندو” گهر “مسلمان” ۽ باقي اڌ گهر “ٻاليشاهيءَ” جو ڳڻجڻ ۾ آيو، ۽ اڄ تائين سنڌ ۾ اهي ئي اڍائي گهر شمار ڪيا ويندا آهن.
    ماڻهو عام طرح دعا گهرڻ وقت، الله تعاليٰ جي حضور ۾ عرض ڪندا آهن ته: خدا يا! اڍائن گهرن جو خير گذارج، ۽ انهن جي صدقي اسان جو به!”

    14. الله ڏيوَئِي، ميان ڏيوَئِي، صحبت نه ڏيوَئِي.
    انڪار ٿيڻ، نابري وارڻ.
    چون ٿا ته ڪلهوڙن جي وقت ۾، حڪومت طرفان، چانڊوڪي پرڳڻي جي ڪنهن حصي جو صحبت خان ڪاردار (مختيارڪار) هو. صحبت خان ايتري قدر ته بخيل ( ڪنجوس) هو، جو ڪنهن کي به ماني ٽِڪيءَ جي صلاح نه ڪندو هو، ۽ نه وري ڪا خيرات ئي ڪندو هو.
    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ فقير ، صحبت خان کان خيرات گهرڻ ويو. صحبت خان بيهڻ ئي نه ڏنس. فقير ڇا ڪيو جو وقت جي ميان صاحب (ڪلهوڙي حاڪم) ڏانهن خيرات لاءِ ويو. ميان صاحب، فقير کي خيرات ڏيئي راضي ڪيو. فقير عرض ڪيو ته “سائين! اوهان جي خيرات اَگهي، پر صحبت خان ڏي به ٻه اکر لکي ڏيو ته اهو به مون مسڪين ٻچڙيوال جي مدد ڪري.” ميان صاحب، فقير کي، صحبت خان ڏانهن خط لکي ڏنو. جڏهن صحبت خان اهو خط پڙهيو، تڏهن به خيرات ڏيڻ کان پِڙُ ڪڍي بيٺو، چي: الله ڏيوَئِي، ميان ڏيوَئِي، صحبت نه ڏيوَئِي”. يعني الله توکي ڏئي، ميان (ڪلهوڙو حاڪم) توکي ڏئي، پر صحبت نه ڏيندءِ.

    15. اَگهه پئي بازار ته بُٺِي به جوار:
    چون ٿا ته ميرن جي وقت ۾، هڪ دفعي جڏهن ڏُڪر پيو، تڏهن اَن تمام گهڻو مهانگو ٿي ويو. اگهه ايتري قدر ته چوٽ چڙي ويا، جو سونَ برابر به اَن نٿي مليو.
    هڪ ڪُڙميءَ وٽ گُندي، بُٺيءَ (مڪئي) جي ڀريل هئي. ڪنهن پاڙي واري چيس ته، “ادا، ڪهڙي اگهه ڏيندين؟” چيائين، “هيتري ڪم هيتري مڻ”. پاڙيسريءَ چيس ته، “ادا، اهو اگهه ته جوئر جو به ڪنهن ڪڏهن نه ورتو آهي، تون وري نئينءَ مان پنهنجا اگهه ويٺو ٺاهين؟” تنهن تي مڪئيءَ جي مالڪ ائين چيو.
    مطلب: جڏهن ڪنهن شئي جي قلت هوندي آهي، ۽ کپت وڌيڪ هوندي آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.

    16. انڌو هاٿي، لشڪر جو زيان:
    سڪندر اعظم، عيسوي سن کان 327 ورهه اڳ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، پر تنهن کان اڳ، پنجاب جي راجا پورس سان لڙيو. هن جي بهادري ڏسي، خوش ٿي، کيس پنجاب ملڪ واپس ڪيائين.
    سڪندر جو لشڪر، گهوڙن تي هو، پر راجا پورس جي لشڪر جو ڪجهه حصو هاٿين تي هو. جڏهن سڪندر جي لشڪر جا تير پورس جي هاٿين کي لڳا، تڏهن ڪي انڌا ٿيا، ڪي زخميا ۽ ڪي مڇرجي ڇتا ٿيا.
    “پورس جا هاٿي، هزار ڪوششون ڪرڻ سان به غنيم جي طرف اصلي نٿي وڌيا، بلڪ اُلٽي پيرن، پنهنجي فوج کي چيڀاٽيندا وٺي ڀڳا.” [2]
    اهڙي حالت کي ڏسي، ڪنهن ائين چيو.
    مطلب: جڏهن ڪنهن شئي مان اهو ڪارج نه سَري، جو پهريائين سُرندو هجي، ۽ ان مان وري ساڳي ڪارج سرڻ جي ڪوشش ڪجي ته فائدي بجاءِ نقصان ٿيندو.

    17. انڌير نگري، چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا:
    جڏهن ڪو ظالم يا بي عقل حاڪم ٿيندو آهي، تڏهن ان جي حڪومت جو جلد ئي زوال اچي ويندو آهي، يا جڏهن ڪو حاڪم، رعيت جي حال کان غافل ۽ بي پرواهه رهندو آهي، تڏهن ان جي دور ۾ ظلم ۽ مصيبت حد کان وڌيڪ لنگهي ويندا آهن. اهڙي وقت لاءِ ائين چئبو آهي.
    ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙو گُرو، پنهنجي چيلي سان گڏ، تيرٿ ڪندي، هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي پهتو، جنهن جو نالو “انڌير نگري” هو. گروءَ، پنهنجي چيلي کي کاڌي پيتي جي شين خريد ڪرڻ لاءِ بازار ڏانهن موڪليو. چيلي وڃي ڏٺو ته مار! هتي “ڀاڄي” به ٽڪي سير ته “کاڄا” به ٽڪر سير! هن ڇا ڪيو، جو ٽڪي ۾ کاڄن جو سير خريد ڪري، پنهنجي گروءَ کي اچي، چيائين ته، “گرو جي، هت ڏاڍو مزو آهي، هر هڪ شئي ٽڪي سير! ڏس، مان به ٽڪي ۾ کاڄن جو سير وٺي آيو آهيان، تنهنڪري ڪجهه وقت ته هِت رهي، موج ڪرڻ کپي. ڇڏيو تيرٿ ياترا جي پچر! ههڙا سُک ڪٿي نه ملندا.”
    گرو نهايت سياڻو هو، سو کيس چوڻ لڳو ته “ڀائي، هن شهر جو نالو ئي “انڌير نگري” آهي. هِت رهڻ، خطري کان خالي نه آهي. هونءَ به ساڌن کي هڪ هنڌ ديرو دَمائڻ ٺيڪ نه آهي. چوندا آهن ته: ساڌو رَمندو ڀلو، پاڻي وَهندو ڀلو، مگر چيلو چوي ته “آءٌ هرگز نه هلندس”. گروءَ گهڻو سمجهايس، پر چيلو پنهنجيءَ تي ئي بيٺو! آخر گرو لاچار ٿي هليو ويو.
    چيلو، اُتان جا گِههَ مَلِيدا کائي، دُنبو بڻجي پيو. هڪڙي دفعي، ڪنهن ڏُٻري ماڻهوءَ تي خون جو الزام ثابت ٿيو، تنهنڪري کيس ڦاسيءَ جي سزا ملي هئي. پر اتفاق اهڙو بڻيو، جو مجرم جي ڳچيءَ کان، ڦاسيءَ جي سِرڪَڻ (ڦندو) ويڪري هئي، جنهنڪري راجا حڪم ڪيو تهِ “ڪو ٿلهو متارو ماڻهو آڻيو، جنهن کي هن جي بجاءِ ڦاسيءَ تي لَٽڪايو وڃي!”. ڳولا ڪندي، حلوائيءَ جي دُڪان تان، چيلي کي کاڄا خريد ڪندي، ڏٺو ويو، جنهن کي پڪڙي وٺي آيا.
    چيلي، اهڙو انڌير ڏسي، گهڻو پڇتايو ۽ گروءَ جاوَچَن ياد آيس. هوڏانهن گروءَ کي به اها کُڙڪ پئجي ويئي، سو هڪدم ڦاسيءَ جي تختي وٽ پهچي ويو. گروءَ ڦاسيءَ ڏيندڙن کي چيو ته، هُن وقت، ڦاسيءَ جو چڙهڻ جو حق منهنجو آهي، تنهنڪري ڦاسي، منهنجي ڳچيءَ ۾ وجهو”. سپاهين پڇيس ته، “ڇو؟” گروءَ جواب ڏنو ته، “هن شُڀ سميه ۾ جنهن کي ڦاسي ايندي، سو سِڌو سُرڳ ۾ ويندو، شاسترن ۾ به ائين لکيل آهي، سو گروءَ کان اڳ ۾، چيلي کي سرڳ ۾ وڃڻ جو ڪو حق ڪونهي.
    چيلو، گروءَ جي مام پروڙي ويو، رڙ ڪري چيائين ته “نه، گرو جي نه، مان ئي ڦاسي کائيندس، ڇاڪاڻ ته سپاهين مون کي ئي پڪڙيو آهي ۽ نه اوهان کي!”
    گروءَ ، چيلي کي گهڻو سمجهايو ته “ساڌن کان سواءِ، ٻيو ڪو به سرڳ جو حقدار ٿي نٿو سگهي.” پر هنن جي ڳالهه ڪنهن به نه ٻڌي، اها راجا کي خبر ڏنائون.
    جڏهن راجا اها ڳالهه ٻڌي ته سرڳ هٿ ڪرڻ جو هي ئي شُڀ سميه آهي، تڏهن چيائين ته: “بس مون کي ڦاسي ڏيو!” آخر راجا کي ڦاسي آئي، پر “شُڀ سميه” سبب ٻيا به ڪيترائي سرڳ جا شائق، اتي ڦاسيءَ تي چڙهندا ويا! جڏهن گروءَ ڏٺو ته گهڻائي پاپي ناس ٿي ويا آهن، تڏهن چيائين ته “هينئر اهو شُڀ سميه سَماپَت ٿي ويو آهي، تنهنڪري وڌيڪ ٻيو ڪو به ڦاسيءَ تي نه چڙهي.”
    پوءِ گروءَ، چيلي کي چيو ته: “هن وقت هتان ڪُوچ ڪرڻ گهرجي، هاڻي تو ڏٺو ته هت ڪهڙو نه انڌير لڳو پيو آهي”.

    18. اَڻائي به ويئي، ٽاڻائي به ويئي، وري ڪپهه جي ڪپهه:
    ڪئي ڪمائي چـَٽ.
    ڪنهن پوڙهي آفيميءَ کي رستي تي پيشاب ڪندي، ننڊ جي پنڪي اچي ويئي. ڪو شاهينگ، اُتان اچي، لانگهائو ٿيو، جو ڪپهه پڃائي، گهر تي ويو. هن آفيميءَ کي پنڪيءَ ۾ ڏسي، سندسپٽڪو لاهي، ڪپهه جو هڪڙو وڏو ٻُڙو رکيو، هليو ويو. جڏهن اک کليس، تڏهن مٿي تي هٿ هڻي، ٻڙو ڏسي، ائين چيائين.

    19. اونڌيون پاٽيون، پاسيرا ٽويا:
    جڏهن ڪو تور يا ماپ ۾ گهوٻي هڻندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.
    هڪڙي ماڻهوءَ، ڪنهن واپاريءَ کان، سستي اگهه تي اَن اُڌارو ورتو، ۽ کيس چيائين ته: “منهنجو اَن لهي ته توکي اوترو ڏيندس.”
    جڏهن اَن ڏيڻ جو وقت آيو، تڏهن اَن جو اگهه چوٽ چڙهيل هو، تنهنڪري هن کي دل ۾ گدڙ جاڳيو! پر مقرر ڪيل نموني تي، اَن ڏيڻ لاءِ ٻڌل هو. ڇا ڪيائين جو اَن ڏيڻ مهل اونڌيون پاٽيون ۽ پاسيرا ٽويا ڪري اَن مَئڻ لڳو. اهو حال ڏسي، جنس واري وڃي قاضيءَ کي دانهن ڏني، جنهن گهرائي پڇيس. هن چيو ته، “سائين ڏيڻ جو نمونو برابر اهو مقرر ٿيل آهي، پر اهو ٻولايل ڪونه هو ته اَن، ڪهڙيءَ طرح مَئي ڏبو؟ تنهنڪري اهو مون تي ڇڏيل آهي ته ڪهڙي به نموني مَئي ڏيان؟”
    ٻيون چوڻيون
    1. چـَرٻٽ راجا، نڪا ساهمي، نڪو وَٽُ،
    ڏئي به ٻـُڪ، وٺي به ٻـُڪ.
    2. اونڌيون پاٽيون، پاسيرا ٽويا،
    ته به وکري[3] سا ڄا، ماڻهو ٺوهيا.[4]

    20. اهو ڪم ڪجي، جو لعل به لڀي، ۽ پريت به رهجي اچي:
    هڪڙي شهر ۾، بادشاهه جي پُٽ، وزير جي پُٽ، قاضيءَ جي پُٽ ۽ ڪوٽوال جي پُٽ جي پاڻ ۾ پريت هوندي هئي، ۽ چئني کي عام طرح “چار يار” ڪري سڏيندا هئا. هڪ دفي چارئي يار سفر ۾ نڪتا. کين رستي تي هڪ گهاٽي جهنگ ۾ رات پئجي ويئي. پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيائون ته، “هڪڙو هڪڙو ڄڻو، واري تي پهرو ڏئي.”
    پهريون پهر، بادشاهه جو پُٽ، پهرو ڏيڻ لڳو، ۽ ٻيا سمهي پيا، اڃا گهڙي کن مس گذري ته سندس نگاهه، هڪڙي نانگ تي وڃي بيٺي، جو چانڊوڪيءَ رات ۾ پنهنجي “مَڻ” ڪڍي ان سان راند ڪري رهيو هو. بادشاهه زادي کي “مَڻ جي خاصيت جي خبر هئي، سو ڇا ڪيائين، جو مٽيءَ جو ٻڪ ڀري، کڻي نانگ جي اکين ڏي اڇلايائين، جنهنڪري هو انڌو ٿي پيو، ۽ شهزادي، اها مڻ کڻي، کيسي ۾ وڌي.
    ٻئي پهر تي، وري وزير جو پُٽ پهري تي اُٿيو، ۽ چونڪي ڏيڻ لڳو. ٿوري وقت کان پوءِ، هن جي به نانگ تي نظر پيئي ۽ ان جي “مَڻ” هٿ ڪري، پنهنجو وقت گذاري پاڻ سمهي پيو ۽ قاضيءَ جو پُٽ پهري لاءِ اٿيو.
    ٽئين پهر ۾، قاضيءَ جي پُٽ به پهرو ڏيئي، اهڙيءَ طرح هڪڙي “مَڻ” هٿ ڪئي ۽ ان کان پوءِ، ڪوٽوال جو پُٽ، پهري لاءِ اٿيو. انهيءَ به هڪڙي “مَڻ” ٻين دوستن وانگر هٿ ڪئي.
    هر هڪ دوست کي، جيڪا “مَڻ” هٿ آئي هئي، سا در حقيقت “لعل” هئي. ڪوٽوال جو پُٽ، جنهن ٻين دوستن جيترو مال نه ڏٺو هو، نه وائٺو هو، تنهن دل ۾ خيال ڪيو ته ڏسان ته هنن وٽ به ڪا مون جهڙي قيمتي شيءِ آهي يا نه؟ تنهنڪري ٽنهي سمهيل دوستن جي سامان ۽ کيسن جي تلاشي وٺي، هر هڪ جي کيسي مان لعل ڪڍي،پنهنجي لعل سان گڏ، سُٿڻ جي ابداڻي ۾ لڪائي ڇڏيائين.
    شهزادي، وزير زادي ۽ قاضيءَ جي پُٽ، پنهنجي پنهنجي لعل جي چوريءَ جو احوال، هڪ ٻئي کان به لڪائي ڇڏيو، مگر افسوس ٽنهي کي هو.
    انهيءَ جهنگ مان لنگهڻ کان پوءِ وڏو شهر نظر آين، جنهن جو بادشاهه نهايت انصاف پسند هو. هي سڀ بادشاهه جي ڪچهريءَ ۾ آيا ۽ بادشاهه وٽ، انهن لفظن ۾ فرياد داخل ڪيائون ته لعل به لڀي، پريت به رهجي اچي. بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي ويچار هيٺ اچي ويو. گهڻوئي خيال ڪيائين، مگر ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيس. درٻار مان آئي، محلات ۾ ويو. نه ڪنهن سان ڳالهايائين نه ٻولهايائين، وڃي پلنگ تي پاسيرو ٿي پئجي رهيو. شهزادي، جا سندس وڏور نياڻي هئي، تنهن سندس اهو حال ڏسي، سمجهي ورتو ته: “بابا، اڄ ڪنهن وڏي مونجهه ۾ آهي.” اهو خيال ڪري، پيءُ وٽ آئي ۽ پڇيائينس ته: “بابا سائين، ٻيو ته خير آهي؟ اڄ ايتريقدر، ڪهڙي ڳالهه جو ويچار آهي؟” بادشاهه کيس ٻڌايو ته “اڄ مون وٽ فيصلو آهي ته: لعل به لڀي، پريت به رهجي اچي. انهيءَ مونجهه منجهائي وڌو آهي. شهزاديءَ چيس ته “اهو فيصلو سولو آهي، منهنجي حوالي ڪريو ته آءٌ پاڻيهي فيصلو ڪنديس.
    ٻئي ڏينهن تي، بادشاهه چارئي ماڻهو (شهزادو، وزير زادو، قاضيءَ جو پُٽ ۽ ڪوٽوال جو پُٽ) شهزاديءَ ڏي موڪليا. شهزاديءَ چين ته، “آءٌ، اوهان جو فيصلو ڪنديس، مگر شرط اهو آهي ته اوهين اٺ ڏينهن مون وٽ ماني کائو. يعني: اوهان مان، روزانو هڪڙو، مون وٽ اچي، پنهنجي ماني کائيندو،پوءِ پنهنجي ٽن دوستن جي ماني کڻي پيو ويندو. هنن قبول ڪيو.
    پهرئين ڏينهن شهزادو، ماني کائڻ ويو. شهزاديءَ کيس ماني نه کارائي، مگر جنهن کٽ تي، هو ماني کائي رهيو هو،تنهن تي هڪڙو لعل به رکيائين، مگر شهزادي، ان ڏي نهاريو به ڪونه، ڇاڪاڻ ته هن، انهيءَ کان به وڌيڪ قيمتي لعلون، پنهنجي گهر ۾ ڏسي ڇڏيون هيون. هو پاڻ ماني کائي، شراب پي ٽنهي دوستن جي ماني کڻي هليو ويو. اهڙيءَ طرح ٻئي ڏينهن وزير زادو ويو. شهزاديءَ، ان جي کٽ تي به ٻه لعل رکيا، مگر وزير زادي، اک کڻي، انهن ڏانهن نهاريو به ڪونه. ٽئين ڏينهن، وري قاضيءَ جي پُٽ جو وارو آيو، جنهن جي اڳيان شهزاديءَ ٽي لعل رکيا. مگر هن انهن ڏي ڪو به توجهه ڪونه ڪيو. چوٿين ڏينهن، ڪوٽوال جي پُٽ جو وارو آيو. شهزاديءَ، ان جي اڳيان به لعلون رکيون، ڪوٽوال جو پُٽ، جنهن ڪڏهن به اهڙو اڇو ۽ اعليٰ شراب نه پيتو هو، سو هتي پيئڻ سان مدهوش ٿي ويو ۽ لڳو بَڪ شَڪ ڪرڻ. شهزاديءَ کي چوڻ لڳو ته: “شهزادي صاحبه! تو وٽ رڳا ٽي لعل آهن، مگر مون جهڙي غريب وٽ، انهن کان به گهڻو بهتر ۽ وڌيڪ قيمتي چار لعل آهن؟ ائين چئي، انهيءَ مدهوشيءَ جي حالت ۾، اهي پنهنجي سٿڻ جي ابداڻي مان ڪڍي، شهزاديءَ جي آڏو رکيائين. شهزاديءَ اهي چارئي لعل، پاڻ وٽ رکي ڇڏيا ۽ دل ۾ ڏاڍي خوش ٿي، جو چور لڌائين.
    پنجين ڏينهن واري تي، وري بادشاهه زادو آيو. ان کي ماني کارائي، خوش ڪري، انهن چئن لعلن مان، هڪڙو لعل ڏيئي چيس ته: “کڻ پنهنجو لعل ۽ سڃاڻ ته اهو اٿيئي يا ڪو ٻيو؟” هن جواب ڏنو ته، “هائو اهو منهنجو لعل آهي. اهڙي طرح واري وٽيءَ سان، سڀني کي پنهنجو پنهنجو لعل ملي ويو ۽ ڪنهن کي به خبر ڪانه پيئي، ته اهي ڪنهن وٽان نڪتا. اهڙي طرح لعل به لڌائون ۽ پريت به رهجي آين.
    مطلب: جيڪڏهن ڪو معاملو درپيش اچي ته ان کي اهڙي نموني نبيرجي، جو معاملو به ٺهي وڃي ۽ محبت به نه وڃي.

    21. اُهو سون ئي گهوريو، جو ڪـَن ڇني:
    اهو ڪم ئي گهوريو، جنهن مان فائدي بدران نقصان يا خرابي ٿئي.
    ايران ۾، نوشيروان کان به اڳ، ڪَنَ جو زيرو، “سونو والو” هوندو هو. “روپو” ۽ “لوهو والو” ڪنيز (ٻانهيءَ) جو هوندو هو، پوءِ “سونن دُرن” جو رواج نڪتو ۽ پوءِ نوشيروا ن جي ڏينهن ۾، “موتين جي دُرن” جو رواج پيو. انهيءَ وچ ۾ ترڪستان جي زالن ۾ “مَروِاريد” ۽ “سونن جهومڪن” جو رواج پيو. نوشيروان جي حرمَن، “جهومڪن” جي گهر ڪئي، تنهن تي نوشيروان فرمايو: “يا دو گوش بايد، يا دو نيلم،” يا ڪنن جو خير گهرو، يا (ڳرا) جهومڪ (دو نيلم) پايو. (لغت _ ملا همداني گورگاني) اڄ تائين ايران ۾ جهومڪن جو رواج نه پيو آهي.
    نوشيروان جي فرموده جو ترجمو ٿيو: اهو سون ئي گهوري، جو ڪَن ڇِني.

    22. اهڙي جُٺ ڪيائينس، جهڙي ٻرڙو ڪري ٻارن سان:
    جوڳي جٺ يا تعدي ڪر ڻ
    هڪ دفعي ٻرڙو (مسلمانن جي هڪ ذات)، پنهنجي دوست جي گهر مهمان ٿي ويو. صبح سان، مهمان کي نيرن ڪرائي، گهر جا ڀاتي، رُونبي تي ويا. مهمان کي چيائون ته “ٻارڙن جي سار سنڀال ڪج”.
    اڃا اڌ ڪلاڪ مس گذريو ته ٻارن روئڻ شروع ڪيو. ويچارو مهمان، گهڻو ئي ٻارن کي پرچائي، پر ٻار ماٺ ئي نه ڪن! جڏهن مهمان کان ڳالهه زور ٿي ويئي، تڏهن ٻارن کي گُنديءَ ۾ وجهي ڇڏيائين. جڏهن منجهند جو گهر جا ڀاتي رونبي تان موٽيا، تڏهن مهمان کان ٻارن جو پڇيائون. مهمان، گنديءَ جو ڏس ڏنن.
    اهڙيءَ اَڻ سهائيندڙ حالت کي ڏسي، ڪنهن ائين چيو.

    23. اُهي تُنيا ئي مري ويا، جيڪي گهيٽا ڏيندا هئا:
    سخي مرد اُٿي ويا.
    تنيا، جناب غوث بهاءُ الدين زڪريا ملتان (566_666هه) جا مريد آهن، جي پاڻ کي فقير گهر سڏائين ٿا.
    “ملتان وارن بزرگن جا ڪيترائي خدا رسيده مريد سنڌ ۾ ٿي گذريا آهن، جن مان ڪيترن تي ته زبردست ميلا به لڳندا آهن. جيسلمير جي هندو راجا جو نوجوان راجڪمار ، حضرت غوث بهاءُ الدين جي بيعت حاصل ڪري مسلمان ٿيو، جنهن کي روحاني فيض سان مالامال ڪري، پوءِ حڪم ڏنائين ته، “سنڌ ۾ وڃي رهه ۽ روحانيت جي تبليغ ڪر.” مخدوم عبدالله پراڻن هالن ۾ اچي رهيو ۽ وڏو فيض بخش بزرگ ٿي گذريو هو”.[5]
    سنڌ ۾، غوث صاحب ۽ ان جي جانشينن جا ڪيترائي مقرر ڪيل خليفا هئا. جيئن: ڄام ڏاتار (مقبرو ڳوٺ کڏڙي تعلقي سنجهوري جي نزديڪ)، سخي داد واهي (درگاهه داد واهه جي ڪناري تي تعلقي نوشهري فيروز ۾)، خليفه ونهيون (مقبره نصرپور شهر ڀرسان)، درويش سينهڙو (مقبرو ٽنڊو الهيار ڀرسان)، مخدوم عبدالرحمان (ساماري شهر جي نزديڪ) وغيره.[6]
    تنيا فقيرن مان به ڪي خليفا هوندا هئا، جي ڳوٺ ڳوٺ مان، مريدن کان گهيٽو وٺي،پيرين پيادو، مرشد سائين حضرت غوث بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني جي درگاهه شريف تي وپندا هئا. خليفن سان گڏ، هزارين ماڻهو به شامل هوندا هئا. محترم الله بخش تنيي فقير جي روايت موجب 1920ع کان خليفن، پيرين پيادو گهيٽن ڏيڻ جو رواج بند ڪيو. هينئر ته سنڌ مان پيرين پيادو ڪو به ڪونه وڃي، جنهن کي درگاهه شريف جي زيارت جو شوق ٿئي، سو ريل تي چڙهي، اتي نذرانو ڏيئي اچي.
    هينئر جيئن ته هر ڪو پنهنجيءَ ۾ پورو آهي، تنهنڪري اهڙو ڪو به تنيو ڪونه آهي، جو پيرين پيادو گهيٽو ڏيئي اچي، تنين جي اهڙي حالت کي ڏسي، ڪنهن ائين چيو.
    ____________

    ________________________________________
    [1] ڏوئي = ڳولي.
    [2] تاريخ سنڌ صفحه 63_ مولوي نور محمد نظاماڻي.
    [3] وکري = وکر وڪڻڻ وارا، واپار ساجا = خوش، آسودا.
    [4] ٺوهيا = سکڻا، خالي، سـُڃا، غريب.
    [5] تاريخ سنڌ ڀاڱو ٽيون صفحو 197_198 عبدالغني عبدالله.
    [6] تاريخ سنڌ ڀاڱو ٽيون 200_201 عبدالغني عبدالله.


    ( ب )

    24. بُڇڙو ڪتو، ڌڻي پڻائي:
    ڪنهن گهر وٽان، ڪي ٻه ڄڻا لنگهيا ته ڪتي مٿن رومڙ (اُلر) ڪئي. هڪ دوست، بجو (ڀونڊو) ڏيئي، چيس ته “لک لعنت هجي، تنهنجي ڌارينديءَ (ڌاريندڙ _ مالڪ) کي”. پر ڪتي بهڻ کان بس نه ڪئي پوءِ، ٻهٿڙي لٺ پيو کوڙيس، تڏهن ٻئي دوست چيس ته، “هي ڪتو، فلاڻي دوست جو آهي، متان دل ۾ ڪري!” تنهن تي لٺ ڍري ڪري، ڪتي کي چيائين ته، “ڪتا، تو نه لڄ، پر تنهنجي ڌڻيءَ لڄ”. يعني اي ڪتا، تنهنجي لڄ نٿي ماري، پر تنهنجي ڌڻيءَ جي!
    مطلب: جيڪو بڇڙي هلت هلي ٿو، سو پنهنجن ڌڻين کي پڻائي (گاريون ڏياري، گهٽ وڌ ڳالهرائي) يا بدنامي ڪري ٿو.

    25. بَخت ڏِئي ڀِيڙو، ته دال مان سِيرو:
    دال مان سيرو يعني اڻ هوند مان يا سڃائيءَ مان آسودگي.
    ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن پوليس عملدار سان، سندس وڏو آفيسر ايترو ناراض هو، جو هو کيس پوليس ٿاڻي تي ويٺو به نه سهندو هو. اڃا هڪڙي پاسي کان نوڪري ڏيئي، ٿاڻي تي مس پهچندو هو ته سندس آفيسر، وري کيس، ڪنهن نئين ڪم پويان ڀڄائيندو هو. مطلب ته سندس سارو ئي مهينو ائين گذرندو هو.
    هڪڙي دفعي اهو ننڍو عملدار، رات جي وقت اڃا ٿاڻي تي پهتو ئي مس ۽ ماني کائي، پورو ٿڪ به نه ڀڳو هئائين ته وڏي عملدار گهرائي چيس ته، “فلاڻو ماڻهو، ڪنهن ڏوهه ۾ گهربل آهي، وڃي کيس پڪڙي اچ”. هي ويچارو، حڪم جو بندو! “حاضر سائين” چئي، گهوڙي تي لانگ ورائي روانوٿيو. بيگاهه وقت جي ڪري، سڙڪ ڇڏي، جهنگ مان هڪڙي ڦٽل ڪڙيي جو ڪپ ڏيئي، اُن ڳوٺ ڏانهن ٿي ويو، جنهن ۾ گهربل ماڻهوءَ، جو ڏس مليل هوس. اوچتو گهوڙي جي سنبت، ڪنهن اهڙيءَ سخت شيءِ سان لڳي، آواز ڪيو، جهڙو ڪنهن ٽامي جي برتن کي ڌڪ لڳڻ سان، آواز ٿيندو. هو اُهو آواز ٻڌي هڪدم گهوڙي تان لهي پيو. اڃا هٿن سان، مٽي هيڏا نهن هوڏانهن هٽايائين ته کيس هڪڙي ديڳ نظر آئي، جا ساري سونين مهرن سان ڀريل هئي! خرزين ۽ توبرو ڀريائين. کيس به پُر ڪيائين ۽ بچي پيل مهرون هڙ ڪري ٻڌائين! مطلب ته ديڳ ۾، ڪانه ڇڏيائين نالي ڪاڻ ڪا هڪڙي مهر! سندس ڳوٺ اتان ميل_ ٻن پنڌ تي هو، جنهن ڪري راتو واه سارو خزانو گهر رکي، وري پوئين پيرين موٽيو ۽ جنهن ماڻهوءَ کي پڪڙڻو هوس، تنهن کي پڪڙي عملدارن جي حوالي ڪري، پنهنجي استعفا جي عريضي ڏيئي گهر هليو آيو.
    گهر ۾ ته، غيبي خزانو موجود هوس، جنهن مان، زمين ۽ ٻي ملڪيت خريد ڪري، اميراڻو گذر ڪرڻ لڳو.ماڻهن ۾چوپچو شروع ٿي ته هيءُ اڳ ۾ هڪڙو رواجي سپاهي هو ۽ هينئر امير بنجي ويو آهي! تنهن تي ڪنهن سالڪ چيو ته:
    “ادا، جي بخت ڏئي ڀيڙو، ته دال مان ٿئي سيرو”.

    26. بي شرمي دي سِيري ڪَنُون، ساڳ سَرِنهن جا چوکا:
    ڪو ماڻهو پراڻي سڏ تي ويو. هن ويچاري کي، ٻين غريبن وانگر رواجي کاڌو مليو، ليڪن وڏيرن ۽ بيٺلن ماڻهن کي ٻوڙ پلاءَ، چاشني، سيرو وغيره مليو. هن ويچاري به سيري جي گهُر ڪئي، ليڪن ڪونه مليس. جڏهن گهر ويو، تڏهن گهر واريءَ سان اها ڳالهه ڪيائين، جنهن هڪدم سيرو تيار ڪري کارايس ۽ مٿيون پهاڪو ڏنو.
    مطلب: پرائي ٻوڙ پلاءَ کان، پنهنجي رُکي سُکي به ڀلي. پرائو سيرو گهُري کائڻ، سو آهي پنهنجو شر م وڃائڻ، تئين کان گهر جو رڌل ساڳ صد بار بهتر آهي.
    “ڀَلِي بُک ڀَرم جِي، شال نه وڃي شان.”
    __________


    (ٻ)

    27. ٻارڻَ ٻَهوَن ڪجن، ته به رَڙا رجهَن ڪِينَ ڪِي:
    هڪڙي ماڻهوءَ، وَٽَ خاطر، مٽرن جا ڪُهَرَ رڌي، پنهنجي دوست کي کارايا. ڪهرن کائيندي، مَٽرِي (رَڙو)[1] (سخت مٽر جو قسم) ڏندن هيٺان اچي ڀڄي نه پيئي، تنهن تي کائيندڙ ائين چيو.
    مطلب: بدمزاج ماڻهوءَ کي ڪيتري به تنبيهه يا نصيحت ڪجي، ته رائگان نه ويندي، ڇاڪاڻ ته اهو پنهنجي فطري سڀاءُ کان مجبور آهي.

    28. ٻاليتو، نه ماليو:
    ڪنهن ڳوٺ ۾، هڪڙو هندو سيٺ رهندو هو، جنهن کي وڏي آڪهه هئي. ڳوٺ ۽ آسپاس وارا، کيس سيٺ سيٺ ڪري سڏيندا گهئا. هڪ دفعي، ڳوٺ جو هڪڙو گهُرجائو ماڻهو، وٽس هڪ هزار رپئي لاءِ آيو. سيٺ چيس ته، “پيارا، مون وٽ ڪاري پائي به موجود ڪانهي” غريب سمجهيو ته سيٺ، شايد مون سان چرچا ٿو ڪري، سو کيس گهڻيءَ منٿ کان پوءِ به چيائين ته، “مون کي سخت لوڙ آهي”. مگر سيٺ کان وري به ساڳيو جواب مليو. اُتي هڪڙو، ٻيو ماڻهو به ويٺل هو، جو سيٺ کي، بخوبي سڃاڻندو هو، تنهن سيٺ کي چيو ته، “هيءُ به بيٺل ۽ معزز ماڻهو آهي، مگر گهـُر جو سبب تو وٽ آيو آهي، هن جو ڪم ڪريو. تون هيڏو سارو شاهوڪار ماڻهو ۽ تو وٽ پئسو ڪونه هجي! اها ڳالهه وسهندو ڪير؟” تنهن تي سيٺ چيو ته، “ٻاليتو نه ماليتو”. يعني جيڪو وڏي ڪَهول يا عَيال وارو هوندو، تنهن جو خرچ به اوڏو ئي هوندو، تنهنڪري وٽس بچت خير ڪا هوندي.

    29. ٻُڏِي ٻيڙي جون هَرِيڙون به ڀليون:
    جتان ڪجهه ملڻ جي اميد نه هجي، اتان ڪجهه ملي ته غنيمت
    اڳي واپار، ٻيڙين تي هلندو هو. هينئر به درياهه جي ڪنارن وارن شهرن جو واپار، ٻيڙين رستي هلي ٿو.
    هڪ ٻيڙي، سامان سان ڀري پئي ويئي، واٽ تي ٻيڙيءَ کي طوفان اچي گهيرو ڪيو. ملاح ويچاري گهڻي حڪمت هلائي، پر ٻيڙي لوڏن لمن کان بچي نه سگهي. آخر ٻيڙي ٻڏي ويئي. ٻيو سامان ته درياهه داخل ٿي ويو، باقي هريڙن جي ڳوڻ، ترندي ويئي، جا ملاح هٿ ڪئي. واپاريءَ شڪرانا بجا آڻي، ائين چيو.

    30. ٻه شينهن ٻيلي ۾ نه ماپن:
    هڪ ٻيلي ۾، ٻيلائي شينهن هو، تنهن جانورن کي تباهه پئي ڪيو. جانورن گڏجي، لومڙ کي، عرض ڪيو ته، “تون، جانورن ۾ ڏاهو آهين. هن شينهن کان اسان جي جند ڇڏاءِ”. لومڙ ڇا ڪيو، جو ڇڀندي ڇڀندي وڃي شينهن کي عرض ڪيو ته، “قبلا سائين، هيءُ ٻيلو تنهنجي بادشاهيءَ جو آهي، جنهن ۾ ٻيو شينهن اچي رهيو آهي. هلو ته ڏيکاريانوَ”. پوءِ هڪ کوهه تي وٺي وڃي، پڳَ جي مٿان کيس ويهاري، سندس پاڇو کوهه ۾ ڏيکاريائين. شينهن کي غيرت آئي ۽ گجگوڙ ڪري، کوهه ۾ ٽپو ڏنائين ۽ اُتي ئي مري ويو. انهيءَ تان ڪنهن ائين چيو.
    مطلب: ٻه طاقتون هڪ هنڌ رهي نه سگهنديون. هر هڪ ائين چاهيندي ته سڀ ڪجهه منهنجي ئي هٿ ۾ هجي.

    31. ٻلي سَتَ ڪُئا کائي، حج چڙهي:
    هڪڙي ٻِلي، روزانو ڪُئا کائيندي هئي. جڏهن هن ڏٺو ته ڪُئا، کانئس تنگ آيا آهن، تڏهن کين گهرائي، دلداري ڏيئي، چيائين ته، “مان حج جو ارادو رکان ٿي. پڇاڙيءَ ۾ چاهيان ٿي ته اوهان کان ڪنهن سهڻي نموني موڪلايان. تنهنڪري مرضي اٿم ته سڀيئي گڏجي، منهنجي اُسهڻ تي خوشي ڪريو”. ڪُئن کي به اهائي ڳالهه کپندي هئي، سو وٺي نچڻ شروع ڪيائون. ايترو ته نچا، جو زمين کان مِٽي اڏامڻ لڳي. ٻلي، اهو وجهه وٺي، هڪ ڪُئي کي هَپو ڪري، ويئي. جڏهن ڪُئن ناچ بند ڪيو،تڏهن ٻليءَ چين ته، “ٻيو ڀيرو به نچو”. ويچارن، هن دفعي به اهڙو ئي ناچ ڪيو ۽ ٻليءَ وجهه وٺي، وري به هڪ ڪُئو کاڌو. اهڙي طرح ست دفعا ناچ ڪرائي ست ڪُئا ڳڙڪائي ويئي. ڪُئا ويچارا ڪهڙي وَهه وڃن! ڏسن به پيا ته ڀيري ڀيري مان، هڪ ڪُئو کُٽي ٿو، پر ڪير ڪُڇي! ٻلي چين ته، “هي آخرين ڀيرو ناچ ڪريو، پوءِ مان هلي وينديس”. زور اڳيان زاري! وري ويچارن نچڻ شروع ڪيو. ٻليءَ چيو ته، “زور سان ناچ ڪريو” تنهن تي هڪ ڏاهي ڪُئي سڀني کي پنهنجي ٻوليءَ ۾، نفرت وچان چيو ته، “پري پري ٿي نچو، متان حاجاڻيءَ چنبي اچو”. ڪُئا، هڪدم ٽڙي پکڙي، نچڻ لڳا. هن ڀيري، ڪُئن جي خبرداريءَ کان، ٻليءَ کي وجهه ڪونه مليو. پوءِ ٻليءَ لاچار ٿي، ڪُئن کان موڪلايو.
    هڪ ڪُئي، ٻليءَ جي انهيءَ حالت کي ڏسي ائين چيو.
    مطلب: جڏهن ڪو بُرو فعل ڪندو رهندو آهي ۽ وري ائين به چوندو رهندو آهي ته مان انهيءَ بريءَ عادت کان باز آيو آهيان، تنهن لاءِ ائين چئبو آهي.

    32. ٻلي شير پڙهايا، ڦِر ٻلي ڪون کاوڻ آيا:
    چڱائيءَ جو بدلو برائيءَ ۾، لچ سان چڱائي ڪرڻ، پنهنجي لاءِ مصيبت خريد ڪرڻ آهي.
    هڪڙي ماڻهوءَ، شينهن جو ٻچڙو ڌاريو. گهر ۾، ٻليءَ سان گڏ، کائيندو، پيئندو ۽ گهمندو ڦرندو هو. ٻلي، ڪتن کي چنبو هڻي، ڦاسائيندي هئي ته هي ڏسندو هو. آخر ٻليءَ کان، چنبي هڻڻ جي استادي به سکيو. هڪ دفعي، جيئن ٻلي، پنهنجي خيال ۾ ويٺي هئي، تيئن شينهن جي ٻچڙي، پٺيان چنبو هنيس، پر ٻلي کسائي، وڻ تي چڙهي ويئي ۽ چيائين:
    ٻلي، شير پڙهايا، ڦِر ٻلي ڪُون کاوڻ آيا،
    چڱا ٿيا جو مين تيڪون، چڙهڻ نه سِيکاريا.

    33. ٻليءَ جي “ميائو ميائو” ڊيڄاري ٿي:
    ظالم جو خوف ۽ ان جو رعب، غريبن کي هميشه ڊيڄاريندو رهندو آهي.
    هڪڙي ٻليءَ، ڪئن کي ڏاڍو تنگ ڪيو هو ۽ منجهانئن ڪيترن ئي ته کائي کپائي به ڇڏيو هئائين. باقي جيڪي بچيل هئا، تن هڪڙي ڏينهن پنهنجي بچاءَ لاءِ، صلاح مصلحت ڪرڻ شروع ڪئي. هڪڙي چيو ته، “جيڪڏهن ٻلي، مون کي هٿ اچي وڃي، ته مان جيڪر هڪدم ساڻس چنبڙي وڃان ۽ سندس ننهن، پنهنجي تيز ڏندن سان ڪتري، بيڪار ڪري ڇڏيان!” ٻئي چيو ته، “آءٌ جيڪر سندس نَڪَ ۾ چڪ پائي، لڙڪي پوان!” ۽ ٽئين واري الاپيو ته، “آءٌ جيڪر ڪن ۾ هٿ وجهي، پڪڙي کڻي وڃانس!”.
    اهڙيءَ طرح خيال پلاءُ پچائي رهيا هئا. هڪڙو پوڙهو ۽ تجربيڪار ڪئو، جو چُپ چاپ سندن ڳالهيون ٻڌي رهيو هو، تنهن کي چيائون ته، “چاچا! اوهين ماٺ ڪيو ويٺا آهيو، ڇو ڪجهه ڪڇو ئي نٿا؟ ڪا صلاح ته ڏيو!” پوڙهي جواب ڏنن ته “پُٽ، اوهين آهيو نادان، اجايون ڳالهيون ڪري، پيا ٿا خوش ٿيو! جڏهن هن رڳو هڪ دفعو “ميائو” ڪئي ته ڳوليا نه لڀندا، ٻليءَ کي بعد ۾ پڪڙجو، پهريائين رڳو ان جي “ميائو” کي ته پڪڙيو!
    اهو ٻڌي، سڀئي ڪئا، ٻليءَ جي “ميائو” کان ڊڄي ڀڄي ويا!

    34. ٻني سائي جي سائي، گاهِي بکئي جو بکيو:
    هڪڙي ڪڙميءَ کي، شهر جي ٻاهران، ڪوزمين جو ٽڪرو هو، جنهن ۾ پوک ڪندو هو. ڪڙمي ويچارو، “کيتي سر سيتي” تي عمل ڪندڙ هو، پر تڏهن به ڪو گاهي (گاهه ڪندڙ) سندس ٻنيءَ مان، گاهه ڪري ويندو هو. ڪڙميءَ ڏاڍي تاڙ رکي. پر گاهي، اهڙي اک وٺي، گاهه ڪندو هو، جو ڪڙمي کيس پڪڙي ئي نه سگهندو هو. جڏهن ڪڙمي تنگ آيو، تڏهن ڪنهن سڄڻ سان سور سَليائين، جنهن چيس “مون کي سرزمين هلي ڏيکار”. جڏهن ٻئي زمين تي آيا، تڏهن ڪڙمي، هن کي اهي گاهه وارا هنڌ ڏيکاريندو رهيو، تڏهن دوست چيس ته، “گاهي ته گاه ڪري ويو، پر انهن جاين تي ٻني سائي لڳي پيئي آهي. ٻني سائي جي سائي، گاهي بکئي جو بکيو”.
    مطلب: جڏهن ڪنهن جي چوري ٿئي، تڏهن ان کي دم دلاسي ڏيڻ لاءِ، ائين چون، جيئن گاهي سڃو هوندو آهي ۽ ٻني سائي. اهڙي نموني چوري ڪندڙ کي به “روهين رلا مٿي کَلا” هوندا.

    ___________
    ________________________________________
    [1] رڙو، مٽرن جو قسم آهي، جنهن کي عام طرح مٽري چوندا آهن. داڻو، مٽر کان سنهو ٿيندو آهي، ليڪن اهڙو ته سخت ٿيندو آهي، جو ڪُني ۾ ڪيترو وقت به وجهندو، ته به نه ڳرندو، انهيءَ ڪري ڪڙمي، مٽريءَ جو گاهه، مٽرن کان الڳ پوکيندا آهن.


    (ڀ)

    35. ڀاڙين مٿان ڀِت، ڪانون ڪيرائي:
    هڪڙو شخص زال سوڌو، ڪنهن دوست جي شادي خانه آبادي تي پئي ويو ته، واٽ تي ٻه شاهينگ مليس، جن سندس زال ۾ بڇڙي نگاهه وڌي ۽ ڦِري آيس. ويچارو اڪيلو ڇا ڪري! آخر انهن ماڻهن کي چيائين ته، “اڳيان هُو کوهه ڏسجي ٿو، اتي هلو ته ٽپَهَري نماز پڙهي، پوءِ گهر واريءَ کان موڪلايان.”
    کوهه جي ڀرسان ڪن ايامن جي پراڻي ڀِتِ بيٺل هئي، جنهن جي ڀرسان هِي ٻه رهزن ويهي رهيا. پوءِ هو ويچارو، وضو ساري، نماز جو فرض ادا ڪرڻ لڳو. سندس گهر واري، ڀرسان ويهي رهي. جڏهن هُو، پوئين سجدي ۾ آيو ته، ايڏو محو ۽ مُستَغرق ٿي ويو، جو سجدي ۾ ئي پيو رهيو.
    هوڏانهن سج لهڻ تي هو ۽ ڪانوَن کوهه تي اچي، ڪانگيرو شروع ڪيو. ڪي وڻن تي پيا ويهن ته ڪي ڀت تي! ڀِت تان، ڪانوَ هر اُڏامن ۽ هر ويهن. هڪ دفعي، جڏهن ڪانوَ ڀِت تان جهِمَ کائي اُٿيا، ته ڀِت لوڏو کاڌو ۽ ڌُو وڃي رهزنن جي مٿان ڪيائين. ٻئي هيٺان ۽ ڀِت مٿان!
    مائيءَ، گهر واري کي چيو ته، “ميان، اُٿ اُٿ، جوڀارين جي مٿان ڪانون ڀِت ڪيرائي وڌي آهي” پر هو سجدي ۾ ئي پيو رهيو. آخر گهر واريءَ جي زور ڀرڻ اُٿيو ۽ ڀاڙين مٿان ڀِت ڪِريل ڏسي، بارگاههِ الاهي ۾، دست بدعا ٿيو.
    مطلب: بڇڙي ماڻهوءَ کي، پنهنجي بڇڙي نيت جي سزا، اَوسَ ملندي آهي.

    36. ڀاءُ آهي ڀاءُ، پر جي ٿئي دشمن ته ڪڍي ساهه:
    جهڙو نفعو، ڀاءُ کان ٿيندو، تهڙو ٻئي کان هرگز نه ٿي سگهندو. پر جي ڀاءُ ڦِري دشمن ٿئي ته اُن جهڙو نقصان ٻيو پهچائي نه سگهندو.
    حضرت آدم عليه السلام جي ٻن پٽن هابِيل ۽ قابيل جي وچ ۾ تڪرار ٿي پيو. قابيل، شيطان جي برغلائڻ تي، هابيل کي مٿي وارو اهڙو ڏنڊو ٺوڪيو جو هو مري ويو! اُن جي فوت ٿيڻ ڪري، قابيل ڊپ کان ڪيترو سارو زمانو جهنگلن جبلن ۾ ڀٽڪندو رهيو. آخر يمن جي ملڪ ۾ پهچي، خدا جي نافرماني ۽ ڪفر اختيار ڪيائين.
    دنيا ۾ اهو پهريون ئي ڀيرو هو، جو ڀاءُ، ڀاءُ کي ماريو. انهيءَ وقت کان پهاڪو مشهور ٿيو.

    37. ڀائر ڪوٽ جا ڪنگرا، پُٽ گهر جي سونهن، ويٺا ڪن وِرونهن، ڏُڄڻ ڏورائين ڏري.
    ڪنهن غريب کي، اهڙو ته ڀاڳ لڳو، جو جنهن شيءِ ۾ هٿ وجهي، تنهن ۾ برڪت! کيس، ٽي ڀائر هئا، جي پڻ لُڏي لَٽڪِي لائق ٿيا ۽ سڀ ڪمائڻ کي لڳي ويا. هن کي چار پٽ به هئا، جي ا‎ڄ ننڍا سڀان وڏا جي مثال، جوان ٿي پيا. مطلب ته غريب جو ويڙهو ئي پنهنجو! جڏهن ڀائر، پاڻ ۾ رهاڻ ڪندا هئا، تڏهن مخالفن جي ڇاتي ڇڄي پوندي هئي. وري جڏهن پٽ به، ڪُنرِو ڪري اچي آڏو ويهندا هئس، تڏهن ته دشمنن کي، اُتان سينو ساهي لنگهي سگهڻ جي مجال ئي نه ٿيندي هئي
    انهن جي ايڪي ۽ الفت کي ڏسي، ڪنهن سالڪ ائين چيو:
    “ڀائر ڪوٽ جا ڪنگرا، پُٽ، گهَر جي سونهن،
    ويٺا ڪن ورونهن، ڏُڄڻ، ڏورائين ڏري.”
    مرحوم رئيس فتح خان اها چوڻي وري هيئن ٻڌائي:
    “ڀائر ڪوٽ ڪونگرا، پُٽ گهَرن جي سونهن،
    ڌيون، ڌرم پاليون، جي اَبي-اَما وِرُونهن،[1]
    سجھن ساٿوري ٿيا، ڪُونڌن سندي ڪُونهن، [2]
    ڏُڄڻ ۽ ڏُونهن، پريان ئي پوءِ پيا.” [3]

    38. ڀَرِي ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳور و
    غريب جو واهي الله.
    اڳي، درياهه تي گهڻو ڪري پُليون ڪونه هونديون هيون، جنهنڪري واپار ۽ ماڻهن جي اچ وڃ، ٻيڙين تي ٿيندي هئي. هينئر به درياهه تي اهڙا ڪيترائي پَتَڻ آهن، جن تان ٻيڙون اچن وڃن ٿيون.
    ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙي ٻيڙي، اڃا ڪناري کان ٿورو اڳڀرو هلي ته ٻيڙي ٻڏڻ جو انديشو نظر آيو. ناکئي چيو ته، “ڪجهه ماڻهو لهن، ورنه ٻيڙي درياهه داخل ٿيندي.” هر ڪنهن ائين پئي چيو ته: “مان نه لهان!” ڀلا، لهي سو لهي ڪير! آخر انهيءَ ڳالهه تي متفق ٿيا ته سڀ ماڻهو صف ٻڌي بيهن، جنهن جو به “نائون” نمبر اچي، سو ٻيڙيءَ مان لهي، ڳڻپ شروع ٿي. اول ئي اول نائون نمبر خير سان هڪڙو واڻيو آيو. ٻيو نائون نمبر به واڻيو آيو. ٽيون لڱا نائون نمبر به واڻيو آيو.
    مطلب ته ائين ڪرڻ سان پنجويهه ماڻهو لهي بيٺا، جي سڀ ئي واڻيا هئا. واڻين جي اهڙيءَ رحم جوڳيءَ حالت کي ڏسي، جنهن ائين چيو.

    39. ڀَڳي سان ئي ڀِير، جيسين رَتو راس ٿئي: )ورجيس(
    ٿوري گهڻي يا سادي سودي چيز سان ڪم کي هلائڻ کپي.
    اڳي چرخي يا ائٽ جو رواج گهڻو هوندو هو، شاهوڪار زالن جا ائٽ رنگين، سهڻا ۽ قيمتي هوندا هئا.
    هڪڙي عورت جو ائٽ ڀڄي پيو. هاڻي ويچاري سُٽ ڪيئن ڪَتي! ڪنهن ڏاهيءَ کي ائٽ ڏيکاريائين، پر هن چيس ته، “ڪنهن ڪاريگر کي ڏيکار.” هاڻي ويچاري ڇا ڪري! ويهڻ به نه پيو اچيس، ڇاڪاڻ ته زالن جي وندر ئي گهر جو ڪم ڪار آهي. پنهنجي ساهيڙيءَ کي چيائين ته: “ادي، ٻن چئن ڏينهن لاءِ، چرخو ته اُڌارو ڏينم، جو سندم چرخو ڀڄي پيو آهي” تنهن تي ساهيڙيءَ اُمالڪ چئي ڏنس ته، “ادي، ڀڳي سان ئي ڀر، جيسين رتو راس ٿئي.”
    مطلب ته ڀڳل ائٽ سان ئي ٿورو گهڻو ڪم ڪار ڪندي رههُ، جيستائين رتو (ڳاڙهو، جنڊيءَ چڙهيل ائٽ) ٺهي تيار ٿئي.

    40. ڀُلي ڀُلي ڀاڻِ آئي، سا به نه چئجي ڀُلي:
    ٻهراڙيءَ جو مال اڪثر ٻيلي ۾ پيو چرندو آهي، ۽ رات جو وٿاڻ ورندو آهي. اهڙي مال کي “گور” چئبو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو “گور” ڍور کي وٺڻ جي ڪوشش ڪندو ته هرگز وٺي نه سگهندو.
    هڪ ماڻهو جا ڍور، ٻيلي ۾ چرڻ ويا. سڀ ڍور، شام جو، پنهنجي وٿاڻ (ڀاڻ ڀاڻو) تي وريا، باقي هڪ ننڍڙي وڇ نه موٽي. مالڪ کي ڏاڍو خيال ٿيو. رات جو ڳولهين به ڳولهين ڪٿي! آخر پوئين رات اَسر جو پاڻهي، پنهنجي ڀاڻي تي آئي. تنهن تي گهر جي مالڪ ائين چيو.
    مطلب: جيڪڏهن ڪو بُڇڙي ڪم کان باز اچي ته چئبو ته هن گويا اهو ڪم ڪيو ئي ڪو نه.

    41. ڀَنگان جيهان چيز ٻُڏن، لُنڊي رويي ڪڻڪ ڪُون:
    هر ڪنهن کي پنهنجي دل واري شيءِ وڻي.
    ڪڻڪ ۽ ڀنگ جي پوک، هڪ ٻئي جي ڀرسان ٿيل هئي. وچان صرف وڏو ٻَنو ٻڌل هو. اوچتو مينهن اهڙو وسيو، جو ٻَئي فصل، پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. ڪڻڪ جي پوک ڪندڙ هاريءَ جي زال، اهو زيان ڏسي، روئڻ لڳي. موالي به اُتان لانگهائو ٿيو، جنهن مائيءَ کي روئندو ڏسي، ائين چيو.
    _________


    (ت)

    42. تَپ ڙي دانگِي ڇهه مهينا، کُپ مهمان ٻارهن مهينا:
    ڪنهن ماڻهوءَ وٽ، سندس هڪڙو دوست مهمان ٿي آيو. چوڻيءَ مطابق مهمان: تا؟ روز! پر هيءُ يار، ته ڇَلو مُنڊي لاهي ويهي رهيو ۽ موٽڻ جي ڪري ئي ڪا نه پيو! جڏهن هفتو کن گذريو، تڏهن مس مس سندس واتان اِهي لفظ نڪتا ته، “سڀاڻي صبح جو ويندس”. مائي ويچاري، جا رڌ پچاءَ ۽ مختلف کاڌن رڌڻ کان بيزار ۽ ڪڪ ٿي پيئي هئي، تنهن کي دل ۾ البت خوشي ٿي. ٻئي ڏينهن صبح جو سويل، مائي ڇا ڏسي ته مهمان اڃا سيِٽيو سمهيو پيو آهي ۽ کيس گويا وڃڻ واري وائي آهي ئي ڪانه! سو سڏ ڪري چيائينس ته، “ادا سج ٿو اُڀري، اُٿو”. مهمان چيو ته، “ادي، چڱو جو اُٿاريئي، مون کي پاڻ وڃڻو آهي، پر جلدي ڪري، ڪو نيرن لاءِ ٽُڪر ڀور تيار ڪري وٺ!
    مائيءَ جي ته کيس، نيراني ئي اماڻڻ جي مرضي هئي، مگر هن جو نيرن جي فرمائش ڪئي، سو خيال ڪيائين ته هاڻي ڍريءَ رفتار سان ڪم ڪريان، ته من دير ٿي وڃڻ جي ڊپ کان، هيءُ نيرانو ئي هليو وڃي. اهو اردو ڪري، دانگيءَ کي چُلهه تي چاڙهيندي، چيائين، “تَپُ ڙي دانگي ڇهه مهينا!” مهمان ٺهه پهه وراڻيو “کَپ ڙي مهمان، ٻارنهن مهينا!”
    مائيءَ مجبور ٿي، آخر تڙ تڪڙ ۾، ٻه لولا ٿَڦي، مهمان مان جان خلاصي ڪئي، جو هونءَ سمجهيائين ته، “هيءُ ماريو نيرن ڪرڻ کان سواءِ، هر گز ڪونه ويندو.”

    43. تيسمار خان:
    ٽيهن سان لڙڻ وارو، يعني وڏو پهلوان.
    هڪڙو سپاهي، گيڻو وقت بيڪار ويهي ويهي، گهَر جي سڄي ملڪيت وڪڻي، کائي ويٺو، جڏهن ڏٺائين ته ڪجهه به نه بچيو آهي، تڏهن زال کي چيائين ته “مان، سڀاڻي روزگار جي تلاش ۾ ٻاهر ويندس، تنهنڪري واٽ جي کاڌ خوراڪ لاءِ ڪجهه تيار ڪري وٺ”. سندس زال، چُوريءَ جا ٽيهه لڏون تيار ڪيا. اتفاق اهڙو بڻيو، جو جنهن اُکريءَ ۾ ڪُٽ سَٽ ڪري، لڏون ٺاهيا ويا هئا، تنهن ۾ ڪو ڪاريهر نانگ وڃي ويٺو هو. رات جو ڪُٽ سَٽ ۾، اهو نانگ به ڪٽجي سٽجي، ذرا ذرا ٿي، چُوريءَ سان چُوري ٿي ويو! ان مان ٽيهه لڏون ٺهيا. جوڻس، لڏون تيار ڪري، ڪنهن ڪپڙي ٽڪر ۾، هَڙ ٻڌي ڏنس، جا کڻي، صبح جو ڪنهن طرف راهي ٿيو. هلندي هلندي، جڏهن ڏينهن تَتو، تڏهن اُڃ ۽ بُک ستايس، تنهنڪري هڪڙي کوهه جي مٿان بيٺل وڻن جي ڇانوَ هيٺ وڃي ويٺو، ته اوچتو اُتي هڪڙا ٽيهه رهزن اچي نڪتا. انهن کيس ڌمڪائي چيو ته، “جيڪي اٿئي، سو ڪڍي ڪر ٻاهر، نه ته تو سان ٻه _ پاڻي ڪرڻا پوندا.” هن پنهنجي بي ڪَسي ۽ بي وَسيءَ جو بيان ڪيو، مگر رهزنن کي ڪو به رحم روح ۾ ڪو نه پيو. جڏهن سپاهيءَ ڏٺو ته، ڪجهه وٺڻ کانسواءِ نه ڇڏيندا، تڏهن کين ٻڌايائين ته، “مون وٽ، فقط ٽيهه لڏون آهن، ضرورت ۾ اچن ته حاضر آهن.” انهن بدمعاشن، اهي لڏون به نه ڇڏيا! پاڻ ۾، هڪڙو هڪڙو ڪري، ورهائي کنيائون ۽ کائي اتي جو اُتي خلاص ڪيائون.
    سپاهي، اڳتي هلي، ڪنڌ ڦيرائي ڏسي ته سڀني جو حال ابتر ٿي رهيو آهي! ڪو ڪِريو پيو آهي، ته ڪو ڇڙهيو پيو هڻي، ته ڪنهن کي وري سڪرات آئي آهي! سپاهيءَ خيال ڪيو ته هئا سڀئي سگهارا ۽ تندرست، مگر اوچتو ئي اوچتو هيءُ ڇا ٿي وين! موٽي اچي ڏسي ته سڀئي رب کي وڃي پرتا آهن! سپاهيءَ، وري سپاهيانه نمونو اختيار ڪري، ٽيهن ئي جي نَڪن ۽ ڪَنن جون چوٽيون ڪپي، اتان پنهنجا پير پٽيا. هلندي هلندي، اچي هڪڙي شهر ۾ پهتو. انهيءَ شهر جو دستور هو ته هر ڪو نئون آيل ماڻهو، پهريائين بادشاهه وٽ ضرور پيش ڪيو ويندو هو. جڏهن هيءُ سپاهي، بادشاهه وٽ پيش ٿيو ۽ کانئس خبر چار پڇي ويئي، تڏهن هو، پنهنجن وڏن جي بهادريءَ جي ساراهه ڪرڻ لڳو. بادشاهه چيس ته “وڏن کي ڇڏي، تون پنهنجي پهلوانيءَ جي ڪا ڳالهه ڪر.” اِهو ٻڌي، بادشاهه کي چيائين ته، “قبلا سائين! هيڏانهن ايندي، مون ٽيهه رهزن ماريا آهن، ثابتيءَ لاءِ سندن نَڪن ۽ ڪَنن جون چوٽيون اجهي عرض آهن.”
    اُهي ٽيهه ئي ڌاڙيل هئا، جن سڄيءَ حڪومت ۾ انڌير مچائي ڏنو هو، سوين قافلا ڦريا هئائون ۽ هزارين ماڻهو ماريا هئائون، مگر ڪنهن کي هٿ ڪين ايندا هئا. بادشاهه، اها ڳالهه ٻڌي، نهايت خوش ٿيو ۽ سپاهيءَ کي گهڻو انعام سان سرفراز ڪيائين.
    اهو سپاهي، رستي ويندي، جڏهن ماڻهن کي نظر ايندو هو، تڏهن هو هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا هئا ته، “اهو تيسمار خان وڃي رهيو آهي”. اهو پهاڪو، انهيءَ وقت کان وٺي رائج ٿيل آهي.
    ___________


    ________________________________________
    [1] ڌرم پاليون = نڪاح واريون، شريف، سُلڇڻيون، ورونهن = وندر.
    [2] ساٿوري = ساٿ ڏيندڙ، مددگار، ڪونڌن= پهلوانن، ڪونهن = طاقت.
    [3] ڏُڄڻ = دشمن، ڏُونهن = ڏَنءُ، طعنو تنڪو، پريان ٿي پوءِ پيا = پري کان ئي ڀڄي ويا.)


    (ٿ)

    44. ٿانءُ کڻي هڪڙو ۽ ٺِڪر کي ڀَڄي گهڻن تي:
    ڏوهه هڪڙو ڪري ۽ ان کي عيوض لوڙهين گهڻا.
    چون ٿا ته سسئيءَ جي مزار تي آيل هر مسافر کي ٻه مانيون ۽ وَٽو کير جو ملندو هو. هڪڙي دفعي ڪو آيل مسافر، کير کائڻ بعد، وَٽو پاڻ سان کنيو ويو. انهيءَ کان پوءِ ماني ته بدستور ايندي رهندي هئي، مگر کير، وَٽي جي بدران ٺڪر جي جمني ۾ ملڻ لڳو!
    انهيءَ تان ڪنهن سالڪ چيو آهي:
    “ٿانءُ کڻي هڪڙو ۽ ٺڪر ڀڄي گهڻن تي.”
    ___________


    (ٺ)

    45. ٺَـڳُ ٺَڳي، جـَڳَ کي، سياڻو ٺـَڳي، ٺـَڳَ کي:
    چون ٿا ته ڪنهن شاهوڪار جي، پيريءَ ۾ پُٺ پڌري ٿي، تنهنڪري شهر جا ماڻهو، توڙي آس پاس جا، کيس مبارڪون ڏيڻ ويا ۽ ڪيترا ته مصرين جا ٿالهه ۽ ٻيا تحفا کڻي ويا. هڪڙو مهاڻو، جو سندس در جو دائما دعاگو هو، سو به ٻه پلا کڻي، وٽس ويو، شاهوڪار جي دل ۾، هن غريب مهاڻي جي غريباڻي تحفي ايڏو ته اثر پيدا ڪيو، جو کيس ڏهه ڪَلدار رپيا ڏنائين. جڏهن ڪنهن لوڀيءَ، هيءَ ڳالهه ٻڌي، تڏهن خيال ڪيائين ته: شاهوڪار کي مبارڪ ڏيڻ لاءِ، هڪڙو سادو سُودو تحفو کڻي وڃان ته جيئن ان جي عوض ڪجهه وڌيڪ ڪمائي اچان. اهو خيال ڪري، هڪڙو مَتارو دُنبو، اڍائي رپين ۾ خريد ڪري، شاهوڪار وٽ تحفي طور کڻي ويو. شاهوڪار ته هن کي ڌُرئون سڃاڻندو هو، سو عجب ۾ پئجي ويو ته ڪيئن اڄ هن دُنبو آندو آهي! پڇيائينس ته، “دُنبو گهڻي خريد ڪيو اٿئي؟” چيائين ته، “سائين اڍائي رپين ۾”. شاهوڪار قصي کي تاڙي ويو، سو هن کي چيائين ته، “تو به تحفو آندو آهي، پر مان توکي، ان کان به سٺي چيز ٿو ڏيان”. لوڀي ڏاڍو خوش ٿيو، پر جڏهن ڏٺائين ته شاهوڪار، هن لاءِ، هڪ پلو آندو آهي، تڏهن تَرو ئي لڳي ويس. شاهوڪار چيس ته، “گهيٽو اڍائي رپين ۾ آندو آهي ته مون وري هي پَلو، پنجن رپين ۾ ورتو هو، جو توکي ڏيان ٿو”: لوڀيءَ دل ۾ چيو ته، “مون به گهڻن کي ٺَڳيو، پر هن ته مون کي به ٺَڳي ورتو. جڏهن ماڻهن ۾ اها ڳالهه عام ٿي، تڏهن ڪنهن ائين چيو.
    مطلب: جيڪو گهڻو لوڀ ڪندو، سو ضرور نقصان پائيندو.


    (پ)

    46. پارسي، گهوڙي چاڙهسي:
    سنڌ ۾ عربن، عربي علم جو رواج وڌو. ٺٽو، نصرپور ۽ چوٽياريون (ضلع سانگهڙ) عربي علم جو مرڪز هئا. ٺٽو، ته سومرن کان وٺي، عربي ۽ پارسيءَ جو خاص مرڪز هو. جڏهن سنڌ ۾، مغلن جو دور آيو، تڏهن ٺٽو، حيدرآباد، نصرپور، هالا، قنبر، بکر، شڪارپور وغيره تعليمي گهر هئا. دفتر جي زبان پار سي ، ته خلجي ۽ ارغونن کان وٺي هلندي آئي. حڪومت به ڪن مدرسن کي گرانٽون ڏيندي هئي. خاص ڪري ميان يار محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ ٺٽو، جو ايراني مسافرن جو گهر هو، تنهن پارسيءَ کي خوب زور وٺايو، ايتري قدر، جو حڪومت ۾ وڏا عهد به پارسي دانن کي مِلڻ لڳا. ميرن جي وقت ۾ به، دفتري ٻولي پارسي هئي، جنهنڪري هر هنڌ پارسي علم ادب جو چرچو وڌي ويو.
    ڪنهن ڳوٺاڻي جو ڇوڪرو پارسيءَ جي تحصيل ڪري، جلد ئي ممتاز عهدي تي فائز ٿيو. ٻيا ڳوٺاڻا، هن کي خوشحال ۽ سُکيو ستابو ڏسي، چوڻ لڳا:
    “پارسي، گهوڙي چاڙهسي،”
    مطلب ته علم واري جو مانُ آهي.
    پر جيڪڏهن پڙهِئي کان پوءِ به، ڪنهن کي نوڪري نه ملي، ته چئبو ته ڪَرمَن ۾ ڪا ڪاڻ اٿس، جو سندس بخت نه ڀَڙايو، تنهن تي ڪنهن ائين چيو آهي:
    “پڙهي پاسي، وڪڻي کَڙَ تيلُ
    ڏِسو، هِيءُ قسمت جو کيلُ.”

    47. پاڻ ڏاڍن سان پاند اٽڪائڻ:
    هڪڙي لومڙي، شڪار جي ڳولا ۾ نڪتي. هڪڙي اُٺ کي سمهيل ڏسي، ڏاڍي خوش ٿي. سمجهيائين ته مئل آهي. هن جي اوجهري گهَر گهِلي هلجي ته بهتر، سو ڇا ڪيائين، جو پنهنجو پُڇ، اُٺ جي پُڇ سان ٻڌي، گهلڻ تي هئي ته اُٺ سجاڳ ٿي، اُٿي بيٺو. ويچاري لومڙي ٽنگجي پيئي. اُٺ هلي ته هيءَ به ويچاري لڙڪندي هلي. واٽ تي، ٻي لومڙيءَ پڇيس ته، “ادي، اڄ ڪاڏي چڙهائي آهي؟” وراڻيائين، “ڀيڻ پاڻ ڏاڍن سان پُڇ اٽڪايو اٿم، سندن مرضي، جيڏانهن کڻي هلن.”
    ٻي چَوڻي آهي: پاڻ ڏاڍن سان پلئو اٽڪائڻ.
    مطلب: پاڻ ڏاڍن سان وهنوار ڪرڻ يا دوستي رکڻ ڪري ضرور نقصان پوندو.

    48. پَڪي ماني ڇڏجي، پر سنگت نه ڇڏجي:
    چڱا ماڻهو پنهنجو نقصان سَهندا آهن، پر دوستي نه ڇڏيندا آهن، پوءِ ڀل ته اها کڻي ڪيتري به ٿوري وقت جي هجي.
    ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙو شخص، رستو وٺيو پئي ويو ته واٽ تي هڪڙو ماڻهو مليس، جو پڻ انهيءَ طرف وڃي رهيو هو. ڳپل پنڌ ڪرڻ کانپوءِ، سانجهيءَ ڌاري، ٻئي ڄڻا اچي، هڪڙي ڳوٺ وٽ پهتا. انهيءَ ڳوٺ ۾، پهرئين ماڻهوءَ جو هڪڙو دوست رهندو هو، تنهنڪري هي ٻَئي ڄڻا، انهيءَ وٽ آيا، انهيءَ خيال سان ته رات، انهيءَ دوست وٽ رهي، وري صبح جو راهي ٿجي. مگر حالي احوالي ٿيڻ کان پوءِ، جڏهن ماني تيار ٿي ويئي، تڏهن هو ٻيو دوست، پنهنجي دوست کان موڪلائڻ لڳو ۽ چيائينس ته، “رات، اسان جو هن ڳوٺ ۾ رهڻ ٺيڪ نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اسان کي، جنهن ڳوٺ ڏانهن هلڻو آهي،
    سو هتان گهڻي پنڌ تي آهي. اڃا پنڌ ڪري به سگهون ٿا، تنهنڪري هل ته فلاڻي ڳوٺ ۾ هلي رات گذاريون، صبح اُتان نڪرنداسين ته پوري وقت تي پنهنجي منزل مقصود تي پهچي سگهنداسين.” هن اها ڳالهه ٻُڌي، جواب ڏنس ته، “دوست، پڪي ماني ڇڏيندس، ليڪن توکي نه ڇڏيندس، هل ته هلون”. ائين چئي، ميزبان کان موڪلائي، اڳتي روانا ٿيا ۽ وڃي گهربل ڳوٺ ۾ رات گذاريائون.
    جڏهن ڪم ڪار لاهي، ٻئي دوست موٽيا، تڏهن اُنهيءَ ڳوٺ ۾ آيا، جتان پَڪل ماني ڇڏي هليا هئا. ماڻهن ٻڌاين ته، “انهيءَ اوهان جي دوست جي گهر تي، اُن رات ڌاڙيل چڙهائي ڪري، مالڪن کي ماري، سندن سڀ مال متاع کڻي ويا. جيڪڏهن اوهين اُن رات اُتي رهو ها ته اوهين به ضرور موت جو شڪار ٿي وڃو ها.”
    سچ چيو اٿن ته: پڪي ماني ڇڏجي، پَر سنگت نه ڇڏجي.

    49. پنج ئي آڱريون برابر نه آهن:
    سڀ ماڻهو هڪ جهڙا نه آهن.
    ڳالهه ڪندا آ هن ته هڪڙو شخص، ڪنهن ماڻهوءَ وٽ وڃي مهمان ٿيو، جنهن پوريءَ طرح مهمانداريءَ جا فرائض بجا آندا، جنهنڪري اهو ماڻهو خوش ٿيو. موڪلائڻ مهل، ان شخص چيس ته، “دوست، جڏهن جڏهن اوهان جو هن شهر ۾ اچڻ ٿئي، تڏهن منهنجي گهر کي، پنهنجو گهر سمجهي، بي حجاب ايندا ويندا ڪريو”.
    اتفاق سان ڪجهه سالن گذرڻ کان پوءِ، اهو شخص، وري انهيءَ ماڻهوءَ جي دروازي تي پهتو، جنهن وٽ اڳ مهمان ٿي، رهي ويو هو. تڏهن معلوم ٿيس ته گهر ڌڻي فوت ٿي ويو آهي ۽ هاڻي سندس ننڍو ڀاءُ گهر جو وڏو ۽ سنڀاليندڙ آهي. هيءَ شخص، انهيءَ سان مليو ۽ کيس ٻڌايائين ته، “مان اڳ ۾ به، اوهان جي ڀاءُ وٽ، هتي رهي ويو هوس ۽ هينئر به آءٌ، اوهان جو مهمان آهيان”. هن جواب ڏنس ته “ڀلي رهو، جيڪو حال هوندو، سو ونڊينداسين.” ائين چئي مهمان کي اوطاق ۾ ويهاري، پاڻ گهر هليو ويو. مهمان کي رات جي ماني ته نه ملي، پر سياري جي موسم هوندي، بسترو به ڪونه مليس! انهيءَ ڪري ويچارو مهمان، ڪجهه بُک جي ڪري ۽ ڪجهه ٿڌ جي ڪري، نهايت پريشان حالت ۾، اَسُر ڏيئي، اُتان نڪتو ۽ سڌو مسجد ۾ اچي، ساهه پٽيائين. اُتي نماز پڙهڻ بعد، جڏهن کانئس احوال پڇيائون، تڏهن سڄي ڳالهه ٻڌايائين ته، “هن نموني، آءٌ فلاڻي شخص وٽ رهي ويو هوس. جنهن ڏاڍيون خدمتون ڪيون هيون. واري ڪالهه شام آيس ته منهنجي دوست جو ڀاءُ، جيڪو هاڻي گهر جو وڏو ٿيو آهي، تنهن مون کي ماني ته ڪانه کارائي، پر اُٽلو ساري رات سِيءَ ۾ سُڪايو اٿس. مان تعجب ۾ آهيان ته هو ڪهڙو ته لائق انسان هو ۽ هيءُ اُن جو ڀاءُ ٿي ڪري، ڪيڏو نه نالائق ۽ ذليل ثابت ٿيو آهي”. سڀني يڪ زبان ٿي جواب ڏنس ته، “ادا هڪڙي هٿ جون پنج آڱريون ئي هڪ جيڏيون يا برابر نه آهن ته پوءِ ٻه ڀائر، هڪ جهڙا ڪيئن ٿي سگهندا؟”
    ان کان وٺي اهو ضرب المثل ٿيو آهي ته: پنج ئي آڱريون برابر نه آهن.

    50. پنهنجي ڪَئيءَ جو نَڪو ويڄُ، نَڪو طبيب:
    هڪڙي ڪُڙميءَ کي، جهنگ جي ڀَر ۾، ٻَنيءَ جو ٽڪرو هو، جتي سندس گهر به هو. هڪڙي لومڙي، روزانو رات جو ان ڪڙميءَ جون اچي، ڪڪڙيون چورائي ويندي هئي. ڪڙمي ويچارو، ڪافي ڪوشش ڪندو هو، پر هوءَ هٿ ئي نه ايندي هئس.
    هڪڙيءَ رات، لومڙيءَ کي ڪنهن ڦند سان ڦاسايائين. کيس، اُن تي ڏاڍا خار هئا، تنهنڪري لومڙيءَ کي سخت سزا ڏيڻ جي خيال کان، سندس پـُڇ کي گهڻيون اڳڙيون ويڙهي، کڻي باهه ڏنائين. لومڙيءَ کي جو تَئو آيو، سو ڪڙميءَ جي ٻَنيءَ مان، تڪڙي ڀڄندي ويئي. نتيجو اِهو نڪتو، جو ڪڙميءَ جو سارو ڪڻڪ جو پَڪل فصل سَڙي خاڪ ٿي ويو. ڪڙميءَ گهڻو ئي پِٽيو ڪُٽيو، پر ڏوهه ڪنهن کي ڏئيَ
    “پنهنجي ڪَئِيءَ جو نَڪو ويڄ، نڪو طبيب!”
    مطلب: هٿ جي ڦَٽِي، دارُو نه پَٽي.

    51. پهرئين ڏينهن ٻلي مارڻ:
    پهرئين ڏينهن (بروقت) رعب ڄمائڻ
    ڳالهه ڪندا آهن ته ڪي پنج دوست، جن پاڻ ۾ واعدو ڪيو هو ته، “اسان مان ڪو به شادي نه ڪندو. ڪجهه وقت تائين ته هو پنهنجي انجام تي پورا رهيا. آخر منجهانئن، هڪڙي جي شادي، ڪنهن بدمزاج عورت سان ٿي. اهڙيءَ طرح هڪ ٻئي پٺيان، ٻين ٽن به شادي ڪئي، جن مان هر هڪ کي ٻه اتفاق سان پهرئين جهڙيون عورتون پِڙ پيون! باقي پنجون، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ شادي ٿي، تنهن جي زال، خوش خصال ۽ نيڪ افعال هئي.
    هڪ دفعي، پهريان چار دوست، اچي پنجين وٽ مهمان ٿيا. هو انهيءَ جي عورت جي پنهنجي مڙس سان فرمانبرداريءَ واري روشن، حُسبن اخلاق ۽ فهم و فضيلت ڏسي، عجب ۾ پئجي ويا، جو هو پنهنجي زال جي طرفان، حد کان وڌيڪ ڏکويل هئا! آخر، ڪو خلاصو وقت ڏسي، کانئس سندس زال جي پَر پُٺ پڇيائون ته، “دوست، تُنهنجي زال ههڙي فرمانبردار ڪيئن ٿي!” هن جواب ڏنو ته، “ڀائو رات جو خير جي شادي ٿي گذري، صبح جو آءٌ، ناشتو ڪري رهيو هوس ته هڪڙي ٻلي “ميائو ميائو” ڪندي مون ڏانهن اچي رهي هئي. مون ڇا ڪيو، جو ڀرسان پيل لٺ کڻي، اک وٺي، اهڙي ٺڪاءُ ڪرائي مانس، جو ڇڙي ئي ڪا نه هنيائين. بس، اُهو ڏينهن، اُهو شينهن! منهنجي زال جي دل تي منهنجي رعب جو اهڙو ڪو ڏَکو وهجي ويو، جو مجال، جو ڪا چُون چَران ڪريَ!”
    هي چارئي دوست، کانئس موڪلائي، جڏهن پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ پهتا، تڏهن ماني کائيندي جيئن هر هڪ جي آڏو ٻلي “ميائو ميائو” ڪندي، ٿي آئي، تيئن اُن کي ڏنڊي جي ٽَوڪَر ڏيندا ماريندا ويا! مگر هر هڪ کي سندس زال وٽان، ساڳيو ئي اهو جواب مليو:
    “پهرئين ڏينهن ٻِلي ماري مڙسي ڏيکارين ها، هاڻي ڇا هٿ ايندءِ”.

    52. پيٽ ۾ ڪُئا:
    سخت بُک _ ڇِتي بُک
    هڪڙي ماڻهوءَ کي هميشه پيٽ ۾ سُور رهندو هو. هڪڙي ڏينهن اُن کان نهايت بيتاب ٿي، بادشاهه وٽ لنگهي ويو ۽ وڃي عرض ڪيائين ته، “جهان پناهه، پنهنجي حڪيم کي حڪم ڪريو ته مون کي پيٽ جي سُور کان ڇڏائي يا اهڙي ڪا دوا ڏئي، جو آءٌ هِن عذاب جي جيئڻ کان مري وڃان!” بادشاهه، پنهنجي حڪيم کي، هن غريب جي علاج لاءِ حُڪم ڪيو، اهو حُڪم ٻڌي، ٻه اڍائي سير ڀُڳڙا گهرايا. انهيءَ شخص کي حڪم ڪيائين ته، “هي ڀُڳڙا کاءُ”. هُو جيترا گهڻي ۾ گهڻا کائي سگهيو، اوترا کاڌائين. ڀڳڙن کائڻ کان پوءِ، کيس اچي سخت اُڃ لڳي. حڪيم کي عرض ڪيائين ته، “مون کي پاڻي پياريو.” حڪيم کيس پاڻي ته ڪو نه پياريو، اُٽلو حڪم ڏنائين ته، “هن جون ٽنگون ۽ ٻانهون ٻڌي، کيس وڻ ۾، اهڙي طرح لڙڪايو، جو سندس ٽنگون مٿي ۽ ڪنڌ هيٺ ٿئي! هڪدم حڪم جي تعميل ٿي ويئي. سندس هيٺان هڪڙو ڪُونار پاڻي سان ڀريل، رکايو ويو. لڙڪڻ شرط، گهڻي خشڪي ۽ اُڃ سبب، اُن غريب جو وات ڦاٽي ويو. هيٺان پاڻي ڏسي سندس وات مان هڪ ٻئي پٺيان ٽي ڪُئا، پاڻيءَ جي ڪونار ۾ ٽپي پيا. ڪُئن جو پيٽ مان نڪرڻ ۽ سندس پيٽ جو درد هڪدم دفعي ٿي وڃڻ.
    بادشاهه پڇيس ته، “توکي ڪيئن خبر پئي ته هن جي پيٽ ۾ ڪُئا آهن؟” حڪيم عرض ڪيو ته، “سائين، آءٌ پاڻ هن وانگر ڪاٺير هوس. روزانو شام جو جهنگ مان ڪاٺيون ڪري، گهر موٽندو هوس، هڪ دفعي ڪاٺيون ڪري، سج بيٺي گهر آيس، پاڻي پيئڻ جي خيال کان، گهڙامنجيءَ ڏانهن ويس، ڏسان ته ننڍڙا ڪُئا، دلن جي ڪنارن تي ويٺل آهن. اڃا دلي مان پاڻيءَ جو ڪُپڙو ڀريان ته ڏسان ته ٻه _ چار ننڍڙا ڪُئا، منجهس پيا آهن. جيڪڏهن اونداهه هجي ها ته ضرور پاڻي پي وڃان ها ۽ ڪُئا به پيٽ ۾ داخل ٿي وڃن ها. هاڻي جڏهن ته هي ڪاٺير آهي، تڏهن مون کي يقين ٿيو ته هي ڪنهن ڏينهن دير سان گهر آيو آهي ۽ پاڻيءَ سان گڏ ننڍڙا ڪُئا به ڳِهي ويو آهي. وري بادشاهه پُڇيس ته “ڀلا مريض کي ڀڳڙا ڇو کارايَهءِ؟” عرض ڪيائين ته، ڀڳڙا، مريض کي ان ڪري کارايم ته جيئن ڪُئن کي خشڪي کڻي. پاڻيءَ جو ٿانُ، ان ڪري رکيم ته جيئن مريض کي اکين جو ڍوء هجي. بادشاهه حڪيم جي حڪمت ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس جهجهو انعام ڏنائين.

    53. پِيرَ کي ڪم ٺڪاءُ سان:
    هڪڙي ماڻهو ڪنهن پِير تي باس باسي ته: جيڪڏهن منهنجي دل جي مراد پوري ٿيندي ته تنهنجي در تي اچي، ناريل ڀڃيندس (۽ بعد ۾ ورهائي ڇڏيندس) جڏهن هن جي مراد پوري ٿي، تڏهن ڏوڏو (پٻڻ جو) کڻي اچي، پِير جي در تي ڀڳائين. ڪنهن چيس ته، “پِيرن سان به ائين ٺڳي!” تنهن تي وراڻيائين ته، “پيِر جو ڪم ٺڪاءُ سان.”

    54. پيِرُوءَ وارا پنج سپارا:
    پيرُو، ذات جو ڀنڊُ هو. قرآن شريف ياد پڙهندو هو. مائٽ پڇندا هئس ته: “ڪاوان سپارا پڙهندا هين.” چوندو هو ته، “پنجان سپارا” وري جڏهن مهيني کن کانپوءِ پڇنس، ته به پيرُو جو اهوئي پنجن سپارن وارو جواب! پڇاڙيءَ تائين پنجن سپارن کان مٿي نه چڙهي، نه چڙهيو، تنهنڪري ائين ئي مشهور ٿي ويو.
    مطلب: جڏهن ڪو، ڪم جي رفتار ۾ اضافو نه آڻيندو آهي ۽ ساڳين انڊن تي قائم هوندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.

    55. پئسا ئي پاڻيءَ ۾:
    رقم ئي چَٽ.
    ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙو واڻيو، گهوڙِي تي چڙهيو، ٻهراڙيءَ مان، مکڻ توري وٺڻ پئي ويو. واٽ تي هڪڙو واهه هو، جنهن مان لنگهڻو پيس. جڏهن گهوڙو، واهه جي ٻيءَ ڀر تي آيو، تڏهن گَپ ۾ گَپي پيو. واڻئي ويچاري گهوڙي کي گهڻو ئي ڪُٽيو، پر گپ کان پير ٻاهر نڪرنس ئي نه! ڪنهن ڌنار کي چيائين ته، “گهوڙي کي پويان، ٻه _ چار لَڪڻ هڻ” ڌنار، گهوڙي کي اهڙا ته ٻه _ چار لڪڻ هنيا، جو گهوڙو، اڳتي اُڇل ڏيئي، ڪناري تي پهتو، پر گهوڙي جو تَنگُ ڇِڄي پيو، جنهن ڪري واڻيو ويچارو، سامان (ٽِين، ٻورو، تارازي، وٽ، پئسا وغيره) سوڌو، پوئتي پاڻيءَ ۾ ڪِري پيو. واڻيو ته نڪتو،پر ويچاري جي هَڙَ، جنهن ۾ پئسا ٻڌل هئا، سا پاڻيءَ ۾ گم ٿي ويئي. انهيءَ تان چوڻ ۾ آيو ته پئسا پاڻيءَ ۾ يا هَڙَ ئي هلاک.

    56. پئنچن ۾ پرميشر:

    مُکيءَ جي پُٽ، هڪڙي دفعي پيءُ کان پڇيو ته، “هي جو عام چوڻي آهي: پئنچن ۾ پرميشر، سا اها ڳالهه ڪيئن آهي؟” پِڻس جواب ڏنس ته، ؟وقت اچڻ تي پاڻهي ڏسي، ثابت ڪندين. هن وقت. انهيءَ ڳالهه کي ڇڏي ڏي.” اها ڳالهه ڇوڪري کي نه وڻي، سو پيءُ کان ڪاوڙجي منهن ڏيئي نڪري پيو ۽ سج لٿي ڌاري وڃي ڪنهن ٻئي ڳوٺ ۾ پهتو. اُتي هڪڙي ڀائيبند کي چيائين ته “اڄ رات تنهنجو مهمان آهيان”. ڀائيبند ڏٺو ته هيءُ مُکيءَ جو ڇوڪرو آهي، تنهنڪري کيس گهڻي خاطريءَ سان، پنهنجي گهر ۾ رهايائين. ڇوڪري کي سمهڻ لاءِ، جيڪا کٽ مِليل هئي، تنهن ۾ ڪي ڏاڍا مُنگهُڻ هئا، جن سڄي رات ننڊ ڪرڻ ئي ڪانه ڏنيس.
    انهيءَ ڀائيببند کي ٻه زالون هيون. وڏيءَ مان اولاد ڪونه هوس، باقي ننڍيءَ مان هڪڙو پُٽ هوس، جو اڃا ماءُ کي ٿَڻن تي هو. ڀائيبند جي ننڍي زال جو ڪو آشنا هو، جنهن، ان رات ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو انجام هوس. اڌ رات جو، اُهو آشنا اچي ويو، مگر اونداهه سبب، بيخبريءَ ۾، معصوم ٻار تي چڙهي ويو، جنهنڪري اهو لتاڙجي مري ويو. زال اهو حال ڏسي، آشنا کي ڀڄي وڃڻ لاءِ چيو ته، متان مٿس الزام اچي. مُکيءَ جي ڇوڪري، سمورو لقاءُ پئي ڏٺو. پوءِ رَنَ وٺي دانهون ڪيون. چي: منهنجي پَهاڄَ، وير وچان، منهنجي اَبهم ٻچڙي کي، گهُٽي ماري ڇڏيو آهي.
    صبح جو، اهو فيصلو، مُکيءَ وٽ ويو. مُکيءَ جو پُٽ به وڃي، پيءُ جو پاسو وٺي، ويهي رهيو ۽ خيال ڪيائين ته، “اڄ سڀ پئنچ ڪٺا ٿيندا، ڏسان ته ڪيئن ٿو پئنچن ۾ پرميشر پَر گهٽ ٿئي. جڏهن سموري پئنچات گڏ ٿي، تڏهن مُکيءَ انهيءَ ڀائيبند جي ٻنهي زالن کي، ڌار ڌار ڪوٺين ۾ بند ڪرائي ڇڏيو.
    پهريائين ڀائيبند جي وڏي زال کي سَڏُ ٿيو، جنهن تي معصوم ٻار جي مارڻ جو الزام هو. انهيءَ مائيءَ کي، مُکيءَ حڪم ڪيو ته، “پنهنجي پيشگير (پَڙي) کي اهڙيءَ طرح هٿ ۾ ڪري گهُمي ڏيکار، جيئن تنهنجون پِنُيون ظاهر ٿين ته پوءِ توکي بي قصور سمجهي ڇڏيو ويندو.” مائيءَ جواب ڏنو ته، “ذلت جي زندگيءَ کان، عزت جو موت بهتر. ڀلي مون کي مارائي ڇڏيو، باقي مان ائين هرگز نه ڪنديس” ان جو جواب ٻُڌي مُکيءَ، ان کي ساڳيءَ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪرائي، فريادي عورت کي گهرائي، ساڳي فرمائش ڪئي. انهيءَ مائيءَ خيال ڪيو ته: منهنجي پِنين ظاهر ڪرڻ سان، منهنجي پَهاڄ جو سِرُ ويندو، تنهنڪري جلدي ڪري، پِنيون ظاهر ڪريان ته عمر جو لُڙ لهي پوي، اڃا هلڻ جو خيال ڪيائين ته مُکيءَ هَڪل ڏيئي چيس ته، “او بي شرم عورت، تون پنهنجي پُٽ جي پاڻ جوابدار آهين. تون شريف عورت نٿي ڏسجين. ضرور تو وٽ، ڪو تنهنجو آشنا آيو هوندو، جنهن اونداهه ۾ تُنهنجي پُٽ کي لتاڙيو هوندو.” پوءِ ان عورت کي سزا ملي.
    مُکيءَ جي پُٽ، جڏهن پيءُ جو اهو فيصلو ٻڌو ڏٺو، تڏهن دَنگ رهجي ويو ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ته: پئنچن ۾، برابر پرميشر آهي.
    مطلب: پئنچن ۾ گويا ڌڻي پاڻي آهي، جيڪي چون، سو مڃڻ گهرجي.


    (ج)

    57. جتي لوڀي هجن، تتي ٺوڳي بُک نه مرن:
    هڪ دفعي ٺوڳيءَ، لوڀيءَ کي اچي، چيو ته، “ادا، مهمان آيا آهن، ڀلائي ڪري ديڳڙو ڏينم.” ٺوڳيءَ ٻئي ڏينهن ديڳڙي ۾، هڪ ننڍي ديڳڙي وجهي، آني ڏنس. چيائينس ته، “ادا، تنهنجو ديڳڙو، منهنجي گهر ويامي پيو هو، اها ديڳڙي ڏنائين”.
    ٻئي دفعي، ٺوڳيءَ چيس ته، “ادا اڄ گهڻا مهمان آيا آهن، جيڪي ديڳڙا هجن، سي ڏينم.” لوڀيءَ ڇا ڪيو، جو گهر جا سڀ ديڳڙا ميڙي سيڙي کڻي ڏنس.
    ڪيترا مهينا گذري ويا ته ٺوڳيءَ، لوڀيءَ کي مُنهن به نه ڏيکاريو. هڪ دفعي واٽ پنڌ، ٻئي گڏجي ويا. لوڀيءَ چيس ته، “ادا، ديڳڙا؟” چيائين ته، “ادا، افسوس جو تنهنجا ديڳڙا ته سڀ مري ويا.” لوڀيءَ چيس ته، “اهو وري ڪيئن؟” ٺوڳيءَ چيس ته، “ادا، جيڪڏهن ديڳڙا ويامندا آهن ته مرندا به آهن”. تنهن تي ڪنهن ٻڌي، ائين چيو.

    58. جَرُ نِئِيس، پر جيڏِي نه نِئيس:
    ڪنهن مائيءَ، درياهه جي ڀر تان مڇيءَ جو ڏَنڀرو لڌو. ٻيءَ چيو ته، “اِهو منهنجو آهي” هُن جي ڏيڻ کان، ڏنڀري لهڻ واريءَ، ماڳهين ڏنڀرو کڻي درياهه ۾ اُڇليو. اکري معنيٰ ته: جَرُ = جَل (پاڻي) ڀلي کڻي، پر ڪا جيڏي، سَرتِي نه کڻي. جيڪي ٻُڏو سَهن، پر ڏِنو نه سهائن، تن لاءِ ائين چئبو.
    (گل شڪر)
    هڪ سـَٺ سال جي پوڙهي سپورنج ڳالهه ڪئي ته، “جڏهن 20 سالن جو هوس، تڏهن اُنهيءَ پهاڪي جي اصليت حاذق حڪيم ميان سعد الله بوبڪائيءَ، هن ريت ٻڌائي:
    بوبڪن جي ڀرواري مهاڻڪي ڳوٺ “آريسرو” جا ميربحر، منڇر تي مڇي ۽ پکي ماريندا آهن ۽ سندن زالون ور ڪـُڙهي کڻي، ڀر واري پَٻڻ جي ڍوري مان مَڇي مارينديون آهن. ٻن ڏيراڻين مڇي ٿي ماري. ننڍيءَ ڏيرياڻيءَ جي واري ۾ ٿوريون ننڍيون ڪُرڙيون آيون، پر وڏيءَ ڏيرياڻيءَ جي واري ۾ هڪڙو ڪُرڙو ۽ ٿوريون ڪُرڙيون پڻ آيون. ننڍيءَ ڏيرياڻيءَ، دعويٰ ڪئي ته ڪُرڙو کيس ملي، ڇاڪاڻ جو ڪـُڙهي سندس هئي. اَڌواَڌ حصي تي به نه ٺهيون. ساڙ وچان وڏيءَ ڏيرياڻيءَ، ڦٿڪندڙ ڪُرڙو، کڻي پاڻيءَ ۾ اُڇليو! چي:
    “جَرُ نئيس، پر جيڏي نه نئيس!”

    59. جنهن پنهنجي لاهي ڪَڇ ۾ ڪئي، تنهن کي پَرائي لاهڻ ۾ ڇا:
    جنهن کي عزت ئي ڪانهي، تنهن کي ٻين جي عزت جو ڪهڙو قدر.
    نقل آندل آهي ته: هڪڙي ڪميڻي ماڻهوءَ جي دل، ايتري قدر ته وڌيل هئي، جو سڀ ڪنهن تي آيو رهندو هو. نه ڏسندو هو چڱو، نه لڱو، هر هڪ سان ڳنڍيو پيو هوندو هو.
    هڪڙي ڀيري، هڪ نيڪ مرد، سان اچي جهيڙو جوٽيائين ۽ هن ويچاري کي، ڏاڍو گهٽ وڌ ڳالهايائين. مگر هن مير مرد ماٺ ڪيو ويٺي ٻڌو ۽ آخر بنا ڪڇڻ جي اتان هليو ويو. اهو حال ڏسي، ماڻهو ڏاڍو حيران ٿيا. هنن کي گهڻو تعجب انهيءَ ڪري ٿيو، جو اهو نيڪ مرد، جيڪڏهن صرف اشارو ڪري ها، ته انهيءَ ڪميڻي کي، بُج بُج ڪري ڇڏين ها. آخر انهن ماڻهن مان هڪڙي ڄڻي، کانئس خاموشيءَ جو سبب پڇيو. نيڪ مَرد جواب ڏنو ته، “بابا، هو پنهنجي پڳ لاهيو، هٿ ۾ ڪيو بيٺو آهي، تنهن کي ٻين جي پڳ لاهيندي، ڪهڙي ويرم لڳندي! جيڪڏهن ڳالهه کي ڊگهو ڪنداسين، ته اڃا به اسان جي وڌيڪ بي عزتي ٿيندي، ڇاڪاڻ ته گهڻا ماڻهو ٻڌندا، تنهنڪري ايتري ۾ ئي خير!

    60. جنهن جو بد بنياد، تنهن جو ميوو مٺو نه ٿئي:
    چون ٿا ته هڪڙو بادشاهه، پنهنجي اميرن وزيرن سان، شڪار تي نڪتو. بيابان مان لنگهندي، بادشاهه سلامت هڪڙو اڪ جو ٻُوٽو ڏٺو، جو ڏاڍو سهڻو پئي لڳو. گهوڙي تان لهي، ٻُوٽي کي چڱيءَ طرح ڏٺائين ۽ سمجهيائين ته ڪنهن ولايت جي ميوي جو ٻج اُڏامي، هت آيو آهي، ڪوشش ڪري هن جي ڦرُ (ميوو) کائجي. حڪم ڏنئي ته، “هن ٻوٽي جي پوريءَ طرح پرداخت ڪئي وڃي. جڏهن تيار ٿئي، تڏهن درٻار ۾ پهچايو وڃي”. هتي ته فقط اشاري جي دير هئي. کوهه کڄي ويو ۽ ڪمند جا چيچڙا لڳي ويا. هر روز ڪمند جي رَسُ، ٻوٽي کي ملڻ لڳي. ٿوري وقت کانپوءِ، ٻوٽي به ڦرُ جهليو، جڏهن اڪ جون انبڙيون وڏيون ٿيون، تڏهن مالهي ٿالهيءَ ۾ وجهي، دربار ۾ کڻي آيو. بادشاهه، ڏاڍو خوش ٿي ۽ اميرن وزيرن خواه دوستن کي گهرايائين. جڏهن انبڙيون ڪپيون ويون، تڏهن اندران، ڪپهه جيان تاندورا نڪتا! بادشاهه اهو ڏسي، حيران ٿي چيو ته، “محنت ئي رائگان!.” اتي ڪنهن وزير چيو ته:
    ڪـُوَڻ کي پاڻيءَ جيان، پيِڙي پياريم ڪماند،
    نڪو زهر زمين ۾، نڪو ڌاتوري ڌَر پاند،
    ڪمائي ڪم ذات سان، وڃي ٿي وِڙواند،
    جنهن جو بـَد بُنياد، تنهن جو ميوو مِٺو نه ٿئي.
    ڪـُوَڻ، ڪُ = خراب + خراب وڻ، ڪماند = ڪمند، ڌاتورو = هڪ نشيدار قسم جو ٻوٽو. ڌرپاند= ڌرتي يا زمين ۾ لڳل پاسو يا بيخ (؟). وِڙواند = نيچ، ذليل، مفت، بي فائده.
    مطلب آهي ته نيچ ماڻهوءَ مان، ڪڏهن به چڱائي نه ٿيندي، ڇاڪاڻ ته هو اصالت کان مجبور آهي.
    ڪُلَ شَيءِ يرجِعُ اِليٰ اصلهِ (سڀڪا شيءِ پنهنجي اصليت ڏي موٽندي آهي). ٻيون چوڻيون:
    1_ ٻِجُ خرابو ته نَجُ خَرابو.
    2_ ڌوٻي منجهه درياءَ، ته به اوجهه نه ڇڏي اوجهري.

    61. جني لاءِ مُوند مُنڊايم، سيئي سور سامهون آيم:
    ڪنهن ڳوٺ ۾، هڪڙو سُست ماڻهو رهندو هو. هن کان ڪو به ڪم نه پڄندو هو، تنهنڪري گهر وارن جي هر وقت مٿس ڦِٽڪار پيئي پوندي هئي. پوءِ هن، پاڻ جهڙي دوست کان صلاح پڇي، ته هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ دوست چيس ته، “مٿو ڪُوڙائي، ساڌن جي سٿ ۾ داخل ٿي وڃ، جو کين مفت جي ماني ملندي آهي.”
    هن ائين ڪيو ۽ پوءِ ڪنهن ساڌوءَ وٽ ويو، جنهن پڇيس ته، “ڪهڙو ڪم ڄاڻندو آهي، اسان جي جماعت ۾ توکي ضرور ڪو نه ڪو ڪم ڪرڻو پوندو؟”
    هن چيو ته، “جيڪڏهن ڪم ڪرڻ اچيم ها ته گهر کان ٻاهر ڇو نڪران ها؟” پوءِ دل ۾ چيائين ته، “مار! جتي لاءِ مُنڊ مُنڊايم، سيئي سور سامهون آيم.”

    62. جيسي ڪو تيسا ملا:
    هڪڙو ساڌو، تيرٿن تي وڃڻ وقت پنهنجي هڪ پاڙيسري وٽ، پتل جا باسڻ، امانت رکي ويو ۽ جڏهن موٽي آيو، تڏهن اچي پاڙيسريءَ کان ٿانون جي گهُرَ ڪيائين. هن جواب ڏنس ته، “مون کي نهايت افسوس آهي، جو تنهنجي ٿانوَن جي حفاظت به ڏاڍي ڪيم، ليڪن انهن کي گهُڻا کائي ويا! هو ويچارو، اهو جواب ٻُڌي کِکو وِکو ٿي ويو، مگر دل جي ڳالهه، دل ۾ رکيائين.
    هڪ دفعي اُن ساڌوءَ، ڀوڄن تيار ڪري، پاڙي جي ٻارڙن کي کارايو. ٻيا سڀ ٻارڙا کائي ويا، مگر انهيءَ پاڙيسريءَ جي ٻارڙي کي، پنهنجي ٻارن سان الڳ ويهاري کارايائين. کاڌي کائڻ بعد، اُهو ٻار، ساڌو جي ٻارن سان راند روند ۾ لڳي ويو ۽ کانئس ڄڻ ته گهر وڃڻ ئي وسري ويو.
    جڏهن اُن پاڙيسريءَ، ٻين ٻارن کي آيل ڏٺو ۽ پنهنجي ٻار کي ڪونه ڏٺائين، تڏهن راجا وٽ دانهين ويو. راجا چيس ته: “تنهنجو جنهن ۾ شَڪ شُبهو هجي، تَنهن جو نالو ٻڌاءِ.” هن پنهنجو شَڪ، ساڌوءَ ۾ ظاهر ڪيو، جنهن جي گهران کاڌي کائڻ کان پوءِ، ڇوڪرو موٽيو ئي ڪونه هو.
    اِهو احوال ٻڌي، راجا هڪدم ساڌوءَ کي گهرايو ۽ کانئس پاڙيسري جي ڇوڪري لاءِ، پڇا ڪيائين. ساڌوءَ جواب ڏنو ته، “مهراج، مون ڏٺو ته هن کي منهنجي روبرو سِرڻ کڻي ويئي!” راجا حيرت ۾ پئجي، چيس ته “بيوقوف هيڏي ساري ڇوڪري کي سِرڻ، ڪيئن کڻي سگهندي؟” هن عرض ڪيو ته “مهراج، ڇوڪري کي سِرڻ ائين کڻي ويئي، جيئن پِتل جي ٿانوَن کي گهُڻا کائي سگهن ٿا.”
    مهراج پڇيو ته، “اها ڳالهه ڪيئن آهي؟” ساڌوءَ جواب ڏنو ته، “منهنجي هن دوست کان پڇو.” راجا کي جڏهن پوري قصي جي خبر پيئي، تڏهن ان کي پِتل جا برتن ڏياريائين ۽ ٻيءَ ڌُر کي ڇوڪرو مليو.
    اصل چَوڻي هن نموني آهي:
    جيسي ڪو تيسا ملا، سُنئي راجا پِيل
    پِتل ڪو گهُڻ کا گئي، ڇوري ڪو لي گئي چِيل.

    63. جيڪي ڪـُلهو ڏيندا، سي توڙ رسائيندا:
    ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙو شخص، پنهنجا ٻار ٻَچا وٺي، جنهن وهناءَ تي پئي ويو. اڌ رات جو مردجي اک لڳي ويئي ۽ گاڏي هلندي رهي. اوچتو جو عورت ڏسي ته مار، هڪ ڏاند ۽ هڪ مرد، گاڏي ڪاهيندا ٿا هلن! اهو حال ڏسي، عورت، آهستي پنهنجي مرد کي چيو ته، “ميان، اُٿو، جو چور هڪڙو ڏاند ڪاهي ويو آهي ۽ ان جي عوض پاڻ ڪُلهو ڏيئو ٿو هلي.” تنهن تي مرد چيس ته چَري، جيڪي ڪُلهو ڏيندا، سي ضرور توڙ رسائيندا.” اهي لفظ ٻڌي، چور ڏاڍو ڦِڪو ٿيو ۽ ڏاند موٽائي ڏنائين.
    مطلب: بارُ کڻندا باري، ناهي ڪم ڪَچَن جو.

    64. جيسين لَلو کڻي لٺ، تيسين ڪَرهه وڃي اُجهائي:
    هڪ دفعي لَلي جي مائٽ سان ڪو پاڙيسري وڙهيو. جڏهن لَلي کي خبر پيئي، تڏهن جوش وچان اُٿيو لٺ ڳولڻ. آخر لٺ لڌائين، وري پَٽڪو ٻڌائين، وري جُوتو پاتائين. جيستائين سنبري ئي سنبري، تيستائين جهڙو (ڪَرهه) ٽَري (اُجهامي) ويو. ڪنهن اهو رنگ ڏسي، ائين چيو.
    چوڻي؛ جيسين ڍائو مٿو کنهي،
    تيسين بکئي جو ساهه وڃي.
    مطلب: جيڪڏهن ڪو ڪم ڪرڻو هجي ته هڪدم ڪجي، ڪم همت ماڻهوءَ جي مدد تي اعتبار نه ڪجي.

    65. جُمن چارڻ وارو سوال:
    جمن، ذات جو چارڻ، ضلعي خيرپور ميرس جو ويٺل هو. نابين، مسڪين ۽ ڪمزور هو. اکين جي روشني ۽ نَريني اولاد لاءِ، حضرت پيِران پِير عليه الرحمت جي مدح چئي اٿس.
    فرزند تون حَسنين جو،
    آءٌ سائل تو ثقلينَ جو،
    درگههَ مٿي دن رَين جو،
    اوجر منگان عينينَ جو،
    دارُون ٿئين دارينَ جو،
    يا پيِر پِيران بادشاهه.
    مٿين بند ۾ اک جي بينائيءَ لاءِ، “اوجر منگان عينين جو” چيو اَٿس. ٻئي بند جي هڪ مصرع ۾ چوي ٿو:
    “توکان منگان، هڪڙو پِسر.”
    سندس مدح مقبول ٿي ۽ کيس ارشاد ٿيو ته: جيڪڏهن تون هڪڙو سوال گهُرندين، ته اهو بارگاهه ايزدي ۾ اجابت ۾ ايندو. جمن هي سوال ڪيو:
    “ماڙيءَ تي نُنهن ڏُڌُ ولوڙيندي ڏسان.”
    هيءُ هڪ وڏو سوال هو، جنهن ۾ جمن جا هڙئي مطلب اچي وڃن ٿا: پهرين ڳالهه ته وري جوانيءَ ۾ اچي، ٻيو ته کيس بينائي ملبي، ٽيون ته کيس پُٽ ڄَمي، چوٿون ته سندس پُٽ شادي ڪري ۽ پنجون ته پُٽ جي زال يعني سندس نُنهن، ماڙيءَ تي ڏُڌُ ولوڙي! اهي سڀئي سوال گڏي، مٿيون هڪڙو سوال گهريائين. انهيءَ ڪري عام چوڻي ٿي ويئي ته: جمن چارڻ وارو يڪو سوال.
    چون ٿا ته سندس مَن گهُريا مطلب پورا ٿيا.
    جمن چارڻ جي باري ۾ مؤرخن ۽ محقفن جا مختلف خيال آهن، جي هيٺ درج ڪجن ٿا.
    مرحوم محمد صديق پيرزاده لکي ٿو:[1]
    “تمام مسڪين هو۽ نامرد، بيمار سخت، سڄو جسم ڦَٽ ڦَٽ ٿي پيو هوس، جنهن درد کان مداح حضرت غوث اعظم جيلانيءَ جي چيائين..............
    “فقير، جڏهن لاچار ٿي پيو، تڏهن ڪي ماڻهو کٿيءَ جي جهولي ۾ کڻي،وڃي سخي سُپڙ ڏاتار جي مسا فر خاني ۾ ڦٽو ڪري آيس، ڄام سُپڙ کي سندس زال بيبي گنجانه چيو ته، “اسين ٻئي زال مڙس، هن فقير جي واسطي ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ متوجهه ٿي، دُعا گهرون ته مالڪ شفا ڏئيس “ پوءِ ٻئي متوجهه ٿيا. ارشاد ٿين ته اوهين ٻئي ڪُندريوپن کڻي، وڃي حَسب نَديءَ جي ڀرسان، کَٻڙن مان پيرو چونڊي، کڻي آڻي جمن کي کارايو. هنن ائين ڪيو ۽ جمن چڱو ڀلو ٿيو.”
    “پوءِ سخيءَ چيس ته، “هاڻي فقير، توکي موڪل آهي، پنهنجي ڳوٺ وڃ”. فقير چيو ته، “ڳوٺ ڪجهه به ڪونه آهي.” ڄام چيو ته، “توکي فجر جو ڏات ڏيندس.” ڄام رات جو گهر ۾ ڳالهه ڪئي ته: فجر جو ٿالهه مُهرن ۽ موتين جا ڀري رکندس، پوءِ فقير جمن کي بيبي گنجانه اچي چيو ته، “جڏهن ڄام اَمر ڪريئي ته جيڪي ٻنهي هٿن ۾ کڻي سگهين، سو کڻ، تڏهن گهوڙن جي طنبيلي ۾ وڃي هڪ هٿ اولاهين ڪِليءَ ۾ وجهج، ٻيو هٿ اوڀارين ڪِليءَ ۾ وجهج.” فجر جو جڏهن فقير اچي حاضر ٿيو، تڏهن ڄام ڏاتار، اَمر ڪيس ته، “جيڪي کڻين، سو کڻ.” فقير جمن، گهوڙن جي ڪُڙهه ڏي هليو. ڄام ۽ امير وزير گڏيا وَيس. جمن هڪ هٿ، گهوڙن جي طنبيلي جي ڪِليءَ ۾ وڌو ۽ ٻيو هٿ، ٻيءَ ڪِليءَ ۾. انهيءَ طناب ۾ 300 گهوڙا هئا، جي ڄام سڀ ڏنس. ڄام پڇيس ته “اها صلاح ڪنهن ڏنهءِ؟” چيائين ته، “بيبي گنجانه.” ڄام چيو ته، “اها سخا بيبي گنجانه جي آهي. هاڻي تَرس ته سَنجَ سونهري ٺهرائي وٺون ۽ پوءِ ٻانها ۽ سئس گهوڙن لاءِ ۽ خرچ راهه جو، سڀ ڄام ڏيئي، روانو ڪـَيس. جڏهن هلڻ لڳو، تڏهن بيبي گنجانه چيس ته، “منهنجا ڀائر، ڪوهستان ۾ آهن، انهن وٽ به مهمان ٿج” جڏهن ڪوهستان ۾ آيو، تڏهن انهن ڄامن وٽ اچي منزل ڪيائين. انهن ٺڪائي خدمتون ۽ مهمانيون ڪري ۽ روپا سنج گهوڙي جا ٺهرائي ڏنس ۽ خرچ ڏيئي روانو ڪيو.”
    “آخر فقير، باخيريت اچي ڳوٺ پهتو. پرڻيو، اولاد ٿيس، ۽ ماڙيءَ تي نُنهن، چاڏي ڏُڌُ جي ولوڙيندي ڏٺائين ............... اُن جي نسل مان ٻيو به جمن چارڻ شاعر پيدا ٿيل آهي.”
    جمن چارڻ جو سخي سپڙ ڄام وٽ وڃڻ جو پڪو اهڃاڻ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تصنيف “ٻيلاين جا ٻول” مان پڻ ملي ٿو(1).
    “چون ٿا ته ڪو سنڌ جو سوالي، هڪ سئو گهوڙن جي گهُر جو قصد ڪري آيو.سخي سپڙ ڄام وٽ دير ته هئي ڪانه، سو يڪدم سئو گهوڙن ساڻ پنهنجي پُٽ چوٽي کي ساڻس گڏ چاڙهي روانو ڪيائين، جو هن سواليءَ کي حفاظت سان سنڌ جي سرحد تائين اُماڻي آيو ۽ موڪلائڻ وقت اهي سئو گهوڙا کيس سونپيائين.”
    اسان جي خيال موجب اهو اشارو جمن چارڻ ڏانهن ئي آهي.


    (ڄ)

    66. ڄائو پُٽ لَٿِي سِڪَ، پرڻيو پُٽ پيئي ڀِڪَ:
    ڪنهن سِڪايل کي، سالن کان پوءِ الله نوازيو. وڏا شادمانا ڪيائين. ڀلا جو پيڙهيءَ ۾ ڪَڻ پيدا ٿيس، پوءِ خوشي ڇو نه ڪندو! ڇوڪرو، اڄ ننڍو سڀاڻ وڏو، اچي جوان ۽ شاديءَ لائق ٿيو. پڻس وڏي دل ڪري، ڪنهن بنيادي گهر مان شادي ڪرايس. ڪجهه وقت ته صلح سانت ۾ گذريو، پر پوءِ آهستي آهستي سَسَ ۽ نُنهن وچ ۾ ترشِي وڌندي ويئي. آخر حالت اچي اُتي بيٺي، جو گهر ۾ سڄو ڏينهن گَهپِي ۽ ڪِلڪِل لڳي پيئي هوندي هئي. هڪڙي ڏينهن پيءُ، پٽ کي چيو ته، “ابا، زال تي ضابطو رک” پُٽ وراڻيو ته، “بابا، اوهان زور آور آهيو، هوءَ ويچار گُگدام! اما، هر گهڙيءَ پيئي لوئيس ۽ وڙهيس، ته به ويچاري ڪُڇي ئي ڪين، اوهين پاڻ پنهنجي زال تي ضابطو رکو!”
    جڏهن پڻس اهي لفظ ٻڌا، تڏهن چيائين ته:
    “ڄائو پُٽ لَٿِي سِڪَ، پَرڻيو پُٽ پيئي ڀِڪَ!”

    67. ڄَٽيءَ سُٽ پُسايو، واڻئي وِڌَس وَٽِي، ڄَٽيءَ ليکي واڻيو مُٺو، واڻئي ڄَٽِي:
    اڳي دستور هوندو ته ائٽ تي سُٽُ ڪتي، زالون دڪانن تي وڃي وڪڻنديون هيون.
    ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن ڄَٽيءَ (اڻ پڙهيل زال)، سُٽ ڪتي، پاڻيءَ ۾ پسائي رکيو. جڏهن ٿوروڙ سُڪو، تڏهن واڻئي جي دڪان تي کڻي ويئي. واڻئي هڪدم سهي ڪري ورتو، تنهنڪري مقرر وزن بدران ڳَري وزن وارو وٽُ، تارازيءَ جي ٻِئي پُڙَ ۾ وڌائين. ڄَٽي ويچاري خوش ٿي ته واڻئي کي ڦُريو اٿم. جڏهن پئسا وٺي گهر موٽي، تڏهن ڪنهن عاقل سان اها ڳالهه ڪيائين ته مان واڻئي کي، هن نموني ڦرُي آئي آهيان. واڻئي جي حرفت کان هو بخوبي واقف هو، تنهن ڪري چيائين ته.
    ڄَٽيءَ سُٽ پُسايو، واڻئي وِڌَس وَٽِي،
    ڄَٽيءَ ليکي واڻيو مُٺو، واڻئي ڄَٽِي،
    مٺي سا ئي ڄَٽي.


    (چ)

    68. پاڻ ۾ چانڊيا مـَگسي:[2]
    هـَـڏ ڪـَپ ويري، دشمن.
    هيءُ پهاڪو، چانڊڪا پرڳڻي جي پيدائش آهي، جنهن کي هينئر لاڙڪاڻو ضلعو چون ٿا.
    چانڊيا ۽ مگسي، ٻئي بلوچ قوم جا جابلُو ماڻهو آهن ۽ هڪ ٻئي سان دنگئي پَلئي پڻ.
    هڪ روايت مطابق، جڏهن چانڊڪا جاگير، ميان آدم شاهه (عباسي) ڪلهوڙي کي، مغلن کان ملي، تڏهن سندس ڪار پرداز غيبي خان هو. اُن وقت جهَلَ جو سردار زَئي خان هو، جنهن کي عام طرح مگسي خان ڪري چوندا هئا. (3) جهَل جو پرڳڻو (خِطو)، پوءِ ميان شاهل محمد عباسيءَ هٿ ڪيو، سو به چانڊين جي مدد سان. ميان شاهل محمد عباسيءَ جي ڪاهه جو فقط اهو سبب هو، جو مگسي، ميان جي فيصلن موجب نه هلندا هئا، جنهن کي ميان صاحب پنهنجي بي عزتي سمجهندو هو. اگرچ چانڊيا توڙي مگسي، ٻئي سندس مريد به هئا. مگسين کي انهيءَ تي مَٺيان لڳي ته ڇو گيگهيرن (ساڳيو گهَگهو ڍڪيندڙ هم ذات يا چانڊين بلوچن)، ميان شاهل محمد جي چُرچ تي اسان تي چڙهائي ڪئي؟ جيتوڻيڪ مگسي، ظاهر طرح خاموش رهيا، پر اندروني طرح منصوبا سٽيندا رهيا ته ڪهڙيءَ طرح به چانڊين کان وير وٺجي. انهيءَ ڪري ٿوري گهڻيءَ تان پاڻ ۾ اٽڪندا هئا.
    سندن عداوت جو ٻيو سبب اهو معلوم ٿيو آهي ته چانڊڪا جو هڪ امير ماڻهو، جهَل مان هڪ خاندان تي سخت حملو ڪري آيو. مگسين، وري اهڙا ڏهه حملاڪيا. انهيءَ ڪري گويا جهنگ کي باهه لڳي ويئي. ٻنهي جي وچ ۾ وڏو جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ ايترا ماڻهو مئا، جو ميدان ئي رت سان رڱجي ويو! انهيءَ واقعي کي تَرَ جا ماڻهو “ماهو” سَڏڻ لڳا. آخر ٻنهي ڌرين جو فيصلو، ميان شاهل محمد عباسيءَ جي جَرڳي ڏنو.
    (نگران سنده. باب قديم اقوام سنده.)

    69. چَٽي چَنيجَن جِي پرڻ تي پيئي:
    چنيجا ۽ پَرڻ، موري تعلقي (ضلعي نواب شاهه) ۾ ٻه ڳوٺ آهن، جي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آهن. چنيجن ۾ هڪڙو هِندو سيٺيو رهندو هو، جنهن جي ڪن ماڻهن سان اڻبڻت ٿي پيئي. انهن ماڻهن کي، هر وقت اهو خيال رهندو هوته سيٺئي جو سر کڻجي. هڪ دفعي سيٺ کي ڌاڙو هڻڻ ويا، پر رات جي وڳڙي ۾ رستو ڀلجي، وڃي پَرڻ تي ڪڙڪيا. ڌاڙو ته هنيائون، پر سندن مطلب سِڌ نه ٿيو. ڪنهن انهيءَ واقعي کي ٻڌي، ائين چيو.
    مطلب: جڏهن هڪ جو ڏوهه، ٻئي تي اچي، تڏهن ائين چئبو آهي.

    70. چڱو جن لِکيو، مَدو سي نه پَسن، توڙي رِڻ رهن، ته به کنڊون کائين کير سان:
    جن جي قسمت ۾ چڱو لکيل آهي، سي ڪٿي به هوندا ته سک پيا پَسندا.
    چون ٿا ته هڪڙي بادشاهه، جهنگ ۾ محلات ٺهرايو هو. جڏهن راڻيءَ سان شڪار تي ويندو هو، تڏهن اُتي آرامي ٿيندو هو. هڪ دفعي شڪار ڪندي، راڻي ۽ بادشاهه جدا ٿي ويا. راڻيءَ ته جلد ئي محلات ڳولي لڌو، پر بادشاهه اڃا نه آيو.
    هڪ مسافر، بادشاهه جي محلات وٽ لنگهيو. مسافر کي ٿَڪَ ماندو ڪري وڌو، جنهنڪري محلات جي ڪُنڊڙيءَ ۾ کٽ تي سمهي پيو. جڏهن اُٿيو، تڏهن بک بي حال ڪيس. محلات جي الماري کولي ڏٺائين ته منجهس کنڊ ۽ کير پيا آهن. کير کنڊ پي، وري سمهي پيو. اتفاق اهڙو ٿيو، جو بادشاهه به اتي آيو. ڏسي ته هڪ ماڻهو، کٽ تي آهِليو پيو آهي. وري مٿي وڃي ڏسي ته سندس راڻي پلنگ تي سُتي پيئي آهي. بادشاهه کي غيرت آئي، مسافر کي اُٿاري، پنهنجي شهر ڏانهن سزا ڏيارڻ خاخر، وزير ڏانهن هڪ خط لکي ڏنائينس. جڏهن شهر پهتو، تڏهن وزير کي اهو خط ڏنائين. وزير پڙهندي، هڪدم اڌ حڪومت جو کيس ڏنو. قدرت ڪريم جي، جيڪي اکر بادشاهه، غريب جي سزا لاءِ لکيا هئا، مثل سزاوار آهي = ٻي معنيٰ لائق آهي، سي انعام جي صورت ۾ تبديل ٿي ويا. غريب جي اها ڳالهه ٻُڌي، ڪنهن ائين چيو.

    71. چورَ جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪَکُ:
    چون ٿا ته هڪ قافلي مان ڪنهن سيٺ جو مال چوري ٿي ويو. سيٺ، هڪدم سڀني کي گڏ ڪري، چيو ته، “منهنجو مال چوري ٿي ويو آهي، جنهن کنيو آهي، تنهن جو پتو پئجي چڪو آهي ۽ اُن جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪَکُ آهي.” چورَ به ان مجموعي ۾ موجود هو. ان کي دل ۾ شَڪُ جاڳيو ته، مُبادا منهنجي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک هجي، ڇو نه ڪڍي ڇڏيان. اهڙيءَ طرح چور ظاهر ٿي پيو ۽ سمورو مال مليو.
    مطلب: عيبدار هميشه پنهنجي هر هڪ ڳالهه سان سڃاتو وڃي ٿو، يا شخص، ڪنهن جي طعني کي پنهنجي طرف گمان ڪري، تڏهن انهيءَ جي نسبت ائين چئبو آهي.
    اُردو: چور ڪي داڙهي ۾ تنڪا.

    72. چور کي چون ته گهڙينس گهر ۾، ڀاڳئي کي چون ته چور، گهر ۾ گهڙيو اٿئي:
    اهو مثال، اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪم آڻبو آهي، جنهن ۾ هِنَ جي، هُنَ سان ۽ هُنَ جي، هِنَ سان گِلا يا شڪايت ڪري، ٻِن ڌُرين جي وچ ۾ جهڳڙي وڌائڻ جي ڪوشش ڪبي آهي.
    ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙي ڳوٺ ۾، هڪڙو اهڙو شخص رهندو هو، جنهن جي عادت هوندي هئي ته جڏهن به ڏسندو هو، ته ٻن ڌرين جي وچ ۾ معمولي ڇڪتاڻ ۽ جهڳڙو شروع ٿيو آهي، تڏهن ڇا ڪندو هو، جو جدا جدا وقتن تي، لِڪي ڇَپي، ٻنهي ڌرين سان پيو ملندو هو ۽ انهن کي ڪجهه سچيون ڳالهيون ته ڪجهه مرچ مصالحه لڳائي، اهڙي ته نوع سان ٻڌائيندو هو، جيئن هو پاڻ ۾ وڙهي پون! پر ٻنهي ڌرين کي اهو تاڪيد ڪندو هو ته، “بابا، مان آهيان خير وارو، مهرباني ڪري منهنجو ڀُليو ڀُلايو به نه کڻجو!”
    انهيءَ شخص جي شرارت جو اهو نتيجو نڪتو، جو روزانو ٻنهي ڌُرين جي پاڻ ۾ چَڪري لڳي پيئي هوندي هئي، بعض ته رَت وَهائڻ تائين به نوبت پهچي ويندي هئي.
    آخر ڳوٺ وارن کي، سندس شرارت ۽ شيطان گيريءَ جو پتو پئجي ويو، جنهنڪري ڳوٺ ئي ڇڏي وڃڻو پيس.

    73. چور نه، ته چاڪي ئي سَهي:
    ڪنهن ڳوٺ ۾ چوري ٿي، وقت جي قاضيءَ، پوليس تي زور رکيو، ته ڪنهن به صورت ۾، چور پيدا ڪيو وڃي. هاڻي پوليس ڇا ڪري! پيرو لڳي ته پتو پوي! جڏهن پوليس کان سچو ڏوهي لڀي نه سگهيو، تڏهن ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، هڪڙي غريب چاڪيءَ کي گِهلي وٺي آيا. قاضي، اُن چاڪيءَ کي چڱيءَ طرح سڃاڻندو هو. چاڪيءَ کي آيل ڏسي، پوليس ڏانهن منهن ڪري، چيائين ته:
    “چور نه، ته چاڪي ئي سَهي.”
    مطلب هيءُ آهي ته: موقعي مهل تي، ڪم ٽپائڻ ۽ جند ڇڏائڻ لاءِ هڪ جِي، ٻِي ڪبي آهي، ته ان وقت اهو پهاڪو استعمال ڪيو ويندو آهي.

    74. چورن مٿان مورَ:
    چون ٿا ته ڪن چورن، چوري ڪري، جهنگ ۾ سامان لاٿو. جڏهن ورهائڻ شروع ڪيائون، تڏهن هڪڙو سونو هار به ڪڍي، ميدان تي رکيائون. وڻ تي مور ويٺو هو، جنهن جي نظر وڃي هار تي پيئي، سو لامارو ڏيئي، اهو هار کڻي ويو، تنهن تي چورن مان هڪڙي ائين چيو.
    مطلب: جڏهن ڪو، ناجائز طريقي سان، ڪا شيءِ هٿ ڪري ٿو ۽ پوءِ ڪو ٻيو ماڻهو، کانئس اها شيءِ (سڄي يا اڌ) کڻي وڃي ٿو، تڏهن ائين چئبو آهي.


    (ڇ)

    75. ڇَتي ڪوريءَ وارِي ڊيگهه:
    ڳالهه ڪرڻ وقت، اجائي، اينگهه ڪرڻ، بيجا ڳالهائڻ، اجائي بَڪَ ڪرڻ.
    ڇَتو، رامڻ ڪوريءَ جو شاگرد هو. چون ٿا ته ساهتي پرڳڻي جو ويٺل هو. جڏهن پنهنجي استاد رامڻ ڪوريءَ وٽ اڻاوت جو ڪم سکندو هو، تڏهن به ڳالهائڻ وقت، اجائي ڊيگهه ڪندو هو. هڪ دفعي رامڻ پَٽڪو لاهي، پاسي ۾ رکي لڳو اُڻڻ. سندس ڇِڪَڻ وارو حُقو پڻ، پَٽڪي ڀرسان رکيو هو. اتفاقاَ َ هڪڙي چِڻنگ وڃي، پَٽڪي تي پيئي. ڇَتو، اهو حال ڏسي، وسائڻ جي بجاءِ، رامڻ جو ڌيان، اينگهه ڪري، هن طرح ڇِڪائڻ لڳو.
    جَناب حضرت، استادَ رامَڻَ جي،
    حُقي مان، هڪڙي چڻنگ اڏامي،
    وڃي دستار مبارڪ تي پيئي آهي!
    جيسين ڇَتي، اهي لفظ چئي پورا ڪيا، تيسين رامڻ جي پَٽڪي جو ڳپل حصو سڙي ويو.
    جڏهن ڪم سِکي رهيو، تڏهن جوڙيون کڻي، وڪڻڻ ويندو هو. ٻيا ڪوري پنج پنج جوڙُيون کپائي اچن، پر هيءُ مڙس، هڪ جوڙي به مس کپائي، ڇاڪاڻ ته ڊيگهه ڪرڻ، سندس عادت ٿي ويئي هئي. جوڙي وڪڻندي، وٺي پنهنجي اُڻيل ڪپڙي جي تعريف ڪندو هو. چي: “هيءَ جوڙي مضبوط آهي، سندس ٺِڪرِي پَڪي آهي. ڌاڳو پَڪو اٿس، گهاٽي اُڻيل آهي، تمام گهڻو چوڙُ ڏيندي، ڏاڍي سَستِي آهي، بَرُ به وڏو اٿس ۽ کار ۾ سڳو نه ڳرندس وغيره!”
    ڀَلا، جيڪڏهن هر هڪ گراهڪ سان، ايڏي ڊيگهه ۽ بَڪ شَڪ ڪبي ته ڪم جو جلدي اُڪلاءُ ڪيئن ٿيندو!


    (ح)

    76. حَنُود ڪاسائيءَ واري کَڏَ:
    ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن سَمي، سيوهڻ سنڌ جو تخت گاهه هو، جنهن جو حاڪم، همنڪ هو، هو قلعي اندر رهندو هو.
    هڪڙي دفعي، ڪنهن ڏورانهين ڏيهه جا چار ڄڻا، بادشاهه، وزير، ڪوٽوال ۽ بادشاهه جو غلام شڪار ڪندي، منڇر ڍنڍ تي، پکين جي شڪار لاءِ اچي نڪتا. شڪار بعد، شام جو گهوڙن تي سوار ٿي، سيوهڻ آيا. سامهون بادشاهي قلعو نظر آين. خيال ڪيائون ته قلعي اندر هلي، مهمان ٿي رهجي، پر دروازو بند هو. سَڏَ تي قلعي اندران جواب آيو ته، “حاڪم بيمار آهي، تنهنڪري گهڻو گوڙ شور نه ڪريو، تنهن کان سواءِ، سج لٿي کان پوءِ، قلعي جو دروازو بند رهندو آهي.” هنن خيال ڪيو ته “اتي ئي قلعي ڀرسان، واري وَٽِيءَ تي پَهرو ڏيئي، رات ڪاٽيون.” پهريائين ڪوٽوال جو وارو آيو ۽ باقي ٽي ڄڻا سُمهي پيا. اڃا اڌ ڪلاڪ مَس گذريو ته اوچتو شينهن اچي، مٿانئس ڪَڙڪيو، هڻي ڪوٽوال جا ٻيرا ڪري وڌائين. ڪجهه وقت کانپوءِ، ٻِئي پَهر لاءِ وزير اُٿيو. ڪوٽوال جا هڏا ڏسي، سمجهيائين ته، “ڪوٽوال کي شينهن کائي ويو آهي ۽ هڏا ڇڏي ويو آهي.” پَهرو ڏيندي، کيس اُڃ ڏاڍو ماند ڪيو، جنهنڪري ڀَر واري تلاءَ تي پاڻي پيئڻ وارو. اُتي جيئن پاڻي پئي پيتائين، تيئن هڪ وڏي مڇي، کيس گِهلي ويئي. وري ٽئين پهر لاءِ، بادشاهه اُٿيو، ڇا ڏسي، ڪوٽوال ۽ وزير ٻئي غائب! هڏن کي ڏسي، سمجهيائين ته، هڪ ته شينهن جو لُقمو ٿي ويو، باقي ٻئي لاءِ، خيال پئي ڪيائين ته ڪيڏانهن ويو. بادشاهه کي اُڃ ڏاڍو ستايو، جنهنڪري تلاءَ تي پاڻي پيئڻ ويو. اُتي وزير جي پڳ پسي، يقين ٿيس ته ڪوٽوال کي شينهن کائي ويو آهي ۽ وزير، پڳ ٻاهر رکي، پاڻي پيئڻ ويو آهي ته کيس ڪو مانگر مڇ کڻي ويو آهي. مٿس اهڙي ته هيبت طاري ٿي، جو پاڻي پيئڻ کان سواءِ ئي موٽي آيو. هينئر غلام جو وارو هو، پر بادشاهه، هن کي اُٿارڻ مناسب نه سمجهيو، ڇاڪاڻ ته سمجهيائين ته ويچاري، سڄو ڏينهن جاکوڙ ڪئي آهي. بادشاهه قلعي جي ديوار سان ٽيڪ ڏيئي ويچار ڪرڻ لڳو ته ايتري ۾ ڪُڪُڙن جا دَسَ شروع ٿي ويا. ان وقت حنود ڪاسائي، هميشه جي دستور موجب، پنهنجي گهران نڪتو. سندس گهر ۾ دڪان گڏوگڏ مٿان هئا، جنهنڪري کڏ تي نالو ئي پئجي ويو: “حنود ڪاسائيءَ وار کَڏَ”. هن جي عادت هوندي هئي ته سويل صبح جو اُٿي، ڪنهن ماڻهوءَ کي هٿ ڪري، کيس ڪُهي گوشت وڪڻندو هو، جنهنڪري ملڪ ۾ حنود ڪاسائيءَ جو وڏو ڏَهڪاءُ هو. حنود کي ڪو هٿ به نه لائيندو هو،ڇاڪاڻ ته وڏو پهلوان هو. تنهن کان سواءِ وٽس تيز اوزار به هوندا هئا. انهيءَ ڪري ڪو اڻ واقف يا شهر جو ڪو ڪمبخت ئي سج اُڀرڻ کان اڳ ۾، گهر کان ٻاهر نڪرندو هو. اڄ صبح جو قلعي طرف گهمڻ آيو. بادشاهه تي نظر پيس، جو قلعي جي ڀر ۾ ڪُرنڊڙو ٿيو پيو هو. هن کي اٿاري، گهر وٺي آيو. اڃا بادشاهه کي ڪُهڻ تي هو ته کيس خبر پيئي ته شهر جو حاڪم همنڪ گذاري ويو آهي، جنهنڪري شهر جو ڪاروبار بند رهندو. بادشاهه کي ڪجهه وقت لاءِ مهلت ته ملي، پر ساهه سُڪي ويس.
    شهر جي حاڪم کي ڪو اولاد ڪو نه هو، جنهنڪري وصيت ڪئي هئائين، ته، “منهنجي مرڻ کان پوءِ، قلعي جو دروازو کوليندي، جيڪو پهريون ماڻهو مُنهن پوي، تنهن کي تخت تي ويهارجو” دروازو کوليندي ئي، غلام کي دروازي ڀرسان سُتل ڏٺائون. سڀ امير ۽ وزير، غلام، مٿان ادب سان بيهي رهيا. جڏهن غلام اٿيو، تڏهن اچرج ۾ پئجي ويو ته هي ڇا؟ تنهن تي غلام پنهنجي ٻوليءَ ۾، هنن کي چيو ته، اوهان چريا ٿيا آهيو يا مان؟” وزير سمجهيو ته شايد پڇي ٿو ته، “سيوهڻ جي بادشاهي ملي آهي يا ٺَٽي جو ڪو ٽڪرو به.” هنن هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته، “سائين، ٻئي بادشاهيون، اوهان جون آهن.” آخر غلام کي سمجهه اچي ويئي ۽ هو سيوهڻ جو حاڪم ٿيو.
    اها خبر، بنا دير سڄي شهر ۾ وِڄُ وانگر ڦهلجي ويئي. جڏهن حنود ڪاسائيءَ کي اها خبرپئي، تڏهن ٻه هٿ ٽيون مُنهن پِٽڻ لڳو. چي: اڄ ويو به قلعي جي طرف هوس. جيڪڏهن ڪجهه وقت ترسان ها ته ضرور دروازو کوليندي مون کي ئي عملي جا ماڻهو ملن ها ۽ آءٌ ئي بادشاهه ٿيان ها.” پوءِ ته اچي بادشاهه تي مَٽيو. ڪٿان جو، ڪٿان پيو اچي! چي، “هي نڀاڳو، مُنهن نه پوي ها ته اڄ، مان ئي بادشاهه هجان ها.” هڪدم ڏند ڪَرٽي، ڪاتي کڻي اُٿيو. بادشاهه کي ڏڪڻي وٺي ويئي. حنود کي چيائين ته، “منهنجي مارڻ ۾ ڇا هٿ ايندئي. وڌ ۾ وڌ، منهنجي گوشت مان، ٻه _ چار رپيا ڪمائيندين، ٻيو ڇا! تون مون کي جيئندان ڏي ته مان توکي جهَجهو ڌَنُ، ڏيندس.” هن کي ته اهائي ڳالهه کپندي هئي، ڇاڪاڻ ته پئسي جو پُٽ هو. ڪاتي کڻي ڦٽي ڪيائين. بادشاهه رومال جي چئن ڪُنڊن تي، ٻه مصرعون (مصرع مصرع جو اڌ هر هڪ ڪُنڊ تي) لکي، حنود کي ڏنائين ته وڃي، نئين حاڪم کي ڏي ته توکي ڍئي ڇڏيندو. مصرع هيءَ آهي:
    يکي شير خورد يکي خورد ماهي،
    يکي بندي خانهء، يکي پادشاهي.
    ڪاسائي رومال کڻي، نئين حاڪم کي ڏنو. حاڪم کي ذرا شَڪُ جاڳيو، پر پوريءَ طرح پروڙي نه سگهيو، سو هن به وري چئن ئي ڪُنڊن تي لکي موڪليو:
    کسي شير خورد و کسي خورد ماهي،
    کسي بندي خانهء، کسي پادشاهي.
    اهو رومال، ڪاسائيءَ آڻي، بادشاهه کي ڏنو، جنهن وري لکي موڪليس:
    کوٽوال را شير خورد و، وزير را خورد ماهي،
    بادشاهه بندي خانهء، غلام پادشاهي.
    هينئر ته هن کي سمجهڻ ۾ ئي دير ئي ڪانه لڳي.هڪدم بادشاهه کي آزاد ڪرايائين ۽ حنود کي به چڱو عهدو ڏنائين.
    هينئر جو حنود کي چڱو عهدو ملي ويو، جنهنڪري ڪاسائڪو ڌنڌو ڇڏي ڏنائين ۽ ماڻهن جي دلين مان به، آهستي آهستي اهو ڊپ لهي ويو.
    حنود واري کڏ، اڃا تائين سيوهڻ ۾ قائم آهي، جنهن جي ايراضي، تقريباَ َ پنجن جريبن ۾ ٿيندي.
    حنود ڪاسائيءَ واري کڏ مان مطلب آهي: اها خوفناڪ اُونهي کڏ، جا ڀرجي ئي نه، ڇاڪاڻ ته ورهين کان وٺي ان ۾ ماڻهن جا هڏا اُڇليندو هو.
    جڏهن، ڪو ظالمانه ڪم ڪندو آهي ۽ سندس پيٽ نه ڀربو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.


    ________________________________________
    [1] تاريخ سنڌ_ قلمي صفحو 132.
    (1) ٻيلاين جا ٻول، صفحه 83_84.
    [2] ”مگسي” جو استعمالي اُچار “منگسي”، چون ٿا ته اصل “مگسي جي واديءَ” جا هئا، جا رياست جهل کان، سئو کن ميل اولهه طرف آهي. انهيءَ واديءَ ۾ مگس يعني ماکيءَ جي مک گهڻي هئي، پر قحط ساليءَ سبب، اها مگس، جهَلَ جي چشميءَ واري واديءَ جي طرف کان اُڏامي هتي آئي ۽ هنن جا پوئينر ماکيءَ جي مک جو پيڇو ڪري، اچي جهَلَ واديءَ ۾ ويٺا، تنهنڪري هنن پاڻ کي “مگسي” چوايو، ورنه هو ڪن جي خيال موجب، لاشاري بلوچ جي ڪيڙُ آهي.


    (خ)

    77. خانَن جي خاني، مانيءَ مان معلوم:
    ميزبان جي بيٺلائپ يا آسودگي، سندس مانيءَ مان ئي معلوم ٿيندي آهي.
    چون ٿا ته خان خانان بيرم خان (جيڪو اڪبر بادشاهه جو استاد ۽ سنڀاليندڙ هو)، ڏاڍو مهمان نواز هو. هر مهمان کي، مانيءَ ۾ مُهرون به گڏائي ڏيندو هو. انهيءَ ڪري هر مهمان جي واتان، اها ئي وائي نڪرندي هئي ته “جڏهن سَچو پَچو خان (خان خانانا) آهي، تڏهن ته مهمانن کي مانيءَ سان مُهرون به ڏئي ٿو.” پوءِ هر زبان تي اهو مثال هوندو هو ته، “خانان جي خاني، مانيءَ مان معلوم”، جنهن تان هينئر مروج ٿي ويو آهي: خانن جي خاني، مانيءَ مان معلوم.


    (د)

    78. درازِ رِيش، خِضر يا اِبليس:
    هڪڙي پڙهيل، هڪ ڏينهن ڪنهن ڪتاب ۾ ڏٺو ته: ڊگهي ڏاڙهي، بيوقوفيءَ جي علامت آهي. دل ۾ چيائين ته ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو. ڏاڙهي جو عقلن سان ڪهڙو تعلق! منهنجي ڏاڙهي ڪيڏي نه وڏي آهي. پر مون کي ته ڪنهن به بيوقوف نه سڏيو آهي. پَڪَ ئي پَڪ، لکندڙ ئي بيوقوف آهي. پر وري خيال آيس ته، ان چوڻيءَ کي، آزمائي ته ڏسجي. جيڪڏهن مان پنهنجي ڏاڙهيءَ جو. چپو کن گهٽايان ته، ڪهڙو هَرج! سو، ڇا ڪيائين، جو قينچيءَ جي ڳولا ۾ لڳي ويو، پر لهي نه سگهي پوءِ، هن چيو ته، “قينچي نه ملي ته ڪو به فڪر ڪونهي، هيءَ بتي به ساڳيو قينچيءَ جهڙو ڪم ڏيندي.” پوءِ کاڏيءَ کان، ڏاڙهيءَ کي زور سان مُٺ وڌائين ۽ ٻئي هٿ سان، مُٺ کان هيٺ بچيل ڏاڙهيءَ کي کڻي باهه ڏنائين. باهه ته جلد ئي مچي ويئي، سندس هٿ کي لڳي ۽ دانهن ڪري، وسائڻ جي خيال کان، هيڏي هوڏي ڀڳو، پر باهه اچي مُنهن کي ورتس. هڻي لهسي وڌائينس. جڏهن اسپتال مان موٽيو، تڏهن اچي ساڳيو ڪتاب جو صفحو کوليائين ۽ حاشيه تي لکيائين: مون خود ان چوڻيءَ کي آزمايو آهي، اها بلڪل سچي آهي.

    79. دلو راءَ جي نگري:
    دلوراءَ، ڀنڀوراءَ ۽ ڇُٽو، آمر جا پٽ هئا.[1] دلوراءَ جي نگري (شهر) ڪيئن ناس ٿي، تنهن لاءِ، هيوز، تحفته الڪرام جو حوالو ڏيندي لکي ٿو:[2]
    “چون ٿا ته الور جي خاتمي بعد، دلوراءُ، برهمڻ آباد ۾ رهڻ لڳو. کيس ڇُٽو امراني، پٽ آمر، نالي ڀاءُ هو. ننڍي هوندي ئي خدا تعاليٰ کيس، اسلام جي رحمتن ڏانهن مائل ڪيو، تنهنڪري شهر ڇڏي، وڃي قرآن شريف حفظ ڪيائين ۽ اسلام جا ارڪان ۽ عقائد سکيو. جڏهن موٽي آئي، تڏهن سندس دوستن، عزيزن، کيس شاديءَ لاءِ ستوهه ڀريو، مگر هي پِڙ ڪڍي بيٺو، تنهن تي ڪنهن طعني طور چيس ته: “ڀَل ته هي، تُرڪ (مسلمان)، ڪعبي ڏي وڃي ۽ فلاڻي ناليري عرب جي ڌيءُ سان شادي ڪري. خوش قسمتيءَ سان، هن حج تي وڃڻ جو پڪو ارادو ڪيو. ان وقت سندس ڀاءُ جوان هو. جڏهن هو، منزل مقصود تي آيو، تڏهن هن، هڪ عورت کي، دڪان تي قرآن شريف جي تلاوت ۾ مشغول ڏٺو. هي بيهي ٻڌڻ لڳو. تلاوت ڪندڙ (عورت) پڇيس، “تون ڇو بيٺو آهين؟” چيائين ته، “قرآن ٻڌڻ لاءِ، جيڪڏهن تون مهرباني ڪري مون کي مختلف قرئتون سيکاريندينءَ ته مان تنهنجو ٻانهو ٿي رهندس”. عورت جواب ڏنس ته منهنجي استاد فلاڻي جيڏيءَ آهي، جيڪڏهن تون پنهنجو ويس بدلائي، زناني پوشاڪ پهريندين ته مان توکي ان وٽ وٺي هلنديس.” هن ائين ڪيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾، ڪنواري عورت اڳيان پهچي ويو. اُها قاري عورت ڪمالات کانسواءِ علم نجوم ۾ پڻ ماهر هئي. هڪ دفعي ان عورت (جنهن ڇُٽي امراني کي بيبي استاد وٽ، قرئت سکڻ لاءِ ويهاريو هو)، بيبي استاد کان پنهنجي ڌيءُ جي طالع بابت پڇيو. بيبي استاد کيس باقاعدي جواب ڏنو، پوءِ ڇُٽي بيبي استاد کي چيو ته، “جڏهن توکي ٻين جي حال جو پتو پئجي سگهي ٿو، تڏهن تون پنهنجي بنسبت ضرور ڄاڻندي هوندينءَ؟” عورت وراڻيو ته، “اُهو چڱيءَ طرح ياد ڪيل اٿم. تو هاڻي خود پنهنجي بخت ۾ نهاريو آهي.” عورت وڌيڪ چيو ته “منهنجي سڱابندي، سنڌ جي هڪڙي رهاڪوءَ سان ٿيڻي آهي” ڇُٽي پڇيس ته، “ڪڏهن؟” عورت جواب ڏنو ته، “جلدئي” ڇُٽي سلسله ڪلام جاري رکندي پڇيس ته، “اهو ماڻهو ڪٿي آهي؟” عورت حساب ڪري ٻڌايس ته، “تون ئي اهو ماڻهو آهين.” جڏهن ان طرح ڇُٽي جي قسمت جو پردو کوليو ويو، تڏهن قاري نينگر چيس ته ؟هاڻ هليو وڃ ۽ هن ويس ۾ وري نه اچج! اهي لَٽا لاهي ڇڏ ۽ جهڙو آهين، تهڙو طاهر ٿي ۽ منهنجي ٻانهن گهُر، ڇاڪاڻ ته مانهن تنهنجي قسمت ۾ لکيل آهيان.” پوءِ پنهنجي مائٽن (پيءُ، ماءُ) کي احوال ٻڌائي، ڇُٽي امرانيءَ جي وني بني.”
    ڇُٽو (ڪجهه وقت کان پوءِ، پنهنجي حسين زال فاطمه کي پاڻ سان گڏ سنڌ وٺي آيو. جڏهن هي دلوراءَ جي شهر وٽ پهتو، تڏهن ظالم بادشاهه، هيءَ رسم ٺاهي ڇڏي هئي ته، نيون شادي شده عورتون پهرئين دفعي هن ڏي اينديون وڃن. ڇُٽو پنهنجي ڀاءُ وٽ ويو ۽ کيس اهڙي بدنام ڪندڙ عمل کان باز اچڻ لاءِ سمجهايائين، مگر سڀ دليل رائگان ويا. آخرڪار هڪ ڏينهن، جڏهن ڇُٽو پنهنجي گهر ۾ موجود نه هو، تڏهن دلوراءَ سندس گهر هليو ويو. هن فاطمه جي حسن جي گهڻي تعريف ٻڌي هئي، جنهنڪري کيس ڏسڻ جي تمنا ٿي. اها خبر، فاطمه جي مڙس کي تيزيءَ سان پئجي ويئي، جو هو پنهنجي ڀاءُ جي نيت کان، لَڪ ڇَپ ۾، جاچڻ لاءِ موٽي آيو. ظالم (ڀاءُ) جي ناپاڪ مقصد کي سهي ڪندي، پنهنجي لڪڻ واريءَ جاءِ کان ڌوڪيندو، پنهنجي نوجوان پاڪدامن گهر واريءَ کي، سندس تنگ ڪندڙ چنبي کان نجات ڏياري ۽ فوراَ َ شهر ڇڏي هليو ويو. هڪ آواز ٿيو، جنهن چيو ته، “هي شهر عنقريب، بادشاهه جي ظلمن سبب زمين دوز ٿيندو. جنهن کي به هي اطلاع ملي ته ڀَل پنهنجو پاڻ بچائي.” ڪن ٿورن ان تي عمل ڪيو ۽ خبردار رهيا. پهرين رات هڪ پوڙهي عورت، جنهن ائٽ تي سُٽ پئي ڪتيو، جي برڪت سان، ٻيءَ رات هڪ گهاڻي پيڙيندڙ يعني چاڪيءَ جي محابي آفت ٽري ويئي ۽ ٽينءَ رات سڄو ئي شهر زمين دور ٿي ويو. فقط هڪ منارو، عبارت خاطر وڃي بچيو!”
    مرحوم محمد صديق جي قلمي نسخي ۾ لکيل آهي:[3]
    “هڪ ڏينهن اوچتو، راءُ ڇُٽي جي گهر لنگهي ويو. ڇُٽي جي زال عربياڻي منهن ڍڪي، اندر هلي ويئي. جڏهن ڇُٽو گهر آيو، تڏهن زال ڳالهه ڪيس، جنهنڪري ٻئي زال مرد، ٽي راتيون دربار خدائي ۾ متوجه ٿيا ۽ زاريون ڪيائون. ڇِپ پيئي يعني واري اُٺي ۽ زمين ڌُٻي، (جنهن کان) شهر غرق ٿيو.”
    ڇُٽو امراني، پوءِ سيوهڻ ۾ اچي رهيو، جنهن کي سيوهڻ وارا ڇُٽو امراني چوندا آهن.[4] مٿس چڱو گنبذ اڏايل آهي. اڱڻ توڙي ڀتين تي ڪاشيءَ جون سِرون لڳل آهن. اولاهين ڀِت تي هي ڪتبو لڳل آهي.
    بدورِ شهنشاهه شاههِ جهان،
    خديو خرمند صاحب قران،
    چون خلدِ برين روضه شاهه چهته،
    بنا ڪرد نواب ديندار خان،
    ز سالِ بَنايَش طلب داشتند،
    “بهشتي بروئي زمين” شد عيان.
    (سياڻي حاڪم، صاحبقران شهنشاهه جهان جي وقت ۾ نوان ديندار خان، ڇٽي درويش جو بهشت جهڙو مقبرو تيار ڪرايو. ان جي ٺهڻ جي سال بابت، گهر ڪيائون (ته جواب آيو) هڪڙو بهشت، زمين جي مٿاڇري تي ظاهر ٿيو آهي.)
    مرحوم محمد صديق پيرزادي جي قلمي نسخي مان، هيءَ روايت پڻ ملي ٿي.[5]
    “راجا دلوراءَ جي ڀيڻ جي ڌيءُ جي شادي ٿي. انهيءَ ڀيٺ اچي، راجا کي ايلاز آزيون ڪيون، ته ڀيڻ جي عزت رکي پر راجا نه مڃيو. چيائين ته، “انجام بادشاهي نه ڀڃندس. هم بستر نه ٿيندس، بلڪ محلات ۾ انهيءَ وقت ايندس.” ڀيڻ پڇيس ته، “ائين به ساڳي بدنامي ٿيندي، اصل نه اچ.” راجا نه مڃيو. آخر نااميد ٿي موٽي پٽيندي ويئي ته، منهئون ٿرڙا، شل ڇِپ پوندءِ، بنياد ئي ناس ٿيندءِ.”
    “ڌڻيءَ جي قدرت سان، جنهن وقت شادي ٿي، انهيءَ وقت، راجا پنهنجي محلات مان نڪري، شاديءَ واري محلات ڏي روانو ٿيو. اوچتو آسمان ۾ غبار پيدا ٿيو، ڳاڙهي واري وسڻ لڳي، جنهن ۾ سڄو شهر غرق ٿي ويو.”
    هي واقعو ڪهڙي دور سان تعلق ٿو رکي، تنهن لاءِ هيوز لکي ٿو:[6]
    “جيڪڏهن سيد علي مڪي، ان وقت ڇُٽي سان گڏ بغداد مان سنه 102ع ۾ سنڌ ۾ آيو ته پوءِ شهر جي تباهي، هنن ٻنهي جي سنڌ ۾ وارد ٿيڻ بعد فوراً ئي سمجهڻ گهرجي.”
    هيوز جي لکت کي، پيرزادي جي نسخي مان وزن ملي ٿو:[7]
    “سيد علي مکي در سنه 400هه حکومت بني عباس در ملڪ سنده نزديک جبل لک آري پسگردائي سيوستان تشريف فرما شد. بمع دو پسر و يک برادر زاده ........... در آن جائي سکونت کرد. درآن ملک حکومت راجه دلورائي بود.”
    (سيد علي مڪي 400ع ۾ بني عباس جي حڪومت ۾ سنڌ ملڪ جي لڪي جبلن جي ويجهو، پنهنجي ٻن پٽن ۽ هڪ ڀائٽيي سان سيوهڻ ۾ تشريف فرما ٿيو.... انهيءَ جاءِ تي رهائش اختيار ڪيائين، جتي دلوراءِ جي حڪومت هئي....)

    80. دلي دُور اَ ست:
    مطلب حاصل ڪرڻ ۾ اڃا دير آهي. چون ٿا ته شهنشاهه جھانگير، هڪڙو تمام تيز رفتار قاصد، ڪنهن خاص ضروري ڪم لاءِ، ملڪه نورجهان ڏانهن، لاهور کان دهلي روانو ڪيو، اُهو قاصد، اهڙو ته تيز رفتار هو ، جو اُن جهڙا ڪي ٿورا ماڻهو پيدا ٿيا هوندا. هُن، بادشاهه کي چيو ته، “آءٌ هڪ ڏينهن ۾ دهليءَ پهچي ويندس ۽ ٻئي ڏينهن واپس، سائين جن وٽ پهچي ويندس” هلندو هلندو جڏهن اچي دهليءَ کي ويجهو پهتو، تڏهن رستي تان ايندڙ، هڪ پوڙهيءَ کان پڇيائين ته، هِتان دهلي ڪيترو پري آهي؟” پوڙهيءَ چيس ته، “ خدا نه ڪري دهلي دور” مگر قاصد، انهيءَ جو مطلب سمجهيو ته اڃا دهلي پري آهي . انهيءَ ڪري ُاتي ئي دل شڪستو ٿي مري ويو. بادشاهه کي جڏهن اها خبر پئي، تڏهن ڏاڍو ارمان ٿيس ۽ سندس تيز رفتاريءَ جو قدر ڪندي، سندس قبر تي، عاليشان عمارت اڏايائين، جا دهليءَ کان ڏهن ميلن جي پنڌ تي، اڄ تائين موجود آهي ۽ “پيلڪ” جي مقبره جي نا لي سان مشهور آهي. انهيءَ عمارت جي ٺهڻ جو سال 1133هه مطابق 1720ع آهي .

    81. دودو ڌُوڙ، چنيسر ڇائي:
    ڀونگر سومري کي ٻه زالون هيون. پهرين زال لوهاريءَ مان، هڪ پٽ چنيسر ۽ هڪ ڌيءُ ٻاگهل، ٻيءَ زال سومريءَ (ڏاڏي پوٽيءَ) مان، دودو هئس. دودو ننڍو پٽ هئس. جڏهن ڀونگر مري ويو، تڏهن اميرن امرائن، وڏي پٽ چنيسر کي پَڳَ ٻڌائي. چنيسر چيو ته، “امان کان پڇي اچان ته پوءِ پَڳَ ٻڌندس.” مجلس مان اٿي کڙو ٿيو. اميرن امرائن چيو ته، “جيڪو اڄ ماءُ کان موڪلائڻ ويو آهي، سو ڪيئن ملڪ هلائيندو، تنهنڪري دودي کي پڳ ٻڌائي، تخت تي ويهاريائون ۽ چنيسر موٽي پشيمان ٿي، گهر وڃي ويٺو.
    ڀيڻس ٻاگهل، رات ڏينهن طعنن سان تپائي ڏنس:
    “اڳي هيوسين ٻه ڄڻيون، هاڻي ٽِڙي ٿياسين ٽي،
    چرخو چندن عاج جو، اما آڻي ڏي.”
    انهن طعنن، چنيسر جي زندگي زهر ڪري وڌي. آخر ڪو ٻيو حيلو وسيلو نه ڏسي، دهليءَ جي حاڪم علاءُ الدين خلجيءَ ڏانهن ويو. محمد صديق پيرزادو لکي ٿو:[8]
    “خلجيءَ کي عرض ڪيائين ته: هن چنيسر، ڀيڻ ٻاگهل جو سڱ توکي ڏيڻو ڪيو آهي. مگر منهنجو ننڍو ڀاءُ دودو، اعتراض ٿو وٺي..... بادشاهه سنڌ ڏي ايلچي موڪليو.جڏهن ايلچي، ڪوٽ وِڳهه ۾ آيو ۽ سومرن کي خبر معلوم ٿي، تڏهن سومرن، قاصد جا ٻئي ڪَنَ پَٽي ڪڍيا. قاصد موٽي، دهليءَ ويو. قاصد چيو:
    ٻن ٻاگهي ۽ ٻارَ ٻاگهيءَ جا ٻَن،
    جو ويندو وڳهه ڳوٺ، پٽائي ايندو ڪَن.
    بادشاهه علاءُ الدين، وڏو ڪٽڪ، سنڌ تي چاڙهي موڪليو، جتان به لشڪر پئي لنگهيو، اتان جا ماڻهو، اهو ڳوٺ ڇڏي ٿي ويا. علاءُ الدين جي هيڏي ساري ڪٽڪ کي ڏسي، عام چوڻي ٿي ويئي:
    ڪُتيءَ جو ڀونڪندي، پڇو نڪري پيو،
    مَري ويئي، پر لشڪر نه کُٽو.
    اُٻاوڙي ۽ اروڙ جون جنگيون کٽي، سکر پهتا ۽ چانڊڪا کانپوءِ، حيدرآباد مان ٿيندا، وڳهه ڪوٽ پهتا. سخت جنگ لڳي. ميدان رت سان رڱجي ريٽو ٿي ويو. گهڻا سومرا مري ويا. آخري دودي جا پٽ ۽ چنيسر جا پٽ مارجي ويا. جڏهن چنيسر جو پٽ ننگر (جو دودي جو نياڻو هو) مُئو ته سگهڙ چيو:
    “هي ڀي شيرُ شهيد ٿيو، سُگهڙن ساران وَرُ”
    اتي چنيسر به خوب وڙهيو، آخر قتل ٿي ويو.
    دودو، جنهن پهلوانيءَ سان علاءُ الدين جي لشڪر ۾ ٽاڪوڙو وڌو، تنهن لاءِ سگهڙ چوي ٿو:
    ديمين سان دودو لڙيو، گَجي جيئن گجميرُ،
    بيهي رهيون رڻ ڀونءَ ۾، مرد مثل هي ميرُ.[9]
    نتيجو اهو نڪتو جو نه چنيسر کي حڪومت ملي ۽ نه دودي جي حڪومت هلي. ڪيترا سومرا مارجي ويا. ڪنهن اهو واقعو ڏسي ائين چيو.

    82. دُوڌ کان دوڌ، پانِي ڪا پانِي:
    مٿرا (هندستان)شهر ۾، هڪ حلوائي رهندو هو، جو ڪڏهن به خالص کير نه وڪڻندو هو ۽ نه وري مٺائي خالص ٺاهيندو هو. هڪ دفعي، ان حلوائيءَ جي دڪانتان، هڪڙي باندر، پئسن جي ڳوٿري (جنهن ۾ پئسا، آنا، بيانيون پائليون وغيره هيون) کڻي واهه جي ڀر واري وڏي وڻ جي چوٽيءَ تي وڃي ويٺو. ڳوٿريءَ مان پئسا ڪڍي، هڪ پئسو پاڻيءَ ۾ ته هڪ پئسو هيٺ پيو اُڇلي. اهڙيءَ طرح ڳوٿريءَ جي اڌ رقم، پاڻيءَ ۾ اُڇلايائين ۽ اڌ رقم هيٺ. حلوائي دانهون ڪوڪون ڪري چوڻ لڳو ته: “اڙي ظالم، اهو ڇا ٿو ڪرين؟” ڏسندڙن مان هڪ شخص چيو ته، “دوڌ کان دوڌ اور پاني ڪا پاني، الگ ڪر رها هي!” يعني کير ۾ جيڪي پاڻيءَ وجهڻ ڪري، توکي وڌيڪ پئسا مليا هئا، سي پاڻيءَ ۾ وجهي رهيو آهي.
    مطلب: جڏهن عدل ۽ انصاف پوريءَ طرح ٿئي، تڏهن ائين چئبو يا انهيءَ شخص جي باري ۾ ائين چئبو، جو عادل ۽ منصف مزاج هجي.


    (ڌ)

    83. ڌيءُ پاڙي، اندر ساڙي، ڌيءُ دور کائي چُور:
    چون ٿا ته ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ڌيءَ، پاڙي ۾ پرڻائي ته جيئن اکين آڏو هجي. پهريائين ته گهوٽ ڪنوار، پاڻ ۾ کير کنڊ هئا، پر پوءِ جيئن دستور آهي ته ٻه ٺڪر به پيا ٺهڪن، تنهنڪري وانگر بعضي کَهُرا کپرا پوندا هئا. هڪڙيءَ پاڙي واريءَ وڃي ڇوڪريءَ جي ماءُ کي ٻڌايو ته “تنهنجي ڌيءَ کي مڙسس ڏاڍو ماريو آهي.” مطلب ته ڳالهه هجي يا نه، ته به اُها، يا ڪا ٻي پاڙي واري، شرير عورت، ڪنوار ماءُ جاڪن ڀريندي رهي. ويتر جڏهن ڌيڻس پيڪي ويئي ۽ وَرَ جي نيڪي نه ڪيائين، تڏهن اها حالت ڏسي، ماءُ جا آنڊا سڙڻ لڳا. اتي هڪڙيءَ ويٺل مائيءَ چيو ته، “ڌيءُ پاڙي، اندر ساڙي، ڌيءُ دور، کائي چُور”. (چُوري)
    مطلب ته پاڙي جي ٿوري گهڻي ڳالهه ٻڌي به پيو، پيءُ _ ماءُ کي ڏک ڏيندو، پر ڏور پنڌ سبب، جهڙي تهڙي ڳالهه ٻڌڻ ۾ ئي ڪانه ايندي.


    ________________________________________
    [1] تاريخ سنڌ (قلمي نسخو) محمد صديق پيرزاده ص 84.
    [2] گئرينيئر آف دي پراونس آف سنڌ. ص 140_141.
    [3] تاريخ سنڌ (قلمي نسخو) _محمد صديق پيرزادو، صفحو 54.
    [4] آزاد سنڌ نمبر الوحيد _ ص 73.
    [5] تاريخ سنڌ_ص 76.
    [6] گئرينيئر آف دي پراونس آف سنڌ. ص 140_141.
    [7] تاريخ سنڌ، فارسي (قلمي نسخو) محمد صديق پيرزادوڏص76.
    [8] (1) تاريخ سنڌ_ قلمي نسخو. ص 57.
    [9] ديمين = لشڪر، گجمير = شينهن، رڻ ڀون = جنگي ميدان.


    (ڏ)

    84. ڏاچي هَڻي ڏَهه، ته توڏِي هَڻي تيرنهن:
    جڏهن سوڍي (راڻي)، مومل ماڻي، تڏهن روزانو رات جو ڀليءَ ڏاچيءَ تي چڙهي، وڃي مومل جو مهمان ٿيندو هو ۽ رات اتي گذاري، صبح جو موٽي، ماڳ ايندو هو. اهو ڳجھه ڳوهه وارو قصو آخر کلي پيو، جنهنڪري همير سومري کي مٺيان لڳي ۽ ڪاوڙ وچان، راڻي جي سواريءَ واريءَ ڏاچيءَ کي، پيرن ۾ ڪِيرَ هڻائي، منڊو ڪرائي ڇڏيائين. هينئر راڻي لاءِ، زندگي ٿي پيئي، سو لڳو ڪاڪ هلڻ لاءِ گهاٽ گهڙڻ. آخر ڏاچيءَ واري جَتَ کي گهرائي، کانئس ٻيءَ ڪنهن اهڙيءَ ڀَليءَ ڏاچيءَ يا اُٺ لاءِ پڇا ڪيائين. جت چيو ته “سائين، ان ڏاچيءَ جي هڪڙي توڏي آهي، جنهن کي پڻ، ماءُ جهڙا پاڻي آهن.” راڻي چيو ته، “متان وِچ تي ويلو وجهي؟” جت چيس ته، “سائين، اوهين خيال نه ڪريو، توڏي ننڍي آهي، مگر وکن ۾ ماءُ کان به وڌيڪ آهي. ڪا پرواهه نه ڪريو. ڏاچي، ڏهه هڻندي هئي ته توڏي، تيرنهن هڻندي.” پوءِ راڻو، روزانو انهيءَ سواريءَ تي مومل سان ملڻ ويندو هو.
    شاهه ڀٽائي به اهڙو ذڪر ڪيو آهي:
    ننڍو تان ڪوهه، پر وِکين آهي وِترو،
    اچيو ڪاڪ ڪنڌين ۾، پهس پکيءَ جان پوءِ،
    ان ڪُرَ منجهان ڪو، ميو ماٺو نه ٿئي.[1]

    85. ڏِسجي ته اُٺ، ڪهڙيءَ ڪَڙيءَ ٿو ويهي:
    ڏسجي ته ڇا ٿو ظاهر ٿئي، معاملو ڪهڙي صورت ٿو وٺي ۽ نتيجو ڪهڙو ٿو نڪري.
    ڪنهن سبزي فروش ۽ ڪُنڀار گڏجي، ڀاڙي تي هڪڙو اُٺ ورتو. هڪڙي پاسي، سبزيءَ واري پنهنجون ترڪاريون لَڏيون، ته ٻئي طرف وري ڪنڀار پنهنجا برتن ڀريا. رستي تان هلندي هلندي، اُٺ پنهنجي گردن موڙي، ڀاڄيون کائيندو پئي ويو، جنهنڪري ڪنڀار دل ۾ خوش پئي ٿيو. ڪنڀار دل ۾ چيو ٿي ته، “ڏاڍو چڱو ٿيو، جو مان ته نقصان کان بچي ويس، ڇاڪاڻ ته بازار ۾ ٻنهي کي، پنهنجو پنهنجو مال وڪڻڻو هو.
    جڏهن بازار جي منهن وٽ پهتا ۽ جَتَ، اُٺ کي ويهاريو ٿي، تڏهن سبزيءَ واري چيو ته، “ڏسون ته اُٺ، ڪهڙيءَ ڪَڙيءَ ٿو ويهي!” هوڏانهن ويهڻ لاءِ اُٺ، پهريائين بدن کي انهيءَ پاسي کي اُڇل ڏني، جنهن ڏانهن مٿس ڪنڀار جا برتن رکيل هئا. اُٺ جي ويهڻ سان، ڪنڀار جا ڪيترائي ڀانءُ ڀڄي پُرزا پُرزا ٿي پيا.
    سبزيءَ واري، جڏهن پنهنجي ۽ ڪنڀار جي نقصان جو اندازو لڳايو، تڏهن ڏٺائين ته ڪنڀار جو وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. انهيءَ وقت کان اها چوڻي مشهور آهي.

    86. ڏيک مولهي دا توڏا:
    هڪڙي جت کي نياپو آيو ته تنهنجي ڏاچي (مولهي) ويائي آهي، جنهن توڏو ڏنو آهي. جَت تيار ٿيو ته ڏاچيءَ (جا واهه جي ٻيءَ ڀَر تي، جهنگ ۾ ويائي هئي) کي ڏسي اچان، پر سندس لاڏلو نينگر چوي ته، “مان به مولهيءَ جو توڏو ڏسان”. آخر ٻئي تيار ٿيا. جڏهن واهه جي ڪناري تي آيا، تڏهن پُٽ کي چيائين ته، “تون منهنجي ڪُلهي تي چڙهي ويهه ته پار هلون.” جڏهن واهه جي وچ تي آيو، تڏهن پاڻيءَ جي زور کان، تَري تَري ٿڪجي پيو ۽ چِڙَ وچان پٽ کي چيائين ته، “ڏيک مولهي دا توڏا، توکي مون جهليو، ته نه مڙئين، هينئر ٻنهي جو سِرُ ٿو وڃي”. آخر ٿڙي ڦٿِڙي ڪناري تي آيو.
    مطلب: جڏهن ڪو ضد ڪندو آهي ۽ باز نه ايندو، تڏهن ان کي ائين چئبو آهي.

    87. ڏيک ياران دي ڦيري، ماءُ تيرِي ڪي ميرِي:
    هڪڙا ٻه زال مڙس هئا، هڪڙي دفعي زال، پنهنجي مڙس جي، پاڻ سان محبت آزمائش وٺڻ جي خيال کان، ڪوڙ ڪري بيمار ٿي پيئي. ويچاري مرد، کيس سچ پچ بيمار سمجهي، سندس گهڻا ئي علاج ۽ سُتيون ڦَڪيون ڪرايون، مگر زال اهڙو مَڪر رٿيو هو، جو مرد کي ڪو به فرق نظر نه آيو. آخر هڪ ڏينهن زال چيس ته، “،مون کي هڪڙي درويش جو ڏسُ مليو آهي ته، جيڪڏهن تون پنهنجي سسُ جي مٿي جا وار، پنهنجي مٿي هيٺان رکي سمهندينءَ ته يڪدم چڱي ڀلي ٿي پوندينءَ، ٻيءَ صورت ۾، مري ويندينءَ!”
    مرد، اها ڳالهه ٻڌي، تاڙي ويو، ته “بيماري وغيره ڪانه آهي، مگر منهنجي آزمائش لاءِ، مَڪر ڪيو اٿس، ته آءٌ سندس لاءِ، پنهنجي ماءُ جي مٿي جا وار، آڻي سگهان ٿو يا نه؟” سو پنهنجيءَ سس وٽ ويو، چيائينس ته “تنهنجي ڌيءَ جي چڱي ڀلي ٿيڻ لاءِ، هڪڙي درويش جو ڏسُ مليو آهي ته جي تنهنجي سَسُ پنهنجي ڌيءَ کي سندس مٿي جا وار، مٿي هيٺان رکي سمهڻ لاءِ ڏيندي، ته پوءِ يڪدم چڱي ڀلي ٿي پوندي، ٻيءَ صورت ۾ سندس بچڻ محال آهي.” ويچاريءَ ماءُ، اهو حال ٻڌي، پاڪيءَ سان، پنهنجو مٿو صاف ڪرائي، هَڙ جا هڙ وار، پنهنجي ڌيءَ ڏي ڏياري موڪليا.
    جڏهن مرد، پنهنجي سَسَ جا وار آڻي، پنهنجي زال کي ڏنا، تڏهن هو خوشيءَ کان، مٿي هيٺان رکي سمهي پئي ۽ هڪدم چڱن ڀلن جهڙي ڏيکاري ڏيڻ لڳي.
    اهو حال ڏسي، اهو شخص ڊوڙندو پنهنجي ماءُ ۽ سَسُ ٻنهي کي زال وٽ وٺي آيو. اُن وقت انهن ڏي اشارو ڪري، زال کي چيائين ته، “ڏيک ياران دِي ڦيرِي، ماءُ تيرِي ڪِي ميرِي؟”
    ____________


    (ر)

    88. رام ڪهاڻي:
    ڳالهه کي اجائي ڊيگهه وٺائڻ يا اِنگهائڻ. ٿوري جواب جي بجا گهڻي بَڪ ڪرڻ.
    رام، راجا دسرٿ جو وڏو پُٽ هو. راجا دسرٿ کي 3 زالون هر هڪ ڪوشليا، سُمترا ۽ ڪيڪئي هيون. ڪوشليا مان، رام، سُمترا مان لڇمڻ ۽ شَترگهن ۽ ڪيڪئي مان ڀرت هوس. هڪ دفعي راجا دسرٿ کي، ڪو زهر آلوده تير لڳي ويو هو، جنهن جو زهر، راڻي ڪيڪئي، پنهنجي زبان سان چوسي ڪڍيو هوس. راجا، سندس ايڏي خدمت مان خوش ٿي، کيس وچن ڏنو ته، گهُر جيڪي گهُرڻو اٿئي. راڻي ان وقت عرض ڪيو ته، “مون، جنهن وقت ضرورت محسوس ڪئي، تڏهن پنهنجو انعام گهرنديس.” راجا چيس ته، “چڱو، توسان وچن آهي، توکي جيڪي به ۽ جڏهن به گهرجي، تڏهن گهُرجانءِ ته توکي ملندو.”
    راجا جو وڏو ۽ ولي عهد پُٽ، رام هوپ. راڻي ڪيڪئيءَ کي اچي لالچ ٿي، ته راجا کانپوءِ گاديءَ تي منهنجو پٽ ڀرت ويهي. اهو خيال ڪري، راجا کي وڃي وچن ياد ڏياري، پنهنجي پٽ ڀرت لاءِ، گاديءَ جي گهُر ڪيائين ۽ اُن سان گڏوگڏ رام چوڏهن ورهين بَن (جهنگل) ۾ وڃڻ جو شرط پيش پڻ ڪيائين. هاڻي ويچارو راجا به ڄڻ بن باهين ۾ اچي ويو! جي وچن ٿو پاڙي ته هڪ لائق پُٽ جي جدائي ٿي ماريس، پر جي وچن ٿو وساري ته پوري ڀارت ورش ۾ ڪوڙو ٿو ليکجي! هاڻي وڃي، سو وڃي ڪيڏانهن!
    هوڏانهن رام کي جڏهن انهيءَ قصي جي خبر پئي، تڏهن سڌو پيءُ وٽ آيو ۽ عرض ڪيائينس ته، “پتا جي! اوهان جو وچن اوس پورو ٿيڻو آهي. آءٌ چوڏهن ورهيه بنواسي ٿيڻ لاءِ تيار آهيان ۽ گادي پڻ بيشڪ پرت کي ملي. آءٌ انهي ۾ خوش آهيان. ائين چئي، روئندڙ ۽ غم زده پيءُ کي پيرين پئي، کانئس موڪلايو اڃا ٻاهر مس نڪتو، ته سندس استري (زال) سيتا ۽ ڀاڻس لڇمُڻ جي پڻ تيار بيٺا هئا، سي ساڻس هلڻ لاءِ تيار ٿيا. رام، کين گهڻوئي سمجهايو ته، بن ۾ هي تڪليفون آهن، هي مصيبتون آهن وغيره، مگر ڪيتري سمجهائڻ جي باوجود به، هو نه مُڙيا ۽ ساڻس گڏ روانا ٿيا. اُهي چوڏهن ئي سال، هن ڏاڍيءَ تڪليف سان، دکڻ هندستان جي جهنگلن ۾ گذاريا. هڪ دفعي رام جي استري سيتا کي، بن ۾ اڪيلو ويٺل ڏسي، سلون جو راجا راوڻ، کڻي ويو، جنهن سان لڙائي ڪري، دکن هندستان جي راکا سُگريو ۽ سندس وزير هَنُومان جي مدد سان، سيتا کي هٿ ڪيو ويو ۽ انهيءَ لڙائيءَ ۾ راوڻ مارجي ويو. راوڻ جي مارجڻ ڪري، “دَسهڙو” ملهايو ويندو آهي.
    چوڏهن ورهيه بنواس جي مُدي پوري ٿيڻ کانپوءِ، رام، پنهنجي راڄڌاني (تختگاهه) ۾ موٽي آيو. ڀاڻس پرت، جو اصل ۾ پاڻ کي راجا جو نائب سمجهي، سندس چاکڙي، تخت تي رکي، حڪومت جو ڪاروبار هلائي رهيو هو، سو رام جي پيشوائي ۾ وڃي، وڏي عزت سان کيس وٺي آيو. انهيءَ رات ساري شهر ۾ چراع بندي ڪئي ويئي. ڏياري، انهيءَ موقعي جو يادگار آهي.
    جڏهن ٿوري احوال ڏيڻ جي بجا، لنبو چوڙو جواب ڏبو آهي، تڏهن عام طرح ائين چيو ويندو آهي: اِها “رام ڪهاڻي” ڇڏ، يعني ڊيگهه ڇڏ، پنهنجو کُليل مقصد ظاهر ڪر.
    ڪي وري “دُک ڀري ڪهاڻي” لاءِ به، ائين چوندا آهن.

    89. راهُوجَن ۾ رات، قادر ڪنهن جي نه وجهي:
    سنڌ ۾ راهوجن جا ڪيترائي ڳوٺ آهن،پر هيءُ پهاڪو تعلق رکي ٿو “ڪَچي” واري راهوجن سان، مديجيءَ جي ڀرسان، ڪچي ۾ راهوجن جو ڳوٺ آهي.
    ڪنهن سمي هڪڙو سيد، اُن ڳوٺ ۾ وڃي نڪتو. واقفيت نه هئڻ ڪري، وڃي مسجد جو پاسو ورتائين. رات جو پٽڙو ڀَت مليس، تنهنڪري سندس اندر نه ٺريو، تنهن کانسواءِ هڪ گرمي ۽ ٻيو اُٻهڙ ۽ ٽيون وري مصيبت ڪچي جا مڇر! ساري رات لُڇندي گذاريائين. صبح جي نماز پڙهي موڪلائڻ لڳو ته جماعت جي ماڻهن چيس ته، “قبلا مهرباني ڪري هڪڙي ٻي به رات رهو.” جنهن تي شاهه صاحب چيو ته:
    “ابا راهوجن ۾ رات قادر ڪنهن جي نه وجهي!”
    ڪن جو خيال آهي ته اهو سيد، شاهه عبداللطيف هو، جو فقيرن سان گڏ، راهوجن ۾ رهيو ۽ انهن جي حالتن کي ڏسي، هي بيت چيائين:
    راهوجن ۾ رات، قادر وجهي نه ڪنهن جي،
    رَنون رب رُلايون، آهر اڳلي واٽ،
    پليجن کان پاٽ، ڀَر جي آئي ڀت جي.
    چون ٿا ته اتان جي زالن، شاهه صاحب جي فقيرن سان چرچا ڪيا هئا ۽ شاهه صاحب جي هڪ عقيدتمند، پليجن جي ڳوٺ مان، ڀَت جي پاٽ ڀرائي آندي هئي. شاهه صاحب بيت ۾ اهڙي وضاحت ڪئي آهي.

    90. روهين رَلا، مٿي کَلا:[2]
    ڪوهستاني ڌنار، مال جي سانگي، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ، سدائين سبزيءَ ۽ گاهه وارو هنڌ ڳولين ته جيئن سنهو مال سکيو رهي ۽ مـَيو متارو ٿئي، ڇاڪاڻ ته سندن مکيه گذران آهي ئي مال جي پيدائش تي! انهيءَ ڪري سندن ٽپڙ، سدائين پُٺيءَ پاڏون يا مٿي تي ڏسبا. ڪنهن واٽهڙو، سانگي ماڻهن کي انهيءَ لڏ لڏاڻ واري حالت ۾ ڏسي ائين چيو:
    سانگي ماڻهن لاءِ، ٻي به چوڻي آهي ته: لَڏو ئي لَٺ تي. يعني سندن گذر، سنهي مال (ٻڪري ۽ رڍ) تي آهي، جن جي پٺيان لٺ کنيو، چراوها ڳوليندا ۽ ڌڻ چاريندا ٿا وتن “لٺ” لفظ تمثيل ٿي ڪم آيو آهي يعني “لٺ” مان مراد “ڌڻ” آهي يا ته ڌراڙ سامان جي هڙ ٻڌي لٺ تي لڙڪائي ڪُلهي تي رکندا آهن.

    91. رَهو حـَلال، ٻـُوٽيـُون حـَرام:
    چون ٿا ته مڪتب جي شاگردن، گهٽيءَ مان ڪنهن پاڙيسريءَ جي ڪڪڙ ڦاسائي، اُستاد جي گهر موڪلي ڏني. جڏهن استاد کي، اها خبر پئي، تڏهن شاگردن کي سخت تنبيهه ڪيائين. شاگردن چيس ته، “سائين، ڪڪڙ پاڻهي مڪتب ۾ آئي. شايد ڌڻيءَ، اوهان لاءِ ئي موڪلي آهي.” استاد چيو ته، “نه بابا، نه، مون کي حرام نه گهرجي.” شاگردن چيو ته، “استاد صاحب ڀلا، هيءَ ڪڪڙ ڪنهن کي ڏيون؟” استاد چيو ته، اوهان گهٽيءَ ۾ وڃي، شريعت مطابق، زور سان ٽي ڀيرا چئو ته، “ڪنهن جي آهي هيءَ ڪڪڙ، جيڪڏهن ٽنهي ڀيرن سان، ڪو مالڪ پيدا نٿو ٿئي ته پوءِ چئبو ته موڪلي آهي.” شاگرد، گهٽيءَ ۾ وڃي، ڪڪڙ کي هٿ ۾ جهلي مٿڀرو کڻي ٽي ڀيرا چيو، “ڪنهن جي آهي (زور سان)، هيءُ ڪڪڙ (بلڪل آهستي).” ٽنهي ڀيرن سان ڪٿان به آواز نه آيو. پوءِ ڪڪڙ کي حلال ڪيائون. استاد، گهر وارن کي چيو ته، “منهنجي ڀاڱي ۾ موڪليل ٻوڙ ۾ ٻوٽيون نه وجهجو، باقي رَهو (شوروو) جائز آهي، سو ڀلي هجي”. شاگردن استاد جي اها فتويٰ ٻڌي، تڏهن هڪڙي شاگرد چيو ته، “رَهو حلال ۽ ٻوٽيون حرام.”
    هڪ روايت مطابق، استاد چيو ته، “جيڪڏهن ٻوٽي پاڻهي ڏوئيءَ تي چڙهي پوي ته اها جائز آهي، باقي سعيو ڪري نه ڏجو.”


    ( س )

    92. سـَپَ نه ماري، پر سـَپَ جو سـَراپ ماري:
    هڪ دفعي ڏيڏر ۽ سپ (نانگ) پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندي،”ڪکجڻ” جو ذڪر ڇيڙيو. ڏيڏر، نانگ کي چيو ته، “تنهنجي چڪ کان نه، پر تنهنجي سراپ (ڊپ)[3] کان، ماڻهو مرن ٿا.” نانگ ڏيڏر کي چيو ته، “ڊپ کان نه، پر ڪَکجڻ کان مرن ٿا.” هر هڪ پنهنجي پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو! آخر ڏيڏر، نانگ کي چيو ته، “ان ڳالهه، جو تجربو ٿا ڪريون. تون ڪنهن واٽهڙوءَ کي ڪکي، وڻن جي جهڳٽي ۾ لڪي وڃ، ٿوري دير بعد، مان پاڻيءَ مان منهن ڪڍندس ته جيئن واٽهڙو سمجهي ته ڏيڏر رُهنڊو هنيو آهي.” پوءِ نانگ، هڪڙي واٽهڙوءَ کي ڪَکي، هڪدم جهڳٽي ۾ لڪي ويو. واٽهڙو ويچاري رهڙ جي هنڌ، خوب مهٽون سهٽون، سُوٽون سڙيون ڏنيون ۽ هيڏي هوڏي ڏٺو، پر نانگ ته نظر ئي ڪونه آيس. ڏيڏر، پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري، “ٽان ٽان” ڪرڻ لڳو. ڏيڏر، جي “ٽان ٽان” ٻڌي، پڪ ٿيس ته اِها رُهنڊي ڏيڏر ئي ڏني آهي. نانگ به اهو سمورو لقاءُ ڏسي رهيو هو. آخر اهو واٽهڙو هليو ويو.
    ڏيڏر، نانگ کي چيو ته، “ڏٺئي، جڏهن مون تي نظر پيس، تڏهن ساهه پيس. پر جيڪڏهن تون منهن ڪڍين ها ته ڦَهڪو ڪري، ڪِري پوي ها. هينئر مان، جنهن واٽهڙوءَ کي لُهنڊ هڻي، لڪي ويندس، ٿوري دير بعد تون ڪـَر ُ کڻجانءِ.” اڃا انهن ڳالهين کان فارغ مس ٿيا ته ڏيڏر هڪ واٽهڙو کي ٺڪاءُ رانبوٽو ڪرايو. واٽهڙو کي رانبوٽو ته لڳو، پر ڪا چيز نظر ڪانه آيس. مٿس اهو اثر ويٺو ته شايد ڪکَ سِنگهو آهي. اڃا انهيءَ خيال ۾ هو ته نانگ به ڪـَر ُکڻي، ڦوڪون ڏيڻ لڳو. وهم جي ڪري اڌ ته اڳيئي مري چڪو هو، ويتر جو نانگ ڏٺائين، پوءِ ته سندس شڪ يقين ۾ تبديل ٿي ويو. سارو بدن ڏڪڻ لڳس. مٿس اهڙو ڊپ ويهي ويو، جو ٿوري دير ۾ ئي دم ڏنائين.
    ڏيڏر، نانگ کي چيو ته، ڏٺئي، تنهنجي ڊپ کان مري ويو يا تنهنجي چڪ کان!”

    93. سـُتـَن ڪـَونهان، جاڳـَندَن، وَڇـُون:
    غافل ۽ سست انسان کان، هوشيار ۽ چالاڪ ماڻهو، وڌيڪ نفعو حاصل ڪري سگهي ٿو.
    هڪڙا ٻه دوست، مال جي چاري سانگي، پنهنجون مينهون ڪاهي، ڪچي ڏانهن ويا. رات جو واري وٽيءَ تي جاڳندا هئا ته متان ڪو چور اچي، مينهون ڪاهي نه وڃي يا مهل ڪُمهل مينهون (جي ويم تي هيون)، ويامي پون. انهن ٻنهي مان، هڪڙو سست ۽ ننڍو هو ۽ ٻيو هوشيار ۽ چست چالاڪ. اهو سست، رات جو ٿورو وقت جاڳندو هو ۽ گهڻو وقت، ننڊ ڪندو هو، تنهنڪري ان جي مينهن جي به خدمت ۽ ديک ڀال، اهو هوشيار ۽ چالاڪ ڪندو هو.
    هڪڙيءَ رات، ٻنهي جون مينهون ويامي پيون، جنهن کي ننڊ هئي، تنهن جي مينهن، وڇ ڄڻي ۽ جاڳندڙ جي مينهن ڪونهون![4] اهو حال ڏسي، ان کي ڏاڍو ارمان ٿيو. مگر، جلد ئي پاڻ سنڀالي، اها وڇ، پنهنجي مينهن جي پويان لاتائين ۽ پنهنجي مينهن وارو ڪونهون، سـُمهيل دوست جي مينهن جي پويان! جڏهن سست ماڻهو، ننڊ مان سجاڳ ٿيو ۽ مينهن جي پويان ڦـَرَ ڏٺائين، تڏهن دوست کان پڇيائين. هن ٻڌايس ته، “منهنجيءَ مينهن، وَڇ ۽ تنهنجيءَ، ڪُونهون ڏنو آهي.” هـُن چيس ته، “ائين ڪيئن هوندو؟” چالاڪ دوست جواب ڏنس ته:
    “يار، سـُتن ڪُونهان، جاڳندن وَڇون!”

    94. سَتِي چَڙهي ڏاگهه:
    چکيا تي چڙهڻ، جو مطلب عورت جو مڙس جي لاش سان گڏ جلڻ.
    ڪنهن سمي، هندن ۾ سـَتِي لڪڙيءَ جو رواج هو، يعني عورت جو، پنهنجي مئل مڙس سان گڏ، ساڳيءَ لَڪڙَ (ڪاٺين) ۾ سڙڻ، هندن ۾ اهو رواج گهڻو وقت هليو، پر پوءِ لارڊ وليم بينٽڪ وائسراءِ هند 1829ع ۾ بند ڪرائي ڇڏيو.
    اڪبر بادشاهه به (1105ع)، ان جي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر راجپوت راڻين، اُن جي مخالفت ڪئي، جنهن ڪري بادشاهه ڍرو ٿي ويو.
    جڏهن ڪنهن وَلهيءَ جو وَرُ پَرلوڪ پڌاريو هو، تڏهن هوءَ، ساڻس وفاداري ڏيکارڻ لاءِ، سندس لاشي سان، ساڳين ئي لڪڙين (لونگن) ۾ جلي ڀسم ٿي ويندي هئي. انهيءَ ڪري هندن ۾ اها عام چوڻي آهي ته:
    “سـَـتـِي چـڙهـي ڏاگـهه،
    لهي ته ٿِئي ڪانون ڪُنن هاب!”
    انهيءَ حقيقت جي اصليت، هن ريت بيان ڪئي وڃي ٿي:
    شِوجي کي، “سَتي” نالي ڌرم پتني (زال) هئي، جنهن جو پتا هڪ وڏو راجا هو. هڪ دفعي، راجا “يگيه”[5] تيار ڪيو ۽ موقعي تي، هن سڀني ڄاڃين کي گهرايو، مگر هڪڙو پنهنجي ڌيءَ ستيءَ کي نه سڏايائين، جنهن تي ستيءَ سخت گهٻرايو. پنهنجي وَرَ، شوجي مهراج کان مشورو ورتائين، جنهن وڃڻ کان
    روڪيس. مگر هوءَ مِسر هئي ۽ چاهيائين ٿي ته يگيه ۾ ٻين ڀينرن سان گڏ هجي. آخر شِوجيءَ، خوشيءَ سان وڃڻ جي اجازت ڏنيس ۽ هيءَ اڻ ڪوٺي هلي ويئي. سندس پتا، انهيءَ خيال وچان، کيس منهن ڪونه ڏنو، ته جيئن دل شڪسته ٿي موٽي وڃي. هن پنهنجي پتا جي بي رُخي ۽ پنهنجي بي بَسي ۽ لاچاريءَ کان بيزار ٿي، يگيه جي عين موقعي تي، پاڻ کي کڻي آڳ ۾ اُڇلايو، جنهن ۾ جلي، ڀسم ٿي ويئي.”
    سَتيءَ، پنهنجي خودداري ڏيکاري ۽ انهيءَ ئي ڪري هر خوددار ديويءَ، سَتيءَ جي پيروي ڪرڻ شروع ڪئي. سَتيءَ جي نالي پويان ئي هن رواج جو نالو “سَتي لڪڙي” وارو رواج پيو، يعني اهو جلڻ جو رواج، جنهن جي ابتدا سَتيءَ ڪئي.

    95. سَوَڙ آهرَ پير ڊگهيرجن:
    پنهنجي وسعت ۽ آمدنيءَ آهر هلي.
    ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙي سال، سرديءَ جي موسم ۾ شهنشاهه اڪبر، بيربل وزير کي حڪم ڏنو ته، “غريبن لاءِ، سَوڙون تيار ڪرايون وڃن ته جيئن غريبن کي سرديءَ کان بچاءَ لاءِ ڏنيون وڃن. اهو پڻ ٻڌاءِ ته هر هڪ سَوڙ جي ڊيگهه ڪيتري هجي؟” بيربل وزير عرض ڪيو ته، “ٻِن _ اچائي والن تائين ڊگهيون هئڻ گهرجن.”
    مقرر انداز ۾، سوڙيون تيار ٿيون. آزمائش لاءِ، انهن مان هڪڙي سوڙ کڻي، شهنشاهه پنهنجي مٿان وڌي، ليڪن سوڙ ڪجهه ننڍي هئي، تنهنڪري شهنشاهه جا پير، ٻاهر نڪري پيا. ان وقت بيربل وٺي دانهن ڪئي. شهنشاهه هڪدم پنهنجا پير کڻي سوڙها ڪيا. بيربل کِلي چيس ته، “جيئندا قبلا! جيتري سوڙ آهي، اوترا پير به ڊگها ڪريو.”

    96. سئو وڃي، پر ساءُ نه وڃي:
    وقت تي نقصان سهجي، پر اڇن ڏندن جي پريت نه وڃائجي.
    هڪڙا ٻه گهرا دوست هئا، جن جي پاڻ ۾ اهڙي ته پڪي ۽ پختي پريت هئي، جو هڪ ٻئي جي گهر ۾ به ايندا ويندا هئا ۽ اويل سويل هڪ ٻئي جي مدد به ڪندا هئا.
    دوستن مان، هڪڙي پنهنجي گهر واريءَ لاءِ، سونو هار ٺهرايو. وِهانءُ وَڌاڻي يا ٻُڪي چُڪيءَ تي سندس گهر واري، اهو سونو هار پائي ويندي هئي. هڪ ڀيري، ننڍڙي، ڌيءَ چيس ته، “اما، اهو هار مون کي ڏي.” قصو ڪوتاهه، هن ويچاريءَ، ڌيءَ جي ڳلي ۾ هار وڌو، پر کيڏندي ڪُڏندي هار ڇني وڌائين ۽ باقي وڃي پتلو رهيو. ماءُ ويچاري ڊپ جي ماري، اهو حال ڏسي، گهٻرائجي ويئي ته متان سندس خاوند کي خبر پوي. ڪنهن ڏينهن وجهه وٺي، مڙس کي چيائين، “ميان، تنهنجو فلاڻو دوست سئو رپيا گهرڻ لاءِ آيو هو، ليڪن پئسو ته هوئي ڪونه، تنهنڪري “هار” کڻي ڏنومانس ته وڃي گهرج پوري ڪري.”
    ڪجهه وقت کانپوءِ، جڏهن سندس دوست گهر آيو، تڏهن ان جي مُنهن تي چيائين ته، “ادي، سو رپيا گهريو هو، مگر گهر ۾ پئسو هوئي ڪونه، تنهنڪري تو وارو هار ئي ڏنو مانس ته وڃي گهرج پوري ڪري.” مڙس چيس ته، “الله پردو رکئي، ڏاڍو چڱو ڪئي. دوست، دوست کي مهل ۾ ته ڪم اچڻ کپي! سندس دوست ويچارو هڪ ٻڪو ٿي ويو، مگر مصلحت سمجهي، خاموش رهيو.
    جڏهن دوست موڪلائي، پنهنجي گهر هليو ويو، تڏهن دل ۾ چيائين ته، “اديءَ اهو هار وڃائي ڇڏيو آهي، جو مڙس جي ڊپ کان، مون ته مڙهيائين” مهيني کانپوءِ، سو رپيا کڻي، دوست کي، گهر اچي ڏنائين. دوست پئسا وٺي گهر واريءَ کي ڏنا، مگر ويچاري شرم ۾ ٻڏي ويئي. مڙس کي چيائين ته، “ميان، جيڪڏهن معاف ڪرين ته سچي ڳالهه ڪريانءِ.” مڙس جي اجازت سان، مائيءَ سارو قصو ٻڌايو ته، ميان، هار تنهنجي ڌيءَ کي پارايو هوم، جنهن کيڏندي ڪُڏندي، هار جون سڀ سَرون وڃائي ڇڏيون. فقط پتلو وڃي بچايائين. مون کي ڊپ ٿيو ته متان ڪاوڙ ۾ اچي، ڌَڪُ رَحماني، ڌَڪُ شيطاني هڻين، تنهنڪري تنهنجي دوست تي هنيم. دوست کان پڇيائين ته، “جڏهن توکي هار به نه مليو هو، ته سو رپيا ڪيئن آندءِ؟” چيائين ته، “ادا، سَو وڃي، پر ساءُ نه وڃي.”

    97. سَهي ٽَنگون ٽي، چوٿون پڇ:
    هيءُ پهاڪو، ڪنهن ڪَج بحث ۽ هٺ کان هيٺ نه لهندڙ ماڻهوءَ لاءِ، استعمال ڪيو ويندو آهي.
    ڳالهه ڪندا آهن ته ڪي چار دوست، پاڻ ۾ گڏجي شڪار تي نڪتا، شڪار ته ڪيائون، مگر جهنگ ۾ رولڙي ۽ جاکوڙ سبب بُک ۽ تڪليف ڏاڍو بي حال ڪري وڌن. نوڪر کي حڪم ڏنائون ته، “وارو ڪر، هڪڙو سِهَڙ (سهو) ته پچائي وٺ ته کائون.” ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏي هڻي تيرهن جي مصداق، خود بورچي به بُک ۾ انڌو ٿي پيو هو. هن ڇا ڪيو، جو پچايل سهڙ جي هڪ ٽنگ پٽي، پاڻ کائي ويو! جڏهن باقي سهو، دوستن جي آڏو آيو، تڏهن منجهائن هڪڙي رڙ ڪري چيو ته، “سهڙ جي چوٿين ٽنگ؟” بورچيءَ جواب ڏنو ته، “سِهَڙ کي ٽنگون ئي ٽي هيون.”
    __________


    ________________________________________
    [1] ڪوهه = ڇا. نان ڪوهه = ڇا ٿي پيو. وکين = وکن ۾. وترو = وڌيڪ. پهس = اوچتو، تڪڙو. ڪـَر = ڪل، ڪنب. ميو= اُٺ. ماٺو = ٿڌو، سست، بي پاڻي.
    [2] (1) روهين = روهن ۾، جبلن ۾. رلا = پنڌ. کـَلا = پادر،هـَڙ، جنهن ۾ پادر، ڪپڙا وغيره ٻڌل هجن.
    [3] (1) “سـراپ” جي لغوي معنيٰ آهي: پِٽَ، پاراتو، بددعا.
    [4] ڪونهون چئبو آهي مينهن جي نـَر ڦـَر کي ۽ وڇ مادي ڦر کي. وڇ ڪونهن کان، وڌيڪ فائدي واري آهي، ڇاڪاڻ ته اُها ڦر ڄڻيندي ۽ کير ڏيندي آهي.
    [5] يگيه = جشن، مِسِر يا مِشر، برهمڻن جو لقب، معزز.


    )ع )

    98. عقل ريءَ عذاب، گهڻو پسندينءَ جِندڙي:
    عقل کان سواءِ انسان عذاب ٿو پسي.
    هڪڙي شهر ۾، هڪڙو سادي سمجهه وارو ماڻهو رهندو هو، جنهن کي سڀ ماڻهو، مَت جو مُوڙهو، ڳنڍ جو ڳوڙهو ڪري، چيڙائيندا هئا. هڪڙي ڏينهن، روزگار جي تلاش ۾، ٻئي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو. واٽ ۾ ڪو مظلوم چوندو ويو ته “ڪو غريب هڏ نه ڦاسي!” پوءِ هيءُ به رستي ۾ چوندو ٿي آيو: “هڏُ مَ ڦاسي”. پر “ڪو غريب” چوڻ وسري ويس. واٽ تي ماري ملي ويس، جو شڪار ڪرڻ پئي ويو. انهيءَ جڏهن هن جي واتان: “هَڏ مَ ڦاسي!، “هَڏ مَ ڦاسي!” اُچاريندو ٻڌو، تڏهن کيس اهڙي ته ڪاوڙ لڳي، جو ڏاڍي مار ڏنائينس، ڇاڪاڻ ته ماريءَ سمجهيو ته، هي نڀاڳو، مون کي پٽيندو ٿو رهي ته جيئن منهنجي ڄار ۾، هڪ به پکي نه ڦاسي. هن غريب، ماريءَ کان پڇيو ته، “ٻيلي، مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو مون کي ايترو ماريو اٿئي؟” ماريءَ جواب ڏنو ته، “نڀاڳا، آءٌ شڪار لاءِ وڃي رهيو آهيان ۽ تون مون کي پٽيندو ٿو اچين ته: “هڪ به نه ڦاسي!” تڏهن انهيءَ چيس ته، “ڀلا، ٻڌاءِ ته آءٌ ڇا ٿو چوان؟” ماريءَ چيس ته، “چئو ته، “شال، پهرين ئي ڏهه ڦاسن”، “شال پهرين ئي، دفعي ڏهه ڦاسن!” اڃا ٿورو اڳتي وڌيو ته سامهون ڏهه چور، ايندا نظر آيس. چورن سندس واتان، اهڙا منحوس لفظ ٻڌي، اچي مٿس ڪاوڙيا، مار ڏنائون جو سمجهيائون ته اسان کي پٽيندو ٿو اچي! هن غريب پڇين ته، “ٻيلي، مون، اوهان جو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي، جو ماريو ٿا؟” چورن چيو ته “اسين نڪتا آهيون چوري ڪرڻ ۽ تون اسان کي پٽين ٿو ته: ڏهه ئي ڦاسن! پوءِ موچڙا ڪيئن نه کائيندين؟” تڏهن پڇيائين ته، “ڀلا، ٻيلي مون کي سمجهايو ته آءٌ ڇا چوندو وڃان؟” چورن سـمجهايـس ته “هـڪـڙو ڇڏي، ٻيو آڻيو،
    هڪڙو ڇڏي ٻيو آڻيو!” هو بي سمجهه، “هڪڙو ڇڏي، ٻيو آڻيو!” چوندو رستي سان وڃي رهيو هو ته اڳيان ڪن ماڻهن کي لاش سان ويندو ڏٺائين. انهن لاش وارن، جڏهن سندس اهي لفظ ٻڌا، تڏهن هو مٿس ڏاڍو ڪاوڙجي پيا، جو سمجهيائون ته، هيءُ اسان کي پٽي رهيو آهي ته اڃا ٻيو ڪو مَريوَ!” تنهنڪري خوب مار ڏنائونس. هن غريب، انهن کان پڇيو ته “مون ڪهڙو قصور ڪيو آهي، جو اوهين مون کي، ايترو ماري رهيا آهيو؟” انهن جواب ڏنس ته، “تون اسان کي پِٽي رهيو آهي ته هڪڙو ڇڏي ٻيو لاش آڻيو، پوءِ به وري چوين ٿو ته مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي!” آخر، انهن لاش وارن کان به پڇيائين ته، “ڀلا مان ڇا چوان؟” هُنن جواب ڏنس ته، “تون چئو ته: اهڙي شال، ڪنهن سان نه ٿئي، اهڙي شال، ڪنهن سان نه ٿئي”. ويچارو وِسوڙَل، “اهڙي شال ڪنهن سان نه ٿئي”، چوندو، وڃي رهيو هو ته سامهون ڄڃ اچي رهي هئي. انهن به هن جي واتان: “اهڙي شال، ڪنهن سان نه ٿئي” جهڙا لفظ ٻڌي، کيس مارڪُٽ ڪري، سمجهايائونس ته، “تون چوندو وڃ ته: اهڙي شال، سڀ سان ٿئي”. هو اهي لفظ چوندو، هڪڙي ڳوٺ ۾، اچي پهتو. ڳوٺ ۾ هڪڙي ڪنڀر جي گهر کي باهه لڳل هئي. جڏهن ان وٽان لانگهائو ٿيو ۽ ڪنڀر، سندس واتان: “اهڙي شال، سڀ سان ٿئي”، جهڙا لفظ ٻڌا، تڏهن کيس، ڏاڍو غصو آيو. کڻي سونٽو، اچي ورتائين ۽ خوب مرمت ڪيائينس. پوءِ ته ڪنڀر چريو ڄاڻي اهڙي ڪار ڪيس، جو ٻانهن کان ڇڪي کڻي پنهنجي در تي نوڪر رکيائينس. باهه لڳڻ واري حادثي ۾، زال سڙي ويئي هيس، تنهن ڪري رڌڻ پچائڻ جو ۽ گهَرو ڪم ڪار کانئس وٺڻ شروع ڪيائين.
    هڪڙي ڏينهن ڪنڀر چيس ته، فلاڻي ماڻهوءَ جاءِ ڊهرائي آهي، جا وري نئين ٺهرائيندو، تون وڃي، ان جي ڀتين جي چيڪي مٽي جي گڏهي ڀري اچي ته ٿانوَ ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪريون. هو گڏهي ڪاهي، اُتي ويو ۽ هڪڙو گنب ڀت جو ڪيرائي وڏن وزن وارو حصو، ڪن ماڻهن جي مدد سان، گڏهي تي جهڙو رکيائين، ته گهڻي بار پوڻ سبب، گڏهي ڪرڻ سان مري ويئي. هيءُ بيوقوف، لڳو هن کي لڪڻ هڻڻ ته من اُٿي. جڏهن گڏهي ڪانه اٿي، تڏهن ڪنڀر کي وڃي ٻڌايائين ته “گڏهي ضد ڪيو آهي ۽ اهي سمهي پيئي آهي، اُٿي ئي نٿي، سو آءٌ ڪيئن ڪاهي اچانس؟ پنهنجي کي پاڻ هلي ڪاهي اچ”. اڃا ڪنڀر اچي ڏسي ته گڏهي مئي پيئي آهي. هن کي ڦٺ لعنت ڪري، گهر وٺي آيو ۽ کيس چيائين ته، “مان، شهر مان ٿورو ڪم لاهي اچان، تون منهنجي بيمار ماءُ کي، تيسين پکو هڻ”. ڪنڀر پٺي ڏني مس ته هن پوڙهيءَ کي، اهڙا ٻه _ ڍار پکا هنيا، جو هوءَ ويچاري، راهه رباني وٺي ويئي. جڏهن ڪنڀر آيو، تڏهن ماءُ کي مئل ڏسي، چيائينس ته، “تو امان کي ڇا ڪيو؟” چيائين ته، “تنهنجي چوڻ موجب، هن کي پکا هڻڻ شروع ڪيم. اڃا ٻه _ چار پکا، مس هنيم ته ننڊ اچي ويس. هينئر ڪهڙي نه مٺڙي ننڊ ۾ سمهي پيئي آهي”. پوءِ اچي ورتائينس موچڙن سان. هڻي اڌ مئو ڪري وڌائينس.
    هينئر اتي وڌيڪ ترسي نه سگهيو. ڪنڀر جي گهر کان ٻاهر نڪري، پنڌ کي وڄايائين. سج لٿي مهل، هڪ ڳوٺ ۾ پهتو، جتي هڪ مائيءَ پڇيس ته “تنهنجو نالو ڇا آهي؟” چيائين ته، “ڳنڍ جو ڳوڙهو، مت جو موڙهو”. مائيءَ ڏٺو ته ويچارو ڪو سادو ماڻهو آهي، تنهن ڪري سندس منٿ تي، کيس رات رهڻ ڏنائين، اڃا ٻه پهر مس گذريا ته دروازو کڙڪيو. مائي دروازو لاهي ڏسي، ته چار ماڻهو بيٺا آهن، جن مائيءَ کي چيو ته، “اسان کي هت رات رهڻ ڏي ته توکي صبح سان ڍَئي ڇڏينداسين”. مائيءَ لالچ تي هنن کي ٻيءَ ڪوٺيءَ ۾ ٽِڪايو. اُهي چارئي، ڪنهن شاهوڪار جو مال کڻي آيا هئا. جڏهن ورهائڻ ويٺا، تڏهن حصن تي نه ٺهيا ۽ پاڻ ۾ وڙهندي وڙهندي مري ويا. مائي صبح سان ڏسي ته چارئي خون ٿيا پيا آهن. مائي ويچاري سـُڪي ويئي ته متان خون سندس گردن ۾ پوي. هينئر ته، “ڳنڍ جو ڳوڙهو، مت جو موڙهو” به مائيءَ کان موڪلائڻ لڳو. مائيءَ چيس ته، “ابا، اڄوڪي رات ٽڪ ته سڀاڻي گهر لاءِ، توکي ڪي سوکڙيون پاکڙيون ڏينديس”. هو ويچارو ٽڪي پيو. مائيءَ ڇا ڪيو جو چارئي لاش، چئن کٽن تي ڌار ڌار ٻڌي رکيا. هن کي چيائين ته “مون وٽ هڪڙو الله لوڪ هو، جنهن جي آءٌ گهڻي وقت کان خدمت ڪندي ايندي هيس، پر ويچارو رات مري ويو. هن کي درياهه ۾ اڇلي اچ”. هو لاش کڻي اڇلي ويو. وري مائيءَ چيس ته، اهو لاش موٽي آيو آهي، تنهن ڪري وري اڇلي اچينس.” هو ڏسي ته مار! وري ساڳئي کٿي وارو پيو آهي. سو يڪدم لاش کي کڻي وري اڇلي آيو.
    قصو ڪوتاهه، مائيءَ چارئي لاش درياهه داخل ڪرايا. جڏهن چوٿون لاش اڇلي موٽيو، تڏهن درياهه جي ڪناري تي هڪڙي ساڌو فقير کي تپشا ڪندي ڏٺائين. هن سمجهيو ته، “لاش وري نڪري آيو آهي”. سو ڳچيءَ ۾ ڪپڙو وجهي، ڇڪي درياهه داخل ڪيائينس. پوءِ اچي مائيءَ سان اها ڳالهه ڪيائين ته: تنهنجي ڳالهه سچي هئي، لاش برابر ڪناري تي نڪري آيو هو، پر مون کيس گهِلي درياهه ۾ اڇليو. مائيءَ دل ۾ چيو ته “مار! هن ڪنهن جيئري ويچاري کي ماري درياهه داخل ڪيو آهي!”
    صبح تي مائيءَ کان سوکڙيون پاکڙيون وٺي، درياهه جو ڪنارو ڏيو گهر پئي آيو ته پيريءَ (پيراڍو، پيرو کڻندڙ)، هن کي اچي پڪڙيو ته، “فلاڻي ماڻهوءَ کي تو ماري درياهه ۾ اُڇليو آهي ۽ تنهنجو پيرو پڌرو بيٺو آهي”. پوءِ کيس پڪڙي بادشاهه وٽ وٺي آيا. جڏهن کانئس پڇا ٿي، تڏهن چيائين ته، “سائين، برابر مون هن کي درياهه ۾ داخل ڪيو، موٽيو پيو اچي ۽ مون کي هر گهڙيءَ پنڌ پيو ڪرائي”. بادشاهه، اهڙي بي عقليءَ جي ڳالهه ٻڌي، هن کي ڦاسي ڏني.
    ڪنهن بيٺل هن جون اهي ڪم عقليءَ جون ڳالهيون ٻڌي، چيو ته:
    عقل ريءَ عذاب، گهڻو پسندينءَ جندڙي.

    99. عمر وٺي وٺي مارئي وٺندو، ٿر ته ڪين ٿيلهيندو:
    عمر بادشاهه سومرو، مارئيءَ جي حسن جي هاڪ ٻڌي، مٿس اڻ ڏٺو عاشق ٿي پيو. پنڊ موهن لال “لالا”، مارئيءَ جي باري ۾ لکي ٿو:[1]
    پنڊت موهن لال “لالا” را برائي تحقيقات اين افسانه فرستاده بودم، يکي سواميءِ مندر تتکريه و ديگر راويان بر اين متفق بوده اند، پنڊ همين طور واضح مي کند ... ... ...
    مارويان ماروا در خطه بود باش مي ڪرند. پدرانت از تتکران گجرات از گردش ايام در آنجا آمدند، گويند که ماروا در حسن و خوبي زرماده بوده و در تبسم اثر صيقل داشته که دلها را جلوه مي داد. يکي سر و قد بوده. به چستي و چابکي و يکي معصومي بوده و دوشيزگي و پاکيزگي. نظرش پاڪ و طبعش بي باڪ، ديدگان، بينندگان و جوبندگان بودند راز هائي حسن فطري را که در ان يک جسم گوا همچو مجمع الصنايع قدرت نمودار بوده. گرچ ملير بعد از باران يکي گلزار، زمين مي نمود، ولي اين کنن پوش دختر در آن گلزار، گلي يگانه مي بود. حسينانِ گجرات منسوب به گُجريان يکي ضرب المثل “زم و جم” بوده اند يعني دوشيزگيءِ شان بزرگي پاکيزگي مي دارد”.
    (نگيران سنده _ ترجمه صفحه 37 باب اول)
    پنڊت موهن لال “لالا”کي هن افساني جي هٿ ڪرڻ لاءِ موڪليم ٺڪرن جي مندر ۾ جو هڪ سوامي ۽ ٻيا راوي، هن (هيٺين ڳالهه) تي متفق ٿيا آهن، پنڊت هن طرح واضح ڪري ٿو:
    “مارئي وارا مارو ماڻهو، ملير واري ٽڪريءَ ۾، گذر سفر ڪندا هئا. سندس پيءٌ _ڏاڏا گجرات جا ٺڪر، زماني جي گردش ڪري، اتي آيا. چون ٿا ته مارئي پنهنجي حسن ۽ لڇڻن ۾ نج سون جي هئي ۽ مرڪ ۾ ته بجليءَ وارو اثر هوس، جو دلين کي مانجي اجاري ٿي ڇڏيائين. بدن، هڪ سڌي سنئين هاٺي ۽ عضوا حسين ۽ ملائم ڪاٺي، هڪ پاڪدامن هئي، پنهنجي ڪماريه جيوت ۽ پاڪ خيال سان، سندس نظر پاڪ ۽ طبع آزاد هئي، جن کيس ڏٺو پئي، تن منجهس قدرتي حسن جا راز پئي سوچيا، جي گويا سندس هڪڙي جسم ۾ چٽسالي جي گلدسته وانگي ظاهر هئا. توڙي ملير ملڪ، برسات بعد، هڪ جوءِ گلزار ٿي ڏٺو، پر هيءَ کٿيري ڪنوار، انهيءَ گلزار ۾ به هڪ لاثاني گل هئي. گجرات جون گُجريون هڪ”يم ۽ جم” چوڻيءَ جي مثال ٿي رهيون آهن يعني سندس ڪماريه زندگي هميشه پاڪ دامن رهي آهي.”
    اهڙي حسين ڇوڪريءَ کي، عمر بادشاهه ملير ڳوٺ (ضلعي ٿر پارڪر) مان زوريءَ کڻي آيو. جڏهن اهو واقعو، سڄي ٿر ۾ پکڙجي ويو. تڏهن ڪن چيو ته؛”مبادا، وري عمر ڪا ٻي ڏاڍائي ڪري.” تنهن تي ڪنهن سياڻي چيو ته “عمر وٺي وٺي مارئي وٺندو، ٿر ته ڪين ٿيلهيندو” يعني کيس مارئي گهربي هئي، سا هن کي ملي، باقي ٿر وارن کي، لڏائي ته ڪونه ڪڍندو.


    ( ڪ )

    100. ڪُتي جو ڪارو ُمُنهن، رَٻَ اوتري جِي اوتري؛
    هڪڙي رن زال، رٻ جو ڪنو رڌي، هيٺ لاهي رکيو. ٻاڦ نڪرڻ لاءِ، مٿان ڍڪڻ نه ڏنائين. ڀرسان ويٺل ڪتي ۾ ٻوٿ وجهي،کائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پريان مالڪ، زور سان هڪل ڏنيس، جنهن ڪري ڪتي، رٻ نه کاڌي ۽ جيئن تڪڙ ۾، ٻوٿ ٻاهر ڪڍيائين، تئين ڪتي جي پاسن کي لڳي ويس ۽ ٻوٿ ڪارو ٿي پيس. مالڪياڻيءَ کان کِل نڪري ويئي ۽ ائين چيائين.
    مطلب: ٻچاپڙي ۽ چغل خور لاءِ، ائين چئبو آهي، جو ٻين کي وڙهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر جڏهن ڳالهه کُلي ظاهر ٿئي ٿي ته اُهي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿيو وڃن.

    101. ڪَننَ جي ڳالهين، مير بِجار مارايو:
    ڪن جي سُس پُس يا لڪ ڇپ جي ڳالهين مان، خراب نتيجا نڪرن ٿا. جڏهن مير بجار خان، 1190هه مطابق 1777ع ۾، حج تان واپس وريو، تڏهن چار هزار بلوچ ۽ ٻي قوم کيس مجبور ڪيو ته ميان غلام نبيءَ سان جنگ ڪجي، ڇاڪاڻ ته هن، مير بجار خان جي پيءَ مير بهرام خان کي مارايو هو. آخر عمرڪوٽ ڀرسان جنگ لڳي، جنهن ۾، ميان غلام نبي مارجي ويو ۽ سندس لاش حيدرآباد آندو ويو.[2] مير بجار، سنڌ جي حڪومت پاڻ قبول نه ڪئي ۽ غلام نبي جي ڀاءُ، ميان عبدالنبي ڪلهوڙي کي حاڪم ڪيو.[3]
    هينئر ميان عبدالنبي کي، مير بجار خان جو، هر وقت خوف رهندو هو ته مبادا وجهه وٺي کيس مارائي، ڇاڪاڻ ته مير بجار خان، وزير هو ۽ صحيح معنيٰ ۾ حڪومت جو چرخو ئي پاڻ هلائيندو هو ۽ ميان عبدالنبي نالي ماتر حاڪم هو. تنهن ڪري ميان صاحب کي اهائي آنڌ مانڌ هئي ته ڪنهن پرَ، مير بجار جو انت آڻجي. آخر جوڌپور جي مهاراجا بجيسنگ کي، عمر ڪوٽ ڏيڻ جو واعدو ڪري، مير بجار خان جي قتل ڪرائڻ تي آماده ڪيائين.
    مهاراجا بجيسنگ، ٻه راٺوڙن هَر ناٿ سنگ ۽ موڪوم سنگ کي خط سان، ميان عبدا لنبي ڏي، جوڌپور مان، وڪيل بڻائي، خدا آباد روانو ڪيو.
    مصنف تاريخ سنڌ لکي ٿو.[4]
    “ ٻن راٺوڙن سان، ٻيا به ڪَي ما ڻهو هئا. اهي ڪيترائي ڀيرا، ميان صاحب ۽ مير بجار سان، الڳ الڳ مليا هڪ دفعي، انهي مير کي عرض ڪيو ته اسانجي مهاراجا کان اجهو هينئر خط آيو آهي، ان ۾ اهڙيون ڳالهيون لکيل آهن، جي اوهان کي اڪيلائيءَ ۾ ئي ٻڌائي سگهبيون. خط ۾ لکيل آهي ته: ميان عبدالنبي، اوهان جي خلاف ڪيترائي خط، مهاراجا کي لکيا آهن. مهاراجا جو خط، هنديءَ ۾ آهي. جيئن ته اوهان مان ڪو به هندي ڪونه ڄاڻندو آهي، تنهنڪري اجازت ملي ته اسان خلاصگيءَ ۾ خط پيش ڪريون. مير صاحب سڀني کي ٻاهر ڪڍيو ۽ فقط هڪ ملازم اِيسَر کي پاڻ وٽ رکيائين...... هڪ وڪيل، مير جي ڀرسان اچي، خط پڙهڻ لڳو. پڙهندي پڙهندي، دوکيبازي دل ۾ رکي چيائين ته، “هي لفظ منهنجي سمجهه ۾ نٿا اچن”. ائين چئي، جهٽ ٻِئي کي گهرائي ورتائين. اهڙيءَ طرح انهن ٻنهي، مير کي خط پڙهڻ ۾ رڌل رکي، اوچتو ئي اوچتو مٿس تلوارن جا وار شروع ڪري ڏنا. جيتوڻيڪ مير صاحب زخمي ٿي چڪو هو، ته به اڪيلي سِر، ٻنهي قاتلن کي ماري وڌائين.”
    هڪ روايت مطابق ته: مير بجار خان کاٻيءَ اک کان ڪاڻو هو ۽ ان ئي طرف کان مٿس پهريون وار ٿيو.
    منشي ٻالچند، مير بجار خان جي شهادت جو سال، هن طرح ڏئي ٿو:
    مَحفلِ شهدا جلوه کرد مير بجار.
    1114هه
    “لُبِ تاريخ وارو، شهادت جو سال (1194هه)، هيٺئين بيت مان ڪڍي ٿو:
    از سر افسوس گفتا هاتفم،
    مير شد از جمدر هندو شهيد.

    102. ڪوڏي حرام ٿي بُجڪو حَلال:
    هڪڙي ماڻهوءَ گهٽيءَ مان، هڪڙي ڪوڏي ۽ هڪ بُجڪو لڌا. گهر اچي ڏٺائين ته بُجڪي ۾ هيرا جواهر پيا آهن. ايڏو مال ڏسي، دل هِرکيس ته جيڪر اهو مال ڦٻايان، پر وِويڪ جا وَڍَ لڳس. چي، “اهو ڪُڌو ڪم ٺيڪ نه آهي”. انهيءَ ٻُڏان تَران ۾، ٻه _ ٽي ڏينهن پئجي ويس. آخر انهيءَ فيصلي تي پهتو ته ساڳي گهٽيءَ ۾ بيهي، وڏي واڪي چئجي ته هيءُ بجڪو ۽ هيءَ ڪوڏي ڪنهن جي آهي؟ جيڪو مالڪ هوندو، سو پاڻيهي ظاهر ٿيندو.
    هڪڙي ڏينهن گهٽيءَ ۾ بيهي، وڏي آواز چوڻ لڳو، “ڪنهن وڃائي آهي هيءَ ڪوڏي؟ (۽ هوريان چوڻ لڳو) ۽ هيءُ بُجڪو” ٽي ڀيرا آواز ڏنائين، پر مالڪ ڪو به ڪونه جاڳيو. ڀلا، ڪوڏيءَ جهڙي خسيس شيءِ لاءِ ڪير اچي! جيڪا ماليات هئي، سا هئي بُجڪي ۾. ان جو نالو وڏي آواز ٻڌايائين ڪونه ٿي. هن کي مڙيوئي مال پنهنجي لاءِ “ڪوڏي حرام ۽ بُجڪي کي حلال” سمجهي، گهر ۾ رکڻو هو، سو ائين ڦٻايائين.


    ( گ )

    103. گاهي ولي، گاهي ڀوت:
    نواب ولي محمد خان لغاري، ميرن جي طرفان چانڊڪا پرڳڻي (جنهن کي هينئر لاڙڪاڻو ضلعو چون ٿا) جو مختيارڪار هو.[5] ان وقت چانڊڪا ۾، بدامني گهڻي ڦهليل هئي، جنهنڪري نواب صاحب جهڙي ڪَرڙي حاڪم جي اشد ضرورت هئي. جيڪي قاعدا قانون، چانڊڪا پرڳڻي سان لاڳو هئا، تن کي جيڪو اورانگهيندو هو، تن کي سخت وٺندو هو. انتظام جي حق ۾، خود بلوچن تان به نه ٽرندو هو.
    نواب صاحب، احڪام شريعت جو پورو پابند هو، جنهنڪري ڪي هن کي “ولي” به ڪري سڏيندا هئا.
    هڪ سگهڙ چوي ٿو:
    مِيرن توکي، مِيرُ ڪيو، مڳ ڪيرائي مِيرَ [6]
    ريشم توسان رِيسُون ڪن، تون ولي، وَه وِيرَ،
    ڀائرن سان ڀُوت ٿِئين، گهَگيرن سان گِير.
    مٿين بيت ۾، سگهڙ، نواب صاحب کي “ولي” ۽ ڀُوت سڏيو آهي.
    هيوز لکي ٿو:[7]
    نواب صاحب، نهايت قابل، مگر سخت گير شخص هو، جنهن جي متعلق سنڌين جي اها چوڻي هئي ته: گاهي ولي، گاهي ڀُوت.[8]
    (ڪڏهن ولي، ڪڏهن ڀوت)
    نواب صاحب کي، ڪي، “ولي” سڏڻ لڳا ته ڪي “ڀوت”. جنهنڪري ان وقت نواب صاحب لاءِ، عام چوڻي ٿي ويئي: “گاهي ولي، گاهي ڀُوت”.

    104. گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي ٿُو کَٽا!
    هڪ بُکايل گدڙ، وڃي انگورن جي باغ ۾ پهتو. انگورن جي ڇڳن کي، لڙڪندو ڏسي، وات پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳس. ويچاري کائڻ لاءِ ڏاڍا وس ڪيا، پر انگورن جي ڇُڳن تائين پهچي نه سگهيو. جڏهن انگورن تائين پهچڻ لاءِ ٽپا ڏيئي ڏيئي ٿڪجي پيو، تڏهن ماٺڙي ڪري بيهي رهيو. ٻيو هڪڙو گدڙ، جو پري کان اهو لقاءُ ڏسي رهيو هو، تنهن پڇيس ته، “ادا ڇا خيال آهي؟” ان کي جواب ڏنائين ته، “انگور کَٽا آهن!” تنهن تي ڪنهن بيٺل ائين چيو.[9]
    مطلب: جڏهن ڪو، ڪنهن ڳالهه کي پڄي نه سگهندو آهي يا کانئس ڳالهه هٿان ڇڏائي ويندي آهي، تڏهن ان لاءِ، ائين چئبو آهي.

    105. گڏهه اُهو ئي، آٿر ٻيا پيس ته ڀوَ ڪونهي:
    آهي اُهوئي خسيس ۽ ڪين جهڙو، پر جيڪڏهن لباس کڻي چڱو پهريائين ته انهيءَ ڪري ڪو معتبر ڪو نه ٿي پيو.
    ڳالهه ڪندا آهن ته بني عباس خليفن مان، خليفي هارون الرشيد جي حڪومت ۾، چورن ۽ ڌاڙيلن ملڪ ۾ انڌير مچائي ڏنو. خليفي جي حڪم موجب، جنهن جهنگ ۾ اُهي ڊاڪو پنهنجو ديرو دمايو ويٺا هئا، تنهن جي چوڌاري سرڪاري فوج گهيرو ڪري ڪيترن ڊاڪن کي ماري ڇڏيو. انهن مان ڪي ڀڄي ويا ته ڪي وري گرفتار به ٿيا. انهن گرفتار ٿيلن ۾، ڌاڙيلن جي سردار جو نوجوان ۽ حسِين پٽ، يوسف نالي به خليفي وٽ گرفتار ٿي آيو. ٻين ڊاڪن کي ته ڦاسي ۽ عمر قيد جي سزا ملي چڪي، باقي رهيو يوسف، يوسف جي نوجواني ۽ حُسن جي سبب، خليفي کيس ڪيس ڏوهه ته معاف ڪيا، اُٽلو کيس پاڻ وٽ معزز اميرن جي صف ۾ مقرر ڪيائين. خليفي جي انهيءَ فيصلي تي، جعفر برمڪي وزيراعظم گهڻو اعتراض ورتو. خليفي کي چيائين ته، “اوهين، هن کي نوجوان ۽ سهڻو ڏسي، مٿس مهربان آهيو، مگر گڏهه اُهو ئي گڏھ، يعني اهو ئي ڊاڪو ڊاڪوءَ جو پٽ. اوهين کيس ڪهڙا به ٻيا لباس ڍڪايو، ته به گڏهه اُهو ئي گڏهه! هِن مان، ڀلائيءَ جي ڪڏهن اميد نه رکجو.” مگر خليفي نه مڃيو.
    ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ، خليفي وٽان ڪيتري روڪڙ ۽ جواهرات چوري ڪري، راتو واهه ڀڄي ويو ۽ وزيراعظم جعفر برمڪيءَ جو قول سچو ثابت ٿيو ته؛ “گڏهه اُهو ئي، آٿر ٻيا پيس ته ڀؤ ڪونهي.”
    _____________________________________________
    [1] پنڊت موهن لال “لالا”، ڳوٺ ڀوترن (لڳ سيوهڻ) جو ويٺل هو. ميان عطر خان ولد ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي درٻار جو خوش نويس هو. ميان عطر خان جي درٻار ۾ 27 خوش نويس هئا، ليڪن جاءِ صدارت پنڊت والاري هئي، جنهن ڪري کيس “قرت العين” (اکين جو ٺار) لقب مليل هو. ميان عطر خان، “حڪمران سنڌ”، “آئين اڪبري” جي نموني تي، 12 جلدن ۾ (نگران سنده) يعني “سنڌ جي حڪمرانن جي تاريخ” مرتب ڪرائي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ سان گڏ، سنڌ جي ولين جو ذڪر پڻ ڪيل آهي. سنڌ جا قصا ڪهاڻيون به محققانه انداز ۾ آندل آهن. هن تاريخ ۾،پنڊت موهن لال “لالا” جو وڏو هٿ هو.
    [2] لَب تاريخ سنڌ _ خانبهادر خداداد خان، ص 135.
    [3] سنڌ جي مختصر تاريخ _ راءِ بهادر آلو مل ٽيڪمداس، ص 42.
    [4] تاريخ سنده _ جلد ششم(عهد ڪلهوڙو) حصه دوم. غلام رسول مهر”. ص 795_796.
    [5] نواب ولي محمد خان ولد غلام محمد خان لغاري، تاجپور (ضلعو حيدرآباد) جو ويٺل هو. سندس وفات 1832ع ۾، لاڙڪاڻي شهر جي “تجر باغ” (جنهن کي هينئر “جناح باغ” چون ٿا) ۾ ٿي. کيس بطور امانت پوري، ايڪهين ڏينهن کانپوءِ، هتان کڻائي ويا. سندس قبر مٿان “تجر” ٺهرائي ويئي هئي، جا اڃا تائين قائم آهي. “تجر باغ” تي اهو نالو به، ان “تجر” تان ئي پيو آهي. ٽنڊو ولي محمد” (حيدرآباد وارو) به سندس نالي ئي پٺيان سڏبو آهي.
    [6] مڳ = مُڳي، وڏائي. ريشم ڍڪيندڙ يعني بادشاهه، شاهوڪار، وڏا ماڻهو، وه = واه، تون ولي وه ويرِ = اي وير (بهادر) تون بيشڪ “ولي” آهين ۽ بادشاهه به توسان ريسون ٿا ڪن. گهگيرن = گهگهو (ڳاڙهو چولو) ڍڪيندڙن يعني ٻروچ، ڀائرن...... گير = ساڳيو گهگو ڍڪيندڙ يعني ٻَروچ
    [7] دي گئرٽيئر آف دي پراونس آف سنڌ _ ص 483.
    [8] ڀائرن کي به “ڀُوت” وانگر سخت وٺي وڃين ٿو.
    [9] * (1) “آکي” دراصل لفظ “اَخ” آهي. “اَخ ٿـُو کـَٽا”.


    (ڳ)

    106. ڳالهين سَنديون ڳالهيون، ٽَڪي سَندا موٺَ[1]
    ڪو ماڻهو، گاهه پڙيءَ تي پئي ويو ته سندس دوست، کيس چيو ته، “ادا، منهنجي لاءِ، موٺ وٺيو اچجانءِ.” اڳڀرو وڃڻ تي، هڪڙو ٻيو دوست مليس، جنهن ٽَڪو، هٿ ۾ ڏيئي، چيس ته، “مون لاءِ ٽڪي جا موٺ وٺيو اچجانءِ”. جنهن ٽڪو ڏنو هوس، تنهن لاءِ موٺ وٺيو آيو، پر جنهن رڳو زباني چيو هوس، تنهن لاءِ ڪجهه ڪونه آندائين. جڏهن اُن ڏوراپو ڏنس ته، “فلاڻي ٽڪو ڏنو هوءِ، اُن جا موٺ به وٺيو آئين، مان شايد توکي ٽڪو نه ڏيان ها؟” هن ماڻهوءَ جواب ڏنس ته، “يار، جنهن کي موٺ کپندا هئا، تنهن ٽڪو ڏنو هو ۽ ان کي موٺ به پهچي ويا. مگر تو موٺن وٺڻ جي ڪئي رُڳي ڳالهه! درحقيقت، توکي موٺ کپندا ئي ڪونه هئا، تنهنڪري:
    “ڳالهين سنديون ڳالهيون ۽ ٽَڪي سَندا موٺ”
    مطلب ته: سوال تي ڪم نه ٿيندو آهي، دنيا ۾ قصو آهي ڏي وَٺَ جو.
    __________


    (گهه)

    107. گهَيٽو ڌاريم اُن لئي، هٿان چري ڪپاهه:
    ڪنهن ماڻهوءَ، اُنَ (گهيٽي جا وار) گڏ ڪرڻ جي خيال کان، گهيٽو ڌاريو. هڪ دفعي گهيٽو، ڇنائي وٺي ڀڳو ۽ ڌُو مالڪ جي (ڪپهه جي) پوک ۾ وڃي پيو! مالڪ ڇا ڏسي، ته ڪپهه جا گوگڙا کائي کڻي ناس ڪيا اٿس. تنهن تي مالڪ چيو:
    “گهيٽو ڌاريم اُنَ لئي، هٿان چَري ڪپهه”
    ڪا شيءِ جا سُک لاءِ ڌارجي ۽ ان مان ڏک پيدا ٿئي، تڏهن ائين چئبو آهي.
    اهو پهاڪو، سُگهڙ فتح خان، هن طرح ٻڌايو:
    گهَٽو ڌاريم اُنَ لاءِ، رَهندو چَري ڪپاهه،
    جوءِ ڌاريم گهرَ لاءِ، رهندي مارايم ماءُ،
    نُنهن ڌاريم سُک لاءِ، سَسُ جو ڪڍي ٿي ساهه،
    پُٽ پاليم پوءِ[2] لاءِ، ڪُٽي ڪريم ٿو پاهه،
    پاڙو ڌاريم پريت لاءِ، رهندو کڻ _ کپاءُ[3]
    ڏوس[4] ڌاريم ڏک لاءِ، پَٽيءَ نه ڏينم پاءُ،
    پير کڻج پختو ڪري، جو دغا دنيا، دٻ دٻاءُ.


    (ل)

    108. لاهي لنگها ويهه، آريجن مان آسرو، پني پرائو ڏيهه، اچي کاءُ آريجن ۾:
    “آريجا”، هڪ قوم آهي، جنهن جي پٺيان “آريجا” نالي سان ڳوٺ آهي، جو تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ آهي. انهيءَ ڳوٺ مخدوم شهاب الدين نالي بزرگ، ڪلهوڙن جي آخرين دور ۾ رهندو هو، جو پنهنجي وقت جو ڪمال ولي هو. مخدوم صاحب، غير شرعي ڪمن جي پاڙ ئي پٽي ڪڍي. ايتريقدر جو، آريجن ۾ شاديءَ تي به، نه دُهل وڄندو هو ۽ نه وري محفل ۾ ناچ وغيره ٿيندو هو. ڳوٺ ۾ هندن جو ٺڪاڻو به هو، ليڪن اُتي به نغارا، ڌُڪڙ وغيره نه وڄايا ويندا هئا.
    اتفاق سان، اتي هڪڙو لَنگهَن جو گهر اچي ويٺو، جن کي حقيقت معلوم ڪانه هئي. هُنن رات جو شرناءِ ۽ دُهلن جو واڄو ڪيو. قدرتاَ َ سندن شرناءِ ڀڄي پيئي ۽ دُهل ڦاٽي پيو! جڏهن بزرگ جي قصي جي خبر پين، تڏهن مخدوم صاحب کان وڃي معافي ورتائون. اتي بيٺل ماڻهن مان ڪنهن چين ته:
    لاهي لَنگها ويههُ، آريجن مان آسرو،
    پِني پرائو ڏيههُ، اچي کاءُ آريجن ۾.

    109. لَک کَٽيا ڏومڻيءَ، جو ڏُوم سلامت آيو:
    هڪڙو ڏُوم (لنگهو)، ڪمائڻ جي خيال کان، پرديس ويو. ڪيترا ڏينهن گذري ويا، پر موٽيو ئي ڪين. تنهن تي ڪنهن وٺي هُلايو ته: فلاڻو ڏُوم مري ويو آهي. ڏُومڻيءَ (لَنگهيءَ _ لَنگهي جي زال) به ائين ئي ٻڌو، جنهنڪري ويچاري، روئي پِٽي، صبر ڪري ويهي رهي. ٿورين گهڻين ڏينهن، اهو ڏُوم ماڳ موٽيو، پر پئسو آندائين ڪونه! هڪڙيءَ پاڙيواريءَ، ڏُومڻيءَ کان پڇيو ته، “ادي، تنهنجو مڙس ڇا ڪمائي آيو آهي؟” وراڻيائين، “لَک کَٽيا ڏُومڻيءَ، جو ڏُوم سلامت آيو!”
    مطلب: ڪنهن شيءِ يا واپار ۾، کڻي فائدو نه هجي، پر جيڪڏهن موڙي سلامت آهي، ته به لکُ ٿيو.
    __________


    (م)

    110. مان ديوان جو نوڪر آهيان ۽ نه واڱڻن جو:
    ڳالهه ڪندا آهن ته، هڪڙي ديوان کي روزانو، سندس خوشامدي رَسويو، گوشت، مڇي وغيره کارائيندو هو. اُهي کاڌا، ڏهاڙي کائي کائي، ديوان کي مُنهن پئجي ويا، تنهنڪري رسيوئي کي حڪم ڪيائين ته، “تون روزانو گوشت، مڇي ٿو تيار ڪرين. موسمي ڀاڄيون لٿيون آهن، اهي به ته اسان ماڻهن لاءِ آهن. هاڻي واڱڻن جي مند آهي”. نوڪر عرض ڪيو ته، “هائو سائين، انهيءَ ڪري ته ڌڻيءَ واڱڻن کي مٿي تي مُڪٽ ڏنو آهي، اڳتي ائين ڪندس: واڱڻ عجيب چيز آهن. تندرستيءَ لاءِ خاص طرح مفيد آهن. اک جي بينائيءَ لاءِ به اڪسير آهي.” ان وقت، ديوان جو هڪڙو دوست به وٽس ويٺو هو.
    ٻئي ڏينهن کان وٺي، نوڪر روزانو واڱڻن رڌڻ تي زور رکيو. ڀاڄي به واڱڻن جي، ته بَرفو به واڱڻن جو! ديوان پهريان ٻه _ ٽي ڏينهن ته شوق سان کاڌا، پر پوءِ لڳاتار، کائي کائي، ڪَڪ ٿي پيو، سو هڪ ڏينهن نوڪر کي چيائين ته، “تو روزانو اچي واڱڻن تي مارا ماري ٻَڌي آهي، اهي ته، هڪ بيڪار کاڌو آهي!” نوڪر چيس ته، “جيءُ منهنجا سائين! سچ ٿا فرمايو، واڱڻ اهڙا ته گرم آهن، جو ڌڻي پناه ڏئي. گهڻي واپرائڻ ڪري، هَلڪو هَلڪو بخار به جان ۾ رهندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته وائي به ڪري وجهندا آهن. ڏندن لاءِ ته خاص طرح خراب آهن.”
    ان وقت به، ديوان وٽ اهو ئي پهرئين ڏينهن وارو سندس دوست ويٺو هو. انهيءَ نوڪر جون، اهي ڳالهيون ٻڌي، کيس چيو ته، “ان ڏينهن ته واڱڻن جي واکاڻ مان ڍاپين ئي ڪونه پيو. مگر اڄ ته وري واڱڻن تي ڇو آيو ٿو رهين؟” نوڪر چيس ته، “سائين، معاف ڪجو، مان ديوان جو نوڪر آهيان ۽ نه واڱڻن جو! تنهنڪري جا شيءِ، ديوان جي نظر ۾ چڱي، سا منهنجي نظر ۾ به چڱي پر جيڪا شيءِ ديوان کي نه وڻندي، ته آءٌ به ان کي ڌڪاريندس.”
    مطلب هي آهي ته: اهو پهاڪو عام طرح وڏن ماڻهن سان “ها” ۾ “ها” ملائيندڙ خوشامدڙين لاءِ استعمال ٿيندو آهي.

    111. مجنون ڪُٽيءَ جو، نه رت جو:
    مجنون، ليليٰ جي گهر جي سامهون، هڪڙي وڻ هيٺ اچي، پنهنجو آستانو اڏيو هو. هو هر وقت، ليليٰ جي ياد ۾ شادباد رهندو هو. کيس نه ننڊ، نه آرام پر زهر مثل سڀ قسم جو کاڌو ۽ طعام! انهيءَ ڪري هو روزانو، بدن ۾ ڳرندو رهيو ۽ آخر ڪَچُ کائي، ڪِٺُ ٿي پيو! جڏهن ليليٰ کي اهو پَتو پيو، تڏهن حقيقت حال معلوم ڪرڻ لاءِ، ٻانهيءَ کي موڪليائين، جنهن موٽي اچي ٻڌايس ته، “سانئڻ! مجنون ويچارو ته ڳري ڪنڊا ٿي ويو آهي! فقط تنهنجي نالي جي سهاري جِي رهيو آهي!” اهو حال ٻڌي، ليليٰ جا طاق لڳي ويا! پوءِ ته روزانو ساڳي ٻانهيءَ جي هٿان، وٽو ڪُٽيءَ (چُوريءَ) جو، ڏانهنس موڪليندي رهي، ته کائي، ۽ ساڄو ٿئي.
    مجنون، ته ليليٰ جو پياسي هو، هُن جو ڪُٽيءَ سان ڪهڙو مطلبٰ ڪڏهن ڪو ذرو پرزو، دل چوندي هيس ته کائيندو هو، نه ته وَٽو اوئين ئي رکيو هوندو هو. ان ڳوٺ ۾ ٻيو هڪڙو چالاڪ ۽ مڪار نموني جو فقير رهندو هو، جنهن کي انهيءَ قصي جي کُڙڪ پئجي ويئي، سو ڇا ڪيائين، جو مجنون جي ڀرسان، ٻِئي هڪ وڻ هيٺ اچي ديرو دمائي ويٺو. اهو ڇا ڪندو هو، جو جڏهن ڏسندو هو ته مجنون، ڪُٽي نٿو کائي، تڏهن هو ڪُٽي کائي خالي وٽو ڇڏي هليو ويندو هو. ٻانهي، صبح جو خالي وٽو واپس کڻي ويندي هئي. اهڙي طرح روزانو مجنون واري ڪُٽي کائي کائي اهو چالاڪ فقير، هيڪاري ڏنڊو مشٽنڊو ٿي پيو ۽ مجنون ويچارو، اتي باقي وڃي، هڏن جي مُٺ رهيو! ويتر مجنون جنهن وڻ هيٺان ويهندو هو، اتان اٿي وڃي ٻئي وڻ هيٺ ويٺو، تنهنڪري اهو چالاڪ فقير، هڪدم مجنون واريءَ جاءِ تي وڃي ويٺو، جنهنڪري هيڪاري سندس ٻيگهِي مچي ويئي! مجنون کي ڪُٽيءَ جي ڪهڙي پرواهه! هن جي لبن تي ته فقط ليليٰ جو ئي نالو هوندو هو.
    هڪڙي ڏينهن ليليٰ خيال ڪيو ته مجنون، هاڻي سُنڊي ماس جي، ضرور چاڙهي هوندي، جو کيس، گهڻي سڻڀ ۽ مغزات پيل ڪُٽي کائيندي، چڱو وقت ٿيو آهي. پَڪَ ڪرڻ خاطر، هڪڙي ٻِي ٻانهي، ڏانهنس موڪليائين، ڇاڪاڻ ته پهرين ٻانهي، روزانو کيس مجنون جي ضعف ۽ ابتريءَ جو خيال ٻڌائيندي هئي. اها نئين ٻانهي، وڻ هيٺان ويٺل ڏنڊي مشٽنڊي کي مجنون سمجهي، ليليٰ کي اچي چيو ته، “مجنون ته کَل کان ٿو ڦاٽي!”
    ليليٰ کي تعجب لڳو ته، “عاشق، سُنڊي ماسَ جي چاڙهيندا ئي نه آهن، هيءُ قصو ڪيئن آهي!”
    روزانو ڪُٽي پهچائيندڙ ٻانهيءَ کي چيائين ته، “اڄ هيءَ وٽو کنيو وڃ ۽ مجنونءَ کي، منهنجي نالي وڃي چئو، ته پنهنجي رت مان هيءُ ڀري ڏي!” ٻانهيءَ هڪدم حڪم جي تعميل ڪئي ۽ مجنون واريءَ جاءِ تي ويٺل فقير کي وڃي چيائين ته، “ليليٰ جو حڪم آهي ته هيءُ وَٽو، پنهنجي رت سان ڀري ڏي.” هن جواب ڏنو ته، ڪُٽي کائُو مجنون مان آهيان ۽ رت ڏيندڙ مجنون هُن وڻ هيٺان ويٺو اٿيئي، وڃي لهينس.”
    ائين چئي، اُهو ڪُٽي کائو مجنون، اُتان اُٿي، سڌو پنهنجي گهر هليو ويو، جو سمجهيائين ته، “آئندي جا چَڙهه ڇُٽا، ڇاڪاڻ ته مالڪن کي، حقيقت حال معلوم ٿي چڪو هو.”

    112. مِروان موت، ملوڪان شڪار:
    ڪنهن تلاءَ ۾ گهڻا ڏيڏر رهندا هئا. هڪ دفعي ڪن شاگردن، ڏيڏرن کي پٿر هڻي، دل پئي وندرائي، ليڪن پٿرن لڳڻ ڪري، ڪيترا ڏيڏر زخميا ۽ ڪيترا مري ويا. تنهن تي هڪ ڏيڏر ائين چيو ته، “مروان موت، ملوڪان شڪار” يعني اوهان ملوڪن، (شهزادن) لاءِ شڪار آهي، ليڪن اسان مرُن يا جانورن لاءِ ته موت آهي.

    113. مڙس بنا، ويهون ڪير ڪري:
    هڪڙيءَ عورت، پورهيو ڪري، اُڻويهه رپيا ميڙيا. گهڻي ڪوشش ڪيائين ته “هَڪَ وِيهه” (ويهه رپيا) پورا ڪريان، پر اتفاق اهڙو پئي بڻيو، جو ڪڏهن سـُتِي ڦڪِيءَ تي پئسو ڏوڪڙ پيو وڃي ته ڪڏهن وري مهمانن جي ٻوڙ ڀاڄيءَ تي ٻه _ چار آنا خرچ پئي ٿيا. ويچاري وري وري ڪوشش ڪري ته به اهي ئي اُڻويهه. آخر هڻي هڻي بيٺي، ته به پورا ويهه ٺاهي نه سگهي. هڪ دفعي مڙسَس، هڪ رپيو ڪمائي آيو ۽ اچي زال کي ڏنائين. هن جي رپين جو پوري ويهه بنجي ويئي.
    هڪ دفعي پاڙي واريءَ سان، اها ڳالهه ڪيائين ته، “ادي، مون کان “هڪ ويهه” ٺهي نه سگهي. جڏهن گهر واري رپيو آندو. تڏهن پوري ويهه ٺهي”. تنهن تي ان چيس ته، “ادي، مڙس بنا، ويهون ڪير ڪري”.
    مطلب آهي ته: مڙس ئي آهن، جي مٿو کَٿو ڏيئي، ڪم جو پورائو ڪندا رهن ٿا.

    114. مُئي ڪتي به پِر چَهه وڃائڻ:
    هڪڙي ماڻهوءَ وٽ هڪڙو عمدو ڪتو هو، جو سندس دوست کي ڏاڍو پسند هو ۽ خيال هوس ته: اُهو، آءٌ کانئس وٺندس. هڪ دفعي، هو، ڪتي وٺڻ جو خيال ڪري، پنهنجي دوست وٽ ويو. کيس خبر ڪانه هئي ته انهيءَ وچ ۾ ڪو، اهو ڪتو مري ويو آهي. گهڙيءَ پَل ويهڻ کان پوءِ، کيس جڏهن ڪتو نظر نه ايو، تڏهن دوست کان پڇيائين ته، “ڇو، ڪتو نظر نٿو اچي؟” هن ڏاڍي ڏک ۽ ارمان وچان، جواب ڏنس ته، “افسوس جي ڳالهه آهي، جو ويچارو ڪتو مري ويو، جنهن جو مون کي تمام گهڻو ارمان آهي.” دوست چيس ته، “يار، ڪتو جيئرو هجي ها ته آءٌ ڪاهي وڃان ها، ڇاڪاڻ ته مان آيو ئي توکان ڪتو وٺڻ هوس”. مالڪ جواب ڏنس ته، “دوست، جي ڪتو هجي ها ته اهو آءٌ توکي هرگز نه ڏيان ها، ڇاڪاڻ ته ڏيڻ جهڙو ئي نه هو”. دوست جواب ڏنس ته، “اڙي يار، تنهنجو ڪتو ته ڏيڻ کان اڳ ۾ ئي مري چڪو آهي. هاڻي مُئي ڪُتي به پِر چههَ (پريت، دوستي) ڇو ٿو وڃائين”.
    مطلب هي آهي ته: ڳالهه هجي ئي نه ۽ اُن تي ڳَنڍ ڏيئي بيهجي، سا بيوقوفي آهي.
    ___________



    ________________________________________
    [1] موٺ، هڪ گاهه جو قسم آهي.
    [2] پوءِ لاءِ = پڇاڙيءَ يا پيريءَ جي سُک لاءِ.
    [3] کڻ _ کپاءُ = پَٽ سَٽ، ڦرُ مار (پاڙو به پيو ڦرُي).
    [4] ڏوس، دوس = دوست، يار، خير خواهه يا گهڻگهرو.


    (ن)

    115. نادان دوست کان، دانا دشمن ڀلو:
    هڪڙو گهوڙي سوار، واٽ وٺيو پئي ويو ته ڏٺائين ته نانگ، هڪ سمهيل ماڻهوءَ جي وات ۾ گهڙي. هن چيو ته، “مار! هي ويچارو ته مري ويندو”. تنهنڪري سمهيل کي ئي چهبڪن سان وٺي ويو. سُمهيل، ننڊ مان اُٿي کڙو ٿيو، پر چهبڪن جا وسڪارا لڳا اچن. پوءِ ته ويچارو وٺي ڀڳو، پر سوار، پيڇو نه ڇڏيس، ۽ ڪُٽندو ويس، تان جوڳ هڪڙي صوفن جي باغ ۾ وڃي پهتا. اتي جيڪي هيٺ ڪريل ڪِنا صوف هئا، سي هن کي، زوريءَ وات ۾ وڌائين. جيتوڻيڪ هن، گهڻو ئي بَد شَد پئي ڳالهايو، پر سوار، صوفن پٺيان صوف، ويس وات ۾ دُوسيندو! پوءِ وري ويچاري کي چهبڪن سان وٺي آيو. آخر اُلٽي ڪيائين، جنهن مان نانگ نڪتو. نانگ ڏسي، سوار جي پيرن تي ڪري پيو ۽ کانئس پڇيائين ته، “تو، مون کي ننڊ مان ڇو نه اٿاريو، جڏهن نانگ وات ۾ گهڙي ويو هو؟” سوار چيس، “جيڪڏهن ائين ڪريان ها ته نانگ جي ڊپ کان، تنهنجو هِنيو ڦاٽي پوي ها، ڇاڪاڻ ته اُلٽيءَ سان نانگ، ٻاهر نه ڪڍي سگهين ها”.

    116. نوانوي وارو ڌڪو:
    مايا ميڙڻ جي فِڪر ۾، ڪنجوسائيءَ تي سندرو ٻڌي بيهڻ.
    هڪڙي لکاپتي سيٺ جي گهر جي لڳ، هڪڙي درزيءَ جو گهر هوندو هو. سيٺ جي گهر ۾ روزانو دال ۽ سائي ڀاڄي تيار ٿيندي هئي، مگر ان مزدور درزيءَ جي گهر ۾، روزانو گوشت مَڇيون هوندا هئا!
    هڪڙي ڏينهن، سيٺ جي زال، پنهنجي مڙس وٽ، شڪايت پيش ڪئي ته، “اسان کي ڌڻيءَ سڀ ڪجهه ڏنو آهي، تنهن هوندي به اسان کي چڱو کاڌو، ڪڏهن به نصيب ڪونهي! هوڏانهن هن درزيءَ (مزدور) جي گهر ۾، روزانو گوشت مڇي تيار!” سيٺ چيس ته، “درزي ۽ سندس زال، نَوانَوي وارو ڌڪو، ڪو نه کائي ڏٺو آهي، پوءِ ڇو نه مزا ماڻيندا؟” زال پڇيس ته، “نَوانَوي جو ڌِڪو ڇا آهي؟” سيٺ جواب ڏنس ته، “هڪڙي ڳوٿري کڻي، ان ۾ نوانوي رپيا وجهي، ڪنهن نموني سان وڃي، سندس گهر رکي اچ ۽ پوءِ ڏس ته ان مان ڪهڙو ٿو لقاءُ ٿئي!” سيٺ جي زال، مڙس جي چوڻ موجب، نَوانَوي رپيا ڳوٿريءَ ۾ وجهي، مالڪ جي اک وٺي، سندن هنڌ ۾، وهاڻي هيٺان، رکي آئي. درزيءَ جي زال، رات جو هنڌ پٿارڻ وقت، ڳوٿري ڏسي، چاهه مان کڻي، اچي مڙس جي آڏو رکي، چيائينس ته، “لاشڪ، اسان جون دعائون، الله سائين قبول ڪيون آهن، جو هيءَ رپين سان ڀريل ڳوٿري گهر ويٺي، ڏياري اٿس!” درزيءَ ڳوٿري کولي رپيا ڳڻيا، ته نوانوي ٿيا. زال، اها ڳوٿري، واپس وٺي چيس ته، “آخر تون به پوڙهو ٿيندين. سياڻن چيو آهي ته،”اهو ڪي ڪجي، جو مِينهَن وسندي ڪم اچي. پاڻ وٽ آهي ته سڀ ڪنهن وٽ آهي. تنهنڪري هينئر کان قناعت ڪري، ڪجهه نه ڪجهه بچائيندا رهون” درزيءَ چيس ته، “ننگ آهي، ننگيءَ تي! جنهن ساهه ڏنو آهي، سو گراهه به ڏيندو. ڇو ويٺا ڪنجوسائي ڪريون!” مگر زال چيس ته، “اسان کي داتا ڏياريا آهن نَوانَوي رپيا، جن ۾ رڳو هڪڙو رپيو وجهبو ته ٿيندو پورو سو، پوءِ سو مان ٻه، ٻِن مان چار ڪري، آخر، اسين به پاڙي واري، سيٺ جهڙا ٿِي پونداسين.”
    انهيءَ ڏينهن کان وٺي، انهن به دال ۽ سائي ڀاڄي کائڻ شروع ڪئي ۽ گوشت مڇيءَ جو نالو ئي وساري ڇڏيائون! هوڏانهن مخفي طرح، سيٺ جي زال به، سندن خبر چار لهندي هئي. هڪڙي ڏينهن، سيٺ کي چيائين ته، “اوهان، هنن غريبن تي، اهڙو ڪو جادُو ڦوڪيو آهي، جو ويچارن کان چڱو کاڌو کائڻ ئي وسري ويو آهي!” سيٺ جواب ڏنس ته، “مون هنن کي نوانوي جو ڌڪو ڏنو اهي، جنهن جهڙو به ٻيو ڪو جادو!”.

    117. نيڪيءَ جو بدلو برائيءَ ۾:
    هڪڙو گهوڙي سوار، جهنگ مان پئي ويو ته دانهون ڪوڪون ٻڌڻ ۾ آيس. ان طرف وڃي ڏسي، ته هڪڙي وڻ کي باهه لڳل آهي، جنهن جي ڏار تي هڪڙو نانگ ويٺو آهي، جو باهه جي ڄَرَ کان دل ڦُٽُيون دانهون پيو ڪري، گهوڙي سوار کي رحم آيو، هَني مان خرزين ڪڍي، لُڪڻ جي ڇيڙي ۾ وجهي، نانگ جي ويجهو ڪيائين ته، نانگ هڪدم ٽپو ڏيئي، خرزين ۾ گهڙي ويو. گهوڙي سوار، نانگ کي، خرزين مان ٻاهر ڪڍي، چيو ته، “جيڏانهن جو آهين، تيڏانهن هليو وڃ”. نانگ هڪل ڪري چيس ته، “گهر ڪنهن جا پڇين؟ توکي ۽ تنهنجي گهوڙي کي، اجهو ٿو پورو ڪريان! توکي خبر ناهي ته مان، انسان جو دشمن آهيان ۽ تو وري دشمن سان ڀلائي ڪئي آهي!” گهوڙي سوار چيس ته “جيڪڏهن اهو ثابت ڪري ڏيکاريندين ته نيڪيءَ جو بدلو، برائيءَ ۾ آهي ته پوءِ توکي سڀ ڪجهه مباح آهي”. اڃا انهيءَ رَدَ ڪَدَ ۾ هئا ته اتان مينهن لانگهائو ٿي، جنهن کان نانگ پڇيو ته، “چڱائيءَ جو بدلو ڇا آهي؟” مينهن وراڻيو ته، “برائي، مان جڏهن ڦر ۽ کير ڏيندي هيس، تڏهن مالڪ خوش هو، پر جڏهن پوڙهي ٿيس، تڏهن مون واري نيڪي، کانئس وسري ويئي ۽ هينئر ڪاسائيءَ جي حوالي ڪيو اٿس. ڇا، اهو نيڪيءَ جو بدلو، بُرائيءَ ۾ نه آهي؟” نانگ ڪَرَ کڻي، خوشيءَ وچان، سوار کي چيو ته، “ٻڌاءِ!” سوار چيس ته، “ڪا ٻي ثابتي به ڏي”. پوءِ نانگ، ڀرسان بيٺل وڻ کان پڇيو ته، “نيڪيءَ جو بدلو ڇا ۾ آهي؟” وڻ وراڻيو ته، “برائيءَ ۾. جڏهن قافلن وارا اچن، تڏهن منهنجي ڇانوَ ۾ آسائش ڪن ۽ جڏهن وڃن، تڏهن منهنجون ٽاريون ڪپي، اُٺن کي به کارائين ۽ ٿُلهين ٽارين مان، لَٺيون ۽ داسا ٺاهين. ڇا، اهو نيڪيءَ جو بدلو، برائيءَ ۾ نه آهي؟” نانگ سوار کي دَڙٻاٽي چيو ته، “هينئر سر تان اَهو کڻين ٿو يا ٻي ڪا ثابتي گهرجيئي؟” سوار چيو ته، “مذهبي قانون مطابق ٻن جي شاهدي جائز نه آهي، بلڪ ٽيون شاهد لازمي آهي”. پوءِ نانگ، لومڙ کان پڇيو، جنهن سمورو لقاءُ، بيٺي ڏٺو. لومڙ چيس ته، “ائين برابر آهي ته نيڪيءَ جو بدلو بُرائيءَ ۾ آهي، پر ڪم از ڪم، مون کي حقيقت کان، آگاهه ته ڪريو.” سوار، سارو قصو ڪري ٻڌايس. لومڙ، نانگ کان پڇيو ته، “سوار، جو ڪجهه چيو، سو ٺيڪ آهي؟” نانگ چيو ته، “ها ها، سورنهن آنا سچ آهي، هيءَ اها خرزين آهي، جنهن مان مون کي ٻاهر ڪڍيو هئائين.” لومڙ چيو ته، “اها ڳالهه، مون کي ته وِسهَڻَ ۾ ئي نٿي اچي، ته تو جهڙو، هيڏو سارو، پربت جيڏو، ههڙيءَ ننڍڙيءَ خرزين ۾، ماپي ويندو!” نانگ چيو ته، “جيڪڏهن ماپي وڃان ته پوءِ؟” لومڙ چيو ته، “پوءِ فيصلو تنهنجي حق ۾.” نانگ چيو ته، “ڏسجو”. ائين چئي ويڙهجي سيڙهجي، خرزين ۾ گهڙي ويو. لومڙ رڙ ڪري، سوار کي چيو ته، “وارو ڪر، خرزين جو منهن بند ڪر، جڏهن به دشمن وَڪڙَ ۾ اچي، تڏهن وجهه نه وڃائجي” سوار، ڳالهه جو سُرُ سَهِي ڪري ويو ۽ هڪدم خرزين جو مُنهن بند ڪري، مٿي کڻي، زور سان زمين تي سٽيائينس. اهڙيءَ طرح، ٻه _ چار دفعا هنيائينس ته نانگ مري ويو.
    مطلب: دشمن کان هميشه ڪَو ڪجي، ڇاڪاڻ ته بڇڙي مان ڀلائيءَ جي اميد رکڻ اجائي آهي. جيڪڏهن دشمن وجهه ۾ اچي ته وارو نه وڃائجي.
    __________


    ( و )

    118. واتُ ته مُئي، نه ته پـُئي:
    ڪن عورتن، پاڻ ۾ ويٺي، سينگار جو ذڪر ڪيو. ڪنهن چيو ته، “وارَ ته ڦَڻِي، نه ته ڪُوڙاءِ کڻي”. ڪنهن چيو ته، “اَک ته ڪَجَل، نه ته خِجل”. ڪنهن چيو ته، “عورت ته چوٽو، نه ته مٿو ڄڻ لوٽو”. هڪڙيءَ ٻڍڙيءَ چيو ته، “وات ته مُئي، (ڏندڻ) نه ته آهي پُئِي”.
    مطلب: جهڙي نموني، ٿانوَن کي مَلِڻ لاءِ، مُئِي هڻبي آهي، اهڙي نموني وات کي صفا رکڻ لاءِ به مُئِي (مُساڳ، ڏندڻ وغيره) ضروري آهي. جيڪڏهن وات جي صفائي نه ڪبي ته پُئِي (پائخانه) جهڙي ڌَپ پيئي ايندي.

    119. واڙيءَ ٻارنهن، هَٽَ اٺارنهن، گهر ويٺي ويهه:
    هڪڙو شخص، واڙيءَ تان واڱڻ وٺڻ ويو ته اتي کيس پئسي ۾ ٻارهن واڱڻ مليا. پوءِ جڏهن هُو بازار کان لنگهيو، تڏهن معلوم ٿيس ته هٽ وارا پئسي ۾ (اٺارنهن) ارڙهن ڏين ٿا. مگر جڏهن گهر موٽيو، تڏهن گهورڙِيي، هڪ پئسي ۾ ويهه ڏيڻا ڪيا.
    مطلب: جيڪڏهن ڪا شيءِ وٺڻ وڃجي ته مهانگي ملندي، پر جيڪڏهن ڪو، اها شيءِ وڪڻڻ ايندو ته سستي ڏيندو.

    120. وَهڻ مُند ئي ناهي، دَلو پڇي نار کي:
    سنڌ ۾ دلوراءُ، هڪ بداخلاق ۽ ذليل ذهنيت وارو حاڪم ٿي گذريو آهي. سو ايڇ. ايم. ايلئٽ، تاريخ “طاهري” جو حوالو ڏيندي لکي ٿو:[1]
    “الور ۽ محمد طور ڳوٺن جي درميان جيڪو به ملڪ هوندو هو، تنهن تي راجا دلوراءَ راڄ ڪندو هو. هو وڏو ظالم۽ زاني هو ۽ سڀ ڪنهن رات، دوشيزه سان همبستر ٿيندو هو. جيڪي به سوداگر، هندستان کان، سامان جا ٻيڙا ڀرائي، ديبل بندر ڏانهن ويندا هئا، تن کي لازمي طور الور کان لنگهڻو پوندو هو. دلوراءَ، کانئن، مال جي اڌ جيترو محصول وٺندو هو، جنهنڪري سوداگرن جنسي ويل هوندو هو. آخرڪار اُتان هڪڙو وڏو سوداگر اچي لنگهيو، جو محصول جي ڳاٽي ڀڳي خرچ جو ٻڏي، تپرس ۾ پئجي ويو.
    اهو سوداگر ڪير هو ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيو هو، تنهن لاءِ “تحفة الڪرام” وارو لکي ٿو:[2]
    هڪڙو عزت وارو ۽ ناليرو سوداگر، جو سيف الملوڪ جي نالي سان مشهور هو ۽ ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته هو اصل ۾ شهزادو هو، جو سوداگرن جي لباس ۾ بيت الله ڏانهن وڃي رهيو هو. هو هِن جي نالائق ڪارنامن کان بي خبر هو، سو اچي سندس ملڪ مان لنگهيو. ساڻس گڏ “بديع الجمال” نالي هڪ سهڻي زال به هئي”.
    محصول جي عملدارن، سيف الملوڪ جي مالڪ کي نهايت قيمتي ۽ بيش بها سمجهي، ڳرو سُڱ هڪ طرف رکيو ۽ ٻئي طرف وري سندس زال کي راجا جي محلات ۾ پهچائڻ جو ارادو رکيو. جڏهن راجا ٻڌو ته سوداگر سان گڏ، سندس زال، پري جمال، حسن ۾ بي مثال ۽ باڪمال به آهي، تڏهن ڇِتو ٿي پيو. هوَسَ جو ڀوت، سندس گردن تي ايتريقدر ته سوار ٿيو، جو ويچاري سوداگر کي سندس ماڻهو خوامخواه به تنگ ڪرڻ لڳا. آخر سوداگر، عرض ڪيو ته، “ٽن ڏينهن جي مهلت ڏيوم، تنهن بعد محصول ۽ بديع الجمال پيش ڪندس”.
    “سيف الملوڪ، انهن ڏينهن ۾، هڪ پاسي خالق اڪبر کي ستائڻ شروع ڪيو ۽ ٻئي پاسي وڏا وڏا ڪاريگر، جي سرنگهه هڻڻ ۽ جبل ٽاڪڻ ۾، فرهاد جا استاد ۽ سد سڪندريءَ جهڙي ٻَنڌ ٻڌڻ ۾ اڻ گس هئا، تن کي ڪوٺائي، دل گهريا انعام اڪرام ڏنائين. سوداگر جو مطلب هو ته الور کان هڪڙو مضبوط بن ٻڌن، جنهنڪري درياهه پنهنجو رُخُ ڦيرائي، بکر ڏانهن وهڪرو ڪري. اهي ڪمي ۽ ڪاريگر، راتين جون راتيون جاڳي، جديءَ جي پيٽ ۾ بند ٻڌي چڪا. هڪ رات ۾ درياهه پنهنجو اڳوڻو وهڪرو ڦيرائي، سيوهڻ ۽ لڪيءَ ڏانهن اهڙي زور شور سان وهڻ لڳو، جو خدا جي قدرت سان سوداگر سيف الملوڪ جا غوراب، ظالم دلوراءَ جي پرڳڻي کان نڪري ويا. صبح جو ظالم راجا ۽ سندس رعيت ننڊ مان اٿي ڏسن ته مار! جتي پاڻي پئي وهو، اتي رڳي گپ لڳي پيئي آهي. رعيت ۽ راجا حيران ٿي ويا.[3]
    “تحفته الڪرام” وارو لکي ٿو ته، “هي سارو ڪم هڪ رام ۾ ٿيو.[4]
    “اگرچ هي ٻئي ڪم، انساني طاقت کان ٻاهر هئا، ليڪن خدائي مدد سان، عبرت طور يادگار رهڻ لاءِ، هيءُ سڄو منصوبو هڪ رات ۾ عمل ۾ اچي ويو. ائين به ٿي سگهي ٿو ته تقدير جا ڪار پرداز هن سڄي ڪم جا باني ٿيا هجن”.
    شري دوارڪا پرساد شرما لکي ٿو:[5]
    “ڪن جو چوڻ آهي ته 1922ع ۾، هڪ زاهد مسلمان مڪي ڏانهن ويندي، پنهنجي ڌيءُ سان اچي، اروڙ کان نڪتو راجا دلو راءَ، جو ان وقت اتي جو حاڪم هو، تنهن جي انهيءَ سهڻي مسلمان ڇوڪريءَ تي نظر پيئي. انهيءَ مسلمان کان، سندس ڌيءَ جو سڱ گهريو. مسلمان اٺن ڏينهن جي مهلت گهري. انهيءَ وچ ۾ اهو مسلمان، خدا کي ياد ڪرڻ لڳو ته، “يا خدا، مون کي هن آفت کان بچاءِ!” انهيءَ ڪري هڪ ئي ڏينهن ۾ درياهه اوچتو ئي اوچتو اتان غائب ٿي ويو”.
    محمد صديق پيرزاده جي، سنڌي قلمي نسطي “تاريخ سنڌ” ۾، مٿين روايت جي علاوه، ٻي روايت به ڏنل آهي، جا سندس عبارت ۾ ڏجي ٿي.[6]
    “هن بادشاهه (دلوراءُ) جي زال، تمام حُسن واري هئي، جنهن جي حُسن جي هاڪ ملڪن ۾ مشهور ٿي ويئي. هڪ هندو بادشاهه قنڌار جو، ٻُڌيءَ ڳالهه تي، پَر پٺ عاشق ٿيو. سو، سامان سوداگريءَ جو کڻي، ٻيڙا ڀرائي، روانو ٿيو، جو اچي سنڌ ۾ پهتو. بادشاهه دلوراءُ جي شهر ۾ اچي بندر ڪيائين. بادشاهه جي سلام تي آيو. سَنڱ ڏنائين ۽ ٻيا تحفا تحائف عجيب غريب راجا وٽ آندائين. بادشاهه وٽ گهڻو ايندو ويندو هو. پاڻ ۾ دوستي ٿي وين، پر مخفي طرح مـطلب
    جي ڳولا پئي ڪيائين. ڳجها وڪيل ۽ ڌُوتيون پئي موڪليائين. آخرڪار راڻيءَ جواب ڏنس ته، “مون تي تمام بندش پيل آهي، تو سان ملڻ نه ٿيندو، مگر ڪا زمين هيٺان، ڳجهي سرنگهه کڻائي، انهيءَ مان ملجي، باقي انهيءَ کان سواءِ اچڻ جو ڪو چارو ڪو نه آهي”. پوءِ انهيءَ سوداگر ڪوشش ورتي. انهيءَ بندرگاهه کان ڳجهي سرنگهه، زمين مان اندران کوٽائي، پڪين سرن سان وَنگَ ٻَڌائي، پختي ڪري گَچ هڻائي، تيار ڪرايائين، جا راڻيءَ جي ماڙيءَ ۾ اچي ٿي داخل ٿي. اتان مخفي دري ٺهرائي ڇڏيائين. هڪ ڏينهن راڻي، انهيءَ دريءَ مان لنگهي، جهاز تي آئي. سوداگر، بادشاهه جي دعوت ڪئي هئي، سو بادشاهه به اتي آيو. راڻيءَ، بادشاهه جي ماني تيار ڪئي. جڏهن بادشاهه سوداگر گڏجي، ماني کائڻ ويٺا، ته بادشاهه کي شڪ پيو ته ماني گهَرَ جي مانيءَ جهڙي آهي. وري اڃا دريءَ تي نظر ڪيائين ته ڪائي جي دري آهي، تنهن مان اوچتو راڻيءَ تي نظر پيس. خيال ڪيائين ته: هيءَ هت ڪيئن آئي؟ شايد ماڻهو، ماڻهن جهڙا آهن. پوءِ سوداگر کان پڇيائين ته، “هيءَ عورت ڪير آهي؟” سوداگر چيو ته، “هن سوداگر جي (منهنجي) زال آهي”. بادشاهه چيس ته، “سڏ ڪرينس ته اسان سان اچي ماني کائي. تنهنجي ۽ اسان جي وچ ۾، ڪو ويڇو نه آهي”. پوءِ لاچار سڏيائينس. راڻي اچي ويٺي، پر بادشاهه فڪر ۾ پئجي ويو ته: هتي راڻي ڪيئن آئي؟ ۽ اسان سان گڏ اچي ويٺي آهي! جيڪس ته هن (سوداگر) جي زال آهي، شڪل به هڪ جهڙي اٿن. پوءِ پنج ئي آڱريون ٻوڙ مان ٻوڙي، ساڙهيءَ تي نشان ڪري ڇڏيائينس. جيئن ان (راڻي) کي خبر نه پوي. پوءِ جلد بادشاهه، ماني کائي روانو ٿيو ۽ راڻي به سرنگهه جي رستي مان تکي وڃي. ماڻيءَ ۾ رئو مٿي پيرن ۾ پائي، سمهي پيئي. بادشاهه، گهوڙي تان لهي تکو ماڙيءَ تي چڙهي آيو. در کولي ڏسي ته راڻي سمهي پيئي آهي. هي پوئتي ٿي موٽيو، پر وري ياد آيس ته رَئي جو نشان ته ڏسان. جان درکولي ڏسي ته نشان رئي ته چِٽو بيٺو آهي. بادشاهه موٽي شاهي دربار ۾ آيو، اميرن وزيرن کي گهرائي، احوال ڪيائين. سڀني صلاح ڏني ته، “في الحال درياهه جي اولهه ۽ اوڀر ۾ چونڪي بيهاري وڃي،پوءِ هن سوداگر کي نوڪرن سميت مارائي ڇڏجي.”
    “هوڏانهن راڻي اُٿي، رئو سنڀالي ڏسي، ته ٻوڙ جا نشان بيٺا آهن. يڪدم اُٿي، خوف کان لاچار ٿي، سُرنگهه رستي، تڪڙي بندر تي آئي. اچي سوداگر کي چيائين ته، “اڄ، اسان جي حياتي پوري ٿي ويندي، جو بادشاهه کي سخت حقيقت معلوم ٿي ويئي آهي، جيڪو رستو ڀڄڻ جو اٿئي ته وَسُ ڪر، نه ته فجر سان سڀني کي ماري گهات ڪندا”. پوءِ راڻيءَ، سوداگر ۽ سڀني نوڪرن، ساري رات ڌڻيءَ جي دربار ۾ وينتيون ڪيون ۽ ٻاڏايو. ڌڻي، رحيم ڪريم آهي، جو ٻانهو، سندس در تي دل سان زاري ڪري ٿو، تنهن جي دعا قبول ڪري ٿو. حڪمت مالڪ جي سان، اَتاهون پرينءَ ڀر، هڪ واهُڙ پراڻو هو، تنهن ۾ درياهه وهي وڃي پيو! سوداگر جهاز کڻي ڇوڙي ڇڏيا، جي ديبل بندر کان وڃي، سمنڊ جو رستو وٺي ايران ڏي هليا ويا. فجر جو ماڻهو بندر تي ويا. جان ڏسن ته پڌر لڳو پيو آهي! جيئن ڪنهن چيو ته:
    وَهڻ مُند ئي ناهي، دَلوُ پڇي نار ٿو!”
    وري جو اچي بندر کان ڏسن ته سرنگهه لڳي پيئي آهي. سرنگهه جو رستو وٺي، اچي ماڙيءَ ۾ نڪتا.
    جڏهن موٽي آيا، تڏهن بادشاهه، شاهي دربار ۾ اچي، اميرن وزيرن کي گڏ ڪري چيو ته، “سوداگر پرديسي هو، پر رعيت سان جي هُن سان شامل ٿي، اهو ڪم ڪيو، ڇو ته انهن مان ڪو نمڪ حلال نه ٿيو، جو اسان کي هيءَ خبر کڻي ڏئي ها. هاڻي انهن لاءِ ڪهڙي سزا مقرر ڪجي؟” سڀني صبر ڪيو.
    بادشاهه چيو ته، “انهن لاءِ، هيءَ سزا آهي، جو جيڪو به، اعليٰ يا ادنيٰ، شادي ڪندو، ته پهرينءَ رات، ڪنوار سان بادشاهه همبستر ٿيندو”. اميرن امرائن، گهڻيون ئي منٿون آزيون ڪيون، پر راجا قبول نه ڪيو، آخر اهو ڪم هلندو آيو.
    __________


    ( هه )

    121. هـُجئي ناڻو، ته گـهـُم لاڙڪاڻو:
    هيءُ پهاڪو ڪلهوڙن جي دور جي پيدائش آهي. جڏهن ميان شاهل محمد ڪلهوڙي، 1025هه مطابق 1675ع ۾ گهاڙ واهه کڻايو هو،[7] تڏهن درياهه کان ويندي، گهاڙ واهه جي ڇوڙ تائين، لاڙڪاڻو هڪڙو ئي مشهور شهر ۽ بندر هو. واپاري، ايران ۽ ڪوهستان کان ڪَهي، هت اچي، واپار ڪندا هئا ۽ لاڙڪاڻي کي ٻيڙين جي رستي، ٻين شهرن سان ملائي، گويا مرڪزي حيثيت ڏني ويئي هئي، جتي اناج ۽ ٻين شين جا قافلا اچي، منزل انداز ٿيندا هئا. انهيءَ هنڌ کي “قافلا سراءِ” سڏيندا هئا، گهاڙ واهه جي ڏائي ڪپ تي، اڄ به “قافلا سراءِ” نالي سان مشهور محلو آهي، جو انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي.
    “سچ پچ ته سنڌ ۾ ڪلهوڙن، رستن ۽ واهن ٺهرائڻ جي وڏي خدمت ڪئي. قريباَ َ پنجاهه هزار ميل رستا ۽ پنجويهه هزار ميل واهه جاري ڪيائون”. (نگيران سنڌ). انهيءَ ڪري لاڙڪاڻو سبزي ۽ ساوڪ ۾ ايترو ته وڌي ويو، جو ڪيترا سياح ان کي “سنڌ جو عدن” سڏڻ لڳا.
    جنهن جاءِ تي ٻيڙيون، مختلف طرفن کان اچي لَنگَرُ هڻنديون هيون، اُتي رات ڏينهن ماڻهن جي گپاگيهه لڳي پيئي هوندي هئي. خشڪيءَ جي رستي، ڪيترائي قافلا ۽ گهاڙ واهه جي رستي، سنڌو درياهه کان، مال سان ڀريل ٻيڙا ايندا ۽ ويندا هئا. واپار سبب، ڏيهي خواهه پرڏيهي واپارين کي جهجهو فائدو ٿيو ٿئي، جنهنڪري کين، پئسن سان راند ڪرڻ سولي ٿي پيئي. لنگر گاهه جي ڀرسان، هڪڙو “چَڪُلو” پيو، جتي حسن جي بازار گرم لڳي ويئي. منجهس طعام، قيام، ۽ جام جو ٺاهوڪو بندوبست هو، جنهنڪري پري پري کان شوقين ۽ عاشق مزاج انسان، پکين جيان پرواز ڪري، انساني حُسن تي اچي پرگهٽ ٿيندا هئا ۽ کَنڀ کُهائي، کيسا خالي ڪرائي، ٽَرڙ ٿي، موٽندا هئا. مسٽر برٽن لکي ٿو ته؛[8]
    “مسٽر پُل ۽ هرچند، مشهور ناچڻيءَ کي هٿ ڪيو آهي، جنهن خوبصورت جو نالو “مهتاب” يعني چنڊ جو ڪِرڻو آهي. هتي، هوءَ پنهنجي ڀيڻ سان ايندي آهي. ٻَئِي ڀينرون، پنهنجي ڪجاوي ۾ اينديون آهن ۽ سندن قافلو 9 ميل ڊگهو هوندو آهي”.
    “مهتاب، لاڙڪاڻي جي رنڊي، پنهنجي نالي جهڙي خوبصورت آهي. سندس انگ انگ مڪمل آهي ۽ جنهن به طرف ڏسجيس ته خوبصورت نظر ايندي. هن جي وارن ۾ جوانيءَ واري چمڪ آهي ۽ سندس سنگ مرمر جهڙي سفيد ۽ لسِي چمڙي، وات، ڀرون، اکين جا ڇَپَر ۽ خواه پنبڻيون، سڀ نوان، اڻ استعمال ٿيل ۽ اهڙا ته تازا آهن، جهڙا قدرت جي هٿ سان، تيار ٿيڻ وقت هئا! اوهين انهيءَ خواهش کي روڪي نه سگهندا، ته مُرڪ يا ڪاوڙ خواه غصو، سندس لبن کي جُنبش ۾ وجهي ۽ ڊگها ۽ جاڙا غير متحرڪ ڀرون، لرزش ۾ اچن ۽ اهو ته هوءَ، انسان وانگر نظر اچي ۽ ائين نه لڳي، جو ڄڻ چانڊوڪيءَ ۾ ڪو مجسمو بيٺو آهي”. هڪ قديم ڪارواني سردار، جو ايران کان غاليچا کڻي آيو هو، تنهن جو رايو آهي ته:
    “لاڙڪاڻي جي تهذيب، ايتري اُتم آهي، جو بهترين غاليچا به، اُنهن جي اڳيان اِرزان ٿا لڳن. حالانڪ اُهي غاليچا، ايران ۾ گران ٿا لڳن. هڪ رقاصه، هزار رپئي وارو غاليچو خريد ڪري، چيو ته، “هيءَ قيمت، سندس هڪ رات جي رقص بازيءَ جي پيدائش آهي!” پارسي مطرب، اهڙو غاليچو خريد ڪري نٿو سگهي.” (ماخذ از ڪاروان زاهدان)
    لاڙڪاڻي جي اهڙي ڪمال سبب، ڪيترن شاعرن پنهنجا جذبا پڻ ظاهر ڪيا آهن، جيئن حاجي خانڻ چنجڻي هڪ ڪافي جو ٿلهه ٻَڌو آهي:
    “هُجئي ناڻو ته گهُم لاڙڪاڻو، نه ته وَتُ ويڳاڻو”

    122. هيڪلي جو واهي الله:
    اڪيلن جو مددگار الله ئي آهي، يعني هڪڙي ٻه ماڻهوءَ جو سفر تي وڃڻ خطري کان خالي نه آهي.
    ڳالهه ڪندا آهن ته، دهليءَ کان ڏهه ميل پري پنڌ تي، فريد آباد جي نزديڪ، هڪڙو واهه آهي، جنهن جي ڪنارن تي ۽ آس پاس، جنهن وقت گهاٽو جهنگ هو. هڪڙي پوڙهي عورت فريدڻ نالي، پِنڻ جي بهاني سان، اتي ويٺل هوندي هئي ۽ سندس پُٽ، پوٽا ۽ ڏوهٽا به انهيءَ جهنگ ۾ لڪل رهندا هئا. اها پوڙهي، جڏهن هڪ ٻِن مسافرن کي ڏسندي هئي، تڏهن سَين هڻي چوندي هئي ته، “هيڪلي جو واهي الله”، ته اُهي لڪل ماڻهو، هڪدم نڪري، مسافرن کي لُٽي، ماري ڇڏيندا هئا، پر جڏهن اها پوڙهي، گهڻن ماڻهن کي، ايندو ڏسندي هئي، تڏهن چوندي هئي ته، “جماعت ۾ ڪرامت” اهو آواز ٻـُڌي، اهي رهزن ٻاهر ئي نه نڪرندا هئا. اها ڦـُرلـُٽ ۽ مارا ماري، مـُدت تائين جاري رهي. آخر هڪ ڏينهن، سڀ رهزن پڪڙيا ويا، جنهنڪري پوڙهيءَ ڏاڍو پڇتايو ۽ کيس پنهنجي انهيءَ اهڙيءَ ٻهروپي ۽ دو رنگي هلت کان نفرت اچي ويئي. پوڙهيءَ وٽ جيڪي پئسا هئا، تن مان واهه تي پـُل ٻڌايائين، جا سندس نالي پويان اڄ به قائم آهي.


    ( ي )

    123. يـَڪ نه شـُد، دو شـُد:
    هڪڙيءَ عجيب ڳالهه کان پوءِ، ٻِيءَ جي پيدا ٿي پوڻ جي موقعي تي اِهو مثال ڏبو آهي.
    هڪڙيءَ پوڙهي جادوگرياڻيءَ جي عادت هوندي هئي ته قبرستان ۾ وڃي، مانهِه جي ٽِنِ داڻن تي ڪجهه پڙهي، جنهن به قبر تي اُڇليندي هئي ته اُن ۾ پوريل لاش، ڪفن سوڌو اچي وٽس حاضر ٿيندو هو. پوڙهي اُن جو ڪفن لاهي، وري مانهِه جي ٽِنِ داڻن تي ڪجهه پڙهي، اُن لاش تي اُڇليندي هئي ته، اُهو لاش وريوڃي قبر داخل ٿيندو. جادوگرياڻي، اهو ڪفن بازار ۾ وڪڻي، ان جي قيمت تي، پنهنجو خوش وقت پيئي گذاريندي هئي. اها هئي ان پوڙهيءَ جي روزاني عادت!
    هڪڙي ماڻهوءَ کي اچي سکڻ جي طمع ٿي، جنهن ڪري پوڙهيءَ جي خوب خوشامد شروع ڪيائين. ويچاري گهڻي جـُتي گسائِي، پر هڙ حاصل ڪانه ٿيس. گهڻي مٿا ڪـُٽ بعد، ان پوڙهيءَ، مرڻ وقت، آخر اهو منڊُ سيکاريس.
    هڪڙي ڏينهن، ان ماڻهوءَ ڇا ڪيو، جو قبرستان ۾ وڃي، آزمائش طور، هڪڙيءَ قبر تي، اهو منڊُ پڙهيائين ته هڪدم مـُردي کي، ڪفن سوڌو ٻاهر آيل ڏٺائين. ان جو ڪفن ته لاٿائين، مگر ان کي قبر ۾ موٽائي موڪلڻ وارو منڊُ سِکيو ئي ڪونه هو، تنهنڪري جيڏانهن هيءُ، تيڏانهن سندس پٺيان مـُردو! اهو حال ڏسي، اهو ماڻهو ڏاڍو پريشان ٿيو. دل ۾ سوچيندي، آخر خيال آيس ته، “جي وري به ڪم ٿيندو ته اُن پوڙهيءَ هٿان”. تنهنڪري ان جي قبر تي وڃي، اهو منڊُ پڙهيائين ته اها به ڪفن سوڌي ٻاهر نڪتي! ان جو به ڪفن لاٿائين. تنهن کان پوءِ پوڙهيءَ سان، گهڻو مٿو ماريائين، ته منَ ڪجهه ٻـُڌائي، مگر “ڇالِي ڇالِي ڇـَپ!” جڏهن نااُميد ٿي هلڻ لڳو، تڏهن پهرئين مـُردي سان گڏ، پوڙهيءَ وارو لاش به پويان اچڻ لڳس! اهو حال ڏسي، پريشانيءَ وچان چيائين ته، “يـَڪ نه شـُد، دو شـُد”.


    ________________________________________
    [1] هسٽورينس آف سنڌ _ واليوم II _ ايلئٽ ص 4 ۽ 5
    [2] (1) “تحفة الڪرام” سنڌي ادبي بورڊ ڇاپو_ ص 113 ۽ 114.
    [3] تاريخ سنڌ، ڀاڱو 3، عبدالغني عبدالله.
    [4] تحفة الڪرام _ سنڌي ادبي بورڊ ڇاپو، ص 113.
    [5] سنڌ جو پراچين اتهاس، ڀاڱو 3 _ دوارڪا پرساد شرما، ص 121.
    [6] تاريخ سنڌ، (سنڌي قلمي نسخو)، محمد صديق پيرزاده، ص_10.
    [7] ميان آدم شاهه، گهاڙ واهه لاڙڪاڻي تائين آڻايو، جنهن جو نالو “شِير نهر” رکيو ويو هو. سندس پوٽي ميان شاهل محمد ڪلهوڙي، لاڙڪاڻي کان هيٺ قنبر تائين وڌيڪ کڻايو. (نگيران سنڌ) شيِر نَهر” نالو انهيءَ ڪري رکيو ويو، جو سبزي ۽ گاهن جي گهڻائيءَ ڪري، مينهون گهڻو کير ڏيڻ لڳيون.
    [8] سنڌ “ريوزٽيڊ” جلد II ص 205..


    رايا

    37 _ لياقت روڊ،
    ڪنٽونمينٽ، حيدرآباد
    7 _ سيپٽمبر 1966ع
    مڪرمي سنديلو صاحب سلمه
    “پهاڪن جي پاڙ” پهچي، خوشيءَ جو باعث ٿي. اوهان ٿورائتو ڪيو. يادگيري ۽ محبت جو شڪريه.
    چوندا آهن ته: “هجئي ناڻو، ته گهم لاڙڪاڻو.” اوهان پاڻ لاڙڪاڻي کان ناڻو وٺي، پوءِ منجهس ٺڪاڻو ڪيو آهي. انهيءَ معجزه تي به اوهان کي مبارڪ.
    ڪتاب ۾ نهايت قيمتي مواد آندل آهي. ڪن پهاڪن کي تاريخ جي روشنيءَ ۾ پيش ڪري، حقيقت کي پوري طرح واضح ڪيو اٿو. “اوهان جيڪو پورهيو ڪيو آهي، سو رائگان نه ويندو”، ڇاڪاڻ ته اهڙا ئي ڪتاب، ادبي ميدان ۾، پنهنجو مـُلهه پاڻ مقرر ڪن ٿا.
    دعا آهي ته زياده آسودا ٿيو ۽ زياده ڪمائتا. (آمين)
    حقير عفي عنه
    آءِ - آءِ- قاضي

    هالا نوان
    14_2_67ع محترم و مڪرمي سنديلو صاحب

    السلام عليڪم:
    اوهان جي تازي تصنيف ڪتاب، نالي “پهاڪن جي پاڙ” گذريل ڊسمبر ۾ پهتل آهي. ڪتاب پنهنجي نوعيت ۾ تمام چڱو ڪتاب آهي. پهاڪا ته عام طرح سان ٻڌبا آهن ۽ ٻڌايا ويندا آهن، مگر انهن جي اصل حقيقت ۽ ماهيت هر ڪنهن کي معلوم نه هوندي آهي. هن ڪتاب ۾، انهيءَ ڳالهه جي صفائي ٿيل آهي. انهي ڪري به ڪتاب جي قدر ۽ قيمت ۾ واڌارو ٿيو آهي. اميد ته باقي پهاڪا به گڏ ڪري، ٻئي ڇاپي ۾ شايع ڪندا ته ڏاڍو چڱو ٿيندو.
    زياده خير والسلام
    طالب الموليٰ



    احمد خان مصراڻي

    (1) پهاڪا وڌائيـن ٿـا ٻــوليءَ جــي زينــت،
    پهاڪن ۾ ٻوليءَ جي سونهن ۽ نزاڪت.

    (2)پـهـاڪـا ٿـيـا عـلـم جــو ڄــڻ خـزانــو،
    پهاڪا، ٿيا عقل و دانش جي دولت.

    (3) پـهـاڪـا فـصـاحـت جـو واضـح نـمونو،
    پهاڪن ۾ آهي سلاست بلاغت.

    (4) پـهـاڪـن پــَـهـه ڪـي سمايل سٺا ٿيا،
    پهاڪن ۾ پنهان نصيحت، هدايت.

    (5) مـبـارڪ جـو حـقـدار “سنديلو صاحب”،
    پهاڪن جي واضح ڪئي، جنهن حقيقت.

    (6)”پهاڪن جي پاڙ” آهي تصنيف عمدي،
    مصنف مٿس واه ڪئي آه محنت.

    (7)ٿـيـو طــبـع آ: “وه در خــشـان جـريـده”،
    اي “آصف”، ائين لک تون سالِ طباعت.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 340647
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 140655
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ