ڪتاب جو نالو: پھاڪا: ڪلام جا ڏيئا
مصنف: نورالدين سرڪي
ڇپائيندڙ: نئين سنڌ اڪيڊمي ڪراچي
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 23 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1143 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 339 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”پهاڪا : ڪلام جا ڏيئا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب نور الدين سرڪي جو لکيل آهي جيڪو نئين سنڌي اڪيڊمي، ڪراچي پاران ڇپايو ويو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سنڌ سلامت پاران :
  • اداري پاران
  • مهاڳ
  • متن.

  • الف
  • ب
  • ٻ
  • ڀ
  • ت
  • ٽ
  • پ
  • ح
  • خ
  • ج
  • ڄ
  • چ
  • ڇ
  • د
  • ڌ
  • ڏ
  • ڍ
  • ر
  • ز
  • س
  • ش
  • ص
  • ض
  • ط
  • ع
  • غ
  • ف
  • ڦ
  • ڪ
  • ک
  • گھ
  • ڳ
  • ل
  • م
  • ن
  • ھ
  • و
  • ي
  • شاھ جي رسالي مان چونڊيل سون ورنيون سٽون

  • ا
  • ب
  • ٻ
  • ت
  • ٿ
  • ڀ
  • ٽ
  • ڄ
  • پ
  • ج
  • چ
  • د
  • ر
  • ز
  • س
  • ش
  • ص
  • ط
  • ع
  • ق
  • ف
  • ک
  • گ
  • ل
  • گھ
  • م
  • ن
  • و
  • ڇ
  • ڌ
  • ڍ
  • ڏ
  • ڦ
  • ڪ
  • ھ

  • ترتيب

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (184) ”پهاڪا : ڪلام جا ڏيئا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب نور الدين سرڪي جو لکيل آهي جيڪو نئين سنڌي اڪيڊمي، ڪراچي پاران ڇپايو ويو.
    هي ڪتاب المنعم لائبرري لاڙڪاڻي پاران انجنيئر عبد الوهاب سهتي اي بوڪ ايڊيشن ۾ سندس ويب سائيٽ تي آندو آهي. ٿورائتا آهيون سائين عبد الوهاب سهتي جا جنهن هن قيمتي ۽ ناياب ڪتاب کي ٻيهر اسان تائين اندو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    پهاڪو، ڪنهن به ٻولي ۽ ادب ۾ سمايل ۽ ڇُپيل ڏاهپ جو اهڃاڻ آهي. عوام جي تجربن، نتيجن ۽ مفروضن تي ٻڌل اهي مختصر سٽون اسان کي ٻڌائين ٿيون ته ڪو به سماج پنهنجي اجتمائي ڏاهپ ۽ تجربن کي ڪيڏي نه مختصر ۽ دلچسپ انداز ۾ پيش ڪري ٿو.
    سنڌ جي ناليواري اديب، دانشور، بيحد قربائتي ۽ اتساھ بخشيندڙ شخصيت سائين نورالدين سرڪيءَ جو سهيڙيل هي ڪتاب ٻن ڀاڱن تي ٻڌل آهي، پهرين ڀاڱي ۾ پهاڪا آهن ۽ ٻي ڀاڱي ۾ شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جون اهي سون ورنيون سٽون آهن، جيڪي پڻ اسان وٽ پهاڪي جيان ڪم اچن ٿيون. هن ڪتاب ۾ سهيڙيل پهاڪن جو انگ تيرهن سئو جي لڳ ڀڳ ۽ سون ورنين سٽن جو تعداد ست سئوکن ٿيندو.
    پروفيسر عرساڻي پنهنجي ڪتاب سنڌي ورجيسي ٻوليءَ ۾ لکيو آهي ته ”پهاڪي لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ”پھ ڪري يا سوچي سمجهي اچاريل ٻول“ ليڪن اصطلاح جي معنيٰ ۾ هڪ عام چوڻيءَ کي پهاڪو چيو ويندو آهي. ساڳي طرح پهاڪي جي وڌيڪ ڇنڊڇاڻ ڪري ڊاڪٽر سنديلو پنهنجي ڪتاب ”پهاڪن جي پاڙ“ ۾ لکي ٿو ته ”پهاڪا، چوڻيون ۽ ٻهڳڻن جا ٻول، سنڌي سڃاڻپ جو آئينو آهن. منجهن سنڌي رهڻي ڪهڻي ۽ ڳڻ ڳوت جي گهڻي ڀاڱي جيئري جاڳندي تصوير ڇڪيل آهي، جيتوڻيڪ هي مختصر آهن، مگر چوڻ وقت مطلب کي مفصل ڪن ٿا. سندن ڪامل استعمال ٻوليءَ کي ٻهڪايو ڇڏي“.
    لوڪ ڏاهپ جي صنِف تي ٻڌل ڪتاب ”پهاڪا- ڪلام جا ڏيئا“ اوهان آڏو سنديلي صاحب جي لفظن ۾ ”سنڌي سڃاڻپ جو آئينو“ ۽ سنڌي سماج ۽ ان جي ڪمال ۽ زوال جي پيمانن جا معيار ٻڌائي ٿو. اهڙي طرح پهاڪو ۽ زوال جي پيمانن جا معيار ٻڌائي ٿو. اهڙي طرح پهاڪو جتي اوهان جي ڳالھ ۾ وزن پيدا ڪري ٿو اتي ٻڌندڙن تي تمام تڪڙو اثر به ڇڏي ٿو ۽ قائل ڪرڻ ۾ لاڀائتو ٿئي ٿو.
    اميد ته ”پهاڪا- ڪلام جا ڏيئا“ اوهان کي پسند ايندو ته سنڌ جي بيحد محبتي ۽ مڻيادار انسان جي پيار ۽ پاٻوھ سان ڪيل اها محنت سجائي ۽ ڪارائتي ثابت ٿيندي.

    حميد سبزوئي
    نئين سنڌ اڪيڊمي ڪراچي


    مهاڳ

    پهاڪو هڪ ننڍو ياد رکڻ جهڙو بياني جملو آهي، جنهن ۾ نصيحت، چتاءُ، اڳڪٿي يا وري ڪو سوچيل سمجهيل مشاهدو سمايل هوندو آهي. يعني عام سادي ٻوليءَ ۾ بيان ٿيل هڪ روايتي حقيقت اصطلاح يا محاورا پهاڪي جي دائري ۾ نه ٿا اچن.
    ڪي پهاڪا سادا عوامي گفتا ٿين ٿا ۽ انهن جي معنيٰ پڌري هجي ٿي پر ڪي پهاڪا سوچ ويچار ۽ معنيٰ سان ڀريل هوندا آهن ۽ زندگيءَ جي منجهيل معاملن سان واسطو رکن ٿا.
    ڪي پهاڪا وري ظاهر ۽ مثالي ۽ تشبيهي ٿين ٿا پر حقيقت ۾ مڻيادار ۽ اندروني معنيٰ وارا هوندا آهن.
    ڪي پهاڪا نه رڳو ننڍا ۽ ياد رکڻ جهڙا هجن ٿا پر اُهي بي معنيٰ ۽ ڪنهن مطلب کان خالي به نه هوندا آهن. ساڳي وقت اهو به ضروري نه آهي پهاڪا ڪو سؤ سيڪڙو حقيت تي ٻڌل هجن. ڇاڪاڻ ته لوڪ سياڻپ ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ۾ عقل جي ابتڙ ۽ سمجھ کان مٿانهين به هوندي آهي.
    پهاڪن کي گذريل زماني جي گڏ ڪيل موڙي يا سيڙايل سياڻپ چوڻ به شايد ٺيڪ نه لڳي؛ بهتر ٿيندو ته اسان ائين سمجهون ته پهاڪا اُهي اهڃاڻ يا وسيلا آهن جي ڪن خاص خيالن کي ٺاھ ٺوھ بنا اسان تائين پهچائين ٿا.
    پهاڪي کي انگريزي ۾ Proverb چون ٿا. عيسائي مذهبي ڪتاب انجيل (Bible) جي پراڻي عهد نامي (Old Testament) ۾ ته اخلاقي سکيا ۽ عملي نصيحتن سان ڀريل هڪ الڳ باب ڏنل آهي جنهن کي چون ئي پهاڪن جو ڪتاب. نئين آڪسفورڊ ڊڪشري مطابق انهن مان گهڻا پهاڪا حضرت سليمان جا چيا وڃن ٿا. اصل ۾ انگريزيءَ جا ڪيترا ئي پهاڪا انهيءَ پراڻي عهدنامي تان ئي ورتل آهن.
    انگريزيءَ ۾ پهاڪي يعني (Proverb) کانسواءِ ٽي ٻيا لفظ به آهن جي لڳ ڀڳ ساڳي پهاڪي واري معنيٰ ۾ ڪم اچن ٿا.
    (1) ADAGE (2) APHORISM ۽ (3) MAXIM ADAGE:-
    ADAGE:- آنندرام شهاڻي توڙي سنڌيڪا جي ڊڪشنريءَ ۾ ان لفظ جي معنيٰ پهاڪو، چوڻي لکيل آهي.
    APHORISM:- جي معنيٰ آنندرام شهاڻيءَ چوڻي يا مثال ڄاڻائي ٿو ته سنڌيڪا واري ڊڪشنريءَ ۾ ان لفظ جي معنيٰ چوڻي يا پهاڪو لکيل آهي.
    MAXIM:- آنند رام جي ڊڪشنري ۾ قول يا مثال ته سنڌيڪا ڊڪشنريءَ ۾ ان لفظ جو مطلب آهي اهو مڃيل اصول جنهن ۾ ڪو اخلاقي ضابطو بيان ڪيو ويو هجي.
    آنندرام جي ڊڪشنريءَ ۾ Proverb جو مطلب ته عام طرح قبول ڪيل پهاڪو يا چوڻي ڏنل آهي ۽ سنڌيڪا جي ڊڪشنريءَ ۾ ان کي چوڻي يا ننڍڙو مثال جيڪو سچ کي هٿي ڏيڻ واسطي ڪم اچي، ڄاڻايل آهي.
    هن ڪتاب ۾ پهاڪن سان گڏ شاھ جي رسالي مان چونڊيل، سون ورنيون سٽون پڻ ڏنل آهن ۽ اهي به عام ڳالھ ٻولھ توڙي تحرير ۽ تقرير ۾ پهاڪن، مثالن ۽ چوڻين طور ڪم آڻي سگهجن ٿيون.


    سنڌي ٻوليءَ جو ماٺيڻو محبتي،
    نورالدين سرڪي


    متن.

    الف

    زندگيءَ جا ڏھ ڏهاڪا
    ڏھ- ڪا ئي ڪانهي ڪَھَ.
    ويھ- تَڪي پرائي ڌيءَ.
    ٽيھ- نه لڄ نه ليِھ.
    چاليھ- عقلُ وَهي پيو ٿالهيءَ.
    پنجاھ- کڻي گهرا ساھ.
    سٺ- کِلي کنيائين لٺ.
    ستر- پَئِي ايمان ۾ ڪتر.
    اسي- مَت کسي.
    نوي- ڪانوَ جئن پيو لنوي.
    سؤ- نه سڄڻ کي آسرو، نه دشمن کي ڀؤُ.

    آپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوئي.
    ابي چاڙهي اَدي چاڙهي، مون نه چاڙهي ڪنهن نه چاڙهي.
    اُڀرندي سج کي سڀ جو سلام.
    اُڀ ۾ ٿُڪ اڇلائي، سو منهن ۾ پائي.
    اُتم کيتي وڌند واپار، نيچ نوڪري پنڻ بيڪار.
    اُتر جو ڍڳو، لاڙ جو ماڻهو.
    اتراڻ اُتريو، اڌ سيارو ڪُتريو.
    اُٿ به ناڻو، ويھ به ناڻو، ناڻي بنا نَر ويڳاڻو.
    اٽو کاڌو ڪوئي، مار پئي گابي.
    اٽو، چي: گهوٻاٽو.
    اُٺ ڪراڙو ته به ٻه ڪنواٽ لهي.
    اُٺ تڏهن ئي ٿي رڙيا، جڏهن ٻورا ٿي سبيا.
    اٺينءَ پيڙهيءَ اُٺ، ماڪوڙو ماسات.
    اُٺ جي لاهيءَ کي به لعنت ته چاڙهيءَ کي به لعنت.
    اُٺ چري ٻٽيھ، ٻڪر چري ڇٽيھ.
    اُٺ ته اُٺ پر جَت به اُٺ.
    اُٺ پوڙهو ٿيو ته به مُٽڻ نه سکيو.
    اُٺ پنهنجي مُٽ تان تِرڪي.
    اُٺ جي وات ۾ لوڻ وجھ ته به رڙي، ڳڙ وجھ ته به رڙي.
    اُٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو.
    اُٺڙيءَ جي پڪڙ ۽ عورت جي مڪر کان خدا بچائي.
    اُٺ تان وڃڻي لٿي، ته به چڱي.
    اجائي گوڙ مان، نه هڙ نه حاصل.
    اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه رکجي.
    اڃا ٻج کوٽي ڪانهي.
    اڃا اوڌر جي ماءُ نه مُئي آهي.
    اڃا ڄائي نه آهي، چي: نانيءَ جي مهانڊين.
    اچيس نچڻ نه، گاريون ڏي دهل کي.
    اڇي پڳ مَ پس، اندر مڙئي اِڳڙيون.
    اڇي ڏاڙهي اٽو خراب.
    اڇا لٽا کيسا خالي، ماڻهن ليکي ملڪ جو والي.
    اڇا وار، موت جا قاصد.
    اڇا وار، عزت ۽ اعتبار.
    ابو مئو ادي ڄائي، اسين اوتري جا اوترا.
    اَدلي جو بدلو.
    اڍائي گهرن جو خير.
    اُڏر ڙي ڪونج، اسين به اينداسين.
    آزمائي کي آزمائي، سو ڌوڙ منهن ۾ پائي.
    اسي؛ مت کسي.
    آسمان مان ڪريو، کجيءَ ۾ اٽڪيو.
    استاد آھي روحاني پيءُ.
    استاد جي مار، ٻار جي سنوار.
    افعال پنهنجا بڇڙا، الزام هڻي ابليس تي.
    اڪيلو ماڻهو نه کلندي سونهي نه روئندي.
    اڪ جي ماکي ناهي جو لاهي وٺبي.
    اکر نه کَٽي، مڪر کَٽي.
    اک لڀي ڪا نه، چپڙ خان چنڊ ڏٺو.
    اکين کان انڌي، نالو نور بيبي.
    اکيون اکين جهڙيون، نه ديد نه شناس.
    اکيون اکين جهڙيون، ديد لڀيس ئي ڪا نه.
    اک جي پڪائي سکين، ته ڪاري عينڪ پاءِ.
    اکين لونگ لڳا، جافر ويا وسري.
    اکيون آهن ڏسڻ لاءِ.
    اگھ ڪنهن وڌو؟ چي: جنهن جي نه سَرِي.
    اگهي امير کان سَگهو غريب سٺو.
    اڳياڙي ان جي سَرهي جنهن جي پڇاڙي سرهي.
    اڳيان کوھ، پٺيان کڏ.
    اڳيان ويا وسري، پويان لڳا مصري.
    الله ڏي، بندو سهي.
    الله جي نالي جي ماني؛ سَڙي يا سُڪي.
    الله ڏي ٿو، پر کنگهائي.
    (آلا) نور، مٿي جا سور.
    الله به سڃاڻي سِڱ ڏيندو.
    اميد تي دنيا قائم آهي.
    امير جو هر ڪو سالو، غريب جو ڀيڻيوو به ڪو نه.
    امانت زمين به ڪا نه ڳهي.
    ان نه مهانگو، پرين نه ڪوڙا.
    انبن جون سڪون، انبڙين مان نه لهن.
    انڌو مڱڻهار، اڻ ڏٺا ڪري آر.
    انڌو هاٿي، لشڪر جو زيان.
    انڌي جي ڪنوار، ڪنهن لاءِ ڪري سينگار.
    انڌو ۽ اڻ سونهون، ٻئي هڪ آچار.
    انڌير نگري چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا.
    اَن جو منهن جنڊ ڏي.
    ان پِلي ذات ڀلي.
    انڌي جهڙي پيڪي تهڙي ساهرين.
    انڌي ڀونڊي ۾ خوش.
    انڌن ملتان لڌو.
    انڌي وٺجي، ٽُنڊي وٺجي پر ننڍي وٺجي.
    انڌي هنگي ڏھ سيڙائي.
    انسان ويچارو ماڙهوءَ جي آچار.
    آرس، اوٻاسي ۽ ننڊ، ٽيئي موت جون ڀينر.
    اندر ڪارو ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنج جي.
    انڌن آندو، ٻلن چٽيو.
    انڌو ورهائي ريوڙيون سڀ پنهنجن کي.
    اندر ڪاري کان، ٻاهر ڪارو سٺو.
    انڌو گهر هڪڙي اک، هن کي ٻئي ملي ويون.
    انڌن جي ملڪ ۾ ڪاڻو راجا.
    انڌو ڇوڪر، لائو ڏوڪڙ، هڻ مهنت جي منهن ۾.
    انڌي ۽ جنڊ، واري ۽ پنڌ.
    انڌي ۽ جنڊ، ٻئي ٻُڪيون تنور ۾.
    انسان نه سردي ۾ سرهو، نه گرميءَ ۾ خوش.
    اَن آهي ته ايمان آهي.
    اِنسان جو پيٽُ قبر ئي ڀريندي.
    ان پهريان، افعال پوءِ.
    انڌي اڳيان روئڻ، اکين جو زيان.
    اندر اڇو نه ڪري، ڌوئي ٿو ڌاڳا.
    اندر ٻڏ ٻهون، ٻاهر آتڻ ان جو.
    اڻندو اها ئي، جيڪا ڪوريءَ جي من ۾ هوندي.
    اوڻٽيھ راتيون چور جون، ٽيهين ڀاڳئي جي.
    آڻ مڃي، جهڳڙو ٽٽو.
    اڻ هيريا نه هير، هِرني، ڀڃُ نه هير هيرين جي، متان وڙهني.
    اول پيٽ پنجوءَ جو، ٻار ٻچا سڀ پوءِ.
    اوڀر وڃو اولھ وڃو، گهر سڀ کان چڱو.
    اوڌر محبت جي قئنچي آهي.
    اويلو مهمان، پٽائي پاڻ.
    اول طعام، پوءِ ڪلام.
    اول خويش، پوءِ درويش.
    اهي تُنيا ئي مري ويا، جيڪي گَهٽا ڏيندا هئا.
    اُهي ئي لاٽون، اُهي ئي چُگھ.
    آھ غريبان، قھر خدائي.
    اُهوڪِي ڪجي جو اوکيءَ ويل ڪم اچي.
    اُهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪَن ڇني.
    اهوڪي ڪجي جي مينهن وسندي ڪم اچي.
    اُها ئي زبان ڇانوَ ۾ وهاري، اُها ئي اُس ۾.
    اها ڪڪڙ ئي مري ويئي، جا سونا آنا ڏيندي هئي.
    اهڙو ڪُڇي، جهڙي ڀت.
    اُهو وڻ ئي ڪونهي، جيڪو واءَ نه لوڏيو هجي.
    آئي ٽاندو کڻڻ، ٿي ويٺي بورچياڻي.
    آهي ته عيد، نه ته روزو.
    آيا مير، ڀڳا پير.
    ايمڻان مُٽيو سو تيل ٿي پيو!
    اياڻو ڪري، سياڻو سِکي.
    اگهي ته پاءُ، نه ته مڻن کي موٽ آ.
    اڳيان چَڪُ، پٺيان ڌَڪُ.
    اَگَھَ کٽيو کائجي، وَٽَ کٽيو نه کائجي.
    اڱرن پيٺي هٿ ڪارا.
    آئي کي آڌر، وئي کي جيءُ.
    اڀ ڦاٽي کي به، ڪڏهن اڳڙي پئي آهي؟
    اٺ پٺيان گهنڊڻي.
    اديءَ کي جَن نه ڪَن، ادو عشق ۾ انڌو.
    آئي ته روزي، ٽري ته بلا.
    اها ئي انڌي، اهو ئي جنڊ.
    اِهي ڏينهن، اهي شينهن.
    انڌا ٿا رليون سبن، سو مهمان ٿا اوڍين.


    ب

    بانٺو کڻجي ڀاءُ لڳ، ڳالھ ڪجي الله لڳ.
    بار کڻن باري، ناهي ڪم ڪَچن جو.
    بدلي، ڪاموري جو ڏاج.
    بد کان بدنام بُرو.
    بري ڪم جي پڇاڙي به بُري.
    بصر چيو واڱڻ کي؛ ”ادا ڪڏهن ملنداسون؟“ واڱڻ چيو؛ ”ڪُني ۾.“ (اصل ڳجھارت آھي، جنھن جي چوڻي آھي: ٽنگيو چوي پوريئي کي؛ ”ادا ڪڏهن ملنداسون؟“ واڱڻ چيو؛ ”ڪُني ۾.“ ۽ جنھن جي ڀڃڻي آھي: بصر ۽ واڱڻ)
    بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري.
    بک ۾ بصر به مٺا.
    بکيو گدڙ، بگهڙ سان وڙهي.
    بُکيو سُکيو ڀلي ٿئي، پر سُکيو بُکيو نه ٿئي.
    بندي جي مَن ۾ هڪڙي، مالڪ جي مَن ۾ ٻِي.
    بڇڙو ڪتو، ڌڻي پٽائي.
    بي نڪي جو نڪ وڍيو، سوا هٿ ٻيو وڌيو.
    بي حيائي، بادشاهي.
    بيٺي جو سڀ ڪوئي، ڪرئي جو ڪوئي نه.
    بيڪار کان، بيگار ڀلي.
    بيبي دلي، ڍڪي ڀلي.
    بخت وارن جا ڍڳا به ڍُڪا.
    بخت ڏسي، ساعت (سائٿ) کائي.
    بدن ۾ دم نه ٺهي، نالو زورآور خان.
    بکيا ويا سڃن وٽ، عيد ڪنداسين.
    بکئي جي اک چُلھ ۾.
    بي عقل کان بي ڏاڙهيو ڀلو.
    بڻي بڻي ته بڻي، نه ته دال ماني گهڻي.
    بِندرو ٻڌي سندرو، ته الله به نه پڄي. (نعوذ باالله)
    بيبي نيڪ بخت، ته پائيءَ جي دال ٽي وقت.
    بيبي بدبخت ته سڄي پگهار هڪ وقت.
    بي عقل بازار ۾ کڻجي نه ساڻ، پهرين ڪُٽائي پاڻ پوءِ لهرائي هارج همراھن جي.
    باھ ۽ ڪکن جي ڪهڙي دوستي.
    بي ڊولي شيءِ جو پاڇو به بي ڊولو.


    ٻ

    ٻار، مُڇ جو وار، جيئن وراءِ تيئن وري.
    ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي.
    ٻارُ ٻٽيھ لکڻو، موچڙو ڇٽيھ لکڻو.
    ٻه ترارون، هڪ مياڻ ۾ نه ماپنديون.
    ٻارن جي راند، وڏن جي ويڙهاند.
    ٻه ته ٻارهن.
    ٻٽيھ منڊ منڊي ۾، اَسيءَ ۾ ڪاڻو، گنجو ساماڻو ته مڙني کڻي ماٺ ڪئي.
    ٻه ڀائر ٽيون لکيو.
    ٻُڇيءَ کي قبر تائين آسرو.
    ٻج کوٽي ڪونهي.
    ٻڌ سڀ جي، ڪر پنهنجي. (ٻڌجي سڀ جي، ڪجي پنهنجي.)
    ٻَڌي چور کي، سڀڪو ماري.
    ٻڍو ۽ ٻار، هڪ آچار.
    ٻڏڻ ويو وسري، لُڏڻ آيو ياد.
    ٻڏي ٻيڙيءَ جون هريڙان به ڀليون.
    ٻَري وَٽ، کامي تيل، واھ ڙي ڏيئا...!
    ٻه گدرا هڪ هٿ ۾ نه ايندا.
    ٻلي هُش ۾ خوش.
    ٻليءَ شينهن پڙهايو، سو ئي ٻليءَ کي کائڻ آيو.
    ٻليءَ جي دُعا به ڪڏهن قبول پئي؟
    ٻن زالن جو ور، تنهن جو جيئري قبر ۾ گهر.
    ٻَنڌ ڀڄي، هيڻي هنڌان.
    ٻِنيءَ ۽ ونيءَ تي سر ڏجي.
    ٻن مُلن ۾ مُرغي حرام.
    ٻوڙو کلي ٻه دفعا.
    ٻئي جي کٿي کي هٿ نه لائجي، پنهنجو پٽ نه ڦاڙائجي.
    ٻئي جي لاءِ کڏ کوٽيندڙ، پهرين پاڻ اُن ۾ پوندو.
    ٻيڙي ڪنهن ٻوڙي؟ چي: پير خضر ٻوڙي.
    ٻير نه پوکيو در ۾، ڌاريو نه آڻيو گهر ۾، هٿ نه وجهو سَر، نانگ نه رکو ور ۾.
    ٻانڀڻ جي ٻڪري، پاڙي جي ڦشري.
    ٻائي جو ٻائو، تيوڻ جو تيوڻ.
    ٻڪري جنهن وڻ سان ٻڌجي، سو ئي وڻ کائي.


    ڀ

    ڀاءُ مِٽُ، ڀاڄائي ساهيڙي.
    ڀاڙين مٿان ڀٿ، ڪانگن ڪيرائي وڌي.
    ڪانگن ڪهڙو ڏوھ، ڀاڙيا ڀڳا ئي ڪو نه.
    ڀاڻيجا ڀولڙن کي به پيارا.
    ڀاڳ ڏي ڀيڙو ته رَٻ مان سيرو.
    ڀاڳ وارن جا، ڏاند به ويامن.
    ڀت بنياد تي ويندي.
    ڀت پيئي، وِٿِ پيئي.
    ڀتين کي به ڪن آهن.
    ڀڄ چريا، چي: مست آيا ٿي.
    ڀڄ سرڻ، باز ٿو اچي.
    ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳورو.
    ڀريا پيا ڀرجن.
    ڀڳا ڏار، اڏاڻا ڳيرا.
    ڀڳي سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي.
    ڀلي بک ڀَرم جي، شال نه وڃي شان.
    ڀُلي ڀُلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀُلي.
    ڀُلئي ٻانڀڻ گانءِ کاڌي.
    ڀوڳ جو ڀوڳ، ساڀيا جي ساڀيا.
    ڀِري ٻير هيٺان ٿو، بک مري.
    ڀڳو گهڙو، ڍان ڍان ڪري.
    ڀُڳڙن کاڌي، هٿ ڌوتا پيا آهن.
    ڀڄندڙن جي اڳ ۾، وڙهندڙن جي پٺ ۾.
    ڀاءُ آهي ڀاءُ، پر جي ٿئي دشمن تي ڪڍي ساھ.
    ڀنڀوران جي ڀڳيون، سي ڇُٽيون.


    ت

    تاڙي هڪ هٿ نه وڄندي.
    تخت يا تختو.
    تر جي گُٿي، سؤُ چوٽون کائي.
    ترت دان، مها پُڃ.
    ترار جا ڦٽ ڇُٽي ويندا، زبان جا نه ڇٽندا.
    تڪڙ ڪم شيطان جو.
    تڪڙي ڪُتي انڌا گُلر ڄڻي.
    تنهنجو سو منهنجو، منهنجي هٿ نه لاءِ.
    تنهنجو خدا تو سان، منهنجو خدا مون سان.
    توڪل جا ٻيڙا پار.
    توڪل به ڪجي، تُرهو به ٻڌجي.
    توبھ جا دروازا بند ڪو نه ٿيا آهن.
    تون به رئيس آئون به رئيس، ته گڏھ ڪير هڪليندو.
    تون مَ ڏيئڻو، ته مان مَ ڇَڏُو. (تون مَ ڏيئڻو، ته مان به مَ ڇَڏڻو.)
    تون حاجي، مان قاضي.
    تقدير اڳيان، ڪهڙي تدبير.
    تون سير ته مان سوا سير.
    عرب وڃو يا رُوم، ته به ڍوڍو ۽ ٿُوم.
    تيل ترن مان ئي نڪرندو.
    توڻي هجي ولو، ته به دڳ ڀلو.
    تيل سهانگو هو، ته گدڙن هوند چوٽيون مکيون.
    ٿڌو گهڙو پاڻ کي ڇانوَ ۾ ويهاري.
    ٿلهو ماڻهو، خواهمخواھ معتبر.
    ٿورو کٽيو، گهڻي برڪت.
    ٿورا ڪڻا، ٿالهيءَ ۾ چڱا.
    ٿورو ڏسي اَرهو نه ٿجي، گهڻو ڏسي سرَهو نه ٿجي.


    ٽ

    ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.
    ٽپڙ ئي ٽيشن تي.
    ٽپڙ لڀن ڪو نه، هليو آ شادي ڪرڻ.
    ٽڪريءَ کي ٿيا سور، ڄائي ڪُئي.
    ٽَڪي جو ٺڪر به ٺڪي ٺوڪي وٺجي.
    ٽڪو ۽ دعا.
    ٽَڪي جي ڪُتي، ٽي پئسا گهلاڻي.


    پ

    پاڙو، نبين کي پيارو.
    پاڙهي پاڻ نه ڄاڻي، ماري کُتابي.
    پيٽ نه پالي، ڪُتا ڌاري.
    پاڻ نه پلي، ڏوجهان متيان ڏيوي.
    پاٽ ۾ اهو ئي پوندو، جيڪو ڪُنيءَ ۾ هوندو.
    پُٽَ ڄائي کان پوءِ، پُٺ پڌري ٿئي.
    پاڻي پنهنجو رستو پاڻ لهندو.
    پٽ ٻٽيھ لکڻو، پادر ڇٽيھ لکڻو.
    پاڇي پٺيان ڊوڙڻ، ڪهڙو لاڀ؟
    پاپ جو گهڙو، ڀرجي ڀرجي نيٺ ڦاٽي.
    پاڻُ پالي يا گهوڙا سنڀالي.
    پاڻَ پني، گهوڙا ڳنهي.
    پُٽ جيسين جوءِ مليس، پر ڌيءَ هميشه ڌيءَ آهي.
    پٽ ڪپُٽ، پينگهي ۾ پڌرو.
    پُٽ پرڻيو معنيٰ پَر نيو.
    پٿر پرائي سور سڀ ڪا پنهنجا روئي.
    پٿرُ به پنهنجي جاءِ تي ڳورو.
    پنڌ پڄي پاڻ کان ڪو نه، لک لعنت گوڏن تي.
    پرائي آس، ڪُني جي لاس.
    پرائي ٻار کي ٽڪو ڏيئي کارجي.
    پَرَ خير، پنهنجو خير. (اول پر خير، پوءِ سر خير.)
    پَرُڻ چوي ڏونگهي کي: هل ڙي ٽه ٽُنگا.
    پرائي قبر ۾ ڪوئي نه پوندو.
    پرائي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس.
    پرائي پُلاءَ کان پنهنجي دال ڀلي.
    پرائي دهلين، احمق نچي.
    پروا پٽ پنهنجا ٿين ها ته زالون سور ئي نه سهن ها.
    پر پٺ بادشاھ کي به گاريون ملن ٿيون.
    پري کان، هر ڪا شيءِ سٺي لڳي.
    پري رھ، خوش رھ.
    پڙهڻ، پڳ ٻڌڻ، ترڻ، تير هڻڻ، پنجين گهوڙي سواري، جيڪو ننڍي هوندي نه سکيو تنهنجي وڏي هوندي خواري.
    پڪي گهڙي، ڪنا نه پوندا.
    پڪيءَ ماني تي هر ڪو حاضر.
    پڪي ماني به يا نصيب.
    پڪل ٻير کي، هر ڪو ڀتر هڻي.
    پگهر بنا پئسو ڪونهي.
    پنهنجي گهوٽ ته نشو ٿئي.
    پنهنجي ٿوري، گڏھ کي به پيرين پئبو.
    پنهنجي ڏر تي گدڙ به شينهُن.
    پنهنجي ڌيءَ، پرائي نُنهن، سڀني کي سٺي لڳي.
    پنهنجي، سهنجي.
    پنهنجي گهر ٻلي به شينهن.
    پنج آڱريون برابر ناهن.
    پنج؛ گنج.
    پنئين مڱئين گهر هلي‏، ته کُھ اُڌاري واٽ.
    پنهنجي وڍيءَ جو، نه ويڄ نه طبيب.
    پٿر گپ ۾ اڇلائبو ته ڇنڊا منهن ۾ پوندا.
    پهرين تڪ تور، پوءِ چپ چور.
    پهاڪا، ڪلام جا ڏيئا آهن.
    پهرين ٽِڪي کير ڀري، ٻي به ڏيندو الله.
    پوکجي ڪڻو، ٿئي گهڻو.
    پئنچن سان به پورو، ساڌن سان به سنمک.
    پئنچن ۾ پرميشور.
    پوکين تان ڪي پوک، جيسين پاڻي اٿئي ٻار ۾.
    پوءِ-ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڻي لُٽائي لک.
    پيٽ ته ڀريو، منهن ڪارو ئي سهي.
    پيٽ ۾ لُل، ته ڳوٺ ۾ هُل.
    پيٽ ڪو دائيءَ کان ڳجھو؟
    پيٽ ته ڪتا به پيا پالين.
    پير کي پڏائي خليفو.
    پيريءَ جي شادي، آهي خيراتي کوھ.
    پيريءَ جي شادي، پاڙي جو سُک.
    پيٽ آهي، ڏيڍ خدا.
    پيئيءَ ليئيءَ ڌيءَ ڪم اچي.
    پير ڀلو ڪ ويساھ ڀلو؟ چي: ويساھ ڀلو.
    پئسي پلو مهانگو، روپئي پلو سهانگو.
    پيرين پيادو، مادر زادو.
    پيار ۽ پلاند، ڪڏهين پراڻا نه ٿين.
    پئسو آ هٿن جي مَرُ.
    پيٽ نه هجي ته سونيون ڀتيون اڏجن.
    پيءُ وڏو؟ پِير وڏو؟ پئسو سڀني کان وڏو.
    پرائي جهار، پرائي جهرڪي.
    پاڻي ۽ باھ، ٿورا ڪري نه ڄاڻجن.
    پيٽ ڀر، پٺي لڏ.
    پنهنجي پڳ لاهي جنهن هٿ ۾ ڪئي، تنهن کي ٻي جي لاهيندي ڪهڙو ڀؤ.
    پئسن بنا پرساد، هَروُ ڏئي نه هٿ ۾.
    پنهنجو منهن، پنهنجو موچڙو.
    پنهنجا وري به پنهنجا.
    پاڻ کان مٿي جا ٻئي کي گُهري، سا به ڏائڻ.
    پني پني ممن ڄايو، تنهن ۾ به اڌ پرايو.
    پڳ کان بِتانو وڏو.
    پوئين بي حيائيءَ کان، پهرين بي حيائي چڱي.
    پاڻيءَ کان اڳ، ڪپڙا نه لاهجن.


    ح

    حال پريان نال.
    حال حبيبان پيش پريان.
    حبيب سان ڪهڙي حُجت.
    حُجائتي ڪُتي حُجري ۾ هنگي.
    حرامي ٻار پينگهي ۾ پڌرو.
    حرام جو مال حرام ۾.
    حياتي ڇڏي ڪو ئي نه ويندو.
    حيلي رزق، بهاني موت.
    حُجتي، لعنتي.
    حاڪم جي ياري، ٻه آڱر ٽاڪ باقي سڀ واري.
    حاڪمين ۽ طبيبين، شل نه ڪم پوي.


    خ

    خان جي خاني، مانيءَ مان معلوم ٿئي.
    خالي ڳالهيون به ڪو پيٽ ڀرينديون؟
    خدا حقئون به رکي، ته ناحقئون به رکي.
    خوشيءَ جهڙي خوراڪ ناهي، غم جهڙي بيماري ناهي.
    خوشيءَ جهڙي خوراڪ ناهي، ڳڻتيءَ جهڙو ڳاراڻو ناهي.
    خير صلاح، مهر الله.
    خرچ کپاء، ڏئي شاھ.
    خرچ کاءُ، ڏئي الله.
    خون ۽ کٿوري، ڪڏهن نه لڪي.


    ج

    جتي اُٺ ترندو، اُتي پڇ به تري ويندو.
    جاءِ چوي جوڙائي ڏس، شادي چوي ڪري ڏس.
    جاڏي سُئي ويندي، تاڏي ڌاڳو به ويندو. (جاتي سُئي ويندي، تاتي ڌاڳو به ويندو.)
    جاڏي پير، تاڏي خير.
    جاڙِي به جڳ سان.
    جت باھ لڳي، سا جاءِ سڙي.
    جت باھ ٻري، ات سيڪ اچي.
    جتي وڻ ڪونهي، اُتي ڪانڊيرو به درخت.
    جتُ اچي سچائيءَ تي کڙھَ تي کير پياري.
    جتي گنج، اتي رنج.
    جتي پاڙا، اتي ڍيڍ واڙا.
    جت دونهون هوندو، ات باھ به هوندي.
    جتي پڄڻ ناھ پھ، اتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.
    جتي ماکي، اُتي مک.
    جتي ماني، اُتي ماڳ.
    جتي لوڀي هجن، اُتي ٺوڳي بک نه مرن.
    جتي پڪي، اُتي کاڌي.
    جڏهوڪا مينهن، تڏهوڪا پاڻي.
    جڏهن تڏهن سنڌڙي، تو کي قنڌرائون جوکو.
    جڳ مڙيوئي جوا بازي، ڪن کٽي ڪن هارائي.
    جڳ مڙيوئي سپنو.
    جمعو جمعو اٺ ڏينهن.
    جنڊ کڻ ته جنڊ ڳورو پڙ کڻ ته پڙ ڳورو.
    جنهن جو نالو نه کڻجي، تنهن جو پنڌ به نه پڇجي.
    جِنَ جي دوستي، جيءَ جو زيان.
    جنهن اڀرندي تاءُ نه ڪيو، سو لهندي ڇا ڪندو.
    جنهن جي عمر جي خبر هجي، تنهن جا ڏند ڇو ڏسجن.
    جنهن جي هٿ ۾ ڏوئي، بک مري سو ئي.
    جنهن کي رب رکي، تنهن کير ڪير چکي.
    جن ڪُونرن ۾ کاڌو، سي توبرن ۾ ڪيئن کائيندا.
    جن کاڌا پلن جا پيٽارا، تن جا هينئڙا ويچارا.
    جن کي ڏنيونسين ڄايون، تن سان ڪهڙا سينا ساهيون.
    جن جو بُڻ بڇڙو، تنهنجو ميوو مٺو نه ٿئي.
    جنهن کي وات آهي، سو کائي ٿو.
    جنهن کي ساھ کنئي سُڌ نه پئي، تنهن سان ڪهڙو سور سلجي.
    جنهن جو پڇ کڻ سا مادي.
    جنهن جي ماني، تنهن جي ڪاني.
    جنهن جي واٽ نه وڃجي، تنهنجو پنڌ نه پڇجي.
    جنهن جي در تي پلي، تنهن جي ذات ڀلي.
    جنهن نه چيو، تنهن گهڻو چيو.
    جنهن چيو، تنهن ڪيو.
    جهڙا روح، تهڙا ختما.
    جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي.
    جهڙي سٺ، تهڙيون ٽي ويهون.
    جهڙي ڇالي تهڙي پني، هن لاهي هن کي ڏني.
    جهڙي نيت، تهڙي مراد.
    جهڙو ديس، تهڙو ويس.
    جهڙو ٻج، تهڙو اَنُّ.
    جهونو ٿيو جهاز، سٽ نه جهلي سڙھ جي.
    جهڙو لڳي واءُ، تهڙو ڏجي پٺ.
    جهڙو سنگ، تهڙو رنگ.
    جهڙو منهن، تهڙي مٺائي.
    جھڙا گڏھ، تھڙا آٿر.
    جهڙو اَنُّ، تهڙو مَنُ.
    جيئن ٿڌ، تيئن وڌ.
    جو چُلھ تي، سو دل تي.
    جَوَ ڍيري، گڏھ رکپال.
    جو اڌ ڇڏي سڄي ڏي ڀڄي، تنهن کي سڄو ته نه ملي پر اڌ کان به وڃي.
    جَوَ پوکئي، ڪڻڪ ڪا نه لڻبي.
    جو ڪري حبيب، سو نه ڪري طبيب.
    جواني، ديواني.
    جو نه ڪري پيءُ، سو ڪري پئسو.
    جو اڳي، سو تڳي.
    جو مُڙيو، سو جُڙيو.
    جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ.
    جوڳي، رمتا ڀلا.
    جيڏا اُٺ، تيڏا لوڏا.
    جيڪو ڊڄي، سو وچ ۾ سمهي.
    جيڪا تنهنجي من ۾، سا منهنجي ڪن ۾.
    جيڪي ڪُني ۾ هوندو، سو پاٽ ۾ پوندو.
    جيڪي گجندا آهن، سي وسندا ناهن.
    جي رهڻيءَ نه رهيو سپرين، ته ڪهڻيءَ ڪبو ڪوھ.
    جيڪو پاءُ اٽو کائي ٿو، سو سمجھ رکي ٿو.
    جي وڃان وڃان ڪن، سي رهي رهندا ڪيترو؟
    جيڪو ڀانئي، سو ڀاءُ.
    جيسين سُکيو کڻي ساھ، تيسين بُکئي جو وڃي پساھ.
    جيءُ خوش ته جهان خوش.
    جيڪو نانگن جي ٻرن ۾ هٿ وجهندو، سو به نه بچندو.
    جيڪو ڪري، اُهو ئي ڀري.
    جيڏو الله، تيڏو آسرو.
    جي پاڻيءَ ۾ لهندا سي ڦهنگن کان ڪو نه ڊڄندا.
    جي اُکرين ۾ مٿا وجهن، سي مُهرين ڀر نه ڊڄن.
    جيڪي ويا جاوا، سي آيا ساوا.
    جيترا وات، اوتريون ڳالهيون.
    جيڪي ڪري ناڻو، سو نه ڪري راڻو.
    جيسين ساس، تيسين آس.
    جيري لاءِ ٻڪري نه ڪهجي.
    جي ويا، سي وسريا.
    جيڪا مرضي مالڪ جي.
    جنين پني کائي ڏٺو، سي کَٽي ڪيئن کائين.
    جيڪا پئجچن جي، سا ساڌن جي.
    جي ڄڻينِ، سي نپائين.
    جيڪي ڪري گيھ، سو نه ڪري ماءُ پيءُ.
    جي جاڳندي، ستي به سيئي.
    جتي هر، اُتي گهر.
    جتي ماني، اُتي ماڳ.
    جڏهوڪا مينهن، تڏهوڪيون چِڪون.
    جَڏا جياري، مُرڪندا ماري.
    جُڙيءَ کي جس.
    جنهن جو کائجي، تنهنجو ڳائجي.
    جبل سان مٿو هڻبو ته مٿو ڀڄندو.
    جنهن ساھ ڏنو، سو گراھ به ڏيندو.
    جن مڱن کان لنگها ڀڄن، سي ئي لنگهن مُڱ.
    جو ٻن ٻيڙين ۾ چڙهندو، تنهن جون ٽنگون ڦاٽنديون.
    جو پنهنجي هلندو، سور به وڏا سهندو.
    جو ڪَڇي نه ڦاڙي، سو کاري.
    جهڙي تاڃي، تهڙي پيٽي.
    هڪ ٽنگي جي ملڪ ۾ وڃجي، ته ٻي ٽنگ کڻي ڪلهي تي رکجي.
    جيترو پڇندين، اوترو منجهندين.
    جي هڻن، سي کڻن.
    جيڏا ڌُوتا، تيڏا پُوتا.
    جنهن ٿالهيءَ ۾ کائجي، ان ۾ ڇيد نه ڪجي.


    ڄ

    ڄاٽا، ابتا ڏاٽا.
    ڄٽ جي ڄمار، ملوڪ جي رات.
    ڄائو پُٽ، لٿي سڪ، پرڻيو پٽ، پيئي ڀِڪ.
    ڄٽ پڙهيو، الله اڙيو. (نعوذ باالله)
    ڄٽ ۽ ڦٽ، ٻڌا ڀلا.
    چٽيءَ پسايو سُٽ، واڻئي وڌس وٽي، ڄٽي ليکي واڻيو مُٺو، واڻئي ليکي ڄٽي، مُٺي اهائي ڄٽي.
    ڄٽ ڇا ڄاڻي، ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
    ڄڀ جي ترڪڻ کان، پير جو ترڪڻ چڱو.
    ڄٽ سڄو سون، پر چُوت پتل جي.
    ڄڃ پرائي، احمق نچي.
    ڄٽ جي دمڙي ڇني چمڙي، واڻئي جو سؤُ ڪونهي ڀؤُ.
    ڄٽ جي عمر، اڍائي کٿا.
    ڄڃ ۾ سڃاڻي ڪو نه، مان گهوٽ جي پڦي.
    ڄاڻي وڇونءَ جو منڊ به ڪين، هٿ ٿو وجهي نانگن ۾.
    ڄڃ اچي مَنَھ پيٺي، ڪنوار ماءُ ڪتڻ ويٺي.
    ڄڻي ڄڻي جو پنهنجو راڳُ.

    جھ


    چ

    چار ڏينهن چاھ جا، پوءِ وٺ ڪپر واھ جا.
    چادر آهر پير ڊگهيرجن.
    چانڊيا چور، شنباڻي شاهد.
    چاڪرن اڳيان چُوڪَر.
    چاڪيءَ جي مٿي ۾ گهاڻو.
    چريءَ کي چُوڙو، ڪڏهن ڄنگھ ۾ ڪڏهن ٻانهن ۾.
    چريءَ کي چوربو، چئن گارين لاءِ.
    چرين ڪهڙا چِت، مُئن ڪهڙا مامرا.
    چريءَ کي ڄائو پٽ، چمي چمي ماريائين.
    چرين جا پور، مٿي جا سور.
    چَريا مري ويا، اولاد ڇڏي ويا.
    چرين کي ڪي سڱ ٿيندي آهن؟
    چريون ڏيئي چار، واڇ ورتم هڪڙي.
    چري ڪيئن؟ چي: ويران وير وڌ.
    چريو کريو ته به پنهنجو. (چريو کريو ته به پنهنجو ڀلو؟)
    چڱا سي جن جا پويان چڱا.
    چڱائيءَ کي چار، ڳڻي هڻجن موچڙا.
    چڱن پٺيان چُٽا.
    چمڙي وڃي، دمڙي نه وڃي.
    چنڊو چنڊي کي سؤُ ڪوھ تي ڳولي لهي.
    چور جي ماءُ، ڪُنڊ ۾ روئي.
    چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي.
    چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪَکُ.
    چورن جا ڀائر، ڳنڍيڇوڙ.
    چمڙو ٿو ڀانئي ته مان آسمان کي جهيلو بيٺو آهيان.
    چوري چوريءَ کان وڃي، هٿوراڙيءَ کان نه وڃي.
    چور مچائي شور.
    چورن مٿان مور.
    چور نه نه، چاڪي ئي سهي.
    چٽ ڏيئي چرئي کي، ڪاٺ کڻائجيس ڪلهي تي.
    چڙهيو ته سوار نه ته پيادو.
    چاچي به چئي، چهنڊڙي به پائي.
    چرين جا پور، مٿي جا سور.
    چريءَ ليکي، سڀ چريا.
    چڱائيءَ ڪر ڄٽ سان ته ڦيري هڻي پٽ سان.
    چريا چرين گڏيا، ادا عيد مبارڪ.
    چوتئي کان چريو سٺو.
    چڱو اهو جيڪو چڱي کي چڱو سمجهي.
    چار آڱريون برابر ناهن.


    ڇ

    ڇا ڪوري، ڇا ترار.
    ڇا بُج، ڇا بُج جي بها.
    ڇڏ منڊي کي کيڙيءَ ۾.
    ڇُري ڪِري گدري تي يا گدرو ڪري ڇُريءَ تي ڳالھ مڙئي ساڳي.
    ڇڪ تڏيءَ تڏو، منهنجو ولر وڏو.
    ڇوڪرين ۾ ڇوڪر، منهنجي گڏيءَ جو نوڪر.
    ڇوڪراڻي پوتي، نه ڌوتي نه پوتي.


    د

    دال روٽي، ڪڏهن نه کوٽي.
    درياءَ جي ڀر تي، واڳونءَ سان وير نه رکجي.
    درويش گُهري دُعا، قبول ڪري خدا.
    دائيءَ کان پيٽ ڪهڙو ڳجهو هوندو.
    دشمن جو دشمن، سو پنهنجو دوست. دشمن جو دوست، سو پنهنجو دشمن. دوست جو دوست، سو پنهنجو دوست. دوست جو دشمن سو پنهنجو دشمن.
    دشمن جي دانگي ڀڳي ڀلي.
    دل کوٽي عُذر گهڻا.
    دل جي ڳالھ دل ۾.
    دل انڌي، ته اکيون ڪهڙي ڪم جون.
    دل پسند، لوڪ پسند.
    دل وارن جي دنيا ئي پنهنجي.
    دهلي اڃا پري آهي.
    دل جي دري کلندي، ته من جو مونجهارو لهندو.
    دنيا مڙئي ڌوڙ، ڌوڙ دنيا جي منهن ۾.
    دنيا جو سک معنيٰ پاڻيءَ تي ليڪو. (دنيا جو سک؛ پاڻيءَ تي ليڪو.)
    دوا اندر، دم ٻاهر.
    دوست پرتل ڇڏجي، ميلو متل ڇڏجي.
    دوست کي آزمائڻو هجي، ته ساڻس سفر ڪجي.
    دوست اهو جو، اوکيءَ ويل ۾ ڪم اچي.
    دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي، هن جي ڪسر هُن ۾ آئي.
    ديس چوري، پرديس بَکيا.
    ديڳ جڏهن تپي.
    دوا به ڪجي، دعُا به وٺجي.
    دل جي ڪاراڻ کان، منهن جي ڪاراڻ چڱي.
    درياءَ ڀر ڇوڪر ڪُڏي، اڄ نه ٻڏي ته سڀان ٻڏي.
    داڻي داڻي تي مُهر.
    دم درميان، مولا مهربان.
    ديوان جو دم، دمڙي جي دال ۾.


    ڌ

    ڌڪ هڻ ڌيءَ کي، ته سکي نُنهن.
    ڌڪ دشمن جو به نه وڃائجي.
    ڌڪ رحماني، ڌڪ شيطاني.
    ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي.
    ڌڻ آهي ڌنار سان.
    ڌوٻيءَ جو ڪتو، نه گهر جو گهاٽ جو.
    ڌوٻيءَ جي گهران وڃي شُو.
    ڌوپي منجھ درياءَ، ته به اوجھ نه ڇڏي اوجهري.
    ڌوڙ پائجي، ته وڏي ڍڳ مان پائجي.
    ڌيءَ ڌڻ، وڌندي ويرم نه ڪري.
    ڌيءَ ڌڻ، وڌندڙ وڻ.


    ڏ

    ڏات نه آهي ذات تي.
    ڏاچي هڻي ڏھ ته توڏو هڻي تيرهن.
    ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.
    ڏاڍو سو گابو.
    ڏاڍي تي ڪاوڙ چڙهي ڪا نه، هيڻي تان لهي ڪا نه.
    ڏاڙهي مڇان چٽ، ڀروان شاھ بچايون.
    ڏاهو ڪانءُ، ٻه ٽنگو ڦاسي.
    ڏائڻ به ست پاڙا ڇڏيندي آهي.
    ڏٻري ڍور تي مڇر به گهڻا.
    ڏٺي مَک، ڪير ڳهندو؟
    ڏٺو پير، پُني مراد.
    ڏڌو کير، ٿڻين نه پوي.
    ڏجي نه ته ڏکوئجي به نه.
    ڏک سکن جي سونهن.
    ڏنو پٽ ڇُٽي جو، ذات جو سکيو.
    ڏنو آهي ٻنو.
    ڏنو ڪِنو نه ٿئي.
    ڏھ دنيا ستر آخرت.
    ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، چڀڙ ننڍو وڏو مٺو.
    ڏيڏريءَ کي به زڪام ٿيو آ.
    ڏيراڻيون توڙ جون ويراڻيون.
    ڏينهن شينهن، رات راڻي.
    ڏينهن، رات جو ڊپ گم ڪيو ڇڏي.
    ڏيڻ چاهي ته، ڇپر ڦاڙي به ڏئي.
    ڏٻرو گهوڙو، سيٽيل سوار يا سيد يا مڱڻهار.
    ڏاڙهيءَ جي ڏاڙهي، رومال جو رومال.
    ڏيئي هيٺان اوندھ.
    ڏنڀجي گڏھ، سور ٿئي ساٽيءَ کي.
    ڏکڻ مينهن نه وسي، وسي ته ٻوڙي، ڪانئر ڌڪ نه هڻي، هڻي ته جهوري.
    ڏچر گهوڙي سچر زال، ٻئي کڏ پيا.
    ڏاند کري، ته هر نه ڪري.


    ڍ

    ڍنڍ جا پکي، ڪڏهن هِن ڀَر ته ڪڏهن هُن ڀَر.
    ڍؤَ بنا ڍوليا، ڪونهي ساءُ سنگت ۾.
    ڍؤَ بنا ڍوليا، ڪانهي ساڃاھ سونهن جي.
    ڍڳي جي ڦٽ تي، ڪانوَ کي ڪهڙو قياس.
    ڍؤُ جهلي مينهن، يا ڀاڀڙو.
    ڍؤُ جهلي واڻيو يا مينهن.
    ڊينڊو شيطان، ڊگهو بيوقوف.
    ڊڄ تنهين جي ڊاءِ، جنهن جي وائيءَ ۾ ور گهڻا.
    ذات نه پُڇ، ڏات ڏس.
    ذلت جي زندگيءَ کان، عزت جو موت بهتر.


    ر

    رات راڻي، ڏينهن راجا.
    رامائڻ پورو ٿيو، چي: سيتا ڪير هُئي؟
    رب رُسي مَت کسي، هڻي ڪو نه هٿيار، ڏسي اُهي پار، جن سان جوکو جيءَ جو.
    رَتُ ڏسيِ، رُمي هڻجي.
    رَتُ، رَتَ ڏي وري.
    رت ڪٽورو ڏبو، تڏهن ڀت ڪٽورو ملندو.
    رت دانگيءَ تي به ورندو.
    رُٺي اڳ ئي ويٺي هئي، مٿان آيس پيڪاڻو ماڻهو.
    رُٺي آهي گهوٽ سان، ڳالهائي نٿي ڳوٺ سان.
    رڌي پڪي به يانصيب.
    رڍ جو پيٽ ڀرجي، ته دڙيون ٽپي.
    رڍون مڙئي ٻوٿ ڪاريون.
    رڍن اڳيان رباب، وڄائيندي وَرھ ٿيا.
    رڍ ڇا ڄاڻي راڳ مان، جنهن جي ٻولي ٻي.
    رستو ولو، ڪوھ ڀلو.
    رڪ جا چڻا، آنڊا چيرڻا.
    رکي سُڪي کائي، ٿڌو پاڻي پيءُ.
    رلي ڪلهي تي، ماني راڄ تي.
    رَن پُٽ کي لڳي ڀاڳ، ته ڏي جوئر جي ڀت کي داڳ.
    رن ته وئي، رلي به وئي.
    رَن ته ران سان.
    رن زال جا، ڪهڙا حال.
    رنج بنا، گنج ڪونهي.
    رنج بنا، راحت ناهي.
    رَهو حرام، ٻوٽي حلال.
    روٽي کاڌي، پاتل ڦاٽي. (سيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي.)
    روپ روئي، ڪرم کائي.
    روزون پٺيان عيدون، عيدن پٺيان روزا.
    ريل جو منهن، بند ڏي.
    رب ٿئي راضي، ته ڌوڙ مان چاندي.
    رب آ ته سڀ آ.
    رنون رب رلايون، ته ڏاڙهين ڪهڙو ڏوھ.
    رنان مڪر تنان تتر تال ڪن، رڌيون پڪيون ڪونجڙيون اُڏايون ڇڏين.
    روھ رلا، مٿي کلا.


    ز

    زالون، زالن جو کاڄ.
    زبان آهي سا ننڍڙي، پر وھ جي ڳنڍڙي.
    زبان چم جي، ڪنهن نه ڪم جي.
    زر آ ته عشق ٺھ پھ. (زر بسيار، عشق ٺھ پھ.)
    زور اڳيان زاري.
    زور جي ميندي نه لڳندي.
    زورآور جو ستين ويهين سؤ.


    س

    ساڌو ٻه آڱر واڌو.
    سائيءَ واري کي، هر شيءِ سائي نظر اچي.
    سائي جو سڀ ڪو، سڃي جو ڪو ئي نه.
    سالا شينهن کي به پيارا.
    ساھ بند ڪرڻ سان پيٽ ڀريو؟
    ساعت (سائٿ) وارو کايو وڃي، لهڻيدار موٽيو وڃي.
    سُڀاڻي جا ڀاڳ، سڀاڻي سان.
    سڀاڻي جي ڪهڙي خبر.
    سٻر سوٽو ساڻ ته گڏھ گوهي نه ڪري.
    سُتل شينهن کي نه جاڳائجي.
    ستين لنگهڻين، ڪتو به حلال.
    سٺ ته لٺ.
    سپاهيءَ جهڙو يار، ٻيو دشمن نه ڌار.
    سپ نه ماري، سڀ جو ڊپ ماري.
    سڃي کي ڏي ڪو نه، سائي کي سهي ڪو نه.
    سُڃو ماڻهو، الله کان به ڏاڍو. (نعوذ باالله)
    سرمو سڀڪا پائي، پر اک اک جو ڦير.
    سر جي بازي سر سان.
    سِر ڏجي، سُر نه ڏجي.
    سُر ٺهي نه وٺ رينگٽ کي. (نار وھي نه وهي، وٺ رينگٽ کي.)
    سڪيلڌو ٻار، چريو يا چُتو.
    سُڪن سان گڏ آلا به سڙيو وڃن.
    سُکن پٺيان ڏک، ڏکن پٺيان سُک.
    سکڻي دعا، پِٽ برابر.
    سکڻو ڦيڻو، سور ٻيڻو.
    سکڻي ڪُني، گهڻو اُڀامي.
    سَلو سو، جو نسري ئي سڌو.
    سَلو اهڙو، جو انگورئون ڀلو.
    سُمهڻ آ سگهرن جو، ڇڙن جو آڊهڻ.
    سج، ٻه پاڇا.
    سڄڻ سڄي ڏئي، ته سڄي نه وٺجي.
    سچ ته بيٺو نچ، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ.
    سچ مرچان ڪوڙ ڳڙ، پير پئسو، زال گر، جيئن آکي تيئن پيو ٽُر.
    سچ جي ٻيڙي لُڏي لُڏي، پر ڪڏهن نه ٻُڏي.
    سچ چوندي يار رُسي ته ڀلي رسي، ڦڻي ڏيندي وار کسي ته ڀلي کُسي.
    سچ جَنين جو سِير، تير نه گُسي تن جو.
    سچ سونهي سچن کي.
    سج اُڀرندي کان پوءِ سوير ڪانهي، سج لٿي کان پوءِ اوير ڪانھي؟
    سخيءَ کان شوم ڀلو، جو ترت ڏي جواب.
    سخيءَ جو ٻيڙو سُتڙ.
    سخي ۽ شوم جو، ٻارهين مهيني ساڳيو حساب.
    سخي ۽ سرنهن ٻئي ساوا، جيئن ڀيل تيئن ڀلا.
    سنسار مها ڄار.
    سنڌ گدڙن ڪا نه کاڌي آهي.
    سنڌ آهي آين جي، نه ڄاين جي.
    سَگهو کائي ان، اگهو کائي ڌن.
    سنگ جو پرسنگ.
    سنئين ڪاٺيءَ جو، واڍو ويري.
    سنئين ڪاٺيءَ تي بار گهڻو.
    سنگ تاري، ڪسنگ ٻوڙي.
    سهڻي صورت کان، سهڻي سيرت ڀلي.
    سهڻا ٽوھ پٽن تي.
    سَوَ ڌڪ سونار جا، هڪ ڌڪ لوهار جو.
    سهاڳڻ سا ئي، ڪانڌ جنهنجي ڪڇ ۾.
    سو ڪوئا کائي، ٻلي حج تي هلي.
    سونُ، سؤ ورهين به سوايو.
    سواري پاڻ سان، پئسو جان سان، رن ران سان، مرد شان سان.
    سئي پاڻهي سڳي کي سوريندي.
    سياڻو چئي، اياڻو ويڃائي.
    سيڻ آهن نيڻ.
    سياري جي سوڙ، سڀ ڪو پاڻ ڏي ڇڪي.
    سيڻپو، ويڻپو ويريو.
    سيهڙ ٽنگهون ٽي، چوٿين ٺهي ئي ڪا نه.
    سؤ ڪري سينگار، ته به کودڙي پٽ کودڙو.
    ساري رات ويامي ڌيءَ ڄائي، اها به ڪاڻي.
    سر منڊل جي ساز مان، سانڊو ڇا سمجهي.
    سن ڳولي سن کي.
    سيوهاڻي چريا، ڀتر به پنهنجي گهر اڇلائين.
    سونارو ماءُ جي نٿ مان به نه مُڙي.
    سڀڪو پنهنجو هٽيءَ جو هوڪو ڏئي.
    سومر سوار، جاڏي وڄ تاڏي تيار.
    سوڙهيءَ سيرانديءَ وهنوار نه ڪجي.
    سر ڏجي، سام نه ڏجي.
    سڌي وائي، ڪم نه آئي.
    سوڙ آھر، پير ڊگھيرجن.
    سياڻو ڪانءُ، ٻه-ٽنگو ڦاسي.


    ش

    شاهوڪار جي ڦوس به کٿوري.
    شڪارپوري نيت بُري، ڪَڇ ۾ قرآن هٿ ۾ ڇُري. (شڪارپوري نيت بُري، ھٿ ۾ قرآن ڪڇ ۾ ڇُري.)
    شرم ناهي، ٻيو سڀ ڪجھ آهي.
    شرع ۾ شرم ڪهڙو.
    شل نه ڪارو مٿو ڪنهن جي ڪڍ پوي.
    شينهن جا هٿ، هميشه ڌوتل.
    شينهن کي ڪير چئي، تنهنجي وات ۾ ڌپ.
    شير شاھ جو شڪرو، گهر جا ڪڪڙ ماري.
    شينهن مري، پر ڊَڀ نه چري.
    شيرو ٻلو شاھ جو، نه پيءُ جو نه ماءُ جو.


    ص

    صبح جو ڀُليو، شام موٽيو سو به نه ڀُليو.
    صبر جا ٻه ڀاڱا. (صبر واري جا ٻه ڀاڱا.)
    صر جنين جو سير، تير نه گُسي تن جو.
    صرفو ڪرين، ته پٽ هنڊاءِ.
    صفائي اڌ ايمان آهي.
    صبر ۽ سِيل، عورت جي سونهن.


    ض

    ضامن گيري، تاون گيري.
    ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي.


    ط

    طمع سندو تَس، ڀريو ڀرجي جي ڪينڪي.
    طمع جي تنوار، متان ڪرين مڱڻا.


    ع

    عزت ڏي، عزت وٺ.
    عشق نه پڇي ذات.
    عشق انڌو آهي.
    علم، انسان جو زيور آهي.
    علم، انسان جي ٽين اک آهي.
    علم آدميءَ کي، انسان بڻائي ٿو.
    علم وزير، هنر بادشاھ.
    عُمر وڃي وڃي مارئي نيندو، ملير ته نه نيندو.
    عقل ريءَ عذاب، گهڻا پسندينءَ جندڙي.
    عقل وڏو يا مينهن؟ چي: مينهن.
    عقل واري جو هڪ پَل، بي عقل جي ڄمار.
    عقل واري لاءِ اشارو ڪافي آ.
    عورت جو عقل کڙيءَ ۾، سو به سج لٿي کان پوءِ (ھليو وڃي).
    علت وڃي، عادت نه وڃي.
    عشق ۽ مُشڪ، لڪايو نه لڪن.
    عيد کان پوءِ ڪپڙا ڪهڙي ڪم جا.


    غ

    غريبن رکيا روزا ته ڏينهن به ٿيا وڏا.
    غريب جو ڀاڳ به غريب.
    غريب جي جوءِ، جڳ جي ڀاڄائي.
    غريب جو الله.
    غريب جو ڪو ئي ڀيڻيوو ڪو نه، امير جا سڀ سالا.
    غريبي گلزار، اٿئي موچاري مينگهو چوي.
    غريب نه ڄائو چڱو، نه مئو چڱو.
    غيب جي خبر خدا کي.


    ف

    فارسي، گهوڙي چاڙهسي.
    فقير فقير کي نه سهي.
    فقير کي ڦير، ته ڍينگوئي ڍير.
    فقير پنندا رهندا، ڪتا ڀونڪندا رهندا.


    ڦ

    ڦاسڻ کان پوءِ ڦٿڪڻ ڪهڙو.
    ڦِڙيو سو ڦَريو.
    ڦُرئي کان پوءِ ڪهڙو ڀؤ؟
    ڦُڙي ڦُڙي تلاءُ.
    ڦڦڙ نه گوشت، سپاهي نه دوست.
    ڦڳڻ ڦولاريو، راتان پارو، ڏينهان پگهارو.


    ڪ

    ڪاڻيءَ جي وهانوَ ۾ ڇيڏڪ به گهڻا.
    ڪاسائي کي ماھ جي، ٻڪريءَ کي ساھ جي.
    ڪانَون کي پيلا هجن ها ته اڏامندي ڏيکارجن ها.
    ڪاٺ پرائي ڪلهي تي، ڪپھ کان به هلڪو.
    ڪانوَ کي لُڙ ۾ مزو.
    ڪانوَ مري ويا آهن، جو لولو حج تي ويندو!
    ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي ٽندو الهيار.
    ڪافر ڀڄي ڪلمي کان، اهو ئي آيس منهن ۾.
    ڪارِي مينهن اڇو کير، سبحان الله.
    ڪاتيءَ ڪهڙو ڏوھ، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾.
    ڪاغذ جي ٻيڙي، اڄ نه ٻڏي سڀاڻ ٻڏي.
    ڪاڻياري ٻلي، ڪوئي جي جوءِ.
    ڪامورو ڪچي پنڊي، هڪ درخواست جو کاڄ.
    ڪامورو معنيٰ ماڪوڙو، جي چنبڙيو ته مُئي به نه ڇڏي.
    ڪارو نانءُ ڪانوَ جو، (ملڪ) کائي ويا ڳيرا.
    ڪاوڙ، اندر جي باھ آهي.
    ڪاوڙ جو علاج ماٺ سان ڪر.
    ڪبوتر ڪبتور سان، باز باز سان.
    ڪٻرو ويهي ڪاري سان، رنگ نه بدلائي ته عادت ضرور بدلائي.
    ڪتو ڪُڙم جو ويري.
    ڪتي جو پڇ، سدائين ڏنگو.
    ڪتو به کاڌو، ڪک به نه ڀري.
    ڪتا ڀونڪندا رهن، فقير پنندا رهن.
    ڪتي کي کپي هڏي.
    ڪتو، لوڌ ۾ خوش. (ڪتو، لڏ ۾ خوش.)
    ڪتو ۽ ٻار لَڏَ ۾ خوش.
    ڪتو ڇتو، ته به مالڪ سڃاڻي.
    ڪٿي پيران پير، ڪٿي جمعو فقير.
    ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
    ڪٿي ڍور سڃا ته ڪٿي چور سڃا.
    ڪڃر ۽ قاضي، ڪا ذات ناهي.
    ڪڌو ڪم ڪرائجي، ڍيڍ کان.
    ڪڏهن ڏينهن ننڍا، ڪڏهن راتيون ننڍيون.
    ڪڏهن ڀاڪر ۾، ڪڏهن ڀريءَ ۾.
    ڪڏھن تخت، ڪڏھن تختو.
    ڪڏهن ريل ۾، ڪڏهن جيل ۾.
    ڪَن هڪڙا، لوڙين ٻيا.
    ڪسيري جي ڪتي، ٽڪي جا کائي ٽُڪر.
    ڪڪڙ ٻانگ نه ڏيندو، ته صبح نه ٿيندو ڇا؟
    ڪڪڙ ڪوريءَ جو، نانءُ وڏيري جو.
    ڪک جي چوري، لک جي چوري.
    ڪم لٿوُ، ڊکڻ وسريو.
    ڪم لٿو، ڪاڳر ڦاٽو.
    ڪم پوي ته ڪل پوي.
    ڪم ٿورو، ڦڙ ڦڙ گهڻي.
    ڪمزور تي، سڀ جو زور.
    ڪنڀر جي گهر، ٻُٽو دِلو.
    ڪن جو روئڻ به راحت، ڪن جو کلڻ به خواري.
    ڪِنَ سان ڪِنُ، ڪو نه ڌوپبو.
    ڪني رن کي يار به گهڻا، ٻار به گهڻا.
    ڪَنوٽي، وِھُ جو وٽي.
    ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس.
    ڪنهن جي ٻڪري، ڪير وجهي گاھ.
    ڪِني آڱر، وڍي ڀلي.
    ڪنن جي ڳالهين، مير بجار مارايو.
    ڪنهن کي واڱڻ وائي، ڪنهن کي بصر بادي.
    ڪوڙي جي ڊوڙ کَڏ تائين.
    ڪوڙ ته پوءِ ڪهڙو صرفو.
    ڪوڙي کي کڏ تائين پهچائجي.
    ڪوري، مت ٿوري.
    ڪوئي جي ڪيس ۾، ٻلي شاهد.
    ڪوئلن جي دلاليءَ ۾، هٿ منهن ٻئي ڪارا.
    ڪوئي لڌي هريڙ، چي: مان به پساري
    ڪوڙي تي ڪهڙو اعتبار.
    ڪوڙ ڳالهائجي ته گوڏا کوڙي ڳالهائجي.
    ڪوڏي حرام، بجڪو حلال.
    ڪوڙ آهي، ڄمار جي ڪتر.
    ڪوڙ جو مسئلو ڪوڙ.
    ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ.
    ڪيول دين تي آيو، ڏٻو ڏاند ڪهايو.
    ڪنڌ مٿي اٺ ڪڏهين نه ٿاٻڙجي، ڪنڌ هيٺ گڏھ هميشه ٿاٻڙجي.
    ڪاڏي ڪوري، ڪاڏي ترار.
    ڪوري کڏ کڻي، پهرين پاڻ پوي.
    ڪچا ڪنا نه وريا، پڪي ڇا ورندا.
    ڪک هيٺان لک پيو آ.
    ڪِني ڪُني، پر ڏيراڻيءَ نه ڏني.


    ک

    کائڻ مهل کرو، پڙهڻ مهل ٻرو.
    کيرتي گانءِ جي لت به ڀلي.
    کارڪ جي کارڪ، ثواب جو ثواب.
    کاڌي کوھ به کٽيو وڃن.
    کاڌو پرائو يا پيٽ پرائو.
    کُٽو واڻيو وهيون سنڀاري.
    کٽيو کائي فقير، لٺيون جهلي ڀولڙو.
    کچڻي ناهي جو کائي وٺبي.
    کدڙي جو زور، ادي جي اوزار تي.
    کدڙي جي ڪمائي، ڏاڙهي ڪوڙائڻ ۾ پوري.
    کڙھ تي ملي کير، ته جهنگ ڇو وڃجي.
    کلندڙن مان خير.
    کٽيو کائي مڙس جو، چي: جيئي منهنجو ابو.
    کَل ته سهي، سودو رضا ئي آ.
    کڻ کلو، ته ٿئي ڀلو.
    کودڙو، پٽ کودڙي جو.
    کوهن جا وات بند ٿي ويندا، پر ماڻهن جا ڪو نه ٿيندا.
    کوڙيءَ کي ئي گهمرو.
    کنئِي کپي ڪا نه، ڳولي لڀي ڪا نه.
    کُھ پيو ڏيرپو، جنهن وڃايو ڀيڻپو.
    کير آهي پير.
    کيل ختم، پئسا هضم.
    کير جو سڙيل، لسي ڦوڪي ڦوڪي پيئي.
    کير ۾ جيتري کنڊ پوندي، اوترو مٺو ٿيندو.
    کيتي سر سيتي.
    کير جو کير، پاڻيءَ جو پاڻي.
    کوھ جي مٽي، کوھ کي لڳي.
    کاٽائو پٽ، ڪاڻو به ڀلو.
    کائي پي، ڏوهٽا ڪوٺبا ڏاڏي پوٽا.

    گ
    گاھ سائي جو سائو، گاهي سڃي جو سڃو.
    گابا وهن ته ڏاندن کي ڪير پڇي.
    گُپت دان مها پُڃ. (ترت دان مها پُڃ.)
    گڏھ پنهنجي سانوڻي هينگن ۾ وڃائي.
    گدڙ جي ڪوڪ نه اونائي ته ڪوڙهيو ٿي مري.
    گدڙ ڊاگ نه پڄي، آکي ٿو کٽا.
    گڏي اڏجي يا لڏي ڇڏجي.
    گڏھ ڇا ڄاڻي، گلقند مان.
    گڏڙ جي گونھ ۾ ڪم پئي ته، وڃي ڏر ۾ لڪي.
    گڏھ جو ماس ڪتي جا ڏند، ويٺو ڇڪ.
    گڏھ پنهنجي ڄمار، هينگون ڪندي گذاري.
    گڏھ ساڳيو، آٿر نوان.
    گڏھ تي گلاب، هاريندي حيف ٿيو.
    گلن ۾ گل؛ گُلاب.
    گڏھ جو ڇا وس جو ٻيڙيءَ ۾ نه چڙهي.
    گنجي کي، نڪا جونءَ جي نڪا لِيک جي.
    گند گند سان نه ڌوپي.
    گوڏا ورائبا ته پيٽ ڏانهن ئي ورندا.
    گنجو کنهڻ کان نه رهي.
    گِرھ گهٽ، چُلھ وٽ.
    گهوٽ ڪنوار راضي، ته ڇا ڪندو قاضي.
    گهر ۾ گنگا وهي ته ڪاشيءَ ڇو وڃجي.
    گدامڙي سڪائبي، ته به کٽاڻ نه ڇڏيندي.


    گھ

    گهوڙو کري ته گَھ ڪري.
    گُهرڻ آهي پنڻ.
    گهر جي ڪڪڙ، دال برابر.
    گهر جو پير، چلھ جو مارنگ.
    گهر ٻاري ڪا ڏياري ڪبي؟
    گُهر انهيءَ کان، جو ڏيئي نه پچاري.
    گهر ڌياڻي انڌي هوندي، ته گهر جا سڀ ٿانوَ ٿپا ڀڃندي.
    گهر ۾ ٻيو گهر، ٻڏي وڃي مر.
    گهر ڦٽي، ته کاٽ لڳي.
    گهڙيءَ ۾ تولو، گهڙيءَ ۾ ماسو.
    گهڙيا سي چڙهيا.
    گهڻي زالين گهر نه هلي، گهڻين مردين هر نه هلي.
    گهڻي کاڌي کان، گهڻو ڏٺو ڀلو.
    گهڻو مال، گهڻو وبال.
    گهڻن کنئي، ڇپر به کڄيو پوي.
    گهڻن گهرن جو مهمان، کائي مري يا بک مري.
    گهوٽ بدافعالو، ڄڃ وائڙي.
    گهوڙي جي ڦٽِي، ته ٽانگي ۾ وَهي.
    گهوڙي ٿي نعل هڻايا، ته ماڪوڙو اچي ٽنگ جهلي بيٺو.
    گهر ڄائي، گهر ۾ ئي سونهي.


    ڳ

    ڳالهين سنديون ڳالهيون، ٽڪي سندا موٺ.
    ڳالهين سان ڳوٺ ڪو نه ٻڌبا.
    ڳڙ ڄاڻي ڳڙ جي ڳوٿري ڄاڻي.
    ڳڙ نه سڃاپي ڳالهئين، جان جان ڳڙ نه کاءُ.
    ڳوھ ڦاٿي ڊوھ سان.
    ڳوھ کي کٽي کڻي، ڳولي شڪارين جا گهر.
    ڳالھ ڪجي الله لڳ، بانٺو کڻجي ڀاءُ لڳ.
    ڳڙ سان مري، ته زهر ڇو ڏجيس.


    ل

    لالچ بري بلا.
    لاچار کي ڪهڙو آچار.
    لاچار کي سڀ روا.
    لڀي لوڻڪ به ڪا نه، سڌون ڪري سيري جون.
    لِتَر سان پڄي چَڪِر.
    لٺ کانسواءِ ماڻهوءَ کي رڍ به چڪ وجهندي.
    لٺ لڳي، پاڻي جدا نه ٿئي.
    لَڄن تان لک قربان.
    لُچ سان لچ ٿي ملجي.
    لڇمي، ڪُلڇڻ ڍڪڻي.
    لَڏَ ته ڏي، پر لڏاڻي به ڏي.
    لکي عيسيٰ، پڙهي موسيٰ.
    لکي لکانو، پڙهي الهنو.
    لکيو منجھ نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي.
    لک گهر ۾، ٻه لک اوڌر.
    لڳيءَ کي لعنت آ.
    لوڪ وهي لهوارو، تون وھ اوڀارو.
    لوڪ آهي ٻوڪ.
    لوڪ لڏڻ تي، چري اڏڻ تي.
    لوھ کي لوھ ڪاٽي.
    لونگ جو الله؟
    لونگ ويا وسري، جافر آيا ياد.
    لولي تي رُسن، پاپڙ تي پرچن.
    لائجي ته نڀائجي، نه ته اصل نه لائجي.
    لڳي ته لک هزار، ٽٽي ته ٽڪو نه لهي.
    کجيءَ هيٺان کير پيئندين، ته به ماڻهو چوندا ته تاڙي ٿو پيئي.


    م

    ماسات مٺي ذات، ڪڪڙ ڪُھ ته رهون رات، سيرو رڌ ته پئون پنڌ۔
    ماڻهوءَ کي سنگت مان سڃاڻجي، سون کي ڪسوٽيءَ سان.
    مال مفت، دل بي رحم.
    ماءُ جي پيرن هيٺان جنت.
    مايا اچڻي وڃڻي.
    مايا اچي ته انڌو ڪري، وڃي ته چيلھ ڀڃي.
    مايا مها ڄار.
    ماني ڪڏهن کائجي؟ امير کي جڏهن بک لڳي، غريب کي جڏهن هٿ لڳي.
    مٺڙا! گُهر ته گهرانءِ.
    مٺي پاڻيءَ تي ماڪوڙيون ضرور اينديون.
    مٺ ڀيڙيائي ڀلي جي اپٽي تي واءُ.
    مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ.
    مڇي هڪ ڪِني، کاري سڄي ڪِني.
    مڃڻ مراد آهي.
    مدعي سست، گواھ چست.
    مروان موت، ملوڪان شڪار.
    مرڻ کان پوءِ سجُ اڀري ته ڇا نه اڀري ته ڇا.
    ماروئڙن جي مڏي، ٻه ڏندڻ ٽين تڏي.
    مڙس ٿئي ڀاڙي، ته ڏاڙهي به بار.
    مڙس اڳيان، ميل؛ ٻه وکان.
    مڙس ته ڦڏو، نه ته جڏي جو جڏو.
    مڙس اهو جيڪو مهل ته ڪم اچي.
    مسلماني آساني.
    مسلمان قبر ۾، مسلماني ڪتاب ۾.
    مستن تي ڪهڙي ميار.
    مسجد ڊهي وئي، محراب اڃا آهن.
    ملالن جي مال، سڀ کي حلال.
    ملھ هميشه پوئين.
    ملان جي ڊوڙ مسيت تائين.
    مُلو، مجاور ۽ ڪانءُ، ٽيئي اکر هيڪڙي.
    منهن ڏسي مٺائي ملندي.
    منهن مسلمان جو، ڪم شيطان جو.
    منهن-ڪُنئري، ڳِٽا پٽائي.
    مئي کي مارڻ، سورهيه جي گلا.
    منهنجو خدا مون ساڻ.
    مهرباني سان پيش اچڻ، مهماني ڪرڻ کان بهتر آهي.
    مهلون مڙسن تي اينديون آهن.
    موچڪي رنبي، حلال ۾ وهي ته حرام ۾ به وهي.
    موچيءَ جا گهڙيا، موچيءَ جي منهن ۾.
    موت برحق آهي، پر ڪفن ۾ شڪ آهي.
    موت ۽ گراهڪ جو ڪو وقت ڪونهي.
    مولا مينهن وساءِ ته ڪانئر ڇُٽن ڪم کان.
    مئا ويچارا جيئرن وس.
    مُئا پر سال، پٽجن هيل.
    ميلو متل ڇڏجي، راند رتل ڇڏجي.
    ميان جلال، ڪُتو ٻلو حلال.
    ميمڻ وڃي مڪي، ته سير ساهمي تڪي.
    مينهن پوندا، ته گپون به ٿينديون.
    ميرن کي گهر مان لڳي.
    ميوو پچي ته مٺو، ماڻهو پچي ته ڦڪو.
    ماسي نه ٿئي ماءُ، چاچو نه ٿئي پيءُ.
    موڳي جي مجلس کان پاڻ کڻي پلجي.
    مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو آهي.
    مغلن اڳيان فارسي وسري وڃي.
    منڊن جي ملڪ ۾ هڪ ٽنگ مٿي کڻي هلجي.


    ن

    نادان دوست کان داناءُ دشمن ڀلو.
    ناني رڌڻ واري، ڏهٽا کائڻ وارا.
    ناني نوري، جتي ڪٿي پوري.
    نه اتر نه ڏکڻ، سڀ کان سٺو وطن.
    ناڻو نر کي به چتون ڪري.
    نانگ ويو نڪري، لِيڪا پيا ڪُٽجن.
    نالي چڙهيو واپاري کٽيو کائي، نالي چڙهيو چور ڦاهي چڙهي.
    نانوائيءَ جي اڳياڙي، ڪاسائي جي پڇاڙي.
    نالي ۾ ڇا هي؟
    نه ايترو مٺو ٿجي جو هر ڪو کائي وڃي، نه ايترو ڪڙو ٿجي جو هر ڪو ٿوڪاري ڇڏي.
    نانگ به مري، لٺ به بچي.
    نانءُ وڏو ويھ سڃي.
    ناڻي بِنا نَر ويڳاڻو.
    ناني هلي ساڻ ته مان اڪيلي وڃان.
    ناڻو ڏجي آڪرو، ته گيھ ڇو وٺجي ٻاڪرو.
    نڀاڳن جا نار، واڍن چاڙهيا واٽ تي.
    نه پرائي کٿي کي هٿ لائجي، نه پنهنجو پيٽ (پَٽُ) ڦاڙائجي.
    نه پير عيسو، نه پير موسو، وڏو پير پئسو.
    نچڻ لڳي، ته گهونگٽ ڪهڙو.
    نه ڄمي ها مارئي، نه مارو پون ها مامري.
    نڌڻڪا گهوڙا، غيبڻا هسوار.
    نه ڏهڻ جو نه ڪُهڻ جو.
    نه ڪا گهٽ گهوٽ ۾، نه ڪا ڪمي ڪنوار ۾.
    نه سياري سرھي، نه اونهاري آرام ۾.
    ننڊ نه ڏسي سيج، بک نه پڇي ٻوڙ.
    ڏيراڻ توڙي ويراڻ.
    ننڊ ندوري، آرس اڀاڳ.
    ننڊ آهي موت جي ڀيڻ.
    ننڍو ٻار مڇ جو وار، جيئن ورائين تيئن وري.
    ننڍي مري نه ماءُ، وڏي مري نه جوءِ.
    ننَهن سان ڇڄي، ته ڪاتي ڇو هلائجي.
    نون ڌنارن مينهون ڌاريون، کٿيون ڦاڙي دونهيون دکايون.
    نور جهڙي نعمت، ٻي ڪهڙي.
    نُنهن آهي ٻن گهرن جو ڏيئو، پيڪو نه چمڪائي ته ساهرو به.
    نوريئڙي جي نيرن، ٻه ٻير.
    نوڪري، ٽوڪري.
    نولي تي دهلو.
    نئون ڏينهن، نئون شينهن.
    نئين ڪنوار نوَ ڏينهن، ڇنڊي ڦوڪي ڏھ ڏينهن.
    نيَت بد، روٽي رد.
    نيَت صاف، مراد حاصل.
    نيڪي ڪري کوھ ۾ وجھ.
    نيم طبيب خطره جان، نيم ملان خطره ايمان، نيم نان صحت جان.
    نير جو ٽِڪو لهي وڃي، گلا جو ٽڪو نه لهي.
    نيڪي ۽ پڇ پڇ؟
    نينگر ننڍي جمعا گهڻا.
    نيڪي ته پوءِ دير ڇا جي.
    نياڻي سياڻي.
    نياڻي ست قرآن برابر.
    نه هيڊ لڳي نه ڦٽڪي، رنگ چوکي جو چوکو.
    نيت آهي نانگ، کائيندي کوٽن کي.
    نه مري ٿو، نه منجي ٿو ڇڏي.
    ننڍي وات مان وڏو ويڻ نه ڪڍجي.
    نه ڪتو ڏسي نه ڀونڪي.
    نه ڪَتي، نه ڪوريءَ جي ڪاڻ ڪڍي.


    ھ

    هاٿي جيئري لهي لک، مُئي سوا لک.
    هاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا، کائڻ جا ٻيا.
    هاٿي ستل به گهوڙي کان وڏو.
    هارايل جواريءَ جو آخري داءُ.
    هٿ هٿ ڪبو ته، ڇپر به کڄي ويندو.
    هٿ ڪنگڻ کي، ڪهڙي آرسي.
    هٿ صفا هجن، ته ڀؤ ڪهڙو.
    هٿيار اهو ڀلو، جو هٿ ۾ هجي.
    هٿ حاج ۾، دل يار ڏي.
    هٿڙا اُهي وِھ ٿيا، جن ٺاهي کچڻي.
    هجئي ناڻو، ته گُهم لاڙڪاڻُ.
    هڏيءَ تي هوڏ آهي.
    هرڻي اڳي ئي نچڻي، ويتر ٻڌائونس گهنڊڻي.
    هر ڪا ٻڪري، پنهنجي پائي ٽنگبي.
    هر ڪو پنهنجي قبر ۾ پوندو.
    هڙان نه ڏجي، ته وڙان نه وڃجي.
    هڙ سکڻي، لوڏ گهڻي.
    هڪ آنءُ، ٻيو ڪانءُ، ٽيون الله جو نانءُ.
    هڪ تندرستي، هزار نعمت.
    هڪڙي ماٺ سؤ کي شڪست ڏي.
    هڪ انار، سؤ بيمار.
    هڪ سيد ٻيو سپاهي، تن کئون رکي الاهي.
    هڪ اڻهوند، ٻيا افعال بڇڙا.
    هڪڙي هٿ سان وٺ، ٻئي هٿ سان ڏي.
    هڪڙي هٿ سان تاڙي نه وڄندي.
    هڪ مُٺِ ۾ ٻه گدرا نه ماپن.
    همت مردان، مددِ خدا.
    هڪ انڌو، ٻيو پوڙهو، ٽيون ٻوڙو، چوٿون ٻار، پنجون بيمار، اهي پنج ئي بي ميار.
    هڪ پنڌ ٻه ڪم.
    هڪ ٻيلي ۾ ٻه شينهن نه رهندا.
    هڪ سڃو، ٻيو سيٽ گهڻي.
    هڪڙو وڻي ڪو نه ٻيو ويهان وچ ۾.
    هيڻان، هر ڪنهن وهيڻان.
    هندو آهن هُوند تي.
    هيرئي سندي هير، ٽنگ ڀڳي به نه لهي.
    هڪ منڊو، ٻيو ميلي جو شوق.
    هارئي کان پيتو ڀلو.
    هڪڙا بُکيا ٻيو نالا ڏُکيا.


    و

    ويري هڪڙو به گهڻو، سڄڻ سؤ به ٿورا.
    وٺجن ٻير کائجن ڊاکون، تن گهرن جون ڪهڙون ساکون.
    وڇ کير ڏئي، ته مينهن ڇو ڌارجي.
    وياسين نمازون بخشائڻ، روزا ڳلي پئجي ويا.
    واريءَ سندو ڪوٽ، اڏي اڏبو ڪيترو.
    واڱڻ جو واڱڻ، تيوڻ جو تيوڻ.
    واڻيو ۽ سيارو، پنهنجي ڪسر ضرور ڪڍندا.
    وات، اڌ حڪيم آهي.
    وات ۾ ڳڙ، دل ۾ زهر.
    وار ته ڦڻي، نه ته ڪوڙاءِ کڻي.
    واھ جي ڪپ تي ڇوڪر ڪڏي، اڄ نه ٻڏي سڀاڻ ضرور ٻڏي.
    وات جي پلاءُ کي، گيھ جي ڪهڙي گهرج.
    وات کائي، اکيون لڄائين.
    واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
    وارا ڍارا آهن.
    وٺڻ کان ڏيڻ ڀلو.
    وُٺو ته ٿر نه ته بر جو بر.
    وڃڻو کڻي اندر وڃجي، سوڙ کڻي ٻاهر اچجي.
    وڃائي سکبو آهي.
    وڇ ڪِلي آهر ڪڏندي.
    وڌي واڙي لڳي ڀاڳ.
    وڏن ۾ وڏي مڻيا.
    وڏا ڪَن، ننڍا سِکن.
    وڏو ڏسي ڊڄجي نه، ننڍو ڏسي وڙهجي نه.
    وڙهندڙن جي پٺ ۾، ڀڄندڙن جي اڳ ۾.
    وڙهو وڙهو، پر جهيڙو نه ڪريو.
    وڙهن سانَ، لتاڙجن ٻوڙا.
    وڙهن سولجر، نالو ٿئي ڪپتان جو.
    وفاداري وصف ڪتي جي.
    وقت ۽ وجھ، ڪڪرن وانگي لنگهي وڃن ٿا.
    وقت چوي؛ آ بادشاھ.
    وقت ۽ وير، ڪنهن جي لاءِ نه ترسن.
    ولايت جي ڪٻر، اسان وٽ مينا.
    ونڊ ورهاءِ، ايمان پاءِ.
    وهم جو علاج، لقمان حڪيم وٽ به ڪو نه هو.
    وڻن تي ٻور، لڱن سور.
    وئي سڱن کي، ڪن به ڪپائي آئي.
    ويل وقت واپس نه اچي.
    ويٺي کان وڳندي ڀلي.
    ويري ۽ پنڌ، وڍيو ڀلو.
    ويساھ ٽُٽو، ٻار چٽو.
    وڙهن چور، ڀلو ٿئي ڀاڳين جو.


    ي

    يا بي ايماني تنهنجو آسرو.
    يارن سان ڪهڙا ليکا.
    يارن جو باهيون، ٻارن مان.
    يار ليکي نه ليکي، ادي يار جي ليکي.
    يار جي ياريءَ سان مطلب.
    يا ٿجي مڙس يا رهجي مڙسن جي پاڙي.
    يَڪي ٻولي ياحُسين.
    يار زندھ صحبت باقي.


    شاھ جي رسالي مان چونڊيل سون ورنيون سٽون

    ا

    آئون ميائي گهوري، جي مان محب ملن.
    آئون انين جي آهيان، توڻي مون نه مڃين.
    آئون جيهائي ذات، تون پاڻ سُڃاڻج سُپرين.
    آئون ملندي پرينءَ کي، راتيون ڏوري ڏينهن.
    آئون ڪيئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏينهان.
    آئون ڪيئن سوڙين سمهان، مون ور گهاري ولھ.
    آدمين اِخلاصُ، مٽائي ماٺو ڪيو.
    آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارينِ.
    آرياڻي اَمل، ڪايا ۾ ڪانڌُ ٿيو.
    آسائتيءَ کي عبدالطيف چئي، مولا! محب ملاءِ.
    آسر مَ لاهيج، سڄڻ سٻاجهو گهڻو.
    آسر هڏ ۾ لاھ، ڇنڻ ڳنڍڻ اُن جو.
    آس نه لاهيندياس، جيئري جَت ڏسي مران.
    آيا اڄ گهرجن، فردا مون ڦٽي ڪئي.
    آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا.
    آهي اکڙين ۾، آديسن اَدب.
    آهيان گهڻو اَڄاڻ، پر سور پريان جا ساڻ مون.
    اتر ڊاهي ان جا ته ڪنهن کي ڪارون ڪن؟
    اُتي اوڏو آءُ، جت هوت! هيکلي آهيان.
    اچو ڙي سورن واريون، ڪريون سور پچار.
    اسان اُڌارا، آڻي آونگ چاڙهيا.
    اسان عبادت، نظر ناز پرينءَ جو.
    اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ.
    اصل عاشق پنهنجي، سسي نه سانڍين.
    اصل عاشقن جو، سر نه سانڍڻ ڪم.
    اکِ اشهد چاءِ، ته مُسلماني ماڻئين.
    اک الٽي ڌار، ونءُ الٽو عام سين.
    اکر پڙھ الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار.
    اکين ۾ اٽڪاءِ، لالائي لالن جي.
    اکين ۾ ٿي ويھ، ته آئون وري ڍڪيان.
    اکين آگم لائيا، ڪر مندائتا مينهن.
    اکين کي آهين، عجب جهڙيون عادتون.
    اکين مَلَڪَ ڏٺاس، توءِ من ڪاڍو ميهار ڏي.
    اکيون اکڙين کي، سِڪيو ڪن سُجودُ.
    اکيون تان عيد، ڪانهي عيد اکين ري.
    اکيون سي ئي ڌار، جن سين پسين پرينءَ کي.
    اکيون ميگھ ملار، صورت تنهنجي سَڀُ جڳ موهيو.
    اکڙيون ويساند، پرينءَ گڏجي ڪنديون.
    اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.
    الا! اچن اوءِ، جن آئي من سَرهو ٿئي.
    الا! اِئين مَ هوءِ، جيئن آئون مران بند ۾.
    الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.
    الا! کر جين، مَدي جن جي مَنَ ۾.
    الله جئن نالوءِ، تئن مون وڏو آسرو.
    الله سي ئي آڻ، جن ساءُ چکايم سِڪَ جو.
    املھ آڇ مَ اُن کي، جي نه پُروڙن مَٺُ.
    امڙ اوري اچ، ته سِٽ سُڻايئين سور جي.
    اِن پر نه ايمان، جئن ڪلمي گو ڪوٺائيين.
    اندر جنين اُڃ، پاڻي اُڃيو ان کي.
    اندرَ جنين اَڌَ، ڏونگر سي ڏورينديون.
    اندرَ ۾ امل، ٻهر ڪوجها ڪاپڙي.
    اندر اُڃ اُڪير، مون کي پرينءَ پنهوار جي.
    اَندرُ تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا.
    اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
    اندر ريلا رَتُ، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
    انگن چڙهيو آءُ، جان نالو ڳيڙءِ نينهن جو.
    انڌا اونڌا ويڄ، کل ڪڄاڙيا کانئيين.
    اوجهڙ سي نه پون، ٻيئي جنين ڇَڏيون.
    اوراڙ نه پراڙ، ويچاري وَھ وچ ۾!
    اول آخر آهي، هلڻ مُنهنجو هوت ڏي.
    او ڇنني تون مَ ڇن، پاءِ اُميري ان سين.
    اوڏايان اوڏو گهڻو، ڪهڙا ڪرئين سڏ.
    اوڳڻ رُسي سڀڪو، ڳُڻين پرين رُٺام.
    اِي نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائينِ سون تي.
    اي وڙ ويڙهيچن، مون لوڏان ئي لَکيا.
    اِي ڪم ڪميڻين، جئن سمهن پير ڊگها ڪري.
    ايڪ پيالو، ٻه ڄڻا، عشق نه ڪري اِينءَ.
    اُڀُر چنڊ! پَسُ پرين، تو اوڏا، مون ڏُور.
    اڃا ڪي آهينِ، ڪلجڳ ۾ ڪاپڙي.
    اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.
    اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون.
    اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين.
    اُڏوهيءَ جئن ڏکڙا، چڙهيا چوٽيءَ سيئن.
    اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي.
    اڳي اُٺ رڙن، مون ڀيري ماٺ ٿي.
    اڳي پوءِ مران، مَرُ مران مارڳ ۾.
    اَڻَ چوندن مَ چئه، چوندن چيو وسار.


    ب

    برو هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اُجاريو.
    بغل منجھ بندوق، ماريءَ ميرا ڪپڙا.
    بندر بازاريون، سُڃا سامونڊين ري.
    بندي ٻيا قرار، اسين لوچون لوھ ۾.


    ٻ

    ٻاڙو پيئي نه ٻِپُڙي، مٺو منهن لڳوس.
    ٻَري جن ٻاري، آئون نه جيئندي ان ريءَ.
    ٻَريائي ته ٻار، ڦوڪ ته لڳي اَنبرين.
    ٻن ترارين جاءِ، ڪانهي هڪ مياڻ ۾.
    ٻنڌڻ سو ئي ٻڌُ، جو پهچائي پرينءَ کي.
    ٻنڌڻ ٻاروچن جا، پينگهي منجھ پيام.
    ٻِيائي کي ٻک، جن وڌو سي ورسيا.
    ٻيو سڀ لوڪ لباس، ڪو هڪ دل هوندو هيڪڙو.
    ٻيڙي پراڻي، وکر پاءِ مَ وترو.
    ٻڏندي ٻُوڙن کي، ڪي ھاتڪ هٿ وجهن.


    ت

    تانگهي ۾ تاڻي، ٻنڌ پنهنجو ترهو.
    تاڙا تنوارين، مينهن وسندا، موٽ تون.
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانهي ويل ويهڻ جي.
    تن ۾ تَندُ تنوار، سدا سُپريرين جي.
    تن ۾ تؤنس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان.
    تن جنين جي تانگھ، سي سڄڻ سفر هليا.
    تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا.
    تُنهنجي تند تنوار، يار! مُون من موهيو.
    تنين سال ٿيام، جينن ساعت نه سهان.
    تو جنين جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي.
    تو جو ساڻيھ ڀانئيو، سو مانجهاندي جو ماڳ.
    تو در آيس تي، جئن تو ناھ نه سکيو.
    تو ڏٺي مون غَمُ، ڏينهنِ جا ڏور ٿيا.
    تون پارس آئون لوھ، جي سَڃين، ته سون ٿيان.
    تون جي پهڻ پٻ جا، ته لڱ منهنجا لوھ.
    تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا.
    توڻي چِڪن چاڪ، ته به آه نه سلن عام کي.
    ته ڪر ڪيئن سُئي، جي سِير نه گهڙي سُهڻي.
    تهڙا چاليها نه چاليھ، جهڙو پسڻُ پرينءَ جو.


    ٿ

    ٿر ٿر اندر ٿاڪ، عمر! ماروئڙن جا.
    ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا.
    ٿوري قُوت قرايا، مارو ملڪ ملير جا.


    ڀ

    ڀلائيءَ جا ڀير، پيشانيءَ ۾ پرينِ جي.
    ڀيلو ڀيري ڀڃ، اُڪنڍ کڻ عميق ۾.
    ڀينر آئون ڀُلياس، مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو.
    ڀينر آئون ڀلياس، نه ته سِڪَ سُمهڻ ڇا لڳي.
    ڀڳيءَ سين ڀير، جانسين رتو راس ٿئي.


    ٽ

    ٽيئي پرچيا پاڻ ۾؛ تندُ، ڪٽارو، ڪَنڌُ.
    ٽيڏو پسي ٽي، هُو تان آهي هيڪڙو.


    ڄ

    ڄاتو جن ڄاڻي، تن هٿان، پهي نه ڇڏي.
    ڄُل، وڃائي ڄَاڻ، عاشق! اَجل سامهون.


    پ

    پيئي کڻي پساھ، کسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.
    پانڌ ۾ پائي، ويو ڪيني واري ڪين ڪي.
    پاڇاهي نه پاڙيان، سرتيون! سئيءَ ساڻ.
    پاڙي ناه پروڙ، ته ڪا رات رنجاِ گذري.
    پاڙي ويڄ هئام، تان مون، مور نه پڇيا.
    پاڻُ مَ کڻج پاڻ سين، وسيلا وڃاءِ.
    پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن.
    پاڻهي ايندم هوتُ، ڪجھ تون به ٿج اڳڀري.
    پتنگ چائين پاڻ کي، ته اچي آڳ اُجهاءِ.
    پِريان سندي پار جي مڙئي مٺائي.
    پريتڻو پاري، مارڳ ۾ مُنڌُ مُئي.
    پيرين پنڌ وسار، هل هنئين سين، هوت ڏي.
    پرينءَ جا پاتي سا، جڙ جئري نه لهي.
    پرين ڏيکاري پاڻُ، خوش ڪري ويا خواب ۾.
    پسان شال اکين سين، دوست سندا ديرا.
    پکڙا ۽ پنهوار، ڏٺي مون ڏينهن ٿيا.
    پکن ۾ پيهي، شل محلن جي مَر ڌئان!
    پکن جي پِريت، ماڙيءَ سين نه مٽيان.
    پکن منجھ پساھ، قلب آهي ڪوٽ ۾.
    پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.
    پلاءُ نه پاڙين، عُمر آراڙيءَ سين.
    پنيو پنج ڪَڻي، لِڪا ڀڻن لوڪ ۾.
    پنهنجو آهي پاڻُ، آڏو عجيبن کي.
    پنهوارڪي پت، پيهي پڇج ملير ۾.
    پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور ھئا.
    پورينديس پرين ڏي، ڪا نه ڪرينديس گهٽ.
    پوکين تان ڪي پوک، جان پاڻي اٿي ٻار ۾.
    پير نه ڇڏيان پرينءَ جو، جانسين ٿي جيان.
    پيرين آءُ نه پڄڻي، ڏيھ پريان جو ڏور.
    پيو جو پاتار، سو ڪيئن پُسڻ کان پالهو رهي.
    پڄاڻا پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان.
    پڇ پتنگن کان، سنديون کامڻ خبرون.
    پڇن جي ميهار کي، پڇي سي ميهار.
    پڇن سين پسن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي.
    پڇڻا نه منجهڻا، جي پڇن سي وير.
    پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين.
    پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾.
    پِڪون سي پينِ، سِر جنين جا سٽ ۾.
    پهرين وڃان لوءِ، مَرَ پڄنم ڏينهڙا.
    پهرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو.
    پنهوارن پاٻوهيو، وريا واهوندا.


    ج

    جئان گهڙي، تئان گهيڙ، ڪپر پڇن ڪُوڙيون.
    جا اِسلامان اَڳي هئي، سا سُئائون ٻانگ.
    جا عمر تو مُل عيد، سان اسان سُوءِ ورتي، سومرا.
    جا مٿي تو مڻيا، تنهن سِرَ جو آهيان سيڪڙو.
    جا مڱ مُنهنجي مَنِ، سا توکي معلوم سڀڪا
    جا نينهن ڳنهندي نانءُ، سا مون جئن پوندي مامري.
    جا ڀون پيرين مون، سا ڀون مٿي سڄڻين.
    جان جئين تان جل، ڪانهي جاءِ جلڻ ري.
    جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناه سُجودُ.
    جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناه نماز.
    جان جان هئي جئري، ورچي نه ويٺي.
    جانبَ اِئين نه جڳاءِ، جيئن ماريو موٽيو نه پڇين.
    جانب! تون زيان، اکين سين ايڏا ڪرين!
    جانب جهڙو جڳ ۾، ناهي ڪو ثاني.
    جانسين ٿي جيان، ڪانڌُ نه ڪنديس ڪو ٻيو.
    جاڳو جاڙيجا، سَما سُک مَ سمهو.
    جبل ماري جک، جو آڏو آريچن کي.
    جَتَ آه نه ڪا، اِي خاڪيءَ جو خيالُ
    جَتَ جهجها ۾ جڳ، منهنجي پرت پنهونءَ سين.
    جر ٿر تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي.
    جزو وڃايو جوڳئين، ڪُلَ سين آهينِ ڪَمُ.
    جن اَندر ٻري باھ، سُڌ تنين کي سڀڪا.
    جن سيڻ لَهن سارون، تَن تان ڏُکندو ڏورُ ٿئي.
    جن کي آرس اکئين، سي ڪئن پرين پسن.
    جن کي عشق جي اُساٽ، سي واهُڙ ڀانئن وکڙي.
    جن مُسافرَ سپرين، سي مر رويو رون.
    جنين جاڳاياس، آئون نه جيئندي اُن ري.
    جنين من ميهارُ، هلڻ تنين حق ٿيو.
    جنين ڪاڻ مياس، سي ڪانڌي ٿيڙم ڪينڪي.
    جنهن کي ساڻ پريان جا سُور، تنهن کي ندي ناھ نگاھ ۾.
    جنهن کي سڪ ساهڙ جي، سا گهايل، گهر نه گهاري.
    جو اکيئون اوڏو آھ، سو پرين پراهون مَ چئو.
    جو تون ڏورين ڏُور، سو سدا آهي ساڻ تو.
    حُسن سَندو حقُ، ڪَورُ پَروڙي ڪين ڪي.
    جو صرافن لڏيو، سو تون پڻ لڏج سون.
    جو لکڻ منجھ ماڙهوئين، سو مکڻ منجھ کير.
    جو منهن مومل جي پوءِ، موٽڻُ تنهين مس ٿئي.
    جوڳي ٻيا به گهڻا، منهنجو لکيو لاهوتين سان.
    جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو.
    جوڳين جوڳ جڳاءِ، جوڳ پُڻ سونهي جوڳئين.
    جي پويون ٿئي پساھ، ته نِجان مڙھ ملير ڏي.
    جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهينِ.
    جي تو نظر نيڪ، ته بسم الله ئي بس ٿئي.
    جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
    جي خوديءَ کي کانئين، هلو ته تڪيا پسون تن جا.
    جي سنجهيئي سُتيون، سي مر سور سهن.
    جن تو فارسي سکيو، گولو توءِ غلامُ.
    جي قيام مڙن، ته ڪر اوڏا سُپرين.
    جي ليلائي نه لهين، ته پڻ ليلائيج.
    جي ننگ ڇڏي نانگا ٿيا، تن نانگن ڪهڙو ننگ.
    جي نه سڃاڻن سچ کي، ويھ مَ تنين وٽ.
    جي وڃان وڃان ڪن، سي رهي رهندا ڪيترو.
    جو وڙ جُڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.
    جي ٿيا حَلُ حبيب سين، سُمهڻ تَنِ ثوابُ.
    جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته طمع ڇڏ تمام.
    جي ڀانئين وَسَ چران، ته سنگهارن سين گهار.
    جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا.
    جي ڪر لڌائون، ته بنديءَ بندُ نه ساريو.
    جي هِت نه هوت پسن، سي ڪنهن پر ڪيڇ پسنديون.
    جيجان جهلَ مَ پاءِ، هينئون هوت هڻي ويا.
    جيلانهن ذات حليم، ملي تي ميهار کي.
    جيڏانهن چت چاھ گهڻو، آر به اوڏانهين.
    جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
    جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان.
    جيڏيون! جي مان وسهو، ننڊ مَ هيريو نيڻ.
    جيڪر ڪريان ريھ، پر چوندا مُنڌ چري ٿي.
    جيڪس جهليا مڇ، گهاتو گهر نه آئيا.
    جيڪي طالب تات جا، تات به تنين وٽ.
    جيڪي مُئي ڪندا، سو جانب ڪريو جيئري.
    جيڪي ڏنائون، سو سڀوئي صحت.
    جيڪين فراقان، سو وصالان نه ٿئي.
    جيها جي تيها، مون مارو مڃيا.
    جيهي جي تيهي، ته به ٻانهي ٻاروچن جي.
    جڏهن ڪن فيڪون، من تڏهانڪون مارئين.
    جڙي ٻڌائُون جان ۾، پيغامن جا پُورَ.
    جهڙا ڪالھ هئام، اڄ نه اهڙا سپرين.
    جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سِٽا ساٿ جي.


    چ

    چت جنين جا چورُ، سي مکي مَرَڪَ نه ڪنديون.
    چت جنين جا چُور، هَلو، تڪيا پسون تن جا.
    چنيسر سين چاڳ، متان ڪا منڌ ڪري.
    چنڊ! تنهنجي ذات، پاڙيان نه پرينءَ سين.
    چوندن ڪيم چئيج، ويڻ ورائي سامهون.
    چڙهي ڏاڍين ڏونگرين، پُرزا ڪنديس پاڻ.
    حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي مَ ڀُلُ.
    خودي ۽ خدا، ڪين مائيندا من ۾.


    د

    دائم جا درياءَ ۾، سا مڇي ڪني ڪوھ؟
    درد منهنجي دل جو، تون ڪامل اچي ڪٽ.
    درد نه اٿئي دل ۾، ته سڪڻ ڪر مَ سَڌَ.
    درياءَ توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي.
    دنيا سڀ درياءُ، ڪو ڪو تارو تنهن ۾.
    دوس پيهي در آئيو، ٿيو ملڻ جو سعيو.
    دوست ڪُهائي دادلا، محبت مارائي.
    دوست! مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
    ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين.
    ديواني کي دل ۾، سورن جو سامان.


    ر

    رئڻ ۽ راڙو، مون نماڻيءَ جي نجهري.
    راتڙيون جاڳن جي، سي آ ڪندڙي سيڻ.
    راجا! راضي ٿي، ته مارن ملي مارئي
    راھ ۾ گڏين رام، پنڌان ڇٽا ڪاپڙي.
    راڻا جي رجپوت، مومل سيئي پسندا.
    راڻو ۽ راڻو، ريءَ راڻي ٻيو ناھ ڪي.
    راڻي لاءِ رڙي، ويئي وهامي راتڙي.
    رَتيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايم جَتَ سين.
    روئان رَهن نه سُپرين، آيل! ڪريان ڪيئن.
    روح پنهنجو رام سين، پر ۾ پوتائون.
    ريءَ مصلحت مڱڻا، اڱڻ ڪين اچن.
    رڳون ٿيو رباب، وڄن ويل سڀڪنهين.
    رهيا اٿئي رات، صبح ويندا صابري.


    ز

    زاريءَ ڌاران زور، هلي ڪو نه حبيب سين.


    س

    سا مون هٿان نه ٿئي، جيڪا رَسَم راڄ.
    سا ڪئن کائي کارڪون، جنهن کي ڏئونرا ڏيج ڏنائون.
    سائينم! سدائين، ڪرين مٿين سنڌ سڪار.
    سائينءَ جو سوڳندُ، منهنجو ساڄن سڀنئان سُهڻو.
    ساجن ساھ ڏيان، توکي ساريو سپرين.
    ساجن سڀ ڄمار، ڏُکي ڏورج ڏيل ۾.
    سارنگ سار لهيج، الھ لڳ اڃين جي.
    ساريان ڪو نه سکوءِ، سور گهڻيئي سنڀران.
    سامونڊي سُچيت، ٿيءُ ته پهچين پار کي.
    سامونڊين جي سڱ کي، روئان راتو ڏينهن.
    سامي منهنجو ساھ، آئون نه جيئندي اُن ري.
    سامين جي سنڀال، منهنجو چت چڱو ڪيو.
    ساندھ سَڀُ درياھ، پري ڪنڌي پار جي.
    ساڄن سنديءَ سونهن جي، آ ڳالھ ڪريان ڪيهي؟
    ساڄن سڀ ڄمار، اکيون اوهان جي آسري.
    ساهڙ بنا سهڻي، اَڌوتي آهي.
    ساهڙ جا سينگار، اڻ ڏٺا اڳي هئا.
    ساهڙ جا سينگار، متان ڏم ڏيکاريين.
    ساهڙ سندو تنُ، گهاگهائي گهڙن جي.
    ساهڙ مون سينگار، ماڙهن ليکي ميھڻو.
    ساهڙ ڄام ستار، سگهو رسج سير ۾.
    ساهڙ ڄام سچو، ساڻي ٿيندو سير ۾.
    ساهڙ سا سُهڻي، سائر پڻ سو ئي.
    سپريان جي سور جو، ماڙهن ڏجي نه منجھ.
    سپريان سين سوڀ، ننڍن ڪندي نه ٿئي.
    سپيريان جي سونهن جو، نه ڪو قد نه مدُ.
    سپيريان جي ڳالهڙي، ڪنهن سان ڪين ڪجي.
    سَپَڙَ سا سُئي، جيڪا چارڻ چِت ۾.
    ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري.
    سَتَر کاڌا کيڻ، جي ڏٺو مُنهن محبوب جو.
    ستَرُ ڪر ستار، آئون اگهاڙي آهيان.
    سُتو ڪئن ننڊوُن ڪرئين، روئي رات وهاءِ.
    سدا سائر سير ۾، اندر لهي نه اُڃ.
    سر ۾ پکي هيڪڙو پارھيڙي پنجاھ.
    سِرجي تان سُور، سامائي، تان سُک ويا.
    سر نسريا پانڌ، اُتر لڳا آءُ پرين.
    سرتيون! ساھ سندوم، ٿيو حوالي هوت جي.
    سريو سون سڪوت، جوڳيءَ سندي ذات کان.
    سَرها ڏٺم سي، جن ساڃاھَ سراڻ سين.
    سسي ڌار ڌري، پڇج پوءِ پريتڻو.
    سکر سيئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾.
    سُکن مون سين ڪين ڪيو، سورن لڌيم سارون.
    سکو سِپن کان، سرتيون ريت سڪڻ جي.
    سُکين ٿي مَ سنري، پسي ڏُکَ مَ ڏَر.
    سکڻو هَڏُ آهي، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناه ڪين.
    سَگهن سُڌَ نه سُور جي، ته گهايل ڪئن گهارين.
    سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي.
    سَمون تِن سارون لهي، جي مُٺا ۽ مسڪين.
    سندو واريءَ ڪوٽ، اڏي اڏبو ڪيترو.
    سندي جوڳيان ذات، ٻئي ڀيري ڀاڳ مڙي.
    سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.
    سنديون کامڻ خبرون، تن آديسين آهين.
    سنهيءَ سُئيءَ سِبيو، مون ماروءَ سين ساھ.
    سَنڌيون سور ڪرين، هڏَ پڻ ڏکن هوت لئي.
    سنها ڀانءِ مَ سپ، وياءَ واسينگن جا.
    سو پرين، سو پساھ، سو ويري، سو واهرو.
    سو پکي، سو پڃرو، سو سَرُ، سو ئي هنج.
    سو پڻ ساڙو هوءِ، هيءُ جو ساھ سرير ۾.
    سَوَ سِسنئان اڳرو، سندو دوسان دَمُ.
    سو سڀوئي حق، جنهن ۾ پسڻ پرينءَ کي.
    سو ڪو ڏيارين ڏان، جو طمع کي ترڪ ڪري.
    سوئي ٻارج مَچُ، جئن ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
    سور ورهايان سرتيون، جي وراهيا وڃن.
    سور ته مڙئي سور، پور به سورن جهڙا.
    سُورُ جنين کي سريو، سَري تن صحت.
    سُورن اسان ساڻ، ننڍيئي نينهن ڪيو.
    سورن سانڍياس، پُورن پالي آهيان.
    سوري آهي سينگار، اصل عاشقن کي.
    سوري جنين سيج، مرڻ تن مشاهدو.
    سوري سينگاري، اصل عاشقن کي.
    سوريءَ چڙهڻ، سيڄ پسڻ، اِيءُ ڪم عاشقن.
    سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار.
    سون برابر سڳڙا، مون کي ٻانهن ٻڌائون.
    سون برابر سڳڙا، ماروءَ سندا مون.
    سو نه ڪنهين شيءِ ۾، جيڪي منجھ تُراب.
    سوڍا تو ڳر ساھ، نات راڻا گهڻا راڄ ۾.
    سي پنهون ڪوه پڇن، جي سنجهي ئي رهن سمهي.
    سي چِلوِلا چئجن، جي در در لائن دوستي.
    سي ستا ئي سونهن، ننڊ عبادت جن جي.
    سي سڄڻ هُون نه ڌار، جي هينئين ۾ حل ٿيا.
    سيخن ماه پچاءِ، جي نالو ڳيڙءِ نينهن جو.
    سپيريان جي ڳالهڙي، رُڳو رنجائو.
    سيڻن جي سنڀار، جڏو جيءُ جياريو.
    سٻاجها سائين! راءُ ريجهائيين راڳ سين.
    سَٻَرُ سيءُ پيو، نه مون سوڙ نه گِبرو.
    سُٽ اُنين جو سڦرو، جي پر ۾ پچائين.
    سڀ ۾ پنهون پاڻ، ڪينهين ٻيو ٻروچ ري.
    سڀوئي سبحان، ڪيڏانهن ڪري نِيتيان.
    سڄڻ ۽ ساڻيھ، ڪنهن اڻاسي وسري.
    سڄڻ جي سارين، تن رويو وهامي راتڙي.
    سَڄَڻ جي سارين، نه ڪي رُون نه چُون ڪي.
    سڄڻ سانوڻ جيئن، رُڃون ٿو ريلي.
    سڄڻ سنئيون ڪن، لوڪان ليکي وِنگيون.
    سَڄَڻَ ماکيءَ ميٺ، ڪؤڙا ٿين نه ڪڏهين.
    سڄڻ ياد پيوم، جاڙ جيان ٿي جيڏيون.
    سڄڻ ڏٺو جن، موٽڻ تنين مهڻو.
    سڌين سيڻ نه هُون، نيهن نياپي نه ٿئي.
    سڌڙيا شراب جون، ڪوه پچارون ڪن.
    سڪ تنهنجي سُپرين، جئن تران تئن تار.
    سڪ سڪائي سِڪ، سِڪ نه آهي سٿري.
    سڪ سڪندين لاھ، وڇوڙيا ميڙ پرين.
    سُڪوت ئي سلام، پريان سندي پار جو.
    سِڪي جان سُتياس ته سڪ سمهڻ نه ڏي.
    سِڪڻ ۽ سُوري، ٻئي اکر هيڪڙي.
    سڪڻ ڪيا شهيد، مارو جي ملير جا.
    سَڱ ڪري سينءَ، ڪنڌ مَ ڦيرج ڪيڏهين.
    سڻي ساڻيھ ڳالهڙي، لهي ويا لوھ.
    سڻي ويڻ ڪنن سين، ورائج مَ وري.
    سهسين سائر ٻوڙيون، مُنڌ ٻوڙيو مهراڻ.
    سُهڻيءَ کي سيد چئي، وڌو قرب ڪُهي.


    ش

    شال مَ وڃي ساھ، ڌاران پسڻ پرينءَ جي!
    شال مَ ڇڄي نينهن، گِهڙان گهوريو جندڙو


    ص

    صاحبَ وڻي سچ، ٿيءُ دانه، ديوانا!
    صُلح جن سڄڻ سين، سيج ماڻيندا سي.
    صورت جا ساهڙ جي، ڏيل پنهنجي ڏک.
    صورت سُپرين جي، ڏٺي ڪونهي ڏوھ.
    صوفي تي ٿيا، جئن ڪين کنيائون پاڻ سين.
    صوفي چائين، سَڌ ڪرين، صوفين ايءَ نه صلاح.
    صوفي لا ڪوفي، ڪو نه ڀانئيس ڪير.
    صوفيءَ سير سڀن ۾، جئن رڳن ۾ ساھُ.
    صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو.


    ط

    طمع جي تنوار، متان ڪرين مڱڻان.


    ع

    عاشق اَجل سامهان، اُونچي ڳاٽ اچن.
    عاشق زهر پياڪ، وھ ڏسي وهسن گهڻو.
    عاشق عزازيل، ٻيا مڙيئي سڌڙيا.
    عاشقن آرام، ڪڏهن تان ڪو نه ڪيو.
    عالم آ ساڻ، ڀريو ٿو ڀير ڪري.
    عدلان ناهي عشق، پڄاڻي پاڻ لهي.
    عدل ڇٽان آنءُ نه، ڦيرو ڪج فضل جو
    عشق ائين ڪري، جئن ڄارو ڄامَ ڪُلهي ڪيو.
    عشق نانگ نپٽ، خبر کاڌن کي پوي.
    عشق نه آهي راند، جو ڪنس ڳڀرو.
    عشق واريون عبداللطيف چئي، سڌ نه کڻن ساڻ.
    عَقُل، مَت، شرم؛ ٽيئي نينهن نهوڙيا.
    عمر اڇا ڪپڙا، ڪاڻياريون ڪيئن ڪن.
    عين شرڪ اِيءُ، جئن بي شرڪ ڀانئين پاڻ کي.


    ق

    قدم ڪاپرين جا، ليلائي لهيج.
    قرب ڪاپڙين، نَهن چوٽيءَ سيئن ڍڪيو.
    قضا جا ڪريم جي، ڪنهن تان ڪين ٽري.


    ف

    فاني ڙي فاني، دنيا دم نه هيڪڙو.


    ک

    کَرُ کاريندو سي، ماٺو جن پريتڻو.
    کَرُ مَرُ کامي پَچي، آئون ويندي در دوسن جي.
    کوءِ سي جيئڻ ڏينهڙا، جي پون پرينئان ڌار.
    کوءِ سي راتڙيون، جي مُون پرينءَ پڄاڻان پيئيون.
    کٿيءَ منجھ کٽيائين، مارو ڄام ملير جو.


    گ

    گولا جي گراھ جا، جوٺا سي جوڳي.
    گولي ٿيان گل بوءِ، جي مون نيو پاڻ سين.
    گوندر مٿان ڄندڙي، وريا ولين جيئن.
    گڏيئي جي وتُ، ته دين سڀ دور ٿيا.


    ل

    لا خوف عليهم ولا هُم يحزنونِ، سچن ڪونهي سُورُ.
    لالڻ آيو پيهي، وائڙا سُور سڀيئي.
    لالڻ جي آتِڻ، اکر مون نه اُڄهي.
    لاهوتي لطيف چئي، سڌ نه کڻن ساڻُ.
    لاهوتي لطيف چئي، موهيا ڪنهن نه مال.
    لاهوتين لطيف چئي، من ماري ڪيو مُڃَ.
    لک لهي ٿي لوڏ، جيجان تن جتن جي.
    ليلان، ليلائيج، اٿئي ماڳ منٿ جو.
    ليلائي نه لهين، ته پڻ ليلائيج.
    لٿو اُونداهو، جوڳيءَ سنديءَ جوت سان.
    لڙڪ نه لکڻ ڏينِ، ڪِريو پُون قلم تي.
    لڳم لاهوتين جو، ڪينر منجهان ڪاتُ.
    لڳيءَ جو لطيف چئي، نڪو قال نه قيل.
    لڳي اُتر واءُ، ڪينجهر هندورو ٿئي.
    لهرن لک لباس، پاڻيءَ پسڻ هيڪڙو.
    لھ ساهڙ! سنڀارون، ته لهرن لوڏي نه مران.


    گھ

    گهنگهر گهڻو ٿياس، ڄاپي ماروئڙن کي.
    گهوريو سو سهاڳ، جنهين ۾ پسين پاڻ کي.
    گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا.
    گهڙو ڀڳو ته گهوريو، پاڻان هو حجاب.
    گهڙيا سي چڙهيا، ايهين اَٿيئي.


    م

    مارن جي فراق، هڏ منهنجا ڪپيا.
    مارن مونجھ مُياس، نات ماڙين ماريس ڪينڪي.
    ماروئڙن ساڃاھَ، سا ئي آهي سومرا.
    مارڳ جي مرن، وڏا طالع تن جا.
    ماڙهن ليکي بُکَ، سامي سوُر سَنها ڪيا.
    ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج.
    ماڻھو گهرن مالُ، آ سڀ ڏينهن گهران سپرين.
    متارا مري ويا، موکي تون ڀي مَرُ.
    متو آهين مڇ، ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين.
    محبت جن جي من ۾، تن تشنگي تارِ.
    محبت جون ميڇون، ڪَورُ پروڙي ڪين ڪي.
    محبت سندي مام، ڪَورُ پروڙي ڪين ڪي.
    محبتي ماري، ڪونهي دادُ دَرياھ ۾.
    محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو.
    محبتي ميهار جو، سُور نه ڪنهن سَلجي.
    محبتين مٿاءِ، مَچُ مُورائين نه لهي.
    محرم موٽي آئيو، موٽيا تان نه امام.
    مران جي هن هنڌ، ته نجاه مِئٿُ ملير ڏي.
    مري جيءُ، ته ماڻيين، جانب جو جمال.
    مرڪڻ اکڙين، تو ڏٺي مون سُکُ ٿيو.
    مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿين نه ماتِ.
    معرفت مَرَڪُ، اصل عاشقن جو.
    مفتي منجھ وهار، ته قاضي ڪاڻيارو نه ٿئين.
    ملاح تنهنجي مڪڙيءَ، اچي چور چڙهيا.
    ململ منجهان ماءُ، جي سکيون تن سون ڪيو.
    ملڪ مڙيو منصور، ڪُهي ڪُهندين ڪيترا.
    ملھ مهانگو قطرو، سڪڻ شهادت.
    مَنُ اکيون، تَن تِت، جت جنم جيڏيين.
    من ماري ڪر مات، ته تيرٿ پسين تڪيو.
    مَنَڌَ پيئندي مون، ساڄن صحيح سڃاتو.
    مُنهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهيين.
    مُنهن ۾ موسيٰ جهڙو، اندر ۾ ابليسُ.
    منهن محراب پرينءَ جو، جامع سڀ جهان.
    منهنجو من، ميان! واڳيو ويڙهيچن سين.
    منهنجي وس واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
    منهنجي آھ اِها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.
    مون سين ڪري ميٺ، سڄڻ سفر هليا.
    مون ۾ تون موجود! آ آڳاهين آهيان.
    مون ۾ عيبن ڪوِڙ، تون پاڻ سڃاڻج سُپرين.
    مون پريان سين نينهن، ڇنڻَ ڪارڻ نه ڪيو.
    مون تان مهر نظر، پرين لاھ مَ پانهنجي.
    مون سان مون پرينِ، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.
    مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي.
    مون سين هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري.
    مون کي جيارينِ، وايون وڻجارن جون.
    مون کي ماءِ مجاز، پيڃاري جئن پڃيو.
    مون کي ماروئڙون، سُڃ ڳڻائي سيج ۾.
    مون کي ڏنءُ ڏيئي، ڍولو ڍٽ قراريو.
    مون کي ڪا مَ جهلي، سڀڪا پاڻُ پلي.
    مون ماروءَ جو مَکُ، تيل نه لائيان تنهنجو.
    مون ماروءَ سين لڌيون، لوئيءَ ۾ لائون.
    مون ڀانيو مون وٽ، هميشه هوندا پرين.
    موٽي مران مَ ماءِ! موٽڻ کان اڳي مران.
    موٽڻ جنين ميهڻو، پِڙ تي سيئي پون.
    ميائي جياس، جي وڃي مڙھ ملير ڏي.
    ميخون محبت سنديون، هينئڙي منجھ هزارَ.
    ميرو ئي محبوبَ، اسان مارو مَنَ ۾.
    مُينَ سين ماڻو، مناسب نه مينڌرا.
    مينهن مندائتا وسڻا، سدا وَسين تون.
    مٺُ مٺُ سورن سڀ ڪهين، مون وٽ وٿاڻا.
    مٺ ڀِيڙيائي ڀلي، جي اُپٽي ته واءُ.
    مٺي مصيبت، آهي آريءَ ڄام جي.
    مٽ نه معذورين جا، ڪا جا جوڳين ذات.
    مِڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي.
    مڙينئون موڪل، ڪالھ ڪندا ويا ڪاپڙي.
    مڱان ڪهڙيءَ مت سين، نسورو نادانُ.
    مڻئي مٿي جي هئا، تن چٽن ڦيريم چِٽ.


    ن

    نئون نياپو آئيو، راڻي ملا راتِ.
    نااُميدي نيج، ته اوڏي ٿيين اُميد کي.
    نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.
    نابوديءَ نيئي، عبد کي اَعليٰ ڪيو.
    ناسيندي نگاه، پهرين ڪج پرينءَ ڏي.
    نالو ناھ نفاق جو، جتي رَبُ جليل.
    نانگن ڪين نمائيو، ناٿ نمايو نيهن.
    نمي کمي نهار تون، ڏمر وڏو ڏُک.
    نه خبر نه خواب، نه ڪو اوٺي آئيو.
    نه مون نانانيان کٽيو، نڪي ڏاڏڻيان.
    نِيَر منهنجي نينهنُ، اُجاري اڇو ڪيو.
    نينهن نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه هون.
    نيڻين ننڊ اُکوڙ، جم ورن ۾ واڪا ڪرين.
    نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سُپرين!


    و

    واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساھ.
    واريءَ سندو ڪوٽ، اڏي اڏبو ڪيترو.
    واٽون ويھ ٿيون، ڪُہُ ڄاڻان ڪيهيءَ ويا.
    واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
    واڪو ڪنديس ووءِ! مون سين جبل ٿو جاڙون ڪري.
    واڳ پريان جي وَسِ، آئون ڪا پاڻ وهيڻي.
    وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن ورُ وڏو ڪيو.
    وَرِ اباڻن اُڃ، کوءِ شربت تنهنجو سُومرا.
    وَرِ پريان سين پِڪ، ٻيا ڀاڻ ڀَريا ئي گهوريان!
    وَر ريءَ وانڍين اَڏيا، پَکا سي مَ پُسن.
    وَرِ سا سُڃي ويڙھ، جنهن ۾ سَڄڻ هيڪڙو.
    وَرِ سي کارا کوھ، سنجيم جي ساڻيھ جا!
    وسارج مَ ويڻ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.
    وصالان فراق جي، سُڄي ڳالھ ڳري.
    وطن وسائيج ته سنگهارن سُکُ ٿئي.
    وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.
    وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾.
    ولين جئن وَريام، گوندر غم پرين جا.
    ويا سي وينجهار! هيرو لعل وِنڌين جي.
    ويا مور مور مري، هنجَ نه رهيو هيڪڙو.
    وياءَ واسينگن جا، سنها ڀانءِ مَ سپَ.
    ويراڳين وسي، رام سدائين روح ۾.
    ويٺي آهيان واٽ تي، آهيان آسَروندي.
    ويٺي ور نه پون، سُتي ملن نه سپرين.
    ويٺي وٽيائون، ڪي جي سڳا سُور جا.
    ويٺين ناه وراڪو، سُتين ڪونهي سڱ.
    ويڄَ ڏنڀئين ڪُھ ٻانهن، سُورَ هنئين کي سامهان.
    ويڄَ! مَ ٻُڪي ڏي، الا! چڱي مَ ٿيان.
    ويهي تون وُجود مان، ڳولي لَهج ڳُجھ.
    وٽان واڍوڙين، رهي اچجي راتڙي.
    وڃائي وجود کي، پاڻان پاسي ٿيءُ.
    وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳوليين هوت کي.
    وڃڻ تت پيوم، جت هلڻ ناه حسن ري.
    وڍيل ٿي واڪا ڪري، ڪُٺل ڪوڪاري.
    وڏا طالع تن جا، جي مٿي مارڳ منجھ مرن.
    وڏو طالع تن، مٿي مارڳ جي مئا.
    وڻجاري وائي، سدا آھ سفر جي.
    وهان ڪئن ماٺ ڪري، هيڏو سور سهي.
    وَهَمَ ورساياس، نا ته پنهون آئون پاڻ هئي.


    ڇ

    ڇا جا ڏنگا ڏير، منهنجو ڏينهن ڏنگو مَ ٿئي.
    ڇِنَنَ توءِ مَ ڇن، پاءِ اُميري اُن سين.


    ڌ

    ڌريان ئي ڌاريا، مِٽ مُئيءَ جا نه ٿيا.
    ڌَڻُ ڌارڻ، ڌار رهڻ، اِيءَ نه سنگهارن سٽ.


    ڍ

    ڍول تنين جي ڍار، هيٺاهيون هلن جي.
    ڍڪج ڍڪڻهار، ڏيئي پاند پناھ جو.


    ڏ

    ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لَهي.
    ڏاتار ته تون، ٻيا مڙيئي مڱڻا.
    ڏَسيو ڏيکاري، پرتِ پريان جو پيچرو.
    ڏسڻ ڏسين جي، ته همہ کي حق چئين.
    ڏُک تنهين کي ڏِکَ، حُب جنهين کي هوت جي.
    ڏک سُکن جي سونهن، گهوريا سُک ڏُکنَ ريءَ.
    ڏکيءَ توءِ ڏڪار، توڻي وسن مينهڙا.
    ڏکوين اُھڃاڻ، ڪُلهي ڦاٽو ڪنجرو.
    ڏکيوين مرڪ، مٿي سڳر پنڌڙا.
    ڏکيءَ ڏمر ناه، بکيءَ کِل نه اُڄهي.
    ڏکيون جان نه مڙن، تان تان ڀنڻ نه ٿئي.
    ڏمريا ته ڏيي، پرچي ته پاٽ ڀري.
    ڏور وڃيو ڏينهن لائي، ڪا سوڍل کي سمجهائي.
    ڏُوران ڏٺم سپرين، سچي جن صفت.
    ڏوريان ڏوريان مَ لهان، شال مَ ملان هوت
    ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا.
    ڏورينديون ڏسن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي.
    ڏورڻ منجهان ڏَسُ، پوندءِ هوت پُنهونءَ جو.
    ڏونگر سي ڏورينديون، جن اندر ٻري آڳ.
    ڏونگرَ مون نه ڏکوءِ، آ اڳ ڏکوئي آهيان.
    ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکوئيو.
    ڏيکاريس ڏکن، گورندر گس پرينءَ جو.
    ڏِينهان ڏينهن نئون، مون کي وِرھ ويڙيچن جو.
    ڏينهن مڙيئي ڏون، اُٿي لوچ لطيف چئي.
    ڏيهي ڏُور ويا، ڏيان ڏوراپا ڪن کي.
    ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪُھَ ڄاڻان ڪهڙا پرين.
    ڏڪاريا ڏيھ مان، موذي شال مرن.
    ڏھ ڏھ ڀيرا ڏينهن ۾، ڏي ڏوراپا ڏمُ.


    ڦ

    ڦُريا پسي ڦِيڻ، کرين کير نه چکيو.
    ڦَڪي فقيرن، ماڳان پِني ماٺ جي.


    ڪ

    ڪا جا جوڳين ذات، مِٽ نه معذورن جا.
    ڪا مُهين ۾ گهٽ، نات سڄن سٻاجهو گهڻو.
    ڪاپائتيءَ قرار، منجهان پورهئي آئيو.
    ڪاتيءَ ڪونهي ڏوھ، ڳنُ وڍيندڙ هٿ ۾.
    ڪارا ڪراين ۾، سونُ اسان کي سوءِ.
    ڪانگ نه ڪُوڙا هونِ، پريان سندي پار جا.
    ڪا نه گُهرجي مون، حياتي هوتن ريءَ.
    ڪانڌَ ڪنهين جو نه وڻي، گيرب ۽ گاءُ.
    ڪانڌي ڪنگ ٿياس، وَهڻَ جنازو سُهڻي.
    ڪاڏي ٿيو ڪوهيار، ڪاڏي ٿي هٿ کڻي.
    ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال.
    ڪاڪُلَ ڪُٺي جا، ڪَفَن تنهين ڪين ٿئي.
    ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جئن ماٽيءَ منجھ مهي.
    ڪرهو نه ڪِي ڪانُ، پيرين آءُ نه پڄڻي.
    ڪُسڻ جو قرار، اصل عاشقن کي.
    ڪُسڻ قرب جن، مرڻ تن مشاهدو.
    ڪُسڻ ڌاران ڪير، ڪري سَڌَ سڪڻ جي.
    ڪلاڙڪي هٽ، ڪُسڻ جو ڪوپ وهي.
    ڪنديس ڪين ٻيا، هوت مٽائي اڳيان.
    ڪنڌُ منهنجو ڪاٽيو، نينهن سندي نعري.
    ڪنهن جنهن ڪُٺا ڪاتَ، جئن سامي مور نه سنرا.
    ڪنهن کي ڪيئن چوان، ته مون کي ماريو سڄڻين.
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ، اچي بوءِ بهار جي.
    ڪوماڻو ڪپور، مون واجهائيندي پرينءَ کي.
    ڪو ڏينهن آهيين ڪوٽ ۾، لوئي هڏ مَ لاھ.
    ڪوجهن سندا ڪم، ڪامل ري ڪيرُ ڪري.
    ڪؤنر پاڙون پارتار ۾، ڀؤنر ڀري آڪاس.
    ڪو نه ڏٺوسون ڪوءِ، سنياسي سُورن ري.
    ڪونهي آڳھ اهڙو، جهڙي محبت من.
    ڪونهي هِن ڀنڀور ۾، ڌاران دوسَ ڌڻي.
    ڪوٺيين وهان ڪيئن، جي نظربندياڻي نه هئان.
    ڪوٺيين گهاري ڪير، محلين منجهي مون هينئون.
    ڪوڏر ۽ ڪاني، آهي سِر سڀ ڪنهن.
    ڪُوڙو تون ڪفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ.
    ڪوڙهيو ڏَمُ ڪوڙو، مون ميهار من ۾.
    ڪوهيارو قهري، ويو نهوڙي ننڊ ۾.
    ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.
    ڪيف ڌاران ڪوءِ، جيئي ڪو مَ جهان ۾.
    ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي.
    ڪڏهن ٿجي ڪات، ڪڏهن ٿجي ٻڪرو.
    ڪڏهن پئجي ڪن ٿي، ڪڏهن ٿجي واتُ.
    ڪڏهن کلن در دوسن جا، ڪڏهن طاقيون ڏين.
    ڪڏهن ڪا نه وئي، ڪا هوت ڳولڻ هٽ تي.
    ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙھ مقام ۾.
    ڪڪرُ منجھ ڪپار، جهڙ نيڻئون نه لهي.
    ڪهڙا ڳڻ ڳڻيان، ٿورن مٿو ناھ ڪو.
    ڪهڙي پڇين ذات، جي آئيا سي اگهيا.
    ڪهڙي منجھ حساب، هئڻ منهنجو هوت ريءَ.
    ڳالهيون پيٽ ورن ۾، وڌي وڻ ٿيون.
    ڳوليان ڳوليان مَ لهان، شال مَ ملان هوت.
    ڳڻي آيس ڳالهڙي، ڳجهي تو ڳري.


    ھ

    هئج ثابوتيءَ ساڻ، ته پُسڻ کان پالهو رَهين.
    هُئي جنهن ۾ حقُ، تنهن نفيءَ جهڙو ناھ ڪي.
    هُئي گهڻو اٻوجھ، سورن سونهائي سسئي.
    هئڻُ ڪر حرام، کام ته کاهوڙي ٿئين.
    هِتِ عمر جو اَهکُ، هُت مارو ڏينم ميهڻا.
    هُتان آيو ڪو نه ڪو، هِتان لک وڃن.
    هل هيئين سين هوت ڏي، پيرين پنڌ وسار.
    هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اُڇل.
    هلڻ هارا سُپرين، روئان تان نه رهن.
    همہ منصور هزار، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهين.
    هنج مڙيئي هنج، ميرو منجهن ناھ ڪو.
    هو جي ڪن ڪپار جي، سوڌو سي نه سڻين.
    هو چوئني تو مَ چئو، واتان ورائي.
    هو ڇنني تون مَ ڇن، پاءِ اُميري اُن سين.
    هو جي حق ڀڃن، سي ڪئن ستيون سُومرا؟
    هو جي سورَ سُڄَن، سي مون پينگهي ۾ پرائيا.
    هوتُ تنهنجي هنج ۾، پڇين ڪوھ پهي.
    هوت هلندين کٽيو، جن انگن چاڙهيو انگ.
    هوتن جي هيڪاند کي، روئان راتو ڏينهن.
    هونءَ ئي هوندَ مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.
    هيءَ ڪميڻي ڪير، جا اَمُر کي آڏو اچي.
    هيءُ هڏو ۽ چَمُ، گهوريو مُحب ميهار تان.
    هيءَ هڏو ۽ چَمُ، پِڪ پريان جي نه پڙي.
    هيئين ساڻ هليج، ته پنڌَ پاسي ڀر نبري.
    هيڏا هاڃا ٿين، بُري هن ڀنڀور ۾.
    هيڪر هئڻ ڇڏ، ته اوڏي ٿئين عجيب کي.
    هٿُ پريان جي هٿ ۾، ٻئي کي ڏج مَ ٻانهن.
    هٿان تو پيئي، ٿي ڪچو ڪيچين کي ڪرين؟
    هڏين ڪونهي هيءُ، هوُ پڻ ڪينهين هن ري.
    هڪ سسئي ٻيا سور، ويا پٽيندا پاڻ ۾.
    هڪڙي پنهل ڪاڻ، ٻانهي ذات ٻروچ جي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 340636
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 140655
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ