ڪتاب جو نالو: طبي پهاڪا ۽ چوڻيون
مصنف: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ڇپائيندڙ: المنعم لائبرري لاڙڪاڻو
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 23 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 842 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 260 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”طبي پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن ۽ چوڻين جي ڪتاب جو سهيڙيندڙ عبد الوهاب سهتو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • طبي پھاڪا ۽ چوڻيون
  • 1. تندرستيءَ جي اهميت بابت چيل پھاڪا ۽ چوڻيون
  • 2. مرض جي مذمت ۾ چيل پھاڪا ۽ چوڻيون
  • 3. مرض لڳڻ کان اڳ تدبير ڪرڻ بابت پھاڪا ۽ چوڻيون
  • 4. بيماري آڻيندڙ يا بيماريءَ جو سبب بنجندڙ شين بابت پھاڪا ۽ چوڻيون
  • 5. علاج طور ڪتب ايندڙ ٽوڻن ڦيڻن بابت پھاڪا ۽ چوڻيون
  • 6. پرهيز، ڪريءَ يا رکَ بابت پھاڪا ۽ چوڻيون
  • 7. جسماني علاج سان گڏ روحاني علاج بابت پھاڪا ۽ چوڻيون
  • 8. سٺن طبيبن جي ساراهه ۾ چيل پھاڪا ۽ چوڻيون
  • 9. اڻ ڄاڻ طبيبن جي مذمت ۾ چيل پھاڪا ۽ چوڻيون
  • 10. لاعلاج مرضن بابت چيل پھاڪا ۽ چوڻيون
  • 11. طبي تشبيھن تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (187) ”طبي پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن ۽ چوڻين جي ڪتاب جو سهيڙيندڙ عبد الوهاب سهتو آهي.

    هي ڪتاب المنعم لائبرري لاڙڪاڻي پارن نئين سر نظرثاني ڪري اي بوڪ ايڊيشن ۾ سندس ويب سائيٽ تي آندو آهي. ٿورائتا آهيون سائين عبد الوهاب سهتي جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    طبي پھاڪا ۽ چوڻيون

    انجنيئر عبدالوهاب سھتو

    اڪ جو کير، اک ۾ نه ڏھائجي. (طبي، چوڻي) اڪ جو کير، ڪؤڙو ۽ ڪسارو ھئڻ سبب، نازڪ عضون لاءِ ھاڃيڪار آھي.
    اگهي امير کان، سَگهو غريب سٺو. (طبي، چوڻي) اگھو؛ بيمار. سگھو؛ چاق چڱو. ۲. بيمار ماڻھو، ھر معاملي ۾ ٻين جو محتاج رھي ٿو، جڏھن ته چاق ماڻھو گھمڻ ڦرڻ ۾ آزاد آھي. ۲. اگھي شاھوڪار کان، سگھو غريب ڀلو. (طبي) اگھو؛ بيمار. سگھو؛ چاق چڱو. ۲. بيمار ماڻھو، ھر معاملي ۾ ٻين جو محتاج رھي ٿو، جڏھن ته چاق ماڻھو گھمڻ ڦرڻ ۾ آزاد آھي. ۲. اگھي شاھوڪار کان، سگھو غريب ڀلو. (طبي) ۳. ڌن دولت واري کان، صحت وارو وڌيڪ امير آھي.
    آيل جڏو، ويٺل طبيب. (طبي، چوڻي) مھمان ٻاھران ايندو آھي، تنھنڪري ٿڪل ھوندو آھي. جڏھن ته ميزبان گھر ۾ ھئڻ سبب، اڻ ٿڪل ھوندو آھي. نتيجي طور، ميزبان کي ئي مھمان جي ٽھل ٽڪور ڪرڻي پوندي آھي.
    بي مروت طبيب گهرندو آهي ته ساري خلق بيمار هجي. (طبي)
    بيدار دماغ، تندرست جسم ۾ ئي رھندو آھي. (طبي، چوڻي) تندرست دماغ لاءِ، تندرست جسم ھئڻ ضروري آھي. ۲. دماغي ڪمن ڪرڻ واري کي، پنڌ ۽ ڪسرت سان گڏ جسم جي خوراڪ پڻ ڪرڻ کپي.
    بيمار، بي ميار. (طبي، چوڻي) بيمار/ معذور، پنھنجي جسماني لاچاريءَ سسب ڪنھن به ڪم کان لنوائڻ ۾ بي ميار آھي.
    بيمار، پاڻ کڻي پنبا هڻي. (نصيحت، پھاڪو) معذور، ٻين سان وڙهي ڪين سگهندو.
    بيماري دوا سان لھندي. (طبي، چوڻي) بک، کاڌي سان لھي ٿي، تيئن بيماري وري دوا سان ھٽي ٿي. اھو ئي سبب آھي جو فرمايل آھي؛ ھر بيماريءَ لاءِ دوا آھي.
    بيماريءَ جو کڏ تي چڙهي واڪو ڪجي. (هندي، پھاڪو) بيماري لڪائي ته علاج نه ٿي سگهندو. ۲. بيماريءَ بابت ٻين کي ٻڌائجي ته علاج به نڪري پوندو.
    ڀنگياڻي ٿئي راڻي، طبيعت اها ئي گونھاڻي. (ساهتي، پھاڪو) هڪڙو امير ماڻھو، هڪڙيءَ نوجوان سھڻي ڀنگياڻيءَ تي عاشق ٿي پيو، مائٽن جي مرضيءَ خلاف، ساڻس شادي ڪيائين. شاديءَ جي ڪجهه ڏينھن کانپوءِ شھزاديءَ جي طبيعت ناساز ٿي پئي. حڪيم طبيب ڏاڍا گڏ ٿيا پر طبيعت نه سڌري. هڪڙي حڪيم کي خبر پئي، تنھن گهڻن پئسن وٺڻ پڄاڻان، جواهرن سان جڙيل، دٻليءَ ۾ ڪرفٽي ڪٽي، معجون جو نالو ڏئي، پيش ڪندي چيو؛ ”راڻي صاحبه پنھنجي منھن سان دٻليءَ مان معجون سنگهندي ته طبيعت سڌري ويندس.“ ۲. هريل ماڻھو، ھير کان باز نه ايندو آھي. ۳. فقيرياڻي ٿئي راڻي، چي؛ ”جارا ڏيڻا، مين کاوڻا.“
    پلو، تپلو. (ٿر، طبي، چوڻي) ٿر جي ڏهرن ۾ ٻيريون جام ٿين.. انھن جا پن ڇاڻي ڍڳ ڪن، جن کي پلو چئبو آهي. جيڪو سياري جو تپلو/ گرم هئڻ ڪري، مال کي کارائبو آهي ته مال جو سيءَ کان بچاءُ ٿيندو آهي.
    پنھنجي صحت جو پاڻ حڪيم رھ، ڪڏھن بيمار نه ٿيندين. (طبي) طبي اصولن تي زندگي گذارڻ سان، پنھنجي پاڻ کي بيمارين جي اچڻ کان بچائي سگھجي ٿو. ائين ڪرڻ وارو حڪيمين طبيبين تات نه ٿو پوي.
    پيٽ صاف، بيماري معاف. (طبي، چوڻي) بيماريون جسم اندر کاڌي پيتي جي ذريعي داخل ٿين ٿيون. اگر پيٽ صاف رکبو ۽ منجھس گھڻو اوٽ پٽانگ نه ڀربو ته بيمارين کان بچي سگھبو. ۲. ڀيٽيو؛ وات؛ اڌ حڪيم آھي.
    پير-سور وارو، ڪياڙي نه کنھندو. (طبي، پھاڪو) جنھن کي پير ۾ سور هوندو، سو پير ئي ٽڪوريندو، بيھي ڪياڙي نه کنھندو.
    پيري، بيماريءَ جو گهر. (طبي، چوڻي) پيريءَ ڪمزوريءَ جي علامت آهي، ڪمزور تي هر بيماري حملو ڪندي آهي. قوت مدافعت ختم ٿيڻ سبب، بيماري سان جهيڙڻ اوکو ٿي ويندو آهي.
    تڪڙو کائڻ سان، ھاضمو بگڙي ٿو. (طبي، چوڻي) کاڌو تڏھن آنڊن اندر ھضم ٿئي ٿو جڏھن ڏندن سان چڱيءَ ريت چٻاڙيل ھجي. تڪڙو ماڻھو، چاٻا ڏيڻ وارو وقت، بچائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي، جنھن ڪري کاڌو بنا چٻڻ جي اندر ويندو آھي ۽ اتي معدي ۽ آنڊن لاءِ بيماريءَ جو سبب بڻبو آھي.
    تڪڙو ماڻھو، ٻه ڀيرا هنگي. (ساهتي، پھاڪو) تڪڙ سبب، ڪم نامڪمل رهي ٿو، مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻيھر ڪرڻو پوي ٿو.
    تون حبيب، تون طبيب، تون درد جو دارون. (شاهه، يمن ڪلياڻي، چوڻي) هر درد، بيماريءَ جو علاج خدا تعالى وٽ آهي. ۲. تون حبيب تون طبيب، تون درد جي دوا. (شاهه)
    ٿوري گرهين، گهڻو کاڄي. (طبي، پھاڪو) ٿورو/ ننڍو گرهه چٻاڙڻ سولو، جلد چٻاڙڻ سبب، جلد کاچي ۽ هضم ٿئي. وڏي گرهه کي چٻاڙڻ سان چاڙيون به ٿڪجن ۽ گهٽ کائي سگهجي. ۲. ٿوري گرهين، گهڻو کائجي. ۳. ٿورين گرھئين، گھڻو کائڻ. ۴. خدا طرفان مليل سھوليتن مان، آهستي آهستي فائدو وٺجي، هڪدم جهاٽڪو نه ڪجي. ۵. ڏهجي گهڻا ڏينھن، ڪُھجي هڪ ڏينھن.
    جاءِ ته ھوادار، جوءِ ته حيادار. (طبي چوڻي) ھوادار جاءِ اندر، جسماني بيماريون ورلي داخل ٿين، جنھن سببان اھا جاءِ ڄڻ نعمت آھي. حياءَ واري عورت، جيڪا مرد جي ملڪيت ۽ عزت ۾ خيانت نه ڪري، سا ڄڻ ھڪ غنيمت آھي.
    جان جان ناهه ضرور، تان تان طبيب ناه ڪو. (شاهه، چوڻي) بنا ضرورت جي ڪابه شيءِ ايجاد نه ٿي ٿئي ۽ نه ئي ان جو ڪو موجد ظاهر ٿئي ٿو. ۲. ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. ۳. ايجاد، ضرورت جي ڪک مان جنم وٺندي آهي.
    جاڻ ته جواڻ. (طبي، چوڻي) جاڻ ڦڪڻ سان ٿڌ جو اثر زائل ٿئي ٿو ۽ جسم ۾ نئين توانائي، جواني اچيو وڃي.
    جتي چينگھ ڦري، اتي مال ۾ بيماري ڪا نه پوي. (طبي، چوڻي) چينگھ: چيڪلو. ۲. جتي چينگھ ڦرندي آھ، اتي مال ۾ بيماري ڪا نه پوندي آھ. ۳. چرپر واري جاءِ تي بيماريون گھٽ، پرگھٽ ٿينديون آھن.
    جڏهن بک لڳي، تڏهن کائجي. (طبي، چوڻي) پيٽ تي بيجا وزن وجهڻ سان، ماڻھو بيمارين ۾ مبتلا ٿئي ٿو.
    جلاب اَسُوءَ ۾ وٺڻ، صحت لاءِ فائديمند آھي. (طبي، چوڻي) جلاب سان پيٽ جي صفائي ٿئي ٿي ۽ ماڻھو ڪيترين اڻٽر بيمارين کان بچي ٿو. اھو وٺڻ لاءِ به موسم ۽ وقت نظر ۾ رکڻ گھرجن، ٻي صورت ۾ نقصانڪار آھي. اسوءَ جي مھيني ۾ موسم اھڙي ھوندي آھي جو نه اس وڻندي آھي ۽ نه ڇانءَ. دل اڳي ئي کاڌي سان ڪچي ڪچي پئي ٿيندي آھي. ھاضمو خراب ھوندو آھي. جلاب وٺبو ته پيٽ ئي ٺري پوندو ۽ سال کن صحت لاءِ چڱو فائدو ٿيندو.
    جو کائي رُکي، سو سمھي سُکي. (طبي، چوڻي) هلڪو ۽ زود هضم کاڌو کائڻ واري کي سدائين قرار هوندو آهي. ۲. سڻڀا، روغني يا مرغن غذائون کائڻ وارا بيمارين ۾ ورتل ھوندا آھن.
    جو ڪري حبيب، سو نه ڪري طبيب.
    جي ڀانئين ته بت ۾ وران ته ڪسرت ڪر. (طبي، چوڻي) ورزش ڪرڻ وارو ھڏ-رک ۽ سست نه ٿو رھي پر ڪراڙو به جلد نه ٿو ٿئي. ڀانئين ته بت ۾ وران ته ڪسرت ڪر. (طبي چوڻي) توانو رکڻ لاءِ، جسم کي حرڪت ۾ رکجي.
    چڱي دوا ڪڙي ٿيندي آهي. (طبي، چوڻي) فائدو ڏيندڙ شيءِ وقتي اگري لڳندي آهي.
    ڇاتيءَ جھڙو ٻر ناهي، اکين جھڙي جوت ناهي. (طبي، چوڻي) پنھنجي همت ۽ طاقت جھڙو ٻيو ڪوبه مددگار ناهي. اکين ۾ ديد آهي ته دنيا به رنگين نظر ايندي. ۲. ڇاتيءَ جهڙو ناهي ٻَر، اکين جهڙي ناهي جوت. (چوڻي)
    ڇُٽو ڇڪون ڏيئي، لنگھيو لڪ سڀيئي. (طبي، چوڻي) ڇڪ ڏيڻ يا ڇڪ جو اچڻ به الله جي ھڪ نعمت آھي، جنھن جي اچڻ تي جيترو سندس شڪريو بجا آڻجي اوترو ٿورو آھي. ڇو جو ڇڪ اچڻ سان نڪ، گلي ۽ ڪن جا، اکين جي نارن سميت، نار کلي وڃن ٿا، جنھن سان ساھ کڻڻ ۾ سھنجائي ٿئي ٿي.
    ڇڏ گدلائي، ڪر سٺائي، سدا رهه اڇو. (طبي، چوڻي) صفائي سٿرائي، صحت جي اصولن مان اولين آهي. ۲. صفائي نصف ايمان آهي. ۳. ڇڏ گدلائي، ڪر سٺائي، سدا رهه اڇو، ملي ميٽ لڱن کي، تون وهنجي ڌو مٿو.
    حاڪم ۽ حڪيم ۾ شل نه پوي تات. (طبي چوڻي) ٻئي ۾ پيل ڪم محتاج ڪري، پر اھڙو ڪم جيڪو گھڻا ماڻھو نه ڪري سگھن، سو اگر ڪنھن ڏکئي ماڻھوءَ ۾ پوي ته گھڻو رڙائي.
    حڪيم جو يار، سدائين بيمار. (طبي، چوڻي) جنھن سان ياري رکبي، اھو پنھنجي طاقت جو مطاھرو ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ ضرور ڏيکاريندو. ۲. حڪيم به پنھنجا ٺاھيل نسخا، دوستن يارن تي آزمائيندو آھي، پوءِ ڀلي کين انھن جي ضرورت ھجي يا نه. ھيءُ نسخي آزمائڻ خاطر، کين ھروڀرو به پيو ضد ٻڌي بيمار ڄاڻائيندو.
    حڪيمن ۽ حاڪمين، شال نه ڪو تات پوي. (طبي، چوڻي) ڊاڪٽر ۽ وڪيل سان شل نه ڪنھن جو پالو پوي، پنائي مارينس. ۲. حڪيمن ۽ حاڪمين، شل ڪنھن کي ڌڻي نه وجهي. ۳. حڪم حاڪم، مرگ مفاجات (فارسي) ۴. حاڪم جو حڪم، پٽيءَ تي موت.
    دک دارون، سک روڳ. (هندي، طبي، چوڻي) سک/ عياشيءَ ۾ پئسي ۽ جسم جو نقصان، ڏک/ تڪليف ۾ سھپ ۽ طاقت وڌي ٿي.
    دل درست: تن درست. (ٿر، طبي، چوڻي) تندرستيءَ جو دارومدار دل جي درستگيءَ تي پڻ منحصر آهي.
    دوا به ڪجي، دعا به ڪجي. (طبي، چوڻي) دعا کان سواءِ دوا به اثر نه ٿي ڪري. ۲. امر کان سواءِ، ڦڪيون فرق نه ڪنديون تنھن ڪري امر لاءِ دعا ضرور گهرجي.
    ڏنڀ، آهي ٿنڀ. (لاڙ، پھاڪو) ڏنڀيل جاءِ تي، وري بيماري مشڪل ٿئي ٿي. ۲. دنيا جون سختيون، ماڻھوءَ ۾ همت ۽ جذبو پيدا ڪن ٿيون.
    سائيءَ واري کي، سڀ ساوا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. (طبي، پھاڪو) هر ڪو ٻين کي پاڻ جھڙو سمجهندو آهي. ۲. ڀيٽيو؛ سانوڻ جي انڌي کي ساواڻ ئي نظر ايندي آھي.
    سردي ڀوڳيُن جي، گرمي روڳين جي. (طبي، چوڻي) (ڀوڳي؛ عياش. روڳي؛ بيمار. سردي عياشن لاءِ ڀلي آھي. گرمي وري بيمارين کان بچڻ لاءِ ٺيڪ آھي.)
    سرير سگهو: سنسار سگهو. (طبي، چوڻي) جھان به ان کي وڻي ٿو، جنھن کي اندر ۾ ڪا لنجھڻ ناھي. ۲. ڀيٽيو؛ جيءُ خوش، جھان خوش.
    سگهو کائي ان، اگهو کائي ڌن. (طبي، چوڻي) صحتمند جو گذر، ٺلھي مانيءَ تي ٿيو وڃي. جڏھن ته بيمار کي خوراڪ سان گڏ دوا درمل به کپي. ۲. ڀيٽيو: تندرست کائي ان، بيمار کائي ڌن. (چوڻي) بيٺو کائي اَنُ، پيو کائي ڌنُ. (چوڻي)
    سؤ دوا، ھڪ ھوا. (طبي چوڻي)
    سينکيو مارجي ته گيھه ڪچو ته وِهُه. (طبي، چوڻي) سينکيو ماريل هوندو ته مرداني طاقت لاءِ، گيھه وانگر طاقت بخش ٿيندو.
    صبر ۾ حڪمت آهي. (طبي)
    طبيبين تات، دشمن به نه پوي.
    ڦڪيون تڏهن فرق ڪن، جڏهن امر ٿئين الله جو. (شاهه، چوڻي) بيماري/ تندرستي تڏهن ايندي، جڏهن خدا تعالى جو حڪم ٿيندو. ۲. ڦڪيون ڪن نه فرق، جيسين امر ان جو. (لاڙ، طبي)
    قدر صحت جو سو ڪري، جو بيماريءَ ۾ ڳري. (طبي، چوڻي) جنھن کي بيماري/ روڳ نه لڳو آهي، تنھن کي ڪو به ڀؤ ناهي.
    قضا آئي، طبيب پاڳل ٿيو وڃي. (طبي، فارسي)
    کا ڪر مُوتئي سووئي وام، اس ڪو ڪڀي نه وئد سي ڪام. (ھندي، چوڻي)
    کاءُ انهن سان کائڻي، کائي جي ڄاڻن، متان ساڻ ٻئن، کائي خُلق وڃائين. (لاڙ)
    کائي گلو، ڀري ھيڪلو. ۲. کائي گلو، سِر وڃي ڪَلهو. (اڪيلو).
    کائي ھنگايو، سڀ ڪجھ وڃايو. (طبي، ھندي، چوڻي) ۲. کائي ھنگايو، سو نه ڍايو. (طبي، ھندي، چوڻي)
    کائي وات، ڳَنَ ڏئي ڳُئي.
    ڪُٺيس ڪُويڄن، تن طبيب نه گڏيا+ ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکوئيو.
    ڪم لٿي کانپوءِ، طبيب وڃي مئو ته حرڪت ناهي. (مرهٽي، طبي)
    ڪن کي واڱڻ وائي، ڪن کي بصر بادي. (طبي، پھاڪو) واڱڻ گرم هئڻ سبب سرد نه ٿيندو آهي. بصر بادي ٽوڙ هئڻ سبب بادي نه ڪندو آهي. ۲. هر ماڻھوءَ جي طبيعت مختلف آهي. مختلف حالتن ۾، مختلف شيون، مختلف اثر ڪن ٿيون. ۳. ڪنھن کي بصر بادي، ڪنھن کي واڱڻ وائي. واڱڻ ڪن کي وائي، ڪن کي بادي. (لاڙ)
    ڪي مٺا مرض ۽ لذتي دوائون به آهن ڇا؟ (تيلگو، طبي) ڪو به مرض يا تڪليف، وڻندڙ شيءِ ناهي. ڪو به علاج سولو، سستو ۽ وڻندڙ ناهي.
    گندگيءَ سان بيماري ٿئي ٿي. (طبي، چوڻي) صفائي سٿرائي رکڻ وارا، جسماني توڙي روحاني بيمارين کان بچاءِ ۾ رهن ٿا.
    گھٽ کائڻ ۽ غم کائڻ، ٻئي ڀلا. (طبي، ھندي، چوڻي) ۲. گھٽ کائڻ سان تن درست، غم کائڻ سان من درست.
    گوشت کاڌي وڌس ماس، انَّ کاڌي وڌي اوجهري، کير پيتي وڌي رت، گيھه کاڌي وڌي کوپري. (طبي، چوڻي) هر هڪ شيءِ مان ڪو نه ڪو فائدو ضرور حاصل ٿئي ٿو.
    گيھه، زهر جو اُتار آهي. (طبي، چوڻي) اُتار: اها دوا جنھن سان ٻيءَ دوا جو اثر لاهجي، ترياق. ۲. گيھه پيئڻ سان، نانگ، وڇونءَ وغيره جي ڏنگيل جو زهر بي اثر ٿئي ٿو.
    ڳڙ سان مرندڙ کي، زھر نه ڏجي. (طبي، پھاڪو) ۲. ڳڙ سان مري، تنھن کي زھر ڇو ڏجي. ۳. ڳڙ سان مري، ته زهر ڇو ڏجيس؟
    ماکيءَ کان وڌيڪ سٺي دوا نه آهي. (طبي، چوڻي) ۱. ماکي، ٻٽيھن (۳۲) مرضن تي پوي ٿي. ۲. ماکيءَ مان نقصان (سائيڊ افيڪٽ) ناهن.
    مرض کي روڪڻ، علاج کان بھتر آهي. (طبي، پھاڪو) مرض پکڙجڻ کان اڳ اپاءَ وٺجن، بعد ۾ هر مريض جو علاج ڪرڻ ڏکيو آهي. ۲. دوا کائڻ کان ڪِري/ رک ڪرڻ چڱي آهي.
    مرھم ٺاھي نه سگھجي ته ڏنگ نه ھڻجي. (طبي، پھاڪو)
    مغز جي سور جو علاج، تاج نه ٿئي. (طبي، پھاڪو) ظاهري ڏيک ويک سان، اندر جون بيماريون ختم نه ٿيون ٿين.
    مھربان طبيب، بيمار جي اک تان ڪري پوندو آهي. (طبي، پھاڪو) جراح Surgeon وڍ ڪٽ کان لھرائيندو ته، بيمار جي بيماري ڪيئن ختم ٿيندي؟ ۲. ڀيٽيو؛ گھوڙو گاھ سان ياري رکندو ته بک مرندو.
    نرويو نه ڄاڻي، ڪوئي ڏک ڏوار جو. (هندي، چوڻي، طبي.) (نرويو: تندرست. ڏوار: بيمار. ۲. تندرست کي بيمار جي حال جي ڪائي خبر ناهي.)
    نزلو ڪمزور، ضعيف عضوي تي ڪرندو آهي. (طبي، پھاڪو) ۱. مصيبت، مسڪينن تي وڌيڪ ڪڙڪندي آهي. ۲. ڀيٽيو: ڏٻري ڍور تي مڇر گهڻا.
    نه هڪ ڪِري، نه سؤ دوائون. (طبي، چوڻي) مرض کي روڪڻ لاءِ دوائن کان ڪِري/رک بھتر آهي. Prevention is better than cure.
    نيرن کائو بادشاھن وانگي، ڏپھرو/مانجھاندو ڪيو شهزادن وانگي، رات جي ماني کائو مزدورن وانگي. (طبي، چوڻي)
    وات ته مُئي نه ته پُئي. (طبي، چوڻي) وات ته مئي، نه ته جھڙو وات تھڙي ڳئي. (سرو) (پُئي: ڪاڪوس خانو (Lateran) ، مُئي: ماچڻو. ڏندڻ کان سواءِ وات ڌپ ڪيو وڃي. ڀيٽيو: وار ته ڦڻي، نه ته ڪوڙاءِ کڻي.)
    وات، اڌ حڪيم آهي. (طبي، چوڻي) وات آهي اڌ حڪيم/ طبيب. (ساهتي) ۱. کاڌو واتان کاڄي. ماڻھو کاڌي مان ئي بيمار/صحتياب ٿئي. 2. صحت لاءِ وات تي ضابطو ڪرڻ گهرجي.)
    وار ته ڦڻي، نه ته ڪوڙاءِ کڻي. (سرو، طبي، پھاڪو) (صفائيءَ سٿرائيءَ کانسواءِ، وار به نه ٿا ٺھن.)
    واندو ماڻھو، جلد مرندو آهي. (طبي، چوڻي) (غير مصروف ماڻھو، دنيا مان جلد هليو وڃي ٿو.)
    وڏو مرض، ڊگهو علاج. (طبي، چوڻي، پھاڪو) (وڏيءَ برائي، بيماريءَ کي پاڙان پٽڻ لاءِ وڏو جھاد ڪرڻو ٿو پوي.)
    وقت وڍيندڙ به آهي ته ويڄ ڀي. (سنڌ، طبي، چوڻي) (زمانو، وقت، ڪن کي ٺاهي تهڪن کي ڊاهي ڇڏي)
    وڻو لھي وڃي، رئو ڪين لھي. (ابتي، طبي، چوڻي) وڻو وسري وڃي، رڻو ڪين لھي. (ابتي) وڻو ڪين وسري، رڻو لھي وڃي. (صحيح) (ڀيٽيو: رڻو ڪين لھي.)
    وهم جي دوا، لقمان حڪيم وٽ به ڪانھي. (طبي، چوڻي) (هر مرض جو علاج آهي پر وهمي، شڪي ماڻھوءَ جو ڪوبه علاج ڪونھي)
    وهيءَ جا ڌڪ، پيريءَ ۾ ظاهر ٿين. (طبي، چوڻي) (وهيءَ، جوانيءَ ۾ ڪيل ارڏاين جا نتيجا پيريءَ ۾ لوڙبا آهن.)
    ويڄ! ڏنڀيين ڪُھ ٻانھن! سُورَ هينئين کي سامُھان. (شاهه، بروو سنڌي، چوڻي) (اي طبيب، جڏهن سور دل ۾ آهي ته پوءِ ٻانھن جو سور جو علاج ڇو ٿو ڪرين؟!)
    ويڄنئون ويئي، ٿي وهيڻي سڄڻين. (شاهه، يمن ڪلياڻ، چوڻي) (طبيبن جي هٿ شفا ناهي. خدا تعالى کان شفا ملندي.)
    ويد ڪري ويدائي، سائين ڪري چڱائي. (طبي، چوڻي) (ويد، حڪيم، طبيب، فقط دوا ڏيندو. شفا الله کان ايندي.)
    اوجھ ڀرڻ، آ روڳ ڀرڻ. (طبي)
    اڌ حڪيم آھي، ڪِري. (طبي)
    اڌ-رنگ، ماري يا کاري. (طبي)
    ايترو کائجي، جيترو ھضم ٿئي. (طبي)
    آهي گهڻو اگهن جو، ترس طبيبن، ڪئو وس ويڄن، تان ڪريءَ ريءَ ڪين ٿئي. (شاهه، يمن ڪلياڻ، چوڻي)
    بک ڌاران کائڻ، بت جو زيان، گھرج ڌاران ڳالھائڻ، آبروءَ جو زيان. (لاڙ، طبي)
    بي مروت طبيب گهرندو آهي ته ساري خلق بيمار هجي. (لاڙ، طبي)
    بيماريءَ جو علاج آھي، موت علاج ڪونھي.



    دنيا جي تختي تي زندگي گهارڻ لاءِ، هر انسان قدرت طرفان سھڻي صورت، سگهو سرير ۽ عمر جون چار گهڙيون کڻي آيو آهي. اهي چار گهڙيون به کيس تياريءَ واسطي مليل آهن ته جيئن زندگيءَ جي امتحان ۾ پاس ٿي سگهي. پاس ٿيڻ جي تياري اهو ڪري سگهندو، جنھن جو ڌيان ٻين معاملن کان هٽيل ۽ امتحان واري معاملي ڏانھن يڪسوئيءَ سان مرڪوز هوندو. ڌيان تڏهن مرڪوز رهندو، جڏهن طبيعت بحال هوندي ۽ جيءُ ڪم ۾ لڳندو. اهو سڀ ڪجهه وري تڏهن ممڪن آهي، جڏهن ماڻھو طبعي طور سنئين لڱين، تندرست ۽ سگهو آهي.
    تندرست، سگهو، جانٺو جوان ئي ڪم جي لائق رهي ٿو. اهو به تڏهن، جڏهن کيس ڪا ٻي لنجهڻ نه هجي. روڳي ماڻھو پاڻ ته بيڪار رهندو پر ٻين کي به کاري بيڪار ڪري ويھاري ڇڏيندو.
    سگهائيءَ ۽ جوانيءَ جي هر شيءِ مزو ڏيندي آهي. سگهه ۽ جواني آهي ته جنگل ۾ به منگل پيا معلوم ٿيندا. سرير سگهو ۽ ترشنا جوان هجي ته گونھن ۾ به سونھن آ. ان جي برعڪس سرير ٻڍو ته ترشنا به مئل. پيريءَ ۽ پوڙهپ، اگهائيءَ ۽ ڪمزوريءَ واري کي، اوچن محلن جي ڪيمخواب بسترن تي به بيقراري ۽ بيزاري پئي محسوس ٿيندي. پيريءَ ۾ ماڻھو فقط جوانيءَ کي ياد ڪري پيو ڪُرڪندو آهي.
    عزت ۽ خوبصورتي به سگهه/ جوانيءَ کي آهي. جوانيءَ ۾ گونھن به ڦولارجيو پوي. جواني، پنھنجو قدر پاڻ ڪرائيندي آهي. فوهه جوانيءَ ۾، سادي رنگ وارو ماڻھو به پيو وڻندو. ان جي برعڪس پوڙهپ/ ڪمزوريءَ ۾ بدصورتي آهي. ڪراڙپ خود وڏو مرض آهي. منجهس ظاهري سونھن ختم ٿيو وڃي. منجهانئس هر ڪو بيزار ٿيو وڃي. اوڙو پاڙو، دوست يار، مِٽَ عزيز ته بيزار ٿي ڀڄي وڃن پر پيريءَ، ڪمزوريءَ، بيماريءَ وارو به خود پاڻ مان بيزار ٿيو وڃي ۽ وتي هر آئي وئي کي منٿون ڪندو ته؛ هاڻي دعا ڪريو ته سوير ساجهرو ڌڻي پنھنجو ڪري!
    هتي انھن پھاڪن، چوڻين بابت ڄاڻ ڏجي ٿي، جيڪي تندرستيءَ جي تعريف، مرض جي مذمت، بيماريءَ کان بچڻ جي تدبيرن، ڪِريءَ جي تاڪيد، علاج جي ڪوشش ۽ غلط ڊاڪٽرن جي وَرِ چڙهڻ کان بچڻ بابت چيل آهن.


    1. تندرستيءَ جي اهميت بابت چيل پھاڪا ۽ چوڻيون

    تندرستي، خدا تعالى جي نعمت آهي. ان جو قدر، وڃڻ کانپوءِ ئي ٿيندو آهي. قدر ڪرڻ جو وقت اهو آهي، جنھن وقت ماڻھوءَ کي تندرستي آهي. وئيءَ وَٿُ لاءِ، فقط پڇتائي ئي سگهجي ٿو ۽ بس. هٿان نڪتل شيءِ لاءِ هٿ هڻڻ مان ڪي ڪين ٿو وري.
    1.1 اگهو کائي ڌنُ، سگهو کائي انُ. (هندي، چوڻي)
    تندرست کي سڪي ماني به پئي مزو ڏيندي. ڪمزور ۽ بيمار کي قيمتي جواهرن مان جڙيل دوا کائڻ کانپوءِ به نه ساڳي طاقت ملندي، نه اهڙو طبيعت ۾ مزو هوندس.
    مطلب:
    بيمار جو زنده رهڻ آهي ئي گهڻن، پئسن خرچ ڪرڻ سان.
    تندرست ماڻھو، سڪي ڳڀي تي به پيو پلبو.
    1.2 تندرستي، هزار نعمت آهي. (فارسي، چوڻي)
    دنيا جي تختي تي، ٻيون هزار نعمتون هجن ۽ هڪ تندرستي نه هجي ته ڪا به نعمت خوشي نه ڏيندي. ٻيو ڪجهه به نه هجي ۽ فقط تندرستي هجي ته به سڪون، سرور ۽ جُثو جاءِ هوندو. تندرست ماڻھوءَ کي، مٽيءَ مان به هڳاءُ ۽ تراوت پئي ايندي.
    مطلب:
    يڪ تندرستي، هزار نعمت است. (فارسي)
    ايڪ تندرستي، هزار نعمت. (اردو)
    ايڪ صحت، ھزار نعمت.
    صحت، مڙني نعمتن کان وڌيڪ آھي.
    صحت کان وڌيڪ ٻي ڪا نعمت ناهي.
    تندرستي آھي نعمت عجيب، جھڙي شاھوڪار لاءِ، تھڙي ڪاڻ غريب.

    1.3 جيءُ آهي ته جھان آهي، نه ته جيئري ئي مڙهه مُقام آهي. (ساهتي، چوڻي).
    جھان به ان کي وڻي ٿو، جنھن جي جان ۾ مزو ۽ قرار آهي. جنھن کي جان ۾ مزو ۽ قرار ناهي، سو ته چوندو؛ جيڪر قبر ۾ هجان! اتي شايد هي تڪليفون نه هونديون.
    مطلب:
    ھيءُ جھان به ھتي ھجڻ سان آھي. مئي پڄاڻان، مري وئي سڄي دنيا.
    جيءُ ته جھان، نه ته مڙهه ۽ مقام. (ساھتي)
    جھان ان لاءِ آهي، جيڪو جيئرو آهي.
    تندرست ماڻھوءَ کي دنيا ۾ مزو ايندو آهي.
    جيءَ ته جھان.
    جيءُ آهي، جھان آهي.
    جان آهي ته جھان آهي.

    1.4 جيءُ خوش، جھان خوش. (سنڌ، چوڻي)
    جھان جي خوشي به ان کي محسوس ٿيندي، جيڪو پنھنجي پاڻ مان خوش هوندو. پنھنجي پاڻ مان اهو خوش هوندو، جيڪو جسماني طرح خوش، چڱو ڀلو هوندو. ان جي برعڪس بيمار کي سڄو جھان، بيمار پيو محسوس ٿيندو.
    مطلب:
    ڀيٽيو؛ ۱۱.۱۱ سائيءَ واري کي، سڀ ساوا نظر ايندا آهن.
    1.5 ڇاتيءَ جھڙو ناهي ٻـَرُ، اکين جھڙي ناهي جوت. (ساهتي، چوڻي)
    ٻين تي نه ڀاڙجي پر پاڻ تي ڀاڙ جي. بيمار ماڻھو ٻين تي ڀاڙيندو آهي. سگهو يا تندرست پنھنجي سيني/ ڇاتيءَ جي زور تي تمام گهڻا ڪم ڪري وٺندو آهي. جڏهن ته بيمار/ روڳي، آسپاس جي ماحول کي روئي ڪري رُسائي ڇڏيندو آهي. اهڙيءَ طرح اکين جي جوت به محتاجيءَ کان بچائي ٿي. جنھن کي اکين جي روشنائي ناهي، سو ٻين ٻن کي سيڙائڻ کان پوءِ به سڌو/ سنئون ڪم نه ڪري سگهندو آهي.
    مطلب:
    ھرڪو سيني جي ٻر تي ٽڏي ٿو. ھر ڪنھنکي پنھنجيون اکيون ئي ڪم اچن ٿيون.
    1.6 قدر صحت جو سو ڪري، بيماريءَ ۾ جو ڳري. (هندي، چوڻي)
    نعمت يا صحت جو قدر هميشه، وڃڻ کانپوءِ ئي پوندو آهي. تندرست ماڻھو دڙيون پيو ٽپيندو آهي ۽ احتياط نه ڪندو آهي. جڏهن ته ڪنھن غلط ڪم سبب صحت/ سگهه وڃائجي به سگهي ٿي. پوءِ پڇتائڻ کان، اڳي قدر ڪندي، ان جي حفاظت ڪجي.
    مطلب:
    اب پڇتائي ڪيا هووت، جب چڙيا چگ گئي کيت. (هندي، پھاڪو)
    1.7 نور آهي ته جھان آهي، ان آهي ته ايمان آهي. (لاڙ، چوڻي)
    ماڻھو دنيا جي رنگينيءَ جا مزا، اک سان ماڻي ٿو. کائڻ جا مزا، وات سان وٺي ٿو. جڏهن ته گهڻي کائڻ سان بيماريون وچڙي سگهن ٿيون پر گهڻي ڏسڻ سان نه.
    گهڻو تڏهن ڏسي سگهبو، جڏهن اکين ۾ نور ۽ ڏسڻ جي جوت هوندي. نور هوندو ته جھان به ڏسي سگهبو ۽ ان جي هجڻ جي هام به هڻي سگهبي.
    مطلب:
    اکين/ ديد کانسواءِ، دنيا جي رنگيني نظر نه ايندي.
    1.8 نور ته مُور، نه ته جيئري کڻي پور. (ساهتي، چوڻي)
    دنيا جي مُوڙي يا مُور آهي مشاهدو، جيڪو اک سان ٿئي ٿو. اک به اها جنھن ۾ بينائي، بصيرت، نور، جوت هجي. ٻيءَ صورت ۾، اکيون اکين جھڙيون، ديد لڀ ئي نه. اهڙيءَ حالت ۾ ماڻھو ڄڻ جيئري ئي قبر ۾ دفن آهي ۽ ٻين جو محتاج هئڻ ڪري قبر واري کان به پري آهي. ڇو جو قبر وارو هاڻي ٻين جي محتاجيءَ کان ڇٽل آهي.
    مطلب:
    بنا اکين واري کي، رستو اکين آڏو ھوندو آھي.
    1.9 نور کان سواءِ، سڀ ڪوڙ. (ساهتي، چوڻي)
    ٻئي جي ٻڌايل ڳالهه تيستائين ڪوڙ آهي، جيستائين ظاهري اک سان يا باطني نور سان، ان جو مشاهدو نه ماڻجي. مشاهدي سان يقين ايندو آهي، بنا مشاهدي جي شڪ ئي رهندا آهن. انڌو ماڻھو شڪي مزاج هوندو آهي. شڪي ماڻھوءَ کي هر شيءِ ڪوڙ پئي معلوم ٿيندي. اک/ نور، خدا تعالى جي نعمت آهي. ان نعمت کان وانجهيل لاءِ، سڄي دنيا ڪوڙ مثل آهي.
    مطلب:
    ھن رنگين دنيا جو مزو آھي ئي کيس ڏسڻ سان.


    2. مرض جي مذمت ۾ چيل پھاڪا ۽ چوڻيون

    صحت، تندرستي خراب ٿيڻ کي مرض چئبو آهي. مرض منجهه ماڻھو طبعًا روڳي، جان مان بيزار ۽ ڪم کان عاري هوندو آهي. جيئن قرض ماڻھوءَ جي معيشت تباهه ڪري ڪنگال ڪري ڇڏيندو آهي، تيئن مرض به مزاج/ طبيعت بگاڙي، جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندو آهي. تندرست ماڻھو، محنت ڪري قرض لاهي ويندو پر مريض بجاءِ ڪمائي علاج ڪرائڻ جي، گهر جي رکيل رقم به حڪيمن وٽ ۽ دوائن ۾ وڃائي ويھندو.
    2.1 سؤ تير، هڪ جوڳير. (ساهتي، چوڻي)
    جوڳير: اندر جي بيماري، جنھن ۾ ماڻھو اندران اندران ڳرندو وڃي ۽ نيٺ مري وڃي.
    تير به چڱي ڀلي، صحتمند، سگهي ماڻھوءَ کي گهائل، زخمي، معذور ڪري ڪم کان کاري ويھاريو ڇڏي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته حياتيءَ تان به هٿ کڻايو ڦٽو ڪري.
    جوڳير جو مرض، سؤ تير کان به بڇڙو آهي. سؤ تيرن مان ماڻھو بچي سگهي ٿو. ھڪڙي تير لڳڻ منجھان، هڪڙو سور ئي پرايو وڃي ٿو. جوڳير جو مرض ته نه مرڻ ڏئيس، نه ئي سک جو ساهه کڻڻ ڏئيس.
    مطلب:
    جوڳير، سؤ تيرن لڳڻ کان وڌيڪ، ڏنڀ ڏيندڙ آھي.
    سؤ تيرن مان بچي سگهجي ٿو، هڪ جوڳير مان نه.
    ايڪ / ھڪ انار، سؤ بيمار.

    2.2 مرض اچي گهوڙي وانگر، وڃي جونءَ وانگر. (ساهتي، چوڻي)
    مرض لڳي ته هڪدم/ جهٽ پلڪ ۾ لڳي. لھي ته وڏن جُھدن پِٽڻ کان پوءِ مـَسَ لھي يا سڄي عمر دوائون کائڻ سان فقط هَپِيو رهي.
    جيئن مسلسل محنت ڪرڻ سان، واپاري وڏا پئسا ميڙي جمع ڪري ٿو پر آيل ناگھاني آفت سبب سڀ ڪجهه برباد ٿيو وڃيس. تيئن مرض جي حملي سبب سَگهو ماڻھو به وڃيو پٽ پئي. اهڙيءَ طرح وري پَٽِ پيل واپاريءَ/ مريض کي، اٿڻ يا صحتياب ٿيڻ ۾ وڏو وقت لڳي ٿو.
    تڪڙي اثر واري دوا کائڻ سان، مرض جلدي لھندو ته برا اثر ڇڏي ويندو. تنھن ڪري ان جو صبر سان علاج ڪجي.
    مطلب:
    بيمار هڪدم ٿي پئبو آهي، چاق ٿيڻ ۾ ڏاڍي دير لڳندي آهي.
    بيماري ايندي آ ڊڪ، ويندي آ وک.
    بيماري ايندي آ گهوڙي جيان، ويندي آ جونءِ جيان.
    بيماري جبل جيان اچي، ماڪوڙيءَ جيان ڇڏي.
    بيماري گهوڙي وانگر اچي، جونءَ وانگر وڃي.
    مرض اچي گهوڙي وانگيان، وڃي جونءَ وانگيان. (سرو)
    مرض جبل جيڏو اچي، وار وانگر وڃي. (ساهتي).
    مرض گهوڙي تي چڙهي اچي، پيادل وڃي. (ساهتي).
    مرض/قرض چڙهي گهوڙي وانگر، لھي جونءَ وانگر. (ساهتي)
    مصيبت گهوڙي تي چڙهي اچي ٿي ۽ پيادي وڃي ٿي. (فرينچ)

    2.3 مرض اڪيلو نه ايندو آهي. (ساهتي، چوڻي)
    پھريون مرض، هميشه ٻين مرضن جي اچڻ يا حملي آور ٿيڻ لاءِ، رستو هموار ڪندو آهي. پھريون مرض، مريض جي جسم جي قوتِ مدافعت تي اثر انداز ٿيندو آهي. جنھن ڪري بيماريون لڳڻ اڻ ٽر ٿي پونديون آهن. تنھن ڪري بيماريءَ جي پھرئين حملي کان بچڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن.
    مطلب:
    ھڪ مرض پاڻ سان ٻيا به ڪيترا مرض ساڻ کڻي ايندو آھي.
    ڀيٽيو؛ ۹.۴ ڏٻري ڍور تي مڇر گهڻا (سنڌ، پھاڪو)
    2.4 هڪ بيمار، گهر بيمار/ سوڳوار. (سنڌ، چوڻي، پھاڪو)
    گهر ۾ هڪڙو ڀاتي بيمار ٿيندو آهي ته سڄيءَ آڪھه تي اثر پوندو آهي. کاڌِ خوراڪ، اٿڻي ويھڻيءَ ۽ خرچ کاٻار تي اثر پوندو آهي. بيمار لاءِ سادو کاڌو رجهڻ ضروري آهي. مجبورًا سمورن گهرَ-ڀاتين کي سادو کاڌو کائڻو پوندو آهي. پنھنجي ۽ بيمار جي ٿانون/ ڪپڙن جو خيال مڙني کي رهندو آهي. ڄڻ ته سمورا بيمار هجن. بيماريءَ جا جراثيم، ويجهي رهڻ سبب حملو ڪري، ٻين گهرَ-ڀاتين کي بيمار به ڪري سگهن ٿا.
    مطلب:
    مرد پڙهيو، هڪ فرد پڙهيو،
    هڪ نارِ پڙهيو، گهرُ ٻارُ پڙهيو. (سنڌ، چوڻي)
    2.5 هڪ خراب مڇي، سڄي کاريءَ کي کاري (سنڌ، پھاڪو)
    بيماريءَ جي شروعات پھرين هڪڙي ڄڻي/ ڀاتيءَ کان ٿيندي آهي. پوءِ ڦھلجي ٻين تي اثر انداز ٿيندي آهي. معاشرتي بيماري به پھرين هڪ ڄڻي کان شروع ٿيندي آهي. بعد ۾ پنھنجي سڄي معاشري کي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي.
    مطلب:
    Fish always rotten from its head to down.
    برائيون ھميشھ وڏن ماڻھن کان شروع ٿينديون آھن.


    3. مرض لڳڻ کان اڳ تدبير ڪرڻ بابت پھاڪا ۽ چوڻيون

    مرض/ روڳ لڳڻ کان اڳ، بچڻ لاءِ اپاءَ ڪرڻ گهرجن. موسمي اثراتن، ڏينھن جي شدت واري گرميءَ ۽ سياري جي پاري واريءَ سرديءَ کان پاڻ بچائجي. موذي جانورن جي ايذاءَ پھچائڻ کان اڳي، بچڻ جي تدبير ڪجي. ڪمزور جاءِ ۾ رهڻ ۽ باهه/ پاڻيءَ کان به پاسو ڪجي. ڄاڻي واڻي نانگن جي ٻرڙن ۾ هٿ نه وجهجي.
    ڏينھن تتي جو پنڌ ڪري وهنجبو ته سرسام ٿيندو. مٽجندڙ موسم ۾ تـڙُ ڪري پکي آڏو بيھڻ سان اَڌ-رنگ جو حملو ٿي سگهي ٿو. گندو پاڻي واپرائڻ سان پيٽ جون بيماريون لڳي سگهن ٿيون. پليديءَ ۾ رهڻ سان جسماني بيماريون ته لڳنديون پر جنات وغيره جو واسو به ٿي سگهي ٿو.
    پيئڻ بلا جي حملي کان بچڻ لاءِ، بصر ٻڌجي يا ساري رات روشني ڪري جاڳي گذارجي. ڇو جو پيئڻ بلا ستل ماڻھوءَ تي اوندهه ۾ حملو ڪندي آهي ۽ ويندي ويندي، پڇ هڻي جاڳائي به ويندي آهي.
    اهڙيون تدبيرون ڪرڻ سان، مرض جي حملي کان بچي سگهجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو دانائن چيو آهي؛
    هٿُ نه وجهجي سـَرَ ۾، نانگ نه وجهجي وَرَ ۾،
    گهوڙو نه ٻڌجي دَرَ ۾، ڌاريو نه آڻجي گهر ۾،
    چئني مان چڱائي نه ٿيندي. (ساهتي)


    3.1 اڳ اسوءَ ۾ جلاب، صحت بخش. (طبي، چوڻي)
    سيپٽمبر ڌاري چِٽَ ٿئي، جنھن ۾ رات جو ٿڌ ۽ ڏينھن جو مونجھ واري گرمي ٿئي. جنھن سبب رات جو ٿڌ تي نڪ بند ٿيو وڃي ۽ ڏينھن جو وري پيٽ بميل رھي. ان صورت ۾ جلاب ئي بھتر نسخو آھي. ان سان پيٽ صاف ٿيو وڃي ۽ مونجھ لھيو وڃي. ماڻھو ھشاش بشاش ٿيو پوي.
    مطلب:
    مرض لڳڻ کان اڳ احتياط ڪجي.

    3.2 اڳ اُپاءَ وٺجي، علاج کان بچجي. (سنڌ، چوڻي/ پھاڪو)
    بيماريءَ جي تڪليف، ڪنھن کان به برداشت نه ٿيندي آهي. بيماري لڳڻ کان پوءِ هرڪو علاج لاءِ پيو حيلا هلائيندو آهي. پئسا لٽائيندو آهي ته جيئن وري صحتياب ٿئي. ان ڪري بھتر آهي ته بيماريءَ جي حملي کان پھرين، کانئس بچڻ لاءِ تدبيرون ڪجن. جھڙوڪ؛ موسمي اثرات کان بچڻ لاءِ ڪپڙا پائڻ، پاڻ کي صاف سٿرو رکڻ، جايون جوڙي منجهن رهڻ. سٺو، صاف ۽ تازو کاڌو کائڻ. صاف، شفاف، وڻندڙ پاڻي پيئڻ. تازيون ڀاڄيون ۽ ميوا واپرائڻ. پاروٿين، سڙيل ڳريل، بدبودار ڀاڄين، ميون، شين واپرائڻ کان احتراز ڪرڻ. موذي جانورن جي ويجهو نه وڃڻ. بيمار/ روڳي جانورن سان گڏ نه رهڻ.
    مطلب:
    مرض لڳڻ کان اڳ احتياط ڪجي.

    3.3 ٿورَ-کائڪ، ٿورَ-ڳالھئو، گهڻو ساڱائيندڙ، مرض ۾ مبتلا نه ٿيندو. (هندي چوڻي)
    گهڻي کائڻ سان، گهڻيون بيماريون لڳن ٿيون. اهڙيءَ طرح گهڻي ڳالھائڻ وارو به پنھنجي پاڻ کي پريشانيءَ جي جھنم ۾ اڇلي ڇڏي ٿو. ان جي برعڪس گهڻو پنڌ ڪندڙ/ چرپر ڪندڙ/ ڏسندڙ/ سوچيندڙ، مرض/ بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيڻ کان آجو رهي ٿو.
    مطلب:
    گھٽ کائجي، گھٽ سُمھجي، گھٽ ڳالھائجي.
    اڪثر بيماريون، گھڻي کائڻ سبب لڳن ٿيون.
    ڀيٽيو؛ ۳.۱۵ وات، اڌ حڪيم آھي.

    3.4 ٺنڊا کاوي، گرم نھاوي، آڌ ڪوس پر جنگل جاوي، اس ڪي دمڙي، ويديه نه کاوي. (طبي، چوڻي)
    جيڪو ماڻھو کاڌو ٺاري کائي ٿو، وھنجڻ وقت نيم گرم پاڻي استعمال ٿو ڪري ۽ جھنگ جي خيال سان اڌ ڪوھ يا ميل سوا پنڌ ڪري ٿو، تنھن کي پيٽ جون بيماريون، نه ٿيون لڳن. بيمار نه ھجڻ سبب، کيس ڊاڪٽرن ۽ طبيبن وٽ پنڌ نه ٿا ڪڻا پون. حڪيمن وٽ وڃڻ سستو ناھي. وٽن پھچڻ جي دير آھي. ڦُرڻ کائڻ لاءِ، اوزار تکا ڪيو ٿا وتن.
    مطلب:
    ٺنڊا کاوي، گرم نھاوي، آڌا ڪوس پيدل جاوي، اس ڪي ڪوڙي ويديا نه کاوي.
    پير گرم، پيٽ نرم، مغز ٺنڊو، ڊاڪٽر اچي ته ٺڪاءُ ڏنڊو.

    3.5 پراتھ ڪال جو ڪري اسنانا، دوک روڳ تانڪو نھين آنا. (هندي، چوڻي)
    پراتھ ڪال؛ پرهه ڦُٽيءَ جو اشنان ڪرڻ.
    جيڪو پرھ ڦُٽيءَ جو تـَڙُ ڪندو، سو دوک/ روڳ/ بيماريءَ کان بچيل رهندو. هندن جي شاسترن ۾ لکيل آهي ته؛ پرهه ڦٽيءَ جو پويتر پاڻيءَ ۾ سنان ڪرڻ سان بيماري/ ڏک ماڻھوءَ کي نه ٿا لڳن.
    مطلب:
    سوير سمھجي، سوير اٿجي، اول نالو ڌڻيءَ جو ڳنھجي.

    3.6 پير گرم، پيٽ نرم، مغز ٺنڊو، ڊاڪٽر اچي ته ٺڪاءُ ڏنڊو. (هندي، چوڻي)
    پير گرم: گهڻو پنڌ ڪرڻ. پيٽ نرم؛ سادو کائڻ، هلڪي غذا کائڻ. مغز ٺنڊو؛ پريشانيءَ کان بچڻ، طبيعت ۾ ڌيرج.
    گهڻو پنڌ ڪندڙ، گهٽ ۽ سادو کاڌو کائي پيٽ تي بوجهه نه وجهندڙ ۽ دماغ کي پريشانين کان بچائيندڙ ماڻھوءَ کي جسماني بيماريون گهٽ لڳنديون آھن. جنھن سبب کيس وٽ وڃي ڊاڪٽر پاڻ نه ٿو ڦرائڻو پوي. نه ئي وري کيس اھڙي بيماري چنبڙندي جو ڊاڪٽر کي وٽس سڏائي وٺجي. اگر اھڙي ماڻھوءَ وٽ ڊاڪٽر پاڻ-مرادو آيو ته کيس ڏنڊو کائڻو پوندو. ڇو جو اھڙي قسم جو ماڻھو صحتمند ھئڻ سبب، ڊاڪٽرن ۽ دوائن کان بچيل رهي ٿو.
    مطلب:
    سست ماڻھوءَ کي گھڻا مرض وچڙن ٿا.
    ھر وقت کلندڙ دروازي کي اڏوھي نه ٿي کائي.
    ٺنڊا کاوي، گرم نھاوي، آڌا ڪوس پيدل جاوي، اس ڪي ڪوڙي ويديا نه کاوي.

    3.7 جاتي کير، تاتي کنڊ، جاتي جهڻ، تاتي لوڻ. (سنڌ، پھاڪو)
    هڪڙي حڪيم کي، پنھنجي تر ۾ گهڻو روزگار نه ٿي لڳو، سو پنھنجو ڳوٺ ڇڏي، ٻيا ڳوٺ چتائڻ لڳو، جتي کيس گهڻا مريض مِلن ۽ ججهو روزگار ٿئيس. منزلون هڻندو، آخر هڪڙي ڳوٺ ۾ پھتو. اتي ڏٺائين ته ھر ڳوٺاڻو جَهڻِ پيو پيئي. حڪيم دل ۾ چيو؛ “هتي ضرور ماڻھو بيمار پوندا هوندا. ڇو جو جَهڻِ پيئڻ سان ڪنھن کي ليس، ڪنھن کي کنگهه ته ڪنھن کي تپ ۽ ٻيون بيماريون ضرور ٿينديون هونديون.”
    ٻه چار ڏينھن، انھيءَ ڳوٺ ۾ ترسيو پر وٽس ستيءَ ڦڪيءَ يا دوا درمل لاءِ ڪو ڪو نه آيو. تڏهن عجب ۾ پوندي، اتان جي هڪڙي رهواسيءَ کان پڇائين؛ “هتي ماڻھو جَهڻِ پيئن ٿا ته به بيمار ڪونه ٿا ٿين. ان جو ڪھڙو سبب آهي؟!”
    “جيئن کير ۾ کنڊ وجهبي آهي. تيئن هتان جا ماڻھو.” ان همراهه حڪيم کي حقيقت کان آگاهه ڪندي ٻڌايو؛ “جهَڻ ۾ لوڻ وجهي پيئن. هونئن به جهَڻ ۾ ٻه ڪَڏا لوڻ جا وجهبا ته وائيءَ وارو اثر زائل ٿي ويندو. لڱن ۾ سور، ٻرو يا ليس وغيره نه ٿيندو. هٿائين هاضمو به درست رهندو.”
    مطلب:
    لسيءَ ۾ لوڻ ۽ کير ۾ کنڊ ملائي پيئڻ، صحت لاءِ ڀلا آهن.
    هڪڙي شيءِ، ٻيءَ لاءِ لازم هجي ته ائين چيو ويندو آهي.

    3.8 جِتِ روشني ۽ هوا، تِتِ ڪانھي تانگهه طبيب جي (انگريزي ، چوڻي)
    صحتمند ماحولُ، روشنيءَ ۽ صاف هوا سان ميسر ٿئي ٿو. فضا ۾ آلودگي ۽ اوندهه هوندي ته صحت نٻل رهندي. جن علائقن ۾ روشني ۽ هوا موجود آهي، اتي سينيٽوريم وغيره جوڙيندا آهن ۽ بيمار ماڻھن کي انھن ماڳن تي رهڻ جي لاءِ تاڪيد ڪيو ويندو آهي.
    مطلب:
    جنھن گهر ۾ هوا ۽ روشنيءَ جو گذر آهي، اتي ڊاڪٽر نٿو اچي. (هندي)
    جيڪي گهر ۾ اس ۽ هوا نه ٿا اچڻ ڏين، انھن کي گهر ۾ ڊاڪٽر گهرائڻو پوندو. (چيني)
    جتي روشني ۽ هوا، تتي ڪانهي تانگهه طيب جي.
    . Where light and air enter, the doctor doesn’t

    3.9 جڏهن بک لڳي، تڏهن کائجي. (نصيحت، چوڻي)
    گهڻي کائڻ مان ئي، ماڻھوءَ کي بيماريون سنجرن ٿيون. ان لاءِ بھتر آهي ته جڏهن بک لڳي تڏهن ٿورو کائجي. خاص طور تي بخار وغيره جھڙيءَ بيماريءَ وقت کائڻ ۾ احتياط ڪجي. هونئن به صحت/ چڱڀلائيءَ واريءَ حالت ۾ اجايو پيٽ نه ڏَلهجي.
    مطلب:
    پيٽ کي ٽن حصن ۾ ورھائجي؛ ھڪ کاڌي لاءِ، ٻيو پاڻيءَ لاءِ ۽ ٽيو ھوا لاءِ.

    3.10 سوير سمھڻ، سوير اٿڻ، ڪري ٿو ماڻھوءَ کي چست، چالاڪ ۽ چرڳند. (انگريزي چوڻي)
    سوير سمھڻ وارو ئي، سوير اٿي ٿو. جيڪو ماڻھو سوير اٿي، ٿڌيءَ هوا ۾ ٿڌا ساهه کڻي ٿو، تنھن کي سڄو ڏينھن نه سستي ٿئي ٿي ۽ نه ئي ڪا پريشاني يا مونجهارو رهيس ٿو. جيڪڏهن ڪير چاهي ته چست ۽ ڦڙت، چالاڪ، چرڳند ۽ سکي رهي ته کيس وقت سِرِ آرام ڪرڻ گهرجي. ڇو جو رات کي خدا تعالى خلقيو آهي آرام ۽ سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ ڏينھن کي خلقيو اٿائين روزي رزق حاصل ڪرڻ لاءِ. انھن وقتن تي اهي ئي ڪم سونھن ٿا.
    مطلب:
    اشتداقي نه خالي، زاني نه مالي (فارسي)
    سوير سمھڻ، سوير اٿڻ، آهي اهو وڏو گڻ.
    سوير سمھڻ واري کي جسماني، دماغي ۽ روحاني بيماريون ورلي لڳنديون آهن.
    Early to bed, early to rise, makes a man healthy, wealthy and wise.

    3.11 صبح جو گرهه بھتر آهي، مرغ ۽ مڇيءَ کان. (فارسي، چوڻي)
    صبح جو سوير اٿڻ کانپوءِ، ٿورو ڪجهه کائڻ گهرجي. ڇو جو رات جي پيٽ ۾، پيٽ وارو کاڌو هضم ٿي ويندو آهي پر چرپر نه ڪرڻ سبب هڪ هنڌ ٽڪ ڪيون پيو هوندو آهي. ٻيو کاڌو کائبو ته اهو ان جي جاءِ والاريندو ۽ هضم ٿيل کاڌي کي خارج ٿيڻ ۾ مدد ڪندو.
    مطلب:
    جيڪڏهن چاهين ته سدا صحتمند رهان ته پوءِ سمھڻ کان اڳ ۽ اٿڻ کان پوءِ، ٿورو کاءُ. (حضرت علي رضه)
    سمھڻ کان اڳ ۽ سمھڻ کان پوءِ، ڪجھ کائڻ صحت لاءِ تمام ڀلو آهي.

    3.12 صبح جي ناري، نه ڏيندءِ ڏک نه بيماري
    ڏيار ڪي هزاري، ته چڙهي ڪيون هسواري. (سنڌ، چوڻي)
    هيءَ واپاري/ دڪاندار قسم جي ماڻھن جي چوڻي آهي. صبح سان سوير، الله جي آسري تي دڪان کولڻ کانپوءِ ائين چوندا آهن. سندن ان مان مراد اھا هوندي آهي ته صبح جو اٿڻ واري کي ڏک بيماري ته نه ٿي ٿئي پر نـَرَ ٻُھڻيءَ طور به گراهڪ سٺو مليو وڃيس. جنھن ڪري ڌنڌي ۾ برڪت رهيس ٿي.
    مطلب:
    صبح جو سوير جيڪو سمھي رھي ٿو، ان جو نصيب به سمھي رھي ٿو.

    3.13 ڪوسا ناوي، ٿڌا کاوي، ويڄ پاس نه جاوي. (هندي، چوڻي)
    جيڪو سواد ۽ لذت گرم کاڌي ۾ آهي، سو ٿڌي کاڌي ۾ ناهي. اهو ئي سبب آهي جو گرم کاڌو کائڻ وارو، سواد جي ڪري گهڻو کاڌو کائي ٿو ۽ ٿڌو کاڌو کائڻ وارو گهٽ کاڌو کائي ٿو. گهڻو کاڌو کائڻ وارو، پيٽ تي بوجهه وجهي پاڻ کي بيمار ڪري ٿو، جڏهن ته ٿورو کائيندڙ پاڻ کي بيمارين کان بچيل رکي ٿو. اهڙيءَ طرح نيم گرم پاڻيءَ سان وهنجڻ واري جي چمڙيءَ جا مسام کليل رهن ٿا ۽ منجهانئن مٽي مـَرُ نڪريو وڃي. صاف سٿرو هئڻ ڪري ماڻھو بيمارين کان بچيل رهي ٿو.
    نيم گرم پاڻيءَ سان وهنجڻ ۽ کاڌو ٺاري کائڻ سان بيماري گهٽ لڳي ٿي.
    ڪوسا ناوڻ، ٿڌا کاوڻ، ته ويڄ پاس نه جاوڻ.
    مطلب:
    ڪوسي پاڻيءَ سان وهنجارڻ سان، مردو جيئرو ڇو نه ٿو ٿئي؟ عجب ڳالهه آهي. (لقمان حڪيم)
    ڪوسو کاڌو کائڻ واري جا ڏند، جلد ڀڄي پون ٿا.

    3.14 گهڻي کاڌي کان، گهڻو ڏٺو چڱو. (ساهتي، چوڻي)
    گهڻو کائڻ وارو/ هٻڇي ماڻھو، آخر مِٺن پيشابن، دل جي عارضي ۽ پيٽ جي بيمارين؛ بواسير، موڪا وغيره جھڙن موذي مرضن ۾ مبتلا ٿيو وڃي. آخر انھن ۾ لوڙي لوڙي مري ٿو. ان جي برعڪس، گهڻو ڏسڻ وارو يا گهمي ڦري ڏسڻ وارو، صحتمند رهي ٿو. دماغ ۽ عقل سالم رهنس ٿا. پنھنجي نفعي نقصان بابت ڄاڻ رهيس ٿي. کاڌي تي گهڻو خرچ ڪرڻ بدران گهڻو ڏسڻ تي خرچ ڪجي.
    مطلب:
    ڀيٽيو؛ ۴.۶ چـَکَ کان، رَکَ چڱي (لاڙ)

    3.15 منجهند جي ماني بعد آرام ڪجي، رات جي مانيءَ بعد پنڌ ڪجي. (انگريزي، عربي، چوڻي)
    جھڙيءَ طرح اڌ رات جو اٿي، لکڻ پڙهڻ ۽ سوچڻ وارو فعل طاقتوارو آهي. اهڙيءَ طرح منجهند جو جهٽ پلڪ سمھڻ به جسم لاءِ طاقتوارو آهي. انھيءَ سان کاڌو هضم ٿيندو آهي ۽ پيٽ تي ڦوڪ وغيره نه ٿيندي آهي.
    اهڙيءَ طرح رات جي ماني کائڻ بعد سمھڻ سان پيٽ تي ڦوڪ چڙهي پوندي آهي. ڇو جو سمھڻ جو وقفو وڏو هوندو آهي. هضم ٿيل کاڌو، آنڊن وغيره ۾ پيو رهندو آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته سمھڻ کان اڳ ڪجهه پنڌ يا چھل قدمي ڪجي ته جيئن کاڌو معدي مان هضم ٿي اڳڀرو ٿي وڃي.
    مطلب:
    اذا تغدا تمداً، و اذا تعش تمش (عربي)
    After lunch rest a while, after dinner walk a mile (English)

    3.16 نيرن کائو بادشاھن وانگي،
    ڏپھرو/مانجھاندو ڪيو شهزادن وانگي،
    رات جي ماني کائو مزدورن وانگي. (طبي، چوڻي)
    نيرن جو وقت صبح اٿڻ سان شروع ٿئي ٿو. ان وقت ماڻھوءَ جو پيٽ خالي ھوندو آھي. ڇو جو رات جو کاڌل کاڌو، ان وقت تائين ھاضمي جا سمورا مرحلا طئي ڪرڻ بعد آخري حد تي پھتل ھوندو آھي. ان وقت تازو کاڌو کائڻ سان، اڳئين کاڌل کاڌي کي ڌڪو ايندو ته جيئن آسانيءَ سان خارج ٿي وڃي. تنھنڪري جيترو وس پڄي اوترو ناشتو ڪجي؛ بيدا، سيرو، ڌونئرو ۽ اوڦراٽو وغيرھ کائجن. کاڌو بادشاھ جي دسترخوان جھڙو ھجي ته بھتر.
    منجھند ڌاري مانيءَ جي طلب گھٽ رھندي آھي. جيئن ننڍڙا شھزادا، نٽائيندا کائيندا آھن، جو ماءُ گرھ ٺاھي، کائڻ لاءِ ايلازو ھوندي اٿن ۽ پاڻ ڀڄندا وتندا آھن. ائين، مانجھندي کائڻ کان لھرائڻ چڱو آھي.
    رات جي مانيءَ کائڻ کانپوءِ، ستت سمهڻ جو وقت شروع ٿئي ٿو. اگر ان وقت پيٽ ڏلهي کاڌو کائبو ته هضم نه ٿيندو. سمهڻ ۾ بيقراري ٿيندي ۽ دلي تي بوجھ پڻ- دل جو عارضو ٿيڻ سان گڏوگڏ موت جا امڪان پڻ آهي. تنهنڪري ان وقت غريب مزدور وانگر ٿورو کائجي ۽ جيڪو کائجي سو محنت مزدوري يا پنڌ ڪرڻ سان هضم ڪري پوءِ ليٽجي.
    مطلب:
    صبح جو پيٽ ڀلي ڀري کائجي، باقي ٻين وقتن تي کائڻ ۾ احتياط ڪجي.

    3.17 نه ئي خراب گهٽي ڏي وڃجي، نه ئي ڪتو کائي. (سنڌ، پھاڪو)
    جنھن گهٽيءَ ۾ گندگي هوندي، ان ۾ ئي ڪتا هوندا. ڪتن واريءَ گهٽي مان لنگهبو ته ڪتا ڏاڙهيندا يا ڏهڙيندا. پوءِ ويٺو ماڻھو دُنَ ۾ چوڏهن سُيون هڻائي. ان کان بھتر آهي ته اها واٽ ئي نه وڃي. جنھن دڳ/واٽ/ رستي اختيار ڪرڻ سان مرض/ بيماريءَ لڳڻ يا جان کي جوکو رسڻ جو انديشو/ امڪان هجي ته اها واٽ نه وٺجي. جان جي حفاظت ڪرڻ ۽ جان بچائڻ چڱو ڪم آهي.
    مطلب:
    ڪتو به ان کي کائي، ڦِٺِ ڦِٺِ به ان کي ٿئي. (سرو)

    3.18 وات، اڌ حڪيم آهي. (ساهتي، چوڻي)
    ڳالھائڻ/ کائڻ پيئڻ لاءِ وات ڪم اچي ٿو. وات جي ذريعي سٺو به کائجي/ ڳالھائجي ٿو ته خراب. وات تي ڪنٽرول هئڻ به اڌ حڪمت آهي. وات تي ڪنٽرول واري کي بيماريون ورلي لڳن ٿيون. ڇو جو اڪثر بيماريون، وات جي چشڪي وٺڻ وارن کي لڳن ٿيون. حديث سڳوريءَ ۾ به آيل آهي ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي؛ ٻن ڄنگهن ۽ ٻن ڄاڙين جي وچ واري گوشت جي ٽڪڙي جي ضمانت تون ڏي، جنت جي ضمانت مان ٿو ڏيان.
    مطلب:
    ڄنگھن ڏارائيءَ کان، وات ڏارائي خراب. چوڻي
    اھا ئي زبان ڇانءَ ۾ ويھاري، اھا ئي زبان اُسَ ۾ ويھاري. چوڻي
    زبان آھي ننڍڙي، پر ڄاڻ وھَ جي ڳنڍڙي. چوڻي

    3.19 وات ته مئي، نه ته پُئي (سرو، چوڻي)
    هر شيءِ واتئون کاڄي ٿي، نڪئون نه ٿي کاڄي. يا چئبو آھي؛ واتئون خرار کاڄن، نڪئون ڪڻو نه کاڄي. ڏينھن ۾، ماڻھو الائي ڪيترا ڀيرا وات سان کائي ٿو.
    هر کائڻ واري شيءِ جا ذرڙا مھارن جي وٿين ۽ زبان جي ورمن ۾ رهجيو وڃن ۽ پنھنجي ذائقي/ رنگ جو اثر ڇڏيو وڃن. اهي رهيل ذرڙا مسلسل ڳرڻ (Decaying) جي ڪري بدبودار ٿي ويندا آهن. مٿان ٻيو کاڌو کائڻ سبب، ان کاڌي جي ذرڙن جو تھه چڙهندو آهي، جيڪو اڳئين تھه جي موجودگيءَ ۾ جلد ڳري ڌپ ڪندو آهي. ائين مسلسل گند بلا کائڻ کان پوءِ وات ڌپيارو ۽ بڻاس وارو ٿي پوندو آهي. ان کي ستت ملبو، مھٽبو، صاف ڪبو اچبو ته خوشبودار رهندو. ٻيءَ صورت ۾ پُئيءَ/ ڪاڪوس خاني وانگر منجهانئس ڍونڍ جي ڌپ ۽ ڪرڀ پئي ايندي ۽ ان جي ذريعي پيٽ جون بيماريون آسانيءَ سان لڳي سگهن ٿيون.
    مطلب:
    ڦڻي ڏيندي وار کُسي ته کُسڻ ڏينس،
    ڏندڻ ڏيندي ڏند گَسي ته گَسڻ ڏينس،
    دال روٽي کاڌي ڌنُ کٽي ته کٽڻ ڏينس،
    حق سچ چوندي يارُ رُسي ته رسڻ ڏينس.

    3.20 وار ته ڦڻي نه ته ڪوڙاءِ کڻي. (سرو، چوڻي)
    وارن جي به جيستائين سيوا ڪجي ٿي، تيستائين سونھن جو سبب آهن. جيڪڏهن ڌوءَ ڌپوءَ ۽ ڦڻي ڦوڪارونه ڪرين ته جونئن، ليکن، ڄِون جي رهائشگاه بنجيو وڃن. آخر چمڙيءَ جون بيماريون لڳيو وڃن. ان کان علاوه ڦڻي نه ڏيڻ سبب، وار ڳوڙهل، ڀِنڊر ۽ بي زيبا ٿيو پون ٿا ۽ ماڻھو ڪچھريءَ ۾ به ويھڻ جھڙو نه ٿو رهي.
    مطلب:
    زال ته چوٽو، نه ته مٿو ئي لوٽو.

    3.21 هَٺَ سھائيندو کائجي، لوڪ سھائيندو پائجي. (سرو، چوڻي)
    کاڄ هميشه ايترو/ اهو کائجي، جيڪو جان ۾ هضم ڪري سگهجي. اهڙو کاڌو نه کائجي، جنھن جي سَٽَ جسم سھي نه سگهي. ڄاول ٻار، ماءُ جي کيرکان علاوه ٻيو ڪجهه کائيندو ته هضم نه ڪري سگهندو ۽ جان جي وڃڻ جو خطرو رهندس. اهڙيءَ طرح وڏي ماڻھوءَ جي کائڻ جي به حد آهي. حد کان وڌيڪ گهڻو/ ٺوس کاڌو به لڱ موڙهي ڇڏي ٿو ۽ پوءِ مجبورًا دوا جون شيشيون هٿ ۾ کڻڻيون پئجيو وڃن.
    اهڙيءَ طرح لٽو ڪپڙو به اهڙو پائجي، جيڪو ٻيا سھن. سٺو لٽو ڪپڙو، ٻيو ڪير لھرائي ته نه وٺندو پر ان جي نظر ته لڳي سگهي ٿي. يا جسم کرندو يا اهڙا ڪپڙا نه ملندا. ان ڪري ٻين جو خيال رکي، جسماني نماءُ ڪجي.
    مطلب:
    من پسند کائجي، لوڪ پسند پائجي (ساهتي)
    کائجي من پسند، پائجي لوڪ پسند (ساهتي)
    جيڏا بوتا، تيڏا ڏوتا (سرائڪي)


    4. بيماري آڻيندڙ يا بيماريءَ جو سبب بنجندڙ شين بابت پھاڪا ۽ چوڻيون

    ليس تپ، نه وچڙندڙ بيماريون آهن ۽ نه ئي مھلڪ آهن. حديث پاڪ ۾ آيل آهي؛ تپ موت جو اڳواڻ آهي ۽ دوزخ جي باهه جو درمان آهي.
    موت کان اڳ، تپ ٿيڻ به ٻين لفطن ۾، خدا تعالى طرفان نعمت آهي. ان دوران دنيا جي رهيل ڪمن بابت وصيت ڪري سگهجي ٿي. امانت واپس ڪري سگهجي ٿي. مِٽَ مائٽ کان، مزاج پرسيءَ دوران، ڏوهه گناهه بخشرائي سگهجي ٿو.
    ان جي برعڪس اوچتو موت خطرناڪ آهي. الله جي برگزيده بندن، اهڙي موت کان پناه گهري آهي. اوچتي موت سبب، ماڻھو مٿي ڄاڻايل مڙني نعمتن کان محروم رهجيو مريو وڃي. اوچتي موت کان هر ڪنھن کي پناه وٺڻ گهرجي.
    انھيءَ جو اهو به مطلب هرگز ناهي ته هروڀرو بيماري گهري وٺجي. خدا هر انسان کي هلنديءَ هلائي. ٻئي جو محتاج نه ڪري ۽ سدائين هڙث سان رکي. بھرحال خدا تعالى کان ٻنھي جھانن جي ڀلائي گهرندي، بيماريءَ ۽ بيماري آڻيندڙ شين کان بچندو رهجي.

    4.1 اسوءَ ۾ لسي، بيمار ڪرسي. (طبي چوڻي)
    اَسُوءَ ۾ لسي گهٽ واپرائجي، نه ته بيمار ڪندي. اسوءَ ۾ چِٽَ ٿئي، جنھن ڌاران لسي، لڱن ۾ موڙھ ڪندي آھي. سڄو ڏينھن بيقراريءَ سان گذرندو آھي.
    مطلب:
    اونھاري لسي پٽن کي، سياري لسي ڪتن کي.

    4.2 اک اٿڻ، زال ويامڻ ۾ ڪھڙي دير؟ (هندي، چوڻي)
    زال ڪنھن به وقت ويامي سگهي ٿي، يعني ٻار ٿيڻ/ ڄمڻ لاءِ نه وقت مقرر آهي ۽ نه موسم يا عمر. اهڙيءَ طرح بيماريءَ، خاص طور اک اٿڻ لاءِ به سبب ضروري ناهي. اک ڪنھن به وقت اوچتو ۽ بي سبب اٿي سگهي ٿي. اک نازڪ عضوو آهي. ان جو خاص خيال رکڻ گهرجي. ڪن ماڻھن جو چوڻ آهي ته ٻن اکرن تي مشتمل نالن وارا عضوا تمام نازڪ ٿيندا آهن، ساڻن کينس نه ڪرڻ گھرجي. جھڙوڪ؛ اک، ڪن، نڪ، چپ ۽ دُن وغيره. اھڙيءَ طرح کير به اوچتو اڀامي هارجي سگهي ٿو. ان ڪري مڙني لاءِ احتياطي تدبيرون اڳواٽ ڪرڻ گهرجن.
    مطلب:
    بيماري ڪيڏي مھل به اچي سگھي ٿي.
    زال ويامڻ، اک اٿڻ ۽ کير اڀامڻ ۾ ويرم ئي ڪا نه لڳي.
    زال ويامڻ ۾، کير اڀامڻ ۾، ويرم نه لڳي، اک اٿڻ ۾.

    4.3 انبن آميون، سورن کنيون سيرَ ساهميون. (سنڌ، چوڻي)
    آميون؛ انبڙيون.
    سير؛ تور جو ماپو
    ساھميون؛ ساھمي جو جمع، تارازيون.
    انبن جي وڻن ۾ انبڙيون ٿينديون آهن ته موسمي اثراتن سبب، بيماريون به ڪـَرَ کڻنديون آهن. هر ماڻھو، انھيءَ موسم دوران، لڱن ۾ سور/ ٻرو پيو محسوس ڪندو آهي. اهڙن موسمي اثراتن کان پاڻ کي بچائڻ گهرجي.
    مطلب:
    انبن ۾ ٻور، لڱن ۾ سور.

    4.4 انبن ٻور، اکين سور (سنڌ، چوڻي)
    فيبروريءَ جي آخر يا مارچ جي شروعات ڌاري، انبن ۾ ٻور ٿيندو آهي. ان دوران اکين اٿڻ جون بيماريون به ڦھلبيون آهن. موسمي حالت ايتري خراب ٿيندي آهي جو اکين مان پاڻي/ گربلو پيو نڪرندو ۽ اکيون سڄي ڳاڙهيون ٿي پونديون آهن. انھيءَ موسم ۾ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن ته جيئن اک جھڙي نازڪ عضوي کي بيماريءَ جي حملي کان بچائي سگهجي. هر وقت، اکين کي مٽيءَ/ رءَ کان بچائجي ۽ صاف رکجي. وقت سِر آرام ڪجي. ڇو جو صحتمند جسم تي بيماريءَ جو حملو گهٽ ٿيندو آهي.
    مطلب:
    انبن جي ٻور وقت، اکين اٿڻ جون بيمايون پڻ ٿين.

    4.5 اوڀڙ ٿي، اوکڙ ٿي. (سنڌ، چوڻي)
    جڏهن ڍنڍن ڍورن جو پاڻي سڪي ويندو آهي ۽ منجهن نئون پاڻي پوندو آهي ته اهو پاڻي پاڻ سان مڇين، مڇرن جا لاروا ساڻ کنيو ايندو آهي. اتان جڏھن ساڳيو پاڻي جيئن ئي زمين ۾ پوندو آهي ته اوڀڙ اڀرڻ شروع ڪندي آهي. انھيءَ چائيءَ تي پلجندڙ مڇر به، موسعي هوائن سبب حملو ڪندا آهن. ان سان ڪيتريون بيماريون ڦھلبيون آهن. خاص ڪري اکين اٿڻ واري يا اوکڙ واري بيماري ڦھلبي آهي.
    مطلب:
    نئون پاڻي پاڻ سان سوين بيمارين جا جيوڙا به کنيو ٿو اچي.
    4.6 پاڻي لٿا، مڇر متا (لاڙ،چوڻي)
    ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ آيل نئون پاڻي، مڇرن لاءِ آماجگاهه هوندو آهي. خاص ڪري لاڙ ملڪ ۾، مڇرن جي آزار کان دونھيون ڪن. هوائن لڳڻ سبب ڪک ڪھڄر، اڏامي ڍنڍن جي پاڻيءَ ۾ وڃي پون. مال به اتان پيئي، ماڻھو به اهو پاڻي واپرائين. جنھن ڪري مڇر ۽ ٻيون بيماريون منھن ڪڍن.
    مطلب:
    نئين آيل پاڻيءَ تي مڇر به گھڻا گڏ ٿين ٿا.
    4.7 جڏهن حلوو ڪچو هوندو آهي، تڏهن بيماري آڻيندو آهي. (فارسي، چوڻي/ پھاڪو)
    حلوو، سوجيءَ ۽ گيھه مان تيار ٿيندو آهي. جيڪڏهن رڌڻ ۾ حلوو ڪچو رهجي ويندو آهي ته هضم نه ٿي سگهندو آهي. ويتر بد هاضمو ڪندو آهي ۽ بيمارُ ڪري وجهندو. هونئن به کاڌو زود ھضم کائجي. دير هضم کاڌو، ڪيترين ئي بيمارين ٿيڻ جو سبب ٿيندو آهي.
    مطلب:
    اڻ پڪل يا ڪچي شيءِ، دير ھضم ھئڻ سبب، بيماريءَ جو سبب بڻبي آھي.
    4.8 جڏهن قضا ايندي آهي ته طبيب پاڳل ٿي پوندو آهي. (فارسي، چوڻي)
    بيماريءَ بي سبب به ٿيندي آهي. قدرت طرفان، آفت طور به ايندي آهي ۽ جان ليوا به ثابت ٿيندي آهي. قضا/ تقدير آڏو تدبير نه هلندي آهي. موت جو ڪو به علاج ناهي. اهو پنھنجي وقت تي اچي ئي رهندو آهي.
    مطلب:
    تقدير آڏو تدبير نه هلندي آهي. (سنڌ، چوڻي)
    تدبير ڪند بنده، تقدير ڪند کنده (فارسي)
    ڀيٽيو؛ ۱.۱۰ اجل کي اجمل ڇا ڪندو؟ (سنڌ)
    4.9 خوشيءَ جھڙي خوراڪ ناهي، ڳڻتيءَ جھڙو ڳارو ناهي. (سنڌ، چوڻي)
    صحتمند سرير جي سـَڌَ، هر ڪنھن کي هوندي آهي. ان کي صحتمند رکڻ لاءِ کاڌِ خوراڪ تي به هر ڪو ڌيان ڏيندو آهي. مڙني خوراڪن مان اثرائتي/ طاقتواري خوراڪ آهي خوشي. خوش ماڻھوءَ کي سڪي ماني به طاقتور ۽ مَلھه پئي بڻائيندي. جڏهن ته ڳڻتيءَ واري/ غمگين يا غم خور کي، ڪا به خوراڪ اثر نه ڪندي آھي. اھو ويتر اندرئون اندر ويندو آھي ڳارِ ڪندو.
    ان لاءِ ھيٺ ڄاڻايل مثل مشھور آهي.
    هڪڙي بادشاهه، هڪ درٻاريءَ کي هڪ ڇيلو انعام ۾ ڏنو ۽ شرط وڌائينس ته ڇھن مھينن کان پوءِ ساڳيو ڇيلو ساڳئي وزن سان ڪاهي اچجانءِ نه ته ٻيءَ صورت ۾ سر ڌڙ کان ڌار هوندئي.
    اهو درباري پھرين ته ڏاڍو پريشان ٿيو پر جڏهن ڇھن مھينن بعد، ساڳيو ڇيلو، ساڳئي وزن سان ڪاهي آيو ته بادشاهه به حيران ٿي ويو. پڇڻ تي ان درٻاريءَ ٻڌايو ته گاه کارائي، ڇيلي کي بگهڙ جو منھن ڏيکاريندو هئس، جنھن ڪري ڇيلو ساڳائي نه سگهيو ۽ وزن ۾ ساڳيو ئي رهيو.
    مطلب:
    ڳڻتيءَ واري کي خوراڪ ته اثر نه ڪري هٿائين جهڄندو ۽ جهرندو وتي.
    4.10 دکُ دارون، سکُ روڳ. (هندي، چوڻي)
    دنيا جي تختي تي جيڪي نازن نخرن سان پلجن ٿا، تن ۾ ڪنڊي سھڻ جي به طاقت نه ٿي رهي ۽ روڳي ٿي ٿا پون. جڏهن ته ڏک جي زندگي گهارڻ وارا، بٺي ۾ پڪل سرن وانگر، پڪا، نِرڄا، عقلمند ۽ صحتمند رهن ٿا. منجهن سھپ، قوت مدافعت (Immunization) وڌيو وڃي. همت ڀريو هئڻ ڪري، سندن صلاحيتون وڌي وڃن ٿيون ۽ ترقيءَ جون منزلون جلد طئي ڪندا ويندا آهن. ڏک/ غم، کين طاقت بخش (Tonic) ٿي لڳندا آهن.
    هونئن به حياتيءَ ۾ کلڻ گهٽ، روئڻ گهڻو گهرجي. روئڻ ۾ راحت به آهي، حياتي به آهي ۽ سونھن به آهي. کلڻ ۾ سونھن گهٽجيو وڃي، حياتي کٽيو وڃي ۽ عزت برقرار نه ٿي رهي. جنھن ٻار ڄمڻ وقت نه رنو، ان کي دائيءَ ٿڦون هڻي به روئارڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪڏهن اڃا نه رنو ته مٿس ڪنھن به نه رنو، سواءِ دائيءَ جي جنھن کي، سندس جيئري نه ڄمڻ سبب، انعام نه مليو.
    مطلب:
    ڏک انسان کي جيئڻ سيکاري ٿو.
    سک انسان کي کاري ويھاري ٿو.
    4.11 ڏٻريءَ تي مڇر گهڻا. (سنڌ، پھاڪو)
    ڪمزور جسم تي بيماريءَ جو حملو جهٽ ٿيندو آهي. جيئن جنگي حالتن اندر قلعي جون ڪمزور ديوارون، دفاع نه ڪري سگهنديون آهن ۽ دشمن جي حملي کي فتح لاءِ يقيني بڻائي ڇڏينديون آهن، تيئن ڪمزوري به بيماريءَ/ روڳ جو آماجگاه ٿيندي آهي. پوءِ گهڻين بيمارين جو حملو ٿيڻ جو خطرو هوندو آھي. ڇو جو جسم مان قوتِ مدافعت ختم ٿي ويندي آهي ۽ ڏٻرو/ ڪمزور، آخر حياتيءَ تان هٿ ڌوئي ويھندو آهي.
    مطلب:
    مصيبت ماريي کي، هر طرف کان طوفان لڳندو آهي. (فارسي)
    4.12 راند کان جهل، ڪم جو بار،
    ڇوڪر ٿيندو، موڳو ٻار. (انگريزي، چوڻي)
    جيڪي ٻار راند روند کان پري رهن ٿا ۽ چاڪيءَ جي ڍڳي وانگر هڪ ئي هنڌ ليلھر بڻيا ويٺا رهن ٿا يا رڳو لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندا رهن ٿا، سي يڪسانيت جو شڪار ٿي غبي ۽ ڪند ذهن ٿيو پون ٿا. ذهني ڪم جو بار، ٻار کي مائوف، موڳو ۽ ڪمزور/نٻل بڻايو ڇڏي ٿو.
    مطلب:
    ڪم جي وقت، ڌيان ڪم ۾ ڌريو،
    راند جي وقت، راند روند ڪريو،
    ان طرح سان ڪو، ڪندو پيو ڪم،
    خوش گذاريندو، سو پيو ھر دم.
    All work, no play, makes Jack a dull boy.

    4.13 سينکيو مارجي ته گيھه، ڪچو رهي ته وِههُ. (سنڌ، چوڻي)
    ڪي حڪيم، جسماني/ شھواني ڪمزوريءَ کان شنگرف/ سينکيو ماري مريض کي کارائيندا آهن. جيڪڏهن سينکيو صحيح طور تي ماريل هوندو ته گيھه وانگر طاقت بخش رهندو ۽ ڪراڙي کي به وقتي جوان ڪري ڇڏيندو. ان جي برعڪس، ڪچو رهجي ويو ته وِھَ/ زهر وانگر موت ڏئي ڇڏيندس.
    مطلب:
    شنگرف وغيرھ به صحيح طور پچايل ھوندا ته فائدو ڏيندا، ٻي صورت ۾ نقصانڪار آھن.

    4.14 شراب علاج ناهي، بيماري آهي. (حديث)
    هڪڙا ماڻھو، شراب جا عادي هوندا آهن. پڇڻ تي ٻڌائيندا آهن؛ “ڊاڪٽر ڏَسُ ڏنو آهي!” انھن جي دعوى ڪوڙي آهي. ڇو جو طبِ نبويءَ کان وڌيڪ ڪو طب ناهي. پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن کان وڌيڪ ڪو طبيب به ڪونھي. شراب بيماري آهي، دوا ناهي. ان جو فقط هڪ ئي دليل اهو آهي ته دوا وقتي طور تي کائي پوءِ بند ڪبي آهي. جڏهن ته شرابي عمر ڀر پاڻيءَ وانگر شراب پيئندو آهي ۽ جنھن مرض خاطر پيئندو آهي، سو به قبر ۾ ساڻ کڻي ويندو آهي. مطلب:
    الخمر، ام الخبائث
    شراب، بيمارين جي جڙ آھي.
    شرابيءَ ۽ رنڊيءَ جي، مَلَهه وانگر پڇاڙي تمام خراب هوندي آهي.

    4.15 غم، سڀني بيمارين جي پاڙ آهي (سنڌ، چوڻي)
    غم/ ڏک/ روڳ/ ڳڻتي، اندر کي ڳاريندڙ ٿيندو آهي. اندران ئي اندران پيو ماڻھوءَ کي کائيندو آهي. انھيءَ جي ڪري ماڻھوءَ تي ڪيترين ئي جسماني/ روحاني بيمارين جو حملو ٿي سگهندو آهي.
    مطلب:
    ڳڻتي، انسان کي، ظاھري بيمارين جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ ڳاري ٿو.

    4.16 مڱن ڏانڊي، ڪارڙي ٽانڊي،
    مڱ پچي، ڪارڙو مچي/ نچي،
    مڱ لئو، ڪاروڙو مُئو. (لاڙ چوڻي، پھاڪو)
    ڪارڙو، جيت جو قسم آهي جيڪو لاڙ جي علائقي ۾ ٿئي ٿو. مڱن جي نسبت سان وڌندو ويجهندو آهي. مڱ کي ڏانڊي هوندي ته ڪارڙي جو ڏنگ به تيز ٿيندو. مڱ پچندو ته ڪارڙو به موج مستيءَ ۾ ايندو، جڏهن مڱ لبندو ته ڪارڙو به مريو وڃي.
    مطلب:
    ڪارڙي جيت جي حياتي، مڱن جي فصل تائين محدود آھي.

    4.17 نزلو، ڪمزور/ ضعيف عضوي تي ڪرندو آھي. (سنڌ، پھاڪو)
    نزلو، لاعلاج مرض آهي ۽ هميشه ڪمزر عضوي تي پوندو آهي. جھڙوڪ؛ نڪ، هٿ، وات ۽ پيرن وغيره تي ڪرندو آهي. انھيءَ ۾، انھن عضون مان بدبوءِ سان پگهر وهندو آهي. انھيءَ ڪري، بيمار ماڻھوءَ جي ڀرسان ٻيا ماڻھو نه ويھي سگهندا آهن.
    مطلب:
    نزلو، ڪمزوري آھي ۽ بيماري ڪمزوريءَ تي جلد ايندي آھي.

    4.18 وسي ته به ڏٻري گسي، نه وسي ته به ڏٻري گسي. (سنڌ، پھاڪو)
    جيڪڏهن مينھن وسندو ته به بارشي اثرات ڪمزور/ ڏٻري ڍور تي پوندا. جيڪڏهن مينھن نه پيو ته قحط سالي ٿيندي. ان جا به ڏٻري جانور تي ئي اثرات پوندا. ڪمزوري، بيماريءَ جي آجيان لاءِ دروازو آهي. منجهائنس ڪيئي بيماريون جسم ۾ داخل ٿين ٿيون.
    مطلب:
    برسات پوڻ سان يا نه پوڻ سان، نقصان ڏٻري ڍور کي ئي ٿيندو آھي.

    4.19 وڳ ۾ هڪ گَرِي، وڳ ئي گَرو. (سنڌ، پھاڪو)
    ماحول جو اثر، حيوانات، جمادات ۽ سموري انسان ذات تي پوندو آهي. جھڙيءَ طرح عطار جي صحبت ۾ عطر جي خوشبوءِ ملي ٿي ۽ لوهر جي صحبت ۾ چڻنگون نصيب ٿين ٿيون. اهڙيءَ طرح بيمارن سان گڏ رهڻ ۽ احتياط نه ڪرڻ تي بيماريون به لڳي/ وچڙي سگهن ٿيون.
    مطلب:
    ڀيٽيو؛ ۲۰.۴ هڪ خراب مڇي، سڄي کاريءَ کي خراب ڪري ڇڏي ٿي.

    4.20 وڻن ۾ ٻور، لڱن ۾ سور. (سنڌ، چوڻي)
    جڏهن وڻن، خاص طور انبن جي وڻن، ۾ ٻور ٿيندو آهي، تڏهن موسمي اثرات پوڻ سبب ماڻھن ۾ گهڻيون بيماريون ڦھلبيون آهن. جن ۾ تپاولي ۽ اکيون اٿڻ وغيره کان علاوه لڱن ۾ سور/ ٻرو جھڙيون بيماريون شامل آهن.
    مطلب:
    چٽ جي موسم ۾ وڻ ٻور جهلين ته اکين اٿڻ جي بيماري ٿئي.
    ڀيٽو؛ ۳.۴ انبن ۾ ٻور، اکين ۾ سور.

    4.21 هڪ خراب مڇي، سڄيءَ کاريءَ کي خراب ڪري ڇڏي ٿي (سنڌ، پھاڪو)
    ماحول ۽ صحبت جو طبيعت تي وڏو اثر پوندو آهي. خراب/ گندي ماحول ۾ اٿبو ويھبو ته طبيعت تي به خراب/ گندا اثرات مرتب ٿيندا آهن، روحاني، جسماني بيماريون يڪدم اثر انداز ٿينديون. ان لاءِ بھتر آهي ته ماڻھو صحت بخش ماحول/ فضا ۾ گذاري ته جيئن بيمارين/ روڳ کان محفوظ رهي.
    مطلب:
    تختم تاثير، صحبت اثر (فارسي)
    گدرو گدري کي ڏسي، رنگ پڪڙيندو آهي (سنڌ)
    هڪ خراب صوف، سڄيءَ پيٽيءَ کي خراب ڪري ڇڏيندو آهي.
    صحبت صالح ترا صالح ڪند، صحبت طالح ترا طالح ڪند. (فارسي)
    چورن سان چاھ پئي جي من ميڙ ڪيائين، پوندو ته ڪاٺ نه ته ڪوٺائبو ته سھي.
    چڱن سان چاھ پئي جي من ميڙ ڪيائين، رڱجي ته لال ٿيندو نه ته ڪڪوربو ته سھي.

    4.22 هڪڙي جا سمھي مٿي، ٻي جا پوي ٽِير، ته نه چڙهندا به چڙهن. (سرو، پھاڪو)
    ٽير؛ ماڪ پوڻ. نه چڙھندا؛ بخار، تپ.
    ٽير/ ماڪ پوڻ واري موسم ۾، بنا لٽي جي مٿي يعني کُڏَ تي يا پيھي تي سمھبو ته نه چڙهندڙ بخار/ تپ به زوريءَ چڙهندو. ان ڪري ضروري آهي ته موسمي اثرن کان پاڻ بچائجي ۽ محفوظ هنڌ تي رهجي.
    مطلب:
    گھڻيون بيماريون، بي احتياتيءَ جي ڪري به ٿينديون آھن.
    خراب ماحول مان به گھڻيون بيماريون وچڙنديون آھن.


    5. علاج طور ڪتب ايندڙ ٽوڻن ڦيڻن بابت پھاڪا ۽ چوڻيون

    انسان ذات لاءِ علاج ضرورت وارين شين مان هڪ آهي. بيمار هر ڪو ٿئي ٿو ۽ هر ڪنھن کي علاج جي ضرورت ٿئي ٿي. ان ڪري علاج به انسان لاءِ ضروري سمجهيو ويندو آهي. علاج فقط انسانن لاءِ ضروري ناهي پر جانورن لاءِ به ضروري آهي. پالتو جانور جيڪڏھن بيمار ٿين ته انسان انھن جو علاج ڪن پر جي جهنگلي جانور بيمار ٿين ته پنھنجو علاج پاڻ ڪن. مشاهدو آهي ته جي شينھن گهڻو گوشت کائي ويندو ۽ پيٽ تي اوکڙ ٿي پوندي اٿس ته جابلو لوڻ چٽيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪتا ۽ ٻلا به گاهه کائيندا آهن. اهو ان ڪري جو هو پنھنجي ڪنھن تڪليف جو علاج ڪندا آهن .
    هونئن ته سڄي دنيا ۾ انگريزي دوائون ۽ سُيون مشھور آهن پر هر ملڪ کي ڪي پنھنجا علاج ضرور ٿين، جيڪي قديم زماني کان هلندا اچن ۽ انھن جي فائدي کان ڪوبه انڪار نه ٿو ڪري سگهي.
    سنڌ ملڪ ۾ به ڪي اهڙا علاج اول کان وٺي رواج ۾ آهن. جيڪي مثال طور ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا.
    وڏي کنگهه لاءِ، ناريل جو تيل مفيد آهي.
    هرٻو کائڻ سان کنگهه، دم ۽ ساهه جي مرض ۾ گهٽتائي ايندي آهي.
    اخروٽ، بد هضمي ختم ڪندو آهي ۽ سگهه بخشيندو آهي.
    بخار باهه آهي، آڳ کي پاڻيءَ سان اجهائجي.
    گجرن جي رس، کير ۾ ملائي پيئڻ سان ڪمزوري ختم ٿي وڃي ٿي.
    صبح جو پاڻي پيئڻ سان، قبضي نه ٿي ٿئي.
    ٽماٽا کائڻ سان بک لڳندي آهي ۽ ماني جلد هضم ٿيندي آهي.
    ماکيءَ جي مک ڏنگي ته ڪافور هڻڻ سان سور ختم ٿي ويندو.
    اهڙيءَ طرح ڪي اهڙا به ٽوٽڪا/ ٽوڻا آهن، جيڪي چوڻيءَ/ پھاڪي جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن. تن منجھان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا.

    5.1 اک ڦٽ ٻڌڻ، ليس تپ لنگهڻ. (سنڌ، چوڻي)
    اک اٿي پوي يا جسم تي زخم رسي ته ٻنھي کي دوا مکڻ کانپوءِ پٽيءَ سان ٻڌجي. پٽي ٻڌڻ سان ٻنھي کي موسمي اثرات کان بچائي سگهجي ٿو. ان بعد ئي، مٿن علاج اثر ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح ليس ۽ بخار به پيٽ جي خرابيءَ سبب ٿيندا آهن. کائڻ بند ڪرڻ سان، پيٽ ۾ ڦاٿل کاڌو، جنھن جي فساد سبب بخار/ تپ/ ليس ٿيو آهي، آهستي آهستي هضم/ خارج ٿي ويندو آهي. جنھن کانپوءِ بيمار تي دوا اثر ڪرڻ شروع ڪندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته بنا دوا جي، فقط بک تي، بيمار صحتياب ٿي ويندو آهي. حديث پاڪ ۾ آيل آهي ته مريض کي کاڌي کائڻ لاءِ زور نه ڀرجي ڇو جو اللھ تعاليٰ کيس رزق کارائي ٿو. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪو مريض ڪنھن شيءِ کائڻ لاءِ وڏي اشتھا ڏيکاري ته اها کيس کائڻ ڏجي. ڇو جو اهو ئي سندس علاج آهي. يا هيئن سمجهجي ته انھيءَ شيءِ جي نه ملڻ ڪري، اهو ماڻھو بيمار ٿيو آهي.
    مطلب:
    ڪي بيماريون احتياط ڪرڻ سان به ڇڏي وينديون آھن.
    اٿيل اک ۽ رسندڙ ڦٽ، ٻڌڻ سان ڇٽندا آهن. ليس ۽ بخار، بک ڪاٽڻ سان لھندا آهن.

    5.2 الله ڪو به مرض نه ٿو موڪلي، جنھن لاءِ شفا، دوا نه ٿو موڪلي (حديث)
    بيماري لڳي ته مايوس نه ٿجي. ڇو جو بيماري به حڪمت کان خالي نه هوندي آهي. ان ۾ به انسانن لاءِ جسماني، روحاني، معاشرتي ڀلائي مضمر هوندي آهي. جھڙيءَ طرح تپ لاءِ چيل آهي ته دوزخ جي باهه جو درمان آهي ۽ ليس لاءِ چيل آهي ته ان جو ٽن ڏينھن تائين علاج نه ڪيو. جيڪڏهن ڪبو ته لاعلاج مرض وچڙندا. مطلب ته ليس ٿيڻ سان، لاعلاج مرض ٽريو وڃي. اڄ جيڪي به ماڻھو وڏن موذي مرضن ۾ مبتلا آهن، اهي گهڻو ڪري ليس کي ٽن ڏينھن ۾ بند ڪرڻ جي ڪوشش سبب وچڙيل آهن. اهڙيءَ طرح پيشاب روڪڻ يا ڪاڪوس جهلڻ وغيره سان به جسم تي خراب اثر پون ٿا.
    مطلب:
    هر مرض لاءِ، خدا تعالى علاج خلقيو آهي.
    5.3 جن کي سور ٿيندا، سي ئي داين جا ڏس پڇائيندا. (سنڌ، پھاڪو)
    علاج لاءِ اهو ڦٿڪندو، جنھن کي تڪليف هوندي. جھڙي قسم جي تڪليف هوندس، اهڙي قسم جي ماهر معالج ڏانھن ڀڄندو. جسماني بيماري هوندس ته ڊاڪٽرن/ طبيبن ڏانھن ڀڄندو. روحاني مرض وڪوڙيل هوندس ته ڪامل مرشد/ رهبر يا شيخ ڏانھن ويندو.
    مطلب:
    ضرورت مند ئي ھنرمند جو ڏَسُ پڇائيندو آھي.
    5.4 جھڙو مرض، تھڙو علاج. (لاڙ، پھاڪو)
    هر مرض لاءِ پنھنجو مخصوص علاج آهي. هڪ مرض جي دوا، ٻئي مرض لاءِ تشخيص نه ڪبي آهي. ڪنَ جي سور لاءِ، ڏندن جي سور جي دوا نه ڏبي آهي. ٽنگ جي سور جي دوا دل جي مريض کي نه ڏجي. دل جي عارضي لاءِ، ٻانھن کي ڏنڀ نه ڏبو. البته هر مرض، بيماريءَ لاءِ مخصوص علاج آهي. پوءِ اها بيماري جسماني هجي يا روحاني. ان جو اهو ئي علاج ڪبو.
    مطلب:
    ڊگهو مرض، ڊگهو علاج.
    جھڙو سمو، تھڙي سامگري.
    جھڙو منھن، تھڙو موچڙو.
    جھڙي ڪچھري، تھڙو گفتو.
    ڀيٽيو؛ ۱۶.۵ هر ڪنھن بيماريءَ جو علاج ساڳيو ناهي.
    5.5 جيڪڏهن ڪو مريض ئي ڪونھي ته حڪيم ڇا ڪندو؟ (سرو، پھاڪو)
    حڪيم به علاج ان کي ڏيندو، جيڪو بيمار هوندو. سگهي ماڻھوءَ کي خواه مخواه ته سيون نه ٽنبيندو.
    ڪنھن علائقي ۾ ڪو به مريض ناهي ته پوءِ حڪيم اتي رهي ڇا ڪندو؟ يا حڪمت جو ڌنڌو ڇڏيندو يا جوءِ مٽيندو. آخر کيس پيٽ به ته پالڻو آهي. اهڙي علائقي ۾ ڊاڪٽر جي نه هجڻ جي شڪايت ڪرڻ اجائي آهي.
    مطلب:
    ڀيٽيو؛ ۵.۳ جاتي کير، تاتي کنڊ.

    5.6 جيڪي ڪري گيھ، سو نه ڪري ماءُ نه پيءُ. (سرو، پھاڪو)
    گيھ، جسماني طاقت بخشيندڙ آھي. جسم ۾ طاقت ھوندي ته محنت يا دفاع ڪري سگھبو. جيڪڏھن طاقت نه ھوندي ته دفاع نه ڪري سگھبو. پنھنجي جسم جي طاقت جتي ڪم ايندي، اتي پيءُ ماءُ به ڪم نه ايندا.
    مطلب:
    گيھ، طاقت بخش غذا آھي.
    5.7 ڄٽ ۽ ڦٽ، ٻڌا چڱا. (ساهتي، چوڻي)
    وائرل انفيڪشن (Viral infection) کان بچڻ لاءِ، ڦَٽَ کي ٻڌڻ ضروري آهي. اهڙيءَ طرح ڄٽ، اڻ پڙهيي، جاهل، ظالم کي اختيارات نه ڏجن. هٿائين کيس ان کان پري رکجي ته جيئن سندس ڪُڌن ڪرتوتن کان ٻيا ماڻھو محفوظ رهن. جنھن کي اختيار استعمال ڪرڻ جي صحيح سُڌِ ناهي، تنھن کي انھيءَ کان باز رکڻ ۾ ئي حڪمت آهي.
    مطلب:
    ڀولڙي جي هٿ ۾ تلوار ڏيڻ ۾ ڪابه عقلمندي ناهي.
    ظالم کي قيد ۾ بند ڪرڻ ۾ چڱائي آهي.
    هٿُ، ڄٽُ، ڦٽُ، سَرُ ۽ سوئر پنج ئي ٻڌا چڱا.
    ڀيٽيو؛ ۵.۱ اک ڦٽ ٻڌڻ، ليس تپ لنگهڻ.

    5.8 چڱي دوا، ڪڙي ٿيندي آهي. (انگريزي، پھاڪو)
    مرض، بيزار ڪندڙ ٿيندو آهي. ان کي دفع ڪرڻ لاءِ ڪابه مٺي دوا نه هوندي آهي. زهر، زهر کي ختم ڪندو آهي. ان ڪري بيماريءَ کي دفع به ڪوڙي دوا ڪندي آهي. ان کان ڀڄڻ نه گهرجي. بيماريءَ سبب ٿيل بدني بيزاريءَ کان بچڻ لاءِ، وه جو ڍڪ ڀرڻو ئي پوندو آهي.
    مطلب:
    فائدو ڏيندڙ دوا، ڪؤڙي ٿيندي آهي.
    زهر، زهر کي ختم ڪندو آهي.
    لوھُ، لوھَ کي ڪٽيندو آهي.
    ڀيٽيو؛ ۱۳.۱۱ ڪي مٺا مرض ۽ لذتي دوائون به آهن ڇا؟

    5.9 ڇتي ڪتي جي دوا، ٻه ڀتر/ ڀاڙِ (سرو، پھاڪو)
    ڇتي ڪتي، جيستائين چڪيو ناهي، تيستائين کيس ڀڄائڻ لاءِ ڀتر ڪافي آهن. يا جنھن ڀاڙِ تي هريل آهي، سا کيس ڏيڻ ڪافي ٿيندي. ان جي برعڪس جيڪڏهن چَڪي وڌائين ته پوءِ وڏي خفي، علاج ۾ پئجي وڃبو. بھتر آهي ته حملي کان اڳ دفاع ڪجي.
    مطلب:
    اولارڻ واري کي، وهائي ڪڍجي.
    ڪئي جي مھماني، ٻه پير.
    گدري جي چور کي ٻه لپاٽون.
    ڀيٽيو؛ ۲.۳ اڳ اپاءُ وٺجي، علاج کان بچجي.

    5.10 رب ٿئي راضي ته ڌوڙ چپٽيءَ مان به شفا ڏئي. (ساهتي، چوڻي)
    ضروري ناهي ته هر بيماريءَ مان، لکن روپين جي دوائن کائڻ کانپوءِ ڇوٽڪارو ملي. خدا تعالى ان ڳالھ جو محتاج ناهي. سندس آڏو امر جي دير آهي. ڌوڙ کي امر ڪري ته ان مان به شفا ملي پوندي ۽ لاعلاج مرض به دفع ٿي ويندو.
    هر بيماريءَ کي دفع ڪرڻ لاءِ ٽِڪو پنجو ڪجي ۽ شفا لاءِ خدا تعالى ۾ اميد رکجي.
    مطلب:
    اصل شفا، اللھ وٽان آھي.

    5.11 سر کان پوءِ سج اڀري ته واه، نه ته ٻي جھاني. (هندي، پھاڪو)
    هڪڙو شخص رات جو بيمار ٿي پيو. طبيب کيس دوا کارائڻ کانپوءِ ٻڌايو؛ “جڏهن سج اڀرندو، تڏهن ان جي سوجهري تي دوا اثر ڪندي!”
    حڪيم دوا ڏئي هليو ويو. بيمار دوا کائي سج اڀرڻ جو ڏاڍو انتظار ڪيو پر مرض کيس سج اڀرڻ تائين مھلت نه ڏني ۽ راهِ عدم ڏانھن راهي ٿي ويو. جڏهن سج اڀريو ته ان جو اڀرڻ، کيس ڪم نه آيو.
    مطلب:
    سر کان پوءِ سج اڀري ته واه، نه ته ڇٽو.
    نه عراق کان ترياق ايندو، نه نانگ ڏنگيل بچندو (فارسي)
    نه نَوَ َ مڻ تيل ايندو، نه ئي راڌا نچندي (هندي)
    نه ئي پرڻ ۾ پاڻي پوندو، نه وري ڌوڙ جون ڌاڻيون وٽبيون. (ساھتي)
    سمو گذرڻ بعد، پئسا/ ڪپڙا/ کاڌو ڪھڙي ڪم جو.
    عيد کان پوءِ ڪپڙا ڪھڙي ڪم جا.
    پِٺي کانپوءِ، ڪپڙن کي ڏي باھ.

    5.12 صوف صبح جو سون، منجهند جو چاندي، شام جو پتل. (سنڌ، چوڻي)
    صوف کائڻ سان هاضمو درست رهي ٿو. ان لاءِ به ضروري آهي ته صبح جو نيراني کائجي. صبح جو کاڌل صوف، جلد هضم ٿيو وڃي ۽ جسم کي گهربل طاقت بخشي ٿو. منجهند جو کائڻ سان، رات تائين هضم ته جيئن تيئن ٿيو وڃي پر ايڏو فائدو نه ٿو رسي، جيترو صبح جو کائڻ سان پھچي ٿو. ان جي برعڪس شام يا رات ڌاري کاڌل صوف، نه هضم ٿئي ٿو ۽ نه ئي وري منجهانئس فائدو رسي ٿو. هٿائين هاضمي جي خرابيءَ جي شڪايت رهي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته کاڌو/ علاج، وقتائتو ۽ حڪيم جي ڏسيل هدايت مطابق کائجي.
    مطلب:
    غذا سان، صحت حاصل ٿئي ٿي. ان لاءِ به ڪي فطري اصول مقرر ڪيل آهن. مٿن عمل ڪرڻ ۾ ئي حڪمت آهي.
    An apple a day, keeps a doctor away
    5.13 علاج؛ دوا جو نالو وٺڻ سان نه، پر کائڻ سان آهي. (سنڌ، پھاڪو)
    دوا به تڏهن اثر ڪندي، جڏهن حڪيم جي ٻڌايل هدايت مطابق، وقت ۽ وزن آهر کائجي. نالو اچارڻ سان فائدو ڪين ڏيندي. جيئن باهه جو نالو وٺڻ سان وات ڪين ٿو سڙي، پاڻيءَ جو نالو وٺڻ سان اڃ ڪين ٿي لھي ۽ کاڌي جو نالو وٺڻ سان بک ڪين ٿي لھي، تيئن دوا جو به نالو وٺڻ سان مرض نه ٿو لھي.
    مطلب:
    دوا جو نالو وٺڻ سان، طبيعت ڪين سڌرندي.
    اَنَ پاڻيءَ جو نالو وٺڻ سان، بک ڪين لھندي.

    5.14 گرمي ڇڏي جهَڻ ڪنگر سان، سردي ڇڏي زَر ڪنگر سان. (هندي، چوڻي)
    جسماني طور تي ٻن قسمن جون بيماريون لڳنديون آهن. هڪڙيون گرميءَ جي اثر ڪري ۽ ٻيون سرديءَ جي اثر ڪري. گرميءَ جي اثر وارين بيمارين جو لسيءَ جي ڪينگر/ لوٽي پيئڻ سان علاج ٿيو وڃي. جڏهن ته سيئاندي جھڙي بيماريءَ ۾ مرض کي گرم رکڻ لاءِ اوچين دوائن سان علاج ٿيندو آهي. جنھن ۾ سچا موتي وغيره پون. جيڪي مھانگا ٿين. ان لاءِ ائين چوڻ ته سردي ڇڏي زر جي ڪينگر/ لوٽي سان يعني تمام گهڻن پئسن خرچ ڪرڻ سان سردي ڇڏيندي آهي.
    مطلب:
    بيماري، تمام گھڻا پئسا خرچ ڪرڻ سان لھندي آھي.

    5.15 ليس تپ لنگهڻ، اک ڦٽ ٻڌڻ. (سنڌ، چوڻي)
    ليس ۽ تپ/ بخار ۾، کاڌو گهٽ وڻندو آهي. ان ڪري بک ڪاٽڻ به علاج آهي. اک ۽ ڦٽ ٻڌل هوندو ته هوا کان بچاءُ ٿيندو ۽ جلد ڇٽي ويندا.
    مطلب:
    ليس ته لنگهڻ، اک ته ٻڌڻ.
    ڀيٽيو؛ اک ڦٽ ٻڌڻ، ليس تپ لنگھڻ.

    5.16 ماکي ناهي مٺاڻ، ليمون ناهي کٽاڻ. (هندي، چوڻي)
    ماکيءَ جو اثر مٺي شيءِ وارو ناهي. ذيابيطس جو مريض کائي ته کيس نقصان نه پھچندو. اهڙيءَ طرح، جنھن کي کٽاڻ جي رک آهي، ان کي ليمون نقصان نه پھچائيندو. ڇو ته ليمون في نفسه، کٽاڻ ناهي‌‍.
    مطلب:
    ماکيءَ ۾ مٺاڻ وارو ۽ ليمي ۾ کٽاڻ وارو اثر ناھي.

    5.17 هر بيماريءَ جو علاج ساڳيو نه هوندو آهي. (ساهتي، چوڻي)
    آڳاٽي زماني ۾ هڪڙي ٻھراڙيءَ جي ٻڪرار جي ڪھاڙي، منجهند ڌارا اس ۾ پئي هئي، جنھن سبب تپي باهه ٿي وئي. جڏهن ٻڪرار اچي کيس هٿ لاتو ته ڪوسي هئڻ سبب سمجهيائين؛ ”ڪھاڙيءَ کي بخار ٿي پيو آهي.“ ڪھاڙي کڻي ڊوڙندو طبيب وٽ پھتو ۽ سھڪندي کيس چيائين؛ ”طبيب! ڪھاڙيءَ کي تپ ٿي پيو آهي، ان جو علاج ڏي!“
    طبيب کيس چرٻٽ سمجهي، ڪھاڙي سندس سامھون پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ٿڌي ڪئي ۽ کيس واپس ڏيندي چيائين؛ ”هاڻي تپ لھي ويو اٿس! کڻي وڃ!“
    ٻڪرار کي بخار جي علاج جي خبر پئجي چڪي هئي.
    هڪ ڏينھن سندس ڪراڙي ماءُ کي بخاري ٿي پيو. دل ۾ چيائين؛ “امڙ کي اجايو حڪيم ڏي رلائڻ مان بھتر آهي ته ڪھاڙيءَ جي علاج وانگر سندس علاج ڪري ڇڏيان.”
    اهو سوچي ماءُ کي سيني وٽ رسو ٻڌي وڃي کوهه ۾ لاٿائين. ماڻس ڪراڙي هئي سا پھرئين ئي گهوتي ۾ هلي پئي. جڏهن موت سبب ماڻهس جو وات ڦاٽي ويو ۽ ڏند ٻاهر نڪري آيس ته پٽ خوش ٿيڻ لڳو ۽ ماءُ کي مٿان ئي چوڻ لڳو؛ “ڏس بخار لھي ويئي، تڏهن ته کلين ٿي.”
    جڏهن کوهه کان ڇڪي ٻاهر ڪڍيائينس ته ماڻس مري چڪي هئي. پر هاڻي هانءَ-ڦاٽيون دانھون ماڻس جي ڪنھن ڪم جون ئي نه هيون.
    مطلب:
    سور اک ۾، ڦوڪ پئي اچي ڪن کي.


    6. پرهيز، ڪريءَ يا رکَ بابت پھاڪا ۽ چوڻيون

    علاج به تڏهن ڪارائتو آهي، جڏهن ساڻس ڪِري، پرهيز يا رک به ڪجي. جيڪڏهن ڪِري نه ڪبي ته علاج بي اثر رهندو ۽ مرض ويندو وڌندو. جان وڃڻ جو خطرو به لاحق رهندو.
    ان ڪري ڀٽائي سڳوري به فرمايو آهي؛
    ويڄن سان وائي پيا، ڪِري ڪن نه پاڻ،
    اگهن اِن اهڃاڻ، پسيو سور سجهائيا. (يمن ڪلياڻ)
    مطلب:
    حڪيم جي هدايت تي هلندي، ڪِري ڪجي. ان جي خلاف ورزي نه ڪجي.

    6.1 آهي گهڻو اگهن جو، ترس طبيبن،
    ڪِئو وس ويڄن، تان ڪِريءَ ريءَ ڪين ٿئي. (شاهه، يمن ڪلياڻ)
    حڪيم/ طبيب ته گهڻي ئي چاهي ٿو ته سندس هٿان مريض کي شفا ملي. پر شفا مريض کي تڏهن ملندي، جڏهن حڪيم جي هدايت تي ڪِري به ڪندو. پرهيز ڪرڻ وارو ئي هدايت جي راهه تي هلي سگهندو ۽ اصل منزل ماڻيندو.
    مطلب:
    ڪريءَ کانسواءِ دوا اثر نه ڪندي آھي.
    ڪري/ پرهيز پڻ، علاج جو حصو آھي.

    6.2 اگهن جي ٻُڪي، سگهن لاءِ نه هوندي آهي. (سنڌ، پھاڪو)
    بيمار لاءِ تيار ڪيل کاڌو يا دوا، سگهي/ صحتمند کي ڪجهه به فائدو نه ڏيندا. منجهانئن کيس نه فرحت ايندي، نه سڪون. مريض کي ساديون ۽ زود هضم شيون کپن. جڏهن ته صحتمند ماڻھوءَ کي طاقتور/ طاقت بخش کاڌا گهرجن.
    مطلب:
    صحتمند کي، کائڻ لاءِ بيمار واري دوا ڏبي ته بيمار ٿي پوندو.

    6.3 پرهيز، علاج کان بھتر آهي. (ساهتي، پھاڪو)
    بيماريءَ جي ڪارڻن جي جيستائين خبر نه ٿي پوي، تيستائين علاج ممڪن ناهي.
    علاج ۾ به دوا پوءِ اثر ڪندي، جڏهن بيماريءَ جو سبب نه ختم ڪبو. جنھن شيءِ مان بيماري ٿئي ٿي، سا واپرائڻ بند نه ڪبي، تيستائين دوا به اثر نه ڪندي.
    مطلب:
    پرھيز ۾ خرچ ناھي. علاج تي تمام گھڻا پئسا ڳرن ٿا.
    دوا کان ڪري/ رک ڀلي آهي.
    علاج کان پرهيز بھتر آهي.

    6.4 چَکَ کان، رَکَ چڱي. (سنڌ، پھاڪو)
    چکڻ، کائڻ، وات کي چسڪا وٺرائڻ سان ئي بيماريون وچڙنديون آهن. جڏهن ته رک، ڪريءَ، پرهيز، بک ڪاٽڻ سان بيماريون نه لڳنديون آهن ۽ ماڻھو بيماريءَ جي حملي کان به محفوظ رهندو آهي.
    مطلب:
    ڀيٽيو؛ ۱۲.۳ گهڻي کاڌي کان گهڻو ڏٺو چڱو.
    6.5 روڳ گهٽي، ڪڇ اوکت کايا. (ٿر، چوڻي)
    هڪ هندي ڪويءَ، داس بھاريءَ، جي ڪوتا آهي؛
    مانُ گهٽي ڪڇ مُک سين مانگت، پريت گهٽي نِت پَرَ گهر جايا،
    گيان گهٽي نِرمونڍ ڪي سنگت، ڌيان گهٽي چِت ڪو ڀرمايا،
    تيج گهٽي پَرَ نارِ ڪي سنگت، ٻُڌِ گهٽي ٻهو ڀوڄن کايا،
    شوڪ گهٽي ڪڇ ساڌ ڪي سنگت، روڳ گهٽي ڪڇ اوکت کايا،
    داس بھاري ڏک ڏار ڊر گهٽي، گووند گووند گايا.
    وات سان گهرندي، مانُ گهٽجي ٿو. هر هر پرائي گهر وڃڻ سان محبت گهٽجي ٿي. غلط عورتن جي سنگت ۾ عبادت جو شوق گهٽجي ٿو. بد نيتي ڪرڻ سان ڌڻيءَ جو ڌيان گهٽجي ٿو. چھري جي رونق، پراين عورتن سان سنگت رکڻ سبب گهٽجي ٿي. گهڻو کاڌو کائڻ سان سمجهه ۽ عقل گهٽجي ٿو. ساڌن جي سنگت ۾ غلط ڪم جو ڌيان گهٽجي ٿو. گهٽ کائڻ سان بيماري گهٽجي ٿي. ڌڻيءَ جو نالو وٺڻ سان اندر جو خوف گهٽجي ٿو.
    روڳ/ بيماري تڏهن گهٽبي، جڏهن اوکت/ گهٽ کائبو. گهٽ کائڻ واري تي بيماري به ورلي حملو ڪندي آهي ۽ بيمارين نه لڳڻ سبب مرندو به جلدي ناهي. ڇو جو منجهس قوتِ برداشت گهڻي هوندي آهي. جڏهن ته گهڻو کاڌو کائڻ واري ۾ قوتِ برداشت گهٽ هوندي آهي. مٿس بيماري به جلد حملو ڪندي آهي ۽ موت به ستت ايندو اٿس. ان کي سمجهڻ لاءِ هڪ مثال ڏجي ٿو.
    آڳاٽي دور ۾ هڪڙي بادشاهيءَ ۾ ٻه همراه؛ هڪڙو سنھڙو ۽ عمر کان موٽيل، ٻيو جوان ۽ هٽڪو ڪٽو، اچي لانگهائو ٿيا. سپاهين کين جاسوس سمجهي قيد ۾ اڇلي ڇڏيو. ٽن ڏينھن تائين ٻئي همراه قيد ۾ پيا رهيا. جڏهن ٽن ڏينھن کانپوءِ کين ڪڍيو ويو ته جوان همراهه مئو پيو هيو ۽ موٽيل همراهه زنده هيو. انھيءَ تي سپاهي ڏاڍا پريشان ٿيا. اتي هڪ حڪيم کي وٺي آيا. ان کي سڄي ماجرا حيرت سان ٻڌايائون. ان تي حڪيم ٻڌاين؛ “مون کي ان ڳالهه تي حيرت ٿئي ها، جي سنھو همراهه مري ها ۽ ٿلھو زنده رهي ها!”
    ان تي سپاهين، کانئس سبب پڇيو. جنھن تي حڪيم کين ٻڌايو؛ “نوجوان ۽ هٽڪي ڪٽي همراهه ۾ بک برداشت ڪرڻ جي سگهه نه هئي. جڏهن ته سنھي ۽ سيپڪڙي همراهه ۾ بک برداشت ڪرڻ جي سگهه هئي. اهو ئي سبب آهي جو نوجوان فوت ٿي ويو ۽ ڪراڙو زنده رهيو!”
    مطلب:
    گھٽ کائڻ واري کي، بيماريون گھٽ وچڙن ٿيون.
    6.6 صبر ۾، حڪمت آهي (نصيحت، چوڻي)
    بيماريءَ ۾ صبر ڪرڻ اشد ضروري آهي. اٻھرو نه ٿيڻ گهرجي. اُٻھرائپ ۾ ورتل دوا يا پاڻمرادو تشخيص ڪيل/ منتخب ڪيل دوا، هاڃو رسائيندي آهي. حڪمت/ شفا، صبر ۾ آهي. حضرت ايوب عليه السلام به بمياريءَ وقت صبر ڪيو. جنھنڪري کيس تندرستيءَ سان گڏ جواني/طاقت به موٽي ملي. انعام طور سندس گهر واريءَ کي به خدا تعالى جوان ڪيو.
    مطلب:
    صبر واري سان اللھ تعاليٰ گڏ آھي.
    واذا مرضت فھو يشفين.
    6.7 ڪني مڇي، کاريءَ مان ڪڍي نه اڇلبي ته کارو ئي ڪن ٿي ويندو. (سرو، پھاڪو)
    بيماري ڦھلائيندڙ شيءِ/ ماڻھوءَ کي ماحول کان الڳ نه ڪبو ته ان بيماريءَ جا اثرات ٻين تائين به پھچي ويندا. پوءِ سڀني جو علاج ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو. برائيءَ کي جڙ/ منڍ کان ڪاٽي ڇڏجي. جيئن ڪا برائي، بيماري، گندگي منھن ڪڍي، ان جو منھن اتي چِٽي ڇڏجي ته بھتر آهي.
    مطلب:
    ڪني آڱر وڍي ڀلي آهي.
    6.8 نه هڪ ڪري، نه سو دوائون. (انگريزي، پھاڪو)
    جيڪو هڪ ڪِري نه ٿوڪري، تنھن کي سَوَ دوائون به اثر نه ٿيون ڪن. جيستائين بيماريءَ جي داخل ٿيڻ وارن درن کي بند نه ڪبو، تيسائين دوا اثر نه ڪندي. پھرين بيماريءَ جي شدت کي گهٽائبو، پوءِ علاج ذريعي مرض جي پاڙ پٽي سگهبي. ان لاءِ ضروري آهي ته بيماريءَ جي الرجيز Allergies بابت ڄاڻ رکجي ۽ پوءِ علاج ۾ هٿ وجهجي.
    مطلب:
    پرهيز علاج کان بھتر آهي.
    Prevention is better than cure
    6.9 نيم نان، صحت جان. (فارسي، چوڻي)
    نيم نان؛ اڌ ماني.
    گهٽ کاڌو کائڻ، جان/ سرير کي صحتمند رکڻ لاءِ تمام ضروري آهي. ان وقت کاڌي مان هٿ هٽائي ڇڏجي، جڏهن اڃا بک هجي. ڇو جو گهٽ کائڻ واري کي، بيماريون گهٽ وچڙهن ٿيون.
    مطلب:
    نيم نان صحت جان، نيم ملا خطره ايمان.
    نيم نان، راحت جان.
    پيٽ کي ٽن حصن ۾ ورھائجي؛ ھڪ کاڌي لاءِ، ٻيو پاڻيءَ لاءِ ۽ ٽيو ھوا لاءِ.
    ڀيٽيو؛ ۵.۶ روڳ گهٽي، ڪڇ اوکت کايا.

    6.10 وِهِه جي ٻوريءَ تي ويٺو رهه، کائيندين نه ته مرندي به نه. (هندي، پھاڪو)
    زهر، وِهُه به ان ماڻھوءَ تي اثر ڪندو، جيڪو کيس کائيندو. بيماري آڻيندڙ شيون، جھڙوڪ؛ پاروٿيون ڀاڄيون، ميوا، گوشت، گندا انڊا وغيره واپرائڻ سان بيماريون منھن ڪڍن ٿيون ۽ پوري جسم/ ماحول ۾ ڦھلجي وڃن ٿيون.
    مطلب:
    بيماري به کائڻ واري کي وچڙي ٿي.
    بيماريون، کاڌي جي ذريعي وچڙن ٿيون.


    7. جسماني علاج سان گڏ روحاني علاج بابت پھاڪا ۽ چوڻيون

    علاج طور دوا کائڻ ۽ ڪِريءَ ڪرڻ، پرهيز وارو کاڌو کائڻ پوءِ به شفا لاءِ خدا کان دعا گهرجي. ڇو جو شفا جو اصل سرچشمو خدا تعالى پاڻ آهي. پاڻ اَمُر ڪندو ته ڦڪيون فرق ڪنديون. جيئن ابراھيم عليه السلام لاءِ، نمرود جي ٻاريل باه مان ساڙڻ وارو اثر ڪڍي ڇڏيائين، تيئن دوا مان شفا جو اثر ڪڍي ڇڏي ته وس وارو آهي. جيڪڏهن ائين ٿئي ته پوءِ علاج ڪھڙي ڪم جو؟ ان لاءِ بھتر آهي ته وري به ڏانھنس ڏِسجي ۽ کانئس شفا گهرجي.
    واذا مرضت فھو يشفين.
    دوا به ڪجي، دعا به ڪجي.
    جسماني علاج سان گڏ روحاني علاج به ڪجي.
    ڀيٽيو؛ ۴.۷ دوا سان گڏ، دعا به ڪجي.

    7.1 اگهن مڙي اڄ، ڪِئو سڏ صحت کي،
    ڏور ڏکندا ڀڄ، مھريءَ منھن ڏيکاريو. (شاهه، چوڻي)
    بيمار ماڻھن کي پاڻ ۾گڏجي، خدا کان شفا حاصل ڪرڻ لاءِ، دعا گهرڻ گهرجي. ڇو جو اللھ جي امر کان سواءِ نه ڪو پن چري ٿو ۽ نه ڪا بيماري جان ڇڏي ٿي.
    مطلب:
    بيماريءَ کان نجات حاصل ڪرڻ، ھرڪو چاھي ٿو.
    7.2 تون حبيب، تون طبيب، تون درد جو دارون،
    تون ڏئين تون لاھين، ٻڪي ٻينئون نه ٿئي. (شاهه، چوڻي)
    اصل سڄڻ ۽ بيماريءَ کان نجات ڏياريندڙ، فقط هڪڙو ئي رب آهي. جيڪو نالي مٺڙو ۽ شفا ڏيندڙ آهي. اهو ئي دک، درد، بيماري لاهيندڙ آهي. کانئس ئي درد دفع ٿيڻ لاءِ دعا گهرجي. اهو ئي دافع آهي ۽ اھو ئي شافع آهي.
    مطلب:
    شافع ۽ دافع، اللھ جي ذات آھي.
    7.3 ٺلھو ڦيڻو، ٻرو ٻيڻو (لاڙ، پھاڪو، چوڻي)
    بيماريءَ دفع ڪرڻ لاءِ مليل دوا به تڏهن اثر ڪندي، جڏهن مريضن لاءِ گهريل دعا اثر ڪندي. دعا به تڏهن اثر ڪندي، جڏهن اللھ تعالى جي بارگاه ۾ قبول پوندي. دعا به اها قبول پوندي جيڪا صدقِ دل سان گهري ويندي. صدقِ دل سان دعا اهو گهرندو، جنھن جي دل ٺريل هوندي. دل ٺارڻ لاءِ ضروري آهي، جنھن کان دعا ڪرائجي، ان کي ٿورو گهڻو نذرانو ڏجي. اللھ تعالى هر ڪنھن جي لاءِ روزگار مھيا ڪرڻ جو ذريعو بڻايو آهي. ائين نه ٿئي جو، اڳلي جو مفت ۾ وقت وڃائجي ۽ دعا جا در ئي سڙي وڃنس. پوءِ بجاءِ چاق ٿيڻ جي ماڻھو ويندو ويتر جُهرندو ۽ جهڄندو.
    مطلب:
    سکڻي دعا، پِٽ برابر.
    دل ٺري، دعا ڦري.
    7.4 دوا سان گڏ، دعا به ڪجي. (سنڌ، چوڻي)
    دوا، بيماريءَ جي علاج لاءِ خلقيل آهي. تنھن هوندي به شفا لاءِ اللھ تعالى کي ٻاڏائڻ گهرجي. ڇو جو دوا، مرض، مريض ۽ حڪيم وغيره، مڙني جو خالق هڪڙو ئي آهي. ان جي اَمر يا حڪم کان ٻاهر، منجهانئن ڪو به ڪونھي. جيستائين مالڪ جي مھرباني نه ٿيندي تيستائين دنيا جي شين مان نفعو ڪين ملندو. ان ڪري دوا به ڪجي، دعا به گهرجي ۽ اللھ تعالى جي رحمت ۾ اميد پڻ رکجي.
    مطلب:
    دوا تڏھن اثر ڪري ٿي، جڏھن ساڻس دعا ڪجي ٿي.
    دل ٺري، دوا/ دعا ڦري.
    7.5 دوائن کي، ويساه اثر وارو ڪري ٿو. (سنڌ چوڻي، پھاڪو)
    دوا ۽ دعا، تڏهن اثر ڪنديون، جڏهن منجهن ويساه هوندو. جنھن دعا يا دوا ۾ اعتقاد نه ويھي، سا نه وٺڻ گهرجي. ڇو جو اها اثر نه ڪندي. ٻين جي زور ڀرڻ تي جيڪڏهن دوا وٺبي به ته اھا بي دليءَ سان هوندي. بي دليو ڪم، ڪڏهن به ڪارائتو ڪينھي. اهڙيءَ طرح دوا به ان حڪيم جي اثر ڪندي، جنھن حڪيم ۾ اعتقاد هوندو.
    مطلب:
    ڀلو طبيب، ڪي ڀلو ويساه
    ڀلو پير، ڪي ڀلو ويساه
    سپ نه ماري، سپ جو سراپ ماري
    7.6 ڊڀن ڀري هٿڙا، دارون دوست ڪريج. (شاه، يمن ڪلياڻ، چوڻي)
    اي سڄڻ! ڊڀ/ دوا به ڪجانءِ، مھر وارو ھٿ رکندي شفا به ڏجانءِ.
    مطلب:
    واذا مرضت فھو يشفين.
    7.7 صاحب ڏي شفا، ميان مريضن کي. (شاهه، چوڻي)
    ڀٽائي سڳورو اسان کي سيکاري ٿو ته؛ اسان اللھ تعالى کان ئي شفا گهرون. ڇو جو شفا جو اصل سر-چشمو، اللھ تعالى پاڻ آهي. جيئن ڀٽائيءَ چيو آھي؛
    تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا،
    جانب منھنجي جيءَ ۾، آزار جا انواع،
    صاحب ڏيج شفا، ميان مريضن کي.
    مطلب:
    ڀيٽيو؛ ۲.۷ تون حبيب، تون طبيب، تون درد جو دارون.
    7.8 ڦڪيون تڏهن فرق ڪن، جڏهن امر ٿيئن الله جو. (شاهه، چوڻي)
    دوا به تڏهن اثر ڪندي، جڏهن اللھ تعالى جو حڪم يا امر هوندس. ٻيءَ صورت ۾ ڪڏهن به اثر نه ڪندي.
    مطلب:
    اللھ جي امر کانسواءِ، دوا اثر نه ٿي ڪري.


    8. سٺن طبيبن جي ساراهه ۾ چيل پھاڪا ۽ چوڻيون

    علاج طور ڏنل دوا، مرض جي صحيح تشخيص، سڃاڻپ ۽ دوائن جي خاصيتن بابت مڪمل ڄاڻ کان پوءِ، اثرائتي ۽ فائديمند رهندي. ٻيءَ صورت ۾ ڪِري، رک ۽ دعا به ڪم ڪين اينديون. دوا، دعا، ڪِري وغيره به تڏهن اثر ڪنديون، جڏهن ڄاڻو، تجربيڪار حڪيم کان علاج ڪرائبو. باقي اهڙي حڪيم کان دوا نه ڪرائجي، جيڪو ڪَن جي سور لاءِ هوڙ جي سور واري دوا ڏيندي چوي؛ “مڙيئي سور آهي! دوا ساڳي آهي!” ان جي برعڪس سٺي، ماهر، ڄاڻوءَ، تجربيڪار معالج کان دوا وٺڻ گهرجي.

    8.1 نبض شناس طبيب، نبض ڏسي مرض سڃاڻندو آهي. (سنڌ، پھاڪو، چوڻي)
    سٺو ۽ ڀلو طبيب اهو آهي، جيڪو مريض جي نبض ڏسڻ سان مرض سڃاڻي وٺي. مشھور آهي ته حڪيم بو علي سينا وڏو نبض شناس هيو. ايترو جو پرديدارعورتن کي پردي ۾ ويھاري، سندن ٻانھن ۾ ڌاڳو ٻڌي، ٻيو ڇيڙو حڪيم جي هٿ ۾ ڏبو هيو ته نبض سڃاڻندي، مرض بابت ٻڌائيندو هيو.
    هڪ دفعي سندس شاگردن از راهِ مذاق، هڪ ٻليءَ جي ٽنگ ۾ ڌاڳو ٻڌي، پردي ۾ ويھاري ڌاڳي جو ٻيو ڇيڙو حڪيم صاحب کي آڻي ھٿ ۾ ڏنو. حڪيم صاحب، ڌاڳي ذريعي نبض تپاسيندي، ٻڌايو؛ “مريضه ڪچو گوشت کاڌو آهي. جنھن سبب سندس هاضمي ۾ خلل ٿيو آهي. جيئن ئي گوشت هضم ٿيندو، تيئن مريضه جي پيٽ تان موڙهه لھي ويندو.”
    مطلب:
    ڄاڻ وارو ماڻھو، قدم کڻڻ سان مرض سڃاڻي وٺندو آھي.


    9. اڻ ڄاڻ طبيبن جي مذمت ۾ چيل پھاڪا ۽ چوڻيون

    پيٽ پالڻ يا روزگار خاطر هر ڪو حيلا هلائي ٿو. ڪنھن کي ڪھڙو ڌنڌو آهي ته ڪنھن کي ڪھڙو. جھڙيءَ طرح هڪ هنديءَ واري چيو آهي.
    هرهڪ انسان جي آهي ڌرت پنھنجي، هرهڪ انسان جي آهي ڪرت پنھنجي،
    لوھر کي ڪا شيءِ ڪٽڻ لاءِ گهرجي، ويڄ کي ڪو بيمار ڇُٽڻ لاءِ گهرجي،
    پروهت کي سدا ججمان گهرجي، وٽانئس کيس ڪجهه دان گهرجي.
    هر ڪو دل وٽان ڪري واپار، ٻئي جي سون ۾ ٿئي ڀائيوار.
    آئون رشي، بابو ويڄ، امان پينھين اَنُ،
    ڪرت خاطر هر ڪو ڊوڙي، جتي لڳيس مَنُ.
    اڻ ڄاڻ جي کاريل کي قبر جي ڪوٺي سنواري، باقي ٻيو دارون ڪونھيس. جيئن ڪوٽ غلام محمد جو هڪڙو ڊاڪٽر، مدي جي بخار وارن کي ڪونين جي سُئي ڏوري ۾ هڻندو هيو. هاڻي اتان جي اڪثر ماڻھن جون ٻانھون ڦريل آهن. ان ڪري اناڙي يا انڌي حڪيم کان پري ڀڄجي.
    مطلب:
    انڌي جو ڌڪ، يا کاري يا ماري.
    9.1 جان جان ناهه ضرور، تان تان طبيب ناهِ ڪو. (شاهه، چوڻي)
    الف: جيستائين مرض ئي ناهي ته حڪيم جي ضرورت به ناهي.
    ب: جيستائين حڪيم کي گهرج، ضرورت ناهي، تيستائين دل و جان سان حڪمت جي ڪرت به نه ڪندو. ضرورت ئي ماڻھوءَ کان هر ڪم ڪرائي ٿي. بنا ضرورت جي دنيا ۾ ڪو ئي ڪم نه ٿو ٿئي.
    مطلب:
    ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي.
    9.2 جنھن هزار ماڻھو ماريا، سو حڪيم آهي. (فارسي، چوڻي)
    نيم حڪيم/ اڌ حڪيم، بجاءِ صحيح علاج ڏيڻ جي، ڌُڪي تي علاج ڪندو آهي. سندس مريض بجاءِ صحتياب ٿيڻ جي ويندو آهي ويتر مريض ٿيندو. تان جو موت ئي کيس مرض مان ڇوٽڪارو ڏياريندو آهي. اهڙي انسان-دشمن حڪيم/ ڊاڪٽر کان علاج نه ڪرائجي. هٿائين کيس اهڙي ڪم کان باز رکجي.
    ھر ڳالھ سکڻ لاءِ، تجربا حاصل ڪرڻ ضروري آھن، جيڪي نقصان/ گھاٽي مان ئي حاصل ٿيندا آھن.
    مطلب:
    سو سوار ئي ناھي، جنھن ٿاٻو نه کاڌو آھي.
    ڀيٽيو؛ نيم حڪيم خطرھ جان.

    9.3 ڄاڻي وڇونءَ جو مَنڊُ به نه، هٿ وجهي نانگن جي ٻر ۾. (سنڌ، پھاڪو)
    جيڪي جوڳي نانگ پڪڙي، ٽٻڻيءَ ۾ وجهي، مرليءَ تي نچائي، دان ڪمائيندا آهن، سي نانگ جو مَنڊُ به ڄاڻندا آهن. جيڪڏهن کين مَنڊُ نه اچي يا وسري وڃي ته پوءِ پڪڙيل نانگ، کين به ڪکي وجهندو آهي.
    جن جوڳين کي وڇونءَ جھڙي موذيءَ جو منڊُ نه ٿو اچي، تن کي وڏي نانگ ۾ هٿ نه وجهڻ گهرجي. جيڪڏهن نانگ جي ٻر ۾ هٿ وجهندو ته پنھنجي هٿ سان پنھنجي حياتي وڃائيندو.
    مطلب:
    ھٿ جي وڍيءَ جو، نه ويڄ نه طبيب. پھاڪو.
    خود ڪردني را علاجي نيست. فارسي، چوڻي.
    ڀيٽيو؛ ۳.۱۰ پنھنجي ڪِئي جو، نه ويڄ نه طبيب.
    9.4 حڪيمين ۽ حاڪمين، شال نه ڪو تات پوي. (سرو، پھاڪو)
    جنھن کي جسماني مرض وچڙندو آهي، سو حڪيمن ڏانھن ڀڄندو آهي. جيڪي پئسا به ڦُريندا اٿس، ڪؤڙيون دوائون به ڏيندا اٿس ۽ بي سوادي کاڌن کائڻ جو ڏَسُ به ڏيندا اٿس. ڪڏهن ته غلط دوائون ڏئي، ٻئي جھان ڪڍي ڇڏيندا اٿس. اهڙيءَ طرح معاشرتي معاملن ۾ ڦاٿل، وري حاڪمن ڏانھن ڀڄندو آهي. جيڪي رشوت طور، سندس مال ملڪيت به هڙپ ڪري وٺندا آهن ۽ انصاف به نه ڏياريندا آهن. ٻنھي ڌرين وٽ وڃڻ وارو لوڙي لوڙي يا چُڻي چُڻي مري ٿو.
    مطلب:
    طبيبن تات، دشمن به نه پوي. (ساهتي)
    9.5 ڪئي لڌي هئڊ ڳڙي، چي؛ “مان پساري آهيان!” (سرو، پھاڪو)
    هڪڙا اهڙا حڪيم هوندا آهن، جن کي هڪ اڌ نسخو ملي وڃي ته پاڻ کي وڏا حڪيم پيا چوائيندا آهن. هڪڙي ڳوٺ ۾ به اهڙو حڪيم اچي ساماڻو، جيڪو دوستن يارن کان ٽوڻا، نسخا ٻڌي پيو دوائون ٺاهيندو، کائيندو هيو. پوءِ ڪڏهن سندس منھن سڳل ته ڪڏهن سڄي بت جا وار چٽ هوندا هئس. سدائين ٻوٿ ويڙهيو وتندو هيو. ڳوٺ جي ماڻھن به فيصلو ڪري ڇڏيو هيو ته هن حڪيم جي دوا کان مريض مئو ڀلو آهي.
    مطلب:
    ڀيٽيو؛ ۷.۹ نيم حڪيم، خطره جان.
    9.6 مرض کان وڌيڪ، ڊاڪٽر کان ڊڄڻو پوي ٿو. (فرينچ، چوڻي)
    مرض، خدا طرفان يا آزمائش هوندو آهي يا عذاب. جيڪڏهن آزمائش طور لڳندو آهي ته ستت ئي ڇڏي ويندو آهي. ڪک مان به جان ڇٽي ويندي آهي. دعا جا هٿ کڻڻ سان به درد دفع ٿي ويندو آهي.
    جيڪو مرض عذاب طور لڳندو آهي، اهو دوائن تي بجاءِ دفع ٿيڻ جي چڙندو آهي ۽ وڌندو ويندو آهي. اردوءَ واري چواڻي؛ مرض بڙهتا هي گيا، جون جون دوا ڪي. ان ڪري مرض کان نه پر ڊاڪٽر يا حڪيم کان ڊڄجي.
    مطلب:
    مرض کي وڌيڪ ڀوائتو، حڪيم جي جھالت ڪندي آھي.

    9.7 نيم حڪيم، خطره جان،
    نيم ملا، خطره ايمان،
    نيم نان، صحتِ جان. (فارسي، پھاڪو)
    گهٽ ڄاڻ رکندڙ، هميشه نقصان ۾ پوندو يا ٻئي کي نقصان ۾ وجهندو آهي. ڪم-علم حڪيم کان، ڀلجي به دوا نه وٺجي. صحتياب ٿيڻ بجاءِ، ماڻھو کرندو يا مرندو. گهٽ ڄاڻ وارو حڪيم، مريض جي ڄڙھ ڪڍي ڇڏيندو آھي. اھڙيءَ طرح وري گهٽ علم يا گھٽ ڄاڻ رکندڙ، وڏو نقصان ڏيندو آھي. گهٽ علم وارو ملان، ايمان کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو آھي.
    جڏهن ته چار شيون گھٽ ھئڻ گھرجن، ان ۾ ئي فائدو آھي. سي آھن؛ گهٽ کائڻ، گهٽ کلڻ، گهٽ ڳالھائڻ ۽ گهٽ سمھڻ.
    مطلب:
    نيم حڪيم، دوا اندر دم ٻاهر.
    نيم حڪيم خطره جان، نيم ملان خطره ايمان.
    نيم حڪيم/ نيم طبيب، خطره جان.
    نيم طبيب خطره جان، نيم ملان خطره ايمان، نيم نان صحت جان.
    نيم ملان خطره ايمان، نيم حڪيم خطره جان.
    نيم طبيب، بَلائي جان.
    نيم ملان، خطره ايمان.

    9.8 ويڄ! ڏنڀئين ڇو ٻانھن! سور هيئين کي سامھان! (شاه، بروو سنڌي، چوڻي)
    علاج اهو ڪجي، جيڪو مخصوص مرض لاءِ ھجي. سور دل ۾ هجي ته ٻانھن جو علاج نه ڪجي. غلط علاج ڏيڻ سان مريض مريو وڃي. جسماني/ روحاني مرضن جو علاج ڪجي. غلط نسخا ٻڌائي مريضن/ ماڻھن کي ويتر پريشان نه ڪجي. نه ئي کين پاڻ ۾ ويڙهائي ڍانگو ڍانگ نه ڪجي.
    مطلب:
    اک ۾ ڪک، ڦوڪ ڪن ۾ پئي اچي. (سنڌ)
    مغز جي سور جو علاج، تاج ناهي. (فارسي)

    9.9 هاريا ويڄ مياس، سُڌِ نه لھنم سور جي،
    پريان کي چوندياس، ته ترس طبيبن ڇڏيو. (شاه، چوڻي)
    جنھن طبيب/ حڪيم کي ترس يا دل ۾ رحم ناهي، تنھن جي دوا ته اثر نه ٿي ڪري هٿائين مريض کي کاريو ڇڏي. اهڙيءَ طرح جنھن عالم وٽ، علم سان گڏ خلوص ناهي ۽ من ۾ لالچ اٿس، ان جو علم ٻين کي ته فائدو نه ٿو رسائي پر کيس به نه ٿو ڏئي. انھيءَ ڪري ڀٽائي مڙني حڪيمن کي نصيحت ڪندي چوي ٿو؛ دل ۾ رحم ڌاريو. ڪاسائي نه ٿيو. خدا تعالى ماڻھن کي ان لاءِ مرض نه ڏنو آهي ته توهان ڳجهن وانگر سندن آنڊا ۽ گجيون به پٽي کائو. پر مٿن رحم کائو. توهان سان به ساڳي ويڌن ٿي سگهي ٿي. جيڪو زمين وارن تي رحم نه ٿو کائي، تنھن تي آسمان وارو رحم نه ٿو ڪري. جيڪو ٻين تي ترس نه ٿو کائي، تنھن تي ڪير به قياس نه ٿو کائي.
    مطلب:
    ارحموا في الارض يرحمڪ في السمآءِ.
    تون ڌرتيءَ وارن تي رحم ڪر ته تو تي آسمان وارو رحم ڪري.


    10. لاعلاج مرضن بابت چيل پھاڪا ۽ چوڻيون

    ڪي اهڙا مرض به هوندا آهن، جيڪي وقت سان هلي لاعلاج ٿي پوندا آهن يا انھن جو علاج اڃا دنيا وارن وٽ ايجاد نه ٿيل هوندا آهن. انھيءَ حالت ۾ ماڻھو بيوس ۽ حڪيم لاچار ٿي پوندا آهن. پوءِ فقط حياتيءَ جا پل ڳڻڻا ئي پوندا آهن.
    10.1 اجل کي اجمل ڇا ڪندو؟ (هندي، پھاڪو)
    اجمل، دهليءَ جو مشھور حڪيم هيو. سندس هر نسخو مجرب هيو. موت يا اجل جو، وٽس به نسخو نه هيو. موت کي ٽارڻ لاءِ، ڪا به دوا ايجاد نه ٿي آهي. ڇو جو موت مرض ناهي. بلڪ مرض کان ڇوٽڪارو ڏياريندڙ آهي.
    هر ساهدار تي موت ايندو. فقط رب مٺي جو نالو باقي رهڻ وارو آهي. شفا جي اميد به کانئس رکجي.
    مطلب:
    اجل ايندو آهي ته حڪيم پاڳل ٿي پوندو آهي.
    ازل کي ڪير وجهي جَهلَ.
    جڏهن قضا ايندي آهي ته طبيب پاڳل ٿي پوندو آهي.
    10.2 بد مزاجيءَ/ خراب طبيعت لاءِ ڪا دوا آهي ڇا؟ (تامل، چوڻي)
    جنھن جو مزاج، طبيعت خراب آهي، ان کي دوا ڪھڙو اثر ڪندي. پھرين ذهن ۽ دل ٺيڪ ڪجن، تنھن کانپوءِ ئي روحانيت ٺيڪ ٿيندي. مزاج ازخود ٺيڪ ٿي ويندو. مزاج ٺيڪ ڪرڻ لاءِ هٽن تي سُتيون، ڦڪيون ڪين وڪامنديون آهن .
    مطلب:
    جسماني مرض کي دوا اثر ڪري ۽ روحاني مرض کي دعا اثر ڪري.

    10.3 پنھنجي ڪِئي جو، ويڄ نه طبيب. (سنڌ، پھاڪو)
    پنھنجي هٿ سان پنھنجو پاڻ کي پھچايل نقصان جو ڪٿي به تدارڪ ناهي. پنھنجو عيب ٻئي جي آڏو، ڪير به نه اگهاڙي سگهندو. ان لاءِ ان جو علاج به نه ٿي سگهندو. بھتر آهي ته بجاءِ پنھنجي پاڻ کي لڪل/ ڳجهن مرضن ۾ ملوث ڪرڻ جي ڪنھن ڄاڻوءَ کان علاج وٺجي.
    مطلب:
    پاڻ-وڍيي جو؛ ويڄ نـه طبيب.
    پنھنجي پاڻ کان پيل نقصان جي تلافي، سڄي عمر نه ٿي ڪري سگهجي.
    پنھنجي ڪيل لاءِ، تدبير ناهي. (فارسي)
    پنھنجي ڪئي جو؛ نڪو ويڄ نڪو طبيب.
    پنھنجي ھٿ سان وڌل نقصان جو ازالو، ڏاڍو ڏکيو.
    پنهنجي وڍيءَ جو؛ نه ويڄ نه طبيب.
    خود ڪردني را، علاجي نيست. (فارسي)
    هٿ جي ڦٽي، نه دارون نه پٽي.
    هٿ جي وڍيءَ جو، نه ويڄ نه طبيب.
    ھٿ سان پھتل نقصان جو ازالو ڏکيو آھي؛ نه پاڻ ڀري سگھجي، نه ٻئي تي الزام ڌري سگھجي.
    هٿ-وڍئي جو؛ ويڄ نه طبيب. (لاڙ)

    10.4 جنھن درد جو دارون نه هجي، سو سَتُ/ مِٺو ڪري ڀوڳجي. (هندي، پھاڪو)
    دنيا جي تختي تي ڪي اهڙا درد ۽ لنجهڻون به آهن، جن جو بظاهر ڪوبه علاج ناهي. جيترو علاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي آھي، اوترو اهي اُگمبا ۽ تباهي آڻيندا آهن. ان لاءِ بھتر آهي ته بجاءِ علاج سان بيماريءَ کي چيڙائڻ جي، صبر ڪجي ۽ اللھ تي ڀاڙجي. ان ۾ به خدا تعالى جي طرفان مدد پھچندي.
    مطلب:
    ڀيٽيو؛صبر ۾ حڪمت آهي.

    10.5 ڄٽ ۽ ڦٽ، نه کُٽي نه ڇُٽي (ساهتي، چوڻي)
    جھڙي نموني ڄٽ، بي سمجهه هئڻ سبب ڳِڪَ ٿي لڳندو آهي ۽ ضد نه ڇڏيندو آهي. تھڙيءَ طرح ناسوري ڦٽ به ڪنھن دوا تي نه ڇُٽندو آهي. جھڙيءَ طرح ڄٽ، تقريرن ڪرڻ جي باوجود ڪڌن ڪمن کان باز نه ايندو آهي، تھڙيءَ طرح ناسوري ڦٽ به نه ڀرجندو ۽ نه چونئرا ورندا اٿس.
    مطلب:
    ڀيٽيو؛ ڄٽ، ڦٽ، ھٿ، سر ۽ سوئر ٻڌا ڀلا.

    10.6 خدا جي لڪڙيءَ کي آواز ناهي، جيڪو کائي تنھن جو علاج ناهي. (فارسي، چوڻي)
    اللھ تعاليٰ جي طرفان آيل عذاب، ظاهري يا باطني، لاعلاج هوندو آهي. ان کان ڇوٽڪارو وري به اللھ پاڪ پاڻ ڏياري ته ٿيندو، نه ته بچڻ جي ٻي صورت/ واهه ئي ڪانھي.
    مطلب:
    اللھ جو عذاب، اوچتو ڪڙڪندو آھي.

    10.7 عشق ۽ وهم جي مرض جو علاج، لقمان حڪيم وٽ به نه هيو. (سنڌ، چوڻي)
    عشق ۽ وهم، اهڙيون بيماريون آهن، جن جو ڪوبه علاج ناهي. عشق به چڱي ڪم جو هجي ته اللھ جي نعمت آهي. جيڪڏهن بري ڪم جو آهي ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو عذاب ئي ناهي. اهڙيءَ طرح وهم به نفسياتي بيماري آهي. جنھن سان جهيڙن جهٽن لاءِ ٻنڀو پٽجي ٿو. ٻنھي کان ڇوٽڪارو، اللھ ئي ڏياري. باقي ڪنھن حڪيم جي جاءِ ناهي.
    مطلب:
    عشق پر زور نهين، يه وه آتش هي،
    جو لگائي نه لگي اور بجهائي نه بجهي. مرزا غالب

    10.8 مئل گهوڙي ۾ ساهه ڪين پوندو (انگريزي، پھاڪو)
    مئل کي زنده ڪرڻ تي فقط خدا تعالى وَسَ وارو آهي. مئل کي وقتي، اللھ جي حڪم سان، قم باذن الله چئي جيئرو ڪرڻ، فقط حضرت عيسى عليه السلام جو معجزو هيو. ٻيءَ صورت ۾، هر جيوَ کي زنده ڪرڻ، اللھ تعالى جو خاصو ۽ فعل آهي. ڪنھن حڪيم کي طاقت ناهي جو مئل کي زنده ڪري سگهي.
    مطلب:
    ميت/ ميٿ/ مردي جي مُنھن کي، مَکَڻُ مَکِڻَ سان، حياتي نه موٽي ملندي.
    Don’t flog dead horse.
    10.9 مئي پڄاڻا، دارون ڪھڙي ڪم جو (سنڌ، پھاڪو)
    دوا، زنده تي اثر ڪندي آهي. مئل تي اثر ڪين ڪندي آهي. دوا جو سڌو واسطو زندگيءَ سان آهي، موت سان نه. موت خود علاج آهي. زندگيءَ جي بيمارين/ عذابن کان آجپي ملڻ جو رستو آهي. ٻن محبوبن کي ملائڻ لاءِ پُل آهي. عاشقن/ مريضن لاءِ نعمت آهي. موت جو قدر تڏهن ٿيندو، جڏهن جھنم جي عذاب کان تنگ ٿي، موت گهربو ۽ گهرڻ تي به نه ملندو. تڏهن موت جو قدر ٿيندو. بھرحال، مئل لاءِ، موت کان وڌيڪ ڪو به ڀلو علاج آهي ئي ڪونه.
    مطلب:
    مئي پڄاڻا، مري وئي سڄي دنيا.
    عيد کان پوءِ، ڪپڙا ڪھڙي ڪم جا؟
    10.10 مئي پڄاڻا، سج اڀري نه ته ٻي جھاني (ساهتي، پھاڪو)
    هڪڙي همراهه کي هڪڙي بادشاهه ڪنھن ڏوهه ۾ ڦاسيءَ جي سزا ڏياري. کانئس آخري خواهش پڇي وئي ته موٽ ۾ چيائين؛ “جڏهن سڀاڻي سج اڀرندو ئي نه ته خواهش ڪھڙي ڪم جي؟”
    اها ڳالهه ٻڌي، بادشاهه به وائڙو ٿي ويو. کيس خوف ۽ دهشت ورائي وئي. يڪدم پڇيائينس؛ “توکي ڪيئن خبر پئي ته سڀاڻي سج ڪونه اڀرندو؟”
    “مان اکين سان ڏسان ٿو پيو.” ان همراهه يڪدم ٻڌايو.
    بادشاهه کي سندس ڳالهه تي ويساهه اچي ويو ۽ چيائينس؛ “اصل حقيقت ٻڌاءِ ته توکي ڦاسيءَ جي معافي ٿا ڏيون!”
    “حضور والا!” ڦاسي ايندڙ همراهه وراڻيو؛“جڏهن سڀاڻي منھنجو سر ئي هن دنيا ۾ نه رهندو ته ڄڻ مون لاءِ سج ئي نه اڀريو. هاڻي ڪھڙي خواهش ڪيان! هونئن به مري وڃڻ واري لاءِ سج جو اڀرڻ بي فائدي آهي.
    مطلب:
    ڀيٽيو؛ ۱۱.۵ سر کان پوءِ سج اڀري نه ته ٻي جھاني.
    10.11 نانگ جهليو وڇون، چي؛ ڇڏيانس ٿو ته ڪوڙهيو ٿو ٿيان. ڳھانس ٿو ته پيٽ ٿو چيري. (هندي، پھاڪو)
    ڪڏهن ڪڏهن اهڙا حالات پيدا ٿيندا آهن جو منجهن انسان ويچارو، ڪوڙڪيءَ وانگر چؤکنبو ڦاسي پوندو آهي. نه جاءِ رفتن، نه پاءِ ماندن واري حالت ٿي پوندي آهي. يعني ڪي اهڙيون به بيماريون ٿينديون آهن، جيڪڏهن انھن جو علاج نه ڪبو ته پاڻ ختم ٿينديون پر دوا جي side effect طور ٻيون بيماريون ٿينديون آھن. جيڪڏھن علاج نه ڪبو ته انھن بيمارين ۾ پيو ڳربو/ لوڙبو.
    مطلب:
    خدا تعالى طرفان پڪڙ/ عذاب، جڏهن ايندو آهي ته ڀڄڻ جون راهون ئي بند ٿي وينديون آهن.
    ٿڪ ڦٽي ڪر ته ماءُ ٿي مري، ڳِھُ ته پيءُ ٿو مري.


    11. طبي تشبيھن تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون

    11.1 تپن مؤمن ڪيو اٿس. (سنڌ، اصطلاح)
    جنھن کي تپ/ بخار ٿيندو آهي، سو ٿورو ڪمزور ٿيندو آھي يا لھڪارجي پوندو آهي. اهڙيءَ طرح اللھ جو خوف رکندڙ مؤمن ٻانھو به ڪمزور ۽ لھڪاريل هوندو آهي.
    ھڪڙو مثل مشھور آھي؛
    ھڪڙا پٺاڻ، سنڌ جي ٻھراڙيءَ ۾ واپار جي لحاظ کان وڃي رھيا ھيا. واٽ تي ھڪ پل وٽ ڪي ٻه ڄڻا سنڌي سنگت ڪيو ويٺا ھيا. انھن کين مسافر سمجھي سلام ڪرڻ ۾ پھل ڪئي ته پٺاڻن کين ورندي نه ڏني. سندن پويان ھڪڙو پٺاڻ آھستي پئي آيو. پوئتي ھيو، تنھنڪري مٿس پوءِ سلام ورايائون. جنھنجي موٽ ۾ ھُن به کين وعليڪم السلام چيو. اھو جواب ٻڌي، سنڌي پاڻ ۾ چوڻ لڳا؛ “ھيءُ لالو مڙيئي مؤمن ٿو نظر اچي.”
    ٻھراڙين ۾ ھلندڙ پٺاڻ ٿوري گھڻي سنڌي سمجھندا آھن. سندن گفتو ٻڌي، سلام جو جواب ڏيندڙ پٺاڻ موٽ ۾ چين؛ “لالو مؤمن ناھي، لالي کي تپ آھي.”
    “پاڻ ڀلياسين، لالو مؤمن ناھي!” سنڌي پاڻ ۾ چوڻ لڳا؛ “لالي کي تپن مؤمن ڪيو آھي.”
    اھڙو ھڪ ٻيو ٽوٽڪو پڻ مشھور آھي:
    هڪڙو ڪوئو، هاٿيءَ سان مليو. پھرين ملاقات ۾ هاٿيءَ کان پڇيائين؛ “تنھنجي عمر گهڻي آهي؟!”
    “منھنجي عمر!” هاٿيءَ ٻڌايس؛ “اها ئي ٻه سال کن ٿيندي! ۽ تنھنجي گهڻي آ!”
    “بس اها به اهائي” ڪئي وراڻيس؛ “ساڳي ئي ٻه سال کن ٿيندي! ....پر!”
    “پر ڇا؟” هاٿيءَ پڇيس.
    ”پر!” ڪئي مٿو کنھندي ٻڌايس؛ ”مون کي سال کن تپ ٿيو هيو. جنھن ڪري ساڳائي نه سگهيس ۽ لھڪاريل آهيان!”
    مطلب:
    اللھ طرفان آيل آفت/ عذاب/ آزمائش بعد، جيڪو سڌري، ان لاءِ ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
    11.2 پيريءَ جو پڪو هڏ، ڀڄڻ بعد جڙي نه ڪڏِ. (سرو، چوڻي)
    ننڍي ٻار جو هڏ ڪچو ۽ لچڪدار Flexible ٿيندو آهي. جلد مُڙي به ويندو آهي ۽ ڀڄڻ بعد جُڙي به ويندو آهي. پوڙهي، ڪراڙي ماڻھوءِ جو هڏ پڪو ۽ ٽاڪئون Brittle ٿيندو آهي، ورندو به گهٽ ۽ ڀڄڻ بعد جڙندو به گهٽ آهي. ان ڪري پڪي پوڙهي کي ٻاراڻين حرڪتن کان گريز ڪرڻ گهرجي. اڃا به عمر ٿئيس سٺ ته هٿ ۾ کڻي هلي لٺ وانگر، ٽيڪ ڏئي هلڻ گهرجيس.
    مطلب:
    پيريءَ ۾ ھلڻ ڪرڻ وقت احتياط ڪجي. ھٿ ۾ لٺ کڻجي، تڪڙو نه ھلجي. ٿڙڻ کانپوءِ عضوو ڀڳو ته جڙي نه سگھندو.
    11.3 جڏهن ڏند هئا، حلوو نه هئو،
    هاڻي حلوو آهي ته ڏند ناهن . (اردو، پھاڪو)
    چاٻو حلوو، چٻاڙڻ لاءِ مضبوط ۽ پڪا ڏند کپن. جڏهن ڏند هئا ۽ جواني هئي ته اهڙو موقعو نه مليو ته حلوو چٻاڙجي. هاڻي پيريءَ ۾ ڏند هليا ويا آهن ته حلوو چٻاڙڻ لاءِ موقعا ميسر ٿي ويا آهن. خدا تعالى جي قدرت جا به عجيب کيل آهن. ڪڏهن هڪڙي نعمت سان نوازي، ٻي کسي ڇڏي ٿو ته ڪڏھن وري ٻي ڏئي، پھرين کسي ڇڏي ٿو. هونئن به کنئي وَٿُ جو مُلھه ڪونھي.
    مطلب:
    نه منه مين وھ دانت ھين، نه پيٽ مين وھ آنت ھين. اردو
    پيريءَ ۾ ھر شيءِ ڪمزور ٿيو وڃي.
    کنئي کپي ڪانه، ڳولھي لڀي ڪانه.
    11.4 جنھن ڏٺو ناهي زخم، سو ڇيت کان پيو ڇرڪي. (انگريزي، پھاڪو)
    تجربي کانسواءِ ڪڏهن به حقيقي علم ميسر نه ٿيندو آهي. هڪ همراهه ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ کانپوءِ ڏاڍو ڊنو پئي ۽ رڙيون پئي ڪيائين. ٻيڙيءَ جي سربراهه کيس ٻيڙيءَ مان اڇلائڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن کيس درياهه ۾ اڇليو ويو ته اڻ تارو هئڻ ڪري گهوتا/ غوطا کائڻ لڳو. ان کان پوءِ کيس ڪڍي، ٻيڙيءَ ۾ ويھاريائون ته سڄي واٽ ماٺ ۾ ويٺو هليو. اهڙي طرح جنھن کي زخم نه رسيو آهي، سو به ڏاڍو ڊڄڻو ٿيندو آهي ۽ ڪک ڪاڄر کان به ونءٌ پيو ويندو آهي.
    مطلب:
    جنھن تڪليف نه ڏٺي آھي، تنھن کي ان جو احساس به نه ٿو ٿئي.
    11.5 جيڪي سڄڻ هٿان ملي سو کاءُ،
    ڇو جو طبيب کان بيمار سياڻو ناهي. (پھاڪو)
    بيماريءَ سبب مريض جو ايترو حوصلو نه هوندو آهي جو پنھنجي لاءِ صحيح علاج جواندازو ڪري سگهي. ڀلي پاڻ ڪيڏو به ڀلو ڊاڪٽر ڇونه هجي پر مريض ٿيڻ بعد، ڪنھن وڏي معالج کان ئي علاج ڪرائيندو آهي. ڇو جو بيمار هئڻ جي صورت ۾ اڳلي ڊاڪٽر کان عقل ۾ وڌيڪ ناهي. اهڙيءَ طرح روحاني بيمارين کان بچڻ لاءِ جيڪي نسخا اللھ جي رسول ٻڌايا آهن، سي اکيون ٻوٽي اختيار ڪرڻ گهرجن. ڇو جو سندن کان سواءِ، نه ڪو وڌيڪ ڄاڻو آهي ۽ نه ئي ڪو وڏو سڄڻ يا همدرد آهي.
    مطلب:
    بيمار کي، طبيب جي صلاح تي ھلڻ گھرجي.
    11.6 چاق ٿيڻ کانپوءِ، ويد به ويري (هندي، پھاڪو)
    چاق ٿيڻ يا مطلب نڪرڻ کانپوءِ، حڪيم ڏانھن وٽ ڪير به موٽي نٿو اچي. دنيا جي ياري به مطلب ڦاسڻ تائين آهي. مطلب:
    مطلب نڪتو ياري پوري.
    ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو.
    ڪم لٿو، ڪاھر ڦاٽو.
    سيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي.
    11.7 خوشيءَ جھڙي خوراڪ ناهي، ڳڻتيءَ جھڙو ڳارو ناهي. (سنڌ، پھاڪو)
    خوش رهڻ ۾ تندرستي آهي ۽ ڳڻتي ڪرڻ ۾ بيماري آهي. ان ڪري دنياوي شين جو غم نه کائڻ گهرجي. بلڪ هر معاملي ۾ شڪر ۽ صبر کان ڪم وٺڻ گهرجي. هر معاملي کي اللھ تعالى طرفان سمجهجي ۽ هر معاملي جي حل لاءِ ڏانھنس رجوع ڪجي. اصل خوشي انھيءَ ۾ آهي ۽ سڪون به انھيءَ ۾ ڪم آهي.
    مطلب:
    اندر جي خوشي ۽ اندر جو غم، ماڻھوءَ کي خوش رکن ٿا يا نھوڙي ڇڏين ٿا.
    11.8 دائيءَ کان دُنُ، ڳجهو ناهي. (سنڌ، پھاڪو)
    ٻار ڄڻائڻ وقت، دائيءَ جا ٻه ڪم آهن؛ هڪ ته ٻار ماءُ جي پيٽان صحيح سلامت نڪري ۽ ٻيو ته ناڙو وڍي، ٻار جو دُنُ ٻڌڻ. ناڙو ڪپي، دُنُ کي چڱيءَ طرح ڏُهي، ڳنڍ ٻڌڻ به ڀليءَ دائيءَ جو ڪم آهي. عام مائيءَ کان دن نه ٻڌجي سگهندو. جيڪا دائي،گھران سيڙجي ٻار ڄڻائڻ آئي آهي. کانئس اهو اهم ڪم ڪيئن وسرندو؟ کيس ان وقت ٻار جي دن بابت تعليم ڏيڻ معنى ھٿ سان کيس چڙ ڏيارڻ.
    مطلب:
    ھنرمند، پنھنجي ھنر جو مھا ڄاڻو ٿيندو آھي.
    11.9 ڏيڏريءَ کي زڪام ٿيو آهي؟ (اردو، پھاڪو)
    زڪام، آبي بيماري آهي، جيڪا خشڪيءَ تي رهڻ وارن ساھدارن کي ٿيندي آهي. پاڻيءَ ۾ رهندڙ کي نه ٿيندي آهي. ڏيڏر پاڻيءَ ۾ رهندڙ آهي، اهو جيڪڏهن زڪام جو عذر ڏئي ٿو ته کل جھڙي ڳالهه ٿيو پوي. جيڪو ماڻھو، جنھن ماحول ۾ رهي ٿو ۽ ان جي غير موافق هئڻ جو عذر ڏئي ته کيس ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
    مطلب:
    ساڳئي ماحول ۾ رھندڙ تي ماحول جو الٽو اثر نه پوندو آھي.
    11.10 سائيءَ واري کي سڀ ساوا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. (لاڙ، پھاڪو)
    هر ماڻھو ٻئي جي معاملي کي پنھنجي اندروني ڪيفيت آهر سمجهندو آهي. سڃي جي نظر ۾ سڄي دنيا سڃي ۽ ڍاول جي نظر ۾ سڄي دنيا ڍايل آهي. تندرست جي نظر ۾ سڄي دنيا تندرست ۽ بيمار جي نظر ۾ بيمار هوندي آهي.
    مطلب:
    چور جي نظر ۾ سڀ چور آهن.
    سانوڻ جي انڌي کي ساواڻ ئي ساواڻ سُجهندي آهي.
    11.11 ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ، وڏو ظلم آهي (سنڌ، پھاڪو)
    ڦٽ/ زخم، لوڻ پوڻ تي پوسربو، رِسندو ۽ ڳارِ ڪندو آهي. ڦٽ تي لوڻ ٻرڪڻ، علاج ڪرڻ يا سڄڻائپ ڪرڻ ناهي بلڪ دشمني ڪرڻ آهي. ڪنھن مجبور جي، بجاءِ مدد ڪرڻ جي، سندس مجبوريءَ مان فائدو وٺڻ به ائين ئي ظلم ڪرڻ آهي.
    مطلب:
    ٻئي کي ھٿ وٺي تنگ نه ڪجي.
    11.12 ڪي مٺا مرض ۽ لذتي دوائون به آهن ڇا؟ (هندي، پھاڪو)
    مرض ڏکوئيندڙ ٿيندو آهي. مٺو، مزيدار، فرحت بخش ڪين ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح تندرستي ڏيندڙ دوا به اُگري، ڪؤڙي ٿيندي آهي، مٺي نه ٿيندي آهي. معاشرتي، اخلاقي، نفسياتي بيماريون به ڏکوئيندڙ ٿينديون آهن. انھن جا علاج به ڪؤڙي گوري ڳھڻ جھڙا هوندا آهن.
    مطلب:
    مرض مان يا دوا مان ڪير به خوش نه ھوندو آھي.
    11.13 مرض غالب پوي، حواس باخته ٿين. (فارسي، پھاڪو)
    مرض جسماني هجي يا روحاني، ذهني طرح مفلوج ڪري ڇڏيندو آهي. اهڙيءَ طرح اخلاقي، معاشرتي، نفسياتي مرض يا بيماريون به معاشري کي اڏوهيءَ وانگر کائي چَٽُ ڪري ڇڏينديون آهن. قوم جو مجموعي ذهن مفلوج ٿي ويندو آهي. کين ڪوبه علاج نه سُجهندو آهي.
    مطلب:
    مرض، نھوڙي ڇڏي ٿو.
    11.14 مريض مئو، وزن جي خبر پئي. (ساهتي، پھاڪو)
    سيکڙاٽ ڊاڪٽر، غلط دوا ڏئي، مريض مارڻ کان پوءِ پاڻ کي ائين تسلي ڏيندا آهن. سندن طرفان غلط دوا تجويز ڪرڻ سان ٻئي جو سر ھليو ويندو آھي ۽ پاڻ ان ۾ به پيا خير سمجھندا آهن. ڇو جو کين اڳتي لاءِ تجربو حاصل ٿيندو آھي. چوندا آھن؛ ھاڻي جيڪو مريض اسان وٽ ايندو اھو ته ڪم از ڪم نه مرندو، بلڪ شفاياب ٿي پوءِ موٽندو.

    مطلب:
    تجربو حاصل ڪرڻ لاءِ نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آھي.
    مريض مئو ته خير آهي، وزن جي ته خبر پئي.
    مروان موت، ملوڪان شڪار.

    11.15 موت جو ڊپ، جنھن کي ڏبو سو تپ تي راضي ٿي ويندو. (ساهتي، پھاڪو)
    وڏي مصيبت جو ڀؤ ڏبو، تڏھن ماڻھو ننڍي مصيبت سھڻ لاءِ راضي ٿيندو. لاهو گاهو ڪرڻ کانسواءِ ڪنھن کي ڪابه اگري ڳالهه مڃرائڻ آسان ڪم ناهي.
    مطلب:
    گھڻي تڪليف جي ڀوَ کان، ٿوري تڪليف سھڻ لاءِ ھر ڪو راضي ٿي ويندو.
    11.16 نڀاڳي کي نڪھير، مانيءَ تي اچي. (اسرو، پھاڪو)
    نڪھير؛ نڪئون رت اچڻ
    مانيءَ کائڻ وقت نڪھير ايندي ته ماني نه کائي سگهبي. نڪھير، گرميءَ سبب، ننڍن ٻارن ۾ ٿيندي آهي ۽ ان جو خاص علاج ناهي. مانيءَ وقت نڪھير اچڻ، ڪمبختي/ نڀاڳ جي نشاني آهي. اهڙي ماڻھوءَ جي ماني نِرَهُ هوندي آهي.
    مطلب:
    نڀاڳي مڱڻھار کي، گهور مھل ٽورو ايندو آهي.

    11.17 نه مئو مري ٿو، نه منجو ڇڏي ٿو (هندي، چوڻي)
    بيمار، ڪمزور، نامرد مان گهر واري به بيزار هوندي آهي. اهو گهر ۾ کٽ ۽ ماني سيڙايون ويٺو هوندو آهي. وس ويندي زال نه چاهيندي آهي ته پيريءَ ۾ مڙس جي ڇانءَ مٿانس هلي وڃي. تنھن هوندي به بيزاريءَ کان ائين چئي ڏيندي آهي.
    مطلب:
    بيمار/ ڪمزور، ٻين تي چٽي/ آزار ھوندو آھي.
    11.18 نه وات ۾ اهي ڏند، نه پيٽ ۾ اهي آنڊا (اردو، پھاڪو)
    کاڌو هضم تڏهن ٿيندو، جڏهن مضبوط ڏندن سان چڱيءَ طرح پيھي، طاقتور آنڊن ۾ موڪلبو. پيريءَ ۾ ڏند ڀڄي پون ۽ آنڊن ۾ اها طاقت نه رهي ته ائين چيو ويندو آهي. معاشرتي طور تي اهو اوج نه رهي تڏهن به ائين چيو ويندو آهي.
    مطلب:
    پوڙھپ ۾ ھر عضوو جواب ڏئي ويندو آھي.
    11.19 ويائي، آهي ڪھائي. (ساهتي، چوڻي)
    ويامڻ واري عورت ائين آهي، جيئن ڪنھن ڪٺو هجيس. يعني ويم وقت ڳورھاري عورت کان ايترو رت وھي ٿو، جيترو سير پوڻ تي رت وھي.
    مطلب:
    ويم واري عورت، ڪٺل مثل آھي.
    11.20 ويائيءَ کان وڌيڪ سور، دائيءَ کي. (سنڌ، پھاڪو)
    ويم جا سور، پيٽ واريءَ کي ٿيندا آهن. عام طور ائين ڏٺو ويو آهي ته ان کان وڌيڪ ڦٿڪو دائيءَ کي هوندو آهي. ويامندڙ، سور کان ايتريون ڦيٽون نه کائيندي آهي جيترو دائي انعام حاصل ڪرڻ لاءِ مڪر/ ڇند يا رڙيون ڪندي آهي. ٻئي جي تڪليف مان فائدو وٺڻ لاءِ مڪر ڪرڻ واري کي ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
    مطلب:
    گهوٽ-ماءُ کان اَهنر-ماءُ تڪڙي.
    شاهه کان وڌيڪ شاهه جو وفادار نه ٿجي.
    11.21 هڪ انار، سؤ بيمار. (فارسي، پھاڪو)
    جڏهن هڪڙي بيماريءَ جو علاج، ڏاڙهون کائڻ سان ٿئي ۽ اهڙا مريض سوين هجن ۽ بازار ۾ ڏاڙهون هڪ هجي ته حالت ڪيڏي نه ڏکي ٿي پوندي آهي؟ محلي ۾ سھڻي ڇوڪري هڪ هجي ۽ چاهيندڙ سؤ هجن، پوءِ صورتحال ڪيڏي نه ڳنڀير ٿي پوندي؟ اهڙيءَ صورتحال ۾ ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
    مطلب:
    ستارون سي آگي جھان اور ڀي ھين، محلي مين دو لڙڪيان اور ڀي ھين.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515336
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205431
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ