ڪتاب جو نالو: پهاڪن جي پروڙ
مصنف: شمس الدين تنيو لاڙڪاڻوي
ڇپائيندڙ: ايڇ احمد اينڊ سنس بڪ سيلرس ۽ پبلشرس شاھي بازار حيدرآباد
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 23 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 860 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 266 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”پهاڪن جي پروڙ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب شمس الدين تنيو جو لکيل آهي جيڪو ايڇ احمد اينڊ سنس بڪ سيلرس ۽ پبلشرس شاھي بازار حيدرآباد سنڌ طرفان ڇپايو ويو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سنڌ سلامت پاران :
  • تعارف
  • ٻه اکر
  • متن

  • اصطلاح
  • ورجيسون
  • ورجيسي جملا
  • گفتا/ گفتارون/ عام جملا
  • تڪبند جملا

  • ترتيب

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (185) ”پهاڪن جي پروڙ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب شمس الدين تنيو جو لکيل آهي جيڪو ايڇ احمد اينڊ سنس بڪ سيلرس ۽ پبلشرس شاھي بازار حيدرآباد سنڌ طرفان ڇپايو ويو.
    هي ڪتاب المنعم لائبرري لاڙڪاڻي پاران انجنيئر عبد الوهاب سهتي اي بوڪ ايڊيشن ۾ سندس ويب سائيٽ تي آندو آهي. ٿورائتا آهيون سائين عبد الوهاب سهتي جا جنهن هن قيمتي ۽ ناياب ڪتاب کي ٻيهر اسان تائين اندو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    تعارف

    ھيءُ رسالو ڪتابي صورت ۾، ايڇ احمد اينڊ سنس بڪ سيلرس ۽ پبلشرس شاھي بازار حيدرآباد سنڌ طرفان ڪرائون سائيز جي ۲۶ صفحن تي ڇپجي پڌرو ٿيو ھيو. ڇپائيءَ جو سال ڪتاب ۾ ڏنل نه آھي. اندازو اھو آھي ته ھيءُ ڪتاب اوڻويھ سؤ سٺ واري ڏھاڪي ۾ ڇپجي پڌرو ٿيل آھي.
    پھاڪن ۽ چوڻين جي شوقينن لاءِ ھيءُ رسالو ٻيھر اي-ڪتاب جي صورت ۾ ھتي پيش ڪجي ٿو.
    اصل ڪتاب ۾ داخلائن جو تعداد ۴۵۲ آھي. ٽي داخلائون ورجايل آھن، جيڪي ھن ڇاپي مان خارج ڪيون ويون آھن. ان لحاظ کان تعداد ۴۴۹ بيھي ٿو. در اصل مسودي ۾ نمبر ڏيڻ وقت ڪمپازيٽر کان سھو ٿي وئي آھي. جنھن ڪري ۴۷۶ داخلا کان پوءِ وري اندراج ۴۷۳ کان ٻيھر شروع ڪيو اٿائين. انھيءَ نسبت سان چار داخلائون اڃا وڌي ويون. جنھن ڪري ھاڻي داخلائن جو جوڙ ۴۵۳ وڃي بيھي ٿو.
    داخلائن جي صورت ساڳي رکي وئي آھي. منجھن ڪا به ڦيرڦار نه ڪئي وئي آھي، سواءِ پروف جي غلطين کي سڌارڻ جي. صورتخطيءَ جون غلطيون سڌارڻ لازمي سمجھندي، اھي سڌاريون ويون آھن. باقي سمورا جملا ساڳي صورت ۾ بنا ڪنھن وڌاءَ ۽ ڪاٽ ڪوٽ، بنا ڪنھن تصحيح ۽ تشريح جي، جيئن جو تيئن ڏنا ويا آھن ته جيئن اصل ڪتاب جي ساڳي صورت برقرار رھي ۽ آئندھ جي محقق کي تحقيق ڪرڻ وقت ڪا به دقت نه رھي.


    انجنيئر عبدالوھاب سھتو.


    ٻه اکر

    اسان جي سنڌ ڪيئي سگھڙ، سالڪ ۽ ڪيئي ڪچھرين جا مور پيدا ڪيا آھن، جن پنھنجن نقطن سان ھن عظيم ڌرتيءَ کي نوازيو آھي. اڄ ھو اسان وٽ موجود ڪو نه آھن پر تنھن ھوندي به انھن جا خيال، چوڻيون ۽ قول اسان وٽ بحيثيت امانت آھن، جيڪي انھن سگھڙن ۽ سياڻن جي زندھ رھڻ جي نشاندھي ڪن ٿا.
    ٻھراڙين جي سگھڙن جون ڪچھريون مون کي بيحد سٺيون لڳنديون ھيون ۽ شوق سان ڏسندو رھندو ھوس. خيال ڪيم ته انھيءَ کان بھتر ائين ٿيندو ته اوھو قومي سرمايو ھٿ ڪري، ڪنھن ڪتابي صورت ۾ آڻي، سنڌي ادب جي خدمت ڪندس.
    انھيءَ قومي فرض کي بجا آڻڻ لاءِ، مون وڏي جاکوڙ ڪري، پنھنجو ھيءُ فرض پورو ڪيو آھي.
    انھيءَ ڏس ۾ اوھان ڀائرن کي عرض آھي ته ان ڪم ۾ منھنجي مدد ڪن ته جيئن وڌيڪ جيڪو سرمايو ھٿ اچي اوھو به اوھان جي امنگن مطابق پيش ڪري سگھان.
    خاص ڪري منھنجو سنڌ جي سگھڙن ۽ محفلن جي مورڙن کي عرض آھي ته اوھي ھن ڏس ۾ منھنجي مدد ڪن. اوھو نه رڳو مون تي احسان ٿيندو بلڪ ھيءَ سنڌ جي سرزمين سندن ٿورائتي ٿيندي.

    شمس الدين تونيه


    متن

    اصطلاح

    پاڻيءَ کان اڳ ۾، ڪپڙا لاھي بيھڻ. (اصطلاح)
    پڇ ٻڌي، مھري اُٺ ڪرڻ. (اصطلاح)
    لوٽي کان، منگھ ڳورو ٿي پوڻ. (اصطلاح)


    ورجيسون

    اٽو جي گھوٻاٽو. (ورجيس)
    اڇا ڪپڙا کيسا خالي، ٻئي جي ليکي ملڪ جو والي. (ورجيس)
    اڇي ڏارھي، اٽو خراب. (ورجيس)
    اندر ۾ ابليس، شڪل منجھ شيطان. (ورجيس)
    آئي ٽانڊي ڪاڻ، ٿي ويٺي بورچاڻي. (ورجيس)
    ٻاھر چکي مکي، اندر ڌونرو دکي. (ورجيس)
    ٻنھين جھانن جا ٻوڙ لاءَ. (ورجيس)
    ٻه به ويون ته ڇھ به ويون. (ورجيس)
    پاڻ نه پالي، ڪتا ڌاري. (ورجيس)
    پڙھي پاڻ نه ڄاڻي، ماري کٿابي. (ورجيس)
    جاتي پڪي، تاتي کاڌي. (ورجيس)
    چورن مٿان مور. (ورجيس)
    دل ۾ خوش، بغل ۾ اٽون. (ورجيس)
    دوا اندر، دم ٻاھر. (ورجيس) (دوا ته صحت لاءِ ۽ جيئري رھڻ لاءِ وٺبي آھي. ھر دوا سان ساھ نه ٿو نڪري. نيم حڪيم جي دوا سان ساھ ٻاھر اچي سگھي ٿو. جيڪڏھن چئجي؛ نيم حڪيم جو علاج؛ دوا اندر، دم ٻاھر. پوءِ اھو پھاڪو ٿي سگھي ٿو. باقي، دوا اندر، دم ٻاھر. نه پھاڪو آھي ۽ نه چوڻي آھي. ھڪڙي ٽوڪ آھي، جنھن تي آھي، اھو جملي منجھان پڻ غائب آھي.)
    ڏٻرو گھوڙو، سيٽيل سوار. (ورجيس) (ضروري ناھي ته ھر ڏٻري گھوڙي تي چڙھڻ سان ماڻھو سيٽجي وڃي. ڪي اھڙا ماڻھو ھوندا، جيڪي سڃو ھوندي تونگر ھئڻ جي ڏيکاري ڏيندا. اھڙن لاءِ چئبو ته پوءِ اھا ورجيس آھي. اگر مستقل فاعل وجھبو ته پوءِ پھاڪو ٿيندو. جيئن چئبو آھي؛ ۱. ڏٻرو گھوڙو، سيٽيل سوار؛ يا چوڍيو، يا جراوار. ۲. ڏٻرو گھوڙو، سيٽيل سوار؛ يا سيد، يا مڱڻھار. ۳. ڏٻرو گھوڙو، سيٽيل سوار؛ يا بجاراڻي، يا بھلڪاڻي يار.)
    رھو حلال، ٻوٽيون حرام. (ورجيس)
    ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگھ. (ورجيس)
    سائوءَ کي سھي ڪو نه، سُڃي کي ڏيئي ڪو نه. (ورجيس)
    سپڙ ھڪ ئي نال بس. (ورجيس)
    سڃ تي سندرو، پڌر تي رات. (ورجيس)
    گھوڙا ڙي گھوڙا. (ورجيس)
    ڳالھ ٿوري، بڙ بڙ گھڻي. (ورجيس)
    لٺ به ڏيکارڻ ۽ چٺ به ڏيکارڻ. (ورجيس)
    لعل به لڀي، پريت به رھجي اچي. (ورجيس)
    لکي لاکو، پڙھي پير شاھ. (ورجيس)
    نالو وڏو، ديھ ويران. (ورجيس)
    نانيءَ ناڙو، اکين ساڙو. (ورجيس)
    نه سڄڻ کي آسرو، نه دشمن کي ڀؤ. (ورجيس)
    نه گھٽتائي گھوٽ ۾، نه ڪمي منجھ ڪنوار. (ورجيس)
    نه ھڙئون نه ھنجئون، خدا جي گنجئون. (ورجيس)
    ھڪ پنٿ، ٻه ڪم. (ورجيس)
    يار به چاڪي، مٿو به اڻڀو. (ورجيس)


    ورجيسي جملا

    ادا ڏٺيسون اوھان جي گھاٽي سرنھن. (ورجيسي جملو)
    اسان جي حالين، توھان جي افعالين، ھت ڍينگ پيا رڙندا. (ورجيسي جملو)
    اھا پائي ڪانھيس جو سينکيو کائي مري. (ورجيسي جملو)
    اھا ڪر جنھن سان پت به رھجي اچئي. (ورجيسي جملو)
    اھڙي ڪندوسانءِ جھڙي ٻرڙو ڪري ٻارن سان. (ورجيسي جملو)
    اھي حال اٿئي حيات جي ٻارن جا. (ورجيسي جملو) ”ڇا حال آھي، حيات جي ٻارن جو؟ علوءَ، ولوءَ ۽ حبوءَ وارن جو؟“
    ايترو ٻڌو جو ساڪرو سٽ جھلي. (ورجيسي جملو)
    بس ڪر ته ٿيئي نه ڪوريءَ واري عيد. (ورجيسي جملو)
    ٻٻرن کان ٿو ٻير گھرين. (ورجيسي جملو)
    ٻه ٽي ڏينھن ٿيندئي، باقي پائي ميري نه ٿيندئي. (ورجيسي جملو)
    ڀاڀي ويئي بھ ڪاڻ، شھر ويھڻ کان ويو. (ورجيسي جملو)
    پرائي گھرئون ڌڪو اچي ته به ڀلو، جيڪي ڪجھ اڳڀرو ٿينداسي. (ورجيسي جملو)
    تنھنجو ئي ڀت گھاٽو، اسان جو ڇڊو ڀلو. (ورجيسي جملو)
    تون پارس آ لوھ، جي سڃين ته سون ٿيان. (ورجيسي جملو)
    تون ته وري لک تي مٿو ڌويو ويٺو آھين. (ورجيسي جملو)
    جاڙا خان ڪتي کان بيھ اسان به اچي وياسين. (ورجيسي جملو)
    جن جو کٽيو، سي ڪفن ئي نه لھن. (ورجيسي جملو)
    جنين ڪاڻ مياس، سي ڪانڌي به ڪو نه ٿيا. (ورجيسي جملو)
    ڇڏ ڇتي ڪوريءَ واري ڊيگھ. (ورجيسي جملو)
    حيف اٿئي انھن کي جن ڄڻي ڏيھ ڏيکاريئي. (ورجيسي جملو)
    خدا به سڃاڻي سڱ ڏنا اٿئي. (ورجيسي جملو)
    دل کڻي ويو آھين ته بيعانو ته موٽائي ڏي. (ورجيسي جملو)
    ڏٺو به لولو مل جو ڪڙمي اٿئي. (ورجيسي جملو)
    ڏٺي به اڪ جي ماکي اٿئي، جو جھٽ پٽ لاھي ويندين. (ورجيسي جملو)
    ڏوئي ڍڪڻ گيھ ۾ اٿئي. (ورجيسي جملو)
    رڳي رڌيءَ پڪيءَ جو مالڪ، ٻئي ڪم کان جواب. (ورجيسي جملو)
    رڳي سڃ تي سندرو ۽ سکڻا سلام. (ورجيسي جملو)
    سائين جن جي زبان خرچ آ، مواليءَ جو مٿو ئي ويو. (ورجيسي جملو)
    سون جھڙا وڃي کڏ ۾ ڪريا. (ورجيسي جملو)
    سيٺ سيرومل، جتي ھٿ ۾. (يا سيٺ سيرو مل، يا جتي ھٿ ۾.) (ورجيسي جملو)
    شير شاھ جي شڪري وانگر، وت گھر جا ڪڪڙ ماريندو. (ورجيسي جملو)
    ڪتو به کاڌو، ڪک به نه ڀري. (ورجيسي جملو)
    ڪري نه خراساني خوار. (ورجيسي جملو)
    ڪک پن ٿيءُ ته ڍور ڍڳا کائين. (ورجيسي جملو)
    ڪم اھڙو ڪنداسين، جيئن سون تي سھاڳ. (ورجيسي جملو)
    ڪن آھي ڪو فودني ۾ ڦيرو. (ورجيسي جملو)
    ڪنڊو لڳس پير ۾ کوٽي ويٺو گوڏو. (ورجيسي جملو)
    گڏھ ساڳيو آ پر استر مٽيل اٿس. (ورجيسي جملو)
    گرو رڳو گپ جو ڀاڙي آھ، ھونءَ جوان آ. (ورجيسي جملو)
    مال آ مڻي، جنھن کي کٽي کڻي. (ورجيسي جملو)
    ماڻھو آن يا مس چٽو آن. (ورجيسي جملو)
    مٿي ۾ ميٽ ھجيئي، ته به مون وٽ اچي ڪڍ. (ورجيسي جملو)
    مشن خالي ڪين وھاءِ، پڇا ٿيندئي پرزن جي. (ورجيسي جملو)
    مکڻ پوندي، مٿو ٿو سڙئي. (ورجيسي جملو)
    مون به اس ۾ وار اڇا ڪو نه ڪيا آھن. (ورجيسي جملو)
    مون ڀانيو درويش، پر ھئين بازن کان بڇڙو. (ورجيسي جملو)
    مون ته ڪا اربع خطا ڪا نه ڪئي. (ورجيسي جملو)
    نه ابو پڙھيو، نه ڏاڏو پڙھيو، اسان ڪيئن اڙياسين. (ورجيسي جملو)
    نانگ لنگھي وڃي، ليڪو پيو ڪٽجي. (ورجيسي جملو)
    نه عقل نه موت، رڳو چوت جي چوت. (ورجيسي جملو)
    ھٿ جي ھڻيس ته پکي ٿي پئي. (ورجيسي جملو)
    ھٿ مٿي کڻ ته گناھ معاف ٿيني. (ورجيسي جملو)
    ھڙ کائي ويندوسانءِ، بي ايماني اصلي نه ڪندوسانءِ. (ورجيسي جملو)
    ھڪ اڻھوند، ٻيو افعال بڇڙا. (ورجيسي جملو)
    ھن ڏي ته پاءُ پاڻيءَ جو به ڪونھي. (ورجيسي جملو)
    ھن ڪتيءَ به سيھڙ نه ماريا. (ورجيسي جملو)
    ھوڏانھن باھ، ھوڏانھن ڀت، بغداد منيءَ ۾. (ورجيسي جملو)
    ھونءَ سائين آن، وڏو آن، باقي گھوڙو ناڙ کان ٻاھر ٻڌ. (ورجيسي جملو)
    ھيءَ ڦري ٿي ٻروچ واري ٿوڻي. (ورجيسي جملو)
    واھ زمانا واھ، ڀاڳيا وجھي جيل ۾، چور ڇوڙي تو ڇڏيا. (ورجيسي جملو)
    وڃي ڪراڙيءَ کي دانھن ڏيئي ته چانورن جو چڪو چاڙھئي. (ورجيسي جملو)
    ول نه ڏيلھو کاسان. (ورجيسي جملو)
    ويا مور مري، ھنجھ نه بچيو ھڪڙو. (ورجيسي جملو)


    گفتا/ گفتارون/ عام جملا

    اڄ ڪلھ جا حاجي، وتندئي رنون زالون ڦريندا. (جملو/ گفتو)
    اکيون ٻوٽ ته مڙيوئي ميدان. (جملو/ گفتو)
    اي ڄاڻي او ڄاڻي تون ٻيٺي اٽا تور. (جملو/ گفتو)
    بچيو آھين بھرام نه ته دست چڙھيو ھئين ديو جي. (جملو/ گفتو)
    جاني جنھن جھاز ۾، سي ٻيڙا ئي ٻيا. (جملو/ گفتو) (جھاز ۽ ٻيڙو، ٻئي ڳالھ ساڳي آھن)
    جيڪا شيءِ ظاھري طرح جيتري مٺي ھوندي آھي، باطني طرح اوتري نقصانڪار. (جملو/ گفتو)
    ڄڻي ماءُ، منھن ڪارو ٻارن جو. (جملو/ گفتو) (ڄڻي ماءُ، منھن ڪارو پيءُ جو. اھا ڳالھ ته سمجھ ۾ اچي ٿي. پر منھن ڪارو ٻارن جو. اھا ڳالھ سمجھ ۾ نه ٿي اچي.)
    طالب ڪيو تڪرار، ڏاڙھي ڏاند چري ويا. (جملو/ گفتو)
    کٿيءَ ۾ کير، ڀلو. (جملو/ گفتو)
    لوٽو لٺ تي، ٽپڙ ٽيشڻ تي، ھلو يارو ھلو. (جملو/ گفتو)


    تڪبند جملا

    آ ملان واري ۾، کڙ ڪتر کارايانءِ کاري ۾. (تڪبند جملو/ ٽوڪ)
    ڀنگ جھنگ ۾ پاڻي، جيئي لعل سيوھاڻي. (تڪبند جملو/ موالين جو نعرو)
    جاڏي پير، تاڏي خير. (تڪبند جملو/ دعائيه ڪلمو)
    جيڪو پيئي ترو، ان کي سور نه ٻرو. (تڪبند جملو/ موالين جو نعرو)
    ڄٽ پڙھيو، اللھ اڙيو. (تڪبند جملو/ ٽوڪ) الله کان ڪا به شيءِ ڏاڍي ناھي. اھو اڙجڻ کان پاڪ آھي.




    1. آپڻي گھوٽ ته نشا ھووئي. (پھاڪو)
    2. اتم کيتي وڌندڙ واپار، نيچ نوڪري پنڻ بيڪار. (چوڻي)
    3. اٺو ته ٿر، نه ته آھي بَرُ. (چوڻي)
    4. اٺين آني اٺ، ٻارنھن آنا گھلاڻي، ڪري پوي کوھ ۾، سوا رپيو ڪڍاڻي. (پھاڪو)
    5. اڇو ٻڌ ڪاري سان رنگ نه مٽائي پر عادت ضرور مٽائي. (پھاڪو)
    6. آخر ھڪ ڏينھن ساڌ جو به ايندو. (چوڻي)
    7. آسودي جا سالا به گھڻا، سڃي جو ڀيڻيويو به ڪو نه. (پھاڪو)
    8. اسي، مت کسي. (چوڻي) (عمر، سال اسي؛ مت کسي يا مت ٿيندي خصي)
    9. اکين ڏٺيءَ تي اعتبار ڪجي نه ڪنين ٻڌيءَ تي. (چوڻي)
    10. اڪيلو ماڻھو آ ڪتي جي آچار. (چوڻي)
    11. اگھي ته پاءُ نه ته مڻن کي موٽ آ. (چوڻي)
    12. اڳ ۾ خويش، پوءِ درويش. (فارسي، چوڻي)
    13. انڌن به وڃي ملتان لڌو ھو. (پھاڪو)
    14. انڌن رکيا روزا، ته ڏينھن به ٿيا وڏا. (پھاڪو)
    15. انڌي ۽ جنڊ، ڏھين ڏوڪڙين پاٽي، سڄو ڏينھن پئي وھي. (چوڻي/ پھاڪو)
    16. انڌي ڀونڊي ۾ خوش. (پھاڪو)
    17. انڌي جھڙي پيڪين، تھڙي ساھرين. (پھاڪو)
    18. انڌي جي آڏو روئڻ، آھي اکين جو زيان. (پھاڪو)
    19. انڌي ھنگي، ٻه سيڙائي. (پھاڪو)
    20. انسان بيٺو آ ته شينھن، جي ڪري ٿو ته پاڻيءَ جو ڦوٽو. (چوڻي)
    21. انسان خطا جو گھر آھي. (چوڻي)
    22. آھ غريبان، قھر خدائي. (فارسي، چوڻي)
    23. اھا زبان ئي آھي جيڪا اس ۾ به ويھاري ته ڇانءَ ۾ به. (چوڻي) (زبان، وات جي اندر، ٻٽيھ ڏندن جي پھري ھيٺ رھي ٿي. آلو لڪڻ جيئن وھندو آھي، تيئن وھي ٿي. منجھانئس مطلب آھر گفتا نڪرن ٿا. ڪڏھن اھڙو گفتو نڪريو وڃي جو سڀڪو پيو تعريف ڪري ۽ پوئواري ڪندي پٺيان لڳو وتي. ڪڏھن منجھانئس اھڙو گفتو نڪريو وڃي، جنھ سان ٻڌندڙن جي اندر ۾ نفرت ٿيو پوي. تنھنمڪري چوندا آھن. ۱. اھا ئي زبان اس ۾ ويھاري، اھا ئي زبان ڇانءَ ۾ ويھاري. ۲. ساڳي زبان اس ۾ ويھاري، ساڳي زبان ڇانءَ ۾ ويھاري. ۳. زبان آھي چم جي، ڪنھن نه ڪم جي. وري جيڪي زبان درازيءَ منجھان کائين ٿا، سي ته موراڳو چون ٿا؛ زبان چم جي وڏي ڪم جي.)
    24. اھو سوار ئي نه آھي، جنھن ڌڪو نه کاڌو ھجي. (پھاڪو) (ھر ماڻھو سکڻ جي مرحلي مان نڪرڻ وقت، سيکت کائي ٿو. ان لاءِ ائين به چوندا آھن؛ جنھن شاگرد، استاد يا ماءُ پيءُ جي مار نه کاڌي، سو دنيا جا موچڙا کائيندو. يعني سکڻ واري مرحلي منجھان ننڍو ٿي نڪرڻو ٿو پوي. ڇو جو ھيءَ دنيا آھي ئي سبق جي جاءِ. اتي لاءِ ٻيو پھاڪو آھي؛ اھو وڻ ئي ناھي، جنھن کي واءَ نه لوڏيو ھجي.)
    25. اهو سون ئي گهوريو، جيڪو ڪنَ ڇني. (پھاڪو)
    26. اھو ڪو ٻيو فھم، جنھن سان پسجي پرينءَ کي. (چوڻي)
    27. اھو ڪي ڪجي، جو آئيءَ ويل ڪم اچي. (پھاڪو)
    28. اھو ڪي ڪجي، جو مينھن وسندي ڪم اچي. (چوڻي)
    29. اھي تنيا ئي ويا، جيڪي گھٽا ڏيندا ھيا. (پھاڪو)
    30. آھي ته عيد، ڪونھي ته عاشورا. (پھاڪو) (ھوند تي ھونگر آھي.)
    31. آواز خلق، نقارھ خدا. (فارسي، چوڻي)
    32. اوڌر جي ماءُ، مئل آھ. (چوڻي) (اوڌر جي ماءُ نه مئي آھي.)
    33. ائين ڪجي جو نانگ به مري ۽ لٺ به بچي وڃي. (پھاڪو)
    34. بار کڻندا باري، ناھي ڪم ڪچن جو. (چوڻي)
    35. بار گڏھ تي، ٽٽ ڇڏي کوتي. (پھاڪو) (۱. شادي ڀيڻ جي، ٽٽ نه بيھي ڀاءُ جو.)
    36. بک بڇڙو ٽول، داناءَ ديوانا ڪري. (چوڻي)
    37. بک کان بصر به ڀلو آ. (چوڻي) (بک ۾ بصر به مٺو.)
    38. بک نه پڇي ٻوڙ، ننڊ نه پڇي ھنڌ. (چوڻي)
    39. بندي جي من ۾ ھڪڙي ته صاحب جي من ۾ ٻي.
    40. بھشت، ماءُ جي پيرن ھيٺان آھي. (چوڻي)
    41. بي سري جي ڦوس، مال ۾ ٽاھ.
    42. بي وس بار، اُٺن به ڇڏي ڏنا.
    43. بيدادي ننگري، چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا.
    44. بيوقوف دوست کان، داناءُ دشمن ڀلو. (چوڻي)
    45. بيوقوف کي بازار ۾ کڻجي نه ساڻ، اول ڪٽائي پاڻ، پوءِ سار لھي سنگت جي. (چوڻي)
    46. ٻاراڻي پوتي؛ جھڙي ڌوتي، تھڙي نه ڌوتي. (چوڻي)
    47. ٻٻر بي خبر، جنھن جو آکيرو ئي اونڌو. (پھاڪو)
    48. ٻٽيھ منڊ منڊي ۾، سؤ ستر ڪاڻو، جڏھن گنجو ساماڻو، تڏھن مڙني ماٺ ڪئي. (چوڻي)
    49. ٻٽيھ منڊ منڊي ۾، سؤ ستر ڪاڻو، گھرئون ڏيئي ناڻو، ته به ماراءِ منڊي کي. (چوڻي)
    50. ٻروچ ھڪ ته ڀانءِ ڏون، جي ڏون ته ھي جھڳا ھي تون. (چوڻي)
    51. ٻري تيل سڙي وٽ، شابس اڙي ڏيئا شابس.
    52. ٻنيون ۽ ونيون، ساڳيون آھن. (چوڻي)
    53. ٻه ڀائر، ٽيون ليکو. (چوڻي)
    54. ٻه شينھن ھڪ ٻيلي ۾ ڪيئن رھندا. (پھاڪو)
    55. ٻه فقير، ڌارئون ڌار. (پھاڪو)
    56. ٻه گدرا مٺ ۾ ڪو نه ايندا آھن. (پھاڪو)
    57. ٻوڙو کلي ٻه دفعا، انڌو روئي اٺ دفعا. (چوڻي)
    58. ڀاڙيءَ جي ڀاڪر کان، جوان جو ڀونڊو به ڀلو آھ.
    59. ڀاڙين مٿان ڀت، ڪانگن ڪيرائي وڌي.
    60. ڀاڳ ڏيئي ڀيڙو، ته دال مان ٿئي سيرو. (چوڻي)
    61. ڀاڳ وارن جا ڪونھان به ڍڪا، نڀاڳن جون ڍڪيون به ڦنڊيون. (پھاڪو)
    62. ڀان ڀان دي ڪتي، ھرڻان دا پڇي. (پھاڪو)
    63. ڀاڻج، شينھن کي به پرين آھن. (چوڻي)
    64. ڀڄ چريا! جو مست ٿا اچني. (پھاڪو)
    65. ڀري ٻيڙيءَ ۾، واڻيو ڳرو. (پھاڪو) (واڻيو، ھندو دڪاندار. وڻج واپار ڪندڙ يا واپاري. واپاري، جڏھن ٻيڙيءَ ۾ چڙھندو ته ھٿين خالي نه چڙھندو، بلڪ وڏي وکر سان چڙھندو. ٻيڙيءَ جي ٻڏڻ جو سبب ڀلي طوفان يا ڪُن ھجي، پر ملاح يا ناکئو ڪوشش ڪندو ته ٻيڙي ھلڪي ڪيان ته جيئن سکان تي قابو پائي سگھي. ٻيڙيءَ کي ھلڪي ڪرڻ لاءِ سندس پھرين نظر ويندي ئي ڳري سامان تي. واڻيي جي موڙي آھي، اھو سامان. اھو چوندو ٻيڙي نه ٻڏي کڻي ڪل ٻڏو پر منھنجو سامان بچي. ان جھڳ جھڳاڙ منجھ، ٻيڙياتي سان گڏ ٻيا ٻيڙيءَ-چڙھيا به پھرين منٿن سان پوءِ اکين ڏيکارڻ سان ڏند ڪرٽي پيا کيس لوڌيندا ۽ چوندس؛ ”لھ واڻيا! ٻيڙي ٿي ٻڏي!“
    66. ڀڳا ڏار، ڳيرا اڏاڻا ھليا ويا.
    67. ڀڳو سڄو ئي نه ٿئي، توڙي موتي ھجيس من. (چوڻي)
    68. ڀلان ڀليءَ جو، ڇيھ ئي ڪونھي. (چوڻي)
    69. ڀلي بک ڀرم جي، شال نه وڃي شان. (چوڻي)
    70. پارو پيو، اڪ سڙي ويا. (پھاڪو)
    71. پڇڻا نه منجھڻا، جيڪي منجھيا سي مئا. (چوڻي)
    72. پدم وڃائجي پر پريت نه وڃائجي. (چوڻي)
    73. پرائي شاديءَ تي ٿو احمق نچي.
    74. پرائي گھڻي کان، پنھنجو ٿورو به ڀلو آھ. (چوڻي)
    75. پرچي ته پل ڀري، ڏمرجي ته به ڏيئي. (چوڻي)
    76. پَلَوَ پراڻا ڪو نه ٿيندا آھن. (چوڻي)
    77. پنڻ ۽ پورھيئي مان ڪنھن نه ڀريا پل، مانجھي سي مل، ھر جنين جي ھٿ ۾. (چوڻي)
    78. پوڙھو اُٺ، ٻه ڪنواٺ لھي. (پھاڪو)
    79. پيٽي پٽ، گھر جي سونھن. (چوڻي)
    80. پير ڀلو يا ويساھ ڀلو.
    81. پير فقير، وائکو ڀلو. (چوڻي)
    82. تاڙي ھڪ ھٿ سان نه وڄندي آھي.
    83. تتي ٿڌي ڪاھ، ڪانھي ويل ويھڻ جي. (چوڻي)
    84. تر جي گٿي، سؤ چوٽون کائي.
    85. تقدير، پڇي ڪا نه ايندي آ. (چوڻي)
    86. تڪبر، ڪنڌ ڀر ڪيرائي ٿو. (چوڻي)
    87. تڪڙ، ڪم شيطان جو. (چوڻي)
    88. تڪڙي ڪتي، انڌا گلر ڄڻي.
    89. ٺڪر وٺجي ته به ٺوڪي وٺجي.
    90. ٿورا ڪڻا، ٿالھيءَ ۾ ڀلا.
    91. ٿورو خفو، گھڻي سونھن.
    92. ٿورين گرھئين، گھڻو کاڄي. (پھاڪو)
    93. ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.
    94. ٽُٽيءَ کي ٽاڪو ئي نه لڳي. (چوڻي)
    95. ٽڪي جي ٻوڙ مان، مک نڪرندي آھي.
    96. جاتي پڄي نه سگھجي، اتي ڀڄڻ ڪم وريام جو. (چوڻي)
    97. جت سچائيءَ تي چڙھي، ته کڙھ تي کير پياري.
    98. جتي وڻ ناھ، اتي ڪانڊيرو به درخت آھ.
    99. جڙيءَ کي جس آھ. (چوڻي)
    100. جن ادب، تن ايمان. (چوڻي)
    101. جن جو بد بنياد، تن جو ميوو مٺو ئي نه ٿئي.
    102. جن سان مٺا کائبا، تن سان ڪڙا به کائبا.
    103. جنھن جو استاد ناھي، تنھن جو بنياد ئي ناھي. (چوڻي)
    104. جنھن جو رب، تنھن جو سڀ. (چوڻي)
    105. جنھن جو کائجي، انھيءَ جو خير به گھرجي. (چوڻي)
    106. جنھن جي گھر ۾ چار داڻا، تنھن جا چريا به سياڻا. (چوڻي)
    107. جنھن جي نيت بد، تنھن جي روٽي ئي رد. (چوڻي)
    108. جنھن کي اخلاق ناھي، اھو انسان ئي ناھي. (چوڻي)
    109. جنھن کي طعنو نه ماري، انھيءَ کي ترار به نه ماري. (چوڻي)
    110. جنھن وڻ ھيٺان ويھجي، انھيءَ جو به خير گھرجي. (چوڻي)
    111. جنھن جي جي پڇاڙي سرھي ته ان جي اڳياڙي به سرھي. (چوڻي)
    112. جھڙا روح، تھڙا ختمان.
    113. جھڙا ڪانگ، تھڙا ٻچا.
    114. جھڙو گھوٽ تھڙي وني، جھڙو ٻج، تھڙي ٻني.
    115. جھڙو گھوٽ تھڙي وني، جھڙي ڇالي، تھڙي پني.
    116. جھڙو واءُ گھلي، انھيءَ سان منھن ڏجي.
    117. جھڙي صحبت، تھڙو اثر. (چوڻي)
    118. جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي. (چوڻي)
    119. جھڙي نيت، تھڙي مراد. (چوڻي)
    120. جھونا ٿيا جھاز، سٽ نه جھلن سڙھ جي.
    121. جي ايندي چوني آءُ، ويندي چوني ويھ، ڇڏي سارو ڏيھ، اڱڻ اچجي ان جي. (چوڻي)
    122. جيءُ خوش، جھان خوش. (چوڻي)
    123. جيترو ادب، اوترو نصيب. (چوڻي)
    124. جيترو ھر، اوترو ڦر.
    125. جيڏا اُٺ، تيڏا لوڏا.
    126. جيڏو اللھ، تيڏو آسرو. (چوڻي)
    127. جيڏو تنھنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي منڱيان. (چوڻي)
    128. جيسين ڍائو اُٿي، تيسين بکئي جو ساھ وڃي.
    129. جيڪا پوکبي، سا ئي لڻبي.
    130. جيڪو اڌ ڇڏي، سڄي جي پويان لڳي، تنھن کان اڌ به وڃي.
    131. جيڪو اڳي، سو ئي تڳي. (چوڻي)
    132. جيڪو ٻئي لاءِ کڏ کوٽيندو، انھيءَ ۾ پاڻ پوندو.
    133. جيڪو چلھ تي، سو ئي دل تي. (پھاڪو)
    134. جيڪو ڏاڍو، سو گابو.
    135. جيڪو ڪمائي سو کائي، جيڪو سستي ڪري سو سڪي مري. (چوڻي)
    136. جيڪو گجي ٿو سو ضرور وسندو به.
    137. جيڪو نُھن سان ڇڄي، تنھن تي ڪاتي ڇو وھائجي.
    138. جيڪي اڇن منجھ کرن، سي ڪنھن کان ڪين ٽرن. (چوڻي)
    139. جيڪي منجھ جھان، سو تاريءَ تڳي تنھنجي. (چوڻي)
    140. جيڪي وڃان وڃان ڪن، سي ويھي ويھندا ڪيترو. (چوڻي)
    141. جيئن گھڻو کاڌو، تيئن گھڻي بک. (چوڻي)
    142. جيئن مکڻ ۾ ماکي، تيئن کير ۾ کنڊ. (چوڻي)
    143. ڄائي ناھي، نانيءَ جي مھانڊي.
    144. ڄٽ ۽ ڦٽ، ٻڌا ڀلا. (چوڻي)
    145. ڄٽ ۽ ڦٽ؛ نه ڇٽي، نه کٽي. (چوڻي)
    146. ڄٽ جو ڌڪ؛ يا ماري، يا کاري. (پھاڪو)
    147. ڄٽ جي عبادت؛ لنڊي گڏھ جي ڀيل. (چوڻي)
    148. ڄٽ؛ يا چاءِ مري، يا کاءِ مري. (چوڻي)
    149. ڄٽ ملوڪ؛ غلم جو زيان. (چوڻي)
    150. چرس آ بي ترس. (چوڻي)
    151. چرسي نه يار ڪس ڪا، وزم لڳا ته کسڪيا. (چوڻي)
    152. چريا ڏيئي چار، واڇان ورتم ھڪڙي، سا به چرين جي آچار.
    153. چريا کريا پنھنجا سٺا آھن. (چوڻي)
    154. چرين ڪهڙا چت، مئن ڪهڙا مامرا؟ (چوڻي)
    155. چڱائيءَ کي چار، ڳڻي ھڻجن موچڙا. (چوڻي)
    156. چم جي زبان، جاڏي ورائينس تاڏي وري. (چوڻي)
    157. چوت چوت کي سؤ ڪوھ تي سڃاڻي. (چوڻي)
    158. چور چور ٿيندو، ٻلو ٻلو ٿيندو. (چوڻي)
    159. ڇا ٻلي، ڇا جلاب.
    160. ڇا دال، ڇا بسم اللھ.
    161. ڇا ڏاڙھي، ڇا ڀيل.
    162. ڇا کئون وڃي ڇو ٻيلي ٿئين ٻين جو.
    163. ڇا ڪاڻي، ڇا ڪجل.
    164. ڇٽل تير ڪمان ۾ وري نه اچڻو آھي. (پھاڪو)
    165. حال حبيبان، پيش پريان.
    166. حال، پريان نال.
    167. حد ڪماليت، آغاز زواليت.
    168. حق جي ٻيڙي ٻڏندي ناھي، پر ترندي آھ.
    169. حياتي باقي آ ته يار اوطاقي آ. (چوڻي)
    170. حياتي وڏي، چاڙھو ڪو نه. (چوڻي)
    171. خوشيءَ جھڙي خوراڪ ڪانھي، ڳڻتيءَ جھڙو مرض ڪونھي. (چوڻي)
    172. خون ۽ کٿوري، لڪڻ جا ناھن. (چوڻي)
    173. دٻ دال واريءَ کي ته ڪنيءَ واري ڪن ڪري.
    174. دل کوٽي، عذر گھڻا.
    175. ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، جتي کوڙ اتي کپي.
    176. ڏڌو کير، ٿڻين نه پوندو آھ.
    177. ڏکن پٺيان سک، گھوريا سک ڏکن ريءَ.
    178. ڏکيو سکيو، پنھنجي اجھي ۾ ڀلو آ.
    179. ڏھ دنيا، ستر آخرت.
    180. ڏي ڪڻو، وٺ گھڻو.
    181. ڏيئي ڏاتار، چوت ڦاٽي ڀانڊار جي.
    182. ذات ناھي ڏات، جو وھي سو لھي.
    183. ذلت جي زندگيءَ کان، عزت جو موت بھتر آھ.
    184. ڌوٻيءَ جو ڪتو؛ نه گھر جو، نه گھاٽ جو.
    185. راضي ھجي رب، گھوري ٻاجھ ٻين جي.
    186. راند رس ۾ ڇڏجي، گولي گس ۾ ڇڏجي.
    187. راھوجن ۾ رات، قادر نه وجھي ڪنھن جي.
    188. رب ٿئي راضي ته ڪيا ڪري ملان ۽ ڪيا ڪري قاضي.
    189. رب ٿئي مھربان ته گڏھ به خاندان.
    190. رب رسي مت کسي، ھڻي ڪو نه ھٿيار، سا ئي ڪرائي ڪار، جنھن ۾ جوکو جان جو.
    191. رب ھجي رحمان، ته ڪيا ڪري شيطان.
    192. رڍن اڳيان رباب، وڄائيندي ورھيه ٿيا.
    193. رن به وئي پر رلھي به کڻي وئي.
    194. زال زحمت، ٻار ٻرو، وس پڄيئي ته گھم ڇڙو. (چوڻي)
    195. زميندارڪو ٻار؛ يا چريو يا چوتيو. (چوڻي)
    196. زندگي، بي بندگي، شرمندگي.
    197. زور اڳيان زاري آھ.
    198. زور جي ميندي نه لڳندي آھي.
    199. ساڙي ڇڏيئي صاحب، آنڊا اشرافن جا.
    200. سامين صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو.
    201. سڀاڳو پٽ، پينگھي ۾ پڌرو.
    202. سڀڪو قرب جو بکيو آ، پيٽ جو بکيو ڪو به ناھي.
    203. سپ نه ماري، سپ جو سراپ ماري.
    204. سٺا ڪتاب، سچا سنگتي آھن.
    205. سڄڻ ڏيئي سڄي ٻانھن ته سڄي ٻانھن نه ڳھجي.
    206. سچ ته بيٺو نچ، ڪوڙ جي منھن ۾ ڌوڙ.
    207. سخي ۽ ڪنجوس جو ٻارھين مھيني ليکو ساڳيو.
    208. سخي اھو آھ جو ڏيئي نه پچاري.
    209. سخيءَ کان شوم ڀلو جيڪو ترت ڏيئي جواب.
    210. سرمون سڀڪا پائي پر اک اک جو ڦير آھي.
    211. سکڻي ڪني، گھڻو اڀامي.
    212. سڪن سان گڏ، ساوا به چٽ.
    213. سڪڻيءَ کي پٽ ڄائو، چمين ۾ ماري ڇڏيائينس.
    214. سلو اھو جو انگوريين ڀلو.
    215. سمر نه ھجيئي ساڻ ته گھڙي پؤ گھٽھڙ ۾.
    216. سنگ تاري، ڪسنگ ٻوڙي.
    217. سھڻي صورت کان، سھڻي سيرت ڀلي.
    218. سؤ ڌڪ سوناري جا، ھڪ ڌڪ لوھار جو.
    219. سؤ رات چور جي ته ھڪ رات ڀاڳئي جي به ضرور ٿيڻي آھ.
    220. سؤ ڪوھ ھجي ولو، ته به دڳ ھجي ڀلو.
    221. سؤ وڃائجي پر ساءُ نه وڃائجي.
    222. سوٽو ھجيئي ساڻ، ته گڏھ گوھي ئي نه ڪري.
    223. سوڙ آھر، پير ڊگھيڙجن.
    224. سيارو ۽ واڻيون ڪثر نه ڇڏيندا آھن.
    225. سياڻو ڪانءُ، ٻه ٽنگو ڦاسي.
    226. شديد غم، گونگو ٿيندو آھي. (قول)
    227. شل ڏڪاريا ڏيھ مان موذي سڀ مرن.
    228. شيرو ٻلو شاھ جو، وٺي پاسو واھ جو.
    229. صبر جنين جو سينڱ، تير نه گسي تن کان.
    230. ظلم قائم آ، پر ظالم قائم ناھ.
    231. عدل ڪئي آ نه ڇٽان، ڪر ڪو ڦيرو فضل جو.
    232. علم کان سواءِ انسان، حيوان مثل آھ.
    233. عورت کي عقل کڙيءَ ۾، سج لٿي کان پوءِ اوھو به چٽ.
    234. عورت کي وفادار سمجھڻ، عظيم غلطي آھ.
    235. غريب جي آھ، عرش کي باھ.
    236. فقير ته فند، نه ته نسورو ئي گند.
    237. کاڌي، خرار به کٽي وڃن.
    238. کائڻ جو کرو، ڪم کان ٻرو.
    239. کائڻ مھل گڏ، سمھڻ مھل مسيت ۾.
    240. کائي گلو، ڀري ھيڪلو.
    241. کٽيو کائي فقير، سوٽا جھلي ڀولڙي.
    242. کنئي کپي ڪا نه، ڳولي لڀي ڪا نه.
    243. ڪاتي نه کڙڪاءِ، جوان جاڳني ٿا. (ڪاتڙي نه کڙڪاءِ، نوريئڙو جاڳئي ٿو)
    244. ڪاٿي ڍور سڃا، ڪاٿي چور سڃا.
    245. ڪاڻيءَ جي ڪاڄ ۾، سيٽڻ به گھڻا.
    246. ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
    247. ڪتي جو پڇ نڙ ۾ وڌو ھئائون، ٻارنھين مھيني ڪڍيئونس ته به اھڙو جو اھڙو وينڊو.
    248. ڪتيءَ کي پيٽ ۾ سور، سرائيءَ کي بڇ تي زور.
    249. ڪڏھن جتيءَ کي به وارو ايندو آھي.
    250. ڪک جو چور ۽ لک جو چور ساڳيو.
    251. ڪڪڙ ڪوريءَ جو، نانءُ وڏيري جو.
    252. ڪلر ڪا نه ٻاريئي، ڪيئي جٺ جوئر سان.
    253. ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو.
    254. ڪمائجي ته کائجي نه ته اصلي نه کائجي.
    255. ڪمبخت پاڻ ته انڌو پر ٻين کي به انڌو ڪري ڇڏي.
    256. ڪن جو کلڻ به خواري، ڪن جو وڙھڻ به ورونھن.
    257. ڪن لاءِ واڱڻ وائي ته ڪن لاءِ بصر به بادي.
    258. ڪنڌيءَ کي به ڪن ھوندا آھن.
    259. ڪونھي راڻي راڻو ملڪ ۾.
    260. ڪير چوي؛ شينھن تنھنجي وات ۾ ڌپ.
    261. گپ ۾ گھڙبو آھ ته پوءِ ڦھنگن ڏانھن نه ڏسبو آھ.
    262. گدڙ به پنھنجي ڏر تي شينھن ھوندو آھ.
    263. گدڙ جي سؤ سال زندگي کان، شينھن جي ھڪ ڏينھن جي زندگي بھتر آھي. (قول)
    264. گدڙ جي گونھ ۾ ڪم پيو ھو ته، ٽڪر جي چوٽيءَ تي ھنگي آيو ھو.
    265. گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي؛ ٿو کٽا.
    266. گمنام کان، بدنام ڀلو آ.
    267. گھر جو پير، چلھ جو مارنگ
    268. گھڙيءَ گھڙيءَ جو سڀاءُ آ.
    269. گھڻائي ھر شيءِ جي خراب ٿيندي آھ.
    270. ڳوھ کي کٽي کڻي ته شڪارين جا در تاڙي.
    271. لالچ، انسان کي ڪتن سان گڏ کارائي ٿي.
    272. لائجي ته نڀائجي، نه ته اصل نه لائجي.
    273. لتر کي پڄي؛ چڪر.
    274. لک وڃائجي، پر لڇڻ نه وڃائجي.
    275. لکيو منجھ نراڙ، قلم ڪياڙي نه وھي.
    276. لنگھو ڀڄي کاھي کان، اھا ئي کاھي.
    277. مارڻ واري کان بچائڻ وارو، ويجھو ھوندو آھ.
    278. مال مفت، دل بي رحم.
    279. مان مران امڙ ڪاڻ، امڙ مري چگھن ڪاڻ.
    280. ماني آ ڍوَ تي، موچڙو آ گھٽ.
    281. ماڻھن ۽ کوھن جا وات، ڪنھن به بند نه ڪيا آھن.
    282. ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي مڙيئي نه ھنجھ، ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ، اچي بوءِ بھار جي.
    283. مائٽي وري به مائٽي، رت وري به رت.
    284. مٺي به ماٺ ڀلي آھ.
    285. مٽيارين جي واٽ، ويندي جي ويرم.؟؟؟
    286. محنت، ڪاميابيءَ جي ڪنجي آ.
    287. مرڻ ناھي مھڻو، پرڻو ناھي گار.
    288. مروان موت، ملوڪان شڪار.
    289. مڙس ته ڦڏو، نه ته جڏي جو جڏو.
    290. مڙس ٿئي ڀاڙي ته ڏاڙھي به بار.
    291. مڙس جي ڳالھ ھڪ ھوندي آ، ڀاڙيءَ جون سؤ ڳالھيون.
    292. مڙس ڊڀ نه آھن جو وري موربا.
    293. مستن تي ميار ئي ڪانھي.
    294. مسجد ٺھي ئي ناھي، اول انڌن زور ڀريو آھ.
    295. مکڻ سان ٺڪر به ٺھن.
    296. مڱڻھار کي گھور وقت ٽورو ايندو آھي.
    297. ملان ته ڀت، گھوڙا ته پٽ.
    298. ملان ڦٻئين؟“ چي؛ ”ڦٻيا اھي جيڪي ڦاٽي مئا.“
    299. مندي جن جي من ۾ تن لاءِ ڏھاڙي ڏڪار، پيسي لڳي خرار ته به بک نه وڃي بکئي جي.
    300. منھن ڏسي، مٺائي گھرجي.
    301. موچڙي ۾، سوڀ ھوندي آھ.
    302. موذيءَ جو مال، سخي کائين.
    303. مولا مينھن وساءِ ته ڪانئر ڇٽن ڪم کئون.
    304. ميرن کي گھران لڳي ھئي.
    305. ميندي من مئي کي، چندن ڀڃي چار.
    306. نار ھلي نه ھلي، مڙئي ڪم رينگٽ سان.
    307. ناڙي راڻي، ڇٽ ٻانھي.
    308. ناڙي وسي ته ڳاڙھي نه ته اگھاڙي.
    309. ناسودي کي نوَ نڪ، ھڪ وڍيو ته ٻيو موريو.
    310. نانءَ چڙھيو واپاري، کٽيو کائي.
    311. ناني ڪاڻي پاڻي ڏي.“ چي؛ ”ھائو ابا! انھين افعالين گھڻو پيئندين.“
    312. نڀاڳن جا نار، واڍن چاڙھيا واٽ تي.
    313. نوان سال، نوان خيال.
    314. نون ميھارن مينھون ڌاريون، کٿا لاھي دونھيون ڪيون.
    315. نيت صاف، مراد حاصل.
    316. نيتن تي بھرا ملندا آھن.
    317. نئڙت سان مرتبو وڌي ٿو، تڪبر سان گھٽجي ٿو.
    318. نيم ملان خطره ايمان، نيم حڪيم خطره جان.
    319. نينگر به ننڍي، جمعان به گھڻان.
    320. ھارياڙھي جي ھير، ٽنگ ڀڳي به نه وڃي.
    321. ھجيئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو.
    322. ھڏئون ڏيئي ھڻاءِ ته مالڪ ڏيني مزرا.
    323. ھزار وڃائجي، حياءُ نه وڃائجي.
    324. ھڪ رانجھو؛ لکان دا مَٽُ.
    325. ھڪ سج؛ ٻه پاڇا.
    326. ھڪڙي پنھل ڪاڻ، ٻانھي ڪل ٻروچ جي.
    327. ھمٿ مردان مدد خدا، بي ھمٿ بندا بيزار خدا.
    328. ھونھين ھوند مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.
    329. وات چوي مٺو مٺو، نڙي چوي مان نه ڏٺو.
    330. وار ته ڦڻي نه ته ڪوڙاءِ کڻي.
    331. واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
    332. واندو ماڻھو، شيطان جو ڀاءُ آھ.
    333. واھ سنڌي تنھنجو اٽڪل، در نه دروازو پڪوڙي ۾ بِھُ.
    334. وڙھن سانھ، لتاڙجن ٻوڙا.
    335. وکر سو وھاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.
    336. ولر ڪيو وتن، پريت نه ڇنن پاڻ ۾.
    337. ويٺي ور نه پون، ستي ملن نه سپرين.
    338. يار جي ياريءَ سان ڪم يا يار جي خواريءَ سان ڪم.
    339. يار ليکي نه ليکي، اسان يار جي ليکي.
    340. يارن سان وري ڪھڙا ليکا آھن.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515426
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205433
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ