ڪتاب جو نالو: خزانة العارفين
مصنف: مولانا در محمد ڪانڌڙو خاڪ
ڇپائيندڙ: المنعم لائبرري لاڙڪاڻو
ڪيٽيگري: لطيفيات
شايع ٿيڻ جو سال: 1962
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 22 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1463 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 407 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”خزانة العارفين “ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب مولانا در محمد ڪانڌڙو خاڪ جو لکيل آهي جيڪو 1962ع ۾ ڇپيو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سنڌ سلامت پاران :
  • پيش لفظ
  • تبصره از جانب جناب اديب اعلى باريڪ بين بالا جناب خان صاحب عبدالله خان چنہ حيدرآبادي
  • تبصره جديد مشحون بسخن سديد از طبع اديب احسن شيرين زبان اديب زمان جناب محبوب المحبوب صاحب القلم و اللسان دامت حياته – تبصرهء محبوب
  • از قلم فيض رقم جناب حضرت سيد محمد علي اڪبر شاه صدر جامع عربيه حيدرآباد سنڌ
  • چند اشعار از طبع ع ق شائق ڪنڊوي
  • سرتاج سنڌ جو روحاني عبرت خيز معجزو ۽ ڪرامت
  • تعارف ذي المعارف جو بيان
  • قدرتي ڪارخانہ قديم جو اٽل
  •   (پنهنجي پچار)
  • نظم ڪاندهله قديم جي ياد ۾
  •   سيرت سرتاج سنڌ جو اختصار

  • سيرت سرتاج سنڌ جو اختصار
  • حسب ۽ نسب
  • سرتاج سنڌ جي تعليم ۽ تربيت تي تحقيقي تبصرو
  • شاه جي شادي خانہ آبادي
  • شاه جي وفات حسرت آيات
  •   جناب ڀٽ ڌڻي جي چند ابياتن جو شرح الاهي آيتن سان
  • نعت بسم الله شريف
  • توحيد جي تعريف ۾ پنهنجي نامدار جو نظريو
  • بيت نمبر 3
  • 4 بيت نمبر
  • بيت نمبر 5-
  • بيت نمبر 6-
  • عبد جو احترام
  • انسان جا ٻه قسم آهن
  • بيت 9
  • 10- (بيت)
  • وجہ انسانيت اندر جو اوجارڻ آهي
  • ڪوشش ڪرڻ لاءِ شاه جو حيوان صفت انسان کي هشيار ڪرڻ
  • ٽيون وجہ انسانيت جو
  • 14- (بيت)
  • وجہ انسانيت جو ڪن قلبي آهي نه مٿي جو
  • شريعت ۽ طريقت ۾ قلبي ڪن جو لقب اذن واعيہ آهي
  • هڪ هوت سان ياري ڳنڍ ٻين سان ڇن
  • سوز سڪ جي باه سان خطرن خام جو جهنگ جلي کامي خاڪ ٿي ويندو آهي
  • نماز گلاري ٿيڻ کان نجات آهي.
  • پاند پسائڻ کان پاسو کان پاسو
  • پسڻ کان پالهي ٿيڻ جو رستو روحاني رهبر هئن ٻڌائي ٿو
  • دنيا جو جهان درياءُ آهي
  • شاه جي نظريه موجب ٻوڙي مان مراد مرشد آهي
  • سچن سونهن جي ساراه
  • ڪين ڪمائڻ جي بيان ۾
  • ڀٽائي جي نظريه موجب ڀونڊي مان مراد لعنت آهي
  • 27 (بيت)
  • نابود مان بود جي بيان ۾
  • عاشقن صادقن ۽ عارفن ڪاملن کي عشق جي اُڃ ۽ پرت جي پيالن پيڻ مان ڍوُ نه ٿيندو آهي
  • تن جي طبيب جي بيان
  • نيهن جي نهان رکڻ ۾ احتياط آهي نه نروار ۾
  • نفس کي مجاهدن جي ڪاتي سان ڪهڻ ۾
  • بيان ذبح حضرت اسماعيل جو
  •   مال اولاد جي محبت ۾ مبتلا ٿي ڪيچ ڌڻي وٽ ڪاڻيارو ٿيڻ
  • نفس مڇ جو مصداق آهي
  •   هڪ گنج ڌڻي غني آهي ٻيا سڀ گداگر ۽ فقير آهن
  • ڏيهه ڌڻي جو ديدار ڏورڻ سان ٿيندو نه ويهڻ سان
  • وحدت جي واٽ وٺي ويهڻ
  • هجري جي حالت ۾ درد وارن جي دانهه ۽ پٽڪو
  • وات سان ورندي ڏيڻ وبال آهي
  • توبہ جي قبوليت ۾
  • ڪمال معرفت جي حصول سان فناءِ شهود جو درجو حاصل ٿيندو آهي
  • بيان حياتي ابدي طيبہ جو
  • سلوڪن وارن وٽ خمر نالو نور روحاني جو آهي
  • عاشقن جي گستاخي به عين ادب آهي
  • سمونڊ جي سيوا ڪرڻ بابت صلاح سود مند
  • آخرت جي پوک پوکڻ ۾
  • نسب تي ناز ڪرڻ
  • پيرن کي نسب جي فخر خراب ڪيو آهي
  • تصديقات علماءِ ڪرام

  • ترتيب

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (183) ”خزانة العارفين “ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب مولانا در محمد ڪانڌڙو خاڪ جو لکيل آهي جيڪو 1962ع ۾ ڇپيو.

    هي ڪتاب المنعم لائبرري لاڙڪاڻي پاران انجنيئر عبد الوهاب سهتي اي بوڪ ايڊيشن ۾ سندس ويب سائيٽ تي آندو آهي. ٿورائتا آهيون سائين عبد الوهاب سهتي جا جنهن هن قيمتي ۽ ناياب ڪتاب کي ٻيهر اسان تائين اندو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    پيش لفظ

    از افادات عاليه جناب عالم عامل صوفي ڪامل فقيہ فاضل مولانا غلام الرسول صاحب عباسي لاڙڪانوي

    بسم الله الرحمٰن الرحيم حامدا و مصليا

    سر ديگر هست کو گوش دگر
    طوطي کو مستعد آن شکر
    طوطيان خاص را قندي ست زرف
    طوطيان عام زين خور بسته طرف
    کي چشد درويش صورت
    ز ان لکات معني است
    آن نـي فعولن فاعلات
    واضح هجي ته علم تصوف نالو علم مشاهده جو آهي جنهن علم کي رسول خدا محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم احسان سان تعبير ڪرڻ فرمايو آهي:
    (ان تعبد ربڪ کانڪ تراه فان لم تکن تراه فھو يراک)
    علم تصوف جو محصول آهي محبت ۽ قرب الاهي ۽ تصفيہ باطن ۽ تزڪيہ نفس. شيخ ڪامل مڪمل عالم ظاهر باطن متبع سنت صاحب الهامات معبر روايات مسيحا دم جي صحبت ۽ تعليم ساڻ حاصل ٿئي ٿو. بي عنايات حق و خاصان حق گر ملک باشد سيه هستش ورق. سلوڪ تصوف ڪامل رهبر جي صحبت کان سواءِ مشڪل بلڪ بسا اوقات مهلڪ آهي. مڪمل جي صحبت اڪسير آهي. سندس ڪلمات شافيِ امراض باطنہ ۽ سندس ارشادات دوائي اسقام خفيه. محبت الاهي ڪري اُن جو ڪلام پارس آهي، جو ٽامي کي سون ڪري ڇڏي.
    شيخ ڪامل جي صحبت ميسر نه ٿئي ته تصوف جا ڪتاب ۽ الله وارن جو ڪلام به نعمت آهي. اوليائن جي ڪلام ۾ ڪافي جاذبيت آهي جو دل کي غير حق جي تعلق کان آزاد ڪري ٿي ۽ انابت ميسر ٿئي ٿي. اسان جي سنڌ ۾ حضرت شاه عبداللطيف هڪ عارف ڪامل متبع شريعت، حاملِ عشق ۽ محبت، عاملِ شرع ۽ سنت ٿي گذريو آهي.
    در کفِ جامِ شريعت، در کفِ سندانِ عشق،
    هر هوس ناک نداند سام سندان باختن.
    سندس رسالو هڪ شفا جو نسخو آهي جو باطن جي بيمارين کان خلاص ڪري ٿو ۽ ڪحل الجواهر آهي جو ڪور باطنن کي نور بخشي ٿو. زبان شيرين ملاحت ڪلام وري ڄڻ سون تي سهاڳي جو ڪم ڏيکاري رهيو آهي. مگر سندس ڪلام پر اشارات رموزات آهي، جو صاحب ذوق کان سواءِ ٻيو مشڪل معلوم ڪندو. الحمد لله جو مولوي عالم ظاهر باطن واقف اسرار ڪن مولوي صاحب در محمد خاڪ ڪاندهلوي رساله جو شرح نالي خزانة العارفين تيار ڪيو آهي جو حامل خصوصيت خاصہ آهي. حل معاني ڪليات مشڪله تعبير اشارات ڪامنہ تطبيق به احڪام شريعت شرح رموزات مخفيه ۾ ڪافي توجہ فرمايو اٿس. هن وقت ۾ اهڙو شرح دستياب ٿيڻ مشڪل آهي. فللہ دره واجره، رب تعالى سالڪان طريقت کي نفع بخشي ۽ شارح صاحب کي اجر عظيم عطا ڪرڻ فرمائي. آمين.
    ڪتبہ الفقير المتوسل بذيل الرسول صلي الله عليہ و سلم غلام رسول المتوطن في بلدة لارکانہ-
    23- رمضان شريف 1381 هه 


    تبصره از جانب جناب اديب اعلى باريڪ بين بالا جناب خان صاحب عبدالله خان چنہ حيدرآبادي

    جناب مولانا در محمد متخلص به خاڪ ڪاندهلوي سان منهنجي واقفيت تقريبا ٽيهن سالن کان رهي آهي. جڏهن آءٌ وارهه جو مختيارڪار هوس ته جناب مولانا صاحب ان وقت ۾ منهنجو عربي ۽ علم عروض جو استاد هو. مولانا صاحب جي صحبت ۾ شاعري، حديث، قرآني فلسفه ۽ شاه جي صوفيانه فلسفي ۽ تصوف جي مسئلن تي ڪيئي مرتبا طويل بحث ۽ تبادله خيالات ٿيا. جنهن مون کي جناب مولانا صاحب ڏانهن زياده مائل ڪيو. مولانا صاحب جي شاعري، سنڌ ۾ عوام جي اڳيان ايترو مشهور نه ٿي آهي. ڇاڪاڻ ته اها عام جي آڏو ڪتابي صورت ۾ نه آئي آهي. ور نه مولانا صاحب هر ڪنهن قسم جو شعر، موزون، بلاغت، فصاحت ۽ ملاحت سان، مشحون نزاڪت سان نباهي چوڻ فرمايو آهي. انهيءَ ڪري جناب مولانا صاحب پڻ جمعية الشعراءِ جي اعلى ارڪانن ۾ مندرج هجڻ ڪري ورڪنگ ڪاميٽي تي ممتاز ميمبر جي حيثيت ۾ چند سالن کان منتخب آهي. مطلب ته مولانا صاحب جو وجود مسعود طبقئه خاص وٽ محتاج تعارف جو نه آهي. بلڪ عام جي اڳيان هڪ گمنام گودڙيو آهي. حضرت خاڪ صاحب، جناب حضرت بزرگ مرحوم مخدوم ملڪاڻي صاحب جو بامراد مجاز مريد هو ۽ آهي. ان جي صحبت سوني مان کيس شاه صاحب جي لنؤ لڳي. اعلى اثر دوران شاه صاحب جي چند بيتن تي اسلامي نڪتي نگاه کان شرح لکي آهي، جا لطيفي پيغام ۽ لات کي، اهل روحانيت آڏو بخوبي پيش ڪري ٿي. اميد واثق آهي ته جناب مولوي صاحب جن شاه صاحب جي سڄي رسالي کي اهڙي رنگ ۾ پيش ڪرڻ فرمائيندا، جو اڄ ڪلهه جي نوجوانن جي تربيت لاءِ اهڙو تمام ضروري آهي.

    (والسلام)

    25-2-62ع
    عبدالله چنا حيدرآباد


    تبصره جديد مشحون بسخن سديد از طبع اديب احسن شيرين زبان اديب زمان جناب محبوب المحبوب صاحب القلم و اللسان دامت حياته – تبصرهء محبوب

    جناب مولانا در محمد صاحب خاڪ ڪانڌڙي جو نام نامي سنڌ جي ادبي حلقن کان محتاج تعارف نه آهي. حالانڪ پاڻ هڪ گوشه نشين اديب؛ قادر الڪلام شاعر لطيفي لات جا شاهاڻا شارح، باعمل عالم ۽ متبحر فاضل آهن. ڌڻي تعالى جي فضل و ڪرم سان شعر جي شعوري ميدان ۾ شهسوار آهن. کين عربي، فارسي، اردو، سنڌي ۽ سرائڪي ۾ مساوي طور يدِ طوليٰ آهي.
    مگر افسوس ته سندن شہ پارا، بازار ادب ۾، جلوه افروز نه ٿيا آهن. ان ڪري اسان جو عوام، جناب مولانا صاحب جي ملڪوتي مڻيا کان، متعارف نه آهي. سندن خداداد قابليت جو ادنى ڪرشمو، موجوده ناياب رسالي، بنام، (خزانة العارفين) جي سهڻي صورت ۾ هويدا ٿي رهيو آهي. ان مان ديس واسي پوريءَ طرح پرجهندا ته مولوي صاحب جن کي لطيفي معرفت جي مام جو پورو پورو درڪ آهي. مرحوم محمد بخش واصف به شرح لطيفي لکي ديس واسين تي احسان ڪيو ۽ اها شرح گربخشاڻي ڊاڪٽر جي رسالي جي شايع ٿيڻ بعد سنڌ جي مسلمانن طرفان پهريون رد عمل هو. ان بعد مولوي صاحب جي هڪ سٻر ساٿي اخويم عبدالله خان صاحب چنا، اديب سنڌ جي خاص شماره ذريعه، ڊاڪٽر گربخشاڻي جون غلطيون شايع ڪري، سنڌ جي مسلمانن طرفان ٻيو قدم کنيو. هي موجوده ٽيون قدم، جناب مولوي صاحب طرفان کنيو ويو آهي جو مذڪور ٻنهي قدمن جو مرڪب آهي ۽ شاه صاحب جي رساله کي سمجهڻ لاءِ اضافي قدم جي حيثيت رکي ٿو. ڌڻي ڪري ته مولوي صاحب لطيفي رسالي جي هن پاڪ پيغام کي توڙ تي پهچائي. آمين.

    ازانسواءِ مولانا صاحب شاه صاحب جي شاهاڻي حياتي جي ڪن خار نڪتن تي به روشني وجهڻ فرمائي آهي، جن مان لطيفي تعليم، قابل توجہ آهي. سندن نظريو تحفته الڪرام مقالات الشعرا جي صاحب مرحوم مير علي شير قانع جي تصديق ڪري ٿو. بندو پڻ ان نظرئي جو قائل آهي ۽ 1948ع ۾ هن جو پرچار ڪري چڪو آهي. جي صاحب روحانيت ۽ وهبيت ۾ عينين رکن ٿا. انهن کي قانع صاحب وارو نظريو قوي نظر اچي ٿو مگر جي دنوي ۽ اڪتسابي علم جا دلداده آهن تن کي اهڙي روحاني ۽ رباني رازن جي ڪهڙي قوت. کجدانند حال ما سبکار ان ساحلها توقع تام آهي ته جناب مولانا صاحب جي هي محبت واري مشقت باثمر ٿيندي ۽ ميڙ لطيفي پانڌيڙن لاءِ هڪ مڪمل سونهي ۽ رهبر جو ڪم ڏيندي.

    والسلام
    محبوب علي چنا
    حيدرآباد 25-2-62


    از قلم فيض رقم جناب حضرت سيد محمد علي اڪبر شاه صدر جامع عربيه حيدرآباد سنڌ

    شاه جو رسالو پيغام آهي جو سنڌي زبان ۾ آهي پر سنڌي ماڻهو به شاهه جي انهي پيغام کي نه ٿا سمجهي سگهن، ڇاڪاڻ ته شاه جو پيغام روحاني پيغام آهي. روح کي جاڳائيندڙ پيغام آهي يعني تصوف سلوڪ طريقت ۽ حقيقت ۽ معرفت حاصل ڪرڻ جي تعليم آهي. حضرت شاه حق آگاه جي پيغام جي سمجهاڻي ۽ شرح تشريح جي ڏاڍي ضرورت آهي، آنجهاني گربخشاڻي البته همت ڪري هڪڙو شرح لکي شايع ڪيو جي ٽي جلد ملي سگهن ٿا، چوٿون جلد ناپيد آهي. مون کي ياد آهي ته انهي زماني ۾ قاضي سيد اسد الله شاه صاحب ٻارهن قسطن ۾ اخبار الوحيد ۾ گربخشاڻي جي شرح تي هڪ علمي تنقيد ناقدانه انداز ۾ لکي هئي. جنهن سنڌ جي علمي ادبي حلقن ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي ۽ پروفيسر گربخشاڻي کي اعتراف ڪرڻو پيو ته مان عالم نه آهيان صوفي به ناهيان پر پنهنجي علم آهر جيڪي مون کان ٿي سگهيو آهي، سو مون لکيو آهي. مان چوان ٿو ته کيس شاباش آهي پر افسوس آهي ته گربخشاڻي کان پوءِ ڪو به مستند شرح شاه جو شايع ڪونه ٿيو آهي- مون کي جناب حضرت مولانا مولوي درمحمد صاحب خاڪ ڪاندهلوي جي لکيل شرح ڏسڻ جو اتفاق ٿيو ته منهنجي دل باغ و بهار ٿي ويئي جو اهڙي عالم دين ۽ عارف حقيقت صوفي باصفا جي قلم کڻن جي ضرورت هئي. شاه ڀٽائي ڀلاري جي هر شعر تي قرآن شريف حديث شريف ۽ تصوف جي تسليم ٿيل ڄاڻن- ڄاڻو بزرگن رومي، حافظ، جامي، سعدي، عطار، سنائي ۽ جنيد بغدادي ۽ بايزيد بسطامي، امام قصيري، امام غزالي ۽ امام رباني، ۽ غوث اعظم جيلاني، غوث ذڪريا ملتاني ۽ مخدوم جهانيان ۽ خواجه معين الدين چشتي اجميري، نظام الدين اولياء دهلوي، قلندر شهباز ۽ بوعلي قلندر ۽ عرب عجم سنڌ ۽ هند جي صوفين اوليائن ڪرامن جي ڪلام کي گڏ ڪري شاهه ڀٽائي جي شرح ۾ دليل ورتو آهي. شاه جي پنجاه بيتن جو شرح ڪري پنجاه خزانن جا دروازا هن ڪتاب جي پڙهندڙن لاءِ کولي ڇڏيا آهن جئن شاه صاحب ڀٽائي سنڌي جي مجلس ۾ انهن سڀني بزرگن جي زيارت روحاني طور ۽ بشارت سندن گفتگو ۽ ڪلام جي صورت ۾ حاصل ٿي سگهي ٿي مان دعا ٿو ڪريان ته الله تعالى مولانا مولوي صاحب درمحمد المتخلص خاڪ جنهن سنڌ جي خاڪ کي افلاڪ تي پهچائڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي سو پايئه تڪميل تي پهچائي جو مولانا صاحب پاڻ صوفي شاعر صاحب ڪليات آهي ۽ اهڙي بزرگ جي قلم فيض رقم سان سنڌي ادب ۾ قابل قدر اضافو ٿيندو ۽ سنڌي ادب ۽ شاه ڀٽائي جي شائقين جي تسلي ۽ تسڪين جو باعث ٿيندو. جيڪڏهن هن ڪتاب کي خريد ڪري حرز جان بنائيندا ۽ املهه خزانو هٿ ڪندا ته مصنف شارح جي همت افزائي ٿيندي، جنهن پنهنجي قلم سان گڏ پنهنجي حبيب کي به هن وڏي ڪم جي حوالي ڪيو آهي.
    فقط 23 مارچ 1962ع
    سيد محمد علي اڪبر شاه ميهڙائي


    چند اشعار از طبع ع ق شائق ڪنڊوي

    بي – اي (ايم – اي) سنڌ اي ايف پنجاب

    لطيفي لات جو رهبر مبارڪ هي ڪتاب آهي
    ڪيو تصنيف حضرت خاڪ صاحب لاجواب آهي

    غواص بحر وحدة عرق ريزي سان ڪڍيا موتي
    وينجهارن وٽ قدر قيمت انهن جو بي حساب آهي

    بلاشڪ آهه شيرين چشمه ميخانه محبت جو
    پياسي قلب جي اڃ ڪاڻ پاڪيزه سحاب آهي

    موالي معرفت ميخانه جا مشتاق ٿي پيندا
    پيالا پر ڪري ساقي هٿان سهڻو ثواب آهي

    تصوف جي سمندر جو هي آهي نا خدا ڪامل
    شب ديجور ۾ جيئين منور ماهتاب آهي

    نظر اڪسير عارف سان وڃن رهگير لک رڱجي
    نهاني نيهن پنهنجي مهن مٿان کوليو نقاب آهي

    لطيفي لار گهرجي تشنگي ۾ تشنئه لب کي
    سدا ميخانه ساقي جو صفا گلگون شراب آهي

    لکين نسخا لکيا شائق اديبن شاه تي ليڪن
    ادب جي آسمان جو هي مڪمل آفتاب آهي


    سرتاج سنڌ جو روحاني عبرت خيز معجزو ۽ ڪرامت

    اڄ رات آچر جي مورخہ 27 ربيع الثاني سن 1381 هه ۾ ٿورو تهجد جي وقت کان اڳي سهڻي ۾ سهڻو سفيد لباس نوراني سان پهريل ڏسي رهيو آهيان جو فقير جي مسجد شريف ۾ شريفانہ انداز ۽ روحاني راز سان تشريف فرماء ٿيو ڏسڻ سان سڃاڻي چيم ته جناب ڀٽائي گهوٽ آهي پاڻ سڳورا مون سان شفقت ڀريو ڀاڪر پائي ملڻ کان پوءِ مسجد مبارڪ جي مصلي تي اوڀر طرف ڏي مهن مبارڪ ڪري ويٺا فدوي سندس خدمت اقدس ۾ بيٺو رهيو تانجو پاڻ فرمايائون ته توهان منهنجي سڄي پاسي کان ويهي رهو، فدوي حڪم موجب اڃان ويهڻ جو خيال ڪري هيٺ نهاريو ته ناگاه نکه تي حيرت ڀريو عمدو هنڌ وڇايل نظر آيو، جنهن تي ويهڻ سان دل جو دل ۾ خيال دامن گير ٿيو ته هي حيرتي هنڌ حضرت سرتاج سنڌ جي ڪرامت جو ڪارڻ آهي جو هنڌ فدوي جي اعزاز ۽ احترام جو باعث ٿي ٻاهر ٿيو آهي وگرنہ نک تي اڳ ۾ ڪجهه به ڪونه هو، آخرڪار ويهڻ کان پوءِ واجهائي ڏٺم ته مسجد مبارڪ ۾ فقط ٽي فرد هواسون هڪ لطيف لاثاني ٻيو فدوي فرحاني ٽيون نالي علي محمد نگراني جو پڻ فدوي جو ڀاڻيجو ۽ مسجد جو بانگو آهي. سو سرتاج سنڌ جي اوڀر طرف کان سامهون ويٺل نظر آيو ٿي. اهو وقت سعيد مون کي نماز جو نظر آيو تنهن ڪري مون کين مؤدبانه نمونہ ۾ گذارش ڪئي ته قبله عالم بانگ ڏيارجي پاڻ فرمايائون ته اڃان وقت ڪافي پيو آهي ڪجهه دير ڪريو ٿوري دير گذرڻ کان پوءِ ڏٺو ويو ته ساري مسجد ماڻهن سان ڀرجي ڀرپور ٿي وئي جن مان ڪي سينگار واسطي گل ڦل کڻي آيل هوا ته ڪي وري ڳاڙهي رنگ عمدي تي هڪ تنبو کڻي آيا جو ساري مسجد کي محيط ٿي ويڙهي ويو اسان سڀني پاڻ کي تنبو رنگين جي زير سايہ ويٺل ڏٺو مطلب ته ساري مسجد مبارڪ سينگار جي سبب ڪري ڄڻ بهشتي باغ بڻجي چڪي هئي. اتي سڀ ڪنهن جي حيرت جي حد نه رهي مڙئي ماٺ جي حالت ۾ محو هجڻ ڪري لب ڪشائي جي جرئت وڃائي ويٺا هوا ته اوچتو هڪ نوجوان نروار ٿيو جنهن جي هٿ حڪمتي تي ٽي لٽا سفيد جديد رکيل هوا جي لٽا هن نوجوان جناب سرتاج سنڌ جي آڏو ادب سان رکيا پوءِ اهي ٽئي ڪپڙا پاڻ سڳورن پنهنجي هٿ مبارڪ سان فدوي کي پارايائين اها پڳ مبارڪ پاڻ پنهنجي هٿ سان ٻڌائي فرمايائون ته اڄ کان وٺي تون اسان جو اُويسي خليفو آهين ۽ هي مسجد مبارڪ اڄ کان وٺي مسجد “لطيفي” سڏجڻ ۾ ايندي، ڇو ته تو مون کي رسالي “خزانة العارفين” جي ٺاهڻ سان نهايت روحاني راحت رسائي آهي تنهن ڪري مان بذات خود توکان گهڻو خوش ۽ رازي بازي آهيان، انهي چوڻ کان پوءِ پاڻ سڳورا غائب ٿي ويا ۽ مان بيدار ٿي جاڳي پيس، هن عبرتي خواب مان ٻه ڳالهيون ڌيان طلب آهن هڪ سرتاج سنڌ جي روحاني ڪرامت وارو الهام ٻيو رسالي جي شارح جي عزت ۽ احترام، انتباه زائل اشتباه.
    فدوي هڪ ڏينهن مورخه 26 ربيع الثاني تي رسالي خزانة العارفين جي فهرست مضامين کان فراغت حاصل ڪئي ته ورندڙ رات 27 ساڳي مهيني جي جناب سرتاج سنڌ پاڻ تشريف فرماءِ ٿي. فدوي کي فوز عظيم جي فيض سان فرحان ڪرڻ فرمايو، ڄڻ ته فدوي کي پنهنجي قدوم ميمنت لزوم سان رسالي جي تاليف جو حق هڪدم عطا ڪرڻ آيو هو.
    لقاء لطيفي لهندڙ درمحمد خاڪ صديقي ڪاندهلوي.


    تعارف ذي المعارف جو بيان

    سنڌ جي سرزمين سر سبز تي جناب سرتاج سنڌ جون سوين ورسيون ملهايون وڃن ٿيون ۽ سندس رسالي جي دشوار ۽ اوکن لفظن جي معنائن تي ڪن بزرگن اديبن گهڻي محنت ۽ کوجنا ڪرڻ فرمائي آهي جن صاحبن جي محنت مزيد ۽ ڪوشش ازيد جو شڪريو بجا آڻڻ اسان تي اخلاقي طرح لازم آهي پر ڪيئي ورهن جا ورهه ۽ صدين تي صديون گذر ٿينديون ويون مگر ڪنهن صاحب گام زن ٿي رسالي جي شرح شافي ۽ حجت وافي جي طرف وکه وڌائڻ جي ڪوشش ڪامل ڪانه ڪئي، هائو مسٽر گربخشاڻي جو شرح تيار ڪيل نڪري نروار ٿيو جو تحقيق جي نکته نگاه کان بلڪل اڻ پورو هو تنهن ڪري اهو به حضرات ناقدن جي نظر فيض اثر جو نيشان بڻجي اهڙو ته دٻجي ويو جو اديبن جي دنيا تي سندس مقبوليت ته محو ٿي پر رهندو سندس پڙهڻ جي پچرئي عدم پديد ٿي وئي، تنهن ڪري ٻيا صاحب فهم به شايد زير اثر رهي سرد ٿي ويهي رهيا و گرنه دنيا داناعن ۽ صوفين صديقن کان خالي نه آهي يا ڪو ٻيو سبب روڪ رڪاوٽ جو هجي، والله اعلم بالصواب مطلب ته گهڻو وقت اکيون انتظار جا تارا تڪينديون رهيون پر هيٺين پهاڪي وانگي
    (پينچن کي مهت نيسارو اتي جو اتي)
    وارو معاملو درپيش ٿيندو رهيو، آخرڪار ڏٺو ويو ته ڪو به مرد مٿين ميدان تي نڪري نروار نه ٿيو ايتري انتظار واري عرصه گذرڻ بعد، ڪن بزرگن احبابن ادب جي گهڻ گهرن جو فقير حقير پيرسن زهير هن خاڪ نمناڪ تي زور بار پيو ته تون هن ڪٺن ڪم ڏي ٿورو توجہ ڏي. مون کين انڪاري جواب ڏيڻ موزون نه ڄاتو بلڪ بيمارن وانگي هوريان هائو ڪري ويٺس جيئن جو هوريان واري هائو تي هي هيٺيون مصرعه صادق اچي ٿو
    (مصرعه)
    (هائو ڪري ٿو هوريان بيمار جي طرح)
    تنهن هوندي به زماني جي لاهن چاڙهن ۽ بيمارين جي هولناڪ حملن هجڻ ڪري سنبرندي سنبرندي سال ڏيڍ گذري ويو پر ڪم اهم مطلوب ۾ هٿ وڌو نه پنو، جنهن ڪاهلي ۽ سيڙپ واري سنبت تي هي هيٺيون بيت لطيفي صادق اچي ٿو.
    (بيت)
    اتر ڏني اوت، نه مون سوڙ، نه گبرو،
    چار ئي چني پوت، مون ويڙهندي رات وئي.

    آخر ڪار ڳالهه هن ڪڙي تي پهتي جو دوباري تاڪيد، اڪير ۽ محبت مزيد سان مون کي پنهنجن پيارن دوستن بزم لطيف نصيرآباد وارن ۽ سڄڻن جي سنگت وارن ۽ جناب شير شاه صاحب چيئرمن يونين ڪائونسل لاکا جي اهڙو ته مجبور ڪرڻ فرمايو جن صاحبن کي ٻيهر انڪاري جواب ڏيڻ ڏاڍو دشوار ۽ ڏکيو نظر آيو. نيٺ مون هائو ڪري الله تبارڪ جي توفيق ۽ رحمت رفيق تي اعتماد ۽ ڀروسو ڌري، ايڏي ڪٺن ڪم جو بار سر تي کنيو، موجب پهاڪي معروف.
    (همت مردان مدد خدا)
    ۽
    جي گهڙيا سي چڙهيا
    تي پورو پورو تڪيو ۽ ڀروسو رکي ڪينسر جهڙي سخت خطرناڪ بيماري کي به نظر انداز ڪري دل جو دل ۾ چيم ته حق وارن جي حمايت هر دم حق جي طرفان ٿيندي رهندي آهي، هٿ وجهڻ ۾ هاڻي دم دير ڪرڻ نه گهرجي، انهي پڪي عزم ايرادي جي پٺ ڀرائي زيرين ڪلام خاڪ جي مان صريح ثابت آهي
    (ڪلام)
    حق وارن جي حمايت هت هتي ٿيندي رهي، + ذات حقي ساٿ سڀ کي پاڻ ٿي ڏيندي رهي.
    1. ڀروسو جن جو فقط آ ذات باري تي ڀلو + رات ڏيهان ذات تن سان پاڻ گڏ رهندي رهي.
    2. نيهن جي نصرت عَلَيناَ ڪانَ حقّا ڪارگر + عاشقن تي روز شب ۾ عرشن کان ايندي رهي
    3. ڌار ڪنهن کان يار ناهي ڌار ڄاڻو ڪينڪي، + وصل جي وائي ڪڏهن نا وات مون ويندي رهي
    4. خاڪ تي گل ڦل ڄمي پو باغ بڻجي ٿو پوي + حسن گل تي بلبلن جي هونگ ڏس هوندي رهي)

    تنهن ڪري جيڪڏهن حق جي حمايت مون جهڙي مريض پيرسن کي نه هجي ها ته ايڏي ڪٺن ڪم ۾ ڪامياب ٿيڻ محال هو پر هزارين حمد ۽ لک لک ڀيرا شڪرانا انهي سائين سڄڻ سروري ۽ سرڪار صمدي جا جنهن پنهنجي فضل ڪرم سان منهنجي هٿان چند بيتن ڀٽ ڌڻي جو شرح شافي آيتن ۽ حديثن ۽ سلف صالحن جي سونن قولن سان سينگاريل پورو ڪرايو آهي آمين ثم آمين.
    هي رسالو پرت جو پيالو نالي خزانة العارفين حصه اول جو ڇاپجڻ کان پوءِ قريب قريب اڍائي ٽي سون صفحن تي تيار ٿي بيهندو سو صوفياني رنگ جو رسالو طريقت وارن لاءِ تحفو نرالو، مون جهڙي مريض ۽ پيرسن زهير جي طرفان پيش ٿي رهيو آهي. اميد ته سڀني ڀائرن اديبن ۽ ڀينرن خوش نصيبن وٽ مقبوليت جو شرف عظيم حاصل ڪندو، موجب زيرين فارسي جي،
    برگ سبز ست تحفئه درويش
    گر قبول افتد ز هي عز و شرف)
    تنهن ڪري لطيفي لات سان ڀرپور رسالو ڄڻ ته قرآني آيتن ۽ آفاقي آيتن جو پورو پورو مجموعو ۽ عبرتي ڪتاب مستطاب آهي جنهن رسالي جي روحاني رمزن ۽ رنگين غمزن کي فقط روحاني رهبر ۽ معرفت جا مهار ئي پروڙي سگهن ٿا ڇو ته هيٺين پهاڪي مان اها حقيقت پڌري آهي
    (پهاڪو)
    (گونگا مامون گونگن جون سمجهندا آهن)
    پر هي هيٺيون غزل غمزن ڀريل دنيا جي عبرتي ڪتاب ڏي عمدو اشارو ڪري رهيو آهي
    (غزل)
    دنيا سموري عبرت جو ڄڻ ڪتاب آهي + سٽ سٽ ۾ سير سڙي جو خوش خطاب آهي
    1. زير زبر ۾ ذاتي پس پيش ۾ جزم سان + جي جو جيارجاني جڳ، جو جناب آهي
    2. نقطي ۾ نينهن وارو نڪتو نهان ڄاڻو + نظري نماءُ نالي نادر نصاب آهي،
    3. هر ورق ۽ پني تي عبرت جي عين آڏو + ديوان معرفت جو ۽ بره باب آهي
    4. دنيا ٿي ديدور کي دلدار سان ملائي + صورت ڏسڻ سڄڻ جي سهڻو ثواب آهي.
    5. ڪثرت مان ورهه وارن وحدت جو واس ورتو + ڪثرت ۾ ڪين اٽڪو اٽڪڻ عذاب آهي.
    6. دنيا جي دال اندر ديدار جو اشارو ڏس + ڏس نظارو نازڪ کليو نقاب آهي.
    7. دنيا جي معنى اقرب ويجهو وصال سان + ديدار کان پري جو حيوان دواب آهي.
    8. نوني اشارو آهي نروار نيهن ڏي + دهه نيهن جو دنيا ۾ ڪو ڪو نواب آهي.
    9. يي مان يقين يارو ملندو پرين پيارو ٿي + ڪينڪي وسارو اڳيان عتاب آهي.
    10. الف ۾ اشارو الفت عجيب وارو + سيني ۾ سير سارو تجلي جو تاب آهي.
    11. دنيا جي رنگ ظاهر تي ڀل ڪڏهن نه + ڀورا ڀلجي وڃڻ دنيا تي اڪبر حجاب آهي.
    12. خوش خواب پڻ عبادت دنيا ۾ خاڪ تن جو + وحدت جي راڳ سان جن رڳ رڳ رباب آهي.


    قدرتي ڪارخانہ قديم جو اٽل

    قانون ۽ دستور آهي ۽ هميشہ هوندو ته سون سالن ۽ هزارن ورهين گذرڻ کان پوءِ دنيا اندر ڪو نه ڪو ديدور ۽ رهبر روحاني پيدا ڪري پنهنجي حڪومت عادله ۽ حڪمت ڪامله سان انهي ديدور داناءَ جي ذريعه سان دنيا کي سڌاريندو آهي تنهنڪري قانون مذڪور جي مد نظر تي ڌني تعالى ڀٽ ڌڻي کي به اهڙو اعلى درجہ جو ديدور ۽ رهبر روحاني ڪري دنيا تي موڪليائين جنهن جي واسطي ساري سنڌ ڇا بلڪ ساري دنيا جو گهڻو ڀاڱو سڪي ٿو ۽ اڃا به سڪندو رهندو جيئن جو زيرين بيت مان پڻ اها حقيقت ظاهر آهي
    (بيت)
    (هزاروں سال نرگس اپنی بے نوری په روتی هـے
    بڙی مشکل سـی هوتا هے چمن ميں ديده ور پيدا)
    پر هن سرتاج سنڌ دنيا جي ديدور پنهنجي سهڻي سنيهي ۽ سلام کي ساري سنڌ ۾ ڇا بلڪ پاڪستان ۽ هندستان وغيره کي به پهنچائي ڏنو هر ڪنهن قوم جي ڪن تي هي عبرت پذير پيغام پهچي چڪو آهي ۽ پهچندو رهي ٿو ويتر جو سندس سنيهي کي سهڻي پيرائتي سان سمجهائڻ لاءِ شرح شروح پرو روح شايع ٿيڻ لڳا آهن تن ته ويتر سون تي سهاڳي جو ڪم ڏنو آهي. اهڙي سهڻي سنيهي جي ٻڌڻ لاءِ نه فقط قوم مسلم تيار آهي پر هزارين هندو ڀائر وغيره به وڏي سڪ سبيل سان سوا ڪنهن ڌڙڪ هٻڪ جي سڻي ٻڌي سوزگداز ۽ روحاني راز پرائي رهيا آهن. جنهن جي علامت امتيازي هي آشڪار آهي ته ڪي هندو صاحب رسالي جي رغبت ۽ شوق جو شڪار ٿي رسالي جا شارح ٿي چڪا آهن ته ڪي وري ورسين ملهائڻ جا قوم مسلم وانگي مشتاق آهن ته ڪي وري جيڪي هن کان ڪجهه زمانو اڳي ٽوڪ لوڪ کان ٽهي رڳو بسم الله پڙهڻ کان پرهيز ۽ پاسو ڪندا هوا سي صاحب اڄ ڀٽ ڌڻي جي سندي لباس پهرايل قرآني پيغام کي پنهنجن اکين ۾ عزت افزا جاءِ ڏئي حبدارن وانگي هئن چوڻ کان نه ٿا هٽن ته
    (بيت)
    زمر ز خوف سومرا، حمد جنين جو هنڌ،
    اهدنا الصراط المستقيم اهو پهنوارن پنڌ،
    باري لاهج بند، ته عيبن کان آجي ٿيان.
    اهڙي ديدور رهبر روحاني جو اسان سنڌ وارن ڪما حقہ قدر ڪونه آهي پر جي خدا نه خواسته اهڙو ديدور لاثاني مغربي ملڪ ۾ پيدا ٿئي هان ته اها قوم سندس رسالي جي شرحن ڪرڻ ۽ شايع ڪرائڻ ۾ هزارين حيلا هلائي ۽ وڏا وڏا ڳاٽي ڀڳا خرچ خروج ڪري به سندس رسالي جا شرح شايع ڪرائي دنيا کي ساڻس روشناس ڪرائن هان پر افسوس صد افسوس جو اسان مشرقي اديبن کي ههڙي لاثاني هيري جو ڪو به جوڳو قدر ڪونه آهي جو سندس رسالي جا هزارين شرح شروح ته پري ٿيا پر اڃان تائين اسان سنڌي ٻٽي شرح قابل اعتماد به نروار ڪري نه سگهيا آهيون شايد –
    پهاڪو –
    (گهر جو پير چلهه جو مارنگ)
    وارو مثال گهڻي ڀاڱي اسان سنڌ وارن سان ئي لاڳو ٿي سگهي ٿو – اهڙي حالت بي قدري جي ڏسي وائسي اديبن جون دليون گهڻو ڪري سرد ٿي ويون آهن تنهن ڪري تصنيف جي ڪم اهم ڏي دلي توجہ نه ٿا ڏين – ڪجي اميد ته ڪي ڪي نوجوان يا ڪهنه مشق اديب سنڌ غفلت جي نوم کان بيدار ۽ سجاڳ ٿي مون ڪهنه مريض جي ڪوڪ ۽ اپيل کي لبيڪ فرمائي هٿ حقير جي سان پنهنجو هٿ حمايت ملائي ميدان تي نڪري نروار ٿين ته مون پوڙهي بيمار تان به ڪجهه بار هلڪو ٿئي پر مان هن هيٺين دعوى ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيان ته جيڪڏهن فخر هند سر اقبال تائين لطيف جي رسالي جو ترجمو اردو زبان ۾ پهچي هان ته اهو اقبال به سر زمين سنڌ تي تشريف فرماءِ ٿي ڀٽ ڌڻي جي روضه مبارڪ کي ڀاڪر پائڻ جي نه رڳو عزت حاصل ڪري هان بلڪ سندس آستاني بوسي سان پنهنجي اقبال جو به اقبال ڄاڻي هان موجب بيت زيرين جي
    (بيت)
    قدر جوهر شاه داند يا بداند جوهري
    قدر گل بلبل بداند قدر دلدل شہ علي

    شاعرن جو شاه جناب سرتاج سنڌ نه فقط معمولي مشتاق هو پر هو رهبر روحاني ترجمان الهام آسماني اهو شوق وحدت جو شهباز ۽ بره وارن وقت جو بادشاه باز هو – جنهن جي هر هڪ سور سوز تان سو سَوَ سک به صدقي هوا ۽ هوندا- تنهن ڪري طالب حق ۽ سالک سڪ برحق جي کي ۽ بره جي باني مباني عاشق اڻ ٿڪ کي گهرجي ته سرتاج سنڌ جي سچن سورن مان ڪجهه نه ڪجهه پرائي سنڌ ۾ سورن جي اقليم جو سردار ۽ دردن جو دهدار ۽ دنيا جي عالم ۾ عشق ذاتي جو علمبردار ٿي ڏيکاري ته نيهن وارا نواب کيس نظر اعتبار جي سان نهارين –
    جيئن جو هيٺيون غزل غمزن ڀريل انهي حقيقت تي پوري طرح روشني وجهي ٿو.
    (غزل)
    1. عاشقن جو عشق ذاتي سان علمبردار ٿي + سور جي اقليم جو سڪ سوز سان سردار ٿي
    2. قلب واري ڪوڪ سان تون قلب جو پڻ قلب ٿي + روح روحي راز اندر روح جو رهدار ٿي
    3. سير سري سون ليڪن خير خفي خوب آ + عين اخفى ۾ عجيبن جو عجب اسرار ٿي
    4. نفس ناسو تي نفي اثبات سان نابود ڪر + نور نفي نور نظري نور ۾ نروار ٿي
    5. درد جو پڻ درد ٿي تا داس دردن جا ٻرن + ٻر ٻري ٻاري ٻيائي ٻاڻ جو بي ٻار ٿي
    6. جان جوشن ۾ جياري جوش جو پڻ جوش ٿي + گوش جو بي گوش ٿي پر گفت جي گفتار ٿي
    7. هوش جو بي هوش ٿي تون هل هيئين سان هوت ڏي + هوڏ هستي کان هٽي پو هوش جو حقدار ٿي
    8. خيم وحدت جا پيالا پر ڪري ميخانه مون + ساقي ڪوثر هٿان هردم وٺي ميخوار ٿي
    9. طالب المولى تکو تک تار ۾ ترندو رهي + تون به تنهن وانگي تري اغيار جو اغيار ٿي
    10. خاڪ آهين خاڪ ٿي افلاڪ جو معراج ڪر + سير سري جي صفت سان عرش جو سينگار ٿي

    هن غزل مذڪور مان صحيح ثابت آهي ته جڏهن به سا لک سلوڪي سڀني لطائفن کان فراغت نامه حاصل ڪري فکرات جي مراقبن ۾ مستغرق ٿيندو آهي تڏهن هُن کي بيخودي جي حالت طاري هجڻ ڪري فقط فکر ذڪري جي محويت ۾ مداوت هوندي آهي ته ڪنهن ٻي شغل اشغال ۾ هميشہ سندس حالت خالي هوندي آهي نه قاني جيئن جو زيرين ڪافي مان انهي ڳالهه جو ڪجهه پتو پوي ٿو.

    (ڪافي)
    فڪر تنهنجي ۾ فنا ٻي فڪر کي مان ڇا ڪندس + اجر اعظم عشق جو ٻي اجر کي مان ڇا ڪندس
    عشق تنهنجي جو نه مٽ مشڪ ختن کي ڀائيان + عطر اعلى عشق جو ٻي عطر کي مان ڇا ڪندس
    فاذڪروني گوش تي آواز اذڪر ڪم پيو + ذوق تنهنجي ذڪر جو ٻي ذڪر کي مان ڇا ڪندس
    پاڻ پنهنجي پاڪ هٿ سان جام ڏي جاني ڀري + خمر پاڪيز پيان ٻي خمر کي مان ڇا ڪندس
    ابر رحمت رات ڏيهان رات وارن تي وسي + ابر سوئي ماڻيان ٻي ابر کي مان ڇا ڪندس
    خاڪ ڪر پرواز تون افلاڪ ڇا عرشن مٿي + اُدُن مِنّي امر آ ٻي امر کي مان ڇا ڪندس.

    حاصل ڪلام ته رسالي “خزانة العارفين” جي ٺاهڻ جو اهو هرگز مطلب نه آهي ته رسالي مذڪور ڇا پرائي فقط پاڻ کي عوام ۾ پڌرو ڪجي بلڪ رسالي جي ڇاپائڻ ۽ شهرت ۾ فدوي جو فقط هي مطلب آهي ته جيئن تيئن لطيفي لات سان سهڻي پيرائي ۾ ساري سنڌ کي ڇا بلڪ دنيا کي روشناس ڪرائڻ جو خيال آهي اهو خيال عديم المثال حال توڙي استقبال ۾ ساراهه جو سزاوار آهي- شل اهڙو خيال اديبن ۽ عالمن کي ابد الاباد هجي آمين- ٻيو ته فدوي سرتاج سنڌ جي سيرت پاڪ جو اختصار کان ڪم وٺي فقط چند بيتن جي تشريح تي ڌيان ڏيڻ وڌيڪ مناسب ۽ موزون ڄاتو ڇو ته سيرت تي گهڻن صاحبن چڱو تحقيق ڪرڻ فرمايو آهي باقي شرح شافي جي حصول ۾ ڪوشش ڪثير جي اشد ضرورت هئي – تنهن ڪري تشريح نامه تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو آهي نه سيرت ڏي – پر تنهن هوندي به بيماري جي هر هر حملن هجڻ سبب رسالي ۾ ثاني نظر ڪرڻ جو پورو پورو وجهه نه ملي سگهيو آهي، تنهن ڪري ممڪن آهي ته ڪي نه ڪي خيالي يا قلمي خاميون منجهس رهجي ويون هجن- تنهن ڪري حضرات اديبن ۽ معرفت جي ماهرن جي خدمت ۾ مؤدبانه گذارش آهي ته اصلاح فرمائي همدردي ڪرڻ جو ثبوت ڏيندا ۽ عيب جوئي کي نظر انداز ڪرڻ فرمائيندا ڇو ته دانائن جي دائمي هنر تي نظر هوندي آهي نه عيب اوڻاين تي جيئن هن بيت مان عيان آهي:

    الا اي خرد مند فرخنده خوئي،
    هنرمند نه شينده ام عيب جوئي


      (پنهنجي پچار)

    ڪاندهله قديم جي ڪيفيت تاريخي روشنائي موجب روشن ڪجي ٿي جا وڏن کان تواتر جي طريقه سان اسان جي ڪنن تائين پهتل آهي سا هيٺين ريت آهي ته-
    هندستان اندر ضلع مظفر نگر جي گردنواحي ۾ هڪ وڏو جبل توڦ زني ۽ گولي ماري جي گولي سان نيشانن هجڻ ڪري کنڊ کنڊ ۽ گهير واٽون ٿي رهيو هو. اتي قسمت سانگي هڪ عرب امير دهلي شهر شاندار جي عرب سرائي محله مان نالي قاضي ضياءُ الدين سنامي صديقي قريشي آيو. جنهن امير صاحب اچي جبل مذڪور جا کنڊر کرڙا ۽ گهير گهٽ ڀنڃي ڀورا ڪرائي ۽ هيٺ مٿاهيون مارائي مٿاڇري مقام تي هڪ شهر بادشاهه تغلق جي يادگار ۾ تغلق آباد جي نالي سان ٻڌايو. جنهن شهر جي شهرت عوام جي ڪثرت استعمال ڪري ۽ قدرتي عزم ايراده موجب کانڊره نالي سان نروار ٿي وئي. تان جو گهڻي زماني گذرڻ کان پوءِ اهو ساڳو کانڊره نالو بدل سدل ٿي ڪاندهله ٿيو جنهن جي نالي اهڙي ته شهرت پذيري حاصل ڪئي جو ڪن ايامن بعد ريلوي وارن ڪاندهله جي ايڏي شهرت ڏسي ٻڌي ڪاندهله جي نالي سان اسٽيشن ڪاندهله برپا ڪرڻ فرمائي جا اسٽيسن اڃا تائين موجود آهي اهو اسٽيشن جو ذڪر تذڪره الياس عليه الرحمته ۾ پڻ ثابت آهي پردين اسلام جي اشاعت سبب اهو شهر اهڙو ته شهرهء آفاق ٿي چڪو هو جو مذهبي مرڪز ۽ دارالافتاعه جو عمدو لقب ماڻي رهيو هو جنهن مان هزارين ماڻهو فيضياب ۽ مستفيد ٿي ويندا هوا ڪاندهلوي بزرگن جي خاندان نسل مان قابل ذڪر بزرگ هيٺين نالن وارا آهن.
    1- پهريون مولانا علامته العصر مفتي الهيٰ بخش صاحب صديقي ڪاندهلوي آهي جنهن صاحب مثنوي رومي جو شرح ڪامل ٺاهي تيار ڪرڻ فرمايو ۽ قصيده برده جو شرح شافي ٺاهڻ فرمايو آهي وغيره. هن بزرگ جو شجرو مبارڪ جو ڇاپيل فدوي وٽ آهي حضرت امام رازي صاحب تفسير کبير واري سان ملي پوءِ حضرت ابابڪر صديق رضي الله عنه سان ملي ٿو- 2 فرد فريد باني تبليغي جماعت جو جناب مولانا محمد الياس ولد مولانا محمد اسماعيل آهي جنهن بزرگ جي مزار پرانوار دهلي شهر جي محله نظامي ۾ آهي- جا عام خاص جي زيارت گاه آهي- هن ثاني بزرگ جو خلف رشيد پراخلاق حميد مولانا محمد يوسف آهي جو اڃان تائين زنده حيات آهي. 3- مولانا محمد ذڪريا صديق صاحب شيخ الحديث داماد مولانا محمد الياس صاحب جو آهي. انهي ڪاندهله گهراڻي ۽ خاندان جو هڪ هيرو ۽ گوهر گرامي نالي شاه احمد احسن انجامي صديقي ڪاندهلوي تغلق جي زماني ۾ تغلق سان گڏجي سنڌ ۾ آيو اچڻ کان پوءِ سنڌ ۾ رهڻ جو پڪو پهه پچائي هڪ ڳوٺ نالي ڪاندهله جديد ڪاندهله قديم جي يادگار ۾ ٻڌايو جتي هن صاحب سعيد کي ٻه پٽ پيدا ٿيا. 1- هڪ خيال احمد 2- مجتهد احمد- فدوي خيال احمد صاحب جي نسل جي نيشاني آهي تنهن ڪري فدوي خيالاڻي پاڙي پڌرو هوندو آهي. آخر گهڻي زماني گذرڻ بعد رڳي ڪاندهله جو ترجمو ڪانڌڙه مشهور ٿيڻ لڳو جو اڄ تائين سرڪاري نقشه تي به ڳوٺ ڪانڌڙهه لکيل آهي ۽ سدائين سڏجي پيو- ڳوٺ جا رهاڪو جي ابتدا ۾ ڪاندهلوي سڏبا هوا سي ڪانڌڙا سڏجڻ ۾ آيا مگر نه ڪاندهله نسبت شهر ڪاندهله قديم سان آهي نه ذات سان- پر هي ڪاندهله جديد به تاريخي روشني موجب ڪلهوڙن جي حڪومت کان به ڪجهه قديم نظر اچي ٿو جنهن ۾ قديم زمانه کان وٺي اڄ تائين ٻي ڪا به قوم ڪانه آهي- هن ڳوٺ ۾ ڪاندهله قديم وانگي هر ماه جي ٻي جمعه تي نوري جلسو تبليغي طور تي ملهايو ويندو آهي جتي هر قسم مداحي ۽ حضرات علماء ڪرام واعظين ايندا رهندا آهن- ايندڙن جو انتظام طعام قيام بابت تبارڪ و تعاليٰ جي توفيق سان پنهنجي جيب گريبان مان ڪيو ويندو آهي ته ڦندي ڦرڙي چندي چوڙي مان. ماني کارائڻ ۾ غني غريب کي هڪ نظر سان ڏٺو ويندو آهي هن جلسي ۾ هر هڪ حبدار حبيب الله کي اچڻ جو حق آهي.
    داعي الي الخير فقير در محمد خاڪ صديقي ڪاندهلوي 


    نظم ڪاندهله قديم جي ياد ۾

    ڪاندهله کان شان وارو شاه احمد آيو + سنڌ ۾ تغلق سان گڏجي پير تنهن پائيو
    ڳوٺ تنهن پنهنجو ٻڌو هت ڪاندهله نالي جديد + ڪانڌڙهه ٿي ترجمو ويو وات وائي وائيو
    پهريون پٽ خيال احمد مجتهد نالي ٻيو + ٿي ٻئي پيدا ويا اولاد صالح ڄائو
    پهريون پاڙو خيالاڻي پيو سڏجي سدا + ٻيو مجتهداڻي بڻيو پاڙو ڀلارا ڀائيو
    ڪجهه ڪلهوڙن کان قديمي ڪاندهله جو ڳوٺ هي + جنهن مٿي رحمت رباني جو رهي ٿو سائيو
    نور نرمل ياد جو جنهن ڳوٺ ۾ جلسو ٿئي + اهڙي نوري ڳوٺ ڏي رحمت جي ڪڪرن ڪاهيو
    خود خيالي سان رهي هي خيال دامن گير ٿيو + ڪر پچر پنهنجي پڌر آ روح دل جو رائيو
    خاڪ پيدا وار نالي خيال احمد آل مان + هيئن وڏن فرمان فدوي کي چٽو فرمائيو

    ڪاتب الحروف فقير خاڪ عاشق احمد آرياڻي، مستفيد مجاز درگاه ملڪاڻي


      سيرت سرتاج سنڌ جو اختصار

    سيرت سرتاج سنڌ جو اختصار

    بِسٌمِ اللهِ اَلٌرَّحِمٰنِّ اَلٌرَّحِيٌمِ.
    نحَمَدُهٌ وَ نُصَلِيٌّ وَ نُسَلِمٌّ


    حسب ۽ نسب

    سنڌ جي صوفين ڪرامن جي سردار ۽ شاعرن جي شاه ۽ مهدار- جناب حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي عليه الرحمة جي نجيب طرفين نسب جو 23 پيڙهي ۾ اٺين امام موسى رضا سان ڳنڍجي حضرت علي ڪرم الله وجهہ سان وڃي پهچي ٿو.
    سندس نسب شريف جو اختصار هن نموني سان نروار آهي- حضرت شاهه عبداللطيف تارڪ ڀٽائي بن سيد حبيب الله عرف سيد حبيب بن سيد عبدالقدوس بن سيد جمال بن سيد عبدالڪريم جو شاه ڪريم بُلڙي واري نالي سان نروار آهي سنه 1398ع ۾ امير تيمور گورگان جڏهن هندستان تي ڪاهه ڪرڻ جي عزم ايرادي سان هڪ وڏي لشڪر سميت فرات ۾ پهتو تڏهن ڀٽائي ڀوتار جي ڏاڏن مان (14) چوڏهين نمبر نالي مير علي تيمور جي مرحبا مزيد ڪرڻ فرمائي ۽ بادشاهي سپاه لاءِ مهمان نوازي واسطي وڏي رقم پيش ڪئي- امير تيمور اهڙي مهمان نوازي کان ايترو ته خوش خورم ٿيو جو سيد صاحب موصوف کي انعام اعلى شاهاڻان عطا ڪرڻ فرمايائين ۽ اڳتي هلي سندس ڇهن پٽن کي جدا جدا ملڪن جو حاڪم مقرر ڪيائين.
    (1) مير عبدالباقي جو اجمير جو حاڪم ٿيو (2) مير عبدالواحد جنهن کي حڪومت ملتان جي عطا ڪئي وئي (3) مير عبدالرزاق جو بکر جو حاڪم بنايو ويو (4) مير ابوبڪر جو سيوهڻ جو حاڪم مقرر ٿيو (5) مير شرف الدين جو پنهنجي ڳوٺ رهڻ ۾ راضي بازي رهيو (6) سيد حيدر هروي ڀٽائي جي ڏاڏن مان تيرهون نمبر جنهن کي پڻ حڪومت جي آڇ ڪئي وئي مگر اُن صاحب نوڪري کان نابري واري پنهنجي والد ماجد مير علي جي خدمت ۾ رهڻ پسند ڪيائين.
    امير تيمور جڏهن هندستان تي ڪاهه جو قصد ڪيو ته اُن سفر ۾ سيد حيدر ۽ سندس والد مير علي امير تيمور سان همرڪاب هوا- هندستان پهچڻ بعد ستت سيد حيدر پنهنجي والد بزرگ ۽ امير تيمور کان اجازت گهري ته جيئن پنهنجي ڀائرن کي ڏسي اچي ان سان گڏ هندستان جي جدا جدا ڀاڱن جو پڻ سير ڪري- سيد سڳورو سير سفر پر ظفر ڪندي سنڌ جي پراڻن هالن جي ڳوٺ ۾ ڳوٺ جي هڪ معزز ماڻهو وڏيره شاه محمد پٽ دريا خان هالي وٽ اچي مهمان ٿيو جنهن صاحب سندس سهڻي خدمت ڪئي – سيد حيدر صاحب ٿوري عرصي ۽ مدڪت ۾ غريب پروري ۽ همدردي ڪري اهڙو ته مشهور ٿي چڪو هو گهڻا ماڻهو سندس سهڻي صحبت ۽ سنگت ۾ سڪ ساڻ رهڻ لڳا پاڻ اهنجي سهنجي وقت غريبن جي غمخواري ڪرڻ سان سار سنڀال لهي مسڪينن جون مددون ڪندو هو – انهي عرصي اندر اتي جي حاڪم نالي مير محمد ڪنهن سبب ڪري هالن جي ماڻهن تي ڪجهه رقم ڏنڊ وڌو هو- جنهن کي غريبي ۽ مسڪيني ڪري ڀري نه ٿي سگهيا- سيد حيدر صاحب کي جڏهن انهي معاملي جي خبر پئي تڏهن غريبن تي ڏاڍي ڪهل ڪري اها رقم پنهنجي هڙان ڀري ڏني- پر انهي کان سواءِ انهن ماڻهن سان ٻيا به گهڻا ڀال ڀلايا- ۽ اوکي سوکي ۾ قدم قربن جا ڀريا- ان ڪري اهي ماڻهو شاه صاحب جا گهڻو ڪري شڪرمند رهندا هوا – نيٺ اهو لاڳاپو وڃي هن ڪڙي تي پهتو جو ٿوري مدت کان پوءِ سيد حيدر جي شادي خانه آبادي وڏيره شاه محمد پنهنجي نياڻي نماڻي نالي بي بي فاطمه ساڻ ڪرائي- ڳالهه ڪن ٿا ته حيدر شاه کي هالن ۾ رهي اڃان ٽي سال 7 اٺ مهينا مس گذريا ته کيس والد جي وفات حسرت آيات جي خبر ملي- جنهن ڪري هرات ڏي وڃڻ واجب ڄاڻي سفر جو سانباهو ڪيو، انهي وقت سندس بي بي کي پورا مهينا هوا. جنهن ڪري لاچار کيس مائٽن ۾ رهائي پاڻ هرات روانو ٿيو- ۽ بيبي وٽ نشاني طور ٽي شيون ڇڏي ويو- هڪ سهڻي منڊي جنهن تي سندس نالو اڪريل هو ٻيو هڪ جڙدار خنجر ٽيون هڪ ٻانهي جا هرات کان آندي هئائين ۽ وصيعت ڪيائين ته جيڪڏهن پٽ ڄمي ته ان کي منهنجي والد مير علي جي نالي سان سڏجو ۽ جڏهن پاڻ ڀرو ٿئي ته ٽيئي نشانيون سندس حوالي ڪري هرات روانو ڪجوس- پر جيڪڏهن نياڻي ڄمي ته ان کي منهنجي والده بي بي فاطمه جي نالي سان سڏجو- سيد حيدر هرات مان به پنهنجي بيبي سان وقت بوقت لکپڙهه پيو ڪندو هو- جڏهن هرات ۾ اٽڪل چار ورهيه ٿيس تڏهن روح ريلو ڏنس ته ٻيهر وڃي سنڌ جا وڻ وطن وارا ڏسي اچان- اڃان پورو تيار ئي نه ٿيو ته اوچتو بيماري جو شڪار ٿي پيو ۽ هن جهان فاني مان رحلت ڪري جنت جاوداني ماڻڻ واسطي دار البقا ڏي روانو ٿيو- کيس اتي به اهل عيال هو – ٻي گهر مان ٻه پٽ هوا (1) سيد محمد (2) سيد حسن- جن پنهنجي پيءَ جي وفات حسرت آيات کان پوءِ سڀ دولت ۽ مال ٻه ڀاڱا ڪري هر هڪ ورهاڱو کنيو هو – سيد حيدر جي هالن واري بي بي کي سيد صاحب جي هرات ڏانهن وڃڻ کان بعد ستت ئي پٽ ڄائو- جنهن جو نالو مير علي رکيو ويو جڏهن هي نينگر جوان ٿيو تڏهن کيس پيءُ واريون ٽيئي نشانيون جي سندس والد ڇڏي ويو هو حوالي ڪيون ويون ٿورن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ پيءُ جي ٻڍڙي ٻانهي کي ساڻ کڻي مير علي هرات روانو ٿيو- اتي پنهنجن ڀائرن کان پيءُ جي مال ملڪيت مان پنهنجو ڀاڱو گهر ڪيائين پر ڀائرن ڀاڱي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائون ته پنهنجي حسب نسب جي شاهدي ڏيئي پنهنجو حق ثابت ڪر- جواب ۾ مير علي پيءُ جي هٿ واري منڊي ۽ خنجر ڏيکاري ۽ ٻڍڙي ٻانهي پڻ شاهدي ڏني- تڏهن ڀائر ڀاڱي ڏيڻ کان نابري واري ويٺا- آخر اهو فيصلو قاضي وٽ نبيرڻ واسطي ويو نيٺ قاضي مير علي کي ڀائرن کان ٽئين پتي حصو وٺي ڏنو- حصو هٿ ڪرڻ کان پوءِ هو هرات ۾ ڪو گهڻو عرصو ڪونه رهيو پر جلد ئي سنڌ ڏي موٽڻ جو رخ رکيائين ۽ پاڻ پنهنجو چاچو سيد شرف الدين ساڻ ڪري هالن ۾ آيو- مير علي سگهوئي سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ ٻه شاديون هڪ هالا ذات مان ٻي ترڪن مان ڪيون پهرين زال مان کيس هڪ فرزند ڄائو جنهن جو نالو شرف الدين رکيائين ۽ ٻي مان به هڪ پٽ ڄائو جنهن جو نالو احمد شاه رکيائين مير علي جي ٻنهي فرزندن جي اولاد اڃان تائين مٽيارن ۾ موجود آهي جنهن مان سيد شرف الدين جو اولاد شرف پوٽا ۽ ٻي جو اولاد ميرڻ پوٽا سڏبو آهي پر اها خبر نه ٿي پوي ته اهي سادات ڪهڙي سبب ڪري ۽ ڪڏهن مٽيارن ۾ لڏي پلاڻي آيا انهي خاندان مان رڳو شاه عبدالڪريم بلڙي واري جي حالات جي خبر ملي سگهي ٿي. جنهن کي سنڌ جي نالي وارن ولين مان شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ جنهن جو بيان وضاحت ۽ چٽائي سان بيان العارفين ۾ ڏنل آهي جو ڪتاب شاه ڪريم جي وفات حسرت آيات کان پوءِ مير محمد رضا ٺٽوي جو جوڙيل آهي- شاه ڪريم بلڙي وارو شرف پوٽا سيدن مان آهي جنهن جي پشت مبارڪ مان اسان جو بزرگ ولي ڪامل ۽ شاه شعراء سنڌ شاه صاحب عبداللطيف تارڪ پيدا ٿيو جنهن کي جهان وارا هاڻي سرتاج سنڌ جي لقب لائق سان سڏيندا آهن.
    ولادت پر سعادت
    شاه عبداللطيف تارڪ عليه الرحمته جي ولادت باسعادت سنه سعيد هجري 1102 ۾ مطابق سنه 1690 عيسوي ۾ تعلقه هالا جي ڳوٺ ڀئي پور ۾ ٿي جو ڳوٺ ڀٽ کان 9 ڪوه پري آهي- سندس ڦٽل نشان راه گيرن واٽهڙن کي اڃان به ڏسڻ ۾ پيا اچن- شاه صاحب جنهن گهر سڳوري ۾ ڄائو هو اتي گهڻي عرصي کان پوءِ لونگ فقير لوڙهه واري نصير واه جي ڪپ تي هڪ مسجد شريف جوڙائي ڇڏي جا اڄ تائين قائم آهي- معتبر ذريعي سان مروي آهي ته شاه صاحب عبداللطيف جي والد سڳوري شاه حبيب کي ٽن شادين هوندي به اولاد اصل ڪونه ٿيو هوڏانهن هڪ خداءِ واري فقير کيس هي خوشخبري ڏني هئي ته توکي پٽ ڄمندو جو زماني جو قطب ٿيندو ۽ سندس نالو عبداللطيف رکجاءِ آخر شاه حبيب کي مخدوم عربي خاندان واري پهرين بي بي مان هڪ پٽ ڄائو جنهن جو نالو درويش جي وصيعت موجب عبداللطيف رکيائين- پر هو طفلي حالت ۾ هو جو گذاري ويو. وري ٻي گهر مان هڪ پٽ پيدا ٿيو جنهن جو نالو جمال شاه رکيائين جنهن جو اولاد اڃان ڀٽ شريف جي گادي گلزار جو گادي ڌڻي بڻيو اچي- وري ٻيهر پهرين گهر مان ٻيو پٽ ڄائو جنهن جو نالو پڻ عبداللطيف رکيائين- اهو آهي امل ماڻڪ اسان جو سرتاج سنڌ عبداللطيف جنهن جي حياتي پاڪ جو احوال خير مقال اوهان جي اڳيان عيان آهي- شاه ڀٽائي جو پڙ ڏاڏو نه پر تڙ ڏاڏو جناب شاه عبدالڪريم بلڙي وارو ڳوٺ مٽياري ۾ ڄائو نپنو- اڳتي هلي جناب غوث زمان مخدوم نوح هالائي جي حڪم موجب مٽيارين مان لڏي وڃي بلڙي جي سر زمين کي فيض ۽ عرفان سان سرسبز ۽ آباد ڪيائين- شاه ڪريم جي وفات بعد سندس ڪي فرزند ارجمند بلڙي ۾ رهيا، ڪي ٻيا ٻين ڳوٺن ڏانهن لڏي ويا- شاه ڀٽائي جو پڙ ڏاڏو سيد جمال شاه بلڙي مان لڏي مٽيارين ۾ وڃي رهيو ۽ ان کان پوءِ سيد حبيب شاه عبداللطيف ڀٽائي عليه الرحمته جو پيءُ سڳورو سخي هاشم شاه قلندر جي ارشاد موجب مٽيارن مان ڪوچ ڪري ڳوٺ ڀئي پور ۾ اچي رهيو- اڳتي هلي اتان به لڏ پلاڻ جي صورت اختيار ڪري ڪوٽڙي مغل ۾ اچي ساڪن ۽ مقيم ٿيو- جتي جناب شاه ڀٽائي سرتاج سنڌ پرورش پائي جواني جي عروج اوج تي پهتو- هي ڳوٺ ڀٽ شريف کان چئن ميلن جي پنڌ تي ويران صورت ۾ ڦٽو پيو آهي جنهن ۾ ڪا به آبادي نه آهي-


    سرتاج سنڌ جي تعليم ۽ تربيت تي تحقيقي تبصرو

    پيشوائي پرت وارن سرتاج سنڌ سردار سالڪن جي منڍ ۾ ئي پرورش جسماني اهڙي گهر روحاني ۾ ٿي جو اصل کان الله وارن بزرگن ۽ صوفين سڳورن جو گهراڻو هو جتي پرورش ۽ سنڀال جسماني سان گڏوگڏ پرورش روحاني به عام جام جاري هئي – شاه ڀٽائي جي تڙ ڏاڏي شاه عبدالڪريم بلڙي واري جو مختصر احوال ته اڳ پڙهي آيا ته هو هڪ نالي واري وڏو ولي الله ۽ عارف انسان هو شاه بلڙي واري جو فرزند شاه ڀٽائي جو پڙ ڏاڏو سيد جمال به هڪ ولي الله ۽ ڪامل بزرگ هو جنهن بابت مير علي شير قانع پنهنجي ڪتاب تحفته الڪرام فارسي ۾ هيئن فرمايو آهي ته عابد روزگار آمده يعني پنهنجي زماني جو وڏو عابد ۽ پارسا هو- هي بزرگ پنهنجي والد ماجد جي حياتي ۾ ئي هالن جي ڀرسان هڪ رن زال جي حمايت ۽ همدردي ڪندي آخر چورن ۽ رهزنن جي هٿان شهيد ٿي شهادت جي اعلى عهدي کي ماڻي وڃي پنهنجي محبوب حقيقي سان مليو- شاه ڀٽائي عليه الرحمته نجيب طرفين يعني پيءُ ۽ ماءُ ٻنهي طرفان برگزيدو هو- سندس والد شاه حبيب هڪ خدا پرست پرهيزگار صوفي علمي ۽ عملي ڪمال جو صاحب هو- شاه ڀٽائي رحه جي والده سڳوري مخدوم عربي ڌياڻي جي خاندان عالي شان مان هئي- جنهن ڪري شاه ڀٽائي کي ٻاراڻي وقت کان وٺي ڏاڍي سهڻي سيکت ۽ تربيت عطا ٿي- جنهن صوفي صحبت شاه جي فطري ڪمال کي ۽ استعداد ازلي کي سون تي سهاڳي جو ڪم ڏئي ڄمندي ڄام بنايو- تنهن هوندي به زماني جي رسم رواج موجب هن نيڪ نالي نيڪ صورت ۽ سيرت واري سندوري سعيد ٻار کي سندس والد شريف ڪوٽڙي مغل جي هڪ قابل آخوند نالي نور محمد رائي واري وٽ پاڙهڻ وهاريو- آخوند نور محمد ذات جو ڀٽي هو ۽ وائي جو ويٺل هو جا ڀٽ کان 6- ڪوه ۽ اڏيري لعل کان 2- ڪوه پري آهي- ڀٽائي عليه الرحمته جي تعليم بابت ڪا خاص صفائي قابل اعتبار ٿيل ڪانه آهي فقط مٿئي واقعه سان گڏ هي قصو به لکيو وڃي ٿو ته جڏهن آخوند نور محمد هن نيڪ بخت ٻار کي (الف- بي) سيکارڻ شروع ڪيو تڏهن شاه صاحب (الف) کان مٿي پڙهڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهيو ۽ ٺهه پهه آخوند کي وراڻي ڏني ته سائين (ب) وري ڇا جي (الف) کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي- نيٺ نينگر کي شاه حبيب وٽ وٺي ويا ۽ کيس ساري حقيقت کان واقف ڪيو ويو سيد حبيب رمز رندي کي پروڙي ورتو ۽ نينگر کي ڀاڪر پائي چوڻ لڳو ته پٽ تون حق ٿو چوين) زماني ۾ ظاهري علم پرائڻ جو دستور اهو ئي آهي- ان کان پوءِ جو تعليم بابت ڪو به احوال بيان ٿيل نه آهي تنهن ڪري صفائي سان ڪنهن به مؤرخ رايو نه ڏنو آهي ته شاه صاحب ڪيترو وقت پڙهيو ۽ درسي تعليم ڪيتري قدر پرايائين مگر سيد مير علي شير قانع ٺٽوي مؤلف ڪتاب تحفته الڪرام – شاه صاحب جو وڏو معتقد آهي ڄمار جي لحاظ کان توڻيڪ ڀٽائي کان ننڍو آهي تاهم شاه جو هم عصر ۽ شاه جي خاص دوست دلي ۽ معتقد مخدوم محمد معين جو شاگرد آهي، سو صاحب تحفته الڪرام فارسي ۾ لکي ٿو ته آثار کرامات و اخبار قاتش اظهر من الشمش درين مختصر چه قدر گنجايش پذير دبانکه اهي بود، حق تعالى تمام علوم بر لوح سينه اش مثبت (اشته) يعني ان جي ڪرامتن جون نشانيون ۽ خارق عادتن جون خبرون سج کان وڌيڪ روشن آهن. هن مختصر بيان ۾ سڀئي سمائجي نه سگهنديون انهي کان سواءِ ته هو اُمي هو حق تعالى سمورا علم ان جي سيني واري ڦرحي تي اڪيري ڇڏيا هوا) تاريخ تحفته الڪرام وارو ٻين مورخن متاعه خرن غير محققن کان گهڻن وجهن ڪري معتبر آهي هڪ ته هو صاحب شاه جي معاصرن مان قابل اعتبار فرد آهي 2- معتقد مين مان معتمد عليہ هجڻ ڪري ممتاز درجو رکي ٿو تنهن ڪري اسان هن صاحب جي شهادت ۽ گواهي کي قابل اعتبار ڄاڻي چئون ٿا ته شاه ڀٽائي برابر امي هو جنهن جي دل واري پٽي تي پروردگار جي طرفان علم لدني جي پالوٽ ٿيندي رهندي هئي- ڇو ته تحفته الڪرام جي عمدي عبارت پر بشارت مان ٻه ڳالهيون صريح ثابت آهن. 1- هڪ ته سرتاج سنڌ ولي ڪامل ڪرامت جو صاحب هو 2- ان جي ڪرامتن مان سندس امي هجڻ نمايان حقيقت ۽ علامت ولايت آهي، تنهنڪري سرتاج سنڌ صاحب جو توجه نامه ۽ استعداد فطري اهڙو ته اعلى درجه جو هو جو ٻاراڻي وقت کان وٺي محبوب معنوي جي مطالعه ڪرڻ ۾ محو هو تنهن ڪري استاد جي اڳيان الف کان مٿي پڙهڻ جو انڪار ڪري ويٺو اڳتي هلي جواني جي اوج اچڻ بعد پنهنجي اُمي هجڻ جو اقرار هيٺين بيتن جي ذريعي چٽو ڪرڻ فرمايو اٿس تنهن سان گڏ پرين پسڻ جو پاسو ٻيو ٻڌايو اٿس- جيئن زيرين بيتن مان ظاهر آهي-
    1- ڪنز قدوري ڪافيہ ڪو ڪونه پڙهيوم، جتان پرين ڏٺوم او پاڙو ئي ڪو ٻيو.
    2- لوڪان نحو صرف مون مطالعي سپرين، سوئي سو حرف پڙهيون پڙهان من ۾.
    3- ڪيو مطالع مون هو جو ورق وصال جو، تنهن ۾ تون ئي تون ٻي لات نه لحظي جيتري.
    ٻيو ته جناب سرتاج سنڌ جيئن قدرتي مادر داد شاعر شيرين زبان هو تيئن تيئن قدرتي مادر زاد امي اولياعه ڪامل ترجمان الهام رحمان هو ڇو ته ڪو به امي جڏهن ولايت درجه تي پهچندو آهي ته انهي کي الله تعالى پنهنجي علم لدني جي پالوٽ ۽ الهام جي روحي روٽ سان نوازيندو رهندو آهي هن ڳالهه تي جميع اوليائن جو اتفاق آهي، جيئن جو تفسير معتبر روح البيان جي زيرين عبارت مان ظاهر آهي وقد اتفق اهل الله تعالى علي ان العبد اذا وصل الي الله فالله تعالى يعلمہ ويلهمہ فيميز بين الحق والباطل ولايکون مايتکلمہ خارجا عن الشريعته واليہ يثير قول من قال ما اتخذالله من ولي جاهل ولو اتخذه لعلمہ) يعني الله وارن جو هن ڳالهه تي اتفاق آهي ته ٻانهي کي جڏهن الله تعالى جو وصال ٿئي ٿو ته الله تعالى انهي کي علم لدني سيکاري ٿو ۽ الهام فرمائيندو رهي ٿو پوءِ هو علم لدني جي ذريعي سان حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق ڪري ٿو ۽ ان جو ڪو به ڪلام اهڙو نه هوندو جو شريعت احمدي کان ٻاهر هجي ان ڏي ڪنهن قائل جي قول زيرين جو اشارو آهي ما اتخذ الله من ولي جاهل ولو اتخذه لعلمہ) يعني نه وٺندو الله تعالى جاهل ولي کي دوست ڪري پر جيڪڏهن وٺندو ته انهي کي ضرور علم لدني جي عنايت سان عالم بڻائيندو. پوءِ جڏهن ائين آهي ته جناب لطيف لاثاني جي علم لدني ۾ ڪهڙو شڪ ڇو ته سندس قلب واري پٽي پرورش کان وٺي اجريل آهي جنهن جي ذريعي دائي ڌڻي جي ديدار ۽ محبوب معنوي جي مشاهدي جون موجون ماڻي رهيو آهي جيئن سندس زيرين بيت مان ظاهر آهي
    (بيت)
    اندر آئينو ڪري پرين سو پسيج
    انهي راه رسيج نه مشاهدو ماڻين
    پر جڏهن ڀٽائي صاحب کان مولا پاڪ جي مشاهدي جي مطالع مخفي نه آهي ته تڏهن هن صاحب کان علم الافاق ۽ علم الا نفس ڪيئن مخفي رهندا سندس دل واري پٽي تي بفموي الکريم علمڪ مالم تکن تعليم الايه- توکي تنهنجي رب سڀ ڪجهه سيکاري ڇڏيو جيڪي تو نه ٿي ڄاتو)
    هي حڪم اگرچ سنئون سڌو سرور ڪائنات ستوده صفات جي ذات سان وابسته آهي ته به على سبيل العلوم سندس وارثن ولين تي به صادق آهي جيئن مٿي تحقيق روح البيان جي مان ثابت ٿي چڪو آهي ته اهو ولي توڙي جو امي هوندو ته به جو به ڳالهائيندو ته شريعت کان ٻاهر نه هوندو اها روح البيان واري جي پيشين گوئي جناب شاه صاحب تي پوري طرح صادق آهي جو باوجود امي هجڻ جي سندس سارو رسالو قرآن ڪريم جي آيتن سان ڀرپور آهي جيئن پاڻ پنهنجي زبان فيض ترجمان مان چٽو فرمائي رهيا آهن ته
    (بيت)
    بيت نه ڀايون ڀائرو هي آيتون آهين
    وڃيون پڄائين پرين سندي پار ڏي
    هن بيت لفظ آيتون جمع آيته جو آهي سي آيتون ٽن قسمن ۾ ورهايل آهن هڪڙيون آيتون تنزيلي جنهن کي الهام آسماني سڏبو آهي جن تي قران ڪريم جو اطلاق على سبيل الشرع آهي ان ڪري ڀٽائي صاحب قران ڪريم کي سنڌي جو لباس پهرائي هر هڪ آيت جي ترجماني پنهنجن بيتن سان ڪرڻ فرمائي آهي جن بيتن جو ڪجهه قدر شرح اڳتي خلاصي طرح سان ايندو- جيئن حضرت مولانا رومي صاحب قران ڪريم کي لباس زبان پهلوي جو پارايو آهي تيئن اسان جي سرتاج سنڌ قران مجيد کي لباس سنڌي جو پهرائڻ فرمايو آهي. 2- ٻيون آيتون تکو يعني آفاقي آهن 3- ٽيون آيتون انفسي آهن – جناب شاه صاحب جي نزديڪ ٽنهي قسمن جون آيتون مراد آهن ڇو ته معرفت جي ماهرن وٽ هر شيءَ ڪائنات جي محبوب معنوي جي مشاهدي ماڻڻ لاءِ آيته آهي تنهن ڪري اهل بصيرت جا هر چيز کي دفتر معرفت جو ڄاڻندا آهن جيئن مولانا سعدي عليه الرحمته فرمايو آهي
    (بيت)
    برگ درختان سبز در نظر هوشيار
    هر ورق دفتري ست معرفت کردگار-
    پر انهي بابت حضرت لطيف سائين پڻ ڏاڍو عمدو فرمايو آهي ته
    (بيت)
    ايکه قصه درلکه ڪوڙيين سهسين ڳڙکيون
    جاڏي ڪريان پرکه تاڏهون سڄڻ سامهان
    فقط شاه صاحب سرتاج سنڌ امي ولي نه آهي پر ڪيترا ٻيا به ولي امي هوا ڪي شاه جي زمانه کان اڳ ٿي گذريا آهن جن جو ذڪر جناب عطار صاحب جي ڪتاب تذڪرت الاولياعه ۾ موجود آهي ۽ ڪي صاحب سرتاج سنڌ جا معاصر هوا جهڙو جناب مخدوم محمد کهڙن وارو جو پڻ اومي هوندي به ولي ڪامل ٿي گذريو آهي جيئن جو تحفته الڪرام وارو لکي ٿو ته مخدوم محمد واسطي هڪڙو وڏو عالم پري کان آڻي پگهار تي مقرر ڪرڻ سان وهاريائون سبق ڏيڻ جي وقت بزرگ کان پڇندو ويو ڪنهن به ڪتاب جي مقام ۾ بزرگ مخدوم محمد نه اٽڪيو آخر مولوي گهرايل عاجز ٿي چيو ته هي مخدوم علم لدني سان مالا مال آهي هن کي ظاهري علم جي استاد جي ڪا به ضرورت ڪانه آهي ڇو ته قدرتي ڪاليج جو پڙهيل آهي هن کي مان ڇا پڙهايان. ائين چئي ٽپڙ ٽيشن تي اماڻي واپس وري ويو. هاڻي هتي باقي انهن مؤرخن متاعخرن جا رايا ڏجن ٿا جن صاحبن پڻ تحفته الڪرام جي روايت کي قابل اعتماد ڄاتو آهي تن مان هڪ قابل ذڪر لطف الله بدوي آهي جنهن صاحب پڻ متاعخرن جي قولن ۽ راين جي ترديد ڪندي پڇاڙي ۾ پنهنجو رايو هيٺين ريت لکڻ فرمايو آهي ته:
    متقدمين مان آءٌ ٻين سڀني کي ڇڏي تاريخ تحفة الڪرام جي شهادت کي پيش ڪريان ٿو-
    آثار ڪرامات و اخبار خوار قاتش اظهر من الشمس درين مختصر چه قدر گنجايش پذيرد بانکه امي بود حق تعالى تمام علم بر لوح سينه اش مثبت داشته 12
    آخر گهڻي بحث کان پوءِ متاعخرن مان مرزا قليج بيگ ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر ايڇ- ٽي سورلي ۽ ٻين جي ترديد تام ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو آخرين رايو هن طرح پيش ڪرڻ فرمايو آهي ته مٿين حقيقت جي مطالع کان پوءِ تحفته الڪرام جي روايت کان ڪنهن کي به انڪار ٿي نه ٿو سگهي جيڪڏهن هن روايت جو اسان انڪار ڪيون ٿا ته پوءِ تحفته الڪرام جي هر روايت ۾ شبهو ٿي سگهي ٿو جنهن نڪتي کي هڪ تاريخ جو طالب ئي سمجهي سگهي ٿو) 2- ٻيو مولانا وفائي صاحب گهڻي بحث ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو آخرين رايو ڀٽائي صاحب جي امي هجڻ بابت لطف اللطيف ۾ هن طرح ڏنو آهي ته اسان جي ڄاڻ ۽ تحقيق موجب شاه صاحب رواجي نموني ۾ ڪنهن به استاد وٽ تعليم ڪانه ورتي هئي پر هو پنهنجو پاڻ مطالع ڪندو ۽ علم پرائيندو ويو لکڻ نه سکي سگهيو پر پڙهڻ جو پاڻ ۾ چڱو محاورو پيدا ڪري ورتائين هو فطري شاعر ۽ ڏاڍو تيز فهم ۽ هوشيار ماڻهو هو جنهن ڪري هڪ هڪ شئي جو جدا جدا رنگ ۽ اصلي روپ ۾ نظارو ڪندو رهيو- ۽ ان نظاري کي وري پنهنجي ڪلام ۾ هڪ خاص من موهندڙ انداز ۾ پيش ڪندو آيو- سندس ڪلام جو ايڏو بلند انداز ۽ بلند بيهڪ آهي جو ڪو به ماڻهو اعتبار نه ڪري سگهندو ته شاه صاحب ڪو اڻ پڙهيل هو يا معمولي پڙهيل هو پر جن ماڻهن کي خبر آهي ته دل جي صفائي ۽ رياضت ڪرڻ کان پوءِ انسان جو اندر اجري ٿو ۽ مٿس ڪيترائي اهڙا مخفي راز پڌرا ٿي پوندا آهن (جن رازن ۽ رمزن جي عام ماڻهن کي سمجهه ٻوجهه ئي ڪانه هوندي آهي) سيئي ويساه ڪري سگهن ٿا ته الله تعاليٰ ڪيترن اڻ پڙهيل ماڻهن کي ڳجهي علم جا خزانا عطا ڪري ٿو جنهن کي ڏسندي هڪ عاقل عالم ماڻهو دل جو دل ۾ دنگ رهجي وڃي ٿو-
    هنن ٻنهي صاحبن جي راين مان پڻ سرتاج سنڌ جو امي هجڻ ثابت آهي جنهن مان تحفته الڪرام جي روايت جي ترجيح اظهر آهي پر جڏهن الله تعالى بفحوي الکريمہ ان الله على کل شيءِ قدير هر شئي تي قادر آهي تڏهن جي ڪنهن به امي ولي جي دل واري پٽي تي پنهنجي علم لدني جي پالوٽ ڪرڻ فرمائي ته باري تعالى جي قدرتي برڪت کان بعيد ۽ پري نه آهي جيئن جو ابو نراس عباسي شاعر ڪهڙو نه عمدو چوڻ فرمايو آهي ته (اليس علي الله بمستنکر ان يجمع العالم في واحد) يعني الله جي قدرت کان هي ڳالهه پري نه آهي جو ساري جهان کي هڪ جسم ۾ گڏ ڪري ڇڏي) باوجود انهي ڳالهه جي صوفين جي اصطلاح موجب حقيقت جي پنڌ ۾ انهي تحقيقات جي ڪهڙي ضرورت اهي ڇو ته هو هميشہ محبوب جي مشاهدي ۾ مست ٿي رڳو محبوب جي اسم اعظم جو بطور ورد ٽڪرار ڪندا رهندا آهن جيئن جو سرتاج سنڌ پاڻ فرمائي ٿو-
    (بيت)
    چؤ الله هيڪڙو وائي ٻي م سک
    لکيون پيو لک سچو اکر من ۾
    صوفي سرمد پڻ انهي ڳالهه جو انڪشاف هن طرح ڪيو آهي
    من آنچه خوانده ايم فراموش کرده ام
    الا حديث يار که تکرار ميکنم-
    ۽ـ جناب شاه ولي الله صاحب دهلوي جو پڻ ڀٽائي صاحب جي زماني جو وڏو ولي ڪامل آهي هن صاحب ته امي اڻ پڙهيو هجڻ ان سان گڏ وري الاهي علمن جي ڏات جي پالوٽ ٿيڻ کي ولايت جو هڪ درجو ڪري لکيو آهي- هن صاحب صحابين سڳورن جو مثال پيش ڪندي ائين به لکيو اٿس ته وڏن دانائن ۽ فلاسفرن تي جو ڳجها راز کلي پوندا آهن هوڏهون هو فطري طرح امي هوندا آهن جيئن فرمائي ٿو ته الا ان للحکماء قوة قدسية فهذا ايتهم بحب الفطرة) خير کثير- يعني خبردار فطر تي اڻ پڙهين دانائن لاءِ قوت قدسي هوندي آهي جنهن جي ذريعي مٿن ڳجها راز کلي پوندا آهن 12 – مطلب ته جا دل پاڪ الاهي اسم ذات سان اجڙيل هوندي انهي دل تي غيبي خزانن جي پالوٽ ٿيندي رهندي جنهن سبب امي به الاهي علومن جو عالم ٿي پوندو مگر ڪنهن رهبر روحاني کان پنهنجي دل واري دهه ۽ زمين تي الف جي اوڙ ڏياري ته ڳجها راز مٿس کلي پوندا جيئن جو انهي حقيقت تي لطيف لاثاني جو زيرين بيت پوري پوري روشني وجهڻ فرمائي ٿو
    (بيت)
    (هارائج هينين ۾ الف سندي اوڙ،
    ته ڪتابن جي ڪوڙ منجهائي معلوم ٿئي)
    بيان طريقت جي سلسلي جو
    جناب لطيف جي ظاهري علم پرائڻ بابت جيئن اختلاف آهي تيئن سندس باطني طريقت ۾ ڪنهن مرشد مربي جي بيعت ڪرڻ ۾ اختلاف آهي- ڪن جو چوڻ آهي ته هو ظاهر ۾ ڪنهن جو به مريد نه ٿيو آهي فقط رياضتون محنتون مجاهدن ڪرڻ سان ياد خدا ۾ اهڙو مشغول رهيو جو براه روحاني سندس سيني ۾ اوجر ۽ اجلائي آئي ۽ سندس دل جي طور تي تجلي ايزدي چمڪي جنهن سبب هو هادي حقيقت ۽ ڳجهن رازن ۽ روحانيت جي رمزن تي واقف ٿي وقت جو مرشد ڪامل ثابت ٿيو يعني ته هو اويسي عارف هو- باوجود ان جي سندس صحبتون جدا جدا طريقن وارن فقيرن سان ٿينديون رهنديون هيون- جيئن مخدوم محمد معين ٺٽوي نقشبندي سان سندس صحبتون سدائين هونديون هيون، ٻيو جناب مخدوم محمد زمان لنوُاري واري سان پڻ سندس صحبتون ثابت آهن جيئن جو لطف اللطيف جي ص 73- ۾ آهي ته انهي وقت جي بزرگن مان جن سان شاه صاحب جي ملاقات ٿي آهي تن مان خواجه محمد زمان لواري جو بزرگ به آهي جنهن جي وفات 1188 هه ۾، خواجه صاحب جي جواني جو وقت هو ۽ حضرت شاه صاحب جو ٻڍا پڻ خواجه جي درويشي جو پڙلاءُ پري پري پهچڻ لڳو. جنهن جي زيارت لاءِ سفر جون سختيون سهي وٽن ڪهي آيو، جڏهن لواري ۾ خواجه صاحب جي رهڻ واري حجري جي دروازي تي پهتو تڏهن خادم کي چيائين ته اندر وڃي اطلاع ڏي (خادم وڃي خبر ڪئي) خواجه صاحب فرمايو ته (ترسو ته اسان پاڻ استقبال لاءِ اچون ٿا) شاه صاحب خادم کان پڇيو ته خواجه صاحب ڪهڙي مشغولي ۾ هوا) هن چيو ته خاموش ويٺا آهن- شاه صاحب فرمايو ته اهو شغل ته سندن ختم ٿيڻ وارو ئي نه آهي) اُٿ ته اندر هلون (شاه صاحب جڏهن اندر لنگهي آيو تڏهن ڏسي هي بيت چيائين-

    سامي سفر هليا ڪو پروڙي پنڌ
    جن هيٺان ڪنڌ آءٌ نه جئندي انهن ري.
    خواجه صاحب ٺهه پهه جواب ڏنو
    ڪين آهين ڪين ٿئين، وڃي ڪين ڪماءِ،
    لاڳاپا لوڪ جا، لا سين سڀ لهراء،
    سامي پو سليندياء، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي.
    انهي تي شاه صاحب فرمايو-
    قلم وهي ويو ڪانھ، سرتيون ڪنهن سهاڳ جو،
    انگ اڳي ئي لکيو، ات نه پهچي ٻانھ،
    ڪنهن کي ڏيان دانھ، ته پرين مون سين هئن ڪيو.
    خواجه صاحب وراڻيو ته –
    ويھ وڃي وٽ تن قلم جنين جي هٿ ۾
    ميٽيو انگ اڳيون واري ٻيو لکن
    پنو سو پاڙهن جنهن سان پسن پرين کي.
    انهن بيتن کان جن جي ذريعي ملاقات ٿي تن کان پوءِ شاه صاحب پڇيو ته فنا کان پوءِ به ڪو علم آهي؟ جنهن تي خواجه محمد زمان ورندو ڏنو ته (فنا کان اڳ ڀلا ڇا آهي) خواجه محمد زمان اگرچه حضرت شاه عبداللطيف جي مريد خواجه محمد صادق نقشبندي ٺٽوي جو شاگرد هو مگر جڏهن تصوف جي طريقه وحدت ۾ سندس نالو ٻڌائون ته سندس ملاقات مسرت آيات لاءِ وٽن لنگهي اچي روح رهاڻيون ڪيائون- خواجه محمد زمان جي حياتي لکندڙن جو چوڻ آهي ته انهي ملاقات کان پوءِ شاه صاحب وٽ خواجه صاحب جي ڳالهه نڪرندي هئي ته هيٺيون بيت پڙهندا هوا-
    سي مون ڏٺا ماء جنين ڏٺو پرين کي
    تنين سندي ڪاء ڪري نه سگهان ڳالهڙي
    3- ته شاه صاحب جي مخدوم محمدي کهڙن واري سان ملاقات- محمد عاقل نالي مخدوم رابع پنهنجي ڏاڏي مخدوم محمدي وفات 1171 هه جي حالات ۾ لکيو آهي ته مخدوم محمدي جي زماني ۾ هڪ دفعه حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي کهڙن جي ٻاهران ميان سچيڏنه اُڄڻ فقير جي کوهه تي اچي منزل ڪئي جڏهن مخدوم صاحب کي خبر پئي تڏهن دعوت لاءِ شاه صاحب جي خدمت ۾ ماڻهو موڪليائين جواب ۾ شاه صاحب هيٺيون بيت چورائي موڪليو ته- اڄ نه آيس آءُ صبح ايندس سپرين، توتي جنهن جو نانءُ سو کڻي بار کهين جا) وعده موجب ٻي ڏينهن شاه صاحب اچي مخدوم جو مهمان ٿيو شاه صاحب جي عادت هوندي هئي جو اسر جي ويلي اٿي تهجد جي نماز پڙهندو هو- سفر ۾ به فقيرن جي ٽولي ساڻ هوندي هوس- کهڙن جهڙي شريعت واري شهر ۾ شاه صاحب کي مخدوم صاحب جي خليفن عرض ڪيو ته راڳ سواءِ سرود جي بيشڪ ٻڌي سگهو ٿا پر سرود وڄائڻ جي هن شهر ۾ هرگز موڪل ڪانه آهي شاه صاحب اها ڳالهه قبول ڪئي- طنبورا ۽ يڪتارا کڻائي هڪ ڪوٺي ۾ بند رکيائون رات جو تهجد جي نماز کان پوءِجڏهن شاه صاحب فارغ ٿيو ۽ فقيرن ڳائڻ شروع ڪيو تڏهن بند ٿيل ڪوٺي مان طنبوري جو آواز اچڻ لڳو ماڻهن وڃي انهي مامري جو مخدوم صاحب کي اطلاع ڏنو يعني ته بند ڪوٺي ۾ سرود وڄي رهيو آهي- مخدوم صاحب فرمايو ته اها هڪ نرالي حالت آهي جنهن سان شرعي قانون لاڳو ڪونه آهي- ان کان پوءِ شاه صاحب کهڙن ۾ مخدوم صاحب وٽ برابر هڪ هفتو ٽڪيو پيو هو- ۽ پاڻ ۾ روح رهاڻيون ڪندا رهيا ٿي (تاريخ آئينه جهان نما قلمي) انهن کان سواءِ ٻين ڪيترن سان سندس صحبتون ٿينديون رهيون آهن خاص طرح پنهنجن ويجهن عزيزن صوفين سان به سندس ميلاپ ٿيندو رهندو هو- خاموش خاموش انداز ۾ انهن کان به گهڻو ڪجهه پرائيندو هو. اويسي طريقه بابت شاه صاحب جي استدعا تي علامه مخدوم محمد معين ٺٽو (اويسيه) نالي هڪ رسالو به لکيو جو رسالو هينئر جهنڊي وارن پيرن جي ڪتب خانه ۾ قلمي موجود آهي جنهن مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته شاه صاحب جو روحاني طريقه سان ڪو گهاٽو تعلق رهيو آهي انهي رساله ۾ اويسي طريقه جو ۽ روحانيت جي ذريعي فيض حاصل ڪرڻ جو ڏيکاريل آهي- تنهن ڪري هڪ ڌر شاه صاحب جي اويسي هجڻ تي هن ڪري زور ڏئي ٿي جو ظاهر ۾ شاه صاحب کلي ريت ڪنهن به بزرگ جو بيعت ٿيل نه هو- جيڪڏهن بيعت ٿيل هو ته به عام ماڻهن کي ان جي ڪا ڪل ئي ڪانه پيل هئي- اگرچه سندس ڪن بيتن ۾ مرشد وٺڻ جو تاڪيد فرمايل آهي جيئن جو پاڻ فرمائي رهايا آهن ته
    (بيت)
    اپرا سونهن ڏيھ گهڻو ئي ڏوريو
    سڳر ري سونهن پهتي ڪا نه پنڌ ڪري
    هن بيت مان عيان آهي ته شاه صاحب سونهي کان سواءِ پاڻو ڄاڻ پنڌ ڪري نه پهتو آهي والله اعلم بالصواب ٻي ڌر جو چوڻ آهي ته شاه صاحب کي پنهنجي والد ماجد سان بيعت هئي- مرحوم مشتاق متعلوي لکي ٿو ته شاه صاحب طريقه قادريه جو خرقو پنهنجي والد ماجد هٿان ڍڪيائون ۽ انهي کان تلقين ورتائون شاه صاحب اگرچه تصوف جو ذڪر ۽ شغل پنهنجي والد بزرگ کان حاصل ڪيو ۽ خرقو خلافت ان کان ڍڪيائين پر اِن هوندي به هو مشهور اويسي هو يعني ته ظاهر ۾ڪنهن به مرشد جي امداد کان سواءِ روحاني رنگ ۾ حضرت پيغمبر عليه الصلوات والسلام پاران مٿس ڏات ٿيل هئي) ڄاڻن گهرجي ته جيڪو درويش اويسي به آهي ان سان گڏوگڏ ڪو ظاهري مرشد به وٺي ٿو ته ان ۾ ڪو به حرج نه آهي جيئن حضرت اويس قرني تابعي سڳوري کي حضور جن صلي الله عليه وسلم جي ديدار کان سواءِ پرپٺ ئي عشق ۽ محبت سبب سندس سيني جي اندر تي انوارن الهى جو اولڙو پيو) پر تنهن هوندي به هن ظاهري طرح حضرت امير عمر ۽ حضرت سيدنا علي رضي الله عنهما جي صحبت سهڻي مان گهڻو ڪجهه پرايو ساڳي ريت جيڪڏهن حضرت شاه ڀٽائي باطني طور پنهنجن رياضتن ۽ محنتن سان به گهڻو ڪجهه پرايو هجي جنهن ڪري اويسي لقب سان مشهور ٿيو هجي- ۽ ان سان گڏ ظاهري مرشد جو هٿ به ورتو هجيس ته ان ۾ ڪو به حرج نه آهي- هڪ بزرگ نالي غلام رسول صديقي جو حضرت مخدوم نوح عليه الرحمته جي نسل مان آهي حضرت شاه ڀٽائي جي بابت پنهنجي هڪ راءِ لکي آهي جنهن ۾ هو صاحب شاه صاحب کي ڪامل ولي ته ليکي ٿو پر مرشد ڪري شمار نه ٿو ڪريس- هو صاحب فرمائي ٿو ته حضرت شاه ڀٽائي درويش ڪامل هو مگر مرشد نه هو. پنهنجي سر ولي ڪامل هو مگر سندس حياتي واري وقت ۾ ڪيترا به مريد فقير هوا تن مان ڪو به ولايت جي ڪمال کي پهتل ڪونه هو – سندس صحبت مان فائدا پرايائون ٿي پر مرشدي جو درجو ڏاڍو بلند بالا آهي ماڻهن جو وٽس رجوع ڏاڍو هو ڇاڪاڻ جو پاڻ ولايت جو مالڪ هو (ارشاد الطالبين قلمي) وري ان صاحب ساڳي ڪتاب ۾ ڏيکاريو آهي ته سموري سنڌ ۾ مرشد فقط 3 آهن 1- مخدوم عثمان مروندي قلندر لعل شهباز 2- مخدوم بلاول 3- مخدوم نوح- ٿورو اڳتي هلي مخدوم عثمان کي به انهي سلسله مان ڪڍي ڇڏيو اٿس- پوءِ لکي ٿو ته ازان هر سه که مرشد ان زمان و مکملان دوران بودند آن دو کس است يکي مخدوم نوح و دويم مخدوم بلال قدس الله اسرار هما) ميان غلام رسول صديقي هالائي جو خيال الائي ڪهڙي بنياد تي آهي) ڀائنجي ٿو ته سندس تاريخي معلومات مٿاڇري آهي نه ته سنڌ جهڙي صوفين عارفن ڪاملن جي وطن ۾ فقط ٻن بزرگن تي فيض ۽ ارشاد جو بند رهڻ به ڪنهن به حالت ۾ قابل قبول نه آهي) خصوصاً حضرت شاه ڀٽائي جهڙي صاحب دل صوفي کي مرشدن جي سلسلي مان ڪڍي ڇڏڻ هڪ اهڙي جرئت آهي جو سڀ ڪو ماڻهو ڪري نه سگهندو قول صديقي صاحب جو ته ڀٽائي صاحب ولي ڪامل هو پر مرشد نه هو تائين قول مرشدي جو درجو ڏاڍو بلند بالا آهي) صديقي صاحب جو قول مذڪور جرئت ۽ گستاخي نه آهي بلڪ شريعت ۽ طريقت جي قانون اندر بلڪل پورو ۽ سچو آهي ڇو ته ولي ڪامل جا آهن هڪ صاحب الارشاد ٻيو صاحب الحال والاستغراق پهريون قسم ولي ڪامل هجڻ سان گڏوگڏ ارشادي فيض جو دروازو عام جام کولي تبليغ شريعت ۽ طريقت جي دڪانداري جاري رکندا آهن جنهن مان سوين ۽ هزارين سلوڪي سالڪ ۽ طالب صادق مستفيد ٿيندا رهندا آهن انهي پهرين قسم جي ولي جون ٻه حالتون هونديون آهن جڏهن خلق سان رهندو آهي ته پاڻ کي انهن مان هڪ فرد فقير ڪري ڄاڻندو آهي پر جڏهن خلق کان منهن موڙيندو آهي ۽ پنهنجي پاڪ مولا ڪريم ڏي متوجه ۽ رجوع ٿيندو آهي ته انهي وقت خلق فراموش هوندي اٿس بفحوي الحديث لي مع الله وقت الخ- اها واٽ ۽ سبيل صديقن ۽ مرسلن مقبولن جي آهي انهي وصفن واري ولي ڪامل کي مرشد الخق چئبو آهي باقي ٻيو قسم ولي ڪامل فقط پاڻ گهڻي ڀاڱي وحدت جي وادي ۾ محو ۽ مستغرق هوندو آهي هن صاحب کي ارشاد جي دڪان کولڻ تي چاه نه هوندو آهي موجب نظريه خير محمد شاعر- رند روز شب آهن سدا وحدت جي وادي ۾ غرق) پر سچل سرمست به گهڻو ڪري پيري بزرگي کان پري رهيو آهي سندس حياتي رندانه طريقه تي رهي آهي نه زاهدانه تي جيئن جو سندس زيرين شعر مان ظاهر آهي.
    (بيت)
    بزرگ شيخ مشائخ يارو نا مخدوم ٿياسين،
    نڪي قاضي نڪي ملا معلم پير بڻياسين،
    نڪي ٺاهه ٺڳي جا ٺاهي رنگ رساءَ رکياسين
    سچا ٻاجهون عشق الله جي ڪو ئي هنر نه سکياسين-
    هن شعر شائق صوفي صادق جي مان به هي ڳالهه ثابت آهي ته پاڻ سچل سائين توڙي جو ولي ڪامل هو پر ظاهري دڪانداري کولڻ سان مرشد الخلق بڻڻ تي سندس چاه ته نه هو پر رهندو انهي رسم رواج کي نفرت جي نگاه سان ٿي ڏٺائين اگرچه سندس نفرت طبعي کي ڪو شريعت پاڪ ۾ دخل ڪونه آهي ڇو ته اهڙا عاشق گهڻو ڪري مجذوبي حالت طاري هجڻ سبب بيخود ٿي وحدت ۾ مستغرق هوندا آهن تڏهن انهن کي ٻين کي ارشاد ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت جيئن جو سچل جهڙي سرمست جي محويت تي هيٺيون سندس بيت فارسي دال آهي (بيت) عاشقان باشند در سوزو و گداز زاهدان هستند در روزاه نماز 12- تنهن ڪري ڀٽ ڌڻي گهوٽ به گهڻو ڪي ولين جي ٻي قسم مان هو نه پهرين مان هن صاحب جي تنهائي واري استغراقي حال تي سندس تارڪ لقب مان به ڪافي ثبوت ملي ٿو ته پاڻ سڳورا برابر فقط ولي ڪامل ۽ عارف اڪمل هوا جنهن جهڙو ولي اڪمل اڄ تائين سنڌ سونهاري پيدا ڪري نه سگهي آهي شايد ڪو اهڙو قيامت تائين به مشڪل پيدا ٿئي- اگرچه شاه صاحب جي وجود مسعود ۾ استعداد ارشاد ڪرڻ جو ڪماليت جي درجه کي پهتل هو- پر سندس حاتم طبيعت جو چاه ارشاد جي دڪانداري کولڻ تي نه هو ڇو ته صوفيانه رنگ ڍنگ ۾ سندس مشرب گهڻو ڪري نيهن کي نهان ڪرڻ ۽ لڪائڻ جو هو نه نيهن کي نروار ڪرڻ جو جيئن جو پاڻ زيرين بيت ۾ چٽي فتوى ڏيڻ فرمائي اٿن ته
    (بيت)
    نهائين کان نيهن سک منهنجا سپرين
    سڙي سارو ڏينهن ته به ٻاهر ٻاڦ نه نڪري
    مطلب ته شاه صاحب به جي مرشدن وانگي مرشد خلق جو بڻي ارشاد جو مڪان ۽ گادي کولي ويهي هان ته سندن فيض يافته خليفا هزار نه بلک لک هجن هان پر پاڻ پاڻ کي سدائين سناسين ۽ ڪاپڙين جي روپ ۾ لڪائيندو رهيو ۽ سامين سان بفحوي الڪريمہ (قل سيروافي الارض) سلوڪي سير ۽ آفاقي آيتن جي خط معرفت حاصل ڪرڻ خاطر ڪائنات جي هر چيز مان معرفتي مشاهدا ماڻيندو رهندو هو- اهڙن گوشه نشين ڪاپڙن جي باب ۾ سچل سائين ڏاڍو سهڻو چوڻ فرمايو آهي ته
    (بيت)
    جوڳي ڏٺم جام، پر ڪو ڪو لڀي ڪاپڙي،
    ڪي وستن تي ويهي ويا، ڪي لوڪ نه لڙيام،
    تني ڪاڻ ٿيام، هي هي هڙا حالڙا.
    هتان به ثابت آهي ته جوڳي ٻه قسم آهن هڪ اهي جي وستن يعني ڳوٺن ۾ ارشاد جو در کولي خلق خدا جي کي فيض سان ڀرپور ڪن ۽ ٻيا اهي جوڳي جي ارشاد جي دڪان کولڻ ڏي متوجه نه ٿيا بلڪ لوڪ کان لڪي ڀڄي پاسو ڪري فقط وحدت جي وادي ۾ مدامي مستغراق رهيا- سو ڀٽائي بادشاه به لڪا ڀوڻن لوڪ ۾) وارن مان هڪ ڪامل ڪاپڙي هو اگرچه آخرين عمر ۾ ڪنهن مخفي نمونه سان چند خلفاءِ طريقت پيدا ڪري وڌائين تانجو اها خبر به ڪن خاص فردن تي کليل هئي نه عوام تي- جيئن جو چند خلفائن جو ثبوت تحفته الڪرام واري عبارت زيرين مان ظاهر آهي آن ولي مخصوص بکرامات خفي وجلي است ودر سلسله فقراعه چند خليفه نامدار دارد) يعني ته جناب شاه صاحب ڳجهن ۽ ظاهري ڪرامتن جو مالڪ ولي آهي ۽ سندس سلسله فقيري ۾ ڪيترا نالي وارا خليفا آهن) هن عبارت تحفه جي مان به سندس ولي ڪامل صاحب ڪرامات جو هجڻ ثابت نه عوام جو مرشد هجڻ ڇو ته پاڻ سڳورا هر طرح جي مشهوري کان پاسو ڪندڙ پرهيزگار هوا وگر نه پاڻ به ٻين پيرن فقيرن وانگي پيري مريدي جودڪان کولي ويهن هان پرائين ڪرڻ کين پسند ڪونه هو – لطف اللطيف جي عبارت زيرين مان پڻ اها ڳالهه عيان آهي ته کيس ڪن اکين وارن سڃاتو پر عوام کيس مرشد ڪري نه ڄاتو جيئن فرمائي ٿو ته شاه صاحب هڪ باڪمال ۽ مشهوري کان ڀڄندر عارف هو جنهن ڪري پنهنجي زمانه ۾ ڪن خاص اکين وارن ماڻهن ئي کيس سڃاتو باقي عوام ماڻهو- الخ انهي ساري تحقيق مان هويدا آهي ته مخدوم صديقي صاحب مرشديت جي ارشادي نڪته نگاه کان سچ چيو آهي فقيرن صادقن ۾ غير جائز گمان رکڻ چڱو نه آهي- باقي جي عناد سبب سرتاج سنڌ جو نالو مرشديت جي لسٽ تان خارج ڪري هان جيئن لطف اللطيف جي زيرين عبارت مان معلوم ٿئي ٿو ته پيري مريدي وارن سندس مخالفتون ڪيون) پوءِ ته شاه صاحب کي ولي ڪامل ڪري به نه لکي ها ڇو ته ولي ڪامل ئي مرشد بڻڻ جو مستحق آهي نه ناقص پر هن صاحب جي مرشد لفظ مان مراد آهي- گادي ڌڻي ٿي ويهڻ ۽ ارشاد عام جو دروازو کولڻ سو اهو عام پيري مريدي وارو رستو شاه صاحب جواني کان وٺي جاري نه رکيو جو سندس مشرب ڪمان عشق جو هو نه اظهار جو ان ڪري ٻين وانگي مرشد مشهور ٿي نه گذاريائين پر (لڪا ڀوڻن لوڪ ۾) عمل پيرا رهيو تنهنڪري صديقي صاحب مذڪور جو لکڻ ڪو هرون ڀرون بي واجبي نه آهي بلڪ صوفيانه نڪته نگاه کان به واجبي ۽ برحق آهي پر جي طوعاً کرهاً کڻي قبول ڪجي ته جناب صديق صاحب جو شاه صاحب سان همسايه هجڻ ڪري تعصب ۽ حسد هو تنهن ڪري کيس مرشد خلق جو ڪري نه تسليم ڪيائين اگرچه الله وارن ۾ اهو بدگمان نيڻ خود گناه آهي، پر جناب قلندر لعل شهباز سان سندس ڪهڙو تعصب ۽ حسد هو جو ان کي به مرشدن جي منصب معلى تان لاهي ڇڏيائين جو هو صاحب ته صديقي صاحب کان گهڻو ڪجهه قديم ۽ آڳاتو هو اتي ته همسايگي واري حسد جو اعتراض اٿارڻ عبث آهي بلڪ اتي به مرشد مان مراد صاحب الارشاد گادي ڌڻي آهي نه صاحب وجد ۽ استغراق ڇو ته جناب مخدوم عثمان مروندي به مي محبت ۾ محو هجڻ ڪري ولين ڪاملن جي ٻي قسم مان هو نه پهرين مان ڇاڪاڻ ته قلندر جو قلندر ئي انهي معنى تي دال آهي ته هو ٻنهي جهانن جي لاڳاپن کان آزاد هوندو آهي فقط مولا جي محبت ۾ مست مستغرق هوندو آهي پوءِ اهڙي قلندر کي وري ماڻهن جي مرشد بڻڻ جي ڪهڙي پرواهه آهي جيئن جو تصوف جي ڪتاب مصباح الهدايته ۾ لکي ٿو ته قلندر خلق جي آبادي ۽ خرابي جي پرواه نه رکندا آهن انهن جي ڪوشش رڳي پانهجن رسمن ۽ عادتن کي سڌارڻ جي ۽ جهان جي گرفتاري کان ڇٽڻ هوندي آهي. مطلب ته هو صاحب محبوب معنوي جي محبت ۾ اهڙو ته گم ۽ محو هوندا آهن جو جن کي پنهنجو پتو بعضي بعضي ڪونه پوندو آهي جيئن جو زيرين بيت فارسي اهڙن مستن تي صادق آهي
    (بيت)
    گم شدم چون سايه اندر آفتاب
    يا چو بوئي گل در اجزاءِ گلاب-
    عشق اللغات ۾ لکيل آهي ته؛ قلندر انهي کي چوندا آهن جو اهو ٻنهي جهانن کان آزاد يعني پالهو هجي خاص خالص معبود پاڪ خالق الا فلاڪ ۾ محو هجي جي اهو شخص ڪو ذرو ٻنهين جهانن سان يا انهي جي اهل سان ميل رکندو ته اهو چئبو اهل غرور ۽ مذهب قلندري کان ڏوراه باقي مرشد الخلق پهرين قسم وارا ولي ڪامل آهن جي سدائين سلوڪي ارشاد جو دروازو عام جاري رکندا آهن انهي معنى سان برابر انهي زماني جا صاحب الارشاد مرشد خلق جناب مخدوم نوح عليه الرحمته ۽ جناب مخدوم بلال رحه هوا- جناب غوث اعظم مخدوم نوح ته ايترو عام جام ارشاد جاري ڪرڻ فرمايو جو کيس نو لکي مريدن جو سونهون سرور سڏڻ لڳا جنهن ڪري سندس گادي ۽ درگاه اڃان تائين به سروري جي سهڻي لقب سان ممتاز آهي- جيئن جو انهي اعلى درگاه مقبول بارگاه جي سرتاج سروري جي سلام بابت رساله فردوس 1958ع جي صفه 12 تي زيرين سلامي پرت پيامي پديد آهي جا هتي بعينہ نقل ڪجي ٿي.

    سلام در جناب سرتاج سروري
    از – طبع درمحمد (خاڪ) صديقي ڪاندهلوي

    سروري درگاه جي سرتاج سرور کي سلام
    دل جي دلڪش دين جي دهدار دلبر کي سلام
    غوث حق لاريب آهي لاڏلو لاهوت جو
    علم لدني جي لياقتدار ليڊر کي سلام
    سروري سايہ پوڻ سان سرورن سرور ٿيو
    سرور درگاه واري گهوٽ گوهر کي سلام
    صبغتہ الله سان رڱيل هادي هدايت جو ڌڻي
    راه جي رهبر رباني روح پرور کي سلام
    لطف لطف الله تي لاريب لکيل لوح ۾
    نوح ثاني لک نوازي نور گستر کي سلام
    نيهن حضرت نوح کان ناليون نديون نروار ٿي
    سنڌ کي سرسبز ڪن ساقي سمندر کي سلام
    زيب زينت ٿي زماني کي عطا مخدوم سان
    مہ جبين ملڪوت جي مهتاب مهتر کي سلام
    سڪ سقاهم ربهم جو پر پيالو پياريو
    پرت وارن کي پرين آ پرت پيچر کي سلام
    دوش دلبر تي دوشالو دين ۽ اقبال جو
    چرخ جنهن جي چاڪري ڏئي تنهنجي چاڪر کي سلام
    ميڪده محبوب جو آباد هوندو تا قيام
    مست من مي نوش ۽ ساقي جي ساغر کي سلام
    زر زماني ذوق کان زانو ادب جا کوڙيا
    طالب المولى اڳيان تنهن بخت برتر کي سلام
    روز رندي جو آ رهبر ڀل رهاڻيون رند ڪن
    رند جي پير مغلن ۽ راه رهبر کي سلام
    سرپرستي ۾ سندس فردوس ٿي جاري ويو
    منهنجي محبوبن هٿان محبوب مسٽر کي سلام
    طالب المولى کي مولى کان عطا موتي ٿيو
    جو محمد جو امين اقبال اختر کي سلام
    مون کي مون محبوب کان فردوس وي پي ٿي ملي
    التجا ويندي اگهي دلبر جي دفتر کي سلام
    خاڪ هالا حال استقبال ۾ اقبال سان
    سبز تر هوندي سدا خدام خوشتر کي سلام

    (دعاگوئي قديمي درمحمد خاڪ – محبوب جو مداحي مشتاق)

    اهڙي طرح جناب مخدوم بلال شهيد رحمته الله عليه پڻ گهڻن راه گيرن کي رڱڻ فرمايو آهي جنهن جي رڱڻ حياتي ۾ ته جاري هئي پر مماتي ۾ به سندس روضه يا درگاه تي اها رڱڻ وحدت جي ندي تار جاري آهي جو ساري پاڪستان ۾ اهڙي طرح ماه پهرين تي مداحي جيئن نعرو نيهن ۽ دين جو نروار آهي تيئن ڪاٿي به ڪونه آهي، جنهن جي تعريف ڪرڻ ائين آهي جيئن سج کي آئينه ڏيکارڻ. باقي جناب قلندر لعل شهباز بره جو باز رندي مشرب جو مست مرد ميڙ هو جنهن کي پڻ لعل لطيف وانگي مرشد بڻڻ جي ڪا ڪاڻ ڪانه هئي ڇو ته قلندر گهڻو ڪري ٻنهن جهانن جي جهيڙن کان آزاد هوندا آهن جيئن جو انهي جو بحث مٿي گذري آيو آهي- حاصل ڪلام ته جي عارف الاهي محبت جي مستي ۾ محو ۽ مستغرق آهن تن صاحبن کي مرشد بڻڻ جي ڪهڙي گهرج آهي انهي رنگ وارا رند فقط پاڻ لاءِ مي محبت ۾ مدهوش رهندا وتن ٿا. عوام جي انتفاع ۽ نقصان ۽ ناموس جي هنن رندن کي ڪا به پرواه نه هوندي آهي تنهن ڪري ويچارو صديقي صاحب ته حسرت سبب فرمائي رهيو آهي ته افسوس صد افسوس جي اهڙا اولياءَ پنهنجي مدهوشي کان ڪجهه آفاقو حاصل ڪري عام خلق کي ارشاد جي عنايت ۽ رافت سان رڱن هان ته هزارن کي ڇا بلڪ لکن ماڻهن کي رڱي فيضيافته ڪري ڇڏن ها، ان سان گڏوگڏ مرشد الخلق جو ممتاز لقب ماڻي مرشدي جو بلند بالا درجو به ماڻن هان موجب حديث حبيب الله صلي الله عليه وسلم (خير الناس من ينفع الناس) زور ڀلو اهو مرشد آهي جو عام ماڻهن کي فاعدو پهچائي) انهي حديث شريف جي مدنظر تي مخدوم صديقي صاحب فرمائي رهيو آهي ته مرشد جو درجو ڏاڍو بلند بالا آهي) پر افسوس جو ولين ڪاملن مذڪورن باوجود ڪماليت ولايت ۽ استحقاق منصب مرشديت جي به ارشاد جو دروازو عام جام نه کوليائون وگر نه ڪيترا راڄ انهن جي ارشاد ۽ فيض سان رڱجي وڃن هان – اهو احسن تاويل جناب صديقي صاحب جي قولن مذڪورن جو ٿي سگهي ٿو نه اهو ابتو تاويل جو فاضلن وقت جي سوا ڪنهن غور جي ڪرڻ فرمايو آهي، باقي رهيو هالن وارن مخدومن جي مخالفت تي بحث جو پڻ قابل غور آهي انهي جو مستقبل بيان فدوي جي رساله راحت الروح في مناقبات مخدوم نوح ۾ تفصيل ۽ تحقيق سان ايندو انشاءَ الله تعالى اهو به عنقريب بشرط بقاءَ حياتي جي مطبوع ٿي مشتاقن ادب جي زير مطالع اچي ويندو آمين پر جي جناب صديقي صاحب لطيف لعل جي مرشديت مطلق کان انڪار ڪرڻ فرمائي هان ته کيس ولي ڪامل به نه سڏي هان ڇو ته ولي ڪامل ئي مرشد سڏائڻ جو مستحق آهي ته ناقص پر جڏهن آخرين عمر ۾ لطيف سائين نيٺ ڪجهه نه ڪجهه ارشاد ڏي توجہ ڪيو ته ڪيترن کي ئي فائده مند ڪري ڇڏيائين جيئن ان ڳالهه ڏي لطائف لطيفي جي آندل بيت زيرين جو اشارو ڪافي آهي
    (بيت)
    نکورو تاب مهجوري ندارد
    درش بندي زروزن سربر آرد
    12- نيٺ جناب سرتاج سنڌ به آخرين عمر ۾ نيهن جي نانگن تي نوازش فرمائي چند خلفاءِ طريقه ڪري پنهنجو يادگار قائم ڪري ويو-


    شاه جي شادي خانہ آبادي

    سرتاج سنڌ سدائين جواني جي اوج ۽ عمر گرامي جي ڦوه کان وٺي روحي رياضتن ۽ عبادتن ۽ مجاهدن محنتن سان مولا پاڪ جي ذڪر فڪر ۾ مشغول رهندو هو ۽ سناسين ۽ سامين سان سفر پر ظفر ۾ سرگردان هوندو هو- تنهن ڪري زال ذات سان سندس من جو ميلان نه هو ان ڪري پنهنجي والد ماجد جناب سيد حبيب شاه کي به ڪڏهن شادي مبارڪ جو عزم ۽ ايرادو نه ڏيکاريندو هو- اوچتو شاه جي جديد عشق مجازي جو ڪارڻ هن صورت سان عيان ٿيو جو مرزا بيگ مغل جي ارغون جي وڏي نياڻي مسماه سعيده بيگم عليله ۽ بي خوش ٿي پئي مرزا جو شاه حبيب جو وڏو معتقد ۽ سچو ارادتمند هر هميشان حبيب شاه کان دعا تعويذ وٺندو ۽ دعا ڦيڻو ڪرائيندو هو – ان قديم ارادتمندي موجب مرزا مذڪور جو ماڻهو شاه حبيب کي دعا ڦيڻي لاءِ وٺڻ آيو- سيد حبيب پاڻ انهي وقت طبيعت ۾ ذرا ناخوش هو- تنهن ڪري پنهنجي عوض پنهنجي فرزند ارجمند شاه عبداللطيف کي حڪم ڪيو ته تون وڃي دعا ڪري اچ حڪم موجب لطيف سائين حويلي جي در وٽ پهتو – مغل اميرن ۾ بنيادي طرح پردي جو رواج چالو هوندو هو- ڪنهن به بيگاني ۽ ڌاري ماڻهو کي مجال ۽ طاقت نه هئي جو حويلي جي چائٺ به لتاڙي سگهي. ساداتن سان خاص ارادتمندي ڪري- هي مروت هوندي هئي- جو کين پرده جي پيرايہ ۾ اندر اچڻ ڏيندا هوا نينگري پرده ۽ حجاب جي حالت ۾ ڪپڙن سان ڍڪيل ۽ ويڙهيل هئي فقط سندس چيچ کليل هئي- جنهن کي جناب شاه صاحب پنهنجي هٿ ۾ جهلي فرمائڻ لڳو- جنهن جي چيچ سيد هٿ ۾ تنهن کي لهر نه لوڏو) مصرعه جو مطلب ۽ مقصد ۽ ظاهر باهر هو ته هن نماڻي نينگري کي سيد سڳوري کان سواءِ ٻيو ڪو به هٿ نه لائيندو- قلم قضا جي ڪو لوح محفوظ تي اڳ ۾ ئي نينگري جو ميلاپ شاه سان لکي ڇڏيو هو جو شاه جهڙي عارف ڪامل ڄمندي ڄام کان اوچتو مصرعه مذڪور نڪري نروار ٿيو بفحوي لحديث (جف القلم بما هو کائن) جنهن حديث جو ترجمو شاه لطيف هن بيت زيرين ۾ ڪرڻ فرمايو آهي ته
    (توڙي وڃي تڪڙي توڙي وڃي وک
    لکيي منجهان لک لهي ڪين لطيف چئي)
    آخر انهي پيشين گوئي شاه جي هڻي هنڌ ڪيو جيئن اڳتي اچي ٿو ان ۾ اڻ سڌي طرح سنڱ گهرڻ جي رمز رچايل هئي- پر اڄ ڪلهه وانگي انهي زماني جي وڏيرن ۽ اميرن ۾ به وڏائي جو مرض منتشر ۽ پکڙيل هو- نڪاح شادي جي معاملن ۾ نخوت ۽ وڏائي ڪري ڪنهن کي به پنهنجو مٽ ثاني نه سمجهندا هوا ان ڪري مغلن کي ڏاڍي مٺيان لڳي جنهن ڪري ساداتن سان مودت موافقت جي پاران مخالفت ۽ دشمني ظاهر ڪري طرحين طرحين ايذائن ۽ تڪليفن پهچائڻ جون سٽون سٽي رهيا هوا – ڀٽائي صاحب به اوچتو ئي اوچتو اڻ ڏٺي عجيب جي عشق جو شڪار ٿي چڪو هو. جنهن کي ناگاه نينگري جي نيهن لغار لڳي ويل هئي سو هاڻي بي اختيار ٿي بره جا باب پڙهڻ لڳو رات ڏيهان محبت محبوبن ۾ مست مخمور رهي جهنگ جهر جانب ڪاڻ جوڳي ٿي جهونگاريندو رهندو هو ۽ ڪشالن جا ڪوه ڪاٽيندو ۽ ٽاڪيندو هو ۽ حال جي زبان سان هيٺيون شعر شوق مان پرهندو رهندو ته
    (ڪافي)
    ٿينديس پار پنهل جي پانڌياڻي + وٺي رهبر احمد آرياڻي
    1. ڏسي رند پنهل جا روئنديس مان + پيرا خان پنهل جا کڻنديس مان
    ڳولي ڦولي لڪن مان لهنديس مان + چون ڏونگر ڏوري ٿي ڏوٿياڻي.
    2. ويهان ڪيئن ڀنڀور ۾ ور بنا + پنهنجي پاڪ پرين پيغمبر بنا
    سردار سچي سرور بنا + جاچان جانب کي ٿي جوڳياڻي
    3. جيڏيون ناهه جبل ڏونگر جو ڏر + ڀايان پر به پنهل لئي پنهنجو گهر
    توڙي سر وڃي ٿئي ٻيڻو ڪر + چون سڪ اندر مئي سانگياڻي
    4. راتيان ڏينهن خطائي ساري ٿو. + ڪيون پنهل پنهل ته پڪاري ٿو
    روئي رت هنجهون ڳل هاري ٿو، + ٿيندي نيٺ پنهل سان پرچاڻي.

    آخر مرزا بيگه هڪ حادثي ۾ دلن جي هٿان مارجي مات ٿي ويو. ان جي پوين پشيمان ٿي ساڳي نينگري جو سنڱ سچي سڪ سان سرتاج سنڌ کي آڇيو- سيد سڳوري غـمخوار محبوب جي گهوري سڪ سان اهو سهڻو سنيهو قبول ڪرڻ فرمايو- نيٺ شاه جي شادي خانه آبادي ان نينگري نالي سعيده بيگم سان ٿي ۽ سهڻي سرتاج سنڌ لاڏي ڪوڏي ٿي ڪنوار مذڪوره سان لائون لڌيون ۽ سائين لطيف جي لائن ويلي ڪنهن خاڪ جهڙي شاعر هي هيٺيون سهرو حال واري زبان سان هيئن چئي ٻڌايو
    (سهرو)
    ٻئي گڏيا ٿم گل، اڄ ڪا رات معراج جي
    1- چمن کي چو طرف چوڌاري، ڏسي باغن بيش بهاري، ڦرن پيا بلبل،
    2- پرڻي رات لعل لطيفي ڪاج جي، بهتر حالت ڪيفي حورن ڏسي ڪيا هل.
    3- چار ئي يار رسول جا رهبر ٿيا، گهوٽ لطيف جي واهر پنجتن پاڪ امل
    4- خاڪ خوشي سان ڪاج ڪريمن، اچي ملهايو پاڻ امامن شادي ۾ ٿيا شغل.

    شادي مبارڪ جي گذرڻ کان بعد بيبي سڳوري کي شاه صاحب جا مريد ۽ معتقد (تاج الخد رات) پردي وارن جو زالن جو ڇٽ ڪري سڏيندا هوا- بي بي صاحبہ نهايت پرهيزگار پاڪ دامن نماز روزي جي سخت پابند هئي، امير گهراڻي جي ڇوڪري هوندي به گهر جو ڪاروبار سڀ پاڻ پنهنجي هٿن سان ڪندي هئي. ڪوٽڙي مغل جو ڳوٺ ويران ۽ ڦٽل ٿي رهيو هو، تنهن ڪري شاه صاحب شاده گذرڻ کان پوءِ اتان لڏي اچي نئين سر ڀٽ وسائي. شاه صاحب .کي ان بيبي سڳوري مان ڪا به اولاد پيدا نه ٿي. بي بي صاحبه شاه جي حياتي ۾ ئي رحلت فرمائي وئي ان کان پوءِ شاه صاحب شادي جو ڪڏهن به ايرادو ڪونه ڪيو.


    شاه جي وفات حسرت آيات

    شاه صاحب سرتاج سنڌ جي وفات جو واقعو به هڪ عجيب غريب آهي. ڪي مؤرخ لکن ٿا ته جناب ڀٽ ڌڻي عمر جي اخير ايامن ۾ مراقبي ۾ ذڪر فڪر واسطي هڪ جاءِ تي پورا 21 ڏينهن ويهي رهيا ان سموري مدت ۽ عرصي ۾ کاڌو فقط ٻن ويلن جو واپرايون هڪ ڏينهن مراقبي واري ڪوٺيءَ مان نڪري شايد جوش جذبي حرارت کي هٽائڻ خاطر هڪ سئو دلن پاڻي سان وهنجي ٻيهر اندر ساڳي ڪوٺي ۾ هليا ويا. ٻاهران سنڌي ٻولي ۾ فقيرن جو رندي راڳ ٿيندو رهيو. برابر ٽين ڏينهن ساندهه راڳ جي محفل گرم رهي فقير فقراءَ به ايڏو ته محو هوا جو کين خبر ئي نه ٿي پئي ته هي ڇا ٿي رهيو آهي جڏهن جوش جذبو ڍرو ٿين ۽ ٿورو سڌير ۾ آيا تڏهن وڃي ڏسن ته رهبر روحاني جو روح پر فتوح پرواز ڪري وڃي رهو پرور کي حظيره القدس ۾ رسيو آهي. کين اهو پتو پروڙ نه پئي ته ڪڏهن ۽ ڪهڙي وقت فوت ٿي ويا آهن. سندن حالت اها ئي مراقبي واري هئي. اهو واقعو وفات وارو سنه 1165 هه مطابق سنه 1752ع جي 14 صفر جي ٿي گذريو.
    انا لله و انا اليه راجعون.


      جناب ڀٽ ڌڻي جي چند ابياتن جو شرح الاهي آيتن سان

    بيت نمبر 1
    ڪوڙيين ڪتابن ۾، حرف مڙو ئي هيڪ،
    جي نظر هجي نيڪ، ته بسم الله ئي بس آ.
    شرح- جناب سرتاج سنڌ فرمائي رهيو آهي ته حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي جناب محبوب مدني صلي الله عليه وسلم تائين- جيڪي به انبيائن ۽ مرسلن تي صحيفا ۽ ڪتاب آسماني نازل ٿيا تن سڀني ڪتابن ۾ ذڪر ذاتي اسم الله جو هو- جو اهو ساڳو اسم ذاتي بسم الله شريف ۾ موجود آهي پوءِ جو شخص گهري ته مون کي سڀني ڪتابن جي پڙهڻ جو اجر ۽ برڪت حاصل ٿئي ته انهي کي نيڪ نيت ۽ نيڪ نظر هجڻ ڪري هڪ بسم الله شريف جو پڙهڻ ئي ڪافي ۽ بس آهي ڇو ته بسم الله شريف سارن ڪتابن آسماني جي برڪتن سان ڀرپور آهي. اها بسم الله شريف اها پهرين آيت الاهي آهي، جا زمين جي مهن تي حضرت آدم ابو البشر عليہ السلام تي نازل ٿي. پوءِ حضرت آدم فرمايو ته هاڻي مون ڄاتو ته جيستائين زمين تي بسم الله هوندي ۽ منهنجو اولاد انهي کي وظيفو ڄاڻي پڙهندو ته دوزخ جي عذاب اليم کان امن ۾ رهندو ڇو ته بسم الله شريف رحمت ۽ امان واري آيت آهي. جنهن جي نور برڪت سان حضرت ابراهيم خليل الله نمرودي باه کان بچيو ۽ حضرت موسى ڪليم الله فرعون بي عون جي حمله کان بچي امن سان درياءَ کان پار پهتو. جڏهن حضرت سليمان عليہ السلام تي نازل ٿي آئي ته ملائڪن الله پاڪ جو قسم کڻي فرمايو ته هاڻي تنهنجي بادشاهي برقرار ٿي ڪامل رهندي. ڇو ته هي آيته رحمت ۽ امان واري نموني نازل ٿي آهي پر جڏهن وري محبوب مدني عربي عدني تي سوره نمل ۾ نازل ٿي ته کيس انهيءَ جي برڪت ڀرپور سان فتح عظيم حاصل ٿي گويا ڄڻ بسم الله ئي فتح عظيم آهي. اها نمل واري آيته هن طرح آهي ته انہ من سليمان وانہ بسم الله الرحمان الرحيم) انهي ڏينهن کان وٺي سيد الڪونين صلي الله عليه وسلم جن پنهنجن اصحابن احبابن کي حڪم فرمايو ته سڀ ڪنهن سورت جي اول ۾ بسم الله الرحمان الرحيم لکو ۽ هر ڪتاب ۽ هر دفتر جي اول ۾ بسم الله شريف لکڻ گهرجي. ۽ الله پاڪ جو قسم کڻي فرمايائين ته جو به ٻانهو مؤمن ڪنهن به ٽول حلال تي بسم الله پرهندو ته ان ۾ باري تعالى گهڻي برڪت وجهڻ فرمائيندو. ۽ فرمايائين ته بسم الله پڙهندڙن لاءِ دوزخ کان حجاب ۽ پردو ٿيندي انهي جا جمله حرف 19 آهن جي اڻويهن دربانن دوزخ جي کان بچائي وٺندا ۽ ٻي حديث ۾ آهي ته هي بسم الله شريف ترازو جي هڪ پڙ ۾ رکجي ۽ ٻي پڙ ۾ 7- ست آسمان ۽ ست زمينون ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ شيون رکجن ته بسم الله وارو پڙ ڳورو ٿي پوندو ڇو ته بسم الله شان ۽ برڪت ۾ سڀني شين کان ڀلاري آهي. بفحوي الحديث مفتاح القرآن بسم الله الرحمان الرحيم يعني بسم الله شريف ساري قرآن ڪريم جي ڪنجي آهي) پر سورتن قرآن ڪريم جي پهرين سورت جا سرور ڪائنات مفخر موجودات تي نازل ٿي، اها سورت علق آهي. جنهن ۾ سبحان سائين سردار ڪريم کي پهريان حڪم بسم الله جي پڙهڻ جو فرمايو ته اقراء باسم ربڪ الذي خلق الايه اي محمد چؤ تون بسم الله الرحمان الرحيم تنهن کان پوءِ پڙهه تون) هن مان ثابت آهي ته اقراء باسم ربڪ- بسم الله کان سواءِ نازل ٿي آهي. امام بخاي رحمته الله عليه ان ۾ هن طرح تصريح ڪرڻ فرمائي آهي ته هادي حڪيم پنهنجي حبيب رئوف رحيم کي بسم الله پڙهڻ جو حڪم ٻن سببن جي ڪري ڪرڻ فرمايو هڪ ته بسم الله جي پڙهڻ سان قرآت ۾ قوت حاصل ٿيندي 2. ته بسم الله پڙهڻ ڪري پنهنجي مولا پاڪ سان اُنس جو اظهار ٿئي ٿو ڇو ته اسم جو انس مسمى جي انس الفت ڏي مفضي ۽ موصل هوندو آهي. هکذا في تفسير روح البيان.


    نعت بسم الله شريف

    از طبع خاڪ صديقي ڪاندهلوي ثم نصير آباد

    ڪنجي قرآن ساري جي ڀلاري پاڪ بسم الله
    ابن عباس کان آهي روايت ٿي رسول الله
    ٻيو اهڙو نه آهي ڪو وطيفو ڪنهن ڪتابن ۾
    مڪي اول مٺي مولا مٿي آدم صفي الله
    اسم اعظم اهو ئي آ وڌائي ساڻ برڪت جي
    دنيا اولاد مالن کي قسم آهي ڪلام الله
    ڪمايو هن وظيفي کي محبت سان مڙي مومن
    عجب اسرار ان اندر رکايو رمز سان الله
    سبق استاد کان طالب وٺي بسمي ڇٽن چارئي
    معلم ماءُ پيءُ تنهنجي چيو حضرت حبيب الله
    حروف 19 –اڻويهه جي بسمي طفيلي تن ته دوزخ جا
    ٽرن اڳواڻ اڻويهئي چيو نرمل نبي الله
    بدن ۾ ورد بسمي جو رکج تون “خاڪ” خوشدل ٿي
    ڪرم ۽ فضل پنهنجي سان ڪري واحد ولي الله


    توحيد جي تعريف ۾ پنهنجي نامدار جو نظريو

    بيت نمبر 2
    چؤ ته الله هيڪڙو، وائي ٻي م سک،
    لکيون پيو لک، سچو اکر من ۾.

    شرح- هن بيت جو شرح شافي ٻن پهلن تي مشتمل آهي هڪ ظاهري شرعي پهلو ٻيو باطني پهلو شرعي پهلو سان هي بيت ڀٽ ڌڻي جو سورة اخلاص جي پهرين آيت جو هوبهو ترجمو آهي- سورت اخلاص مڪي آهي نه مدني انهي سورت سونهاري ۾ چار آيتون آهن هر هڪ آيت سرتاج سنڌ جي هن بيت مذڪور ۽ هيٺين نمبر وار بيتن جو پورو پورو شرح آهي. نمبر اول بيت جو شرح هي پهرين آيت اخلاص جي (قل هوالله احد) آهي يعني چئو ته اهو الله هڪڙو آهي) شان نزول ان سورت سونهاري جو ٻن روايتن سان مروي آهي. 1- قريشن جي هڪ گروه محبوب مدني کي چيو ته تون اسان کي انهي الله جي وصف واکان ٻڌاءِ جنهن جي عبادت ڏي اسان کي سڏي رهيو آهين پوءِ اها سورت سونهاري نازل ٿي. 2- تفسير معلم ۾ آهي ته يهودن جي هڪ ٽولي چيو ته اي ابو القاسم پنهنجي پروردگار جي اسان کي صفت ساراه ٻڌايو ته اسان توتي ايمان آڻيون ڇو ته اسان تورات ۾ ان الله جي صفت لکيل ڏٺي اهي پوءِ اها سورت نازل ٿي. حديث ۾ آهي ته اخلاص سورت کي هڪ ڀيرو پڙهڻ سان ثواب ڏهن سيپارن جو حاصل ٿيندو آهي ۽ ٽن ڀيرن پڙهڻ سان ساري قرآن ڪريم جي ختم ڪرڻ جو ثواب ۽ اجر پڙهندڙ کي درگاه پاڪ جي مان پلئو پوندو آهي. شيخ ابو علي رودباري جو چوڻ آهي ته شرڪت دائر آهي عدد ۽ تلقب ۽ علت ۽ معلول ۽ شڪل ۽ ضد ۾ پوءِ الله تعالى هو الله احد فرمائي عدد ۽ ڪثرت جي نفي ڪرڻ فرمائي ۽ الله الصمد فرمائي تقلب ۽ تنقص کان پاڻ کي پاڪ ڪيائين ۽ لم يلد ولم يولد فرمائي علت ۽ معلول کي نفي ڪرڻ فرمايائين ۽ ولم يکن له ڪفواً احد فرمائي اضداد ۽ اشڪال جي نفي ڪرڻ فرمائيان. 2- باطني پهلو سان انهي سورت سونهاري کي اخلاص جي امتيازي لقب سان نروار ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اها سورت سونهاري عاشقن عارفن واسطي خاص درس معرفت حق جو آهي تنهن ڪري سدائين سالڪ سورت اخلاق کي نماز تهجد واري ۾ فاتح پڙهڻ کان پوءِ بطور تڪرار پڙهندا رهندا آهن. تنهن ڪري جناب سرتاج سنڌ به هر هڪ آيت اخلاص جي ۾ بطور معنى ۽ تشريح جي چار بيت نمبروار چوڻ فرمايا آهن جن جو بيان ترتيب سان تفصيل وار ٿيندو رهندو.
    پهرين نمبر بيت ۾ ڀٽ ڌڻي فرمائي رهيو آهي ته اي انسان تون اُنس ۽ الفت سان سچو انسان بڻي هڪ الله جو درس دل جي دهلن ۽ زبان کي چوراءِ نه فقط چوراءِ پر انهي اسم ذات کي پنهنجي قلب واري پٽي تي لکي لکي اهڙي ته مشق ڪر جو تنهنجو اندر اجرو ٿي آئينده ديد ار نما جو لائق ٿئي غير الله کي ڪڏهن به دل ۾ رهڻ جو دنگو نه ڏي ۽ نه زبان سان غير جي ٻولي ٻول هن بيت جي تائيد تقويت ۾ اخلاص جي پهرين آيت مذڪوره شرح جو ڪم ڏئي چڪي آهي انهي آيت جي ٽن اسمن مان صوفين جي اصطلاح موجب ٽن مقامن ڏي اشارو آهي. هو جو اشارو مقام اول ڏي آهي جو مقام مشتاقن مقربن جو آهي ۽ اسم الله جو اشارو ٻي مقام ڏي آهي جو مقام اصحاب اليمين جو آهي جو مقام اولى کان ڪجهه گهٽ آهي ۽ اسم احد جو اشارو مقام ثالث ڏي آهي جو مقام اصحاب الشمال جو آهي، هي مقام سڀني مقامن کان گهٽ ۽ خسيس آهي. لطيف لاثاني لاڏلو لامڪاني ٻي مقام کان مافوق ٿي مقام اولى جو مصداق ۽ مستحق نظر اچي ٿو ڇو ته سندس ابيات ترجمئه آيات مان سندس قرب ۽ ڪماليت واري تصوير اهل بصيرت وارن اڳيان نروار ٿي رهي آهي موجب قول ديوان مخفي جي. هر که ديدن ميل دارد درسخن بيند مرا درسخن مخفي چنالم بوئي چون در برگ گل هن ساري تحقيق انيق مان ظاهر آهي ته لطيفي لات جي نظريه اقدس موجب سچو انسان اهو آهي جنهن جي دل واري پٽي تي الله جو اسم ذاتي اڪريل ۽ لکيل آهي جنهن اسم ذات جي انس الفت کان انسان گهڙي به غافل نه رهي وگر نه انسان جي عالي درجه کان هٽي حيواني درجه جو حقدار رهندو جيئن جو ڀٽائي رحه جي نظريه جي تائيد مزيد فقير خاڪ جي زيرين مخمس مان پڻ ظاهر آهي جو مخمس هوبهو هيٺ درج ڪجي ٿو.

    آس الف اُنس سان انسان ٿي حيوان نه ٿي
    قرب وڙ سڪ سرس سان انسان ٿي حيوان نه ٿي
    جوش جذبي جنس سان انسان ٿي حيوان نه ٿي
    پي پيالو پرت جو پير مغان عبداللطيف
    باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

    ميٺ سک ميٺاج سک ماکي جي مک جي ماٽ سک
    کير کنڊ ٿي پاڻ ۾ پائڻ ڳراٽي ڳاٽ سک
    ميٺ مان ماکي بڻي اڃ عشق جي اوساٽ سک
    پرت سک جو پرت وارن پاسبان عبداللطيف
    باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

    فڪر ڦرحي تي لکي ڪو انگ عبرت خيز ٿي
    رمز وحدت جي رڱڻ سان روح جي رنگريز ٿي
    انگ اڪرائي اندر ۾ پاڻ وڃ انگريز ٿي
    راه وحدت رمز جو روح و روان عبداللطيف
    باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

    دل به هڪ دلدار هڪ دل ڏي فقط دلدار کي
    يار سان ياري رکي دل ڏي نه ڪنهن اغيار کي
    ديد دل سان ماڻ پو منٺار جي ديدار کي
    نحن اقرب نيهن جو نالو نشان عبداللطيف
    باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

    هوت هڪ هر هنڌ حاضر وات وائي ٻي نه سک
    ٿي نه ٽيڏو وجهه ٻيائي کي نه انڌي وانگي ٻک
    جسم جي ۾ جان هڪڙي روح رهبر ساڻ رک
    درد دل جو درد افزا داستان عبداللطيف
    باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

    عبرتي اک ساڻ اچ تون انجمن اوطاق ۾
    ڳول پنهنجو يار وڻ ٽڻ ۽ زمين افلاڪ ۾
    فرش عرشي انفسي ايوان ۾ آفاق ۾
    آفتاب عشق جو آ آسمان عبداللطيف
    باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

    عشق وارن جي اڳيان اشياءَ عالم آيتون
    رمز وارن لاءِ دنيا ۾ رموزي راحتون
    سوز سڪ وارن جون عبرت جي اندر سڀ ساعتون
    ذوق ذاتي جي ڪري زينت زمان عبداللطيف
    باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

    وره جي وائي سدائي ورهه واڻن کي وڻي
    ورهه وارن کي وسيلو ڄاڻ ٿي پيرن پڻي
    بره جي شهباز سان برميچي ڇا اڏندي چڻي
    ورهه واري وات جي ظاهر زبان عبداللطيف
    باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

    سور سک ڇا پور ۾ پلپل پنهل جو پور رک
    سور سارا سڀ سٽي سيني سڄڻ جو سور رک
    دلربا ديدار دي ديدار ٻيا سڀ دور رک
    سالڪن جي سوز سڪ جو ساريان عبداللطيف
    باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

    سنڌ ٿي سر سبز ساري سنڌ جي سردار سان
    باغ ۾ آئي بهاري باغبان بيدار سان
    وئي ٽڙي ٽانگر جي ٽاري ڀٽ ڌڻي ڀوتار سان
    بلبلن جي ڏڻ جو سونهون ۽ شبان عبداللطيف
    باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

    سنڌ جي سرتاج تي اڄ سنڌ کي پڻ ناز آ
    جا بجا ورسي ملهائڻ جو عيان آواز آ
    سنڌ ڇا ٻي هنڌ جٿ ڪٿ ڀٽ ڌڻي ممتاز آ
    پاڪ پاڪستان ۾ آ آستان عبداللطيف
    باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

    موج دريا جي سپن جو گهوٽ گوهر آ لطيف
    سنڌ جي صوفين سندو سرتاج سرور آ لطيف
    بخت ۽ اقبال جو اقبال برتر آ لطيف
    لاڏلو لاهوت جو ۽ لامڪان عبداللطيف
    باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

    رمز روحاني سان ڀريل آ رسالو شاه جو
    مي محبت سان پيالو پير مقالو شاه جو
    نيهن وارن ڏي نياپو آ نرالو شاه جو
    ڪاپڙن جي ڪاروان جو ڪاربان عبداللطيف
    باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

    خاڪ ڀٽ ڇا سنڌ ساري باغ ٿي سرتاج سان
    رات گوندر جي گذر ٿي روز شادي ڪاج سان
    ويو لطيفي ٿي لقا محبوب جو معراج سان
    غرق رحمت هو به- هردم بيگمان عبداللطيف 1961ع
    باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف


    بيت نمبر 3

    دوست ڪهائي دادلا، محب مارائي،
    خاص خليلن کي ٿو، سختيون سهائي،
    الله الصمد بي نياز، سا ڪري جا چاهي،
    انهي ۾ آهي، اونهي ڳالهه اسرار جي-
    شرح:- ڀٽائي صاحب فرمائي ٿو ته الله تعالى باري بي پرواه پنهنجي صفت صمدي بي نيازي واري سان اهڙو ته مستقل ممتاز آهي جو ساري ڪائنات ڇا بلڪ ڪائنات دنيا جا دادلا ۽ محبوب ۽ خليل پڻ سندس درگاه جا نياز ڪيش ۽ محتاج آهن. پاڻ ڪلي اختيار اٿس جو ڪجهه به ڪرڻ چاهي ته ڪرڻ تي قدرت ڪامله سان پوري طرح قادر آهي، تنهن ڪري جي پنهنجي قدرت ڪامله ڪن ڪاملن ولين چاهي پيارن پيغمبرن ۽ خليلن خاصن تي هلائي ته کيس آڏو اچڻ وارو ڪو به ڪونه آهي. پر درگاه جي دادلن ۽ خاصن خليلن کي سختيون سهائڻ ۾ سندس اسرار جي اونهي ڳالهه رکيل آهي جنهن کي فقط پاڻ ٿو ڄاڻي ٻي کي سندس ڄاڻائڻ کان سواءِ ڪو به پتو پرو ڪونه آهي. هن ٻي نمبر بيت جو پورو پورو شرح هي ٻي آيته اخلاص جي آهي (الله الصمد) يعني الله بي نياز آهي) آيت شريف ڏسڻ ۾ ننڍي آهي مگر مٿئين ساري نظريه شاه جي کي حاوي ۽ محيط آهي طوالت جي خوف کان سندس تشريح تي زياده توجہ نه ڏنو ويو آهي ڇو ته اسان جو غرض فقط شاه جي هر هڪ بيت کي آيت سان ربط ڏيکارڻ جو نه ڊگهي تفسير جو.


    4 بيت نمبر

    نه ڪنهن ڄائو ڄام کي، نڪو ڄام وياء،
    ننڍي وڏي گندري، سڀن آهه سياءُ،
    لم يلد ولم يولد، اي نجابت نياءُ،
    ڪبر ڪبرياءُ، تخت تماچي ڄام جو.
    (سر ڪاموڏ)
    شرح: ڀٽ ڌڻي فرمائي رهيو آهي ته منهنجي محبوب ڄام هردم همام کي نه ڪنهن ڄڻيو آهي نه ڪنهن کي ڄام ڄڻيو آهي بلڪ ننڍي وڏي گندري يعني ننڍن وڏن نوري حضوري جي هم جنسن سان سندس روحاني رابطو بفحوي الکريمہ ونفخت فيہ من روحي وارو آهي جنهن نسبت نروار کي بيت جو جملو- سڀن اُهه سياء چٽي پٽي دلانت ڪري رهيو آهي. تنهن ڪري ننڍن مان مراد عام آدمزاد ۽ وڏن مان مراد وڏا اولي العزم انبياءَ وغيره آهن گندري مطلق آمدزاد کي هن ڪري ڀٽ ڌڻي پنهنجي نظريه موجب فرمايو آهي جو گناهن جي ارتڪاب سبب فقط بندو گندوئي گندري جي اطلاق جو مصداق ٿي سگهي ٿو نه غير باقي رهي گندري جنس مان اتم اعزاز واري نوري حضوري جا پنهنجي پاڪائي ۽ سيرت صورت سان سينگاريل هجڻ ڪري لولاڪ لما خلقت الافلاڪ جو تاج مٿي تي ڌري ۽ لقب نوري جو بفحوي الکريمہ قدجاءکم من الله نور) ماڻي ڄام تماچي جي روحي راڻي ٿي رهي جنهن کي سڀني گذرن وچان رفرف واري گاڏي تي چاڙهي ملڪوتي معراج ماڻايائين تنهن کي تماچي تخت ڌڻي صحي سنڃاڻي نور جو لقب مٿس موهجي ڏيڻ فرمائي پنهنجي ٻاجهه جو ٻيڙو عرشن تي آڻائڻ وارو فقط نوري جي ٻانهن ۾ ٻڌو جنهن ڳالهه ڏي هيٺيون بيت ڀٽائي جو اشارو ڪري رهيو آهي(بيت) هٿين پيرين ارکڻين مهن نه مهاڻي جئن سڳو وچ سرندڙي تيئن راڻن ۾ راڻي اصل هئي ان کي اهل ڄاماڻي سمي سنڃاڻي ٻيڙو ٻڌس ٻانهن ۾. هن بيت مان به ظاهر آهي ته نوري لقب نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو آهي ڇو ته حقيقت محمدي کي پوري پوري نسبت نور ذاتي سان آهي جنهن جو اشارو جمله- اصل هئي ان کي اهل ڄاماڻي) مان اظهر من الشمس آهي، هتي هن بحث کولڻ جو موضوع نه هو پر گندري جي لفظ تي ٿوري روشني وجهڻ خاطر ڪجهه نه ڪجهه اشاري طرح بيان ڪرڻ ۾ آيو آهي و گر نه تحقيق انيق سان تفصيل انشاءَ الله تعالى بشرط بقاءِ حياتي جي ٻي رساله جي هٿ ۾ کڻڻ وقت گندري جي بحث ۾ ڪيو ويندو. آمدم بر موضوع خود. هي آيت الاهي سورت اخلاص جي ٽي آيته آهي ته لم يلد ولم يولد) يعني نه ڄڻيائين ۽ نه ڄڻيو ويو آهي) انهي آيت کي جا سندس بيت جو پورو پورو شرح آهي تنهن کي جناب ڀٽ ڌڻي بطور تضمين جي پاڻ پنهنجي بيت مذڪور ۾ درج ڪرڻ فرمايو آهي جنهن آيته جو ماحصل هي آهي ته برابر ڀٽائي صاحب جي نظر موافق اهو حقيقي هوت تماچي ڄام جيئن زال ۽ اولاد کان پاڪ آهي تيئن پنهنجي پاڪ ذات هجڻ ڪري ماءُ پيءُ جي ڌارڻ کان پڻ منزه ۽ پاڪ آهي بلڪ اهو عرش ڌڻي ازل کان ابد تائين هميشه قديم ۽ عيبن نقصانن کان منزه ۽ پاڪ آهي ۽ هوندو- آيت جي لفظ لم يلد ۾ يهودين جو رد آهي جو انهن حضرت عزيز عليه السلام کي پروردگار جو پٽ سڏيو هو- ۽ ولم يولد ۾ رد نصارن جو نروار آهي جن حضرت عيسى ابن مريم کي پنهنجي اونڌي اعتقاد ۽ ٺلهي ويساه موجب خداء ٺهرايو هو- باقي سندس بيت جي آخرين سٽ (ڪبر ڪبرياءُ تخت تماچي ڄام جو) هي هيٺين حديث قدسي پورو پورو شرح آهي (حديث) الکبرياءُ ردائي) يعني چائت ۽ تڪبر منهنجي چادر آهي) پر هتي حضرت سرتاج سنڌ شاعرن جي شاه اهڙي ته نازڪ خيالي ڏيکارڻ فرمائي حديث جو ترجمو ڪرڻ فرمايو آهي جو دنيا جو ڪو به ديدور يا شاعر اهڙي نازڪ خيالي سان حديث جو ترجمو تحسين جوڳي طرز تي لطيف لاثاني وانگي ڪڏهن به ڪو نه ڪري سگهي هان ڇو ته جناب سرتاج سنڌ جو اهڙو ته ادب عشق وارو پنهنجي پاڪ پنهل سان آهي جو سڄڻ حقيقي پاڻ بذات خود اقراري آهي ته چائت جي چادر فقط پنهنجي مٿي تي ٺهي ٿي- پاڻ ڀٽ ڌڻي ادب کي آڏو آڻي حديث جو ترجمو مٽائي هئن سهڻي پيرايه ادب سان بيان ڪري رهيو آهي ته ڪبر ڪبرياء تماچي ڄام جي قدمن پاڪن جي رکڻ جي جاءِ تخت آهي جو منهنجي محبوب پاڪ جي قدم مبارڪ هيٺ ٺهي ٿو نه محبوب جي مٿي تي اگرچه محاوره اتفاقيه موجب هٺ ۽ ڪبر گهڻو مٿي ۾ جاء گزين ئي موج زن هوندو آهي پر تنهن هوندي به لطيف سائين ادب ناڪ نازڪ خيالي موجب پنهنجي پنهل پاڪ تي ڪک به نه سهي ادب ۽ عشق جي هڪ نئين راه ايجاد ڪرڻ سان پاڻ کي ممتاز فرمايو آهي ان سان گڏوگڏ حديث قدسي جي ترجمي ۾ به تر جو تفاوت ضرر پذير سرزد نه ٿيو آهي بلڪ وڌيڪ تحسين جوڳو ثابت ٿيو آهي-


    بيت نمبر 5-

    وحده لاشريڪ لہ، ٻڌئي نه ٻوڙا،
    يا تو ڪنين نه سڻوء، گهٽ اندر گهوڙا،
    ڳاڙيندين ڳوڙها، جڏهن شاهد ٿيندئي سامهان-

    شرح:- سرتاج سنڌ سمجهائي ٿو ته اي ڌڻي پاڪ مالڪ الا افلاڪ جا سچا صادق ٻانهان تون غفلت جي ڪپہ ڪنن مان ڪڍي ڇڏ - لاشريڪ لاؤبالي سرڪار جي سڏ ٻڌڻ کان ٻوڙو ٿي نه ويهه پر جي اڃان تائين سڏ سرڪاري تنهنجي ڪن نه ٻڌو آهي بلڪ شتريي مهار وانگي غفلت جي گردب ۾ پنهنجي عمر گذاري رهيو آهين ته پوءِ تنهنجي ايڏي گهري غفلت تي گهوڙا گهوڙا ۽ ارمان ڪرڻ گهرجي- هاڻي به هشيار ٿي پاڻ سنڀالي انهي الله پاڪ جو سڏ سهڻو قلب جي ڪن سان ٻڌي وٺ جنهن جهان جي باني مباني جو ڪو به شريڪ ثاني ڪونه آهي- پر جي اڃان به ويل حياتي تي حسرت کائي هشيار ۽ بيدار نه ٿيندين ته حشر حساب جي ڏينهن زبردست ذات واري حاڪم جي آڏو حساب ڪتاب ٿيڻ وارو آهي، جٿي تنهنجا پنهنجا عضوا به توتي شاهدي ڏيندا ته انهي مهل توڙي پشيمان ٿي رت جا ڳوڙها ڳاڙيندين ته به ڪمائتا نه ٿيندا. ڇو ته رت روئي منٿ ڪرڻ جو ماڳ هي جهان آهي نه هو جهان- هن چوٿين نمبر بيت جي شرح ۾ هي آيت شريف سورت اخلاص جي آخرين آيته پورو پورو شرح شافي ۽ حجت ڪافي جو ڪم ڏئي رهي آهي. ولم يکن لہ ڪفواً احد) يعني نه آهي الله پاڪ جو ڪو به شريڪ) هن آيت ڪريمه ۾ عرب جي مشرڪن کي جواب آهي جي مشرڪ بتن ۽ ابرهن کي ذات باري جو شريڪ بنائي پوڄيندا هوا. حاصل ڪلام ته اهو الله ڪريم رئوف رحيم جو سورت اخلاص جي سمورين صفتن سان سينگاريل لا شريڪ آهي تنهن هوت جي ذاتي حقيقت جي ڪنهه تي لکين فڪري فرس ڊوڙائي ٿڪا آهن مگر ڪو به معرفت جي منتهيٰ تي نه پهتو آهي- باقي تنهنجي ۽ منهنجي فڪر فهم ۾ جا معرفت محبوب معنوي جي موج زن آهي انهي فهم فراست کان محبوب قمدس اڃان گهڻو مٿاهون ۽ منزه پاڪ آهي.- انهي ذات ستوده صفات جي ڪنہ بحث ۾ عقل جو اسپ عاجز ۽ فڪر فهم جو فرس وڌائڻ وک کان لنگ آهي انهي ذاتي ڪنهه کي ڪما حقہ ماپڻ ۽ ڪڇڻ ائين آهي جيئن جو – منڊي ڪاموڙي کوه ۾ ويٺي ڪڇي اڀ) مطلب ته انهي ذات پاڪ جي ڪما حقہ ادراڪ کان هر چيز عاجز آهي فقط اها ذات با برڪت ئي عبادت ۽ سجدي ڪرڻ جي لائق آهي جنهن جي معرفت ۾ هزارين ڇا پر لکين ڪروڙين معرفت جا ماهر به پنهنجي عاجزي جا اقراري آهن جيئن جو زيرين عربي شعر مان سندن عجز جو اظهار ثابت آهي-
    اعتصام الورى بمعرفتک عجز الواصفون هن صفتڪ-
    تب علينا واننا بشرماعرفناڪ حق معرفتڪ)
    هاڻي جڏهن ڪمال عفان کي حاصل ڪرڻ سولو ۽ سهنجو ڪم نه آهي تڏهن هي اوليا عارف ڪئن ٿا معرفت جي منزل مان- هائو سوڀ سر جي هن ڀر آهي- تنهن ڪري عارف ڪامل اهي آهن جي فقط معرفت ذات جي فڪر فهم ۾ پنهنجي استعداد علمي موجب مستغرق ٿي- پاڻ کي پوري طرح پنهنجي پاڪ پنهل ۾ فنا ئي ڏين ۽ نابودي نيستي کي پنهنجو پورو پورو مذهب ۽ دين ڄاڻي معراج آسماني جا مستحق ٿيندا آهن جيئن جو هن ڳالهه کي حضرت مولانا رومي صاحب جي مثنوي واري بيتن هيٺين مان ٽيڪو ملي ٿو-
    هر ک از هستي نگردد او فنا نيست
    ره در بارگاه کبريا يست
    معراج فلک اين نيستي
    عاشقا نرا مذهب و دين نيستي)
    پر جناب سرتاج سنڌ نيهن جي نامدار شاعر قدرتي شاندار نيستي ۽ ڪين هجڻ بابت نيهن وارن ڏي زيرين بيت جي ذريعه نياپو نروار ڪرڻ فرمايو آهي
    (بيت)
    جنين ڀايون پاڻ کي هڏهن ڪري ڪين
    اهڙا ئي مسڪين در لنگهندا دوست جو)
    ۽ وري ٻي هنڌ پڻ فرمائن ٿا ته
    (بيت)
    نابودي نيئي عبد کي اعلى ڪيو
    مورت ۾ مخفي ٿيا صورت ۾ سيئي
    ڪبي اِت ڪيهي ڳالهه پريان جي ڳجهه جي-
    پر خاڪ ڪاندهلوي وري هيئن نيستي ۽ فنائي بابت پنهنجو نظريو نروار ڪري رهيو آهي- فڪر تنهن ۾ فنا ٻي فڪر کي مان ڇا ڪندس. اجر اعظم عشق جو ٻي اجر کي مان ڇا ڪندس- مطلب ته جيستائين سلوڪي سالڪ ۽ صوفي صادق فڪر جون سڀ فنايون نه وٺندو تيستائين معرفتي معراج ماڻڻ محال آهي باقي جناب شاه صاحب جي بيت مذڪور جي آخرين سٽ يعني ڳاڙيندين ڳوڙها جڏهن شاهد ٿيندئي سامهان) جو پورو پورو شرح هي آيت الاهي آهي ته يوم تشهد عليهم السنتهم وايديهم وارجلهم بما کانوا يکسبون) يعني انهي ڏينهن ڏوهين جي مٿان سندن زبانون ۽ هٿ ۽ پير شاهدي ڏيندا تن ڏوهن بابت جي ڏوهه ڪيائون ٿي) تنهن ڪري توکي ۽ مون کي اڄ کان وٺي غفلت جي گهري ننڊ مان بيدار ٿي سچي نيت ۽ سچي عزم ايرادي سان توبهه تائب ٿي پنهنجي رٺل رب کي رجهائي ڪيل ڪوتاهن جي معافي وٺن گهرجي ڇو ته هي جهان ئي ماڳ منٿ ۽ زاري نيزاري جو آهي ته هو جهان وگر نه حساب جي ڏينهن هم عضون جي گواهي گذرڻ بعد بادشاه بي پرواه حاڪم حقيقي- حاضرين ملڪن کي حڪم فرمائيندو ته هن مجرم ڏوهي کي جهنم جي جبل ڏي جلد وٺي وڃو اتي هو ڏوهي پشيمان ٿي-پنهنجن عضون- انگڙن تي ملامت ڪندو ته توهان پاڻ تي پاڻ ڇو شاهدي ڏني- هو جواب ۾ چوندا ته اسان جو انهي ۾ ڪو به اختيار نه هو – اسان کي انهي الله ڳالهرايو آهي جو سائين سڀ ڪنهن شئي کي ڳالهرائي سگهي ٿو – اهڙي طرح هر زمان ۽ مڪان ۽ ڏيهن رات وڻ ٽڻ وغيره به حڪم حاڪم حاڪمن جي سان شاهدي ڀري ڀري ڏيندا – تڏهن انهن جي گواهي کان رهائي ۽ ڇوٽڪارو هن ڳالهه ۾ آهي ته اسان اڄ ڏينهن کان وٺي ڪيل قصورن جي مولا پاڪ کان معافي وٺي پنهنجي الله ارحم راحمين سان هي نئون عهد انجام ٻڌون ته اي الله ارحم اسان تنهنجي توفيق رحمت رفيق موجب تنهنجو نيهن نروار ٿي نباهينداسون ۽ غير الله جي دوستي کي دم ۾ دور ڪري تنهنجي درپاڪ تي دردن جي داس جو دونهون دکائي ويهي رهنداسون انهي سان گڏ فقط تنهنجي ذڪر فڪر ۾ محو ۽ فنا ٿي گذارينداسون مگر مداحي تنهنجي مدد ۽ معاونت جا اشد محتاج آهيون- ڌڻي جي درٻار اڳيان دود دکائي ويهڻ بابت ويچاري خاڪ پڻ چڱو مشورو ڏنو آهي
    (غزل)
    دود دردن داس جو دل ۾ دکائي دود ويهه + سوزسڪ سانڍڻ سوا ساعت نه هڪ بي سود ويهه
    1. ساه ۾ سوغات سڪ جي سانڍيون پيو سانڍ تون + ور نه اي بدڪار تون ٿي باد جو پيمود ويهه
    2. باد جي پيمود مان حاصل نه حظ دمڙي هجي + قلب اُجريل ساڻ تون ٿي يار وٽ مسعود ويهه،
    3. سوز سڪ سودي برابر سون چاندي ڇا ٿئي + سون سر صدقي سڄڻ تون ڪر ڪري آسود ويهه.
    4. نفس اماره ايازي نياز نوڙت جڏ ڪري + تون سدا تنهن جي مٿان سلطان ٿي محمود ويهه،
    5. فڪر جون ماڻي فنايون رهه فنا جي فوز ۾ + با بقا باقي بڻي موجود سان موجود ويهه
    6. جود جذبي جسم سان تون جود جو پڻ جود ٿي + مان منصب ۾ وڌي ملڪن جو ٿي مسجود ويهه
    7. عشق ذاتي سان اڃابت ۾ عبادت ٿي اچي + بود کان بيزار رهه ۽ خاڪ ٿي نابود ويهه)
    وگر نه جي پنهنجي انجام جي پوءِ واري نه ڪئي سون ۽ ڌڻي پاڪ جي دوستي ۾ ڪاهل رهي ويو ملعون جي دوستي ۾ پنهنجي ڪيل پيمان ۽ عهد انجام کي ڇني غير سان بي غيرت ٿي ڳنڍيوسون ته پوءِ اسان جي حال بدخصال تي جيترو ٿي سگهي اوترو رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ گهرجن جيئن ڪنهن ڪامل شاعر فارسي زبان ۾ فرمايو آهي ته
    (بيت)
    بقول دشمن پيمان دوست بشکستي
    به بين کز بزيدي وبا که پيو ستي)
    اهڙي خواجه سعدي رحمته الله عليه اسان جي بدتر حال تي حشرت کائي هيئن چوڻ فرمايو آهي ته
    (بيت)
    دريغ ست که فرموده ديوزشت
    که دست ملک برتو خواهد نوشت-
    رواداري از جهل ونا پکيت
    که پاکان نويسند ناپاکيت
    طريقي بدست آرو
    صلحي بجوئي شفيعي برانگيز و
    عذر بگوئي که يک لحظ صورت نه بندد امان
    چو پيمانه پرشد بدور زمان –
    ايضا در خير بازست و طاعت وليک
    نرکس تواناست برفعل نيک-

    مٿين بيتن جي ترتيب وار معنى پوري طرح هيٺ نمبر وار ڏجي ٿي
    1. دشمن جي چوڻ سان دوست جي دوستي جو انجام ڇنو ٿي انصاف سان ڏسي ٻڌاءِ ته ڪنهن سان ڇني رهيو آهين ۽ ڪنهن سان ڳنڍي چڪو آهين
    2. افسوس آهي جو شيطان جو ڪرايل ڪم توتي ملڪ جو هٿ پاڪ لکندو
    3. جهل ۽ ناپاڪائي کان تون هي ڳالهه جائز ڄاڻي ٿو ته پاڪ فرشتا تنهنجي پليدي لکن
    4. صلح جي واسطي ڪو طريقو هٿ ڪر اڳ ۾ سفارشي ساڻ ڪري پوءِ گناهن جي معافي گهر
    5. جڏهن دنيا جي دور ۾ تنهنجي حياتي جو پيالو ڀرجي پورو ٿيندو ته هت هڪ گهڙي به توکي امن جي صورت نظر نه ايندي
    6. دروازو خير ۽ عبادت جو کليل آهي پر هر شخص چڱي ڪم جي ڪرڻ تي قادر نه آهي جيئن جو زيرين بيت ۾ آهي ته
    (بيت)
    اين سعادت بزور بازو نيست
    تا نه بخشد خداءِ بخشنده


    بيت نمبر 6-

    ايک قصر در لک، ڪوڙيين سهسين ڳڙکيون
    جاڏي ڪيان پرک، تاڏهون سڄڻ سامهان.
    شرح:- سرتاج سنڌ جي هن بيت جو مطلب آهي ته سارو جهان هڪ ماڙي جي مثال آهي جنهن ماڙي کي لکين ڪروڙيي دريون آهن پوءِ ديد عبر تي جنهن به دري مان جهاتي پائي ڏسان ته سڄڻ سامهون ٿي پنهنجو ديدار پاڪ پسائي ٿو- غرض ته جناب شاه صاحب ايڏو ته محبوب معنوي جي معرفت ۾ محو جو هرچيز ڪائنات جي ان لاءِ آئينو وصال وحدت جو ۽ هر دري ديد نما آهي جيئن سچل سرمست پڻ فرمايو آهي ته دري منجهارون دوست ڏٺوسون لالن ليڙو پايو تو) پر مولانا سعدي عليه الرحمته جو پڻ قديمي اولي العزم شاعرن مان هڪ فرد فريد آهي تنهن صاحب فرمايو آهي ته-
    برک درختان سبز در نظر هوشيار
    هر ورقي دفتري ست هرفت کردگار)
    پر اڄوڪي وقت جي خاڪسار خاڪ ڪاندهلوي پڻ ذري گهٽ قابل قبول چوڻ چيو آهي (چوڻ)
    چشم منهنجي تي چٽو ديدار جو چمڪار آ-
    هر دري دنيا منجهان دلدار جو ديدار آ)
    حاصل ڪلام ته جناب سرتاج سنڌ جي بيت مذڪور جو شرح شافي ۽ بينا ڪافي ۽ سندس هر چيز مان وصال وافي جي گواهي هن هيٺين آيت شريفه مان بلڪل عيان ۽ آشڪار آهي.
    وسنريهم آيا تنا في الافاق وفي انفسهم حتي يتبين لهم الحق: يعني جلد ڏيکارينداسون انهن کي ساري ڪائنات ۽ نفسن ۾ پنهنجون نشانيون تان جو ظاهر ٿي پوندو انهن واسطي ديدار حق جو) ۽ پڻ ٻي هي آيت ڪريمه به ساڳي بيت جي بطور شرح جي تائيد مزيد فرمائي رهي آهي فان تولوا فشم وجہ الله يعني جاڏي به منهن ڦيرائيندو ته اوڏاهون الله جو منهن آهي) گويا ڀٽ ڌڻي جي بيت جو پويون اڌ (جاڏي ڪيان پرک تاڏهون سڄڻ سامهون) هوبهو آيت الاهي جو ترجمو آهي جيڪڏهن عبرت جي اک ۽ انصاف جي عينڪ اکين ۾ پائي رساله شاه شعراءِ جي کي ڏسجي ته برابر سندس سڀ ابيات الاهي آيات آهن مگر وڏي غور ڪرڻ جي گهرج ۽ ضرورت آهي- ڇو ته جيئن عارف ولي ڪامل جو سڃاڻڻ دشوار آهي تيئن ولي ڪامل جي ڪلام روحاني ترجمه الهام آسماني کي ڄاڻڻ به سالڪ ۽ ولي ڪامل جو ڪم آهي بفحوي المقوله ان الولي يعروف الولي) يعني تحقيق ولي ولي کي سڃاڻندو آهي) نه ٻي سڀ ڪنهن عام ماڻهو جو ڇو ته گونگائي مامون گونگن جون پروڙيندا آهن هن مقوله مذڪور مان هرگز هيئن نه سمجهڻ گهرجي ته شايد شارح رساله شاه جو به ولين مان هڪ ولي آهي بلڪ هيئن سمجهڻ گهرجي ته جيئن هڪ عورت عاشقه صادقه حضرت يوسف عليه السلام جي خريدارن ۾ نالي ڳڻائڻ خاطر هڪ ڍيرو کڻي حاضر هئي تيئن هي فدوي به پاڻ کي هرون ڀرون ولين جي خريدارن ۽ واصفن ۾ ائين ڳڻائي رهيو آهي جيئن جو پاڻ کي هٿراڌو رت لائي شهيدن جي شهادت پاڪ ۾ شمار ڪجي- باقي رهيو ته پوءِ هرون ڀرون شاه جي رساله جي شرح تي زور ڏيڻ جو ڪهڙو ڪم هو تنهن لاءِ عرض ته فدوي گهڻي زماني کان اوليائن جي در جو دربان ٿي رهيو آهي خصوصاً ننڍا ئي کان وٺي سرتاج سنڌ جي رساله سان انس الفت ٿي رهي آهي شايد شاعرن جي شاه ۽ روحانين جي رهبر راه جي روحاني رابطي هجڻ ڪري مون ۾ اها جرعت پيدا ٿي هجي ته ممڪن آهي تنهن ڪري گهڻن اٻوجهن وٽ فدوي به ڏانداري مان صبرڪتي سڏجڻ ۾ اچي ته ڪو شڪ نه آهي مگر جي ائين ٿيندو ته به لطيف لاثاني جي روحاني ڪرامت سمجهڻ گهرجي وگرنه- من آنم که من دانم) ڇو ته فدوي ته مصداق هيٺين مصرعه جو آهي:- مون جهڙو مس ڪو لڀي مجرم ۽ مذلبا) آمدم برسر مطلب) پر صوفين صادقن جي اصطلاح موجب سالڪ تي بسط کان بعد ڪڏهن ڪڏهن قبض جي حالت پڻ طاهري ٿيندي آهي، جنهن ڪري جانب جي جمال باڪمال کان حجاب جي وقت فرقتي فرياد سان فرش فلڪ ڇا بلڪ عرش عظيم کي پنهنجي الحاج ۽ آه دردناڪ سان دهڪائي ڇڏيندو آهي- جيئن جو سرتاج سنڌ به قبض جي حالت ۾ هئن هنجهون هاري پنهنجي هوت حبيب کي فرقتي فرياد ٻڌائي رهيو آهي ته
    (بيت)
    اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا
    ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن.
    سندي سڪ پرين لوڪ ڏٺي نه لهي
    پر ويچارو روه جو وڻجارو حضرت سچل سرمست قبض جي حالت ۾ محبوب جي هر چيز سان معيت مڃيندي هن نموني سان درد جي دانهه ديوان آشڪارا ۾ نروار ڪري رهيو آهي ته
    (بيت)
    يا جامع المتفرقين چون دور مارا کرده
    باشي بهم باهر همه مهجور مارا کرده)
    پر ڪي عاشق صادق ۽ صوفي سالڪ وري قبض جي حالت ۾ عجيب ازلي کي عتاب ڏيڻ عوض رهندو پاڻ کي مياردار ۽ قصور وار ڄاڻي سخت پشيمان ٿي پنهنجن آهن دانهن سان عرش کي جنبش ۾ آڻيندا آهن جيئن جو حضرت مولانا مثنوي رومي فرمائي ٿو
    (بيت)
    گر بر آرنداز پشيماني انين
    عرش لرزد از انين المذنبين)
    يعني جيڪڏهن پشيماني کان فرياد فغان ڪن ته انهن جي آهن کان عرض عظيم ڏي ويندو آهي)
    مٿين ٻن آيتن مان پهرين آيت ۾ ٻه ڳالهيون آهن جي قابل توجه ۽ غور ڪرڻ جي لائق آهن- هڪ ذڪر آفاق جو- جو جمع افق جو آهي ٻيوذڪر انفس جو – جو جمع نفس جو آهي پوءِ آفاق جو اطلاق عالم ڪبير تي آهي جو فرش کان وٺي عرش تائين آهي ۽ انفس جو اطلاق عالم صغير تي آهي- عالم صغير انفرادي حيثيت سان هر هڪ انسان آهي تنهن ڪري الله تبارڪ و تعالى صوفين جي اصطلاح موجب عالم ڪبير کي هر هڪ انسان جي وجود مسعود ۾ ماپايو آهي عالم ڪبير ڇا بلڪ مومن جي قلب روشن کي ته الله تعالى جو تخت پاڪ سڏيو ويو آهي جيئن صوفين سڳورن حجت برآري لاءِ هن حديث مشهور کي بطور سند جي ڪم آندو آهي (حديث) قلب المؤمن عرش الله تعالى) غرض ته جيڪي به قدرتي دليل ۽ آيتون عالم ڪبير ۾ آهن – سي سڀ عالم صغير يعني انسان ۾ آهن – ڇو ته انسان ذات ئي آئينه جهان نما ڇا بلڪ نگار نما يعني خدا نما آهي- بفحوي الحديث من ر آني فقد رائي الحق) يعني جنهن مون کي ڏٺو تنهن تحقيق حق کي ڏٺو) تنهن ڪري صوفين جي اصطلاح ۾ انسان ڪامل ڇا بلڪ اڪمل نالو حقيقت محمدي ۽ ذات احمدي جو آهي- جنهن ذات اڪمل جي ظهور ۽ ڄمڻ سان سارو جهان هدايت جي حسن ۽ خلق جي خوشبوءِ سان منور ۽ معطر ٿي ويو ڇو ته حضرت محمد مصطفيٰ هادن جو به هادي ٿي هويدا ٿيو ڄمندي ڄام جي ڏيهه مان ڏڪر ڏور ٿي سڪر جو سال سڏجڻ لڳو بلڪ سندس ڄمڻ واري سال ۾ سڀني عورتن پٽ ئي پٽ ڄڻيا نه مادي جيئن جو زيرين نظم خاڪ جي مان ان حقيقت هادي تي روشني پوي ٿي.
    (نظم)
    محمد مصطفيٰ هادي همہ هادن جو هادي آ
    نياپي نيهن جو نادي همہ هادن جو هادي آ
    فاغفرمي پهريون ڄمڻ سان ڄام فرمائي
    گهري بخشيش جي گادي همہ هادن جو هادي آ
    خوشي ٿي شهر گهر گهر ۾ عرب پڻ باغ بڻجي پيو
    مگر دشمن سان ٿي تادي همہ هادن جو هادي آ
    سڄڻ جنهن سال ۾ ڄائو ڄڻيا سڀ عورتن پٽڙا
    نه ڪنهن عورت ڄڻي مادي همہ هادن جو هادي آ
    لقب لولاڪ جو مالڪ نسورو نور نور الله
    ڏسي شهرن ۾ ٿي شادي همہ هادن جو هادي آ
    قريشي قائدن جو پڻ وڏو ئي قائد اعظم آ
    اُٿڻ اڌ رات جو عادي همہ هادن جو هادي آ
    لِڪيل قومِ ٿي هادي همہ واسطي آيو
    وهي وحدت جي پئي وادي همہ هادن جو هادي آ
    مڪو مهراڻ بڻجي پيو مدينو معرفت جو گهر
    عرب ايران آبادي همہ هادن جو هادي آ
    بڻي رحمت جهانن جي عرب ۾ عرش کان آيو
    ثنا خوان خاڪ اولادي همہ هادن جو هادي آ

    تفسير روح البيان حقيقت انسان هئن عيان فرمائي رهيو آهي ته اطلاق صورت انسان جو حق تي محققن وٽ حقيقت آهي نه مجاز ڇو ته عالم ڪبير سارو صورت حضرت الاهيته آهي ۽ حضرت الاهي جي ذاتي اسمن جا مظاهر تفصيل ۽ اجمال ڪري پر انسان ڪامل على سبيل الجمع صورت انهي جي آهي روح البيان جي ڪجهه عبارت بعينه ملاحظه لاءِ پيش ڪجي ٿي واما عندالمحققين فحقيقة لان العالم الکبير باسره صورة الحضرت الا لاهيته و مظاهر اسماء هابحضراتها تفصيلا وجمالا فالانسان الکامل صورته جميعا) تنهن ڪري الله تبارڪ و تعالى پنهنجي محبوب محترم حبيب اڪرم صلي الله عليه وسلم کي بفحوي الڪريمه (قد جاء ڪم من الله نور) نور جو لقب لاثاني ڏيڻ فرمايو آهي – فدوي جي فهم ۽ خيال ۾ محبوب مدلي عجيب عدلي عليم علم لدني – انسانن ۾ ڪامل ڇا بلڪ اهو اڪمل ۽ اجمل آهي جنهن جي ڪمال ۽ جمال تي هيٺيون عربي شعر شايان آهي-
    (بلغ العلى بکمالہ + ڪشف الدجى بجمالہ)
    پر حضرت حسان صحابي سندن حسن بي نظير بابت هئن فرمائي رهيو آهي ته –
    واحسن منک لم ترفط عيني + واجمل منک لم تلد النساءٌ)
    يعني منهنجي اکين توکان وڌيڪ حسين ڪونه ڏٺو ۽ تو کان وڌيڪ سهڻو ڪنهن به عورت ٻار نه ڄڻيو – پر خود خداءِ تعالى سندس ڪمال لايزال تي قرآن ڪريم جي ذريعي سان گواهي ڏئي رهيو آهي. فقد قاب قوسين اودني) وري پڻ حديث قدسيه ۾ معراج جي محفل مخفي وقت پنهنجي حبيب کي هئن فرمائي رهيو آهي ته (ادن مني يا خير البريہ) يعني اي زور ڀلا مخلوق جا مون کي تمام وجهوي ٿي وڃ) اهڙي قرب ڪمال ڪري انهي حد تي پهتل آهي جنهن حد جي تحقيق ڪرڻ ۾ فهم قاصر ۽ عقل عاجز آهي پر ڪي قديمي شاعر شيرين زبان شاه زمان جي شان ۾ هيئن شعر چئي پنهنجي درفشان دهان کي مٺي مصري کارائي رهيا آهن – گڏيا وڃين ذات کي ذاتي صفاتي جو لٿو ڀولو اُتي قادر ڏنس ڪرسي جُتي سان ويهه چڙهه جاني – پر ان حقيقته محمدي حد جناب ڀٽ ڌڻي هئن فرمائي آهي
    (بيت)
    عاشق چؤ م ان کي م ڪي چؤ معشوق
    خالق چؤ م خام تون م ڪي چؤ مخلوق
    سلج تنهن سلوڪ ناقصائي جو نڱيو)
    تنهن ڪري اهڙي حبيبي حقيقت کي صوفي صادق عارف آفاق بالاتفاق حقيقته محمدي سڏيندا آهن جيئن بره جي باز شوق و حدت جي شهباز بزرگ لواري واري جناب خواجه محمد زمان پڻ هن طرح فرمايو آهي
    (بيت)
    عجب جهڙي آهه حقيقت حبيب جي
    نڪي چؤ سو ڌڻي نڪي چؤ مخلوق
    شفق جي ساڃاه جامع ليل و نهار کي)
    وري گروهڙي صاحب هئن حقيقته حبيب جي ڳائي رهيو آهي
    (بيت)
    وصف تنهن ورنهه جي مٿو مور نه آهه
    سسئي سهڻي مون پرين مارائي محبوبا
    پاڙي مون پرين جي مجنون مشتاق
    حقيقته حبيب جي عجب جهڙي آهه
    جامع ليل و نهر کي شفق جي ساڃاه
    آگو چؤ م ان کي نڪي مخلوق)
    پر وري هڪ اردو دان عاشق هئن چيو آهي ته
    (بيت)
    محمد سر وحدت هـي کيا کوئي کيا جانـي
    محمد کو خدا جاني خدا کو مصطفيٰ جاني)
    هن ساري تحقيق انيق مان ثابت آهي ته حقيقت محمدي جنهن جو لقب اڪمل انسان آهي سا حقيقت صوفين جي اصطلاح موجب مجموعه ڪتب الاهي آهي – باقي هر هڪ انسان جو عالم اڪبر جو هڪ جزو آهي جنهن کي صوفي صادق پنهنجي اصطلاح ۾ عالم اصغر چوندا آهن. سو انسان مجموعه جمله جهان آهي – ڇو ته حقيقت انساني همہ حقيقتن جي جامع ڇا بلڪ اجمع آهي ان ڪري ساري ڪائنات جون شيون فقط مظهر ۽ آئينه معرفت آهن پر حقيقت انسان مظهر اتم ۽ اجمع آهي جيئن هن حقيقت تي حضرت علامه محقق تفسير روح البيان واري پوري پوري روشني وجهڻ فرمائي آهي ته حيث اورد ان الحقيقته الانسانيته اجمع الحقائق) يعني حقيقت انسان همہ حقيقتن جي جامع آهي) تنهن ڪري ڄاڻڻ گهرجي ته حقيقت انسان ۾ جنهن کي عالم اصغر سڏيو وڃي ٿو تنهن جي وجود مسعود ۾ عالم اڪبر ويڙهيل عالم اصغر باوجود جسم صغير جي عالم اڪبر جو محيط مجموعو آهي جيئن جو جناب معلى القاب اسدالله الغالب حيدر يرڪرار غير فرار سالڪن جي سردار پنهنجي ديوان علي عربي ۾ چٽو چوڻ فرمايو آهي وتحسب انڪ جرم صغير او فيک الظوي العالم الاکبر وانت الکتاب المبين الذي باحرفہ يظهر المضمر) يعني تون ته پاڻ کي جسم صغير ڀائين ٿو - پر تو ۾ سارو عالم اڪبر ويڙهيل آهي) ۽ تون اهو ڪتاب چٽو آهين جنهن جي حرفن مان ايزدي اسمن ۽ صفتن جون مخفي تجليون عيان ٿين ٿيون) تنهن ڪري جنهن به انسان پاڻ کي سڃاتو ته ڄڻ پنهنجي رب رحيم قادر ڪريم کي سڃاتائين جيئن جو هن حقيقت تي حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي هي حديث جا همہ صوفين صادقن وٽ مقبول ۽ مشهور آهي ڪافي روشني وجهي ٿي انهي حديث جا هي الفاظ آهن (من عرف نفسہ فقد عرف ربہ) يعني جنهن پاڻ کي سڃاتو تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو) هن ساڳي حديث مقبول جو شرح عمدو زيرين ڪافي سر صوفي صافي خاڪ احنافي مان ظاهر آهي-
    پاڻ کي پاڻهي پاڻ سڃاڻي پاڻ، پري نا پاڻ کون آ
    1. مون جي مون ۾ مام جا مخفي، ماڻ پري نا ماڻ کون آ
    2. عين ٿي عيني عين سڃاڻي، ساڻ پري نا ساڻ کون آ
    3. طلب جني کي تاڻ آ تن ۾، تاڻ پري نا تاڻ کون آ
    4. ڄاڻ جي ڄاڻين ڄاڻ ٿو ڄاڻين، ڄاڻ پري نا ڄاڻ کون آ
    5. ڀل نه ڀلي آ ڀاڻ تي پنهنجي، ڀاڻ پري نا ڀاڻ کون آ
    6. رمز سان روئي يار رجهائي، آڻ پري نا آڻ کون آ
    7. ٻلڻ جي ٻيڻو ٻار ٻريل کي، ٻاڻ پري نا ٻاڻ کون آ
    8. ڪاڻ ڪنجي ڪاڻ به ڪڍبي، ڪاڻ پري نا ڪاڻ کون آ
    9. خاڪ خدائي کاڻ خفي آ، کاڻ پري نا کاڻ کون آ.

    نوٽ:- هي ڪافي هن کان اڳ رساله فردوس ۾ 1958ع جي صفه 12 تي پڻ ڇاپيل آهي)

    انهي مد نظر تي رب جو سڃاڻڻ سوکو ۽ سهنجو آهي ڇو ته آفاقي ۽ انفسي آيتون سندس وحدانيت ۽ معرفت تي براهين ۽ دلائل معرفت آهن جن جي ذريعي الاهي محبوب معنوي جو مشاهدو ماڻي سندس مطالع ۾ مدامي محو هوندا آهن جيئن جو مولانا سعدي عليه الرحمت فرمائي رهيو آهي
    (بيت)
    برگ درختان سبز در نظر هوشيار
    هر ورقي دفتري ست معرفت کردگار –
    پر جناب مولانا جامي صاحب وري هئن فرمائي رهيو آهي
    (بيت)
    جهان مراة حسن شاهد ماست
    فشاهد وجهہ في کل درات)
    پر پاڻ سرتاج سنڌ به ٻي هنڌ هئن چوڻ فرمايو آهي – لوڪان نحو صرف مون مطالع سپرين اهو ئي حرف پڙهيون پڙهج من ۾) پر ويچارو خاڪ زري وره جو واڪ هن طرح اچاري رهيو آهي ته
    (ڪلام)
    سڄڻ سونهه وارا سڄڻ سونهه وارا + جٿي ڪٿ نظر تنهنجا نوري نظارا،
    ۱. پنهل پرترو تنهنجو پاڻي پذر ۾ + ٻري نور چمي ٿو ٻيرن ٻٻر ۾
    اٿن پٿر مان الا آشڪارا
    ۲. چمڪي جبل بر جهنگل جرم جلوو جمالي + جبل طور تي تنهنجي تجلي نرالي
    پسان چو طرف حسن تنهنجو پيارا
    ۳. همہ حور پريون به حيران + توتي قمر ماه ڪنعان مستان توتي
    ڏئي سونهه تنهنجي جا سچ ٿو اشارا
    ۴. فلڪ تي فرشتا ڦرن پيا فراقي + اڀن کان مٿي عرش عاشق اوطاقي
    نبي نور کي نور حاصل نيارا
    ۵. پيو خاڪ تي پاڪ پرتو پنهل تو + تڏهن تانگهيان جهاڳيان ٿي جبل تو
    جلب ۾ ڏسان توکي جيءَ جا جيارا

    پر پاڻ سڃاڻڻ ايڏو محال ۽ مشڪل آهي جو سڀڪو انسان پنهنجي حقيقت سڃاڻڻ ۾ سدائين حيران ۽ سرگدان آهي پر ڪي ڪي پهلوان مانجهي مرد ميدان بشريت واري بود بيان کي نابود ڪري لامڪان جي اعليٰ رتبي کي رسيا آهن. انهي حقيقت جي فيصلي کي نيهن جي نامدار نواب عشق جي عقاب ڀٽ ڌڻي جناب هئن نبيري نروار ڪيو آهي – انسان کي لفظ عبد جي اطلاق سان ياد فرمائي چوي ٿو ته عبد جي نه ابتدا آهي نه انتها جيئن جو هيٺ ايندڙ بيت ۾ فرمائن ٿا –


    عبد جو احترام

    بيت 7
    نڪا ابتدا عبد جي، نڪا انتها،
    جن ڏٺو سپرين، سي وڃڻ کي ويا.

    شرح – هتي حضرت شاه مقبول درگاه ڌڻي تعالى – عبد جو اطلاق انسان تي ڪري فرمائي رهيو آ ته اُهو انسان جو عالم اڪبر جو مجموعو آهي ۽ محبوب معنوي جو آئينو اعلى آهي انهي آئينہ ايزدي جي ابتدا ۽ انتها کي ڪنهن به حد تي بيهارڻ بشريت جي عوامي طاقت کان گهڻو بيرون ۽ ٻاهر آهي – ڇو ته صورت انسان جو اطلاق الله تعالى تي حقي حقيقت آهي نه مجاز جيئن جو مٿي محققن جي فيصله موجب ثابت ٿي چڪو آهي پر باوجود انهي تحقيق انيق جي هي حديث قدسي به ان تي دلالت صريح ڪري رهي آهي – ان الله خلق آدم على صورتہ) يعني تحقيق الله آدم کي پنهنجي صورت تي پيدا ڪيو آهي) 2- ته ڪنهن صوفي صاحب عمدة البيان ۾ پنهنجي حقيقت تي هئن روشني وڌي آهي ته (بيت) مجموعه اسرار الاهي مائيم لوح و قلم و حرف و سياهي مائيم هر چيز که مقصود تو باشد اي دل از خود بطلب که هرچيز خواهي مائيم) پر عبد انهي درجه اعليٰ ۽ بلند بالا کي تڏهن پهچندو جڏهن خودي کائي بود کي نابود ۽ نيست جي نردبان تي آڻيندو ته پوءِ بفحوي الڪريمہ نحن اقرب اليہ من حبل الوريد) جو جلوو دلي ديدن ۽ عبرتي اکين سان مدام ماڻيندو رهندو جيئن جو پاڻ سرتاج سنڌ جن فرمائي رهيا آهن ته (بيت) نابودي نيئي عبد کي اعلى ڪيو، مورت ۾ مخفي ٿيا صورت ۾ سيئي ڪبي اِت ڪيهي ڳالهه پريان جي ڳجهه جي) پر جڏهن نيهن جي نامدار شاه شاندار جي نظريه موجب عبد عام جو اهو منصب آهي ته عبدا اڪمل جو ڇا ڪمال لايزال هوندو
    اهڙي عبد اڪمل بي نظير اجمل جي منزل ۽ منصب تي انسان ڇا پر فرشتا فلڪ ۽ ديو و پري وغيره خلق پڻ نه پهتا آهن – جيئن اهڙي عبدا اڪمل جي احترام بابت سهڻي سر اقبال فخر الهند صاحب سهڻو سڌو ڪري سمجهايو آهي ته
    (بيت)
    عبد ديگر عبده چيزي دگر
    آن سراسر انتظار و اين سراسر منتظر)

    جناب سر اقبال جي نظريه موجب عبد عام ڇا پر خاص به واحد جي وصال لاءِ ساري عمر انتظار اشد الموت ۾ رهي رب ارني جي مناجات سان قاضي الحاجات جي در پاڪ تي توقع جا تارا تڪيندا رهندا آهن – تن مان ڪي حضرات ته لن تراني جا تازيانه جهلي به اڳتي وڌندا ويندا آهن. پر قربان وڃان انهي اخص الخواص عبده عبد اڪمل تان جو پاڻ پهرين جو پڳدار سردارن جو سردار رب ارني جو رواج روانه نه ٿو رکي بلڪ محبوباڻي ماڻي سان ماٺ ميٺ ۾ رهي ٿو – پر تنهن هوندي به پاڻ مولا پاڪ موجب هيٺين حديث قدسي جي (انا مولاک وانت محبوبي) مٿس مشتاق ٿي سندس ملاقات منظر رهي اهڙي سير سفر پر ظفر غير محدود سان سڄڻ سر وحدت جي کي سر افراز فرمائي ٿو – جو هن کان اڳ ڪنهن به عبد کي اهڙي سر افرازي معراج واري سان نه نوازيو ويو آهي – هاڻي انهي ٻنهي بيتن يعني شاه جي بيت مذڪور جو ۽ سر اقبال جي بيت مذبور جو هي آيت شريفه شرح شافي ۽ قدر ڪافي جو ڪم ڏئي رهي آهي سبحان الذي اسرى بعبده ليلامن المسجد الحرام الي المسجد الاقص الذي بار ڪنا حولہ لنيره آيتنا انہ هوالسميع البصير) باقي رهيو معراج مبارڪ جو بيان سو انشاءَ الله تعالى خزانة العارفين جي ڪنهن نه ڪنهن جلد ۾ راجا راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جي قصه اندر شرح شافي سميت تفصيل سان بيان ڪيو ويندو بشرط بقاء حياتي جي – پوءِ ڀلي ته مشتاق قصه معراج جا ڪو وقت منظر رهي دعا خير سان فدوي کي ياد ڪندا رهن- حقيقت انسان کي حڪيم الاته جناب مولانا اشرف علي شاه صاحب رح پڻ اجمع الحقائق چيو آهي جيئن سندس ڪتاب تکشف جي صفه 115 ۾ زيرين مصرعه جي شرح ڪندين لکي ٿو ته-
    خود بخود آزاد بودي خود گرفتار آمدي) چونکه به نسبت ممکنات کي انسان اجمع الکمالات هـي اور اُس بناء پر اسکو مرتبہ جامعہ اور مظهر اتم کها گيا هـي) پر حقيقت انسان تي تفسير روح البيان واري وڌيڪ تفصيل سان روشني وڌي جنهن جي عبارت عربيه جو بعينه ترجمو پيش ڪجي ٿو جو هي آهي ته جيڪي به ڪائنات ۾ قدرتي علامتون ۽ آيتون نمايان آهن - انساني صورت ۾ علامتون قدرتي انهن کان بها ڪثر آهن ڇو ته انسان دارين ۽ ڪونين جو مجموعو آهي ۽ انهي جي وجود ۾ علم الاسرار موجود آهي بفحوي الحديث من عرف نفسہ فقد عرف ربہ) تنهن ڪري انساني صورت حقيقت جو آئينو آهي جنهن جي ذريعي معرفت جي ماهرن کي حقيقت جو نور انساني صورت ۾ نروار ٿي نظر ايندو آهي جيئن جو سچل سرمست جي ڪافي جي ٿلهه ۾ اهو بيان عيان آهي ته (ٿلهه) سبحان صورت ساڳي مولا مڪي ماڻهن ۾) پر حديث قدسي ۾ به انهي حقيقت ڏي پڌرو اشارو آهي ته الانسان سري وانا سره) سر الاناسان مان مراد حقيقته انساني ظاهري آهي جا حقيقته الاهي تي دال آهي – هن حديث جي تائيد مزيد بلڪ ازيد محبوب مدني عجيب عدني جي هن هيٺين حديث شريف مان ثابت آهي ته (ان الله خلق آدم على صورتہ).


    انسان جا ٻه قسم آهن

    بيت -8
    ماڻهو نه سڀئي ماڻهو، پکي نه سڀئي هنجهه.
    ڪني ڪني منجهه، اچي بوءِ بهار جي.

    شرح- سرتاج سنڌ سمجهائي ٿو ته سڀ انسان صورت انساني ڪري ماڻهو سڏائڻ جا لائق ۽ مستحق نه آهن پر تن مان ماڻهو چوائڻ جو مستحق ۽ حقدار اهو انسان آهي جنهن جي صورت نه پر سيرت سهڻي ۽ اخلاق حميده هجن جن اخلاقن عمدن جي آڌار تي هو مرتبي ۽ مان ۾ ملائڪن کان به مٿي چرهي وڃي ان جي ڏسڻ پسڻ مان ۽ گفتار رفتار مان بوءِ برهه واري بهار جي اچي پر جي اهو انسان سيرت سهڻي سان سينگاريل نه آهي ته اهو مورت ۾ ماڻهو حقيقت ۾ حيوان کان به هيٺ ٿي حمار حقير سان به همسري ڪري نه ٿو سگهي چه جائيکه ماڻهو جو منصب ماڻڻ جيئن زاغ زغن ڪٻر ڪبوتر ڪانيرو ۽ هنجهه همہ پکي آهن پر تنهن هوندي به هنجهه پکي جو لقب ٻي ڪنهن به پکي کي ڏيڻ معنى ڏاهپ جو ڏيوالو ڪڍڻ آهي تيئن ماڻهو جو لقب سڀ ڪنهن بداخلاق انسان حيوان صفت کي ڏيڻ پڻ ڏاهپ ۽ عقل جو ڏيوالو ڪڍڻ آهي ڇو ته فقط خورد و خورب تناول طعام ڪباب تي غفلت سان گذارڻ پڻ حيوانيت آهي نه انسانيت عظمى جنهن کي قدرت ايزدي اشرف المخلوقات جي اعلى لقب سان نوازيو آهي پر جيڪي به حيواني صفت انسان آهن جي رڳو کائڻ پيئڻ سينگار سمهڻ کان سواءِ ڪجهه به نٿا ڪن – انهن کان ماڻهو وارو اعليٰ لقب ۽ رفيع منصب فقط ڀٽائي صاحب نه کسيو آهي پر خود خداءِ تعالى قرآن ڪريم ۾ حيواني صفت انسان کي حيوانن جهڙو سڏڻ فرمايو آهي جيئن هن هيٺين آيت شريفه مان پڻ ثابت آهي ته ياکلون ڪما تاکل الانعام والنار مثوي لهم) يعني اهي کائن ٿا جيئن چوپايا کائيندا آهن انهن جي جاءِ جهنم آهي پر مولانا سعدي رح پڻ انهي حقيقت تي هئن روشني وجهڻ فرمائي آهي ته
    (بيت)
    چو انسان نداند بجز خورد و خواب
    کدامش فضيلت بود بر دواب )

    انهي تي فقير خاڪ وري هئن آلاپيو آهي ته- سدا سيرت کي سينگاري سچو انسان بڻجي وڃ وگر نه خورد خوابن ۾ رهي حيوان بڻجي وڃ) غرض ته حڪيم حاذق هادي برحق هر هڪ انسان هاتڪ ۾ پنهنجي قدرت ڪاملہ ۽ حڪمت شاملہ سان ٻه حصا مقرر فرمايا آهن هڪ حصو روحاني ٻيو جسماني وري جسماني ٻن چيزن کان مرڪب آهي هڪ عقل ٻيو شهوت پوءِ جيڪڏهن عقل شهوت تي غالب آيو ته پوءِ اهو انسان ملائڪن کان به مان ۽ منصب ۾ گهڻو مٿي چڙهي ويندو، انهي جو نالو انسان آهي، پر جيڪڏهن شهوت عقل تي غالب ٿي ته پوءِ انسان حيوانن کان به درجي ۽ مان ۾ هيٺاهون هوندو- اهو صورت ۾ انسان آهي پر حقيقت ۾ حيوانن کان به بدتر آهي جيئن جو هيٺيون بيت فارسي سندس حال پرملال تي صادق ۽ سچو آهي – بهرهء از ملک هست و نصيبي ازديو- ترکه ديورکن وبگذريه فضيامت ز ملک) مطلب ته حضرت انسان اشرف المخلوقات چئن وجهن ڪري انسان سڏائڻ جو حقدار آهي
    1- پهريون ته انسان ۾ اُنس الفت عشق پنهنجي عجيب الله ۽ باري بادشاه حقيقي ۽ الله وارن عارفن ۽ صالحن صادقن سان هجي بفحوي الڪريمہ (وکونوامع الصادقين) يعني سدائين سچن جي صحبت ۾ هجو) جيئن جو پاڻ سرتاج سنڌ جن سچي سپرين جي صحبت جو تاڪيد هيٺين ريت فرمائي رهيا آهن (بيت)صحبت سپرين جي اي پڻ وڏي هاج قضا ڪر نماز جو وقت ورائڻ سڙو) حاصل ڪلام ته انسان کي انسان لقب ئي اُنس رکڻ ڪري پيو آهي ڇو ته انسان جو لفظ – اُنس کان ماخود ۽ ورتل آهي تنهن ڪري جيستائين هن ۾ انس ۽ الفت نه آهي تيستائين انساني معنى مقصود کان محروم ۽ خالي آهي جيئن جو حضرت علامه الدهر جناب سيد محمود آلوسي عليه الرحمته پنهنجي تفسير روح المعاني ۾ انهي انساني رمز رندي کي هن طرح رچايو آهي (وما سمي الانسان الالانسہ) يعني انس جي ڪري انسان جو نالو انسان آهي) تنهن ڪري هن کي پنهنجي هوت حقيقي سان ايڏو ته انس هجڻ کپي جو گويا هڪ هوت جي حب ۾ محو ٿي وڃي جيئن جو هڪ سان هڪ ٿيڻ بابت هيٺين درد ڀري دانهه ۾ هڪ جي حبدار کي هدايت ڏنل آهي
    (درد ڀري دانهه)
    هڪ سان هڪ ٿي حال استقبال ۾ عاشق اچن، + تن جي ميخانہ اندر مي نوش ٿي نانگا نچن
    حال ۾ ٿي حال رهه تون حال جو اڄ ڪال آ + ڪال ۾ ڇڏ قال کي جو ڪال ۾ ڪيئي ڪسن
    درد ۾ ٿي درد تون جو درد دل جو ورد آ + درد وارو داس ٻاري ديو کي دردي دسن
    تاس ۾ طالب تکا تک تار ۾ تشنہ رهي + آب سان عاشق اُڃان سڪ سير ۾ اڃ آ اڃن
    هل هينين سان هوش ڌاري هوش ۾ ڪو هوش ڪر + لن تراني تازيانہ کان نه ٿا طالب لئنڪن
    ڏئي ڪن ٿي وڃو ڪن ساڻ ڪن ڪيما ملي + وات وائي وارو وانگي واو تي وڻ ٽڻ لڏن
    ڇوه ۾ ڇڏ ڇوه ڇوڙي ڇوه ۾ ڪو ڊوه آ + ڊوه کي پڻ ڊوه ڄاڻي ڊوه کان ڊوڪا ڊڪن
    روئي زيبا رند کان روپوش راتيان ڏينهن آ + رند رَندن کي ڪڙي راهن مٿي رت ٿا رڙن
    خاڪ ٿي افلاڪ ڇا عرشن مٿي ڪر آشيان + کَلّ شييً يَرجِعُوا ويندا وري پنهنجي وطن
    خاڪ پڻ خاموش آهي خوبرو جي خيال ۾ + خاڪ وانگي خاڪ ٿي پروان کان پروان پڇن

    پر جي انسان هڪ جي حب ۽ انس کان عاري ۽ خالي هوندو ته معنى مقصودي جي مفقود ۽ گم هجڻ ڪري حيوان کان به هٽي ويندو- بفحوي الڪريمه (ثم رددناه في اسفل السافلين) يعني تنهن کان پوءِ اسان هُن کي هيٺاهن کان به زور هيٺاهون ڪري هٽائينداسون)
    2- ٻيو ته جڏهن ايزدي ايرادي جو پڪو عزم باعث بره بزم محبت جي بحربي ڪنار ۾ موج زن ٿيو ته حديث قدسي جي فقره اوسط (فاحيت ان اعرف) جي اعلان واجب الاذعان سان انسان کي آگاه ڪرڻ فرمايائين ته اي انسان اشرف المخلوقات توکي ته فقط مون پنهنجي انس و روح وٺڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي ته رڳو منهنجي ذات سان ذوق ۽ روح وٺي مون کي سڀني صفتن پاڪن سان سڃاڻ ۽ اڻ ڄاڻ ٿي عمر نه وڃاءِ تنهن ڪري توکي انهي امتحان الستي ۾ پهرين نمبر پروان وانگي پاس ٿيڻ گهرجي نه فعل ٿيڻ- بفحوي الحديث (الدنيا دار المحسن) يعني دنيادار دردن ۽ امتحان جي آهي) پوءِ جو به انسان هن دنيا ۾ آيو ۽ دنيا جي رنگ روپ حرص هوا هن جي اندر مان انس – الاهي نه وڃايو اهو انسان صحي معنى ۾ عالم اصغر آهي جنهن جي وجود ۾ قدرت ڪامل سان مون سارو علم اڪبر ويڙهي رمز سان رکايو آهي – اها ڳالهه قدرت قدير جي کان بعيد ۽ پري نه آهي جو هيڏو عالم اڪبر هڪڙي فرد فرد جي وجود مسعود ۾ ماپائي موجود ڪري ڇڏي بفحوي الڪريمه (ان الله کل شيءِ قدير) يعني الله تعالى هر چيز تي قادر آهي) هن حقيقت کي جناب ابونراس عباسي شاعر ڪهڙو نه عمدي طرح چتو ڪرڻ فرمايو آهي- ليس علي الله بمستنکر ان يجمع العالم في واحد) پوءِ جڏهن به سچو انسان انس – الفت واري صفت عمدي ۽ سهڻي سان موصوف ٿي اٿي ويٺي ستي بيٺي اسم ذات جي انس بنا کيس آرام نه ٿو اچي بفحوي الڪريم (الابذکر الله تطمئن القلوب) يعني خبردار الله پاڪ جي ذڪر سان اندر کي آرام ايندو آهي) پوءِ جڏهن به الله واري عارف ذڪار جي اها عادت ٿي رهندي آهي ته الله تعالى پاڻ مٿس مشتاق ٿي اهڙي سچي انسان عارف بالله سان انس الفت ڪرڻ خاطر عرش اعظم کان لهي اچي هم مجلس ٿي همدم ٿئي ٿو جنهن جي شاهدي هيٺين حديث پاڪ مان ثابت آهي (حديث) انا جليس بمن ذڪرني) يعني جو شخص به منهنجو ذڪر ڪري ٿو ته آءٌ انهي سان گڏ ويهي مجلس ڪريان ٿو) هائو هن حديث پاڪ جو شرح شافي ۽ عجيبن جي اچڻ جي بشارت ڪافي هن هيٺين ڪلام خاڪ جي مان عيان آهي
    (ڪلام)
    قرب واري ڪار ڪاهي يار آيو ڪار ۾ + وار وارن مان ڪو واري آيو ڪنهن وار ۾
    آر آهي پيار آهي آر جو بي آر آ + تنهن ڪري آري عجيبن کي ڏسان پيو آر ۾
    ڌار کان بي ڌار ٿي ديدار ڏيندڙ ڌار ۾ + دم نه رهندو ڌار ٿي ڪهڙو مزو آ ڌار ۾
    تار تارن تار تي تک تار ۾ تارو تري + تار تن من دل جي رستي يار آيو تار ۾
    دار دنيا آسمان ڇا عرش اعظم کي ڇڏي + دلربا ديدار خاطر دل جي آيو دار ۾
    هارَ اَجبَتيي کي پائي هوت هيِنڙي هار ٿيو + هار کائي هوت آيو هار ۽ سينگار ۾
    لن تراني) تازيانن جا لکين وسڪار ٿيا + پر وري پرچي پنهل وسيو وڏي وسڪار ۾
    سار سڪ ۾ خاڪ ٿي رهه خاڪ تي گل ڦل ڄمن + خاڪ مظهر گل جو آهي سوز سڪ جي سار ۾


    بيت 9

    پڇن جي ميهار جو، پڇي تن ميهار،
    ترهو تني جو پار، عشق جني جو آڪرو.

    شرح - سهڻو سرتاج سنڌ فرمائي رهيو آهي ته سچا سالڪ ۽ عاشق صادق تون به سهڻي جي سچي سڪ واري سمنڊ مان سڪ جي سرڪ ڀري ستي بيٺي ۽ اٿي ويٺي پنهنجي محبوب حقيقي ميهار جي پڇا ۽ پچر زڪر ۽ فڪر ۾ مدامي محو ۽ مشغول ٿي ته تنهنجو به ترهو پار پهتل رهي تان جو اهو پاريچو پاڻ به تنهنجي پچر هچر ڪرڻ مان نه ڊها پي بلڪه پاڻ به ذاڪر ٿي تنهنجو ذڪر ڪندو رهي جيئن جو هي هيٺين آيت شريف بيت جو پورو پورو شرح آهي (فاذڪروني اذڪرڪم) يعني منهنجو ذڪر ڪيو ته مان توهان جو ذڪر ڪيان) مٿي آيت شريف جي شرح ڏي هن هيٺين ڪلام مان پڻ اشارو عيان ٿي رهيو آهي-
    (ڪلام)
    ذوق سان ذاڪر مان تنهنجو تون به ذاڪر منهنجو ٿي + شوق سان شاڪر مان تنهنجو تون به شاڪر منهنجو ٿي
    حال حاضر توسان آهي ڀائي تون به ٿي + حب سان حاضر ٿي آيس تون به حاضر منهنجو ٿي
    مان فقط تنهنجي نظر جو دمبدم ناظر رهان + نيهن جي نافع نظر سان تون به ناظر منهنجو ٿي
    نيهن تنهنجي کي نهان لوڪا لڪائي مون ڇڏيو + عيب اوڻايون لڪائي تون ساتر منهنجو ٿي
    فڪر تنهنجي ۾ فنا ۽ محو الفت ۾ مٺا + فڪري فوري فيض ده سان تون به فاڪر منهنجو ٿي
    خاڪ پنهنجي قدر آهر قدر قيمت ڪجهه ڪيو + بي بها قدرت سان پنهنجي تون به قادر منهنجو ٿي

    بلڪ اهڙي ذاڪر صادق ۽ شاڪر شائق کي هر لفظ ذڪر جي پٺيان پنهل پاڪ خالق عرش افلاڪ لبيڪ لبيڪ جي پوڪار پياري جي نروار نعري سان نوازيندو رهي ٿو. لبيڪ جي معنى آهي ته جي چوان توکي اي پيارا ٻانهان جي چوڻ جا حقدار اٿي اي غافل تون بيدار ۽ هشيار ٿي ڪو پنهنجي پاڪ پنهل جي جَي چوڻ مان عبرت وٺڻ جو سبق سونو حاصل ڪر- مطلب ته ڪڏهن مادر مشفقہ جي ٻچي جي ٻاڪن ڪوڪن کان ڪڏهن نه ڪڏهن ڪڪ ٿي ٻوڏ ۽ ڦوٽ چوندي آهي پر رب پاڪ ڪريم رئوف رحيم اهڙو ته رحمت ڀريو بحر بي ڪنار آهي. جو ڪڏهن به ٻانهي جي ڪوڪ ۽ ڪوڪار ۽ سڏ پر سڏڪار کان ڪڪ ته نه ٿئي پر رهندو هر سڏ جي عوض ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه دفعا وڌ ۾ وڌ چوڏهن سؤ ڀيرا جي چوڻ فرمائي. هن کان وڌيڪ ٻاجهه ۽ رحمت ڪهين ۾ به نه آهي پر ڪڏهن ڪڏهن عاشقن صادقن ۽ صوفين سالڪن تي جدائي ۽ قبض جي حالت طاري ٿيندي آهي ۽ نگار نازڪ پنهنجي ناز بي انداز ۾ رهي ڪو وقت پنهنجي توجہ نظر ظاهري کان کٽائي نظر انداز ڪرڻ فرمائيندو آهي، انهي حالت کي مشتاق محبوب مطلق جا پنهنجي واسطي موت ۽ جدائي جهنم ڄاڻندا آهن تنهن ڪري درد ڀريون دانهون آهون ڪندا رهندا آهن مگر محبوب معنوي کين جي ته چوندو رهندو آهي پر اهڙي رمز رندي سان جيئن حبدارن جي حيرت جي حد نه رهي آخرڪار حبدار حسن حقيقي جا هئن چوڻ تي تيار ٿي ويندا آهن جيئن جو خاڪ جي زيرين جذبات مان ظاهر ٻاهر آهي
    (جذبات)
    سوڀ تنهنجي آه ڪهڙي ڪيل جي مارڻ منجهان + سوڀ آهي تنهنجي سائين دل مئل جيارڻ منجهان
    حُي تون آهين حقيقي ڏي حياتي ڪيل کي + تنهنجي هٿ ڏوڙي حيا تي آب جي پيارڻ منجهان
    تون آهين قيوم قائم استقامت ڪر عطا + پاڻ کان ٽاري نه ڇڏ ڇا هٿ اچي ٽارڻ منجهان
    رمز روپوشي ڇڏي آ روبرو ڪنهن رات ۾ + مل اچي ڇا هٿ اچئي گوشي اندر گهارڻ منجهان
    تنهنجو جيڏو ناء آهي ايڏو مون کي آسرو + سود ڇا لاتقنطوا جي وعد ويسارڻ منجهان
    يار يشفيني پڙهي تنهنجي تڏي تي مان ٿڪس + غور ڪر ڪهڙو مزو ٿي منهنجي پوڪارڻ منجهان
    ناء تنهنجو ارحم آهي رحم ڪر راحم رحيم + ڳڻتين ۾ ڪين ڳارج ڇا اچئي ڳارڻ منجهان
    خاڪ جهڙي جهور سگ کي سڏ ڪري ڏي ڏاڻ ڪو + فصل سان ڏي فائدو ڪو ڪوڪ ڪوڪارڻ منجهان


    10- (بيت)

    ليلان ليلهائيج، اڳيان اُنڙ ڄام جي،
    ليلهائي نه لهين، ته وري به ليلهائيج،
    پاند ڳچي پائيج، سڄڻ ٻاجهارا گهڻو.

    شرح – اي انسان بي ڌيان ڪن قبوليت جو ڏئي مون کان ٻڌي وٺ بره جو بيان اي غافل غفگتي گرداب جا غرقان توڙي ساري عمر گناهن ڪرڻ ڪري پر عصيان ٿي رهيو آهين ته به اڃان تنهنجي واسطي ڌڻي جي دربار ۾ داخل ٿيڻ لاءِ دروازا توبه ۽ اميد جا کليل آهن تون ڌڻي پاڪ جي دربار رحمت کان ڪڏهن به نااميد نه رهه جيڪڏهن هڪ دفعو تنهنجي درخواست ۽ دانهه دربار اقدس ۾ قبول نه پوي ته به دل نه لوڏ وري دوباري به درد ناڪ دانهون آهون ڪندو رهه - منهنجو محبوب مهربان سڄڻ سائين سبحان اهڙو ته ٻاجهارو مالڪ منان آهي جو نيٺ توکي ساري عمر جا گناه ۽ بديون بخشي ڇڏيندو ۽ ڪڏهن به ڪريم ڪرم نواز پنهنجي درپاڪ ڪريمان تان نااميد ڪري نه موٽائيندو جنهن جو ثبوت هن آيت شريف مان بطور شرح جي عيان آهي.
    قل يا عبادي الذين اسرفوا على انفسهم لا تقنطوا من رحمته الله ان الله يغفرالذنوب جميعا) يعني چئو تون اي محبوب مدني ته اي منهنجا ٻانهو توهان مان جن پنهنجن نفسن تي ظلم زيادتي ڪئي آهي اهي مون الله جي رحمت کان نااميد نه ٿين تحقيق الله انهن جا جميع جرم ۽ بديون بخشي ڇڏيندو) هي آيت شريف مان نه فقط ظاهري گناهن جي بخشيش جو پتو پوي ٿو پر انهي سان گڏوگڏ بره جي بيمارين کي صحت سلامتي معنوي ۽ بشارت وصال لايزال جو پڻ آسرو ڏنل آهي تنهن ڪري جي به جسمي هوڏ هٺ وڃائي بي نياز باري جي اڳيان پنهنجي نيستي ۽ نياز جو ناڻو نقد بطور نذر جي پيش ڪندا رهندا- تن سان ڪڏهن نه ڪڏهن ڪرم فرمائي ڪريم مزاج باوجود بي نياز هجڻ جي ڀرمي جو پوندو ۽ نياز واري کي ڪڏهن به نااميد ڪري پنهنجي درپاڪ کان نه موٽائيندو تنهن ڪري نيهن جي نانگي کي به پنهنجي نياز ۽ نيستي تي ايڏو ته قابل قبول ناز هجي جنهن نياز بي انداز کي ڏسي بي نياز بادشاه پڻ پاڻهيءَ موم دل ۽ پاڻي ٿي پوي ته ممڪن آهي ته ممتنع. جيئن جو اهڙي نياز نوڙت تي ناز ڪرڻ بابت هيٺيون شعر پڻ شاهد آهي.
    (شعر)
    بي نيازي ناز تنهنجو ناز منهنجو نياز تي + ناز نخوت تي آ تنهنجو منهنجو آزي آز تي
    لاشريڪي ذات تي آ لاڏ لاشڪ ناز تو + مون کي ٿيڙو لاڏ مولا ذات تو ممتاز تي
    سونهه پرور ناز توکي حسن صورت سونهه تي + ناز مون کي سوز سڪ سيني جي سهڻي ساز تي
    هوڏ هستي ناز تنهنجو نيستي تي ناز مون + شوخ شوخي ناز تنهنجو منهنجو آ ايلاز تي
    ليس مثلڪ ناز تنهنجو ناس ۾ نروار آ + مون کي تو بي مثل مهرو شوق جي شهباز تي
    ناز بي پرواهي تنهنجو منهنجو آ پرواه تي + توکي پنهنجي راز تي مون کي به تنهنجي راز تي
    خود خودي تي ناز تنهنجو خلق ۾ ٿيڙو عيان + بي خودي تي خاڪ کي ٻيو عرش جي پرواز تي


    وجہ انسانيت اندر جو اوجارڻ آهي

    11- بيت:-
    اندر آئينو ڪري، پرين سو پسيج،
    انهيءَ راه رسيج، ته مشاهدو ماڻين.

    شرح- جناب شاه صاحب جي بيت مان هي بيان عيان آهي ته جو به انسان عاقل بيدار مغز ٿي پنهنجي قلبي پٽي کي غفلت جي گرد ۽ غير جي الفت واري ڪٽ کان صاف ۽ پاڪ ڪري اهڙو ته اُجريل بڻائيندو جهڙو آئينو اُجريل هوندو آهي ته پوءِ اهو انسان شايان شان ملائڪن ڪرافن کان به گهڻو مٿي چڙهي هن منزل جي معراج جي پهچندو جو مدامي پنهنجي محبوب معنوي جو مشاهدو ماڻيندو رهندو ڇو ته قلوب جمع قلب جو آهي جنهن قلب مبارڪ کي صوفين صادقن جي اصطلاح موجب بيت ربي ۽ الله پاڪ جو عرش سڏيو ويو آهي- قلب جو مثال آئينہ وانگي آهي اهو قلبي آئينو تصديق ۽ الله تعالى ڏي رجوع ٿيڻ سان اُجرو ۽ صاف ٿيندو آهي- علامت اُجري ٿيڻ جي هي آهي ته اندر جي آئينہ اُجري ٿيڻ وقت دل انوار الاهي جي واردات جو مورد ۽ محبط ٿي رهندي آهي اندر اُجرڻ ڪري انسان صحيح معنى ۾ انسان هجڻ جو حقدار آهي وگرنه حيوان کان به پري آهي- جيئن جو روح المعاني تفسير جي تحقيق انيق مان عيان آهي وهي محبط الانوار الاهيته الصمدانيته وبهايکون الاسنان انسانا) يعني دل الاهي نورن جي نزول جي جاءِ آهي جڏهن به دل انواران الاهي جي مورد بڻي ٿي ته پوءِ اهڙي دل اُجري وارو انسان انسان آهي) حاصل ڪلام ته جڏهن به قلب انساني اسم ذاتي جي اوڙ سان اُجرو رهي ٿو ته پوءِ اهو انسان محبوب معنوي جي مشاهدي ماڻڻ سان متو اتر هن منزل مٿاهين مقصودي تي پهچي ٿو جو علم لدني جي برڪت سان ڪوڙيين ڪتابن علم حضوري جا ڪٻاٽ حاصل ڪري وٺي ٿو جيئن جو هيٺيون بيت ڀٽ ڌڻي جو پڻ انهي ڳالهه کي ٽيڪو ڏئي رهيو آهي
    (بيت)
    هارائج هنيين ۾ الف سندي اوڙ
    ته ڪتابن جي ڪوڙ منجهان ئي معلوم ٿئي)
    پر انهي علم لدني جو پتو خاڪ جي هيٺين ڪلام پرت پيغام مان پڻ پڌرو آهي.
    (ڪلام)
    حق حافظ منهنجو حامي هوت احسن حال ۾ + حور جنت جي ڏٺم گل گون گلشن حال ۾
    الف الماڙي ۾ رکيل دل جي ديدن سان ڏٺم + علم لدني جا ڪٻٽ رخشان روشن حال ۾
    فڪر فرحي لوح تي لکيل قلم جا لک اکر + پنهنجي چشمن سان چٽا پڙهيم ٿي پرشن حال ۾
    ظاهري لکيل ڪتابن پشت تي پڌرو ڏٺم + عشق جو سولو اکر مڪتوب محسن حال ۾
    سوز سلطاني ذڪر ۾ خاڪ ٿي سلطان ٿي + پر نفي اثبات کان اڳ روح رازن حال ۾

    جناب سرتاج سنڌ جي بيت مذڪور ۾ الف مان مراد الله تعالى جو اسم ذاتي الله آهي جنهن کي اوڙ يعني تلقين مرشد جي سان تاويل ڪرڻ احسن آهي ڇو ته موجب حڪم هيٺين آيت شريف قرآني ياايهاالذين آمنوا تقوا الله وابتغوا اليہ الوسيلہ وسيلہ مان مراد صوفين جي اصطلاح موجب مرشد آهي ڇاڪاڻ ته گهڻي ڀاڱي مرشد ڪامل جي تلقين سان ئي اندر سارو اجرو ٿي ويندو آهي تنهن کان پوءِ اهو قلب جو لطيف انساني جو مشرق آهي بعد صفائي ۽ تزڪيہ تام جي صوفين وٽ بالااتفاق مجموعه اسرار الاهي جو لقب لهندو آهي جيئن جو هيٺئين بيت فارسي مان صريح ٿابت آهي
    (بيت)
    مجموعه اسرار الاهي مائيم
    لوح و قلم و حرف و سياهي مائيم)
    پر باوجود انهي جي حضرت مولانا رومي صاحب پڻ فرمائي رهيو آهي ته
    (بيت)
    آئينہ دل چون شود صافي و پاک
    نقشها بيني برون از آب و خاک)
    پر هيٺين ڪلام ۾ ته آدمي جي وجود مسعود کي فقط مجموعه اسرار الاهي ڇا مگر محبوب معنوي ۽ ساري جهان جو کيس جامع سڏيو ويو آهي.
    (ڪلام)
    صورت سڄڻ جي سهڻي سبحان آدمي ۾ + تجلي جو تاب طوري تابان آدمي ۾
    جهڙو جلاءُ جلوو جاني جمال جو آ + تهڙو نه حسن هرگز عالم مثال جو آ
    ديدار يار اهڙي جو دان آدمي ۾
    نوري نظر جو ناظر نروار نيهن وارو + هو تن جي آڏو حاضر نروار نيهن وارو
    نوري نظر کي نوري نيشان آدمي ۾
    جٿ ڪٿ جناب جاني جلوه نماءُ آهي + سج سونهه جي ڌڻي سان دل ٿي سماءُ آهي
    سارو جهان سڪ جو سامان آدمي ۾
    هر چيز حسن واري آئينو معرفت جو + برگ و گلن بهاري آئينو معرفت جو
    هو تن جي حسن وارو هڳسان آدمي ۾
    اعزاز خاڪ خوشتر فردوس فرش کان آ + ايجاد عشق اڳ ۾ افلاڪ عرش کان آ
    جلوه نما جو جذبو جولان آدمي ۾

    مطلب ته اندروني آئينہ اُجارڻ ۽ تزڪيہ تام ۽ مجاهدن مدام سان مولا پاڪ جا مخصوص مشتاق خواه مرد هجن خواه عورتون انهي حد اعلى تي پهچندا آهن جو علم لدني ۽ الهام الاهي اَدُن مِنيِ جي بارش مٿن مينهن وانگي وسندي آهي جيئن جو هيٺين حديث بيهقي واري مان حقيقته مذڪوره جي حمايت حاصل ٿي رهي آهي. (حديث) قال الله تعالى اعطيهم علمي و عقلي) يعني الله تعالى فرمائي ٿو ته مان پنهنجن پيارن کي پنهنجو علم لدني ۽ عقل ڏيندو آهيان) پر انهي حقيقت علم لدني واري تي ته هن آيت الاهي مان به روشني روز روشن وانگي پوي ٿي وعلمناه من لدنا علما) هن کي اسان پنهنجو علم لدني سيکاري ڇڏيو آهي) پر جي قلب يعني اندر جو آئينو انڪار عناد غفلت ۽ ڪاهلي قصورن ڪري ڪٽجي ڪارو ٿي ويو هوندو ته اهو انسان جي اعليٰ درجي کان گهڻو هيٺ لهي بفحوي الڪريمہ ثم رددناه اسفل السافلين) جي حيوانن جو هيٺاهون ۽ اسفل درجو حاصل ڪري ٿو اهڙي انسان فقط خورد و خورب جي مشتاق کي انسان سڏائڻ جو ڪو به حق نه آهي ڇو ته زهريلي هوائي نفساني ۽ غفلت جي غبار ۽ شهوت حيواني سندس ساري عمر جي پوک ۽ کيتي ساڙي ڇڏي آهي. جيئن جو مولانا سعدي رحمت الله انهي بابت هيٺين ريت چٽو چوڻ فرمايو آهي ته –
    غبار هوا چشم عقلت بدوخت
    سموم هوا کشت عمرت بسوخت-
    بکن سرمئه غفلت از چشم پاک
    کي فرد اشوي سرمه درچشم خاک)
    تنهن ڪري اهڙو آدمي ماڻهو سڏائڻ جو مستحق نه آهي بلڪ حيوانن کان به حرمت ۽ احترام ۾ گهٽ ۽ اسفل آهي نه افضل اهڙن اوصافن خرابين وارو انسان تحسين جي بدران صد حيف ڪرڻ جو حقدار آهي جيئن جو انهي بابت ڪنهن فارسي دان فرمايو آهي ته-
    حيف باشد که عمر انساني چون بهايم بخواب و خور گذرد
    آدمي ميتو انداز کوشش که مقام فرشته در گذرد)
    حاصل ڪلام ته سچن سونهن جي سچي ۽ سوني صحبت سبب عمل ۽ اخلاق جي سهڻي سيرت ۽ نيڪ ڪرداري سان سينگار جي آدمي سچي انسان سڏائڻ جو لائق ۽ سزا وار آهي وگرنه حيوانن کان به بدتر بدڪار آهي جيئن جو انهي بابت خاڪ جي زيرين مصرعه مان پڻ ظاهر آهي
    (مصرعه)
    سچن جي سون صحبت ٿي سچن سان ٿي سچو رهه تون
    سدا سيرت کي سينگاري سچو انسان بڻجي وڃ) –


    ڪوشش ڪرڻ لاءِ شاه جو حيوان صفت انسان کي هشيار ڪرڻ

    12-(بيت)
    جس جفا ري نه ٺهي، آهي جفا وارن جس،
    ستن ساٿ وڃائيا، تون گولي ڇڏ نه گس،
    اُٿي پنهل پس، سِر سان هلي سسئي.
    شرح – جناب شاعرن جي شاه معرفت جي ماه جي بيت مذڪور جو جيڪڏهن ڪما حقہ شريعت ۽ طريقت موجب پورو پورو بيان عيان ڪجي ته بطور شرح شافي ۽ بيان وافي جي وڏو دفتر ٿي ويندو تنهن ڪري طوالت جي ترهيب ۽ تهديد خوف کان پاسو ڪري اختصار تي عمل پيرا رهي سندس بيت جو شرح فقط ٻن آيتن ننڍڙن جي آڻڻ سان ڪريان ٿو على سبيل الاختصار فاعتبرو ايا اولي الابصا- پهرين آيت شريف هي آهي اليس للانسان الاماسعى) يعني انسان کي ڪوشش ۽ سعيي ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو) پر جڏهن انسان عام لفظ آهي جو مرد توڙي عورت وغيره تي صادق ۽ سچو آهي ته جناب لطيف سائين جي جس وارو لفظ به عام آهي تنهن ڪري مرد توڙي عورت عمل صالح ڪرڻ سان جهان جي جوڙيندڙ مهربان مالڪ کان عمل جي مکافات موجب جس ۽ آفرين لهڻي بشرطيڪ عملن صالحن ۾ به اخلاص ۽ نيت جو خلوص شامل هجي – تنهن کان پوءِ عمل صالح ڪرڻ واري انسان جو لقب ممتاز پنهنجي محبوب منان رب رحمان وٽ مومن آهي- اهو مومن صادق جنهن کي عمل صالح جي ذريعي حياتي طيبہ بطور انعام جي عطا ٿيندي آهي جيئن جو هن هيٺين آيت ثاني مان ارشاد الاهي عيان آهي- من عمل صالحا من ذڪر او انثى و هو مؤمن فلنحيينة حياة طيبة) يعني جنهن به مرد توڙي عورت عمل صالح ڪيو انهي جو لقب مومن آهي پوءِ اسان انهي کي ڏينداسون حياتي پاڪ) هن آيت ۾ عمل صالح جو صحيح ذڪر آهي- عمل صالح جا ٻه پهلو آهن هڪ پهلو هي آهي ته جو به مرد توڙي عورت جُرمن جي جَوَن پوکڻ جي عوض آخرت جي لاءِ عمل صالح نماز روزن وغيره جي ڪڻڪ ڪهڻي ڪنبي ڪنبي قهار کان نيت جي خلوص خاص سان پوکيندو ته انهي کي حيات طيبه فردوس برين جي رهڻ واري جي بشارت هن دنيا ۾ ئي حاصل ٿيندي موجب آيت مذڪوره جي ۽ بيت زيرين فارسي جي
    (بيت)
    ازمکافات عمل غافل مشو
    گندم از گندم برويد جو از جو)
    2. ٻيو پهلو هي آهي ته عمل صالح مان مراد عشق ذاتي آهي نه غير- مرد توڙي عورت کي نيهن جي نامدار سرتاج سنڌ جي نظريه موجب فقط رضا ربوبي ۽ مشاهدو محبوبي درڪار آهي ٻيو ڪجهه به نه پر جيڪڏهن ڪجهه ڪاڻ رهاڻ آهي ته به انهي هڪ ڪيچ ڌڻي جي ڪاڻ آهي نه ٻي ڪنهن جي جيئن جو ڪاڻ رهاڻ جي قصه کي نيهن جي نياپي ڏيندڙ فقير خاڪ هيٺين ريت نروار ڪيو آهي.
    (ڪافي)
    ڪنهن جي نه ڪڍان ڪاڻ مگر ڪاڻ آهه تنهنجي + ڪنهن جي نه رکان ڄاڻ مگر ڄاڻ آهه تنهنجي
    1. هڪ طرف طلب تاس مٿي تاس ٿي رکان مان + ٻي طرف پرين پياس مٿي پياس ٿي رکان مان
    2. ٽي آڻ نه ڪنهن جي آ مگر آڻ آهه تنهنجي + تن من ۾ نه ڪا طلب نه ڪا تاڻ آهه ڪنهن جي
    3. سڪ سوز فقط تنهنجي نه سڪ ساڻ ٻي آ ڪنهنجي + جي تاڻ اندر آهه فقط تاڻ آهه تنهنجي
    4. توکان نه گهڙي هڪ به گهري ننڊ ۾ گهاريان + ٻاريون ٿي فقط ٻاڻ اوهان جا ٻروچ ٻاريان
    5. ٻن ٻاڻ ٻين جي آ مگر ٻاڻ آهه تنهنجي + دک درد نه آ ڪنهن جو مگر درد آهه تنهنجو
    6. منهنجو نه وظيفو ڪو مگر ورد آهه تنهنجو + ڇڪتاڻ نه ڇوري کي ٻي ڇڪتاڻ آ تنهنجي
    7. ڏونگر ڏکن جا ڏوريان ته توڪاڻ ڏوريان ٿي + وڻ ٽڻ جي وطن ووڙيان ته توڪاڻ ووڙيان ٿي
    8. هوري جي هينين هوت اڳي هاڻ آهه تنهنجي + بنڀور ڏيان باه نگهه نور آ نه جيتر
    9. طواف ڪيان توکي نگهه طور آ نه جيتر + جا کاڻ خفي خاڪ ۾ سا کاڻ آهه تنهنجي

    حاصل ڪلام ته پوءِ جڏهن اهي ٻئي ڄڻا مرد توڙي عورتون ڪنهن به غير جي ڪاڻ رهاڻ کان بلڪل بي ڪاڻيا ٿي فقط هڪ سڄڻ سرمدي ۽ سلطان صمدي جي سڪ سوز ۾ پتنگن وانگي سڙي جلي فنا في الله جو درجو فوز عظيم وارو حاصل ڪري پوءِ حيات طيبه بقا باالله واري بشارت ماڻي مومن مشتاق جو منصب ماڻي-محبوب معنوي جي مشاهدي ۾ محسوس مستغرق هوندا آهن- ٻي ڪنهن به اغيار سان انهن کي انس الفت ۽ سودي صحبت جي ضرورت نه رهندي آهي جيئن جو انهي ڳالهه تي فقير خاڪ جو هيٺيون سارو شعر صادق اچي ٿو
    (شعر)
    سر سڄڻ تنهنجو پرين سر واه بي تنهنجا پرين + وڻ وطن وحدت جون وايون واهه بي تنهنجا پرين
    1. تنهنجي نيڻن ناز تي نرگس چمن نازان پڻ + سو ثنا گو يا ستارا ماه بي تنهنجا پرين
    2. سونهه بي تنهنجي پرين سينگار بي تنهنجو پرين + چشم جو چمڪار چهچٽ چاه بي تنهنجا پرين
    3. ٽهڪ ٽانگر وانگي ڏيئي پرچ پيارا پلڪ ۾ + صلح سهڻو ٺاهه ڪر ڪو ٺاهه بي تنهنجا پرين
    4. بره واري باغ جو تون باغبان بالا پرين + بره وارا باغ گلشن گاه بي تنهنجا پرين
    5. عشق تنهنجي جي امانت عاشقن سر تي کئين + عشق تنهنجو عشق جا آڙاه بي تنهنجا پرين
    6. زهر جو پيالو پيڻ تنهنجي هٿان ماکي مٺو + حوض ڪوثر ذوق زمزم چاه بي تنهنجا پرين
    7. خاڪ کي خوش خيال تنهنجا حال استقبال ۾ + روح دل کي روڊ رستا راه بي تنهنجا پرين
    پر جي انصاف جي عينڪ اکين ۾ پائي ساري ڪائنات ۾ عبرتي اک سان نظر ڪري نهاريندو ته هر هڪ چيز جي مائنہ مان محبوب معنوي جو مطالع ميسر ٿيندو رهندو جيئن جو جناب سرتاج سنڌ کي سدائين سپرين ۽ محبوب معنوي جو مطالع حاصل هو جيئن جو پاڻ سڳورا انهي مطالع مدامي جا زيرين بيت ۾ پاڻ مقر ۽ اقراري آهن – لوڪان نحو صرف مون مطالع سپرين) تنهن ڪري تون به اي انسان غافل غفلت جي ڪپہ پنهنجن ڪنن مان ڪڍي ڀٽ ڌڻي جي مشوره موجب دنيا ۾ عمل پيرا رهه ته توکي به فنا في الله جي فوز عظيم حاصل هجڻ ڪري ڌڻي پاڪ جي دربار اقدس مان حيات طيبہ ابدي جو عمدو تحفو انعام طور عطا ٿئي جيئن جو ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته
    (بيت)
    جيڻان اڳي جي جيا جڳ جڳ سي جين
    او موٽي ڪين مرن مرڻا اڳي جي مئا)
    پر جو به جيري جانب سان جڙ لڳائيندو اهو ڄڻ هن دنيا ۾ ئي مري جيرو ٿي چڪو آهي جنهن کي افطاري موت جو ڪو به فڪر ڪونه هوندو آهي. جيئن جو هيٺيون شعر خاڪ جو انهي بابت پتو ڏئي رهيو آهي (شعر) بعينہ لکجي ٿو:

    جيري سان جڙ لڳائي جيرو به ٿي ويس + ديدار دلربا جو ديرو به ٿي ويس
    1. نروار نحن اقرب ۾ نيهن ناز ڪن + غمزن جي گهير گهٽ جو گهيرو به ٿي ويس
    2. ذاتي ته ذوق اندر قربن جو اڳ ڪٺل + ڪاتي ڳڻن جي آڏو ڳيرو به ٿي ويس
    3. لک لن تراني – چهبڪ دل جان تي جهلي + هيراڪ حسن هو تن هيرو به ٿي ويس
    4. نمرود ناز ٻاري ڀل امتحان لئي + گلزار نار ڄاڻي گيرو به ٿي ويس
    5. ٿي خاڪ پاڪ پاڪن جو پير ڇڏ ڪڙي + پڻ پيروي سان پاڪن پيرو به ٿي ويس

    حاصل ڪلام ته جي به اولياءَ عاشق الاهي دنيادار آخرت مان کٽي ڇٽي ستا آهن اهي حياتي پاڪ ابدي ماڻڻ ڪري اهڙا ته جيرا جاڳندا اولياءَ الله ۽ عارف باالله آهن جي سڳورا قبر واري زمين لاءِ زينت ۽ سرمئه چشم خاڪ آهن تنهن ڪري هاڻي انهن جي آستانن تي پري پري کان پروانا ۽ زائر ايندا رهن ٿا پر زائرين بلبلن سندن مزار مبارڪ کي گلزار عبرت ڄاڻي زيارتون فيض بشارتون هميشان ڪندا رهندا آهن ڇو ته انهن عارفن ۽ سالڪن صادقن ساريون راتيون سجاڳ رهي سبحان سائين کي سرچائي پرچائي ستا آهن تنهن ڪري هنن جي مٽي مبارڪ کي مان خاطر سوين هزارين لکين ڇا بلڪ ڪروڙيين سندن اڱڻ تي سلامي ڪرڻ ۽ آداب بجاءِ آڻي رهيا آهن ۽ آڻيندا رهندا جيئن جو لطيف لعل فرمايو آهي ته
    (بيت)
    سڄي رات سبحان جني ياد ڪيو
    انهن جي عبداللطيف چوي مٽي لڌو مان
    ڪوڙيين ڪن سلام اڱڻ اچي انهن جي)

    پر عجب ۽ عبرت پذير هي ڳالهه آهي ته هن بيت مذڪور جي پيشين گوئي ٻين اوليائن تي ته صادق ۽ سچي آهي پر پاڻ تي اهڙي ته پوري طرح صادق آهيس جو جٿ ڪٿ سندس سوين ورسيون ۽ بزمون ملهايون وڃن ٿيون. مطلب ته عاشق عفيف مرشد لعل لطيف جي روحاني رمزن ۽ سندس ابياتن جي قرآني آيتن جا گهڻي ڀاڱي ترجما آهن تن ته برپٽ ۾ بره جون بازاريون ۽ رندي غمزن جون گلزاريون لائي بلبلن سنڌ کي ڇا بلڪ ساري دنيا کي بوءِ بهار جي بخشي ڇڏي اٿن-


    ٽيون وجہ انسانيت جو

    13- (بيت)
    اکيون اُهي ڌار، جن سان پسين پرين،
    ٻي ڏي ڪين نهار، جو راڻل ريسارو گهڻو.

    شرح- سرتاج سنڌ هتي به انسان ذات کي انهن اکين عبرت پذيرن ڌارڻ جو خطاب پرشوق شتاب جو ارشاد عالي فرمائي رهيو آهي- جڏهن اکيون ئي سچي انسان لاءِ آئينه عبرت وحدت نما آهن تڏهن هر شخص مرد توڙي عورت کي هادي لطيف جهڙي جي هدايت تي هشيار ٿي هڪدم اهڙيون عبرتي اکيون ڌارڻ گهرجن ڇو ته اهڙين اکين وارو ئي ڪائنات جي ڪثرت کي وحدت ڄاڻي يا آيات ۽ علامات معرفت محبوب معنوي ڄاڻي مشاهدو ماڻيندو آهي ۽ مدامي محبوب جي مطالع ڪرڻ ۾ محو ۽ مستغرق هوندو جيئن جو ڪنهن عرب عالي دماغ شاعر ڏاڍو عمدو چوڻ فڪر سليمه ۽ عبرت پذير عارف جي بابت فرمايو آهي
    (بيت)
    اذا لمرء ڪانت لہ فکرة ففي کل شييء لہ عبرة
    يعني جو به مرد فهيم فڪر سليم جو فائق آهي هر شيءِ جي ڏسڻ ۾ ان کي عبرت جي اک عطا آهي )
    پر جناب مولانا شيخ سعدي صاحب وري انهي فڪر سليم وارن جي فهم فڪر ۽ تيز نظر جي تعريف هئن ڪرڻ فرمائي آهي
    (بيت)
    برگ درختان سبز در نظر هوشيار
    هر ورقي دفتري است معرفت ڪردگار)
    پر نظر هشيار جو ڪجهه پتو پرو هن هيٺين ڪلام مان پڻ پوي ٿو
    (ڪلام)
    سڄڻ سونهن وارا سڄڻ سونهن وارا + جٿي ڪٿ نظر تنهنجا نوري نظارا،
    جلب بر جهنگل جر ۾ جلوو جمالي، + جبل طور تي تنهنجي تجلي نرالي،
    پسان چوطرف حسن تنهنجو پيارا،
    همہ حور پريون به حيران توتي، + قمر ماه ڪنعان مستان توتي،
    ڏئي سونهه تنهنجي جا سج ٿو اشارا،
    پنهل پرتوو تنهنجو پاڻي پڌر ۾، + ٻري نور چمڪي ٿو ٻيرن ٻٻر ۾،
    اُٿن ٿا پٿرن مان اُلا آشڪارا،
    فلڪ تي فرشتا ڦرن پيا فراقي، + اڀن کان مٿي عرش عاشق اوطاقي،
    نبي نور کي نور حاصل نيارا،
    پيو خاڪ تي پاڪ پرتو پنهل تو، + تڏهن تانگهيان جهاڳيان ٿي جبل تو،
    جبل ۾ ڏسان توکي جي جيارا.

    پر اهي اکيون عبرت پذير سڄڻ سونهه ڌڻي جي سڃاڻن واريون به ڪن ڪن پيارن عارفن کي بطور فضل ۽ وهب جي پاڻ وهاب ڪار ساز ڪريم رب رحيم عنايت ارزاني جذبئه جاوداني سان عطا ڪرڻ فرمائيندو آهي جيئن آيت شريف زيرين مان ارشاد ايزدي عيان آهي- سنريهم آياتنا في الافاق وفي الانفس حتي يتبين لهم الحق) جلد ڏيکارينداسون انهن کي اسان پنهنجون آيتون آفاق ۽ نفسن ۾ تان جو ظاهر ٿي ويندو، انهن جي لاءِ ديدار حق جو) هن ارشاد الاهي مان صريح ثابت آهي، ته جن عارفن کي ڌڻي پاڪ جي دربار اقدس مان عبرتي اکيون عطا ٿي وينديون آهن، اهي ڪائناتي ڪتاب ۽ نفسي نقاب مان محبوب معنوي جو مدامي مطالع ڪندا رهندا آهن. جيئن جو جناب ڀٽائي صاحب پاڻ به محبوب جي مطالع جو معشرف آهي، جنهن جي اقرار مان سندس ولايت ڪبرى ۽ قطبيت عظمى جو پتو پوي ٿو
    (بيت)
    لوڪان نحو صرف مون مطالع سپرين)
    حاصل ڪلام ته محبوب جي مطالع واريون تجليون ٽي قسم آهن، پهرين تجلي علمي آهي، ان تجلي جو صاحب برزخي احبابن مان ڳڻيل آهي مگر مرشدي درجہ جو مستحق نه آهي ۽ ٻي تجلي عيني آهي ۽ ٽي تجلي حقي آهي- انهن ٻنهي تجلين جا حقدار ارباب يقين ۽ ارباب وصول جا آهن، اهي ٻئي صاحب ارشاد ۽ مرشدي جو استحقاق ۽ جميع مراتبن طريقت ۾ اهليت جو حق رکڻ وارا آهن- اهي مرتبا طريقت وارا هي آهن 1- طبيعت جو مرتبو 2- نفس جو مرتبو 3- مرتبو قلبي 4- مرتبو روحي 5- مرتبو طريقت 6- مرتبو معرفت 7- مرتبو حقيقت. انهن مرتبن جي ماڻڻ وارن کي ازروئي شريعت ۽ طريقت جي اهل بصيرت جو عمدو لقب انعام ٿيل آهي- جن اهل بصيرت وارن عارفن ڏي هن آيت شريف هيٺ ايندڙ مان اشارو عيان آهي- قل هذه سبيلي ادعو الي الله على بصيرة انا ومن اتبعني) يعني چوُ تون اي محبوب مدني ته هي واٽ منهنجي اها آهي جنهن ڏي مان بصيرت رهي الله جي طرف سڏيان ٿو ۽ جو شخص منهنجو تابع آهي اهو به بصيرت تي آهي) هن آيت جي ارشاد مان ثابت آهي ته اهل بصيرت وارن عارفن اوليائن کي مرشد وٺڻ گهرجي نه ٻين کي جي صاحب اڃان اهل بصيرت جي اعلى عهدي تي نه پهتا آهن- باقي رهي هي ڳالهه ته تجلي عيني ۽ تجلي حقي جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي- انهن ۾ باوجود اشتراڪ قطبيت جي هي فرق آهي ته تجلي عيني وارو فقط قطبيت ارشاد جو مستحق آهي نه قطبيت ڪبرى جو انهي جو حقدار تجلي حقي جو صاحب ۽ مالڪ آهي نه غير- اهڙن ديدورن جي ديد کان دلدار حقيقي هڪ دم به دور نه ٿو رهي بلڪ هر زمان هر مڪان ۾ لامڪاني لاهوتي جي معيت ۽ معونة پنهنجي مشتاق صادق کان بعيد ۽ پري نه آهي- بفحوي الڪريمه وهو معکم اينما ڪنتم) يعني هو جٿ ڪٿ اوهان سان گڏ آهي) انهي حقيقت حال تي زيرين شعر مان ڪجهه روشني پوي ٿي (شعر) دم نه دم کان ڌار منهنجو دلربا دلدار آ، ساه وانگي ساه اندر ساه جو سينگار آ. 1- دم سڃاڻي دم کي ڄاڻي دم جو دم ٿي پاڻ تون، دم به صدقي دل به صدي دم دمن ديدار آ، 2- وهو معکم اينما ڪنتم جي مخفي مام ٿي نحن اقرب نيهن نازڪ جو نالو نروار آ. 3- وره واري وک وڌائي وڌ وڌي وڻڪار ڏس. ورءِ تنهنجي وچ ۾ ويچو ڪين هڪڙو وار آ. 4 – بره واري باه ڀڙڪي گاه ساڙي غير جا، غير غيرت غمز جي سان غار اندر آر آ. 5- بره باري باه دوزخ کان تکي نيهن نازڪ نار ڇا پر نار جي بي نار آ. 6- خاڪ ٿي افلاڪ ڇا پر عرش تي ڪر آشيان، عرش ڇا عرشي به توکان دم نه هڪڙو ڌار آ.
    غرض ته تجليات حسن حقيقي هوت جو تذڪرو گهڻا عارف اولياءَ پنهنجي پنهنجي حال مذاق موجب ڪندا ويا آهن ۽ اڃان به ڪيترا ڪامل ۽ عارف عامل قيامت جي قيام تائين ڪندا رهندا جيئن جو پنهنجي ديوان ۾ حضرت خواجه اجميري صاحب فرمائي رهيو آهي- گرز انوار رخت يکه شعله تابد برفلک از حيا مستور گردد آفتاب اندر نقاب نور حق ست آن مجسم گشته درذات نبي صه همچو نور ماه کز خورشيد کردست اکتساب در مقام لى مع الله از کمال اتصال از خدا نبود جدا همچو شعاع از آفتاب- پر خير محمد فقير وري حقيقي حسن جي هئن تعريف ڪري ٿو-
    جهلي تاب حسن جون ڪو تجليون
    جن سان طور جبل وڃي ڪوه جليون)
    پر ڪن عاملن جو قول آهي ته ساري ڪائنات هوتن جي حسن جو عمدو آئينو آهي، تنهن ڪري ڪائنات جي ذري ذري مان ذاتي محبوب جو مشاهدو ماڻن گهرجي جيئن جو حضرت جامي عليه الرحمته فرمايو آهي ته
    (بيت)
    جهان مرآة حسن شاهد ماست
    فشاهد وجهہ في کل ذرات)
    پر سلوڪ جي سالڪن کي بسط کان بعد ڪڏهن نه ڪڏهن قبض جي حالت پڻ طاري ٿيندي آهي ته انهي وقت جانب جي جوش جدائي سڪ سوز سدائي ۾ روئي رڙي هئن چوندا رهندا آهن ته
    (بيت)
    اڄ پڻ اکڙيون ساريون رئن سڄڻ کي،
    سي ڪئن ويهن وساري جي وهم پرين وڪڙيون.
    تيز آهن تڪڙيون ملڻ ڪارڻ محب جي-
    وري ٻيهر به لطيف لعل هئن ٻاڏائي رهيو آهي ته
    (بيت)
    اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا،
    ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن،
    سندي سڪ پرين لوڪ ڏٺي نه لهي-
    پر وري به جدائي جي جهونگار افغاني اڇگار چاڪن چورڻ جي چونگار هئن چونگاري رهيا آهن
    (بيت)
    اڄ پڻ چڪن چاڪ. وهين ويڙهيچن جا،
    سورن اچي سومرا اڏي اندر اوطاق،
    مارن جي فراق. هڏ مئي جا ڪپيا)
    پر جناب سرتاج سنڌ جيئن جيئن سڄڻ جي سڪ سمنڊ تار ۾ تري رهيو آهي، تيئن تيئن سڪ جو سمنڊ تارون تار ٿيندو وڃي. جيئن سندس زيرين بيت مان ظاهر آهي.


    14- (بيت)

    سڪ تنهنجي سپرين، جيئن تران تيئن تار،
    تون رهين روح ۾، تون اکين ٺار،
    پرين تنهنجي پار، مون کي واجهائيندي ورهه ٿيا.

    شرح – هن بيت ۾ ٻه ڳالهيون ڌيان طلب آهن هڪ ته جڏهن هوت حقيقي بفحوي لڪريمه نحن اقرب اليه من حبل الوريد ساه جي رڳ کان به اقرب آهي تڏهن سڪ جي سمنڊ ۾ ترڻ جي ڪهڙي ضرورت درپيش آهي. 2- موجب ارشاد آيت شريفه وفي انفسکم افلا تبصرون جي جڏهن جانب جي اندر آهي، پوءِ به تار ترڻ جي ڪا به ضرورت محسوس ٿيڻ نه گهرجي ڇچو ته پاڻ ڀٽ ڌڻي ساڳي بيت مذڪور ۾ قبول ڪري چڪو آهي ته- تون رهين روح ۾) انهي ٻنهي اعتراضن جو جواب هي آهي ته نيهن جي نانگي ۽ سالڪ مجذوب جي نيڻن کان قبض جي حالت طاري ٿيڻ سبب ناگاه نوري تجلي جو نظارو بند ٿي ويندو آهي تڏهن سالڪ پنهنجي دل ۾ ايڏو ته پريشان ٿيندو آهي جو وصل کان ويچي واري هڪ گهڙي به سال ۽ ورهه سمجهي سڄڻ کي سرچائڻ خاطر هئن چوڻ کان نه رهندو آهي ته – پرين تنهنجي پار واجهائيندي ورهه ٿيا) پر سڄڻ سهڻي صورت جي سبحان کي سرچائڻ ۽ پرچائڻ بابت ويچارو خاڪ هئن واڪا ڪري رهيو آهي.
    (ڪافي)
    پرچاءِ تون پڙهي ڪر والکاظمين غيظ + نروار ٿي نظر ڌر والکاظمين غيظ
    نالو وٺي ته تنهنجو توکي ڪيم نياز + نالو سڃاڻ پنهنجو ڪاوڙ ڪنا ٿي باز
    پرچي وڃو ڪهين پر والکاظمين غيظ
    توکي قسم آ تنهنجو ڪر پاڻ قدر پنهنجو + اهنجو هلي جو توسان سائين تون تنهن سان سهنجو
    تون فيض سان ڀري ڀر والکاظمين غيظ
    ويٺي ستي سوالي عرضدار عالي + پنهنجي نگهه نرالي کان ڇڏ نه مون کي خالي
    ڪر تون حياعه هر هر والکاظمين غيظ
    مون ڏي هزار مهڙيون ڪهڙيون ٻڌايان ڪهڙيون + تون بخش مون کي باري جهڙيون هجن به تهڙيون
    تنهنجو وتو اٿم در والکاظمين غيظ
    عاجز سان ٿي نه اولو سرچي سڄڻ ٿي سولو + پرچي پوين جي پل ۾ ڀو توکي ڪنهن جو ڀولو
    واڪا ٻڌي تون ور ور والکاظمين غيظ
    جي خاڪ آهه خاطي عيبن سان اختلاطي +توبهه سان تنهنجي در تي آيو ٿي احتياطي
    روئندي اکيون ٿيون پر والکاظمين غيظ
    حاصل ڪلام ته ايترن آهُن دردي دانهن تي من محبوب معنوي کي ڪاوڙجي بدران ڪهل اچي ۽ عاشقن صادقن جي سچي طلب تاس ۽ اداس اڃ تي رحم اچي پر اهڙي معنوي محبوب جي اُڃ ۾ فقط ڀٽائي ڇا پر ساري ڪائنات اُڃاري آهي موجب ارشاد قرآني وان من شيءِ الا ان يسبح بحمده) يعني ڪو به ٽول ڪائنات ۾ نه آهي مگر جو هوتن جي حمد ۽ تسبيح سان پنهنجي تن جي تاس اجهائيندو آهي) جيئن جو زيرين بيت مان پڻ ظاهر آهي
    (بيت)
    محبت جن جي، تن تشنگي تار،
    پي پيالو اڃ جو، اڃ سان اڃ اٿار،
    پنهل پاڻ پيار، ته اڃ سان اڃ اجهائيان.
    پر هن بيت ڀٽ ڌڻي جي ۾ آهي ته پنهل پاڪ پاڻ پنهنجن پاڪن هٿن قدرتي سان جڏهن به جام وصل ڀري پاريندو آهي، تڏهن عاشق صادق جي اڃ بک دور ٿي ويندي آهي. انهي حقيقت جي تائيد ۾ هي آيت الاهي ڪافي ثبوت آهي وسقاهم ربهم شرابا طهورا) يعني پاڻ پنهنجي هٿ پاڪ سان پنهل پاڻي پاڪ پياريندو) انهي اڃ جو اڃارو فقط لطيف لاثاني نه آهي پر ساري ڪائنات سڄڻ جي سڪ ۽ عشق ۾ اڃاري آهي جيئن زيرين جذبات خاڪ جي مان ظاهر آهي.
    (جذبات خاڪ)
    سڪ سير ۾ رهان جيئن تئن تئين اندر ۾ آ اُڃ + نازڪ نظر نه تنهنڪر نيڻن نظر ۾ آ اڃ
    1. اڃ عشق جي اُلي آ عاشق جي دل جهلي آ + نروار ٿي نلي آ اک ۾ ڇپر ۾ آ اڃ
    2. درياءَ ۾ رهان ٿو پاڻي سدا پيان ٿو + دل جي لهي نه آتش پاڻي پڌر ۾ آ اڃ
    3. مون کي فقط نه آهي هر چيز ٿي مري اُڃ + ڏس آسمان تارن شمسو قمر ۾ آ اڃ
    4. عرشي هلاڪ اڃ ۾ فرشي فراق اڃ ۾ + وڻ ٽڻ پکي به اڃ ۾ شاخو شجر ۾ آ اڃ
    5. غواص بحر وارا اُڃ جا ڏئي اشارا + ويڙا وڄائي وارا رڃ آب ڇر ۾ آ اڃ
    6. برٿر ۾ خاڪ وائي اڃ عشق جي سدائي + وڃ اڃ سان ڪر وفائي ڏونگر پٿر ۾ آ اڃ


    وجہ انسانيت جو ڪن قلبي آهي نه مٿي جو

    15- (بيت)
    ڪن ڇڏي گاڏوان، ٻيا ڪن کڻيج،
    تني ساڻ سڻيج، سنيها ته سڄڻ جا.

    شرح- جناب سرتاج سنڌ ساري قرآن ڪريم رب رحيم جي ڪلام کي پرت جو پيغام ۽ سڄڻ جو سنيهو سلام سڏي رهيو آهي، تنهن ڪري سندس نظريه موجب هر هڪ آيت الاهي سرڪار نامدار حقيقي طرفان اسان ايماندارن عاشقن عاقلن ۽ اقٻوجهن مردن توڙي عورتن ڏي پورو پورو نيهن جو نياپو ۽ سڪ جو سنيهو سلام آهي. پوءِ اسان سامعن ۽ ٻڌندڙن کي گهرجي ته پنهنجي سهڻي سڄڻ صورت جي سبحان محبوب مهربان کان اهو سڪ جو سنيهو سلام قلب وارو ڪن ڏئي چپ چاپ ۾ رهي ڪري سڪ ۽ سوچ سان ٻڌون نه غفلتي گوش مٿي واري سان ڇو ته مٿي وارو گوش سان ٻڌڻ جو ڪم ته حيوانن کي به حاصل آهي- پر انسان اشرف المخلوقات کي ڪن گاڏوان ڇڏي فقط قلبي ڪنن سان سٻاجهي سرڪار جو سنيهو ٻڌڻ گهرجي ته ڪجهه ڪاميابي جو ڪارڻ بڻي هن بيت مذڪور جي شرح ۾ هي هيٺين آيت الاهي شرح جو ڪم ڏئي رهي آهي.
    فاذا قراعه القرآن فاستمعو الہ و انصتوا لعلکم ترحمون)
    يعني جڏهن به قدوسي ڪلام پرهيو وڃي ته چپ چاپ سان قلبي ڪن ڏئي ٻڌو ته شايد رحمت ياب ٿي وڃو)
    مطلب ته هي اهو ڪلام پاڪ مالڪ عرش افلاڪ جو آهي جنهن جي چند ڪلمن پاڪن جي فضيلت ۽ ڀلائي بابت جي ساري دنيا جي دريائن کي لکڻ لاءِ مس بنايو وڃي ۽ ساري دنيا جي وڻن ٽڻن کي قلم بنائي ۽ سندن برگ پنن کي ڪاغذ بنائي ملائڪن ۽ جنن حڪم ايزدي لکڻ بابت ٿئي ته اهي ڪونين جا ملائڪ ۽ جن لکي لکي نيٺ لکڻ کان عاجز ٿيندا ۽ دريائن جي مس سڪي کپي خسڪ ٿي ويندي، مگر قادر ڪريم رب رحيم جي چند ڪلمات قرآني جو قدر ۽ شان پورو ٿي نه سگهندو – اهڙي قدر واري قران ڪريم جي ننڍڙي آيت سونهاري جا مٿي آيل آهي تنهن جو هوبهو ترجمو ترجمان قرآني جناب سرتاج سنڌ هن هيٺين بيت ۾ ڪرڻ فرمايو آهي ته
    (بيت)
    ڪن ٿي ڪيچن ڪڇيو ڪڇ متان ڪڇن
    اشارتون ان جون سڪو نان سجهن،
    وٽان ويهي تن سڻ ته سوز پرائين)
    هن بيت مان هڪ ته پهريون بيت مذڪور جي حقيقت هالي جي پٺ ڀرائي ثابت آهي 2- هن بيت ۾ لفظ ڪيچن مان ٻه مرادون قابل ذڪر آهن هڪ ڪيچي مان مراد مولا پاڪ عرش افلاڪ جو پنهنجن ٻانهن عاجزن کي قران ڪريم جي ذريعي پنهنجو پاڻ سنيهو سلام سڻائي رهيو آهي 2- ٻيو مرشد ڪريم يا استاد عليم ٻڌائيندڙ مراد آهي جو پڻ هڪ هڪ آيت سونهاري جا آيت ڄڻ ته سنيهو سرڪار سرمدي جو آهي جو عام ماڻهن کي علي الاعلان ٻڌايو ويندو آهي، پوءِ ٻڌندڙن ٻانهن کي هئن ڄاڻڻ گهرجي ته جو به هنن کي الاهي آيتن جو سهڻو سنيهو سڻائي ته گويا هو ٻڌندڙ ائين سمجهي ته مان هن ٻڌائيندڙ قاصد جي واتان پنهنجي پاڪ پروردگار جو پيغام ۽ سڪ جو سنيهو سڻي رهيو آهيان پر اهو قرآني سنيهو دل جي ڪنن سان ٻڌي عمل پيرا نه ٿيندو ته جهڙو ٻڌائين تهڙو نه ٻڌائين ڇو ته قران ڪريم ڪن قلبي ٻڌڻ سان ئي فائده رسان ٿيندو آهي نه ڪن مٿي جي سان جيئن جو حضرت مولانا رومي صاحب انهي بابت عمدو فيصلو ڏنو آهي ته
    (بيت)
    اين سخن از گوش دل بايد شنود گوش
    گل اينجا ندارن هيچ سود گوش
    سربا جمله حيوان همدم ست
    گوش سر مخصوص نسل آدم ست)
    تنهن ڪري جو شخص به دل جي ڪنن کي ڇڏي فقط مٿي جي ڪنن تي ٻڌڻ جو دارو مدار رکندو ته انهن تي ڏاتار ڏمرجي سندن دلين تي ڏمر ۽ غضب جي مهر هڻي ڇڏيندو آهي، جيئن هيٺين آيت شريف انهي ڳالهه تي چٽي چٽي دلالت ڪري رهي آهي ونطبع على قلوبهم فهم لايسمعون) يعني اسان هنن جي دلين تي مهر هڻي ڇڏي آهي ته هو نه ٻڌن) مطلب ته جيئن هو هدايت ۽ سڪ سنيهو نه ٻڌن ته وڌيڪ عذاب عظيم جا حقدار ٿين تنهن ڪري جناب ڀٽ ڌڻي انسان ذات اٻوجهه تي رحم ۽ ڪهل ڪرڻ فرمائي هنن کي مذڪور بيت جي ذريعي خواب غفلت کان بيدار ڪري رهيو آهي- ڇو ته قلبي ڪن سان سنيهو سڻڻ نهايت نافع ۽ اثر وارو آهي، جيئن جو مولانا حسين ڪاشفي صاحب فرمايو آهي ته
    گوش دل از استماع سخن حق فائده دارد نه گوش آب و گل)
    حاصل ڪلام ته ڪا شفي صاحب جي تحقيق مان پڻ جناب سرتاج سنڌ جي بيت مذڪور جي تائيد مزيد ثابت آهي ته برابر انسان ذات کي هر حال ۾ ڪن قلبي سان سنيهو سڄڻ سرمدي ۽ عجيب الستي جو ٻڌڻ فائدي وارو آهي، نه مٿي جي ڪنن وارو جن سان ٻڌڻ همه حيوانن کي به حاصل آهي- تنهن ڪري انسان ته اهو آهي جو قلبي ڪنن سان ٻڌي ٻڌڻ سان پرين جي پيغام کي اکين رکي قلب سان قبول ڪري هڪدم عمل پيرائي ٿي رهي پر جي فقط ٻڌڻ جو ڪم ڪيائين ۽ عمل ڪرڻ جي ويجهو نه ويو ته ڄڻ انهي سڄڻ سرمدي جو سنيهو سلام ٻڌو ئي ڪونه سنيهي ٻڌڻ لاءِ ۽ عمل ڪرڻ لاءِ هي جهان ئي آهي نه هو جهان جيئن جو انهي بابت ڪنهن عربي ۾ شعر چوڻ فرمايو آهي ته
    (ابيات)
    يا سامعا ليس السماع بنافع
    اذا انت لم تفعل فما انت صامع
    اذا کنت في الدنيا عن الخير عاجزا
    فما انت في يوم القيامته صانع
    يعني اي ٻڌندڙ ٻڌڻ نفعي وارو نه آهي، جڏهن جو عمل نه ڪرين ته پوءِ ڄڻ تون ٻڌندڙ ئي نه آهين جڏهن دنيا ۾ تون خير ڪم کان عاجز آهين ته قيامت ۾ ڪم ڪرڻ جو وقت ڪٿي آهي، حاصل ڪلام ته قلبي ڪن سان ٻڌڻ بلڪل ڪمائتو ۽ ڪارامد آهي پر جي سڪ جو سنيهو قلبي ڪن سان ڪن ڏئي ڪو به نه ٿو ٻڌي ته انهي جي درميان ۽ حيوان جي ڪو تفاوت ڪونه آهي، قلبي ڪنن سان پرت جي پيغام کي ٻڌڻ بابت هيٺيون ڪلام خاڪ جو پڌرو پتو ٻڌائي ٿو
    (ڪلام)
    قلبي ڪنن سان ڪانگل جو اڄ ڪلام ٻڌ ٻڌ،
    سهڻي سڄڻ جي سڪ جو سهڻو سلام ٻڌ ٻڌ.
    1- واڪا ڪري وڻن جي لامن مٿي لوي ٿو،
    ظاهر زبان کولي توکي ته ڪجهه چوي ٿو،
    خاموش ٿي محبت مخفي جي مام ٻڌ ٻڌ.
    2- چپ چاپ سان چوڻ جي ڪا چاس تون چکي وٺ
    سڪ جو سنيهو سهڻو سهڻي طرح سکي وٺ
    ماکي مٺائي مصري جهڙو پيام ٻڌ بڌ
    3- ڪو نيهن جو نياپو نازڪ جو آ نرالو
    نيڻن نظر تي رک رک نازڪ جو نور نالو
    نيهن ۾ نيهن وارو نروار نام ٻڌ ٻڌ
    4- محبوب پاڻ پنهنجو پيغام موڪليو اڄ
    قرآن قل هوا الله انعام موڪليو اڄ
    نروار نيهن واري نوبت نظام ٻڌ ٻڌ
    5- ڪانگل قدم مبارڪ پنهنجا ڀري ڀلي اڄ
    خوش خاڪ تو اڱڻ تي آيو اجهو ٽلي اڄ
    ڪن سن ۾ ڪن جون ڳالهيون مخفي مدام ٻڌ ٻڌ

    مٿئين ساري تحقيق انيق مان هي حقيقت عيان آهي ته جنهن به آدمي ۾ اِهي چار وجهه مذڪور انسانيت وارا موجود نه هوندا، اهو حقيقت ۾ انسان نه آهي. بلڪ حيوان کان به مرتبي ۾ ۽ مانَ ۾ هيٺاهون ۽ گهٽ آهي. مٿين چئن وجهن مذڪورن جو شرح شافي ۽ جامع ڪافي هي هيٺين آيت الاهي طويله آهي، جا آيت سونهاري هتي بطور سند حجت وافي جي پيش ڪئي وڃي ٿي. ولقد ذراعه نالجهنم کثير امن الجن والانس لهم قلوب لايفقهون بهاولهم اعين لايبصرون بها ولهم آذان لايسمعون بها اولائڪ کالانعام بل هم اضل سبيلا واولائڪ هم الغافلون) يعني تحقيق اسان جنن ۽ انسانن مان گهڻن کي جهنم لاءِ پيدا ڪيو آهي اُهي اُهي آهن جن جون دليون مولا جي معرفت ڏي متوجہ نه آهن انهن جون اکيون عبرت جي نظر سان قدوسي ڪائنات ڏي نه ٿيون نهارن انهن کي ڪن آهي پر فڪري سماع سان الاهي آيتن کي نه ٿا ٻڌن اهي همہ حيوانن جهڙا آهن بلڪ انهن کان به وڌيڪ گمراهه آهن ۽ اهي آخرت جي ڪاروبار کان غافل آهن) هن آيت جي حڪم موجب ڪيترا انسان حيوان صفت آهن نه ماڻهو.


    شريعت ۽ طريقت ۾ قلبي ڪن جو لقب اذن واعيہ آهي


    شريعت ۽ طريقت ۾ قلبي ڪن جو لقب اذن واعيہ آهي

    16 – (بيت)
    سڻ ته سوز پرائيين، آءُ چيائون اڄ،
    ٻولي ٻي نه سکيا، پاڻان چوندئي ڀڄ،
    واڄي وٽ م وڄ، ٻڌ ته ٻيائي لهي.

    شرح- سرتاج سنڌ جي نظريه موجب هن بيت جي مطالع واري لفظ سهڻي (سڻ) مان مراد سڻڻ ۽ ٻڌڻ ڪن قلبي جو آهي نه ڪن مٿي جو ڇو ته اهو ڪن قلبي جيڪو جو ٻڌي سو ڪڏهن به ڪين وساري بلڪ حافظي ۽ يادگيري جي لحاظ سان دل تي اهڙو ته نقش ٿي وڃي جو ڄڻ ته حجر پٿر تي چٽ چٽيل آهي پوءِ جيئن جو پٿر تان چٽ وارو نقش نه ويندو آهي، تهڙي طرح قلبي ڪن سان ٻڌڻ واري جي قلبي ڦرحي تان ٻڌل ٻول جو نقش چٽيل نه ويندو آهي، اهڙي چٽ چٽيندڙ کي نيهن وارا نقش بند جو لقب ڏيندا آهن، تنهن ڪري هڪڙي خاص طريقه ذڪر جي تي نالو ئي نقشبندي پيو آهي ڇو ته اهو نالو مبارڪ نقشبندي جناب حضرت خواجه نقشبند کان نروار آهي، هاڻي هر هڪ هادي ۽ رهبر مرشد ڪامل کي انهي طريقه جي طربيت موجب نقشبندي لقب سان ياد ڪيو ويندو آهي ڇو ته انهي طريقه جا مرشد به خواجه نقشبند وانگي پنهنجن مريدن جي قلب واري پٽي ۽ ڦرحي تي اسم اعظم ذاتي جو پنهنجي تلقين جذبه خيز سان چٽ چٽيندا رهندا آهن
    تنهنڪري شريعت ۽ طريقت جي اربابن اهڙي ڪن قلبي جو لقب اذن واعيه رکيو آهي ڇو ته اهو اعلى لقب قرآن ڪريم جي زبان فيض ترجمان کان بطور نص نروار جي عطا آهي شل اهڙو ڪن مقبول محبوب معنوي ۽ برگزيده بارگاه ايزدي – ڪريم ڪار پنهنجي فضل ڪرم سان سڀ ڪنهن سالڪ سلوڪ جي کي ڏيڻ فرمائي آمين – پوءِ جنهن کي به اهو قابل قبول ڪن عنايت ايزدي سان عطا ٿي ويو اهو انانيت ۽ ٻيائي کان پري ڀڄي ۽ خودي جي کائڻ کان پوءِ فنائيت جو فوز حاصل ڪري هڪ سان هڪ ٿي بقا باالله جو فوز عظيم حاصل ڪندو جيئن جو – اذن واعيه جي لقب ممتاڪز جي سند سوره الحاقته جي آيت شريف زيرين ۾ موجود آهي (وتعيها اذن واعيہ) ياد ڪندو نصيحت کي ڪن ياد ڪندڙ) هن آيت سونهاري مان صريح ثابت آهي ته ڪن قلبي جي سڃاڻن جي چٽي پٽي امتيازي علامت هي آهي جو اهو ڪن ٻڌل سنيهو سڪ جو يا وعظ نصيحت ڪڏهن به نه وساريندو.، بلڪه انهي حڪايت حبيب جو هميشان حافظ هوندو ڇو ته لفظ ايعاعه مصدر آهي جنهن جي معنى ئي قلبي ڪن سان ياد ڪرڻ آهي ته ڪن مٿي جي سان – انهي آيت الاهي جي تحت ۾ تفسير روح البيان وارو هئن فرمائي رهيو آهي ته انهي ڪن جو هي شان آهي ته جنهن چيز جو ياد ڪرڻ ۽ حفظ واجب آهي انهي جو حافظ ٿي وڃي ۽ عمل ڪرڻ جي اعتبار سان تارڪ عمل جو نه ٿئي ياد ڪرڻ ڪم قلب جو آهي پر ظاهري ڪن نفسي قلبي ڪنن کي ٻڌل ڳالهه پهچائي ڏيندا آهن تنهن ڪري قلبي ڪنن جي صديقي نفسي ڪنن جي نعت نروار ٿيندي آهي جيئن جو مولانا سعدي صاحب فرمايو آهي (بيت) وگر نيستي سعي جاسوس گوش خبر کي رسيدي به سلطان هوش- جي نفسي ڪن جاسوسي جو سعيو نه ڪن هان ته هوش جي بادشاه کي ڪيئن خبر پوي هان هن بيت ۾ جناب سعدي صاحب قلب جي ڪن مبارڪ کي سلطان هوش جو لاثاني لقب ڏنو آهي جنهن ۾ صفا ثابت آهي ته وره وارن وٽ جيڪا قلب جي ڪن کي وقعت آهي اهڙي وقعت ٻي ڪهين به ڪن کي نه آهي- اهڙي ڪن مقبول عطا ٿيڻ واسطي حضرت حبيب ڪريم رسول رب رحيم بي بي اسماعه ڌي امير المومنين حضرت صديق اڪبر رضه جي کي حديث شريف زيرين جي ذريعي دعا ڪرڻ فرمائي آهي قال عليه السلام لاسماعه بنت ابي بکر رضه لا توعي فيوعي الله عليڪ ارضخي ما استطعت) فرمايو محبوب مدني اسماعه ڌي ابوبڪر جي کي ته نه ياد ڪر تون توکي الله پاڻ ياد ڪرائيندو رهندو تون طاقت آهر پنهنجي پروردگار کان ياد ڪندي ره – انهي دعا کان پوءِ بي بي صاحبه مذڪوره کي ڪڏهن به ياد ڪرڻ تي مٿي هڻڻ جي نوبت نه ايندي هئي پر گهڻي ڀاڱي هن زمانه جي زندگي ۾ ڀلائي ۽ فائدو اهڙو اعلى درجه وارو ڪنهن کي به نصيب نه ٿيندو آهي مگر ٻن شخصن کي 1- هڪ عالم ناطق کي 2- ڪن قلبي مالڪ کي جيئن جو زيرين حديث حبيب الله مان هويدا ۽ ظاهر آهي لاخير في العيش الالعالم ناطق وستمع واع يعني نه آهي ڪو به خير زندگي ۾ مگر واسطي عالم ناصع جي ۽ قلبي ڪن سان ٻڌندڙ لاءِ) مطلب ته جنهن به فرد فريد سالڪ سعيد صاحب نجريد جي کي اهڙو مقبول ڪن عطا ٿيو ته ڄڻ اهو سڌو سنئون پنهنجي سائين سبحان کان ٻڌي ٿو ۽ ٻڌندو رهندو- اهڙي هڪڙي ڪن مقبول کي سواد اعظم جي لقب لاثاني ۽ سند سرمدي سبحاني جي سرافرازي حاصل رهي ٿي جيئن جو انهي اعلى لقب بابت تفسير ڪشاف واري چٽي تصريح ڪرڻ فرمائي آهي ڪما قد نقل عنه صاحب روح البيان في تفسيره حيث اورد قال في الکشاف الاذن الواحدة اذا وعت و عفلت عن الله فهي السواد الاعظم عندالله و ان ماسوا ها لايبالي بهم) تفسير ڪشاف ۾ آهي ته هڪ اذن واعيه جڏهن سنئون سڌو سبحان کان سمجهي ياد ڪري ٿو انهي ڪن کي سبحان سائين وٽ سواد اعظم جو لقب حاصل آهي ۽ انهي هڪ ڪن مقبول کان سوا ٻين ڪنن جي پروردگار کي ڪا به پرواه ڪانه آهي) هن تحقيق تفسيري مان ڪن قلبي کي سواد اعظم جو لقب لاثاني حاصل آهي پر اسان نج نص نروار اذن واعيه کي ڪن قلبي سان تفسير ڪري آندو آهي جنهن لقب جي مزيد تائيد هن هيٺين حديث نبي نوري حبيب حضوري کان نروار آهي فلح من جعل الله لہ قلبا واعيا) يعني اهو شخص ڪامياب ٿيو جنهن کي الله ڪن قلبي عطا ڪرڻ فرمايو) 2- ٻيو جڏهن اها آيت الاهي اذن واعيه واري نازل ٿي هئي تڏهن حضرت نبي ڪريم عليه السلام حضرڪت علي ڪرم الله وجهه کي فرمايو ته اي علي مون پنهنجي مولا پاڪ کان سوال ڪيو ته توکي اذن واعيه عطا ڪرڻ فرمائي حضرت علي انهي دعا کان پوءِ جيڪي به ٻڌائين ته ڪڏهن به ڪونه وساريائين. جيئن جو حديث مبارڪ هيٺين مان اظهر من الشمس آهي وعن النبي عليه الاسلام انہ قال لعلي رضه عند نزول هذه الا آيته مسئلت الله ان يجعلها اذنڪ يا علي قال علي فما نسيت شيئَا بعد وماڪان لي ان انسي) پر هن حديث جي هيٺان ٿوري بحث ڪرڻ کان پوءِ صاحب روح البيان جو حضرت حيدر علي ڪرم الله جي حق ۾ هئن فرمائي رهيو آهي ته اذ هوالحافظ للاسرار الا ليٰهة) هن عبارت جو مطلب آهي ته حضرت علي ڪرم الله وجهه کي حضرت نبي ڪريم جن جي دعا جي برڪت سان اهڙو حافظو هو جو جنهن جي حافظ سان ڪو به همسري ڪري نه ٿو سگهي- ڇو ته هو الله پاڪ جي اسرارن جو حافظه هو پر بعض اربابن تصوف وارن جو چوڻ آهي ته جن جن ڪنن کي ازل جي ڏينهن کان الله تعالى پنهنجو خطاب ٻڌايو آهي اهي به ڪن واعيه آهن جو هر هڪ خطاب عتاب کي گهڻو ڪري سڌو سنئون الله پاڪ کان ٻڌن ٿا جيئن جو تفسير روح البيان واري انهي حقيقت حال تي عمدي طرح روشني وجهڻ فرمائي آهي ته تلک آذان اسمعها في الازل خطابة فهي واعيہ تعي من الحق کل خطاب) اهي ڪن جن کي ازل جي ڏينهن الله تعالى پنهنجو خطاب ٻڌايو پوءِ اهي ڪن هر حڪم سڌو سنئون حق کان ٻڌندا رهن ٿا) هن تحقيق انيق مان صريح ثابت آهي ته ڪيترن اوليائن ڪرامن ۽ عارفن عظامن کي اذن واعيه جي نعمت عظمى نصيب آهي- ڇو ته جي سامع سرمدي کي ڪن قلبي جي نعمت نصيب نه آهي ته ناصح نگار حقيقي جي نصيحت ۽ نيهن جي نياپي مان فائدو پرائڻ ڏاڍو دشوار ٿيندو هتي لفظ ناصح جو اطلاق محبوب معنوي توڙي مجازي ٻنهي تي شامل آهي، مجازي مان مراد مرشد ڪامل آهي نه غير جيئن جو هيٺيون بيت فارسي انهي ڳالهه تي حقيقت کولي رهيو آهي گرچه ناصح رابود صد داعيہ پندرا اذني ببا يد واعيه گرنه بودي گوشهائي غيب گير وحي ناوردي زگردون يک بشير) حاصل ڪلام ته اذن واعيه جي نعمت عطا ٿيڻ کان پوءِ ڪيترا سارا اولياءَ ڪامل ۽ عارف عامل غيب جو آواز سنئون سڌو پنهنجي سڄڻ سبحان کان ٻڌاندا رهندا آهن – جن صاحبن مان ڪن ٿورن جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو – انهن عارفن کي هيٺين ريت عتاب خطاب ٿيندو رهندو آهي ته هذا افعل اولاتفعل يعني هي ڪم ڪر يا نه ڪر – يا اهو مقبول ٻانهو پاڻ غيب ذات کان پڇندو آهي ته هي ڪم ڪيون يا نه ڪيون- غيبي آواز جي انعام جا اقراري هيٺيان بزرگ پڻ آهن.
    1- شيخ جمال الدين اُچوي رحمته الله عليه به انهي مرتب جو مالڪ آهي- انهي صاحب سڳوري وٽ جيڪڏهن ڪو به شبهي ناڪ طعام آڻيندو هو ته هو صاحب غيب کان چٽو ٻڌندو هو ته هي حرام آهي پر تولاءِ مون حلال ڪيو آهي)
    جناب مخدوم جهانيان آهي جنهن وٽ پڻ هڪ آدمي طعام آندو ته جناب مخدوم صاحب کي اوچتو آواز غيبي ڪن تي پيو ته ياعبدي لاتاکل من هذا الطعام فانہ حرام)
    3 – اي منهنجا ٻانهان تون هن طعام حرام کي نه کاءُ) هي ٻئي بزرگ سنه 707 هجري جا آهن پر حضرت سرتاج سنڌ ته پنهنجي بيت مذڪور ۾ هيٺيان الفاظ چئي آواز غيبي ٻڌڻ جو اقراري ٿيو آهي. سڻ ته سوز پرائين آءُ چيائون اڄ) جناب سرتاج سنڌ ته سنئون سڌو سڄڻ ۽ عجيب اعلى کان حڪم اچڻ جو ٻڌي رهيو آهي، اهڙا ڪيئي واقعا ڀٽ ڌڻي جا آهن جي طوالت جي خطره کان هت آڻي نه ٿا سگهجن. 4 – جناب حضرت مرشد ملڪاني سيف رحماني جن هڪ ڏينهن پنهنجي حجره مبارڪ ۾ ماه پهرين جمعه جي ڏينهن ويٺل هوا ته کين آواز غيبي جو هيٺين ريت اطلاع ٿيو ته تنهنجي امتحان وٺڻ لاءِ هڪ شخص غلام عمر نالي ذات ماڇي آيل آهي جو مسجد جي اتر واري ڪنڊ تي ويٺل آهي پاڻ هن کي نالو وٺي ماني لاءِ سڏيائون جنهن تي هو پشيمان ٿو) 5 – فقير خاڪ خادم درگاه ملڪاني کي جواني کان وٺي اڄ تائين انهي نعمت جي نوازس ٿيندي رهندي آهي پر فقير مخفي رکندو آيو آهي هاڻي جڏهن حياتي جا پويان ڏينهن بچيا آهن ته بفحوي الڪريمه واما بنعمته ربڪ فحدث يعني پنهنجي رب ڪريم جي نعمت کي نروار ڪر) انهي آيت الاهي جي حڪم تي عمل پيرا رهي ڪجهه نه ڪجهه شڪر گذاري جي نيت ۽ ايرادي سان ٻڌائڻ گهران ٿو ته هڪ ته من شڪر گذاري جو سبب بڻي مون کي آيت الاهي ان شکرتم لازيد نکم) جو مصداق بڻائي 2- ٻيو ته انهي نعمت جي اظهار ڪرڻ جو ناگاه موقعه پيدا ٿيو آهي 1- پهريون ڀيرو فقير کي هي غيب کان آواز آيو ته اي مولوي اٿي ٻاهر ٿي جو جاءِ تنهنجي ڪري ٿي) سياري جا ڏينهن هوا مان اندر ڪوٺي ۾ ستل هئوس سڏ تي سجاڳ ٿي هڪدم سڄي آڪهه کي اٿاري اڃان ٻاهر نڪري بيٺس ته ساري جاءِ ڪري پئي) اهو واقعو فقير جي جواني جو آهي جنهن جي ساري ڳوٺ کي خبر آهي 2 – هڪ ڏينهن ڳوٺ وارن وٽان رڌل گوشت شبهي وارو آيو اڃان کائڻ لاءِ هٿ ڊگهو ڪيم ته اوچتو غيب کان هي هيبتي آواز آيو يا عبدي لا تاکل هذا الحم) اي منهنجا ٻانها هي گوشت نه کاءُ) پوءِ اهو شبهي وارو گوشت هڪدم ڦٽو ڪيو ويو. 3- باڊه واري درگاهي مسجد شريف ۾ تهجد جي وقت مراقبه ۾ مستغرق آهيان ته ناگاه ندا آئي زبان فارسي ۾ ته از لحم بدن تو هم پاره بريده اند) يعني تنهنجي بدن واري گوشت مان ٽڪرو ونڊيو اٿن) اڃان صبح تي پوري طرح آراقي نفل پڙهي پورا نه ڪيا ويا هوا ته ڳوٺ کان هڪ شخص نالي محمد مريد آيو جنهن ٻڌايو ته توهان جو همشيره زادو نالي نياز محمد ڪالهه گذاري ويو آهي مون ڄاتو ته برابر همشيره زاده به بدن جي گوشت جا پاره ۽ ٽڪرا آهن 4 – ته مون کي شاعرن جي شاه مقبول درگاه جي رساله تي شرح لکڻ ۾ ڏاڍو تردد ۽ فڪر هو ته باوجود پيري ۽ زهيري ۽ ڪهنه مرض مزمن جي مون کان ايڏو ڪٺن ڪم ڪئن ٿي سگهندو انهي تصور ڪرڻ سان رات جو خوابيده هئس ته ٿورو تهجد جي وقت کان اڳ ۾ هي آواز غيبي گوش گذار ٿيو ته يا عبدي اعطينالڪ اذ نا واعيا) يعني اي ٻانهان تحقيق اسان توکي ڪن ٻڌندڙ ڏنو آهي) انهي آواز ٻڌڻ کان پوءِ فدوي جي ڪن قلبي کي ٻڌڻ جي حافظي ۽ ياد تي ايتري ته طاقت ٿي جو انهي عطائي طاقت جي آڌار تي ۽ توفيق رفيق جي وسيلي هيڏي ڪٺن ڪم ۾ انشاءَ الله تعالى پڙهي هٿ همت جو وڌو ويو آهي جو اميد ته قادر ڪريم جي ڪرم ۽ فضل سان ڪم سارو سجايو ٿي ويندو. آمين. انهي سائين سڄڻ جي سڏ سڻڻ بابت ويچارو خاڪ هيٺين ريت پنهنجي شعر زيرين ۾ اقرار ڪري رهيو آهي-
    (ڪافي)
    سهڻو سڄڻ سدائين نالو وٺي سڏي ٿو + آڌي اُٿاري پنهنجي انعام سان اڏي ٿو.
    1. پارس نه آ پري مون ڍوليو پيو ڍري مون + سهڻو سڏي ڪڏهن مون گڏ پاڻ سان گڏي ٿو.
    2. يا عبد چئي ادب سان لائق سڏي لقب سان + ريڌو جو پنهنجي رب سان ڍيلي نه تنهن ڇڏي ٿو
    3. ڪڏ کير پاڻ پياري فردوس ٿو ڏيکاري + ڪڏ دل مئل جياري ڪڏ قلب ۾ ڪڏي ٿو
    4. تهجد جو وقت ويلو روحن ڏنو هو ريلو + محبوب ڪرڻ ميلو تهدل اچي تڏي ٿو
    5. ڪڏ خاڪ خوبرو آ ڪڏ آب آبرو آ + ڪڏ رب روبرو آ ڪڏ پاڻ ۾ پڏي ٿو


    هڪ هوت سان ياري ڳنڍ ٻين سان ڇن

    17- (بيت)
    يار ڪجي هڪڙو، گهڻان تان نه ڪجن،
    دل به ڏجي هڪڙي کي، مَرُ سوين سڌون ڪن،
    سي چلولا چئجن، جي در در لائن دوستي.

    شرح- سرتاج سنڌ جي سهڻي صلاح موجب فقط هڪ ڌڻي پاڪ جي دوستي دائمي ۽ ياراني قائمي قبول ڪرڻ گهرجي پر نيهن جو ناتو پنهنجي پنهل پاڪ سان اهڙو ته نروار ٿي نباهجي جو سچائي صداقت ڏسي سوين ٻيا به حيران ٿي ڪري تنهن سهڻي سڄڻ سائين سان سچي دوستي رکڻ جون سڌون ڪن نه فقط سڌون ڪن پر رشڪ وٺي پاڻ به سچي ياري رکڻ لاءِ تيار ٿين تنهن ڪري گهڻن درن جون دوستيون ڇڏي رڳو هڪ در جي ڌڻي سان پنهنجي پرت وارو پيوند ٻڌن- خدا نه خواسته ائين نه ٿئي جو هڪ هوت کان حب هٽائي چلولو ٿي غفلت ڪري دز در دوستي جو دم ڀريندو رهجي ائين هرگز هرگز نه ڪرڻ گهرجي بلڪ ٻين جي درن کي نظر انداز ڪري فقط هڪ الله پاڪ سان اُنس ۽ الفت رکڻ گهرجي ان بيت مذڪور جي تائيد هن آيت الاهي مان بطور شرح جي ٻاهر ظاهر آهي قل الله ثم درهم وهم في خوضهم يلعبون) چؤ تون اي محمد مصطفى ته الله هيڪڙو آهي تنهن کان بعد ٻين کي ڇڏي ڏي جو اهي پنهنجي باطل خيال موجب راند روند کيڏن ٿا – اهل اشارات جي عارفن جيڪي به ان آيته مان نڪتا ۽ عبارتي لطائف بيان فرمايا آهن اهي اهل نظر وارن جي اڳيان نروار ڪري ڏيکارجن ٿا ته پڙهندڙ ڏسندڙ فڪر سليم سان پروڙي فائدو پرائين پهريون شيخ ابو سعيد ابو الخير قدس سره مٿي آيته جي بابت هئن فرمايو آهي در کلمئه (قل الله ثم ذرهم) فرموده که الله بس وما سواه هوس وانقطع النفس) يعني قل الله ثم ذرهم) جي ڪلمه ۾ فرمايائين ته نفس جو تعلق ڪپي ڇن ڇو ته هڪ الله ڪافي آهي ۽ بس ۽ ماسوي الله همہ هوس آهي جنهن ماسوا جي محبت ۽ حب مان ڪو به کڙتيل نه نڪرندو ۽ وري شيخ الاسلام فرمايو آهي ته (قل الله جو مقصد آهي ته قلبي ڪن جو ڌيان الله جي طرف ڏي توجه تام ۽ ڪامل سان ڏي ۽ ثم ذرهم غير الله سان دوستي ڇني ڇڏ – جيئن جو روح البيان واري نظريو هن طرح نروار ڪرڻ فرمايو آهي. شيخ الاسلام فرموده که (قل الله) دل سوئي اوده (ثم ذر هم) غير اورا فروبگذار) ۽ علامه شبلي رح پنهنجن دوستن مان ڪن کي فرمايو ته الله جي الفت پاڻ تي واجب ڄاڻ ٻين جي دوستي ڇڏي ڏي شبلي بابعض اصحاب خود ميگفت که عليڪ باالله ودع ماسواه) (بيت) چون تفرقئه دل ست حاصل زهمه دل رابه يکي سپار وبگسل زهمه) پر پڻ ٻي ڪنهن صاحب فارسي ۾ هئن فرمايو آهي ته (بيت) بقول دشمن پيمانہ دوست بشکستي به بين ازکه بريدي وباکه پيوستي – پوءِ نيهن جي نامدار ڀٽائي ڀوتار جي نظريه موجب جنهن نظريه جي پٺ ڀرائي آيت الاهي مذڪوره مان صريح ثابت آهي- عاقل انسان عارف عرفان لاءِ انتباه جو اعلى اشارو آهي ته جو به جوڳي وصال جو ووڙو وصول الي الله جو عزم پڪو ۽ ايرادو جازم رکي پهريون ماسوي الله کان پنهنجو منهن مٽي ۽ نفساني تعلقات تمامي ٽوڙي فقط مولا پاڪ جي محبت ۾ محو مستغرق رهي جيئن جو زيرين بيت مان سندس بيت مذڪور جي تائيد مزيد معلوم ٿئي ٿي (بيت) ڇا کي وڃي ڇو ٻيلي بيهين ٻين جو ڪنجڪ وٺ ڪريم جي جڳ جو والي جو، سو کو هوندو سو جنهن جو عشق الله سان) ڇو ته غير الله سان دل گڏڻ محض لهو لعب ۽ گمراهي آهي پوءِ لهو لعب سان لنؤ لڳائڻ لاعب غافل جو ۽ ٻارن غير عاقلن جو ڪم آهي نه دانائن هشيارن مغز بيدارن جو بيدار بخت سدائين ذڪر ذاتي جي ذوق ۽ فڪر وحدت جي فنائي واري شوق ۾ شادان ۽ فرحان رهندو آهي جيئن جو هيٺيون ڪلام خاڪ جو انهي ذڪر فڪر تي شاهد آهي)

    ]ڪلام[
    جهڙو ذڪر تهڙو فڪر ڇڏي ذڪر نه ٿي ٺڪر
    1. رکو ذڪر جو ڪو ذوق شب و روز ڪري شوق + ڇڏي گوڙ گندو گوڪ نلو نور ٿي پو نڪر
    2. اٺئي پهر اهو آر پيو ذڪر سان رک پيار + ڪري قلب جي ڪوڪار پنهل سان وڃي پڪر
    3. سوا ليکي سڄڻ سار ڏئي ڦوڪ ٻريل ٻار + طلب تيز رکي تار ڪڍي من مان ڇڏيو مڪر
    4. ڪر نفس مٿي غيظ فنا فڪر جو وٺ فيض + نه ٿي ديت دلو ديز پڙهي تهجد ڪرين شڪر
    5. بڻي خاڪ ٿي گيراڪ پلئي پاڻ پوي پاڪ + ڏسي چاڪ کان ٿي چاڪ وسي توتي ڪرم ڪڪر


    سوز سڪ جي باه سان خطرن خام جو جهنگ جلي کامي خاڪ ٿي ويندو آهي

    18 – (بيت)
    جنگ سڙي بٺ ٿيو، وئي مرون لڪ،
    سڄڻ ۽ سڪ، ٻئي وڃي هڪ ٿيا.

    شرح- ڀٽ ڌڻي جي فرمان موجب مرون مان مراد خناس خر خيالات افگن في الصدر جو آهي پوءِ توڙي اهو خرخبيث انسان ذات جي جنس مان هجي خواه جنن جي جنس مان جو اهو گهڻو ڪري انسانن جي سينن ۾ خراب خطرن جو جهنگ پيدا ڪري پاڻ انهي جهنگ ۾ لڪي ڇپي جائگير ٿيندو آهي- تنهن ڪري سرتاج سنڌ سالڪ سلوڪ جي کي سمجهائي رهيو آهي ته منهنجي سوز سڪ ۽ بره جي باه مذڪور مرون جي لڪ واري جهنگ جهر کي اهڙو ته ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو آهي جو هاڻي مرون جي لڪڻ واري جڳهه معدوم ۽ برباد ٿي رهي آهي تڏهن منهنجي من وارو مرون برمهن ڏئي ڀڄي ويو آهي ائين مون کان ڀڄي پري ٿيو آهي جيئن جو حضرت امير المومنين عمر فاروق جي پوڇي کان پري ڀڄندو آهي جيئن جو حديث زيرين مان ثابت آهي ان الشيطان يفرمن ظل عمر) يعني تحقيق شيطان عمر جي پوڇي کان ڀڄندو آهي) پوءِ هاڻي منهنجي من ۾ باقي موج زن هڪ سڄڻ ۽ ٻي سڪ آهي- اهو مقام معلى فناعيت جو محبوب معنوي ۾ آهي اهو درجو ڪن ڪن درد وارن مومنن مشتاقن کي معراج صلاتي جي صورت ۾ نصيب ٿيندو آهي جيئن جو حديث حبيب الله سان ثابت آهي ته الصلواه معراج المؤمنين) يعني نماز مومنن جو معراج آهي) پر جناب سرتاج سنڌ کي ته سدائين سوز گداز سبب محبوب جي مشاهدي جو معراج مدامي نصيب آهي جيئن جو هيٺين بيت ۾ پرين جو پسڻ نماز کان نرالو ٻي پهلو تي ٻڌائي رهيو آهي (بيت) نماز روزو اِيءُ پڻ چڱو ڪم، پر اهو ٻيو فهم جنهن سان پسجي وڃي پرين کي) پر جناب سچل سرمست وري سوز گداز کي ئي نماز سڏي رهيو آهي جيئن جو زيرين بيت ديوان آشڪار جي مان ظاهر آهي ته (بيت) عاشقانرا نماز سوز گداز زاهدان رامدام روزه نماز) حاصل ڪلام ته لطيفي لات پهرين مذڪوره جي پٺ ڀرائي ۾ بطور شرح جي زيرين آيت الاهي شرح شافي جو ڪم ڏئي رهي آهي خناس الذي يوسوس في صدور الناس من الجنہ والناس) يعني جنن ۽ انسانن مان هڪ خناس نالي شيطان آهي جو انسانن جي اندر ۾ وسواس وجهندو آهي) هن آيت الاهي مان خطرن ۽ وسواسن جو وجود چٽو ثابت آهي جن خطرن کي جناب سرتاج سنڌ مرون جي لڪ جو جهنگ سڏيو آهي جو جهنگ سندس جوش جذبه ۽ سوز سڪ جي باه سان سڙيل نظر اچي ٿو پر سندس نمازي معراج هن هيٺين بيت مان نروار آهي (بيت) تان تان ناه سجود، جان نه پري ٿين پاڻ کون، وڃائي وجود تهان پوءِ تڪبير چؤ) هن بيت جي شرح ۾ هي حديث ڪافي آهي – لاصلوه الا بحضور القلب) يعني نماز قلب جي حضور کان سواءِ نه آهي) مطلب ته سرتاج سنڌ کان پنهنجا مارو پاڪ ڪڏهن به وسريل ڪونه هوا پر ڪائنات تي ڪوٽ ۾ يا انفسي اوٽ ۾ قيد ٿي به ٻاٻاڻي ٻول کي فراموش ڪرڻ نه فرمايائون جيئن جو سندس هيٺيون ڪلام انهي حقيقت تي صادق آهي
    (ڪلام) روپ جوڳ –
    مارو مٺڙا ڍول، وسون ڪين وساريان مان
    1- ڪوٽ وهڻ جي ڪانه ڪنديس مان ٻاٻاڻن سان ٻول
    2- گڏجن مان گداوَ ۾ ڳوٺن ۾ ڪنديس ڳول.
    3- ڪڍ بندياني بند مون ڪڙا لاهي ڪڙول
    4- اسر ويل اٿي ڪري پڙهان پئي لاحول
    5- اديون شاه لطيف چئي رتا منجهه رتول –


    نماز گلاري ٿيڻ کان نجات آهي.

    18- (بيت)
    جي ڀائين جوڳي ٿيان، ڪہ ڪلمي سندي ڪار،
    پورو رهه پنجن ۾، آيا ٽيهه نه ٽار،
    اهي ڌاڳا ڌار، ته گر وٽ گلارو نه ٿئين.

    شرح- فياض فائق لطيف لائق فرمائي رهيو آهي ته اي انسان عاقل جي تون مومن صادق سڏائڻ جو مستحق ۽ لائق بڻجين ته ڪاهل ۽ غافل نه ٿي بلڪ غفلت جي ڪپہ ڪنن مان ڪڍي منهنجي مشوره مفيد موجب 1- پهريون ڪلمو پاڪ پڙهي پاڻ کي ايمان علامت اسلامي اعلان سان مزين فرماءِ. 2- پنج وقت نماز سونهاري پوري پوري پابندي سان پڙهه ڇو ته ايمان آڻڻ کان پوءِ فقط نماز ئي افضل الاعمال آهي، پوءِ جنهن به آدمي نماز قائم ڪئي تنهن ڄڻ دين متين کي ٿنڀ ڏيئي بيهاريو ۽ جنهن جوٺي نماز ڇڏي تنهن ڄڻ پنهنجي هٿ پليد سان ڌڻي پاڪ جي دين کي ڊاهي ڇڏيو جيئن جو انهي حقيقت حال تي هي هيٺين حديث شريف هوبهو صادق آهي. من اقام الصلواه فقد اقام الدين ومن توکها فقدهدم الدين) 3- ٽيون ٽيهه روزا رمضان شريف جا هر سال ۾ سنڀالي رک ڇو ته روزن جي فرضيت پڻ قران ڪريم جي هيٺين آيت شريف سان ثابت آهي ياايها الدين آمنوا ڪتب عليکم الصيام) اي مومنو توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن) ٻيو ته روزن جو عمل اهڙو ته اعلى درجه جو آهي جنهن عمل ۾ رياعه جو ريج ۽ بوءِ باس ڪانه آهي ٻڌائڻ کان سواءِ سوا سرڪار صمدي جي ڪنهن کي به ڪل خبر نه پوندي آهي تنهن ڪري اهڙي روزه بي ريا واري جو اجورو خود ڌڻي پاڪ جو ديدار آهي جنهن جو دلاسو ڌڻي پاڪ پاڻ هن حديث جي ذريعي ڏيڻ فرمايو آهي ته الصوم لي وانا اجزه بہ) يعني روزو خاص منهنجي لاءِ آهي ان جو اجورو آءٌ آهيان) انهن ٽن چيزن هر هڪ ايمان- نماز- روزي کي جناب ڀٽ ڌڻي ڌاڳا چوڻ فرمائي چوي ٿو ته اي انسان اهي ڌاڳا ڌار ته توتي مومن جو نالو مبارڪ ٺهي وگر نه انهن ڌاڳن ڌارڻ کان سوا پنهنجي گر غفار سائين ستار وٽ گلارو ٿي گذاريندين پوءِ پنهنجي رب ڪريم غفور رحيم آڏو گلارو ٿي گذارڻ ڪم مشرڪن جو آهي نه مومنن جو جناب نيهن جي نامدار جي نظريه مذڪور جي تائيد هي آيت الاهي زوردار نموني سان نروار ڪري رهي آهي واقيموا الصلواة ولا تکونوا من المشرڪين) يعني نماز قائم ڪيو ته مشرڪن کان ممتاز رهو) وگر نه توهان جي ۽ مشرڪن جي وچ ۾ امتيازي علامت معدوم ۽ گم هجڻ ڪري ڪو به سڌو فارق نظر نه ايندو تنهن ڪري مومنن کي ڄاڻي واڻي نماز ڇڏي مشرڪن جهڙو بي نمازي ٿي رهڻ مناسب نه آهي اميد ته اسان جا عاقل ڀائر ۽ عقل واريون ڀينرون هن سهڻي صلاح سرتاج سنڌ جي کي هروڀرون نظر انداز نه ڪرڻ فرمائيندا ڇو ته قيامت جي قيام برپا هجڻ وقت به پهريون پهريون پڇا نماز سڳوري جي ٿيندي جيئن جو زيرين بيت فارسي مان ظاهر آهي
    (بيت)
    روز محشر که جان گداز بود اولين پرسش نماز بود)


    پاند پسائڻ کان پاسو کان پاسو

    19- (بيت)
    مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو تار ۾،
    مٿان ٿا به چون، متان پاند پسائين.

    شرح- جناب سرتاج سنڌ پنهنجي فهم فهيم موجب فرمائي رهيو آهي ته ميثاق واري الستي ڏينهن کان وٺي منهنجي محبوب معنوي مون کي قالو ابلى جي ٻول وٺڻ سان ائين ٻڌو آهي جيئن جو ماءُ پنهنجي ٻچي ۽ ٻار کي ڄمڻ کان وٺي چند مهينن تائين ٻنڌڻن ۾ ٻڌي قابو ڪندي آهي پر انهي مادر مشفقه جي نيت خالص ۽ ايرادو هي هوندو آهي ته جيئن منهنجو پيارو ٻار ٻنڌڻن جي ٻڌڻ ڪري بدن بيهڪ ۾ سڌو سنئون سهڻو ٿي هلي متان سوا ٻڌڻ جي سندس ڄنگهون ۽ عضوا ڦري ڏنگا ۽ ڦڏا ٿي وڃن تنهن ڪري ايترا سارا ڏينهن پنهنجي ٻچي کي بنا ڪنهن حياعه رحم ڪرڻ جي ٻڌندي رهندي آهي- تنهن وانگي پنهل پرين پاڪ جو لک ڪروڙ ڀيرا ظاهري مادر پدر کان رحم ڪرم ڪرڻ ۾ وڌيڪ آهي تنهن به مون کي ميثاق واري ڏينهن جو ڄڻ روحن جي ڄمڻ جو ڏينهن ۾ تنهن ڏينهن ۾ پهريائين (الست بربکم) فرمائي قالوا بلى جي ٻول ۾ پڪي پايه سان ٻڌي پوءِ دنيا جي درياعه تار ۾ وجهي مٿان دڙڪو ڏئي چيائين ته متان هي عهد الستي وساري پنهنجا چارئي پاند پاپن جي پليد پاڻي ۾ پسائين- هتي ٻول ٻڌڻ ۽ پسڻ کان پاسو ڪرڻ ۾ پڻ پرين کي پنهنجي پياري ٻانهي جي خير خواهي ۽ ڀلائي مد نظر آهي وگر نه ٻانهي جي ٻول ۽ پاند پسائڻ جي هن سائين کي ڪهڙي ڪاڻ آهي هو ته سدائين صمد بي نياز بادشاه آهي جنهن کي ڪنهن جي به عبادت جي گهرج ۽ پرواه نه آهي مگر انسانن ۽ جنن کي عبادت جو حڪم سندن سڌاري ۽ فائدي لاءِ ڏيڻ فرمايو اٿس- تنهن ڪري ڀٽ ڌڻي پاڻ تسليم ڪري ٿو ته جنهن وقت الله سائين مون کي الست بربکم جو استفهام ڪرڻ فرمايو تڏهن بروقت مون سوچي سمجهي پنهنجو پورو پورو فائدو ڄاڻي هڪدم قالوا بلى جو وچن پنهنجي خوشي سان خوشي ٿي ڪيم جو اڃان تائين نه وسريو آهي جيئن جو هن هيٺين بيت ۾ سندس اقرار عيان آهي (بيت) الست بربکم جڏهن ڪن پيوم قالوا بلى- قلب سين تڏهن تت چيوم تهين وير ڪيوم وچن ويڙيچن سين) باقي رهيو بيت جي آخرين جمله - متان پاند پسائين) جو جواب سو سرتاج سنڌ جي نظريه نگاه موجب هي آهي ته پرين پاڪ پنهنجي ٻانهي خطرناڪ جو ڌيان ۽ خيال ڇڪائي فرمائي ٿو ته اي انسان جڏهن به آسماني فرمان توتي اچي ۽ انهي ۾ توکي على الاعلان عصيانن ڪرڻ ۽ پاپن جي پاڻي ۾ پاندن پسائڻ کان منع ۽ روڪ ٽوڪ هجي ته تون انهي آسماني حڪم جي آڏو پنهنجو گردن جهڪائي خم ڪري سر بسجود رهجاءِ متان امر جي انحرافي ڪري پنهنجا چارئي پاند پاپن جي پاڻي پليد ۾ پسائي عذاب اليم ۽ جهنم جي جيل نالي حجيم جو حقدار ٿي هن ساري حقيقت تي هيٺيون ٻه آيتون الاهي شرح شافي جو ڪم ڏين ٿيون 1- پهرين آيت هي آهي اماياتينکم مني هدي فمن اتبع هداي فلايضل و ولايشقى) يعني جڏهن به مون وٽان توهان وٽ هدايت جو حڪم اچي پوءِ جو اوهان مان هدايت تي هليو ته انهي جو پاند پاپن ۾ نه پسندو ۽ نه منهنجي مشاهدي کان محروم رهندو) پر جو باوجود منع جي به پنهنجا چارئي پاند پاپن جي پاڻي ۾ پسائي پاڻ کي مجرم ۽ ناپاڪ بڻائيندو ته انهي لاءِ جهنم جو جيل کليل رهندو جو هو انهي جيل ۾ نه مرندو نه جئندو بلڪ جاوداني جسمي سزا ڀوڳيندو رهندو جيئن جو هي 2- ٻي آيت ڪريمه انهي ڳالهه تي پوري پوري شاهدي ڏئي رهي آهي ته من يات ربہ مجرما فان لہ جهنم لايموت فيها ولايحي) جو به پنهنجي پروردگار ڏي چارئي پاند پسائي مجرم ٿي ايندو انهي جي جاءِ جهنم آهي جو انهي ۾ نه مرندو نه جئندو) هن آيت مان چٽو ۽ صاف ثابت آهي ته پاپن ۾ پاندن پسائڻ وارو مجرم سدائين سقر جي باه ۾ سڙندو رهندو مگر عذابن جي سختي ڏسڻ سبب مري به نه سگهندو. رڳو عذابن ۾ حياتي گذاريندو- نعوذ بالله من ذلک العذاب


    پسڻ کان پالهي ٿيڻ جو رستو روحاني رهبر هئن ٻڌائي ٿو

    20-(بيت)
    پريت رک پنجن سان، ٽيهئي ڪر بحال،
    انهي تڪرار ڳالهه، تنهنجو پاند پسندو ڪينڪي.

    شرح- روايت شهره آفاق آهي ته هڪ ڏينهن جڏهن جناب سرتاج سنڌ جي زبان فيض ترجمان منجهان بيت مذڪور نمبر 19 وارو نروار ٿيو تڏهن سندس معتقد ۽ مريد نالي عنايت الله صوفي به موجود هو هي اهو عنايت آهي جنهن جي نالي تي ديوان عنايت بيتن ۾ ڇاپيل آهي جنهن ديوان ۾ پڻ لطيف جي نالي ۾ لڪائي وحدت وجودي ڳائي اٿس- انهي صاحب بطور اعتراض جي هي بيت پنهنجو لطيف جي بيت مذڪور جي جواب ۾ پيش ڪيو جو هي آهي- پئي جا پاتار سا پسڻ کان ڪئن پالهي رهي) سندس اعتراضي بيت جو مطلب آهي ته جو به انسان دنيا جي درياءَ تار ۾ رهي ٿو تنهن جو پاند پاپن جي پاڻي ۾ پسڻ کان پالهو هرگز نه رهي سگهندو تنهن جي جواب باصواب ۾ جناب ڀٽائي صاحب خاص طرح عنايت الله صوفي کي ۽ عام طرح سڀني انسانن کي بيت مذڪور نمبر 20 سان خطاب ڪري چوڻ فرمائي ٿو ته توهان پنج وقت نماز ۽ ٽيهن روزن کي پورن پورن وقتن تي پرت واري پابندي ۽ پايداري سان پڙهندا رهندؤ ته پوءِ توهان جو پاند پاپن جي پاڻي ۾ هرگز نه پسندو- شاه صاحب شاندار جو اهو چوڻ بلڪل پورو ۽ برابر آهي ڇو ته نماز جي تڪرار ۽ دوام جي هي پهرين ڪرامت ۽ معجزو آهي جو نمازي جي پاندن کي پسڻ کان پالهو ۽ پاڪ رکي جنهن جي پٺ ڀرائي ۾ بطور شرح جي هي آيت ڪريمه ڪافي آهي ان الصلواه تنهى عن الفشاعه والمنڪر) يعني تحقيق نماز بي حيائي جي بدڪمن ۽ غير شرعي ڪمن کان روڪي رکندي آهي) پر انهي بابت هڪ روايت رسول الله صه جي مروي آهي ته ابتدا اسلام ۾ حضور جن جي حضور فيض گنجور ۾ هڪ اصحاب ڪنهن نوجوان جي شڪايت هن طرح پيش ڪئي ته فلاڻو نوجوان نماز به پڙهندو آهي پر تنهن هوندي به بدڪم چوري وغيره ڪندو آهي پاڻ ڪريمن فرمايو ته نماز جلد انهي کي بدڪمن کان روڪي ڇڏيندي حضرت جي انهن چوڻ کان پوءِ هن نوجوان برابر ٿورن ئي ڏينهن ۾ بدڪمن کان بيزاري ڪري ڇڏي-


    دنيا جو جهان درياءُ آهي

    21- (بيت)
    دنيا سڀ درياءَ، ڪو ڪو تارو تنهن ۾،
    ڪي لڙهي لهوارا ٿيا، ڪي طالبن توڙاه،
    جن جو عشق ساڻ الله، لهر نه لوڏي تن کي.

    شرح- سرتاج سنڌ جي نظريه موجب دنيا جو جهان سارو درياءُ ۽ سمنڊ جي مثال آهي جنهن درياءَ دهشتناڪ مان تري سهڻي وانگي ميهار جي ملاقات لاءِ پار پهچڻو آهي پر تري پار پهچڻ واسطي ترهي ۽ ٻوڙي ۽ ٻيڙي وغيره جي ضرورت پوندي آهي پر تڏهن به ڪي ڪي فرد ڪامل ڪريم جي ڪرم ۽ رحم سان پاڻ مرادو تري پار پهچندا آهن پر اهي اُهي عارف اڪمل آهن جن تي خاص عنايت ايزدي على سبيل العطاءَ و الوهب ارزان ٿيندي آهي وگرنه ڪيترن کي دنيائي درياءَ جي لهرن لوڙهي ٻوڙي ڇڏڻ فرمايو آهي جيئن جو ڪن کي لوڀ لالچ جي لهر لوڙهي ٻوڙيو ته ڪن کي لاڏ وڏائي تڪبر جي لهر لوڙهي ٻوڙيو ته ڪن کي ڪڪڙن ڪتن جي ويڙهائڻ واري وير ۽ لهر لوڙهي ٻوڙي ڇڏيو ته ڪن کي وري ڏاندن ڀڄائڻ ۽ جوا جي لهر لوڙهي ڪنڌ ڀر ڪيريو وغيره وغيره پر ڪي طالب صادق ته تار تري توڙ پهتا ۽ پهچندا رهندا، اهي اُهي عاشق صادق الله تعالى جا آهن جن کي درياءَ جو ٻوڙڻ ته پري رهيو پر کين ڪا به لهر لوڏي به نه سگهندي- پوءِ تون به اي انسان جلد ۾ جلد خواب غفلت کان بيدار ٿي دنيا جي درياءَ عميق مان تري پار پهچڻ واسطي ڪو ٻوڙو هٿ ڪري طاعت ۽ توڪل جو ترهو ٻڌي پار پهچ وگر نه ٻڏڻ کان ٻيڙي هٿ ڪري انهي ۾ سڪ سان سوار ٿي پار ارار پهچي نجات جي نعت عظمى ماڻي وٺ وگرنه گناهن جي گرداب ۾ غوط خور ٿي سوا ڪنهن سفينه ۽ ترهي جي ٻڏي غرق ٿي ويندي جيئن جو هن حديث حبيب الله صلي الله عليہ وسلم جي مان دنيا جي جهان جو درياءُ هجڻ ثابت آهي. الدنيا بحر عميق والمساجد فيها سفينہ کسفينة نوح فمن رڪب عنها نجن و من تخلق عنها غرق) يعني دنيا اونهون درياءُ آهي جنهن ۾ مسجدون نوح جي ٻيڙين جهڙيون ٻيڙيون آهن پوءِ جو شخص انهن ٻيڙين ۾ سوار ٿيو اهو ڇٽل آهي پر جو نه سوار ٿيو بلڪ پوئتي رهجي ويو ته اهو ٻڏي ويو) ٻڏي وڃڻ مان مراد هي آهي ته اهو شخص گناهن ۽ غفلت جي گرداب ۾ غوطا کائي کائي سوا توبه ڪرڻ جي گناهن ۾ غرق ٿي ٻڏي مري ويو تنهن ڪري هي حديث شريف بيت مذڪور لطيفي جو پورو پورو شرح آهي- پر دنيا جو درياءُ هجڻ زيرين ڪافي خاڪ جي مان پڻ ظاهر آهي
    (ڪافي)
    دنيا دردن جو دريا آ تري ڪو درد، دل وارو + جهلي لهرن سندا لوڏا مجاهد، مرد دل وارو
    1. لکن مان ڪو لنگهي درياءَ جون لهريون لتاڙي ٿو، + پياسي پار ٿو پهچي رمي روز رد دل وارو.
    2. ولي الله جو نالو گهڙيا جيڪي اُهي چڙهيا + فتح فرعون تي ماڻي تري ٿو فرد دل وارو
    3. عصا لاحول جي هٿ سان هڻي جو موج دريا ۾ + تري درياءَ مون شہ طور جو شاگرد دل وارو
    4. گهڙي سڪ سير ۾ سهڻي سنڀالي پنهنجي ساهڙ کي + ملي سيرن اندرن ساهڙ ويس همدرد دل وارو
    5. خوشي سان خاڪ سهڻي جان ڏنو سر پنهنجو ساهڙ کي + تڏهن سرچي ٿيو تنهن سان ساهڙ سرد دل وارو


    شاه جي نظريه موجب ٻوڙي مان مراد مرشد آهي

    22- (بيت)
    ٻڏندي ٻوڙن کي، ڪي هاتڪ هٿ وجهن،
    پسو لڄ لطيف چئي، ڪيڏي منجهه ڪکن،
    توڙي ڪنڌي ڪن، يا ساڻ هوندا سير ۾.

    شرح – ڄاڻن گهرجي ته لطيف لاثاني جي ترجمان الهام آسماني جي نظريه موجب دنيا جي درياءَ مان امن ۽ سلامتي سان پار پهچڻ واسطي ٻوڙي کي وسيلو وٺڻ واجب آهي جنهن جي ذريعي ٻڏڻ کان بچي ڪنهن ڪنڌي ڪناري تي پهچي پار ٿجي اهو ٻوڙو مرشد ڪامل آهي- جنهن جي نظر فيض اثر سان ۽ صحبت سوني پرت پرور سان لهرين دنيا کان لنگهي پار پهچڻ سلامتي سان سولو لڳي ٿو جيئن جو بيت مذڪور ۾ لفظ ٻوڙن جو آندل آهي ڀٽائي جي نظريه موجب ٻوڙن جو اطلاق مرشدن تي آهي تنهن ڪري مرشد مربي رهبر ربي کي وسيلو وٺي درياءَ ۾ گهرڻ ڪاميابي جو ڪارڻ آهي هادي جو هٿ وٺڻ هشيار ۽ هاتڪ جو ڪم آهي نه غافل ۽ ڪاهل جو هن بيت مذڪور جي تائيد ۾ بطور شرح جي هي آيت ڪم ڏئي ٿي يا ايهاالذين اتقوا الله وا ابتغوا اليہ الوسيلته) يعني اي مؤمنو الله کان ڊڄو ۽ انهي جي طرف وسيلو وٺي اچو) مطلب ته مرشد ڪامل جي وسيلي کان سوا محبوب جو مشاهدو ماڻڻ مشڪل آهي- رهبر روحاني جي رغبت روح پرور کان سوا ڏيہ ڏورڻ عبث ۽ اجايو آهي، ڇو ته، پير روشن ضمير کان سوا ڪا به پنڌ ڪري منزل مقصود تي نه پهتي آهي جيئن جو هن زيرين بيت ۾ سرتاج سنڌ چٽا ئي ڪرڻ فرمائي آهي
    (بيت)
    اپر اسونهن ڏيهه گهڻو ئي ڏوريو،
    سڳر ري سونهن پهتي ڪا نه پنڌ ڪري)
    هن بيت جي پٺ ڀرائي هي حديث شريف آهي – الرفيق ثم الطريق) يعني اڳ ۾ رهبر رفيق هٿ ڪري پوءِ طريق ۽ واٽ ۾ پير پائڻ گهرجي)


    سچن سونهن جي ساراه

    23 – بيت
    جوڳي ڦوڳي ڪاپڙي، ڪنوتيون ڪن چير،
    هنيون وڃن حال سان، سيني منجهه سرير،
    اُهي جوڳي ٺڳ فقير، جي کلندي دل کسي ويا.

    شرح – سرتاج سنڌ جي فرمان موجب سچا مرشد ڪامل ڪاپڙي اُهي آهن جن جي صحبت صادق ۽ لقاءَ لائق سان سينن ۾ سرير ۽ جذبو جوش جاڳي اُهي اهڙا عارف الاهي کلندي خلق محمدي ۽ خلوص خالص سان دم ۾ دل کسي رفو چڪر ٿي ويندا آهن اهڙن سچن سونهن صادقن جي صحبت سعيده ۾ همرڪاب رهڻ لاءِ قرآن ڪريم بطور شرح جي هئن چوڻ فرمايو آهي ته- يا ايها الذيرن آمنوا اتقوا الله وکونوا مع الصادقين) يعني اي مومنو الله کان ڊڄي صادقن جي صحبت ۾ رهو) پر انهن سچن سونهن ۽ مرشدن ڪاملن جي علامت سچل سرمست جي نظريه موجب هي آهي. جو اُهي رهبر روحاني گهڻو ڪري ماڻهن کان مهن موڙي گوشه نشين ٿي گذارڻ راضي رهندا آهن ۽ عام سان رلڻ ملڻ ۾ ڪجهه عار ڪندا آهن جيئن جو سندس هيٺين بيت مان ظاهر باهر آهي
    (بيت)
    جوڳي جال ڏٺام پر ڪو ڪو لڀي ڪاپڙي
    هي ويهين وستن ۾ ويا هو لوڪ نه لڙيام
    تني ڪاڻ ٿيام هي هي ههڙا حالڙا)
    پر ڪي رسمي پير جن کي عوام ڏاڏا پير ڪري ڪوٺيندا آهن جي حقيقت ۾ پير نه آهن پر ماڻهو، عوام هنن کي عادت موجب ۽ رسم رواج سبب پير ڪري ڄاڻندا آهن ۽ اهي رسمي پير سال به سال سوا دعوت ديني جي پاڻ مرادو مريد جاهل جو در کڙڪائي ڏن پٽ وٺي پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ ڪم ٽپائي ويندا آهن- باقي ٿيو حق هدايت جو رستو پاڪ ڏيکارڻ سو هو صاحب پاڻ ئي گمراه جاهل اڻ ڄاڻ آهن ته ٻين کي ڪهڙي واٽ ڏيکاريندا موجب زيرين مصرعه – هرکه گمره ست کرا رهبري کند) يعني جيڪو پاڻ گمراه آهي سو ٻي کي ڪهڙي واٽ هدايت جي ڏيکاريندو 2- پير جي لفظ جي معنى لغوي آهي پيروي ڪندڙ – پوءِ جي پير رهبر پيغمبر ڪريم جي شريعت پاڪ جي پيروي ڪندو ته اهو پير رحماني آهي پر جي پيروي شيطان جي ڪندو ته پير شيطاني چئبو نه رحماني جيئن جو مولانا رومي صاحب اهڙن پيرن جي بابت فيصله ڏنو آهي ته –

    کار شيطان ميکند نامش ولي + گر ولي اين ست لعنت بر ولي
    ايضا اي بسا ابليس آدم روئي هست + پس به هر دستي نبايد داد دست)
    يعني جو پير ڪم شيطاني ڪري اهو نالي پير آهي اهڙي پير تي لعنت لائق آهي – گهڻا شيطان آدمي جي شڪل ۾ آهن پوءِ اهڙن جي هٿ تي هٿ ڏيڻ نه گهرجي)
    اهي فقط پيٽ پالو آهن نه حقيقي پير جي رڳو کائي پي ڏنڊا ڏوٽا پوءِ پنهنجي وطن ڏي ورندا آهن پوءِ مريد ويچارو وڃي ڪٽ جي ڪڻان ٿئي اهڙن رسمي پيرن پيٽ پالڻ کي جناب ڀٽائي صاحب هيٺين ريت پنهنجي بيت ذريعي ظاهر ڪيو آهي
    (بيت)
    جوڳي هن جهان جا ڏئوٽا ۽ ڏئوٽا
    پني کائن پيٽ ۾ ٽڪر ۽ ٽوٽا
    کرا ۽ کوٽا پورب ٿيندا پڌرا.
    تنهن ڪري هر ماڻهو کي مرشد وٺڻ گهرجي پر انهي کي اڳ ۾ شريعت ۽ طريقت جي ڪسوٽي تي پرکڻ گهرجي پوءِ جي شريعت پاڪ جو تابع نه آهي توڙي جو علم وارو به هجي ته اهو بالاتفاق شريعت موجب مرشد سڏائڻ جو مستحق نه آهي اهڙي جو هٿ وٺڻ ابليس جي هٿ وٺڻ کان به بدتر ۽ بڇڙو آهي جيئن پاڻ ڀٽ ڌڻي فرمايو آهي
    (بيت)
    مهن ۾ موسى جهڙو اندر ۾ ابليس-
    اهڙو خام خبيث ڪڍي ڪوه نه ڇڏيين.
    هي بيت لطيفي هوبهو مٿين بيت فارسي مثنوي واري جو ترجمو آهي- حاصل ڪلام ته جڏهن شريعت ۽ طريقت ٻنهي جي اتفاق سان غير شرعي ڪمن ڪرڻ وارو پير نه آهي تڏهن هر هڪ انسان عاقل تي لازم آهي ته پنهنجي مرضي موجب آزادي سان پاڻ جاچي جوچي ٺڪي ٺوڪي پير هٿ ڪري رڳو بُنڍ تي چٻ ٿي نه ويهي جئن جو انهي بابت پهاڪو مشهور آهي ته ٽڪي جي دانگي ٺڪي ٺوڪي وٺبي آهي- جا دانگي پوري طرح ماني پچائڻ جو ڪم ڏئي سگهي پر روح رڱن ۽ دل جي اُجارڻ لاءِ جنهن مرشد جي ضرورت آهي انهي پير جي پرک واسطي پائي جيترو خيال به ڪونه آهي ڇو ته اڄوڪي ماحول وارن اڻ ڄاڻن کي جڏهن دين جي ڌڻي سان دوستي ڳنڍڻ جو گهڻي ڀاڱي خيال ڪونه آهي ته پوءِ ڇاڪاڻ اهڙا روحاني رهبر ۽ هدايت جا هادي ڳولن- رڳو انڌي گهوڙي ڪل ۾ ڪاهيون پيو ڪاهه توڙي ٿئي اونداه ته به ڀلي نه اچبو ڀاڻ تي – وارو مثال اڄوڪن اڻ ڄاڻن اٻوجهن تي شايد صادق اچي ٿو – پر ڪجي اميد ته اڄوڪا ڀينر ۽ ڀائر سرتاج سنڌ جي صلاح سهڻي وٺي ڪجهه نه ڪجهه بيداري ڪري سڻڪ سڌي هلائڻ لاءِ ڪو سونهون ڳولي هٿ ڪن ته ممڪن آهي- جناب سرتاج سنڌ کي سچن سونهن ۽ مرشدن ڪاملن جي صحبت سوني جي سخت ضرورت هئي پر اڄوڪي وقت جا اڪثر عوام اڻ ڄاڻ فقط پنهنجي گفتار ۽ غفلت ۾ گم آهن باقي ڪار ۽ ڪردار نيڪ تي سندن ڪو به توجہ ڪونه آهي. شايد شاه صاحب ک هنن کان وڌيڪ صحبت صالحن جو احتياج هو جيئن جو جناب خواجه محمد زمان لواري واري جي صحبت ۽ زيارت ڪندي هي بيت زيرين سندس زبان مان بي اختيار نڪري نروار ٿيو آهي
    (بيت)
    مون سي ڏٺا ماءُ، جني ڏٺو پرين کي،
    ڪري نه سگهان ڪاءُ، تنهي سندي ڳالهڙي)
    پر اڄوڪن خود پندارن ۽ خود بينن کي گفتار کان سواءِ ڪنهن به ڪار ڪردار ۽ صحبت ابرار جي گهڻو ڪري گهرج ڪانه آهي پر انهن اڻ ڄاڻن خود پندارن کان وڌيڪ افسوس ڪن عاقلن اديبن شاعرن تي آهي جي صاحب پنهنجي اشعارن جو رخ حال ڏي نه ٿا ڦيرائن گذريل زماني جا شاعر شيرين زبان قال سان گڏ صاحب حال جا به هوا باقي اڄوڪي وقت جا گهڻي ڀاڱي فقط قال جا ڪمدار ۽ حرفت انواع شعري جا هشيار آهن باقي حال جا حوالدار ڪي ڪي آهن – اميد ته نوجوان اڄوڪا موجب مصرعه مثنوي – قال را بگذار مردي حال شو) تي عمل پيرا رهي ڪنهن ڪهنه مشق شاعر صاحب حال سان صحبت ياب ٿي قال کان مٿي ترقي ڪرڻ لاءِ حال استقبال ۾ حال وارن سان همنشين اختيار ڪري قال جي عوض حال پرائي اڳتي هلي قال وارن نوجوانن سان حال اورڻ جو ڪم ڏين آمين-


    ڪين ڪمائڻ جي بيان ۾

    24 (بيت)
    جني ڀايون پاڻ، هڏهن ڪري ڪين،
    اهڙا ئي مسڪين، در لگهندا دوست جو.

    شرح- ڀٽ ڌڻي فرمائي رهيو آهي ته جو به انسان عاقل خودي کي کائي پاڻ کي ڪين ڪري ٿو ڀائين ڌڻي پاڪ جي دربار اقدس ۾ اول اُهو ئي پير پائي محبوب مقدس جو مشاهدو ماڻيندو- پوءِ جڏهن به ڪوئي آدمي پاڻ وڃائي انهي منزل مقصود تي پهچي ٿو ته اهو مصداق (من لہ المولى فلہ الکل) جو ٿئي ٿو- تڏهن هوت حسيني باليقين فرش کان وٺي عرش تائين هي هوڪو هلائي ٿو ته مون فلاڻي سان محبت مزيد رکان ٿو اوهان به انهي سان محبت رکو اهڙي پڙهي کان پوءِ هر چيز ماڻهو ملڪ وغيره انهي عاشق ايزدي سان ازخود الفت ۽ محبت رکن ٿا جيئن جو انهي ڳالهه تي هن آيت ڪريمه جو اشارو ڪافي ۽ وافي آهي يحبهم و يحبونہ) يعني مولا پاڪ پاڻ هنن سان محبت رکي ٿو ۽ اهي به پنهنجي مولا سان محبت رکن ٿا) حاصل ڪلام ته جو به عاشق صادق پاڻ کي نوري نگار آڏو نيست ۽ نابود ڪندو ته اُهو آگووري انهي کي نيست منجهان هست ۽ نابودي مان بود بڻائي پنهنجو منظور نظر فرمائيندو ۽ اُن کي اهڙي اعلى درجه تي رسائيندو جتي ملائڪ به نه پهچي سگهن. موجب ارشاد هن زيرين بيت جي
    (بيت)
    ملائک راچه سود از حسن طاعت،
    که جام عشق در دل آدمي ريخت.
    وري به سرتاج سنڌ فرمائي رهيو آهي ته
    (بيت)
    جني ڀايون پاڻ کي هڏ ڪري هيڻو
    ٻين کان ٻيڻو کٽي ويندا خير سان.
    سچ آهي ته جڏهن انسان اُنس-الفت محبت مزيد جي ماڻڻ ڪري ۽ وجودي هستي وڃائڻ ڪري ملائڪن کان به مرتبہ ۾ مٿي چڙهي وڃي ٿو ته پوءِ ٻين عام ماڻهن کان ڪيئن نه منزل مٿي ماڻيندو- جناب سرتاج سنڌ کي پهرين ملاقات ۾ ڪين ڪمائڻ جو اشارو مخدوم محمد زمان لواري واري کان پڻ هن طرح ارشاد ٿيو
    (بيت)
    ڪين آئين ڪين ٿئين وڃي ڪين ڪماءِ،
    لا سين لاڳاپا لوڪ جا وهندي وڃي لاه،
    تهان پوءِ سرندياءِ صحبت سپيرين جي.
    ڪن جو چوڻ آهي ته هي بيت ملاقات ڪرڻ کان اڳ چورائي موڪليل هو- لطيف لعل انهي پرولي جي مام مخفي کي پروڙي اهڙي طرح دوباري وڃي ڪين ڪمايائين جو ڪين سان ڪين ٿي ويو ۽ نابودي سان بود ٿي هي نعرو نيهن جو نروار ڪرڻ لڳو ته
    (بيت)
    نابودي نيئي عبد کي اعلى ڪيو
    مورت ۾ مخفي ٿيا صورت ۾ سيئي،
    ڪبي اِت ڪيهي ڳالهه پريان جي ڳجهه جي)
    پر جنهن ڪين جو قدر ڪين ڄاتو بلڪ خودي ۽ مون ڪرڻ تي مغرور رهيو ته انهي کي منصب اعلى ته نه مليو پر رهندو ڀونڊي جهلڻ جو حقدار ٿيو جيئن جو ڀونڊي جي بابت هيٺ علاحده بحث اچي ٿو- اسان ڌڻي پاڪ جي دربار اقدس ۾ دائمي دست بدعا آهيون ته شل مولا سائين سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڀونڊي جهلڻ کان بچائي- آمين


    ڀٽائي جي نظريه موجب ڀونڊي مان مراد لعنت آهي

    25- (بيت)
    مان ۽ مون، جهين کي هوندو،
    تيهين کي ڀونڊو، لکيو شاه لطيف چئي.

    شرح- هن بيت ۾ ڀٽ ڌڻي قلزم کي ڪوزي ۾ ماپايو آهي ڇو ته هن ۾ انهي عزازيل جي قصه ڏي اشارو آهي جنهن کي مڙني ملائڪن جي مٿان لقب معلم الملائکة ۽ وڏيرپ جو منصب مليل هو موجب بيت زيرين جي (بيت) وڏيري هياس چنيسر جي راڄ ۾، دهلين دمامين نقرين ٿي پلپل پڇياس، ڍولي ڍيلياس ٿيس ڏهاڳڻ ڏيہ ۾) اُن سان گڏ هن کي نون هزارن ورهن جي عبادت ۽ طاعت تي ڏاڍو تڪبر ۽ هٺ رهندو هو جو ڪنهن کي به پاڻ جهڙو نه ڄاڻندو هو انهي هٺ هئڻ ڪري رب رازدان بفحوي الڪريم (عليم بذات الصدور) اندروني رازن جو عليم هن کان ڪٽريل رهندو هو جيئن جو سرتاج سنڌ هيٺين بيت ۾ انهي آيت جي مضمون ڏي اشارو ڪري رهيو آهي ته (بيت) هئين ته گهڻو هشيار، ڪل به هيئي ڪانڌ جي، تون ڀايون موچاري ٿيان ڳچي پائي هار، ڪناڌ ڪوڙي جو نه وڻي، سئين ڀتين سينگار، وهم لهي وينجهار دليون پرکي داسڙو) پر سبب الا سباب مدامي ڪنهن سبب جو وجهه وٺي انتقام وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهي هوڏهون ملائڪن کي به لوح محفوظ تي لکيل معلوم ته ملائڪن مان ڪنهن نه ڪنهن کي لوڌائي لعنت جو طوڪ ڏنو ويندو تنهن ڪري ملائڪن کي پڪ هئي ته لوح محفوظ جو لکيل ضرور پڙندو ڪڏهن به نه ٽرندو- ڀٽائي جي نظريه موجب- لکيو منجهه نراڙ قلم ڪياڙي ڏهون نه وهي) جنهن جي تائيد هي هيٺين حديث حبيب الله صه ڪري رهي آهي جف القلم بما هو کائن) يعني لوح محفوظ وارو لکي سڪي ويو) ڇو ته لوح قلم جو لکيل ڪڏهن به ميٽجي نه ٿو سگهي ان ڪري مڙني ملائڪن ڊپ هوندو هو پر سڀني ملائڪن کان ۽ گهڻو ڊپ حضرت جبرئيل کي هوندو هو- هن کي هميشه پنهنجي طاعت ۽ عبادت تي نخوت ۽ ناز نه هوندو هو بلڪ ڊپ وچان رت جا ڳوڙها روئندو رهندو هو- آخرڪار سبب امتحان وٺڻ جو وچ ۾ اچي ويو جو باري تعالى هر بشر جي بابي ابوالانبياءَ حضرت آدم عليه السلام کي پيدا ڪري کيس بفحوي الڪريمه و نفخت فيہ من روحي) نعمت عظمى سان نوازي ملائڪن کي زيرين ارشاد سان اعلان ڏيڻ فرمايو جو اعلان موجب امر اعزازي جو آهي پوءِ جن امر کي اکين ۾ جاءِ ڏئي سجدو ڪيو تن کي بقدر استعداد خشيته ۽ طاقت جي عزت احترام عطا ٿيو ۽ جن امر جي تعميل کان انحرافي ڪري هٺ وڏائي عيان ڪرڻ سان حضرت آدم جي سجدي تعظيمي کان نابري واري اهو منصب مليل کان معزول ٿي ڀونڊي جهلڻ جو لائق ٿيو- اهو اعلان ايزدي هي هو) واذ قلنا للملائڪته اسجدو والادم فسجدوا الا ابليس ابي واستکبر و کان من الکافرين) يعني ياد ڪر جڏهن اسان سڀني ملائڪن کي فرمايو ته آدم کي سجدو ڪريو پوءِ سڀني سجدو ڪيو مگر هڪ ابليس نخوت جي ڪري نابري واري ڪافرن مان ٿي ويو) هن ارشاد الاهي ۾ ٻه ڳالهيون قابل توجہ آهن هڪ ته نخوت تي ناز ٻيو چائت سان طائت ۽ نماز – پهريان پهريان جنهن فرد فرعوني مزاج سجدي تحيته کان نابري واري پنهنجي نخوتي ناز تي بفحوي الڪريمه (انا خير منہ) جو نعرو نروار ڪيو سو فرد عزازيل- ابليس هو جنهن مانُ ۽ مون جي نروار ڪرڻ تي هيٺين آيت الاهي جي وعيد شديد جو ڀونڊو ۽ لعنت جو لقب لڌو وهوهٰذا ان عليک اللعنته الى يوم الدين) يعني توتي تحقيق اڄ کان وٺي قيامت تائين لعنت آهي) هن آيت منجهان صريح لعنت جو لقب ابليس جي واسطي ثابت آهي جنهن لقب کي جناب لعل لطيف ڀونڊي جي لفظ سان بيان ڪرڻ فرمايو آهي 2- ٻيو طاعت تي تڪيو ڪري پاڻ کي ڀلو ڀائڻ ۽ چائت چت ۾ رکي پاڻ کي پڏائڻ اهڙي طرح واري عبادت ۽ طاعت کي تبارڪ و تعالى وٽ تر جيترو وزن ۽ وقعت نه آهي جيئن جو عزازيل چت ۾ چائت رکي نو هزار ورهه سارا عبادت ڪئي پر ڌڻي تعاليٰ سندس دڪو به داخل نه ڪيو رهندو کيس منصب مٿاهين کان معزول فرمائي پاڻ وٽان لوڌائي تڙائي ڪڍڻ فرمايو جيئن جو هيٺين آيت الاهي انهي حقيقت حال تي صادق آهي. فاخرج منها انڪ رجيم) يعني تون مون وٽان نڪري وڃ جو تون تڙيل آهين) حاصل ڪلام ته چائت سان طائت ڪرڻ پڻ تڙجڻ جو ثاني سبب آهي جيئن جو آيت الاهي مان ۽ هيٺين بيت ڀٽ ڌڻي جي مان عيان آهي
    (بيت)
    چائت پائي چت ۾ سنهو ڪتيو جن،
    تن هو صرافن دڪوئي داخل نه ڪيو.
    تنهن ڪري بيت مذڪور جي لفظ ڀونڊي ۾ لطيفي نظريه موجب لعنت مراد آهي نه فقط ڀونڊو هٿ آدمي جو- پر قصه ليلان چنيسر جي ۾ لفظ چنيسر جو اطلاق ذات ايزدي تي آندو اٿس ۽ لفظ ليلان جو اطلاق ابليس عليه اللعنته تي آندو اٿس لعنتي جي لوڌائڻ واري ساري قصه قرآن کي ليلان چنيسر جو لباس پهرائي ساري حقيقت قصه جي بيان ڪرڻ فرمائي اٿس- پر جي ملائڪن انهن ٻنهي وجهن نخوت ۽ چائت کان پري رهي حڪم جي تعميل موجب سجدو ڪيو تن جي طاعت ۽ پورهيو ته اڻ توريو به اگهي ويو پر رهندو کين درجه بدرجي منصب به مليو خاص طرح گهڻي ڊپ واري حضرت جبرئيل کي ته مولا ڪريم رب رحيم رئيس الملائڪته ۽ سيد الملائڪته جو عهدو اعلى عطا فرمائي اهڙو ته نوازيو جو سڀني ملائڪن وچان فقط حضرت جبرئيل کي موجب- اهڙو ئي آهي جو پورهتيون پيش ڪري) پنهنجي خاص رازن جو رازدار بنائي آدم کان وٺي جناب محمد مصطفيٰ مدني تائين سوا لک نبين جو پيغامبر ڪرڻ فرمايو جنهن جو احترام الله تعالى وٽ قيامت تائين قائم دائم هوندو جيئن جو ابليس ليلان واري صورت اختيار ڪري مون ۽ مان جي مڻين تي مستان ٿي ليلان وانگي سهاڳ بدران ڏهاڳ وٺي لوڌجي ۽ تڙجي ويو تيئن حضرت جبرئيل وري ڪونئرو واري قرب ۽ وينتي واري صورت اختيار ڪري عزازيل جي عهدي اعلى منصب معلى کي ماڻي ليلان وارو لقب راڄ راڻي لهي چنيسر جي راڄ ۾ ڪونئرو وارو قرب هٿ ڪري قيامت تائين انهي قرب ڪريمي سان مالا مال رهندو رهي ٿو- مطلب ته ساري مخلوقات مان- مون ۽ مان جي منحوس دعوى ڪرڻ وارو پهريون مخلوق شيطان شرير هو – جنهن انهي دعوى جي ڪري ڌڻي پاڪ جي درگاه مان لوڌجي لعنت جو لقب لڌو- جنهن کي جناب ڀٽائي صاحب ڀونڊي جي لفظ سان بيان فرمايو آهي- تنهن ڪري جو به انسان شيطان جي شاگردي اختيار ڪري خود پنداري ۽ مان- مون تي مواظبت ۽ هميشگي ڪندو اهو به پنهنجي استاد ابليس وانگي ڀونڊي جهلڻ جو حقدار رهندو (قابل توجه انتباه) فدوي هڪ رسالو مستقل تيار ڪري رهيو آهي جنهن ۾ ليلان چنيسر جي قصه تي تفصيلي بيان ۽ کليل بيان سان شرح لکيو ويو آهي جو ڏسڻ جوڳو آهي انهي قصه جي حقيقت تي جو شرح ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب ڪيو آهي سو بلڪل اڻ پورو قابل اعتراض آهي انهي جي شرح غير متعبر تي ڪن دوستن اديبن تنقيد ڪرڻ فرمائي آهي جن صاحبن مان حضرت خاڪي صاحب نالي عبدالله چنه پڻ قابل ذڪر آهي جنهن صاحب هڪ رسالو نالي گربخشاڻي جون غلطيون نروار ڪرڻ فرمايو آهي جنهن ۾ ٻن پهلن تي تبصره جي ضرورت آهي هڪ ليلان جو پهلو آهي جنهن کي جناب چنه صاحب قرآني آيتن آڻڻ کان سواءِ سهڻي صورت ۾ مثالن تمثيلن سان عزازيل کي ليلان جو لباس پهرايو آهي جو گربخشاڻي جي غلطي فاحشه جو پورو پورو رد آهي، تنهن رد لاجواب جي مزيد تائيد قرآني آيتن ۽ برهانن ٻاهرن سان فقير جي رساله مذڪور ۾ موجود آهي باقي 2- ٻيو پهلو ڪونئرو وارو آهي جنهن جي تحقيق اصلاح طلب هئي- جنهن جي تحقيق پوري طرح اصلاح اعلى جي طريقه موجب ڪئي وئي آهي، جنهن تحقيق انيق نقادن جي فيض اثر کان نق تحسين جو نذر لهڻو – اميد ته هن رساله خزانة العارفين حصئه اول جي ڇپائڻ کان پوءِ هي اصلاحي رسالو پڻ اڇاپائي ظاهر ڪيو. حضرت ناظرين دعا ڪرڻ فرمائن ته ايزدي امداد ۽ عنايت ارزاني سان اهو مرحلو به طي ٿي ويندو آمين. ٻيو ته فدوي تي ڪن احبابن اديبن جو پڻ زور بار آهي ته مان مولا جي مدد مستقل ۽ دوستن جي دعا مشتمل سان خزانة العارفين کي جدا جدا رسالو تيار ڪري حصن جي حيثيت ۾ ٿورن ٿورن صفحن تي هوريان هوريان تيار ڪندو رهان جيئن جو الله تعالى فضل ڪرم سان ساري رساله شاه جي جو شرح وچڙو قرآني آيتن ۽ حديثن سان مزين ۽ ڀرپور هجي اهو ڪم اگرچه وڏو ڪٺن آهي- خاص طرح مون جهڙي پوڙهي مريض لاءِ پر تنهن هوندي به جي ڪريم ڪار ساز جو فضل ۽ ڪرم حقير جي حال سان شامل ٿيو ته شايد ٻيڙا محنتي پار پهچي وڃن – آمين
    نيهن جي نامدار جي نظريه موجب انساني تقرير جو نقشو

    26- (بيت)
    جر ۾ ڦوٽو جيئن، لهرين لڳي اڌ ٿئي،
    تون پڻ آهين تئن، دنيا ۾ ڪو ڏيهڙو.
    شرح- اي انسان غافل تون هن عالم اڪبر ۾ مغرور ٿي پنهنجي محبوب معنوي کان مهن موڙي پٺيرو ٿي رهيو آهين حالانڪه توکي هوت حقيقي هڪ حقير قطره مني جي مان پيدا ڪرڻ فرمايو آهي ۽ اُن سان گڏ توکي سهڻي صورت ۽ حسين مورت ڏئي نوازيو اٿس تنهن هوندي به اهڙي رب ڪريم رئوف رحيم کان دوستي جي عوض دشمني قائم ڪري پٺيرو ٿيڻ توکي لائق نه آهي. ڇو ته صورت فاني تي تون مغرور آهين اها ڪڏهن نه ڪڏهن اوچتي موت جي لهر لڳڻ سان فاني ٿيڻ واري آهي تون به ڦوٽي جر واري جي مثال آهين هو به ٿوري وقت لاءِ وجود وٺي رهي ٿو پر جڏهن ناگاه لهر لڳي ته کيس اڌو اڌ ڪري ڇڏي تيئن توکي به دنيا جي جر تي ڦوٽي جهڙو فاني وجود ٿوري وقت لاءِ مليو آهي، انهي ٿوري وقت تي ايڏي مغروري ڪرڻ عبث ۽ اجائي آهي ڇو ته انسان جي خلقت ئي ضعف ۽ هيڻائي تي آهي، جيئن جو زيرين آيت الاهي مان ظاهر آهي خلق الانسان ضعيفا) يعني انسان هيڻو ۽ ضعيف ڪري پيدا ڪيو ويو آهي) ۽ هن هيٺين آيت ۾ مٿين مضمون جي مزيد تائيد ثابت آهي الم يرالانسان انا خلقناه من نطفته فاذا هو خصيم مبين) ڇا انسان نه ٿو ڏسي ته اسان هن کي مني جي ڪني قطره مان پيدا ڪيو آهي پوءِ به هو اسان جو اوچتو ئي چٽو دشمن ٿي پيو آهي) تنهن ڪري انسان کي گهرجي ته پنهنجي اصلي خلقت ضعيفه کي زير نظر رکي مغروري ۽ وڏائي ڇڏي ڏئي ڇو ته قرآن ڪريم جي محاوري موجب دنيا جي جهان جو لقب ئي متاع الغرور آهي جيئن جو هن آيت هيٺين مان اظهر آهي وما الحيٰواہ الدنيا الامتاع الغرور) يعني نه آهي حيات دنيا جي مگر سامان مغروري جو) پر حضرت حبيب الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي الدنيا ساعہ ليس فيها راحہ) دنيا هڪ ساعت جي برابر آهي جنهن ۾ ڪا به راحت نه آهي) پر ٻي ڪنهن صاحب شاعر دنيا کي ڪاغذ جي ٻيڙي سان تشبيہ ڏيڻ فرمائي آهي جيئن جو زيرين مصرع مان ظاهر آهي- دنيا آهي ڪاغذ جي ٻيڙي مثل، نه کڻندي سا بار نه سهندي اُڇل) تڏهن اهڙي فاني دنيا تي پايداري جو پورو پورو ڀروسو ڪرڻ عقل انسان جو ڪم نه آهي جيئن جو حضرت علي ڪرم الله وجهہ پنهنجي ديوان علي ۾ فرمايو آهي ته (ابيات علي عربي ۾) يامن بدنيا اشتغل قد غره طول الامل الم يزل في غفلت حتي دنا منہ الاجل الموت ياتي بغتة والقبر صندوق العمل) اي اهو شخص جو دنيا سان مشغول رهي ٿو انهي کي ڊگهي رهڻ جي اميد مغرور ڪري ڇڏيو آهي، ڇا اهو اڃان غفلت ۾ هوندو ته اوچتو مٿس موت اچي ڪڙڪندو – موت اوچتي در وٺندو آهي. قبر عملن جي پيتي آهي، تنهن ڪري اي غافل انسان غفلت جي گهري ننڊ مان ڪجهه نه ڪجهه جاڳي بيدار ٿي ره ته صورت سهڻي سهاڳ نصيب ٿئي جيئن جو زيرين بيت لطيف مان ظاهر آهي (بيت) سُتا اٿي جاڳ ننڊ نه گهرجي ايتري تو ڀايون ساڻيہ هي مانجهاندي جو ماڳ سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نصيب نه ٿئي) تهن ڪري تڪبر وڏائي هٺ سان هن زمين ۽ ڀونئي تي ٽيلي سان ٽرڙن وانگي ٽلي نه ڏيکار ڇو ته ڪنهن ڏينهن اها ڀونئي تنهنجي مٿان هوندي ته پوءِ تنهنجو ڪهڙو حال هوندو جئن جو ڀٽائي جي زيرين بيت مان ثابت آهي.


    27 (بيت)

    جا ڀونءِ پيرين مون، سا ڀونءِ مٿي سڄڻين،
    ڌڱ لٽيائون ڌوڙ ۾، اڀي ڏٺاسون
    ڏينهن دنيا ۾ ڏونن اٿي لوچ لطيف چئي.

    شرح- ڇو ته لوچڻ سان لعل لڀندا آهن تنهن ڪري لطيف سائين لوچڻ ۽ عمل ڪرڻ بابت گهڻو تاڪيد فرمائي رهيو آهي هن بيت جي پٺ ڀرائي بطور شرح جي زيرين آيت الاهي مان ظاهر آهي ولکلّ درجت مما عملوا) يعني سڀ ڪنهن کي لوچڻ سان درجن ۽ لقبن جا لعل ملندا آهن) سندس نظريه جي مزيد تائيد هن ٻي آيته مان پڻ ثابت آهي. من عمل صالحا من ذکر اوانثى وهو مؤمن فلنحيينّہ حيوهّ طّيبہ) يعني جو شخص به مرد هجي توڙي عورت لوچي صالح ڪم ڪندو ته انهي کي لقب مؤمن جو عطا ٿيندو ۽ انهي کي حياتي پاڪ ڏينداسون) هنن ٻنهي آيتن مقصد ۽ مائل هڪڙو آهي ته جيڪو به انسان عاقل پنهنجي اصل تي نظر ڌري خودي کائي بود کي نابود ڄاڻي پنهنجي رب ڪريم رؤف رحيم ڏي رجوع ٿي لوچيندو رهندو ته ڪڏهن نه ڪڏهن منزل مقصود محبوب جي شاهدي ۽ معرفت جي ماڻيندو آمين-


    نابود مان بود جي بيان ۾

    28 – بيت
    نابودي نيئي، عبد کي اعلى ڪيو،
    مورت ۾ مخفي، ٿيا صورت ۾ سڀئي،
    ڪبي اِت ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي.

    شرح- انسان اصل ۾ عدم ۽ نابود هونگار حقيقي جي نوازش سان عدم کي وجود ۽ نابود کي بشري بود پلئي پيو تنهن ڪري وري به انسان جڏهن پاڻ کي نگار جي نيهن ۾ نيست ۽ نابود ڪري ٿو جنهن کي صوفين جي اصطلاح ۾ فنا في المحبوب چوندا آهن ته پوءِ بقا في المحبوب واري منزل منيف ۽ لقاءَ لطيف لامڪاني جي اعلى منصب کي ماڻي موجب اشاري راجا راڳائي هردوئي هيڪ ٿيا) جي حد بي انتها تي پهچي ٿو – پوءِ اهو عبد جڏهن به نابودي جي نعمت عظمى سان بشري عوارض کان پاڪ رهي ٿو ۽ پنهنجي ڇاتي ۾ جهاتي پائي نگار حقيقي جي تجلي جا انوار ڏسندو رهي ٿو جيئن جو ڀٽ ڌڻي انهي حقيقت حال تي فرمائي رهيو آهي ته (بيت) اندر آئينو ڪري پرين سو پسيج انهي راه رسيج ته مشاهدو ماڻيي) وري فقير نجفي تارڪ ٻولي رهيو آهي ته- مصرع ڇاتي دي وچ جهاتي پائي ويک ظهورا ذات دا تجلات دا) مطلب ته انسان اول عدم مٺ مٽي منتشر جي هو موجب فرمان فرقاني ثم اذا انتم بشر تنتشرون) يعني توهان مٽي منتشر جمادن وانگي ڦٽل هوا ۽ انهي وقت توهان نگار نامدار حقيقي کان ابعد الموجودات ۽ پراهن کان پراهان هوا پر پرين پنهنجي پيوند روحاني بفحوي الکريمه و نفخت فيہ من روحي جي نفخ روح جي نعمت عظمى سان نوازي بشر بڻائي اقرب موجودات الي الله ڪرڻ فرمايو پوءِ توکي اي انسان انهي هوت حقيقي پنهنجي حکمت بالغه ۽ قدرت ڪامله سان اهڙي آيت اظهر ۽ ابين ڪيو جو تون ڦري جامع ابعد الابعدين ۽ اقرب الا اقربين جي وچ ۾ ٿئين تنهن ڪري تو سجود ملاڪن جو منصب مليو ۽ فقط توئي صفتن جمالي ۽ جلالي جو آئينو مظهر اتم بڻيين- انهي سرسري جي ڪري توکي خليفته الارض بنايائين پر نابود کي بود جي بشارت بهترين خاڪ جي زيرين شعر مان پڻ عطا آهي
    (شعر)
    نظر ساڻ نابود کي بود ڪيڙئي + هٿن سان مٽي مُٺ کي محمود ڪيڙئي
    1. هٿن سان ٺهائي بنائي هي بوتو + پنهنجي روح ڦوڪڻ جو فرمود ڪيڙئي.
    2. نيازن سان نورن به سرڙو نوايو، + مٽي عبد آدم کي معبود ڪيڙئي،
    3. سڄڻ ساجدن کان تو سجدا ڪرائي + مُکي پاڻ ملڪن جو مسجود ڪيڙئي.
    4. هُؤڻ کي هُؤڻ کان اڳي هو نه حاصل + عدم کي اشاري سان موجود ڪيڙئي
    5. سڄڻ سڪ جو سودو ازل کان اڳي هو، + هتي پوسڪائي ڪهڙو سود ڪيڙئي
    6. پرين پاڻ پنهان روپوش آهين مگر + مون کي ملڪن ۾ مشهود ڪيڙئي
    7. کلي خاڪ کي پاڻ عرشن تي آندئي + ڏسي جوش جذبو ڪرم جود ڪيڙئي

    مٽي جي مٺ جو عدم کان ڦري وجود جي سهڻي صورت اختيار ڪيئي اُها خود الله تعالى جي امر ۽ ايرادي جازم سان هئي نه ازخود جيئن جو ارشاد الاهي مان عيان آهي يا ايهاالناس ان کنتم في ريب من البعث فانا خلقناکم من تراب) يعني اي انسانو اسان اوهان کي مٽي جي مڍ مان پيدا ڪيو آهي پوءِ توهان اڃان به قيامت جي ڏينهن ۾ شڪ ڪريو ٿا) هن ارشاد مان چٽو ظاهر آهي ته جنهن مولا پاڪ کي مٽي جي مڍ مان وجودي صورت انساني تي قدرت ڪامله حاصل آهي تنهن ذات پاڪ کي ڏينهن حساب لاءِ اُٿارڻ ۽ جيارڻ جي پڻ توفيق آهي جيئن جو مولانا صاحب فرمايو آهي- بامرش وجود ازعدم نقش بست که داند جزا وکردن از نيست هست دگر ره بکتم عدم دربرد وز آنجا بصحرائي محشر ببرد)


    عاشقن صادقن ۽ عارفن ڪاملن کي عشق جي اُڃ ۽ پرت جي پيالن پيڻ مان ڍوُ نه ٿيندو آهي

    29- (بيت)
    سدا سائر سير ۾، پر اندر لهي نه اُڃ،
    پسڻ جو پرين جو، سا سموري سنڃ،
    تيلاهون مرن اڃ، سدا سائر سير ۾.

    شرح- سلوڪي سير ۾ صوفين صديقن جي اصطلاح موجب ساري ڪائنات ۾ ماڻهو ٽي قسم آهن هڪ اهي جن جي ساري عمر اجاين ڪمن ۾ ضايع ٿي گذري وئي پرکين سڄڻ جي سڪ واري سمنڊ مان سرڪي به نصيب نه ٿي اُهلي ڀلي پنهنجي نفس نافرمان تي نادم ٿي رت جاڳوڙها ڳاڙن ۽ پشيمان ٿي پاڻ ۾ بيداري پيدا ڪن جيئن شاعر ابن الفارض پنهنجي قصيده جي آخر ۾ فرمايو آهي ته (بيت) على نفسہ فليبک من ضاع عمره وليس لہ منها نصيب ولا سهم) يعني اهو شخص ڀلي پنهنجي نفس تي روئي جنهن جي عمر ضايع ٿي وئي انهي کي سڪ جي سرڪي ۽ نيهن جي نهر مان هڪ ڍڪ به نصيب نه ٿيو) اهڙي غافل آدمي جو مثال انهي شخص وانگي آهي جنهن جو گهر گلشن اندر هجي پر پاڻ عمر ساري نرگس وانگي ننڊ غفلت جي خمار ۾ گزاري ته اُن کي گلشن جي رهڻ مان ڪهڙو نفعو ۽ سود سرندو جيئن جو صائب صاحب جو زيرين انهي تي صادق آهي (بيت) ازين چه سودکه گلستان وطن دارم مراکه عمر چون نرگس بخواب ميگز رد) تنهن ڪري جو شخص هن دنيا جي باغ ۾ غفلت جي گهري ننڊ ۾ رهي راتيان ڏينهان ڊگها پير ڪيون ستو پيو هوندو ته اهڙي غافل ٻانهي کي دنيا جي باغ ۾ رهڻ جو ڪهڙو حق آهي هن باغ جي بهاري ڏسي لکين بلبل ته گلن جو واس وٺي بهار بهار رهن ٿا مگر ارمان صد ارمان انهن انسانن غافلن جي حال پر ملال تي آهي جي پاڻ کي ٻانهو سڏائي به ٻانهپ ڏيڻ کان نابري واري ويٺا آهن ۽ هئن چئي نٽائي رهيا آهن ته اڃان اسان کي الله سائين نه ٿو گهري انهي حقيقت تي جناب لطيف سائين هئن روشني وجهڻ فرمائي آهي (بيت) سڏائي ٻانهي سمهين پير ڊگها ڪري، اوجاڳا اکين کي ڄاتئي، ناڏيئي هٿان تو پيئي ڪچو چوين ڪيچن کي) حاصل ڪلام ته اهو قسم نفس سرڪش جي ڦندي ۾ اهڙو ته ڦاٿل آهي جو پاڻ کي ڪڏهن به آزاد ڪرائڻ جو اونو ۽ انديشو ڪونه اٿس جيئن جو هي هيٺيون بيت اردو نفس اماره جي سرڪشي تي صادق آهي (بيت) يه نفس وه سرکش هـي که مارا نهين جاتا يه جن کـي عامل سـي اتارا نهين جاتا) 2- ٻيو قسم اهي آهن جن کي نيهن نصيبن ۾ ۽ حب حبيب جي حاصل آهي پر ڪمال درجي واري نه اٿن جيئن جو زيرين نقل مان نروار آهي ته هڪ ڏينهن يحي پٽ معاذ رازي رضه جناب بايزيد بسطامي قدس سره ڏي هي هيٺين عبارت عربي ۾ لکي موڪلي – سکرت من کثرت ما شربت من کاس حبہ) يعني پنهل جي پرت واري پيالي مان ڪجهه پي نشي ڀرپور ٿيو آهيان) مطلب ته ٿوري شراب پيڻ سان ڍهاول ٿيڻ علامت ضعيفن ۽ ڪمزورن جي آهي نه اهل قوت وارن جي 3- قسم اهي شخص آهن جن جي شوق شراب پيڻ کان ڪڏهن به اڃ نه لهي ۽ نه پيڻ مان ئي ڊؤ ٿئي- انهي حال وارن سالڪن جو لقب عارف ڪامل آهي، اهي صاحب قوت ڪاملہ جا توڙي 7-ست درياءَ پي ويندا تبه هل من مزيد جو نعرو نروار ڪندا رهندا مگر ڍهاپڻ ڪڏهن به قبول ڪونه ڪندا جيئن جو ڀٽائي جي بيت اولى ۾ انهي ڳالهه ڏي اشارو عيان آهي ته – سدا سائر سير ۾ پر اندر لهي نه اڃ) پر جناب سلطان العارفين بايزيد بسطامي قدس سره يحي رازي کي مٿين مذڪوره عبارت عربي جو هن طرح جواب لکي موڪليو- شربت الحب کاسا بعد کاس فما نفد الشراب ولا رويت يعني مون پيالن جي مٿان پيالا پرت جا پيتا پوءِ نه شراب کٽو ۽ نه ڍؤ ئي ٿيو- هن ساري تحقيق انيق مان ثابت آهي ته جناب سرتاج سنڌ به ٽئي درجه وارن ڪاملن جي قطار ۾ سهيلي ستاري وانگي سونهين ٿو – پر جڏهن ته سير الي الله کي نهايت نه آهي، تڏهن سلوڪ جا سالڪ سدائين سير الي الله جي سير ۾ رهي به اڃا اوساٽ تاس تي تاس جا واڪا ڪندا وتندا آهن، پر جن جي اندر ۾ اڃ تاس تام هوندي آهي ته پنهل جي پرت جو پاڻي پڻ اڃايل عاشق تي اڃايل رهندو آهي جيئن جو ڀٽ ڌڻي جي زيرين بيت مان صريح ثابت آهي (بيت) ساجن ڪارڻ سسئي مرقبولي سنڃ، اندر جني جو اڃا پاڻي به اڃو انهن ڪان) مطلب ته محبوب معنوي جي مشتاقن ۽ عارفن عاشقن جي تاس ۽ اڃ آس تي زيرين جذبات خاڪ مان پورو پورو پتو پوي ٿو (جذبات خاڪ) تاس منهنجي کي ڏسي توکي به ٿيندي تاس شل پياس منهنجي کي پسي توکي به ٿيندي پياس شل 1- آر منهنجي کي ڏسي تنهنجو به ويندو آر ٿي، آس آزي کي ڏسي توکي به ٿيندي آس شل 2- رُس نه رَسِ ٿي روح پرور ڪنهن سيکاريو ٿي رسڻ پاس پروانو شمع جو مان به ٿيندس پاس شل 3- پيچ پائي تو سان پرتس تون به پرچي وڃ پرين راس رس توسان رکان پر تون به ٿيندي راس شل 4-واهه ۽ پرواهه تنهنجي تون به ڪڍ پرواه ڪجهه قياس جوڳي حال تي ٿيندو اوهان کي قياس شل 5-خاڪ جي دل ۾ خفي ٿا درد جا کورا ٻرن توکي بي دونهاٽ جا پهچي وڃن ڪي واس شل.
    شاعرن جي شاه جي نظريه نروار موجب ساري تحقيق مذڪور جي تائيد ۾ بطور شرح شافي ۽ حجت ڪافي زيرين آيت زرين پيش ڪئي وڃي ٿي. ولکم فيها ماتشتهي انفسکم ولکم فيها ماتدعون نزلاً من غفور رحيم) يعني هن اوهان لاءِ سا چيز آهي جنهن جي خواهش توهان جي نفسن کي آهي ۽ هن ۾ اوهان جي واسطي سا چيز آهي جنهن کي غفور رحيم وٽان عطا ۽ ڄاڻي گهرو ٿا) هن آيت الاهي لفظ نزلاً مان عطاءَ الاهي مراد آهي ڇو ته عطاءَ الاهي هر وقت جديد طور تي نروار ۽ نمودار ٿيندي رهندي آهي خاص طرح استقامت وارن عارفن ڪاملن واسطي هر وقت نئين رنگ رندي سان نمودار ٿيندي آهي- جنهن ڪري عارف ڪامل عطاءَ الاهي کي جديد نمونه تي ڏسي حيران ٿي دل ۾ هئن چوندا آهن جا عطاءَ الاهي اڄ حاصل ٿي آهي اهڙي عطاءَ ڪڏهن به اڳي حاصل نه ٿي هئي تان جو جيئن جيئن عطائن ايزدي جي واردات ٿيندي رهندي ته تيئن تيئن عاشقن جي اڃ ۽ طالبن صادقن جي تاس وڌندي رهندي جيئن جو تاس جو تذڪرو پوري تحقيق سان مٿي گذري چڪو آهي.


    تن جي طبيب جي بيان

    30-(بيت)
    تون حبيب تون طبيب، تون درد جي دوا،
    جانب منهنجي جيءَ ۾، آزار جا انواع،
    صاحب ڏي شفا، ميان مريضن کي.

    شرح- هتي پيارو پيشوا ڀٽ ڌڻي پنهنجي درد جي دوا ۽ هر قسم جي مرضن ۽ آزارن جو علاج شافي پنهنجي حڪيم حاذق فهيم نائق حقيقي کان گهري رهيو آهي، جنهن حڪيم مطلق جي هٿ حڪمت ۾ شفا جي واڳ آهي، جنهن کي وڻيس شفا ڪري جنهن کي وڻيس جفا ۽ ابتلاءَ سان آزمائيندو رهي- تنهن ڪري صوفين صديقن جي مشرب موجب جيئن جسماني مرضن جا اقسام گهڻا آهن تيئن روحاني ۽ اندروني آزارن جا انواع ۽ اقسام گهڻا آهن- نيهن جي نامدار شاه صاحب شاندار جي نظريه موجب سندس بيت مذڪور ۾ روحاني مرضن ۽ آزارن جا انواع مراد آهن نه مرضن جسماني جا اگرچه اطلاق انهن تي به صادق ۽ سچو آهي- تنهن ڪري اسان فقط روحاني مرضن جا ڪي قسم ٻڌائڻ گهرون ٿا. 1- جيڪڏهن ڪو به طالب صادق ۽ سلوڪي سالڪ ڪنهن گناه جي گرفتاري ۾ مبتلا ۽ بيمار آهي ته اهڙي بيماري لاءِ دوا پر شفا توبہ جو تڪرار ۽ اظهار آهي جيئن جو حضرت امام همام حضرت جعفر صادق عليه السلام منقول آهي چون بيمار شوم بگناه مرا شفاد هد به توبہ) يعني جڏهن مان گناهن جي ڪري بيمار ٿيان ته منهنجو حڪيم مون کي توبه جي توفيق سان شفا ڏيندو آهي) اها حقيقت هن هيٺين شعر فارسي مان پڻ پديد ۽ ظاهر آهي(بيت) درد مندان گنه را روز شب شربت بهتر زا ستغفار نيست پر بدين جي بيماري شديد جو علاج اڪسير توبه تام جي طريقه وارو قرآن ڪريم وري هن طرح ٻڌائي رهيو آهي ياايها الذين آمنوا توبوا الي الله توبته نصوحا عسي ربکم ان يکفربکم سيئاتکم ويغفر لکم ذنوبکم) يعني اي مومنو توبه ڪيو الله وٽ تو به صادق اميد ته ميٽي ڇڏيندو مٺايون اوهان جون ۽ بخشي ڇڏيندو بديون اوهان جون) تنهن ڪري هر مومن صادق کي هشيار رهڻ گهرجي ۽ انسان غافل کي غفلت جي خواب گران کان بيدار ٿي سچي توبه جو علاج وٺڻ گهرجي ته سندس ساري عمر جا گناه معاف ٿي وڃن پوءِ هو صاحب اهڙو ته پاڪدامن ٿي رهندو جو ڄڻ ته ڪو به گناه مٿس ڪونه هو جيئن جو هيٺين حديث شريف اها شاهدي ڏئي رهي آهي ته التائب من الذنب کمن لاذنب لہ) يعني تائب گناهن کان اهڙو پاڪ ٿي رهندو جهڙو بي گناه بندو پاڪ هوندو آهي) ڇو ته سچي توبہ جو گهوڙو هڪ ساعت اندر زمين کان ڊوڙي واوَ کان وڌيڪ تکو تيز ٿي آسمان ڇا بلڪ عرش عظيم تائين پهچي وڃي ٿو پر جيڪڏهن تو به صادق سان گڏ آهون دانهون درد ناڪ ڪري ٿو ته اُنهن آهُن جي ڪري پڻ عرش اعلى بي جوش جنبش ۾ اچي ڏڪڻ لڳي ٿو – جيئن جو انهي حقيقت تي هيٺين بيتن مولانا مثنوي جي مان روشني پوي ٿي (ابيات) مرڪب توبہ عجائب مرڪب ست بر فلک تازد بيک لحاظ زپست گربر آ رند از پشيماني انين عرش لرزدارز انين المذنبين) پر بدين جي بيماري جي محبوب دوا خاڪ جي زيرين مصرعه مان هن طرح عيان آهي (مصرعه) گناهن جي بيماري کان دوا دارون وٺڻ گهرجي- ڏنو ڏاهن ڏيان سان ڏس پُڙي توبہ پيڻ گهرجي) 2- ٻيو قسم مرض رويته اغيارن جي الفت جو ازالو مشاهدهء انوار الاهي صاحب واليل اولنهار جي شفا سان آهي جيئن جو جناب سلمي رحمته الله عليه فرمايو آهي سلمه رحه فرموده که مرض برويته اغيار ست و شفا بمشاهدهء انوار واحد قهار) پر غير کان نفرت ۽ بيزاري فقير خاڪ جي هيٺين مصرعه مان پڻ ظاهر باهر آهي- درس وحدت دل ۾ ڌر ڌر غير سان ڪهڙو غرض سو رهي اندر ۽ ٻاهر غير سان ڪهڙو غرض 3- مرض جو آهي ڪونين سان گهاٽا تعلقات پيدا ڪرڻ شفا انهي جي تعلقات جو ڪپڻ ۽ انقطاع آهي ۽ اهو انقطاع جذبئه عنايت ايزدي سان وابسته آهي جو جذبو جڏهن پهچي ته سالڪ سڪ سوز واري کي ڪونين کان منقطع ڪري هڪ هوت هادي سان پرت جو پيوند ڏئي ڇڏي ڇو ته تجريد ۽ تنهائي تعلقات جي مرض کان ڇڏائي ڇوٽڪارو ڏيندي آهي جيئن جو هن بيت هيٺين مان پوري طرح پديد ۽ پڌرو آهي (بيت) چه گويمت که چه خوش آمدي مسيح صفت بيک نفس همه درد مرا داو گردد. 4- قسم مرض محبت ۽ شوق لقاء ۽ وصال جو پوءِ محبت جي مريض جي شفا محبوب معنوي جي مشاهدي ۽ ڪشف جمال ڪمال سان هوندي آهي جيئن جو هن هيٺين عربي قول مان ظاهر آهي- بمقدمک المبارڪ زال دائي وفي لقياڪ عجل لي شفائي – يعني اي محبوب تنهنجي قدوم مبارڪ سان منهنجو مرض زائل ٿي ويو ۽ تنهنجي ديدار سان تڪڙي ٿي شفا منهنجي. انهن سڀني قسم جي مرضن تي ڀٽ ڌڻي جو بيت مذڪور صادق ۽ سچو آهي جنهن بيت جي تائيد ۾ بطور شرح جي هي هيٺين آيت ڪريمه ڪافي حجت آهي (واذا مرضت فهو يشفين) يعني جڏهن به مريض ٿيندو آهيان ته پوءِ هو هوت مون کي شفا ڏيندو آهي) هن آيت الاهي مان چٽو اشارو آهي ته رب الارب کان سوا غير ڏي هرگز رجوع نه ٿجي ۽ خدا کان سواءِ ڪنهن به ٽول ۾ علاج معالجه جي اميد مستقله آرام جوئي لاءِ نه رکجي، اهو تسليم جو درجو ڪماليت وارو آهي جو درجو حضرت ابراهيم خليل الله جي ڪمال تسليم تي دال آهي، ڇو ته حڪيم مطلق پاڻ حاڪي ٿي حال ابراهيمي حڪايت ٻڌائي رهيو آهي ته جڏهن به مان مريض ٿيندو آهيان ته منهنجي مرض جو شافي تون ئي آهين) مطلب ته اي مولا پاڪ مالڪ عرش افلاڪ منهنجي مرض خوفناڪ جي شفا تي قادر تو پرور پاڪ کان سواءِ ڪو به ڪونه آهي پر جي ڪا به قدر ڪامله آهي ته فقط تو حڪيم حاذق جي هٿ حڪمت ۾ آهي تنهن ڪري تون ئي شفا جي اسبابن جو مسبب آهين توکان سوا ڪو به ڪار ساز ڪونه آهي جيئن جو زيرين مصراعن ڪلام خاڪ جي مان پڌرو پتو پوي ٿو
    (مصراعون)
    حاذقن جي هوش کان آ هوش اعلى هوت جو، پاڻ پنهنجو راز مخفي پاڻ ڄاڻي پاڻ ٿو.
    پاڻ ڏيندو پاڻ لاهيندو ڳجهون بيماريون، ويڄ دنيا جا نه ڄاڻن پاڻ ڄاڻي ڄاڻ ٿو
    ڏيهه جي ڏاتار کي ڪنهن جي نه آ پرواهه ڪا، جي پوي پرچي ڏئي ڏاتيون ۽ ڏوڙا ڏاڻ ٿو
    تنهن ڪري هي جو عام طرح چوڻي آهي ته زماني جي زهريلي هواءِ ۽ غذائن جي ڪري بيماري پيدا ٿيندي آهي ۽ صحت شفا طبيبن ۽ دوائن کان سر زد ٿيندي آهي، اهو چوڻ موقوف مجاز تي آهي وگرنه حقيقت ۾ شفا حڪيم مطلق جي هٿ ۾ آهي، حڪيمن نه ٻين جي هٿ ۾ پر جڏهن ته شفاءِ مرض ٻنهي جو اختيار حڪيم مطلق جي هٿ ۾ آهي ته حضرت ابراهيم عليه السلام مرض جي نسبت نروار پاڻ ڏي ڇو ڪرڻ فرمائي آهي. هن صاحب کي گهربو هو ته مرضت جي بدران امرضني آڻڻ فرمائي هان. هن اعتراص جو جواب هي آهي ته حضرت ابراهيم عليه السلام حسن ادب جي رعايت موجب مرض جي نسبت پاڻ ڏي ڪرڻ فرمائي نه رب ڪريم رئوف رحيم ڏي، جيئن جو حضرت خضر عليه السلام پڻ عيب جي نسبت پاڻ ڏي ڪرڻ فرمائي آهي نه رب رحيم ڏي ڇو ته اُتي به رعايت حسن ادب جي زير لحاظ آندي وئي آهي. ڪما قد قال الله في الکلام حاکيا عن الخضر عليه السلام فاردت ان عيبها) يعني پوءِ مون ايرادو ڪيو ته ٻيڙي کي عيبدار ڪريان) جيڪڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام اهو حسن ادب جو خيال دامنگير نه هجي هان ته جهڙي طرح کيس شفا تي يقين تام هو تهڙي طرح مرض جي اعطاءَ ۽ ڏيڻ تي يقين ڪامل هو جنهن يقين ۾ کيس تر جيترو به تردد ڪونه هو جناب سرتاج سنڌ جي بيت مذڪور مان حصر جي اختصاص سبب هويدا آهي ته سندس درجو تسليم حضرت خليل الله وانگي ڪمال لازوال تي پهتل هو جيئن جو سندس زيرين قول زرين مان پڻ اهو ثبوت ملي ٿو (بيت) سڀيئي سبحان جي تون ڪر حوالي ڪم تحقيق ٿي تسليم ۾ لاهي غم و هم ته قادر ساڻ ڪرم حاصل ڪري هاج تو) 2- ٻيو ته هي آيته الاهي زيرين پڻ لطيفي لات جي مزيد تائيد فرمائي رهي آهي علم ان سيکون منکم مرضى) مرض مان مراد آهي انساني اعتدال خاص کان خروج ڪرڻ پوءِ آيت پاڪ جو اشارو قلبي مرضن ڏي پڻ مائل آهي جي قلب حب دنيا ۽ شهوات نفساني جي شغلن ۽ افاديت جي حجاب ۾ مبتلا ٿي مريض ٿيندا آهن، انهن وقت مٿن اسرار قرآني ۽ انهي جي حقيقت حقاني کان ڪو به ٽول ظاهر باهر نه ٿيندو آهي چه جائيکه مشاهدات معرفت محبوب معنوي جيئن جو شيخ سنائي فرمايو آهي (بيت) عجب نبود گراز قرآن نصيبت نيست جز حرفي که از خورشيد جز کرمي نيا بدچشمه نابينا) عروس حضرت قرآن نقاب انگ بر اندازد که دار لملک ايمان زامجر يا بد از غوفا) باقي معرفت محبوب جي انهي عارف الاهي کي حاصل هوندي آهي جو عارف پنهنجي توجه تام کي سواءِ حضرت ذات حق جي غير ڏي متوجہ نه ڪري جيئن جو تفسير روح البيان واري هيٺين عبارت پر بشارت مان عيان آهي لن يکون عارفا الا بالتوجه الي الحضرت العليا) يعني هرگز نه ٿو هجي ڪو به عارف مگر اهو جنهن جو توجہ فقط ذات حق ڏي هجي) جيئن جو لطيفي لات – لوڪان نحو صرف مون مطالع سپرين) مان نعرهء معرفت نروار آهي پر جناب حضرت خواجه اجميري پنهنجي ديوان ۾ محبوب معنوي جو مشاهدو پنهنجي چشمن اندروني کي هئن ڏيکاري رهيو آهي ته

    دلا بچشم حقيقت جمال دوست به بين + ز مظهر همه اشيا ظهور اوست به بين
    دلا تو حسن خدا ديدهء غلط نه کني + که درجمال خدا جلوه کر هموست به بين
    بگوش ظاهر وباطن حديث عشق شنو + بچشم صورت و معنى جمال دوست به بين

    (نقل)
    ذوالنون مصري قدس سره فرمائي رهيو آهي ته هڪ ڏينهن سفر جي حالت سان هڪ شهر ۾ پهتس دل ۾ خيال ڪيم ته اندر شهر ۾ وڃان اوچتو شهر جي در تي هڪ ماڙي نظر ۾ نروار ٿي ۽ هڪ نهر جاري، مان نزديڪ نهر جي وڃي وضو ڪيم فراغت کان پوءِ ماڙي تي نظر ڦيرائي ڏٺم ته هڪ ڪنيز خوب صورت نظر آئي جا ڪنيزڪ ماڙي تي بيٺل هئي- جڏهن مون تي سندس نظر پئي ته چيائين اي ذوالنون جڏهن پري کان توکي ڏٺم ته ڄاتم تون مجنون آهين پر جڏهن تو طهارت ڪئي ته خيال آيو ته تون عالم آهين، طهارت کان پوءِ جڏهن منهنجي اڳيان آئين ڀانيم ته عارف آهين، هاڻي تحقيق تيقن تي پهتس ته نه تون مجنون آهين ۽ نه عالم ۽ نه عارف چيم ڇاڪاڻ چيائين جي ديوانو هجين ها ته طهارت نه ڪرين ها ۽ جي عالم هجين ها ته نظر نا محرم ڏي ۽ خانه بيگانه ڏي نه ڪرين ها ۽ جيڪڏهن عارف هجين ها ته دل تنهنجي ماسوي الله جي طرف مائل نه هجي ها- جيئن جو خجندي عليه الرحمته انهي بابت عمدو فرمايو آهي- سالک پاک رو نخوانندش آنکه از ماسوي الله منزه نيست آستين کوتهي چه سود آنراکه ردنياش دست کو ته نيست)
    حاصل ڪلام ته آدمي عارف جي ديد دروازو معرفت محبوب جو آهي نه غير ڇو ته عارفن کي اکه عبرتي عالم اڪبر جي اشياعن ڏي نهارڻ لاءِ عطا ڪئي وئي آهي جيئن جو زيرين آيته ڪريمه جي اشاره مان عيان آهي وما خلقنا السموات والارض وما بينهما الا بالحق) پوءِ ڀلي ته عارف عباد الرحمان عالم اڪبر ڏي اکه عبرتي سان نظر نروار ڪندا رهن جيئن جناب سعدي عليه الرحمته فرمايو آهي- دو چسم از پئي ضع باري نکوست زعيب برادر فروگيردست در معرفت ديدهء آدمي ست که بکشوده برآسمان وزمين است) پر اها عبرتي نعمت عظمى اُنهي آدمي کي بطور تڪريم جي عطا ٿيندي آهي جنهن صاحب کي فڪر سليم جو فوز عظيم حاصل هوندو جيئن جو زيرين شعر عربي مان عيان آهي (اذا لمرء کانت لہ فکرة ففي کل شيءِ لہ عبرة) پر حديث مبارڪ ۾ پڻ پديد آهي تفکر ساعة خير من عبادة عمل الثقلين) باوجود ايڏي تحقيق جي انهي حقيقت تي مولانا سعدي جو زيرين شعر مزيد تائيد جو ڪم ڏئي ٿو – برگ درختان سبز در نظر هوشيار هر ورقي دفتري ست معرفت کردگار) پر خود انسان جو مظهر حق آئينه ذات ۽ صفات حق تعالى آهي تزڪيه ۽ تصفيه جي وقت مٿس انوار الاهي ۽ مشاهدن معرفت جي پالوٽ رهي ٿي تان جو هو شهود هويت پنهنجي سان نزديڪ تجلي ربوبيت پنهنجي تجلي بالحق رهي پاڻ بيخودي ۾ انالحق چئي ويهي ٿو ۽ ڪي وري انانيت جي فنائي کان بعد بقاء سبحانية جي نزديڪ پهچڻ سان نعردء اعظم ثاني جو نروار ڪرڻ فرمائيندا رهندا آهن پر جناب لطيف لاثاني بعد حصول فنائيت ڪامله جي هئن فرمائي رهيو آهي (بيت) پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ ته نه ڪو ڏونگر ڏيهه ۾ نه ڪا ڪيچن ڪاڻ، پنهون ٿيس پاڻ سسئي تان بسور هوا) هن بيت ۾ ڀٽ ڌڻي جو شرعي لحاظ موجب حسن ادب مرعي آهي وگرنه رنداني رمز موجب ساڳي مام عارفانه اشاري سان آلاپي وئي آهي قربان ٿجي سرتاج سنڌ جي اهڙي حسن ادب تان جنهن مقام معلى تي پهچڻ وقت پڻ لحاظ شرعي کي زير نظر آڻي شرعي ادب جي رعايته رکي آهي پر اهو مقام معلى ڪن ڪن مقربن کي ڪثرت رياضت ۽ گهڻن مجاهدن کان ۽ گهڻن ورهين کان پوءِ حاصل ٿيندو آهي ۽ ڪن عاشقن کي اهو مقام عنايت ارزاني ايزدي سان هڪ لحظ اندر قيامت عشق جي تزڪيه سان حاصل رهندو آهي جو ورهين جي مجاهدن سان به مس مس حاصل ٿئي ڇو ته عشق اسم اعلى جذبته الحق جو آهي جيئن جو زيرين حديث حبيب الله صلي الله عليه وسلم مان ثابت آهي جذبة من جذبات الحق توازي عمل الثقلين) يعني هڪ جذبو حق جي جذبن مان ثقلين جي عمل برابر رهي ٿو) انهي حقيقت مذڪوره تي هن آيت ڪريمه هيٺين مان روشني هويدا رهي ٿي وان الساعة التية) آيته جو اشارو آهي عارفن وٽ هن ڳالهه ڏي مشير آهي ته طالبن صادقن جي نفس نابود ڪرڻ لاءِ قيامته العشق ضرور اچڻ واري آهي جا رياضتن ۽ مجاهدن وارن کي فنائيت جي درجه پهچائي ڇو ته طلب ۽ صداقت ۽ اجتهاد قلبي عشق جي نتيجن مان آهن جنهن ڪري ڪثرت رياضت سبب نفس سرڪش نابودي ۽ فنائيت جو درجو ماڻي قيامت عشق جي ڪري مماتي جو منصب ماڻيندو آهي، جيئن جو خاڪ جي زيرين مصرعه ڪافي مان عيان آهي- عشق جي ايوان ۾ مشتاق لکه مرندا ڏٺم شمع واري شعاع تي سوسو پتنگ سڙندا ڏٺم) پر جناب خواجه اجميري فرمايو آهي ته؛
    سوخت از بهر تو جان و جگر سو ختگان، اين چه روز ست که آمد بسر سو ختگان


    نيهن جي نهان رکڻ ۾ احتياط آهي نه نروار ۾

    31- (بيت)
    نهائين کان نيهن، سک منهنجا سپرين،
    سڙي سارو ڏينهن، ته به ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

    شرح – نيهن جي نامدار نانگي قرب قدوسي جي ڪانگي بره جي بانگي جي نظريه موجب نيهن ايزدي ۽ عشق الستي کي ائين اندر ۾ ساه وانگي سانڍجي جيئن جو نهائين ۽ آوي ڪنڀارن واري ٿانون کي ساه اندر سانڍهي ڇڏيندي آهي جو سارو ڏينهن سڙندي به درد جي دونهاٽ واري ٻاڦ ٻاهر نه ڪڍندي آهي- ائين ڪرڻ سان عشق جي ڪتمان ڪرڻ سبب ڪمال درجه تي پهچي پهرين نمبر پروان وانگي پاس ٿي پاڻ ته امتحان اندر پچي لعل ٿيندي آهي پر سندس سوز ۽ مخفي مچ وارا ڪچي مٽي جا ٺهيل ٿانو به پچي پچي ڳاڙها لعل ٿي ويندا آهن. تنهن ڪري طالبن صادقن ۽ سلوڪي سالڪن کي به گهرجي ته گلالن جي نهائين کان نيهن جو لڪائڻ سکي پاڻ به ٻاڦ ٻاهر نه ڪڍي امتحان الستي ۾ پهرين نمبر پاس ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا رهن – عشق جي ڪتمان بابت بطور شرح شافي جي هي حديث حبيب الله صلي الله عليه وسلم جي حجت ڪافي ۽ برهان وافي آهي من عشق و کتم وعف فقدمات مات شهيدا) يعني جنهن به عشق ڪيو ۽ لڪايائين ۽ پاڪدامن رهيو پوءِ تحقيق مري ويو ته اهو شهادت جو درجو ماڻي مري ويو) پر حديث مذڪور کان سوا مزيد تائيد ۾ بطور شرح جي زيرين آيته ڪريمه قابل حجت آهي ادعوا ربکم تضرعا وخفية يعني سڏيو رب پنهنجي کي ڳجهي طرح زاري نيزاري سان) ڇو ته رب الارباب کي هوريان هوريان نهاني نمونه موجب گريه زاري سان سڏڻ افضل ۽ اعلى آهي ۽ اهو سري سڏڻ رياء ۽ ڏيکاء جي عمل باطل کان وڏو بچاءُ آهي جيئن جناب ڀٽ ڌڻي ٻي هنڌ چرخي کي مخفي طرح سان چورڻ بابت تاڪيد شديد ڪرڻ فرمايو آهي – ائين چرخو چور جئين ڀونئر به ڀڻڪو نه ٻڌي) حاصل ڪلام ته ماڻهو ته تنهنجي چرخي چورڻ جو ڀڻڪو ۽ آواز نه ٻڌن پر اهڙي هوريان اور عجيبن سان اور جو تنهنجي اندروني اور جو آواز زمين به نه ٻڌي- تنهن ڪري طالب صادق کي عشق جي ڪتمان ۽ نيهن جي لڪائڻ لاءِ ڪيڏو نه تاڪيد ۽ احتياط آهي عجيبن سان اندروني اور اورڻ تي هيٺيون ڪلام رستم فقير جو عجيب روشني وجهي رهيو آهي.

    (ڪلام) (حصئه قليل)
    اوران ڪنهن نال اوران تئن بن رانجهن سائين
    بره تيڏي بيمار جو ڪيتا مرندي نامئن جيندي
    ڀر ڀر جام جدائي والا پر پر ڪر مئن پيندي
    لايان درد ٽڪوران سڻ چا عرض اگهاوين.

    پر ويچارو ورهه جو وينجهار شاه محمد ديدڙ دادلو دربار وري هئن چرخي چورڻ ۽ اور اورڻ بابت فرمائي رهيو آهي- الف اٿي تون چرخو چور آڌي رات الهه سان اور ترت طلب جي تسبي سوز نفس ٿيو ٿي ظالم زور ڪوڙا ڪانه لهين ٿو ڪل هي جڳ جاني ٿي چلپل- غرض ته جيئن چشم ۽ دل دائمي وحدت ۾ غرق ۽ محو رهي معرفت محبوب معنوي جي معيت جو مشاهدو ۽ مزو ماڻينديون رهن جيئن جو خاڪ جي زيرين ڪلام مان ظاهر آهي.
    (ڪلام خاڪ)
    چوڏهين جي رات روشن چنڊ ۽ اختر سان گڏ + چرخ تي چمڪن ستارا چشم دل اڪبر سان گڏ
    1. غير سان دل ڪين ٻڌ دل دار آ دلدار جي + تن هجي دنيا سان گڏ پر دل هجي دلبر سان گڏ
    2. بيهه تارن جان برابر رات هر طاعت اندر + تنهنجي قسمت جو ستارو تان رهي رهبر سان گڏ
    3. ٽڙ عبادت ۾ ڏسي ٽيرو ڪتيون ڪت قلب سان + ور ڏئي وارو ته ساري عمر ويهين ور سان گڏ
    4. غم الم ڪافور ٿي ويندو نه رهندي شب فراق + صبح اڀري ڄاڻ آئي سونهه سج انور سان گڏ
    5. خاڪ جو خوش خوبرو جي خيال ۾ اقبال آ + ٿي فنا وڃ خيال ۾ رک پاڪ دل پرور سان گڏ


    نفس کي مجاهدن جي ڪاتي سان ڪهڻ ۾

    33- (بيت)
    پهرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو،
    ڏک پريان جو ڏيل ۾، واڄٽ جئن وڄاءِ،
    سيخن ماه پچاءِ، جي نالو ڳيڙئي نيهن جو.

    شرح – جناب سرتاج سنڌ فرمائي رهيو آهي اي طالب صادق پهريون پنهنجي نفس اماره ۽ سرڪش کي مجاهدن جي ڪاتي سان ڪهي ۽ سندس جسماني پڃري وارا چارئي پکي جدا جدا ڪهي پوءِ هادي حبيب جي پڇا ڪر ته جيئن هو ڪٺل نفس نئين حياتي سان زنده ٿي هوت حقيقي جي حڪم جو فرمانبردار رهي ۽ جنهن به وقت هن کي داعيئه شريعت ۽ طريقت ڏي سڏين ته مطيع ٿي ڊوڙندو اچي ڪڏهن به اطاعات عشق جي کان نابري نه واري بلڪ نيهن ۾ نروار ٿي امتحاني سيخن آتشي تي پاڻ پچائي پروان وانگي پاس ٿي ڏيکاري جيئن جو حڪيم سنائي رحه مثنوي مان انهي طرف اشارو عيان آهي (مثنوي) چار مرغ ست چار طبع بدن جمله رابهر دين بزن گردن پس بايمان و عقل و عشق و دليل. زنده کن هر چهار راچو خليل- شريعت ۽ طريقت وارن جي اتفاق موجب نفس ٽن قسمن تي مشتمل آهي 1- هڪ نفس امارو 2- نفس لوامو 3- نفس مطمئنو پوءِ پهريون قسم نفس فاجرن ۽ فاسقن جو آهي جنهن جي ڪهڻ تي عارفن جو اتفاق آهي ٻيو قسم مومنن صالحن جو آهي ٽيون قسم انبيائن ۽ اوليائن جو آهي جن جي نفس مطمئنه کان مولا پاڪ راضي آهي ۽ سندن نفس رب کان راضي آهي جيئن جو هي آيت الاهي انهي تي گواه آهي يا ايتها النفس المطمئنته ارجعي الى ربڪ راضيته مرضيته فادخلي في عبادي وادخلي جنتي) يعني اي نفس مطمئنه تون پنهنجي رب ڏي موٽ راضي ٿي ۽ مرضي ٿي پوءِ منهنجن ٻانهن سان گڏجي بهشت ۾ داخل ٿي وڃ) پر نفس اماره کي ڪهڻ بابت هي آيته شريفه پڻ شرح جو ڪم ڏئي رهي آهي ليطمئن قلبي قال فخذا ربعته من الطير فصر هن اليڪ واذبجهن الى-ثم ادعهن يا تينڪ سعيا) يعني تانجو منهنجو قلب اطمينان وٺي فرمايائين پوءِ پکين مان چار پکي وٺ اُنهن کي ڪهي پاڻ ڏي سوڙهو ڪري گنڍ تنهن کان پوءِ هنن کي سڏ ڪري ته توڏي ڊوڙندا ايندا) تفسير حسيني وارو مولانا ڪاشفي صاحب هن آيته جي هيٺان هئن فرمائي رهيو آهي ته در انوارآمده که هر که خواهد که نفس خودرا به حيات ابدي زنده گرد اندبا يد که قوائي بدني باتيغ رياضت بسمل ساخته بعض رابه بعض بيا ميزدتا صورت ايسان شکسته منقاد فرمان شوندو ايشانرا بداعيئه شرع و عقل بخو اند تابطريق مطاوعت شتاب کنان باز آيند- محققان گفته اند در ذبح طيور اربعه اشارت چنين بوده که کبوتر راپيو سته بامردم مستانس ست بکش ور شتئه الفت از خلق ببرو خروس راکه همواره مائل شهوت ست ذبح کن وخودرا ازپند شهوت بازر رهان وزاغ راکه نعب حرص ست بقتل ازو صفت حرص و آزبگذارو طائوس راکه مجمع زينت ست سر بردارو ديدهء همت را از آرايش دنيا فروبندکه هر که به تيخ مجاهده اين چهار صفت مذمومه رابذبح. آرد حياتي ابدي و زندگي سرمدي يا بدوگويند چهار صفت از تبايع ارکان اربعه در آدمي پديد آيت و ذبح بانها به تيغ مخالفت لازمه ست اول صولته کبرکه نتيجئه آتش ست دوم داعيئه شهوت که ثمرهء هوا ست سيومه گاپوئي حرص که عادت آب ست چهارم تيرگي امساک که صفت خاکه ست) يعني ڪتاب انوار ۾ آندل آهي ته جو به گهري ته پنهنجي نفس کي حيات ابدي سان ممتاز فرمائي ته انهي کي گهرجي ته جسماني قوتن کي رياضت جي ترار تيز سان اهڙو ته بسمل ڪري جو بعض قوت جسماني کي بعض سان ملائي ڇڏي تانجو صورت انهن جي شکستگي حاصل ڪري تابع فرمان جي ٿي وڃي ۽ انهن کي داعيئه عقل ۽ شرع سان سڏي ته تابعداري طريقه سان ڊوڙندا موٽي اچن محققن فرمايو آهي ته چئن پکين جي ذبح مان هن طرح اشارو آهي ته ڪبوتر کي جو دائمي انسانن سان اُنس ۽ و روح آهي انهي کي ڪهه مراد رشتو الفت جو خلق کان ڇن ۽ ڪڪڙ کي جو سراسر شهوت جو شائق آهي انهي کي ذبح ڪر مراد پاڻ کي شهوت کان پاڪ ڪر ۽ ڪانگ کي قتل ڪر جو حرص جو چشمو آهي مراد حرص جي سڌ ڇڏي ڏي ۽ مور پکي کي جو جامع زينت جو آهي انهي جو مٿو ڀنڃ مراد همت جي اک دنيا جي زينت ۽ آرايش کان بند ڪري ڇڏ- مطلب ته جو به مجاهدن جي تيز ترار سان انهن چئن صفتن خرابن کي ذبح جو زيب ڏياري حياتي ابدي ۽ زندگي سرمدي سان سينگاريندو اهو سدائين سلوڪي سير ڪرڻ سان سرفراز ٿيندو رهندو. چوندا آهن ته اهي چار صفتون جي چئن عناصرن جي پٺي آدمي ۾ عيان ٿين- اُنهن کي مخالفت جي تيز ترار سان ڪهڻ واجب آهي 1- هٺ هستي کي جا نتيجو آتش جو آهي 2- اعيئه شهوت کي جو ثمر و هوا ۽ باد جو آهي 3- هٻڇ حرص جي ۽ ڊڪ ڊوڙ جا عادت آب ۽ پاڻي جي آهي 4- ميراڻ بيٺل جا صفت خاڪ جي آهي) جيئن جو حڪيم سنائي صاحب انهي معنى ڏي اشارو ڪرڻ فرمايو آهي (مثنوي) چار مرغ ست چار طبع بدن جمله را بهر دين بزن گردن پس بايمان عقل عشق دليل زنده کن هر چهارا راچو خليل) ترجمو سنڌي بيتن ۾ جي پکي چار سي عناصر چار دين جي واسطي ڳرين کي ڳار عشق ايمان ساڻ عقل دليل چار جيرا ٿين بخوئي خليل) پر روح البيان وارو آيته مذڪوره جي هيٺان گهڻي بحث ڪرڻ بعد امام قشيري رحه جي راءِ انهن چئن پکين بابت هئن نروار ڪري رهيو آهي ته قال القشيري طلب ابراهيم عليه السلام بهذه حياته قلبہ فاشير اليہ بذبح الطيو روفي الطيور الا ربعته اربعته معان هي في النفس في الطاؤس زينته و في الغراب امل وفي الديک شهوت والبط حرص فاشارالي انہ مالم يذبح نفسہ بالمجاهدة لم يحي قلبہ بالمشاهدته) قشيري فرمايو ته حضرت ابراهيم عليه السلام هن آيته سان پنهنجي قلب جي حياتي طلب ڪئي پوءِ کيس ڌڻي جي دربار مان پکين جي ڪهڻ جو اشارو ٿيو جي پکي عدد چار هوا جن مان چار معنائون مراد آهي 1- نفس مان مراد مور جي زينت 2- زاغ مان مراد نفس جي اميد آهي 3- ڪڪڙ مان مراد نفس جي شهوت آهي 4- بط- آڙي مان مراد نفس جو حرص آهي پوءِ جيستائين نفس سرڪش کي مجاهدن جي قهري ڪاتي سان نه ڪهندو تيستائين طالب حق جو قلب مشاهدن سان جيرو نه ٿيندو- پر علامه سيد محمود آلوسي عليه الرحمته پنهنجي فسير روح المعاني ۾ آيته مذڪوره جي هيٺان هئن فرمائي رهيو آهي قال فخذا ربعته من الطير- اشار ته الى طيور الباطن التي في قفص الجسم وهي اربعته من اطيار الغيب العقل والقلب والنفس والروح فاذبح طير العقل بسکين المحبة على باب الملکوت واذبح طير النفس بسکين العشق في ميادين الفردنية واذبح طيرالروح بسکين العجز في تيہ عزة اسرار الربانية) اشارو آهي انهن باطن وارن پکين ڏي جي جسم جي پڃري ۾ چار پکي غيبي آهن عقل ۽ قلب ۽ نفس ۽ روح- پوءِ عقل جي پکي کي ملڪوت جي دروازي تي محبت جي ڪاتي سان ذبح ڪر ۽ قلبي پکي کي جبروت جي در تي شوق جي ڪاتي سان ذبح ڪر ۽ نفس جي پکي کي فردانيته جي ميدانن تي عشق جي ڪاتي سان ذبح ڪر ۽ روح جي پکي کي عزت رازن رباني جي صحرا تي عجز جي ڪاتي سان ذبح ڪر.) انهي ساري تحقيق انيق مان ڀٽائي جي بيت جي مراد آهي ته جو به طالب حق جو سلوڪي سڻڪ جو سڌو رستو پڇڻ گهري ته پهريان پنهنجي جسم وارن پکين کي مجاهدن جي تيز ڪاتي سان ڪهي پوءِ محبوب معنوي جي مشاهدي ماڻڻ جي سڌ ڪري وگر نه ايڏي ڪٺن ڪم ۾ ڪاميابي محال آهي موجب مصرعه معروف ماڻهن ليکي عشق سهانگو آهي محبت چيز مهگاني) ٻي مراد بيت مذڪور جي هن طرح به ٺيڪ ٺهڪي اچي ٿي ته اي طالب جڏهن به تون تيار ٿي پرت جي پنڌ پاڪ ۾ پير پائڻ گهرين ته پهريون ڪاتي پائڻ واري لاءِ ڪسڻ ڪاڻ ٻڪرو بڻي سهي سنبري سر سهائي اچ ته نيهن جو نامدار پرتيڻو نعرهء تکبير ذاتي سان قرب جي ڪاتي وهائي ڪماليت جي درجه تي پهچائي ڇڏئي جيئن جو سنس بيت زيرين مان اها مراد ظاهر آهي ( بيت) ڪڏهن پئجي ڪن ٿي ڪڏهن ٿجي وات ڪڏهن ٿجي ٻڪرو ڪڏهن ٿجي ڪات) ڇو ته سچو سالڪ ڪسڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندو آهي بلڪ ڪسي قربان ٿيڻ ۾ پنهنجي وڏي ڪاميابي محسوس ڪندو آهي- پوءِ جي سر ڏني سڄڻ سرچي پوي ته اهو سودو سون کان سرهو آهي جيئن جو ڪنهن شاعر چيو آهي ته – ساه ڪيان قربان پياري پنهل تون گهوري گهوري – پر انهي بابت مولانا شيخ سعدي رحه ڏاڍو عمدو فرمايو آهي- عاشقان کشتگان معشوق اند برنيايدز کشتگان آواز) يعني عاشق معشوق جي هٿ جا ڪٺل آهن ڪٺلن کان آواز ٻاهر ايندو) بلڪ صبر ۽ سڪ سان سر ڏئي سرفراز ٿيندا آهن- جناب مخدوم جهانيان رح پنهنجي ملفوظات ۾ هن طرح بيت آندو آهي ته
    (بيت)
    گرميکشي بکش بيکبار تا چند ز خويش داريم دور
    ۽ هي عربي بيت هيٺيون پڻ مخدوم آندو آهي
    (بيت)
    وڪلت الي الحبيب امري ڪلہ ان شاعء احياني دان شاء اتلفا
    يعني (مون سڀ ڪم سڄڻ کي سوپيو آهي سوڻيس ته مون کي جياري وڻيس ته ماري) پر ويچاري حاجي خانڻ چنجڻي پنهنجي ڪافي ۾ هوت جي حالت هئن بيان ڪري رهيو آهي
    (ٿلهه ۽ مصرعو)
    ڪن سان ڪئن ڪن سان ڪئن منهنجو هوت مون سان هئن
    1- ڪڏهن ڪڏهن هسندو ڏسان ري بهاني رسندو ڏسان هي ڪنڌ اُتي ڪسندو ڏسان واهه وڻيس جئين-
    پر فقير خاڪ جو خيال سڄڻ جي سودي بابت هئن آهي
    (مصرعه)
    سسي سر ساه دل جو مون ڪيو سودو سڄڻ سان، جڏ تڏ هن ٻي يارسان ٻيهر ٻيو واپار نا گهرجي.


    بيان ذبح حضرت اسماعيل جو

    33- (بيت)
    ڪاتي ڪهڙو ڏوهه، جو ڳن وڍيندڙ هٿ ۾،
    پسي پر عظيم جي، لرزيو وڃي لوهه،
    عاشق کي اندوه، سدا معشوقن جو.

    شرح – هن بيت ۾ اشارو حضرت اسماعيل عليه السلام جي قصه شريف ڏي آهي ته جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام پنهنجي خواب جي ڳالهه ٻڌائي ته ٻڌڻ سان حضرت اسماعيل عليه السلام فرمايو ته الله جو امر اکين تي آهي تون دير نه ڪر مون کي انشاء الله تعالى صبر وارن مان لهندين پر ان کان اڳ ۾ حفظ حق ربوبيته ۽ رعايته ادب عبوديته جي ڪري منهنجو هي التماس اديبانه اجابت ۾ آڻ ته پهريون هٿ ۽ پير منهنجا ٻڌڻ گهرجن جيئن ذبح جي عذاب کان لڇي ڏوراپي هاب به نه ٿيان تنهن کان پوءِ حضرت ابراهيم عليه السلام جڏهن سندس ڪهڻ جو عزم ۽ ايرادو ڪرڻ فرمايو ته وري دوباري حضرت اسماعيل عرض ڪيو ته اي بابا سائين منهنجو قيد مون کان کول ڇو ته مان پنهنجي پروردگار کان ڊڄان ٿو ته مباده مون کي هئن ڏوراپو ڏنو ڃي. اي دوست منهنجا پاڻ کي هٿ ٻڌل قيدي بنائي – پوءِ امر جي اطاعت ڪيئي- تنهن ڪري مون کي قيد کان آجو ڪري پوءِ ڪاتي سان ڪهه ته منهنجي صبر ۽ صداقت جي سڄڻ کي خبر پوي ڄڻ زبان حال سان هي مصرعه زيرين ڳائي رهيو هو ته – ڪاتي ڪنڌ منهنجي تي وهاءِ ابا ذرو دير نه دم هڪ لاءِ ابا- ڇو ته هوت جي هٿ پاڪ کان زهر جو پيالو پيڻ به ماکي جي شربت مثل آهي جيئن جو زيرين بيت مان ظاهر آهي- ولو بيدالحبيب سيقت سما لکان من يده يطيب) يعني جي حبيب جي هٿ کان زهر جو پيالو پيان ته اهو زهر حبيب جي هٿ جو ماکي کان به مٺو آهي- پر محبوب جي مارڻ بابت هي هيٺيون پهاڪو عربي ۾ مشهور آهي ته ضرب الحبيب ذبيب) محبوب جو مارڻ انگورن کارائڻ جي برابر آهي) ٻي ڪنهن شاعر شائق وري هئن چوڻ فرمايو آهي ته محبوب جي هٿ مبارڪ کان مهن تي مڪون کائڻ ائين آهي جيئن جو هوت پنهنجي هٿ سان پڻ گره گره وات ۾ وجهي پنهنجي مشتاق کي ماني کارائي رهيو آهي، جيئن جو زيرين بيت فارسي مان ظاهر آهي (بيت) از دست تو مشت بر دهان خوردن خوشترکه بدست خويش نانخوردن ڇو ته عاشق صادق پرين پار جي تڪيلف ۽ ڪوڙاڻ کي ماکي مثل مٺو شربت ڪري ڀائيندا آهن جيئن جو ڀٽ ڌڻي جي هيٺين بيت مان عيان آهي (بيت) پرين سندي پار جي مڙئي مٺائي ڪانهي ڪڙائي چکي جا چت ڪري) پر حضرت ابراهيم ڪيترا ڀيرا ڪاتي وڏي زور ۽ طاقت سان سندس حلق مبارڪ تي وهائي پر ڪارگر نه ٿي تنهن کان پوءِ ڪاوڙجي دوباري سندس ڪياڙي تي وهائڻ لڳو ته ڪاتي قهر قهار جي کان ڪنبي اُبتي ۽ مڏي ٿي پئي ڇو ته سندس ڳن حقيقي وڍيندڙ جي حڪم هيٺ هو، هن کي ڪهڙي طاقت جو حڪم حاڪم حقيقي جي انحرافي ڪري حضرت اسماعيل عليه السلام جي نڙي مبارڪ ڇا بلڪ وار به ڪپي سگهي، هرگز نه هرگز نه جيئن جو هي بيت اها خبر ڏئي رهيو آهي
    (بيت)
    آن توکل تو خليلا
    نه ترا تانبرد تيغت اسماعيل را.
    پوءِ ناگاه عين انهي وقت هي ندا غيب کان حضرت ابراهيم عليه السلام جي گوش گذار ٿي وناديناه يا ابراهيم قد صدقت الرؤيا) يعني اسان سڏ ڪري چيو ته اي ابراهيم تنهنجو خواب سچو ٿي چڪو) حديث ۾ آهي ته هڪ ڏينهن حضرت رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جبرئيل عليه السلام کي فرمايو ته اي جبرئيل ڪڏهن توکي آسمان کان نزول جي وقت ڪا تڪليف به پهتي جبرئيل چيو ته هائو مون کي چئن جاين تي سخت ۾ سخت تڪليف ٿي 1- هڪ جڏهن ابراهيم کي نمرودي نار ۾ اڇلايو ويو، تڏهن مان عرش جي هيٺان حضور ۾ حاضر هوس ڌڻي تعالى فرمايو ته پهچي وڃ ٻانهي منهنجي کي پوءِ پهتس مان ۽ کيس چيم ته ڪا حاجة اٿئي جواب ۾ چيائين ته تو ۾ منهنجو ڪو به ڪم ڪونه آهي 2- ٻيو انهي وقت جو حضرت ابراهيم ڪاتي اسماعيل جي حلق تي رکي مان عرش جي هيٺان حاضر هوس فائق جو فرمان ٿيو ته پهچي وڃ ٻانهي منهنجي کي، پوءِ اک ڇنڀ ۾ پهچي ويس پهچڻ سان ڪاتي کي ڦيرائي ابتو ڪري ڇڏيم. 3- ٽيون احد واري ڏينهن ۾ جو ڪفارن توکي زخمي تنهنجا ڏند مبارڪ شهيد ڪيائون فائق جو فرمودو ٿيو ته جلد پهچي وڃ منهنجي محبوب کي جئن جو سندس خون جو قطرو زمين تي نه ڪري وگرنه زمين مان ڪو به وڻ ۽ سلو سائو پيدا نه ڪندس، پوءِ جلد پهچي تنهنجي رت کي هٿ ۾ جهلي هوا ۾ اڇلي ڇڏيم. 4- انهي وقت جو يوسف کي کوه ۾ وڌو ويو هو، فائق جو فرمان پهتو پهچي وڃ ٻانهي منهنجي کي پوءِ پهچي ويس اڳي هن کان جو هو کوه جي تري ۾ پهچي پوءِ هڪ پٿر کوه جي تري مان ڪڍي انهي تي کيس وهاريم- حاصل ڪلام ته توحيد جا ٽي قسم آهن يعني ٽي مرتبا آهن هڪ افعالي 2- صفاتي 3- ذاتي انهن مرتبن جي حصول کان حجاب به ڪل ٽي قسم آهن. 1- مال 2- اولاد 3- جسم پوءِ توحيد افعالي جو مرتبو فنائيت مال جي کان حاصل ٿيندو آهي ۽ توحيد صفاتي جو مرتبو فنائيت اولاد جي کان حاصل هوندو آهي ۽ توحيد ذاتي جو مرتبو فنائيت جسم ۽ روح جي سان حاصل ٿيندو آهي. پوءِ حضرت ابراهيم عليه السلام کي اهي ٽئي مقام هيٺين طرح امتحان ايزدي ڏيڻ سان حاصل ٿيا. پهريون مرتبو افعالي سموري مال ڏيڻ سان ٻيو مرتبو پٽ جي ذبح ڪرڻ سان 3- مرتبو ذاتي نمرودي نار ۾ جسم سوڌو ڪڏي پوڻ سان بفحوي الڪريمه قلنا يا نار کوني بردا وسلامًا على ابراهيم) يعني فرمايو اسان اي باه تون ٿڌي ۽ سلامتي واري ٿي وڃ ابراهيم تي) پوءِ ظاهر ٿيو انهن سڀني مقامن مان فناء انجو فناء في الله ۽ بقاء ان جو بقاء في الله – ايڏو امتحان شديد خليل الله کان هن ڪري ورتو ويو ته ملائڪن کي پتو پوي ته خليل الله جو شان ۽ علامت امتيازي اها آهي جو حق جي محبت کان سواءِ سندس قلب ۾ ڪجهه به نه ماپي تنهن ڪري احب الاشياء حب اولاد جي آهي، ان سبب کيس حڪم ذبح ولد جو ٿيو جنهن ۾ پهرين نمبر پاس ٿيو، مطلب ته مٿس اهڙو ته حق جي محبت جو غلبو ٿيو جو حق جي رضا ڪري پنهنجي والد ۽ قوم کان بيزار ٿيو ۽ پٽ جي ذبح ڪرڻ لاءِ تهدل تيار ٿي چڪو ۽ ملائڪن جي امتحان وقت پنهنجي ساري مال ڌڻ مان نڪري ٻاهر ٿيو محض الله ڪارڻ اگرچه مالداري ۾ به وڏو مشهور مالدار هو تنهن ڪري جو به سلوڪي سالڪ ٽن حجابن مذڪورن کان ٽپي ويندو اهو انهن مقامن مذڪورن خليلي جي ماڻڻ جو مصداق رهندو- انهي ساري تحقيق جو لطيفي نظريه موجب هي هيٺين آيته الاهي بطور شرح شافي ۽ حجت ڪافي جي ڪم ڏئي سگهي ٿي قال يا بُني اني ارى في المنام اني اذبحڪ فانظر ماذا ترى قال يا ابت افعل ماتؤمر ستجد ني انشاء الله من الصابرين فلما اسلما وتلہ للجبين وناديناه ان يا ابراهيم قدم صدقت الرؤيا ااناڪذالڪ نجزي المحسنين ان هٰذالهوا لبلٰؤ المبين وفديناه بذبح عظيم) يعني چيائين اي منهنجا پٽڙا مان خواب ۾ ڏسان ٿو ته توکي ذبح ڪيان ٿو پوءِ اُن ۾ نهاري ڏس ته توکي ڇا نظر ٿو اچي چيائين اي پيءُ منهنجا هڪدم ڪري گذار جنهن جو تون مامور آهين مون کي جلد صابرن جي سلڪ مان لهندين. پوءِ جڏهن ٻئي مطيع ٿي ويا ته ليٽايائين هن کي پيشاني ڀر ۽ سڏي چيو اسان ابراهيم کي ته تو سچو ڪري ڇڏيو، پنهنجي خواب کي تحقيق اسان اهڙي طرح جزا ڏينداسون نيڪو ڪارن کي تحقيق هي امتحان البتہ ظاهر آهي ۽ اسان انهي جو عوض ڏنو آهي هڪ گهٽو جسم جو فربہ ۽ ٿلهو جو ذبح واسطي تيار ڪيل هو) بلاء مبين مان مراد تفسير روح البيان جي تحقيق انيق موجب هيٺين ريت آهي- بلاء مبين اهو آهي جنهن جي آزمايش ۾ مخلص ۽ غير مخلص کان ممتاز رهي – بقلي رحمته الله چوي ٿو ته جنهن بلاء جي خبر سبحانہ وارن لاءِ وڏي راحت ۽ بشارت آهي- حقيقت انهي جي مڪاشفن جي حقيقتن وارن رازن ۽ مشاهدن جي منزلن تي پهچڻ جي آهي ۽ اهو مرتبو عظائم القربات ۾ شمار آهي ۽ اصل امتحان جو هي آه جو توکي هڪ ساعت محبوب جي مشاهدي کان محبوب ۽ محروم ڪري پوءِ ڄڻ اهو بلاء آهي جو بلاء امتحاني الله ۽ الله جي عاشقن جي وچ ۾ هرگز واقعو نه ٿو ٿئي ڇو ته بلاءِ عاشق لاءِ عين ولاء الفت آهي – حريري فرمايو آهي ته بلاء امتحاني ٽن قسمن تي مشتمل آهي پهريون مخالفن تي عذاب ۽ انتقام آهي 2- ٻيو صالحن تي گناهن جي ڪفارت 3- اوليائن ۽ صديقن تي آزمايشي انواعن مان هڪ نوع جئين جو زيرين بيت مولانا جامي جي مان ظاهر آهي (بيت) جا ميادل بغم و درد نہ اندر ره عشق که نه شد مرده ره آن کس که اين درد کشيد) پر جو به سالڪ صادق عارف عاشق انهي درد کي دل جو ورد ڄاڻي دردي ڪمال درجي تي رسي ڪري درد جو بي درد ٿي وڃي ٿو) انهي صاحب حال تي هي هيٺيون ڪلام حقير خاڪ فقير جو پورو پورو صادق ۽ سچو آهي.
    (ڪلام)
    درد وارن درد ڇا پر درد وارن درد ٿي + ورد وارن ورد ڇا پر ورد وارن ورد ٿي
    1. فرديت جي فيض جا فائق فريدي فرد ڪي + فرد فردن ۾ ڦرن پر فرد جو بي فرد ٿي
    2. درد دل جا ڌوڙ ڌويا گرد خاڪي ڇاڻ مان + سون سوڌن ٿا سدائين گرد جو بي گرد ٿي
    3. نيهن نانگا نيهن ۾ نابود ٿي پو بود ٿيا + نيهن جي ڏاڪڻ نظر سان نرد جو بي نرد ٿي
    4. خود خودي ۾ ٿي خدائي ڇا مگر آ خود خدا + خود خدا جو خانه تو ۾ خرد جو بي خرد ٿي
    5. خاڪ آڏو سر نوائي نورين سجدو ڪيو + طاردن مطرود وانگي طرد جو بي طرد ٿي.


      مال اولاد جي محبت ۾ مبتلا ٿي ڪيچ ڌڻي وٽ ڪاڻيارو ٿيڻ

    34- (بيت)
    ٻڌو ڪنهن ٻڌياڻ، هئنڙو هوتاڻن سان،
    ڪا جو پئي ڪاڻ، نبيريان ته نه نبري.
    شرح- سهڻو سرتاج سنڌ پاڻ کي پاڻ خوش خطاب ڪري رهيو آهي مگر حقيقت ۾ هر هڪ طالب المولى کي انتباه جو اشارو ڏنل آهي ته اي طالب حق جا تون الست بربکم جي ارشاد وقت قالوا بلى جي ٻول سان ميثاق جي ڏينهن ۾ جو روحاني رمز سبب ڄڻ ٻنڌڻن جو زمانو هو پنهنجي ٻاروچل ٻاجهاري سان ٻجهي آيو آهين هاڻي هتي دنيا جي بري بنڀور ۾ سندس بازار ۽ فريب ده رونق ۽ مال متاع تي ڀلي ڪيچ ڌڻي ڏهون ڪاڻيارو ٿيو آهين انهي ڪاڻ رهاڻ پوڻ ڪري ڪيچ ڌڻي توکان مهن مٽائي رسي ويل آهي – تنهن ڪري جيستائين غفلت جي خواب گران کان بيدار ٿي غير جا تعلقات نه ٽوڙيندي تيستائين نيهن جو نبيرڻ ڏکيو ۽ دشوار آهي، انهي بيداري کان سوا ڪيتري به ڪوشش ڪرڻ ۾ ايندي ته نيهن نبري نه سگهندو بلڪ رهندو عتاب ۽ ڏوراپي جهلڻ جو جوڳو ٿيندي تنهن ڪري جيستائين سسئي وانگي سرانگي عاجزي زاري نيزاري ڳل ڳاري سان پنهنجي پنهل پاڪ کي پرچائڻ ۽ سرچائڻ جي ڪوشش ڪري انهي جي در پاڪ تي عاجزي سان آڻ نه آڻيندي ته پوءِ پنهل بي پرواهه کي تنهنجي ڪهڙي پرواهه آهي تنهن ڪري آڻ ۽ ڪاڻ ڪڍڻ کان سوا هو بي ڪاڻيو ڪڏهن به ڪونه پرچندو جيئن جو فقير خاڪ جي هيٺين ڪلام مان آڻ آڻڻ بابت پوري پوري هدايت ڏنل عيان آهي
    (ڪلام)
    آڻ وارا آڻ آڻن هو نه آڻي آڻ ٿو + ڪين ڪنهن وانگي ڪڍي ڪنهنجي ڪڏهن به ڪاڻ ٿو
    1. ڏيهه جي ڏاتار کي ڪنهن جي نه آ پرواهه ڪا + جي پوي پرچي ڏئي ڏاتيون ۽ ڏوڙا ڏاڻ ٿو
    2. تاڻ تن من ۾ تهين جي پاڻ بي تاڻيو رهي + فاذڪروني سان فقط تن ۾ رکي سو تاڻ ٿو
    3. پاڻ ڏيندو پاڻ لاهيندو ڳجهون بيماريون + ويج دنيا جا نه ڄاڻن پاڻ ڄاڻي ڄاڻ ٿو
    4. حاذقن جي هوش کان آ هوش اعلى هوت جو + پاڻ پنهنجو راز مخفي پاڻ ڄاڻي پاڻ ٿو
    5. سور جون سو سوکڙيون آيون ڀلي سوغات ٿي + صابرن سان سو سڄڻ ساڻي رهي ۽ ساڻ ٿو
    6. انفسي آيات سان تو ۾ ۽ مون ۾ موج زن + خاڪ ۾ مخفي رهي سو کاڻ وانگي کاڻ ٿو
    انهي ساري تحقيق انيق ۽ ڀٽ ڌڻي جي بيت مذڪور جي پٺ ڀرائي هن آيت شريف مان بطور شرح شافي جي ظاهر آهي لاتلهکم اموا لکم واولادکم عن ذڪر الله) يعني نه روڪي اوهان کي مال ۽ اولاد جي محبت منهنجي ذڪر ذاتي کان) تنهن ڪري هن آيت ارشاد اعلى موجب انسان کي غافل ٿي مال ۽ اولاد جي محبت ماکي جي مک وانگي ڦاسڻ نه گهرجي پر جي مال ۽ اولاد جي محبت باطل ۾ ڦاسي پيا ۽ انهن جي اندر مان ذڪر جو ذوق ذاتي هليو ويو ته پوءِ اهي ڪيچ ڌڻي کان ڪاڻيارا ٿي ساري ڄمار نقصان ۾ نراور ڪري گذاريندا جيئن جو انهي حقيقت تي هيٺين آيت شاهدي ڏئي رهي آهي ومن يفعل ذلک فاولئڪ هم الخاسرون) يعني جن مال الاد جي عشق ۾ عمر وڃائي اهي نقصان پرائڻ وارا آهن) تنهن ڪري طالب صادق کي گهرجي ته هر طاعت ۽ عبادت ۽ الحاج ۾ تبارڪ تعلى جي توفيق پاڻ سان رفيق ڪري ته انشاءَ الله تعالى نيهن به نبري پوندو ڇو ته سعادت سرمدي باري تعالى جي بخشيش ۽ عنايت ارزاني جو ثمرو آهي جئين جو زيرين بيت فارسي مان ثابت آهي
    (بيت)
    اين سعادت بزور بازو نيست تانه بخشد خدائي بخشنده)


    نفس مڇ جو مصداق آهي

    35- (بيت)
    جڏهن واهڙ کي هو وهه، تڏهن مڇ موٽڻ جي نه ڪئي،
    ڇر ڇنيي ڇو ڪرين، موٽڻ جو پهه،
    هاڻي سر مٽي ئي سهه، مهميزون ملاحن جون.

    شرح- جناب نيهن جو نامدار ورهه جو وڻجار فرمائي رهيو آهي رهدار ته اي نفس نامراد تون جو محبوب ڪريم جو رزق روزي کائي مچي مچي فربهه مڇ ٿيو آهين جڏهن تنهنجي جواني جو ڦوهه ۽ وهي واري واهڙ جو وهه هو تڏهن تون پنهنجي پروردگار ڏي پشيمان ٿي نه موٽ کاڌي بلڪ رهندو باري بي پرواهه سان باغي ۽ بي فرمان بڻي ٿلائي جو ٿونا هڻندو هئين هاڻي جڏهن تنهنجي عمر واري ڇر جو پاڻي تانگهو ٿيو آهي ۽ پورو ٿي ڇڄي ڌار ٿيڻ وارو آهي ته تون پوئتي موٽڻ جا پهه ۽ پور پچائي رهيو آهين جي پهه پچائڻ هينئر بلڪل ڪار آمد نه آهن ڇو ته تنهنجي عمر عزيز وارو پاڻي کٽي چڪو آهي هاڻي حاڪمن جي حاڪم ڪرڙي کان موٽڻ جي مهلت گهرڻ عبث ۽ اجائي آهي موجب پهاڪي پديد جي – ميو ماريندي مڇڙا ڪڏهن ميو مٿان به آئي) هاڻي حضرت عزرائل جنهن کي سرتاج سنڌ ملاح جو ممتاز لقب ڏنو آهي اهو صاحب تهدل تيار ٿي تنهنجي روح بي فتوح جي قبض ڪرڻ لاءِ آيو آهي، تنهن ملاح جي پهرين مهميز سڪرات سخت واري سر تي سهه تنهن کان بعد ٻيون مهميزون نمبروار سهندو رهندين جهڙوڪ منڪر لڪير جون مهيمزون ۽ قبر جي ڀيڙ ڀڪير جون مهيمزون تنهن ڪري تنهنجي عمر جي مدي ختم هجڻ ڪري توکي ڪڏهن به مهلت موٽڻ جي نه ملندي، انهي ڪري اجايا پهه پچائڻ ڇڏي ڏي- انهي ساري حقيقت حال تي هي آيت هيٺين بطور شرح شافي پوري طرح ٺهڪي ڦهڪي اچي ٿي-
    ان ياتي احدکم الموت فيقول رب لولا اخرتني الى اجل قريب فاصدق و اکن من الصالحين ولن يؤخر الله نفسا اذا جاءَ اجلها والله خبير بما تعملون الايه)
    جڏهن اوهان مان ڪنهن به هڪڙي وٽ موت منزل ڪري ته پوءِ هو چوي ٿو اي پروردگار جيڪڏهن موت اقرب کي هٽائي مون کي مهلت پوئتي موٽڻ جي ڏين ته مان ڏاڍو سخي ٿي صدقن کي جاري رکندس ۽ ڏاڍو نيڪ ٿي صالحن ۾ شمار ٿيندس پر جڏهن ته اجل پوي معين وقت تي ايندو ته انهي مقرر وقت کي هرگز نه هٽايو ويندو باقي جيڪي اوهان عمل ڪيا آهن تن کان الله آگاه آهي) هن آيت الاهي جي ارشاد پاڪ مان پديد ۽ عيان آهي ته ڀٽ ڌڻي جو بيت مذڪور هن آيت الاهي جو پورو پورو ترجمو ڇا بلڪ عمده پيرايه ۾ آيت الاهي جو شرح آهي مگر سمجهڻ لاءِ دل ۽ دماغ اعلى جي ضرورت ۽ گهرج آهي مطلب ته جيستائين نفس سرڪش کي جو مچي مچي مڇ جي مثال مغرور ٿيو آهي، ماري نه مڃائبو تيستائين عبد عاجز کي عارفاني اعلى عهدي تي فائز ٿيڻ محال آهي تنهن ڪري طلب حق جي کي گهرجي ته پهريون مجاهدن ۽ رياضتن جي ڪاتي تکي سان متل مڇ ڪهي ۽ دنيا دورنگي جا زال زينت واري جي مثال آهي تنهن کي هڪدم طلاق بائنہ ڏئي پنهنجي هستي هوڏ وڃائي پاڻ کي باوجود جيئري هجڻ جي مئل ڄاڻي قبر مادر جي گود ۽ جهولي ۾ وهاري ته واحد جي وصال لايزال کي ويجهو ٿي وڃي وگرنه اها منزل مبارڪ ماڻڻ ڏاڍي دشوار ۽ ڏکي آهي جيئن جو ڀٽ ڌڻي جو زيرين بيت انهي حقيقت حال تي صادق آهي (بيت) جي ڀائين جوڳي ٿيان ته ڪهه سڳو تون ڀاءُ، طلاق ڏئي زال کي سمهه وٽ نئين ماءُ، انهي پر ٿي آءُ ته ويجهو ٿئين وصال کي) هن بيت ۾ ڀاءُ مان مراد نفس امارو آهي جنهن کي ڪهڻ صوفين صديقن جي اصطلاح موجب ثواب آهي ۽ زال مان مراد دنيا دورنگي آهي جنهن جي دام ۾ ڦاسڻ ڏاهن واسطي ڏوهه آهي- لفظ طلاق مان مراد سندس صحبت ۽ الفت کي ڇڏي ڏيڻ ۾ وڏو فائدو فلاح آهي ۽ ماءُ مان مراد قبر آهي جنهن جي جي جهولي ۾ آخرڪار هلي ويهڻو پوندو تنهن قبر کي هردم ياد ڪرڻ عين ايمان آهي پوءِ جي شخص موجب حديث (موتوا قبل ان تمتوا) جي مرڻ کان اڳ ۾ پنهنجي نفس سرڪش کي ماري مڃائيندا اهي ڄڻ ته جيئري ئي قبر مادر جي گود ۾ گذاريندا آهن جو به اهڙي عجيب روش اختيار ڪندو رهندو اهو ڀٽائي جي حڪم موجب نيٺ وصال لايزال کي ڪڏهن نه ڪڏهن ويجهو ٿي ويندو – تنهن ڪي هي هيٺيون ڪلام فقير خاڪ جو پڻ لطيفي لات جو پورو پورو شرح نظر اچي ٿو.
    (ڪلام)
    منڇر ۾ مچي مڇ ٿي مروان متو آهي + گيرپ سان گڏهه گانڊو گاري ۾ گتو آهي
    1. واهڙ ٿو وهي وهه ۾ ڇو هو ته ڇُهي ڇهه ۾ + لهڪار لهي لهه ۾ لوڀي ته لتو آهي
    2. جو تار ٿيو تانگهو لنگهندي نه لڪي لانگهو + موٽڻ جو لٿو سانگو پاڻي جو کتو آهي
    3. جنسار سڄڻ جوڙيو تنهن کان تو ٽهي ٽوڙيو + ٻوڙي تو پتو ٻوڙيو ڏوڏي کي پتو آهي
    4. درياء دلي اندر لهرين سان لڙي تر تر + گوندر مان لهي گوهر روحي ڪورتو آهي
    5. موجن ۾ ملن موجون اوجن ۾ اچن اوجون + فرقت جون ڏسي فوجون جونجهار جتو آهي
    6. جو خاڪ کٿي پائي ڦلهار لڱن لائي + سينو نه ڪڏهن ساهي ستين ۾ ستو آهي


      هڪ گنج ڌڻي غني آهي ٻيا سڀ گداگر ۽ فقير آهن

    36- (بيت)
    ڏاتار ته تون، ٻيا سڀئي مڱڻان،
    وسن مينهن مدائتا، سدا وسين تون،
    جي اڱڻ اچين مون، ته ميريائي مانُ لهان.

    شرح – جناب سرتاج سنڌ پنهنجي سرڪار حقيقي ڏيهه جي ڏاتار کي هئن عرض اپيل ڪري چوي ٿو اي ڏيهه جا ڏاتار ساري ڏيهه جو رزاق رزق ڏيندڙ فقط تون ئي هڪ ڏاتار آهين ٻيا جيڪي به جهان ۾ جائداد وارا آهن سي به گداگرن وانگي تنهنجي درپاڪ جا محتاج ۽ فقير آهن تنهنجي سخاوت سرمدي جو سمنڊ اهڙو ته سدائي وهي ٿو جو ميهن جي برساتن کي به مجال نه آهي جو تنهنجي سخاوت بي پايان سان برابري ڪن ڇو ته ميهن جون برساتيون ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي موسم ۽ مد تي وسنديون آهن مگر تنهنجي سخاوت واري بارش سدائين ساوڻ توڙي سياري ۾ عام جام پئي وسي ڇاڪاڻ ته تنهنجي وسڻ واري رحمت ۽ سخاوت ساري ملڪ جي مخلوقات کي محيط آهي ڪو به تنهنجي رحمت مطلقه کان محروم نه آهي جيئن جو مولانا سعدي رحه فرمايو آهي- اي کريمه که از خزانه غيب گبرتر سا وظيفه خورداري دوستانرا کجا کن محروم توکه بادشمنان نظرداري) پوءِ باوجود اهڙي وسيع رحمت جي مون عاشق اڀري جي اڱڻ تي اچڻ فرمائي وصال جو ورق ورائين ته مون ميري مدي ڪيڏو نه مانُ ملي وڃي- جنهن مانَ ماڻڻ ڪري تنهنجي ڳڻن جا گيت ڳلي ڳلي ۾ ڳائيندو وتان ۽ هئن چوندو رهان جيئن جو سچل فقير چيو آهي (مصرعه) ڳلي ڳلي ۾ يار سچل کي بازار ۾ ته بيهاريو تو) انهي بيت مذڪور جو پورو پورو شرح شافي ۽ برهان ڪافي هي آيت ڪريم آهي يا ايها الناس انتم الفقر اعوالله غني حميد) اي انسانو توهان سڀ فقير ۽ پنهار آهيو ۽ الله غني لائق حمد ڪرڻ جي آهي) هن آيت الاهي مان هي عمدو اشارو عيان آهي جو ڪجهه توهان گداگرن کي گهرڻو هجي ته انهي هڪ غني کان گهرو جنهن جو گنج ۽ خزانو اڻ کٽ آهي ۽ جي ڪجهه پنڻو اٿو ته فقط انهي پروردگار ڏيهه جي ڏاتار کان پنو جو ڏئي پرڏرمائي به ڪين جيئن جو زيرين بيت مان ظاهر آهي (بيت) پنيادر نه پن جو پنيي پورائو نه ٿئي ناء انهي جو ڳنهه جو ڏئي پر ڏر مائي ڪينڪي) پر ارمان صد ارمان جو انسان غافل غفلت جي گرداب عميق ۾ غريق رهي پنهنجي رب رحمان ڪريم ڪار ساز جهان جي مالڪ ممتاز جي درڪرم کان مهن موڙي ٻين درن تي ڀٽڪي ڀٽڪي در بدر خاڪ برسر ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري سندس نه اُوري نه پوري آهي بلڪ باري جي پاڻ ڪريمي کان ڀلڻ واري کي سدائين دردن دنيوي جا دست ۽ سنڃائي جي سورن جي سوري آهي پر هاڻي به اڃان وقت هٿان نه ويو آهي جي اڄ به ڪو انسان سهڻي سرتاج سنڌ جي نصيحت نافع ۽ صلاح شافع تي عمل پيرا ٿي ڀُلي ڀلي ڀاڻ اچي ته ڀلي جون ڀلايون ۽ برڪتون کيس ڀرپور ڪري ڇڏن- پوءِ جڏهن به ڀلي جي ڀلاين سان ڀرپور ٿي وڃي ته شڪر گذاري جا گيت هئن ڳائيندو رهي جيئن جو ويچاري فقير خاڪ پنهنجي ڪلام زيرين ۾ ڳايا آهن.
    (ڪلام خاڪم)
    ڀلي جا ڀال لک ڀايان ڀلي جو ڀال مون سان ٿيو + پنهل ڪو پيچ نو پاتو نه طلسم تال مون سان ٿيو
    سڄڻ سڏيو وٺي نالو لقب لائق ڪري پنهنجو + ٻڌم ٻوڙو نه آهيان نيهن نازڪ نال مون سان ٿيو
    ٻروچل ٻاجهه واري ٻانه ڏيئي ٻانهه ٻيلي ٿيو + رجهي راحت رسائي حال ڀائي حال مون سان ٿيو
    هينون منهنجو هينون هوتن ٻئي ٻڌياڻ ۾ ٻڌجي + ويا آهن نسورو نيهن جو ناتال مون سان ٿيو
    محبت منهنجي ٿي منظور وئي منظور منهنجي کي + ڏسي اقبال منهنجي کي اچي اقبال مون سان ٿيو
    نظر نازڪ جي نازن تي نذر ٿي دل نثار آهي + ڪليم الله وانگي قرب جو ڪو قال مون سان ٿيو
    خليل الله وانگي خاڪ بي ٿي ويو خليل الله + فلا حاجة الى غيرڪ خليلي خيال مون سان ٿيو

    مطلب ته مولا پاڪ ڪريم جي خزانه غيبي مان مشرڪ مجوسي ڪافر يهودي ڇا مگر هر چرندڙ پرندڙ شي به محروم نه آهي تڏهن پنهنجن پيارن دوستن فرمان بردارن ڪيئن پنهنجي فراغ خزانه غيبي کان مهروم فرمائيندو ڇو ته هر چرندڙ ڦرندڙ چيز جو رزق پڻ انهي هڪ رزاق تي آهي جيئن جو هن آيت الاهي مان عيان آهي، ومامن رابته الا علي الله رزقها) يعني ڪا به چرندڙ چيز نه آهي مگر انهي جو رزق هڪ رزاق تي آهي) پر افسوس صد افسوس انهن ٻانهن جي بري حال تي آهي جي باغي بي فرمان باري تعالى جو رزق روزي کان به بي شڪر ٿيندا آهن ۽ پنهنجي مولا پاڪ کان مهن موڙي مال اولاد تي مغرور ٿي موت کي فراموش ڪندا آهن ۽ غفلت گيرپ ۾ عبث عمر گزاري رهيا آهن تن کي نيٺ هڪ ڏينهن حاڪمن جي حاڪم آڏو حشر ۾ حاضر ٿي روبرو حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو پوءِ چاهي تونگر خواه گداگر خواه ظالم هجي خواه مظلوم هر ڪنهن کي حق حساب ضرور بلضرور ڏيڻو پوندو جيئن جو خاڪ جي زيرين ڪافي مان ثابت آهي
    (ڪافي)
    جڏ تونگر ۽ گدا هلندو خدا جي بروبرو + نيڪ بد هر ڪو جزا لهندو خدا جي روبرو
    1. تون ته ظالم ظلم ڪر بي ڏوهه مون مظلوم سان + تنهنجو منهنجو فيصلو ٿيندو خدا جي روبرو
    2. جي دنيا جي دور ۾ ويٺا وساري موت کي + موت تن کي زور سان نيندو خدا جي روبرو
    3. هن دنيا جي آشياني ۾ نه رهندو ڪو پکي+ پر اُڏي هر ڪو وري ويندو خدا جي روبرو
    4. ڏس سڪندر بادشاه دارا ڇڏي دنيا هتي+ ويا هليا هر ڪو هلي رهندو خدا جي روبرو
    5. جٿ فقيرو پير شاهو مير ٿيندا گڏ اچي + خاڪ هر ڪو حق اُتي ڏيندو خدا جي روبرو

    نوٽ:- هي ڪافي جواني ۾ خطائي تخلص سان نروار هئي جا هينئر خاڪ جي نالي سان نروار ڪئي وئي آهي.


    ڏيهه ڌڻي جو ديدار ڏورڻ سان ٿيندو نه ويهڻ سان

    37- (بيت)
    ڏورينديون ڏسن، جڏهن ڪڏهن جت کي،
    جي هت نه هوت پسن، سي ڪئن ڪيچ پسنديون.

    شرح- هن بيت ڀٽ ڌڻي جي مان ٻاهر ۽ پڌرو آهي ته جي به طالب مشتاق مولائي ۽ شمس حسن حقيقي جا شيدائي شوق ۽ ذاتي ذوق سان ڏيهه ڌڻي کي هن دنيا جي ڏيهه ۾ ڏوريندا رهندا سي نيٺ ڪڏهن نه ڪڏهن ڏکن جا ڏونگر ڏوري وڻڪار جا وڻ ٽڻ ووڙي پنهنجي پاڪ ور جو وصال ۽ محبوب معنوي جو مشاهدو ماڻي ممتاز ٿيندا ۽ دلدار جو دلڪش ديدار دل جي دري مان دلي ديد سان ڏسندا رهندا پر جي هن دنيا ۾ دلدار جي ديدار جي دولت پاڪ ماڻڻ لاءِ ڪوشش وٺي ڪامياب نه ٿيندا ته اهي ڪيچ ۾ يعني فردوس برين ۾ به ڌڻي پاڪ جي ديدار عشرت آثار کان محروم رهندا باقي جي به جوڳي ٿي، هن جوءِ دنيا ۾ ڏونگر ڏوري دلدار جو ديدار ماڻيندا ته اتي به ديدار کان نااميد ۽ محروم نه رهندا، جيئن جو هيٺين حديث مبارڪ مان ثابت آهي سترون ربکم ڪماترون القمر ليلته البدر) يعني جلد ڏسندو توهان رب پنهنجي کي جيئن جو چوڏهين جي چنڊ کي ڏسو ٿا) پر باوجود انهي جي ڀٽ ڌڻي جي بيت جي شرح شافي ۾ هي آيت ڪريم پڻ وڏي تائيد جو ڪم ڏئي ٿي من کان في هذه اعمى فهوفي الا آخرت اعمى) جو هن دنيا ۾ انڌو آهي پوءِ اهو آخرت ۾ به انڌو هوندو) باقي رهي ڳالهه هي ته دل جي ديد سان ديدار ڌڻي پاڪ جو هن دنيا ۾ بالاتفاق ماڻڻ جائز آهي نه ديد مٿي سان ڇو ته مٿي جي اکين سان ديدار ڌڻي پاڪ جو هن دنيا ۾ فقط محبوب مدني کي حاصل آهي نه ٻي ڪنهن کي باقي دل جي دري وارو ديدار درست آهي جنهن تي صوفين صديقن جو اتفاق آهي نه اختلاف جيئن جو هيٺين لات لطيفي مان ظاهر آهي ته (بيت) اندر آئينو ڪري پرين سو پسيج انهي راه رسيج ته مشاهدو ماڻيي) پر انهي حقيقت تي سچل فقير جي هن هيٺين ڪلام واري مصرعه مان پڻ پتو پوي ٿو (مصرعه) دري منجهارون دوست ڏٺو سون لالن ليڙو پايو تو) پر هن حديث ۾ جا حديث صوفين وٽ مشهور آهي تنهن ۾ پڻ قلب کي عرش جي عزت ڏني وئي آهي قلب المؤمن عرش الله تعالى) مؤمن جي دل ڌڻي پاڪ جو تخت آهي) هاڻي جڏهن مومن جي دل پاڪ ڌڻي پاڪ جو تخت آهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن ڪيچ ڌڻي پنهنجي تخت پاڪ تي فضل جو ڦيرو ڪرڻ فرمائيندو ته ذاتي ظهور جي زيارت فيض بشارت پڻ عطا ٿي ويندي ته ممڪن آهي ته ممتنع جيئن جو خواجه اجميري صاحب پنهنجي دل کي دلدار جي ديدار لاءِ هئن هشيار ڪري رهيو آهي- دلابچشم حقيقت جمال دوست به بين ز مظهر همه اشيا ظهور اوست به بين- دلا تو حسن خدا ديدهء غلط نه کني که در جمال خدا جلوه گر هموست به بين) پر ٻي هنڌ ساڳي ديوان جي صف 7 ۾ فرمائي ٿو ته (بيت) حسنش چو آيد جلوه گر طاقت نيا رد چشمه تر از ديدهء دل کن نظر تابنگري ديدار او) پر فقير نجفي جي ندا مان هئن نروار آهي (مصرعه) ڇاتي دي وچ جهاتي پائي ويکه ظهورا ذات دا تجلات دا) پر فقير خاڪ جي ڪلام ۾ قلبي عرش کي ٻين عرشن تي فوقيت ڏني وئي آهي جيئن جو زيرين ڪلام مان ظاهر آهي.
    (ڪلام)
    عرشن تي عرش منهنجو دل منهنجي عرش تنهنجو + تو ۾ حصو آ منهنجو مون ۾ حصو نه ڪنهن جو
    1. ذڪرن ۾ ذڪر تنهنجو فڪرن ۾ فڪر تنهنجو + منهنجو به ذڪر ذاتي تون ڄاڻ ورد پنهنجو
    2. فرشي فراق اندر عرشي به عشق ۾ + سهنجو سڄڻ گذارين عاشق رهي ٿو اهنجو
    3. مون کي قرار ڪونهي توکي قرار ڪهڙو + عرشي ڇڏي هتي اچ دل منهنجو هنڌ سهنجو
    4. ويجهي کي ويجهو آهين پر کان پري رهين ڇو + پر بي پري نه توکان سهنجو هجي ڇا لهنجو
    5. سڪ سار يار تنهنجي ويٺي ستي سدائين + سو يار ڪئن وسري جي ۾ آ جار جنهن جو
    6. ٿي خاڪ پيچ پاتم توکي صحي سڃاتم + وحدت جي وادي اندر وهنجان اوهان به وهنجو


    وحدت جي واٽ وٺي ويهڻ

    38- (بيت)
    الله عاشقن جي، ڪهڙي خلقي ذات،
    هڪ ويهن واٽن تي، ٻيو جاڳن سار ي رات،
    پرهه ڦٽي پرڀات، ويجهو ٿين وصال کي.

    شرح- هن بيت جو مقصد آهي ته اي الله سائين تو پنهنجي ساري ڪائنات ۾ عاشقن صادقن جي اهڙي اعلى احترام واري ذات پيدا ڪئي آهي جن جي صادق هجڻ جون هي هيٺيون علامتون امتيازي درجو رکن ٿيون هڪ ته هو هميشہ وصال ووڙڻ واسطي وحدتي واٽن تي ويهڻ واجب ڄاڻي ويهي ويندا آهن 2- ٻيو ته پنهنجن پلنگن ۽ سيجن کي ڇڏي ساري رات جاڳي جاڳي سبحان کي سرچائيندا ۽ بفحوي الڪريمه المستغفرين بالاسحار) جي استغفار ڪرڻ سان پنهنجي پاڪ پنهل کي پرچائيندا آهن 3- ٽيون پرهه ڦٽي پرڀات تائين جاڳي جاڳي نيٺ وصال وحدتي کي ويجهو ٿي ويندا آهن حاصل ڪلام ته جناب سرتاج سنڌ جي نظريه نروار موجب وحدت واري واٽ بابت هي هيٺين آيت الاهي بطور شرح جي آڻڻ مناسب ۽ موزون آهي. ان هذه صراطي مستيقما فاتبعوه تحقيق هي واٽ منهنجي سڌي آهي پوءِ انهي وحدتي واٽ تي ويهي وڃو) باقي رهي جاڳڻ ۽ اٿڻ جي عادت خاص طرح اونداهن راتن ۾ تن بابت هي آيت ڪريمه هيٺين بطور شرح شافي جي نص نروار ڪافي آهي ياايها المزمل قم الليل) اي ڪنبل ويڙهيندڙ اٿي جاڳ رات ۾ ) هن آيت الاهي ۾ حڪم حضور جن لاءِ خاص پرعاشقن الاهي واسطي عام جام آهي تنهن ڪري عاشق صادق ساريون راتيون جاڳي جاڳي روئي رڙي روحاني رمز رندي سان راتين جون راتيون ملهائي پنهنجي رانجهن کي ريجهائيندا آهن ۽ سهڻن سيجن ۽ پيارن پلنگن کان پنهنجا پاسا پاڪ ۽ آزاد رکندا آهن جن جي شان ۽ شوڪت جو بيان هن هيٺين آيت الاهي مان پديد ۽ پڌرو آهي تتجافي جنوبهم عن المضاجع) يعني خالي ڪندا آهن پاسن پنهنجن کي سمهڻ جي سيجن کان) پر جي جوان جونجهار عادتي استغفار سدائين سحر جو مرغن جون مناديون ٻڌي پاڻ به خواب غفلت کان بيدار ٿي محبوب معنوي جي درپاڪ تي استغفار پڙهڻ سان گڏ مخفي مناجات ۾ مشغول ٿي ويندا آهن بفحوي الحديث المصلي يناجي ربہ يعني نمازي پنهنجي رب سان راز روحاني بيان ڪري ٿو) باقي استغفار جي بابت آيت الاهي مٿي بيان ٿي چڪي آهي- غرض ته جن عاشقن صادقن جي جاڳڻ اٿڻ ويهڻ توبهه ڪرڻ جي تعريف پاڻ بذات خود تبارڪ تعالى فرمائي تن کان پنهنجو وصال پاڪ ڪئن واريندو پر جي شخص انهي راه رندي ۽ واٽ وحدتي وٺڻ کان غافل ٿي ويا.اهي بلاشڪ ڀليل ۽ راه روحاني کان رليل آهن جن جي الله تعالى وٽ ڪا به عزت ڪانه آهي ۽ نه هجڻ گهرجي – تنهن ڪري جو به ڪن قبوليت ساڻ ڪو قول حڪمتي ٻڌڻ گهري ته هيٺيون ڪلام سڪ جو سنيهو سلام فقير خاڪ جو تنبيہ تمام لاءِ ڀلي ٻڌي عمل پيرا رهي.

    (ڪلام)
    وڪڙ ڪري وٺ، واٽ اچي متان راه ڇڏي رلجي وڃين.
    1. ڀل نه ڀلڻ جو ڀولو ڇڏ تون، راه ڏنگي جو رولو ڇڏ تون، سولو دڳ وٺ اولو ڇڏ تون، متان پاڻ ڇڏي ڀلجي وڃين
    2. ڇوه ڇڏي ڏي هوڏ هڏا سڀ، ڦونڊ ڦٽي ڪر گوڙ ڦڏا سڀ، کڏ وجهي ڇڏ ڪم ڀڏا سڀ، متان سيلهه جهلي سلجهي وڃين.
    3. واٽ وٺين جي سڻڪ سڌي وٺ، ڪنبڻ ڪهڻي ڪڻڪ سڌي وٺ، هٽ نه دڳ کان ڌڻڪ سڌي وٺ، متان ڏونگر ۾ ڏلجي وڃين
    4. عشق الستي جو چل چارو، سوز سيني رکه ساوڻ سيارو، گرمي سردي توڙي پارو، جوش ۾ جلجي وڃين.
    5. خاڪ خوشي جا خيال ڇڏي، ڪجل سڪ محبت مال ڇڏي، ڪل عشق عزيز عيال ڇڏي، ڪل پاڻ پلي پلجي وڃين


    هجري جي حالت ۾ درد وارن جي دانهه ۽ پٽڪو

    39- (بيت)
    پٽڻ واريون پڌريون، ڳل جني ڳاڙها،
    ڳاڙن سي ڳوڙها، ويو هوت جن جي هنج مون.

    شرح-هن بيت ۾ لطيف لعل پنهنجي تمثيل جو طريقو نموني جديد لذيذ سان نروار ڪرڻ فرمائي رهيو آهي ته اي سلوڪي سالڪ ۽ صوفي صادق تون پنهنجي تجربه قديم موجب ڏسي وائسي رهيو آهين ته جٿي ڪٿي جو پٽڻ ۽ پار ڪڍڻ واريون گڏجي سڏجي پٿر ڀائي ٿي پنهنجون توڙي پرايون پار ڪڍنديون آهن پوءِ پار ڪڍڻ وارن جا ٻه قسم آهن هڪ اهي جيڪي فقط پٿر ڀائي ٿيڻ خاطر پنهنجن مٿن تي هٿ ميار کڻي هڻنديون آهن. 2- ٻيو اهي ويچاريون واعن ڪرڻ واريون جن جي هنجن مان هوت جدا ٿي هليو ويو يا ڪو به سندن عزيز قريب ڇڏي ويل هوندو ته اهي ويچاريون سچي پچي پٽڪو ڪري هٿن هڻڻ سان پنهنجا ڳل ۽ رخسار ڳاڙها ڪري ڇڏينديون آهن ۽ وڏ ڦڙي ميهن وانگي سندن ڳلن تان ڳوڙها ڳڙندا رهندا آهن ڇو ته هي مقولو مشهور آهي ته – هنڌ اهو سڙي جٿي باهه ٻري) باقي ٻيون ويچاريون پرايون جي فقط ميار لاهڻ خاطر پٿر ڀائي ٿي پنهجن مٿن تي هٿ ميار جا هڻنديون آهن جيئن جو انهن بابت به هيٺيون پهاڪو پڌرو آهي ته – ٻيون مڙوئي هڻن هٿ ميار جا تنهن وانگي سچو سالڪ اهو آهي جنهن کان جانب جدا ٿي ويل آهي پوءِ هو هن هوت جي هِجر ۽ فراق ۾ پايداري سان پٽڻ جو پٿر پڌرو ڪري ائين روئندو آهي جيئن جو ميهن برسات جون بوندو وسڻ کان بس نه ڪنديون آهن اها حالت تيستائين طاري رهندي آهي جيستائين دوباري جمال يا ڪمال جاني جي جيار جو نصيب نه ٿئي- انهن کان فرقتي پڌري پٿر ۽ سڄڻ جي سوداء ۾ ايتري قدر نه روڄ راڙو پيدا ٿيندو آهي جو ڄڻ ته اکين جي ابر مان ميهن جي بوندن جي برسات برسي رهي آهي ڇو ته هن عاشق اداسي پنهل جي پياسي کان لوڪ جي ڏسڻ ۽ پسڻ مان سڪ سڄڻ جي نه لهندي آهي جيئن جو انهي حقيقت تي هيٺيون بيت صادق ۽ سچو آهي (بيت) اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن، سندي سڪ پرين لوڪ ڏٺي نه لهي) مطلب ته سڀئي سالڪ ۽ عاشق صادق سوز فراق ۾ عام جام محبوب معنوي جي محبت مزيد ۾ مست ٿي پٽڻ ۾ پڌرا هوندا آهن جن جي محبت مزيد بابت قرآن ڪريم جي زيرين آيت جي شهادت ڪافي آهي والذين آمنوا اشد حبالله) يعني مومن صادق الله جي محبت مزيد ۾ شديد شيدا آهن) هن آيت الاهي مان مشتاقن جي محبت مزيد جو ثبوت ثابت آهي باقي رهيو عاشقن صادقن جو سڄڻ سرمدي جي سڪ سوز جان گداز ۾ روڄ رارو ڪرڻ تنهن روڄ راڙي بابت هن هيٺين آيت الاهي ۾ گهڻي گريه ڪرڻ بابت عاشقن کي تاڪيدي اشارو آيل آهي فليفحکوا فيلاوليبکواڪثيرا) ڀلي ته رئن گهڻو ۽ کلن ٿورو) هن آيت جي ارشاد عيان رئڻ واري ۾ هي رمز رندي رکيل آهي ته جيئن ڪڪر جي رئڻ واري بارش سان چمن ۽ باغ دنيا جا بهاري وٺندا آهن ۽ ٻار جي اُڇڪار واري ڪوڪار سان مادر مشفقه جو ببو جوش پذير هوندو آهي تنهن وانگي سالڪ جي جوش فراق واري روڄ ۽ راڙي سان سينو بي ڪينو سڄڻ جي سوز سڪ سان سرسبز ٿي سارو بدن باغ ٻهار ٿي ويندو آهي – جيئن جو مولانا رومي صاحب فرمايو آهي ته
    (بيت)
    تانه گريد ابر کي خنذد چمن تان گريد طفل کي جوشد لبن
    پر اڃان به وڌيڪ رئڻ جي رمز رنداني فقير خاڪ جي زيرين ڪافي مان پروڙڻ گهرجي
    (ڪافي)
    ڪيڏو اثر نه آهه فنان ٻار ۾ + سڱجي ببو ٿو مادر پٽ جي پيار ۾
    1. سهڻي سبق جي سيکت از خود ٿي ٻار کي + تنهنجو عقل آ ڪٿ ڪٿ ڪهڙي قطار ۾
    2. سک فهم ڪو فهيم ٻچي ٻار ٻاڪ کان + دردن جي دانهن دلڪش دلبر يار ۾
    3. اٺ جو اڇو مٿو تب سکيو نه ڪو مٽڻ + گمراهه تون رهين ڪٿ ڪهڙي ٿو غار ۾
    4. غفلت جي گوش هوش کان ڪڍ ڪا ڪپہ ڪني + بيدار ٿي سجاڳ فقط ياد يار ۾
    5. سڪ سوز جي سمندر سيرين جو سير ڪر + ڦاسين ڪڏهن نه فائق دنيا جي ڄار ۾
    6. جهڙي آ اڃ عجيبن تهڙي نه ڪنهن جي اڃ + اُڃ جي مري نه آتش درياءَ تار ۾
    7. جهڙو مزو محبت منٺار منجهه آ + اهڙو مزو نه جنت فردوس زار ۾
    8. رو خاڪ رات ڏينهن سکي ٻاڪ ٻار کان + پستان پاڪ رحمت سڱجي پوڪار ۾

    نوٽ:- اوليائن اڪملن جي هي امتيازي علامت آهي جو سمنڊ سڪ واري جي وچ تار ۾ رهي به سندن اندروني اڃ اوساٽ نه لهي بلڪ تيئن تاس ۽ اداس وڌندي رهي، جيئن جو انهي بابت تفصيل سان بحث مٿي گذري آيو آهي، تنهن ڪري هتي ساڳو بحث ورائي ڪرڻ مناسب نه آهي.


    وات سان ورندي ڏيڻ وبال آهي

    40- (بيت)
    هو چون تون نه چؤ، واتان ورائي،
    اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
    پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪينڪي.

    شرح – سهڻو سرتاج سنڌ سهڻي سمجهاڻي ڏيئي فرمائي رهيو آهي ته اي انسان عاقل فهيم فاضل پنهنجي عقل ۽ فهم ڪامل کان ڪم وٺي پنهنجي زبان پر زيان تي پورو پورو ڪنٽرول رکي کيس ورندي ڏيڻ جي وبال کان روڪي رهاءِ ڇو ته روحاني رمز رندي موجب الله تعالى جو حڪيم مطلق روحاني ۽ جسماني آهي تنهن تبارڪ و تعالى پنهنجي هر فعل ۽ ضعت سهڻي ۾ حڪمت بالغه رکائي آهي تنهن ڪري سندس ڪو به فعل حڪمت کان خالي نه آهي انهي قانون قدر تي جي مد نظر تي انسان جي هر هڪ اندام ۽ عضوي جي بنا ۽ بيهڪ پڻ سندس حڪمت تي مبني آهي- انسان ذات کي ٻه اکيون ۽ ٻه ڪن هن ڪري ڏنا ويا آهن جو انسان کي گهڻو ڪري ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو وڏو احتياج آهي نه ڳالهائڻ جو ڇو ته ڏسڻ ۽ ٻڌڻ خير ۽ شر کي شامل آهي ۽ ڳالهائڻ نيڪي کان سواءِ هرگز چڱو نه آهي تنهن ڪري انسان ذات کي هڪ زبان ڏئي مٿس ٻه پهريدار حفاظت ڪرڻ لاءِ رکيا ويا جي اهي ٻه چپ آهن جن جي حفاظت هيٺ زبان دهان اندر قيد ۾ آهي ۽ ناجائز ڳالهائڻ کان کيس لوهو لگام ڏنل آهي پر اڃان انهي کان به وڌيڪ ٻيا به پهريدار ۽ سياڊي سرڪار حقيقي جا پڻ حڪيم مطلق مقرر ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن انسان جي زبان مان لفظ نڪري نروار ٿين تيئن هو صاحب سياڊي لکڻ لاءِ ترت تيار ٿي ويٺا آهن تنهن ڪري جناب سرتاج سنڌ پنهنجي نظريه موجب انسان کي خواب غفلت کان بيدار ڪرڻ خاطر فرمائي رهيو آهي ته اي انسان توکي جو به آدمي آڳرائي ڪري ڳالهائي ته تون تنهن کي تڪڙ ڪري ورندي نه ڏي بلڪ تحمل ۽ بردباري کان ڪم وٺي سڀ ڪجهه سهه ۽ ماٺ جا منڱ پائي ويهي رهه پوءِ عبرت جي اک سان ڏس ته سرڪار سرمدي جا سياڊي تنهنجي فائدي ۾ پوري طرح ڪيس ڀري ڪئن ٿا هائي ڪورٽ ۾ چالان ڪرڻ فرمائن ۽ تنهنجو تحمل توکي عتاب خطاب کان بلڪل آزاد رکندو جيئن جو سرڪاري سياڊن جي ثبوت تي هي هيٺيون ٻه آيتون الاهي پوري پوري گواهي ڏئي رهيون آهن 1- وما يلفظ من قول الالديہ رقيب عتيد) يعني ڪجهه به نه ٿو ڳالهائي آدمي مگر جو انهي وٽ نگهبان تيار آهن) 2- ٻي آيت هي آهي ته ان عليکم لحافظين ڪراما ڪاتبين يعلمون ما تفعلون) يعني اوهان جي مٿان ٻه نگهبان مقرر آهن هڪ ڪرامن ٻيو ڪاتبين جيڪي ڪيو ٿا سو سڀ ڄاڻن ٿا) مطلب ته هنن آيتن مان عيان آهي ته برابر بشر ذات جي ڪمن ۽ لفطن لکڻ تي سرڪاري سياڊي مقرر ڪري رکيا ويا آهن جن جي سياڊپ سخت کان ڊڄي پنهنجي زبان پر زيان مان چڱا چڱا لفظ چونڊي ڪڍڻ گهرجن نه خراب پوءِ جي آدمي لطيفي صلاح تي هلي چڱن لفطن ڳالهائڻ تي چاه رکندا ته انهن کي هر هڪ چڱي لفظ پٺيان ڏهوڻو اجر لکيل پلئي پوندو بفحوي الڪريم من جاء بالحسنته فلہ عشرا مثالها) يعني جنهن هڪ چڱائي آندي تنهن کي ڏهن چڱاين جو اجر عطا ٿيندو) ۽ بڇڙي لفظ جو هيڪڻو ڏوهه لکندا تنهن ڪري ڌڻي پاڪ پنهنجي حڪمت بالغه موجب زبان کي جنهن جي لفظي صورت زيان جهڙي آهي فقط هڪ نقطي زائد جو فرق آهي تنهن زبان پر زيان کي انساني دهان اندر قيد قابو ڪري مٿس ٻه پهريدار چپ ۽ ملڪ مقرر ڪيا ته ڀلي انسان بيدار ٿي انهن سياڊن سرڪاري کان خوف زده ٿي اجاين لفظن گارن ۽ غيبت ۽ گلا وارن ڳالهائڻ سان پنهنجي زبان تان بندش وارو لگام نه لاهي بلڪ هميشه سوچ ۽ غور ڪرڻ سان سخن کي سينگاري – انسان لاءِ ٻن اکين جو ۽ هڪ زبان جو ثبوت هن هيٺين آيت الاهي مان ثابت آهي الم نجعل لہ عينين ولسانا وشفتين) ڇا اسان نه ڪيون انسان لاءِ ٻه اکيون ۽ ٻه چپ ۽ هڪ زبان) هن آيت الاهي جي هيٺان گهڻي بحث ڪرڻ کان پوءِ تفسير روح البيان وارو هئن فرمائي رهيو آهي ته قادر قدوس جو زبان کي انسان جي دهان اندر ٻن چپن جي حفاظت سان قيد رکڻ فرمايو آهي تنهن ۾ هي رمز مخفي رچايل آهي جنهن رمز رندي مان فقط عاقل کي اشارو آهي ته جڏهن به هو چڱي لفظ چوڻ تي چاه رکي ته ڀلي پنهنجا ٻئي چپ کولي زبان کي ڳالهائڻ لاءِ اجازت ڏئي آزاد رکي پر جي زبان بڇڙي لفط چوڻ تي تيار ٿئي ته پنهنجا ٻئي چپ نه کولي ۽ زبان تان بندش وارو لگام هرگز نه لاهي- پر انهي زبان جي بندش تي هي هيٺين رباعي ۽ ٻيا ابيات فارسي پڻ دلالت ڪري رهيا آهن – رباعي – ايزد چون بنا کرد بحکمت تن وجان درهر عضوي مصلحت کرد نهان کرزمفسدي لديده بودي ز زبان مجوس نمي کرد بزندان دهان) گرخبرداري زحي لايموت بردهان خود بنهه مهر سکوت – روزبان را در دهان مجوس داز وز خلائق خويش زامايوس دار) پر باوجود تحقيق قرآني جي زبان بابت حديثن ۾ به وعيد شديد آيل آهن ترمذي شريف ۾ حضرت عقبه پٽ عامر رضه کان روايت آهي ته مون حضور پر نور کان پڇيو ته ڇوٽڪارو ڪهڙي چيز ۾ آهي پاڻ ڪريمن فرمايو زبان بند ڪر ۽ پنهنجن بد ڪمن تي پشيمان ٿي رو ۽ گهر ۾ گوشه نشيني اختيار ڪر) پر جو به آدمي بي پرواهي سان زبان تي بندش ته نه ٿو وجهي پر رهندو زبان جي ڏاٽي تکي سان خراب لفظن گارن گندن گلائن غيبت سان لفظي لابارو ڪري گناهن جي بار گڏ ڪري رکي ٿو اهو هيٺين حديث شريف جي وعيد ۽ ڀلڪار جو مصداق آهي. هل يکب الناس على مناخر هم في النار الا حصائد السنتهم) يعني نه مهن ڀر اونڌو ڪري دوزخ ۾ وجهندا ماڻهن کي مگر سندن زبانن جا لابارا) حاصل ڪلام ته زبان مثل نانگ ازدها جي آهي جي نانگ پنهنجي سوراخ کان نڪري نروار ٿيو ته ضرور ڪاٽي کائي وجهندو تنهن ڪري زبان به جي وات جي قيد کان ٻاهر نڪتي ڪنهن واجبي سبب کان سوا ته ضرور نانگ وانگي باعث زيان جي ٿيندي جيئن جو هيٺين رباعي خاڪ جي مٿس صادق آهي (رباعي) سدا نانگ سوراخ اندر رهي، لڪايو زبان کي نه ظاهر رهي، ڪڍڻ سان متان توکي ڪاٽي رکي، رهي خاڪ اندر نه ٻاهر رهي.) پر هن رباعي خاڪ واري جو هوبهو شرح هي حديث شريف هيٺين آهي احفظ لسانک ايتها الانسان لايلد غنڪ انہ ثعبان) يعني اي آدمي پنهنجي زبان کي هميشہ حفاظت هيٺ رک خبردار اها هڪ ازدها نانگ آهي جو توکي ڏنگي کائي نه وجهي) تنهن ڪري جنهن زبان زيان ڪار کي حضرت جن نانگ خطرناڪ جو لقب ڏنو آهي تنهن جي ڏنگ کان هر وقت هشيار رهڻ گهرجي حضرت امام شافعي کان منقول آهي ته جڏهن به آدمي ڳالهائڻ جو ايرادو ڪري ته پهريون سوچڻ گهرجيس پوءِ جڏهن ڄاڻي ته هن منهنجي ڪلام ۾ سراسر دين دنيا جي مصلحت آهي ته پوءِ ڀلي ڪلام ڪري - ۽ پڻ حديث حبيب الله ۾ ثابت آهي ته جڏهن به آدمي صبح جو اٿندو آهي ته انهي جا سڀئي عضوا زبان جي آڏو عاجزي ڪري عرض ڪندا آهن ته اي زبان جيڪڏهن تون سڌي رهندي ته اسان به سڌا رهنداسون پر جيڪڏهن تو ڪجروي ڪئي ته اسان تنهنجا مقلد مقيد آهيون) هن حديث پاڪ مان هي ڳالهه پڌري پديد آهي ته فقط زبان ئي دل جي رازن جي ترجمان آهي ظاهر توڙي باطن جي سارن معاملن جو دارو مدار زبان تي آهي شرعي حق جي شاهدي پڻ زبان تي موقوف آهي هر چيز جي ڪوڙي مٺي هجڻ جو مدار پڻ زبان تي هوندو آهي تنهن ڪري قادر قدوس جي پنهنجي قدرت ڪامله سان انسان ذات کي زبان ڳالهائڻ لاءِ عطا ڪرڻ نه فرمائي ها ته ويچارو انسان اشارن ۽ لکڻ کان ڪم وٺي وڏي مشڪل ۾ ڦاسي پوي ها تنهن ڪري انسان ذات کي پنهنجي پاڪ پروردگار جو هر دم شڪر گزار ٿي رهڻ گهرجي ۽ انهي زبان رازن جي ترجمان سان جيڪڏهن ڪي راز روحاني ظاهر ڪرڻا هجن ته فقط پنهنجي رب رازدار سان راز ظاهر ڪجن نه اغيارن ۽ بيگانن سان پر جي غيرن سان گفتار سر زد ٿي ته هي زيرين عبارت فارسي وارو عتاب ايزدي آڏو عيان ٿيندو (عتاب) زبان داديم تراتابا مار از گوئي در خلوت وقرآن خواني در عبادت وصدق دروي فروآري وبا دوستان ماسخن گوئي تو خود زبان کي بساط غيبت ساختي ور وزنامئه جدل وديوان خصومت کردي- تو امر وز بکدام زبان حديث ماخواه کرد 12 – پر جناب مولانا سعدي عليه الرحمته وري زبان بابت هئن فرمائي رهيو آهي (ابيات) زبان آمد از بهر شکرو سپاس بغيبت نگر داندش حق شناس گذرگاه قرآن و پند ست گوش به بهتان وباطل شيندن مکوش دو چشم از پئي ضع باري نکوست زعيب برادر فروگير دوست) هن بيتن سعدي جي مان پڻ ظاهر آهي ته زبان سان فقط شڪر گوئي ڪرڻ جي اجازت آهي پوءِ زبان سان سدائين سهڻا سخن بيان ڪرڻ پڻ شڪريه ڪرڻ ۾ داخل آهن مگر غيبت گلا ڪرڻ اهڙو عظيم ڏوهه آهي جو جيئن ڪو ڀاءُ بي حياءُ پنهنجي ڀاءُ مئل جو گوشت کائي بفحوي الڪريم ان ياکل لحم اخيہ ميتا) تنهن ڪري ڄاڻڻ گهرجي ته غيبت ڪرڻ ۽ ڪنهن جا ڪارناما ۽ عيب اوڻايون بيان ڪرڻ هرگز جائز نه آهن مگر انهي ظالم جا جنهن جو ظلم تمام وڏو عوام تي عيان هجي ته انهي جا عيب على سبيل الا علان والاخبار بيان ڪجن ته هو ٻڌي سڌي من پشيمان ٿي ظلم ضرور ڇڏي ڏئي – جيئن جو هن هيٺين حديث ۾ اهڙي ظالم فاسق جي پچر ڪرڻ ثابت آهي اذڪرو الفاسق بما فيہ کي يحذره الناس) يعني ياد ڪريو فاسق کي انهي ٽول سان جو انهي ۾ موجود آهي تان جو ماڻهو انهي کان پاسو ڪن) ۽ پڻ هڪ اثر ۾ وارد آهي ثلاثته ليست لهم الغيبته الامام الجائر والفاسق المعلن بفسقہ والمسبدع الذي يدعو الناس الى بدعة) يعني ٽي شخص آهن جن جي غيبة ڪرڻ مباح آهي 1- هڪ امير ظالم 2- ٻيو اهو فاسق گنهگار جو پنهنجو گناه پاڻ فخر سان پڌرو ڪري 3- اهو بدعتي جو ماڻهن کي پنهنجي بدعت ڏي سڏي) مطلب ته جا زبان جسم ۽ جرم ڪري ڏسڻ ۾ ننڍي نظر اچي ٿي سا زبان حقيقت ۾ جو به بدسخن بيان ڪري بنا ڪنهن اجازت شرعي ۽ مصلحت دنوي جي- تنهن جو جرم ۽ گناهه ته بلڪل وڏو آهي پر پاڻ خود اهڙي زبان جرم ڪبير آهي جيئن جو هيٺين عبارت تفسير روح البيان مان ثابت آهي ان اکثر السوء قولي فان اللسان صغير الجرم کبير الجرم) يعني گفتي ۾ گهڻو بد گفتگو منهنجي زبان جو آهي ڇو ته زبان جو جسم ننڍو آهي پر سندس گناهه ڪبير ۽ وڏو آهي) پر حديث شريف ۾ آهي ته البلاء مؤکل بالمنطق) يعني بلاسو پيل آهي سخن ڪرڻ سان) تنهن ڪري انسان عاقل سوچي سمجهي پوءِ سخن پنهنجي زبان تي ظاهر ڪرڻ گهرجي وگر نه سندس زبان بي ڌيان بلاء مصيبت ساڻ کنيون ٿي وتي جيئن جو مولانا رومي صاحب جي بيتن هيٺين مان پڌرو آهي.
    (ابيات مثنوي)
    اين زبان چون سنگ وهم آهن وشست + آنچه بجهد از زبان چون آتشد ست
    سنگ و آهن رامزن برهم گزاف + که زروئي نقل و که از روئي لاف
    زانکه تاريک ست هرسو پنبہ زار + درميان پنبہ چون باشد شراز
    عالمي را يک سخن ويران کند + روبهان مرده راشيران کند

    انهي ساري تحقيق انيق مان ظاهر ٿيو ته زبان جي بدگفتن کان ڪناره ڪشي ڪرڻ عاقلن تي اخلاقي فرض آهي پر جي اڃان به ڪو انسان عاقل بيدار ٿي زبان پنهنجي تي ضابطو نه رکندو ۽ شاه مقبول درگاه جي مشوره مفيد تي نه هوندو ته هن هيٺين آيت الاهي جي عتاب هيٺ اچي ويندو. ان الله لايحب الجهر بالسوء من القول) يعني تحقيق الله سائين بڇڙي بات ظاهر ڪرڻ کي پسند نه ٿو ڪري هتان صفا ثابت آهي ته جڏهن حڪيم مطلق بڇڙي بات نٿو پسند ڪرڻ فرمائي ته پوءِ بدگفتار بدڪردار کي ڪهڙي طرح پسند ڪرڻ فرمائيندو- هن آيت الاهي مان ٽي اشارا نظر اچن ٿا
    1- پهريون ته ڌڻي پاڪ عوام کان سخن پاڪ ٻڌڻ پسند فرمائي ٿو نه ناپاڪ سخن
    2- خاصن کان خيالي تحدث فقط پاڻ لاءِ پسند ڪري ٿو نه تحدث نفس سان.
    3- اخص الخواص جو توجه تام فقط پاڻ ۾ پسند فرمائي ٿو نه خطرن خام دل وارن ۾ پر زبان تي جمله آفتن جو ظهورو مولانا محمد يوسف تحفه نصايح وارو هئن ٻڌائي رهيو آهي
    داني موڪل بر زبان جمله بلا آفات را
    جرم زبان گرا ندي ست دان جرم اورا بيشتر 


    توبہ جي قبوليت ۾

    41- (بيت)
    جي ڪارون آڻي ڪانڌ کي، ته روئي ريجهائج،
    ليلان ليلهائيج، اٿي ماڳ منٿ جو.

    شرح – هن بيت مان چٽو ظاهر باهر آهي ته انسان عاقل ۽ فهيم فاصل ۽ طالب صادق صداقتي صورت سان رب ڪريم رؤف رحيم جي رحم ڪرم واري دروازي تي روئي رڙي فغان فرياد ۽ دردناڪ دانهه قابل داد زاري نيزاري سان ڪندو رهندو ۽ ليلان وانگي رات ڏيهان ليلهائيندو وتندو ته انهي تي ڪڏهن نه ڪڏهن رافت ۽ رحم سان رب راضي بازي ٿي سندس توبه تام قبول ڪرڻ فرمائيندو ڇو ته دعا قبول پوڻ جو ماڳ هي دنيا دار المحن آهي نه دار آخرت تنهن ڪري توبهه تام ڪرڻ جو حيلو وسيلو هت هجڻ گهرجي جو فقط هي جهان ئي منٿ ۽ آزي ڪرڻ جو ماڳ آهي گناهن جي هر قسم بيماري جو مجرب ۽ اڪسير علاج تو به تام جهڙو ٻيو ڪو به ڪو نه آهي توبهه ڪرڻ جي علاج سان بندو گندو بدين جي بيمارين کان اهڙو ته پاڪ ۽ آزاد ٿئي ٿو جو ڄڻ ته هن ڪو به گناه اڳ نه ڪيو هو جيئن جو هن حديث شريف هيٺين مان ثابت آهي التائب من الذنب کمن لاذنب لہ) يعني گناهن کان پشيمان ٿيندڙ اهڙو ته پاڪدامن رهي ٿو ڄڻ ته مٿس ڪو نگاه ئي ڪونه هو ) پر هيٺين بيت فارسي مان پڻ بدين جي بيماري جو علاج توبهه ۽ استغفار عيان آهي (بيت) درد مندان گنهه زا روز شب شربت بهتر زاستغفار نيست) يعني مٺاين جي مريض واسطي توبهه ۽ استغفار کان وڌيڪ ۽ بهتر ڪو به شربت نه آهي) پر اڃان انهن مثالن تمثيلن کان سواءِ خود قرآن ڪريم جي هي هيٺين آيت ڪريمه بيت مذڪور جي شرح بطور شافي ۽ حجت ڪافي جو ڪم ڏئي رهي آهي وهوالذي يقبل التوبته عن عباده) يعني هو اهو الله آهي جو پنهنجن ٻانهن جي توبهه قبول ڪرڻ فرمائي ٿو – هن آيت الاهي ۾ لفظ توبه جو عام آهي جو مومن- مشرڪ دوست دشمن تي صادق آهي جيئن جو حضرت سيد المفسرين ابن عباس رضه کان مروي آهي هي عامته للمؤمن والکافر والولي والعدو ومن تاب منهم قبل الله توبتہ) يعني توبهه عام آهي مومن ۽ ڪافر ۽ دوست دشمن لاءِ انهن مان جو به توبه تائب ٿيندو انهي جي توبه الله قبول ڪرڻ فرمائيندو) توبهه جي لفظ جي لغوي معنى پشيمان ٿي موٽڻ کي چئبو آهي ۽ عزم جي لفظي معنى پڪي ايرادي سان پنهنجي رب رحيم ڏي رجوع ٿيڻ کي چئبو آهي- حاصل ڪلام ته جيئن جو ڏڌل کير ٿڻن ۾ واپس نه ويندو آهي تيئن توبه تام جو عازم پڪي ايرادي سان وري گناهن ڏي ورڻ نه واريندو آهي- جناب سري بوشنجي رحمته الله عليه چوي ٿو ته توبه جي هي نشاني آهي جو گناهن جي گفتار ۽ ذڪر اذڪار ٻڌڻ سان مَن ۾ مٺاڻ ۽ روح کي رهاڻ ۽ لذت ڏوهه جي محسوس نه ٿئي ته پوءِ برابر اها توبه صادق ۽ سچي آهي جيئن جو روح البيان واري اها عبارت بعينہ هيٺين ريت آڻڻ فرمائي آهي هوالذي لاتجد حلاوة الذنب في القلب عند ذڪره) يعني هو گناهن جي گفتار وقت پنهنجي قلب ۾ مٺاين جو مٺاڻ محسوس نه ڪري) پر باقي ڪوڙي توبهه جي تڪذيب تي هي روايت هيٺين زجر ۽ تنبيہ جو ڪم ڏئي رهي آهي. حضرت جابر کان روايت آهي ته هڪ اعرابي رسول الله صلي الله عليه وسلم جي مسجد مبارڪ ۾ آيو، اچڻ سان چيائين اللهم اني استغفرڪ واتوب اليڪ وکبر فلما فرغ) اي رب توبه ڪريان ٿو ۽ توکان بخشيش گهران ٿو اڃان تڪبير چئي نماز کان فارغ ٿيو ته حضرت علي ڪرم الله وجہ فرمايس اي اعرابي زبان سان تڪڙو تڪڙو توبهه جو تذڪرو ڪرڻ توبه ڪوڙن جي آهي نه سچن صادقن جي – اها توبه تنهنجي اڃان توبه جديد صادق جي محتاج آهي اعرابي عرض ڪيو ته اي امير المؤمنين اها توبه صادق ڪهڙي آهي حضرت علي ڪرم الله وجهہ فرمايو ته توبه جو اسم 6- ڇهن معنائن تي مشتمل آهي. 1- ماضي جي گناهن تي پشيماني جو ظهور 2- ڇڏي ڏنل فرض موٽائي پڙهڻ 3- مظلوم جو حق موٽائي ڏيڻ 4- جيئن نفس کي نافرماني ۽ معصية جي پليدي سان پاليو اٿئي تئين طاعت الاهي سان انهي کي ڳڻتن ۾ ڳار 5- جئين جو مٺاين جو مٺاڻ نفس سرڪش کي چکايو ٿي تيئن طاعت ايزدي جي تلخي ۽ ڪوڙائي به چکائيس 6- جيترو نفس کي کلايو ٿي اوترو کيس روئڻ سان راحت وٺاءِ- انهن علامتن واري توبه صادق جنهن به طالب حق جي کي نصيب ٿي ته سندس ٻيڙائي پار آهن پر انهي توبه صادق جي توفيق روارڻ ۽ کلائڻ جي واڳ به انهي هادي حڪيم جي هٿ ۾ آهي جو اهو رب رحيم پنهنجي رحم ڪرم سان روئندن کي کلائيندو آهي ۽ کلندڙن تي خشم آلوده ٿي کين رواريندو آهي. جنهن جبار جابر ۽ قدوس قادر کي جيرن جي مارڻ ۽ مئن جي جيارڻ تي پوري پوري قدرت ڪامله آهي فقط مارڻ جيارڻ تي ڇا پر هر چيز تي هر قسم جو احاطو سندس قدرت محيطه جو آهي جيئن جو هن آيت الاهي مان عيان آهي ان الله على ڪل شيءِ قدير) يعني تحقيق هر چيز تي الله کي قدرت آهي) مطلب ته روئن روارڻ کلائڻ مارڻ جيارڻ ۽ بکاين جون بکون ۽ اڃاين جون اڃون وسائڻ ۽ ڏوهارن کي ڏوهه معاف فرمائي رهندو ڏاڻ ڏاتيون ڏيڻ انهي هڪ هوت حقيقي جي هٿ جو ادنى ڪرشمو آهي جيئن جو انهي بيان عيان تي هيٺين ڪافي خاڪ جي مان پڌري روشني پوي ٿي.
    (ڪافي)
    رؤئندن کي کلائي ٿو کلندن کي رواري ٿو + جيرن کي پيو ماري مردن کي جياري ٿو
    1. ڏاتار جي دروازي تي ڏاڻ گهرن جيڪي + ڏاتار ڏئي ڏاتيون لک ڏاڻ ڏياري ٿو
    2. ساري ٿو سدا ساري ساوڻ ۾ سياري ۾ + ڪنهن کي به ولهين وارث ورنهه نه وساري ٿو
    3. اوگهڙ ٿو ڍڪي ڍوليو ڏئي پاند پلو پنهنجو + بکين جون بکون لاهي پياسن کي پياري ٿو
    4. غمخوار گهڻو گهاتو آٽو نه ڪري آٽو + چشمن جو چڱو چاٽو ڏيهَن کي ڏيکاري ٿو
    5. ٿي خاڪ کلي وڃ تون پائي ڪا ڳچي ڳاري + آزي تي عنايت سان نازڪ به نهاري ٿو

    حاصل ڪلام ته جو به جهدي ٻانهو هوت حقيقي ڏي هنجهون هاري هئني سان هڪ گراٺ هٿ جي جيترو ويجهو ٿيندو ته هوت هادي انهي عبد عارف ڏي پاڻ ڪرم ڪريمي موجب هٿ جيترو وڌي ويجهو ٿي ويندو جيئن جو زيرين حديث قدسي ڪلام واجب الاحترام مان صريح ٿابت آهي من تقرب الي شبرا تقربت اليہ ذراعا) تفسير روح البيان وارو هن حديث قدسي جي شرح ۾ هن طرح عبارت آڻڻ فرمائي ٿو اي من تقرب الي شبرا بالتوبته تقربت اليہ ذرا عا بالقبول ولولم يکن القبول سابقا علي التوبته لماتاب) يعني جيڪو مون کي هڪ گراٺ جيترو توبه تام ڪرڻ سان ويجهو ٿئي ٿو ته مان سندس توبہ قبول ڪرڻ واسطي هٿ جيترو وڌي ساڻس ويجهو ٿيان ٿو) پر جي آيت مذڪوره ۾ لفظ قبول جو توبہ تي سابق نه هجي ها ته ٻانهي جي توبه قبول نه پوي ها 12- پر الله تعالى اهڙو ته ڪريم رحيم ۽ ٻانهن تي ٻاجهارو آهي جو مٿي آيت الاهي ۾ يقبل التوبته جي ارشاد عظيم ۽ عنايت ارزاني ۽ پنهنجي فضل ۽ ڪرم ڪريمانه سان عام ٻانهن کي اهڙو ته نوازش نروار سان نوازيو آهي جو ڪو به ٻانهو توڙي جو گناه ڪبيره جو مرتڪب آهي تنهن هوندي به جڏهن پنهنجن جرمن تي پشيمان ٿي ڌڻي پاڪ جو دروازو سچي توبه ڪرڻ سان کڙڪائي ٿو ته هڪدم توبه جي قبوليت جي پاکر پائي ٿو جيئن جو هيٺيون مصرعه اردو اها خوشخبري ٻڌائي رهيو آهي (مصرعه) رحمت ربي کو جوش مين لانـي کي دير هـي پيني کي دير هـي نه پلانـي کي دير هـي- ۽ ڪو به آدمي ڪڏهن به ڪريم جي دربار اقدس ڪريمانه ۽ درگاه رحيمانه مان نااميد ٿي نه موٽندو آهي جيئن جو زيرين آيت الاهي جي ارشاد عظيم مان اظهر آهي لاتقنطوا من رحمته الله ان الله يغفر الذنوب جميعا) يعني الله جي رحمت کان نااميد نه ٿيو تحقيق الله تعالى سارا گناهه بخشي ڇڏي ٿو) انهي آيت الاهي جو جناب لطيف لعل جي لسان جالسان الهام آسماني جي ترجمان آهي هئن ڪرڻ فرمايو آهي(بيت) ليلان ليلهائيج اڳيون اُنڙ ڄام جي- ليلهائي نه لهين ته وري به ليلهائج- پاند ڳچي پائيج سڄڻ ٻاجهارو گهڻو پر هن حقيقت مذڪوره تي هن حديث حبيب الله صلي الله عليه وسلم جي مان پڻ قابل توجه روشني پوي ٿي ته هر هر هوت حقيقي جي اڳيان اکين مان آب ۽ هنجهون هاري پنهنجي توبه تام قبول ڪرائجي جيئن جو زيرين حديث نبوي مان ظاهر آهي وفي الخبر ان بعض المذنبين يرفع يده الي جناب الحق فلاينظر اليہ اي بعين الرحمته ثم يد عوثانيا فيعرض عنہ ثم يدغوو يتضرع ثالث فيقول ياملائڪتي قداستحييت من عبدي وليس لہ رب غيري فقط غفرت لہ واستحييت اي حصلت مرامہ فاني استحي من تضرع العباد اهه) يعني حديث ۾ ته گنهگارن مان بعض پنهنجا هٿ ڌڻي جي دربار ۾ کڻندا آهن مگر ڌڻي هنن تي نوازش نه فرمائيندو آهي تنهن کان پوءِ دوباري دست بدعا ٿي دانهون الاهون ڪندو تبه ڌڻي هن کان مهن موڙيندو رهندو تنهن کان بعد ٽي دفعه دردناڪ دانهن آهن سان دعا گهرندو پوءِ ڌڻي پاڪ مهربان ٿي ملائڪن کي فرمائيندو ته اي ملائڪ منهنجا مان پنهنجي ٻانهي تي حياء ۽ ٻاجهه ڪريان ٿو جو هن کي مون کان سواءِ ٻيو ڪو به رب ڪونه آهي مون کي پنهنجي ٻانهي جي ٻاڪار ۽ زاري نيزاري تي حياء ۽ ٻاجهه اچي وئي آهي توهان شاهد هجو مون سمورا گناه ٻانهي جا بخشي ڇڏيا) هن حديث پاڪ مان هويدا ۽ ظاهر آهي ته توبه تظرع ۽ زاري نيزاري واري قدوسي ڪورٽ اقدس ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن اهڙو ڪامياب بنائيندي جو رٺل راڻو نيٺ راضي بازي ٿي ويندو- پوءِ جڏهن رٺل راڻو راضي ٿي ويو. پوءِ ٻي ڪنهن جي ڪهڙي ڪاڻ ڪڍبي موجب مقوله معروف- رب هجي راضي ته ڇا ڪندو ملاقاضي) پر جي رب راضي نه ٿيو ته بنده گنده جي بري ۽ بدقسمت ڄاڻبي جنهن بدقسمت تي حسرتي هي هي ڪرڻ سان هزارين هنجهون هاري ساري ڄمار اکيون اشڪبار ڪري رت جا ڳوڙها ڳاڙهي هئن چوڻو پوندس جيئن جو فقير خاڪ پنهنجي حسرت تي حسرت کائي چيو آهي (ڪافي) بري قسمت آپ اگها نه سگهيم، رٺي رب ڪون رو رو رجها نه سگهيم، 1- جڏان ٻڌڻاندي وچ ٻال هيم، تڏان قالو ابلى دي قال ڪيم، سپي سڪدي پيتي سال ٿيم، نڌر نيهن ازل دا نبها نه سگهيم 2- ڏتي لولي مادر مهد اندر عجب ياد الستي عهد اندر لِقا نال بقا لڪ لحن اندر لڇي ليلان وانگي ليلها نه سگهيم 3- دنيا دار محن سبق سور داگهن دل درد دکاسي ٿيسي چمن ڪران گهور پنهل تون تن من ڌن دلي درد دا دود دکا نه سگهيم 4- هٽين هٺ سي هو سئي حساب اڳون عمل والا ڏيسن ڪتاب اڳون عمل نيڪ نهين ته ڪتاب اڳون ملي ميل محبت ملها نه سگهيم 5- ندي نيڻان سي جل جاري آ لڙڪ لعل ڪرن گوهر باري آ، بدن خاڪ جو نوري نه ناري آ، اها آڳ عشق دي اُجها نه سگهيم) پر عاشق صادقن ۽ سچن سالڪن کي فرقت محبوب معنوي جي باه جهنم جي باهه کان هزار بار وڌيڪ تيز ۽ تکي نظر ايندي آهي تبه جدائي جي جوش جذبه ۽ سڄڻ سرمدي جي سوز گداز کي ساهه ۾ ساهه وانگي سانڍيندي پنهنجي سيني بي ڪيني جو سوز فقط سڄڻ سرمدي سان سري طريقه موجب سليندا رهندا آهن نه غير سان – ساري وڻڪار ۾ ورهين جا ورهه سئي وانگي رڳو ور کي وندر جي واٽ وڍي ووڙيندا واڪا ڪندا وتندا آهن ته من نه من ڪاڪا وڃي ڪوڪ پوي ڪن ڪريم کي- سلوڪي سالڪن سوز وارن جي سچي سوز گداز تي هي هيٺين ڪافي فقير خاڪ جي صادق ۽ سچي آهي.
    (ڪافي)
    سچو سور سڄڻ دي نال سلان + وٺي واٽ وندر دي ڪيوين ولان

    1- ڏتي ماءُ مٺي لولي سوراندي + پينگهي وقت پنهل دي پوراندي
    عجب اور عجيبان اوراندي + رمي نال رانجهن دي روح رليان

    2- ڇوري ڇپراندي وچ ڇوڙ ڳئي + پنهل خان کڻي جٺ جوڙ ڳئي،
    نڌر ننڊ نهوڙي نهور ڳئي + ڄلي ڪانه ڄلي ڄرم نال ڄلان

    3- ڏسي ڏونگر ڏکدي ڏوران پئي، + دلي چرخي دمدم چوران پئي،
    اٿي آڌي اوران اوران پئي، + جلي جوش خروش دي نال جلان.

    4- وک ورهه وڌاءِ وڌاوڻدي + لڪي لوڪ ڪنون ليوي پاوڻ دي،
    سک رمز رٺل دي رجهاوڻدي + کلي خوب پنهل دي نال کلان

    5- سڀئي سور سيني دي سل سان + مئين آلي عشق ازل دا نه السان
    مئين ڪٽي ڪوه ڪٽي وڃ مل سان + مئين تکي خاڪ هوا دي چال چلسان.

    تنهن ڪري حق جي طالبن طلب تاس وارن ۽ عاشقن اڃ اداس وارن کي به سدا سچن سالڪن وانگي سوزگداز ۾ رهي روئي رڙي به ٻار مغز بيدار وانگي رحمت ربي جي پستان پاڪ کي جوش ۾ آڻڻ لاءِ آزي آهن دردناڪ دانهن کان ڪم وٺي ڪاميابي ماڻڻ واسطي ڪوشش قوي جاري رکن ته من نه من روڄ راڙي تي رٺل رب رجهي پوي ڇو ته ظاهري ماءُ مشفقه به ٻار جي ٻاڪار ۽ اُڇگار تي هڪدم رجهي پوندي آهي پر جو هوت هادي رب راحم آگوار شادي هزار بار ڇا بلڪ ڪروڙ دفعا ظاهري مادر مهربان کان رحمت وسيعه موجب مٿاهون ۽ مڙين ماڻهن ۽ ملڪن کان وڌيڪ مهربان آهي جهڙس جهان ۾ مٽ مثال ڪونه آهي سو ڪيئن نه درد جي دانهن ۽ واڪن تي واڪن ڪرڻ کي ورنائيندو جيئن جو واڪن ڪرڻ بابت جناب سرتاج سنڌ سهڻي صلاح ڏئي رهيو آهي(بيت) ڪرڪو واڪو وس ويهه نه منڌ بنڀور ۾ ته اي انسان عاقل پنهنجي عقل ۽ هوش کان ڪم وٺي مون کي ٻڌاءِ ته تون قرآن ڪريم جي پهرين پهلو جو عامل ۽ پياسي آهين يا ٻي پهلو جو – پر جيڪڏهن تون پهرين پهلو جو پياسي ۽ اداسي آهين ته توکي صد مبارڪ ڇا بلڪ لک لک مبارڪون هجن تنهنجو ئي لقب سڄڻ سٻاجهي وٽ سڀاڳو آهي. پر خدا نه خواستہ جي تنهنجو پيار پهرين سان نه بلڪ ٻي پهلو سان آهي ته پوءِ توکي پنهنجي هيڻي حال پرملال تي پشيمان ٿي ريهون ڪري رئڻ گهرجي ڇو ته سڀاڳن جي سنگت صحبت ڇڏي ڪري تون نڀاڳن جي قطار ۾ نسري نروار ٿيو آهين باوجود هن ڳالهه ٻڌڻ جي جو توکي بار بار باري تعالى بيدار ڪرڻ فرمائي فرقان ۾ فرمايو ته ڪونوا مع الصادقين) توهان سچن جي صحبت ۾ رهو) پر توهان انهي حڪم ايزدي ٻڌڻ کان پوءِ به ٻڌو اڻ ٻڌ ڪري سڀاڳن صادقن جي صحبت سوني بدران ڄاڻي واڻي نڀاڳن جي سنگت صحبت جو بهرو وٺي پاڻ کي خواه مخواه بدنام ڪيو آهي. تنهن ڪري ڀٽائي صاحب پڻ بار بار توکي بيدار ڪرڻ لاءِ هر هر اٿڻ ويهڻ جي صلاح هيٺين ريت ڏئي رهيو آهي (بيت) ويهه تني سان ويهه جي ويهي ٿا ڄاڻين، ويهه نه ساڻ ٻين متان ويهي وقت وڃائيين) وري فرمائي رهيو آهي ته (بيت) هل تني سان هل جي هلي ٿا ڄاڻين، هل نه ساڻ ٻين متان هلي حال وڃائيين) مطلب ته ڀٽ ڌڻي جي بيت مذڪور جو پورو پورو شرح شافي ۽ حجت ڪافي هي آيت ڪريمه هيٺين آهي وننزل من القرآن ماهو شفاء ورحمته للمؤمنين ولا يزيد الظالمين الاخسارا) اسان قرآن مان تنهن ٽول کي نازل ڪريون ٿا جو مومنن جي واسطي شفا ۽ رحمت آهي ۽ اهو قرآن نه ٿو وڌائي ظالمن کي مگر نقصان ۽ خساري ۾) هن آيت الاهي مان به ٻه پهلو قرآن ڪريم جا ظاهر باهر آهن هڪ پهريون پهلو مومنن جو آهي جن کي جناب سرتاج سنڌ سڀاڳي جو لقب لائق عطا ڪرڻ فرمايو آهي، ٻيو پهلو منڪرن ظالمن جو آهي جن کي ڀٽ ڌڻي نڀاڳي جي لقب سان نروار ڪري رهيو آهي پر هن آيت الاهي ۾ جي ٻه پهلو پڌرا آهن تن ٻن پهلن کي حضرت شارع عليه السلام پنهنجي حديث پاڪ ۾ جا حديث حضرت عمر فاروق کان مروي آهي، هن طرح بيان ڪرڻ فرمايو آهي قال النبي ان الله يرفع بالقرآن اقواما يضع بہ آخرين) يعني فرمايو نبي ڪريم ته تحقيق الله ڪن قومن کي قرآن جي قدر ڪري قدر وارو ڪرڻ فرمائي ٿو ۽ ڪن کي قرآن جي بي قدري سبب ذليل ڪرڻ فرمائي ٿو) حاصل ڪلام ته پهرين آيت الاهي ۽ ٻي حديث حضوري ٻنهي مان صريحن ثابت ٿيو ته برابر ڀٽ ڌڻي جي نظريه موجب انسان ٻن پهلن ۾ پڌرو ٿي رهيو آهي، هڪ سڀاڳو ٻيو نڀاڳو- ٻي پهلو موجب نڀاڳن تي قرآن ڪريم پاڻ گواهي ته ڏيندو پر رهندو اڃان وڌيڪ رنجيده ٿي فريادي به ٿيندو، خصوصاً محشر جي ميدان ۾ جنهن حشر جي هيبتي ڏينهن کان هزارين انبياءَ ڪرام به ڏڪي ڏڪي نفسي نفسي جو نعرو نروار ڪندا مگر هڪ محمد مصطفيٰ صاحب شفائي هوندو جو سوا نفسي پوڪارڻ جي سڌو سنئون سائين جي آڏو لواءِ الحمد جي هيٺان سجدي ۾ اچي للهم اغفر لامتي جو آواز آلاپيندو رهندو تان جو رب رحيم پنهنجي محبوب کي هئن چوندو ته ارفع راسڪ يا محمد سل ماشئت) جيڪي وڻئي سو گهر سر پنهنجو مٿي کڻ) آخرڪار شفا مطلق جو اختيار وٺي ساٿ سلامت بهشت برين ڏي اماڻيندو پر انهي ڳالهين کان اڳ ۾ قرآن ڪريم فرقان حميد جي زبردست حاڪم جي حضور ۾ هئن فرياد ٿيندي ته اي حاڪمن جا حاڪم پنهنجا فيصلا پوءِ ڪر اول منهنجي فرياد رسي فرماءِ پرور پاڪ قرآن کان پڇندو ته تنهنجي فرياد دردناڪ جو ڪهڙو شاهد آهي قرآن ڪريم عرضدار ٿي عرض ڪندو ته منهنجي فرياد جو شاهد امين محمد مصطفى ۽ احمد مجتبى آهي، تان جو رسول ڪريم حقيقي حاڪم جي آڏو قران ڪريم جي پاران منڪرن تي هئن شاهدي ڏيندو جنهن شاهدي جو ذڪر خود قرآن جي هن هيٺين آيت الاهي مان عيان آهي جا آيت شريفه ٻي نمبر واري پهلو تي بطور شرح شافي جي ڪم ڏئي ٿي- وقال الرسول يارب اتخذوا قومي هذا القرآن مهجورا) يعني چوندو رسول ته اي رب هن قوم منهنجي برابر هن قرآن کي مهجور ۽ ڇڏيل ڪري ورتو) هاڻي جڏهن هن آيت مان حضور جن جي شاهدي جو ثبوت ثابت آهي ته پوءِ انهن منڪرن جو ڪهڙو حال ٿيندو جن تي خود خدا جو خليل ڇا بلڪ حبيب الله صلي الله عليہ وسلم پاڻ شاهد هوندو، نعوذ بالله من ذالک- هاڻي جڏهن هن ساري تحقيق انيق مان صريحا ثابت ٿيو ته برابر قرآن ڪريم ۽ حديثن جي گواهي موجب ڀٽ ڌڻي جو نظريو مذڪور بيت وارو درست آهي، تڏهن کيس هئن پڇڻ جو پورو پورو حق حاصل آهي ته سڀاڳا سڃاڻ ته تون هنن مان يا هنن مان ته من نه من ڪو ڀاءُ مومن يا ڀيڻ مومنياڻي جناب شاه صاحب جي شريفانه ۽ ناصحانه پڇڻ کان اثر وارو ٿي پنهنجي حال حاضر تي شرمسار رهي ٻي پهلو وارو پاسو از خود ڇڏي ڏيڻ تي تيار رهي ته پوءِ مٿس مولا پاڪ پاڻ ۽ سندس محبوب مدني ۽ سرتاج سنڌ روحاني رهبر جو روح پرفتوح پڻ راضي بازي رهي آمين- توڙي جو جن ۽ انسان همه هڪ ٿي پنهنجي پوري پوري طاقت آزمائي ڪن تبه قادر ڪريم جي قرآن پاڪ کي ڇا بلڪ سندس زير زبر به بدلائي نه سگهندا جيئن جو ڪنهن شاعر شائق قرآني چوڻ فرمايو آهي- قولي محمد قولي خدا فرمان نه بدلا جيئگا، بدليگا زمانا لاکهه مگر قرآن نه بدلا جائيگا) پر قران ڪريم جي ڀلائي بابت هي هيٺيون ڪلام فقير خاڪ جو آڻڻ موقعه جي مناسبت آهي (ڪلام) شهر رمضان الذي ۾ قدرتي قران شريف نور تي، ٿيو نور نازل نعمتي قرآن شريف 2- لوح محفوظي رهاڪو لوح کان آيو لهي صالحن جي واسطي ٿي صحبتي قرآن شريف 3- جنهن ڏڍي ايمان اُجرو جنهن ڏٺي رحمت وسي ڪن ڏئي دل سان ٻڌو هي عزتي قرآن شريف 4- حال پڇ احوال پڇ هادي هدايت کان اچي عرش کان آيو اٿئي هي. عظمتي قرآن شريف 5- ٽي هزارن جي مهينن کان ڀلي شب قدر جي ڇو ته اُن ۾ آئيو هي الفتي قران شريف 6- خاڪ خالق جي عبادت ڪر ڀلاري رات ۾ روز ۾ روزا رکائي همتي قرآن شريف.
    پر انهي شاهي قدوسي ڪلام جي عدم تبديلي لاءِ اعلان واجب الاذعان باري تعالى جوئي ڪافي ۽ بس آهي جيئن جو هيٺين آيت الاهي مان عيان ۽ آشڪار آهي (ولا تبديل لکلمات الله) يعني ۽ نه آهي ڪو تفسير ۽ تبدل الله جي ڪلمن ۾) مطلب ته ڪنهن کي به طاقت الله تعاليٰ جي ڪلمن جي تبديل جي نه آهي مگر انهي قرآن ڪريم جي حقيقت کان آگاه اهي عارف آهن جن کي ڌڻي جي درگاه پاڪ مان بصيرت جي بشارت عطا آهي ۽ جن تي نور فراسة جي نوازش نمايان آهي ڇو ته قرآن قدوسي ڪلام سڪ جو سلام عارفن عاقلن واسطي بصيرت سان ڀرپور مجموعو آهي جنهن جي حقيقتن جو حقدار سالڪ صاحب بصيرة جو آهي نه غير جيئن جو قرآن ڪريم جي هي ٻي آيت الاهي پڻ ٻڌائي رهي آهي (هٰذا بصائر للناس) يعني هي سارو قرآن بشر ذاق جي واسطي بصيرتون آهن) بشرن مان مراد هتي بصيرت وارا صاحب آهن نه غير جيئن جو تفسير روح البيان وارو انهي آيت الاهي جي تفسير فرمائي ٿو ته فان مافيہ معالم الدين والشرائع بمنزلته البصاتر مي القلوب کانہ بمنزلة الروح والحياة فمن عري من القرآن فقد عدم بصرن و بصيرتہ وصار کالميت والجمادالذي لاحسد لہ ولاحياته فحمل البصائر على القرآن باعتبار اجزائہ ونظيره قوله تعالى فقط جاءَ کم بصائر من ربکم اي قرآن وا آياتہ پوءِ تحقيق جيڪي دين ۽ شريعتن جون علامتون قرآن ۾ موجود آهن، سي دلين اندر بصيرتن جي بجاءِ آهن، ڄڻ ته اهو قران روح ۽ حياتي جي مثل آهي پوءِ جيڪو قرآن ڪريم کان خالي آهي پوءِ انهي کان بصيرت ۽ بصر ٻئي معدوم ۽ گم ٿي ويون ۽ هو ڦري مئل جي مثل ۽ جماد جي ٿيو، جنهن جماد کي ڪو به حسد ۽ حياتي نه آهي پوءِ جزن جي اعتبار ڪري بصيرتن جو حمل قرآن ڪريم تي ڪيو ويو آهي، جيئن جو مثال انهي جو زيرين قول تعلى ۾ موجود آهي (فقد جاءَ ڪم بصائرن من ربکم) يعني هي قرآن ڪريم ۽ انهي جون آيتون اوهان جي رب رحيم جون بصيرتون آهن جي تحقيق توهان وٽ آيون آهن) آيت مذڪوره ۾ لفظ بصائر جو جمع بصيرت جو آهي، پر بصيرت اهو نور آهي جنهن جي ذريعي سان اک محسوسات جو مشاهدو ماڻيندي آهي تنهن ڪري اتباع شريعت ڏي انهي جو اشارو ڪرڻ جائز ۽ مباح آهي (وهدي) مان مراد گمراهي جي گرداب کان هدايت آهي (ورحمته) مان مراد اهو قرآن ڪريم تبارڪ تعلى جي طرف کان رحمته عظيمه ۽ نعمت ڪامله آهي ڇو ته دنيا ۽ آخرت جون سموريون سعادتون فقط قرآن ڪريم جي ذريعہ سان ئي حاصل ٿين ٿيون. (لقوم يوقنون) ايزدي امرن تي ايقان ڪرڻ قوم جي شان وٽان آهي. پوءِ جي به اهل بصيرت بصيرت جي نورن سان يقين جي مقام ڏي پهچڻ لاءِ آماده ۽ مستعد هوندا آهن تن جي اڳيان بصيرتي نورن جي ذريعي ۽ نموني سان حق ۽ باطل کلي پوندو آهي، تنهن ڪري نظر ناظرينن جي گهڻن مرتبن تي مشتمل آهي. ڪو شخص عقل جي نور سان ناظر آهي ۽ ڪو فراسة جي نور سان ناظر آهي ۽ ڪو ايمان جي نور سان ناظر آهي ۽ ڪو ايقان جي نور سان ناظر آهي ۽ ڪو احسان جي نور سان ظاهر آهي ۽ ڪو عرفان جي نور سان ناظر آهي ۽ ڪو عيان جي نور سان ناظر آهي ۽ ڪو عين جي نور سان ناظر آهي پوءِ اهو آدمي پوري طرح بصيرت تي برپا آهي اهڙي بشر برگزيده جي بصيرت جو شمس سدائين طالع ۽ تابان آهي ۽ اهڙن جي بصيرت جو افلاڪ سحاب غفلت کان گهڻو ڪري صاف ۽ پاڪ آهي پر ياد رکڻ گهرجي ته بصيرت وارن جي ديد دائمي دلدار جي ديدار کان محروم نه رهندي آهي جئين جو ڀٽ ڌڻي فرمائي رهيو آهي ته- اکيون اهي ڌار جن سان پسين پرکي، ٻي ڏي ڪين نهار راڻل ريسارو گهڻو) پر ڪڏهن نه ڪڏهن ڪا گهڙي پلڪ قبض جي حالت مٿن طاري ٿيندي آهي ته انهي گهڙي فرقت ۽ جدائي واري کي سلوڪي سالڪ سو سال جي برابر ڄاڻي هو تن جي حسن روح افزا تي حيران پريشان ٿي هوت جي ڳلي وصال واري تي هئن چوندا ڦرندا وتندا آهن جيئن جو خواجه حافظ شيرازي رح چوڻ فرمايو آهي (بيت) گر آمدم بکوئي تو چندان عجيب نيست چون من درين ديار فراوان غريب هست) هن بيت حافظ جي مان به ثابت آهي ته هوت جي حسن تي فقط حافظ ڇا پر هزارين ٻيا حبدار حيران ٿي ڦرندا رهندا آهن جيئن جو هن حقيقت جي مزيد تائيد فقير خاڪ جي هيٺين ڪافي منجهان اظهر آهي
    (ڪافي)
    حسن عالمتاب تي حيران ڪجهه مستان ڪجهه + مان فقط ناهيان سوين سلطان ڪجهه دربان ڪجهه
    1. شمس شيدا ٿي رهيو شب روز تنهنجي شوق ۾ + چنڊ تارا ۽ ڪتيون قربان ڪجهه نگران ڪجهه
    2. شمع رخ روشن مٿي دل سوختہ سو ۽ لکين + اولياءَ ڇا انبيا پيران ڪجهه پروان ڪجهه
    3. مون مريض عشق کي گهرجي نه ويجن جي دوا + ٿو فقط تنهنجو کپي ديدار ڪجهه درمان ڪجهه
    4. سوز سڪ تنهنجي ۾ ساجن سال سو گذري ويا + وصل جو وارو ڏئي ڏي دين ڪجهه ايمان ڪجهه
    5. جي سڄي دنيا مٽي مهن تون فقط منهڙو نه مٽ + يار ماريندي نه مون کي گردش دوران ڪجهه
    6. عمر ساري خواب ٿي وئي شاه خوبان خواب ۾ + روئي روشن کي ڪيو تابان ڪجهه رخشان ڪجهه
    7. صورت گل گون مٿي مرغ چمن نعتون لک + بلبل و گل ٻئي ڏٺم خندان ڪجهه گريان ڪجهه
    8. اي سخي ساقي ڀري ڏي خاڪ کي ساغر صفا + پنهنجي هٿ سان تان رهي شادان ڪجهه فرحان ڪجهه

    هن ڪافي جي آخرين مصرعه ۾ مصرعه جي مطلع کان بعد لفظ ساقي جو ڪم آندل آهي صوفين صديقن جي اصطلاح ۾ لفظ ساقي جو چئن معنائن تي مشتمل آهي. پهريون ذات حق تي بفحوي الڪريمه وسقاهم ربهم شرابا طهورا) هن آيت الاهي ۾ ساقي پاڻ پنهل پاڪ آهي نه غير پر جناب مولانا محقق بن راشروح وارو شرح گلشن راز کان ناقل ٿي فرمائي رهيو آهي ته افعالي تجليات جي مرتبن ۾ حق تعالى پاڻ ساقي ٿي پنهنجن عاشقن ۽ پياسن کي شراب پاڪ پياري ٿو ۽ اهي جڏهن پنهنجي پنهل جي پاڪ هٿ سان شراب پين ٿا ته ڪشايش ۽ عشق جي سختين کان ڇوٽڪارو لهي محو ۽ فاني ٿي وڃن ٿا 2- مرشد ڪامل جو ڪنايه ۽ مراد جناب محمد مصطفى کان آهي جيئن جو مارآة المعاني ۾ موجود آهي- مرشد ڪامل درين جا مصطفاست هم نبي وهم ولي لا (هنماست) 3- شيخ باعتبار ليابت نرمل نور عليه السلام جي موجب تقاضا الشيخ في قومہ کالنبي في امتہ) 4- معشوق جو شراب حسن معنوي جو سندس سهڻي مهن واري پيالي مان پياسي پين ٿا – ڪافي مذڪور ۾ پهريون ساقي مراد آهي نه غير- پر قران ڪريم به اهڙو ته روحاني حڪيم حاذق آهي جو درد به ڏسي ۽ درد جي دوا به ڏسي جيئن جو هيٺين حديث حبيب الله صلي الله عليه وسلم جي مان پورو پورو پتو پرو پوي ٿو وعن النبي صلي الله عليه وسلم القرآن يدلکم على دائکم ودوائکم اماداؤڪم فالذنوب وامادواؤڪم فالاستغفار) يعني نبي نرمل کان نروار آهي ته قران ڪريم اوهان کي درد ۽ دوا ٻئي ڏسي ٿو پر درد ۽ مرض اوهان جو عصيان آهن ۽ علاج اوهان جو استغفار ۽ بخشيش گهرڻ آهي) تنهن ڪري گناهن مان وڏو گناه شرڪ آهي علاج انهي وڏي مرض جو فقط توحيد آهي ۽ اهو توحيد صوفين جي اصطلاح موجب ٽن مرتبن تي منقسم ۽ ورهايل آهي 1- مرتبو افعالي 2- مرتبو صفاتي 3- مرتبو ذاتي. 1- پهرين مرتبي تي هي هيٺين آيت الاهي دلالت ڪري رهي آهي وعلي الله فليتوڪل المؤمنون) يعني ڀلي ته مڙئي مومن الله تي توڪل ڪن) هن آيت الاهي مان توڪل جو ارشاد عيان آهي ڇو ته توڪل ئي نتيجو توحيد افعالي جو آهي ۽ توڪل جي لفظ جي معنى سڀ ڪم سائين کي سونپي ڇڏڻ ۽ سندس وڪالت تي پورو پورو ڀروسو ۽ اعتماد رکڻ جيئن جو ڀٽ ڌڻي فرمايو آهي (بيت) سڀيئي سبحان جي ڪر حوالي ڪم تحقيق ٿي تسليم ۾ لاهي غم وهم ته قادر ساڻ ڪرم حاصل ڪري هاج تو) هن بيت ۾ پاڻ سرتاج سنڌ تسليم جي مقام جو ارشاد عظيم فرمائي رهيو آهي، صوفين جي اصطلاح موجب صبر جي مقامن مان تسليم جو مقام سڀني مقامن کان بلند ۽ بالا آهي جو کيس محبوب معنوي جي دربار اقدس مان بطور عنايت ارزاني جي عطا آهي – باقي مرتبه ثاني 2- جي طرف هي آيت ٿاني اشارو ڪري رهي آهي يا ايتها النفس المطمئنته ارجعي الى ربڪ راضيته مرضيته) يعني اي نفس مطمئنہ تون راضي مرضي ٿي پنهنجي رب ڏي رجوع ٿي) هن آيت الاهي مان آلامن ۽ ڏکن تي راضي رهڻ جو نفس مطمئني کي خطاب آهي ڇو ته فضا جي ڪوڙآڻ تي سوا ڪنهن به اعتراض جي ايرادي ازلي تي راضي رهي سرور قلبي ظاهر ڪرڻ ثمرو توحيد صفاتي جو آهي ۽ اهو مقام معلى پڻ عاشقن لاءِ امتيازي امتحان آهي پر انهي مقام معلى جي خبر ابو علي دقاق رحمته الله هئن ڏئي رهيو آهي التوحيد هو ان يقرضڪ بمقاريض القدر ته في امضاءَ الاحکام قطعته قطعته وانت ساڪت حامد) يعني اهو توحيد اهو آهي جو شرعي احڪامن جي اجراءَ ۾ توکي قدرتي ڪيچن سان ڪپي ٽڪرا ٽڪرا ڪري تون انهي وقت صبر ڪرڻ سان گڏ شڪر گذار رهين- پر انهي اعلى مقام جي خبر جناب ڀٽ ڌڻي هن هيٺين بيت ۾ ڏيڻ فرمائي آهي (بيت) 3- ڪاتي جا قريب جي سا هڏ چيري چم عاشقن پنهنجو انگ ناه ڪارڻ وڍيو) باقي مرتبي ثالث جي مقام ڏي زيرينه آيت ڪريمه جو اشارو ڪافي ۽ وافي آهي کل شييءِ هالڪ الا وجهہ) يعني سڀ شئي هلاڪ ٿيندي مگر ذات حق جي) هن آيت الاهي مان مرتبه ذاتي جو ظهورو عيان آهي جنهن مقام تي مقربن کي محويت ۽ فنائيت جو منصب ملندو آهي، جيئن جو هيٺين نقل مان اها حقيقت نروار ٿي رهي آهي (نقل) ابي تراب نخشبي جي احبابن ايراده وارن مان هڪ مريد حاجي حج تي تيار ٿيو تيار ٿيڻ وقت کيس بايزيد بسطامي جي زيارت فيض بشارت نصيب ٿي، هن کان بايزيد بسطامي سندس شيخ بابت پڇو، هن چيو ته هو صاحب چوي ٿو ته جي سڀئي آسمان ۽ زمينون ڦري لوهه ٿي پون تبه مان رزق جي شڪايت نه ڪندس بايزيد ٻڌڻ سان انهي ڳالهه کي بڇرو ۽ قبيح ڪري ڄاتو ڇو ته انهي ۾ فناءَ افعال جو آهي نه صفات ۽ ذات جو ۽ چيائين ته پوءِ اها زمين ڪهڙي طرح بيهندي جنهن تي هو آهي پوءِ انهي مريد موٽي وڃي پنهنجي مرشد ابي تراب کي خبر ڪيائين تنهن تي ابي تراب چيو ته وڃي بايزيد کان پڇي اچ ته تون ڪهڙي طرح آهين پوءِ هن موٽي اچي پڇيو بايزيد هي لکي موڪليو ته بسم الله الرحمان الرحيم بايزيد نيست) يعني بايزيد ڪجهه به نه آهي) پوءِ جڏهن ابي تراب اهو لکيل جواب پڙهي ڏٺو ته انهي وقت سڪرات ۾ هو چيائين آمنت با الله يعني مون الله تي ايمان آندو) ائين چئي تنهن کان پوءِ وفات ڪيائين – مولانا قدوس سره وري هئن فرمايو آهي ته هيچ بغض نيست درجانم زتو زانکه اين رامن نمبي دانم زتو آلت حقي تو فاعل دست حق چون زنم برآلت حق طعن ودق – وقال اليضاره آدمي راکي رسد اثبات تو اي بخود معروف و عارف ذات تو- انهي ساري تحقيق انيق مان ثابت ٿيو ته جيڪو شخص پاڻ کي علمائن ربانين ۾ شمار ڪرڻ گهري ته نوراني بصيرتن سان نفعو پرائڻ خاطر قرآني آيتن جو تدبر پاڻ تي لازم ڪرڻ فرمائي - بعض ڪبارن جو قول آهي ته علماءَ چار قسم آهن 1- پهريون عالم جو الله وٽان حظ ۽ نصيب اُنجو فقط الله ئي آهي نه غير اهو مقام سر ۽ حقيقة جو آهي جيئن جو زيرين آيت الاهي مان عيان آهي شهد الله الہ لا الہ الاهو) 2- ٻيو عالم جو الله وٽان حظ انهي جو علم ۽ معرفت بالله آهي اهو مقام روح ۽ معرفت جو آهي 3- عالم جو حظ انهي جو علم سيرالي الله آهي اهو مقام نفس ۽ طريقت جو آهي 4- عالم جو حظ انهي جو علم سير آخرت جو آهي، اهو مقام طبيعت ۽ شريعت جو آهي ڇو ته سير اُخروي عملن صالحن سان حاصل ٿيندو آهي، تنهن ڪري مقام اولى سڀني مقامن کان بلند ۽ بالا آهي ڪيترا مشتاق مقام اولى جا مستحق موجود آهن ۽ هوندا.


    ڪمال معرفت جي حصول سان فناءِ شهود جو درجو حاصل ٿيندو آهي

    43- (بيت)
    پتنگ چائين پاڻ کي، ته اچي آڳ اُجهاءِ،
    پچڻ گهڻان پچائيا، تون پچڻ کي به پچاءِ،
    واقف ٿي وساءِ، آڳ نه ڏجي عام کي.

    شرح – هن بيت ۾ جناب ڀٽ ڌڻي سلوڪي سالڪ کي سهڻي سمجهاڻي ڏئي فرمائي رهيو آهي جي تون به پاڻ کي پتنگ جهڙو سچو عاشق سڏائڻ گهرين ته پهريون تون اندروني آڳ اهڙي طرح اجهائي ڇڏ جو عوام کي تنهنجي اندروني آتش جو پتو پرو نه پوي- ٻي نمبر ۾ پچڻ کي اهڙو ته مرد ميدان ٿي پچاءِ جيئن جو پچڻ به ڄڻ تو کان پچي پاس ٿئي – انهي آڳ الستي کان بخوبي واقف ۽ آگاه ٿي ڪري به آڳ جو اظهار نه ڪر بلڪ بره جي باه کي بره جي بهادرن وانگي بهادر ٿي وسائيندو رهه پوءِ جڏهن انهي درجہ تي پهچي ويندي ته توکي مقام اولى جو حظ اعلى حاصل ٿي ويندو- حاصل ڪلام ته جناب سرتاج سنڌ پاڻ ته بي ريب ولايت قطبية ڪبرى جو مستحق آهي پر نهايت شفقت ۽ نوازش ڪري ٻين سلڪن کي به انهي مقام معلى جي ماڻڻ جو مشورو سهڻو ڏئي رهيو آهي ته اي نيهن جي نالي وٺڻ وارا تون به نازڪ جي نيهن واري ناز کي پتنگ وانگي ساهه اندر سانڍيون پيو سانڍ موجب هن بيت هيٺين جي (بيت) نهائين کان نيهن سک منهنجا سپرين سڙي سارو ڏينهن تبه ٻاهر ٻاڦ نه نڪري) هي بيت ڄڻ ته پهرين بيت مذڪور جو پورو پورو شرح آهي پر زيرين آيت الاهي مان پڻ انهي نيهن واري نار ڏي اشارو عيان آهي جا آيت الاهي سندس شرح جو ڪم ڏئي ٿي نار الله الموقدته التي تطلع علي الافئده) يعني باري تعالى جي ٻاريل باهه دلين تي اڀري رهي آهي) ۽ هن حديث مبارڪ مان پڻ نيهن جي ناز کي نهان ڪرڻ جو حڪم موجود آهي من عشق وکتمه وعف فقدمات مات شهيدا) جنهن عشق ڪمايو پوءِ لڪايائين ۽ پاڪدامن ٿيو ته اهو شهيد ٿي مري ويو) تنهن ڪري طالب حق جي کي گهرجي ته جناب ڀٽ ڌڻي جي ارشادي مشوري تي عمل پيرا رهي برهه جي باهه ۾ پاڻ کي پچائي پتنگ وانگي پهرين نمبر پاس ٿي اهڙي طرح آڳ اندروني اجهائي ڇڏي جو ڪيچ ڌڻي کان سوا ڪنهن کي به پتو پرو نه پوي سوز ۾ اهڙو ته سڙندو سڙي وڃي پرکاڻ جي خبر خفي نه کولي – انهي حقيقت تي مولانا سعدي عليه الرحمته جي هيٺين بيتن مان پڻ عمدو پتو پوي ٿو (ابيات) اي مرغ سحر عشق زيرو ان بيا مور کان سوخته راجان شدو آواز نيامد ابن مدعيان در طلبش بي خبر انند کانراکه خبر شد خبري بازنيامد وقال-گرکس وصف اوزمن پرسد بي دل ازبي نشان چه گويدبار عاشقان کشتگان معشوق اندبر نيا يدز کشتگان آواز) حضرت سعدي صاحب جي نظريه موجب نيهن کي نهان رکڻ ۾ اهڙو تاڪيد اڪيد آهي جو سالڪ سڙي خاڪ ٿي وڃي ته به سر الاهي ۽ راز رندي کي عوام تي عيان ۽ اظهار نه ڪري ڇو ته صوفين جي مذهب ۾ اِفشاءَ سر ايزدي جو ڪفر آهي جيئن جو مشهور آهي ته القدر سر الله فلا تفشوه) يعني قدر الله جو سر ۽ راز آهي پوءِ انهي کي نه ظاهر ڪيو) جيئن جو حضرت حافط صاحب شيرازي پڻ فرمايو آهي (بيت) مصلحت نيست که از پرده برون افتدراز ورنه در مجلس رندان خبري نيست که نيست) پر باوجود انهي تحقيق انيق جي ويچاري فقير خاڪ پڻ سر سبحاني جي لڪائڻ بابت هئن چيو آهي.
    (ڪافي)
    حال پڇ ۽ قال پڇ پر سر سبحاني نه پڇ + روڄ پڇ ريهاڙ پڇ پر راز روحاني نه پڇ
    1. عين عبرت جي پٽي جاڏي ڏسان جاني پسان + ناز پرور نازنين جو ناز نگراني نه پڇ
    2. شمع رخ جي تاب تي پروان لک سوزان ٿيا + يار جي شوخي نه پڇ عاشقن جي قرباني نه پڇ
    3. تيخ ابرن جي تکي آ چسم جي خنجر ڪنان + نيڻ نيزن نازڪن جي نوڪ نيشاني نه پڇ
    4. هجر جو احوال سارو ڏي سڄڻ کي خابرو + سوز پڇ ۽ سور پڇ پر درد پنهاني نه پڇ
    5. حسن هوتن جي اڳيان شمس و قمر تارا شڪي + حسن پرور جي حسن تي دل جي حيراني ته نه پڇ
    6. خاڪ پنهنجي دلربا کان گهر دوا ديدار جي + ديد بازي ۾ شفا ٻي خاص احساني نه پڇ
    پر پتنگن جي سڙڻ پچڻ جي پچر فقير خاڪ جي هيٺين ڪافي ۾ وري هئن پچاريل آهي
    (ڪافي)
    عشق جي ايوان ۾ مشتاق لک مرندا ڏٺم + شمع رخ جي شعاع تي سو سو پتنگ سڙندا ڏٺم
    1. قيس قابل ڪئن ليلى مٿي مجنون ٿيو + بره وارن جا بلاشڪ لک پنا پڙهندا ڏٺم
    2. رمز رانجهن کي لڳي وئي هير واري حسن جي + جهنگ سيالن جي اندر مرليون وڄائيندا ڏٺم
    3. سڻ قصو سسئي سندو ڪئن ڌيءُ ڌوٻي جي بڻي + پاند اٽڪائي پنهل سان خوش ٻئي کلندا ڏٺم
    4. ڏس زليخا ذوق مون يوسف مٿي حيران ٿي + قَد شَفَغَهَا حُبَّ ۾ مشتاق ٻئي ملندا ڏٺم
    5. در محمد درد وارن کي دوا درڪار آ + حسن وارن حاذقن وٽ خاڪ سڀ ڦرندا ڏٺم


    بيان حياتي ابدي طيبہ جو

    44- (بيت)
    مرڻا اڳي جي مئا، جڳ جڳ سي جين،
    سي موٽي ڪين مرن، جيڻ کان اڳي جي جيا.
    شرح - فهيم فڪري فهم جو فائق فرمائي رهيو آهي ته جي جوڳي ڦوڳي طالب حق جا طلب تمام جي تاس ۽ اڃ اداس سان پنهنجي نفس سرڪش جي خراب خواهشن ۽ سيئه سڌن کي ماري موت اضطراري کان اڳي پاڻ کي اختياري موت سان ماري محبت مزيد محبوب معنوي سان پاڻ کي حيات ابدي جو حقدار ڪيائون انهن کي ڪڏهن به موت اضطراري ٻيهر ماري نه سگهندو مگر فقط ظاهري طرح هنن جي تن تي موت طاري ٿيندو ڄڻ ته هڪڙي شهر مان لڏي ٻي شهر ۾ حياتي فاني کان ڇٽي حياتي ابدي باقي ماڻي رهيا آهن ڇو ته هو صاحب صادق حب حقاني سبب حياتي ابدي حاصل ڪري چڪا حقيقت جي حال محرمن صوفين وٽ هوائي نفس جي نيستي کي موت چئبو آهي ۽ حق جي حب ۽ محبت کي عاشقن جي اصطلاح ۾ حيات ابدي سڏبو آهي پر حياة المعرفته ۽ حياة البشريته جي وچ ۾ فرق ۽ سنڌو آهي- بشريته جي حياتي وارو ائين آهي پنهنجي قالب ۾ جيئن جو ميت پنهنجي قبر ۾ پوءِ انهي کي پنهنجي وجود مجازي جي ظلمات ۽ اونداهي کان نڪرڻ غير ممڪن آهي ۽ اهل الله حيات الموفته سان جي ۽ جيرو آهي پوءِ حياة البشريه بفحوي الڪريمه زيرين زائل ٿي وڃي ٿي کل نفس ذائقته الموت) پر حيات الموفته ڪڏهن به زائل نه ٿيندي آهي موجب حڪم هيٺين آيت الاهي جي نحيينہ حيلوته طيبته) يعني اسان ضرور هن کي حياتي پاڪ ڏينداسون) تنهن ڪري مومن مشتاق اهل معرفت جو ٻنهي جهانن ۾ حي ۽ جيرو آهي جيئن جو مومن صادق جو جي هجڻ هن هيٺين حديث پاڪ سان پڻ ثابت آهي المؤمن حي في الدارين) يعني مومن ٻنهي جهانن ۾ جيرو آهي) انهي حقيقت حال تي هي هيٺيون بيت فارسي پڻ صادق آهي (بيت) نميرد هرکرا جانش تو باشي خوشاجاني که جانا نش توباشي) يعني نه مري اهو جنهن جي جان تون هجين اهو ساهه گهڻو سرهو جنهن جو سڄڻ تون هجين) پر جناب خواجه حافظ شيرازي پڻ فرمايو آهي ته جيڪو به عشق ايزدي سان جيرو ٿي چڪو آهي اهو ڪڏهن به نه مرندو بلڪ هميشه حيات طيبه ابدي جو حقدار ٿي رهندو جيئن جو سندس هن هيٺين بيت مان ظاهر آهي (بيت) هرگز نميرد آنکه دلش زنده شد بعشق ثبت ست بر جريدهء عالم دوام ما- پر تفسير فارسي ۾ شاه ڪرماني هي آيت ايندڙ پڙهي من کان ميتافا حييناه) يعني جو شخص به مئل آهي پوءِ انهي کي اسان جيرو ڪريون ٿا) علامه ڪرماني آيته مذڪوره پڙهڻ کان پوءِ فرمايو ته هن آيت مان زنده هجڻ واسطي ٽي نشانيون نروار آهن 1. هڪ خلق کان عزلت ۽ گوشه نشيني 2. حق جي دعوت جو داعي هجڻ 3. زبان ۽ دل تي ذڪر جو دوام ڪرڻ) هڪڙي بزرگ صاحب انهي معنى کي نظم ۾ هيٺين ريت نروار ڪرڻ فرمايو آهي (نظم) بر روئي خلائق در صحبت مکشاني مي باش بکلي متوجه بخدائي غافل مشواز ذوق دل و ذکر زبان تا زندهء جاويد شوي درد وسرائي) هن ساري تحقيق مان هويدا ۽ ظاهر آهي ته حي حقيقي اهو هوت آهي جو نه مئل آهي ۽ نه ڪڏهن به مرندو بلڪ هو هميشان جي قيوم دائم قائم آهي ۽ هوندو انهي هوت جو نالو مبارڪ شريعت ۽ طريقت ۾ الله آهي ۽ ماسوي الله ميت آهي ڇو ته اهو عدم ۾ ميت هو وري به جلد مرندو جيئن جو حافظ جي هن هيٺين بيت مان هويدا ۽ عيان آهي.(بيت) من هماندم که وضو ساختم از چشمئه عشق چار تکبير زدم يکسره تر هرچه که هست) مراد مون مقام عشق ۽ فناءِ جي تي پهچڻ سان معلوم ڪيو ته مڙئي مخلوق ميت ۽ مئل آهي- پر جيڪو به جيري جانب جاوداني سان جڙ لڳائيندو سو به جهانن ۾ زنده ۽ جيرو ٿي رهندو جيئن جو زيرين ڪافي خاڪ جي مان پڻ جڙ لڳائيندڙ جو جيرو هجڻ ثابت آهي
    (ڪافي)
    جيري سان جڙ لڳائي جيرو به ٿي ويس + ديد از دلربا جو ديرو به ٿي ويس
    1. نروار نهن اقرب ۾ نيهن نازڪن + غمزن جي گهير گهٽ جو گهيرو به ٿي ويس
    2. ذاتي ته ذوق اندر قربن جو اڳ ڪٺل + ڪاتي ڳڻڻ جي آڏو ڳيرو به ٿي ويس
    3. لک لن تراني چهبڪ دل جان تي جهلي + هيراڪ حسن هوتن هيرو به ٿي ويس
    4. سهڻن جي صحبت اندر سهڻو به آهيان + ميرن جي ماٽ ۾ ميرو به ٿي ويس
    5. ٿي خاڪ پاڪ پاڪن جو پير ڇڏ ڪڙي + پاڪن جي پيروي جو پيرو به ٿي ويس


    سلوڪن وارن وٽ خمر نالو نور روحاني جو آهي

    45- (بيت)
    جي اٿئي سڌ سرڪ ۾، ته وڃ ڪلالڪي هٽ،
    لاهي رک لطيف چئي، مٿو ماٽي وٽ،
    سر ڏيئي ۾ سٽ، پيج ڪي پياليون.

    شرح- جناب شاه شعراءُ سنڌ فرمائي رهيو آهي ته اي طالب صادق سلوڪي سالڪ جي توکي شراب طهورا جي سرڪ پيڻ جي سرير ۾ سڌ آهي ته تون هردم حضرت ساقي جي ميخانه جو در پاڪ وٺي ويهه پر ويهڻ کان اڳ ۾ وڃڻ سر سڄڻ تان صدقي ڪري پنهنجو مٿو ميخانه جي مالي وٽ رک ته پاڻ سڄڻ ساقي توکي پنهنجي هٿ مبارڪ ساڻ ڪي پرت جون پياليون ڀري پياري ڇو ته پياسن کي پاڻ ساقي سائين پنهنجي هٿ پاڪ سان پيالو ڀري پياريندو آهي جيئن جو زيرين آيت الاهي بيت مذڪور جو پورو پورو شرح شافي ۽ حجت ڪافي آهي وسقاهم ربهم شرابا طهورا) يعني پاڻ پياريندو پروردگار انهن کي شراب پاڪ) هن آيت الاهي جي تفسير جو بيان تفسير ڪلام الرحمٰن ۾ هيٺين ريت لکيل آهي ته جناب حضرت هادي زبر جد ۽ ياقوت ۽ چاندي سفيد جي ساغرن ۾ بي واسطه پنهنجي بي مثل هٿ مبارڪ سان شراب پاڪ پنهنجن پيارن مقربن مشتاقن کي پاڻ پياريندو تانجو اُڃايلن جي دهان ۽ وات وارن چپن تائين پيالو پهچايو ويندو- پوءِ سلوڪي سالڪ ۽ طالب صادق کي گهرجي ته ڀت ڌڻي گهوٽ جي نظريه ۽ آيت الاهي جي ارشاد موجب حضرت ساقي جي ميخانه جو مدامي مهمان ٿي رهي ته پاڻهئي پياريندڙ ميزبان مٿس مهربان ٿي کيس پنهنجي هٿ مبارڪ سان پاڻ پرت جا پيالا پاڪ پياري اهڙي سخي سهڻي ساقي جي ميخانه مقدس تي مهمان ٿيڻ بابت فقير خاڪ جي هيٺين غزل ۾ هن طرح هدايت ڏنل آهي
    (غزل)
    محبت ميڪده جي مي مٿي مستان بڻجي وڃ + سقاهم ربهم ميخانه جو مهمان بڻجي وڃ
    1. نشي ۾ نيهن نازڪ جي سدا نروار ٿي رهه تون + نگهه جي تير تک اڳيان نئون نيشان بڻجي وڃ
    2. محبت مچ مچائڻ لئي مٿو پنهنجو وجهي مچ ۾ + پچي مچ ۾ پرين وٽ پاس ٿي پروان بڻجي وڃ
    3. محبت ميٺ سان ماڻهو بڻي پو ويهه ماڻهن ۾ + محبت جي نه ٿي من ۾ ڍڳو حيوان بڻجي وڃ
    4. سلوڪي سير سبحاني ڪيو في الارض سيرو سان + دلي ديدار دلبر تي چريو ديوان بڻجي وڃ
    5. حبيبي حب ۾ هردم رهي حورن کي ڪر حيران + رسو رحمت وٺي فردوس جو رضوان بڻجي وڃ
    6. عمل ايمان جهڙي ڪا به دولت ناهه دنيا ۾ + عمل ايمان جي دولت ساڻ خود ايمان بڻجي وڃ
    7. رتي ماسي محبت سان رٺل راڻو رجهائي جو + رئڻ جي راڳ رندي سان رضا رحمان بڻجي وڃ
    8. سچن جي سون صحبت ٿي سچن سان ٿي سچو رهه تون + سدا سيرت کي سينگاري سچو انسان بڻجي وڃ
    9. ڪدورت قلب مان ڪينو ڪڍي تون خاڪ خادم ٿي + ڪري خدمت سچو مخدوم ۽ سلطان بڻجي وڃ.

    پر ٻي هي آيت الاهي پڻ شاه صاحب جي نظريه موجب سندس بيت مذڪور جو شرح شافي آهي يا ايها الذين آمنوا انما الخمر والميسر الخ روح البيان واري جي رائي رفيعه موجب هن آيت جي لفظ آمنوا ۾ اشارو حقيقي ايمان ڏي آهي جو اهو ايمان حقيقي عنايت ايزدي جي قلمه سان مومنن مشتاقن جي قلبن ۾ حق جي ڪتاب ڪريمه کان مستفيد ۽ نفع ياب آهي- شل اهڙو ايمان حقيقي هر حبدار هوت هادي جي کي عطا هجي 2- ته آيته ۾ لفظ خمر جو آهي روح البيان جي رمز موجب خمر جو اشارو شڪر سبحاني ۽ نور روحاني ڏي آهي جو نور روحاني مخلوقيات جي اوليات علوي اعلى آهي ۽ انهي نور روحاني علوي جون طبعي علامتون هي آهن 1. هڪ طاعت ۽ عبادت 2. نياز ۽ نوڙت رب ڪريم جي رضا لاءِ نه ڏيکاءِ ۽ رياءَ لاءِ- پوءِ انهن وصفن وارو ماڻهو مثل ملڪ مقرب جي آهي پر ان جي مخالف خمر ممنوع ۽ حرام آهي جنهن تي ظاهر آيت جو نص نروار آهي اهو خمر هوائي نفساني وارو آهي جنهن کي ظلماني نفساني سفلي سڏيو ويو آهي جو مخلوقات جي اخرويات کان آهي انهي جون طبعي علامتون هي آهن 1.سرڪشي 2. مخالفت 3. انڪار 4. هٺ ۽ استڪبار- رب ڪريم جي عبادت کان انهن وصفن وارو ماڻهو شيطان شقي جي مثل آهي پوءِ جڏهن اهڙي خمر جي غلبه سان عقل جو نور مغلوب ٿي وڃي ٿو ۽ هوائي نفساني جي اونداهين مٿس غالب رهي ٿي ته هو حق جي هدايت ۽ طريق ڏي نه ٿو رجوع ٿئي پوءِ انهي جو نفس اماره بالسوءِ جي نالي سان نروار رهي ٿو ۽ نفساني شهوتن ۽ حيواني لذتن سفلي جي سڪر ۽ نشي ۾ مدهوش رهي ٿو جنهن تي شيطان سواءِ لگام ڏيڻ جي سوار ٿي گمراهي جي گرداب ۾ اڇلائي ٻوڙي ٿو تان جو هن کي گناهن ۾ غوطا کارائي هلاڪ ڪري ٿو- اهڙي خمر کي لقب لولاڪ جي مالڪ شارع عليه السلام ام الخبائث جو ڏنو آهي جيئن جو هن هيٺين حديث حبيب الله مان ثابت آهي قال عليه السلام الخمر ام الخبائث) فرمايو رسول ڪريم ته شراب مڙني مٺاين جي ماءُ آهي) هن حديث مبارڪ جي عبادت مان عاقلن ۽ عاشقن کي هي به اشارو آهي جيئن جو ظاهري شراب خراب مٺاين مجموعن جي ماءُ آهي تيئن خمر حقيقي حب حبيبي وارو جنهن کي نيهن وارن نور روحاني جو لقب ڏنو آهي سو به همہ حسنات ۽ نيڪين جي ماءُ آهي هن ٿوري لکڻ مان – عاقل کي اشارو ٽوڙي کي ٽارو- تنهن ڪر عارف ايزدي ۽ رند روحاني سدائين حضرت ساقي سخي کان خمرو حدت روحاني گهرندا رهندا ۽ سندس ذوق شوق ۾ رات ڏيهان رت رڙندا رهندا آهن – انهي خمر روحاني جي سرڪ حاصل ڪرڻ واسطي ساقي جي اڳيان زرمال ڇا پر سر به صدقي ڪرڻ کان نه ٽرندا آهن، جيئن جو ڀٽ ڌڻي جي بيت مذڪور مان ثابت آهي- اهڙي پيالي پيڻ جا پياسي سوين هزارين ڇا بلڪ لکين ڪروڙين ٿي گذريا آهن ۽ ڪي اڃان تائين هوندا- جن مان ڪن پياسن جو حال خير مقال هيٺ ڏجي ٿو جيئن جو خواجه حافظ شيرازي پنهنجي پياري ساقي کان پيالو ۽ ساغر هئن گهري رهيو آهي الايا ايها الساقي ادرکا ساونا ولها که عشق آسان نمود اول ولي افتاد مشکلها) خبردار اي ساقي مون کي پاڻ پنهنجي هٿ سان پيالو ڏي ڇو ته پهريون عشق سهنجو هوندو آهي پر پوءِ دشوار ۽ مشڪل ٿي پوندو آهي) تنهن ڪري تنهنجي هٿ حڪمت واري پيالي پيڻ سان پوئين مشڪلات به حل ٿي ويندي ڇو ته جيستائين تون عنايت ارزاني فرمائي ٻانهه ٻيلي ۽ همراهه نه ٿيندي تيستائين سڪي جي سمنڊ عميق مان ڪير تاري ڪنڌي ڪرڻ فرمائيندو سڪي جي سمونڊ سندي سرتاج سنڌ هئن خبر ڏئي رهيو آهي (بيت) سڪي جي سانباهه جڏهن ٻڏن جي ساهڙ تني کي ٻولي ٻنهي ڪنڌيين) هن بيت ۾ سڪي جي سفر مان مراد وحدت جي واٽ وٺڻ آهي وحدتي واقفن کي جڏهن پنهل پاڻ پنهنجي پاڪ هٿ سان پرت جو پيالو پياري ڇڏيندو آهي تن کي سڪي جي سفر ۾ اڃ بک جي ڪا به پرواهه ڪانه هوندي آهي ڇو ته انهن جي اُڃ انهي ڏينهن کان وٺي اجهامي ويندي آهي جنهن ڏينهن کان پنهل پاڪ هٿان پيالو پي وٺندا – تنهن ڪري ظاهر زماني واري پاڻي پيڻ جي گهڻو ڪري کيس ضرورت نه پوندي آهي جيئن جو اڃ اجهائڻ بابت ڀٽ ڌڻي جو فيصلو پڻ هن هيٺين بيت مان پڌرو آهي.
    (بيت)
    محبت جن جي من ۾ تن تشنگي تار،
    پي پيالو اڃ جو، اڃ سين اڃ اٿار،
    پنهل پاڻ پيار، ته اڃ سان اڃا اجهائيان.
    جناب حافظ صاحب جي بيت ۾ لفظ ساقي جو ڪم آندل آهي ۽ ڀٽ ڌڻي جي بيت مذڪور ۾ لفظ ساقي جي بدران لفظ ڪلال جو ڪم آندل آهي مطلب مال ٻنهي جو هڪڙو آهي فقط لفظن ۾ ٿورو تفسير ۽ فرق آهي ساقي جي لفظ جي معنى پياريندڙ آهي پر ڪثرت استعمال موجب ساقي شراب پياريندر کي چوندا آهن – صوفين صديقن جي اصطلاح ۾ ساقي جي لفظ مان چار شخص مراد آهن 1. پهريون حضرت حق تعالى بفحوي الڪريمه وسقاهم ربهم شرابا طهورا) پر انهي حقيقت تي گلشن راز جي شرح هئن روشني وجهڻ فرمائي آهي ته افعالي مرتبن جي تجليات ۾ حق تعالى پاڻ ساقي ٿي پنهنجن عاشقن صادقن کي شراب پاڪ پياري ٿو ۽ جڏهن اهي اهو شراب پاڪ پين ٿا ته محو ۽ فاني ٿي عشق جي ڪشاڪش ۽ سختين کان رهائي ۽ ڇوٽڪارو لهن ٿا 2. ٻيو ساقي مان مراد مرشد ڪامل آهي جو اهو مرشد محمد مصطفى احمد مجتبى صلي الله عليه وسلم آهي جيئن جو مرآة المعاني وارو فرمائي رهيو آهي- مرشد ڪامل درينجا مصطفاست هم نبي وهم ولي را رهنما ست) 3. ساقي مان مراد شيخ آهي جو پڻ نائب نبي ڪريم رئوف رحيم صلي الله عليه وسلم جو آهي بفحوي الشيخ في قومہ کالنبي في امتہ يعني مرشد پنهجي قوم ۾ ائين آهي جيئن نبي پنهنجي امت ۾) 4. ساقي مان مراد معشوق آهي جو شائق سندس رخ مبارڪ جي جام مان حسن معنوي جو شراب پين ٿا جيئن جو زيرين بيت مان ظاهر آهي- ساقي و پير مغلن و مطرب اشعار خوان مرشد ڪامل بود درياب اورابي گزند) اهو سارو تحقيق انيق ساقي جي مرادن مختلفن وارو حافظ ديوان جي شرح معتبر بدر الشروح ۾ موجود آهي- پر مرشد ڪامل جي حڪم جي تعميل بابت جناب حافظ ديوان وارو هئن فرمائي رهيو آهي- بمي سجاده رنگين کن اگر پير مغان گويد که سالڪ بي خبر نبودز راه ورسم و منزلها) هن بيت جي تشريح ۾ جناب بدر الشروح وارو لکي ٿو ته- مي مان مراد عشق الاهي آهي۽ سجاده مان مراد وجود مسعود سالڪ جو آهي- ٿورو اڳتي هلي ساڳي صفحه ۾ فرمايل آهي. اي طالب پنهنجي وجودي سجاده کي صباغ خانهء و من احسن من الله صبغته عشق جي شراب سان رنگين ڪر 12- پر ڪي جاهل صوفي وري پاڻ کي ظاهري شراب خراب سان رنگين رکندا آهن جن کي صوفين صديقن ۽ سچن سلوڪ وارن وٽ ڪا به وقعت ۽ وزن ڪونه آهي پر پاڻ کي سچن جي نظريه موجب روحاني رڱ سان رڱڻ بابت فقير خاڪ جي زيرين ڪافي مان پڻ عبرت پذير سبق حاصل ٿئي ٿو

    (ڪافي)
    رنگريزن کان ملي ٿي روح رڳ دل کي رڱڻ + استري عشقي ڏياري ڏي زبان ڳل کي رڱڻ
    1. بره واري باغبان سان گهم وڃي گلشن جمال + گل جي صحبت مان ملي بي ريب بلبل کي رڱڻ
    2. وڃ نرولي نيهن وارو ڪونج وانگي ڳول ڪو + هنجهه جنهن جي هنج ۾ لک ڪونج ڪرڳل کي رڱڻ
    3. صبغة الله سوز وارا حشر تائين رنگريز + ملڪ ۾ موجود ڏيندا قلب ڪٽيل کي رڱڻ
    4. آدمي نيت سبب ميرا موٽائن ٿا لٽا + جي نه قلزم فيض وٽ وڻ ٽڻ ۽ جهنگل کي رڱڻ
    5. قلب ميرو دست ڌوٻي درد واري کان ڌوار + روح ريشم بوسڪي دل من جي مليل کي رڱڻ
    6. بافتو بدين سندو ۽ جرم جي جوڙي سڄي + ڏوهه جا ڏوريا ڌئن باور جي بخمل کي رڱڻ
    7. خاڪ مخفي ملڪ ۾ ڪيئي رهن ٿا ڪاپڙي + جاچ جوڳي جوءِ ۾ جت روح رٽيل کي رڱڻ

    پر جناب حضرت مولانا مولوي معنوي پنهنجي مثنوي شريف ۾ صبغته الله جي رنگ کي هيٺين ريت بيان ڪرڻ فرمايو آهي جو پڻ عالمن عاقلن ۽ عارفن ڪاملن واسطي قابل توجه آهي (مثنوي) گاؤر ارنگ ازبرون مردرا، ازدرون دان رنگه سرخ وزردرا، رنگهائي ليک از خم صفاست رنگه زشتان از سيہ آب جفاست صبغته الله نام آن رنگه لطيف لعنته الله بوئي اين رنگه کشيف) مطلب ته مشتاقن مدهوشن ۽ صوفين صادقن واسطي حضرت ساقي سائين جو ميخانو مدامي مڪشوف ۽ کليل رهي ٿو- پر پاڻ سڄڻ ساقي پنهنجن پياسن کان ڪو وقت بطور امتحان ۽ پرکا جي نقاب جي ماتحت روپوش رهي ٿو، تنهن ڪري سالڪ صادق سدائين سوز گداز ۾ جا لگد از ۽ سوداءَ سرجوشي ۾ محو ۽ سرگردان رهي پنهنجي خيالي پروبال سان پرواز ڪندا رهندا آهن ته من ڪڏهن نه ڪڏهن ميخانه جو مالڪ مهربان ٿي پنهنجن پياسن ۽ مشتاقن کي مهمان ڄاڻي مرحبائي جي صله ۾ پنهنجو مهن مبارڪ ڏيکارڻ فرمائي ته ممڪن آهي ڇو ته عام رواج موجب ميزبان پنهنجن مهمانن سان ملي ملاقاتون ڪرڻ فرمائيندو آهي تنهن ڪري محبت معنوي جي متوالن کي ڪڏهن به ميخانه مبارڪ کان مهن مٽڻ نه گهرجي بلڪ مدامي مي جي محبت ۾ محو ٿي مستغرق رهڻ گهرجي، جيئن جو هيٺين ڪافي فقير خاڪ پر فراق جي مان سڪايل جي سرجوشي ۽ مشتاق جي مدهوشي پڌري آهي.
    (ڪافي)
    عاشق کي سڄڻ ڪارڻ سوداءُ ۽ سرجوشي + خوشرو کي وڻيل آهي شب روز ۾ روپوشي
    1. در ڪوب مٿي ساقي ڪو جام ڀري پياري + تا طرب سري طبعي ٻيو سڪر ٽي مدهوشي
    2. ميخانه منجهان ساقي آواز خوشي آيو + آزرده نه ٿي ميڪش جاري رهي مينوشي
    3. مجنون سيہ زلفن ليلى جو خريدار آ + ليلن ۾ ليلى خاطر مجنون کي بيهوشي
    4. مشتاق ڪري دانهه ٿو دلدار جي در گهر وٽ + خناس سيہ رو ڏئي خطرن جي ٿو ڪن گوشي
    5. غواص طرح در عدن بحر مان ملندو + سڪ ساڻ صدف دل ۾ ڳوليان بقلب ڪوشي
    6. رکه خاڪ سدا سيني سڪ سرڪ سرمدي جي + پر جوش فغان ساڻ ڍڪي درد دلق پوشي


    عاشقن جي گستاخي به عين ادب آهي

    46- (بيت)
    ڪڍي ڪان ڪمان مون، ميان نه مارج مون،
    مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي تو کي لڳي.

    شرح – هن بيت ۾ ظاهري طرح عاشق صادق جي پنهنجي پنهل پاڪ سان جو حقيقي هوٽ آهي گستاخي نظر اچي ٿي پر اها اهڙي نمونه واري اهل ظاهر وارن وٽ گران گستاخي آهي پر اهل باطن وارن وٽ جي صاحب سلوڪي سوز گداز ۽ صدري سڪ ساز سان ممتاز آهي تن جي گستاخي گستاخي نه آهي بلڪ عين ادب آهي ڇو ته انهن عاشقن صادقن کان اهڙا اشعار گستاخانه عشق ايزدي جي جوش جذبي کان بي اختيار جاري ٿي ويندا آهن جي حقيقت وارن وٽ بي ادبي نه آهن بلڪ عين ادب آهن تنهن ڪري جناب لطيف جي لات مذڪوره پڻ جوش جذبي جو باعث ۽ ڪارڻ آهي نه غير- اهڙو جوش خروش وارو ڪلام عارفن ڪاملن ۽ سالڪن صادقن وٽ گهڻو ڪري ادب ۾ شمار آهي نه گستاخي ۾ جيئن جو زيرين آيت زرين مان جا آيته الاهي بيت مذڪور جو پورو پورو شرح شافي ۽ حجت ڪافي آهي تنهن مان چٽي طرح صفائي سان ثابت آهي (ان هي الا فتنتڪ) س اعراف) يعني نه آهي اهو مگر تنهنجو فتنو) هن آيته الاهي ۾ حضرت موسى عليه السلام نهايت جذبه ۾ اچي انهي وقت اهو گستاخانه نغمو نروار ڪرڻ فرمايو آهي جنهن وقت ناگاه سندس نظر انهن بني اسرائيل وارن مشيرن تي پئي جي طوري تجلي جي تاب شديد سبب مئل ڏٺائين تنهنڪري هڪدم جوش زن ٿي فتنہ جي نسبت پنهنجي رب ڪريم رئوف رحيم ڏي ڪري چڪو آهي جا نسبت ظاهر ۾ وڏي بي ادبي ۽ گستاخي آهي پر حقيقت جي رنگ روحاني موجب گستاخي نه آهي بلڪ عين ادب آهي ڇو ته حضرت موسى عليه السلام مٿين مشيرن ۽ مولا پاڪ جي وچ ۾ دلال هو تنهن ڪري ڪمال قرب اُنس ۽ و روح جي کي پهچي اهڙي جرائت ۽ گستاخي تي تيار ٿي اقدام فرمائڻ لڳو آهي- ڇاڪاڻ ته دلال به محبوبيت جي درجي ۽ مرتبي ۾ ممتاز هوندو آهي تنهن ڪري موسى عليه السلام قدوسي ڪلام ۽ رسالته رب الانام سان نوازيو ويو آهي توڙي جو طوري تجلي سان بيهوش ٿي چڪو هو مگر مٿين مشيرن وانگي اڦٽ مري ويل نه هو - ڇو ته هنن بي ادبن قدوسي ڪلام کي بطور امتحان ۽ ابتلاءَ جي ٻڌو هو تنهن ڪري بي ادبي جي سزا پوري پوري ڀوڳيائون جو انهي سزا ۾ اڦٽ مري ويل نظر آيا جن جي اڦٽ مرڻ موسى عليه السلام جو جذبو جاڳايو جنهن ڪري انهي گستاخانه جمله ڳالهائڻ جو مرتڪب ٿيو پوءِ موسى جي پرجوش عتاب سان کين رب ڪريم جيرو ڪرڻ فرمايو- باقي حضرت موسى عليه السلام هنن وانگي نه مئو فقط بيهوش ٿيو ڇو ته حضرت موسى قدوسي ڪلام بطور تڪريم ۽ اجلال ٻڌو هو نه بطور امتحان جي- تنهن ڪري سندس گستاخي به الله تعالى وٽ عين ادب نظر آئي انهي سبب سندس عرض عتاب تي مئل مشيرن مذڪورن کي ڌڻي تعالى دوباري جيرو ڪرڻ فرمايو- پر حضرت مولانا قدس سره پڻ پنهنجي مثنوي ۾ فرمايو آهي ته گستاخي عاشق جي ترڪ ادب جو نه آهي بلڪ عين ادب آهي گفت گوئي عاشقان در کار رب جوشش عشق ست نه ترکه ادب هر که کردار جا مئه يکه جرعه نوش نه ادب ماند درو نه عقل و هوش) پر فقير خاڪ وري فراق ۽ جذبه جدائي جي جوش کان پنهنجي جاني جي جيار کي هئن چئي رهيو آهي (بيت) ڪڍي ڪان ڪمان مون هوت نه هڻج هاڻ، مون ۾ آهين پاڻ تمان تنهنجو ئي توکي لڳي) پر هيٺين ڪافي فقير خاڪ جي جواني جي اوج ۾ تخلص خطائي سان چيل آهي جا ڪافي پڻ ظاهر وارن وٽ گستاخي سان ڀرپور نظر اچي ٿي پر باطن وارن وٽ عين ادب آهي

    (ڪافي)
    نگار رخ تي نقاب ڇا کون وڌو اٿو آ خيال ڪهڙو + نقاب رخ تان پري ڪرڻ ۾ رسي ٿو وبال ڪهڙو
    1. نظر ۾ نازو ادا سان نازڪ عشاق جي دل لٽي کسي پو + ڏئي جدائي جگر جلائڻ ۾ آ اوهان جو جلال ڪهڙو
    2. رموز چشمن اوهان جي ريهي چريو ۽ مجنون مون کي بنايو + اڃان به رخ تي نقاب آڻڻ عجب هي ڌاريو خصال ڪهڙو
    3. نقاب رخ تي وجهي نه شمس و قمر ۽ اختر اوهان وجهو ڇو + نقاب لاهي نهار نازڪ نظر سان ٿيندس نهال ڪهڙو
    4. فراق تنهنجو سقر جي آتش سڙن ٿا عاشق نفعو اوهان ڇا + جي تيخ بران سان مون کي مارين ته تنهن ۾ تنهنجو ڪمال ڪهڙو
    5. فراق ۾ ڇا مهينه هفتا لنگهي ورهه ويا وڇوڙي اندر + اڃان عنايت وصال ناهي سنگين دل ٿئين ڪلال ڪهڙو
    6. دنيا جا اڪثر عجيب رخ جي ضيا کي رخشان رکن مدامي + لکين پتنگه ٿين شهيد تنهن تي اوهان قبوليو مثال ڪهڙو
    7. زڪواة جيڪو ڪڍي نه گنج جمال مان سو سخي نه سڏبو + انهي تونگر جمال جي کي ڏسيو ته جاه و جمال ڪهڙو
    8. خدارا خوشرو کلي ڏيکاريو ديدر دلڪش حياتي اندر + مرڻ کان پو جي قبر تي ايندا اهو اسان لئي وصال ڪهڙو
    9. فراق ساڙي بدن کي ٻاري ڇڏيو رهيو آهه ساه باقي + منگي خطائي ملڻ ملافي ملو جي جاني محال ڪهڙو


    سمونڊ جي سيوا ڪرڻ بابت صلاح سود مند

    47- (بيت)
    سيوا ڪر سمنڊ جي، جنهن ۾ جر وهي ٿو جال،
    سوين وهن سير ۾، ماڻڪ موتي لعل،
    جي ماسو ملئي مال، ته پوڄارا پر ٿي وڃين.

    شرح- جناب سرتاج سنڌ جي نظريه موجب سمنڊ ٽن قسمن تي ورهايل آهي هڪ سمنڊ وحدت جو جنهن جي ڪنڌي ڪناري جو ڪنهن کي به ڪما حقہ پتو پرو ڪونه آهي جنهن جي هر هڪ سير ۾ سوين ماڻڪ موتي ماهر معرفت جا ماڻيندا رهندا آهن، تنهن ڪري انهي وحدتي سمنڊ ۽ قلزم عميق جي چند سيرين جي صفت لاءِ جي دنيا جا درياء مداد ۽ مس ڪجن ۽ وڻ ٽڻ قلم بنائي ملائڪ مجموعي حيثيت سان ۽ جمله جن ۽ انسان سندس صفتن جي صفت لکن ته ساري درياء جي مس سڪي کپي ويندي ۽ وڻن وارا قلم ڪيئي ڀڄي ڀري ڀورا ٿي ويندا ۽ ماڻهو جن ملائڪ لکڻ کان عاجز ٿي پوندا پر وحدتي سمنڊ جي شان جو ڪو پتو پرو نه پوندو موجب مصرعه زيرين جي- درين ورط کشتي غرق شد هزار) تنهن ڪري انهي قلزم بي ڪنار جي ڪڇ ڪٿ ماپ ڪرڻ ائين آهي جيئن جو منڊي ماڪوڙي کوهه ۾ ويٺي ڪڇي اڀ) تنهن ڪري جناب ڀٽي ڌڻي توکي ۽ مون کي سهڻي صلاح ڏيڻ فرمائي چوي ٿو اي اهڙي سمنڊ بي ڪنار جي سيوا ڪرڻ جنهن جي جر عميق جي هر هڪ سير ۾ معرفت جا موتي ماڻڪ ۽ هدايت ۽ حب حقيقي جا هيرا ۽ لقاء لاهوتي جا لعل سوين وهندا رهندا آهن پوءِ جي توکي سيوا ڪرڻ سبب معرفتي موتن ماڻڪن مان هڪ ماسي جي مقدار جيترو مال ملي وڃي ته پوڄارا پر ٿي وڃين انهي نظريه جي تائيد هن هيٺين آيت الاهي مان نروار آهي قل لوکان البهر مداد الڪلمات ربي لنفدالبحر قبل ان تنفد ڪلمات ربي) چؤ تون ته جيڪڏهن وحدتي واکاڻ لاءِ درياءَ مس ڪجن ته وحدتي واکاڻ پوري ٿيڻ کان اڳي دريائن جي مس کٽي ويندي) پر شيخ سعدي رح به قلزم وحدتي بي ڪنار جي ماپ کان مغلوب ٿي بي اختياري سان هئن چوڻ تي تيار ٿي عاجزي جو اقرار ڪري ٿو توڙي جو هو هر ورق سندس نظر هشيار آڏو دفتر معرفت جي قلزم واري ڪنڌي ڪناري جو ڪو به پتو پرو نه ٿو ڏئي سگهي جيئن جو زيرين بيت مان ظاهر آهي (بيت) برگه درختان سبز در نظر هوشيار، هر ورق دفتري ست معرفت کردگار) مطلب ته انهي سمنڊ وحدت ۽ معرفت جي ماپ ۾ ويچارو سعدي سڳورو ڇا بلڪ لکين انبياءَ اولو العزم ۽ عرفاء اعظم عاجزانه آواز سان زيرين مقوله معروفه عربي آلاپيندا ويا آهن ته ماعر فناکه حق معرفتڪ يعني اسان نه سڃاتو توکي حق سڃاڻڻ تنهنجي جو) 2. سمنڊ سرمدي ۽ قلزم عميق احمدي قرآن ڪريم آهي جنهن جي سٽ مثل سير سمنڊ جي آهي جنهن ۾ سوين سود مند معرفت جا موتي ماڻڪ ماهرن کي جاري ساري نظر ايندا آهن پوءِ جي قرآن ڪريم جي سيوا ڪندڙ کي ڪو ماسي جيترو مال معرفت نور حقائق قرآني مان ملي وڃي ته سندس پوڄارو عمر ڀر ڀرپور ٿي وڃي ڇو ته حقيقت قرآن ڪريم جي ڪن ڪن ڀاڳ وارن تي کلندي آهي پر ظاهري قرآن جي قلمن پاڪن جو اهو اعلى قدر آهي جن صفت ۾ دنيا جي دريائن جي مس به کٽي وڃي ٿي- مگر ڪلمات قرآني جو قدر اڃان به اڻ کٽ رهي ٿو جيئن جو قرآني ڪلمن پاڪن ڏي هن بيت هيٺين ڀٽ ڌڻي جي مان پڻ پڌرو پتو پوي ٿو (بيت) ڪوڙيين ڪتابن ۾ حرف مڙوئي هيڪ جي نظر هجيئ نيڪ ته بسم الله ئي بس آ) پر هي هيٺيون بيت فارسي پڻ انهي حقيقت تي روشني وجهي رهيو آهي (بيت) بدر ياد رمنافع بي شمار ست اگر خواهي سلامت در کنارست) 3. ٽيون سمنڊ دنيا جو جهان ۽ دنيائي سمنڊ آهي جنهن جي بابت ڀٽ ڌڻي اڳي فرمائي چڪو آهي جنهن جو تفسير ۽ شرح پڻ مٿي ڄاڻايل آهي، اهو بيت هي آهي (بيت) دنيا سڀ درياءُ ڪو ڪو تارو تنهن ۾، ڪي لڙهي لهوارا ٿيا ڪي طالبن توڙاهه جن جو عشق ساڻ الله لهر نه لوڏي تن کي) انهن ٻنهي سمنڊ جي سير سير ۾ به سوين سوين مقاصدن معرفت ۽ شريعت طريقت ۽ حقيقت جا ماڻڪ موتي لعل لڙهندا رهن ٿا پوءِ جي انهن جي سير ۾ فڪر سليم ۽ عبرتي عين عليم سان غوطه خور ٿي غواص ٿيندو ته هيرا لعل ۽ ماڻڪ موتي جي ماڻڻ جو مستحق ۽ حقدار ٿيندو جيئن جو ڀٽائي جي زيرين بيت مان انهي ڳالهه کي ٽيڪو ملي ٿو (بيت) هي گهت غواص جيئن سمنڊ سوجهائون پيهي، منجهه پاتار جي ماڻڪ ميڙيائون، آڻي ڏنائون هيرا لعل هٿن سان) هن هيٺين آيت شريف مان اشارو آهي ته انهن دريائن ۾ ٻيڙن جي ذريعي سان دين دنيا جي تجارت ۽ واپار ڪري موتي ماڻڪن جو وڻج ڪرڻ مباح ۽ جائز آهي جو دريائن ۾ سوداگري جي غرض لاءِ سوار ٿي سود پرائجي بفحوي الڪريمه ولتجري الفلک بامره ولتبتغوا من فضلہ) يعني الله جي حڪم سان درياءَ ۾ ٻيڙين هلندڙن تي هسوار ٿي سوداگري ڪريو) تنهن ڪري انهن سمونڊن جي سيوا ڪرڻ مان مراد دين دنيا جو سود ۽ نفع پرائڻ آهي ڇو ته انهن جي سيرن ۾ سوين سودمند ماڻڪ موتي ملن ٿا پر موج جو خوف به لاڳو آهي جن لاءِ ڀٽ ڌڻي مٿي چئي چڪو آهي ته ڪي لهرين ۾ لڙهي ويا ڪي طالبن توڙاهه پر ڪنهن فارسي دان فرمايو آهي ته (بيت) سوده ريالنيک بودي گرنه بودي بيم موج صحبت گل خوش بدي گم نيستي تشويش خار) تنهن ڪري ڀٽ ڌڻي جي نظريه موجب هن دنيا جي درياءَ ۾ ماڻهو موتي ماڻڪ ڳولڻ ۽ وڻجڻ آيو آهي پر اسان ته غفلت ڪري فقط سيهي ڪمائڻ تي سندرو ٻڌو آهي باقي موتن ماڻڪن جي ڪمائڻ جي ڪوشش ئي ڪانه آهي اسان پارن جي حال پرملال تي لطيف لاڏلي جي زيرين لات پوري پوري صادق آهي. (بيت) ڪيو ڪمايوم پر موتي مون نه وڻجيو سيهي جو سيد چوي وکر وهايوم، اوچتو آيوم سودو صرافن سين) مطلب ته اسان مردن توڙي عورتن خواب غفلت ۾ عمر اجائي وڃائي ٺڪرن ڀترن جا ڀانڊا ڀري رهيا آهيون وگر نه موتن ماڻڪن جو وکر ڍيرو ڍير موجود آهي جيئن جو سنڌ جو سرتاج فرمائي رهيو آهي ته (بيت) وکر ڍيرون ڍير پر وهائيندڙ ويسلا ڪن وهائي وس ڪيا ڪني ڪئي اوير سٽون ڏيندي سير وکرو وڪامي ويڙو) حاصل ڪلام ته غفلت ۾ گذاريل عمر ۽ جواني جوڀن تي پشيمان ٿي پاڻ تي ملامت ڪرڻ ۽ پنهنجي بدحال پرملال تي صدبار ڇا بلڪ هزار بار حيف ڪرڻ لائق ۽ مناسب آهي پنهنجي حال تي هي هي ۽ حيف ڪرڻ جو عبرتي سبق هيٺين ڪافي فقير خاڪ جي مان وٺڻ گهرجي
    ( ڪافي)
    حيف هٿ تنهنجي کان وئي جوڀن جواني، جوت حيف + تو نه ڪئي نيڪي سندي ڪنهن ڏينهن ۾ ڳڻ ڳوت حيف.
    1. لک لڏي ويا ديس پنهنجي تي وکر وڻجي کڻي + تو نه موتي وڻجيا پئي عمر ۾ آ اوت حيف
    2. برف آ تنهنجي حياتي روز سج جي تاب تي + عمر تنهنجي ٿي ڳري مقصود تنهنجو فوت حيف
    3. لڏ لڏڻ جا رات ڏيهان نڙ نغارا ٿا وڄن + تون نه اي ٻوڙا ٻڌين ٿو موت وارو صوت حيف
    4. خاڪ خالق کان گهرين وٺ ڏوهه جي معافي هتي + تو نه راتن ڏينهن ۾ روئڻ سندي ڪئي روت حيف


    آخرت جي پوک پوکڻ ۾

    48- (بيت)
    پوکين ته پوک، جو پاڻي اٿئي پاڙ ۾،
    مند ويندئي نڪري، سڪي ٿيندين سوڪ،
    جڏهن لڻندو لوڪ، سڪندين بيٺو سنگ لئي.

    شرح – جناب سرتاج سنڌ جي صلاح موجب پوک ٻن قسمن ۾ ورهايل آهي هڪ پوک دنيا جي ٻي پوک آخرت جي توکي ۽ مون کي جناب ڀٽ ڌڻي مشوره مفيد ڏئي چوڻ فرمائي ٿو ته اي ڪڙمي قربدار آخرت جي پوک پوکڻ جو پاڻ ۾ پيار پيدا ڪر جيستائين جو عمر جو آب عمدو توکي الاهي دربار مان عطا آهي ۽ تنهنجي وجود واري وڻ جي پار ۾ انهي عمري آب جي سهاري هيٺ پنڌ ڪرڻ جي طاقت رکين ٿو ته تيستائين پيو آخرت جي پوک پوک ڇو ته هي دنيائي پوک پوکڻ جي جاءِ آهي نه آخرت جيئن جو حديث شريف پڻ انهي نظريه جي پٺ ڀرائي ڪري ٿي الدنيا مزرعته الاخرت) يعني دنيا پوک پوکڻ آخرت جي جاءِ آهي) پر جڏهن تنهنجي جسم مان عمر جو آب کٽي پورو ٿي ويندو ته پوءِ تون ساهه نڪرڻ بعد سڪي پاٺو ٿيندي وري جڏهن توکي حشر جي ڏينهن همہ سان گڏ حساب ڪتاب لاءِ اٿاريو ويندو ته جن هتي عملن چڱن جي پوک پوکي هوندي ته اهي اها پوکيل پوک لڻندا پر تون لاباري ڪرڻ کان محروم ٿي سنگ لاءِ پيو سڪندين تنهن ڪري توکي هتي هشيار ٿي آخرت جي پوک پوکڻ گهرجي نه فقط دنيا جي هائو دنيا جي پوک پوکڻ ۾ به توکي رب ڪريم برڪت ڏيندو پر آخرت جو اجر نصيب نه ٿيندئي جيستائين اها پوک نه پوکيندين جئين جو انهي ٻنهي قسمن پوک جو بيان هن هيٺين آيتن ڪريمن مان ثابت آهي جي آيتون الاهي ڀٽ ڌڻي جي بيت مذڪور جو پورو پورو شرح شافي آهن من ڪان يريد حرث الاخرت نزدلہ في حزاثہ ومن کان يريد حرث الدنيا نؤتہ منها ومالہ في الخرته من نصيب) يعني جو شخص آخرت جي پوک جو ايرادو ٿو ڪري ته انهي کي سندس پوک ۾ وڌيڪ وڌائي برڪت وجهندا سون- پر جو شخص فقط دنيا جي پوک پوکي ٿو انهي کي ان جو نفعو دنيا ۾ ڏينداسون آخرت ۾ ڪجهه به نصيب نه ٿيندس) هن آيتن مان نتيجو عيان هن طرح آهي ته آخرت جي پوک پوکڻ مان مراد نيڪ عمل اخروي آهن انهن ۾ اجر جو ازدياد ۽ واڌارو هن طرح ٿيندو آهي ته هڪ نيڪي جي عوض گهٽ ۾ گهٽ ڏهه چڱايون وڌ ۾ وڌ ستن سون کان وٺي چوڏهن سون تائين پر جي اڃان به ڌڻي تعالى وڌيڪ ڏيڻ گهري ته سندس رحمت جا خزانا اڻ کٽ ۽ وسيع آهن – هڪ نيڪي تي ڏهوڻو اجر هن آيت الاهي مان عيان آهي من جاءَ بالحسنته فلہ عشر امثالها) يعني جو هڪ چڱائي ڪندو انهي لاءِ ڏهوڻو اجر آهي) باقي هڪ لاءِ وڌ ۾ وڌ چوڏهن سون تائين اجر هن آية الاهي مان عيان آهي مثل الذين ينفقون اموالهم في سبيل الله کمثل حبته انبتت سبع سنابل في ڪل سنبلته ماعته حبته والله يضاعف لمن يشاءَ والله واسع عليم) مثال انهي شخصن جو جي الله جي وات ۾ هڪ ڪڻي جو قدر خرچ ڪن ٿا ته انهي هڪ ڪڻي مان سائينءَ – ست سنگ پيدا ڪري ٿو- هر هڪ سنگ ۾ سؤ داڻو رکائي ٿو پر جي ڪنهن لاءِ ستن سون کي ڏوڙو ڪري ڏيکاري ته سندس خزانو وسيع آهي- سندس خزانه جي وسعت تي سندس نالو وسيع دال آهي پر جي اڃان به انهي ڏيب ڏوڙي کي ڏوڙو ڪري ته سندس اسم عليم جو اشارو عيان آهي جنهن مان هي ڳالهه اظهر آهي ته جيڪي ڪجهه پنهنجي ٻانهي کي اجر ڏيڻ فرمائيندو انهي جو علم فقط کيس آهي ته هڪ جي عيوض ڪيتري قدر ٻانهي تي ٻاجهه ڪرڻ فرمائيندو انهي واڌو ڏيب جو اندازو الله تعالى کان سواءِ ڪنهن کي به معلوم نه آهي هن آيت جي عبارت سراسر صريح خير خيرات جي ثواب تي دلالت ڪندڙ آهي پر اخروي اعملان کي انهي آيت تي قياس ڪرڻ عاقل لاءِ علامت انتباه ۽ بيداري جي آهي جيئن جو انهي آيت ڪريمه جي هيٺان تفسير ابن کثير واري عمدو فيصلو ڪرڻ فرمايو آهي، من کان يريد حرث الاخرة) اي عمل الاخرته (نزدلہ في حرثہ اي نقويہ و نعينہ علي باهو بصدده ونکٽريماءَ ونجريہ بالحسنته عشرا مثالها الى سبعماءَ ته ضعف الي مايشاءَ الله) ومن کان يريد حرث الدنيا نوتہ منهاو مالہ في الخرته من نصيب) اي ومن کان انما سعيہ يحصل لہ شييءِ من الدنيا وليس لہ الي الاخرت همہ البتة حرمہ الله الخر ته والدنيا ان شاءَ اعطاه منهاوان لم يشاءَ لم يحصل الاهذه ولاهذه وفار الساعي بهذه النيته بالصفقة الخاسرته في الدينا والاخرة ۽ پڻ هي حديث به انهي حقيقت تي روشني وجهڻ فرمائي ٿي وعن ابي بن ڪعب رضه قال قال رسول الله صه بشر هذه الامته بالسماءَ والرفعته والنصرو والتمکين في الرض فمن عمل منهم عمل الاخرته الدنيا لم في الاخرته من نصيب) ابي پٽ ڪعب جي کان مروي آهي ته فرمايو رسول رب جي ته بشارت ڏي هن امته کي روشنائي رفعت نصر تمڪين جي زمين ۾ پوءِ جنهن انهن مان عمل ڪيو عمل آخرت جو دنيا لاءِ انهي لاءِ آخرت ۾ ڪجهه به نصيب نه هوندو) پر علامه روح البيان وارو انهي ساڳي آيت الاهي جي هيٺان هن طرح تحقيق ڪرڻ فرمايو آهي ته آيته ۾ جو لفظ حرث الاخرة جو آيل آهي حرث جي معنى سٽڻ ٻج جو زمين ۾- پوءِ جا شئي انهي مان هويدا ٿي حاصل ٿئي انهي تي اطلاق حرث يعني پوک جو ڪرڻ مباح آهي ۽ پوک جو نالو ثمرات الاعمال تي استعمال ڪرڻ احسن ۽ افضل آهي ڇو ته حصول فائدن آخرت جو دارو مدار عمل دنيا جي تي آهي موجب حديث الدنيا مزرعته الاخرته) يعني دنيا جاءِ پوک آخرت جي آهي) انهي اعتبار سان معنى آيت الاهي جي هئن ٿيندي ته من کان يريد باعمالہ ثواب الاخرت) يعني جو به ثواب آخرت جي ايرادي سان دنيا ۾ عمل ڪري اهو عمل قابل اعتبار آهي ( نزدلہ في حرثہ) تضاعف لہ ثوابہ بالواحد عشرته الى سبعماعة فما فوقها) يعني ڏوڙ ڪبو انهي لاءِ ثواب سندس هڪ جو ڏهوڻو ستن سون تائين اڃان به وڌيڪ مافوق مولا پاڪ جي مشيت جو جب) پر ساڳي آيته سونهاري جي هيٺان مولانا ڪاشفي صاحب پنهنجي تفسير فارسي ۾ فرمائي رهيو آهي ته چنانکه کشت دانہ مي فزايد تايکي ازان بسيار مي شود همچنين عمل مؤمن روز بروز افزوني ميگيرد تاحديکه يکذره برابر کوه احد ميشود) يعني جيئن پوک هڪ داڻي مان وڌي وڌي گهڻي ٿيندي آهي تيئن عمل مومن جو به روز بروز ڏوڙو ٿيندو ٿيندو ايترو ته اجر ۾ وڌي ويندو آهي جو هڪ ذرو نيڪي جو ثواب ۾ وڌي وڌي جبل احد جيڏو اجر ۾ ٿيندو آهي تنهن ڪري حضرت سليمان عليه السلام پڻ فرمايو آهي ته تسبيحته خير من ملک سليمان) يعني هڪ تسبيح جو اجر سليمان جي ساري بادشاهي کان بهتر ۽ سرس آهي) نقل آهي ته حضرت سليمان عليہ السلام کي مال ۽ مملڪت ۽ علم جي دولت آڇائون ته انهن مان جيڪو به قبول ڪرين توکي هر طرح جو اختيار آهي سليمان ٽنهي شين مان فقط علم کي اختيار ڪري ورتو- تنهن ڪري تبارڪ تعالى انهي هڪ علم جي طفيلي کيس مال مملڪت پڻ ميسر ڪرڻ فرمايا جيئن جو هي بيت هڪ دين جي طالب کي ٻئي جهان ڏيارڻ جي بشارت ڏئي رهيو آهي
    ( بيت)
    دنيا طلبي بهرهء دنيات دهند عقبى طلبي هر دو بيکه جات دهند.
    پر جي رغبت ايمان ۾ واسطي ثواب طلبي ۽ خوف عقابي لاءِ هوندي ته اها رغبت گهڻو ڪري مفيد نه ٿيندي ڇو ته رغبت جي مرض جو مريض ۽ عليل ڪڏهن به فلاح جو فوز حاصل نه ڪندو جيئن جو پوک سالم سٺي به ٻج ردي سان حاصل نه ٿيندي آهي مگر ٻج صحيح ۽ سالم سان جو سالم سٺو ٻج جامع خيرات ۽ سعادت جو آهي اها سعادت عبو ديته الله آهي جنهن ۾ محض رضا الله جي مراد هجي نه غير جيئن جو هن حقيقت تي روح لبيان جي هي هيٺين عبارت روشني وجهي رهي آهي ان الحرث لايتاءَ تي الا بالقاءَ البذر الصحيح في الرض والبذر الصحيح الجامع للخيرات والسعادات ليس الاعبوديته الله فلايکون العمل اخرويا الابان يطلب فيہ رضي الله تعالى) پر جناب امام راغب صاحب فرمائي رهيو آهي ته انسان ذات دنيا ۾ پوک پوکيندڙ ڪڙمي آهي ۽ سندس عمل پوک آهي دنيا جو جهان پوک پوکڻ جي جاءِ آهي موت جو ميقات سندس لاباري جو وقت آهي ۽ آخرت سندس لابارو آهي پوءِ نه لابارو لڻندو مگر اهو جيڪي پوکيائين ۽ نه ڀريندو ماپ ڪرڻ سان مگر جو ڪجهه گڏ ڪري ٻار ڪيائين – نقل- هڪ مرد بلخ جو رهاڪو هو پنهنجي غلام کي حڪم فرمايائين ته هو زمين ۾ ڪڻڪ جي پوک ڪري هن غلام ڪڻڪ پوکڻ جي پاران جون جي پوک پوکي پوءِ جڏهن لاباري جو وقت ويجهو آيو ته مرد بلخي پوک ڏسڻ لاءِ آيو ڇا ڏسي ته ڪڻڪ جي پاران جون جي پوک پڌري پديد آهي غلام کان پڇيائين- غلام جواب ۾ چيو ته مون پاڻ ڄاڻي واڻي جَوَ انهي ڪري پوکيا آهن ته جَوَن مان ڦري ڪڻڪ ٿيندي تڏهن کيس سندس سائين چيو ته اي احمق ڪڏهن ڪنهن به آدمي کي ڏٺو اٿئي ته پوکي جَوَ ۽ لڻي لابارو ڪڻڪ جو- پوءِ غلام چيو جيڪڏهن ائين نه آهي ته پوءِ تون عمل صالح کان سواءِ ڪيئن فقط باطل ايرادن ۽ سڌن نفساني تي مغرور رهي گناهن ڪرڻ سان گڏ اميد رحمت جي رکين ٿو تنهن تي سندس سائين ڏاڍو پشيمان ٿيو (بيت) ازرباطه تن چوبگذشتي دگر معموره نيست زاد راه برنمي داري ازين منزل چرا) پر ڪجهه پوک بابت فقير خاڪ جي هن هيٺين ڪافي مان بچر پڌري ٻڌڻ گهرجي
    (ڪافي)
    جهڙي ڀيل تهڙو ڀيل، بڻي ڀيل نه ڪر ڀيل
    1. هتي پوک هتي کاءُ رجهي پوک سان ٿوراءُ + هٿان ڇڏ نه دلي داءُ رکي رمز ٿي رابيل
    2. نلا نيڻ نلو نياڻ وهي پوک هلي هاڻ + رکي پوک راڻو راڻ تکو تاڻ جهڙي ريل
    3. مرون من ۾ ڪئي ويڙ کڻي تيغ تهين ٿيڙ + ٻنهي قبل سندي کيڙ ٻني ڪاڻ ڀلي ٻيل
    4. جهجهي جهار وجهي پيہ پڪل پوک رکي ويہ + بچي پوک ٺهي ٺيہ ڪيو جهار وڏو ويل
    5. ڪمي ڪار ڏسي ڌار لڻن لاب لاپي لار + کڻي پوک ڪري ٻار کلي پوءِ ڏسج کيل
    6. بٽئي مهل ٿي بيباڪ وڃي ويهه کلي خاڪ + پنهل پاڻ اچي پاڪ مکي توکي عطر تيل

    پر انهي آيته الاهي مان روحاني رمز هئن رچايل آهي ته من کان يريد حرث الاخرته) جو آخرت جي پوک پنهنجي جهد جذبہ ۽ سعيي سوز سان پوکيندو وڌائينداسون انهي کي پنهنجي هدايت حقيقي ۽ طاعت توفيقي ۽ معارف ۾ احوالن جي صفائي سان اڄ ڏينهن عنايت ارزاني سبب ۽ صباڻي آخرت ۾ قربة ۽ مڪالة ۽ درجات جي رفعة ۾ ۽ صديقن ۽ قريبن جي شفاعته ۾ هن کي وڌائينداسون جيئن جو هي هيٺيون بيت فارسي انهي ڳالهه تي صادق آهي (بيت) شنيدم که در روز اميد و بيم بدان رابنيکان به بخشد ڪريم) ومن کان يريد حرث الدنيا نؤتہ منها) جو دنيا جي الفت تي اڪتفا ڪندو قلبي اکين جي انڌائي ۽ ڪنن جي ٻوڙائي ۽ زبان جي گونگائي سبب ۽ حجابن ۽ پردن سبب جن پردن مان پيدا ٿين ٿيون عادتون خراب نفساني ۽ صفتون ردي شيطاني ۽ صفتون ساديون سبعي ۽ بهيمي حيواني ڏينداسون انهي کي دنيا جي دوستي سبب آفتون الفت دنيا جون نه هوندو انهي کي اخلاق رباني ۽ صفتن روحاني مان ڪجهه آخرت ۾ نصيب- پر عرائس البيان وارو فرمائي ٿو ته حرث الاخرة مان مراد مشاهدو ۽ وصال ۽ قرب معنوي محبوب جو آهي ۽ اهو حظ ۽ نصيب عارفن جو آهي جيئن جو زيرين بيت مان ظاهر آهي (بيت) جئان وڃي تئان واٽ ڪپر پڇن ڪوڙيون جن کي سڪ ساهڙ جي سي گير نه پڇن گهاٽ جن کي عشق اوساٽ سي واهڙ ڀائن وکڙي) پر دنيا جي پوک ولين ۽ عارفن لاءِ ظاهري ڪرامتون آهن پوءِ جنهن کي ظاهري ڪرامتن ڀلايو ۽ رڀايو اهو حق ۽ معرفته الله ۽ صحبت معنوي کان محروم رهندو ۽ اهل معرفت وارن وٽ انهي جو ذرو به وزن ۾ نه ايندو بعض صوفين فرمايو آهي ته هن آيته جو مطلب آهي ته جو به جزا لهڻ جي اميد کان عاري ٿي فقط محبت محبوب معنوي جي ڪري عمل اخلاص سان ڪري ٿو انهي جي اکين آڏو س سوا سڄڻ سرمدي جي سڀ شيون ساري ڪائنات جون صغير ۽ ننڍڙيون نظر اينديون آهن، اهو ڪڏهن به دنيا ۽ آخرت جو طالب ٿي نه رهندو بلڪه مدامي مولا پاڪ جو طالب ٿي گذاريندو- حاصل ڪلام ته دنيا زينت ڀري زال آهي، پوءِ جو شخص به سندس زيب زينت تي شائق ۽ فاخر آهي، اهو پڻ زال جي حڪم هيٺ آهي تنهن ڪري عاقل انسان تي لازم آهي ته آخرت جي عزت ۽ احترام عملن صالحن باقين سان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش قوي ڪندو رهي نه دنيا وما فيها فاني جي – جيئن جو جناب شيخ عطار قدس سره فرمايو آهي (بيت) همچو طفلان منگر اندر سرخ وزرد چون زنان مغرور رنگ وبو مگرد) ۽ پڻ بيد عربي ۾ چيو آهي الا کل شييءِ ماخلا الله باطل وکل نعيم لامحاله زائلته خبردار سڀ شيون الله کان سوا باطل آهن ۽ سڀ نعمتون ضرور زائل ٿيندڙ آهن) مطلب ته جيستائين مجاهدن ۽ رياضتن ۾ رافت رباني ۽ توفيق رفيق رحماني نه هوندي تيستائين فوز فلاح جي منزل ۽ منصب ماڻڻ مشڪل ۽ محال آهي جيئن جو انهي صائب جي شعر زيرين جو اشارو عاقل لاءِ ڪافي ۽ ورهه واري لاءِ حجت وافي آهي تاچه آيد روشن ست از دست اين يکه قطعه خاکه چرخ نتو انست کردن زه کمان عشق لسا) پر جناب سرتاج سنڌ پڻ ڏاهي ٿيڻ کان ڏور رهڻ جي دعا گهري رهيو آهي تنهن ڪري جو ڪجهه آهي ته ڀورائي ۽ اٻوجهائي ۾ آهي نه عقل ۽ اٽڪل ۾ جيئن هن هيٺين بيت مان باهر ظاهر آهي
    (بيت)
    الا ڏاهي م ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن
    مون سان مون پرين ڀورائي ۾ ڀال ڪيا-


    نسب تي ناز ڪرڻ

    49- (بيت)
    سنڱ پسي سرهي نه ٿي، متان هوت نه پنهنجو ڪن،
    هت لکين لوڌائي ڇڏيون، ٻانهيون ٻروچن،
    در مٿي ئي دادليون، ڪيئي رت رڙن،
    تڏهن به مسين ماڳ لهن، لطف ساڻ لطيف چئي.

    شرح- اي اچي ذات وارا پنهنجي عمدي ذات ۽ سنڱ ساداتي تي سرهو نه ٿي بلڪ هردم هوت جي هيبت ۽ حشمت کان هراس ۽ خوف ۾ رهه ڇو ته هتي هزار ڇا بلڪ لکين لوڌايا ويا آهن تنهن ڪري ڪيئي دادليون درگاه جون پڻ رت رڙندي رڙندي مس مس لطف لطيفي جو لاڳ حاصل ڪري رهن ٿيون، تنهن ڪري تون هشيار ٿي ڪڏهن به غافل ٿي پنهنجي نسب ۽ ذات تي ناز نخوت نه آڻ ڇو ته ڪيچ ڌڻي کي ڪنهن جي نسب جي ڪاڻ ڪانه آهي، بلڪ جي باري تعالى جي بارگاه ۾ ڪجهه ڪجهه اهميت ۽ اعتبار آهي ته عمل صالح کي آهي سو به تنهن وقت جڏهن اهو عمل صالح پوري پوري اخلاص سان هوندو جيئن جو عمل بابت هي آيت الاهي نص نروار آهي ولکل درجات مما عملوا) يعني سڀ ڪنهن کي درجا عملن جي آڌار تي ملندا) پر جناب ڀٽ ڌڻي جي نظريه موجب هي هيٺين آيت الاهي سندس بيت مذڪور جو پورو پورو شرح ثابت آهي فلا انساب بينهم يومئذ ولا يتساعلون) يعني انهي ڏينهن ۾ انهن جي وچ ۾ ڪو به نسب نه هوندو ۽ نه نسب جي پڇا ڳڇا ٿيندي) تنهن ڪري نسب تي ناز ڪرڻ عبث ۽ اجايو آهي جيئن جو هن حديث هيٺين مان پڻ پڌرو ثابت آهي من ابطاء بہ عمله يسرع بہ نسبہ) جنهن شخص عمل پوئتي ڪندو انهي کي نسب تڪڙ سان اڳي ڪري نه سگهندو ) پر جي ماڻهو پرائي پوک ۽ وڏن جي ڪمائي تي فخر ڪري پاڻ نه ٿا ڪمائن انهن جي باري ۾ ڀٽ ڌڻي هئن فرمائي رهيو آهي (بيت) پنهنجي ڪمائن ڪينڪي ساراهن ڏاڏا ۽ نانا اهڙا وائي آنا ڪڪڙن ڪيريا ڪيترا) هي تحقيق انيق ته شرعي نقطه نگاه کان نروار آهي پر عشق ايزدي جي مثرب ۽ مذهب ۾ پڻ نسب کي ڪا به وقعت ڪانه آهي جيئن جو مولانا جامي فرمائي رهيو آهي (بيت) بندهء عشق شدي ترک نسب کن جامي که درين راه فلان بن فلان چيزي نيست) نسب جي بابت جناب خواجه شاه آغا صاحب پنهنجي ڪتاب راحته المخلصين جي صفه 9 - ۾ هن طرح فرمائي رهيو آهي، اسان پيرن کي نسب تي فخر ڪرڻ ڏاڍو خراب ڪيو آهي، هر ڪو پير سرهندي ڀائين ته آئون خود امام رباني مجدد الف ثاني آهيان، هر ڪو پير صاحب جيلاني سمجهي آئون پاڻ پير دستگير غوث ثقلين آهيان- ماڻهن تي فرض آهي ته اسان جا هٿ پير چمن اسان جي اڳيان سر بسجود ٿين – اسان جي کٽ تي هٿ رکي ساک کڻن اهڙو ادب ۽ احترام ڪن جهڙو اسانجن ڏاڏن جو ڪرڻ گهرجي – حالانڪ اسان جا ڏاڏا هن وقت حال حياتي موجود هجن ها ۽ اولاد جا هي حال افعال بداعمال خراب عداتون ڏسن ها ته هو پاڻ اسان کان بيزار ٿين ها- نه اسان جو مهن ڏسن ها نه اسان سان محبت رکن ها نه اسان کي پنهنجو جاءِ نشين ۽ قائم مقام ڪن ها – سنڱ پسي سرهو مَ ٿي متان پرين نه پنهنجو ڪن، لکين لوڌائي ڇڏيون ٻانهيون ٻاروچن، روئنديون رت وتن جي در مٿي هيون دادليون) مطلب ته نسب فقط تعارف لاءِ آهي نه نخوت ۽ ناز ڪرڻ لاءِ-


    پيرن کي نسب جي فخر خراب ڪيو آهي

    50- (بيت)
    جي ڀائين جوڳي ٿيان، سنڱ سڀئي ٽوڙ،
    ته تون پهچين توڙ، محبت جي ميدان ۾.

    شرح- جناب سرتاج سنڌ جن هر مشتاق صادق کي فرمائي رهيا آهن ته جيڪڏهن تون جوڳي يعني محبوب معنوي جو محب ۽ مشتاق ٿيڻ گهرين ته پهريان پنهنجي قلب مبارڪ مان غير جي محبت ڪڍي ڇڏ ۽ غير سان تعلقاتي سنڱ وارا ناتا ٽوڙي پنهنجي هوت حقيقي سان هڪ ٿي رهه ته محبت واري ميدان ۾ پروان وانگي پهرين نمبر پاس ٿي توڙ تائين پهچي پنهل پاڪ جي هٿان شراب پاڪ جو پيالو پيڻ عطا ٿئي – ڇو ته محبت ئي ڪارڻ ڪائنات جي ايجاد جو آهي ۽ هر نعمتن ۾ فقط محبت صادقه ئي نعمت عظمى آهي، جنهن جي ذريعي پنهل پاڪ پلڪ ۾ پرچي پوي ٿو – مطلب ته جڏهن به محبت مزيد الفت ازيد مشتاق جي من ۾ موج زن ٿيندي آهي ته انهي محبت جو لقب عشق اعلى مبدل هوندو آهي، بيت مذڪور جي تائيد بطور شرح جي هي آيت شريفه ڪري رهي آهي سوف ياءِ تي الله بقوم يحبهم ويحبونہ) جلد الله آڻيندو اهڙي قوم جنهن سان پاڻ محبت رکندو ۽ اهي ساڻس محبت رکندا- مطلب ته جن کي محبوب معنوي جي مشاهدي ماڻڻ جي محبت هوندي تن سان محبوب معنوي کي پڻ ملڻ جي محبت هوندي آهي جيئن جو هن حديث هيٺين مان هويدا آهي من احب لقاءَ الله تعالى احب الله لقاعہ ومن لم يحب لقاءَ الله لم يحب الله لقاعہ) جو شخص ڌڻي جي ديدار جي حب رکي ٿو ڌڻي تعالى پڻ انهي جي ديدار جي حب رکي ٿو ۽ جو ڌڻي جي ديدار جي حب نه ٿو رکي ته ڌڻي به انهي جي ديدار جي حب نه ٿو رکي- پر هن ٻي حديث ۾ ابي هريره کان روايت آهي ته حضور جن فرمايو ته جڏهن به ڌڻي تعالى ڪنهن ٻانهي سان الفت رکڻ گهري ٿو ته جبريل کي فرمائي ٿو ته اي جبريل تحقيق مان فلاڻي سان محبت رکان ٿو پوءِ تون به انهي سان محبت رک پوءِ جبريل به انهي سان محبت رکي ٿو – تنهن کان پوءِ جبريل آسمان وارن ۾ پڙهو ٿو ڏئي ته تحقيق ڌڻي تعالى فلاڻي سان محبت رکي ٿو پوءِ توهان به ساڻس محبت رکو پوءِ آسمان وارا پڻ ساڻس محبت رکن ٿا تنهن کان پوءِ زمين وارن وٽ پڻ اهو قابل قبول رهي ٿو - مٿين حقيقت تي هي حديث هيٺين هوبهو صادق آهي. ان النبي قال اذا احب الله العبد قال لجبريل يا جبريل اني احب فلانا فاحبہ فيجبہ جبريل ثم ينادي جبريل في اهل السماءَ ان الله تعالى قد احب فلانا فاحبوه فيحبہ اهل السماءَ ثم يضع لہ القبول في الارض) پر امام قشيري رحه پنهنجي رسالہ ۾ محبت بابت هئن فرمائي رهيو آهي، جيڪڏهن تنهنجي نفس کان استقلال ڪثير ۽ تنهنجي حبيب کان استڪشار قليل سرزد ٿئي ته انهي جو نالو محبت آهي پر اهو رايو بايزيد بسطامي کان ٻاهر آهي - ۽ شبلي فرمائي ٿو ته محبت نالو محبت جو انهي ڪري آهي – ماسري المحبوب کي قلب کان محو ڪرڻ فرمائي ٿي، ابن عطاءَ چوي ٿو ته محبة آهي پاڻ کي داعمي عجيبن جي زير عتاب رکڻ – پر يحيى بن معاذ جي نظريہ موجب محبت جي حقيقت اها آهي جو جفا جوز ڪري به ڪڏهن نه گهٽ ٿئي پوءِ محبت جنهن کي جنهن سان هوندي اهو انهي سان گڏ هوندو نه جدا جيئن جو هن حديث شريف مان هويدا آهي المرعمع من احب) مطلب ته انهي حديث جي تقاضا موجب محبوب معنوي جا مشتاق صادق پڻ مدامي مع الله هوندا نه جدا – حضرت جنيد بغدادي فرمايو آهي جڏهن محبت صحت جي درجہ تي موجزن ٿيندي ته ادب جا شرائط ڪري پوندا آهن، صدبار مبارڪ انهي مشتاق معنوي کي آهي جنهن کي اهڙي رنگ رندي واري محبت ميسر ٿي آمين ثم آمين-
    هن 50 نمبر بيت تي پنهنجي رساله خزانة العارفين حصه اول کي في الحال پورو ڪريان ٿو – پر هتي هي هيٺيون ٻه ٽي رباعيون آڻن موزون ۽ مناسب آهي –
    رباعي نمبر ۱
    شرح شاه جو نيٺ شايع ٿيو + بڻيو مشتري خاڪ بايع ٿيو
    لڪل لعل هيرا ٿي پڌرا پيا + ذرو ڪين تن مان ڪو ضايع ٿيو
    رباعي نمبر ۲
    خوشي خاڪ جي آهه- غفران ۾ + نظر نور نازڪ جو نگران ۾
    1381 هه
    پڙهي پاڪ ڪلمو لڏي لوڪ مون + رهي باغبان ساڻ بستان ۾
    رباعي نمبر ۳
    سدا ساڻ ساغر ۾ ساقي رهي + ڪڏهن يار مون کان نه يا ڪي رهي
    خوشي خاڪ کي خوبرو جي کلي + ٿيان خوش نه بيماري باقي رهي

    آخر دعوا نا ان الحمد لله رب العالمين 12-
    تاريخ تماميت رساله ڪرڻ جي اڄ 27 – ماهه ربيع الثاني سنه 1381 هه
    بقلم فقير در محمد خاڪ صديقي ڪاندهلوي


    تصديقات علماءِ ڪرام

    تصديقات لائق تحقيقات از قلم حضرات علماء ڪرام و ادباء عظام تصديق از قلم فيض رقم جناب محب الله داعي الي الله واصل بالله مرشدي و مربي محمد مصطفى سجاده نشين درگاه ملڪاني سيف رحماني جي ۽ اديب اعلى بليغ بالا صاحبزاده محمد مجتبى (غالب) جي تقريظ

    خلاق فطرت انسان ۾ جي انيڪ قسمن جون صلاحيتون رکايون آهن انهن مان علم ۽ عمل – عشق ۽ معرفت- طريقت ۽ تصوف مرتبہ عين اليقين ۽ حق اليقين ۾ بلند معيار رکن ٿا – علوم متفرقه ۾ فلسفه رياضي- سائنس ۽ فقہ کي اگرچه چڱو درجو عطا ٿيل آهي مگر قديم خواه جديد زماني جي بزرگن وقت بوقت سندن خشڪ ۽ تلخ تعليم کي سجائي ۽ سلوڻي بنائڻ لاءِ ٻين علمن جي مدد وٺڻ اشد ضروري سمجهي – جهروڪ قران مجيد سان فلسفه جي اصطلاح ڪئي وئي ۽ حديث شريف سان فقه جي تعمير ٿي – هن اصول تي هلندي امام اعظم صاحب هن حد تائين به فرمايو ته جيڪڏهن ڪنهن مسئله ۾ فقہ ۽ حديث متضاد هجن ته حديث تي عمل ڪيو ۽ فقہ کي ڇڏي ڏيو- اهڙي طرح روحاني تعليم لاءِ علم تصوف جي ضرورت پيش آئي جنهن جو پايو خود سرور ڪائنات عليه الصلوات والسلام جن رکڻ فرمايو هو – جنهن جي تعمير حضرت ابوبڪر صديق- امير عمر – حضرت علي ۽ خواجه حسن بسري ڪئي هئي. رضي الله تعالى عنهم – علم عروض به حضرت آدم صفي الله جي زماني کان قائم ٿيو جيئن ته هابيل جي حسرت ناڪ قتل تي آدم عليه السلام جو هڪ مرثيہ تاريخن ۾ شاعري جو سنگ بنياد ليکيو ويو آهي- عربن به شاعري کي چڱي اوج تي آندو مگر انهن هن فن کي اُٺن ۽ گهوڙن جي تعريف ۾ جنن ڀوتن جي قصن ڪهاڻين کان وڌيڪ اهميت نه ڏني – اسلام ۾ جڏهن روحانيت ۽ تصوف جي تعليم آئي تڏهن ڪيترن ئي بزرگن شاعري کي روحانيت جو رنگ ڏيڻ شروع ڪيو قديم بزرگن مان منصور حلاج- عمر خيام- حافظ شيرازي- جامي ۽ سعدي ۽ عطار عروض ۾ ڪيئي قرآن – حديث ۽ تصوف جا گوهر پاره پيش ڪيا ۽ رومي ته مثنوي جهڙو هڪ عظيم الشان ڪتاب لکي دنيائي اسلام تي احسان ڪرڻ فرمايو آهي- شاه عبداللطيف ڀٽائي به انهن بزرگن مان اسان جو هڪ سرتاج سنڌ سنڌي شاعر شاندار ۽ روحانيت جو علمبردار آهي- جنهن جي پڻ رومي جي مثنوي سان گهري محبت رهي- ڏسبو ته شاه صاحب جي رسالي تي مثنوي جو گهرو رنگ چڙهيل آهي- ڪيترا مثنوي جا فارسي بيت پنهنجي سنڌي زبان ۾ ٿوري ڦير گهير بعد ڪم آندا اٿس- مثنوي لاءِ جيڪڏهن پهلوي زبان ۾ قرآن هجڻ جي دعوى آهي ته شاه صاحب به فرمائي ٿو- بيت نه ڀايون ڀائرو هي آيتون آهين- جس ۽ آفرين هجي اسان جي پيرسن دوست مولانا مولوي در محمد صاحب خاص صديقي ڪاندهلوي خليفه درگاه ملڪاني کي جنهن شاه صاحب جي چند متفرقه بيتن جي شرح قرآن ۽ حديث سان لکي شاه صاحب کي پنهنجي دعوى ۾ ثابت ڪيو آهي. هن کان اڳي شاهه تي گهڻن ئي اديبن جا مجمل خواه مفصل شرح لکيل آهن مگر حقيقت ۾ انهن کي سطحي سڏڻ گهرجي- مولوي صاحب جو هي شرح اگرچه چند بيتن تي منحصر آهي مگر جيڪي ڪجهه لکيو اٿن سو سڀ عالمانه طرز ۽ صوفيانه رنگ ڍنگ تي لکيل آهي- شايد هن کان اڳ هن قسم جو معياري شرح ڪنهن به نه لکيو هجي- هر موقعي تي قرآن حديث ۽ فارسي اشعار مثال طور پيش ڪيا اٿن ۽ نهايت سليس سنڌي ۾ بيتن جي معنى سمجهائي اٿن- الله تعالى اهڙن اديبن ۽ عالمن فاضلن کي دنيا ۾ تادير قائم رکي جيئن سنڌي علم و ادب جي خدمت ڪري قوم جو معيار بلند رکن – الله کري زور قلم اور زياده-
    حاصل ڪلام ته هي ڪتاب خزانة العارفين حصهء اول تصوف جي نڪته نگاه کان بلڪل عمدو ۽ ڪار آمد آهي، اسان سندس مطالع کان آگاه بطور تائيد سندس تصديق ڪئي آهي-
    الفقير محمد مصطفى النقشبندي الملڪاني عفي عنه
    العبد الضعيف العاصي مجتبى احمد الحنفي
    النقشبندي المجددية الملڪاني
    عفي عنه ولدالديہ
    15 آڪٽوبر 1961ع درگاه ملڪاني شريف

    2- تصديق لائق تحقيق از دست حاتم شفيق جناب عالم فاصل فقيہ فهيم ڪامل مولانا عبدالحي صاحب بزرگ رهڙي شريف جي

    هي رسالو محبت ۽ الفت الستي جو مقالو نظريه نيهن لطيفي جو شرح نرالو آيتن الاهي جي شراب پاڪ سان پر پيالو ڀلي پيي معرفت جي ميخانه جو مست متوالو – جنهن آب احمر نوراني جي پيڻ سان پياسن ۽ اڃاين جي اڃ بک لهي دور ٿي ويندي آهي- تنهن پيالي پاڪ جو پياريندڙ ۽ ساقي جناب مولانا ابو الا اقبال در محمد خاڪ- صديقي ڪاندهلوي آهي جو صاحب جامع شريعت ۽ طريقت جو آهي تنهن صاحب باوجود بيماري ڪهنہ ڪنسر ۽ پيري زهيري جي پاڻ کي تفريح پاران تڪليف ڏئي به حضرات اهل ادب جي اڳيان هي تحفو عمدو پيش ڪرڻ فرمايو آهي- جنهن تحفه قيمتي جو قدر ڪرڻ قدردانن تي ادبي نڪته نظر سان لازم ۽ واجب آهي-
    انا المصدق فقير عبدالحي رهڙوي
    مدرس مدرسه ٿرڙي محبت

    3- تصديق از قلم تحقيق رفيق ادب شفيق طبع احسن لقب جناب حافظ احسن صاحب جي

    گهڻي وقت کان اها عام تقاضا آهي ۽ تازو مهراڻ رساله حيدرآباد ۾ ايڊيٽرول نوٽ ۾ طلب ڪيل آهي ته سلطان العارفين سرتاج الشعرا حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي عليه الرحمته جي رساله جي شرح لکي وڃي ۽ اهڙو ڪو مرد مجاهد نڪري نروار ٿئي جو اهو ڪم ڪٺن هٿ ۾ کڻي- نهايت خوشي ٿي آهي ته ڪهنه مشق اديب ۽ شاعر جناب حضرت مولانا مولوي در محمد صاحب خاڪ صديقي ڪاندهلوي جن، شاه صاحب جي چند بيتن جي شرح قرآن شريف – حديث ۽ اسلامي روايات موجب مثنوي رومي- شيخ سعدي سچل سرمست ۽ ٻين صاحبن جي ثبوت سان شرح لکي آهي جا سنگ بنياد جو ڪم ڏيندي- اميد ته حضرت مولانا موصوف صاحب سلسله وار شاهه جي رساله جي بيتن جي شرح لکڻ فرمائيندو- مرحوم ميان محمد بخش صاحب واصف 25 – بيتن جو شرح لکي ڇاپايو هو – هينئر مولانا صاحب 50 – بيتن جي شرح لکڻ فرمائي آهي جا اميد ته عوام ۽ شاه صاحب جي شيدائين لاءِ خوشي جو باعث ٿيندي.
    16- اڪٽومبر 1961ع
    راقم حافظ محمد احسن چنا دادو

    قطعه تاريخ ڪتاب خزانة العارفين از حافظ محمد احسن چنا دادو
    مبارڪ ميان درمحمد کي آهه + ڪئي جنهن محقق هي تشريح شاه
    رکي سنگه بنياد تشريح جو + ڪيو جنهن هي مشڪل ڪم آهي اٿاه
    اديب آهه عالم ۽ فاضل فهيم + اديبن ۾ جنهنجو وڏو عزم و جاه
    لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ رهي روز شب + ادب جي فزون لئي سندس خوب چاه
    ڀٽائي جي فرمان تي باعمل + تتي ۽ ٿڌي ۾ پيو ڪاه ۽ ڪاه
    ڪري خوب خدمت ادب علم جي + ٿيو سنڌ وارن جو هي خير خواه
    لکئين عارفن لئي خزانو عجيب + ٿي شارح پسايائين همہ شاه راه
    عطا ان کي حق عمر خضري ڪري + ڏئي ان کي الله امن و پناهه
    لکيائين هي نسخو ته احسن عجيب + ٿيو جنهن تي راضي گهڻو آهه شاه
    پڇم سال هجري ته هاتف چيو + مضامين گلشن اهي واه واه
    1381 هه

    4. تعارف از قلم معارف جناب رئيس ادب نجيب نسب باغ سنڌي جي سهڻي بلبل جي وارث وڪيل پر ضيا گل گلاب عالي جناب جناب مسٽر ضياءُ الدين ضيا دادو جو

    جناب مولانا مولوي در محمد صاحب متخلص خاڪ هڪ ڪهنه مشق شاعر ۽ شاعري جو دلداده حضرت آهي جنهن سان مشاعرن ادبي مجلسن ۾ خواه خانگي ملاقاتن سبب گهڻي وقت کان آشنائي آهي- سندس مزاحيه طرز جي شاعري مون کي اول اول سندس شعر ڏانهن راغب ڪيو ۽ سندس هر شعر کي دلچسپي سان مطالع ڪندو رهيس – مون کي وڏي خوشي حاصل ٿي جڏهن اوچتو دادو ۾ قدم رنج فرمائي پنهنجي نت نئين انوکي ۽ انمول ايجاد ڏيکاريائين – اها آهي ڪتاب خزانة العارفين جي ايجاد- جنهن جي ڏسڻ سان آفرين صد آفرين چوڻ کان سواءِ رهي نه سگهيس- شاه ڀٽائي رحمته الله جي دعوى ته. جي تو بيت ڀايان سي آيتون آهين، جو ويهي هن صاحب دليل پيش ڪيو آهي. قران پاڪ جون آيتون پيش ڪري شاه جي بيتن سان ملائي ثابت ڪيو اٿس ته شاهه جو ڪلام قرآن پاڪ جي آيتن جو عڪس آهي ويتر جو عمدا ۽ ٺهڪندڙ مثال ۽ تلميحون پيش ڪيون اٿس تن ته سون تي سهاڳي جو ڪم ڏنو آهي. خزانة العارفين سچ پچ عارفن لاءِ هڪ بيش بها خزانو بنجي پيو آهي. شاه جي ڪلام کي هن جديد نمونه ۾ پيش ڪرڻ جو سهرو هن سڳوري جي سر تي سونهين ٿو. ۽ ڀٽائي کيس خواب ۾ ديدار ڪرائي دلجائي پڻ ڏني آهي ته سندس تحفه قبول ٿيو. اها سعادت هن صاحب کي صله ۾ نصيب ٿي چڪي آهي ۽ اميد ته سنڌي به سهسين سلام هن سڳوري تي چوندا جنهن کين هيءَ سوکڙي سونپي آهي. وڏي خوشي جي ڳالهه آهي جو شايد ڀٽائي جي روح پرفتوح جي برڪت ۽دعا سان هن ڪتاب جي ڇاپجي شايع ٿيڻ لاءِ سامان به موجود ٿي ويو آهي. خدا کري زور قلم اور زياده.
    ضياءُ الدين – ضيا وڪيل دادو
    مورخه 20 – اڪٽومبر 1961ع
    5. تصديق لائق تحقيق انيق از قلم قابل فن اديب واقف شريعت ۽ طريقت جناب محمود صاحب ايزدي مجتنب از غيبت وبدي- ڪاندهلوي تلميز مسفيد از درگاه ڪاندهلويه

    راقم فقير حقير تصحيح ذيل واري رسالو معرفت جو مقالو نالي خزانة العارفين حصه اول مطالع ڪري ڏٺو. جو تمام عمدن مضامين معرفت ۽ رازن صوفيانه سان سينگاريل آهي. منجهس حقيقي عشق جون حقيقتون اهڙيون ته سهڻي طريقه سان درج آهن. جو مبتدي خواه منتهي کي تمام سهڻي سبق جو راه سيکاري راه طريقت جي پوري پوري رهبري فرمائن ٿيون. اميد ته حضرات سامعين ۽ ناظرين صاحبن کي پڻ مستفيد بڻائينديون رهنديون. ۽ جناب حضرت قبله مصنف رساله قدوة السالڪين عمدة العارفين جامع شريعت و طريقت حضرت مولانا عالم رباني سيف سبحاني استادي خليفه درگاه ملڪاني حضرت سير رحماني- بنام نامي گرامي مولانا ابو الا قبال در محمد خاڪ صديقي ڪاندهلوي. پنهنجي ڪمال محبت ۽ اخلاص سان پنهنجي گوهر فشاني ڪرڻ فرمائي آهي جا اميد ته راه گيرن لاءِ راه هدايت جو سبب ثابت ٿيندي هن رهبر روحاني کي نه فقط روحاني راه ۾ رشد ۽ ڪمال آهي پر هي صاحب پنهنجي قومي خدمتن ڪري به ممتاز درجه تي پهتل آهي کيس قومي خدمتن جي صله ۾ قوم ڪاندهلويان سنڌ کان قائد القوم جو ممتاز لقب عطا ٿيل آهي ۽ ٻين قومن کان به ڪيئي احترامي القاب کيس عطا ٿيل آهن جهڙوڪ نصير آباد شهر ۾ هن کان اڳ چند سال انجمن همدرد قوم کان صدر جو لقب لائق ماڻي چڪا آهن اهڙي طرح مسلم ليگ طرفان پرزائڊنگ آفيسر جو عهدو عطا ٿيو هون وغيره مطلب ته سندن وجود مسعود پنهنجن پرائن واسطي سبب سعادت ۽ شفقت جو ثابت ٿيو آهي ۽ ٿيندو رهندو آمين.
    العبد فقير محمود عفي عنه المعبود ايزدي ڪاندهلوي
    مريد درگاه مجدديه سرهنديه ٽنڊو سائينداد

    6. تبصره از نظر ناظر باريک بين باهو ادب جي عاشق شوق علم جي شائق گوهر ادب حميده حسب مسٽر محترم گلاب خان شيخ پروپيگنڊا سيڪٽري سنگت نصير آباد جو

    جناب حضرت مولانا مولوي در محمد خاڪ صديقي ڪاندهلوي صاحب هردلعزيز همدرد سنگت ۽ بزم لطيف نصير آباد جو لکيل ڪتاب لاجواب نالي خزانة العارفين . جناب شهنشاه گهوٽ لطيف جي شعر تي شرح شايان شان ادب، تبصره لاءِ پهتو. جناب حضرت خاڪ صاحب جهڙي عالم فاصل جامع شريعت ۽ طريقت صوفي صادق عمدة الشعرا جي لکڻيءَ تي مون جهڙي ڪم علم حقير کي تبصري ڪرڻ جي ڪهڙي قوت ۽ طاقت آهي. ڪتاب جنهن نئين رنگ رندي ۽ عارفانه ڍنگ سان جناب خاڪ صاحب جن جوڙيو آهي سو هر تعريف جي لائق ۽ سندس مصنف صد مبارڪ جو مستحق آهي اهڙي ڪتاب ناياب جي جوڙيندڙ کي به لائق صد تحسين جو نه ڄاڻجي ته پوءِ انصاف جو خون آهي. جناب لطيف سائين جي هر شعر جي مشاهبت قرآن ڪريم جي آيتن ۽ حديثن سان جنهن روحاني رنگ ۽ صوفيانه ڍنگ سان جناب خاڪ صاحب جن ڪرڻ فرمائي آهي. اهڙي شايد مشڪل ڪنهن ٻي عالم اديب صاحب کي اچي، ڇو ته جناب خاڪ صاحب فقط شاعر ڪونه آهي پر هو صاحب هڪ مجدد عالم عديم المثال صوفي صادق صاحب الحال پڻ آهي، حقيقت ۾ جناب ڀٽ ڌڻي جو شعر شاندار جيڪو آسماني الهام پايدار جو محض ترجمو آهي، ان تي شرح شافي لکڻ به هڪ عالم فاضل ۽ صوفي سالڪ ولي ڪامل جو ڪم آهي جنهن لاءِ جناب حضرت خاڪ جهڙو مجدد محقق موزون ماڻهو آهي. جناب خاڪ صاحب هي ڪتاب لکي نه رڳو جناب سرتاج سنڌ جي روح پرفتوح کي راحت رسائي آهي، پر هن صاحب فخر ادب علم ادب سنڌي جي غير معمولي خدمت انجام ڏني آهي جنهن لاءِ آءٌ جناب خاڪ صاحب کي پنهنجي سنگت جي پاران ۽ پاڻ دلي مبارڪ پيش ڪريان ٿو، جناب خاڪ صاحب هر قومي تحريڪ ۾ بهرو وٺندڙ آهي. قومي خدمتن ڪري هي صاحب بي طمع بي رياءَ هن کان اڳ ڪنهن زماني ۾ انجمن همدرد قوم نصير آباد جو پڻ صدر صاحب ٿي رهيو آهي، جنهن انجمن اهڙي امين عقيل صدر صاحب جي زير سايه رهي ڪري شهر نصير آباد ۾ تمام گهڻا سماجي ڪم ڪيا آهن.
    نيازمند ڪاتب تبصره گلاب شيخ
    1961-10-10
    7. سپاس نامہ پرت پيامہ از قلم فيض رقم صوفي سالڪ جناب پير شير شاه شائق لبيب لائق چيئرمين يونين ڪائونسل لاکا تعلقه وارهه ضلع لاڙڪاڻه جي سپاس نامو

    خزانة العارفين حصهء اول جناب علامه صوفي سالڪ فقير در محمد خاڪ صاحب صديقي ڪاندهلوي اسان صوفين لاءِ اهڙو ته اعلى درجہ جو خاص آئينہ ۽ دل مخمور ڪندڙ شراب حقيقي خاص سولي سنڌي زبان ۾ باوجود ڪهنہ سالي ۽ خطرناڪ بيماري جي نازڪ حالت ۾ پاڻ کي تڪليفن ۾ پتوڙي به نهايت نوازش ۽ مهرباني فرمائي اسان واسطي راهبر حقيقي تيار ڪرڻ فرمايو آهي اميد ته انهي جي حصه دوم لاءِ پڻ هٿ همت جو وجهي ڪوشش ڪرڻ فرمائيندو. الله سائين شال کيس عمر دراز ۽ توفيق رفيق بخشي آمين ثم آمين
    بنده مشڪين شير شاه از لاکا موندر 61-10-11

    8. تصديق لائق تحقيق از قلم قابل عالم تحرير صاحب التحرير والتقرير جناب مولانا محمد عظيم صانه الڪريم عن خصومته الخصيم وذم الذميم المتخلص بشيدا نصير آبادي

    جناب مولانا در محمد صديقي ڪاندهلوي صاحب متخلص بخاڪ جيڪو ڪتاب ناياب تصوف ۾ حضرت ولي ڪامل شاعر فاضل فخر سنڌ عبداللطيف شاه صاحب جي رساله جي جيڪا تشريح ۽ سندس بيتن جي تقرير ڪرڻ فرمائي آهي سا تقرير ساري عالمانه ۽ محققانه طرز تي تيار ٿيل آهي. تنهن جي تعريف ڪرڻ ڄڻ سج کي آئينو ڏيکارڻو آهي بلڪ زبان تعريف کان قاصر ۽ قلم لکڻ کان عاجز آهي، مطلب ته هي ڪتاب سالڪن لاءِ رهبر ڪامل ۽ مريدن مرشدن لاءِ مشعله راه هدايت آهي، شل الله تعالى مولانا موصوف کي اجر عظيم ۽ توفيق عميم عطا ڪرڻ فرمائي. آمين ثم آمين
    مصدق محمد عظيم شيدا نصير آباد
    1961-10-11

    9. تصديق از جناب اديب لائق فهيم فائق مسٽر عبدالغفور صاحب ڀرڳڙي ايم-اي-ايل ايل-بي وڪيل لاڙڪاڻه
    محترم جناب مولوي در محمد صاحب جن جي بيش بها ۽ عالمانه تصنيف بنام “خزانة العارفين” ڪنهن حد تائين منهنجي نظر مان گذري آهي، جنهن ۾ مولوي صاحب سنڌ جي عظيم الشان فلسفي ۽ شاعر شاه عبداللطيف ڀٽائي جي پنجاهه بيتن جي شرح هڪ نئين انداز سان ڪئي آهي. اسان جي اديبن هن وقت تائين ڪا اهڙي خاص ڪوشش هن ڏس ۾ ڪانه ڪئي آهي. مولوي صاحب هن ڪاوش ذريعه شاه صاحب جي ڪلام جي روحاني رازن ۽ اصلي معنى کي سنڌي عوام وٽ پيش ڪيو آهي جنهن لاءِ مبارڪ جو مستحق آهي.
    مولوي صاحب نه صرف هڪ بلند پايه عالم آهي پر ساڳي وقت سنڌي علم ادب جو وڏو ڄاڻو ۽ ڪهنه مشق شاعر به آهي. شاه صاحب بابت سندس مطالعو وسيع ۽ عميق آهي ۽ هيءَ ڪتاب سندس سالها سال جي گهري مطالع جو نتيجو آهي. مون کي يقين آهي ته سنڌي ادب ۾ هيءُ ڪتاب اهم جڳهه والاريندو ۽ سنڌي اديب ۽ عوام ان کي قدر جي نگاهن سان ڏسندا ۽ پورو پورو فائدو وٺندا.
    عبدالغفور ڀرڳڙي لاڙڪاڻه

    تصديق از قلم قابل اديب عاقل شاه لطيف جي شائق ۽ رسالي جي عاشق جناب خان صاحب مسٽر عطا محمد خان ڪاندڙهه ايڊوڪيٽ ميهڙ جي
    مون هي ڪتاب مستطاب نالي خزانة العارفين حصهء اول جوڙيل جناب حضرت قبله خاڪ صاحب سيف سبحاني رهبر روحاني صديقي ڪاندهلوي جن جو گهڻي ڀاڱي مطالع ڪري ڏٺو آهي. اڄوڪي زماني جي ماحول واري مخلوق عام ۽ اديبن ۽ عاقلن جي طبقه خاص کي پڻ اهڙي ڪتاب ناياب جي جو صوفيانه رنگ ڍنگ تي تصوف جي تحقيق انيق موجب جديد نمونه جي طرز تي جناب سرتاج سنڌ جي چند ابياتن جو الاهي آيتن سان سينگاريل شرح آهي سخت ضرورت هئي. جا ضرورت سهڻي صورت ۾ ڌڻي پاڪ پنهجي فضل ڪر۾ سان هٿان حضرت خاڪ صاحب پيرسن ۽ بيمار جي پوري ڪري ڏيڻ فرمائي. شال ڌڻي تعالى اڃان به سندس عمر سڳوري دراز ڪرڻ فرمائي ته باقي رهيل حصا خزانة العارفين جا تيار ڪري جهان وارن جي دعا ۽ جس کٽڻ جي واڌو مبارڪ ماڻڻ جو مستحق رهي. آمين ثم آمين
    نيازمند عطا محمد وڪيل ميهڙ

    11. تعارف ذي المعارف از قلم عاقل عارف جناب پير شمس عالم شاهه راشدي صاحب

    جناب حضرت قبله گاه مقبول درگاه جامع شريعت طريقت حقدار منصب مرشديت مجاز ملڪاني رهبر روحاني ملقب بسيف سبحاني صديقي ڪاندهلوي جن جو جوڙيل عمدو رسالو لطيف سائين جي چند بيتن جو لاثاني شرح نرالو. ڏسڻ وارن جي ڏسڻ لائق ۽ پرت وارن جي پسڻ لائق آهي، ڇو ته اهو رسالو صوفين صديقن جي رنگ ڍنگ تي برپا ٿيل وره وارن جو ونگ ۽ الستي عاشقن لاءِ عبرتي انگ آهي. تنهن ڪري جن جي اندر ۾ الستي رنگ اثر ڪرڻ فرمايو آهي، انشاء الله تعالى سعادت سرمدي ماڻڻ ۾ دم دير نه ڪندا پر اميد ته هي رسالو فيض الاهي جو پر پيالو ٻين جي واسطي به پوري طرح فائدي رسان ثابت ٿيندو. هي ته رسالي جي رهبري مان فائدو پڌرو پديد ديده ديد آهي پر رسالي جي جوڙيندڙ رهبر روحاني جي صحبت سوني ته سون تي سهاڳي جو ڪم ڏئي ڏيکاريندي پر ڪو پياسي پرت جو ۽ سڪايل سڪ جي سرڪ جو سلوڪي سرت سان سندس صحبت پر محبت ڪري ڏسي ته کيس پورو پورو پتو پئجي ويندو و ته عطر عجيب اهو آهي جو پاڻ بوءِ بهار جي ڏيکاري نه اهو جو عطار چئي ٻڌائي موجب مقوله معروف زيرين جي، عطر آن ست که خود بيويد نه آنکه عطار گويد. هن لڪل گوشه نشين لعل جو مثرب مدامي لطيف لاثاني وانگي پاڻ کي گهڻو ڪري لڪائڻ جو رهيو آهي وگر نه اڄ تائين سندس لک مريد هجن ها، تنهن هوندي به هن رهبر روحاني جا نه فقط عام آدمي خفيه طريقه موجب مريد ۽ معتقد آهن پر ڪيترا معزز ۽ خاندان به سندن فيض کان فائز ٿي ويا آهن پر تن مان جي صاحبن کي شاگردي ۽ ارادتمندي مان حظ حاصل ٿيو آهي تن مان قابل ذڪر هيٺين نالن وارا صاحب پڻ آهين.1.پير شمس عالم شاه راشدي 2. حاجن شاه راشدي 3. رشيد شاه راشدي ساڪن لعلو رائونڪ 4. پير علي شاه سيد مرحوم ساڪن ڊينگل ماڇي 5. پير قاسم شاه سيد 6. حافظ محمد شاه پيچوهن وارو 7. حبيب الله شاه سيد گاجي وارو 8. پير حيدر شاه لاکائي مرحوم قبي ڌڻي 9. عبدالله خان چنه صاحب اديب سنڌ رٽائر ڪليڪٽر صاحب 10. مختيارڪار صاحب يار محمد خان ميمڻ جو پوءِ ڪليڪٽري جي اعلى عهدي تي فائز ٿيل هو 11. مختيارڪار غلام محمد ڪلهوڙو مرحوم قمبر وارو 12. سردار بهادر محمد پريل خان ڪلهوڙو باليشاه وارو 13. جناب مولوي مير ولي محمد خان چانڊيه داماد نواب غيبي خان ديره واري جو 14. مولانا علي محمد صاحب مدرس ۽ پيش امام معلم مير ولي محمد خان ديره واري جو 15. مير تاج محمد خان سردار ڪڇي حسين خان چانڊيه جي ڪور وارو 16. حاجي محمود خان ايزدي ڪاندهلوي وڏو زميندار ڳوٺ دائود ڪانڌڙو 17. رئيس جعفر خان چانڊيه فتح پور وارو 18. حاجي آدم خان مشوري ويٺل ڳوٺ پنهنجي نزديڪ اسٽيشن باڪراڻي 19. حاجي عرس محمد خان داروغو مشوري ويٺل ڳوٺ آدم خان مشوري في الحال ٽنڊي محمد خان جي نزديڪ نوڪري تي چڙهيل آهي. 20. حاجي حافظ مولوي ميان مولاداد صاحب اسٽيشن دوڙ وارو 21. مولوي محمد صالح ڪولاچي باڊه پراڻي وارو 22. مولوي غلام محمد عرف سجاول مشوري مرحوم فريد آباد جتوئي وارو 23. مولوي عبدالحليم کوکر حسن آباد وارو 24. حڪيم عزيز الله شيخ بوٿري وارو 25. مولوي محمد گاجي کهاوڙ وارو 26. قاري خان محمد نصير آباد وارو 27. حاجي نصر الله صاحب نصير آباد جي جامع مسجد جو پيش امام 28. حاجي حبيب الله صاحب ڀنگر بڪيجن وارو 29. ميان غلام النبي خان گوگاڻن وارو 30. ماستر عبدالقادر شائق صاحب اديب فاضل بي. اي جو امتحان پاس ڪيل آهي. 31. جناب ماستر جمعه خان غريب ايڊيٽر اديب سنڌ رسالي وارو 32. مشهور شاعر ضامن دادو وارو وغيره وغيره. تنهن ڪري هن بزرگ ڀلاري کي پيرن جو پير سڏڻ مناسب آهي نه فقط عام جو پر تنهن هوندي به هن ولايت جي وارث کي ڪا به وڏائي ۽ فخر ڪونه آهي، بلڪ سدائين پاڻ کي فقير خاڪ سڏائيندو رهي ٿو. باقي اڄوڪن پيرن جديدن کي جيڪو پنهنجي پيري فقيري تي فخر ۽ ناز آهي سو قابل عبرت ۽ لائق نفرت آهي ڇو ته ڪن ته اهل طريقت ماهر معرفت جي کان سند به نه ورتي آهي بلڪ پاڻ مرادو لئي مان لٺ ڀڃي ڌڻ جا ڌنار ۽ ڏانداري مان صبرڪتي جا سزا وار بڻيا آهن جن صاحبن تي زيرين بيت ڀٽ ڌڻي جو پورو پورو صادق اچي ٿو. بيت. هنجهه هلي ويڙا، ويا مور مري وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪانيارن جو. کوٽن ۽ کرن کي شريعت پاڪ جي ڪسوٽي تي پرکڻ گهرجي وگرنه خوف حساب واري ڏينهن ته ازخود کوٽا کرا ظاهر ٿي پوندا، جيئن جو سرتاج سنڌ جي زيرين بيت مان ظاهر آهي (بيت)
    جوڳي هن جهان جا ڏئوٽا ۽ ڏئوٽا
    پني کائن پيٽ ۾ ٽڪر ۽ ٽوٽا
    کرا ۽ کوٽا پورب ٿيندا پڌرا.
    فقير پير شمس عالم شاه راشدي از لعلو رائونڪ

    12. تصديق از قلم قرب ڪامل مولوي فاضل محمد صالح صانہ الله عن صحبته الصالح ڪولاچي

    جناب حضرت قبله عالم سالڪ سالم شمس شريعت طريقت ماهر معرفت حقيقت مرشد مجدد مهدي رهبر هادي سيف سبحاني زائر حبيب حقاني خليفه درگاه ملڪاني جن جو جوڙيل هي رسالو نالي خزانة العارفين مون اول کان وٺي آخر تائين ڏٺو آهي. ڏسڻ سان ڏاڍو وڻيو ۽ بلڪل پسند پيو ڇو ته سارو رسالو آيتن ۽ حديثن ۽ سلفن صالحن جي سونن قولن سان سينگاريل آهي. وحدت جي وڻجارن ۽ معرفتي موتين ماڻڪن جي خريدارن واسطي ڄڻ وڏي وکار ۽ وٿ آهي، جنهن وکار مان هر ڪو وڻجارو وحدتي ورهه جا وکر وٺي وڻجي وهائي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن به حبدار حق جي کي ههڙي صوفي صادق جي صحبت سوني حاصل نه ٿي آهي تنهن واسطي هن رساله بي بها جي رهبري پڻ ڪافي فائدي مند ثابت ٿيندي ڇو ته درد وارن جو ڪلام به پردرد هوندو آهي، جيئن ڪنهن دردي صاحب اردو زبان ۾ آلاپيو آهي. کيا کهون کسکو کهون کس کو ميرا درد هـي، لفظ درد خود مين هون جس په الڻون درد هـي. پر جي اڃان به ڪن قربدارن ۽ پرت جي پنڌ پڇڻ وارن کي حضرت ساقي صادق مذڪور جي صحبت سوني ۽ قرب قيمتي جي حاجته هجي ته اهڙن جي صحبت هڪ ساعت سان سالن جي عبادت کان وڌيڪ فوزي فيض جو فائدو پرائي سگهجي ٿو، جيئن جو انهي بابت مولانا مثنوي صاحب جو فيصله ڪافي حجت آهي. مثنوي، يکه زماني صحبت با اوليا بهتر از صد سال طاعت بي ريا، پر اڄوڪي زماني جي ماحول مذموم ۾ صحبت صادقن جي ۾ وڃڻ ۽ وڃي وحدتي هيرن لعلن جو وڻجارو ٿيڻ ڏاڍو دشوار ۽ محال آهي مگر جن کي غفور گهري ته اهي گوهرن جا وکر وڻجي سگهندا وگرنه نه، جيئن جو ڀٽائي گهوٽ فرمايو آهي (بيت) ويا سي وينجهار هيرا لعل وڌين جي قدر وارا ڪم ٿيا کٽا خريدار ڪٽن ڪٽ لوهار هاڻي انهين ڀيڻيين. هائو جنهن جوان پهلوان مجاهد ميدان جي کي جذبو عشق الاهي جو الله واحد کان وهب طور عطا ٿيندو ته اهو جوان جوڳي ٿي جهان ۾ جاچي ڳولي به صوفين صادقن جي صحبت سوني هٿ ڪري وحدتي وکرن جو وڻج وڻجي سودي سعادت جي سان سودمند ٿيندو، جيئن جو وکرن جي وڻجاري ڀٽائي پياري زيرين بيت ۾ وکر وهائڻ بابت چٽو فرمايو آهي (بيت) وکر ڍيرون ڍير پر وهائڻ وارا ويسلا ڪن وهائي وس ڪيا، ڪني لائي اوير ستون ڏيندي سير وکر وڪامي ويڙو.
    انا المصدق فقير محمد صالح
    مريد درگاه ڪاندهله شريف

    13. تصديق از قلم ڪامل يقين ۽ عالم ذهين ميان عبدالحليم کوکر حسن آبادي عفي عنه
    جناب حضرت قبله گاه مريدن پشت پناه مخزن معرفت آگاه اسرار حقيقت پروان شمع شريعت تاجدار طريقت رهبر روحاني لقب يافته سيف سبحاني خليفه درگاه ملڪاني جناب حضرت ابو الاقبال در محمد خاڪ صديقي ڪاندهلوي جن هي رسالو نالي خزانة العارفين جوڙي جهان وارن صوفين صادقن ۽ الستي عاشقن تي وڏو ٿورو ۽ احسان ڪرڻ فرمايو آهي ڇو ته رسالو رمزن روحاني ۽ نڪتن نوراني سان اهڙو ته ڀرپور ڪري نروار ڪيو آهي ڄڻ ته ڪوزي ۾ قلزم معرفت جو ماپايو آهي، سو به صفا سنڌي زبان ۾ ته ڀلي هرڪو حق جو طالب ٿوري يا گهڻي علم وارو پورو پورو فائدو پرائي سگهي. مون کي قوي اميد آهي ته عبرتي عشاق ۽ معرفت جا مشتاق الفتي اشتياق سان هن رسالي کي ڏسي پڙهي فيض ياب ٿي سندس مصنف ممتاز حضرت خاڪ صاحب کي دعا خير جي سان ياد شاد ڪرڻ فرمائيندا آمين ثم آمين.
    مصدق مسڪين عبدالحليم
    مريد درگاه ڪاندهله شريف

    14. تصديق از طبع شريف عنصر لطيف صاحبزاده نثار احمد (نثار) صديقي ڪاندهلوي
    حضرت قبله گاهم حڪيم جسماني ۽ روحاني مجاز حضرت مرشد ملڪاني زائر نبي آخر زماني منبر نشين محبوب مناني خليفه رسول رباني جناب حضرت مولانا مرشدنا ابو الا قبال در محمد خاڪ صديقي ڪاندهلوي ملقب بسيف سبحاني جن هڪ رسالو محبت معنوي جو مقالو نيهن جو نياپو نرالو پياسن جي پياس لاهڻ لاءِ پرت جو پيالو جوڙي تيار ڪري مٿس نالو خزانة العارفين رکيو، جنهن ۾ شاه صاحب جي چند ابياتن جو شرح قرآني آيتن ۽ حديثن ۽ علمائن ربانين جي راين ۽ اشعارن سان سنڌي ۾ ڪيو ويو آهي. جو درد وارن دلين کي وڻندڙ ۽ روحن کي راحت بخشيندڙ آهي. اڄوڪي قحط واري زماني ۾ دنيا جي دل اُڃاري ۽ پاڪستان جي دل پياري کي اهڙي وحدتي پيالي پاڪ جي پيڻ جي گهڻي گهرج ۽ پياس هئي جا ڌڻي تعالى حضرت قبله گاه ساقي هٿان مس مس پوري ڪرائي ڏني آهي. اميد ته هي رسالو هر ذات انسان ۽ هر فرقه واسطي هدايت ۽ سعادت سرمدي جو سهڻو سبب ثابت ٿيندو ۽ اسان نوجوانن کي هن رسالي جي ذريعي سعادت پرائڻ ۽ نيهن الستي سان ناتو نباهڻ تمام سولو ۽ سهنجو لڳندو. ڇو ته سنڌي زبان ۾ سهنجي سهڻي طريقه سان سمجهاڻي ڏني وئي آهي جا سهڻي سمجهاڻي گهڻو ڪري مردن توڙي عورتن لاءِ تمام ڪارآمد ۽ مفيد ثابت ٿيندي. الله تعالى شال اڃان به قبله گاه جي عمر دراز فرمائي ته باقي رهيل حصا خزانة العارفين جا ٺاهي پورا ڪرڻ فرمائن آمين ثم آمين.
    مصدق نيازمند نثار احمد (نثار)
    صديقي ڪاندهلوي – ميٽرڪ
    1961-10-27 مطابق جماد الاول 1381 هه

    نظم نعتيہ از طبع نثار احمد نثار صديقي
    ٿي خوشي ويڙو کلي مس مس خزانہ عارفين + جوڙيو جنهن تنهن کٽي جس جس خزانہ عارفين
    گوهرن جي گنج جي هي گهرج گهر گهر کي گهڻي + نيٺ پڌرو ٿي ويو پس پس خزانہ عارفين
    شوق سان پڙهه ذوق سان پڙهه هي رسالي جو شرح + قلب جي ڪوري ڇڏي ڪس ڪس خزانہ عارفين
    تو لسا توڙي ڦڪا ڪيئي قصا پڙهيا ڏٺا + پر پڙهي هي پرت مون ڏس ڏس خزانہ عارفين
    آيتن قرآن سان سينگاريل سارو سڄو + بره وارن جو بلو بس بس خزانہ عارفين
    قدر قيمت ڪير ڄاڻي قدر دانن کان سوا + روح وارن کي ڏئي رس رس خزانہ عارفين
    ماڻڪن موتن سان ڀريل معرفت جو بحر هي + ميهن وحدت جي وسي وس وس خزانہ عارفين
    مرد عارف لاءِ زيور زيب ظاهر ٿي ويو + زن ڳچي جو هار ۽ هس هس خزانہ عارفين
    لوڪ جو لاڙو ڇڏي جو لس جي ٻيلي ۾ لڪي + لوڪ کان تنهن وڻي لس لس خزانہ عارفين
    شهد جا شيرين چاٽا تو چکيا هوندا چڱا + شهد شوقي وٺ چکي چس چس خزانہ عارفين
    هئن چيو هاتف اچي– غارق گهڻي – رحمت ۾ سو + جنهن لڌو ڳولي وڃي گس گس خزانہ عارفين
    1381 هه
    سر نثار آهي جهين جو نهين جي نالي مٿان + تنهن جي هٿ ۾ سون جهڙو تس خزانہ عارفين

    15. تصديق از دست تحقيق صاحبزاده ميان منظور احمد (منظور) صديقي ڪاندهلوي

    حضرت قبله گاه حافظ حقائق قرآني مقبول درگاه مناني مجاز درگاه ملڪاني زائر نبي آخر زماني خليفه رسول رباني شمس العلماءِ سيد الشعراءَ عمدة العرفاءَ جناب مولانا و مرشدنا ابو الاقبال در محمد- خاڪ- صاحب الاقبال والادراڪ جامع شريعت طريقت پاڪ ملقب بسيف سبحاني جن هڪ رسالو معرفت جو مقالو نيهن جو خزانو نرالو صوفيانه رنگ ۾ گڏ ڪري مٿس نالو خزانة العارفين رکڻ فرمايو آهي جو رسالو جناب شاه صاحب جي چند ابياتن جو سهڻو ۽ عمدو شرح آهي. آيتن ۽ حديثن ۽ سونن قولن صوفين صديقن جي سان اهڙو ته سينگاريل آهي جو قابل توجه ۽ لائق تصديق جي آهي فدوي اول کان وٺي آخر تائين نظر مان ڪڍيو آهي مون کي ڏاڍو وڻيو ۽ ڏاڍو مزو ڏنائين. مان سندس مطالعه مفيد کان پوءِ هن چوڻ ۾ حق بجانب آهيان ته هي رسالو حڪمت جو پر پيالو هر درد واري دل لاءِ دوا ۽ هر محبت جي مريض لاءِ شفا آهي. اميد ته عالم جا علماءَ ۽ دنيا جا داناءَ ۽ شاهاني دماغ وارا شعراءَ ادبي علم جي اعزازي خيال کان هن ڪتاب قيمتي جو ڪجهه نه ڪجهه قدر ڪرڻ فرمائيندا. توڙي اڄوڪي قحط رجالي ۾ قدردان گهڻي ڀاڱي ڪونه آهن جيئن جو ڀٽ ڌڻي فرمايو آهي. قدر وارا ڪم ٿيا، کٽا خريدار) تبه اڃان دنيا ۾ ڪي ڪي موجود آهن هرون ڀرون صفا سنڃ ڪانه ٿي آهي موجب نظريه نامدار نيهن جي. اڃان ڪي آهين قيامت تائين ڪاپڙي) تنهن ڪري هي رسالو هر طبقه جي انسان ذات لاءِ عام طرح ۽ صوفين صادقن ۽ اديبن لاءِ خاص طرح ڪارآمد ۽ مفيد آهي. فدوي خوشي جي خيال کان محبت جي موج ۾ موج زن ٿي رسالي خزانة العارفين جي خوبي ۾ هڪ نظم نعتيه نروار ڪئي آهي جا هيٺ لکي وڃي ٿي-
    نظم نعتيہ از طبع منظور احمد – منظور
    خلق ۾ ٿيڙو عيان خوشتر خزانه عارفين + هر بشر جي واسطي بهتر خزانه عارفين
    سنڌ جي سرتاج جي سيرت جهين ۾ مختصر + پڻ رسالي جو شرح برتر خزانه عارفين
    چند بيتن جو شرح في الحال پڌرو ٿي ويو + نيٺ آخر ويندو ٿي دفتر خزانه عارفين
    ويو ادب جي آسمان تي اوچتو اُڀري ڏسو + عارفين جي عين جو اختر خزانه عارفين
    تحفهء عمدو عجب ٿيڙو عيان آفاق ۾ + جوهرن جي واسطي جوهر خزانه عارفين
    ناظرن جو نور افزا ٿيندو نافع باليقين + نيهن وارن لئي ٿيو نشتر خزانه عارفين
    ڪنت ڪنزاً جا خزانا کوڙ مخفي ٿا رهن + کاڻ موتن ماڻڪن گوهر خزانه عارفين
    حصهء اول عيان ٿي عاشقن آڏو ويو + برڪتن ڀريو ٿيو گستر خزانه عارفين
    مرد عورت عشق الفت سان رسالي کي پڙهڻ + درس عبرت جو بڻي در در خزانہ عارفين
    غيب سهڻي بڪ خبر – قايص ظفر – غفران ۾ + شوق پڻ پهچي وڃي گهر گهر خزانه عارفين
    1961ع 1381 هه – 1381 هه + 1961ع
    معرفت جي ماهرن وٽ من وڃي منظور ٿي + فرش ڇا پر عرش تي اظهر خزانه عارفين


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 465640
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 186505
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ