ڪتاب جو نالو: لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون
مصنف: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 23 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1329 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 268 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • پبلشر پاران
  • حيدرآباد جا پھاڪا ۽ چوڻيون
  • ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري ڇاڻ جا چوڻيون/ پھاڪا
  • مٽيارين جا پھاڪا ۽ چوڻيون
  • ڏسڻي
  • مؤلف جا ڇپيل ڪتاب

  • حق ۽ واسطا

    ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر جو ڪتاب نمبر (۴۳)
    © ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر ۲۰۱۴ع


    ڪتاب: لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون
    ليکڪ: انجنيئر عبدالوهاب سهتو
    پهريون ڇاپو: جولاءِ ۲۰۱۵ع
    ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر

    قيمت: ۱۲۰ رپيا




    “Proverbs & Sayings of Southern Sindh”
    By: Engr. Abdul Wahab Sahito
    1st Edition: October 2014 A.D
    Published by: Dr. Muhabbat Academy®, Kambar
    E-mail: dmacademy@yahoo.com
    riazatburiro@yahoo.com

    هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيـڊمي قنبر جي چيئرمئن عبدالحميد ميمڻ
    ڪراچيءَ مان ڇپائي، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران پڌرو ڪيو.


    ارپنا

    مرحوم انجنيئر سڪندر نظاماڻي صاحب ۽ سندس والد مرحوم سائين عبدالحسين نظاماڻي صاحب، پراڻيون ڊائريون ڏياري موڪلئون جنھن تان حيدرآباد جا پھاڪا ۽ چوڻيون وارو مضمون تيار ٿيو. ان کان علاوھ منجھس ڪن پھاڪن ۽ چوڻين جي وضاحت گھربل ٿي، سا پڻ لکي موڪليائون.
    محترم حافظ حبيب سنڌي صاحب جن، پنھنجو سمورو ڪٺو ڪيل مواد، ڏياري موڪليو. ان سان گڏ سندس دوستن رسول بخش تميمي ۽ عزيز جعفراڻي مرحوم پڻ، ڪن پھاڪن بابت وضاحتون ۽ سمجھاڻيون ڏنيون.
    مقصود گل صاحب مٽياريءَ واري جو موڪليل مواد، ناز سنائي صاحب ڪينجھر ۾ پھاڪن جي ڊائريڪٽري جي نالي سان ڇپيو، جيڪو اتان حاصل ٿيو. اگر اڳلو مواد نه موڪلي ھا ۽ ناز اھو نه ڇپي ھا ته اھو مضمون ھن ڪتاب جي زينت نه بڻجي ھا.
    مان پنھنجي ھيءَ ڪاوش، مٿين مڙني اديب دوستن ڏانھن منسوب ڪيان ٿو، جن جو مون سان ھن ڪتاب اندر تعاون رھيو.

    انجنيئر عبدالوهاب سهتو


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (189) ”لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو.

    هي ڪتاب المنعم لائبرري لاڙڪاڻي پاران اي بوڪ ايڊيشن ۾ سندس ويب سائيٽ تي آندو آهي. ٿورائتا آهيون سائين عبد الوهاب سهتي جا جنهن سافٽ ڪاپي موڪلي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    پبلشر پاران

    ٻه چار لفظ

    تاريخ جي مطالعي جا، مختلف سطحن تي مختلف طور طريقا رهيا آهن، جن مان هڪ طريقو ٻوليءَ ۽ ادب جو پڻ آهي جنهن کي گھڻو ئي پسند پڻ ڪيو ويندو آهي. ان مطالعي ۾ جڏهن لوڪ ادب جي به شموليت ٿئي ٿي تڏهن لوڪ ادب ۾ سمايل ڏاهپَ، جنهن کي عام طرح لوڪ ڏاهپ سڏجي ٿو، ڪيئي نوان ۽ دلچسپ رُخ نروار ڪري ٿي جن کي پڙهجي ۽ غور ڪجي ٿو ته ماڻهو دادُ ڏيڻ ۽ ان ڏاهپ کي ساراهڻ کان رهي نه ٿو سگھي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ سمايل ان لوڪ ڏاهپ جي خزاني مان، هڪ حصي کي اظهاريندڙ، پهاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل، انجنيئر عبدالوهاب سهتي جو، ٽن مضمونن تي جُڙيل نئون ڪتاب، ”لاڙِي پهاڪا ۽ چوِڻيون“ جي نالي سان پيش ڪيو پيو وڃي.
    هِن ڪتاب کان اڳ، سهتو صاحب ههڙي قسم جا ٻه ڪتاب جوڙي چڪو آهي جن مان هڪُ ”اترادي پهاڪا ۽ چوڻيون“ سن ۲۰۰۶ع ۾ ڇپجي چڪو ۽ ٻيو، 500 کان وڌيڪ صفحن تي مشتمل ضخيم ڪتاب، ”ٿرِي پهاڪا ۽ چوڻيون“ ڇپائيءَ لاءِ تيار آهي. ان ريت، هيءُ ”لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون“، ان سلسلي جو ڄڻ ته ٽيون ڪتاب آهي.
    سنڌ جي مختلف جاگرافيائي خِطن جي حوالي سان ٿيندڙ هيءُ اڀياس انفراديت کان اجتماعيت ڏانهن وڌندڙ آهي. هن ريت نه صرف انهن خطن جي لوڪ ڏاهپ جِي سونهن پسي سگھجي ٿي، پر انهيءَ مان اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته ڪهڙا پهاڪا ۽ چوڻيون ڪنهن هڪ خطي تائين محدود رهڻ بدران وسيع ٿيندي ٻن يا ٽن خِطن ۽ ڪهڙا سڄيءَ سنڌ ۾ مستعمل ٿي ويا آهن.
    ٻين ڪيئي خوبين سان گڏ، هن ڪتاب ۾، الف ب وار ’ڏسڻي‘ پڻ ڏني وئي آهي ته جيئن پڙهندڙ سهولت سان گھربل پهاڪي يا چوڻيءَ مان مستفيض ٿي سگھن.

    رياضت ٻرڙو
    پروفيسرس ڪالوني، لاڙڪاڻو
    ۲ آگسٽ ۲۰۱۵ع


    چڱا اکر

    اترادي پھاڪا ۽ چوڻيون ڪتاب، ترتيب ڏيڻ کان پوءِ، ذھن ۾ اھو ارادو جاڳيو ته لاڙي پھاڪا ۽ چوڻيون نالي سان به جيڪر، ساڳي تطبع تي، ڪتاب جوڙجي ته علم و ادب جي چاکائن لاءِ چڱو خاصو فائديمند ۽ ڪارائتو ٿي پوي. ان سلسلي ۾ ھڪڙو مضمون، ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري ڇاڻ جي ٻوليءَ تان ورتل/ مآخوذ ٿيل ھيو، جيڪو نئين زندگي رسالي منجھ پڻ ڇپيو ھيو. ياد پيو ته ايڏانھن پاسي جي دوست انجنيئر سڪندر علي نظاماڻي صاحب مرحوم به پنھنجي والد محترم جون پھاڪن ۽ چوڻين بابت لکيل نوٽ بوڪ ڏياري موڪليا ھيا، جن تان استفادو ڪيو ھيم، سو تنھن سان ٻيھر رابطو ڪري حيدرآباد جا چوڻيون ۽ پھاڪا نالي سان مضمون تيار ڪيو، جيڪو ڪينجھر رسالي منجھ ڇپيو. ان کان پوءِ قاضي مقصود مٽياريءَ واري جو مضمون پھاڪن جي ڊائريڪٽري نالي سان اکين آڏو گذريو. ان مان استفادو ته حاصل ڪيل ھيو البته منجھانئس ھڪڙو مضمون تيار ڪرڻ جو خيال جاڳيو ته جيئن لاڙي پھاڪا ۽ چوڻيون وارو ڪتاب جڙي سگھي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته اھو مضمون ڪارونجھر رسالي ڏانھن، ڇپجڻ لاءِ پڻ موڪليل ھيو.
    ڊاڪٽر پروفيسر محمد انور فگار ھڪڙو صاحب جو ھڪڙو مضمون منھنجي نظر مان گذريو ھيو، جنھن ۾ صاحب، بدين جي مرحوم محمد سومار شيخ جي ڪتابن جو تذڪرو ڪندي سندس ھڪڙو قلمي نسخو لاڙي پھاڪن بابت به ڄاڻايو ھئائين. کانئس فون تي رابطو ڪيم، روبرو به ملاقات ٿي، ان جي ھجڻ جو ته يقين ڏياريندو رھيو ۽ مرحوم عبدالجبار جوڻيجو صاحب کان ان قلمي نسخي جي فوٽو ڪاپي وٺائي ڏيارڻ لاءِ به آسرا ڏيندو آيو. لاڙ ميوزيم جي لائبرريءَ منجھ رکيل ان نسخي جو نقل وڏي جدوجھد کانپوءِ وٺي ته ڇا پر مان اکين سان ڏسي به سگھيس. منھنجي وڏي خواھش ھئي ته ان مخطوطي منجھان جوڙيل مضمون ھن ڪتاب اندر شامل ھجي ھا پر ائين نه ٿي سگھيو. جڏھن ته ناز سنائي ۽ رشيد ڪٽپر صاحب جن جي اتي نوڪريءَ جي تعيناتي به رھي، ھٿ پير به ھنيائون، پر کڙ تيل نه نڪتو. عبدالله ملاح صاحب سان به فون تي رابطو رھيو، پر بيسود. ڪتاب تاليف ڪندي دير ٿي وئي، وقت به وڏو سيڙيو، اھو نفعو نه ٿيو، جيڪو سوچيو ويو ھيو. زھي نصيب، عز و شرف.
    لاڙي پھاڪن ۽ چوڻين جي مضمونن جوڙڻ لاءِ، ٽنڊو محمد خان جي اميد علي سٺيو صاحب سان پڻ خط و ڪتابت رھي. ان صاحب به وسان ڪو نه گھٽايو، جيڪا ڄاڻ ھيس سا ونڊيائين. ماڃر ڪڪرالي کارو ڇاڻ واري مضمون اندر ڪن پھاڪن ۽ چوڻين جي وضاحتون پڻ ٻڌايائون. بھرحال وٽانئن مليل مواد، مضمون جوڙڻ جيترو نه ھيو، جنھنڪري اھو نه جڙي سگھيو.
    اھڙيءَ طرح ٽنڊو غلام عليءَ جي مختيار سھتو سان پڻ فون تي رابطو رھيو. ان به وڏڙن جي پوٿي پٽي منجھانئس پھاڪا ٻڌائڻ جو ارادو ڏيکاريو، پر اھو به سلسلو ھڪ اڌ فون کان مٿي نه ھلي سگھيو. جنھنڪري ٽنڊو غلام علي پاسي جي پھاڪن ۽ چوڻين جو مضمون نه جڙي سگھيو. البته وٽانئس ھيٺيان ڪجھ پھاڪا/ چوڻيون يا ورجيسون ملي سگھيون.

    • ٻلو مڇن سان، ماڻھو شھپر سان. (چوڻي)
    • تون به رئيس، مان به رئيس، گڏھ ڪير ھڪليندو. (پھاڪو)
    • جتي ھاٿين جي تور ٿيندي، اتي گڏھ ڪاڻ ۾ ويندا. (پھاڪو)
    • ديڳ جي خبر، چانور مان پوندي آھي. (پھاڪو)
    • ڪني تي ڍڪ، ڪتن کي شڪ. (پھاڪو)
    • لولي چيو؛ حج ٿو وڃان! ڪانءَ چيو؛ آ مئو آھيان تون حج ويندين. (پھاڪو)
    • ماڻھن کي ماڻھن جي، احمداڻين کي داڻن جي. (چوڻي) (احمداڻي؛ ھڪ ذات جو نالو)

    ان کان علاوھ غلام علي الانا صاحب جي لاڙ واري ٿيسس منجھ لاڙي عام چوڻيون جي عنوان سان ۵۲ داخلائون ڏنل آھن، تن منجھان مضمون جوڙڻ جي ڪوشش ڪيم. پر اھي چوڻيون ٻين مضمونن منجھ آيل ھيون. ھڪجھڙائي سبب ورجاءُ ٿٿي ھا، جنھنڪري علحدھ مضمون نه جڙي سگھيو. نموني جي طور تي، منجھانئن ڪجھ چوڻيون ۽ پھاڪا ھيٺ ڏجن ٿا.

    • ايمان؛ مزمان. (چوڻي)
    • انبن ٻور، اکين سور. (چوڻي)
    • بکون لاهين ٻنيون، پورهيو ڇا بک لاهيندو. (چوڻي)
    • بک لڇڻ وڃائي، ڏمر عقل وڃائي. (چوڻي)
    • بڊي جي بک. (محاورو/ ورجيس)
    • بڊو، اکين ڪڍو. (چوڻي)
    • بڊو، ڏيڻين ڍڍو. (چوڻي)
    • پوکي وڍجي، راهي نه وڍجي. (چوڻي)
    • پوھ، کلن کوھ. (چوڻي)
    • پوھ، لاڻا لوھ. (چوڻي)
    • ڀائرن جهڙو ناهي ڀر، ڏيئي جهڙي ناهي جوت. (چوڻي)
    • (زمين) ڀاڳان وڃي، پر ڄمان نه وڃي. (چوڻي)
    • جنهن کي ساھ کنئي سڌ نه پوي، تنهن سان سور ڪيهو سلجي. (چوڻي)
    • جيڪو هاڃو هڻندو، تنهن کي ڪير ڪو نه چوندو. (چوڻي)
    • جيترا هر، اوترا ڦر. (چوڻي)
    • ڄيٺ، انبن ميٺ. (چوڻي)
    • ڄيٺ، اکين ميٺ. (چوڻي)
    • ڇاتيءَ جهڙو ناهي ٻَر، اکين جهڙي ناهي جوت. (چوڻي)
    • حياتيءَ تي هٺ ڪونهي، ناڻي ميڙي بٺ ڪونهي. (چوڻي)
    • ڌيئون، ڊڀوريون آهن. (چوڻي)
    • ڏکڻ مينهن نه وسڻو، وسي تان ٻوڙي، ڪانئر ڌڪ نه هڻڻو، هڻي تان ٽوڙي. (چوڻي)
    • ڏنڀ؛ آهي ٿنڀ. (چوڻي
    • زال ڏسي بيٺ، ماءُ ڏسي پيٽ. (چوڻي)
    • سڀڪو ڪمَ پرين، چم پرين ڪونڪو. (چوڻي)
    • سڳا سيئي سيڻ، پکا جنين اوڏڙا. (چوڻي)
    • مئا آهن جيئرن وس. (چوڻي)
    • ميهه نه ماڻهو، مرون نه مال. (چوڻي
    • ماءُ ڏيڻ (ڏائڻ) نه ٿيندي آهي، ويرا ڏيڻ (ڏائڻ) ٿيندي آهي. (چوڻي)
    • مائٽن جي ويهڻ کان، مقام ۾ ويهڻ چڱو. (چوڻي)
    • ننڊ نياپو موڪليو، اوٻاسي اهڃاڻ. (چوڻي)
    ھٿ ۾ موجود مضمون گڏي، ڪتاب جوڙيو ويو آھي. آئندھ واري ڇاپي ۾ ٻيا مضمون گڏي، ڪتاب ۾ واڌارو ۽ سڌارو ڪيو ويندو. في الحال لاڙ خطي بابت ڄان ڏيڻ واسطي، نموني جي طور ڪجھ مضمون پيش رکجن ٿا. اميد ته علم ادب جي چاکائن کي منجھانئس ڪافي موتي ملي ويندا.


    انجنيئر عبدالوھاب سھتو
    پروفيسرس ڪالوني
    لاڙڪاڻو


    حيدرآباد جا پھاڪا ۽ چوڻيون

    (سائين عبدالحسين نظاماڻي صاحب مرحوم جي ذاتي ڊائريءَ تان کنيل)

    جڏهن سائين عبدالحسين نظاماڻي صاحب جي ذاتي ڊائريءَ تان کنيل پھاڪن ۽ چوڻين بابت، مضمون جوڙڻ جو ارادو ڪيم، تڏهن کين هن فاني جھان مان لڏئي چار پنج مھينا گذري چڪا هيا.
    سيپٽمبر ۲۰۰۲ع ڌاري، سندس فرزند ۽ اسان جي کاتي جي انجنيئر، سڪندر علي نظاماڻي کي ٽنڊو قيصر فون ڪيم؛ “اوهان جي والد صاحب جي ڊائريءَ تان نوٽ ڪيل پھاڪن ۽ چوڻين بابت مضمون جوڙڻ جو ارادو ڪيو اٿم. هڪ ته کانئس ٻيھر ڊائري وٺي موڪل ۽ ٻيو ته سندس زندگيءَ جو حال احوال کپي، يا مون سان فون تي سائينءَ کي ڳالھراءِ يا کانئس لکرائي موڪل.”
    “توهان کي خبر ناهي ڇا؟” ٻئي طرف کان آواز آيو.
    “ڇو؟ ڇا جي؟”
    “بابا سائين ته اپريل ڌاري وفات ڪري ويو آهي؟”
    “اوهه! اِنا لله و انا اليه راجعون. الله سائين کين جنت ۾ جاءِ ڏئي. بھرحال مون کي ان بابت ڪا ڄاڻ ناهي! اميد ته جلد تعزيت لاءِ تنھنجي ڳوٺ ايندم.”
    “ڊائري وغيره جيڪا چئو سا اوهان ڏي ڏياري موڪليندم، باقي حال احوال مون لاءِ لکڻ ڏکيو آهي. ائين واتين ويڻين، يا فون تي چئو ته اوهان کي ٻڌايان .....”
    “ڪن پھاڪن ۽ چوڻين بابت وضاحت به کپندي. سا ڪيئن ملندي؟”
    “اهي لکي موڪلجو ته چاچا سائينءَ کان، انھن بابت وضاحت لکرائي موڪليندم.”
    انھيءَ خط و ڪتابت ۽ فون واري رابطي کي ٻه چار مھينا گذري ويا. انھيءَ دوران مشڪل سان ڪن پھاڪن/ چوڻين بابت ٿوري گهڻي وضاحت ملي سگهي. جڏهن ته سائينءَ جي زندگيءَ بابت حال احوال، نه برابر ملي سگهيو.
    سائين، ٽيھارو سال کن، اسڪول هيڊ ماستر رهيو. گهڻو ڪري لوئر سنڌ؛ جيئندو هاليپوٽو (چينل ڀرسان) عمرالدين پنجابيءَ جي ڳوٺ، تلھار وغيره ۾ رهيو. سٺ واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ منصوره ۾ پڻ رهيو.
    ڇھين درجي کان ڏهين درجي وارن لاءِ، خاص ڪري ڇوڪرين واسطي، نوٽس تيار ڪري ڏيندو هيو. ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ڏاڍو پاڻ پتوڙيندو هيو.
    شعر و شاعري پڻ ڪيائين. مزدورن جو خاص خيال ھيس. سندس چوڻ ۽ عمل ھيو ته؛ مزدور مزدوري گهرڻ لاءِ در تي نه اچي پر کيس بر وقت، سڏي ڏجي. اصلاحي ۽ سماجي ڪم به ڪيائين. ڳوٺ ۾ ناليون جوڙائڻ، گهٽين ۽ نالين مان ڪچرو ڪڍرائي صفائي سٿرائي ڪرائڻ. ٻارن جو تعليم ڏانھن توجهه ڇڪرائڻ، جائز مسئلن ۾ سندن مدد ڪرڻ، نياڻين جي تعليم ڏانھن توجهه ڇڪرائڻ ۽ جائز مسئلن ۾ سندن مدد ڪرڻ. نياڻين جي تعليم ڏانھن خاص توجهه هين.
    پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ، سندن ذاتي ڊائريءَ تان کنيل پھاڪا ۽ چوڻيون، وضاحتن سميت هيٺ ڏجن ٿا ته جيئن عام کي فائدو پوي.

    1. آکئي جو عقل ۽ وِهائيءَ جي تَوڻ، پوري ڪا نه ٿئي. (چوڻي)
    آکئي جو عقل: ٻئي جي ٻڌايل ڏاهپ.
    وِهائيءَ جي تَوڻ: کاڌي لاءِ روز جي کڻت.
    • اڀري سڀري پنھنجي مت ڪم ايندي. ٻئي جي مت/ مڙسي ڪم نه ايندي. عمل ڪبو ته علم ۾ واڌارو ايندو. اهو ئي سبب آهي، عمل/ علم استاد آهي.
    • حياتي صرفي سان آهي. صرفو، يڪمشت/سٻڌو سيڌو وٺي رکڻ ۾ آهي. روز روز اوڌر کڻڻ ۾، بچت ناهي. روز جي آڻڻ ۽ روز جي چاڙهڻ ۾ نه برڪت آهي ۽ نه سُڪون.
    مطلب:
    1.1 اهو ڪي ڪجي جو مينھن وسندي ڪم اچي.
    1.2 صرفو ڪرين ته، پَٽُ هنڍائين.

    2. اَڪُ ٻارڻ، جَوَ تَوڻ، ٽِمڻو گهر،
    چُوچِي زال، ڪِرڪِرو ڀتار، پنج ئي بيڪار. (چوڻي)
    ٻارڻ: ٻارڻ لاءِ ڪم ايندڙ ڪاٺيون/ ڇيڻا Fuel
    تَوَڻِ: کاڌو، ڀت
    ڪِرڪِرو: ڪروڌي، هوڏي، شڪي
    ڀَتار: ڀوتار، ڀونءِ تار، ڀَوَ تار، ڀُئي تار، ڀتار، پرين، مڙس، ڪانڌ، دلبر، وَرُ.
    ڀوتار: وڏيرو، رئيس، زميندار. جيئن چوڻي آھي: ڀوتار آهن، ڀونءِ جا ڪيرا.
    ڀونءِ تار: زمين مان پار ڪندڙ. جيئن، ڀاڙيا ڀاڙين جا يار، هڪڙا ڀڙوا ٻيا ڀوتار.
    ڀُئي تار: ڀُئي (مال جي چاراڻي) وغيره ڏيندڙ. جيئن چئبو آھي؛ ڀڳي تي ڀُئي ناھي.
    ڀَوَ تار: ڀَوَار، ڏکيائيءَ مان ڪڍي پار ڪندڙ.
    • اڪ جي ڪاٺي ٻرڻ وقت ڌپيارو دونھون ڪڍندي آهي. منجهنس ٽانڊو ۽ تؤ نه ٿيندو آهي. باهه پڻ جٽادار نه هوندي اٿس. مٿس تيار ڪيل کاڌو، بدمزي ۽ بد ذائقه هوندو آهي.
    • جَوَ، توڻ جي طور تي استعمال ڪبا ته پيٽ ته ڀربو پر طاقت ۽ ٻَلُ نه ملندو. بک ڪين مرندي، ڍؤُ به خاص نه ٿيندو.
    • ٽمڻو گهر، جھڙيءَ ڦڙيءَ ۾، رهڻ قابل نه هوندو آهي. منجهس رهڻ، خطري کان خالي نه هوندو آهي. مينھوڳيءَ ۾، اندر آيل چئاڪا، هر شيءِ اوسني ۽ ڌپياري ڪري ڇڏيندا آهن. جاءِ جون پاڙون ڀُتيون ڪري، ڪيري وجهندا اٿس. گهر هوندي، ماڻھو بي گهر ٿي ويندو آهي.
    • اکين کان چُوچِي زال، من موهيندڙ نه ٿيندي آهي، نه وري ڪم جي سگهڙ/ سٽائتي هوندي آهي. گهر ۾ سامان به نظر ئي نه ايندس.
    • ڀوتار ڪرڪرو ۽ ڪروڌي هوندو ته زندگي ئي زهر ٿي ويندي. جيڏانھن تيڏانھن جو سڪون ڦِٽي ويندو.
    مطلب:
    2.1 اڪ ٻارڻ طور، جو کاڌي طور استعمال ڪرڻ ۾ گھڻو فائدو ناھي.
    2.2 ٽمڻو گھر، چُچي زال ۽ ڪروڌي وڏيرو، بيزار ڪندڙ ھوندا آھن.

    3. اوڙا پِنيم، پاڙا پِنيم، پِنيم سڳا ڀائي،
    کائڻ وارا کائي ويا، سر هيڪڙي آهي. (چوڻي/ پھاڪو)
    دنيا ۾ ماڻھو اولاد، زال ۽ مٽن لاءِ، اوڙا پاڙا، دوست احباب، واقف-اڻ واقف ڦُري ڦَٽي ٿو. جڏهن ته ڦُر-مار سان هٿ آيل ملڪيت، ڦوروءَ وٽ جمع به نه رهندي آهي. ٻيا کائي ويندا اٿس ۽ ٿورو به ڪين مڃيندا اٿس. جڏهن مرندو آهي ته لوڙيندو به اڪيلي سر آهي.
    ان جي برعڪس، حق حلال جي روزي روٽي تلاش ڪرڻ ۾ تڪليف/ ڏکيائي ضرور ٿئي ٿي پر آخر ۾ ندامت کڻڻي نه ٿي پوي.
    مطلب:
    3.1 کائي گلو، وڃي/ لوڙي هيڪلو
    3.2 کائي گلو، لوڙ ي ڪـَلو.
    3.3 سرڙي آئي، ڪونه ٿئي ڪو ڀائي.

    4. بي ڏاڙهيي ڪٽڪ کان، پاسو ڀلو (چوڻي)
    بي ڏاڙهيو ڪٽڪ: بنا ڏاڙهيءَ وارن جو ولر. ڏاڙهيءَ ڪوڙ نوجوانن جو لشڪر. عورتن جو راڄ.
    جتي فقط عورتازاد جو حڪم هلي، اهڙي ماحول کان ڀڄي پاسو ڪجي. عورت جي نه ڪُٺي حلال آهي ۽ نه سندس صلاح/ مشوري ۾ مصلحت آهي.
    جيڪو مرد، ديني يا دنيوي معاملن ۾، ڇوڪرن/ عورتن جي صلاح مصلحت تي هلي ٿو، سو چڱي سوڀ نه ٿو ماڻي. چنيسر لاءِ مشھور آهي ته پڳ ٻڌڻ لاءِ ماءُ کان صلاح وٺڻ ويو ته تخت کسجي ويس ۽ راڄَ، سندس ڀاءُ، دودي کي پڳ ٻڌائي ڇڏي. عورت سان مشورو ڪرڻ سبب، وراثت وارو تخت تاج به تاراج ٿي ويس.
    مطلب:
    4.1 نا سمجهه/ ڪم علم، ماڻھن کان پاسو ڪجي.

    5. ڀِلُ هر ڪا ڀلي، ڪنڍي ڪا ڪا ڀلي. (چوڻي)
    ڀِلُ ۽ ڪنڍي، مينھن جا قسم.
    • ڀِلُ، کير ججهو ڏھائيندي آهي. سڱ هيٺ لڙڪيل هوندا اٿس. ڏسڻ جي سھڻي نه ٿيندي آھي. هر هڪ ڀِلُ کيرائيت ۽ گهڻي وقت تائين ڏهائيندڙ ۽ سدورڙي ٿيندي آهي. نه کٽر ٿيندي آھي ۽ نه ئي ڀاڙيت.
    • ڪنڍي، سڱ وريل هوندا اٿس، ڏسڻ جي سھڻي ٿيندي آهي. ڪا ڪا کير جي ڀلي هوندي آهي. ڏوڀ جي اهنجي هوندي آهي. مِھر سان گهٽ مِڙندي آهي.
    • مينھن جي پرک، ججهي ۽ ٿوري کان علاوه، کٽر ۽ مھر واريءَ جي حساب سان پڻ ٿيندي آهي. گهٽ کير واري يا کٽر جو مانُ، ڪاسائيءَ وٽ وڌيڪ ٿيندو آهي.
    مطلب:
    5.1 صورت نه ڏسو پر سيرت ڏسو.

    6. ڀُولي جي علاج سان،
    مرض به سلامت ته مريض به سلامت. (پھاڪو)
    ڀُولو؛ نيم حڪيم، اڻ ڄاڻ حڪيم.
    اڻ ڄاڻ حڪيم کان علاج ڪرائبو ته نه مرض ڇڏيندو ۽ نه ماڻھو تندرست رهندو. بلڪ مرض به سلامت ۽ ماڻھو به مريض جو مريض رهندو.
    مطلب:
    6.1 ڏَسُ پتو، ڄاڻوءَ کان وٺجي.
    6.2 فيصلو، ڄاڻ واري کان ڪرائجي، ڄٽ ته شنواين ۾ ماري ڇڏيندو.
    6.3 نيم حڪيم خطره جان، نيم ملا خطره ايمان.

    7. تـتـر ڪوڙي، سھڙ پُٺا،
    هڪ گراه ته به هيڙھا مِٺا. (چوڻي)
    تتر ۽ هيڙھو؛ جهنگ جي حلال پکين جا نالا.
    سھڙ/ سيھڙ/ سھو/ خرگوش به جهنگ جو جانور آهي، ڪن وٽ کائڻ حلال ڪن وٽ مڪروهه.
    • هر حلال پکي/ جانور جو گوشت، ڪنھن خاص سـَنڌَ جي لحاظ سان، کائڻ ۾ لذيذ ٿيندو آهي. جيئن ٻڪريءَ جي گوشت لاءِ چئبو آهي ته؛ جنھن وقت ٻڪري زمين تي ويھي، ان وقت جيڪو سندس سَنڌُ زمين سان نه ٿو لڳي، ان سنڌَ جو گوشت لذيذ هوندو آهي. جھڙوڪ؛ ڪمر، چانڀ، دستي ۽ ڪنڌو. ائين ته سمورن سنڌن/ عضون جو گوشت لذيذ ٿيندو آهي ۽ هر هڪ جي پنھنجي افاديت آھي. جيئن اوجهري، پيٽ واريءَ عورت لاءِ اڪسير آهي، مغز کائڻ سان مغز کي ۽ ڦڦڙ کائڻ سان ڦڦڙ کي طاقت ايندي آهي.
    • هاڻي آنڊن کي جراحيءَ جي عمل ۾ ڪتب آندو ٿو وڃي. ان کان اڳي منجهانئن آنڊي ويڙهيون ٺھنديون هيون ته ڏاڍيون لذيذ ٿينديون هيون. اڃا به ڪي ماهر، جوڙين ٿا.
    • پلي جو پيٽارو مشھور آهي.
    • مڇيءَ جو ڪنھڙ مشھور آهن وغيره وغيره.
    • رڌڻ/ پچائڻ جي حساب سان به ڪي شيون مشھور آهن. جيئن ڄامشوري جي پل جو پلو. ٽنڊي آدم جون يا ڪوئيٽا ۾ لھڙيءَ وارن جون رانون، لاهور ۾ فجي جا پاوا، ڪراچيءَ ۾ McDonald يا K.F.C جا برگر وغيره.
    • اهڙيءَ طرح تتر جي ڪوڙيءَ وارو گوشت ۽ سھڙ جا پٺا ذائقيدار ٿيندا آهن. انھن ٻنھي کان، هيڙھي جو گوشت، جيڪو سموري جو سمورو هڪ گرهه جيترو مس ٿيندو، ذائقي ۾ مزيدار ٿيندو آھي. هيڙھي جو گوشت هٿ اچي ته کيس ٻين طعامن تي ترجيح ڏجي.
    مطلب:
    7.1 جن کاڌا پلن جا پيٽارا، تن جا هينئڙا به ويچارا.
    7.2 مڇي ته شاڪرين، پکي ته تترين، گوشت ته ٻاڪرين.

    8. تَنَ اُجري کان، مَنُ اُجرو چڱو. (چوڻي)
    تَنُ/ جسم/ بدن، اُجرو/ ڌوتل هوندو ته تمام چڱو ڪم آهي. جسم پرڪشش ۽ جاذب هوندو ته ٻين سان اٿڻ ويھڻ ۽ مطلب مرادون حاصل ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي. جڏهن ته اصل جاذبيت اندر/ من اُجري ڪرڻ ۾ آهي. دشمن، دوست ٿيو وڃن. نه ٿيڻ جھڙا ڪم به، شخصيت جي سحر سبب ٿيو وڃن.
    مطلب:
    8.1 نيت نيڪ، مراد حاصل.
    8.2 نيت بد، روٽي رد.
    8.3 اندر اڇو ڪرڻ، ڌاڳا ڌوئڻ کان ڀلو آهي. (چوڻي)
    8.4 اندر اڇو نه ڪري، ڌوئي ٿو ڌاڳا. (ورجيس)

    9. پرائي پڙوهي تي نار نه چاڙهجي. (پھاڪو)
    پڙوهو: کڏ، مالهه.
    بيراجي نظام کان اڳ، سدا واهن مٿان نار چاڙهي، زمين کي چرخيءَ ذريعي ريجايو ويندو هيو. واهن جي ڪڙن تي کڏا هڻي مٿانئن نار جا هالار جوڙيا ويندا هيا. ڏاندن يا اٺن ذريعي نار وهندو هيو. منجهس ٺڪر جون لوٽيون، مالهه جي مدد سان نارن مان ڀرجي، نيسر ۾ نائجي، هود کي ڀرينديون هيون. جنھن ذريعي، اڏن ۽ ڪسين ۾ وهندڙ پاڻي، ٻنين کي ملندو هيو.
    پنھنجيءَ کڏ وارو، بي فلڪو نار چاڙهي، ٻني ريجائيندو هيو. پرائيءَ کڏ مٿان چاڙهيل نار، ڪنھن ڪم جو نه هوندو هيو.
    مطلب:
    9.1 پنھنجيءَ ۾ هٿ، پرائيءَ ۾ اکيون.
    9.2 نڀاڳن جا نار، واڍن چاڙهيا واٽن تي.
    9.3 هميشه پنھنجي عورت ڏانھن رجوع ڪجي.
    9.4 پرائي عورت سان ناجائز تعلقات نه رکجن.

    10. پوڙهو مڙس پي ڪجي، ويھي مَ وڃائجي وهي،
    ڪڻڪن ۾ لابارا پوندا، پوڙهو پوندو ٺھي.
    (چوڻي/ پھاڪو)
    بيراجن پوڻ کان اڳ جو قصو آهي.
    ٻھراڙيءَ جون ٻه غير شادي شده/ ڪنواريون عورتون پاڻ ۾ ڪچھري ڪري رهيون هيون. هڪڙيءَ، ٻيءَ کان پڇيو؛ “ٻڌو اٿم، پوڙهي سان ٿا پرڻائني؟!!!”
    “ها ادي!” ٻيءَ وراڻيس؛ “جيڪو ڀلا نصيب! جوان جو جُوءِ ۾ ڪونھن ته پوءِ ڇا ڪجي؟”
    “پوءِ ڇا ارادو اٿئي؟” پھرينءَ پڇيس؛ “دل مَنُ جاچيو اٿئي. دل سان ڳالهه لڳئي ٿي؛ من جون مرادون پوريون ٿيندئي پوڙهي مان!”
    “رک الله تي!”
    “ڇا ٻڌو نه اٿئي ته؟” سھيليءَ سمجھائيندي چيس:
    ”پوڙهو مڙس پي مَ ڪجي، ويھي وڃائجي وهي،
    ڪڻڪن ۾ لابارا پيا، پوڙهو پوندو ڊهي!”
    سندس مراد ھئي ته؛ پوڙهي/ ڪمزور مڙس سان شادي ڪرڻ کان، ويھي ڄمار وڃائڻ بھتر آهي. ڇو جو بوسي يا بنا پاڻيءَ جي پوکجندڙ ڪڻڪ کائڻ سان، پوڙهي کي پيٽ ۾ موڙهه/ سور پوندو، جنھن سبب بيمار ٿي مري ويندو.
    انھيءَ تي اڳليءَ وراڻي ڏنس؛ “ادي ڪا ڳھيلي آهين!”
    “ڇو؟”
    “ٻڌو ئي غلط اٿئي!” جنھن جي شادي ٿيڻ واري هئي، تنھن دليل ڏيندي چيس.
    “اهو وري ڪيئن؟”
    “ائين ناهي جيئن تون چوين ٿي!”
    “باقي ڪيئن آهي؟”
    “ھيئن آھي، ڪن کولي ٻڌ!” جنھن جي شادي ٿيڻ واري هئي، تنھن دليل ڏيندي ٻڌايس:
    “پوڙهو مڙس پي ڪجي، ويھي مَ وڃائجي وهي،
    ڪڻڪن ۾ لابارا پيا، پوڙهو پوندو ٺھي.”
    مطلب:
    10.1 عورت کي غير شادي شده رهڻ کان، پوڙهو/ ڪمزور مڙس به ڪرڻ گهرجي. وهي وڃائڻ، ان کان به بدتر آهي. ڇو جو جڏهن بوسي ڪڻڪ لھندي، تڏهن منجهس گيھه وجهي ڪٽي ڀوري، پوڙهي کي کارائبي ته پوڙهو تيار ٿي ويندو ۽ باقاعدي ٺھي پوندو.
    10.2 عورت کي، ڪنھن به حالت ۾، شادي ڪرڻ گهرجي.

    11. جن جو نشي ۽ جوئا ڏي چاهُه،
    تن جو آسرو ئي لاهِه. (چوڻي/ پھاڪو)
    جوئا ۽ نشو، دماغ کي بيڪار بنائيندڙ ۽ دولت کي زيان ڪندڙ آهن. دولت ٻنھي ۾ اڏامي وڃي ۽ دماغ جا پردا خشڪ ٿي وڃن ٿا. ماڻھوءَ مان غيرت ۽ شناس نڪريو وڃن. نشو، مڙني بيمارين، براين جي جڙ آهي. جوئا وارو به ڪڏهن سئين لڱين نه هوندو آھي. ماڻھو کَٽڻ جي لالچ ۾، اُڪي موڙي گولي تي هڻي، سڄو گهر-ٻارُ، دُڦ ڪري ٿو ڇڏي. نصيحت ڪرڻ واري کي، نڀاڳو سمجهي ٿو ۽ مٿانئس چڙ نه ٿي لھيس. سونسي ۽ وسوسي جو گهر ٿي وڃي ٿو.
    مطلب:
    11.1 جوئا، ڪدي نه سوئا، سوئا ته موئا ئي موئا.
    11.2 ڪئفي دي زال سدا سھاڳڻ، ڀنگي دي رووي،
    چرسي دي ايوين آکي؛ موئا ھت نه ھووي.
    موالي، نشي ۾ پُرِ ٿيڻ کانپوءِ، ھيٺ ٻڌايل گاريون ڏيندا آھن ۽ خوش ٿيندا آھن.
    11.3 نشو ٿو سُرڪي، محبوب ٿو مُرڪي، مُلو ٿو ڪُرڪي، ڄڻ پڻس جي ٿا پيئون.
    11.4 پيءُ ته پيءُ، نه ته بانبر ٿي بيھه، ته موالي لاهني سيءُ.
    11.5 پيئون ٿا چرس، گهمئون ٿا عرش.
    11.6 ڀنگ ناهي گاهه آهي، مردود کي حرام، مواليءَ کي مُباح آهي.
    11.7 ڀنگ ناهي ڏهي آ، اسانجي پيئڻ جي وهي آ، ڌڙ ڳري ويو، سسي رهي آ، سا به قبر ڏي هلي رهي آ.

    12. جهل پير، پل دير. (زرعي، چوڻي/ پھاڪو)
    پل دير: جهٽ پٽ
    پير جهلڻ وارو، مڙس ماڻھو ٿيندو آهي. جيڪو پير کوڙي ڪم/ مقابلو ڪري ٿو، سو ضرور ڪامياب ٿئي. خدا تعالى جي طرفان به ان جي مدد ٿئي ٿي، جيڪو همت ٻڌي ٿو.
    جيڪو ناڪاميءَ جي ڀَوَ کان ميدان مان گيدي ٿي پٺي ڏئي ڀڄي ٿو، سو جتي ڪٿي بدنام ۽ ناڪام ٿئي ٿو. سندس ناڪامي اتان شروع ٿئي ٿي.
    مطلب:
    12.1 مڙس ٿي عمل ڪبو، ڪاميابي ستت ملندي.
    12.2 ڀاڙيو/ گيدي ٿيڻ واري کي بدناموسي پلئه پوي ٿي.
    12.3 همت بنده، مدد خدا، بي همت بنده، بيزار خدا.

    13. جھل ڪلھو، ٿيءُ ٿُلھو. (زرعي، چوڻي/ پھاڪو)
    بنجر/ ساڻي/ سنڍ زمين به هَرَ ڏيڻ سان، سگهه واري ٿئي ٿي. منجهس سٺي فصل ٿيڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي ٿي.
    جيڪو هاري، محنت مزدوريءَ سان مٿا مونا ڏيندو ۽ هرَ کي پاڃاريءَ ذريعي ڪلھا ڏيندو، تنھنجي زمين جو فصل/ ميوو ٿلھو ٿيندو ۽ پاڻ به سکيو ستابو ٿيندو.
    مطلب:
    13.1 ٻين سان ڀيچي ٿيڻ سبب، پاڻ ۾ به سگهه وڌندي.
    13.2 ٻه ته ٻارنھن.

    14. جي سنجهي سمھن، سي سوير اٿن. (چوڻي/پھاڪو)
    سوير سمھڻ ۽ سوير اٿڻ، صحت جي اصولن مان بنيادي اصول آهن. ائين ڪرڻ وارو، صحتمند رهي ٿو ۽ بيماري ويجهو نه ٿي اچيس. جنھن سبب حڪيمن/ طبيبن جي پڙ نه ٿو پوي. حڪمين حاڪمين، خدا دشمن کي به تات نه وجهي. دوا کان پرهيز ڀلي آهي. پرهيز، بيمار ماڻھو ڪندو آهي. صحتمند کي اُپاءَ وٺڻ گهرجن ته جيئن بيمار ٿئي ئي نه. پھريون اپاءُ، سوير سمھڻ، سوير اٿڻ آهي. کاڌو مناسب، صحت بخش ۽ وقت تي بک آهر ۽ هَٺَ سھائيندو کائجي.
    مطلب:
    14.1 سوير سمجهي، سوير اٿجي، اول نالو ڌڻيءَ جو ڳنهجي.
    14.2 Early to bed and early to rise, makes a man; healthy, wealthy & wise

    15. درياءَ جي آر تي، ڌَنَ-پتي پيار تي،
    مسڪين يار تي، ڪا ميار ڪانھي. (چوڻي)
    • درياءَ جو آر/ رخ/ ليٽ، پاڻيءَ جي چاڙهَه ۽ لاهَه سبب ٿئي ٿو. پاڻي، چاڙهه سبب ۽ پنھنجي طاقت آهر، هر ڏِسُ ۽ رُخَ ۾ ڪاهي پوندو آهي. جتي کيس ڪمزور جاءِ يا هنڌ ملندو آهي، اتان گس ٺاهيون، ٻوڙان ٻوڙ ڪندو ويندو آهي. پوءِ کيس روڪڻ، ماڻھوءَ جي وس جي بات ناهي.
    • ڌن-پتيءَ/ پئسي واري سان پيار، پئسن جي هئڻ سبب هوندو آهي. پئسي وارو، پئسا ڏيکاري هِرکائيندو آهي. معشوق، حسن جو جادو هلائي، لالچ ۾ پئسا ڪڍڻ ۾ مگن هوندو آهي. ٻنھي ۾ جان فدا ڪرڻ وارو جذبو گهٽ هوندو آهي. لکن ۾ ڪو پئسي وارو، سچو پيار ڪندو آهي، نه ته هر ڪنھن جي ياري، ڪم ڪڍڻ ۽ ڀاڪر پائڻ تائين محدود هوندي آهي.
    • مسڪين يار، پنھنجي پيٽ پالڻ ۾ پورو هوندو آهي، سو دوستن تي ڇا قربان ڪري؟ هرڪو کانئس ڀڄندو آھي ته متان سوال نه ڪري. وقت تي ڪم اچڻ بجاءِ، پاڻَ پيو، پٽيندو ۽ ڦُريندو.
    مطلب:
    15.1 سڃا عاشق، ڀيٽو دي آچارِ.
    15.2 زر بسيار، عشق ٺھه پھه، زر نيست، عشق ڦون ڦون.
    15.3 مطلب هووي تو پيار به ڪرلي، نھين تو دنيا مطلب دي هو يار.

    16. دولت کي باهه ۽ چور جو رهي ڊپ ڊاءُ،
    علم کي نه ڪير لُٽي، نه لڳيس ڪوسو واءُ. (چوڻي)
    • ڌن دولت، هڪ هٿ کان ٻئي هٿ تائين وڃي ته پوئين هٿ وٽان کُٽي ۽ اڳئين هَٿَ وٽ وڌي. اھا ڪير کڻي به سگهي، چورائي به سگهي، ڦري به سگهي، ساڙي به سگهي. دولت جو تعلق، بي بقا، ناپائدار ۽ بنا جٽاءَ جي آهي. ان کي هٿ ڪرڻ لاءِ، پاڻ پتوڙڻ/ سر کپائڻ عبث آهي.
    • علم وڏي دولت آهي. ورهائڻ سان وڌي، وٺڻ واري وٽ ته وڌي پر ورهائڻ/ ونڊڻ واري وٽ ٻيڻو ٿئي. علم واري کي جتي ڪٿي مانُ ملي. روزگار/ ذريعه معاش هٿ ڪرڻ، علم واري لاءِ، اڻ پڙهيي دولتمند جي ڀيٽ ۾، تمام آسان آهي. اهڙي جٽادار دولت هٿ ڪرڻ لاءِ سر ٽوڙ محنت ڪرڻ گهرجي.
    مطلب:
    16.1 کاڌي خرار کٽي وڃن.
    16.2 چاهين ته پُٽ سکيو رهي ته کيس هٿ جو هنر سيکار.
    16.3 اب جو ڏنو ڪم نه اچي، جاسين رب نه ڏئي.

    17. رڍ ٿلھي متار، ته به پول ڍڪي پنھنجو. (پھاڪو)
    رڍ، فطرتي طور تي ڪمزور دل جانور آهي. ويڙهاڪ به ناهي. ڪيڏو به کائي پي مچي، تڏهن به ٿلھي ٿيڻ کان سواءِ، کيس ڪوبه فائدو نه ٿيندو. سندس ٿلھو ٿيڻ، هڪ لحاظ کان، سندس لاءِ نقصانڪار آهي، جو ڪاسائي کيس ڪھڻ لاءِ پيو تاڙيندو. ٻي صورت ۾ ٿلھو متارو ٿيڻ سان، دُنب وڌندس، جنھن جو بار به کيس ئي کڻڻو پوندو. دُنب وڌڻ سان فقط پنھنجي پولھ کي ڍڪيندي، جنھن سببان سندس حامله ٿيڻ وارو معاملو به بگڙجي سگهي ٿو.
    مطلب:
    17.1 ڪمزور ماڻھوءَ لاءِ گهڻو مال ميڙڻ، بجاءِ نفعي ڏيڻ جي، گهاٽي جو سودو آهي. کيس گهرجي ته پنھنجي حال ۾ شاڪر ۽ پرسُڪون رهي.

    18. ريشم ۾ بافتي جو ٽڪر نه لڳندو. (پھاڪو)
    ريشمي ڪپڙو ڦاٽي ته ان کي اڳڙي/ تُن/ چتي به ساڳئي ڪپڙي جي سونھندي. سادي يا سوٽي ڪپڙي جي چتي نه مٿس بيھندي نه سونھندي.
    جنس جنس سان گڏ گهمندي ڦرندي آهي.
    اهڙيءَ طرح ياري دوستي ۾ هم عمر، هم پله، هم پيشه، هم جنس، هم ذات سان سونھندي آهي. گڏهه ۽ گهوڙي جي ياري، عيب کان خالي ناهي. برابريءَ جي بنياد تي رکيل ياري/ سنگت، جٽادار ۽ سونھندڙ هوندي آهي.
    مطلب:
    18.1 ياري، پڳ مٽ سان رکجي.
    18.2 پَٽُ پراڻو، ته به ڪو جنڊ جو نائو؟! (پھاڪو)
    18.3 هم جنس باهم جنس ڪرد پرواز،
    ڪبوتر با ڪبوتر، باز با باز. (فارسي)

    19. ريءَ کٽيي، ريءَ وٽيي، پُٽ سيجڙي نه پسي. (چوڻي)
    سيجڙي پسڻ؛ سيج تي چڙهڻ، عروسي رات ملھائڻ، ڪنوار ماڻڻ.
    مائٽ به شادي ان پٽ جي ڪرائيندا آهن، جيڪو محنت ڪري ڪمائيندو آهي ۽ پاڻ کي شاديءَ لائق ثابت ڪندو آهي. جنھن ۾ ڪمائڻ جي لياقت/ سگهه/ فھم نه هوندو، سو گهر هلائڻ جي به قابل نه هوندو، ان کي ڌيءُ ڪير به نه ڏيندو. نه ئي مائٽ ان کي پڻائڻ لاءِ مٿا مونا ڏيندا آھن.
    مطلب:
    19.1 نه کٽڻ ۽ نه ڪمائڻ واري لاءِ، هر ڪم مشڪل آهي.
    19.2 بنا محنت جي ڪاميابي حاصل نٿي ٿئي.
    19.3 محنت جو ڦل مٺو آهي.

    20. زال، ٻار ۽ غلام، سونٽي سان سڌا. (چوڻي)
    • زال/ عورت، گهر ۾ بند هئڻ سبب، ٻاهرين گهڻن معاملن کي سمجهڻ لاءِ، ناقص العقل هوندي آهي. کيس کڙيءَ ۾ عقل ۽ مغز ۾ ضد ۾ ڀريل هوندو آهي. هوڏ سبب، کيس سمجهائڻيامت ڏسڻ، سولو ڪم ناهي. ڪي معاملا اهڙا هوندا آهن، جن ۾ سمجهائڻ لاءِ وقت وڃائڻ سبب، ڪيئي نقصان پوڻ جا انديشا هوندا آهن. جنھن ڪري بجاءِ کيس تقرير ۽ دليل سان سمجهائڻ جي، سڌي راند سونٽي جي ڪجي ته بھتر ٿيندو.
    • ٻار، نو-آموز/ سيکڙاٽ هئڻ سبب، دنيا جي معاملن کي سمجھڻ ۾ گهٽ دلچسپي وٺندو آهي. نفعي نقصان جي کيس گهٽ خبر پوندي آهي. ڪم-علميءَ سبب مَن ماني ڪندو. کيس سمجهائڻ لاءِ وقت وڃائڻ سبب، ڪن معاملن ۾ سڌو سونٽي سان سيکارڻ وارو عمل جاري ڪرڻ بھتر هوندو آهي.
    • غلام/ نوڪر/ ٻانھو/ ملازم، غير ذميوار هئڻ سبب، نفعي نقصان جو انديشو نه رکندو آهي. کيس پنھنجي پگهار/ پيٽ ڀرجڻ سان سروڪار هوندو آهي. پوءِ ڀلي مالڪ جي سڙي يا ٻڏي. کيس نصيحت ڪرڻ عبث آهي. ڇو جو کيس ڪم ڪرڻ جو شوق هجي ها ته پنھنجي گهر ۾ ئي گهڻو هئس، ٻيلي ڇا لاءِ بيٺو؟ ان ڪري کيس، جيستائين مولا بخش سان مھميز نه ڏبي تيستائين نه سڌرندو.
    مطلب:
    20.1 عرشان لٿيان چار ڪتابان، پنجوان ڏنڊا،
    ڪتابان اوه نه ڪيتا، جيهڙا ڪيتا ڏنڊا. (پنجابي، چوڻي)
    20.2 مار، سنوار.
    20.3 مار، ڀوت ڀڄايو ڇڏي.
    20.4 سوٽي هجي ساڻ، گڏهه گوهي نه ڪري.
    20.5 Spare the rod, spoil the child.

    21. زال ڄَڻَ مان آڻجي، ڳئون ڌَڻَ مان آڻجي.
    (چوڻي/ پھاڪو)
    • ڍڳي هميشه ڀاڳيي کان خريد ڪجي. اڪيلي چريل يا پڙيءَ تان ورتل، عيب کان خالي نه هوندي. ڍڳي، مينھن، ٻڪري وغيره، ڄاڻوءَ ماڻھوءَ جي معرفت، ڳولھا ڦولھا کان پوءِ، ڪنھن ڀاڳيي جي وٿاڻ تان، ڌڻ ۾ پليل وٺجي. اها ٽاهڙ نه هوندي، ڏچر نه هوندي، سچر ۽ سيبتي هوندي.
    • شادي ڏسي وائسي ڪنھن خاندان مان وڏن جي معرفت ڪجي. نه ڀڳل کي ويھارجي ۽ نه ئي ڀڄائي وٺي اچجي. ڀڳل ٻانھن جا، نه ساهرا نه پيڪا ۽ نه وري ڪنھن هڪ گهر ۾ ٽڪي ئي سگهندي. چڱي نسل جو نه اولاد ڄڻي ڏئي سگهندي، نه ئي سندن چڱي پرورش ڪري سگهندي. اندر جي هُٽ-کُٽي سبب، مڙس جي به ڀرپور نموني وفاداريءَ سان خدمت نه ڪري سگهندي.
    مطلب:
    21.1 هر شيءِ ڏسي وائسي خريد ڪجي.
    21.2 ٽڪي جي دانگي وٺجي ته به ٺڪي ٺڪائي وٺجي.

    22. زال وڏين واتين، ڪھاڙي ڳاڙهي ڳنين،
    راءِ پرائي ڪنين، ٽيئي نه ٿيا. (چوڻي)
    وڏين واتين؛ واترادي، گاريال، جهيڙاڪار.
    ڳاڙهي ڳنين، خون/ رت ۾ رڱيل، قتل ۾ ملوث
    پرائي ڪنين: پراون ڪنن سان ٻڌندڙ، ڪنن جو ڪچو، گلا ٻڌڻ جو عادي.
    • جهيڙاڪر، بد پيشه کان خراب. بد پيشه، مجبوريءَ تحت، خاص ماڻھوءَ آڏو ان جي خواهش مطابق ان وانگر پاڻ کي اگهاڙو ڪري ٿي. جڏهن ته گاريال، عام ماڻھن آڏو، پنھنجي وات جي زور تي، اڳلن جي خواهش خلاف پاڻ کي اگهاڙو ڪري ٿي. جنھن ڪري ائين به چئبو آهي ته، ڄنگهن ڏرائيءَ کان وات ڏرائي خراب.
    • ڪھاڙي، اھا جيڪا تيز ڦر واري ھجي ۽ ڪاٺ ڪپڻ يا مال لاءِ ٽاريون ڇانگهڻ واسطي ڪم اچي. ماڻھن کي ڪھڻ لاءِ ڪتب آيل ڪھاڙي فائدي واري ناهي. ھتي ڪھاڙي کڻندڙ ڏانھن اشارو آهي. کيس نصيحت ڪيل آهي ته عام ڀلائيءَ جي ڪمن واسطي ڪھاڙي ڌارجي، انساني نسل کي ختم ڪرڻ لاءِ نه ڌارجي.
    • راءِ/ حاڪم/ آفيسر به اهو ڀلو جيڪو پنھنجي دل دماغ سان فيصلا ڪري. ڪنن جو ڪچو يا ٻين جي صلاحن تي هلندڙ آفيسر/ حاڪم به ملازم/ رعيت لاءِ پويون ڏينھن هوندو آهي. انصاف نه ڪري سگهندو آهي. ٻين جي چوڻ تي هلي، فقط ظلم ئي ڪري سگهندو آهي.
    مطلب:
    22.1 زال اها جا ڪُرَ اُجاري، ڪھاڙي اُها جا ڪاٺ ڏاري، راءِ اهو جو پُڇي ماري.

    23. سڀڪو سڀاوي سھڻو ڪونھي. (چوڻي/ پھاڪو)
    اکر آهن ٽي؛ آوي، ڀاوي، سڀاوي. ٽنھي اکرن جو بنيادي محرڪ ساڳيو آهي.
    آويءَ ۾ ڪنڀر ڪچا ٿانءَ وجهي، پڪا ڪري ڪڍندو آهي.
    ڀاويءَ ۾ ڀوڳڙي ڀڳڙا ڀُڃندو آهي.
    سڀاوي؛ ماءُ جي ڪک، جنھن ۾ ٻار سرجندو آهي.
    دنيا جي تختي تي، هرڪو ماءُ جي ڪک ۾ سنجرڻ بعد جنم وٺي ٿو. انھيءَ سنجرڻ واري عمل مان سمورا سھڻا ٿي نه ٿا نڪرن.
    دنيا ۾ هر شيءِ جا ٻه پھلو يا روپ آهن. ماڻھو صورت جي حساب سان يا سھڻو هوندو يا ڪوجهو ھوندو. اھڙيءَ طرح سيرت جي لحاظ کان پڻ يا خوش خلق هوندو يا بد-خلق، خوشبودار ھوندو يا بدبودار.
    ماءُ جي ڪک، ڪنڀر جي آويءَ وانگر آهي. منجهانئس ڪي ڪچا ڪي وڌيڪ پڪل، ڪي سھڻا ته ڪي ڦڏا ٿانءَ نڪرن ٿا. سمورا انسان، ڪنھن به ڪارخاني مان، ساڳئي سانچي مان ٺھي نڪتل، ساڳئي ماڊل جي گاڏين وانگر هوبھو/ سودپود يا ھڪجھڙا نه هوندا آهن. ڀلي ساڳيءَ ڪک مان نڪرن پر دنيا ۾ اچڻ بعد، هرهڪ کي تربيت لاءِ، الڳ ماحول ملي ٿو. هر ڪنھن جي طبيعت پنھنجي حساب سان ٺھي ٿي ۽ نرالي ٿئي ٿي.
    مطلب:
    23.1 ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي سڀ نه هنجهه،
    ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجهه، اچي بوءِ بھار جي.

    24. سٺ پچي سٺڙيو، اسيءَ پچي جوئار،
    جي هاري اڃا تڪڙو، ته ڏسي لاھ جي پاڙ.
    (زرعي، چوڻي)
    سٺڙيو؛ ٻاجهريءَ جو قسم، جيڪو سٺ ڏينھن اندر پوکڻ پڄاڻان پچي راس ٿئي. جڏهن ته جوئر کي پوکڻ کان لڻڻ تائين، اسي ڏينھن درڪار آهن.
    هاريءَ کي پوک پوکڻ وقت، اهو وقفو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ۽ ان حساب سان، وقت سر زمين جي تياري ڪرڻ گهرجيس ته جيئن مند جو فصل وقتائتو کڻي سگهي.
    جيڪڏهن هاريءَ کي اڃا آڳاٽو فصل کپي ۽ ٻين کان اڳ ٻار کڻڻ گهري ٿو ته کيس زمين ۾ سخت محنت ڪرڻ گهرجي. زمين جي تياري آڳاٽي ڪري، منجهانئس لاهن جون پاڙون ٻاهر ڪڍي ڇڏي، ڇو جو لاهه، فصل لاءِ نقصانڪار آهي. منجھس هَرُ ڏکيو وهندو. هاريءَ کي زمين ۾، ڇٽ کيڙ وقت تڪليف ٿيندي ۽ لاھ سلي کي اسرڻ نه ڏيندو. ان ڪري هاريءَ کي پھرين لاهه ڪڍڻ گهرجن، ان کان پوءِ فصل پوکڻ گهرجي.
    مطلب:
    24.1 سٺ پچي سٺڙي، سو پچي جوار،
    جتي تھان ٿئين تڪڙو ته لاهن پاڙون نھار. (ٿر، چوڻي)

    25. سوڙهي جُتيءَ کان، پير اگهاڙا ڀلا،
    گهر جي جهيڙي کان، جهنگ منھن ڀلو.
    (فارسي، پھاڪو)
    • سوڙهي جُتي، پير ڦٽيندي ۽ هلڻ ۾ پڻ هلاڪ ڪندي. منزل تي پھچڻ کان اڳ، ارواح کڻائي ڇڏيندي.
    • ان جي برعڪس، اگهاڙو پير، کليل رهي ٿو. گرمي سرديءَ سان عادي ٿي، جانورن جي پيرن/ کُرن وانگر، سخت ٿي وڃي ٿو. ماڻھو هلڻ ۾ وچڙي نه ٿو ۽ نه ئي تنگي محسوس ڪري ٿو.
    • گهر جھڙو سک ڪٿي به ناهي. جنھن کي گهر ۾ سڪون ناهي، سو جيڪر ملڪ منھن ڪري ته به کيس ڪٿي سڪون نه ملي. ان ڪري گهر کي ڪس ڪسر کائي، سڪون وارو بنائڻ جي ڪوشش ڪجي.
    مطلب:
    25.1 گهر جو ڪروڌ، ٺڪرن جو پاڻي سڪائي.
    25.2 جهنگ جو تتو گهر ۾ ٺري، گهر جو تتو ڪٿي نه ٺري.
    25.3 ماحول موافق نه ملي ته ڀڄڻ ڪم وريام جو آهي.
    25.4 جتي پڄي نه سگهجي، اتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.

    26. سونا سنج رکڻ سان، گڏهه گهوڙو نه ٿيندو،
    ڦاٽل رلي رکڻ سان، گهوڙو گڏهه نه ٿيندو. (پھاڪو)
    صلاحيت جو انحصار، جبلت تي آهي. جبلت قدرتي طرح هرهڪ ۾ ڪمپيوٽر جي Rom وانگر، اندروني طرح جُڙيل (In-built) هوندي آهي. جنھن کي دنيا جو ڪوبه پروگرامر، پروگرامنگ ڪري ختم نه ٿو ڪري سگهي. البته رخ ڦيرائڻ لاءِ، جدوجھد ڪري ڪامياب ٿي سگهي ٿو. ڇو جو فارسي چوڻي آهي، جبل گرد ، جبلت نه گرد.
    ظاهري پوشاڪ سان، ظاهري بناوٽ به نه ڦرندي آهي.
    اهو ئي سبب آهي جو ٻاهرئين سينگار جو، اندرين جبلت تي ڪوبه اثر نه پوندو آهي. اوچي پوشاڪ پھرڻ سان جاھل، عالم نه ٿي پوندو. سادي پوشاڪ ڍڪڻ سان عالم، جاهل نه پوندو.
    پوشاڪ جو ماڻھوءَ جي ڪيفيت تي ته اثر ٿي سگهي ٿو، جلبت تي نه. ڪتاب جي ڀري مٿي تي کڻڻ، ڊگرين جي ڳوٿري ڪلھي تي رکڻ سان ڄٽ، عالم نه ٿيندو.
    مطلب:
    26.1 ظاهري بناوٽ سان، علم نه ايندو آهي.
    26.2 خوشبو آتي نھين، ڪاغذ ڪي ڦولون سي.

    27. سون پرکجي ڪسوٽيءَ، روپو پرکجي باهه،
    ماڻھو پرکجي جڏهن، هينئون هيئين سان لاههِ. (شاهه)
    هر شيءِ کي پرکڻ/ جانچڻ/ آزمائڻ/ سڃاڻڻ لاءِ، دنيا ۾ ڪسوٽيون (Parameters) مقرر ٿيل آهن.
    جانور تي بار رکي ڏسبو، ڍڳي/ مينھن کي ٻه چار ويلا ڏهي ڏسبو، ڏاند هر/گاڏيءَ ۾ جوٽي ڏسبو. گاڏيءَ جي ٽرائي وٺي ڏسبي. نوڪر کان ٻه چار ڏينھن آزمائش طور ڪم ڪرائي ڏسبو. سون ۽ چانديءَ کي باهه تي رکي ڏسبو. ٺڪر کي وڄائي ڏسبو.
    اهڙيءَ طرح ماڻھوءَ جي پرک ساڻس سنگت يا دوستي رکڻ سان، ساڻس واپار ڪرڻ، گڏجي سفر ڪرڻ يا پاڙي ۾ گڏ رهڻ سان ڪري سگهجي ٿي.
    مطلب:
    27.1 سون پرکجي ڪسوٽيءَ، روپو پرکجي باهه،
    ماڻھو پرکجي تڏهن، جڏهن پاڙو پاڙي سان آهه.

    28. شاگرد جي دعا قبول پوي ته استاد هڪ نه بچي.
    (چوڻي/ پھاڪو)
    استاد/ والدين جي سختي/ مار، ڪنھن ظلم/ تنگ ڪرڻ سببان نه هوندي آهي. بلڪ شاگرد/ ٻار جي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ هوندي آهي. جيئن ڪنڀر، مٽيءَ کي مار ڏئي، گُڏي منجهائنس ڪچا ٿانءَ ٺاهي ٿو، پوءِ بٺيءَ/آويءَ ۾ باهه تي پچائي، پڪا ڪري، ٻاهر ڪڍي ٿو، تيئن استاد/ والدين وارو معاملو آهي. جيڪڏهن ٻار تي گھري نظر نه رکبي ته نه سندس اخلاق سڌرندا ۽ نه ئي وري ذهني طور اوسر کائيندو. گھري نظر رکڻ پڄاڻان، آهستي آهستي ترقي ڪري، پاڻ-ڀرو ٿي، پيرين سيرين ٿيندو.
    اهو ئي سبب آهي جو والدين/ استاد جي ڪيل سختيءَ جي موٽ ۾، شاگرد جي پٽ يا پاراتو، بي اثر هوندو آهي.
    مطلب:
    28.1 عملن جو دارومدار نيت تي آهي ۽ هر ڪنھن کي پنھنجي نيت جو بھرو ملندو آهي.

    29. شل چرندي کي وَرَ نه پوي. (چوڻي)
    چرندي؛ کائيندڙ پيئندڙ، صحتمند.
    ور پوڻ؛ بيمار ٿيڻ، موڙهه ٿيڻ.
    هر ڳالهه صحت سان مزو ڏيندي آهي. بيمار کي ڪابه شيءِ مزو نه ڏيندي آهي. سندس هر مزو ڪرڪرو هوندو آهي. نتيجي ۾ هر ڪم ۾ رڪاوٽ پئي پوندي آهي. بجاءِ ترقيءَ جي، هر قدم تنزل/ تباهيءَ ڏانھن هوندو آهي. ٺھيل ڪم به بگڙجي پوندا آهن. اڻ ڏٺا آزار، اکين آڏو اچي بيھي رهندا آهن.
    بيماريءَ کان، ڌڻي سڳورو سڀ کي بچائي. شل سڀ کي سنئين لڱين هلائي ۽ سڀ جي من جي مراد پوري ڪري.
    مطلب:
    29.1 شل چرندي ڪون ولا نه پوي.
    29.2 شل ڪنھن جي مت نه منجهي.
    29.3 شل ڪنھن جا ڄمي نه کرن، ڪنھن جا وڌي نه مرن.

    30. ڪَنُ ۽ مَنُ، ڪنھن سڄڻ کي ڏجي. (چوڻي)
    ڪَنُ؛ ٻڌل ڳالهه.
    مَنُ؛ دل، اندر جو راز.
    راز يا ٻڌل ڳالهه، ٻئي کي ٻڌائڻ کان پوءِ، پرايا ٿي وڃن ٿا ۽ قيامت تائين راز نه ٿا رهن. منجهانئن حاصل ٿيندڙ فائدو ملڻ بند ٿيو وڃي. وَسَ ويندي، سُر/ راز ڪنھن کي نه ڏجي.
    ٻڌائڻ ضروري ٿي پوي ته پوءِ ڪنھن سڄڻ کي ٻڌائجي. جيڪو سمجهدار هجي ۽ ان جو غلط مطلب/ مفھوم نه وٺي، نه ئي غلط پرچار ڪري.
    مطلب:
    30.1 سِرُ ۽ سُرُ، ڪنھن سڄڻ کي ڏجي.
    30.2 مُٺ ڀيڙيائي ڀلي، اُپٽي ته واءُ،
    پڌر پيئي ڳالھڙي، ڇڏي ويندي ساءُ.

    31. ڪوري هر ڪا شيءِ ڀلي، پر ڀلي نه ذات. (چوڻي)
    ڪورو: (ڪنڀارڪي محاوري ۾) آويءَ مان نڪتل نئون ٿانءُ، جنھنکي اُمايو نه ويو ھجي.
    ڪورو: (ڪورڪي محاوري ۾) اهو ڪپڙو جيڪو اڃان ٿانَ جي صورت ۾ هجي ۽ ڪپي ڪوري، سبيو/ پاتو نه ويو هجي.
    ڪورو: (لکڻ پڙهڻ جي محاوري ۾) اهو پنو، جنھن تي ڪجهه لکيو نه ويو آهي. ڪورو دستاويز(White Paper) .
    مٿين ٽنھي وصفن کي يڪجاءِ ڪري، هيئن مطلب اخذ ٿو ٿئي.
    ڪورو؛ غير مستعمل، اڻ آزمايل، نئين.
    ڪوري؛ ڪپڙو اڻندڙ کي. جنھن پٺيان آڳاٽي دور کان، سنڌ جي ذات.
    ڪوري، ڪورڪي ڌنڌي ۾ ايترو مگن هوندا آهن جو کين ٻئي ڪنھن معاملي جي ڄاڻ گهٽ پوندي آهي. جنھنڪري کين، سيکڙاٽ، اڻ آزمودگار، ڄٽ ۽ مت جو موڙهيل سمجهيو ويندو آهي. انھيءَ سببان سندن ذات کي ٻين ذاتين جي ڀيٽ ۾ گھٽ اھميت حاصل آھي.
    مطلب:
    31.1 نئين ھرڪا شيءِ ڀلي آھي، سواءِ نو آموز جي.
    31.2 ڪورڪي ذات، ڪاسبي ھئڻ سبب، عزت جي نگاھ سان گھٽ ڏٺي وڃي ٿي.
    چٿر طور ڪورين لاءِ هيٺيون چوڻيون به رواج ۾ آهن.
    31.3 ڪوري، مت ٿوري.
    31.4 ڪوري چڙهيا شڪار، مولا خير گذار.
    31.5 بخت کي ڄائي آهي ڀيڻ، تڏهن ڪوري ٿيا آهن ڪلارڪ.
    31.6 هيڻو وڏيرو، ڪورين لاءِ قھار.
    31.7 ڪورياڻيءَ ٽٽ ڪونه ڏنو، گڏهه ڪوڙو ڙي ڪوڙو.

    32. ڪياڙيءَ جي بجي کان، منھن جو بجو ڀلو. (پھاڪو)
    ڪياڙيءَ جو بجو: پرپٺ گلا/ غيبت/ عيب جوئي.
    منھن جو بجو: منھن سامھون عيب ٻڌائڻ، نصيحت ڪرڻ.
    پر پُٺ ڪيل گلا سان، اڳلي وٽ اها ڳالهه الائي ڪھڙي رنگ ۾ وڃي پھچندي. ان کان علاوه پاڻ تي گناهه الڳ چڙهندو. اڳلو ان کي نصيحت نه سمجهندو، بلڪ خلق-خواري سمجهندو ۽ بجاءِ سڌرڻ/ احسان مڃڻ جي چڙ کائيندو.
    ان جي برعڪس، سامھون ٻڌايل عيب کي، اڳلو بدناموسي گهٽ سمجهندو. مناسب لفظن ۾ ڪيل نصيحت کي، هٿائين هيئين سان هنڍائي، پاڻ ۾ اصلاح به آڻيندو ۽ ٿورو پڻ مڃيندو.
    مطلب:
    32.1 گلا/ غيبت کان پاسو ڪجي.

    33. گابو ڪپڙ- چٻڻو، سوئا سينڌي، سُچر سواري،
    اَلَڙ ڪتو، بندوق ڏوردار، پنج ئي بيڪار. (چوڻي)
    ڪپڙ-چٻڻو: ڪپڙا چٻاڙڻ جو عادي.
    سوئا: ويايل، ٻار واري.
    سينڌي: يارِ، سنگتياڻي، جنھن سان ناجائز جنسي تعلقات واري سنگت هجي.
    سُچر: گهڻ - کائڪ، پيٽ- هٿيو، پيٽوڙي.
    اَلَڙ: نه وڙهندڙ.
    ڏوردار؛ منھن مان ڀرجندڙ.
    • گهر/ اوطاق ۾ پرائو پنھنجو رکيل ڪپڙو، ڪپڙ-چڻي گابي کان محفوظ نه هوندو.
    • سوئا سينڌي/ اها سنگتياڻي، جنھن کي کير پياڪ ٻار ٿڻن تي هجي. ان مان وقت تي ڪم نه نڪرندو.
    • سُچر/ گهڻ-کائڪ وهٽ به وقت تي کاڌي جي هٻڇ ڪري اٿندو ناهي ۽ ڪم جو نه رهندو آهي.
    • الڙ ڪتو؛ جنھن کي شڪار جي ٽريننگ مليل نه هجي، شڪار ته وڃائيندو پر ڌڻيءَ کي به اوجهڙ ۾ رلائيندو.
    • بندوق ڏوردار؛ اهڙي بندوق جيڪا منھن مان ڀرجي، سا دشمن سان مقابلو ڪرڻ وقت، شڪست جو سبب ئي بڻبي. ان جي برعڪس آٽوميٽڪ يا سيمي آٽوميٽڪ بندوق وري به ڪارائتي هوندي آهي. ان جي ڪارڪردگي تڪڙي، لاڀائتي ۽ وقتائتي هوندي آهي.
    مطلب:
    33.1 ٻه-چتيو ماڻھو، ڪارائتو نه ٿو رھي.
    33.2 ماڇين جو ڪتو، گدڙ جو ساٿي.
    33.3 ڄنگھان يارن وٽ، ھلي ٿي گنبٽ.

    34. گاڏي آئي، چريا ڪو نه ويا. (پھاڪو)
    ريل گاڏي، ملڪ جي هڪ طرف کان ٻئي طرف هلي ٿي. ائين وري موٽي ٿي. جيڪڏهن سمورا چريا، مزي وٺڻ خاطر منجهس بنا ٽڪيٽ قبضو ڪري ويھي رهن، جيڪر جُوءِ خالي ٿي وڃي. ڄيئن ته گاڏيون ھلن ئي ملڪ اندر ٿيون، تنھنڪري، چريا هوندا ته ملڪ ۾ ئي. جيڪڏهن گاڏي هڪ طرف کان وڃي ۽ ٻئي طرف کان موٽي ئي نه ته ان صورت ۾ چرين جي کٽڻ جو آسرو ڪري سگهجي.
    سياڻن جو چوڻ آهي؛ جيڪڏهن گاڏي نه به موٽي، ان صورت ۾ به چريا ڪو نه کٽندا. ان جو سبب اهو آهي ته هڪ ته چريا کٽڻ کان گهڻا آهن ۽ ٻيو ايترا چريا به ناهن جو پنھنجي نفعي نقصان کي نه سمجهي سگهن. ڳوٺ ۽ ملڪ هر چريي کي به پيارو آهي.
    مطلب:
    34.1 جاجڪ چريو، ته به لٽا لاهي پنھنجن ڏانھن اڇلي.
    34.2 سيوهاڻي چريو، ته به ڀتر گهر ڏانھن ڍوئي.
    34.3 چانڊيا چريا، ته به ڳڙ جا ڀينڊ پنھنجن ڏانھن اڇلين.
    34.4 چرين جي لوڌ گهڻي آهي، جنھن ۾ اڪثريت مطلبين جي آهي.

    35. مرد کري بڪ ڪري، زال کري نَٽ ڪري،
    گهوڙو کري ڊڪ ڪري، مڙس کري شڪ ڪري،
    زمين کري اَڪ ڪري، موسم کري جهڪ ڪري. (چوڻي)
    هن چوڻيءَ ۾ ڇھن شين جي کرڻ جون نشانيون ٻڌايون ويون آهن.
    • مرد ماڻھوءَ کي شانائتو رهڻ گهرجي. گاريون ڏيڻ، ڏهڙڻ، جهيڙو ڪرڻ، زال ۽ گهر وارن کي تنگ ڪرڻ سندس شان ناهي.
    • زال کي حياءَ سونھين ٿو. جيڪڏهن حياءَ جو زيور هٿان ڇڏي کرندي ته پوءِ رڳو نٽ نخرا هوندس ۽ گهر به ڪين ڪندي.
    • گهوڙي جو ڪم آهي سڌو دڙڪي هلڻ، ان جي بجاءِ ڊَڪَ ۾ ڪاهي پوندو ته ڪنھن ڪم جو ناهي. ٽانگي/ بگيءَ ۾ جوٽڻ سان، سواريءَ کي بيزار ڪري وجهندو.
    • مڙس ٻين زالن وٽ کرندو ته پنھنجيءَ زال ۽ پاڙيوارين کي شَڪ جي نگاهه سان ڏسندو ۽ ساڻن برو ورتاءُ هلندو.
    • زمين سان محنت نه ڪبي ته منجهس پاڻمرادواڪ، ڪرڙ، ڪانڊيرا ٿيندا، جن ۾ نانگ بلائون رهنديون. اها زمين، بجاءِ فائدي ڏيڻ جي، جيءَ لاءِ جنجال ٿي پوندي.
    • موسم کرندي آهي ته جهڪون لڳنديون آهن. مٽيءَ جي طوفانن ۾ انبن جو ٻور ته ڇڻندو آھي پر ڪچا پڪا انب به ڇڻي ويندا آھن ۽ باغائي ڀينگ ٿي ويندا آھن، ڇو جو وڻ به پاڙئون اکڙي ويندا آهن.
    مطلب:
    35.1 کرڻ يا فطرت جي قانون کان ھٽڻ سان وڏا نقصان ٿين ٿا.

    36. مڙس جي ڦِٽي، جيل ۾ وڃي،
    ڍڳي جي ڦِٽي، گهاڻي ۾ وڃي،
    گهوڙي جي ڦِٽي، ٽانگي ۾ وڃي. (چوڻي)
    ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڌنڌا ۽ ڪي رهڻ جون جايون، نحوست واريون به سمجهيون وينديون آهن. نڀاڳ کي انھن ڏانھن منسوب ڪيو ويندو آهي.
    • مڙس ۽ شينھن، آزاد گهمڻ ۾ مزو ماڻيندا آهن ۽ ڀاڳ وارا سمجهيا ويندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته قيد/ پڃرا، ٺھيا به مردن/ شينھن لاءِ آهن، انھن کي ٽوڙيندا به مرد/ شينھن آهن.
    • ڍڳو، بار ڍوئڻ ۽ هَرَ ڪاهڻ جي ڪم اچي ٿو. جڏهن ته گهاڻي ۾ وهڻ سندس هلڻي ڦيرائي ڇڏيندو آهي. جنھنڪري گهاڻي ۾ وهڻ، سندس قسمت ڦِٽڻ جي مترادف سمجهيو ويندو آهي.
    • گهوڙو، آڳاٽي زماني ۾ سواريءَ لاءِ ڪم ايندو هيو. ڊڪڻ ۽ جنگ ۾ وڙهڻ لاءِ، گهوڙي جھڙي ڪابه سواري ناهي. جابلو ۽ سنگلاخ زمينن ۾ گهوڙو ڪم ايندو هيو. جنھنڪري کيس، گهوڙيسوار ۽ سئيس، کيس ڪوٺيندا ئي بوراق هيا. ان جي ابتڙ ٽانگي ۾ وهڻ سبب، کيس پابند رستن تي هلڻو ٿو پوي. پابنديءَ جو مڙهجڻ به قسمت ڦٽڻ وانگر آهي.
    مطلب:
    36.1 گھوڙي جي ڦٽي، وهي ٽانگي ۾،
    ڏاند جي ڦٽي، وهي گهاڻي ۾،
    آفيسر جي ڦٽي، نوڪري ڪري لاڙڪاڻي ۾.

    37. مسافر کي ماني کارائڻ ۾، لائق نياڻي اٿارڻ ۾،
    لاش دفنائڻ ۾، دير نه ڪجي. (چوڻي)
    • مسافر، ٻاهران سفر جي سختين سبب هتوتتو ايندو آهي. نفسياتي ڪيفيت، ڪجهه ٻي هوندي اٿس. کانئس حال احوال وٺڻ کان پھرين، سندس آڏو پاڻي ماني رکڻ ضروري آهي ته جيئن سامت ۾ اچي ۽ ڪيفيت به ٺيڪ ٿئيس. ان بعد ئي ساڻس ڳالھائڻ گهرجي. ڇو جو ٻاهران آيل جو، ڳالھائڻ به اکڙيل اکڙيل هوندو آهي.
    • لائق نياڻي، وقت سر اٿارجي ته اٿي به ويندي ۽ گهر به ڪندي. ٻارن ٻچن ڄڻڻ جي صلاحيت ۽ مڙس کي پاڻ ڏانھن متوجه ڪري مٿس ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت به هوندس. ان جي برعڪس، وقت گذرڻ پڄاڻان، ويھجي وئي ته ويھجي ئي ويندي. پوءِ منجهس مٿيون خوبيون نه ٿيون رهن. يا موراڳو سندس لاءِ رشتا اچڻ به بند ٿي ويندا آهن.
    • مئل جو، جسماني طرح، جيئرن سان تعلق منقطع ٿي وڃي ٿو. هاڻي پرائي امانت آهي. پرائي امانت رکڻ بجاءِ، جلد ڌڻين وٽ پھچائجي ته بھتر آھي.
    مٿين ٽنھي ڪمن ۾ ڪيل دير، معاملي کي الجهائيندي ۽ مسئلا کڙا ڪندي.
    مطلب:
    37.1 اڀير اچي جهنگا، ٻولي بي ڍنگا. (ٿري، چوڻي)
    37.2 ڌيئون ۽ مڇيون، ناهن رکڻ جون شيون.
    37.3 ادي سھڻي، ته به نه ادي لائق نه ابي لائق.

    38. مڱڻھار، ميراثي ۽ حجامڻ جو پيٽ،
    ڀرجڻ جو ڪونھي. (چوڻي)
    • مڱڻھار، لنگهو، ميراثي ۽ حجم ڪاسبي آهن. اهي موٽ ۾ ڪا شيءِ (Commodity) نه ڏيندا آهن، البته خدمت ڪندا آهن. جيئن مڱڻھار دهل وڄائڻ واري، ميراثي راڳ چوڻ واري ۽ حجم حجامت واري. سندن، ماڻھن سان ڏيھاڙي جو واسطو آهي. ڳالھائڻ جا ڏاڍا تکڙ ٿيندا آهن. ماڻھو ماڻھوءَ کي سڃاڻندا آهن. مڱڻھار، منھن ڏسي مٺائي منگندا آهن. حجم/منگي منڍي ڏسي، ڪٽائي ڪندا آهن.
    • جيئن ته کين ڏيھاڙيءَ جي (ريزڪي طور) حساب سان دان ملندو آهي، ان ڪري هميشه گهڻي جا تمنائي هوندا آهن.
    • مڱڻھار ۽ لنگهي کي لالچ گهڻي هوندي آهي. ڪيڏو به مليس ته به پيو ڦيڪاريءَ وانگر ٻاڪاريندو ۽ ڍنڍورو پٽيندو. ڪين جو ڪينگر، ڪلھي تي هوندس. گهور وٺي به چوندو؛ گهور مھل ٽوڙو لڳو هئو، ڪونه هئس، تنھنڪري مان رھجي ويس.
    • اهڙيءَ طرح حجم کي ڳالھائڻ جي پِٽَ پيل هوندي آهي. سندس زبان، سندس قئنچيءَ کان تيز هلندي آهي. چڱن ڀلن جو مٿو ڪوڙڻ جو، تمغو به کيس ئي حاصل هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڳالھائڻ کان پيٽ نه ڀربو اٿس.
    مطلب:
    38.1 لنگهو، پيٽ ۽ لن، ڀرجي نه ڀرجن.

    39. مُلين جي خيرات، ڪانءَ جو لڳ،
    ڪنھن ڪو نه ڏٺو آهي. (چوڻي)
    • ڪانءُ، لڳ جي حساب سان ڏاڍو لڄارو پکي آهي. کلي عام، ماديءَ تي نه چڙهندو آهي. جڏهن ته گرم ايترو آهي جو ڪانيوليءَ کان علاوه ڪوئل جي ڪوڪڻ تي، ڪوئل تي به چڙهندو آهي.
    • ملان ويچارو ٻين کي الله جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ جي تلقين ڏاڍي ڪندو آهي. غريب هئڻ سبب مٿس عمل نه ڪري سگهندو آهي. جڏهن امير ٿي، زڪوات خيرات ڏيڻ جي قابل ٿيندو آهي ته ملو نه رهندو آهي. بلڪ حاجي، صوفي يا زوار ٿي پوندو آهي.
    مطلب:
    39.1 پائي مار و چشم مور و خير ملا ڪس نه ديد. (فارسي)
    39.2 نانگ جو پير، ڪول جي اک، ملان جو دان، ڪنھن نه ڏٺا آهن. (ترجمو)
    39.3 ملان جو خير، نانگ جو پير، ڪول جون اکيون، ڪنھن نه ڏٺيون.

    40. نئڙت کان، سنوت ڀلي. (چوڻي)
    نئڙت خدا آڏو ڪرڻي آهي، انسان آڏو جهڪڻو ناهي. انسان آڏو جهڪڻ سان، اڳلي کي تڪبر/ وڏائي ايندي. ٻين کي حقير ۽ غلام، نيچ ۽ بوٽ-چٽائو پيو سمجهندو. ساڻن ناروا سلوڪ پيو ڪندو.
    ان جي برعڪس دوستي/ ڀائپي/ برادري قائم رکڻ لاءِ هڪجھڙائي/ برابريءَ وارو رويو اختيار ڪرڻ ضروري آهي. ان سان عزت رهجي ايندي. هڪ ٻئي لاءِ دل ۾ احترام به رهندو.
    مطلب:
    40.1 مون پرين مون سين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.


    ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري ڇاڻ جا چوڻيون/ پھاڪا

    سال ۱۹۹۶ع ڌاري، رهبر ادبي سوسائٽي (راس) حيدرآباد پاران، ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري صاحب، پاڪستان نيشنل سينٽر ۾، تقسيمِ اسناد لاءِ سيمينار ڪرايو هيو، جنھن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دعوت نامو ته ڏنائين پر پروگرام ۾ ساڻ وٺي به هليو. ان دعوت ۾ ڳالھائڻ لاءِ ادبي ميدان جي وڏين ۽ معزز شخصيتن کي ڪوٺ ڏنل هئي، جنھنڪري اتي وڃڻ پاڻ تي ضروري سمجهيم.
    پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ، گڏ ٿيڻ دوران، اڳينءَ قطار ۾ ويٺو هئس. منھنجي ڀر ۾ اڌڙوٽ عمر جو، سونھاريءَ سان هڪڙو بزرگ شخص ويٺو هيو. ان تعارف ڪرائڻ واري ارادي سان، پاڻمرادو پڇيو؛ “اوهان جو به لکڻ سان تعلق آهي؟!”
    “مڙيئي ٿورو گهڻو!” کيس جواب ڏنم.
    “ڇا تي ٿا لکو؟”
    “هونئن ته ڪھاڻيون لکندو هئس. هاڻي پھاڪن ۽ چوڻين تي ڪم ڪري رهيو آهيان.”
    “ان ۾ ڇا ٿا ڪريو؟”
    “في الحال ته لغت جي تياريءَ ۾ لڳل آهيان”.
    “لغت ۾ ڪٿان ڪٿان جا پھاڪا ۽ چوڻيون گڏ ڪيا اٿو؟”
    “سڄيءَ سنڌ جا ۽ سنڌي ادب ۾ مروج ٻين ٻولين جا پڻ!”
    “هر علائقي جي حساب سان به پھاڪا آندا اٿو يا نه!؟”
    “آندا ته سمورا اٿم پر علائقي جي نشاندهي آخر ۾ ڪئي اٿم. علائقي وار لغت تيار نه ڪئي اٿم، پر هاڻي لڳي ٿو ته شايد ائين ڪم مڪمل مشڪل ٿئي.”
    “ڇو؟” حيرت مان پڇيائين؛ “ڇو نه مڪمل ٿيندو؟”
    “دراصل پنج هزار پھاڪن ۽ چوڻين تي مبني لغت تيار ڪري ڇڏي هيم. هاڻي هڪڙو ڪتاب، “ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي” هٿ آيو، تنھن ته منھنجي محنت تي ئي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي.”
    “اهو ڪيئن؟”
    “ان ۾ پنج ڇھه سؤ اهڙا پھاڪا ۽ چوڻيون ڏنل آهن، جيڪي منھنجي مسودي ۾ آيل ئي ناهن. اهو ڪتاب لکيو آهي حافظ حبيب سنڌيءَ، ان صاحب وري انھن جي معنى به نه ڏني آهي”.
    “ها اها ڳالهه ته صحيح آهي.” انتھائي ڪسر نفسيءَ ۽ حجاب مان ڪنڌ جهڪائيندي تبسم سان جواب ڏنائين؛ “حافظ حبيب مان آهيان، ڪتاب مون لکيو آهي. ان ۾ الاهي شيون ڇپائيءَ هيٺ نه آيون آهن. ڪجهه اداري جي پاليسيءَ سبب، ڪجهه جلدي هئڻ ڪري.”
    “جيڪڏهن توهان اھو ڪتاب لکيو آھي ته پوءِ اوھان جي مدد جي ضرورت پوندي.”
    “بلڪل جيڪا چوندؤ، سا اکين سان ڪبي!”
    “مون کي ايڊريس ڏئي وڃو! توهان کي خط ذريعي لکي موڪليندس!”
    حافظ حبيب سنڌيءَ سان، زندگيءَ ۾ اها پھرين روبرو ملاقات هئي، جنھن ۾ ساڻس براه راست، بلا ڪنھن توسط جي، تعارف ٿيو هيو. پاڻ انتھائي اشراف ۽ هڙان وڙان خرچ ڪرڻ وارو ماڻھو آهي.
    ٺٽي ضلعي جي، سجاول سب-ڊويزن جي ٽنھي علائقن، ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري ڇاڻ جي پھاڪن بابت، روبرو يا خطن ذريعي، معلومات خنده پيشانيءَ ۽ کليءَ دل سان پھچائيندو رهيو آهي.
    وٽانئس، مٿين علائقن بابت، لاڙي ۽ جتڪي محاوري/ لھجي وارن پھاڪن ۽ چوڻين بابت چڱا تفصيل مليا آهن، جيڪي مذڪوره ڪتاب ۾ آيل ناهن. علم دوستن لاءِ هتي ڏجن ٿا ته جيئن هرڪو فائدو وٺي سگهي.


    1. اڇا ڪپڙا کيسا خالي، هلي گهمو چوهڙ جمالي. (چوڻي)
    جاتيءَ ۾ غريب، مسڪين ۽ فقيري لڏي جا ماڻھو جام رهن ٿا. روزگار جا ذريعا گهٽ آهن، جنھنڪري نکمڻن ۽ واندن ماڻھن کي ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
    مطلب:
    1.1 چوھڙ جمالي، کيسا خالي مڙس موالي.
    1.2 اڇا ڪپڙا کيسا خالي، هلي گهم دالي (ساهتي)
    1.3 اڇا ڪپڙا کيسا خالي، ماڻھن ليکي ملڪ جو والي (ساهتي)

    2. ايءُ جي ڀونتريا ڀونءَ ته گهُنا به گهوڙي چڙهيا.
    (جتڪي، پھاڪو)
    ڀونتريو؛ ٻٽيرو، ڳُٽو، تتر جھڙو ميرانجھڙو پکي.
    گهُنو؛ ماڻھوءَ جو نالو.
    ڀونءِ؛ زمين، مٽي، ٻني.
    گهُنو، ملاح قوم/ ذات جو فرد، نئينءَ مان گهوڙي وٺيو مٿس چڙهيو پئي آيو. رستي ۾ زمين جي رنگ جو ڀونتريو به ڇَپِ ھنيو ويٺو ھيو، جيڪو گهوڙيءَ جي سنبن جي آواز تي، ڀڙڪو کائي اوچتو اڏاڻو. سندس اوچتي اڏام تي، گهوڙيءَ ٽاهه کاڌو ۽ سئس وڃي پَٽِ پيو.
    ڪِرڻ بعد، سوار پاڻ سنڀاليو. لٽا ڪپڙا ڇنڊي، پٽڪو ٻيھر ٻڌائين. گهوڙيءَ کي واڳ کان جهلي، پٺي ٺپريائين ۽ پنھنجي منھن سھڪندي چوڻ لڳو؛ “ايءُ جي ڀونتريا ڀونءِ ۾ ته گهنُا به گهوڙي چڙهيا”.
    مطلب:
    2.1 نئين ڪم ۾، اچانڪ تڪليف اچي ته سڌڙيا شوق ڇڏي وڃن.
    2.2 خراب حالتون، مُھم-جوئيءَ تان ارواح کڻائي ڇڏينديون آهن.
    2.3 جي ڀونتريا ڀونءِ ۾ ته گهنُا به گهوڙي نه چڙهيا.

    3. بندر جي بازار ۾، سوين تڙبا سور.
    (جتڪي، چوڻي).
    تڙبا؛ تڙجندا،
    سور؛ سوئر.
    هڪ جلباڻي فقير، شاهه بندر جي ماڻھن جي ناروا سلوڪ کان ڪاوڙجي کين پاراتو ڏيندي چيو؛ “بندر جي بازار ۾، سوين تڙبا سور.”
    انھيءَ کان پوءِ، ستت ئي شھر تباهه ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويو. جنھن تان اھا چوڻي مشھور ٿي.
    مطلب:
    3.1 فقيرن سان ڦٽائبو ته پاڻ به ڦٽي وڃبو.
    3.2 فقيرن سان ڦٽائڻ وارا پاڻ به ڦٽي ويندا آھن.

    4. بندر ڦٽو، سوکي وٺي. (پھاڪو).
    شاهه بندر جي تباهيءَ بعد، کاري ڇاڻ جي ڪاڇيل طرف واقع سوکي بندر آباد ٿي ويو. شھرن جي آباد ۽ ڦٽڻ واري تاريخ ائين آھي ته ھڪڙن جي تباھيءَ پڄاڻان، ويجھي ڇڪ وارا شھر وڌيا ۽ ويجھيا.
    مطلب:
    4.1 هڪ جي تباهيءَ سان ٻئي جي آبادي ٿئي ٿي.
    4.2 گهر جو وڏو لاڏاڻو ڪري ته پڳ ننڍن تي اچي.
    4.3 ٽيڙهو اڀرن، ڪتي لھي وڃي.
    4.4 اسو اڀري، لڌڙا لھي وڃن.

    5. ٻتڙ ٻاجهه ڀريو، دولھه درٻار ٻارا. (پھاڪو)
    ٻتڙ، بزرگ جو نالو. قاضي محمد سليمان، تاريخ سميجا ۾ ص ۴۷ تي سندس شجرو هيئن ڏنو آهي؛ ٻتڙ بن ڇڇر بن منھيا بن ڀاڻون بن ڏيرو بن ٿيٻو بن انڙ بن سمون راءِ رائيڌن.
    ٻاجهه ڀريو؛ وڌيڪ پيارو.
    دولھه؛ بزرگ جو نالو.
    ٻارا؛ ٻاهر آهي.
    ٻتڙ سميجو، پنھنجي دور جو پھتل ۽ الله لوڪ فقير هيو. ٽنڊي الھيار ۾ سندس مزار آهي. غوث بھاؤ الدين ذڪريا ملتانيءَ جو مريد ۽ سنڌ ۾ خليفو هيو. مرشد کي مڙني مريدن ۽ خليفن کان وڌيڪ پيارو هيو. کيس خلوت ۾ به ملڻ کان منع نه هئي.
    دولھه نالي به هڪڙو بزرگ هيو، جيڪو سندس همعصر ۽ پير ڀائي هيو. کيس خلوت ۾ وڃڻ جي کلي اجازت نه هئي. قاصد ذريعي اجازت وٺي، اندر ويندو هيو. جتي ٻتڙ پھچندو هيو، اتي دولھه درٻار کان ٻاھر بيٺو هوندو هيو.
    مطلب:
    5.1 جيڪو درٻار ۾ اجازت کانسواءِ وڃي سگهي، تنھنکي ٻتڙ سان ۽ جيڪو نه وڃي سگهي، تنھنکي دولھه سان ڀيٽ ڏني ويندي آهي.

    6. ٻيا سڀ مري ويا، تڏهن فوجو ٿيو فقير. (پھاڪو)
    تعلقي شاهه بندر جي جلباڻي قوم ۾، فوجو يا فوجدار خان نالي همراهه هيو، جنھن جو سارو خاندان ۽ مال مڏي هڪ باهه جي واقعي ۾ سڙي رک ٿي ويو. جنھن سبب پاڻ چريو ٿي پيو ۽ فقيراڻا حال ڪيو گهمندو هيو. سندس زبان تي سدائين اهي لفظ هوندا هيا؛ “ٻيا سڀ مري ويا، تڏهن فوجو ٿيو فقير”
    ٻي روايت مطابق سندس لفظ هوندا هيا؛ “ڪونھي مڙس ملڪ ۾، تڏهن فوجو ٿيو فقير”.
    مطلب:
    6.1 واهرو سڀ هليا ويا، تڏهن حال هيڻا ٿيا.
    6.2 جتي وڻ ناھي، اتي ڪانڊيرو به درخت.
    6.3 ڀيٽيو؛ ڪونھي مڙس ملڪ ۾، تڏھن ٿيون وانڍيون وس چرن.

    7. ڀلي رڙي بادام، جنھن جو ڦَرُ آهي ڦُٽرو.
    (جتڪي، پھاڪو)
    ڀلي؛ ڀلين، سدا.
    رڙي؛ راڙ ڪري، رنڀي، دانھن ڪري.
    بادام؛ ڏاچي، اُٺڻ، اُٺڙي.
    ڦر؛ گورڙو، توڏو، ٻچو.
    ڦٽرو؛ سٺو.
    اها اُٺڙي ڀلي دانھون/ ڪوڪون ڪري، جنھن زبرو ڦَرُ ڄڻيو آهي. انھيءَ جو رنڀڻ ھر ڪنھنکي وڻندو آھي. ان جي بر عڪس، ڪمزور ۽ مئل ڦر ڏيڻ واري ڏاچيءَ جي رنڀ يا ڪِڻڪ، ڪنھن کي به ڪا نه وڻندي آھي.
    مطلب:
    7.1 پنھنجي اولاد لاءِ دانھن ڪوڪ ڪرڻ جو ان کي حق آهي، جنھن جو ڄـَڻُ سٺو آهي.
    7.2 کير ڏيندڙ گانءِ جون لتون ھر ڪو سھندو آھي.

    8. ڀولڙو پوڙهو ٿي ويندو،
    گيلاٽيون ڪو نه وسرندس. (پھاڪو)
    ڀولڙو؛ ڀولو، باندر.
    گيلاٽيون؛ بولاٽيون، قلابازيون، پٽ تي ليٽڻ.
    باندر يا ڀولڙو، کک پوڙهو ٿيڻ بعد به پنھنجي فطري عادت کان ڪين مڙندو، بولاٽيون ضرور ڏيندو. عادت عضوو آھي. ھڪ دفعو پوڻ کان پوءِ مشڪل نڪرندي آھي. عمر جي خاص حد کان پوءِ ته مرڻ تائين ساڻ ھلندي آھي.
    مطلب:
    8.1 وڏڙن کان ورثي ۾ مليل عادت، ڪير به نه ڇڏي سگهندو آهي.
    8.2 ننڍي هوندي جي پيل عادت، پيريءَ ۾ نه ويندي آهي.
    8.3 پڪي گهڙي کي، ڪنا ڪين ورندا آهن.

    9. ڀينءَ جي بازار ۾، ٻيائي نه ڪجي. (چوڻي)
    بزرگ شيخ سلامت عرف مغلڀين جي ميلي جي بازار ۾ ٻيائي، ڪوڙ ۽ ٺڳي نه ڪرڻ گهرجي.
    جيڪڏهن ڪنھن جي ڳالهه ۾ ٿورو گهڻو تفاوت نظر ايندو آهي ته کانئس پڪائيءَ خاطر پڇيو ويندو آهي، “ٻيلي هيءَ ڀينءَ جي بازار آهي، ان ۾ ٻيائي نه ڪر!”
    ٻي روايت ۾ آهي ته کيس چئبو آهي ؛ “قھر نه ڪر! ڀينءَ جي بازار آهي!”
    مطلب:
    9.1 بزرگن جي آستانن تي، علط ڪمن کان پاسو ڪجي.

    10. ڀينءَ جي بازار ۾، پيو گهم. (چوڻي)
    جاتي شھر ۾ واقع درگاهه مغلڀين جي بازار، ميلي جي وقت، تمام ڊگهي ٿي ويندي آهي. منجهس نه ڪنھن کي گهمڻ ڦرڻ جي جهل پل هوندي آهي ۽ نه ئي بازار کٽڻ جي هوندي آهي. گهمڻ ۾ ٿڪ محسوس ڪرڻ واري کي چئبو آهي؛ “ڀينءَ جي بازار آهي، پيو گهم!”
    مطلب :
    10.1 گهمڻ لاءِ گهڻو ميدان آهي.

    11. ٺٽي جا ٺاٺ هيا، تڏهن ملتان ٿي اَڏيو (چوڻي)
    ننگر ٺٽو، ملتان شھر کان اڳي جو آباد ۽ قديمي آهي. جڏهن ٺٽو تعميرات ۽ جلوي جي حساب سان پُور-جوانيءَ ۾ هيو ۽ ٺاٺ باٺ هيس، تڏهن ملتان اڃا مس اَڏيو/ ٺھيو پئي.
    مطلب:
    11.1 علم ۽ عالم، ملتان کان اڳي، ٺٽي ۾ هيا.

    12. جاتي، قرب جي ڪاتي. (چوڻي)
    ڪاتي، ڪھڻ جي ڪم ايندي آھي. جنھن سان اڳلي جو سر کڄندو آھي ۽ ٻئي جو پيٽ ڀربو آھي. ڪڏھن ڪي ڪاتي ڦيرائڻ وارا اھڙو ته مٺڙي نموني سان ڪاتي ڦيري ويندا آھن جو ڪسڻ واري کي ڪسجي وڃڻ تائين لک ئي نه پوندي آھي. اھڙن ڪھڻن کي، مٺي ڇريءَ سان تشبيھ ڏني ويندي آھي.
    جاتي شھر جي رهاڪن منجھ جيڪا محبت، قرب ۽ پاٻوهه آھي، تنھن بابت اشارتًا ائين چيو ويندو آهي.
    مطلب:
    12.1 چاچي به ڪوٺڻ، چھنڊڙي به پائڻ.

    13. جاتي ڪل جت، ماڃر ڪل ميھ. (چوڻي)
    ميھ؛ ملاح، مھاڻا
    جاتيءَ جو سمورو علائقو، جت قوم جو آهي ۽ منجهس اها ئي قوم آباد آهي. جڏهن ته ماڃر واري علائقي ۾ سمورا ملاح قوم جا ماڻھو رهن ٿا.
    مطلب:
    13.1 ھر علائقي ۾، جاگرافيائي لحاظ کان مانوس، ڪا نه ڪا قوم يا ذات آباد آھي.

    14. جاتيءَ جا جت، پيرن اگهاڙا. (چوڻي)
    جاتيءَ جا ماڻھو، جن ۾ اڪثريت جت قوم جي آهي، مغلڀين اولياءَ (شيخ سلامت متوفي 610 هه) جي ادب واري لحاظ کان جُتي پيرن ۾ ڪونه پائين. ڀينءَ جي بازار ۾، اڪثر پير اگهاڙا ڪري هلندا آهن.
    مطلب:
    14.1 ھر قوم پنھنجي لباس ۽ اطوار مان سڃاتي ويندي آھي.
    14.2 ھر قوم جي ڪا نه ڪا نشاني ضرور ھوندي آھي.

    15. جت سي جيندي، سسئي سرهوڻي نه ڏني.
    (جتڪي، چوڻي)
    سي؛ اهي.
    جيندي؛ جن
    سرهوڻي؛ آرام
    جت اهي هيا، جن سسئي کي آرام سان ويھڻ نه ڏنو. سسئيءَ جا ڏير، ذات جا جت هيا. سسئيءَ جي وَر، پنھونءَ کي دوکي سان کڻي ويا ۽ سسئيءَ جون ننڊون حرام ڪري ويا. جنھن سببان سسئيءَ کي جبل جهاڳڻا پيا ۽ پنھل کي پسڻ لاءِ ڏاڍو پاڻ پتوڙڻو پيو. جتن کي طعني طور ائين چيو ويندو آهي.
    مطلب:
    15.1 جَتُ ذات مان چڱائيءَ جي اميد نه رکجي.
    15.2 جَتُ، بي پَتِ، مارِ گھَت يا اڳون لاتي وت.

    16. جنھن جو گر صدر،
    تنھن جا چيلا ڀلين چاڳ ڪن. (پھاڪو)
    گر؛ گرو، مرشد.
    صدر؛ بنيادو، بڻيائتو، ڀلو، اصلي.
    چيلا؛ پوءِ لڳ، مريد.
    چاڳ؛ مستي.
    جنھن مريد، سچي مرشد جي هٿ تي بيعت ڪئي آهي، سو ڀلي لاڏ ڪري. کيس لاڏ ڪرڻ جو جواز آهي. سچو مرشد/ شيخ يا رھبر کيس ٿڙڻ نه ڏيندو. ڪڏھن به کيس غلط ڪم لاءِ مشورو نه ڏيندو. کيس غلط ڪم ڪندي ڏسندو ته به تنبيھ ضرور ڪندس.
    مطلب:
    16.1 اصلي شيخ، مريد کي غلط راھ تي ھلڻ جي تلقين نه ڪندو.
    16.2 ڪامل مرشد جي مريدن کي، شيطان گھٽ ورغلائي سگھندو آھي.
    16.3 سو ڀلي نخرا ڪري، جنھن جو ڪيرو قائم آهي.
    16.4 وَڇ ڪُڏي، ڪيري آهر.

    17. جوکيي مان جُوکو،
    ننڍي ۾ ننڍو، تڏهن به اُٺ جيترو. (چوڻي)
    جُوکو؛ نقصان.
    جوکيا قوم، ٺٽي ضلعي جي ڪوهستاني علائقي ۾ جهمپير، جنگشاهي ۽ مال واڙي طرف رهي ٿي. جابلو قوم هئڻ ڪري سخت دل آهي. کانئن پھتل ننڍڙي ۾ ننڍڙو نقصان به اٺ جيترو وڏو هوندو آهي. ان انديشي سببان، کانئن ٽارو ڪرڻ گهرجي.
    مطلب:
    17.1 جوکيا قوم مان چڱائيءَ جي اميد گھٽ رکجي.

    18. جي اکين ۾ آنڃڻ هئا،
    ته بوترڪيون ڪيھان ڀويون. (جتڪي، پھاڪو).
    آنڃڻ؛ سرمو.
    بوترڪيون؛ آنڙيون.
    ڪيھان؛ ڪيئن.
    ڀويون؛ ٿيون.
    سرمي جي استعمال سان، اکين ۾ آنڙيون نه ٿينديون آهن. جيڪو ماڻھو، ھر رات جو سمھڻ کان اڳي، سرمي پائڻ جو عادي آھي، ان جي اکين ۾ آنڙيون وغيرھ نه نڪرنديون آھن. جيڪڏهن سرما پائڻ جي باوجود اکين ۾ آنڙيون نڪرن ته پوءِ انھن تي سواليه نشان ضرور ھوندو ته اھي ڪيئن ٿيون؟
    مطلب:
    18.1 جيڪڏھن اکين ۾ سرما ھيا ته پوءِ آنڙيون ڪيئن ٿيون؟
    18.2 هڪ ٻئي وٽ نيڪ نيتيءَ سان اچبو وڃبو ته تعلقات قائم رهندا، ويڇا نه پوندا.
    18.3 هڪ ٻئي وٽ اچڻ وڃڻ هجي ته پوءِ تعلقات ڪيئن ٽُٽَندا!؟

    19. چيٽ؛ لڱن ميٺ، ننڍي وڏي پيٽ. (چوڻي)
    چيٽ؛ هندي پهريون مهينو. هن مھيني جي اندر، هر ننڍي وڏي مڇي، آنيءَ سان هوندي آهي.
    مطلب:
    19.1 چيٽ جي مھيني اندر لڱ ساڻا ھوندا آھن.

    20. ڇڇ مڙيو ئي ڇوڪريون، جاتي مڙيئي جوءِ. (چوڻي)
    ڇڇ؛ ڇڇ جھان خان وارو علائقو.
    ڇڇ جھان خان ۾، ملاح قوم اندر ڇوڪرين جي گهڻائي هئي. انھن نياڻين جا مائٽ، جاتيءَ وارن سان سڱابنديون ڪري، نياڻين جا گهر آباد ڪندا هيا. جڏهن جاتيءَ جي رهندڙ ڪنھن زال کان پڇبو هيو؛ “تون اصل ڪاٿان جي آهين؟”
    “ڇڇ جي!” موٽ ۾ چوندي هئي؛ “ڇو جو ڇوڪريون اتي جام هيون!”
    مطلب:
    20.1 جاتيءَ جي ڀيٽ ۾، ڇڇ اندر ڇوڪريون جام ڄمنديون ھيون.

    21. دڙو، گيھه جو گهڙو، پر بي وڙو. (چوڻي)
    تعلقي ميرپور بٺوري جو شھر دڙو، سٺي زرعي زمين هئڻ سبب، شاهوڪاريءَ ۽ حسن ۾ مشھور هيو. پئسي ۽ حسن جي گهڻائيءَ سبب، جڏهن بيھودگي وڌندي آهي ته مڪاري به ڪـَرُ کڻندي آهي. اھا مڪاري ڪنھن کي به نه وڻندي آهي ۽ بي وڙائپ ۾ شمار ٿيندي آهي. دڙو به انھن حالتن کان اثر پذير ضرور رھيو آھي.
    مطلب:
    21.1 دڙو، بي وڙو.
    21.2 ٺل، دل ڏيئي، ويٺو رل.
    21.3 بٺورو، دل ڏيئي، بيٺو رو.

    22. ديرو، ڦِٽو، اورنگا وُٺو. (پھاڪو)
    تعلقي شاهبندر جي ڪڪرالي واري علائقي ۾، ديرو ڪيھرن جي گاديءَ جو هنڌ هئو. ان جي ڦٽڻ بعد، اورنگزيب عالمگير، اورنگا بندر تعمير ڪرايو. اورنگا کي ڪڪراله به چوندا آهن.
    مطلب:
    22.1 ھڪڙو شھر ڦٽي ته ٻيو آباد ٿي وڃي.

    23. رڙي، ٽڪن ۾ پڙي، جَتن کي مليو جواب. (چوڻي)
    رڙي؛ جاتيءَ جي اوڀر طرف، مائي رڙيءَ جي نالي پويان هڪ پراڻو ۽ مشھور شھر آهي.
    مائي رڙي پنھنجي وقت جي حسين عورت هئي. ملڪ حمر خان جَتُ، مٿس عاشق ٿي پيو. ڌُوتيءَ هٿارائون کيس شاديءَ جا نياپا موڪليائين.
    موٽ ۾ رڙيءَ چورايس؛ “ملڪ صاحب! تون جت قوم جو ملڪ آهين. جيڪڏهن مون سان شادي ڪرڻ چاهين ٿو ته مھرباني ڪري، ڪاري گونگڙي کان وٺي منھنجي ڳوٺ تائين، رات پيٽ ۾، پاڻي پھچائڻ لاءِ واهه کوٽرائي ڏي ته توکي مڃيندس”.
    ملڪ حمر کيس راتو واه، واه کوٽرائي ڏنو، جيڪو اڄ به حمر واهه نالي سان مشھور آهي. جنھن سببان سندن شادي ٿي ۽ جت قوم سان تعلق ھئڻ جي باوجود، رڙيءَ جي سڱ کان کين جواب مليو.
    مطلب:
    23.1 سڱ آھن، سھيندن جا.
    23.2 جيڪي ھڻن، سي کڻن.
    23.3 پِرمان تڏھن پسندين، جڏھن ڳِٺي جا وڻ ڏسندين.
    23.4 مومل سو ماڻيندو، جيڪو ڪاڪ تي چڙھندو.

    24. رن هڪڙن جي مري، ٻين کي لگن سؤڻ. (پھاڪو)
    رن مرڻ؛ زال مرڻ، گهر ڊهڻ، نقصان پوڻ.
    لگن سؤڻ؛ خوشي ٿيڻ.
    انساني فطرت آھي ته ڪو به پنھنجو نقصان نه برداشت ڪري سگھندو آھي. ان جي بر عڪس ساڳيو نقصان، ٻئي کي رسندو آھي ته ڳجھيءَ طرح فرحت ضرور محسوس ڪندو آھي. ڪي ته وري ٻئي کي پيل نقصان تي خوشيون پڻ ملھائيندا آھن.
    مطلب:
    24.1 ٻئي جي خوشيءَ ۾، ڪو ڪو خوش ھوندو آھي.
    24.2 مروان موت، ملوڪان شڪار.
    24.3 ڪاسائيءَ کي ماهه جي، ڇيلي کي ساهه جي.
    24.4 هڪڙن کي نقصان پوي، ٻيا خوشيون ڪن.

    25. سانوڻ جو سُتو، ڪُتي جو ڪتو. (چوڻي)
    سانوڻ؛ هندي مھيني جو نالو، جنھن ۾ وسڪارو ٿئي، گاهه وغيره جام ٿين.
    جيڪو ماڻھو وسڪاري يا گاهه جي مند ۾ مال کي نه ٿو چاري ۽ سستي ڪري سمھي ٿو پوي، سو تڪليف ڏسندو. آخر ۾ رڳو ڏهڙ-ڏهڙان ۽ رڙيون ڪوڪون هوندس. تنھنڪري مالدار کي، سانوڻ جي مھيني ۾ سمھڻ نه گهرجي.
    مطلب:
    25.1 ويل وقت وري ھٿ نه ايندو آھي.
    25.2 وقت کي سجايو ڪرڻ لاءِ جتن ڪرڻ گھرجن.

    26. سَپَ مٿي گاهه، سَپَ ٻيٽو نه وسري،
    چِت وڻيسي، ڏڌ ڪاءُ ساءُ. (جتڪي، پھاڪو)
    سَپ؛ سانپ، نانگ.
    گاههُ؛ ڀاڙِ، کير پيارڻ وارو ٿورو.
    ٻيٽو؛ بيٽو، ٻچو، پٽ.
    چِت؛ دل، نيت.
    وڻيسي؛ ٽُٽي پوڻ، کَٽِي ٿي پوڻ.
    ڪاءُ؛ ڪھڙو
    ساءُ؛ سواد
    هڪڙو جوڳي نانگ کي کير پياريندو هيو. هڪ ڏينھن، نانگ جو ٻچو سندس هٿان مري پيو، جنھن تي نانگ کي ڏاڍي خار آئي ۽ چيائينس؛ “مون کي کير نه پيارج، ڇو جو تو منھنجو ٻچو ماريو آهي، اهو سور مون کان نه وسرندو. تنھنجي کير پيارڻ واري ٿوري تان دل کٽي ٿي وئي آهي، ان سان مون کي سواد به نه ملندو.”
    مطلب:
    26.1 دوستي، جڏهن دشمنيءَ ۾ بدلبي آهي ته ڪيل چڱايون به وسري وينديون آهن.
    26.2 دوستي ڦٽڻ کانپوءِ، سنھيون سنھيون ڳالھيون به وڏيون نظر اينديون آھن.

    27. سنڊو ڦٽو، جاتي وٺي. (پھاڪو/ چوڻي)
    جاتي شھر جي ڏکڻ طرف، ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي سنڊو بندر هيو. 1819ع ڌاري سامونڊي وير چڙهڻ سبب تباهه ٿي ويو. جاتي، ان وقت ننڍڙو واهڻ هئي. سنڊي جي ڦٽڻ بعد، ماڻھن جاتيءَ ڏانھن لڏ پلاڻ ڪئي. آبادي وڌڻ لڳي ۽ شھر وسي ويو.
    مطلب:
    27.1 ھڪڙي وسندي ڦٽائي، ٻي وسائڻ اللھ آڏو ڏکيو ڪم ناھي.

    28. سوکي ڦٽي، کارو وٺو. (پھاڪو/ چوڻي)
    اورنگا بندر ڦٽڻ بعد، شاهبندر آباد ٿيو. شاهبندر ڦٽو ته ڪيٽي بندر وسيو. ڪيٽي بندر جي تباهيءَ کان پوءِ، کاري جي علائقي ۾ سوکي بندر گاهه ٺھيو. سؤ سالن کان پوءِ، اهو به سامونڊي طوفانن سبب ويران ٿي ويو. جنھن کانپوءِ کارو ڇاڻ بندر وسي ويو. جيڪو اڄ به آباد آهي ۽ تعلقي جي حيثيت رکي ٿو.
    مطلب:
    28.1 ھڪڙيون لٽي، ٻيون پٽڻ، اللھ لاءِ تمام آسان آھي.

    29. سياري سورٺ ڀلو، اَر اونهاري گَجراھَ،
    وَرِ سياري ڪَڇڙو ڀلو، سنڌڙي ٻارو ماھ. (چوڻي)
    گَجراھَ؛ گُجرات.
    سورٺ؛ سورٺ.
    ڪڇڙو؛ ڪڇ، ڀڄ
    سنڌڙي؛ سنڌ جو علائقو.
    ھن ڪوات اندر سنڌ جي علائقي/ خطي جي تعريف ڪيل آھي. سنڌ جي ٻين خطن سان ڀيٽ ڪندي ڏيکاريو ويو آھي ته سورٺ جو علائقو فقط سياري منجھ، گجرات جو علائقو سخت اونھاري منجھ ۽ ڪڇ يا ڀڄ وارو خطو ڀلا آھن. جڏھن ته سنڌ جو علائقو، ٻارھو ئي بھاري لڳو پيو آھي.
    سيد احسن الهاشميءَ جي روايت مطابق؛ هيءُ شعر فقير غلام حيدر شيخ جو آهي. جنهنجو اصل نالو روپڙو هو ۽ هندو سومرہ قوم مان هو. اَصل کاري جي پاسي جو رهاڪو هو، پوءِ لَڏي ڪڇ ڏانهن هليو ويو.
    مطلب:
    29.1 ھر ھڪ ۾ ڪا ھڪ اڌ خوبي آھي. ڪي ته وري اھڙا به آھن جن منجھ خوبين جا انبار لڪل آھن.

    30. شاهبندر ڦٽو، چوهڙ وٺو. (پھاڪو/ چوڻي)
    شاهبندر جي شھر ڦٽڻ بعد، تعلقي جو مک شھر چوهڙ جمالي، ورسي ويو. جيڪو اڄ به آباد آهي ۽ تعلقي جي حيثيت رکي ٿو.
    مطلب:
    30.1 اللھ ڪيئي آباديون ويران ته ڪيئي ويرانيون آباد ڪري ڇڏيون.

    31. ڦُلان ڀري ٽارڙي، ڀوران ڀڳلي جاءِ. (پھاڪو)
    ڦُلان ڀري؛ ڦلن يا گلن سان ڀريل.
    ٽارڙي؛ ٽاريءَ جو اسم تصغير.
    ڀوران؛ ڀورڙي يا بيعقل عورت.
    ڀڳلي جاءِ؛ ڀڄي وڃي ٿي.
    بيوقوف عورت، گلن ڦلن جي ننڍڙي ٽارڙيءَ کان به ونءُ ويندي آهي. انھيءَ شڪ سان ته متان اڳتي هلي، اها جنجل جو سبب بڻجي.
    مطلب:
    31.1 کير جو کاڻيل، ڇاڇ به ڦوڪي پيئندو آهي.
    31.2 ڪُتيءَ کي ٻرندڙ چُوانتي لڳي ته تارا ڏسي به پئي رُوڙي.

    32. ڪارو بوٽ هٿ ۾، جَتُ جاتيءَ ٿو وڃي. (چوڻي)
    جڏهن به ٻھراڙيءَ جو جَتُ، شھر ۾ ايندو هيو ته ڳوٺان بوٽ هٿ ۾ کڻي ايندو هيو. شھر ۾ گهڙڻ کان اڳ، پير ڌوئي بوٽ پائيندو هيو ۽ پوءِ شھر ۾ داخل ٿيندو هيو. ائين ڪرڻ سان کيس نه بوٽ ڇنڊڻو پوندو هيو ۽ نه ئي جهنگ مان لنگهڻ سبب بوٽ کُسندو هيس. جھنگ مان ھلڻ دوران، بوٽ سان واريءَ يا ڊسڙ وارو ميدان پار ڪرڻ اھنجو ھوندو آھي. ان لاءِ ضروري آھي ته پير اگھاڙا ھجن.
    مطلب:
    32.1 جتن کي بوٽ سان پنڌ ڪرڻ اھنجو لڳندو آھي. بوٽ ھٿ ۾ کڻڻ سندن نشاني آھي.

    33. ڪانھن نسريا، ڪانڀرو نسريا. (زرعي، چوڻي)
    ڪانھن؛ هڪ قسم جو سَرَ جو ٻوڙو، جنھن جي سرن مان ٽوئا ٺھندا آهن ۽ جاين ۾ ڪم ايندا آهن.
    ڪانڀرو؛ ڳاڙهن چانورن جو قسم، جيڪو لاڙ طرف ٿئي، ڪامرو به سڏبو اٿن.
    جڏهن ڪنھن نسرندو آهي، تڏهن ڪانڀرو چانور جون ساريون به نسرنديون آهن. اها چوڻي ٻيءَ طرح به مشھور آهي؛ “سر نسريا، موتيا نسريا.”
    موتيو: لاڙي چانور جو قسم آهي. سر نسرندا آهن ته گڏوگڏ، موتيي چانور جون ساريون به نسرنديون آهن. آڳاٽي دؤر ۾ موسمن بابت، خود-رو ٻوٽن مان ڄاڻ حاصل ڪبي ھئي يا نکٽن وغيرھن مان ته جيئن فصل وغيرھ وقتائتا پوکي سگھجن. سر جي نسرڻ مان، آڳاٽا ماڻھو، سارين جي نسرڻ جو اندازو لڳائي وٺندا ھيا.
    مطلب:
    33.1 ڀيٽيو؛ ڪانھن نسريا، ويھر جي مند پوري.

    34. ڪانھن نسريا، ويھر جي مند پوري.
    (زرعي، چوڻي)
    ڪانھن؛ سانوڻ جي مند ۾ خود-رو ڄاپندڙ سر.
    ساريون بن طريقن سان پوکيون وينديون آھن؛ ھڪڙو ٻجارڻ ۽ ٻيو ڪورڙ.
    1. ٻجارڻ؛ ھن طريقي ۾ پھرين ٻج پوکبو آھي، بعد ۾ سلا ڪڍي ٻئي ھنڌ ٺھيل زمين ۾ھڻبا آھن. ھن جا به ٻه طريقا آھن. ھڪ ڪڪر ٻج ۽ ٻيو ناڙي ٻج.
    1.1 ڪڪر ٻج؛ ديسي ڀاڻ يا سارين جو سڙيل پلال، ننڍين ٻارين ۾ وجھي، ان کي باھ ڏئي، ساڙي رک ڪري، پاڻي ڏيئي ٻج ڇٽبو آھي. ڪڪر ٻج پاڻيءَ کانسواءِ نه ٿيندو آھي.
    1.2 ناڙي ٻج؛ ھن طريقي ۾ ٻيجارو ناڙي طريقي سان ڪيو ويندو آھي. جتي پاڻيءَ جي کوٽ ھجي يا زمين ڪلر/ سيڪ واري ھجي، اتي ناڙي ٻج ڪبو آھي.
    مٿي ڄاڻايل، ٻنھي طريقن سان ٻج مھيني اندر تيار ٿي ويندو آھي. جنھن کانپوءِ، ٻجارڻ کي پاڻي ڏئي، ٻج پاڙئون لوڙھي، سارين جي ٻنيءَ ۾ پوکبو آھي. جنھن کي رونبو/ رونبي يا ويھر/ ويھراج/ ويراج سڏبو آھي.
    2. ڪورڙ؛ ھن طريقي اندر زمين ٺاھي، ان کي پاڻي ڏيئي، بيٺل پاڻيءَ اندر ٻج ڇٽبو آھي.
    آڳاٽي دؤر ۾ جڏھن، گھڙيون ۽ ڪيلينڊر ڪين ھئا، تڏھن ھاري ناري، نکٽ ڏسي يا خود-رو ٻوٽن جي اوڀڙ مان مندن جو اندازو لڳائيندا ھيا ۽ پوءِ زرعي پيداوار يا فصلن جي تياري ڪندا ھئا.
    اھڙيءَ طرح سارين جي رونبي جو وقت جيڪو، ڪانھن جي نسرڻ سان ختم ٿئي ٿو، ان جو اندازو لڳائيندا ھيا. ڪانھن نسرڻ پڄاڻان، رونبيءَ جي مند پوري ٿي وڃي ٿي. ھاڻي ٻيجارو ڪڍي رونبو ڪرڻ مان فائدو نه پوندو. ڇو جو ھاڻي رونبيل ساريون، نه سٺيون ڄاپنديون ۽ نه ئي منجھن ان/ چانور ٿيندو.
    مطلب:
    34.1 ڪانھن جي نسرڻ کان اڳ، سارين جو رونبو ڪجي.
    34.2 ڪانھن نسريو، ويھراج جي مند پوري ٿي وئي.
    34.3 ھاريءَ کي اڳواٽ محنت ڪرڻ گھرجي.

    35. ڪرمي هٿ ڪار، ويلي هٿ وڃڻي. (چوڻي)
    ڪرمي؛ ڪرمن وارو، سڀاڳو.
    ويلو؛ واندو، پالھو، نڪمو.
    هٿ ۾ وڃڻي؛ نکمڻائپ وارو ڪم.
    سڀاڳو ماڻھو، ڪنھن نه ڪنھن ڪم ۾ مشغول هوندو آهي. جڏهن ته واندو ماڻھو، پاڻ کي وڃڻو ويٺو هڻندو آهي. کيس ڪم جو چئبو آهي ته ٽيئڙ تپ چڙهي ويندو اٿس.
    مطلب:
    35.1 ٽوٽي ماڻھوءَ کي ڪم نه ڪرڻ لاءِ بھانا ھزار ھوندا آھن.
    35.2 ٽنگ ڀڳو ڪم ڪري، ٻانھن ڀڳو ڪم ڪري پر دل ڀڳو ڪم نه ڪري.

    36. ڪرهيي جي ميلي کان پوءِ،
    ڪپڙن کي باهه ڏبي ڇا؟ (پھاڪو)
    ڏيھاڙي جي ڪم ڪار وارو ماڻھو، عام رواجي ڪپڙا پائيندو آھي. جڏھن ته ڪنھن وڏي ڏيھاڙي تي جھڙوڪ؛ شادي مرادي، عيد براد، ميلي ملاکڙي يا ميٽنگ وغيرھ ۾ ڀلو وڳو پائيندو آھي ته جيئن عام ڏيھاڙن کان مختلف نظر اچي ۽ سندس شخصيت جو اثر ماڻھن تي چڱو پوي.
    بدين طرف، ڪرهيي ڀانڊاري بزرگ جي مزار آهي، مٿس وڏو ميلو لڳندو آهي. جنھن تي ماڻھو ڀلا لٽا پائي گهمڻ ايندا آهن. جيڪڏهن اهڙي ڀلاري موقعي تي به سٺا ڪپڙا پائڻ لاءِ نه ملن ته پوءِ ڪپڙن کي ساڙبو ڇا؟
    مطلب:
    36.1 عيد کانپوءِ ڪپڙا ساڙبا ڇا؟
    36.2 ڪم نڪرڻ کان پوءِ، ڪاغذ کي چٽبو ڇا؟
    36.3 سيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي.

    37. ڪوچار پن ٻوڙيا، راهينءَ ڀر ويھي،
    راهينءَ چيس؛ “ڀڄ ته ڀڄون نه ته ٻڏاسين ٻئي.”
    (پھاڪو/ زرعي)
    ڪوچار؛ تعلقي جاتي جي ديھه جو نالو،
    راهين؛ ديھه جو نالو، اصل نالو ڊگرائين اٿس.
    ڀرِ ويھي؛ پاسي ۾ ويھي.
    اهو پھاڪو هيئن به چيو ويندو آهي.
    “ويڪيءَ پن ٻوڙيا، جرڙي ڀر ويھي،
    جرڙي چيس؛ ڀڄ ته ڀڄون نه ته ٻڏاسين ٻئي.”
    هڪڙي زمين، پاڻيءَ سان تارئون تار ڀربي ته ٻيءَ کي به سيڪ ڏئي ساڙيندي. ٻنھي ۾ ڪو به فصل نه ڄاپي سگھندو. جيڪڏھن ٻئي پاڻيءَ سان تارئون تار ڀربيون ته پاڻ کي ته تباھ ڪنديون پر اوسي پاسي کي به سيڪي ساڙي وجھنديون. انھن جي بچڻ جو اھو حل آھي ته منجھن بيٺل پاڻي ٿڏي تي ڪڍي ڇڏجي يا ھيٺانھين زمين ڏانھن نيڪال ڪري ڇڏجي.
    اھو سبب آھي جو ٻڏندڙ ٻنھي ٻنين منجھان ھڪڙيءَ، ٻيءَ کي چيو؛ “ٻنن/ ڪنن وٽان تون به ڀڄي پؤ ۽ مان به ڀڄي پوان ته جيئن ٻئي ٻڏڻ واري نقصان کان بچي پئون.”
    مطلب:
    37.1 جيڪو ماڻھو ڀُڏو ڪم ڪري، يا اڌ ۾ ڪم ڇڏي وڃي، تنھن کي باز رهڻ لاءِ ائين چئبو آهي.

    38. ڪونجن ڪُرڪ، پاڻيءَ سُرڪ. (زرعي، چوڻي)
    ڪونج: پکيءَ جو نالو
    ڪُرڪ: دانھن
    جڏهن يا جنھن وقت ڪونجون ڪُرڪ ڪنديون آهن، ان وقت پاڻيءَ جي قلت ٿي ويندي آهي ۽ درياءَ جي تري ۾ پاڻي وهندو آهي.
    مطلب:
    38.1 ڪونجن جي دانھن ڪرڻ وقت، پاڻي ٿورڙو ٿي ويندو آهي.
    38.2 درياهه ۾ پاڻي لھي وڃي ته ڪونجون ڪُرڪ ڪنديون آهن.


    39. ڪونجن ڪُرڪ، کير چُرڪ. (زرعي، چوڻي)
    کير جو تعلق مينھن سان آهي. جڏهن ڪونجون ڪرڪ ڪنديون آهن تڏهن درياه ۾ پاڻي ته لاٿ ڪري ويندو آهي پر تر جون مينھون به ويھڪي وينديون آهن ۽ کير ڏيڻ گهٽجي ويندو اٿن.
    مطلب:
    39.1 ڪونجن جي دانھن ڪرڻ وقت، مينھون به کير گھٽائي وينديون آھن.

    40. ڪونھي مڙس ملڪ ۾،
    تڏهن ٿيون وانڍيون وس چرن. (پھاڪو)
    وانڍيون؛ ڇڙيون، اڪيليون، بنا مڙس واريون.
    جڏهن مڙس/ مرد گهر ۾ نه هوندا آهن ته عورتون آزاد ٿي پونديون آهن ۽ پاڻ-هُرتڙيون ٿي بي-راهه-روي اختيار ڪنديون آهن.
    مطلب:
    40.1 مڙس ڪمزور، زال زور.
    40.2 ڪونھي مير علي مراد خان ملڪ ۾، تڏهن ٿيون وانديون وس چرن.

    41. کارو ڦٽو، ڳاڙهو وٺو. (چوڻي/ پھاڪو)
    کاري ڇاڻ جو شھر ڦٽي وڃڻ کان پوءِ، ان جي ويجهي وارو شھر ڳاڙهو، وسي ويو. اڄ اهو ئي ڪيٽي بندر ۽ کاري ڇاڻ جو مرڪز بنيل آهي.
    مطلب:
    41.1 اللھ، ھڪڙيون لٽي ٿو ته سھسين پٽي ٿو.

    42. کاري جي ڍوري، ماڃر جي ڇوري،
    ٻاهر سوڙهي، هيٺ اوڙي. (چوڻي)
    کاري جي علائقي جي ڍوري، ٻاهران ڀلي سوڙهي نظر اچي، پر عُمق ۾ اونھي هوندي آهي. منجهس پاڻي گھرو هوندو آهي.
    اهڙيءَ طرح ماڃر جي ڇوڪري، ڀلي عمر ۾ ڪيتري به ننڍي هجي پر عقل ۽ سگهڙائپ ۾ ڀڙ هوندي آهي. دَمَ خَمَ جي لحاظ کان به گَهري هوندي آهي. ڪنھن کي به اندر جو راز نه ڏيندي آهي.
    مطلب:
    42.1 جنھن جو انت لھڻ ڏکيو ھجي، تنھن لاءِ ائين مثال ڏبو آھي.

    43. کر بند، هينئون هنڌ. (پھاڪو)
    کر؛ گڏهه.
    بند؛ ٻڌل.
    هينئون؛ دل دماغ،
    هنڌ؛ جائتو، سڪون.
    گڏهه، ڪڙهه/ وٿاڻ ۾ ٻڌل هوندو ته مالڪ جي دل کي قرار هوندو. ڇڙيل صورت ۾ مالڪ کي گڏهه وڃائجڻ جي ڳڻتي هوندي ۽ ننڊ آرام ڦٽل هوندس.
    مطلب:
    43.1 جڏهن بڇڙي عادت واري کي، جيل ۾ يا ڪم ۾ ڦاسائي قيد ڪبو آهي ته ان لاءِ ائين چئبو آهي.

    44. کر کي کستوري، کنڌي ٻڌي چار،
    اچيس پسوري، ليٽي پوي لڏ ۾. (پھاڪو)
    کستوري؛ کٿوري، خوشبودار گاهه.
    کنڌي؛ ڪلي تي.
    پسور ي؛ پورُ، مڪني.
    گڏهن کي ڪلي تي ٻڌي کٿوري کارائبي تڏهن به ڇڙڻ کانپوءِ وڃي وري به لڏ ۾ ليٽندو. يا واڙيءَ مان سڪل ڪرڦٽي ڪرٽي کائيندو.
    مطلب:
    44.1 خراب نسل واري/ بي اصل ماڻھوءَ سان، ڪيڏيون به چڱايون ڪجن، وقت پوڻ تي تريون ئي ٻه هڻندو.

    45. کيڙيندي کُتين ۾، اکيون جاءِ ڪجن،
    چونيءَ ڀڳي هڪڙي، ٽيئي ٽول کرن،
    هارين هَرُ ڪلھي تي، ڇڙيا ڏاند چرن. (زرعي پھاڪو)
    کيڙيندي؛ هر ڪاهيندي.
    کُتين؛ اها زمين جنھن مان وڻ ته وڍجن پر اڃا لاھَ هجنس.
    کُتون؛ چنھنب دار پاڙون، لاھَ.
    چُوني؛ گهوٻو، لوهه جي ڦار.
    لاهن واري زمين مان پھرين لاھَ ڪڍجن، پوءِ هر ڏجي. ٻيءَ صورت ۾ هر ڏيڻ وقت، اکيون کولي هر ڏجي. ائين نه ٿئي جو لاھ جي پاڙ ۾ اٽڪي، گهوٻو ئي ڀڄي پوي. احري صورت ۾ هَرُ، هاري ۽ ڏاندَ ڪم کان کري پون.
    مطلب:
    45.1 هر ڪم سنڀالي ڪجي، متان ٿورڙيءَ غلطيءَ سبب وڏو ٽوٽو پئجي وڃي.
    45.2 تر جي گٿي، سؤ چوٽون کائي.

    46. گيدوڙا نڪتا، ويھر جي مند پوري.
    (زرعي، چوڻي)
    ويھر؛ ٻجارڻ کي پاڻي ڏئي، ٻج پاڙئون لوڙھي، سارين جي ٻنيءَ ۾ پوکبو آھي. جنھن کي رونبو/ رونبي يا ويھر/ ويھراج/ ويراج سڏبو آھي.
    جڏهن ننڍ- گيدوڙي، گيدوڙا جهلي ته اها مند، ويھراج جي آهي. ھاڻي ساريون رونبڻ بند ڪجن. ڇو جو ان وقت زمين تي محنت ڪرڻ فضول آھي.
    مطلب:
    46.1 ڀيٽيو؛ ڪانھن نسريا، ويھر جي مند پوري.

    47. گهاٽا گهر بندر جا، پڙيءَ تي بيٺو پن. (چوڻي)
    شاهبندر شھر ۾ تمام گهڻا ۽ گهاٽا گهر هيا. بازار تمام وڏي ۽ چلتي واري هوندي هيس. هڪڙو فقير هڪ ئي جاءِ تي بيٺو پنندو هيو ته به تمام گهڻو ملي ويندو هيس. کيس دَرَ دَرَ تي ڀٽڪڻ جي ضرورت پيش نه ايندي هئي.
    مطلب:
    47.1 وڏي وسنديءَ مان ھر ھڪ کي نصيب آھر روزي روٽي مليو وڃي.
    47.2 وڏيءَ ديڳ جي کرڙ ئي گھڻي ٿيندي آھي.

    48. لوڙهيءَ ڏور، سارين کرو. (زرعي، چوڻي)
    لوڙهي؛ لوڙهه، جيڪا ڍنڍن ۾ ٿئي.
    ڏرو؛ پچڻ، رسڻ.
    کرو؛ جتي لاباري بعد وَلِ رکجي.
    جڏهن لوڙهه، پنھنجي ڄُنڊي (منھن وارو حصو) اندر ڪري وڃي ۽ پچي رسي وڃي ته ان وقت ساريون به کرن ۾ پھچي وينديون آهن.
    مطلب:
    48.1 لوڙھ ۽ سارين جي پچڻ جو وقت ساڳيو آھي.

    49. لوءِ وڙھجي، اَلوءِ نه وڙهجي. (چوڻي)
    لوءِ؛ ڳوٺ ۾.
    اَلوءِ؛ پرائي ڳوٺ ۾، پرديس ۾.
    پنھنجي ڳوٺ ۾ وڙهجي، ٻئي جي ڳوٺ ۾ وڃي نه وڙهجي. پنھنجي گهر ۾ هرڪو شينھن هوندو آهي ۽ دفاعي حيثيت مضبوط هوندي اٿس. پرديس ۾ دفاعي حالت ڪمزور هوندي آهي.
    مطلب:
    49.1 ڏر تي گدڙ به شينھن ھوندو آھي.
    49.2 وطن خاطر وڙھندڙ لاءِ، جيڏانھن ڪيڏانھن مدد پھچي ٿي.

    50. ماگهه، ڇوڙا ڏاگهه. (چوڻي)
    ماگهه؛ مانگهه، سياري جو هندي مھينو.
    مانگهه جي مھيني ۾ لُريون لڳنديون آهن ۽ سياري جا چوٽ وارا سيءَ ۽ پارا پوندا آهن. گهڻي سيءَ سبب، ڏاگهه يا اٺ به دلي ڪڍي، مست ٿي، رسا ڇنائي، ڇڙواڳ پيا گهمندا وتندا آهن.
    ان مھيني لاءِ ٻي به چوڻي آهي؛
    مانگهه، سياري ڏني تانگهه.
    مطلب:
    50.1 مانگھ مھيني ۾ ھر ھڪ ساھدارکي مستي ٿيندي آھي.

    51. مانگهه اڌين، ڪمر ڪڌين، وريا اتر پاند،
    رنڙيون سي مُٺيون، جن ويھاريا نوان ڪانڌ.
    (چوڻي)
    مانگهه؛ هندي مھيني جو نالو. هندوئن جو ۱۱ مهينو.
    ڪمر؛ چيلھه.
    اڌين؛ اڌ مھينو.
    ڪڌين؛ ٻڌين، ڇڪي ٻڌ.
    وريا؛ لڳا.
    اتر پاند؛ اتريان واءَ، ٿڌي هوا آڻيندڙ واءُ.
    مُٺيون؛ هچاريون ٿيون، مصيبت ۾ پيون.
    ڪانڌ؛ مڙس.
    هڪ دفعي مانگهه جي مھيني ۾، موسم سارو مينھن ڦڙيون پيون ۽ سيءُ به ڪڙڪي پيو. جهنگ ۾ ڪن ڌراڙن (ڌنارن) مال پئي چاريو، تن کي اوچتو سيءُ لڳو ته ڏڪڻ لڳا. انھيءَ آتُر ويلا هڪ عورت اچي لنگهي، جنھن پھرئين مڙس جي مرڻ پڄاڻان، ٻيو مڙس ڪيو هيو. انھيءَ عورت ڌنارن کي ڏڪندو ڏسي، ٽوڪون ۽ چرچا ڪيا. موٽ ۾ ڌنارن وري کيس اھا وراڻي ڏني.
    مطلب:
    51.1 ٻيا ته سيءَ سان جيئن تيئن منھن ڏئي ويندا، اها ڏچي ۾ پوندي جنھن نئون مڙس ڪيو آهي.

    52. مرون چُوڻ کائي، پنھنجو مٿو وڃائي. (پھاڪو)
    مرون؛ خنزير، سوئر.
    چُوڻ کائڻ؛ چوڻو کائڻ، لوڀ تي ھرڻ، چوڻو پاڻي؛ روزي رزق.
    مٿو وڃائڻ؛ موت اچڻ.
    سوئر جو ڪنڌ سڌو هوندو آهي، پاسي ڏي نه ورندو اٿس. ڌڪ لڳڻ سبب، ڇتو ۽ انڌو ٿي سڌَ ۾ آءُ ڪندو آهي. جهنگ ڇڏي جڏهن شھرن يا ڳوٺن ڏانھن منھن ڪندو آهي ته شڪاري/ ڏڦير کيس ڏڦي رکندا آهن.
    مطلب:
    52.1 ڇتو ٿيڻ کان پوءِ ھر ڪو سر وڃائيندو آھي.

    53. مزي جو مزو، پئنچن تي ٿورو. (پھاڪو)
    هڪڙي هٽ-واڻيي کي، پئنچائتي فيصلي ۾ چڱو فائدو پيو. جنھن تي پئنچن جشن جي فرمائش ڪيس؛ “ڀائي خوشيءَ ۾ اهڙو جشن ڪراءِ جو منجهس ٽشن به هجي!”
    پئنچن جي دعوت ڪيائين. مٿان ڀنگ به گهوٽرايائين، جنھن ۾ ڌاتورو به گڏيائين.
    مانيءَ کان پوءِ، پئنچن کي سائڙيءَ جو سوايو پيالو پياري، پاڻ پاسڙو ڏئي تماشو ڏسڻ ويٺو. پئنچ پُر-باش ٿيڻ کانپوءِ، خمارن ۾ وائي توائي بڪڻ لڳا. تنھن تي هڪڙي پاڙيسريءَ ميزبان کان پڇيو؛ “ڀائي! هي پئنچن سان ڪھڙي ويڌن ڪئي اٿئي؟”
    “ڌڻي! پاڻ فرمائش ڪيائون، مون عمل ڪيو.” ميزبان وضاحت ڪندي ٻڌايس؛ “مزي جو مزو به ٿيو، پئنچن تي ٿورو به ٿيو”.
    مطلب:
    53.1 دوائي ڪي دوائي، مٺائي ڪي مٺائي.

    54. مڪلي ٽڪري، ننگر ٺٽو ۽ پير پٺو،
    جنھن نه ڏٺو، تنھن ڪجهه نه ڏٺو. (چوڻي)
    مڪليءَ جو قبرستان، پنھنجي تاريخي حيثيت رکي ٿو. منجهس لکين اولياءَ دفن ٿيل آهن. ٺٽو شھر به قديمي شھرت رکي ٿو. پير پٺي جو مقبرو به وڏو مقام رکي ٿو. سندس قبرستان کي مڪلي ثاني به سڏيو ويندو آھي. سنڌ جي تاريخ جا مٿيان ٽيئي ماڳ جنھن گھمي نه ڏٺا، سو ڄڻ ڄائو ئي نه.
    مطلب:
    54.1 جس ني لاھور نھين ويکيا، اس ني ڪڇ نھين ويکيا.
    54.2 جس ني لاھور ديان بتيان نھين ويکيان، اوه جميا ئي نھين.
    54.3 جنھن لاھور جون بتيون نه ڏٺيون، سو ڄڻ ڄائو ئي نه.

    55. مڪلي، عاشقن جو مقام. (چوڻي)
    دنيا جي وڏي ۾ وڏي مقام/ قبرستان مڪليءَ ۾، اللھ جا سچا عاشق ۽ برگزيده اولياءَ، لکن جي تعداد ۾ دفن ٿيل آھن. جنھن سبب ائين مشھور ٿيو آھي.
    ڪن ماڻھن جو خيال آھي ته ھر جمعي رات، مڪلي جي اسٿان تي، عبداللھ شاھ غازي يا شاھ مراد شيرازي جي مقبرن تي ماڻھن جا ميڙاڪا ٿيندا آھن. جتي زائرين سان گڏ، دنياوي عاشق به اچي مڙندا آھن. جنھنڪري اتي، نه ڪرڻ جھڙيون حرڪتون به ڪرڻ ۾ اينديون آھن. جنھن سببان ائين مشھور ٿيو آھي.
    مطلب:
    55.1 مڪليءَ جي مقام ۾ دفن ٿيلن منجھ اڪثريت ٻاھران آيل عاشقن جي آھي.

    56. مني، ڪوڀ ڪني. (چوڻي)
    مني؛ چٻي يا مني نڪ واري عورت.
    ڪوڀ ڪني؛ ڪک جي خراب، چڱو اولاد نه ڄڻيندڙ.
    جيڪا عورت منھن مھانڊي ۾ موچاري ناھي، تنھن جو اولاد به شڪل شبيھ ۾ موچارو نه ٿيندو آھي.
    مطلب:
    56.1 ڪانءَ جو اولاد ڪانءُ ئي ٿيندو.
    56.2 جنھن جي ظاھري شڪل/ صورت سھڻي ناھي، سو گڻن/ لڇڻن ۾ به چڱو نه ھوندو.

    57. مينھن پنجين، وٺي ڪر ھنجين. (چوڻي)
    مينھن پنجين؛ اھا مينھن جيڪا پنجون پيٽ ويايل ھجي.
    وٺي ڪر ھنجين؛ ڀلي وٺي ڌارجي.
    مينھن جلد ڪراڙي نه ٿيندي آھي. جيڪڏھن پنج پيٽ به ويايل آھي، تڏھن به وٺي ڌارجي. منجھانئس فائدو پوندو. ٻه يا ٽي پيٽ ويايي ته مُور ته موٽائيندي پر منافعو به ڏيندي.
    مطلب:
    57.1 گھر ۾ حلال مال ڌارڻ سان فائدو آھي.

    58. نام پِٺي جو، گام ڏاتار جو. (چوڻي)
    نام؛ نالو.
    گام؛ گان، گائون، ڳوٺ.
    پير پٺي جو نالو سلطان شاھ عالم آھي ۽ ڏاتار جو نالو جميعل شاھ ڏاتار آھي. ٻنھي بزرگن، ھڪ ئي ماڳ تي رھڻ جو معاھدو ڪيو ھيو. جنھن ۾ پير پٺي ڄام ڏاتار کي چيو؛ “نام ھمارا، گام تمھارا”.
    ھاڻي درگاھ ۽ مقام جي مشھوري، پير پٺي جي نالي جي پٺيان آھي، جڏھن ته ڳوٺ جو نالو ڏاتار پٺيان آھي.
    مطلب:
    58.1 کوھي کنگھار جي، نالو نارائڻ جو.

    59. نر ننگر، نار نصرپور، نرت نورائي،
    ھلي ڏسو جوڻ، جتي ڪپهه جو واپار آ جائي.
    (چوڻي)
    نر؛ مرد
    نار؛ عورت
    نرت؛ چڱي نيت
    ننگر؛ ٺٽي جو اصلي ۽ قديم نالو
    نصرپور؛ اڳي حيدرآباد ضلعي جو شھر ھيو ۽ ھاڻي ضلعي ٽنڊو الھيار جو شھر آھي.
    نورائي؛ ٽنڊو محمد خان تعلقي جو ڳوٺ نورائي شريف
    جُوڻ؛ بدين طرف واقع پراڻو شھر.
    ٺٽو شھر، مردن جي علم ۽ سونھن سببان، نصرپور عورتن جي سگھڙائپ سببان، نورائي شريف چڱي نيت وارن جي ۽ جوڻ شھر ڪپھ جي وڏي ۾ وڏي واپاري مرڪز ھئڻ ڪري مشھور ھيا.
    مطلب:
    59.1 ڪي شيون، ڪن شھرن جي شھرت جو سبب به بنبيون آھن.

    60. نيات آھي، گت گنگا. (چوڻي)
    نيات؛ پنھنجي قوم.
    گت؛ عادت، روش، رسم.
    گنگا؛ ھندوستان جي ھڪ درياھ جو نالو. جنھن جي جل کي ھندو مذھب وارا پاڪ ۽ پويتر سمجھي، منجھس سنان ڪندا آھن ۽ پاپن کان پاڪ ٿيندا آھن.
    پنھنجي قوم جي ماڻھن جي ھر اوڻائي برداشت ڪرڻ يا سھڻ گھرجي. سندن لاءِ گنگا نديءَ وانگر لاڀائتو ٿيڻ واري عادت ڌارجي. جيڪڏھن قوم جون اگلايون يا اوڻايون برداشت نه ٿي سگھن ته ماڻھوءَ کي برادريءَ مان نڪري وڃڻ گھرجي.
    مطلب:
    60.1 قوم جو دشمن نه ٿيڻ گھرجي.

    61. واھ ڙي ٻاٻرا، تنھن جي ڀت ۾ گيھ. (چوڻي)
    ٺٽي ضلعي اندر، تعلقي شاھ بندر، تعلقي سجاول ۽ تعلقي ميرپور ساڪري جي ديھ ٻاٻڙڪي ۾ ٻاٻڙن جا وڏا ڳوٺ آھن.
    شاھ بندر جي ٻاٻڙن واري ھڪ ڳوٺ جي ٻاٻڙي، سنگتين جي دعوت ڪئي، ڀت ۾ گيھ گھڻو وڌائين، جنھن تي سندس ڏاڍي تعريف ٿي، جيڪا ضرب المثل ٿي وئي.
    ٻي روايت مطابق؛ ڀت ۾ موراڳو گيھ ئي نه وڌائين، جنھن تان ساڏين/ دعوتين ٽوڪيندي ائين چيس.
    مطلب:
    61.1 جيڪڏھن ڪنھن شاديءَ وغيره جي ڀت ۾ گيھ گھڻو استعمال ٿيل ھوندو آھي ته ان جي تعريف لاءِ اھي لفظ ڪتب آندا ويندا آھن.

    62. واڻيو پنج نه سھي، پنجاھ سھي. (چوڻي/ پھاڪو)
    پڪو دڪاندار پنج روپيا گھٽ ڪري، نقد تي وڪڻڻ کان، پنج روپيا چاڙھي اوڌر تي ڏيڻ لاءِ تيار ھوندو آھي. جنھن سبب سندس پنجاھ روپيا اوڌرن ۾ کاڄي ويندا آھن ۽ پوءِ کيس برداشت ڪرڻا پوندا آھن. جڏھن ته نقد سودي وارا پنج روپيا کانئس برداشت نه ٿيندا آھن.
    مطلب:
    62.1 واڻيو مال رکي ڪٺو ڪري، پنجاھ جو نقصان ڪندو، پنج روپيا ڪس کائي نيڪال نه ڪندو.
    62.2 رکي پڇتائڻ کان، وڪڻي پڇتائڻ چڱو آھي.

    63. وندر مٽي وانت، پوءِ ويري به مان جها ڀاءُ.
    (جتڪي، پھاڪو)
    وندر؛ هنڌ يا ماڳ جو نالو، بلوچستان جو علائقو.
    مٽي؛ لنگهي.
    وانت؛ اُلھندي.
    ويري؛ دشمن.
    مان جها؛ منھنجا.
    ڀاءُ؛ سڄڻ.
    وندر جي علائقي کان اولھه طرف ٽپڻ بعد، دشمن به منھنجا ڀائر آهن. سسئيءَ جا ڏير، جيڪي سندس پنھل جا ڀائر هيا ۽ ساڻس دوکو/ دشمني ڪري ويا، سي وندر کان اولھه طرف جا رهاڪو هيا. وندر ٽپي وٽن پھچڻ کي ڀائرن وٽ پھچڻ پئي سمجهيائين.
    مطلب:
    63.1 اڻ ڏٺي ڏيھه تي وڃجي ته اتي جي رهاڪن کي ڀائرن وانگر سمجهجي، پوءِ ڀلي هو برايون ئي ڪن.

    64. وياھ وياڻي، پيرا پاڻي. (چوڻي)
    وياھ؛ ويساک، ھندي ٻئي مھيني جو نالو.
    وياڻي؛ ٽاڻي، صبح صادق يا پرھ-ڦٽيءَ جي مھل.
    پيرا پاڻي؛ پير پسڻ جيترو پاڻي.
    کاري جي طرف مشھور آھي ته ويساک جي مھيني ۾ صبح صادق يا پرھ-ڦٽيءَ مھل، درياھ مان پاڻي لاٿ ڪري ويندو آھي ۽ پيرن پسڻ جيترو مس وڃي بچندو آھي.
    مطلب:
    64.1 ويساک ۾، لاڙ طرف، پاڻيءَ جي کوٽ رھي ٿي.

    65. ويڄنئون وئي، ٿي وهيڻي سڄڻين. (پھاڪو)
    جڏهن بيماري چوٽ چڙهي ويندي آهي ۽ حڪيمن وٽان لادعوى ٿبو آهي، تڏهن سڄڻ ڏانھن رجوع ڪبو آھي. ائين ڪرڻ به ڄڻ پيش نه پوڻ برابر آهي. سڄڻن يا اصلي مالڪن کي، حڪيمن ۽ طبيبن وٽ تات پوڻ کان اڳي سارجي.
    مطلب:
    65.1 ٻيا در ڀيٽڻ کان اڳ، سڄڻ جو در ڀيٽجي.

    66. وير مَ لاهي ويھُه، مٿي اَر اوڙاهه. (پھاڪو)
    وير؛ دير، ويسلو.
    مَ؛ نه.
    لاهي؛ ڪري.
    اَر؛ درياهه جو وَيرُ.
    اوڙاهه؛ اونھو، اٿاهه.
    اڳيان درياهه جو اونھو وير پيو اچي، ويسلو نه ٿيءُ، متان ٻيڙو ڦاسائي بيھين.
    مطلب:
    66.1 تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهجي، سستي ڪري ٽاڻو نه ٽارجي.

    67. هورن هاڙهو لنگهيو، ڳؤرون پاسي ڳوٺ.
    (جتڪي، پھاڪو)
    هورن؛ سورن، تڪليفن.
    هاڙهو؛ جبل جو نالو.
    ڳؤرون؛ نانگ بلائون.
    سورن ۽ تڪليفن وارا، سسئي وانگر هاڙها جبل ۽ نانگ بلائون اورانگهڻ کان ڪين گهٻرائيندا آهن. سر تريءَ تي رکي، اوڙاهه ۾ ڪاهي پوندا آهن ۽ وڃي منزل مقصود تي پھچندا آهن.
    مطلب:
    67.1 هر حال ۾ محنت ڪرڻ گهرجي. هٿ هٿ تي رکي ويھي رهڻ نه گهرجي.

    68. ياقب جي ياري، سڄي جَڳَ جي خواري،
    ان جهڙي ٻي ڪونهي بيماري. (چوڻي)

    ياقب؛ يعقوب نالي هڪ شخص بابت روايت ملي ٿي ته هُو جنهن سان به دوستي ياري رکندو هو ته اُن ماڻهوءَ بابت جيڪو به وٽس ايندو هو، اُنکي هر ڪچي ڦڪي ڳالھ ٻڌائي ڇڏيندو هئو. ان ڪري سندس دوستي ڪھاوت طور مشهور ٿي ويئي ۽ ڳالھ ڳالھ تي ڳوٺ وارا ماڻھو مثال ئي يعقوب واريءَ ياريءَ جو پيا ڏيندا ھيا.

    مطلب:
    68.1 ماڻھوءَ کي ويسھ وسوڙو نه ٿيڻ گھرجي. ھر ماڻھوءَ آڏو کيدو ٿيڻ سبب پنھنجي پرچھ وڃائي ڇڏيندو.


    مٽيارين جا پھاڪا ۽ چوڻيون

    ھيءُ مضمون، انھن پھاڪن ۽ چوڻين تي آڌاريل آھي، جيڪو قاضي مقصود صاحب مٽيارين واري، پھاڪن جي ڊائريڪٽريءَ جي نالي سان لکيو ھيو، جيڪو سنڌي ساھت حيدرآباد طرفان نڪرندڙ ڪينجھر رسالي اندر شايع ٿيو ھيو. پڙھندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ مڙني پھاڪن ۽ چوڻين جي وضاحت ۽ تشريح بمع سندن نعم البدل جي ھتي پيش ڪجي ٿي. اميد ته ھيءَ محنت پڙھندڙن لاءِ، خاص طور جيڪي مقابلي جي امتحانن جي تياري ڪن ٿا، گھڻي لاڀائتي ٿيندي.

    1. اترادي ٻچو، مُور نه سچو. (چوڻي)
    تڪبند ٽوڪ، جيڪا لاڙ جا رهاڪو، اترادين ۽ سري جي رهاڪن بابت چوندا آهن. تڪبند ۽ ھم-وزن قافيہ کانسواءِ، منجهس ڪابه نقطي جي ڳالهه يا حقيقت ڪانهي. هيٺ يا مٿي، لاڙ ۾ يا سري ۾، جبلتًا هڪجھڙا ئي انسان آهن. ڪوڙ جي خاصيت، ڪن ماڻهن جي جبلت ۾ شامل هوندي آهي، پوءِ ڀلي اھي اتر جا رهاڪو هجن يا لاڙ جا. اهڙي نموني سان، سچائي به لاڙ وارن جي ميراث ناهي. اترادي به زبان ۽ گفتي جا سچا ۽ کرا ضرور آهن. جنھن پير تي بيٺا، سِرُ وڃڻ سان به نه هٽندا.
    مطلب:
    1.1 ڪوڙا ۽ سچا ماڻھو، هر علائقي ۾ موجود آهن.
    1.2 ڪو به علائقو، ڪوڙن کي يا سچن کي ورهائي، ميراث طور نه ڏنو ويو آهي.
    1.3 لاڙي؛ ڀاڙي، پاڻ کائي پان، گهر ۾ زال اگهاڙي. (ضد)

    2. اتر جو ڍڳو، لاڙ جو ماڻهو. (چوڻي)
    لاڙ جي ماڻهن جي هن چوڻيءَ مان مراد آهي؛ اتر ۾ ڍڳا ۽ لاڙ ۾ ماڻهو رهن ٿا. جڏهن ته اترادين انهيءَ چوڻيءَ مان مراد ورتي آهي؛ اتر ۾ رهندڙ ڍڳو، لاڙ ۾ رھندڙ ماڻهوءَ جيترو عقل رکي ٿو.
    لاڙين جو چوڻ آهي ته؛ اترادي ڍڳي وانگر ٽاهڙ، ويڙها ۽ اٻھرا آهن. سندن طبيعت ۾ ڌيرج ناهي. سندن برعڪس، لاڙ ۾ رهندڙ، سمورا ماڻهو آهن. وٽن تھذيب ۽ مھذب-پڻو آهي. سوچ سمجهه ۽ سانت سڪون واري سڀاءَ وارو آهي.
    اترادين جو چوڻ آهي ته؛ لاڙ ۾ رهندڙ ماڻهن کي عقل ۽ جسماني طاقت، ماڻهوءَ جھڙي ۽ جيتري آهي. ان جي برعڪس، اترادين ۾ ڍڳي جھڙي طاقت آهي. عقل جي لحاظ کان، اترادي لاڙين کان به وڌيڪ آهن. ايترو جو اترادين جا ڍڳا ۽ جڏا ماڻهو به لاڙين جي هوشيار ماڻهن جھڙا آھن.
    مطلب:
    2.1 اتر ۾ ڍڳا، لاڙ ۾ ماڻهو ٿا رهن.
    2.2 لاڙي ماڻهو، اترادي ڍڳي جھڙو آهي.

    3. اک ڏٺي مک، ڪير ڳھي؟ (پھاڪو)
    مک، گندگيءَ تي ويھندي آهي. اتي آنا لاهي، ٻچا ڪندي آهي. اتان اٿي اچي کاڌي جي شين تي ويھندي آهي. سندس ٽنگن کي لڳل گندگي، کاڌي ۾ هلي ويندي آهي. جنھن ڪري، اهو کاڌو کائڻ وارو، بيمار ٿي پوندو آهي. سندس پيٽ ۾ پڻ، گند آهي. جيڪڏهن اهو کاڌي تي اڇلي ته به کاڌي اندر بيماريون اچي وينديون، جيڪي کائيندڙ تي پڻ اثرانداز ٿينديون.
    ان کان علاوه، مک کي ٻه پر آهن. سندس هڪ پَـرَ ۾ حڪمت ۽ ٻئي ۾ بيماري رکيل آهي. کاڌي تي ويهڻ وقت، اڪثر اهو پر هڻندي آهي، جنھن ۾ بيماري اٿس. جيڪڏهن کيس پڪڙي، سندس ٻيو پر به ساڳئي کاڌي ۾ ٻوڙجي ته سندس بيماريءَ واري پر جو ازالو ٿي ويندو. اڪثر ماڻهن کي انهيءَ فعل کان ڪراهت ايندي آهي. جنھنڪري ڪير به مک کي جهلي، کاڌي کي متوازن ڪرڻ لاءِ سندس ٻيو پَرُ کاڌي ۾ نه ٻوڙيندو آهي. جيڪڏهن اتفاق سان کاڌي ۾ اکين آڏو ڪِري پوي ته کاڌو ئي موٽائي ڇڏيندو آهي. مک وانگر ڪاري شيءِ به کاڌي ۾ نظر اچي وڃي ته، ماڻهو فطرتًا کاڌي کان هٿ موٽائي وٺندو آهي، پوءِ ڀلي اھو ڪارو مرچ ئي ڇو نه ھجي.
    مطلب:
    3.1 ڄاڻي واڻي غلط ڪم ڪير به نه ڪندو آهي.
    3.2 مک نه ماري، مک جو مريڙو ماري.
    3.3 اک ڏٺي مک، ڪير نه ڳھندو آهي.

    4. انڌي آڏو روئڻ؛ پنھنجو نور وڃائڻ. (پھاڪو)
    اکين کان انڌو ماڻهو، معذور، بي بس ۽ لاچار آهي. کيس ظاهري اک سان ڪا شيءِ نظر نه ايندي آهي، نه ئي وري ماڻهن جي جذبات کي ڏسي سمجهي سگهندو آهي. ڳالھائڻ واريجي چھري تي پکڙيل تاثرات کي، نه ڏسي سگهڻ سبب، پرکي ڪين سگهندو آهي. نه ڪنھن جي اکين جي تُنرن مان ٽمندڙ ڳوڙها ڏسي سگهندو آهي ۽ نه ئي وري ڪو اهڙو تصور به ڪري سگهندو آهي. جنھنڪري، انڌا اڪثر شڪي مزاج ۽ وهمي ٿيندا آهن. ڪنھن جي روئڻ کي به مڪر پيا سمجهندا آهن. اهڙن ڪٺور ۽ سخت دل ماڻهن آڏو، جيڪي انڌي وانگر شڪي مزاج، توهم پرست ۽ باطل عقيدن جي ڪُن ۾ ڦاٿل هجن، روئڻ ۽ مدعى پيش ڪرڻ، فضول ۽ اجائي آهي.
    مطلب:
    4.1 عقل جي انڌي ۽ اکجي انڌي کي، ٻئي جو احساس نه ٿيندو آهي.
    4.2 انڌي آڏو روئڻ، اکين جو زيان.
    4.3 انڌي آڏو آهري، ڪرتئو ٽنگيل.

    5. اهڙو ڪم ڪجي جو، نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي.
    (پھاڪو)
    نانگ، زهريلو جيت آهي. جنھن کي سنگهي، سو کُرڙي ئي نه هڻي. سندس زهر سان انسان مري پوي. اهڙي موذيءَ کي مارڻ، ضروري آهي. زمين تي سُرندو رهندو آهي. هوا ۾ سندس جسم نه هوندو آهي. پٽ تي پيل نانگ کي لٺ هڻبي ته نانگ کي گهٽ، پٽ کي وڌيڪ لڳندي. جيترو زور سان هڻبي، اوترو وڌيڪ پٽ تي لڳندي. زمين کي ٽوڙي ته نه سگهندي، پر پاڻ ڀڄي پوندي. نانگ کي، پٽ تي مارڻ لاءِ به وقوف يا ڏانءَ جي ضرورت هوندي آهي. ڇو جو هڪ ته نانگ پاڻ خوفناڪ آهي. کانئس هرڪو ائين ئي پيو ڇرڪندو آهي. ٻيو لٺ هٿ ۾ کڻي، ساڻس پٽ تي بيهي ويڙھ کائڻ به جگر گڙدي جو ڪم آهي. ڌڪ هڻڻ وارو، ڀَوَ ۽ خوف ۾، زهل مان اکيون پوري لٺيون وسائيندو آهي، جيڪا پيٽ ڀر سرندڙ ڪک کي لڳڻ بجاءِ، زمين کي پئي لڳندي آهي ۽ جلد ڀڄي پوندي آهي. ان جي برعڪس جيڪو ماڻهو، پير کوڙي، سمجهداريءَ سان لٺيون وهائيندو آهي، سو لٺ ڀڄڻ کان اڳي، نانگ کي به ڊاهي وجهندو آهي.
    مطلب:
    5.1 هر ڪم، سوچي سمجهي ڪجي.
    5.2 اهڙو ڪم ڪجي جو، لعل به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي.

    6. ٻه تلوارون، هڪ مياڻ ۾ نه اينديون. (پھاڪو)
    تلوار، لوھي ڌات مان جڙيل، تکو ۽ وڍيندڙ اوزار آهي. اگهاڙي کڻي هلڻ ۾، نقصان پوڻ جا انديشا آهن. ان ڪري کيس هڪ هنڌان ٻئي هنڌ، محفوظ نموني کڻي هلڻ لاءِ، مياڻ يا کيپ اندر لڪائي کڻي هلبو آهي. کڻڻ ڪرڻ ۾ آسان ٿيندي آهي ۽ منجهانئس خطروبه گهٽ رهندو آهي. مياڻ يا کپ، ايتري سوڙھي ۽ هلڪي هوندي آهي جو تلوار جي وزن سميت، کيس کڻڻ ڏکيو نه هوندو آهي. منجهس هڪ ئي تلوار سمائڻ جي گنجائش هوندي آهي. ٻه تلوارون گڏ، يا هڪ ٻئي پويان، منجهس ٺُسي ڀري نه سگهبيون آهن. ڪوشش ڪبي ته مياڻ ڦاٽي پوندي.
    مطلب:
    6.1 هڪ شيءِ جي گنجائش واري جاءِ تي، ٻه نه رکي سگهبيون.
    6.2 هڪ زال جا، هڪ ئي وقت، ٻه مڙس نه ٿا ٿي سگهن.
    6.3 ٻن ٻيڙين ۾ جيڪو پير رکندو، چڏا تنھنجا چيربا.
    6.4 ٻه گدرا، هڪ مُٺ ۾ ڪين ماپندا آهن.

    7. ٻاهر ٻرندي هر ڪو ڏسي، منجهه ٻرندي ڪير نه ڏسي.
    (پھاڪو)
    دنيا اندر آباد، هر انسان سان معاملا ۽ مسئلا، لاڳو ضرور آهن. ڏک سور کان ڪوبه وانجهيل ناهي. اندر ۾ آڙاهه هوندي به، زماني داريءَ جي حساب سان، هرڪو بظاهر کلندو ۽ خوش ٿيندو نظر پيو ايندو آهي. اندر ۾ جيڪي ڏک ۽ ڏونگريون هونديون آهن، سي ته اندر واري کي ئي کُکنديون آهن پيون. ڏسڻ وارو کيس، پنھنجي طبيعت جي ڪيفيت سارو پيو سمجهندو آهي.
    جڏهن ته ظاهري لڳل باهه، هر ڪنھن کي نظر ايندي آهي. ڪنھن جو به سامان سڙندو ڏسي، دل بيهي نه سگهندي آهي ۽ ان کي بچائڻ لاءِ، پاڻ مرادو هٿ-پير هلڻ شرو ٿي ويندا آهن. اهو سمورو عمل، انساني همدردي ۽ هڪ ٻئي لاءِ نيڪ جذبا رکڻ جو ثبوت آهي. انهيءَ هوندي به اندر ۾ جَلِيَل باهه، ڪير وسائڻ جو جتن نه ڪندو آهي. ڇو جواھا ڏسندڙ کي ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي ۽ نه وري ان بابت، پنھنجي طبيعت کان هٽي ڪري، ڪو مدد ڪري سگهي ٿو.
    مطلب:
    7.1 ٻئي جي اندر جي خبر نه پوندي آھي.

    8. ٻُڌجي سڀ ڪنھن جي، ڪجي پنھنجي. (چوڻي)
    ڪي معاملا اهڙا هوندا آهن جن ۾ صلاح وٺڻ ضرور هوندي آهي. ڪن ۾ نه وٺڻ جي باوجود، ٻيا پيا صلاحون ڏيندا آهن. صلاح ڏيڻ وارو، پنھنجي تجربي ۽ عقل آهر صلاح ڏيندو آهي. ان ۾ به سندس نيت ۽ مفاد کي نظر ۾ رکڻ ضروري هوندو آهي. تنھنڪري ٻڌڻ واري تي، ٻڌائڻ واري جو حق اهو آهي ته کيس ٻڌي. نه ٻڌڻ سان، هرڪو بد ظن ٿي ويندو ۽ آئنده صلاح جا دروازا بند ٿي ويندا. گهڻن ڏاسُن کي ٻڌڻ کانپوءِ، جيڪا ڳالهه مَنَ ۾ ويهيس، تنھن تي عمل ڪري. نه ڪنھن جي نيت تي شڪ جو اظھار ڪرڻ کپيس ۽ نه ڪنھن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ کپيس.
    صلاح وٺڻ ۾ برڪت آهي، پوءِ ڀلي مٿس عمل نه ڪجي. صلاح نه وٺڻ ۾ تڪليفون آهن. صلاح وٺڻ کانپوءِ، چڱي ڳالهه، جيڪا دل ۾ سمجهجي، تنھن تي عمل ڪجي.
    مطلب:
    8.1 هر ڪم، صلاح مشوري سان ڪجي.
    8.2 مشوري ۾، خير ۽ برڪت آهي.

    9. ڀائرن سان ڪھڙا ليکا؟ (چوڻي)
    ڀائپي برادري، مٽي مائٽي، دوستي ياري، هلنديون ئي لهه لحاظ سان آهن. ٽڪي ٽڪي جي حساب ڪرڻ سان، پري وڃي پئبو آهي. ڇڏ-ڇوٽ ۽ اک-ٻوٽ به ڪن معاملن ۾ ٿيندي آهي. چؤڪنو ٿي، دوڏا ڦاڙي، هر معاملي جي تڪ تور ڪبي ته نه ياري باشي هلندي نه ڀائپي برادري. جنھن جو کائجي، تنھنجو لاهجي. لاهي نه سگهجي ته سڄي عمر ويٺو ڳائجي. اهڙي قسم جو حساب، دل ۾ ضرور رکجي. مٽ مائٽ جو ٿورو به دل ۾ هنڊائجي ۽ ساڻس، پڄنديءَ سارو وڌائي چڱائي ڪجي. رڳو ٻئي جو کاءُ کاوان هجي ۽ مٿس خرچ نه ڪجي، بلڪ پڪائي ڪجي ته به معاملو نه هلندو. اهڙي قسم جو سودو، سودمند نه رهندو. جيترو ٻيا ٿورو ڪن، موٽ ۾ وڌيڪ نه ته به اوترو ضرور ڪجي. اهڙي قسم جو ليکو، دل ۾ ٽلڻ ضروري آهي. باقي ڀائرن تي خرچ ڪري، رڳو حساب وٺڻ سان برادريون ٽٽي وينديون آهن.
    مطلب:
    9.1 ڇڏ ڇوٽ سان، برادري قائم رهندي.
    9.2 گهر ته گهرانءِ جو جھان آهي.
    9.3 بخشش سَوَ سَوَ، حساب جَوَ جَوَ.
    9.4 ٻه ڀائر، ٽيون ليکو، ليکو آ چوکو، چوکي آ پريت.
    9.5 ڀائرن ڀاڱا لهڻا، توڙي هجن اڏَ جا ڪانا.

    10. ڀتـڙ ته بکيو، غريب ته گڊو،
    خاصو ته خاصخيلي، تونگر ته طاهراڻي. (چوڻي)
    ڀَتڙ: هڪ ذات جو نالو.
    گڊو: جنھن جي ماءُ هڪ ذات جي ۽ پيءُ ٻي ذات جو هجي، ٻسر.
    خاصخيلي: سنڌ جي هڪ ذات، خاصَه-خيل کان آيل. ميرن ٽالپرن جا نوڪر.
    طاهراڻي: هڪ ذات جو نالو، طاهر نالي مرد جا پونير.
    ھتي چئن ذاتين جو تذڪرو ڪيل آھي ۽ سندن مالي حالت ۽ ذھني ڪيفيت ڏانھن اشارو پڻ ٿيل آھي. ڀتڙ ذات وارو بکيو بنگالي ھوندو. گڊو، نڌڻڪو ھئڻ سبب طبعًا غريب ھوندو. جڏھن ته خاصخيلي اميرن جي پئسي تي خاشو وقت ڪڍي ويندو. طاھر، طھر مان ورتل آھي، يعني پاڪ. پاڪ رھندڙ، تونگر يا امير رھندو.
    مطلب:
    10.1 ذات پات، پالنا پوسنا ۽ شڪل شبيھ جو ماڻھوءَ جي ڪردار ۽ مالي ڪيفيت تي باقاعدھ اثر پوندو آھي.

    11. ڀت ويندي آهي بنياد تي. (پھاڪو)
    ڀت، عالم پناهه طور تي، جاين جڳھين جي چوڌاري اڏائي ويندي آهي. ويڪر ھڪ فوٽ کان ٻه فوٽ ٿيندي اٿس. پر ڊيگهه ۽ اوچائي، وڌيڪ ٿيندي اٿس. ڀت، جيتري اوچي ٿيندي ويندي آهي، اوترو سوڙهي بنياد تي کيس بيهارڻ ڏکيو ٿيندو ويندو. لڙي ويندي يا ٽيڏي ٿيندي ويندي. بنياد ڪمزور هوندو ته هيٺ جهڪڻ سبب، ڦوٽيون کائي ويندي. جيڪڏهن بنياد سوڙهو هوندو ته مٿي وڃڻ سان، ڀت جو ڍانچو لوطرو ٿيندو ويندو، جيڪو پڻ لڙي پوڻ جو سبب ٿيندو ۽ ڀت ڪري پوندي. چري، گھري نه پٽڻ سان پڻ، ڀت جا بنياد ڪمزور ۽ ڀُتا رهندا.
    بنياد ويڪرو ۽ مضبوط زمين تي رکيل هوندو ته ڀت، سڌي کڄندي ۽ ڍانچو مضبوط رهندو. کسڪڻ ۽ لڙڻ کان بچي ويندي.
    مطلب:
    11.1 هر شيءِ جي شڪل، پنھنجي بنھ تي ويندي آهي.
    11.2 جھڙو بنياد کوٽبو، اڏاوت به اهڙي ئي ٿيندي.

    12. ڀؤنڪڻ وارا ڪتا، کائيندا ڪو نه. (چوڻي)
    ڪتو، اوپري ماڻهوءَ تي ڀؤنڪندو آهي. خاص طور بيگاهه وقت تي، چور وغيره کي ڏسي ڀؤنڪندو آهي. پاڻ ڀلي کين نه چڪي، پر سندس ڀؤنڪڻ تي ڀاڳيا جاڳي پوندا آهن ۽ سونچو ٿي ويندو آهي. خبرو خبراڻ تي، پاسي اوسي کان لٺ ڌُڪي ۾ هٿ پئجي ويندو آهي ۽ ماڻهن ۾ چور چور ٿي ويندي آهي. هاهڙ هوهڙ تي چور به پڇ پائي، کڙين تي زور رکندا آهن.
    هڪڙن ڪتن ۾ عادت ٿي ويندي آهي ته هر آئي وئي کي چڪ هڻندا آهن. ڇتا نه هوندا آهن پر چڪڻ جي عادت هوندي اٿن. سي لنگهي ويندڙ کي پويان ڇپ ڇپ ڪري اچي چڪ هڻي ڪوڪٽ ڪندا آهن. ڀؤنڪي اطلاع نه ڏيندا آهن.
    ڇتو ڪتو پڻ ڀؤنڪندو ناهي. سڌو پيو ايندو ۽ جيڪو سامھون چڙهيس تنھن کي چڪيندو. سُڳو پُڳو پيو ويندو. چڪ مھل ڪوڪٽ به نه ڪندو. سندس چڪ نه لڳي ۽ رڳو گگ لڳي ته به ماڻهوءَ کي ڇتو ڪري وجهي. ڇتي جو چڪيل يا ته دُن واريون چوڏهن سُيون لڳرائي يا باڦي باڦي ٻين کي ڇتو ڪري، قبر ڀيڙو ٿئي.
    لطيفو آهي ته هڪ همراهه تي گهٽيءَ جي ڪُتي ڀؤنڪيو پئي، جنھن ڪري ڪتي جي وڃڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ٻئي واٽھڙوءَ چيس: “لنگهي وڃ! ڪتو نه کائيندو. ڪتاب ۾ نه پڙهيو اٿئي ته؛ باهيندڙ ڪتو، ڏهڙيندو ناهي”. اڳلي چيس: “مون ته پڙهيو آهي، پر ڪتي پڙهيو آهي الائي نه.”
    مطلب:
    12.1 چڪر ڪُتو، بنا اطلاع جي چڪ پائيندو آهي.
    12.2 ڏاڙهيندڙ، نه ڏهڙيندڙ.
    12.3 Barking dog never bites.

    13. ٿلهو ڏسي نه ڊڄجي، سنهو ڏسي نه وڙهجي.
    (چوڻي/ پھاڪو)
    جهيڙي وغيره ۾ دشمن جي ڊيگهه يا ٿولهه ڏسي، نه ڊڄجي. ڪي ٿلها ماڻهو، پنھنجي ئي وزن ۾ پاڻ پيا ڇِڄندا ڀُرندا آهن. جيڪڏهن ڪو ٿيڙ ئي اچي وين ته پنھنجي وزن سان ئي پنھنجي پاڻ کي نقصان ڏئي ڇڏيندا. ڊگها ۽ ڏوت، پڻ ائين آهن. انساني جسم جي ڊيگهه به ڪن هنڌن تي ڪنھن بيماريءَ سبب هوندي آهي. اهڙي قسم جو ماڻهو، پنھنجو سرير کڻڻ ۽ سنڀالڻ ۾ ئي آزرت هوندو آهي. جنھن ڪري کانئس ڊڄي گهر ۾ نه ويهجي، بلڪ مقابلي جي وقت، ٻاهر نڪري ان سان مھاڏو اٽڪائجي. هونئن به وڙهندي، دل آهي.
    ان جي برعڪس، سنهي ماڻهوءَ کي ڪمزور نه سمجهجي. گهٽ وزن سبب، ڦڙت ۽ تيز هوندو آهي. پنھنجو وزن گهٽ هئڻ سبب، اڏامي اڏامي کڙهون هڻندو آهي. ڌڪ هڻڻ ۽ گم ٿيڻ ۾ دير ئي نه ڪندو آهي. جيئن نانگ ڊگهو ۽ سنهو آهي پر زهريلو هئڻ سبب هڻ کڻ آهي. تيئن سنهو مڙس به خطرناڪ ٿيندو آهي. ڪمزور سمجهي، ساڻس مھاڏو نه اٽڪائجي.
    مطلب:
    13.1 ٿولهه نه ماري، ڊيگهه ماري.
    13.2 ھيڻو ڏسي نه وڙھجي، ڏاڍو ڏسي نه ڏڪجي.
    13.3 سنها ڀانءِ مَ سپ، وياءَ واسينگن جا،
    تنين سندي جهڙپ، هاٿي هنڌان ئي نه چُري.

    14. پنھنجن سان ڪھڙا ليکا؟ (چوڻي)
    معاملات منجهه، حساب ڪتاب يا ليکو چوکو لاهڻ سان، دل کي آٿت ملندو آهي ۽ ٺريل رهندي آهي. دل ٺريل هوندي ته سنگت ساٿ ۽ مٽي مائٽي نڀجي سگهندا. اگر دل ۾ ڪٽر اچي ويو ته معاملا بگڙجي ويندا. ڇو جو دنيا سان محبت، هر ماڻهوءَ جي دل ۾ ٿوري گهڻي ضرور هوندي آهي. سنگتي ۽ مٽ مائٽ، هڪڙي سکيي ماڻهوءَ کي ڦٽيندا ڦريندا رهن ۽ سندس ڪم نه اچن ته اڳلي کي ضرور احساس ٿيندو ۽ ڪتڙيون پيون پٽيندس. سنگت ۽ واسطيداريءَ کي وڌيڪ جاري رکڻ بدران، اتي ئي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته جيئن واڌو نقصان ۽ ڦَٽَ ڦُرَ کانبچي سگهي.
    ڪن ماڻهن سان وري، اهڙو دلي لڳاءُ هوندو آهي، جو اهي جان کان وڌيڪ پيارا پيا لڳندا آهن. سموري ملڪيت کائي ويندا، احساس نه ٿيندو. جيئن اولاد آهي، جيڪا به ڪمائي آڻي آڏو رکجين ٿي ۽ کائي ٿا وڃن ته دل کانئن موٽائي وٺڻ بدران پئي چوندي ته جيڪر اڃا ٻيو به ڪمائي کين ڏجي. پينو فقير به ٻه در وڌيڪ پنڻ کي ترجيح ڏيندو، پر ٻچن کان ڪا به محنت نه ڪرائيندو. کيس خبر آهي ته؛ پنھنجائپ ۾ حساب يا ليکو ڪرڻ سان، ماڻهوءَ جا سمورا واسطا وڙا ۽ تعلقداريون، هوا ٿي وڃن ٿيون.
    مطلب:
    14.1 هل چري! يارن سان ڪھڙ اليکا؟
    14.2 ڪس ڪسر سان ئي، رشتا ناتا نباهي سگهبا آهن.

    15. جتي مينھن پوي، اتي چڪون به ٿينديون. (پھاڪو)
    مينھن/ آسمان مان زمين تي آيل پاڻي، اگر زمين تي پوندو ته گنجائش آهر، هر ايراضيءَ ۾ ڦھلبو. مِٽيءَ جي نوعيت سارو، مٿس اثرات وجهندو. وارياسي مٽي، يڪدم کيس چوهي ويندي. ڏاڍيريءَ تي بيٺو رهندو. جڏهن ته وارياسي چيڪي مٽيءَ تي گپ چڪ ڪري بيھندو. جتي ۽ جيترو مينھن پوندو، اتي ۽ اوترو، گپ چڪ ڏيکاري ڏيندي. ائين نه ٿيندو جو مينھن هڪ هنڌ پوي ۽ گپ چڪ ٻئي هنڌ ٿئي. هڪ هنڌ جو پاڻي، اگر وهي ٻئي هنڌ پھچندو ته اتي تلاءُ ٺاهيندو، چڪ نه ٺاهيندو. پوڻ واري جاءِ تان، اگر پاڻي وهي هليو ته به پويان گپ يا چڪ جي صورت ۾ نشان ٺاهيندو ويندو.
    ائين پئسي جو اچڻ پڻ آهي. جنھن جاءِ تي پئسو ايندو، اتي نشانات ڇڏيندو. جتان ويندو، اتان به ويندي مھل گس/ رند ٺاهيندو ويندو.
    مطلب:
    15.1 هر شيءِ کي اثر ۽ نشاني آهي.

    16. جھڙو راڄ، تھڙو ڀاڳ. (چوڻي)
    اڳي ڪاسبي ماڻهو، جھڙوڪ؛ ڪنڀر، حجم، لوهر، ڊکڻ، ڪوري، موچي، ميربحر ۽ مڱڻھار وغيره، پئسن جي بدلي ڪا به شيءِ ٺاهي نه پھچائيندا هيا. بلڪ جنھن ڳوٺ يا راڄ ۾ رهندا هيا، تن کي پنھنجو ٺاهيل وکر، وقت سارو پڄائيندا هيا. سال تي يا فصل لٿي، جنس جي صورت ۾، پنھنجي محنت جو معاوضو، لاپو يا پڳر وصول ڪندا هيا.
    سڄو سال محنت ڪري، راڄ کي ڍورڻا پڄائيندا هيا. پڳر يا لاپو وٺڻ وقت، حساب ڪتاب ته هوندو ڪين هيو جو کين اوتري ڪڇ، ماپ سان ملي. البته راڄ جي مٿان هيو ته پڄنديءَ سارو، ڪاسبيءَ کي خوش ڪري. خوشحال راڄ وارا، ڪاسبين کي به چڱو چوکو لاپي طور ڏيندا هيا. جڏهن ته غريب راڄ وارا، ڪاسبين کي لاپي يا ڀاڳ ڀڙائي ۾ لائي چائي ڪندا هيا.
    انھيءَ سببان، ڪاسبين جي زبان تي اها ڳالهه به چڙهي وئي ته، راڄ خوشحال ته ڀاڳ ڀلو ۽ بدحال ته ڀاڳ ڍلو ٿيندو.
    مطلب:
    16.1 پاٽ ۾ اهو پوندو، جيڪي ڪنيءَ ۾ هوندو.
    16.2 آههَ ۾ سو ئي پوندو، جيڪي کوهه ۾ هوندو.
    16.3 زبان تي سو ئي ايندو، جھڙو دل ۾ هوندو.
    16.4 والدين خوشحال ته خرچي سُٺي، بدحال ته خرچي ڇُٽي.

    17. جھڙو سُٽ، تھڙي پيٽي،
    جھڙي ماءُ، تھڙي ٻيٽي. (پھاڪو)
    پيٽي، سيني مٿان پائجندڙ چولي، جيڪا وڏي چولي جي اندران پڻ پائجي، سا سٽ يا ڪپهه سان اڄندي آهي. سُٽ، ڪپهه مان، ڌاڳي جي صورت ۾ ٺھندو آهي. جيترو سٽ جو ڌاڳو مضبوط هوندو، اوترو ئي منجهانئس اُڻيل ڪپڙو مضبوط هوندو. جيترو ڪپڙو مضبوط هوندو، اوترو وري منجهانئس جڙيل لٽو يا اوڇڻ مضبوط ۽ جهالائو، ديده زيب ۽ پرڪشش هوندو.
    اهڙيءَ طرح اولاد، ماءُ تي پڻ ويندو آهي. خاص طور تي ڌيءُ. ڇو جو نياڻيءَ جو ٻارُ، هميشه گهر اندر رهي ٿو ۽ ٻاهر گهٽ نڪري ٿو. گهر اندر، ماءُ سان ئي سندس چڱو وقت گذري ٿو. جتان، ماءُ جا اثرات ڌيءُ تي پون ٿا. ٻولي ۽ گفتو، ڍنگ ۽ لھجو، لفظن جي ادائگي ۽ وراڻ، هوبھو ماءُ وانگر سکي ٿي. سانجڻ، رڌپچاءَ کان علاوه لٽو ڪپڙو ڌوئڻ، استري ڪرڻ، پائڻ ۽ چوڙڻ وغيره به ماءُ وانگر رهيس ٿو.
    مطلب:
    17.1 هر شيءِ، اصليت ڏانھن ڇڪ ڪري ٿي.
    17.2 ٺان جھڙي ٺيڪري، مان جھڙي ڏيڪري. (ٿري)
    17.3 ڀيٽيو: ماءُ جنھن جي جھڙي، ڌيءُ تنھن جي تھڙي.

    18. جھڙو مھمان، تھڙي مھماني. (چوڻي/ پھاڪو)
    مھمان، رب طرفان اماڻيل نعمت آهي. پھرئين ڏينھن سڻڀو ۽ وڻندڙ طعام، کيس رڌي کارائڻ، ميزبان مٿان فرض آهي. ٻيا ڏينھن، پنھنجي حال سارو سندس خدمت ڪرڻ، ميزبان جو اخلاق آهي. هر ميزبان، مھمان کي خوش رکڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندو آهي. ميزبان امير هوندو ته شاهاڻي نموني خدمت ڪندو ۽ جيڪڏهن غريب هوندو ته غريباڻي دعوت ڪندو.
    دعوت ۽ کاڌي پيتي جي اوچي ۽ سادي هجڻ جو تعلق، مھمان جي حيثيت سان پڻ آهي. مھمان سيٺيو ۽ سکيو، معاون ۽ مددگار قسم جھڙو دوست آهي ته پوءِ امير به ڇا غريب ميزبان پڻ، پَٽي سَٽي سندس خدمت ڪندو. اگر ميزبان امير آهي ته لتَ ڏئي ڇيلو ليٽائيندو. ڇيلو هٿ نه آيس ته ڪڪڙ ڊيڙائندو. ست-رڇي نه پڳس ته ٽي-رڇي ٺاهي، مھمان آڏو پيش ڪندو. اگر مھمان، نه چڱو دوست آهي نه ئي وقت تي وهڻ وارو آهي ته سندس خدمت ته لاچار ٿي ڪبي. ان لاءِ پرتپاڪ ۽ والهانه استقبال نه ٿيندا بلڪ جھڙو حال هوندو، ان کان به گهٽ پيش ڪبس ته ٿيندڙ جُٺ ڏسي جلدي پير ڊاهي.
    مطلب:
    18.1 مھماني، مھمان جي حيثيت آهر هوندي آهي.
    18.2 پھرئين ڏينھن چڱو چوکو، مھمان جو حق آهي.
    18.3 آئي جو آڌر ڀاءُ، سندس شان آهر ٿيندو آهي.

    19. جي وڃان وڃان ڪن، سي رهي رهندا ڪيترو؟
    (چوڻي)
    مھمان ۽ دوست، آهن دل وٽان ۽ قرب جا. دلي قرب مِلِيُن ته رهيا پيا هوندا. جڏهن ڪا ڪسر يا ڪمي ڏٺائون ته پلاڻيندي دير نه ڪندا. پيا ٻئي هنڌ واجهائيندا ۽ نرا ڏيندا. وڃان وڃان جون پيا وايون ڪندا. موقعو ۽ وجهه ملين ته ڇالون ڏيندا، پيرا ڊاهيندا، هليا ويندا.
    جڏهن مھمان ۽ دوست، وڃان وڃان ڪري ته کيس زور نه ڀرجي. ڀربس ته تيئن تڪڙ ڪندو. اڳيان وڃڻ لاءِ ڀلي ٻي واهه نه هجيس ته به هتان نڪرڻ لاءِ تيزي پيو ڏيکاريندو. هاڻي کيس ڪيترو به ٻاڏائبو يا ست-ستاءُ ڪبو ته به ڪين مڙندو.
    اهڙا بي دليا ماڻهو، بي ميار ۽ بي مُھار ھوندا آهن. آزاديءَ ۽ ڇڙواڳيءَ کي، پنھنجو رهنماءُ ۽ رهبر بڻائي، پاڻ ڪڍائي ويندا آهن. اهڙيءَ صورت ۾ منجهانئن هٿ کڻي ڪڍجي.
    مطلب:
    19.1 ڪير ڪنھن سان، نه گڏ آيو آهي ۽ نه گڏ ويندو. جيترو وقت ساٿ هليو، هليو. وڌيڪ جو نه هلڻ به رب جي طرفان آهي. رب جي رضا ۾ راضي رهندي، ويندڙن مان آسرو کڻي پلجي.

    20. ڄيرو نه ماري، پر ڄر ماري. (پھاڪو)
    ڄيرو: باهه جو ڀڀڙ.
    ڄر: باهه منجهه ساڙڻ واري خاصيت، اثرات.
    باهه ۾، ساڙڻ جي خاصيت آهي. جلائوءَ/ جالائوءَ کان علاوه ٻي ڪا به شيءِ، جيئن ئي باهه تي پوندي ته باهه جي ساڙڻ وارو خاصو، خودڪار عمل طور، تحرڪ ۾ اچي ويندو. سڙي رک ٿيندڙ مادي کي، ساڙي ڀسم ڪندو. گرم ٿي پگهرجندڙ مادي کي، پنھنجي وسعت ۽ سگهه آهر پگهاري، وهائي ڇڏيندو. ٽهڪي ٻاڦ ٿيندڙ مادي کي، ٽهڪائي ٻاڦ ڪري، هوا ۾ اڏائي ڇڏيندو. سڙي ڪوئلا ٿيندڙ مادي کي، ساڙي ڪوئلا ڪري ڇڏيندو. اها حالت ان مادي جي آهي، جيڪو منجهس پوي ٿو. جڏهن ته سندس خاصيت جو اثر، سندس قرب حاصل ٿيڻ سان شروع ٿي ويندو آهي. جيترو باهه جي ويجهو اچبو، اوترو سندس ڄَرَ، اثر ڪرڻ شروع ڪندي. وڏي باهه جي ڄَرَ به، وڏي هوندي آهي. پري کان پئي ساڙيندي آهي. ننڍي باهه جي ڄَرَ يا تؤُ، ننڍو هوندو آهي. ويجهو اچڻ تي به، اثر گھٽ ڪندو آهي.
    مطلب:
    20.1 اندر جي باهه کي ڄَرَ ئي هوندي آهي. اها پري کان ئي ڦڦڪا ڏيندي آهي. پاڻ نه ساڙيندي آهي، بلڪ سندس ڄر ئي اڳلي کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيندي آهي.

    21. جهڙ ۽ جهيڙا، سدا نه رهندا. (چوڻي)
    جهڙ ٿيڻ يا آسمان تي بادلن جو اچڻ، ورلي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو آهي، سو به موسم ڌاران، جڏهن ڪارا ڪارا، ڪارونڀار جھڙا ڪڪر، آسمان تي ڇانئجي ويندا آهن ته هيٺ ڌرتيءَ تي اوندهه وڌيڪ گھري ٿي ويندي آهي. ڏينھن جو سج کي آواڙي ڇڏيندا آهن ۽ رات جو تارن کي لڪائي، گگهه اونداهه ڪري ڇڏيندا آهن. مٿان وري گوڙ جو ڌڌڪو ڪنن جا پڙدا پيو ڦاڙيندو آهي ته کنوڻ جو چمڪاٽ وري اکين کي پيو چنجهو ڪندو آهي. ڪنن تي تاڙيون ۽ اکين تي ترورا لڳا پيا هوندا آهن. مٽي ۽ طوفان سبب، گهڻا ٽپڙ سھيڙي، اندر ڪمرن ۾ لڪائڻا پوندا آهن. ٻاهر نڪرڻ ۽ ڪم ڪار جو ٿيڻ ڏکيرڙو ٿي ويندو آهي. مال ڀٽارو، ڪلن تي ئي ٻڌو رهجي ويندو آهي. ان لاءِ گاهه پٺي جو بندوبست ڪرڻ به هڪ ڏکيو مرحلو ٿي ويندو آهي.
    اهڙيءَ طرح جهيڙو پڻ آهي. منجهس لٺ ڌڪي هٿ ڪرڻ کان علاوھ، هر وقت چوڪس رهڻو پوندو آهي. اڳلي ڌر جو خوف هر وقت سر تي رهندو آهي. سڪون ۽ آرام ڦٽل هوندو آهي. بهرحال، اهي ٻئي حالتون، انسان مٿان اچڻيون به ضرور آهن ته ٽرڻيون به ضرور آهن.
    مطلب:
    21.1 حالات واقعات، سدائين ساڳيا نه ٿا رهن.
    21.2 اڄ جو ويري، سڀاڻي جو دوست ۽ اڄ جو دوست، سڀاڻي جو ويري ٿي سگهي ٿو.

    22. چادر ڏسي، پير ڦھلائڻ گهرجن. (پھاڪو)
    چادر يا سوَڙ، موسمي اثرات کان بچڻ خاطر، مٿئون اوڙهبي آهي. چادر پنھنجي قد کان ڊگهي ۽ ويڪري هوندي آهي. پير جيترا به ڊگهيربا، تڏھن به ڍڪيل رهندا ۽ موسمي اثرات کان محفوظ پڻ رهندا. ان جي برعڪس، جيڪڏهن چادر يا سوڙ، لُنڊي/ ڇوٽڪي ۽ سوڙهي بر واري آهي ته ان ۾ سڪوڙجي لڪبو ته پاڻ کي موسمي اثرات کان بچائي سگهبو. جيڪڏهن پنھنجي جسم کي ڏوڙو سوڙو ڪري، منجهس نه ماپائبو ته لامحاله ڄنگهون، ٻانهون، ڍڪجي نه سگهنديون ۽ موسمي اثرات جي زد ۾ اچي وينديون. جسم جا هڪڙا عضوا ڍڪيل هجن ۽ هڪڙا کليل هجن ته پوءِ پوري جسم تي برا اثر رهندا. هڪڙا گرم ته ٻيا سرد ٿي پوندا. گرم ۽ سرد اثرن سبب، اڌ-رنگو يا فالج جھڙو مرض به حملو ڪري سگهي ٿو. بھتر آهي ته چادر يا سوڙ آهر، ڪرينڊڙو ٿي پاڻ کي ماپائجي ۽ موسمي اثرات کان بچائجي.
    اهڙيءَ طرح وري گهرو اخراجات وغيره آهن سي به ڪمائيءَ کان مٿي نه وڌائجن. ٿورو ضابطي ۾ رهندي، نفس کي ڏک سک تي هيرائجي ۽ قرض کڻي عياشيون نه ڪجن.
    مطلب:
    22.1 پڄنديءَ سارو، خرچجي کپائجي.
    22.2 اُڪي ميڙي، هڪدم دُڦ نه ڪجي.
    22.3 خرچ اهي ڪجن، جن جي کيسو اجازت ڏئي.
    22.4 چيريءَ آهر، ڄنگهون ڊگهيون ڪجن.
    22.5 سوڙ آهر، پير ڊگهيڙجن.

    23. چور جو ڀاءُ، ڳنڍيڇوڙ. (چوڻي)
    ڳنڍيڇوڙي يا ڳنڍ-ڪپ ڪرڻ، لليچن جا ڪم آهن. لليچا، کيسو ڪتري وڃن ته چڱي ڀلي کي به خبر نه پوي. رش يا گڙديءَ اندر، ماڻهوءَ جو ڌيان ٻئي طرف ڇڪائي، سندس کيسو خالي ڪري ويندا آهن. رش اندر ان همراهه کي سوڙهه ڪندا، گاڏيءَ مان لھڻ وقت، اڳتي پوئتي ٿيڻ لاءِ گهتون هڻي، ڌيان پيا ٻئي پاسي ڦيرائيندس يا ڪا کاڌي جي شيءِ ڏئي پيا خيال-مٽ ڪرائيندس. ائين ڪري پوءِ سندس مٿو، سڪيءَ پاڪيءَ سان ڪوڙيندا آهن. وڏي ڦڙتيءَ ۽ دليريءَ سان سندس مغز ڦيرائي، کيسو ڪٽي ويندا آهن.
    چور به ائين آهن. رات جو اوندهه ۾ يا مالڪ جي غير موجودگيءَ ۾، سندس مال متاع تڳائيندا آهن. پهرين تاڙ تُوڙ ڪندا آهن. مالڪ جي اٿڻ ويهڻ ۽ اچڻ وڃڻ جا وقت تاڙيندا. جاڳڻ ۽ سمهڻ جا وقت پيا جاچيندا. سندس غفلت وارا وقت واچي، اچي سندس ملڪيت کي مٿو ڏيندا. جيستائين ڀاڳئي جي گهر ۾ گهڙيا ناهن، تيستائين بزدل هوندا آهن. گهر ۾ گهڙي اچڻ وقت دلير ۽ وڙهڻ لاءِ چؤڪنا هوندا آهن. مرڻ مارڻ تائين به هليا ويندا آهن. وري ٻَڌي کان پوءِ، صفا ڀاڙي. چور به طبعًا، ڳنڍيڇوڙ وانگر هوندا آهن.
    مطلب:
    23.1 چور چوران دي ڀائي، چوران خبر نه ڪائي.
    23.2 چنڊو چنڊي کي سؤ ڪوهه تي ڳولهي وڃي ملي.
    23.3 چور جي ياري به پاڻ جھڙي چوريا ڳنڍي ڇوڙ سان هوندي.
    23.4 لچ، لچ کي سؤ ڪوهه تي ڳولهي لهي.

    24. چور، نه چوريءَ کان رهي، نه هيراڦيريءَ کان رهي.
    (چوڻي)
    چوريءَ ۽ هيراڦيريءَ جو مول مت آهي؛ ٻين جو مال ملڪيت تڳائڻ. بنامحنت ۽ معاوضي، مرضيءَ ۽ منشا جي، پرائي ملڪيت هٿ ڪرڻکي چوري سڏبو آهي. هڪڙو ماڻهو، پنھنجي گهر ۾ آرامي آهي. جان ۽ ملڪيت جي بچاءِ لاءِ چوڌاري لوڙهو يا ڪوٽ ڏنل اٿس. پھري تي چوڪيدار يا ڪتا ڇڏيل اٿس. چور، محافظن جو گهيرو ٽوڙي، کاٽ هڻي گهر ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ مال متاع يا ملڪيت کڻي ٿو. ان ۾ گهر ڌڻي راضي ناهي. ان کي چوري سڏبو آهي.
    هيرا ڦيريءَ اندر، ٺڳ قسم جو ماڻهو، گهٽ قيمت واري شيءِ ڏيئي يا ڏيکاري ڪنھن مت-موڙهيي جي چڱي ۽ قيمتي شيءِ ڦٻائي ٿو وڃي. يڪو ڏيکاري کيس دڪيءَ تي هٿ ٿو رکائي. ان صورت ۾ ملڪيت جي مالڪ کي، آماده ته ڪري ٿو پر سندس مول مت ساڳيو ئي چوري ڪرڻ وارو آهي. ڇو جو ڌڻيءَ کيجڏھن ويساھ گھاتيءَ جي سڌ پوي ٿي ته ھو انھيءَ سودي تي ناراضگي ڏيکاري ٿو.
    جڏهن چور، کاٽ هڻڻ ۽ گهوٻاٽن جھڙا ڏکيا ڪم ڪرڻ جھڙو نه رهندو آهي ته پوءِ پاٿاري/ دُڻي هلائيندو آهي يا هيراڦيريءَ جھڙيون حرڪتون ڪندو آهي.
    مطلب:
    24.1 هير واري جي هير، ٽنگ ڀڳي به نه وڃي.
    24.2 چور، چوريءَ کان وڃي، پر هيراڦيريءَ کان نه وڃي.
    24.3 چتو ته رهي، پر چتوءَ جي چُت نه رهي.

    25. حرامي هڻي، ٻه ڀاڱا کڻي. (چوڻي)
    حرامي/ حرامخور ماڻهو، هر وقت پرائي پنھنجي ملڪيت ڊوهڻ جي چڪر ۾ هوندو آهي. جائز طريقي سان آيل ته هٿ ڪندو ئي ڪندو پر وڌيڪ حاصل ڪرڻ لاءِ، ناجائز طريقا به استعمال ڪندي ڪين گهٻرائيندو آهي. ڏوهه جو ڪم به ڪندو، مٿس آيل خرچ ۽ چٽيون به ٻين کان پيو ڀرائيندو. ايڏي چالاڪيءَ ۽ سُچتائيءَ سان، وارداتون پيو سوچيندو ۽ عمل هيٺ آڻيندو جو شريف ماڻهوءَ جو اوڏانھن گمان به نه ويندو. اگر سياڻي ڪانءَ وانگر القاءُ ٿي وڃيس ته اڳلن کي سندس حرڪتن جي کُڻڪ پئجي وئي آهي ته پينترا بدليندي دير ئي نه ڪندو. سانڊو ست ته حرامي هزار رنگ بدلي. ڪنھن به رنگ ۽ روپ ۾، سندس سڃاڻپ ڪرڻ ڏکي آهي. اگر ڪنھن روپ جي سڃاڻپ ٿي وڃيس ته يڪدم ٻيو روپ ڌرن ڪري وٺندو. حرام جي نطفي مان ڄايل حرامي، پڻ ائين هوندو آهي. سندس وجود جونطفو پڻ چوريءَ جو هوندو آهي. هوندو هڪڙن جو آهي، وجود ۾ اچڻ کانپوءِ، پلجندو ٻين جي خون پسيني تي آهي. حلالين جي ورثي/ وراثت واري مال ۾ پڻ ڀائيوار ٿي ويندو آھي.
    مطلب:
    25.1 ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، جيڏانھن ڦيراءِ تيڏانھن کپي.
    25.2 بدمعاش، بدمعاشي ڪرائي به کائي. وري فيصلو ڇڪائي، شاهد ٿي ۽ چٽيون وجهائي به کائي.

    26. حق، پاڻيءَ ۾ به نه وڃي. (چوڻي)
    حق؛ جنھن شيءِ تي حقيقي مالڪي هجي. جيڪو ماڻهو، جنھن شيءِ جو اصل مالڪ يا وارث آهي، سا شيءِ سندس جائز ۽ تصرف هيٺ آيل ملڪيت آهي. اها کانئس، ڪير کسي نه ٿو سگهي. حالات واقعات سببان، مٿس گرميون سرديون اچي سگهن ٿيون. جن سببان، حقدار جو حق وقتي ڦرجي وڃي ٿو پر نيٺ تري ضرورو ٿو ۽ زيان نه ٿو ٿئي. جائز ملڪيت، جنھن تي زڪوات ڀريل آهي، ڪڏهن به نقصان هيٺ نه ٿي اچي. نه کيس ڌرتي ڊوهي غصب ٿي ڪري، نه باهه ساڙي ڀسم ٿي ڪري ۽ نه وري پاڻي ٻوڙي لوڙھي ٿو ڇڏي. ڇو جو حق حلال سان ڪمايل، جائز ملڪيت، جنھن جي زڪوات به ڀريل آهي، تنھن جي حفاظت رب پاڪ پاڻ ٿو ڪري، جيڪو حق وڪيل آهي. ان کي هر حال ۾ ضايع ٿيڻ کان محفوظ ٿو رکي. اگر وقتي طور، باهه اندر ڪنھن جي حقي ملڪيت سڙي ٿي يا ٻوڏ اندر ٻڏي ٿي وڃي ته کيس بدلي ۾، هن دنيا ۾ ئي ڏهوڻ تي ملي وڃي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو چوندا آهن؛ ٻڏيءَ جا ٻيڻا آهن. يا ائين به چوندا آهن؛ ٻوڏ جو ستايل، سدائين ستايل نه ٿو رهي ۽ باهه جو سڙيو، ڪڏهن به رک نه ٿو ٿئي. بلڪ ايندڙ مند ۾، هنڌان هنڌان مُورجي، ڦھلجي ٿو ۽ وڌي وڃي ٿو.
    مطلب:
    26.1 حق وارن جو حق، سدائين ترندو رهي ٿو.
    26.2 امانت، ڌرتي به نه ٿي ڊوهي.
    26.3 حقدار کي حق لھڻو.

    27. دَرَ تي ٻيرِ نه لڀي، نانءُ؛ “باغ شاهه”. (پھاڪو)
    باغ، زمين جي ان ٽڪر کي چئبو آهي، جنھن ۾ تمام گهڻا ميون وارا وڻ لڳل هجن. انب، زيتون، ليمان، کجيون، مالٽا وغيره، سنڌ اندر باغن ۾ پوکيا ويندا آهن. اڄڪلهه ٻيرين جا به باغ پوکيا وڃن ٿا. باغائي، مٿن محنت ڪن ٿا ۽ منجهانئن ٿيل ڦل فروٽ مان اُپراسو حاصل ڪن ٿا. مالدار ۽ پئسي وارا سڏجن ٿا.
    ان جي برعڪس، جنھن ماڻهوءَ جي در تي يا گهر ۾، ٻنيءَ تي يا کيت ۾، هڪ به ڦلائتو وڻ ناهي، سو باغائي ڪين سڏبو. اگر اهڙو ماڻهو پاڻ کي باغ شاه سڏائي ته کل جھڙي ۽ سمجهه ۾ نه اچڻ جھڙي ڳالهه ٿيندي.
    جڏهن ڪنھن ماڻهوءَ جو نالو، سندس ظاهري صورت يا سيرت جي ابتڙ هجي ته ائين مثال ڏبو آهي. جيئن اکين کان انڌي، نالو نور پري. يا رنگ جو ڪارو، نالو يوسف وغيرهوغيره.
    مطلب:
    27.1 در تي ٻٽي ٻڪري نه لڀيس، سڏائي ٿو؛ ڀاڳيو خان.
    27.2 ماءُ کائي رُکي سُڪي، ڌيءَ دانانءُ “ڏَهي!”
    27.3 مِلڪ ۾ ڏيڍ کجور، ميان ليٽي باغ ۾.
    27.4 اڍائي گهر مھتمن جا، نانءُ خيرپور.

    28. دهل وڄي، دوسو نچي. (پھاڪو)
    ڪي ماڻهو شادين ۾، رسم طور، دهل وڄرائيندا آهن. ان ۾ پنھنجي خوشيءَ ۽ فخر جو اظھار ڪندا آهن. ڪي ته وري، اڃا به وڌي، دهل تي نچڻ به شروع ڪندا آهن. پنھنجي خوشيءَ جي موقعي تي، پنھنجي وڄرايل دهل تي، نچڻ ۾ عيب يا عار محسوس نه ڪندا آهن. ڪن کي اگر دهل وڄائڻ ۽ نچڻ جو ڏانءُ نه به ھوندو آهي، ته به گهور گهاٻور جي صورت ۾ پئسا ڏئي دهل وڄرائيندا آهن ۽ ڇيڄ وجهرائيندا آهن. ان لاءِ پيشه ور دهلاري ۽ ناچو گهريا ويندا آهن. باقي پرائي دهل تي، بنا معاوضي ڪير به نه نچندو آهي، سواءِ ڪنھن احمق جي.
    دوسوءَ نالي همراهه جي وري هڪڙي اڍ ٿي وئي هئي. جڏهن به، جنھن جي به دهل جي وڄڻ جو آواز سندس ڪنن تي پوندو هيو ته بنا ڪنھن معاوضي وٺڻ يا شرم محسوس ڪرڻجي، اتي جو اتي، نچڻ ۾ کپي ويندو هيو. دهل جو آواز ٻڌي، نچڻ سندس مجبوري هئي.
    مطلب:
    28.1 دوسوءَ جو نچڻ، دهل جي وڄڻ سانلازم ملزوم هيو.
    28.2 دهل جو وڄڻ، بنا نچڻ جي، دوسو نه ٻڌي سگهندو هيو.
    28.3 جيڪي ماڻهو، ڪنھن ڳالهه ٻڌڻ سان، ڪو فعل لازمي ڪن، تن لاءِ ائين مثال ڏنو ويندو آهي.
    28.4 دهل وڄي ۽ دوسو نه نچي! پوءِ ته حيف آهي دوسوءَ کي.

    29. ديس مٽجي، ويس نه مٽجي. (چوڻي)
    ديس، وطن مالوف، جنھن ۾ انسان ڄمي، پلجي ۽ وڏو ٿئي ٿو، تنھن سان کيس انسيت رهي ٿي. روزگار خاطر يا ڪنھن ٻيءَ مجبوريءَ تحت، ڪڏهن ڪڏهن کيس اتان هجرت ڪرڻي به پوي ٿي. اگر هجرت عارضي آهي ته پوءِ کيس پنھنجو ذاتي تشخص ضايع نه ڪرڻ گهرجي. وقتي طور لاءِ اگر وطن ڇڏي ٻئي هنڌ وڃي رهي ته کيس حب الوطنيءَ جي ثبوت طور، روش پنھنجي ئي وطن واري اختيار ڪرڻ گهرجي. وضع قطع، اٿڻي ويهڻي، لٽي ڪپڙي، کائڻ پيئڻ ۽ ڳالھائڻ ٻولهائڻ مان ماڻهو اهو ئي نظر اچي، جيئن سندس وطن مالوف جا ماڻھو نطر ايندا آھن. ان ۾ ئي عزت ۽ ان ۾ ئي شان مان آهي. جيڪي ماڻهو، ان جي ابتڙ ڪن ٿا، سي جلد ئي پاڻ کي بي آبرو ڪن ٿا.
    مثال طور حج تي وڃڻ ڀلو ڪم آهي. ڀلي پار پھچي، عربن وارا جبا قبا پائڻ ته چڱو ڪم آهي.اگر هڪڙو غير عرب، ساڳيا جبا قبا پائيندو ته جلد شرمساري ٿيندس. ڇو جو هرڪو کيس عرب سمجهي پيو عربي ڳالھائيندو ۽ عربن واري طور طريقي تي ملندو، جنھن منجهان هيءُ پيو ککو وکو ٿيندو.
    مطلب:
    29.1 ديس جي پر، وَسَ ويندي، نه ڇڏجي.
    29.2 پرديس ۾ پوشاڪ اهڙي پهرجي، جنھن سان اصليت ۽ قوميت برقرار رهن.

    30. ڏاڍو ماري، روئڻ به نه ڏي. (چوڻي/ پھاڪو)
    ڏاڍو؛ ظالم ماڻهو، طبعًا بزدل ٿيندو آهي. جڏهن ڪنھن مظلوم کي نقصان ڏيندو آهي ته کيس دلي سڪون ۽ قرار نه ايندو آهي. ويتر جو مظلوم روئندو ۽ آهون ڪندو آهي ته سندس وجود اڃاهَڄي ويندو آهي. تنھنڪري ظالم، مظلوم کي روئڻ، پٽڻ ۽ پار ڪڍڻکان به منع ڪندو آهي. ڇو جو کيس اهو يقين ضرور هوندو آهي ته؛ روئندڙَ مظلوم جي آههَ کي آسمانَ به آڏَ نه ٿا اچن. سندس آهه و پڪار، سڌي بارگاهه ايزديءَ ۾ پھچي ٿي. ظالم جي ڪوشش ھوندي آھي ته اها اتي نه پھچي. ان لاءِ ھو، مظلوم ۽ ڏکويل کي روئڻ ۽ سڏڪا ڀرڻ به نه ڏيندو آهي. انھيءَ ڪڌي فعل ۾ اها تسلي ۽ تشفي سمجهندو آهي ته رب قھار جي غضب ۽ قھر کان بچي ويس. حالانڪ اها ٻي ڳالهه آهي ته رب، دلين جا ڀيد به ڄاڻندو آهي. سو ته سندس انهيءَ حرڪت تي، ويتر ڏمرجندو آهي.
    مطلب:
    30.1 ڏاڍو، رب جي ڏمر کان، ڊڄندو ضرور آهي.
    30.2 ظالم، مظلوم جي آههَ کي به دٻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
    30.3 ظالم، گهڻو ڊڄڻو ٿيندو آهي. کيس مظلوم جي پڪار به گهائي رکندي آهي. اها به نڪرڻ نه ڏيندو آهي.
    30.4 ظالم، ڪوشش ڪندو آهي ته مظلوم جي وات مان آههَ به نه نڪري.

    31. راءِ کي وڻي سا راڻي،
    تنھن کي ڪير چوي؛ “ڪاڻي”. (پھاڪو)
    راءِ؛ بادشاهه، جيڪا شيءِ طلبيندو آ، سا وٽس حاضر ڪئي ويندي آهي. جنھن تي سندس دل ٿي، تنھن جي ڳولها ۽ قدر وڌي ويندو آهي. هر ڪو پيو ڪوشش ڪندو ته هٿ ڪري، بادشاهه آڏو حاضر ڪيان ۽ بادشاهه جي دل وٺان.
    بادشاهه ڀلي، ڪنھن ڪاڻيءَ تي اڪن ڇڪن هجي ته درٻاري به پيا ان کي راڻي ڪوٺيندا. ان جو عيب کين نظر ئي ڪو نه ايندو. ڇو جو اها سندن بادشاهه جي پسند آهي. بادشاهه جي پسند سان، نفرت ڪندڙن کي به پنھنجي انجام جو ڀؤ هوندو آهي. تنھنڪري اهي بادشاهه جي پسند ڪيل ڪؤڙي شيءِ کي ڪؤڙو نه بلڪ مٺو پيا سڏيندا. بادشاهه وٽ پسند پيل ڀنگياڻيءَ کي به راڻي پيا سڏيندا.
    مطلب:
    31.1 ڪاڻيءَ جي اک ۾، راڻ-ڪاڻ وارو عيب موجود آهي. جيئن ته بادشاهه کي سيبائي ٿي، تنھنڪري کيس هروڀرو راڻي ئي سڏبو.
    31.2 راءِ ڪو ڀائي، تڀي تو راني ڪھلائي. (اردو)

    32. رُسي گهوٽ سان، سا ڳالھائي نه ڳوٺ سان. (پھاڪو)
    رسڻ ۽ پرچڻ، انساني سڀاءَ اندر ٻه ڪيفيتون آهن، جن منجهه پرڪيف سُرور ۽ لذت هوندي آهي. ان ڪيفيت جي، تن کي خبر هوندي، جيڪي روسامي-سرچاءَ واري مرحلي مان، پَچي ۽ پِڄري گذريا هوندا. جڏهن رسڻ واري ڪيفيت، دماغ تي سوار ٿيندي آهي، تڏهن هر شيءِ سان رٺل رهڻ تي دل چوندي آهي. جڏهن ڪنھن سان اک اڙجي ويندي آهي ۽ ساڻس ملڻ لاءِ دل اڌما کائيندي آهي ته ان وقت هر نظر ايندڙ شيءِ، اکين کي خوبصورت، دل کي وڻندڙ ۽ من کي موهيندڙ پئي معلوم ٿيندي آهي.
    گهوٽ يا پرين پياري سان رسڻ وقت به، ساڳي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي. ان هڪڙي سان رسڻ سبب، جيڪو زبان ۽ ذهن تي تالو لڳندو آهي، سو ٻين آڏو به لڳل هوندو آهي، کلندو ناهي. طبيعت پوري بند هوندي آهي. جنھن سبب ڪنھن سان به ڳالهائڻ ڏکيو ۽ مشڪل ٿي ويندو آهي. فقط اکين مان دونهان ۽ نڪ جي چوٽيءَ مان پاڻي پيو ٽمندو آهي. ڪنن ۾ سون سون ۽ چپ سُوڻا مُوڻا هوندا آهن.
    مطلب:
    32.1 دل گهرين سان ڳالهائڻ بند ٿيو ته جڳ ئي نه وڻندو.
    32.2 رٺي آهي گهوٽ سان، ڳالهائي نه ٿي ڳوٺ سان.
    32.3 يارن جي ڪسر، ٻارن مان نه ڪڍجي.

    33. زن، جهيڙي جوڀن. (چوڻي)
    زن/ عورت، پنھنجي سونھن ۽ نزاڪت سبب، مرد جي نگاهه جو مرڪز ضرور رهي آهي. سندس حسن ۽ مڪر جي دامِ فريب ۾ ڪيئي ڪونڌر ڪسجي ويا ۽ ڪيئي چريا ٿي، لٽا لاهي دربدر ٿي ويا. جن جو عقل سالم ۽ لڱ چئي ۾ رهيا، تن کيس ماڻڻ ۽ راضي رکڻ لاءِ وڏا جهيڙا ٻوليا ۽ نباهيا. ٻولائي جوٽيل جهيڙن ۾، نروار ۽ نشانبر ٿي واريل جنگين ۾، ڪيئي جانيون ضايع ٿيون. ستل ۽ رک ٿيل جهيڙن اندر، جوش و جذبو، جنون ۽ جولان، جواني ۽ جوڀن، عورت جي وجود سان، ائين ڀڙڪي وڃي ٿو، جيئن ٻرندڙ باهه ۾ پيٽرول پيٽڻ سان نئين سر روح ڦوڪجي ويندو آهي. دنيا جي اندر، جيڪي به جهيڙا ۽ جنگيون لڳيون آهن، تن جو ڪارڻ؛ زن، زر ۽ زمين رهيا آهن. جيڪڏهن انهيءَ مفروضي جو تت يا سارُ سنڀالجي ته وري به اصل محرڪ؛ زن ئي نظر ايندو.
    مطلب:
    33.1 زن، زمين، زر، ٽئي قضيي جا گهر.
    33.2 زر، زمين ۽ زن، جهيڙي کي جوڀن.

    34. سُک جو ساٿي هر ڪو، ڏک جو ناهي ڪو. (چوڻي)
    هر جيو يا ساهدار، سک ۽ سڻائيءَ جو ڳولائو ۽ دلداده آهي. وٽس ناهي يا کيس ميسر ناهي ته انهن جي ڀر ڳولهي ٿو، جن وٽ آهي. انھن جي پاڙي ۾ رهڻ، سندن پر ڪرڻ، کين راضي رکڻ ۽ سندن دل وٺڻ کي، وٽن ميسر سک کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ڊڪي، سکيي سان سڀڪو ناتو جوڙي ٿو. سندس ساٿ ڏئي ٿو. ساڻس سيڻڪو رشتو ڳنڍي ٿو.
    ان جي برعڪس، ڏک ۽ بک واري کان هرڪو ونءُ وڃي ٿو. ساڻس گڏ ويهڻ ۽ مائٽي ڳنڍڻ ۾، وٽس موجود ڏکن ۽ اهنجاين ۾ شريڪ ٿيڻ جي مترادف سمجهي ٿو. پراوا سک ونڊڻ ته هر ڪنھن کي وڻن ٿا، پر ڏک ونڊڻ اهنجا لڳن ٿا. انهيءَ سبب، هرڪو غريب سان تعلق رکڻ ۾ ڪراهت ۽ ڪِرڀ پيو ڀانئيندو آهي.
    مطلب:
    34.1 هر ڪنھن کي سک کپي، ڪنھن کي به ڏک نه کپي.
    34.2 سکيي منجهان سوَ سک، ڏکيي منجهان سَوَ ڏک.
    34.3 سکيي جا سالا به گهڻا، بکيي جو ڀيڻيويو به ڪونه.

    35. ضرورت، انڌو ڪري. (چوڻي)
    ضرورت؛ احتياج يا گهرج، ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي. ضرورت وقت، ماڻهو گهڻين شين کي خاطُر ۾ نه آڻيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪريل ڪم يا حرڪت ڪندي، شرمساري به محسوس نه ڪندو آهي. انهيءَ ڪيل ڪڌي ڪم کي پڻ، پنھنجي عزت ۽ شان مان جي برقرار رکڻ جي مترادف پيو ڄاڻيندو آهي. ايترو ته سندس عقل تي پردا چڙهي ويندا آهن جو کيس، ان ڪم جي قبيح جزئيات تي نظر ئي ڪانه پوندي آهي. انڌي گهوڙي ڪل ۾ وانگر، ٻسٽ وڃي پار پوندو آهي. قباحت ۽ ڪڌائپ جا سمورا لوڙها ۽ ليڪا لتاڙي،جڏھن منزل ماڻيندو ۽ کڳيون هڻندو آهي ته پاڻ کي ئي پيو حق سچ تي ڀانئيندو ۽ سڏرائيندو آهي.
    وقت تي پيل گهرج يا ضرورت، ايتري ڏکي ۽ خراب هوندي آهي جو ان ۾ انڌو ٿيڻ اوس ئي آهي. انڌائپ ايتري وڪوڙي ويندي آهي جو پنھنجي ضرورت ۽ غرض، اڻ-لکي ۽ اڻ-ٽر پئي محسوس ٿيندي آهي.
    مطلب:
    35.1 غرض، گولي آهي.
    35.2 ضرورت، ايجاد جي ماءُ آهي.
    35.3 “گدڙ کي شينھن سامھون ڪير ٿو ڪري؟” چي؛ “احتياج”!
    35.4 “اگهه ڪنھن وڌو؟” چي؛ “جنھن جي نه سري.”
    35.5 “اگهه ڪنھن وڌو؟“ چي؛ “جنھن جا ٻچا رات بک تي ويٺا.”

    36. قلندرن پويان، ڪيئي ڪتا پيا ڀونڪن. (پھاڪو)
    قلندر؛ اهو فقير جيڪو دنيا و مافيها کي تاڳي، مست الست ٿيو گهمي، سو ڪنھن جي ٽوڪ چٿر جي پرواهه نه ڪندو آهي. ٽوڪ چٿر يا ڪتي جي ڀؤنڪڻ جو ڀؤ ان کي هوندو آهي، جنھن کي دنيا ۾ رهڻ ۽ پنھنجو ڳاٽ اوچو رکڻ جو اونو هوندو آهي. کيس انھن ڳالهين تي مُٺيان ان ڪري لڳندي آهي جو انھن ڳالهين کي پنھنجي خواريءَ جو سبب سمجهندو آهي. جڏهن ته خواريءَ ۽ خرابيءَ جو کارو مٿي تي کڻڻ کان ھر ڪو ان ڪري لنوائيندو آهي جو کيس پنھنجي سر بلندي ۽ وڌندڙ بخت لاءِ، ان ۾ رنڊ روڪ محسوس ٿيندي آهي.
    ان جي برعڪس، فقير قسم جا الله لوڪ ماڻهو يا دنيا کان الهوٽ قسم جا درويش ۽ قلندر، دنيا جي درجن کي نه مان ڏين، نه ئي انھن کي حاصل ڪرڻ ۽ برقرار رکڻ لاءِ مٿاکٿا ڏين. نه ئي کين عزت جي وڃڻ جو اونو رهي، نه ئي وري ماڻهن جي آؤ ڀڳت کين مزو ڏئي. پوءِ اهي ڪتي جي ڀؤنڪ کان ڇو ٽهن؟
    اھا ٻي ڳالھ آھي ته فقير تي ڪتو ضرور ڀؤنڪندو. ڇو جو ڪتي کي به خبر آهي ته اگر ساڳئي در تان فقير وٺي ويو ته پوءِ کيس اتان مشڪل ئي ملندو.
    مطلب:
    36.1 فقير پنندو رهي، ڪتو ڀؤنڪندو رهي.
    36.2 هم پيشه باهم پيشه شود دشمن.

    37. ڪاڏي منھن مريم جو، ڪاڏي ٽنڊوالھيار. (پھاڪو)
    غلط العوام تحت، ائين چيو وڃي ٿو. البته بنيادي طرح اها چوڻي هيئن آهي:
    ڪاڏي منھن مريم جو، ڪاڏي الهيار.
    مريم نالي هڪ خوبصورت عورت، جڏهن وڏي خاندان جي مگر شڪل جي سادي مرد نالي الهيار سان شاديءَ لاءِ منسوب ٿي ته ان ڳالهه جي ماڻهن جي واتن تي ائين چؤ پچو ٿي. مريم لاءِ کين ان ڪري همدردي پيداٿي جو خوبصورت شيءِ هر ڪنھن کي پسند آهي. مريم به خوبصورت هئي. ٻين کي ته پاڻ وڻي پئي پر جيئن ته کيس به دل ۽ خواهش هئي سو بھتر هيو ته کيس به اهڙو سھڻو جوڙ جس ملي ها. جڏهن نه مليو ته ماڻهن جي واتن تي ڳالهه وائرجي وئي.
    ڪڏهن ڪڏهن ڪي معاملا فطرت جي اصول جي خلاف نظر ايندا آهن ته بي اختيار واتان اهڙي قسم جا جملا نڪري ويندا آهن. جيڪي پوءِ هلي ضرب المثل ٿي پوندا آهن.
    مطلب:
    37.1 غير متوقع معاملي لاءِ ائين چيو ويندو آهي.
    37.2 ڪاڏي احمد ميان سومرو، ڪاڏي گوشو ڊرائيور.
    37.3 ڪاڏي ڪوري، ڪاڏي ترار.
    37.4 ڪاڏي ٿيو ڪوهيار، ڪاڏي ٿي هٿ کڻي!
    37.5 ڪاڏي دال، ڪاڏي محمد خان مختيارڪار.

    38. ڪوڙ جا پير، نه ٿيندا آهن. (چوڻي)
    ڪوڙ، جيئن ته من گهڙت هوندي، حقائق تي مبني نه هوندو آهي، ان ڪري کيس ٽڪاءُ نه هوندو آهي. ٺاهيل ڪوڙ بابت پڇيل سوال، ڪوڙي کي بيزار ڪري ڇڏيندا آهن. هڪڙي پاسي کان پڇيل سوال جو جواب هڪڙوڀته ٻئي پاسي کان پڇيل سوال جو جواب وري اڳئين جواب جي نفيءَ ۾ پيو ڏيندو. ائين ڪرڻ سان، ڪوڙ جي قلعي کلندي ويندي آهي. پڇيل سوالن جي موٽ ۾، ٽُرڙ ٿي اگهاڙجي پوندو آهي. ڀڄڻ لاءِ به ڪوڙ جون واهون بند هونديون آهن. ڇو جو کيس ڀڄڻ لاءِ فقط محدود ميدان هوندو آهي. جيڪو ڪنھن به مٿانھينءَ تي هوندو آهي. جبل جي سنهيءَ چوٽيءَ تي ڀڄڻ لاءِ ميدان ۽ ڪوٺي جي ڇت تي ڀڄڻ لاءِ ميدان، سوڙها ۽ ننڍا ٿيندا آهن. جيڪو مٿانئن چڙهي جيترو تيز ۽ تڪڙو ڀڄندو، اهو اوترو ئي جلد مٿان کان منھن ڀر ڪرندو. ڪوڙي جو مثال به ائين آهي.
    مطلب:
    38.1 ڪوڙي کي هڪ اڌ ڪوڙ ڦٻندو آهي، پوءِ اچي سر مان ڦاسندو آهي.
    38.2 ڪوڙ جي ڊوڙ، کُڏ تائين.
    38.3 ڪوڙ جي منھن ۾، ڌوڙ.
    38.4 ڪوڙ جي پاڙ، ٺڪريءَ ٿي.
    38.5 دروغ را حافظه نيست. (فارسي)
    38.6 ڪوڙي کي يادگيرو گھٽ ٿيندو آھي. (ترجمو)

    39. کڳو کوهه ۾ نه هئڻ، مٿان ويڳر ڪٽجڻ. (پھاڪو)
    کڳو؛ مڇيءَ جو قسم، جنھن کي بت تي ڇلڙ نه ٿيندا آهن. کائڻ ۾ حلال آهي، جنھن ڪري غريب مٿس گذران ڪندا آهن. کڏ کوهه يا واهيءَ سونهينءَ ۾ پاڻمرادو اچي ويندا آهن. جلدي نه ڦاسندا آهن. لوڀ تي گهٽ ايندا آهن ۽ جنھن ڪري ڪلوئڙي ۾ جلد نه ڦاسندا آهن. ڄار وعغيره ۾ به ڦاسڻ وقت ترڪڻي جسم جو فائدو وٺندي، ڀڄي وڃي پاڻيءَ ۾ پوندا آهن. جيستائين کڳا رڌڻ ۽ کائڻ جو اعتبار نه ڪجي. ٿي سگهي ٿو، گهڻيءَ بک سبب، کين رڌڻ جو ارادو ملتوي ٿي وڃي ۽ ڪا ٻي شيءِ کائي پيٽ ڪتي کي پادر هڻي چُپ ڪرائجي.
    ان جي ابتڙ، کڳا اگر کوهه ۾ ئي موجود نه هجن، جومرحلو اڃا پوءِ آهي، اهڙي صورت ۾ مرچ مصالحا ڪٽڻ، واندڪائيءَ جي وندر کانسواءِ ڪجهه به ناهي.
    مطلب:
    39.1 کڳا کوهر ۾، ويڳر پيا ڪٽجن!
    39.2 ناني ڄائي ناهي، ڏوهٽا پيا ڪوٺا ٽپن.
    39.3 آنن کان اڳي، چوزا نه ڳڻجن.
    39.4 کڳا کوهه ۾ ئي نه ھجن، مٿئون ويڳر پيا ڪٽجن.
    39.5 قبر ۾ ڪجهه به نه ھئڻ، ختمن تي زور هئڻ.

    40. کلي ڳالهاءِ ته، ٽِڪڻ جا سعيا. (چوڻي)
    مُرڪڻ ۽ کلي نهارڻ به سخاوت اندر ڳڻيا ويندا آهن. خاص طور تي، مھمان سان آڌرڀاءُ ڪرڻ وقت. اهو ئي سبب آهي جو کلي کيڪارڻ، مھمانيءَ جي آداب ۾ ڳڻيو ويو آهي. مھمان جو مان ۽ شان، ادب ۽ احترام، انهيءَ ۾ آهي ته ساڻس کلي ڳرهين لڳجي. مھمان کي به اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته اتي مھمان ٿي وڃي، جتي کيس ڪير کلي کيڪاري. جتي ڪو سڌي منھن سان نه ڳالهائي، هٿ ابتي نموني سان ڏئي، چَپ چِٻا ۽ چُونا ڪري جواب ڏئي، تنھن وٽ مھمان ٿيڻ کان ونءُ وڃجي ته چڱو.
    ڪي وري مھمان، اهڙا گهر-تڙيا هوندا آهن، جو ٿيلهو سدائين ڪلهي تي هوندو اٿن. نه ڪمائين نه ڪرتين، پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي ڪيو، ڪڏهن هِت ته ڪڏهن هُت، ڏند-شيڪيو ۽ ڪن ڪيٽا ڪيو، اچيو بيھيو رهن. چي؛ “جاڙا خان! ڪتي کي جهل! اسان به اچي وياسين.” اهڙا مھمان، جلد ٻين جي دل تان ڪري پوندا آهن. ساڻن ڪير ڀل ۾ به کلي ڳالهائڻ پسند نه ڪندو آهي ته متان کلي ڳالهائڻ ۾ کين، ترسڻ يا ٽڪڻ لاءِ دعوت نظر اچي. اهڙو ٿوڪو ماڻهو اگر مھمان ٿي اچي ٽڪي، ان لاءِ ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
    مطلب:
    40.1 کلي کيڪار ته ڳچيءَ پئجي وڃي.
    40.2 ڄٽ کي ڏي قرب ته جتيءَ سميت هنج ۾.

    41. گابا هر وهن ته، ڏاندن کي ڪير پڇي؟ (پھاڪو)
    هر؛ زمين جي سيني کي، لوهه جي گهوٻي سان چيرڻ ڦاڙڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. هر هلائڻ لاءِ، وڏي طاقت درڪار هوندي آهي. ڪي زمينون سخت ۽ ڏاڍيريون يا آروڙيون ٿين، تن ۾ ته گهوٻو ڏاڍو ڏکيو گهڙي. گهڙي ته اکيڙ وقت وڏو زورلائڻو پوي. ان زور لائڻ لاءِ، فقط طاقت نه بلڪ آزمودي جي به ضرورت هوندي آهي. اهو ڏاند، جيڪو ڀلي طاقتور آهي پر جڙ ۽ اڻ-آزمودگار آهي، سو به اگر وهندو ته يا پاڃاري ڀڄندو يا چُوني، يا پنھنجا پير کر ڦٽيندو يا هرنھن ڀڃندو. زمين جي کيڙ صحيح نموني نه ڪري سگهندو.
    ان جي برعڪس گابو ته اڻ-آزمودگار، طاقت ۾ به گهٽ ۽ جڙ هوندو آهي. ان کي ٻئي ڏاند سان هر ۾ ڀيچي نه سگهبو. ڀيچڻ لاءِ به هڪ-ڪرائي ضرور هئڻ گهرجي. ٻئي هڪجھڙا ۽ هڪ-ڪرا نه هوندا ته به اوڙ ۽ وراڻي ته پيا هاريءَ کي منجهائيندا.
    مطلب:
    41.1 ڏکئي ڪم لاءِ، طاقت سان گڏ، عقل جو استعمال ضروري آهي.
    41.2 پاڏن سان ڍُڪيون ٿين ها ته سانَ ڪير نه ڌاري ها.
    41.3 گُندئين کير ملي ته مينھون ڪير ڌاري؟
    41.4 وڇ کير ڏئي ته مينھن ڪير ڌاري.
    41.5 گابن سان ڍڪيون ٿين ته ڏاند ڪير نه ڌاري.

    42. گڏهه کي سونا سنج پارائجن ته به گڏهه رهندو،
    گهوڙو نه ٿيندو. (پھاڪو)
    گڏهه ۽ گهوڙو، ٻئي چڙهڻ، بار ڌڪڻ لاءِ وهٽ طور استعمال ٿين ٿا. جڏهن ته گڏهه، پٺيءَ تي بار پڻ ڍوئي سگهي ٿو. ان لاءِ سندس پٺيءَ تي آٿر/ٻورا رکبا آهن. مٿس سواري ڪرڻ کي گهوڙي جي ڀيٽ ۾ ڪير به ترجيح نه ڏيندو آهي، ڇو جو سندس وک تڪڙي ناهي. جڏهن ته گهوڙي جي ڊڪ تيز آهي ۽ جلد منزل تي رسيو وڃي. گهوڙي جي پٺيءَ تي لاڳيتو، اڀو ويهڻ اهنجو ٿيندو آهي. ان لاءِ سوار مٿس سنج وجهندا آهن ته جيئن پير رڪاب ۾ ۽ هٿ واڳ ۾ ڦاٿل هجن ۽ وهڪ واري جاءِ، زين تي آرام پذير هجي ته منزلون هڻي سگھجن.
    گهوڙي تي سنج رکڻ، گهوڙي جي فطرت جي حساب سان، سوار/سئيس جي مجبوري آهن. جڏهن ته گڏهن تي سنج رکڻ فضول آهن. گڏهن قد جو ڇوٽو ٿئي ٿو. سوار جا پير اڳي ئي پيا زمين تي لڙڪي پوندا، انھن لاءِ رڪاب جي ڪھڙي ضرورت؟ وک تڪڙي نه هئڻ سبب، ڪِرڻ جو ڀؤ نه هوندو آهي ته پوءِ واڳ ۽ زين جي ڪھڙو ضرور. ٻيو ته انھن سنجن، پوءِ ڀلي سون جا هجن، وجهڻ سان گڏهه جي چال ۽ فطرت ۾ ڪوبه ڦيرو نه ايندو.
    مطلب:
    42.1 سونا سنج رکڻ سان، گڏهه گهوڙو نه ٿيندو.
    42.2 گڏهه گهوڙو نه ٿئي، توڙ ي مٿس رکجن سونا سنج.
    42.3 ڪتو، ٻڪري نه ٿئي توڙي سو تڪبيرون پڙهجن.

    43. گلا خور جو کائجي، مھڻي خور جو نه کائجي.
    (چوڻي)
    گلا خور: پر پٺ عيب ڪڍندڙ. مھڻي خور: منھن سامھون ڍيڪ ڏيندڙ، ڍيڪر.
    پرپٺ بادشاهن کي به پيون ٿيون گاريون ملن. جيڪڏهن پٺ پويان ڪنھن عيب اگهاڙيو آهي ته ان جو اثر دل تي گهٽ ويھندو آهي. ڇو جو سندس اها ڳالهه نه پاڻ ڪنن سان ٻڌجي ٿي ۽ نه اکين سان ڏسجي ٿي. ماڻهن جي ذريعي ڪا خبر پئي ته پئي، نه ته ٿيو خير.
    ان جي برعڪس، منھن سامھون عيب ڪڍندڙ ۽ ڍيڪر جي ڍيڪ جو اثر، يڪدم دل تي ويھجي وڃي ٿو. ڇو جو سندس ادا ڪيل لفظ، ڪنن سان سڻجن ٿا ۽ سندس ڍيڪ جو لھجو، آواز جي گھرائپ، هٿن جا اشارا ۽ اکين جا ترناوَ اکين سان ڏسجن ٿا. جيڪي جلد دل تي چٽجيو وڃن ۽ اَمٽ نشان ڇڏيو وڃن.
    مطلب:
    43.1 ڍيڪر ۽ مھڻي خور، گلا خور کان به وڌيڪ خراب آهي.
    43.2 ڄنگھن ڏارائيءَ کان وات ڏارائي خراب.

    44. ڳجهه جي نظر، ڍونڍ تي. (پھاڪو)
    ڳجهه؛ ڍونڍ خور پکي آهي. سندس گذر آهي ئي، رب جي ماريءَ تي. جهنگ ۾ يا آباديءَ ۾ جانور مري ويو ته ماڻهو کيس حرام سمجهي اڇليو وڃن. مئل ڍور، ڏينھن ٻن ۾، سُڄي ڌپ به ڪري ۽ گوشت پٽڻ جي حساب سان ڳري نرم به ٿي پوي. سندس ڌپ تي گدڙ ۽ لومڙيون، ڳجهون ۽ سرڻيون اچي لامارا ڏين. جيئن ته گدڙ يا لومڙيءَ کي، زميني سفر ڪري، ڍونڍ تي پھچڻو ٿو پوي، تنھنڪري آباديءَ وارن علائقن ۾ شڪارين جي ڀَوَ کان، ڍونڍ جي ويجهو وڃڻ کان پيا لھرائيندا آهن. جڏهن ته سرڻ ۽ ڳجهه، مٿس اڏامي پھچن ٿيون، تنھنڪري جلد پڄيو وڃن.
    ڀلي ڪيترو آسمان صاف هجي ۽ پري پري تائين ڪنھن پکيءَ جي اڏامڻ جو نانءُ نشان ئي نه هجي. مئل، اڃا ڍونڍ ٿيو ئي ناهي، ڳجهون الائي ڪٿان اچي مٿس مڙنديون. هڪ ڍونڍ کي پورو ڪري، ٻئي جي تاڙ ۾ ائين نڪري وينديون، ڄڻ هتي ته آيون ئي ڪين هيون. آسمان ۾ ڀلي ڪيترو به مٿي اڏامي پر هيٺ زمين تي پيل ڍونڍ کيس جلد نظر اچيو وڃي. بنا اطلاع ۽ ڪوٺ جي، الائي ڪٿان اچي کيس ڳولهي لهي.
    مطلب:
    44.1 نظر ڳِجهه جي، نڪ ڪول جو، ڏاٺ اڏوهيءَ جي.
    44.2 مک جي نظر، ڦٽ تي.
    44.3 ڪاري مينھن جي نظر، ڳئونءَ جي ڪاري پڇ تي.
    44.4 هر ڪنھن جي پھرين نظر، مطلب واري شيءِ تي پوندي آهي.

    45. ڳوھ کي کٽي کڻي، موچين جا گهر نهاري. (پھاڪو)
    ڳوهه کي، هرڪو حرام سمجهي، ويجهو نه ويندو آهي. جڏهن ته سندس جسم تي وَهَ يا چرٻي، ٻين سڻڀن جي ڀيٽ ۾ گرم ۽ طاقت بخش آهي. اهو ئي سبب آهي جو، حرام کائيندڙ قومن جا فرد، کيس ڳوليندا رهندا آهن. سدائين رنبو ۽ کٿو سندن ڪلهي تي هوندو آهي. ڪڏهن هن ڏر کي پيا گُڏيندا ته ڪڏهن هن کي پيا کوٽيندا. جيئن ئي کين ڳوھ هٿ آئي تيئن يڪدم وڃي سيخن تي سندس ماھُ پچائيندا. جڏهن ته ڳوھ، ڊِٺي به وڏي آهي. هڪ دفعو ڏر ۾ وئي، ٻاهر مشڪل نڪري. نانگ، مرلين وڄائڻ سان ٻاهر نڪري. جڏهن ته ڳوھ تي بينن جو آواز به اثر نه ڪري. کيس، ڦاٿل جاءِ تان ڪڍڻ لاءِ، وڏا جُھد پٽڻا پوندا آهن.
    اها ڳوھ، جنھن کي ڍيڍ يا ماڙيچا،موچي يا شڪاري، ڏر ۾ به گُڏي وڃي ڪڍن، سا اگر کين پنھنجي گهر ۾ ويٺي اچي ملي ته ڪيئن ڇڏيندس؟ سِرُ نه کڻنس ته شڪاري ڪيئن سڏجن.
    مطلب:
    45.1 جڏهن قسمت ڦٽندي آهي ته فالودو کائيندي به ڏند ڀڄي پوندا آهن.
    45.2 ڳوهه کي کٽي کڻي ته شڪارين/ ڍيڍن جا گهر ڳولي.
    45.3 گدڙ کي کٽي کڻي ته شهر ڏانھن رخ رکي.

    46. لکئي سان ليکا نه آهن. (چوڻي)
    جيڪي ڪجهه قسمت ۾ لکجي چڪو آهي، سو ئي هن دنيا اندر آڏو اچي ٿو. قسمت اندر سک سھنج جي حياتي گذارڻ لکيل آهي ته سک واري گذاربي. اگر ڏکن ڏولائن ۽ اهنجن ايذائن واري حياتي گذارڻ لکيل آهي ته اها گذاربي. لکئي کي مٽائڻ تي، نه ڪنھن جو وس ٿو هلي سگهي ۽ نه لکئي کان هٽي ڪري زندگي گذارڻ لاءِ ڪنھن کي اختيار حاصل آهي.
    لکئي تي آمنا وارڻي آهي. نه مٿس ڪرڪڻو ۽ ڪڇڻو آهي ۽ نه ئي کيس گهٽ وڌ ڳالهائي، سندس ليکا لاهڻا آهن. ائين ڪرڻ سان ورندو ڪي ڪين. هٿائين پنھنجا ٻئي جھان، پنھنجي هٿن سان ٻوڙبا. بھتر ائين آهي ته رب جي لکئي تي راضي رهجي ۽ هر وقت کيس ٻڏائيندو رهجي.
    مطلب:
    46.1 قسمت تي، ڪرڪجي نه.
    46.2 رب جي رضا تي، راضي رهجي.

    47. ماءُ جنھن جي جھڙي، ڌيءُ تنھن جي تھڙي،
    ڏوهه نه ڏي ڏوهٽيءَ تي، انھن جي آڪهه ئي اهڙي.
    (چوڻي)
    اولاد، والدين تي اڍ ڇڪيندو آهي. وصفن اوصافن، نقشن اهڃاڻن ۾، ٻه هٿ، ٻه پير، سود پود والدين وانگر هوندو آهي. ڌيءُ هوندي ته چال چلت ۾، ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾، لھجي گفتي ۾، ماءُ وانگر هوندي. کيس ڏسڻ سان، يڪدم خيال سندس ماءُ ڏانھن هليو ويندو.
    اهڙيءَ طرح اگر ڪنھن مرد کي اڳي ڏٺو آهي پر هاڻي هن دنيا ۾ ناهي ۽ اوچتو اگر سندس اڻ ڏٺل پٽ سامھون اچي ويندو آهي ته يڪدم گمان سندس پيءُ ڏانھن هليو ويندو آهي ۽ يڪدم کانئس پڇي وٺبو آهي ته؛ “فَلاڻي جو پٽ آهين ڇا؟”
    اهڙيءَ طرح وصفون آهن. اگر ماءُ نيڪ سيرت آهي ته ڌيءُ يا ڏوهٽي به نيڪ سيرت رهنديون. اگر ماءُ بدچال ۽ ڀاڄوڪڙ آهي ته ڌيءَ يا ڏوهٽي به ان ڪارنامي کي عيب نه سمجهنديون. ان ۾ ئي کين پئي سرهائي ۽ سورهيائي محسوس ٿيندي.
    مطلب:
    47.1 ٺان جھڙي ٺيڪري، مان جھڙي ڏيڪري. (ٿري)
    47.2 جھڙو ٿانءُ، تھڙو ٺڪر.
    47.3 ڀِت آئري تي ويندي آهي.
    47.4 ڀيٽيو: جھڙو سٽ تھڙي پيٽي، جھڙي ماءُ تھڙي ٻيٽي.

    48. مٽياريءَ جو موت، ويندي جي ويرم. (چوڻي)
    مٽياري؛ متعلوي سادات جو مسڪن رهيو آهي. انھن جي اثر هيٺ، جيڪي ٻين قومن جا فرد به اچي اتي رهيا، تن جو به دين اسلام سان گھرو رشتو ناتو رهيو. اتي اسلام جي تبليغ ۽ فروغ جو وڏو ڪم ٿيندو هيو. نوان مسلمان، مسلمان ٿيڻ وقت، مٽياريءَ ۾ پاڻ کي محفوظ سمجهندا هيا. کين هر قسم جي، مالي توڙي اخلاقي، مدد ۽ معاونت پئي ٿيندي هئي. سندن ختنو/ طوهر سنت ڪرائڻ، لٽي ڪپڙي جو بندوبست، رهائش ۽ شادي وغيره جو بندوبست به اتان جي مخير حضرات جي معاونت سان ٿيندو هيو. بس رڳو پڄڻ جي دير هئي.
    جن جا لخت جگر، جوانيءَ ۾ پير پائيندي، پيءُ ماءُ کي دين خاطر ڇڏي، اچي مٽياريءَ موجود ٿيندا هيا ۽ ستت ئي رسمن مان فارغ ٿيندا هيا، سي پنھنجن لاءِ ڏوراپو ڏيندا هيا ته؛ “مٽياريءَ ۾ پھچڻ جي دير آهي.” يا چوندا هيا؛ “مٽياريءَ جو موت، ويندي جي ويرم.” ڇو جو دين مٽڻ سان، اولاد پيءُ ماءُ کان الڳ ٿي ويندو هيو يا مٽن مائٽن کان سڄي عمر لاءِ ڪٽجي ويندو هيو. تنھنڪري سندن والدين، کين مئل سمجهي، سھائي ڇڏيندا هيا ۽ دل تي پٿر رکي ائين چوندا هيا.
    مطلب:
    48.1 مسلمان ٿيڻ لاءِ، مٽيارين ۾ پڄڻ جي دير آهي.
    48.2 مرڻو مـَٽَ جو، پرڻو ڍٽ جو. (ٿر)

    49. واندو ماڻهو؛ اَٽي تي چَٽي. (چوڻي)
    انسان دنيا جي تختي تي، آيو پالڻھار پروردگار جي عبادت ۽ ٻانهپ ڪرڻ لاءِ آهي. مٿس ٻيو به هڪڙو امتحان رکيو ويو آهي. ساڻس، وڌڻ ويجهڻ ۽ سرسبز و شاداب رهڻ لاءِ پيٽ ۽ وات پڻ لڳايو ويو آهي. پيٽ کي، اَنَ پاڻيءَ سان سائو ۽ تازو رکندو ايندو ته جيئرو به رهندو ۽ عبادت ڪرڻ وارو ڪم به ڪري سگهندو. اگر نه رکندو ته ڏوٻر لاهيندو ويندو. انهيءَ ڪم واسطي، روزي رزق، ساري زمين اندر رب ٽيڙي پکيڙي رکيو آهي. اھو چڳڻ لاءِ، انسان کي هٿ پير پڻ ڏنا اٿائين. هٿ پير هلائيندو ته بک کان به بچندو، ساڳائيندو به هلندو ۽ وندريو به پيو هوندو. هٿ پير نه هلائيندو ته هڏ-رک ٿيندو ۽ ٻين جو محتاج ٿي پوندو.
    قدرت واري، هٿن پيرن ۾ ڪم ڪرڻ جي قوت رکي آهي. اهي چڱي ڪم تي هلائبا ته سالم رهندا. ٻي صورت ۾ پاڻمرادو پيا هلڻ جي ڪوشش ڪندا. اجاين ڌنڌن خفن ۾ لڳي ويندا يا ناڪاره ٿي ويندا. ٻنهي صورتن ۾ نقصان آهي. اهڙو ماڻهو ٻين لاءِ فائديمند ھئڻ بجاءِ هاڃيڪار آهي.
    مطلب:
    49.1 واندو ماڻهو؛ شيطان جو يار.
    49.2 بيڪار کان، بيگار ڀلي.
    49.3 واندي کان، ورتڻ ڀلي.
    49.4 نکمڻو واڻيو، ڪاڳر سوري.
    49.5 واندو ماڻهو، ڀتر ڀوري.
    49.6 واندو ماڻهو، ڇيڻا ڀوري.

    50. ويهي کائڻ سان، خرار به کٽي وڃن. (چوڻي)
    انسان سان لڳل پيٽ، کاڌي جي اهڙي ڳوٿري آهي، جنھن کي ڪيترائي سوراخ آهن. جيترو به کيس ڀرڻ جي ڪوشش ڪجي، اوترو ئي اُوڻو رهي. اهڙيءَ طرح، انسان سان ٻيون به لاتعداد ضرورتون ۽ گهرجون منسلڪ آهن. جن لاءِ کيس ناڻو يا روڪڙ، اناج يا ٻيون شيون گهربل آهن. مڙيئي گهربل شيون، جيڪي قدرت واري، زمين اندر ڇٽي ڇڏيون آهن، سي هٿ ڪرڻ لاءِ هٿ پير پڻ ڏنا اٿائين. انسان، پنھنجي محدود حياتيءَ ۾ وڏا ڍيرن جا ڍير کائي چٽ ڪري ٿو وڃي. اگر ابي ڏاڏي جي رکيل موڙيءَ تي ڀاڙي ويهي ته بک مري. ڇو جو اهي جلد کپي، کٽي ويندس. ان جو سبب اھو آھي جو دنياوي ڍيرن جي حياتي، تمام ٿوري آهي. اناج، رکئي اڏوهيءَ جو کاڄ ٿي ويندو. ڌن دولت، رکئي ڌوڙ ٿي ويندي ۽ سڪہ رائج الوقت نه هئڻ سبب، رک کان به بيڪار ٿي ويندي.
    ان جي برعڪس، پنھنجي هٿن جي محنت سان ڪمائڻ وارو ماڻهو، لڳاتار پيو ڪمائيندو ۽ خرچيندو. تازو توانو ۽ هشاش بشاش رهندو. ڪم ڪرڻ جي صلاحيت وڌندي ويندس. مالڪ جي عطا ڪيل نعمتن جو استعمال ۽ شڪرانو بجا آڻڻ سبب، اهو به مٿس مھربان رهي ٿو.
    مطلب:
    50.1 رب ڏئي، ته اب به ڏئي.
    50.2 ڏُهي کائجي، ڪُهي نه کائجي.
    50.3 اب جو ڏنو ڪھڙي ڪم جو، جيسين رب نه ڏئي.
    50.4 کاڌي، خرار کُٽي وڃن.
    50.5 اولاد تي احسان ڪرين ته، کيس هٿ جو هنر سيکار.

    51. يا ٿجي مڙس ماڻهو، يا رهجي مڙسن جي پاڙي ۾.
    (چوڻي)
    روءِ زمين تي زندگي گذارڻ لاءِ، انسان کي هٿ پير ڏنا ويا آهن ته جيئن کاڌِ خوراڪ هٿ ڪرڻ سان گڏ، پنھنجي حفاظت لاءِ اجهو جوڙي سگھي ۽ لٽو هٿ ڪري سگهي ته جيئن پاڻ کي موسمي اثرات ۽ موذين جي خطرات کان آجو رکي سگهي. سندس اردگرد موجود سموريون شيون ۽ ماحول، سندس حفاظت لاءِ نه رکيا ويا آهن. ڪي ماحول ۽ شيون، جانور ۽ حيوان، سندس دشمن به آهن. کانئن بچڻ لاءِ کيس ڪوششون ۽ تدابير اختيار ڪرڻيون آهن. اگر اڪيلي سر، سر تي آيل آپدائن سان منھن ڏيڻ جي صلاحيت نه هجيس ته ٻين سان گڏجي رهي. جيئن پاڻ ٻين جي ڪم اچي ۽ ڪجهه ٻيا سندس ڪم اچن. ماحول سان، رهائي هلڻ ۾، وقت سٺو گذرندو. اڙي اُڌي، اوکي اهنجي، سر تي نه ايندي. ايندي ته به ٽري ويندي يا لکائيندي ئي ڪانه. ڇڙ ڇڙ ڳابڙا ٿي، اڪيلو ٿيندو ته بگهڙن ۽ شيطانن جي چنگل ۾ ڦاسي پوندو.
    ڏکن ۽ ڏاکڙن، ڏائڻن ۽ ڏولائن کان بچڻ لاءِ، پاڻ ۾ قوة ڌارڻي پوندي. مڙس ماڻهو ٿيڻو پوندو. عقل ۽ طاقت کان ڪم وٺڻو پوندو. اگر پاڻ ۾ نه هجي ته ڪنھن طاقت واري آڏو هيٺانهين ڪري، ان جي پاڇي يا ليڪي ۾ رهڻو پوندو. ان ۾ ئي بچ بچاءُ آهي. ور نه اڪيلي ٻڪريءَ کي، بگهڙ آسانيءَ سان کائي چٽ ڪري ڇڏيندو آھي.
    مطلب:
    51.1 همت ۽ مردانگيءَ سان، زندگي گذارجي.
    51.2 لِڳڙو ۽ لِلڙو ٿي، زندگي نه وڃائجي.
    51.3 ھمت مردان، مدد خدا، بي ھمت بندا، بيزار خدا.


    ڏسڻي

    نمبر داخلا ص
    ۱ آکئي جو عقل ۽ وِهائيءَ جي تَوڻ، پوري ڪا نه ٿئي. (چوڻي) ۱۴
    ۲ اتر جو ڍڳو، لاڙ جو ماڻهو. (چوڻي) ۷۷
    ۳ اترادي ٻچو، مُور نه سچو. (چوڻي) ۷۶
    ۴ اڇا ڪپڙا کيسا خالي، هلي گهمو چوهڙ جمالي. (چوڻي) ۴۵
    ۵ اَڪُ ٻارڻ، جَوَ تَوڻ، ٽِمڻو گهر، چُوچِي زال، ڪِرڪِرو ڀتار، پنج ئي بيڪار. (چوڻي) ۱۵
    ۶ اک ڏٺي مک، ڪير ڳھي؟ (پھاڪو) ۷۷
    ۷ انڌي آڏو روئڻ؛ پنھنجو نور وڃائڻ. (پھاڪو) ۷۸
    ۸ اهڙو ڪم ڪجي جو، نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي. (پھاڪو) ۷۹
    ۹ اوڙا پِنيم، پاڙا پِنيم، پِنيم سڳا ڀائي، کائڻ وارا کائي ويا، سر هيڪڙي آهي. (چوڻي/ پھاڪو) ۱۶
    ۱۰ ايءُ جي ڀونتريا ڀونءَ ته گهُنا به گهوڙي چڙهيا. (جتڪي، پھاڪو) ۴۵
    ۱۱ بندر جي بازار ۾، سوين تڙبا سور. (جتڪي، چوڻي). ۴۶
    ۱۲ بندر ڦٽو، سوکي وٺي. (پھاڪو). ۴۶
    ۱۳ بي ڏاڙهيي ڪٽڪ کان، پاسو ڀلو (چوڻي) ۱۷
    ۱۴ ٻاهر ٻرندي هر ڪو ڏسي، منجهه ٻرندي ڪير نه ڏسي. (پھاڪو) ۸۰
    ۱۵ ٻتڙ ٻاجهه ڀريو، دولھه درٻار ٻارا. (پھاڪو) ۴۶
    ۱۶ ٻُڌجي سڀ ڪنھن جي، ڪجي پنھنجي. (چوڻي) ۸۱
    ۱۷ ٻه تلوارون، هڪ مياڻ ۾ نه اينديون. (پھاڪو) ۸۰
    ۱۸ ٻيا سڀ مري ويا، تڏهن فوجو ٿيو فقير. (پھاڪو) ۴۷
    ۱۹ ڀائرن سان ڪھڙا ليکا؟ (چوڻي) ۸۲
    ۲۰ ڀت ويندي آهي بنياد تي. (پھاڪو) ۸۳
    ۲۱ ڀتـڙ ته بکيو، غريب ته گڊو، خاصو ته خاصخيلي، تونگر ته طاهراڻي. (چوڻي) ۸۳
    ۲۲ ڀِلُ هر ڪا ڀلي، ڪنڍي ڪا ڪا ڀلي. (چوڻي) ۱۷
    ۲۳ ڀلي رڙي بادام، جنھن جو ڦَرُ آهي ڦُٽرو. (جتڪي، پھاڪو) ۴۸
    ۲۴ ڀولڙو پوڙهو ٿي ويندو، گيلاٽيون ڪو نه وسرندس. (پھاڪو) ۴۸
    ۲۵ ڀُولي جي علاج سان، مرض به سلامت ته مريض به سلامت. (پھاڪو) ۱۸
    ۲۶ ڀؤنڪڻ وارا ڪتا، کائيندا ڪو نه. (چوڻي) ۸۴
    ۲۷ ڀينءَ جي بازار ۾، ٻيائي نه ڪجي. (چوڻي) ۴۹
    ۲۸ ڀينءَ جي بازار ۾، پيو گهم. (چوڻي) ۴۹
    ۲۹ پرائي پڙوهي تي نار نه چاڙهجي. (پھاڪو) ۲۰
    ۳۰ پنھنجن سان ڪھڙا ليکا؟ (چوڻي) ۸۶
    ۳۱ پوڙهو مڙس پي ڪجي، ويھي مَ وڃائجي وهي، ڪڻڪن ۾ لابارا پوندا، پوڙهو پوندو ٺھي. (چوڻي/ پھاڪو) ۲۰
    ۳۲ تـتـر ڪوڙي، سھڙ پُٺا، هڪ گراه ته به هيڙھا مِٺا. (چوڻي) ۱۸
    ۳۳ تَنَ اُجري کان، مَنُ اُجرو چڱو. (چوڻي) ۱۹
    ۳۴ ٿلهو ڏسي نه ڊڄجي، سنهو ڏسي نه وڙهجي. (چوڻي/ پھاڪو) ۸۵
    ۳۵ ٺٽي جا ٺاٺ هيا، تڏهن ملتان ٿي اَڏيو (چوڻي) ۴۹
    ۳۶ جاتي، قرب جي ڪاتي. (چوڻي) ۵۰
    ۳۷ جاتي ڪل جت، ماڃر ڪل ميھ. (چوڻي) ۵۰
    ۳۸ جاتيءَ جا جت، پيرن اگهاڙا. (چوڻي) ۵۰
    ۳۹ جت سي جيندي، سسئي سرهوڻي نه ڏني. (جتڪي، چوڻي). ۵۱
    ۴۰ جتي مينھن پوي، اتي چڪون به ٿينديون. (پھاڪو) ۸۷
    ۴۱ جن جو نشي ۽ جوئا ڏي چاهُه، تن جو آسرو ئي لاهِه. (چوڻي/ پھاڪو) ۲۲
    ۴۲ جنھن جو گر صدر، تنھن جا چيلا ڀلين چاڳ ڪن. (پھاڪو) ۵۱
    ۴۳ جھڙو راڄ، تھڙو ڀاڳ. (چوڻي) ۸۸
    ۴۴ جھڙو سُٽ، تھڙي پيٽي، جھڙي ماءُ، تھڙي ٻيٽي. (پھاڪو) ۸۸
    ۴۵ جھڙو مھمان، تھڙي مھماني. (چوڻي/ پھاڪو) ۸۹
    ۴۶ جهڙ ۽ جهيڙا، سدا نه رهندا. (چوڻي) ۹۲
    ۴۷ جهل پير، پل دير. (زرعي، چوڻي/ پھاڪو) ۲۲
    ۴۸ جھل ڪلھو، ٿيءُ ٿُلھو. (زرعي، چوڻي/ پھاڪو) ۲۳
    ۴۹ جوکيي مان جُوکو، ننڍي ۾ ننڍو، تڏهن به اُٺ جيترو. (چوڻي) ۵۲
    ۵۰ جي اکين ۾ آنڃڻ هئا، ته بوترڪيون ڪيھان ڀويون. (جتڪي، پھاڪو). ۵۲
    ۵۱ جي سنجهي سمھن، سي سوير اٿن. (چوڻي/پھاڪو) ۲۳
    ۵۲ جي وڃان وڃان ڪن، سي رهي رهندا ڪيترو؟ (چوڻي) ۹۰
    ۵۳ ڄيرو نه ماري، پر ڄر ماري. (پھاڪو) ۹۱
    ۵۴ چادر ڏسي، پير ڦھلائڻ گهرجن. (پھاڪو) ۹۳
    ۵۵ چور جو ڀاءُ، ڳنڍيڇوڙ. (چوڻي) ۹۴
    ۵۶ چور، نه چوريءَ کان رهي، نه هيراڦيريءَ کان رهي. (چوڻي) ۹۴
    ۵۷ چيٽ؛ لڱن ميٺ، ننڍي وڏي پيٽ. (چوڻي) ۵۳
    ۵۸ ڇڇ مڙيو ئي ڇوڪريون، جاتي مڙيئي جوءِ. (چوڻي) ۵۳
    ۵۹ حرامي هڻي، ٻه ڀاڱا کڻي. (چوڻي) ۹۵
    ۶۰ حق، پاڻيءَ ۾ به نه وڃي. (چوڻي) ۹۶
    ۶۱ دَرَ تي ٻيرِ نه لڀي، نانءُ؛ “باغ شاهه”. (پھاڪو) ۹۷
    ۶۲ درياءَ جي آر تي، ڌَنَ-پتي پيار تي، مسڪين يار تي، ڪا ميار ڪانھي. (چوڻي) ۲۴
    ۶۳ دڙو، گيھه جو گهڙو، پر بي وڙو. (چوڻي) ۵۳
    ۶۴ دهل وڄي، دوسو نچي. (پھاڪو) ۹۸
    ۶۵ دولت کي باهه ۽ چور جو رهي ڊپ ڊاءُ، علم کي نه ڪير لُٽي، نه لڳيس ڪوسو واءُ. (چوڻي) ۲۵
    ۶۶ ديرو، ڦِٽو، اورنگا وُٺو. (پھاڪو) ۵۴
    ۶۷ ديس مٽجي، ويس نه مٽجي. (چوڻي) ۹۹
    ۶۸ ڏاڍو ماري، روئڻ به نه ڏي. (چوڻي/ پھاڪو) ۱۰۰
    ۶۹ راءِ کي وڻي سا راڻي، تنھن کي ڪير چوي؛ “ڪاڻي”. (پھاڪو) ۱۰۰
    ۷۰ رڍ ٿلھي متار، ته به پول ڍڪي پنھنجو. (پھاڪو) ۲۵
    ۷۱ رڙي، ٽڪن ۾ پڙي، جَتن کي مليو جواب. (چوڻي) ۵۴
    ۷۲ رُسي گهوٽ سان، سا ڳالھائي نه ڳوٺ سان. (پھاڪو) ۱۰۱
    ۷۳ رن هڪڙن جي مري، ٻين کي لگن سؤڻ. (پھاڪو) ۵۵
    ۷۴ ريءَ کٽيي، ريءَ وٽيي، پُٽ سيجڙي نه پسي. (چوڻي) ۲۶
    ۷۵ ريشم ۾ بافتي جو ٽڪر نه لڳندو. (پھاڪو) ۲۶
    ۷۶ زال، ٻار ۽ غلام، سونٽي سان سڌا. (چوڻي) ۲۷
    ۷۷ زال ڄَڻَ مان آڻجي، ڳئون ڌَڻَ مان آڻجي. (چوڻي/ پھاڪو) ۲۸
    ۷۸ زال وڏين واتين، ڪھاڙي ڳاڙهي ڳنين، راءِ پرائي ڪنين، ٽيئي نه ٿيا. (چوڻي) ۲۸
    ۷۹ زن، جهيڙي جوڀن. (چوڻي) ۱۰۲
    ۸۰ سانوڻ جو سُتو، ڪُتي جو ڪتو. (چوڻي) ۵۵
    ۸۱ سڀڪو سڀاوي سھڻو ڪونھي. (چوڻي/ پھاڪو) ۲۹
    ۸۲ سٺ پچي سٺڙيو، اسيءَ پچي جوئار، جي هاري اڃا تڪڙو، ته ڏسي لاھ جي پاڙ. (زرعي، چوڻي) ۳۰
    ۸۳ سَپَ مٿي گاهه، سَپَ ٻيٽو نه وسري، چِت وڻيسي، ڏڌ ڪاءُ ساءُ. (جتڪي، پھاڪو) ۵۵
    ۸۴ سُک جو ساٿي هر ڪو، ڏک جو ناهي ڪو. (چوڻي) ۱۰۳
    ۸۵ سنڊو ڦٽو، جاتي وٺي. (پھاڪو/ چوڻي) ۵۶
    ۸۶ سوڙهي جُتيءَ کان، پير اگهاڙا ڀلا، گهر جي جهيڙي کان، جهنگ منھن ڀلو. (فارسي، پھاڪو) ۳۱
    ۸۷ سوکي ڦٽي، کارو وٺو. (پھاڪو/ چوڻي) ۵۶
    ۸۸ سونا سنج رکڻ سان، گڏهه گهوڙو نه ٿيندو، ڦاٽل رلي رکڻ سان، گهوڙو گڏهه نه ٿيندو. (پھاڪو) ۳۲
    ۸۹ سون پرکجي ڪسوٽيءَ، روپو پرکجي باهه، ماڻھو پرکجي جڏهن، هينئون هيئين سان لاههِ. (شاهه) ۳۲
    ۹۰ سياري سورٺ ڀلو، اَر اونهاري گَجراھَ، وَرِ سياري ڪَڇڙو ڀلو، سنڌڙي ٻارو ماھ. (چوڻي) ۵۷
    ۹۱ شاگرد جي دعا قبول پوي ته استاد هڪ نه بچي. (چوڻي/ پھاڪو) ۳۳
    ۹۲ شاهبندر ڦٽو، چوهڙ وٺو. (پھاڪو/ چوڻي) ۵۷
    ۹۳ شل چرندي کي وَرَ نه پوي. (چوڻي) ۳۳
    ۹۴ ضرورت، انڌو ڪري. (چوڻي) ۱۰۴
    ۹۵ ڦُلان ڀري ٽارڙي، ڀوران ڀڳلي جاءِ. (پھاڪو) ۵۸
    ۹۶ قلندرن پويان، ڪيئي ڪتا پيا ڀونڪن. (پھاڪو) ۱۰۴
    ۹۷ ڪاڏي منھن مريم جو، ڪاڏي ٽنڊوالھيار. (پھاڪو) ۱۰۵
    ۹۸ ڪارو بوٽ هٿ ۾، جَتُ جاتيءَ ٿو وڃي. (چوڻي) ۵۸
    ۹۹ ڪانھن نسريا، ڪانڀرو نسريا. (زرعي، چوڻي) ۵۹
    ۱۰۰ ڪانھن نسريا، ويھر جي مند پوري. (زرعي، چوڻي) ۵۹
    ۱۰۱ ڪرمي هٿ ڪار، ويلي هٿ وڃڻي. (چوڻي) ۶۰
    ۱۰۲ ڪرهيي جي ميلي کان پوءِ، ڪپڙن کي باهه ڏبي ڇا؟ (پھاڪو) ۶۱
    ۱۰۳ ڪَنُ ۽ مَنُ، ڪنھن سڄڻ کي ڏجي. (چوڻي) ۳۴
    ۱۰۴ ڪوچار پن ٻوڙيا، راهينءَ ڀر ويھي، راهينءَ چيس؛ “ڀڄ ته ڀڄون نه ته ٻڏاسين ٻئي.” (پھاڪو/ زرعي) ۶۱
    ۱۰۵ ڪوري هر ڪا شيءِ ڀلي، پر ڀلي نه ذات. (چوڻي) ۳۴
    ۱۰۶ ڪوڙ جا پير، نه ٿيندا آهن. (چوڻي) ۱۰۶
    ۱۰۷ ڪونجن ڪُرڪ، پاڻيءَ سُرڪ. (زرعي، چوڻي) ۶۲
    ۱۰۸ ڪونجن ڪُرڪ، کير چُرڪ. (زرعي، چوڻي) ۶۳
    ۱۰۹ ڪونھي مڙس ملڪ ۾، تڏهن ٿيون وانڍيون وس چرن. (پھاڪو) ۶۳
    ۱۱۰ ڪياڙيءَ جي بجي کان، منھن جو بجو ڀلو. (پھاڪو) ۳۵
    ۱۱۱ کارو ڦٽو، ڳاڙهو وٺو. (چوڻي/ پھاڪو) ۶۳
    ۱۱۲ کاري جي ڍوري، ماڃر جي ڇوري، ٻاهر سوڙهي، هيٺ اوڙي. (چوڻي) ۶۳
    ۱۱۳ کر بند، هينئون هنڌ. (پھاڪو) ۶۴
    ۱۱۴ کر کي کستوري، کنڌي ٻڌي چار، اچيس پسوري، ليٽي پوي لڏ ۾. (پھاڪو) ۶۴
    ۱۱۵ کڳو کوهه ۾ نه هئڻ، مٿان ويڳر ڪٽجڻ. (پھاڪو) ۱۰۷
    ۱۱۶ کلي ڳالهاءِ ته، ٽِڪڻ جا سعيا. (چوڻي) ۱۰۸
    ۱۱۷ کيڙيندي کُتين ۾، اکيون جاءِ ڪجن، چونيءَ ڀڳي هڪڙي، ٽيئي ٽول کرن، هارين هَرُ ڪلھي تي، ڇڙيا ڏاند چرن. (زرعي پھاڪو) ۶۵
    ۱۱۸ گابا هر وهن ته، ڏاندن کي ڪير پڇي؟ (پھاڪو) ۱۰۹
    ۱۱۹ گابو ڪپڙ- چٻڻو، سوئا سينڌي، سُچر سواري، اَلَڙ ڪتو، بندوق ڏوردار، پنج ئي بيڪار. (چوڻي) ۳۶
    ۱۲۰ گاڏي آئي، چريا ڪو نه ويا. (پھاڪو) ۳۷
    ۱۲۱ گڏهه کي سونا سنج پارائجن ته به گڏهه رهندو، گهوڙو نه ٿيندو. (پھاڪو) ۱۱۰
    ۱۲۲ گلا خور جو کائجي، مھڻي خور جو نه کائجي. (چوڻي) ۱۱۱
    ۱۲۳ گيدوڙا نڪتا، ويھر جي مند پوري. (زرعي، چوڻي) ۶۵
    ۱۲۴ ڳجهه جي نظر، ڍونڍ تي. (پھاڪو) ۱۱۱
    ۱۲۵ ڳوھ کي کٽي کڻي، موچين جا گهر نهاري. (پھاڪو) ۱۱۲
    ۱۲۶ گهاٽا گهر بندر جا، پڙيءَ تي بيٺو پن. (چوڻي) ۶۶
    ۱۲۷ لکئي سان ليکا نه آهن. (چوڻي) ۱۱۳
    ۱۲۸ لوڙهيءَ ڏور، سارين کرو. (زرعي، چوڻي) ۶۶
    ۱۲۹ لوءِ وڙھجي، اَلوءِ نه وڙهجي. (چوڻي) ۶۶
    ۱۳۰ ماگهه، ڇوڙا ڏاگهه. (چوڻي) ۶۷
    ۱۳۱ مانگهه اڌين، ڪمر ڪڌين، وريا اتر پاند، رنڙيون سي مُٺيون، جن ويھاريا نوان ڪانڌ. (چوڻي) ۶۷
    ۱۳۲ ماءُ جنھن جي جھڙي، ڌيءُ تنھن جي تھڙي، ڏوهه نه ڏي ڏوهٽيءَ تي، انھن جي آڪهه ئي اهڙي. (چوڻي) ۱۱۴
    ۱۳۳ مٽياريءَ جو موت، ويندي جي ويرم. (چوڻي) ۱۱۵
    ۱۳۴ مرد کري بڪ ڪري، زال کري نَٽ ڪري، گهوڙو کري ڊڪ ڪري، مڙس کري شڪ ڪري، زمين کري اَڪ ڪري، موسم کري جهڪ ڪري. (چوڻي) ۳۸
    ۱۳۵ مرون چُوڻ کائي، پنھنجو مٿو وڃائي. (پھاڪو) ۶۸
    ۱۳۶ مڙس جي ڦِٽي، جيل ۾ وڃي، ڍڳي جي ڦِٽي، گهاڻي ۾ وڃي، گهوڙي جي ڦِٽي، ٽانگي ۾ وڃي. (چوڻي) ۳۸
    ۱۳۷ مزي جو مزو، پئنچن تي ٿورو. (پھاڪو) ۶۸
    ۱۳۸ مسافر کي ماني کارائڻ ۾، لائق نياڻي اٿارڻ ۾، لاش دفنائڻ ۾، دير نه ڪجي. (چوڻي) ۳۹
    ۱۳۹ مڪلي ٽڪري، ننگر ٺٽو ۽ پير پٺو، جنھن نه ڏٺو، تنھن ڪجهه نه ڏٺو. (چوڻي) ۶۹
    ۱۴۰ مڪلي، عاشقن جو مقام. (چوڻي) ۶۹
    ۱۴۱ مڱڻھار، ميراثي ۽ حجامڻ جو پيٽ، ڀرجڻ جو ڪونھي. (چوڻي) ۴۰
    ۱۴۲ مُلين جي خيرات، ڪانءَ جو لڳ، ڪنھن ڪو نه ڏٺو آهي. (چوڻي) ۴۱
    ۱۴۳ مني، ڪوڀ ڪني. (چوڻي) ۷۰
    ۱۴۴ مينھن پنجين، وٺي ڪر ھنجين. (چوڻي) ۷۰
    ۱۴۵ نام پِٺي جو، گام ڏاتار جو. (چوڻي) ۷۰
    ۱۴۶ نر ننگر، نار نصرپور، نرت نورائي، ھلي ڏسو جوڻ، جتي ڪپهه جو واپار آ جائي. (چوڻي) ۷۱
    ۱۴۷ نيات آھي، گت گنگا. (چوڻي) ۷۱
    ۱۴۸ نئڙت کان، سنوت ڀلي. (چوڻي) ۴۲
    ۱۴۹ هورن هاڙهو لنگهيو، ڳؤرون پاسي ڳوٺ. (جتڪي، پھاڪو) ۷۲
    ۱۵۰ واندو ماڻهو؛ اَٽي تي چَٽي. (چوڻي) ۱۱۶
    ۱۵۱ واڻيو پنج نه سھي، پنجاھ سھي. (چوڻي/ پھاڪو) ۷۲
    ۱۵۲ واھ ڙي ٻاٻرا، تنھن جي ڀت ۾ گيھ. (چوڻي) ۷۲
    ۱۵۳ وندر مٽي وانت، پوءِ ويري به مان جها ڀاءُ. (جتڪي، پھاڪو) ۷۳
    ۱۵۴ وياھ وياڻي، پيرا پاڻي. (چوڻي) ۷۳
    ۱۵۵ ويڄنئون وئي، ٿي وهيڻي سڄڻين. (پھاڪو) ۷۴
    ۱۵۶ وير مَ لاهي ويھُه، مٿي اَر اوڙاهه. (پھاڪو) ۷۴
    ۱۵۷ ويهي کائڻ سان، خرار به کٽي وڃن. (چوڻي) ۱۱۷
    ۱۵۸ يا ٿجي مڙس ماڻهو، يا رهجي مڙسن جي پاڙي ۾. (چوڻي) ۱۱۸
    ۱۵۹ ياقب جي ياري، سڄي جَڳَ جي خواري، ان جهڙي ٻي ڪونهي بيماري. (چوڻي) ۷۵


    مؤلف جا ڇپيل ڪتاب

    • ڪھاڻيون (ڇپيل)
    1. ھراس آڪٽوبر ۱۹۸۹ع
    2. جڏھن بت ئي چوي ڪافر نومبر ۱۹۹۲ع
    3. ھٿ جي وڍي ۱۹۹۹ع
    • پھاڪا ۽ چوڻيون/ ورجيسون. (ڇپيل)
    4. ننڍڙي روپ وارا، چوڻيون ۽ پھاڪا اپريل ۲۰۰۲
    5. ورجيسون: پسمنظر ۽ ڪارج نومبر ۲۰۰۳ع
    6. موزون آکاڻين تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون آگسٽ ۲۰۰۴ع
    7. اترادي پھاڪا ۽ چوڻيون مارچ ۲۰۰۶ع
    8. گل شڪر (نئين سر لکيل) مارچ ۲۰۱۱ع
    • پھاڪا ۽ چوڻيون (اڻ ڇپيل)
    9. چوڻين ۽ پهاڪن تي مشتمل مضمون. ڇپائيءَ ھيٺ
    10. چوڻين ۽ پهاڪن بابت مضمون ۽ مقالا. س ل ا وٽ
    11. چوڻين ۽ پهاڪن بابت تنقيدي مضمون. ڇپائيءَ ھيٺ
    12. لاڙي پھاڪا ۽ چوڻيون ڇپائيءَ ھيٺ
    13. ٿري پھاڪا ۽ چوڻيون ڇپائيءَ ھيٺ
    14. نصيحت آموز آکاڻين وارا پھاڪا ۽ چوڻيون. س ل ا وٽ
    15. تاريخي واقعن منجھان نڪتل چوڻيون ۽ پھاڪا ڇپائيءَ ھيٺ
    16. ماڳ مڪان وارا چوڻيون ۽ پھاڪا ڇپائيءَ ھيٺ

    • تاليف ۽ ترتيب
    17. عبدالڪريم گدائي؛ روايت ۽ بغاوت جو شاعر. جنوري ۲۰۰۶ع
    18. تنقيدون ۽ تجزيا- پروفيسر نذير احمد سومرو جنوري ۲۰۱۳ع
    19. موھيو مون کي جن- پروفيسر نذير احمد سومرو مئي ۲۰۱۵ع
    20. جيڪب آبادي صاحب ڪتاب ۽ سندن ڪتاب ڇپائيءَ ھيٺ


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 464
    ڪتابن جو مشاهدو: 373013
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 151960
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ