ڪتاب جو نالو: موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون
مصنف: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ڇپائيندڙ: سنڌي ساهت گهر
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 23 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1422 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 243 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن ۽ چوڻين جي ڪتاب جو سهيڙيندڙ عبد الوهاب سهتو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سنڌ سلامت پاران :
  • ٻه اکر
  •   سادا اکر
  • انتساب
  •   مقدمو
  • متن

  • 1. آپ سکي، جڳ سکي. (هندي، چوڻي)
  • 2. آپ ڪمائيءَ ۽ باپ ڪمائيءَ ۾ فرق آهي. (هندي ، چوڻي)
  • 3. آڌا چُوڙا، آڌا ٻُورا، مال ڪُوڙا، مراد پُورا. (هندي، پهاڪو)
  • 4. آفيسر کي، پٽيوالا ئي کڻند آهن. (سرو، پهاڪو)
  • 5. اُٺُ، الائي ڪهڙي پاسي ليٽي؟ (سنڌ ، پهاڪو)
  • 6. اُٺَ نه رسن، ٻورا رسن. (سنڌ، پهاڪو)
  • 7. اُٺي، بُهه چُٺي. (سنڌ پهاڪو)
  • 8. آپڻي گهوٽجي ته نشا ٿيوي. (سنڌ ، پهاڪو)
  • 9. اڄ نه ڏٺو لال، ته سڀاڻي ئي صحيح. (هندي ، پهاڪو)
  • 10. اڇي پڳ مَ پس اندر مڙيئي اڳڙيون. (چوڻي)
  • 11. اک ڏٺيءَ ڳالهه تي به، ويچار ڪجي. (سنڌ، چوڻي)
  • 12. اک ڏٺيءَ ڳالهه لاءِ، ڪهڙو پڇڻ؟ (سنڌ، چوڻي)
  • 13. اکين وارا، دنيا ۾ ٿورا آهن. (ساهتي ، چوڻي)
  • 14. اکيين لونگ لڳن، جعفر وسري وڃن. (هندي، پهاڪو)
  • 15. اميدن تي جهان قائم آهي. (ساهتي ، چوڻي)
  • 16. اڻ هوند ۾ پئسي پلو مهانگو، هوند ۾ رپئي پلو سستو . (ساهتي ، پهاڪا)
  • 17. اهو چوئٿ ئي مري ويو، جيڪو چڻا کپائيندو هيو. (وچولو، پهاڪو)
  • 18. ايمان ناهي ته ٿلهائپ به ڪم جي ناهي. (سنڌ، چوڻي)
  • 19. باپ ڪمائيءَ ۽ آپ ڪمائيءَ، سَنڌو آهي. (هندي ، چوڻي)
  • 20. بک نه پڇي ڳُنڌڻ، ننڊ نه پڇي اوڇڻ. (سنڌ ، چوڻي)
  • 21. بکيي چکي چيو؛ “بقال ڪر! يا بقال جي زال ڪر!” (سرو، پهاڪو)
  • 22. بگهڙ ڏسڻ کانپوءِ، قاضي ته ڇيلي کي ڇڏي پر ڇيلو قاضيءَ کي نه ڇڏي. (ساهتي، پهاڪو)
  • 23. ٻاليتو، نه ماليتو. (هندي /چوڻي)
  • 24. ٻڏيءَ ٻيڙي جون، هريڙون به ڀليون. (سنڌ، پهاڪو)
  • 25. ٻن ٻيڙن ۾ جيڪو چڙهي، چڏا تنهن جا چيرجن. (هندي ،پهاڪو)
  • 26. ٻن جوين جو وَرُ، تنهن جو جيئري ئي جهنم ۾ گهر. (سنڌ ، چوڻي)
  • 27. ٻني سائي جي سائي، گاهي بکئي جو بکيو. (سرو، پهاڪو)
  • 28. ٻيلي کي باهه لڳي، راکن پڪاريو، ٻارهين مهيني ورندي آئي؛ “وِسائي ڇڏيو!” (سرو، پهاڪو)
  • 29. ٻين سان ڀلي نِچُ ڪجي پر استادن سان نه ڪجي. (هندي، چوڻي/پهاڪو)
  • 30. ڀاڙين مٿان ڀِتِ، ڪانون وڌي ڪيري. (سنڌ، پهاڪو)
  • 31. ڀريءَ ٻيڙيءَ ۾، واڻيو ڳورو. (سنڌ ، پهاڪو)
  • 32. ڀُلي ڀُلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀلي. (سنڌ پهاڪو)
  • 33. ڀنگان چيز ٻڏن ته به لندي رووي ڪڻڪ ڪون. (هندي، پهاڪو)
  • 34. ڀونتريا ڀون ۾، ته گُهنا به گهوڙي نه چڙهيا. (لاڙ، پهاڪو)
  • 35. ٺڳ ٺڳي جڳ کي، سياڻو ٺڳي ٺڳ کي. (سنڌ ، چوڻي)
  • 36. ٺلهن ٺڪرن تي ڌڪا ڪير نه جهليندو. (ساهتي، پهاڪو)
  • 37. ٽڪو ڏيئي پرائو ٻار نه کارجي. (سنڌ، پهاڪو)
  • 38. ٽڪي جي ٻوڙ ۾ مک ئي ملندي. (سنڌ، پهاڪو)
  • 39. ٽنگ ڀڳو ڪم ڪري، ٻانهن ڀڳو ڪم ڪري، دل ڀڳو هرگز ڪم نه ڪري. (سنڌ، چوڻي)
  • 40. پاڻي پي ذات نه پڇجي. (هندي/بنگالي، چوڻي)
  • 41. پرائي ڌيءَ تان کارڪ به چڱي. (سنڌ، پهاڪو)
  • 42. پرائي ڏَيوَ تان کارڪ به چڱي. (هندي، پهاڪو)
  • 43. پنڻ کان وڌيڪ ڪهڙو نڀاڳ آهي! (ساهتي ، چوڻي)
  • 44. پنڻ وچان، پڙهڻ ياد ئي ناهي. (سنڌ، چوڻي)
  • 45. پهلي آپ پهلي آپ ڪبو ته گاڏي ڇٽي ويندي. (اردو، پهاڪو)
  • 46. پيادي مان هسوار، هسوار مان پيادو، خدا ٿو ڪري. (سنڌ ، چوڻي، پهاڪو)
  • 47. پَير کُپي ته جاٺو به لڳي. (سنڌ، پهاڪو)
  • 48. جاتي پاڻي، تاتي پاڻ. (هندي ، چوڻي)
  • 49. جنهن جو ڪم سوئي ڪري، ٻيو ڪري ته نقصان ڀري. (سرو ، چوڻي)
  • 50. جنهن جي ڳالهه، پنهنجي پيٽ ۾ نه ٿي ٽڪي، تنهن جي ڳالهه، ڪاٿي به ڪين ٿي لڪي. (اردو، چوڻي)
  • 51. جنهن جي ناني نڀاڳي، تنهن جا ڏوهٽا ڪهڙا ڏاتار ٿيندا. (سرو، چوڻي)
  • 52. جنهن جي هيڪار، ڪيائين ڪوڙي ٿئي، تنهن تي ٻيهار، سچيءَ ساک نه وسهان. (هندي ، چوڻي)
  • 53. جنهن رين جو مزو ورتو، تنهن کان ٻيا مزا وسري ويندا. (ساهتي، چوڻي)
  • 54. جنهن کي پنهنجي حال جي خبر نه ٿي پوي، تنهن کي ٻئي جي سال جي خبر نه پوندي. (هندي، چوڻي)
  • 55. جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي؟ (اردو، چوڻي)
  • 56. جنهن ويٺي نه ڄاتو، سو بيٺي ڪهڙو ڄاڻندو؟ (سنڌ ، پهاڪو)
  • 57. جوش به، وقت تي ڪم ايندو آهي. (سرو، چوڻي)
  • 58. جو گهڻي جي لالچ ڪري ٿو، سو موچڙا گهري وٺي ٿو. (لاڙ، چوڻي)
  • 59. جو وَڙُ جڙي جن سين، سو وَڙُ سيئي ڪن. (سنڌ، چوڻي)
  • 60. جوئر جُوءِ ۾ نه هوندي، ته رهو رانديون ڪندو. (سنڌ، پهاڪو)
  • 61. جهڙي نيت، تهڙي مراد. (سرو، چوڻي)
  • 62. جيتري جهار هڪلبي، اوتري اٿندي. (سرو، پهاڪو)
  • 63. جيسي جيسيءَ جي ٻولي سمجهندو آهي. (سرو،چوڻي)
  • 64. جيسين ڪاني اثر ڪري، تيسين ٻياني سر نِيئي. (سرو، پهاڪو)
  • 65. جيڪو نانگن جي ٻرڙن ۾ هٿ وجهندو، سو به نه بچيو. (سنڌ ، پهاڪو)
  • 66. جيڪي ڪلهو ڏيندا آهن، سي توڙ به رسائيندا آهن . (سرو، پهاڪو)
  • 67. جيڪي وٺڻ سکيا آھن، سي ڏيندا ڪين آهن. (لاڙ ، چوڻي)
  • 68. ڄٽ، پادر سان سڌو هوندو آهي. (سنڌ، پهاڪو)
  • 69. ڄٽيءَ سُٽُ پسايو، واڻيي وڌس وٽي. ڄٽيءَ ليکي واڻيو ڦريو، واڻيي ليکي ڄٽي. (سنڌ، پهاڪو)
  • 70. چاڪر مٿان چوڪيدار نه رکجن. (هندي، چوڻي)
  • 71. چُتِ تي چوٽا، مدعي رد. (هندي ، چوڻي/پهاڪو)
  • 72. چڱن پٺيان چُٽَ ۽ چُٽَن پٺيان چڱا. (سنڌ، چوڻي)
  • 73. چور به جهڙو ڪاڪو (ساهتي، پهاڪو)
  • 74. چور تي ايتري چٽي رکجي، جيتري پاڙو برداشت ڪري سگهي. (اردو، پهاڪو)
  • 75. چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک! (سنڌ، پهاڪو)
  • 76. چور چور ٿيندو آ، ٻلو ٻلو ٿيندو آ. (سنڌ، پهاڪو)
  • 77. چورن سان چاهُ پئي، جي من ميڙ ڪيئي. پوندو ته ڪاٺِ، نه ته ڪوٺائبو ته سهي. (ساهتي، چوڻي)
  • 78. ڇا رٻ، ڇا بسم الله. (ٿر، پهاڪو)
  • 79. ڇا ڪول ، ڇا ڪول جو وزن؟ (اردو، پهاڪو)
  • 80. حرام جيڪي کائيندا، بک ۾ سيئي اونائيندا. (ساهتي، چوڻي)
  • 81. خدا تعاليٰ ڇپر ڦاڙي ڏئي ٿو. (هندي ،چوئي )
  • 82. خيراتون اهي ڪن، جيڪي کجين تي چڙهن! (سرو، پهاڪو)
  • 83. دانگي تپي ڇهه مهينا ته ضدي مهمان کپي ٻارنهن مهينا. (سرو، پهاڪو)
  • 84. دعا به لڇڻن واري کي لڳندي آھي. (سرو، چوڻي)
  • 85. دنيا ۾ دوڌ کان دوڌ، پاني ڪا پاني آهي. (هندي ، پهاڪو/چوڻي)
  • 86. دولت نُهن کان ماس وڇوڙي. (هندي، پهاڪو/چوڻي)
  • 87. ديڳڙا ويامندا ته مرندا به. (سنڌ، پهاڪو)
  • 88. ڌڻي تعالي هر هنڌ موجود آهي (هندي، چوڻي)
  • 89. ڌوٻيءَ جي گهران وڃي ڇوو، ڪپڙو ڦاٽي مالڪ جو. (سنڌ، پهاڪو)
  • 90. ڏاند ته ڪاھي ويو جمعو، اسان ائين به نه چئون. (پھاڪو)
  • 91. ڏوهاريءَ جي من ۾ سڀ ڪو سندس گلا ٿو ڪري. (ساٿي، پهاڪو)
  • 92. ڏوهٽا وڌندي جا ويري آهن. (ساهتي، چوڻي)
  • 93. ربُّ ريجهائڻ سولو، رنان ريجهائڻ ڏکيو. (سرو، چوڻي)
  • 94. رن چشڪي هري، رکي آرتوار. (هندي ، پهاڪو)
  • 95. رنن زالن جا ڪهڙا جمعا؟ (سنڌ،پهاڪو)
  • 96. ريڍار اڳيان رباب، وڄائڻ مان نه وري نه سري. (هندي، پهاڪو)
  • 97. زندگي تنور ۾ به گذري ويندي، سمور ۾ به گذري ويندي. (فارسي، چوڻي)
  • 98. ساهري گهر جا ڀاتي ته ويري پر چانئٺ به ويري. (هندي، چوڻي)
  • 99. سڀ ڪنهن کي خدا اهو ٿو ڏئي، جو ان جي لائق آهي. (سنڌ، چوڻي)
  • 100. سڃي کي چور جو ڊپ نه هوندو آهي. (سنڌ، چوڻي/پهاڪو)
  • 101. سرڪار، ڪنهن جي چاچا ماما ناهي. (سرو، چوڻي)
  • 102. سور آهن ئي بادشاهن کي. (لاڙ، پهاڪو)
  • 103. سونارو ، پنهنجي ماءُ جي نٿ مان به نه ٽري. (سنڌ، چوڻي)
  • 104. شاهوڪارن جو ناڻو ويامندو آهي. (هندي، چوڻي)
  • 105. شينهن شير خدا جو، وڻيس ته بيدو ڏئي، وڻيس ته ٻچو ڏئي. (هندي، پهاڪو)
  • 106. عزت لٿي کان پوءِ خيرات ڪرڻ، ڪهڙي ڪم جي؟ (نصيحت ، چوڻي)
  • 107. عشق نه ڄاڻي ذات ڪذات. (هندي ، چوڻي)
  • 108. فقيرياڻي ٿئي راڻي، چي؛ “جارا ڏيوڻا، مين کاوڻا!” (ساهتي، پهاڪو)
  • 109. ڦٻيا اهي، جيڪي ڦاٽي مئا. (سنڌ، چوڻي)
  • 110. ڪارا گهڻا پر ڪارنهن ڪنهن ڪنهن جي لهي. (سرو، پهاڪو)
  • 111. ڪاهل جي قبر به ٻيا والاري ٿا وڃن. (سنڌ، چوڻي)
  • 112. ڪتو ڪتي جو ڀاءُ آهي. (پشتو، پهاڪو)
  • 113. ڪتي نه مُنهن، ڪتي جي ڌڻين مُنهن. (سرو، پهاڪو)
  • 114. ڪم ڪڌو ڪجي ته به هٿ مضبوط وجهجن. (لاڙ، چوڻي )
  • 115. ڪنيءَ رن جا ٻار ، ٿورا تيئن چڱا. (سنڌ ، چوڻي)
  • 116. کاڻي کِچڻي، اونڌا طباخ. (سنڌ ، پهاڪو)
  • 117. کيتي ، سِرَ سَيتِي (سنڌ چوڻي)
  • 118. گرو گپ جو آهي ئي ڪو نه. (پھاڪو)
  • 119. گيان ڌيان آهي اُتي، جُتِي آهي جِتِي. (هندي، پهاڪو)
  • 120. گھٽو ڌارجي ان لاءِ، هٿان چري ڪپاه. (هندي، پهاڪو)
  • 121. گهر ۾ ڪنهن جو به قدر نه ٿو ٿئي. (اردو، پهاڪو)
  • 122. گهڻا پئسا، ٿورن پئسن کي ڪمائيندا آهن. (واپاري، چوڻي)
  • 123. ڳالهين سنديون ڳالهيون، ٽڪي سندا موٺ. (سنڌ، پهاڪو)
  • 124. لالچ ڇڏڻ سان عزت ملي ٿي. (هندي، چوڻي)
  • 125. لالچ، ڪتن سان گڏ کارائي. (سنڌ، چوڻي)
  • 126. لک کٽيا ڏُومڻيءَ، جي ڏُوم سلامت آيو. (هندي، پهاڪو)
  • 127. لوڀيءَ سندي راڄ ۾، ٺوڳي مري نه بک. (سنڌ، چوڻي)
  • 128. ماٺ ڏاڍي مٺي آهي. (سنڌ، چوڻي)
  • 129. مالڪ وڃن ٻيڙيءَ چڙهيا، شاهد وڃن غوطا کائيندا. (هندي ، پهاڪو)
  • 130. مرشد لاءِ دال، ته خليفن لاءِ خال. (سنڌ، پهاڪو)
  • 131. مڙس بنا ويهون ڪير نه ڪري. (سنڌ، چوڻي)
  • 132. مفت جو شراب، قاضيءَ کي به حلال. (سنڌ، پهاڪو)
  • 133. مُنڊِيل هٿن سان، وڙهي ڪين سگهبو. (ڪوهستان، پهاڪو)
  • 134. موت جي منهن ۾ وڃڻ لاءِ به حوصلو کپي. (سنڌ ،چوڻي)
  • 135. موت، نه وقت ڏسندو آهي نه هنڌ. (سنڌ ، چوڻي)
  • 136. مئي ڪتي، پرچهه نه وڃائجي. (سنڌ، پهاڪو)
  • 137. نه اڳلا نه پڇلا، مال کاڳيا وچلا. (سرائڪي، پهاڪو)
  • 138. نه اڳلا نه پڇلا، واه جا وچلا. (سرائيڪي ، پهاڪو)
  • 139. نه پرڻ ۾ پاڻي ايندو، نه ئي ڌوڙِ ڌاڻيون وٽبيون. (ساهتي، پهاڪو)
  • 140. نَرُ ننگو، ناري لڄ. ( چوڻي )
  • 141. نقصان پوڻ کان پوءِ نصيحت ڪرڻ ، ڪهڙي ڪم جي؟ (فارسي، پهاڪو)
  • 142. نڪمو، پڪيءَ ٻير هيٺان به بک مري. (سنڌ پهاڪو)
  • 143. نوٽن جي ڀت ٺهرائڻ سولي، سرن جي اولي. (سرو، چوڻي)
  • 144. واڻڪو ٻار به نفعي جي لالچ ۾ ڌڪ کائيندو آهي. (هندي ، چوڻي)
  • 145. واڻيا ٿڪجن ته مٽي ڪڍن. (ساهتي ، چوڻي)
  • 146. وڃجي شادي شهيد تي ته ٿورو نه ٿڦجي لونگ فقير تي. (سرو، پهاڪو)
  • 147. وڏن آئي، ننڍا وسريو وڃن. (سنڌ ، چوڻي)
  • 148. وَرُ ته پهريون وَرُ، ٻيو آهي ڪارنهن جو ٺِڪرُ. (ساهتي، چوڻي)
  • 149. وَرَ راڄ، ٻَرَ راڄ، پُٽَ راڄ، ميڇ راڄ. (پنجابي، چوڻي )
  • 150. وڻ وڻ کي، اُگهاڙ نه ڏيکاربي (سنڌ / ساهتي، چوڻي )
  • 151. هارئي کان پيتو ڀلو. (هندي، پهاڪو)
  • 152. هجئي واندڪائي ته وڃ وڏيراڻي اوطاق. (سرو، چوڻي/پهاڪو)
  • 153. هر ڪنهن جي ڪاميابيءَ لاءِ، ڪانه ڪا واٽ آهي. (هندي، چوڻي)
  • 154. هر ڪو دولت سان محبت ڪري ٿو. (ساهتي، چوڻي)
  • 155. هر ڳالهه جي مصلحت، خدا تعالي ٿو ڄاڻي. (ساهتي، چوڻي)
  • 156. يارن سان پنبئون نه ڪجي. (لاڙ، پهاڪو)
  • 157. يارن سان ڪهڙا ليکا؟ (سنڌ، چوڻي)
  • مددي ڪتاب
  • ڏسڻي

  • ترتيب

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (188) ”موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن ۽ چوڻين جي ڪتاب جو سهيڙيندڙ عبد الوهاب سهتو آهي.

    هي ڪتاب المنعم لائبرري لاڙڪاڻي پاران اي بوڪ ايڊيشن ۾ سندس ويب سائيٽ تي آندو آهي. ٿورائتا آهيون سائين عبد الوهاب سهتي جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    جيڪو ٿو ماڻهو ملي سو ٿو پڇي؛ “ابا! اهو انجنيئر ڪٿان هٿ ڪيو اٿئي؟ واهه جو ڪم پيو ڪري. شابس اٿس. سنڌي پهاڪن، چوڻين ۽ اصطلاحن کي پهريون دفعو الڳ الڳ ظاهر ڪيو اٿس ۽ هاڻي عام ماڻهوءَ توڙي اسان جي اديب ۾ پهاڪي، چوڻي ۽ اصطلاح جي وچ ۾ تميز پيدا ڪئي اٿس.”
    هڪڙي بزرگ منهنجي سامهون کانئس پڇيو: “سهتا صاحب! اهي پهاڪا ۽ چوڻيون آڻيو ڪٿان ٿا؟ جو ڪينجهر جو جيڪو پرچو کڻ، ان ۾ اوهان جو پهاڪن بابت طويل مضمون موجود آهي.”
    جواب ۾ چوڻ لڳس ته؛ “اوهان محسوس ڪيوھوندو ته اوهان ويٺي ڳالهايو ۽ مون ويٺي خاموشيءَ سان ٻڌو، ائين هر ماڻهوءَ جي ڳالهه ٻولهه مان ڪجهه نه ڪجهه جهٽي وٺندو آهيان.”
    لاڙڪاڻي جو هڪڙو ڊاڪٽر دوست چوندو اٿم؛ “ناز! ڪڏهن ٿا وهاب سهتي جا پهاڪا ۽ چوڻيون ختم ٿين ته اسين ڪينجهر ۾ ايڏا طويل مضون لکون!” وهاب مونکي ان جو جواب ڏنو؛ “ناز! اهو ڪم ايڏو وڏو آهي جو مون واري زندگي پوري ئي نه پوندي، ان لاءِ الائي ڪيتريون زندگيون کپن.”
    انهن سمورين ڳالهين مان اسين اندازو ڪري سگهون ٿا ته وهاب، پنهنجي ان ڪم کي ڪيترو نه سنجيدگيءَ سان کنيو آهي جو سنڌي ساهت گهر طرفان ان موضوع تي سندس هيءُ ٽيون ڪتاب آهي ۽ خبر ناهي وٽس اڃا ڪيترا ڪتاب تيار پيا آهن.
    وهاب جيڪو خلوصِ دل ۽ نيڪ نيتيءَ سان اهو ڪم هٿ ۾ کنيو آهي ۽ ڪنهن جو ٻڌايل هڪ پهاڪو به ضايع ٿيڻ نه ڏنو اٿس ته سنڌ جا ماڻهو به يار جي انهي پورهئي سان پيار ڪرڻ لڳا آهن.

    ناز سنائي
    حيدرآباد سنڌ
    ١٢ جولاءِ ٢٠٠٤


      سادا اکر

    جيئن انساني زندگيءَ جي تاريخ جي ڪهاڻي پراڻي آهي، تيئن پهاڪن جي تواريخ به پراڻي آهي. اڄ تائين ڪو به پڪ ۽ وثوق سان چئي نه سگهيو آهي ته انسانن سان آباد هن رنگين دنيا جي سڀني ٻولين منجهان اها ڪهڙي ٻولي آهي، جنهن ۾ پهريون دفعو ڪنهن پهاڪو ٻڌو ۽ ٺاهيو؟ ائين ئي هيءُ سوال به اڃا تائين حل طلب آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون پهاڪو ڪڏهن ٺهيو؟ يا پهريون ڀيرو سٺن لفظن تي مشتمل مڪمل يا اڌورو جملو ڪنهن چيو؟ جيڪو معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان ايترو ته ڀرپور هيو جو سڀني انسانن متفق ٿي ان کي پهاڪو ڪوٺيو؟!! يا اهو ايترو وڻندڙ ۽ وزندار هيو، جو سڀني کي وڻيو ۽ باقي پهاڪا پنهنجو پاڻ هڪ ٻئي جي پويان ٺهندا ويا. اچرج جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته دنيا جي سڀني قومن جي مختلف اٿڻي ويهڻي ۽ تهذيبي تضاد جي باوجود پهاڪا/چوڻيون معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان رڳو هڪجهڙا نه آهن، پر ڄڻ هڪ ٻئي جو نعم البدل آهن، هڪجهڙائي به ايتري جو، هڪ کي لڪائي ٻئي کي ڪڍ! ان جو هڪ سبب هيءَ به نظر اچي ٿو ته انساني جبلتون هڪجهڙيون آهن، ڀلي جسماني رنگ ۽ رت جو گروپ مختلف ڇو نه هجي.
    ٿوريءَ دير لاءِ ويچارُ ڪجي ته جيڪڏهن هيءُ وڻندڙ اُڀُ/ آسمان، ستارن يا انهن جي جهرمر کان سواءِ هجي ها يا مٿس فقط هڪڙو ستارو هجي ھا يا اهو چنڊ کان سواءِ هجي ها ته ڪيڏو نه اونداهو، بد-زيبو ۽ اڻ وڻندڙ لڳي ها. ائين پهاڪا/ محاوارا/ چوڻيون، ڪنهن به ٻوليءَ جا، آسمان تي چمڪندڙ ۽ جرڪندڙ ستارن سمان آهن. جيڪڏهن ٻوليءَ ۾ پهاڪا/ چوڻيون نه هجن ته ٻولي ويران، رُکي، سونهن کانسواءِ، ٻُسِي ۽ ٻُٽِي هجي ها، جيئن ڪا پَري، اَپسرا يا خوبصورت، حسين و جميل عورت زيورن کانسواءِ! ڪنهن به ٻوليءَ ۾ پهاڪي، محاوري ۽ چوڻيءَ کي اها حيثيت حاصل ھوندي آهي، جيڪا ادب ۾ تشبيهه ۽ استعاري کي هوندي آهي يا پلاءَ ۾ لوڻ/ مرچ ۽ مصالحي کي هوندي آهي. جيڪا ڳالهه اينگهه ۽ ڊيگهه ۾ ڪري سگهجي يا سمجهائي سگهجي، تنهن کي پهاڪو ٻن ٽن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو، يعني پهاڪو/ چوڻي لکيت/ گفتگوءَ جي ڊيگهه کي ختم ڪري ٿو.
    ڪو مڃي يا نه پر هيءَ هڪ حقيقت آهي ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ جا پهاڪا هيٺئين طبقي سان تعلق رکندڙ انسانن جي ايجاد آهن. جنهن جو ثبوت هيءُ آهي ته ڪجهه پهاڪن/ محاورن/ چوڻين ۾ مٿانهين طبقي تي، جن ۾ خوشحال، شاهوڪار، سکيا ستابا ۽ وڏيرا اچي وڃن ٿا، ٽوڪ، ٺٺول، چٿر ۽ طنز ڪيل آهي. انهيءَ وضاحت لا هت ڪجهه مثال ڏجن ٿا.
    ۱. واندو آهين ته وڃ وڏيرڪي گهر/اوطاق.
    ۲. پالها مل! وڃ سکئي مل جي گهر.
    ۳. ڪڪڙ ڪوريءَ جو، نانءُ وڏيري جو. (ورجيس)
    ۴. شاهوڪار جو ٽِٽُ به، کسٿوري.
    ۵. وڏيرڪو ٻار؛ چريو، چور، چچلو يا چلولو.
    ۶. وڏيرڪي ڪڪڙ به، ٽه- مڻي. يا وڏيرڪي ٻلي به، ٻه- مڻي.
    7.جيڏو ناڻو، تيڏي بک.
    8. مروان موت، ملوڪان شڪار.
    9. جيستائين سکيو کڻي ساهه، تيستائين غريب جو وڃي پساهه.
    ۱0. ڏاڍي جي نه اڳيان ٿجي نه پٺيان.
    ۱۱. شينهن کي ڪير چوندو؛ تنهنجي وات ۾ ڌپ آهي.
    ۱۲. امير گونهه کائي ته چوندا؛ وَٽَ (لذت / لست) ٿو وٺي.
    ۱۳. شاهوڪارن جو / وياج خورن جو، ناڻو به ويامندو آهي.
    ۱۴. ڏاڍي جي لٺ کي، ٻه مٿا.
    اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪن پهاڪن/ محاورن ۽ چوڻين جو انساني معاشري يا زندگيءَ سان تعلق آهي. زراعت جي شعبي سان لاڳاپيل پهاڪن/ چوڻين جا مثال هيٺ ڏجن ٿا.
    ۱. لٿي لاباري ڪُچِر/ ڪاهل ٻڌو ڪانڀو، نه سرنهن نه ڄانڀو. (پهاڪو)
    ۲. اهو ڪي ڪجي جو، ٻِين ڏاندين هر هلي. (پهاڪو)
    ۳. گهڻين ڏاندين هر نه هلي، گھڻين رنين گھر نه ھلي. (پهاڪو)
    ۴. خرار مان مُٺِ ڀرڻ. (اصطلاح)
    ۵. نموني جي مُٺِ مان پرکجي ٿو خرار. (پهاڪو)
    ۶. ٻئي مٿا وڏيرو کڻي ويو. (ڪڙميءَ جو سمورو ان کڄي وڃڻ). (جملو)
    7. جتي لڻندو لوڪ، اتي سڪندين سنگ لاءِ. (شعري سٽ)
    8. فقير پنندي هُهِين، اجايو لاباري جا ڏينهن ٿو وڃائين. (جملو)
    9. چونڊيندي چور، وڃي پيا ککڙين تي.
    گذريل ويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾، زندگيءَ جي هر شعبي اندر ٿيل بي انتها نئيُن ايجادن ڳوٺن ۽ جهر جهنگ کي شهرن سان ملائي، هڪ عالمي ڳوٺ(Global Village) جوڙي ڇڏيو آهي. پر پهاڪن محاورن ۽ چوڻين ۾ ڪا به ترقي (واڌارو يا نواڻ) ٿي نه سگھي آهي ۽ ساڳيا ئي پهاڪا استعمال ٿي رهيا آهن. ۲۱ فيبروري ۱98۵ع جي رات جو آل انڊيا ريڊيو جي اردو سروس ۾ “زبان ۾محاوري ڪي اهميت” نالي سان هڪ ادبي مذاڪرو نشر ڪيو ويو هو. جنهن جو ميزبان مسعود هاشمي هيو. ان ۾ شريڪ گفتگو پروفيسر مسعود حسين خان، جناب رشيد حسن خان ۽ ڊاڪٽر امير الله شاهين جهڙا هندستان جا چوٽيءَ جا اديب ۽ لسانيات جا ماهر هيا. ڊاڪٽر اميرالله شاهين پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو هيو؛ “تو ميرا يه احساس هي ڪه اس وقت جو نسلين هين وه اس پوزيشن مين نهين هي ڪه ڪڇ نئي محاوري، ڪڇ نئي لفظيات ڀي دين...... نئي ووڪيبلري يا نيا محاورا نهين آرھا. ڪيون ڪه محاوري سازي ڪسي اديب ڪي بس ڪي بات نھين هي، يه تو عوام دين گي. ليڪن عوام تو ڪسي انتشار سي دوچار هين. اس لئي انتشار ڪا شڪار هوني ڪي سبب وه ڪسي نئي محاوري ڪو جنم ديني سي قاصر هين. تو ميرا يه احساس هي ڪه نيا محاورا جو نهين آرها اس ڪي وجه شايد يهي هي.”
    پروفيسر مسعود حسين خان، ايڊيٽر رسالا “هم زبان” شريڪ گفتگو هيو. ڊاڪٽر امين الله شاهين جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته پروفيسر صاحب ڪنهن جڳهه تي لکيو آهي؛ “لڳي ته ائين ٿو ته جنهن زماني ۾ پهاڪا ۽ مـحاورا ٺاهيا ويا، ان زماني جا ماڻهو اڄوڪي دور جي ماڻهن کان وڌيڪ سياڻا، دور-انديش ۽ پنهنجين ٻولين جا ماهر هيا، جو پهاڪا / محاورا جوڙي ٻوليءَ ۾ سونهن ۽ سينگار پيدا ڪيائون. پر اسان وارو نسل ان معاملي ۾ شايد گونگو ۽ ٻوڙو آهي، يا ذهني طور سست، ڪاهل، ٽوٽي، ڏُڏُ آهي. پاڻ ڪجهه به نه ٿو ڪري رڳو اڳئين زماني ۾ ايجاد ڪيل پهاڪن يا محاورن تي ڀاڙيو ويٺو آهي.”
    سنڌي ٻوليءَ ۾ پهاڪن تي پهريون دفعو ڪم گذريل اوڻويهين صديءَ ۽ ويهين صديءَ ۾ ٿيو. پهاڪن تي ڪم ڪندڙ عالمن جڏهن پنهنجي ميڙي چونڊي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي ته انهن پنهنجي اهڙين محنتن تي نالا ڏاڍا سهڻا، وڻندڙ، مٺاڻ ڀريا ۽ ذائقيدار رکيا!!
    ديوان ڪيولرام سلامت راءِ آڏواڻي ۱8۶9ع ۾ سنڌي پهاڪن تي مشتمل ڪتاب لکيو ته نالو ڏنائينس “گلشڪر” ۽ ڪاڪي ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ به پنهنجي گڏ ڪيل محنت يعني پهاڪن ۽ اصطلاحن جي مجموعي جو نالو رکيو “گلقند”. ورھاڱي کان پوءِ ۱9۵۶ع ۾ غلام اصغر ونڊير، محاورن جو مجموعو شايع ڪيو ته نالو رکيائين “کٽمٺڙا.” گل شڪر، گلقند ۽ کٽمٺڙا جهڙا نالا ٻڌڻ سان ئي زبان گلن ۽ مٺاڻ جي ذائقي سان ڀرجي وڃي ٿي ۽ ڪنهن سٺي شيءِ جي ذائقي جو احساس پيدا ٿي وڃي ٿو، جيڪو دل ۽ دماغ کي تر ۽ تازو ڪري ڇڏي ٿو.
    پنهنجي ٻوليءَ جي ڄاڻ اسان کي ڪيتري آهي؟ ٻوليءَ جي سونهن، پهاڪا / محاورا ۽ چوڻيون آهن. انهن بابت اسين ڪيتري ڄاڻ رکئون ٿا؟ سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ جن دوستن به جتن ڪيا آهن، انهن منجهان ڪهڙن پهاڪن / محاورن ۽ چوڻين تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي؟
    ماضيءَ جي تاريخ ۾ جڏهن سنڌ بمبئي سان ڳنڍيل هئي، ليئو پايون ٿا ته خبر پوي ٿي ته هڪ يورپين آفيسر، جنهن جي مادري زبان نه سنڌي هئي ۽ نه ئي ان بابت کيس پوري ڄاڻ هئي، سو اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي هڪ عالم ديوان روچي رام گجو مل ڪرپالاڻيءَ کي اتساهي/ آماده ڪري ٿو ته هو سنڌي پهاڪا گڏ ڪري ۽ انهن سان ٺهڪندڙ معنيٰ ۽ مفهوم وارن پهاڪن جي لغت تي مشتمل ڪتاب شايع ڪري. ديوان روچي رام گجو مل ڪرپالاڻي، اهڙي عالم ۽ غير تعصبي انسان ۽ يورپي آفيسر بابت پنهنجي ڪتاب
    “A hand book of Sindhi Proverbs” ( (۱89۲جي ديپاچي ۾ لکي ٿو :
    “The need of hand book of Sindhi proverbs rendered into English….. Contrasted with their English equivalents has been felt and was once prominently brought to notice by a high European Officer desirous of studying the Sindhi language”
    مون لاشعوري زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو پهاڪو پنهنجي گهر ۾ والد صاحب جي واتان ٻڌو. منهنجو والد صاحب عبدالحميد سومرو ۱9۴۱ع ۾ جڏهن علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان تعليم پرائي پنهنجي گهر سنڌ ڏانهن موٽيو پئي آيو ته علي ڳڙهه شهر ۾ لڳندڙ سالياني نمائش مان چانهن پيئڻ وارو ڪوپ-بسين جو سيٽ ورتيون آيو هو. پنهنجي شاگرديءَ واري دور ۽ علي ڳڙهه يونيورسٽي جي يادين کي تازو رکڻ خاطر سانڍيل سوکڙي يعني ان ٽي سيٽ جو وڏو خيال رکڻ لاءِ گهر جي سمورن ڀاتين کي ڏاڍو تاڪيد ڪندو هو. ٽي سيٽ هيو به ڏاڍو خوبصورت ۽ انتهائي نفيس ۽ نازڪ ۽ ڪنهن زود حس انسان جيان ٽانڪوڙو. هڪ دفعي اسان جي گهر ۾ دريا پار وارا مائٽ مهمان ٿي آيل هئا. ڪنهن لاپرواهه مهمان جي بي احتياطيءَ وچان، ڪوپ هٿن مان ڇڏائجي هيٺ ڪري ڇينهون ڇينهون ٿي ويو ته بابا سائين ڏک وچان امالڪ چيو ته؛ “ڌوٻي / کٽيءَ جي گهران وئي ڇُووو!!” مون دل ۾ چيو ته؛ “ڪوپُ اسان جو ڀڄي پيو ۽ ڀڳو به اسان جي مهمان جي هٿان ته ان ۾ ڪپڙن ڌوئڻ واري ماڻهوءَ يعني ڌوٻيءَ جو ڇا وڃي؟ ان ۾ ڌوٻيءَ جو ڪهڙو قصور؟!” ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ جڏهن مهمان موڪلائي ويا ته بابا سائينءَ کان “کٽيءَ جي گهران وئي ڇووو” بابت پڇيم ته پاڻ ٻڌايائون ته؛ “کٽي / ڌوٻيءَ کي گراهڪن جي ڪپڙن لاءِ ڪو به احساس يا خيال نه هوندو آهي ۽ انهن کي پرائو مال سمجهندو آهي. هو مليل ميرن ڪپڙن کي ڌوئڻ لاءِ ڪاٺ مان ٺهيل ڦرهي تي زور ۽ زوم وچان بيدرديءَ سان سٽيندو آهي، پوءِ ڀلي اهو ڪنهن جو بوسڪيءَ يا ململ جو نازڪ ۽ نرم ڪپڙو ڇو نه هجي! کٽي/ڌوٻي ڪپڙي کي ڦرهي تي سٽڻ مهل پنهنجي وات مان هر هر رڳو ڇووو جو آواز ڪڍندو آهي. پرائو نرم ۽ نازڪ ڪپڙو ڀلي ڦاٽي ۽ ليڙون ليڙون ٿي ڇو نه وڃي، پر ڌوٻيءَ جي گهران ڇا ويندو؟ سواءِ لفظ ڇووو جي آواز ڪڍڻ جي !! نقصان ته ڪپڙي جي مالڪ جو ٿيندو. ظاهر آھي ته جنهن جو نقصان ٿيندو، ڏک ۽ تڪليف به ان کي پهچندي، ٻئي کي ڪانه پهچندي!”
    ۱9۶۲ع ۾ نئين تعليمي پالسيِءَ جي نافذ ٿيڻ کان اڳ درسي ڪتابن ۾ موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل سبق شامل هوندا هئا. اهڙن درسي ڪتابن ۾ ڳالهه جي ڳالهه به هوندي هئي ۽ شاگردن لاءِ سبق جو سبق به هوندو هو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته انهن آکاڻين نما سبقن ۾ صراط المستقيم تي هلڻ لاءِ تاڪيد ڪيل هوندو هو. ٻاراڻن توڙي جوان جماڻ شاگردن لاءِ مخصوص درسي ڪتابن ۾، اهڙين نصيحت آموز آکاڻين تي جڙيل سبقن ڏيڻ جو مقصد به اهوئي هوندو هو ته نئون نسل تعليمي ادارن مان انسان بنجي ٻاهر نڪري ۽ ڪٿي کيس اهو مهڻو نه ملي ته؛ “اٽو ڏئي پڙهيو آهي” يا “پڙهيو آهي پر ڪڙهيو ناهي.” ان زماني جي شاگردن ۽ هاڻي پنجاه واري عمر کان مٿي چڙهيل ماڻهن کان اهي سبق ڪٿي ۽ ڪيئن وسريا هوندا؟!!! مثال؛ “پرائي ڪم ۾ ٽنگ نه اڙائجي” واري پهاڪي جي پس منظر ۾ ڏنل درسي سبق ۾ هڪ سنت ۽ ساڌو يا ڪنهن اللھ لوڪ انسان جي ڳالهه لکيل هئي. جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته هو پڃري ۾ قيد ۽ بند ٿيل شينهن تي رحم کائي کيس آزاد ڪري ٿو ته شينهن ڪيئن کيس کائڻ لاءِ اُلري اچي ٿو ۽ آخر ۾ گدڙ اچي ساڌو/ سنت جي جان ائين بچائي ٿو جو شينهن کي ڪنهن اٽڪل سان ٻيهر پڃري ۾ بند ڪري ٿو. يا “تڪڙ ڪم شيطان جو” واري پهاڪي تي جوڙيل سبق ۾ مائي ۽ نورَ جي ڳالهه لکيل هئي، جنهن ۾ تڪڙ، جلد بازي، عُجلت ۽ اُٻهرائپ کان پاسو ڪرڻ جو ڪيڏو نه عمدو مثال ڏئي سمجهايو ويو هو!! اهڙا ڪيترائي مثال ڏجن!!
    سڀني ڪلاسن جا درسي ڪتاب اهڙين موزون آکاڻين تي مشتمل سبقن سان ڀريل هوندا هئا. سنڌي پرائمري درسي ڪتابن ۾ “خدا هر هنڌ حاضر ناظر آهي” جي چوڻيءَ تي جوڙيل آکاڻي نما سبق ۾ پير مرد معلم جي ڳالهه لکيل هئي، جيڪا هن ڪتاب ۾ پڻ موجود آهي. ان آکاڻيءَ جو مقصد هيو ته هڪ عام انسان (شاگرد) ۾ الله تعالي جي هر هنڌ حاضر و ناظر هئڻ جو احساس پيدا ٿئي ۽ ڪو به ڪُڌو ڪم ڪرڻ کان اڳ اهو سوچي ڪنبي وڃي ته ٻيو ڪو ڏسي يا نه ڏسي پر الله پاڪ ڏسي رهيو آهي. جيڪو ان ڪُڌي ۽ گندي ڪم تي ناراض ٿيندو. اهو اسان جو تهذيبي ورثو هيو، جنهن کي جدت جي آڙ وٺي هڪ ڌڪ سان ختم ڪيو ويو ۽ نواڻ جي محبن اهو چيو ته اهو پراڻو ڪورس آهي، ان ۾ هينئر نواڻ اچڻ گهرجي! نواڻ جي نالي ۾ پڙهيل ڪڙهيل انسانن مان انسانيت ۽ ماڻهن منجهان ماڻهپو ختم ٿي ويو آهي. حالت اها آهي جو ڪنهن سياڻي درويش انسان جيان ڏينهن ڏٺي جو به چراغ يا بتي ٻاري هڪ انسان کي ڳولھڻو پوي ٿو ته انسان ڪٿي آهي؟!!!
    پهاڪي جو ڪمال هيءُ آهي ته اهو وڏي مفهوم واري ڳالهه کي مختصر ڪرڻ جو گُرُ سيکاري ٿو. پهاڪو عام ۽ نجي ڪچهرين، فيصلن يا نثر توڙي نظم (شاعريءَ ) ۾ استعمال ٿئي ٿو. ڳالهه کي جرڪائي ٿو ۽ منجهس حسن پيدا ڪري ٿو.
    منهنجي ننڍپڻ جي دوست ۽ همراز هڪ انسان- دوست، نذير احمد پيرزادي جو والد مرحوم خوش محمد پيرزادو، نئون ديري جي معزز شخصيتن منجهان هيو ۽ رٽائرڊ پرائمري هيڊ ماستر هيو. هڪ دفعي سندس مزاج پرسي ڪرڻ ويم. پاڻ پنهنجي گهر جي اندرئين ڪمري ۾ نهوار واري کٽ تي ليٽيل هيو. مان جيئن ئي اندر داخل ٿيم تيئن مون تي نظر پوڻ سان ئي اٿڻ جي ڪوشش ڪيائين پر ڪمزوري ۽ نحيف هئڻ سبب اٿڻ کان لاچار ئي رهيو. مان پاڻ وڌي وڃي مليومانس ته ڳراٽڙي پائي چيائين؛
    “پٽ! سنج مڙئي ساڻ، پر جوڀن ريءَ جڏا ٿيا!”
    دل ۾ چيم ته؛ “پهاڪو انساني ڪيفيت جو ڪيڏو نه سٺو ترجمان ٿئي ٿو. سائين خوش محمد پيرزادو انسان به ساڳيو ئي آهي ۽ سڀئي عضوا سلامت به اٿس پر انهن عضون ۾ قوت ناهي، ڪا طاقت ناهي ته اهي بيڪار ٿي پيا اٿس!!”
    پهاڪي جا، انساني حالت ۽ ڪيفيت جي ترجمانيءَ جا کوڙ مشاهدا ٿيا، جن جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. اسان جي ڀيڻيوي محمد علي سومرو، سابق هيڊ ماسٽر گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ديري واري جو هڪ پراڻو واقفڪار هيو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ وڏي نالي وارو ملهه ٿي گذريوآھي. اهو گاهي به گاهي اسان جي اوطاق ۾ ايندو رهندو هو. پوڙهائپ خود وڏي بيماري آهي. اهو ملهه به جواني هلي وڃڻ سبب هٿن ۾ ٿورو وزن به کڻي نه سگهندو هو ۽ هر هر ڪري پوندو هو. ادا محمد علي سومرو کيس پٽائيندو ۽ چيڙائيندو هو ته هو امالڪ ڀٽائي جي ضرب المثل شعري سٽ چئي ڏيندو هو.
    “جهونا ٿيا جهاج (جهاز)، سٽ نه جهلين سڙهه جي!”
    هڪ دفعي منهنجو وڏو چاچو، حاجي در محمد سومرو، نصير آباد ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڊي سي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر هيو. اسان جي سئوٽ مولا بخش سومري مرحوم جو هڪڙو هم ڪلاسي دوست هيو، جيڪو ڪنهن زميندار جو پٽ هو. زميندارڪو ٻار هئڻ سبب پڙهڻ ۾ ڏُڏُ هو. تنهن مولا بخش کي چيو؛ “پنهنجي والد صاحب کي چئو ته؛ منهنجو نالو اسڪول مان ڪڍي ڇڏي! ڇو جو مان ڪونه پڙهندم!” اها خبر جڏهن سندس پيءُ کي پئي ته اھو چاچي سان ملڻ لاءِ اسان جي ڳوٺ آيو ۽ ڏک وچان چيائين؛ “حاجي صاحب! ڏک اهو آهي ته مان ته ڪونه پڙهيم پر منهنجو پٽ به هاڻي ئي اٺ وانگر پٺتي مُٽي بيهي رهيو آهي! افسوس صد افسوص!!”
    هڪ دفعي سنڌي ادبي سنگت خيرپور شاخ جو سيڪريٽري تاج سروهي، سندس دوست علي گل ملاح، قدرة الله سومرو “قدرت” ۽ مان هڪ ٽيڪسي ڪار ۾ ڪيڏانهن وڃي رهيا هئاسين. واٽ تي ڪار خراب ٿي پئي. ڀرسان ئي ھڪ رهزن، بدنام، ماڻهن کان آجي، بدمعاش جو بظاهر وڏو خوبصورت بنگلو هيو. سانوڻ جا ڏينهن هيا، اڃ به ڏاڍو ستايو هو، سو پاڻي پيئڻ لاءِ ان جي بنگلي ۾ اندر ويا سين. اندريون منظر ڏاڍو ڀيانڪ هو. ڇاڪاڻ ته اتي رُڃ ۽ سُڃ، چري عورت جيان وار کولي واڪا پئي ڪيا. بنگلي ۾ اندر ڪمرا فرنيچر کان خالي هيا ۽ ٻه ٽي ڇنل ڇڳل موڙا ۽ ٻه ٽي ٻانهون ڀڳل ڪرسيون ورانڊي ۾ رکيل هيون. سينواريل دلي مان پاڻي پي ٻاهر نڪتاسين ته سڀني دوستن گڏيل آواز ۾ چيو؛ واقعي سياڻن ڪيڏو نه سچ چيو آهي:
    “ماريءَ جي گهر، هڏن جو ڍير!!”
    هر سٺو شعر پاڻ ئي پنهنجي سونهن آهي، پر جي ڪو سٺو شاعر پنهنجي شعرن جي قالب ۾ پهاڪي، اصطلاح، محاوري ۽ چوڻيءَ کي فٽ ڪري ٿو ته ان سان شعر جو حسن ٻيڻو ٿي پوي ٿو. جيئن نثر ۾ پهاڪو، اصطلاح، محاورو يا چوڻي استعمال ڪرڻ سان نثر وڌيڪ وڻندڙ ۽ پُر اثر ٿئي ٿو، ائين نظم (شاعري) ۾ پهاڪو، اصطلاح محاورو ۽ چوڻي استعمال ڪرڻ سان شعر جي علامتي معنيٰ زياده نمايان ٿي دل کي ڇهي ٿي. اردو ٻوليءَ ۾ مرزا اسدالله خان غالب، امن، ذوق ۽ جوش مليح آباديءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ پهاڪا ۽ تلميحون وڌيڪ ڪم آندا آهن. اردو نثر ۾ وري ڊپٽي نذير احمد ۽ ڪرشن چندر پنهنجي ناولن ۾ رڳو ممبئي جا محاوار ۽ پهاڪا ڏنا آهن، سي به اهڙا جن کي رڳو ممبيءَ جي مخصوص طبقي سان وابسته افراد ئي سمجهي سگهن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن ۾ ڊُٺڙي جو عارف الموليٰ، نظير ٽکڙائي، استاد بخاري ۽ ٻيا ڪجهه شاعر آهن، جن پنهنجي شعرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا پهاڪا، اصطلاح، محاورا ۽ چوڻيون شامل ڪري پنهنجي شاعريءَ جي حسن کي وڌيڪ چمڪايو آهي. ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا.
    ڪنھن کي زوري شادي لا به مڃرائي نه ٿو سگھجي، زوري جي ميندي لڳندي ناھي.
    .۱تنهنجي ڳالهه ته مڃڻي ناهي،
    “زور جي ميندي لڳڻي ناهي.” ------- نظير ٽکڙائي
    ۲. زاهد خشڪ سان عشق جون ڳالهيون،
    “رڍ اڳيان رباب” ڇا چئجي؟!!
    بي درد سان درد جون ڳالهيون،
    انڌي اڳيان ڪتاب ڇا چئجي؟-------- عارف المولي

    اسان سنڌي، ڪنهن جي ڪُڌي ڪم کي ڏسي افسوس يا نفرت سان چوندا آهيون؛ ڪاريءَ (نانگ) تي پير اٿس.
    کر جو ٿر سان وير آ، ٻيو مڙئي خير آ،
    نانگ تي پيو پير آ، ٻيو مڙئي خير آ------------- استاد بخاري.
    ڪمزور، گيدي ۽ بزدل ماڻهو پنهنجي گهر اڳيان بيهي اجايو گوڙ يا ڏاڏر ڪندو آهي ته بي اختيار ٿي چوندا آهيون؛ “پنهنجي ڏر جي اڳيان گدڙ به شير آهي.”
    مُند مٽبَي ئي مِزاج هِن گھڻا مٽجي ويا،
    ٿي گدڙ پيو شير آ، مڙئي خير آ------------------ (بخاري)
    وڃايل موڙي ۽ چوري ٿيل قيمتي شين مان اڌوگابرو سامان موٽي ملڻ تي يا نالي ماتر ٽپڙ ٽاڙي ملڻ تي چوندا آهيون؛ “ٻڏي ٻيڙيءَ جون هريڙون به چڱيون.”
    هي جُهد جو جهنڊو، جو ڳڙن ۾ ڦڙڪيو،
    ڦاٽي ويو سانڍي رکو، ليڙون به چڱيون،
    استاد ۾ ڇا دوست بچيو آهي، چيائين؛
    “ٻيڙي جي ٻڏي ته هريڙون به چڱيون.” ------------- استاد بخاري
    اسان جو محقق محترم عبدالوهاب سهتو، لک آفرين ۽ شاباس جي لائق آهي جنهن اسان جي تهذيب يا وڃايل موڙيءَ کي، انگريز شاعر ملٽن وانگر وڃايل بهشت کي ڳولھي ڦولھي هٿ ڪري ۽ هڪ هنڌ جمع ڪري ههڙو ڪتاب تيار ڪري اسان جي لوڪ ادب کي شاهوڪار ڪيو آهي. اسان پڙهيلن وٽان پهاڪا، اصطلاح، محاورا ۽ چوڻيون جهڙو املهه خزانو، هٿن ۾ واريءَ جيان کسڪي رهيو آهي. پهاڪا، محاورا ۽ چوڻيون ته پري رهيون پر اسان جو نئون نسل پنهنجي ٻوليءَ جي سونهن کي به ميرو ڪري رهيو آهي. سنڌي سماج ۾ ڀيڻ توڙي ڀاءُ جي ٿيل رشتي کي پڪو ڪرڻ واري عمل کي مڱڻو چيو ويندو آهي، پر نئون نسل ڀيڻ ته ڇا پر ڀاءُ جي مڱڻي جو سڏ ٻڌائڻ لاءِ چوي ٿو؛ “صبحاڻي منهنجي ڀاءُ جي مڱڻي آهي!”
    لفظ مڱڻو مذڪر ۽ مڱڻي مونث!! پر نئين نسل کي ڪابه خبر ڪانهي. پنهنجي شاهڪار پهاڪن کي ڇڏي ٻين ٻولين جا اڻ ٺهڪندڙ پهاڪا ٻڌائڻ ۽ استعمال ڪرڻ تي زور اٿن!! خبر ناهي ته يونيورسٽين ۾ شعبي سنڌي جي بورڊ آف اسٽڊيز جي ميمبر صاحبان جو ڌيان هن طرف ڇو نه ٿو وڃي ته هو ههڙا ڪتاب ايم اي جي ڪورس ۾ شامل ڪن.
    سرڳواسي روچي رام گجو مل ڪرپالاڻيءَ جيڪا اڄ کان هڪ صدي اڳ آس رکي هئي، تنهن کي اسان جي محقق عبدالوهاب سهتي ساڀيان جو روپ ڏئي ڄڻ سندس آتما کان آسيس ورتي آهي. ديوان روچي رام گجومل ڪرپالاڻيءَ انگريزي پهاڪن سان ٺھڪندڙ ٻن ڀاڱن تي مشتمل سنڌي پهاڪن واري ڪتاب تي ڪم ۱89۲ع ۾ شروع ڪيو هو ۽ سندس اهو ڪتاب سنڌ جي ڪمشنر جي ممبئي واري پريس مان شايع ٿيو هو. ديوان روچي رام گجومل ڪرپالاڻي پنهنجي ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
    آئنده (مستقبل ۾) سندس هن بنيادي ڪم کي نظر ۾ رکي ڪو وڏو ڪم (پهاڪن بابت) ترتيب ڏنو ويندو. ديوان روچي رام جو چوڻ آهي:
    “I undertook this work in ۱89۲ but owing to press of office work, and sudden illness, my progress has been very slow… It contains only those proverbs which are most common and generally understood…. Nor does it in any way profess to be free from errors. Defective as it is, it may however be found useful by students of Sindhi and may serve as a basis for a more complete work at some future period”.
    محترم عبدالوهاب سهتي جو هيءَ شاندار، شاهوڪار ۽ شاهڪار ڪم، ديوان روچي رام گجومل ۽ ٻين عالمن جي پهاڪن تي ٿيل سئو سال پراڻي ڪم جو ڄڻ ته تسلسل آهي ۽ ديوان روچي رام جي ان آس جو پورائو آهي، جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. بقول ديوان روچي رام گجو مل جي ته مستقبل ۾ ڪو اهڙو ماڻهو، محقق جي روپ ۾ پيدا ٿيندو، جيڪو سندس ڪم کي بنياد بڻائي وڏو ڪم سر انجام ڏيندو. هتي مان ان لکڻ / چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿو سمجهان ته ديوان روچي رام گجومل جنهن آئنده جي محقق جي آس رکي اشارو ڏنو آهي، اهو ڪو ٻيو نه پر يقيناً عبدالوهاب سهتو ئي آهي.
    ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ پهاڪن تي شايع ٿيندڙ هڪ ڪتاب ۾ پهاڪن جي پس منظر ۾ اهڙيون کِلَ جهڙيون ڳالهيون لکيون ويون آهن، جن جو منهن نه مٿو. جن کي عقل سالم مڃڻ ۽ قبول ڪرڻ لاءِ ڪنهن به دور ۾ تيار ئي ناهي! نامڪن ۽ اڻ ٿيڻ جهڙيون ڳالهيون “پهاڪن جي پاڙ” طور ڏنيون ويون آهن، جيڪو ٻيو ڪجهه به نه پر مرتب جو ذهني اختراع (Puerile) لڳن ٿيون ۽ مرتب، پهاڪي ۽ ورجيس ۾ فرق پيدا ڪري يا سمجهي نه سگهيو آهي ۽ کوڙ ورجيسون، چوڻيون ۽ اصطلاح، پهاڪن ۾ شمار ڪيا اٿس!! پر اسان جي محقق محترم عبدالوهاب سهتي جي موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل هن ڪتاب ۾ پڙهندڙ کي ڪا هڪ آکاڻي به غير موزون نظر ڪانه ايندي. جيڪو مان سمجهان ٿو ته سندس تحقيقي ڪم جو پنهنجو پاڻ ئي ثبوت آهي. آئون محترم عبدالوهاب سهتي جي هن تحقيقي ڪم کي “A THING OF BEAUTY” سمجهان ٿو. حيرت وٺي ٿي، جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيل پهاڪن، ورجيسن، محاورن ۽ چوڻين تي مشتمل ڪتابن تي نظر وجهئون ٿا ته اڪثر مرتب يا ته ساهتي علائقي سان تعلق رکن ٿا يا زمين تي آسمان جي ٽڪڙي لاڙڪاڻي سان. لاڙڪاڻوين منجهان شمس الدين تونيه قمبر وارو جنهن تازو سائنٽيفڪ ڊڪشنري پڻ ترتيب ڏني آهي، يا مرحوم عبدالڪريم سنديلو ۽ محترم عبدالوهاب سهتو شامل آهن. محترم عبدالوهاب سهتي جو اباڻو ڳوٺ ته ڄام نورالله، ڪنڊيارو آهي. جتي پاڻ فقير محمد بچل سهتي جي گهر ۾ جنم ورتائين ۽ سنڌي محاوري موجب سندس اور به انهيءَ گهر ۾ پوريل آهي، سو به ساهتي علائقي ۾ اچي ٿو. هاڻي لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو ۽ تمام خوشيءَ ۽ ادب- دوستن لاءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي ته هاڻي عبدالوهاب سهتو، لاڙڪاڻوي آهي.
    محترم عبدالوهاب سهتي کي هيءَ تحقيقي ڪم، سندس والد صاحب چاچي محمد بچل سهتي کان ورثي ۾ مليل آهي، ڇاڪاڻ ته چاچو محمد بچل سهتو، اڻ پڙهيل هئڻ جي باوجود، پنهنجي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ سياڻو، دورانديش ۽ سپورنج انسان سمجهيو ۽ مڃيو ويندو هو ۽ هو هر ڳالهه ۾ ڪونه ڪو مثال، ٽوٽڪو نقل نظير، پهاڪو، محاورو يا چوڻي استعمال ضرور ڪندو هو.
    هتي هڪ ڳالهه ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو ته جيئن انگريزن ۽ ٻين يورپي عالمن پنهنجي ٻولين ۾ فحش ۽ بازاري ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ پهاڪن ۽ محاورن تي مشتمل ڊڪشنريون تيار ڪري ڇپايون آهن، تيئن آءُ به محترم عبدالوهاب سهتي کي هيءَ صلاح ڏيندم ته هن جيئن ته تحقيقي ميدان ۾ پاڻ ملهايو ۽ مڃرايو آهي، ان ڪري مٿس اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته هو سنڌي ٻوليءَ ۾ خاص طور گڏيل مجلسن، اوطاقن، مئخانن، هوٽلن، بازارين ۽ نجي محفلن ۾ استعمال ٿيندڙ اگهاڙا ۽ ننگا پهاڪا ۽ محاورا به ضرور لکي. ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ سوين اگهاڙا پهاڪا آهن، جن تي ڪنهن به محقق قلم ڪونه کنيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي هڪ محقق ديوان مرليڌر جيٽلي جي هڪ ڪتاب “سنڌي پهاڪا ۽ محاورا” (لوڪ اڀياس) سنڌ ۾ ڇاپو پهريون ۱99۶ع جي صفحي ۱۱7 تي فقط ست(7) فحش پهاڪا ۽ ورجيسون ڏنيون آهن. هيءَ ڪتاب روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو طرفان الڳ شايع ڪيو ويو آھي، جيڪو اصل ۾ سنتداس پنهومل ڪشناڻيءَ جي ڪتاب “پهاڪا۽ محاورا” جو مقدمو هيو، جيڪو اصل ڪتاب (انڊين ايڊيشن ) ۾ موجود آهي. ديوان مرليڌر جيٽلي لکي ٿو؛
    “سنڌي ۽ ٻين ڀارتي ٻولين جي انهيءَ پهلوء تي علم اللسان جي نقطي نگاهه کان تحقيق ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي.” مرليڌر جيٽلي جي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي سهتي صاحب کي گذارش ڪبي ته اهڙو مواد سنڌ ۾ ناميارن مشڪرن/ مسخرن وٽان حاصل ٿي سگهي ٿو، جن وٽ اهڙي طرز جو وڏو خزانو موجود آهي.

    پروفير نذير احمد سومرو
    سيڪريٽري ذوالفقار راشدي اڪيڊمي،
    نئون ديرو، ضلع لاڙڪاڻو
    بتاريخ ١٥ مئي ٢٠٠٤


    انتساب

    هيءَ ننڍڙي ڪاوش، محترم نجب الدين سهتو صاحب ڏانهن منسوب ڪيان ٿو.


    انجنيئر عبدالوهاب سهتو


      مقدمو

    لوڪ ادب، عام ماحول ۽ ذهنن مان جنم وٺي، عوامي زبانن ۽ سينن ۾ پلجي، زماني جي گردش ۾ پڪو پختو، صاف شفاف ٿي، وقت جي ورقن تي وکري، دوام حاصل ڪندو آهي. ان جي گوناگون شاخن منجهان ضرب الامثال به هڪ اهم شاخ آهي. عربيءَ ۾ ان کي مثال ڏيئي سمجهائڻ يا سمجهڻ لاءِ مثال ڏيڻ، سڏبو آهي. ڪنهن ڏکيءَ ڳالهه يا مسئلي کي سمجهائڻ يا سمجهڻ لاءِ ڪنهن ڏٺل / سولي/ آسان / سمجهيل شيءِ جو مثال ڏيئي سمجهائڻ کي ضرب المثل چئبو آهي.
    ضرب المثل ڳالھين/ شين جا ٽي قسم آهن.
    ۱. مثالي ٽوٽڪا يا مثالي ڪهاڻيون.
    ۲. مثالي جملا: پهاڪا يا چوڻيون.
    ۳. مثالي فقرا: ورجيسون يا اصطلاح.
    ٽنهي شاخن بابت هيٺ وضاحت ڏجي ٿي.

    1. مثالي ٽوٽڪا يا مثالي ڪهاڻيون
    ٻن ٽن سٽن يا هڪ پيراگراف کان وٺي اٺن ڏهن پيراگرافن منجهه بيان ڪيل وارتا، جيڪا مثال جي طور تي بيان ڪئي وڃي، ان کي مثالي ٽوٽڪو يا مثالي ڪهاڻي سڏبو آهي. ڊيگهه سبب ان کي پهاڪو نه سڏبو آهي. جڏهن ته اهڙا لطيفا، ٽوٽڪا، لٽڪا، آکاڻيون، ڪهاڻيون ۽ قصا وغيره، جيڪي عام زندگي ۾ ضرب المثل جي صورت اختيار ڪري عوامي ٿي وڃن ٿا، تن کي مثالي ٽوٽڪا يا مثالي ڪهاڻيون سڏبو آهي.
    2. مثالي جملا: پهاڪا يا چوڻيون
    هڪ مڪمل جملو، جيڪو پنهنجي معنيٰ ۽ مفهوم کي قائم رکندي، مثال جي طور ڪتب اچي ۽ عوام ۾ عام هجي، ان کي مثالي جملو چئبو آهي. مثالي جملي جي زمري ۾، ورجيسي جملو، چوڻي، پهاڪو، قول، ٻول يا گفتو وغيره اچي ٿا وڃن.
    3. مثالي فقرا: ورجيسون ۽ اصطلاح
    ٻن يا ٻن کان مٿي لفظن تي مشتمل فقرو يا غير مڪمل جملو، آزاد يا مصدر سان، جملي ۾ استعمال ٿيڻ پڄاڻان ٻي معنيٰ کي ظاهر ڪري يا مثال طور ڪتب اچي ته ان کي مثالي فقرو (Idiomatic Phrase) سڏبو آهي. مثالي فقري جي زمري ۾، ورجيس، اصطلاح، ٻٽو لفظ، ڪنايو ۽ تشبيهه وغيره اچي وڃن ٿا.
    مٿي ڄاڻايل ٽنهي شاخن منجهان فقط مثالي جملي بابت هتي بحث ڪنداسين. انهيءَ جي زمري ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون اچن ٿا. جن جي لغوي معنيٰ ۽ فرق بابت ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ به ضروري آهي، جيڪا هيٺ ڏجي ٿي.
    چوڻي:
    نصيحت آموز، عام مقبول قول، سخن، گفتو جيڪو مڪمل جملو هوندي، ڪنهن ڏاهي، سياڻي، فيلسوف، داناءَ، دانشور، پيغمبر، وليءَ، شاعر يا اديب ڏانهن منسوب نه هئڻ جي باوجود، عوام جو پنهنجو هجي ۽ منجهس فهم، سمجهه، سوچ، فڪر، دانائي، ڏاهپ، دانش، سياڻپ يا عقل جو نقطو يا رمز سمايل هجي ۽ پنهنجي لفظي يا ظاهري معني ۾ استعمال ٿئي ته ان کي چوڻي چئبو آهي.
    پهاڪو:
    اها عام مقبول چوڻي، جيڪا ظاهري معنيٰ ۽ مفهوم کان علاوه ٻيو يا اندريون مفهوم به رکي ته ان کي پهاڪو سڏيو ويندو آهي.
    مٿي بيان ڪيل وصفن مان سمجهه ۾ آيو ته پهاڪي ۽ چوڻيءَ ۾ بنيادي فرق فقط، ظاهري معنيٰ ظاهر ڪرڻ ۽ ڳجهي معنيٰ ظاهر ڪرڻ وارو آهي. چوڻي، ظاهري معنيٰ ظاهر ڪندي آهي ۽ پهاڪو ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿي سگهندو آهي. ورنه ٻنهي جي صورت، ساخت، شڪل شبيهه ۽ عوامي پسنديدگي يا مقبوليتِ عام هڪجهڙي ئي هوندي آهي.
    پهاڪن ۽ چوڻين جي ارتقا
    پهاڪن يا چوڻين جي ارتقا، ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪهڙي ماحول ۾ ٿي؟ اهي دلچسپ، انوکا ۽ جستجو طلب سوال آهن. گهڻن کوجين، انهيءَ ڏِسُ ۾ رنڊا روڙيا آهن. ڇو جو سمورن پهاڪن / چوڻين جي ابتدا، ارتقا يا تواريخ بابت معلومات ڪٺي ڪرڻ، ڪٺن ڪم آهي. ادبي افق تي رونق افروز هزارين پهاڪا / چوڻيون هڪ ماحول، پس- منظر، حالت، طريقي، ذريعي يا واقعي سان وجود پذير نه ٿيا آهن. انهن جي جڙڻ پويان ڪيئي پس- منظر ، ذريعا، سبب ۽ ڪارڻ آهن. منجهانئن ڪن بابت هيٺ نشاندهي ڪجي ٿي.
    پهاڪن / چوڻين جي جنم جا مکيه ذريعا
    ۱. لوڪ ڪٿائون.
    ۲. تواريخي شخصيتون، واقعات، حالات ۽ جغرافيائي ماڳ مڪان.
    ۳. سياڻن جا سخن، قول، گفتا يا نقطا.
    ۴. انساني جذبات جو رد عمل يا ندائي جملا.
    ۵. پروليون ۽ ٻول.
    ۶. ٻولين جو هڪ ٻئي تي اثر ۽ لساني جائزو.
    مذڪوره مڙني ذريعن منجهان، هر هڪ جي وسيلي هزارين پهاڪا / چوڻيون جنم وٺي چڪا آهن. سمورن پهاڪن ۽ چوڻين جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ممڪن آهي پر تمام مشڪل پڻ. انهن کي فقط يڪجاءِ ڪرڻ سان به ايڏو وڏو ضخيم ڪتاب جڙي پوندو، جيڪو هڪ ماڻهوءَ جي ترتيب ڏيڻ کان زور آهي. بهتر آهي ته مرحليوار، مڙني پهاڪن ۽ چوڻين جي ڇنڊڇاڻ ۽ اڀياس ڪجي.
    0-۱ لوڪ ڪٿائن ذريعي جڙيل پهاڪا / چوڻيون.
    لوڪ ڪٿائن واري ذريعي کي به هيٺين ٽن شاخن ۾ ورهايو ويو آهي.
    ۱-۱ سنڌ جا مشهور لوڪ داستان.
    سنڌ جي مشهور لوڪ داستانن جھڙوڪ: دودو چنيسر، ليلان چنيسر، مومل راڻو، عمر مارئي، سسئي پنهون ۽ سهڻي ميهار وغيره، ڪيترن ئي پهاڪن / چوڻين کي جنم ڏنو آهي. مثال طور:
    الف- دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي.
    ب- ويئيءَ وهاڻيءَ، دودي ناناڻا آيا.
    ج- عمر نيئي نيئي مارئي نيندو، ٿرئون ته نه ٿيلهيندو.
    د- اٺ ڪڍن سسئي.
    ه- ڪيئي ليلائون، چنيسر جي راڄ ۾.
    و- ڀنڀوران جي ڀڳيون، سي ڇٽيون.
    ز- ميهار گهڻو ئي چڱو، پر ٿيو هُن پار.
    ح- مومل جي ماڙيءَ کي، چوڌاري چارا. وغيره.

    ۲-۱ ٻارن لاءِ وندرائيندڙ يا نصيحت آموز آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون.
    ٻاراڻين آکاڻين يا نصيحت آموز آکاڻين به ڪيترن ئي پهاڪن / چوڻين کي جنم ڏنو آهي. مثال طور؛
    الف- گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي؛ “ٿو کٽا!”
    ب- اٺ کي گهنڊڻيءَ جو / تاڙي جو، ڪهڙو ڀئو.
    ج- اجايا پهه نه پچائجن.
    د- جو ڪمائي، سو کائي. وغيره.
    ۳-۱ موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون.
    موزون آکاڻين يا ڪهاڻين به ڪيترن ئي پهاڪن / چوڻين کي جنم ڏنو آهي. مثال طور:
    الف- اکين وارا، دنيا ۾ ٿورا آهن.
    ب- ڀريءَ ٻيڙيءَ ۾، واڻيو ڳورو.
    ج- ڀُلِي ڀُلِي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀُلِي.
    د- پرائي ڌيءَ / ڏيو تان کارڪ به چڱي.
    ه- جاتي پاڻي، تاتي پاڻ / پهر.
    و- دنيا ۾ دوڌ ڪا دوڌ ۽ پاني ڪا پاني آهي.
    ز- ڪارا گهڻا پر ڪارنهن ڪنهن ڪنهن جي لهي. وغيره.
    اسان جو موضوع فقط، موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون آهي. هتي انهن بابت بحث ڪجي ٿو.
    ڪيتريون ئي موزون آکاڻيون، قصا يا ڪهاڻيون روزمره جي زندگيءَ ۾ جنم وٺي يا رونما ٿي، ذهن جي ڪنڊ ۾ جاءِ والاري، زبان-زدن يا عام ٿي، عوام جا پنهنجا / عوامي/ مشهور ٿي وڃن ٿا. اڳتي هلي، اهي آکاڻيون، مثال جي طور تي ورجائجنديون رهن ٿيون. ان ورجاءَ سبب، تشهير جي وهڪري مان وهي، سهڻي / سلوڻي پيرايي وارو چوغو ڍڪي، مثالي ٿي پون ٿيون. فطري طور تي هر انسان کي هر مسئلو، آکاڻيءَ يا ڪهاڻيءَ ذريعي آسانيءَ سان سمجهه ۾ ويهندو آهي. ان ڪري هو منجهن وڌيڪ چاهُ / دلچسپي وٺندو آهي.
    ورجاءُ، پوءِ ڀلي من و سلويٰ جهڙي لذيذ ۽ پاڪ کاڌي جو ڇونه هجي، دل کڻائي ڇڏيندڙ ٿيندو آهي. ان ڪري ڪهاڻيءَ جي ڊيگهه کان بچڻ لاءِ اختصار کي اختيار ڪيو ويندو آهي. نتيجي طور ساڳيو قصو سوس کائي، قطري ۾ بند قلزم وانگر ٿي پوندو آهي. جنهن کي ان قصي جو تَتُ يا تاتُ پُرج يا عنوان چئي سگهجي ٿو.
    هر شيءِ جي گهڻائي غافل ڪندڙ ۽ ڊيگهه بور ڪندڙ هوندي آهي. ساڳي ساڳي شيءِ هر وقت نه وڻندي آهي. انساني سڀاءُ، مَٽ سَٽ کي پسند ڪندڙ آهي. انهيءَ چرپر يا مٽ سٽ ۾ ئي حياتي آهي. چاکائو طبيعت / ذهن کي، نئين سج نئين شيءِ گهرجي. اها طلب، ٿوري پر مايه- دار چيز سان پوري ٿي سگهي ٿي. اهڙا قصا، ڪهاڻيون يا آکاڻيون، جيڪي پاڻ منجهه فهم، پهه يا نقطو رکندا هجن ۽ ليٽي پيٽي اختصار جي صورت اختيار ڪري چڪا هجن، سي هر ذي شعور کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪن ٿا ۽ ياد رکڻ ۾ پڻ سولا ٿيو پون.
    گهڻا پهاڪا / چوڻيون، اهڙين آکاڻين ۽ ڪهاڻين مان جنم وٺن ٿا. جڏهن ته ڪن پهاڪن / چوڻين جي مفهوم کي چٽو ڪرڻ لاءِ موزون آکاڻيون جوڙيون به وينديون آهن. اهو به ممڪن آهي ته هتي ٻڌايل پس منظر کان علاوه ڪنهن پهاڪي /چوڻي جو ڪو ٻيو پس منظر ئي اصل پس منظر هجي.
    هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته جن موزون آکاڻين / ڪهاڻين مان پهاڪا / چوڻيون جڙيا آهن سي ڪهڙيون آهن ۽ ڇو نه لکيون / ياد ڪيون ويون آهن؟ ان جو جواب هيءُ آهي ته اول ڪهاڻي جنم وٺندي آهي، بعد ۾ مناسب لفظن سان سندس عنوان جنم وٺندو آھي، ته جيئن ٿور-اکرائيءَ سبب دل تي نقش ٿي سگهي. اڳتي هلي، ڪهاڻي/ آکاڻي گهڻن ماڻهن کان وسري ويندي آهي ۽ فقط عنوان، پهاڪي يا چوڻيءَ طور، عام ذهنن تي رهجي ويندو آهي. ڇو جو ڪن ٽوٽڪن / ڪهاڻين جو ورجاءُ، ڪن حالتن ۾ اُگرو هوندو آهي ۽ ڪن حالتن ۾ وضاحت پڇڻ ۾ پڻ بڇان لڳندي آهي. اهو ٽوٽڪو يا ڪهاڻي ڀلي ٻن ٽن سٽن جي ئي ڇو نه هجي پر تيستائين پهاڪو/ چوڻي نه ٿو چئي سگهجيس جيستائين منجهس ايڪائي وصف ناهي يا سندس اهو مقرر روپ عوام ۾ دهرايو نه ٿو وڃي.
    آکاڻي نه دهرائجڻ جو ٻيو سبب به آهي. ڪي آکاڻيون مَثَل السُوءِ مان جڙيل هونديون آهن، جنهن ڪري ڪن ماحولن اندر ورجائڻ ۽ دهرائڻ ۾ چڱيون نه آئڙبيون آهن. مراد حاصل ڪرڻ خاطر، مختصر عنوان ذريعي انهن ڏانهن اشارو ئي ڪيو ويندو آهي.
    مَثَل السُوءِ؛ غليظ مثال مان به عقل وارن کي فهم جو نقطو ملي ويندو آهي. دنيا ۾ ڪابه شيءِ بري هجي يا ڀلي، اجائي ناهي. منجهانئس ڪونه ڪو فائدو ضرور هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ٻه گنديون شيون پاڻ ۾ ملي به هڪ خوبصورت شيءِ ٺاهي وٺنديون آهن. ان جو ادنيٰ مثال؛ اوڀڙ جو اڀرڻ ۽ ماڻهوءَ جو پنهنجو جنم آهن. اهل نظر انهن حقيقتن کي ڄاڻندا آهن، جڏهن ته تنگ نظر يا شادي-بدخبر ماڻهو، منجهانئن ويڪون ڪڍندا آهن ۽ ان ۾ سمايل نقطي مان لاڀ حاصل نه ڪندا آهن. کين سوئر جي حُرمت ۽ ماءُ جي حُرمت ۾ تميز ڪرڻ به نه ايندي آهي.
    مثل السوءِ کي سمجهڻ لاءِ هيٺ ٻه مثال ڏجن ٿا.
    مثال-۱ جيڪا عورت، دلڪش وارن يا ڪرڙي اک سبب، سهڻي نظر اچي ٿي سا وارن ڪوڙجڻ يا اک ڪڍڻ کانپوءِ بدصورت ٿي پوي ٿي. جڏهن ته ڪوڙيل وار ۽ نڪتل اک، گهڙيءَ لاءِ به ڪين ٿا وڻن. آخر اها سونهن ڇا ۾ هئي؟
    مثال ۲- زمين تي گند هارڻ جي باوجود به منجهانئس گل گلزاريون پيدا ٿين ٿا. اها سونهن منجهن ڪٿان آئي؟
    ٻن غليظ شين جي هم آهنگيءَ مان قدرت واري، سونهن کي جنم ڏنو آهي.
    اها به انساني فطرت آهي ته ساڳيو ٽوٽڪو يا آکاڻي ڪير به ورائي ورائي ٻڌڻ پسند نه ڪندو آهي. جڏهن ته ڪنهن ڳالهه کي سجهڻ يا سمجهائڻ لاءِ ان جي ضرورت پوندي ئي رهندي آهي. انهيءَ سبب ڪري، انهيءَ آکاڻيءَ يا ڪهاڻيءَ جو، مناسب يا موزون لفظن ۾ عنوان مقرر ٿي ويندو آهي، جيڪو اڳتي هلي ضرب المثل / پهاڪو/ چوڻي بڻجي پوندو آهي. انهيءَ دوران، پهاڪي لاءِ مقرر ٿيل، هيٺ ڄاڻايل، چارئي خاصيتون انهيءَ ارتقائي دور مان مڪمل ٿي چڪيون هونديون آهن.
    ۱- ٿور-اکرائي يا ننڍڙو روپ.
    ۲- ويچارن جي گهرائي.
    ۳- سلوڻائي ، ظرافت يا اظهار جي نزاڪت.
    ۴. لوڪ / عوام ۾ مقبوليت/ مشهوري.
    جڏهن موزون آکاڻي، پهاڪي پرکڻ واري ڪسوٽيءَ جي مٿين چئني مرحلن مان ارتقائي منزلون طئي ڪري چڪندي آهي ته اها پهاڪي جو روپ ائين وٺندي آهي، جيئن ڪڙهڻ بعد کير مان مائو ٺهندو آهي.
    انهيءَ ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ آسان مثال وتائي فقير جا گفتا ۽ ٽوٽڪا آهن. مثال طور:
    الف- ٻيو سڀ رب جي مرضي، ماني پچائي يا چانور، اما جي مرضي.
    ب- دوزخ ۾، هر ڪو باهه هتان کنيو ٿو وڃي.
    ج- مهماني ڪپڙن جي آهي. وغيره
    مٿي ٻڌايل پهاڪا / چوڻيون، شروع ۾ فقط لطيفي جي صورت ۾ هئا. هن وقت مقرر ڪيل ارتقائي مرحلا طئي ڪري، ضرب المثل جو روپ ڌاري چڪا آهن.
    اهڙيون ڪيئي مثالي ۽ موزون آکاڻيون آهن، جن ۾ ويچارن جي گهرائي ۽ سلوڻائي ته آهي پر عوام ۾ مشهور نه ٿيون آهن. تن کي جيڪڏهن ٿور-اکرائي وارو عنوان ڏيئي، عوام ۾ مشهور ڪجي ته ضرب المثل بنجي پونديون. ان لاءِ به هڪڙو شرط آهي ته کين لوڪ مڃتا به ملي. لوڪ مڃتا نه ملڻ جي صورت ۾ به کين پهاڪو/ چوڻي نه سڏبو .
    پهاڪي/ چوڻيءَ جو جيستائين پس منظر اوجهل آهي، تيستائين منجهس سمايل پھ ۽ استعمال به اوجهل آهي. پَھُ تڏھن اوجل يا اجرو ٿيندو، جڏھن پسمنظر جي مختصر جهلڪ ذهن تي اڪريل هوندي. نثر توڙي نظم ۾ استعمال ٿيل اهڙن جملن مان پوءِ ئي چَسَ ايندي.
    ان کان علاوه اها ڄاڻ رکڻ به ضروري آهي ته اهي پهاڪا، ڪهڙي علائقي يا ماحول ۾ پليا ۽ مشهور ٿيا آهن. ڇو جو جنهن علائقي / ماحول ۾ جنم وٺن ٿا، تنهن ۾ ئي وڌيڪ پسند ڪيا وڃن ٿا ۽ ورجايا وڃن ٿا. منجهن سمايل نقطو، اتي جي عوام کي وڌيڪ چٽو سمجهه ۾ اچي ٿو. ضروري ناهي ته هڪ علائقي ۾ جڙيل پهاڪو ٻئي علائقي ۾ ساڳي پسندگيءَ سان مشهور هجي. علائقائي حساب سان، هر پهاڪي / چوڻيءَ جي لفظي ترتيب به ڦريل هوندي آهي. انهيءَ ڪري پهاڪي/ چوڻيءَ جي آخر ۾ علائقائي نشاندهي پڻ ڪئي وئي آهي.
    نموني جي مٺ طور، ڪجهه سوکڙيون، هن ڪتاب هيٺ پيش ڪجن ٿيون.

    انجنيئر عبدالوهاب سهتو


    متن

    1. آپ سکي، جڳ سکي. (هندي، چوڻي)

    هڪڙو حجم، بادشاهه سلامت جي سنوارت ڪندو هو. پنهنجي ڪمائيءَ مان ڏهاڪو کن مهرون، بچائي ڀانيءَ ۾ لڪائي رکيون هئائين. بادشاهه ڏيهاڙي کانئس حال احوال وٺندو هئو. پڇندو هئس؛ “اوستا! ڏي خبر! ملڪ جو ڇا حال آهي؟”
    “سائين ملڪ سکيو ستابو آهي، انصاف جو دور دورو آهي! امن امان لڳو پيو آهي! شينهن ٻڪري هڪ گهاٽ تي ٿا پاڻي پيئن!” موٽ ۾ سدائين ائين چوندو هيو.
    بادشاهه سلامت کي لڪايل مهرن بابت ڪنهن سُڌِ ڏني، جنهن تي مهرون لڪرائي ڇڏيائينس، حسبِ عادت کانئس ٻئي ڏينهن پڇيائين؛ “اوستا ڏي خبر! ملڪ جو ڇا حال آهي؟”
    “سائين ! ڀينگ لڳي پئي آهي! ملڪ ۾ اهو امن امان نه رهيو آهي! خوشي ئي موڪلائي وئي آهي، هَٿَ-کَسَ لڳي پئي آهي! ڪو گهر سلامت ناهي! روز کاٽ ٿا لڳن! خوشيءَ وارو زمانو ئي هليو ويو!” حجم ڏڪندڙ هٿن سان جذبات ۾ جواب ڏنو.
    خلافِ عادت جواب ٻڌي بادشاهه سلامت پڇيس؛ “اڙي! ڪالهه چيئي ته؛ ملڪ سکيو ستابو آهي! امن امان آهي! راتوڪي رات ۾ اهو ڦرڪو ڪيئن ڦريو.”
    “سائين!” حقيقت کان آگاهه ڪندي ٻڌايائين؛ “آپ سکي، جڳ سکي”.
    مطلب: ۱ . جيءُ ناخوش، جهان نا خوش.
    ۲ . جيءُ خوش، جهان خوش.
    ۳ . هر ماڻهو ٻين کي پنهنجي ڪيفيت آهر سمجهندو آهي.


    2. آپ ڪمائيءَ ۽ باپ ڪمائيءَ ۾ فرق آهي. (هندي ، چوڻي)

    هڪڙو اميراڻو ٻار، پئسن وٺڻ کانسواءِ، مڪتب ۾ پڙهن نه ويند هئو. اها عادت پڻس کي ڏاڍي ڏکي لڳندي هئي، جنهن هڪ ڏينهن، آخوند سان صلاح ڪئي؛ “ڇوڪرو بيدرديءَ سان پئسا کپائي ٿو، کيس احساس ڏيارڻ گهرجي”.
    “روزانو ڏهه روپيا، مڪتب جي خرچ لاءِ گهرجن! ” ٻئي ڏينهن آخوند، صاحبزادي کي چيو. ڇوڪري پيءُ کان روزانو ڏهن روپين جي طلب ڪئي. پڻس ٻه چار ڏينهن ڏنا، پوءِ اهو چئي بند ڪري ڇڏيائين؛ “پاڻ ڪمائي وڃي آخوند کي ڏي”.
    اميرزادي اها ڳالهه ماءُ سان ڪئي، جنهن مسئلو حل ڪندي، روزانو کيس ڏهه روپيا ڏيڻ شروع ڪيا . آخوند ڏهه روپيا وٺي ڇوڪري جي اکين آڏو کوهه ۾ اڇليندو هو.
    هڪ ڏينهن ماڻس گهر ۾ نه هئي ته کيس ڏهه روپيا نه مليا. اتاوليءَ مان هڪڙي هنڌ مزدوري ڪيائين. اٺ آنا مليس ۽ اچي استاد جي تريءَ تي رکيائين. استاد حسبِ عادت اٺ آنا کوهه ۾ اڇلايا ته صاحبزادو خلافِ عادت ڪاوڙجي ڳاڙهو ٿي ويو.
    “اڳي ڏهن رپين اڇلڻ تي نه ڪاوڙبو هئين، ۽ اڄ اٺ آنا اڇلڻ تي ناراض ٿو ٿين؟ سو ڇو؟” استاد پڇيس.
    “ڏهه روپيا، بابا جي ڪمائيءَ جا هئا ۽ اٺ آنا مون ڪمايا آهن!”
    “مون اهو انهيءَ لاءِ ڪيو ته جيئن توکي احساس ٿئي ته .... ” آخوند نصيحت ڪندي چيس؛ “آپ ڪمائي ۽ باپ ڪمائي ۾ فرق آهي”.
    مطلب: هر ڪنهن کي، پنهنجيءَ محنت جو ئي قدر ٿيندو آهي.


    3. آڌا چُوڙا، آڌا ٻُورا، مال ڪُوڙا، مراد پُورا. (هندي، پهاڪو)

    هڪڙي مائيءَ کي پنهنجي نُنھن لاءِ، عاج جون چوڙيون ٺهرائڻيون هيون. عاج جي ڳِٽي کڻي چوڙيگر وٽ وئي ۽ روبرو گهڙائڻ ويٺي.
    چوڙيگر، حسبِ عادت، ڳٽيءَ جا ڇوڏا لاٿا. پوءِ ٻانهن جي ماپ سارو، عاج کي گولائي ۾، اهڙيءَ طرح چيريائين جو ٻورو تمام گهڻو نڪتو.
    “عاج ته زيان ڪري ڇڏيئي!” مائي زيان ڏسي رهي نه سگهي ۽ چيائينس؛ “ايڏو ٻورو ڪڍبو آهي؟!”
    “آڌا چوڙا، آڌا ٻورا، مال ڪوڙا، مراد پورا!” موٽ ۾ ڪاريگر چيس.
    مطلب: ۱. مال ڪوڙو هيو، تنهن هوندي به اڌ مال ضايع ڪري، باقي اڌ مان مراد پوري ٿي آهي.
    ۲. ٻانهيون/ چوڙيون پائڻ، پئسي جو زيان آهي.


    4. آفيسر کي، پٽيوالا ئي کڻند آهن. (سرو، پهاڪو)

    بس اسٽينڊ تي رش هئي. بس آئي ته جاءِ والارڻ هڪڙو پٽيوالو به دانهون ڪندو، ماڻهن کي پاسا هڻندو مٿي چڙهي آيو.
    “پري بابا! صاحب چڙهندو. صاحب اڳيان ويهندو!” سندس انهيءَ گوڙ سبب گهڻا ماڻهو دهلجي هٽي ويا. پٽيوالي اڳيان سيٽ اچي والاري. سترھين گريڊ جو ھڪ انجنيئر اڳ ئي ان سيٽ تي ويٺوھو. صاحب به ڀر ۾ اچي ويٺو ته اڳ ويٺل انجنيئر ڏاڍو محتاط ٿي ويو.
    بس جڏهن اڳئين شهر پهتي ته گهورڙيا مٿي چڙهي آيا! ڀر واري صاحب پڪوڙن واري کان رڙ ڪري، رپئي جا پڪوڙا ورتا ۽ رومال ۾ ٻڌل ماني ڪڍي کائڻ لڳو. ان کان اڳئين اسٽاپ تي بس بيٺي ته تڪڙ ۾ لهي، هٿ ڌوئي پاڻيءَ جو گلاس اڌ-گيدو چاڙهي، وري اچي سيٽ تي ويٺو ته سندس انهيءَ عمل تي سندس صاحبيءَ وارو رعب انجنيئر جي دماغ مان نڪري چڪو هئو ۽ يڪدم کانئس پڇيائين؛ “سائين ! توهان کي ڪهڙي سروس آهي؟”
    “ادا! مان مختيار ڪار صاحب جي آفيس ۾ هيڊ منشي آهيان”.
    “بلڪل صحيح!” دل ۾ چوڻ لڳو؛ “آفيسر کي پٽيوالا ئي کڻندا آهن!”
    مطلب: پير کي، خليفا ئي کڻندا آهن.


    5. اُٺُ، الائي ڪهڙي پاسي ليٽي؟ (سنڌ ، پهاڪو)

    ڪنڀر ۽ گاهيءَ گڏجي، هڪڙو اٺ ڀاڙي تي ڪيو. اٺ جي هڪڙي پاسي، گاهيءَ گاهه سٿيو ته ٻئي پاسي، ڪنڀر پنهنجا ٿانءَ لڏيا.
    شهر ويندي، اٺ حسبِ عادت گاهه واري پاسي لوڻا هڻي، گاه جا مُٺيا ڇِني پئي کاڌا. اٺ جي انهيءَ زيان تي، ڪنڀر ڏاڍو خوش ٿيندو پئي آيو.
    ساهي پٽڻ لاءِ، منجهند ڌاران هڪ وڻ هيٺان ڊاٻو ڪيائون. اٺ کي به هشائي ويهاريائون. ويهڻ بعد اٺ ٿانون واري پاسي ڏانهن ليٽيو ته ٺڪر جا کوڙ ٿانءَ ڀڄي پيا. انهي تي ڪنڀر کي ڏاڍو ڏک ٿيو.
    “ٻين تي کلڻ نه گهرجي! خبر ناهي ته خدا ڪهڙيءَ ڳالهه ۾ راضي آهي، اها ته کيس خبر آهي ته .....” جت ڪنڀر کي نصيحت ڪندي چيو؛ “اٺ، الائي ڪهڙي پاسي ليٽي”.
    مطلب: ۱ . ڏسجي اٺ، الائي ڪهڙي ڪڙي ٿو ليٽي.
    ۲ . خبر ناهي ته هاڻي ڪنهن جي نقصان جو وارو آهي.


    6. اُٺَ نه رسن، ٻورا رسن. (سنڌ، پهاڪو)

    هڪڙي جت، هڪڙي واڻئي سان، سامان ڍوئڻ لاءِ ڀاڙو طئي ڪيو. ٻورا تمام ڳورا ڀريل هئا. جَتَ لالچ ۾ لتون ڏئي ڀريا هئا. اٺن جو گَلو لڏي، جيئن منزل ڏانهن ڪاهي هلڻ لڳو، تيئن اُٺَ مهارون ڇنائي، ٻورا ڪيرائي، جهنگِ مُنهن ڪري ڀڳا. اها حالت ڏسي واڻئي کان رهيو نه ٿيو ۽ جت کي رڙ ڪري چيائين؛ “اٺ رٺ ٿا وڃني!!؟ ورائي اچين! ”
    “اٺ نه رٺا آهن، ٻورا رٺا آهن!” ڳورن ٻورن ڏي ڏوهه ڏيندي، جت چيو.
    مطلب: ۱- ڏوهه هڪڙو ڪري ۽ مڙهجي ٻئي تي ته، ان صورت ۾ ائين چيو ويندو آهي.
    ۲- پنڌ پيرن کان نه پڄي، لعنت گوڏن تي.
    ۳- مري پنهنجي موت، لک نور شاهه جي کنڌي.
    ۴. رڍ اڳيئي مرڻي، بَدُ پيئي بگهاڙ تي.


    7. اُٺي، بُهه چُٺي. (سنڌ پهاڪو)

    هڪڙي واپاريءَ، بهه وٺي ڪارخاني جي اڱڻ تي لاهرائي ڇڏيو هو. بهه سانڍڻ لاءِ ڀانڊا هيس، جنهن ڪري اڱڻ تي لنبائڻ جو خفو نه پئي ڪيائين. ٻين ڪمن جي ڪري، بهه ڀانڊن ۾ سانڍجي نه سگهيو هيس. مٿان سانوڻ جو مينهن به هڪ ڏينهن، اوچتو اچي ڪڙڪيس. ڦڦڙيءَ اچي ورايس. برسات بند ٿي ته وَرَ کِنجي گهران نڪتو ۽ ڇڙاپ ڇڙاپ ڪندو، ڪارخاني جي اڱڻ تي اچي پهتو.
    بهه ڏسي ڏاڍو حيران ٿيو. بهه ته صحيح سلامت هو، پر گپ چڪ به ڪانه هئي.
    “هتي برسات نه پئي آهي ڇا؟” حيرت مان نوڪر کان پڇيائين.
    “پئي هئي!” نوڪر سندس حيرت کي سمجهندي وضاحت ڪئي. “اُٺي، بهه چُٺي.”
    مطلب: ۱ برسات پئي، بهه چُهي ڇڏي.
    ۲. گذريءَ کي ياد نه ڪجي، جا گذري سا چوکي.


    8. آپڻي گهوٽجي ته نشا ٿيوي. (سنڌ ، پهاڪو)

    ڪن موالين، دائري ۾ ڀنگ گهوٽي پئي پيتي. هڪڙومسافر موالي به واٽ وٺيو پئي لنگهيو. لُونجهه تي اهو به لنگهي آيو ۽ چُڪڙي چاڙهڻ لاءِ سوال ڪيائين. بچيل چڪڙيءَ ۾ جوڳِ ۽ پاڻي ملائي، ڇاڻي گلاس ڀري ڏنائونس.
    ڇِٽي ۽ تُتي پاڻيءَ، رنگ ئي نه لاتس.
    “يار ! هيءَ ته لڳي ئي نه !” ٿورو نه مڃيندي چوڻ لڳو؛ “نشو ئي نه چڙهيو!”
    “مفت واري شيءِ سان نشو نه چڙهندو آهي.” هڪڙي مواليءَ اڍنگي ڳالهه جو اڍنگو جواب ڏيندي چيس.
    “اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوئي! ”ٻئي مواليءَ، پھرئين جي وَٽَ وارڻ ڪندي چيو.
    مطلب: ۱. محنت سان ڪيل ڪم ۾ نشو / سرور/ سڪون آهي.
    ۲. پنهنجي، سنهنجي.
    ۳. پنهنجيءَ ۾ هٿ، پرائيءَ ۾ اکيون.
    ۴. ٻين تي ڀاڙڻ نه گهرجي.
    ۵. پنهنجي ٻارجي ، پنهنجي چاڙهجي.
    ۶. هڏ هلائجي، سک پائجي.


    9. اڄ نه ڏٺو لال، ته سڀاڻي ئي صحيح. (هندي ، پهاڪو)

    هڪڙا موالي، قلندر جو ميلو ڏسڻ لاءِ ڳوٺان نڪتا. واٽ تي هڪڙو دائرو/ مڪان ڏسي، صلاح ڪيائون؛ “دائري تان چلم ڦوڪ ڀري، پوءِ هلجي ته چڱو”.
    دائري ۾ آيا ته چلم جي ٿڌي ڦوڪ بجاءِ، چرس جي ٿڌي مٺي ڦوڪ ڀرڻ لاءِ دل سُرڪين. چرس ڪڍي، سلفي ڀري، ويٺا سَرِ ڪرڻ. ٻه ٽي سلفيون سَرِ ڪري، ڍير ٿي پيا. اهو ڏينهن اتي ئي گذري وين.
    ٻئي ڏينهن به ڏاڍا دُگاڙا هنيائون. لِڱُ لِڱُ آٺرجي پين. قلندر ته ويو کانئن وسري. سندن اهڙا حال ڏسي، دائري تي رهندڙ موالين، يادگيري ڏيارڻ لاءِ چين؛ “لال تي نه ويندئو ڇا؟”
    “آج نه ديکيا لال، تو ڪل ديکون گا.” يڪ آواز ٿي چوڻ لڳا.
    مطلب: ۱- سست ماڻهو، اڄ جو ڪم سڀاڻي تي ٽاريندو آهي.
    ۲. اڄ جو ڪم، سڀاڻي ته نه ٽارجي.
    ۳. ترت دان، مها پِڃُ.
    ۴. اڄ جو ڪم، اڄ ڪجي.
    ۵. ڪل ڪري سو آج، آج ڪري سو اب.


    10. اڇي پڳ مَ پس اندر مڙيئي اڳڙيون. (چوڻي)

    هڪڙو مسخرو، ميڙي تي وجهڻ ويو. ماڻهن تي رعب وجهڻ لاءِ اڳڙين جو مولهاٽو مٿي تي ويڙهي، مٿان نئين شبلم جو وال کن ويڙهي ڇڏيائين ته جيئن ماڻهو سمجهن ته نئون پڳڙي ٻڌي آيو آهي. پيرن ۾ چيچاٽي بوٽ، هٿ ۾ تيل مکيل ٻٻر جو لڪڻ، مڇن کي تيل جو تاءُ آيل، اول ته ڏنائين ميڙي کي ڏاڍا چڪر. جتان لنگهي، اتائين ماڻهن جو اکيون منجهس کپيو وڃن.
    نيٺ هڪڙي ميدان تي بيهي ابتيون سبتيون ٻوليون ڪيائين. ماڻهن سوچيو؛ ”هن ڏسڻي وائسڻي همراه کي ڇا ٿي ويو؟“ اهو سوچي، اچي پاسو ورتائونس. جڏهن دَنِ کن تماشائين/ تماشو ڏسندڙن جي اچي ڪٺي ٿي ته مسخرو ڪيائين.
    جن پيل همراه جو نقل ڪندي، وٺي جو مٿو ڌوڻيائين ته پڳڙ لھي اچي پٽ تي پيو. وال ڪپڙو پري ڪريو ته اڳڙين جو مولهاٽو جدا ٿي بيٺو. سندس لڪل اڳڙيون ظاهر ٿيڻ تي هڪڙي تماشائيءَ کان زبان مان بي اختيار نڪري ويو؛
    ”اڇي پڳ مَ پس، اندر مڙيوئي اڳڙيون“.
    مطلب: ۱. ظاهري ٺاٺ سان، اندريان عيب لڪيو وڃن.
    ۲. ظاهر ئي نظر ڪرڻ کان، ڪجھ اندر به جاچجي.


    11. اک ڏٺيءَ ڳالهه تي به، ويچار ڪجي. (سنڌ، چوڻي)

    هڪڙي نوڪر کي بادشاهه جو بسترو وڇائيندي دل ۾ خيال آيو؛ “ڇو نه نرم بستري جو مزو وٺي ڏسجي! ”
    سڄي ڏينهن جو ٿڪل هيو. جيئن ئي چادر تاڻي، نرم بستري تي ليٽيو، تيئن ئي اک لڳي ويس.
    سمهڻ وقت راڻي صاحبه آئي، کيس بادشاهه سمجهي پاسڙو ڏئي سمهي پئي. گهڙيءَ کانپو، بادشاه سلامت پاڻ وزير سميت خلوت گاهه ۾ آيو. راڻيءَ کي ٻيلهه ستل ڏسي، باهه ٿي ويو. تلوار ڪڍي، ٻنهي تي وار ڪرڻ وارو هيو جو وزير ٻانهن کان جهلي ورتس؛ “جيئندا قبلا! اٻهرو قدم نه کڻڻ گهرجي! ”
    “اکين سان ڏسڻ کانپوءِ، ڪهڙو ويچارجي؟” بادشاهه وزير کي چيو.
    تنهن هوندي به وزير کيس پاسي تي ڌڪي ويو.
    سندن واڪي تي نوڪر جي اک کلي پئي. پاڻ کي راڻيءَ سان ستل ڏسي ڊڄي ويو. بُل ڏئي اٿيو ۽ پلنگ تان هٺ وڃي ڦهڪو ڪيائين. ايتري ۾ راڻيءَ جي به اک کلي پئي. يڪدم سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ کيس سموري ماجرا ڪري ٻڌايائين.
    “پاڻ ته مئو هئين، پر مون کي به مارائين ها!” راڻي دَٻَ پٽيندي چيس.
    ٻنهي جي ماجرا ٻڌي، بادشاهه حيرت ۾ پئجي ويو.
    “تنهنجي ڳالهه بلڪل صحيح آهي! تڪڙو قدم نه کڻجي.” بادشاهه وزير کي چيو؛ “اک ڏٺيءَ ڳالهه تي به ويچار ڪجي!”
    مطلب: ۱ . ڪنن ٻڌيءَ تي ته ويچار ڪجي پر اکين ڏٺيءَ تي به ويچار ڪجي.
    ۲ . ڪو به قدم تڪڙو ۽ اٻهرو نه کڻجي.


    12. اک ڏٺيءَ ڳالهه لاءِ، ڪهڙو پڇڻ؟ (سنڌ، چوڻي)

    هڪڙي ماڻهوءَ حجم کان وار پئي لهرايا. وارن لهندي، حجم کان پڇيائين؛ “وار، اڇا گهڻا آهن ڪن ڪارا؟”
    “جيڪي به آهن، سي تنهنجي اڳيان جهوليءَ ۾ پيا پون. اکين سان پيو ڏسين ته به پيو پڇين!” حجام پنهنجي فيصلي ٻڌائڻ کان لنوائيندي چيس؛ “اکين ڏٺيءَ ڳالهه لاءِ ڪهڙو پڇڻ؟”
    مطلب: ۱- هٿ ڪنگڻ کي ڇا / ڪهڙي آرسي ڏيکاربي؟
    ۲- پڌري ڳالهه لاءِ پڇا / پچر نه ڪبي.


    13. اکين وارا، دنيا ۾ ٿورا آهن. (ساهتي ، چوڻي)

    ٻن دوستن جو پاڻ ۾ بحث ٿي پيو.
    “دنيا ۾ انڌا گهڻا آهن!” هڪڙي جو موقف هئو.
    “دنيا ۾ اکين وارا گهڻا آهن!” ٻئي جو ضد هئو.
    “آزمائي ٿا ڏسون ته دنيا ۾ ڪير گهڻا آهن!” ٽئين سنگتيءَ، بحث مان بيزار ٿيندي، صلاح ڏنن.
    صلاح بيٺي ته؛ ٻه ڄڻا سَرَ مُڃي منجهانئن نوڙُ وٽيندا ۽ ٽيون ڄڻو، لنگهندڙن / واٽهڙن کي جاچي، انڌن ۽ سڄن جي فهرست تيار ڪندو.
    سَرَ مُڃي، هڪڙي چو- واٽي تي نوڙُ وٽڻ ويٺا.
    “ڇا ٿا ڪيو؟” پهرئين لنگهندڙ کانئن پڇيو.
    “نوڙُ ٿا وٽيون!” پڇندڙ کي جواب ڏئي، سندس وڃڻ کانپو، لسٽ تيار ڪندڙ ڏانهن منهن ڪري چيائون؛ “لکيس انڌن جي لسٽ ۾!”
    کوڙ ماڻهو لنگهيا. منجھانئن گهڻن ئي ساڳيو سوال پڇيو. انهن سمورن جا نالا، انڌن جي لسٽ ۾ لکيائون.
    “نوڙُ ٿا وٽيو ڇا؟” شام ڌاري هڪڙو همراهه لنگهيو ۽ ائين پڇيائين.
    “هائو! نوڙ ٿا وٽيون!” کيس جواب ڏئي، لسٽ تيار ڪندڙ ڏي مھڙ ڪري چيائون؛ “لک سڄن جي لسٽ ۾.”
    شام جو ٻئي لسٽون ڀيٽيائون. انڌن واري لسٽ تمام ڊگهي هئي. لسٽ تيار ڪندڙ رڙ ڪري چيو؛ “اکين وارا، دنيا ۾ ٿورا آهن!”
    مطلب: بري ڀلي جي تميز ڪندڙ /حياداريءَ /سمجهه/عقل وارا دنيا ۾ ٿورا آهن.


    14. اکيين لونگ لڳن، جعفر وسري وڃن. (هندي، پهاڪو)

    هڪڙي عورت جي جعفر نالي هڪڙي مرد سان ياري هئي. وقت گذرڻ بعد، ان عورت جي لونگ نالي، ٻئي مرد سان به ڏيٺ ٿي وئي. اک جي پڇڙي اٽڪڻ سان ٻنهي جو پاڻ ۾ قرب وڌي ويو، جنهن ڪري مائيءَ کان اڳيون يار جعفر وسري ويو.
    اها خبر جڏهن جعفر کي پئي، تنهن يارڙيءَ ڏانهن ڏوراپو ڏياري موڪليو؛ “اکيين لڳا لونگ، جعفر ويا وسري”.
    مطلب: ۱- اڳيان ويا وسري، پويان لڳا مصري.
    ۲- نون دوستن آئي، پراڻا وسري وڃن.


    15. اميدن تي جهان قائم آهي. (ساهتي ، چوڻي)

    هڪڙي دڪاندار وٽان، ڳوٺ جو ملان به اوڌر تي سودو کڻندو هيو ۽ مڱڻهار به . هڪ دفعي ٻئي گهڻي اوڌر کڻي ويا ۽ چڱي وقت تائين نه موٽايائون.
    “سائين ايڏي اوڌر کنئي اٿو!” دڪاندار ملان کان پڇيو؛ “موٽائڻ جي نيت به اٿو يا؟ رڳو کَڻُ کَڻان!”
    “بلڪل موٽائبي!” ملان آٿت ڏيندي چيس.
    “موٽائيندين وري ڪٿان!؟ پگهار تي حساب چڪتو ٿئي نه ٿو! اوڌر ڪيئن لهندي؟”
    “ابا! رڳو پگهار آهي ڇا؟” ملان سمجهائيندي چيس؛ “ڀَڳَ ڀُرَ به ته آهي! ”
    “اها ڀَڳَ ڀُرَ، ڇا آهي؟” دڪاندار پڇيس.
    “ابا! وڏيرو بيماريءَ جي بستري تي پيو آهي. ڏينهن- ٻن جو مهمان آهي. نيٺ هن جهان مان هر ڪنهن کي هلڻو آهي. نهراجُّ ٿيندو. لٽو ڪپڙو، لٿو پٿو، خيرُ خيرات، ختما درود، گنج ٿي ويندا. تنهنجا قرض ته لهي ويندا، هٿائين تون قرضي هوندين.” ملان لاجواب ڪندي چيس.
    هڪ ڏينهن مڱڻهار کان به ساڳيو سوال پڇيائين.
    “اوڌر جلد موٽائبي!” مڱڻهار موٽ ۾ چيس؛ “وڏيرو بيماريءَ جي بستري تي پيو آهي! اجهو چاق ٿيو! خوشي ٿيندي، گهور گهاٻور جام پوندي. تنهنجا قرض چپٽين تي لهي ويندا”.
    ٻن چئن ڏينهن پڄاڻان، وڏيرو چاق ٿي ويو. خوشي ٿي. دهلاريءَ/ مڱڻهار کي گهور جام پئي، دڪاندار جا قرض لاٿائين.
    “تون قرض نه لاهيندين!” دڪاندار، سيڌي وٺڻ لا آيل ملان کي، ٽوڪيندي چيو.
    “رک الله تي! ملان دلداري ڏنس”.
    هفتي ٻن بعد وڏيرو وري ڊهي پيو ۽ هلي پيو. ملان کي به ججهو مال مليو. قرض موٽائيندي دڪاندار کي چيائين؛“ اميدن تي جهان قائم آهي”.
    مطلب: ۱- دنيا اميد تي قائم آهي.
    ۲- توڪل جا ٻيڙا پار آهن.


    16. اڻ هوند ۾ پئسي پلو مهانگو، هوند ۾ رپئي پلو سستو . (ساهتي ، پهاڪا)

    هڪڙو همراهه ڳوٺان ڪمائڻ جي نيت سان ڀائٽيو ساڻُ ڪري نڪتو. رستي ۾ هڪڙو ميربحر مليس، جنهن پلا پئي کپايا. کانئس پلو چڪايائين: “پلو گهڻين ٿو ڏين؟”
    “پائيءَ ۾!”
    کيسي ۾ پئسو ڪونه هئس، يڪدم ڳالهه ٺاهيندي چيائين؛ “نه ادا! پلا ايڏا مهانگا ڪونه ٿيا آهن. ظلم آهي! پائيءَ ۾ پلو! ”
    “نصيب وارا وٺي کائيندا. سڃن سکڻن لاءِ ته بلڪل مهانگا آهن. انهن لاءِ پلا نه پر پلي، سا به چڻن جي، ڀلي آهي!” ميربحر ٽوڪيندي چيس.
    همراهه ڪنڌ هيٺ ڪيون، شهر وڃي نڪتو. جتي چاچي ڀائٽي کي خاصي مزوري ملي. پندرنهن ويهه تاريخون هنيائون. چڱا پئسا ملين.
    ڳوٺ موٽندي پلن وارو ميربحر مُنهن پين. کانئس وري پلا چڪايائون. پلن واري سمجهيو ته وقت وڃائيندا، تنهن ڪري ڀڄائڻ وارو اگهه ٻڌايائين.
    “بابا! اڄ پلو وٺندا سين! ڪجهه لاهو گاهو ڪر! ”
    “نه بابا! توهان رڳو چڪائيندا آهيو! وٺندا ناهيو! وٺڻ وارو مھانڊو ئي ٻيو. بھرحال سئو ڳالهه جي هڪ ڳالهه! آخري اگهه!! پلي جو رپيو وٺندم! پُڄاءُ پَئيوَ ته وٺو، نه ته دڳُ کليل اٿو”.
    “رپئي ۾ پلو سستو آهي! ” چاچي، روپيو ڇوڙي، پلو وٺندي چيو.
    “چاچا!” رستي ۾ ڀائٽئي چاچي کان پڇيو؛ “پائيءَ ۾ پلو نه ورتئي، چيئي: مهانگو آهي. هاڻي رپئي ۾ سستو سجهي ورتئي! سو ڪيئن؟”
    “ابا هوند تي هر شيءِ سستي آهي، اڻ هوند ۾ هر شيءِ مهانگي آهي!” ڀائٽئي کي نصيحت ڪندي چيائين؛ “اڻ هوند ۾ پئسي پلو مهانگو، هوند ۾ رپئي پلو سستو!”
    مطلب: ۱- هوند تي، هونگر آهي.
    ۲- پئسن واري لاءِ، هر شيءِ سستي آهي. غريب لاءِ هر شي مهانگي آهي.


    17. اهو چوئٿ ئي مري ويو، جيڪو چڻا کپائيندو هيو. (وچولو، پهاڪو)

    چوئٿ رام نالي، هڪڙو هندو ڀائيڀند، مانجهند شهر جو مسڪين رهاڪو هئو. ننڍي هوندي چڻا / ڪُهر ٺاهي کپائيندو هيو. پنهنجي ساک ويهارڻ لاءِ سٺا چڻا صفائيءَ سٿرائيءَ سان ٺاهي وڪڻندو هيو، جنهن ڪري کيس ڀاڳ لڳو ۽ امير ٿي ويو.
    امير ٿيڻ بعد، ڪُهر کپائڻ ڇڏي ڏنائين ۽ وڏا واپار ڪرڻ لڳو. سندس ڪُهر ڏاڍا مشهور هئا، جيڪي بعد ۾ ماڻهن کي ملڻ بند ٿي ويا.
    ماڻهو انهن ڏينهن ۽ ڪُهرن کي ياد ڪري چوندا هئا؛ “اهو چوئٿ ئي مري ويو، جيڪو چڻا کپائيندو هيو! ”
    مطلب؛ اها ڪڪڙئي مري وئي، جيڪا سونا آنا ڏيندي هئي.
    ۲. اهي تنيا ئي مري ويا، جيڪي گهَٽا بخشائيندا هئا.
    ۳. اهي ويرا ئي ويا، جڏهن جيءَ کي خوشيون ملنديون هيون.


    18. ايمان ناهي ته ٿلهائپ به ڪم جي ناهي. (سنڌ، چوڻي)

    هڪڙي ڪراڙي، شهر مان وکر وٺي، ڳوٺ ڏانهن موٽندي رستي ۾ هڪڙي وڻ هيٺان ساهي پٽڻ لاءِ ترسي. مٿي جو بار لاهي هيٺ رکيائين. وڻ جي ڇانءَ ۾ آساس وٺڻ بعد، ڀري کڻڻ لاءِ اٿي ته کڻي نه سگهي. هيڏي هوڏي ڏٺائين ته ڪير به ڪونه هئو. تنهنڪري ڪنهن واٽهڙوءَ جو انتظار ڪرڻ لڳي ته جيئن کيس هڙَ کڻائڻ ۾ مدد ڪرائي.
    ڳچ وقت بعد، هڪڙو ٿلهو متارو همراهه اچي اتان لانگھائو ٿيو.
    “ابا!” ٿلھي ھمراھ کي سڏي ڪراڙيءَ چيو؛ “مون ڪراڙيءَ کي هيءَ هڙ ته کڻاءِ!”
    ٿلهو مدد لاءِ آيو. ڀري کڻائڻُ کڻائڻَ جي ماڳِ، ٿلهائپ سبب موراڳو نِوڙِي ئي نه سگهيو.
    “ماسي!” بنا نِوڙَڻ جي ٿلهي چيو؛ “مون کان هڙ نه کڄندي!”
    “ابا!” ڪراڙيءَ حيران ٿيندي چيس؛ “ڏسڻ جو ته ٿلهو ٿنڀرو آھين. باقي هيءَ هڙ تو کان نه کڄندي!”
    “ماسي!” ٿلهي وضاحت ڪندي چيس؛ “ايمان ناهي ته ٿلهائپ به ڪم جي ناهي.”
    مطلب: ۱- دل ڪم ڪندي آهي، طاقت نه.
    ۲- ٽنگ ڀڳو ڪم ڪري، ٻانهن ڀڳو ڪم ڪري، دل ڀڳو نه ڪري.


    19. باپ ڪمائيءَ ۽ آپ ڪمائيءَ، سَنڌو آهي. (هندي ، چوڻي)

    هڪڙي نوجوان، ريشمي رومال سان پراڻو ۽ ڦاٽل بوٽ پئي اگهيو ته هڪڙي دوست عجب مان پڇيس: “اوچي رومال جو اهو قدر آهي، جو ان سان ڪنا ۽ ميرا ٺوٻر پيا اُگهجن!”
    “هيءُ بوٽ، مون محنت مزدور ڪري، بکون ڪاٽي، پاڇي ڪيل پئسن مان ورتو آهي! ان جو خيال ته مون کي ئي ڪرڻو آهي نه !؟!” نوجوان، بوٽ اگهڻ جو جواز پيش ڪيو.
    “رومال به ته تنهنجو آهي! ان جو به ته توکي ئي خيال رکڻو آهي! ان سان گندا لِتَر اگهڻ، ڪٿان جي عقلمندي آهي!”
    “بيشڪ ! رومال منهنجو آهي!” نوجوان وضاحت ڪندي ٻڌايس؛ “پر ورتل ته بابي جي ڪمائيءَ مان آهي!”
    “تنهن ڪري تو وٽ انهيءَ جو قدر گهٽ آهي، هونئن به..... ” دوست چٿر ڪندي چيس؛ “باپ ڪمائيءَ ۽ آپ ڪمائيءَ، سنڌو آهي!”
    مطلب: ۱- هڏ هڻي ڪمائڻ سان هر شيءِ جو قدر ٿئي ٿو.
    ڀيٽيو: آپ ڪمائي ۽ باپ ڪمائيءَ ۾ فرق آهي.


    20. بک نه پڇي ڳُنڌڻ، ننڊ نه پڇي اوڇڻ. (سنڌ ، چوڻي)

    هڪڙي الله لوڪ درويش جي ڀنڊاري ۾ روٽيون پچي تيار ٿيون. غربت سبب، ڳنڌڻ / ٻوڙ جو بندوبست نه ڪري سگهيو. هڪڙي ٻالڪي رُکي ماني کائڻ کان انڪار ڪيس. ان تي خدمتگار ٻالڪن کي درويش چيو؛ “هن جي ماني سانڍي رکو! بک لڳندس ته پاڻهئي کائيندو!”
    ويلو ٽرڻ بعد، ٻالڪي کي اچي بک ستايو. مانيءَ لاءِ ٻاڏائڻ لڳو. ٻالڪن ته ٻڌس ئي نه! وڏي رِنجهه ڪِنجهه بعد ساڳي رکيل ماني آڻي ٻوٿ واري هنيائونس، جيڪا بنا چون چرا جي رهڙي ويو.
    اهو لقاءُ ڏسي، درويش چيو؛ “بک نه پڇي ڳنڌڻ، ننڊ نه پڇي اوڇڻ!”
    مطلب: ۱- بکئي کي بصر سان روٽي رکيائي، سيري کان سواد ۾ ڏيڍي سوائي.
    ۲- بکئي کي، بٺ به ڏُور.
    ۳- بکئي جون اکيون، چلهه ۾.
    ۴- بک وچان، اوگهڙ ياد ئي نه.


    21. بکيي چکي چيو؛ “بقال ڪر! يا بقال جي زال ڪر!” (سرو، پهاڪو)

    جابلو علائقي جو ھڪڙو ھمراھ، جبل کان لٿو ۽ سنڌ جي هڪڙي شھر ۾ هڪڙي هندو دڪاندار/ بقال وٽ اچي عارضي طور مزدوريءَ تي بيٺو. دڪاندار وٽ روزانو، گهران پاپڙ پوريون پچي اينديون هيون، جن کي ڏسي هن جو وات به پاڻي پيو ٿيندو هيو.
    واڻيو به انهيءَ ڳالهه کي تاڙي ويو. هڪ ڏينهن ماني کائڻ بعد، ڪجهه پاپڙ پوريون ۽ ٻوڙ پلاءُ بچي پيس. اوبر اڇلائڻ بدران، کيس کائڻ لاءِ ڏنائين. جابلو همراه سڻڀا ۽ نرم نرم کاڌا کاڌا ته دل هُرکي پيس.
    روزانو واڻيي جي گهران، ماني وٺڻ ويندو هيو. واڻيي جي زال کي لٽن ڪپڙن ۾ اڇو اجرو ڏسي به پيو دل ۾ هرکندو هيو.
    “يا الله!” اوبر کائي، دل ۾ شڪراني طور چوندو هيو؛ “بخال ڪر! يا بخال جي زال ڪر!”
    مطلب:۱- چريي چکي ڏٺو، چي: “ڳڙ!”
    ۲- جيڪي هتي هِرن ٿا، سي هُتي ڪين مُڙن ٿا.
    ۳- چريي چکي ڏٺو، چي: “هلندي ڪا ٽنڊي!”
    ۴- چريءَ چکي ڏٺو، چي: “هل ڪالهوڪي هنڌ!”


    22. بگهڙ ڏسڻ کانپوءِ، قاضي ته ڇيلي کي ڇڏي پر ڇيلو قاضيءَ کي نه ڇڏي. (ساهتي، پهاڪو)

    هڪڙو قاضي، هڪڙي ڳوٺ ۾ فيصلي ڪرڻ لاءِ ويو. واپسيءَ تي کيس تحفي ۾ هڪڙو ڇيلو مليو، جيڪو ڊڊي / گھوڙي تي ساڻ کنيو، رات ڌاري جهنگ مان پئي آيو ته هڪڙو بگهڙ ويجهو پوندو پئي ويس. آخر ڇيلي مان کڻي هٿ ڪڍيائين.
    ڇيلي کي به ساهه پيارو هو. بگهڙ جي ڀَوَ کان ڊڊي سنئين ڊوڙڻ لڳو. هاڻي ته بگهڙ جو خطرو، تهائين وڌي ويو. اها حالت ڏسي قاضي پنهنجي مُنهن چوڻ لڳو؛ “قاضي ته ڇيلي کي ڇڏي، پر ڇيلو به قاضيءَ کي ڇڏي نه!”
    مطلب:۱- الله ته ڏئي پر الاهڙي به سهي نه!
    ۲- الله ڏيوئي، ميان ڏيوئي، صحبت خان نه ڏيوئي.
    ۳- جِنُ ته جَنيءَ کي ڇڏي، پر جَني جِنَ کي نه ڇڏي.
    ۴- ڦاسڻ کانپوءِ، پٺاڻ ته ڪمبل کي ڇڏي پر ڪمبل پٺاڻ کي نه ڇڏي.


    23. ٻاليتو، نه ماليتو. (هندي /چوڻي)

    هڪڙي عيالدار کان هڪڙو پاڙيسري اوڌر گهرڻ آيو ته کيس ٺپ جواب ڏنائين.
    “هيءُ اشراف ماڻهو آهي! ضرورت هوندس، تنهن ڪري تو وٽ لنگهي آيو آهي.” اتي ويٺل ٻئي پاڙيسريءَ پارت ڪندي چيس؛ “اوڌر ڏئينس ته وڃي مهل ڪري!”
    “ادا اهو دنيا جو وهنوار آهي. اڄ مان ڏيندم ته سڀاڻي ٻيو ڪير به مون کي ڏيندو. پر ڳالهه هيءَ آهي ته مون وٽ واڌارو پئسو آهي ڪونه.” عيالدار چيو.
    “انهيءَ ڳالھ تي ڪير ڪونه وَسَهندو!”
    “ادا! ڪو سادو آهين. ننڍي ڳالهه نٿو سمجهين!” کيس يقين ڏياريندي چيائين؛ “ٻاليتو، نه ماليتو.”
    مطلب:۱- سرڻ جي آکيري ۾، ماس ڪٿان ايندو؟
    ۲- جيڏا ڏوتا، تيڏا بوتا.
    ۳- ايندو سڀ ڪو ڏسي، ويندو ڪوئي نه ڏسي.
    ۴- ماريءَ جي گهر، هڏن جو ڍير.
    ۵- عيالدار، مالدار نه هوندو.
    ۶- گهڻي کائڻ وارن وٽ، بچت ڪين ٿي ٿئي.


    24. ٻڏيءَ ٻيڙي جون، هريڙون به ڀليون. (سنڌ، پهاڪو)

    سامان سان ڀريل ٻيڙي، هڪڙي پتڻ کان ٻئي تي پُور کنيو پئي وئي، جو واٽ تي طوفان سبب اونڌي ٿي پئي. ماڻهو ته جيئن تيئن بچيا پر سامان درياهه داخل ٿي ويو. هريڙن جي هڪڙي ٻوري پئي تري، جيڪا ناکئو صحيح سلامت ٻاهر ڪڍي آيو.
    “ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جون، هريڙون به ڀليون.” ٻوري ڏسي مالڪ چيو.
    مطلب: ۱- ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جو لوه / لوڻ به ڪار.
    ۲- ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جو هريو به ڪار.
    ۳- سڙندڙ گهر جون ڇڪي ڪڍيل پٽيون به ڪار.
    ۴- نه ملڻ واري جاءِ تان ڪجهه ملي ته غنيمت.


    25. ٻن ٻيڙن ۾ جيڪو چڙهي، چڏا تنهن جا چيرجن. (هندي ،پهاڪو)

    هڪڙي شهزادي، درياءَ جي سير تي نڪتي. ٻيڙين جي سفر، کيس ڏاڍو مزو ڏنو.
    “هڪ ٻيڙيءَ تي چڙهڻ ۾ ايڏو مزو آهي ته ٻن تي چڙهڻ ۾ اڃا وڌيڪ مزو هوندو.” دل ۾ خيال ايندي، خواهش پوري ٿيڻ جو اظهار فرمايائين.
    ميربحرن کي تعميل لاءِ حڪم ٿي ويو. حڪم جا بندا بنا چون چانءِ جي ٻه ٻيڙيون پاڻ ۾ سلهاڙي آيا. هڪُ پير هڪَ ٻيڙيءَ ۾ ته ٻيو ٻيءَ ۾ رکي، شهزادي صاحبه هلڻ لاءِ حڪم ڏنو. ٻيڙيون وچ سِيرَ تي پهتيون ته ڇولين سبب هڪ ٻئي کان وٿيرڪيون پئي ٿيون، جنهن سبب شهزادي صاحبه کي ڪافي تڪليف پئي پهتي. ٻيڙيون يڪدم پتڻ تي موٽرايائين.
    “ٻن ٻيڙيين جي سفر جو مزو ڪيئن هئو؟!” هڪڙيءَ سهيليءَ کانئس پڇيو.
    “ٻن ٻيڙين ۾ جيڪو چڙهي، چڏا تنهن جا چيرجن.” تجربي جي بنياد تي شهزاديءَ ٻڌايس.
    مطلب: ۱- جيڪو گهڻي جي لالچ ڪندو، سو تڪليف وڏي ڏسندو.
    ۲- جيڪو هڪ وقت گهڻن ڪمن ۾ هٿ وجهندو، سو جوکي/ ڇيهي / ٽوٽي ۾ پوندو.
    ۳- ٻه گدرا، مٺ ۾ ڪين ايندا آهن.


    26. ٻن جوين جو وَرُ، تنهن جو جيئري ئي جهنم ۾ گهر. (سنڌ ، چوڻي)

    هڪڙي همراهه کي ٻه زالون هيون. ننڍيءَ لاءِ ماڙيءَ تي ۽ وڏيءَ لاءِ هيٺ رهڻ جو بندوبست ڪيو هئائين. هڪڙيءَ رات هڪڙيءَ وٽ ته ٻيءَ رات ٻيءَ وٽ ترسندو هيو.
    هڪ رات ٻئي ڳوٺ ۾ ڪم سانگي هليو ويو. اها رات وڏيءَ گهرواريءَ جي حصي جي هئي.
    هڪڙي چور کي به خبر پئي ته اڄ رات گهر ڌڻي يا مرد ماڻهو گهر ۾ ڪونهي. چوريءَ لاءِ ڀلو موقعو آهي. هٿان نه وڃائڻ گهرجي.
    چور به رات جو پيرُ پيرَ ۾ ڏئي اچي گهر ۾ گهڙيو. سمجهيائين؛ هيٺ ماڻھو هوندا، کڙڪي تي اٿي پوندا. مٿي ڪير نه ڏسندو ۽ چوري ڪرڻ سهنجي رهندي. دل ۾ اها ڳالهه ٽلي، ڏاڪڻ تي ڇَپِ هڻي چڙهڻ لڳو ته وڏيءَ زال کي سنڀال ٿي وئي. ان وري پنهنجي دل ۾ سمجهيو؛ “لاشڪ مڙسم رات جو ئي موٽيو آهي. مون ڪراڙيءَ وٽ ترسڻ کان هن نوجوانڙيءَ ڏي ڀڳو ٿو وڃي.”
    پنهنجو حق اکين سامهون هٿان ويندي سهي نه سگهي. ٽَپُ ڏئي کٽ تان اٿي ۽ وڃي ڄنگهن ۾ ٻک وڌائينس.
    مڄاڻ ان قت ننڍيءَ زال کي به جاڳَ ٿي پئي، تنهن سمجهيو ته؛ “پهاڄ پئي مٿي ايندڙ مڙس کي هيٺ ڇڪي، ڇو نه مان کيس مٿي ڇڪي وٺان.” اهو سوچي چور کي مڙس سمجهي، ڳچيءَ ۾ ڀاڪر وجهي مٿي ڇڪڻ لڳي.
    چور ماڻھو اڳي ئي ڀاڙِي، ويتر جو ٻه ڀاڪر پيس ته تهائين سست ٿي پيو. هاڻي هيٺين هيٺ ڇڪڻ تي ته مٿين مٿي. وچ ۾ چور جو کيکروٽ پئي پيو. صبح تائين وچ تي ٽنگيو رهيو. صبح جي روشنيءَ ۾ ٻنهي زالن کيس سڃاڻي، کڻي چور چور ڪئي. ماڻهو مڙي ويا. لت ڏئي کڻي چور کي ٻڌائون.
    “چوريءَ جي ارادي سان آيو هيس!” ٿڦا ٿوڦيءَ تي چور سچي ڪئي.
    “پوءِ توکي ڪهڙي سزا ڏيون؟” ماڻھن پڇيس.
    “اصل سزا ته سڄي رات ڪاٽي اٿم! تنهن هوندي به جيڪا ڏيڻ چاھيو سا قبوليندم پر هڪڙي سزا نه ڏجو!” چور مشروط سزا قبوليندي چيو؛ “ٻن جوين سان نه پرڻائجو.”
    “ڇو؟” ميڙ مان هڪڙي پڇيس.
    “ٻِه-جوئي جي بدران هڪ رات ۾ ايترو لوڙيو اٿم. اصل مالڪ سان ته الائي ڪهڙي جٺ هوندي.” وضاحت ڪندي چوڻ لڳو؛ “ٻن جوين جو وَرُ، تنهن جو جيئري ئي جهنم ۾ گهر.”
    مطلب:۱- ٻِه- جوئي سان، ٽيهه ئي روز ٽمجهڻ آهي.
    ۲- زال زحمت ، ٻارَ ٻرو، وَسُ پڄئي ته گُهم ڇڙو.


    27. ٻني سائي جي سائي، گاهي بکئي جو بکيو. (سرو، پهاڪو)

    هڪڙي هاريءَ گاهه جو ٻارو کن پوکيو هيو. جنهن مان روزانو هڪڙو گاهي، چوريءَ گاهه ڪري ويندو هئس. ڏاڍا پيرا کنيائين، پر چورُ رخ نه چڙهيس. ڀر واري هاريءَ کي دانهن ڏنائين. جنهن سر زمين ڏسي چيس؛ “بيشڪ! گاهي گاهه ڪري ويو آهي. پر انهن جاين تي گاهه ويتر زور ڏئي ڦُٽو آهي. ڪير ڪنهن جو نصيب کائي نٿو سگهي.” اڃا آٿت ڏيندي چيائينس؛ “ٻني سائي جي سائي، گاهي بکئي جو بکيو.”
    مطلب: ۱- چوري ڪندڙ سدائين سڃو، ڀاڳيو سدائين سائو.
    ۲- ڀاڳين جا ڀانڊا، سدائين ڀرپور.
    ۳- باهه جو سڙيو، چور جو ڦُريو، بيماريءَ جو ستايل، سدائين تڪليف ۾نٿا رهن.
    ۴- ڏُٿُ نه کٽو، ڏوٿي کٽا.
    ۵- زمين سدائين اناج ڏئي پئي. مٿس پلجندڙن وٽ، حرص اڻ کٽ ۽ بک اڻ مٽ آهي.


    28. ٻيلي کي باهه لڳي، راکن پڪاريو، ٻارهين مهيني ورندي آئي؛ “وِسائي ڇڏيو!” (سرو، پهاڪو)

    چاليهي جي مند ۾ ڪچي جي علائقي ۾ هڪڙي ٻيلي کي باهه لڳي، جيڪا تيزيءَ سان سڄي ٻيلي کي وڪوڙي وئي. باهه وِسائڻ، راکن جي بس جي بات نه هئي. ان ڪري ويچارا، مٿين صاحبن ڏانهن ڀڳا ته جيئن اهي باهه وسائڻ لاءِ ترت قدم کڻن.
    ترت عملدارن وٽ ايترا وسائل نه هئا. انهن رپورٽ کي اڃا اڳڀرو ڌِڪو ڏئي ڇڏيو. ڪاغذي گهوڙا مٿي تائين ڊوڙڻ لڳا. رپورٽون مٿي ويون، وري موٽي هيٺ پهتيون ته ٻارنهن مهينا کن لڳي ويس. هيٺ پهتل حڪمنامي ۾ لکيل هيو؛ “باهه وسائي ڇڏيو!”
    مطلب: غير ضروري ڪاغذي ڪاروائيءَ سبب، نفعي بجاءِ نقصان پوي ٿو.


    29. ٻين سان ڀلي نِچُ ڪجي پر استادن سان نه ڪجي. (هندي، چوڻي/پهاڪو)

    هڪڙو ماڻهو گهڻن جو قرضي هو. پنهنجي سڃائيءَ جو ڪنهن سان اظهار به نه پئي ڪيائين. کيس انديشو هيو ته ڪير به اعتبار نه ڪندو، ويتر خواري ٿي پوندي.
    وڏي سوچ ويچار کانپوءِ کيس هڪڙو دوست ياد آيو، جيڪو وڏو هوشيار ۽ چالاڪ هيو. ساڻس وڃي دل جو حال اوريائين ۽ قرضين کان بچڻ لاءِ کانئس ترڪيب پڇيائين.
    “جيڪڏهن ماڻهن کي اهو يقين ٿي وڃي ته .... ” دوست صلاح ڏيندي چيس؛ “تون چريو ٿي ويو آهين ته پوءِ تو کان ڪير به قرض نه گهرندو!”
    “ماڻهن کي منهنجي چريي هجڻ جو يقين ڪير ڏياريندو؟!”
    “تون هينئن ڪر!” پٽي پڙهائيندي چيائينس؛ “ جيڪو به توکان قرض گهري، کيس موٽ ۾ چئو؛ “نِچُ!”
    “ائين ڪرڻ سان ڇا ٿيندو؟”
    “توکي هر ڪو چريو سمجهندو ۽ قرض تان هٿ کڻي ويندو.”
    انهيءَ ترڪيب تي عمل ڪرڻ بعد، گهڻن قرضين مان جان آجي ٿي ويس.
    صلاح ڏيندڙ دوست جو به مٿس قرض هيو. ان به هڪ ڏينهن قرض جي تقاضا ڪيس ته کيس به چيائين؛ “نِچُ!”
    “اسان سان به نِچُ!” وڪيل حيرت کائيندي پڇيس.
    “ها! ها! توسان ته نِچُ پر تنهنجي وڏن سان به نِچُ!”
    “ٻين سان ڀلي نِچُ ڪجي پر استادن سان نه ڪجي!” صلاح ڏيندڙ دوست افسوس کائيندي سمجهايس.
    مطلب:۱- ٻليءَ شير پڙهايا، ڦير ٻلي ڪون کاوڻ آيا.
    ۲- لُچَ کي عقل ڏسڻ : پاڻ سان دشمني ويهارڻ.
    ۳- چڱائي ڪر ڄٽ سان ته ڄٽ ڦيرائي هڻئي پٽ سان.
    ڀيٽيو:- يارن سان پمبئون نه ڪجي.


    30. ڀاڙين مٿان ڀِتِ، ڪانون وڌي ڪيري. (سنڌ، پهاڪو)

    هڪڙو همراهه زال ساڻ ڪري، ساهرين وڃي رهيو هو ته واٽ ويندي ٻه شاهينگ ڦري آيس. ٻيو ڪجهه نه ڏسي چيائونس؛ “اها مائي اسان کي ڏي!”
    “هتي ڀرسان کوه آهي، اتي هلي وضو ڪري، ٽپهريءَ جي نماز پڙهي زال کان موڪلايان ٿو، پوءِ توهان ڀلي وٺي وڃوس!” ڊپ کان کين چيائين.
    کوه تي آيا. کوه جي چوڌاري ڦٽل ڀت هئي. چور ان جي اوٽَ ٿي ويٺا. مرد وضو ساريو. جوڻس ڀر ۾ ٿي ويٺي ۽ پاڻ ڊگهي نماز جوٽيائين، تان جو سج به لهي ويو. واهيري جي وير تي پکي به موٽيا. ڀت ڌاري وڻ هئا. تن تي ڪانون جا آکيرا هئا. وڻن تي لهڻ وقت ڪانگن اوڦٽو ماڻهو ڏٺا ته ڪانگيرو کڻي ڪيائون. ڪانون جي بوهياري تي ڀِتِ جهِم کائي، آءُ ڪيو ۽ ٻئي چور ڀت هيٺيان دٻجي مري ويا.
    “ڀڄ ته ڀڄون! خدا جان آ بچائي!” مائي مڙس کي سجدي مان اٿاريندي چيو.
    “ڀاڙين مٿان ڀت، آھي ڪانون ڪيرائي!”
    مطلب:۱- بڇڙي ماڻهو کي بڇڙائي جي سزا ملي وڃي ٿي.
    ۲- بزدل / سست ماڻهوءَ کي هر ننڍي وڏي شيءِ کان نقصان رسندو آهي.


    31. ڀريءَ ٻيڙيءَ ۾، واڻيو ڳورو. (سنڌ ، پهاڪو)

    هڪڙي ٻيڙي، درياهي سفر دوران طوفاني هوائن جي رخ چڙهي وئي.
    “ٻيڙي سامان سبب تمام ڳوري ٿي وئي آهي!” ناکئي پيشگي اعلان ڪيو؛ “ڪجهه سامان ڦٽو ڪبو، تڏهن ٻيڙي ٻڏڻ کان بچندي ۽ جيڪي تارُو هجن سي به لهڻ جي قرباني ڏين.”
    هڪڙي واڻئي / واپاريءَ کانسواءِ سمورا مسافر هٿين خالي هئا. واڻئي وٽ دوڪان جو وزنائتو وکر/ سيڌو هيو. سڀني يڪراءِ ٿي واڻيي کي چيو: “جيڪڏهن سامان سميت تون لهڻ جي قرباني ڏين ته ھوند ٻيڙي ٻڏڻ کان بچي وڃي ۽ گهڻن جي حياتي پڻ بچي پئي ۽ سمورا تڪليف ڪرڻ کان به بچي پون!”
    “ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳورو!” واڻئي جذبات ۾ ڏڪندي چيو.
    مطلب: ۱- سمورو خرچ، امير ماڻهن کي برداشت ڪرڻو پوندو آهي.
    ۲- سمورا الزام، ڪمزور ماڻهن تي ڌريا ويندا آهن.


    32. ڀُلي ڀُلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀلي. (سنڌ پهاڪو)

    هڪڙي ميهار، مينهون جهنگ ۾ چاري شام ڌاري اچي وٿاڻ ۾ ٻڌيون. سنڀال ڪيائين ته هڪڙي وَڇِ کٽل هئس، جيڪا چرندي جهنگ ۾ گم ٿي وئي هئس. ساڳين پيرن تي جھنگ ڏانهن ڀڳو. اوندھ ٿي چڪي هئي. جنهن ڪري وَڇِ ڳولهي نه سگهيو ۽ هٿين خالي موٽي آيو.
    رات جي ماني کائي بس ڪيائين ته کڙھ تي کڙڪو ٿيو. سنڀال تي نڪتو. ڏٺائين ته گم ٿيل وڇ وٿاڻ جي کڙهه تي بيٺي آهي. ساهه ۾ ساهه پيس ۽ وَڇِ ڪلي سان ٻڌي چيائين: “ڀُلي ڀُلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀُلي.”
    مطلب:۱- بڇڙن ڪمن تي هريل ماڻهو، باز اچي ته گنهگار نه چئبو.
    ۲- ڪري ڪري جنهن نه ڪئي، تنهن به نه ڪئي.
    ۳- توبه ڪندڙ، بي ڏوهيءَ / معصوم وانگر آهي.


    33. ڀنگان چيز ٻڏن ته به لندي رووي ڪڻڪ ڪون. (هندي، پهاڪو)

    هڪڙي هاريءَ، ڪڻڪ جو اٺاس پوکيوهيو. ڀر ۾ هڪڙي مواليءَ به ڀنگ جي ٻاري پوکي هئي. ان سال برسات ڏاڍي پئي ۽ پاڻيءَ جا انڇر لڳي ويا. ٻوڏ ۾ هر شيءِ ٻڏي وئي.
    ڪڻڪ جو نقصان ڏسي هاريءَ جي زال پارَ ڪڍي روئڻ لڳي. موالي به ان وقت اچي اتي پهتو ۽ پنهنجو نقصان ڏسي دل نه جهلي سگهيو. مائيءَ جي رانڀاٽن، تهائين نشا ٽوڙي ڇڏيس. خار مان اتان نڪتو ۽ پنهنجي منهن، مائيءَ جي ٻاڪارڻ تي باڦيندو ويو؛ “ڀنگان جهان چيز ٻڏن، اتي لنڊي رووي ڪڻڪ ڪون.”
    مطلب: ۱- هر ڪنهن کي پنهنجي نقصان جو ڏک ٿيندو آهي.
    ۲- ٿوري نقصان سبب، روئڻ واري کي ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
    ۳- هنڌ اهو سڙي، جت باهه ٻري.
    ۴- اها جاءِ جَلي، جت باهه ٻَلي. (سرائڪي)


    34. ڀونتريا ڀون ۾، ته گُهنا به گهوڙي نه چڙهيا. (لاڙ، پهاڪو)

    گُهنو؛ ملاح قوم / ذات جو فرد، نئين مان گهوڙي وٺي، چڙهيو پئي آيو. رستي ۾ زمين جي رنگ جو ڀونتريو / ٻٽيرو/ ڳُٽو پکي ڇَپِ هنيو ويٺو هيو جيڪو گهوڙي جي سنبن جي آواز تي، ڀڙڪو کائي اوچتو اڏاڻو. سندس اوچتي اڏام تي گهوڙيءَ ٽاھُ کاڌو ۽ سئيس وڃي پَٽَ تي پيو. ڪِرڻ بعد گهُني پاڻ سنڀاليو ۽ لٽا ڪپڙا ڇنڊي، پٽڪو ٻيهر ٻڌائين. گهوڙيءَ کي واڳ کان جهلي پٺيءَ تي هٿ ڦيريندي، پنهنجي منهن چوڻ لڳو؛ “اي ڀونتريا ڀون ۾ ته گهُنا به گهوڙي نه چڙهيا!”
    مطلب: جي اهڙا ڀونتريا، زمين ۾ ڇپيا / لِڪيا ويٺا هوندا ته پوءِ گُهنا / نوان سئس به گهوڙن تي نه چڙهيا.
    ۱- نئين ڪم ۾ اچانڪ تڪليف اچي ته سڌڙيا، شوق ڇڏي وڃن.
    ۲- خراب حالتون، مھم جُوئيءَ تان ارواح کڻائي ڇڏين ٿيون.


    35. ٺڳ ٺڳي جڳ کي، سياڻو ٺڳي ٺڳ کي. (سنڌ ، چوڻي)

    هڪڙي امير کي پٽ ڄائو ته ڪاسبي وٽس ڍورڻا کڻي آيا. هڪڙو غريب ميربحر به وٽس ٻه ڀلا پلا کڻي آيو. جيڪي ٻين جي آندل سوکڙين جي ڀيٽ ۾ سادا هئا. پر ميربحر جي دل رکڻ خاطر امير کيس ڏهه چانديءَ جا روپيا ڏنا.
    هڪڙي لوڀيءَ به اها ڳالهه ٻڌي، ان به سادي شيءِ، ڍورڻي ۾ ڏئي وڏو انعام وٺڻ لاءِ پَھُ پچايو. هڪڙو گهٽو وٺي اچي ڍورڻو ڏنائين. جيئن ته پاڻ ريڍار نه هو، تنهن ڪري امير پڇيس؛ “هيءُ گهٽو ڪيڏانهن آندو اٿئي؟”
    “اڍائين رپئي ۾ ورتو اٿم.”
    “توکي ان کان وڏو انعام ٿو ڏيان!” هڪڙو پلو ڏيندي چيائينس؛ “تو اڍائي روپين وارو گهٽو ڏنو آهي، مان توکي پنجن روپين وارو پلو ٿو ڏيان!”
    “ٺڳ ٺڳي جڳ کي، سياڻو ٺڳي ٺڳ کي!” لاڳ لاءِ آيل مڱڻهار، مٿين ماجرا ڏسي ائين چيو.
    مطلب:۱- لومڙ بيشڪ سياڻو آهي، جيڪو کيس پڪڙي سو بلا جو سياڻو آهي.
    ۲- ماريءَ مٿان ماري پيو آهي.
    ۳- سير مٿان سوا سير پيو آهي.


    36. ٺلهن ٺڪرن تي ڌڪا ڪير نه جهليندو. (ساهتي، پهاڪو)

    هڪڙي ڳوٺاڻيءَ ڪچهريءَ ۾ ڪنڀر جي گهر جي ڳالهه نڪتي.
    “ڪنڀر جي آئي، سڄي سون آهي!” هڪڙي همراهه چيو.
    “ها ها!هن دفعي مال اهڙو تيار ٿيو اٿس جو سون جي جاءِ ئي ناهي!” ٻئي چيو.
    هڪڙو ساديءَ سمجهه وارو، گهرجائو همراھ به ويٺو هئو، جنهن “سون” ۽ “سون جي جاءِ ناهي” وارا لفظ ٻڌا ته سندس ذهن اوڏانهن هليو ويو.
    ڪچهري پوري ٿيڻ بعد هر ڪو گهر هليو ويو. سادي سمجهه وارو همراھ مڙني کان آخر ۾ اٿيو. جهنگ جي خيال جو بهانو ڪري وڃي هڪڙو گهوٻاٽو هٿ ڪيائين. هَئو مَئو ٽرڻ بعد ڪتن به ڀونڪڻ بند ڪيو ته هيءُ به اچي ڪنڀر جي ڀِت کي ڀِٿو. اڪيلو هئو ۽ وقت گهٽ هئس. ننڍڙو کاٽ هڻي تڙ تڪڙ ۾ سون هٿ ڪرڻ لاءِ اندر گهڙيو. جيئن ئي اوندھ ۾ اندر ٿيو. تيئن ئي منهن ڀَرِ وڃي ٺڪرن ۾ ڪريو. اتان پاڻ سنڀالي اڳتي هليو ته آويءَ ۾ پوريل ٿانون ۾ گچي ويو. زور ڏئي پاڻ آجو ڪيائين ته تيستائين ڪنڀرياڻيءَ کي به سنڀال ٿي وئي، سا به بتي کڻي سماءَ تي نڪري پئي.
    بتيءَ سان ڪنهن کي ايندو ڏسي، چور پوئين پيرِ موٽ کاڌي. کاٽُ سوڙهو هئو، وچڙ سچڙ سبب چور ٿيڙ کائيندو کاٽَ مان نڪرڻ لڳو. اٻهرائپ ۾ نڪرڻ ڪري، پيٽ وٽ ڦاسي پيو ۽ پويان ڪنڀارڻ اچي پٺيان لت وهائي ڪڍيس. لت لڳڻ شرط، ٻوٿ ڀَرِ وڃي گھٽي ڦهڪو ڪيائين. اٿي ڪپڙا به نه ڇنڊيائين جو مائيءَ، ڀت جي تازي ٺھيل ڳٿي مان ليئو پائي، چيس؛ “ڀورل ڀاءُ! ڀيرو نه ڀڃجانءِ!”
    “ادي!” بوڇڻ ڇنڊيندي چوڻ لڳو؛ “ٺلهن ٺڪرن تي ڌڪا ڪير نه جهليندو؟”
    مطلب: جنهن ڪم ڪرڻ ۾ سواءِ ڌِڪن ٿاٻن جي ڪجهه نصيب نه ٿئي، تنهن لاءِ ائين چيو ويندو آهي.


    37. ٽڪو ڏيئي پرائو ٻار نه کارجي. (سنڌ، پهاڪو)

    هڪڙو ڪَرِڙِوَڍِ همراهه، رستو وٺيو پئي ويو ته هڪڙي ڇيڪي ڇوري کيس پويان اچي هٿ هنيو. چڙ ته ڏاڍي آيس پر يڪدم پاڻ سنڀالي، کيسي مان رپيو ڪڍي ڏنائينس. رپئي تي ڇورو ڏاڍو خوش ٿيو.
    ٻئي ڏينهن ساڳيو همراھ، ساڳئي رستي سان، ساڳئي وقت لنگهيو ته کيس ساڳئي ڇوڪري، ساڳئي نموني، ساڳي حرڪت ڪئي. موٽ ۾ پاڻ به ساڳيءَ طرح کيس روپيو ڪڍي ڏنائين.
    ساڳئي ڇوڪري، ساڳي حرڪت کي چڱو ۽ مفيد ڌنڌو سمجهي هر آئي وئي سان ساڳيءَ لالچ جي اميد ۾ ساڳي حرڪت شروع ڪري ڏني. هر ڪنهن کيس ٻار سمجهي ٽارو پئي ڪيو.
    هڪڙو جلالي قسم جو همراھ ساڳيءَ گهٽيءَ مان لنگهيو ته ساڳئي ڇوري ساڻس به ساڳي حرڪت ڪئي. ان همراھ چڙي، ڇوري کي ڏاڍي ڦيهه ڪڍي. ڇوري چڱا ڏينهن ته پئي لڱ سيڪرايا. جنهن تي هڪڙي همراهه پهرئين همراهه کي چيو؛ “انهيءَ کي چئبو آهي، ٽڪو ڏيئي، پرائو ٻار کارڻ.”
    مطلب:۱- غلط ڪم ڪرڻ واري کي شاباس ڏبي ته دليريءَ سان غلط ڪم ڪندو ۽ وڏيءَ تڪليف ۾ ايندو.
    ۲. Give bad name to dog and then hang him.


    38. ٽڪي جي ٻوڙ ۾ مک ئي ملندي. (سنڌ، پهاڪو)

    هڪڙو ڳوٺاڻو هوٽل تي ماني کائڻ لاءِ آيو.
    “ٻوڙ، ڪيتري ٿو ڏين؟” بيري کي سڏي چيائين.
    “توکي گهڻي وارو کپي؟” بيري پڇيس.
    “تو وٽ گهڻي وارا آهن؟”
    “رپئي ۾ به آهي، اٺين آني به آهي، ٻن آنن ۾ به آهي، ٽڪي وارو به آهي.” بيري ٻڌائيندي پڇيس؛ “توکي گهڻي وارو کپي!”
    “ٽڪي وارو کڻي آ!” کيسي آهر، ڳوٺاڻي آرڊر ڏيندي چيس.
    ٽڪي وارو ٻوڙ آيو ته ڳوٺاڻي ٻڌل ماني ڇوڙي کائڻ شروع ڪئي. ٻوڙ ۾ ڪاري ڪاري شيءِ نظر آيس. اٿلائي ڏٺائين ته مک هئي. ڪراهت مان بيري کي سڏيائين. بيرو آيو، مک ڏيکاريندي چيائينس؛ “ٻوڙ ۾ مک آهي.”
    “ٽڪي جي ٻوڙ ۾ مک ئي هوندي!” بيرو لاپرواهيءَ سان جواب ڏيندو هليو ويو.
    مطلب:۱ . سستي شيءِ مان ٿورو نفعو ٿيندو.
    ۲ . مهانگيءَ مان، گهڻا فائدا پوندا آهن. يا فائدي واري شي مھانگي ھوندي آھي.
    ۳ . مهانگي روئي هڪ وارِ، سستي روئي سئو وارِ.
    ۴ . ٽڪي جي ٻوڙ مان هاٿي نه نڪرندو.


    39. ٽنگ ڀڳو ڪم ڪري، ٻانهن ڀڳو ڪم ڪري، دل ڀڳو هرگز ڪم نه ڪري. (سنڌ، چوڻي)

    هڪڙي هٽَ- واڻئي وٽ مسلمان نوڪر بيٺل هو. ان جي هلندي هلندي دل ڀڄي پئي ۽ نوڪري ڇڏڻ لاءِ مالڪ کي چيائين، پر مالڪ هر دفعي ڪونڪو بهانو ڏئي ٽاري پئي ڇڏيس. مالڪ جو خيال هو ته؛ “گهڻا نوڪر رکڻ معنيٰ گهڻن ماڻهن کي گهر ڏيکارڻ.” جنهن سبب نوڪر کي نوڪريءَ مان جواب نه پئي ڏنائين.
    نوڪر صفا بِرِ لڳو بيٺو هيو. سنها سنها ٽپڙ ڀڃڻ شروع ڪيائين. ڳالهه ڳالهه تي گراهڪن کي ڇڙٻون ڏيڻ لڳو. تور- ماپ ۾ به هٿڙي هڻڻ شروع ڪيائين. دڪاندار جي پُٽَ کي اهاني بهاني لپاٽون هڻڻ شروع ڪيائين. مالڪ سڀئي برداشت پئي ڪيس.
    هڪ ڏينهن زورن ڏيندي مالڪ جي اگهاڙي پيٽ تي ٿڪ وهائي ڪڍيائين. مالڪ سندس نيت تاڙي ويو ۽ يڪدم دل رکڻ لاءِ چيائين؛ “هاءِ! هاءِ! ڏاڍي ٿڌي آهي.”
    “انهن کي وڃي رک! جن جي ڪوسي هجي!” نوڪر خار مان ٽپ ڏئي اٿندي چوڻ لڳو؛ “مان نه بيهندس!”
    “بيشڪ! تون نه بيهندين!” نوڪر جا نخرا برداشت کان چڙهيل ڏسي مالڪ چيو؛ “ٽنگ ڀڳو ڪم ڪري، ٻانهن ڀڳو ڪم ڪري، پر دل ڀڳو هرگز ڪم نه ڪري!”
    مطلب۱- ماڻهوءَ جا ٻيا عضوا نه پر دل ڪم ڪندي آهي.
    ۲- سالم هٿن وارا پيا پنندا آهن، جڏهن ته دل وارا ٽنڊا منڊا ڪمائي پيا کائيندا آهن.
    ۳- ٽُٽِيءَ کي ٽاڪو ئي نه لڳندو آهي.


    40. پاڻي پي ذات نه پڇجي. (هندي/بنگالي، چوڻي)

    هڪڙي موچيءَ جي جهوپڙيءَ وٽان اويل جو چار ساڌو فقير اچي لنگهيا. اُڃَ سبب موچيءَ کان پاڻي گهريائون. موچيءَ کين پاڻي پياريو.
    “تون ذات جو ڪير آهين؟” هڪڙي ساڌوءَ موچيءَ کان پڇيو.
    “موچي!” گهر ڌڻيءَ کين ورندي ڏني.
    “افسوس!” هڪڙي فقير پڇتائيندي چيو؛ “ذات پڇڻ کان اڳي پاڻي پيتوسين.”
    “پاڻي پي، ذات نه پڇجي.” موچيءَ چين.
    مطلب: ۱ . ڪڌو ڪم ڪري بعد ۾ پڇتائڻ کان بهتر آهي ته پهريان ئي سوچي سمجهي قدم کڻجي.
    ۲ . پاني پيڪر ذات پوڇتي هو! (هندي)
    ۳ . پاني پي ڪر گهر پوڇنا، ناهن ڀلو ويچار. (بنگالي)
    ۴ . جوشيا! تم پيئوڙي پاڻي، ڪيون پوڇو ميري ذات
    سنتو جائو گهر اپني، چمار ھمري ذات.................................. (سورداس)


    41. پرائي ڌيءَ تان کارڪ به چڱي. (سنڌ، پهاڪو)

    هڪڙو ماڻهو، پاڙيسريءَ جي ڌيءُ جو وهانءُ کائي موٽيو ته کانئس ڀاڻس پڇيو: “ڪنواريتو سڏ ڀريئي! مليئي ڇا؟!”
    “هڪ کارڪ ملي!” ڀاءُ کي ورندي ڏنائين.
    “بس؟! هڪ کارڪ لاءِ پنڌ پيو هئين؟!” ڀاءُ حيرت مان پڇيس.
    “ڪنواريتو سڏ هئو! ڪو گهوٽيتو ته ڪونه هئو جو ان ۾ گهڻو ڪجهه ملي ها!” اڃا به لاجواب ڪندي ٻڌايائينس؛ “پرائيءَ ڌيءُ تان کارڪ به چڱي!”
    مطلب: ۱ . مفت ۾ مليل ٿوري شيءِ به چڱي.
    ۲ . جيڪا مفت ملي، تنهن لاءِ سوال جواب نه ڪجي.
    ڀيٽيو: پرائي ڏَيوَ تان کارڪ به چڱي.


    42. پرائي ڏَيوَ تان کارڪ به چڱي. (هندي، پهاڪو)

    هڪڙو همراههُ، پاڙيسريءَ سان گڏجي سندس ڏَيوَ جي اسٿان تي ويو. جتي کيس، چڱي پرساد بجاءِ فقط هڪ کارڪ ملي. گهر موٽي آيو ته ڀاڻس پڇيس: “ڏَيوَ جي اسٿان تان ڇا مليئي؟”
    “هڪ کارڪ.”
    “بس!” ڀاءُ عجب مان پڇيس؛ “فقط هڪ کارڪ لاءِ ايڏو پنڌ پيو هئين!؟”
    “پرائي ڏيو تان کارڪ ملي سا به چڱي.” ڀاءُ کي لاجواب ڪندي چيائين.
    مطلب: ۱ . پرائي گهران ڌِڪو / بُجو مليو به ڪار.
    ۲ . مفت راچه بايد گفت. (فارسي)
    ڀيٽيو: پرائي ڌيءَ تان کارڪ به چڱي.


    43. پنڻ کان وڌيڪ ڪهڙو نڀاڳ آهي! (ساهتي ، چوڻي)

    هڪڙو پينو فقير، گهوڙيءَ تي چڙهيو، گداگريءَ لاءِ وڃي رهيو هيو. هڪڙي لالچيءَ کيس گهوڙيءَ تي چڙهيل ڏسي چيو: “فقير! گهوڙي ته سِتارَ- پيشاني آهي ۽ سِتارَ- پيشاني، نڀاڳ جي نشاني آهي!”
    فقير به گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيو ويٺو هئو. يڪدم سندس مراد کي سمجهي ويو ۽ چيائينس: “ابا! سِتارَ- پيشاني هوندي ته مون کي ڇا ڪندي؟ پنان ته اڳيئي ٿو. سِتارَ- پيشاني کان ڇا لاءِ ڊڄان!” بحث جا سمورا دروازا بند ڪندي چيائينس: “پنڻ کان وڌيڪ ڪهڙو نڀاڳ آهي.”
    مطلب: نڀاڳ / سڀاڳ ڪنهن به شيءِ جي هجڻ يا نه هجڻ ۾ مضمر ناهي.


    44. پنڻ وچان، پڙهڻ ياد ئي ناهي. (سنڌ، چوڻي)

    هڪڙي غريب / مسڪين ماڻهوءَ کي علم حاصل ڪرڻ جو بيحد شوق هيو. کيس نه ئي ڪو ڌنڌو هيو ۽ نه ئي وري پويان کائڻ واري آڪهه. ڪمائي ته ڪنهن لاءِ؟! سندس ڇڙي سِرَ لاءِ، هڪڙو الله جو بندو، ماني پيو ڏيندو هيو. واندي ويهڻ کان، علم پرائڻ بهتر سمجهيائين. مڪتب جي ملان وٽ پڙهڻ لاءِ ويو ته کيس خوشيءَ مان پڙهائڻ شروع ڪيائين.
    ڳچ وقت کانپوءِ، ماني کارائڻ وارو شاهوڪار، حج جي ڊگهيءَ مسافريءَ تي هليو ويو. پوين کي هن مولائيءَ جي پارت ته ڪري ويو، پر منجهن ڪا ٿوم ئي ڪانه هئي، سو سندس سار سنڀال ڪانه لڌائون. بک کان بچڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيائين. نه ڌنڌو ڄاڻندو هيو، نه مزوري پئي ٿي سگهيس. مفت جي ٽڪرن تي پليل کي پنڻ بهتر ۽ آسان لڳو. جڏهن گداگريءَ جا ٽڪر هوڙ کي لڳس ته اهڙي چوس پئجي ويس، جو پڙهڻ واري ڳالهه ئي کانئس وسري وئي.
    هڪ ڏينهن رستي ويندي، ملان جي مُنهن چڙهي ويو.
    “توکي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هئو؟!” ملان حال احوال ڪندي پڇيس؛ “اڄ ڪلهه توکي ڇا ٿي ويو آهي؟!”
    “شوق ته ڏاڍو آهي! پر پيٽ به پالڻو آهي؟” هاڻي اها حالت آهي جو .... ملان کي چوڻ لڳو؛ “پنڻ وچان، پڙهڻ ياد ئي ناهي.”
    مطلب: جنهن کي پِنَ جا ٽڪر پيٽِ پيا، تنهن کي علم پيٽِ نه پوندو.


    45. پهلي آپ پهلي آپ ڪبو ته گاڏي ڇٽي ويندي. (اردو، پهاڪو)

    هڪڙا ٻه جهونا دوست، ريلوي اسٽيشن تي سالن پڄاڻان، پاڻ ۾ ڏاڍو اڪير سان مليا. بيٺي ڪچهري پئي ڪيائون ته گاڏي به پليٽ فارم تي پهچي وئي. رش سبب پاڻ ڍرا رهيا ته جيئن لهڻ وارا آرام سان لهي بس ٿين ۽ چڙهڻ وارا سڪون سان چڙهي ٿانيڪا ٿين.
    ٻين جو احترام ۽ اڪرام ڪندي، جڏهن گاڏي جي در وٽ پهتا ته هڪڙي ٻئي کي ادب ۽ احترام سان چيو؛ “حضور ! پهرين اوهان قدم شريف رکو!”
    ٻئي دوست، پنهنجو ايترو احترام ٿيندي ڏٺو ته پاڻ به مروتاً احترام ڪندي ڍرو ٿيو ۽ چوڻ لڳس؛ “نه ! حضور ائين نه ٿيندو، پهرين اوهان چڙهو!”
    “نه!” حد کان وڌيڪ اڪرام ڪندي پهريون دوست پوئتي هٽي چوڻ لڳو؛ “پهرين اوهان چڙهو!”
    ايتري ۾ گاڏي ءَ به ڪوڪ ڪئي ۽ چُرڻ لڳي. هنن جو اهو ئي احترم وارو ڪلام جاري هئو جو گارڊ به ڊوڙندو اچي بوگيءَ ۾ چڙهيو ۽ سندن گفتگو ٻڌي چوڻ لڳو؛ “پهلي آپ، پهلي آپ ڪبو ته گاڏي ته ڇٽي ويندي.”
    مطلب:۱- احترام به حد اندر ڪرڻ گهرجي.
    ۲- حد کان وڌيڪ احترام، بي ادبيءَ ۽ نقصان جو سبب بڻبو آهي.


    46. پيادي مان هسوار، هسوار مان پيادو، خدا ٿو ڪري. (سنڌ ، چوڻي، پهاڪو)

    هڪڙي بادشاهه، هڪڙي درويش کي، بي عزتو ڪرڻ لا، گهرائي چيو؛ “زمين جو وِچُ ڪاٿي آهي؟”
    “جتي مان بيٺو آهيان، اهو ئي زمين جو مرڪز آهي.” درويش وراڻي ڏنس.
    “خدا تعالي جو مُنهن ڪيڏانهن آهي؟”
    درويش ميڻ بتي گهرائي ٻارائي، پوءِ بادشاهه کان پڇيائين؛ “هن ميڻ بتيءَ جو رخ ڪيڏانهن آهي؟”
    “هر طرف!” باشاهه تڪڙ ۾ جواب ڏنو.
    “خدا تعالي جو مُنھن به هر طرف آهي!”
    “ڀلا خدا تعالي ڇا ٿو ڪري؟” بادشاهه لاجواب ٿيندي پڇيس.
    “جنهن گهوڙي تي چڙهندو آهين، اهومون کي ڏي ته ٻڌايانءِ!”
    بادشاهه سلامت، گهوڙو گهرائي کيس ڏنو. درويش گهوڙي تي لانگ ورائي واڳون ڪشيندي چيس؛ “پيادي مان هسوار، ۽ هسوار مان پيادو، خدا ٿو ڪري.”
    مطلب: غريب مان امير ۽ امير مان غريب خدا ٿو ڪري.


    47. پَير کُپي ته جاٺو به لڳي. (سنڌ، پهاڪو)

    هڪڙو ٿلهو متارو ماڙيچو، سنڌ جي هڪ ڳوٺ ۾ آيو. ساڻس ٻه چار ڳوٺائي به ساڻ هئا. جڏهن ڳوٺ جي اوطاق ۾ پهتا ته ڏاڍو چهچٽو لڳو پيو هيو. هيءُ به چهچٽو ڏسڻ بيهي رهيا. اوطاق ۾ مَلهه جو مقابلو هلي رهو هيو. هڪڙو ملهُه، ملهَه جي انگن کان واقف هئڻ ڪري، سڀني کي ميدان ماريو بيٺو هيو. گهور ۾ پئسا به ڏاڍا پئي پيس.
    ٿلهي ٿنڀري ماڙيچي کي به ساٿين ملهه وڙهڻ لاءِ اڀاريو؛ “ملهه وڙهه! کٽڻ تي گهور ملندي، گذر سفر چڱو ٿي پوندو.”
    پنهنجن جي پڏائڻ تي مڙس ميدان ۾ ڪُڏي پيو. سندرا ٻڌي جڏهن ملهه ٻکين پيا ته ڳوٺاڻي ڄاڻو ملهه، ماڙيچي کي ڍاڪ تي کڻي گهمايو. ٻاهران بيٺل ماڙيچي جي ساٿين، ماڙيچي کي ڏَسُ ڏيندي چيو؛ “جاٺا مار! جاٺا مار!”
    اڳلي ملھ جي ھٿن ۾ مٿي ڦرندي، مڙس جو مٿو ئي چڪرائجي ويو هيو. تنھن کي ھنن واري ڳالھ سمجھ ۾ ئي نه آئي. نتيجي طور ملھ ۾ دسجي پيو. جڏھن ڌڪ کائي اچي ساٿين جي ڀرسان ويٺو ته کيس ٽوڪيندي چيائون؛ “اسان توکي جاٺي ھڻڻ لا پئي چيو پر تو ته ٻڌو ئي نه پئي. اسان جي ڏس تي ھلين ھا ته ڌڪ نه کائين ھا!”
    “پير کپاڙي ته جاٺا ماراڙي!” نئين ملھ کين جواب ڏنو؛ “پير کُپي ته جاٺو به لڳي!”
    مطلب: ٻئي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ، دنگو ملي ته مقابلو ڪجي، نه ته نه ڪجي.


    48. جاتي پاڻي، تاتي پاڻ. (هندي ، چوڻي)

    هڪڙي بادشاهه، ٻن اميرن کان ساڳئي قسم جو امتحان ورتو. کين چيائين؛ “سڀني شين جو ٻِجﱡ آڻي ڏيو.”
    هڪڙو امير، هر شيءِ جي ٻِجّ لاءِ جهنگ جهر رلندو رهيو، جڏهن ته ٻيو پاڻي کڻي آيو.
    “مون توکي ٻجِّ لاءِ چيو هو! تون ته پاڻي کڻي آيو آهين؟!” بادشاهه کانئس پڇيو.
    “پاڻي ئي هر شيءِ جو ٻِجﱡ آهي، ڇو جو ....” ڪٽورو پاڻي ءَ جو رکندي چوڻ لڳو؛ “جاتي پاڻي، تاتي پاڻ.”
    مطلب: ۱- پاڻي ئي سرچشمه حيات آهي.
    ۲- هر شيءِ کي پاڻيءَ مان حياتي ڏني وئي آهي.
    ۳- جاتي پاڻي، تاتي پهر.


    49. جنهن جو ڪم سوئي ڪري، ٻيو ڪري ته نقصان ڀري. (سرو ، چوڻي)

    هڪڙي واپاريءَ کي هڪڙي سودي/ واپار مان چڱي پراپت ٿي. اهو حوال ٻڌي هڪڙي ڀَٽَ فقير به ساڳيو واپار شروع ڪيو. ناتجربيڪاريءَ سبب ڪافي نقصان رسيس. جنهن تي روئڻ رينگڻ لڳو.
    “جنهن جو ڪم سوئي ڪري، ٻيو ڪري ته نقصان ڀري!” واپاريءَ ٽوڪيندي چيس.
    مطلب: ۱-جسڪا ڪام تسڪو ساجي، اور ڪري تو ٺينگا باجي. (پنجابي)
    ۲- هَڙَ به گاسو، لوڪ به تماشو.
    ۳- جوئاري جوئا ۾ هارڻ بعد چوي؛ “پئسا به ويا، عزت به وئي!”


    50. جنهن جي ڳالهه، پنهنجي پيٽ ۾ نه ٿي ٽڪي، تنهن جي ڳالهه، ڪاٿي به ڪين ٿي لڪي. (اردو، چوڻي)

    ببن نائيءَ نالي، هڪڙو ھمراھ هڪڙي بادشاهه وٽ وڃي حجم مقرر ٿيو. پهرئين ڏينهن بادشاهه جا وار ٺاهيندي ڏٺائين ته بادشاهه کي مٿي تي ٻه سِڱَ آهن. بادشاهه به اها ڳالهه محسوس ڪندي چيس؛ “سڱن جي ڳالهه ڪنهن کي نه ٻڌائجانءِ!”
    نائي، اها ڳالهه ٻن ٽن ڏينهن کان مٿي پيٽ ۾ سانڍي نه سگهيو ۽ پيٽ ڦاٽڻ لڳس. نيٺ جهنگ ۾ هليو ويو. اتي هڪڙي ٿلهي وڻ جي ٿُڙَ وٽ بيهي چيائين؛ “بادشاهه جي مٿي تي ٻه سِڱَ سِڱَ!”
    پيٽ هلڪو ڪري گهر آيو.
    هاڻي هوا لڳڻ سان ان وڻ مان عجيب ۽ سريلا آواز اچڻ لڳا. هڪ دفعي هڪڙا موسيقيءَ جا ڄاڻو، اتان اچي لنگهيا. کين وڻ مان سريلو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته وڻ پاڙان پٽرائي، سريلا ساز ٺهرايائون.
    هڪ ڏينهن اهي ساز کڻي بادشاهه جي درٻار ۾ آيا. فن پيش ڪرڻ جي اجازت ملين. جڏهن ساز وڄڻ لڳا ته سارنگيءَ مان آواز آيو پئي: “بادشاهه جي مٿي تي ٻه سِڱَ سِڱَ!”
    “ڪير ٿو چوي؟” ننڍڙي ڍولڪيءَ مان آواز پئي آيو.
    “ببن نائي!” وڏي دهل جو آخر ۾ کڙڪو، ائين پئي ٻڌڻ ۾ آيو.
    بادشاهه اهي اکر ٻڌي، ببن نائيءَ ڏانهن اکيون ڦوٽاري ڏٺو.
    “جنهن جي ڳالهه، پنهنجي پيٽ ۾ نه ٿي ٽڪي.
    تنهن جي ڳالهه، ڪاٿي به ڪين ٿي لڪي!”ببن نائيءَ، پنهنجي وڪالت ۾ چيو.
    مطلب:۱- مُٺِ ڀيڙائي ڀلي، اُپَٽي ته واءُ.
    پڌر پئي ڳالهڙي، ڇڏي ويندي ساءُ.
    ۲- سِرُ ڏجي، سُرُ نه ڏجي.


    51. جنهن جي ناني نڀاڳي، تنهن جا ڏوهٽا ڪهڙا ڏاتار ٿيندا. (سرو، چوڻي)

    هڪڙي همراهه جو ڪنهن نوجوان عورت سان عشق ٿي ويو. ٻنهي جا مائٽ سندن انهيءَ ڳالهه ۾ راضي نه هئا. لاچار، ڀڄڻ جو پروگرام رٿيائون. مقرر ٿيل رات، مرد عورت جي گهر ٻاهران آيو. طئي ٿيل اشارن تي، محبوبه به گهر جي چانئٺ اورانگهي نڪتي.
    ڪتن جي باهوڙ ٿي. سونچو ٿي ويو. چور چور ٿي وئي. جيستائين گهر- ڀاتي، گهر سنڀالين ۽ سمجهن ته ڇا جي چوري ٿي آهي، تيستائين هنن کي وِٿي ملي وئي.
    ڀر واري ڳوٺ ۾ مرد جو سنگتي هيو، جنهن جو گهر پَرَ- ٻاهرو هيو. ان کي اچي اٿاريائون. جنهن سواري لا ڏاچي ڏيندي تاڪيد ڪين؛ “ڏاچي ڏيان ٿو پر هڪڙي ڳالهه ياد رکجو، ڏاچي اٿو نانيءَ کري. جتي پاڻي ڏسندي اتي ويهي رهندي ۽ پو اٿڻ ۾ ڏاڍي گِيهه ڪندي. تنهن ڪري پاڻيءَ واري پاسي کان نه ڪاهي وڃجوس.”
    ڏاچيءَ تي چڙهي روانا ٿيا. تيستائين پوين به گهر سنڀالي ورتو. راتو واهه پيراڊو اچي ويا، بتيون ۽ لٺيون کڻي پيري سان نڪري پيا.
    سڄي رات، بک اڃ تي هلڻ کانپوءِ سج اڀريو ته ڏاچيءَ کي پاڻي نظر آيو ۽ لڙي پئي. سوارن گهڻو ئي جهليس پر کين جهل ئي نه ڏنائين. ڊُوهي، پاڻي وٽ وڃي پهتي. پاڻي پي، ڊُهي هڻي ويهي رهي. اٿڻ جو نالو ئي نه ورتائين.
    ايتري ۾ پيري به، رَندَ کڻي اچي ويجها پين. مرد جيئن ڪاري ڏاند جي مالڪن کي ڏٺو، تيئن ڏاچيءَ کي اٿارڻ لاءِ ڏاڍا ڌڪ هنيائين. ڏاچي چوي ته؛ “تون ڪير ٿيندو آهين جو مون کي اٿاريندين؟”
    ڏاچي نه اٿي، نه اٿي. هيءُ به ڪٽي ساڻو ٿيو ته بيزاريءَ مان تلوار ڪڍي، پهرين ڏاچيءَ جي سسي لاٿائين پوءِ مائي کي ماريائين. تيستائين مالڪ به پهتا ۽ اچي جهليائونس.
    راڄوڻو فيصلو هليو.
    “تو ڏاچيءَ کي ان لاءِ ماريو ته اها ڊُهي هڻي ويهي رهي!” پٽيل کانئس پڇيو؛ “مائي ڇو ماريئه؟ اها ته تو لاءِ سڀ ڪجهه ڇڏي نڪتي هئي!”
    “ڏاچيءَ جي مالڪ مون کي چيو هيو؛ ڏاچي نانيءَ کري اٿئي! پاڻيءَ کان پاسو ڪرائجانس نه ته ويهي رهندئي.” سبب ٻڌائيندي چوڻ لڳو؛ “ڏاچيءَ جي نانيءَ تي ڇِڪَ ڪرڻ، مون کي مارايو. جيڪا مون سان ڀڄي نڪتي هئي، تنهنجو ڄڻيو اولاد ضرور مٿس ڇڪ ڪري وڃي ها ۽ هڪ ڏينهن مون سان به ائين ئي ٿئي ها، جيئن توهان سان ٿيو. تنهن ڪري کيس ماري وڌم.”
    “تو ان ڪري کيس ماريو؟” ماڻهن وضاحت خاطر پڇيس.
    “هاٰ!!” وضاحت ڏيندي چيائين؛ “جنهن جي ناني نڀاڳي، تنهنجا ڏوهٽا ڪهڙا ڏاتار ٿيندا؟”
    مطلب: والدين جي اخلاق جو اثر، سڌو سنئون اولاد تي پوندو آهي.


    52. جنهن جي هيڪار، ڪيائين ڪوڙي ٿئي، تنهن تي ٻيهار، سچيءَ ساک نه وسهان. (هندي ، چوڻي)

    جعفر نالي هڪ ريڍار، سڄو ڏينھن جهنگ ۾ رڍون چاري شام ڌاري واڙ ۾ واڙي ڇڏيندو هو. هڪ ڏينهن کيس جهنگ ۾ رونشو سُجهي آيو ۽ وٺي رڙيون ڪيائين؛ “بگهڙ ڙي بگهڙ!”
    پاسي اوسي جا هاري ۽ ناري، جيڪي ڳوٺ جا هيس، سندس رڙين تي لٺيون ڌُڪا کڻي ڊوڙندا آيا. بگهڙ نه ڏسي کانئس پڇيائيون؛ “بگهڙ ڪاٿي آهي!”
    “بگهڙ ته ڪونه هو!” ڦِڪا ڏند ڪڍندي ٻڌايائين؛ “مون ته ائين چرچو پئي ڪيو.”
    ماڻهو جک کائيندا موٽي ويا.
    هڪ ڏينهن سچو پچو بگهڙ اچي رڍن ۾ پيو. مدد لاءِ ڏاڍيون رڙيون ڪيائين پر ڪير به نه آيو. بگهڙ سڄو ڌڻ ناس ڪري هليو ويو. رڍون مارائي جڏهن ڳوٺ پهتو ته ماڻهن پڇيس؛ “رڍون ڪاڏي ڪيئي؟!”
    “بگهڙ کائي ويو!” روئندي حال ٻڌائڻ لڳو؛ “اڳي ڪوڙين رڙين تي سڀ ڊوڙندا آيا، اڄ سچين رڙين تي هڪ به نه لڙيو.”
    “ان ۾ روئڻ جي ۽ ميارَ ڏيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟!” هڪڙي ڳوٺاڻي رد ڏيندي چيس؛ “پنهنجي پَتِ تو پاڻ وڃائي آهي! اڳي ڪوڙ نه ڪرين ها ته اڄ ڌڪ نه نڪرئي ها!”
    “جنهن جي هيڪار، ڪيائين ڪوڙي ٿئي.
    تنهن تي ٻيهار، سچي ساک نه وسهان!” ٻئي ڳوٺاڻي، پهرئين جي پٺڀرائي ڪندي ائين ٽوڪيس.
    مطلب: ساک وڃڻ بعد، ڪوبه ترس نٿو کائي.


    53. جنهن رين جو مزو ورتو، تنهن کان ٻيا مزا وسري ويندا. (ساهتي، چوڻي)

    هڪڙيءَ مائيءَ کان محبوب رسي ويو. سدائين سندس باري ۾ پئي پڇائيندي هئي. هڪ دفعي پڇا ڪرايائين؛ “ڏي خبر! منهنجو رانجهن ڪهڙي حال ۾ آهي؟!”
    “مينهون ڌاريون اٿائين!” جواب مليس.
    “ڀلي مينهون ڌاري!” اڃا آسرو رکندي چوڻ لڳي؛ “پر مون کي ڪين وساريندو. مون وٽ ضرور ايندو.”
    ڳچ وقت بعد وري پڇايائين؛ “منهنجو راڻل ڪهڙيءَ ڪرت سان لڳل آهي؟!”
    “ٻني ورتي اٿائين! سڄو ڏينهن ان جي سنڀال ۾ سُڪَ آهي!” ورندي مليس.
    “ڀلي ٻنيون ڌاري!” اڃا آسرو رکندي چوڻ لڳي؛ “پر مون کي ڪين وساريندو، مون وٽ هڪ وار ضرور ايندو.”
    ان ڳالهه کي به ڪافي عرصو گذريو، وري پڇائون ڪرايائين؛ “ڏيو خبر! مون وارو سهڻل ڪهڙي ڌنڌي سان لڳل آهي؟!”
    ”ڀلا گهوڙا ڌاريا اٿائين!” ٻڌائڻ واري آگاهي ڏيندي چيس؛ “سندن سيوا ۽ سواريءَ ۾ مشغول آهي!”
    ”ابول!” آسرو پليندي ۽ سٿرن تي ھٿ ھڻندي چيائين؛ “هاڻي ته اصل نه ايندو!”
    “ڇو!” پڇڻ واري پڇيس؛ “هاڻي ڇو ڪو نه ايندو؟!”
    ”جنهن رين جو مزو ورتو، تنهن کان ٻيا مزا وسري ويندا!” وضاحت طور چوڻ لڳي.
    مطلب: ۱ . رين ۽ ران جو مزو، هڪجهڙو آهي.
    ۲- رن ۽ گهوڙو ران سان، پئسو جان سان.


    54. جنهن کي پنهنجي حال جي خبر نه ٿي پوي، تنهن کي ٻئي جي سال جي خبر نه پوندي. (هندي، چوڻي)

    اتر هندستان جي الوَر رياست جي مهاراجا سري سوائي جيسنگهه، هزار روپيا في ڏينهن جي حساب سان، هفتي کن لاءِ بمبئي جو وڏو نجومي مسٽر الاسٽر گهرايو. ساڻس ٻين به ڪيترن انعامن جو واعدو ڪيو ويو هئو.
    نجومي جڏهن مقرر وقت تي الوَر اسٽيشن تي پهتو ته سندس آڌر ڀا لاءِ ڪير به نه پهتو. سڄي رات اسٽيشن تي بيواهن وانگر ڌڪا کائڻ بعد، صبح جو جڏھن ٽانگي ۾ چڙهي راجا جي محلات تي پهتو ته دربان ۽ سپاهين کيس راجا سان ملائڻ جي بجاءِ، جيل اماڻي ڇڏيو. مهينو کن جيل ۾ دانهون ڪوڪون ڪيائين. تنهن کان پوءِ کيس ڪڍي راجا آڏو پيش ڪيو ويو. راجا کي پاڻ سان ٿيل جٺ بابت ٻڌائيندي چيائين؛ “مون کي خبر هجي ها ته مون سان اهڙي جٺ ٿيندي ته جيڪر مان نه اچان ها!”
    “تو لاءِ اها ئي سيکت ڪافي آهي. توکي پنهنجي ٻئي ڏينھن جي خبر نه ٿي پوي ته تو سان ڇا ٿيڻ وارو آھي ته پوءِ توکي منهنجي حال جي ڪيئن خبر پوندي!” مهاراجا دڙڪو ڏيندي چيس؛ “جنهن کي پنهنجي حال جي خبر نه ٿي پوي، تنهن کي ٻئي جي سال جي خبر نه پوندي!”
    مطلب: غيب جي خبر، فقط خدا کي آهي.


    55. جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي؟ (اردو، چوڻي)

    پيٽرول سان ڀريل آئل ٽينڪر، شاهي رستي تي ڪلٽي ٿي پيو. مٿئين هودي ۾ ويٺل ڪلينر، ڪلٽي ٿيڻ کان اڳ ئي وڃي ڪچي تي ڪريو ۽ ٽئنڪر به وڃي سندس ٻانهن تي پيو. سندس ٻيو جسم ته ٻاهر هئو، البته ٻانهن ٽئنڪر هيٺان اچي وڃڻ ڪري مڙس ڦاسي پيو. ڀر واريءَ هوٽل تان ماڻهو مدد لاءِ ڊوڙندا آيا. اڳين ڪئبن ۾ ڦاٿل ڊرائيور ۽ ڪلينر کي ته ڪڍي ورتائون پر ھن کي ڪڍي نه سگھيا. ايتري ۾ ٽئنڪر جي انجڻ کي باهه لڳي چڪي ھئي.
    هڪڙن ماڻهن مٽيءَ سان انجڻ جي باهه وسائڻ لاءِ جتن پئي ڪيا ته ٻين ڦاٿل ڪلينر کي ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ جا. نه باهه پئي وِسي، نه ڪلينر پئي نڪتو.
    “پيٽرول کي باهه لڳي ته همراه سڙي ڪوئلا ٿي ويندو!” هڪڙي همراهه صلاح ڏيندي چيو؛ “رڳو ٻانهن ڦاٿل آهي!جنھن ڪري سڄو مڙس ڦاٿل آھي. جيڪڏھن ڪاتيءَ يا ڪهاڙيءَ سان ٻانهن ڪپي ڇڏجي ته ھوند باقي مڙس ته بچي پوي. ٻانهن ڪپجي وئي ته به خير آهي! حياتي ھوندس ته مڙس جالي ويندو.”
    ٻه ٽي همراهه ڪاتيءَ يا ڪهاڙي هٿ ڪرڻ لاءِ وٺي ڀڳا. وقت تي ننڍي شيءِ به ملڻ مشڪل ٿي ويندي آهي. ڪاتي يا ڪهاڙي هٿ نه آئي، البته مڏو سڏو ڏاٽو هٿ آين. جيستائن اهو کڻي پهتا، تيستائين ٽينڪر مان سِمندڙ پيٽرول کي باهه وچڙي چڪي هئي.
    ڦاٿل همراهه جا ڪوڪريا هجن. ڏاٽي وارو همراهه، باهه جي ڄَرَ کان ويجهوئي نه پئي ويو. نيٺ ڏاٽو ڦاٿل همراھ ڏانھن اڇلايائين ته جيئن پنهنجي ڦاٿل ٻانهن پنهنجي اڻ-ڦاٿل هٿ سان ڪپي، پاڻ کي آجو ڪري سگهي. وائيسر سڀني جا خطا ٿي چڪا هئا. اڇلڻ سان ڏاٽو ٿورو پَرَ- ڀرو وڃي ڪريو. ڦاٿل همراهه پاڻ کي ڏاٽي ڏانهن سورڻ جي ڪوشش ڪئي پر پهچي نه پئي سگهيو. ايتري ۾ ٽينڪر ۾ پيل پيٽرول کي وڏي ڌماڪي سان باهه لڳي وئي. انهيءَ ڌماڪي تي گاڏي ٿورو مٿي کڄي وئي ۽ ڏاٽي ڏانهن پاڻ ڇڪڻ سبب، ٻانهن کي ساهَ ملي وئي، جنهن ڪري همراھ آزاد ٿيڻ سان ٻه ٽي هٿ وڃي پري ڪريو ۽ جان بچي ويس.
    “بيشڪ!” بيٺلن مان هڪڙي چيو؛ “جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي.”
    مطلب: ۱ . خدا تعاليٰ طرفان موت به لکيل وقت / مقرر وقت تي اچي ٿو.
    ۲- مارڻ واري کان، بچائڻ وارو ويجهو آهي.


    56. جنهن ويٺي نه ڄاتو، سو بيٺي ڪهڙو ڄاڻندو؟ (سنڌ ، پهاڪو)

    هڪڙي مائيءَ جي ڌيءُ بالغ ٿي چڪي هئي. کيس ڳڻتي هئي ته ڇوڪري شينهن ڪلهي چڙهي. سڄو ڏينهن انهيءَ پريشانيءَ ۾ پئي ڳرندي هئي. هوڏانهن مڙس سان به اهڙو سُرٻاٽُ ڪڍيائين پر مڙسهنس جي ڪنَ تي جونءَ به نه رينگي. هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي کان ڪڍي ڇڏيائين.
    مائيءَ جي پريشاني، ويتر وڌي وئي. هڪ ڏينهن ڌيءَ جي سامهون مڙس کي چيائين؛ “هاڻي! ڇوڪري، ماشا الله، وڏي ٿي وئي آهي!”
    “هون!” مڙسهنس اڻ لکو جواب ڏنس.
    انهيءَ تي مُٺيان ته ڏاڍي لڳس، تنهن هوندي به پڪو منهن ڪري ڌيءُ کي چيائين؛ “امڙ! اٿي ته بيهه! پڻهين تنهنجو قد ڏسي!”
    “امان! اجايو ٿي پاڻ کي خفيف ڪرين!” ڌيءُ چٻو وات ڪري ماءُ کي چيو.
    “ڇو امڙ؟ انهيءَ ۾ خفيف ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ تون رڳو اٿي بيهندينءَ ته ڪا گسي نه ويندينءَ؟!” ماءُ ڌيءُ کي زور ڀريندي چيو؛ “امڙ! اٿي ته پيءُ ڏسئي!”
    “امان!” پيءُ جي بيرخيءَ تي نڪ کي موڙو ڏيندي ماءُ کي چوڻ لڳي؛ “جنهن ويٺي نه ڄاتو، سو بيٺي ڪهڙو ڄاڻندو؟!”
    مطلب: ۱ . جيڪو اشاري سان نه ٿو سمجهي، سو وڏيءَ وضاحت سان ڇا سمجهندو؟!
    ۲- عقل واري لاءِ، اشارو ئي ڪافي آهي.
    ۳- ٽٽوءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.


    57. جوش به، وقت تي ڪم ايندو آهي. (سرو، چوڻي)

    هڪڙي هندو واپاريءَ کي ٻهراڙين ۾ اڳاڙيءَ سانگي وڃڻو هئو. رستو اڻائو هئو ۽ واپسيءَ تي ڦُرِ جو به خطرو هئو. تنهن ڪري هڪڙي ٻروچ کي، واهر لاءِ ڀاڙي تي ساڻ کنيائين. کيس ڪهاڙي به وٺي ڏنائين.
    جڏهن سفر تي روانا ٿيا ته ٻروچ ڪهاڙيءَ جي ڪري مستيءَ ۾ اچي ويو. ڦونڊجي هر شيءِ تي ڊڪي ڪهاڙي اُلاريندو پئي هليو. ماڻهوءَ ڇيڻوءَ تي، مال متاع تي، ڪرڙ ڪنڊيءَ تي، مطلب ته هر شيءِ تي ٻِه- هٿڙي ڪهاڙي سان اُلر هئس.
    “ڀائي!” واڻئي ڊڄندي هڪ هنڌ پڇيس؛ “اهو ڇاٿو ڪرين پيو؟!”
    “مون کي جوش آهي!” ٻروچ ورنديءَ ۾ چيس؛ “انهيءَ ڪري ائين ڪندو ٿو هلان!”
    اُڳاڙي ڪري موٽيا ته واٽ تي سچ مچ، ڀائوءَ- وارا اچي مٿان پين. کين ڏسنديئي واڻئي جي ته ڌوتي خراب ٿي وئي پر ٻروچ جي اُلاريل ٻِه- هٿڙي ڪهاڙي به جهڙوڪ وڃي پٽِ پئي ۽ ڀئو ۾ زمين تي ويهي رهيو.
    ڌاڙيل، واڻئي کي آرام سان ڦري هليا ويا. انهن جي وڃڻ کانپوءِ ٻروچ جي وري ساڳي ڪار. اهائي ڪهاڙي، اهوئي ڳَنُ.
    “ڀائي! هي ڇاٿو ڪندو هلين!” واڻئي پڇيس.
    “مان جوش ۾ آهيان!” ٻروچ ڪهاڙي اُلاريندي چيس.
    “هاڻي جوش ڪرڻ جي ڪهڙي ضررت آهي!” واڻئي ٿڌي ٿيڻ لاءِ نصيحت ڪندي چيس؛ “جوش به وقت تي ڪم ايندو آهي!”
    مطلب: جوش / ڪاوڙ/ هيٺانهين وغيره، وقت تي فائدو ڏيندا آهن.


    58. جو گهڻي جي لالچ ڪري ٿو، سو موچڙا گهري وٺي ٿو. (لاڙ، چوڻي)

    هڪڙو همراهه نئينءَ مان چوريءَ تي هريو. هڪ رات هڪڙي گهر ۾ گهڙيو. کيس چوريءَ جي گُرَن جي ته خبر هئي ڪانه. هيڏي هوڏي ڦريو ته کيس بوٽن جون ست جوڙيون نظر آيون. پهرين ڳڻي تسلي ڪيائين. پوءِ ٻُٽَ ٻڌل بوڇڻ لاهي، هنبڙ دنبڙ ڪري ان ۾ ٻڌائين ۽ ساڳين پيرن تي ڳوٺ ڏانهن موٽيو.
    گهرن کان وٿيرڪو ٿي، جهنگ ۾ پهتو ته مٿي تي رکيل پادرن جي ڀري لاهي وري ڳڻڻ لڳو.
    ٻه دفعا پادر ڳڻيائين. ٻئي دفعا تيرنهن ٿيا. کٽل جوڙي جو ڏاڍو ويسورو ٿيس. پادرن جي ڀري جهنگ ۾ ٿمائي، پوين پيرن تي ساڳئي گهر ۾ اچي گهڙيو. ايتري ۾ گهر وارا به سجاڳ ٿي چڪا هئا. کيس ڏسڻ شرط چور چور ٿي وئي. لت ڏئي کڻي ٻڌائونس. موچڙن سان سچي ڪيائين ۽ جهنگ مان هلي، سَڳُ ڪڍي ڏنائين.
    اهو حال ڏسي رونشي تي گڏ ٿيل ماڻهن مان هڪڙي چيو؛ “جو گهڻي جي لالچ ڪري ٿو، سو موچڙا گهري وٺي ٿو.”
    مطب: اڌ کي ڇڏي جو سڄيءَ لاءِ ڊڪي،
    تنهن کان سڄي ته وڃي پر اڌ لاءِ به سڪي.
    ڀيٽيو: لالچ، ڪتن سان گڏ کارائي.


    59. جو وَڙُ جڙي جن سين، سو وَڙُ سيئي ڪن. (سنڌ، چوڻي)

    هڪڙو رڄُّ اشراف، درياه پار ڪرڻ لاءِ اچي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو. ٻيڙيءَ ۾ هڪڙو لُچُ ۽ مسخري قسم جو همراهه به ويٺو هئو، تنهن مٿس ڏاڍيون ڌنڪون، چٿريون ۽ ٺٺوليون ڪيون. موٽ ۾ هن اشراف، صبر کان ئي ڪم ورتو.
    پتڻ پار پوڻ بعد هٿانئين کانئس، کلي ۽ ڀاڪر پائي، موڪلايائين. جنهن تي ٻين مسافرن ٽوڪيس؛ “اهڙي لچ جي اهڙي خوشامد ڪرڻ ٺهي ته ڪانه ٿي.”
    “اهو هن جو وَڙُ هئو، هيءُ منهنجو وَڙُ آهي!” خوش اخلاقيءَ سان پيش اچڻ جو سبب ڏيندي ٻڌايائين؛ “جو وَڙُ جڙي جن سين، سو وَڙُ سيئي ڪن!”
    مطلب: ۱ هر ڪو پنهنجي هٽيءَ سارو، هوڪو ڏيندو آهي.
    ۲- جيڪي کوهه ۾ هوندو، سوئي آھَ ۾ پوندو.
    ۳- جيڪي ڪُني ۾ هوندو، سو ئي پاٽِ ۾ پوندو.


    60. جوئر جُوءِ ۾ نه هوندي، ته رهو رانديون ڪندو. (سنڌ، پهاڪو)

    جابلو علائقي جو هڪڙو همراهه سنڌ ۾ گهمڻ آيو. جن ماڻهن وٽ مهمان ٿي رهيو، تن کيس پلي جو ڇڊو ٻوڙ ۽ ڪڻڪ جي ماني آڻي ڏني. کائڻ وقت رهي کيس ڏاڍو ڪَڪِ ڪيو. مانيءَ تي موراڳو چڙهيُس ئي نه پئي. ڪڻڪ جي مانيءَ سان، رهو وٽي مان کُٽو ئي نه پئي. تنگ ٿي چوڻ لڳو؛ “ڪانهي جوئر جُوءِ ۾، تڏهن ٿو رهو رانديون ڪري!”
    مطلب: ۱ . ڏاڍو مڙس ملڪ ۾ ڪونهي، تڏهن ٿو لچ لوفر بدمعاشي ڪري.
    ۲ . ڪونهي مير علي مراد ملڪ ۾، تڏهن ٿيون وانڍيون وَسَ چرن.


    61. جهڙي نيت، تهڙي مراد. (سرو، چوڻي)

    هڪڙي گهر ۾ نيت نالي مائي پنهنجي ڌيءَ مراد سان گڏ رهندي هئي. ٻئي وڏيون جهيڙاڪار هيون. هڪڙو فقير سئن هڻندو، سندن در تي آيو ۽ چيائين؛ “جهڙي نيت، تهڙي مراد.”
    انهيءَ تي ماءُ ڌيءُ ڪاوڙجي پيون ۽ فقير کي سُرَ سان گاريون ڏنائون. فقير کي به ريچڪ اچي ويو. ڏيهاڙي سندن در تي ساڳي سئن هڻي، گارين جا دُوساڙا ٻڌي، هليو ويندو هو.
    ڪَڪِ ٿي ماءُ ڌيءُ پاڻ ۾ صلاح ڪئي؛ “فقير کي مانيءَ ۾ زهر وجهي ڏجي ته اصل لاءِ جان ڇٽي پوندي. نه ته ڏيھاڙي در تي جھور ٻڌيو پيو خوار ڪندو.”
    نيت، مانيءَ ۾ زهر ملائي پاڙي ۾ گهمڻ وئي. مڙسس گهر ۾ بکارو آيو. ڳولا ڦولها بعد زهر پيل ماني هٿ آيس، جيڪا اڻ ڄاڻائي ۾ کائي ڍير ٿي ڪري پيو.
    نيت گهر آئي ته زهر واري مانيءَ تي مڙس جو لاش ڏسي واتان نڪري ويس؛ “جهڙي نيت، تهڙي مراد.”
    مطلب:۱ . کڏ کڻي ٻين لاءِ، اَوَسِ ڪري پاڻ.
    ۲ . ڪئو اُڊي، منهن ۾ پائي.
    ۳ . ڪوري کڏ کڻي، پاڻ پوي.
    ۴ . جيڪو ٻين لاءِ کڏ کڻندو، سو اَوَسِ پاڻ پوندو.


    62. جيتري جهار هڪلبي، اوتري اٿندي. (سرو، پهاڪو)

    هڪڙي زميندار، جوئر جي جهار لاءِ، پگهار تي هڪڙو ڪانگ- تڙيو رکيو هيو. هڪڙي ڏينھن ٻنيءَ تي اچي ڏٺائين ته جهار پئي ٿي جوئر کائي ۽ ڪانگ- تڙيو ستو پيو آهي.
    “جهار پئي ٿي پوک کي کائي!” ننڊ مان اٿاري پڇيائينس؛ “۽ تون آھين جو ٻني تي پيو ٿو کونگهرا هڻين؟!”
    “ڀوتار! پيهي تي ٿو چڙهي ويهان ته پوءِ جيڏانهن تيڏانهن جهار آهي ۽ تڙي تڙي کنڀڙون ئي سڪي ٿيون پون ۽ نڙي به سڪي ٿي وڃي. ٻني ته لهي ٿو بيهان ته ٿوري ٿوري جهار آهي ۽ ڀوتار!” سمهڻ جو سبب ٻڌائيندي چيائينس؛ “سمهي پئو ته جهار آهيئي ڪانه.”
    “اڙي! ته پوءِ” ڀوتار هڪل ڏيندي چيس؛ “جيتري جهار هڪلبي، اوتري اٿندي!”
    مطلب: ۱ . اکيون پوري سمهندڙ جي گهر کي، کاٽ لڳندو ته خبر نه پوندس.
    ۲ . جاڳندڙ جون وڇيون، سمهندڙن جا ڪونهان.
    ۳ . خبردار ٿيڻ سان، تمام گهڻا مسئلا سامهون اچن ٿا. سمهي پوڻ واري لاءِ ڪوبه مسئلو نه آهي.
    ۴ . ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.
    ۵ . ڪبوتر، اکين تي هٿ رکي چيو؛ “مان ٻليءَ کان لڪي ويس.”
    ۶ . ڪم ڪر ته دنيا ۾ کوڙ ڪم آهن. لت کوڙي سمهي پئو ته ڪم آهي ئي ڪونه.


    63. جيسي جيسيءَ جي ٻولي سمجهندو آهي. (سرو،چوڻي)

    هڪڙي ننڍڙي ٻار، مائٽن کان لڪي تمام گهڻي ماني کاڌي. پيٽ ڀرجڻ بعد معدي تي سوڙهه ٿيس ۽ مونجهه وچان ماءُ کي چوڻ لڳو؛ “ڦاٿان ٿو!”
    “ڦاٿو آهين؟ ڇا ۾ ڦاٿو آهين؟!” ماڻس پڇيس.
    “نه! ڦاٿان ٿو!” ٻار مفهوم جي تصحيح ڪندي چيو.
    ماڻس کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، ڏاڏيءَ سمجهڻ لاءِ زور ڏنا. ان کي به ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته پڦين سمجهڻ لاءِ وس ڪيا. ٻار جي ٻاتڙي ٻولي کين سمجهه ۾ نه آئي.
    “اڙي! ٻيو ايترو ٻار وٺي اچو!” ڏاڏيءَ اٽڪل ويڙهائيندي چيو؛ “من اهو هن جي ٻولي سمجهي.”
    ٻيو ننڍڙو ٻار آيو، ان آڏو به چيائين؛ “ڦاٿان ٿو!”
    “پو ايتلو ٿو ٿاڌئي!” ٻئي ٻار موٽ ۾ چيس.
    ٻئي جملا پاڻ ۾ ملائڻ بعد ڳنڍ کلي پئي. پهرئين ٻار چيو پئي؛ “ڦاٽان ٿو!” ۽ ٻئي چيس؛ “پوءِ ايترو ڇو کاڌئي؟”
    “تڏهن ته مون چيو پئي ته ٻئي ننڍي ٻار کي وٺي اچو!” ڏاڏيءَ پنهنجي اٽڪل جي ڪاميابيءَ ۾ خوش ٿيندي چيو؛ “جيسي جيسيءَ جي ٻولي سمجهندو آهي.”
    مطلب : هر ڪو پاڻ جيڏن جي ٻولي جلد سمجهندو آهي.


    64. جيسين ڪاني اثر ڪري، تيسين ٻياني سر نِيئي. (سرو، پهاڪو)

    هڪڙو مرشد سڳورو، سارين جي لاباري ۾ مريدن کان ٻنا وٺڻ لاءِ نڪتو. هڪڙي مريد جو گامبولي ڳاهه پئي هليو ته مرشد به اچي سلام ڏنو. هاري، ڳاهَه جي چوڦير رکيل وَلِ جا گڏا کوليندو، ٻيانيءَ سان گامبول ۾ اڇليندو پئي ويو. مرشد جي سلام ڏيڻ تي وَلِ اڇلائڻ بند ڪري وٽس آيو.
    “وَلِ جا ٻه ٽي گَڏا کپن!” مرشد حڪم ڪيس.
    “هڪڙو گَڏو ٻن جهڙو آهي!” مريد، هڪڙو گَڏو ڏيندي چيس.
    “نه مرشد کي اهڙا ٽي ڏي!.... نه ته ....!” اکيون ڦوٽاريندي، مرشد چيو.
    “نه ته! .....ڇا؟” تارا ڦرڙائيندي، مريد پڇيو.
    “نه ته ڪاني اهڙي ايندئي جو، گَڏو نه بچندئي نالي ڪاڻ!” پِٽَ پاراتي کان ڊيڄاريندي، مرشد چيس.
    “تنهنجي ڪانيءَ کان ڊڄان ٿو ڇا!” ٻِه- هٿڙي ٻياني اُلاريندي، مرشد کي چيائين؛ “کڻڻو اٿئي ته کڻ نه ته اچئي ٿي ٻياني!”
    مريد جا تيور ڏسندي، مرشد کڙين تي زور ڏنو.
    “جيسين ڪاني اثر ڪري، تيسين ٻياني سرنئي.” گامبول واري همراهه ڳاهُه جهلي، ائين چيو.
    مطلب: ۱- پٽ پاراتي/ دعا کان اڳ، باٺو ڪم ڪري ٿو.
    ۲- پٽ پاراتو گسي سگهي ٿو، موچڙو ڪين گسي.
    ۳- ڪانيءَ کان، ٻياني تکي.
    ۴- ڪاني ڪم نه ڪري، ٻياني ڪم ڪري.


    65. جيڪو نانگن جي ٻرڙن ۾ هٿ وجهندو، سو به نه بچيو. (سنڌ ، پهاڪو)

    “نالو ڇا اٿئي؟”هڪڙي همراهه کان ڪنهن پڇيو.
    “الله بچايو!” موٽ ۾ ورندي ڏنائين.
    “ڇا ڪندو آهين؟”
    “نانگن جي ٻرڙن ۾ هٿ وجهندو آهيان.”
    “الله به ان کي بچائيندو، جيڪو بچڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ مدد ان جي ڪندو، جيڪو پنهنجي مدد پاڻ ڪندو!” وڌيڪ وضاحت ڪندي چيائينس؛ “جيڪو نانگن جي ٻرڙن ۾ هٿ وجهندو، سو به نه بچيو.”
    مطلب: ۱ . خدا ان قوم جي حالت بدلي ٿو، جيڪا پنهنجي حالت پاڻ بدلي ٿي.
    ۲ . همتِ بنده، مددِ خدا، بي همت بنده، بيزارِ خدا.
    ۳ . دريا ڀَرِ تي ڇوڪر ڪُڏي، اڄ نه ٻُڏي سڀان ٻُڏي.


    66. جيڪي ڪلهو ڏيندا آهن، سي توڙ به رسائيندا آهن . (سرو، پهاڪو)

    هڪڙو شخص ڏاند-گاڏيءَ ۾ ٻارين ٻچي سفر تي نڪتو. رات جو وقت هو، گهِلَ اچي ويس. جوڻس ڏٺو ته پاڃاريءَ ۾ هڪڙي پاسي ڏاند آهي ته ٻئي پاسي ماڻهو ڪلهو ڏيو پيو هلي.
    “ميان اُٿُ!” مڙس کي ڌونڌاڙي چوڻ لڳي؛ “هڪڙو ڍڳو ته چور چورائي ويا، ان جي جاءِ تي هڪڙو چور ڪلهو ڏيو ٿو هلي. ستو رهئين ته ٻيو ڏاند به چوري ڪري ويندا ۽ اسان رات جو رستي ۾ رلي ويندا سين.”
    “چري!” مڙس صبر جي تلقين ڪندي چيس؛ “جيڪي ڪلهو ڏيندا آهن، سي توڙ به رسائيندا آهن.”
    مطلب:۱ . بار کڻندا باري، ڪم ناهي ڪچن جو.
    ۲ . جيڪي اُکرِيُن ۾ مٿا وجهندا، سي مُهرِين ڀئه نه ڊڄندا.


    67. جيڪي وٺڻ سکيا آھن، سي ڏيندا ڪين آهن. (لاڙ ، چوڻي)

    هڪڙي ملان، هڪڙيءَ کڏ ۾ ڪِرڻ بعد، نڪرڻ لاءِ ڏاڍا وس ڪيا پر نڪري نه سگهيو.ٻڏي مرڻ جي ڀَوَ کان رڙيون ڪيائين ته، کڏ جي مٿان ماڻهن جو ميڙ لڳي ويو. رحم کائيندي هر ڪنهن هٿ پئي وڌايس ته، جيئن نڪري اچي.
    “ملان ! هٿ ڏي! ته ڇڪي ڪڍانءِ!” هر ماڻهوءَ ائين پئي چيو ۽ تڪليف هوندي به ملان ڪنهن کي هٿ نه پئي ڏنو.
    ماڻهو بيزار ٿي پيا.
    “ملان! هٿ وٺ!” هڪڙي سمجهوءَ، مام کي سمجهندي، ملان کي چيو. ملان ھڪدم سندس هٿ کي چنبڙي پيو. جنهن کانپوءِ ان ڇڪي ٻاهر ڪڍيس.
    “جڏھن ھوش ۾ به ھئين ته پو اڳي ھٿ ڇو نه پئي ڏنئي؟!” هڪڙي ماڻهوءَ ملان کان دير جو سبب پڇيو؛ “پوءِ ايڏي گيسر ڇا لاءِ ڪيئي؟”
    “سڀ ڪنهن چيو پئي؛ ڏي! هن چيو؛ وٺ! تڏهن هن جو هٿ ورتم!” ملان کيس سمجهائيندي چيو؛ “جيڪي وٺڻ سکيا آهن، سي ڏيندا ڪين؟!”
    مطلب: حريص، تڪليف ۾ هوندي به حرص کان نه مڙندو آهي.


    68. ڄٽ، پادر سان سڌو هوندو آهي. (سنڌ، پهاڪو)

    هڪڙو بادشاهه پخاليءَ جي ڌيءَ تي عاشق ٿي پيو. ڦلن مٺ تي سڱ گهريائينس، تنهن هوندي به بشتيءَ تريءَ تيل لائڻ نه ڏنس.
    حاڪمِ وقت کي اهو جواب ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو. ڏک ۾ اونڌي منجي ڪري سمهي پيو. اها خبر سندس هڪ صوبي کي پئي، تنهن ان ميربحر/ پخاليءَ کي گهرائي، ابتو ڪري ڪٽيو ته سڱ ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويو. چي، ”سائين! مان سڱ ڏيڻ لاءِ راضي آهيان!“
    صوبي کيس، بادشاهه جي درٻار ۾ پيش ڪيو. جنهن تي بادشاهه کانئس پڇيو؛ “ اڳي نه پئي ڏنئي، هاڻي ڪيئن راضي ٿيو آهين!“
    ”سائين ! جيئن هن صوبي سمجهايو آهي، تيئن اوھان ڪونه سمجهايو هو!“ هٿ ٻڌي، حامي ڀرڻ جو سبب ٻڌائيندي چيائينس؛ ”ڳالهه سمجهه ۾ هاڻي آئي آهي!“
    ”جيئندا قبلا! پيار سان نه پر .... “ صوبي/صوبيدار هٿ ٻڌي دربار ۾ عرض ڪيو؛ ”ڄٽ پادر سان سڌو هوندو آهي“.
    مطلب: ۱- ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
    ۲- چڱائي ڪر ڄٽ سان ، ڄٽ ڦيري هڻئي پٽ سان.


    69. ڄٽيءَ سُٽُ پسايو، واڻيي وڌس وٽي. ڄٽيءَ ليکي واڻيو ڦريو، واڻيي ليکي ڄٽي. (سنڌ، پهاڪو)

    آڳاٽي دور ۾ ڪپڙي جا ڪارخانه نه هئا. ڪوري ڪپڙو آڏاڻن تي اُڻندا هئا. پهرين ڪپهه تڻائي، سُٽُ ڪتائيندا هئا. بعد ۾ ڦورا ٺاهي، ڪپڙا اڻندا هئا. سٽ اڪثر عورتون ڪتينديون هيون جن ۾ اڪثريت مسلمان عورتن جي هئي، جن کي هندو دڪاندار يا واڻيا، ڄٽي ڪوٺيندا هيا.
    هڪڙيءَ ڄٽيءَ سُٽُ ڪتيو ۽ واڻيي وٽ کپائڻ کان اڳ، پاڻيءَ ۾ پسائي وزن ۾ ڳورو ڪيائين ته جيئن وڌيڪ بها ملي.
    واڻئي وري، وڏي وٽ جي هيٺان ٺهيل سوراخ ۾ ننڍڙي وٽي وڌس ته جيئن تور گهٽ بيهي ته ٿورن پئسن ۾ کڻي وٺي.
    اهو لقاءُ ڏسي هڪڙي سڄاڻ ماڻهوءَ چئي ڏنو؛ ”ڄٽيءَ سٽ پسايو، واڻيي وڌس وٽي،
    ڄٽيءَ ليکي واڻيو ڦريو، واڻيي ليکي ڄٽي!“
    مطلب : دوکي ڏيڻ وارا، ٻئي کي ته دوکو ڏين ٿا، پر پاڻ کي به دوکي ۾ رکن ٿا.


    70. چاڪر مٿان چوڪيدار نه رکجن. (هندي، چوڻي)

    هڪڙي بادشاهه، پنهنجي شاهي هاٿين کي کير پيئارڻ لاءِ هڪڙو نوڪر مقرر ڪيو هيو، جنهن جو ڪم هيو، ڀاڳين جو آندل کير مٽن ۾ ڀري رکڻ ۽ وقت تي هاٿين جي پيئڻ وارن ڪونرن ۾ نائڻ.
    ڳچ وقت گذرڻ بعد نوڪر ماحول ۾ راهل ماهل ٿي ويو. دل پڪي ٿي ويس ۽ هاڻي کير ۾ هٿڙي هڻڻ شروع ڪيائين. ٻن مٽن مان هڪ هڪ ساڙھي /چونئري کير جي ڪڍي، اوترو پاڻي ملائي، کير جي ماپ پوري ڪري ڇڏيندو هيو.
    پاڻيءَ وارو کير پيئڻ سبب هاٿين جي صحت تي اثر پوڻ لڳو. اها ڳالهه بادشاهه سلامت پاڻ محسوس ڪئي.
    بادشاهه سلامت وزيرن، مشيرن سان انهيءَ چوريءَ کي روڪڻ بابت صلاح مشورو ڪيو. مڙني صلاح ڏنس؛ “اهو نوڪر ڪڍي، ٻيو رکجي“.
    ”ائين ٻيو به بي ايماني ڪري سگهي ٿو!“ مشوري ۾ ڪنهن راءِ ڏني.
    ”پوءِ ڇو نه ان چاڪر مٿان چوڪيدار رکجي!“ مڙني متفقه طور منظور ڪيو.
    حڪم نامو جاري ٿي ويو. چاڪر مٿان چوڪيدار اچڻ ڪري سختي ٿي. نتيجو به چڱو نڪتو. هڪ ڏينهن نوڪر، مقرر چوڪيدار کي چيو؛ ”گنج مان چهنب ٻوڙيسين ته درياه کي ڪر ڪانه ايندي، منهنجي ٻچن جي پيٽ تي لت نه ڏي. ڪجهه کير پاڻ کڻ، ڪجهه مان کڻان!“
    انهيءَ صلاح تي ٻئي متفق ٿيا ۽ هاڻي پنجن مٽن مان پنج ساڙهيون غائب ٿيڻ لڳيون. اها شڪايت ٿي. مٿن ٽيون مقر ٿيو. هاڻي پورو مٽ ئي چٽ ٿيڻ لڳو. آخر بيزار ٿي، بادشاهه چوڪيدارن کي هٽائي، مشوري ۾ چيو؛ ”چاڪر مٿان چوڪيدار نه رکجن!”“
    مطلب: نوڪر مٿان چاڪر، چاڪرن مٿان چوڪر، چوڪر مٿان چي؛ چل ڪشته زن“


    71. چُتِ تي چوٽا، مدعي رد. (هندي ، چوڻي/پهاڪو)

    هڪڙو بادشاهه ڪنهن شڪار پوئتان پوندي پنهنجي لشڪر کان ڇڄي هڪڙي گهاٽي جهنگ ۾ وڃي ڦاٿو. اُڃَ- بک به ڏاڍو هلاڪ ڪيس. وسئن ڳولهيندي هڪڙي جهوپڙي نظر آيس. آويلو وقت ڏسي ان ۾ گهڙي يو. جهوپڙي ءَ ۾ هڪڙو درويش فقير ويٺو هيو، جيڪو دنيا کي ڇڏي، پالڻهار جي پرارٿنا ڪري رهيو هيو.
    ”اڃ لڳي اٿم! پاڻي ڍڪ پيارينم! ”فقير کان سوال ڪيائين.
    ”ٻيو به ڪي کپيئي؟!“ پاڻي پيئاري، فقير پڇيس.
    ”آءُ بادشاهه آهيان !“ بادشاهه پنهنجي حال کان آگاهه ڪندي عرض ڪيس؛ ”مون کي سائينءَ سڀ ڪي ڏنو آهي. باقي دعا ڪرينم ته منهنجا مدعي رد ٿين“.
    ”هن وقت تنهنجي گهوڙي ۽ تنهنجي بت تي جيڪو مال آهي، سو ئي لک ٻن جو ٿيندو ۽ تون تن تنها جهنگ ۾ پيو ڦرين!“ فقير سمجهائيندي چيس؛ “ جيڪڏهن ڪو دشمن نه هجئي، سو به لالچ ۾ دشمن ٿي پوئي. وڏي ملڪيت هوندي، مدعي ته رد نه ٿيندا“.
    ”نيٺ !“ بادشاهه عرض ڪيو؛ ”مدعي ڪيئن مات ٿيندا؟!“
    ”ان جو به حل آهي!”فقير نسخو ٻڌائيندي چيس؛ “چُتِ تي چوٽا، مدعي رد!“
    مطلب: ڍڳو نه ڍور، ڇا ڪاهيندو چور؟


    72. چڱن پٺيان چُٽَ ۽ چُٽَن پٺيان چڱا. (سنڌ، چوڻي)

    هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪڙو ملان رهندو هئو، جنهن جو گذر سفر ڀَڳَ- ڀُرَ تي هيو. ماڻهو مرندو هيو ته جنازي وهنجارڻ، نماز پڙهائڻ ۽ قبر ۾ لاهڻ وقت، قرآن بخشائڻ تي کيس چڱو خاصو ملي ويندو هيو.
    امير ماڻهوءَ جي مرتئي تي ته تمام ججهو مال ملندو هئس. غريب جي موت تي تمام ٿورو. ڪڏهن ڪڏهن ته پنڌ به پاڻيءَ ۾ هليو ويندو هئس. ان ڪري سدائين سڻڀي آساميءَ جي تاڙ ۾ رهندو هيو.
    ڳوٺ جو وڏيرو جڏهن قبر ۾ ٽنگون لڙڪائي ويٺو ته ھن به ٻاهر راڄ ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو. ڳوٺ جو وڏيرو اڄ سڀان تي هجي ۽ انهيءَ حالت ۾ ڳوٺ ڇڏڻ، معنيٰ نصيب کي پٺي ڏيڻ.
    مهيني کن جي انتظر کان پوءِ به، نه وڏيرو مئو ۽ نه منجو ڇڏيائين ته ملان جا گهر ويٺي ترائي لڳي ويا. راڄ جا به گهڻا ماڻهو موٽايا هئائين . تنهن ڪري نيٺ اندر سڙئي کان لاچار ڏينهن ٻن لاءِ راڄ ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيائين.
    راڄ ۾ هڪڙي پاسي، اٺ ڏهه ميل پري نڪري ويو. ڪٿان اَنُّ مليس. ڪٿان گيهه، ڪٿان تيل، ڪٿان رلهي ته ڪٿان ڇا. گهڻي وقت کانپوءِ راڄ ۾ آيو هيو، سو اوڳڙ چڱي ٿيس. کيس اٺ ڏهه ڏينهن لڳي ويا، موٽڻ جي به جلدي هئس.
    راڄ ڀيلي جڏهن موٽيو ته ڳوٺ جي ٻاهران ئي، ڳوٺ جو هڪڙو همراهه مليس. نه سلام نه ڪلام گڏه تي چڙهئي ئي اُپڪائي پڇيائينس؛ ”جاڙا خان! ڏي خبر ! وڏيري جي طبيعت ڪيئن آهي!“
    ”وڏيرو وڃي ربّ کي پرتو!“ جاڙي خان کيس تازي احوال کان آگاهه ڪندي ٻڌايو. ”ڪالهه ٽيجهو به ٿي ويس!“
    ”هان ! ابول!“ مان جو ته گهر ئي ڊهي پيو. تنهن هوندي به دل جهلي کانئس پڇيائين؛ ”وڏيرو گذاري ويو ۽ مون کي ڄاڻُ ئي نه ڪيائون!“
    ”تون هئين ئي ڪونه ته ڄاڻُ ڪٿان ڪنين!“
    ”ڏي خبر! نهراجُّ ڪنهن ڪرايس!“
    ”ملان ڦتوءَ!“
    ”اڙي ملان ڦتوءَ!“ ٻئي هٿ سٿرن تي هڻندي چيائينس؛ ”انهيءَ کي ته بضوءَ ڪرڻ جو به ڏانءُ نه ايندو آهي. مون وارا پٽ نه هئا ڇا؟“
    ”توهان مان ڪا پهر ئي ڪانه لڙي!“
    ”ابول! منهنجا پٽ ته ٿيا ئي نه! انهيءَ کي چئبو اٿئي ..... ” ٻئي چنبا منهن ۾ هڻندي چيائين؛ ”چڱن پٺيان چٽ ۽ چٽن پٺيان چڱا!“
    مطلب: وڍين پيٽان سڄا، سڄن پيٽان وڍيا.
    ۲- چڱن جو اولاد کري سگهي ٿو ۽ کريلن جو سڌري سگهي ٿو.


    73. چور به جهڙو ڪاڪو (ساهتي، پهاڪو)

    هڪڙي هندوءَ جي گهر مان چوري ٿي وئي. اتفاق سان سندس ننڍڙي ڇوڪري ان وقت جاڳي پئي ۽ چور کي ڏسي ورتائين. صبح جو گهر ڀاتي سجاڳ ٿيا ته ننڍڙيءَ کي بستري تي روئيندو ڏٺائون. ڇوڪري ڊنل هئي، تنهن ڪري کيس آٿت ڏنائون ته جيئن چور جي حليي بابت ٻڌائي سگهي.
    شام تائين ننڍڙي سرت ۾ آئي ته کانئس چور جي حليي بابت پڇيائون؛ ”چور ڪيئن هئو؟!“
    ”چور به جهڙو ڪاڪو!“ ڇوڪريءَ ورندي ڏني.
    مطلب: ۱- چورن کي مٿي تي سڱ ڪين ٿيندا آهن. ماڻهو ماڻهن جهڙا هوندا آهن.
    ۲- عهدو يا طاقت ملڻ سان ماڻهوءَ کي سڱ نه لڳي ويندا آهن.


    74. چور تي ايتري چٽي رکجي، جيتري پاڙو برداشت ڪري سگهي. (اردو، پهاڪو)

    هڪ شخص پاڙي وارن کي تپائي ڏنو هئو. ڪڏهن ڪنهن جي گهر جي چوري ته ڪڏهن ڪنهن جي. نيٺ جهلجي پيو، عدالت ۾پهتو ته جج صاحب، فيصلي جي فتويٰ ڏيڻ کان اڳ کانئس پڇيو؛ ”ڏوهه ته ڏاڍا ڪيا اٿئي، هاڻ تون پاڻ ئي انصاف ڪري ٻڌاءِ ته ڪيتري چٽي رکانءِ!“
    ”سائين ! اها خبر ته اٿو مان بيروزگار آهيان. پنهنجي ڪمائيءَ جو ڪوبه ذريعو ڪونه اٿم. ھاڻي.....“ چور هٿ ادب جا ٻڌندي چيو؛ ”ايتري چٽي رکو، جيتري پاڙو سهي سگهي“.
    مطلب:
    • مٿي تي رکيل بار جو وزن، نيٺ پيرن تي آهي.
    • ايتري ٻڌو، جو ساڪرو سٽ سهي سگهي.


    75. چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک! (سنڌ، پهاڪو)

    هڪڙي ڳوٺ مان هڪڙي ڀاڳئي جي چوري ٿي وئي، پوليس جي حال جي خبر هئس. تنهن ڪري تڪڙي FIR ڪٽرائڻ کان اڳ، پنهنجي منهن جاچ ڪيائين. بعد ۾ تر جي چڱي مڙس وٽ لنگهي ويو.
    چڱي مڙس کيس خاطري ڏني.
    چڱي مڙس کي به خاطري هئي ته چور ٻاهران ڪونه آيو هوندو. ڪو تر جو ئي چور هوندو، جنهن ڏَسَ تي چوري ڪئي هوندي.
    چڱي مڙس، ڳوٺ/ تر جي سمورن چورن ۽ ڪاٽڪن کي تاريخ مقرر ڪري پاڻ وٽ گهرايو. سدورا جڏهن ڪٺا ٿي قطار ۾ بيٺا ته چڱي مڙس کين چوري اوڳاڇڻ لاءِ چيو. جنهن تي ڪنهن به چور همت نه ساري ۽ سمورا پنڊ پهڻ بنيا بيٺا رهيا.
    آخر ۾ چڱي مڙس عرف لٺ- سردا، سڄيءَ قطار ۾ بيٺل همراهن کي ڇهپر وٽيندي ڪرڙيءَ اک سان ڏٺو ۽ رڙ ڪندي چيائين؛ ”بس! ٻيو ڪجهه ڪونهي! چور جي خبر پئجي وئي. چور سامهون ڏسڻ ۾ پيو اچي!“
    سندس انهن لفظن تي هر ڪنهن ڪن اُپڙا ڪيا. لٺ- سردار مٿان رڙ ڪري چيو؛ “چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک آهي!“
    قطار ۾ بيٺلن مان هڪڙي ڪک ڇنڊڻ خاطر پنهنجي ڏاڙهيءَ کي ڇنڊڪو ڏئي پاڻ کي ظاهر ڪري وڌو.
    مطلب:
    • چور کي اندر ۾ چوري پئي ککندي آهي.
    • چور ڪي داڙهي ۾ تنڪا – اردو


    76. چور چور ٿيندو آ، ٻلو ٻلو ٿيندو آ. (سنڌ، پهاڪو)

    هڪڙي گهر ۾ رات جو چور گهڙيو. اوندهه سبب هٿوراڙيون ڏئي هلڻ لڳو. اڻ ڏٺي ماحول سبب ڪنهن شيءِ تان ٿاٻڙيو ته کڙڪو ٿيو. مالڪ جاڳي پيو ۽ رڙ ڪيائين؛ “ڪير!“
    چور ڇڙهه هڻي بيهي رهيو.
    ”ڪير!“ مالڪ ٻيهر رڙ ڪئي، جنهن تي ٻلي ڇڪي تان هيٺ ٽپو ڏئي ميائون ميائون ڪندي هلي وئي.
    مالڪ سمجهيو؛ کڙڪو، ڇڪي تي ٻليءَ جي چڙهڻ ڪري ٿيو آهي. اهو گمان ڪري، سنئون نئون ٿي سمهي پيو.
    مالڪ کونگهرا هڻڻ شروع ڪيا ته چور به اڳتي رڙهڻ شروع ڪيو. ستت ڪنهن کٽ ۾ لڳو ته وري کڙڪو ٿيو. مالڪ کي سنڀال ٿي وئي. وري رڙ ڪيائين؛ ”ڪير!؟“
    چور ڇپ هڻي بيهي رهيو.
    مالڪ گهڻو ئي ”ڪير ڪير“ ڪيو پر ڪا چر پر نه ٿي ته پڪ ٿيس. ڪا گڙ ٻڙ آهي. ٻلي هجي ميائو ڪري، ڪتو هجي ڀونڪ ڪري، پڪ ماڻهو آهي، جيڪو ڇڙهه هڻي بيٺو آهي.
    ”ڪير! “ هيانءَ ڦاڙ رڙ ڪيائين.
    چور دل ۾ چيو، ”متان رڙيون ڪري، آڪهه جاڳائي! کيس ٻلي وانگر مطمئن ڪجي ته چڱو!“ اهو خيال پچائي پهرين گلو ٺاهيائين ۽ پو ڪيائين؛ ”ميائو!“
    ٻلي ۽ ماڻهوءَ جي ميائوءَ جو فرق صحيح ڪندي مالڪ لٺ کڻي اٿيو؛ ”ڪير!“
    ”ٻي ٻلي“؛ چور رڙ ڪئي.
    گهر- ڌڻيءَ لٺ ورائيندي چيس؛ ”چور چور ٿيندو آ، ٻلو ٻلو ٿيندو آهي“.
    مطلب: ڏوهي ڪيترو به پاڻ لڪائي پر نيٺ ظاهر ٿئي.
    ۲- ڏوهه لڪي نه سگهندو آهي.


    77. چورن سان چاهُ پئي، جي من ميڙ ڪيئي. پوندو ته ڪاٺِ، نه ته ڪوٺائبو ته سهي. (ساهتي، چوڻي)

    هڪڙو چور چرندڙ وڳ مان ڏاند چورايون، گس ڏنيو پئي ويو جو کيس هڪڙو اٻوجھ ڳوٺاڻو مليو. ڏاند ڪهرائڻ جي مدد لاءِ کيس چيائين.
    ”ادا! ڏاند ٽاهڙ آهي، اڄ ئي ورتو اٿم! جيڪڏهن ڪهرائي هلڻ جي مدد ڪرين ته تنهنجي مهرباني ٿيندي!“
    غريب واٽهڙو، کيس مسافر سمجهي واهروءَ طور ڏاند ڪهرائي هليو. اڃا ڳتي هليا ئي مس جو ڏاند جا مالڪ به پيرو کنيو اچي پُڳن. سڳ سوڌو کين جهليائون.
    ”مان بي ڏوهي هان! نيڪيءَ ڪندي ڦاٿو آهيان!ڳوٺاڻي رڙيون ڪندي چيو؛ “ مونکي ڇڏيو، اصل ڏوهي اهو آهي. ان کي پڪڙيو“.
    “سڳ سوڌو سوگهو ٿيو آهين! توکي ڪيئن ڇڏبو؟! ڏوهيءَ جي مدد ڪرڻ به ڏوهه آهي! جيڪڏهن بي ڏوهي آهين ته به ڪهڙي پڪ آهي؟”پيريءَ واٽ تان پيرو لڳڻ سبب شڪ طور کيس چيو؛
    ”چورن سان چاهه پئي، جي من ميڙ ڪيئي.
    پوندو ته ڪاٺ، نه ته ڪوٺائبو ته سهي“.
    مطلب: ۱- جهڙي صحبت، تهڙو اثر.
    ۲- صالحن جي صحبت توکي صالح ڪندي،
    طالحن جي صحبت توکي طالح ڪندي.
    ۳- چڱن سان چاهُ پئي، جي مَنَ ميڙُ ڪيئي.
    رڱجي ته لال ٿيندو، نه ته ڪڪوربو ته سهي.


    78. ڇا رٻ، ڇا بسم الله. (ٿر، پهاڪو)

    ناري پٽ جو هڪڙو همراھ ٿر ۾ ڪن واسطيدارن وٽ وڃي مهمان ٿيو. ميزبان ٻه ٽي ڏينهن خوشامد ڪيس. پوءِ ٿر جي عام دستور موجب کيس رٻ ڏيڻ لڳا، جيڪا مجبوراً کائڻي پئي پيس.
    ”ڇا رٻ ڇا بسم الله” ڏيهاڙي جي رٻ مان ڪڪ ٿيل مڙس، خار وچان چيو.
    مطلب: ۱_ڇا دال، ڇا بسم الله .
    ۲.ڇا ڇِٽو ڀَتُ، ڇا بسم الله.
    ۳ڇا پدي، ڇا پديءَ جو شوروو.
    ۴.خسيس / معمولي شيءِ لاءِ ڪهڙو پريشان ٿجي؟
    ڀيٽيو:ڇا ڪول، ڇا ڪول جو وزن؟


    79. ڇا ڪول ، ڇا ڪول جو وزن؟ (اردو، پهاڪو)

    هڪ درياه مٿان ڪاٺ جي پل ٻڌل هئي، جنهن تان ھڪ دفعي هڪَ ڪول ۽ ھڪُ هاٿي، گڏ لنگهي رهيا هئا. لنگهڻ وقت ڪول هاٿيءَ کي چتايو؛ ”متان تنهنجي وزن تي پل وڃي ڦهڪو ڪري. ”
    جڏهن ٻئي پل پار ڪري ويا ته ٻيءَ پهچي، ڪول ٿڌو ساه کنيو ۽ چوڻ لڳي؛ ”خداجو شڪر آهي جو اسان ٻنهي جي وزن سان هيءَ پل نه ٽٽي! ”
    ”ڇا ڪول ، ڇا ڪول جو وزن!”؛ هاٿيءَ ٽهڪ ڏيندي چيو.
    مطلب : ۱ ڇا پدي، ڇا پديءَ جو ٻوڙ.
    ۲ ڇا ڪوري، ڇا تراريون.
    ۳ ڇا راڄو، ڇا راڄ.


    80. حرام جيڪي کائيندا، بک ۾ سيئي اونائيندا. (ساهتي، چوڻي)

    هڪڙو چور ڪنهن ڳوٺ مان کاٽ هڻي، سوئا مينهن ڦَرَ سميت ڪڍي آيو. گهر ۾کيرائت مينهن آئي ته جوڻس ڏاڍي خوش ٿي. شام جو چونئري کير جي ڏُهي، ٻارن کي پيئارڻ لاءِ سڏيا ئين ته مڙسهنس جهليس؛ ”چوريءَ جي مينهن جو کير ٻچن کي نه پيار! ”
    ”پوءِ هيترو کير ڀٽارو، ڪاڏي زيان ڪيان! ”
    ”ڪتيءَ جي گلرن کي پيار! ” گهر ۾ موجود، تازي ويايل ڪتيءَ جي گلرن ڏانهن اشارو ڪندي چيائين. ڏاڍو ڪُرڪَڻ ڪُسڪڻ بعد، مائيِ ڪتيءَ جي ٻچن کي کير پياريو.
    ڏينهن ٻن کانپوءِ ڀاڳيا به پيرا کڻي اچي پهتا ۽ زورن تي مينهن ڦَرَ سميت ڪاهرائي ويا.
    شام جو جڏهن ڪتيءَ جي گلرن کي کير نه مليو ته اونائڻ لڳا.
    ”اهو کير اسان جا ٻچا پيئن ها ته اڄ اهي به ائين اونائين ها! ”؛ گلرن جي حالت ڏسي، مڙس زال کي چيو؛ ”حرام جيڪي کائيندا، بک ۾ سي ئي اونائيندا”.
    مطلب: حرام کائڻ وارو آخر جنجال ۾ پوي ٿو.


    81. خدا تعاليٰ ڇپر ڦاڙي ڏئي ٿو. (هندي ،چوئي )

    هڪڙو بادشاھه جهنگ ۾ لشڪر کان وڇڙي ويو ۽ وڃي هڪڙي جهوپڙيءَ ۾ پهتو. اڃ بک ڏاڍي لڳي هيس. جهوپڙيءَ جي مالڪ هاريءَ کيس پاڻي ماني ڏنو. ٻالنگهه ٿيس. موڪلائڻ وقت کيس ٻڌايائين؛ ”مان بادشاھه آهيان....اَڙيءَ اُڌيءَ ۾ ضرورت پوئي ته مون وٽ بي ڌڙڪ هليو اچجانءِ.”
    ٻئي سال قحط پيو. جهنگ ۾ رهندڙ انهيءَ هاري وٽان به اَنُّ کپي ويو. کيس بادشاھه واري ڳالھ ياد آئي ۽ درٻار ۾ اچي پهتو. بادشاھه ان وقت جمعي جي نماز پڙهڻ ويو هو، اهو ٻڌي هيءَ به نماز پڙهڻ ويو. نماز بعد ڏٺائين ته بادشاھه پاڻ به هٿ کڻي خدا کان پني رهيو هو. يڪدم خيالُ مٽيس. دل ۾ چيائين؛ ”جنهن کان بادشاھه پيو گهري مان به سڌو سنئون ان کان ڇونه گهران.”
    دعا گهري ڳوٺ ڏانهن راهي ٿيو.
    رستي ۾ ٿڪجي هڪڙي وڻ هيٺان ستو ته خواب ۾ نياءٌ ٿيس؛ ”وڻ هيٺان ديڳ دنيا جي پوريل آهي ! کوٽي کڻ ! ”
    سجاڳ ٿي وڻ هيٺان کوٽيائين ته ناڻي سان ڀريل ديڳ هٿ آيس. چانديءَ جي سڪن ۾ ڏاڍو وزن هو، کڻڻ واري ڳالھ منجهائي وڌس.
    منجھيو ويٺوھو ته چار چور اچي لانگھائو ٿيا. ناڻو ڏسي بئھو رھيا. لالچ ۾ اچي کيس ٻه چار چنبا هڻي ڀڄائي ڪڍيائون. پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ ديڳ جو ڍڪ کوليائون ته اندران نانگ ۽ وڇون نڪرڻ لڳا. يڪدم ڍڪ بند ڪيائون ۽ چوڻ لڳا؛ ”اهو همراهه جادوگر هو! جادوءَ جي زور تي ناڻي کي نانگ بلائون ڪري ويو آهي ڇو نه ساڻس جوڳي جٺ ڪجي! ”
    چارئي ڄڻا ڪلهن تي ديڳ کڻي سندس پيرو وٺيون هليا . هاريءَ جي جهوپڙيءَ مٿان ديڳ سميت چڙهي ويا. ڇت کي سوراخ ڪري ديڳ ئي کڻي نايائون.
    ”بيشڪ!” هيٺان ستل هاريءَ، ڇت مان ٽِمندڙ ناڻو ڏسي چيو؛ ”خدا تعاليٰ ڇپر ڦاڙي ڏئي ٿو“.
    مطلب؛ خدا تعالي نوازڻ لاءِ وسيلي جو محتاج ناهي.


    82. خيراتون اهي ڪن، جيڪي کجين تي چڙهن! (سرو، پهاڪو)

    هڪڙو همراهه کجين جي باغ ۾ ويو. اتي هڪ ڊگهي کجيءَ ۾ گهڻا ۽ سٺا ڏوڪا نظر آيس. نه ڪيائين هم نه تم، ديڪدم مٿي چڙهي ويو. هڪڙو سٺو ڇڳو جاچي منجهانئس سٺا سٺا ڏوڪا چونڊي کائي ڍئو ڪيائين.
    چڙهڻ وقت پيٽ خالي هئس ۽ جسم هلڪو هئس. تنهن ڪري نوريئڙي وانگر مٿي چڙهي ويو. جڏهن ڏوڪا کائي پيٽ ڀريائين ته پاڻ کي ڳورو به محسوس ڪيائين ۽ هوش به آيس ته ويهه پنجويهه هٿ مٿي سنهيءَ ڪاٺيءَ تي چڙهيو بيٺو آهيان. لھڻ جي ڪيائين ته ڊڄي ويو. لهي نه پئي سگهيو. اتي يدڪم الله ياد پيس ۽ وٺي سڏ ڪيائين؛ “الله سائين! کجيءَ تان سلامت لهان ته تنهنجي نالي تي ڊڳي ڪهندس!“
    ٽئين حصي پنڌ تي پهتو ته چوڻ لڳو؛ ”هتان خير سلامتيءَ سان هيٺ لٿس ته ڪڪڙ ڪهي، خير ۾ ڏيندس!“.
    جڏهن اٺين حصي تي پهتو ته کڻي کيڙهيءَ ۾ ٽپ ڏنائين ۽ گوڏن ڀر وڃي ڪريو. چوڻ لڳو؛ ”خيراتون اهي ڪن، جيڪي کجيءَ تي چڙهن!“ ڪپڙا ڇنڊيندي ۽ کجيءَ ڏانهن نهاريندي چوڻ لڳو؛ ”مان نه چڙهان نه خيرات ڪيان“.
    مطلب: دل جي تمنا پوري ٿيڻ بعد، الله وسريو وڃي.
    ۲- من اندر جا لوچ، سا ملڻ سان ماٺي ٿئي.


    83. دانگي تپي ڇهه مهينا ته ضدي مهمان کپي ٻارنهن مهينا. (سرو، پهاڪو)

    هڪڙو مهمان هڪڙي مائٽ جي گهر اچي ٽڪيو ته وڃڻ جي وائي ئي نه پئي واريائين. روز چوي؛ ”اڄ ٿو وڃان!“
    صبح جو کائي پي، موڪلائي نڪري، وري شام جو ڪن ڪڍيو بيٺو هجي، چي؛ “ گاڏي نڪري وئي!“
    هڪ ڏينهن گهر ڌياڻيءَ علي الفجر جو اٿاري چيس؛ ”اڄ سوير وڃ ته گاڏي ملئي!“
    ”ماني- ڀورُ پيٽ ۾ وجهي نڪران ته چڱو!“ آرس ڀڃندي مهمان چيو؛ ”وڏو پنڌ لتاڙڻو آهي!“
    مائي خار ۾ ماني پچائڻ لاءِ چلهه تي اچي ويٺي ۽ چلهه کي چوڻ لڳي؛ ”تپ ڙي دانگي ڇهه مهينا“.
    ”کپ ڙي مهمان ٻارنهن مهينا.“ مهمان به، ترڪي به ترڪي جواب ڏيندي چيس.
    مطلب:- ۱- جيڪڏهن تون ٿورو سست آهين ته مان ٻيڻو آهيان.
    ۲- هڪ ڏينهن مهمان! ٻئي ڏينهن بلائي جان.
    ۳- پهرئين ڏينهن مهمان کي مکڻ، ٻئي ڏينهن مهي.
    ٽئين ڏينهن ڏجيس، بجو منهن ۾ گَهِي.
    ۴- مهمان ۽ مڇي، ٽئين ڏينهن کان پوءِ ڌپ ڪرڻ لڳن ٿا. (رشين)


    84. دعا به لڇڻن واري کي لڳندي آھي. (سرو، چوڻي)

    هڪڙي مولوي صاحب جا دعائون ۽ تعويذَ، گهڻن ماڻھن کي لڳندا هئا.
    هڪ دفعي هڪڙي ميري گدلي/ڇيڳري مائي به وٽس تعويذ لکرائڻ لاءِ آئي ۽ چوڻ لڳس؛ “مولبي صاحب! مرس نه ٿو ٺهي! ڪتاب پٽي ڪو تاويز (تعويذ) لکي ڏي ته مڙس ٺهي هليم“.
    مولوي صاحب ٻه تعويذ لکي ڏنس.
    ”هڪڙو پنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌجانءِ ۽ ٻيو پاڻيءَ ۾ پُسائي، مڙس کي پيارجانءِ!“ استعمال جو طريقو ٻڌائيندي چيائينس؛ ”پاڻ کي به صاف سٿرو رکجانءِ!“
    اٺين ڏينهن ساڳي مائي وري موٽي آئي ۽ تعويذن بابت شڪايت ڪندي مولوي صاحب کي چوڻ لڳي؛ ”مولبي صاحب! تاويزن ته اثر ئي نه ڪيو“.
    ”مائي! جيستائين تو وارو اڻ ڌوتل منهن ۽ ميرا لٽا نه مٽبا، تيستائين منهنجا تعويذ اثر نه ڪندا.“ مائي جي جسم مان اٿندڙ ڌپ کان نڪ تي هٿ رکندي، مولوي صاحب چيو؛ ”دعا به لڇڻن واري کي لڳندي آهي!“
    مطلب:۱- اڻ سڌي رستي تي هلڻ کان، سڌي رستي تي هلڻ چڱو آهي.
    ۲- دعا سڳي کان، لڇڻ ۾ اثر وڌيڪ آهي.


    85. دنيا ۾ دوڌ کان دوڌ، پاني ڪا پاني آهي. (هندي ، پهاڪو/چوڻي)

    هڪڙو کير وارو کير ۾ ملاوت ڪندو هيو. کير ۾ اَڌَ تي اَڌُ، پاڻي گڏيندو هيو. هڪ ڏينهن کير کپائي، ٿيتين کان مهيني جي اوڳاڙي ڪري ڳوٺ پئي موٽيو ته واٽ تي ٻيڙيءَ نه هئڻ سبب پتڻ تي انتظار ڪرڻو پيس.
    هڪڙي وڻ هيٺان ٻين کير وارن سئين انتظار ۾ ويهي رهيو. جهٽ پلڪ ڪانه گذري جو انهيءَ وڻ تي ويٺل باندر ٽپو ڏئي، پئسن واري ڳوٿري ڦري مٿي کڻي ويو. هن گهڻي ئي لٺيون اڀيون ڪيون پر باندر هڪ به نه ٻڌس. آرام سان مٿي وڻ تي چڙهئي پئسن واري ڳوٿري کولي هڪ هڪ نوٽ ڪري اڇلڻ لڳو. نوٽ اهڙيءَ طرح اڇلايائين جو هڪڙو نهر ۾ ته، ٻيو کير واري ڏانهن پئي ڪريو. انهيءَ تي کير وارو رڙيون ڪندو رهيو. جڏهن اها بندر بانٽ پوري ٿي ته ٻين کير وارن صبر ڪرڻ لاءِ چيس؛ ”کير ۾ پاڻي نه وجهين ها ته اڄ اهي ڏينهن نه ڏسين ها!“ هڪڙي کير واري نصيحت ڪندي چيس؛ ”دنيا ۾ دوڌ ڪا دوڌ ، پاني ڪا پاني آهي!“
    مطلب:۱- حرام جي رستي سان آيل مال، حرام جي رستي ۾ وڃي ٿو.
    ۲- پئسو جهڙي تاوَ سان اچي ٿو، تهڙي ئي تاوَ سان هليو وڃي ٿو.
    ۳- ملاوٽ ۽ ڪُساد بازاري ڪرڻ واري کي ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.


    86. دولت نُهن کان ماس وڇوڙي. (هندي، پهاڪو/چوڻي)

    هڪڙي همراهه پنهنجي سنگتيءَ کان چڱي خاصي رقم اڌاري گهري. اڳلو ڏئي نه سهگيو. نتيجي ۾ ٻئي هڪ ٻئي کي منھن ڏيکارڻ کان هليا ويا.
    ڳپل وقت کان پوءِ راه ويندي هڪ ٻئي سان مليا.
    ”واه يار واه!“ قرض گهرندڙ ميار ڏيندي چيس؛ ”ڇا چار ڪوڏيون قرض جون گهرين آهن، ڇا منهن ڏيکارڻ کان به هليو ويو آهين. لاشريڪ کان گهرجي ها، سو به ائين نه ڪري ها. تو مان اها اميد نه هئي.”
    ”تو مان به اها اميد نه هئي!“ سنگتيءَ ڏوراپو ڏيندي چيس؛ ”چئن ڪوڏين جي نه ملڻ ڪري سالن جي سنگت ئي ڇڏي وئين!“
    ”ها ادا ها! هاڻي ڏوهي به وري اسان ٿياسون! توڏي ڏوهه ئي ڪونهي!؟“ جرح ڪندي چيائينس؛ ”دولت نُهن کان ماس وڇوڙي“.
    مطلب:دنيا ۾دولت ۽ ملڪيت سبب ئي وڇوڙا ٿيا آهن.
    ۲- زر، زمين ۽ زن ، جهيڙي جوڀن.


    87. ديڳڙا ويامندا ته مرندا به. (سنڌ، پهاڪو)

    هڪڙي همراه پاڙي واري کان هڪ ڏينهن لاءِ ديڳڙو گهريو؛ ”ادا! اڄ مهمان آيا آهن، ٻوڙ رڌڻ لاءِ ديڳڙو کپي!“
    پاڙي واري جو اڳي آزمايل نه هئو، تنهن ڪري ڊڄندي ڊڄندي جست جو اڌوراڻو ديڳڙو آڻي ڏنائينس ۽ پارت ڪندي چيائينس؛ ”ادا! ديڳڙي موٽائڻ جي پارت هجئي. اسان وٽ اَڙِيءَ اُڌِي اهوئي هڪڙو ديڳڙو آهي. جيئن ئي اُڪلائي واندو ڪرين ته موٽائڻ جي ستت مهرباني ڪجانءِ!“
    ”ادا ! تون گهٻراءِ نه! پاڙي جا آهيون، ائين ٿوروئي ٿيندو!“
    ٻئي ڏينهن ديڳڙو واپس ڪرڻ آيو ته منجهس جست جي ننڍري ديڳڙي به وجهيو کنيو آيو. ننڍڙي ديڳڙي ڏسي مالڪ چيس؛ ”ادا هيءَ ننڍڙي ديڳڙي ته مون توکي ڪانه ڏني هئي!“
    ”ها ادا! تو ته واقعي نه ڏني هئي پر رات تو وارو ديڳڙو اسان وٽ ويامي پيو ۽ اها ديڳڙي ڄڻي وڌائين. پرائي شيءِ اسان ڪاڏي ڪندا سين، هونئن به ٻچو ماءُ کانسواءِ رهي نه سگهندو. تنهن ڪري پنهنجي امانت سنڀالي وٺو!“
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري اچي سوال ڪيائينس؛ “ ادا! اڄ وري مهمان اچي ڪڙڪيا آهن! ديڳڙو کپي! معاف به ڪجو! اوهان کي سدائين تڪليف به ڏيندا آهيون!“
    ”نه سائين تڪليف جي ڪهڙي ڳالهه آهي!“ پاڙي واري مروت ڏسندي چيس؛ ”کوڙ ديڳڙا! گهڻا کپن ڇا؟“
    ”وڏا هجن ته ٻه ڪافي آهن. ننڍا هجن ته پوءِ چار پنج ڪافي ٿيندا!“ مٿان لانگ رکندي چيائين؛ ”جيڪڏهن تڪليف سمجهو ته پوءِ ضروت ناهي!“
    ” نه سائين! پاڙي ۾ ڇا جي تڪليف آهي. هڪ ٻئي ۾ پاڙي پتيءَ جي ڪري ڪم ڪاريون پيا پوندا آهن. اڄ توهان جو سڀاڻي اسان جو ڪم پئجي سگهي ٿو. توهان اتي ئي ترسو! مان بيٺي پير ٿو موٽان!“
    تڪڙو گهر ويو ۽ چار پنج ٺاهوڪا ٽامي جا ديڳڙا کڻي آڻي ڏنائينس.
    ٻن ٽن ڏينهن گذرڻ کانپوءِ، نه ديڳڙا ۽ نه ٻچا مليا ته مالڪ کي اڻ تڻ ٿي پئي. پاڙي واري وٽ لنگهي ويو ۽ پڇيائينس. ”ادا ديڳڙا نه موٽيا! دل ۾ چيم ته اوهان کي يادگيري ڏياريان!“
    ”ها ! ادا بلڪل ياد آهن. مان پاڻ آيس پئي اوهان کي ٻڌائڻ! اوهان اجايو تڪليف ڪئي، در اصل ڇاهي جو!“ .... ٻوٿ ڀيلو ڪندي چيائينس؛ ”اوهان وارا سمورا ديڳڙا، اڳين رات مري ويا! مون کين ٿڏي تي ئي دفنائي ڇڏيو!“
    ”ادا ڪهڙيون چرين واريون ڳالهيون پيو ڪرين!“ ديڳڙن جي مالڪ حيران ٿيندي چيس. ”ديڳڙا به مرندا آهن ڇا؟!“
    ”ادا! تون به ڪو سادو ٿو ڏسجين!“ مالڪ تي ڏاڏر ڪندي چوڻ لڳو؛ ”ديڳڙا ويامندا ته مرندا به“.
    مطلب: ۱- بي اصولي فائدي وقت نظر نه ايندي آهي، نقصان وقت نظر ايندي آهي.
    ۲- جتي لوڀي هجن، اتي ٺوڳي بک نه مرن.
    ۳- لوڀيءَ سندي راڄ، ۾ ٺوڳي مري نه بک.


    88. ڌڻي تعالي هر هنڌ موجود آهي (هندي، چوڻي)

    هڪڙا ٻه سنگتي هڪڙي ڪامل درويش وٽ هدايت وٺڻ لاءِ ويا. درويش ٻنهي کي هڪ پکي ڏنو ۽ تاڪيد ڪندي چيائينِ؛ ”پکي اتي ڪهي اچو، جتي اوهان کي ڪير به نه ڏسي!“
    شام ڌاري هڪڙو سنگتي پکي ڪهي آيو ۽ ٻيو جيئرو موٽائي آيو.
    “مون پکي اتي ڪٺو آهي، جتي پکي پکڻ به ڪين هيو.” ڪهي اچڻ واري پنهنجي صفائيءَ ۾ چيو.
    ”تون ڇو نه ڪهي آئين؟“ نه ڪهي اچڻ واري کان درويش پڇيو.
    ”مان جتي به ويس پئي، اتي ٻيو ڪير نه هو ته ڌڻي سڳورو ضرور موجود ھئو. جنھنڪري مون پکي ڪونه ڪٺو! ” وضاحت ڪندي چيائين؛ ”ڌڻي تعاليٰ هر هنڌ موجود آهي“.
    مطلب: خدا تعالي ئي هر وقت، هر هنڌ، حاضر ۽ ناظر آهي.


    89. ڌوٻيءَ جي گهران وڃي ڇوو، ڪپڙو ڦاٽي مالڪ جو. (سنڌ، پهاڪو)

    سنگت جي ريس ۾ هڪڙي غريب به پنهنجا ڪپڙا ڌوٻيءَ کي ڌوئڻ لاءِ ڏنا . ٻئي ڏينهن ڌوٻي گهاٽ وٽان اچي لنگهيو، جتي ڌوٻيءَ پٿرن مٿان بيدرديءَ سان ڪپڙا پئي سٽيا. جنهن ڪري ڪيترائي ڪپڙا ڦاٽا پئي. ايتري ۾ سندس ڪپڙن جو به وارو آيو. ٻن ٽن سٽڪن سان اهي به هلي پيا. ڪپڙن سان اهو لقا ڏسي ڏک ٿيس.
    ”گهوڙا!“ رڙيون ڪري چوڻ لڳو؛ ”منهنجا ڪپڙا ڦاٽي ويا! مون سان ظلم ٿي ويو“.
    سندس رڙين تي ماڻهو اچي مڙيا، جن ڌوٻيءَ کان ڪپڙا وٺي ڏنس، اڃا به رڙيون پئي ڪيائين ته هڪڙي همراه آٿت ڏيندي چيس؛ “ ڌوٻيءَ سان به ناحق ٿيو آهي! کيس ڌوراڻي ته ملي ئي نه!“
    ”ڌوراڻي نه ملڻ جي ڪري ڌوٻيءَ کي ڪهڙو نقصان ٿيو آهي؟ ” تکو پوندي چوڻ لڳو ”ڌوٻيءَ جي گهران وڃي ڇووو، ڪپڙو ڦاٽي مالڪ جو!“
    مطلب: ۱۴- ڌوٻي ڌوئي، مالڪ روئي.
    ۲- هنڌ اهو سڙي، جت باه ٻري.
    ۳- ڪاٺ پرائي ماه ۾، ڪپهه کان به ڪنئرو.
    ۴- مامي جي گهر مهمان ، منهنجي دل کي نه لهر نه لوڏو.
    ۵- ٻئي جي زيان جو احساس گهٽ ٿيندو آهي.


    90. ڏاند ته ڪاھي ويو جمعو، اسان ائين به نه چئون. (پھاڪو)

    ھڪ ڳوٺ مان ھڪڙي ڀاڳيي جو ڏاند چوري ٿي ويو. ڀاڳيو، واھر سميت چورن ۽ ڏاند جا پيرا کڻي اچي، ھڪ ڳوٺ ۾ پھتو. ان ڳوٺ جي ھڪ ھمراھ چور کي ڏٺو ھيو ۽ سڃاڻندو به ھيس. اتفاق سان پيراڍن پڇيو به اچي کانئس؛ ”ٻڌاءِ تو اسان جو ڏاند ته نه ڏٺو؟“ ھمراھ منجھي پيو. دل ۾ چيايين؛ چور جو نالو وٺندس ته ٻئي ڏينھن منھنجي گھر کي کاٽ لڳندو. حق سچ کي لڪائيندس ته ڌڻيءَ وٽ ڏوھي ٿيندس. بھتر آھي ته وچ وارو رستو اختيار ڪندي، پاڻ به بچايان ۽ ڀاڳين کي به چور جو ڏس پتو ڏئي وڃان ته جيئين کين پنھنجي شيءِ ملي وڃي. وچون رستو اختيار ڪندي چيائين؛ ”ڏاند ته ڪاھي ويو جمعو، اسان ائين به نه چئون.“
    مطلب؛ ۱- پاڻ به بچائي وڃڻ ۽ واھرن کي به چور جو پتو ڏئي وڃڻ.


    91. ڏوهاريءَ جي من ۾ سڀ ڪو سندس گلا ٿو ڪري. (ساٿي، پهاڪو)

    هڪڙي ڇوڪراٽ واڻئي، پاڙي واري جو ڇيلو چوري ڪري جهنگ ۾ وڃي ٿمايو. سمجهيائين ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ اها ڳالهه ماڻهن کان وسري ويندي. پوءِ وڃي پِڙيءَ تي کپائيندس. پهرينءَ باهه ۾ پڙيءَ تي پهچائڻ سان جهلجڻ جو خطرو هئو ۽ بها به گهٽ ملي ها.
    هاڻي ڪنهن به اوطاق، دڪان يا ماڻهن واري جاءِ تي اچڻ کان پهريائين ڪَنُ لائي بيهي، تسلي ڪري پوءِ ڪچهريءَ ۾ايندو هيو. يا اتان اٿي ايندڙ کان موضوع بابت پڇي پڪ ڪري پوءِ ويندو هيو.
    ”ڪهڙي ڳالهه پئي هلي!“ جيڪو ڪنهن ڪچھري مان اٿي اچي، ان کان پڇي.
    ”زماني جي ڳالهه پئي هلي!“ ڪچهريءَ مان اٿي ايندڙ چويس.
    ”ٻي ڪهڙي ڳالهه پئي هلي؟“ تجسس مان پڇيس.
    ائين گهڻيون ڳالهيون پڇڻ جي باوجود تسلي نه ٿئيس ته نيٺ پڇي ويهي؛ ”ڇيلي واري ڳالهه ته نه پئي هلي؟“
    ”ڪهڙي ڇيلي واري؟“ ڪچهريءَ مان اٿي ايندڙ پڇيس.
    ائين جنهن کي نه خبر، تنهن کي به خبر پئجي وئي.
    هڪڙي همراه ڳٿڙ کان جهلي پڇيس؛ ”اهو ڇيلو تو ته چوري نه ڪيو آهي؟“
    ”توکي ڪيئن خبر پئي؟“
    ”تون جو هر ڪنهن کان پيو ٿو ٽهين ۽ ڇيلي جي ڳالهه پڇين! هونئن به ....”همراهه وضاحت ڪندي چيس. “ڏوهاريءَ جي من ۾، سڀ ڪو سندس گلا ٿو ڪري“.
    مطلب: چور کي پنهنجو اندر کائيندو رهي ٿو.


    92. ڏوهٽا وڌندي جا ويري آهن. (ساهتي، چوڻي)

    هڪڙو ڪراڙو، اکين کان وڏو هئو، هڪ ڏينھن پوٽي ۽ ڏوهٽي کي گهمائڻ لاءِ نڪتو. هڪڙي ڪلهي تي پوٽي کي ته ٻئي تي ڏوهٽي کي ويهاريائين. رستو ڏيو پئي ويو ته کيس هڪ هنڌ شڪ پيو ته اڳيان کڏ يا کاهي آهي.
    ”ابا!“ ڪلهي تي ويٺلن کان پڇيائين؛ ”اڳيان کڏ ته ناهي!“
    ”نه نانا! نه!“ ڏوهٽي ورندي ڏنس؛ ”سڌو هليو هل! رستو صاف آهي. کڏ ٻڏ ناهي!“
    ”نه ڏاڏا! کڏ ٿئي!“ پوٽي يڪدم رڙ ڪندي چيس؛ “سڌو نه هلجانءِ، پاسي کان هلجانءِ!“
    پوڙهو منجهي بيهي رهيو. انهيءَ ٻڏتر ۾ منجهيو بيٺو هئو جو ڀر مان لنگهدڙ هڪڙي واٽهڙوءَ چيس؛ ”ڪراڙا! اڳيان کڏ اٿئي، خيال سان! وڃجانءِ!“
    ”ابا سچ ٿو چوين!“ ڪراڙي واٽهڙوءَ کي چيو؛ “ڏوهٽا وڌندي جا ويري آهن.”
    مطلب: ۱- ڏوهٽاڻ، ناني کان وڌيڪ، ڏاڏي سان سچو ٿيندو.
    ۲- ڏوهٽاڻ پيٽاڻ، وڌندي جا ويري.
    ۳- کائي پي ڏوهٽا، سڏائيندا ڏاڏي پوٽا.


    93. ربُّ ريجهائڻ سولو، رنان ريجهائڻ ڏکيو. (سرو، چوڻي)

    هڪڙي بزرگ کي پهرين زال مان اولاد ڪونه هيو. جواني به لڙندي پئي ويس. تو مان صلاح ڏنس؛ “جيڪڏهن انهيءَ گهرواريءَ جي نصيب ۾ اولاد ناهي ته اوهان کڻي ٻي شادي ڪيو. ٿي سگهي ٿو، اوهان جي نصيب ۾ اولاد هجي!”
    بزرگ ٻي شادي ڪرڻ جو اظهار فرمايو ته کيس نئين ننڍي ڪنوار ملي وئي. وڏيءَ گهرواريءَ کي جاءِ جي هيٺئين طبقي ۾ ته ننڍيءَ کي مٿئين طبقي ۾ رهائڻ لڳو. انصاف ته گهڻيئي ڪندو هيو پر دل جو ڪانڍو نئينءَ ڏانهن سرس هئس. اها ڳالهه پهرينءَ زال کي نه وڻندي هئي.
    فجر نماز لاءِ ننڍيءَ زال وٽان لهندو هيو ته وڏي تهجد پڙهي، ڏاڪڻ وٽ قرآن شريف جو دور پئي ڪندي هئي. ڏسڻ شرط هٿ وٺي قرآن تي رکائيندي چوندي هيس؛ “هيءُ اکر ته ٻڌاءِ!”
    بجاءِ ناراض ٿيڻ جي بزرگ به قرآن تي آڱر رکي کيس اکر ٻڌائي، پوءِ روانو ٿيندو هيو.
    اها ڳالهه تو مان جي وات به وڃي پهتي. هڪ ڏينهن بزرگ کان پڇيائون؛ “سائين! صبح جو اٿڻ مهل، ماڻهوءَ جي حالت پليديءَ واري هوندي آھي. ان حالت ۾ اوهان قرآن تي آڱر رکي اکر ٿا ٻڌايو! اهو ڏوهه جو ڪم ناھي؟!“
    ”ابا! واقعي الله جو ڏوهه ٿا ڪيون! الله جلَّ جلاله پوءِ به غفور رحيم آهي!” ٿڌو شوڪارو ڀري چيائين؛ “اللھ راضي ڪرڻ سولو، رنان راضي ڪرڻ ڏکيون.”
    مطلبۡ ۱- خدا تعالي کي ريجهائڻ تمام آسان آهي.
    ۲- عورت تمام ضدي آهي، ان جي دل رکڻ ضروري آهي.


    94. رن چشڪي هري، رکي آرتوار. (هندي ، پهاڪو)

    هڪڙي زال گهر ۾ ڪنهن ڳالهه تان مِٽون ڦوڪي ويهي رهي. شام تائين، نه ڪجهه کاڌائين نه ڪجھ پيتائين. مڙسهنس گهر ۾ آيو ته به ڊول سڄايو ويٺي رهي. گهرڻ تي ماني ته مڙس کي ڏنائين پر پاڻ نه کاڌائين. دل رکڻ خاطر مڙس پڇيس؛ “ڀلا! تون ماني نه کائيندين!”
    “نه!” رکائيءَ مان جواب ڏنائينس.
    “ڇو؟ خير ته آهي؟”
    “مون آرت وار رکيو آهي.” يڪدم جواب ٺاهي ٻڌايائينس.
    هندن جو آرت وار /ورت/روزو به ڊگهو ٿيندو آهي. جيستائين ورت کلڻ جو وقت ٿئي، تيستائين بک پاهه ڪري وڌس. شام تائين اکيون ئي ڏار ڏئي ويس. مڙسهنس کي مٿس جهٻو اچي ويو ۽ ورت ويلي بازار مان جليبيون، کير پڙا، فروٽ ۽ سموسا وغيره وٺي آيو. مائيءَ کائي ڏاڍو چڙهه ڪيو.
    ٻوٿ سڄائڻ مان کائي ڏٺائين ته ٻئي ڏينهن به چَپُ چَپَ تي چاڙهي ويهي رهي. انهيءَ حرڪت تي مڙس کي به ڪاوڙ اچي ويس. بازار مان مال مليدا ته نه وٺي آيس، هٿائين ڀر ۾ بيهي ٽوڪيندي چيائينس؛ “رن چشڪي هري، رکي آرتوار.”
    مطلب: جيڪو جنهن طريقي سان کائي ڏسي ٿو، سو سدائين اهو طريقو اختيار ڪري ٿو.
    ۲- عادت ڇڏي نه عادتي، علت مور نه جاءِ،
    اٺ پوي ڪڻڪ ۾، جُواسا چُڻ چُڻ کاءِ.
    ۳- لالچ بري بلا آهي.


    95. رنن زالن جا ڪهڙا جمعا؟ (سنڌ،پهاڪو)

    هڪڙي ڳوٺ ۾ جر جو پاڻي ٻاڙو هيو. پيئڻ لاءِ هر ڪو ڳوٺ جي ڀرسان وهندڙ واٽر ڪورس تان پاڻي ڀري ايندو هو. جڏهن ته ڌوپُ ڌَڙُ ۽ وهنجڻ سانجڻُ اتي ئي ڪري ايندو هو.
    هڪڙي جمعي تي ڳوٺ جون مايون، وهنجڻ ۽ سانجڻ لاءِ واٽر ڪورس تي پئي ويون. هڪڙي رنڙ، سهيلين جي زور ڀرڻ جي باوجود، هلڻ کان پِڙُ ڪڍي بيهي رهي.
    “ادي! جمعي سندي ڏينهن به لڱ نه ٿي آگهارين!” هڪڙيءَ سهيليءَ هجائتو ٿيندي چيس؛ “جمعي جي ڀلاري ڏينهن تي وهنجڻ ثواب آهي.”
    “ادي ڪهڙيون ٿي جمعي ۽ ثوابن جون ڳالهون ڪرين!” نه هلڻ جو سبب ٻڌائيندي چيائينس؛ “رنن زالن جا ڪهڙا جمعا؟”
    مطلب:۱- غريب جو ڪهڙو ڪم، اميراڻن کٽراڳن سان.
    ۲- غير وسطيدار ماڻهو، معاملي ۾ دلچسپي ئي نه وٺندو آهي.


    96. ريڍار اڳيان رباب، وڄائڻ مان نه وري نه سري. (هندي، پهاڪو)

    هڪڙي مڱڻهار جي ريڍار سان سنگت هئي. زماني جي گردشن سبب هر ڪو پنهنجيءَ ڪرت ۾ لڳي ويو. ريڍار رڍون چاريندي ڍڻ وڌائيندو، ترقي ڪندو، هڪ ڏينهن خدا جي مهربانيِ سان هڪ علائقي جو راجا ٿي ويو.
    اها ڳالهه، هڪ ڏينهن مڱڻهار ٻڌي ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ رباب کڻي راجا جي محفل ۾ اچي پھتو. سمجهيائين پئي؛ “رباب وڄائي راجا کي ريجهائيندس ۽ ھو خوش ٿي مون کي وڏا تحفا، خرافاتون ۽ خلعتون عطا ڪندو.”
    راجا جي درٻار ۾ ڳائڻ جو موقعو ته ڪيترائي دفعا مليس پر من جي مراد ڪافي وقت گذرڻ کانپوءِ به پوري نه ٿيس. هڪ ڏينهن درٻار مان نااميد ۽ نراس ٿي واپس وڃي رهيو هو، جو هڪ درٻاريءَ پڇيس؛ “تون سٺو ڳائيندڙ ۽ وڄائيندڙ آهين. تو جهڙا ڳائڻا وڄائڻا ته ههڙين محفلن ۽ درٻارن جي سونهن ۽ زينت هوندا آهن. پوءِ ڇو نراس ٿيو واپس ٿو وڃين؟ ٻاهر ته توکي ڳائڻ وڄائڻ جو موقعو به ڪين ملندو!”
    “ريڍار اڳيان رباب، وڄائڻ مان نه وري نه سري!” مڱڻهار نااميديءَ جو سبب ٻڌائيندي چيس.
    مطلب:۱- اڻ ڄاڻ ۽ بيوقوف ماڻهوءَ کي ريجهائڻ/صحيح دڳ لائڻ، ڏاڍو مشڪل ۽ اوکو ڪم آهي.
    ۲- رڍ اڳيان رباب، وڄائيندي ورهيه ٿيا. پر موڳيءَ کان نه مليو جواب.
    ۳- مرليون ته گهڻيون وڄايوسين، پر نانگڻ ڏنگڻ نه ڇڏيو.


    97. زندگي تنور ۾ به گذري ويندي، سمور ۾ به گذري ويندي. (فارسي، چوڻي)

    هڪ شخص سمور جو پھراڻ پايو، سُرخي گهوڙي کي سونين واڳن مان جهليو چڙهيو پئي ويو. گهوڙي جو هنو به سونين تارن سان اُڄيل هئس.
    سياري جي رات هئي، لُرِي پئي لڳي. هڪ پيادو مسڪين شخص به اتان لنگهيو پئي، جنهن کي بدن تي پورو ڪپڙو به نه هيو ۽ سيءَ کان ڏڪيو پئي. گهوڙي سوار مٿس نظر ئي نه وڌي ۽ اڳتي نڪري ويو.
    پيادي ڏٺو؛ هڪ نانوائي اڱر ڪڍي تنور صاف ڪري رهيو هو. جڏهن اهو هليو ويو ته هيءُ تنور ۾ گهڙي ويو ۽ سڄي رات خوب مزي سان اتي ننڊ ڪيائين. صبج جو ننڊ ڪري تنور مان ٻاهر نڪتو ته ڪنهن پڇيس: “ڏي خبر! رات ڪيئن گذري!”
    “رڳو رات نه پر ....” کيس وضاحت سان سمجهائيندي چيائين؛ “زندگي تنور ۾ به گذري ويندي، سمور ۾ به گذري ويندي!”
    مطلب:۱- وقت، هر حال ۾ گذري وڃي ٿو.
    ۲- رکا سکا کاءُ، ٺنڊا پاني پي.
    نه ديک پرائي جهوپڙي، نه ترسا اپنا جي.
    ۳- گذر گئي گذران، ڪيا جھوپڙي، ڪيا مڪان/ميدان.
    ۴- گذري ڪون ڦِر ياد نه ڪر، جا گذري سا چوکي.


    98. ساهري گهر جا ڀاتي ته ويري پر چانئٺ به ويري. (هندي، چوڻي)

    هڪڙيءَ الهڙ ڇوڪريءَ جي شادي، پرانهين هنڌ تي ٿي وئي. ساهرين گهر پهتي ته نئين ماحول ۾ ڏاڍي اوپرائپ محسوس ڪيائين.
    گهر جي هر ڀاتيءَ تي شڪ پئي ڪيائين. هڪ ڏينهن ڪم ڪندي در جي چانئٺ ۾ وچڙي پئي. سورن مٿان سور سٿجي ويس. اٿلي پئي. ڏاڍا اوڇنگارا ڏئي رني. جڏهن پيڪن ۾ گهمڻ آئي تڏهن ماءُ سان ڏکَ سورَ اوريندي ڍنڍڪر ڏئي چوڻ لڳي: “ساهري گهر جا ڀاتي ته ويري پر چانئٺ به ويري.”
    “ڇوري تو ڏي به ڏوهه ڪين رڳو چانئٺ ڏي!” ماڻس پڇيس.
    مطلب: جيڪو پاڻ سنڀالي قدم نه کڻي ۽ ڏوهه ٻين تي مڙهي، تنهن کي ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.


    99. سڀ ڪنهن کي خدا اهو ٿو ڏئي، جو ان جي لائق آهي. (سنڌ، چوڻي)

    هڪڙو فيلسوف، هڪ باغ ۾ سير ڪري رهيو هو. تفريح دوران کيس هڪ ڳالهه منجهائي وڌو! سوچڻ لڳو؛ “ٻير جو وڻ، هڪ مضبوط درخت آهي، پر ٻير ننڍڙا اٿس. گدري جي ول تمام ڪمزور آهي پر گدرا تمام وڏا اٿس. هئڻ ائين گهرجي ها ته گدري جهڙو شاهي ڦل، ٻير جهڙي وڻ ۽ ٻير جهڙو ننڍڙو ڦل، ول ۾ ٿئي ها!”
    ٻير جي وڻ هيٺان بيهي اهو سوچي رهيو هو جو مٿان هڪڙو ٻير ڪريو ۽ سندس ٺوڙهه ۾ ٺا ٿي ويو! ٺڪاءَ سان، سندس دماغ ۾ تبديلي اچي وئي ۽ چوڻ لڳو؛ “جيڪڏهن ان ٻير جي جاءِ تي گدرو هجي ها ۽ مٿي ۾ ٽرا ٿي وڃن ها ته اڄ مٿو ٻه اڌ هجي ها. شڪر الحمدلله جو ٻير جي وڻ ۾ ننڍا ٻير ٿا ٿين.” خداتعاليٰ جي تخليق تي غور ڪندي وڌيڪ چوڻ لڳو؛ “سڀ ڪنهن کي خدا تعالي اهو ٿو ڏئي، جو ان جي لائق آهي.”
    مطلب: ۱- خدا تعالي سڃاڻي سڱ ڏئي ٿو.
    ۲- ٻليءَ کي پر هجن ها ته جهرڪين جو جهڻُ ٻچو ناس ڪري ڇڏي ها.


    100. سڃي کي چور جو ڊپ نه هوندو آهي. (سنڌ، چوڻي/پهاڪو)

    گرونانڪ، هڪڙي شش سان واٽ وٺيو پئي ويو. هڪ ٻِه- واٽي تي پهچي گرونانڪ ننڍو رستو اختيار ڪرڻ گهريو ۽ شُشَ ڊگهو.
    “تون ننڍي رستي سان ڇو نٿو هلين؟” گرونانڪ سمجهائيندي پڇيس؛ “جڏهن ته ان سان منزل تي جلدي پهچبو!”
    “انهيءَ راهه تي ڦورو آهن.” شش جواب ڏنو.
    “اها هَڙَ کولي ڏيکار ته ڏسان ان ۾ ڇاهي؟” مٿي تي رکيل هڙ ڏانهن اشارو ڪندي گرونانڪ چيس.
    شش هڙ کولي ته ان مان سون جي ريڻي نڪتي.
    ”اها اڇلاءِ ۽ پوءِ ننڍي رستي تي بي ڊپو ٿي مون سان هل ! ڇو جو ....” گرونانڪ نصيحت ڪندي چيس؛ “سڃي کي چور جو ڊپ نه هوندو آهي.”
    مطلب: ۱- ڌاڙيل به ڀريل ڀڪيل گهر ۾ ڌاڙو هڻي ٿو.
    ۲- شيطان به علم واري کي ورغلائڻ تي وَسُ ڪري ٿو.
    ۳- ڍڳو نه ڍور، ڇا ڪاهيندو چور.
    ۴- سڃو، سرڪار کان به ڏاڍو.


    101. سرڪار، ڪنهن جي چاچا ماما ناهي. (سرو، چوڻي)

    هڪڙي بروهيءَ کي سرڪاري نوڪري ملي ۽ نوڪريءَ سانگي ٻارنهن مهينا کن ڳوٺ کان ٻاهر رهڻو پيس. ڳوٺ کان ٻاهر نئين ماحول ۾ رهڻ جي ڪري، طبيعت ۾ ڪافي ڦيرو به اچي ويس.
    ٻارهين مهيني ڳوٺ گهمڻ آيو ته سمورا مٽ مائٽ ملڻ آيس. خوشيءَ ۾ ڪنهن “ماما” پئي سڏيس ته ڪنهن “چاچا”. “چاچا” ۽ “ماما” تي مڙس کي ڏاڍي بڇان لڳي ۽ سڀني کي سڌرڻ لاءِ دڙڪا ڏيندي چيائين؛ “سرڪار، ڪنهن جي چاچا ماما نه ٿيندي آهي.”
    مطلب: ۱- سرڪار، ڪنهن جي نه ماءُ نه پيءُ.
    ۲- سرڪار وٽ، ماءُ پيءُ واري پاس خاطري يا بي اصولي ناهي.
    ۳- سرڪار ري، مان نڪو ٻاپ (ٿر)


    102. سور آهن ئي بادشاهن کي. (لاڙ، پهاڪو)

    هڪڙي غريب مسڪين کي اندر ۾ غريبيءَ جي ڏکن جا ڍير هئا، جنهن سان سلڻ لاءِ وهي ته اڳلو کانئس اڳي ويهي پنهنجا سور پِٽي.
    هڪ ڏينهن دل ۾ ارادو ڪيائين؛ “سڀڪو سورن سان ڀريو پيو آهي. منهنجي سورن ٻڌڻ لاءِ ڪنهن وٽ به وقت ڪينهي. ڇو نه بادشاهه سلامت سان سور سليان. کيس الله امينگ ڏنا آھن. هر شيءِ ارزان اٿس. سور ته وٽس هوندائي ڪين.”
    بادشاهه سلامت جي درٻار ۾ عرض رکيائين؛ “مون کي سورن سڻائڻ لاءِ ڇڙا پنج منٽ ڏنا وڃن.”
    سندس مدعا هڪ شرط تي قبول پئي ته پهرين پنج منٽ پاڻ ڏيندو ۽ بادشاهه سلامت جا سور ٻڌندو، پوءِ پنهنجي روئداد ٻڌائيندو. اهو شرط قبولي، بادشاهه سلامت سان خلوت گاهه ۾ وڃي مليو.
    “مون وٽ هر شيءِ آهي.” بادشاهه سلامت پنهنجي روئداد ٻڌائڻ شروع ڪئي؛ “زال به تمام سهڻي آهي. ان مان ڪجهه اولاد به اٿم. کيس هڪ دفعي اهڙو مرض لڳو، جنهن لاءِ سمورا حڪيم وس هلائي بيٺا، آخر کتو جواب ڏنائون ته مرض لاعلاج آهي ۽ موت يقيني آهي. راڻيءَ سان دل به ڏاڍي هئم. ان ڪري مٿن کان ويهي سندس مرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس. راڻيءَ مون کان ان دوران وچن ورتو ته؛ “مرڻ پڄاڻان سندس ٻچن سان وفادار رهندس.” ان وقت ٻي ڳالهه سمجهه ۾ نه آيم. کيس يقين ڏيارڻ لاءِ ته ٻي شادي نه ڪندم، مون پنهنجو مخصوص عضوو ئي ڪٽائي ڇڏيو.
    ڪجھ قت کان پوءِ خدا جي قدرت سان راڻي چڱي ڀلي ٿي پئي ۽ مان بيمار جو بيمار ئي رهيس. سندس ڪم جو نه رهيس. ان سبب گهر ۾ روز جهيڙو ٿيڻ لڳو. ٻيون ڳالهيون/ قربانيون سڀ وسري ويس. هاڻي سندس زور ان ڳالهه تي آهي ته کيس طلاق ڏيان. يا ٻيءَ صورت ۾ کيس ڇڙواڳ ڇڏيان ته جيئن نوڪرن چاڪرن مان پنهنجو پورائو پئي ڪري. هاڻي ٻڌاءِ! تنهنجا سور انهيءَ کان وڌيڪ آهن؟”
    “منهنجا سور وري ڪهڙا آهن؟” بادشاهه جو داستان ٻڌي، ان همراهه چيو؛ “سورئي بادشاهن کي آهن!”
    مطلب:۱- جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا.
    ۲- وڏا ماڻهو، وڏا ڏک.
    ۳- وڏن کي، وڏا سور.


    103. سونارو ، پنهنجي ماءُ جي نٿ مان به نه ٽري. (سنڌ، چوڻي)

    هڪڙو سکر ماڻهو، هڪڙي سوناري وٽ ويو. کيس عينڪ جي فريم جو ڇلو ٺاهڻ لاءِ چاندي ڏنائين ۽ تاڪيد ڪيائينس؛ “ٻه روپيا مزدوري جا وڌيڪ ڏيندوسانءِ پر فريم جو ڇلو سٺو ڪري ٺاهجانءِ ۽ مَٺُ نه ملائجانس.”
    انهيءَ تي سوناري پهرين ٽهڪ ڏنو، بعد ۾ چيائينس؛ “فريم جو ڇلو ته سٺو ڪري ٺاهيندس، پر مَٺُ ضرور ملائيندوسانس. ڀلي توهان کڻي ڏهوڻي مزوري ڏيو پر ان کان نه مڙندم.”
    “ڇو؟ ڇو نه مُڙندين؟” فريم جو ڇلو جوڙائڻ واري ھمراھ، سوناري کان پڇيو.
    “انهيءَ لاءِ ته مائٽن جي پَرِ اها آهي. وڏڙن جي پَرِ ڪين ڇڏيندس.” سوناري دليل ڏيندي ٻڌايس. “ڇو جو اسين جيسين اهو ڪم نه ڪريون تيسين ڪمائيءَ ۾ برڪت به نه پوي. پوءِ ڀلي اسان جي ڀيڻ يا ماءُ ئي سون ٺهرائي، منجهس مَٺُ ضرور گڏينداسين.”
    مطلب: ماڻهو، عادت آڏو مجبور ٿي ويندو آهي.


    104. شاهوڪارن جو ناڻو ويامندو آهي. (هندي، چوڻي)

    هڪڙي غريب، امير کان ٻڌو ته؛ “ناڻو ويامندو آهي.” ان ڪري سؤ روپيا وياج تي وٺي اچي گهر ۾ انهيءَ آسري تي رکيائين ته؛ “مهيني کن ۾ ويامي پوندا. ٻچا پاڻ وٽ رکندم ۽ اصل مالڪ کي موٽائي ڏيندم.”
    مهيني گذرڻ بعد جاچيائين ته پئسا اوتري جا اوترا هئا. پئسا نه ويائيا ته اصل ملڪيت ۽ وياج مالڪ کي موٽائيندي، ڏوراپو ڏنائينس؛ “تو چيو هو ته؛ ناڻو ويامندو آهي، پر هيءَ پئسا ته اصل نه وياميا.”
    “مون توکي سؤ ڏنو هو، تو مون کي ٻچن سميت واپس ڪيو، ٻي ڳالهه ته غريبن جو ناڻو نه پر ....” وياجيرو الڳ ڪري، کيس ڏيکاريندي چوڻ لڳو؛ “شاهوڪارن جو ناڻو ويامندو آهي.”
    مطلب:۱- پئسو، پئسي کي ڪمائي ٿو.
    ۲- گهڻا پئسا، ٿورن پئسن کي ڪمائين ٿا.


    105. شينهن شير خدا جو، وڻيس ته بيدو ڏئي، وڻيس ته ٻچو ڏئي. (هندي، پهاڪو)

    هڪڙي ٻروچ کي واٽ ويندي واڻيو هٿ اچي ويو. کيس ڦُرڻ جي نيت سان اچي آڪيڙا چاڙهيائين. لٺ ڏيکاري دڙڪي سان پڇيائينس؛ “اڙي واڻيا! ڪلمون ڀَرِ نه ته اچئي ٿي لٺ!”
    “ڌڻي! مون کي ڪلمي جي ڪهڙي خبر.” واڻئي هٿ ٻڌي ايلاز ڪندي چيس؛ “گرو! تون ڪلمون پڙهندو هل! مان پويان ورجائيندو ٿو هلان.”
    “واڻيا! ڀاڳ ڀلا اٿئي! اتان بچيو ٿو وڃين!” ڪياڙي کنهندي چوڻ لڳس؛ “ڪلمون مون کي به پڙھڻ نٿو اچي! چڱو ڀلا ٻڌاءِ شينهن ٻچو ڏيندو آهي، ڪن بيدو ڏيندو آهي؟!”
    واڻيو ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. جي چوي ٿو ته شينهن بيدا ڏيندو آھي ته ٻروچ چوندو؛ “نه! ٻچا ڏيندو آھي.” جيڪڏھن چوي ٿو ته ٻچا ڏيندو آھي ته ٻروچ چوندو؛ “نه! بيدا ڏيندو آهي!”
    سوچي سوچي چيائينس؛ “شينهن شير خدا جو، وڻيس ته بيدو ڏئي، وڻيس ته ٻچو ڏئي!”
    مطلب:۱- ڏاڍي /ظالم جي پنهنجي مرضي آهي ته جيئن وڻيس تيئن ڪري.
    ۲- اڳيان باهه، پويان پاڻي.
    ۳- وات ۾ جھليل ٿُڪَ ڦٽي ڪر ته پيءُ ٿو مري، اندر ڳِھُ ته ماءُ ٿي مري.
    ۴- نانگ جهليو وڇونءَ کي چي؛ “ڳهانس ٿو ته پيٽ ٿو ڦاڙي، ڇڏيانس ٿو ته ڪوڙهيو ٿو ٿيان.”


    106. عزت لٿي کان پوءِ خيرات ڪرڻ، ڪهڙي ڪم جي؟ (نصيحت ، چوڻي)

    هڪڙي ملان جو گذر سفر، جنازا وھنجارڻ، نماز پڙهائڻ ۽ قرآن بخشائڻ تي ھئو. هڪ دفعي کيس ڪمائي ڪانه ٿي هئي ۽ گهر ۾ تنگي هئس. پاڙي ۾ هڪڙو اڻ پڙهيو نوجوان رهندو هئس، جنهن وٽ هڪڙو گابو هيو. ملان جي نظر في الفور وڃي ان گابي تي پئي. ٻئي ڏينهن صبح مردان جو وڃي ان نوجوان جي در تي سڏ ڏنائين. نوجوان گهران نڪتو.
    “رات تو وارو پيءُ مرهيات، مون کي خواب ۾ نظر آيو!” کيس ٿلهه ٻڌي چوڻ لڳو؛ “هونئن ته ويچارو حورون جي هنج ۾ خوش هو پر اوچتو الائي ڪيڏانهن، تو وارو گابو اچي نڪتو ۽ کيس اُکِين تي اچي کنيائين. ڊيڪائي ڊيڪائي، ويچاري جو بُنڊُ ئي ڪڍي ڇڏيائين. جنهن ۾ سندس پٽڪو به لهي ويو. بهرحال قصو ڪوتاه! پير زور هيس. جن اچي ڇڏايس. سامت ۾ آيو ته مون تي نظر پيس. ڏسندي ئي چوڻ لڳو؛ “جڏهن کان مون واري پٽ اهو گابو ڌاريو آهي، تڏهن کان مون سان اها نافت آهي! پٽ مون وارو ملئي ته نياپو ڪجانس ته پيءُ جي، عذاب مان جان ڇڏاءِ ۽ اهو گابو راهِ خدا ۾ خيرات ڪري ڇڏ.”
    نوجوان ٻڌڻ شرط، ڳالهه جي تهه تائين پهچي ويو ۽ چيائينس؛ “ملان! ڳالهه ٻڌ! بابي جي عزت لهڻي هئي سا ته لهي وئي؟” ملان کي ملان واري لهجي ۾ جواب ڏيندي چيائين؛ “عزت لٿي کانپوءِ خيرات ڪهڙي ڪم جي؟”
    مطلب:۱- مصيبت اچڻ کان اڳ خير خيراتون ڪرڻ گهرجن.
    ۲- گهوڙو چورائجڻ بعد طنبيلي کي تالو هڻڻ مان ڪهڙو فائدو؟
    ۳- گلاس ڀڄڻ کان پوءِ، پٽ کي سزا ڏيڻ مان ڪهڙو فائدو؟


    107. عشق نه ڄاڻي ذات ڪذات. (هندي ، چوڻي)

    هڪڙي بادشاهه جو هڪڙي ڌوٻياڻيءَ سان ڌوپار عشق ٿي پيو. چمڙا پوش ڪري لوڪان لڪي، وٽس وڃي نڪرندو هيو. ڪچهري ڪري مُنهن- انڌاري واپس ورندو هيو.
    بادشاهه جي هڪڙي عادت هئي؛ هر وقت وزير کان پڇندو هيو؛ “وزير! ڪهو ڪيسي بات!”
    “مڙيو ئي خير!“ وزير هٿ ٻڌي عرض ڪندو هيس.
    وزير کي بادشاهه جي اها روز جي ٺُڪَ ٺيڪ نه لڳندي هئي. جنهن ڪري بادشاهه جا عيب جاچڻ ۾ جنبي ويو.
    هڪ ڏينهن بادشاهه شڪار جو ڍونگ رچائي جيئن ولر کان وڇڙي وڃي، ڌوٻي گهاٽ پهتو ته وزير به پويان لڳو آيس.
    “شڪار تان بکارو موٽيو آهيان! کائڻ لاءِ کپي!” بادشاهه ڌوٻياڻيءَ کي چيو.
    “پاروٿو ڀت پيو آهي.”
    “اهو ئي ڏي!”
    ڀت کائڻ بعد بادشاهه وري چيس؛ “پاڻي پيار!”
    “مَٽَ ۾ پاڻي ڪونهي، ڌوٻي گهاٽ تان ڀري اچان!”
    “اهو ئي ڏي!”
    پاڻيءَ جو وٽو پيئڻ بعد بادشاهه ٿڪ محسوس ڪيو ۽ آرام ڪرڻ لاءِ کٽ گهريائينس.
    “اها ئي ڇڳل کٽ آهي، جنهن تي ويٺو آهين!”
    “اها ئي سهي!”
    ڀڳل کٽ تي رات گذري، بادشاهه ٻئي ڏينهن درٻار ۾ پهتو ۽ حسبِ عادت وزير کان پڇيائين؛ “وزير ڪهو ڪيسي بات؟!”
    “عشق نه ڄاڻي ذات ڪذات” مڇريل وزير دل جي باه کان چوڻ شروع ڪيو.
    “بوک نه ڄاڻ باسي ڀات، پياس نه ڄاڻي ڌوٻي گهاٽ، ننڊ نه ڄاڻي ٽوٽي کاٽ!”
    مطلب: عشق انڌو ٿيندو آهي.


    108. فقيرياڻي ٿئي راڻي، چي؛ “جارا ڏيوڻا، مين کاوڻا!” (ساهتي، پهاڪو)

    هڪڙو امير ، هڪڙيءَ فقيرياڻيءَ ي عاشق ٿي پيو. شادي ڪري گهر وٺي آيس. فقيرياڻي ڦري اميرياڻي ٿي پئي ته فقط طلب/حڪم جي دير هئس. هر شيءِ هڪي حاضر، جيڪا شيءِ طلطي، سا موجود پئي ٿي. انهيءَ عيش جهڙي سهوليت هوندي به مائي صاحبه جي طبيعت خراب ٿي پئي ۽ اهڙي بگڙي جو سڌرڻ جو نالو ئي نه پئي ورتائين . ڏاڍا ويج طبيب آيا. پر ڦڪين فرق ڪين يو. هينو ٻه گذرڻ بعد، نيٺ مائي صاحبه اوچتو چاق چڱي ڀلي ٿي پئي، خبر نه پئي ته ڪهڙيءَ دوا مان چاق ٿي.
    هڪ ڏينهن مڙس گهر ۾ آيو. کيس پنهنجي ڪمري ۾ ڏسي ، ٻين ڪمرن ڳولهڻ لڳو. هڪڙي ڪمري ۾ اچي کيس لڌائين.
    ڪمري جي هر جاري ۾ ماني پئي هئي. مائي صاحبه هر جاري وٽ وڃي چيو پئي، ”جارا! خير ڏي!“ ان بعد پراڻمرادو جاري مان ماني کڻي هڪڙي ٿانءَ ۾ وڌائين وپئي. جهن هٿ وارو ون ٿانءُ ڀر جي ويس ته پوءِ هيٺ ويهي کائڻ لڳي. مڙس کي چاق چڱي ٿيڻ جي راز جي خبر پئجي وئي. ڪمري مان نڪري، پنهنجي منهن چوڻ لڳو، ”فقيرياڻي ٿئي راڻي چي، جارا ڏيوڻا، مين کاواڻا!“
    مطلب: ۱- عادت ، عضوو آهي.
    ۲- هير واري جي هير ، ٽنگ ڀڳي به نه وڃي.
    ۳- عادت مٽي نه عادتي، علت مور نه جاءِ.
    اٺ پئي ڪڻ ۾، ڪنڊا چڻ چڻ کاءِ.


    109. ڦٻيا اهي، جيڪي ڦاٽي مئا. (سنڌ، چوڻي)

    هڪڙو هٻڇي ملان، هڪڙيءَ خيرات جي دعوت ۾ وِتَ کان وڌيڪ ڀَتُ کائي ويو ۽ هلڻ کان هلاک ٿي، ڦان ڪري ڍيري ٿي پيو.
    ميزبان کي ڳڻتيءَ اچي ورايو! ملان کان پڇيائين؛ “پيٽ ۾سور لاءِ ڪو ٽڪي ڦوٽو آڻيون!”
    “ايتري گنجائش هجي ها ته ....” سهڪندي ملان چيو؛ “سڻڀو گره نه ھڻان ها!”
    ميزبان، ملان جي ڳوٺ وارن کي منٿون ايلاز ڪري مڃرايو ته ملان کي کٽ تي سمهاري ڳوٺ پهچائيندا.
    چار جوان، کٽ کي ڪلهو ڏئي هليا. جڏهن ڳوٺ کي ويجهو ٿيا ته ڳوٺ جو وڏيرو به حال وٺڻ لاءِ اڳڀرو آيو.
    ڪانڌين ڏولي هيٺ لاٿي.
    “اڙي ملان!” وڏيري، گهيرٽ ۾ پيل ملان کان پڇيو؛ “ڏي خبر جيئرو ته آهين؟!”
    ”ها سائين! الحمدلله“ جهيڻي آواز ۾ ملان چيو؛ “اڃا ته حال حيات آهيان!”
    “ڀلا ڏي خبر!” وڏيري وڌيڪ احوال وٺڻ لاءِ پڇيس؛ “ڀت تي ڦٻئين به يا اوريان موٽيو آهين!”
    “وڏيرا! ڪهڙيون ٿو خبرون پڇين!.... اسان اجهو پاڻ کڻائي پهتا آهيون، باقي .......” وڏا ساهه کڻندي، ڪِنجهي ڪِنجهي چيائين؛ “ڦٻيا اهي جيڪي ڦاٽي مئا!”
    مطلب: ۱- هٻڇي ماڻهوءَ جو پيٽ، ڪڏهن به ڀرجڻ جو ناهي.
    ۲- لنگهو ۽ پيٽ، ڪڏھن به نه ڀربا.


    110. ڪارا گهڻا پر ڪارنهن ڪنهن ڪنهن جي لهي. (سرو، پهاڪو)

    هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪڙي نوجوان تي ڪارنهن جو الزام لڳو. کيس جرڳي ۾ سڏايو ويو. جرڳي جو مهندار، پاڻ به عشق مجازيءَ ۾ ڦاٿل هئو. عشق بازيءَ جي چالن جي ڄاڻ سبب، نوجوان مٿان مڙهيل ڪارنهن کي سچو ثابت ڪري ويو. الزام ثابت ٿيڻ بعد جرڳي وارن، ملزم /جرم نوجوان کان پڇيو؛ “الزام توتي ثابت ٿي چڪو آهي! هاڻي ٻڌاءِ ته تنهنجي سزا ڪهڙي هئڻ گهرجي؟!”
    گهٻراهٽ ۾ نوجوان جا هڪڙا پگهر لٿا پئي ته ٻيا چڙهيا پئي. دل ۾ چوڻ لڳو؛ “ڀوتار ۽ مان، ٻئي سڳي ٻيڙي جا سوار آهيون. مان ڪارو ثابت ٿيو آهيان ۽ هو جرڳي جو مهندار هئڻ سبب ڳاڙهو آهي. ڏوهه ته ٻيئي ڪيون پيا، پر پڪڙجي مان پيو آهيان!”
    انهن سوچن ۾ گم ڏسي وري جرڳي وارن کانئس ساڳيو سوال دهرايو.
    “ڪارا گهڻا آهن، پر ڪارنهن ڪنهن ڪنهن جي لهي!” نوجوان پنهنجي بچاءَ /صفائي ۾ چيو؛ “هاڻي جيڪا سزا ڏيڻي اٿو سا ڏيو.”
    مطلب:۱- عيبن کان آجو، فقط هڪ الله آهي.
    ۲- ڏوھ هر ڪو ڪري ٿو، ڪو لڪي ڪو پڌرو.
    ۳- ڏوهه گهڻا ڪن ٿا، پڪڙجي ڪو ڪو ٿو.


    111. ڪاهل جي قبر به ٻيا والاري ٿا وڃن. (سنڌ، چوڻي)

    پيءُ پٽ، گڏيا شهر پئي ويا، جو کين واٽ واري مقام جي پاسي ۾ هڪڙي وڻن واري جاءِ نظر آئي. پيءُ کي جاءِ ڏاڍي وڻي وئي.
    “ابا!جاءِ ڏاڍي ڀلي آهي.” پيءُ پٽ سان دلي اظهار ڪندي چيو؛ “مان مران ته مون کي اتي پورجو.”
    انهيءَ ڳالهه کي ڪافي وقت گذري ويو.
    هڪ ڏينهن پٽ ڊوڙندو سهڪندو گهر ۾ آيو.
    “ابا! خير ته اٿئي؟!” ماءُ پٽ کان پڇيو؛ “ڊڪندو ٿو اچين! ڪير پٺيا ن پيو اٿئي ڇا؟”
    “امان! خير ئي ته ناهي!” پٽ ورندي ڏنس.
    “نيٺ ابا! خبر ته پوي! ڪهڙو قِيس ٿيو آهي؟ ڀاڄُڙِ پئي آهي ڇا؟” ماءُ ڳراٽڙي پائيندي پڇيس.
    “امان! مقام ۾ جنهن جاءِ لاءِ بابا وصيت ڪئي آهي ته مون کي اتي پورجو!” پٽ سهڪندي ماءُ کي ٻڌايو؛ “اصل ڳالهه هيءَ آهي ته اڄ ماڻهو اتي ٻيو مڙدو پيا پورين.”
    “ابا ! مُٺا ته پڻھين جي انهيءَ سستيءَ سبب آهيون. تڏهن ته چوندا آهن نه .......” ماڻس ويتر شڪايت ڪندي چيس؛ “ڪاهل جي قبر به ٻيا والاري ويندا آهن.”
    مطلب: ۱. ڪير ڪنهن جي قبر ۾ نه پوندو آهي.
    ۲ . سستي ڪندڙ هر ميدان ۾ هارائيندو آهي.
    ۳ . اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه رکجي.
    ۴ . جو ڪل ڪرنا هي سو آج، جو آج ڪرنا هي سو اڀي.


    112. ڪتو ڪتي جو ڀاءُ آهي. (پشتو، پهاڪو)

    هڪڙو پٺاڻ سيارو سنڌ ۾ گذاري، سانوڻ ڪوئيٽا ۾ گذارڻ لاءِ ريل ۾ چڙهي وڃي اتي پهتو. اسٽيشن کان نڪري ، هڪڙي دوست سان رستو ڏيو پئي ويو جو کيس اڳيان شهري رولو ڪتو ايندي نظر آيو. ڪتي تي نظر پوندي ئي هٿ واري لٺ سان مٿس کُپي ويو.
    “يار! هن ڪتي تنهنجو ڪهڙو قصور ڪيو آهي. جو تون کيس مارين ٿو؟!” دوست عجب مان پڇيس.
    “مون کي ڏهڙيو هئائين!”
    “تون سنڌ ۾ ڇهه مهينا گذاري، بولان ميل مان هاڻي لٿو آهين! هن ڪڏهن توکي چَڪِيو؟!”
    “سنڌ جي هڪڙي ڳوٺ ۾ ڪپڙو کپائڻ لاءِ ويو هئس، اتي ورايو هئائين!”
    “ته پوءِ!.... اهو الائي ڪهڙو ڪتو هئو! هيءُ الائي ڪهڙو ڪتو آهي! تون هن کي ناحق ڇو ٿو مارين؟!” لٺ ۾ ھٿ وجھندي چيائينس.
    “لٺ مان ڇڏ! مان هن کي نه ڇڏيندس! ڪوئيٽا جو هجي يا سنڌ جو!” لٺ ڇڏائيندي ۽ سهڪندي چوڻ لڳو؛ “ڪتو ڪتي جو ڀاءُ آهي!”
    مطلب : ۱ مينهون، مينهن جون ڀيڻون.
    ۲ . جڏهن وڏن سان پڄي نه سگهبو آھي، تڏهن انهن جي ننڍن / ڪمزور مائٽن کي ڌڪ هڻي، دل جي باهه هلڪي ڪبي آهي.
    ۳. چهڙا چهڙن جا ڀائي.


    113. ڪتي نه مُنهن، ڪتي جي ڌڻين مُنهن. (سرو، پهاڪو)

    ٻه دوست هڪڙي ڳوٺ ۾ مهمان ٿي آيا. هڪڙي گهٽيءَ مان لنگهندي هڪڙي در تي بيٺل ڪتي مٿن ڀونڪيو. ڏاڙهڻ تي هڪڙي سنگتيءَ ڀونڊو وهائي ڪڍيس ۽ لٺ اولاريندي چيائينس؛ “تنهنجي ڌارڻ وارن کي به حيف هجي!”
    “متان !” ٻئي سنگتيءَ لٺ مان جهليندي چيس؛ “هيءُ ته پنهنجي فلاڻي دوست جو ڪتو آهي، تنهنڪري ڌارڻ وارن کي گار نه ڏي!”
    “هان !فلاڻي جو ڪتو آهي! چڱو ٿيو جو ٻڌايئي! نه ته ٻِه- هٿڙي لٺ اهڙي مغز واري ٺڪاءُ ٿي وڃيس ها جو رَتُ ڪتا نه چٽينس ها!” اڃا وضاحت ڪندي چيائينس؛ “ڪتي نه منهن، ڪتي جي ڌڻين منهن.”
    مطلب:۱ . ڪتا تو نه لڄ، تنهنجي ڌڻين لڄ.
    ۲ . تون چڱو نه هليو آهين، پر تنهنجا مالڪ چڱو هليا آهن. انهن جو خيال ٿو ماري.(جملو)


    114. ڪم ڪڌو ڪجي ته به هٿ مضبوط وجهجن. (لاڙ، چوڻي )

    ٻه ڏاڙهين وارا ھمراهه، اٺ تي چڙهيا پهاڙي پيچري تان پئي ويا ته منجهن ڪنهن ڳالهه تان تلخ ڪلامي ٿي پئي. اٺ تي چڙهئي چڙهئي ڏاڙهي پٽ شروع ٿي وين. اٺ کي هشايائون ۽ يڪدم لهڻ جي ڪيائين. هڪڙو هڪڙي پاسي ۽ ٻيو پئي پاسي لٿو.
    ٻنهي جا ڏاڙهين ۾ هٿ مضبوط هئا. سندن گيڙ بگڙي تي، اٺ هشندي وري اٿي بيهي رهيو ته همراه به مٿي کڄي ويا. هاڻي ڏاڙهين مان ٿا هٿ ڪڍن ته پهاڙيءَ تان ٿا ڪرن. ويتر اٺ به هلڻ شروع ڪيو، سو ھٿ ڪڍڻ ٻنهي لاءِ خطرناڪ ٿي ويو.
    “ڪم ته ڪُڌا ڪيتا هِسي، پر هُڻ هٿ مضبوط گهتين!” هڪڙي همراه ٻئي کي نصيحت ڪندي چيو؛ “ڪم ڪڌو ڪجي، ته به هٿ مضبوط وجهجن!”
    مطلب :۱ ڪم ڪڌو ڪجي ته به هٿ مضبوط وجهجي.
    ۲ . غلط ڪم نه ڪجي، جي ڪجي ته مڙس ماڻهو ٿي بيهجي .
    ۳ . جهيڙو، کُهه پيو جهيڙو، جي جهيڙو ته پوءِ ڳچيءَ جو هار جهيڙو.


    115. ڪنيءَ رن جا ٻار ، ٿورا تيئن چڱا. (سنڌ ، چوڻي)

    هڪڙي عورت پوڙهي ٿي وئي ۽ بيمار به رهندي هئي. مڙس ۾ ڪمائي ڪرڻ جو لالڻ ڪين هيس. پاڻ غليظ پورهيا ڪري مڙس ۽ ٻارن جو پيٽ تاتيندي هئي. ٻار به تمام گهڻا هيس.
    هڪ ڏينهن بيماريءَ وگهئي هڪڙو ٻار مري ويس. ڪفن دفن ۽ وهنجارڻ لاءِ اوڙو پاڙو اچي گڏ ٿيو. مائيءَ کي ٻار جو ڏک ڏاڍو هئو، تنهن ڪري ڏاڍو روئڻ پٽڻ ويٺي. انهيءَ تي پاڙي وارا تپرس ۾ اچي ويا ۽ ھڪڙو ھمراھ ته کلڻ به لڳو. انهيءَ تي ھڪڙي فقير- تَن همراهه ٽوڪيندي چيس؛ “هن جي گهر فوتي ٿي آهي ۽ تون وري بجاءِ ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ جي مٿس کلين ٿو.”
    “ادا! مان کلان ان لاءِ ٿو ته پالي پنهنجو پيٽ نه ٿي سگهي! بيمار ٻارن جي دوا ڪرائي نه ٿي سگهي! مالڪ مهرباني ڪري، پٽ جو بار هٽايو اٿس ته ويٺي ٿي پار ڪڍي روئي!” کلڻ واري همراه دليل ڏيندي چيس؛ “ڪنيءَ رن جا ٻار، ٿورا تيئن چڱا.”
    مطلب: ۱ . ڀريل اٺ تان وڃڻي لٿي ته به اٺ ٿيو هلڪو.
    ۲ . ڪني وهنوار ۾ موراڳو هٿ نه وجهجي، جي وجهجي ته مضبوطيءَ سان وجهجي.
    ۳ . سڃائي/ غريبت هوندي وڏن ڪمن ۾ هٿ نه وجهجي.
    ۴ . سوڙ سارو پير ڊگهيڙجن.


    116. کاڻي کِچڻي، اونڌا طباخ. (سنڌ ، پهاڪو)

    هڪڙو همراه ٻاهران بک ۾ پاھُ ٿي گھر پهتو. سڏ واڪو ڪيائين. گهر ۾ ڪا پهر ئي ڪا نه هئي. ڪنهن نه ٻڌس نه ورنايس. ٿَيَان ٿَيَان ڪندي بورچيخاني ۾ گهڙيو. ڀَتَ جو ديڳڙو چلهه تي ٻڦڪيو پئي. کائڻ جو ٿانءُ مٿي اونڌو پيو هيو. ڍَڪُ لاهي ڏٺائين ته ديڳڙي جو ترو ئي لڳي ويو هو. منجهانئس ڀت جي سڙانڊ واري تکي بُوءِ اچي رهي هئي. ايتري ۾ جوڻس به پاڙي مان گهمي ڦري موٽي آئي ۽ اچڻ سان پڇيائينس؛ “مئا! ڳريئي ڀَتُ! ڪِن، اڃا ويٺو ٿو منهنجو انتظار ڪرين؟!”
    “ڪهڙو وري ڀَتُ رڌو اٿئي!” جوڻس تي ڪاوڙ ڪندي چوڻ لڳو؛ “کاڻي کِچڻي، اُونڌا طباخ!”
    مطلب : ۱ . ڀَتُ سڙيل، ٿانءُ اونڌو.
    ۲ . جيڏانهن تيڏانهن چنڊائپ لڳي پئي آهي. (جملو)


    117. کيتي ، سِرَ سَيتِي (سنڌ چوڻي)

    هڪڙي زميندار کي پٿر جي پٽي هٿ آئي، جنهن تي لکيل هو؛ “اُتم کيتي، وڌندڙ واپار. نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار.”
    عبارت تي انڌو اعتبار ڪري تمام گهڻي زمين آباد ڪرايائين. مگر پاڻ ڪڏهن به زمين جي نظر داري يا سنڀال تي نه ويو. ڀاڻَ، رونبي، پاڻيءَ، ڪلر بنجهر ۽ جهار جو ته خيال ئي نه ڪيائين . اُلٽو آمدني جي آسري تي عياشين ۾ وقت گهارڻ لڳو.
    بٽئيءَ وقت ڪي به ڪين آيس. وياجي وڏيري جي هاريءَ وانگر، بٽئيءَ واري ڏينهن به بوڇڻ ڪلهي تي رکي نڪتو. خرچ سمورا ڳچيءَ پئجي ويس. پيل نقصان سبب گهر ئي ڀينگ ٿي ويس، جنهن ڪري روئڻ رڙڻ ۽ قسمت کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو.
    “تو زمين کي بيگانو ڪري ڇڏيو! نه محنت ڪيئي، نه سار لڌئي! پوءِ ڪيئن ڪمائي ٿيندئي؟!” ٻئي زميندار نصيحت ڪندي چيس؛ “کيتي، سِرَ سَيتِي.”
    مطلب : ۱ . مالڪ ته مالڪي.
    ۲ . ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي.
    ۳ . گهڻَ پُٽاڻِ بَکِري، کائي وئي جهار .
    ۴ . اب پڇتائي ڪيا هووت، جب چڙيا چگ گئي کيت.


    118. گرو گپ جو آهي ئي ڪو نه. (پھاڪو)

    هڪڙي واڻيي جي بيل گاڏي، دڪان جي وکر سان لڏيل هئي. شهر مان ڀرائي واهڻ جي واٽ وٺيو پئي آيو. واٽ تي گپ ۽ چڪڻ مان لنگهڻو هيس. گاڏر کي گپ جي خبر ڪا نه پئي جيئن ڏاندن کي ڍُڪايون پئي آيو، تيئن وڃي گاڏي گپ ۾ گپايائين.
    واڻيي گروءَ کي ياد ڪري، ڏاند کي وٺي تڙي چاڙهي. ڍڳن، باٺن جي ڀَوَ کان وڏو زور لاتو. گتل گاڏي، ٻاهر نڪرڻ بجاءِ، پاڃاري ئي هر نهن وٽان ٽٽي پئي ۽ جوڳ، گاڏيءَ کي گپ ۾ گتل ڇڏي اڳتي نڪري وئي.
    چڱيءَ طرح ڦاسڻ سبب، واڻيي کي گرو ته ياد آيو پر مدد نه ملڻ سبب زبان مان رڙ نڪري ويس؛ “گرو گپ جو آهي ئي ڪو نه“.
    مطلب: ۱. مصيبت ۾ پنهنجا پير ڇڏائين.
    ۲. گرو، گپ جا ڀاڙي ٿيندا آهن.


    119. گيان ڌيان آهي اُتي، جُتِي آهي جِتِي. (هندي، پهاڪو)

    هڪڙي مقدس جاءِ ۾ هڪڙي واعظيءَ سريلي آواز ۾ واعظ پئي ڪيو. سڀئي ماڻهو ٻڌڻ ۾ محو هئا، پر هڪڙو ماڻهو بنا دلچسپيءَ جي ٻڌي رهيو هو. سندس پريشاني، ڀر وارو همراه تاڙي ويو ۽ يڪدم کانئس پڇيائينس؛ “ڇو؟ تون واعظ ڏي ڌيان ئي نٿو ڌرين؟!”
    “گيان ڌيان آهي اتي، جُتِي آهي جِتِي.” کيس ورندي ڏنائين.
    مطلب: ۱ . پنھنجي شي پنھنجي اکين آڏو رکجي.
    ۲ . هر ماڻهوءَ کي پنهنجي شين ڏانهن ڌيان هوندو آهي.
    ۳ . سجدي ڏي ڌيان ڪر ته جُتي ٿي وڃي.
    جُتي ڏي ڌيان ڪر ته سجدو ٿو وڃي.


    120. گھٽو ڌارجي ان لاءِ، هٿان چري ڪپاه. (هندي، پهاڪو)

    هڪڙي هاريءَ اُنَ / ڏاسَ هٿ ڪرڻ لاءِ هڪڙو گهٽو ڌاريو. گھٽو هڪ ڏينهن تَنگَ ڇنائي وڃي وونئڻن ۾ پيو. هاري پيرو کڻي وڃي ڏسي ته ڏينو / گوگڙا ويٺو ٿو چري. اها حالت ڏسي، حيرت مان چوڻ لڳو؛ “گهٽو ڌاريم اُنَّ لاءِ، هٿان چري ڪپاه.”
    مطلب: ۱ . نوڪر ڪم لاءِ رکيم، هٿائين خدمت ڪرائي.
    ۲ . گادر آڻ اُنَّ ڪو، بئٺي چري ڪپاس. (هندي)
    ۳ . جنهن ڪم مان فائدي بجاءِ نقصان پوي، تنهن لاءِ ائين چيو ويندو آهي.


    121. گهر ۾ ڪنهن جو به قدر نه ٿو ٿئي. (اردو، پهاڪو)

    هڪڙي درويش تان گهر- واريءَ جي ڪاوڙ لهندي ئي ڪانه هئي. وقت تي نه ماني ملندي هيس ۽ نه ڪپڙا ڌوپي ملندا هيس. سهمن جو ساڳ ۽ موچڙن جي ماني، هر وقت هڪي حاضر هوندي هيس.
    “جيڪر گهر- واريءَ کي بزرگيءَ واري ڪرامت ڏيکاري ڇڏيان ته چڱو!” هڪ ڏينهن دل ۾ چوڻ لڳو؛ “سدائينِ لاءِ مرعوب به رهندي ۽ خدمت به پئي ڪندي.”
    اهي خيال پچائي، صبح سان سوير گهران نڪتو ۽ گهڙيءَ کان پوءِ گهر جي مٿان اڏامندو نڪري ويو. مٿس گهڻن ماڻهن جي نظر پئي. ڳوٺ ۾ چئوٻول ٿي ويو. سندس گهر- واريءَ به آسمان ۾ اڏامندڙ جيئرو جاڳندو بزرگ ڏسي ڏاڍا عجب کاڌا ۽ ڪلما ڀريا.
    شام جو درويش گهر ۾ جيئن پهتو، تيئن گهر- واري مٿس ڏاڪا ٻڌي چڙهي وئي؛ “مئا! روز ڊاڙون هڻندو آهين ته مان بزرگ آهيان. اڄ صبح هجين ها ته ڏيکاريانءِ ها ته ڪيئن ٿيندا آهن بزرگ! هڪڙو الله جو پهتل ٻانهڙو، سڄي ڳوٺ جي مٿان اڏامندو نڪري ويو. جڳ جهان ڏٺو، پر تو بدبخت کي اهو ڏسڻ به نصيب نه ٿيو.”
    “شڪر آهي!” ٿڌو شوڪارو ڀريندي، جوءِ کي چوڻ لڳو؛ “جو تون بزرگن جي بزرگيءَ کي مڃين ته ٿي!”
    “ڇو؟!” جوڻس تارا ڦوٽاريندي چيس؛ “مان ڪا ڪافرياڻي آهيان ڇا؟ خدا جا سچا بزرگ هجن ته ڇونه مڃينديس.”
    “خبر اٿئي! اهو ڪير هئو!” درويش وضاحت ڪندي ٻڌايس؛ “اهو مان ته هيس.”
    “هون! لاشڪ تون ئي هئين! مئا.... ” جوڻس ويتر چڙ کائيندي ۽ تارا ڦوٽاريندي چيس؛ “مان به چوان ته ٽيڏو ٽيڏو پئي اڏامئين!”
    “گهر ۾ ڪنهن جو به قدر نه ٿو ٿئي!” بزرگ ٿڌو ساه ڀري چيس.”
    مطلب؛ ۱- گهر جو پير، چلهه جو مارنگ.
    ۲- گهر ڪي مرغي، دال برابر.
    ۳- ويجهو، ڪوجهو.
    ۴- دور ڪا ڍول، سهانا بجتا هي.
    ۵- ويجهڙائپ سبب، هر شيءِ/ماڻهوءَ جي عزت/رعب/محبت، دل مان نڪري ويندي آهي.


    122. گهڻا پئسا، ٿورن پئسن کي ڪمائيندا آهن. (واپاري، چوڻي)

    هڪڙي غريب، هڪڙي شاهوڪار آڏو گهڻا پئسا رکيل ڏٺا ته دل ۾ خيال آيس؛ “پئسو پئي کي ڪمائي ٿو! ڇو نه پنهنجي پئسن سان انهيءَ جا پئسا ڪمائي وٺان!”
    اهي پور پچائي، پنهنجا ٿورڙا پئسا، شاهوڪار جي گهڻن پئسن ۾ اڇلايائين. گهڻي انتظار بعد، جڏهن نه منافعو موٽيو ۽ نه مور، ته پريشاني ٿيس.
    “ڪهڙن خيالن ۾ پريشان آهين!” شاهوڪار، پريشان ڏسي پڇيس.
    “پئسو پئسي کي ڪمائي ٿو.” وضاحت ڪندي چوڻ لڳس؛ “انهيءَ لالچ تي پنهنجا پئسا، تو وارن ۾ اڇليا اٿم، هن وقت تائين منافعو منافعي جي ماڳ، مُور ئي نه موٽيو آهي. ان ڪري پريشان آهيان.”
    “ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ پئسو پئسي کي بلڪل ڪمائيندو آهي! مون وارا پئسا تو وارن پئسن کي ڪمائي ويا!” واپار جو اصول بيان ڪندي چوڻ لڳيس؛ “گهڻا پئسا، ٿورن پئسن کي ڪمائيندا آهن.”
    مطلب:۱- خالي هٿن تي، پيٽ گذر کان وڌيڪ دولت هٿ نه ٿي اچي.


    123. ڳالهين سنديون ڳالهيون، ٽڪي سندا موٺ. (سنڌ، پهاڪو)

    هڪڙو شخص شھر مان وکر وٺڻ پئي ويو ته هڪڙي دوست واٽ ويندي، واتين ويڻين، چيس؛ “مون لاءِ فلاڻي شيءِ آڻجانءِ؟!”
    ٻئي دوست به ٽڪو ڏيندي چيس؛ “يار شهر وڃين ٿو ته مون لاءِ ٽڪي جا موٺ آڻجانءِ!”
    شهر گهمي موٽيو ته ٻئي دوست ملڻ آيس. جنهن دوست ٽڪو ڏنو هيس، تنهن کي موٽ ڏنائين. ٻئي کي هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ٻڌايائين.
    “هن لاءِ موٺ آندئي ۽ منهنجي لاءِ سودو نه آندئي! ڇو؟” پهرئين دوست پڇيس.
    “هن پئسا ڏنا هئا، تو ڪئي هئي رڳي ڳالهه! تنهن ڪري ....” وضاحت ڪندي ٻڌايائينس؛ “ڳالهين سنديون ڳالهيون ٽڪي سندا موٺ.”
    مطلب:۱- ڳالهه ڪرڻ سان ڪم نه ٿيندا آهن. پر هَڏُ هلائڻ سان/خرچ کاٻار ڪرڻ سان ٿيندا آهن.
    ۲- نينهن نياپي نه ٿئي.


    124. لالچ ڇڏڻ سان عزت ملي ٿي. (هندي، چوڻي)

    هڪڙي گرو پنهنجي چيلي کي نصيحت ڪندي چيو؛ “دنيا کي ٿُڏي ڇڏ! ڇو جو دنيا سان محبت ڪرٻڻ واري جو ڇوٽڪارو نه ٿيندو!”
    هڪڙي ڏينهن اهو چيلو، گروءَ جي ڪچهريءَ ۾ آيو. گهڻي رَشِ سبب کيس ويهڻ لاءِ جاءِ نه مليس. ويٺل چيلن مان هڪ کي مُهرُن جي مُٺِ آڇي، جاءِ ورتائين.
    جڏهن گروءَ جي ويجهو ٿيو ۽ راز نياز ٿيو ته کيس چيائين؛ “اوهان ته چيو هو؛ دنيا کي لت هڻي ڇڏ! اڄ ته دولت هئڻ سبب، اوهان سان ويجهڙائي نصيب ٿي آهي.”
    “جنهن دولت ورتي، ان کان اها جاءِ وئي! تو دولت ڇڏي، توکي اها جاءِ ملي. دولت هئڻ سبب عزت نٿي ملي پر ڇڏڻ سبب! گروءَ چيلي جي ڳالهه کي سنئون ڪندي چيو؛ “لالچ ڇڏڻ سان عزت ملي ٿي.”
    مطلب:۱- دنيا جي پٺيان ڊوڙبو ته ڊوڙندي ويندي. دنيا کي ڇڏبو ته پويان ايندي.
    ۲- جيڪي دنيا جي پويان ويا، سي موٽيا ئي ڪين.


    125. لالچ، ڪتن سان گڏ کارائي. (سنڌ، چوڻي)

    هڪڙو بادشاهه شڪار ڪندي رستو ڀلجي ويو ۽ جهنگ ۾ هڪڙي ٻڪرار جي جهوپڙيءَ ۾ وڃي نڪتو. ٻڪرار ماني وغيره کارايس.
    بادشاهه ٻڪرار جي ڪتي جي ڳچيءَ ۾ موتي ڏٺو، جيڪو ڏاڍو وڻيس. ٻڪرار کان ان بابت پڇيائين؛ “ڪتي جي ڳچيءَ ۾ ڇا ٻڌو اٿئي؟!”
    “هتي ڀرسان کڏ آهي، اها اهڙن مڻيل سان ڀريل آهي. هڪڙو مڻيو کڻي ڪتي جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيو اٿم!”
    “مون کي انهن مڻين واري کڏ ڏيکار!” بادشاهه هِرکُ هاريندي چيس.
    “جيڪو منهنجي ڪتي سان، ان جي چَٺِ ۾ کير لڪيندو، تنهن کي اها مڻين سان ڀريل کڏ ڏيکاريندس!” ٻڪرار شرط رکندي چيس.
    بادشاهه پهرين نٽايو. نيٺ پنهنجي دل ۾ دليل ڊوڙائيندي چيائين؛ “هينئر ته ڪير ڏسي به ڪونه ٿو! ٻڪرار کي به خبر ناهي ته مان بادشاهه آهيان. بهتر آهي ته جهڙي نموني سان موتين ملڻ جو موقعو ملي. سو سجايو ڪيان!”
    دل مَنُ جاچي، ڪتي سان گڏ کير لَڪِڻ لاءِ تيار ٿي ويو. جڏهن ڪتي سان کيرُ لَڪَي دنگ ڪيائين ته ٻڪرار ٻڌايس؛ “سائين! مڻيا به کڏن ۾ ٿيندا آهن ڇا؟.... مون فقط اوهان جو امتحان پئي ورتو!”
    “ڪهڙو امتحان؟!”
    “اهو امتحان ته لالچ ۾ اچي، توهان ڪيترو ڪري سگهو ٿا. بيشڪ پڪ ٿي وئي ته .... ” ٻڪرار امتحان جو سبب ٻڌائيندي چيس؛ “لالچ ڪتن سان گڏ کارائي!”
    مطلب: لالچ ۾ اچڻ بعد، ماڻهو هر ڪڌو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي.


    126. لک کٽيا ڏُومڻيءَ، جي ڏُوم سلامت آيو. (هندي، پهاڪو)

    هڪڙي ڏُومڻيءَ /لنگهياڻيءَ/ مڱڻهارڻ جو مڙس، وڏي ڏِسُ تي ڪمائڻ ويو. گهڻو وقت گذرڻ پڄاڻان، ڏُومُ هڪ ڏينهن هٿين خالي اچي گهر ڀيڙو ٿيو. ڏُومڻي ڏاڍي خوش ٿي ۽ مٺايون ورهايائين. مٺائي وٺڻ ويل پاڙي وارين ڏومڻيءَ کان پڇيو؛ “مڙسنهن وڏي وقت کانپوءِ آيو آهي! آندو ڇا اٿئين جو کڻي خوشي ڪئي اٿئي؟!”
    “شڪر آهي ! جيئرو سلامت موٽي آيو آهي! انهيءَ کان وڌيڪ ڪهڙي خوشي؟!” ڏُومڻيءَ خوشي ملهائڻ جو سبب ٻڌائيندي چين؛ “لک کٽيا ڏومڻيءَ جي ڏوم سلامت آيو.”
    مطلب: جان بچي، لک ڪمايو.


    127. لوڀيءَ سندي راڄ ۾، ٺوڳي مري نه بک. (سنڌ، چوڻي)

    هڪڙي هندوءَ کي پٽ جي شاديءَ جو ڪاڄ ڪرڻو هيو. پر وٽس پئسا ڪين هئا. گهرواريءَ کان پڇيائين؛ “ڌياڻي! پُٽُ ته پرڻائين ٿي. پر ڪاڄ لاءِ ڪو ڏوڪڙ پئسو به اٿئي ڪين نه؟!”
    “نڪو!” جوڻس وراڻيس؛ “ڏوڪڙ پئسو ته آهي ئي ڪونه!”
    “ڀلا!” مڙس اڳ ڏئي پڇيس؛ “گهر ۾ ميڙي چونڊي گهڻي ٿيندي؟!”
    ”ميڙي چونڊي وري ڪهڙي هوندي! سوتي پوتي ڪمائي مان الائي ڪيئن ٿو وقت گذري!” جوڻس ويچارو منهن ڪندي ٻڌايس؛ “ها! البته هڪڙو ٽڪو آهي، جيڪو گهر ۾ پيو آهي!”
    “مون کي آڻي ڏي!” مڙسس ٽَپُ ڏيندي چيو؛ “ٽڪو وڏا ڪم ڪندو!”
    زال کان ٽڪو وٺي. هڪڙي هَٽَ- واڻيي وٽ پهتو. کيس چيائين؛ “ڀائي! مهيني لاءِ روپيو اڌارو کپي!”
    “وياج تي ڏيندس!” دڪاندار چيس؛ “مهيني جو وياج ٽڪو ٿيندو.”
    “اهو ته اڳواٽ ٿو ڏيان!” ٽڪو ڏيکاري، لالچائي وڌائينس.
    واڻيي به لالچ ۾، ٽڪو وٺي روپيو ڇوڙي ڏنس.
    شهر مان روپئي جا ٻٽيهه ٽڪا مٽائي، هڪڙي وياج- خور وٽ آيو. کيس چيائين؛ “وياج تي مهيني لاءِ پئسا اڌارا کپن!”
    “وهنوار تي کوڙ پئسا!” وياج- خور، کيس گراهڪ سمجهي چيو؛ “روپئي تي ٽڪو وٺندس. جيترو پاڻ ۾ وياج ڏئي سگهڻ جو ڀُوتو ڀانئين اوترو قرض کڻ!”
    “وياج جو نرخ ته وڏو آهي! پر ڇا ڪجي! پٽ جي ڪاڄَ لاءِ ٽيهن روپين جي سوڙهه ٿي پئي آهي.” وياج- خور کي شيشي ۾ لاهڻ لاءِ ٽيهه ٽڪا اڳواٽ ڏيندي چيائين. “سِيڌو به توکان کڻندس! هيءُ وٺ ٽيهه ٽڪا وياجيرو.”
    مٿيان ٻه ٽڪا، وياجيءَ جي پٽ کي خرچيءَ طور ڏنائين. واڻيي پٽ جي ٻه ٽڪا خرچي ۽ ڳرو وياج، اڳواٽ ايندي ڏٺو ته يڪدم کير لاهي بيهي رهيو. جهٽ ۾ ٽيهه روپيا ڪڍي ڏنائينس.
    هندوءَ پنهنجي پٽ جو ڪاڄ وقت سارو ڏاڍيءَ ڌام ڌوم سان ڪيو. جڏهن وياج ۽ موڙي موٽائڻ جو وقت آيو ته ٻنهي وياجين آڏو پِڙُ ڪڍي بيهي رهيو. ٻئي رڙندا رهيا.
    ڳوٺ واري واڻيي کي هڪڙو ٽڪو ۽ شهر واري دڪاندار کي پٽ جي خرچيءَ سميت ٻٽيهه ٽڪا ڦٻيا. اها ڳالهه ٻڌي هڪڙي سالڪ چيو؛ “لوڀيءَ سندي راڄ ۾، ٺوڳي مري نه بک!”
    مطلب: جتي لوڀي هجن، اتي ٺوڳي بک نه مرن.
    ڀيٽيو: ديڳڙا ويامندا آهن ته ديڳڙا مرندا به آهن.


    128. ماٺ ڏاڍي مٺي آهي. (سنڌ، چوڻي)

    هڪڙي بادشاهه جو وزير، ڏاڍو سياڻو ھو. بادشاهه کي دل ۾ خيال آيو؛ “هيءُ هيترو هوشيار آهي ته پڻس ته الائي ڪيترو سياڻو هوندو؟”
    اهو خيال ايندي ئي وزير جي پيءُ سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪيائين. مَڄاڻ وزير جو پيءُ چرڙيو هيو. پهرين ته وزير به نٽايو، پر نيٺ حڪم جي تعميل ڪرڻي پيس.
    هڪ ڏينهن پيءُ کي سنبرائي، درٻار ڏانهن وٺي پئي آيو. رستي ۾ هڪڙي دڪان تان مصريءَ ڳڙي وٺي ڏنائينس. پڻس کي مصري ڏاڍي مٺي لڳي، تنهن تي پڇيائينس؛ “ابا! هيءَ ڇا هي؟”
    “ابا! اها ماٺ آهي!” وزير، مصريءَ بابت پيءُ کي ٻڌايو.
    جڏهن بادشاهه جي ڪچهريءَ ۾ پهتا ته ڪچهريءَ ۾بادشاهه وزير جي پيءُ کان پڇيو؛ “ڪهڙي شيءِ ڏاڍي مٺي آهي؟!”
    “ماٺ ڏاڍي مٺي آهي!” وزير جي پيءُ، تازي تجربي مان کيس مستفيض ڪندي ٻڌايو.
    مطلب: صبر ڪرڻ واري کي ٻنهي جهانن ۾ سک ملي ٿو.
    ۲- صبر جا سورنهن، تڪڙ جا تيرنهن آهن.
    ۳- صبر جن جو سِيرُ، تِيرُ نه گسي تن جو.


    129. مالڪ وڃن ٻيڙيءَ چڙهيا، شاهد وڃن غوطا کائيندا. (هندي ، پهاڪو)

    ٻن ڌرين جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو ۽ وڃي ڪورٽن ۾ پيا. شاهديءَ لاءِ ڪورٽ سڳوريءَ ٻنهي ڌرين کان شاهد گهريا. هر ڌر پنهنجي شاهديءَ لاءِ گواه تيار ڪيا. ريهي ريبي، ڏٽا آسرا ڏئي، کين ڪورٽ ۾ پيش ڪيائون. جڏهن شاهديون پوريون ٿيون ۽ موٽَ ٿي ته رستي تي درياه پار ڪرڻ وقت، مالڪ اڳواٽ وڃي ٻيڙين ۾ چڙھيا. شاھد خالي کيسن سبب مولھاٽا ڏيئي چڙھيا. کين غوطا کائيندو ڏسي. ٻيڙيءَ جي ملاح چيو؛
    “مالڪ وڃن ٻيڙيءَ چڙهيا، شاهد وڃن غوطا کائيندا.”
    مطلب:۱- ڪم نڪرڻ کانپوءِ، ڪير ڪنهن کي ڪين ليکيندو آهي.
    ۲- ڪرهيي جي ميلي کانپوءِ، ڪپڙن کي ڏجي باهه.
    ۳- ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو.
    ۴- ڪم لٿو، ڪاڳر ڦاٽو.
    ۵- ندي پار ٿيڻ کان پوءِ، تون ڪير مان ڪير؟


    130. مرشد لاءِ دال، ته خليفن لاءِ خال. (سنڌ، پهاڪو)

    هڪڙو مرشد سڳورو خليفن جي لوڌ ساڻ ڪري غريب مريدن جي مٿان اچي ڪڙڪيو. مريد ويچارا مسڪين مارو ماڻهو هئا. وڏي مٿا ڪُٽَ کانپوءِ مرشد سڳوري لاءِ دال جو بندوبست ڪري سگهيا. سمجهيائون ته غريباڻي حال سارو مرشد سڳوري جي چڱي ضيافت ٿيندي.
    مرشد جي پيٽ جو الڪو پلي، خليفن جي ڀِڀَ ڀرڻ لاءِ دل مَنُ هڻڻ لڳا. ڪجهه نه سُجهين ته مرشد سڳوري سان مشورو ڪرڻ آيا؛ “سائين اوهان لاءِ ته دال رڌرائي آهي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته خليفن لاءِ ڇا رڌڻو پوندو!؟”
    دال جو نالو ڪن تي پوندي ئي مرشد سڳورو تپي باهه ٿي ويو. چي؛ “مرشد لاءِ دال ته خليفن لاءِ خال.”
    مطلب: جتي وڏن جو مان ئي ڪونهي، اتي ننڍن جو ڪهڙو حال هوندو؟


    131. مڙس بنا ويهون ڪير نه ڪري. (سنڌ، چوڻي)

    هڪڙي مائيءَ، هٿن جا پورهيا ڪري، پيٽُ ڪاٽي، اوڻيهه روپيا گڏ ڪيا هئا. سَڌَ هيس ته ويهارو روپيا پورا ٿين. وڏيءَ ڪوشش جي باوجود ويهه روپيا پورا نه پئي ٿيس.
    ٿورن ڏينهن ۾ مڙسهنس چڱا پئسا ڪمائي آيو. گهر جي خرچ پکي لٿي، هڪڙو رپيو بچيو ۽ هاڻي مائيءَ وٽ ويهه روپيا پورا ٿي ويا.
    “ادي! مهيني کان ويهه روپيا پورا نه ٿي ٿيا.” هڪڙي پاڙيواريءَ کي ڊاڙ هڻندي ٻڌايائين؛ “اڄ مڙس ڪمائي آيو، تڏهن ويهه روپيا پورا ٿي ويا.”
    “ادي! سچ ٿي چوين!” پاڙيواريءَ تائيد ڪندي چيس؛ “مڙس بنان ويهون ڪير نه ڪري.”
    مطلب: مڙس ئي عورت لاءِ اجهو آهي.


    132. مفت جو شراب، قاضيءَ کي به حلال. (سنڌ، پهاڪو)

    هڪڙو قاضي، مئخاني وٽان لنگهيو ته تاڙِي /شراب پيئندڙن، کيس پيئڻ جي صلاح ڪئي.
    “پيئڻ سخت گناهه آهي ۽ غير واجب آهي!” قاضيءَ دليل ڏيندي چين؛ “۽ ٻي ڳالهه ته اهڙا شوق ٿيندا آهن پئسي تي، جيڪي مون وٽ ته آهن ئي ڪونه!”
    “پئسي جي پرواهه نه ڪر!” شرابين زور ڀريندي چيس؛ “اسان پنهنجي پئسن سان ٿا توکي پياريون.”
    “پوءِ ترسو ته مان پنهنجي وڏي پٽ کي به وٺي اچان! قاضيءَ آماده ٿيندي چين. “مان ان کان سواءِ پيئندو ناهيان!”
    قاضي پٽ وٺي آيو. ٻيئي پيئڻ لڳا. هڪڙي همراهه رڙ ڪري چين؛ “مفت جو شراب، قاضيءَ کي به حلال.”
    مطلب: مفت جو بجو به، ڀلو آهي.


    133. مُنڊِيل هٿن سان، وڙهي ڪين سگهبو. (ڪوهستان، پهاڪو)

    هڪڙو اٻوجھ نوجوان ڪنهن طرف ٿي ويو. کيس هڪ هٿ ۾ تلوار ۽ ٻئي ۾ ڍال هئي، رستي ويندي هڪڙو اڙٻنگ جوان گڏجي ويس. جيڪو ڌُڪو ھڻي ٽپڙ ٽاڙي ته ڦري ويس پر ڍال ۽ تلوار به تڳايون ويس.
    “توسان ڪهڙي ويڌن ٿي آهي!” ڳوٺ وارن ڦُرِ جو سبب معلوم ڪرڻ لا پڇيس؛ “هٿيار ته تو وٽ مضبوط هئا، پوءِ وڙهئين ڇو ڪين؟ بچاءُ ڇو نه ڪيئي؟ مقابلو ڇو نه ڪيئي؟.....”
    “ادا! ڪهڙي ٿا ڳالهه پڇو؟ مان چو-کنڀو سڪ هئس! هڪ هٿ تلوار ۾ هٿيڪو هيو ته ٻيو ڍال ۾ ٻڌل! وڙهان ته ڇا سان وڙهان؟ منهنجا ته ٻئي هٿ مُنڊِيا پيا هيا.” ڦُرجي اچڻ جو سبب ٻڌائيندي چيائين؛ “مُنڊيل هٿن سان وڙهي ڪين سگهبو.”
    مطلب: ۱- مون پِرين، مون ٻڌي وڌو ٻار ۾.
    اڀا ائين چون؛ مڇڻ ! پاند پسائين . (شاهه)
    ۲- ڦاٿل ماڻهو، مقابلو ڪين ڪري سگهندو.


    134. موت جي منهن ۾ وڃڻ لاءِ به حوصلو کپي. (سنڌ ،چوڻي)

    هڪڙي پوڙهي زندگيءَ مان اچي بيزار ٿي ۽ روز وڻ تي چڙهي پئي ٻاڏائيندي هئي؛ “ ڌڻي منهنجا! گهڻو ئي کاڌم پيتم ! هاڻي عزرائيل کي موڪلي، ستت مون کي پاڻ وٽ گهراءِ!”
    هڪڙيءَ رات، پاڙي وارن جي گابي، اٽي جي پاري ۾ ٻوٿ وڃي وڌو ته سڱن سبب ٻوٿاڙ ان ۾ ڦاسي پيس ۽ انڌن وانگر هيڏي هوڏي ڦرڻ لڳو. هڪڙي اونده ٻيو اکين تي پاري جو اکياڙ چڙهيس ته گابو هراسجي وٺي ڀڳو ۽ ڪراڙيءَ جي گهر جي اڱڻ تي اچي بيٺو. ڪراڙي، اونده ۾ گابي جي کڙکڙ ٻڌي ۽ هيولا ڏسي سراپجي وئي.
    پنهنجون گھريل دعائون دل تي تري آيس. اندر ۾ وسي ويس ته پڪ ڌڻيءَ ملڪ الموت کي موڪليو آهي.
    من ۾ اهو گمان ويهڻ شرط گهٻرائجي وئي.
    “ميان عزرائيل!” گابي کي چوڻ لڳي؛ “ڌڻي، جنهن عورت جو ساهه آڻڻ لاءِ توکي مُڪو آهي، سا مان ناهيان. اها منهنجي مهانڊي منهنجي ڀيڻ آهي. تون اجايو منهنجي گهر ڀلجي آيو آهين!”
    انهيءَ شور تي ڪراڙيءَ جو وڏو پٽ به سجاڳ ٿي پيو. کيس به ماءُ جون گهريل دعائون ياد هيون. گابي جي هيولا کي ڏسي. انهيءَ کي پڻ ڊپ وڪوڙي ويو. ايتري ۾ گابي جو مالڪ به گابي کي ڳوليندو، اتي اچي نڪتو. تنهن لٺ سان گابي جي ڳچيءَ ۾ پيل پاري کي ڀڳو ته گابو ڳچيءَ ۾ پيل گرنهن سميت ٽاه کائي وٺي ڀڳو. انهيءَ تي ڪراڙيءَ کي لڱن ۾ ساه پيو.
    “مئو ابو ڏاڏو گابي جو!” ڪراڙيءَ سهڪندي چيو؛ “ابا گابي ته موراڳي ساه ئي سڪايو هيو!”
    “موت جي منهن ۾ وڃڻ لاءِ به حوصلو کپي!” پٽهنس چيو.
    مطلب:۱- موت، هر شيءِ کان سخت آهي.
    ۲- ساه، سڀ کي پيارو آهي.


    135. موت، نه وقت ڏسندو آهي نه هنڌ. (سنڌ ، چوڻي)

    هڪڙي ٻيڙيائت ملاح جي ٻيڙي جڏهن ڪُنَ مان بچي نڪتي ته هڪڙي مسافر کانئس پڇيو؛ “تنهنجي پيءُ جو موت ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ ٿيو؟”
    “منهنجي پيءُ جي ٻيڙي، هڪڙي ڪُنَ ۾ ڦاٿي ۽ غرق ٿي وئي. پاڻ به ان ۾ ٻڏي مري ويو!”
    “تنهنجي ڏاڏي جو موت، ڪهڙي سبب جي ڪري ٿيو؟”
    “سندس ٻيڙيءَ ۾ چڙهيل وهٽن، وچ سِيرَ ۾ پهچڻ وقت ٽاهه کاڌو ته ٻيڙي هڪ پاسي اوهرجي، اونڌي ٿي پئي، جنهن سبب ڏاڏي جو موت ٿيو.”
    “پوءِ تون اڃا به درياه تي ٻيڙي هلائڻ کان نٿو مڙين!؟!”
    ملاح گهريءَ سوچ ۾ پئجي ويو. سوچي سوچي کانئس پڇيائين؛ “تنهنجي پيءُ جو موت، ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ ٿيو؟”
    “بيماريءَ سبب، بستري تي!”
    “تنهنجي ڏاڏي جو!؟”
    “ان جو به بستري تي، بيماريءَ سبب.”
    “پڙ ڏاڏي جو؟”
    “ان جو به ائين ئي، کٽ تي.”
    “پوءِ تون اڃا کٽ تي سمهين ٿو؟!.... خير ائين ڪونهي....” همراهه کي سوچ ۾ غرق ڏسي، ملاح وري چوڻ لڳو؛ “موت، نه وقت ڏسندو آهي نه هنڌ.”
    مطلب: موت جو ذائقو، هر ساهدار کي چکڻو آهي.


    136. مئي ڪتي، پرچهه نه وڃائجي. (سنڌ، پهاڪو)

    هڪڙي همراهه کي پنهنجي دوست جو ڪتو ڏاڍو وڻندو هو. سدائين دل ۾ خيال ڪندو هو؛ “فلاڻي جو ڪتو ڏاڍو عمدو آهي، جيڪر کانئس گهران!”
    هڪ ڏينهن ٺهي سنبري انهيءَ لاءِ نڪتو. دوست وٽ پهتو ته خبر پيس، ڪتو مري ويو آهي. تنهن هوندي به دوست کي چيائين؛ “مون کي تو وارو ڪتو ڏاڍو وڻندو هيو. مان اڄ سنبري ان لاءِ نڪتو هيس ته توکان اهو گهران! پر افسوس ... اهو مري ويو آهي.”
    “يار! ڪتو ڏاڍو لاجواب هيو! ۽ ڏيڻ جهڙو ئي نه هو. اڄ هجي ها ته شايد توکي ته ڇا ڪنهن کي به نه ڏيان ها!”
    “يار!عجيب دوست آهين! وِيلَ وَٿُ لاءِ پيو اکيون پورين.” دوست طعنو ڏيندي چيس؛ “مُئي ڪتي پرچهه نه وڃائجي!”
    مطلب: ۱- اجائي ڳالهه تي ضد ٻڌي، دوستي نه ڦٽائجي!
    ۲- ڏجي نه، ته ڏکوئجي به نه.


    137. نه اڳلا نه پڇلا، مال کاڳيا وچلا. (سرائڪي، پهاڪو)

    هڪڙي جبل جي غار ۾ هڪ بزرگ ويٺي رياضت ڪئي. غار مان ميداني علائقو صاف ۽ چٽو پئي نظر آيس. ميدان ۾ هڪ کوه هيو، جنهن مان راهگيرن پاڻي به پئي پيتو ۽ ڀر واري ننڍي وڻ جي ڇانءَ ۾ ٿڪ ڀڃي، تازو توانو ٿي، پنهنجي منزل ڏانهن وک به پئي وڌائي.
    هڪ ڏينهن هڪڙو گهوڙي سوار مسافر آيو. چيلهه سان ٻڌل ناڻي جي هِمياڻي ڇوڙي هيٺ رکيائين. پاڻي پي آهِليو ته اک لڳي ويس. اک کلڻ تي پاڻ کي تازو توانو سمجهندي، يڪدم گهوڙي تي چڙهيو ۽ منزل ڏانهن رخ رکيائين. اُٻهرائپ ۾ اشرفين سان ڀريل هِمياڻي کڻڻ وسري ويس.
    جيڏانهن ويو، اوڏانهن کان ٻيو گهوڙي سوار مسافر آيو. جنهن کوه تي لهي، پاڻي پيتو. وڻ جي ڇانءَ هيٺيان آساس وٺندي هِمياڻيءَ تي نظر پيس. کڻي چيلهه سان ٻڌيائين ۽ ان طرف روانو ٿيو، جنهن طرف کان پهريون مسافر آيو هئو.
    پٺي ئي نه ڏنائين جو هڪڙو ڪاٺير جهنگ مان ڪاٺين جي ڀري مٿي تي رکيون، شهر وڪڻڻ لاءِ ويندي کوه تي آيو. ڀري لاهي پاڻي پيتائين ۽ وڻ جي ڇانءَ ۾ ٿڪ ڀڃڻ لاءِ آهليو مس ته ننڊ کڻي ويس.
    ايتري ۾ پهريون مسافر موٽيو ۽ لت هڻي ڪاٺير کي ننڊ مان اٿاريندي پڇيائين؛ “اشرفين جي هِمياڻي ڪاٿي آهي!”
    “مون کي خبر ناهي!”
    کتو جواب کيس نه وڻيو. هڪدم مياڻ مان تلوار ڪڍي، سندس سِرُ قلم ڪيون هليو ويو.
    “نه اڳلا نه پڇلا، مال کاڳيا وچلا!” ٽڪريءَ جي غار ۾ رياضت ڪندڙ بزرگ جي واتان بي اختيار نڪري ويو.
    مطلب: اڳيان محنت ڪري ويا، وچن ڦل کاڌو ۽ پويان لوڙين ٿا پيا.


    138. نه اڳلا نه پڇلا، واه جا وچلا. (سرائيڪي ، پهاڪو)

    هڪڙي بادشاهه کي ٽي ڌيئر هيون. وڏي ڌيءُ رنگ جي سانوري ۽ عُمرِ ۾ چڙهيل هئس. وچين رنگ جي موچاري ۽ جوانيءَ سبب سهڻي نظر پئي آئي. ٽين ننڍي هئي ۽ اڃا رنگ نه ڪڍيو هئائين.
    هڪ ڏينهن محلات مان سير لاءِ نڪتيون ته رستي ۾ هڪڙو درويش نظر آين، جيڪو چوندو پئي ويو؛ “نه اڳلا نه پڇلا، واه جا وچلا.”
    هنن اهو جملو پاڻ ڏانهن منسوب سمجهيو ۽ موٽڻ مهل پيءُ کي دانهن ڏنائون. درويش کي درٻارِ ۾ پيش ڪيو ويو. کانئس انهي جملي جو مطلب پڇيو ويو ته ٻڌايائين؛ “مان هن وقت ڪراڙو ٿي ويو آهيان ۽ هلڻ کان لاچار آهيان. ٻين جو محتاج ٿي پيو آهيان. هيءُ منهنجو پويون وقت آهي. اڳئين وقت ۾ ٻار هئس ۽ ٻين جو محتاج هئس. ٻنهي دورن کان وچون وقت ڀلو هو. جوان ۽ خوبصورت هئس. هاڻي ٽئي دور اکين سان ڏسڻ کانپوءِ انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان!” درويش ڳالهه جو نچوڙ پيش ڪندي چيو؛ “نه اڳلا نه پڇلا، واه جا وچلا.”
    مطلب : ٻارائپ ۽ ٻڍائپ کان، جوانيءَ جو وقت تمام گهڻو شاندار آهي.


    139. نه پرڻ ۾ پاڻي ايندو، نه ئي ڌوڙِ ڌاڻيون وٽبيون. (ساهتي، پهاڪو)

    هڪڙي ڳوٺ وارا ٻئي ڳوٺ مان گهوٽ پرڻائڻ پئي ويا ته ڳوٺ جي ڪراڙي ۽ پريي مڙس به کين ايلاز ڪيو؛ “مون کي به ساڻ وٺي هلو!”
    “ڪراڙا ! تون سفر ۾ تنگ ڪندين! تنهن ڪري تنهنجي هلڻ مان اسان کي تڪليف ٿيندي!” کيس ائين چئي، ڳوٺ ۾ ڦٽي ڪري ويا.
    ڪراڙو به نه مڙيو. ٿڙي ٿڦڙي، ڪنهن ذريعي سان وڃي اتي نڪتو. وڃي ڏسي ته ڄڃ ڪنهن مسئلي ۾ منجهي ويٺي آهي ۽ گهوٽ ته پرڻجي ئي ڪو نه پيو.
    “ڄڃ ڇا ۾ مُنڌي آهي.” ڪراڙي پاسِڙو ڏئي، هڪڙي همراه کان پڇيو.
    “ڪراڙا ! ڪنواريتا ٿا چون؛ ڌوڙِ ڌاڻيون وٽي ڏيو ته ڪنوار توهان جي حوالي ڪيون!” ان همراه کانئس پڇيو؛ “هاڻي تون ٻڌاءِ؟ ڌوڙِ مان ڌاڻيون وٽبيون آهن؟”
    “ابا! ان ڳالهه جو جواب ته سولو آهي!” ڪراڙي کيس چيو.
    پوڙهي جي اها ڳالهه ٻڌي سڄي ڄڃ متوجه ٿي وئي.
    “اهو ڪيئن سولو آھي؟” ڪنواريتن پڇيس.
    “پرڻ ۾ پاڻي آڻي ڏيو! مان ٿو توهان کي ڌوڙِ جون ڌاڻيون وٽي ڏيان!”
    “پرڻ ۾ پاڻي ڪيئن ايندو؟” ڪنواريتن اعتراض واريندي چيس؛ “ڪراڙا! مت ته ڪا نه وئي اٿئي!”
    “منهجي مت نه وئي آهي! پر توهان جي وئي آهي!” ڪراڙي جرح ڪندي چين؛ “نه پرڻ ۾ پاڻي ايندو، نه ئي ڌوڙِ ڌاڻيون وٽبيون.”
    مطلب: ۱ . پرڻ ۾ پاڻي نه پوندو ته ڌوڙِ جون ڌاڻيون به نه وٽبيون.
    ۲ . نه نَوَ مڻ تيل ايندو، نه راڌا نچندي.
    ۳ . نه عراق مان ترياق ايندو، نه نانگ ڏنگيل بچندو.
    ۴ جنهن محفل ۾ پير مرد ناهي، ان محفل ۾ ڪو نه ڪو ڪم ضرور کرندو.


    140. نَرُ ننگو، ناري لڄ. ( چوڻي )

    ھڪڙو شهزادو، هڪ گهٽيءَ مان لنگهيو ته هڪ در تي سهڻي ضائفان نظر آيس. ڏسڻ شرط، مٿس عاشق ٿي پيو. عورت حياءَ کان يڪدم اندر هلي وئي. مرد پاڻ نه پلي سگهيو. اڻ پڇيو ۽ ريءَ سڏيو سندس پويان، گهر ۾ گهڙي پيو.
    عورت گهر ۾ هڪڙي ننڍڙي ٻار سان ترسيل هئي. مرد ماڻهو ڪين هيس. غير مرد کي گهر ۾ آيل ڏسي چيائينس؛ “مون توکي اندر چڻ جو اشارو نه ڏنو آهي! پوءِ ڪيئن اڻ پڇيو گهر ۾ گهڙي آئين!؟”
    “مان توتي عاشق ٿي پيو آهيان!” مرد دليل ڏيندي چيس؛ “تولاءِ پاڻ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان!”
    “عورت کي، مرد کان چاليهه ڀيرا نفساني خواهش هوندي آهي.” عورت رَدُّ ڏيندي چيس؛ “تنهن هوندي به مان صبر سان پنهنجي گهر ۾ ويٺي آهيان ۽ تون لوڙها لتاڙيندو ٿو وتين!؟”
    “مان پاڻ نه ٿو پلي سگهان!” مرد وراڻيو.
    “نَرُ ننگو، ناري لڄ.” عورت رهڙ ڏيندي چيس؛ “ان کان اڳي جو منهنجو مڙس پهچي، هتان هليو وڃ! نه ته پاڻ ته ويل ۾ پوندين پر مون کي به ڏچي ۾ وجهي ڇڏيندين.”
    مطلب : ۱ عورت کي لڄ / حيا آھي. جڏھن ته مرد بي صبرو / اُٻهرو آهي!
    ۲ . مرد جي سونهن مردانگيءَ ۾، عورت جي سونهن حياءَ ۾ آهي.


    141. نقصان پوڻ کان پوءِ نصيحت ڪرڻ ، ڪهڙي ڪم جي؟ (فارسي، پهاڪو)

    هڪ ماڻهوءَ پنهجي پٽ کي سڏ ڪري چيو؛ “مهمان لاءِ، شيشي جي گلاس ۾، پاڻي ڀري آ!”
    ڇو ڪرو تعميل ڪرڻ لا وڃڻ لڳو ته کيس واپس سڏي زوردار ٿڦڙ هڻندي چيائينس؛ “گلاس خيال سان کڻجانءِ! متان ڪيرائي وجهين!”
    ان تي مهمان چيس؛ “گلاس ڀڃي ها ته پوءِ، کيس ٿڦڙ هڻين ها! اڳي ڇو هنيسي؟!”
    “نصيحت خاطر کيس ٿڦڙ هنيم! گلاس ڀڄڻ کانپوءِ سزا ڏيڻ مان ڪهڙو ڪم فائدو؟” وضاحت ڪندي ٻڌايائينس؛ “نقصان پوڻ کان پوءِ نصيحت ڪرڻ، ڪهڙي ڪم جي!؟”
    مطلب: نقصان پوڻ کان پوءِ، روئڻ مان ڇا فائدو؟
    ۲_ هارئي کير لاءِ روئڻ مان ڪهڙو فائدو!


    142. نڪمو، پڪيءَ ٻير هيٺان به بک مري. (سنڌ پهاڪو)

    هڪڙو ٽوٽي همراه، ڀريل ٻير هيٺان ستو پيو هو. اٿڻ لاءِ دل ئي نه پئي گهريس. اوري پري، ڪيترا ئي ٻير ڇڻيا پيا هئا، پر سستيءَ سبب کڻي نه پئي کاڌائين. هڪڙو ٻير ته سندس پيٽ تي به اچي ڪريو، ته به مڙس کڻي نه کاڌو.
    ايتري ۾ سندس ڀرمان هڪڙو گهوڙي سوار اچي لنگهيو. مٿس نظر پوندي ئي کيس سڏيائين. گهوڙي سوار، همدردي خاطر گهوڙو جهلي، لهي آهو.
    “ادا ! چـؤ! تو کي هڪڙي مدد جي ضورت آهي!” گهوڙي سوار پڇيس.
    ” ادا! بک ٿو مران! جيڪر کائڻ لاءِ ڪجھ هجئي ته ڏينم!” پيٽ تي پيل ٻير ڏانھن اشارو ڪندي چيائينس؛ “ٻيو نه ته هيءُ ٻير ئي وات ۾ وجهينم ته وات چڱو ٿئينم!”
    “ادا! تو کي به شابس آهي! بک مرڻ تهنجو حق آهي! “گهوڙي تي لانگ ورائيندي چيائينس؛ “نڪمو، پڪيءَ ٻير هيٺان به بک مري!”
    ملطب : سست / ٽوٽي / نڪمو ماڻهو، هر حال ۾ ٻين جو محتاج رهي ٿو.


    143. نوٽن جي ڀت ٺهرائڻ سولي، سرن جي اولي. (سرو، چوڻي)

    عالومل نالي ھڪ هندو، شهداد ڪوٽ شھر ۾ وڏو سيٺيو هيو. بختاور اهڙو هيو جو مٽيءَ ۾ هٿ وجهي ته مٽي سون ٿي پوي. هڪ دفعي گهر جي ڀت ڊهي پيس. ٺهرائڻ لاءِ رازي کي گهرايائين. ڀت ڏيکاري، مٽيريل ۽ خرچ بابت پڇيائينس.
    “ديوان! ٻه چار ٻوريون سيمينٽ جون، مڻ کن سريو، ٻه ٽي مڻ بجرو ۽ ريتي، سرن جا ٻه ٽي هزار، چُوني جي ٻوري اڌ ايندي.” رازي، سبز باغ ڏيکاريندي چيس؛ “اميد ته ڏينهن- اڌ ۾ ڀت تيار ٿي ويندي.”
    عالومل سهڪندو، ٻڌايل سامان شهر مان وٺي آيو. ڪم شروع ٿيو. ڪڏھن ٻه ٻوريون سيمينٽ جون پيون گهرجن. ڪيڏيءَ مهل ريتيءَ جو گاڏو ڍڪي پيو اچي ته ڪيڏي مهل چُونو پيو کٽي. عالومل جي اچ وڃ هجي. اڃا ڊڪي ڊڪي گهر نه پهچي ته وري سهڪندو سامان وٺڻ وڃي. ڊڪي ڊڪي مڙس جي ڌوتي ئي کسي پئي.
    “سيٺ آهي ته خير!؟” ريتيءَ بجريءَ واري دڪاندار پڇيس؛ “ٺهرائين ته ڇڙي ڀت ٿو، صفا کٿ ٿي پيو آهين!”
    “ادا خبر ئي نه پڇ! ڀت ڀڃي لاٿو آهي. بينڪ مان پئسا ڪڍائڻ سولا آهن......” نرڙ تان ڌوتيءَ جي پَلَوَ سان پگهر اگهندي چوڻ لڳو؛ “نوٽن جي ڀت ٺهرائڻ سولي، سرن جي اولي!”
    مطلب : ۱ . هر ڪم، محنت کانسواءِ نه ٿو ٿئي.
    ۲ . پئسو خرچ ڪرڻ سولو، ڪمائڻ ڏکيو آهي.


    144. واڻڪو ٻار به نفعي جي لالچ ۾ ڌڪ کائيندو آهي. (هندي ، چوڻي)

    هڪڙي واڻيي جو ڇوڪرو، چاڪيءَ کان تيل جي دَکِي اٺين آني ۾ وٺي، مٿي تي کنيو دڪان تي ٿي آيو جو رستي ۾ هڪڙي سوني اشرفي نظر آيس. دل ۾ چيائين؛ “جڪڏهن جهڪي اشرفي کڻندم ته گهڻا مالڪ ٿي پوندس! اشرفي به ڇڏڻي ناهي!”
    اهو پور پچائي کڻي پاڻ ڇڏيائين. مٿي تي رکيل تيل جي دکي ٽُڪر ٽُڪر ٿي وئي. تيل هارجي ويو. ماڻهن جي پهچڻ کان پهرين هاريل تيل منجهان واڻيي اشرفي کڻي کيسي ۾ وجهي ڇڏي. آيو ويو کيس اٿارڻ ۾ لڳي ويو ۽ ٿيل نقصان لاءِ آٿت ڏيڻ لڳس.
    واڻيي جو هڪڙو دوست پٽس جو نقصان ڏسي، دڪان تي پهتو. ڇوڪر هٿان پيل نقصان کان پيءُ کي آگاهه ڪيائين ۽ پٽس جي هڏ- رک هئڻ جي گلا به ڪيائين.
    واڻيي اطمينان سان ٻڌڻ بعد چيس؛ “خير آهي، منهنجو پٽ آهي! ائين نقصان نه ڪيو هوندائين! اچي ته کانئس پڇون ٿا!”
    ايتري ۾ پٽس به تيل جي دکي ڀرايون دڪان تي پهتو. پيءُ پٽ کان رستي ۾ ڪِرڻ جو سبب پڇيو. پٽس کيس سموري ماجرا ڪري ٻڌائي. ٻڌڻ بعد دڪاندار پنهنجي سنگتيءَ ڏانهن ڏٺو ۽ چيائينس؛ “واڻڪو ٻار به نفعي جي لالچ ۾ ڌڪ کائيندو آھي.”
    مطلب : ۱ . ھوشيار ۽ چالاڪ ماڻهو اهو ڪم ڪندو، جنهن ۾ ٻن رپين جو فائدو هوندس. جڏهن ته ڏسڻ وارا سمجهندا آهن ته نقصان وارو ڪم ڪيو اٿائين.


    145. واڻيا ٿڪجن ته مٽي ڪڍن. (ساهتي ، چوڻي)

    هڪڙي جاءِ جي اڏاوت تي مزدورن مزدوري پئي ڪئي. منجهن هڪڙو واڻيو به هيو، جيڪو ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا، جهنگ جي خيال جي بهاني سان موڪل وٺي چڪو هئو. سندس انهيءَ حرڪت تي ٺيڪيدار جي منشيءَ کي ڏاڍي بڇان به آئي. ٽپهريءَ ڌاري وري جڏهن ان مزدور ساڳئي عذر سان موڪل ورتي ته منشيءَ کي شڪ پيو.
    “اڙي تون هن جي پويان وڃي اک ٽيٽ ڪري ڏسي آ ته ........؟” منشيءَ ٻئي مزدور کي پويان موڪليندي چيو؛ “جهنگ جو خيال ٿو ڪري يا ڪ ٻي لنجهڻ اٿس!”
    “مٽيءَ جي ڍيري ٺاهي، مٿس جهنگ جي خيال واري نموني سان ويٺو هو!” اک ٽيٽ تي ويل مزدور منشيءَ کي موٽي اچي ٻڌايو؛ “جهنگ جي خيال جو بهانو هئس!”
    “تون ڪم کان نٽائين ٿو! واڻيو موٽيو ته منشيءَ دٻ پٽيندي چيس؛ “هتان موڪل جهنگ جي خيال جي ٿو وٺين، اتي وڃي مٽي جي ڍيري ٺاهي، مٿان ٿو ويهينس! هن مزور کي، مون اک ٽيٽ لاءِ موڪليو هئو.” انهيءَ مزدور ڏانھن اشارو ڪندي چيائينس؛ “انهيءَ ائين اچي ٻڌايو آهي! اهڙي ٺڳي ڪرڻ تي توکي شرم نه ٿو اچي!”
    “سائين! منهنجو عرض ٻڌو! منهنجو سنگتي بلڪل صحيح ٿو چئي ته مان مٽيءَ مٿان ويٺو هئم، پر حقيقت هيئن آهي؟..........” واڻئي ھٿ ادب جا ٻڌي، وضاحت ڪندي عرض ڪيو؛ “واڻيا ٿڪجن ته مٽي ڪڍن!”
    مطلب : ۱ . واڻيو / دڪاندار هڪ هنڌ ويهڻ سبب ٽوٽي ٿيندو آهي. کانئس محنت مزدوري ڪين ٿيندي.
    ۲ . ڪمزور ماڻهوءَ وٽ، ڪمزور بهانا هوندا آهن .


    146. وڃجي شادي شهيد تي ته ٿورو نه ٿڦجي لونگ فقير تي. (سرو، پهاڪو)

    لونگ فقير جو هڪڙو دوست يا دوستيءَ جي دعويٰ ڪندڙ، جيڪو شادي شهيد تي گهڻا ڀيرا ڪندو هيو. لونگ فقير ۽ شادي شھيد جا مقبرا، ضلعي خيرپور ۾ آهن.
    شادي شهيد تي ويندي واٽ ۾ لونگ فقير جو ڳوٺ ايندو هيو. هيءُ يار به اتي لونگ فقير وٽ ترسي، مانجهاندو ڪندو هيو ۽ لونگ فقير تي ٿورو ٿڦيندي چوندو هيو؛ “تنهنجي سڪ لڳي، بس اچي نڪتس ! پراڻي ياري به ته نباهڻي آهي.”
    ماني ٽڪي کائي، رات ترسي، ٻئي ڏينهن شادي شهيد تي وڃي حاضري ڀريندو هيو.
    هڪ ڏينهن اهو راز، لونگ فقير تي کلي پيو. جنهن دوست کي منهن تي چئي ڏنو؛ “وڃجي شادي شهيد تي ته ٿورو نه ٿڦجي لونگ فقير تي!”
    مطلب : ۱ . منهن ڪري مکڻ جو، جهوري ڪري جهڻ جي!
    ۲ . مِنهن مکڻ جو ڪرڻ، جهوري جهڻ جي لڳڻ. (ورجيس).
    ۳ . شادي شهيد تي وڃڻ، ٿورو لونگ فقير تي ٿڦڻ. (ورجيس)


    147. وڏن آئي، ننڍا وسريو وڃن. (سنڌ ، چوڻي)

    هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪڙو ڪفن چور ساماڻو، جيڪو مُردن جا ڪفن لاهيو هليو ويندو هئو. ماڻهو سندس انهيءَ حرڪت کان ڏاڍا تنگ ٿي پيا هئا. هڪ ڏينهن اهو مري ويو ته ماڻهن سک جو ساه کنيو. ٻه چار مهينا نه گذريا ته ٻيو ڪفن چور ساماڻو. جيڪو ڪفن ته لاهي ويندو هيو، پر قبر به اگهاڙي ڦٽي ڪري ويندو هيو. ماڻهو وري ٻيڻا بيزار ٿي پيا ۽ چوڻ لڳا؛ “اڳيون چڱو هئو، جو فقط ڪفن لاهيندو هيو. خفي ۾ ته نه وجھندو ھيو. هيءَ ته موراڳو مُردي کي جهنگ جي مِرُن حوالي ڪيون هليو ٿو وڃي.”
    “وڏو ڏوهاري پيدا ٿئي ته ننڍا وسريو وڃن!” هڪڙي درويش ائين چيو؛ “وڏن آئي، ننڍا وسريو وڃن!”
    مطلب : ۱. وڏن هوندي، ننڍا وسريو وڃن.
    ۲ . وڏو ڏوهاري، ننڍي ڏوهاري جي تعريف ٿو ڪرائي.
    ۳ . پويان، اڳين جي تعريف ڪرائين ٿا.


    148. وَرُ ته پهريون وَرُ، ٻيو آهي ڪارنهن جو ٺِڪرُ. (ساهتي، چوڻي)

    هڪڙي مائيءَ جي، هڪڙي غريب نوجوان سان شادي ٿيل هئي، جنهن مان ٻه ٻار هئس. مڙس محنت مزدوري ڪري پنهنجو ۽ ٻچن جو پيٽ پاليندو هو پر غربت سبب وقت ڏاڍو تنگ گذرندو هين. ماين جو مذهب آهي، چلڪو. غريب مڙس سندس اهي سڌون پوريون نه ڪري سهگيو، جنهن سبب مائيءَ جهيڙا ڪري کانئس طلاق ورتي.
    مائي جوان به هئي ۽ سهڻي به. سونهن ۽ جوانيءَ تي ناز به هيس ته مڙس جو کَپُ به هئس. طلاق جو داڳ لڳڻ سبب ڪير به ساڻس تڪڙ ۾ شادي ڪرڻ لا تيار نه ھئو. جنھن سبب منهن وڃي ڀِتِ سان لڳس. آخر هڪڙي شادي شده ۽ اڌڙوٽ عمر واري دولتمند سان شاديءَ لاءِ راضي ٿي وئي.
    مڙس ته کيس ڏاڍو گهرندو هو ۽ ٻچن جو به ڏاڍو خيال ڪندو هئس. تنهن هوندي به مائي دلي طرح راضي نه هئي. ڪڏهن ڪڏهن صبح جو اٿي ڪَهات ڪري چوندي هئي؛ “هاءِ پهريان مڙس!”
    “امان! بابا ته توکي روزانو ماريندو هو! ڏک ڏيندو هيئه! اسان کي به ان کان وڇوڙيئي. تنهن ھوندي به تو کي اهو ياد آهي؟ آخر ڇو؟!” هڪ ڏينهن اڳئين مڙس مان ڄاول پٽ چئي ڏنس.
    “ابا مارون به مڙس ڏيندا آهن! تڏهن ٿي چوان!...!” پٽ کي سمجهائيندي چيائين؛ “وَرُ ته پهريون وَرُ، ٻيو آهي ڪارنهن جو ٺڪر.”
    مطلب : ۱. نعمت کسجڻ کانپوءِ ئي، ان جو احساس ٿيندو آهي.
    ۲ . هر ڪنهن کي پنهنجو ماضي ڏاڍو پيارو لڳندو آهي.
    ۳ . اڳي جھڙا مرد، هاڻي ناهن.


    149. وَرَ راڄ، ٻَرَ راڄ، پُٽَ راڄ، ميڇ راڄ. (پنجابي، چوڻي )

    هڪڙيءَ عورت جو مڙس مري ويو هو پر پُٽَ جوان هئس، جن جي سهاري پئي جيئندي هئي. پٽن جي شادي ڪرايائين ته ننهن گهر ۾ ايندي ئي اچي ڏنڀ ڏنس. ننهن جي تائڻ تپائڻ سبب، مڙس وارا ڏينهن ياد ڪري پئي روئندي هئي. هڪ ڏينهن ننڍي هوندي جي سهيلي گهمڻ آيس. سندس حال ڏسي، ڏکن سورن جون ڳالهوين پڇڻ لڳس ته ڇلڪي پئي.
    “ادي! ڪهڙيون ٿي سورن جون ڳالهيون پڇين! مڙس وئي جا اندر ۾ ڦٽ اٿئي ڦٽ! اندر ئي جليو پيو اٿئي تون ڀيڻ آهين، توسان ٿي اندر جي ڳالهه ڪيان! هونئن ته سڄو ڏينهن زبان تي مهر اٿم. گونگن وانگر ٿي جيئان! پر هڪڙي ڳالهه ٻڌي ڇڏ!” دردن جو داستان، ڳوڙهن جي مينهن ۾، ٻڌائيندي چوڻ لڳس؛ “وَرَ راڄ، ٻَرَ راڄ، پٽ راڄ، ميڇ راڄ!”
    مطلب: ۱ . خاوند راج، بلند راج، پُوت راج، دُوت راج. (پنجابي)
    ۲ . مڙس جو راڄ ائين آهي جيئن رام ۽ سيتا، ايوڌيا ۾ ٻرهه وارن ڏينهن ۾ حڪومت ڪئي. پٽ جو راڄ آهي ميڇ / اشاري جو راڄ. يعني پٽ جوءِ جي اشارن /ميڇن /چوڻ تي هلي ٿو.
    ۳ . ڌيءَ کان اڳي کائي وٺجي، ننهن کان اڳي چوڙي وٺجي.
    ۴ . ماڻِ چوڙِ، جيسن ننهن اچئي! کاءُ پيءُ، جيسين ڌيءَ ٿيئي.


    150. وڻ وڻ کي، اُگهاڙ نه ڏيکاربي (سنڌ / ساهتي، چوڻي )

    هڪڙي مولوي صاحب وٽ، وضوءَ ۽ استنجا لاءِ هڪڙو ئي ٺڪر جو ڪونئرو هيو، جنهن ۾ چڱي مقدار ۾ پاڻي ماپندو هيس. اهو ئي سبب هيو جو پراڻو ٿيڻ جي باوجود به ان مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار نه هئو. هڪ دفعي پاڻيءَ ڀريندي هٿ مان ڇڏائجي ويس ۽ ڀڄي ڀورَ ٿي پيس. ان تي ڏاڍو ملال ڪيائين.
    “سائين! ڪونئري جهڙي شيءَ آهي! ٺڪر اڄ جُڙيو، سڀان ڊهي ويو! ان لاءِ ايڏو رنج ڪبو آهي؟! جڏهن ان جهڙا ڪيئي بازار ۾ پيا ملن ته ان جي وڃڻ جو ڪهڙو ڏک؟!” هڪڙي جماعتيءَ چئي ڏنس.
    “ڪونئري ڀڄڻ جو رنج نه اٿم! پر چوان ٿو ته اوگهڙ هڪ کي ڏيکاري هئي. هاڻي ٻئي کي ڏيکارڻي پوندي.” ڏک جو سبب ٻڌائيندي چوڻ لڳو؛ “وڻ وڻ کي، اگهاڙ ته ڪانه ڏيکاربي.”
    مطلب: هر ڪنهن آڏو، پنهنجا عيب ظاهر نه ڪبا آهن.


    151. هارئي کان پيتو ڀلو. (هندي، پهاڪو)

    هڪڙو ماڻهو شهر مان ٻئي سودي سميت شربت جو شيشو وٺيو پئي آيو ته رستي تي ٿيڙ اچڻ سبب شيشي ۾ سِيرَ پئجي ويس. سِيرَ مان شربت وهڻ لڳو. کڻي هلڻ سان ڳوٺ تائين وهي پورو ٿي وڃي ها! حفاظت سان کڻي هلڻ لاءِ ٻيو ٿانءُ به نه هيس، جو ان ۾ لاهي کڻي ھلي.
    اهو ويچارُ ڪري، شربت جو شيشو ئي پي ويو. گهر پهتو ته جوءِ آڏي پڇا ڪيس. کيس سموري ماجرا ڪري سڻايائين ۽ آخر ۾ شربت پيئڻ جو سبب ٻڌائيندي چيائين؛ “هارئي کان پيتو ڀلو.”
    مطلب: مال ملڪيت ٻين لاءِ ڦٽي ڪري وڃڻ کان، پنهنجي هٿن سان پاڻ تي ۽ خدا جي راه ۾ خرچ ڪري وڃجي ته چڱو آهي.


    152. هجئي واندڪائي ته وڃ وڏيراڻي اوطاق. (سرو، چوڻي/پهاڪو)

    هڪڙي وڏيري جي اوطاق تي ڪچهري لڳي پئي هئي. مهمان مڙا به ٽڪيل هئا، جيڪي هنڌ وڇائجڻ جي آسري في الحال ڪچهريءَ ۾ مگن هئا. ايتري ۾ ڳوٺ جي هڪڙي واندي نوجوان اچي مُنهن ڪڍيو. کيس ڏسندي ئي وڏيرو مٿس ٽُٽِي پيو.
    “اڙي واه ڙي ولو واه! هونءَ ڪم نه هجي ته سڄو ڏينهن ويٺو اوطاق جو حقو ڇڪين ۽ کٽون ڇنين! اڄ مهمان آيا آهن ته وري گهر تڙ وارو ٿي ويو آهين.” اها تمهيد ٻڌڻ کان پوءِ ويٺس ڪم ڳڻائڻ؛ “شام کان ڍڳا بک تهي بيٺا آهن، انهن کي گاه ۽ ڪتر وجهڻي هئي، سا تو کانسوا ڪنھن نه وڌي. دلا ته دلا به گهڙامنجيءَ تي رکئي رکئي سڪي ويا آهن! تنهنجي آسري اهي به ڪنهن نه ڀريا آهن. مهمان ته مهمان آسري ۾ ويٺا آهن، ته اجها ٿي حويليءَ تان ماني اچي. هنڌ ديري تان الڳ کڻي اچڻا آهن. حقو ته، حقي جو مزو ڇڏائي ويو آهي! اهو به تازو ڪرڻو آهي.”
    ولو ماڻهن سان هٿ ملائي، اڃا کٽ تي ويٺو پئي ته وري وڏيري بوهر ڪيس؛ “ اڙي ! وري ويهين ٿو! ... اٿ بابا اٿ!..... پهرينءَ سٽ ته کوه تان پاڻي ڀري آ! پوءِ ٻيا ڪم ڪري اڳو پوءِ اچي ڪچهريءَ جو مزو وٺ! اٿ شاباس ! ڏاهو ٿيءُ اُٿ! جلدي ڪر!”
    وڏيري جي جهاڙ ٻڌي ولو پنهنجو ويهڻ وِهُ سمجهندي، ڪم لاءِ اٿيو ۽ پنهنجي منهن ڀڻڪندو ويو؛ “هجئي واندڪائي ته وڃ وڏيراڻي اوطاق.”
    مطلب: وڏيري جي اوطاق تي غريب کي نه وڃڻ گهرجي. ويندو ته رڳو ڪم ئي ڪم ڪرڻو پوندس.


    153. هر ڪنهن جي ڪاميابيءَ لاءِ، ڪانه ڪا واٽ آهي. (هندي، چوڻي)

    هندو پئنچائت هڪڙي معاملي تي غور ڪرڻ لاءِ ڪٺي ٿي. هلندي ڪچهريءَ ۾ هڪڙي پئنچ چيو؛ “اسين هندو ته روز رام جو نام جپيون ٿا، ان ڪري سَرڳَ ۾ وينداسين. ويچارن مسلمينن جو ڇا ٿيندو؟! انهن جو نرڳ کان ڪيئن بچاءُ ٿيندو؟”
    سڀئي پئنچ انهيءَ سوال ڏانهن متوجه ٿي ويا. ڪنهن کي به مسلمانن ويچارن جي بچاءَ جي واٽ نظر نه آئي.
    “وڏي پئنچائت ڪوٺائجي، ان ۾ اھو مسئلو پيش ڪجي.” ھڪڙي پئنچ وڏي سوچ بعد چيو، جنهن تي سمورا متفق ٿيا.
    وڏي پئنچ ڪوٺائي وئي. مقرر وقت تي جڏهن سمورا پئنچ ڪٺا ٿيا ته کين مسئلو وڏو گنڀير نظر آيو. سمورا مٿو ٽيڪي سوچڻ کي جنبي ويا.
    “ويچارن مسلمينن جي بچاءَ ۽ ڪاميابيءَ لاءِ ٻي ڪابه واٽ نه ٿي نظر اچي پر هڪڙي آهي...” هڪڙي مهاپئنچ ۽ دانيءَ وڏي مٿي- ويڙهاند بعد چيو؛ “اُها اِها آهي ته جڏهن مسلمين، ڪچهري ڪري ٿڪبا آھن ته اٿڻ وقت چوندا آهن؛ هلو ته هلي آرام ڪيون. ان وقت جيڪو رام جو نام جپيندا آهن، اتي ڪاميابي ٿئين ته ٿئين، نه ته ٻي واٽ نظر نه ٿي اچي.”
    “پاڻ ته خوامخواه خفي پئي ٿياسين.” هڪڙي پئنچ پنهنجي خيال جو اظهار ڪندي چيو؛ “هر ڪنهن جي ڪاميابيءَ لاءِ ڪانه ڪا واٽ آهي.”
    مطلب: ۱ . اميدن تي جهان قائم آهي.
    ۲ . خدا تعاليٰ هر ڪنهن لاءِ، سولائي خلقي آهي.


    154. هر ڪو دولت سان محبت ڪري ٿو. (ساهتي، چوڻي)

    “مون وٽ ماڻهو تمام گهڻا ٿا اچن، جنهن ڪري عبادت ۾ هر وقت خلل رهي ٿو.” هڪڙي مريد پنهنجي مرشد کان هدايت وٺندي عرض ڪيو؛ “مون کي اهڙي ترڪيب يا وظيفو عطا ڪيو، جنهن سان ماڻهن مان جان ڇٽي پوي ته جيئن پوري توجه سان عبادت ڪري سگهان.”
    “ان جو علاج تمام سولو آهي!” مرشد نسخو ڏَسِيندي چيس؛ “امير ماڻهن کان قرضُ وٺ ۽ غريبن/گهرجائن کي ڏي.”
    “ائين ڪرڻ سان ته معاملا اڃا وڌندا!” مرشد سان دل جو حال ڪندي چوڻ لڳو؛ “جان ته ڪا نه ڇُٽندي.”
    “ائين ڪرڻ سان تنهنجي بلڪل جان ڇٽي ويندي.” مرشد کولي سمجهائڻ لاءِ ٻڌايس؛ “امير، قرض گهرڻ تتئون ۽ غريب / گهرجائو قرض موٽائڻ تتئون، تو وٽ ايندا ئي ڪو نه!”
    “دولت نُهنِ کان ماس وڇوڙي ٿي. ائين بلڪل ٿيندو! ڇو جو .... ” مرشد وضاحت ڪندي چيس؛ “هر ڪو دولت سان محبت ڪري ٿو.”
    مطلب: ۱ . اوڌر، محبت جي قئنچي آهي.
    ۲ . زن، زمين ۽ زر، جهيڙي / قضيي جا گهر.
    ۳ . زر، زمين ۽ زن، ٽيئي جهيڙي جوڀنُ.
    ۴ . زر، زمين ۽ زن، ٽيئي ڀرائين ڀَنَ.
    ڀيٽيو: دولت، نُھنِ کان ماس وڇوڙي.


    155. هر ڳالهه جي مصلحت، خدا تعالي ٿو ڄاڻي. (ساهتي، چوڻي)

    هڪڙي ڪراڙي درويش- صفت ۽ نيڪ- مرد کي ٻه ڌيئر هيون. هڪڙي، ڪنڀر جي گهر ۾ ڏنل هئس ۽ ٻي هاريءَ جي گهر ۾.
    اونهاري واري مينهوڳيءَ جي مند جا ڏينهن هيا. برسات اڃا نه پئي هئي. ڪراڙي کي ڌيئن سان ملي اچڻ لاءِ، زال سنبرائي موڪليو.
    پهرين ڪنڀارڻ وٽ پهتو. رات ترسي، ٻئي ڏينهن موڪلائڻ لڳو ته ڌيءُ دعا ڪرڻ لاءِ چيس؛ “بابا ! اسان جا ٿانءَ اڃا آويءَ مان نه نڪتا آهن، ٻي آويءَ جيترا ڪچا ٿانءَ به کلئي آسمان هيٺ انتظار ۾ پيا آهن. مٿان جهڙ به ڀريو بيٺو آهي. دعا ڪجانءِ ته هفتو- ٻه برسات نه پوي ته جيئن اسان جي محنت ضايع نه ٿئي.”
    “ها بابا! مولا خير ڪندو!” آسرا دلاسا ڏئي، کانئس موڪلائي، ٻي ڌي وٽ آيو. هارياڻي به رات ٽڪائي ٻئي ڏينهن موڪلائڻ ويل چيس؛ “بابا! مينهن به ڪيترن ڏينهن کان ڀريو بيٺو آهي. ٻنيءَ کي به ريج ڪونه آيو آهي. برسات نه پئي ته هيل فصل نه ٿيندو. نه مال لاءِ گاهه ايندو ۽ نه گهر لاءِ اَنُّ ايندو. اسان جو جيئڻ ئي جنجال ٿي ويندو. دعا گهر ته برساتڙي پوي. پوءِ ڪجهه مينهاڻي ڪجهه ريجاڻي، فصل لڳي ويندو ۽ ڏُرتُ ڏولائو به لهي پوندو!”
    “ها بابا! الله سڻائي ڪندو!” هارياڻيءَ کي آٿت ڏيندي چوڻ لڳو؛ “هر ڳالهه جي مصلحت، خدا تعالي ٿو ڄاڻي.”
    مطلب: سموري نظام کي خدا تعالي پنهنجي حڪمت سان هلائي ٿو. اها ڳالهه ماڻهوءَ جي سمجهه کان مٿي آهي.


    156. يارن سان پنبئون نه ڪجي. (لاڙ، پهاڪو)

    هڪڙو همراهه قتل جي ڪيس ۾ جهلجي پيو. هيٺينءَ ڪورٽ ڦاسيءَ جي سزا ٻڌايس ته مٿين ڪورٽ ۾ وڃي اپيل وڌائين.
    وڪيل سڄو ڪيس پڙهي چيس؛ “ڪيس ۾ ڪا جان ڪانهي! توکي ڦاسي لڳي ئي ويندي!”
    “جيترا پئسا لڳن، لائيندم!” وڪيل کي لالچائيندي چيائين؛ “ڪيسُ چڱيءَ طرح پڙهه! من ڪٿان ڪا گنجائش نڪري اچي!”
    وڪيل ڪيس تي وڏي مٿا ماري ڪئي. ڪٿي به گنجائش نظر نه آيس، سواءِ انهيءَ جي ته مجرم پاڳل ثابت ٿي پوي. ان لاءِ به سوچي سوچي هڪڙو رستو ڪڍيائين. اصيل کي چيائين؛ “ آڏي پڇا وقت، ڪو به جواب نه ڏجانءِ!”
    “صفا وات بند ڪري ويهان!” مجرم پڇيس.
    ”ائين به ناهي ڪرڻو! ڇو جو چريا ائين ناهن ڪندا!” وڪيل، عقل پڙهائيندي چيس؛ “هر سوال جي جواب ۾ هڪڙو ئي اکر چوڻو آهي!”
    “ڪهڙو؟!”
    “ ڪورٽ سڳوري ۾ جيڪو به تو کان سوال ڪن، تون کين موٽ ۾ چوندين؛ پنبئون!”
    ڪيس هليو ۽ مجرم آڏي پڇا ۾ ائين چيو. ڪورٽ سڳوريءَ کيس پاڳل قرار ڏئي، بري ڪري ڇڏيو.
    آزاد ٿيڻ بعد وڪيل پنهنجي فيءَ جي تقاضا ڪيس ته ان کي به چيائين؛ “پنبئون!”
    “ٻين سان ته پنبئون پر اسان استادن سان به! پنبئون!” وڪيل ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويس ۽ چيائينس؛ “يارن سان پنبئون نه ڪجي.”
    مطلب: ۱ . لالچي، يارن سان به ٺڳيون ڪندو آهي.
    ۲- ڀيٽيو: ٻين سان ته نَچُ، پر يارن سان به نَچُ!؟!


    157. يارن سان ڪهڙا ليکا؟ (سنڌ، چوڻي)

    هڪڙي وڻ هيٺان، چار کير وڪڻندڙ عورتون، کير وڪڻي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ اچي ويٺيون. ڪچهريءَ ڪندي هڪڙيءَ ٻيءَ کي چيو؛ “وسائي! ڏي خبر پنهنجي يار جي! ڪهڙي پاڻيءَ ۾ آهي!”
    “ڀيڻ ڪهڙيون ٿي سورن جون ڳالهيون پڇين؟! مئي کي چيو هيم ته ٻانهين گهڙائي ڏي! پر ادي لنوائي ويو!” وسائيءَ وراڻيندي چيو؛ “مون به ڳالهائڻ کان ڪئي اٿس بس!”
    “سڀائي! تون پاڻ واري همراه جو حوال ڏي؟!” پهرينءَ، ٽينءَ کان پڇيو.
    “ڀاڙيو! چيومانس ته ميلو ٿو اچي، سوسيءَ جي سٿڻ وٺي ڏي! چيائين؛ مرچن جي ٻارِ کڻان ته لٽا کوڙ!” سڀائي صفائي پيش ڪندي چيو؛ “ھاڻ مئي سٿڻ لاءِ ڪو ست- ويهان کپن جو ٻارِ کڻندو ته وٺي ڏيندو. مون به نهارڻ ئي ڇڏي ڏنو اٿس.”
    “ڦاپل! تون پنهنجي پنهل جي ڪا خبر ڪر؟!” پهرينءَ، چوٿينءَ ۽ ننڍيءَ کان پڇيو.
    ”ائي ادي! ٿيا جو يار ته پوءِ، ڪھڙي ويھي گلا ڪجين!...!” ڦاپل دليل ڏيندي چيو؛ “يارن سان ڪهڙا ليکا؟!!”
    مطلب: ۱ . ياري رکجي ته توڙ نڀائجي.
    ۲ . يار جي ياريءَ سان ڪم، خواريءَ سان نه.


    مددي ڪتاب

    1- آڏواڻي، ڀيرومل، مهرچند؛ پهاڪن جي پيڙهه، پريميئر پرنٽنگ پريس حيدر آباد، ۱9۱7 ع.
    2- آڏواڻي، ڪيولرام،سلامتراءِ ديوان؛ گلشڪر، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ ۱979ع، ڇاپوستون.
    3- آنچلاند، جان ڪي ديوي؛ ٿري ٻوليءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين جي روشنيءَ ۾ ٿر جو سماجي، سياسي ۽ ادبي جائزو، ايم فل لاءِ لکيل مقالو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.
    4- بروهي، علي احمد؛ سڏن مٿي سڏڙا، سنڌي ساهت گهر، حيدر آباد.
    5- بلوچ عنايت، پرديسي ڪهڙا پرين؛ بزمِ تعميرِ ادب ڪراچي/حيدرآباد.
    6- ٻگهيو، عزيزالرحمان؛ سنڌي چوڻيون (ڳالهيون ڳوٺاڻن جون –۱)، ماهوار نئين زندگي، اپريل مئي ۱977ع، ص ۳۳.
    7- ٽالپر، الله بخش؛ پهاڪن جي پيڙهه، آر ايڇ احمد اينڊ سنز، شاهي بازار حيدر آباد.
    8- سلمان، محمد اقبال؛ ڪهاوتين، قومي ڊائجسٽ (اردو) آڪٽوبر ۱999 ع.
    9- سمون، الهبچايو يار محمد: سيرِ ڪوهستان، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ۱97۱ ع .
    10- سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر؛ پهاڪن جي پاڙ، س ا ب ڄامشورو سنڌ ۱989 ع.
    11- سنڌي، حافظ حبيب؛ ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدر آباد.
    12- شيخ، الطاف؛ رٺي آهي گهوٽ سان، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد.
    13- شيخ، اياز؛ ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر، جلد ۱، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد ص ۱99۴ ع.
    14- نور عباسي؛ واٽ ويندي، عبرت بوڪ ڪلب حيدرآباد، جولاءِ ۱99۴ع.
    15- ڪشناڻي، سنتداس پنهومل، سنتل؛ سنڌي پهاڪا ۽ محاورا ڪوش، پي وي ڪشناڻي ٽرسٽ پڻي، مهاراشٽر ، ڀارت ۱99۳ع.
    16- پراڻو سوشلسٽ؛ سوشلزم جو سومناٿ، محمد بن قاسم سنڌي ادبي سوسائٽي سنڌ، ڪمرو نمبر ۳8 مهراڻ سينٽر سکر


    ڏسڻي

    1. آپ سکي، جڳ سکي (هندي، چوڻي)
    2. آپ ڪمائيءَ ۽ باپ ڪمائيءَ ۾ فرق آهي. (هندي ، چوڻي)
    3. آڌا چُوڙا، آڌا ٻُورا، مال ڪُوڙا، مراد پُورا. (هندي، پهاڪو)
    4. آفيسر کي، پٽيوالا ئي کڻند آهن. (سرو، پهاڪو)
    5. اُٺُ، الائي ڪهڙي پاسي ليٽي؟ (سنڌ ، پهاڪو)
    6. اُٺَ نه رسن، ٻورا رسن. (سنڌ، پهاڪو)
    7. اُٺي، بُهه چُٺي. (سنڌ پهاڪو)
    8. آپڻي گهوٽجي ته نشا ٿيوي. (سنڌ ، پهاڪو)
    9. اڄ نه ڏٺو لال، ته سڀاڻي ئي صحيح. (هندي ، پهاڪو)
    10. اڇي پڳ مَ پس اندر مڙيئي اڳڙيون. (چوڻي)
    11. اک ڏٺيءَ ڳالهه تي به، ويچار ڪجي. (سنڌ، چوڻي)
    12. اک ڏٺيءَ ڳالهه لاءِ، ڪهڙو پڇڻ؟ (سنڌ، چوڻي)
    13. اکين وارا، دنيا ۾ ٿورا آهن. (ساهتي ، چوڻي)
    14. اکيين لونگ لڳن، جعفر وسري وڃن. (هندي، پهاڪو)
    15. اميدن تي جهان قائم آهي. (ساهتي ، چوڻي)
    16. اڻ هوند ۾ پئسي پلو مهانگو، هوند ۾ رپئي پلو سستو . (ساهتي ، پهاڪا)
    17. اهو چوئٿ ئي مري ويو، جيڪو چڻا کپائيندو هيو. (وچولو ، پهاڪو)
    18. ايمان ناهي ته ٿلهائپ به ڪم جي ناهي. (سنڌ ، چوڻي)
    19. باپ ڪمائيءَ ۽ آپ ڪمائيءَ، سَنڌو آهي. (هندي ، چوڻي)
    20. بک نه پڇي ڳُنڌڻ، ننڊ نه پڇي اوڇڻ. (سنڌ ، چوڻي)
    21. بکيي چکي چيو؛ “بقال ڪر! يا بقال جي زال ڪر!” (سرو، پهاڪو)
    22. بگهڙ ڏسڻ کانپوءِ، قاضي ته ڇيلي کي ڇڏي پر ڇيلو قاضيءَ کي نه ڇڏي. (ساهتي، پهاڪو)
    23. ٻاليتو، نه ماليتو. (هندي /چوڻي)
    24. ٻڏيءَ ٻيڙي جون، هريڙون به ڀليون. (سنڌ، پهاڪو)
    25. ٻن ٻيڙن ۾ جيڪو چڙهي، چڏا تنهن جا چيرجن. (هندي ،پهاڪو)
    26. ٻن جوين جو وَرُ، تنهن جو جيئري ئي جهنم ۾ گهر. (سنڌ ، چوڻي)
    27. ٻني سائي جي سائي، گاهي بکئي جو بکيو. (سرو، پهاڪو)
    28. ٻيلي کي باهه لڳي، راکن پڪاريو، ٻارهين مهيني ورندي آئي؛ “وِسائي ڇڏيو!” (سرو، پهاڪو)
    29. ٻين سان ڀلي نِچُ ڪجي پر استادن سان نه ڪجي. (هندي، چوڻي/پهاڪو)
    30. ڀاڙين مٿان ڀِتِ، ڪانون وڌي ڪيري. (سنڌ، پهاڪو)
    31. ڀريءَ ٻيڙيءَ ۾، واڻيو ڳورو. (سنڌ ، پهاڪو)
    32. ڀُلي ڀُلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀلي. (سنڌ پهاڪو)
    33. ڀنگان چيز ٻڏن ته به لندي رووي ڪڻڪ ڪون. (هندي، پهاڪو)
    34. ڀونتريا ڀون ۾، ته گُهنا به گهوڙي نه چڙهيا. (لاڙ، پهاڪو)
    35. ٺڳ ٺڳي جڳ کي، سياڻو ٺڳي ٺڳ کي. (سنڌ ، چوڻي)
    36. ٺلهن ٺڪرن تي ڌڪا ڪير نه جهليندو. (ساهتي، پهاڪو)
    37. ٽڪو ڏيئي پرائو ٻار نه کارجي. (سنڌ، پهاڪو)
    38. ٽڪي جي ٻوڙ ۾ مک ئي ملندي. (سنڌ، پهاڪو)
    39. ٽنگ ڀڳو ڪم ڪري، ٻانهن ڀڳو ڪم ڪري، دل ڀڳو هرگز ڪم نه ڪري. (سنڌ، چوڻي)
    40. پاڻي پي ذات نه پڇجي. (هندي/بنگالي، چوڻي)
    41. پرائي ڌيءَ تان کارڪ به چڱي. (سنڌ، پهاڪو)
    42. پرائي ڏَيوَ تان کارڪ به چڱي. (هندي، پهاڪو)
    43. پنڻ کان وڌيڪ ڪهڙو نڀاڳ آهي! (ساهتي ، چوڻي)
    44. پنڻ وچان، پڙهڻ ياد ئي ناهي. (سنڌ، چوڻي)
    45. پهلي آپ پهلي آپ ڪبو ته گاڏي ڇٽي ويندي. (اردو، پهاڪو)
    46. پيادي مان هسوار، هسوار مان پيادو، خدا ٿو ڪري. (سنڌ ، چوڻي، پهاڪو)
    47. پَير کُپي ته جاٺو به لڳي. (سنڌ، پهاڪو)
    48. جاتي پاڻي، تاتي پاڻ. (هندي ، چوڻي)
    49. جنهن جو ڪم سوئي ڪري، ٻيو ڪري ته نقصان ڀري. (سرو ، چوڻي)
    50. جنهن جي ڳالهه، پنهنجي پيٽ ۾ نه ٿي ٽڪي، تنهن جي ڳالهه، ڪاٿي به ڪين ٿي لڪي. (اردو، چوڻي)
    51. جنهن جي ناني نڀاڳي، تنهن جا ڏوهٽا ڪهڙا ڏاتار ٿيندا. (سرو، چوڻي)
    52. جنهن جي هيڪار، ڪيائين ڪوڙي ٿئي، تنهن تي ٻيهار، سچيءَ ساک نه وسهان. (هندي ، چوڻي)
    53. جنهن رين جو مزو ورتو، تنهن کان ٻيا مزا وسري ويندا. (ساهتي، چوڻي)
    54. جنهن کي پنهنجي حال جي خبر نه ٿي پوي، تنهن کي ٻئي جي سال جي خبر نه پوندي. (هندي، چوڻي)
    55. جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي؟ (اردو، چوڻي)
    56. جنهن ويٺي نه ڄاتو، سو بيٺي ڪهڙو ڄاڻندو؟ (سنڌ ، پهاڪو)
    57. جوش به، وقت تي ڪم ايندو آهي. (سرو، چوڻي)
    58. جو گهڻي جي لالچ ڪري ٿو، سو موچڙا گهري وٺي ٿو. (لاڙ، چوڻي)
    59. جو وَڙُ جڙي جن سين، سو وَڙُ سيئي ڪن. (سنڌ، چوڻي)
    60. جوئر جُوءِ ۾ نه هوندي، ته رهو رانديون ڪندو. (سنڌ، پهاڪو)
    61. جهڙي نيت، تهڙي مراد. (سرو، چوڻي)
    62. جيتري جهار هڪلبي، اوتري اٿندي. (سرو، پهاڪو)
    63. جيسي جيسيءَ جي ٻولي سمجهندو آهي. (سرو،چوڻي)
    64. جيسين ڪاني اثر ڪري، تيسين ٻياني سر نِيئي. (سرو، پهاڪو)
    65. جيڪو نانگن جي ٻرڙن ۾ هٿ وجهندو، سو به نه بچيو. (سنڌ ، پهاڪو)
    66. جيڪي ڪلهو ڏيندا آهن، سي توڙ به رسائيندا آهن . (سرو، پهاڪو)
    67. جيڪي وٺڻ سکيا آھن، سي ڏيندا ڪين آهن. (لاڙ ، چوڻي)
    68. ڄٽ، پادر سان سڌو هوندو آهي. (سنڌ، پهاڪو)
    69. ڄٽيءَ سُٽُ پسايو، واڻيي وڌس وٽي. ڄٽيءَ ليکي واڻيو ڦريو، واڻيي ليکي ڄٽي. (سنڌ، پهاڪو)
    70. چاڪر مٿان چوڪيدار نه رکجن. (هندي، چوڻي)
    71. چُتِ تي چوٽا، مدعي رد. (هندي ، چوڻي/پهاڪو)
    72. چڱن پٺيان چُٽَ ۽ چُٽَن پٺيان چڱا. (سنڌ، چوڻي)
    73. چور به جهڙو ڪاڪو (ساهتي، پهاڪو)
    74. چور تي ايتري چٽي رکجي، جيتري پاڙو برداشت ڪري سگهي. (اردو، پهاڪو)
    75. چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک! (سنڌ، پهاڪو)
    76. چور چور ٿيندو آ، ٻلو ٻلو ٿيندو آ. (سنڌ، پهاڪو)
    77. چورن سان چاهُ پئي، جي من ميڙ ڪيئي. پوندو ته ڪاٺِ، نه ته ڪوٺائبو ته سهي. (ساهتي، چوڻي)
    78. ڇا رٻ، ڇا بسم الله . (ٿر، پهاڪو)
    79. ڇا ڪول ، ڇا ڪول جو وزن؟ (اردو ، پهاڪو)
    80. حرام جيڪي کائيندا، بک ۾ سيئي اونائيندا. (ساهتي، چوڻي)
    81. خدا تعاليٰ ڇپر ڦاڙي ڏئي ٿو. (هندي ،چوئي )
    82. خيراتون اهي ڪن، جيڪي کجين تي چڙهن! (سرو، پهاڪو)
    83. دانگي تپي ڇهه مهينا ته ضدي مهمان کپي ٻارنهن مهينا. (سرو، پهاڪو)
    84. دعا به لڇڻن واري کي لڳندي آھي. (سرو، چوڻي)
    85. دنيا ۾ دوڌ کان دوڌ، پاني ڪا پاني آهي. (هندي ، پهاڪو/چوڻي)
    86. دولت نُهن کان ماس وڇوڙي. (هندي، پهاڪو/چوڻي)
    87. ديڳڙا ويامندا ته مرندا به. (سنڌ، پهاڪو)
    88. ڌڻي تعالي هر هنڌ موجود آهي (هندي، چوڻي)
    89. ڌوٻيءَ جي گهران وڃي ڇوو، ڪپڙو ڦاٽي مالڪ جو. (سنڌ، پهاڪو)
    90. ڏاند ته ڪاھي ويو جمعو، اسان ائين به نه چئون. (پھاڪو)
    91. ڏوهاريءَ جي من ۾ سڀ ڪو سندس گلا ٿو ڪري. (ساٿي، پهاڪو)
    92. ڏوهٽا وڌندي جا ويري آهن. (ساهتي، چوڻي)
    93. ربُّ ريجهائڻ سولو، رنان ريجهائڻ ڏکيو. (سرو، چوڻي)
    94. رن چشڪي هري، رکي آرتوار. (هندي ، پهاڪو)
    95. رنن زالن جا ڪهڙا جمعا؟ (سنڌ،پهاڪو)
    96. ريڍار اڳيان رباب، وڄائڻ مان نه وري نه سري. (هندي، پهاڪو)
    97. زندگي تنور ۾ به گذري ويندي، سمور ۾ به گذري ويندي. (فارسي، چوڻي)
    98. ساهري گهر جا ڀاتي ته ويري پر چانئٺ به ويري. (هندي، چوڻي)
    99. سڀ ڪنهن کي خدا اهو ٿو ڏئي، جو ان جي لائق آهي. (سنڌ، چوڻي)
    100. سڃي کي چور جو ڊپ نه هوندو آهي. (سنڌ، چوڻي/پهاڪو)
    101. سرڪار، ڪنهن جي چاچا ماما ناهي. (سرو، چوڻي)
    102. سور آهن ئي بادشاهن کي. (لاڙ، پهاڪو)
    103. سونارو ، پنهنجي ماءُ جي نٿ مان به نه ٽري. (سنڌ، چوڻي)
    104. شاهوڪارن جو ناڻو ويامندو آهي. (هندي، چوڻي)
    105. شينهن شير خدا جو، وڻيس ته بيدو ڏئي ، وڻيس ته ٻچو ڏئي. (هندي، پهاڪو)
    106. عزت لٿي کان پوءِ خيرات ڪرڻ، ڪهڙي ڪم جي؟ (نصيحت ، چوڻي)
    107. عشق نه ڄاڻي ذات ڪذات. (هندي ، چوڻي)
    108. فقيرياڻي ٿئي راڻي، چي؛ “جارا ڏيوڻا، مين کاوڻا!” (ساهتي، پهاڪو)
    109. ڦٻيا اهي، جيڪي ڦاٽي مئا. (سنڌ، چوڻي)
    110. ڪارا گهڻا پر ڪارنهن ڪنهن ڪنهن جي لهي. (سرو، پهاڪو)
    111. ڪاهل جي قبر به ٻيا والاري ٿا وڃن. (سنڌ، چوڻي)
    112. ڪتو ڪتي جو ڀاءُ آهي. (پشتو، پهاڪو)
    113. ڪتي نه مُنهن، ڪتي جي ڌڻين مُنهن. (سرو، پهاڪو)
    114. ڪم ڪڌو ڪجي ته به هٿ مضبوط وجهجن. (لاڙ، چوڻي )
    115. ڪنيءَ رن جا ٻار ، ٿورا تيئن چڱا. (سنڌ ، چوڻي)
    116. کاڻي کِچڻي، اونڌا طباخ. (سنڌ ، پهاڪو)
    117. کيتي، سِرَ سَيتِي (سنڌ چوڻي)
    118. گرو گپ جو آهي ئي ڪو نه. (پھاڪو)
    119. گيان ڌيان آهي اُتي، جُتِي آهي جِتِي. (هندي، پهاڪو)
    120. گھٽو ڌارجي ان لاءِ، هٿان چري ڪپاه. (هندي، پهاڪو)
    121. گهر ۾ ڪنهن جو به قدر نه ٿو ٿئي. (اردو، پهاڪو)
    122. گهڻا پئسا، ٿورن پئسن کي ڪمائيندا آهن. (واپاري، چوڻي)
    123. ڳالهين سنديون ڳالهيون، ٽڪي سندا موٺ. (سنڌ، پهاڪو)
    124. لالچ ڇڏڻ سان عزت ملي ٿي. (هندي، چوڻي)
    125. لالچ، ڪتن سان گڏ کارائي. (سنڌ، چوڻي)
    126. لک کٽيا ڏُومڻيءَ، جي ڏُوم سلامت آيو. (هندي، پهاڪو)
    127. لوڀيءَ سندي راڄ ۾، ٺوڳي مري نه بک. (سنڌ، چوڻي)
    128. ماٺ ڏاڍي مٺي آهي. (سنڌ، چوڻي)
    129. مالڪ وڃن ٻيڙيءَ چڙهيا، شاهد وڃن غوطا کائيندا. (هندي ، پهاڪو)
    130. مرشد لاءِ دال، ته خليفن لاءِ خال. (سنڌ، پهاڪو)
    131. مڙس بنا ويهون ڪير نه ڪري. (سنڌ، چوڻي)
    132. مفت جو شراب، قاضيءَ کي به حلال. (سنڌ، پهاڪو)
    133. مُنڊِيل هٿن سان، وڙهي ڪين سگهبو. (ڪوهستان، پهاڪو)
    134. موت جي منهن ۾ وڃڻ لاءِ به حوصلو کپي. (سنڌ ،چوڻي)
    135. موت، نه وقت ڏسندو آهي نه هنڌ. (سنڌ ، چوڻي)
    136. مئي ڪتي، پرچهه نه وڃائجي. (سنڌ، پهاڪو)
    137. نه اڳلا نه پڇلا، مال کاڳيا وچلا. (سرائڪي، پهاڪو)
    138. نه اڳلا نه پڇلا، واه جا وچلا. (سرائيڪي ، پهاڪو)
    139. نه پرڻ ۾ پاڻي ايندو، نه ئي ڌوڙِ ڌاڻيون وٽبيون. (ساهتي، پهاڪو)
    140. نَرُ ننگو، ناري لڄ. ( چوڻي )
    141. نقصان پوڻ کان پوءِ نصيحت ڪرڻ ، ڪهڙي ڪم جي؟ (فارسي، پهاڪو)
    142. نڪمو، پڪيءَ ٻير هيٺان به بک مري. (سنڌ پهاڪو)
    143. نوٽن جي ڀت ٺهرائڻ سولي، سرن جي اولي. (سرو، چوڻي)
    144. واڻڪو ٻار به نفعي جي لالچ ۾ ڌڪ کائيندو آهي. (هندي ، چوڻي)
    145. واڻيا ٿڪجن ته مٽي ڪڍن. (ساهتي ، چوڻي)
    146. وڃجي شادي شهيد تي ته ٿورو نه ٿڦجي لونگ فقير تي. (سرو، پهاڪو)
    147. وڏن آئي، ننڍا وسريو وڃن. (سنڌ ، چوڻي)
    148. وَرُ ته پهريون وَرُ، ٻيو آهي ڪارنهن جو ٺِڪرُ. (ساهتي، چوڻي)
    149. وَرَ راڄ، ٻَرَ راڄ، پُٽَ راڄ، ميڇ راڄ. (پنجابي، چوڻي )
    150. وڻ وڻ کي، اُگهاڙ نه ڏيکاربي (سنڌ / ساهتي، چوڻي )
    151. هارئي کان پيتو ڀلو. (هندي، پهاڪو)
    152. هجئي واندڪائي ته وڃ وڏيراڻي اوطاق. (سرو، چوڻي/پهاڪو)
    153. هر ڪنهن جي ڪاميابيءَ لاءِ، ڪانه ڪا واٽ آهي. (هندي، چوڻي)
    154. هر ڪو دولت سان محبت ڪري ٿو. (ساهتي، چوڻي)
    155. هر ڳالهه جي مصلحت، خدا تعالي ٿو ڄاڻي. (ساهتي، چوڻي)
    156. يارن سان پنبئون نه ڪجي. (لاڙ، پهاڪو)
    157. يارن سان ڪهڙا ليکا؟ (سنڌ، چوڻي)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 464
    ڪتابن جو مشاهدو: 372993
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 151954
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ