ڪتاب جو نالو: چونڊ سنڌي چوڻيون
مصنف: ڪيرت مھرچنداڻي
ڇپائيندڙ: المنعم لائبرري لاڙڪاڻو
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 1981
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 23 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1080 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 298 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”چونڊ سنڌي چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن ۽ چوڻين جو ڪتاب ڪيهر مهرچنداڻي جو لکيل آهي جيڪو 1981ع ۾ گجرات سرڪار جي مالي مدد سان هندستان ۾ ڇپيو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • سادا اکر
  • متن

  • 1. انسان، پتليءَ سمان.
  • 2. اکر پڙهه الف جو ٻيا ورق سڀ وار.
  • 3. آئي ٽانڊو کڻڻ بورچياڻي ٿي ويٺي.
  • 4. علم ۽ هنر ڀرپور چشما آهن.
  • 5. اندر اُجرو نه ڪري، ڌوئي ٿو ڌاڳا.
  • 6. اٽي ۾ لوڻ.
  • 7. انڌن اڳيان روئڻ آهي اکين جو زيان.
  • 8. اُدم ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي.
  • 9. اي دل نه ڪر فڪر، ڪر شڪر، ڪر شڪر.
  • 10. انسان ذات جي شيوا ۾ ئي ايشور جي بندگي سمايل آهي.
  • 11. آههِ غريبان، قھر خدائي.
  • 12. اڻندو اُها جا ڪوريءَ جي من ۾ هوندي.
  • 13. اُٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت، اٺ جي لاهيءَ کي به لعنت.
  • 14. اڳياڙي تن جي سرهي، پڇاڙي جن جي سرهي.
  • 15. انڌا رکن روزا ته ڏينھن به ٿين وڏا.
  • 16. ابي جو ڏنو ڪھڙي ڪم جو، جيسين رب نه ڏئي.
  • 17. علم بنا عذاب، گهڻا سھندي جندڙي.
  • 18. بھشت ماءُ جي پيرن هيٺان آهي.
  • 19. بڇڙو ڪتو، ڌڻي پڻائي.
  • 20. ٻن ٻيڙين تي جو پير رکي، سو اڄ نه ٻڏي ته سڀاڻ ضرور ٻُڏي.
  • 21. ٻليءَ کي خواب ۾ ڇڇڙا يا ڇڇڙ.
  • 22. ٻه ته ٻارهن.
  • 23. ٻڪري جنھن وڻ سان ٻڌجي سو وڻ چري.
  • 24. ڏٺو سڀ وسار، اڻ ڏٺو ياد ڪر.
  • 25. ٻه گدار هڪڙي مُٺ ۾ نه ماپن.
  • 26. پن ٻڏي وڃن ۽ پٿر تري وڃن.
  • 27. پرائو محل ڏسي، پنھنجي جهوپڙي نه ڊاهجي.
  • 28. پاپ جي مايا، پراڇت جايا.
  • 29. پاڻ نه پاري، ڪتا ڌاري.
  • 30. پرائي دهلين، احمق نچي.
  • 31. پيادن مان هسوار ۽ هسوارن مان پيادا.
  • 32. پنج پنجوءَ وارا کٽا ئي پيا آهن.
  • 33. تر جي گٿي، سؤ چوٽون کائي.
  • 34. تيسين ڀڳي سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي.
  • 35. تن نه لاءِ طمع کي، طمع تکي تلوار. (سنڌ، چوڻي)
  • 36. تنھنجو سو منھنجو، منھنجي هٿ نه لاءِ. (سنڌ، پھاڪو)
  • 37. توڙي وڃي روم، ته به ڍوڍو ۽ ٿوم. (سنڌ، پھاڪو)
  • 38. تاڙي هڪ-هٿي نه وڄي، ٻِه-ھٿي وڄي. (سنڌ، پھاڪو).
  • 39. تون به رهه، مان به رهان. (ھندي، ورجيسي جملو)
  • 40. ڏٻريءَ کي مڇر گهڻا. (سنڌ، پھاڪو)
  • 41. ٿورو ڏسي ارهو نه ٿجي، گهڻو ڏسي سرهو نه ٿجي. (سنڌ، پھاڪو)
  • 42. ٿڌو گهڙو پاڻ کي پاڻ ڇانءَ ۾ رکائي. (سنڌ، پھاڪو)
  • 43. ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ. (سنڌ، پھاڪو)
  • 44. جتي وڻ نه آهي، اُتي ڪانڊيرو به درخت. (سنڌ، پھاڪو)
  • 45. جيري خاطر ٻڪري ڪھڻ. (ورجيس)
  • 46. جھڙي درشٽي، تھڙي سرشٽي. (چوڻي)
  • 47. جتي باهه ٻري، اُتي سيڪ اچي. (پھاڪو)
  • 48. جي نميا، سي چڙهيا.
  • 49. جَوَ ڍيري، گڏهه رکپال. (پھاڪو)
  • 50. جان جيئين، تان سک. (چوڻي)
  • 51. جنين هٺ هارايو، تنين جيتيو جڳ کي. (چوڻي)
  • 52. جيڏا اُٺ، تيڏا لوڏا. (پھاڪو)
  • 53. جيءُ خوش ته جھان خوش. (چوڻي)
  • 54. جھڙا عاشق عيد ۾، تھڙا منجهه مقام.
  • 55. ڄڀ جي ترڪڻ کان پير جو ترڪڻ چڱو.
  • 56. چورن مٿان مور.
  • 57. چون ٿا جنھن کي زر، سا جهيڙن جو آهي گهر.
  • 58. چڱو جن لکيو، مندو سي نه پسن.
  • 59. دلبر هن دنيا ۾، وڃي رهندو واس.
  • 60. دم درميان، الله مھربان.
  • 61. ديس چوري، پرديش بکيا.
  • 62. ڌڻيءَ جي گهر دير آهي، انڌير ڪونھي.
  • 63. ڏاهو ڪانءُ ٻه ٽنگو ڦاسي.
  • 64. ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لھي.
  • 65. رڌي ڪُني يا نصيب.
  • 66. رب رُسي مَتِ کسي، هڻي ڪونه هٿيار.
  • 67. روههِ رلا، مٿي کلا.
  • 68. زندگي، بي بندگي؛ رنجگي.
  • 69. ساهتيه آهي؛ جيون جو سار ۽ سينگار.
  • 70. سوَ بندگي؛ هڪ رنجگي.
  • 71. سستي، گداگريءَ جو دروازو کولي ٿي. (نصيحت، چوڻي)
  • 72. سندرو سالم، منزل آسان.
  • 73. سکڻي ڪُني، گهڻو اُڀامي.
  • 74. سرمو سڀڪو پائي، پر اک اک جو ڦير.
  • 75. سھڻا ٽوهه، پٽن ۾ جام.
  • 76. سوري جنين سيج، مرڻ تن مشاهدو.
  • 77. سڀڪا ٻڪري، پنھنجي ڦاهي ٽنگبي.
  • 78. سچ مرچان، ڪوڙ ڳڙ، پير پئسا، جوءِ گر. (چوڻي)
  • 79. سوڙ آهر پير ڊگهيڙجن. (پھاڪو)
  • 80. سڪن گڏ آلا به ٻريو وڃن. (پھاڪو)
  • 81. صبح جو ڀليل اگر شام گهر واپس اچي ته به ان کي ڀليل نٿو سڏجي. (اردو، پھاڪو)
  • 82. سڀيئي مارگه مت، ڳالهه چون ٿا هڪڙي. (نصيحت، جملو)
  • 83. ڪڏهن روح راڳن ۾ ريجھي، ڪڏهن بت بيتن مان بيزار. (چوڻي)
  • 84. ڪتو به کاڌو، ڪک به نه ڀري. (ورجيس)
  • 85. پرڻ چوي ڏونگهي کي؛ “هل ڙي ٽِه-ٽنگا.”
  • 86. ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪ. (ورجيس)
  • 88. ڪر ڀلو ته ٿيئي ڀلو. (چوڻي)
  • 89. ڪچيءَ ڪنا نه وريا، ته پڪي ڇا ورندا؟ (پھاڪو)
  • 90. ڪڏهن ڀريءَ ۾، ڪڏهن ڀاڪر ۾. (ورجيس)
  • 91. ڪتو ڇا ڄاڻي، ڪڻڪ جي مانيءَ مان. (پھاڪو)
  • 92. ڪر شيوا ته، ملني ميوا. (چوڻي)
  • 93. گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿو کٽا. (پھاڪو)
  • 94. گهڙيا، سي چڙهيا. (چوڻي)
  • 95. گهر جو پير، چلهه جو مارنگ. (پھاڪو)
  • 96. گگر گگر پنڊا اڙيا. (پھاڪو)
  • 97. گهرجون جن جون گهٽ، سي پھاڙ چڙهندا جهٽ.
  • 98. مٿو ڪوڙائي، ساک ڪڍڻ. (اصطلاح)
  • 99. مرڻا اڳي جي مئا، مري ٿين نه مات. (چوڻي)
  • 100. مشڪندي مشڪل کي، مانجهي مات ڪن. (چوڻي)
  • 101. منھن، ماڻھوءَ جي من جي آرسي آهي. (چوڻي)
  • 102. محبت نه جن جي من ۾، تن جي مٽي اڻاسي. (چوڻي)
  • 103. ننڍڙو ٻار، مڇ جو وارُ، جيڏانھن ورائينس، تيڏانھن وري. (چوڻي)
  • 104. نه ڪنھن جي کٿي کي هٿ لائجي، نه پنھنجو پٽ ڦاڙائجي. (پھاڪو)
  • 105. ويل ويل، هٿ نه ايندي. (چوڻي)
  • ڏسڻي

  • ترتيب

    حق ۽ واسطا

    حق ۽ واسطا: ليکڪ وٽ قائم
    ڇپايل: گجرات سرڪار جي مالي مدد سان ڇپايل
    ڇاپو پھريون: ڊسمبر ۱۹۸۱ع
    ڪاپيون: ساڍا ست سؤ
    عنوان ڊزائين: ھوند راج بلواڻي
    ملڻ جو ھنڌ: سندر بوڪ اسٽال، شاپ نمبر ۶۳۵-۲۱ مستري بلڊنگ، گرگام روڊ، ڌوٻي تلاءُ، بمبئي ۴۰۰۰۰۲


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (186) ”چونڊ سنڌي چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن ۽ چوڻين جو ڪتاب ڪيهر مهرچنداڻي جو لکيل آهي جيڪو 1981ع ۾ گجرات سرڪار جي مالي مدد سان هندستان ۾ ڇپيو.
    هي ڪتاب المنعم لائبرري لاڙڪاڻي پاران انجنيئر عبد الوهاب سهتي پارن نئين سر نظرثاني ڪري اي بوڪ ايڊيشن ۾ سندس ويب سائيٽ تي آندو آهي. ٿورائتا آهيون سائين عبد الوهاب سهتي جا جنهن هن قيمتي ۽ ناياب ڪتاب کي ٻيهر اسان تائين اندو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    سادا اکر

    ڪيرت مھرچنداڻيءَ (ڄم ۱۹۳۳ع ۽ وفات ۱۹۸۹ع) جو ھيءُ ڪتاب، پھريون دفعو ۱۹۸۱ع ۾، ڪويتا پرنٽنگ پريس، سھج-پور، احمدآباد اندر ۷۵۰ ڪاپيون ڇپيو. ان وقت ڪتاب جي قيمت ۹.۵۰ ساڍا نو روپيا ھئي. اھو ڇاپو ليکڪ پنھنجي سر پاڻ ڇپايو ھيو، جنھن ڪري سمورا حق ۽ واسطا پاڻ وٽ قائم رکيا ھيائين. جڏھن ته ڪتاب جي ڇپائي، گجرات سرڪار جي مالي مدد سان ئي ٿي ھئي. عنوان يا ٽائيٽل تمام سادو ھيس، جيڪو ھوندراج بلواڻيءَ جو ڊزائين ٿيل ھيو. اھو ئي سبب آھي جو ڪتاب جي مٿان، ڪنھن ڇپائيندڙ اداري جو نالو ئي ڏنل ناھي.
    ڪيرت مھرچنداڻيءَ، تاريخ ۲۲ جون ۱۹۳۳ع تي ڪيولرام مھرچنداڻيءَ جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس ڄم جو ھنڌ، شھر دريا خان مري، تڏھوڪو ضلع نوابشاھ ۽ ھاڻوڪو ضلع نوشھروفيروز آھي. تعليم؛ ايم اي ۽ بي ايڊ تائين حاصل ڪئي ھيائين. خاص مشغولي؛ ريڊيو ٻڌڻ ۽ اخبار پڙھڻ ھيس. پيشي جي لحاظ کان، اسڪول ٽيچر ھيو. ڪتاب جي ڇاپي وقت، يعني ڊسمبر ۱۹۸۱ع ڌاري، آدرش ھاير سيڪنڊري اسڪول، ڪٻير نگر، احمدآباد ۾ تعينات ھيو.
    سندس تڏھوڪو سرنامو؛ ۶/۲، نيو جي وارڊ، ڪٻير نگر، احمدآباد. (گجرات) آھي.
    نوڪريءَ دوران فارغ وقت ۾، جنھن ڪار يا ڪرت ۾ پاڻ کي مشغول رکندو ھيو، تنھن حساب سان ھو؛ ناول نويس، ڪھاڻيڪار ۽ مضمون نگار ھيو. ان کان علاوھ سمپادن پڻ ھيو.
    ھن ڪتاب ۾، پھاڪن ۽ چوڻين جا مکيه اندراج، ڳاڻيٽي جي حساب سان، ۱۰۴ آندا ويا ھيا. جڏھن ته ڳڻپ ۾ ڪجھ غلطيون پڻ ٿيل ھيون. ھڪڙا ٻه پھاڪا يا چوڻيون ڪتاب اندر ورجائي لکيا ويا ھيا ۽ فھرست اندر اھي ۽ ٻيا ڪجھ وري نظر انداز پڻ ڪيا ويا ھيا. ڪي ته زوريءَ اندر داخل ته ڪيا ويا ھيا، پر فھرست اندر پنھنجي جاءِ تي داخل ڪرڻ کان رھجي ويا، جيڪي وري وچور جي آخر ۾ آندا ويا. سمورا اندراج، لغت جي حساب سان ترتيب نه ڏنل آھن. بلڪ ساڳئي اکر سان شروع ٿيندڙ پھاڪا، چوڻيون يا ورجيسون، پاڻ ۾ يڪجاءِ ڪيل آھن. اندراج بابت اھو به نه ڄاڻايو ويو آھي ته آيا، اھو پھاڪو آھي، چوڻي آھي، اصطلاح آھي يا ورجيس آھي. يا وچئون ئي ڪا ٻي جنس آھي. ان کان علاوھ ڪتاب جي اندر ڪيترا ئي ھندي لفظ ڏنا ويا آھن، جن جي ڪري سنڌ اندر ڪير به پڙھندڙ، معنوي ڄاڻ نه ھئڻ سبب، پڙھڻ وقت ڏکيائي محسوس ڪندو. فقط اھو نه بلڪ ڇپائيءَ دوران، ڪتاب جا پروف چيڪ نه ٿي سگھيا، جنھنڪري ڪتاب اندر ڪافي غلطيون ٿي ويون. انھن غلطين جو ڀلنامو پڻ تيار ڪيو ويو، جيڪو ٻه-ڪالمي چئن صفحن تي آڌاريل آھي.
    اھي سموريون اوڻايون چوڻايون ڪتاب جي زينت کي وڃايو ويٺيون ھيون. اھو ئي سبب آھي جو ڪتاب تي نظر ثاني ڪرڻ ضروري ٿي پيو ۽ ڇپائيءَ کان اڳ، کيس غلطين کان آجو ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي وئي آھي. اميد ته پڙھندڙن کي اھا ڳالھ ضرور پسند ايندي. ڇو جو نيٽ تي سندس انھيءَ ڪتاب بابت ڪنھن جي راءِ رکيل آھي؛
    True to his teaching profession (though also a novelist, short story writer and essayist), Kirat Meharchandani brought out Choonda Sindhi Chavnyoon (Selected Sindhi Sayings) specially for the benefit of the student community,...
    ھن ڪتاب تي کيس ايوارڊ پڻ مليو ھيو.
    Government of Gujarat Award Kirat Meharchandani was awarded Rs. 2000 for his collection of short stories Sangarsh. Goverdhan Shastri Award Dr. Bhawani L;;l Bhartiya, Head of the Dayanand Chair, [ational ivention ' Indian Authors 3er ...

    ھن ڪتاب کان علاوھ سندس ٻيا به ڪيترا ئي ڪتاب پڻ ڇپيا. تن ڇپيل ڪتابن جي وچور، ھيٺ ڏجي ٿي.

    ڪيرت مھرچنداڻيءَ جا ٻيا اصلوڪا شيع ٿيل ڪتاب
    ناول
    1. گناھ جي رات
    2. جواني ديواني
    3. رات ڏينھن
    4. سپنو ۽ حقيقت (اصلوڪو ناول) صفحا ۱۰۵، سال ۱۹۶۰ع ڌاري ڇپيو.
    5. نئون صبح، نئون گيت صفحا ۱۵۴، سنڌو پاڪيٽي بوڪ سيريز، احمدآباد انڊيا، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۶۳ع.
    6. سپنو ھيءُ سنسار، صفحا ۹۵، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۷۲ع.
    Sapano Hem Sansar, a novelette by Kirat Meharchandani, concerns itself with the ill-famed dowry system. Anand loves well Asha, a poor sweet girl and yet marries another, Ratna, whom he had not even seen before the marriage. ...
    Though there are already a number of books on the subject, 'Sa'il' has revised and uptodat- ed them. It could be useful to students and teachers of Sindhi. Kirat Meharchandani has published a collection of 20 essays...
    7. الزام
    8. انتظار
    ڪھاڻين جا مجموعا
    1. جيون ڌارا؛ صفحا ۹۸، رامو تولاڻي، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۶۵ع
    2. مني ڪلاڪ جي ملاقات؛ صفحا ۹۱، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۶۰ع.
    3. سوجھرو (سوراشٽر يونيورسٽيءَ جو درسي ڪتاب)
    4. ھڪڙو ھئو سنڌي واپاري (اصلوڪين سنڌي ڪھاڻين جو مجموعو)؛ صفحا، رتن ڪتاب گھر احمدآباد سال
    5. ڇايا مايا (اصلوڪيون ڪھاڻيون)؛ صفحا ۷۰، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۶۸ع.
    6. سمترا (چونڊ اصلوڪيون آکاڻيون)؛ (انعامي ڪتاب) (سوراشٽر يونيورسٽيءَ جو درسي ڪتاب) صفحا ۹۹، رتن پبليڪيشن احمدآباد، ڇپائيءَ جو ۱۹۸۰ع.
    7. سنگتراش؛ صفحا ۹۸، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۸۰ع
    8. زندگي تو بنا اُداس آ اُداس؛ صفحا ۷۲، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۷۱ع.
    9. ڪچي ڀت (چونڊ آکاڻيون)؛ صفحا ۶۶، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۸۷ع

    ٻال رچنائون
    1. گلن جھڙا ٻارڙا
    2. سدا مھڪن گلڙا
    جيون چرتر
    1. گرو نانڪ (انعامي ڪتاب) (جيوني ۽ وڪار) صفحا ۸۸، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، سال ۱۹۷۹ع.
    2. ساڌو واسواڻي (جيوني ۽ وڪار) سال ۱۹۷۵ع ڌاري احمد آباد انڊيا ۾ ڇپيو.
    3. سوامي وويڪانند
    4. ڀارت رتن
    نظم
    1. گل ۽ آنسو (شاعري) صفحا ۶۳، رامو تولاڻيءَ، جنوري ۱۹۶۶ع ڌاري بڙودا انڊيا مان ڇپائي پڌرو ڪيو.
    2. اڌورا گيت (شاعري) صفحا ۶۴، گوسوامي شيواپوري، ۱۹۶۲ع ڌاري جيپور انڊيا مان ڇپائي پڌرو ڪيو.
    ٻيا ڪتاب
    1. مضمون مالھا (چونڊ سنڌي مضمون) صفحا ۱۵۲، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، سال ۱۹۷۲ع.
    2. سنڌي مضمون
    3. اُپٽارون (اٺاويھن چونڊ سنڌي چوڻين جو مجموعو، جنھن ۾ انھن جي سمجھاڻيون ڏنيون ويون آھن) ۴۴ صفحن تي مشتمل اھو ڪتابڙو، سال ۱۹۴۶ع ۾ وشنداس اين چندناڻيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو ھيو.
    4. ادبي گل
    5. پکڙيل گل؛ صفحا ۱۰۱، ڪيرت مھرچنداڻي احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۸۲ع.
    6. شناخت، آکاڻيون، خط ۽ درخواستون (پنجين درجي کان نائين درجي تائين) صفحا ۴۵، دولت اسٽورس بڙودا انڊيا مان سال ۱۹۶۵ع ۾ ڇپيو.
    7. سليس سنڌي ويا ڪرڻ؛ صفحا ۸۶، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۷۱ع.
    8. دونھين جون لڪيرون (انوادڪ) (سنڌي ڪھاڻيون) ليکڪ؛ بروڪر گلابديس. ڪيرت مھرچنداڻيءَ سال ۱۹۸۱ع ڌاري احمدآباد انڊيا مان ڇپرايو.
    9. تبصرو (ادبي ليک)؛ صفحا ۱۰۴، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۸۵ع.
    10. اتھاس جو اڻ ٽٽندڙ سلسلو؛ آتم ڪٿا، سال ۱۹۸۸ع ڌاري لکيو ھيائين، جنھن ۾ ۱۹۴۷ع کان پوءِ جي سنڌي جيوت بابت ڄاڻ ڏنل آھي. Kirat Meharchandani (d. 1989). A fiction writer in Sindhi. Also write Itihasa Jo Ana-tutandara Silsilo, an autobiographical account (1988), which mirrored the Sindhi life after partition of the country in 1947. b. Krishnaprasad Misra. ...
    11. گل ڦل (مضمون)؛ صفحا ۱۳۸، ڇپائيندڙ ڪيرت مھرچنداڻي، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۸۳ع

    ترجما
    1. ٽينڊر بحال نه ٿيو. (سنڌي ڪھاڻيون) موھن مھرچنداڻيءَ سان گڏجي لکيائين. ڪيرت مھرچنداڻيءَ سال ۱۹۸۶ع ڌاري احمدآباد انڊيا مان ڇپرايو.
    2. ھڪ ٻيو دروناچاريه (سنڌي ڊرامو). ليکڪ: شنڪر شيش. ڪيرت مھرچنداڻيءَ سال ۱۹۸۴ع ڌاري احمدآباد انڊيا مان ڇپرايو.
    3. اوطاق (سنڌي ڊرامو) سال ۱۹۸۵ع ڌاري، رتن ڪتاب گھر احمدآباد انڊيا مان ڇپيو.
    4. روشنيءَ جا ترورا (سنڌي اصلوڪين ڪھاڻين جو مجموعو) ڪيرت مھرچنداڻيءَ سال ۱۹۸۴ع ڌاري احمدآباد انڊيا مان ڇپرايو.
    5. پکڙيل گل (سنڌي مضمون) صفحا ۱۰۱، ڪيرت مھرچنداڻيءَ سال ۱۹۸۵ع ڌاري احمدآباد انڊيا مان ڇپرايو.
    سمپادن
    1. پشپانجلي
    2. وديارٿي (مخزن)
    3. انجلي (مخزن)
    4. جھرمر (ٻال رسالو)
    5. جھلڪ (مخزن)
    6. پدمڻي (مخزن)
    7. بووڪ (مخزن)
    8. چانڊوڪي (مخزن)
    9. سنڌيت (مخزن)
    10. نئون گل (ڪھاڻيون) وغيرھ
    11. دھشت ۽ ٻيون ڪھاڻيون؛ صفحا ۶۵، ڇپيندڙ ڪيرت مھرچنداڻي، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۸۶ع.

    ترجما

    ان کان علاوھ، ڪيرت مھرچنداڻيءَ ٻين ليکڪن سان گڏجي به ڪتاب لکيا يا ترتيب ڏنا جيڪي ھيٺ ڏجن ٿا.
    1. اوائلي سنڌي نثر جو جائزو؛ مرليدر جيٽلي سان گڏ، صفحا۸۸، ڪيرت مھرچنداڻيءَ سال ۱۹۸۶ع ۾ ڇپرايو.

    سندس تذڪرو، مختيار احمد ملاح صاحب جي ڪتاب ’سنڌي ڪھاڻيءَ جي مختصر تاريخ‘ منجھ ملي ٿو. جتي سندس ڪھاڻيڪار وارو پھلو اجاگر ڪيو ويو آھي. ٻڌايل آھي؛ ”ھو شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ناٽڪ نويس ھيو. سندس ڪھاڻين جا ڪيترا ئي ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ ’جيون ڌارا‘، ’سڌا‘، ’مونجھ‘، (۱۹۸۷ع) ۽ روشنيءَ جا ترورا (۱۹۸۴ع) اھم آھن. ڪيرت مھرچنداڻيءَ جي ڪھاڻين جو تعداد تمام گھڻو آھي.“
    سندس باري ۾ ان کان علاوھ ٻيو خاص احوال موصول ٿي نه سگھيو آھي.


    انجنيئر عبدالوھاب سھتو


    متن

    1. انسان، پتليءَ سمان.

    مثال: ڪڏهن ڪاٺ مان ٺھيل پتلين جو ناچ ڏٺو اٿو؟ رانديگر يا مداري، پتيلن جي مٿي تي هلڪي ۽ سنھي تار لٽڪائي اھو کيل ڏيکاريندو آهي ۽ حاضرين کي وندرائيندو آهي. جنھن وقت هو کيل شروع ڪندو آهي، ان وقت پاڻ پڙدي پٺيان لڪي ويھندو آهي. ڏور جي اشاري تي پتليون راند ڪنديون آهن، نچنديون آهن، وڙهنديون آهن، دانھون ڪنديون آهن ۽ خوشيءَ ۾ ٽپا ڏينديون آهن. هت اهو ٻڌائڻ بلڪل ضروري آهي ته پتلين جا اهڙا کيل ڏيکاريندڙ پڙدي پٺيان هوندو آهي ۽ حاضرين کي ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي.
    سمجهاڻي: سنڌيءَ جي برک شاعر نارائڻ شيام جي هڪ ترائيل جون ٻه سٽون هن ريت آهن:
    يا ڪو ئي چريو کلي، يا جنھن کي ڏين توفيق تون،
    ور نه هن جھان ۾ رهي ڪو ئي کلي ممڪن نه آ.
    هن سڄي سرشٽيءَ جو خلقيندڙ هڪ ايشور آهي. اهو ئي هن سڄي سرشٽي جو ھلائيندڙ آهي. اهو وڏي ۾ وڏو مداري آهي، جيڪو هن سنسار ۾ انسان کي ڪٺ پتلي بڻائي کيل پيو ڏيکاري. انسان جي ڇا مجال! ايشور جي اڇا انوسار ئي انسان هلي ٿو.


    2. اکر پڙهه الف جو ٻيا ورق سڀ وار.

    الف معنى ايشور يا الله.
    هت گفتي جو مطلب آهي ته انسان کي ايشور کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي به ياد نه ڪرڻ گهرجي. ايشور، انسان کي ان ڪري پيدا ڪيو آهي ته جيئن هو پرٿويءَ تي وڃي لوڪن جي شيوا ڪري ۽ سندس نانءُ جپي. پر انسان ائين ڪري نـٿو. هو پنھنجو پاڻ کي دنيوي پدارٿن ۾ ڦاسائي ڇڏي ٿو. ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موهه ۽ اهنڪار جي چڪر ۾ ڦاسي، ايشور کي صفا وساريو ڇڏي. دنيوي وڪارن سبب انسان ۾ اهنڪار ۽ آپو ڀرجي ٿو وڃي. هو پاڻ جھڙو ٻئي ڪنھن کي به سمجهي نـٿو. لوڪن جي شيوا ڪرڻ بجاءِ کين آزارڻ ۽ ستائڻ لڳي ٿو. ان ڪري سالڪ لوڪ اها ئي سکيا ڏين ٿا ته ايشور جي نانءَ جپڻ کان سواءِ ٻئي ڪنھن به پدارٿ ۾ من لڳائڻ نه گهرجي. ٻيون سڀ پوٿيون پڙهڻ اجايون آهن، جي جيون کي سئين دڳ نٿيون لائين. ان ڪري جيون کي سڦلو سھيلو بنائڻ لاءِ ايشور جو ئي اکر اُچارڻ گهرجي.


    3. آئي ٽانڊو کڻڻ بورچياڻي ٿي ويٺي.

    بورچياڻي معنى رڌڻ واري.
    سمجهو ته اوهان جي ڪنھن پاڙيواريءَ کي، پنھنجي گهر ۾ سگري يا چلھ تي باهه ٻارڻ لاءِ، ٽانڊو گهرجي ۽ اها اوهان جي گهر ۾ ٽانڊو کڻڻ لاءِ اچي ٿي ۽ رڌڻي جي مالڪياڻي يعني گهر جي مالڪياڻي بڻجي ويھي ٿي رهي.
    هن چوڻيءَ جو مطلب اهو آهي ته جڏهن ڪنھن شخص تي ديا ڪري سندس مدد ڪجي ۽ کيس ٿوري وقت لاءِ پنھنجي گهر ۾ ڪو آسرو وغيره ڏجي ۽ موٽ ۾ هو ان احسان کي وساري پاڻ گهر جو مالڪ بڻجي ويھي. يا ڪو شخص توهان کان ڪا چيز اڌاري طور وٺڻ اچي ۽ اها واپس ڪرڻ بدران پاڻ کي ان چيز جو مالڪ سڏائي تڏهن هي پھاڪو چيو ويندو آهي.
    هن پھاڪي جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن ڪا پاڙيسرڻ ڪنھن گهر ۾ اچي صرف ٽانڊي وٺڻ لاءِ ۽ پاڻ ئي گهر جي مالڪياڻي بڻجي ويھي ته اها ان استريءَ جي ڏاڍائي ۽ زوري چئبي. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن ڪو ماڻھو ڪنھن شيءِ گهرڻ لاءِ اچي بعد ۾ ان شيءِ جو يا ان گهر جو مالڪ بڻجي ويھي ته اها ان شخص جي ڏاڍائي چئبي. دنيا ۾ انسان به مسافر ٿي آيو آهي. ايشور انسان کي هن سنسار ۾ موڪليو آهي صرف فرض پوري ڪرڻ لاءِ ۽ نيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ. مگر انسان، دنيا جي موهه ۾ اهڙو ته ڦاسي ويو آهي جو ايشور کي هڪ طرف ڀلائي ڇڏيو اٿائين ۽ ٻئي طرف سنسار جو مالڪ بڻجي ويٺو آهي. ايشور جي هستيءَ ۽ وجود کي وساري، پاڻ اهنڪار ۽ هٺيلو بڻجي پيو آهي ۽ هن سنسار کي پنھنجو دائمي گهر سمجهي ويٺو آهي.
    انسان اها حقيقت وساري ويٺو آهي ته؛ هو هن سنسار جو خلقيندڙ نه آهي، پاڻ صرف هڪ مسافر آهي ۽ کيس هي سفر پورو ڪري هليو وڃڻو آهي. مگر اگيان وس انسان، هن سنسار ۾ پنھنجو دائما ديرو سمجهي ٿو. انسان کي جڳائي ته من کي موڙي ۽ حقيقت شناس ٿئي.


    4. علم ۽ هنر ڀرپور چشما آهن.

    علم جو مقصد آهي انسان جو سڀني پاسن کان وڪاس. سماجڪ، آرٿڪ، جسماني، دماغي منو وگيانڪ ۽ نيتڪ وڪاس، علم پرائڻ سان ٿئي ٿو. علم جي حاصلات کان پوءِ ئي دل ۽ دماغ روشن بڻجن ٿا. علم انسان ۾ آتم وشواس پيدا ڪري ٿو. علم پرائڻ کان پوءِ انسان پنھنجن پيرن تي بيھي سگهي ٿو ۽ زندگيءَ کي سڦلتا طرف وٺي وڃي ٿو. علم هڪ اهڙو ڀرپور چشمو آهي، جنھن مان سرڪيون ڀرڻ کانپوءِ من ڌوپجي صاف ٿي وڃي ٿو. غلط ۽ صحيح، پاپ ۽ پڃ، ڪوڙ ۽ سچ وغيره جي ڇنڊ ڇاڻ به، انسان علم پرائڻ کانپوءِ ڪري سگهي ٿو. صفائي، سچائي، نوڙت ۽ ٻيا گڻ پڻ علم پرائڻ کانپوءِ ئي پرائي سگهجن ٿا. هڪ ٻئي سان ڪھڙي نموني وهنوار ڪجي؛ گلا کان پاسو ڪجي، ننڍي وڏي جي عزت ڪجي، دين دکين جي شيوا ڪجي. اهي مڙيئي ڳالھيون علم پرائڻ کان پوءِ ملن ٿيون. ڪيترا ماڻھو علم کي فقط ڪمائڻ جو ئي وسيلو سمجهن ٿا. اهو سوچڻ جو صحيح نمونو نه آهي. علم ناڻو ڪمائڻ ته سيکاري ٿو پر ان کان وڌيڪ جا حاصلات انسان کي ٿئي ٿي اها آهي علم انسان کي اگيانتا مان ڪڍي گيان طرف وٺي وڃي ٿو. انسان گيانوان ۽ گڻوان بڻجي ٿو ۽ پنھنجي ديش جو صحيح ناگرڪ بڻجي ٿو. هو نه فقط پنھنجو مددگار پاڻ بڻجي ٿو، پر پنھنجي ڪٽنب، پاڙي ۽ ديش واسين جو سھڪاري ساٿي پڻ بڻجي ٿو. غلط راهه کان ڪنارو ڪري، ستيه ۽ اهنسا جي واٽ پڪڙي ٿو. ان ڪري ان چوڻ ۾ ذرو به وڌاءُ نه ٿيندو ته علم اهو چشمو آهي، جنھن جو جل پيئڻ کانپوءِ، جيون سڦلي بڻجي پوي ٿي.
    ساڳي ڳالهه هنر سان به آهي. هنرمند انسان ڪڏهن به بک نٿو مري. ڪن آرٿڪ مجبورين سبب، ڪي انسان علم پرائي نٿا سگهن. انھن لاءِ ضروري آهي ته هو وقت جو سد اپيوگه ڪن ۽ ڪو نه ڪو هنر سکي پيرن تي بيھن. ۱۹۰۵ع ۾ ئي جپان جھڙي جيتامڙي ملڪ، چين جيڏي اجگر ملڪ کي لڙائيءَ ۾ سخت شڪست ڏني هئي. ان جو ڪارڻ اهو هو جو جپان جو هر هڪ ناگرڪ هنرمند هو ۽ ناگرڪن پنھنجي ملڪ کي آرٿڪ خيال کان زبردست نموني مضبوط بڻايو هو.
    رانديڪا ٺاهڻ، سبڻ ۽ ڀرت ڀرڻ جو ڪم، چٽسالي ڪرڻ، سنگتراشي، چترڪاري، رنگ هڻڻ وغيره هنرن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. ماڻھوءَ کي جيڪڏهن هنر پيٽ ۾ پيل هوندو ته ڪنھن جو به محتاج ڪين بڻجندو. هنرمند ماڻھو آرٿڪ طور پاڻ کي مضبوط بڻائي سگهن ٿا. ڪو به هنر سکڻ ۾ لڄ نه ڪرڻ گهرجي. گهر جي مالي حالتن کي سڌارڻ لاءِ ڪو نه ڪو هنر سکڻ ضروري آهي. ان مان ٻه فائدا ٿين ٿا؛ ۱- وقت سجايو ٿئي ٿو. ۲- ناڻو ڪمائجي ٿو. علم جيان هنر به انسان کي ٻئي جي محتاجيءَ کان بچائي ٿو. اڄڪلهه هن مالي يگه ۾ پئسي کي وڏي اهميت آهي. ان لاءِ ته جيئن هو ٻئي جي محتاجيءَ کان آجو رهي. هنر جو چشمو پڻ انسان جي زندگيءَ کي رنگين بڻائي ٿو. پر جنھن وٽ علم به آهي ۽ هنر به آهي، ان لاءِ ڇا چئجي! زندگيءَ کي چار چنڊ لڳي وڃن ٿا. جيستائين ماڻھوءَ کي ڪا نوڪري ملي ئي ملي، تيستائين سکيل هنر سان ناڻو ڪمائي سگهي ٿو. مھاتما گانڌي جي “بنيادي تعليم” جو به مقصد ساڳيو هو؛ “سکو به ڪمايو به.” ان ڪري ئي بنيادي تعليم پرائيندڙن کي ڪو نه ڪو هنر سيکاريو ويندو آهي ۽ هاڻوڪي نئين تعليمي سرشتي موجب اهو آدرش اپنايو ويو آهي. ان ڪري ئي وديارٿين کي اسڪولن ۾ سندن مرضيءَ موجب ننڍا- وڏا هنر سکياريا وڃن ٿا، جھڙوڪ؛ اگر بتيون ٺاهڻ، صابڻ ٺاهڻ، ڪتڻ، اُڻڻ ۽ سبڻ وغيره.
    علم ۽ هنر وارو انسان ڪڏهن به بک نٿو مري ۽ منجهس ڪڏهن به احساس ڪمتريءَ (Complex Inferiority) جي ڀاونا پيدا نٿي ٿئي.
    حاصل مطلب: علم ۽ هنر، انسان کي جيون ۾ سڦل بڻائي کيس ڪاميابيءَ جي چرم-سيما (Climax) تي پھچائين ٿا.


    5. اندر اُجرو نه ڪري، ڌوئي ٿو ڌاڳا.

    هن چوڻيءَ سان مشاهبت رکندڙ ٻي به چوڻي آهي:
    ٻاهران چکي مکي، اندران بڙ بڙ دکي.
    ٻنھي چوڻين جو مطلب لڳ ڀڳ ساڳيو آهي.
    دنيا ۾ ڪي اهڙا عجيب انسان پيا آهن جي ٻين کي ٺڳڻ لاءِ ظاهري طرح ته ٺيڪ ۽ ساڌو لڳندا آهن، مگر اندروني طرح اهي ٻين کي ڇيھو رسائڻ لاءِ پيا سوچيندا آهن.
    انسان جي من ۾ انيڪ ويچار پيدا ٿيندا رهن ٿا. من بي لغام گهوڙي مثل آهي. من ۾ ئي اڇائون ۽ نراشائون ٿين ٿيون. ڪيترا ئي ڍونگي انسان، مندرن ۾ وڃن ٿا، آرتي ڪن ٿا، ايشور جو نالو اُچارين ٿا مگر اهو صرف ڏيکاءَ واسطي ۽ اندر ۾ سدائين پاپ کي جاءِ ڏين ٿا.
    هن چوڻيءَ جو صاف مطلب اهو آهي ته؛ جيڪو اندر جو پاپي آهي، ڪوڙو ۽ پاکنڊي آهي، دواچاري ۽ سوارٿي آهي، اهو انسان جڳ وارن کي ٺڳڻ لاءِ وڏا وڏا واعدا ڪري ٿو، پوٿيون پڙهي ٿو ۽ مالھائون ڦيري ٿو.
    دراصل سالڪن جو چوڻ آهي ته ظاهري طرح ڍونگ ڪرڻ کان بھتر آهي ته ماڻھوءَ کي پنھنجو من پويتر رکڻ گهرجي. من، وچن، ڪرم سان جيون پويتر گهارجي. اجائي ڍونگ کان ڪنارو ڪجي. سج کي هٿ جي تريءَ سان لڪائي نه سگهبو آهي. ڪڏهن ڪڏهن پاپ جو ڀانڊو ڦاٽي ٿو ۽ پاکنڊي ظاهر ٿي پوي ٿو. ٻين اڳيان اجايا واعدا نه ڪجن پھرين من کي صاف رکجي.
    مٿين چوڻي تڏهن ڪتب آندي ويندي آهي، جڏهن ڪو انسان من ۾ پاپ لڪائي ويھي ۽ ظاهري طرح نيڪ ڏسڻ ۾ اچي. ان ڪري سياڻن جو چوڻ آهي ته؛ ظاهري ڏيک ويک کان من جي يعني اندر جي صفائي رکڻ گهرجي. سچ ٻولجي ۽ من جي آئيني کي صاف رکجي. اهڙو انسان ئي نيڪ ۽ نرمل آهي. سچ به اهي ئي شخص سڃاڻن ٿا، جي من جا مور ۽ صاف آهن. باقي ٻاهران اڇو اُجرو ٿي گهمڻ سان يا ظاهري طرح مندر ٽڪاڻا ڀيٽڻ سان، رب کي ريجهائي نه سگهبو. اهڙن انسانن لاءِ چيو ويندو آهي ته، “منھن ۾ موسى جھڙو، اندرَ ۾ ابليس.” ٻاهر جي صفائيءَ کان اندر جي صفائي سؤ بار بھتر آهي. ڇو ته سائين به انھن سان راضي رهي ٿو جي من جا پويتر ۽ نيڪ آهن ۽ ٻين جو برو نه ٿا چاهين. شل سالڪن جا سخن هينئين سان هنڊايون.


    6. اٽي ۾ لوڻ.

    مثال: ڀارت ۾ ڪيتريون مکيه جاتيون آهن. جھڙوڪ: گجراتي، مرهٽا وغيره. سنڌي اُنھن ۾ اٽي ۾ لوڻ مثل آهن. معنى تمام ٿورا آهن.
    سمجهاڻي: ڪنھن به گهڻيءَ چيز ۾ ٿوري چيز، تمام سولائيءَ سان ملي ويندي آهي. ڳوهيل اٽي ۾ جي لوڻ ملائبو ته لوڻ اُن ۾ صفا ملي ويندو.
    هيءُ پھاڪو اهڙيءَ حالت ۾ چيو ويندو آهي. نموني طور، مٿي مثال ڏيئي پھاڪي کي چٽو بڻايو ويو آهي.


    7. انڌن اڳيان روئڻ آهي اکين جو زيان.

    انڌي ويچاري کي ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي. اکين جي روشني نه هئڻ سبب، کيس هر وقت چوڌاري اوندهه انڌڪار ئي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. سندس اڳيان جيڪڏهن روشنيءَ وارو انسان، جنھن جي اکين ۾ روشني آهي، پنھنجا دک سور ونڊڻ لاءِ ويھي روئندو ته به کيس ڪا ڄاڻ نه پوندي.
    هيءُ پھاڪو تڏهن چيو ويندو آهي، جڏهن ڪو گيانوان شخص، ڪنھن اگيانيءَ يا مورک سان ويھي بحث ڪندو يا کيس نيڪ صلاحون ڏيندو ته اُهي سڀ اجايون وينديون. نه اگياني شخص کي گيان واريون ڳالھيون وڻنديون آهن ۽ نه ئي مٿن عمل ڪندو آهي.


    8. اُدم ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي.

    شاهه صاحب جو به چوڻ آهي؛
    تتي ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانھي ويل ويھڻ جي،
    متان ٿئي اونداهه، پير نه لھين پرينءَ جو.
    مطلب بلڪل صاف آهي. انسان کي رات توڙي ڏينھن ۾، سرديءَ توڙي گرميءَ ۾، اڳتي ۽ اڳتي هلڻو آهي. هلڻ زندگيءَ جو نالو آهي، رڪجڻ موت جو.
    چوندا آهن؛ “تقدير اڳيان، تدبير ڪھڙي؟” پر اها هڪ حقيقت آهي، ته تقدير تي ڀروسو ڪانئر ۽ ڪمزور ماڻھو رکندا آهن. جن شخصن اتھاس ۽ تھذيب جي رخ کي موڙيو آهي، تن ڪڏهن قسمت تي نه ڀاڙيو آهي. اُدم جي پرن سان ئي انسان آسمان ۾ پرواز ڪيو آهي ۽ سوڀ پاتي آهي. ڪولمبس نئين دنيا ڳولھڻ لاءِ نڪتو. هن مھينن جا مھينا سمنڊ ۾ سفر ڪيو پر دلشڪستو نه ٿيو. طوفانن کيس چوطرف گهيريو، سندس ساٿي خلاصين کيس سمند ۾ اڇلڻ جا دڙڪا ڏنا پر سندس دل ۾ ذرو به ڏهڪاءُ پيدا نه ٿيو. ۽ نيٺ هو نئين دنيا ڳولهڻ ۾ ڪامياب ويو. چوندا آهن؛
    • اکرين ۾ مٿا وجهندا، سي مھرين کان ڪين ڊڄندا.
    • ترڻ لاءِ درياهه ۾ گهڙندا، سي لھرن کان ڪين ڪيٻائيندا.
    • درياه ۾ گهڙڻو ته پوءِ لھرن کان ڪھڙو ڊڄڻو.
    انسان اُدم ۽ اَوِرچائيءَ سان ئي اڳتي وڌي ٿو. زندگيءَ ۾ ڪامياب به اهو ئي ويو آهي، جنھن اُدم ڪيو آهي. هٿ هٿ تي رکي، قسمت تي ڀاڙڻ، ڪمزور ماڻھن جو ڪم آهي. جن جو پاڻ ۾ وشواس ڪونھي، تن جو پاڻ تي ڀروسو ڪونھي. مقصد جي چٽائي، اُدم جي ڏاڪڻ طرف وڃي ٿي. اُدم ڪرڻ لازمي ۽ ضروري آهي. تڪليف ۽ مشڪلات کان ڊڄڻ ڪمزوري ۽ ڪانئرتا آهي.
    جن انسانن جا نالا، اڄ اسين عزت سان وٺي رهيا آهيون، تن وڏو درجو يا رتبو حاصل ڪيو آهي. انھن تقدير تي ڪين ڀاڙيو، اهي لڳاتار اُدم ڪندا رهيا، ۽ آخر ۾ وڏو درجو حاصل ڪيائون.
    حاصل مطلب: تقدير تي ڀاڙڻ سياڻپ ناهي. اُدم سان ئي انسان سڦلتا حاصل ڪري سگهي ٿو. اُدم جي پرن سان انسان آسمان طرف اُڏامي ٿو. يعني ڪاميابي طرف وڌي ٿو.


    9. اي دل نه ڪر فڪر، ڪر شڪر، ڪر شڪر.

    هڪ حقيقت: پوني اسٽيشن کان ٻاهر، کاٻي پاسي جيڪو رستو جنرل پوسٽ آفيس ڏانھن وڃي ٿو، ان کان ٿورو اورڀرو، چوراهي تي، ساڌو واسواڻيءَ جو آدم قد، ڪاري سنگمرمر جو پتلو ٺھيل آهي. ساڌو واسواڻيءَ جي جيڪا تصوير ڪافي لوڪ-پريه آهي، جنھن ۾ هو پنھنجي ڏسڻيءَ سان مٿي ايشور طرف اشارو ڪري ٿو. انھيءَ ئي تصوير جي آڌار تي هوبهو پتلو ٺھرايو ويو آهي. پتلي هيٺان هڪ پٿر اڇي سنگمرمر جو لڳايو ويو آهي. انھيءَ پتلي تي ئي مٿين سِٽَ اُڪرائي ويئي آهي.
    “اي دل، نه ڪر فڪر، ڪر شڪر، ڪر شڪر.”
    هت اهو ٻڌايو ويو آهي ته اهو گفتو ساڌو واسواڻيءَ جن جو چيل آهي.
    هڪ اڙدو شاعر چيو آهي :
    اي دل تجهي قسم هي همٿ نه هارنا،
    دن زندگي کي جئسي ڀي گذري گذارنا.
    قدرت جو نيم اٽل آهي. نصيب جو چڪر، سدائين پيو ڦري. ھڪ سج، ٻه پاڇا آهي. انسان ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾. انسان جي جيون ۾ نه سدائين سک آهي ۽ نه ئي سائين ڏک آهن. جھڙيءَ ريت سک سدائين قائم نه آهي، تھڙيءَ ريت دک به سدائين قائم نه آهي. پر انسان سک جي اچڻ تي هنبوڇيون هڻي ٿو ۽ ڏک جي اچڻ تي هاءِ گهوڙا مچائي ٿو. ڏک ته زندگيءَ جي سونھن آهن. ڏک وقت، نااميد ۽ دلشڪستو ٿيڻو ناهي. صرف همٿ کان ڪم وٺي، حالتن کي منھن ڏيڻو آهي. سالڪن جي صلاح آهي ته؛ جيوت جا ڏينھن جنھن نموني به گذرن، گذارڻا آهن. انسان جي هٿ ۾ ڪجهه به نه آهي. ايشور ئي سک ڏئي ٿو ۽ ايشور ئي ڏک ڏئي ٿو. ان ڪري زندگيءَ ۾ ڏک به سھڻا پون ته کلي کلي سھڻ گهرجن. هٿ هٿ تي رکي، نا اميد ٿي ويھڻ، مورکتا جي نشاني آهي. صبر ۽ شڪر سان ئي، گذارڻ گهرجي. ڪڏهين به دل ۾ اهڙا ويچار پيدا ٿيڻ نه گهرجن، جن سبب نا اميدي وڌي وڃي. شڪر ۽ صبر جو ڦل مٺو آهي. سالڪ ۽ سياڻا ماڻھو، رب جي رضا تي راضي رهن ٿا. ڪنڊن ڀريل واٽ سان به ائين ڊوڙندا ويندا، ڄڻڪ گلن جي ڀريل راهه تان هلي رهيا آهن. شڪر ۾ ئي جس سمايل آهي. ان ڪري زندگيءَ ۾ ڪھڙيون به اڻانگيون گهڙيون اچن ته به سدائين همٿ کان ڪم وٺي، شڪر شڪر ڪجي. وشواس کان ڪم وٺجي ۽ ڌيان پرڀوءَ ۾ لڳائجي.”
    حاصل مطلب: جيون ۾ ڪھڙيون به مشڪلاتون ۽ تڪليف ڀريون گهڙيون اچن ته به گهٻرائجي نه. ايشور جي رضا تي راضي رهجي. پرماتما جيڪي ڪري، اُهو خوشيءَ سان سھجي.


    10. انسان ذات جي شيوا ۾ ئي ايشور جي بندگي سمايل آهي.

    گهڻو وقت اڳ جي ڳالهه آهي. هڪ شخص، نالي ابو بن اُدم، رات جو تمام گھري ننڊ ۾ ستو پيو هئو. هن محسوس ڪيو ته سندس ڪمري ۾ روشني ڦھلجي ويئي آهي. روشنيءَ جي ڦھلاءَ سبب، سندس اک کلي پيئي. ڏٺائين ته سندس دريءَ مان، هڪ شخص اندر لنگهي آيو هئو۽ ڪنڊ ۾ پيل ڪرسيءَ تي ويھي، سوني قلم سان هڪ نوٽبڪ تي ڪجهه لکي رهيو هو.
    ابوءَ سوال ڪيس؛: “اوهين ڪير آهيو؟ ڇا لکي رهيا آهيو؟”
    شخص جواب ڏنو؛ “مان قاصد آهيان. ايشور مون تي ڪم رکيو آهي ته مان اُنھن شخصن جا نالا لکان، جيڪي کيس ياد ٿا ڪن.”
    ابوءَ سوال ڪيو؛: “انھن نالن منجھ، منھنجو نالو آهي؟”
    کيس جواب مليو؛ نه.
    ابوءَ کيس چيو: چڱو ٺيڪ آهي. اُنھن نالن جي هيٺان منھنجو نالو لکو ۽ سامھون لکو ته هيءُ اُهو شخص آهي جنھن ايشور کي ته ياد نه ڪيو آهي پر سندس خلقيل انسان ذات جي شيوا ڪئي آهي.
    ايشور جي قاصد ائين لکيو ۽ هليو ويو.
    ٻيءَ رات، ابوءَ پنھنجي ڪمري ۾ گذريل رات کان به وڌيڪ روشني محسوس ڪئي. ڏٺائين ته ساڳيو قاصد، وري ڪرسيءَ تي ويٺو هئو. ابو وڌي، قاصد ڏانھن ويو. قاسد، نوٽبڪ ڏانھس وڌايو. ابوءَ ڏٺو ته سندس نالو سڀني کان مٿي هئو.
    مٿين آکاڻيءَ جو حاصل مطلب هيءُ آهي ته؛ پرڀوءَ کي به اهي ئي شخص پيارا آهن، جي سندس پئدا ڪيل انسانن جي شيوا ڪن.
    ڪيترن ماڻھن جو اهڙو سڀاءُ هوندو آهي جو ورت رکندا، ٽڪاڻن ۾ ويندا، پاٺ پوڄا ڪندا، ليڪن انسان ذات جي شيوا نه ڪندا. دراصل ان سان پرڀوءَ کي ئي پائي نه ٿو سگهجي. شاهه صاحب به چيو آهي ته؛
    روزا ۽ نمازون، ايءُ پڻ چڱو ڪم،
    اهو ڪو ٻيو فھم، جنھن سان پسجي پرينءَ کي.
    پرينءَ کي تڏهن پسي سگهجي ٿو، جڏهن پرڀوءَ جي پيارن جي شيوا ڪبي. اُن ۾ ئي سچو سک سمايل آهي. بکين کي روٽي کارائڻ، اُگهاڙن کي ڍڪڻ، ۽ اگهن جي پرگهور لھڻ ئي بندگي آهي. انساني زندگيءَ جو مول مقصد ئي آهي انساني شيوا.
    ڪيترا ئي انسان، ڀڳوان کي پاڻ کان پري سمجهن ٿا. گنگا ۽ گرنار تي، گهر ۽ سنسار کان ڪنارو ڪري، من جي شانتي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ليڪن اها سندن ڀل آهي. مھاتما گانڌيءَ جو چوڻ آهي ته؛ جنھن شانتيءَ لاءِ تون دور دور ڀٽڪي رهيو آهين، سا دراصل تنھنجي چانئٺ وٽ پئي آهي.
    مطلب هيءَ ته؛ من جي شانتي تڏهن ملندي جڏهن شيوا ڪبي ۽ پرڀوءَ کي پاڻ کان جدا نه سمجهبو. اگيانتا سبب ئي اسين پرماتما کي پاڻ کان جدا ڄاڻون ٿا. ڪوي ٽئگور جو چوڻ آهي ته:
    هو ته وڃي ان جاءِ وسي ٿو، جتي هاري ڌرتي کيڙي ٿو،
    پھڻ مزور ٽوڙي ڦوڙي ۽ ميڙي ٿو.
    مطلب هيءُ آهي ته؛ پرڀو هارين ۽ مزورن ۾ ۽ پنھنجي بندن ۾ موجود آهي. ان ڪري پرڀوءَ کي پائڻ لاءِ، سندس بندن سان پيار ڪرڻو پوندو. اها ئي ايشور جي سچي بندگي آهي.
    حاصل مطلب: انسان جي شيوا ۾ ئي پرڀوءَ جي بندگي سمايل آهي. پرڀوءَ کي پائي تڏهن سگهبو، جڏهن انسان ذات جي سچي دل سان شيوا ڪبي.


    11. آههِ غريبان، قھر خدائي.

    معنى؛ غريبن، دکين، پيڙيل ۽ مظلوم انسانن کي ڪڏهن به ستائڻ نه گهرجي. ڇو ته دکيءَ دل مان نڪتل آهه، قدرت جي قهر مثل آهي. انسان جو فرض آهي غريبن جي شيوا ڪرڻ، ۽ نه ڪ کين ستائڻ. جيڪو کين ستائي ٿو، سو پنھنجي زواليت جو رستو پاڻ جوڙي ٿو. اتھاس شاهد آهي ته جن راجائن ۽ شاهوڪارن اهنڪار ۽ هٺ ۾ اچي، غريبن کي ستايو ۽ پنھنجي ظلم جو گهوڙو تيزيءَ سان ڊوڙايو، اُنھن جون حڪومتون، غريبن جي انھن دانھن ڪري، مٽيءَ ۾ ملي ناس ٿي ويون. ان ڪري ڪڏهن به غريبن کي ستائڻ نه گهرجي.


    12. اڻندو اُها جا ڪوريءَ جي من ۾ هوندي.

    ظاهري معنى: ڪوريءَ جو ڪم آهي ڪپڙو اڻڻ. ڪوري پنھنجي مرضيءَ سان ڪپڙو اُڻي ٿو؛ سنهو يا ٿلهو، لسو يا کھرو، ڇڊي يا گهاٽي رنگ وارو. اها ڪوريءَ جي مرضي آهي ته هو ڪھڙي به قسم جو ڪپڙو اُڻي. ڪو به گراهڪ وٽس ڪو نه ٿو وڃي، پنھنجي پسندي ٻڌائڻ لاءِ. ڪوري گراهڪ يا ڪپڙي پائيندڙ جي ويچار کي، خيال ۾ نٿو رکي. پر پنھنجي مرضيءَ سان ڪپڙو اُڻي ٿو.
    اندروني معنى: ايشور هيءَ سرشٽي خلقي آهي. سنسار جو نرماتا ايشور آهي. سڄي دنيا جو ڪاروبار ايشور هلائي ٿو. اها پرم پتا پرميشور جي مرضي آهي ته هو سنسار جو ڪاروبار ڪھڙي نموني هلائي ٿو. انسان جي مرضيءَ پٽ-اندر نٿو هلي. ڪنھن کي دک ڏئي ٿو ته ڪنھن کي سک، ڪنھن کي مالڪ بڻائي ٿو ته ڪنھن کي محتاج. ڪي ننڍيءَ عمر ۾ ئي ماري ٿو ڇڏي ته ڪي ٻڍا ۽ وڏيءَ عمر وارا حياتيءَ مان ڪڪ هوندي به پنھنجي مرضيءَ سان نٿا مرن. چوڻ جو مطلب هيءُ آهي ته؛ سنسار جو چرخو پرميشور ئي هلائي ٿو. چاهي ڪنھن کي دکه وڻي يا نه وڻي، ڪو ڪارج وڻي يا نه وڻي، پر اهو ئي ٿئي ٿو جو ايشور کي منظور آهي. ايشور کي ڪوري ڪري ڪوٺيو ويو آهي. ايشور ئي دنيا جو هرتا ڪرتا آهي. اهو ئي ٿيڻو آهي يا ٿيندو جيڪو ايشور کي وڻندو. انسان، ايشور اڳيان بي وس ۽ لاچار آهي. انسان ايشور جي شڪتيءَ اڳيان ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي. مالڪ دک ڏئي يا سک، صبر سان سھڻو آهي. ان ڪري سالڪن جو قول آهي ته؛ ايشور کي جيڪو وڻندو سو ئي ڪندو آهي. هو پنھنجي خواهش سان سنسار جو چرخو هلائيندو. باقي ماڻھوءَ جي وس ۾ ته ڪجهه به نه آهي.


    13. اُٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت، اٺ جي لاهيءَ کي به لعنت.

    اُٺ اڻوڻندڙ ۽ بي ڊولو جانور آهي. قد جو لنبو آهي ۽ هلندي وڏيون ٻرانگهون ڀريندو آهي. جڏهن مٿي چاڙهيءَ تي چڙهي ٿو ته سوار کي وڏو لوڏو اچي ٿو. ساڳيءَ طرح جڏهن هيٺ لاهيءَ تي لھي ٿو، تڏهن به سوار کي لوڏو ايندو آھي. مطلب اھو آھي ته اٺ تي ھر حالت ۾ لوڏو ايندو، چاهي اٺ چاڙهيءَ تي چڙهي يا لاهيءَ تان لھي. ساڳيءَ طرح خراب ۽ بڇڙي ماڻھوءَ جو سنگ آهي. بڇڙي ماڻھوءَ مان پس پيش ئي نقصان رسڻو آهي. خراب ماڻھوءَ جي دوستي به نقصانڪار آهي ته دشمني به نقصانڪار آهي. ان ڪري سياڻا صلاح ڏيندا آهن ته؛ بري ماڻھوءَ کان سدائين پاسو ڪجي. ان سان نه دوستي رکجي ۽ نه وري ان سان دشمني ڪجي، هر حالت ۾ نقصان ئي رسندو.


    14. اڳياڙي تن جي سرهي، پڇاڙي جن جي سرهي.

    هن پھاڪي مان دوستي يا مترتا نباهڻ جي معنى نڪري ٿي. ڪيترن ماڻھن جو اهڙو سڀاءُ ٿيندو آهي جو پھرين دوستي ته رکن، پر پوءِ توڙ تائين نه نباهن. ان حالت ۾ ساراهه بجاءِ گلا ٿي ٿئي.
    هن پھاڪي جو مطلب بلڪل چٽو آهي. دوستي رکجي ته پوريءَ ريت، توڙ تائين نباهجي. نه ته هيڪاري گلا ٿئي ٿي ۽ ماڻھن اڳيان کلڻ-هاب بڻجي ٿو پئجي. جيڪڏهن توڙ تائين دوستي هلي ٿي، ته ان ماڻھوءَ جي اڳياڙي سرهي ڪري ليکي وڃي ٿي ۽ پڇاڙي تائين ساراهه ٿئي ٿي.


    15. انڌا رکن روزا ته ڏينھن به ٿين وڏا.

    انڌن کي نور نه هوندو آهي. هو ڏسي نه سگهندا آهن. هنن لاءِ ٻارھو ئي اوندهه آهي. هنن جي لاءِ ڏينھن وڏو ٿي پوندو آهي. هو جڏهن ورت يا روزو رکندا آهن ته هر هر پيا پڇندا ته؛ ڪيڏي مھل ٿو ڏينھن پورو ٿئي؟
    هن پھاڪي جو اصلي مطلب اهو آهي ته جو نڀاڳا ۽ اڻ آزمودگار ماڻھو، جڏهن ڪنھن ڪم ۾ هٿ ٿا وجهن ته اهو ڪم جيڪڏهن سولو ۽ جلدي پورو ٿيڻ وارو هوندي به، اوکو بڻجي پوندو ۽ پوري ٿيڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳندو. ان ڪري اڻ آزمودگار ۽ نڀاڳي ماڻھوءَ کي، ڪڏهن به ڪم نه چئجي.


    16. ابي جو ڏنو ڪھڙي ڪم جو، جيسين رب نه ڏئي.

    معنى: پيءُ، مٽ مائٽ يا ڪنھن به دوست جو ڏنو، ڪھڙي ڪم جو، جيستائين پرماتما نه ڏئي. پرماتما جا ڀنڊار ڀرپور ۽ اکٽ آهن. پرماتما ڏئي ٿو ۽ ورجائي نٿو. مگر ٻيو ڪو به ڏئي ٿو ته ورجائي ٿو ۽ هر هر پنھنجي احسان جو اجورو طلبي ٿو. انسان جو ڏنو ڪھڙي ڪم جو، جيستائين ڀڳوان نه ڏئي. سڀني کي ڏيندڙ ڏاتار آهي. ٻيا ته سڀ ان جي در جا پينار آهن.


    17. علم بنا عذاب، گهڻا سھندي جندڙي.

    سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته؛ “علم، انسان جي ٽين اک آهي.” ايشور، انسان کي ڏسڻ لاءِ ٻه اکيون ڏنيون آهن. انھن اکين جي مدد سان، انسان ڏسي ٿو. اصلي ٿو ۽ آجيوڪا ڪمائي ٿو. پر علم انسان جي ٽين اک آهي، جنھن جي مدد سان انسان صحيح معنى ۾ انسان بڻجي ٿو.
    تعليم، انسان جي دماغ ۽ آتما کي روشني بخشي ٿي. تعليم کي انگريزيءَ ۾ “Education” چئبو آهي. لفظ Education لئٽن ڀاشا جي لفظ “Educatum” مان ٺھيو آهي. جنھن جي معنى آهي “To know” يعني “ڄاڻ حاصل ڪرڻ”. علم سان انسان کي نه فقط دنيوي سک پراپت ٿئي ٿو، پر کيس آتميڪ ۽ روحاني آنند پڻ پراپت ٿئي ٿو. علم حاصل ٿئي ٿو، محنت ڪرڻ سان. علم انسان کي اٿڻ ويھڻ، هلڻ چلڻ، ڳالھائڻ جا گڻ سيکاري ٿو. علم سان انسان جيوت کي سکي ۽ آنند ميئه بڻائي ٿو. علم سان انسان ۾ آتم وشواس پيدا ٿئي ٿو. ڀلي ۽ بري، نيڪي ۽ بدي، سچ ۽ ڪوڙ، پاپ ۽ پڃ وغيره جي ڇنڊ ڇاڻ به علم پرائڻ کان پوءِ ئي ڪري سگهجي ٿي. جيڪو انسان پڙهيل ڳڙهيل آهي، ان ۾ لوڪ مريادا ۽ آتم مريادا جا گڻ به موجود آهن. پڙهيل ڳڙهيل انسان، اوکيءَ ويل به دل-شڪستو نٿو بڻجي. همٿ ۽ وشواس سان قدم اڳتي وڌائي ٿو ۽ آخر ۾ ڪامياب وڃي ٿو.
    جيڪو انسان پڙهيل نه آهي، سو نه فقط پاڻ تي بار آهي پر ڪٽنب ۽ سماج تي پڻ بار آهي. اڻ پڙهيل انسان کي، انيڪ دنيوي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. هو پوريءَ ريت پنھنجي آجيوڪا به ڪمائي نٿو سگهي. اڪثر ڪري ائين ڏٺو ويو آهي ته اڻ پڙهيل انسان ئي سماج ۾ برايون ۽ غلاظتون ڦھلائي ٿو. اڻ پڙهيل انسان کي “سماجڪ عناصر” سمجهيو ويندو آهي. پوري ريت نه ڪمائڻ ڪري اڻ پڙهيل انسان ڪيترا ئي برا ڪم ڪندو آهي. کيس انيڪ مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. هو ڪيترا ئي عذاب (تڪليفون) سھي ٿو. اڻ پڙهيل انسان وري وري ٻئي اڳيان هٿ ٽنگ ٿو ۽ ٻين جي مدد لاءِ هر وقت واجهائيندو ٿو رهي. اهڙيءَ انسان جو روح روشن نه آهي. هو سدائين ڀليل ۽ ڀٽڪيل رهي ٿو ۽ پنھنجي زندگي نرڪ سمان بڻائي ٿو. آخر ٻين اڳيان مدد لاءِ ٻاڏائي ٿو.
    حاصل مطلب: علم کان سواءِ انسان کي گهڻيون تڪليفون سھڻيون پون ٿيون. علم وارو انسان ته جتي ڪٿي مان پائي ٿو، پر علم وارو انسان ته جتي ڪٿي مان پائي ٿو. پر بنا علم واري انسان کي ڌرتي جو ٻوجهه سمجهيو وڃي ٿو. بنا علم انسان کي ڏک سھڻا پون ٿا ۽ هو سدائين ٻين اڳيان محتاج رهي ٿو.


    18. بھشت ماءُ جي پيرن هيٺان آهي.

    انسان هڪ سماجڪ پِراڻي آهي. سماج ۾، انسان جا انسان سان، سوکيم رشتا ۽ ناتا جڙيل آهن. هڪڙو انسان ٻئي انسان جو رشتيدار آهي. هڪ زنجير مثل، سڀ رشتا ۽ ناتا پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن. ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، ماسي، ماسڙ وغيره ٻيا انيڪ رشتا ناتا جوڙيا ويا آهن. ليڪن ماتا جو رشتو سڀني رشتن کان وڌيڪ اُتم، سريشٺ مڃيو ويو آهي. اُها ماءُ ئي آهي جا پنھنجي ٻالڪ کي ڏهه مھينا گرڀ ۾ سانڍي ٿي. ان لاءِ سور سھي ٿي، ڪشالا ڪڍي ٿي ۽ ٻالڪ جي سک لاءِ پنھنجي ننڊ ڦٽائي ٿي. ماءُ پنھنجا سمورا سک ٻالڪ لاءِ قربان ڪري، ننڊون ڦٽائي اوجاڳا ڪري ٿي. ماتا جون سموريون خواهشون ۽ آشائون پنھنجي ٻالڪ ۾ سمايل ٿين ٿيون. رات جو جيڪڏهن اچانڪ ٻالڪ کي ڪا تڪليف ٿي پوي ته گهر جا ٻيا سڀ ڀاتي ننڊ ۾ سمهيا پيا هوندا پر اُها ماءُ ئي آهي جا ننڊ ڦٽائي ٿي. ٻالڪ کي ڇاتيءَ سان جڙي ڇڏي ٿي، جيستائين ٻالڪ کي آرام نه آيو آهي. کارائڻ پيئارڻ، هلائڻ ٻولي سيکارڻ، ٻالڪ کي ماءُ ئي سيکاري ٿي. ٻالڪ کي صحيح معنى ۾ انسان بڻائڻ لاءِ اها ماءُ ئي آهي جا ڪشٽ سھي ٿي. اهو سڀاويڪ آهي ته اولاد لاءِ جا ماءُ بک ڏک سھي ٿي، سا منجھانئس سک جي اُميد رکي.
    پر دک اهو آهي جو ٻار جڏهن وڏا ٿين ٿا، جوان ٿين ٿا، ڪمائڻ لڳن ٿا تڏهن پنھنجي ساڃهه وڃائي ٿا ڇڏين ۽ ماءُ جا ٿورا نٿا لاهين. نه فقط ايترو پر ڪو اولاد اهڙو نکرو پيدا ٿو ٿئي، جو ماءُ کي سک ڏيڻ جي بدران ڏک رسائي ٿو. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته؛ “ماءُ جو پٽيو، ڪڏھن نه چٽيو.” جيڪو اولاد ماءُ جي آسيس نٿو کٽي سو ڪڏهن به سکي بڻجي نٿو سگهي. ماءُ جي آسيس ئي اولاد جي سک سمان آهي. ماءُ جي سکيا سرڳ سمان آهي. ڀلي ڪو انسان مندر ۽ ڌرم-شالائون ٺھرائي، دان ۽ پڃ ڪري، سرڳ ۾ وڃڻ لاءِ بکيه ڪرائي. پر جي هو ماءُ جي شيوا نٿو ڪري ته ان جا اهي سڀ اُدم، وئرٿ آهن. سڄي عمر به ماءُ جي شيوا ڪرڻ سان اُن جا ٿورا اولاد لاهي نٿو سگهي. سچو سک ۽ سرڳ ماءُ جي پيرن هيٺان آهي. اُهو تڏهن نصيب ٿئي ٿو، جڏهن ماءُ جي سچي دل سان شيوا ڪبي. جيڪو ماءُ جي شيوا نٿو ڪري ۽ ان جا ٿورا نٿو لاهي، ان کي “ڳڻ-چور” چيو ٿو وڃي. جيڪو ماءُ جي شيوا ڪرڻ کان ڪنارو ڪري ٿو، اُهو جيئري ئي نرڪ جھڙي جيون گهاري ٿو. ان ڪري اسين به جيڪڏهن پنھنجي جيون سکي بڻائڻ چاهيون ته ماءُ جي دل لڳائي شيوا ڪريون.


    19. بڇڙو ڪتو، ڌڻي پڻائي.

    ظاهري معنى: ڪيترن ماڻھن کي ڪتن پالڻ جي عادت آهي، پر جيڪڏهن اهي ڪتا واٽھڙن کي ڏاڙهيندا يا ڪنھن کي چڪ پائيندا يا آزاريندا ته اهڙن ڪتن جي مالڪن کي گاريون ملنديون آهن ۽ واٽھڙو انھن ڪتن جي پاليندڙن لاءِ حرف پٽيندا آهن.
    اندروني معنى: ساڳيءَ طرح جيڪڏهن ڪن جو اولاد بڇڙو ٿو ٿئي يا بريون عادتون ٿو پرائي ۽ ٻين کي آزاري يا ستائي ٿو ۽ ٻين لاءِ مصيبت ۽ تڪليف جو باعث ٿو بڻجي ته ان حالت ۾ اهڙي اولاد جا مائٽ ئي بي عزتا ٿيندا آهن. ماڻھو ان اولاد جي مائٽ کي ئي گهٽ وڌ ڳالھائيندا آهن. ان ڪري اولاد کي اهڙو ڪو به ڪم نه ڪرڻ گهرجي جنھن مان سندس مائٽن جو ڪنڌ شرم کان جهڪي. اولاد کي سوچي سمجهي هلڻ گهرجي ۽ مائٽن جو ڪنڌ اوچو ڪرڻ گهرجي.


    20. ٻن ٻيڙين تي جو پير رکي، سو اڄ نه ٻڏي ته سڀاڻ ضرور ٻُڏي.

    رواجي طرح سان، سفر لاءِ هڪ ئي ٻيڙي ڪم آڻبي آهي. هڪ ٻيڙيءَ ۾ مسافري ڪندڙ انسان سولائيءَ سان وڃي ڪناري تي رسندو آهي. پر جيڪڏهن ڪو مسافر چاهي ته مان ٻن ٻيڙين ۾ سوار ٿيان ۽ هڪ پير هڪ ٻيڙيءَ ۾ ۽ ٻيو پير ٻيءَ ٻيڙيءَ ۾ وجهي ٻيڙي هلائيندو ته پڪ ئي پڪ وڃي سرن درياه ٿيندو.
    هيءُ پھاڪو تڏهن چيو ويندو آهي، جڏهن ڪو انسان ساڳئي وقت گهڻا ڪم هٿ ۾ کڻندو. نتيجو اِهو نڪرندو جو هو ڪو به ڪم پورو ڪري نه سگهندو ۽ جيون ۾ نا اُميد ۽ نراش ٿي پوندو. ڪيترا ماڻھو ناڻي ۽ نالي جي موهه ۾ گهڻا ڌنڌا شروع ڪندا آهن. نتيجي طور هُو ڪنھن به هڪ ڌنڌي ۾ ڪامياب نه ويندا آهن. ان ڪري سياڻا هميشه اها نيڪ نصيحت ڏيندا آهن ته هڪڙو ڪم پورو ڪري، پوءِ ٻئي ڪم ۾ هٿ وجهجي.


    21. ٻليءَ کي خواب ۾ ڇڇڙا يا ڇڇڙ.

    ڇڇڙ؛ گوشت جا مٿيان ڇلڪا، تھه يا کلون هونديون آهن. ڇڇڙ، ٻليءَ کي ڏاڍو وڻندا آهن. ٻلي اُن جي بوءِ تي ڇڪبي ايندي آهي. ڏينھن توڙي رات جو، ڪنڊون پاسا تاڙي، ڇڇڙ يا ماس جا ٽڪرا ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.
    هن چوڻيءَ جو مطلب اهو آھي ته؛ گنھگار انسان گناهه طرف ئي ڇڪجي ويندو آهي. يا پاپي انسان کي پاپ پيو کائيندو آهي. هن جي اندر ۾ سدائين اِها چورا کورا هوندي آهي ته سندس ڪيل پاپ جو جئن ڀانڊو نه ڦاٽي پوي. ڪٿي به ڪا اهڙي پرڪار جي ڳالهه نڪرندي ته پاڻ صفائي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو، چاهي اُن ڳالهه سان سندس ڪو لاڳاپو هجي يا نه.


    22. ٻه ته ٻارهن.

    ٻه، اهڙو انگ آهي، جنھن جي پٺيان هڪ لڳائڻ سان ٻارهن ٿين ٿا. جڏهن ٻه ڄڻا پاڻ ۾ گڏجن ٿا، تڏهن سندن شڪتي وڌي وڃي ٿي ۽ ڪنھن به مشڪلات کي منھن ڏيئي سگهن ٿا. ٻڌيءَ ۾ وڏو ٻل آهي. هڪڙو انسان، دنيا ۾ ڪجهه به نٿو ڪري سگهي ۽ جيون ۾ پوريءَ ريت سڦلتا حاصل نٿو ڪري سگهي. ٻڌي انسان جي زندگيءَ جي واڌري ۽ سڦلتا جو بنياد آهي.


    23. ٻڪري جنھن وڻ سان ٻڌجي سو وڻ چري.

    مثال: ھڪڙو مورک انسان ھڪ جھنگل مان اچي لنگھيو. جھنگل ھو گھاٽو ۽ خوفناڪ. ھن پاڻ سان ھڪ ڪھاڙي به کنئي ھئي ته متان ڪو جانور وغيرھ مٿس حملو ڪري وجھي. اڃا جيئن اڳتي ٿيو ته اوچتو پريان کيس شينھن جي گجگوڙ ٻڌڻ ۾ آئي. ڊپ ۾ پاسي واري وڻ تي چڙھي ويو. شينھن ته اتان لنگھيو ئي ڪو نه، ڪجھ وقت وڻ تي ويھڻ کان پوءِ، ان ماڻھوءَ جي من ۾ ويچار آيو؛ وڻ ڪھڙو نه وھڻو آھي! ھن وڻ جون ڪاٺيون ڪپي، وڪڻي مان تمام سٺي نموني گذارو ڪري سگھان ٿو. سو ڇا ڪيائين جو بنا سوچ ويچار جي، جنھن ٽار تي پاڻ ويٺو ھيو، ان کي ڪھاڙيءَ سان ڪٽي کڻي پٽ تي اڇلايائين. نتيجو اھو نڪتو جو پاڻ به اچي پٽ تي ڪريو.
    سمجهاڻي: ٻڪريءَ جي اهڙي ته ڪِني عادت ٿيندي آهي جو ٻڪرار ڇانوَ جي خيال کان، جيئن ٻڪريءَ کي آسائش ملي، کيس وڻ سان ٻڌندو آهي. ٻڪري وري پنھنجي سوارٿي عادت ۽ سڀاءَ انوسار، اُن وڻ جا پن پئي چرندي آهي.
    مٿين چوڻيءَ سان ٺھڪندڙ سنڌيءَ ۾ ٻي به چوڻي آهي. ڪي سوارٿي انسان اهڙي گندي سڀاءَ جا ٿيندا آهن، جو جنھن ٿالھيءَ ۾ کائين، انھيءَ ۾ ئي سوراخ ڪن.
    مطلب اهو آهي ته جڏهن ڪو همدرد دوست، پنھنجي ڪنھن دوست کي اوکيءَ ۾ مدد ٿو ڪري يا اويل سويل ڪم ٿو اچي ته پوءِ ڪي سوارٿي ۽ ٿوري سمجهه وارا دوست ٻئي دوست جي ايمانداري، همدردي ۽ سچائيءَ جو ڪو خيال نه رکي اُن کي نقصان پھچائڻ جي پيا ڪوشش ڪندا.
    جيتوڻيڪ ائين ٿيڻ نه گهرجي. انسان جو اهو اخلاقي فرض هئڻ گهرجي ته جنھن دوست، کيس ڪنھن ڏکئي ڪم وقت مدد ڪئي يا سندس ڪم آيو آهي ته پوءِ اُن کي نقصان نه پھچائي. پر ڪي پنھنجي محدود سمجهه ۽ سڀاءَ کان لاچار هوندا آهن. اگر کين ڪو ٻيو نه ملندو ته وتندا پنھنجن کي آزاريندا ۽ ستائيندا. هو سڀاءَ کان مجبور ۽ لاچار هوندا آهن. جھڙيءَ طرح وڇونءَ جو ڪم آهي ڏنگ هڻڻ، پوءِ چاهي ڪو سٺو هجي يا برو. ان طرح پنھنجي سوارٿي سڀاءَ وارا جيو، پنھنجن کي به آزارڻ کان نٿا رهن. جھڙيءَ طرح ٻڪري بنا سوچ ويچار جي اُن وڻ جا پن چري ٿي جو وڻ کيس ڇانوَ بخشي ٿو.


    24. ڏٺو سڀ وسار، اڻ ڏٺو ياد ڪر.

    سنڌيءَ ۾ چوڻي آھي؛ جن جي يادگيري تکي، سي سدائين دکي. مطلب صاف ظاهر آهي. انسان کي پنھنجي جيون ۾، انيڪ مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. ڪيترن انسانن جي جيون ۾، اهڙيون ڪيتريون ڪٺور گهڙيون آيون هونديون جو هنن پل پل ۾ دوکو کاڌو هوندو. قدم قدم تي ٺوڪر کاڌي هوندي.
    سندن جيڪي ويجها دوست ۽ مٽ مائٽ هوندا، اهي به کين ڇڏي ويا هوندا. يا کين ڄاڻي ٻجهي ٻوهي ۾ وجهي ويا هوندا. يا ڪيتريون راتيون، کين سيءَ ۽ سڪيءَ ۾ گهارڻيون پيون هونديون. گرميءَ جي لڪن ۾ سڙيا هوندا. ڪيترن ڏينھن تائين، کين بکن ۾ پاهه ٿيڻو پيو هوندو. اهڙا انيڪ عجيب واقعا، انسانن جي جيون ۾ اچن ٿا. هاڻي سوال آهي ته ان حالت ۾ انسان ڇا ڪري؟ آتم-هتيا ڪري؟ ٻئي هٿ ٻڌي، چپ ڪري ويھي رهي؟ ڀلا ڇا ڪري؟ جيڪڏهن زندگيءَ جي مشڪلاتن ۽ ٻين دنيوي دوکن کي ياد ڪبو ته ڪو به انسان ڪاميابيءَ جي ڏاڪي تي پھچي نه سگهندو. ور ور ڪري، اگر پيو پراڻيون گهٽنائون ياد ڪندو ته نئين سر اهڙو انسان ڪجهه به نه ڪري سگهندو. وري وري جهونيون ڳالھيون دهرائڻ يا ياد ڪرڻ سان من اجايو دکي ۽ پريشان ٿئي ٿو. نئين سر ڪو به قدم، جو حياتيءَ کي اڳتي وٺي وڃي، کڻي نٿو سگهي. پر ائين ٿيڻ نه گهرجي. انسان کي همٿ، شڪر ۽ صبر سان اڳتي وڌڻ گهرجي. ان ڪري سياڻا لوڪ چوندا آهن؛ جيڪي تنھنجي حياتيءَ ۾ ٿي گذريو آهي، ان کي ياد نه ڪر. اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪر. اڳتي فقط تڏهن وڌي سگهبو آهي، جڏهن ذهن ۾ نوان خيال ۽ نوان سپنا هوندا آهن. اڻ ڏٺو ياد ڪرڻ سان ئي انسان، امنگ ۽ جذبي سان اڳتي وڌي سگهي ٿو.


    25. ٻه گدار هڪڙي مُٺ ۾ نه ماپن.

    شاهه صاحب چيو آهي؛
    خودي ۽ خدا، ڪين مائيندا من ۾،
    ٻن ترارين جاءِ، ناهي هڪ مياڻ ۾.
    يا ائين به چيو ويندو آهي ته -
    ٻن ٻيڙين جو سوار، اڄ نه ٻڏو ته سڀاڻ ٻڏندو.
    مطلب صاف آهي ته ڪي انسان لالچ، لوڀ ۽ حرص وچان يا ڪوڙي نالي ڪمائڻ خاطر، جتي ڪٿي پيا ٽنگ اڙائيندا ۽ پنھنجي پٺي پاڻ پيا ٺپيندا. نتيجو اهو نڪرندو آهي جو، اهڙا انسان ڪٿي به ڪنھن به ڪم ۾ سڦلتا نه پراپت ڪري سگهندا آهن.
    جيون ۾ سڦلتا، انھن ئي انسانن کي ملي ٿي، جن جو مقصد بلڪل چٽو ۽ صاف هوندو آهي. اهڙا انسان پھريائين هٿ ۾ کنيل ڪاريه پورو ڪري، پوءِ ٻئي ڪم ۾ هٿ وجهندا آهن. باقي جيڪڏهن ڪو چاهي ته؛ “مان جتي نالو ڪمايان، اتي ناڻو به ڪٺو ڪريان” سو ته ٿي نه سگهندو. ڇو ته انسان جي ڪم ڪرڻ جون شڪتيون ۽ حواص محدود ٿين ٿا. ان ڪري سڀاويڪ طرح هر هنڌ ڪاميابي نٿي ملي. مٿين چوڻي ان لاءِ به ڪتي ايندي آهي جو ڪيترا جيو، به پاڻ کي اللهه-لوڪ سمجهندا آهن، انسان ذات جي شيوا جي هام به هڻندا آهن ۽ ٻين دنيوي پدارٿن کي پيا ڪٺو ڪندا آهن. اهڙن انسانن کي يا ته پرماتما ملي ٿو يا ته صرف ڌن، پر ٻئي وستو نٿيون ملن. اڪثر ڪري ائين ڏٺو ويو آهي ته جن وٽ دنيوي پدارٿ آهن، اهي آپي ۽ اهنڪار سان ڀريل آهن. ڀلا اهڙن انسانن کي پرماتما ڪيئن ملندو؟ ٻئي طرف وري جيڪي سائينءَ جا سالڪ آهن ۽ پنھنجو وقت انسان ذات جي شيوا ۾ بسر ڪن ٿا، انھن وٽ ڌن ڪيئن ايندو؟ جيون جي سڦلتا لاءِ هڪڙو اُديش ڪافي آهي ۽ اُن کي حاصل ڪرڻ انسان جو فرض هئڻ گهرجي. هونءَ به ظاهري طور اگر ڏسجي ته گدرن جي ماپ هٿ جي ويڪر کان وڏي ٿئي ٿي. هڪڙو گدرو ته سولائيءَ سان هٿ ۾ اچي ويندو پر جڏهن هڪ هٿ ۾ ٻن گدرن جهلڻ جي ڪوشش ڪبي ته ٻئي گدرا وڃي پٽ تي ڪرندا.
    ان ڪري سياڻا چوندا آهن ته؛ بابا پھرئين هڪڙو ڪاريه پورو ڪري، پوءِ ٻئي ۾ هٿ وجهو. اها به عالم آشڪار حقيقت آهي ته مياڻ ۾ به هڪ ئي تلوار اچي سگهندي آهي. ٻه تلوارون هڪ مياڻ ۾ نه اچي سگهنديون آهن. دل به مياڻ جيان آهي، جنھن ۾ اگر حياتيءَ جي هڪ ئي مقصد جي چٽائي ۽ صفائي هوندي ته سڦلتا يقينن ملندي. ان ڪري جتي ڪٿي ٽنگ اڙائڻ ۽ هر هنڌ ڪنھن نه ڪنھن ڪم ۾ هٿ وجهڻ، سياڻپ ڪانھي.


    26. پن ٻڏي وڃن ۽ پٿر تري وڃن.

    ايشور جي مھما اپر-اپار آهي. سندس ڳجهه ۾ ڪو به هٿ وجهي نٿو سگهي. هن سڄيءَ سرشٽيءَ جو اپائيندڙ ايشور آهي. سموري خلق هن جي ديا جي طالبو آهي.
    رواجي طرح سان ائين ڏٺو ويو آهي ته؛ وڻ جو پن پاڻيءَ تي تري ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته اُهو، پاڻيءَ جي ڀيٽ ۾، تمام هلڪو ٿئي ٿو. پٿر پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو، پاڻيءَ جي ڀيٽ ۾، تمام ڳرو ٿئي ٿو.
    هت ٻن انھن شخصن ڏانھن اشارو آھي، جيڪي ايشور جو نانءُ جپين ٿا ۽ پاڻ کي ساڌو سڏائين ٿا. پٿر انھن شخصن ڏانھن اشارو آهي، جيڪي ايشور جو نانءُ نٿا جپين پر سمورو وقت پاپ ڪمائڻ ۾ لڳا رهن ٿا. قدرت جو نيم عجيب آهي. جنھن به شخص تي هن جي ديا درشٽي ٿئي اهو سنسار ساگر مان پار لنگهي وڃي ٿو. جيڪي ساڌو ڏيکاءُ ڪن ٿا ۽ دنيوي پدارٿن ۾ موهه رکن ٿا، تن تي ايشور جي ديا ڪا نه ٿي ٿئي. اهي سنسار ساگر ۾ پنھنجي ڪيل پاپن سبب ٻڏي وڃن ٿا. جيڪي پاپي پنھنجي ڪئي تي پڇتاءُ ڪن ٿا ۽ ايشور جو نالو سچيءَ دل سان جپين ٿا، سي ايشور جي ديا درشٽي ڪارڻ، هن سنسار ساگر مان هميشه لاءِ پار لنگهي وڃن ٿا. ان ڪري چيو ويندو آهي ته؛ “پَن ٻڏي وڃن ۽ پٿر تري وڃن.”


    27. پرائو محل ڏسي، پنھنجي جهوپڙي نه ڊاهجي.

    پرماتما هيءَ سرشٽي خلقي ۽ انسان پيدا ڪيا. هر انسان کي ٻه ڪن، ٻه اکيون، هڪ وات، ٻه هٿ، ٻه پير، عضوا ڏنا ۽ اُن ۾ ڪو به ڦند ڦير نه رکيو. ليڪن سڀني جو ڀاڳ هڪ جھڙو نه ٺاهيو. ڪي محلن ۾ پيا پلجن ته وري ڪي جهوپڙين ۾ پيا ڌڪجن. ڪي داڻي داڻي لاءِ پيا ٻاڏائن ته ڪن جي گهرن ۾ ان جا انبار پيا لٽجن. انسان سڀ هڪ جھڙا، مگر ڀاڳ سڀني جا الڳ الڳ.
    ڀاڳ جي جوڙڻ يا ٺاهڻ جو هنر، فقط پرماتما ئي ڄاڻي. مگر ڪي شخص هڪ ٻئي کي ڏسي اجائي ريس ڪندا آهن. ريس ڪرڻ سٺو گڻ نه هوندو آهي. مگر پوءِ به ڪيترا ماڻھو ريس ڪندا آهن. ان سان پنھنجي تباهي پاڻ آڻيندا آهن. شاهوڪار وٽ اٿاهه ڌن ٿئي ٿو. ڌن جي زور تي هو بنگلن ۾ رهي سگهن ٿا، عيش عشرت ڪري سگهن ٿا. موٽرن ۾ سئر ڪري سگهن ٿا. هوائي جھاز ۾ سفر ڪري سگهن ٿا. ناٽڪن ۽ ڪلبن ۾ وڃي سگهن ٿا. مگر پوريءَ سوريءَ وارن وٽ ايترو پئسو نه آهي جو شاهوڪارن جيان زندگي گذاري سگهن. شاهوڪارن کي عيش ڪندو يا محلن ۾ رهندي ڏسي، غريب ويس ڪري انھن جھڙو بڻجڻ جا سپنا ڏسي ۽ سندن محل ڏسي، پنھنجي جهوپڙي ان اميد ۾ ۽ خيال کان ڊهرائي ڇڏي ته مان محل ۾ رهندس ته اها ڪم عقلي آهي. پنھنجي هٿن سان پنھنجي تباهي آڻڻ جي برابر آهي.
    حاصل مطلب: غريبن کي جڳائي ته شاهوڪارن سان ريس نه ڪن. پنھنجي هوندي آهر شڪر ۽ صبر سان گذارين.


    28. پاپ جي مايا، پراڇت جايا.

    يعني: ڪوڙ ڪپت ۽ پاپ ڪري ڌن ڪٺو ڪيل، گهڻو وقت جٽاءُ نه ٿو ڪري. اهڙي قسم جو ڌن، رڳو اکين جو ڍؤ آهي. اهڙي ڌن جو انت به اهڙو ٿئي ٿو. ماڻھوءَ ۾ بريون ۽ گنديون عادتون پون ٿيون. ڇو جو ٺڳي، دولاب ۽ بي ايمانيءَ سان مايا ميڙي ٿو. جوئاري يا شرابي بڻجي ٿو. يا وري قدرت جي اوچتي مصيبت اچڻ تي سندس سڄي مايا ناس ٿي وڃي ٿي.


    29. پاڻ نه پاري، ڪتا ڌاري.

    پاري: پالي
    هيءَ چوڻي تڏهن ڪم ايندي آهي، جڏهن ڪو به ماڻھو مشڪل سان پنھنجو گذارو ڪڍي ۽ پنھنجي ڪٽنب جي تمام تڪليف سان پالنا ڪري. مٿان وري پنھنجو ڪوڙو شان برقرار رکڻ لاءِ، اجايا سجايا خرچ ڪري. دوستن تي اڍنگا خرچ ڪري ۽ نالي ڪمائڻ لاءِ ٻه چار خوشامندڙيا رکي. تڏهن هيءَ چوڻي چئي ويندي آهي.


    30. پرائي دهلين، احمق نچي.

    دهل خاص ڪري شاديءَ يا ٻئي ڪنھن خوشيءَ جي موقعي تي وڄايا ويندا آهن. شاديءَ وقت گهر جا ڀاتي خوشيءَ وچان جهومڻ ۽ نچڻ لڳندا آهن. جهمريون وجهندا آهن. زالون لاڏا ڳائينديون آهن. مستيءَ ۾ اچي مسخري ڪنديون آهن. سندن گهر ۾ شاديءَ جھڙو خوشيءَ جو موقعو آهي ۽ هو ائين ڪن ته کين سونھين به ٿو.
    کين خوشيءَ ۾ نچندو ڳائيندو ڏسي، اگر ڪو پاڙيسري بنا دعوت سندن گهر ۾ وڃي ناچ ڪري، راڳ ڳائي يا ٻئي ڪنھن قسم جي خوشي منائي ته اُها بيوقوفي آهي. اهو ته ائين ٿيو؛ “مان نه مان، مئن تيرا مھمان.”
    اهڙن شخصن کي مورک سڏيو وڃي ٿو، جيڪي بنا ڪنھن دعوت جي، ٻئي جي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿين ٿا. بازار مان ڪا ڇيڄ لنگهي، ان ۾ شريڪ ٿيڻ بي سمجهي ۽ ڪم عقلي آهي.
    حاصل مطلب: بنا ڪوٺ جي ٻئي جي خوشيءَ ۾ شامل ٿيڻ مورکتا آهي.


    31. پيادن مان هسوار ۽ هسوارن مان پيادا.

    قدرت جا کيل ۽ ڪرشما نيارا آهن. قدرت جي راز سلڻ جي طاقت، ڪنھن کي به ڪو نه آهي. هن سرشٽيءَ جي اندر اهڙو ڪو پراڻي پئدا ڪو نه ٿيو آهي، جيڪو پرماتما جي ڳجهه ۾ هٿ وجهي سگهي. پرماتما ئي هن سرشٽيءَ جو خلقيندڙ ۽ ناس ڪندڙ آهي.
    وڌاتا، انسان جي قسمت لکي آهي. ڪنھن جي قسمت ۾ ڇا لکيو آهي؟ ان جو ڪير به اندازو لڳائي نٿو سگهي. انسان صرف درشڪ آهي يا تماشبين. ايشور کيل کيلي ٿو ۽ انسان کيل ڪندڙ ۽ کيل ڏسندڙ آهي. انسان فقط اهو ڪي ڪجهه ڪري ٿو، جيڪي ايشور کانئس ڪرائي ٿو. انسان، پرڀوءَ جي حڪم جو غلام آهي. نصيب جو چڪر سدائين ڦرندو رهي ٿو. صاحبي ۽ وڏ-ماڻھپي، سدائين ڪنھن سان نيبهه ڪونهي. هر انسان قسمت جو نوڪر آهي. قسمت ۾ جيڪي ڪجهه لکيل آهي، اهو ئي اوس ٿئي ٿو. شاھوڪاري ۽ اميري، سدائين لاءِ قائم ناھي. نصيب سدائين ڦري ٿو. ڪيترا دفعا ائين ڏٺو ويو آهي ته؛ جيڪي شاهوڪار هئا، جن جي طاقت ۽ حڪومت جو ڏونڪو وڄندو هو سي ڦري غريب ٿي پيا ۽ روٽيءَ جي ٽڪر لاءِ محتاج بڻجي پيا. ڪي شخص وري اهڙا به ڏٺا ويا، جي روٽيءَ جي ٽڪر لاءِ حيران ۽ پريشان هئا، سي ڦري مالدار بڻجي پيا. حالتون ۽ وقت، سدائين ساڳيو ڪو نه آهي. ڪن اميرن جا لاش جھوپڙين مان نڪرندي ڏٺا ويا آھن ته ڪن فقيرن جا لاش محلن مان نڪرندي ڏٺا ويا آھن. چوڻ جو مطلب هيءُ آهي ته؛ شاهوڪاري ۽ غريبي سدائين ساڳي نه آهي. صرف ايشور جي مھر ۽ ڪرپا گهرجي. ايشور جي ڪرپا سان غريب، امير بڻجي ٿو ۽ جيڪڏهن پرڀوءَ جي ديا نه آهي ته امير، غريب بڻجي ٿو. قسمت، سدائين ساڳي نٿي رهي. فوٽ پاٿن تي رهندڙ ۽ ڀٽڪندڙ، وقت پئي موٽرن ۾ چڙهن ٿا ۽ موٽرن ۾ سئر ڪندڙ، فوٽ پاٿن تي ڌڪا کائين ٿا.
    حاصل مطلب هيءُ آهي ته؛ نصيب، سدائين ساڳيو نه آهي. شاهوڪاري سدائين نيبهه ڪونهي. انسان ڪڏهن امير آهي ته ڪڏهن غريب. نصيب جو چڪر سدائين پيو ڦري.


    32. پنج پنجوءَ وارا کٽا ئي پيا آهن.

    سنڌ جي ساهتيءَ واري علائقي ۾ پنجوءَ نالي هڪ واڻيو رهندو هو. هن ويچاري سان اها ويڌن هوندي هئي جو هو جيترو ڪمائيندو هو، ان مان پوري ڪا نه ٿيندي هئس ۽ سدائين ٻين اڳيان هٿ ٽنگي گذارو ڪندو هو. سدائين هر شيءِ جي کوٽ رهندي هيس. نتيجو اهو نڪتو جو ٻارهوئي قرض کڻي، پيو جيوت جا ڏينھن گهاريندو هو.
    هيءُ پھاڪو ان ڪري مشھور ٿيو جو سڀ شھر وارا حوالي طور ڪتب آڻيندا هئا. جڏهن پنجوءَ کانسواءِ ڳوٺ جي ڪنھن ٻئي شخص کي اوڌر کڻڻ جي بار بار ضرورت پوندي هئي، تڏهن هيءُ پھاڪو چوڻ ۾ ايندو هو. هاڻي ته ڪافي مشھور ٿي چڪو هو.
    حاصل مطلب: سدائين کوٽ ۾ جيوت گذرڻ.
    هت کوٽ اکر، خاص ڪري، پئسي سان لڳائڻ گهرجي.


    33. تر جي گٿي، سؤ چوٽون کائي.

    انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي، “A little leak, will sink a great ship” ٿوري لاپرواهي، انسان کي ٻوهي ۾ ڦاسائي ٿي. وقت جي اندر، ڪم پورو نه ڪرڻ سان، اهو وري مشڪل ئي پورو ٿي سگهندو آهي. ان ڪري چئبو آهي؛ وجهه هٿان ويو، وري نه وري. تنھنڪري ڪو به ڪم راس ٿي اچڻ تي هڪدم پورو ڪري ڇڏڻ گهرجي.
    “Strike the iron, while it is hot.”
    ڪنھن به ڪم کي ناممڪن ڪري ڇڏڻ يا اڌ ۾ ڇڏي ڏيڻ سان وڏو نقصان پئجي سگهي ٿو. ان ڪري لاپرواهي ۽ سستي نه ڪرڻ گهرجي.


    34. تيسين ڀڳي سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي.

    انسان جي من ۾ انيڪ ڀاونائون ۽ جذباتون، اڇائون ۽ خواهشون پيدا ٿين ٿيون. هر انسان، جيون ۾ سک جو ساهه کڻڻ چاهي ٿو. مالي اسمانتا انسان جي سڀاءَ کي اسنتشٽ بڻائي ڇڏيو آهي. هڪ ٻئي کي ڏسي، ريس ۽ حسد پئدا ٿئي ٿو. ڪيترا غريب ۽ اڻ سرنديءَ وارا، شاهوڪارن سان ريس ۽ حسد ڪن ٿا ۽ انھن جي برابر پاڻ کي بڻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پنھنجي آمدنيءَ کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. جيستائين سندن آمدنيءَ جا وسيلا ڪشادا ٿين، تنھن کان اڳ ۾ ئي، وڌيڪ خرچ ڪرڻ شروع ڪن ٿا.
    سالڪ ۽ سياڻا ماڻھو، ان راءِ جا آهن ته جيستائين ماڻھوءَ جي آمدني وڌي يا مالي حالت سڌري، تيستائين جيڪي ڪجهه پاڻ وٽ هجي، ان انوسار پنھنجي طبيعت کي هيرڻ گهرجي. تيستائين ڀڳل شيءِ مان ڪم وٺڻ گهرجي، جيستائين ان جي جڳهه تي ڪا نئين شيءِ اچي. نئين شيءِ جي اچڻ کان اڳ ئي، پراڻي شيءِ ڦٽي نه ڪرڻ گهرجي. جيستائين حالتون سڌرن، تيستائين پاڻ کي، پاڻ وٽ جيڪي هجي، ان تي هيرڻ گهرجي. سياڻن جو چوڻ آهي ته؛ پاڻ کي حالتن انوسار ٺھڪائڻ گهرجي. جھڙيون حالتون هجن، ان مطابق وقت گذارڻ گهرجي.


    35. تن نه لاءِ طمع کي، طمع تکي تلوار. (سنڌ، چوڻي)

    تن: شرير. طمع: لالچ.
    جيون جي بھتريءَ لاءِ، انسان لڳاتار ڪشمڪش ڪندو رهي ٿو. حواسن جي پورائي لاءِ، هو چاڪيءَ جي ڏاند جيان وهندو ڳھندو رهي ٿو. پوءِ به ورلي انسان کي ڇڏي، گهڻا دک ۽ پيڙا جي جنڊ ۾ پيسجندا رهن ٿا. انسان جي من ۾ ڪيترا به پاڪ ۽ پويتر جذبا ۽ ڀاونائون ڇو نه هجن، پوءِ به هو دنيا جي وڇايل ڄار ۾ ڦاسي وڃي ٿو.
    ڄار ۾ ڦاسجي وڃڻ، ممڪن آهي. ليڪن اهڙي وقت، انسان کي جڳائي ته هو سوچي ۽ سمجهي قدم کڻي. ڇو ته ڄار جا ڌاڳا، لوهي زنجير جي ڪڙين کان به وڌيڪ مضبوط ٿين ٿا. هڪ دفعو جو به ان ڄار ۾ ڦاٿو، پوءِ آزاد ٿيڻ مشڪل بڻجيو پوي. ڄار ۾ ڦاسڻ سان، هن کي گناهه ۽ ڏوهه ڪرڻا پون ٿا. ان ڄار جو ٻيو نالو؛ لالچ آهي. چوڻي آھي؛
    لالچ، بڇڙي بلا آهي.
    لالچ انسان کي اهي گناهه ۽ ڏوهه ڪرائي ٿي، جي ڪڏهن به معاف ٿيڻ جا نه آهن. لالچ، انسان کي گناهن جو مجسم بڻايو ڇڏي. لالچي انسان جو من، فقط دکي ۽ پريشان رهي ٿو ۽ هو ٻين اڳيان به ڏٺو ٿئي ٿو. ظاهري طور، لالچ جو روپ ڏاڍو وڻندڙ ۽ دلڪش لڳندو آهي. ڇو ته ان سان ماڻھو ڌنوان بڻجي ٿو. مگر لالچ جي ڌارا، اهڙي ته تيز ٿئي ٿي، جو جنھن کي به لڳي ان کي ختم ڪيو ڇڏي. اها فقط لالچ ئي آهي، جا غلط راهن ڏانھن وٺي وڃي ٿي ۽ ڌن ڪٺي ڪرڻ لاءِ گندا يا اڻ وڻندڙ طريقا اختيار ڪرائي ٿي. لالچ جو ظاهري روپ، بلا جيان نرم ٿئي ٿو، ليڪن ان جو هر قدم بلا جي ڏنگ جيان زهريلو ٿئي ٿو. سياڻن چيو آهي؛
    دولت ننھن کان ماس وڇوڙي.
    لالچ، دل مان پنھنجن لاءِ ساڃهه ڪڍيو ڇڏي. وڏن جي مان ۽ مرتبي کي ختم ڪيو ڇڏي.
    جي به شخص لالچ کان ڪم وٺن ٿا، اهي سدائين دکي گذارين ٿا ۽ رب جي رضا تي راضي نٿا رهن. نه ته اها چوڻي عام آهي.
    لوڀ ڇڏين ته سون مٺين سان ورهائين.
    جنھن جو مطلب صاف ظاهر آهي ته؛ لوڀ کان سواءِ به انسان ايترو حاصل ڪري سگهي ٿو، جنھن مان جيوت جون سڀ گهرجون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. ان ۾ ٻه رايا، بلڪل نه آهن.
    لوڀ يا لالچ، سڀني پاپن جي پاڙ آهي.
    تنھنڪري گناهن ۽ ڏوهن جي جڙ، لالچ آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سياڻا ۽ سمجهو ماڻھو، لالچ کان پري رهڻ لاءِ نصيحت ڏيندا آهن.
    حاصل مطلب: لالچ ڪڏهن به نه ڪرڻ گهرجي. لالچ کان سدائين پاسو ڪرڻ ۽ پاڻ بچائڻ گهرجي. مثال؛
    • قاضيءَ لالچ وس ٿي، پٿر حاصل ڪيا ۽ رقم وڃائي ڇڏي.
    • اڌ کي ڇڏي جو سڄيءَ ڏانھن ڊوڙي تنھنجو اڌ به وڃي.


    36. تنھنجو سو منھنجو، منھنجي هٿ نه لاءِ. (سنڌ، پھاڪو)

    هي پھاڪو، سوارٿي ماڻھن ڏانھن اشارو ڪري ٿو. ڪيترن ماڻھن جو اهڙو ته عجيب سڀاءُ هوندو آهي، جو رڳو ائين چاهيندا آهن ته؛ ٻيا سندن ڪم اچن، پر اوکيءَ ويل پاڻ ڪنھن کي به ڪم نه اچن. دنيا جون لاهيون چاڙهيون، سڀني لاءِ آهن، ڪنھن به هڪ لاءِ نه آهن. اسين رڳو جيڪڏهن ائين چاهينداسين ته؛ ٻيا اسان جي عزت ڪن، ٻيا اسان کي اوکيءَ ۾ مدد ڪن ته موٽ به اسان کي اھڙي ڏيڻي پوندي. يعني اسان کي به ٻين جو مان ڪرڻو پوندو ۽ ٻين جي به مدد ڪرڻي پوندي.
    هن پھاڪي جو مطلب اهو آهي ته؛ جيڪي ڪجهه تو وٽ آهي، ان تي منھنجو حق ضرور آهي پر جيڪي ڪجهه مون وٽ آهي، ضرورت وقت مان تو کي اهو ڪداچت نه ڏيندس. ان مان ماڻھوءَ جي سوارٿي سڀاءَ جي خبر پوي ٿي. ڪن انسانن کي جڏهن ڪا شيءِ کپندي آهي ته پنھنجي مترن يا واقفڪارن وٽان وٺڻ ويندا آهن ۽ ان وقت انھن سان اهڙو ورتاءُ ڪندا آهن جو نھايت نماڻا ۽ سٻاجها لڳندا آهن. پر اتفاق سان جيڪڏهن انھن مان ڪو وري وٽن ڪنھن ڪم يا شيءِ لاءِ ايندو ته اهڙي نموني ورتاءُ ڪندا آهن جو ان منجهان سوارٿي بوءِ پئي ايندي آهي ۽ انڪاري جواب ڏيندا آهن.
    مگر اسان کي اهڙو وهنوار ڪرڻ ڪين جڳائي. جيڪڏهن اسين چاهيون ٿا ته؛ ٻيا اسان کي اويل سويل ڪم اچن ته اسان کي به ان نموني جي سھڻي موٽ ڏيڻي پوندي.


    37. توڙي وڃي روم، ته به ڍوڍو ۽ ٿوم. (سنڌ، پھاڪو)

    نوٽ: روم، ملڪ جو نالو آهي. سمجهو ته؛ هڪڙو شخص، هندستان ۾ رهي ٿو ۽ هو ڏاڍو غريب آهي. پر ڪمائڻ جي خيال سان، روم يا دنيا جي ٻئي ڪنھن به ملڪ ڏانھن وڃي ٿو.
    سمجهاڻي: انسان جي تقدير ۾ جيڪي ڪجهه لکيل آهي، اهو اوس ٿئي ٿو. هڪڙو غريب شخص، شاهوڪار بڻجڻ لاءِ ڪيترا به کڻي اُدم ڪري، ته به ٿيندو اهو ئي جيڪو سندس قسمت ۾ لکيل هوندو. ڪيترا شخص، پنھنجون آرٿڪ حالتون سڌارڻ لاءِ، پنھنجو وطن ڇڏي ٻئي وطن ويندا آهن پر کين اُتي به اهو ئي هڙ حاصل ٿيندو آهي جو پنھنجي ملڪ ۾ ملندو هون. پنھنجي ملڪ ۾ به هو ڍوڍو ۽ ٿوم کائي گذر ڪندا هئا. يعني غريباڻي زندگي گهاريندا هئا ۽ ٻاهر به کين ساڳي ئي روٽي نصيب ٿيندي. سندن قسمت ۾ جي چڱي روٽي لکيل نه هوندي ته کين ملندي ڪٿان. ان ڪري هي پھاڪو، انھن ماڻھن لاءِ چيو ويندو آهي؛ جيڪي چڱو ڪمائڻ لاءِ ٻاهر وڃن ٿا پر اُتي به کين ڪجهه هڙ حاصل نٿو ٿئي. مطلب هيءُ ته؛ جيستائين سندن قسمت ۾ ڪا چڱائي لکيل ڪانھي، تيستائين کين ڪجهه به نصيب نه ٿيندو، چاهي هزار حيلا هلائين.


    38. تاڙي هڪ-هٿي نه وڄي، ٻِه-ھٿي وڄي. (سنڌ، پھاڪو).

    هن پھاڪي جو مطلب هي آهي ته؛ هڪ هٿ سان تاڙي، وڄائي نه سگهبي آهي. هڪ هٿ، جڏهن ٻئي هٿ سان لڳائبو، تڏهن ئي آواز نڪرندو. ساڳيءَ طرح، پيار يا جهڳڙو، هڪ-طرفو نه ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪنھن سان پيار هوندو آهي ته اڳلي وٽان به اهڙي موٽ جي اميد هوندي آهي. پر جيڪڏهن ڪنھن سان جهيڙو هوندو آهي، ته به ان جي شروعات يا ته اڳ ۾ ئي ڪيل هوندي آهي يا ڪبي آهي.
    مطلب هيءُ آهي ته؛ هڪ-طرفو، ڪجهه به ٿي نه سگهندو آهي. پيار هجي يا نفرت، جهڳڙو هجي يا ميلاپ، ٻنھي طرفن کان ئي سمجهڻ گهرجي ۽ نه ڪ هڪ طرف کان.


    39. تون به رهه، مان به رهان. (ھندي، ورجيسي جملو)

    انسان کي پرماتما وٽان زندگيءَ جھڙي، بي بھا ۽ ناياب چيز پراپت ٿي آهي. انسان پرماتما جي ڪرپا ۽ ڪرم سان جيوت کي سکي بڻائڻ ۽ آسودو رکڻ لاءِ، سڀ نعمتون حاصل ڪيون آهن. کيس ڏسڻ لاءِ اکيون، هاج ڪرڻ لاءِ هٿ پير، ٻڌڻ لاءِ ڪن، سوچڻ لاءِ دماغ ۽ پيار ڪرڻ لاءِ دل، مليا آهن. ائين برابر آهي ته جسم جي هر انگ جي، پنھنجي اهميت ۽ خصوصيت ٿئي ٿي. پر دل جو درجو، سڀ کان اعلى آهي. فقط اها دل ئي آهي جنھن وسيلي ماڻھو پاڻ کي، ٻين اڳيان پيارو بڻائي ٿو.
    پيار هڪ اهڙي لاثاني وستو آهي جا ڪڏهن به کٽجڻ جي نه آهي. پيار؛ روپي ٻج آ. جيترو وڌيڪ ڇٽبو اوترو ئي الفت، پيار ۽ حب جا سلا وڌيڪ اسرندا ۽ اڀرندا. پيار جو جيترو گهڻو اپيوگ ڪبو، اوترو ئي عزت ۽ مان وارو ٿبو. ليڪن افسوس جي ڳالهه اها آهي جو اڄڪلهه جي انسان، پيار کي ڪنھن ڪنڊ ۾ لڪائي، نفرت کي جڳهه ڏني آهي. اتھاس جي ورقن کي اگرچه ويھي اٿلائينداسين ته خبر پوندي ته؛ هيتريون حڪومتون ۽ بادشاهتون، دنيا جي صفحه هستيءَ تان ميسارجي ويئون آهن. ان جو مکيه ڪارڻ؛ ساڙ، حسد، اسھپ، تنگ دلي آهي. هڪ ملڪ جو ماڻھو، ٻئي ملڪ جي ماڻھوءَ کي ڪو نه وڻندو. هڪ ملڪ، ٻئي ملڪ جي تباهيءَ ۽ برباديءَ جا گهاٽ گهڙيندو وتندو. هڪ جيو ٻئي جيو کي ڪشٽ ۽ دک ڏيڻ لاءِ پيو نوان رستا ڳوليندو. وقت شاهد آهي ته؛ نفرت سان نفرت وڌي ٿي. ڌڪار جي موٽ، ڌڪار ٿئي ٿي. هڪڙو انسان، ٻئي انسان کي ڏٺو ڪين سھندو ته انسان جي اهڙيءَ هلت ۽ سڀاءَ تي، کلڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهجي. هونءَ ته هڪ انسان، ٻئي انسان جي ڀلي واسطي ئي پئدا ٿيو آهي. سڀ انسان، پاڻ ۾ ڀائر آهن. ڪو به ڪنھن کان جدا نه آهي.
    ڀارت جي لاڏلي اڳواڻ، محبوب ۽ وشو جي شانتيءَ جي اپاسڪ سرڳواسي پنڊت جواهر لعل نھروءَ، انسان ذات کي هڪ نئون سبق سيکاريو؛ جيوت کي صلح پسند، شانتيميه ۽ سکيو بڻائڻ لاءِ، پنج سڌانت ڏئي. جن کي “پنج شيل” ڪري ڪوٺجي ٿو. تون به رهه، مان به رهان، انھن مان هڪ آهي.
    ‘تون به رهه، مان به رهان’ جو سبق، دنيا کي پنڊت جواهر لعل ئي سيکاريو. جنھن جو مطلب اهو آهي ته؛ جيڪڏهن تون پاڻ کي سکي، بھتر ۽ صلح سانت ۾ رکڻ چاهين ٿو ته، ٻين لاءِ به اهڙي خواهش رک. انسان جو بنيادي ۽ اخلاقي فرض اهو آهي ته؛ هو سڀني جو ڀلو چاهي. من جي پاڪ ۽ پويتر جذبن جو قدر، تڏهن ئي ٿئي ٿو جڏهن هو ٻين لاءِ به ساڳيو ئي آڌرڀاءُ رکندو. حياتيءَ جو نيم، اهو هوندو آهي ته؛ ‘سک ڏي، سک وٺ’. سڀاويڪ آهي ته، دک ڪنھن کي رسائبو ته اڳلو به دک رسائيندو. ائين ڪرڻ سان سڄي دنيا نرڪ ٿي پوندي ۽ حياتي نرڪ جو ڀنڊار ٿي پوندي.
    حاصل مطلب؛ سڀني کي پاڻ جھڙو ڄاڻ. سڀ انسان هڪ ٻئي جا ڀائر آهن. اهو زندگيءَ جو مقصد بڻائڻ گهرجي. ڪو به شخص، سکي حياتي تڏهن گذاري سگهندو، جڏهن ٻئي کي سک ڏيندو.
    مثال: اڄڪلهه جنگ اڻ-ٽر سمجهي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته ڪو به ملڪ، ٻئي ملڪ کي سھي نه ٿو. فقط پنھنجي طاقت ۽ ٻل تي ڪڏي ٿو. پر ساڳئي وقت، جيڪڏهن سڀ ملي امن ۽ شانتيءَ لاءِ سوچين ۽ عملي قدم کڻن ته هوند سڄي دنيا ۾ سک صلح هجي.


    40. ڏٻريءَ کي مڇر گهڻا. (سنڌ، پھاڪو)

    ظاهري معنى: ڪو به جانور گانءِ، مينھن، يا ٻڪري جڏهن جسماني طرح سان ڪمزور ٿي ويندا آهن ته سندن شرير تي گهڻا مڇر اچي ويھندا آهن. وري انھن جانورن ۾ ايتري جسماني شڪتي نه هوندي آهي جو، اُنھن مڇرن کي پنھنجي جسم تان اٿاري سگهن. نتيجي طور. سندن سڄي جسم تي، مڇر ويٺل ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
    اندروني معنى: هتي ڏٻرو معنى ڪمزور انسان، جنھن کي پاڻ ۾ وشواس نه هوندو آهي. نتيجي طور هو دنيا جي ڪنھن به مشڪلات جو مقابلو نه ڪري سگهندو آهي. اهڙي ڪمزور انسان مٿان، مشڪلاتون هڪٻئي مٿان وارو ڪن ٿيون ۽ هن جو جيئڻ ئي جنجال بڻجيو پوي. حقيقت ۾ انسان کي گهرجي ته هو پاڻ ۾ وشواس رکي ۽ دنيا جي ڪنھن مصيبت جو مقابلو تمام بھادريءَ سان ڪري. پر هيءُ پھاڪو، اُنھن شخصن لاءِ چيو ويندو آهي. جيڪي ڪمزور ٿين ٿا ۽ جن مٿان، وري وري مصيبتون حملو ڪري، کين هيسائي ڇڏين ٿيون.


    41. ٿورو ڏسي ارهو نه ٿجي، گهڻو ڏسي سرهو نه ٿجي. (سنڌ، پھاڪو)

    دنيا جي اندر ٻن قسمن جا ماڻھو آهن. هڪڙا اھي آهن جيڪي رب جي رضا تي راضي رهن ٿا. وٽن جيڪي ڪجهه آهي ان تي ئي راضي رهن ٿا. من ۾ سنتوش رکي پنھنجي جيون جا ڏينھن گهارين ٿا. ٻيا اهي آهن جن جي من ۾ سدائين اسنتوش رهي ٿو. هٻڇ ۽ لوڀ سبب، سندن من ۾ سدائين خوشي نٿي رهي. اهڙي قسم جي انسانن وٽ، جڏهن گهڻو مال متاع ۽ ڌن دولت ڪٺا ٿين ٿا تڏھن هو ڏاڍو خوش ٿين ٿا. اتفاق سان جيڪڏهن اهو ڌن دولت، ڪنھن نقصان سبب وٽانئن هليو وڃي ته پوءِ ڏاڍو دکي گهارين ٿا ۽ من جو سک وڃائي ڇڏين ٿا.
    هن پھاڪي جو مطلب اهو آهي ته؛ ‘دنيا، دم گذر آهي’. ڪنھن سان ڪجهه به، هميشه لاءِ نيبهه نه آهي. من جي سک ۽ سنتوش لاءِ جيڪي به ڪجهه پاڻ وٽ موجود هجي، ان تي راضي رهڻ جڳائي. گهڻو ڏسي خوش نه ٿيڻ گهرجي ۽ ٿورو ڏسي دکي نه ٿيڻ گهرجي. ايشور جيڪي ڏئي، ان تي راضي رهڻ گهرجي. سياڻا اها صلاح ڏيندا آهن ته؛ من جي شانتيءَ لاءِ ايشور جي رضا تي راضي رهڻ گهرجي. اجائي خوشي ۽ هنبوڇي نه هڻڻ گهرجي. وقت، سدائين ساڳيو نٿو رهي. اجايو دک نه ڪرڻ گهرجي. ان ڪري سياڻا سالڪ لوڪ، اها نيڪ صلاح ڏيڻ ٿا ته؛ ‘ٿوري حاصلات تي دک نه ڪجي’.


    42. ٿڌو گهڙو پاڻ کي پاڻ ڇانءَ ۾ رکائي. (سنڌ، پھاڪو)

    هن پھاڪي جي اکري معنى اها آهي ته؛ جنھن مٽڪي جو پاڻي ٿڌو ٿئي ٿو، ان کي پاڻهي ڇانءَ ۾ کڻي رکبو آهي. باقي جيڪڏهن ڪنھن مٽڪي جو پاڻي ڪوسو رهندو آهي، يا مٽڪو ٿڌو پاڻي نه ڪندو آهي ته اهو مٽڪو اس ۾ ئي رهندو آهي.
    ساڳيءَ طرح هن پھاڪي جو اشارو، ماڻھوءَ جي سڀاءَ ڏانھن آهي. جيڪڏهن ماڻھو، نيڪ سڀاءَ جو آهي ته هر هڪ کيس پيو ڀانئيندو ۽ دل ۾ جاءِ ڏيندو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻھو چيڙاڪ، بري سڀاءَ يا گرم طبيعت جو آهي ته هر ڪو کانئس پيو پاسو ڪندو آهي. اهڙو ماڻھو ڪنھن کي به ڪو نه وڻندو آهي. ٿڌي ۽ سٺي سڀاءَ وارو ماڻھو، سڀني کي پيو وڻندو. هر ڪو ساڻس پيو ٻول ٻوليندو ۽ سندس ساراه ڪندو. پر جي ڪير تنگ مزاج، اهنڪاري ۽ چيڙاڪ آهي ته سڀڪو کانئس پيو ٽھندو. ان ڪري سالڪن اهو اشارو ڏنو آهي ته؛ جيڪو انسان، نيڪ ۽ سٺي سڀاءَ جو آهي سو سڀني کي وڻي ٿو ۽ هر ڪو کيس ڀانئي ٿو.


    43. ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ. (سنڌ، پھاڪو)

    انسان جي حياتي ٽن منزلن مان گذري ٿي؛ ۱- ٻالڪپڻ، ۲- جواني، ۳- ٻڍاپو. عدم جي راهه ڏانھن اسھڻ کان اڳ، هر انسان کي هر منزل تي رسڻ لاءِ، آهستي آهستي وڌڻو پوي ٿو. آهستي آهستي وڌندي، سڀاويڪ طرح، انسان کي دنيا ۽ دنيوي پدارٿن سان موهه ٿي وڃي ٿو. دنيا ۾ رهندي، هر منش کي پنھنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ، ڪيترا ئي جتن ڪرڻا پون ٿا. ليڪن اسان سان ڪيترن انسانن جو اهڙو ته عجيب سڀاءُ ٿيندو آهي جو صروري ڳالھين کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ اجايو وقت نه وڃائيندا آهن.
    جيڪڏهن باريڪ-بينيءَ سان ويھي جاچي ڏسنداسين ته؛ جا حياتي پرماتما وٽان اسان کي عطا ٿي آهي، سا دمن ۽ پلن جي جڙيل آهي. ڇو جو دم ۽ پل ملي، مھينا ۽ سال ٺاھين ٿا.
    هاڻي سوال ٿو اٿي ته؛ ‘جيڪي انسان فقط ڪي گهڙيون اجايون وڃائين ٿا، ڇا کين فقط گهڙين جو ئي نقصان رسيو؟’ جواب ملندو؛ ‘نه’. ڇو ته هر گهڙيءَ هر پل کي، پنھنجي اهميت ۽ پنھنجو درجو آهي. هڪ گهڙي ڇا انسان اجائي وڃائي ٿو، اها جيڪڏهن صحيح نموني سان استعمال ڪري ته هوند هن جي جيوت سکي ۽ آسودي گذري.
    وقت جو، پئسي ڪٺي ڪرڻ سان وڏو لاڳاپو آهي. ظاهري طرح اگرچ اسين، پاڻيءَ جي هڪ هڪ بوند جو ويھي حساب لڳايون ته ان مان هڪ گلاس ڀرجي ويندو.
    جيڪي انسان ائين سمجهن ٿا ته؛ هڪ پل اجائي وڃڻ سان، کين ڪو به ضرڙ نه رسيو آهي. ائين سوچڻ ۽ سمجهڻ، اجايو ۽ بي معنى آهي. جيوت جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ، هر پل کي سجايو صرف ڪرڻ ضروري آهي. علم، ڌرم ۽ ڌن حاصل ڪرڻ لاءِ، وقت جو بچاءُ ڪرڻ لازمي آهي. جيترو گهڻو وقت بچائي، انسان اڀياس ڪندو، اوترو ئي وڌيڪ سندس آزمودو ۽ ڄاڻ وڌندي. اوترو ئي وڌيڪ، سائو ستابو ٿيندو. ڌن ميڙڻ سان، ڌن مڙي ٿو. ان جي انبارن ۾، ان جو داڻو مليل آهي.
    جيئن ته: ٿورو ٿورو گهڻو ٿي پوي، انبارن ۾ ان جو داڻو آهي.
    حاصل مطلب: ٿورو ٿورو بچائڻ سان، گهڻو گڏ ٿي پوي ٿو. ڏيھاڙي صرف، پنج نوان پئسا گڏ ڪرڻ سان، ماڻھو مھيني ۾ ڏيڍ روپيو ۽ سال ۾ ارڙهن روپيه گڏ ڪري سگهي ٿو. ساڳئي نموني، انسان وقت جو پڻ بچاءُ ڪري سگهي ٿو.
    مثال: ٻه دوست آهن، هڪ گهڻو ئي ڪمائي ٿو مگر ساڳئي وقت خرچ ڪرڻ ۾ ايترو ته لاپرواهه آهي جو ڪجهه به بچائي نه ٿو رکي. نتيجو اهو ٿو نڪري جو اوکيءَ ويل وٽس ڪجهه به پيل نه آهي ۽ مشڪل حالتن کي منھن ڏئي نٿو سگهي. ٻيو دوست، ٿورو ڪمائي ٿو. مگر ان ٿوريءَ ڪمائيءَ مان به هو ڪجهه نه ڪجهه ڪوئي سوئي بچائي ٿو. اچانڪ مٿس ڪا مصيبت اچيو ڪڙڪي ٿي ته گهٻرائي نٿو. اٽلندو مڙس ٿي، مصيبت کي منھن ڏئي ٿو.


    44. جتي وڻ نه آهي، اُتي ڪانڊيرو به درخت. (سنڌ، پھاڪو)

    ڪانڊيرو؛ ڪنڊن جو ٻوٽو، جنھن ۾ نه پن ۽ نه ئي ڪو ميوو پيدا ٿيندو آهي.
    هيءُ پھاڪو تڏهن چيو ويندو آهي، جڏهن ڏسبو آهي ته؛ ھڪ ھنڌ گهڻا ماڻھو مورک ۽ اياڻا آهن، پر منجھن ٿوري گيان سمجهه وارو ھڪڙو ماڻھو موجود آھي. ان گھٽ سمجھ واري کي، مڙني مورکن جي ڀيٽ ۾ عقلمند سمجهيو ويندو آهي. هو پنھنجي سمجهه جي وڏائي، پاڻ ڪندو آهي. ڀلا ٻيا ماڻھو به ڇا ڪن؟ مثال طور؛ جيڪڏهن ھڪ ڳوٺ ۾، سڀ اڻ پڙهيل هجن ۽ اتي جيڪڏهن ڪو ٿورو پڙهيل ماڻھو اچي رهندو ته ڳوٺ جو هر هڪ ماڻھو پيو کيس سلام ڪندو ۽ صلاح مصلحت لاءِ وٽس ايندو.
    مٿينءَ حالت کي ڌيان ۾ رکي، هيءُ پھاڪو ڪم آڻبو آهي.


    45. جيري خاطر ٻڪري ڪھڻ. (ورجيس)

    هيءَ ورجيس سوارٿي ماڻھوءَ ڏانھن اشارو ڪري ٿي. جڏهن ڪو ماڻھو، پنھنجي نجي يا شخصي ٿورڙي فائدي لاءِ، ٻئي ڪنھن کي وڏو نقصان وجهي، تڏهن هيءَ ورجيس استعمال ھيٺ ايندي آهي. انسان جو فرض آهي ته؛ پنھنجي نجي سوارٿ لاءِ، ٻئي کي ڇيهو نه رسائي. اهو ڪم ڪجي، جنھن مان اگر ٻئي جو ڪو فائدو نه ٿئي ته نقصان به نه ٿئي.
    ان کان علاوھ، اھا ورجيس تڏھن به ڪتب ايندي آھي، جڏھن ڪو شخص، ٿوري خرچ واري جاءِ تي، سخاوت ڪندي وڏو خرچ ڪري وجھي. جيئن ڪي سخي مڙس، سنگت ساٿ کي وقت پئي موٽائڻ مھڻو سمجھندا آھن. انھن لاءِ ائين به ٻڌو ويو آھي ته؛ ‘فلاڻو، سنگت ۾ جيري لاءِ ٻڪري ڪھڻ وارو ماڻھو آھي.’ يعني ضرورت ٿوري شيءِ جي ھجي پر قرباني وڏي ڏئي ڇڏيندو آھي.


    46. جھڙي درشٽي، تھڙي سرشٽي. (چوڻي)

    درشٽي ٻن پرڪارن جي ٿئي ٿي؛ ۱- سک درسي، ۲- دک درسي. سک درسي کي انگريزيءَ ۾ Optimist ۽ دک درسي کي Pessimist چيو ٿو وڃي.
    انگريزي شاعر رابرٽ برائوننگ، سک درسي هو، هن جو فرمودو آهي. “ايشور پنھنجي سرڳ ۾ موجود آهي ۽ دنيا سان جيڪي ڪجهه ٿئي ٿو، سو برابر آهي”.
    ٻيو انگريزي عالم ٿامس هارڊي، دک درسي هو. هن جو چوڻ هو؛ “ايشور پنھنجي سرڳ ۾ موجود ڪونھي ۽ دنيا سان جيڪي ڪجهه ٿئي ٿو، اهو غلط ٿئي ٿو.”
    مٿين منجهان اهو چٽو آهي ته جھڙا جھڙا ماڻھوءَ جا خيال هوندا آهن، اهڙيءَ طرح ان جي درشٽي ٿيندي آهي. جيڪڏهن اسين پنھنجي اکين تي ڪاري، سائي، ڳاڙهي يا جنھن به رنگ جي عينڪ چاڙهينداسين ته موٽ ۾ اسان کي انھيءَ رنگ وارو ماحول ڏسڻ ۾ ايندو. هن سڄي سرشٽيءَ جو خالق پرماتما آهي. دک خواهه سک، جيوت جو سينگار آهن. ائين برابر آهي ته دنيا ۾ دک، پيڙا، مشڪلاتون ۽ تڪليفون درپيش اچن ٿيون. ان جو مطلب اهو ناهي ته؛ هيءَ دنيا دکن جو گهر آهي.
    زندگيءَ جو ٻيو نالو آهي سنگهرش. زندگيءَ متعلق جدا جدا ودوانن، پنھنجا جدا جدا رايا ڏنا آهن. ڪن زندگيءَ کي ڪر کيتر جو ميدان سڏيو آهي. ته ڪن زندگيءَ کي پيار-ڀري راڳڻي ڪوٺيو آهي. هر هڪ پنھنجي پنھنجي ويچار انوسار، زندگيءَ ۽ دنيا لاءِ، پنھنجا رايا مقرر ڪيا آهن. اها حقيقت آهي ته؛ زندگيءَ جو ٻيو نالو آهي سنگهرش. جڏھن ته سنگهرش ڪندي، دک ۽ تڪليفون اچن ٿيون. ان جو مطلب اهو ناهي ته؛ زندگيءَ مان نااميد ۽ نراش ٿي ويھي رهجي. دنيا، بيحد خوبصورت آهي. دنيا ۾، پيار ۽ وفا، موهه ۽ سونھن به آهي. اهڙيءَ خوبصورت ۽ سندر دنيا لاءِ، ڪا به شڪايت ڪرڻ اجائي آهي. ڪوي بيوس جو چوڻ آهي:
    اک لڙڪ سان، منھن مرڪ ڀريو ياد ڪنداسين،
    هن فرحت ڀري دنيا ۾، نه فرياد ڪنداسين.
    دنيا ۾، هر هڪ انسان سڦلتا پراپت ڪرڻ چاهي ٿو. ان سڦلتا لاءِ ئي، هر هڪ انسان کي ڪشمڪش ۽ جستجو ڪرڻي پوي ٿي. ائين ناهي ته؛ هر ڪم ڪندي، انسان کي سدائين سڦلتا ملي. ممڪن آهي ته ڪاميابي به ملي. ان جو مطلب اهو ناهي ته اسين دنيا مان نااُميد ۽ نراش ٿي پئون. جيتوڻيڪ اهو سچ آهي ته؛ دکي انسان، دنيا کي دکن جو گهر ڪوٺيندو ۽ سکي انسان دنيا کي سکن جي سيج. حقيقت ۾، ائين نه آهي. نه دنيا سکن جي سيج آھي ۽ نه دکن جو گهر. سمورو دارومدار، درشٽيءَ تي آهي. نيڪ ۽ شريف ماڻھوءَ کي، سڀ ماڻھو ٺيڪ ۽ شريف ڀاسندا. سالڪ ۽ سٻاجها ماڻھو، رب جي رضا تي راضي رهندا ۽ خوشيءَ سان دک ڀوڳيندا. هونءَ به دک ته اسان جي امتحان مثل آهي.
    سرڳواسي سڳن آهوجا چيو آهي:
    “تنھنجا جوهر ٿا کلن، جو ٿو هري مشڪل ڏي”
    اسان کي دک ۽ مصيبتون، خوشيءَ سان سھڻيون آهن. ڏک ته جيون کي ڏاجي ۾ مليا آهن ۽ اهي ڏک ئي آهن جي جيون ۾ سڦلتا لاءِ اڳتي وڌائين ٿا. ان ڪري نظر، سک-درسي هئڻ جڳائي. درشٽي تي ئي جيون جي سڦلتا جو دارومدار آهي. جھڙي جھڙي درشٽي ۽ جھڙا جھڙا ويچار هوندا، ان ئي نموني زندگي هلندي. ان ڪري درشٽي، نيڪ ۽ پاڪ هئڻ گهرجي. انسان کي جيڪڏهن ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي، پوتر جيوت بڻائڻي آهي، ٻين ۾ ادم پائڻو آهي ته، درشتي ماڪ جي قطري جھڙي شفاف ۽ پاڪ بڻائڻي پوندي. اسانجي وهنوار جو لاڳاپو به، درشٽيءَ سان آهي. برادري ڀاو سڀني سان نيڪيءَ سان وهنوار ڪرڻ، شخص جي درشٽيءَ تي دارومدار رکي ٿو. عام طرح سان اسين، ائين چوندا آهيون ته؛ ‘عزت چاهين ته اول ٻين جي عزت ڪرڻ سک.’ ان سموري جو آڌار، درشٽيءَ تي ئي آهي.
    حاصل مطلب: جھڙي جھڙي نظر اسان جي هوندي، اسان کي اهڙو اهڙو نظارو پلئه پوندو. درشٽي سک-درسي هئڻ گهرجي. جيون جي سڦلتا لاءِ، نيڪ ۽ پوتر درشٽي جو هئڻ ضروري آهي.


    47. جتي باهه ٻري، اُتي سيڪ اچي. (پھاڪو)

    ظاهري معنى؛ جيڪڏهن اسين ڪنھن هنڌ تي يا ڪنھن جڳھه تي باهه ٻارينداسين ته ان باهه جو اثر يا سيڪ ان جاءِ تي ئي ٿيندو. مثال طور؛ جڏهن رنڌڻي ۾ باهه ٻاربي آهي ته باهه جي گرمائش جو اثر، رڳو رنڌڻي ۾ ئي ٿيندو آهي، گهر جي ٻئي ڪنھن ڪمري ۾ نه. ڪاٺين جي ڍير مان هڪ ڪاٺي کڻي، ان کي يا سڀني ڪاٺين کي، جيڪڏهن باهه ٻاربي ته صرف اهي ئي ڪاٺيون ٻرنديون. مطلب هيءُ ته؛ جنھن هنڌ تي باهه ٻاري ويندي، اهو ئي هنڌ، باهه جي اثر هيٺ ايندو.
    اندروني معنى: هت باهه جو اشارو، دک سان آهي. انسان جي جيوت هڪ-ڪري ۽ سريکي نٿي هلي. زندگيءَ جا واقعا ۽ حادثا، لاپرواهه آهن. کين ڪيترو به روڪڻ سان، روڪي نٿو سگهجي. هر هڪ انسان جي جيون ۾، تڪليفون ۽ مشڪلاتون اچن ٿيون. جنھن سبب، انسان دک ڀوڳي ٿو. دک جو لاڳاپو، صرف ان انسان سان آهي، جيڪو ان دک جي جنڊ ۾ پيڙجي ٿو. ٻئي ڪنھن انسان کي، ٻئي جي دک جي نه ڪا ڄاڻ رهي ٿي ۽ نڪو مٿس ان جو اثر به ٿئي ٿو. مثال طور؛ ڪنھن دڪاندار کي ڌنڌي ۾ ڪو نقصان پوي ٿو، يا ڪنھن گھر جو ڪو شخص گذاري وڃي ٿو ته ان شخص جي موت جي دک جو اثر، رڳو سندس ڪٽنب تي ئي ٿئي ٿو. ٿوريءَ دير لاءِ کڻي پاڙيوارا يا دوست، ان ڪٽنب سان همدردي ڏيکاريندا به آهن. پر جيترو اثر ان ڪٽنب تي هوندو، اوترو ٻئي ڪنھن تي به نه پوندو. دک جو احساس ۽ اثر، ان شخص کي ٿئي ٿو، جيڪو اهو دک ڀوڳي رهيو آهي. ان ڪري ئي چيو ويندو آهي ته؛ ‘جتي باهه ٻري، اتي سيڪ اچي.’
    حاصل مطلب: دک جو اثر، فقط ان انسان تي ٿئي ٿو، جنھن کي ڪنھن دک اچي وڪوڙيو آهي. ٻئي ڪنھن تي به ان دک جو اثر نٿو ٿئي.


    48. جي نميا، سي چڙهيا.

    انسان ڏسڻ جو ڪيڏو به ٺاهوڪو آهي! سندس سرير سڊول، وڻندڙ ۽ ڪشش ڪندڙ آهي. پر ظاهري سونھن ۽ ڏيکاءُ دائمي نه آهي. دائمي آهن، انسان جا لڇڻ ۽ گڻ. سٺن لڇڻن ۽ گڻن وارو انسان، سڀني کي پيو وڻندو.
    اڪثر ڪري ائين ڏٺو ويو آهي ته؛ انسان کي سرير، مايا ۽ عھدي ملڻ سبب، اهنڪار اچيو وڃي. جڏھن ته سرير، مايا ۽ عھدو، سدائين لاءِ نيبهه نه آهن. سرير اڄ آهي، سڀاڻي نه هوندو. مايا؛ اچڻي وڃڻي. ڪڏهن آهي ته ڪڏهن آهي ئي ڪو نه. ڪکا-پتي لکا-پتي بڻجي وڃن ۽ لکا-پتي ڪکا-پتي بڻجيو وڃن. وقت، سدائين هڪ ئي رفتار سان نٿو هلي. پيو ڦري گهري. دائمي نه آهي. نه ئي ظاهري ڏيکاءُ گهڻو وقت قائم رکي سگهبو؟ واريءَ جو محل، گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪندو. جيستائين ماڻھو ڪرسي تي آهي، تيستائين سندس سوين سلامي. جيئن ئي ڪرسيءَ تان لٿو تيئن سدائين هستي ختم. دنيوي ڏيکاءَ تي، جيڪي ماڻھو هٺ ٿا ڪن، سي سياڻا نه آهن. سياڻا اهي آهن، جيڪي دنيوي پدارٿن کي ناسونت ڄاڻي، نيڪي ۽ نمرتا واري واٽ اپنائين ٿا.
    سٺا لڇڻ ئي انسان جي سونھن کي، چار چنڊ لڳائي ٿا ڇڏين. سچائي ۽ صفائي، سادگي ۽ نمرتا، انساني جيون جا املهه ڳهڻا آهن. نمرتا وارو انسان، سڀني کي پيو وڻندو. جتي ۽ جنھن وٽ ويندو، مان ۽ عزت پائيندو. نمرتا واري انسان ۾، انيڪ خوبيون آهن.
    مثلن: ٻين سان پريم سان وهنوار ڪرڻ، ٻين جي عزت ڪرڻ، سڀ جي ڀلي لاءِ سوچڻ، ٻين کي اوکي ويل مدد ڪرڻ، ڪوڙي شان ۽ اڊمبر کان پاسو ڪرڻ، سچ جي راهه وٺڻ، سادگيءَ سان جيون گهارڻ. نمرتا سان ئي رب ريجهائي سگهجي ٿو. اهنڪار ۽ هٺ، منش جي زواليت جا ڪارڻ آهن. اتھاس ان حقيقت جو شاهد آهي ته، اهي حڪومتون گهڻو وقت جٽاءُ ڪري نه سگهيون، جن جا سنڀاليندڙ بادشاهه اهنڪاري ۽ هٺيلا هئا. پڪل ميوو، هميشھ نميل هوندو آهي. انسان به صحيح معنى ۾ اهو ئي انسان آهي، جو نميل آهي. نوڙت واري انسان کي، ڏيکاءُ وڻي ئي ڪو نه. دنيا جون لالچون، کيس پاڻ طرف ڇڪي نٿيون سگهن. هو سنسار ۾ رهندي به سنسار جي پدارٿن کان، پاسيرو رهي ٿو. ٻئي جي شيوا ۾ ئي آنند ماڻي ٿو ۽ آخر ۾ سنسار ساگر مان تري پار پوي ٿو. نئڙت وارو انسان، ذات پات، اونچ نيچ، امير غريب وغيره جي جڙتو ديوارن کي ٽوڙي، ختم ڪري ٿو. پرڀوءَ جي مڙني بندن کي، پيار ڪري ٿو. ان ڪري جيڪي نئڙت ۽ نياز سان هلن ٿا، سي ئي سٻاجها ۽ پرڀوءَ جا پيارا آهن. انھن جو ئي هن اننت سنسار ۾، نالو پيو جرڪي ۽ چمڪي.
    حاصل مطلب: نئڙت ۽ نياز وارا انسان، سڀني کي پيا وڻن. اهي ئي هن سنسار ساگر مان، پار لنگهي ٿا وڃن. دنيوي وڪارن ۽ پدائن کان، اهي سدائين پاسيرو رهن ٿا. مڙئي انساني گڻ ۽ خصلتون، نئڙت جي گرڀ مان جنم وٺن ٿيون.


    49. جَوَ ڍيري، گڏهه رکپال. (پھاڪو)

    گڏهه جَوَ کائيندو آهي، سو به اناج جو هڪ قسم آهي. جيئن؛ ڪڻڪ، چانور، ٻاجهري، جوئر وغيره. گڏهه جو مالڪ جڏهن جوَن جي سنڀال نه ڪندو ۽ گڏهه اڳيان رکي، پاڻ ٻئي ڪنھن پاسي هليو ويندو ته گڏهه جوَن جي ڪھڙي سنڀال ڪندو؟ گڏهه ته جوَ کائي، کپائي ڇڏيندو.
    ساڳيءَ طرح، جيڪڏهن ڪو ماڻھو گهر جي سنڀال لاءِ ڪنھن چور کي چئي ويندو ته چور گهر جي ڪھڙي سنڀال ڪندو؟ هو ته گهر مان سامان سڙو کڻي هليو ويندو. بي ايمان ۽ دغاباز ماڻھوءَ مان، ايمانداريءَ ۽ نيڪيءَ جي ڪھڙي اميد ٿي رکي سگهجي؟ ان ڪري بي ايمان ۽ خيانت واري ماڻھوءَ مان، چڱائيءَ جي اميد رکڻ اجائي آهي.


    50. جان جيئين، تان سک. (چوڻي)

    جنم کان وٺي موت تائين، انسان ڪجهه نه ڪجهه پرائي سگهي ٿو. سڄو سنسار هڪ مھان پستڪ جيان آهي، جنھن جو هر ورق آزمودي، سکيا ۽ گيان سان ڀريو پيو آهي. انسان جيترو جيترو وڌيڪ آزمودو پرائيندو، اڀياس ڪندو، اوترو ئي وڌيڪ ٻڌيوان ۽ سمجهدار ٿيندو. جيون، ڪافي ڪجهه پرائڻ لاءِ آهي. پنج پستڪ پڙهي، اسڪولي، ڪاليجي تعليم پرائي، ماڻھو سڀ ڪجهه سکي وڃڻ جي هام نٿو هڻي سگهي. ظاهري طور، اسين تعليم پرائي، پاڻ کي ڪيترو به تعليم يافته يا علمدان ڇو نه سمجهون، پوءِ به ڪڏهن نه ڪڏهن غلطيون يا چڪون ڪري وجهنداسون. هن وقت تائين سنسار ۾ ڪو به پريپورڻ منش پيدا نه ٿيو آهي. جيون جي اڀياس ۽ الڳ الڳ آزمودن مان ئي منش سمجهدار ۽ پريپورڻ بڻجي سگهي ٿو. قدرت جي هر وستوءَ ۾ ڪا نه ڪا سکيا سمايل آهي. سکيا، فقط پستڪن ۾ ئي ڀريل نه آهي، جو اهي پڙهي پنھنجي سمجهه وڌائي سگهجي. ڪنھن نه ڪنھن وقت، ڀل ٿيڻ ممڪن آهي. ٿوريءَ ڄاڻ يا محدود علم تي، غرور ڪرڻ اجايو آهي. ماڻھو جيستائين جيئرو رهي، تيستائين ڪجهه به پرائيندو رهي. انسان کي اڻ-ڳڻين لاهين چاڙهين تان گذرڻو پوي ٿو. انسان، ڄمار جو به قدم کڻي ٿو. ان لاءِ صحيح ڄاڻ ۽ آزمودو هجڻ، تمام ضروري آهي. ڪير به ائين نه سمجهي ته مونکي مڪمل آزمودو يا ڄاڻ آهي ۽ ان ڪري ڪجهه به وڌيڪ سکڻ جي ضرورت نه آهي. جي ائين سمجهن ٿا، سي وڏي ڀُل ڪن ٿا. انسان لاءِ اهو صحيح قدم ثابت ٿيندو ته جيستائين هن جھان ۾ جيئرو هجي، تيستائين سکندو رهي.
    حاصل مطلب: انسان جيستائين جيئرو هجي، تيستائين پنھنجي ڄاڻ ۽ اڀياس، آزمودو ۽ علم وڌائيندو رهي.


    51. جنين هٺ هارايو، تنين جيتيو جڳ کي. (چوڻي)

    مٿيون گفتو سوامي صاحب جي سلوڪ جو آهي. شاهه صاحب چيو آهي ته؛ ‘هيڪل هلڻ ڇڏ! اوڏو ٿئين عجيب کي.’ ٻنھي گفتن جو حاصل مطلب، ساڳيو آهي. ڪيترن انسانن جو اهڙو ته ڪٺور سڀاءُ ٿيندو آهي، جو ڌن دولت کي ڪٺو ڪرڻ لاءِ، ڪيترا ئي اڻ وڻندڙ ۽ اجوڳ رستا اختيار ڪندا آهن. اهڙن شخصن کي، هر دنيوي پدارٿ سان بيحد موهه ٿيندو آهي. سڀاويڪ طرح، اهو موهه کين لالچ ۽ گهمنڊ جي وڇايل ڄار ۾ ڦاسائيندو آهي. اهڙا انسان، نه فقط پنھنجي من کان پري رهندا آهن پر دنيا جا ٻيا لوڪ به کانئن پري ڀڄڻ چاهيندا آهن.
    ڪن انسانن جو وري اهڙو ته اڌ-ڀت سڀاءُ هوندو آهي، جو دنيا سان موھ ۽ لالچ هوندي به، ماڻھن سان چڱيءَ ريت هلندا آهن. مگر ڪي وري اهڙا سالڪ لوڪ هوندا آهن جو، کين دنيا جي ڪنھن پدارٿ سان موهه هڪ طرف نه هوندو آهي ته، سڀاءُ ۾ نِه-هٺا ۽ نياز وارا ٻئي طرف هوندا آهن.
    مٿين ٽنھي طبقن جي انسانن مان، پوئين طبقي وارا، لاشڪ خاص ڌيان ڇڪائيندڙ ٿين ٿا. ڇو جو هٺ هڪ اهڙي اڻ-سھائيندڙ وستو آهي جا هڪ انسان کي ٻئي کان، ڀاءُ کي ڀاءُ کان، پٽ کي پيءُ کان، ڌيءُ کي ماءُ کان، ائين چئجي ته سڀني کي وڇوڙي ٿي. اتھاس جا ورق شاهد آهن ته؛ جن به انسانن، هٺ ۽ مغروري ڪئي آهي، سي عرش تان ڪري اچي پٽ تي پيا آهن.
    ھٺ نه ڪجي ايترو، ھٺ وڃايا وير،
    ڪري پيا ڪيترا، ماڙين مٿان مير.
    ڇاڪاڻ ته هٺيلو ۽ گهمنڊي شخص، سوارٿي ۽ خود-ثنا وارو ٿيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هر ڪو کانئس پري پيو ڀڄندو آهي.
    سالڪن جو قول آهي ته؛ انسان ڀل خدا نه هجي مگر هر انسان ۾ پرماتما جو واسو ٿئي ٿو. ان ڪري هٺيلا ۽ مغرور ماڻھو، نه فقط انسانن کان پري رهن ٿا پر اڻ سڌيءَ طرح پرماتما کان به جدا رهن ٿا.
    “آدم ڪو خدا مت ڪهو، آدم خدا نهين،
    خدا ڪي نور سي، آدم جدا نهين.”
    جنھن جو سار اهو ئي آهي ته انسان، ايشور کان الڳ نه آهي. ان ڪري جي نئڙت ۽ نياز سان هلن ٿا، سي حقيقت ۾ پرماتما کي پائين ٿا. نيازي شخص، سڀ جي ڀلي ۽ سڄيءَ انسان ذات جا گهڻگهرا ٿين ٿا. سڀني جي بھبودي ۽ ڀلائي چاهين ٿا. هٺ-هاريل شخص، ماڻھن جي دلين تي راڄ ڪن ٿا. هر گهر ۾ اهڙن ماڻھن جو واسو ٿئي ٿو. هر جڳهه تي انھن جو ناماچار آهي. هر شخص، سندن عزت ڪري ٿو. خودي ماري هلندڙ جيو، نه فقط منش جي هرديه کي جيتين ٿا پر پرماتما کي پائي وٺن ٿا. انھيءَ ڪري نيڪ انسان، سدائين اها ڀلي ۽ سٺي صلاح ڏيندا آهن.
    ڇڏ هٺ ۽ رهه نماڻو، تون سڀ سان قليچ،
    رک شرم ڪو، ستاءِ ڪڏهن ڪين خلق کي.
    اردوءَ جي شاعر پڻ چيو آهي:
    مٽادي اپني هستي ڪو، اگر مرتبہ چاهيئي،
    ذره خاڪ مين مل ڪر، گل و گلزار هوتا هئي.
    من ماري ۽ هٺ هاري هلڻ، منش جا لازوال گڻ آهن. نمرتا پورڪ شخصن جي چھري تي، سدائين نوراني چمڪ پسجڻ ۾ ايندي آهي. هنن جي چپن تي انوکي مسڪراهٽ جو نرنيه هوندو آهي. هنن جي اکين مان هميشه نِه-ھٺائي پئي ڏسبي آهي. لاشڪ اهڙا انسان، پنھنجي جادوءَ جي اثر سان سڄيءَ دنيا کي جيتي وٺن ٿا.


    52. جيڏا اُٺ، تيڏا لوڏا. (پھاڪو)

    ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾، اٺ لنبو ۽ بي ڊولو جانور آهي. هلندو آهي ته وڏيون ٻرانگهون ڀريندو آهي. ان وقت سوار کي وڌيڪ ۽ وڏا لوڏا ايندا آهن.
    هن پھاڪي جو اصل مطلب هيءُ آهي ته؛ ماڻھو جيترو وڏو، جوابداريون به اوتريون وڏيون ٿين ٿيون. ماڻھو جيترو ننڍو ۽ غريب، سندس تڪليفون ۽ مشڪلاتون به اوتريون ننڍيون ٿين ٿيون. شاهوڪار ۽ وڏي ماڻھوءَ جون جوابداريون تمام وڏيون ٿين ٿيون. کيس انيڪ ماڻھن سان منھن ڏيڻو پوي ٿو ۽ انيڪ حالتن مان گذرڻو پوي ٿو. جيترا سندس ڪم وڏا هوندا، اوترا وڏا لوڏا ۽ صدما، کيس سھڻا پون ٿا. جيتري مسافري وڌيڪ لنبي هوندي آهي، سفر اوترو ئي تڪليف وارو بڻجندو ويندو آهي. ان ڪري هروڀرو ظاهري طرح ڪنھن وڏي ماڻھوءَ کي ڏسي، ڀنڀلجي نه وڃجي. ماڻھو جيترو ننڍو هوندو، اوتريون ئي جوابداريون به ننڍيون. ان ڪري سالڪن جي صلاح هوندي آهي. بڙا سڏاوڻ، بڙا دک پاوڻ، ڇوٽي ڪا دک دور.


    53. جيءُ خوش ته جھان خوش. (چوڻي)

    هن پھاڪي جو مطلب هيءُ آهي ته؛ جيڪڏهن ڪو شخص سکي آهي ته کيس سڄو جڳ سکي نظر ايندو، چاهي جھان جا ٻيا ماڻھو دکي ڇو ڪين هجن. جيڪڏهن ڪو شخص پاڻ دکي هجي ته کيس سڄو جڳ دکي پيو ڀاسندو، چاهي جھان جا ٻيا ماڻھو سکي ڇو ڪين هجن. چوڻي آھي ته؛ “آپ سکي ته جڳ سکي، آپ دکي ته جڳ دکي.”
    جيڪڏهن ڪو شخص تندرست، سگهارو ۽ خوش آهي ته کيس ٻيا به تندرست نظر ايندا. جيڪڏهن ڪو پاڻ اگهو آهي ته کيس سڄي جھان ۾ رڳو بيمار ئي بيمار پيا نظر ايندا. پنھنجي خوشيءَ سان، جھان جي خوشي محسوس ٿيندي آهي، پوءِ چاهي ٻين سان ڪھڙي به ويڌن ڇو نه هجي.


    54. جھڙا عاشق عيد ۾، تھڙا منجهه مقام.

    عيد: خوشي،
    مقام: مساڻ
    هن سنسار ۾ ٻن پرڪارن جا جيو آهن. هڪڙا اهڙا آهن جن مٿان اگر دک يا مصيبت اچي ڪڙڪي ته بيحد هلاک، پريشان ۽ دکي بڻجيو وڃن. بار بار پنھنجي قسمت کي پيا پٽيندا رهندا ۽ قدرت کي مڙس ٿي منھن ڏيڻ بدران ويڻ ڪڍندا ۽ خوف پٽيندا، پنھنجو جيئڻ ئي جنجال پيا ڀانئيندا. دک جي بوجھ سببان، سندن سمجهه اهڙي ته تنگ ۽ محدود ٿي ويندي آهي جو هر وقت کين دک ئي دک پيو سجهندو آهي.
    ليڪن ٻئي قسم جا جيو اڻھن کان بلڪل علحدا ۽ نرالي سڀاءُ جا ٿيندا آهن. مٿانئن ڪيڏي مھل به اچي، مصيبت جا پھاڙ ڪيرائي ته به گهٻرائيندا ڪونھن. ويتر؛
    “پريان سندي پار جي مڙيو ئي مٺائي،
    ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.”
    هو دک ۽ سک کي، ھڪ سمان ڪري سمجهندا. ائين پيا سمجهندا آهن ته؛ پرماتما جيڪو کين دک ڏنو آهي، سو اوس ئي ڪنھن نه ڪنھن ڀلائيءَ لاءِ هوندو. اهڙا انسان، هميشه بھار بھار ٿيندا آهن. هو ٻارھو ئي پرماتما ڏانھن مائل رهندا آهن. سندن نظرن ۾ دک کي ڪا خاص اهميت ڪا نه آهي. سدائين پيا مرڪندا آھن ۽ خوش گذاريندا آهن. کين دک ۾ به سک جهلڪا ڏيندو نظر ايندو آهي. سدائين پرماتما جي ڪيئي ۽ رب جي رضا تي راضي رهندا آهن. ڪڏهن به سندن دل مان، دردي دانھن ۽ شڪايت نه نڪرندي آهي. ويتر پيا دکن کي دعوت ڏيندا آھن. کين سوريءَ ۽ سيج ۾، گلن ۽ ڪنڊن ۾، آهه ۽ مرڪڻ ۾، غم ۽ خوشيءَ ۾، رات ۽ ڏينھن ۾، ڪو فرق نظر نه ايندو آهي. کين خلق ۾ خدا ۽ خدا ۾ خلق، ڏسڻ ۾ ايندي آهي. سندن دل، ايتري ته وشال ۽ ساگر جيان گھري هوندي آهي جو وير ۽ حسد ان ۾ سمائجي نه سگهندا آهن. سدائين سڀ جي ڀلي ۾ ھوندا آھن. کين دک ۽ ڪشٽ، پيڙا ۽ تـڙڦ مان اهڙي ته لذت ايندي آهي جو سکن ۽ سھنجن کي چاهيندا به نه آهي. اهنجن ۽ تڪليفن مان ڪڏهن به وِرچندا ڪو نه آهن. دک جي دانھن ڪرڻ، سندن سڀاءَ ۾ ئي نه آهي. سدائين گلن جيان ٽڙندڙ ۽ ستارن جيان چمڪندڙ هوندا آهن. چانڊوڪيءَ وانگر سيتل ۽ جل جيان اوجل هوندا آهن.
    حاصل مطلب: سالڪ انسان، دک ۽ سک کي برابر سمجهن ٿا. کين ڪنھن به دنيوي دک بابت ڪا شڪايت نه هوندي آهي. سدائين بھار، سدائين خوش. انھن سالڪ انسانن کي، دک ۾ به عجيب قسم جو آنند پيو ايندو آهي.
    مثال: ميران ٻائي، ڀڳوان سري ڪرشڻ جي ڀڳتياڻي هئي. ڏيرس جڏهن زهر جو پيالو پيئڻ لاءِ موڪليس ته ان کي امرت ڄاڻي، ڪرشن جي نالي تي پي ويئي.


    55. ڄڀ جي ترڪڻ کان پير جو ترڪڻ چڱو.

    هن سڄي سرشٽيءَ جو خلقيندڙ، ايشور آهي. جنهن پرٿوي تي، انيڪ سندر چيزون خلقيون آهن. سرشٽي جي ڪڻي ڪڻي مان، سندرتا پئي بکي. سج، چنڊ، تارا ۷ جو ڪجهه ڏسڻ ۾ اچي ٿو، تن مان ايشور جي الوڪڪ آنند جو احساس ملي ٿو. ليڪن ايشور جي خلقيل مڙني نعمتن مان، انسان سڀ کان وڌيڪ سندر سريشٽ ۽ اتم مڃيو ويو آهي. پرماتما انسان کي نھايت ئي سندر ۽ سڊول سرير ڏنو آهي. اکيون ڏسڻ لاءِ، هٿ هاج ڪرڻ لاءِ، پير پنڌ ڪرڻ لاءِ وغيره. مطلب ته سرير جي هر هڪ عضوي، وڏي خواهه ننڍي، تي جدا جدا نموني جو ڪم رکيل آهي. سرير جو هر هڪ عضوو نيم انوسار پيو ڪم ڪري.
    زبان، سرير جو ننڍو عضوو آهي. ليڪن مٿس ڪم وڏو رکيل آهي. زبان جو ڪم نه فقط چکڻ آهي پر ڳالھاڻ جو ڪم به مٿس رکيل آهي. زبان مکيه، وسيلو آهي. جنھن وسيلي ڳالھائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن زبان نه هجي ته هوند ڳالھائي نه سگهجي. ان ڪري ان چوڻ ۾ ذرو به وڌاءُ نه ٿيندو ته، جيڪڏهن زبان نه هجي ھا ته ڳالھائي نه سگهجي ھا. ان ڪري سرير جي مڙني، ننڍن توڙي وڏن، عضون ۾ زبان اهو درجو والاري ٿي. جيئن ڳالھائڻ جو ڪم زبان ڪري ٿي. ان ڪري زبان سان مٺو ٻولجي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي، “اها ئي زبان اس ۾ ويھاري، اها ئي زبان ڇانوَ ۾ ويھاري.” هن جو مطلب اهو آهي ته؛ جيڪو شخص زبان سان سٺو نٿو ٻولي، ان کي تڪليفون ڀوڳڻيون ٿيون پون ۽ اهو شخص ئي بي مانو ٿئي ٿو. ليڪن جيڪو شخص مٺو ٻولي ٿو، اهو جتي ڪٿي مان حاصل ڪري ٿو.
    مٺو ٻوليندڙ شخص، جتي ڪٿي مان پائي ٿو ۽ سڀني کي وڻي ٿو. زبان لاءِ ٻي به چوڻي آهي؛ “زبان آهي سا ننڍڙي پر آهي وھ جي ڳنڍڙي.” اهو تڏهن چيو ويندو آهي، جڏهن ڪو انسان، زبان سان رڳو پيو برو ٻوليندو آهي.
    مطلب هي ته؛ انسان کي پنھنجي زبان سان سدائين نيڪ ۽ مٺو ٻولڻ گهرجي. بري واڻي، هميشه ياد رهي ٿي. ڀيد ۽ مت ڀيد وڌائي ٿي. اگر اسين باريڪ-بينيءَ سان ڏسون ته اهو پتو پوندو ته؛ دنيا جي اندر گهڻا جهڳڙا ٿين ئي خراب ٻولڻ ڪري ٿا. زبان کي سدائين قبضي هيٺ رکڻ گهرجي؛ “ترار جو ڦٽ ڇٽي وڃي پر زبان جو ڦٽ نه ڇٽي.” جن شخصن خلاف خراب ٻوليو وڃي ٿو، انھن کي سدائين اهي لفظ ياد رهن ٿا. ڪنھن نه ڪنھن طرح سان بدلي وٺڻ جي ڪوشش پڻ ڪن ٿا.
    هن چوڻي جو مطلب اهو آهي ته؛ جيڪڏهن پير ترڪي وڃي ۽ پير کي يا ٽنگ کي زخم رسي ته ڪڏهن نه ڪڏهن اهو ڇٽي ويندو. ٻئي پاسي اهو زخم شخصي آهي جو فقط پنھنجي سرير کي دک رسائي ٿو. ان جي برعڪس زبان سان جي اسين ٻئي خلاف اکر ڪڍون ٿا، اهي ڪڏهن به ڇٽن نه ٿا. ان ڪري سالڪن جو قول آهي ته؛ “زبان کي ضابطي ۾ رکجي.” سدائين مٺو ٻولجي ۽ ٻين سان پيار ڀريو وهنوار ڪجي. نه برا لفظ چئجن ۽ نه وري ڪنھن جي گلا ڪجي.
    حاصل مطلب: زبان کي سدائين قبضي ۾ رکجي. زبان سان خراب نه ٻولجي. پير ترڪي ويندو ته ان جو زخم ڪجهه وقت بعد لهي ويندو. ان ڪري ان جو ترڪڻ ڀلو آهي. پر زبان جي ترڪڻ سان خراب لفظ مک مان نڪرندا جي ڪڏهن به ڪو نه وسرندا. جنھن سبب ڪو به اڻوڻندڙ واقعو ٿي سگهي ٿو. ان ڪري زبان سان سنڀالي ڳالھائجي. مٺي واڻي ٻولجي ۽ ٻين مان سبق حاصل ڪجي. جھڙيءَ ريت ڪمان مان نڪتل تير واپس نٿو اچي، تھڙيءَ طرح وات مان نڪتل لفظ به واپس نٿا اچن. ان ڪري سنڀالي ۽ سوچي سمجهي، ڳالھائڻ ضروري آهي.


    56. چورن مٿان مور.

    اڄوڪي سماج ۾، هر انسان پاڻ کي ٻئي کان مٿي سمجهي ٿو. هر هڪ ائين سمجهي ٿو ته؛ مون جھڙو ۽ سمجهو ماڻھو ڪو مشڪل ملندو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ هر هڪ تمام هوشياريءَ ۽ حرفائتي ڍنگ سان ٻئي کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ليڪن ائين سمجهڻ ۽ ڪرڻ، وڏي ڀل آهي. دنيا ۾ ڀل ڀليرا ماڻھو پيا آهن. ڪنھن جي به ڪمي ڪا نه آهي. سير مٿان، سوا سير پيو آهي. ڪير به ائين نه سمجهي ته؛ کانئس مٿي، ٻيو ڪو ماڻھو نه آهي. حقيقت ۾ هر ڪو، ٻئي کان وڌيڪ سياڻو ۽ سمجهو، چالاڪ ۽ حرفتباز آهي. پاڻ کان گهٽ عقل وارو سمجهي، ٻئي کي دوکو ڏيڻ يا ڦرڻ، صحيح معنى ۾ پاڻ کي لٽڻ آهي. ڇو جو اها خبر نه پوندي ته، ٺڳجڻ واري بهانو ته ڪو نه ڪيو آهي. موقعو پائي موٽ ۾ اهو ٺڳي ته نه ويندو. ڪن حالتن ۾ ٺڳي ڪندڙ، ٻئي سان ٺڳي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر سچ پچ پاڻ ئي ٺڳجي ويندو آهي.
    حاصل مطلب: دنيا ۾ ڪير به فقط هوشيار پاڻ کي نه سمجهي. هوشيارن ۽ چالاڪن جي دنيا ۾ ڪمي نه آهي.


    57. چون ٿا جنھن کي زر، سا جهيڙن جو آهي گهر.

    معنى انسان زر يعني ناڻي کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿئي ٿو. مگر ڳھيلو انسان، ائين نٿو سوچي يا سمجهي ته ناڻي جي ڪارڻ تي، انسان پاپ ڪري ٿو. ٻين کي پيڙي ۽ ستائي ٿو. اهو ناڻو ئي آهي جو ڀاءُ کي ڀاءُ کان جدا ڪري ڇڏي ٿو. اهو ناڻو ئي آهي جنھن جي ڪري پنھنجن خواه ڌارين ۾ جهڳڙا ٿين ٿا. اجايو غلط فھميون ٿين ٿيون ۽ دنگا فساد ٿين ٿا. ان ڪري اهڙي جهڳڙالو چيز کان، سدائين ڪنارو ڪرڻ گهرجي.


    58. چڱو جن لکيو، مندو سي نه پسن.

    انسان جي قسمت جو لکندڙ، بڻائيندڙ ۽ اڏيندڙ خود پرماتما آهي. ڪن انسانن جي قسمت، اعليٰ ۽ بخت اهڙو ته بالا ٿئي ٿو جو، ڪيترن ڏسندڙن جون ڏندين آڱريون اچيو وڃن. ڪيترا اهڙا انسان آھن، جن جو جنم تمام غريباڻي گهر ۾ ٿئي ٿو ۽ نصيب سٺي هئڻ ڪارڻ وڃي اوچي پد تي پھچن ٿا. اتهاسڪ حقيقت آهي ته؛ ابراهيم لنڪن، هڪ واڍي جي گهر ۾ جنم ورتو. پنھنجي عاليشان نصيب ۽ اورچائيءَ سبب، اهو ساڳيو شخص آمريڪا جو پريزيڊنٽ ٿيو.
    جيڪڏهن ڪنھن به انسان جي قسمت ۾ رڳو سک ئي سک ۽ ڪاميابيون يا سڦلتائون لکيل آهن. يا جيڪڏهن پرماتما ساڻس گڏ آهي ۽ سندس ڀاڳ ڀلو آهي ته پوءِ ڀلي سندس ڪيترا به ويري يا دشمن ڇو ڪين هجن ۽ کيس نقصان پھچائڻ لاءِ کڻي ڪيترا به گهاٽ ڇو ڪين گهڙين پر کيس ڪير به نقصان پھچائي نه سگهندو. هونءَ به ائين ڏٺو ويو آهي ته؛ جيڪي انسان، ڀلن يا نيڪ انسانن کي، سوارٿ ۽ حسد وچان، نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اهي پنھنجي من ۾ اشانتي وڌائين ٿا. جيڪڏهن پرماتما ڪنھن انسان سان ساڻ آهي ته پوءِ ان جو وار به ونگو نٿو ٿئي.
    ان ڪري ائين چيو ويندو آهي ته؛ جن جي قسمت چڱي آهي، اهي ڪڏهن به دک يا تڪليفون نٿا ڏسن. ڀلا ڏسن به ڪيئن؟ ڌڻيءَ سندن ڀاڳ جو ڀلو جوڙيو آهي. ڇو ته؛ ڌڻي مھربان، سارو جڳ مھربان.


    59. دلبر هن دنيا ۾، وڃي رهندو واس.

    واس: سڳنڌ.
    مٿيون گفتو، سنڌ جي اعلى شاعر، شاهه صاحب جو چيل آهي. هن سٽ جي معنى آهي؛ هن سنسار جي اندر ٻيو ڪجهه به قائم رهڻو نه آهي. رڳو سڳنڌ ئي قائم رهڻي آهي. پوءِ سوال آهي ته؛ اها سڳنڌ ڪھڙي؟
    شيخ سعدي جو چوڻ آهي ته:
    “سامان سو برس ڪا، خبر پل ڪي نهين.”
    انسان پنھنجي جسماني سک لاءِ، انيڪ پدارٿ گڏ ڪري ٿو، ماڙيون ۽ محل ٺھرائي ٿو. شاهي پدارٿن گڏ ڪرڻ لاءِ حيلا هلائي ٿو. ٻين کي ستائي ۽ آزاري ٿو. پر دنيا آھي کنهبي چُٽڪي مثل. دم تي بقاءُ آهي ئي ڪو نه. انسان پنھنجي لاءِ جيڪو اڪيچار ڌن ۽ سامان، مال ۽ متاع ميڙي ٿو، سو وٽس سدائين لاءِ نيبهه ڪونهي. “لڳو واءُ، ويو ساھُ.” سڀ سامان ۽ مال اسباب هتي ئي رهجي وڃي ٿو. انسان اڪيلو ئي سفر طئي ڪري راهه رباني وٺي وڃي ٿو. جڏهين دنيوي پدارٿ تي بقاءَ آهي ئي ڪو نه، پوءِ ان کي ڪٺو ڪرڻ ۽ ان لاءِ ڪوشش ڪرڻ سياڻپ ڪونھي. هن جھان مان انسان سان گڏ، نيڪيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ساڻ نٿو هلي. ان ڪري سالڪن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته؛ هر انسان کي نيڪ ڪاريه ڪرڻ گهرجن. انسان جا نيڪ ڪم ئي هن سان گڏ هلن ٿا. جيڪي سندس مئي کانپوءِ، هن جھان ۾ ياد ڪيا وڃن ٿا.
    مرزا قليچ بيگ چيو آهي:
    “ڪا ڪمائي ڪر، هُت آهي عملن جي پڇا.”
    مطلب اهو ته؛ ايشور جي درٻار ۾ به انسان کان نيڪ ڪرمن جي ئي پڇا ڳاڇا ٿئي ٿي. انسان کي پنھنجي جيئري نيڪ وکرن جو سودو ڪرڻ گهرجي. اھا عام چوڻي آھي ته؛ انسان انسان کي ايترو جلدي وساري ٿو ڇڏي، جو مئي جي قبر تي گاھ به دير سان ٿو ڦٽي. ان ڪري انسان کي پنھنجي جيئري اهڙا ته نيڪ ڪاريه ڪرڻ کپن جو، هو هميشه ٻين کي ياد رهي. ماڙيون ۽ محل، زلزلن سبب ڊهي ناس ٿي سگهن ٿا. نيڪ ڪرم ئي اهڙو پدارٿ آهي؛ جنھن کي چور چورائي نه سگهي، پاڻي ٻوڙي نه سگهي، باهه جلائي نه سگهي، زلزلا ناس ڪري نه سگهن. انسان قائم ته ڪونھي، سندس نيڪ ڪرم ئي قائم رهي سگهن ٿا. ان ڪري هر هڪ انسان کي نيڪ ڪرم ڪرڻ گهرجن. جي ئي هميشه لاءِ ياد رهن ٿا.
    حاصل مطلب: هن جھان جو نيڪ ڪرم ۽ نيڪيءَ کان سواءِ هر پدارٿ، ناسونت آهي. ان ڪري ٻين جي شيوا ۽ نيڪي ڪري، چوڌاري خوشبوءِ ڦھلائڻ گهرجي. جا ئي هميشه قائم رهي سگهي ٿي.


    60. دم درميان، الله مھربان.

    هن پھاڪي مان ايشور جي ديا جي ساک ملي ٿي. انسان، ڪڏهن ڀريءَ ۾ آهي ته ڪڏهن ڀاڪر ۾. سج؛ ٻه پاڇا آهي. انسان ڪڏهن دکي آهي ته ڪڏهن سکي. چاهي انسان مٿان ڪيتريون به آفتون يا مصيبتون ڇو نه اچي ڪڙڪن. اگر ايشور مھربان آهي ته، سندس وار ونگو ڪو به نٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن ايشور جي مھرباني ۽ ديا درشٽي، انسان مٿان نه آهي ته پوءِ ٿورو دک به پھاڙ جيان ڀاسي ٿو. جيڪڏهن پرماتما ديا جو هٿ انسان جي مٿان ڌري ٿو ته سختي ۽ ڪشٽن کي سولائيءَ سان منھن ڏيئي سگهي ٿو. صرف ايشور جي ئي مھرباني گهرجي.


    61. ديس چوري، پرديش بکيا.

    هن چوڻيءَ جو مطلب اهو آهي ته؛ ڪو ماڻھو پنھڻجي شھر ۾ ڪي ڏوهه گناهه ڪري پيٽ گذران ڪري ٿو. ساڳئي وقت اها ڪوشش ڪري ٿو ته سندس ڏوهه يا گناهه ظاھر نه ٿين. ڇو ته ڳوٺ ۾ کيس هر ڪو سڃاڻي. هڪوار جيڪڏهن ان شخص جي عزت مٽيءَ ۾ ملي وئي ته هو ڳوٺ وارن جي اڳيان ڪڏهن به ڪنڌ کڻي نه سگهندو. ساڳيو ماڻھو، جيڪڏهن ٻئي ڪنھن شھر ۾ وڃي بکيا پني گذران ڪندو ته به کيس ڪا اٽڪ محسوس نه ٿيندي. ڇو ته ان نئين شھر ۾ ڪو به کيس سڃاڻي ڪو نه ٿو. هو اتي در در تان بکيا پني جيون جا ڏينھن ڪٽڻ لاءِ تيار به ٿي وڃي ٿو. فقط ان خيال کان جو، اتي سڀ سندس اڻ ڏٺل ۽ اڻ واقف ماڻھو آهن. پنھنجي شھر ۾ هو بکيا، عزت بچائڻ جي خيال کان نٿو پني. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ھو لڪي، ٺڳي ۽ دولاب، حرفتبازي ۽ چوريءَ جھڙا گناهه ڪري ٿو.
    حاصل مطلب: پنھنجي شھر ۾ ماڻھو، پنھنجن گناهن تي پڙدو وجهي جيوت جا ڏينھن گهارين ٿا. ٻئي شھر ۾ کين بکيا پنڻ کان به هٽڪ نٿي ٿئي.
    مثال: هڪ ڳوٺ ۾ چندرڀان نالي هڪ شخص رهندو هو. سندس مالي حالتون ڪجهه ٺيڪ نه هيون. انھيءَ ڪري لڪي ڇپي چوري يا ٺڳي ڪري پيو وقت ڪاٽيندو هو. کيس ڪنھن کان ڪجهه گهرڻ ۾ شرم ايندو هو. ڇو جو ان ۾ عزت وڃڻ جو ڊپ هوس. هڪ دفعي کيس، ڪنھن ڪم سانگي پاسي واري ڳوٺ ۾ وڃڻو پيو. کيس اتي پئسن جي کوٽ ٿي پيئي. بک به اچي هلاک ڪيس. لاچار ٿي بکيا پني، پنھنجي پورت ڪيائين. کيس بکيا پنندي ڪا به هٽڪ ڪا نه ٿي. ڇاڪاڻ ته اتي کيس ڪو به سڃاڻندو ڪو نه هو.


    62. ڌڻيءَ جي گهر دير آهي، انڌير ڪونھي.

    اڪثر ڪري ائين ڏٺو ويو آهي ته؛ انسان پئسي، عھدي ۽ طاقت جي نشي ۾ انڌو ٿي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ڏسڻ لاءِ سندس جسماني اکيون کليل ۽ پٽيل هونديون آهن. طاقت سبب لوڪ مريادائن ۽ شرافت جي ليڪن کي لنگهي پار ٿي ويندو آهي. اهڙن اهنڪاري شخصن کي پنھنجن ۽ پراون جي به ساڃھه نه رهندي آهي. اهڙا انسان، ظلم جي گهڙي تي پاڻ کان ننڍن ۽ ڪمزورن تي ظلم ۽ انياچار ڪندا رهن ٿا. اهنڪار ۽ هٺ، وڏائي ۽ طاقت سبب، هو مڙني کي آزارين ٿا. دراصل هو وساري ٿا ويھن ته؛ ايشور کين جيڪو ڌن ۽ عھدو ڏنو آهي، سو ٻين جي شيوا لاءِ ڏنو آهي. چوندا آهن ته؛ جنھن شخص جي مٿان ايشور جي ڪرپا درشٽي ٿئي ٿي، اهو ئي انسان وڏي درجي تي رسي ٿو ۽ ڌنوان بڻجي ٿو. ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته؛ اهي انسان، ايشور جي ڀلائيءَ کي وساري ويھن ٿا ۽ پاڻ کي ئي هن سرشٽيءَ جو خلقيندڙ سمجهن ٿا. اتھاس ۾ اهڙا مثال ٿورا ڪو نه آهن. هرڻاڪشپ، پاڻ کي خود ايشور سڏائڻ لڳو. راوڻ به گهٽ ظلم ڪونه ڪيا. رشين کان به زبردستي ڍل وصول ڪئي هيائين. انگلينڊ جي راڻي ميريءَ کي اتهاس ۾ “خوني ميري” ڪري سڏيو ويو آهي. ٻيا به اهڙا ڪيترا ئي مثال آهن. مطلب هيءُ آهي ته؛ انسان ذات جي شيوا بجاءِ، مٿن انياچار ۽ ظلم ڪري ٿو.
    مھاتما گانڌيءَ جو چوڻ آهي ته؛ “ظلم قائم رهي ٿو پر ظالم هميشه قائم نٿو رهي.” ظالم، ظلم جي گهوڙي تي چڙهي نردوش شخصن کي پنھنجن پيرن هيٺان ڪچلي ٿو ۽ پنھنجي ڪاميابيءَ تي ڏند ٽيڙي کلي ٿو.
    هن سموري سرشٽيءَ جو سرجڻھار ايشور آهي. انسان ڪھڙيون به سڦلتائون حاصل ڪري، پنھنجين ڪاميابن تي ڏند ٽيڙي کلي ٿو. پنھنجي محلن مٿان، پنھنجي شان جا جهنڊا جهولائي پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته؛ ايشور جي حڪم کان سواءِ وڻ جو هڪ پن به لڏي نٿو سگهي. ايشور جي حڪم کانسواءِ ڪو به پدارٿ چري نٿو سگهي. اسين ائين سمجهون ٿا ته؛ اسين جيڪي ڪجهه ڪريون ٿا، سو سڀ اسان کي معاف آهي ۽ اسان کي ڪير به ڪجهه ڪندو ڏسي نٿو. ائين سمجهڻ مورکتا آهي. ايشور کي وڏيون اکيون آهن. هر سرو وياپڪ ۽ سرو شڪتيوان آهي. هو سڀ ڪجهه ڏسي ويٺو ۽ ظلم ڪندڙ کي ڪڏهن به معاف نٿو ڪري. قدرت جي جانڊهه ڌيري هلي ٿي پر ظلم کي اهڙو پيھين ٿي ڇڏي جو ان جو ڪٿي به نالو نشان نه ٿو رهي. قدرت ڪنھن جي به اپراڌ کي معاف نه ٿي ڪري. ان ڪري شاهه صاحب جو چوڻ آهي ته:
    “ڪت به ڪنب به، اڳيان توريندڙ تکا.”
    ايشور کي ياد به ڪر ۽ پنھنجو ڪرم به ڪر ۽ ان کان ڏڪ به.
    ايشور ئي ڏاڍو آهي. اتھاس ان حقيقت جو شاهد آهي ته؛ ڪيترن ظالم حاڪمن جي پڇاڙي تمام دکلائي، ڀيانڪ ۽ دل ۾ سيسڙاٽ پيدا ڪندڙ ٿي آهي. ايشور جي نظر کان ڪجهه به لڪل نٿو رهي. اگياني انسان اهنڪار وس؛ هٺيلو، پاپي ۽ پاکنڊي، اڀماني ۽ دلاچاري بڻجي ٿو. ايشور اهڙي انسان کي يقينن ڇڙواڳ ڇڏي ٿو. ان لاءِ جيئن ان انسان جي پاپ جو گهڙو ڀرجي وڃي. پوءِ ئي قدرت ان انسان کان پورو پورو حساب وٺي ٿي. ان ڪري ايشور جي شڪتيءَ کي ڪڏهن به نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي.
    حاصل مطلب: ظالم شخص، اهنڪار وچان ٻين تي ظلم ڪري ٿو. وقت اچڻ تي، ايشور کي معاف نه ٿو ڪري. کانئس پورو پورو حساب چڪائي ٿو. قدرت جي جانڊهه ڌيري ڌيري هلي ٿي ۽ پاپيءَ کي پوريءَ ريت پيھين ناس ڪري ٿي جو سندس ڪٿي به نالو نشان نه ٿو رهي.


    63. ڏاهو ڪانءُ ٻه ٽنگو ڦاسي.

    معنى شاهه صاحب چيو آهي؛
    “الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏُک ڏسن.”
    اهي شخص جي پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ هوشيار سمجهن ٿا ۽ هر طرف سوارٿ وچان پنھنجي چالبازيءَ جو ڄار پکيڙين ٿا، سي پنھنجي وڇايل ڄار ۾ ڦاسي پون ٿا. پاڻ ئي دُکي گذارين ٿا. جيئن ليلا پاڻ کي ڏاهو سمجهي چنيسر سان کيڏ کيلي ۽ ڪوئنروءَ سان شرط رکي ته نتيجو اھو نڪتو جو هوءَ چنيسر کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويئي.


    64. ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لھي.

    ڏات؛ هڪ امر ڏاڻ آهي. ايشور جا گنج ڀريا پيا آهن. مگر سڀني انسانن تي ايشور جي ديا درشٽي ۽ مھر ڪا نه ٿي ٿئي.
    دنيا ۾ الڳ الڳ ذات جا ماڻھو آهن، ڪي برهمڻ آهن، ڪي ڀنگي ۽ چمار آهن. ڪي کتري آهن ته ڪي وري ڌنڌو ڪندڙ وئش آهن. اهي ذاتيون انسان پنھنجي سک ۽ سھنج لاءِ پيدا ڪيون آهن. مگر ايشور ذات پات نه ڄاڻي. هن جي مھر ڪنھن مٿان به ٿي سگهي ٿي. چاهي اهو ڀنگي يا چمار ڇو نه هجي.
    شاهه صاحب هڪ هنڌ چيو آهي؛
    “پن ٻوڙين پاتال ۾، پھڻ تارين تون.”
    هن سِٽَ جو مطلب اِهو آهي ته؛ جيڪڏهن ڪنھن مٿان ايشور جي مھر جي نظر نه آهي، پن به ٻڏي وڃي ٿو. پر جنھن مٿان پرماتما جي مھر ٿئي ٿي، اهو پھڻ به تري ٿو وڃي. يعني جيڪي ودوان ۽ پنڊت آهن ۽ ظاهري ڍونگ رچي، پرڀوءَ جو نالو جپين ٿا، اهي سنسار ساگر ۾ غرق ٿي وڃن ٿا. جيڪي اياڻا لڳن ٿا، گهٽ ذات وارا آهن پر، جيڪڏهن سندن من ۾ سائينءِ لاءِ سڪ آهي ته اهي به سنسار ساگر مان لنگهي وڃن ٿا. مگر اهو تڏهن ٿئي ٿو جڏهن مٿانئن پرڀوءَ جي آسيس آهي. سائين ذات پات، وڏائي ۽ اهنڪار مان نه ڄاڻي. جيڪي کيس سڪ سان ڌيائين ٿا، سي ئي امر پد پائين ٿا. انسان ڪھڙو ڌنڌو ڪري ٿو يا هو ڪھڙي ذات جو آهي سو پرماتما نٿو ڏسي، پر جيڪو کيس دل سان ڌيائي ٿو، ايشور ان تي ئي راضي رهي ٿو ۽ کيس ڏات بخشي ٿو.
    والميڪ چور هئو. جڏهن سندس اندر جون کڙڪيون کليون ۽ سائينءَ کي سڪ سان سڏيائين ته رشي بڻجي ويو. گوسوامي تلسيداس، موھ ۾ ڦاٿل هئو. جڏهن سندس من مان آواز اٿيو ته موھ ڇڏي، پرڀوءَ کي پڪاريائين ته امر بڻجي ويو. ڪاليداس، مھا مورک هئو. پرماتما کي ڌيائڻ سان اوچ پدوي پراپت ڪيائين. ڪبير ڪوري هئو. سائينءَ کي سڏيائين ته ڀڳت بڻجي پيو. سڌنو، ڪاسائي هئو. پرماتما کي پڪاريائين ته سندس ويجهو پھچي ويو.
    مطلب هيءُ آهي ته؛ ايشور ذات پات نه سڃاڻي، جيڪو به کيس سڏي ٿو ۽ سڪ سان پڪاري ٿو، ان کي ئي هو ڏات بخشي ٿو. جيڪو شخص سچ سڃاڻي ٿو ۽ کيس ڌيائي ٿو، اهو ئي انسان، هميشه لاءِ امر بڻجي وڃي ٿو. باقي ڏات جو لاڳاپو ذات سان نه آهي، پرڀوءَ کي پڪاريو ۽ آتمڪ آنند ماڻيو.


    65. رڌي ڪُني يا نصيب.

    معنى: ڌڻيءَ جي ڳجهه ۾ ڪير به هٿ وجهي نٿو سگهي. انسان ائين سوچي ٿو ته؛ هو جيڪي ڪجهه ڪمائي ٿو ۽ ڪمائي ڪٺو ڪري ٿو، سو سڀ سندس لاءِ آهي ۽ سدائين لاءِ آهي. مگر زنده رهڻ جو پتو، ڪير به لڳائي نه آيو آهي. پير پيغمبر، رشي مني، هن پرٿويءَ تي ڪيئي آيا، ڪيئي ويا. هتان وڃڻ جي ڪنھن کي به خبر ڪا نه ٿي پوي. انھيءَ راز جي خبر، رڳو ڌڻيءَ سڳوري کي آهي. اردوءَ ۾ به چيو ويو آهي ته؛ “سامان سو برس ڪا، خبر ڪل ڪي نهين.” انسان سو سالن جو سمر ڪٺو ڪري ٿو، مگر کيس خبر ڪانھي ته سڀاڻي ڇا ٿيندو. ڪيترن ائين ويٺي ويٺي دم ڏنو آهي ۽ جيڪو ڪجهه گڏ ڪيائون سو سندن ڪم نه آيو آهي. ڪيترن پنھنجي گهر، شھر ۽ مائٽن کان سوين هزارين ميل پري، هيءُ چولو ڇڏيو آهي. چوڻ جو مطلب هيءُ آهي ته؛ ڪير ڪيترا به اٺسٿا ٻڌي، مال متاع ڪٺو ڪري. انھن مان ڪو سک ملي سگهندو يا نه، ان جو پتو به نه آهي. موت ڪنھن به ويل اچي سگهي ٿو.


    66. رب رُسي مَتِ کسي، هڻي ڪونه هٿيار.

    هيءَ سڄي سرشٽي ايشور خلقي آهي. هن سرشٽيءَ اندر اسين جيڪي ڪجهه پسون ٿا، سو سڀ ايشور جو ئي خلقيل آهي. باغ باغيچا، گل، وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا، پکي، جيو جنتر، جانور، نديون، نالا، پھاڙ ۽ ٽڪر، ڍنڍون ۽ انسان، مطلب ته هن پرٿويءَ تي جيڪي ڪجهه اسين پسون ٿا ۽ جيڪي ڪجهه پسڻ ۾ نه ٿو اچي، تنھن سڀ جو اپائيندڙ پرماتما ئي آهي. هن سنسار جو سمورو ڪاروبار پرماتما جي ئي مھربانيءَ سان هلي ٿو. سرشٽيءَ جو هڪ پن به، ان اپائيندڙ جي عنايت کانسواءِ لڏي نه ٿو سگهي. انسان صرف ڪارج ڪندڙ آهي، پر حڪم هلائيندڙ پرميشور، پرماتما آهي. ايشور جي ديا درشٽيءَ کانسواءِ ڪجهه به نه ٿو ٿي سگهي. جنھن انسان مٿان ايشور جي درشٽي آهي، اهو ئي انسان سکي آهي. ان انسان جي من ۾ ئي شانتي آهي پر جيڪڏهن ڪنھن به پراڻيءَ مٿان، پرڀوءَ جي ديا درشٽي نه آهي، اهو انسان دائما دکي آهي. ايشور هڪ لڪل شڪتي آهي. هو پنھنجي لڪل شڪتيءَ سان ئي، انسان کي سزا ڏئي ٿو.
    انسان اهنڪار وچان، پاڻ کي ٻئي ڪنھن جھڙو به نٿو سمجهي. اهنڪار، سدائين قائم نه آهي. انسان ائين سمجهي ٿو ته؛ هو ئي سنسار جو ڪرم داتا آهي، پر اهو سمجهڻ غلطي آهي. سدائين ايشور جي ڪرم کي، لڪل نموني جاچي رهيو آهي. انسان هٺ وچان، پاپ ڪري ٿو ۽ ٻين کي ستائي ٿو.
    ايشور هر انسان کي، سندس ڪيل پاپ جي سزا ڏئي ٿو. البت ائين آهي ته ايشور ظاهر طرح سان ڪنھن به انسان کي ڪو هٿيار يا لٺ وغيره ڪو نه ٿو هڻي. بلڪ پاپي ۽ پاکنڊي انسان تان، پنھنجي ديا درشٽي هٽائي ٿو. اهڙو پاپي شخص، ٻڌي ميڻ بڻجي، وڌيڪ پاپ ۽ انياچار ڪري ٿو. آخر ۾ اهڙي اهنڪار ۽ هٺيلي شخص جو انت، اچي ٿو.
    ايشور جي شڪتيءَ ۽ طاقت اڳيان، سڀ وسيلا بيڪار بڻجيو وڃن ٿا. انسان کي جڳائي ته پرم پتا پرميشور کان سدائين دعا گهرندو رهي. ديا ۽ رحم لاءِ، ايشور در بکيا پنندو رهي. جنھن به انسان کان، ايشور منھن موڙي ٿو، سو اوشيه دکي گهاري ٿو ۽ سدائين ڪڌا ڪم ڪري ٿو.، جنھن انسان تي، ايشور جي مھر نه آهي سو انسان ڪوتاهه ٻـُڌيءَ وارو بڻجي وڃي ٿو. رانوڻ، هرڻاڪشپ ۽ ڪيس وغيره جا مثال به اتھاس ۾ آهن. جن شخصن ايشور جي هستيءَ کي وساري، اهنڪار کان ڪم ورتو. انھن تان ايشور، ديا جي نظر هٽائي ڇڏي. آخر ۾ اهڙن شخصن جو بريءَ طرح انت آيو. ڇاڪاڻ ته هنن جي سمجهه ئي تنگ ۽ سوارٿي بڻجي ويئي. سمجهه کسجي وڃڻ سان، هٿيار بنان ئي ان ماڻھوءَ جو انت اچي ٿو. ان ڪري اسان کي سدائين ايشور کان سندس رحم ۽ ديا لاءِ دعا پنڻ گهرجي.


    67. روههِ رلا، مٿي کلا.

    موجوده سماج، مکيه طور، ٻن حلقن ۾ ورهايل آهي؛ شاهوڪار ۽ غريب. شاهوڪار، غريبن کي پيڙڻ ۽ ستائڻ جا روز روز نوان رستا اختيار ڪري ٿو. سچ پچ اها رحم جوڳي حالت آهي جو ڪسان ان پئدا ڪري، پر سندس ٻچا، داڻي داڻي لاءِ پيا ٻاڏائين. ڪوري ڪپڙو اُڻي، پر سندس ٻچا سدائين تن-اگهاڙا ڀٽڪندا رهن. رازو جاءِ جوڙي، پر سندس ڪٽنب تتيءَ ٿڌيءَ ۾ اجهي لاءِ محتاج آهي. اسين ائين چئون ته؛ سڄو پورهيت طبقو، سرمائيدارن جي ظلم جو شڪار ٿيل آهي، ته به وڌاءُ نه ٿيندو. ويچارو پورهيت، پورهيو ڪري ۽ ان جو ڦل شاهوڪارن کي ملي. غريب پنھنجي جيون کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ لاءِ بي پناهه ڪوشش ڪري ٿو. ڏينھن رات هڪ ڪري، جتن ڪري ٿو. گرميون سرديون سھي، وقت ڪاٽي ٿو. ليڪن پوءِ به ان لاءِ بکون ۽ فاقا. غريب پورهيت، ان آس تي ٺڳجي ٿو ته من محنت جو ڦل مونکي ملي. ائين ٿئي نٿو. شاهوڪار، جنھن رات جي ننڊ جو هڪ پل به نه وڃايو آهي. جنھن سرءُ جون سرديون ۽ اونھاري جون لڪون ۽ جهولا ڪڏهن به برداشت نه ڪيا. آس-وندي پورهيت جون سڀ اميدون، مٽيءَ ۾ ملي وڃن ٿيون، جڏهن سندس محنت جو اجورو ٻين کي ملي ٿو. ويچارو ڪڙمي، صبح جو سويل اُٿي زمين تي وڃي هر کيڙي ٿو، ان آشا سان ته فصل لھندو، اهو کيس ملندو. پوءِ فصل لٿو ناهي ۽ زميندار کڻي ويو ناهي. هن لاءِ وري ساڳيا اهي ئي ڌڪا ۽ ٿاٻا، ساڳي دشا، جا ٻين پورهيتن جي آهي.
    حاصل مطلب: غريبن جي قسمت ۾ سدائين ڌڪا ۽ ٿاٻا لکيل آهن، پوءِ چاهي هو ڪيترو به محنت ڇو نه ڪن.


    68. زندگي، بي بندگي؛ رنجگي.

    ائين برابر آهي ته؛ جيون جي روزمره ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ، انسان کي ڪو نه ڪو ڌنڌو يا نوڪري ڪرڻي ٿي پوي. ان جو مطلب اهو ناهي ته؛ دنيوي شيون حاصل ڪرڻ پٺيان، انسان ايترو ته پاڻ پتوڙي جو کانئس پرم پتا پرماتما ئي وسري وڃي! پرڀوءَ جي نام جپڻ سان، انسان ۾ آتم-وشواس ۽ آتمڪ-ٻل پئدا ٿئي ٿو. پرارٿنا ۾ وڏي شڪتي آهي. ان سان نه فقط من کي سنتوش ملي ٿو پر رب جي رضا تي راضي رهڻ، جيڪي آهي ان تي سنتوش ڪرڻ به، پرارٿنا مان ئي ڪري سگهجي ٿو. زندگيءَ کي بقاءُ آهي ئي ڪو نه. جيڪو پل پرڀوءَ جي نام جپڻ کانسواءِ گذري ٿو، سو بلڪل اجايو آهي. اڄ هر هڪ انسان، دک جي بوجھ ھيٺان دٻيو پيو آهي. حقيقت ۾ هن سنسار جي اندر، نه سک آهي ۽ نه ئي دک. سک يا دک، رڳو خيال جي پيدائش آهي. جيڪي انسان، پرڀوءَ جو نالو نٿا جپين، سي پاڻ کي دکي محسوس ڪن ٿا. جيڪي ايشور جي بندگي ڪن ٿا، سي پاڻ کي سکي سمجهن ٿا. سچي بندگي ئي، سچي سُک ۽ آنند کي جنم ڏئي ٿي. جيڪو شخص بندگي نٿو ڪري، اهو رنج ۽ دک ۾ گهاري ٿو. زندگي، رڳو ناڻي ۽ نالي ڪمائڻ لاءِ نه آهي. نالو به ڪمائجي ۽ ناڻو به ڪمائجي پر ايترو، جيترو ضروري هجي. هرڻ وانگر رڳو واريءَ جي ڍير کي پاڻي سمجهي، ان طرف ڊوڙڻ نه گهرجي. اها زندگي بلڪل اجائي ۽ بيسود آهي، جيڪا ايشور جي بندگيءَ کانسواءِ گذري ٿي. سنت ڪبير يا ڀڳت سورداس، ڌنڌو به ڪندا هئا پر، پاڻ کي ڪڏهن به پرڀوءَ کان پاسيرو نه رکيائون. پل پل پيا پرماتما کي ياد ڪندا هئا. پرارٿنا سان وڏين وڏين مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ جي شڪتي پيدا ٿئي ٿي. انھيءَ شڪتيءَ سان ئي، دک تي قابض پئجي سگهي ٿو. جيون جو ڪو به پل اڪيارٿو نه وڃائڻ گهرجي. جيڪو پل بچي، ان پل ۾ پرڀوءَ کي ياد ڪجي.
    حاصل مطلب: اها زندگي اجائي ۽ بيسود آهي، جنھن ۾ پرڀوءَ کي ياد نه ٿو ڪجي. انساني زندگيءَ ۾، دک تڏهن ئي پيدا ٿا ٿين، جڏهن پرماتما کي ياد نه ٿو ڪجي. پرارٿنا سان شڪتي پيدا ٿئي ٿي، جا تڪليفن ۽ مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ جي قوت پيدا ڪري ٿي.


    69. ساهتيه آهي؛ جيون جو سار ۽ سينگار.

    ساهتيه، جيون جي اَلوچنا ڪري ٿي. ساهتيه جو مول مقصد آهي؛ وندر ۽ سکيا. ساهتيه، انسان جي جيون ۾ اهم پارٽ ادا ڪري ٿو. ساهتيه جدا جدا پرڪار جو آهي. مثال طور؛ قومي ساهتيه، جاسوسي ۽ فاحش ساهتيه. جڏھن ته فاحش ساھتيه، جيون کي سڌارڻ بجاءِ بگاڙي ٿو. نثر توڙي نظم کي گڏي، ساهتيه چئجي ٿو. ساهتيه، لطيف فن (Fine Art) آهن. سنگتراشي، چترڪاري، لطيف فن آهن، پر ساهتيه کانئن وڌيڪ جاندار آهي. هر زمان جو ساهتيه، ان زمان جو چتر ۽ ريتن رسمن جو عڪس پسائي ٿو. قومي ساهتيه مان، ديش واسين ۾ ديش-ڀڳتي جي ڀاونا اتپن ٿئي ٿي. سماجڪ ساهتيه معرفت، سماج جي اوڻاين طرف ڌيان ڇڪايو وڃي ٿو. ڏيتي ليتي، اڇوتپڻو، آرٿڪ-اسمانتا وغيره سماجڪ ڪرسمون آهن، جن کي همٿائڻ بجاءِ نندڻ ۾ ساهتيه وڏو رول ادا ڪري ٿو. رشي ٽالسٽاءِ، لينن ۽ ڪارل مارڪس جو ساهتيه، روس جي زارشاهيءَ خلاف ماڻھن ۾ سجاڳي آندي ۽ روس ۾ پونجي-وادي سماج جو انت آندو. روسيو، والٽير، ۽ مانٽيسڪيو فرانس جا ليکڪ هئا، جن فرانس جي ظالم حڪومتي سرشتي خلاف فرانس جي ماڻھن جي من ۾ چيتنا پيدا ڪئي ۽ فرانس ۾ رعيتي-راڄ جي اسٿاپنا جي شروعات ڪئي. وليم ويلير فورس ۽ ابراهيم لنڪن جي ليکڪن سبب، انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ ٻانهپ جي واپار خلاف جدوجھد جاري ٿي. ڀارت ۾ ڪوي رابيندرناٿ ٽئگور، بنڪم چندر چيٽرجي، ڊاڪٽر محمد اقبال جي ساهتيه، ڀارت واسين ۾ ديش-ڀڳتيءَ جو جذبو جڳايو ۽ ڀارت واسين ۾ آزاديءَ واسطي پيار پيدا ڪيو. تارا شنڪر بئنرجي، بابو شرت چندر ۽ منشي پريمچند، سماجڪ ڪرسمن خلاف ساهتيه کي استعمال ڪندي، ڀارت واسين جو ڌيان سماجڪ ڪرسمن ڏانھن ڇڪايو ۽ انھن کي دور ڪرڻ لاءِ ڪي عملي اُپاءَ ڏسيا. ڪنھن به ملڪ يا جاتيءَ جي آسودگيءَ ۽ سجاڳيءَ جو پتو، ان ملڪ يا ان جاتيءَ جي ساهيته مان پوندو آهي. ساهيته؛ شخص، سماج، ملڪ جي ڪايا پلٽي ڇڏي ٿو. اهو ملڪ ۽ جاتي، سڌريل ۽ اوچا سمجهيا وڃن ٿا، جن جو ساهتيه سٺو ۽ اوچو آهي. ساهتيه جو سرجڻ، شخص يا جاتيءَ جي پيڙائنڻ ۽ مصيبتن مان ٿئي ٿو. زمينداري سرشتي کي ختم ڪرڻ ۾ به، ساهتيه وڏو رول ادا ڪيو آهي.
    ساهتيڪار، سڀني کان وڌيڪ ٻُڌيءَ وارو جيو سمجهيو ويندو آهي. هن جي ڪلپنا-شڪستيءَ سان ڪو به برابري ڪري نه سگهندو آهي. ساهتيڪار، سماج ۾ جيڪي ڏسي ٿو، ان کي پنھنجي قلم سان چترت ڪري ٿو ۽ ماڻھو اهو ساهتيه پڙهي، ان تي سوچين ٿا ۽ براين کي تڙي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. سماجڪ ۽ تھذيبي وڪاس، اڄ جو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، اھو ساهتيه جي بدولت آهي. ساهتيه مان، انتر-پرانتڪ، انتر-ديسي ۽ انتر-راشٽريه ڀاونا ۽ پيار پيدا ٿئي ٿو. جيون کي سڌارڻ، ترجماني ڪرڻ ۽ اڳتي وٺي وڃڻ ۾ ساهتيه جو وڏو اثر ٿئي ٿو. ڀارتي ويدڪ ساهتيه، ماڻھن کي ايشور جي ڀڳتيءَ ڏانھن موڙيو. ٻوڌي ساهتيه (ٻڌن جي زماني وارو ساهتيه) ماڻھن کي ستيه ۽ اهنسا طرف ڇڪيو. انگريزي ساهتيه، ماڻھن کي مالي قدرن طرف موڙيو. ساڳئي وقت انگيزي ساهتيه، ماڻھن کي سجاڳ پڻ ڪيو. رواجي طرح هڪ هڪ ماڻھوءَ کي سمجهائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ساهيته معرفت، ماڻھن ۾ سولائيءَ سان نيڪ ويچار ڀري سگهجن ٿا. ساهتيه، جيون کي سڌاري يا بگاڙي سگهي ٿو. فاحش ۽ جاسوسي ساهتيه، شخص ۽ سماج کي زواليت طرف وٺي ٿو وڃي. سٺو ساهتيه، شخص ۽ سماج کي نيڪ ۽ شريف بڻائي ٿو. ڌارمڪ ساهتيه، ماڻھن ۾ ڌرمي انگ پيدا ڪري ٿو. ڪوڙ ۽ پاکنڊ کان پري رهڻ جي صلاح ڏئي ٿو. ساهتيه، جيون کي سينگاري ۽ سجائي ٿو. ساهتيه، جيون کي نيڪيءَ طرف وٺي وڃي ٿو. ڪروڻا، پيار، قرباني ۽ ٻيون خصلتون اسان کي ساهتيه جي اڀياس مان ئي حاصل ٿين ٿيون.
    حاصل مطلب: ساھتيه، جيون جي رهنمائي ڪري ٿو. جيون کي سندر ۽ گڻ-ڪاري بنائي ٿو. ساهتيه، ستيه ۽ اهنسا، وفا ۽ انساني پريم سيکاري ٿو. سماج ۾ جيڪي ڪرسمون آهن، تن خلاف ماڻھن ۾ چيتنا پيدا ڪري ٿو.


    70. سوَ بندگي؛ هڪ رنجگي.

    حضرت محمد جو هڪ هنڌ چوڻ آهي؛ لاش کي ساڙڻ، شراب پيئڻ، نماز نه پڙهڻ اهڙو گناهه ناهي جھڙو انسان ذات کي رنجائڻ. مسلم مذهب انوسار، لاش ساڙڻ ۽ شراب پيئڻ گناهه آهي. نماز نه پڙهڻ به گناهه آهي. حضرت محمد جي گفتي جو مطلب آهي ته مردم آزاريءَ جھڙو ٻيو ڪو به گناهه ڪونھي. سڀني ڌرمن جي سکيائن جو سار آهي؛ “خوش خلقي”. يعني خلق کي سدائين خوش رکجي. انسان کي “اشرف المخلوقات” ڪري سڏيو ويو آهي. سرشٽيءَ ۾ ايشور جيڪي به جيو خلقيا آهن، انسان جو رتبو ۽ درجو انھن مڙني ۾ اُتم آهي. ايشور جو نانءُ جپڻ، ان جي هدايت انوسار هلڻ ۽ شيوا ڪرڻ انسان جو بنيادي فرض آهي.
    سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي، “آهه غريبان، قھر خدائي.”
    مطلب هيءُ ته، غريب جي آهه خدا جي قھر مثل آهي. ڪنھن کي به رنجائڻ، انسان جو ڌرم ناهي. ڪيترا ماڻھو ائين سمجهندا آهن ته؛ پڃ ڪرڻ، مندر ٽڪاڻن ۾ وڃڻ ۽ آرتيون ڪرڻ سان ايشور راضي ٿئي ٿو. ايشور تڏهن ريجهي ٿو جڏهن ڪنھن کي به رنجايو نٿو وڃي. انسان چاهي سو دفعا ايشور جو نانءُ جپي پر هو جيڪڏهن ڪنھن کي رنجائي ٿو ته اهڙي انسان جي بندگي ايشور وٽ قبول نٿي پوي. دکي دل مان نڪتل آهه، ايشور جي درٻار ۾ قبول پوي ٿي ۽ ستائيندڙ کي جلائي ڀسم ڪري ٿي ڇڏي. انسان، هن پرٿويءَ تي آيو به آهي ته ٻين جي ڀلي لاءِ، ٻين جي ڀلي ۾ ئي پنھنجو ڀلو ۽ سک سمايل آهي. رڳو ايشور جو نانءُ جپڻ سان جي ايشور راضي ٿئي ها ته سڀ انسان ايشور جي درٻار ۾ قبول پون ها پر ورلو ڪو آهي جو سندس در اگهامجي ٿو. اگهامجي اهو ٿو، جو ڪنھن کي به رنجائي نه ٿو. هڪ رنجش ۽ دردي دانھن، سؤ بندگين کي به مٽائي سگهي ٿي. ان ڪري انسان جو فرض آهي ته، ڪنھن کي به نه رنجائي. پرڀوءَ کي تڏهن ئي پائي سگهجي ٿو، جڏهن انسانيت جي شيوا ڪجي ٿي ۽ موٽ ۾ ياد ۽ دعا حاصل ڪجي ٿي.
    حاصل مطلب: انسان جو فرض آهي ته، سڀني جي شيوا ڪري، اهنڪاري ۽ هٺ وچان ڪنھن کي به نه رنجائي.


    71. سستي، گداگريءَ جو دروازو کولي ٿي. (نصيحت، چوڻي)

    مثال: ھڪ شخص، انبن جي وڻ ھيٺان ليٽيو پيو ھيو. ھوا جو جھونڪو آيو. وڻ مان پڪل انب ڪري اچي ھيٺ پٽ تي پيو. ھيٺان ستل شخص، انب ڏٺو. دل ٿيس ته کڻي کاوان پر اٿڻ پڳس ئي نه. ھر ھر سوچي، ڀڻ ڀڻ ڪندي پيو چوي؛ “جيڪر اھو انب کاوان، جيڪر اھو انب کاوان.” دل ته ڏاڍي پئي ٿيس پر کانئس اٿڻ پڳو ئي ڪو نه. اتي ڪلاڪ گذريو، ٻه ڪلاڪ گذريا پر نه شخص اٿيو ۽ نه انب ئي کاڌائين. اوچتو اتان ھڪ واٽھڙو اچي لنگھيو. سمھيل شخص کي دلجاءِ ٿي. واٽھڙوءَ کي سڏي چيائين؛ “ادا اھو انب کڻي، منھنجي وات تي رکجانءِ!” واٽھڙو سمجھي ويو ته ھي شخص ڏاڍو سست آھي. ان انب کنيو ۽ ٽوڪيندي چيائينس؛“اوھين اتي ليٽيل ئي چڱا آھيو. توھان جي بدران اھو انب به مان ئي کائي ٿو ڇڏيان.”
    نصيحت: مٿين آکاڻيءَ مان اسان کي اها نصيحت ٿي ملي ته سست جيو ڪڏهن به پنھنجي مقصد کي بر صواب نه ٿو ڪري سگهي.
    چوڻيءَ جي معنى: سست يا ڪاهل انسان، سدائين محتاج رهي ٿو ۽ سدائين ٻين آڏو هٿ ٽنگيندو رهي ٿو. محنت، مرد جي سونھن آهي. محنتي مرد ۽ چست انسان، ڪھڙين به مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي منھن ڏيئي سگهي ٿو. محنت انسان ۾ آتم-وشواس، آتم-ٻل ۽ آتم-مريادا پيدا ڪري ٿي. محنتي انسان، سومان-پسند ٿئي ٿو. جيڪي محنت نه ٿا ڪن، سي نه فقط پاڻ کي پر پنھنجي ڪٽنب کي به دکي بڻائين ٿا.
    سنڌيءَ ۾ چوڻي آھي ته؛ “سست ٻلي، ڪئا نه ماريندي آھي.” سستي، لاپرواھيءَ کي جنم ڏئي ٿي. سستيءَ ۽ لاپرواھيءَ سبب، انسان ڌرتيءَ تي بوجھ بڻجيو پوي. سست انسان، نه پورو علم پرائي سگھندو آھي ۽ نه وري پوريءَ ريت ڪمائي سگھندو آھي. سندس شخصي جيون، فقيرن جھڙو بنجي پوندو آھي. سدائين مدد لاءِ ٻين اڳيان ٻاڏائيندو رھندو آھي. سوال آھي ته ٻيو شخص به، مدد ڪيتري وقت تائين ڪري سگھندو؟ ھر ھڪ انسان کي پنھنجي پيرن تي بيھڻ گھرجي. پنھنجي پيرن تي بيھڻ لاءِ، محنت ڪرڻ ضروري آھي. عيش عشرت ۾ وقت گذارڻ، راندين ۾ اجايو وقت زيان ڪرڻ ۽ حالتن ڏانھن لاپرواھ بڻجڻ سان، انسان جو جيون دکي بڻجي ٿو. جيون جو ھڪ ھڪ پل، سجايو ڪرڻ گھرجي. محنت ڪرڻ ۾، عار نه ڪرڻ گهرجي. چوڻي آهي؛ “ڪمائجي مزورن وانگر، کائجي بادشاهن وانگر.”
    مطلب هيءُ ته؛ سخت محنت ڪجي ۽ پنھنجي جيوت کي سکيو ۽ آسودو بڻائجي. جن شخصن، سست بڻجي پنھنجو وقت وڃايو آهي، سي نڌڻڪا ۽ بي معنى بڻيا آهن. سماج ۾ مان ۽ عزت، حاصل ڪرڻ لاءِ، محنت ڪرڻ ضروري آهي. محنت ڪندڙ کي هر هڪ چاهيندو ۽ پيار ڪندو آهي. سست انسان کان، هر ڪو پري ڀڄندو آهي. سستي، تباهيءَ طرف وٺي وڃي ٿي ۽ چستي ڪماليت طرف. جيترو گهڻو وقت انسان سستيءَ ۾ گهاري ٿو، اوترو ئي گهڻو مشڪلاتن ۽ تڪليفن ۾ گهيرجي ٿو وڃي. وقت تي ڪو به وشواس ڪونھي. وقت کي ڪو به بقاءُ ڪونھي. سدائين لاءِ ساڳيو وقت نه ٿو رهي. ان ڪري وقت جي پل پل جو اونو، رکڻ گهرجي. جيڪي، لاپرواهيءَ ۽ ڪاهليءَ سبب، وقت وڃائين ٿا ۽ محنت کان ڪوَ کائين ٿا، سي ڄڻڪ مصيبتن کي پاڻ ئي نوتو (دعوت) ڏين ٿا. ان ڪري اسان کي گهرجي ته سست نه بڻجون.
    حاصل مطلب: سستي ٻئي جو محتاج بڻائي ٿي، تڪليفن ۽ دکن کي دعوت ڏئي ٿي ۽ ٻين آڏو بي مانو بڻائي ٿي.


    72. سندرو سالم، منزل آسان.

    معنى: اهي ئي انسان منزل مقصود کي پائي سگهن ٿا، جيڪي همٿ سان مشڪلاتن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. مٿين چوڻيءَ سان ٺھڪندڙ ٻي چوڻي پڻ آهي.
    “همٿ مردان، مدد خدا”
    جيڪي مرد ٿي، همٿ سان جيون جي ڪلپنا ڪٺناين کي دور ڪرڻ جا جتن ڪن ٿا، تن کي ڌڻي به اوکي ويل ۾، اچي مدد ڪري ٿو. جيڪي سست بڻجي، هٿ هٿ تي رکي، ڪجهه به نه ٿا ڪن ۽ زندگيءَ جي لاهين چاڙهين کان گهٻرائين ٿا، اهي حياتيءَ ۾ ڪڏهن به سڦلتا پائي نه ٿا سگهن. همٿ انسان جي ڪاميابيءَ جي ڪُنجي آهي.


    73. سکڻي ڪُني، گهڻو اُڀامي.

    ظاهري معنى: ديڳڙيءَ يا ڪُنيءَ ۾ ڪا به رڌجڻ جھڙي شيءِ مثلا؛ چانور يا ڀاڄي، وغيره وجهي باهه تي رکبو ته منجھس پيل پاڻي، ايترو گهڻو نه اڀامندو ۽ ڌيري ڌيري پاڻي ان شيءِ ۾ جذب ٿي ويندو. جيڪڏهن رڌجڻ واريءَ شيءِ بنان، ديڳڙيءَ ۾ رڳو پاڻي وجهي باهه تي رکبو ته پاڻي پيو ٽھڪندو يا اڀامندو. ايتري قدر ته اڀامندو جو، اٻري ٻاهر وهڻ به شروع ڪندو. (جيڪڏهن ديڳڙو پاڻيءَ سان ڀريل آهي ته ٻي حالت ۾ اهو اندر ئي پيو ٽھڪندو.)
    اندروني معنى: دنيا ۾ ڪيترا اهڙا شخص آهن جيڪي گهٽ پڙهيل، ٿوري آزمودي، پوري پني سمجهه ۽ ٿوري پئسي وارا آهن. مگر سڀاءَ کان اهڙا شخص، اهڙو ته لاچار هوندا آهن جو اھي گھڻو پڙھيل، سٺي آزمودي، وڏيءَ سمجھ ۽ شاھوڪارن کان وڌيڪ ٽرڙا ۽ ھٺيلا ھوندا آھن. ائين وسهڻ لڳندا آهن، ڄڻ سندن جھڙو جھان ۾ ڪو ماڻھو ڪونھي. منجھن بردباري ۽ هوشياري، تمام ٿوري ھوندي آهي. اڻ گهڙيل ڪاٺ جيان، دنيا جي لاهين چاڙهين کان اڻ واقف هوندا آهن. پوءِ به ائين ڏيکاءُ ڪندا آهن ڄڻ سندن جھڙو ڄاڻو ڪير آهي ئي ڪو نه. پئسي جو زور ايترو هوندن به ڪو نه، پوءِ به هلت ائين هلندا ڄڻڪ سندن جھڙو ڪو امير ماڻھو هن سنسار ۾ ملڻ ئي مشڪل آهي. اهي پاڻ-پڏڻا، گهمنڊي ۽ اجائي ڦڙڦڙ ڪندڙ ٿين ٿا. ٻئي طرف جيڪڏهن جاچي ڏسبو ته، جيڪي شاهوڪار، سٺي آزمودي ۽ چڱي تعليم ورتل شخص آهن سي هٺيلا نه آھن. بلڪ بردبار ۽ فھميدا ٿين ٿا. سندن اٿڻ ويھڻ، مان ۽ فضيلت وارو ٿئي ٿو.
    سنڌيءَ ۾ ساڳيءَ معنى واري چوڻي ٻي به آهي؛ خالي چڙو، وڄي گهڻو. جنھن جو مطلب پڻ ساڳيو آهي. ٿوري ٻڌيءَ، گهٽ عقل ۽ دماغ وارا، ڄاڻي ٻجهي غيرب ۽ هٺ سان هلندا آهن. هنن ۾ بردباري ۽ فضيلت جو انگ، ڪو مشڪل هوندو آهي.
    حاصل مطلب: ٿوري عقل، گهٽ تعليم، پوري پني سمجهه ۽ گهٽ پئسي وارا؛ ٽرڙا ۽ گهمنڊي ٿين ٿا. هنن ۾ بردباري ۽ فضيلت جو انگ، مشڪل سان هوندو آهي. ٻين سان هنن جو ورتڻ گهٽ مان مريادا وارو آهي.


    74. سرمو سڀڪو پائي، پر اک اک جو ڦير.

    اڀ تي تارن ڍير،
    سرمو سڀڪو پائي،
    پر اک اک جو ڦير.
    مٿيون سٽون شري واسديو نرمل، پنھنجي هڪ هائيڪو ۾ چيون آهن. ڏنل چوڻي، شاعر نھايت شاعراڻي خوبيءَ سان، انوکي نموني جذب ڪئي آهي. چوڻيءَ جي معنى کي نه سمجهائي، اسين فقط شاعر جي مٿين سٽ جو بيان ٿا ڪريون.
    رات جو وقت سارو آسمان، ننڍڙن ننڍڙن وڏڙن ستارن سان ڀريل هوندو آهي. ستارن جو نظارو نھايت دلڪش ۽ پر ڪيف هوندو آهي، ڪيترا ئي يگ بدليا آهن. تھذيبون ۽ تمدنون، وقت جي ٿڦيڙن کان بدلجي چڪيون آهن. اڻ ڳڻ بادشاهيون، دنيا جي صفحه هستيءَ تان مٽجي ويون آهن. مگر ستارن جي اها سونھن، ستارن جي هجوم ڪارڻ آهي. جيڪڏهن ستارن ڏانھن گھرائيءَ سان ڏسنداسون ته ڪيترا ستارا چمڪندڙ ۽ من-ڀائيندڙ ٿين ٿا. ڪيترا اهڙا آهن جي اڻ سوھندڙ ۽ ڌيان نه ڇڪائيندڙ آهن. آڪاش ۾ انھن جي موجودگي، نھ جي برابر آهي. انھن جي ڌمڪ ۽ چمڪ اڀوڳي، خشڪ ۽ ڦڪي لڳندي آهي. ڪي وري اهڙا آهن جي، سچ پچ ازخود سونھن سان ڀريل آهن. جن کي ڏسڻ سان دکي دل کي تسلي، من کي آرام، روح کي راحت ۽ دماغ کي تراوت اچيو وڃي.
    ساڳي ڳالهه سرمي سان واسطو رکي ٿي. هونءَ ته سرمو اهڙو ڪارو آهي جو جيڪڏهن آڱر مٿانئس رکجي ته آڱر ڪاري ٿي وڃي. جڏھن ته سرمو، اک ۾ پائڻ جي ڪم اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان جو اثر ٿڌو آهي، جيڪو ڪنھن حد تائين ۽ ڪجهه وقت لاءِ، اکين کي آرام پھچائي ٿو. ائين ته سرمي پائڻ جي ڪنھن کي به جهل پل ڪانھي ۽ هر هڪ پائي سگهي ٿو. پر اهو ڪنھن کي سونھين ٿو سو دارومدار الڳ الڳ اک تي آهي. ڪوجهي ۽ ننڍيءَ اک تي سرمو ايترو نه سُھندو جيترو کليل ۽ وڏي اک ۾. ساڳئي نموني، هر انسان جي ڪم ڪرڻ جو پنھنجو نمونو ۽ فن ٿئي ٿو. اهو ساڳيو ئي ڪم اگرچ سياڻو، سمجهدار ۽ ڪلاونت ڪندو ته پيو سونھندو ۽ سڀني کي وڻندڙ لڳندو ۽ ٻين لاءِ اهو ڪم فيمن وارو ٿيندو. اگر اياڻو ۽ اڻ آزمودگار اهو ساڳيو ڪم ڪندو ته ان منجهان هڪ طرف ڪنھن کي به فائدو نه پھچندو، ٻئي طرف نقصانڪار پڻ ثابت ٿيندو. ڪيترن شخصن جو وري اهڙو عجيب سڀاءُ ٿيندو آهي جو بنا ڪنھن سوچ سمجهه جي ٻين جو نقل ڪندا آهن. پاڻ کي ٻين اڳيان، سرخرو ڪرڻ لاءِ، اجايا سجايا ڪم ڪندا آهن. ائين ڪرڻ اجايو ۽ بيسود آهي. ڇو ته هر انسان کي پرماتما وٽان ڏاهپ ۽ عقل عطا ٿيل آهي. هر ڪم ڪرڻ، ھر ھڪ کي سونھين ڪو نه ٿو. ساڳئي نموني ٻيو پھاڪو به آهي.
    روٽي هر ڪو رڌي، پر هٿ هٿ جو ڦير.
    حاصل مطلب: هر ڪنھن قسم جو ڪم ڪرڻ هر شخص جي وس نه آهي. هر ڏانوَ جو ڪم فقط اهو ئي ڪري سگهي ٿو، جو ڪرڻ جي لائق آهي. ڪم کان سواءِ هيءَ چوڻي ڪپڙن پھرڻ، اٿڻ ويھڻ، ڳالھائڻ ۽ ملڻ جي ڍنگ سان پڻ ٺھڪائي سگهجي ٿي.


    75. سھڻا ٽوهه، پٽن ۾ جام.

    ٽوهه هڪ جهنگلي ڦل آھي. ٻاهران ڏاڍو سھڻو، اندران زهر جھڙو ڪؤڙو هوندو آهي.
    هن پھاڪي جو مطلب هيءُ آهي ته؛ شڪل جو سھڻو ماڻھو ڏسي، ٺڳجي نه وڃجي. ٻاهران جيڪي شڪل شبيھه جا سھڻا آهن، سي هروڀرو اندر جا سھڻا هوندا، ائين ڪونھي. ماڻھو اندر جو نيڪ ۽ پاڪ هجي، پوءِ چاهي ٻاهر جو سانورو ڇو ڪين هجي. شڪل اڇي ڏسي، هرکجي نه وڃجي. اندر جي صفائي، سڀ کان وڏي ۾ وڏو ۽ آتم-گڻ آهي. اهو گڻ ورلي ڪن شخصن ۾ ٿئي ٿو. اندر جا اجرا، تمام ٿورا آهن، جي ٻين جي ڀلائي چاهين ٿا. سھڻا ٽوهه ته پٽن ۾ پيا رلندا آهن، جن کي ڪير به ڪو نه کڻندو آهي. ساڳيءَ طرح، جيڪڏهن ماڻھو رڳو رنگ روپ جو اڇو اجرو آهي ۽ من جو پاپي آهي ته اهو ڪنھن کي به ڪين وڻندو.


    76. سوري جنين سيج، مرڻ تن مشاهدو.

    هيءُ سندر سنسار ايشور خلقيو آهي. ايشور جيڪي وستو هن سنسار ۾ خلقيون آهن، تن ۾ دک به سمايل آهي ته سک به. ايشور جيڪي پدارٿ خليقا آهن، انھن مڙني ۾ انسان، سندر بي جوڙ رچنا آهي. انسان هن سنسار جي سندر وستن کي پراپت ڪرڻ لاءِ ازحد ڪوشش ڪري ٿو. جيون ۾ سک حاصل ڪرڻ لاءِ انسان کي ڪيئي صدما سھڻا پون ٿا ۽ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. مگر هر هڪ انسان جو سڀاءُ پنھنجو آهي. ڪي ٿورو به دک سھي نه سگهندا آهن ۽ ڪي وري پھاڙ جيڏيون مصيبتون ۽ تڪليفون کلندي سھندا آهن. جيڪي شخص دنيوي پدارٿن ۾ ڦاٿل رهن ٿا، سي ٿوري ۾ ٿوري ۽ ننڍي ۾ ننڍي مصيبت کي به اجگر ڪري ڄاڻندا آهن ۽ وتندا آهن ايشور لاءِ اجائي شڪايت ڪندا. هو ائين نه سمجهندا آهن ته پرماتما جيڪي تڪليفون ڏئي ٿو، تن ۾ انسان جي ئي ڀلائي سمايل آهي.
    مگر الله-لوڪ ۽ سچا انسان، جيڪي دنيوي پدارٿن ۾ نه ڦاسي، سائينءَ سان لونءَ لڳائيندا آهن، سي دک کي به سک ۽ زهر کي امرت ڪري ڄاڻين ٿا. اهي رب جي رضا تي، راضي رهن ٿا. کين نراشا ۾ به آشا جي چمڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهي دکن ڀريءَ واٽ کي، گلن ڀريل واٽ ڪري سمجهن ٿا.
    اهڙا انسان، سوريءَ کي سيج ڀانئين ٿا. کين اهو ڄڻ وشواس هوندو آهي. ڌڻي سڳورو جيڪي تڪليفون ڏئي ٿو، سي سندن ڀلائيءَ لاءِ آھن. هو موٽ ۾، سائينءَ جو مشاهدو يعني ميلاپ ماڻين ٿا. سردار ڀڳت سنگهه کلندي کلندي ڦاسيءَ جي تختي تي جان ڏني ۽ ملڪ مٿان قربان ٿي ويو. منصور به مرڪندي موت قبول ڪيو. جيڪي سائينءَ جا سچا عاشق آهن، سي مرڪندي ۽ کلندي موت قبول ڪن ٿا. سوريءَ کي گلن ڀريل سيج سمجهن ٿا. ان سيج تي ليٽي به کين آلوڪڪ ۽ آتمڪ-آنند پڙڀي ٿو. هو ڪنھن سان سور جي شڪايت نه ڪندا آهن ۽ سچ کي سڃاڻي پاڻ فدا ڪن ٿا.
    شاهه صاحب هڪ هنڌ چيو آهي،
    “سڪڻ ۽ سوري، ٻنھي حرف هيڪڙي.”
    جيڪي سائينءَ جي عشق ۾ سڪي رهيا آهن، سي سوري به قبول ڪن ٿا. سڪ ۽ سوريءَ جو پھريون اکر “س” آهي. جيڪي اللھ جي عشق ۾ سڪي رهيا آهن، تن کي هڪ نه هڪ ڏينھن، پاڻ قربان ڪرڻو ئي پوندو. سڪ جو انت، موت آهي ته سوريءَ جو انت به، موت آهي. ان ڪري سالڪ-لوڪ، جيئري ئي پرماتما جي عشق ۾ پڄري رهيا آهن، سي کلندي کلندي موت ماڻي، مالڪ سان ملي هڪ ٿي وڃن ٿا.


    77. سڀڪا ٻڪري، پنھنجي ڦاهي ٽنگبي.

    هيءُ پھاڪو انسان جي ڪرم ڏانھن اشارو ڪري ٿو. انسان جھڙو جھڙو ڪرم ڪندو، اھڙو اهڙو کيس ان جو ڦل ملندو. ڪيترا ماڻھو ريس يا حسد ڪري، ٻين جو نقل ڪندا آهن. پر ائين ڪرڻ ۾ سياڻپ نه آهي. جيڪڏهن ڪو انسان پاپ يا چوري ڪري ٿو ۽ اُن کي ڏسي جيڪڏهن ڪو ٻيو انسان اهڙي هلت هلي ٿو ته ان ۾ پوئين جي ڀلائي نه آهي. پھرئين کي پنھنجي ڪرم انوسار، وقت ۽ حالتن پٽ-اندر، جوڳي سزا ملندي. ٿوريءَ دير لاءِ ائين سمجهو ته پھرئين جي ڪيل چوري لڪي ٿي وڃي ۽ هو بچي ٿو وڃي. جڏھن ته پويون چوريءَ يا پاپ ڪندي، پڪڙجي ٿو پوي. تڏھن به پوئين کي گهرجي ته پھرئين جو حوالو نه ڏئي. ڇو ته ڪڏهن نه ڪڏهن هر هڪ انسان کي پنھنجي ڪرم جو ڦل ڀوڳڻو پوي ٿو.
    هيءُ پھاڪو تڏهن چئبو آهي، جڏهن پنھنجي بچاءَ لاءِ ڪو شخص ٻئي جو حوالو ڏيندو آهي. سياڻن جو فرمائڻ آهي ته؛ هر هڪ انسان کي پنھنجي ڀلي يا بري نسبت سوچڻو آهي.


    78. سچ مرچان، ڪوڙ ڳڙ، پير پئسا، جوءِ گر. (چوڻي)

    ڪيترا ماڻھو اهڙا آهن جي تمام گهڻو هٺيلا ۽ مغرور آهن. چاهي ڪو گناهه ئي ڪن، ته به چاهيندا آهن ته؛ ڪير به سندن خلاف ڪا شڪايت نه ڪري. نه وري ٻين جي واتان، پنھنجي ڪيل ڏوهه يا گناهه بابت، ڪجهه ٻڌڻ چاهيندا آهن. جڏهن ڪي شخص اخلاقي ساهس ڪري سندن ڌيان ڇڪائيندا آهن ته کين سخت مٺيان لڳندي آهي. بدلي ۾ ساڻن وير وروڌ رکندا آهن.
    جڏهن ڪي شخص، اخلاقي همٿ نه ڪري، سندن گناهه ڏانھن ڪو ڌيان نه ڇڪائيندا آهن ۽ ويتر سندن ساراهه ڪندا آهن، تڏهن اهڙا شخص ساراهه ٻڌي ڪپڙن ۾ نه ماپندا آهن. کين اهو ڪوڙ بيحد مٺو ۽ وڻندڙ لڳندو آهي. سچ کين سخت ڪسارو ۽ ڪؤڙو محسوس ٿيندو آهي.
    اهڙا شخص جيڪي سچ ٻڌڻ کان ڪيٻائين ٿا ۽ ڪوڙ ٻڌي گد گد ٿين ٿا، سي پنھنجي ڌرم-پتنيءَ کي به گرو ڪري ليکيندا آهن. ڇو جو انھن ٻنھي کانسواءِ، سندن جياپو مشڪل ٿي پوندو آهي.
    حاصل مطلب: سچ ٻڌڻ جي همت تمام جزوي ماڻھن ۾ هوندي آهي. رواجي طرح هر هڪ ڪوڙي ساک ٻڌي خوش ٿيندو آهي ۽ کيس ڪوڙ ڳڙ جيان مٺو لڳندو آهي. باقي جيڪڏهن ڪو ماڻھو سچ ڳالھائي، ڪنھن جو ڌيان ڪيل ڏوهه يا گناهه ڏانھن ڇڪائيندو آهي ته اڳلي کي اهو سچ مرچن وانگر لڳندو آهي. موٽ ۾ سچ ڳالھائيندڙ سان، سندس وير شروع ٿي ويندو آهي.


    79. سوڙ آهر پير ڊگهيڙجن. (پھاڪو)

    سوڙ مٿان پائڻ جو اوڇڻ آهي جو ٿڌ جي موسم يا سياري ۾، سيءَ کان سر بچائڻ لاءِ، اوڍڻ طور ڪتب آڻبو آهي. اگر ڪنھن وٽ سوڙ ننڍي هوندي ۽ پير سوڙ کان ٻاهر ڪڍندو ته کيس ٿڌ لڳندي. ان ڪري سياڻن جو چوڻ آهي ته؛ جيتري سوڙ هجي، اوترا ئي پير ڊگها ڪجن.
    هن پھاڪي جو مطلب هي آهي ته؛ ڪمائيءَ آهر خرچ ڪرڻ گهرجي. جيتري ڪمائي هجي، ان انوسار ئي خرچ ڪرڻ گهرجي. ڪيترا ماڻھو پنھنجي آمدنيءَ کان وڌيڪ خرچ ڪندا آهن. نتيجي طور، کين قرض کڻڻو پوندو آهي. ان ڪري جيتري آمدني هجي، ان انوسار ئي جيڪڏهن خرچ ڪبو ته، حياتي سکي بڻجي سگهندي. بعد ۾ ڪا به مشڪلات ڏسڻي نه پوندي.


    80. سڪن گڏ آلا به ٻريو وڃن. (پھاڪو)

    سڪل ڪاٺيون جلدي ٻرنديون آهن. انھن سان گڏ ٿوريون ٿوريون آليون ڪاٺيون به وجهي باهه ٻاربي ته اھي به ٻري وينديون. هن پھاڪي جو مطلب اهو نه آهي ته؛ ڪڏهن ڪڏهن گنھگار شخص سان گڏ بي گناهه شخص کي به سزا ملي ويندي آهي. هيءُ پھاڪو تڏهن ڪم ايندو آهي، جڏهن ڪنھن خطا وار ماڻھوءَ کي سزا ڏيڻ لاءِ بي خطا وارو ماڻھو به ڦاسايو ويندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ هن پھاڪي جو استعمال ٿيندو آهي.


    81. صبح جو ڀليل اگر شام گهر واپس اچي ته به ان کي ڀليل نٿو سڏجي. (اردو، پھاڪو)

    اڪثر ڪري ائين ڏٺو ويو آهي ته، خراب سنگت جو اثر جلدي ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪو شخص خراب ٿي پوي ٿو يا بد فضيلتو بنجي پوي ٿو. جوئا ڪري ٿو يا شراب پيئي ٿو. ٻين کي آزاري ٿو يا پاپ ڪندي سمورو وقت گناهن ۾ گذاري ٿو. اگر اهو شخص، پنھنجي غلطيءَ جو احساس ڪري وڃي ۽ بريون عادتون ڇڏي نيڪ جيون گهاري، تڏهن هيءُ پھاڪو اهڙي شخص لاءِ چيو ويندو آهي. ان سان لاڳاپو رکندڙ سنڌيءَ ۾ هڪ ٻيو به پھاڪو آهي جو هن ريت آهي؛
    “ڀلي ڀلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀلي.”


    82. سڀيئي مارگه مت، ڳالهه چون ٿا هڪڙي. (نصيحت، جملو)

    بائيبل ڪرستانن جو ڌرمي پستڪ آهي. ان ۾ هڪ هنڌ ائين لکيل آهي.
    ان سٽ جو مطلب هي آهي ته؛ “منھنجو گهر مڙني ملڪن لاءِ پرارٿنا جو گهر بڻجي.” دنيا جي اندر جدا جدا جاتيون رهندڙ آهن. هر هڪ جاتي پنھنجي پنھنجي عقيدي ۽ وشواس انوسار هلي ٿي. دنيا جون جدا جدا جاتيون جدا جدا ڌرمن ۽ مذهبن ۾ وشواس رکن ٿيون. هر ڪا جاتي پنھنجي پنھنجي ڌرم جي پوئلڳ آهي. انسان ڪوتاهه سمجهه کان ڪم وٺي، ڌرم يا مذهب جي ويچار ڌارا کي ڏاڍو محدود بڻائي ڇڏيو آهي. ڌرم، ايشور نه آهي. ايشور کي پائڻ جو هڪ وسيلو آهي. جيڪو انسان کي صحيح نموني هلڻ جي واٽ ڏيکاري ٿو. ڌارمڪ يا مذهبي ويڇا، انسان خود ئي پئدا ڪيا آهن. ڪھڙو به ڌرمي ڪتاب پڙهون (گيتا بائيبل يا قرآن شريف) يا ڪھڙي به مھاپرش جي جيون پڙهون (ڀڳوان حرستن، حضرت محمد يا يسوع مسيح) ته اسان کي هڪ ئي ڳالهه نظر ايندي؛ سڀني اها تات تنواري آهي ته مڙني انسانن ۾ ايشور جو نور سمايل آهي. سڀ انسان، هڪ ئي ايشور جا خلقيل آهن. انسان ذات جي شيوا ۾ ئي، ايشور جي بندگي سمايل آهي. ڪنھن به پراڻيءَ کي رنجائڻ نه گهرجي. دين-دکين جي شيوا ڪرڻ گهرجي. پرڀو انھن تي ئي راضي ٿئي ٿو، جيڪي سندس پيدا ٿيل پراڻين سان پيار ڪن ٿا.
    جنھن کي هندو ايشور ٿا ڪوٺين، مسلمان ان کي خدا تعالى سڏن ٿا ۽ ڪرستان ان کي God چوي ٿو. جنھن کي اسين هندو ڌرم چئون ٿا، ڪرستان ان کي Religion ڪوٺي ٿو. مسلمان ان کي اسلام سڏي ٿو. رڳو نالا جدا جدا آهن.
    سري رام ڪرشن پرمھنس چيو آهي ته؛ “جنھن کي اسين هندو ‘جل’ چئون ٿا. مسلمان ان کي ‘پاڻي’ ٿا سڏين ۽ ڪرستان ان کي ‘Water’ ٿا ڪوٺين. ڀاشا جي خيال کان نالا جدا جدا آهن. جڏھن ته سڀني انسانن ۾ هڪ ئي ۽ ساڳيو ئي سائين وسي ٿو. ڪوي دلگير به چيو آهي؛
    سڀ ۾ سائين ٿو وسي، سائينءَ ۾ سنسار،
    سو پائيندو ڪيئن پرين؟ جيڪو جو کان ڌار؟
    ڌارمڪ ۽ مذهبي ويڇن جون ديوارون، اسان انسانن ئي هٿرادو نموني کڙيون ڪيون آھن. جنھن سبب هڪ جاتي ٻي جاتيءَ کان نفرت ڪري ٿي. پاڻ کي ٻي جاتيءَ کان وڌيڪ اتم ۽ سريشٺ سمجهي ٿي. دراصل اتم ۽ سريشٺ اهو ئي انسان يا جاتي آهي، جيڪا سڀني ڌرمن جي ماڻھن جو آدر ڪري ٿي. کين برابر سمجهي ٿي. کين هڪ ئي ايشور جا سنتان سمجهي ٿي. رهڻي ڪھڻي، هر هڪ انسان کي، جدا جدا ڌرم يا مذهب جو پوئلڳ بڻائي ٿي.
    رهڻي ڪھڻي، خواهه سماجڪ ريتون رسمون، اسان انسانن پنھنجي سک ۽ سھنج لاءِ پيدا ڪيون آهن. ان جو مطلب اهو ناهي ته اسين پاڻ کي مٿي ۽ ٻئي کي گهٽ سمجھون. مڙني ڌرمن جي سکيائن جو سار ساڳيو آهي. سڀئي ڌرم ساڳي ٻولي ٻولين ٿا. ڌرم يا مذهب جي نالي تي وڙهڻ، سياڻپ ڪونھي. اسان کي گهرجي ته مڙني ڌرمن ۽ مذهبن جو آدر ڪريون. انسانيت ئي، وڏي ۾ وڏو ڌرم آهي. سوامي وويڪانند جو چوڻ آهي ته؛ “مان ان ڌرم کي سچو ڌرم سمجهان ٿو، جيڪو ڌرم بکئي انسان جي بک مٽائي سگهي ٿو.” ان ڪري ان چوڻ ۾ ذرو به وڌاءُ نه ٿيندو ته؛ سڀئي ڌرم هڪڙي ۽ ساڳي راهه ڏسين ٿا. اها راهه آهي؛ انسان ذات جي سيوا.
    سيوا ڪريون ۽ سڀني انسانن کي سمجهون. اها ئي پرڀوءَ کي پائڻ جي، سچي پچي واٽ آهي.
    حاصل مطلب: ڌرم ڪھڙو به هجي پر هر هڪ ڌرم ساڳي تند تنواري ٿو. سچ ڳالھائڻ، نيڪ ڪرم ڪرڻ، دکين ۽ بکين جي سيوا ڪرڻ، سڀني جو آدر ڪرڻ ۽ ڪوڙ پاکنڊ کان پاسيرو رهڻ. مڙني ڌرمن جي سکيائن جو سار آهي.


    83. ڪڏهن روح راڳن ۾ ريجھي، ڪڏهن بت بيتن مان بيزار. (چوڻي)

    ايشور، انسان کي هن پرٿويءَ تي موڪليو آھي. ھتي اچڻ کان پوءِ، انسان ۾ جڏهن هلڻ چلڻ جي طاقت آئي ته هن پاڻ کي دنيا جي پدارٿن ۾ ڦاسائي ڇڏيو. چيو وڃي ٿو ته؛ انسان جڏهن ماتا جي گرڀ ۾ هو ۽ پيٽ اندر لڇي رهيو هو، تڏهن ايشور کي ھن ليلايو ۽ ٻاڏايو. ايشور سان انجام ڪيائين ته؛ مان سچ جي راهه وٺندس. نيڪ ڪرم ڪندس. تنھنجي خلقيل بندن جي شيوا ڪندس. هٺ ۽ اهنڪار کان پاسيرو رهندس.، دنيوي وڪارن ۾ پاڻ نه ڦاسائيندس. ايشور انسان جي انجام کي خيال ۾ رکي، کيس جنم ڏنو. ليڪن وقت پئي، انسان ايشور سان ڪيل انجام وساري ويٺو۽ پاڻ کي دنيا جي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏيو.
    انسان جو من، حريص ۽ لالچي بڻجي پيو. دنيوي سک حاصل ڪرڻ لاءِ، هر هڪ ڊوڙ ڪرڻ لڳو. پنھنجي دنيوي سک جي حاصلات لاءِ، ڪوڙ ۽ پاکنڊ کان ڪم ورتائين. سندس جيون جو هڪ هڪ پل، پاپ جو ڀاڳتي بڻجي پيو. ايشور سان جيڪي انجام ۽ اقرار ڪيا هئائين تن کي ڀلائي، مايا ميڙڻ ۾ پنھنجو وقت زيان ڪرڻ لڳو آهي. نتيجي طور سندس سمورو جيون، پاپن سان ٽمٽار ٿي ويو آهي.
    ليڪن اهو سڀ ڪجهه ڪافي نه آهي. انسان جي روح يا آتما کي ته، ٻيو ئي ڪجهه گهرجي. دنيوي پدارٿن ۾، سچو سک نه آهي. آتما کي گهرجي آلوڪڪ آنند، جنھن مان هميشه ۽ دائمي سک نصيب ٿئي ٿو.
    ظاهري طرح انسان، آتما کي سک ڏيڻ لاءِ مندر ٺھرايا آهن. ڌرمشالائون ۽ اناٿ آشرم برپا ڪيا اٿائين. پاڻ کي مشغول رکڻ لاءِ مندر ۽ مڙهيون ڀيٽڻ به سندس ڪم بڻجي پيو آهي. ڏٺو ويو آهي ته؛ ان مان به سندس آتما کي سچو سک پراپت نٿو ٿئي. ڀڳوان ٻڌ، ڀڳوان مھاوير ۽ ٻيا اهڙا انيڪ مثال ملندا، جن جو جنم شاهي محلن ۾ ٿيو. سنساري سکن مان کين آنند نه مليو. تنھنڪري انھن، دنيوي پدارٿن ۽ مڙني سکن جو تياڳ ڪيو.
    آتما کي ڇا گهرجي؟ انسان، آتما کي آنندي بڻائڻ لاءِ پنھنجي چوڌاري انيڪ پدارٿ ميسر ڪري ٿو. هو ائين سمجهي ٿو ته؛ سندس آتما کي آنند ملي چڪو. دنيوي سکن ۾ پاڻ کي مشغول رکي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن آنند محسوس ڪري ٿو. پنھنجي چوڌاري انيڪ نعمتون کڙيون ڪري ٿو. پنھنجي اڳيان وندر جا ساڌن ميسر ڪري ٿو. شاهي جلسن ۾ سنمان حاصل ڪري ٿو. اخبارن ۾ پنھنجي ساراهه پڙهي کڳيون هڻي ٿو. نوڪرن چاڪرن تي حڪم هلائي ٿو. انھن مڙني مشغولين مان ائين وسھڻ ۾ ايندو آهي ته، شريرڪ سک جي حاصلات سان ئي آتما کي سک ملي چڪو. ليڪن آتما لاءِ ڇا چئجي؟ هر هڪ انسان جي جيون ۾ اهڙو پل اچي ٿو، جنھن پل ۾کيس، دنيوي سکن سان نفرت ٿي وڃي ٿي. مڙني پدارٿن کان پاسيرو رهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. آتما جي ڳالھين ۾ پاڻ کي مشغول رکي ٿو. تن سان بيزار ٿي پوي ٿو ۽ ڪنارو ڪرڻ لڳي ٿي. اهو ان جو سمورو دارومدار آهي، ويچارن تي. انسان جي من ۾ سدائين ويچارن جون لھرون پيون اٿن. ڪڏهن دنيوي سکن ۽ پدارٿن طرف من مائل ٿي وڃي ٿو. ڪڏهن انھن کي ناسوند سمجهي منجھانئن بيزار ٿي پوي ٿو. ان ڪري سالڪن جو قول آهي ته؛ سدائين ويچارن تي قبضو رکجي. جيون کي هڪ-ڪرو ۽ هڪ-سرکو هلائڻ گهرجي.
    حاصل مطلب: آتما، ڪڏهن دنيوي سکن جي حاصلات طرف مائل ٿي ڪري، پاڻ کي دنيوي سکن ماڻڻ تي مشغول رکي ٿي. ڪڏهن وري حاصل ٿيل پدارٿن مان تنگ ٿي، کانئن ڪنارو ڪري ٿي.
    ڪوي دلگير چيو آهي: “مصري به ناهي مٺي، روح نه جي راس.” يا “مصري به ناھي مٺي، جي روح آھي اداس.”


    84. ڪتو به کاڌو، ڪک به نه ڀري. (ورجيس)

    ڪک، پيٽ جي پاسي کان پاسريءَ جي هيٺيان، هڪ عضوو آهي. مگر هت ڪک جو اشارو، سڌو پيٽ ڏانھن آهي.
    هن جھان ۾ ڪيترا اهڙا شخص آهن جن کي کائڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي. سندن پيٽ بکيو، تن اگهاڙو آهي ۽ ٻار، ان جي داڻي داڻي لاءِ محتاج آهن. سرديءَ کان بچڻ لاءِ، وٽن ڪو به اوڇڻ نه آهي. اونھاري توڙي سياري جي موسم کان بچڻ لاءِ، کين ڪو به اجهو نه آهي. پوءِ به اهڙا شخص مان ۽ مريادا سان، پنھنجي جيون گذارين ٿا. ليڪن سوال ٿو اٿي ته ڪيتري عرصي تائين ڪو به شخص دک سهي ٿو سگهي. يا ڪيتري مدت تائين کيس ڪپڙي يا اجهي جي ضرورت نه پوندي؟ ڪو وقت اهڙو به اچي ٿو، جو اهڙي قسم جو شخص، ڪو گناهه وغيره ڪرڻ لاءِ سوچي ٿو. چوري يا ٺڳي. ڪرڻ کان به ڪن حالتن ۾ ڪيٻائي نٿو. سچ پچ، موقعي ملڻ سان، هو چوري به ڪري ٿو وجهي. سندس قسمت ۾ ڪا ڪاڻ آهي. چوريءَ جو راز کلي پوي ٿو ۽ کيس سزاوار ٺھرائي، سزاياب بڻايو وڃي ٿو. اهڙي وقت اهو ماڻھو، پڇتاءُ ڪري هي پھاڪو چوندو آهي.
    حاصل مطلب: حالتن جي مجبوريءَ کان، ڪو ماڻھو چوري يا ٺڳي ڪري پر جلد ئي ان جو راز کلي پوي ۽ سزا ڀوڳي.
    مثال: گوپال نالي هڪ شخص تمام غريب هو. هڪ ڏينھن وٽس کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو. آخر بک کان لاچار ٿي هن رات جي وقت هڪ دوڪان جا تالا ڀڃي چوري ڪئي. جيئن مال کڻي ٻاهر نڪتو ته پوليس پڪڙي وڌس ۽ ستت جيل روانو ڪيائينس.


    85. پرڻ چوي ڏونگهي کي؛ “هل ڙي ٽِه-ٽنگا.”

    پرڻ، جنھن ۾ ڪيترا ئي سوراخ ٿيندا آهن، اٽي ڇاڻڻ جي ڪم ايندو آهي. ڏونگهو، پاڻيءَ ڪڍڻ جي ڪم ايندو آهي. جنھن ۾ ٽي سوراخ ٿيندا آهن.
    جھان ۾ جيڪي به انسان جنم وٺي آيا آهن، سي اوگڻن کان خالي نه آهن. هر ڪنھن ۾، ڪو نه ڪو اوگڻ ضرور هوندو. ڪوڙ ڳالھائڻ، ٺڳي يا دولاب ڪرڻ، دوکو ڏيڻ، گلا ڪرڻ، ملامتون مڙهڻ، ٻين جو مال هضم ڪرڻ، بري اک وجهڻ وغيره، گناهن جا قسم سمجهيا وڃن ٿا. ڪير به جيڪڏهن پنھنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسندو ته کيس چڱيءَ پر معلوم ٿي ويندو ته منجهس ڪو نه ڪو اوگڻ اوس هوندو. ڪنھن ۾ گهٽ ته ڪنھن ۾ وڌ. باقي ائين چوڻ ته؛ مون ۾ ڪو اوگڻ ڪونھي. يا ائين چوڻ ته؛ فلاڻو مون کان وڌيڪ عيبن سان ڀريل آهي، اجايو آهي. ڪنھن جي به عيبن يا ڏوهن جو ڪاٿو ڪٿڻ بيسود آهي. مگر ڪن شخصن جو عجيب سڀاءُ يا سمجهه هوندي آهي جو منجهن ڪيترا اوگڻ هوندا آهن پوءِ به ٻين کي پاڻ کان گهٽ ڄاڻي انھن جي ناحق گلا ڪندا آهن. يا مٿن الزام ڌري، کانئن پاسو ڪندا آهن. حقيقت ۾ منجهن وڌيڪ اوگڻ هوندا آهن.
    مٿين چوڻيءَ سان ساڳي معنى واري ٻي چوڻي آهي؛
    “مينھن ٿي چوي گانءِ کي، هل ڙي پڇ-ڪاري.”
    در اصل ائين جڳائي نه. جيڪي انسان، ٻين جي عيب جوئي ڪن ٿا، سي پھريائين پاڻ کي عيبن کان آجو رکن. پوءِ ٻين کي مھڻا ڏين.
    حاصل مطلب: گهڻن عيبن وارو شخص، ٿورن عيبن واري تي نقطه چيني ٿو ڪري.


    86. ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪ. (ورجيس)

    شاهه صاحب سُر ڪلياڻ ۾ چيو آهي،
    عاشق زهر پياڪ، وهه ڏسي وهسن گهڻو،
    ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪ،
    لڳي لونءَ لطيف چئي، فنا ڪيا فراق،
    توڻي چِڪن چاڪ، ته به آهه نه سلن عام کي.
    هن سنسار ۾ ٻن پرڪارن جا جيو آهن. ھڪڙا اهڙا آهن جن مٿان اگر دک يا مصيبت اچي ڪڙڪي ته بيحد هلاڪ، پريشان ۽ دکي بڻجيو وڃن. بار بار پنھنجي قسمت کي پٽيندا رهندا ۽ قدرت کي پيا اجايو سجايو ڏوهه ڏيندا. آيل مصيبت کي مڙس ٿي منھن ڏيڻ بجاءِ ويڻ ڪڍندا ۽ حرف پٽيندا. پنھنجو جيئڻ ئي جنجال پيا ڀائيندا. دک جي بوجھ سببان سندن سمجهه اهڙي ته تنگ ۽ محدود ٿي ويندي آهي، جو هر وقت کين دک ئي دک پيو سُجهندو آهي.
    ليڪن ٻئي قسم جا جيو، کانئن بلڪل علحدا ۽ نرالي سڀاءَ جا ٿيندا آهن. مٿانئن ڪيڏي مھل به اچي، مصيبت جا پھاڙ ڪيري ته گهٻرائيندا ڪو نه. ويتر ائين سمجهندا ته؛
    پريان سندي پار جي، مڙئي مٺائي،
    ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.
    دک سک کي، سمان ڪري سمجهندا. ائين سمجهندا آهن ته؛ پرماتما جيڪو کين دک ڏنو آهي، سو اوس ئي ڪنھن نه ڪنھن ڀلائيءَ لاءِ هوندو. اهڙا انسان، هميشه بھار بھار لڳندا آهن. ٻارهو ئي پرماتما ڏانھن مائل رهندا آهن. سندن نظرن ۾ دک کي ڪا خاص اهميت نه آهي. سدائين پيا مرڪندا ۽ خوش گذاريندا. کين دک ۾ به سک، جهلڪا ڏيندو نظر ايندو آهي. سدائين پرماتما جي ڪيئي ۽ رب جي رضا تي راضي رهندا آهن. ڪڏهن به سندن دل مان دردي دانھن ۽ شڪايت نه نڪرندي آهي. ويتر پيا دکن کي دعوتون ڏيندا آھن. کين سوري ۽ سيج ۾، گلن ۽ ڪنڊن ۾، آهه ۽ مرڪڻ ۾، غم ۽ خوشيءَ ۾، رات ۽ ڏينھن ۾، ڪو به فرق نظر نه ايندو آهي. کين، خلق ۾ خدا ۽ خدا ۾ خلق ڏسڻ ۾ ايندي آهي. سند دل ايتري ته وشال ۽ ساگر جيان گھري هوندي آهي جو، وير ۽ حسد، منجھس سمائجي نه سگهندا آهن. هو سدائين سڀ جي ڀلي ۾ ھوندا آھن. کين دک ۽ ڪشٽ، پيڙا ۽ تڙڦ مان اهڙي ئي لذت ايندي آهي جو سکن ۽ سھنجن کي چاهيندا به نه آهن. اهنجن ۽ تڪليفن مان ڪڏهن به وِرچندا ڪو نه آهن. دک جي دانھن ڪرڻ، سندن سڀاءَ ۾ نه آهي. سدائين گلن جيان ٽڙندڙ ۽ ستارن جيان چمڪندڙ هوندا آهن. چانڊوڪيءَ وانگر سيتل ۽ جل جيان اوجل هوندا آهن.
    حاصل مطلب: سالڪ انسان، دک ۽ سک کي، برابر سمجهن ٿا. کين ڪنھن به دنيوي دک بابت، ڪا شڪايت نه هوندي آهي. سدائين بهار، سدائين خوش. کين دک ۾ به، عجيب قسم جو آنند پيو ايندو آهي.

    87. ڪوئي لڌي هئڊ ڳڙي، چي؛ آءٌ به پساري. (پھاڪو)
    پساريءَ جي دوڪان ۾ ڪيترا ئي وکر ٿين ٿا. رات جي وقت دوڪان ۾ موجود ڪوئن کي، اگر گهمندي ڦرندي، هئڊ ڳڙهي هٿ اچي وڃي ۽ ائين سمجهن ته؛ اسين پساري آهيون. اها مورکتا آهي. ڇو ته پساريءَ وٽ، انيڪ وکر آهن ۽ هئڊ ڳڙي منجھانئن هڪ آهي.
    دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو ٿين ٿا؛ هڪڙا هوند وارا ۽ ٻيا اڻ-هوندا وارا. هوند وارن وٽ، ڪنھن به شيءِ جي ڪمي نه هوندي آهي. جا شيءِ هو چاهين، سا هٿ ڪري سگهن ٿا. اول ته وٽن ئي، ساڳي شيءِ موجود هوندي. اگر نه به هوندي ته حاصل ڪرڻ ۾ ڪا به تڪليف نه ٿيندن. اڻ-هوند وارن جو حال، انھن کان ابتڙ ٿئي ٿو. وٽن ڪجهه به موجود نه هوندو آهي. اتفاق سان اگر کين ڪجهه پراپت ٿي وڃي ته اجائي مغروري ڪرڻ لڳن ۽ پاڻ کي هوند وارن جيان سمجهن. اها ناداني آهي. ڇو جو جيڪا شيءِ کين حاصل ٿي آهي، تنھن جهڙيون انيڪ شيون، هوند وارن وٽ، موجود ٿين ٿيون.
    حاصل مطلب: ٿوري شيءِ هٿ اچڻ تي، اجائي مغروري ڪرڻ ۽ پاڻ کي ٻين سنئون يا کانئن وڌيڪ سمجهڻ.


    88. ڪر ڀلو ته ٿيئي ڀلو. (چوڻي)

    معنى: جيڪڏهن ڪو چاهي ته سندس ڀلو ٿئي، کيس جڳائي ته اڳواٽ ٻين سان ڀلائي ڪري. ڪنھن ڪويءَ خوب چيو آھي؛
    ڀلو ڪندين تان، ڀلو تنھنجو ٿيندو،
    ڀلائيءَ جا ڀاڙا، ڌڻي تو کي ڏيندو.


    89. ڪچيءَ ڪنا نه وريا، ته پڪي ڇا ورندا؟ (پھاڪو)

    معنى: سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: “سج اگر اڀرندي تاءُ نه ڪيو ته لھندي ڇا ڪندو؟”
    ڪنڀار جڏهن چڪ تي دلا يا دليون يا ٻيا ڪي به مٽيءَ جا برتن تيار ڪندو آهي ته پھرين اهي ڳوهيل مٽيءَ جا هوندا آهن. چڪ تي ڦيريندي سندن ڪنا ورائيندو آهي ۽ ان بعد ئي کين تيار ڪري نھائين ۾ پچائيندو آهي. اگر ڪنڀر ائين نه ڪري ۽ ڪچيءَ مِٽيءَ جا ڳوڙها نھائين ۾ پچائي، پوءِ چڪ تي ڦيرائي. اتي انھن جا ڪنا ورائڻ چاھي ته ائين نه ڪري سگهندو.
    هاڻي مطلب صاف آهي ته؛ جيڪو انسان، ننڍي ۽ ڪچي اوسٿا ۾، ڪي سٺا گڻ گرهڻ نه ڪندو ۽ وڃي ڪنھن بري سنگ ۾ ڦاسندو ته پوءِ وڏيءَ عمر ۾ سندس سڌرڻ ۽ سمجهي هلڻ، مشڪل ٿي پوندو.


    90. ڪڏهن ڀريءَ ۾، ڪڏهن ڀاڪر ۾. (ورجيس)

    معنى: سج؛ ٻه پاڇا آهي. دک ۽ سک، انسان سان ڳنڍيو پيو آهي. غريبي ۽ شاهوڪاري به، ساڳيءَ طرح انسان سان ملي پئي آهي. جيڪو اڄ شاهوڪار آهي، اھو سڀاڻي غريب به ٿي سگهي ٿو. جيڪو اڄ غريب آهي، اهو سڀاڻي شاهوڪار به ٿي سگهي ٿو.


    91. ڪتو ڇا ڄاڻي، ڪڻڪ جي مانيءَ مان. (پھاڪو)

    ڪڻڪ، مھانگو ان آهي. رحم کائي اگر ڪتي کي ڪڻڪ جي ماني ڏبي ته، کيس اها ماني ڪا نه وڻندي. ڪتي جو سڀاءُ ڪجهه عجيب آهي. جوٺ جي مانيءَ تي هريل آهي. کيس ڪني، بچيل ۽ پاروٿي مانيءَ مان ئي آنند ملندو آهي.
    ساڳيءَ طرح هن پھاڪي جو مطلب اهو آهي ته؛ بڇڙو ۽ خراب ماڻھو، شاباس ۽ پيار مان ڪڏهن ڪين سمجهندو. ڦٺ لعنت تي هريل ٿئي ٿو. ڦٺ لعنت ٻڌڻ سان ئي سندس دماغ ٺڪاڻي ايندو. ڪميڻو ۽ ڪنو ماڻھو، پيار ۽ سڪ سان ڪڏهن ڪين سمجهندو. ڇو جو سندس سڀاءُ ئي اهڙو بڻجي ويل هوندو آهي جو، جيستائين مٿس ڦٺ لعنت نه پوندي تيستائين باز ڪين ايندو. اهڙي قسم جي ماڻھوءَ مان، نيڪيءَ جي اميد رکڻ به اجايو آهي. اھو ڦٺ لعنت سان ئي، سڌو ٿي هلندو.


    92. ڪر شيوا ته، ملني ميوا. (چوڻي)

    ميوا: محنت جو اجورو.
    دنيا جي سڀني پدارٿن ۽ ڪارجن ۾، شيوا اُتم ۾ الم ليکي وڃي ٿي. شيوا جھڙي بي بھا ۽ املهه وستو، هن جھان جي اندر ٻي آهي ئي ڪا نه. انسان، ڌن دولت ڪٺي ڪري ٿو. تتيءَ ٿڌيءَ کان بچڻ لاءِ، جوڳا اپاءَ اختيار ڪري ٿو. اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ ۾، گناهه نه آهي.
    جيوت جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ به لازمي آهي. ساڳئي وقت، انسان جو اخلاقي فرض آهي ته دنيا ۾ دکين، ستايلن ۽ اپاهجن جي شيوا ڪري. شيوا جو کيتر، محدود نه آهي. شاگرد، پنھنجي گروهه جي شيوا ڪري. اولاد، مائٽن جي شيوا ڪري. انسان، سٺو نگر-واسي بڻجي، ديش جي شيوا ڪري. شيوا جو ميدان، پنھنجن کان به ٻاهر وڌائي سگهجي ٿو. مھان ۽ اتم شيوا، اها ليکي وڃي ٿي، جا بنا ڪنھن سوارٿ ۽ اجوري جي ڪئي وڃي. نشڪام شيوا جو ڦل، اوشيه ملندو. بنا سوارٿ ۽ لالچ جي ڪيل شيوا، اجائي نه ٿي وڃي. نشڪام شيواداريءَ جي هاڪ، هر هنڌ ڦھلجي ٿي. هر شخص، کيس مان ڏئي ٿو. پرماتما جي درٻار ۾، هر شخص جي ڪيل ڪم جو حساب ڪتاب، رهي ٿو. جو شخص سدائين ٻين جو ڀلو ۽ شيوا ڪري ٿو، اهو ڪڏهن به دکي نه ٿو رهي. چڱي انسان ۽ سچي شيواداريءَ جو نالو، نه فقط حيات هوندي ڳائجي ٿو پر وفات ڪرڻ کانپوءِ به جھان، اهڙي نيڪ ماڻھوءَ کي ياد ڪندو رهي ٿو.
    حاصل مطلب: شيوا جھڙو اتم ڪم، ڪو ٻيو آهي ئي ڪو نه. دکين جي شيوا ڪرڻ، انسان جو فر ض آهي. پر شيوا نشڪام ۽ نسوارٿ هئڻ گهرجي.
    مثال: شيواجيءَ، گرو رامداس ۽ ماتا جيجا ٻائيءَ جي، دل لڳائي شيوا ڪئي. شروڻ ڪمار، ماتا ۽ پتا جي شيوا ڪئي. ماتا سيتا، ڀڳوان رام جي دک سک ۾ شريڪ ٿي، شيوا ڪئي. مھاتما گانڌي، هيمون ڪالاڻي، پنڊت جواهر لعل نھروءَ کي به اڄ ياد ڪيو ٿو وڃي. سو به ان ڪري جو، هنن ديش جي شيوا ڪئي ۽ پنھنجو تن، من ۽ ڌن مٿانئس قربان ڪيو. ان جو ميوو کين اهو مليو جو، اڄ به سندن جس پيو ڳائجي.


    93. گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿو کٽا. (پھاڪو)

    مثال: هڪ ڏينھن منھ تي، هڪڙي گدڙ ڊاک جا جڳهٽا ڏٺا. هن جي من ۾، ڊاک کائڻ جي خواهش ٿي. ڊاک جا جڳهٽا، ايترو ته مٿي ٽنگيل هئا جو، گدڙ مٿن پھچي نه سگهيو. ڏاڍا ٽپا ڏنائين، تڏهن به پھچي نه سگهيو. پنھنجيءَ ڪوشش ۾ ناڪامياب وڃڻ ڪري، ان چيو: “هيءَ ڊاک کٽي آهي، مان نه کائيندس.” ائين چوندي هليو ويو.
    مطلب: هن چوڻيءَ جو مطلب هيءُ آهي ته؛ جڏهن ڪو شخص، لالچ وس اچي، ڪنھن چيز جي حاصلات جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ان حاصلات ۾ ناڪامياب وڃي ٿو، تڏهن پاڻ کي کوٽو دلاسو ڏئي ٿو. اُن چيز مان ڪو نه ڪو نقص ڪڍي ٿو. هيءُ پھاڪو، اهڙي شخص طرف اشارو ڪري ٿو جيڪو، ڪنھن ڪم ۾ ناڪامياب وڃڻ کانپوءِ، اڳليءَ چيز مان عيب يا وڏونءَ ڪڍي ٿو.


    94. گهڙيا، سي چڙهيا. (چوڻي)

    شاهه صاحب سُر سھڻيءَ ۾ چيو آهي:
    گهڙيا سي چڙهيا، ايهين اٿيئي،
    مئي متي مھراڻ ۾، پئو ٽپو ڏيئي،
    ته ميھار مليئي، سنڀوڙو سيڻاه سين.
    شاهه صاحب سھڻيءَ کي چوي ٿو ته؛ هن سمنڊ ۾، بنا ڪنھن سوچ ويچار جي ٽپو ڏيئي گهڙ! ڇو ته جيڪي سمنڊ ۾ گهڙيا آهن، اهي ئي پار پھتا آهن. تو کي پار اُڪارڻ لاءِ، ميھار پاڻ هٿ ۾، سيڻاھ (ترڻ واري کل) جهليو بيٺو آهي.
    اندروني معنى: شاهه صاحب نيڪ صلاح ٿو ڏئي ته؛ جيڪي انسان، زندگيءَ جي هن مھاساگر مان پار اُڪرڻ لاءِ، سنسار ساگر ۾ ٽپو ڏيئي گهڙن ٿا، تن کي بچائڻ لاءِ، پرماتما پاڻ آتو ٿيو بيٺو آهي. تون فقط دنيا جا لڳ لاڳاپا لاهي ساگر ۾ ٽپو ڏي. جڏهن ساگر ۾ گهڙندين، تڏهن پرماتما سان ملندين.
    اُپٽار: چوڻي آهي؛
    سڌڙيا؛ نه وڌڙيا، هلي اڏايا.
    انسان کي، زندگيءَ اندر، انيڪ لاهين ۽ چاڙهين تان لنگهڻو ٿو پوي. انيڪ مشڪلاتن هوندي به انسان، اڻ ڳڻيون ڪلپنائون ۽ آشائون ڪري ٿو. جيون کي بھتر ۽ سندر بڻائڻ جا خواب ڏسي ٿو. مگر خواب تيستائين شرمنده تعبير نه ٿيندا، جيستائين انسان ڪي عملي اپاءَ نه وٺندو. زندگيءَ جي مشڪلاتن کي جن مڙس ٿي منھن ڏنو آهي، اهي ئي حياتيءَ ۾ سڦلتا پراپت ڪري سگهيا آهن. جھان ۾ جيڪي مھاپرش ٿي گذريا آهن، انھن جي حياتيءَ ڏانھن اگر نظر ڊوڙائينداسين ته خبر پوندي؛ انھن امرتا جو پد حاصل ڪيو ئي تڏهن، جڏهن حياتيءَ جي مشڪلاتن، تڪليفن، اهنجن ۽ ڪشٽن کي مڙس ٿي منھن ڏنائون. عملي حل ڳولهڻ کان سواءِ، حياتيءَ جي ڪا به مشڪلات دور نه ٿي سگهندي.
    درياهه جي ڪناري تي بيھي، پاڻيءَ لاءِ دانھون ڪرڻ يا اڃ مرڻ، اجايو آهي. پياس، تڏهن مٽائي سگهبي، جڏهن درياهه مان پاڻي ڪڍي پيئبو. ساڳيءَ طرح، زندگيءَ جي اهنجن ۽ ايذائن کان، تڏهن پاڻ آجو ڪري سگهبو، جڏهن ڪي عملي ۽ ٺوس طريقا اختيار ڪيا.
    ساڳيءَ طرح؛ پرماتما سان اهي انسان ملي سگهندا، جن کي پرماتما سان ملڻ لاءِ، لگن هوندي. جيڪي دنيا جي حرص ھوس ۽ ترشنائن کي تياڳي، سنسار روپي مھاساگر ۾ ٽپي پوندا. جڏهن منجهن اهڙي همت ۽ حوصلو هوندو ته پرماتما به ساڻن ضرور ملندو. اهڙا سالڪ ۽ نيڪ ارادي وارا شخص ئي، جيون کي سڦلو ۽ سولو بڻائي سگهن ٿا.
    حاصل مطلب: رڳي خواهش ڪرڻ وارو جيو، ڍير مثل آهي. جيون کي سڦلو ۽ ڪامياب بڻائڻ لاءِ، ڪي عملي قدم کڻڻ ضروري آهن. پرماتما سان فقط اهي ئي جيو ملي سگهن ٿا، جي ترشنائون تياڳي، سنسار ساگر ۾ ٽپي پون ٿا.


    95. گهر جو پير، چلهه جو مارنگ. (پھاڪو)

    معنى: سنڌيءَ ۾ هن چوڻيءَ جي ساڳي معنى واري ٻي چوڻي به آهي؛ گهر جي مرغي دال برابر. يعني گهر ۾ ڪھڙو به اعلى وڌوان يا گيان-وان هجي پر گهر جي ڀاتين جي سندس ۾ اک نه ٻڏندي. اهي ٻين کان وتندا صلاحون پڇندا. پوءِ اهي ٻيا ڇو نه گهٽ آزمودگار ۽ گهٽ گيان-وان هجن.


    96. گگر گگر پنڊا اڙيا. (پھاڪو)

    گگر هڪ پسارڪي چيز ٿيندي آهي، جا اڪثر ڪري هون يا يگيه يا ٻيو ڪو ڪرياڪرم ڪرائڻ ۾ ڪم ايندي آهي. هون يا ڪرياڪرم ڪرائڻ وقت، جون ۽ ترن سان گڏ، ٻانڀڻ گگر کي به گڏيندو آهي. نتيجي طور، گڏڻ وقت، گگر ٻانڀڻ جي هٿ کي لڳي ويندو آهي. اهو ٻانھن کي لڳل گگر، سولائيءَ سان لاهي نه سگهبو آهي.
    هيءُ پھاڪو تڏهن چيو ويندو آهي، جڏهن ڪو شخص پاڻ اهڙو ڪو ڪم ڪري جنھن ۾ پاڻ ئي ڦاسي پوي. سندس ڪيو، سندس آڏو اچي ۽ کيس مصيبت ۾ ڦاسائي ڇڏي.


    97. گهرجون جن جون گهٽ، سي پھاڙ چڙهندا جهٽ.

    بزرگ سدائين ننڍن کي اها صلاح ڏيندا آهن ته؛ صرفو ڪرين، تان پٽ هنڍاءِ.
    پھاڪي جي اکري خواه اندروني معنى، صاف صاف ظاهر آهي؛ اگر بچت ڪندين ته ريشم پائيندين. هت بچت جو واسطو خاص ڪري ڌن سان آهي. ڪيترن شخصن جو اهڙو ته عجيب سڀاءُ ٿي ويندو آهي، جو جيترو به محنت ڪري ڪمائين، بچائڻ کانسواءِ، سڀ خرچ ڪري ڇڏين.
    دک سک، انسان جا ڀائر آهن. جنم کان موت جي انتم گهڙين تائين، دک ۽ سک انسان کي لڳا پيا آهن. ‘سج؛ ٻه پاڇا’، قدرت جو اڻٽر نيم آهي. ڪھڙي وقت ماڻھوءَ جي مٿان، مصيبت جو پھاڙ اچي ٿو ڪڙڪي. ان جي پوري پوري سڌ، ڪنھن کي به ڪانھي. پرماتما جي ڳجهه جي، ڪنھن کي به خبر ڪانھي. انسان جي تِڇ سمجهه، اڃا تائين ان راز کي سلڻ ۾ سڦل نه ٿي آهي.
    سادو ٿي رهڻ ۽ بچائي رکڻ، منش جا سٺا لڇڻ سمجهيا ويندا آهن. کاڌي ۽ عيش ڪندي، ان جا انبار ۽ ڌن جا کوهه کٽيو وڃن. ليڪن اوکيءَ ويل لاءِ بچائي رکڻ، نه فقط سٺو گڻ آهي پر لازمي پڻ. جيڪڏهن ڪير جيترو ڪمائي اوترو کائي کپائي ڇڏي ته، قدرت جي ڪنھن آيل مصيبت کي منھن نه ڏيئي سگهندو. مصيبتون، پھاڙ جيان اچل ۽ اڻٽر آهن. انھن کي کٽڻ جي شڪتي، اگر انسان ۾ نه آهي ته، اهڙو انسان بلڪل تباهه ۽ برباد ٿي وڃي ٿو.
    چوڻي آهي ته؛ ‘اهو ڪي ڪجي، جو مينھن وسندي ڪم اچي.’ ڪيترن انسانن جي، اهڙي عجيب سمجهه هوندي آهي جو، ڄاڻي واڻي، اجايا ۽ بيسود خرچ ڪندا آهن. سندن حالت اهڙو ته رحم جوڳي هوندي آهي جو، سدائين ٻين اڳيان هٿ ٽنگيو بيٺا هوندا آهن. اها سڀاءَ جي خاصيت ته، بلڪل وڏ يا ڪمزوري آهي. انسان ڪڏهن ڀريءَ ۾، ڪڏهن ڀاڪر ۾.
    هر شخص جو اهو گڻ هئڻ جڳائي ته، هو جيترو ڪمائي ان مان وت آهر ڪجهه نه ڪجهه بچائي. جيڪڏهن بچائي رکندو ته آپدائن جي پھاڙ کي منھن ڏيئي سگهندو. سادي جيوت گهاريندڙ شخص، سدائين سکيا ۽ آسودا رهن ٿا. دکن جي گهاڻي ۾ اهڙا انسان، ڪڏهن به نه پيسجندا. هو سدائين سکي آهي ۽ سهنرا ھوندا.
    سادو پھرڻ ۽ سادو ورتائڻ، سک-دائي حياتي جا ڏاڪا آهن. هٿ-ڦاڙ ۽ گهڻ-خرچائو، پنھنجو پاڻ کي اوڙاهه ۾ اڇلي ٿو. ان ڪري اُهو جڳائي ته ڪمائيءَ مان بچائي رکجي، جيئن ڪڙڪي آيل تڪليف کي آسانيءَ سان منھن ڏيئي سگهجي.
    حاصل مطلب: جيڪي شخص، سادگيءَ سان هلن ٿا ۽ اوکيءَ ويل لاءِ پئسو بچائي رکن ٿا، اهي ڪھڙي به مصيبت کي منھن ڏيئي سگهن ٿا. بچائي رکڻ، سٺو ليکيو وڃي ٿو.
    مثال: چندر پرڪاش ۽ هريش ڪمار، ساڳيءَ آفيس ۾ ڪم ڪندا هئا. ٻنھي جو سڀاءُ، الڳ الڳ هو. چندر پرڪاش کي جيڪو به پگهار ملندو هئو، سو يڪدم خرچ ڪري ڇڏيندو هو. نتيجو اهو نڪرندو هو جو بيماريءَ يا ٻي ڪنھن تڪليف وقت، کيس ٻين اڳيان هٿ ٽنگڻو پوندو هو. هريش ڪمار پگهار مان، سدائين اوکيءَ ويل لاءِ، بچائي رکندو هو. مٿس جڏهن به، ڪا آفت ايندي هئي ته، ذرو به ڪو نه گهٻرائيندو هو.


    98. مٿو ڪوڙائي، ساک ڪڍڻ. (اصطلاح)

    ڪن ماڻھن جو اهڙو سڀاءُ ٿيندو آهي جو هو چاهيندا آهن ته؛ هر وقت ۽ هر هنڌ، سندن ساراهه پئي ٿئي. منجهن ڪو گڻ هجي يا نه، ته به سندن اهڙي خواهش هوندي آهي. منجهن ڪو عقل هجي يا نه، ته به چاهيندا آهن ته؛ ماڻھو سدائين سندن ساراهه ڪندا رهن ۽ جتي ڪٿي سندن گڻ ڳائيندا رهن. هنن ۾ ڪو لڇڻ هجي يا نه، ته به سندن اها خواهش هوندي آهي ته؛ جھان ۾ سندن ساراهه جون سرڪيون ڀرجنديون رهن.
    اهڙا ماڻھو جيڪڏهن ڏسندا آهن ته ھھئين سندن عزت ٿئي ٿي ته پوءِ ڪوڙي شان ۽ عزت کي برقرار رکڻ لاءِ، محفلون ۽ مجلسون ڪوٺائي، ناڻو پاڻيءَ جيان وهائي، پنھنجي واهه واهه ۽ ساراهه ٻڌندا آهن. اهڙا خود پڏڻا انسان، پئسو خرچي عزت خريد ڪندا آهن. پر سچ پچ، ماڻھو دليئون سندن ساراهه نه ڪندا آهن. ڪيترا سوارٿي ماڻھو وري، اهڙن مان پنھنجو ڪم ڪڍڻ يا مطلب پورو ڪرڻ لاءِ، وقت به وقت، سندن ساراهه ڪندا آهن. ڪم پوري ٿيڻ بعد، کين کنگھن به ڪو نه.
    مٿينءَ چوڻيءَ سان لاڳو چوڻي ٻي به آهي: گهر ٻاري، ڏياري ڪرڻ (اصطلاح). جنھن جو مطلب پڻ ساڳيو آهي. پنھنجي ساراهه چاهيندڙ ماڻھو، ڪيترو به ڌن خرچ ڪري ٻين ماڻھن کان ساراهه وٺندا آهن. پنھنجي شان کي وڌائڻ لاءِ، ماڻھن جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائيندا آهن. نتيجو اهو نڪرندو آهي جو، جيستائين ٻين ماڻھن جو منجهن سوارٿ هوندو آهي، تيستائين هو ساک ڪندا رهندا آهن. ڪم پوري ٿيڻ بعد؛ ‘ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو’، واري ڪار هوندي آهي.
    حاصل مطلب: ماڻھو اجايو ناڻو خرچي، پنھنجو نالو ڪڍائڻ چاهيندا آهن. سوارٿي شخص انھن کي تيستائين پڇن ٿا، جيستائين منجهن ڪو ڪم ڦاٿل آهي.


    99. مرڻا اڳي جي مئا، مري ٿين نه مات. (چوڻي)

    ڪوي شري چيتن دبو “بمراج” جو چوڻ آهي، “نه تن کي موت ماري ٿو، نه ڪي آهن سي مرڻ وارا. نڊر نادان آهن سي، کلي سرڙا ڏيڻ وارا. انھن جي پاڪ قدمن تي، سمورا سر نمائن ٿا. انھن جي ڌوڙ، ٻارن جي لاٽن تي لڳائين ٿا.”
    مٿيون جملو شاهه صاحب جو آهي. ان جي معنى اها آهي ته؛ جيڪي انسان موت جي وقت اچڻ کان اڳ ۾، مري وڃن ٿا، اُهي در اصل ڪڏهين به مرن نه ٿا. بلڪ هميشه جي لاءِ امر آهن. ائين ته قدرت جي ڳالهه ۾، هٿ وجهڻ جي طاقت، ڪنھن ۾ به ڪونهي. هر هڪ انسان کي، هن سنسار ۾ اوترا ئي سواس کڻڻا آهن، جيترا ايشور وٽان کيس مليا آهن. ان هوندي به ائين ڏٺو ويو آهي ته، ڪن انسانن جو موت، وقت کان اڳ ۾ ٿئي ٿو.
    دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻھو آهن؛ هڪڙا اهي جي موت کان ڊڄن ٿا. ٻيا اهي جي سر تريءَ تي رکي موت کي نينڍ ڏين ٿا. ايشور جا سچا عاشق ۽ طالبو، موت جو اونو نه ٿا رکن. سچ ٻولين ٿا ۽ سچ تنوارين ٿا. منصور حلاج، حق جو نعرو هنيو (آءٌ آهيان حق) ته کيس سوريءَ تي چاڙهيو ويو. سقراط، سچ جو نعرو هنيو، ڪوڙ ۽ پاکنڊ خلاف پرچار ڪيو ته، کيس زهر پيئاريو ويو. سقراط ۽ منصور، اڄ به انساني اتھاس ۾ امر آهن ۽ سندن نالو پيو ڳائجي. اهڙا جيو، مرن نه ٿا پر هميشه جي لاءِ امر بڻجي ٿا وڃن. ديش جي آزاديءَ خاطر، شھيد ڀڳت سنگهه، کلندي کلندي ڦاسيءَ جي رسي پنھنجي گلي ۾ وڌي هئي. ان وقت به سندس چپن تي مرڪ هئي. شھيد هيمون ڪالاڻي به، کلندي کلندي ملڪ مٿان جان نڇاور ڪئي ۽ ڦاسيءَ جو تختو قبول ڪيو. سچ ۽ اهنسا جي راهه ڏسڻ واري مھاتما گانڌيءَ به، سيني ۾ ٽي گوليون خوشيءَ سان سٺيون.
    اڄ به ڀڳت سنگهه، هيمون ڪالاڻي ۽ مھاتما گانڌي امر آهن. سندن نالي اڳيان، عزت ۽ شرڌا سان سر جهڪايو ٿو وڃي.
    ملڪي متوالن ۽ پرڀوءَ جي پيارن کي، جان جو اونو ڪونھي. هو ڄاڻن ٿا ته؛ هيءُ شرير ناسونت آهي. هڪ ڏينھن اوس ناس ٿيڻو آهي. ان ڪري ڇو ڪين هيءُ سرير، چڱي دڳ هلائجي. نيڪ ڪرم ۽ نيڪ واڻي، هن سنسار ۾ قائم رهڻي آهي. شرير، قائم رهڻو نه آهي. ان ڪري سچا سالڪ ۽ ماتر ڀوميءَ جا متوالا، سر کي قربان ڪرڻ ۾ دير نه ٿا لڳائين. هونءَ به هن سنسار ۾، ڪجهه به قائم رهڻو نه آهي. رڳو نالو ئي قائم رهڻو آهي. ان ڪري شاهه صاحب جو چوڻ آهي ته؛ جيڪي وقت اچڻ کان اڳ ۾ مري وڃن ٿا، سي در اصل مرن نه ٿا. جسماني چولو ته برابر ڇڏي ٿا وڃن پر، سندن نالو هميشه لاءِ امر رهي ٿو.
    حاصل مطلب: ملڪي متوالا ۽ سائينءَ جا سچا طالبو، جيڪي سچ خاطر پاڻ قربان ڪن ٿا، سي ڪڏهن به مرن نه ٿا. بلڪ، هميشه جي لاءِ، امر آهن.


    100. مشڪندي مشڪل کي، مانجهي مات ڪن. (چوڻي)

    سنڌي جي اعلى شاعر، شري نارائڻ شيام، انھن ئي ويچارن کي پنھنجي هڪ ترائيل ۾ هن ريت لکيو آهي:
    “دک ڀرئي گيت ۾، آهي ڀريل ڪوئي مٺاس.”
    زندگي، دکن جي اردگرد پيئي ڦري. لڳندو ائين آهي ته؛ جيون جو اهڙو ڪو به پل نه آهي، جنھن ۾ انسان کي دک سھڻو نه پيو هجي. جيوت جي هر هڪ پل ۾، انسان اڳيان، ڪيئي مشڪلاتون ۽ تڪليفون اچن ٿيون. بھادري ان ۾ آهي ته انھن جو مقابلو همت سان ڪجي. دنيا جي اندر اهڙو ڪو به پراڻي ڪونھي، جنھن کي دک نه رهيو هجي. اردوءَ جي شاعر، شري ساحر لڌيانوي چيو آهي:
    “دنيا ۾ ايسا ڪون هي، جس ڪو دک ملا نهين؟”
    اهڙو ڪو به سوار آهي ئي ڪو نه جو گهوڙي تان نه ڪريو هجي. اهڙو ڪو وڻ ئي ڪونھي جنھن کي جهولي جي جهڙپ نه لڳي هجي. دنيا جو هر هڪ پراڻي، مشڪلاتن ۽ مصيبتن جي گهيري ۾ ڦاٿو پيو آهي. ڪرڪڻ ۽ ڪنجهڻ سان، تڪليفون يا مشڪلاتون دور ته نه ٿينديون، اٽلندو انھن جو ٻوجهه وڌيڪ محسوس ٿيندو. ان ڪري سياڻن جو قول آهي ته؛ مرڪ جي تير سان، مشڪلاتن تي حملو ڪجي. سوکيم مرڪ، ڪھڙي به مشڪلات کي، سولائيءَ سان ناس ڪري ٿي. بلبل جي سيني ۾، سوين دردن هوندي به، مڌر گيت ڳائڻ جي ايشور کيس ڏات ڏني آهي. انسان اهو، جو مري مُرڪي ۽ مشڪلاتن جو مقابلو ڪري. چوڻي آھي؛ “ھر انڌيري رات پٺيان صاف ۽ سھانو صبح اچي ٿو. رات جيتري ئي وڌيڪ اونداھي ۽ ڀيانڪ ھوندي آھي، تارن ۾ اوتري ئي وڌيڪ چمڪ ۽ روشني محسوس ٿيندي آھي.” انسان کي همٿ هارڻ نه گهرجي. قدرت جو نيم اٽل آهي. جيڪي ٿيڻو آهي، سو اوس ٿيندو. ٿيڻيءَ کي ڪير به روڪي نه سگهندو. ان حالت ۾ انسان جو ڪم آهي ته، دور-انديشيءَ ۽ همٿ کان ڪم وٺي. کيس، آشا جي سھاري هلڻ جڳائي. ڪوي شري هريڪانت، نراشا ۾ ڦاٿل انسان کي تسلي ڏيندي، چوي ٿو؛
    “او خزان جا ڦولا، گلشن ۾ وري ايندو بھار.”
    دک سدائين قائم نه آهي. انسان کي جڳائي ته، همٿ سان دکن جو مقابلو ڪري. همت جي هٿوڙي سان، ڏونگر ڏاري سگهجي ٿو. هر هڪ انسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته؛ جھڙيءَ ريت هن سنسار ۾ سک قائم نه آهي، تھڙيءَ ريت دک به قائم نه آهي. انسان کي صرف، دروانديشيءَ ۽ تحمل کان ڪم وٺڻو آهي. مرڪي مرڪي، مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻو آهي.
    حاصل مطلب: دک ته انسان جي جيون ۾ اچڻو ئي آهي. ان کي ڪير به روڪي سگهي ئي نه ٿو. انسان کي جڳائي ته؛ مُرڪي ۽ کلي، دکن ۽ تڪليفن جو مقابلو ڪري ۽ مٿن فتح حاصل ڪري.


    101. منھن، ماڻھوءَ جي من جي آرسي آهي. (چوڻي)

    مثال: آرسي، شڪل ڏسڻ جي لاءِ ڪم آڻبي آهي. سھڻو ماڻھو، آرسيءَ ۾ سھڻو ڏسڻ ۾ ايندو. بدزيبو ماڻھو، آرسيءَ ۾ بدزيبو ئي ڏسڻ ۾ ايندو. ماڻھوءَ جي جھڙي شڪل هوندي، اهڙو ئي عڪس آرسيءَ تي پوندو.
    سمجهاڻي: انسان جي شرير ۾، ايشور جيڪي عضوا ڏنا آهن، سي سڀ اکين سان ڏسي سگهجن ٿا. من، عضوو ڪونھي، جنھن کي ڏسي سگهجي. ائين چيو وڃي ٿو ته؛ ‘ويچارن جو گهر، من آهي.’ من ۾ ئي، ويچارن جو جنم ٿئي ٿو. من ۾ ئي ويچارن جون لھرون اٿن ٿيون ۽ لھن ٿيون. دنيا جي اندر، اهڙو ڪو به انسان ڪونھي، جنھن جي من ۾ ويچار پئدا نه ٿين. من-وديا جي ماهرن جو رايو آهي ته؛ من سانت ڪري وهي ئي ڪو نه ٿو. انسان ڀلي ستل هجي يا ڪنھن ڪم ۾ رڌل هجي ته به، سندس من ۾ ويچار پيا پيدا ٿيندا. هڪڙا ويچار لھندا ته ٻيا چڙهندا. ويچارن جو پاڇو انسان جي منھن تي پوي ٿو. جھڙا جھڙا ويچار، انسان جي من ۾ پيدا ٿيندا، اھڙي لکا انسان جي چھري مان پوندي.
    مثال طور، اسان کي ڪنھن انسان لاءِ حقارت ۽ نفرت آهي. اگر اسين، پنھنجي زبان سان ان جو اظھار ڪري نه سگهنداسين ته به، نفرت جا آثار اسان جي چھري مان ظاهر ضرور ٿيندا. اسان جي من ۾، ڪنھن لاءِ ڪاوڙ پيدا ٿئي ٿي ۽ ڪنھن سبب ڪري اھا ڪاوڙ يا غصو، زبان سان ظاهر ڪري نه سگهنداسين ته به، اُن ڪاوڙائيندڙ ويچار جو عڪس، اسان جي چھري تي ڏسڻ ۾ ضرور ايندو. جيڪڏهن ڪنھن شخص لاءِ اسان کي تمام گهڻو پيار آهي ۽ مجبوريءَ سببان پيار جو اظھار زبان سان نٿو ڪري سگهجي ته به، پيار ڀريل ويچارن جو پاڇو اسان جي چھري تي هوندو. اسان جو ڪو دوست اسان کان گهڻن ڏينھن کان وڇڙيل آهي ۽ ڪافي عرصي بعد ملي ٿو ته اسان جي من ۾ سندس ملڻ جي جهجي خوشي ٿئي ٿي. اُن خوشيءَ جي جهلڪ، اسان جي چھري تان ڏسڻ ۾ ايندي. لوڀي ۽ حوسي ويچار، جيڪڏهن اسان جي من ۾ پيدا ٿين ٿا ته به، انھن جو اثر اسان جي منھن تي رهي ٿو. پوءِ ڀلي پنھنجي زبان سان ڪجهه به نه چئون. ڪنھن شخص جي چھري تان ئي ڀانپي وٺبو آهي ته؛ سندس اندر ۾ ڪھڙا ويچار آهن. نااميدي ۽ نراسائي به چھري مان سمجهبي آهي. دراصل نراس ۽ ويچار، اول من ۾ ئي پيدا ٿين ٿا. ڪيترين حالتن ۾ ته اهو به ڏسڻ ۾ آيو آهي ته، شخصن جي من ۾ سدائين برا ويچار پئدا ٿا ٿين. اُنھن جي شڪل به ڀوائتي ۽ اڻ وڻندڙ بڻجي ويندي آهي. جنھن شخص جي من ۾ دائمي نيڪ ويچار پئدا ٿين ٿا، تنھن جي شڪل نماڻي ۽ موهيندڙ بڻجي پوندي آهي. سندس چھري تي سدائين، ڪوملتا جو واسو هوندو آهي ۽ سوگيمتا نرنيه ڪندي آهي. ان ڪري ان چوڻ ۾ ذرو به وڌاءُ ڪونھي ته؛ “منھن، ماڻھوءَ جي من جي آرسي آهي.”
    حاصل مطلب: من ۾ جھڙا جھڙا ويچار پئدا ٿين ٿا، اهڙو اهڙو پاڇو چھري تان ڏسڻ ۾ ايندو. لوڀي ۽ حوسي، برن ۽ نيڪ، توڙي پراڪرمي ويچارن جو اثر، چھرو ڏسڻ سان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو.


    102. محبت نه جن جي من ۾، تن جي مٽي اڻاسي. (چوڻي)

    مٿين سٽ، سنڌ جي عظيم شاعر، سچل سرمست جي چيل آهي. سياڻن جو قول آهي ته؛ جن جي اندر ۾، انسان ذات لاءِ پيار نه آهي، تن جو جيئڻ هن جڳ ۾ اجايو آهي.
    انسان جو شرير، مٽيءَ جو ٺھيل آهي. موت پڄاڻا، پڻ مٽيءَ ۾ ملي وڃي ٿو. پرماتما، سڀني انسانن کي پئدا ڪيو آهي. نيچ يا اوچ، غريب يا شاهوڪار، چالاڪ يا چريو، سڀ ڌڻيءَ سڳوري جا خلقيل آهن. مالڪ، سڀني انسانن کي هڪجھڙو پئدا ڪيو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو، پرماتما جي انصاف جي ساهميءَ جا ٻئي پڙ، برابر ۽ سندس نظرن ۾ سڀ سمان. مگر انسان، هڪٻئي سان برابريءَ وارو ورتاءُ نه ٿا ڪن. ساڙ ۽ وير رکندي هڪ-ٻئي کي ونجوڳ، دغا ۽ دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. ائين ڪرڻ، انسان کي نه جڳائي. پرماتما، سڀني انسانن کي ان ڪري خلقيو ته پاڻ ۾ پيار ۽ حب سان هلن.
    حقيقت ۾ جو انسانُ، انسان کان نفرت ڪري ٿو، سو ڌڻيءَ کان دور ٿي وڃي ٿو. انسان جو انسان سان سٺي نموني هلڻ، پرماتما کي پائڻ جو ڏاڪو آهي. جيڪي انسان هڪٻئي سان سٺو نٿا هلن، تن جو جيئرو رهڻ اجايو ۽ وئرٿ آهي. هر انسان کي جڳائي ته؛ ٻين سان ساز سلوڪ سان هلي. من ۾ الاهي عشق ۽ پرماتما کي پائڻ لاءِ، امنگ ۽ جذبو رکي، دنيا ۾ رهي. دنيوي ڪارين ۾ به مشغول رهجي ۽ پنھنجي خلقڻھار کي به نه وسارجي. نج سوارٿ کي پوري ڪرڻ لاءِ، ٻين جو برو نه چاهجي. ڪرڻ ائين جڳائي ته؛ سڀني کي برابر ڄاڻجي. سڀني سان ڀلائي ڪجي. غريبن ۽ دکين تي، ديا ڪجي. تڏهن ئي انسان جو جيئڻ، ڪارگر ليکيو وڃي ٿو.
    حاصل مطلب: انھن انسانن جو جيئڻ ئي اجايو آهي، جن جي اندر ۾ انسان ذات لاءِ پيار نه آهي.


    103. ننڍڙو ٻار، مڇ جو وارُ، جيڏانھن ورائينس، تيڏانھن وري. (چوڻي)

    معنى: ننڍڙو ٻار، مڇ جي نرم وار جيان آهي، جنھن کي جيڏانھن ڦيرائبو تيڏانھن ڦرندو. يعني ٻار جي دل ڪچي ۽ ويچار به ڪچا ٿين ٿا. اُن کي جھڙي نموني هلائبو، هو ان نموني هلندو. ننڍي هوندي، اگر کيس سٺي نموني هلائبو ته وڏي هوندي منجهس سٺا لڇڻ پوندا، اگر ننڍي هوندي منجهس سٺا لڇڻ نه وجهبا ته، وڏي هوندي هو سٺو بڻجي نه سگهندو. شيوا جي مھراج کي، ننڍي هوندي ئي سندس ماتا جيجا ٻائيءَ، سٺا ويچار ڀريا ته، وڏي هوندي هو ديش ڀڳت بڻجي پيو.


    104. نه ڪنھن جي کٿي کي هٿ لائجي، نه پنھنجو پٽ ڦاڙائجي. (پھاڪو)

    معنى: ڪنھن سان به خوامخواهه هٿ اٽڪائڻ نه گهرجي. ڇو جو اگر ٻئي سان، ڄاڻي واڻي هٿ اٽڪائبو ته سڀاويڪ طرح سان اڳلو به اهڙي قسم جو وار ڪندو. پنھنجي عزت سان گڏ، اڳلي جي به عزت مٽيءَ ۾ ملائيندو.
    اها ته دنيا جي ريت آهي. جو جيڪڏهن ڪو پاڻ کي تونگر سمجهي، ٻئي سان اچائي کڻندو ته، لاچار ٿي اڳلو به وري کيس اهڙي قسم جي موٽ ڏيندو. ان ڪري سياڻا چوندا آهن ته؛ بابا ٻين سان ٺھي هلو. اجايو سجايو ڪنھن سان به هٿ چراند نه ڪجي. نه ئي وري ڪنھن سان، جهڳڙي جي شروعات ڪجي.


    105. ويل ويل، هٿ نه ايندي. (چوڻي)

    ويل؛ گذري ويل، ٽري ويل.
    ويل؛ ويلو، ٽاڻو، وقت، موقعو، مھل.
    ھتي ويل جي معنى آهي؛ وقت. وقت جو گذري وڃي ٿو، اهو واپس نه ٿو اچي. سيڪنڊن مان ڪلاڪ ٺھن ٿا. ڪلاڪن مان رات ۽ ڏينھن. ڏينھن جڙي، سال بڻجن ٿا. اهڙيءَ ريت، وقت جي جڙڻ جو اٽوٽ سلسلو جاري آهي. وقت، جو گذري ٿو وڃي، اهو ڪڏهن به واپس موٽي نه ٿو اچي. جھڙيءَ ريت ڪمان مان ڇٽل تير، واپس نه ٿو وري. ساڳيءَ ريت، گذريل وقت به واپس هٿ نه ٿو اچي.
    ڪيترن ماڻھن جي اها عادت ٿيندي آهي جو، ڪو به ڪم بروقت ڪرڻ کان پيا ڪيٻائيندا آهن. سڀاڻي يا ٻئي ڏينھن تي، اهو ڪم ڪرڻ نسبت پيا سوچيندا آهن. ساڳئي ڏينھن تي، ڪن مجبورين يا لاچارين سبب، اهو ڪم ڪري نه سگهندا آهن. ويلو ٽرڻ کانپوءِ، پيا هٿ هڻندا آهن ۽ پڇتائيندا آهن. هيءُ پھاڪو تڏهن چيو ويندو آهي. ان ڪري سياڻا، سدائين وقت انوسار ڪم ڪرڻ ۽ اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه رکڻ جي صلاح ڏيندا آهن.

    106. هٿ جي ڪنگڻ لاءِ، آرسيءَ جي ضرورت ڪونھي. (پھاڪو)
    انسان، ٻيا سمورا عضوا پنھنجي اک سان ڏسي سگھندو آھي. جڏھن ته منھن، جيڪو سندس سڃاڻپ آھي، اھو سڌو سنئون ڏسي نه سگھندو آھي. ان لاءِ کيس اھڙي شيءِ جو سھارو وٺڻو ھوندو آھي، جيڪا کيس پنھنجو چھرو پسائي ته جيئن ان وڌيڪ ٺاھڻ ۽ ان جا ظاھري عيب لڪائڻ ۾ انسان کي مدد ملي سگھي. اھو ئي سبب آھي جو آرسي، منھن ڏسڻ لاءِ ڪم ايندي آهي. آرسيءَ ۾، منھن بلڪل چٽو ۽ صاف ڏسي سگهبو آهي. جھڙو منھن هوندو، اهڙو ئي عڪس آرسيءَ ۾ ڏسڻ ۾ ايندو.
    دنيا ۾ ٻن قسم جون ڳالھيون ٿين ٿيون؛ هڪڙيون ڳجهيون ۽ ٻيون ظاهر. ڳجهين ڳالھين لاءِ، ڪن ثبوتن ۽ دليلن جي ضرورت پوندي آهي. جيڪي ڳالھيون بلڪل پڌريون ۽ ظاهر هونديون آهن، تن لاءِ ڪنھن به دليل جي ڪا ضرورت نه پوندي آهي. ان ريت جنھن هٿ ۾ ڪنگڻ پيو هجي، جنھن کي اسين پنھنجي ظاھري اکين سان، تمام سولائيءَ سان ڏسي سگهون ٿا. هي پھاڪو تڏهن چيو ويندو آهي، جڏهن ڪا به حقيقت بلڪل صاف ۽ چٽي هجي.



    (( سماپت ))


    ڏسڻي

    1. انسان، پتليءَ سمان.
    2. اکر پڙهه الف جو ٻيا ورق سڀ وار.
    3. آئي ٽانڊو کڻڻ بورچياڻي ٿي ويٺي.
    4. علم ۽ هنر ڀرپور چشما آهن.
    5. اندر اُجرو نه ڪري، ڌوئي ٿو ڌاڳا
    6. اٽي ۾ لوڻ:
    7. انڌن اڳيان روئڻ آهي اکين جو زيان.
    8. اُدم ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي.
    9. اي دل نه ڪر فڪر، ڪر شڪر، ڪر شڪر.
    10. انسان ذات جي شيوا ۾ ئي ايشور جي بندگي سمايل آهي.
    11. آههِ غريبان، قھر خدائي.
    12. اڻندو اُها جا ڪوريءَ جي من ۾ هوندي.
    13. اُٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت، اٺ جي لاهيءَ کي به لعنت.
    14. اڳياڙي تن جي سرهي، جن جي پڇاڙي سرهي.
    15. انڌا رکن روزا ته ڏينھن به ٿين وڏا.
    16. ابي جو ڏنو ڪھڙي ڪم جو، جيسين رب نه ڏئي.
    17. علم بنا عذاب گهڻا سھندي جندڙي
    18. بھشت ماءُ جي پيرن هيٺان آهي.
    19. بڇڙو ڪتو، ڌڻي پڻائي.
    20. ٻن ٻيڙين تي جو پير رکي سو اڄ نه ٻڏي، ته سڀاڻ ضرور ٻُڏي.
    21. ٻليءَ کي خواب ۾ ڇڇڙا يا ڇڇڙ.
    22. ٻه ته ٻارهن.
    23. ٻڪري جنھن وڻ سان ٻڌجي سو وڻ چري.
    24. ڏٺو سڀ وسار، اڻ ڏٺو ياد ڪر.
    25. ٻه گدار هڪڙي مُٺ ۾ نه ماپن.
    26. پن ٻڏي وڃن ۽ پٿر تري وڃن.
    27. پرائو محل ڏسي، پنھنجي جهوپڙي نه ڊاهجي.
    28. پاپ جي مايا، پراڇت جايا.
    29. پاڻ نه پاري، ڪتا ڌاري.
    30. پرائي دهلين، احمق نچي.
    31. پيادن مان هسوار ۽ هسوارن مان پيادا.
    32. پنج پنجوءَ وارا کٽا ئي پيا آهن.
    33. تر جي گٿي، سو چوٽون کائي.
    34. تيسين ڀڳي سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي.
    35. تن نه لاءِ طمع کي، طمع تکي تلوار يا، لالچ بڇري بلا آهي.
    36. تنھنجو سو منھنجو، منھنجي هٿ نه لاءِ.
    37. توڙي وڃي روم ته به ڍو ڍو ۽ ٿوم.
    38. تاڙي هڪ هٿي نه وڄي، ٻه ٿي وڄي:
    39. تون به رهه، مان به رهان.
    40. ڏٻري کي مڇر گهڻا.
    41. ٿورو ڏسي ارهو نه ٿجي، گهڻو ڏسي سرهو نه ٿجي.
    42. ٿڌو گهڙو پاڻ کي پاڻ ڇانو ۾ رکائي:
    43. ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ.
    44. جتي وڻ نه آهي، اُتي ڪانڊيرو به درخت:
    45. جيري خاطر ٻڪري ڪھڻ.
    46. جھڙي درشٽي، تھڙي سرشٽي.
    47. جتي باهه ٻري، اُتي سيڪ اچي.
    48. جي نميا، سي چڙهيا.
    49. جو ڍيري گڏهه رکپال:
    50. جان جيئين تان سک.
    51. جنين هٺ هارايو، تنين جيتيو جڳ کي.
    52. جيڏا اُٺ، تيڏا لوڏا.
    53. جيءُ خوش ته جھان خوش.
    54. جھڙا عاشق عيد ۾، تھڙا منجهه مقام.
    55. ڄڀ جي ترڪڻ کان پير جو ترڪڻ چڱو.
    56. چورن مٿان مور.
    57. چون ٿا جنھن کي زر، سا جهيڙن جو آهي گهر.
    58. چڱو جن لکيو، مندو سي نه پسن.
    59. دلبر هن دنيا ۾، وڃي رهندو واس.
    60. دم درميان، الله مھربان.
    61. ديس چوري، پرديش بکيا.
    62. ڌڻيءَ جي گهر، دير آهي پر انڌير ڪونھي.
    63. ڏاهو ڪانءُ ٻه ٽنگو ڦاسي.
    64. ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لھي.
    65. رڌي ڪُني يانصيب.
    66. رب رُسي مَتِ کسي، هڻي ڪونه هٿيار:
    67. روههِ رلا، مٿي کلا.
    68. زندگي، بي بندگي؛ رنجگي.
    69. ساهتيه آهي جيون جو سار ۽ سينگار.
    70. سوَ بندگي؛ هڪ رنجگي.
    71. سستي، گداگريءَ جو دروازو کولي ٿي. (نصيحت، چوڻي)
    72. سندرو سالم، ته منزل آسان.
    73. سکڻي ڪُني، گهڻو اُڀامي.
    74. سرمو سڀڪو پائي، پر اک اک جو ڦير.
    75. سھڻا ٽوهه، پٽن ۾ جام.
    76. سوري جنين سيج، مرڻ تن مشاهدو.
    77. سڀڪا ٻڪري پنھنجي ڦاهي ٽنگبي.
    78. سچ مرچان، ڪوڙ ڳڙ، پير پئسا، جوءِ گر.
    79. سوڙ آهر پير ڊگهيڙجن:
    80. سڪن گڏ آلا به ٻريو وڃن:
    81. صبح جو ڀليل اگر شام گهر واپس اچي ته به ان کي ڀليل نٿو سڏجي.
    82. سڀيئي مارگه مت، ڳالهه چون ٿا هڪڙي.
    83. ڪڏهن روح راڳن ۾ ريجھي، ڪڏهن بت بيتن مان بيزار.
    84. ڪتو به کاڌو، ڪک به نه ڀري.
    85. پرڻ چوي ڏونگهي کي؛ “هل ڙي ٽِه-ٽنگا.”
    86. ڪڙي ۽ قاتل جا هميشه هيراڪ.
    87. ڪوئي لڌي هيڊ ڳڙي، چي؛ آءٌ به پساري.
    88. ڪر ڀلو ته ٿيئي ڀلو.
    89. ڪچي ڪنان نه وريا، ته پڪي ڇا ورندا؟
    90. ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾:
    91. ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان:
    92. ڪر شيوا ته ملني ميوا:
    93. گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿو کٽا.
    94. گهڙيا، سي چڙهيا.
    95. گهر جو پير، چلهه جو مارنگ.
    96. گگر گگر پنڊا اڙيا.
    97. گهرجون جن جون گهٽ، سي پھاڙ چڙهندا جهٽ.
    98. مٿو ڪوڙائي، ساک ڪڍڻ.
    99. مرڻا اڳي جي مئا، مري ٿين نه مات:
    100. مشڪندي مشڪل کي، مانجهي مات ڪر.
    101. منھن، ماڻھوءَ جي من جي آرسي آهي.
    102. محبت نه جن جي من ۾، تن جي مٽي اڻاسي.
    103. ننڍڙو ٻار، مڇ جو وارُ، جيڏانھن ورائيس تيڏانھن وري:
    104. نه ڪنھن جي کٿي کي هٿ لاءِ، نه پنھنجو پٽ ڦاڙاءِ.
    105. ويل ويل، هٿ نه ايندي.
    106. هٿ جي ڪنگڻ لاءِ آرسيءَ جي ضرورت ڪونھي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515327
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205431
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ