ڪتاب جو نالو: سنڌ (حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام)
مصنف: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2006
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 24 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 350 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 324 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”سنڌ، حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“ نامياري ليکڪ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • ٻه اکر
  • سدا ملوڪ ڏاهو ماڻهو
  • مضمون

  •   ڇا سنڌي ماڻهوءَ جي سوچ به غلام آهي؟
  • سنڌين جو نئون سياسي اڳواڻ؟
  • ڇا سنڌين کي هٿيار کڻڻا ئي پوندا؟
  • پاڪستان کي ڏوهارين جو کيت نه ٺاهيو
  • ڌاڙيل، دهشتگرد ۽ سنڌي عوام
  • سنڌ جي بندرگاهه خلاف سازشن جو تاڃي پيٽو
  • سنڌ ۾ سياسي گھوٽالو ۽ وطن دوست ڌُر جي ضرورت
  • ايندڙ چونڊون: سنڌ دشمن سازشن جا پيرا کڻڻ جي ضرورت
  • سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ جا مفاد
  • سنڌ ۾ موجود ڌارين جون لوڌون ۽ ٻوڙي سرڪار جي خاموشي
  • ڪراچيءَ تان قبضو هٽائڻ لاءِ...
  • ڪُڦاٿل پاڪستاني!
  • قاتل بهاري سنڌ مٿان ڪاهيندا پيا اچن بهاري روڪيو- سنڌ بچايو
  • سنڌ جون گَھڻ گُھريون ڌريون دهشت گردن کي ڪيئن منهن ڏين؟
  • سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڏانهن سنجيده رويي جي گھرج
  • سنڌ دوستيءَ جي نالي ۾ دڙڪي واري سياست
  • ’مهاجر‘، ’اُردڪ‘ ۽ دهشتگرد ۾ فرق ڪرڻ کپي!
  • سنڌ جي نئين چونڊيل حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم جو ڪردار
  • سنڌ جي سالميت ۽ ايم ڪيو ايم
  • ڇا ايم ڪيو ايم سنڌ دشمن ۽ دهشتگرد فطرت مَٽائي سگھندي؟
  • دهشتگردن پاران نئين حڪومت لاءِ پهريون تحفو

  • ترتيب

    حق ۽ واسطا

    ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي(ر) قنبر جو ڪتاب نمبر (24)
    حق ۽ واسطا © ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي(ر) قنبر 2006ع

    (نوٽ: هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جِي نائين ورسيءَ
    جي موقعي تي، سندس ياد ۾، ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.)

    ڪتاب جو نالو: سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام
    ليکڪ: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
    مرتب: رياضت ٻرڙو
    پهريون ڇاپو: اپريل 2006ع
    ڪمپوزنگ: باک ڪمپوزرس، قنبر
    ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (ر)، قنبر

    قيمت: 90 رپيا

    Title: Sindh: Hukmran, MQM ain Sindhi Awam
    (Articles)
    Written by: Dr. Muhabbat Buriro
    Compiled by: Riazat Buriro
    1st Edition: April 2006 A.D
    Published by: Dr. Muhabbat Academy®, Kamber
    E-mail: dmacademy@yahoo.com
    riazatburiro@yahoo.com

    هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر جي جنرل سيڪريٽري رياضت ٻرڙي،
    بتول پريس حيدرآباد مان ڇپائي ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران پڌرو ڪيو.


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (190) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”سنڌ، حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“ نامياري ليکڪ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.

    ڪتاب ۾ شامل لکڻين کي سياسي-تجزياتي مضمونَ، چئي سگهجي ٿو، ته ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ان مقصد سان لکيا ۽ وقت سر سنڌ جي نمائنده اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپايا، ته جيئن نه رڳو سنڌي ماڻهن کي ساڻن ڪيون ويندڙ سازشن ۽ غدارين کان باخبر رکي سگهجي، پر سنڌ جي سياسي ۽ سياستي وهڪري کي سمجھندي، سنڌ جي سياست ۾ ڪردار ادا ڪندڙ ڌُرين/تنظيمن/شخصن/ايجنسين/حڪمرانن جي سوچن ۽ عملن کي به ڄاڻي سگهجي، ته جيئن انهن لاءِ ڪجھ مناسب ۽ تڪڙا قدم سوچي سمجھي کڻي سگهجن.

    هي ڪتاب 2006ع ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست رياضت ٻرڙي جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    سنڌي ادب جي محنتي ۽ جاکوڙي اديب، سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۽ ضميري پڇاڙين جي حوالي سان پنهنجيءَ تخليقي سوچ کي منطقي نتيجن ڏانهن وٺي ويندڙ سڄاڻ محقق، سائنسي ادب جي چاهڪ ۽ ان جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، سنڌيءَ ۾ سياسي-تنقيدي ادب جي منفرد تنقيد نگار، مترجم، سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن، سماجي رهنما ۽ استاد، (منهنجي ڀاءُ) ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي هڪ نئين مرتب ڪيل ڪتابي مواد سان سهڻيءَ سنڌ جي سٻاجھي عوام جي خدمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر حاضر آهيون.
    هِن ڪتابَ ’سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام‘ ۾ پيش ڪيل سياسي-تجزياتي مضمونَ، چئي سگهجي ٿو، ته ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ان مقصد سان لکيا ۽ وقت سر سنڌ جي نمائنده اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپايا، ته جيئن نه رڳو سنڌي ماڻهن کي ساڻن ڪيون ويندڙ سازشن ۽ غدارين کان باخبر رکي سگهجي، پر سنڌ جي سياسي ۽ سياستي وهڪري کي سمجھندي، سنڌ جي سياست ۾ ڪردار ادا ڪندڙ ڌُرين/تنظيمن/شخصن/ايجنسين/حڪمرانن جي سوچن ۽ عملن کي به ڄاڻي سگهجي، ته جيئن انهن لاءِ ڪجھ مناسب ۽ تڪڙا قدم سوچي سمجھي کڻي سگهجن. هنن مضمونن جو هڪ مقصد سنڌي ماڻهن کي اتساهه ڏيارڻ، سجاڳ ڪرڻ ۽ عملي اپاءَ کڻڻ لاءِ آماده ڪرڻ به آهي، ته دنيا سان ڪلهو ڪلهي سان گڏائي هلڻ لاءِ تيار ڪرڻ به آهي. هي مضمونَ جيتوڻيڪ 1990ع کان 1997ع جي سياسي منظرنامي جي عڪاسي ڪن ٿا، پر اسان ڏِسي سگهون ٿا ته ان دَور جا سياسي ۽ غير سياسي توڙي مخفي ۽ ظاهر ڪردار ٿوري گهڻي مَٽ سٽ سان هاڻي به ساڳيائي آهن ۽ انهن جا ڪَرتوت پڻ ساڳين ئي پيچرن تي اڳتي وڌندڙ آهن. ان حوالي سان، هن ڪتاب جو مواد اسان جي اڃا به رهنمائي ڪري سگهي ٿو، ۽ هن ڪتاب جو هڪ ڪارج اڃا قائم آهي. هن ڪتاب ۾ اسان کي ڄاڻايل دَور جو تاريخي رڪارڊ به ملي ٿو، جيڪو پڻ ڪتاب جي اهميت کي مستقل حيثيت ڏانهن نِيندڙ آهي ۽ ٻئي دائمي ڪارج بابت سُڌ ڏئي ٿو.
    ڪتاب جي مضمونن کي، قطع نظر سندن لکجڻ ۽ ڇپجڻ جي، هڪ خاص ترتيب سان پيش ڪيو ويو آهي، ته جيئن موضوعي طور هڪ سلسلو ٺهي سگهي، پوءِ به هر مضمون جي آخر ۾، ان جي ڇپجڻ جي تاريخ ۽ جنهن اخبار، رسالي ۾ اهو ڇپيو، تنهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
    اسان ڏٺو، ته ڊاڪٽر محبت جيڪو ڪجهه به ۽ جنهن به طريقي سان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڀَلي لاءِ بهتر سمجھيو، اهو مرڻ گھڙيءَ تائين مڪمل سچائيءَ ۽ بي ڊَپائيءَ سان ڪيو، ۽ ان معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي سُستيءَ، لاچاريءَ ۽ لالچ کي پنهنجي ٿورو به ويجھي اچڻ نه ڏنو. منجھس پيار ۽ محبت جا انيڪ جذبا مَوجزن هئا، جن م همت به هئي ته حوصلو به، ۽ ڏاڍ سان مُنهن مقابل ٿيڻ جي سگهه به... اسان کي پاڻ منجھ اهڙي ئي جذبي، همت، حوصلي ۽ سگھ کي پيدا ڪرڻ جي گهرج آهي، جيڪڏهن اسان جي پنهنجي ڏيهَه، ڏيهيُن سميت سڄي انسانذات ۽ ماڻهپي سان اَڻ مئي محبت آهي.
    ساٿ سلامت.
    رياضت ٻرڙو
    3-اپريل 2006ع، قنبر


    سدا ملوڪ ڏاهو ماڻهو

    ڪمزور، پس مانده ۽ سياسي طور غلام معاشرن جو هڪ امليو اهو به هوندو آهي ته اهي پنهنجن املهه ماڻڪ موتين جي وٿ ۽ ورثي کي هڪ دَور تائين گهربل سطح تي نه رڳو سمجھي نه سگهندا آهن پر نتيجي ۾ سندن گھربل قدر به نه ٿي سگهندو آهي. اهو الميو رڳو اسان جو نه آهي پر دنيا جي سمورين قومن سان اهڙين حالتن ۾ ايئن ئي ٿيندو آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو به سنڌ جو هڪ اهڙو ئي سدا ملوڪ سياسي، ادبي ۽ فڪري استاد ۽ ڏاهو ماڻهو هو، جنهن کي بنهه ٿورڙا ماڻهو سندس اصل حيثيت ۽ اهميت جي حوالي سان سڃاڻن ٿا. هن جي سڄي ڄمار پڙهندي، لکندي، عوام ۽ سياسي ڪارڪنن توڙي اديبن ۽ شاعرن کي ليڪچر ڏيندي، سنڌ ۽ سڄي سنسار لاءِ سوچيندي، لوچيندي ۽ علمي ۽ فڪري پورهيو ڪندي گذري.
    جوڳيئڙا جَهان ۾، نوري ۽ نارِي،
    ٻري جن ٻاري، آءٌ نه جيئندي ان ري. (لطيف)
    ڊاڪٽر محبت سان منهنجو سالن تائين بنهه ويجهو دوستيءَ جو ساٿ رهيو ۽ اسان هن ڏاهي ماڻهوءَ کان هر گهڙيءَ سکيو. مون هن کي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به غير سنجيده نه ڏٺو. علم سان هن کي جنون جي حد تائين انسيت ئي نه، پر عشق هو. هن جي هر ڪچهري هڪ سنجيده علمي ۽ فڪري رهاڻ کان گھٽ نه هوندي هئي. هو صحيح معنى ۾ هڪ ڏاهو ۽ ڪميٽيڊ استاد هو، جيڪو علم ڏئي، ورهائي، ورڇي روحاني سڪون محسوس ڪندو هو. ڊاڪٽر محبت جي علميت جو دائرو ڪيترن ئي شعبن تائين ڦهليل هو. فلسفو، سياست، ادب، ٻولي ۽ سائنس، سڀ سندس علم سان محبت جا ميدان هئا. مون هن جي سطح جا فلسفيانه ۽ سائنسي تخليقي ذهن جا ماڻهو سنڌ ۾ بنهه گھٽ ڏٺا آهن. خاص طور فلسفي ۽ سائنس جي امتزاج سبب هن ۾ عقليت پسنديءَ ۽ حقيقت پسنديءَ جا رويا ئي نه پر سائنسي تجربن ڪرڻ جي بي پناهه تخليقي صلاحيت هئي. ڊاڪٽر محبت رڳو انساني جسم جو ئي نه پر سماج، شعور، سياست ۽ ٻوليءَ جو به ڊاڪٽر هو.
    ڊاڪٽر محبت زندگيءَ ۾ جيترو ليڪچرن ذريعي ڳالهايو ۽ سمجھايو، ايترو پورهيو هن لکڻ جي ميدان تي به ڪيو. فلسفي، سياست ۽ ٻوليءَ تي اڪيچار ڪتاب لکڻ ۽ ترجمو ڪرڻ سان گڏوگڏ وقت بوقت سنڌ جي بنيادي سياسي موضوعن تي رسالن ۽ اخبارن ۾ سوين مضمون ۽ ڪالم پڻ لکيا. مون کي بيحد خوشي آهي ته هن جا سنڌ جي سياست ۽ سنڌ کي درپيش خطرن مان هڪ نهايت اهم پاسي تي لکيل ڪجھ مضمون سهيڙي هن ڪتابي صورت ]سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام[ ۾ پڌرا ٿي رهيا آهن. محبت رڳو لکندو نه هو پر انقلابي استادن وانگر دشمن تي ”سنڌائتا“ وار ڪندو هو. ڊاڪٽر محبت جا ويجھي ماضيءَ ۾ ڪجھ ڪتاب شايع ٿيا آهن ۽ رهيل سمورا ڪتاب شايع ٿيڻ گھرجن پر ساڳئي وقت بيحد ضرورت آهي ته سندس اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل ۽ اشاعت کان رهجي ويل سياسي ۽ فڪري مضمون ۽ ڪالم پڻ موضوع وار ترتيب ڏئي شايع ڪيا وڃن. سنڌ جي موجوده حالتن ۾ ان جي اهميت تهائين وڌيڪ آهي. هن جي تجزياتي سياسي بصيرت جي هڪ جھلڪ هڪ خاص موضوع تي هن ڪتاب ۾ شامل سڀ مضمون به آهن، جن کي بار بار ۽ سنجيدگيءَ سان پڙهڻ گھرجي.
    زندگيءَ هن جو ساٿ نه ڏنو ۽ هو جوانيءَ ۾ ئي اسان کان وڇڙي ويو، پر هو صحيح معنى ۾ هڪ سياسي ۽ سماجي سائنسدان هو ۽ هن جا لکيل مضمون ۽ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي سياسي ۽ فڪري ادب جو املهه ورثو آهن. هن ڪتاب جي اشاعت ان جي هڪ ننڍڙي حصي کي محفوظ ڪيو آهي، جنهن کي پڙهڻ، سمجھڻ ۽ هينئين سان هنڊائڻ اسان سڀني جو علمي، فڪري ۽ قومي فرض آهي.
    جامي چانڊيو
    حيدرآباد
    6-اپريل 2006ع


    مضمون

      ڇا سنڌي ماڻهوءَ جي سوچ به غلام آهي؟

    چون ٿا ته ٿورائيءَ جو غلام ٿي وڃڻ خراب آهي، پر اهو تهائين خراب آهي جو گھڻائيءَ جو غلام ٿي وڃجي.
    انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسين سنڌي ماڻهو هڪ قوم جي حيثيت ۾ سياسي ۽ معاشي طور غلام ٿي ويا آهيون، ۽ ڪڙو سچ اهو آهي ته ذهني طرح به غلام ٿي پيا آهيون، نه رڳو ٿورائيءَ جا، پر گھڻائيءَ جا به. ٿورائي سنڌ ۾ رهي ٿي ۽ دهشتگرديءَ وسيلي اسان کي غلام ٺاهي ويٺي آهي ۽ گھڻائي پاڪستان ۾ رهي ٿي ۽ فوجي قوت وسيلي اسان کي غلام بنائي رکيو اٿس. دهشتگردن کي فوجي قوت سان گڏ ٻين به ڪيترن ئي ظاهري توڙي ڳجھن هٿن جي مدد مليل آهي. اهي هٿ غدار سنڌي وڏيرا شاهيءَ، مُلا شاهيءَ ۽ ڪامورا شاهيءَ جا به آهن، ته ڪجھ سياسي اڳواڻن سان گڏ ٻين انهن قوتن جا به، جن کي اسان جي نوجوان نسلن ڏٺو ئي ناهي. اهي قوتون سنڌ توڙي پاڪستان جي سرحد اندر ڄڻڪ موجود ئي ناهن (۽ موجود نه هوندي به موجود آهن). اهي يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ آهن ۽ انهن سڀني جي سربراهي آمريڪي سامراج ڪري رهيو آهي، ۽ اسان کي غلام بنائيندڙ قوتون ان جون غلام آهن.
    انهيءَ ۾ به ڪو شڪ ناهي ته سنڌي قوم جو چڱو وڏو حصو ان غلاميءَ کي محسوس ڪندي ان مان آجپو ماڻڻ گھري ٿو. ان ڪري هر سياسي پارٽيءَ جي امن، انصاف، آزاديءَ، برابريءَ، ڀائپيءَ، جمهوريت ۽ سماجي، سياسي ۽ معاشي آچار ۽ خودمختياري جي پروگرام جي آجيان ڪندي ۽ ان جو ساٿ ڏيندي پنهنجي سِر گھر ۽ ٻار جي به پرواهه نه ڪئي آهي. سنڌي ماڻهوءَ سنڌ سان غداريءَ ۽ سنڌ مٿان آمريت جي هر قدم خلاف ڪنهن نه ڪنهن نموني ڪو نه ڪو عمل ڪيو ضرور آهي، پر اڪثر ٿيو ائين آهي ته سياسي پارٽين جي سربراهن پنهنجي ظاهر ڪيل مول متن ۽ مقصدن تان ڦري، ڳجھ ڳوهه ۾ جوڙ توڙ ۽ سازش ڪري سنڌي عوام کي لاڳيتي ڌوڪي ۾ پئي رکيو آهي. سنڌي ماڻهو ايوبي، يحياوي ۽ ضيائي آمريت خلاف وڙهيا ئي نه آهن، پر ڀُٽي صاحب جي جي دور ۾ ڪيل ڪجھ آمر قدمن جي خلاف عمل ڪيو آهي، سنڌي ماڻهو ون يونٽ خلاف وڙهيا آهن، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي ميارن جي سازش خلاف وڙهيا آهن، جمهوريت ۽ آزاديءَ جي حق ۾ وڙهيا آهن. سنڌ جي پاڻيءَ ۽ ناڻي تي ڌاڙي خلاف وڙهيا آهن، وغيره، پر افسوس جو سياسي اڳواڻن سنڌي عوام جي زور تي سچائي ڏيکارڻ بدران سازش، غداري ۽ هيرا ڦيري ڪري سنڌي عوام کي اڃا به وڌيڪ لتڙ جو شڪار پئي ڪيو آهي ۽ سنڌي ماڻهن جو ڀروسو پئي وڃايو آهي. مجبوري اها آهي ته سياسي پارٽيءَ کان سواءِ سياسي تبديلي نه ٿي آڻي سگھجي، جڏهن ته هر سياسي پارٽي پاڻ کي سچي، مخلص ۽ وفادار سڏائيندي به پنهنجي قول ۽ فعل ۾ سچي، مخلص ۽ وفادار ثابت نه ٿي آهي. اهڙين ڦڙتين گھڙتين ۽ غدارين جي گورک ڌنڌي ۾ سنڌي عوام اڙيو پيو آهي. ان ڪري اڃا به وڌيڪ بيوسيءَ، مايوسيءَ ۽ محروميءَ جو شڪار ٿي رهيو آهي. انهيءَ ۾ به ڪو شڪ ناهي ته سنڌي عوام ڏاڍو سجاڳ، برجستو، هوشيار، اڪابر ۽ چالاڪ نه ٿي سگھيو آهي. جمهوريت ۽ آجپو ماڻڻ، دستوري ۽ انساني حق حاصل ڪرڻ، پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ پاڻ وهيڻو ٿيڻ لاءِ جن ڏاهپن، لياقتن ۽ گڻن جي گھرج آهي، سنڌي ماڻهو ان معيار ۽ ماپ کي پهچي نه سگھيا آهن. ان ۾ غاصب ۽ بدمعاش (ڏيهي توڙي پرڏيهي) قوتن جو هٿ ضرور رهيو آهي پر جمهوريت ۽ آزاديءَ جي سنڀال لاءِ هر وقت چوڪس ۽ اهو به گھربل حد تائين، ڪڏهن به نه رهيا آهن ۽ اهو ئي خاص سبب آهي جو هُو مذهبي، شخصي، قومي وغيره نعرن يا پروپيگنڊا (ڪوڙي پچار) جي اثر ۾ اچي جذباتي ٿي وڃي ٿو ۽ ڪڏهن ته حق حساب ڪرڻ کان سواءِ ئي غدارين کي به ڄڻڪ معاف ڪريو ڇڏي.
    اهو ڏسي، ٻڌي ۽ پڙهي ڏاڍي حيرت ٿي ته آمريڪي صدر بش (سينئر) کي ايندڙ چونڊن ۾ کٽڻ لاءِ پنهنجي عوام آڏو اهڙي پرڏيهي پاليسيءَ جو اعلان ڪرڻو پوي ٿو جيڪا نه رڳو سندس مخالف اميدوار تي برتري رکندڙ هجي پر عوام کي به پسند هجي. (اها ٻي ڳالهه آهي ته اها حقيقت ۾ عوام جي مفاد وٽان آهي يا آمريڪي سامراجي قوتن جي مفاد وٽان، جيڪي خود آمريڪي عوام کي بيوقوف ۽ ٻگھلو بنائي رهيون آهن جيئن ته آمريڪي خوشحالي دنيا جي ڦرلٽ تي پيڙهه رکي ٿي ان ڪري ڪجھ نه ڪجھ ڏوهاري اتي جو عوام به آهي جيڪو پنهنجن حاڪمن کي ڦرلٽ کان جھلي نه ٿو). بهرحال، سوچڻ جي ڳالهه اها آهي، ته اتي جو عوام پنهنجن سياسي اڳواڻن جي ڏيهي ئي نه، پرڏيهي پاليسيءَ کي به ڌيان سان ٻڌي ۽ جاچي ٿو ۽ پوءِ سوچي سمجھي ووٽ ڪري ٿو. جيڪڏهن اهڙو ڪو اتفاق ٿي پوي ٿو جو کٽي آيل اميدوار پنهنجي ڪيل مقصد ماڻڻ ۾ ناڪام وڃي يا ان کان ڦري وڃي، ته پوءِ سندس اقتدار کي خطرو ٿي پوندو. مارگريٽ ٿيچر، برطانيا جي وزيراعظم، بظاهر جنهن مسئلي جي ڪري پنهنجو اقتدار وڃائي ويٺي اهو هو عوام جي مرضيءَ خلاف پول ٽيڪس مڙهڻ جو مسئلو ۽ ان تي عوام جو زبرو وڳوڙ.
    جن ڏيهن جا عوام ايڏا سجاڳ هجن، پنهنجن چونڊيل نمائندن جو هر گھڙيءَ حساب ڪتاب ڪري سگھندا هجن، جي منجھن ڪو غدار پيدا ٿي پوي ته ان جي کَل اڊيڙي رکن (ايتري قدر جو مُئي کان پوءِ به ”کيس“ سزا ڏين)، ان سان اها جُٺ ڪن جو هو ياحياتيءَ ڪنڌ کڻي نه سگھي، اتي منشور، مقصد ۽ پروگرام هڪڙو ظاهر ڪري اقتدار ۾ ايندي ئي يا اقتدار جي حصول لاءِ پنهنجن مول متن تان ڦري وڃڻ ڪو سولو ڪم ناهي. اتي جو عوام پنهنجن حاڪمن جي ڀيٽ ۾ پوئتي هجڻ باوجود پنهنجا حق ۽ اهي حق ماڻڻ جا رستا ڄاڻي ٿو. عوام جي سجاڳيءَ، سمجھ ۽ سوچ جا سوين مثال بيان ڪري سگھجن ٿا، پر هتي رڳو هڪڙو ننڍڙو مثال تنوير عباسيءَ جي سفرنامي مان پيش ڪجي ٿو: ...روڊ ۾ ٿوري لاهي آهي. ان کان ميل کن اڳيان ان لاهيءَ کان خبردار ڪرڻ جا بورڊ لڳل آهن. ايڏيءَ خبرداريءَ جو ڪارڻ اهو آهي ته جيڪڏهن ان لاهيءَ سبب ڪنهن جي ڪار کي ڪنهن به طرح نقصان پهتو ته هو حڪومت تي ڪيس وجھندو ته توهين اسان کان ٽيڪس وٺو ٿا پر توهان جي ٺهرايل روڊ اسان کي فلاڻو هاڃو پهچايو آهي، ان ڪري ڏنڊ ۽ مرمت جو خرچ ڀري ڏنو وڃي ۽ ڪورٽون اڪثر انهن جي حق ۾ فيصلو ڏينديون آهن جنهنڪري حڪومت کي چَٽي ڀرڻي پوندي آهي! ان چٽيءَ کان بچڻ لاءِ اهڙا بورڊ هڻايا وڃن ٿا.
    اسين به سالن کان وٺي سوين قسمن جون ٽيڪسون، رائر ۽ ڍلون ڀريندا رهيا آهيون پر ڇا ڪڏهن اهو جائزو ورتو آهي ته جنهن ڪم لاءِ ٽيڪس ورتي وڃي ٿي، اهو پورو ٿيو يا نه؟ جيڪا به سياسي پارٽي، جيڪو به منشور ظاهر ڪري ٿي، ڇا ان جو جائزو وٺون ٿا؟ ۽ جيڪڏهن اها پنهنجي ظاهر ڪيل منشور تان ڦري وڃي، ته ڇا سندس ڪَن مهٽ ڪريون ٿا؟ جڏهن عوام باشعور نه هوندو، پنهنجا حق ڳڻي ڳوتي نه وٺندو، ته پوءِ حڪومت ۽ سياسي پارٽين جا اڳواڻ به اهوئي ڪندا رهندا جيڪو سنڌ ۾ چالو آهي... نمائندا ناهن ”گھوڙا“ پيا وڪامن. ويهه سيڪڙو سيٽون کڻندڙن کي پنجاهه سيڪڙو وزارتون، وزارت وٺڻ کان پوءِ سنڌي ماڻهن ۽ سنڌ سان غداريون ۽ ارهه زورايون....!
    ڇا سياسي پارٽيون پاڻ کي عوام ڏانهن جوابدار سمجھن ٿيون؟ ڇا ”آزاد اميدوار“ عوام کي ليکين ٿا؟ جيڪڏهن اهي عوام ڏانهن جوابدار ناهن ته پوءِ عوام انهن جو ساٿ ڇو ڏي، انهن جو بائڪاٽ ڇو نه ڪري؟
    ڇا پاڪستان جي ٺهراءَ ۾ ڪنهن به قسم جي لَڏپلاڻ جو ذڪر هو؟ ڇا سياسي پارٽيون اهو ڪَٿي سگھيون هيون، ته مذهب جي آڙ ۾ جھيڙا ٿيندا ۽ لکين ماڻهن جون حياتيون ڳِهي ويندا؟ انهن قتلن جو ذميوار ڪير؟ ڇا ذميوارن کي جوڳيون سزائون مليون؟ ڪراچي سنڌ کان کسڻ لاءِ ڇا عوام کان راءِ ورتي وئي هئي؟ جي نه، ته ڪراچي ڇو کسي وئي؟ ڇا ذميوار فردن جو ڳاٽو پڪڙيو ويو؟ سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءَ باوجود ڪوڙن ڪليمن ۾ لکين ايڪڙ آباد ٻنيون ڇو ڏنيون ويون (جڏهن ته ساڳي قسم جي ٺهراءَ کي پنجاب ۾ مانُ ڏنو ويو)؟ جيڪي ان ڏوهه ۾ شامل هئا، انهن کي ڪا سزا ملي؟ سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي ميسارڻ جي سازش ٿي. سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي ئي وطن ۾ اوپرو ڪيو ويو ۽ ان جي سرڪاري حيثيت ختم ٿي. ڇا ذميوار فردن سان ليکو ٿيو؟ پنجاب، سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان تي ڀارتي ٻولي مڙهي وئي، ان کي قومي حيثيت ڏئي زوريءَ رائج ڪري عالمي انساني اصولن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. ڇا ڏوهارين کي ڪجھ ٿيو؟ ون يونٽ سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان لاءِ هڪ عذاب هو، خاص طرح سنڌ خلاف وڏا ڏوهه ٿيا، سنڌ جو مال ملڪيت ۽ پيداوار ٻنهي هٿن سان ڦريا ويا، انهن جو ڪو حق حساب ٿيو؟ دستور موجب جمهوري ملڪ ۾ مارشل لا مڙهڻ انتهائي غداري آهي، پر پاڪستان جي 45 ساله ڄمار ۾ 30 سال مارشل لا رهيو آهي. ڇا ذميوار جنرلن ۽ سندن ساٿين کي ڪورٽ ۾ آندو ويو؟ جمهوري ملڪ خلاف ان انتهائي غداريءَ جو ڇا ٿيو؟ پنهنجي ئي ڏيهه جي مختلف حصن (جيئن بنگال، سنڌ ۽ بلوچستان) تي فوجون چاڙهي وڃڻ ۽ اتي جي رهاڪن جو قتل ڪرڻ ڇا ڏوهه ناهي؟ ڏوهارين کي ڪجھ ٿيو؟ هتي جي حقيقي قومن کي نه مڃڻ، انهن جي تاريخي حقن جو احترام نه ڪرڻ، عوام جي انساني حقن کي ڪا به اوليت نه ڏيڻ، ماڻهن کي اڻ پُڇيو ۽ بيڏوهو سالن جا سال ڪاٺ ۾ رکڻ، ڪڇڻ، پڇڻ ۽ راءِ جي اظهار تي پهرا وغيره ڇا ڏوهه ناهن؟ ماڻهن کي سياسي گمراهيءَ ۾ ڦاسائڻ، سياسي ويساهه گھاتي ڪرڻ، ”گھوڙن“ کي خريد ڪرڻ ۽ ”گھوڙن“ جو وڪامڻ.... آهي ڪو، جيڪو عوام ڏانهن ذميوار هجي؟ ڇا حڪمران ۽ سياسي اڳواڻ عوام کان وڌيڪ ٻلوان آهن؟ 1983ع ۾ عوام جي مڙسيءَ جنرلن کي جھڪڻ تي مجبور ڪيو. بنگالي عوام مڙسي ڪئي ته سندن ٻولي قومي ٻوليءَ طور برقرار رهي ۽ چاهيائون ته آزاد به ٿي ويا. ووٽر لسٽون ۽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ سنڌيءَ ۾ به ٺهن ٿا، مڙسي ڪئي اٿئون ته ڪجھ ادارن ۾ سنڌي ٻولي بچي به وئي آهي. جيڪڏهن ليکو چوکو هجي ته ڇا حڪمران عوام کي دسي سگھن ٿا؟ حڪمران ڪيڏا به ظالم هجن، عارضي شڪستون ته ٿي سگھن ٿيون پر عوام سجاڳ هجي ۽ دائمي طرح مار کائي وڃي، اهو ممڪن ناهي.
    سنڌ هزارين هِچائن جي ور چڙهي وئي آهي. سنڌي ٻوليءَ کي قومي حيثيت ناهي (انگريزن جي دَور جيترو به حق نه ڏنو ويو آهي)، سنڌي قوم اقليت ٿي وڃڻ جي ويجھو آهي، زمينون ۽ ڪارخانا ڌارين جي حوالي ٿي ويا، سنڌ جو پاڻي ۽ ناڻو کسجي ويو، ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ سنڌ کي (جنهن جي سُڪڻ ۽ ڪلرائجڻ جو خطرو آهي) ڪا ڌر ئي نه ٿو سمجھيو وڃي. بِهاري ۽ ٻيا لکين ڌاريا سنڌ ۾ اچي ويا آهن ۽ اڃا به اچن پيا، سنڌ ۾ سنڌ کي ئي ورهائڻ جي تعليم ڏيندڙ ڪتاب، پمفليٽ ۽ نقشا کلئي عام ڇپجي رهيا آهن، دهشتگرد محفوظ آهن ۽ محب وطن سڏيا پيا وڃن (۽ سنڌ جي ”ڀلائيءَ“ ۾ انهن سان ٺاهه پيا ٿين)، ڌاڙيل رڳو سنڌي پيا کڻن ۽ جاوا پيا ڪن، سنڌ جي وڏي پارٽي حقيقي سنڌي قوم کي قوم طور مڃي ئي نه ٿي ۽ ڪوڙي قوم جي پرچارڪ رهندي وري اڃا به ٻي ڪوڙي قوم جي دعويدارن سان ٺاهه پئي ڪري، هڪڙيون پارٽيون ڪي وڏا ۽ کوکلا نعرا هڻي مٿي ٿيون چڙهن ته ٻيون وري انهن کان به گوءِ کٽڻ جي ڊوڙ ۾ پوريون، ۽ عمل يا ته لڀي ڪو نه ۽ يا وري ابتڙ، تعليم تباهه ڪئي وئي، نوڪريون ڌارين جي حوالي، صحت سنڌين لاءِ اڻلڀ، ٿر ۾ ڏڪر، ڪاڇو ۽ ڪوهستان سُڪل، بک، بيروزگاري، ڏمر ۽ ڏڪر جو راڄ، سنڌ ۽ سنڌي تباهيءَ ۽ فنا جي ڪناري اچي پهتا آهن ۽ اسين رڳو هڪڙن جي ڏٽن پويان ڊوڙيو ڊوڙيو وري ٻين جي ڏٽن پٺيان ڊوڙي رهيا آهيون، نه ڪنهن کي ڪنڌ کان ٿا پڪڙيون ۽ نه ئي وري ليکو ٿا ڪريون... سنڌ ۽ سنڌي قوم جو ڇا ٿيندو؟
    هيٺيون وچون طبقو ---- واپاري، وڪيل، ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، ڪامورا، دوڪاندار، ننڍڙا ڪارخانيدار، کاتيدار وغيره ---- ڏسو ته پنهنجيءَ ۾ پُورو، سڄو ڏينهن ان سوچ ۾ گذريو وڃيس ته ڪو اچي ته ڪهانس ۽ جيترو گھڻو ممڪن هجي اوترو رت پيئانس. هر طبقو قومي مسئلن تي گھڻي قدر مجرماڻي ماٺ ۾ رهيو آهي. جڏهن ته ڪي ٿورا آهن جيڪي سچ پچ اوَرچ ٿي قومي سجاڳيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. هي طبقو اڪثر ڪري پڙهيل ڪڙهيل آهي ۽ زبردستي رابطي ۽ سجاڳيءَ جو ڪم ڪري سگھي ٿو. هي جيڪڏهن پنهنجي تعليم، تجربي، ڏيٺ ويٺ، سڃاڻپ، سنگت، اثر ۽ هلنديءَ کي ڪم ۾ آڻي ۽ ٿورو وڌيڪ مخلص ٿي ڪم ڪري ته جيڪر اسين صدين جو سفر سالن ۾ نبيري وٺون.
    ٻئي پاسي، ٻٻرن کان ٻيرن جي اميد ته ڪري سگھجي ٿي پر وڪاڻل ”وڏن“ کان قومي خيرخواهيءَ جي خواهش رکڻ ممڪن ناهي، ۽ اهو سڀ ڪجھ چٽو ڏيکارجي پيو. سنڌ سان راڱا، جيڪي رڳو گذريل ڏيڍ سال ۾ ٿيا آهن. ڇا اسان جا چونڊيل گھوڙا ۽ سياسي اڳواڻ ايندڙ پنجويهن سالن ۾ ڀري سگھندا؟
    سنڌ جي اڳوڻي گورنر تازو ئي اسلام آباد ۾ تقرير ڪندي چيو ته ”اسان (پياري پاڪستان جي حقيقي حڪمرانن) کي سنڌ بابت پريشان ٿيڻ جي ڪا به ضرورت ناهي ڇو ته سنڌ جي قومپرست سياسي اڳواڻن جي گھڻائي سندن پنهنجي گولي (ٻانهي) آهي ۽ اهي پاڻ ۾ وڙهيل آهن. سنڌ جا مير، پير، وڏيرا وغيره سندن گولا غلام آهن ۽ سندن چوڻ تي ڪنهن مهل به ويڙهائي سگھجن ٿا، بنگلاديش جيان سنڌ هزار ميل پري ناهي ۽ اتي جيئن، جتان جنهن مهل چاهجي وڃي (حملو ڪري) سگھجي ٿو.“ سنڌي عوام جي کين پرواهه ئي ناهي، ان کي هر نموني لتاڙڻ جو کين اڻ پُڇيو حق آهي ۽ اهو به مڃيائين ته ايم ڪيو ايم سندن ٺاهيل آهي يعني سنڌ ۾ دهشتگردن کي پالڻ تاتڻ، وڌائڻ ۽ سنڀالڻ جو ڪم هنن ئي ڪيو آهي. باقي رهجي وئي هڪ شيءِ يعني ڌاڙيل، سنڌي ماڻهو 1983ع کان وٺي پڪ ٿا رکن ته سنڌ ۾ ڌاڙيل به انهن جا ئي پاليل آهن. ان لاءِ وٽن کوڙ دليل آهن جن مان ڪجھ هي آهن: (1) جنرل ضياءَ جي مارشل لا کان پوءِ دهشتگردن جيان ڌاڙيلن جو وڌڻ ۽ ٻنهي جو 1983ع ۽ 1984ع ۾ تڏهن طاقتور ٿيڻ جڏهن سنڌي عوام آمريت خلاف وڙهندي گولين جو بَک ٿي رهيو هو پر ماٺ نه پئي ٿيو، (2) ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جو تيستائين آزاد رهڻ جيستائين اهي سنڌي ماڻهن کي قتل ڪندا رهن، ٿورڙو به ٻيو ڪجھ ڪيائون ته ڦاسي ويندا، ۽ (3) ڌاڙيلن پاران جيئن ئي ڪو به اهڙو اعلان يا ڪم ٿيندو جنهن سان سرڪاري ملڪيت يا مشينري کي نقصان پهچندو هجي تڏهن ڏينهن ٻن ۾ واسطيدار ڌاڙيل (يا ڌاڙيلن) جو مارجي وڃڻ ٻڌائي ٿو ته ڌاڙيل اڃا به سرڪار جي ئي مرضيءَ سان جيئن ۽ مرن ٿا. لائق چانڊيو، نانگ مارفاڻي ۽ محب شيديءَ جا مثال ان سلسلي ۾ شاهدي آهن. دانگيءَ مٿان ليپو وري اهو، ته فوج، رينجرس ۽ پوليس هزارين نمونن سان انهن ڌاڙيلن جي بهاني سنڌي ماڻهن کي ستائي رهيا آهن ۽ سنڌين تي ئي پاڪستان- دشمنيءَ جا الزام آندا وڃن ٿا.
    اهڙيءَ طرح سنڌ ۽ سنڌيءَ کي چَوکنڀو ٻڌي شڪار ڪيو وڃي ٿو ۽ شڪار ڪندو رهڻ جي نيت رکي وڃي ٿي. سنڌي ماڻهوءَ کي هر پاسي کان مايوس ۽ موڳو ڪري ذهني غلاميءَ ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش جاري آهي پر سنڌي ماڻهن جو عمل ڇا ٿو ٻڌائي، ڇا سنڌي ماڻهوءَ جي سوچ غلام ٿي وئي آهي؟
    سنڌ ۾ ٻه لاڙا چٽيءَ طرح نظر اچن ٿا: هڪ انهن وڏيرن، پيرن، سيدن ”قومي اڳواڻن“، ”جمهوري سرواڻن“، ڪامورن، ڌاڙيلن ۽ پاٿاريدارن جو، جيڪي نه رڳو پاڻ غلام ٿي ويا آهن پر سنڌي ماڻهن کي به غلام ڪرڻ ۽ منجھن مايوسي پکيڙڻ گھرن ٿا ۽ ٻيو سجاڳ هيٺئين وچئين طبقي ۽ هيٺئين طبقي جو عوام دوست ۽ سنڌ-سڄڻ، جمهوريت پسند ۽ آجپي جي واٽ تي وڌندڙ ڪردار، ۽ اِهو ئي اهو ڪردار آهي جنهن کان اڳوڻو گورنر اندر ۾ ڊڄندي پاڻ کي ۽ پاڻ جھڙن کي دلداري ڏيندي چوي ٿو ته اهي سنڌي ماڻهن کي جڏهن، جيئن ۽ جتي چاهين، ماري سگھن ٿا. مئل کي ماربو آهي ڇا؟ جيڪو اڳ ئي غلام هجي ان کي غلام بنائڻ جي ڳالهه ڪا معنيٰ نه ٿي رکي. دشمن جنهن کي مارڻ ۽ غلام بنائڻ جي ڳالهه ڪري، اهو لازمي طرح نه مئو آهي ۽ نه ئي وري غلام ٿيو آهي. تنهنڪري اسين اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيون، ته سنڌي عوام ذهني طرح غلام نه ٿيو آهي ۽ هن جي سوچ غلام ناهي، ۽ جي غلام ٿيو آهي ته اهو سنڌي عوام نه، پر سنڌي وڏيرو، مير، پير، سيد ۽ سياسي اڳواڻ ٿيو آهي.
    اهڙي وقت ۾ سجاڳ سنڌي ماڻهن تي ڪيتريون ئي ذميواريون وڌن ٿيون. هن کي هر طرفو سوچڻو ۽ عمل ڪرڻو آهي. جيتريون به وٽس ڏاهپون، ڏاتون ۽ ڏانءَ آهن انهن کي اجاگر ڪرڻو ۽ ماڻهن تائين پهچائڻو آهي. اسان کي سنڌ ۽ پاڪستان جي هر مسئلي، هر ڳالهه، هر سياسي، معاشي ۽ عملي مامري تي سوچڻو، ان کي پرکڻو ۽ حقيقي صورت ۾ پڌرو ڪرڻو آهي. ڇا اسين اهو سوچي سگھون ٿا ته سنڌ توڙي پاڪستان جون پارٽيون پنهنجي هر جز سميت ڪيئن هئڻ گھرجن، اتي جو سياسي، معاشي تعليمي، ذهني، اخلاقي ۽ ٻيو هر قسم جو رويو ڪيئن هئڻ گھرجي، اندريون توڙي ٻاهريون، ڏيهي توڙي پرڏيهي پاليسيون ڪيئن هجن. سچ اهو آهي ته بظاهر سنڌ ۽ پاڪستان سان ڪو به وسطو نه رکندڙ مسئلن تي به سوچڻ گھرجي. ڇا ڀارت ۾ ”هندو- مسلم جھيڙن“ عراق- آمريڪي جنگ، اوڀر يورپ جي ڏيهن جي بدلجڻ ۽ سوويت-يونين جي ٽٽڻ، آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ پناهگير دهشتگردن جي اچ وڃ، افغان ”مجاهدن“ جي ”جهاد“، بنگلاديش ۾ ٻوڏن ۽ غربت، برما ۾ گھريلو ويڙهه، ايران جي انقلاب، قئبيڪ ۽ اسڪاٽلينڊ جي ريفرينڊم، لبيا خلاف تازي آمريڪي دهشتگرديءَ وغيره جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪو به واسطو ناهي؟ ڇا فضا ۾ پکڙجندڙ ايٽمي ترورن، ماحولي گدلاڻ، ڪويت ۾ پکڙيل ڪارن ڪڪرن، روس ۾ لڳندڙ برفاني هوائن، آمريڪا توڙي يورپ جي ايشيائي پاليسين، سيٽلائيٽ ٽي وي سرشتي، بي بي سي، واشنگٽن، ماسڪو، جرمني ۽ انڊيا ريڊيو، پولار ۾ ڀٽڪندڙ ڪنهن فلڪي جسم، سج سرشتي ۽ چنڊ جي چانڊوڪيءَ جو سنڌ ۽ سنڌي قوم سان ڪو به وسطو ناهي؟ ڇا اهو ممڪن ناهي ته اسين فلڪي، سائنسي، سماجي ۽ هنري شعبن ۾ ٿيل ۽ ٿيندڙ علمي ڪارنامن تي هڪ نظر رکي مناسب تبصرو ڪري سگھون؟ ڇا اهو ممڪن آهي ته ڌرتيءَ جو گولو سنڌي ماڻهوءَ آڏو رکيو هجي ۽ هو ان ئي هڪ ديو واري نظر رکندي ان کي ڦيرو ڏئي ڪنهن هنڌ آڱر رکي چئي سگھي ته هت هيئن پيو ٿئي هيئن ٿيڻ گھرجي؟
    ڌرتي هڪ ڳوٺ ۾ بدلبي پئي وڃي. هر کنڊ هڪ پاڙو ۽ هر ڏيهه هڪ گھر ٿي پيو آهي، ڪنهن به گھر توڙي پاڙي ۾ جھيڙو، گھاٽِي واڌي يا امن انصاف ٻي تي اثرانداز ٿئي پيو ۽ سڄو ڳوٺ ان کي محسوس ڪري ۽ ان کان متاثر ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪو به ڀاتي يا گھر انهن حقيقتن کان اکيون پوري ويٺو ته اهو دنيا سان وک ملائي وڌي نه سگھندو.
    سنڌي ماڻهو سنڌ ڌرتيءَ جا تاريخي وارث ۽ دنيا جي آباديءَ جي ڳڻپ جوڳي پتي آهن. ڪيترائي ڏيهه سنڌ کان به گھٽ آبادي ۽ ايراضي رکن ٿا ۽ معاشي طرح پوئتي پيل آهن پر اهي آزاد آهن، پاڻ تي ڀاڙيندڙ ۽ پاڻ وهيڻا آهن ۽ برابريءَ جي بنياد تي ٻين سان سنگت رکيو ويٺا آهن. ڌرتيءَ جي بهترين ايراضين ۾ آباد ڏيهن مان سنڌ هڪ آهي، هتي ڏينهن ۽ رات وچ ۾ وقت ڏسڻ سان ۽ چارئي مندون ڪئلينڊر جي تاريخ سان مقرر ڪو نه ٿيون ٿين، سنڌ کي پنهنجا جبل، وارياسا، ميدا، ٻيلا ۽ معدني ذخيرا ۽ وسيع سامونڊي ڪنارو آهي. سنڌ انهن ڀاڳڀرين ايراضين ۾ آباد آهي جتي سج سوجھرو ڪري اس پکيڙي ۽ چنڊ چمڪي چانڊاڻ ڪري ٿو. هتي باغ آهن، گل آهن، ميوا آهن، ٻنيون آهن ۽ دنيا جو وڏو آبپاشي سرشتو آهي. هتي سچ، سونهن، نماڻائي، نياءُ، پنهنجائپ، پيار، سرت، سورهيائي ۽ انسانيت جون ٻيون سموريون فضيلتون ۽ گڻ نمايان نظر اچن ٿا. هتي علم آهي، هنر آهي، ادب آهي، اڪابر آهي، شاعري آهي ۽ ڏاهپ ۽ ڏات جون خصلتون آهن. پر ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته هتي ڏک ۽ ڏڪر، غلامي ۽ ڇڙواڳي، بي علمي ۽ بي عملي، نشو ۽ لٻاڙ، ٺڳيون ۽ ڪوڙ ۽ دهشتگرديون، داداگيريون ۽ ارهه زورايون به آهن. فيصلو اسان کي ڪرڻو آهي ته اسين ڪهڙي پهلو کي وڌائڻ گھرون ٿا ۽ ڪهڙي کي گھٽائڻ.
    هر ساهوارو هڪ وحشي به آهي ته پيار ڪندڙ به، ماڻهو تڏهن ئي ماڻهو سڏجي ٿو جڏهن هو وحشتن کي گھٽائڻ لاءِ جاکوڙ ڪري ۽ پيار کي وڌائي يا وڌائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي. اسين وحشي ٿيڻ گھرون ٿا يا ماڻهو؟
    جي ماڻهو ٿيڻو آهي ۽ ماڻهپو وڌائڻو آهي ته پوءِ پنهنجي علم ۽ ادب، ڏاهپ ۽ ڏات جي هر ذري کي ڪم آڻڻو پوندو ۽ خود غرضين کي، جيڪي جانوراڻيون خصلتون آهن، گھٽائڻو ۽ ڦٽو ڪرڻو پوندو.
    ان مان هر ماڻهو جيڪڏهن پنهنجيون سموريون صلاحيتون ۽ لياقتون ڪم آڻي ته اسين گھڻو ڪجھ ڪري سگھون ٿا. مثال طور: رڳو علم ۽ ڄاڻ جي پهلو جو ذڪر ڪجي ته ڳالهه صاف ٿي ويندي. علم ۽ زندگيءَ جو ڪهڙو شعبو آهي جنهن ۾ ڪجھ نه ڪجھ ڄاڻ رکندڙ سنڌي ماڻهو موجود نه هجن؟ اسان جا پي ايڇ ڊي ۽ سي ايس پي، پوسٽ گريجوئيٽ ۽ پروفيسر، ليڪچرر ۽ استاد، جج ۽ وڪيل، انجنيئر ۽ ايگريڪلچرسٽ، سائنسدان ۽ سياستدان، مفڪر، مدير ۽ محقق، دانشمند ۽ دورانديش، ڏاها ۽ سياڻا، اڪابر ۽ اديب، صنعتڪار ۽ ايڪانامسٽ، بزنيس ۽ مئنيجمينٽ توڙي مختلف ٻولين جا ماهر جيڪڏهن پنهنجي پنهنجي شعبي جي هر ممڪن ڄاڻ کولي کولي ۽ جرئت سان بيان ڪن ته جيڪر سنڌي علم ۽ ادب آسمان سان ڳالهيون ڪندو نظر اچي.
    ڪي ماڻهو چون ٿا ته اسين ڪوڙا اڪابر آهيون، اسين رڳو لٻاڙڻ ۾ پورا اسان وٽ علم آهي ئي ڪو نه، جاهل آهيون ۽ چالاڪين، رشوتن ۽ سفارشن سان مختلف عهدن تي پهتا آهيون جنهنڪري لکي پڙهي ۽ پرکي ڄاڻون ئي ڪو نه، باقي جيڪي ٻه چار آهن، جن وٽ علم ۽ سچائي آهي اهي ته لکن پيا ۽ اڻٿڪ نموني لکن پيا. ٻيا چون ٿا ته اسين ڊڄڻا، گيدي ۽ ڀاڙيا آهيون، اسين ذهني طرح به غلام ٿي ويا آهيون ۽ ان غلاميءَ خلاف وڙهڻ جو جذبو ئي مري ويو آهي ان ڪري ڄاڻ هوندي به سوچڻ، پڙهڻ لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي همت ئي نه رهي آهي.
    انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسين سنڌي ماڻهو سياسي، معاشي ۽ سماجي طور غلام بنايا ويا آهيون. اسان جي ٻولي ۽ ثقافت تي پهرا آهن، علم ۽ ادب سان وير رکيا وڃن ٿا، سنڌ خلاف سازشون ۽ غداريون اوج تي آهن، ڪوس، ڪيس، ڌاڙا ۽ دهشتگرديون، ڏاڍ ۽ ڏمر آهن. ڀلي، دنيا جي هر مصيبت اسان مٿان ڪڙڪائي وڃي پر ياد رکجو ته ڪنهن به قوم جيستائين ذهني طرح آڻ نه مڃي آهي، هن جون سوچون غلام نه ٿيون آهن، هن ۾ آزاديءَ جو جوش ۽ جذبو موجود آهي تيستائين ان کي حقيقي نموني ماري مات نه ٿو ڪري سگھجي.
    اسان جي بي همتي، جسماني توڙي ذهني، ويريءَ کي وڌيڪ طاقتور ڪري ٿي. اسان کي جيڪڏهن غلاميءَ مان نجات حاصل ڪرڻي آهي ته ان جي پهرين وک طور پاڻ کي ذهني غلام ناهي بنائڻو. اسان جون سوچون غلام ناهن ته پوءِ ان جو پهريون اظهار ائين ئي ڪري سگھجي ٿو ته اسين جيڪو ڪجھ نه ٿا ڄاڻون اهو پڙهڻ ۽ سوچڻ وسيلي ڄاڻڻ جو جتن ڪريون ۽ جيڪو ڪجھ ڄاڻون ٿا اهو لکون ۽ ڳالهايون.
    سڄي ڌرتيءَ تي ڪنهن به ماڻهوءَ سان ڪٿي به، ڪڏهن به ۽ ڪو به ڏاڍ ٿيو يا ان کي ڏک پهتو ڄڻڪ منهنجي ڀاءُ کي، مون کي ايذاءُ رسيو. اچو ته هر ڏک جي هر صورت خلاف جاکوڙ ڪريون ۽ سک جي هر صورت هٿ ڪرڻ جو جتن ڪريون. اچو ته اسين به پاڻ کي سڄي ڌرتيءَ جي وارثن مان هڪ سمجھون ۽ هڪ ٿيون... ۽ اهو تڏهن ٿي سگھي ٿو جڏهن اسان جي سوچ غلام نه هجي.
    (هفتيوار ”سنڌو“ حيدرآباد، 24 جون 1992ع)


    سنڌين جو نئون سياسي اڳواڻ؟

    هن وقت سنڌ جو سياسي وايو منڊل ڪجھ ان قسم جو ٺاهيو ويو آهي جو ڀارتي لساني ٽولي سان واسطو رکندڙ سنڌين جا ڏٺا وائٺا قاتل دهشتگرد جيڪڏهن (اتفاقن ئي سهي) سڳ سوڌا پڪڙيا وڃن ٿا ته جھٽ کان پوءِ بنا حساب ڪتاب جي جيئرا جاڳندا ڇُٽيو وڃن، جڏهن ته بيگناهه سنڌي ماڻهن (جيڪي شهرن ۾ رهن ٿا يا ڳوٺن ۾) ۽ سياسي ڪارڪنن کي بنا ثبوت جي ۽ ڪيس هلائڻ کان سواءِ ئي سرڪاري ايجنسين وسيلي اغوا ڪيو ۽ مقابلو ڪندي مارجندو ڏيکاريو پيو وڃي. جيڪي سچ پچ دهشتگرد ۽ قاتل آهن انهن کي حق پرست، جمهوريت پسند ۽ قانون جو محافظ سڏي ساراهيو، ۽ جيڪي بيگناهه آهن انهن کي انڊيا ۾ سکيا ورتل دهشتگرد ۽ ڌاڙيل سڏي ماريو پيو وڃي. شهود هاشميءَ ۽ سندس ساٿين جي گرفتاري ۽ آزادي ۽ شاهبندر واقعي، ڄامشوري واقعي ۽ يوسف جکراڻي سميت دادو جي جبلن مان هٿ آيل سڙيل لاشن ۽ مختلف ٿاڻن تي رشوت جي آسري ۾ واڙيل سوين بيگناهه سنڌين جي ڏک ڏيندڙ منظرن سان گڏ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ اندر ٿيل وڏا واقعا منهنجي اکين آڏو آهن ۽ اهي بيان پڻ جيڪي گذريل ڪجھ ڏينهن ۾ خاص طرح سنڌ ۾ لشڪري قوتن جي اچڻ کان پوءِ پاڻ کي سنڌ (يا پاڪستان) ۽ سنڌين (يا پاڪستاني عوام) جو خيرخواهه سڏائيندڙ سياسي اڳواڻن جاري ڪيا آهن.
    سنڌ ۾ لشڪري قوتن جو اچڻ ڇا ٿو ٻڌائي؟
    سرڪاري ٻوليءَ موجب سنڌ ۾ امن امان جون حالتون بيحد خراب ٿي ويون آهن جن کي قابو رکڻ ۽ قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ لشڪري قوتن کي گھرايو ويو آهي، نه ڪي سياسي مخالفن يا عوام کي دٻائڻ لاءِ. ان جو صاف مطلب هي ٿيو ته ڄام صادق ۽ مظفر حسين شاهه، سنڌ جي حاڪمن، توڙي پاڪستان جي حاڪمن جون اهي دعوائون ته سنڌ ۾ امان امان جي صورتحال مسلسل سڌري رهي آهي، ڪوڙيون ۽ هٿ ٺوڪيون هيون، انهن اڍائي سالن کان لاڳيتو ڪوڙ پئي ڳالهايو ۽ عوام کي ڌوڪي ۾ پئي رکيو آهي.
    مخالف ڌر (پي ڊي اي) ۽ سنڌ جي نام نهاد گھڻگھرن سياستدانن شڪ ڏيکاريو ته اهڙيءَ طرح متان سياسي مخالفن ۽ عوام سان بي واجبي ٿئي، باقي هن کي لشڪري قوتن جي اچڻ ۽ انهن وسيلي امن امان قائم ٿيڻ بابت ڪو به شڪ يا اعتراض ناهي. جي ايم سيد صاحب ته انهن جي آجيان به ڪري ڇڏي ۽ قائم علي شاهه صاحب اها گھر به ڪئي آهي ته سمورا اختيار فوج جي حوالي ڪيا وڃن.
    اهڙيءَ طرح لشڪري قوتن جي سنڌ ۾ اچڻ ۾ امان امان قائم ڪرڻ بابت حڪمرانن توڙي ٻين سياسي اڳواڻن جي اخباري ٻولي سَو سيڪڙو هڪ جھڙي ٿي پئي آهي. ضياءَ پاران ڊڪٽيٽر ۽ جمهوريت مخالف عوام دشمن جنرلن جي جانشين ۽ عوام جي خيرخواهن جي ٻوليءَ ۾ هڪ جھڙائي پيدا ٿيڻ جا ڪارڻ (خبر ناهي!) ڪهڙا آهن؟
    سنڌ ۾ لشڪري قوتن جي اچڻ ۽ ”امن امان قائم“ ڪرڻ جو صاف سٿرو ۽ چٽو مطلب هي چئبو ته نگران حڪومت گھوٻيون هڻي جيڪي نمائندا چونڊرايا، اهي ڪنهن به ڪم جا ناهن، اهي لوڀي، ٺوڳي، ڪوڙا ۽ بدمعاش آهن (۽ ان ڪري سچ پچ عوامي راءِ سان چونڊيل نمائندا به اهڙا ئي آهن)، اسيمبليون بوگس ۽ خچر کَلي جو مرڪز آهن، عوام جي ملڪيت سان پالي ويندڙ سول انتظاميا بيهودي ۽ اٽي تي چٽي آهي ۽ ملڪ جي وفادار، نمڪ حلال ۽ عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لائق رڳو هڪ ئي، لشڪري قوت آهي (جنهن جي حڪومتي نظام کي مارشل لا سڏجي ٿو).
    انهيءَ ڪري سنڌ ۾ اڄڪلهه اڻوڻندڙ، مايوسي ۽ مونجھ جي فضا ڇانيل آهي. سنڌي ماڻهو بيوسيءَ ۽ شڪ ڀريل نظرن سان عوام ۽ قوم جي گھڻگھرن سياسي اڳواڻن ڏانهن تڪي رهيا آهن. بيوسي ان ڪري جو سياسي اڳواڻ بي عمليءَ جو شڪار ٿي ٺلهين ڳالهين تائين محدود رهجي ويا آهن ۽ شڪ انهيءَ ڪري جو اقتداري توڙي مخالف يا اڻ چونڊيل سياسي ڌرين جي ٻوليءَ ۾ ڪو خاص فرق نه رهيو آهي. سنڌي ماڻهو سمجھي ٿو ته سياسي مسئلن جو حل ڏيڻ ۽ انهن کي حل ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ سياسي پارٽين جو ڪم آهي پر گذريل پنجن سالن دوران اقتداري توڙي مخالف ۽ اڻ چونڊيل ڌرين پاران سنڌ جي سياسي مسئلن جي حل بابت جيڪي هزارين ڳالهيون، دڙڪا ۽ ايلاز ميدان تي آيا آهن انهن جو اڀياس ٻڌائي ٿو ته هر ڌر اقتدار جي ڍونڍ کي چڪ وجھڻ جي بکي ۽ سياسي سمجھ کان پالهي آهي ---- انهن وٽ سنڌ جي سياسي مسئلن جو ڪو به حل ناهي ۽ نه ئي وري اهي حل ڪرائڻ گھرن ٿيون يا ان لاءِ مخلص آهن.
    سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو هن وقت هزارين مسئلن جي اونهي سمنڊ اندر ڪڙهندڙ ڪن ۾ ڦاٿل آهن. سنڌ تي سنڌين جي مالڪيءَ جي مسئلي، سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي بچاءَ ۽ واڌاري جي مسئلي، سنڌين جي معاشي ۽ سياسي نجات جي مسئلي، سنڌين جي بيروزگاريءَ ۽ کين بيروزگار رکڻ جي مسئلي، سندن تعليمي تباهيءَ جي مسئلي، سنڌ کي سڪائڻ لاءِ سنڌوءَ تي رٿيل ڊيمن ٺاهڻ جي مسئلي، سنڌين کي پنهنجي ئي تاريخي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ بدلائڻ لاءِ بهارين، ڀارتي مسلمانن، پنجابين، پٺاڻن ۽ ٻين ڌارين جي ايندڙ اجھل ٻوڏن جي مسئلي، سنڌين کي سندن ئي سنڌ ۾ رياستي ادارن ۽ انهن جي ڳجھين توڙي پڌرين دهشتگرد ايجنسين (ورديءَ ۾ هجن يا نه) وسيلي فلسطيني يا ريڊ انڊين بنائڻ جي مسئلي، سنڌ جي ڌرتيءَ ۾ ڦاڙهه وجھي ان کي ٽڪرا ڪرڻ يا سڄيءَ سنڌ تي ڌارين پاران قبضي جي مسئلي وغيره جو ذڪر نه به ڪجي، رڳو سرڪاري ٻوليءَ ۾ امن امان جي مسئلي جو ئي ذڪر ڪجي ته کوڙ ڏنڀيندڙ ۽ ڏنگيندڙ زهريليون حقيقتون ڪَر کڻي آڏو اچي بيهن ٿيون. سنڌي ماڻهو بي اختيار ٿي ماضيءَ تي نظر ڊوڙائي اهو جاچڻ جو جتن ڪري ٿو ته ڇا لشڪري قوتن جي حڪمراني سياسي مسئلي جو حل آهي، ڇا انهن جي ڪري امن امان قائم ٿي سگھيو آهي ۽ ٿي سگھندو؟
    تاريخ شاهد آهي ته پاڪستان جي حقيقي حاڪمن ۽ حڪمرانن کي، جيستائين بنگلاديش نه ٺهيو هو، تيستائين ”اوڀر پاڪستان“ ۾، ڪجھ عرصو اڳ تائين ڪڏهن ڪڏهن پختونخواهه ۾ ۽ شروع کان وٺي اڄ تائين بلوچستان، اترادي علائقن، سرائيڪي ۽ خاص طرح سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو تڏهن نظر ايندو آهي جڏهن سندن ڦرلٽ جي راهه ۾ ڦريَلن پاران رنڊڪ پوندي آهي يا جمهوريت دشمن ۽ عوام دشمن راڄ خلاف مظلوم قوتون وڙهنديون آهن يا وري تڏهن جڏهن مظلوم قومون پڄري پڄري باهه-اوڳاڇيندڙ جبل جيان ڌڪار ڪرڻ واريون هونديون آهن. پنجابي ۽ پناهگير کان سواءِ باقي سڀني يعني هتان جي حقيقي ۽ مظلوم قومن ---- پختون، بلوچ، بنگالي ۽ سنڌين کي وقت بوقت علحدگي پسند، ملڪ دشمن، بي دين، ڌاڙيل، دهشتگرد، روس ۽ انڊيا جو ايجنٽ وغيره سڏي، پنهنجي ڀرتي ڪيل ماڻهن وسيلي نعرا هڻائي مناسب ماحول پيدا ڪري بيدرديءَ سان چيڀاٽيو پئي ويو آهي. مقصد رڳو اهو هڪ ته پنجابي-پناهگير ڦورو طبقن ۽ سندن ساٿارين جي راهه ۾ ڪو به رنڊڪ نه بنجي. خوش قسمتيءَ سان مظلوم قومن جو شعور ايترو اسريل آهي جو اهي قانون جي تحفظ ۽ محافظيءَ جي نالي ۾ لاقانونيت پکيڙيندڙ قوتن کي ڏاڍي مناسب ۽ حقيقي نالي سان ياد ڪن ٿيون يعني رياستي دهشتگرد ۽ ڀاڙيتو قاتل.
    ڪجھ عرصو اڳ ائين اقتدار قائم رکڻ لاءِ ڦورو حاڪمن ۽ حڪمرانن جي انڌي، ٻوڙي ۽ گونگي پر هٿياربند ۽ سندن حڪم مڃيندڙ طاقت جو نالو هو لشڪر. هاڻي ان کي اقتدار جو چشڪو به چنبڙي چڪو آهي، تنهنڪري ٽين دنيا جي ملڪن جي وڏي گھڻائي فوجي لت هيٺان چيڀاٽجي رهي آهي. چونڊن جو، عوام جي راءِ جو، عام ماڻهوءَ جي عزت جو وٽن تصور ئي ڪونهي. ڏنڊي جي زور تي راڄ ڪرڻ، حڪم هلائڻ ۽ حڪم موجب قانوني فيصلا ڪرڻ ۽ پنهنجي ئي هم وطن، هم قوم ۽ هم مذهب ماڻهن کي ڪهڻ، اڄوڪين لشڪري قوتن جو جھڙوڪر بنيادي فرض ٿي پيو آهي. چليءَ کان وٺي فلپائينس تائين به ڇو وڃجي! اڳوڻي اوڀر پاڪستان جو مثال ڇو نه وٺجي؟ ڪير هئا اهي؟ هم وطن پاڪستاني به هئا ته مسلمان به، مظلوم به هئا ته ماڻهو به، پر ماڻهن جو ڪوس جنهن بيدرديءَ ۽ بي رحميءَ سان ڪيو ويو، ائين وحشي جانورن جا شڪاري ته ڇا، پاڻ وحشي جانور به نه ڪندا آهن. جانورن جي ويڙهه ۾ جانورن جو قتلام ته ٿيندو آهي، پر زوريءَ زنا ته نه ٿيندي آهي، معصوم ٻارڙن جي سينن ۾ سنگينون ته نه ٽنبيون وينديون آهن، رهائشي، تعليمي ۽ صحتي مرڪزن کي نابود، پاڻيءَ کي زهريلو ۽ کاڌي کي اڻلڀ ۽ گندو ته نه ڪيو ويندو آهي، لاشن ۽ واڍوڙيلن، ڦٿڪندڙ ۽ ڪيهون ڪندڙن جي ڍڳ مٿان بيهي ٽوڪ ڀريا ٽهڪ ته نه ڏبا آهن. ”مقعدن ۽ زنانن ڀرسان سنڌوءَ ڪناري مقابلي ۾ 9- ڌاڙيل ماريا ويا آهن ۽ ڏهون ڦٽجي مرڻ ڪنڌيءَ پهتل آهي. وٽانئن جديد بمن ۽ نڪور رائيفلن جو وڏو ڳاڻاٽو هٿ آيو ۽ هڪ دهشتگرد مرندي مرندي ٻڌايو ته اهي انڊيا ۾ دهشتگرديءَ جي سکيا وٺي آيا هئا.“ (هاءِ! ڪيڏا نه پيارا دهشتگرد!) ”قومي“ ريڊيو ۽ ٽي وي تي اهم خبرن ۾ قانون نافظ ڪندڙ ادارن جي وڏي ڪارنامي طور اها خبر نشر ڪئي وئي.
    ٽي وي تي جيڪي هٿيار ڏيکاريا ويا، انهن تي ليبل لڳل هئا ته چلڪاٽ به ڇڏيائون پئي. سنڌ جي وڏي وزير کي پنهنجي واڳ ڌڙين سان سر ملائڻو ئي هو.
    عجيب قسم جا دهشتگرد هئا هي به. سندن هلايل هڪ گولي به سرڪاري ماڻهوءَ توڙي گاڏيءَ کي ڇهي به نه سگھي، بلڪل شاهه بندر وارن دهشتگردن جھڙا! اچرج ۾ وجھندڙ دهشتگرد پيا ٺهن سنڌين منجھان!... ميوزم ۾ رکڻ لائق!
    جيئن ريڊيو ۽ ٽي وي تي خبر نشر ڪئي وئي تيئن ساڳي خبر، جيئن جو تيئن بنا ڪنهن تبصري سان شايع ڪرڻ جي هدايت ڪندي اخبارن کي به جاري ڪئي وئي. خبر ته شايع ٿي پر سنڌي پريس اهو به ظاهر ڪري وڌو ته هن خبر تي تبصرو ڪرڻ ۽ ڪرائڻ منع ڪيل آهي.
    نوجوان صحافين رات-پيٽ ۾ خبر جي اصليت ڳولي ورتي. شهيدن جي وارثن به واهه جي مڙسي ڪئي. جس هجي بي بي سي جي نمائندي کي، جيڪو پڻ حقيقت ڳولڻ لاءِ ترت ئي پهچي ويو ۽ رپورٽ ڪيائين. ٻئي ڏينهن سڳ سوڌي سچي خبر سنڌي پريس ۾ اچي وئي ۽ اهڙين مضبوط شاهدين سان جو سرڪار جون وايون ولڙيون ٿي ويون.
    ”قومي“ پريس کي به صحافتي لڄ رکڻ لاءِ خبر صاف صاف ڇپڻي پئي، ۽ شاباس هجي ته انگريزي اخبار کي، جنهن ايڊيٽوريل ۾ گھر ڪئي ته بيڏوهي ماڻهن کي جنهن ميڊيا تان بدنام ڪيو ويو انهيءَ ئي ميڊيا تان کانئن معافي ورتي وڃي.
    وڏي وزير جي وڪيل ذهن کي وري گھت ۽ گھوٻي هڻڻي پئي ۽ بنا ڪنهن نڪ جي، ٽئين ڏينهن اعلان ڪيائين ته مئل دهشتگرد نه پر معصوم ڳوٺاڻا هئا. ان بيان جي روشنيءَ ۾ ثابت ٿيو ته ڪالهه تائين پاڻ ڪوڙو، ملڪ جو وزيراعظم ڪوڙو، ايجنسين جا سردار ڪوڙا هئا. صدقي توتان سنڌي ماڻهو! توسان ظلم ۽ دهشتگردن خلاف ويڙهه ۽ انهن جي ستايل سنڌي عوام کي تحفظ ملڻ جي اميد ڪري سگھجي ٿي.
    ان جو مطلب اهو ٿيو ته ايجنسيون انهن ئي دهشتگردن ۽ ڌاڙيلن خلاف عمل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿيون هيون جيڪي سندن اڳوڻن بيانن موجب انهن ئي ايجنسين جا پيدا ڪيل آهن يعني ايجنسيون سنڌي عوام جون محسن ٿي آيون هيون!
    ايجنسيون ۽ انهن جا ٻولڙيا ٻيو ڪهڙي قسم جي بيان بازي ڪري سگھن ٿا؟!
    وري به شاباس لائق آهي سنڌي پريس کي (پنهنجن سجاڳ سياسي ليکڪن ۽ سچار رپورٽرن سميت) جنهن معاملي کي اڊيڙڻ جي ڪوشش ڪئي، ايجنسين جي ماضيءَ ۽ حال کي اجاگر ڪيو، مسئلي کي اڊيڙيو ۽ سلجھايو ۽ فوجي ڏنڊي بدران سنڌ ڏانهن سرت ڀريو سياسي رويو رکڻ جي گھر ڪئي.
    شاهبندر وارو واقعو رپورٽ ٿيو ته ڪجھ سياستدان ڪنجھي ڪنجھي اهڙا بيان جاري ڪيا جيڪي ساڌن سان سنمک ۽ پئنڇن سان پورو هجڻ واري چوڻيءَ تي ٺهڪي ٿي آيا ۽ ڪي ته اهڙا ماٺ رهيا ڄڻڪ محمد شاهه رنگيلي جيان الوٽ هجن، ڄڻ ته قتل ٿيل سنڌ ڌرتيءَ جا ڄاوا ئي نه هئا. جڏهن ته ايجنسين پاران اگھاڙي دهشتگرديءَ جو جيئرو جاڳندو مثال هو شاهبندر وارو واقعو ---- دهشتگرد انڊيا مان سکيا ورتل، هٿيارن سان ليس، سوار هئا ڊونڍي ٻيڙيءَ ۾، سامونڊي ڪناري کان ٽيهه ميل اندر پاڻيءَ ۾! مقابلو ٿيو، گوليون هليون، هٿيار پڪڙيا، دهشتگرد مارجي ويا... هڪ کي گولي لڳي ۽ باقي خبر ناهي ته بنا گولين جي ڪيئن مري ويا ۽ سندن نَهن ڪيئن پٽجي ويا! دهشتگردن کان هٿ ڪيل هٿيار وري سمنڊ ۾ ٻوڙيا ويا! عجيب قسم جا دهشتگرد هئا. سندن هڪ گولي به ماڻهوءَ کي ته ڇا نيوي جي وڏي ٻيڙيءَ کي به نه لڳي!
    ڇا هيءَ ماٺ مجرماڻي نه هئي؟ گھوڙا گھڻي اگھه وڪاڻا؟
    پر وڪاڻل گھوڙن لاءِ سڀ کان وڏو لعنتاڻو آهي ڄامشورو واقعو، معصوم سنڌي ماڻهن جي وحشياڻي قتل جو. اچو ته ڪجھ ذڪر ڪريون.
    جنرلن بريف ڪيو ۽ ملڪ جي وزيراعظم اعلان ڪيو ته ڄامشوري گھمايو ويو. اقتدار جي بکين کان قول وٺي اقتدار ڏنو ويو. جنرل جي سينن تي جمهوريت جو تمغو سينگاريو، انهن جي پاليل ڪامورا شاهي کي، مضبوط صدر کي سگھارو، ۽ دهشگردن سان ٺاهه ڪيو ويو. ٻئي پاسي سنڌ اندر پالتو پاٿاريدارن ۽ ناڪام پر لالچي سياستدانن کي خريد ۽ ڄامڙن کي ڊگھو ڪيو ويو ---- سنڌ جا سٺا سٺا سياسي اڳواڻ ڳجھي سرڪار جا سلامي ۽ پيرَ ڀرو ٿي پيا (۽ ان ڪري ارادي سان سازشون ڪري پنهنجين پارٽين کي ٽوڙي رکيو). ڪي نيون پارٽيون به ٺهرايون ويون ته آزاد اميدوارن جي به هڪ لوڌ پيدا ڪئي وئي جيڪا اقتدار جو هڏو چوسڻ لاءِ ڍونڍ کي به نوسڻ ۽ چڪ وجھڻ لاءِ تيار هئي.
    اقتدار جي بکي هڪ ٽولي مان ڪم ڪڍي، ملڪ مسيت ڪري، هٿ ٺوڪيا نگران ويهاري، جنرل جي جانشينن کي چونڊايو ويو. سنڌ ۾ ڄام صادق هو ۽ هاڻي مظفر حسين شاهه آهي، جن جا سهڪاري هئا ۽ آهن اهي ئي اقتدار دوران پ پ جا اتحادي، سنڌي قوم جا قاتل دهشتگرد (جن جا وزير ۽ صلاحڪار سنڌ ۾ سنڌين سان راڱا ڪرڻ ۾ جنبيل آهن) ۽ ڍونڍ چڪيندڙ آزاد اميدوار، جن مان ٺهيل وزير ڪنڌ ڌوڻڻ ۽ آڱوٺو هڻڻ ۾ پورا آهن. انهن جا مثال ته تمام گھڻا پر ظاهر ظهور آهن. سنڌ جي آدمشماري لڪائڻ تي مجرماڻي ماٺ، پاڻيءَ ۽ ناڻي جي ورهاست وارن سنڌ دشمن ٺاهن ۽ سنڌ کي نقصان رسائيندڙ بجيٽن جي ساراهه ۽ تازو ئي پنهنجيءَ ڌرتيءَ مٿان لشڪر چاڙهي اچڻ وارو غداريءَ جو ڪارنامو، جنهن تي وڪاڻل، غداريءَ جو گھانگھو پائي ويٺل سنڌي ”وطن دوست“ سياسي اڳواڻ ڪو ڪارائتو سنڌ دوست لفظ ڪڇڻ بدران پنهنجا گلا گھٽي بيان ڏيڻ کان به بان ڪري ويهي رهيا ۽ ڇهن ڏينهن کان پوءِ ڪن ته عادت موجب آجيان ڪئي ۽ ڪي اهو چوڻ لڳا ته جيڪڏهن لشڪري قوتون ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن خلاف ڪاروائي ڪن ته کين ڪو به اعتراض نه هوندو، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته ”قانون نافذ ڪندڙ“ ايجنسين ۾ اها اميد ڏيکاري ۽ سنڌي عوام ۾ انهن لاءِ عزت پيدا ڪرڻ جي بيهودي ڪوشش ڪئي وئي ته اهي قوتون ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن خلاف ويڙهه ڪري ۽ اهڙي طرح سنڌ ۽ سنڌين کي هڪ وڏي عذاب مان نجات ڏياري سگھن ٿيون. ان جو مطلب اهو به ٿيو ته حقيقي ڌاڙيلن جي جنسي عضون توڙي ڦٽن ۾ اڌ- ڏڏريا شيشا، مرچ ۽ لوڻ ته نه وجھبا آهن، مردن جا مخصوص عضوا ته ڪٽبا ۽ وڍبا نه آهن ۽ هٿ پير ٻڌي نسن کي سير ڏئي ميدان ۾ ڦٿڪڻ لاءِ ڦٽو ته نه ڪيو ويندو آهي...!
    ڇا ”ڌاڙيل“، ”دهشتگرد“، ”انڊيا ۽ روس جا ايجنٽ“، ”تخريبڪار“ ۽ ”بي دين“ ناس ٿي ويا ۽ ڇا امن امان قائم ٿيو؟ قانون جي بالادستيءَ جو ڇا ٿيو ۽ قانوني ڏوهارين جو ڇا ٿيو؟ ڇا حقيقي قاتلن ۽ زناڪارن کي سزائون مليون؟ اصل ڌاڙيل، دهشتگرد، تخريبڪار ۽ ملڪ جا دشمن ڪير هئا؟
    نتيجو ڇا نڪتو، لشڪري مغز جي سوڀ يا ناڪامي؟
    سنڌ ۾ پڻ، تازوئي، يارهن سال اهو لشڪري مغز ڪم ڪندو رهيو. ”ڌاڙيل“، ”دهشتگردن“، ”انڊيا ۽ روس جي ايجنٽن“، ”تخريبڪارن“، ”بي دينن“، وغيره کي ناس ڪندو رهيو. ڇا فوجي ڪورٽن ڪم نه ڪيو يا مارشل لا نه هو، پر ڇا امن قائم ٿيو، ڇا حقيقي دهشتگرد، ڌاڙيل ۽ تخريبڪار تباهه ٿي ويا، ڇا غير قانوني هٿيار پڪڙيا ويا، ڇا سرڪاري مغز موجب قانون جي بالادستي قائم ٿي؟
    نتيجو ڇا نڪتو، لشڪر مغز جي سوڀ يا ناڪامي؟
    انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ عام طرح ۽ بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ خاص طرح اقتدار جو چشڪو چکندڙ لشڪري دماغن پنهنجيءَ پسند جا ڪيترائي دهشتگرد، ڌاڙيل، روبوٽ، دماغ ۽ سياسي اڳواڻ ٺاهي ورتا آهن ته جيئن چڙهائيءَ لاءِ بهاني ۾ ڪجھ سچائيءَ جي جھلڪ نظر اچي سگھي. اهي ڳڻپ ۾ به ڪي گھٽ نه آهن ۽ وقت سر سندن پسند، بلڪه حڪم موجب ڪاروايون ڪندا، نعرا هڻندا ۽ بيان ڏيندا پيا رهن. انهن ڪارواين، نعرن ۽ بيانن جي آڙ ۾ وقت بوقت سنڌ ۽ سنڌين تي چڙهايون به ٿين ٿيون ۽ سنڌي عوام ريءَ گناهه ڪسيو، ڪٽبو ۽ قابو ٿيندو رهي ٿو. پر ڇا اهي سنڌ ۾ حق جي آواز ۽ مظلوم جي گلي کي گھٽي سگھڻ ۾ سوڀارا ٿيا آهن؟
    مظلوم جي آواز ۽ احتجاج ڇا حقيقي غدار، سازشي، ڦورو، دهشتگرد ۽ حاڪمن جي ڳچيءَ ۾ ٽوڙهو ٿي نه پئجي ويو آهي؟
    جنرل ۽ جنرلن جو ظاهري اقتدار نيٺ ڦٽاڪو ٿي ويو. روپ بدلايو ويو ۽ جمهوريت جو ڍنڍورو ڪندڙ ڀاڙيتو قاتل سڄي ڌرتيءَ تي قاتل ۽ ڪوڙي جي حيثيت ۾ پڌرا ۽ ثابت ٿي چڪا آهن.
    گھاگھ سنڌي سياستدانن جي نڙيءَ ۾ ساڳيو گھوگھو ۽ پيرن ۾ پنهنجي قيمت طور ورتل زر جا زنجير، پنهنجن آقائن ۽ ٻين جي پوئواري ڪندي چوٿين ۽ پنجين ڏينهن رڙهي وڃي تعزيت ڪيائون ۽ ان کان به ٻه ڏينهن پوءِ اهڙو سوچيل توريل بيان جاري ڪيائون جو ”سڀ جو خير“.
    گذريل ڪجھ عرصي کان اسان جي ”باعمل“ سياستدانن جي ڪل سياست اخباري بيانن تائين محدود، جڏهن ڪا شيءِ پريس ۾ اچي ته پوءِ ڪندا واويلا، هاڻي ته ان کان به ويهجي ويا.
    ويجھڙ ماضيءَ کان ائين ئي ٿيندو پيو اچي ته سنڌي پريس جرئت ۽ سچائيءَ سان سنڌي عوام جو نڪتي نظر رکندي ۽ مضبوط دليلن سان پيش ڪندي پئي اچي ۽ اسان جا نام نهاد ليڊر ان کان پوءِ ئي سياسي واويلا ڪن ٿا. بهارين جي ناجائز اچڻ وارن طريقن تي، ناڻي جي بي انصاف ورڇ تي، حقيقي آدمشماري لڪائڻ جي سبب تي، پاڻيءَ جي چوريءَ جي مسئلي تي سنڌين خلاف دهشتگرديءَ ۽ ڌاڙ جي مسئلي وغيره تي مضبوط موقف رکڻ واري، خاص طرح گذريل ڪجھ عرصي کان جيڪڏهن سنڌي پريس ئي آهي ۽ سياسي اڳواڻ ۽ پارٽيون ان جي ئي پوئواري ڪن ٿيون، ته پوءِ ڇو نه اها جرئت ڪجي ته سنڌي پريس کي ئي پنهنجو اڳواڻ مڃيو وڃي؟
    ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن جي گرفتاري ۽ آزادي، شاهبندر توڙي ڄامشوري ڀرسان سنڌي ماڻهن جي شهادت بابت تازوئي سنڌي پريس پنهنجو لاجواب ڪردار نڀايو ۽ مضبوط دليل سان پنهنجو ڪيس رکيو. اسين، بهرحال، ڄاڻون ٿا ته پريس ۽ سياسي پارٽيءَ ۾ وڏو فرق آهي، پريس سياسي پارٽيءَ جو ڪردار ادا نه ٿي ڪري سگھي، تنهنڪري وري به سياسي اڳواڻن ۽ پارٽين جو ئي فرض آهي ته هنن صاف ٿيل معاملن تي پنهنجي موقف ۽ حڪمت عمليءَ کان سنڌي ماڻهن کي واقف ڪن، سنڌ مٿان چڙهي آيل حقيقي دهشتگرد قوتن ۽ سنڌ جي اقتدار تي ويهاريل دهشتگردن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪن. جيڪڏهن هاڻي به سنڌي سياسي پارٽين توڙي عوامي حقن جي دعويدار اڳواڻن پنهنجي ڀاڙي رويي کي درست ۽ بي عمل ڳالهين کي ڇڏي باعمل مثبت رويو اختيار نه ڪيو ته پوءِ شايد انهن لاءِ اها ئي ڳالهه وڌيڪ درست ٿيندي جيڪا 1938ع ۾ هڪ سنڌي نوجوان (۽ پوءِ ”مجذوب“) محمد امين کوسي پنهنجي هڪ خط ۾ جي ايم سيد صاحب کي چتاءُ ڏيندي چئي هئي...
    هڪ پاسي آءٌ سياسي اڳواڻ ۽ سياسي پارٽين کي درخواست ٿو ڪريان، ته اهي سنڌي پريس جي جرئت سبب ڇپجندڙ خبرن کان پاڻ کي باخبر رکي باعمل ٿين ۽ ٻئي پاسي سنڌي پريس کي درخواست آهي ته اها جرئت کي هٿان نه ڇڏي ۽ سچ جو عَلم اوچو رکيو اچي ته مظلوم عوام پاران بي پناهه عزت جي حقدار رهندي.
    (روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 23 جون 1992)
    (قلمي نالي ”مهراڻ مگسي“ سان ڇپيل)


    ڇا سنڌين کي هٿيار کڻڻا ئي پوندا؟

    ڪجھ ڏينهن اڳ اخبارن ۾ خبر آئي ته حڪومت، سنڌ توڙي پاڪستان ۾ رهندڙ غيرقانوني پرڏيهي ماڻهن کي ڪڍي ٻاهر ڪرڻ کان لاچار ظاهر ڪيو آهي --- واسطيدار ڏيهه پنهنجي ڏيهه واسين کي پاڻ وٽ گھرائڻ جو خرچ نه ٿا ڀري سگھن ۽ اسان جي حڪومت انهن کي ڪڍي نه ٿي سگھي! عجيب قسم جي بيوسيءَ جو اظهار آهي. حڪومت، جيڪا پنهنجي ڏيهه واسين کي تحفظ نه ٿي ڏئي سگھي، انهن جي روزگار تي لڳندڙ ڌاڙن کي بند نه ٿي ڪرائي سگھي، پنهنجي ڏيهه ۾ سمگل ٿي، چوريءَ آيل ۽ غيرقانوني رهاڪن کي ڪڍي نه ٿي سگھي، ان کي عوام جي حڪومت سڏائڻ ۽ حڪومت ڪرڻ جو ڪهڙو حق آهي؟
    بيوسيءَ جو اهو احساس ڏاڍو ڏکائيندڙ هو. اهو گھاءُ اڃا تازو ئي آهي جو (2- فيبروري واري) اخبارن ۾ دهشتگردن جي حوالي سان خبر آئي آهي ته اهي سنڌ کي ورهائي ٻه ٽڪرا ڪري ڇڏيندا، اهي پنهنجي متوازي حڪومت ۽ اسيمبلي قائم ڪندا ۽ ان کي ئي شهري ٽيڪسون ڏيندا، جيڪڏهن ”ڳوٺاڻي“ حڪومت ملير ضلعو ٺاهڻ تان هٿ نه کنيو ۽ انهن دهشتگردن جي آڏو گوڏا نه کوڙيا.
    اهي دهشتگرد ۽ انهن جا وڏا 1947ع ۾ هاڻوڪي ڀارت کان مختلف سببن جي ڪري ڀڄي نڪتا ۽ مفلوڪ الحال پناهگير جي صورت ۾ سنڌ آيا ۽ هڪ سازش وسيلي کين سنڌ جي وڏن شهرن، خاص ڪري ڪراچي ۾ آباد ڪيو ويو هو.
    ٽي صديون اڳ ڪراچي هڪ ننڍو شهر هو جنهن کي ”ايشيا جي ڪنوار“ واري درجي تي پهچائڻ لاءِ سنڌي ماڻهن جي رت ۽ پگھر جي ٽي سَو سال ڪمائي سيڙايل آهي. ڪراچي سنڌ جي ڌرتيءَ جو تاريخي طرح هڪ اهڙو ٽڪرو آهي جنهن کي سنڌ جي دل سڏيو پئي ويو آهي. جذبن ۽ احساسن کي پاسيرو رکي هن ايراضيءَ جو جيڪڏهن ملهه ڪٿجي ته اهو به کربين کرب رپين ۾ ٿيندو، جنهن تي جوڙيل عمارتون، جنهن ۾ پيدا ڪيل سونهن جو سمورو سامان تاريخي ۽ عملي طرح سنڌي ماڻهن جو آهي، پر ڪالهوڪا پناهگير اڄ انهن ئي سنڌين کي، جن جا وڙ اهي پاڻ-وڪڻي به لاهي نه ٿا سگھن، ڌمڪيون پيا ڏين، نفرت، چِڙ، بيزاري ۽ حقارت سان دڙڪا ٿا ڏين ته پنهنجي ئي تاريخي ڌرتيءَ تي توهان، اي سنڌيو! جيڪڏهن هڪ ٽُڪري جو نالو ”ملير“ رکيو ته ...
    ڪجھ عرصو اڳ هن دهشتگرد ٽولي کي هڪ خاص قسم جي سازش تي عمل ڪرائڻ لاءِ ايجنسين وسيلي مخصوص نموني ”تخليق“ ڪيو ويو هو. کين سالن جا سال دهشتگرديءَ جي سکيا ڏني وئي ۽ پوءِ مختلف رجسٽرڊ توڙي اڻ رجسٽرڊ ”اڏن“ جا آتشي هٿيار ۽ ٻيو بارود ڏئي کين ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ عملي تربيت ڏني وئي --- مشاهدو ڪيو ويو ته اهي ڪيڏيءَ نه بيدرديءَ، ڪراهت ۽ ”بهادريءَ“ سان جيئرن جاڳندن ماڻهن --- ٻارڙن، جوانن، ٻڍڙن ۽ نياڻين جو ڪوس ڪري، وسندڙ گھرن کي باهيون ڏئي ساڙي رک ڪري، ڪڏڪندڙ ٽهڪڙن ۽ معصوم مرڪن کي موت جي حوالي ڪري، زنده انساني عضون کي ڪوريندي، رڙيون ۽ ڪيهون ڪندڙ هستين تي بي رحميءَ سان ٽهڪ ڏيندي مهڪندڙ ماحول کي ڏائڻين جو ڏيوارو بنائي سگھن ٿا. سوين خون ٿيا، زوريءَ زنائون ٿيون، انسانيت جي عزت اڇالي وئي، ماڻهپي کي لتاڙيو ۽ گھر اجاڙي ڪروڙ ڦريا ويا پر سندن آڱوٺي کي لوڏو به ڪو نه آيو، الٽو کين شاباسون ڏنيون ويون، سندن شاندار ڪارگذاريءَ تي ڏند ٽيڙيا ويا ۽ کين هار پارائي، جلوس ڪڍي اخبارن وسيلي ۽ سندن در تي وڃي شاباسون ڏنيون ويون، جنهن جو نتيجو اهو آهي جو ڪنهن به گھڙي ”دمادم مست“ ڪري سگھن ٿا، رڳو ”اشاري“ ملڻ جي دير آهي.
    جيڪڏهن ماڻهپي کي پائمال ٿيندو ڏسي، جمهوريت جو لاش کڻائي، حرمتن جون لڄون لٽرائي، ادب، فضيلت، مروت، محبت ۽ خلوص کي لتاڙي خونين، قاتلن، غدارن، مارشلن، دهشتگردن، ڌاڙيلن، سمگلرن، زناڪارن، جاهلن ۽ وحشين جو فصل پوکيو ويندو رهندو ۽ انسانيت سوز حرڪتون ڪندڙ، قانوني، انساني ۽ اخلاقي ڏوهارين کي پاليو ويندو رهبو ته دهشتگرد ٽولا ”حقيقين“ ۽ ”حق پرستن“ جا پوش پائي جمهوريت ۽ انسانيت جا دعويدار بلڪه ٺيڪيدار نه ٿي گھمندا ته ٻيو ڇا ڪندا؟
    سنڌي ماڻهن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پنهنجي ۽ پنهنجيءَ ڌرتيءَ، قوم، ٻوليءَ، ثقافت، سماج ۽ نفسيات جي خلاف ٿيندڙ سازشن، ارهه زوراين ۽ عملن کان وقت جي حڪمرانن کي جمهوري، قانوني، انساني ۽ اخلاقي طريقي سان انسان ٿيڻ، انسانيت ۽ جمهوريت وڌائڻ ۽ قانون تي عملي طرح قائم رهڻ جو سبق پئي ڏنو آهي. هنن هن مهل تائين ڪنهن به ثقافتي ۽ نسلي ٽولي ۽ پاڪستان جي ڪنهن به ٻيءَ قوم جي نه ته ڪا وسندي ويران ڪئي آهي، نه ته انهن جي اولاد کي ستايو آهي ۽ انهن جي خلاف نه وري ڪا انسانيت کان ڪريل ڳالهه ڪئي آهي. سچ اهو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت جا علمبردار ۽ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جا مخالف سنڌي ئي رهيا آهن. جمهوريت دوستي، انسان پرستي، اخلاق، مروت، فضيلت ۽ آمريت دشمني سندن سرموڙ وکر رهيا آهن، پر کين محبت ۽ ڀائپي جي موٽ گولين، بمن، سازشن ۽ دهشتگردين جي صورت ۾ پئي ملي آهي. سنڌي هجڻ سبب ستايلن ۽ جمهوريت جي شهيدن جو انگ ۽ سنڌين جي اجاڙيل ۽ ساڙيل وسندين جو دونهون سنڌ ۾ وڌيڪ هجڻ انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي، ته پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ انسانيت ڏوهه جھڙو ڪم آهن ۽ اهڙا ڪم ڪندڙن کي هتي سزا ملندي آهي.
    ٻئي پاسي، جيڪي هتي انسانيت سوز ڏوهه ڪن ٿا، عالمي طرح مڃيل حقن کي اورانگھن ٿا، انفرادي توڙي اجتماعي طرح غداريون ۽ سازشون عمل ۾ آڻن ٿا، قتل، دهشتگرديون، زوري زنائون، ڦرلٽ، هيراڦيري، داداگيري، ڏاڍ، ڏهڪاءُ، ظلم ۽ انڌير نگري مچايو ويٺا آهن، لاقانونيت، بگھڙائپ، وحشت ۽ استبداد پکيڙن ٿا، مارشل لا مڙهن ۽ ڏيهه واسين جي خونن تي سودي بازي ڪن ٿا، اهي هتي هر قسم جي پڇاڻي کان آزاد آهن، معزز شهري آهن، اقتدار جا ڌڻي آهن، کين عزت ملي ٿي ۽ پاڻ فخر سان ڪنڌ کڻي گھمن ٿا، حڪم انهن جو هلي ٿو ۽ ڏيهه جا والي وارث اهي ئي آهن.
    اهڙيءَ حالت ۾ وطن دوست، جمهوريت پسند ۽ ظلم مخالف قوتن لاءِ ڪهڙي راهه اختيار ڪرڻ جو دڳ کليل آهي؟ انهن کي ڪهڙي واٽ اختيار ڪرڻ ۽ ڪهڙو رستو ڇڏڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي؟ ڇا سنڌي ماڻهن کي اهو سبق نه پيو ڏنو وڃي ته توهان جي جمهوريت دوستي ۽ انهيءَ کي قائم رکڻ لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ ڏنل قربانيون محض هڪ فضول ڪم آهن ۽ اسين جيڪي اوهان جي انهن ڪمن سبب توهان جي ڪلهن تي چڙهي اقتدار جي ايوانن تائين پهتا آهيون، اهي پاڻ دهشتگردن ۽ قاتلن جا هٿ ٻڌا ٻانها آهيون ۽ انهن سان سودي بازيون ڪري اوهان جي ئي ڏيهه خلاف ٿيندڙ سازشن ۽ غدارين کي وڌائي انهن جون ڳالهيون مڃينداسون جيڪي جمهوريت جا دشمن آهن؟ ڇا اهي اهو سبق نه پيا ڏين ته عزت، قدر ۽ مڃتا لائق اهي آهن جن جي هٿ ۾ هٿيار هجن ۽ جن انسانيت جو ڪوس ۽ دهشتگردي پئي ڪئي آهي؟ ڇا پاڪستان جي 47- ورهي تاريخ اهو هڪ ئي سبق نه پئي ڏئي ته ملڪ جا حقيقي والي وارث رڳو اهي هوندا جيڪي سازشي، فتني باز، خوني، غدار، دهشتگرد، سوديبازي ڪندڙ ۽ ڏوهاري هوندا؟ ۽ ڇا اهو سبق نه ٿو ڏنو وڃي ته اقتدار ۾ حڪم اوهان جو تڏهن هلندو جڏهن توهان جي هٿن ۾ هٿيار ۽ بارود هوندو؟
    ڇا پاڪستان ۽ سنڌ ۾ رهندڙ غيرقانوني پرڏيهي ايڏا معزز ۽ شريف آهن جو جيستائين سندن حڪومت کين جهازن تي چاڙهي، عزت ۽ احترام سان نه سڏائي يا پاڪستان حڪومت سندن لاءِ آرامده سواريءَ جو بلو نه ڪري تيستائين کين هٿ به نه لاتو وڃي؟ چئبو ته ملڪ جا حقيقي وارث اهي پرڏيهي غيرقانوني ئي آهن!
    ڇا پاڪستان ۽ سنڌ جا دهشتگرد ايڏا معزز ۽ شريف ماڻهو آهن جو جيستائين سندن راضپو حاصل نه ڪيو ويندو، تيستائين پنهنجي ڏيهه جا حقيقي ۽ تاريخي وارث ايڏا لاچار هوندا جو پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي ئي ڏيهه ۾، پنهنجي ئي ووٽ سان چونڊيل حڪومت ۽ اسيمبليءَ وسيلي رڳو هڪ ننڍو انتظامي يونٽ به نه ٺاهي سگھندا؟
    چئبو ته سنڌ جا حقيقي مالڪ اهي دهشتگرد ۽ قاتل ئي آهن!
    جيڪڏهن ووٽ وسيلي چونڊيل حڪومت ۽ جمهوري جدوجهد جي راهه تي هلندڙ ڏيهه واسي قانون جي ڏوهارين ۽ دهشتگردن آڏو ڪجھ به ناهن، ته پوءِ انهن لاءِ رڳو هڪڙي واٽ ئي بچي ٿي جنهن تي هلي اهي هن ڏيهه ۾ عزت، مانَ، مڃتا، اقتدار، حڪم ۽ مالڪي حاصل ڪري سگھن. دهشتگردي ۽ لاقانونيت کي ختم ڪرڻ جو هڪ ئي عالمي طرح مڃيل اصول آهي ته اهڙن ڏوهارين کي چيڀاٽي ڇڏيو، ۽ جيڪڏهن ووٽ جي قوت، جمهوريت ۽ حڪومت دهشتگردي ۽ لاقانونيت آڏو بيوس آهن ته پوءِ اهو ڪهڙو عمل آهي، جنهن وسيلي ان دهشت ۽ لاقانونيت کي ختم ڪري سگھجي؟
    قانون ۽ عدل ان ئي عمل جو نالو آهي، جنهن وسيلي قانون جي ڏوهارين کي چيڀاٽي ختم ڪيو وڃي. قانون ۽ عدل جيڪڏهن ووٽ ۽ حڪومت ۽ عدالت وسيلي نه ملي ته ڇا ڪجي؟
    پنهنجي ڏيهه تي چڙهي آيل ۽ ان جي بيحرمتي ڪندڙ قوتن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ چيڀاٽي ڇڏڻ وطن دوستي آهي. خدانخواسته، پاڪستان تي جيڪڏهن ڪي دشمن قوتون چڙهي اچن ته پاڪستان جي والي وارثن کي ڪهڙي راهه اختيار ڪرڻي پوندي؟
    ڇا دشمن قوتن کي ايلاز منٿون ڪري پرچايو ويندو؟ جواب جيڪڏهن ”نه“ آهي ته پوءِ سنڌ وطن دوست قوتن ۽ حڪومت لاءِ ڪهڙو اڪيلو دڳ بچي ٿو؟
    ڇا سنڌين لاءِ پنهنجي وطن جي تحفظ لاءِ هٿيارن کڻڻ ۽ قوت جي استعمال کان سواءِ ڪو ٻيو دڳ بچيو آهي؟
    (روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 20 فيبروري 1994ع)


    پاڪستان کي ڏوهارين جو کيت نه ٺاهيو

    ڪنهن به ڏينهن جي ڪا به اخبار کڻو، ان ۾ ڪي نه ڪي، ڪن نه ڪن ڏوهن جون خبرون پڙهڻ لاءِ ملي وينديون. هتي جمع جو صيغو ڪم آندو ويو آهي، يعني ڪن نه ڪن ڏوهن جون ڪي نه ڪي خبرون!
    اڄ رمضان المبارڪ جي عيد جو ڏينهن آهي ۽ اخبار به رڳو هڪڙي يعني روزاني ”برسات“ ڪراچي جون هيٺ ڏنل خبرون پنهنجن نظرن مان ڪڍو:
    • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 3- ڄڻا قتل، 7 زخمي.
    • خيرپور ۾ مذهبي وڳوڙ، تحريڪ جعفريه پاران 28 ماڻهن خلاف ايف آءِ آر داخل.
    • ڪراچي اندر چئن ڪارن ۽ ستن موٽر سائيڪلن جي ڦر.
    • سپر هاءِ وي تي هٿياربند عورتن پاران ڦر، ٻه ڄڻيون عوامي ڪوچ مان 90- هزار رپيا ڦري رستي ۾ ئي لهي ويون.
    • زيارت جي ڊِي سِي جي ”راڪيٽي“ هٿان اغوا ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي.
    • ڄام ڪنڊي ڳوٺ ۾ گھر تي حملو، 8- ڀاتي زخمي.
    • بفر زون ڪراچي جي مدرسي ۾ زوردار ڌماڪو.
    • موري شهر لڳ مقابلو، 2- بدنام ڌاڙيل ۽ 2 فوجي مارجي ويا.
    اهي سڀ خبرون رڳو هڪ صفحي يعني مهڙ-صفحي (front page) تان کنيون ويون آهن ۽ اِهي اُهي خبرون آهن، جن کي کلي عام ڏوهه سمجھيو وڃي ٿو. انهن ۾ ڦر، اغوا، ڪاهه، دهشتگردي ۽ ڌاڙن سان گڏ قتل جون خبرون آهن.
    ڏوهه (crime) جون ٿلهي ليکي ٽي وضاحتون پيش ڪري سگھجن ٿيون:
    1. هڪ اهڙو عمل جنهن لاءِ قانون سزا مقرر ڪري ٿو،
    2. بيوقوفيءَ وارو يا غلط عمل، جيڪو ضروري ناهي ته قانون جي ڀڃڪڙي هجي، ۽
    3. (فوج ۾) قاعدن جي ڀڃڪڙي (ضروري ناهي ته هروڀرو سِول قانون جي خلاف هجي).
    ڏوهه جي، خاص طرح پهريُن ٻن تشريحن جي روشنيءَ ۾ هيٺ ڏنل خبرن تي هڪ نظر وجھو. اهي خبرون به رڳو هڪ ئي اخبار ”برسات“ 14- مارچ، 1994ع (يعني ”عيد“ جي ڏينهن واري) تان ورتل آهن:
    • سنڌ جي حصي جو پاڻي پنجاب ۾ چوري ڪري ٻن وڏين شخصيتن جون زمينون سيراب ڪيون پيون وڃن. سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿيڻ جو خطرو. موجوده صورتحال ڄام صادق دور ۾ ڪيل پنجاب حڪومت سان سنڌ جي پاڻي جي سودي جو نتيجو آهي.
    • سپاهي اوڍي جي قتل جي جوابدار جي ڳولا جاري. جوابدار جو ڀيڻويو ”ضمير“ چئن ڏينهن کان ڪاٺ ۾. سندس ڀيڻ 10- ڏينهن کان پنهنجي ئي گھر ۾ يرغمال بڻيل.
    • ٺٽي شگر مل جا پورهيت عيد جي پگھارن کان محروم.
    • بائجي لڳ مختلف ڳوٺن مان 4- ماڻهو گرفتار، پوليس پاران ”عيد خرچي آپريشن“ ۾ في ماڻهو تي پنج سوَ کان هڪ هزار رپيا مقرر.
    • ڌڻي بخش خاصخيلي ڳوٺ جا ڳوٺاڻا عيد تي به آزاد نه ٿيا. ايئرپورٽ پوليس پاران في ماڻهو 50- هزار رپين جي گھُر، ڳوٺاڻن کي ڌمڪيون.
    سنڌ جو پاڻي جيڪڏهن چوري ٿو ٿئي ته ڇا اهو هڪ ڏوهه ناهي؟ اهو هڪ صوبائي حڪومت ٻئي صوبي جي خلاف ڏوهه پئي ڪري. آباد ٻنيون ۽ وسندا کيت اجاڙڻ ڇا هڪ ڏوهه ناهي؟ اهو به هڪ صوبائي حڪومت پاران پنهنجي هم وطن ٻئي صوبي جي عوام خلاف هڪ ڏوهه آهي. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير پنهنجي صوبي خلاف ڪيڏو نه وڏو ڏوهه ڪيو آهي؟ ملزم جي ڀيڻ گھر ۾، ڀيڻويو جيل ۾ قيد آهي، ڇو؟ حڪومتون ۽ انتظاميائون ته قانون جي تحفظ، بيڏوهن جي سنڀال ۽ ستايلن جي سار لاءِ هونديون آهن --- اهي ئي قانون کڻي پنهنجي هٿ ۾ ڪن، وسنديون ويران ڪن ۽ گھر اجاڙن، ته قانون جو ڇا ٿيندو؟
    پاڪستان ۾، جيڪا به چڱائي آهي، جيڪو به ڪم سٺو سڏجي ٿو، ان جو مقدار کُٽندو پيو وڃي ۽ جنهن عمل کي برائي سڏجي ٿو، وَڌي پيو. چڱائين جي حوالي سان ڪيل درجيبنديءَ ۾ پاڪستان جو نالو وڃي ٿو هيٺ کان هيٺ ڪِرندو ۽ براين جي حوالي ڪيل درجيبنديءَ ۾ پاڪستان جو نالو وڃي ٿو چوٽَ، اوج تي پهچندو. لڳ ڀڳ ٻه سَو ملڪن جي قطار ۾ پاڪستان اڄ پنجين نمبر تي آهي، برايون هتي ان رفتار سان پليون آهن!
    چيو ٿو وڃي ته سينيٽ جي مخصوص چيئرمئن کي چونڊ ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ بگٽيءَ جنهن ماڻهوءَ کي ڇڏائڻ جو شرط وڌو آهي، اهو هڪ بين الاقوامي سمگلر آهي. وحيد بلوچَ جن کي ڇڏائڻ لاءِ بک هڙتال ڪئي آهي، اهي پڻ ڏوهاري چيا وڃن ٿا ۽ سرحد حڪومت لاءِ ويڙهاند جو بنيادي موضوع به ”مال“ تي قبضي داري رکڻ آهي. عرفان مروت جون ارهه زورايون ڪنهن کان لڪل آهن، سميع مروت اڄ ان تي شاهد ٿي بيهڻ لاءِ تيار آهي ۽ سندس ڪيترائي پول پڌرا ڪري چڪو آهي. امتياز شيخ به ويٺو آهي. ايم ڪيو ايم جو هر گھربل ڏوهاري (ٻن کان سواءِ) اڄ به پاڪستان ۾ موجود آهن، پر ڪنهن جي به وار کي لهس نه ٿي اچي.
    اسيمبلي ميمبرن جون خريداريون، ”گھوڙن“ جا اگھ، وفادارين جي بدل سدل، ڌوڪي بازيون، ڳجھ ڳوهه ۾ مخالفن سان ٺاهه، ڇا اهي سڀ ڏوهه ناهن؟ حڪومت جو ڪهڙو عهدو آهي، جنهن لاءِ سوديبازي نه ٿي ٿئي؟ عوام جي نمائندن جو اگھ مقرر آهي ۽ کلي عام پيو ٿئي!
    آفيسن ۾ رشوت رڳو رشوت ناهي، داداگيري به آهي--- پيسا ڏيو، نه ته توهان جو جائز ڪم به نه ٿيندو، جيڪا ڪاهڻي اٿوَ وڃي ڪاهيو.
    تعليم کاتو، صحت کاتو، پرڏيهي واپار جو کاتو، بجلي کاتو، جنرل آفيسون، انتظامي ادارا، ڪورٽون، جيل، ٿاڻا، سرحدون، ڇا بچيو آهي، جنهن لاءِ چئي سگھجي ته اتي ڏوهه نه ٿو پلجي؟
    ڄام صادق دور ۾ اربين رپين جي مختلف ادارن مان ڦرلٽ ته رڳو حڪومت پاران ڪئي وئي، جنهن لاءِ ڏهاڙي ڪنهن نه ڪنهن کاتي ۾ ڪروڙن رپين جو ذڪر گذريل پندرهن ڏينهن کان ”برسات“ ۾ اچي پيو. ٻيون اخبارون ۽ رسالا به ان حڪومت جي ڏوهاري ڪرتوتن کي پڌرو ڪندا پئي رهيا آهن. ڄام صادق سنڌ کي تين وال ڪري مال پنهنجن خوشامدڙين ۾ ورهائي ڇڏيو، يا ساڻس ڏاڍ ۾ ساٿ ڏيندڙن کي بخشي ڏنو. هو مري ويو پر ڪيس ته مئلن تي به هلندا آهن. گيليلو کي پنج سَو ورهه اڳ هڪ ڪورٽ ڏوهاري سڏيو پر تازو ئي ان تي ويهاريل بينچ کيس بيڏوهي ۽ چرچ کي گيليلو جو ڏوهاري قرار ڏنو آهي. ڏوهاري جنرلن جون قبرن مان هڏيون ڪڍي کين ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو آهي. اسلامي روايتن جو ادب ڪندي ڄام جي هڏين کي ڀلي ڪجھ نه چئو پر سندس ڏوهن کي عدالتن ۾ ثابت ته ڪري سگھجي ٿو ۽ انهن ڏوهن ۾ جن سندس ساٿ ڏنو، انهن بابت ڇا ٿا چئو، اهي ته جيئرا جاڳندا آهن ۽ انتظاميا جي اهم عهدن تي ويٺا ٽاڏيون پيا ڏين، سندن ڪنڌ ۾ نوڙي ڇو نه ٿا وجھو؟
    سنڌ آپريشن دوران ٻاهتر ڄرڪن جي ڳالهه عام ٻڌي وئي. کين ڏوهن ۾ ملوث قرار ڏيندڙ هن ملڪ جو سڀ کان مٿانهون ”محافظ“ ادارو هو! ٻاهتر ئي ڄرڪا ڌاڙن، خونن، دهشتگرديءَ، چوريءَ، اغوا، ڦرلٽ، پاٿاريداريءَ ۽ ٻين سوين بدمعاشين ۾ گھريل هئا، پر جن ”محافظن“ جي ذاتي جهازن ۾ منشيات جي سمگلنگ پئي ٿي، جن پنهنجي ئي ملڪ سان عظيم غداريون ڪري ان کي ڀاڱا ڀاڱا ڪري ڇڏيو، اهي ڄاتل سڃاتل ماڻهو جيڪي ٻين ملڪن جا خريد ڪيل ايجنٽ هئا ۽ اڄ سرڪار جي اهم عهدن تي الوليون ويٺا ڪن، جن آئين جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون ۽ جن ملڪ جا سودا ڪيا انهن کي ڇو نه ٿا ڪجھ چئو؟
    دهشتگردن جي ڳچيءَ ۾ سوين خونن جا ڪيس آهن، انهن ڏهاڪين گھر ويران ڪيا ۽ ڪڏڪندڙ معصومن کان به ڪيهون ڪرائي ڇڏيون، سندن پويان عدالتن جا وارنٽ آهن، انهن کي ڀڄايو ۽ لڪايو ويو آهي؟ جيڪي انهن کي ڀڄائڻ ۽ لڪائڻ ۾ ملوث آهن، ڇا اهي ملڪي قانون موجب ڏوهاري ناهن؟ انهن کي ڇو نه ٿا واڙيو؟
    دهشتگردن جا سردار لنڊن، نيويارڪ، بون ۽ ايمسٽرڊم ۾ ويهي، سرڪاري طرح موڪلون وٺي، پرڏيهه توڙي ڏيهه ۾ خطاب پيا ڪن، جلسا پيا ڪرائين ۽ کلي عام ملڪ کي ٽوڙي دشمن جي حوالي ڪرڻ ٿا گھرن. ڇا انهن جو وار ونگو ٿيو آهي؟ هتي ته انهن کي پرچائڻ لاءِ ڏهاڙي پنڌ پيا ٿين ۽ کين ايلاز ٿا ڪيا وڃن، ته اسان کي سينيٽ ۾ ووٽ ڏيو، اسين توهان جي هزارين ڏوهارين تان هزارين ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. قاتل، خوني ۽ دهشتگرد ته بيشڪ ڏوهاري آهن، انهن کي ته ڪجھ ٿئي الٽو کين بچايو پيو وڃي، کين بچائڻ ۾ جيڪي سهڪاري آهن، اهي ڇا ڏوهاري ناهن؟
    هر مجرم پٺيان هڪ، ڪنهن نه ڪنهن سياسي پارٽيءَ يا ملڪ جي ڪنهن وڏي ”صنعتڪار“ (منشيات فروش) جي ٽيڪ ڏيکارجي پئي. ڏوهارين پناهه ورتي آهي سياسي پارٽين ۾، پوءِ اهي اختلافي ڌر ۾ هجن يا حڪومتي اقتدار ۾. ڏٺا وائٺا ۽ ڄاتل سڃاتل مجرم حڪومت جي ڪليدي عهدن تي قابض ٿي ويا آهن ۽ کين آفيشل پروٽوڪول پيو ملي ۽ جي عهدن تي قابض ناهن انهن جي هلندي اڃا به وڌيڪ آهي. ضمير جا مجرم، عوام جا مجرم، ڏيهه جا مجرم، وطن ۽ قوم جا مجرم ٺٺ ۽ ٺانگر سان ڪنڌ ۾ ڪلي هنيو اڀا ٿيو پيا گھمن ۽ ظاهر ظهور کين ظهرانه، عزتون ۽ مان پيا ملن، وردي پوش ماڻهو سندن آڏو اٽينشن ٿيو بيٺا آهن ۽ کين سئليوٽ پيا ڪن.
    سينيٽ جي چونڊ لاءِ ڏوهه پيا ٿين ۽ انهن کي ٽيڪ ملي ٿي، اسيمبلي چونڊن لاءِ ڏوهه پيا ٿين ۽ کين ٽيڪ ملي ٿي، اهم ترين انتظامي عهدن لاءِ ڏوهه پيا ٿين ۽ کين ٽيڪ ملي ٿي، ويندي پٽيواليءَ تائين، ڪو نه ڪو ڏوهه لڪو پيو آهي. سمگلر، قاتل، نشو وڪڙڻندڙ، دهشتگرد، پاٿاريدار سڀ لئه ۾ آهن، سندس مانُ ۽ شانُ ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو وڌندو.
    حڪمرانو! ڪو به هڪ ڄاتل سڃاتل مجرم ٻڌايو، جنهن کي توهان ڪورٽ ۾ ڇڪي کيس سندس ڏوهه جي قانوني سزا ڏياري هجي. اهو نه، ته اهو ٻڌايو ته توهان ڪهڙي ڄاتل سڃاتل مجرم جي مانَ شانَ کي وڌائڻ ۾ حصو نه ورتو آهي ۽ کيس ڪاٺ ۾ واڙيو آهي؟
    ياد رکجو! اڄ، ڏوهه ڪرڻ ۽ ڏوهه وسيلي ڪاميابي ماڻي عزت حاصل ڪرڻ لڳ ڀڳ هر ماڻهوءَ جو سندر سپنو بنجي ويو آهي. مائرون، پيئر، ڀائر، ڀينرون ۽ زالون واسطيدار هر ڪمائيندڙ فرد کي ڏوهه تي آماده پيون ڪن. ڏوهه جي زندگي عزت جو نشان بنجي وئي آهي ۽ جيڪو ڏوهه نه ٿو ڪري، رُکي سُڪي، سچ پچ عزت لائق زندگي پيو گذاري، ان کي ٽوڪ ۽ لعنت جو، ڌڪار، ۽ ڦٽڪار جو نشانو بنايو پيو وڃي.
    اڄ، وڏيرڪين ٻنين ۾، ڪروڙ پتين جي ڪارخانن ۾، انتظاميا جي عهدن ۾، حڪومت جي حاڪمن ۾، سياسي پارٽين جي سرير ۾ ڏوههَ لڪا ويٺا آهن ۽ عزت سان پيا پلجن. سوين هزارين ماڻهن جي اکين ۾ ڏوهه جو نشان هڪ خواب ٿي اٽڪي پيو آهي، ڏوهه کي جي ٻجو نه ڏنو ويو، ته پاڪستان جي زمين جو هر هڪ انچ ڪنهن نه ڪنهن ڏوهاريءَ کي جنم ڏيندو ۽ مجرمن جي وچ ۾ هڪ وڏي چٽاڀيٽي شروع ٿي ويندي. اڄ اها چٽاڀيٽي ڪجھ نه ڪجھ محدود آهي، سڀاڻي جڏهن جت ڪٿ شروع ٿي وئي، ته پوءِ...
    (روزاني ”برسات“ ڪراچي، 17 مارچ 1994ع)


    ڌاڙيل، دهشتگرد ۽ سنڌي عوام

    سنڌ جو هر شهر ۽ هر ڳوٺ ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جي وَر چاڙهيو ويو آهي. ڪٿي به سُڪون، امن ۽ انصاف ڪونهي. هر حقيقي ۽ شريف رهواسي بي چينيءَ ۽ اوجاڳي جي ننڊ سمهي ٿو ۽ ڳڻتيءَ ڀريو ڏينهن گھاري ٿو.
    جيتوڻيڪ امير يا غريب، سُکيو يا ڏُکيو، ڪو به سنڌي ان اذيت کان بچيل ناهي، پر خاص نشانو اهي سنڌي آهن جيڪي ننڍي وڏي واپار وڙي، وڪالت، ڊاڪٽري، انجنيري، ڪارخانيداري، کاتيداري يا ڪنهن ٻئي اڀري سڀري ڌنڌي وسيلي ڪجھ خوشحال ٿيا آهن. سنڌ جو ڪو به ضلعو يا تعلقو، شهر يا ڳوٺ دهشتگردن ۽ ڌاڙيلن کان بچيل ناهي، ۽ سمورا سنڌي ڄاڻن ٿا ته هڪ مڪروهه ۽ انسان دشمن سازش وسيلي سنڌي ماڻهن، سندن شهرن ۽ ڳوٺن، سندن گھرن ۽ ٻنين، سندن ڪارخانن ۽ مال ملڪيت کي تباهه ڪيو يا ڦٻايو پيو وڃي. هن وقت تائين سوين هندو سنڌين کي رڳو ان ”ڏوهه“ جي ڪري لَڏايو ويو آهي جو اهي مسلمان ناهن ۽ سوين مسلمان توڙي هندو سنڌين کي سنڌ جي ئي شهرن ۾ دهشتگرديءَ جو نشانو ان ڪري بنايو ويو آهي جو اهي سنڌي آهن، ”مهاجر“ ناهن. هندو ته ڀارت لڏي وڃن پر مسلمان ڪاڏي وڃن؟ ۽ جي اُهي به نِڪرن، ته سنڌ ۽ سنڌين جو ڇا ٿيندو؟جڏهن ته سڄيءَ سنڌ کي ”ڌاڙيل“ سڏي هر جاءِ ڇانوڻيون، برگيڊون ۽ ٿاڻا وجھي، سڄي سنڌ قيدخانو ۽ سمورن سنڌين کي غلام ۽ قيدي بنايو ويو آهي. ڌاڙيل جي نالي ۾ بيگناهه سنڌي پيا ڪُسن، ڦرجن ۽ قيد ٿين. جيڪو ٿو اچي --- فوجي هجي يا پوليس مئن، دهشتگرد هجي يا ڌاڙيل --- سنڌين کي ئي ماريو، ڦريو، الهه تلهه چٽ ڪريو وڃي. جيئڻ جنجال ۽ مرڻ ڀوڳ بنايو ويو آهي. جا مصيبت ٿي ڪَڙڪي، سا سنڌيءَ جي گھر تي. پنهنجي ڌرتيءَ جي شهرن ۾ پناهگير به سنڌي، اوپرو به سنڌي، ته راهه رلايل به سنڌي. اسين سمجھون ٿا ته اهو سڀ ڪجھ هڪ مڪروهه سازش ۽ سنڌي-دشمن ڪاروائيءَ وسيلي عمل ۾ آندو پيو وڃي. سنڌين کي سنڌ مان لوڌي ڪڍڻ جي سازش، سنڌين کي فلسطينين ۽ ريڊ انڊين جيان بي وطن بنائڻ جي سازش، سنڌين کان سندن وطن ۽ ڌرتي کسڻ جي سازش ۽ ان سازش تي ڏاڪي به ڏاڪي عمل ڪيو پيو وڃي.
    ڀارت کان جھيڙاڪر پيا گھرايا وڃن، ته بنگال مان بِهارِي؛ برمي، بنگالي، افغاني، ايراني --- جو ٿو پنهنجي ملڪ مان ڀڄي، ته ڪٿي به ساهي نه ٿو ڪري، سرحد ۽ پنجاب کان ٿيندو، ڌُو اچيو سنڌ ۾ ڪَري، تان جو پنجابي ۽ پٺاڻ به سنڌ ڏانهن ئي ڌوڪيندا پيا اچن. سنڌين جي ڪوس جو پڇاڻو ئي ڪونهي. اڄ ڏينهن تائين، گھڻا آهن دهشتگرد ۽ فوجي قاتل، جي قيد ٿيا ۽ ڦاهيءَ چڙهيا هجن؟ ۽ گھڻا آهن حقيقي ڌاڙيل، جي ٽياس چڙهيا هجن؟ ڌاڙيل ۽ دهشتگرد پڪڙڻ جي بهاني قانون لاڳو ڪندڙن ۽ پوليس بيگناهه سنڌين کي وڌيڪ عذاب ۾ وڌو آهي يا ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن کي؟
    جيڪي نَشي جو انسانيت دشمن ڪاروبار ڪن ٿا، سمگلنگ ۽ انساني وڪري جي ڌنڌي ۾ ملوث آهن، بي ايمانيءَ ۽ ٺڳيءَ ڪري معصوم انسانيت کي ڦريندا پيا رهن، جيڪي ڪَمي ڪاسبيءَ جو پورهيو هڙپ ڪن ٿا، چڪلا ۽ شراب خانا پيا هلائين، داداگيريون ۽ رهزنيون پيا ڪن --- جا برائي ٿي سنڀري، اها ڪندڙ ۽ ان جا سنڀاليندڙ عيش ۾ آهن. بيگناهه سنڌين ۽ معصوم عوام کي ئي هر قسم جي اذيت ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي. جيڪي ٻه چار ليسن (لائسنس) ذاتي حفاظت لاءِ مليا هئا، اهي به رد ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته دهشتگرد جاوا پيا ڪن، ڌاڙيل ڇيڪ پيا گھمن، پاٿاريدار محفوظ آهن ۽ دهشتگردن جي سردارن کي حاڪمن وارو مرتبو مليل آهي.
    (روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 30-جنوري 1991ع)
    (قلمي نالي ”ساجد“ سان ڇپيل)


    سنڌ جي بندرگاهه خلاف سازشن جو تاڃي پيٽو

    اسڪيم جي شروعات
    ”عوامي آواز“ (14-جنوري 1997ع) خبر ڏني آهي ته ”برطانيا سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي فري پورٽ (آجو بندرگاهه) بنائڻ جي تجويز ڏني آهي ۽ برطانيا جي وزيراعظم جان ميجر پاران پاڪستان جو ٽن ڏينهن وارو دورو به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. اعتماد جوڳن ذريعن موجب برطانيا پاڪستان کي آڇ ڪئي آهي ته جيڪڏهن هُو ڪراچي کي فري پورٽ ٺاهي ڇڏي ته پاڪستان جا سمورا اقتصادي ۽ سياسي مسئلا حل ٿي سگھن ٿا ۽ پاڪستان تي جيڪو به پرڏيهي قرض آهي اهو به لهي ويندو. ذريعن موجب برطانيا چاهي ٿو ته ڪراچيءَ کي نئون هانگ ڪانگ بنايو وڃي ۽ موجوده هانگ ڪانگ ۾ جيڪي ملٽي-نيشنل (گھڻ- قومي) ڪمپنيون آهن سي پنهنجو سمورو ڪاروبار ڪراچي منتقل ڪري وٺن... ذريعن موجب هانگ ڪانگ جي ملٽي- نيشنل ڪمپنين پاڪستان کي آڇ ڪئي آهي ته جيڪڏهن ڪراچيءَ کي فري پورٽ بنايو وڃي ته اهي پنهنجي سڄي ڪاروبار کي ڪراچي کڻي اينديون ۽ پاڪستان تي آءِ ايم ايف (انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ) ۽ عالمي بئنڪ جو ۽ ٻيو پرڏيهي قرض لاهي ڇڏينديون. ملٽي-نيشنل ڪمپنيون ۽ دنيا جا چند وڏا سيڙپڪار سينٽرل ايشيا جو مارڪيٽ حاصل ڪرڻ چاهن ٿا.
    جان ميجر انهن ڏينهن ۾ ڀارت، بنگلاديش ۽ پاڪستان جي سرڪاري دوري تي نڪتل هو ۽ هن جيڪو ڪجھ بيان ڪيو آهي، ان کي برطانيا سرڪار جي نڪتي نظر جي ترجماني سمجھڻ گھرجي. برطانيا اڄ به فوجي طرح، ٽيڪنالاجي جي حوالي سان اقتصادي حيثيت ۾ دنيا جي سپر پاور ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ ان جي سامراجي سياسي سرت جي ڌاڪ اڃا سوڌو آمريڪي، يورپي توڙي دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن تي ويٺل آهي ۽ ان حيثيت ۾ هُو بين الاقوامي سامراجي قوتن جي هڪ نمائندي جي حيثيت رکي ٿو. جان ميجر هن وقت برطانيا جو ٻيو ڀيرو چونڊيل ۽ هڪ فعال وزيراعظم آهي. هو برطانوي تاج جو وفادار هڪ ذميوار ۽ سڀ کان مٿاهين انتظامي عهديدار جي حيثيت ۾ ڄاڻايل ملڪن جي سرڪاري دوري تي نڪتل هو. انهيءَ دوري ۾ هن سان گڏ انهن سرمائيدارن جو هڪ وفد به هو، جن جون گھڻ-قومي ڪمپنيون هانگ ڪانگ ۾ موجود آهن. هانگ ڪانگ هن ئي سال جي ڪنهن مهيني، شايد جولاءِ ۾، چيني حڪومت جي حوالي ٿيڻو آهي. چيني حڪومت پاران توڙي جو ڪي ئي ڀيرا ورجائي اعلان ڪيل آهي ته هانگ ڪانگ جي بنيادي معيشتي ڍانچي ۾ ڪا به ڦيرڦار نه ڪئي ويندي ۽ اهو جيئن جو تيئن رهندو، سواءِ ان جي ته ان جو اقتدار اعليٰ چيني حڪومت جي حوالي هوندو، پر پوءِ به عالمي سرمائيدار ڊنل آهن ته متان سندن استحصالي ۽ ڇڙواڳ ڦورو مفادن کي ڪو ڇيهو پهچي، تنهنڪري اهي هانگ ڪانگ جو متبادل ڳولڻ ۽ هٿ ڪرڻ گھرن ٿا. برطانيا معاشي پيداواري سرشتي جي حوالي سان هڪ سرمائيدار ملڪ آهي ۽ عالمي سامراجي قوتن جي ڇڙواڳ ڦورو مفادن جي تحفظ لاءِ هڪ نمائندو پڻ. تنهنڪري کيس ظاهر آهي ته انهيءَ طبقي جي استحصالي مفادن جي نگهبانيءَ جو اونو پڻ شديد آهي، جنهن لاءِ هو چاهي ٿو ته سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي هانگ ڪانگ جي متبادل طور آجي بندرگاهه وارو علائقو قرار ڏنو وڃي. ان پاران پاڪستان جي حقيقي حڪمرانن کي، جن ۾ پنجابي سرمائيدار ۽ جاگيردار ڇانيل آهن، هرکائڻ ۽ لالچائڻ لاءِ هڪ اهڙي چٻاڙيل هڏي اڇلائي ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي جنهن تي لکيل آهي ته اها کائڻ سبب پاڪستان جا، جنهن جو مطلب آهي پاڪستان جي حقيقي حڪمرانن جا، معاشي ۽ سياسي مسئلا حل ٿي سگھندا. علائقو سنڌ ۽ سنڌين جو، مفاد بين الاقوامي ڦورو سرمائيدارن ۽ سندن جوڙيوالن جو، جن ۾ برطانوين سان گڏ آمريڪي، فرينچ، جرمن وغيره عالمي ڦورو ۽ سامراجي به شامل آهن ۽ ڏس پتو ۽ لالچ وري پاڪستان جي حقيقي حڪمرانن کي، ته سندن معاشي ۽ سياسي مسئلن جو حل سنڌ جي ان بندرگاهه ۽ علائقي کي آجو بندرگاهه ۽ خودمختيار علائقو قرار ڏيڻ ۾ آهي!
    عالمي سرمائيدار ۽ سامراجي قوتون نيٺ، چين جي اقتدار اعليٰ هيٺ، جھڙو آهي تهڙو، هانگ ڪانگ قبول ڪرڻ لاءِ ڇو تيار ناهن؟ انهي سوال جا ٻه ممڪن جواب هي آهن:
    1. عالمي سرمائيدار ۽ سامراجي هانگ ڪانگ مٿان چين جي اقتدار اعليٰ قائم ٿيڻ کان ڊنل آهن ۽ هو سمجھن ٿا ته سندن ڇڙواڳ ڦورو مفاد صحيح نموني پورا نه ٿي سگھندا.
    2. اهي نه ٿا چاهن ته گھڻ قومي ڪمپنين کان ملندڙ ٽيڪس ۽ ٻيو نفعو چيني حڪمرانن کي ملي، ڇو ته اهي متان ان کي عوامي مفاد ۾ استعمال ڪن يا سندن ئي ڦورو مفادن کي ڇيهو رسائن.
    پنهنجا معاشي ۽ سياسي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هڪ آجي بندرگاهه، خودمختيار علائقي ۽ پرڏيهي گھڻ-قومي سرمائيدار ڪمپنين جي موجودگيءَ واري اسڪيم جيڪڏهن ايڏي ئي شاندار هجي ها جيڏي ٻڌائي پئي وڃي، ته چين جيڏو وڏو ۽ دنيا جي سڀ کان گھڻي آدمشماري رکندڙ ملڪ هلائيندڙ حڪمرانن کي ڇا ايترو به عقل نه آهي ته پنهنجي ملڪ جا معاشي ۽ سياسي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هانگ ڪانگ کي جيئن آهي تيئن يعني آجو بندرگاهه، خودمختيار علائقو ۽ پرڏيهي گھڻ-قومي ڪمپنين جي سرمائيدارن جي سيڙپ گاهه رهڻ ڏين؟ ۽ ڇو اتي پنهنجو اقتدار اعليٰ قائم رکڻ گھرن ٿا؟ انهي سوال جو هڪ ئي سڌو ۽ سادو جواب آهي ته چيني حڪمران ڪهڙين به وڏين لالچن باوجود هانگ ڪانگ تان هٿ کڻڻ لاءِ انهيءَ ڪري تيار ناهن جو منجھن وطن دوستيءَ ۽ قومي غيرت جو جذبو موجود آهي. سندن نظر ۾ ضرور ڪي اهڙا وڏا مفاد آهن جن جي ڪري کين اها پرواهه ئي ناهي ته گھڻ-قومي سرمائيدار ۽ سامراجي ڪمپنيون اتان نڪري وينديون. اهي آخر ڪهڙا مفاد آهن؟ انهي سوال جو جواب ڳولڻ کان اڳ ضروري آهي ته ڄاڻايل خبر جو آخري حصو ڌيان سان پڙهيو وڃي، جيڪو چوي ٿو: ”ذريعن موجب ڪراچيءَ کي جيڪڏهن آزاد ۽ خودمختيار فري پورٽ بنايو ويو ته پوءِ ان کي به سامونڊي رستي سان پنهنجو مال ٻين ملڪن ڏانهن موڪلڻ لاءِ فري پورٽ جي انتظاميا کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو...“
    هنن لفظن مان ظاهر ٿئي ٿو ته تجويز ڪيل آجي بندرگاهه جي انتظاميا ئي سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ بااختيار قوت هوندي يعني ان آجي بندرگاهه جي حيثيت ڪنهن هڪ مڪمل آزاد، خودمختيار ۽ پنهنجو اقتدار اعليٰ رکندڙ علائقي/ ملڪ واري هوندي جتي ”پاڪستان“ جي هر رهاڪوءَ کي سمنڊ رستي وڻج واپار ڪرڻ لاءِ ٽيڪس ادا ڪرڻي پوندي، جنهن تي تصرف آجي بندرگاهه جي انتظاميا جو هوندو، جيئن اڄ تائين هانگ ڪانگ ۾ رهندو پئي آيو آهي. چيني حڪومت هانگ ڪانگ تي پنهنجو اقتدار اعليٰ قائم ڪرڻ سبب هانگ ڪانگ جي سموري انتظامي ڪمائيءَ جي مالڪ ٿي ويندي. پاڻ انهي کي استعمال ڪرڻ سبب ڪا به اهڙي ٽيڪس نه ڀريندي جنهن تي تصرف سندس نه، پر آجي بندرگاهه جي انتظاميا جو هجي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو عالمي سرمائيدارن کي هانگ ڪانگ تي چين جو اقتدار اعليٰ قبول ناهي، (هانگ ڪانگ جي انتظاميا تي قبضو درحقيقت سندن ئي هٿن ۾ آهي).
    ساڳيو سوال ڪراچيءَ کي آجو بندرگاهه بنائڻ جي حالت ۾ به اڀري ٿو. سمنڊ رستي وڻج واپار تي ”پاڪستان“ کي به جيڪڏهن ٽيڪس ڏيڻي پوندي، جنهن تي تصرف آجي بندرگاهه جي انتظاميا جو ئي هوندو، ته پوءِ ڪراچي کي آجو بندرگاهه بنائڻ سان ”پاڪستان“ جا معاشي ۽ سياسي مسئلا ڪيئن حل ٿيندا؟ اصل ڳالهه هيءَ آهي ته پاڪستان تي آءِ ايم ايف، عالمي بينڪ ۽ ٻين ملڪن جو قرض لاهڻ جي آڇ درحقيقت ”آجي بندرگاهه ڪراچي“ جي قيمت آهي. عالمي سامراجين کي جيئن چين جي اقتدار اعليٰ هيٺ هانگ ڪانگ قبول ناهي، تيئن پاڪستان جي اقتدار اعليٰ هيٺ ڪراچي قبول ناهي. اهي قيمت ڏئي ڪراچيءَ کي آجي بندرگاهه جي نالي هيٺ درحقيقت پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ گھرن ٿا، اهي ڄڻڪ پڳڙيءَ يا پٽي تي ڪراچيءَ کي آجي بندرگاهه جي نالي هيٺ درحقيقت پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ گھرن ٿا، جيئن اڄ تائين وٽن هانگ ڪانگ رهيو آهي. اها بهرحال سوچڻ جوڳي ڳالهه آهي ته ڇو آمريڪا ۽ يورپ کنڊن جا گرم سامونڊي ڪنارو رکندڙ ملڪ پنهنجي ڪنهن هڪ علائقي کي اها ساڳي هانگ ڪانگ واري حيثيت ڏيڻ لاءِ تيار ناهن؟ ۽ مقصد جيڪڏهن وچ-ايشيا ۾ مارڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ يا قائم رکڻ لاءِ ايشيا ۾ ئي اڏو ٺاهڻ آهي ته عالمي سامراجين جون مفاد پرست نظرون هروڀرو ڇو صرف سنڌ جي ڪراچيءَ واري بندرگاهه تي ئي کپي ۽ محدود ٿي ويون آهن؟ ۽ ڇو جپان کان ويندي سڄو هندي وڏو-سمنڊ ڦِري سعودي عرب تائين ڪو به ٻيو ملڪ اهڙي عاليشان اسڪيم کي، جيڪا ٻڌايو ٿو وڃي ته ملڪ جا سمورا معاشي ۽ سياسي مسئلا حل ڪري خوشحاليءَ جي کير ۽ مکڻ جون نديون وهائي ڇڏيندي، پنهنجي ڪنهن علائقي ۾ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي؟ هن آخري سوال جو جواب وري به چيني حڪمرانن کي نظر ۾ رکي، اهو ئي ڏئي سگھجي ٿو ته جپان کان ويندي سعودي عرب تائين گرم سامونڊي ڪنارو رکندڙ ملڪن جي حڪمرانن کي، توڙي جو ڪي ئي عالمي سامراجي قوتن جا پير-چَٽُو آهن، وري به پنهنجي وطن ۽ علائقي سان پيار آهي ۽ اهي چند ٽَڪن عيوض پنهنجي وطن جو ڪو علائقو عالمي سامراجي قوتن جي مستقل قبضي ۾ ڏيڻ نه ٿا گھرن. البت پاڪستاني حڪمرانن جي نوعيت ڪجھ ٻي آهي.
    پاڪستاني حڪمران
    1- پاڪستان جو ”اصلي تي وڍو“ ۽ مستقل حڪمران پنجاب جو سرمائيدار ۽ جاگيردار پئي رهيو آهي، جنهن جي ڇڙواڳ ڦورو مفادن لاءِ پاڪستان جي سڄي، ڳجھي توڙي ظاهري، انتظامي مشينري ڪم ڪندي رهي آهي. وطن دوستيءَ ۽ قومپرستي جي عمومي تشريحن کي نظر ۾ رکيو وڃي، ته اڳوڻي توڙي هاڻوڪي پاڪستان جي ڪنهن به ٻئي علائقي جي حڪمران طبقن جي ڀيٽ ۾ پنجاب جو سرمائيدار ۽ جاگيردار وڌيڪ وطن دوست ۽ قومپرست نظر اچي ٿو. هو پاڪستان ۾ توسيع پسند، قبضي گير ۽ شاونسٽ ۽ عالمي سامراجي قوتن آڏو چمچو ٿي رهيو آهي. هن هر قسم جي سازش، مڪاري ۽ داداگيري ڪري، جنهن لاءِ خاص ڪري اسلام ۽ ملڪي سالميت جي لفظن کي استعمال ڪيو پئي ويو آهي، پاڪستان جي باقي علائقن تي پنهنجي مخصوص ڦورو بالادستيءَ کي قائم رکيو آهي. ان لاءِ هن مارشل لا ۽ فوجي حاڪميت جي بي رحم ۽ غير جمهوري ڏنڊي کان ڪم پئي ورتو آهي. جنرل ضياءُالحق کان به ڪم ورتائين پر ڪن سببن جي ڪري فوج کي سول روپ ڏئي اقتدار ۾ شامل نه ڪري سگھيو، ته هاڻي صدر لغاري وسيلي ”قومي دفاعي ۽ سلامتي ڪائونسل“ جي نالي ۾ ان کي عملي روپ ڏنو ويو آهي. هو پاڪستان تي حاڪميت قائم رکڻ لاءِ پنهنجا پارٽنر، حصيدار يا جوڙيوال بدلائيندو پئي رهيو آهي.
    2- پاڪستان ٺهندي ئي گھڻي ڀاڱي مشرقي پنجاب جي ”مهاجرن“ کي پاڻ وٽ پنهنجي پسند جيتري تعداد ۾ قبول ڪندي ”فاضل“ مهاجرن کي، جن مان گھڻن جو واسطو ڀارت جي مسلم اقليتي صوبن سان هو، سنڌ ڏانهن موڪلي ڇڏيو، جتي انهن ”مهاجر“ جي نالي ۾ پاڻ کي منظم ڪيو ۽ مرڪزي حڪومت جي سهڪار سان سنڌ جي بي پناهه پيداواري وسيلن ۽ ڪجھ شهرن تي قابض ٿي ويا جن ۾ سرفهرست ڪراچي هو، جنهن کي سازش ۽ دادا گيريءَ سان سنڌ کان ڌار ڪري مرڪزي علائقو قرار ڏنو ويو ۽ هتان سڄي پاڪستان تي حڪومت ڪئي ويندي رهي. ناجائز رعايتن، معاشي سهڪار ۽ مرڪزي ۽ صوبائي ملازمتن سبب ”مهاجر“ سرمائيدار ۽ بيورو ڪريسي بي انتها مضبوط ٿيا. سڄي پاڪستان جي ڪل ڪمائيءَ جو 45 سيڪڙو جيڪڏهن پنجابي حاڪمن جي حوالي هو ته 35 سيڪڙو ”مهاجر“ حاڪمن جي قبضي ۾، باقي پاڪستان کي رڳو 20 سيڪڙو مس ٿي مليو. پنجابي حاڪمن کي اها ڳالهه نه وڻي تنهنڪري ون يونٽ مڙهي مهاجر سرمائيدار کي مليل رعايتن ۾ گھٽتائي ڪرڻ شروع ڪئي، ان هوندي به مهاجر خوش هو، ڇو ته کيس وري به ايترو ڪجھ مليو پئي جيڪو سندس قدبت کان گھڻو وڌيڪ هو. قبضي کي وڌيڪ پختو ڪرڻ لاءِ ايوبي مارشل لا مڙهيو ويو، جنهن ۾ پڻ مهاجر سرمائيدار ۽ بيورو ڪريٽ خوش هو. مظوم قوميتن پاران جمهوري جدوجھد کان مجبور ٿي، پنجابي مهاجر مستقل مفاد کي ون يونٽ ٽوڙڻو پيو ۽ عام چونڊون ڪرائڻيون پيون. پاڪستان ۾ پهرئين حقيقي جمهوري عمل جي نتيجي ۾ بنگالين جي اڪثريت سان قائم ٿيندڙ حڪومت کي پنجابي مهاجر مستقل مفاد ڏنڊي جي زور تي ٿڏي ڇڏيو ۽ بنگال جي سٻاجھي ڌرتيءَ تي 45 لک کن بيگناهه ۽ معصوم بنگالي ڪهي ۽ 10 لک کن بنگالي عورتن جي عزتن کي پامال ڪندي انهن کي الڳ ڪري ڇڏيو. پنجابي مهاجر مستقل مفاد پاڪستان اندر پنهنجي ئي هم وطن ۽ هم مذهب انسانن خلاف ايڏو ئي بي رحم ۽ جلاد هو ۽ آهي، پر هو پرڏيهي عالمي سامراجين جا پير چَٽڻ لاءِ هر گھڙيءَ آتو رهيو، آمريڪي سامراج کي پيرين پئي هت وٺي آيو ۽ ان جو غلام ٿيو، جڏهن ته اڳوڻي سويت يونين پاران وڌايل دوستيءَ ۽ سهڪار جو هٿ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين جنهن کيس پنهنجن پيرن تي بيهارڻ پئي گھريو.
    3- ”نئين“ پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي سربراهيءَ هيٺ پهرئين ”جمهوري“ حڪومت ٺاهي ويئي، جنهن مڪمل اتفاق راءِ سان هن ملڪ کي پهريون ڀيرو عوامي آئين ٺاهي ڏنو، جنهن تي به مظلوم قومن کي ڪي اختلاف هئا. توڙي جو هُو جاگيردار طبقي جو فرد هو پر هڪ حد تائين روشن دماغ ۽ جمهوريت پسند پڻ هو. سندس حڪومت جي ڏينهن ۾ ڪوشش ڪئي وئي ته مظلوم قومن ۽ پوئتي رکيل علائقن کي ڪي قدر حق ۽ رعايتون ڏئي اڳتي آندو وڃي، پر اها ڪوشش انهيءَ سلسلي ۾ پڌري ڪيل حد تائين اڳتي وڌي نه سگھي ۽ هٿياربند قوتون هڪ ڀيرو وري بلوچستان ۽ سرحد ۾ دخل اندازي ڪري ويهي رهيون، جڏهن ته پنجابي-مهاجر مستقل مفاد کيس وڌيڪ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هو.
    4- انهيءَ جمهوري دور ۾ سنڌي ماڻهن ۽ سنڌ جي پٺتي رکيل علائقن کي جيڪي ٿوريون ڪي سهولتون مليون، ڀُٽي جو اقتدار ڊاهيندڙ جنرل ضياءَ اهي هڪ ڀيرو وري کسي ورتيون. جنرل ضياءَ وسيلي جيڪو اقتدار مڙهيو ويو اهو پنهنجي طبيعت ۾ انتهائي بدنيت، ڪميڻو، ڪٺور، ڪوڙو، سازشي ۽ ڪيني پرور هو. هٿياربند قوتن ۾ تعداد جي بنياد تي توازن جوڙيو ويو ۽ پنجابي ۽ مهاجر سان گڏ پٺاڻ کي به نوازيو ويو. پنجاب جي مفاد کي لوڏو ئي ڪو نه هو، پٺاڻ کي جيڪو ڪجھ مليو اهو اڳوڻي مراعات يافته ”مهاجر“ جي فالتو حصي مان ڏنو ويو پر هو هاڻي پنهنجي سڻڀي ٽڪر مان هڪ ذرو به ڪنهن کي ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. شهزاد منظر لکي ٿو: ”اها ڳالهه ريڪارڊ ۾ موجود آهي ته بنگالين جيان سنڌين کي به سول ۽ ملٽري سروسز ۾ اچڻ جو موقعو نه ڏنو ويو. ان جو اندازو هن ڳالهه مان ڪري سگھجي ٿو ته 1960ع واري ڏهاڪي ۾ اعليٰ ترين فوجي آفيسرن ۾ سنڌي هڪ به نه هو. پاڪستان جي سياست ۾ ايوب خان جي مارشل لا کان پوءِ هٿياربند فوجون اهم ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن، پوءِ اهو ڪردار ظاهري هجي يا لڪل. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستاني فوجن ۾ رڳو پنجابي، مهاجر ۽ پختون هئڻ جي ڪري بنگالي ۽ سنڌي هڪ عرصي تائين هٿياربند فوجن جي باري ۾ اهي جذبا نه رکندا هئا جيڪي پنجابي ۽ مهاجر ۽ هڪ حد تائين پٺاڻ رکندا هئا. ان جو سبب اهو آهي ته هڪ خاص پاليسيءَ هيٺ بنگالين ۽ سنڌين کي فوج کان پري رکيو ويو.“ (ڏسو ”سنڌ ڪي نسلي مسائل“ ص 98- 99)
    1973ع کان 1983ع تائين پاڪستان جي اعليٰ ترين سول بيوروڪريٽن جي نسلي سڃاڻپ هن طرح رهي:
    نسل تعداد سيڪڙو
    پنجابي 1727 89.48
    پختون 287 12.8
    مهاجر 1070 29.2
    سنڌي 90 5.2
    بلوچ 9 2.5
    ٻيا 349 95.9
    (ڏسو مٿيون حوالو، ص 100)
    جنرل ضياءَ جي حڪومت دوران سنڌ جي وطن دوست ۽ قومپرست شعور کي ڪچلڻ لاءِ ٻين ڪيترن ئي عملن سان گڏ هڪ ڪم ايم ڪيو ايم کي منظم ڪرڻ ۽ طاقتور بنائڻ هو، جنهن لاءِ کيس قانون کي لتاڙڻ جي موڪل به مليل هئي. جنرل ضياءَ جي اقتدار دوران ئي نسلي، لساني، مذهبي، علائقائي، فرقيوراڻي، ذات پرستاڻي ۽ ٻيون ڪي ئي نفرتون وڌايون ويون، هٿيارن جي ڏيتي ليتي عام ٿي ۽ بدامني وڌائي ويئي ۽ هيروئن سان گڏ نشيدار شين جو واهپو وڌائي ماڻهن جي اخلاقي قدرن کي نيچ ڪيو ويو.
    سنڌي جاگيردار طبقو
    انگريز سامراج سنڌ ۾ سنڌي جاگيردار وسيلي پنهنجو اقتدار هلائڻ شروع ڪيو تڏهن مجموعي طرح سڄو سنڌي جاگيردار طبقو ڏهاڙي سندس بوٽ چَٽي صاف ڪندو هو. ڪجھ انفرادي مثالن کان سواءِ باقي سڀ سنڌي جاگيردار قومي غيرت ۽ وطن دوستيءَ جي جذبن کان مڪمل طرح وانجھا هئا ۽ آهن، انهن کي رڳو پنهنجي پنهنجي تَر ۾ پنهنجي حاڪميت گھربل هئي، جنهن وسيلي هو پنهنجي راڄ ڀاڳ کي لتاڙي، لوئي، ماري، بند ڪرائي، ننگ کڻائي، ڌاڙا هڻائي، جاهل رکي ۽ ٻيون بدمستيون ڪري پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکي سگھن. انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ سنڌي جاگيردار طبقو ان جي جانشين ڪارن حڪمرانن جو بوٽ چٽيندو رهيو آهي. ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو، ون يونٽ مڙهي سنڌ جي وجود گم ڪيو ويو، سنڌ جون زمينون ورهائجي ويون، سنڌي ٻوليءَ کي ميسارڻ جِي سازش ٿي، ون يونٽ خلاف مهم هلي، پر سنڌي جاگيردار طبقو ننڊ ڪندو رهيو، ڪنهن به وطن دوست جدوجھد ۾ عملي طرح شامل نه ٿيو، اٽلو سرڪار وٽ پاڻ کي سرخرو ڪرڻ لاءِ چغل ۽ گوال ٿي بيٺو رهيو. اهو هر حڪومت ۾ شامل رهيو آهي پر سِيس نوائي فرمانبردار ٿي گذاريو اٿائين ۽ سنڌ جي پوئتي پيل ۽ رکيل علائقن ۾، ايتري قدر جو پنهنجي تر ۾ به، ڪو ترقياتي ڪم ڪرائڻ کان ٻَرو پيو چڙهندس. اُهو ذوالفقار علي ڀُٽي جي چوڌاري موجود هو، هن پاران هزارين خواهشن باوجود اسڪول ٺهيو ته ان کي اوطاق ڪري ڇڏيائين، اسپتال ٺهي ته ڊاڪٽر ڀَڄايائين، روڊ ٺهيو ته اعتراض اٿاريائين ۽ نيٺ کيس ڦاهي چاڙهائي دم پٽيائين. سدائين سرڪاري گولن جو به غلام ٿي رهيو ۽ سنڌ جو ناسور آهي جنهن جو اڪيلو علاج ڪوري ڪڍي ڇڏڻ آهي، نه ته ماري قبر ڀيڙو ڪندو. اڄ اهو سنڌ جي لڳ ڀڳ هر اليڪشني پارٽيءَ ۾ موجود آهي ۽ سندس چڙهندڙ سج جو سلامي هجڻ، پنهنجا مارائي خوش ٿيڻ، وطن ۽ قوم سان غداريون ڪري، ڊاڙون هڻڻ واري فطرت کان هر سنڌي واقف ٿي چڪو آهي. ان کان آئيندي لاءِ اها اميد رکڻ ته پنهنجي تَر، راڄ، وطن ۽ قوم لاءِ ڪو چڱو ڪم ڪندو، سج کي اولهه مان اڀارڻ جھڙي ناممڪن خواهش آهي.
    ڇا سنڌي ماڻهو ڪراچيءَ تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهن؟
    وطن دوستيءَ ۽ قومي غيرت جو جذبو رکندڙ ڪو هڪ به اهڙو سنڌي موجود ناهي جيڪو ڪيڏي به وڏي لالچ يا ڌوڪي ۾ اچي پنهنجي وطن جي ڪنهن هڪ چورس انچ تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار هجي، البت وطن دوستيءَ ۽ قومي غيرت کان وانجھيل فرد چند ڏينهنِ جي اقتداري چشڪي، معمولي رعايتن يا ڪجھ ڏوڪڙن ڪاڻ پنهنجي ذهن ۽ ضمير ته ڇا، قوم ۽ وطن جو به سودو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. ڪراچي ته انهن لاءِ ڄڻڪ اوپري شيءِ آهي جنهن کي وڪڻندي ويرم ئي نه وجھندا. وطن دوستيءَ ۽ قومي غيرت کان وانجھا اهي فرد پنهنجي ٻُوٿ تي ڪو به نقاب چاڙهي سگھن ٿا، ايتري قدر جو پاڻ کي ٻين سڀني سنڌ واسين کان وڏو غيرتمند، قومپرست ۽/يا وطن دوست پڻ چئي سگھن ٿا. انهن جون غيرتون درحقيقت ايترو ته غرق ٿيل ۽ ماريل آهن جو اهي اهو ڪم علي الاعلان ڪري سگھن ٿا. ٻهروپ ڀري سنڌ ۽ سنڌين جا خيرخواهه بلڪه عاشق بنجي اهي اهي لفاظيون، تشريحون ۽ تاويلون ڪندا، جو هڪ سڌو سادو سنڌي ته ڇا، چڱو ڀلو سمجُھو ۽ ڏاهو ماڻهو به سندن منطقي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي پنهنجو مٿو وڃائي سگھي ٿو، تنهنڪري سنڌ ۽ سنڌين جي هر سڄڻ ۽ گھڻ گُھري کي، پوءِ اهو زندگيءَ جي ڪهڙي به شعبي سان تعلق رکندڙ هجي، پهري-سجاڳ ۽ ذهني طرح هوشيار رهڻ گھرجي ۽ جيترو ڪجھ سندس وَس ۾ آهي، انهي کي پوري جوابداريءَ ۽ ذميواريءَ سان نڀائڻ گھرجي.
    هن مضمون جي ابتدا ۾ ڏنل خبر موجب، سنڌ ۾ ممتاز علي ڀُٽي کي نگران وڏو وزير ٺاهڻ ڪراچيءَ کي فري پورٽ بنائڻ جي ڳجھي رٿا جو حصو آهي. ممتاز علي ڀٽو ڪجھ ڏينهن اڳ سيوهڻ کي سنڌ جي گاديءَ وارو هنڌ بنائڻ جو اشارو پڻ ڏئي چڪو آهي. ممتاز علي ڀٽي پاران سيوهڻ کي سنڌ جي گادي بنائڻ وارو خيال خاص ڌيان جوڳو آهي. ان کي پهريائين محض اليڪشني چشڪو سمجھيو ويو هو، پر پوءِ هو اهو خيال ورجائي پيش ڪندو رهيو، تان جو هفتو ڏيڍ اڳ انهيءَ حوالي سان ”برسات“ پاران ممتاز علي ڀٽي سان هڪ انٽرويو به شايع ٿي چڪو آهي. اهو موضوع هڪ ڌار مضمون جي تقاضا ڪري ٿو. هتي رڳو ايترو چئي سگھجي ٿو ته اها ڳالهه ڪراچيءَ تان سنڌين جي مالڪيءَ واري دعويٰ ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ وک طور ڳڻي سگھجي ٿي. مٿان وري جان ميجر پاران ڪراچيءَ کي آجو بندرگاهه بنائڻ جي ڳالهه ۽ برطانيا ۽ عالمي سامراجي قوتن جي اهڙي خواهش انهيءَ خيال کي وڌيڪ پختو ڪري ٿي ته سنڌ جي بندرگاهه ڪراچي تي ڪي ئي ميريون نظرون کتل آهن. بينظير ڀٽو چيو آهي ته ”ممتاز ڀٽي ڪراچيءَ کي سنڌ کان ٽوڙڻ واري سازش کي وڌيڪ آسان بنائي ڇڏيو آهي.“ (عوامي آواز، 22 جنوري 1997ع) جنهن جو صاف مطلب هي آهي ته اها سازش گھڻو اڳ کان هلندڙ آهي، پر ڪڏهن کان؟
    ڪراچيءَ خلاف سازشون
    سنڌ خلاف پرڏيهي پرمار سازشون ۽ چڙهايون هونئن ته قديم زماني کان هلندڙ آهن، پر ويجھڙ ماضيءَ ۽ پنجاب جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته پنجاب جون توسيع پسند، قبضي گير ۽ لالچي نظرون سنڌ تي گذريل صدي جي پوئين اڌ کان کتل آهن. سنڌ کي جڏهن بمبئي پريزيڊنسي جو حصو بنايو ويو تنهن کان پوءِ جڏهن به سنڌ جي صوبائي خودمختياريءَ جو سوال اٿيو يا بمبئي پريزيڊنسيءَ جي حدن ۾ ڦيرڦار جي ڳالهه نڪتي، پنجاب پاران هڪدم مختلف ”دليل“ ڏئي سنڌ کي پنجاب سان ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪئي وئي. هزارين حيلن کان پوءِ، 1935ع ۾ جڏهن سنڌ صوبو بحال ڪيو پئي ويو، تڏهن به پنجاب پاران ان جي خودمختياريءَ جي مخالفت ٿي ۽ سنڌ کي پنجاب جو علائقو قرار ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي. انگريز پرمار ڪيڏو به بدنيت هو پر پنهنجن ڪن طي ڪيل اصولن جي پوئواري ضرور ڪندو هو. ان نيٺ سنڌ کي صوبو بنائي ڇڏيو. ٿيڻ ته ائين گھربو هو ته سنڌ پنهنجي مڪمل آزاديءَ ۽ سوورينٽيءَ (اقتدار اعليٰ) لاءِ جدوجھد هلائي ها، پر انگريز سامراج جي ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ واري پاليسيءَ سبب انهن ڏينهن تائين خاص ڪري موجوده ڀارت جي وڏن شهري علائقن ۾ مذهبي ڪٽرپڻو عروج حاصل ڪري چڪو هو. سنڌ جو ڪم ظرف، عياش ۽ بدڪردار جاگيردار پنهنجون لکين ايڪڙ زمينون هندو وياج خور وٽ گروي رکي، مال هضم ڪري چڪو هو. ان محسوس ڪيو ته مذهبي ڪٽرپڻي کي زور وٺائبو ته هندو وياج خور کان بنا قرض ڏيڻ جي زمينون موٽائي سگھجن ٿيون ۽ ان ائين ڪيو.
    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پهرين چئن مهينن ۾ ئي سنڌ جي حڪمران جاگيردار طبقي محسوس ڪري ورتو ته هو ڪارن حڪمرانن جو غلام بنجي چڪو آهي ۽ سندن مرضيءَ جي خلاف ڪجھ به ڪري نه ٿو سگھي، نه ته چند ڏينهن لاءِ مليل ڪرسي به وڃائي ويهندو. کانئس پهريون ڪم ڪراچيءَ کي مرڪزي علائقو قرار ڏيڻ جو ورتو ويو ۽ هن معمولي مفادن ڪاڻ انتهائي بيغيرتيءَ سان سنڌ جي دل جو سودو ڪري ڇڏيو. ڪجھ عرصي کان پوءِ ڪراچيءَ مان سنڌ يونيورسٽيءَ کي ۽ اڃا ڪجھ عرصو پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏني وئي. سنڌي هندن خلاف فساد ته پرڏيهي پناهگيرن جي اچڻ سان ئي شروع ڪيو ويو، پر جڏهن جاگيردار جي اک کلي، تڏهن هن ڏٺو ته نه رڳو هندن جي پر انهن وٽ گروي رکيل سنڌي جاگيردار جي زمين به ڀارت کان آيل مسلمان ڀائرن جي حوالي ٿي وئي هئي ۽ سنڌي هندو ڪيڏا به خراب هئا پر گھٽ ۾ گھٽ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان وفادار هئا، جڏهن ته نوان آيل مسلمان ڀائر ته انهن جا به ويري نڪتا. سنڌي جاگيردار جي به، ٻين جيان، فطرت هئي ته ڏاڍي آڏو جھڪي پوي ۽ هو جُھڪيو، ايترو جھڪيو جو ان کان وڌيڪ جھڪڻ جي گنجائش ئي نه رهي. ون يونٽ ٺهيو، تڏهن به هُو جھڪيل رهيو. سنڌ جو نقشو ڌرتيءَ گولي تان ميسارجي ويو!
    سنڌ جي آباديءَ جي توازن کي تبديل ڪرڻ ۽ اصلوڪن قدرتي سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ لاءِ نه رڳو ڀارت جي مختلف علائقن کان ماڻهو گھرايا ويندا رهيا، پر سنڌ جي اترين پاڪستاني علائقن پنجاب ۽ سرحد کان به اڻڳڻ انسانن جي وهڪ سنڌ ڏانهن شروع ڪئي وئي، جن جو پڻ خاص زور ڪراچيءَ تي هو. سنڌين جي وطن دوستيءَ کي ماٺو رکڻ ۽ جڪڙڻ لاءِ ”مهاجر“-پنجابي-پختون متحده محاذ کي سياسي هٿيار طور ڪتب آندو ويو. سنڌي مسلمانن لاءِ ڪراچيءَ ۾ سيڙپڪاريءَ ۽ واپار جا دروازا اڳ ئي بند ڪيا ويا هئا ۽ سنڌي هندن کي ڪڍيو/لڏايو ويو هو، تنهنڪري به، ۽ ڪراچي تي اردودانن جي ثقافتي ۽ لساني قبضي سبب به ڪراچيءَ جي سماجي زندگيءَ جو ڍنگ سنڌين لاءِ اوپرو بنايو ويو.
    ون يونٽ ٽوڙڻ مهل هڪ مهم هلائي وئي ته ڪراچيءَ مان سنڌ کي ڪو به فائدو ناهي، تنهنڪري ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار رکيو وڃي. اها سازش به ناڪام ٿي، توڙي جو سنڌ جا ڪي ئي سياسي اڳواڻ پڻ انهيءَ پروپيگنڊا جو شڪار ٿي چڪا هئا. صوبن جي بحاليءَ کان ترت پوءِ پاڪستان ۾ عام چونڊون ٿيون. بنگالين جي اڪثريت ۽ جمهوريت پسنديءَ کان ڊڄي انهن کي الڳ ڪيو ويو، ڇو ته پاڪستان جي حقيقي حڪمرانن ۽ سندن جوڙيوالن کي اها ڳالهه ڪنهن به شرط تي پسند نه هئي ته هن ملڪ ۾ جمهوري سرشتو رائج ٿئي ۽ مظلوم قوميتن کي حق ملن. نئين پاڪستان جي حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حوالي ڪئي وئي ڇو ته پاڪستان جي حقيقي حڪمرانن محسوس ڪري ورتو هو ته في الوقت پاڪستان جو عوام ڪنهن به صورت ۾ فوجي راڄ کي قبول نه ڪندو، ڇو ته هٿياربند فوجون خود پاڪستاني حڪمرانن جي پرچار جو شڪار بنجي چڪيون هيون ۽ انهن جي لفظن موجب بنگال ۾ هٿيار ڦٽا ڪري پنهنجو اخلاقي قدر ڪيرائي چڪيون هيون. سنڌ ۾ صوبائي حڪومت به پيپلزپارٽيءَ جي ٺهي، جنهن جو وزيراعليٰ ممتاز علي ڀٽو هو. سنڌي ٻوليءَ جي کسيل حيثيت واپس ورائڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جو بل“ پيش ڪيو ويو، جنهن جي خلاف اردو ڳالهائيندڙ سرمائيدارن، سياستدانن، صحافين، دانشورن ۽ ڪامورن هڪ تعصبي مهم جاري ڪئي ۽ ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ وڳوڙ ڪرايو. سنڌي جاگيردار پنهنجي فطري بزدليءَ ۽ ڪارن حڪمرانن جي گولائپ سبب هڪدم جھڪي پيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نفاذ جو عمل 12-سال پوئتي ڪيو ويو جيڪو اڄ تائين، 24-سال گذري وڃڻ کان پوءِ به ڪنهن کي ياد ئي ناهي، ايتري قدر جو هن وقت سنڌ جي نگران وزيراعليٰ ممتاز علي ڀُٽي کي به ياد نه رهيو آهي. سرڪاري ميڊيا تي سنڌي ٻوليءَ خلاف ساڳيو تعصبي رويو اڄ به جاري آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته پيپلزپارٽيءَ جي ان حڪومت دوران مرڪز توڙي صوبي ۾ ڪجھ سنڌين کي ڪي ملازمتون ۽ ننڍي پيماني جي صنعتڪاريءَ جو موقعو مليو. پيسو سنڌي جاگيردار وٽ هو پر صنعتڪاري هن جي جاهل ۽ بدڪار فطرت جي خلاف هئي، تنهنڪري ان گھربل حصو نه ورتو. جڏهن ته ملازمتون وري پنجابي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي اکين ۾ ڪنڊوٿي پيون. ايم ڪيو ايم پاران اڄ به سنڌين کي ان زماني ۾ مليل ملازمتن تي پٽڪو جاري آهي، جڏهن ته ضياءَ الحق جي اقتدار دوران انهن مان وڏي انگ کي ختم ڪيو ويو.
    جنرل ضياءَ الحق جي اقتدار دوران جتي ٻيون هر قسم جون برايون وڌايون ويون، اتي سنڌ جي وجود ۽ سالميت خلاف ٽي خصوصي سازشون به عمل هيٺ آيون:
    (1) مهاجريت جي پرچار ڪندڙ ڪي ئي تنظيمون جڙيون، جن ۾ الطاف حسين ۽ سندس ايم ڪيو ايم کي خصوصي شهرت، رعايت ۽ سهولت ڏني وئي.
    (2) غيرقانوني پرڏيهي ماڻهن جي ناجائز آبادڪاري ڪئي وئي. اڄ ڪراچيءَ جي ڪل انساني آبادي جيڪڏهن هڪ ڪروڙ 30 لک آهي، ته ان ۾ غيرقانوني پرڏيهين جو انگ ڪنهن به طرح 20 لک کان گھٽ ناهي. اها غيرقانوني پرڏيهي آبادي ڪراچيءَ جي ڪل ڪمائيءَ جو لڳ ڀڳ ڇهون حصو کايو ڦٻايو وڃي. جن کي ايم ڪيو ايم ”مهاجر“ سڏي ٿي انهن ۾ پڻ چڱو چوکو انگ انهن جو آهي جيڪي اڄ به اصولي طرح ڀارت جا قانوني شهري آَهن ۽ سنڌ ۾ انهن جي حيثيت غيرقانوني پرڏيهيءَ واري آهي.
    (3) سنڌين ۾ ذات پرستيءَ ۽ قبيلائي جھيڙن جو رجحان وڌايو ويو، جنهن سنڌي قوميتي شعور ۽ يڪجهتيءَ کي سخت ڇيهو رسايو آهي.
    پاڪستان ٺهڻ جي ڏينهن تائين، ڪراچي اسريل سنڌي ثقافت جو مثالي شهر هو ۽ هتي جو لڳ ڀڳ هر رهاڪو پاڻ کي سنڌي سڏائيندي فخر ڪندو هو. انهن ۾ سنڌي هندوءَ سان گڏ عيسائي، پارسي، بوهري وغيره به هئا ته گجراتي، ڪاٺياواڙي، ڪڇي وغيره به. پاڪستان ٺهندي ئي خاص ڪري ڪراچيءَ مٿان ڄڻڪ ڀارتي ثقافتي يلغار ٿي وئي. ڪراچيءَ مان خاص ڪري هندو سنڌين کي، جيڪي سياسي معاشي، سماجي ۽ صنعتي طور مسلمان سنڌين کان وڌيڪ اسريل هئا، سازشي ۽ تعصبي جھيڙا ڪري/ڪرائي سنڌ ڇڏي وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح آباديءَ جو توازن اڃا وڌيڪ (سنڌين جي حوالي سان) خراب ٿيو. ڪراچيءَ کي مرڪزي علائقو ٺاهڻ، اتي شهر جي گنجائش کان وڌيڪ ڀارتي مسلمانن کي آباد ڪرڻ، انهن کي مسلماني ۽ مهاجريت جي ڇانو هيٺ خصوصي نموني ۽ رعايتون ڏئي ورسائڻ، مڪاريءَ ۽ چالاڪيءَ سان هندو سنڌين جي سموري صنعت ۽ ملڪيت انهن جي حوالي ڪرڻ، سنڌي ٻوليءَ کي زوريءَ نيڪالي ڏيڻ ۽ ان جي جاءِ تي اردوءَ کي رائج ڪرڻ وغيره سبب ڪراچي ڄڻڪ ڀارت جو اهڙو اوڌ ٿي پيو جتي ظاهرداري واري مسلماني وڌيڪ هئي. ”لياقت-نهرو ٺاهه“ ٿي وڃڻ باوجود لياقت علي خان هڪ مهم هلائي ڀارت جي مسلم اقليتي علائقن مان لالچون ڏئي ۽ سبز باغ ڏيکاري ڪيترن ئي ڀارتي شهر واسين کي غيرقانوني طرح گھرائي سنڌ، خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ آباد ڪرايو. مهاجريت ۽ مظلوميت جا ڪوڪرا هئا ۽ هر شيءِ تي قبضي بازي هئي. اردو ڳالهائيندڙن جي اڪثريت ۽ ڪٽرپڻي، سنڌين خلاف تعصبي روَيي، سنڌي ٻوليءَ جي نيڪاليءَ، اردوءَ جي ترويج ۽ بالادستيءَ وسيلي ڪراچيءَ جي ثقافتي ڏيک ويک کي بدلايو ويو. ايم ڪيو ايم پنهنجي ڏاڍ ۽ دهشت جي زور تي پنهنجيءَ پسند جي مخصوص آباديءَ کي ”مهاجر“ قرار ڏئي ٿي، خاص ڪري هن گجراتي ۽ ڪاٺياواڙي برادريءَ کي پنهنجي شناختي گھيري جو شڪار بنايو آهي، ڇو ته اهي برادريون واپار ۽ صنعت ۾ وڌيڪ آهن ۽ معاشي مدد فراهم ڪري سگھن ٿيون. سنڌين جي مظلوم، ماريل ۽ محروم ڪيل حيثيت، خاص ڪري ذات پرستيءَ ۽ قبيلائي جھيڙن سبب ۽ سنڌي قوميتي شعور ۽ يڪجھتيءَ جي ڪمزوريءَ ۽ ايم ڪيو ايم جي شهزوريءَ سبب ڪراچيءَ جي قديمي سنڌي برادرين جيئن گجراتي، ڪاٺياواڙي، ڪڇي، اسماعيلي، بوهري، عيسائي، پارسي وغيره ۾ سنڌيت جو جذبو ڪمزور ٿيڻ لڳو آهي. ڪراچيءَ جي خاص ڪري لياري وارن سنڌين ۾ بلوچ سڏائڻ جي رجحان وڌڻ جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي. ڪراچيءَ ۾ اڄ به 38- لک کن قديمي سنڌي رهن ٿا، پر ڌاريائپ جي دعويٰ رکندڙ ماڻهن جي سمنڊ ۾ انهن جي موجوديءَ جو ڀرپور احساس ئي نه ٿو ٿئي ۽ عام چونڊن لاءِ تڪبندي اهڙيءَ چالاڪيءَ سان ڪيل آهي جو سندن وڏي اڪثريت جا ووٽ ورهائجي وڃن ٿا. ايم ڪيو ايم پاران ڪيترين ئي سيٽن تي کٽڻ جو هڪ سبب اهو به آهي، تنهن کان سواءِ کيس غيرقانوني پرڏيهين جا ناجائز ووٽ به ملن ٿا. اهي غيرقانوني پرڏيهي ايم ڪيو ايم جي دهشتگرد، تربيت يافته ۽ هٿياربند قوت جو هڪ حصو پڻ جوڙن ٿا. ايم ڪيو ايم کي هڪ خصوصي سازش وسيلي، جنهن جو هڪ مقصد سنڌ ۾ نسلي انتشار پيدا ڪرڻ هو، هر قسم جي لاقانونيت جي موڪل ڏني وئي هئي. ايم ڪيو ايم جو پهريون کليل جلسو (آگسٽ 1986ع) انهيءَ جو هڪ مظهر هو. هڪ سال اندر (آگسٽ 1987ع تائين) ايم ڪيو ايم جيڪو دهشت جو طوفان اٿاريو، ان جي تصوير جنرل ضياءَ جي بيان ڪيل انهن لفظن مان ڪري سگھجي ٿي ته ”اڄ ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ شهر ٿي پيو آهي. دهشتگردي، تخريبڪاري، باهمي نفاق، انتشار ۽ افتراق ۽ هٿيارن جو بنا روڪ ٽوڪ واهپو هاڻي رڳو امن امان جو مسئلو نه رهيو آهي، پر ان جي پويان بين الاقوامي عنصر ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ائين ٿو لڳي ته اسان پنهنجي دشمنن جي هٿن جو اوزار بنجي ويا آهيون. اڄ هتي پنجابي، پٺاڻ ۽ مهاجر سڏي هڪ ٻئي جي رت جا پياسا بنجي ويا آهيون. اهڙي ماحول ۾ ڇا اسان پاڻ کي پاڪستاني چئي سگھون ٿا؟ اڄ هتي تعليمي ادارا بند آهن ۽ شاگرد هڪ ٻئي جي ڳچين ۾ هٿ وجھيو بيٺا آهن. هن شهر ۾ اهڙي فضا آهي جو ماڻهو تصور به نه ٿو ڪري سگھي ته هي پاڪستان جو حصو آهي يا ڪو ٻيو علائقو. ڪراچي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ مشرق جو صاف سٿرو شهر سڏيو ويندو هو، اڄ پاڪستان جي سڀني شهرن ۾ سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ جيڪڏهن ڪوئي ٿي سگھي ٿو، ته اهو ڪراچي آهي. ڪٿي ماضيءَ جو صاف سٿرو شهر ۽ ڪٿي اڄوڪو غير محفوظ شهر!.... اڄ آءٌ جڏهن هتي تقرير ڪري رهيو آهيان، هتان کان ڪجھ وکن جي مفاصلي تي ماڻهو هڪ ٻئي کي ڪهڻ لاءِ تيار آهن. هن وقت تائين (سوا اٺ وڳا شام) 9 جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن ۽ 40-45 ماڻهو زخمي، ان جو سبب ڇا آهي؟ اسان ۾ شرافت نه رهي آهي، انهيءَ شيءِ جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. (ڏسو روزاني جنگ، 27 آگسٽ 1987). اها تقرير ڪري موٽي وڃي جنرل صاحب پنهنجي پُٺي ضرور ٺپي هوندي ۽ ڏاڙهيءَ (جيئن ته ڏاڙهي نه هئس تنهنڪري کاڏيءَ) تي هٿ رکي چيو هوندائين ته هاڻي سنڌين کي ڪهرائڻ جو وارو آهي. رڳو هڪ سال پوءِ ائين ئي ٿيو... پر تيستائين جنرل صاحب پاڻ ڦٽاڪو ٿي چڪو هو.
    جنرل ضياءَ کان ويندي صدر فاروق لغاريءَ تائين پاڪستان جي هر صدر ۽ انهي عرصي دوران چونڊجي آيل سڀني وزيراعظمن جا بيان ۽ ڪي ئي ٻيون ناقابل ترديد شاهديون موجود آهن، جيڪي تصديق ٿيون ڪن ته ايم ڪيو ايم کي خاص ڪري ڀارت ۽ دنيا جي ڪجهه سامراجي ملڪن جي ايجنسين جي حمايت ۽ پٺڀرائي به حاصل رهي آهي ۽ هوءَ انهن جي هٿن ۾ ملڪ دشمن مقصدن لاءِ کيڏندي رهي آهي. ڄام صادق سان گڏ حڪمران ٿي پوڻ دوران، ان پاران دهشتگرديءَ ۽ نسلي نفرت واري ”سياست“ ڏيهي سگھارين ايجنسين جي ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري وئي ۽ ايم ڪيو ايم جي بندوقن جو رخ ملڪ جي وردي پهريندڙ قوتن ڏانهن به ٿي ويو ۽ 1992ع کان 1996ع جي پڄاڻي تائين هٿياربند فوجن، رينجرس ۽ پوليس جا سوين عملدار ان جي گولين جو کاڄ بنجي چڪا آهن. ايم ڪيو ايم آخر ڪنهن جي ڪلهي تي ٿي ڪڏي؟ ۽ هي جو ايم ڪيو ايمي ليڊر ورجائي پيا چون ته اهي هڪ ”ڪاز“ (مقصد) لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ته اهو ”ڪاز“ نيٺ ڪهڙو آهي؟
    ايم ڪيو ايم منافرت جي راند کيڏندڙ ڏيهي ۽ قبضيگير پرڏيهي ايجنسين جي اشارن تي هلي رهي آهي. هوءَ سمجھي ٿي ته ڪنهن به گھڙيءَ ڪنهن به ايجنسيءَ کي ڏند ڏيکاري سگھي ٿي، پر اها سندس اجائي خوشفهمي آهي. پرڏيهي قبضيگير سامراجي قوتون في الوقت ايم ڪيو ايم جي زور ۽ دڙڪي کي ٽن نمونن سان ڪم آڻين ٿيون:
    (1) ان وسيلي ڪراچيءَ کي الڳ ڪرائڻ (۽ اهڙيءَ طرح سنڌ ته ڇا، سڄي پاڪستان جو ڪرنگھو ڀڄڻ)،
    (2) ان پاران ماٺ ۽ سهڪار جي ضمانت ڏئي ڪراچيءَ کي الڳ ڪرائڻ، ۽
    (3) ان پاران دهشتگرديءَ کي زور وٺائي پاڪستان جي معيشيت کي تباهه ڪرڻ.
    جڏهن ته ڀارت پاران ايم ڪيو ايم کي هٽائڻ ۽ زور وٺائڻ جا سبب وري ڪي ٻيا آهن، جن مان هڪ پاڪستان کان ڪشمير جي حمايت تان هٿ کڻائڻ، ۽ ٻيو پاڪستان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏڻ به آهي. ايم ڪيو ايم ۽ مهاجريت جو نعرو هڻندڙ ٻين تعصبي تنظيمن جو وجود خود سنڌ لاءِ به سخت هاڃيڪار آهي ۽ اها ڳالهه هر سمجُھو ماڻهو سولائيءَ سان سمجھي سگھي ٿو ته ڀارت ۽ عالمي سامراجي قوتن کي سنڌ جي سالميت کان وڌيڪ عزيز سندن پنهنجا مفاد آهن. جان ميجر/برطانيا ۽ عالمي سامراجي قوتن پاران ڪراچيءَ کي آجو بندرگاهه بنائڻ واري خواهش تي ڪو به رد عمل ظاهر ڪرڻ بدران ايم ڪيو ايم ۽ اهڙين ٻين تنظيمن پاران مجرماڻي ماٺ اسان جي انهيءَ خيال کي تقويت پهچائي ٿي.
    انهي پس منظر ۾ سنڌ جي نگران وزيراعليٰ ممتاز علي ڀُٽي پاران سيوهڻ کي سنڌ جي گادي بنائڻ واري راءِ سنڌ جي سالميت خلاف وڌيڪ تشويش ۾ مبتلا ڪري ٿي. سونَ مٿان سهاڳو يا تَئي مٿان دانگي وري اها، ته نگران سنڌ سرڪار پاران ڪراچيءَ کي فري پورٽ بنائڻ جي منظوري (عوامي آواز، 17 جنوري 1997ع) ڏيڻ جي نيت جون ڳالهيون پڻ شايع ٿي چڪيون آهن ۽ اهو به ”پڪين خاطرين“ جي آسري تي، جڏهن ته چڱي طرح ڄاڻون ٿا، ته 1940ع جي قرارداد موجب جيڪا پڪي خاڪري ڏني وئي هئي ته مسلمان اڪثريت وارن علائقن کي خودمختيار ۽ سوورين يعني پنهنجو اقتدار اعليٰ رکندڙ رياست بنايو ويندو، تنهن جو ڪهڙو حشر ٿي چڪو آهي، ۽ پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين جيڪي به ”خاطريون“ ڏنيون ويون، انهن مان ڪنهن هڪ تي به عمل نه ڪيو ويو آهي. جيڪي حڪمران انتهائي بي حيائيءَ سان خود پنهنجي وطن کي عالمي سامراجي قوتن وٽ گروي رکي چڪا آهن ۽ سندن هر وک انهن جي منشا ۽ مرضيءَ موجب کڄي رهي آهي، ايتري قدر جو پنهنجي ملڪ جا ڪمائتا ڪارخانا ۽ بئنڪون به وڪڻي رڳو وياج لاهي نه ٿا سگھن، انهن کان ڪنهن وطن دوستيءَ جي اميد رکڻ ته اجائي آهي، پر واضح اهو ڪرڻ ٿا گھرون ته ڪراچيءَ کي آجو بندرگاهه بنائڻ جو سڌو مطلب رڳو سنڌ جو نه، پر پاڪستان جو ڪرنگھو ڀڃڻ جي برابر آهي ۽ اها ڳالهه بلڪل ياد رکڻ گھرجي ته ڪهڙين به پڪين خاطرين، سبز باغن ۽ منطقي دليلن جي آڙ ۾ سنڌ جي ڪنهن هڪ انچ جو به سودو ڪيو ويو ته سنڌ جا وطن دوست ۽ قومي غيرت رکندڙ ذهن سنڌ توڙي پاڪستان جي اهڙي ڪنهن به سوداگر کي بخش ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا.
    (روزاني ”عوامي آواز“، 30-جنوري کان 1-فيبروري 1997ع)


    سنڌ ۾ سياسي گھوٽالو ۽ وطن دوست ڌُر جي ضرورت

    مير مرتضيٰ ڀُٽي جي شهادت هڪ ڇرڪائيندڙ، وجود ڌوڏيندڙ، دل ڏکائيندڙ ۽ رت روئاريندڙ واقعو هو. هن سان گڏ سندس ست ٻيا ڪونڌر ساٿي به شهيد ٿي ويا. ڪنهن ڪڏهن سوچيو به نه هوندو ته ڪو مير مرتضيٰ ڀٽو (۽ سندس ساٿي) ائين راهه ويندي قتل عام جو شڪار ٿي ويندو ۽ اهو به پوليس، خاص ڪري سنڌ پوليس جي هٿان ۽ اهو به تڏهن جڏهن سندس سڳي ڀيڻ بينظير ڀٽو هن ملڪ جي چونڊيل ۽ عملي طرح موجود وزيراعظم هوندي ۽ مرڪز توڙي سنڌ ۾ ان جي ئي حڪومت هوندي.
    رات جي پيٽ ۾ ڄڻڪ سڄي ملڪ خاص ڪري سنڌ جي رهاڪن اهو محسوس ڪري ورتو (يا کين محسوس ڪرايو ويو) ته مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي شهادت ۾ حڪومت ملوث آهي. خاص ڪري چار نالا وڌيڪ ٻڌڻ ۾ پئي آيا: بينظير ڀٽو، عبدالله شاهه، نصيرالله بابر ۽ آصف زرداري، ۽ انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ شدت سان عام طرح ورتو ويندڙ نالو آصف زرداري ئي هو. ٻئي ڏينهن سڄي ملڪ، خاص ڪري سنڌ ۾ جيڪي احتجاجي مظاهرا ٿيا، جلوس نڪتا، جلسا ڪيا ويا ۽ نعرا لڳا يا پتلا سڙيا، انهن ۾ باقي شخصيتون مختلف هيون پر مکيه ۽ وڏي دشمن طور آصف زرداري جت ڪٿ عام هو.
    هيڏي وڏي واقعي تي حڪومت جو رويو چوراڻو هو. ائين پئي ڀانيو ته حڪومت پاڻ کي ڏوهي محسوس ڪري رهي آهي. واقعو ٿيو به ته پوليس جي هٿان هو. حڪومت جي شرمندگي، بيوسي، ٽال مٽول ۽ بي همتي ايڏي ته چٽي هئي جو هر ڪنهن ان کي محسوس پئي ڪيو. واسطيدار ۽ ذميوار پوليس عملدارن يا انهن مان ڪنهن هڪ کي به قتل جو ڏوهي قرار نه ڏنو ويو، توڙي جو هيءُ واقعو رڳو ڪنهن هڪ فرد جو قتل نه، پر قتل عام هو، جنهن ۾ سنڌ جي هڪ پارٽيءَ جو اڳواڻ، صوبائي اسيمبلي جو ميمبر، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو پٽ ۽ هڪ اهڙو فرد قتل ٿي ويو هو جيڪو باعمل وزيراعظم جو ڀاءُ به هو ۽ هن سان گڏ سندس پارٽيءَ جا اهم اڳواڻ پڻ شهيد ڪيا ويا هئا.
    ۽ حالتن ظاهر پئي ڪيو ته جيڪو ڪجھ ڪيو ويو هو ۽ ٿيو هو، اهو اوچتو يا اتفاقي نه، پر هڪ سوچيل سمجھيل ۽ ڳڻيل ڳوتيل منصوبي هيٺ ڪيو ويو ۽ ٿيو هو. حڪومت جي رويي مان بي پرواهي به بکي رهي هئي. وزيراعظم پرڏيهي دوري تي هلي ويئي، معمول مطابق رٿيل اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين ۽ پاڪستاني پرڏيهي پاليسي پٽاندر ڪشمير جي مسئلي تي ڳالهايائين. جڏهن ته ٽن ڏينهن تائين هن قتل عام جي ايف آءِ آر به داخل نه ٿي يا نه ٿيڻ ڏني وئي، ۽ جيڪا ايف آءِ آر داخل ٿي يا ڪئي وئي، اها گھر ۽ وارثن جي ڪنهن ذميوار فرد پاران نه، پر گھر جي هڪ نوڪر پاران داخل ڪئي وئي، ڄڻڪ ڪنهن رسم جي پورائي هئي. ائين پئي محسوس ڪرايو ويو ڄڻڪ ڪو لاوارث، نڌڻڪو يا ”الله جو ماڻهو“ ڪنهن عام حادثي ۾ مارجي ويو هجي. حڪومت جي انهيءَ ڏينهون ڏينهن ٿيندڙ بي مروت رويي کيس ئي وڌيڪ ملوث پئي ڪيو ۽ مٿس شڪ وڌيڪ گھرو ٿيندو پئي ويو. حڪومت مخالف ماڻهن، سياستدانن ۽ سندن پارٽين جي مخالفت پنهنجيءَ جاءِ، پر حڪومت جي ڪيترن ئي خير خواهن ۽ خاص ڪري سنڌين جي عام سوچ اها هئي ته انهيءَ ايڏي وڏي واقعي جي نه رڳو ڀرپور جاچ ٿئي ۽ سازشي قاتلن کي پڪڙي قانوني سزا ڏني وڃي، پر حڪومت، خاص ڪري بينظير ڀٽو کي احتجاجاً هڪدم استعيفيٰ ڏئي ڇڏڻ گھرجي. پر نه ته قاتل پڪڙيا ويا نه، نه سازشي گرفتار ٿيا ۽ نه ئي وري بينظير ڀٽو ڪا استعيفيٰ ڏني، اٽلو وزيراعظم اهو چوڻ شروع ڪيو ته هوءَ ڪنهن به دٻاءَ ۾ اچي استعيفيٰ نه ڏيندي. استعيفيٰ ڀل نه ڏئي ها، پر ڀرپور جاچ ڪرائي قاتلن ۽ سازشين کي ته جھلي ها. ائين به نه ٿيو! سچ پچ محسوس پئي ٿيو ته ٻين جيان هن قتل عام کي به لوڙهي ڇڏيو ويندو ۽ اهو تاثر اڄ به قائم آهي.
    وزيراعظم طور نالو ته بينظير ڀٽو جو استعمال پئي ٿيو پر عملي طرح ڪٿي به سندس حڪومت نظر نه پئي آئي. ٽربيونل ويهارڻ ۽ برطانوي جاچ ٽيم اچڻ کان پوءِ ڪو وقت اهو به آيو جو پاڻ هن ملڪ جي وزيراعظم چيو ته هوءَ سازشين ۽ قاتلن کي سڃاڻي ٿي. تڏهن ماڻهن عجب ۾ پئجي سوچيو هو ته پوءِ ڇو هوءَ انهن قاتلن ۽ سازشين جو نالو نه ٿي کڻي، ڇو ٽربيونل آڏو وڃي بيان ۽ شاهديون پيش نه ٿي ڪري!؟ اهي بيان ۽ انهن ڏينهن جي سياسي صورت خود پ پ جو گراف ڪيرائي رهي هئي ۽ ماڻهن جون ان سان همدرديون ويون پئي گھٽبيون. اهو ئي سبب هو جو حڪومت جي برطرفي جي اعلان مهل نه ته ڪو وڏو عوامي احتجاج ٿيو ۽ نه ئي ماڻهن ڪو ڏک محسوس ڪيو. اٽلو هنن ايئن محسوس ڪيو ڄڻڪ ڪنهن وڏي دٻاءُ کان آزاد ٿيا هجن. ان جو بنيادي ڪارڻ مير مرتضيٰ ۽ سندس ساٿين جي قتل عام ڏانهن حڪومت جي اختيار ڪيل اها غير ذميواراڻي ۽ بي پرواهه روش ئي هئي، نه ڪي مبينه ڪرپشن، مهانگائي وغيره وغيره. ڪرپشن، مهانگائي، بي روزگاري ۽ ان قسم جا ٻيا عمل پاڪستان جي ڪهڙي حڪومت آهي، جنهن سان لاڳاپيل نه هجن!؟ مهانگائي، ڪرپشن وغيره ته اڄوڪي نگران حڪومت سان به لاڳاپيل آهي. مٿان وري بيداد اهو ته هيءَ نگران حڪومت به ٻين سنڌ دشمنن جيان پ پ حڪومت دوران مليل ملازمن کي ختم ڪندي، اڳوڻن بي روزگارن کي هڪ ڀيرو وري بي روزگار ڪندي پئي وڃي، جنهن جو وڏو شڪار سنڌي ئي ٿي رهيا آهن. نگرانن کي اهو حق ڪنهن ڏنو آهي ته اهي ماڻهن کي بيروزگار ڪندا رهن؟
    مير مرتضيٰ ڀُٽي ۽ سندس ساٿين جي قتل عام کان ترت پوءِ سنڌ جي سياسي ماحول ۾ ڪي ئي اهڙيون تبديليون آيون آهن، جن بابت ڪنهن ڪڏهن سوچيو به نه هو. موقعي پرست ۽ ابن الوقت سياسي وڏيرا ۽ ٻيا مهرا سياسي فضا جو رخ ڏسندي، ڌڙا ڌڙ شهيد ڀٽو گروپ ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ شامل ٿيندا پيا وڃن. انهن ابن الوقت ۽ موقعي سياسي وڏيرن ۽ مهرن مان گھڻا ڪالهه بينظير ڀٽو جي پ پ ۾ شامل يا ان سان لاڳاپيل هئا. ميرمرتضيٰ ڀٽو ۽ ممتاز علي ڀٽو توڙي سندن پارٽيون (ٻيون پارٽيون) ته ڪالهه به سنڌ جي سياست ۾ موجود هيون. انهن جي وطن دوستي ۽ عوام دوستي به ڪي ايڏيون اونهيون لڪل نه هيون، جو انهن ابن الوقت ۽ موقعي پرست سياسي وڏيرن ۽ مهرن کي نظر نه اينديون هجن. پوءِ آخر، اوچتو ئي اوچتو، انهن جي اندر ۾ اهو ڪهڙو راز کلي پيو آهي جو شهيد ڀٽو گروپ ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ انهن کي ڏاڍا ”وطن دوست“ ۽ ”عوام دوست“ نظر اچڻ لڳا آهن ۽ ”سنڌ ۽ سنڌي عوام جي بهتر خدمت“ لاءِ سياسي پٽڪو مٽائيندا پيا وڃن؟ انهن کي جيڪڏهن عوام ۽ سنڌ جي خدمت جو ايڏو ئي اونو هجي ها، جيڏو اڄ ڪلهه بيان ڪري رهيا آهن، ته ڇا ڪالهه اهي پنهنجي پارٽي-پليٽ فارم تان اها خدمت نه پئي ڪري سگھيا؟ چئبو ته انهن کي شهيد ڀٽو گروپ ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ جي عوام ۽ سنڌ دوستي نه، پر ڪا ٻي شيءِ نظر اچي رهي آهي ۽ بنا ڪنهن رک رکاءَ جي چئي سگھجي ٿو ته اها پر ڪشش شيءِ اقتدار جي ڪرسيءَ کان سواءِ ٻي ڪا به ناهي. جيڪڏهن ڪو انهيءَ وهم ۾ مبتلا هجي يا ٿي ويو آهي ته هاڻي هن ڀيري اهي ابن الوقت ۽ موقعي پرست سياسي وڏيرا ۽ مهرا شهيد ڀٽو گروپ ۽ سنڌ نيشل فرنٽ کي ڪو عوام ۽ سنڌ دوست عمل ڪرڻ ڏيندا يا انهيءَ ۾ هٿ ونڊائيندا، ته اها محض خوش فهمي ٿيندي. اٽلو امڪان اهو آهي ته شهيد ڀٽو گروپ ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ جي جيڪا به وطن- ۽ عوام-دوستي آهي انهيءَ کي به وڃائي برباد ڪري ڇڏيندا. بلڪل ائين جيئن پ پ سان ڪري چڪا آهن.
    اها هڪ حقيقت آهي ته بينظير ڀٽو جي اڳواڻيءَ هيٺ پ پ حڪومت ٻه ڀيرا ٺهي چڪي آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته پهرينءَ حڪومت کي سوا سال مس هلڻ ڏنو ويو ۽ ٻي حڪومت ٽي سال هلي سگھي. پهرئين واري حڪومت ڪو ٻوٽو نه ٻاريو، پر جيئن ته کيس جنرل ضياءَ جي جانشين صدر هٽايو هو، ان ڪري اها مظلوم جي حيثيت ۾ لهي اچي پٽ پيئي ۽ عام ماڻهن خاص ڪري سنڌين وٽ ان لاءِ همدردي برقرار رهي. اها به حقيقت آهي ته ٻئي واري به هن ڪو خاص ڪارنامو سرانجام نه ڏنو، اٽلو پنهنجو وقار وڃائيندي پئي وئي. جيڪڏهن کيس باقي ٻه سال به هلڻ ڏنو وڃي ها ته ان جو شايد ايترو مانُ به نه بچي ها، جنهن کي پنهنجي خلاف ٿيل سازش جي مواد طور استعمال ڪري رهي آهي. هن ڀيري ان کي هٽائيندڙ سندس ئي نمائندن جي ووٽ سان سندس ئي پارٽيءَ جو هڪ ليڊر آهي تنهنڪري ماڻهن وٽ ان لاءِ ڪا به مظلوميت جي پرچار قابل قبول ناهي.
    جيستائين مهانگائيءَ، ڪرپشن، اقربا پروريءَ، رشوت خوريءَ، بيروزگاريءَ وغيره جو تعلق آهي، انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي، ته پيپلز پارٽيءَ جي انهن ٻنهي حڪومتن دوران موجود رهيون ۽ وڌيون، پر ڇا ائين رڳو پ پ حڪومت دوران ئي ٿيو آهي؟ ڇا، مثال طور، نواز شريف جي حڪومت انهن اوڻاين کان پاڪ هئي؟ جواب آهي ”نه“. نواز شريف جي حڪومت دوران به اهي مسئلا نه رڳو موجود هئا پر وڌندا به رهيا. هتي فطري طرح هڪ سوال ٿو اڀري ته آئينده جيڪا به ڌر (يا ڌريون) اقتدار ۾ ايندي ۽ حڪومت ٺاهيندي، ڇا اها انهن غليظ عيبن ۽ اوڻاين کان پاڪ هوندي؟ ڪجھ به چيو وڃي، پر جواب وري به هڪ وڏي ”نه“ ئي آهي. پاڪستان ۾ جيڪو سياسي ماحول ۽ مزاج پالي تاتي وڏو ڪيو ويو آهي اهو مجموعي نموني اخلاقي طرح چَٽ، قومي طرح بي غيرت، انساني طرح بي حس، قانوني طرح مجرم ۽ رويي ۾ بدڪردار آهي ۽ اصولي طرح ڏسجي ته عوام جو دشمن ۽ وطن جي دائمي مفادن سان غدار آهي. حڪمرانن، سياسي مجرمن ۽ قانوني ڏوهارين کي سندن سموريون وطن دشمنيون، غداريون، سازشون، ڪيني پروريون ۽ ڪمينپايون ڦٻنديون پئي رهيون آهن، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته پاڪستاني معاشري جو در حقيقت غليظ ترين، بدڪردار ۽ ڏوهاري فرد، جيڪو جيترو وڏو مجرم اوترو وڏو ڪنهن نه ڪنهن سياسي پارٽيءَ يا علائقي/قبيلي/ذات جو اڳواڻ يا اڳواڻ جو گھاٽو يار نظر اچي ٿو. پاڪستاني معاشري ۾ گھڻا، وڏا ۽ مکيه ڏوهه مارشل لائي اقتدار يا جمهوري حڪومت جي ڇانوَ هيٺ ئي ٿيا آهن. لڳ ڀڳ هر سياسي اڳواڻ ۽ ان جي مکيه مهرن ۽ ساٿين جا ڪي ئي ڏوهه عوام جي زبان ۽ ذهن تي موجود ۽ تاريخي رڪارڊ تي محفوظ آهن، پر عوام ۽ قانون يا ته بي وس آهن يا وري بي وس بنايا ويا آهن. قانون پاران انهن کان ڪو به پڇاڻو ناهي ۽ عوام مجبور، ته يا مارشل لا ڀوڳي يا وري هر ايندڙ چونڊ ۾ انهن ئي بدمعاشن مان ڪنهن هڪ کي چونڊيندو رهي.
    اهڙيءَ حالت ۾ احتساب جو مطالبو ڪنهن به طرح اجايو نه آهي، پر شرط آهي ته احتساب جا ڪي اصولي طريقا رٿيا ۽ طي ڪيا وڃن ۽ باوقار ادارا ٺاهي انهن کي باعمل بنايو وڃي.
    احتساب جو حق جمهوري سياسي حوالي سان عوام کي آهي، پر عوام اهو حق استعمال ڪري سگھڻ جي حيثيت ۾ ناهي. عوام جي آڏو نعرا ڦيرائي ۽ سياسي پوش مٽائي، ٿلهي ليکي اهي ساڳيائي فرد ۽ انهن جو اولاد ايندا رهن ٿا جيڪي گذريل ڏيڍ صديءَ دوران گورن ۽ ڪارن حڪمرانن پالي تاتي وڏا ڪيا ۽ جن جي خمير ۽ تخم ۾ وطن ۽ عوام سان ڌوڪيبازي ۽ موقعي پرستي ۽ ابن الوقتي ڀريل آهي، اهي انتهائي بيعزتيءَ ۽ بيحيائيءَ سان چڙهندڙ سج جا سلامي ۽ چالبازين ۾ حڪمرانن جي جوتن جي خاڪ رهيا آهن. عام چونڊن جو سرشتو، تڪن جو وسعت ۽ ڳاٽو ڀڃندڙ خرچ اهڙا آهن جو عام چونڊن ۾ رڳو اهي بدمعاش ۽ چاپلوس ئي حصو وٺي سگھن ٿا تنهنڪري عوام مجبور آهي ته اهو احتساب جي خواهش باوجود پنهنجي پسند موجب چونڊ نه ڪري سگھي. عوام جي مجبوري آهي ته سامهون آيل ۽ چونڊن ۾ بيهي سگھندڙ ڪنهن هڪ فرد کي ووٽ ڪري اچي.
    قانوني حوالي سان احتساب جو حق قانون جي رکوال ادارن کي آهي، پر قانون جي تشريح ۽ تحفظ ڪندڙ ادارا به اهو حق عملي ۽ اصولي طرح استعمال ڪري سگھڻ جي حيثيت ۾ ناهن، ڇو ته چور چورن خلاف زباني دانهون ته ڪن ٿا، قانون جي آڏو نه ٿا اچن. ملزم جيستائين قانون جي رکوال ادارن جي ڪٽهڙي ۾ نه ايندو، هر سزا کان بچيل رهندو. عام ماڻهو انهيءَ حيثيت ۾ ناهي جو ڪيس ڪري، ثبوت ۽ شاهديون آڻي ۽ ڪورٽن جا خرچ ڀري سگھي.
    ڪي سياسي ڌريون ۽ فرد احتساب جو مطالبو موجوده نگرانن کان ڪري رهيا آهن ۽ نگران حڪومت پاڻ به پهرئين ئي ڏينهن کان احتساب جو نعرو هڻندي رهي آهي، پر اصولي نظر سان ڏٺو وڃي ته نگرانن کي احتساب جو ڪو به حق ناهي. موجوده صدر انهيءَ ئي حڪومت ۽ اسيمبليءَ پاران چونڊيل آهي جنهن کي هن پنهنجا (آمر جنرل ضياءَ وارا) صوابديدي اختيار استعمال ڪندي ڪِرپٽ ۽ بدمعاش سڏي ٽوڙي ڇڏيو. ”ڪرپٽ ۽ بدمعاش“ نمائندن جي چونڊيل ماڻهوءَ کي پاڻ اقتدار ۾ ويهڻ ۽ پنهنجيءَ پسند تي ڪي ماڻهو حڪومت ۾ ويهاري احتساب ڪرڻ جو اخلاقاً ڪو به حق نه هئڻ گھرجي. نگران حڪومت نه ته عوام جي ووٽ سان چونڊجي آئي ۽ نه ئي وري ڪنهن ٻئي اصولي، اخلاقي ۽ قانوني حوالي سان ڪو اهڙو اختيار رکي ٿي جو کيس ڪنهن جي احتساب جو حق ملي پوي. نگرانن جو پهريون ۽ مکيه فرض غيرجانبدار ۽ شفاف چونڊون ڪرائي، اقتدار چونڊيل نمائندن کي ڏيڻ آهي.
    هن حڪومت کي ڪرپٽ ۽ بدمعاش سڏي لاٿو ويو ۽ جن بهانن جي آڌار تي اسيمبلين ۽ حڪومتن کي ٽوڙيو ويو، اڄ ڏينهن تائين ڪنهن جي به خلاف ڪو هڪ به ٺوس ثبوت ڪورٽ ۾ نه آندو ويو آهي. اسيمبلين کي ٽٽي ۽ حڪومت کي ختم ڪئي ڏيڍ مهيني کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي. پر صورتحال هيءَ آهي ته وائيس آف آمريڪا ۽ بي بي سي جھڙا نشرياتي ادارا به ورجائي ورجائي مڃڻ لڳا آهن ته احتساب جي عمل کي عدم ثبوت جي بنياد تي معطل يا ختم ڪيو ويو آهي. حڪومت ۽ اسيمبلي ٽوڙڻ مهل پاڪستان جي صدر جو هڪ الزام اهو به هو ته مير مرتضيٰ ڀٽي ۽ سندس ساٿين جي قتل عام جي سلسلي ۾ ٿيندڙ تحقيق جي راهه ۾ رنڊڪون وڌيون پئي ويون، پر اڄ به پ پ حڪومت ۽ ان جي مختلف اڳواڻن خلاف سموري انتظامي مشينري ۽ ڏيهي نشرياتي ادارا استعمال ڪرڻ باوجود نگران حڪومت اتي ئي آهي جتي حڪومت ٽوڙڻ مهل هئي. ٽربيونل جي تحقيق ساڳئي نموني ۽ ساڳئي رفتار سان پئي هلي، نگران حڪومت پنهنجي گذريل اقتداري ڏينهن ۾ جيڪي مکيه ڪارناما سرانجام ڏنا آهن انهن کي اخباري رپورٽن جي بنياد تي هنن نڪتن ۾ بيان ڪري سگھجي ٿو: (1) افراط زر ۾ واڌ، ٻه ڀيرا قيمتن ۾ چاڙهه، ٽيون ڀيرو اچڻ وارو آهي، نتيجو؟ وڌيڪ مهانگائي، (2) ميرمرتضيٰ ڀٽو ڪيس ۾ اڻ لکي شاهديءَ جي بنياد تي آصف زرداري جي گرفتاري، (3) ڪيترن ئي اهڙن ايم ڪيو ايمي ڪارڪنن جي آزادي، جن تي قتل، اغوا ۽ دهشتگردي جا ڪيس هلي رهيا آهن، (4) دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه ڪندڙ اڳوڻي وزيراعليٰ عبدالله شاهه جي گرفتاري، ۽ (5) ڪيترن ئي سنڌين کي ملازمتن مان نيڪالي، وغيره.
    مير مرتضيٰ ڀٽي ۽ سندس ساٿين جو قتل عام الزامن هيٺ آيل فردن ۽ پ پ حڪومت جي سازش آهي يا نه، ۽ درحقيقت ان جو ذميوار ڪير آهي، اهو فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي، پر جوڳي شاهديءَ ۽ ٺوس ثبوتن کان سواءِ رڳو سکڻن الزامن جي بنياد تي پ پ حڪومت ۽ اسيمبليءَ جو خاتمو هاڻي بهرحال هڪ ڳجھي سازش جي نشاندهي ڪرڻ لڳو آهي.
    نگران وزيراعليٰ ممتاز علي ڀُٽي جو اخبارن ۾ هڪ بيان شايع ٿي چڪو آهي، جنهن موجب هن جو خيال آهي ته سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ۽ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو به ڪي ئي بيان ڏئي چڪي آهي ته اهڙي ئي سازش اڳ به عمل هيٺ هئي. حقيقي سنڌ دشمن سازشي ڪير آهن؟ انهن جو ڏس پتو اڃا نه ڏنو ويو آهي، پر بنا ڪنهن شڪ شبهي جي پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته سنڌ ۾ اهڙي مکيه سازشي قوت ايم ڪيو ايم آهي جنهن جا ٻئي معروف ڌڙا کلي عام سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندا رهيا آهن ۽ ڪن پيا. سنڌ ۾ دهشتگرديءَ جو بنيادي ڪارڻ ايم ڪيو ايم آهي جيڪا گذريل ڏهن ورهين کان عملي طرح انهيءَ راهه تي هلندي رهي آهي. اها حقيقت نه مڃڻ هڪ ڪم ظرفي ۽ جھالت ٿيندي، ته گذريل ٽن سالن دوران پ پ حڪومت انهيءَ دهشتگرديءَ جو مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو ۽ ڪيترن ئي دهشتگردن کي جھنم ۽ جيل واصل ڪيو.
    اسان جي سوچ جو مرڪز سنڌ ۽ سنڌين جا دائمي، اصولي ۽ تاريخي مفاد آهن. اکئين ڏسون پيا ته سنڌ دشمن سازشي ۽ دهشگرد هڪ ڀيرو وري مضبوط، منظم ۽ پنهنجن حلقن ۾ مقبول ٿيندا پيا وڃن ۽ انهن کي زور وٺائيندڙ قوتون هڪ ڀيرو وري ڏاڍيون سرگرم ٿي ويون آهن. سنڌ ۽ سنڌين جي دائمي مفادن خلاف ڪات ڪهاڙا تکا ۽ ڪلاشنڪوفون لوڊيڊ آهن. سنڌ دشمني جي فضا بارود جي ذرڙن سان ٽمٽار ۽ هڪ چڻنگ جي منتظر آهي، جڏهن ته سنڌي ۽ سنڌ دوست قوتون جھڙوڪ نڌڻڪيون، نٻل، بيوس ۽ مجبور، ان جي وس ۾ جيڪڏهن ڪجھ آهي ته اهو واڪا ڪرڻ آهي.
    اهڙي سنڌ دشمن رچيل سياسي ماحول ۾ امڪانن رڳو 35 ڏينهن کان پوءِ چونڊون ٿيڻيون آهن. سنڌي ماڻهو سياسي پارٽين جي ڪرتوتن کان ايڏا ته بيزار آهن جو هزارين ماڻهو علي لاعلان چوندا پيا رهن، ته ووٽ ڪرڻ ويندا ئي نه! اهي ووٽ ڪن يا نه، چونڊون ٿينديون ته ڪيترا به ووٽ پون، انهن جي بنياد تي ڪنهن نه ڪنهن جي سوڀ يا هار ٿيڻي آهي. جيڪا به سياسي صورتحال آهي، جھڙيون به سنڌ دوست ڌريون موجود آهن. (اها وڏي غفلت ۽ ڪوتاهي چئبي جو ووٽ نه ڪجي.) اسان ماڻهن کي ووٽ بهرحال ڪرڻو آهي، ان ڪري سياسي حالتن کي چڱيءَ طرح سمجھي، شعوري ڪوشش ڪري، اهڙي سياسي پارٽيءَ کي ووٽ ڪرڻو آهي جيڪا ڪنهن به طرح پر ڪنهن نه ڪنهن نسبتاً وڏي حد تائين، سنڌ ۽ سنڌين جي دائمي ۽ تاريخي مفادن جو تحفظ ڪري ۽ سنڌ دشمن سازشين ۽ دهشتگردن کي ٻجو ڏئي سگھي.
    سنڌ ۾ هن وقت جيڪي ڌريون سنڌ دوستيءَ جي حوالي سان پاڻ کي پيش ڪن ٿيون، تن ۾ هيٺ ڏنل نالا نمايان آهن:
    1. پاڪستان پيپلز پارٽي
    2. پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو گروپ)
    3. سنڌ نيشنل فرنٽ
    4. سنڌ ترقي پسند پارٽي
    5. عوامي تحريڪ (پليجو گروپ)
    گھٽ يا وڌ پر چڱايون لڱايون، سٺايون خرابيون، سڀني ۾ موجود هونديون آهن. ڪا به تنظيم پوتيءَ پاڪ ناهي، بلڪ جيڪا پارٽي جيتري وڏي آهي ۽ جيترو وڌيڪ نمايان، خاص ڪري اقتدار ۾ رهي آهي، ان جا اوترا وڌيڪ گڻ يا اوگڻ پڌرا آهن. اسان جو موضوع مختلف تنظيمن جي اوڻاين پوڻاين جي ذڪر جي موڪل نه ٿو ڏئي. اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته وطن دوستيءَ جي دعويدار ڪا به ڌر حقيقتاً ڪيتريون سيٽون کٽي سگھي ٿي. مثال طور، عوامي تحريڪ پليجو گروپ اعلان ڪيو آهي ته تيرهن سيٽن تي پنهنجا اميدوار بيهاريندو. ڪيترن اميدوارن جا فارم بحال ٿين ٿا ۽ ڪيترن جا رد، اڄوڪي ڏينهن تي اسان کي پڪي پختي خبر ناهي، پر اها پڪي خبر آهي ته عوامي تحريڪ پليجو گروپ انهن کان وڌيڪ سيٽن تي اميدوار بيهاري سگھڻ لائق نه آهي. عوامي تحريڪ پليجو گروپ ٻارهن تيرهن سيٽن تي کٽي سگھي، حقيقت پسند ٿي ڏٺو وڃي، ته ناممڪن آهي. اهڙيءَ طرح پ پ پ کان سواءِ سنڌ دوستيءَ جي دعويدار هر ٻي ڌر سڄيءَ سنڌ ۾ سڀني سيٽن تي پنهنجا اميدوار نه آندا آهن ۽ جيڪي آندا آهن اهي سڀ جو سڀ پنهنجي پنهنجي سيٽ کٽي سگھڻ جي حيثيت ۾ نه آهن، جن به کٽيو، اهي بلڪل ٿورا هوندا يعني هر ڌر رڳو پاڻ تي ڀاڙيندي سنڌ حڪومت ٺاهي سگھڻ جي حيثيت ۾ نه هوندي. اهڙي حالت ۾ ٽي ممڪن صورتون عمل ۾ اچي سگھن ٿيون:
    1. حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڪنهن به هڪ ڌر کي ڏني وڃي، جيئن ڄام صادق علي کي ڏني وئي هئي، ۽ اها ڌر ٻين سان اتحاد ڪري پنهنجي اڪثريت ثابت ڪري.
    2. حڪومت ٺاهڻ جي دعوت پ پ پ کي ملي ۽ وطن دوستيءَ جي دعويدار ڌر ان سان ٺاهه ڪري يا مخالف بينچن تي ويهي.
    3. حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ايم ڪيو ايم کي ملي ۽ سنڌ دوستيءَ جي دعويدار ڌر ان سان ٺاهه ڪري يا مخالف بينچن تي ويهي.
    اسان جي خواهش آهي ته سنڌ دوستيءَ جي دعويدار هر ڌر جي باعمل گھٽ ۾ گھٽ فرسٽ رينڪ قيادت، جيئن مثال طور سنڌ ترقي پسند پارٽي جا ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ڊاڪٽر دودو مهيري آهن، ضرور کٽي. حقيقت بهرحال اها رهڻي آهي ته پ پ پ کان سواءِ سنڌ دوستيءَ جي دعويدار ٻي ڪا به ڌر جيترين به سيٽن تي کٽي ٿي ان کي مٿي ڄاڻايل ٽن ممڪن صورتن مان ڪنهن هڪ سان منهن ڏيڻو پوندو.
    پهرئين ممڪن صورت عمل ۾ آئي ته سنڌ دوستيءَ جي دعويدار ان ڌر کان ايم ڪيو ايم لڳ ڀڳ سڀ اهم وزارتون ۽ ٻيا اختيار گھرندي، جيئن ڄام صادق علي کان گھريا هئائين. سنڌ دوستيءَ جي دعويدار ڌر جيڪڏهن حڪومت ٺاهڻ ۽ اقتدار ۾ رهڻ ئي چاهيندي، ته ان کي ايم ڪيو ايم جي آڏو جھڪڻو ۽ ان جو ڳيجھو ٿيڻو پوندو، جيئن ڄام صادق علي هو. نتيجو اهو نڪرندو ته سنڌ دوستيءَ جي دعويدار ڌر ڀلي ڄام صادق علي جيان/جھڙو عمل نه ڪري پر ايم ڪيو ايم اهو ئي ڪندي جيڪو اها پسند ڪري ۽ اهڙيءَ طرح گھٽ ۾ گھٽ ايم ڪيو ايم پاران امڪاني طرح ڄام صادق دور کي مٿانهين سطح تي ورجايو ويندو.
    ٻي يا ٽين ممڪن صورت عمل ۾ آئي ته حڪومت ۽ اقتدار ۾ شامل رهڻ لاءِ سنڌ دوستيءَ جي دعويدار ڌر کي هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻن وزارتن ۽ ڪجھ ٺيڪن ۽ پرمٽن تي راضي ٿيڻو پوندو. اهڙيءَ حالت ۾ پارليامينٽري سياست جي حوالي سان ان جو ڪردار ڄام صادق دور ۾ عوامي تحريڪ راهو گروپ جھڙو يا ان کان ڪجھ بهتر رهي سگھندو. پر جي اها مخالف بينچن تي ويهڻ پسند ڪري ٿي ته ان جو ڪردار گذريل حڪومت دوران ممتاز علي ڀٽي جي ڪردار جھڙو يا ان کان ڪجھ گھٽ يا وڌ بيهندو.
    ان هوندي به اسان جي خواهش آهي ته سنڌ دوستيءَ جي دعويدار هر ڌر جي باعمل فرسٽ رينڪ قيادت ضرور کٽي ۽ پارليامينٽري سياست ۾ شريڪ ٿئي. تڏهن به ٿورو گھٽ يا وڌ پر سنڌ ۽ سنڌين لاءِ هاڻوڪو سياسي ماحول لڳ ڀڳ ساڳيو ئي رهندو.
    سنڌ ۽ سنڌين جي حوالي سان پيپلز پارٽيءَ جي دماغ ۾ ڀرجي ويل غرور جي واءُ کي ضرور ڪڍڻ گھرجي ۽ ٺڪي ٺوڪي ڪڍڻ گھرجي، پر سنڌ-دوستيءَ جون دعويدار ڌريون ائين، موجود ڇڙوڇڙ سياسي حيثيت ۾ ان واءُ کي ڪڍي سگھن، ممڪن ناهي. هر سڄاڻ سنڌي بخوبي ڄاڻي ٿو ته سنڌ ۽ سنڌي دوستيءَ جي دعويٰ باوجود هر سياسي ڌر جون پنهنجون ڪي اوليتون، ترجيحون ۽ خصوصيتون آهن جنهنڪري انهن سڀني جي وچ ۾ هر حالت ۾ ۽ هر طرح اتحاد ٿي سگھڻ جي اميد اجائي آهي پر پوءِ به، جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جي هڪ هٽيءَ کي ٽوڙڻو آهي ته انهن سڀني ڌرين کي گھٽ ۾ گھٽ اليڪشن جي حوالي سان ڀرپور اتحاد ڪرڻو پوندو ۽ ڪي ٻيا اتحادي به ساڻ کڻڻا پوندا. پيپلز پارٽي اڄ، پنهنجين اوڻاين، مخالفاڻين سازشن ۽ سياسي حالتن جي ڪري ڌڪجي ۽ ڪمزور ٿي انهيءَ حالت کي وڃي پهتي آهي جو اڄوڪي سياسي ماحول ۾ سنڌ ۽ سنڌي دوستي جي دعويدار ڌرين جو ڀرپور اتحاد کانئس ووٽر قوت کسي سگھيو پئي. پر ظاهر آهي ۽ حقيقت آهي ته اڄ اهڙو ڪو به اتحاد موجود ناهي.
    سنڌ ۽ سنڌين کي هڪ وڏي، طاقتور، منظم، روشن خيال، ترقي پسند ۽ عوامي سياسي پارٽيءَ جي اشد ضرورت آهي. هڪ اهڙي سياسي پارٽيءَ جي، جيڪا سنڌ ۽ سنڌين جي قدرتي، تاريخي، جاگرافيائي، معاشي، سياسي، ثقافتي، نفسياتي، لسانياتي (۽ لساني) ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڀرپور عملي ۽ علمي تحريڪ هلائي، سياسي سجاڳي ۽ ٻڌي پيدا ڪري، سنڌ جي گھڻي کان گھڻن رهواسين کي هڪ پليٽ فارم تي ۽ هڪ جھنڊي هيٺ گڏ ڪري سگھي، جيڪا سنڌين کي سچ پچ سنڌ جو مالڪ بنائي سگھي. ليکڪ کي، هن وقت، اهڙا ڪي گڻ ۽ ڪڻا سنڌ ڊيموڪريٽس گروپ ۾ نظر اچن ٿا، پر اهو اڃا ابتدائي اوسر جي مرحلن ۾ آهي. اهڙين گھڻين ڌرين جو موجود هجڻ ڪو عيب ناهي. اهي شل ساڃهه وند ۽ سچيون رهن ۽ وڌن ويجھن پر هن وقت جيڪا سياسي فضا موجود آهي ۽ رڳو 35 ڏينهن کان پوءِ امڪانن جيڪي عام چونڊون ٿيڻيون آهن، انهن ۾ اسان کي باشعور نموني شامل ٿيڻو آهي.
    پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجين سمورين ڪمزورين، اوڻاين، ڪلڇڻاين ۽ ڪچائين باوجود، سندس ٻي ڪا چڱائي ڳڻجي يا نه، ايترو سو ضرور مڃڻو پوندو ته گھٽ ۾ گھٽ گذريل ٽن سالن جي حڪومت دوران سنڌ دشمن دهشتگردن آڏو نه ته جُھڪي، نه آڻ مڃيائين ۽ نه ئي وري اهڙي ڪنهن سنڌ دشمن نقطي تي ٺاهه ڪيائين، جو کيس انهيءَ حوالي سان سنڌين آڏو شرمندو ٿيڻو پوي. ان جي ابتڙ هوءَ دليريءَ سان ايترو وڙهي جو سنڌ دشمن ۽ دهشتگرد سازشي قوتون سنڌ جي ٻين (سچين يا ڪوڙين) قومپرست ڌرين سان ته ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار آهن، پيپلز پارٽيءَ سان نه. اهي سنڌ دشمن ۽ دهشتگرد سازشي قوتون پنهنجي تجربي جي آڌار تي پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجو سڀ کان وڏو ۽ خطرناڪ دشمن سمجھن ٿيون.
    حضرت علي عليه سلام جن جو جڳ مشهور قول آهي، ته توهان جو دوست، توهان جي دوست جو دوست ۽ توهان جي دشمن جو دشمن توهان جو سڄڻ آهن ۽ توهان جو دشمن، توهان جي دوستن جو دشمن ۽ توهان جي دشمن جو دوست توهان جا ويري آهن. اڄوڪين سياسي حالتن ۾ ٻيو نه، ته به گھٽ ۾ گھٽ انهيءَ هڪ حوالي سان پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۽ سنڌين جي دشمن جو، دشمن جي دائري ۾ سمجھان ٿو، باقي وڌيڪ فيصلو ته عوام کي ڪرڻو آهي ته اهو ڪنهن کي ٿو سنڌ جو سڄڻ تصور ڪري.
    (روزاني ”عوامي آواز“، 13-جنوري 1997ع)


    ايندڙ چونڊون: سنڌ دشمن سازشن جا پيرا کڻڻ جي ضرورت

    مرڪزي ۽ صوبائي اسيمبلين توڙي حڪومتن کي ختم ڪئي ڏيڍ مهيني کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي ۽ نگران وزيراعظم کليل پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ٿو ڪري, ته پ پ پ حڪومت توڙي الزام هيٺ آيل ان جي فردن خلاف ڪي به شاهديون ۽ ثابتيون نه ملي سگھيون آهن. مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي شهادت خلاف ثابتيون هٿ ڪرڻ جي سلسلي ۾ مقرر ڪيل ٽربيونل جي ڪاروائي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ٿيندڙ آڏي پڇا ۽ تحقيق ائين ئي جاري آهي جيئن مرڪز توڙي سنڌ ۾ پ پ حڪومت دوران جاري هئي ۽ اڃا ڪي ئي ڏينهن جاري رهڻي آهي. فرق رڳو اهو آهي ته اڳ حڪومت جي ظاهري واڳ ڌڻين پاران صدر پاڪستان ۽ اڳوڻي وزيراعظم جي وَر جو نالو کلي عام نه ورتو ويندو هو ۽ هاڻي صدر پاڪستان فاروق لغاري چٽيءَ طرح آصف زرداريءَ جو نالو کڻي رهيو آهي ۽ اڳوڻي وزيراعظم اڃا به صدارت جي ڪرسي تي ويٺل فاروق لغاريءَ جو ۽ ٻيو ته آصف زرداريءَ کي انهيءَ الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ايوانِ صدر ۽ سنڌ جي نگران حڪومت پ پ پ جي مخالف ٻين سمورين سياسي پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن جيان پ پ پ جي مرڪزي توڙي سنڌ ۾ نمايان اڳواڻن ۽ مجموعي طرح پ پ پ جي خلاف زور شور سان بي نيازين جا جوهر ڏيکاري رهيا آهن. هن وقت عام چونڊن ۾ باقي 31 ڏينهن بچيا آهن. عام چونڊن لاءِ نامزدگي فارم ڀرجي ويا آهن. اميدوار پارٽين کي چونڊ نشان الاٽ ٿي چڪا آهن. چونڊ مهم شروع ٿي وئي آهي. ڪيئي سياسي اڳواڻ ۽ زميوار فرد هر هر ورجائي اهي بيان پيا جاري ڪن ته سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ)، شهيد ڀٽو گروپ ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ جي هوندي. ڪي شهيد ڀٽو گروپ ۽ يا فرنٽ بدران مسلم ليگ کي به آڻين ٿا، پر هڪ ڳالهه تي سڀئي متفق آهن ته ايندڙ حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم (الطاف) ضرور شامل هوندي ۽ پ پ پ ڪنهن به حالت ۾ شامل نه هوندي.
    اهو افواهه عوامي سطح تائين پهچايو ويو آهي ۽ ان کي عام ڪري ماڻهن جي ذهنن کي انهيءَ ئي واٽ تي ڌڪڻ ۽ هلڻ لاءِ نفسياتي ويڙهه وارو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي. ڪي ماڻهو انهيءَ افواهه کان متاثر به ٿي ويا آهن پر گذريل ڏيڍ مهيني ۾ پ پ پ حڪومت ۽ الزام هيٺ آيل پ پ پ اڳواڻن خلاف ڪنهن به ٺوس ثبوت جي اڻ موجودي انهيءَ حد کان وڌيڪ ڦوڪيل ڦوڪڻي جي هوا کي ڪڍي رهي آهي ۽ باقي بچيل ڏينهن ۾ جيڪڏهن ڪي پختا ثبوت نه آندا ويا ته اليڪشن مهل اهو ڦوڪڻو ڦاٽي پوندو. ممڪن آهي ته اهي ذميوار سياسي اڳواڻ ۽ فرد سمجھندا هجن ته الزامن سان ٽمٽار بيان ڏئي ۽ مختلف افواهه هلائي، اهي ڪو ڪارنامو سرانجام ڏئي رهيا آهن، پر ان قسم جا بيان ۽ ان قسم جي سوچ سنڌ جي وطن دوست، ترقي پسند جمهوري ذهن رکندڙ ماڻهن جي دماغن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن خلاف ڳجھ ڳوهه ۾ ڪئي ويل ۽ لڪ چوري عمل ۾ ايندڙ ڪنهن سازش جو ڏس پتو ڏئي رهي آهي. هن وقت گذريل پ پ حڪومت جون سٺايون يا خرابيون اسان جو موضوع ناهن. گذريل ٽن سالن دوران پ پ حڪومت جا ڪي ئي ڪم غلط ۽ نقصانڪار ثابت ٿيا آهن، پر ان جو مطلب قطعي اهو ناهي ته ان حڪومت ڪي به سٺا ۽ فائديمند ڪم نه ڪيا هئا ۽ اهو به ياد رکيو وڃي ته هن وقت جيڪا سياسي صورتحال موجود آهي، انهيءَ جي روشنيءَ ۾ ڳالهه ٻول ڪري رهيا آهيون ۽ اسان جي موضوع جو مرڪزي حوالو سنڌ آهي. ڪو عقل جو انڌو، ڪم ظرف، بدنيت، ۽ دهشتگردن جو حامي ٿي، انهيءَ حقيقت کان بي حيائيءَ سان انڪار ڪري سگھندو ته گذريل ٽن سالن دوران پ پ پ حڪومت سنڌ دشمن دهشتگردن آڏو نه ته جُھڪي ۽ نه ئي وري انهن جا ناجائز نخرا برداشت ڪيا پر انتهائي دليري سان دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪيو.
    پاڪستاني فوج جو هڪ جنرل، جنهن سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ مانائتي جڳهه ٺاهي ورتي، محمد آصف نواز هو ۽ هن جو وڏو ۽ قابل ذڪر ڪارنامو سنڌ ۾ دهشتگردن خلاف بنا رعايت مهم شروع ڪرڻ هو (سنڌي ڌاڙيلن خلاف ته هر حڪومت ڪجھ نه ڪجھ پئي ڪندي رهندي آهي ۽ مهم جڏهن سچ پچ ڌاڙيلن خلاف هوندي آهي تڏهن سنڌي ماڻهو ڪنهن به طرح ارها نه ٿيندا آهن. جنرل آصف نواز پهريون جنرل هو، جنهن عام سنڌي ڳوٺاڻن کي ڌاڙيل سڏي قتل ڪندڙ فوجي سربراهه تي قتل جو مقدمو قائم ڪرڻ جي موڪل ڏني. قاتل اڳواڻ ڪورٽ ۾ آيو ۽ نيٺ ڦاهي چڙهيو. جنرل آصف نواز جي دهشتگردن خلاف شروع ڪيل مهم کي پ پ حڪومت سياسي مفادن خاطر قربان نه ڪيو جنهنڪري نه رڳو ڪي ئي فرسٽ رينڪ دهشتگرد مارجي ويا پر هڪ عرصي تائين دهشتگردي بند به ٿي وئي ۽ هيسيل ڊنل دهشتگرد ٻرن ۾ لڪل رهيا. نواز شريف حڪومت دهشتگردن جي سردار ۽ ان جي ڪيترن ئي ساٿين کي ملڪ مان باسلامت نڪري وڃڻ ۾ ڪا به رنڊڪ نه ڪئي ۽ پنهنجي حڪومت دوران جنرل آصف نواز پاران دهشتگردن خلاف هلايل مهم تي نواز شريف پڇتاءَ جا ڳوڙها ڳاڙيندو ۽ دهشتگردن جي سردار کي پرچائڻ ۽ اتحاد ڪرڻ لاءِ ليلڙاٽ ڪندو رهيو آهي.
    ايم ڪيو ايم:
    ايم ڪيو ايم جا ڪي ئي ڌڙا آهن پر مشهور ۽ معروف ٻه آهن: هڪ ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ يا حق پرست گروپ) ۽ ٻيو ايم ڪيو ايم (عامر گروپ يا حقيقي گروپ). اسان لاءِ اها انتهائي عجب ۽ حيرانگيءَ جي نشاني آهي ته اڃا به سنڌ جا ڪي سياسي سنڌي پٽ اهڙا به آهن جيڪي اهو سمجھن ٿا ته ايم ڪيو ايم جا ٻئي ڌڙا (يا ٻنهي مان ڪو هڪ) هن ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي حقيقي تاريخي وارثن ۽ اصلي قدرتي رهاڪن جا سڄڻ ٿي سگھن ٿا. (هتي اها ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته اسان سمورن اردو ڳالهائيندڙ سنڌ واسين کي نه ته سنڌ دشمن سمجھون ٿا ۽ نه وري هر حالت ۾ ايم ڪيو ايم جا حامي، انهن مان ڪي ئي اڳ جيان هن ڌرتيءَ جا نمڪ حلال پٽ آهن ۽ ايم ڪيو ايم سميت هر سنڌ دشمن ۽ دهشتگرد گروهه خلاف سيني سپر.) اسان جي لاءِ ايم ڪيو ايم جا ٻئي ڌڙا ايم ڪيو ايم نالي هڪ قاتل خنجر جي ٻن ڌارن يا ايم ڪيو ايم نالي ڪلاشنڪوف جا ٻه ميگزين آهن. انهن جي پاڻ ۾ ويڙهه جو مرڪزي نقطو مجرماڻي سرگرميون ڪري سگھڻ لاءِ مختلف پاٿاريون يا سنڌ دشمن دهشتگردي ڪري سگھڻ لاءِ مختلف اڏا هٿ ڪرڻ آهي. الطاف حسين ورجائي ورجائي چوندو رهيو آهي ته هاڻي ٺاهه رڳو سنڌ جي ورهاست ۽ ”مهاجرن لاءِ علائقي جون بين الاقوامي سرحدون“ ليڪڻ تي ئي ٿي سگھي ٿو، جڏهن ته عامر خان سنڌ ورهائي في الحال مهاجرن لاءِ ڏاکڻو صوبو خلقڻ گھري ٿو، جنهن لاءِ اڄ به صحيحن وٺڻ جي مهم جاري آهي ۽ نعرا لڳن پيا. سياسي نڪتي نظر جي حوالي سان انهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪو به فرق ناهي ۽ ٻنهي جو بنيادي مقصد سنڌ جو ٽڪرو ڪپي ”برصغير جي اعليٰ اردو تهذيب“ لاءِ هڪ خطئه زمين تي قبضو ڪرڻ آهي. جيئن نانگ کان سڄڻائپ، ٻٻرن کان ٻيرن ۽ اڪ کان مٺي کير جي اميد نه ٿي رکي سگھجي، تيئن ايم ڪيو ايم جي ٻنهي ڌڙن کان سنڌ ۽ سنڌين سان وفاداريءَ جي توقع نه ٿي ڪري سگھجي. ممتاز علي ڀٽو سنڌ جي سياست جو ڪو ننڍو ۽ غير معروف نالو ناهي. هن ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ تي ڪي ئي نام نهاد محب پاڪستان ڌڙا مختلف قسمن جا الزام آڻيندا رهيا آهن، جنهن جو وڏو سبب سنڌ نيشنل فرنٽ جي منشور جو ڪنفيڊريشن وارو نڪتو آهي جڏهن ته پاڪستان جي 1973ع واري آئين به مرڪز/وفاق/فيڊريشن کي ئي مضبوط ڪيو هو ۽ اڄ به هر نگران انهيءَ وفاق سان وفاداريءَ جو قسم کڻي اقتدار جي ڪرسي تي ويٺو آهي. ڪجھ سال اڳ تائين واري پ پ پ جو هڪ ٻيو وڏو نالو ڄام صادق علي به هو ۽ رڳو پنج سال اڳ جي ڳالهه آهي جو مٿس ڀارت جي ايجنٽي جي الزام باوجود کيس نگران وزارت اعليٰ جي ڪرسي سنڀالڻ جي دعوت ڏني وئي هئي. هو اقتدار ڌڻي ٿيو هو ۽ ٻيو ڪجھ به ٿيو هجي پر پ پ پ دشمني ۽ ايم ڪيو ايم دوستيءَ جي حوالي سان پاڻ ملهائي ويو. 1990ع جي وچ کان 1992ع جي وچ تائين جيڪو ڪجھ سنڌ ۾ وهيو واپريو ۽ ان کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي ڪم آيل دهشتگرد قوت جو وڏو ڪارڻ پاڻ بذات خود ڄام صادق ۽ هن پاران اختيار ڪيل دهشتگردن لاءِ قرب ۽ محبت ئي هو. سنڌ جي اقتدار جا واڳ ڌڻي عملي طرح سنڌ دشمن دهشتگرد ئي هئا. ان دور جي سنڌ جي تاريخ جو هڪ واضح سبق اهو آهي ته سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪا به اهڙي ڌر پنهنجي حڪومت ٺاهيندي جنهن وٽ پنهنجي پارٽيءَ جي نمائندن جي اقتدار تي ويهڻ ۽ حڪومت ٺاهڻ لائق اڪثريت ناهي ته اها ايم ڪيو ايم جي ڳيجھو ٿي رهندي ۽ عملاً ايم ڪيو ايم ئي اقتدار جي وارث هوندي.
    ڇا ممتاز علي ڀُٽي جي ڪلهي تي بندوق رکي سنڌ جي انهيءَ ئي سبق کي ورجايو ويندو؟ ڇا ممتاز علي ڀٽو ايندڙ چونڊن ۾ ان لائق ٿي سگھندو ته پنهنجي پارٽيءَ جي نمائندن جي زور ۽ اڪثريت وسيلي سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهي سگھي ۽ ايم ڪيو ايم جو ڳجھو ٿي نه رهي؟ ممتاز علي ڀٽو توڙي جو نگران وزير اعليٰ آهي پر هن کان ڪي اهڙا ڪم ڪرايا پيا وڃن جيڪي کيس جُڳائن نه ٿا. انهن ۾ هڪ وڏو ۽ غلط ڪم جڙتو ڪميشن قائم ڪري ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي اهڙن فردن کي آزاد ڪرڻ آهي جن مان ڪجھ تي قتل، اغوا ۽ دهشتگرديءَ جا ڪيس هلندڙ آهن. ٻيو ڪجھ به چيو وڃي، پر حقيقت اها آهي ته بيگم غنويٰ ڀٽو سياستدان طور ڄاتل سڃاتل اڳواڻ ناهي ۽ نه ئي وري هن جو مقصد عملي سياست ڪرڻ آهي. جيستائين سياسي علم ۽ عمل جو تعلق آهي ته انهيءَ حوالي سان به محترمه جي ڪا عالماڻي سياسي حيثيت ۽/يا سياسي ڪردار ناهي ۽ جيڪڏهن مير مرتضيٰ (۽ سندس ساٿين) جي قتل عام واري سازش عمل ۾ نه اچي ها ۽ ان کان پوءِ ابن الوقت ۽ سياسي موقعي پرست وڏيرن پاران شهيد ڀٽو گروپ ۾ ڌڙا ڌڙ شموليت نه ڪرائي وڃي ها، تڏهن به شهيد ڀٽو گروپ جي سياسي طاقت ۽ ان جي اڳواڻ طور محترمه جي موجوده حيثيت ڪٿي به نظر نه اچي ها. پاڻ هڪ سياسي سازش ۽ هڪ وڏي حادثي جي نتيجي ۾ اڀري آيل يا اڀاريل سياسي اڳواڻ آهي.
    شهيد ڀٽو گروپ جو حقيقي ۽ عملي سياسي اڳواڻ رشيد رائو آهي. سنڌ جا گھڻي کان گھڻا ابن الوقت ۽ سياسي موقعي پرست وڏيرا ڌڙا ڌڙ شهيد ڀٽو گروپ ۾ شامل ٿيندا پيا وڃن ۽ انهن ۾ لڳ ڀڳ سڀ اهي آهن جيڪي ڪالهه جڏهن مير مرتضيٰ ڀٽو زنده هو تڏهن ان جي پاڇي کان به پري پيا ڀڄندا هئا ۽ انهن رستن تي ئي نه ايندا هئا جن تان شهيد مير کي گذرڻو هوندو هو. سنڌ ۾ ڪجھ تڪن تي چونڊن جي سلسلي ۾ هڪ ٻئي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ شهيد ڀٽو گروپ ۽ مسلم ليگ نواز گروپ ۾ اتحاد ٿي چڪو آهي. شهيد ڀٽو گروپ به سنڌ نيشنل فرنٽ جيان ايم ڪيو ايم سان اتحاد جي خواهش رکي ٿو. ايم ڪيو ايم (الطاف) ۽ مسلم ليگ (نواز) پاڻ ۾ سياسي اتحاد ڪري چڪيون آهن. ايم ڪيو ايم (الطاف) جي پهرين خواهش ۽ اوليت اها آهي ته اقتدار ۾ حصيدار ٿئي ۽ پنهنجن دهشتگردن کي ساهي، تربيت ۽ هٿيار مهيا ڪري ڏئي، ان ڪري سنڌ ۾ حڪومت ٺاهيندڙ ڪنهن به ڌر سان ڏيکاءَ جو اتحاد ڪري سگھي ٿي. پنهنجي اصليت کي ڇڏي ڏيڻ ان لاءِ ممڪن ناهي. ايم ڪيو ايم پنهنجي زور تي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهي نه ٿي سگھي ۽ ڪنهن به حالت ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت اچڻ تي راضي نه ٿيندي. مسلم ليگ (نواز) هر ان ڌڙي سان اتحاد ڪري سگھي ٿي جيڪو کيس سنڌ ۾ ايندڙ ممڪن حڪومت جون واڳون ڏئي سگھي. پر جي مسلم ليگ (نواز) جي حڪومت به نه ٺهي تڏهن به پيپلز پارٽي اقتدار ۾ نه اچي. هن وقت ان کي ايم ڪيو ايم تي ڪو به اعتراض ناهي. سنڌ نيشنل فرنٽ اڪيلي سر ڪنهن به طرح سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهي نه ٿو سگھي. حڪومت ٺاهڻ لاءِ ان کي ٻين سان گڏ ايم ڪيو ايم جي اتحاد جي گھرج هر حالت ۾ رهڻي آهي. فرنٽ پڻ ڪنهن به طرح اهو نه ٿو چاهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ٺهي. اقتدار وٺڻ لاءِ هن کي ايم ڪيو ايم جو ڳيجھو ٿيڻو پوندو.
    شهيد ڀٽو گروپ اڪيلي سر ڪنهن به طرح سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت نه ٿو ٺاهي سگھي. حڪومت ٺاهڻ لاءِ ان کي ٻين سان گڏ ايم ڪيو ايم جي اتحاد جي گھرج هر حالت ۾ رهڻي آهي. هي گروپ پڻ ڪنهن به طرح اهو نه ٿو چاهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ٺهي. اقتدار وٺڻ لاءِ هن کي ايم ڪيو ايم جو ڳيجھو ٿيڻو پوندو. پاڪستان ۾ پيپلز پارٽيءَ جون مخالف ٻيون سموريون سياسي توڙي غير سياسي، ظاهر توڙي لڪل قوتون مئل ڪتو کائڻ لاءِ تيار ٿي وينديون، پر پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ ۾ حڪومت ٺهڻ ۾ هر طرح رنڊڪ پيدا ڪنديون. پيپلز پارٽي اڪيلي سياسي پارٽي آهي جيڪا پنهنجي زور تي (گھٽ ۾ گھٽ) سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهي سگھي ٿي، پر اها ڳالهه ڪنهن به طرح پيپلز پارٽيءَ جي مخالف جماعتن، ابن الوقت ۽ موقعي پرست سياسي وڏيرن، پاڪستان جي حقيقي مقتدر قوتن (جن وقت کان اڳ ۽ گھربل تياري ڪرڻ بنا پ پ حڪومت ختم ڪرائي ڇڏي) ۽ خاص ڪري سنڌ دشمن دهشتگردن کي قبول ناهي.
    عام سوچ چوي ٿي:
    ٿيڻ ته ائين گھرجي ته ٻئي هر پاسي کان اکيون پوري پيپلز پارٽي جي دماغ ۾ ڀرجي ويل غرور جي واءُ کي ٺڪي ٺوڪي ڪڍي ڇڏجي. کيس گھٽ ۾ گھٽ ايندڙ چونڊن ۾ هارائي ڇڏجي، ته جيئن اها حڪومت نه ٺاهي سگھي. اهو ئي اڪيلو ممڪن طريقو آهي، جنهن وسيلي پيپلز پارٽيءَ کي سکيت ڏئي سگھجي ٿي. ائين ٿيڻ کان پوءِ ئي پيپلز پارٽي پنهنجو تنقيدي جائزو وٺڻ تي مجبور ٿيندي، ۽ ممڪن آهي ته پاڻ کي سڌاري سگھي. اصولي سوچ عام سوچ جي مرڪزي خيالن سان ته اتفاق رکي ٿي، پر اها ٻئي هر پاسي کان اکيون پوري ڇڏڻ جي حق ۾ ناهي، ڇو ته اهڙي ڪا به ڪوشش يا حرڪت سنڌ جي وجود ۽ سنڌين جي انساني، سياسي، ثقافتي، معاشي ۽ نفسياتي مفادن کي ڇيهو رسائي سگھي ٿي.
    اصولي سوچ چوي ٿي:
    ايم ڪيو ايم کان سواءِ ٻي ڪا به پارٽي پنهنجي زور تي، اڪيلي سر پاڻ تي ڀاڙيندي، جيڪڏهن پنهنجي حڪومت ٺاهي سگھي ٿي، ته پوءِ کيس سندس اليڪشني منشور جي بنياد تي مشروط اقتدار ڏئي سگھجي ٿو. بشرط اليڪشني منشور ۾ ڪنهن به دشمن عمل نه ڪرڻ ۽ ان ۾ شامل نه ٿيڻ جي ضمانت ڏنل هجي. جيڪا به سياسي ڌر ايم ڪيو ايم جي ڳيجھو ٿي، ان جي زور ۽ پوئواريءَ تي اقتدار وٺندي، اها سنڌ ۾ ڄام صادق واري دور کي ورجائيندي، ۽ يقيني آهي ته اهو ورجاءُ ان ساڳي اڳوڻي سطح وارو نه هوندو. اهو ورجاءُ گھڻي مٿاهين سطح تي هوندو ۽ اهو بهرحال سنڌ جي وجود لاءِ سخت هاڃيڪار هوندو، ڇو ته ايم ڪيو ايم جو اهو نقاب هاڻي لهي چڪو آهي جنهن جي اوٽ ۾ اها سنڌ ۽ سنڌي دوستيءَ جي لٻاڙ هڻندي هئي. ايم ڪيو ايم هاڻي کليل نموني سنڌ دشمني جو نعرو هڻي چڪي آهي ۽ اها اقتدار ۾ اچي رڳو سنڌ دشمن دهشتگردن کي ئي مضبوط ڪندي.
    (1) ميرمرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي قتل عام جي سازش پٺيان رڳو اهو ۽ اوترو ناهي جيڪو ۽ جيترو بيان ڪيو وڃي ٿو. ٻيو به گھڻو ڪجھ آهي. ميرمرتضيٰ ڀُٽي ۽ سندس ساٿين جي قتل عام جي سازش جيڪڏهن پ پ حڪومت يا الزام هيٺ آيل فردن يا انهن مان ڪنهن هڪ به ڪئي آهي ته پوءِ پيپلز پارٽي ڀلي ميسارجي وڃي، بلڪ ان کي ميساري ڇڏڻ ئي گھرجي، پر هن وقت جيئن ته ڪورٽ اڃا ڪو به فيصلو نه ڏنو آهي ۽ حڪومت ڪي به ٺوس ثبوت نه آڻي سگھي آهي تنهن ڪري انهيءَ الزام کي پيپلز پارٽيءَ تي زوريءَ مڙهڻ ۽ ان جي بنياد تي کانئس نفرت ڪرڻ ۽ پکيڙڻ نه ٿي جڳائي. انهي سلسلي ۾ ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪرڻو ئي پوندو.
    (2) تڪڙ ۾ ۽ بنا ڪنهن ٺوس ثبوت جي محض الزامن جي بنياد تي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کي ختم ڪري ڇڏڻ جو عمل ٻڌائي ٿو، ته پيپلز پارٽيءَ ۾ ڪي ڳالهيون اهڙيون اوس موجود آهن جيڪي ڳجھين ۽ اصل مقتدر قوتن کي پسند ناهن. حالتون ٻڌائن ٿيون ته ڳجھيون ۽ اصل مقتدر قوتون سنڌ ۾ هاڻي ڪنهن به اهڙي سياسي پارٽيءَ کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن جيڪا جمهوري عمل ۾ پنهنجي زور تي پنهنجي حڪومت قائم ڪري سگھي ۽ ايم ڪيو ايم جي سنڌ دشمن دهشتگرديءَ خلاف ڀرپور رنڊڪ ڪري سگھي.
    (3) هن وقت پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جي سياسي فضا ۾ پيپلز پارٽيءَ خلاف جيڪو به گوڙ شور آهي، پيپلز پارٽي جو ڏوهه درحقيقت ايڏو وڏو ناهي. اهو گوڙ شور ڪنهن مخصوص ۽ ڳجھي مقصد کي ڏيڻ لاءِ اڀاريو ويو آهي. يا ڪنهن به پارٽيءَ کي رڳو ان ڪري رد ڪري ڇڏڻ گھرجي، جو ان خلاف ڪن مخصوص مقصدن تحت الزامن جي بازار گرم ڪئي وئي آهي؟
    ڇا ڪرڻ گھرجي؟
    (1) الزامن جي پرائي دهل تي پاڻ نچائڻ بند ڪجي.
    (2) ٿڌي دماغ سان سڄي سياسي صورتحال جو جائزو وٺجي ۽ افواهن جي بنياد تي تڪڙ ۾ ڪا به راءِ قائم نه هجي.
    (3) مير مرتضيٰ ڀُٽي ۽ سندس ساٿين جي قتل عام ۽ پيپلز پارٽيءَ تي مڙهيل الزامن بابت ڪورٽ کان ايندڙ فيصلي جو انتظار ڪجي. چونڊن کان اڳ فيصلو اچي وڃي ته ان جي بنياد تي پنهنجيءَ راءِ کي درست ڪجي، پر جي چونڊن کان اڳ فيصلو نه ٿو اچي، ته پوءِ پيپلز پارٽيءَ خلاف اٿاريل گوڙ ۽ مچايل ماحول کي ڪمزور ۽ بي بنياد سمجھجي.
    (4) پيپلز پارٽيءَ کان شڪايتون گھڻيون هجن تڏهن به، گھٽ ۾ گھٽ، ايترو ضرور سوچجي ته ڇا شهيد ڀٽو گروپ، سنڌ نيشنل فرنٽ يا مسلم ليگ اڪيلي سر پاڻ تي ڀاڙيندي، پنهنجي حڪومت ٺاهي سگھن ٿا يا انهن کي ايم ڪيو ايم جو ڳيجھو ٿيڻو پوندو، ۽ اهو به ته اڄ ڪلهه جيڪي ابن الوقت ۽ موقعي پرست سياسي وڏيرا انهن جماعتن ۾ شريڪ ٿيندا پيا وڃن، ڇا اهي حڪومت ۾ اچي ۽ ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪري، ڪنهن به طرح ڪي اهڙا ڪم ڪري سگھندا جيڪي مجموعي طرح سنڌ ۽ سنڌ جي قدرتي رهاڪن ۽ تاريخي وارثن جي دائمي انساني، معاشي، ثقافتي ۽ نفسياتي مفادن کي پختو ڪري سگھن؟ جيڪڏهن انهيءَ آخري سوال جو جواب ”نه“ اچي، ته گھٽ ۾ گھٽ ايندڙ چونڊن ۾:
    (5) (آخري ڀيرو ئي سهي) ووٽ پيپلزپارٽي کي ڪجي.
    (روزاني ”عوامي آواز“، 3-جنوري 1997ع)


    سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ جا مفاد

    صوبائي حلف نامي ۾ وڌاءَ جي اڻٽر گھرج:
    هيءُ موضوع کڻڻ جي گھرج ڇو محسوس ڪئي وئي، انهيءَ تي ڳالهه ٻول کان اڳ ضروري ٿو محسوس ٿئي، ته هيٺ ڏنل ڪجھ بيانن کي ڌيان سان پڙهي ذهن ۾ رکيو وڃي:
    1- ”هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ڪراچي کان (هڪ طرف) سکر ۽ (ٻئي طرف) لس ٻيلي تائين جي علائقي تي ٻڌل ۽ مهاجرن لاءِ الڳ صوبي جو مطالبو ڪيو وڃي ۽ ان جي لاءِ مهاجرن کي ڪيڏي به وڏي قرباني ڏيڻي پوي، ان کان گريز نه ڪيو وڃي. جدا صوبي لاءِ تنظيم قائم ڪرڻ جو فيصلو.“ (قومي اخبار، 10مئي 1994ع)
    2- ”مهاجرن لاءِ ڌار صوبي جي قيام بابت سوال جو جواب ڏيندي هن (الطاف حسين) چيو ته ان ڳالهه جو ڪو به ثبوت موجود ناهي، ته اسان اهڙي ڪا ڳالهه ڪئي هجي، تڏهن به بين الاقوامي اصولن موجب جاگرافيائي حدن جو تعين ٿيڻ گھرجي- مهاجر جاگرافيائي حدن جو تعين ئي چاهن ٿا.“ (قومي اخبار، 11 سيپٽمبر 1994ع)
    3- ”نئين صوبي جو قيام ملڪ جي مفاد ۾ هوندو.“ الطاف حسين (امن، 2- آڪٽوبر 1994ع)
    4- ”الڳ صوبي جو مطالبو غير آئيني ناهي.“ الطاف حسين (امن، 12 آڪٽوبر 1994)
    5- ”جدا صوبي جو مطالبو اسان جي مجبوري هوندو.“ الطاف حسين (امن، 15 آڪٽوبر 1994ع)
    6- ”18 نڪتا مڃيو ته ڌار صوبي جو مطالبو نه ٿيندو.“ الطاف حسين
    (قومي اخبار- 30 آڪٽوبر 1994ع)
    7- ”نئين صوبي ۾ سڀني جا حق محفوظ هوندا“. الطاف حسين (امن، 30 آڪٽوبر 1994ع)
    8- ”نئون صوبو ضروري ٿي پيو آهي“ الطاف حسين (امن، 6 نومبر 1994ع)
    9- ”موجوده سرحد برقرار نه رهي سگھندي، هاڻي رڳو سنڌ جي ورهاست تي ڳالهه ٿيندي.“ ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين ڌار صوبي جي تشڪيل جي مطالبي تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته مون مفاهمت کان به انڪار نه ڪيو آهي پر هاڻي مفاهمت ٻن الڳ صوبن جي تشڪيل جي موضوع تي ئي ٿي سگھي ٿي. (عوام، 19 نومبر 1994ع)
    اهي بيان پڙهڻ ۽ سمجھڻ کان پوءِ صوبائي حلف نامي ۾ ڇو ۽ ڪهڙي ترميم ۽ وڌاءُ ٿيڻ گھرجي، اچو ته سوچيون.
    پاڪستان ۾ جڏهن به ڪي عام چونڊون ٿين ٿيون، تڏهن بدعنوان جت ڪٿ عام هجن ٿا: 1- قومي اسيمبلي، ۽ 2- صوبائي اسيمبلي.
    قومي اسيمبلي مرڪز ۾ آئين سازي ۽ حڪومت جي جوڙجڪ ڪري ٿي ۽ صوبائي اسيمبلي صوبي ۾ آئين سازي ۽ حڪومت جي جوڙجڪ ڪري ٿي.
    صوبو هڪ يونٽ آهي ۽ اهڙا ڪي يونٽ ملي مرڪز جي تشڪيل ڪن ٿا. صوبو بنيادي آهي ۽ مرڪز نسبتي. مرڪز کي صوبن جي تشڪيل جو حق مليل ناهي. ”مرڪز“ کان سواءِ صوبن جو جاگرافيائي وجود ته ٿي سگھي ٿو، پر صوبن کان سواءِ مرڪز موجود رهي سگھي، سو ممڪن ناهي. پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل-1 پاڪستان جوڙيندڙ علائقن جي جاگرافيائي سالميت جي ضمانت ڏئي ٿو.
    مرڪز ۾، قومي اسيمبليءَ ۾ چونڊجي ايندڙ هر ميمبر کي پاڪستان ۽ ان جي آئين سان وفاداريءَ جو حلف ڏيڻو پوي ٿو ۽ هر هڪ صوبي ۾ صوبائي اسيمبليءَ ۾ چونڊجي ايندڙ هر ميمبر کي پڻ ساڳيو حلف ورجائڻو پوي ٿو ۽ ائين ڪرڻ جي ڪري هر هڪ ميمبر خود بخود آئين جي هر هڪ آرٽيڪل سان پڻ وفاداريءَ جو حلف کڻي ٿو. پر اها به هڪ حقيقت آهي ته اهو حلف ڏيڻ جي باوجود ڪن صوبن جا ڪي چونڊيل ميمبر اهڙا به موجود آهن، جيڪي جن ”سياسي“ يا ”غير سياسي“ ڌرين سان نظرياتي طرح وابسته ۽ هم آهنگ بلڪه انهن جا نمائندا آهن، انهن مان ڪي پنهنجي منشور ۾ صوبن جي سالميت جي خلاف هڪ پروگرام رکن ٿيون ۽ پنهنجن بيانن ۽ عملن وسيلي پاڪستان جوڙيندڙ صوبن جي سالميت کان منڪر ثابت ٿين ٿيون، تنهنڪري انهن صوبن جي قدرتي، تاريخي ۽ قانوني رهواسين ۾ بي چيني پيدا ٿيندي پئي وڃي.
    اهي محسوس ڪن ٿا ته اهي ڌريون ۽ انهن جا چونڊيل نمائندا پاڪستان جوڙيندڙ يونٽن جي سالميت خلاف هڪ خطرو آهن، بدنيت آهن ۽ سازشن ۽ غدارين ۾ مصروف آهن.
    انهيءَ جوکم کي درپيش رکندي چئي سگھجي ٿو ته صوبائي اسيمبلين ۾ کڄندڙ حلف نامي ۾ وڌاءَ جي اڻٽر ضرورت آهي ۽ اها گھرج هيءَ آهي ته هر هڪ صوبائي اسيمبليءَ جي حلف نامي ۾ واسطيدار صوبي جو نالو وڌايو وڃي ۽ بلڪل ايئن چٽو ڄاڻايو وڃي، جيئن پاڪستان جو نالو ڄاڻايل آهي.
    مثال طور: سنڌ اسيمبليءَ ۾ چونڊيل ميمبر جڏهن پاڪستان ۽ ان جي آئين سان وفاداري جو قسم کڻي رهيو هجي، تڏهن هن کي اهو به چٽيءَ طرح ڄاڻائڻ گھرجي، ته اهو سنڌ جي سالميت لاءِ به پاڻ پتوڙيندو ۽ ان سان وفادار رهندو.
    ڌيان جوڳا مکيه موضوع
    3- فيبروري 1997ع تي نگران حڪومت جي نگهبانيءَ هيٺ ٿيل مرڪزي توڙي صوبائي اسيمبلين لاءِ عام چونڊن جي نتيجي ۾ سنڌ اندر جيڪا صوبائي اسيمبلي ٺهي آهي، ان ۾ ٻيءَ ڪنهن به پارٽيءَ جي ڀيٽ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي نمائندن جي ڳڻپ وڌيڪ آهي، پر اهي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهي سگھڻ جي پوزيشن ۾ نه اچي سگھيا، ڇو ته سنڌ حڪومت ٺهڻ کان اڳ ٻن ڌرين جي وچ ۾ ڪي شرط شروط طَي ٿيا، ڪن نڪتن تي ٺاهه ٿيو ۽ سنڌ جي وڏ وزارت لياقت جتوئيءَ کي ملي وئي. هن وقت لياقت جتوئيءَ جو سياسي نينهن مسلم ليگ (نواز گروپ) سان آهي، تنهنڪري سمجھيو ۽ سمجھايو، ٻڌايو ۽ ڄاڻايو (۽ چتايو) پيو وڃي، ته سنڌ ۾ حڪومت جون واڳون مسلم ليگ (ن) جي هٿ ۾ آهن.
    ڇا اهو سچ آهي ته سنڌ حڪومت جون واڳون درحقيقت مسلم ليگ (ن) سنڌ جي هٿ ۾ آهن؟ ڇا اها سنڌ جي چونڊيل اڪثريتي پارٽي آهي؟ ۽ ڇا اها سچ پچ سنڌ جي ئي مڪمل نمائندگي ڪري ٿي؟ انهن سوالن جي جوابن کي ڪجھ دير لاءِ پاسيرو رکي، ڏسڻو اهو آهي ته انهيءَ جڙتو ڳالهه کي موضوع بنائي، ان کي هڪ تمام وڏو، بلڪه نيارو ڪارنامو ڄاڻائي، هڪ زبرو هُل هنگامو اٿاري، اهو محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ته سنڌ جا قدرتي، تاريخي ۽ اصولي مفاد ڄڻڪه محفوظ ۽ سمورا ڌيان جوڳا ۽ مکيه مسئله ڄڻڪ حل ڪيا ويا آهن!
    کوڙيءَ کي گھمرو ڏئي، سڀ ڪجھ ساڙي ناس ڪري، جيري ڪاڻ ٻڪري ڪهي، گوشت کي ڪتن آڏو اڇلائي ۽ سنڌ جي ٿور-مدائتي ۽ ٻئي جي وس هيٺ رهندڙ بنا اختيار وڏ وزارت جي ڪرسي ماڻڻ لاءِ سنڌ جو الهه تلهه سنڌ دشمن ۽ دهشتگرد قوتن جي حوالي ڪري، ٽاڏون ڏيڻ ۽ ٿونا هڻڻ ڪنهن به طرح ڪو ڪارنامو ناهي، الٽو گھٽياپن ۽ جھالت آهي. انهيءَ گوڙ شور جي ٽاڄي ۾ هڪ اصولي ۽ بنيادي موضوعَ ۽ مکيه سوال کي بنهه نظر انداز ڪري ۽ ارادي سان سنڌ جي قدرتي ۽ قانوني رهواسين جي اکين کان اوجھل رکيو ويو آهي. ان اصولي ۽ بنيادي موضوع ۽ مکيه سوال جو تعلق سنڌ جي وڏ وزارت سان نه، يا وڏ وزارت ۽ ڪجھ ٻين وزارتن سان نه آهي ۽ نه ئي وري انهيءَ سان آهي ته انهن مان ڪهڙيون ڪهڙيون ۽ ڪيتريون وزارتون ڪنهن ڪنهن وٽ هئڻ يا نه هئڻ گھرجن. پر ان موضوع جو واسطو مجموعي طرح ۽ سڌو سنئون سنڌ سان، سنڌ جي وجود ۽ مفاد سان آهي.
    اهو اصولي ۽ بنيادي سوال هي آهي، ته سنڌ جي حقيقي مالڪي، سرواڻي ۽ حڪمراني ڪنهن وٽ هجڻ گھرجي ۽ اهو به، ته ڇا سنڌ جي سالميت، بقا ۽ آئيندي کي ڪو خطرو ته درپيش ناهي؟
    جيستائين سوال جي پوئين جُز ”سنڌ جي سالميت، بقا ۽ آئيندي کي ڪنهن خطري“ جي انديشي جو تعلق آهي، ته سنڌ جو هر باشعور ۽ وطن دوست ماڻهو بنا هٻڪ پنهنجي اها سوچيل سمجھيل راءِ پيش ڪري سگھندو ته سنڌ جي سالميت، بقا ۽ آئيندي کي سخت هاڃو رسڻ جو بيشڪ انديشو آهي، ڇو ته سنڌ جي اقتدار ۽ حڪومت جو اثرائتو حصو هڪ اهڙيءَ انتهائي خطرناڪ ۽ دهشتگرد ڌُر جي حوالي ڪيو ويو آهي، جيڪا پنهنجي هر هڪ عمل وسيلي پنهنجو پاڻ کي سنڌ دشمن ثابت ڪندي پئي آئي آهي.
    ۽ جيستائين سوال جي پهرئين جز ”سنڌ جي حقيقي مالڪي، سرواڻي ۽ حڪمراني“ ڪنهن ڌر وٽ هجڻ جو تعلق آهي، ته ان جا جواب مختلف ٿي سگھن ٿا.
    الطاف حسين وٽ!
    يقين ڪريو، سنڌ مان ته ڇا، پاڪستان مان ئي ڀَڄي ويل ۽ انگلينڊ ۾ وڃي پناهه وٺندڙ هڪ فرد اهڙو به موجود آهي، جيڪو جيڪڏهن مٿي ڄاڻيل سوال جو جواب پنهنجيءَ پوريءَ ايمانداريءَ سان ڏئي ته اهو هي هوندو: ”سنڌ جي حقيقي مالڪي، سرواڻي ۽ حڪمراني اڪيلي ۽ اڪيلي الطاف حسين وٽ هئڻ گھرجي.“ ۽ انهيءَ جواب ڏيندڙ ماڻهوءَ جو نالو آهي، الطاف حسين، جيڪو پاڻ کي ”مهاجرن جو قائد“ ۽ ”ايم ڪيو ايم جو قائد“ سڏائي ۽ لکرائي ٿو، جيڪو سنڌ ۾ دهشتگردن جي سربراهي ۽ انهن کي پنهنجي حڪم ۽ مرضيءَ موجب چوري پوري ۽ هلائي ٿو. سوال جو اهو جواب الطاف حسين پنهنجين ڳالهين ۽ دهشتگرديءَ ۽ دهشتگردن جي عمل وسيلي سوين ڀيرا ثابت ڪري چڪو آهي، پر جيئن ته هو هڪ صاف نيت فرد نه آهي ۽ پنهنجي مُنهن تي پنهنجيءَ فطرت جي قطعي ابتڙ نقاب اوڍيو وتي ٿو، تنهنڪري پنهنجو نالو پاڻ کڻڻ يا پنهنجيءَ تنظيم پاران ڏيڻ بدران ائين به نه چوندو، ته سنڌ جي مالڪي، سرواڻي ۽ حڪمراني ايم ڪيو ايم وٽ هجي، البت ائين چئي سگھي ٿو ته اها ”مهاجرن“ وٽ هجڻ گھرجي، ۽ ايئن ڪي ئي ڀيرا چئي چڪو آهي.
    1987ع ۾ هن جو خيال هو ته سنڌ ۾ 85 لک ”مهاجر“ رهن ٿا (ڏسو: ”ليڊر“، 22- فيبروري 1987ع) ۽ هن جو ئي خيال هو ته اهي سنڌ جي ڪل آباديءَ جو 40-45 سيڪڙو ٿي پيا آهن: ”ماجرن جي سنڌ ۾ 40 کان 45 سيڪڙو آبادي آهي، اسان کي سرڪاري ملازمتن، سياسي اقتدار ۽ صوبائي حڪومت ۾ پنهنجو ايترو حصو ملڻ گھرجي.“ (ڏسو: الطاف حسين ڪي عزائم اور ارادي، ص 41) ڪنهن ڀنواٽيءَ جي اثر هيٺ اهو به مطالبو ڪيائين ته سنڌ جي هڪ 100 صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽن مان 70 ”مهاجرن“ کي ملڻ گھرجن. (ڏسو: حوالو ساڳيو، ص 38) اڃا پورو هڪ سال به نه گذريو ته سندس دماغ اوچتو ڦيرو کاڌو ۽ اعلان ڪيائين ته ”مهاجرن“ جي آبادي هڪ ڪروڙ کان مٿي ٿي وئي آهي. (جنگ-9 جنوري 1988ع) پوءِ وارن ڇهن سالن ۾ جيڪو گَونڪ پوندو هئس، انهيءَ موجب انگ وڌائيندو رهندو هو، تان جو 1994ع ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ڪيس وجھائي دعويٰ ڪيائين ته سنڌ جي 30 ملين (يعني 3 ڪروڙ) آباديءَ ۾ مهاجرن جي آبادي 18 ملين (يعني هڪ ڪروڙ 80 لک) يعني 60 سيڪڙو ٿي وئي آهي ۽ رڳو 4 مهينا به نه گذريا ته نئين ڀنواٽي کائي هام هنيائين ته سنڌ جي 30 ملين آباديءَ ۾ ”مهاجرن“ جي ڪل آبادي 22 ملين (يعني 2 ڪروڙ 20 لک) يعني 73 سيڪڙو ٿي وئي آهي. (ڏسو: ”دعويٰ جواب دعويٰ“ جنگ پبليڪيشنز پاران سپريم ڪورٽ ۾ اهڙي داخل ڪيل ڪيس ۽ ان جي جواب ۾ سنڌ ڊيموڪريٽس گروپ پاران جواب جا مختلف صفحا)
    ”40-45 سيڪڙو“ آباديءَ کي جيڪڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ ”70 سيڪڙو“ نمائندگي ملڻ گھرجي ته 73 سيڪڙو آبادي کي، هر هڪ سڄاڻ سمجھي سگھي ٿو ته، الطاف حسين جي چوڻ موجب، ڪيترو حصو ملڻ گھرجي! ڇا اهو ڪنهن به طرح ”145 سيڪڙو“ کان گھٽ هوندو!؟
    ٻئي پاسي، الطاف حسين جي ان ”مهاجر“ لفظ جي حقيقي تصور جي ڇنڊڇاڻ ڪبي، ته ان جو مقصد ”سمورا اردو ڳالهائيندڙ“ يا ”سمورا ڀارت کان لڏي آيل“ فرد قطعي به نه هوندو. ”نوائي وقت“ (1 مئي 1987ع) رپورٽ ڪري ٿي: ”مهاجر قومي موومينٽ جي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ مهاجر ليڊر الطاف حسين جي دست راست طارق مهاجر چيو آهي ته ...اسين رڳو انهن ماڻهن کي مهاجر سمجھون ٿا جيڪي (ڀارت جي) مسلم اقليتي صوبن مان هجرت ڪري سنڌ ۾ آباد ٿيا، مشرقي پنجاب مان هجرت ڪندڙ خاندان مهاجر قومي موومينٽ جو حصو نه آهن.“
    ”مهاجر“ بابت ڇا اهو هڪ ساڙيلو ۽ جاهلاڻو تصور نه آهي؟
    هڪ پرييس ڪانفرنس ۾ الطاف حسين کان پڇيل سوال ۽ ان جو جواب: ”سوال: هڪ ماڻهو (جنرل ضياءُ الحق) جنهن (بذات خود) هجرت ڪئي، اهو هن وقت ملڪ جو صدر آهي، پوءِ به توهان سمجھو ٿا ته مهاجرن سان ناانصافي آهي!؟
    جواب: ...مهاجر رڳو اهو آهي جنهن ڀارت جي انهن علائقن مان هجرت ڪئي جن جو هڪ انچ به پاڪستان ۾ شامل نه ٿيو. مشرقي پنجاب جا ماڻهو جيڪي مغربي پنجاب ۾ آباد ٿيا، انهن لاءِ ڪا به ثقافتي تبديلي نه آئي، اتي به لسي جو گلاس هو ۽ هتي به لسيءَ جو گلاس آهي. (کلڻ جو آواز) (ڏسو: ”الطاف حسين ڪي عزائم اور ارادي“، صفحو 97)
    هن جاهلاڻي جواب ۾ نسل پرستيءَ ۽ ڪم ظرفيءَ کي محسوس ڪري سگھجي ٿو.
    ثابت ٿيو ته سمورا ”هجرت“ ڪندڙ ماڻهو الطاف حسين جي نظر ۾ ”مهاجر“ نه آهن. ساڳيءَ طرح اهي اردو ڳالهائيندڙ به الطاف حسين جي نظر ۾ مهاجر نه آهن، جيڪي سنڌ کان ٻاهر رهن ٿا. ٻئي پاسي هر اهو اردو ڳالهائيندڙ فرد، بيشڪ سنڌ ۾ رهندو هجي، ”مهاجر“ ناهي، جيستائين اهو الطاف جي سربراهيءَ هيٺ هلندڙ ايم ڪيو ايم ۾ شامل ناهي. لکين اردو ڳالهائيندڙ ايم ڪيو ايم ۾ شامل ناهن ۽ ڪي ئي ان جا مخالف آهن، اهي سڀ الطاف حسين جي نظر ۾ ”دشمن“ آهن: ”هر اها تنظيم اسان (ايم ڪيو ايم يعني الطاف حسين) جي دشمن آهي جنهن سان ”مهاجر“ وابسته پئي رهيا آهن.“ (حوالو ساڳيو، صفحو 38). ”مهاجر“ مان الطاف حسين جي عملي مراد اهي فرد آهن جيڪي ڀارت کان قانوني يا غيرقانوني طرح سنڌ ۾ آيا هجن (هاڻي اهو واڌارو آندو اٿائين ته ڪٿي به رهندڙ هجن)، اهڙي ٻولي ڳالهائيندڙ نه هجن جيڪا اردو جي بالادستيءَ کي قبول نه ڪندي هجي ۽ الطاف حسين جي شخصي اڳواڻيءَ کي قبول ڪندي ۽ پنهنجو روحاني مرشد ۽ حاڪم اعليٰ مڃيندي، سندس ايم ڪيو ايم يعني الطاف گروپ ۾ شامل هجن (ڇو ته هن جي نظر ۾ ايم ڪيو ايم حقيقي به ”دشمن“ آهي).
    ايم ڪيو ايم (الطاف) جا 28 ڪارڪن سنڌ اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيا آهن. ايم ڪيو ايم (الطاف) به انهن ڪيترين ئي تنظيمن مان هڪ آهي، جيڪي 1947ع ۽ ان کان پوءِ اڄ تائين ڀارت جي مختلف علائقن مان قانوني ۽ غيرقانوني طرح ۽ جائز يا ناجائز نموني لڏي، خاص ڪري سنڌ ۾ آيلن ۽ خاص ڪري اردو ڳالهائيندڙن جو مهاجر طور نالو استعمال ڪندي هڪ قسم جي نسل پرستيءَ ۽ لساني شاونزم ۾ مبتلا آهن ۽ پنهنجي پاران اهڙي هر فرد کي سنڌ ڌرتيءَ جي تاريخي، قدرتي ۽ قانوني رهاڪن کان الڳ، نيارو ۽ خودساخته هڪ قوميت --- مهاجر قوميت --- جو فرد سمجھندي ۽ سڏيندي دهشتگرديءَ ۽ بليڪ ميلنگ کي پاڪستاني سياسي عمل جو هڪ اڻٽٽ ۽ لازمي جز رکندي، سنڌ ۾ پنهنجي وجود وٺڻ واري ڏينهن کان هيل تائين، سنڌ جي ڪل اقتدار جو مالڪ نه، ته به، ان مان سڻڀي ٽڪر لاءِ ۽ پنهنجي انتهائي مذموم مقصد طور سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ لاءِ نسلي نفرت اڀاريندي ۽ دهشتگردي ڪري امن امان جو مسئلو ۽ خوف جي فضا پيدا ڪندي پئي رهي آهي. ان جو خيال آهي ته سنڌ جي حقيقي مالڪي، سرواڻي ۽ حڪمراني جيڪڏهن مڪمل طور ايم ڪيو ايم جي قبضي ۾ نه اچي سگھي، ته به گھٽ ۾ گھٽ ان پاران پسند ڪيل ”مهاجرن“ ۽ اهڙن سنڌين وٽ هجي جيڪي سڄو ڏينهن نائن زيرو (90، يعني الطاف حسين جي گھر يا ”درگاهه“) تي هٿ ٻڌيو حاضري ڏين ۽ الطاف حسين آڏو عاجزي مڃين. ڄام صادق ايئن ڪيو هو ۽ لياقت جتوئي به وڏ وزارت جو قسم کڻندي ئي حاضري ڀرائڻ لاءِ نائن زيرو تي پهچي ويو.
    پروٽوڪول ۽ مانُ
    سنڌ جو وڏو وزير سنڌ ۾ سياسي ۽ انتظامي حوالي سان سڀ کان مٿاهون درجو رکي ٿو، ان کي هڪ خصوصي قسم جو پروٽوڪول ملي ٿو ۽ ان جو پنهنجو هڪ مانُ ۽ مرتبو هجڻ گھرجي.
    22- فيبروري 1997ع تي سنڌ جي نئين وڏي وزير لياقت جتوئي پنهنجي عهدي جو قسم کڻڻ کان ترت پوءِ نائن زيرو تي پهچي ويو. اتي لنڊن کان الطاف حسين جي ٽيليفون اچڻي هئي (جيڪا وڏي وزير جي گھر يا آفيس ۾ به ڪري سگھي پئي، ڇو نه ڪئي وئي!؟) الطاف حسين قرب جا مينهن وسائيندي ۽ احسان جھاڙائيندي وڏي وزير کي چيو ته ”ڏسو، توهان جي نائن زيرو تي ڪيئن آجيان ڪئي وئي!“ مٿان اهو به ٻڌايو ويو ته ”1990ع ۾ اسان ڄام صادق سان گڏيل حڪومت ٺاهي، اهو ڏاڍو بهترين دور هو، عوام جي ڀلائي جا ڪم ٿي رهيا هئا، پر ڪجھ ماڻهن کي اهي شيون پسند نه آيون ۽ آخرڪار انهيءَ محبت ۽ امن جي فضا کي خراب ڪيو ويو ۽ اسان جي خلاف آپريشن شروع ڪئي وئي.“
    هتي فطري طرح ڪي سوال اٿن ٿا ته ”محبت“ ۽ ”امن امان“ جي فضا کي ڪنهن خراب ڪيو، ”عوام جي ڀلائيءَ“ جا ڪم ڪهڙن ماڻهن کي نه وڻيا ۽ انهن فوجي آپريشن ڪرڻ ڇو ضروري سمجھيو؟ ڇا اهو ڄام صادق علي ۽ ان جو ٽولو هو يا نواز شريف ۽ ان جو ٽولو؟
    ڄام صادق علي بابت هر هڪ تصديق سان ڄاڻي ٿو ته هو ايم ڪيو ايم (الطاف) آڏو ايترو جھڪيو، ايترو ته جھڪيو، جو ان کان وڌيڪ جھڪڻ ممڪن ئي نه هو. الطاف حسين پلنگ تي چڙهيو ويٺو هوندو هو ۽ ڄام صادق ان جي پائي کي چنبڙيل، ۽ نواز شريف جو قرب انهيءَ اوج کي پهتل هو جو پاڻ اچي نائن زيرو تي پهتو ۽ الطاف حسين سان پنج ڪلاڪ ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ اعلان ڪيائين ته ”ايم ڪيو ايم جا دشمن اسان جا دشمن آهن ۽ ايم ڪيو ايم خلاف سازشن جي مڪمل تحقيق ڪرائي ويندي.“ (نوائي وقت، 1 مئي 1991ع)
    ”ايم ڪيو ايم خلاف سازشن“ جي جڏهن تحقيق ٿي، تڏهن ثابت ٿيو ته ايم ڪيو ايم خلاف ڪا به سازش ڪا نه ٿي هئي، الٽو ايم ڪيو ايم پاڻ پئي سازشون ڪيون. ان ڪو به عوامي ڀلائيءَ جو ڪم ڪو نه پئي ڪيو ۽ امن امان جي فضا کي خراب ڪرڻ جو ڪارڻ پاڻ هئي. هونئن به اها ڄاتل سڃاتل حقيقت آهي ته دهشتگردي، بليڪ ميلنگ، مخالفن ۽ بيگناهن جو قتلام، وڳوڙ، آتش زني، اغوا ڪاري، بدمعاشي ۽ رهزني ايم ڪيو ايم جي تربيت يافته دهشتگردن ۽ قاتلن ۽ وڳوڙين وسيلي عمل ۾ ايندي آهي، پر ان پاران الزامن جو وسڪارو ڪنهن نه ڪنهن خصوصي نشانو بنايل ٻيءَ ڌر تي هوندو آهي. 1989ع جي ابتدا کان 1992ع جي وچ تائين دهشتگرديءَ جو جيڪو رڻ تپايو ويو، تنهن نيٺ ان ساڳئي ئي وزيراعظم نواز شريف کي مجبور ڪيو ته ”سنڌ ۾ ڏوهارين خلاف مهم“ هلائي ۽ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي بند ڪرائي.
    لياقت جتوئيءَ ۽ ڄام صادق عليءَ جي ڀيٽ جو وقت هيءُ ناهي، پر پهرينءَ ئي ٽيليفون تي ڳالهه ٻول دوران الطاف حسين جيڪو ڪجھ چيو ۽ جيئن چيو آهي اهو ڪيئي وضاحتون ڪريو ڇڏي. الطاف حسين مٿس احسانن جي بارش ڪندي چتايو آهي ته ”توهان مهاجرن جو خلوص ته ڏسو، ته هنن هڪ ڀيرو ٻيهر خيرسگاليءَ جي جذبي تحت انهيءَ ڳالهه کي پنهنجيءَ انا جو مسئلو نه بنايو ۽ وڏ وزارت تان هٿ کنيو.“
    انهن لفظن جو لڪل مطلب هڪ ٻار به سمجھي سگھي ٿو. لياقت جتوئيءَ جي وڏ وزارت ايم ڪيو ايم (الطاف) جي ٿوڻيءَ تي بيٺل آهي ۽ جي اها برقرار رکڻي آهي ته...
    اسان کي واضح طرح اها ڳالهه سمجھڻ گھرجي ته ايم ڪيو ايم (الطاف) پنهنجيءَ پوريءَ طاقت باوجود ڪڏهن به ان پوزيشن ۾ نه ٿي اچي سگھي، جو پنهنجي زور تي سنڌ جي حڪومت ٺاهي ۽ وڏ وزارت ماڻي سگھي، تان جو وڻ ڪپڻ لاءِ ڪهاڙيءَ جو ڳن پنهنجن ئي بي وفا، مت موڙهيل، خود غرض، لالچي ۽ ڪم ذهن سنڌي ميمبرن منجھان نه هجي. ايم ڪيو ايم سنڌ جي هڪ اقليت جا ووٽ وٺي ٿي، جڏهن ته سنڌ ۾ اڪثريت اڄ به سنڌين وٽ آهي. 28 سيٽون کٽندڙ ڌر کي سنڌ جي گورنري، اسپيڪر شپ ۽ اڌواڌ پر مکيه وزارتون ڏيڻ بدران، اهو سڀ ڪجھ، 38 سيٽون رکندڙ ڌر کي به ڏئي سگھجي پيو! پوءِ ڇو نائن زيرو تي حاضري ڀرائجي ها، ڇو پنهنجو مانُ وڃائجي ها ۽ ڇو (اڻ ڪيل) احسانن جي مار کائجي ها!
    سنڌي سياسي وڏيرو
    سنڌي سياسي وڏيرو (ڪنهن هڪ اڌ مثال کان سواءِ) هڪ ڪمتر ذهنيت رکندڙ، بظاهر ڪيترو به وڏو هجي، پر درحقيقت پرمار يا ڏاڍي طاقت آڏو جھڪي پوندڙ، جاهل ۽ ڀاڙيو ٿئي ٿو. هن کي الائجي ڇو اها ڳالهه سمجھ ۾ نه ٿي اچي، ته ايم ڪيو ايم کي به اقتدار جي بک آهي، اها مخالفت ۾ ويهڻ بدران اقتدار ۾ اچڻ ۽ رهڻ کي ترجيح ڏيندي ۽ اها ڪنهن به طرح سنڌي سياسي وڏيري جي مدد کان سواءِ اقتدار ۾ نه ٿي اچي سگھي. هن کي اها ڳالهه به سمجھ ۾ نه ٿي اچي، ته ايم ڪيو ايم جي دهشتگرديءَ ۽ داداگيريءَ کي ٻنجو ڏيڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته سندس بليڪ ميلنگ جو شڪار نه ٿيو ۽ ان آڏو نه جھڪيو وڃي. چونڊيل سنڌي سياسي وڏيرن پاران جيڪڏهن اهو هڪ گڏيل فيصلو ڪيو وڃي ته 25 سيڪڙو رکندڙ ڌر کي، جيڪڏهن هروڀرو اقتدار ۾ ويهارڻو آهي، ته اقتدار ۾ حصو 25 سيڪڙي کان وڌيڪ نه ڏنو ويندو، نه ته ڀلي وڃي مخالف ڌر جي بينچن تي ويهي، ته نتيجو ڇا نڪرندو؟ ڇا ”احسانن“ جي مار کائڻي پوندي؟ ڇا نائن زيرو تي حاضري ڀرائڻي پوندي؟ ڇا هڪ دهشتگرد ۽ سنڌ دشمن قوت آڏو جھڪڻو پوندو؟ انهن سڀني سوالن جو جواب هڪ وڏي ”نه“ هوندو، پر شرط آهي ته چونڊيل سنڌي سياسي وڏيرو پنهنجي انداز ۾ ٿوري غيرت، ٿوري بردباري، ٿورو قومي جذبو ۽ ٿوري وطن دوستي پيدا ڪري.
    سيد جلال شاهه، سنڌ اسيمبليءَ لاءِ چونڊيل هڪ سنڌي ميمبر، چيو آهي ته ”مون 4-ڏينهن اڳ مسلم ليگ (ن) جي حمايت ڪئي هئي. پ پ پ سان اتحاد جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي... آءٌ ڳالهه واضح ٿو چوان ته ايم ڪيو ايم جيڪڏهن سنڌ خلاف ڪو به قدم کنيو، ته آءٌ سندس مخالفت ڪندس. آءٌ سنڌ جي مفاد خلاف ڪڏهن به ڪم نه ڪندس ۽ آءٌ جي ايم سيد جي پوٽي جي حيثيت ۾ سنڌ خلاف ڪم ٿيڻ نه ڏيندس.“ (عوامي آواز، 20 فيبروري 1997ع)
    سيد جلال شاهه اسان جو عزت لائق نوجوان آهي. هن لاءِ اسان وٽ احترام آهي ۽ ڪنهن به ڊگھي بحث ۾ پوڻ نه ٿا گھرون. ڄاڻون ٿا ته پنهنجن بيانن ۾ پاڪستان کي تسليم نه ڪندڙ ۽ ان جي آئين کي مظلوم قومن جو دشمن ڄاڻائيندڙ، سچي قومپرستيءَ جي دعويدار هڪ ڌر جا ڪي اڳواڻ ۽ ڪارڪن سيد جلال شاهه کي سنڌ اسيمبليءَ جي در تائين پرجوش جلوس جي صورت ۾ وٺي آيا هئا ته جيئن پاڪستان ۽ ان جي آئين سان وفاداريءَ جو حلف کڻي سگھجي. سيد جلال شاهه جنهن مسلم ليگ جي حمايت ڪئي آهي، ان مسلم ليگ جي ”بڻ بنياد“، ”اڳواڻن“ ۽ ”ڪارنامن“ بابت خود سندس ڏاڏي سائينءَ جا ڪي ئي ڪتاب ۽ مضمون لکيل آهن. اسان جو بلڪل هڪ سڌو ۽ سادو سوال هي آهي ته: ”ايم ڪيو ايم جيڪڏهن سنڌ خلاف ڪو به قدم کنيو ته“ ان جو مطلب ڇا آهي؟
    ڇا ايم ڪيو ايم اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي خلاف ڪو به قدم نه کنيو آهي!؟
    سائين جيڪڏهن رڳو ايترو ٻڌائڻ جي تڪليف گوارا ڪري ته ”سنڌ خلاف ڪو به قدم“ مان سندس مراد ڇا آهي، ته ايم ڪيو ايم جي تاريخ ۽ عمل مان اهڙا سوين مثال ڏئي سگھجن ٿا، جيڪي اهو ثابت ڪندا ته ايم ڪيو ايم اڄ تائين ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا آهن. سائين هيٺ ڏنل ٻن بيانن جي ڪهڙي وضاحت ڪندو...
    1- ”جيئي سنڌ قومي محاذ جي (وائيس) چيئرمين سيد غلام شاهه چيو آهي ته هڪ بين الاقوامي سازش تحت سنڌ جي ورهاست جي راهه هموار ڪئي پئي وڃي ۽ ايم ڪيو ايم ٻاهرين قوتن جي آلئه ڪار بنجي چڪي آهي. مهاجرن سنڌ ۾ رهندي سنڌي ٿيڻ قبول نه ڪيو ۽ اهي جيڪڏهن هاڻي به مهاجر چوائڻ تي بضد آهن ته انهن لاءِ ڀارت يا وري سمنڊ کان سواءِ ٻيو ڪو ٽڪاڻو نه هوندو. هن چيو ته هاڻي به وقت آهي ته ايم ڪيو ايم وارا ”مهاجر صوبي“ جو خناس پنهنجي دماغ مان ڪڍي ڇڏين...“ (ڏسو: ”انقلاب“، 30 آڪٽوبر 1994ع)
    2- ”جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين عبدالواحد آريسر چيو آهي ته ”مهاجر صوبي“ جو شوشو مهاجرن ۽ سنڌين جي وچ ۾ خون خرابي جي سامراجي سازش آهي. مهاجرن جو پنهنجو الڳ وطن ڪو به ناهي، اهي اسان جي مهمان نوازيءَ جو ناجائز فائدو وٺي رهيا آهن. وطن جي ورهاست ڪو به غيرتمند سنڌي برداشت نه ٿو ڪري سگھي. الطاف حسين الڳ مهاجر صوبي جي ڳالهه ڪري ٻرنديءَ تي تيل هارڻ جو ڪم ڪري رهيو آهي.“ (”پبلڪ“، 28 سيپٽمبر 1994ع)
    هن مضمون جي ابتدا ۾ ڏنل بيانن ۽ هتي ڏنل بيانن کي ڌيان سان پڙهي جاچيو وڃي ته سنڌ کي ورهائڻ ۽ مهاجر صوبو ٺاهڻ ۽ بين القوامي ۽ سامراجي سازش کي عملي روپ ڏيڻ وارو ڪير آهي. انهيءَ ايم ڪيو ايم جي حمايت سان سيد جلال شاهه سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو آهي! (۽ لياقت جتوئي، وڏو وزير!)
    ڇا سائين وضاحت ڪندو ته ”سنڌ جي مفاد“ مان سندس مراد ڇا آهي؟ اسان جو هي سوال سنڌ اسيمبليءَ جي هر ميمبر لاءِ پڻ آهي.
    سنڌ جا مفاد
    ”سنڌ جي مفادن“ ۽ ”سنڌ جي مسئلن“ جي وچ ۾ موجود نفيسن فرق کي محسوس ڪري سگھجي ٿو ۽ ڪرڻ گھرجي.
    ”سنڌ جي مفادن“ جو تعلق سنڌ جي سالميت، بقا ۽ ترقيءَ ۽ ان تي سندس قدرتي ۽ قانوني رهاڪن جي مالڪيءَ جي حقن سان آهي.
    1- سنڌ هڪ جاگرافيائي ايڪائيءَ جي صورت ۾ آزاد ۽ تاابد قائم ۽ دائم رهي، سدا وسندي، آباد ٿيندي ۽ ستابي ۽ خوشحال رهندي اچي ۽ ترقي ڪندي رهي. سنڌ جي سالميت خلاف ڪا به سازش ۽ غداري نه ٿئي ۽ جيڪڏهن اهڙي ڪا به نيت ڪنهن به من ۾ موجود هجي ته ان کي فنا ڪيو وڃي. سنڌوءَ تي بند ٻڌي سنڌ کي سُڪائڻ، پنجاب جو گندو پاڻي سنڌ ۾ وهائڻ ۽ سنڌ کي کاري پاڻيءَ، سم ۽ ڪلر جي ڌٻڻ ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌ جو ناڻو سنڌ جي ڀلائيءَ ۽ بهبود لاءِ استعمال ٿيڻ جھڙا مامرا سنڌ جي مفاد سان وسطو رکن ٿا.
    2- سنڌ تي ان جي قدرتي ۽ قانوني رهاڪن جي مالڪي قائم هجي، انهن کي ڪنهن به طرح، ڪنهن به سازشي عمل وسيلي هڪ حقير اقليت ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ئي نه ٿئي ۽ جي ٿئي ته ان جون پاڙون پٽيون وڃن. سنڌ سنڌين جو قدرتي، تاريخي ۽ قانوني وطن آهي ۽ ان جي سمورن وسيلن تي سنڌين جي ئي مالڪي قائم رهي. هيءُ هڪ تسليم ٿيل عالمي حق آهي، جنهن کي ڪو به رد نه ٿو ڪري سگھي.
    3- سنڌ سنڌين جي آهي ۽ سنڌ ۾ قومي ۽ سرڪاري ٻوليءَ طور سنڌي ٻوليءَ کي رائج رهڻ گھرجي ۽ سنڌي ثقافت هن ئي ڌرتيءَ جو تاريخي ورثو آهي، جنهن کي پنهنجيءَ فطري اوسر موجب بنا رنڊڪ جي وڌندو ويجھندو رهڻ گھرجي.
    ڪو به غيرقدرتي ۽ غيرقانوني رهاڪو جيڪڏهن، مثال طور برطانيا، سعودي عرب، جپان وغيره جي ڌرتيءَ ۽ وسيلن تي اتان جي قدرتي ۽ قانوني رهاڪن بدران پنهنجي يا انهن سان گڏ پنهنجي مالڪي ڄمائڻ يا ڪنهن به وسيلي تي قبضو ڪرڻ يا اتي جي جاگرافيءَ کي بدلائڻ يا اتي جي قدرتي ۽ قانوني رهاڪن کي اقليت ۾ بدلائڻ يا اتي جي زبان ۽ ثقافت جي قومي ۽ سرڪاري حيثيت تي اعتراض وارڻ جي نيت به ڪندو ته انهيءَ سلسلي ۾ عالمي اصول ڇا ٿو چوي؟ ڇا انهن ڄاڻايل يا دنيا جي ڪنهن به ڏيهه ۾ پنهنجي ڪا نام نهاد، من گھڙت ۽ هٿ ٺوڪي قوميت ٺاهي ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي سپرپاوري، بالادست حاڪماڻي حق، ڪنهن به قسم جي ڌونس ۽ ڌمڪيءَ يا پنهنجي مخصوص گروهه لاءِ ”بين الاقوامي اصولن موجب سرحد بندي“ جو سکڻو مطالبو ڪرڻ جي موڪل به ملندي؟
    انهن سوالن جو جواب، جي ”نه“ هجي، ته سنڌ ۾ خرمستيءَ جي موڪل ڇو؟ ايم ڪيو ايم پاران هن وقت تائين جيڪو ڪجھ ڪيو پئي ويو آهي، سنڌ اندر مهاجريت (۽ پاڪستانيت) جي نالي ۾ جيڪو ڪجھ پئي وهيو واپريو آهي، ڇا ان سڀ ڪجھ کي ڪنهن به طرح سنڌ جي مفادن وٽان سمجھي، چئي ۽ سڏي سگھجي ٿو؟ بذات خود ايم ڪيو ايم جو نالو ۽ مهاجريت جو نعرو ڇا سنڌ جي مفاد سان ٽڪر ۾ ناهي؟
    جيڪڏهن اسان جو ڪو ايمان آهي، ڪا قومي غيرت آهي، ڪو وطن دوستيءَ جو جذبو آهي، ته پوءِ اسان کي اهو بهرحال مڃڻو پوندو ته سنڌ ۾ ”مهاجر قوميت“ جو نعرو ۽ ايم ڪيو ايم (۽ اهڙي ٻي هر تنظيم) جو نالو ۽ وجود سنڌ جي مفادن خلاف ازلي ويريءَ جي حيثيت رکي ٿو.
    جيڪو به ماڻهو، مادري ٻوليءَ طور ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندو هجي، جيڪڏهن سنڌ جي مفادن لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو، خلوص سان ڪم ڪري ٿو يا گھٽ ۾ گھٽ سنڌ جي مفادن خلاف ڪا به سرگرمي نه ٿو ڪري، ته اسان جو ڀاءُ آهي، سنڌي آهي. سنڌي ماڻهوءَ ڪڏهن به، ڪنهن به فرد کان، سندس مادري ٻوليءَ جي حوالي سان، نفرت نه ڪئي آهي. سنڌي، سرائيڪي، ٻروچڪي، گجراتي، بروهڪي، ڪڇي، ڪاٺياواڙي، اردو، ايتري قدر جو انگريزي، عربي، فارسي وغيره ٻولين مان ڪا به ٻولي مادري ٻوليءَ طور ڳالهائي ويندي هجي، سڀ سنڌ وطن جي قدرتي ۽ قانوني رهاڪن جون ٻوليون ٿي سگھن ٿيون ۽ رهيون آهن ۽ اسلام، عيسائيت، هندو مت وغيره ۽ شيعيت، سنيت، وهابيت، پارسيت، قاديانيت، مزدڪيت، قادريت وغيره، ڪهڙي به مذهب ۽ ڪهڙي به فرقي سان تعلق هجي، سڀ سنڌ وطن جي قدرتي ۽ قانوني رهاڪن جا مذهب ۽ فرقا ٿي سگھن ٿا ۽ رهيا آهن، پر اسان جو بنيادي حوالو ”سنڌ جا مفاد“ آهن. سنڌ جا مفاد سڀ کان مٿانهان ۽ سڀ سان وڏو، اهم ۽ بنيادي حوالو آهن.
    جيستائين تعلق آهي مسئلن جو، ته سنڌ ۽ سنڌ جي رهاڪن جا سوين مسئلا آهن. سنڌ جي معيشيت جو استحڪام، سنڌ ۾ بيروزگاري، سنڌ ۾ غيرقانوني پرڏيهي، سنڌ ۾ صنعتن، نهرن ۽ روڊن رستن جا ڄار، سنڌ جي تعليم، صحت، سماجي بهبود ۽ ڀلائي ۽ ٻيا ڪي ئي مسئلا آهن جن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ هر حڪومت ۽ رهاڪوءَ جو فرض آهي.
    پر، هر حالت ۾ اهو ياد رکيو وڃي ته ڪنهن به طرح، ڪنهن به غرض يا مقصد لاءِ سنڌ جي مفادن تي سوديبازي ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگھجي. جيڪا به ڌر ڪنهن به طرح سنڌ جي مفادن کي جوکم ۾ وجھي ٿي، ان جو سنڌ جي مالڪيءَ سان ڪو واسطو ته ٺهيو، اها سنڌ جي وسيلن تي جيئڻ جو حق به وڃائي ويهي ٿي. اسان کي جاچڻو اهو آهي ته سنڌ جي حڪومت تي ايندڙ ڌريون ڇا ڪنهن به طرح سنڌ جي مفادن جي خلاف ته ناهن؟ جي ايئن آهي ته پوءِ، اهڙيءَ ڪنهن به ڌر کي سنڌ جي حڪومت ۾ ويهڻ جو ڪو به حق ناهي. اصولي نظر سان ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ رهڻ جو به حق نه آهي.
    گھٽ ۾ گھٽ، پ پ جي سياسي وڏيرن جيتري ته قومي غيرت ڌاريو
    عام چونڊن کان پوءِ جيڪي نتيجا ظاهر ٿيا، انهن موجب سنڌ ۾ پ پ پ وٽ 38، ايم ڪيو ايم (الطاف) وٽ 12 (يا کڻي 14) سيٽون هيون. عام جمهوري فضيلت چوي ٿي، ته اڪثريتي پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني وڃي. پاڪستان ۾ ان فضيلت جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي. عجيب قسم جو هڪ ناٽڪ کيڏيو وڃي ٿو. سنڌ جي اڪثريت جي نمائندگي ڪندڙ سنڌي ڌرين کي پاڻ ۾ وڙهيل ڏسي، ايم ڪيو ايم هڪدم پنهنجا شرط شروط پيش ڪري ڇڏيا ته جيڪا ڌر اسان جا فلاڻا 18 مطالبا پورا ڪندي، هوءَ انهيءَ سان ٺاهه ڪندي. انهيءَ موقعي تي ٿيڻ ته ايئن گھربو هو ته سنڌ جي اڪثريت جي نمائندگي ڪندڙ ڌريون ٿوري ڪا قومي غيرت ڌاري، ڪجھ ڪو وطن دوستيءَ جو جذبو رکي، ٿوري ڪه گھڻي سمجھداريءَ، حب، ماڻهپي ۽ وفاداريءَ جو مظاهرو ڪندي هڪدم اعلان ڪن ها ته اسان مان ڪو به ايم ڪيو ايم جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندو، ايم ڪيو ايم جيڪڏهن پنهنجو ڪو به ناجائز ۽ دٻاءُ وجھندڙ شرط پيش ڪيو ته ان سان ڪي به ڳالهيون نه ڪيون وينديون يا وري ايم ڪيو ايم کي پڻ اسان جي فلاڻن فلاڻن شرطن کي مڃڻو پوندو.
    پ پ پ جي سياسي وڏيرن وري به ڪجھ نه ڪجھ قومي غيرت، وطن دوستيءَ ۽ دانشمنديءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ هن ايم ڪيو ايم کان سواءِ ٻيءَ هر ڌر کي ايم ڪيو ايم جي بليڪ ميلنگ کان بچائڻ لاءِ غير مشروط حمايت جي آڇ ڪئي پر مسلم ليگ (ن) اهڙي ڪنهن به عنصر تي سوچڻ جي تڪليف ئي گوارا نه ڪئي. هن کي ڪجھ ڏينهن جي اقتدار جي لالچ ۽ چانديءَ جي ڪرسيءَ جي چلڪي هر قسم جي بردباريءَ، مڻيا ۽ ماڻهپي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ اها اتاولائي سان دهشتگردن جي در تي سجده زير ٿي وئي.
    سنڌي عوام اخبارن جي اکر اکر کي گھوري ڏسندو رهيو ته ڪڏهن ٿو ڪو سنڌي اڪثريت جو نمائندو ڪنهن به قسم جي ٿوري ڪا وطن دوستي ڏيکاري پر جيڪو ڪجھ پڙهيو ۽ ٻڌو ويو، اهو هي ته هر قيمت تي ايم ڪيو ايم کي راضي ڪرڻو آهي (شايد مٿان جي به ڪا اهڙي ئي مرضي هجي) ۽ ايم ڪيو ايم جا ناٽ هئا ۽ نخرا هئا، شرط ۽ داٻا هئا ته هيئن به ڪيو ۽ هونئن به ڪيو، هي به ڪيو ۽ هُو به ڪيو، تان جو ايم ڪيو ايم جو ”احسان“ کڻي ۽ ڌونس سهي، اخباري رپورٽن موجب، سنڌ جي گورنري، اسپيڪرشپ ۽ اڌواڌ پر مکيه وزارتون ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪري ۽ دهشتگردن کي معصوم ۽ بيگناهه مڃي، انهن جي ڪيسن تي نظرثاني، رعايت ۽ ڏنڊ ڏوهه ڀري ڏيڻ ۽ ٻيا ڪي ئي غير مانائتا ۽ غير شانائتا شرط مڃي، پنهنجي اقتدار جو بنياد ايم ڪيو ايم جي ٿوڻيءَ تي بيهاري انتهائي گھٽيا رعايتون وٺي خوش خوش ۽ گد گد پئي ٿيا.
    هتي، هڪ عجيب مطالبي جي مڃتا پڻ ڌيان لهڻي ٿي.
    گورنري مرڪزي انتطاميا جو مامرو آهي. گورنر صوبي ۾ صدر ۽ مرڪزي انتظاميا جو نمائندو ٿئي ٿو. گورنر جي ڪرسي ڪو سياسي عهدو ناهي، نه ئي وري ان لاءِ ڪا چونڊ ٿيندي آهي پر ملڪ جو صدر پنهنجيءَ صوابديد تي گورنر مقرر ڪندو آهي. پوءِ اهو ڪيئن ۽ ڇو ممڪن ٿي سگھيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي مقرر ڪيل ڪميٽيءَ ايم ڪيو ايم جي ڪميٽيءَ کي اها يقين دهاني ڪرائي سگھي، ته گورنر ايم ڪيو ايم جو هوندو...!؟ ڇا صوبي جي وزيراعليٰ کي اهڙو ڪو اختيار مليل آهي جنهن جي اطلاق وسيلي هو پنهنجيءَ پسند جو گورنر مقرر ڪري سگھي؟ سنڌ جي عوام سان اها ڪهڙي قسم جي مذاق آهي!؟
    ڳجھ ڳوهه ۾ ٿيل انهيءَ ٺاهه کي طي ڪئي اڃا ٻه هفتا به نه ٿيا آهن، ۽ توڙي جو اقتداري ڌر جي ڪجھ ميمبرن، جيئن اسماعيل راهو، مقبول شيخ ۽ سليم جان مزاري پنهنجي الڳ الڳ بيانن ۾ ظاهر ڪيو آهي ته ”ٻنهي پارٽين شهري (!) ۽ ڳوٺاڻي (!) عوام جي مفاد ۾ سهڪاري هٿ وڌايا آهن“ (”عوامي آواز“، 2- مارچ 1997ع) پر ٺاهه ڪندڙ ڌرين جو ڦڏو ظاهر ٿي پيو آهي. سنڌ حڪومت اڃا سوڌو پنهنجي ڪابينا جوڙي نه سگھي آهي، ڇو ته ايم ڪيو ايم ان ڳالهه تي اڙي هڻي بيٺي آهي ته ڪابينا ۾ شموليت لاءِ ايم ڪيو ايم جي گورنر جو فيصلو اڳ ۾ ٿيڻ گھرجي. (”ڪاوش“، 2- مارچ 1997)
    هي جو شرط شروط، دٻاءَ ۽ ڪرسيءَ جي لالچ وسيلي طي پيو ٿئي ته فلاڻا فلاڻا عهدا ۽ ٻيا اختيار ۽ فلاڻيون فلاڻيون وزارتون وغيره هِن يا هُن ڌر کي ڏنيون وينديون، ته فلاڻا نمائندا فلاڻي جي حمايت ڪندا، ته ڇا ان کي سوديبازي ۽ سازش نه ٿو چئي سگھجي؟
    وڏ وزارت حاصل ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جا ڪهڙا ڪهڙا شرط مڃيا ويا آهن، انهن جي صحيح خبر تڏهن پوندي، جڏهن ٺاهه ڪندڙ ڌريون پنهنجي ٺاهه کي پڌرو ڪن، پر ايترو پڇڻ جو حق اسان کي به آهي، ته ايم ڪيو ايم جا سٺا يا ڪنا شرط ته مڃيا ويا، پر سنڌي اقتداري ڌر پنهنجن ووٽرن، پنهنجي تر ۽ وطن جي عوام جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ ايم ڪيو ايم کان پنهنجا ڪهڙا شرط مڃرايا؟
    ڇا ايم ڪيو ايم (الطاف) اهو مڃيو آهي ۽ کانئس اهو مڃرايو ويو آهي ته:
    (1) ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) سنڌ جي ورهاست واري نڪتي کان لاتعلقي ظاهر ڪندو، ڇو ته اهو پاڪستان جي ورهاست جي برابر آهي يا اهڙو ڪو به مطالبو نه ڪندو جنهن جي ڪري پاڪستان جي آئين ۾ آرٽيڪل-1 ۾ ڄاڻايل پاڪستان جي علائقن جي جاگرافيائي بيهڪ تبديل ٿيندي هجي؟
    (2) ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) (الف) نسل پرستيءَ جي بنياد تي ٻين قوميتن جي نسل ڪشيءَ جي عمل کي موڪلاڻي چوندو، (ب) نسلي تعصب جي پاليسي ترڪ ڪندو ۽ پنجابين، پٺاڻن، سنڌين ۽ بلوچن کي خصوصي نشانو بنائي قتل ڪرڻ بند ڪندو، ۽ (ت) پنهنجن مخالف اردو ڳالهائيندڙن جو قتل عام بند ڪندو؟
    (3) ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) سنڌ ۽ پاڪستان حڪومت جي ملازمن ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي فردن کي پنهنجو خصوصي نشانو بنائي قتل ڪرڻ بند ڪندو؟
    (4) ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) (الف) پنهنجن دهشتگرد ٽولن جي بدقماش اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي قانون جي حوالي ڪندو، (ب) سنگين ڏوهن ۽ انڌا ڌنڌ فائرنگ ۾ ملوث پنهنجن ڏوهارين کي عدالت ۾ حاضر ڪندو، ته جيئن اهي قانوني عمل مان گذري سگھن، (ت) ڪنهن به اهڙي فرد يا ٽولي جي حمايت ۽ مدد نه ڪندو جيڪو قتل جي ڪيسن ۾ گھريل هجي، ۽ (ث) ڀارت ۾ پنهنجون تربيتي ڪئمپون بند ڪندو ۽ اتي موجود جاويد لنگڙا ۽ اهڙن ٻين دهشتگردن کي گھرائي عدالت ۾ پيش ڪندو؟
    (5) ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) پريس (صحافت) خلاف سينسرشپ واري پنهنجي پاليسي بند ڪندو ۽ پريس (صحافت) ۾ ڌونس، ڌمڪي ۽ سڌي يا اڻ سڌي مداخلت کي ختم ڪرڻ جو کليل اعلان ڪندو؟
    (6) ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) پنهنجي (الف) ان نعري ته ”جو قائد ڪا غدار هي، وه موت ڪا حقدار هي“ تان هٿ کڻندو ۽ پڻ (ب) ان نعري ته ”ٽي وي، وي سي آر وڪڻو ۽ ڪلاشنڪوف خريد ڪيو“ تان هٿ کڻندو؟
    (7) ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) قصاص ۽ ديت جي اسلامي اصولن مطابق قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ماريل ۽ زخمي ڪيل ڪارڪنن جو معاوضو ادا ڪندو ۽ جيڪي ماڻهو سندس دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ماريا ويا آهن، انهن جي خون جو ڏنڊ ڏوهه ڀري ڏيندو ۽ اهڙو ئي ڏنڊ هو پنهنجين مخالف سياسي جماعتن جي ماريل ۽ زخمي ڪيل انهن ماڻهن لاءِ به ڀري ڏيندو جيڪي سندس انتهاپسندن قتل ڪيا ۽ ڦٽيا آهن؟
    (8) ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) جا ڪارڪن قائم ڪيل ٽارچر سيل بند ڪندا ۽ پڻ واپارين، دڪاندارن ۽ ٻين ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن کان ڀتو نه اڳاڙيندا؟ وغيره.
    اهي ۽ اهڙا ڪي ٻيا شرط ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) سان ڳالهين ۽ ٺاهه لاءِ گذريل حڪومت دوران پ پ پ جي سياسي وڏيرن پاران رکيا ويا هئا، ڌيان سان پڙهي ڏسو، ته انهن ۾ ٿوري گھڻي ڪا قومي غيرت، حب الوطني، انسان دوستي، ماڻهپو ۽ امن سان محبت نظر اچي ٿي يا نه، ۽ يقين ڪريو ته انهن سڀني مطالبن يا شرطن جو روح انهيءَ دور جي واقعن تي جڙيل آهي جڏهن پاڪستان ۾ نواز شريف ۽ سنڌ ۾ ڄام صادق جي حڪومت هئي ۽ ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) انهن جو هڪ اتحادي!
    نواز شريف ئي اهو وزيراعظم هو جنهن پهريائين اعلان ڪيو ته ”اذيت گھر قائم ڪرڻ وارن کي ڀڄڻ نه ڏنو وڃي.“ (جنگ، 27- جون 1992ع). پيرائتي خبر موجب، ”سنڌ آپريشن جي سلسلي ۾ وزيراعظم نواز شريف پاران صدر (غلام اسحاق)، چيف آف آرمي اسٽاف (جنرل آصف نواز) ۽ وزيراعليٰ سنڌ مظفر شاهه سان فون تي ڳالهيون، ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت، وفاقي ڪابينا پنهنجي (ٻن ڏينهن کان پوءِ) ٿيندڙ اجلاس ۾ فوج کي آرٽيڪل- 245 هيٺ اختيار ڏيڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن جي گرفتاري جي معاملن تي غور ڪندي.“
    ڪالهه جن ايم ڪيو ايمي دهشتگرد اڳواڻن جي گرفتاريءَ تي غور ٿيڻو هو، اڄ انهن جي درن تي سجدو ۽ انهن کي گورنرشپ ۽ اهم وزارتون ڏيڻ جو وعدو ڪيو ويو آهي. ڪالهوڪا دهشتگرد، جن اذيت گھر قائم ڪيا ۽ جن کي ڀڄڻ نه ڏنو ٿي ويو، اڄ انهن تي سنڌ ۾ اقتدار جا دروازا کوليا ويا آهن ۽ ڪالهه جن دهشتگردن تي دهشتگرديءَ، اغوا، قتل، آتش زني، ڦرلٽ وغيره جا ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ منجھانئن ڪي ئي گرفتار به ڪيا ويا، اڄ انهن کي عدالت کان مٿان ئي آزاد ڪرڻ، اجورو ڀري ڏيڻ ۽ انهن سان ٻيون رعايتون ڪرڻ جا شرط مڃي، خود پنهنجيءَ ئي سياست ۽ سياسي جماعت کي مشڪوڪ ۽ داغدار بنايو ويو آهي.
    ٻڌو هئوسون ته ڪا اصولي ۽ باعمل سياسي غيرت به ٿيندي آهي! حب الوطني ۽ قومي غيرت ان کان مٿاهين درجي جا اتم جذبا آهن. سنڌ ۾ وڏ وزارت ۽ ڪي بي اثر وزارتون وٺڻ لاءِ مسلم ليگ (نواز گروپ) جي اڳواڻن ڇا انهن ٽنهي مان ڪنهن به قسم جي جذبي جو، ذري جيترو به اظهار ڪيو آهي؟
    انهيءَ سوال جو جواب، جيڪڏهن ”نه“ هجي، ته ڪجھ سوچيو!
    پ پ پ طرفان سنڌ حڪومت کي (ايم ڪيو ايم پاران) بليڪ ميلنگ کان بچائڻ لاءِ سهڪار بابت پڇيو ويو ته (سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ پ پ پ جي هڪ اڳواڻ) نثار کهڙي چيو ته: ”جيڪڏهن حڪومت رابطو ڪيو ته انشاء الله کيس مايوسي نه ٿيندي.“ (عوامي آواز، 1- مارچ 1997ع) ۽ هن ڳالهه تي به ڪجھ سوچيو!
    هاڻي به وقت ويو ناهي
    موجوده سنڌ اسيمبلي چونڊيل نمائندن تي ٻڌل هڪ اسيمبلي آهي ۽ اسان وٽ جمهوري قدرن جي حوالي سان ان لاءِ هڪ احترام موجود آهي. هن اسيمبليءَ جو پيڙهائتو فرض سنڌ جي مفادن جي نگهباني ڪرڻ ۽ سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ بااصول ڪوششون وٺڻ ۽ انهن ٻنهي ڪمن لاءِ قانون سازي ڪرڻ آهي. وقت ويو ناهي، هاڻي به پنهنجو جائزو وٺي سگھجي ٿو. وڏي دل ڌاري، ذهني ڪشادگيءَ کان ڪم وٺي، پنهنجي ضمير کي پنهنجو منصف مقرر ڪري، بلڪل ايمانداريءَ ۽ بردباريءَ سان پنهنجو جائزو وٺڻ گھرجي ته موجوده سنڌ حڪومت عملي طرح اهميت ۽ اوليت ڇا کي ڏني آهي: (1) سنڌ جي مفادن جي حفاظت ۽ سنڌ جي مسئلن جي حل ۽ انهن لاءِ قانون سازيءَ کي، يا (2) پنهنجيءَ ذات ۽ پنهنجن گروهي مفادن ۽ اقتدار جي عارضي چشڪي ۽ ڪرسيءَ کي ڏني وئي آهي ته اصول، اخلاق ۽ فضيلت جي تقاضا ۽ ضمير جي فيصلي کي مقدم سمجھي پنهنجي ان عمل کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، ۽ اهميت ۽ اوليت جيڪڏهن سنڌ جي مفادن ۽ سنڌ جي مسئلن جي حل ۽ انهن لاءِ قانونسازي کي ڏئي وئي آهي ته پوءِ، في الوقت اصول، اخلاق ۽ فضيلت جي تقاضا ۽ ضمير جي فيصلي کي مقدم سمجھي (جيڪي مسئلا آئينده حل ٿيڻا/ڪرڻا آهن انهن بابت ڪنهن به هام کان پاسيرو رهي) اڄ ئي سنڌ اسيمبلي ۽ اقتدار/حڪومت ۾ شامل هڪ مشڪوڪ ڌر بابت ثبوت نه ته به، شاهدي ۽ ضمانت ئي پيش ڪئي وڃي ته:
    ”ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) سنڌ جي مفادن جي حفاظت لاءِ، سچ پچ به، عملي مظاهرو ڪندو ۽ گھٽ ۾ گھٽ، سنڌ جي جاگرافيائي وحدت ۽ سنڌ جي اجتماعي خوشحاليءَ لاءِ ڀرپور جدوجھد ۽ سهڪار ڪندو، سنڌ جي قدرتي ۽ قانوني رهاڪن جي مالڪي تسليم ڪندو ۽ ڪا به اهڙي حرڪت نه ڪندو جنهن وسيلي انهيءَ تسليم ٿيل عالمي اصول کي جوکم رسي ۽ اهڙو مظاهرو ڪرڻ لاءِ پنهنجي پاران لڳايل نام نهاد ۽ جڙتو مهاجر قوميت جي نعري تان هٿ کڻندو. سنڌ ۾ سنڌي (اردو ڳالهائيندڙ سنڌي) جي حيثيت ۾ رهندو ۽ سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي قومي ۽ سرڪاري حيثيت تسليم ڪندو ۽ ان جي عملي اطلاق لاءِ هٿ ونڊائيندو ۽ سنڌ ۾ نسلي منافرت ۽ لساني شاونزم کي ختم ڪرڻ ۽ ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. جڏهن ته سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ، ٻيو ڪجھ نه، ته به گھٽ ۾ گھٽ، پنهنجن انهن بدترين، دهشتگردن ۽ انسان ۽ امن دشمن عملن جو ورجاءُ نه ڪندو جن جي ڪري 1992ع ۾ سندس ئي اتحادي ساٿين لاءِ سنڌ ۾ فوجي آپريشن ڪرائڻ اڻٽر ٿي پيو هو.“
    ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) جيڪڏهن اهو ڪارج پورو ڪرڻ لاءِ ڪا بااصول ۽ باعمل ضمانت مهيا ڪري ٿو ته اسان جو پرين آهي، اسان جون اکيون ٿڌيون، اسان جا اعتراض رد ۽ باطل، ڪنهن به قسم جي گستاخيءَ لاءِ، جيڪڏهن اسان کان سهواً به ٿي وئي هجي، معافي وٺڻ لاءِ تيار آهيون. ليکڪ، سنڌ جي قدرتي ۽ قانوني رهواسين جي هر سياسي تنظيم پاران اهڙيون شاهديون ۽ اهڙا ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته اهي سڀ جو سڀ ۽ انهن مان هر هڪ ڪنهن به معصوم اردو ڳالهائيندڙ خلاف ڪنهن به قسم جو ڪينو، ڪا به ڪدورت ۽ نفرت نه ٿو رکي، بلڪه ڪا به ٻولي ڳالهائيندڙ ڪنهن به فرد جيڪڏهن سنڌ جي مفادن کي هاڃو نه رسايو آهي يا سنڌ جي مفادن لاءِ خلوص دل سان ڪم ڪيو آهي ته سنڌ جا باشعور قدرتي ۽ قانوني رهواسي ان لاءِ پنهنجي جيءَ ۾ جايون رکن ٿا ۽ ان کي بنهه پنهنجو سمجھن ٿا.
    (روزاني ”برسات“ ڪراچي، 10 مارچ 1997ع کان 13 مارچ 1997ع تائين، چئن قسطن ۾ ڇپيل)


    سنڌ ۾ موجود ڌارين جون لوڌون ۽ ٻوڙي سرڪار جي خاموشي

    سنڌي قوم هڪ وسيع ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي ۽ صدين کان ان ۾ رهندي اچي. انگريز سرڪار جيتري وسيع سنڌ تي قبضو ڪيو هو، ان جون به ڪجھ گھٽايل، سوڙهيون ڪيل سرحدون مقرر ڪري، نئين ٺاهيل سنڌ کي 1-اپريل 1936ع تي پاڻ وهيڻو (خود مختيار) ڪيو ۽ 17-اپريل 1937ع تي انگريز اقتدار اعليٰ هيٺ سنڌ صوبي جي پهرين اسيمبلي وجود ۾ آئي جنهن جو سربراهه وزير اعظم سڏيو ويندو هو. 1940ع ۾ هڪ قرارداد (ٺهراءُ) وسيلي گھڻي مسلمان آبادي رکندڙ رياستن جي سياستدانن پنهنجي گڏيل حڪومت ٺاهڻ بابت رٿا ظاهر ڪئي جنهن ۾ شامل ٿيندڙ سموريون رياستون ڪجھ اهم نڪتن تي گڏيل حڪمت عملي هلائينديون، جنهن لاءِ مناسب ۽ موزون، ٺهڪندڙ سياسي اصطلاح ڪچو-وفاق (ڪنفيڊريشن) يا عام-سگھ (ڪامن ويلٿ) ئي ٿي سگھي ٿو. پر 14-آگسٽ 1947ع تي جيڪو پاڪستان ٺهيو، ان ۾ پهرين ڏينهن کان نمونا ئي نوان اچي ويا. 1948ع ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ کان انتظامي طرح ڌار ڪري مرڪزي علائقو يا انتظاميا سڏيو ويو ۽ 1954ع ۾ مورڳو ون-يونٽ ٺاهي، سنڌ سميت سڀني صوبن جو نالو گم ڪري ”اولهه پاڪستان“ ٺاهيو ويو. پاڪستان ٺهندي ئي ان جا حقيقي حڪمران پنجابي-پناهگير ڦورو طبقا ٿي ويا، جن سان هر علائقي جي غدار وڏيرا شاهي، سردار شاهي، خان شاهي ۽ نواب شاهي مدد سهڪار ڪري رهي هئي. ون يونٽ جي حقيقي مقصدن ۾ هتان جي مظلوم عوام جا حق ڦٻائڻ سان گڏ بنگال (هاڻي بنگلاديش) کي پنهنجي حڪمرانيءَ هيٺ جڪڙي رکڻ هو پر ”اولهه پاڪستان“ ٺاهڻ باوجود هتان جي ڪل آبادي بنگال جي آباديءَ کان گھٽ بيٺي جنهنڪري نون ٺاهيل ٻنهي صوبن --- ”اولهه پاڪستان“ ۽ ”اوڀر پاڪستان“ (بنگال، بنگلاديش) جي وچ ۾ نام نهاد ”برابري“ (پئرٽي) جو طريقي ڪار لاڳو ڪيو ويو (۽ هاڻي اهي ئي ساڳيا حڪمران سنڌ، بلوچستان ۽ پختونخواهه لاءِ ساڳي پئرٽي مڃڻ لاءِ تيار ناهن). بنگال ۾ جمهوري تحريڪ اڀري ته ان جي روح کي بلڪل ائين وڍ ڏنا ويا جيئن 1983ع دوران سنڌ ۾، پر وسيع پيماني تي، پنهنجي ئي ملڪ جون فوجون مٿس ڪاهي ويون ۽ پنهنجي ئي عوام جو ڪوس ڪيو ويو --- 50 لک ماڻهو، وڏا توڙي ننڍا، مرد توڙي عورتون، ان ظلم جو هڪجھڙو شڪار ٿيا پر ”بنگلاديش“ ٺهي رهيو --- ”اولهه پاڪستان“ کي ”نئين پاڪستان“ جو نالو ڏنو ويو ۽ ماضيءَ مان سبق سکڻ بدران هن وقت به ”نئين پاڪستان“ (ذوالفقار علي ڀٽو جي اقتدار وارو دور) ۽ ”پياري پاڪستان“ (جنرل ضياءَ ۽ ان کان پوءِ وارو دور) جا حقيقي حڪمران ڪن لاٽار ڪيو، اکين تي پٽيون ٻڌيو، بندوق تاڻيو بيٺا آهن. 1940ع جي ٺهراءَ موجب، نه ته رياستن جو ڪچو-وفاق (ڪچو وفاق) ٿا ٺاهن ۽ نه ئي وري پئرٽي جي اصولن تي ٿا هلن. عملي طرح اڄ به ساڳين ئي غدار شاهين جي مدد سان حقيقي حڪمران پنجابي-پناهگير ڦورو طبقا پياري پاڪستان جا واڳ ڌڻي آهن ۽ ويٺا پنهنجي هلائن. سنڌ ۾ دهشت گردي آهي ۽ بلوچستان ۾ زوراوري، ”سرائيڪو“ کي مڃن ڪو نه ٿا، باقي ننڍڙو فرق رڳو اهو پيو آهي ته پختونخواهه جي حاڪم طبقن به اها ئي راهه چونڊي ورتي آهي جيڪا پياري پاڪستان جي حقيقي حڪمرانن جي ايجاد آهي.
    اصولن، ٿيڻ ته ائين گھربو هو ته ڀلي کٽل ۽ سوڙهي ڪيل سنڌ ئي سهي پر ان جي سرحدن جي سنڀال ڪئي وڃي ها، پر اٽلو ان کان لس ٻيلو ۽ ڳڙهي خيرو به کسيا ويا ۽ ماڇڪي کي ڦٻايو پيو وڃي. ٿر ۽ ڪوهستان، ڪاڇي جي علائقن کي رڳو ڦر لائق نڌڻڪن علائقن جھڙو ڪيو ويو آهي ۽ باقي سنڌ ۾ به سڄو ترقياتي زور اتي آهي جتي غير سنڌي آبادي وڌيڪ رهي ٿي ۽ ان ۾ وڌيڪ نمايان علائقو آهي ڪراچي، جتي پرڏيهين مان چونڊ بدمعاش تاڙي، دهشت گردن جي سنڌ- ۽ سنڌي- دشمن فوج تيار ڪئي وئي آهي جيڪا عملي طرح پياري پاڪستان جي نام نهاد قانونن کان بالاتر قرار ڏنل آهي.
    1940ع جي ٺهراءَ موجب ڪنهن به هڪ علائقي مان ڪنهن به ٻي علائقي ڏانهن ڪنهن به قسم جي لڏپلاڻ جو ذري جيترو به ذڪر ڪيل ناهي ۽ سنڌ سميت گھڻيون رياستون ان تي متفق ٿيون هيون، پر 1947ع ۾ اپکنڊ جي هڪڙي رياستن کان ٻين رياستن ڏانهن هڪ زبردست سازشي لڏپلاڻ ڪئي وئي. سنڌ جي ڳالهه ڪجي، ته 13-لک ماڻهو سنڌ مان لڏايا ويا ۽ 25-لک سنڌ ۾ لڏي آيا ۽ سنڌ جي انڪار ۽ احتجاج باوجود اها لڏپلاڻ اڄ سوڌو مختلف بهانن ۽ طريقن سان اڃا تائين جاري آهي. ڪراچي مرڪزي علائقو سڏيو ويو ته خاص ڪري پنجاب ۽ پختونخواهه مان به سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ وڌي وئي ۽ ون يونٽ کان پوءِ سنڌ عملاً کليل شڪار گاهه بنائي وئي --- سنڌ جا ڪارخانا، ٻنيون، معدني ذخيرا، ٻيلا، بندر، سمنڊ، سڀ ڪجھ ٽڪي مُلهه غير سنڌي آباديءَ جي حوالي ڪيو ويو. بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ نئين پاڪستان دوران وري بهاري گھرائي سنڌ تي مڙهيا ويا ۽ خاص ڪري پياري پاڪستان وارن ڏينهن ۾ ته ڌوڙيا ٿي ويا آهن سنڌ اندر ڌاريءَ آباديءَ جا، تنهن مٿان وري ايران، افغانستان، برما، انڊونيشيا، بنگلاديش ۽ ايتري قدر جو ويٽنام کان به ڪيترائي غير قانوني آيل ماڻهو سنڌ ۾ ٽِڪي پيا آهن.
    لائسنس (”ليسن“ --- جيڪو رياست ۽ فرد جي وچ ۾ ڪنهن خاص موضوع يا شيءِ بابت هڪ قسم جو ٺاهه آهي) جڏهن، مثال طور، پستول جو ڏنو وڃي ٿو تڏهن ان جي واهپي جون حدون مقرر ڪيل هونديون آهن ۽ انهن جي خلاف ورزي نه رڳو قانوني ۽ اخلاقي ڏوهه آهي پر ”ٺاهه“ کي به رد ڪريو ڇڏي. 1940ع جي ٺهراءَ ۾ جيئن ته ڪنهن به قسم جي لڏپلاڻ جو ذڪر ڪو نه هو، ان ڪري ان جي روشني ۾ ٺهيل ملڪ ڏانهن يا ان کان ٻاهر ڪنهن به قسم جي لڏپلاڻ خود بخود قانوني ۽ اخلاقي ڏوهه ٿي پوي ٿي ۽ معاهدي کي جھوريو رکي ٿي. ان ڪري 1947ع ۾ ۽ ان کان پوءِ ٿيل سموري لڏپلاڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ وري قبضي بازيون (بظاهر ڪيڏيون به جائز سڏجن) عملن ۽ اصولن ناجائز ۽ غير قانوني آهن.
    اها ڳالهه ذهن ۾ رکندي ۽ ڪنهن به حالت ۾ نه وساريندي اسان کي هتي خصوصاً ان پرڏيهي ناجائز ۽ غير قانوني آباديءَ جو ذڪر ڪرڻو آهي جيڪا پياري پاڪستان جي ڪنهن به ڄاڻايل قانون موجب ناجائز آهي. مثال طور، پياري پاڪستان کان ٻاهر واري غير سفارتي آبادڪاريءَ کي غير قانوني ۽ ناجائزي کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو سڏي سگھجي؟
    ويجھڙ ۾ لڪايل انگن اکرن موجب رڳو ڪراچي وارن ضلعن جي حدن اندر 15-لک بنگالي ۽ 5-لکن کان وڌيڪ افغاني، ايراني، برمي، انڊونيشي، ويٽنامي وغيره ناجائز طرح غير قانوني رهاڪو آهن. غير قانوني ۽ غير سرڪاري طرح جيڪي بهاري اچي آباد ٿيا آهن، انهن جي ڳڻپ به هڪ لک کان گھٽ ناهي (وڏي ناجائز ۽ ملڪ سان اهم غداري اها ته انهن ناجائز ۽ غيرقانوني آيل بهارين مان ڪيترائي نه رڳو اهم سرڪاري عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن پر سنڌ اسيمبلي ۾ به چونڊجي آيا آهن). اهڙيءَ طرح رڳو ڪراچيءَ جي ضلعن جي حدن ۾ 21-لکن کان وڌيڪ غير قانوني ۽ ناجائز ماڻهو رهيل آهن. ڪراچي وارن ضلعن جي آبادي لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ آهي، جنهن مان پنجين پتي سنڌ جي نه، پر پياري پاڪستان جي قانون موجب، بهرحال ناجائز ۽ غيرقانوني آهي ۽ جيڪڏهن ان جو گڏيل نموني ذڪر ڪجي، ته عملي طرح ڪراچي جي چئن ضلعن مان هڪ، ذري گھٽ سڄي جو سڄو، غير قانوني ۽ ناجائز طور آباد ٿيل ماڻهن جي حوالي آهي.
    21-لک ماڻهو سنڌ جي ڪيترن ئي اڪيلن ضلعن (مثال طور لاڙڪاڻي يا جيڪب آباد جي آباديءَ کان گھڻو وڌيڪ آهن.) ڪراچي ضلعن کان سواءِ باقي سنڌ ۾ رهيل غير قانوني ۽ ناجائز آباديءَ جو ذڪر نه به ڪجي، ته به 21-لک ماڻهو هڪ وڏو انگ آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن کان بهتر سهولتن واري علائقي ۾، ڪراچي ضلعن جو پنجون ۽ سڄي سنڌ جو ويهون حصو غير قانوني ۽ ناجائز طور آباد آهي، ڇا اها ڳالهه ڌيان تي آڻڻ جوڳي ناهي؟
    سنڌ جي زمين جو هڪ وسيع ٽڪرو، سهولتن سان سينگاريل هڪ علائقي ۾ سنڌي ماڻهن کان پالهو، انهن ماڻهن جي حوالي آهي جيڪي ڪنهن به طرح اتي رهڻ جو حق نه ٿا رکن. اهي ماڻهو ڪو ڌنڌو روزگار ڪندا هوندا، ڪن گھرن ۾ رهندا هوندا. تعليمي، طبي ۽ ڳانڍاپو (ڪميونيڪيشن) سهولتن مان فائدو وٺندا هوندا، سنڌ جو ڪيتروئي مال متاع پنهنجن مائٽن ڏانهن موڪلي چڪا هوندا (جيڪو نه رڳو سنڌ تي پر پياري پاڪستان جي معيشيت تي به هڪ وڏو بار آهي. سمجھو ڪري ته هڪ ماڻهو هر مهيني رڳو هڪ هزار رپيا ڪمائي ٿو ته هر مهيني ڪل ڪمائي 2-ڪروڙ 10-لک ۽ هر سال 25-ڪروڙ 20-لک ٿيندي!) انهن ڪجھ کاڌو پيتو هوندو، لٽو ڪپڙو چوڙيو هوندو ۽ اهم ڳالهه اها ته پنهنجيءَ ڳڻپ جيترن حقدار، قانوني ۽ جائز ماڻهن کي بيروزگار ۽ بي گھر ڪيو هوندو. وڌيل آباديءَ جا مسئلا اڃا ڌار.
    جيڪڏهن اهي نه هجن ته سنڌين جو ايڏو وڏو ڳاڻاٽو خودبخود انهن جي جاءِ تي اچي ويندو. سنڌ جي حوالي سان پنج سيڪڙو ۽ ڪراچي ضلعن جي حوالي سان ويهه سيڪڙو سنڌي آبادي وڌندي. سنڌي پنهنجي سرزمين، ڪارخانن، نوڪرين، ڌنڌن ۾ اوترو وڌيڪ ٿيندا ۽ ان ڪري سنڌين جي بيروزگاريءَ جو مسئلو حل ٿيندو (۽ ان ڪري ڌاڙا گھٽبا)، صحت، تعليم ۽ ڳنڍپ جي سهولتن سان گڏ ٻيون شهري سهولتون ماڻيندا، گھٽ ۾ گھٽ 10-صوبائي ۽ 5-قومي اسيمبليءَ جي سيٽن تي چونڊبا، سنڌ ۽ پياري پاڪستان جي سرڪاري، انتظامي وغيره ڪم ۾ شريڪ ٿيندا وغيره وغيره.
    دنيا جي ڪنهن به ڏيهه جي ۽ خود پياري پاڪستان جي قانون موجب انهن سڀني غير قانوني پرڏيهين جو رهڻ سَو سيڪڙو ناجائز، هڪ ڏيهه تي واڌو بار، هڪ قوم لاءِ هاڃيڪار ۽ حقي رهاڪن خلاف ارهه زورائي آهي. انهن کي تڙي ڪڍڻ، حڪومت جي پهرين فرضن ۾ شامل آهي، پر پوءِ به انهن کي ڪڍيو نه ٿو وڃي، اٽلو کين ڊوميسائيل، پي آر سي، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ووٽ ۽ مالڪيءَ جا حق ڏنا وڃن ٿا، ڇو؟
    ايترا پرڏيهي ڪيئن آيا؟ سرحدن جا محافظ ڇا ٿا ڪن؟ اندروني معاملن جي وزارتن جا فرض ڪاڏي ويا؟ بااختيار کوجي ادارا ڪهڙي ڪم سان آهن ۽ سنڌ سرڪار چُپ ڇو آهي؟
    ان سڄي ڏوهه ۾ ملڪ سان غداريءَ جو ذميوار ڪير آهي؟
    انهن سمورن غيرقانوني ۽ ناجائز پرڏيهين کي ڪڍيو ڇو نه ٿو وڃي؟
    ”سنڌ ماءُ سان غداري نه ڪرڻ“ جا دعويدار ڇا ٿا چون؟
    سنڌ جا گھڻگھرا ان مسئلي تي به هلچل ڇو نه ٿا هلائن؟
    سنڌ ۽ پياري پاڪستان جي حڪومت کان اهو مطالبو ڇو نه ڪيو وڃي ته انهن غيرقانوني پرڏيهين کي تڙي ڪڍيو وڃي ۽ نون ايندڙن جون راهون روڪيون وڃن؟
    (روزاني ـجاڳو“ ڪراچي، 24-جنوري 1992ع)


    ڪراچيءَ تان قبضو هٽائڻ لاءِ...

    سنڌ صدين کان مختلف نمونن سان ۽ ڌار ڌار بهانن هيٺ ڌارين جي يلغار جو شڪار پئي رهي آهي. هزارين ماڻهن جو هڪ ئي مهل ڪسجڻ، ڳوٺن ۽ فصلن جو باهين حوالي ٿيڻ، شهرن جو کسجڻ، علم، ادب ۽ تعليم جو تباهه ٿيڻ، معاشي طرح ڀڙڀانگ ٿي وڃڻ ۽ پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن، نڌڻڪو ۽ رولو ٿي پوڻ سنڌين لاءِ ڪو نئون عمل ناهي. هتي رڳو مرزا باقي جي راڄوڻيءَ ۾ ٿيندڙ هڪ عام عمل جو مثال ڏئي ڳالهه کي ڇٽو ڪري سگھجي ٿو. چيو ٿو وڃي ته مرزا باقيءَ کي جڏهن به اها خبر پوندي هئي ته سڄي سنڌ ۾ فلاڻو ڪي فلاڻو ماڻهو پوءِ اهو عوام منجھان هجي يا سندس ملازم، ڇو نه سندس مائٽ ئي هجي، ڏاڍي آرام ۾ آهي، سکيو ستابو ٿي پيو آهي ۽ سک سمهي ٿو، تڏهن مرزا باقيءَ جو آرام ڦِٽي پوندو هو، تان جو سندس سمورو مال متاع ڦري کيس ناس نه ڪري ڇڏي. سورهين ۽ سترهين صديءَ جو پهريون اڌ يعني ڏيڍ صدي ساندهه سنڌين لاءِ سندن جيئرو رهڻ هڪ عذاب هو. ارغون، ترخان ۽ مغل دور سنڌين لاءِ نسورو قهر هو. ان وچ ۾ پورچوگيزن جي ٺٽي ۾ آمد هڪ ”اعزازي سوکڙي“ هئي: 8 هزار شهر واسي ڪٺائون، ٺٽي کان سمنڊ تائين سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن واري ايراضيءَ مان ڦرلٽ ڪيائون ۽ پوءِ ان ڌرتيءَ، ٽڪري کي باهه ڏئي ساڙيائون. ان ڏيڍ صديءَ ۾ سنڌ جا لڳ ڀڳ سمورا ڳوٺ هر هر ساڙيا پئي ويا، سمورا ادارا --- مذهبي، تعليمي، سماجي ۽ ثقافتي، تباهه ڪيا ٿي ويا، سنڌين جي سموري ملڪيت کانئن زوريءَ کسي ويندي رهي. بکر، سيوهڻ، نصرپور ۽ ٺٽي جھڙن وڏن، آباد، سکين ستابن ۽ تعليمي، ثقافتي ۽ سماجي سرگرميءَ جي مرڪزي شهرن ۾ ديسي ماڻهو ورلي ڪو پسبو هو نه ته ڌارين/پرڏيهين سان سٿيل هئا، تعليمي ادارن تي انهن جي حاڪمي هئي، ملازمت جا موقعا به انهن لاءِ هئا، انهن منجھ سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت لاءِ هڪ عجيب قسم جو ڪِينو ڀريل هو ۽ جھڙوڪر سنڌين جا خدا ڪارڻي دشمن هئا.
    تاريخ وقت ۽ حالتون لاڳيتو تبديل ٿين ٿيون. اڄ به ڪي ايئن وسهن ٿا ته سنڌ جا ٽي مکيه شهر --- سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچي، سنڌين کان کسجي ويا آهن، يا کسي ورتا ويا آهن. انهن مان پاڪستان ٺهندي ئي سڀ کان وڌيڪ سازشي زور ڪراچيءَ تي رهيو آهي (حقيقت اها به آهي ته ارڙهين صدي ۾ ڪراچي بندر جي پيڙهه پوڻ جو سبب به هڪ سازش ئي هئي، جنهن لاءِ ڪي قدرتي حالتون به جڙي چڪيون هيون). لياقت علي خان ان سازش جو سردار هو ۽ کيس پنجابي حڪمرانن جي سهائتا مليل هئي. پهريون حملو وسندين تي ٿيو. گھر، جايون، تعليمي ادارا، تفريح گاهون، باغ، ٻنيون، ڪارخانا، معدني ذخيرا ۽ وسيلا، سمنڊ ۽ سامونڊي توڙي خشڪ رستا والارجي ويا، نيون نيون وسنديون ۽ ڪالونيون آباد ڪيون ويون. سنڌ جي سموري آمدني ڌارين جي آبادڪاريءَ، سک ۽ سهولت لاءِ خرچ ٿين لڳي. ٻيو حملو سنڌي ٻوليءَ، ثقافت ۽ تعليم تي ٿيو. هڪ صديءَ کان سنڌ جي قومي ۽ سرڪاري ٻوليءَ سنڌيءَ کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي هڪ ڀارتي محاوري کي پاڪستان جي ”اسلام جي وطن“ جي قومي توڙي سرڪاري ٻولي بنائي، ويهه لک ماڻهن جي اقليت کي بنگالين، سنڌين، بلوچن، پٺاڻن ۽ پنجابين جي چار ڪروڙ آبادي مٿان ٿاڦيو ويو ۽ ان وقت اسريل خاص طرح بنگالي ۽ سنڌي ٻولين کي پاتال ڏانهن ڌڪيو ويو. ٽيون حملو خود سنڌ تي ٿيو. ان جي نالي نشان کي مٽائڻ، ان جي پاڻيءَ ۽ خود سنڌونديءَ تي ڌاڙو هڻڻ ۽ ڊيم ٻڌي پنجاب کي پاڻي ڏيڻ، ان جي سموري معيشتي اپت کي پنجابي، پناهگير ڦورو طبقن جي ڀلائيءَ لاءِ ورهائي ڇڏڻ، ان جي معدني ذخيرن ۽ ڏيهي توڙي ڏيساوري واپار تي قبضي ڪرڻ لاءِ ۽ ان سان گڏ بنگال کي ڄاڻايل ڦورو طبقن جي غلاميءَ هيٺ آڻڻ لاءِ ون-يونٽ ٺاهيو ويو. جمهوريت، جھڙي به هئي، ڪوڙي، ڪيني ۽ ڪوجھي، نالي ماتر ئي سهي، پر ان تي به حملو ڪيو ويو ۽ فوجي ڏاڍ وسيلي کيس ايئن چٿيو ويو جو اڃا سوڌو سڌي هلي نه ٿي سگھي. اهڙيءَ طرح پاڪستان ۾ ان جي ڄمندي ئي جمهوريت، تعليم، سچ، قومن ۽ ٻولين جو ڪوس ڪري ڏاڍ، زوراوري، جبر، تشدد، ظلم، ڪٺورتا، ڪروڌ، ڪوڙ، بدمعاشيءَ، ڦرلٽ، ڪيني، ساڙ ۽ پنهنجن کي ورسائڻ ۽ حقيقي ۽ تاريخي قومن ۽ عوام کي لتاڙڻ، چيڀاٽڻ جو سازشي دور شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ حق ڳالهائيندڙ زبانون ۽ احتجاجن اڀيون ٿيندڙ ٻانهون ڪپيل هيون، حد درجي جي ڪميڻپ اها، جو حقيقي حڪمران قوتون پاڻ دهشتگردن ۽ ڌاڙيلن کي منظم ڪرڻ لڳيون ۽ ملڪ جي محافظيءَ ۽ قانون جي رکواليءَ لاءِ جوڙيل ادارا ملڪ خلاف سازشون ڪرڻ ۽ ان کي ٽوڙڻ ۽ قانون جا بکيا اڊيڙڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏيندا رهيا. عظيم تر غداريون ڪندڙ ملڪ جا والي وارث ادارا ۽ انهن جا سربراهه هئا.
    سنڌي ماڻهو پنهنجي مزاج ۾ ڏيهي ڌرتي ۽ آبهوا سان هم آهنگ آهن. ڌرتي جنهن ۾ واري، مٽي ۽ پٿر آهن. واريءَ جيان نرم نرم ۽ وٿين مان وهندڙ، مٽيءَ جيان ساوا ستابا ۽ پٿرن جيان ٺوس، مٿن جڏهن مينهن جو وسڪارو ٿئي ٿو ته وٽن سرهاڻ ۽ سڳنڌ ئي آهي، جا آڇي سگھن، پاڻي جيڪو ڍنڍن، سنڌوءَ ۽ سنڌي ساگر ۾ ڇلي ٿو، ڪڏهن نرم نرم، هلڪو هلڪو، ٿڌو ٿڌو، مٺو چهرو، پلن جي لذت، پوکي جي ستابائي ۽ ٻيلن جي گھاٽائي بخشيندڙ، ته ڪڏهن ٻوڏ ۽ طوفان بنجي ٻوڙيندڙ هوا جيڪا خشڪ به آهي، گھميل به آهي، ڪوسي به آهي ته ٿڌي به، جھولن جيان ساڙيندڙ ۽ ٿر جي چانڊوڪيءَ جيان ٺاريندڙ. مٿي جنهن ظلمي ڏيڍ صديءَ جو ذڪر ڪيو اٿئون، ان ۾ سنڌين ڪڏهن به ڦورو حاڪمن کي سک سمهڻ نه ڏنو. ٻيڙيءَ ۾ لهرن تي لڏندڙ مزار باقيءَ مٿان راتاهو ڏنائون ته راڻيءَ (رائجه بيگم) کي ڇڏي ڍونڍيءَ ۾ ڀڄي جان بچايائين. مغل حاڪم قرهه محمد جو شقدار آقا محمد سيوهڻ قلعي جا ڪڙا چاڙهايو ”لَئه“ سان حڪمراني ڪري رهيو هو ته جان محمد سنڌي الائي ڪٿان اچي ڪڙڪيو ۽ کيس قتل ڪري قلعي جي ڀت ڀڃي ڀڄي ويو (ڏسو تاريخ مظهر شاهجھاني). پاڪستان ٺهڻ کان هڪدم پوءِ سنڌين خلاف سازشي طرح تيار ڪيل سوين قسمن جون تهمتون لکين وات اوڳاڇڻ لڳا، پر اڄ تائين جمهوريت ۽ جمهوري جدوجھد جو جھنڊو سنڌين جي هٿن ۾ رهيو آهي، وطن دوستي جا علمبردار سنڌي آهن، ظلم ۽ تشدد خلاف سڀ کان وڌيڪ پائدار جھيڙو جوٽيندڙ سنڌي آهن ۽ هنن سرڪاري سرپرستيءَ جي اڻهوند ۽ مخالفت باوجود پنهنجيءَ ٻوليءَ، ڌرتيءَ ۽ ثقافت کي جيئرو ئي نه رکيو آهي، پر وڌايو ويجھايو ۽ سگھارو پڻ بنايو آهي. ڪهڙو فوجي ڊڪٽيٽر هو جنهن کي سنڌين پاران سخت ۽ لُڪ جيان ساڙيندڙ موٽ نه ملي؟ ڪير اهڙو هو جنهن سنڌين خلاف سازش ڪئي هجي ۽ سنڌين ان کي بي نقاب نه ڪيو هجي؟ اڃا ته سنڌين وٽ پنهنجيءَ پتيءَ جا کڏن جي بيٺل گندي پاڻيءَ جھڙا اڪثر ڪري جاگيردار ۽ ڪامورا غداريءَ جو ڪردار به ادا ڪندا ۽ دشمن جا ٻانهه ٻيلي ٿي سنڌين جي اتحادن ۽ جدوجھدن تي راتاها هڻندا رهيا آهن. پاڪستان ۾ جيڪڏهن جمهوريت ۽ سچائي مُئي ناهي، ته اهو ان ڪري جو منجھس سنڌين جو پرجوش رت سمايل آهي.
    سنڌين خلاف سازشون گھَٽيون ناهن، هاڻي ته انهن کي باهي هٿيارن ۽ دهشتگردن جي ٽيڪ به مليل آهي. ٻي پاسي وطن دوست، جمهوريت پسند ۽ انقلابي سنڌي تنظيمن جي ليڊرشپ ڪرپٽ نڪري پئي يا ڪرپٽ بنائي وئي. ٽين پاسي دنيا اندر انقلابي قوتن جو زور ڀڄي پيو ۽ بدمعاش سامراجي قوتن جا جاوا ٿي ويا آهن ۽ چوٿين پاسي سنڌين کي جنهن ويڙهو ۽ انقلابي قوت جي حقيقي گھرج آهي اها اڃا وٽن نه جڙي آهي، ان ڪري بظاهر دشمن قوتون زور آهن ۽ ٽاڏون ڏينديون پيون وتن.
    هن وقت جنرل ضياءَ جي پالتو لوڌ جو تڏو ويڙهجي وڃڻ، ڀلي ٿوري وقت لاءِ ئي هجي، سنڌين ۽ ٻين وطن دوست توڙي جمهوري قوتن جي حق ۾ آهي. جيڪا به جمهوري حڪومت اڀري يا انجنيئرڊ ئي سهي، اقتدار ۾ آئي آهي، اها نه رڳو سازش ۽ دهشتگرديءَ جو شڪار رهي چڪي آهي پر پاڻ کي عام آڏو جوابدار به سڏي ٿي. سنڌي عوام کي به منجھس ڪيتريون ئي اميدون آهن، ان ڪري اڄ يا ان کان اڳ کيس ئي سوڀارو ڪندو رهيو آهي. ان ٻه-طرفي رويي کي ٺوس اصولن تي مضبوط بنائڻ لاءِ خود هڪ تاريخي فرض ادا ڪرڻ ۽ حق جو پاسو وٺڻ لاءِ هاڻوڪي حڪومت تي ڪيتريون ئي جوابداريون عائد ٿين ٿيون، اها هڪ تاريخي حقيقت بنجي چڪي آهي ته هن ڀيري به پيپلز پارٽيءَ جيڪڏهن عوام سان ڪيل وعدا وچن پورا نه ڪيا ته پنهنجا تڏا ويڙهي رکي.
    سنڌ سان سوين عقوبتون ٿي چڪيون آهن. سنڌي عوام ۽ سنڌي ٻوليءَ، ثقافت، سماجي زندگيءَ ۽ نفسيات سان جنهن قسم جي غليظ هٿ چراند گذريل 46-ورهن ۾ ڪئي وئي آهي، اهڙي تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ ورلي ڪا ٿي هوندي. مثال لاءِ هتي رڳو سنڌ ۾ موجود ٽي وي ۽ ريڊيو اسٽيشن تي سنڌيءَ سان ٿيندڙ ٻه-اکيائي کي ياد ڪرڻ ئي ڪافي آهي: سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجيءَ ڌرتي تي ڏهين پتيءَ جيترو وقت به نه ٿو ڏنو وڃي، جڏهن ته اهو گھٽ ۾ گھٽ اسي سيڪڙو هجڻ گھرجي. سنڌ جي ڪجھ شهرن ۾ موجود تعليمي ادارن مان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏني وئي آهي. ڇا اها ايڏي حق تلفي وقت جي سنڌي حڪمرانن جي ٻوٿ تي ڀرپور لپاٽ ناهي؟ شرم جھڙي ڳالهه اها آهي ته سنڌ سان ٿيل سمورين بدمعاشين جي راڻي ”سنڌ اسيمبلي“ رهي آهي، جڏهن کان سنڌ اسيمبلي ٺهي آهي تڏهن کان اها ڪهڙي غداري، ڪهڙي سازش، ڪهڙي ڪميڻائپ آهي، جيڪا سنڌ اسيمبليءَ مان نه مڙهي وئي هجي؟ ڇا سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙي ڪنهن غداريءَ جو ڏس ملي ٿو، جنهن پنهنجي ئي وطن جو نالو به ميساري ڇڏيو هجي؟ سنڌ اسيمبلي ئي هئي جنهن پنهنجيءَ خودمختياريءَ ۽ آزاديءَ کي داءَ تي لڳائي پنهنجي وطن کي پنجابي، پناهگير ڦورو طبقن جي حوالي ڪري ڇڏيو.
    ڪراچي سنڌ جو حصو آهي، عملي طرح ان جا مالڪ، تاريخي وارث سنڌي آهن، پر اها پرڏيهين جي قبضي ۾ آهي ۽ ان جا واڳ ڌڻي دهشتگرد آهن، پر ڪل حقيقت ايتري ناهي.
    ڪراچي سنڌ صوبي جي هڪ انتظامي ڊويزن آهي. ان ۾ پنج ضلعا آهن (ڪجھ ڏينهن اڳ اتي ”ملير“ نالي پنجون ضلعو به ٺاهيو ويو آهي). اتي جي آبادي لڳ ڀڳ 1-ڪروڙ آهي، جنهن مان ڪي 35-لک ماڻهو اردو ڳالهائيندڙ آهن، 11-لک پنجابي آهن، 7-لک پٺاڻ ۽ افغاني آهن، لڳ ڀڳ 18-لک غيرقانوني پرڏيهي آهن، جن ۾ برمي، بنگالي، بهاري (1975ع کان پوءِ آيل)، انڊونيشي، ايراني، ڪشميري، آفريڪي ۽ اهڙا ٻيا شامل آهن، باقي سڀ سنڌي آهن. هڪ سازش وسيلي ڪراچي جي چئني ضلعن جي تڪبندي ڪجھ اهڙي نموني ڪيل آهي جو گھڻن تڪن مان رڳو اهي ئي چونڊجي سگھن ٿا، جن کي هاڻوڪن دهشتگردن جي پٺڀرائي مليل هجي. ڪراچي ڊويزن ۾ سوين سنڌي ڳوٺ آهن جن جي آبادي 13-لکن کان به وڌيڪ آهي، پر انهيءَ سازشي تڪبندي سبب اهي جن گھٽ ۾ گھٽ 5-قومي ۽ 10-صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي چونڊي سگھن ٿا، انهن کي کٽرائڻ جي سلسلي ۾ بيوس ٿيون پون. شهري ايراضيءَ مان سنڌي وسندين کي ميساري سنڌين کي لڏايو ويو آهي. سنڌي ميڊيم اسڪول بند ڪيا ويا آهن. ڪراچيءَ جي سڀني ضلعن ۽ انهن ۾ روڊن، ڪالونين، پاڙن وغيره جا نالا اهڙيءَ طرح رکيا ويا آهن جو اهي سنڌين لاءِ اوپرا ٿي پون... مطلب ته اهڙي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيئن ڪراچي سنڌ جو حصو نه محسوس ٿئي، ان هوندي به سنڌين جي قومي غيرت، وطن دوستي، جمهوري جدوجھد ۽ سياسي ٻڌي پرمارن ۽ سازشين جي اکين ۾ کتل ٻاڻ ٿي پيا آهن. سنڌي عوام پنهنجي ووٽ وسيلي هاڻوڪي حڪومت کي قائم ڪرايو آهي. هن حڪومت جو قومي توڙي صوبائي اسيمبلين وسيلي فرض ٿو ٿئي ته پنهنجي ووٽرن جي انساني قومي ۽ انفرادي حقن جو تحفظ ڪن ۽ نمڪ ملهائن (نه ته به اسين اسيمبلي جي ڪردار کان اڻ واقف ناهيون).
    سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ادارن ۽ ميڊيا ۾ مناسب، پر ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وقت ڏيارڻ (گھٽ ۾ گھٽ سنڌ ۾ سنڌي آباديءَ جي سيڪڙي جيترو)، سنڌي ميڊيم اسڪولن کي جٽادار ۽ لاڀائتو بنائڻ، سنڌي ڳوٺن کي دائمي قيام ۽ وڌائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ جي سلسلي ۾ ڪارائتا اپاءَ وٺڻ وغيره جھڙا ڪيترائي ڪم ڪرڻا آهن، پر منهنجي نظر ۾ انهن سڀني سان گڏ انهن کان به وڌيڪ اهم ڪم جيڪو هن اسيمبلي کي ڪرڻ گھرجي ۽ ڪري سگھي ٿي، اهو آهي ڪراچيءَ تان غير سنڌي ۽ دهشتگرد قوتن جو قبضو هٽرائي، موٽائي، سنڌين جي مالڪيءَ ۽ قبضي هيٺ ڏيڻ. سنڌ جي ڪيترن ئي مکيه شهرن تي اڳ به پرڏيهي قبضو ٿيندو رهيو آهي ۽ نيٺ به ته سنڌي ماڻهو اهو ڇڏائي، ڌارين کي تڙي رهيا آهن ۽ هاڻي به اوس ايئن ئي ٿيڻو آهي، پر هيءَ اسيمبلي به ان سلسلي ۾ گھڻو ڪجھ ڪري سگھي ٿي. اهو هڪ شاندار ۽ تاريخي ڪارنامو هوندو، جنهن تي سنڌي ماڻهو بجا طور فخر ڪندا. اهڙيءَ طرح سنڌين جو جمهوري جدوجھد ۾ ايمان اڃا به پختو ٿيندو (ڪاش! ايئن نه ٿئي جو سنڌين لاءِ جمهوري جدوجھد جا دڳ بند ڪري کين ٻي پاسي ڌڪيو وڃي).
    هيٺ ڪجھ تجويزون پيش ڪجن ٿيون، اميد ته انهن کي هِنئين سان هنڊايو ويندو:
    1- ملير ضلعو قائم ڪرڻ بي انتها ضروري آهي، ان کي هر حالت ۾ پختو ڪيو وڃي ۽ ان خلاف دهشتگردن جي ڀاڙيتو دانشورن پاران ٿيندڙ پروپئگنڊا جو موثر جواب ڏنو وڃي.
    2- ٿيڻ ته ائين گھرجي ته ڪراچي سينٽرل کان سواءِ باقي ٽن ضلعن جو نالو بدلايو ۽ تاريخي مقامن جي حوالي سان رکيو وڃي، پر هن ڏاڪي تي پهريائين ”لياري“ ضلعو قائم ڪيو وڃي ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ اهڙا اپاءَ ورتا وڃن جو اهو باقي ضلعن سان ڪلهي گس ڪري سگھي.
    3- بدين ۽ ٺٽي ضلعن کي حيدرآباد ڊويزن کان ڌار ڪري، انهن سان ملير ضلعو ڳنڍي، نئين ”ٺٽو ڊويزن“ ٺاهي وڃي (ٻي پاسي ڄامشورو ضلعو ٺاهي حيدر آباد ڊويزن کي ڏنو وڃي).
    4- تڪبندي نئين سر ڪئي وڃي. اڳوڻين تڪبندين ۾ اها ڪوشش ڪيل آهي ته سنڌي آباديءَ واريون ايراضيون ورهائجي وڃن، ته جيئن جڏهن به اليڪشن ٿئي، تڏهن سنڌي ووٽ پڻ ورهائجي. هاڻي تڪبندي اهڙيءَ طرح ڪجي جيئن گھڻي سنڌي آبادي (جنهن ۾ ميمڻ، گجراتي، ڪاٺياواڙي، ڪڇي، مڪراڻي وغيره شامل آهن) ۽ ٿوري اردو، پنجابي، پٺاڻ وغيره آبادي هجي. ٻيو نه، ته به هڪ يا ٻه تڪ هر ضلعي ۾ اهڙا ضرور هجڻ گھرجن.
    5- پرڏيهي آباديءَ کي، جيڪا پاڪستاني قانون موجب به غير قانوني آهي، تمام دليري ۽ دانائيءَ سان تڙي ڪڍيو وڃي ۽ ان جي موٽي اچڻ يا سنڌ ۾ اچڻ جا گس بند ڪيا وڃن (ياد رکيو وڃي ته راشي ڪامورا ٻن يا ٽِن سَون رپين ۾ شناختي ڪارڊ ۽ ووٽ سرٽيفڪيٽ ٺاهي ڏيندا آهن).
    6- بنگلاديش کان ايندڙ بهاري ۽ ڀارت کان ايندڙ ”هتي وارن جا مائٽ“ جيڪي ماڻهن جي سمنڊ ۾ گم ٿيو وڃن، پوريءَ طرح بلاڪ ڪيا وڃن. جيڪي هت اچي چڪا آهن، انهن کي ڳولي ڪڍيو ۽ تڙيو وڃي. سرحدن جي صحيح حفاظت نه ڪري سگھندڙ ڏوهارين کي واجبي قانوني سزا ڏني وڃي.
    7- (5 ۽ 6 مٿي بيان ڪيل) قانون جي ڏوهين جو مال متاع ضبط ڪيو وڃي ۽ سندن گھر جي ملڪيت انهن ماڻهن جي حوالي ڪئي وڃي، جن جي ڳوٺن کي ڪي ڊي اي وارن ڊاهي کين لڏائي ڇڏيو.
    8- گذريل ستن ورهن دوران دهشتگرديءَ جي سٽيل سنڌين کي سندن گھر، وٿاڻ، واڙا ۽ ڦريل مال، ملڪيت موٽرائي ڏني وڃي ۽ انهن جي آبادڪاريءَ لاءِ خصوصي اپاءَ ورتا وڃن.
    9- دهشتگردن کي بنا ڪنهن رعايت جي قانون حوالي ڪيو وڃي. آئنده لاءِ پڻ اهڙا اپاءَ ورتا وڃن، جيئن دهشتگردي نه ٿي سگھي. ان لاءِ هڪ قدم اهو هجڻ گھرجي ته دهشتگرديءَ جو شڪار ٿيل آباديءَ کي پنهنجي تحفظ لاءِ سرڪاري طرح هٿيار مهيا ڪيا وڃن.
    10- پرڏيهي غيرقانوني رهاڪو، توڙي جو ڪراچيءَ جي مختلف ضلعن ۾ رهن ٿا، پر مجموعي طرح هڪ ضلعي جيتري آبادي رکن ٿا. انهن جي جاءِ تي جيڪڏهن حقيقي تاريخي وارث آباد ڪيا ويندا ۽ کين روزگار جي ضمانت هوندي ته اسان کي جھڙوڪر هڪ نئون ضلعو ملي پوندو، جنهن مان چونڊجندڙ قومي توڙي صوبائي اسيمبلي ميمبر خود هن حڪومت جا ئي هٿ مضبوط ڪندڙ ثابت ٿي سگھن ٿا.
    11- پٺاڻ ۽ پنجابي ڪامورا سنڌ ۾ قبول نه ڪيا وڃن. سنڌ ۾ پهريون حق هتي جي تاريخي رهاڪو جو آهي. اهڙيءَ طرح هتي جي ڪارخانن ۾ پڻ پهرين ترجيح سنڌي ماڻهن کي ملڻ گھرجي. ان لاءِ جوڳو بلو ڪيو وڃي.
    12- پٺاڻ ۽ پنجابي، جن جا مائٽ اڳ ئي هتي ويٺا آهن، هتي اچي ڏينهون ڏينهن نيون ڪچيون آباديون جوڙن ٿا، کين سهولتون به هڪدم مليو وڃن. ڪا به نئين ڪچي وسندي ٺاهڻ نه ڏني وڃي ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اهڙيون جيڪي به ڪچيون وسنديون ليز ڪيون ويون آهن، اهي هتان جي تاريخي وارثن حوالي ڪيون وڃن.
    13- ڪي ڊي اي وارن جيڪي به سنڌي ڳوٺ ڊاٿا آهن، اتي جي رهاڪن کي انهن ئي علائقن ۾ وري آباد ڪيو وڃي ۽ مناسب قرضن تي کين پڪيون جڳهون الاٽ ڪيون وڃن.
    14- سنڌي ماڻهن کي پڻ خاص ڌيان ڏئي ۽ خصوصي شعوري ڪوشش ڪري، ڪراچيءَ جي سڀني ضلعن ۾ پنهنجون ملڪيتون ٺاهڻ گھرجن ۽ پنهنجيءَ سنڀال جو جوڳو بلو ڪرڻ گھرجي. سڀني ماڻهن کي ڪوشش ڪري مستقل روزگار هٿ ڪرڻ گھرجن، پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ گھرجي ۽ پنهنجن پاڙن ۽ رستن تي سنڌي نالا رکڻ گھرجن.
    (روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 3-مارچ 1994ع)


    ڪُڦاٿل پاڪستاني!

    (هي مضمون خاص طرح سنڌ جي وطن دوست وڪيلن، اسيمبلي ميمبرن ۽ سياستدانن جو ڌيان لهڻي ٿو.)

    پاڪستان حڪومت هن مهيني (ڊسمبر 1992ع) جي ابتدا کان بنگلاديش ۾ اتان جي وطن دوست عوام جي قاتل بهارين کي هر قسم جي نظرياتي، اخلاقي، مذهبي، سياسي ۽ عالمي حقن جي ڀڃڪڙي ڪندي ۽ خصوصاً ست ڪروڙ سنڌي ۽ سرائيڪي عوام جي باشعور گڏيل راءِ ڏانهن ڏاڍ ڀريو رويو رکندي، پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ڏيڻ شروع ڪيا آهن. انهيءَ ڏٺي وائٺي ارهه زورائيءَ ۽ زبردستيءَ جي ڪري سنڌي ۽ سرائيڪي عوام ۾ ايڏي ته بيچيني ۽ ناراضگي پکڙجي وئي آهي، جو سنڌي ۽ سرائيڪي سياستدان ئي نه، پر اَڻڪَٽر اردو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙن به ان کي محسوس ڪري ورتو آهي. روزاني انگريزي اخبار ”فرنٽيئر پوسٽ“ ان موضوع تي سنڌ ۽ پنجاب ۾ به سيمينار ڪرايا آهن ۽ ”ڊان“ ۽ ”دي نيوز“ ۾ پڻ ڪجھ مضمون ڇپيا آهن. رسول بخش پليجي ۽ پروفيسر عزيز احمد کان ويندي منظور سولنگي ۽ اعجاز منگي تائين ڪيترن ئي دانشورن مضبوط دليلن سان پنهنجو موقف رکيو آهي ۽ سنڌين ۽ سرائيڪين جي لڳ ڀڳ سڀني سياسي پارٽين ۽ تنظيمن اخباري بيان ۽ اخبارن ايڊيٽوريل شايع ڪيا آهن. ٻئي پاسي ”بهاري روڪيو ڪميٽيءَ“ سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ احتجاجي گڏجاڻيون ڪري، عوام جي سجاڳي ۽ مِڙي مُٺ ٿيڻ لاءِ دورو ڪيو آهي. سرڪار پنهنجي جمهوري هامن باوجود ايڏي ته مَت وڃائي ويٺي آهي، جو ان ”بهاري روڪيو ڪميٽيءَ“ پاران ڀٽائي گھوٽ جي نگريءَ ۾ رٿيل ڪنوينشن کي تشدد وسيلي تباهه ڪيو، پر نام نهاد نظريي ۽ مذهب جي آڙ ۾ پنهنجيءَ هر غيرقانوني ۽ عوام دشمن حرڪت کي قانوني ۽ وطن دوست سڏيندڙ پاڪستاني حاڪمن ۽ حڪمرانن وٽ ۽ سندن ڀاڙيتو نظرييدانن ۾ ايتري به اخلاقي جرئت ناهي، جو پنهنجي موقف جي حمايت ۾ ڪي مناسب، متبادل ۽ مضبوط دليل ميدان تي آڻي سگھن. بس، حاڪمن جي انڌي ۽ ڏاڍي واري لٺ آهي جيڪا پئي ڦري.
    عرف عام مڃيو پيو وڃي ته پاڪستان انهن ملڪن مان آهي، جيڪو سڃي دنيا جي هر برائيءَ ۽ غلط ڳالهين ۾ پهريَن پنجن نمبرن مان هڪ ۽ هر نيڪ سٺي ڳالهه/عمل ۾ آخري پنجن نمبرن مان هڪ آهي ۽ جتي دليل ۽ سچ جي حاجت ئي ناهي. هتي ڏنڊو ۽ سازش ٿا هلن ۽ انهن جي ئي ٻولي سمجھي وڃي ٿي --- دنيا جا انگ اکر ۽ گذريل 45-ورهَن جي تاريخ ته اهو ئي ثابت ڪن ٿا. ان ڪري سنڌي عوام ۽ سنڌ جي گھڻگھرن آڏو هاڻي رڳو هڪ ئي طريقو بچيو آهي، جنهن تي هلي ئي ان ايندڙ وبائي ۽ خوني ڪٽڪ کي ڪاٽي ۽ ڪُٽي سگھجي ٿو، ۽ اهو هيءُ ته نه رڳو زوردار ۽ منظم احتجاج ڪيو وڃي، پر پاڪستان سرڪار کي جوابدار بڻائي ڪورٽ ۾ ڇڪيو وڃي. ان لاءِ هيٺ ڄاڻايل نُڪتا سوچ لائق آهن:
    1. مسلم گھڻائي وارين رياستن جي گڏيل حڪومت ٺاهڻ لاءِ جڏهن 1938ع ۾ سنڌ اندر، 1940ع ۾ لاهور منجھ ۽ 1943ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ٿيا هئا، تڏهن انهن ۾ ڪٿي به، ڪنهن به طرح اهو ڄاڻايل نه هو ته مسلم ٿورائيءَ وارن علائقن مان مسلم گھڻائيءَ وارين رياستن ڏانهن ڪا به لڏ پلاڻ ٿيڻي هئي يا ٿيندي.
    ان ڪري سنڌي، بنگالي، بلوچ ۽ پٺاڻ اهو چوڻ ۾ قانوني ۽ اخلاقي طرح جائز هئا، ته گھڻين مسلم رياستن جي گڏيل حڪومت ٺاهڻ بدران هڪ رياست ۽ هڪ حڪومت ٺاهڻ، رياست کي صوبا سڏڻ ۽ وري صوبائي خودمختياري جو گلو گھٽي مرڪز کي ناجائز حد تائين اختيار ڏئي، مضبوط ڪرڻ ۽ بنگال توڙي هاڻوڪي پياري پاڪستان جي علائقن ڏانهن ڀارت کان جيڪا به لڏ پلاڻ ٿي، اها غير نظرياتي، غيرقانوني ۽ ناجائز هئي. ان ڪري ڀارتي علائقن مان لڏيندڙن ۽ ڀڄندڙن کي ”پاڪستاني“ سڏي نه ٿو سگھي، اهي ناجائز آبادڪار آهن ۽ انهن کي پاڪستان ۾ رهڻ جو ڪو به قانوني حق ناهي. اهو موضوع ڪورٽ ۾ بحث هيٺ آڻي سگھجي ٿو ۽ آڻڻ گھرجي.
    2. سنڌ ۾ اڻ ڪَٿي ۽ اڻ کُٽ لڏ پلاڻ جي ٻوڏ ڏسي ۽ پنهنجن محدود وسيلن کي نظر ۾ رکندي سنڌي سياستدانن محسوس ڪري ورتو ته هڪ ئي وقت لکن جي ڳڻپ ۾ ايندڙ بي گھر ۽ رولو ماڻهن کي رٿابنديءَ سان آباد ڪرڻ، انهن جي روزگار، اچ وڃ ۽ رهائش جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ مورڳو ممڪن نه هئي. ان ڪري فيصلو ٻڌايو ويو ته ان غير قانوني، ناجائز ۽ اڻ کٽ لڏ پلاڻ کي بند ڪيو وڃي يا گھٽ ۾ گھٽ سنڌ ڏانهن اچڻ کان جھليو وڃي. (ٻڌڻ ۾ آيو پئي ته ڀاڄوڪڙن سان ڀريل ريل گاڏيون جڏهن لاهور پئي پهتيون، تڏهن انهن جو اسٽيشن تي ئي گھيرو ڪري منجھن ويٺلن کي ٻڌايو پئي ويو، ته پاڪستان اڃا اڳتي آهي، تنهنڪري هتي نه لهجو، نه ته مارجي ويندئو!)
    سنڌ رضا خوشيءَ سان جيڪي ماڻهو قبول ڪيا، انهن تي به سوچڻ گھرجي، پر خاص طرح سنڌ جي فيصلي کان پوءِ آيل سمورا ڌاريا هر اخلاقي ۽ سياسي نڪتي نظر موجب غير قانوني ۽ ناجائز آباد ٿيل آهن، تنهنڪري انهن جي قانوني پاڪستاني شهريت کي پڻ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگھجي ٿو ۽ ڪرڻ گھرجي.
    3. پاڪ-ڀارت سرحدون بند ٿيڻ ۽ خاص طرح 1965ع واري جنگ کان پوءِ پاڪستان (انهن ڏينهن ۾ اولهه ۽ اوڀر) ڏانهن ڀارت جي علائقن مان جيڪا به لڏ پلاڻ ٿي آهي (ڪهڙي به نالي ۽ نعري هيٺ ٿي هجي)، اها پاڪستان جي ڪنهن به ڄاڻايل قانون موجب قانوني ۽ جائز ناهي، پر پاڪستان ۾ چورن جيان لڪ ڇپ ۾ يا سمگل ٿي آيل ڌارين جا انگ اکر ٻڌائن ٿا، ته 1965ع کان پوءِ به هزارن جي ڳڻپ ۾ ڀارت کان پاڪستان (۽ خاص طرح سنڌ) ڏانهن لڏ پلاڻ ٿيندي رهي آهي، جن کي رشوتون وٺي شناختي ڪارڊ، ڊوميسائيل ۽ پاسپورٽ مهيا ڪيا ويا، ۽ ڪي ماڻهو ته انهن جي بنياد تي سياست ۾ حصو وٺي حڪومت جا وسيلا ڪتب آڻيندا ۽ پگھارون، بونس، الائونس ۽ رعايتون ماڻيندا رهيا آهن، جنهن کي ٺڳيءَ ۽ غداريءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به مناسب نالو نه ٿو ڏئي سگھجي. انهن سمورن ٺڳن، دغابازن، غدارن ۽ غيرقانوني آبادڪارن کي ڪنهن به طرح پاڪستاني سڏي نه ٿو سگھجي. اها ڳالهه ڪورٽ جي نوٽيس ۾ آڻڻ گھرجي ۽ انهن سمورن ڌارين کي تڙي ڪڍڻ حڪومت جو فرض آهي، جنهن کان غفلت خود پاڪستان سان غداريءَ جي مترادف آهي.
    4. 1971ع واري پاڪ-ڀارت جنگ کان پوءِ بنگلاديش ٺهڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن کي نئين پاڪستان جي حڪومت پڻ مڃيو. ان مڃتا کان پوءِ بنگلاديش هڪ ٻيو ملڪ ٿيو. هاڻي بنگلاديش جي ڪنهن به رهاڪوءَ کي زوريءَ، يا مخصوص مقصدن لاءِ ڪيل واويلا جي آڙ ۾، ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت ڏيڻ يا وٺڻ بين الاقوامي ۽ ملڪي قاعدن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي آهي ۽ اها ڀڃڪڙي ڪندي لڳ ڀڳ ٽن لک بهارين کي پاڪستان ۾ گھرائي آباد ڪيو ويو. کين نه رڳو شهريت ڏني وئي، پر خاص طرح سنڌين جا حق ماري انهن کي روزگار ۽ زندگيءَ جون ٻيون سهولتون به ڏنيون ويون --- آپ نه پالي، تتر تاتي.
    (اهو ته خود پ پ جو به فرض آهي ته پنهنجي ڪيل غلط ڪم کي نه رڳو مڃي ۽ سنڌين کان معافي وٺي، پر ان غلطيءَ جو ازالو ايئن ڪري، جيئن ڪرڻ گھرجي يعني انهن ناجائز ۽ غير قانوني آباد ڪيلن خلاف پنهنجي آواز ۽ عمل کي باقي سنڌي عوام جي آواز ۽ عمل سان ملائي زبردست مهم هلائي ۽ پنهنجي منشور ۽ پروگرام ۾ اها ڳالهه چٽيءَ طرح آڻي، ته سندس غلطيءَ جي آڙ وٺي، پاڪستان جا حاڪم ۽ حڪمران سنڌين مٿان نئين سر وري ٻي لکين بهارين جي لوڌ چاڙهي نه اچن ۽ اڳ ئي غير محفوظ اقليت ٿي وڃڻ جي ڊپ ۾ وٺجي ويل، ناانصافي محسوس ڪندڙ، سنڌي قوم کي اڃا وڌيڪ غير محفوظ ۽ اقليت ۾ تبديل نه ڪن.)
    1971ع جي پڇاڙيءَ ۾ ۽ ان کان پوءِ جيڪي به ماڻهو، خاص طرح بنگلاديش کان اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا آهن، اهي ناجائز ۽ غير قانوني آهن، تنهنڪري اها ڳالهه عدالت جي ڌيان تي آڻڻ گھرجي.
    5. سنڌين جي غير منظم هجڻ ۽ سندن ڪجھ نام نهاد سياسي اڳواڻن جي بد افعالين، هوڏ ۽ جھالت جي ڪري خصوصاً ڀارت جي ڪجھ بي پاڙن ماڻهن سنڌ کي گذريل اڌ صديءَ کان پنهنجي مڪر، ٺڳيءَ، ترڪتال ۽ سازش جو نشانو ٺاهي پئي رکيو آهي. انهن ڄاڻي ورتو آهي ته اهڙيءَ ٽڙ وڇڙ ۽ غدار فضا ۾ سندن جياپو ۽ پالنا بهتر نموني ٿي سگھندي ۽ اهي پاڻ کي هڪ وڏي اڪثريت ۾ تبديل ڪري، سنڌين کان سندن اباڻي تاريخي ڌرتي ڦري، کين لوڌي ڪڍي يا ماري مَڃائي ۽ محڪوم رکي سگھندا. ان ڪري پاڪستان ٺهندي ئي ۽ ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين سنڌ ڏانهن ڌارين جي ناجائز ۽ غيرقانوني لڏپلاڻ جاري آهي، جيڪي هتي اچي، هتان جي شهريت وٺي ڏينهون ڏينهن سنڌ جي مالڪيءَ جا دعويدار ٿيندا وڃن ۽ ڪرسيءَ ۽ اقتدار جا بکيا کين هر قسم جو تحفظ مهيا ڪري رهيا آهن. اهڙيءَ طرح سنڌي ماڻهو پنهنجي سنڌ جي مالڪيءَ جو حق وڃائيندا، ٻين کي ان ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪندا ۽ اقليت ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃن --- اها آهي نمبر هڪ ڳالهه.
    گذريل 45-ورهن ۾ هر طرفي سازش، مڪاريءَ، نعريبازيءَ ۽ چالاڪيءَ ڪري جنهن منظم نموني سنڌ ۽ سنڌي عوام سان ويساهه گھاتي ڪئي وئي آهي، سندن ٻوليءَ، ثقافت ۽ سماجي حيثيت کي ٽئين درجي تائين ڪيرائي، مالڪ مان ڦيرائي چور بنايو ويو آهي، کين هڪ مڪروهه رٿابنديءَ وسيلي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ بي يار وَ مددگار ۽ بي وسيلو ۽ بي پهچ ڪري نام نهاد قومي اخبارن ۽ خصوصي پروپيگنڊا ٽيمن وسيلي بدنام --- ڀارت ۽ روس جو ايجنٽ، علحدگي پسند، پاڪستان دشمن، ڪافر، بي دين وغيره --- ڪيو ويو (۽ اهو مخصوص بد مقصد پورو ڪرڻ لاءِ خود سنڌين منجھان ئي ڪي ماڻهو ڀاڙي تي ڀرتي ڪيا ويا)، سندن گھر، ڪارخانا، ٻنيون، باغ، ڍنڍون، کاڻون، سمنڊ، اچ وڃ جا وسيلا، نوڪريون، ٺيڪا، ڏيهي توڙي پرڏيهي واپار ۽ معدنيات هر قسم جي ساز باز وسيلي ڦٻايا ويا، سنڌ جي تاريخي ماڳن، ثقافتي ڳڙهن ۽ خود تاريخ خلاف ڌڪار پيدا ڪئي وئي. سنڌين کي سياسي طرح شودر جي سطح تي ڪيرائڻ لاءِ ئي پاڪستان جي حاڪمن پاران مهاجر-پنجابي-پٺاڻ محاذ ٺاهيو ۽ پوءِ ايجنسين ان مقصد سان گڏ سنڌين جي جمهوري سياسي سُرت کي به چِيڀاٽڻ لاءِ سنڌ ۾ هڪ منظم ۽ هٿياربند دهشتگرد تنظيم ٺاهي (جنهن وٽ هٿيار رڳو سِمگل ٿيل ئي نه، پر ”واهه“ فيڪٽري جا به هئا). اهي دهشتگرد ۽ بي پاڙا ماڻهو پاڻ کي مهاجر قوم جو اڳواڻ سڏين ٿا، اها آهي نمبر ٻي ڳالهه.
    يادِ کي جيڪڏهن 22 ورهيه پوئتي وٺي وڃجي، ته اهو ساڳيو ڪم ڀارت کان سنڌ ۾ آيلن جيان ڀارت کان بنگلاديش ۾ ويل سندن مائٽن بنگالي عوام سان ڪيو. هنن پنهنجي دهشت جي اوج وارن ڏينهن ۾، اتي 50 لک ماڻهو، ڄمار ۽ جنس جي تميز رکڻ بنا، قتل ڪري ڇڏيا، لکين عورتن جي زوريءَ بيحرمتي ڪئي ۽ ڍُڪين جا پيٽ ڦاڙيا ۽ ٻارن کي ڇيڇاڙي سنگينن تي اُڀو ڪري نعرا هنيا. کين اتي اهو ڪجھ مليل هو ۽ انهن پاران ئي مليل هو، جيڪو ڪجھ هِتي جي دهشتگردن کي مليل آهي. هِتي جي دهشتگردن جيان انهن اُتي به پنهنجن مسلمان ڀائرن، پاڪستاني هم وطنن، جيئرن جاڳندن ماڻهن ۽ ڏکين گھڙين ۾ پناهه ڏيندڙ پنهنجن محسنن سان اهو سلوڪ ڪيو، جيڪو بي رحم شڪاري حرام جانورن سان به نه ڪري سگھندا آهن.
    اتي به هڪ مهاجر قوم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، بنگالي مخالف محاذ ٺاهيا ويا ۽ 1947ع کان 1970ع تائين اتي به لڳ ڀڳ اهو ڪجھ ٿيندو رهيو، پر بنگالي گھڻا هئا، پياريءَ فوج ۽ پيارن پنجابين کان پري هئا، ڪجھ ته منظم ٿي چڪا هئا، هڪ وڏي ٻليدان جي سَٽ سهسائي ويا ۽ هٿياربندن ۽ دهشتگردن کي پادر پارائي ڇڏيائون. بنگلاديش ۾ اهي خوني ۽ وحشي ڪاروايون ڪندڙ مهاجر دهشتگردن جو نالو آهي: بهاري.
    پنهنجي ئي هم مذهب، ديس واسي ۽ محسن ماڻهن سان ايڏا ڪيس، انهن جا ايڏا ڪوس، انهن جون ايڏيون بيحرمتيون ۽ اهڙن ٻين سڀني ڪَٺور ڏوهن جا ڏوهاري اڃا تائين آزاد آهن، انهن کي ڪنهن به ٿاڻي تي نه ڇڪيو ويو آهي ۽ اٽلو اهي اهڙا ناٽ ۽ آرا پيا ڪن، ڄڻڪ هنن وڏا ڪي وڙ ڪيا آهن. جيڪڏهن سقراط جي قاتلن تي 22 سَو سال پوءِ ڪيس ڪري سگھجي ٿو، ته بنگالي عوام جي حقيقي قاتلن تي ڇو نه؟
    6. (الف) عالمي طرح مڃيو وڃي ٿو، ته ڪنهن به قوم يا ملڪ تي ڪاهه ڪرڻ ۽ انهن کي محڪوم ۽ ماتحت بنائڻ هڪ زبردست اخلاقي ۽ عالمي ڏوهه آهي. دنيا ۾ هن وقت تائين ڪنهن به ملڪ يا قوم تي ڪاهه رڳو هٿياربند صورت ۾ نه ٿيندي آهي. ڪاهون معاشي، سياسي ۽ ثقافتي به ٿينديون آهن، جن وسيلي ڪنهن قوم يا ملڪ جي معاشي، سياسي ذهنن ۽ ثقافتي زندگيءَ کي پنهنجي ڄمت ۽ غلاميءَ هيٺ رکيو ويندو آهي. عراق تي اقتصادي پابنديون وجھڻ جو مقصد هر ماڻهو سولائيءَ سان سمجھي سگھي ٿو، پر اها ئي ڪاهه ڪڏهن ڪڏهن بظاهر بيوس، لاچار، مظلوم، ماريل ۽ سَتايل ماڻهن جي ٽولن جي لڏ پلاڻ جي صورت ۾ به ٿيندي آهي، جيڪي پوءِ ٻي قوم (ميزبان ۽ مهربان --- رضا خوشي ٿي هجي يا زوريءَ ۽ ڌوڪي سان ٺاهي وئي هجي) جي وسيلن تي ماڪڙ جي ڪٽڪن جيان ڪڙڪندا آهن. ڪٽر يهودين جي مهم جيتوڻيڪ 1898ع کان هلندڙ هئي، پر 1940ع کان 1950ع تائين يهودين جي اسرائيل ۾ آبادڪاري گھڻي ڀاڱي ان ذڪر ڪيل صورت ۾ ٿي، ۽ اڄ دنيا ڀليءَ ڀت ڄاڻي ٿي ته انهن مظلوم لاڏائن جي اسرائيل ۾ آبادڪاريءَ پٺيان حقيقي ارادا ۽ نِيَتون ڇا هيون. (ڪجھ مَٽ سَٽ سان اتر ۽ ڏکڻ آمريڪي کنڊن تي يورپ جي رهاڪن جون ابتدائي ڪاهون پڻ ڌيان ۾ آڻي سگھجن ٿيون.)
    يهودين جي اُن لاڏائو نسل وٽ وري به هڪ بهانو ته هو، ته سندن وڏڙن جو مذهبي، تاريخي ۽ ثقافتي ناتو فلسطين جي ڌرتيءَ سان هو، جڏهن ته 1947ع ۾ پاڪستان نالي ٺاهيل ملڪ جي سرحدن ۾ ايندڙ زمين جي ڪنهن به علائقي سان ڀارتي سرحدن منجھان لڏيندڙن ڪنهن به ماڻهوءَ کي مذهبي، تاريخي، ثقافتي، لساني يا ڪو به ٻيو ناتو نه هو. سندن جيڪڏهن ڪو مذهبي ناتو ٺهي پئي سگھيو، ته سعودي عرب سان، تاريخي ۽ ثقافتي ناتو وري وچ ايشيا سان ۽ لساني ۽ ثقافتي ناتو وري به هاڻوڪي ڀارت سان ئي ٺهي پئي سگھيو، تنهنڪري کين ڪنهن به سبب يا بهاني لڏڻو ئي هو، ته ترڪيءَ يا سعودي هليا وڃن ها.
    باشعور ۽ تاريخ تي نگاهه رکندڙ ڪجھ سنڌي دانشورن ۽ سياستدانن انهيءَ لڏ پلاڻ خلاف مضبوط دليلن سان احتجاج ڪيو، پر سندن آواز مڇي مارڪيٽ ۾ چيڀٽ هيٺ آيل هڪ ننڍڙي ٻار جي ”آهَه“ کان وڌيڪ نه هو، پر اها ”آهه“ اڃا سوڌو تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهي ۽ انهن ڏينهن ۾ لڏ پلاڻ جي سازشي حامين جي مُنهن تي لپاٽ ٿي لڳي رهي آهي.
    بنگالين ۽ سنڌين پنهنجي مظلوم دوستيءَ ۽ اڻ ساڙيلي ثقافتي پس منظر جي ڪري کانئن ڪا به اوپرائپ يا ڀَوَ ڀائڻ بنا ئي سندن واهر ڪئي، پر مثال طور، سنڌ ۾ ايندي شرط هن ٽولي جي خود غرض ۽ مڪار اڳواڻن هڪ مخصوص سازشي رٿابنديءَ سان سنڌ جي خاص طرح وڏن ۽ صنعتي ۽ تعليمي طرح نسبتاً وڌيڪ ترقي ڪيل شهرن ۾ ڀاڄوڪڙن کي ورسائڻ شروع ڪيو.
    ”هندو مسلم جھيڙو“ نالي ڪا به شيءِ سنڌ ۾ موجود نه هئي. 1947ع تائين ڪل ٻه واقعا ٿيا هئا. هڪ لاڙڪاڻي ۾ (شايد 1927ع ۾) جيڪو بهرحال ننڍو واقعو هو ۽ ٻيو اهو سازشي جھيڙو، جيڪو مسلم ليگ کي سنڌ جي مسلمانن ۾ مقبول بڻائڻ لاءِ هندو ۽ مسلمان سنڌين جي وچ ۾ رت ۽ باهه جي ڀت بيهارڻ لاءِ ڪرايو ويو، جنهن کي مسجد منزل گاهه واقعي جي نالي سان سڃاڻيندا آهيون. ٻرنديءَ تي گھڻو ئي تيل وڌو ويو، پر سنڌين جي فطري رواداري ۽ سهپَ سازشي سنڌي سياستدانن جي پهچ کان مٿي هئي، تنهنڪري ڀارت ۾ رتوڇاڻ باوجود 1947ع ۾ سنڌ اندر ڪو به هندو-مسلم جھيڙو موجود نه هو. ايتري قدر جو ڀارتي لاڏائن جي اچي پهچڻ کان پوءِ به سندن تعصبي رويي باوجود ڪو به خاص واقعو نه ٿيو. اهڙي پُر امن صورتحال ڀارتي لاڏائن جي حقيقي ۽ ڳجھين منشائن جي خلاف هئي ۽ سنڌي سازشي، قرضي، عياش ۽ ڦورو جاگيردارن کي به نه پئي وڻي. هندو سنڌين ۾ بهرحال هڪ اڻ تڻ، بيچيني ۽ ڀَو موجود ٿي چڪو هو، مٿان جو هٿرادو نموني نفرت جو کورو پچايو ۽ جڙتو جھيڙو پکيڙيو ويو، تنهن دکنديءَ کي چوچڙيءَ جو ڪم ڏنو ۽ نيٺ هندو سنڌين جي لڏ پلاڻ جاري ڪرائي وئي. (اها لڏ پلاڻ به ناجائز ۽ غيرقانوني هئي.)
    انگريز راڄ هلندي جڏهن سنڌ کي بمبئيءَ سان ملايو ويو، تڏهن کان پنجاب جا ڦورو حاڪم طبقا اها ڪوشش ڪندا پئي رهيا، ته سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪري پنجاب سان ڳنڍيو وڃي. ان لاءِ هنن ڪيترائي معاشي، سياسي ۽ ثقافتي دليل به مهيا ڪري ورتا هئا، پر سنڌي ماڻهن اهو ڪنهن به طرح پسند نه پئي ڪيو ته بمبئيءَ جي بلا مان جند ڇڏائي پنجاب جِي پيئڻ جي ور چڙهي وڃن. انهن 1936ع ۾ سنڌ کي خودمختيار صوبو ٺاهي ورتو، پر پرڏيهي حاڪمن جي چاپلوس سنڌي وڏيرن 1938ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٺهراءُ، 1940ع ۾ لاهور ۾ ٺهراءُ ۽ 1943ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪري پنجابي ڦورو حاڪمن جي پسند جو بلو ڪري ورتو ۽ سنڌ، بهرحال، ڪهڙي به نيڪ نالي/نعري هيٺ پنجاب سان ڳنڍجي وئي ۽ ان جيڪو ڪجھ ڪيو آهي، اهو تاريخ ۽ جيئرن سنڌي ماڻهن جي دلين تي لکيو پيو آهي.
    ڀارتي لاڏائو سياستڪار لوڀي نواب ۽ پنجاب جا ٺوڳي حاڪم طبقا پاڪستان ٺهندي ئي پاڪستان جي عوام ۽ مظلوم قومن خلاف ٿيل سمورن ظلمن، جُرمن ۽ جُٺين ۾ جٽ رهيا آهن. اٿندي ئي سنڌ جي دل تي وار ڪيو ويو ۽ ڪراچيءَ کي گھيري ۾ آڻي سنڌ کان ڇني مرڪزي علائقو بڻايو ويو. ٻيو حملو هندن جي ڇڏيل ملڪيت (ڪارخانن، باغن، ٻنين، گھرن، دڪانن، وغيره) تي ٿيو، جنهن ۾ نه رڳو انهن وٽ گروي رکيل پر وَريامن، گُھرامن ۽ بَهرامن جي حقيقي ملڪيت کي به نه ڇڏيو ويو. ڪوڙن ڪليمن جا ڪوڙا سنڌين جا چم چڪڻ لڳا. ائين ٿي لڳو ڄڻڪ لڏ پلاڻ جي صورت ۾ ڪاهه ڪليمن لاءِ ئي هئي. جوش مليح آباديءَ جهڙي اردو ٻولي جي قداور شخصيت سان گڏ ٻيون به ڪيتريون ئي دستاويزي لکتون ميدان تي آهن، جن ۾ ڄاڻايل آهي ته ڀارتي رهاڪن کي ٺهندڙ پاڪستان ۾ ججھو ملي سگھندڙ مال جي لالچ ڏئي هرکايو ويو هو.
    هندن جي ڇڏيل ملڪيت بابت پنجاب اسيمبليءَ جي ٺهراءَ کي مانُ ڏنو ويو هو، پر سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءَ کي کنگھيو به نه ويو --- بنيادي نيت ئي بد هئي. ملڪ ساڳيو پاڪستان، صوبائي اسيمبلين جا ٺهراءَ، هڪ کي مانُ ۽ ٻي جو اپمان! ۽ اپمان به سنڌ جو، ڇو؟ سڏيل ۽ قرار ڏنل اويڪيو پراپرٽي (خالي ٿيل ملڪيت) ۽ ان کي قبضي ۾ ڪرڻ لاءِ ڪليمن ۽ دفتري هيرا ڦيريءَ وسيلي ٿيل ڦرلٽ جي جاچ ٿيڻ، اسيمبلي ٺهراءَ جو اپمان ڪندڙ ڏوهارين کي جھلڻ، انهن لي ڳولي ڪورٽ ۾ آڻڻ ۽ ڪورٽ کان فيصلو وٺڻ گھرجي ته ناجائز ۽ غيرقانوني طريقن سان ڦٻايل ملڪيت سڳ ۽ ڏنڊ سوڌي قبضي گيرن کان ڇڏائي وڃي.
    (ب) پرڏيهي ڪاهيندڙن جتي به ڪنهن به طريقي سان ڄمت ڄمائي آهي، اتي سندن قبضيگير مقصدن ۾ اهو به شامل رهيو آهي ته محڪومن جي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي به ستياناسي ڪئي وڃي. سنڌ سان ڏاڍو عجيب اتفاق ٿيو. سنڌ جي تاريخ ۾ انگريز ئي اڪيلا --- پرڏيهي ۽ ڦورو ڪاهيندڙ هئا، جن ڪن معنائن ۾ روايتن جي ابتڙ سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي نه رڳو بچايو، سموهيو ۽ سهيڙيو، پر وڌايو ۽ ويجھايو به. جڏهن ته مسلمان ڀائرن پاڪ-ستان ۾ حقيقي ٻولين ۽ ثقافتن جا حق ماريندي ۽ انهن کي ٿڏيندي هند-ستان ۾ پاڙون رکندڙ ٻوليءَ ۽ ثقافت کي ”قومي“ جو شرف ڏئي مڙهي ڇڏيو. اردو ٻولي حقيقت ۾ هندي ٻولي ئي ته آهي، جنهن کي عربي ۽ فارسي جي لفظن جي چَتي هنيل آهي. هنن ته سنڌين، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي ڪافر قرار ڏئي قتل ڪرڻ پئي گھريو پر بي ڌرتيا ڌرتيءَ ۾ پاڙون رکندڙن کي پَٽي نه سگھيا. البت هنن کي لوئڻ شروع ڪيائون. ڪنهن به ٻوليءَ جو، ثقافت جو، ماڻهوءَ جو وجود ميسارڻ لاءِ ڪا به سازش، ڪو به ڪڌو ڪم عالمي، انساني ۽ اخلاقي حقن جي خلاف بڇڙائي ۽ هڪ بين الاقوامي ڏوهه آهي.
    (ث) پيداواري وسيلا ساهوارن جي جياپي ۽ ماڻهن جي سماجي واڌاري جو بنياد آهن. انساني جسم لاءِ روح کي ڀلي بنيادي سمجھيو وڃي، پر ان جو وجود به پيداواري وسيلن ۽ انهن جي بهتر واهپي جو محتاج آهي، تنهنڪري ڪنهن به ماڻهوءَ، ماڻهن جي فطري ميڙ --- قوم --- جي تاريخي پيداواري وسيلن تي ڪنهن به ڌاري (يا پنهنجي) ٽولي جو قبضو انهن پيداواري وسيلن تي پلجندڙ ساهوارن خلاف هڪ خطرناڪ ۽ موتمار جُلهه آهي. سنڌ جي پيداواري وسيلن تي سمورن تاريخي وارثن کان سواءِ ڪنهن به ٻئي جو زوريءَ قبضو/مالڪي/حصيداري ڪنهن به قانون موجب جائز ۽ قانوني سڏي نه ٿي سگھجي. سنڌ جي پيداواري وسيلن تي ڌارين جو قبضو ٻڌائي ٿو ته سنڌ خلاف هڪ خطرناڪ سازش ڪاهه ٿي هئي، جيڪا عالمي انساني حق جي چارٽر جي نالائق ڀڃڪڙي آهي.
    (ج) پنهنجا مخصوص اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي مفاد رکندڙ، ڪروڙن جي ڳڻپ ۾ هڪ وڏي تاريخي ميڙ، هڪ قوم، جنهن کي هڪ رچيل، شاهوڪار ۽ اسريل ٻولي آهي ۽ ڌر-گولي جي سنڌ نالي هڪ ٽڪري تي سوين صدين کان پنهنجو وجود بچائيندي، برقرار رکندي ۽ وڌائيندي اچي، ان کي سندس پنهنجي ئي اباڻي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ بدلائڻ يا ان تان زوريءَ لڏائڻ ۽ کانئس ڌرتي کسڻ هڪ مها پاپ آهي. (جڏهن هڪ ماڻهوءَ کان سندس ٻنيءَ ٽڪرو کسڻ ئي ڏوهه آهي، ته پوءِ هڪ قوم کان سندس ڌرتي کسڻ ڇو ڏوهه ناهي؟) سنڌ ۾ سنڌين خلاف ڌارين جي دهشتگردي، چوريءَ ۽ زوريءَ انگن اکرن ۾ واڌ، حڪومت ۾ مالڪيءَ جي حد تائين حصيدار، ڌاري ٻوليءَ جي برتري ۽ سنڌين جو ڪوس ڇا ٿا ٻڌائين؟
    انهن ڳالهين کي ذهن ۾ رکندي جيڪڏهن باشعور سنڌي ماڻهو اهو محسوس ڪن ٿا، ته هڪ منظم سازشي رٿابنديءَ تي عمل ڪندي، مظلوم جي صورت ۾ سنڌ مٿان هڪ خونخوار ڪاهه ٿي هئي ۽ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اڃا جاري آهي ۽ ان ڪاهه وسيلي سنڌي قوم جو وجود ميسارڻ جي ڪڌيءَ ڪرت تي عمل ٿي رهيو آهي، جيڪو هر عالمي، انساني ۽ اخلاقي قدر جي ابتڙ آهي، ته ڇا غلط چئي سگھيا؟
    7. دنيا ۾ ڪهڙو به ڏيهه هجي، ان ۾ اتي جي حقيقي وارثن جي موڪل کان سواءِ ڪو به ڌاريو رهي نه ٿو سگھي ۽ جي بنا موڪل، چوريءَ يا سمگل ٿي اچي رهي به پيو، ته اهو نه رڳو ناجائز ۽ غيرقانوني ۽ واجب ال سزا آهي پر کيس ڪن کان ڇڪي ڪڍي سگھجي ٿو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ۾ لکين ڌاريا ماڻهو اهڙي ناجائز لڏ پلاڻ ڪري اچي رهي پيا آهن، جيڪا ڪنهن به طرح جائز سڏي نه ٿي سگھجي. رڳو ڪراچي ڊويزن جي چئني ضلعن جي حدن ۾ سنڌ جي حوالي سان نه، پر پاڪستاني قانون جي حوالي سان اهڙن غيرقانوني ۽ ناجائز ڌارين رهاڪن جي ڳڻپ ويهه لکن کان مٿي آهي، جيڪا سنڌ جي ڪنهن به ٻي سڄي ساري ضلعي جي آباديءَ کان وڌيڪ بيهي ٿي. ٻين لفظن ۾ ايئن چئبو ته رڳو ڪراچي ڊويزن ۾ هڪ سڄو سارو ضلعو سنڌي ماڻهن کان انهن کسي ورتو آهي، جيڪي پاڪستاني قانون موجب به ناجائز ۽ غيرقانوني آهن --- سنڌ جي هڪ سڄي ضلعي جي اپت، ڪمائي، صنعت ۽ ملڪيت سمگل ٿي آيل ماڻهن جي حوالي آهي!
    ڇا اهي ناجائز ماڻهو ڪروڙين رپيا ساليانو ڪمائي سنڌ ۽ پاڪ کان ٻاهر نه موڪليندا هوندا؟ ڇا اهو سنڌ ۽ پاڪستان جي خزاني تي وڏو ۽ لاڳيتو ڌاڙو ناهي؟ ڇا اهو هتي جي حقيقي ماڻهن جي روزگاري وسيلن تي قبضو نه چئبو؟ ڇا انهن جي ڪري آباديءَ، امن امان (۽ قانون ۽ حڪم) جا ڪي به مسئلا پيدا نه ٿا ٿين؟ جيڪڏهن اهي ماڻهو نه هجن، انهن کي تڙي ڪڍيو وڃي، ته ڇا ويهه لک سنڌي وڌيڪ آباد نه ڪري سگھبا، ۽ ڇا اهڙيءَ طرح گھٽ ۾ گھٽ ٽي قومي ۽ ڇهه صوبائي اسيمبلين جون سيٽون سنڌين جي حصي ۾ اچي نه ٿيون سگھن ۽ ڇا اهڙيءَ طرح سنڌين جو شهر سنڌين ڏانهن موٽائڻ جي سلسلي ۾ هڪ قدم اڳتي نه وڌي سگھبو؟ (هن نڪتي تي ڪنهن ٻئي وقت لکبو. ان بابت سنڌين کي سوچڻ گھرجي).
    هڪ غيرقانوني ۽ ناجائز آبادڪار کي تَڙي نه ڪڍڻ ڇا واسطيدار قانون کي لوئڻ ۽ بي عزت ڪرڻ ناهي؟ ڇا ان لاءِ ذميوار حڪومت ناهي؟ جيڪا حڪومت قانون تي عمل نه ڪري، ان کي ڇا چئبو آهي؟
    8. جڏهن کان پاڪستان ٺهيو آهي، تڏهن کان اڄ تائين ڀارت ۾ رهندڙ مسلمانن جي ڳڻپ اڳوڻي سڄي (مشرقي توڙي مغربي) پاڪستان ۽ هاڻوڪي پياري پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڪل آباديءَ کان وڌيڪ رهي آهي: 1947ع ۾ 8-ڪروڙ، 1970ع ۾ 14-ڪروڙ ۽ هاڻي 26-ڪروڙ چئي ٿي وڃي. ڇا اٺ ڪروڙ ڀارتي مسلمانن ۾ (1947- 1948ع دوران) اهي 15-16 لک ماڻهو ئي پڪا مسلمان ۽ پاڪستان جا حبدار هئا جن سنڌ ۽ بنگال ڏانهن لڏ پلاڻ ڪئي ۽ پوءِ خونخوار، وحشي، قبضيگير، قاتل ۽ دهشتگرد درندا ٿي اڀريا ۽ هاڻي پاڪستاني قوم کي ٿڏي مهاجر قوم جا دعويدار ٿي بيٺا آهن؟ (جڏهن به ٺاهن ٿا، خبر ناهي ڇو زبردستيءَ جي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل ”قوم“ ٺاهن ٿا!)
    پاڪستان جي حاڪمن ۽ حڪمرانن کي واضح ئي ڪرڻو پوندو، ته ڀارت کان پاڪستان جي حُب ۾ ڀڄندڙ ماڻهو پاڪستاني لکيا ويندا رهندا؟ ڇا جيستائين پاڪستان نالي ملڪ قائم هوندو، تيستائين ڀارتي ڀاڄوڪڙ هر مسلمان کي پاڪستاني ليکيو ويندو؟ ڇا 2020ع ۾ لڏيندڙ ڀارتي به پاڪستاني هوندو؟ ڇا 1990ع ۾ لڏي آيل پاڪستاني سڏبو؟ ڇا 1950ع، 1960، 1970ع ۽ 1980ع تائين لڏي آيل پاڪستاني آهي؟ يا، ڇا پاڪستاني اهي ئي آهن جن 1947ع- 1948ع دوران لڏيو، جڏهن چيو ٿو وڃي ته حالتون خونخوار هيون؟ (۽ انهن خوخوار حالتن ۾ ڪروڙين ماڻهن جو نه ڀَڄڻ ۽ لکن جو ڀَڄڻ ۽ انهن ڪروڙين ڀائرن کي ڇڏي اچڻ ڇا ٿو ٻڌائي؟) ۽ ڇا جيستائين ڀارت ۾ اها نام نهاد مذهبي ڪٽرپڻي جي نالي ۾ خونخواري موجود هوندي، تيستائين پاڪستاني ٺهندا رهندا؟
    13-نومبر 1992ع جي اخبارن ۾ خبر آهي ته ”سنڌ ۾ مقرر ايس ڊي ايم اقبال نفيس ڀارتي شهري آهي“ جنهن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي دهشتگردي سيکاري ۽ ڪيترن ئي هٿيارن جا لائسنس ڏنا. ان ئي خبر ۾ عبدالمالڪ گاروي ۽ عتيق شمسي جي ڀارتي هجڻ جو به ذڪر آهي. هُو 1985ع ۾ ڀارت کان ڀڄي آيو، ڪوڙو ڊوميسائيل ٺهرائي نوڪري ورتائين... وغيره. اها ڳالهه پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ منظم اداري ڪئي آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي ايترو ته پڪ سان چئي سگھجي ٿو، جو حاڪمن جي نظر ۾ 1985ع کان پوءِ ٿيل لڏ پلاڻ پڪ سان ناجائز آهي، پر اسان کي وري به پڪ ڪرڻي آهي ته ڪهڙي سن تائين ڀارت کان ڀڄي آيل کي اسان جا حاڪم پاڪستاني مڃن ٿا.
    ڪو نه ڪو سَنُ ته مقرر ڪرڻو ئي پوندو، اهو پڇڻ گھرجي.
    9. هڪ مڃيل مڃايل، ثقافتي طرح رچيل ۽ تاريخي وجود رکندڙ قوم کي ميسارڻ جي سازشن سان گڏوگڏ سنڌين خلاف سوين ڪُوڙيون، ملڪ دشمن، مذهب دشمن ۽ انسان دشمن تهمتون ٺاهيون ويون آهن (جيئن ڦورو ڪاهيندڙ حاڪمَ سدائين محڪومن خلاف ڪندا آهن). اهي تهمتون ڇا ٿيون ثابت ڪن؟
    جيئي سنڌ محاذ ۽ تحريڪ، پاڪستان پيپلز پارٽي (جنهن کي هاڻي سنڌين جي پارٽيءَ طور متعارف ڪرائڻ لاءِ سرڪار سڳوري نَنهن چوٽيءَ جو زور لائي ڪُپرچار ڪري رهي آهي)، عوامي تحريڪ، سنڌ نيشنل فرنٽ ۽ جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي (سرڪاري زِٽن موجب سڀ علحدگي پسند ۽ ڀارٽي ايجنٽ پارٽيون) اڳ ۾ ٺهيون هيون يا مهاجر-پنجابي-پختون محاذ؟ ڪٽرپڻي ۽ نفرت جو پهريون ٻج ڪنهن پوکيو؟ پاڪستان ٺهندي ئي سنڌ ۾ ڪوٽا مقرر ڪرائي، ڌارين ماڻهن لاءِ نوڪرين تي ڌاڙا ڪنهن هنيا؟ سنڌي ٻوليءَ جي سرڪاري سطح کي ڪنهن ڌڪ هنيو ۽ سنڌين جي ثقافت کان ڪِراهت جو اظهار ڪنهن ڪيو؟ پاڪستان ٺهڻ ۽ 1947- 1948ع دوران ٿيل لڏ پلاڻ کان پوءِ به ڀارت، بنگال ۽ دنيا جي ٻين ڪجھ ملڪن کان پاڪستاني ٺپي هيٺ سنڌ ڏانهن لڏ پلاڻ ڇو جاري آهي ۽ اهڙي ناجائز لڏ پلاڻ جي آجيان ۽ گھر ڪرڻ وارا ڪير آهن؟ ايئن ڇو آهي، جو 1950ع، 1960ع، 1970ع ۽ 1980ع کان پوءِ به ڀارت مان ڀڄي، سمگل ٿي، لِڪي ۽ غيرقانوني ايندڙ ماڻهو، خاندان پاڪستاني ٿي پيا آهن، کين پاڪستان ڊوميسائيل، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ مليو وڃي، ملڪيتون خريد ڪري سگھيا آهن، چونڊن ۽ سرڪاري سازشن ۾ حصيدار ٿي اسيمبلين، اقتدار، انتظاميا (ايڊمنسٽريشن) ۽ نظاميا (نظم ونسق ۽ ايگزيڪيوٽو) ۾ وڃي پهتا آهن؟ عجيب ڳالهه اها، ته سنڌ ۾ چالو ۽ گذريل حڪومت دوران سرڪاري وزارت جو ڪارائتو اڌ انهن جي حوالي رهيو جيڪي 20-سيڪڙو آباديءَ جا نمائندا هئا، ۽ نه ته سنڌي هئا ۽ ئي وري پاڪستاني! --- سندن رشتو ناتو، مائٽي ڀائپي، ٻولي ۽ ثقافت (جيڪا قومي به چئي وڃي ٿي) ان ڌرتيءَ سان ڳنڍيل آهي (۽ وڏي فخر سان اهڙا اعلان به ڪندا رهيا هئا) جنهن کي پاڪستاني حاڪم ۽ حڪمران پنهنجو دشمن نمبر پهريون سڏين ٿا! ۽ عجيب ڳالهه اها به ته سهيل مشهدي، آفاق شاهد، رازق خان ۽ اشتياق اظهر جهڙا ماڻهو سنڌ اسيمبلي ۾ هئا ۽ سينيٽ ۾ به آهن!
    اهڙي واهيات، ناجائز، غير قانوني ۽ غير اخلاقي حرڪت رڳو پاڪستان ۾ ڇو آهي ۽ اها به سنڌ ۾ ۽ سنڌين خلاف ڇو ٿي برقرار رکي وڃي؟
    10. هتي گھرج ٿي محسوس ٿئي ته پاڪستان جي حاڪمن ۽ حڪمرانن کان سوال پڇجي، ته سندن نظر ۾ هڪ پاڪستانيءَ جي سڃاڻپ ۽ وضاحت ڇا آهي؟
    - ڇا ڌر-گولي جو هر ماڻهو، جيڪو دعويٰ ڪري ته هُو مسلمان آهي، ڪير به هجي، ڪٿي به هجي ۽ ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندو هجي، بس رڳو اهو چوي ته هُو پاڪستاني آهي، ته ڇا اهو پاڪستاني سڏيو ۽ سمجھيو ويندو؟ (جي ها، ته ڇو؟ ۽ جي نه، ته ڇو؟)
    - ڇا موجوده ڀارت جو هر مسلمان رهاڪو جيڪڏهن اها دعويٰ ڪري، ته هو پاڪستاني آهي ۽ پاڪستان ۾ رهڻ گھري ٿو ته ڇا کيس پاڪستاني شهريت ڏني ويندي؟ (جي ها، ته ڇو؟ جي نه، ته ڇو؟)
    - ڇا هاڻوڪي بنگلاديش جو ڪو به مسلمان رهاڪو جيڪڏهن پاڻ کي پاڪستاني سڏڻ لڳي، ته ڇا هو پاڪستاني ٿي پيو؟ (جي ها، ته ڇو؟ ۽ جي نه، ته ڇو؟)
    - يا، ڇا بنگلاديش جي رڳو انهن رهاڪن کي پاڪستاني مڃيو ويندو، جن ڪنهن زماني ۾ ڀارت کان اوڏانهن لڏ پلاڻ ڪئي، اتي وڃي قبضيگيريءَ ۽ سازش لاءِ فتنا اٿاريائون، اتي جي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي لوئي نفرتن جي ڀت بيهاريائون، اتي ڦرلٽ ۽ داداگيريءَ جي باهه مچائي ويٺا ۽ نيٺ فطري وحشي پڻي کان ڪم وٺي بنگالين جو (جيڪي مسلمان به هئا، ته پاڪستاني به) ڪوس ڪري، نه رڳو پاڪستان جي الهندي حصي جي رهاڪن خلاف ڌڪار پيدا ڪيائون ۽ وڌايائون، پر پاڪستان کي ٽوڙڻ تي به مجبور ڪيائون ۽ هاڻي بنگالي حڪمرانن جي آڇ جي باوجود اتي رهڻ نه ٿا گھرن؟ (جي ها، ته ڇو؟)
    - بهارين بابت نام نهاد پاڪستاني هجڻ واري هام جيان جيڪڏهن ڪو به مسلمان بنگالي اها دعويٰ ڪري، ته هو به طبعاً ۽ فطرتاً پاڪستاني آهي، بنگلاديش کي نه ٿو مڃي ۽ هن پاڪستان سرڪار ۽ بهاري قاتلن سان گڏجي انهن جيان ”مڪتي باهني“ جي دهشتگردن ۽ علحدگي پسندن جي ڪوس ۽ بيحرمتي ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو ۽ هاڻي بنگلاديش ۾ نه، پاڪستان ۾ پاڪستاني ٿي رهڻ گھري ٿو، ته ڇا کيس پاڪستاني شهريت نه ڏني ويندي؟ (جي نه، ته ڇو؟)
    ڪٿي ايئن ته ناهي، پاڪستاني حاڪم ۽ حڪمران پاڪستاني هجڻ جو ٺپو ڪنهن نه ڪنهن بهاني رڳو انهن ماڻهن تي هڻڻ گھرن ٿا جيڪي ڀارت کان پاڪستان (۽ خاص ڪري سنڌ) ڏانهن لڏيندا رهن ۽ جيڪي بنگال لڏي ويا هئا، اتي جي حق پرست قومي تحريڪ کي ڪچلڻ ۽ باشعور ماڻهن کي ڪهڻ ۾ پاڪستاني حاڪمن جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا (پر ناڪام رهيا) ۽ هاڻي وري اهڙا ئي ڪي غليظ ترين مقصد پورا ڪرائڻ لاءِ سنڌ ۾ سندن سڏڻ ضروري ٿيو هجي؟ ۽ اهي غليظ ترين مقصد ٻيا ڪهڙا ٿي سگھن ٿا، سواءِ ان جي، ته سنڌ دشمن قوتن کي مدد ڏئي، سنڌين کان سندن ڌرتي کسي، سندن قومي شعور کي چيڀاٽيو ۽ سندن نالو نشان مٽايو وڃي؟ سڀ سياسي سرت رکندڙ سنڌي ان کان سواءِ ڪو ٻيو بهاري گھرائڻ جو مقصد نه ٿا سمجھن.
    هتي جائز طرح اهو سوال اٿاري سگھجي ٿو، ته سنڌي ايئن ڇو ٿا سمجھن؟ ان لاءِ اسان کي جائزو وٺڻو ۽ ورجائڻو پوندو، ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڀارتي سرحدن منجھان بنگال ڏانهن لڏي ويل ۽ سنڌ ڏانهن لڏي آيل پاڪستانين (جن پاڻ کي مهاجر قوم دعويٰ ڪرڻ شروع ڪيو) ۽ انهن سان ملي پاڪستان جي نظرياتي سرحدن جي محافظيءَ جي دعويدار پنجابي حاڪمن ۽ حڪمرانن جو بنگالين، سنڌين، بلوچن، سرائيڪين ۽ اترادي علائقن جي رهاڪن (بلتين، شينن، هنزن وغيره) ڏانهن ۽ ڪجھ ڇڏڇوٽ سان پٺاڻن ڏانهن رويو ڪيئن رهيو آهي. بنگالي (جن جي هڪ حصي کي 1947ع کان پوءِ اوڀر وارا پاڪستاني سڏيو ويو) موجوده پياري پاڪستان، ان کان اڳ نئين پاڪستان ۽ ان کان به اڳ اولهه پاڪستان کان هڪ هزار ميل پري هئا، آباديءَ ۾ اولهه (نئين ۾ پياري) پاڪستان جي ڪل آباديءَ کان گھڻا هئا، اتي وڃي آباد ٿيل ڌارين خاص طرح ڀارتي ڀاڄوڪڙن جي ڪل آبادي وٽن اٽي ۾ لوڻ برابر هئي، تڏهن به بنگالي ٻولي ختم ڪري اتي جي پيداواري وسيلن تي قبضو ڪرڻ ۽ ڦرڻ لٽڻ، بنگالي عوام جا عالمي توڙي انساني حق لتاڙڻ، ون-يونٽ ۽ پئرٽي (برابري، هڪ جَھِڙائي، هڪ جيترائي) جي نالي ۾ کين غلام ۽ محڪوم رکڻ ۽ نيٺ انساني ڪوس لاءِ موجودهه پاڪستان جي حاڪمن ۽ حڪمرانن (جيڪي پنجاب ۽ پناهگير ڦورو طبقن ۽ مظلوم قومن جي غدارن تي ٻڌل آهن) 23-سال صرف ڪيا ۽ بنگال جي سرسبز، آباد ۽ سونُ اپائيندڙ ڌرتيءَ کي چيري ڦاڙي ان جو سڀ مال ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ جيڪو ڪجھ وٽن هو --- هٿياربند قوتون، ايجنسيون ۽ بمن بارودن، ٽينڪن ۽ هوائي بمبارن کان وٺي سازش، ٺڳيءَ، مڪاريءَ ۽ زور زبردستيءَ تائين هرحربو ڪم آڻي کين ناس ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون ۽ نيٺ کين مجبور ڪيائون ته اهڙي ملڪ ۾ رهڻ کان ئي بان ڪن جنهن جا سمورا وسيلا پنهنجن ئي هم وطنن کي چيٿاڙڻ ۽ چيڀاٽڻ لاءِ ڪم ايندا هجن.
    اترادي علائقن (گلگت، بلتستان، هنزه وغيره) ۾ مون پاڻ درسگاهن جي اڏاوت کان اڳ جيل خانن ۽ ٿاڻن کي ٺهندي ڏٺو. اتي جو ٿاڻيدار سنڌ جي گورنر کان وڌيڪ هَلندي وارو ۽ بااختيار آهي. شينا ۽ بلتي ٻولين جي اڃا سودو ڪا به لَپي نه ٺهي آهي. ڪشمير جو اهو حصو جنهن کي پاڪستاني حاڪم آزاد ڪشمير سڏيندا آهن، اتي هڪ برگيڊير اتان جي صدر کان وڌيڪ بااختيار آهي. اها آهي 43 سال گذرڻ کان پوءِ جي صورتحال جي هلڪي جھلڪ.
    سرائيڪي قوم پاڻ کي گڏ پئي ڪري. گھڻن ئي باشعور دانشورن جو چوڻ آهي ته پنجابي حاڪمن بنگلاديش کان بهاري گھرائي اتي آباد ڪرڻ جو جيڪو سٽاءُ سِٽيو آهي، تنهن جو مقصد اتي جي اسرندڙ سياسي سرت ۽ غلاميءَ خلاف جوجھد جي عمل کي چيڀاٽڻ آهي. هيءُ علائقو اڄ به سنڌ جي ڀيٽ ۾ گھڻو پوئتي رکيو ويو آهي.
    (سچ اهو آهي ته خود پنجاب جي عوام سان هڪ نموني ٿيل ظلم تي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي. مون پنجاب جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڳوٺاڻن سان ڪچهريون ڪندي پنجابي ٻوليءَ جي مٺاڻ کي محسوس ڪيو آهي --- سنڌيءَ جي لاڙي لهجي جيان مِٺي مِٺي ۽ هزارين ٺيٺ سنڌي لفظن جو ذخيرو رکندڙ، پر پنجاب جي حاڪم ۽ حڪمران طبقي ڀارتي ڀاڄوڪڙن سان سلهاڙجي پنجابي عوام کان سندن ٻولي ئي کسي ورتي آهي. حڪمرانيءَ جي شوق ۽ ڦرلٽ جي انڌ ۾ اهڙي ڏاڍ ۽ انڌير جو مثال دنيا ۾ شايد ئي ملي سگھي.)
    بلوچستان کي ته صوبي جي درجو به 20 سال پوءِ مليو، نه ته اهو ڄڻڪ هڪ مفتوح ۽ محڪوم علائقو هو ۽ ٻه ڀيرا مٿس پنهنجي ئي ملڪ جي فوج اهڙي ئي ڪاهه ڪري چڪي آهي جيئن جنگ جي حالت ۾ دشمن ملڪ سان ڪئي وڃي. ان کان وڌيڪ بدتر مثال ٻيو ڪهڙو ٿي سگھي ٿو؟
    جيستائين سنڌ جو تعلق آهي، سنڌين کي پنهنجا سور ساريا پيا آهن:
    سرجيس تان سور،
    ساماڻي تان سک ويا.
    ٻولي، ثقافت، معيشت ۽ سياست، ڏاڍائي ۽ دهشتگرديءَ جي حوالي سان جيڪو ڪجھ هتي بيان ڪبو، اهو ورجاءُ هوندو. مون کي خصوصاً چوڻو اهو آهي ته ڪيڏي نه اتفاق جي ڳالهه آهي جو سنڌين تي عوام ۾ غير مقبول سياسي اڳواڻن جي حوالي سان جيڪي به روسي ۽ ڀارتي ايجنٽيءَ، علحدگي پسنديءَ وغيره بابت الزام آندا ويا، انهن مان هڪ کي به ثابت ڪرڻ جي جرئت اڄ ڏينهن تائين پاڪستان جي حاڪمن ۽ حڪمرانن کي نه ٿي آهي. ايتريقدر جو جھور پوڙهو سنڌي سياستدان جي ايم سيد گذريل ڏهن مهينن کان نئين سر، پاڪستان ٽوڙڻ جي تهمت هيٺ نظربند آهي، پر کيس عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي همت نه ٿي ڪئي وڃي. ڀارتي ۽ روسي ايجنٽي، علحدگي پسندي، دهشتگردي وغيره وغيره جھڙا الزام ته سنڌين تي مڙهيا ويا، پر هاڻي شايد رب پاڪ سنڌين جي پاسي پيو وهي: پڪا پختا، سڌا سوان، سڳ سوڌو پڪڙيل ڀارتي ايجنٽ ۽ علحدگي پسند ته غلام مصطفيٰ کر ۽ ٻيا ڪيترائي صاحب اقتدار ماڻهو پنجاب جي حاڪم طبقن مان ۽ الطاف حسين پنهنجي دهشتگرد ٽولي سميت اردو ڳالهائيندڙن مان ظاهر ٿي پيا آهن. اذيت گھر، دهشتون، زوريءَ اوڳڙ، ڀتو، عقوبتون، ڪوس، هٿيارن جا ذخيرا، سنڌ (۽ اهڙيءَ طرح پاڪستان) کي ٽوڙڻ ۽ ان جو هڪ حصو ڄاڻايل دشمن نمبر پهرين جي حوالي ڪرڻ وغيره جا ذميوار ته اهي آهن جيڪي حق پرستيءَ، جمهوريت پسنديءَ، امن- ۽ انسان-دوستيءَ جھڙن مقدس نعرن ۽ پاڪستان سان حبداريءَ جا ٺيڪا کنيو انهن جي آڙ ۾ سنڌين خلاف رڻ تپايو ويٺا هئا. الطاف جي آخري سَڌ ته حاڪمن جي رڌڻي ۾ رولو وجھي ڇڏيو آهي.
    - ۽ اهو سڀ ڪجھ ظاهر ڪندڙ پاڪستاني حاڪمن ۽ حڪمرانن جي نظر ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀروسي جوڳا ادارا آهن، جن کي جيڪڏهن ڪُوڙو سمجھيو وڃي ٿو ته اهڙو اعلان ترت ڪيو وڃي.
    اهو نواز شريف ئي ته هو جنهن پنجابين جي پَڳ کي باهه لڳڻ جا افواهه اٿاري ۽ سازشون ڪري ووٽ ڦيرائي پنهنجي پاسي ڪرائي، هاڻي پڪو پاڪستان پرست ٿيو ويٺو آهي ۽ صوبائي خودمختياري وٺڻ لاءِ وڏا نعرا هڻي پنجاب بئنڪ ۽ پنجاب ٽي وي ٺاهڻ جي حد تائين ته هُو ئي وڌي ويو هو. جيڪڏهن سنڌي، بلوچ، پٺاڻ ۽ بنگالي رڳو صوبائي خودمختياري جا حق گھرڻ جي ڏوهه ۾ علحدگي پسند ۽ ڀارتي ايجنٽ سڏيا پئي ويا، ته نواز شريف پنهنجي ٽولي سميت ڇا سڏجڻ گھرجي؟
    سنڌ ئي آهي، جتي اهو اڪيلو مثال پيش ڪري سگھجي ٿو ته اتي قائم مقام وڏو وزير اهو ٿيو، جنهن جو لاڳاپو انهن سان هو جيڪي پاڻ کي سنڌي يا پاڪستاني سڏائيندي شرم ۽ بي عزتي ٿا محسوس ڪن. جيڪو ڪيترن ئي سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن (جيڪي پاڪستاني ۽ مسلمان به آهن) خلاف دهشتگردي، قتلام ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهي ۽ غداراڻو ڪرادار ادا ڪندي پنهنجي ۽ سنڌ جي اهم غدارن تي جن جي سازشي ڪرتوتن ۽ بدنيتن جي ڪري سنڌ ۽ پاڪستان کي اهڙيون جٺيون ۽ چٽيون سهڻيون پيون آهن.
    سنڌ ۾ گورنر ۽ ٻيا ڪيترائي سرڪاري عهدا عام طرح ۽ اڪثر ڪري انهن جي حوالي رهيا آهن جن جو واسطو سنڌ ڌرتيءَ سان ناهي، ڇا پنجاب ۽ پختونخواهه ۾ اهڙو عمل برداشت ڪيو ويندو؟
    بقول هڪ رٽائرڊ جنرل جي، جنهن سنڌ جو نمڪ به کاڌو آهي، سنڌ اسان کان بنگال جيتري پري ناهي، اتي جنهن وقت چاهيون ۽ جيئن چاهيون، پهچي سگھون ٿا، سنڌين جو وڏيرڪو طبقو ۽ سياستدان ويڪائو مال ۽ اسان جو غلام آهي ۽ اسان ئي مهاجر قومي موومينٽ ٺاهي آهي (جيڪا هٿيارن، دهشتگري ۽ اسان جي ٽيڪ جي زور تي سنڌين مٿان مڙهيل آهي)، ڪاڏي ويندا سنڌي!؟
    ڇا پنهنجي ئي وطن جي هڪ ٽڪري ۽ ان جي رهاڪن ڏانهن رويو ۽ سوچ اهڙي رکي سگھجي ٿي؟ يا هيءُ ڪنهن ڌاري ۽ دشمن ملڪ جو ذڪر ڪيو پيو وڃي. جيڪي اهڙيون سوچون رکن ٿا، ٻڌن ٿا، پالن ٿا ۽ پسند ڪن ٿا، انهن کي ڇا سمجھڻ گھرجي؟ ۽ جنهن علائقي ۽ ان جي ماڻهن ڏانهن اهو رويو رکن ٿا، انهن کي ڪهڙي حيثيت ڏيڻ گھرجي؟
    ڇا اڃا به اها گھرج ناهي، ته پاڪستان جي تشريح بابت گھر ڪندي، پاڪستان جي حڪمرانن کي عدالت ۾ سڏايو وڃي؟
    11. اهي پنهنجي ئي ملڪ جي ماڻهن مٿان فوجي مهمون ۽ مارشل لا، اهي دهشتگرد ۽ ڀاڙيتو قاتل، اهي وڪاڻل وڏيرا ۽ سياستدان، اهي سازشون، بدمعاشيون، ارهه زورايون، ڦرلٽون ۽ ٺڳيون، اهي ترڪتال ۽ تهمتون جڏهن سنڌ، سنڌي قوم ۽ عوام کي، انهن جي جدوجھد، جذبي ۽ سجاڳيءَ کي، سندن شرافت، تقدس ۽ ايمان کي ۽ انهن جي وطن دوستي، جمهوريت پسندي ۽ سامراج دشمنيءَ کي چيڀاٽي، چٿي ۽ لوڙائي نه سگھيون، تڏهن سنڌين جي ڳاٽي ۾ هڪ ٻيو، واڌو ٽوڙهو وجھڻ لاءِ ”ڪڦاٿل پاڪستاني“ جو کٽراڳ کرو ڪيو ويو آهي؟
    انهيءَ ”ڪڦاٿل“ (اسٽرئنڊيڊ) جو مطلب ڇا آهي؟
    اسٽرئنڊيڊ (Stranded) جو لفظي مطلب اهو آهي، ته ڪو ساهوارو، ڪنهن اڻ ڄاتل هنڌ ڪنهن اڻ ڏٺل، اڻ ڪٿيل آفت ۾ اڙجي، ان جي ور چڙهي وڃي. جيئن سمنڊ ۾ سير سفر ڪندي جهاز جو ڪنهن اوچتي طوفان ۾ ڦاسي، ڪنهن اڻ ڄاتل ٽڪريءَ سان ٽڪرائجي يا ڪنهن اڻ ڏٺل ڪُن ۾ اڙجي وڃڻ. سياسي-سماجي طرح اهو لفظ انهيءَ ماڻهو يا ماڻهن جي ٽولي لاءِ ڪم اچي سگھي ٿو جيڪو پنهنجي ڏيهه مان ڪنهن ڪارج لاءِ ڏيساور ويو هجي ۽ پوءِ ڪنهن اوچتي مصيبت ۾ ڦاسي ويو هجي. اسٽرئينڊيڊ جي متبادل طور اردو ۾ محصور (گھيري ۾ ڦاٿل/آيل) ڪم آندو وڃي ٿو ۽ بهارين سان لاڳاپيو ويندو آهي. بهاري، اهي ماڻهو جن اڄ تائين موجود پاڪستاني نالي رياست ڪڏهن ڏٺي ئي ناهي. نه اتي ڄاوا نه نپنا، نه ان سان سندن ڪو واسطو ۽ وڙو، نه ڪڏهن ان کان ٻاهر ويا ۽ نه ئي وري ڪنهن اڻ ڄاڻايل اوٿ ۾ ڦاٿا تن کي ڪيئن ٿو گھيري ۾ آيل ڪُڦاٿل يا اسٽرئنڊيڊ سڏي سگھجي؟ اهي ته پاڪستانين، مسلمانن ۽ انسانن جا قاتل ۽ ڏوهاري آهن. ڇا کين خبر نه هئي ته قاتل، وحشيءَ، زانيءَ، چور، ڌاڙيل، بدمعاش ۽ غدار جو حشر ڪهڙو ٿيڻ گھرجي!
    انهن قاتل بهارين جي انسانيت سوز ظلمن باوجود کين بنگلاديشي حڪومت وڏي دل ڌاري، انسانيت جي ناتي، کين ماڻهو ٿي رهڻ لاءِ، جيڪي آڇون ڪيون ۽ سهوليتون ڏنيون آهن تنهن نرم دل رويي کي ڏسندي اسين بنا ڪنهن هٻڪ جي چئي سگھون ٿا، ته بنگالي عوام ساڻن وڏا وڙ ڪيا آهن. هي بدمعاش ته ان لائق به نه هئا، جو سندن ڪو نالو نشان ڇڏجي ها. گھٽ ۾ گھٽ کين ڪيل ڏوهن جي واجبي سزا ته اوس ملڻ گھرجي ها، پر کين رهڻ، ڪمائڻ ۽ جيئڻ جي فراخدلاڻي آزادي ڏني وئي.
    قومي اخبارون ۽ بهاري پرست دهشتگرد ان سلسلي ۾ هڪ ٻيو لفظ به اڪثر ڪم آڻيندا آهن ۽ اهو آهي ”ڪئمپ/ڪئمپون ۾ محصور پاڪستاني!“
    اڄ ڪلهه، سنڌ ۾ آپريشن ڪلين-اپ هلندي پڪڙجندڙ ڪجھ دهشتگردن جي گرفتاريءَ خلاف ”مظالم ڪي چَڪِي ۾ پستي هوئي مهاجر“ جھڙي لفاظي ڄاڙي بازي ۽ زٽاماريءَ کي ذهن ۾ رکندي، ”ڪئمپون ۾ محصور پاڪستاني“ بابت به سوچڻ گھرجي.
    ”ڪئمپ“ انگريزي لفظ آهي جيڪو ڪيترين ئي معنائن ۽ مفهومن ۾ ڪم اچي ٿو. ڪئمپ جي هڪ معنيٰ هيءَ آهي: اها جڳهه يا اهو ميدان يا علائقو جتي ماڻهو (سپاهي، اسڪائوٽ، کوجنا ڪندڙ، موڪل گذاريندڙ يا ڪنهن به خاص ڪم سان ويل ماڻهو) ڪجھ عرصي لاءِ تَنبن يا جھوپڙي ۾ رهي. بهارين سان لاڳاپي هيءَ لفظ لکڻ جو مطلب سمجھڻ ڪو ڏکيو ناهي. سندن ٺيڪيدارَ اهو ٻڌائڻ گھرن ٿا ته هي بهاري ڪسمپرسيءَ ۽ بدحاليءَ ۾ خيمن، تنبن، لانڍين ۽ جھوپڙين ۽ عام شهري سهولتن کان وانجھيل ميدانن ۾ ڏوجھرن ڀري حياتيءَ جا ڏينهن ڏوري رهيا آهن. قاتل بهارين سان همدردي جا ڳڻ ڳائڻ لاءِ قومي اخبارون بنگلاديش جي پوئتي پيل وسندين جي پٺئين پاسي جا ڪجھ فوٽو به ڇاپينديون آهن ۽ ايئن محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ڄڻڪ هر بهاري اهڙن ئي گندن علائقن ۾ رهي پيو. اهو سڀ ڪجھ سراسر ڪوڙ آهي.
    پوئتي پيل ملڪن ۾ هزارين اهڙن پاڙن، ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن (نگرن) جو ذڪر ڪهڙو ڪجي! ٿر ۽ ڪاڇي جو به ذڪر نه ٿا ڪريون، پر پاڪستان توڙي بنگلاديش جي هر وڏي شهر ۾ اهڙا سوين پاڙا موجود آهن، جتي عام شهري حياتيءَ جي سهولتن جو نالو نشان ئي موجود ناهي. هيرالڊ 1990ع جي خصوصي پرچي ۾ بهارين بابت جيڪا رپورٽ ڇپي هئي، ان مان نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته هزارين بهاري ڪروڙين بنگالين، ڌرتيءَ جي حقيقي وارثن جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ بهتر حياتي گذاري رهيا آهن. رڳو ڊاڪا، بنگلاديش ۾ موجود ٻه بهاري ڪئمپون ڊاڪا جي بهترين سهولت مليل پاڙن مان هڪ آهن، جيئن ڪراچيءَ ۾ گلش اقبال ۽ حيدرآباد ۾ هيرآباد --- پڪيون جايون، ويڪرا رستا، سٺيون سهولتون، روزگار جا هزارين موقعا وغيره. ڪئمپ ۽ ڊاڪا جي پاڙي ۾ وڏو فرق آهي. جنهن به ماڻهوءَ کي فضيلت سان رهڻو ۽ ايمانداريءَ سان ڌنڌو ڪرڻو آهي، بنگالي هجي يا بهاري، بنگلاديشي حڪومت ڪو به فرق نه رکيو آهي، باقي جيڪي بدمعاش، چور، لُچ، ڌاڙيل، ٺڳ ۽ دهشتگرد آهن، جن لاءِ سڄيءَ دنيا جي هر ملڪ ۾ ڪا نه ڪا سزا مقرر ٿيل آهي، تن کي بهاري هجڻ ڪري آجو ۽ خدا جي ڪا خاص مراعات يافته مخلوق سمجھيو وڃي، اهو ممڪن ناهي. ان قسم جا مجرم ماڻهو اهڙن علائقن ڏانهن لڏڻ گھرن ٿا جتي قانون کان محفوظ رهي، جاوا ڪري سگھن ۽ ان لاءِ کين پاڪستان ۽ پاڪستان ۾ سنڌ جي ڪراچيءَ کان وڌيڪ محفوظ سياسي قلعو دنيا ۾ ٻيو ڪٿي به نظر نه ٿو اچي. ان ڪري ئي هت اچڻ گھرن ٿا ۽ ان ڪري ئي هتان جا قاتل، دهشتگرد ۽ نمڪ حرام کين هت گھرائڻ گھرن ٿا.
    12. تازين خبرن موجب ڀارت جي بهار صوبي ۾ عام ماڻهن جي به حالت اها آهي، جو ڪوئا پڪڙي پيٽ جي باهه اجھائن ٿا. سڀاڻي انهن مان سوين، هزارين ماڻهو اها دعويٰ ڪري سگھن ٿا ته جيئن ته سندن ناني، چاچي، ماميءَ، ماسيءَ، جو فلاڻو ڪِي فلاڻو اولاد، جيڪو مائٽيءَ ۾ اسان جو فلاڻو ڪي فلاڻو ٿئي، پاڪستان ۾ گذريل اڌ صديءَ کان پاڪستاني ٿيو رهيو پيو آهي ۽ اسين (يا اسان جا وڏا) ڀارتي حڪومت جي ناروا ظلمن ۽ تشدد سبب اتي لڏي وڃي نه سگھياسون، پر آهيون دل وَ جان سان پڪا پاڪستاني، جن جي وڏڙن پاڪستان ٺاهڻ لاءِ پنهنجون حياتيون قربان ڪري ڇڏيون ۽ هاڻي اسين پاڪستان، پنهنجي جان کان پياري وطن ۾ وڃي رهڻ گھرون ٿا، پر ڇا ڪيون جو هتي محصور ٿي ڦاسي ويا آهيون جنهنڪري عالم انسان جي ٺيڪيدار لارڊ اينلس ۽ عالم اسلامي جي سربراهن ۽ پاڪستاني ڀائرن کي گھرجي ته اسان جي واهر ڪن ۽ پهر وهن، ته پوءِ، پاڪستان جي حاڪم ۽ حڪمرانن وٽ ڪهڙو سبب هوندو جو کين ”ڀارت ڪِي ڪئمپون ۾ محصور پاڪستاني“ کان سواءِ ڪو ٻيو نالو ڏئي سگھن؟
    بدقسمتيءَ سان سنڌين جي پتيءَ ۾ آيا يا انهن جي ڪنڌ تي چڙهي ويا آهن قائم علي شاهه، محمد خان جوڻيجي، غلام مصطفيٰ جتوئي، ڄام صادق ۽ مظفر حسين شاهه جھڙا ليڊر. اهي سڀاڻي ڪهڙو جواب ڏيندا، کين محصور پاڪستاني سڏيندا يا نه؟
    13. موجوده ڀارتي سرحدن منجھ نام نهاد مذهبي جھيڙا گذريل ڏيڍ سَو سالن کان هلندا پيا اچن ۽ ڪنهن نه ڪنهن بهاني تيستائين جاري رهڻا آهن جيستائين رواداري، سهپ ۽ سڀني لاءِ برابر مذهبي آزادي مڃڻ بدران ڌڙي بندي ۽ ڪٽر عقيدي پرستي موجود آهي، جنهن جو هر پوئلڳ رڳو پنهنجي ئي دين، ڌرم يا فرقي کي حاڪم ۽ بالاتر ڏسڻ گھري ٿو. سڀاڻي جيڪڏهن ڀارت ۾ رهندڙ 26-ڪروڙ مسلمان (جيڪي پياري پاڪستان جي آباديءَ جي ٻيڻ کان به وڌيڪ آهن) سنڌ جي دهشتگردن ۽ بنگالي عوام جي قاتلن جيان اها دعويٰ ڪن ته اسان جي وڏڙن جي قربانين صدقي ۽ انهن جي جدوجھد جي نتيجي ۾ ئي پاڪستان ٺهيو هو، اسان جا مٽ مائٽ هندن جي تشدد سبب پاڪستان لڏي ويا، پر اسين ڪافرن جي گهيري ۾ اڙجي هتي ئي ڦاسي رهجي ويا آهيون، تنهنڪري اسان کي ڪڦاٿل پاڪستاني سڏيو ۽ سمجھيو وڃي ۽ ”دَٻ دِينو تي درخواست“ جيان مسلمان ملڪن جي سربراهن، بهارين جا پرڏيهي سرپرستن (جيڪي ان ڌنڌي ۾ ڪروڙين رپيا ڪمائي رهيا آهن) ۽ پاڪستان جي حاڪمن ڏانهن نياپن سنيهن جي ڊڙي لائي ڏين، ته پوءِ پاڪستان جي حاڪمن ۽ حڪمرانن وٽ ڪهڙو سبب هوندو ۽ ڪهڙي تشريح ڪري کين ڪڦاٿل پاڪستاني نه سڏيندا؟
    14. بلڪل ساڳيءَ طرح بنگلاديش جا سمورا بيروزگار ماڻهو ڪڦاٿل پاڪستاني هجڻ جي درخواست داخل ڪري سگھن ٿا، پوءِ سرڪار وٽ ڪهڙو سبب هوندو، جو کين پاڪستاني نه سمجھي؟
    15. پاڪستاني حاڪمن ۽ حڪمرانن تعليم تي سالياني خرچ جي ٻيڻ جيترا پئسا خانداني رٿابنديءَ جي پروپئگنڊا لاءِ سيڙائي رکيا آهن ۽ ڊيڄارين پيا ته 2015ع تائين پياري پاڪستان جي آبادي 24-ڪروڙ ٿي ويندي ۽ ان جي ڪري آڏو ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ ممڪن نه هوندو. پيارو پاڪستان اڳ ئي منجھيل مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿو پيو آهي ۽ حاڪم ويٺا ايڊهاڪ بنيادن تي ڪم ٽپائين. سرڪار جي حالت اها آهي جو گذريل چئن سالن ۾ هڪ نوڪري به فضيلت واري رسمي طريقي سان نه ڏئي سگھي آهي. مهانگائي ڏينهون ڏينهن حرامخور ۽ گبر سيٺين جي پيٽن جيان وڌندي پئي وڃي. ڪارو ڌن اڇو ٿي ويو. پرڏيهه مان پنڻ ۽ قرض وٺڻ کان سواءِ وک وجھي نه ٿا سگھن. نفعيدار ڪارخانا نجڪاري جي ور چڙهي ويا ۽ بوگس فئڪٽريون ڦندو ٿي ڳاٽي ۾ پئجي ويون آهن. هر سرڪاري توڙي نجي کاتي جي هيٺين سطح واري نوڪري ڪندڙن پاران هڙتالون ۽ احتجاج پيا هلن ۽ اهي بک ۽ اڻپورت واري حياتي گذارڻ تي مجبور ڪيا پيا وڃن. رڳو سترهين گريڊ ۾ نوڪرين وٺڻ جي لائق پر بيروزگار ماڻهن جون 75-هزار کان وڌيڪ درخواستون پهچن ٿيون، ته ان کان گھٽ سطح تي ڪهڙو حال هوندو، تنهن جو ڪاٿو ڪرڻ ڏکيو ناهي. ڌاڙا، چوريون، ڦرلٽ، ڀتا، چندا، رشوت، مٿڪي ۽ منٿلي ايترا ته وڌي چڪا آهن جو انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج کي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ لکين بهارين جو ڪٽڪ گھرائڻ، ان کي پاڪستاني عوام جي ڪنڌ تي چاڙهڻ ۽ موجود مسئلن ۾ اڃا به هٿرادو واڌارو ڪرڻ جو مقصد ڇا آهي؟ ڇا اها پاڪستان ۽ ان جي حقيقي قومن سان دشمني ناهي؟ اهڙن پاڪستان دشمن عملن جي ذميوارن کي آڏي پڇا هيٺ ڇو نه آندو وڃي؟
    (هتي اها ڳالهه ياد رکڻ گھرجي، ته هن وقت تائين پاڪستان سرڪار، بهاري پرستن يا ان جي مخالفن پاران، بهارين بابت پڪا انگ اکر نه ڏنا ويا آهن. گھٽ ۾ گھٽ سندن انگ ساڍا ٽي لک ۽ وڌ ۾ وڌ لڳ ڀڳ سورهن لک ڄاڻايو ويو آهي.)
    16. (الف) سرڪار وڏي وات ٻٽاڪون پئي هڻي ته گھرائجندڙ بهارين کي پنجاب ۾ رهايو ويندو ۽ اتي ئي سندن روزگار وغيره جي مسئلن کي حل ڪيو ويندو. جيڪي پنجابين جي پڳ کي باهه يا داغ لڳي وڃڻ جا هاواڻا پکيڙي، غيرت جي باهه اوڳاڇيندڙ مجسمو بڻجي، اکيون ڦوٽاري ۽ ڳاڙهيون ڪري پنجابين کي روزگار جي ضمانت ڏيڻ جا ڍنڍورا ڏئي رهيا هئا، ڇو پنهنجي قوت کي پاڻي نه ڏئي سگھيا آهن؟ ڇا اها پنجابي عوام سان سراسر بدمعاشي، ٺڳي ۽ غداري ناهي؟ پنجابي ويچارا جيڪي پنهنجي گھر گھاٽ ۽ اوڙي پاڙي ته ڇا، پنهنجي صوبي ۽ ملڪ کان پري روزگار جي ڳولا ۾ ڌڪا کائيندا وتن، اڳ ۾ انهن جي روزگار ۽ رهائش جو بلو ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ ڇا اهي سندن هم وطن ۽ پاڪستاني ناهن؟
    جيڪڏهن لکين بهارين جي رهائش ۽ روزگار جو بلو ڪري سگھجي ٿو، ته پهريائين پنجاب مان خاص طرح سنڌ (جيڪا بيروزگاريءَ ۽ مسئلن جو بيتاب سمنڊ بڻجي وئي آهي) ڏانهن لڏي ايندڙ پنجابين جو بلو ڪري ڏيکاريو وڃي. ڇا پنجاب جي حاڪمن وٽ ايترا ۽ اهڙا وسيلا آهن جو پنهنجي ئي صوبي جي دائمي، فطري ۽ تاريخي رهاڪن کي پنهنجي ئي زمين تي سندن گھر گھاٽ ويجھو آباد رکي سگھي؟
    سرڪار جي ان دعويٰ ۾ ڪجھ ٿوم تڏهن نظر اچي ها جڏهن وٽن روزگار ۽ اجھي جا ايترا ته ججھا وسيلا موجود هجن ها، جو پاڪستان جي ٻين صوبن ئي نه، پر ٻين ڏيهَن کان به ماڻهو روزگار جي ڳولا ۾ اتي (پنجاب) اچن ها --- پر گنگا ته ابتي پئي وهي! سرڪار جي دعويٰ تي ڀروسو ڪري سگھجي ٿو؟
    (ب) اها ڪهڙي ضمانت آهي جنهن جي بنياد تي مڙهجندڙ بهارين کي پنجاب ۾ ئي رهڻ تي مجبور ڪري سگھبو؟ ڇا کين جدا نموني جو پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ڏنو ويندو؟ ڇا پنجاب جي رهاڪن کان سنڌ ۾ اچڻ جو سبب پڇي سگھبو؟ ڇا سنڌ جي سرحدن تي چوڪيون مقرر ڪيون وينديون جتان اڪرندي کانئن آڏي پڇا ٿي سگھندي ۽ غير قانوني ۽ ناجائز طرح سرحد پار ڪندي کين پڪڙي سزا ڏئي سگھبي؟ يا، ڇا انهن جي نراڙ تي پنجاب جو رهاڪو بهاري لکيل هوندو؟ نيٺ اهو ڪهڙو طريقو آهي، جنهن وسيلي مڙهجندڙ بهارين کي سنڌ ڏانهن اچڻ کان جھلي سگھبو؟
    (ث) گذريل 50 سالن دوران جيڪي حاڪم ۽ حڪمران سرحد بندين، چوڪين، فوجن، ايجنسين ۽ پوليس جي زبردست پهري ۽ طاقت باوجود غير قانوني ايندڙ لکين ڌارين کي پاڪستان منجھ اچڻ کان جھلي نه سگھيا ( ۽ نه ئي ڪڍي سگھن ٿا) ۽ ڄاتل سڃاتل پنجن دهشتگردن کي 22-ايجنسين جي سهڪار باوجود پڪڙي نه ٿا سگھن (۽ انهن جي گرفتاري لاءِ لکين رپين جي لالچ وارا پوسٽر ۽ اشتهار پيا ورهائن)، اهي ڪيئن ڪو اهڙو (۽ ڪهڙو!؟) طريقو ٺاهي سگھندا جنهن وسيلي مڙهجندڙ بهارين کي سنڌ ۾ اچڻ کان جھلي سگھجي، جڏهن ته انهن جا عزيز مائٽ اڳ ئي لکن جي ڳڻپ ۾ سنڌ جي مختلف حصن تي قبضيگير نيت رکندي رهيا پيا آهن ۽ ويٺا دهشتگرديون، سازشون ۽ قتلام ڪن.
    (ج) سجاڳ سنڌي ماڻهو سمجھن ٿا ته بهارين کي گھرائي هتي مڙهڻ نه رڳو سنڌ، پر پاڪستان سان به دشمني آهي. هي اهي ئي ته آهن جن اختيار نه هوندي به قانون کي هٿ ۾ کنيو ۽ انهن ماڻهن سان بي پناهه ۽ اڻ ڳڻيا ظلم ڪيا جيڪي هم مذهب (مسلمان)، هم وطن (پاڪستاني) ۽ سندن محسن هئا. انهن پنجاهه لک بنگالين جو ته رڳو ڪوس ڪيو آهي ۽ ٻيا ڏوهه ڌار. مٿن خونن، زنائن، ڌاڙن، چورين، ڦرلٽن، سازش ۽ ملڪ ۽ قانون سان غدارين جا لکين ڪيس پوڻ ۽ انهن موجب واجبي سزائون ملڻ گھرجن. پاڪستان جي وڏي آباديءَ واري اڌ کي تباهه ڪرڻ ۾ سندن به هڪ وڏو حصو آهي. اهي ملڪ جا غدار ۽ انسانن جا دشمن آهن.
    سندن مائٽ جيڪي پڻ کانئن هر بڇڙائيءَ ۾ ٻه وکون اڳتي آهن، انهن جي سڀني ڏوهن جو ذڪر ته محض ورجاءُ هوندو، پر اهي به پاڪستان کي ٽوڙڻ ۽ ان جو هڪ حصو ڀارت جي حوالي ڪرڻ جي بدنيت رکيو ويٺا هئا ۽ ان لاءِ ئي دهشتگردي ۽ ڪوس جي بازار گرم ڪري رکي هئي. (اهڙا ثبوت پاڻ فوج پڌرا ڪيا آهن)، هي به ملڪ جا غدار ۽ انسانن جا دشمن آهن.
    جڏهن ٻئي پاڻ ۾ ملي ويا، ته باقي بچيل پياري پاڪستان جو ڇا ٿيندو؟
    17. جيڪڏهن پاڪستاني حاڪمن ۽ حڪمرانن پنهنجي ملڪ ۽ عوام سان غداري ۽ دشمني ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ئي ورتو آهي ۽ پنهنجي چوڻ موجب بنگالي عوام جا قاتل گھرائي پنجاب (خصوصاً سرائيڪين) جي ڪنڌ تي سوار ڪرڻا ئي آهن ۽ سنڌ ڏانهن انهن جي اچڻ کي روڪي به سگهبو ته پوءِ هڪ ئي طريقو باقي وڃي بچي ٿو ته:
    - سنڌ حڪومت پنهنجو اقتدار اعليٰ رکندڙ (سوورين، sovereign) هجي، ۽ سنڌ جي سرحدن جي سنڀال سنڌ حڪومت جي حوالي هجي. سنڌ جي پنهنجي، خاص طرح وطن دوست سنڌين تي ٻڌل ملٽري ۽ پوليس هجي، جيڪي سرحدن ۽ گھريلو قانوني مسئلن جي سنڀال ڪري سگھن. سنڌ جا پنهنجا ڏيهي قاعدا ۽ قانون هجن ته جيئن سمگل ٿي داخل ٿيندڙ ناجائز ۽ غير قانوني پرڏيهين کي جھلي، بند ڪري، سزا ڏئي ۽ موٽائي سگھجي. سنڌ جو سِڪو مخصوص هجي جنهن جي مٽاسٽا سنڌ ۾ ئي ٿي سگھي ته جيئن جيڪو ناڻو سنڌ کان ٻاهر موڪليو وڃي اهو هر حالت ۾ سنڌ حڪومت جي ڌيان ۾ اچي. سنڌ ۾ ڳنڍپ جا وسيلا (هوائي، سامونڊي ۽ خشڪيءَ جا رستا، ۽ انهن تي هلندڙ سموري ٽرئفڪ، ٽيليفون، ريڊيو وغيره) سنڌ حڪومت جي نگهباني هيٺ هجن، ۽ ٻيا ضروري اپاءَ جيڪي سنڌ حڪومت مناسب سمجھي.
    پاڪستان جا حاڪم ۽ حڪمران جيڪڏهن اکين تي پَٽي ٻڌي انڌ جي گھوڙي تي سوار نه ٿيا آهن، ته کين ملڪ جي ۽ عوام جي ڀلائيءَ بابت ٻيهر سوچ ويچار ڪرڻو پوندو.
    اسيمبلي ميمبرن، قانوندانن، سياستڪارن ۽ سرنديءَ وارن سنڌ جي گهڻگھرن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪرڻ گھرجن، جنهن ۾ پاڪستان جي حڪمرانن کان پاڪستانيءَ جي وصف ۽ وضاحت گھري وڃي ۽ جيستائين اهي ڪا واضح، مناسب ۽ قابل قبول وصف ۽ وضاحت بيان ڪن، تيستائين پاڪستان کان ٻاهر، هڪ هزار ميل پري، هڪ ٻئي ملڪ بنگلاديش ۾ اتي جي رهاڪن لاءِ ٺهندڙ ناجائز پاڪستاني پاسپورٽن خلاف اسٽي آرڊر ورتو وڃي (۽ يقيني بڻايو وڃي ته ان تي عمل ٿئي پيو). ٻئي پاسي، جيڪڏهن پاڪستاني حاڪم ۽ حڪمران سنڌ جي آواز ۽ احتجاج کي عزت ڏيندي بهارين جي آبادڪاري کان مُڙي وڃن (جيڪو في الوقت ناممڪن لڳي ٿو) پوءِ ته واهه واهه، پر جي هروڀرو نه ٿا مڙن ۽ کين پنجاب ۾ محدود رکڻ گھرن ٿا، ته اهڙين ضمانتن جو بندوبست ڪرائي ورتو وڃي، جنهن موجب انهن کي سنڌ ۾ اچڻ ۽ آباد ٿيڻ تي ناجائز ۽ غير قانوني سڏي ۽ سمجھي، اهڙن ناجائز ۽ غيرقانوني ڌارين کي واجبي سزائون ڏئي، سنڌ مان تڙي ڪڍي سگھجي، ۽ اهو پڻ واضح ٿيڻ گھرجي، ته ڌارين کي پاڪستان (يا سنڌ) ۾ گھرائڻ سنڌ ئي نه، پر پاڪستان سان دشمني ۽ غداري آهي.
    (روزاني ”جاڳو“، 3-ڊسمبر 1992ع کان 6-ڊسمبر 1992ع تائين، چئن قسطن ۾ ڇپيل)


    قاتل بهاري سنڌ مٿان ڪاهيندا پيا اچن بهاري روڪيو- سنڌ بچايو

    سنڌ مٿان نئين ڪاهه جاري آهي. بنگلاديش مان قاتل بهارين جا ڪٽڪ سنڌ تي ڪڙڪي رهيا آهن. سنڌي ماڻهو ڇا هن ڌاري لشڪر جو مڙس ٿي مقابلو نه ڪندا؟
    اڳوڻي زماني ۾ به قبيلن، قومن ۽ ملڪن تي ڪاهون ۽ چڙهايون ٿينديون هيون ۽ هاڻي به ٿين پيون. اڳوڻي زماني ۾ ههڙي ڪاهه جو ٻڌي جبلن جي چوٽين تي وڏا مچ ٻاري سڄي قبيلي کي خبردار ڪيو ويندو هو ۽ مقابلي لاءِ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو ويندو هو. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تيز رفتار قاصد ڊوڙندا هئا. جيڪي جتي هوندا هئا اهي اتي پنهنجا ذاتي سڀ ڪم ڇڏي، ڪلي ڪوڏيا ٿي، دشمن سان مقابلي لاءِ جنگ جي ميدان ڏانهن ڊوڙندا هئا ۽ سڀني کي للڪاريندا هئا. ڪونڌر ڪنڌ ڪپائي ديس ۽ قوم تان سر گھوري سرها ٿيندا هئا يا نيٺ دشمن کي ماري مڃائيندا هئا. سٿين، هون، آريا، يوناني ۽ ايراني ڪاهه ڪندڙ ڪٽڪ جڏهن سنڌ تي ڪڙڪيا، تڏهن سنڌين حملي جي خبر ٻڌڻ شرط ايئن ڪيو. هنن ڪڏهن کٽيو ته ڪڏهن هارايو، پر ائين ڪڏهن به ڪو نه ٿيو ته حملو ٿئي ۽ ان جو سنڌين پاران ڪو به مقابلو نه ٿئي.
    سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ ۾ اڄ پهريون ڀيرو هڪ رهزن ۽ قاتل ڪٽڪ سنڌ تي بنا مقابلي چڙهي رهيو آهي. اڄوڪي دَور ۾ ٻي ڪنهن قوم تي اهڙي خطرناڪ دشمن جي ڪاهه ٿئي ها، ته هڪدم خطري جا گھگھو وڄي وڃن ها، فوراً هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو وڃي ها، پارليامينٽ گڏ ٿئي ها، ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان قومي گيت وڄن ها، قوم کي مقابلي لاءِ للڪاريو وڃي ها ۽ هٿياربند فوجن کي هوشيار رهڻ جو حڪم ملي ها، پر هينئر ايئن پيو لڳي ڄڻڪ ڪجھ به نه ٿيو آهي، سڀ خير آهي!- اها حالت نه هئڻ گھرجي.
    بهاري انهن لکين قاتل ماڻهن جو ٽولو آهن جن پنهنجي خوني، وحشي ۽ گندي فطرت جي ابتدا ان ئي ڌرتي تي ڪئي جنهن تي ڄاوا، نپنا ۽ وڏا ٿيا. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ اهي ڀارت ۾ بهار صوبي جا رهاڪو هئا جتي انهن پنهنجن جھيڙن کي مذهبي رنگ ڏئي پنهنجي ڏيهه واسين کي وحشين جيان ڪُهڻ شروع ڪيو ۽ هزارين مائرن جون جھوليون اجاڙي، پيئرن کي نپٽو ڪري ۽ ٻارڙن جا وڏا ڪهي کين ڇورو ڇنو ۽ يتيم ڪري ڇڏيو. نيٺ اتان ڌڪجي ۽ ڌڪارجي نڪري ويا ۽ وڃي بنگال (هاڻوڪي بنگلاديش) ۾ رهيا.
    انهن جھڙا، انهن جا ٻيا ڀائر، ڀارت جي ٻين علائقن کان ڀڄي اچي سنڌ ۾ پهتا ۽ اچڻ سان ئي سنڌ جي پيداواري وسيلن ۽ شهرن تي ائين ڪڙڪيا جيئن ڪنهن فصل تي مڪڙ، ۽ پهرين سَٽ ۾ پناهه ڏيندڙ محسن سنڌي ماڻهن کي جاهل، ڄٽ ۽ ڳنوار سڏي سنڌي ٻولي کي ڪورٽن، دفترن ۽ يونيورسٽين مان ڪڍرائي سنڌ کي ون-يونٽ جي زنجيرن ۾ جڪڙائي ڇڏيائون.
    اهو ساڳيو ڪم بنگال ۾ بنگالي قوم خلاف قاتل بهاري ڪندا رهيا. بنگالين کين پنهنجي ڌرتيءَ تي پناهه ڏني، پر هنن جلادن موٽ ۾ اهو اجورو ڏنو جو سادن، سٻاجھن، سچار ۽ سلڇڻن بنگالين کي جاهل، ڄٽ، ڳنوار، اسلام دشمن، پاڪستان دشمن، علحدگي پسند ۽ ڀارت جو ايجنٽ سڏي قتل ڪرڻ شروع ڪيو. بنگالين کان سندن ٻولي کسڻ جو ڪوشش ڪئي ۽ کين ثقافتي طرح غلام بنايو. بنگالي عوام جڏهن به پنهنجن ڦريل قومي حقن کي موٽائي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن قاتل بهارين پنجابي-پناهگير ڦورو طبقن جو ساٿ ڏيندي انهن جي دلال ۽ ڀاڙيتو فوجيءَ جو ڪم ڪيو ۽ بنگالي عوام جي هر حق پرست جدوجھد کي پٺيءَ ۾ خنجر هنيو. 1970ع ۾ بنگالي عوام جڏهن پنهنجن قومي ۽ جمهوري حقن لاءِ آواز پئي اٿاريو، تڏهن هڪ پاسي پنجابي-پناهگير ڦورو حڪمرانن مٿانئن فوجي ڪاهون پئي ڪيون، ته ٻي پاسي هي قاتل بهاري نه رڳو انهن فوجين سان گڏ هئا، پر انهن جماعت اسلامي جي جھنڊي هيٺ ”الشمس“ ۽ ”البدر“ جھڙيون قاتل، رهزن، انسان دشمن ۽ نيم فوجي تنظيمون ٺاهي، بنگالي عوام جو ڪوس پئي ڪيو. اهي قاتل بهاري ئي هئا جن ڪڏڪندڙ بنگالي ٻارڙن جي سينن ۾ سنگينون ٽُنبي مٿي کنيو. ٽن لکن کان وڌيڪ بنگالي عورتن ۽ نياڻين جا ارهه ڪَپيا ۽ سندن لڄون لٽيون ۽ مجموعي طرح ٽيهه لک بنگالي ماڻهن --- مردن، عورتن توڙي ٻارڙن --- جو قتل عام ڪري چنگيز، هلاڪو ۽ هٽلر جي بربريت ۽ ظلم کي به مات ڏئي ڇڏي. هنن بهاري قاتلن جا خوني چنبا بنگالي عوام جي رت سان رڱيل آهن ۽ سندن ٻُوٿن تي سامراجي گند ۽ ڪِنُ ٿڦيو پيو آهي.
    گذريل چاليهن سالن کان سنڌ ۽ سنڌين جي وجود خلاف جيڪي سازشون ٿي رهيون آهن، سنڌين کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي حقير ٿورائي (اقليت) ۾ بدلائڻ جا جيڪي ڪڌا ڪرتوت پيا ٿين، انهن سازشن ۽ ڪرتوتن ۾ پنجاب ڦورو طبقن سان گڏوگڏ پناهگير ڦورو ٽولو به اڳ اڳرو رهيو آهي. بهارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ دراصل سنڌ ۾ سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جي مڪروهه ۽ خوفناڪ سازش آهي.
    سنڌ مٿان اڳ ئي ٻين صوبن ۽ ملڪن کان ايندڙ ڌارين ماڻهن جو ڳَرو بار آهي. سنڌ جي معيشت تباهه ٿيندي پئي وڃي. سنڌين کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي روزگار نه ٿو ملي، سنڌين کي پنهنجن اباڻن پَڊن ۽ شهرن ۾ اوپرو ڪيو ويو آهي، ڪڏهن فوجون پيون گوليون وسائن، ته ڪڏهن ڪٽر پناهگير پرست سنڌ دشمن ٽولي جا دهشتگرد داداگير ٿا سنڌي ماڻهن کي ڪُهن ۽ ساڙن.
    ڪٽر سنڌ دشمن پناهگير دهشتگرد ٽولو ۽ سندس ڳجھا توڙي پڌرا حواري، بنگالي عوام جي قاتل بهاري لوڌ کي سنڌ ۾ آباد ڪرائي، هڪ طرف پنهنجي ڳڻپ ۽ دهشتگرد قوت کي وڌائڻ گھري ٿو، ته ٻي طرف سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ تبديل ڪري سنڌ جي شهرن ۽ پيداواري وسيلن تي دائمي طرح قابض ٿيڻ گھري ٿو. جيڪي بهاري پنهنجي تاريخي اباڻي ڌرتي --- بهار --- ۾ امن ۽ سُڪون سان رهي نه سگھيا، جيڪي گذريل چاليهن سالن کان بنگال ۾ رهندي پنهنجا مفاد ان ڌرتيءَ جي رهاڪن سان ڳنڍي، ان ڌرتيءَ جي محسن ماڻهن جا خيرخواهه نه ٿي سگھيا، سي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان جيڪي ڀلايون ۽ ڀال ڪندا، انهن جو اندازو هر ماڻهو ڪري سگھي ٿو.
    چار لک بهارين ٽيهه لک بنگالين جو ڪوس ڪيو ۽ انهن جي کربين رپين جي ملڪيت کي باهيون ڏنيون. هتي سنڌ ۾ انهن جي خيرخواهه ساٿي ۽ ڪٽر پناهگير پرست دهشتگرد ٽولن سنڌي عوام سان جيڪي ويل وهايا آهن، اهي ڪنهن کان به لڪل ناهن. جيڪڏهن انهن دهشتگرد ٽولن سان بهارين جھڙا قاتل وحشي درندا به ملي ويا، ته سنڌين جو حشر ڇا ٿيندو، اهو سڀ ڪو سمجھي سگھي ٿو.
    سنڌ اڳي ئي ڌاري آباديءَ جي زبردست دٻاءَ هيٺ آهي ۽ انيڪ سياسي، سماجي، معاشي، اقتصادي، ثقافتي ۽ نفسياتي مسئلن جو شڪار آهي. سنڌ ۾ بک ۽ بيروزگاري عام ٿي چڪي آهي. ٻئي پاسي ٿر ۽ ڪوهستان ۾ زبردست ڏڪار آهي ۽ مجموعي طرح سنڌي ماڻهو بک ۽ بيوسي ۾ مبتلا ڪيا ويا آهن. هاڻي سنڌ ڪنهن به طرح ڌاري آباديءَ جي دٻاءَ کي سَهي نه ٿي سگھي. سنڌي ماڻهو اڳ ئي ڌارين کي هتان ڪڍڻ لاءِ جدوجھد پيا ڪن ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي يلغار کان بيزار آهن. ڌارين کي هتان ڪڍڻ بدران، اٽلو، هي قاتل بهاري ڪٽڪ اچي رهيا آهن. سنڌ دشمن ۽ سنڌي دشمن اردو پريس انهن کي ”محصور پاڪستاني“ يا ”جلاوطن پاڪستاني“ جهڙا ناجائز نالا ڏئي کين سنڌ ۾ آباد ڪرائڻ لاءِ ماحول سازگار بنائي رهي آهي.
    جن ماڻهن پاڪستان جي ڌرتيءَ کي ڏٺو ئي نه آهي، جن جو پاڪستان جي ڪنهن به علائقي يا حقيقي قوم سان ڪو به تاريخي ناتو ناهي، جن جو پاڪستان جي ڪنهن به علائقي يا وسيلي تي ڪو به تاريخي حق نه آهي، اهي ڪيئن ٿا پاڪستاني سڏي سگھجن!؟
    بهاري ڪنهن به طرح پاڪستاني ناهن. اهي ڀارت کان ڀَڳل وحشي، قاتل، جلاد، رهزن ۽ فرعون صفت دهشت گرد آهن، جن بنگالي عوام جي رت سان هولي کيڏي ۽ هاڻي سنڌ ۾ راڱا ڪرڻ لاءِ گھرايا پيا وڃن.
    جيڪڏهن سعودي يا لبيا حڪمران ٽولي کي سندن مسلمان هجڻ سان همدردي آهي، ته انهن کي سنڌ مٿان مڙهڻ ۾ مدد ڇو پيا ڪن ۽ پنهنجن ملڪن ۾ آباد ڇو نه پيا ڪن!؟
    ڇا سنڌ ڪو بين الاقوامي يتيم خانو آهي، جو پنهنجي ڌرتيءَ جو ڌڪاريل غدار جتان ٿو تڙجي، ته ڌُو اچيو سنڌ ۾ ڪري؟ برمي، سيلوني، افغاني، ايراني يا ڀارتي ڀاڄوڪڙ جڏهن به پنهنجي وطن سان غداري ڪرڻ سبب تڙيو ويو آهي، تڏهن ان جو رخ سنڌ ڏانهن ئي رهيو آهي، ڇو؟ ۽ سمورن ڌارين جو اهو ئي سنڌ دشمن ارادو پئي رهيو آهي، ته ڀل ڌڪاريل ڌاريا سنڌ ۾ آباد ٿين، ڇو؟
    پنجابي-پناهگير ڦورو طبقن پنهنجي فوجي ۽ سازشي قوت ۽ غدار سنڌي وڏيراشاهيءَ جي مدد سان هر تڙيل ۽ غدار ڌاريي کي سنڌ مٿان پئي مڙهيو آهي.
    سنڌي ماڻهوءَ هاڻي پنجابي-پناهگير ڦورو طبقن، سندن عالمي آقائن ۽ ڏيهي غدارن جي بدمعاشين کي پرکي ورتو آهي ۽ ڪنهن به ڌاري ڦوروءَ کي سنڌ مٿان مڙهجڻ نه ڏيندو.
    سنڌي عوام جي سجاڳيءَ کان ڊڄي سازش ڪري ائين به چيو وڃي ٿو، ته بهارين کي پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ آباد ڪيو ويندو.
    سڀ کان پهرين ڳالهه، ته جڏهن اهي قاتل بهاري ”پاڪستاني“ آهن ئي ڪو نه، ته پوءِ کين پاڪستان ۾ ڇو گھرايو وڃي؟
    ٻي ڳالهه، ته اهي چاليهن سالن کان بنگال ۾ رهن پيا ۽ اتي جي حڪومت کين اتي ئي رهائڻ لاءِ تيار آهي، پر ان شرط تي ته ان ڌرتيءَ جا وفادار ۽ شريف شهري ٿي رهن، ته پوءِ پاڪستان آڻڻ جو ڪهڙو سبب؟
    ٽين ڳالهه، ته پاڪستان جي هاڻوڪي ڍانچي ۾ اها ڪهڙي ضمانت آهي، ته اهو وحشي ٽولو سنڌ ۾ نه ايندو، جڏهن ته پاڪستان جا ٻيا صوبا انهن کي پاڻ وٽ ٽِڪائڻ لاءِ تيار به نه آهن. پاڪستان جا ٻيا صوبا ته پنهنجن اصلوڪن رهاڪن کي به پاڻ وٽ ٽڪائي نه ٿا سگھن ۽ انهن جا رهاڪو روزانو ريل گاڏيون ڀريو سنڌ مٿان ڌوڪيندا پيا اچن. ڇا اهو ممڪن هوندو، ته بِهاري اتي ئي رهن ۽ سنڌ ڏانهن نه اچن؟
    چوٿين ڳالهه، ته بهارين جا تاريخي ساٿي، سندن ڀلارا ڀائر، گذريل چاليهن سالن کان سنڌ ۾ ويٺا آهن ۽ سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ماڻهن کي خاص طرح سنڌ جي وڏن شهرن مان قطعي تڙي ڪڍڻ ۽ پنهنجو دائمي قبضو ڄمائڻ لاءِ کلي عام دهشتگردي، داداگيري، ڪوس، قتلام ۽ ڦرلُٽ تي لهي آيا آهن. هاڻي ته انهن ”سنڌي مهاجر ڀائي ڀائي“ جو نقاب به لاهي ڦٽو ڪيو آهي ۽ انهن وحشين کي ئي هنن وحشي بهارين جي گھرج آهي ۽ سندن کاڌو پيتو، خرچ کپو ۽ رهائش جو بار کڻڻ لاءِ تيار آهن. ڇا اهي چاهيندا ته سندن ظاهري طرح ميسڻا ۽ حقيقت ۾ ڀائر ڪنهن ٻي صوبي ۾ رهن؟
    رڳو هڪ ڀيرو اهي قاتل بهاري هيڏانهن اچن، ٻئي ڏينهن اهي ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ نظر ايندا.
    حقيقت هيءَ آهي ته قاتل بهارين کي رڳو ان لاءِ گھرايو پيو وڃي، ته جيئن سنڌي عوام جي اسريل قومي شعور ۽ انقلابي قوت کي ڪاپاري ڌڪ هڻي سگھجي ۽ سنڌي ماڻهن کي ٿورائي ۾ تبديل ڪري سنڌ ۾ ڌارين جي دهشتگرد قوت ۽ ڳڻپ کي وڌائي سگھجي.
    سنڌيو!
    • بهارين ۽ ٻين صوبن (خاص طرح پنجاب) ۽ ٻين ملڪن کان ڌاريا گھرائي، ڌارين کي گھڻائيءَ ۽ سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي،
    • اسان جا قيمتي ۽ املهه وڏا شهر اسان کان ذري گھٽ کسجي چڪا آهن،
    • اسان جي سرسبز ۽ آباد زمين جو اٽڪل ٽيون حصو ۽ لڳ ڀڳ سمورا پيداواري وسيلا ڌارين جي ناجائز قبضي هيٺ آهن،
    • سنڌي ماڻهو پنهنجن ئي وڏن شهرن ۾ ڪُسجي رهيا آهن ۽ ننڍن شهرن ۾ به سندن مال ۽ جان محفوظ ناهي،
    • سنڌي ٻوليءَ کي ذري گھٽ ڏيهه نيڪالي ملي چڪي آهي، وڏن شهرن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ بند ڪئي وئي آهي ۽ ننڍن شهرن ۾ بند ڪرڻ جون تياريون ٿي چڪيون آهن ۽ پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن به ٻوليءَ کي جيڪي حق ملڻ گھرجن، اهي سنڌي ٻوليءَ کي ملڻ بدران ڌاري ٻوليءَ کي ڏنا ويا آهن.
    سنڌيو، ياد رکو ته:
    • فلسطين ۾ فلسطينين سان به پهريائين ايئن ئي ٿيو هو ۽ پوءِ يهودين پنهنجي گھڻائيءَ جي زور تي فلسطينين کي پنهنجي ئي تاريخي ملڪ مان تڙي ڪڍيو ۽ فلسطيني اڄ ڏينهن تائين رت روئيندا پيا رهن ۽ بمن ۽ گولين جي وسڪاري هيٺ ڀسم ٿيندا رهن ٿا.
    • آمريڪا ۾ به، اتي جي اصلي رهاڪن (ريڊ انڊين) سان ايئن ئي ٿيو. ٻاهران آيل ڌارين دهشت، داداگيري، بارود ۽ بمن جي زور تي ريڊ انڊين کي ماري تباهه ڪري رُڃ ۾ رلائي ڇڏيو.
    سنڌيو! ڪجھ سوچيو، ته جڏهن پاڻي پڳ کان مٿي چڙهي ويو، ته پوءِ سنڌين جو ڇا ٿيندو؟ سنڌي اقليت ۾ بدلجي ويا، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
    اهي بهاري قاتل ۽ جلاد آهن، وحشي ۽ درندا آهن، انساني روپ ۾ خوني بلا آهن، هنن جو وجود بي حيائي، نمڪ حرامي ۽ غداريءَ جي خمير مان ٺهيل آهي، هنن جو پير نحوست ۽ نڀاڳ جي نشاني ۽ قتل عام جو پروانو آهي، هنن جو ذهن مڪر، فتني ۽ فساد جو کورو آهي، اهي هلاڪو، نادر شاهه ۽ هٽلر جو ناپاڪ ۽ نجس روحاني تخم آهن، اهي سنڌ لاءِ فساد، خون، موت ۽ تباهيءَ جو پيغام آهن، اهي هڪڙي مظلوم قوم (بنگالي قوم) کي رت ۾ وهنجاري، هاڻي ٻي مظلوم ۽ ماريل سنڌي قوم کي تباهه ڪرڻ پيا اچن، اهي پناهگير دهشتگردن جا اهي ساٿي آهن جيڪي سنڌين کان سنڌ کسي، پرمار ڦورو قاتلن کي سنڌ جو وارث ۽ آقا بنائڻ گھرن ٿا. بهارين جي اچڻ سان سنڌ سنڌين جي ڪوس گھر ۾ بدلجي ويندي، سنڌي پنهنجي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ بدلجي ويندا ۽ سنڌين جو حشر ريڊ انڊين ۽ فلسطينين کان به بدتر ٿي ويندو. چوطرف خونريزي ٿيندي ۽ هن ڌرتيءَ جو رهيو کهيو امن ۽ سڪون به برباد ٿي ويندو.
    سنڌيو! ڇا توهان اهو سڀ ڪجھ ٿيڻ پسند ڪندَو؟
    ڇا لکين سنڌين آڏو ڌرتيءَ جا قاتل سنڌ ۾ داخل ٿي ويندا؟
    ڇا سنڌ کي بيروت ۽ سنڌين کي ريڊ انڊين بنجڻو پوندو؟
    ڇا سنڌي ماڻهو پنهنجي مقدس ڌرتيءَ تي بهارين جي ناپاڪ ۽ قاتل وجود کي برداشت ڪري سگھندا؟
    ڇا سنڌي ماڻهو اهو چاهيندا، ته سندن عظيم سون-ورني ڌرتيءَ کي قتل گاهه ۾ تبديل ڪيو وڃي؟
    ڇا هوشو، هيمون، دودي ۽ فاضل جا وارث، لطيف، سچل ۽ ساميءَ جا پوئلڳ، قاتل بهارين کي سنڌ ۾ آڻڻ ۽ سنڌ ۾ بنگال وارو خوني ڊرامو ورجائڻ جي موڪل ڏيندا؟
    جي نه، ته پوءِ:
    اوهين سڀ جيڪي سنڌي آهيو،
    جيڪي هاري، مزدور ۽ شاگرد آهيو،
    وڪيل، ڊاڪٽر، اديب ۽ دانشور آهيو،
    پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل، شهري توڙي ڳوٺاڻا، ننڍا توڙي وڏا آهيو، اوهين سڀ جيڪي سجاڳ، سمجھدار ۽ قومي غيرت رکندڙ آهيو،
    اچو ته احتجاج بنجي اٿون،
    اچو ته قاتلن خلاف، درندن خلاف، وحشين ۽ ظالمن خلاف للڪار بنجي اٿون، پاڻ ۾ ٻڌي ڪريون، منظم ٿيون ۽ جدوجھد ڪريون. فتح حق جي ٿيندي، سوڀ حق پرست سنڌي عوام جي ٿيندي.
    (پمفليٽ طور لکيل مواد)


    سنڌ جون گَھڻ گُھريون ڌريون دهشت گردن کي ڪيئن منهن ڏين؟

    ڪو به ماڻهو دهشتگرديءَ کي پسند نه ٿو ڪري، سواءِ انهن جي، جن جا غليظ مقصد دهشتگرديءَ کان سواءِ پورا نه ٿيندا هجن. دهشتگردي امن امان ۽ ’جيئو ۽ جيئڻ ڏيو‘ جي فضا کي ختم ڪري ڇڏي ٿي، دهشتگرد قاتل ٿو ٿئي؛ هٿيارن جي زور تي ماڻهن کي دٻائي، هِيسائي ۽ ڊيڄاري پنهنجي غلائيءَ هيٺ رکي ٿو؛ ماڻهن کي ڪهي، ماري، ڦٽي ختم ڪري يا اپاهج بڻائي ٿو، گھر گھر ۾ هيبت ويهاري ۽ ماتم وجھي ٿو، روح رڙائي، اندر ڪنبائي ۽ جھوپا جھڻ ڪري ٿو: ملڪيتون، واپار، روزگار، پورهيا سڀ ٻوهي ۾ وجھي ڇڏي ٿو، ماڻهن جي زندگين ۾ زهر ڀري، ذهنن ۾ ڪفلتون ويهاري، نفرتن جو کٽيو کائي ٿو، سماجي، سياسي، ثقافتي، تفريحي ۽ تعليمي سرگرمين کي، جن سان ذهنن ۾ روشنيون ۽ روحن ۾ توانائيون ڀرجن ٿيون، ختم ڪري، ڊپ ويهاري، ماڻهن جي دلين تي حڪومتون هلائڻ گھري ٿو. من من ۾ رڦڻي وجھي، مٿا موڳا ڪري، دلين ۾ دونهان ڀري، اونداهيون پکيڙي راڄ ڪري ٿو. دهشتگرد جي مڪروهه منهن تي مرڪ تڏهن تري ٿي، جڏهن ڪنهن جو ڪوسو ڪوسو رت ٺينڊيون ڪري وهي، جوان جسم ڦٿڪندي ڏسي، مائرن جا اوسارا ٻڌي، پيئرن جي اکين ۾ لڙڪ لڙن، ڀينرن جا سينا ڦاٽن، ڀائر ڀيلا ٿين ۽ ٻارڙا مايوس، ملول ۽ اٻاڻڪا هجن. هو معصوم ٽهڪن کي گولين جي ٽڙ ٽڙ ۾ دفن ڪري، روڄ راڙي تي رقص ڪري ٿو. سڙندڙ گھر، ڀڙڪندڙ ڀنڀٽ، جھپ هڻندڙ ڄڀيون ۽ اڀامندڙ دونهان هن جي ڪوڙهئي روح کي راحت بخشين ٿا ۽ ڇتي ڪتي جيان بنا ڪنهن تفريق جي هر لانگھائوءَ کي چَڪي چس وٺي ۽ گد گد ٿئي ٿو. بارود جي بوءِ هن لاءِ واس جو هڳاءُ بڻجي کيس سرهائي ۽ شڪتي مهيا ڪري ٿي. هن جي سوڀ اها آهي ته ماڻهو سڏڪندا رهن.
    سنڌ ۾ گذريل اٺن ورهين کان کلئي عام دهشتگرديءَ ۽ ڪوس جي بازار گرم آهي، انساني سرگرميون مفلوج ٿي ويون آهن، حڪومتن جو وهنوار نه ٿو هلي، ماڻهن جا من مونجھا آهن، پر دهشتگردن ڏانهن رويو اهڙو رکيو ويو آهي، ڄڻڪ اهي سڄي وطن جا ’سورهيه سرواڻ‘ هجن. قاتلن تي آڱر کڻڻ بدران کين کيڪاري، جھولين ۾ ويهاري، چُورين جا لڏون کارائيندي، سندن الوليون ائين پيون سَٺيون وڃن ڄڻڪ البيلا پٽ هجن. قاتلن ۽ غنڊن سان ’سياسي ڪارڪنن‘ ۽ ’اڳواڻن‘ جھڙو ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته انهن مان هر هڪ جي سر تي ڏهاڪين انساني زندگيون لوڙهي ڇڏڻ جا چٽا ثبوت آهن. اسلام آباد، لاهور، پشاور يا ڪراچيءَ کان جو گيسي شروع ٿي ٿئي، ته لنڊن يا واشنگٽن وڃيو ساهي پٽي! دهشتگرديءَ ۽ قتلام جا دستاويز پڌرا ڪرڻ بدران پنهنجي ’شخصي معصوميت، ايمانداري، اشرافت ۽ نيڪ نيتي‘ جا ثبوت پيش ڪيا وڃن. قاتلن کي اگھاڙو ڪرڻ بدران کين پَڙ پارائي وڌيڪ پوتر ڪيو پيو وڃي ۽ پاڪستان جون نسبتاً سڀ کان وڌيڪ سگھاريون سياسي قوتون سندن در تي سجدا پيون ڪن. نيازمندي، نوڙت، نماڻائي ۽ نيرازيءَ جو ڇيهه وڃي اتي ٿو ٿئي، جو نه ڳاٽ ٿو کڄي ۽ نه ئي ڳوڙها ٿا سڪن، ڳچيءَ ۾ ڳارو، وات ۾ پادر، اکين ۾ آلهه، پير اگھاڙا، ڏٻرو ڏيل، جھڪيل ڪنڌ، نوڙيل چيلهه، وات ۾ ڌپ، دلين ۾ ڍونڍ ۽ سڏڪن جو سَٽڪو پيو پوي! دهشتگردن جي عقيدتمندن جا مهانڊا ۽ سندن مجري جا شوقين، ڪوٺي جا ڪوڏيا، ڪڏهن هڪڙا ته ڪڏهن ٻيا، پر ڪم اهو ئي ساڳيو!
    سڀ سياڻا ماڻهو سمجھن ٿا، ته سنڌ ۾ دهشتگردي ۽ دهشتگردن کي آزاديءَ سان، ڄاڻي ٻجھي جيئرو رکيو پيو وڃي. ان جا ڪي نه ڪي ڪارڻ ضرور آهن، جن ۾ ڪٿي نه ڪٿي، ڪا ڪميڻائپ ۽ بدنيتي لڪل آهي. يا ته هن ملڪ جا سياسي اڳواڻ --- حڪومت ۾ هجن يا اقتداري مخالفت ۾ --- بدنيت آهن يا انهن جي مٿان، انهن جي پٺيان --- ”صاف ڇُپتا ڀي نهين سامني آتا ڀي نهين“ --- ڪي ”ڳجھيون“ يا ”سگھاريون“ قوتون آهن، جن جي نيت ۾ فتور ۽ من ۾ کوٽ آهي. دهشتگردن کي هروڀرو سياسي اڳواڻ ڪري پيش ڪرڻ تي سندرو ٻڌل آهي. ڳالهين جون مُرليون وڄائي، ڏيهه واسين جو رت نذرانو ڪري، کين ريجھائڻو، پرچائڻو ۽ جيئارڻو آهي. هو وطن ورهائي پرڏيهي ويري قوتن جو گروهه بڻائڻ لاءِ تيار، ڪو به غليظ ۽ وطن دشمن مطالبو ڇڏڻ جي وائي نه وارين ۽ هِي آهن جو پادرن ۾ وڇايا پيا آهن ۽ موچڙو کڻي سندن دوناڙ تي ٺڪاءُ نه ٿا ڪرائين --- ”مامي جي مڪر ۾ به ضرور ڪا رمز رکيل آهي!“
    جيڪو ٿورو به عقل رکندو هجي، آهي ڪو اهڙو جو سيني تي هٿ هڻي چوي، ته ماڻهو، عام ماڻهو --- پورهيت پنهوار، هاري ناري، ڪمي ڪاسبي، ڏهاڙيءَ تي وهندڙ مزدور، دڪاندار، واپاري، گھورڙيا، جھوپڙي هوٽل وارا --- ۽ انهن سان گڏ مِل مالڪ، ڪارخانيدار، صنعتڪار، اسٽاڪ ايڪسچينجز وغيره، ٻولي ڪهڙي به ڳالهائيندا هجن، دهشتگردي ۽ دهشتگردن کي دل و جان سان پسند ڪن ۽ عزت ڏين ٿا؟ ڇا ان ماڻهوءَ جو عقل سالم چئبو، جيڪو ائين چوي، ته دهشتگردن جن گھرن تي قيامتون وهائي ڇڏيون ۽ ڪُنا اونڌا ڪرائي ڇڏيا آهن، اتان جا رهاڪو کين پنهنجي اکين جو نُور ۽ من جو سرور سمجھن ٿا؟ اهي ڪو جو ائين چوي، ته دهشتگرديءَ سبب رلي ويل روزگارن ۽ اجڙي ويل اجھن جا شڪار ٿيل ماڻهو، جن جا پيٽ وڃي پُٺيءَ سان لڳا ۽ بک جو بک ٿيا، سي انهن قاتلن کي دل و جان سان چاهيندا هوندا؟
    قتلام، دهشتگردي، هيبت، ڊپ، بيروزگاري ۽ بک بيحد بڇڙا ٽول آهن. اهي انسانيت کي پنهنجيءَ حاصلات کان هيٺ ڪيرائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا، نفرت، چڙ، بيزاري، ڇڙواڳي ۽ ڪمينائپ جو ٻج آهن ۽ ماڻهپي جي مڻيا ماري، انساني قدرن جا مول مٽايو ڇڏين ٿا. دهشتگرديءَ جو ڍينگو ڍيري ڪرڻ لاءِ ۽ اهڙيءَ طرح قتلام، ڊپ، بيروزگاري ۽ بک کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ جنگ بنا جيئڻ اڻٽر آهي. لازمي آهي ته ڪي جوڌا، جُنگ ۽ جوان، ڪوپا، ڪونڌر ۽ ڪلي-ڪوڏيا، جوپا ۽ جاڏا ڪُڏي ڪلي-پڙ ۾ اچن ۽ احساس ڏيارين ته ’سنڌ گدڙن ناهي کاڌي؛‘ ماڻهپو ۽ مريادا مري نه ويا آهن؛ سونهن، سنگت ۽ سنگيت جو پيالو پُر آهي، ساٿ ۽ سهڪار جو جذبو جڏو نه ٿيو آهي، ڪِيني ۽ ڪُپت کٽي ناهي ورتو، سچ جا عاشق ۽ سِر جا سودائي اڃا به آهن. اهي نه رڳو سنڌ سنواري رکندا، ان کي سرهو به ڪندا.
    پاڪستان جي تخليق ۾ نفرتن بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي. هاڻوڪو پيارو پاڪستان به نفرتن جو نتيجو آهي ۽ ان منجھ جت ڪٿ نفرتن جو ئي ٻج ڇٽيل آهي. نفرتن جو کٽيو کائيندڙ حاڪمن ۽ خاص ڪري اردو اخبارن ان کي ريج ڏئي پاڻي مهيا ڪيو آهي. تاريخي بدقسمتي آهي انهن ماڻهن جي، جيڪي نفرتن جي اپت تي پليا ۽ وڌيا ويجھيا آهن. ’کڙي‘ ٻوليءَ ۾ جڏهن نفرتن جي بنياد تي هٿرادو نموني جڙتو لفظ ٽنبيا ويا، تڏهن ’اردو‘ ٺهي. ويجھڙ ماضيءَ تائين جيڪي به ’اڙد‘ ٺهيا ۽ ٺهندا رهيا آهن، انهن جو بڻ به ڪيني ۽ نفرتن تي بيٺل آهي. اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن کي ڀارت توڻي پاڪستان ۾ جيڪي به ”رهنما“ مليا، تن پنهنجي ۽ سندن پالنا به نفرتن جي بنياد تي ئي پئي ڪئي آهي. هنن جي تن ۽ من ۾ نفرتن جو زهر ڀريل آهي ۽ سندن خمير نفرتن جي پاڻياٺ سان ڳوٿل آهي. انڊيا (اپکنڊ هند سنڌ) تي انگريزن جي حاڪميت کان پوءِ مغلائي ’اڙد‘ جڏهن عام ماڻهن جي جھڳٽي ۾ تبديل ٿيو، تڏهن منجھائن ڪيترن ئي ڀرپاسي جي سڀيتائن ۽ سڀائن مان ماڻهپي جو جوهر جھٽي ورتو، انگريزن جي غلاميءَ به منجھن ٿورو گھڻو درد پيدا ڪيو، پر سندن ”رهنمائن“ جي ڀريل نفرت انهيءَ مٺي انساني ميوي کي به زهريلو ڪندي رهي ۽ ڪي مڙسيءَ وارا هئا، جي من ۾ ماڻهپو بچائي سگھيا، نه ته وڏي گھڻائي انهيءَ جو کاڄ ٿي وئي ۽ ٿيندي رهي ٿي.
    سنڌ جي ڌرتيءَ تي کين جيڪا ٻاجھاري ٻولي ٻڌڻ ۾ آئي سا سندن سمجھ کان ٻاهر هئي. (ڪي ڳڻوان کڻي جي سمجھي به سگھيا، ته نه ايڏا اثرائتا ٿي سگھيا ۽ نه وري اثرائتا رهڻ ڏنا ويا، جو پريت جو پرچار ڪري سگھن.) ميٺ، محبت، سهپ، رواداري، سڪ ۽ سٻاجھائي سندن ”اڙدڪ“ سمجھ موجب بيوقوفي، احمقپائي ۽ جھالت جا اهڃاڻ هئا، کين سمجھايو، پڙهايو ۽ رٽايو ويو ته سنڌي ماڻهو ”ڳنوار“ هئا ۽ سندن ٻولي ’ٻڪرارن جي تنوار‘ هئي. سنڌ جا ”ڌراڙ“ کين جيڪو کير مکڻ آڇي رهيا هئا، اهو سندن پتي تي ئي نه ٿي پيو. سنڌ جو فلسفو سندن سوچ کان مٿي هو. ماڻهو ڪنهن اوپري ۽ اڻ ڏٺل جي ڏک ۽ بک کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ڏکيو بکيو رکي سگھي ٿو --- اهو سڀاءُ سندن سمجھ ۾ اچڻ جوڳو نه هو. پيار جي لوري کين عقل ۾ نه ٿي آئي. محبتن جي ٻولي هنن ٻڌي ئي نه هئي. هو ”اڙدڪ“ هئا --- لشڪر سان واسطيدار، جن جو ڪم ٻئي جي ڪَئي ڪمائي ۽ ملڪيت ڦرڻ يا برباد ڪرڻ ۽ شاهن جي مفادن جي نگھباني ڪرڻ هو. درٻار ۽ ڪوٺي جا هيراڪ، جِي حضوري ۽ شهواني ادائن جا واقفڪار، پيار جي حقيقي ادائن کان اڻ واقف هئا. هنن مکڻ ۾ مليل ماکيءَ جهڙي مرڪ ڏٺي ئي نه هئي. کين سنڌوءَ جي ميٺاڄ ۽ مٽيءَ جي مهڪ ۽ انهن جي خمير مان اسريل ماڻهپو، سنڌ جو سنيهو ۽ لطيف جي ٻولي پلئه نه ٿي پيا. سنڌ ۽ سنڌين جي محبتن کي ڦورو حاڪمن جي ملي ڀڳت سان غلام بڻائي، هنن سمجھيو، ته ڪا کيپ کٽي اٿئون. هنن جي دماغن ۾ هوائون ڀرجي ويون ۽ اکين تي لِڏ اچي وئي. هنن پاڻ کي ڪا مٿاهين مخلوق سمجھڻ شروع ڪيو؛ جيئن هر ڦورو پاڻ کي سمجھندو آهي ۽ وري جو ڪجھ دهشتگردن جي ٺڪاون ۽ داداگيريءَ کي ڏٺائون، ته مورڳو هٿئون نڪري ويا ۽ پاڻ کي ”سپر پاور“ سمجھڻ لڳا.
    ”هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلِي سارڻ، مانجھيان اِيءَ مرڪ“ جھڙو نياپو سنڌي ماڻهن کي غلاميءَ جي ننڊ مان ڌونڌاڙي اٿارڻ لڳو. جت محبتن جو قدر ڪرڻ وارا نه هجن، اتي ’ڪات ٿي‘ اسرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو؛ پر سنڌي اڃا ڪات نه ٿيا آهن. هنن جڏهن ڪَرُ موڙيو، ته ون-يونٽ جو زنجير ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو، ۽ پوءِ خليفي جي ڪيڏاري جو پڙاڏو جنرل ضياءُ جي آمريت دوران جڏهن نعرو ٿي گونجڻ لڳو، ته اقتدار جي ايوانن جا ڪنگرا لرزي پيا. سنڌ ۾ دهشتگرديءَ جي خالقن ۽ پاليندڙن کي ڦِڦڙي وٺي وئي، ڀُوڪرجي هوش وڃائي ويٺا ۽ تڙ تڪڙ ۾ دهشتگردن کي ايڏو ’فيڊ‘ (کاڄ) ڏئي ويا، جو اهي کين به اکيون ڏيکارڻ لڳا، ۽ اڄ، اڍائي ورهين جي ڪشالي (۽ ناٽ) کان پوءِ به سوئر جا وَڄ سلامت ۽ جھوتون جاري آهن. هن ڀيري سندن ڀيل جو شڪار ڪي اهي بيگناهه فرد به آهن جيڪي اردو ڳالهائن ٿا ۽ بدقسمتيءَ سان سندن اولاد جهڙي حيثيت رکن ٿا، پر دهشتگرد جو ڪو به رشتو ناتو ۽ ڪو به اعتبار نه هوندو آهي. نانگ ۽ رُڃ تي پَت ڪري سگھجي ٿي، دهشتگرد تي نه!
    سنڌي ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ اسان وٽ اڃا اهو جذبو جيئرو آهي، جنهن کي ماڻهپو چئجي ٿو. هن ڌرتيءَ جا رهاڪو ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ ڏمر، ڪوڙ، ڪپت ۽ ڪِيني جا فطري مخالف آهن ۽ سچ، سِڪ ۽ سونهن جا مانُ مٿاهون رکڻ جا جَتن جاري رکيو اچن. سڄي ڌرتيءَ تي جيڪو بيگناهه ڪُسي يا ڦٽجي ٿو، جھڙوڪر منهنجو ڀاءُ ڪٺو يا ڦٽيو؛ جو به گھر اجڙي ٿو، ڄڻڪ منهنجو گھر اجڙيو. اسان کي دهشتگرد ۽ عام شهريءَ ۾ فرق ڪرڻ گھرجي. دهشتگردن کي جيڪو به جوکم رسائي سگھون، سو جائز، پر عام ماڻهو، جيڪو انهن جو بيگناهه شڪار ٿئي ٿو سو ’اسان جو ماڻهو‘ آهي. دهشگردن جي غليظ ترين مقصدن کي مات ڏيڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي، ته کانئن ڊنل ۽ سندن ڏاڍ جو شڪار ٿيل ماڻهن جو ڏڍ، آٿت ۽ ملم بڻجون ۽ کين دهشتگردن جي پنجوڙ مان نجات ڏيارڻ سان گڏ، انهن سان ساٿ ڏيڻ کان ڇني ڌار ڪيون ۽ جي حق، سچ، جمهوريت، انصاف ۽ انسانيت جي پاسي ڪري سگھون، ته ائين به ڪيون.
    اڙدڪ سياسي ”راهنمائن“ ۽ ”دانشورن“ کين نفرتن جي گس تي پئي گھليو آهي ۽ گھليندا وڃن پيا. اردو اخبارون کين انهيءَ پاسي ڌِڪي سنڌ جو قبضي خور مالڪ بڻائڻ لاءِ هرکائينديون رهن ٿيون (انهن جو مقصد رڳو پيسو ڪمائڻ آهي --- نفرتن ۽ ڪوڙ سان وڌيڪ ڪمائجي ٿو). ڀائپي ۽ پيار سان گڏجي رهڻ ۽ ڏک سک ۾ ڀائيوار ٿيڻ جو کين سبق ئي نه ٿو ڏنو وڃي. اهي اخباري بيان جن سان نفرتون وڌن، وڏن اکرن ۾ شايع ڪيا وڃن ٿا. مورکپائي اوج تي آهي. ڪِيني جو ڪونڀٽ وڃي ٿو وڌيڪ وچڙندو ۽ نفرتن جي اوڙاهه ۾ جيئن ٿو وڌي ڪاٺ، تيئن ڦوڪن ڏيڻ وارا سانڊا به وڌندا وڃن ٿا!
    اڙدڪ سمورو عوام ڪو دهشتگردن جو پُٺڀرو ناهي. جن ماڻهن گذريل چونڊن ۾ دهشتگردن کي ووٽ ڪيو، اهي سڀ هروڀرو ڪو سندن حمايتي نه هئا (ڪيترائي ووٽ پرپٺ وڌا ويا هئا). جنرل ضياءَ جي ڏينهن ۾، جنهن پنهنجن مخصوص احباب ۽ ايجنسين وسيلي دهشتگردن کي منظم ڪيو ۽ قانون کان مٿاهون بڻايو، هڪ هٿرادو جذباتي فضا تيار ڪئي وئي، ته جيئن دهشتگردن کي سورهيه ثابت ڪري، سندن اڳواڻيءَ هيٺ هڪ اهڙو سنڌ دشمن گروهه ٺاهي سگھجي، جيڪو سڀاڻي سنڌين جي جمهوري، قومي ۽ عوامي جدوجھد جو گلو وڍي سگھي. دهشتگردن وري انهيءَ آڙ ۾ پنهنجي ڌار ملڪيت ٺاهي، انهيءَ جي تخت تي پاڻ کي تاج پوش سمجھڻ شروع ڪيو. جيستائين تاج جا ڌڻي ٿين، تيستائين کين خصوصاً ڪراچيءَ ۾ بي تاج بادشاهه بڻايو ويو ۽ دهشتگردن جي سرداريءَ هيٺ رياست اندر رياست قائم ڪئي وئي. بظاهر ائين نظر اچڻ لڳو ڄڻڪ سمورو اڙدڪ عوام قاتلن جي جھنڊي هيٺان گڏ ٿي ويو هجي؛ پر حقيقت ائين نه هئي، نه آهي.
    دهشتگردن پنجابي ۽ پٺاڻن ۽ خاص ڪري سنڌين خلاف رت جي راند کيڏي، اڙدڪ عوام ۾ آزادي سان اهو احساس پيدا ڪيو، ته اهي ٻئي هر ساٿ، خصوصاً سنڌيءَ جي ساٿ ۾ غيرمحفوظ آهن ۽ سندن تحفظ جي اڪيلي واٽ اها آهي ته دهشتگردن جو ئي ساٿ ڏين ۽ انهن جي اڳواڻي قبول ڪن، خاص ڪري اڄ، جڏهن دهشتگردن جا ٻه ٽولا ٿي پيا آهن ۽ ٻئي ٽولا هڪ ٻئي جي غنڊن کي قتل ڪري رهيا آهن، تڏهن ڪيترائي بيگناهه ماڻهو به سندن گولين جي گھت جو شڪار ٿي ويا آهن. خود مقتول دهشتگردن جي ماءُ پيءُ ۽ ڪٽنب جي ٻين ڀاتين کي اهو احساس ٿيڻ لڳو آهي ته ڪنهن گھر جو ڏيئو وسائڻ ڪيڏو نه ڪٺور ۽ ڪنو ڪم آهي. دهشتگردن پنهنجن غليظ مفادن جي پورڻتا لاءِ سندن دلين ۾ جيڪو زهر ڀريو هو، اڄ اهو خود کين ئي ڳاري رهيو آهي. ايجنسين جي ڀرتي ڪيل مخصوص سنڌي سياسي وڏيرن پنهنجن آقائن جي اشارن تي دهشتگرد مفادن سان هم آهنگ لٻاڙي بيان بازي شروع ڪري ڏني آهي جيڪا سنڌين جي وطن دوست ۽ جمهوري جدوجھد جي ڪنهن طرح به پوئواري ڪندڙ ناهي. آڙاهه ۾ ڪاٺ وجھي دهشتگردن هڪ ڀڀڙ مچايو آهي ۽ هي سانڊا پنهنجن آقائن وٽ سرخرو ٿيڻ لاءِ ان کي ڦوڪون پيا ڏين.
    وقت جي اڻٽر گھرج آهي ته دهشتگردن جي اپايل نفرتن جو ٽوڙ ڪجي. دهشتگردن اڙدڪ عوام کي پاڪستان جي سڀني حقيقي قومن سان ويڙهائي، نقلي قوم جي نعري وسيلي، کين پنهنجي جھنڊي ۽ آمريت هيٺ گڏ ڪيو آهي، ۽ اسان جو فرض ان جھنڊي کي ڀڃي اڙدڪ عوام کي دهشتگردن جي پاڇولي مان ڪڍي، وطن دوست ۽ عوام جي جمهوري پاسي آڻڻ آهي. سموري اڙدڪ عوام کي دڙڪا ۽ گاريون ڏيڻ سان مقصد دهشتگردن جو پورو ٿئي ٿو. گدڙن جي اوناڙ تي ماڻهو پنهنجون ٻوليون، ثقافتون ۽ مائٽيون نه بدلائيندا آهن!
    دهشتگردن جي اندر ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ڪنبڻي ۽ سندن بدنيت نعرن جو وقت کان اڳ پڌرو ٿي پوڻ ٻڌائي ٿو، ته سنڌين جي لاڳيتي، جٽادار، عوامي، جمهوري ۽ حق پرست جدوجھد لاڀائتي ثابت ٿي رهي آهي. سنڌي ماڻهو پنهنجا تاريخي شهر ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن. اها دهشتگردن جي هڪ وڏي ناڪامي آهي ۽ سنڌي ماڻهو ڏينهون ڏينهن شهرن ۾ وڌندا پيا وڃن. اها دهشتگردن جي ٻي وڏي ناڪامي آهي. آمريت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۾ سنڌي سڀ جا سرواڻ هئا. اها دهشتگردن جي ٽين وڏي ناڪامي آهي. سنڌي ڪارخانيدار، صنعت ۽ واپار، نوڪرين ۽ روزگار ۾ وڌن پيا. اها دهشتگردن جي چوٿين وڏي ناڪامي آهي. سنڌي تعليم، تحقيق ۽ تدوين ۾ ڀڙ ٿيندا پيا وڃن. اها دهشتگردن جي پنجين وڏي ناڪامي آهي.
    اڄ تاريخ جي وير هڪ ڀيرو وري سنڌي ماڻهن جي تاريخي پيغام ۽ جٽادار جدوجھد کي وقت جي نقشي تي اڀاري کڻي آئي آهي. ان کي گدڙ-اوناڙ ۽ سانڊي-ڦوڪ وسيلي برباد ڪرڻ بدران اڻٽر آهي، ته پاڪستان ۾ عام ڪيو وڃي ۽ خصوصي ڌيان اڙدڪ عوام تي ڌريو وڃي، جن کي دهشتگردن پنهنجيءَ بندوق جي زور تي يرغمال بڻائي ورتو آهي. هڪ سڪي جا ٻه پاسا ٿين ٿا، ضروري آهي ته اڙدڪ عوام به انسانيت جي سڏ تي سڏ ورنائي پاڻ کي ڪدورتن ۽ ڪفلتن جا پهاڙ اڀا ڪندڙ ڪيني ڀريل قاتلن کان ڌار ڪري.
    سنڌين جو سنيهو اردو اخبارن سدائين بگاڙي پيش ڪيو آهي. ان ڪري پنهنجو پيغام اڙدڪ عوام تائين اردو اخبارن وسيلي پهچائڻ کان پرهيز ڪئي وڃي، نه ته اهي اوهان جي عوام دوستيءَ کي مڪاريءَ سان ڪيني ڀريو روپ ڏئي ڇڏينديون. اڻٽر آهي ته پاڻ، پنهنجي سر، مڙسي ڪري پنهنجو وطن دوست، جمهوري ۽ انسان پسند پيغام بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي، سڌو سنئون اڙدڪ عوام تائين پهچايو وڃي.
    سنڌ جي قومي جدوجھد جي هام هڻندڙ سياسي ڌرين مان ڪِن توڻي جو وڏيرڪي دڙڪي ۽ دهمان وسيلي اڙدڪ عوام کي ’سنڌي ٿي وڃڻ‘ جو چتاءُ ڏنو آهي (نه ته کين ”سمنڊ ۾ غرق ڪبو“ يا ”ڀارت موڪليو ويندو“ جھڙي سکڻي اڀام پئي ٻڌائي آهي). ڇا ڪڏهن، سنجيدگيءَ سان اڙدڪ عوام ۾ سياسي سجاڳي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي؟ ڪيترن کي پنهنجو سياسي ڪارڪن بڻايو ويو آهي؟ ڪيترن فردن تائين سندن سِڌي پهچ آهي؟ ڪهڙن ڪهڙن پاڙن ۾ انهن جلسا ڪيا آهن ۽ پنهنجو سياسي مواد گھڻن گھرن تائين پهچايو آهي؟ نفرت انگيز اخباري بيان پڙهي ڇا ڪو منهنجي سياسي پارٽيءَ جو حمايتي ٿي سگھندو؟ دڙڪن سان به ڪو ڪارڪن ٺهندو آهي ڇا؟ تاريخي سچ اهو آهي ته اسان جي قومي جدوجھد جي هام هڻندڙ پارٽين جي اڪثريت جھڙوڪر ڄاڻي ٻجھي اڙدڪ عوام کي ڪاٽي، نڌڻڪو ڪري، دهشتگردن جي جھوليءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي.
    پيپلز پارٽي به عملاً، خاص ڪري سنڌ اندر، وڏيرڪين سازشن جي ور چڙهيل رهي آهي. ان کي پنهنجي سطحي عوام دوست ۽ درحقيقت وڏيرڪي روش سڌارڻي پوندي. نه ته سندس آئيندو اونداهو آهي. پيپلز پارٽيءَ وٽ سندس خامين باوجود سنڌي توڻي اردو ڳالهائيندڙ ڪارڪنن جو هڪ چڱو چوکو انگ موجود آهي ۽ وٽس اها صلاحيت آهي جو اڙدڪ اڪثريت وارن پاڙن ۾ جلسا جلوس توڻي ٻيون سياسي سرگرميون ڪري سگھي. پيپلز پارٽيءَ خلاف دهشتگردن هڪ خصوصي نفرت انگيز مهم هلائي رکي آهي ۽ هنن پنهنجين ويهن ئي آڱرين جو زور انهيءَ تي خرچ ڪيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي سنڌين جي پارٽي ثابت ڪري اڙدڪ عوام کي ان کان ڪاٽي، پري ڪري رکن.
    پيپلز پارٽي سنڌين جي سياسي پارٽي آهي يا نه، اهو هڪ ڌار موضوع آهي. في الوقت پيپلز پارٽيءَ کي گھرجي ته پنهنجن اڙدڪ ڪارڪنن وسيلي ۽ پنهنجين گھڻين، خاص ڪري سنڌي قوتن کي ڪم آڻي، اڙدڪ اڪثريت وارن پاڙن ۾ جلسا منعقد ڪري، دهشتگردن جي پيدا ڪيل پروپئگنڊا جو ٽوڙ ڳولي، نظرياتي ۽ عملي ميدان ۾ کين وائکو ڪري. ڪالهه بينظير صاحبه جڏهن نشتر پارڪ ۾ بيهي اعلان ڪيو هو، ته هوءَ ماءُ آهي، هوءَ ٻار ڄڻيندي آهي، هوءَ دهشتگرد ناهي، جو ماڻهن جو قتلام ڪري، تڏهن انهن لفظن وٽ پنهنجو هڪ جادو هو. اهو ۽ اهڙو سحر، اهڙي فضا پيدا ڪرڻ جي گھرج آهي!
    سنڌ جي گھڻگھرين ڌرين جيڪڏهن دهشتگردن کي ڪاٽي، اڪيلو ڪري، اڙدڪ عوام کي کانئن کسي ورتو، ته انهن ڄڻڪ سنڌ جي حقيقي مالڪي هٿ ڪئي. ان لاءِ لازم آهي ته دهشتگردن خلاف سمورن ثبوتن ۽ دستاويزن کي پڌرو ڪيو وڃي، دهشتگردن ڏانهن اهوئي رويو رکيو وڃي، جيڪو اصولي ۽ قانوني آهي. دهشتگردن کي سياسي تعظيم ۽ تڪريم ڏيڻ بند ڪئي وڃي ۽ اڙدڪ عوام ۾ ائين سياسي نظرياتي سڌو سنئون گھاٽي لاڳاپي وارو ڪم شروع ڪيو وڃي جيئن ڪا نئين سياسي پارٽي ڪندي آهي.
    (روزاني ”هلال پاڪستان“ ڪراچي، 22-ڊسمبر 1994ع)


    سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڏانهن سنجيده رويي جي گھرج

    سنڌ دشمن دهشتگرد جڏهن چون ٿا، ته سنڌ کي ورهايو ۽ کين ان جي ايراضيءَ ۾ بلوچستان جي سامونڊي علائقي سميت هڪ ڌار صوبو يا وطن ٺاهي ڏيو، تڏهن سوچڻو ئي پوي ٿو، ته هُو اها ايڏي وڏي ڳالهه ڇو ٿا چئي سگھن؟ وٽن ڪهڙي قوت آهي؟ هُو ڪهڙي ڪِلي تي ڪُڏن ٿا؟
    وري جڏهن پاڻ کي ’سنڌ دوست‘ سڏائيندڙ ڌرين جا اڳواڻ چون ٿا، ته سنڌ دشمن دهشتگردن جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏبو، سنڌ کي ورهائڻ يا سنڌ جي ڪنهن به ٽڪري تي ڪنهن به بدمعاش جي راڄڌاني قائم ڪرڻ جي موڪل نه ڏني ويندي، دهشتگردن کي فنا ڪري ڇڏبو، وغيره، تڏهن ڇا اهي ڪنهن حقيقي بنياد تي ايئن چون ٿا يا هروڀرو خيالي ڌُڪا ٿا هڻن؟ وٽن ڪهڙي سگھ آهي؟
    مٿي ڏنل ٻئي ڳالهيون هڪ ٻئي سان تضاد ۾ آهن، هڪ ٻئي جي خلاف آهن ۽ انهن جي ڪٿ تور تڏهن ڪري سگھجي ٿي، جڏهن هر هڪ پاسي کي ڌار ڌار ڏٺو وڃي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ ڀيٽ ڪري ڏسجي.
    دهشتگرد پاسو
    ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، نواب شاهه ۽ شهدادپور ۾ رهندڙ ”مهاجر بزرگن“ کي دعوت ڏئي ڄاڻايل شهرن جي مقرر هنڌن تي گڏ ڪيو ويو. هڪ خاص قسم جي وردي پهريل ماڻهن انهن جلسي گاهن ٻاهران بيهي پهرو پئي ڏنو. دهشتگردن جي پاڻهُرتو سردار لنڊن ۾ ويٺي، ٽيليفون تي هڪ ئي وقت سنڌ جي ڄاڻايل شهرن ۾ خطاب ڪري رهيو هو. ”مهاجر“ بزرگن کي جيڪي ”نوجوان“ وٺي آيا هئا، انهن کي هڪ مخصوص قسم جي ڊيوٽي پوري ڪرڻي هئي. تقرير ڪندي دهشتگردن جي سردار پنهنجي تقرير کي هڪ خاص ماتمي موڙ ڏئي اوچتو پڇيو: ”اب سنڌ ۾ ڪيسي هوگا گذارا؟“ موٽ ۾ اڳواٽ پڙهايل نوجوانن چيو: ”آڌا تمهارا، آڌا همارا!“ انهن ”نوجوانن“ کي اڳواٽ پڙهائي تيار ڪيو ويو هو، تڏهن ئي ته اهي ”مهاجر“ بزرگن کي طَي ٿيل جاءِ ۽ شهر ۾ وٺي آيا هئا ۽ مخصوص جملي جو مخصوص جواب ڏنائون.
    پاڻ کي ”مهاجر“ سڏائيندڙ دهشتگردن جي مخصوص ٽولي پاران مختلف قسم جون سازشون ڳجھ ڳوهه ۾ اڳواٽ رٿجي تيار ٿينديون آهن ۽ انهن تي عمل گھربل وقت ۽ طريقي موجب ڪيو ويندو آهي.
    5-ڊسمبر 1994ع تي محمد صلاح الدين (ايڊيٽر ”تڪبير“) کي آفيس مان ٻاهر اچڻ مهل گولين جو شڪار ڪرڻ هڪ اهڙو مثال آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ته ڪنهن اڪيلي فرد کي گوليون هڻڻ يا ڪنهن قوم ۽ ان جي ڌرتيءَ کي بارودي باهه ۾ ساڙڻ جهڙا انفرادي توڙي اجتمائي نوعيت جا ڪم هڪ مقرر رٿابنديءَ سان عمل ۾ اچن ٿا. هڪ اهڙي سنڌ دشمن رٿابنديءَ جو ڪاٿو هيٺ ڏنل خط جي متن مان ڪري سگھجي ٿو، جيڪو چون ٿا ته حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جي آفيشل ليٽر پيڊ تي ان جي هڪ اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل لکيو هو:
    سنڌ جي ورهاڱي بابت اوڪلي جي حيدرآباد واري دوري ۾ منهنجي ساڻس ڏاڍي سنجيده ڳاله ٻول ٿي. اهو به ٻڌائڻ گھران ٿو ته هيستائين مون ”خدا ڪِي بستي“ نالي رهائشي ڪالونيءَ ۾ هڪ هزار بهاري خاندانن کي ”بي گھر خاندان“ ڏيکاري آباد ڪري ڇڏيو آهي.
    سنڌ يونيورسٽيءَ جي چوڌاري گھيرو تنگ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ”گلشن شهباز“ واري علائقي ۾ ڇهه لک مهاجرن کي آباد ڪيو وڃي. انهن مان ٻن لکن جي آباديءَ کي ”خدا ڪي بستيءَ“ ۾ وَسائڻ لاءِ بلڪل تيار آهيان ۽ باقي چار لک مهاجرن کي آباد ڪرڻ لاءِ هتان جي مقامي زميندارن کان زمينون خريد ڪري اتي رهائشي اسڪيمون شروع ڪرڻيون پونديون.
    انشاء اللھ هن سلسلي ۾، تفصيلي ڳالهه ٻول توهان سان تمام جلد ڪراچيءَ ۾ اچي روبرو ڪندس. يقين ڪريو ته ايم ڪيو ايم جي لاءِ منهنجي وس ۾ جيڪو ڪجھ هوندو، ضرور ڪندو رهندس.
    ايم ڪيو ايم زنده باد!
    اوهان سان سچو
    تسنيم
    1. 1967ع کان 1972ع تائين سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن پاران هلايل وطن دوست، قومي ۽ جمهوري تحريڪ جو وير وٺڻ ۽ سنڌي شاگردن جي هن مرڪز کي گهيري ۾ آڻي ختم ڪرڻ لاءِ ٻن محاذن جي رٿابندي ڪئي وئي: هڪ، جيڪا مٿي ڄاڻايل خط ۾ موجود آهي، ۽ ٻي اها، جيڪا يونيورسٽيءَ ۾ نام نهاد قوم پرست اڳواڻ شاگردن کان گنڊه گردي ڪرائي، نه رڳو قومي جدوجهد مان ويساهه ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر سنڌ جي اعليٰ تعليمي مرڪز جي تعليمي معيار کي به هاڃو رَسايو ويو.
    2. آمريڪي سامراج سنڌ دشمن دهشتگرد سرگرمين ۾ ٻٽ نظر اچي ٿو.
    3. اڃا سوڌو سنڌ جي زمين تي سمگل ٿي ايندڙ غير قانوني پرڏيهين کي نه رڳو آباد ڪيو وڃي ٿو، پر آئينده به گھٽ ۾ گھٽ ڇهه لک ماڻهن کي آباد ڪرڻ جي نيت رکن ٿا.
    هڪ اردو اخبار پاران 4-ڊسمبر 1994ع تي ”امن مارچ“ ڪيو ويو، جنهن کي دهشتگرد پنهنجو من پسند روپ ڏئي گھربل رستي تي وٺي ويا. هن وقت امن جو ڍونگ ڪندڙ اها ئي اخبار آهي، جنهن 1972ع ۾ ٻوليءَ واري بل تي اها فضا پيدا ڪئي جنهن ۾ دهشتگرديءَ جو ٻج پيو ۽ سنڌي ماڻهن جي سنڌي هجڻ جي ڏوهه ۾ خون ڪيو ويو، سنڌالاجيءَ کي باهه ڏئي ڏيڍ هزار ناياب ڪتابن کي ساڙي ڇڏيائون ۽ مخصوص لساني ٽولي ۾ سنڌين خلاف نفرتن جي اوڙاهه کي ڀڙڪائي عرش تائين اوچو ڪيو ويو. ڪلفتن جا پالڻهار ڪيڏي نه بي حيائيءَ سان نقاب اوڍي ’محبتن جا مارچ‘ ڪن ٿا!
    ”سنڌين کي ڪراچيءَ مان تڙي ڪڍڻ لاءِ پهريون ’آپريشن ڪلين اپ‘ 1948ع ۾ ڪيو ويو هو. اهو آپريشن لاڳيتو 6 مهينا هليو. ڪراچيءَ جي اصل مسلمان-سنڌي رهاڪن کي طاقت جي زور تي مجبور ڪيو ويو ته اهي لڏي وڃي اندرونِ سنڌ رهن. ڪراچيءَ جي ايڊمنسٽريٽر هاشم رضا ۽ لياقت علي خان جي سرپرستيءَ ۾ آءِ جِي پوليس سان ملي ڀڳت ڪري، ڀارت جي هزارين پناهگيرن کي ورسائڻ لاءِ مقامي باشندن خلاف انتهائي بي رحميءَ جو مظاهرو ڪيو. اي ٽي نقويءَ پناهگيرن کي ورسائڻ لاءِ ان منصوبي کي وڌيڪ جارحاڻي انداز ۾ لاڳو ڪيو. هن اهو سڀ ڪجھ ڪراچيءَ جي چيف ڪمشنر جي حيثيت ۾ ڪيو هو... لياقت علي خان کي ملڪ اندر ڪو به سياسي بنياد نه هو. هن ڪراچيءَ کي پنهنجي حلقي ۾ تبديل ڪرڻ ٿي گھريو، پر ان کان وڌيڪ بي رحماڻو منصوبو ڪراچيءَ کي وڌيڪ ”قومي“ رنگ ڏيڻ لاءِ ڪراچيءَ جي آباديءَ جي جوڙجڪ ۾ تبديلي آڻڻ هو.“
    - الطاف گوهر (”جاڳو“ 12-اپريل 1994ع)
    1. 1984ع ۾ (۽ ان کان پوءِ) سنڌين کان اهو حق کسيو ويو ته اهي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ڪا شخصي ملڪيت خريد ڪري يا ٺاهي سگھن.
    2. ڀارتي پناهگير اُردڪ ٽولي جي اڳواڻ نوابن، نوابزادن ۽ رئيسن وغيره سنڌ ۾ پهچندي ئي مختلف قسم جون سنڌ ۽ سنڌي دشمن رٿائون عمل ۾ آڻڻ شروع ڪيون.
    3. سنڌ اندر اهڙيون رٿائون پاڪستان ٺهندي ئي شروع ڪيون ويون، جيڪي ڀارتي پناهگير اردڪ ٽولي جي نمائندن لاءِ سياسي تڪ ٿي ڪم اچن.
    مٿي اسان رڳو ٽي مثال آندا آهن، ته جيئن 1948ع کان 1988ع تائين ڀارتي مغلائي لشڪر (ارد) سان واسطيدار، اردڪ ٽولي جي انهن فردن جي ذهنيت کي ظاهر ڪري سگھجي، ته ڪيئن نه اهي لاڳيتو هڪ مڪمل منصوبابنديءَ سان سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ سنڌين خلاف سازشون ڪندا ۽ عمل ۾ آڻيندا رهيا آهن.
    ڇا پاڻ کي سنڌ دوست سڏائيندڙ ڪا هڪ به اهڙي سياسي ڌر آهي جيڪا 1948ع کان وٺي ايڏي باشعور ۽ منظم رهندي آئي هجي ۽ ايتري اثرائتي هجي جو سنڌ دشمن سازشن کي منهن ڏئي مات ڪري سگھي ها (يا اڄ مات ڪري سگھي)؟
    ڊگھي، لاڳيتي ۽ منظم سنڌ دشمن سازش تي عمل
    1. پاڪستان ٺهندي ئي اُردڪ ماڻهن کي هڪ مخصوص سازشي رٿابنديءَ وسيلي سنڌ جي وڏن شهرن، خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيو ويو. ڪروڙن جون ملڪيتون کين مفت ۾ ڏنيون ويون ۽ کين پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ مالي فائدو ڏيندڙ اسڪيمون شروع ڪيون ويون.
    2. جيڪي ماڻهو جَنڊ ۽ ٿوٻيون به ”ڪافرن جي ظلم باوجود“ ڀارت کان سنڌ تائين کڻي آيا، سي پنهنجون سَنَدون اُتي ”وساري“ آيا ۽ پوءِ هڪ خصوصي مهم شروع ڪئي وئي، ته ڪنهن به قسم جي سَند لاءِ ٻه شاهد آڻيو. شاهد کوڙ! هڪ ٻئي لاءِ شاهديون ڏئي ملڪيتون ڦٻايائون ۽ سڻڀيون نوڪريون ورتائون.
    3. ’مرڪزي گاديءَ‘ جا نالي ۾ ڪراچيءَ کي باقي سنڌ کان الڳ ڪري اتي سنڌين جي داخلا تي بندش وڌي وئي ۽ جيڪي قديمي رهاڪو موجود هئا، تن کي تڙي ڪڍيو ويو.
    4. ون يونٽ وسيلي سنڌ کي سڌو پنجاب جي ماتحتيءَ ۾ ڏنو ويو ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ جي ڌرتيءَ تي پنجابين لاءِ به اهي سهولتون پيدا ڪيون ويون جيڪي سنڌين کي ميسر نه هيون. سنڌ جهڙي تاريخي ڏيهه جو نقشو ئي گم ڪيو ويو.
    5. ڀارتي پناهگير اردڪ ٽولي جي ڀارت ۾ جنم ورتل ٻوليءَ کي سڄي پاڪستان (جنهن ۾ اڄوڪو بنگلاديش به شامل هو) مٿان مڙهيو ويو ۽ چڱيءَ حد تائين ترقي ڪيل ٻولين --- بنگاليءَ ۽ سنڌيءَ کي، جن ۾ سمورو سرڪاري ڪار وهنوار ٿيندو هو، ’مقامي ٻوليون‘ سڏي نيچ قرار ڏنو ويو.
    6. خاص ڪري بنگالين ۽ سنڌين خلاف پروپئگنڊا مهم هلائي وئي، ته اهي اسلام ۽ پاڪستان جا دشمن هئا (جڏهن ته 1943ع ۾، سنڌ جيڪڏهن پاڪستان لاءِ قرارداد منظور نه ڪري ها، ته پاڪستان ٺهي نه سگھي ها)، ڀارت جا ايجنٽ ۽ جاسوس هئا، ڊڄڻا ۽ ڪمزور هئا، وغيره، وغيره.
    7. قاعدي موجب سنڌ ۾ آيل هر پرڏيهي توڻي پناهگير کي لازمي طرح سنڌي ٻولي سکڻي هئي، پر ڀارتي پناهگير اردڪ ٽولي جي اڳواڻن سنڌي ٻوليءَ خلاف شديد نفرت پيدا ڪري، ڪراچيءَ جي سنڌي ميڊيم اسڪولن کي بند ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ عملاً ڏوهه قرار ڏنو ويو. (سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڪراچيءَ مان لڏائي حيدرآباد آندو ويو ۽ ڪراچي يونيورسٽي ٺاهي سنڌي ميڊيم بند ڪيو ويو).
    8. سنڌين کي دل ۾ خير؛ هي همراهه پنهنجيءَ ڪرت کي لڳا رهيا. هوڏانهن اردڪ لوڪن اڳواٽ رٿابندي ڪرڻ ڄاتي پئي. مهاجر-پنجابي-پختون اتحاد جوڙيو ويو، جنهن جي بڻ ۾ سنڌين کان نفرت لڪل هئي. سنڌي اڃا سياسي طرح سجاڳ ئي نه ٿيا هئا، ون-يونٽ جي مخالفت ڪندڙ به ڪي ٿورا هئا، جو هنن سنڌين کي سيکت ڏيڻ جو بلو ڪري ڇڏيو.
    9. سنڌي ماڻهو آمريت جا دشمن ۽ جمهوريت جا سڄڻ هئا، جڏهن ته هُو جمهوريت جا ويري ۽ آمريت جي ڇانو جا حمايتي هئا.
    10. سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي صوبي ۾ هڪ معمولي حد تائين جائز جڳهه ڏيڻ جا اڃا ڪوشش ئي مس ٿي، ته نواب مظفر ۽ رئيس امروهوي ”مهاجر-پنجابي-پختون اتحاد“ ۽ ”جنگ“ اخبار وسيلي جنگ جوٽي بيهي رهيا ۽ نفرتن جي اها فضا خلقيائون جنهن ۾ سنڌين خلاف پهريون ڀيرو عملاً دهشتگردي ٿي. هنن سنڌين تي پاڪستان ۽ اسلام دشمنيءَ جا الزام آڻي، پنهنجين پاڪستان دشمن ۽ ڀارت نواز سازشن لاءِ راهه کليل رکي.
    11. بهارين کي گھرايو ويو، جيڪي هوري هوري ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيا ويا ۽ کين روزگار مهيا ڪري ڏنو ويو.
    12. پهرين چونڊيل (اڀري سڀري) جمهوري حڪومت خلاف آمريڪي ڊالرن جي زور تي وڳوڙ ڪري جنرل ضياءَ جي ڊڪٽيٽريءَ لاءِ فضا هموار ڪيائون.
    13. جنرل ضياءَ ڊڪٽيٽريءَ جو ”بول بالا ڪرڻ“ ۽ جمهوريت جي ”نانگ“ کي هميشه لاءِ ”ڪچلي“ ڇڏڻ جي نيت رکي، پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ جمهوريت پسندن يعنيٰ سنڌي ماڻهن کي دٻائڻ، هيسائڻ ۽ مارڻ شروع ڪيو. ٻئي پاسي ايجنسين جي مدد سان پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ آمريت دوست ٽولي يعني اردڪ ماڻهن منجھان ڏوهارين (Criminals) جي چونڊ ڪري کين دهشتگرديءَ جي سکيا وٺڻ جا موقعا ميسر ڪري ڏنا ويا. سنڌين جي جمهوري جدوجھد خلاف گوليون هلايون وينديون هيون ۽ دهشتگردن پاران کلئي عام ڪوس جي باوجود کين قانون کان مٿڀرو سمجھيو ويندو هو.
    14. ڀارت جي مختلف حصن مان اردڪ ماڻهن ۽ بنگالي عوام خلاف انسانيت سوز ظلم ڪندڙ بهارين جي سمگلنگ جاري ڪرائي وئي ۽ کين گھڻي ڀاڱي ڪراچيءَ م آباد ڪيو ويندو رهيو.
    15. 1986ع کان وٺي سنڌين جو ڪوس ٿيندو پيو اچي ۽ انهن خلاف دهشتگردي جاري آهي.
    16. ڪراچيءَ کي ويهه لک کان وڌيڪ غيرقانوني پرڏيهين جو يتيم خانو بڻايو ويو.
    17. هاڻي نيٺ سنڌي کي ورهائڻ ۽ يا سنڌ تي قبضو ڪرڻ جو مخفي رکيل منصوبو دهشتگردن جي سردار جي زباني لنڊن مان پڌرو ڪيو ويو آهي.
    پاڪستان ۽ سياسي سهڪار
    عملي سياست جي پليٽفارم تي سنڌين خلاف کلي عام نفرت جو اظهار مهاجر-پنجابي-پختون اتحاد وسيلي پڌرو ڪيو ويو ۽ ان ڏينهن کان اڄ تائين سندن اتحاد جو اهو مرڪزي نڪتو قائم آهي. نواب مظفر سان ڪالهه جيڪو غلام سرور اعواڻ جو اتحاد هو ان مان رڳو ”مهاجر“ لفظ الڳ ٿيو آهي، پر دهشتگردن وري اجمل خٽڪ ۽ ولي خان کي ڳولي هٿ ڪيو آهي.
    دهشتگردن خلاف جڏهن به ٿورڙي وٺ پڪڙ شروع ٿيندي آهي، ڀلي رسمي ٿي هجي، تڏهن نه رڳو پنجاب ۽ سرحد پر سنڌ مان به مختلف تنظيمون ”مظلوم مهاجر“ جو راڳ آلاپيندي مٿن ٿيندڙ ”ظلم“ خلاف احتجاج ڪرڻ ۽ ڳوڙها ڳاڙڻ لڳنديون آهن. نواز شريف، جنهن جي وزارت عظميٰ دوران سنڌ ۾ فوج پنهنجو آپريشن شروع ڪيو، چوڻ لڳو ته فوج ايم ڪيو ايم تي تشدد پئي ڪري، تنهنڪري ترت ان کي بئرڪن ۾ موٽايو وڃي. ڪالهه جنرل اسلم بيگ پڪي قلعي آپريشن مهل فوج بيهاري دهشتگردن کي تحفظ ڏنو ۽ اڄ کلئي عام فوج خلاف ڳالهائي رهيو آهي. 1988ع تائين سنڌ مان غوث علي شاهه، پير صاحب پاڳارو، غلام مصطفيٰ جتوئي، عبدالواحد آريسر، جي.ايم سيد صاحب ايم ڪيو ايم جا کليل حمايتي ۽ ڳجھا اتحادي رهيا آهن. ڄام صادق ته وڏ وزارت ئي سندن حوالي ڪري ڇڏي. سرحد مان ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي ته ولي خان الطاف حسين سان هٿ هٿ ۾ ملائي، اڀو ڪري ’پنجين قوميت‘ جو نعرو هنيو.
    خود پسند ”سياسي“ اتحاد
    دهشتگرد هر ڌر سان اتحاد ڪرڻ لاءِ تيار آهن، پر پنهنجن شرطن تي. اهي پنهنجن شرطن مان ڪو هڪ به ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن.
    1989ع ۾ پ پ حڪومت خلاف سودي بازي ڪندي ۽ پاڻ سان ملائيندي، نواز شريف جيڪو ڪجھ انتهائي طرح ۽ ممڪن حد تائين ڪري سگھي پيو، اهو سنڌ دشمن دهشتگردن کي مهيا ڪري ڏنو، پر پاڻ ئي سندن اڻکٽ بيجا مطالبن کان ايڏو ته بيزار ٿي پيو، جو اهو اتحاد برقرار رکي نه سگھيو ۽ سنڌ تي فوج چاڙهي موڪليائين. دهشتگردن جا مطالبا ايڏا ته وڏا هئا، جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور سمجھيو ويندڙ پنجابي صنعتڪار ۽ ايجنسين جو حمايت يافته وزيراعظم به اهي پورا ڪري نه پئي سگھيو!
    انهيءَ ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي، سوچي سگھجي ٿو ته 1989ع واري نٻل ۽ هٿ ٻڌل پ پ حڪومت دهشتگردن سان ٺاهه جي نتيجي ۾ انهن لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو هوندو! ڏهاڙي دهشتگردي، ڏهاڙي ڪوس، ڏهاڙي بدمعاشي ۽ مٿان وري اها گھر ته دهشتگردن کي ڪجھ به نه چيو وڃي؛ کين ڇوٽ ڇڏيو وڃي ۽ مٿن داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن يعني کين قانون کان بالاتر قرار ڏنو وڃي، انهن ڏينهن ۾ فوج جو جنرل مرزا اسلم بيگ لاهي پاهي دهشتگردن جو محافظ ٿي بيهي رهيو ۽ پڪي قلعي آپريشن مهل گھيري ۾ آيل دهشتگردن کي ڇڏائڻ لاءِ پوليس کي دڙڪو ڏئي ڀڄايائين، ته جيڪڏهن پوليس پوئتي نه هٽي، ته فوج مٿس گوليون هلائيندي.
    جنرل مرزا اسلم بيگ
    جنرل ضياءَ جو جهاز ڦاٽڻ مهل اڪيلي بچي ويل هن سينئر فوجي آفيسر کي جنهن جهاز ۾ سواري ڪرڻي هئي، ان ۾ عين وقت تي سوار نه ٿيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ اصولي ٻه ورهيه به نه ترسيو ۽ سياست شروع ڪري ڏنائين، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي کلئي عام بيعزتي ڪيائين ۽ باعزت ڇٽي ويو. هاڻي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو آهي، پر حمايت، وڪالت ۽ پوئواري لاڳيتو دهشتگردن جي پيو ڪري. ڳالهائي سدائين داٻي ۽ دڙڪي سان ٿو. ڳالهه ڇا آهي؟ ڏوريون ڪير ٿو لوڏي؟
    جنرل ضياءَالحق
    جنرل ضياءَ سازش تيار ڪري رکي هئي ته 1990 ۾ سنڌ کي ورهائي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي، ان کي عملي ويس اوڍائڻ لاءِ هن سڄيءَ دنيا مان ۽ خاص ڪري ڀارت، بنگال، برما، سريلنڪا، نيپال، افغانستان ۽ ايران مان ۽ دنيا ۾ جتي جتي اردڪ ماڻهو رهن ٿا، انهن کي اتان سنڌ ڏانهن اچڻ ۾ سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون. پاڪستاني قانون موجب غيرقانوني ۽ ناجائز پرڏيهي، جيڪي سنڌ ۾ رهن ٿا، تن جو انگ ٽيهن لکن تائين ٿئي ٿو.
    ”جنرل ضياءَ واري دَور ۾ (مارچ 1980ع ۾) ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نواب شاهه، خيرپور ۽ سکر جي شناختي ڪارڊن جي آفيسن ۾ سنڌ ۾ ڏهاڙي غيرقانوني طور ايندڙ پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ لاءِ خاص عملو مقرر ڪيو ويو هو... سرحدي رينجرس کي ان ڏس ۾ خاص هدايتون ڏنيون ويون هيون، ته اهي هندستاني سرحد ٽپي ايندڙ پرڏيهين کي روڪڻ جي ڪوشش ئي نه ڪن.“
    (برسات، 15-اپريل 1994ع)
    مارڪ ٽلي (بي بي سي جو رپورٽر) پنهنجي ڪتاب ”امرت سَر“ ۾ جتي اندرا گانڌيءَ جي قتل جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي، اتي اهو به ٻڌايو اٿس ته ڪيئن بنا ڪنهن چڪاس جي، چند ڏوڪڙن جي عيوض، پاڪستاني سرحدن جا محافظ ڏهاڙيءَ مختلف ڳڻپ ۾، ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾، آزاديءَ سان هليو وڃڻ جي موڪل ڏيو ڇڏين ٿا.
    جنرل ضياءَ سنڌ جي اڇي ڪاري جو مالڪ ئي دهشتگردن کي بڻائڻ جي سازش تي عمل پيرا هو. هن نه رڳو انهن جي تخليق ۽ پالنا ڪئي، پر کين تربيتون ڏياري، منظم ڪري، ڇيڪ ڇڏي، قانون کان مٿاهون ڪري ڇڏيو. سنڌ ۾ جمهوري جدوجھد کي چيڀاٽڻ لاءِ هر قسم جا حربا ڪم آندائين ۽ ظلم جي انتهائي حدن کي ڇهيائين. هن نه رڳو ڌاڙيلن کي وڌڻ ويجھڻ ڏنو، پر ڪلاشنڪوف ۽ هيروئن کي به عام واهپي ۾ اچڻ ڏنو. سمورا ذهني توڻي اخلاقي قدر بي معنيٰ بنائڻ ۾ هن جو ڪردار بنيادي هو، پر سنڌ مٿان سندس سڀ کان وڌيڪ ڪاپاري وار سنڌ جي وطن دوست جدوجھد کي تباهه ڪرڻ هو.
    سنڌ جي وڏيرڪي قوم پرست سياست سندس تريءَ تي رکي هئي. جي ايم سيد صاحب جن کي ته شخصي طرح ايڏو متاثر ڪيائين، جو شايد هو اڪيلو قوم پرست اڳواڻ هو جيڪو وڏي واڪي کيس ”شريف النفس“ سڏيندو رهيو ۽ تيستائين ضياءُ مخالف هر تحريڪ جي مخالفت ڪيائون، جيستائين جنرل ضياءُ پاڻ ”ڦٽاڪو“ نه ٿي ويو.
    هن پ پ جي ”قوم پرست“ اڳواڻن ۾ مختلف بيماريون ”پيدا ٿيڻ“ ڏنيون ۽ پوءِ کين انهن جي علاج لاءِ پرڏيهه موڪلي ڇڏيو.
    (اڳوڻي) عوامي تحريڪ جي انقلابي روح تي راتاهو ڏنو ويو. شهيد عوام محمد فاضل راهو سودي بازيءَ ۾ نه آيو ته کيس زهر ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ نيٺ شهيد ڪرايو ويو ۽ ’ٻئي پاسي‘ کي ڪروڙن جا يقيني نفعي بخش ٺيڪا ڏيئي حرص ۽ هوس جص ڌٻڻ ۾ غرق ڪيو ويو. سنڌ ۾ هيٺين وچين طبقي جي اڪيلي عوامي، جمهوري ۽ انقلابي تنظيم جا ترا هڪ ڊگھيءَ رٿابنديءَ سان ”انقلابي نموني“ ڪڍيا ويا.
    ڀارت سان ناتا
    ڪن اردو اخبارن جي ’خصوصي مهربانين‘ سان توڻي جو سنڌين خلاف ڀارتي ايجنٽ هجڻ ۽ پاڪستان دشمن هجڻ جا الزام مشهور ڪيا ويا، پر عملي طرح ڪير ڀارت جو ايجنٽ هو، رهندو آيو، ۽ آهي، ۽ ڪنهن بنگالين جو انسانيت سوز ڪوس ڪري کين الڳ ٿي وڃڻ تي مجبور ڪيو ۽ پاڪستان کي ٽوڙيو، ۽ ڪير آهي جيڪو اڄ به پاڪستان کي ٽوڙڻ جو عملي ارادو رکي ٿو، اها ڳالهه هاڻي لڪل نه رهي آهي. خالق ڏني هال ڪراچي ۾ ڪيل نام نهاد مهاجر رابطا ڪائونسل جي گڏجاڻيءَ ۾ کلئي عام پاڪستان ۽ پاڪستاني فوج خلاف نعرا هنيا ويا ۽ سنڌ کي ٽوڙڻ جو پهريون کليل اعلان ڪيو ويو. پاڪستان ۾ ”مهاجرن“ تي ٿيندڙ ”ظلمن“ جا دستاويزي وڊيو فلم ”زي ٽي وي“ تان ڏيکاريا وڃن ٿا. بينظير صاحبه هڪ ڏاڍي عمدي ڳالهه ڪئي، ته دهشتگرد ڪشمير جي مسئلي تي کلئي عام پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪن، پر انهن اٽلو شازيه جي نالي ۾ وڳوڙ مچائي ڏنو. ”مهاجرن“ تي ”ظلم“ خلاف ڀارت ۾ جلوس نڪرن ٿا ۽ سرڪاري تحفظ ۽ ڇانو هيٺ!
    آمريڪا پاران پٺڀرائي
    جمهوريت جي ويس ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو دهشتگرد، سپر بدمعاش، آمريڪي سامراج، ابتدا کان ئي ايم ڪيو ايم جو پاليندڙ ۽ تاتيندڙ ٿي رهيو آهي. الطاف حسين کي اتان موٽڻ کان پوءِ اردو اخبارن وسيلي ”سياسي سردار“ جي حيثيت ۾ اڀاريو ويو.
    رابرٽ اوڪلي (آمريڪي سفير) جا دهشتگردن سان ناتا ڪيترا گھاٽا رهندا آيا. ان جو معمولي عڪس حيدرآباد ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل جي خط ۾ ملي ٿو، جنهن جو مٿي حوالو ڏنو ويو آهي.
    ٽي ورهيه اڳ آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير کي آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ”ڪن“ معاملن جي وضاحت لاءِ سڏايو. هُو جڏهن اتي پهتو، ته اتان دهشتگردن جا ٻه نمائندا نڪري آيا هئا.
    آمريڪي ڪائونسل جنرل رچرڊ سي فاڪ اڄوڪي پ پ حڪومت تي شروع کان زور ڏيندو آيو آهي، ته ايم ڪيو ايم سان ٺاهه ڪري. دهشتگردن جو سردار پ پ حڪومت سان ٺاهه لاءِ آمريڪي ضمانت جو شرط رکي ويٺو آهي.
    مسز رابن رافيل جون پاڪستان ۾ سرگرميون اخبارن ۾ اينديون رهيون، جنهن ۾ هن جو سڀ کان وڌيڪ زور ايم ڪيو ايم سان ٺاهه تي رهيو.
    آمريڪي سامراج توڻي ٻين سامراجي قوتن جي ارهه زورائي رڳو ان خلاف نه هوندي آهي، جيڪو ساڻس اچائي. انهن جو بنيادي مقصد رڳو پنهنجي ڦورو مفادن جو تحفظ رهيو آهي. دنيا ۾ جتي به ڪا حقيقي عوامي، جمهوري ۽ انقلابي تحريڪ هلي آهي، اتي به سامراجي قوتن ان کي چيڀاٽڻ پنهنجو اولين فرض پئي سمجھيو آهي. ”بدقسمتيءَ“ سان سنڌ سدائين جمهوريت پسند ۽ انسان دوست رهي آهي ۽ ان هر ڊڪٽيٽر ۽ ظلم خلاف پنهنجي وت آهر جدوجھد پئي ڪئي آهي، ۽ ٻيو ته سنڌ وٽ هڪ وسيع سامونڊي ڪنارو آهي. ٻئي پاسي هانگ ڪانگ جو ’سهڻو طوطو‘ 1997ع ۾ سامراج جي هٿن مان ڇڏائجي وڃڻو آهي. ان ڪري ئي (شايد) برطانيا ۽ آمريڪا پاڪستان يعني سنڌ يعني ڪراچي ۾ اربين پائونڊن ۽ ڊالرن جي سيڙپ لاءِ تيار ٿي ويا آهن ۽ دهشتگردن جي ڪلهي تي بندوق رکي ۽ انهن جي هٿ ۾ بندوق ڏئي نويڪلو اڏو ٺاهڻ گھرن ٿا. دهشتگرد ظاهر آهي ته سامراجي چنبي کان ٻاهر نڪري نه سگھندا.
    هيبت ۽ دهشت
    پاڪستان جي حقيقي تاريخي قومن جي فردن ڏانهن نفرت جي باهه کي وڌائڻ لاءِ دهشتگردن انهن تي گوليون هلائي، اردڪ ماڻهن ۾ ڀَو پيدا ڪيو ته ”انهن جي ويجھو رهڻ سان توهان جي زندگين کي خطرو آهي، ان ڪري رڳو اسان جو ساٿ ڏيو،“ ٻئي پاسي خود اردڪ عوام تي اها هيبت ويهاري وئي ته ”جيڪڏهن اسان جو ساٿ نه ٿا ڏيو ته اسان جي ئي گولين جو بک بڻجي ويندَو!“
    ڀلي پنهنجو ڪارڪن هجي، زونل انچارج هجي يا مرڪزي اڳواڻ، جيڪڏهن ڪنهن به سبب جي ڪري دهشتگردي يا ان جي پوئواريءَ کان پاسي تي ٿيو يا وري مٿس اهو شڪ به ويو ته هو پلٽڻ يا ڇڄڻ وارو آهي، ته گوليءَ جو شڪار ٿي ويندو يا سندس ڪا ڀيڻ يا ڪو ڀاءُ اغوا ڪيا ويندا... ۽ ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ خبر پوندي ته ”’مهاجر دشمن قوتن‘ اسان جي فلاڻي ڪارڪن يا ان جي ڀاءُ يا ڀيڻ کي اغوا ڪري، ايذائي بي حرمتي ڪري ماري ڇڏيو.“
    دڪاندار ”چندو“ نه ڏيندو، ته ڪو نه ڪو ”نوجوان“ ٻه چار پٿر هڻي هزارين رپين جو شوڪيس ڀڄي ڇڏيندو- ”توهان جي مرضي، اسان چندو زوريءَ نه وٺندا آهيون!“ لطيف آباد ۾ ميڊيڪل اسٽور جي مالڪ راجن داس کي چيو ويو ته ”35-هزار رپيا ڏي يا هڪ ڪلاشنڪوف نه ته...“
    ٽارچر سيلن ۾ رڳو سنڌي، پنجابي يا پٺاڻ نه هوندا هئا، ۽ زوريءَ زنا مرڪزن ۾ ته خاص ڪري اردو ڳالهائيندڙ ڀينرون هونديون هيون!
    سازشي جھيڙا ۽ ڀَوَ
    شازيا کي بهانو بڻائي، هڙتال جو سڏ ڏئي، خون خرابو ۽ دهشتگردي ڪئي وئي، ته جيئن ڪشمير مسئلي تي حڪومتي ڌيان کي ٽوڙي سگھجي ۽ ڀارتي مقصدن کي هٿي ڏجي.
    پاڻ شڪار ڪري پنهنجا ماڻهو ماري پروپئگنڊا ڪئي وئي، ته سڀ بلوچ، پنجابي، پٺاڻ ۽ جن گنگا جمنا جو پاڻي پيتو هو- ”مهاجرن پاور“، ”سپر پاور!“
    اهو ”مهاجر پاور“ هو يا نه، پر ”دهشتگردن پاور“ ضرور هو، جنهن جي پٺيان ايجنسين جي تربيت، هٿيارن جي ڀرمار ۽ قانوني تحفظ موجود هئا- ”جنرل ضياء زنده باد!“
    فلمي پروپئگنڊا
    زي ٽي وي تان ڏيکاريل دستاويزي فلم، ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪٽر حامي عورت شهناز سهگل جي نگهباني هيٺ ٺهي، جنهن هڪ پرائيويٽ فلم پراڊڪشن ادارو قائم ڪري ورتو آهي ۽ پي ٽي وي ڪراچي تي ڪم ڪندڙ ڪي ٽيڪنيڪل ماڻهو ان سان سهڪار ڪن ٿا. ايم ڪيو ايم لاءِ ڪم ڪندڙ هن فلم پراڊڪشن جا ڪيترائي ڪئرامين ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال مان روڊ حادثن ۽ جھيڙن ۾ زخمي ٿيل يا دهشتگرديءَ جو کاڄ بڻجي ويل ماڻهن جا باقائدگيءَ سان فلم ڀري، عالمي سطح تي ڪم ڪندڙ انساني حقن وارين تنظيمن کي ڏيندا رهن ٿا ۽ کين اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي هن نموني ظلم جاري رکيو ويو آهي.
    اخبارون
    ڪراچي ڊويزن ۾ ويهه کن اخبارون مقامي سطح جون ڇپجن ٿيون (جن مان ڪي اڄڪلهه سڄي سنڌ ۾ پهچي وڃن ٿيون) جيڪي گھڻو ڪري سڀ جون سڀ سنڌي ماڻهن خلاف سدائين زهر سان ڀريل هونديون آهن. ڪراچيءَ مان جيڪي نام نهاد قومي سطح جون اخبارون نڪرن ٿيون، رڳو انهن ۾ سنڌ ۽ سنڌين خلاف جيڪو زهر ڀريل هوندو آهي سو ڪنهن به هڪ ڏينهن جي اخبار کڻي ڌيان سان پڙهي پڪڙي سگھجي ٿو، پر دهشتگرد اڃا به ان کان خوش نه هئا. ڪجھ عرصو اڳ تائين سڄي خبر پاڻ لکي ديده دليريءَ سان اخبار وارن کي حڪم ڪيو ويندو هو ته اسان جي اها خبر پهرئين صفحي جي فلاڻي هنڌ تي شايع ڪئي وڃي. هڪ ٻه ڀيرو ”جنگ“ ۽ ”ڊان“ رڳو اهڙيون خبرون ڇاپيون جيڪي هڪ معمولي حد تائين دهشتگردن جي خلاف هيون، ته کين ڪن مهٽ ڪرڻ لاءِ نه رڳو سڄي ڪراچي ۾ اخبارون هلڻ نه ڏنيون ويون ۽ انهن کي ساڙيو ويو، پر ايڊيٽرن ۽ نيوز ايڊيٽرن کي سڌيون ڌمڪيون ڏنيون ويون، ته سندن ڪنهن نه ڪنهن گھر ڀاتيءَ کي قتل يا اغوا به ڪيو ويندو. ”پرچم“ جي مئنيجر کي سندس آفيس ۾ گوليون هنيون ويون (6- ڊسمبر 1994ع)، ”تڪبير“ جي ايڊيٽر کي آفيس مان نڪرندي ۽ بي بي سي جي رپورٽر کي راهه ويندي سنهي بُهه مان ڪڍيو ويو، وغيره.
    انساني حقن جي آڙ ۾
    انساني حقن لاءِ جدوجهد جي آڙ ۾ انسان دوستيءَ جو نقاب پهري ويٺل ماڻهو دهشتگردن جي کلئي عام حمايت ۾ انهيءَ حد تائين وڌي ويا آهن، جو ’پنهنجي پالڻهار‘ آمريڪا ۾ رهي، سنڌ ۾ ”مهاجرن“ تي ٿيندڙ ”ظلم“ خلاف بک هڙتالون ويٺا ڪن!
    وائرليس سسٽم
    ڪليم خواجه، 30-ورهين جو هڪ نوجوان، پنهنجو ميڊيڪل اسٽور بند ڪري اڳتي هليو، ته هڪ پنج ماڙ تي ويٺل ”آفاق“ ٻئي ”شاهد“ کي اهڙو اطلاع ٽرانسميٽر تي پهچايو. ”شاهد“ وري ”انجم“ کي اهڙو اطلاع ڪيو، جيڪو ڪنهن بلڊنگ جي ڏاڪڻ هيٺان لڪل هو. جيئن ئي ڪليم خواجه چونڪ وٽان لڙيو، ته مٿس گولين جو وسڪارو ٿي ويو ۽ دهشتگرد ڀڄي ويا. 1988ع ۾ سنڌي وسندين تي اوچين جاين تان نه رڳو گوليون وسيون، پر ٺٺوليون به ٿيون. پوليس اڃا 5 ميل پري هوندي هئي، ته ٽرانسميٽر تي کين اهڙو اطلاع پهچي ويندو هو ۽ دهشتگرد اشراف جي روپ ۾ اچي ويندا هئا.
    ڏيهي جاسوس سرشتو
    سوين ’زنانين‘ جا انٽرويو ڪرڻ کان پوءِ منجھانئن 200 کن حسين، نوجوان ۽ پڙهيل ڪڙهيل ”زنانيون“ چونڊيون ويون ۽ کانئن پڇيو ويو، ته ڇا اهي ”مهاجر قوم“ لاءِ پنهنجي سڀ کان وڌيڪ عزيز شيءِ --- مائٽي، عزت، قوت، ذاتي خواب توڙي مستقبل --- قربان ڪري سگھن ٿيون؟ جن دل من هنيو، تن کي بظاهر اجازت ڏني وئي، باقي سڀني کان ”ڀيٽا“ وٺي، کين سنڌ جي گھربل بيوروڪريٽن، وڏيرن، اسيمبلي ميمبرن وغيره ڏانهن ”ڪاز“ لاءِ موڪليو ويو.
    رٽايرڊ فوجي ۽ پوليس آفيسرن سان گڏ ڪيترائي ”آن ڊيوٽي“ مختلف قسمن جا بيوروڪريٽ سوين نمونن جون رپورٽون ”مرڪز“ تي باقاعدي پهچائڻ لاءِ مقرر ڪيل آهن، جيڪي مختلف ادارن ۾ فنڊن، ملازمتن، پلاٽن، ڪارخانيدارن، دڪاندارن، ملازمن، باغين ۽ ڏِنگن ماڻهن جا اطلاع پهچائيندا رهن ٿا. جيڪو ماڻهو، پوءِ ڀلي پنهنجو ڪارڪن هجي، ”فسادي“، ”وڳوڙي“، ”باغي“، ”ڏِنگو“، ”ڦڏئي“ بيان ٿيو، سو پنهنجي سڄي گھر سميت ڏاڍي ڀيانڪ سزا لوڙيندو.
    سنڌي وڏيرن ۽ ڌاڙيلن وٽ پناهه
    ڪيترائي دهشتگرد جڏهن ڪنهن به سبب جي ڪري لڪڻ جي گھرج محسوس ڪن ٿا ۽ پنهنجن ”مٽن مائٽن“ وٽ ضرورت آهر لڪي نه ٿا سگھن، تڏهن اهي پنهنجن ڄاتل سڃاتل وڏيرن ۽ ڌاڙيلن وٽ اچي پناهه وٺن وٺندا آهن ۽ موٽ ۾ کين چند ٽَڪا عيوضي ۾ ڏيندا آهن. وقت سر کانئن هٿيار ۽ منشيات خريد ڪري موٽي وڃي گھربل هنڌ تي پهچائي دولت ڪمائيندا ۽ حياتيون تباهه ڪندا آهن.
    غنڊن ۽ قاتلن جو هٿياربند جَٿو
    سنڌ ورهائڻ جي سازش، رٿابندي ۽ گُھر ڪندڙ سنڌ دشمن دهشتگردن وٽ اشتهاري غنڊن، لوفرن، بدمعاشن، چورن ۽ قاتلن جو هڪ اهڙو نظم ۽ تربيت يافته جَٿو موجود آهي، جنهن گذريل اٺن ورهين دوران هر قسم جو تشدد ڪري زبردست تجربو حاصل ڪري ورتو آهي. اهي جت ڪٿ کلئي عام پنهنجي ڪاروائي ڪن ٿا ۽ گم ٿي وڃن ٿا. انهن جو من ايترو ته وڌيل ۽ بُود ۾ ڀريل آهي جو هزارين ماڻهن جي وچ ۾ بيهي، کليل بازار ۾ ٽرئفڪ وهندڙ روڊن تي پوليس، رينجرس ۽ فوج جي موجودگيءَ ۾ خود انهن تي گوليون وَسائي بنا ڪنهن خطري جي سلامت هليا وڃن ٿا. مٿن جيڪڏهن ڪي ڪيس داخل به ٿين ٿا، ته هي انهن مان ڪنهن نه ڪنهن نموني ڇُٽي وڃن ٿا. هن مهل تائين شايد ئي ڪنهن دهشتگرد کي دهشتگرديءَ جي الزام ۾ قانوني ۽ واجبي سزا ملي هجي. سندن من ايترو وڌيل آهي جو سندن نمائندا کلئي عام ويٺا چون ته اسان جي دهشتگردن کي بنا ڪنهن ڪيس جي آزاد ڇڏيو وڃي ۽ حڪومتون آهن، جو ساڻن ويٺيون ”سياسي“ ڳالهيون ڪن.
    هڪ منظم تنظيم
    اهي غنڊا ۽ قاتل هڪ تنظيمي ضابطي هيٺ رهن ٿا ۽ رهڻ تي مجبور آهن. ٿوري به ڀڃڪڙي ڪندا ته ٻين غنڊن ۽ قاتلن هٿان قتل ٿي ويندا يا مٿن ڪيس پئجي ويندا ۽ جيل ڀيڙا ٿيندا --- دهشتگرد پاڻ به پنهنجي ئي ٻين دهشتگردن جي ڊپ ۾ ورتل هئڻ جي ڪري منظم ۽ ضابطي ۾ رهي ٿو.
    ڪن مخصوص مفادن هيٺ ڪي ”دانشور“ ۽ ”صحافي“ سندن ڪرتوتن کي لفاظيءَ جي پوش ۾ لڪائي کين هيرو ڪري پيش ڪن ٿا.
    دهشتگرد مختلف قسم جي دڪاندارن، واپارين، وڪيلن، ڊاڪٽرن، صنعتڪارن، ڪامورن ۽ ٻين سرنديءَ وارن کان نه رڳو ناڻو هٿ ڪن ٿا، پر کانئن واسطيدار مخصوص قسم جي مدد ۽ سهڪار به وٺن ٿا. واسطيدار بيورو ڪريٽ ته حڪومت کان وڌيڪ دهشتگردن جا وفادار آهن. وڪيل کين قانوني تحفظ ڏين ٿا، ڊاڪٽر علاج معالجو ڪن ٿا، صنعتڪار کين روزگار مهيا ڪن ٿا وغيره.
    ڪي ٻيون ڳالهيون
    1- سنڌ جي ورهاست يا سنڌ تي قبضو؟
    ڪالهه هنن کي ڪراچيءَ تي قبضو ڪرڻو هو ۽ هنن سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه پئي ڪئي. اڄ هو سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، پاڪستان کي ٽوڙڻ جا نعرا هڻن ٿا، پاڪستاني فوج تي گارين جي گجگوڙ هلي پئي.
    2- ڪوڙ جو طوفان
    اسلم بيگ، نوازشريف، اشتياق اظهر، ولي خان ۽ ٻيا گارين جو وسڪارو لايو بيٺا آهن، ته وارو ڪريو، ”مهاجرن تي ظلم“ بند ڪريو، ڪراچي مان فوج ڪڍو نه ته... (31 نومبر 1994ع تي اوچتو ئي فوج کي موٽايو ويو. 6-ڊسمبر 1994ع تي اشتياق اظهار چيو ته ايم ڪيو ايم ٺاهه لاءِ تيار آهي.) زي ٽي وي ۽ دُوردرشن انڊيا تان ”مهاجرن تي ٿيندڙ ظلمن جا دستاويز پروگرام“ پيا ڏيکاريا وڃن. بي سي سي، وائيس آف آمريڪا، آل انڊيا ريڊيو وغيره ڪنهن نه ڪنهن نموني اهڙيون خبرون هلائيندا اچن جيڪي ڄڻڪ دهشتگرد پاڻ ويٺا نشر ڪن.
    3- ٻٽو رويو
    ڪالهه سنڌين پنهنجي ڏيهي، انساني قانوني حقن جي جمهوري انداز ۾ گھر پئي ڪئي، ته اسلام دشمن، پاڪستان دشمن، انڊيا جو ايجنٽ، وغيره، سڏي کين خوار ڪرڻ ۽ فوج سڏائي کين سيکت ڏيڻ جو ڳالهه ڪئي ويندي هئي. اڄ دهشتگرد کلئي عام پاڪستان کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا، فوج کي گاريون ڏين ٿا ۽ ڪٿي ته گولين جو شڪار بڻائن ٿا، ڀارت جي پاڪستان دشمن پاليسين جي سڌي حمايت ۽ پاڪستان جي ڪشمير نواز پاليسين جي سڌي مخالفت ڪن ٿا، وغيره. ان هوندي به دهشتگردن کي ’مظلوم‘ ۽ فوج کي ’ڏوهاري‘ سڏيو وڃي ٿو.
    دنيا ڄاڻي ٿي ته 5- ورهيه اڳ 86 سالن جي پوڙهي جي. ايم. سيد صاحب سکر هوائي اڏي تي پاڪستاني جھنڊو ڪو نه ساڙيو هو، پر هو ان الزام ۾ اڻ-دريافتو بند آهي، ۽ دنيا ڏٺو ته دهشتگردن جناح جي مزار آڏو پاڪستاني جھنڊي کي باهه ڏني، پر مٿن ڪيس به داخل نه ٿيو.
    دودو مهيري اجائي الزام ۾ جيل اندر آهي ۽ مٿس بغاوت جو ڪيس مڙهيو پيو وڃي، پر جيڪي سچ پچ بغاوت ڪيو ويٺا آهن، مٿن ڪورٽن پاران ڊيٿ وارنٽ نڪتل آهن، پر اهي سرڪاري پروٽوڪول سان آزاد گھمي ڦري رهيا آهن.
    4- نقشا
    پاڪستان ۽ سنڌ کي ورهائڻ جا ست اٺ نقشا ۽ ٽي چار دستاويزي ثبوت ته اخبارن ۾ پڌرا ٿي چڪا آهن.
    هڪ نقشي ۾ هنن بلوچستان جي اٿل ۽ ٻيلا وارين ايراضين تي به ميري نظر وڌي آهي. هڪ نقشي ۾ سنڌين لاءِ (يعني سنڌ صوبي لاءِ) جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ اڌ دادو ضلعو ڇڏيا آهن ۽ هڪ نقشي ۾ ته سنڌين لاءِ سنڌ جو هڪ انچ به ڇڏيل ناهي --- سنڌ جا ٽي صوبا ”مهاجرستان“، ”ڪراچي“ ۽ ”اردو ديس“ قرار ڏنا ويا آهن ۽ سنڌ کي عملي طرح دهشتگردن جو الڳ ملڪ ڏيکاريل آهي!
    سنڌ دوست ۽ قوم پرست پاسو
    سنڌي ماڻهن ۾ سياسي پهچ رکندڙ سڀ کان وڏي پارٽي پ پ آهي؛ اها ووٽ اڪثريت ۾ حاصل ڪري ٿي ۽ ”وفاق پرستي“ جي ڌٻڻ ۾ ايترو ته گتل آهي جو صوبن کي جيڪا نالي ماتر خود مختياري مليل آهي، اها به کسڻ گھري ٿي.
    ”وفاقي حڪومت هاءِ ويز، ٽرانسپورٽ ۽ آبپاشي جي شعبن ۾ اختيارن جي مرڪزيت ختم ڪري صوبن کي ڏنل ڪنهن حد تائين خود مختياري کسي ورتي آهي.“
    (جاڳو، 8-ڊسمبر 1994ع)
    پ پ اسان جو هڪ الڳ موضوع آهي. دهشتگردن پاران ايڏي وڏي سنڌ دشمن مطالبي تي ان جي اعليٰ سطح پاران ٻڙڪ به نه ٻاڦي وئي آهي؛ دهشتگردن سان ڳالهيون ڪري کين سياسي حيثيت ۾ برقرار رکيو اچي ۽ اهڙيءَ طرح عالمي سطح تي سنڌين جو دهشتگردن خلاف ڪيس ڪمزور يا مورڳو بي اثر ٿيو وڃي. هن لاءِ پنهنجي ئي وطن جو هڪ صوبو سنڌ ۽ ان ۾ محفوظ عظيم ترين ووٽ بينڪ ايڏا اهم ناهن، جيترو ڪشمير. پيپلز پارٽيءَ جي بي انتها هم عهدن تي طوطي جيان اکيون ڦيرائيندڙ ماڻهو ويٺا آهن. ايم اين اي، ايم پي اي ۽ سندس ٻيا حضرات مهيني ماسي هڪ اڌ بيان کان اڳتي چوڻ لاءِ تيار ناهن. جيڪي ”دانشور“ دعويٰ ڪن ٿا ته پ پ جي اقتدار ۾ اچڻ سان ماکيءَ جون نديون وهي هلنديون، انهن جي ڳالهه تي اعتبار اچي ها، جڏهن سنڌ مان غير قانوني ڌاريا ڪڍيا وڃن ها، سنڌ جي ڪارخانن ۽ مختلف ادارن ۾ روزگار جو پهريون حق سنڌين لاءِ مقرر هجي ها، ٿر ۽ ڪاڇي ۾ پاڻي ذخيرو ڪندڙ ڊيم ٺهن ها، سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو نه لڳي ها، اهو سنڌ جي، حقيقي مالڪن سنڌين جي، حوالي هجي ها، وغيره. پ پ سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ اهو ڪري سگھي ٿي، ته ٻه ٽي نوڪريون ڏئي سگھي، ٻه ٽي اسڪول کولي سگھي، ٻه ٽي روڊ ٺهرائي سگھي ۽ اهي ڪم اهڙا ناهن جن تي فخر ڪجي. اهي ڪم ته جنرل ايوب خان کان جنرل ضياء ۽ نواز شريف تائين، سڀني پئي ڪرايا آهن ۽ جت ڪٿ هر ملڪ ۾ معمول جو ڪم آهي ۽ ڪو به ڪارنامو ناهي. اڄ به، جڏهن مرڪز توڙي سنڌ ۽ سرحد ۾ پ پ جي حڪومت قائم آهي، ڏهاڙي 250-400 ماڻهو ڀارت کان غير قانوني طرح ڀارت-پاڪ سرحد ٽپي سنڌ ۾ داخل ٿين ٿا. افغان ڀاڄوڪڙ ڏهاڙي 75-150 ۽ پنجابي ڏهاڙي 150-300 تائين اچن ٿا، جڏهن ته ايران، ڪشمير ۽ ٻين هنڌن تان ايندڙن جو اندازو ئي ناهي. سنڌي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ڌڪاريا وڃن ٿا. سنڌ جي قسمت جو سودو جَهِڙوڪر دهشتگردن جي هٿن ۾ آهي، وغيره وغيره. اهڙين حالتن ۾ ڪهڙن ڪهڙن ”ڪارنامن“ جي ڪري سنڌي ماڻهو پ پ کان اهي اميدون رکي سگھندا، ته اها سنڌ ۽ سنڌين جي تاريخي، ثقافتي، تهذيبي، ذهني ۽ انساني حقن جو تحفظ ڪري سگھندي؟ پر هتي انهن جو ذڪر مقصود آهي، جيڪي پاڻ کي سنڌ جو سڄڻ ۽/يا قوم پرست سڏائن ٿا.
    عوامي تحريڪ
    سنڌ جي اڪيلي هيٺين وچين طبقي واري انقلابي، عوامي ۽ جمهوري تحريڪ، جنهن جون پاڙون سنڌ جي حقيقي وارث عوام جي دلين ۾ کُتل هيون. هن تحريڪ وٽ نه ته پيسي جو زور هو ۽ نه ئي وري جاگيرداراڻي سرندي، پر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وسيع ۽ منظم تنظيمي ڍانچو رکندڙ هئي ۽ جڏهن به ڪنهن وطن دوست، عوام دوست، جمهوريت پسند يا انساني اِشو (issue/ مامري) تي جدوجهد جو سڏ ڏيندي هئي، تڏهن سنڌ اٿلائي رکندي هئي. ضياء شاهي ۽ ڊڪٽيٽريءَ خلاف هن تحريڪ ٻين سڀني وڏين وڏين ۽ نالي چڙهيل پارٽين کان وڌيڪ جٽادار، منظم ۽ مرتب جدوجهد هلائي. ”ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ٺاهيو“ کان وٺي ”ڪالا باغ ڊيم منصوبو رد ڪريو“ تائين، هن تحريڪ سنڌ جي ٻين مسئلن سان گڏ ڪالا باغ ڊيم خلاف جيڪو عظيم الشان اجتماع ڪيو ۽ جلوس ڪڍيو، بيشڪ اهو سنڌ جي انقلابي جدوجهد جو بي مثال ڪارنامو آهي --- لکين سنڌين جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ، ڪراچيءَ جي مکيه رستن تي اُٿلي پيو، پر ٽي مهينا اڳ هن ئي تحريڪ حيدرآباد کان ڪراچيءَ تائين، ڪالا باغ ڊيم خلاف، جيڪو ”لانگ مارچ“ ڪيو ان ۾ رڳو 32 ماڻهو شامل هئا! (انهيءَ ”لانگ مارچ“ وسيلي ڄڻڪ ڪن مخصوص قوتن کي علي الاعلان ٻڌايو ويو، ته ”ڏسو، اسان ان ساڳيءَ انقلابي عوامي تحريڪ کي ناس ڪري ڪهڙي نه ڪريل سطح تي پهچائي ڇڏيو آهي.“)
    1988ع ۽ 1989ع ۾ سنڌ اندر سنڌين خلاف دهشتگرديءَ جي اوج مهل (اڳوڻي) عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي صاحب وقت جي حڪومت کي ڌوم ڌڙاڪي سان آڇ ڪئي، ته هو 10 هزار والنٽيئر (رضاڪار) مهيا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جيڪي دهشتگردن جي ستياناس ڪري سگھن ٿا. (هن پنهنجي ڌام ڌوم ۽ لکين رپين جي خرچ سان پهريون ڀيرو ملهايل سالگرهه جي موقعي تي ڪجھ نياڻين کان ڪلاشنڪوف وسيلي هوائي فائرنگ ڪرائي، سلامي وٺي، اها ڏيک ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته وٽس ’زبرو لشڪر‘ تيار آهي، جنهن کي اردو اخبارن رپورٽ ڪندي ”بدمعاشي ڪري“ دهشتگردن جي فائدي ۾ ڪتب آندو.) اڄ اهي والنٽيئر وڌي ٻيڻ تي ضرور ٿيا هوندا! ڪٿي آهن؟
    ڇا سنڌ دشمن دهشتگردن جي قوت انهيءَ ”انقلابي“ ڳڻپ کان وڌيڪ هوندي؟ (سنڌ جي ڪنهن ”منظم، وطن دوست، جمهوري، عوامي ۽ انقلابي“ سياسي پارٽيءَ وٽ جيڪڏهن وطن دوست رضاڪارن جو ايڏو وڏو لشڪر هجي ۽ پوءِ به سنڌي ان ڪري ڪُسي، جو سنڌي آهي، تُف هجي!
    چند ڏوڪڙن خاطر عوامي تحريڪ جي انقلابي روح کي پنڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي!
    سنڌي ڪامورا شاهي ۽ جاگيردار شاهي
    سنڌي بيوروڪريٽ، ٿلهي ليکي، نمڪ حرام ۽ پهرين نمبر جو خود غرض ۽ بدمعاش آهي. سنڌ دشمن قوتن جو بيوروڪريٽ ڪيڏو به ڪمينو هجي، مجموعي طرح پنهنجي مخصوص لساني ٽولي جي مفادن کي اوليت ڏيندو ۽ انهن کان ٻاهر نه ويندو، پر سنڌي بيوروڪريٽ سدائين پنهنجي قومي مفادن کان ٻاهر رهندو، اڃا به ان کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو. ڦورو حاڪمن ۽ جاگيردارن جي اڇلايل ٽڪر تي پلجندڙ ڪاموراشاهي اهو مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي، ته سندس ڪرسي سنڌي عوام پاران هلايل قومي جدوجهد جي نتيجي ۾ ئي ٺهي سگھي آهي. اسان جو ڪامورو حقدار کي به ناحقي رلائيندو رهندو، پر جي ڪنهن پنج رپيا آڇيا يا پيالو پيش ڪيو ته گھور پيو ويندو، سڀ قانون ۽ قاعدا قربان ڪري ڇڏيندو.
    سنڌي جاگيردارشاهي عملي طرح انگريزن جي پيدا ڪيل آهي ۽ تاريخي طرح سنڌ ۽ سنڌين خلاف غدارين ۽ پرمار ڪاهيندڙن سان ڳٺ جوڙ جو عالمي رڪارڊ رکي ٿي. شل نه ڪو راڄ باڳ جو ماڻهو ٻه سچا اکر ڪُڇي، سندس ڄڻ-ٻچو رلائي ڇڏيندي؛ پر موچڙي آڏو هڪدم معصوم بڻجي پُڇ-لوڏ شروع ڪري ڏيندي. انگريزن ئي ان کي طاقتور بڻايو ۽ ان انگريزن لاءِ سنڌ مسيت ڪري ڇڏي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ سان جيڪي ويل وهيا ۽ ڪِيس ٿيا آهن، ان ۾ پنجابي-پناهگير ڦورو طبقن سان ٻِٽ رهندي هن به وَسان نه گھٽايو آهي. سنڌ جو نقشو ميساريو، سنڌي ٻوليءَ جي تيز رفتار اوسر کي روڪي ڪري نيچو نوايو. سنڌوءَ تي ڊيمن ٺهرائڻ ۾ ان جي رضا شامل هئي ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ جي سر زمين کي سوڪهڙي ۾ وٺايو ۽ سنڌوءَ جي پيٽ تي واريءَ جا طوفان اڏرڻ ڏنا. سنڌ کي گھربل حصو ۽ حق ڏيارڻ ۾ غفلت ڪئي ۽ سنڌ جا سمورا پيداواري ۽ روزگاري وسيلا ۽ مال ملڪيت ڌارين جي قبضي ۾ وڃڻ ڏني. اردڪ سياسي قوتن کي پهريائين ان ئي سنڌ ۾ مضبوط ڪيو ۽ پوءِ ان لائق بڻايو جو اڄوڪي دهشتگرد قوت کي سنڌ ۾ سگھارو ڪري سگھي. سنڌ سان غدارين جو هڪ وڏو رڪارڊ جاگيردارشاهيءَ جي سر تي آهي ۽ ان ڪم ۾ اها ايترو ته مصروف رهي آهي، جو کيس مٿو کنهڻ جي به واندڪائي نه ملندي آهي.
    ”سچيون“، ”قوم پرست“ پارٽيون
    ڪيتريون ”سچيون“ ۽ ڪيتريون ”قوم پرست“ پارٽيون آهن، انهيءَ کان ڌار رهي، سندن عوامي طاقت، نظرياتي وسعت، تنظيمي پختگي ۽ ڪم جي طريقي کي جاچڻ گھرجي. انهن حوالن سان ”سنڌ نيشنل فرنٽ“ تمام گھڻو پوئتي نظر اچي ٿو. جنرل ضياء ۽ دهشتگردن جي کليل حمايت کان پوءِ هڪ موقعو اهو به آيو جو هڪ ڀيري جي ايم سيد صاحب جن چِٽو ڪري چيو ته ”ڪارڪن منهنجو چوڻ ئي ڪو نه ٿا وٺن.“ هونئن به ”جيئي سنڌ“ جا لفظ پنهنجي نالي ۾ ڪم آڻيندڙ ڪيترائي ٽولا پنهنجي منهن وڌيڪ هلندا آهن ۽ سيد صاحب جو رڳو نالو ڪم آڻيندا آهن. جيڪا ليڊرشپ پنهنجن ڪارڪنن تي تنظيمي ضابطو نه ٿي رکي سگھي، ان بابت ڪيئن اميد ڪري سگھجي ٿي، ته سنڌ ۽ سنڌي قوم جي بهترين مفادن ۾ ڪم ڪري ۽ خاص ڪري دهشتگرد قوت کي منهن ڏئي سگھي ٿي. ”ترقي پسند پارٽيءَ“ جي قيدت جو وڏيرڪو انداز، پجيرو، ٺيڪا، وغيره، گھڻي عرصي کان تنقيد جو شڪار رهندا آيا آهن. ٽيون ڏينهن پارٽي ٺهي آهي ۽ ڪالهه ٻه ڀيرا ٽُٽي چڪي آهي. سياسي عمل ۾ عام روش سياسي گھٽ ۽ داداگير وڌيڪ رهندي اچي ٿي. دودو مهيري توڙي جو هن پارٽيءَ جي اڳواڻن مان هڪ هو، پر اڄ تائين ايئن ٿو ڀانئجي ڄڻڪ کيس اڪيلو ڪري حڪومت جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. جلسن جلوسن ۾ توڙي جو هن پارٽيءَ کي هڪ حد تائين عوام پاران موٽ ملي ٿي، پر اها ايتري ناهي جو اميد ڪري سگھجي ته دهشتگرد قوتن کي منهن ڏئي سگھندي.
    ٻيا به ڪيترائي محدود حلقي وارا ننڍا ٽولا پنهنجي سياست ۾ قوم پرستيءَ جو اصطلاح ڪم آڻين ٿا، پر سندن اثر جي ڪٿ تور هتي ممڪن ناهي.
    وطن دوستيءَ ۽ قوم پرستيءَ جي حوالي سان مٿي آندل ذڪر جو مقصد اهو قطعي ناهي، ته انهن ڌرين ڪو هڪ به اهڙو عمل نه ڪيو آهي جيڪو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي فائدي ۾ هجي.
    سچ اهو آهي ته سنڌي عوام ۾ قومي حوالي سان جيڪا به جاڳرتا نظر اچي ٿي، ۽ وطن دوستي، جمهوريت پسندي، انسان دوستي ۽ ترقي پسنديءَ جي حوالي سان سوچي، حق جي ڳالهه ڪجي، ته پاڪستان جي باقي قومن کان وڌيڪ بهتر انداز ۾ ۽ مٿاهين سطح تي نظر اچي ٿي. ان ۾ مجموعي سطح سڀني ۽ خاص ڪري جيئي سنڌ محاذ (جي ايم سيد)، پاڪستان پيپلز پارٽي (ذوالفقار علي ڀٽو) ۽ عوامي تحريڪ (1988ع تائين) جو نظرياتي، سياسي ۽ عملي ڪردار شامل آهن.
    مٿي ڏنل ڳالهين تي چڙڻ بدران پنهنجي منهن پنهنجي سياسي قوت جو سنجيدگيءَ سان جائزو وٺي، خود تنقيد جي عمل سان پاڻ کي ڌوئي صاف ڪري، گنڀير ٿي، سنڌ جي وجود جي سالميت ۽ نجات لاءِ بهترين، علمي، عملي ۽ سياسي انداز ۾ سوچيو وڃي ۽ سنڌ دشمن قوتن جو ٽوڙ ڪرڻ لاءِ موثر حڪمت عمليون جوڙي عمل ۾ آنديون وڃن.
    (روزاني ”هلال پاڪستان“، 30- ۽ 31-ڊسمبر 1994ع)


    سنڌ دوستيءَ جي نالي ۾ دڙڪي واري سياست

    جڏهن کان وٺي هڪ مخصوص دهشتگرد ٽولي جي سردار سنڌ کي ورهائي پنهنجي پسند جي ڪڌا مقصد رکندڙ ماڻهن لاءِ هڪ ڌار صوبو ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، تڏهن کان ڪن سنڌي جاگيردارن کي، جيڪي بدقسمتيءَ اسان جي سنڌ جي سياست به ڪندا آهن، سنڌي اخبارن ۾ مختلف قسمن جا وڏيراڻا بيان ڇپرائڻ جو جھڙوڪر نئون وجھ ملي ويو آهي. ڀانئجي ايئن ٿو ته پنهنجي روايتي ڄٽاڻي سوچ ۽ رويي ۾ ڪا به علمي، اصولي ۽ سياسي تبديلي آڻڻ بدران، ڪا به اڳ-ڳڻ ڪرڻ ۽ ڊگھي نظر رکڻ بنا، لاهي پاهي لٻاڙي بيان بازيءَ تي زور ڏنو ويو آهي --- ”دَٻِ درخاشَ دِينوءَ تي!“ اهڙا اهڙا بيان نظرن آڏو اچن ٿا، جو هوند ڪو ’راڪاس برڙ باڪاس‘ ئي انهن کي عملي ويس پهرائي سگھي، ماڻهوءَ جي وس کان ته ٻاهر آهي --- ’مهاجر پاڻ کي سنڌي سڏائين/سمجھن، نه ته کين سمنڊ ۾ ٻوڙيو ويندو، ڌرتيءَ تان تڙي ڪڍبو، جيئرو رهڻ نه ڏبو، ڌرتيءَ ۾ دفن ڪيو ويندو، وغيره وغيره.‘
    انگريز پرمار جي چُوسي اڇلايل هڏيءَ، ٽڪر-ڀور ۽ چاپلوسيءَ تي پليل جاگيردارشاهي (جنهن کي سنڌيءَ جي هڪ سياسي اصطلاح ۾ ”وڏيراشاهي“ به سڏيو ويندو آهي) جيڪڏهن ايڏي ئي لائق فائق، اڪابر ۽ مڙس ماڻهو هجي ها، ته سنڌ هڪ خود مختيار جي حيثيت ۾ پنهنجي مڪمل آزادي ۽ اقتدار اعليٰ (sovereignty) بچائي ۽ برقرار رکي سگھي ها. سندس نالو ۽ نقشو ايئن مٽايو نه وڃي ها، ان جي سموري پيداواري ۽ روزگاري وسيلن کي پرڏيهي پناهگيرن ۽ ڌرتيءَ ڌڪاڻن جي حوالي نه ڪيو وڃي ها، جن اڳتي هلي انهيءَ ئي هٿ کي ڏنگڻ شروع ڪيو جنهن کين کير پياريو ۽ انهيءَ ڌرتيءَ کي وڍڻ جو ورد ڪيو جنهن کين پناهه ڏني! اها جاگيردارشاهي چند ٽَڪن عيوض يا عياشيءَ جي خسيس لالچ تي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ٻولي وڪڻي ڏيڻ يا ڇڏي ڏيڻ لاءِ تيار هوندي آهي!
    سياست ۾ دڙڪو به ٿيندو آهي پر ايڏو سکڻو ۽ هوائي به نه!
    ٻي ڳالهه:
    دڙڪو ڪنهن کي ڏيو ٿا؟
    ”مهاجرن“ کي!
    (”مهاجرن“ کي ڇو، دهشتگردن کي ڇو نه؟)
    دهشتگرد اهو ئي ته چاهين ٿا، هنن جو بنيادي مقصد ئي اهو آهي ته هڪ مخصوص آباديءَ (جنهن کي اهي ”مهاجر“ سڏن ٿا ۽ ان لفظ ۾ لکين اهڙن ماڻهن کي به شامل ڪن ٿا، جيڪي تاريخي، تهذيبي، تمدني، ثقافتي، لساني، اخلاقي ۽ ذهني طرح سنڌي آهن جيئن ميمڻ، ڪاٺياواڙي، گجراتي، ڪڇي وغيره) سان ويڙهه ۽ وير واري فضا پيدا ڪئي وڃي. اهي ان مخصوص آبادي ۾ هزارين چالبازين، بدمعاشين ۽ غنڊاگردين وسيلي ڊپ ۽ هراس ويهاري انهن کي هتان جي حقيقي ۽ تاريخي قومن سان هٿرادو ٽڪر ۾ آڻي، انهن کان نفرت ڏياري، منجھن اجايو احساس محرومي ۽ عدم تحفظ پيدا ڪري پاڻ ڏانهن ڇڪڻ ۽ پنهنجي عوامي ۽ سياسي سگھ بڻائڻ گھرن ٿا. هڪ بي بنيادي دڙڪو، ڇا ان آباديءَ کي اسان کان ڌڪي ڌار نه ڪندو؟ اسان ڏانهن نفرتون نه ويهاريندو؟ ۽ ڇا ان آباديءَ وٽ دهشتگردن جي اڳواڻي قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا راهه بچندي؟
    سمورا ”مهاجر“ ته ڇا، سمورا اردڪ ماڻهو به دهشتگردن جا حمايتي ۽ پوئلڳ ناهن --- اها ڳالهه هميشه لاءِ ياد رکڻ گھرجي!
    اها اسان جي سياستدانن جي ڪوتاهه بيني ۽ جهالت آهي، جو اهي دهشتگردن جي پسند جو لفظ ”مهاجر“ ورجائينديون رهن ٿيون ۽ گھربل معيار جو سياسي، نظرياتي، علمي ۽ اخلاقي ڪم نه ڪري سگھڻ سبب پنهنجو سياسي اثر ۽ پرچار اردڪ آباديءَ ۾ نه پکيڙي سگھيون آهن. ڪيترائي اردو ڳالهائيندڙ پ پ پ (پاڪستان پيپلز پارٽيءَ) ۾ شامل آهن ۽ دهشتگردن جي انتهائي ڪوشش آهي ته پ پ کي سنڌي پارٽي سڏي/سڏائي، انهن کي پ پ کان ڇني وٺجي. خود اها پ پ جي سياستڪارن جي به نااهلي آهي جو پنهنجو جمهوري پروگرام ۽ منشور اردڪ آباديءَ ۾ ڀرپور نموني نه پکيڙي سگھيا آهن ۽ ان آباديءَ ۾ پنهنجي سياسي سرگرميءَ کي محدود رکي دهشتگردن جي سياسي واڌ جا دروازا کولي ڇڏيا اٿن.
    انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه هجن گھرجي، ته دهشتگردن کي سياسي حمايت رڳو اردڪ آباديءَ جي هڪ حصي، خاص ڪري ڏوهارين (Criminals) مان ملي ٿي، جڏهن ته اردڪ آبادي پاڪستان جي ڪل آباديءَ جو ست سيڪڙو مس آهي ۽ سنڌ جي ڪل آباديءَ جو ويهه سيڪڙو به ناهي. (دهشتگرد پنهنجن ڪڌن مقصدن کي پورو ڪرڻ ۽ پنهنجي آباديءَ کي وڏو انگ رکندڙ ڏيکارڻ لاءِ ”مهاجر“ لفظ ڪم آڻي، انهيءَ ۾ ڪَڇين، گجراتين، ميمڻن، ڪاٺياواڙين، عيسائين، پارسين، بوهرين وغيره سان گڏ هر ان بنگالي، برمي، بهاري وغيره فرد کي ڳڻين ٿا، جيڪو ڪهڙي به غير قانوني ۽ ناجائز طريقي سان سنڌ ۾ سمگل ٿي پهتو آهي.) پر پنهنجي دهشتگرد عمل جي زور تي هنن خاص ڪري اردو اخبارن (جيڪي هونئن به کين پنهنجي حمايت ڏينديون ۽ سنڌين خلاف نفرت پيدا ڪنديون آهن) ڏيهي توڻي پرڏيهي ڪيترن ئي قسمن جي ادارن کان به حمايت حاصل ڪري ورتي آهي. نتيجو اهو ٿيو آهي جو ڪوڙن انگن اکرن ۽ دستاويزن جي بنياد تي عالمي ادارن وٽ پاڻ کي مظلوم ۽ سنڌين کي ظالم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ذري گھٽ ڪامياب ٿيا آهن. انهن جي چالو پر منظم ”سياست“ سان جيڪڏهن سنڌي جاگيردارشاهيءَ جي ”سياست“ جي ڀيٽ ڪجي ٿي ته اها ڪوهين ڏور ۽ جيتامڙي نظر اچي ٿي.
    اها جاگيردار شاهي جڏهن دهشتگردن جي قوت کي پُڄي نه ٿي سگھي ته دڙڪي داٻ کان ڪم وٺي پنهنجو طرو اوچو رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ ڪم ظرفي اها، جو دڙڪو دهشتگردن کي به نه، عام اردڪ آباديءَ کي به نه، انهن کي ڏين ٿا، جن کي دڙڪي ڏيڻ جي ڪري دهشتگردن جي قوت وڌي ٿي، ۽ اهو دڙڪو به اهڙو سکڻو، لٻاڙي ۽ وات پيٽو، جو سندن ئي بي عقلي ۽ کوکلائپ کي ظاهر ڪري ٻين کي مٿن کلڻ جو موقعو مهيا ڪري.
    دڙڪو دهشتگردن کي ڇو نه ٿو ڏنو وڃي؟
    جاگيردارشاهي ٻاهران جيڏي رعبدار ڏِک ڏيندي آهي اندران اوتري ئي ڊڄڻي، ڪانئر ۽ گيدي هوندي آهي. جاگيردارشاهي پنهنجي ئي راڄ ڀاڳ ۾ ڪمزور لاءِ ڪٺور، قاتل ۽ وحشي هوندي آهي ۽ ان جو ڄڻ ٻچو رلائي ڇڏيندي آهي، پر جنهن جي هٿ ۾ ڏنڊو هوندو ان آڏو لور لور ڪندي ۽ پڇ لوڏيندي نظر ايندي آهي. جاگيردارشاهي سمجھي ٿي ته دهشتگردن جي هٿ ۾ پاور آهي.
    دڙڪو عوام کي ڇو؟
    اهو به جاگيردارڪي ذهنيت جو اولڙو آهي جيڪا عوام خلاف ’واڙ جي سوئر‘ برابر آهي، جاگيردارشاهي سمجھي ٿي ته ائين ڪرڻ سبب متان عوام ۾ سندس ڪرندڙ ساک کي هٿي ملي پوي، نه ته اها هيءَ حقيقت بخوبي ڄاڻي ٿي ته سندس دڙڪي جو اردڪ عوام ۽ دهشتگردن تي ڪو به اثر نه ٿيندو (۽ شايد، اهو ڄاڻي ٿي يا نه ٿي ڄاڻي ته سندس ان حرڪت جي ڪري دهشتگردن کي ئي فائدو ٿيندو).
    جڏهن جمهوري رويا پنهنجي حقيقي روح موجب سگھارا هوندا آهن تڏهن دڙڪو پنهنجو مفهوم وڃائي ويهندو آهي، تڏهن ڳالهيون ٿينديون آهن، پنهجي عمل وسيلي پاڻ کي بهتر ثابت ڪرڻ جون ڪوششون ڪبيون آهن، پنهنجين سوچن کي منطق، فلسفي ۽ نظريي جي آڌار تي سائنسي اصولن موجب پيش ڪيو ويندو آهي ۽ عقل ۽ علم جي برتري سوڀ ماڻيندي آهي.
    (سياست ۾) دڙڪو ڪير ڏيندا آهن؟
    ڊڪٽيٽر، غاصب، بدمعاش، دهشتگرد، داداگير، بليڪ ميلر، غنڊا ۽ ڌاڙيل يا وري اهي لوٺيا، جن جو گذر سفر ٻئي ڪنهن نموني نه ٿي سگھندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اهي به دڙڪو ڏيندا آهن جڪي ڀاڙيا يا ڏٻرا هوندا آهن، پر اهي پرپٺ دڙڪو ڏيندا آهن ۽ ان کي ”ڌنوڻ“ يا ”ڀڻڪڻ“ چئبو آهي.
    سياست ۾ دڙڪي مهل سڀ کان بدترين روپ غاصب ۽ آمر جو هوندو آهي. تاريخ ۾ ٻين ڏيهن کي ڇڏي سنڌ جي حوالي سان رڳو هڪ مثال مختصر احوال لاءِ پيش ڪري سگھجي ٿو.
    جنرل ايوب ۽ جنرل ضياءالحق پاڪستان جي 48 وَرهِي تاريخ جا ويهه ورهيه پنهنجي ڊڪٽيٽريءَ وسيلي کائي ويا. هڪ جي دور ۾ سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ٻئي جي دور ۾ سنڌين کي. ٻنهي جي وس ۾ جيترو به ۽ جهڙو به ظلم ڪري سگھڻ ممڪن هو سنڌ، سنڌيءَ ۽ سنڌين سان ٿيو. هزارين ماڻهن کي جسماني طرح ايذايو ۽ ماريو ويو --- لالچ تنهن کان ڌار --- توهان ڏسندا ته رڳو جاگيردارشاهي ۽ ڪاموراشاهي ئي هئي جنهن سندن آڻ مڃي، خدمت ڪئي ۽ هڏيون چوسيون. مجموعي طرح سنڌي عوام نه ته سندن دڙڪي دهمان ۾ آيو ۽ نه وري لالچ يا هٻڇ ۾. اهي ته حڪمران هئا، سندن وس ۾ پاڪستان جون سڀ کان وڌيڪ سگھاريون قوتون هيون، قانوني پڇاڻي کان آجا هئا ۽ جيڪو وڻين ٿي، سو ڪري سگھيا پئي. ڇا سنڌين پنهنجي ٻولي ڇڏي، ڌرتيءَ تان هٿ کنيو، سياست کي تياڳيو، ماٺ ڪري ويهي رهيا؟
    سنڌين جو مثال پاڪستان جي ٽڪري ۾ سڀ کان وڌيڪ مظلوم ماڻهن جو مثال آهي، جيڪي هر پاسي کان قادري گھوڙن جي گھيري ۾ آيل ۽ واڳن جي ور چڙهيل آهن، جن سڄيءَ ڄاتل تاريخ ۾ ڏک وڌيڪ ۽ سک نه جھڙا ڏنا آهن...
    سياست ۾ دڙڪي جو نتيجو؟
    نفرت، ۽ اڃا وڌيڪ نفرت.
    دڙڪن وسيلي ماڻهن کان پنهنجون ٻوليون، ثقافتون ۽ تهذيبون نه ٿيون ڇڏرائي سگھجن.
    دڙڪو ممڪن آهي ته ڪجھ عرصي لاءِ ڪجھ ماڻهن جي ذهنن تي دٻاءُ وجھي کين ماٺو ڪري سگھي (پر انهن جي من مان به مير نه ٿو ڪڍي سگھي) ۽ ان لاءِ به هڪ شرط آهي ته دڙڪو ڏيندڙ سنڌي جاگيردارشاهيءَ جَهِڙي پير-چاٽو کودڙي نه هجي.
    ظلم، جبر، ڏاڍ، ڏهڪاءَ، دڙڪي ۽ داٻ وسيلي ماڻهن جي ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب برابر تبديل ڪري سگھجي ٿي، پر ان لاءِ لازم آهي ته گھٽ ۾ گھٽ پنجن نسلن تائين اهو سلسلو برقرار رکيو وڃي. اهڙو هڪ مثال آمريڪي ڪارن (نيگروز) جو آهي جن کي لاڳيتو هڪ سَو ورهين تائين نظر ۾ رکندي هڪ ٻئي کان ڇني، ماريندي، قتل ڪندي ۽ دٻائيندي پنهنجي ٻولي ۽ رهڻي ڪهڻي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو.
    سنڌ ۾ دهشتگردن سدائين گھربل فرد يا ڌر کي اڪيلي سر ڌمڪي ڏئي پنهنجي داٻ هيٺ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي --- اخبارن جي مالڪن کي، اخبارن ۾ لکندڙ ليکڪن کي، مخصوص نوڪرين تي ڪم ڪندڙ ڪامورن کي، دڪاندارن کي، وغيره. مثال طور هنن ڪڏهن به ايئن نه چيو ته جيڪي واپاري کين ”چندو“ نه ڏيندا، انهن کي قتل ڪيو ويندو. ان جي بدران ”چندو“ نه ڏيندڙ اڪيلي دڪاندار کي نقصان رَسائيندا، ۽ ان جي ڪري ڊڄي ٻيا پاڻ ئي ”چندو“ ڏيڻ شروع ڪري ڏيندا. ”تڪبير“ جي ايڊيٽر صلاح الدين کي ڪيترائي مالي نقصان رسائڻ ۽ ذهني تڪليفون ڏيڻ کان پوءِ به جڏهن هن پنهنجي قلم کي دهشتگرديءَ خلاف لکڻ کان نه جھليو، ته نيٺ کيس گوليون هنيون ويون. (توڙي جو مون کي سندس سياسي نڪتي نظر سان اختلاف هو، پر هن جيڪا دهشتگردن ۽ دهشتگرديءَ خلاف علمي جنگ ڪئي، ان ڪري مون وٽ هن لاءِ ان حوالي سان عزت آهي.) دهشتگردن جو اهو عمل ٻين ڪيترن ئي ليکڪن کي سندن خلاف لکڻ کان رنڊائي رکندو. اڪيلو ڪري مارڻ ممڪن آهي، پر واسطيدار سڄي سماج کي ڌمڪي ڏيڻ بي عقليءَ جو مظهر.
    دهشتگردن خلاف ڪا به ڌمڪي تڏهن ڪارگر ٿي سگھي ٿي، جڏهن کين اجتمائي طرح نه، پر اڪيلي اڪيلي فرد تائين پهچي ڌمڪايو وڃي ۽ ڪٿي ڪٿي ڌمڪيءَ کي عملي ويس به پهرايو وڃي.
    (روزاني ”هلال پاڪستان“، 10-جنوري 1995ع)


    ’مهاجر‘، ’اُردڪ‘ ۽ دهشتگرد ۾ فرق ڪرڻ کپي!

    ”مهاجر“ لفظ جي هڪ اصلي معنيٰ ۽ هڪ مفهوم آهي: اهو جيڪو ڪن به سببن جي ڪري، پر سَتائجِي، پنهنجو اباڻو علائقو ڇڏڻ تي مجبور ٿئي ٿو ۽ ڪجھ عرصي لاءِ ڪنهن ٻئي علائقي ۾ وڃي پناهه وٺي ٿو، ته جيئن حالتون سڌرندي ئي پنهنجي علائقي ڏانهن موٽي سگھي. ان کي انگريزيءَ ۾ Refugee (رفيوجي) ۽ عربيءَ ۾ ”مهاجر“ سڏجي ٿو. سنڌيءَ ۾ چئون ”پناهگير“ (جيڪو اصل فارسي لفظ آهي).
    پر سنڌ ۽ پاڪستان جي سياست ۾، 1947ع کان پوءِ، ”مهاجر“ لفظ جو واهپو ڪِيني ۽ ڪدورت سان ٽمٽار هڪ ٻئي مخصوص مفهوم ۾ به ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان ٺهندي ئي ٿيل لڏ پلاڻ مهل اهو لفظ سنڌ جي وَسندين ۽ وسيلن تي ناجائز قبضي جي مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويو ۽ ڪُوڙن ڪِليمن ۽ ڪُوڙين ڊگرين ۽ شاهدين وسيلي ڦورو حڪمران ٽولي جي ڇانوَ ۽ ڏاڍ هيٺ اهو مقصد پورو ڪيو ويو. متروڪ ملڪيت جي نالي ۾، ڪارن قانونن جي ٽيڪ تي هڪ خصوصي رٿابنديءَ هيٺ هڙپ ڪيو ويو ۽ ڀارت کان مختلف سببن جي ڪري لڏ پلاڻ ڪري يا ڀڄي آيل ماڻهن کي سنڌ ۾ وَسايو ويو. ون-يونٽ وسيلي انهيءَ ڦرلٽ ۽ قبضيگيريءَ ۾ تيز ترين واڌ آندي وئي ۽ سنڌ جون ڪيتريون ئي ڀَليون زمينون پنجابين ۽ پٺاڻن کي به ملي ويون. انهيءَ عرصي ۾ حڪمران ٽولن خود پنهنجن قانونن جي جيڪا بيحرمتي ڪئي، سا تاريخ جو هڪ عجيب رڪارڊ آهي. اڄڪلهه انهيءَ لفظ ”مهاجر“ کي تِهائين وڌيڪ غليظ مقصدن لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو. ان لفظ جي آڙ ۾ هڪ جڙتو قوم جو تصور ميدان تي آڻي، نام نهاد دانشورن کان پرچار ڪرائي، هٿيارن جي زور تي دهشتگردي ڪري، اهو مقصد ماڻڻ جي ڪوشش جاري آهي.
    اڄ دهشتگرد جڏهن اهو لفظ ڪم آڻين ٿا، تڏهن سندن مفهوم ڏاڍو وسيع آهي. هاڻوڪي پاڪستان جي تاريخي ۽ حقيقي قومن جي فردن کان سواءِ، هر اهو پرڏيهي، خاص ڪري جيڪو اڄوڪي ڀارت جي ايراضيءَ مان 1947ع کان پوءِ ناجائز لڏ پلاڻ ڪري سنڌ ۾ آباد ٿيو آهي، اهو ۽ ان جو 1947ع کان اڳ سنڌ ۾ رهندڙ ۽ ڪو به ناتو رکندڙ فرد، هن لفظ ۾ شامل سمجھيو وڃي ٿو. دهشتگردن جي هام موجب، اهي سڀ ان جڙتو قوم جا فرد آهن ۽ سندن سنڌ جي سرزمين تي قبضيگير سپر پاوري حق پيدا ٿي پيو آهي، جنهنڪري هڪ نئين نالي وارو ڏيهه خلقيو وڃڻو آهي، جنهن جون سرحدون اڃا طَي ٿيل ناهن، پر اهي هاڻوڪي سنڌ جي اندر يا ان سان گڏ ان کان ٻاهر به ٿي سگھن ٿيون.
    انهيءَ جڙتو قوم جي تصور کي مضبوط ۽ محڪم ڪرڻ لاءِ انهن دهشتگردن لفاظيءَ ۽ دهشتگرديءَ جو هڪ وسيع ڄار پکيڙي ڇڏيو آهي. انهيءَ ڄار جو هڪ اکو اهو به آهي ته سندن پسند جي آباديءَ وارا فرد هتي جي حقيقي ۽ تاريخي قومن سان ٽَڪر (تضاد، ويڙهه) واري حالت ۾ رهن ۽ انهن جي وچ ۾ پاڻ کي غير محفوظ سمجھندي ساڻن سندن جيڪي به سنها ٿلها ناتا آهن، اهي ٽوڙي دهشتگردن جي جھنڊي هيٺ گڏ ٿيڻ کان سواءِ وٽن ٻي ڪا به راهه نه هجي، خاص ڪري ڪراچيءَ ڏانهن سندن لڏ پلاڻ تيز ٿئي ۽ اتي ڀارت توڙي بنگال کان سمگل ٿي ايندڙ اردڪ ڀارتي (اڄوڪي ڀارت ۾ مغلائي اُرد-لشڪر سان واسطو رکندڙ فردن) ۽ بهارين (خصوصاً اهي جن بنگلاديش ۾ انساني تاريخ جا بدترين ڏوهه ڪيا) جا ٽولا به آباد ٿي وڃن. اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هنن نه رڳو اردو اخبارن ۾ پالتو دانشورن وسيلي پروپيگنڊه مهم تيز ڪئي، پر سنڌين، پنجابين ۽ پٺاڻن تي سڌيون گوليون هلائي، انهن کي پاڻ سان ويڙهه واري حالت ۾ آڻي، ساڻن هر قسم جي ناتن ۾ شڪ ۽ وير ويهاري ڇڏيو.
    دهشتگردن جو سندن غليظ مفادن کي ٽيڪ ڏيندڙ هڪ حربو اهو به آهي، ته اهي جنهن مخصوص آباديءَ کي ”مهاجر“ جي نالي سان متعارف ڪرائڻ گھرن ٿا، انهيءَ کي ”مهاجر“ جي نالي سان ئي سڏيو وڃي. هُو اهو ڪم بندوق، اخباري پرچار ۽ پنهنجن دانشورن ۽ ايجنٽن کان وٺن ٿا ۽ ڪي مخصوص ايجنسيون ۽ ڏيهي توڙي پرڏيهي ادارا سندن اهو ڪم ڪجھ پنهنجو اَڏو ٺاهڻ جي نيت رکي پورو ڪندا رهن ٿا.
    اسان جا ڪجھ مت-مُوڙهل وڏيرا سياستدان جھڙوڪر خدا ڪارڻي يا شاهد پنهنجي ڊيوٽي پوري ڪندي دهشتگردن جي ان ڪُڌي مقصد کي پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ ۽ احمقپائيءَ وسيلي پورو ڪندا رهيا آهن ۽ ڪندا رهن ٿا. خاص ڪري، جڏهن کان دهشتگردن سنڌ کي ورهائي سندن نام نهاد قوم لاءِ هڪ ڌار زميني ٽڪرو قبضي ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي، تڏهن کان اسان جي ڪن ”اڪابر“ سياستدانن، دهشتگردن کي نه، پر ”مهاجرن“ کي دڙڪا ڏيڻ شروع ڪيا آهن، ته کين سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو ويندو، ڀارت موٽائي موڪليو ويندو، وغيره، وغيره. اهي دهشتگردن کي دڙڪو ڏيڻ جي شايد همت ئي نه ٿا رکن ۽ اهو به تاڙي نه ٿا سگھن، ته سندن بيانن ۾ ڪيڏي نه مورکپائي ۽ هلڪڙائي لڪل آهي. دڙڪن سان ماڻهن کان سندن ٻوليون، تهذيبون، ثقافتون ۽ سياستون ڇڏرائي سگھبيون آهن ڇا؟ جي ايئن هجي ها، ته اڄ سنڌ ۽ سنڌي ڪٿي لڀن ها! ڇا انهن ۽ اهڙي قسم جي سکڻن، سطحي ۽ اڍنگن دڙڪن جو سڌو نتيجو اهو نه ٿو نڪري، ته توهان (جن کي ڪي دهشتگرد ”مهاجر“ سڏن ٿا) وڃو، وڃو ۽ وڃي دهشتگردن جي پناهه هيٺ اَجھو ڳوليو، دهشتگردن جي عوامي سگھ ٿيو!
    بيان بازي ۽ پرچار هڪ وڏو فن آهي، هنر آهي، علم آهي. هُنن (دهشتگردن) جو فن، هنر ۽ علم ڏسو، ته ڪيئن پنهنجي مقصد جي پرچار نه رڳو پاڻ ڪن ٿا، پر انهن کان به ڪرائن ٿا، جيڪي پاڻ کي سندن دشمن ظاهر ڪن ٿا ۽ هِنن (وڏيرن سياستدانن) جو فن، هنر ۽ علم ڏسو، ته دهشتگردن جي سگھ ۾ ڪيئن نه عوامي عنصر ويٺا وڌائن ۽ پنهنجي جهالت ٿا اُڇالن!
    1947ع کان پوءِ ڀارت جي هاڻوڪي ايراضيءَ مان ڪيترائي ميمڻ، ڪڇي، گجراتي، ڪاٺياواڙي وغيره به لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به سندن هڪ وڏي ڳڻپ سنڌ ۾ رهندڙ هئي. اهي سڀ نه رڳو قديم سنڌ جو هڪ ڳڀو آهن پر سندن ٻوليون به سنڌي ٻوليءَ جا ئي مختلف محاورا آهن. اهي سنڌ جو تهذيبي، تمدني، ثقافتي ۽ لساني اڻٽٽ جز آهن. ساڳيءَ طرح هزارن جي ڳڻپ ۾ عيسائي، پارسي، بوهري ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي قومي ٽولا سنڌ جي آباديءَ جو حصو هئا ۽ آهن. مون پاڻ خاص ڪري انهن ٽولن جي ڪيترن ئي بزرگن کي سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندي، لکندي ۽ پڙهندي ڏٺو، ٻڌو آهي. لڏ پلاڻ ۾ انهن قومي ٽولن جا به ڪي ئي ماڻهو شامل هئا. شخصي طرح ڄاڻان ٿو ته مٿي ڄاڻايل سڀني ماڻهن جي آباديءَ جي وڏي اڪثريت پاڻ تي مهاجرن جو لعنتاڻو مڙهڻ پسند نه ٿي ڪري، اهي سنڌي آهن ۽ سنڌي ٿي رهن ٿا، پر اسان پنهنجي سياسي نالائقيءَ ۽ ڪوتاهه بينيءَ سبب جھڙوڪ سڀني کي دهشتگردن جي کاتي ۾ اڇلائي ڦٽو ڪيو آهي، ۽ دهشتگرد نه رڳو کانئن معاشي پر سياسي، ثقافتي، اخلاقي ۽ لساني سگھ به حاصل ڪري رهيا آهن.
    اهڙو ئي هڪ ٻيو مثال انهن سنڌي ماڻهن جو آهي جن اردو ڳالهائيندڙ گھراڻن مان شاديون ڪيون آهن، اهو هڪ اهڙو ناتو آهي جيڪو سماجي تبديلي برپا ڪري سگھي ٿو پر عملي نتيجو اهو آهي ته انهن گھرن ۾ ”سنڌيپڻو“ گھٽ ۽ ”اردائپ“ وڌيڪ ٿي پلجي.
    هن وقت عملي صورت اها آهي ته ”مهاجر“ لفظ لکڻ ۽ چوڻ سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح دهشتگردن جي مقصدن کي ٽيڪ ڏئي ٿو. ان ڪري اهو لفظ احتياط سان ۽ سوچي سمجھي ڪم آڻڻ گھرجي.
    حقيقت اها آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ڪيترائي اردو ڳالهائيندڙ ماڻهو به سنڌي قوم جو هڪ حصو هئا، پر لڏ پلاڻ کان پوءِ ڪراچيءَ مان سنڌي ميڊيم اسڪول ختم ڪرڻ، سنڌي ڏانهن ساڙيلو رويو رکڻ ۽ اردو کي ”قومي“ ۽ سرڪاري حيثيت ڏئي وسيع آباديءَ تي مڙهڻ جي ڪري اردو ڳالهائيندڙ آبادي پنهنجون پاڙون هوا ۾ ئي ٽنگيل رکيون. انهن سنڌ کي ڄڻڪ مفتوح علائقو سمجھيو ۽ سنڌي انهن لاءِ اوپري رهجي وئي.
    سنڌي ماڻهو پنهنجي تاريخي ۽ روايتي سڀاءُ جي ڪري هر ٻولي ۽ انساني اولاد ڏانهن سٻاجھو رويو ئي رکن ٿا. اردو ٻولي توڻي اردو ڳالهائيندڙن ڏانهن به سندن اهو ئي پنهنجائپ ڀريو رويو برقرار رهيو. پر پاڪستان، مذهب ۽ مهاجر جي نالي ۾ جڏهن کانئن ٻولي کسي هڪ ڀارتي اردڪ ٻولي مڙهي وئي ۽ سنڌ جا پيداواري توڻي ٻيا روزگاري وسيلا ۽ مال ملڪيتون ئي نه، سنڌ کي به نقشي تان گم ڪيو ويو ۽ سنڌين ڏانهن، پاڪستان جي حقيقي خالقن ڏانهن، اهڙو رويو رکيو ويو ڄڻڪ اهي ٽئين درجي جا غلام شهري هجن تڏهن پنهنجو وقار وري هٿ ڪرڻ لاءِ ضروري هو، ته سنڌي پنهنجي ساڻيهه کي وسائڻ لاءِ ساهه سر گھورڻ جي جذبي سان جاڳي پون، تڏهن ”اردڪ“ ۽ ”اردو“ کي به سمجھڻ جي گھرج پئي.
    ”ارد“ ترڪ لفظ آهي ۽ ان جي معنيٰ آهي ”لشڪر“. لشڪر جي حوالي سان ان جي ڊاٻي واري هنڌ (ڇانوڻيءَ) کي به ”ارد“ جي ئي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. مغل حاڪمن جي ڦورو مفادن لاءِ مستقل ويهاريل ”ارد“ جيڪا ٻولي اختيار ڪئي، اها سڏي وئي ”اردو“ ۽ ”ارد“ سان واسطيدار فرد سڏبا ”اردڪ“. انگريزن جي غلاميءَ هيٺ اچڻ کان پوءِ به اردڪ ماڻهن جي ذهنيت ۾ ”اردائپ“ زنده رهي --- ”ارد“ سدائين پرائي مال ۽ ٻئي جي پورهئي تي پليو آهي ۽ ڦورو حاڪمن جا مفاد پورا ڪندي مظلوم ۽ بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪندو، ماريندو ۽ ڦٽيندو ۽ گھرن، وسندين ۽ آبادين کي ساڙي بربار ڪندو آهي. دنيا ۾ سمورا خاندان مختلف قسمن جي اردن (مختلف دورن ۾) برپا ڪيا. مغلائي ارد به حسب روايت مذهبي آڙ ۾ انڊيا (قديم هند سنڌ) جي ڌرتيءَ تي جاوا ڪيا.
    پاڪستان جي ٺهراءَ ۾ ڪنهن قسم جي آباديءَ جي لڏ پلاڻ جو ذڪر نه ڪيو ويو هو، ڪابه لڏ پلاڻ نه ٿيڻي هئي، تنهنڪري 1947ع ۽ ان کان پوءِ واري سموري لڏ پلاڻ غير قانوني ۽ ناجائز آهي. ڀارتي اردڪ ماڻهن ان ڌرتيءَ جي ٽڪري تي ڇا ڇا ڪيو هو جو کين اتان لڏ پلاڻ ڪرڻي پئي، ان جو ذڪر هت ڪرڻ مناسب ناهي، پر ان کي ڳڻ هيٺ آڻڻ بدران سنڌي ماڻهن ڀارتي پناهگير اردڪ ماڻهن جي مجبور ۽ ماريل حالت زار کي ڏٺو ۽ پنهنجي فطري رحمدلي ۽ انسان دوستي (۽ انهن ڏينهن ۾ مذهب دوستيءَ) سبب پنهنجو گِرهه به کين آڇي ڏنو. ڀارتي اردڪ پناهگر جو جڏهن پيٽ ڀريو، ته سندن نواب اڳواڻن جڏهن سازشون ڪري حڪومت جا ڪي اهم عهدا والاري ورتا، ته سندن ”اردائپ“ جاڳي پئي ۽ هو عملاً مغلائي اردڪ ٿي بيهي رهيو. هن هڪ ڀيرو وري تاڙي ورتو ته مذهب ۽ مظلوميت جي آڙ ۾ سنڌ جي ڌرتيءَ تي به ڌاڙا هڻي ۽ بيداد ڪري سگھجن ٿا. (سنڌ جي ڌرتي انگريز جي پالتو جاگيردارن جي نيچ ۽ جاهل ذهنيت سبب عوامي سطح تي هيڻي ۽ مفلوج بڻايل هئي). پنجابي ڦورو حاڪم ٽولا جيڪي گذريل هڪ صديءَ کان سنڌ جي سرزمين تي ميري نظر رکيو ويٺا هئا، هڪدم سندن رکوالا ۽ ٻانهن بيٺي ٿي بيٺا ۽ پاڻ به سنڌ کي ڪرٽڻ لڳا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪو سڻڀو گرهه پنهنجي عوام کي به ڏيڻ لڳا، جنهن ڪري ان جي اکين تي انڌ اچي ويو. ”پاڪستان“ ۽ ”مهاجر“ لفظن کي نئين سر هڪ نئون وڳو پهرايو ويو جنهن تي ڪي اهڙا نالا ۽ نعرا به لکيل هئا جن جو 1948ع کان اڳ مسلم ليگ جي ڪنهن به منشور ۾ ذڪر ئي ڪو نه هو. سنڌ ۽ سنڌين خلاف غليظ ترين ۽ ڪوڙي، هٿ ٺوڪي پرچار جي بازار گرم ڪئي وئي. اردائپ جو خمير رکندڙ اردڪ ماڻهن جي پونير اڄ جديد هٿيار سنڀالي، دهشتگردي ڪري، مهاجر قوم ۽ سپر پاوريءَ جو جڙتو نعرو هڻي، سنڌ کي هڙپ يا ٽڪرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
    نوابزادي لياقت علي خان نفرتن ۽ ڦرلٽ جي جنهن کوري کي تيار ڪيو، تيلي ڏيکاري ۽ مچايو، نواب مظفر ۽ رئيس امروهوي ڀڙڪائي ڀنڀٽ بڻايو ۽ اڄوڪن دهشتگردن منجھس بارود وجھي اڃا به اوچو ڪيو. ان جي ڄڀين نه رڳو سنڌين، پنجابين ۽ پٺاڻن کي ساڙيو پر اڄ ته انهن سندن ئي ساٿين ۽ اولاد کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ورتو آهي.
    جيئن سمورا سنڌي ماڻهو پيپلز پارٽيءَ جا حمايتي ناهن، تيئن سمورا اردڪ ماڻهو به دهشتگردن جا پوئلڳ ناهن. دهشتگردن ۽ عام اردڪ ماڻهن جي وچ ۾ به فرق ڪرڻ گھرجي. اردڪ ماڻهو مسلم ليگ ۾ به آهي ته پيپلز پارٽيءَ ۾ به، جماعت اسلاميءَ ۾ به آهي ته جميعت علماء ۾ به، تحريڪ جعفريه ۾ به آهي ته سپاهه صحابه ۾ به، وغيره. ڪيترائي اهڙا به آهن جيڪي هر قسم جي سياست کان لا تعلقيءَ جو اعلان ڪن ٿا ۽ ڪي اهڙا به آهن جو ايم ڪيو ايم (مهاجر قومي موومينٽ) جي ٻنهي ٽولن پاران دهشتگردي، ڊپ ۽ هيبت باوجود ان جي ڪڌن ڪرتوتن خلاف لکن ۽ ڳالهائن ٿا.
    ڏوهاري (Criminals) ڌرتيءَ جي هر قوم ۽ نسلي لساني يا ثقافتي ٽولي ۾ موجود آهن. اردو ڳالهائيندڙن ۾ به جيڪي خوني، ڌاڙيل، غنڊا، زاني، بدمعاش، نشئي وغيره آهن. انهن ڏوهارين جو به هڪ حصو دهشتگردي ڪري ٿو. پاڻ کي سياست جي آڙ ۾ لڪائي ٿو، ڪٽر اردپرست آهي ۽ مظلوميت جو ڍونگ رچائي، مهاجرائپ جو نعرو هڻي، سنڌ تي قبضو ڪرڻ گھري ٿو. اسان جي علمي ۽ سياسي نالائقي چئبي، جو انهيءَ ڳالهه کي سمجھي ۽ ان ۾ فرق نه ڪري سگھون.
    سنڌ جي هڪ آباديءَ کي دهشتگردن ۽ سنڌ دشمنن جي چنبي ۾ وڃڻ ۽ انهن جا مقصد پورا ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ لازمي آهي ته پاڻ ۾ سياسي سرت پيدا ڪري عمل جي ميدان ۾ اچون. ان لاءِ اسان کي جيڪي ڪم اڻٽر نموني ڪرڻا آهن انهن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:
    1- سنڌ ۾ سنڌيءَ جي اڻٽٽ انگن، خاص ڪري ميمڻن، کوجن، گجراتين ۽ ڪاٺياواڙين کي مهاجرائپ جي نالي ۽ نعري هيٺ دهشتگردن جو کاڄ ٿي وڃڻ کان بچايون. انهن سان پنهنجا سڌا علمي، عملي، سياسي، ثقافتي ۽ تمدني ناتا قائم ڪريون ۽ سندن سمورن معاشي، سياسي، اخلاقي، ذهني ۽ علمي سگھ کي سنڌ جي دائمي مفادن جي حمايت ۾ ڪتب آڻيون.
    2- سمورن اردو ڳالهائيندڙ عوام سان سڌي لاڳاپي ۾ اچي، کين پنهنجي وطن دوست، جمهوري، عوامي، انقلابي ۽ انسان دوست پيغام کان واقف ڪريون، دهشتگردن جي اصلي روپ کي اگھاڙو ڪريون، جيڪي کين هڪ ڀيرو وري هوا ۾ ٽنگي، خوابن جي دنيا ۾ ويهاري ”مهاجر“ (رفيوجي، پناهگير) بڻائڻ گھرن ٿا ۽ کانئن چٽيءَ طرح پڇون، ته ڇا اهي ذهني طرح هڪ ڀيرو وري ”مهاجر“ ٿيڻ لاءِ تيار آهن؟
    3- مهاجرائپ ۽ ان جي آڙ ۾ مظلوميت جي سموري ڍونگ کي کولي بيان ڪريون. مهاجر (رفيوجي، پناهگير) کي ڪو به حق ناهي جو پناهه ڏيندڙ ڌرتيءَ تي دائمي رهائش اختيار ڪري سگھي ۽ نه ئي وري هن کي ان ڌرتيءَ تي معاشي وسيلا خريد ڪرڻ، نوڪريون ڪرڻ، روزگار جي وسيلن تي قبضا ڪرڻ، ان ڌرتيءَ جي اندروني معاملن سان لاڳاپيل سياست ڪرڻ، تعليمي ادارا هلائڻ، وغيره جا ئي ڪي حق حاصل آهن، اقوام متحده جي چارٽر ۾ مهاجر لاءِ جيڪي به رعايتون رکيون ويون آهن انهن پٽاندر کين مهاجر ڪئمپن ۾ رکرائڻ ۽ ترت کين پنهنجي اصلي ماڳ ڏانهن موٽي وڃڻ جو بلو ڪريون. انهيءَ مقصد لاءِ اقوام متحده ۾ درخواستون وجھون، ته سنڌ جي ڌرتيءَ تي جيڪو به پاڻ کي مهاجر سڏي ٿو، سمجھي ٿو ۽ ٿيڻ لاءِ تيار آهي، ان کي مهاجر جي حيثيت ۾ رکڻ لاءِ سنڌي ماڻهن جي اصولي تاريخي ۽ قانوني حق جي حفاظت ڪئي وڃي.
    4- دهشتگردن هٿان قتل ٿيندڙ، ڦرلٽ، اغوا، زنا، ڊپ، وغيره جي شڪار ٿيل ماڻهن (ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندا هجن) بابت دستاويزي ثبوتن کي پڌرو ڪيون، دنيا جي امن پسند، انسان دوست، ماحول-سڌار وغيره ادارن وٽ پيش ڪيون ۽ دهشتگردن خلاف عمل ڪرڻ لاءِ حڪومت توڻي عالمي ادارن کي جوڳو قدم کڻڻ تي آماده ڪريون.
    5- جيڪي به ادارا، سياسي پارٽيون، اخبارون وغيره دهشتگردن کي ڪنهن به ٻئي روپ ۾ پيش ڪن ٿا، انهن خلاف جدوجھد ڪريون ۽ سندن غليظ مقصدن کي کولي پڌرو ڪيون.
    6- پنهنجو، پنهنجيءَ سياست جو، پنهنجي اصولي موقف جو تنقيدي جائزو وٺي ان ۾ جيڪي خاميون کوٽون هجن، انهن کي درست ڪيون، ڪمزورين ۽ غلطين کي ختم ڪريون، پاڻ کي علمي توڻي عملي ميدان ۾ باعمل بڻايون، دهشتگردن جي حقيقي قوت جي ڪٿ ڪريون ۽ انهن جي سڀ طرفين سازشن کي سڀ طرفو ناڪام بڻايون.
    7- سنڌ جي ڌرتي عملي تاريخي طرح امن ۽ انسانيت جي ڌرتي آهي، جيڪو به ان جي امن ۽ انسانيت ۾ خلل وجھڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ انهيءَ لاءِ ڪهڙا به حربا ڪم آڻي ٿو، ان لاءِ گھربل منهن ٽوڙ ڪاروائيءَ جي مڪمل تياري ڪري، امن ۽ انسانيت جي دشمنن کي ختم ڪري، هن ڌرتيءَ کي هڪ ڀيرو وري امن ۽ انسانيت جو مثالي ڏيهه بڻايون.
    (روزاني ”هلال پاڪستان“، 4-جنوري 1995ع)


    سنڌ جي نئين چونڊيل حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم جو ڪردار

    چونڊن کان چند ڏينهن اڳ، مهاجر قومي موومينٽ جو نالو متحده قومي موومينٽ رکيو ويو. ٻنهي جو انگريزيءَ ۾ شارٽ فارم ايم ڪيو ايم ٿئي ٿو. اها ڳالهه چِٽيءَ طرح ٻڌائي ٿي ته هن مخصوص ٽولي جا سردار ۽ روح روان وقت سر پنهنجو ويس، نقاب، چهرو، ٻاهر ته تبديل ڪري سگھن ٿا، پر اهي پنهنجي روح، اندر، گھرائي، جوهر ۾ بدلجن، اهو ممڪن ناهي. ڪٽرپڻي جو ڪاٿو ان مان ئي ڪري سگھجي ٿو.
    ايم ڪيو ايم جا ٻه ٽولا آهن: هڪ، جنهن جي اڳواڻي الطاف حسين ڪري پيو، ۽ ٻيو اهو، جيڪو عامر خان جي وس هيٺ آهي. ٻنهي ٽولن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو هڪ ٻئي لاءِ چوڻ آهي ته اهي دهشتگرد، قاتل، ڏوهاري ۽ بليڪ ميلر آهن. جيئن ته ٻنهي پاسن ڏي نقصان ٿيو آهي، ٻنهي وٽ هٿيار آهن، ٻنهي جا ڪارڪن اغوا ٿيا، ايذايا ۽ ماريا ويا آهن، ان ڪري هڪ ٻئي بابت ٻنهي جي راءِ درست آهي. جڏهن اهي ٻئي ٽولا گڏ هئا، تڏهن سندن ئي ”منحرف“ ڪارڪنن ۽ انهن جي مٽن مائٽن جي قتل ۽ اردو ڳالهائيندڙ عوام جو ڊپ ۾ وٺجي وڃڻ جون خبرون ته عام هيون، پر گھڻي قدر جيڪو ڪوس ٿيندو هو ان ۾ پٺاڻ، پنجابي ۽ وڏي پئماني تي سنڌي هوندا هئا، ۽ انهن سڀني جي گڏيل راءِ هئي ته ايم ڪيو ايم دهشتگرد، قاتل ۽ وحشي ٽولي جو نالو آهي.
    چونڊن کان ڪي ڏينهن اڳ جڏهن ايم ڪيو ايم الطاف ٽولي چونڊن جي بائڪاٽ جو اعلان ڪيو، ته حڪومت جي ”اعليٰ“ ادارن کان ويندي ڪراچيءَ جي ”ادنيٰ“ رهاڪو تائين هر هڪ ڦڙڦوٽ ۽ ڦڦڙي ۾ پئجي ويو. قانون نافذ ڪندڙ ادارن پاران ريڊيو، ٽي وي ۽ اخبارن وسيلي امن امان جي صورتحال کي ڪنهن به نموني بگڙڻ، بگاڙڻ جي اجازت نه ملڻ جا اعلان ٿيڻ لڳا ۽ عوام کي پرامن رهندي چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي تلقين ڪئي ويندي رهي. چيڪ پوسٽون، رستن تي چوڪيدار ۽ گشت وڌايا ويا، پر اعليٰ کان ادنيٰ تائين هر هڪ واقف هو، ته دهشتگردن آڏو انهن جي حيثيت ڇا آهي. عوام مونجھو، ٻوساٽيل ۽ هيسيل رهيو.
    صوبائي اسيمبليءَ لاءِ چونڊن ٿيڻ کان اڳ ئي ايم ڪيو ايم الطاف گروپ پاران بائڪاٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. سرڪاري ۽ غير سرڪاري طرح ٻڌايو ويو ته مهاجر عوام ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي آهي ۽ هاڻي سنڌ ۾ امن امان جو ڪو به مسئلو پيدا نه ٿيندو.
    6-آڪٽوبر 1993ع تي جنرل ضياءَ پاران اپايل سياستدانن مان هڪ جي جاءِ ٻئي وٺندي، مسلم ليگ نواز گروپ جي اڳواڻ اخبارن ۾ اشتهار ڏياريو، جنهن ۾ ”حق پرست“ مائرن جي ڀينرن کي اپيل ڪئي وئي، ته اهي اچي ووٽ ڪن، جيئن وردي پائي مٿانئن حملو ڪندڙ سنڌي ڌاڙيل چونڊن ۾ کٽي نه سگھن. ڪٽر پنجابي ذهنيت، ڪٽر پناهگير ذهنيت جي جاءِ تي اچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر حالتن ثابت ڪيو ته ڪٽر پناهگير ذهنيت، ڪٽر پنجابي ذهنيت سان ٺاهه ته ڪري سگھي ٿي باقي ان جي حڪم هيٺ نه هلندي.
    8-آڪٽوبر 1993ع تي ان ڪٽر پنجابي ذهنيت، ڪٽر پناهگير ذهنيت سان اتحاد جو کلي عام مظاهرو ڪندي، ڪراچي جي چئني ضلعن ۽ حيدرآباد ۾ مسلم ليگ (نواز ٽولي) جي صوبائي اميدوارن کي ايم ڪيو ايم جي حق ۾ ويهي رهڻ جو حڪم جاري ڪرڻ سان گڏ اهو به اوڳاڇيو، ته هن ڀيري سنڌ جو وزيراعليٰ مهاجر ۽ ايم ڪيو ايم منجھان هوندو ۽ حڪومت مسلم ليگ (نواز ٽولي) جي سهڪار سان ايم ڪيو ايم (الطاف ٽولو) ٺاهيندا.
    انهن خوابن جي ابتڙ صوبائي اسيمبليءَ لاءِ چونڊن ۾ جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڪثريت ظاهر ٿيڻ لڳي، تڏهن ريڊيو ۽ ٽي وي تي ويهاريل تبصري نگارن، اخبارن ۾ لکندڙ تجزيي نگارن، مختلف سياسي اڳواڻن ۽ هڪ مخصوص ۽ ڪٽر ذهنيت جي دانشورن هڪ ڀيرو وري اهو چوڻ شروع ڪيو ته سنڌ حڪومت جيڪڏهن ايم ڪيو ايم (الطاف ٽولي) جي سهڪار سان نه ٺهي، ته سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو پيدا ٿيندو. هاڻي ان سان گڏ اهو به وڌايو ويو، ته سنڌ ۾ شهرن جي نمائندگيءَ جو مسئلو پڻ پيدا ٿيندو ۽ ڇا سنڌ حڪومت ۾ شهري آباديءَ کي نظرانداز ڪيو ويندو؟
    ڇا هتي اهو سوال چٽو ڪري پڇڻ مناسب نه ٿيندو، ته سنڌ ۾ نيٺ امن امان ۽ دهشتگردي جو مسئلو ايم ڪيو ايم جي راضپي/ناراضپي سان ڇو ڳنڍيل آهي؟ ايم ڪيو ايم خوش آهي، ته دهشتگردي نه ٿيندي ۽ امن امان برقرار رهندو ۽ جي ايم ڪيو ايم ناراض آهي، ته امن امان جو مسئلو پيدا ٿيندو ۽ دهشتگردي به ٿيندي! نيٺ ڇو؟
    حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ هر سطح جو هر هڪ ماڻهو، صدر، وزيراعظم، فوجي سربراهه، پوليس پڳدار کان ويندي عام ماڻهوءَ تائين، سڀ ڪو ڄاڻي ٿو ته سنڌ ۾ امان امان ۽ دهشتگرديءَ جو مامرو ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل آهي. دهشتگردي ۽ بليڪ ميلنگ ان جي روح جي خوراڪ آهي، سندس جياپي جو ڪارڻ ۽ وجود جو شرط آهي، ۽ خود ايم ڪيو ايم جي ڪردار ۽ عمل اها ڳالهه ايترا ڀيرا ثابت پئي ڪئي آهي، جو هاڻي ڪو به ماڻهو، چوي يا نه چوي، سمجھي ضرور ٿو، ته هڪ پاسي ايم ڪيو ايم ۽ ٻئي پاسي دهشتگردي ۽ بليڪ ميلنگ لازم ۽ ملزوم آهن.
    اهي ڪهڙا سبب آهن جو سنڌي ماڻهو ايم ڪيو ايم جي روح ۽ مقصد کي ترت سڃاڻي ويا ۽ ان جي نشاندهي ڪرڻ لڳا؟
    گذريل ڇائيتاليهن سالن دوران اردو ڳالهائيندڙ ٽولي پنهنجن اڳواڻن جي رهنمائيءَ هيٺ جنهن قسم جو مخصوص ڪردار ادا پئي ڪيو آهي، اهو گھڙيءَ گھڙيءَ جو گھاءُ بڻجي سنڌين جي دل ڏکوئيندو رهيو آهي.
    پاڪستان ٺهندي ئي سنڌ کان سندس گادي کسي سنڌين لاءِ اوپري ڪئي وڃڻ لڳي. سنڌ جي تاريخي ۽ قديمي ٻوليءَ (۽ ساڳيءَ طرح بنگالي ٻوليءَ) خلاف سازشون شروع ٿي ويون ۽ 50 لک کن ماڻهن (جيڪي هندستان کان آيل هئا) جي ڀارتي ٻولي سڄي پاڪستان جي پنج ڪروڙ عوام تي مڙهي وئي. سنڌ جي وجود کي ميسارڻ ۽ بنگال جي ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ ون-يونٽ ٺاهيو ويو، سنڌوءَ جو پاڻي زوريءَ کڻڻ لاءِ مٿان ئي مٿان ڊيم ٺاهڻ جا منصوبا عمل ۾ اچي ويا. سنڌ جون زمينون، ڪارخانا، گھر، دڪان، واپار، ڏيتي ليتي، سمنڊ، روڊ رستا، مجموعي طرح سڀ ڪجھ ڪليمن جي ور چڙهي ويا...
    سنڌ ۽ بنگال خلاف شروع ڪيل ان ڦرلٽ ۾ پنجابي ۽ پناهگير ڦورو حاڪم طبقا نه رڳو ٻٽ رهيا، پر پنهنجي ڦورو مفادن جي تحفظ لاءِ وردي پوش قوتن کي به ڪم آندائون، تان جو بنگلاديش ڌرتيءَ جي گولي تي اڀري آيو.
    لياقت علي خان، نواب مظفر، عثمان ڪينيڊي ۽ ڀوپالي اهي سرواڻ نالا آهن، جن جو روحاني تُور الطاف حسين ڏانهن جديد دور جي هٿيارن سان گڏ منتقل ٿيو آهي، جنهن پنهنجيءَ خصوصي ذهنيت سان ان ۾ شاندار لاڙا پيدا ڪيا.
    مهاجر قومي موومينٽ جو منشور سنڌ ۽ سنڌي عوام خلاف کليل سازش ۽ داداگيريءَ جو چٽو ثبوت آهي.
    الطاف حسين جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اهو هو ته هن پنهنجن ڳجھن هٿن وسيلي پٺاڻ، پنجابي ۽ سنڌيءَ جو ڪوس ڪرائي، ان کي هوا ڏني ۽ اهڙيءَ طرح اردو ڳالهائيندڙ عوام جون اهي ننڍيون ننڍيون واهون به بند ڪري ڇڏيون، جن وسيلي اهي سنڌي، پنجابي توڙي پٺاڻ سان ڪجھ نه ڪجھ ڳنڍيل هئا.
    انگريز پرمار جِي ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو واري پاليسيءَ کان ڪير واقف ناهي. هندوءَ کي مسلمان سان، سنيءَ کي شيعي سان، بنياد پرست (هندو توڙي مسلمان) کي سيڪيولر ۽ جمهوريت پسند سان، رجعت پرست کي ترقي پسند سان ويڙهائي، پنهنجو ڪم ڪڍڻ سندس پاڻي چال هئي --- الطاف حسين پنهنجي برتريءَ لاءِ اهو ڪم ڪجھ تخليقي نموني ڪيو ۽ اردو ڳالهائيندڙن کي سڀني حقيقي ۽ تاريخي قومن سان ويڙهائي، انهن جي لاءِ رڳو اها اڪيلي راهه بچائي ڇڏي، ته اهي سندس دهشتگرد جھنڊي هيٺ گڏ ٿين. ڪنهن کي به اڄ ڏينهن تائين اها ڳالهه چٽيءَ طرح سمجھ ۾ نه آئي آهي، ته اردو ڳالهائيندڙ عوام به پاڻ کي ڌرتيءَ جي ٻي عوام سان ڳنڍڻ بدران سدائين انهن جو ساٿ ڇو پئي ڏنو آهي، جيڪي ڦورو، بدمعاش، قاتل ۽ جابر آهن ۽ حڪومت ۾ رهيا آهن؟
    سنڌ ۽ بلوچستان جي قبائلي سردارن جي پڻ اها پراڻي چال رهي آهي، ته جڏهن ڪڏهن قبيلي ۽ ذات جي بنياد تي پنهنجي پنهنجي قبيلي يا ذات جي ماڻهن کي هڪ ٻئي سان وڙهڻ تي مجبور ڪري پنهنجي قبضي هيٺ رکندا اچن. سنڌ تي قبضي لاءِ انگريزن اهو حربو به ڪم آندو، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ خاص طرح ڏٺو وڃي ته سنڌي بلوچ عوام بهرحال انهيءَ جاگيردارڪي غليظ روش کي ٽوڙي ۽ ناڪام پئي ڪيو آهي.
    اسان جي هن ننڍي کنڊ ۾ نسلي سياست جو ٻج مهاجر نالي سان شروع ٿيو. ميڊيا تي بالادستيءَ جي ڪري اڇي کي ڪارو ۽ ڪاري کي اڇو ڪندي مهاجريت کي ته پاڪ پاڻين سان ڌوئي الهامي شيءِ ڪري پيش ڪيو ويو، جڏهن ته جيڪي به تاريخي، اصولي ۽ حقيقي تحريڪون هيون، انهن تي نسل پرستيءَ جو ٺپو هڻي انهن قومن جي انساني حقن کي به پائمال ڪيو ويو --- اها ڪهڙي شرافت، انسانيت، وطن دوستي ۽ اسلاميت هئي، جو الشمس ۽ البدر ۽ وردي پوش ”محافظ“ قوتون پنهنجي ئي هم وطن ۽ مسلمان ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڪهڻ، مارڻ، ساڙڻ سان گڏوگڏ اتي جي نياڻين سان زوريءَ زنائون ڪري رهيون هيون؟
    ۽ اڄ ڏينهن تائين ان تي شرم ڪرڻ ۽ پڇتائڻ بدران سندرو ٻڌي پاڻ کي حق، سچ، وطن دوستيءَ، انسانيت ۽ جمهوريت جو علمبردار سڏائي رهيون آهن. خبر ناهي کين ڪهڙي ۽ ڪٿان جي ستي پياري وئي آهي، جو ڪو شرم، ڪو حياءُ، ڪا غيرت ۽ ڪو پڇتاءُ محسوس ڪري معافي وٺڻ ۽ ان جو ازالو ڪرڻ بدران ساڳي روش هتي به ورجائي وڃي ٿي.
    حالت اتي وڃي بيٺي جو خود پاڻ کي جنهن نام نهاد قوم جو علمبردار سڏيو ويو، ان جي عام ماڻهن ئي نه، پنهنجن ڪارڪن مردن توڙي عورتن ۽ انهن جي مائرن، ڀينرن ۽ ڀائرن سان به اها ئي دهشتگرد، قاتل، بي رحم ۽ جلاد روش برقرار رکي وئي ۽ ميڊيا ۾ پاڻ کي حق پرست ۽ جمهوريت پسند ڪليم ڪيو ويو.
    زبانون، قلم ۽ ذهن ڪلاشنڪوف جي گولين ۽ دهشتگردن جي خوني اکين آڏو منڊيل آهن. ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ باوجود ڪڇڻ جي جرئت ناهي، پر هيءُ جيڪو اندر جو قاضي آهي، جنهن کي ضمير، وويڪ يا ماڻهوئڙو سڏجي ٿو، ماٺ ويهڻ نه ٿو ڏي، ڦٽيل آهي پر ڦٿڪي ٿو، زخمي زبان سان ڪڇي نه ٿو سگھي پر اکين سان ڳالهائي ٿو، قيدي آهي پر خيال قابو نه ٿا ٿين، ڀڳل نِب سان به رنڊا روڙي ٿو، نه چوڻ باوجود گھڻو ڪجھ چئي ٿو وڃي. چوڻ جي جرئت گھايل اٿس، پر چوي ٿو ته هي غنڊا، قاتل، وحشي، دهشتگرد، ڦورو ۽ جلاد آهن ۽ سڌو نه ٿو چئي سگھي ته اهو پيو چوي، ”سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو آهي“.
    هر هڪ جا پنهنجا مفاد آهن ۽ هر هڪ پنهنجي انداز ۾ پيو ڳالهائي. 6-آڪٽوبر 1993ع جي اخباري اشتهارن ۾ حق پرست مائرن ۽ ڀينرن کي ووٽ تي آماده ڪرڻ لاءِ نواز شريف پنهنجي انداز ۾ ڳالهائيندي حقيقت ۾ ان آقاڻي اڍ کي ظاهر ڪري رهيو هو جيڪا سنڌي عوام ۽ سنڌ خلاف سندس روحاني رهبر جنرل ضياءَالحق منجھس ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ڦوڪي کين ”سياستدان“ بڻايو هو.
    رستن تي نمائشي فوجي چوڪيداريون بيهاري، ڏٺن وائٺن دهشتگردن ۽ مجرمن کي بند ڪرڻ بدران عوام کي ايلاز ڪندي ڏوريون لوڏيندڙ حقيقي قوتون اڃا به ٻي انداز ۾ ڳالهائي رهيون هيون.
    ٽي وي ۽ ريڊيو تي تبصري نگار قوتون ڪجھ نه ڪجھ ڪڇي سگھڻ جي قوت سارڻ باوجود ماٺ ماٺ ٿي پئي ويون. اهي به ڪجھ چئي رهيون هيون.
    بائيڪاٽ جي خاتمي جي اعلان باوجود عوام جو هيسيل انداز ۽ ووٽرن جي کوٽ به پنهنجي پنهنجي انداز ۾ ڳالهائي رهي هئي.
    بائيڪاٽ جي اعلان مهل گھرن ۾ چپ ڪري ويٺل ۽ ووٽ ڪرڻ جي همت نه ساريندڙ زندگيون پنهنجي نموني هڪ نرالو اظهار ڪري رهيون هيون.
    ۽ اڄ، ڪراچيءَ جي پسگردائي ۾ نقاب پوشن جون دهستگرد ڪارروايون پڻ پنهنجي اصلوڪي زبان ڳالهائي رهيون آهن.
    پاڪستان ۾ جنهن قسم جي سياسي روش جاري رکي وئي آهي، ان موجب جمهوريت ۽ جمهوري عمل ڪاٽا، مرده باد، جڏهن ته دهشت، بليڪ ميلنگ، چور اقتداي، مارشل لا زنده آباد. جيڪو ٻج پوکبو سوئي لڻبو. پاڪستان جي حقيقي حاڪمن جو جيئاپو جمهوريت ۾ ناهي، ان ڪري انهن سدائين جمهوريت کي پئي لتاڙيو آهي. هنن جو وجود انڌا ڌنڌ ڦرلٽ، فريبڪاري ۽ فساد ۾ ئي پلجي جوان ٿئي ٿو، تنهنڪري اهي ان راهه کي ٻنجو ڏئي، جمهوريت کي جٽادار نه ٿا بڻائي سگھن.
    سنڌ اسيمبليءَ لاءِ به سڌو جمهوري ۽ اصولي طريقو ڦٽائڻ لاءِ وٽن اڪيلو رستو دهستگردي آهي، جنهن جا اهڃاڻ هاڻي کان ئي پيدا ڪيا پيا وڃن.
    ان ڪري ڇٽو سوال هي آهي، ته ڇا ايم ڪيو ايم ۾ ذري جيتري به جمهوريت پسندي موجود آهي؟
    جيڪڏهن اها جمهوريت پسند آهي، ته فضيلت سان اڪثريت جي راءِ کي مانُ ڏيندي، اچو، ويهو ۽ جمهوري ڪردار ادا ڪيو.
    سڀ سمجھن ٿا، ۽ چٽيءَ طرح سمجھن ٿا، ته ايم ڪيو ايم جمهوريت پسند ناهي، اها جمهوري فضا ۾ جيئري رهي نه ٿي سگھي. جمهوريت ۾ قانون جي بالادستي ٿيندي ۽ قانون هٿ ۾ کڻندڙن کي قانوني بالادستي ڪڏهن به ڀانءِ نه پوندي. ان ڪري خود غرض، نيچ ۽ دهشتگردن جي ٻولڙين دانشورن مختلف قسمن جا افواهه پکيڙڻ شروع ڪيا آهن. امن امان جي مسئلي اڀارڻ سان گڏ ٻيو وڏو هٿيار شهري آباديءَ جي نظراندازيءَ جو آهي --- انتهائي مظلوميت جو نقاب چاڙهي ڏاڍيءَ ميسڻپائيءَ سان ٻڌايو ٿو وڃي، ته پ پ جي حڪومت ٺهڻ سبب شهري آبادي نظر انداز ٿي ويندي؟
    هتي اهو سوال ڪرڻ بلڪل واجب آهي، ته شهري آباديءَ مان مراد ڇا آهي؟
    ڇا ڪو به ماڻهو، جنهن جو دماغ سالم هجي، ائين چوندو ته شهري آباديءَ جو مطلب اهو آهي، جنهن کي ايم ڪيو ايم مهاجر سڏي ٿي؟
    شهري آبادي معنيٰ، ته هر اهو فرد جيڪو شهر ۾ رهي ٿو، اهو ان ۾ ڳڻيل هجي. سنڌ ۾ شهر رڳو ڪراچيءَ جي چئني ضلعن جا مرڪزي علائقا آهن ڇا؟ ڇا لاڙڪاڻو، سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، نواب شاهه، ٺٽو، بدين، سانگھڙ وغيره شهر ناهن؟ ڇا اتان جي رهاڪن کي شهري آبادي نه ٿو سڏي سگھجي؟ ڇا ڪراچي جي چئني ضلعن ۽ حيدرآباد ۾ هڪ به سنڌي نه ٿو رهي؟ جيڪڏهن اهي سڀ سنڌي آهن ۽ شهرن ۾ رهن ٿا ۽ شهري آبادي ٺاهن ٿا، ته پوءِ ڪيئن ٿو چئي سگھجي، ته پ پ جي حڪومت ٺهڻ ڪري شهرن جي نمائندگي نه ٿيندي؟
    ڇا سڄيءَ سنڌ ۾ شهري رڳو اهي آهن جن کي ايم ڪيو ايم مهاجر سڏي ٿي؟ جيڪڏهن شهري جو مطلب مهاجر آهي، ته ڇو ۽ ڪيئن؟ ڇا پنجاب ۾ به اهڙو ڪو خصوصي مطلب وارو شهري آهي؟ جي نه، ته سنڌ ۾ ڇو؟ لاهور ۾ مسلم ليگ نواز ٽولي کٽيو آهي. پنجاب ۾ جيڪڏهن پ پ جي حڪومت ٺهي ٿي، ته ڇا شهري آبادي نظرانداز ٿيندي ۽ امن امان جو مسئلو پيدا ٿيندو؟
    هڪ لفظ کي غلط معنيٰ ڏيڻ جي پٺيان رڳو اها مخصوص ڪٽر ڊڪٽيٽر ۽ لشڪري ذهنيت آهي، جنهن هندستان ته ڇا، سڄي اپکنڊ جي هر رهاڪوءَ کي شودر ۽ غلام پئي سمجھيو.
    سنڌ ۾ اهو ان لفظ جو گھٽيا ذهنيت جي مطلب ۽ مقصد وارو، غلط واهپو درست ڪرڻ گھرجي، پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت نه رڳو سنڌ جي ڳوٺاڻي پر شهري آباديءَ جي به نمائندگي ڪندڙ هوندي.
    ايم ڪيو ايم ايئن ڇو ٿي ڪري؟
    هن جو بنياد نفرت ۽ دهشت تي بيٺل آهي ۽ نفرت ۽ دهشت کي برقرار رکڻ کان سواءِ جيئري نه ٿي رهي سگھي. مهاجر ۽ شهري آباديءَ جي نالي ۾ هن جي اها نفرت برقرار رهي ٿي. ٻئي پاسي هن جي سموري دهشتگرديءَ پٺيان نه رڳو هڪ مخصوص ذهنيت هئي ۽ ضياءَ پارن آمرن جو هٿ هو، پر آءِ ايس آءِ جي بي لغام قوت به هئي، جنهن نه رڳو کين دهشتگردي ڪرڻ جي موڪل ڏئي رکي هئي، پر قانوني تحفظ به فراهم پئي ڪيو. جنرل اسلم بيگ حيدرآباد ۾ جنهن نموني دهشتگردن کي تحفظ ڏنو، اهو ته رڳو هڪ مثال آهي.
    پنهنجين غيرقانوني حرڪتن کي جاري رکڻ لاءِ اقتدار ايم ڪيو ايم جي انتهائي گھرج آهي.
    پاڪستان جي اها به وڏي ٽريجڊي آهي، ته هتي اقتدار ڌڻين سڀ کان وڌيڪ ڏوهه ڪيا آهن. آئين کي معطل ڪرڻ ”عظيم غداري“ آهي، پر اها عظيم غداري ڪندڙ جي ٻٽيهي ۽ ٽوپي وڏي اعزاز سان شاهه فيصل مسجد اسلام آباد ۾ دفن ڪئي وئي. ٻي وڏي غداري ملڪ خلاف سازش آهي، پر جن ملڪ کي ٽوڙيو ۽ بنگالي عوام جو ڪوس ڪيو، انهن غدارن ۽ قاتلن کي اڄ ڏينهن تائين ڪا به سزا نه ملي آهي، مٿن ڪيس ئي نه هليو آهي...
    ايم ڪيو ايم به اهو اقتدار گھري ٿي جنهن ۾ ان جي دهشتگردي اگھاڙي نه ٿئي ۽ دهستگرد محفوظ رهن.
    سنڌ ۾ پ پ جي هڪومت کي ڪا به لهر لوڏو ناهي. هوءَ بنا ڪنهن جي سهڪار جي پنهنجي حڪومت ٺاهي چڪي آهي ۽ جيڪو به کيس بليڪ ميل ڪرڻ يا امن امان جو مسئلو پيدا ڪرڻ جي نيت رکي ٿو، ان تي قانون جو احترام ڪندي گھربل قانوني ڪاروائي ڪري سگي ٿي. ان ڪري لازم آَهي ته پ پ پنهنجو پاڻ تي ڀاڙيندي سنڌ ۾ مضبوط حڪومت جوڙي.
    باقي اميدوار جمهوريت جي واڌاري لاءِ، جيڪڏهن اهي جمهورت قائم ڪرڻ ۽ وڌائڻ گھرن ٿا، بهترين مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا، جيئن خود پ پ حڪومت جيڪڏهن ڪي غير جمهوري يا غير اصولي قدم کڻي، ته ان تي موثر چيڪ-اپ هجي. ٻي پاسي، اهي قدم جيڪي مجموعي طرح سنڌ جي مفاد ۾ هجن، انهن لاءِ گڏيل سهڪار وسيلي ڀائپي جو ماحول پيدا ڪيو وڃي.
    سنڌ کي سڪائڻ لاءِ ڪالا باغ ڊيم جو ٺهڻ ۽ سنڌ جي سمنڊ، ڍنڍن ۽ معدني ذخيرن جي ڪمائي بنا ڪنهن رائلٽي جي سنڌ کان کسجڻ جھڙا ڪيترائي مسئلا آهن، جيڪي جيڪڏهن سٺي نموني حل ڪجن، ته سنڌ هڪ سائو ستابو ڏيهه ٿي سگھي ٿي. پ پ حڪومت ان لاءِ ڪهڙا قدم کڻي ٿي ۽ مخالف ڌر ان سان اهڙن معاملن ۾ ڪهڙو سهڪار ڪري ٿي، اهي ئي ٻه اهي ڪسوٽيون آهن جن جي بنياد تي جمهوريت پسندي ۽ وطن دوستيءَ کي پرکي سگھبو.
    اهو سوال ايجنڊا تي اوس رهڻ گھرجي، ته ڇا ايم ڪيو ايم پنهنجي روحاني فطرت جي خلاف جمهوريت پسند، وطن دوستي ۽ ماڻهپي واري سياست ڪري سگھندي؟ (۽ پوءِ، ڇا ايم ڪيو ايم، ايم ڪيو ايم رهندي؟)
    ايم ڪيو ايم جيڪڏهن مجموعي طرح سنڌ جي ڀلائيءَ واري دائري ۾ رهندي پاڻ کي جمهوريت پسند ۽ وطن دوست ثابت ڪري ۽ نفرتن جا مچ مچائيندڙ دهشت گرد سياست بدران انسانيت، ماڻهپي واري سياست ڪري، ته ان ڏانهن دوستيءَ، اتحاد ۽ سهڪار جو هٿ وڌائڻ ۾ ڪو به حرج ناهي.
    ٻئي پاسي اردو ڳالهائيندڙ عوام کي پڻ دهشتگرد، نسل پرست ۽ نفرتن تي پيڙهه رکندڙ بليڪ ميلر، سياست جي غلاميءَ مان آجو ڪرڻ جي مهم هلائڻ گھرجي.
    (روزاني ”جاڳو“، 23-آڪٽوبر 1993ع)


    سنڌ جي سالميت ۽ ايم ڪيو ايم

    گذريل ٻن اڍائي مهينن دوران سنڌ جي سياسي ماحول ۾ هڪ ڀيرو وري اهو سوال ڪَر کڻي اٿيو ۽ بحث هيٺ آيو آهي، ته مهاجر قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) سنڌ جي سالميت جي حوالي سان ڪهڙو موقف رکي ٿي؟ ڇا اها سنڌ جي جاگرافيائي سرحدن جي بقا چاهي ٿي يا ان جي ابتڙ هڪ بَدِ نيت رکي ٿي، يعني ڇا اها سنڌ جي هاڻوڪي طبعي وجود سان مخلص، سچي، وفادار ۽ پيار ڪندڙ آهي يا ان کي ٽوڙڻ، ورهائڻ ۽ ورڇڻ گھري ٿي؟
    انهيءَ عرصي دوران سنڌ جي گھڻين اخبارن ۽ ڪن رسالن ۾ سنڌ سان پيار ڪرڻ جي دعويدار سياسي ڌرين جي ڪجھ اڳواڻن، ڪارڪنن، دانشورن پاران اهڙا بيان ۽ مضمون ڇپبا رهيا آهن، جن ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي، ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي سالميت سان بدخواهه ناهي، اها سنڌ جي وجود جي بقا جي حامي، اڃا به گھڻ گھري آهي ۽ اهي ڪي ٻيا گروهه آهن جيڪي سنڌ جي ونڊ ورڇ واري سوچ جا حامي، پوئلڳ آهن. جڏهن ته ڪي اڳواڻ، ڪارڪن، دانشور وري انهيءَ خيال جا آهن، ته توڙي جو ڪي ئي ٻيا ٽولا به سنڌ جي جاگرافيائي وجود خلاف بدخواهي رکن ٿا، پر ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) به انهي بدنيت کان ٻاهر ناهي ۽ سنڌ جي سالميت خلاف نه رڳو هاڃيڪار سوچون رکي ٿو پر اهڙو عمل به ڪندو رهيو آهي.
    ايم ڪيو ايم جي لفاظ ۽ تقرير باز قائد الطاف حسين پاران مختلف وقتن تي ظاهر ٿيندڙ بيانن ۾ توڙي جو سنڌ ۽ پاڪستان ۽ سنڌين ۽ پاڪستان جي ٻين سڀني رهاڪن بابت حُب، اڪير، محبت ۽ چاهه جا سرچشما ڦٽندا ئي پيا رهندا آهن، پر انهن ۾ جيڪو ڪينو، ڪدورت، نفرت، مڪاري ۽ منافقي، دڙڪو، دهشت، دهمان ۽ دٻاءُ، فتنو، فساد ۽ ساڙ لڪل هوندو آهي، ان جو زهر هر وقت سر اٻڙڪا ڏئي پيو ظاهر ٿيندو رهندو آهي، جنهن کي سندس سڌِي ۽ ڊڪٽيٽراڻي رهنمائيءَ هيٺ هلندڙ مهاجر قومي موومينٽ جا دانشور ۽ دهشتگرد عملي صورت ڏيندا پئي رهيا آهن.
    هيٺ ڏنل مواد جو مرڪزي نڪتو سنڌ جي ورڇ وارو موضوع آهي ۽ رڳو هڪ سال (1994ع) دوران گھڻي ڀاڱي الطاف حسين جي بيانن تي ٻڌل آهي، جيڪو مختلف اخبارن ۾ مسلسل ڇپبو رهيو ۽ خاص ڪري ”امن“، ”پبلڪ“ ۽ ”قومي اخبار“ ڪن حالتن ۾ پنهنجي پاران ڇهه، ست ۽ اٺ ڪالمي سرخيون ڏئي، انهي کي اڇالينديون، اڀارينديون ۽ طاقتور بڻائڻ جي ڪوشش ڪنديون رهيون آهن. وڏين سرخين کي ٿلهي ٽٻڪي ( • ) ۽ ننڍين سرخين کي ليڪ (-) وسيلي ظاهر ڪيو ويو آهي.
    سنڌ ڊيموڪريٽس گروپ پاران سپريم ڪورٽ ۾ وڌل درخواست ۾ انهيءَ موضوع بابت ڪي ئي دستاويزي ثبوت پيش ڪيا ويا آهن، جيڪي پڻ نظر مان ڪڍڻ گھرجن. هتي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته اڳ ڇپيل مواد جو ورجاءُ نه ڪيو وڃي.
    ٻه منهين
    - ”سنڌ ۾ هوگا ڪيسي گذاره؟ آڌا همارا: آڌا تمهارا“- جلسي گاهه جو نعرو
    • ڪراچي ۽ حيدرآباد مقبوضه علائقا ٿي چڪا آهن- الطاف حسين
    ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين هڪ ڀيرو وري چٽن لفظن ۾ اعلان ڪيو آهي ته اسان سنڌ جي ورهاست نه ٿا چاهيون پر اسين ملڪ ۽ صوبي جي سلامتي ۽ ترقي گھرون ٿا. پر جيڪڏهن مهاجر عوام تي رياستي ظلم وهايا ويندا رهيا ۽ انهن کي سياسي، سماجي، معاشي، تعليمي ۽ اقتصادي لحاظ کان تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ مهاجر دشمن عمل ڪيا ويندا رهيا، ته مهاجر عوام پنهنجن حقن جي حاصلات ۽ ظلمن ۽ ناانصافين جي خاتمي لاءِ ڪو ٻيو رستو اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا. هن چيو ته هي چنگيز خان ۽ هلاڪو خان جو نه، پر سجاڳ ماڻهن جو زمانو آهي. اسين موت قبول ڪنداسين پر غلامي ڪنهن به صورت ۾ نه، تنهنڪري مهاجر دشمن قوتون مهاجرن کي غلام رکڻ جو خناس پنهنجي دماغ مان ڪڍي ڇڏين ۽ مهاجرن تي ظلمن جو سلسلو بند ڪن. الطاف حسين ان ڳالهه جو اعلان اڄ شام عزيز آباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه ويجھو خورشيد بيگم ميموريل ڪامپليڪس جي احاطي ۾ ايم ڪيو ايم جي همدردن، بزرگن ۽ عورتن جي هڪ وڏي ميڙ کي ٽيليفون تي لنڊن کان سڌو خطاب ڪندي ڪيو. ان ميڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي بزرگ ڪميٽي جا ميمبر ۽ ڪراچي جي لڳ ڀڳ سڀني علائقن سان واسطو رکندڙ هزارين بزرگن ۽ ايم ڪيو ايم خواتين شعبي جي ڪارڪنن سميت وڏي ڳڻپ ۾ مهاجر همدرد خواتين شريڪ ٿيون. ميڙ کي ايم ڪيو ايم رابطه ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ۽ حيدرآباد جي اڳوڻي ميئر آفتاب احمد شيخ، رابطه ڪميٽي جي ميمبر ايم اي جليل ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار به خطاب ڪيو... هن (الطاف) چيو ته اڄ ڪراچي ۽ حيدرآباد ”مقبوضه ڪراچي ۽ مقبوضه حيدرآباد“ ٿي چڪا آهن، ڇو ته انهن شهرن ۾ به مهاجرن تي اهي ئي ويل وهايا پيا وڃن جھڙا مقبوضه ڪشمير ۾ مظلوم ڪشميري مسلمانن تي جاري آهن. هن چيو ته هڪ پاسي ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن جون سيٽون ضلعي بنيادن تي ورهايون پيون وڃن ته ٻئي پاسي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي بلديات کي ورهائي انهن جي بين الاقوامي حيثيت ختم ڪري ۽ انهن کي يونين ڪائونسل جي سطح تائين آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ضلعن جون نيون حدبنديون ڪري مهاجرن جي ووٽ جي طاقت ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ان سان گڏ حق پرست قيادت جي ڏينهن ۾ ٺهيل ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليج کي صوبائي حڪومت جي تحويل ۾ ورتو پيو وڃي. هن چيو ته ملير ۽ لياري جون ڊولپمينٽ اٿارٽيون ٺاهيون پيون وڃن ۽ گھٽ آبادي رکندڙ رني ڪوٽ ضلعو به قائم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته انهن سڀني عملن جو مقصد هي آهي ته مهاجر عوام چوڌاري گھيرو سوڙهو ڪيو وڃي ۽ کين ٽئين درجي جو شهري بڻائجي ته جيئن اهي آئينده لاءِ ڪَر نه کڻي سگھن. هن چيو ته اسين سمورن ظلمن باوجود صبر جو مظاهرو ڪندا رهيا آهيون ۽ اڄ به ڪري رهيا آهيون، پر ان کي اسان جي ڪمزوري نه سمجھيو وڃي... هن چيو ته مهاجر عوام پاڪستان جو دشمن نه هو ۽ نه آهي. اسان سنڌ جي ورهاست نه ٿا چاهيون... (پبلڪ، 12-فيبروري 1994ع)
    1. مهاجر دشمن قوتون ڪنهن کي سڏيو ويو آهي؟
    2. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف جي نظر ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد تي ڪنهن قبضو ڪيو آهي؟
    ليکڪ جي نظر ۾ انهن ٻنهي سوالن جو جواب آهي ”سنڌي ماڻهو.“
    ڪيڏي ته ميسڻپائيءَ سان مالڪ مان ڦيرائي دشمن، قبضيگير، ظالم ۽ چور سڏيو ويو آهي سنڌي ماڻهن کي، توڙي جو پهريائين وڏي وات اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هي ٽولو سنڌ جي ورهاست جو حامي ناهي ۽ ان جي سلامتي ۽ ترقي چاهي ٿو.
    هن وقت سنڌ ۾ سنڌ جي رهاڪن پاران ووٽن وسيلي چونڊيل جمهوري حڪومت موجود آهي، جيڪا بنا ڪنهن چالاڪيءَ، ساز باز ۽ هيرا ڦيريءَ جي چونڊيل نمائندن جي اڪثريت تي ٻڌل آهي پر ان پاران سنڌ ۾ نوان انتظامي ضلعا ٺاهڻ، ملير ۽ لياري ڊولپمينٽ اٿارٽيون جوڙڻ ۽ خود سنڌ حڪومت جي هڪ بلدياتي اداري پاران ٺاهيل ڪاليج کي صوبائي تحويل ۾ وٺڻ کي مهاجر دشمني سڏيندي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي!
    3. ڪنهن کي ٻڌايو ويو آهي ته (اڳ ۾) اڌ اسان جو ۽ (پوءِ) اڌ توهان جو آهي؟
    4. ڪير ٿو اهو فيصلو ڪري ۽ ڪنهن بابت؟
    سنڌين کي ئي ٻڌايو ويو آهي ته اڳ ۾ اڌ، سنڌ جو اڌ، اسان جو آهي ۽ سنڌ بابت اهو فيصلو اهي ٿا ڪن جيڪي پاڻ کي سنڌيءَ طور سَکڻو متعارف ڪرائڻ به پسند نه ٿا ڪن ۽ فتويٰ وري انهن تي جاري ڪئي وئي آهي جيڪي صدين کان سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي قائم دائم رکڻ جا ذميوار رهندا آيا آهن، جيڪي سنڌ جا اصولي، تاريخي ۽ حقيقي وارث ۽ مالڪ آهن.
    5. ڇا سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ئي وطن ۾ رهندڙ غير سنڌين جي ڀيٽ ۾ ڪي به سماجي، معاشي، تعليمي، صحتي ۽ ٻيون سهوليتون وڌيڪ بهتر نموني مليل آهن ۽ ڇا ملڻ نه گھرجن؟
    6. ڇا غير سنڌين کي سنڌ بابت ڪو به فيصلو ڪري سگھڻ جو ڪو به اصولي، اخلاقي، تاريخي ۽ ثقافتي حق مليل آهي؟
    مهاجر صوبو، علائقو
    - سنڌ ۾ آباد ٻن ڪروڙن کان وڌيڪ مهاجر ۽ غير سنڌي آباديءَ جي سياسي، معاشي ۽ تعليمي حقن کي نظر انداز ڪرڻ سبب منجھن احساس محرومي وڌي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مهاجر صوبو قائم ڪرڻ جو مطالبو وڌندو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن اسٽاڪ هوم (سئيڊن) ۾ رهندڙ مهاجرن جو هڪ وڏو ميڙ گڏ ٿيو. اهو ميڙ ڪراچيءَ جي موجوده حالتن تي غور ڪرڻ ۽ ڪو لائحه عمل جوڙڻ لاءِ سڏيو ويو هو. شريڪ ٿيندڙن سنڌ جي شهري علائقن ۾ قتل ۽ غارت، ڦرن، رهزنيءَ جي وارداتن، اغوا، غير قانوني ۽ ناجائز گرفتارين ۽ مهاجر عوام کي ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ ۽ انهن کان رشوتون وٺڻ تي ڏاڍي ڏک ۽ ڪاوڙ ۽ اڻتڻ جو اظهار ڪيو. ان قسم جون حالتون اڳوڻي مشرقي پاڪستان ۾ به پيدا ڪيون ويون هيون ۽ دشمن کي ڪاري وار ڪرڻ ۾ مدد ڏني وئي هئي ۽ هاڻي اهي ئي عنصر وري سرگرم ٿي ويا آهن. ملڪ جي داناءُ سياستدانن ۽ معاملا سلجھائيندڙن جيڪڏهن هوش نه ڌاريو ته دشمن ڪنهن به وقت اسان جي صورتحال مان فائدو وٺي ويندو. ميڙ ۾ شريڪ ٿيلن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته هاڻي مهل اچي پهتي آهي ته اسين مهاجر قوم لاءِ هڪ ڌار صوبي جو مطالبو ڪريون، جيڪو ڪراچيءَ کان هڪ پاسي سکر ۽ ٻئي پاسي (لس) ٻيلي تائين جي علائقي تي پکڙيل هجي. ان لاءِ مهاجرن کي ڪي به قربانيون ڏيڻيون پون ته ان کان لنوائڻ نه گھرجي. جنرل اي ڪي نيازيءَ چيو ته سنڌ جي مسئلي جو اڪيلو حل رڳو اهو آهي ته ان کي وڌيڪ صوبن ۾ ورهايو وڃي. هن چيو ته مرڪزي حڪومت جڏهن به پيپلز پارٽيءَ جي ٺهي آهي، تڏهن ملڪ کي نقصان پهتو آهي. سنڌ ۾ هن وقت امن امان جي صورتحال بلڪل اهڙي ئي آهي، جهڙي اڳوڻي مشرقي پاڪستان ۾ پيدا ڪئي وئي هئي. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت پرڏيهي اشاري تي سنڌ ۾ اهڙيون حالتون پيدا ڪري رهي آهي جن سان سنڌ ۾ عليحدگيءَ جي تحريڪ فعال ٿي ويندي. (قومي اخبار، 10-مئي 1994ع)
    1. سنڌ ۾ غير سنڌي آباديءَ جو انگ ڪيترو ٻڌايو ويو آهي؟
    2. پرڏيهه ۾ رهندڙ غير سنڌين کي سنڌ ۾ ڪنهن جي حقن جو اونو آهي؟
    3. جيڪو غير سنڌي آهي، ان جا سنڌ ۾ سياسي، معاشي، تعليمي وغيره حق وري ڪهڙي اصول هيٺ پيدا ٿي پيا آهن؟
    4. غير سنڌين کي سنڌ ۾ ڇا گھرجي؟
    5. ڇا ڪنهن به ڌاريي کي سنڌ جي سر زمين بابت، خاص ڪري ان کي ورهائڻ، ان مان نئون صوبو ڪورڻ ۽ نئين صوبي ۾ غير سنڌين جو راڄ قائم ڪري سگھڻ جو ڪو به اخلاقي، قانوني، تاريخي ۽ سياسي حق مليل آهي؟ سنڌ جي تقدير جو فيصلو ڪير ٿو ڪري؟
    6. جنرل اي ڪي نيازي ڪير آهي؟
    ساڳي اخبار ٻڌائي ٿي ته جنرل اي ڪي نيازي بنگلاديش ٺهڻ مهل اڳوڻي مشرقي پاڪستان ۾ پاڪستاني فوج جي ڪمان سنڀالي رهيو هو، يعني بنگلاديش جي تاريخي وارث عوام جي قاتل جو نالو اي ڪي نيازي آهي ۽ ان وري سنڌ جي ڌارين ماڻهن کي بنگلاديش جي تاريخي عوام سان ڀيٽ ڏيندي، اهو تاثر ڏيڻ جي انتهائي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ ۾ سنڌين جي نه، پر غير سنڌين جي سياسي، معاشي، تعليمي وغيره حالت بنگالين جهڙي آهي ۽ انهن جي ان حالت جو ڪارڻ سنڌ جا حقيقي، تاريخي رهاڪو يعني سنڌي آهن. سياسي گند کي ٻيا وري ڪهڙا سڱ هوندا؟
    ملڪ ٽوڙڻ جي تهمت وري پ پ تي آندي وئي آهي. جڏهن ته انهن ئي قاتلن ملڪ ٽوڙي ٻه اڌ ڪري هڪ اڌ پ پ پ جي حوالي ڪيو هو.
    نَڪ جي ڪيڏي ته پڪائيءَ سان تاريخي حقيقت کي ميساريو، ڦيرايو ۽ ابتو ڪيو پيو وڃي! مٿان وري اهو به چيو پيو وڃي ته سنڌ جي شهرن ۾ دهشتگردي، ملڪيتن کي باهين ڏيڻ، ٽوڙ ڦوڙ ۽ ڦرلٽ ڪرڻ جي ذميوار ايم ڪيو ايم نه، سنڌي عوام آهن.
    بين الاقوامي سرحدون
    • مهاجر پنهنجي لاءِ جاگرافيائي حدن جو تعين گھرن ٿا- الطاف حسين
    - اسان جي جماعت تشدد ۽ غنڊه گرديءَ کان پاڪ سياست تي يقين رکي ٿي. ايم ڪيو ايم دهشتگرديءَ وسيلي انقلاب جي گھرجائو ناهي.
    - ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين چيو آهي ته اسان جي جماعت تشدد ۽ غنڊه گرديءَ کان پاڪ سياست تي يقين رکي ٿي. هو ڪالهه رات لنڊن ۾ ڪارڪنن جي هڪ وڏي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. ملڪ هن وقت وڏي گھوٽالي ۾ ڦاٿل آهي، جنهن جو سرحدن جي صورتحال سان سڌو واسطو آهي. هر محب وطن پاڪستانيءَ جو فرض آهي، ته ان موقعي تي هُو پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري. ڪو به ملڪ ڪنهن ٻئي ملڪ کي ان وقت تائين زير نه ٿو ڪري سگھي جيستائين ان ملڪ جا رهاڪو دشمن کي اندرين معاملن جو پَرو نه ڏين. مشرقي پاڪستان سانحي (1971) جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ان ۾ اسان جا ڪي ئي بد عنوان جنرل، بيوروڪريٽ ۽ آفيسر شامل هئا، تنهنڪري ڪنهن کي به ان واقعي جو ذميوار نه سڏيو ويو. ايم ڪيو ايم تي دهشتگرديءَ جي الزام کي رد ڪندي هن چيو ته هاڻي به ملڪ ۾ اهي ئي عنصر سرگرم ٿي چڪا آهن جن مشرقي پاڪستان جي سانحي ۾ ڪردار ادا ڪيو هو. ايم ڪيو ايم دهشتگرديءَ وسيلي ملڪ ۾ ڪو به سياسي انقلاب آڻڻ نه ٿي گھري، پر اها جمهوريت ۽ پر امن طريقي سان تبديلي آڻڻ گھري ٿي. مهاجرن لاءِ ڌار صوبو ٺاهڻ جي سوال جو جواب ڏيندي، هن چيو ته اهڙي ڪنهن به ڳالهه جو ثبوت موجود ناهي، ته اسان اهڙي ڪا ڳالهه ڪئي هجي، تڏهن به بين الاقوامي اصولن موجب جاگرافيائي حدن جو تعين ٿيڻ گھرجي. مجاهر جاگرافيائي حدن جو تعين ئي گھرن ٿا.
    (قومي اخبار، 11-سيپٽمبر 1994ع)
    1. بين الاقوامي جاگرافيائي حدن جو مطلب ڇا آهي؟ ڪنهن لاءِ ۽ ڪٿي گھرجن؟
    2. ڇا انهيءَ ۾ ڪو به سچ آهي ته ايم ڪيو ايم تشدد ۽ غنڊه گرديءَ کان پاڪ سياست تي يقين رکي ٿي؟
    بين الاقوامي جاگرافيائي حدن کي ليڪڻ جي ڳالهه ڪندي به ڪيڏي نه چالاڪيءَ ۽ مڪاريءَ سان چيو ويو آهي، ته انهيءَ ڳالهه جو ڪو به ثبوت موجود ناهي! ڇا سنڌ سان سڄڻائپ جون دعويدار ڌريون ۽ عوام پنهنجيءَ ئي ڌرتيءَ تي ڌاڙي جي ڳالهه کي نه ٿو سمجھي؟
    پاڪستان ٺهڻ کان 1985ع تائين سنڌ ڪڏهن به ايتري دهشتگردي نه ڏٺي آهي، جيتري ايم ڪيو ايم جي ٺهڻ (1986ع) کان اڄ تائين وارن ڏهن سالن ۾ ٿي آهي، ان جو ڪارڻ ڪهڙو؟
    وڌندڙ مطالبو
    - مهاجرن لاءِ الڳ صوبي جو مطالبو وڌندو پيو وڃي- الطاف حسين
    - حڪومت عملاً سنڌ جي ورهاست ڪري ڇڏي- آفاق احمد
    • ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهري علائقن تي ٻڌل نئون صوبو ٺاهڻ جي تحريڪ زور وٺي وئي.
    - صوبي ۾ ڳوٺاڻن وڏيرن جي حڪومت آهي ۽ شهري علائقن جي عوام، خاص ڪري مهاجرن جو استحصال ڪيو پيو وڃي، جنهنڪري ڌار صوبي جي مطالبي جو ڪارڻ وجود وٺي رهيو آهي. قائد تحريڪ جو بيان.
    - حڪومت مهاجر قوم کي قومي وهڪري کان ڪاٽڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. مهاجرن کان روزگار کسيو پيو وڃي جنهنڪري اهي پنهنجي بقا بابت سوچڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. چيئرمئن ايم ڪيو ايم حقيقي.
    (قومي اخبار، 22-سيپٽمبر 1994ع)
    1. الڳ صوبي جي چرچ ڪنهن جي؟ چوچڙي ڪنهن ڌڳائي؟
    2. ڳوٺاڻا وڏيرا ڇا عوام جا چونڊيل نمائندا ناهن؟
    3. مهاجرن جو استحصال(!؟) ڪير پيو ڪري؟
    ايم ڪيو ايم (ٻنهي ڌڙن) جي نظر ۾ سنڌي استحصالي آهن، ڳوٺاڻا وڏيرا آهن، شهري ناهن، تنهنڪري ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهري علائقن تي ٻڌل نئون صوبو ٺهڻ گھرجي. لفظن تي ڌيان ڏبو ته انهيءَ جملي جو عملي مطلب سنڌ جو نالو بدلائي مهاجر صوبو سڏڻ ٿيندو. شيطاني دماغ سنڌ خلاف سڀني بغضن سميت ظاهر آهن، سنڌ جا سڄڻ ڇا ٿا چون؟
    عوام زور ڏيندا ته...
    - مهاجرن جي اڪثريت وارا علائقا استحصال جو شڪار آهن. ايم ڪيو ايم سنڌ جي ورهاست نه ٿي چاهي پر عوام زور ڏيندا ته اسين ڪجھ به نه ڪري سگھنداسون. مسئلن جي ترت حل جي واٽ ڳولڻ ضروري آهي- الطاف حسين
    • سنڌ ۾ ڌار انتظامي صوبي لاءِ ريفرنڊم جو اعلان
    - الطاف حسين جي آئينده موقف لاءِ مهاجر دانشورن، مفڪرن، ماهرن، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن، همدردن ۽ عوام کان راءِ گھري. روزانو سوين خط، تارون ۽ فيڪس نياپا اچن ٿا، ته ايم ڪيو ايم کي ڌار صوبي جو مطالبو ڪري ڇڏڻ گھرجي. (الطاف حسين)
    - سنڌ جي هاڻوڪي ڍانچي ۾ مهاجرن جو جسماني ۽ معاشي قتلام وڌي ويو آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جون بلديائون به انهن ماڻهن جي حوالي ڪيون ويون آهن جن جي شهري علائقن ۾ ڪا به نمائندگي ناهي. (الطاف حسين)
    (ڊان، جنگ، دي نيوز، امن ۽ پبلڪ ايوننگ، 22-سيپٽمبر 1994ع)
    1. ڇا ان ڳالهه ۾ ذرو به سچ آهي ته ايم ڪيو ايمي مهاجر سنڌ ڌرتيءَ جي حقيقي ۽ تاريخي وارث سنڌين جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي ڌرتيءَ تي سياسي، سماجي، تهذيبي، تعليمي، صحتي وغيره سهولتن جي حوالي سان پوئتي پيل آهن؟
    2. ڇا ايم ڪيو ايم پنهنجي دهشتگرديءَ ڦرلٽ، آتش زنيءَ ۽ سنڌين، بلوچن، پنجابين ۽ پختونن جي قتلام لاءِ مهاجرن کان راءِ ورتي هئي؟
    3. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي بلديائن تي پنجن ورهن جي مڪمل قبضي دوران ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن انهن شهرن کي ڇا ڏنو؟
    4. سنڌ جي ڌرتيءَ تي ميسر سهوليتن ۾ اوليت ڪنهن کي ملڻ گھرجي؟
    ڄاتل سڃاتل ۽ طَي ٿيل بين الاقوامي، جمهوري ۽ انساني اصول آهي ته هر ڌرتي، ٽڪري جا تاريخي رهواسي ئي اتان جا حقيقي وارث آهن، پر هي ٽولو سنڌ ڌرتيءَ جي تاريخي وارثن کي ئي پنهنجيءَ ڌرتيءَ تي ڏوهاري ۽ چور، استحصالي ۽ ظالم، ڳوٺاڻو ۽ ڄٽ بڻايو، ارڏايون ويٺو ڪري، سنڌين کي بي دخل ڪري، تڙي ڪڍي، پاڻ کي اصولي وارث طور ويٺو پيش ڪري ۽ ظاهر آهي ته هن مظلوم جي جنگ استحصال ڪندڙ سنڌين خلاف ئي آهي.
    عوام جو زور
    • گھڻن ماڻهن ڌار صوبي جي حق ۾ راءِ ڏني آهي- ايم ڪيو ايم
    - ڌار صوبي بابت الطاف حسين جي بيان کان پوءِ عزيز آباد ۾ ٽيليفون ڪالز جو ٽڙڪو.
    - ڪجھ ماڻهن چيو ته ڌار صوبي جي قيام کان سواءِ مهاجر عوام کي انهن جا جائز حق نه ٿا ملي سگھن. پريس رليز
    (نوائي وقت، 23- ۽ جنگ، 24-سيپٽمبر 1994ع)
    • ڌار صوبو مهاجرن جي بقا جو بهترين ۽ عمل لائق فيصلو هوندو- حيدرآباد، سانگھڙ، ميرپور خاص ۽ ٻين زونل ايم ڪيو ايمي اڳواڻن جو رد عمل.
    (امن، 23-سيپٽمبر 1994ع)
    1. الطاف حسين جي بيان ڪهڙي فتني کي جنم ڏنو؟ ان کي زور ڪير پيو وٺائي؟ ۽ سنڌ دشمن ان فتني کي مُنهن ڏيڻ ۽ ڪچلڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي؟ ڪير ڪندو/ ڪري ٿو؟
    2. ڌرتي ڌڻي ڪهڙي پاسي اڇلايا ويا آهن؟ انهن جي راءِ ڇا آهي؟ راءِ جي اهميت ڇا آهي؟
    سنڌ دشمن هن بدمعاش ۽ قاتل ٽولي جي نظر ۾ سنڌ ڌرتيءَ تي خود سنڌين جي حيثيت ڇا آهي، اها هيٺ ڏنل ٽُڪري ۾ پڌري ٿي اچي ٿي.
    غير علائقي جا ماڻهو
    • عوام مهاجر صوبو ٺاهڻ کان پوءِ ئي ساهي ڪندا- مهاجر صوبه ڪميٽي جو اعلان
    - سرحدون ٺاهيون ويون آهن، تبديليءَ جو ڪنهن کي به ڪو حق ناهي.
    - مهاجر صوبه ڪميٽيءَ جو هڪ ميڙ ڪوپن هيگن (ڊنمارڪ) ۾ 31- جولاءِ 1994ع تي سڏايو ويو، جنهن ۾ انتهائي پَرانهن علائقن سئيڊن، ناروي، ڊنمارڪ، فن لئنڊ، ڪئناڊا ۽ آمريڪا جي مندوبين شرڪت ڪئي. مهاجر صوبه ڪميٽيءَ جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر راحت عليگ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته مهاجر آبادي واري علائقي ۾ غير علائقي جا ماڻهو مقرر ڪيا وڃن ٿا، جن کي مقامي آباديءَ سان ڪا به دلچسپي ناهي. اسان کي پنهنجن علائقن تي پاڻ حڪومت ڪرڻ جو حق حاصل ڪرڻ گھرجي. اسان صوبي جون سرحدون ٻڌائي ڇڏيون آهن، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڦيرڦار جو حق ڪنهن کي به ناهي. سرحدن ۾ ڪراچي، بدين، حيدرآباد، دادو جو لڳ ڀڳ هڪ سَو ميل علائقو ۽ پسني جو علائقو شامل آهي.
    (امن ۽ پرچم، 2-آگسٽ 1994ع)
    1. درحقيقت غير علائقي جا سچ پچ غير علائقي ۾ رهندڙ ڌاريا ماڻهو سنڌ ڌرتيءَ جي اصلوڪن ۽ تاريخي رهواسين کي ڪهڙي نالي سان ياد ڪن ٿا؟
    2. اکيون پُوري، مڪمل بي حيائيءَ سان ڪوڙ ٺوڪڻ ڇا کي چئبو آهي؟
    ڏاڍ مڙسي ته ڏسو، سنڌين کي ڌاريو سڏيندي، مٿن بندش پئي وڌي وڃي، ته اسان جي قبضيگير سوچ خلاف ڪنهن کي به ڪجھ ڪڇڻ جي موڪل ناهي!
    وقت اچي ويو
    - هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جي شهري علائقن تي پکڙيل ڌار صوبي لاءِ گڏيل جدوجهد ڪئي وڃي- ڌار صوبو ٺاهڻ لاءِ مجلس مذاڪره.
    • نا انصافين، زيادتين ۽ حق تلفين جي خاتمي جو منصوبو: ڌار صوبو
    - ...انهن خيالن جو اظهار ڪالهه مختلف سياسي ۽ مذهبي اڪابرين، سنڌ ۾ ڌار صوبو ٺاهڻ جي گھرج جي موضوع تي ٿيندڙ هڪ مذاڪري ۾ ڪيو. اهو مذاڪرو ڪلفٽن جي علائقي ۾ ٿيو ۽ مهاجر رابطا ڪائونسل جي صدر اعجاز محمود، مسلم ليگ نواز گروپ جي اڳواڻ نواب محمد يامين، جميعت علماء اسلام سميع الحق گروپ جي اڳواڻ خواجه اشرف الاسلام، جناح مسلم ليگ جي صدر آزاد بن حيدر، جميعت علماء پاڪستان (نيازي گروپ) سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ۽ ميمبر قومي اسيمبلي حافظ محمد تقي، ايم ڪيو ايم جي ميمبر شيخ لياقت حسين، مسلم ليگي اڳواڻ مشير احمد پيش امام، روزنامه امن جي ايڊيٽر ۽ نامور صحافي اجمل دهلوي ۽ نامور دانشورن ۽ مفڪرن پروفيسر حسنين ڪاظمي، احمد الطاف، رشيد احمد قدوائي، ڊاڪٽر آغا ظافر ۽ عسڪري تقوي خطاب ڪيو. هڪ ٻن کان سواءِ باقي سڀني تقرير ڪندڙن سنڌ ۾ ڌار صوبو قائم ڪرڻ جي مطالبي جي مڪمل حمايت ڪئي (۽ ڪو به سوال يا اعتراض نه اٿاريو). مذاڪري ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر ايم اي جليل، حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي قاضي خالد ايڊووڪيٽ، جماعت اسلامي ڪراچي جي امير نعمت اللھ خان ايڊووڪيٽ ۽ نامور دانشورن ايس ايس جعفري، آفتاب زيدي، سيد اخلاق حسين، صفوان اللھ ۽ انور خان سميت پنجاهه کان وڌيڪ دانشورن، رٽائرڊ اعليٰ سرڪاري ڪامورن ۽ صاحب راءِ ماڻهن شرڪت ڪئي.
    (پرچم ۽ امن، 23- سيپٽمبر 1994ع)
    سڃاڻي ڇڏيو ته ڪير ڪهڙن محاذن تان ڪهڙو ڪم ڪرڻ گھري ٿو.
    مڪر ۽ مڪريل
    • نئين صوبي جو مطالبو ايم ڪيو ايم جي پاليسي ناهي- الطاف حسين
    - ... (بِي بِي سِي رپورٽ) جڏهن جناب الطاف حسين کان پڇيو ويو ته هن سنڌ ۾ مهاجرن لاءِ ڌار صوبو ٺاهڻ جي رٿ سوچ ويچار لاءِ ڇو پيش ڪئي، ته هن جواب ڏنو ته مٿس گھڻن ساٿين جو ئي نه، پر عام مهاجر عوام جو ۽ عام شهرين جو به شديد دٻاءُ آهي، ته توهان جڏهن ڏسو پيا ته مهاجر عوام جا جائز مطالبا ٻڌڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي، ته ايئن هٿ ڊگھيري بيک گھرڻ تي ڪو به خيرات نه ڏيندو، ان ڪري مهاجرن جي بقا ۽ عزت انهيءَ ۾ آهي ته مهاجر عوام پنهنجي ڌار صوبي جي تياريءَ لاءِ جدوجهد ڪن. هن چيو ته اها مهاجر صوبي ۽ شهري صوبي جي راءِ آهي. سنڌ ۾ انتظامي بهتريءَ جي لاءِ حقن جي ورهاست ۽ پائدار امن جي لاءِ ٻه صوبا جوڙيا وڃن ۽ نئون صوبو جوڙيو وڃي ته ان صوبي ۾ ڪڏهن به ايئن نه ٿيندو ته پنجابي، بلوچ، پختون جيڪي اتي رهن ٿا، انهن کي ڪو ٻاهر ڪڍيو ويندو. انهن کي به ٺيڪ ساڳيءَ طرح ان صوبي ۾ عزت سان گڏ سڀئي حق حاصل هوندا. الطاف حسين چيو ته نئين صوبي بابت وٽس ڪيتريون ئي تجويزون آيل آهن. هن انهن تي غور ڪيو آهي ۽ ساٿين سان صلاح ڪرڻ کان پوءِ طَي ڪيو ته مهاجر عوام، دانشورن، سنڌ ۾ رهندڙ پنجابين، پختونن، جيڪي به اتي رهن ٿا، انهن جي راءِ ڄاتي وڃي. هن يا ايم ڪيو ايم اهو مطالبو نه ڪيو آهي، نه ئي اهو ايم ڪيو ايم جي پاليسيءَ جو حصو آهي، پر اسان تي دٻاءُ آهي، ته ان جي ڪري ساٿين سان صلاح ڪري عوام کي، دانشورن کي، صحافين کي، سڀني کي اها اپيل ڪئي آهي ته اهي کيس پنهنجي راءِ کان واقف ڪن ته سنڌ جي جيڪا هاڻوڪي جاگرافيائي صورتحال آهي، ان ۾ مسئلن جو حل آهي يا نئون صوبو ئي سنڌ ۾ پائدار امن ۽ سڀني طبقن جي حقن جو بهترين ضامن ٿي سگھندو. الطاف حسين کان جڏهن پڇيو ويو ته دانشورن، مدبرن، پڙهيل لکيل ماڻهن ۽ اهي ماڻهو جن جي راءِ ۾ وزن آهي، جيڪڏهن اهو فيصلو ڏنو ته سنڌين کي ملڪ جي الڳ صوبي ۾ محدود نه ڪرڻ گھرجي (يا) انهن جيڪڏهن انڪار ۾ جواب ڏنو ته توهان جو رد عمل ڇا هوندو، تڏهن الطاف حسين ٻڌايو ته اسان جڏهن به ڪو فيصلو ڪيو آهي، عوام جي راين ۽ صلاحن کي آڏو رکي ڪيو آهي. عوام جي اڪثريت جيڪڏهن اهو چوي ٿي ته هي مناسب حل ناهي، ته پوءِ اسان انهن کي گذارش ڪنداسون ته نئون صوبو جيڪڏهن حل ناهي، ته اسان کي مهاجرن جي حقن، سنڌ جي شهري علائقن ۾ رهڻ وارن جي حقن، کي حاصل ڪرڻ جي طريقيڪار ۽ تجويزن تي ٻڌل رايا موڪلن.
    (امن، 23- سيپٽمبر 1994ع)
    1. بي بي سي جو نمائندو سنڌ دشمن دهشتگردن پاران نئين صوبي جي مطالبي کي سنڌين کي الڳ صوبي ۾ محدود ڪرڻ جو عمل ڇو ٿو سمجھي؟
    2. ايم ڪيو ايمي اڳواڻ 1947ع ۽ ان کان پوءِ سنڌ ڌرتيءَ تي پناهه مليلن کي جيڪا صلاح ٿو ڏئي، ان کي سنڌ دوستي سڏبو يا سنڌ دشمني؟
    3. مهاجرن جا جائز حق بين الاقوامي چارٽر موجب ڪهڙا آهن؟ (۽ سنڌ جي سڄڻن کي اهو ضرور سوچڻ گھرجي ته اهي عملي طرح ڪيئن پورا ڪري سگھن ٿا.)
    بين الاقوامي عهدنامي موجب ڪنهن به مهاجر/پناهگير/ رفيوجي/اميگرنٽ کي ڇا پناهه ڏيندڙ ڌرتيءَ تي ڪا به زمين، ڪارخانو، گھر، مجموعي طرح ڪنهن به قسم جي ملڪيت خريد ڪرڻ جو حق مليل آهي؟ ڌرتي ڌڻين جي مرضيءَ کان سواءِ، ڇا اهي ڪا به نوڪري يا ڪو به ٻيو روزگار ڪري سگھن ٿا؟ ڇا پناهگير ٽولي کي پنهنجن محسنن خلاف گارين، ناجائز فتوائن، الزامن، دڙڪن ۽ دهشتگرديءَ جو حق مليل آهي؟ کين اهو حق آهي ته ڌرتيءَ ڌڻين خلاف سازشون، مڪاريون ۽ سوديبازيون ڪن؟ ڌرتيءَ ڌڻين کي دٻائن، هيسائن، ڦرين ۽ لٽين؟ سندن ڌرتيءَ تي قبضو به ڪن، ته ڪڇڻ ۽ لڇڻ تي بندشون به مڙهين؟ دهشتگرديون ڪن، گوليون وسائن، باهيون ڏين، گھرن مان لڏائن ۽ بي وطن ڪن؟ ڌرتيءَ ڌڻين کي تاريخي اوسر دوران جيڪي انڌيون منڊيون سهوليتون نصيب ٿيون هجن، اهي به کسي وٺن؟ ڪليمن ۾ هر قسم جي ملڪيت ڦٻائن؟ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان سندن ٻوليءَ کي تَڙي ڪڍن ۽ ان ڏتڙيل ٻوليءَ کي پنهنجي ئي علائقي ۾ جائز مَقام ڏيڻ لاءِ ڪو بل پاس ڪيو وڃي، ته ماڻهن، لائبريرين، ميوزمن وغيره کي باهيون ڏين، مظاهرا ڪن ۽ قتلام ڪندا رهن؟ ڇا پناهگيرن کي ڪو به اهڙو حق مليل آهي ته ڌرتيءَ ڌڻين جي تهذيبي تذليل ڪن، ٺٺوليون ڪن ۽ کين مايوسين ۽ محرومين جي سمنڊ ۾ ٻوڙي رکن؟ ڇا انهن کي پناهه ڏيندڙ ڌرتي جي سرحدن سان کيشٽ ۽ هٿ چراند ۽ ان جي آئيندي بابت فيصلا ڪرڻ جو ڪو به حق مليل آهي؟
    جن به لاڏائو ٽولن جنهن به ڌرتيءَ تي پناهه ورتي آهي، ڇا اهي ان ڌرتيءَ تي مهاجر قومي موومينٽ، مهاجر صوبه تحريڪ ۽ اهڙي قسم جون ڪي به تنظيمون ٺاهي سگھن ٿا؟ برطانيا، جرمني، سئيڊن، ناروي، ڊنمارڪ، ڪئناڊا، آمريڪا وغيره ڏيهن جي ڌرتيءَ تي قبضي لاءِ ڇا هي ٽولو مهاجر حق جي دعويٰ ڪري سگھي ٿو؟ ۽ جي ايئن ڪري ته نتيجو ڇا هوندو؟
    4. ايم ڪيو ايمي اڳواڻ چوي ٿو ته مٿس ساٿين جو، مهاجر عوام جو ۽ عام شهرين جو دٻاءُ آهي. سندس ساٿين ۽ مهاجر عوام کي ته سڃاڻون ٿا، پر ٻين عام شهرين مان سندس مطلب ڇا آهي- ڇا پنجابين، پٺاڻن، بلوچن ۽ سنڌين به کيس چيو آهي ته سنڌ ڌرتيءَ تي قبضو ڪري هُو سندن لاءِ ڌار صوبو ٺاهي؟ يا اهو واتوڙي ڪوڙ ٿو ڳالهائي؟
    5. جڏهن هر پنجابي ۽ پٺاڻ کي به عزت سان گڏ سمورا حق حاصل هوندا، ته پوءِ ڌار صوبي جي مهم ڇو ۽ ڪنهن جي خلاف؟
    6. ڇا دشمني رڳو سنڌ ۽ سنڌي قوم سان آهي؟
    وري مذاڪرو
    امن اخبار (24- سيپٽمبر 1994ع) سڄي پاڪستان جي مختلف ۽ ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن ۽ پوڙهن، پوڙهين، نوجوان ۽ ٻارن جي حوالي سان خبر ٺاهي ڏني ته:
    • مهاجر صوبي جو ٺهڻ ضروري ٿي پيو آهي.
    - ان کان سواءِ مهاجرن کي سندن غضب ٿيل حق نه ٿا ملي سگھن. اختياري وارا خلق جي زبان کي خدا جو نقارو سمجھن.
    • مهاجر صوبي جي حق ۾ هزارين ماڻهن جو مظاهرو، پوليس پاران لاٺي چارج
    - آءِ آءِ چندريگر روڊ تي هڪ اخبار جي دفتر ۾ نئين صوبي بابت مذاڪري جي موقعي تي هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويا. علائقي جون گھٽيون نوجوانن، بزرگن ۽ عورتن سان ڏٽجي ويون، مختلف علائقن مان ايندڙ ماڻهن مهاجر صوبي جي حق ۾ زوردار نعرا هڻي پنهنجن جذبن جو اظهار ڪيو. هڪ ڊزن کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار.
    ڇنڇر ڏينهن (ڪالهه) هڪ انگريزي اخبار جي دفتر آڏو هزارين مشتعل ماڻهن مهاجرن لاءِ ڌار صوبي جي لاءِ ٿيندڙ مذاڪري جي موقعي تي ”مهاجرون ڪي دل ڪا چين: الطاف حسين، الطاف حسين“، ”هم سب ڪا ايڪ هِي نعرا، آڌا تمهارا، آڌا همارا“، ”هو گيا هو گيا ـــــ فيصلا هو گيا“ جهڙا نعرا هنيا...
    (امن، 15- سيپٽمبر 1994ع)
    • ايم ڪيو ايم ڌار صوبي لاءِ عملي جدوجهد جي شروعات ڪري ــــــ عوام جو رد عمل
    - مهاجرن جا جائز جمهووري حق حاصل ڪرڻ لاءِ، ايندڙ نسلن جي روشن آئيندي لاءِ هر قسم جي جاني ۽ مالي قرباني ڏينداسون. الطاف حسين جي رهائشگاهه تي فونن ۽ خطن وسيلي اظهار.
    (امن، 27- سيپٽمبر 1994ع)
    1. ”مهاجر حق“ يا قبضي گيري؟
    2. وارثن جي غير موجودگيءَ ۾ ملڪيت تي مالڪيءَ جو دعويٰ ڪير ڪندو آهي؟
    3. ڌار صوبي لاءِ عملي جدوجهد ڪيئن ۽ ڪنهن جي خلاف ٿيندي آهي؟
    4. ”ماني آ ڍَوَ تي ۽ موچڙو آ گھٽ“، سنڌيءَ ۾ اهو پهاڪو ڪيئن ٺهيو؟
    نئون صوبو -- ملڪي مفاد
    • نئين صوبي جو ٺهڻ ملڪ جي مفاد ۾ هوندو- الطاف حسين
    - جيڪڏهن عوام جي خواهشن تي جمهوري طريقي سان سنڌ ۾ نئون صوبو ٺهي ٿو، ته اتي رهندڙ سڀني ماڻهن کي ڪنهن به فرق بنا سڀني وسيلن تي ۽ انتظامي معاملن ۾ شريڪ ٿيڻ جو حق هوندو. معاشي، جسماني ۽ تعليمي قتلام سبب مهاجر اهو سوچڻ تي مجبور آهن ته ڌار صوبي جو قيام ئي انهن جي مسئلن جو حل آهي.
    - سنڌين سميت اسين ڪنهن جو به حق غضب ڪري پنهنجا حق نه ٿا گھرون ۽ سڀني مظلومن کي انهن جا حق ڏيارڻ لاءِ متحده قومي موومينٽ جي پليٽ فارم تان به جدوجهد ڪري رهيا آهيون. اسان ڪنهن به قوميت جي ماڻهن جي خلاف ناهيون ۽ چاهيون ٿا ته سڀني کي وسيلن ۽ اقتدار ۾ حصو ملي- الطاف حسين سان وائس آف آمريڪا جو انٽرويو.
    (امن، 2- آڪٽوبر 1994ع)
    1. جن ”سڀني“ ماڻهن کي سنڌ جي وسيلن تي ۽ انتظامي معاملن ۾ شريڪ ڪرڻ جو حق ايم ڪيو ايمي اڳواڻ بخشيش پيو ڪري، انهن ”سڀني“ ۾ ڪير ڪير شامل آهي؟ ۽ انهن ”سڀني“ جو ”حق“ سنڌ ۾ ڪيئن پيدا ٿيو؟
    2. ”سنڌين سميت اسين ڪنهن جو به حق غضب ڪري پنهنجا حق نه ٿا گھرون“ جو عملي مطلب ڇا آهي؟ ڇا سنڌ ڌرتيءَ کي ٽوڙي نئون صوبو ٺاهڻ سان سنڌين جا حق غضب نه ٿيندا؟ اهو ڪهڙو فلسفو؟
    3. الطاف حسين کي ڇا گھرجي؟
    4. ”اسين ڪنهن به قوميت جي ماڻهن جي خلاف ناهيون“، ڇا الطاف حسين جي انهيءَ قول ۾ ڪا به صداقت آهي؟
    5. ايم ڪيو ايمي دهشتگردن پاران گذريل ڏهن ورهين کان جاري رکيل دهشتگرديون ڇا ڪنهن به قوميت جي خلاف ناهن؟
    6. پهرين آڪٽوبر 1988ع تي ڪراچيءَ ۾ 200 سنڌي ماڻهن جي ڪوس جو رڳو هڪ واقعو ئي ذهن ۾ رکي، ڇا دهشتگردن جي سردار جي ان ڳالهه تي پت ڪري سگھجي ٿي؟
    مثبت رد عمل
    - ايم ڪيو ايم ۽ حڪومت جي وچ ۾ جاري ڳالهين ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته ايم ڪيو ايم تي اڻ اعلانيل پابندي ختم ڪئي وڃي، ڇاپا ۽ گرفتاريون بند ڪيون وڃن ۽ مختلف ڪيسن (مقدمن) جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي.
    • ڪراچيءَ ۾ نوان تڪ ٺاهيا وڃن ۽ قومي ۽ صوبائي سيٽن جي انگ ۾ واڌ ڪئي وڃي- الطاف حسين
    - سياسي عمل ۾ ڪا به قوم حصو وٺي سگھي ٿي. مهاجر سنڌ جي آباديءَ جو 50 سيڪڙو آهن. شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن لاءِ مقرر ٿيل ڪوٽا هاڻي عمل جوڳي نه رهڻ گھرجي. عوام ۽ واپاري ايم ڪيو ايم جي مالي مدد لاءِ اڳتي اچن.
    - ورهين جي محرومين ۽ نا انصافين مهاجرن ۾ متحد ٿي حقن لاءِ وڙهڻ جو شعور پيدا ڪري ڇڏيو آهي. ايم ڪيو ايم ڌار صوبي جو مطالبو نه ڪيو آهي، پر ان سلسلي ۾ شهري ۽ ڳوٺاڻي عوام جو رد عمل ڏاڍو مثبت آهي.
    (پبلڪ ايوِننگ، 6- آڪٽوبر 1994ع)
    1. نوان تڪ ڪراچيءَ ۾ ڇو؟ سڄيءَ سنڌ ۾ ڇو نه ٺاهيا وڃن؟
    2. ايم ڪيو ايمي دهشتگردن پاران نام نهاد محرومين ۽ نا انصافين جو ڍنڍورو ڪهڙا غليظ مقصد لڪايو ويٺو آهي؟
    3. اهو ڪهڙو رد عمل آهي، جيڪو ”مثبت“ سڏيو وڃي؟ ڪهڙن ”شهرين ۽ ڳوٺاڻن“ پاران اهو نام نهاد رد عمل ٿيو آهي؟
    ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ جي آباديءَ ۾ ايم ڪيو ايمي مهاجرن جي ڳڻپ 50 سيڪڙو ٿي وئي آهي. سنڌ ۾ رهندڙ ڪجھ پنجابي اڳواڻن به دعويٰ ڪئي هئي ته پنجابين جي آبادي 40 سيڪڙو آهي. 18 سيڪڙو پٺاڻن جي آبادي به چئي وڃي ٿي. سنڌ ۾ ئي 4 سيڪڙو انهن پرڏيهين جي آبادي چئي وڃي ٿي، جيڪي پاڪستاني قانون موجب غير قانوني پرڏيهي آهن. جيڪڏهن فرض به ڪجي ته سنڌ ۾ ڪو هڪ به سنڌي ۽ بلوچ نه ٿو رهي، ته به انهن انگن اکرن جي بنياد تي تسليم ڪرڻو پوندو ته ليکي ۾ غلطي آهي، ڪوڙ آهي، بي ايماني آهي. ڀانئجي ٿو ته سنڌ ۾ آباد سنڌي ۽ بلوچ ڌرتيءَ تي نه، ڪٿي فضائن ۾ آباد آهن!
    سنڌ جا سڄڻ جيڪڏهن سنڌي آهن، ڇا ٻڌائي سگھندا ته اهي پاڻ ڪٿي رهندا آهن؟ ۽ جنهن عوام جي حقن لاءِ جدوجهد جي دعويٰ ڪن ٿا، اهو ڪٿي وجود ٿو رکي؟
    الڳ صوبو ئي نه، ملڪ به
    • مهاجرن سان لاڳيتو زيادتين جو سلسلو جاري رهيو ته الڳ صوبو ئي نه، ملڪ به ٺهي سگھي ٿو- اجمل دهلوي
    - پاڪستان جي سياسي، سماجي ۽ معاشي نظام کي سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ ظالم وڏيرن پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو آهي.
    - ايم ڪيو ايم جي مذاڪراتي ڪميٽيءَ جي ميمبر ۽ روزنامه ”امن“ جي ايڊيٽر جناب اجمل دهلويءَ چيو آهي ته مهاجرن ۾ احساسِ محرومي وڌندو پيو وڃي ۽ لاڳيتين زيادتين جي ان سلسلي کي بند نه ڪيو ويو ته الڳ صوبي بدران الڳ ملڪ جي سوچ به وڌي سگھي ٿي...
    (پرچم، 6- آڪٽوبر 1994ع)
    1. رڳو دهليءَ جا ٺڳ ئي خبر ناهي ته ڇو مشهور ٿيا، اتي ته اهڙا ڪي ئي وکر موجود آهن. اجمل دهلويءَ جي سوچ ڪهڙي پهلوءَ کي واضح ڪري ٿي؟
    2. دهلويءَ جي ادارت ۾ هلندڙ ”امن“ جيڪو فتنو جاڳايو آهي، انهيءَ جو اندازو هن مواد ۾ موجود ”امن“ جي خبرن مان ڪري سگھجي ٿو. دهلويءَ کي فتني جاڳائڻ سان دلچسپي ڇو؟
    3. اجمل دهلويءَ ڇا ايم ڪيو ايم ۾ پلجندڙ حقيقي سوچ کي پڌرو نه ڪيو آهي؟
    قانوني مجبوري
    • ڌار صوبي جي گھر غير آئيني ناهي- الطاف (ڊيلي نيوز، 2- آڪٽوبر 1994ع)
    • سنڌ جي ورهاست غير آئيني ناهي- الطاف (فرنٽيئر پوسٽ، 3- آڪٽوبر 1994ع)
    • حق تلفين، زيادتين ۽ موجوده حالتن مهاجر قوم کي الڳ صوبي جي مطالبي تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي- الطاف حسين
    - صوبي جو مطالبو نه ته غير آئيني آهي ۽ نه ئي غير قانوني. ايم ڪيو ايم راءِ پڇي آهي، مطالبو نه ڪيو آهي- برطانيا يونٽ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ڳالهيون
    (پرچم، 12- آڪٽوبر 1994ع)
    1. ڪنهن ٿو پڙهايو/ٻڌايو وڃي ته ڌار صوبي جي گھر غير قانوني ۽ غير آئيني ناهي؟
    2. نام نهاد حق تلفين ۽ زيادتين جي راڳ پٺيان اصلي ڪم ڪهڙو پيو ٿئي؟
    غداري
    • احتجاج احتجاج ئي هوندو آهي- حقن جي گھر کي غداري سڏي نه ٿو سگھجي- الطاف حسين
    - الڳ صوبي واري سوچ لاڳيتي تعصبي سلوڪ، ظلمن ۽ زيادتين جي پيداوار آهي. اهڙو مطالبو غير آئيني ۽ غير قانوني ناهي.
    (پبلڪ ۽ امن، 12- آڪٽوبر 1994ع)
    1. لاڳيتو تعصبي سلوڪ سنڌ ۾ ڪنهن روا رکيو آهي؟
    2. ڇا افغان مهاجرن جا سنڌ ۾ ڪي به حق آهن؟
    3. افغان مهاجر سنڌ ۾ جيڪڏهن پنهنجا حق ڄمائڻ/جھاڙائڻ شروع ڪن، ته انهيءَ عمل کي ڇا سڏبو؟
    4. ڪنهن به مهاجر جو ڪنهن به ڌرتي/ٽڪري تي ڪو به داداگير ۽ خود ساخته حق هوندو آهي ڇا؟
    هاڻي ان غداريءَ، بد معاشيءَ ۽ داداگيريءَ کي ٻنجو اچڻ گھرجي.
    سنڌ جي اڌ آبادي
    - مهاجر سنڌ جي آباديءَ جو اڌ آهن پوءِ مهاجر وزير اعليٰ ڇو نه ٿو ٿي سگھي؟
    • 18 مطالبا مڃو، ڌار صوبي جو مطالبو نه ڪيو ويندو- الطاف حسين
    (قومي اخبار، 30- آڪٽوبر 1994ع)
    1. اهي 18 مطالبا چئبو ته ايڏا ڳرا آهن!؟
    2. 18 نُڪتا مڃائڻ لاءِ ڌار صوبي جو دڙڪو ڇو؟
    سنڌ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي
    • نئون صوبو اڻٽر ٿي پيو آهي- الطاف حسين
    - سنڌ جي آبادي ۾ مهاجر اڌ کان وڌيڪ آهن پر وزير اعليٰ ۽ گورنر سميت ڪو به ڪليدي عهدو مهاجر کي نه ٿو ملي. جيستائين با اختيار عهدا مهاجرن وٽ نه هوندا، اهي مصيبتن ۾ ڦاٿل رهندا.
    (امن، 6- نومبر 1994ع)
    1. ايم ڪيو ايمي مهاجر ڪهڙي شرح سان ٿا ڄمن، جو ڇهن ڏينهنِ ۾ اڌ کان وڌيڪ ٿي ويا؟
    2. ايم ڪيو ايم کي سنڌ ۾ ڇا ٿو گھرجي؟
    نانگ تي ڀروسو
    • نئين صوبي ۾ سڀني جا حق محفوظ هوندا- الطاف حسين
    - جيڪي ماڻهو اڄ نه ٿا سمجھن، سڀاڻي تاريخ انهن کي سمجھائيندي ته مان پاڪستان دشمن ناهيان.
    - ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سنڌ جي شهري علائقن ۾ آباد سڀني پنجابي، پٺاڻ، سنڌي ۽ بلوچ ڀائرن کي يقين ڏياريو آهي ته جيڪڏهن رٿيل صوبو ٺهي ويو ته ان ۾ آباد سڀني قوميتن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪيو ويندو. ملازمت، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ سندن حق محفوظ هوندا ۽ چونڊ جا تڪ اهڙي طرح ٺاهيا ويندا جو کين آباديءَ جي نسبت سان نمائندگي ملندي. هن خبردار ڪيو ته جيڪي ماڻهو مٿس بي بنياد الزام مڙهي رهيا آهن، چڱي طرح ڄاڻي وٺن ته ايم ڪيو ايم اقتدار ۾ اچي انهن ماڻهن تي بغاوت جو ڪيس هلائيندي، ڇو ته فتنو پکيڙڻ قتل کان وڌيڪ وڏو ڏوهه آهي.
    (امن، 30- آڪٽوبر 1994ع)
    1. نئين صوبي ۾ مجوزه/ممڪن/امڪاني اقتدار ڪنهن جو هوندو؟
    2. الطاف حسين جي نظر ۾ بي بنياد الزام ڪهڙا آهن؟
    3. اڄ انهن تي بغاوت جو ڪيس ڇو نه هلي، جن سنڌ ۾ فتنو پکيڙيو آهي؟
    4. تاريخ سنڌ دشمنيءَ بابت به ڪو سبق ڏيندي يا نه؟
    5. ڇا سنڌين جا پنهنجي صوبي ۾ سماجي، سياسي، تاريخي، ثقافتي، لساني وغيره حق محفوظ آهن، جو اهي ڀروسو ڪن ته سڀاڻي ايم ڪيو ايمي الطاف حسين جهڙي فرد (جهڙن فردن) جي فرمانروائي هيٺ ئي سندن تاريخي ۽ مالڪاڻا حق محفوظ رهي سگھندا؟
    ٻي ڪا راهه ناهي
    • مهاجرن کي ٻئي درجي جو شهري ڪري ڇڏيو ويو آهي، صوبي کان سواءِ ٻي ڪا راهه ناهي
    - ايم ڪيو ايم ڪنهن به مرحلي تي فوج سان ڪنهن به قسم جي ٽڪر جي حمايت نه ڪئي آهي ۽ اڄ به ان پاليسيءَ تي هلي رهي آهي.
    - هن (الطاف حسين) چيو ته 1988ع ۾ ضياءُالحق جي جهاز جي حادثي کان پوءِ اسلم بيگ پاران جمهوري عمل جاري رکڻ سبب سي پي او جي سڀني جماعتن اسلم بيگ جي ملازمت ۾ واڌ جي سفارش ڪئي هئي ۽ انهن سڀني ميمبر جماعتن جي چوڻ سبب ئي مون به غلام اسحاق خان کي هن جي سفارش ڪئي!
    (عوام، 2- نومبر 1994ع)
    1. پَڪي قلعي حيدرآباد ۾ دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ وارو جمهوري عمل سنڌ جي تاريخ ڪنهن جي نالي سان محفوظ ڪندي؟
    2. ڪنهن جي سفارش، ڪير، ڪنهن کي پيو ڪري؟
    3. سنڌي ماڻهو پنهنبجي تاريخي ڌرتيءَ تي ڪائين درجي جا شهري آهن؟
    مطالبو
    • موجوده سرحد برقرار رهي نه سگھندي. هاڻي رڳو سنڌ جي ورهاست تي ڳالهه ٿيندي- الطاف حسين
    - (ذوالفقار علي) ڀُٽي سنڌ کي ٻه لساني صوبن ۾ ورهايو. سنڌي قوم پرستن اسان پاران رابطن کي ڪمزوري سمجھيو. نئين صوبي ۾ سمورا فيصلا ميرٽ تي ٿيندا. ڪوٽا سسٽم نه هلندو.
    ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين ڌار صوبو جوڙڻ جي مطالبي تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته مون مفاهمت کان به انڪار نه ڪيو آهي، پر هاڻي مفاهمت ٻن صوبن جي جوڙجڪ تي ئي ٿي سگھي ٿي. ڪراچيءَ جي هڪ روزاني اخبار جي نمائندي کي ٽيليفون تي انٽرويو ڏيندي هن زور ڏئي چيو ته مهاجر صوبو هاڻي اڻٽر آهي، ڇو ته اسان هر طرح انهن شريف ماڻهن سان لاڳاپا برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان سڀني سنڌي تنظيمن سان رابطو قائم ڪيو ته جيئن معاملا پُرامن نموني حل ٿي وڃن ۽ اسين سڀ گڏجي هڪ ئي صوبي ۾ رهي سگھون، پر انهن ان کي اسان جي ڪمزوري سمجھيو. معاملا هاڻي گھڻو اڳتي وڌي ويا آهن. سنڌي قوم پرستن جيڪي بيان ڏيڻ شروع ڪيا آهن، ان کان پوءِ ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ته سنڌ صوبي جي هاڻوڪي سرحد برقرار رهي ۽ امن به قائم ٿئي...
    (عوام، 19- نومبر 1994ع)
    1. سنڌ جي هاڻوڪي سرحد ۾ ڪير امن قائم ٿيڻ نه ڏيندو؟
    2. سنڌي قوم پرستن ڪهڙا بيان ڏنا؟
    3. الطاف حسين ڪهڙي مطالبي تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪيو؟
    4. مفاهمت ڪهڙي نُڪتي تي ئي ٿي سگھندي؟
    5. ڇا ٻيو ڪو حل آهي؟
    ٻيو ڪو به حل ناهي
    • هاڻي (ڌار) صوبي کان سواءِ ٻيو ڪو به حل ناهي.
    الطاف حسين جو طويل ترين انٽرويو (پاڪيشيا، 15- ڊسمبر 1994)
    سوچڻ گھرجي ته...
     ايم ڪيو ايم خطرناڪ ۽ جديد هٿيار وڏي پئماني تي ڇو ٿي خريد ڪري، ڪنهن خلاف استعمال ڪيا اٿس ۽ ڪنهن جي خلاف ڪم آڻيندي؟
     ايم ڪيو ايم پاران هن وقت تائين ڪيل دهشتگرديءَ سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي قوم ۽ ڌرتيءَ کي نقصان ڏنو آهي ۽ امڪانن ڪنهن ڪنهن کي آئيندي به هاڃو رَسائيندي رهندي؟ سندس تربيت يافته دهشتگرد پس و پيش ڪنهن جي خلاف وڙهندا؟
     ايم ڪيو ايم پاران مهاجر قوميت جو نعرو ۽ مهاجر قوم لاءِ ڌرتي هٿ ڪرڻ جي جدوجهد ڪنهن جي خلاف آهي ۽ ڪنهن جي خلاف رهندي؟
     جيڪا حڪومت اڄ ڏينهن تائين هتي جي تاريخي ۽ اصولي قومن کي قوم طور تسليم ڪرڻ جي منڪر آهي، ڇا ايم ڪيو ايم انهي حڪومت کان مهاجر قوم تسليم ڪرائڻ گھري ٿي يا انهن کان جيڪي ڌرتيءَ جي حقيقي قومن جو وجود تسليم ڪرائڻ گھرن ٿا ۽ انهن جا تاريخي، سياسي، معاشي، انساني وغيره حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي دعويٰ ڪن ٿا؟
     ايم ڪيو ايم پنهنجن جن جائز حقن ۽ محرومين ۽ ناانصافين ۽ جنهن استحصال جي شديد پرچار ڪندي ۽ ڍنڍورو پٽيندي رهي ٿي انهن جي پس و پيش حقيقت ڇا آهي؟
     ڇا سنڌ جا حقيقي ۽ تاريخي وارث سنڌ جي مختلف صوبن ۾ ورهاست پسند ڪندا؟
     سنڌ تي مڪمل اصولي ۽ انتظامي مالڪي ڪنهن جي هئڻ گھرجي؟
    (روزاني ”سنڌ“، حيدرآباد، 15 ۽ 16- جولاءِ 1996ع)


    ڇا ايم ڪيو ايم سنڌ دشمن ۽ دهشتگرد فطرت مَٽائي سگھندي؟

    ”عوامي آواز“ جي 13- جنوري 1997ع واري اشاعت ۾ شايع ٿيل ٻه خبرون اسان جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائن ٿيون. هڪ خبر جي هيڊنگ آهي: الطاف مهاجر لفظ تان هٿ کڻي ويو، سگھارن ادارن سان سرچاءُ. ان جي سب-هيڊنگ چوي ٿي: هاڻ هُو ايم ڪيو ايم لاءِ متحده قومي موومينٽ جا لفظ استعمال ڪندو، رليف جي خاطري. عوامي آواز جي رپورٽر ٻڌايو آهي، ته ايم ڪيو ايم جو سربراهه الطاف حسين مهاجر لفظ تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ الطاف حسين پنهنجي تنظيم کي متحده قومي موومينٽ جو نالو استعمال ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. ايم ڪيو ايم ۽ نگران حڪومت سان لاڳاپيل ذريعن کان سڌ پئي آهي، ته ملڪ جي سگھارين قوتن الطاف حسين کي مشروط طور ان ڳالهه تي راضي ڪري ورتو آهي، ته هو پنهنجي تنظيم جي پرچار متحده قومي موومينٽ جي نالي سان ڪري ته... مهاجر لفظ تان هٿ کڻڻ جي صورت ۾ سندس تنظيم کي سڄي ملڪ ۾ منظم ٿيڻ لاءِ مدد ڪئي ويندي... ۽ ماضيءَ جي روش کي تبديل ڪيو وڃي ته سندس گرفتار ساٿين کي آزاد ڪرڻ لاءِ ويچاريو ويندو... الطاف حسين پڻ کين يقين ڏياريو ته هُو پنهنجي تنظيمي سرگرمين جي پرچار متحده قومي موومينٽ جي نالي سان ڪندو ۽ کيس پڻ ”مهاجر قومي موومينٽ“ جو نه، پر متحده قومي موومينٽ جو قائد چيو ويندو. ذريعن موجب الطاف حسين کين چيو ته تنظيم جي ساک لاءِ ضروري آهي، ته سندس گرفتار ساٿين کي آزاد ڪري مٿن داخل ڪيل ڪيس واپس ورتا وڃن. چونڊن جي سلسلي ۾ سندس روپوش ساٿين کي منظر عام تي اچڻ ڏنو وڃي، ته هو ٿوري ئي عرصي ۾ پنهنجي تنظيم کي نئين سر منظم ڪري وٺندو. هن سگھارين قوتن کي يقين ڏياريو، ته سندس ساٿي ٻيهر ماضيءَ کي ڪو نه ورجائيندا.
    هن خبر مان ڄاڻ ملي ٿي ته:
    1. ملڪ جون سگھاريون قوتون ڪجھ مشروط نموني ايم ڪيو ايم کي سڄي ملڪ ۾ منظم ڪرڻ جي سلسلي ۾ مددگار ٿيڻ چاهن ٿيون، جنهن جو هڪ ثبوت ان نموني فراهم ڪيو ويندو ته دهشتگردي، قتل، اغوا، آتشزني، غنڊه گردي، داداگيري ۽ ڦرلٽ وغيره ۾ گرفتار ڪيل ۽ گھربل ايم ڪيو ايمي بدمعاشن کي هڪ پاسي آزاد ڪيو وڃي ۽ ٻئي پاسي روپوش ٿيلن کي ظاهر ٿي ”ڪم“ ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي.
    2. جيئن گذريل حڪومتن کان گھر ڪندو رهيو آهي، تيئن الطاف حسين چاهي ٿو ته سگھاريون قوتون سندس انهن ساٿين کي ڇوٽ ڇڏي ڏين، جيڪي قتل، اغوا ۽ دهشتگرديءَ جهڙن ڪيسن سبب گرفتار يا روپوش آهن، ته جيئن ايم ڪيو ايم منظم ٿي سگھي ۽ ان جي ”ساک“ بحال ٿئي.
    3. ڏوهن ۽ متاثر ٿيل ماڻهن جي حيثيت ۽ عدالتن پاران انصاف ڪرڻ ۽ انصاف پلئه وجھڻ جي حيثيت ثانوي آهي. قانون محض سودي بازيءَ لاءِ ڪم ايندڙ قوت بڻايل آهي. ذهن ۾ رکڻ گھرجي، ته مهاجر قومي موومينٽ هجي يا متحده قومي موومينٽ، تنظيمي نالي جي اختصاري صورت ۾ ايم ڪيو ايم ئي رهندي، البت مهاجر سان دائرو محدود رهندو ۽ متحده سبب وسيع ٿي ويندو. مهاجر سبب ان جو تعصبي تشخص قائم ۽ ظاهر رهندو، جڏهن ته متحده سبب ان جو غير تعصبي تشخص ٺهندو. ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم حقيقي کي مهاجر جو ٺيڪيدار ۽ چيمپئن ٿيڻ جو وجھ ملندو، جيڪا اڳ ئي کلي عام سنڌ کي ورهائڻ ۽ ڏاکڻو صوبو ٺاهڻ جي مهم هلائي رهي آهي. اهو ٻڌائڻ جي شايد ئي ضرورت محسوس ٿيندي، ته ٻئي ايم ڪيو ايمون سگھارين قوتن جي واهر سان هلي رهيون آهن ۽ سگھارين قوتن جي ناڪيلي پنجاب جي مستقل مفاد جي هٿ ۾ آهي ۽ اهو ئي پنهنجي پسند موجب ملڪ ۾ حڪومتن جي ڀڃ ڊاهه ۽ جوڙجڪ ڪري ٿو.
    ٻي خبر جي هيڊنگ آهي: ايم ڪيو ايم جي واويلا اجائي آهي، سندن آڏو ڪا به رڪاوٽ نه وڌي آهي- ممتاز ڀٽو. ان خبر جي سب-هيڊنگ چوي ٿي: مون (ممتاز ڀُٽي) وڏ وزارت سنڀالڻ کان پوءِ ساڻن (ايم ڪيو ايم وارن سان) اڳوڻيءَ حڪومت جي زيادتين جي ازالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. سندن ڪارڪن آزاد ڪيا ويا آهن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به سندن خلاف ڪاروائيءَ کان روڪيو ويو آهي. لاڙڪاڻي کان عوامي آواز جو بيورو مهدي شاهه وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته سنڌ جي نگران وڏي وزير ممتاز علي ڀُٽي ايم ڪيو ايم جي ان الزام کي بي بنياد قرار ڏنو آهي ته ايم ڪيو ايم وارن کي چونڊن کان ٻاهر رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسان ايم ڪيو ايم جا مخالف ناهيون. ان ڪري مان حڪومت ۾ اچڻ شرط هنن سان ماضيءَ ۾ ٿيل زيادتين جي ازالي جي ڪوشش ڪئي آهي. ايم ڪيو ايم خلاف ڪيترائي ڪيس واپس ورتا ويا آهن ۽ سندن بيشمار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي ۽ کين سياست ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هُو ايم ڪيو ايم خلاف ڪاروائي نه ڪن. اسان ايم ڪيو ايم کي تحفظ فراهم ڪيو آهي. ان باوجود هنن پاران شڪايتون قابل افسوس آهن.
    هن خبر مان ڄاڻ ملي ٿي ته:
    1. ايم ڪيو ايم جا اهي قاتل ۽ دهشتگرد ۽ ڌاڙا، ڦرون، لٽ مار، اغوا ۽ آتشزني ڪندڙ ڪارڪن، جن تي عوام ۽ حڪومت پاران ڪيس داخل ڪيل آهن ۽ جيڪي گرفتار ڪيل آهن، انهن تان ڪيس واپس ورتا ويا آهن. اهڙا ”بيشمار“ ايم ڪيو ايمي ڪارڪن آزاد ٿي چڪا آهن ۽ انهن سان گڏ روپوش ڏوهارين کي به اجازت ڏني وئي آهي ته ايم ڪيو ايم جي سياسي سرگرمي آزاديءَ سان ڪري سگھن ٿا.
    2. اڳوڻيءَ حڪومت اهڙن ايم ڪيو ايمي ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪري ۽ کين گرفتار ڪري زيادتي ڪئي هئي جنهن جو ”ازالو“ ان نموني ڪيو ويو آهي! اهو ڪارنامو سنڌ جي موجوده نگران وزير اعليٰ ممتاز علي ڀُٽي سرانجام ڏنو آهي، ڇو ته هُو ايم ڪيو ايم جو مخالف ناهي ۽ سونَ تي سهاڳي طور هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به هدايت ڪئي آهي، ته ايم ڪيو ايم خلاف ڪاروائي نه ڪن.
    3. ان هوندي به ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين کي شڪايت آهي ته ايم ڪيو ايم کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ نه پيو ڏنو وڃي!
    اها ڄاڻ پرائڻ کان پوءِ فطري طور ڪي سوال اُڀري اچن ٿا:
    1. ڇا عوام ۽ حڪومت پاران جن قاتلن ۽ دهشتگردن ۽ لٽيرن خلاف ڪيس داخل آهن، اهي سڀ اجايا ۽ غير ضروري آهن؟ جي ها، ته پوءِ ڇو نه سڄي ملڪ جي سڀني جيلن ۾ قيد سڀني ڏوهارين ۽ ملزمن کي ڇڏي ڏنو وڃي ۽ ڇو نه سڀني ملزم ڀاڄوڪڙن خلاف داخل ڪيل ڪيس واپس ورتا وڃن!؟ ايم ڪيو ايم جي پاڇي ۾ پلجندڙ قاتلن، دهشتگردن ۽ ڏوهارين خلاف اها رعايت ڇو؟ ڇا هن ملڪ ۾ ٻن قسمن جو قانون آهي؟
    2. ايم ڪيو ايم ڇو هزارين قاتلن، دهشتگردن ۽ ٻين ڏوهارين کي پنهنجي پناهه ۾ پالڻ ضروري سمجھيو آهي؟ غوث علي شاهه کان ويندي ممتاز علي ڀُٽي تائين گذريل ڏهن سالن دوران سنڌ جو اهو ڪهڙو وڏو وزير آهي، جنهن کان ايم ڪيو ايم اهو مطالبو نه ڪيو هجي ته سندن ڇانوَ ۾ پلجندڙ دهشتگردن ۽ ڏوهارين کي آزاد ڪيو وڃي؟
    3. پاڪستان ۾ قانون ۽ عدليه جي حيثيت ڪهڙي آهي؟ ڇا اهي رڳو حڪمرانن جي مرضيءَ تي ڪنهن به مهل بيشمار ڏوهاري ڇڏي ڏيڻ لاءِ آتا رهن ٿا؟ جن ماڻهن جي جان، مال، عزت ۽ حق کي انهن قاتلن، دهشتگردن ۽ ڏوهارين کان نقصان پهتو، ان جو انصاف ڪير پلئه وجھندو؟ ڇا ان عمل وسيلي سڄي ملڪ جي بدمعاشن کي اهو سبق نه ٿو ملي، ته اهي به ڪنهن نه ڪنهن نام نهاد سياسي ۽ در حقيقت دهشتگرد پارٽيءَ ۾ وڃي پناهه وٺن؟ ڇا دهشتگرديءَ کان متاثر ٿيل ماڻهو قانون ۽ عدالت جو در کڙڪائڻ ڇڏي ڏين؟ پوءِ اهي ڪاڏي وڃن ۽ ڇا ڪن؟
    4. ڇا ايم ڪيو ايم ايڏي اشراف تنظيم آهي، جو هزارين قاتلن، دهشتگردن ۽ ڏوهارين کي پالڻ، انهن جو ڀرجھلو ٿيڻ ۽ پاڻ وٽ رکڻ باوجود زباني طرح جيڪڏهن اهو چوي ٿي، ته اها ماضيءَ کي نه ورجائيندي، ته مٿس اعتبار ڪجي؟ ڇا ان ڪڏهن اهو مڃيو آهي، ته اها برابر ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث رهي آهي ۽ سندس ڪارڪن ڏوهاري آهن؟
    5. 1989ع واري پ پ حڪومت ۽ اڄوڪي نگران وزير اعليٰ ممتاز علي ڀُٽي جي بيانن ۾ ايم ڪيو ايم جي حوالي سان ڪهڙو فرق آهي؟ ڪالهه ان دهشتگردن سان ٺاهه ڪيو ۽ ڪيترن ئي ڏوهارين کي ڇڏيو. اڄ هي رڳو ان کي راضي رکڻ لاءِ پيو ڏوهاري ڇڏي، پر پوءِ به ڇا ايم ڪيو ايم راضي ٿي؟ ايم ڪيوايم ته آهي ناجائز ۽ غير قانوني مطالبا ڪندڙ تنظيم. اها ته تڏهن به مطالبن جي سياست ڪندي هئي جڏهن ڄام صادق سان گڏائي سنڌ جي اڇي ڪاري جي مالڪ بڻائي وئي هئي! پوءِ اڄ کانئس ڪيئن ٿي اميد رکي وڃي، ته اها سنڌ جي علائقي تي قبضو ڪرڻ ۽ پاڪستان ٽوڙي مهاجرن لاءِ بين الاقوامي سرحدون مقرر ڪرڻ کان گھٽ مطالبي تي راضي ٿي ويندي!؟
    سنڌ/پاڪستان سان حبداريءَ خلوص ۽ وفاداريءَ جا اهي ٺيڪيدار ۽ چيمپئن جيڪي ايم ڪيو ايم سان ياريءَ ۽ ڀائپيءَ جون ڳالهيون ڪندي ٿڪجن ئي ڪو نه ٿا، جيڪي دهشتگردن جي مارجڻ ۽ قيد ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي ٽارزنن سان گڏجي ”رنج و الم“، ”غم و اندوهه“ جا ڪوڪارا ڪندي پاڻ پَٽي رهيا آهن، جن جي واڇن مان گِڦ نه ٿي سُڪي، مٿو ڌوڙِ ۽ مُنهن ڇائِي ڪري ڇڏيو اٿن، اهي جيڪا وڻين نڪ جي پَڪائي ڪندي، رڳو ڪجھ گھڙين لاءِ پنهنجن بنا بريڪ سڏڪن کي روڪي ۽ ٻه منٽ فضيلت سان انسانن جيان ڳالهائڻ جي همت ڪندي، گھٽ ۾ گھٽ ايترو ته ٻڌائڻ جي تڪليف گوارا ڪن، ته ايم ڪيو ايم پنهنجي وجود جي پهرئين ڏينهن کان اڄ تائين اهو ڪهڙو عمل ڪيو آهي جيڪو ڪنهن به طرح سنڌ/پاڪستان سان وفاداريءَ ۽ سڄڻائپ جي دائري ۾ آڻي سگھجي، جنهن کي سنڌين/پاڪستانين سان خلوص جي مثال يا شاهديءَ طور پيش ڪري سگھجي يا گھٽ ۾ گھٽ ايترو ته ٻڌايو، ته آخر اوهان کي ايم ڪيو ايم جي پيٽ ۾ پلجندڙ قاتلن، دهشتگردن ۽ ڏوهارين سان ئي همدردي ڇو آهي؟ اسان کي حيرت آهي ته فاروق دادا، ريحان ڪاڻي، ارشد ڪي ٽو ۽ جاويد تِيلي جھڙن بي رحم قاتلن ۽ ڄاتل سڃاتل دهشتگردن جي موت تي ته اوهان جي اکين مان ڳوڙها وهي هلن ٿا (سُڪن ئي نه ٿا) ۽ سڏڪن ۾ پئجي ٿا وڃو، پر انهن ۽ اهڙن جي هٿان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٻورين ۾ بند ڪيل، بغلن ۾ پيچڪش چڀائي ساڙيل ۽ هڏين ۾ ڊرل مشينن سان سوراخ ڪري چچري ماريل بيگناهه ماڻهن جي موت تي هڪ لفظ نه ٿو اُڪلي! اهڙن ماڻهن کي قاتلن جو يار ۽ انسانيت جو غدار ڇو نه سڏجي؟
    ايم ڪيو ايم جي حقيقت ۽ فطرت
    1. 10- جُون 1978ع تي آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ جي پٺيان ”گلبرگ“ ريسٽورنٽ ۾، جيڪو هاڻي ”فوڊ هِي فوڊ“ ريسٽورنٽ سڏجي ٿو، هڪ پريس ڪانفرنس وسيلي ”آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن“ (اي پِي ايم ايس او) جي قيام جو اعلان ڪيو ويو. اي پِي ايم ايس او جي اغراض يعني منشور جو هڪ نمايان نُڪتو چوي ٿو: ”سنڌ ۾ مهاجرن کي آباديءَ جي نسبت سان اقتدار ۽ ملازمتن ۾ حصو ڏيارڻ، ٻيءَ حالت ۾- پاڪستان جي وفاق ۾ مهاجرن لاءِ هڪ الڳ پنجون صوبو وجود ۾ آڻڻ لاءِ آئيني جدوجهد ڪرڻ.“
    2. 14- آگسٽ 1979ع تي قائداعظم محمد علي جناح جي مزار سامهون هڪ مظاهري ۾، جيڪو آفاق شاهد ۽ حسيب هاشميءَ پاران بهارين کي سنڌ ۾ گھرائڻ لاءِ منظم ڪيو ويو هو، الطاف حسين پهچي ويو ۽ نعرا هڻندي پاڪستان جي قومي جھنڊي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيائين. ڪجھ عرصو پوءِ آمريڪا ويو ۽ جڏهن موٽيو ته جادوئي نموني وڏو ليڊر بڻايو ويو.
    3. 18-مارچ 1984ع تي مهاجر قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي قيام جو اعلان ڪيو ويو. اي پِي ايم ايس او جي اغراض و مقاصد جو پهريون نُڪتو هو: پاڪستان جي رهاڪن جي وچ ۾ احترام ۽ برابريءَ جي بنياد تي اتحاد ۽ يڪجهتي پيدا ڪري پاڪستان کي وڌ ۾ وڌ مستحڪم ۽ طاقتور ٺاهڻ، جيڪو ايم ڪيو ايم جي اغراض و مقاصد مان خارج ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم جي هڪ بانيڪار ميمبر، طارق مهاجر، چواڻي: ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ٽوڙڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي. (ڏسو: تڪبير، 9- جولاءِ 1992ع)
    4. 1980ع ۾ عظيم احمد طارق اي پِي ايم ايس او جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان تنظيم جي پروگرام ۽ مقصدن جي باري ۾ هڪ پمفليٽ لکيو هو، جنهن ۾ چيو ويو: ”مهاجرن کي سندن حقن جي تحفظ لاءِ انهن جي اعليٰ تهذيبي ۽ تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي واڌاري لاءِ هڪ صوبو فراهم ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته برصغير جي اردو ثقافت بي زمين هوندي به پنهنجي ڪردار نڀائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي، پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان کي به زمين فراهم ڪري ڏني وڃي. (ڏسو: الطاف حسين ڪي عزائم اور ارادي، ص 163 ۽ 166)
    5. 31- آڪٽوبر 1986ع تي حيدرآباد جي پَڪي قلعي ۾ تقرير ڪندي، الطاف حسين چيو: ”اڳ ۾ اسين آزاديءَ لاءِ وڙهي رهيا هئاسون، آزادي حاصل ڪري ورتي، ته هاڻي وطن ڳولي رهيا آهيون... ضرورت پئي ته بندوق وسيلي به حق حاصل ڪرڻ کان نه لنوائينداسون. اسان جي آڏو رڳو هڪ رستو آهي ۽ اهو آهي فتح يا موت.“ (ڏسو: امن، 1- نومبر 1986ع)
    6. 8- آگسٽ 1986ع تي ڪراچي جي نشتر پارڪ ۾ جلسو ڪندي، الطاف حسين چيو: اسان پنهنجي سِر سان ڪفن ٻڌي ڇڏيو آهي. پنهنجن مقصدن جي تڪميل لاءِ اسان کي جتان به مدد ملندي، اها وٺنداسون، پوءِ اها اوڀر کان ملي يا اولهه کان، اتر کان ملي يا ڏکڻ کان. سنڌين جيڪڏهن مهاجرن جي حقن لاءِ ساٿ نه ڏنو ۽ انهن کي قوميت تسليم نه ڪيو، ته اهي به پنهنجا حق حاصل نه ڪري سگھندا... مهاجر هڪ الڳ قوميت آهن، اسان کي جيڪڏهن آئيني تحفظ نه مليو ته... پاڪستان... بچي نه سگھندو.“ (ڏسو: جسارت، 9- آگسٽ 1986ع)
    7. 19- نومبر 1994ع تي روزنامه عوام خبر ڏني ته: ”موجوده سرحد برقرار نهين رهه سڪتي، اب صرف سنڌ ڪِي تقسيم پر بات هوگي- الطاف حسين“ خبر ۾ ٻڌايو ويو ته ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين مهاجر صوبو جوڙڻ جي مطالبي تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن چيو آهي ته ”مون مفاهمت کان به انڪار نه ڪيو آهي، پر هاڻي مفاهمت رڳو ٻن الڳ صوبن جي جوڙجڪ تي ئي ٿي سگھي ٿي.“ سنڌ ۽ پاڪستان سان حبداريءَ جا دعويدار ايم ڪيو ايم جي سپرمين ۽ سپريم ليڊر جي انهن بيانن جي ڪهڙي وضاحت ڪندا. اهي بيان اهڙن هزارين بيانن مان ڪجھ آهن، خرارن مان رڳو هڪڙي مٺ سنڌ/پاڪستان جي حبداري جا ٺيڪيدار ايم ڪيو ايم جي رڳو ڪنهن هڪ اهڙي عمل جي نشاندهي ڪن، جيڪو سندن عقل موجب سنڌ/پاڪستان سان وفاداريءَ ۽ خلوص جو مظهر هجي. اسان جي دعويٰ آهي ته هر هڪ مثال جي موٽ ۾ ايم ڪيو ايم پاران هڪ سوَ کان وڌيڪ انسان دشمن، سنڌ دشمن ۽ پاڪستان دشمن مثال پيش ڪنداسون. ايم ڪيو ايم پاران دهستگردن، قاتلن ۽ بدمعاشن سان سڪ پريت جا هيٺ رڳو ڪجھ مثال پيش ڪجن ٿا: مهاجرن کي هٿيارن جا لائسنس جاري ڪيا وڃن. الطاف حسين (امن 13 جون 1987ع) (نوٽ: الطاف حسين پاران مهاجر لفظ جو استعمال مختلف مقصدن لاءِ مختلف مفهومن ۾ استعمال ٿيندو رهندو آهي. هتي ۽ اهڙن ٻين بيانن ۾ مهاجر جو مطلب آهي ايم ڪيو ايم جا تربيت يافته دهشتگرد. اردو ڳالهائيندڙ رڳو ايم ڪيو ايم جا حمايتي ناهن، اهي ٻين ڪيترين ئي تنظيمن ۾ پڻ آهن، جن سان ايم ڪيو ايمي دهشتگرد وڙهندا ئي رهيا آهن، تنهنڪري هٿيار ڏيڻ جو مطالبو انهن لاءِ ناهي.) 31 آڪٽوبر 1986ع تي حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ جلسو ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ جيڪي ڪيمپون قائم ڪيون ويون، انهن ۾ پٺاڻن خلاف گاريون ڪڍيون ويون ۽ کانئن زوريءَ چندو ورتو ويو. ان تاريخ تي حيدرآباد ويندي سهراب ڳوٺ وٽ پٺاڻن تي فائرنگ ڪئي وئي. انهي سلسلي ۾ جڏهن الطاف حسين سميت ڪي ئي ٻيا به گرفتار ڪيا ويا، تڏهن 27- ڊسمبر 1986ع تي ايم ڪيو ايم جو هڪ اعليٰ سطحي وفد سنڌ جي گورنر ليفٽيننٽ جنرل جهانداد خان ۽ وزيراعليٰ سيد غوث علي شاهه سان ملاقات ڪئي ۽ پنهنجن ٽن نڪتن وارن مطالبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اهي ٽي نڪتا هئا: الطاف حسين جي آزادي، (ايم ڪيو ايمي ڪارڪنن تي داخل) ڪيسن جي واپسي ۽ متاثر ٿيل ماڻهن جي مدد. (نوائي وقت، 28- ڊسمبر 1986ع). 3- ڊسمبر 1988ع تي پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ 59 نڪاتي هڪ ٺاهه ٿيو، جنهن کي ڪراچي-معاهدي جو نالو ڏنو ويو. ”معاهدو ڇو ڀڳو؟“ جي عنوان هيٺ اقبال يوسف لکي ٿو: مختصر جواب هي آهي ته جن قوتن ايم ڪيو ايم کي پ پ پ سان ٺاهه جي موڪل ڏني هئي، انهن ئي قوتن ايم ڪيو ايم کي معاهدي کان ڌار ٿيڻ جو حڪم ڏنو. اها به تلخ حقيقت آهي، ته الطاف حسين ڪنهن ٻئي جي اشارن تي راند پيو کيڏي... ايم ڪيو ايم جون مجرماڻيون سرگرميون وڌنديون پئي ويون، هن جا ڪارڪن ڏوهن ۾ ملوث هئا، ان جي وزيرن جون سرڪاري گاڏيون هٿيار ڍوئڻ لاءِ استعمال پئي ٿيون. ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد بلديائن جا سمورا وسيلا ايم ڪيو ايم پنهنجي سياسي ۽ غير سياسي ۽ ڏوهاري سرگرمين لاءِ ڪم آڻي رهي هئي.“ (ڏسو: ڪراچي پيپرز، ص 47-48). 22- سيپٽمبر 1989ع تي ڪراچيءَ جي ڊِي آءِ جِي افضل شگريءَ جي رپورٽ ۾، جيڪا ’دي مسلم‘ ۽ ’ڊيلي نيوز‘ ۾ شايع ٿي، چيو ويو ته ”ايم ڪيو ايم سياسي نه، پر دهشتگرد جماعت آهي. هن تنظيم جا جيڪي مقصد ظاهري طرح بيان ڪيا پيا وڃن، اهي درحقيقت ان جا اصلي مقصد ناهن. هيءَ تنظيم اڃا وڌيڪ هٿياربند ٿي، پاڪستان خلاف خطرناڪ قوت بڻجي اڀرندي.“ 23- آڪٽوبر 1989ع تي ايم ڪيو ايم پاران معاهدو ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ اهو به چيو ويو ته اسان هڪ مهينو اڳ ئي (ڳجھ ڳوهه ۾) آءِ جي آءِ سان اتحاد ڪري ڇڏيو هو. اهڙيءَ طرح ايم ڪيو ايم پنهنجي سازشي ڪارڪردگيءَ تان پاڻ ئي لَٽو لاهي ڇڏيو، پر عادت موجب ٺاهه ٽوڙڻ جو الزام پ پ پ تي ئي آندو. 1989ع دوران دهشتگردي، قتل، اغوا وغيره جھڙن ڏوهن ۾ ملوث ۽ گرفتار ڪارڪنن کي بيگناهه قرار ڏيندي، انهن جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو. حڪومت مطالبو مڃڻ کان انڪار ڪيو ته ايم ڪيو ايم حڪومت خلاف مهم هلائيندي پنهنجن دهشتگردن کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو ۽ 1990ع جي پهرين ڇهن مهينن ۾ 400 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ڪرائي ڇڏيا.
    ڄام صادق علي ۽ الطاف حسين جي اتحاد سان هاڻي سنڌ ۾ اها حڪومت ٺهي، جيڪا پاڪستان جي سڄي تاريخ دوران ڪيل ظلمن جي ڀيٽ ۾ هزارين ڀيرا وڌيڪ بدترين، وحشي، ظالم ۽ داداگير حڪومت هئي ۽ مرڪز ۾ ان جو اتحادي نواز شريف هو. اسٽيل مل جي خزاني سان لوهي در ٺهيا ۽ مختلف پاڙن جي اهم لنگھن تي ٺوس ڪنڪريٽ ۾ کوڙي ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن کي ايم ڪيو ايم جي حاڪميت هيٺ مفتوح بڻايو ويو، جتي ڪي ئي اذيت گھر قائم ٿيا ۽ ماڻهن تي بدترين تشدد ڪيو ويندو هو. ايم ڪيو ايم پنهنجن غدارن لاءِ موت جو پيغام ڏيندڙ بينر نمايان جڳهن تي هنيا ۽ گولين جو مينهن وسائڻ لاءِ ڪلاشنڪوفن جا وات کولي ڇڏيا. الطاف حسين ”ڪرامتون“ ڏيکاريندڙ پير صاحب بڻجي ويو، ايتريقدر جو جمال گھوٽي جي پنن تي به مُڇون رکندڙ الطاف حسين جون تصويرون اڀري آيون! هن دور ۾ 37 ته رڳو اهي پوليس آفيسر قتل ڪيا ويا، جن الطاف حسين جو هٿيار ٿيڻ کان انڪار ڪيو، دهشتگردن تي قانون موجب ڪيس داخل ڪيا ۽ انهن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ئي دور ۾ پريس خلاف بدترين دهشتگرديءَ جو مظاهرو ٿيو، بندوق جي زور تي اخبارون ۽ رسالا ڦريا ويا ۽ ڪيترن ئي صحافين تي حملا ٿيا. ٻئي پاسي ڄام صادق جون انتقامي ڪاروايون ۽ ارهه زورايون جاري هيون، تان جو قبر ڀيڙو ٿيو. سنڌ ۾ ڏوهه ان حد تائين وڌي ويو ۽ اهو به خود حڪومت پاران، جو ڏوهارين خلاف فوجي ڪاروائي جي گھرج اڻٽر بڻجي وئي. ان وقت خود ملڪ جي صدر غلام اسحاق خان کي چوڻو پيو ته، ”سنڌ آپريشن حڪومت ۾ موجود دهشتگردن جي سڃاڻپ لاءِ ڪيو پيو وڃي.“ (ڏسو: 21- جون 1992ع جون سڀ اخبارون.) ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ مهذب ماڻهو مرحوم محمد خان جوڻيجي چيو، ته ايم ڪيو ايم هڪ دهشتگرد تنظيم آهي. (ڏسو: دي مسلم، 20- جون 1992ع) ۽ ان وقت ملڪ جي فعال وزيراعظم مسٽر نوازشريف کي ته ڏاڍي وڏي ڳالهه ڪرڻي پئي. هن چيو، ”پاڪستان کي بچائڻ لاءِ سنڌ ۾ آپريشن ڪيو پيو وڃي.“ (ڏسو: 22- مئي 1992ع جون سڀ اخبارون) ۽ هن اعلان ڪيو ته: اذيت گھر قائم ڪرڻ وارن کي ڀڄڻ نه ڏنو وڃي. (ڏسو: 27- جون 1992ع جون سڀ اخبارون) اڄ ملڪ جي صدر فاروق لغاريءَ انهن ڏينهن ۾ چيو هو: ايم ڪيو ايم جي عمران فاروق جو تعلق ڀارتي انٽيليجنس ايجنسي ”را“ ۽ ڀارتي ملٽري انٽيليجنس سان آهي. ان ڳالهه جي وزيراعظم نوازشريف کي خبر آهي، پر هُو عمران فاروق کي گرفتار ٿيڻ نه ٿو ڏئي.“ هن وڌيڪ چيو ته فوج جي ترجمان چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جناح پور ٺاهڻ گھري ٿي، پر ايم ڪيو ايم کي موجوده حڪومت تحفظ ڏئي رهي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته نوازشريف کي خوف آهي ته الطاف حسين سندس سازشن کي بي نقاب نه ڪري رکي. (ڏسو: نوائي وقت، راولپنڊي، 1- سيپٽمبر 1992ع)
    ڪالهوڪو وزيراعظم نوازشريف، جنهن چيو هو ته اذيت گھر قائم ڪرڻ وارن کي ڀڄڻ نه ڏنو وڃي ۽ سنڌ ۾ آپريشن پاڪستان کي بچائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، ۽ اڄوڪو صدر فاروق لغاري، جنهن ڪالهه چيو هو ته نواز شريف حڪومت ايم ڪيو ايم ۽ ڀارتي انٽيليجنس ايجنسين جي ايجنٽن کي پناهه ۽ تحفظ پئي ڏئي. اڄ اهي ٻئي ايم ڪيو ايم جا عاشق ٿي پيا آهن. نوازشريف کي ايم ڪيو ايم خلاف پنهنجي ئي جاري ڪيل فوجي آپريشن هڪ بدمعاشي پئي نظر اچي ۽ فاروق لغاري پاڻ ويٺو ”ايم ڪيو ايم خلاف ظلمن“ جو گيت ڳائي ۽ پنهنجي مقرر ڪيل نگران وزيراعليٰ ممتاز علي ڀٽي وسيلي ”بيشمار“ دهشتگرد پيو آزاد ڪرائي. سمجھ ۾ نه ٿو اچي، ته اقتدار جي بکين پاڪستاني حڪمرانن وٽ ميڻ جو نڪ آهي يا لوسڻ جو! انهي آپريشن دوران 22 کان وڌيڪ اذيت گھر ڳولي لڌا ويا، جتي سوين ماڻهن کي مختلف انسانيت سوز اذيتون ڏئي ماريو ويو هو ۽ هزارن جي ڳڻپ ۾ ڪلاشنڪوفون، رائيفلون، پستول، ريوالور ۽ ٻيا هٿيار ۽ لک کان وڌيڪ گوليون هٿ ڪيون ويون. اشفاق چيف جهڙا ڪي ئي دهشتگرد گرفتار ٿيا، جن ڀارتي تربيتي ڪئمپن ۾ سکيا وٺڻ کان سوين انسانن جي قتل تائين جو اعتراف ڪيو. جنرل آصف نواز چيو: ”ماڻهو ايم ڪيو ايم جي ظلمن ۽ قائم ڪيل گھيري کان تنگ ٿي پيا هئا.“ (ڏسو 23- جون 1992ع جون سڀ اخبارون) پر الطاف حسين جو اهو ئي رينگٽ جاري رهيو، ته ايم ڪيو ايم جي معصوم ۽ بيگناهه ڪارڪنن تي ظلم پيو ٿئي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي اطلاعات سيڪريٽري امين الحق ”دهشتگرد“ جي جاءِ تي ”مهاجر“ جو لفظ ڪم آڻيندي پنهنجي مرشد جا لفظ ورجايا ته مهاجرن سان غداري ڪئي وئي آهي. (ڏسو: پاڪستان ٽائمز، 25- جون 1992ع)
    6. ايم ڪيو ايم ڪي ئي ٽارچر سيل (اذيت گھر) قائم ڪري رکيا هئا، جن مان هڪ لائنز ايريا ۾ هو جنهن جو انچارج جاويد لنگڙا هو، جيڪو آپريشن هلندي ڀارت ڀڄي ويو، جتي سندس ڀاءُ بي جي پِي جو اهم اڳواڻ آهي. جاويد لنگڙا تي چاليهن کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن. سڄي علائقي کي لوهي دروازن سان قلعي بند ڪيو ويو هو. ڊپٽي ڪمشنر جي چوڻ موجب، اسان کي لوهي دروازي کان اڳتي وڃڻ نه ڏنو ويندو هو. (نوائي وقت، 26 جولاءِ 1992ع) ۽ رينجرس جي ڪرنل صفدر جي چوڻ موجب، اسان ڪي ئي ڀيرا لائنز ايريا ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر علائقي جي عوام جي سلامتيءَ ۽ تحفظ کي خطري سبب ائين نه ڪري سگھياسون. (ڏسو: نوائي وقت، 22- جون 1992ع) اهو اذيت گھر هڪ ڪواٽر ۾ قائم هو جنهن جي چوديواري ۾ اسٽيل جون پليٽون چڙهيل دريون ٺهيل هيون، جتان فائرنگ ڪري ماڻهن کي دهشتزده ڪيو ويندو هو. سڄي ڪراچي مان گھربل گھڻن ايم ڪيو ايم جي ڏوهارين کي هتي آندو ويندو هو ۽ الطاف حسين جي حڪم تي گھٽ ۾ گٽ 45 ماڻهن کي ڦاسي ڏني وئي هئي. خالد نعيم عرف خالد ڪمشنر جي چوڻ موجب، هتي ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) سان اختلاف رکندڙن کي وحشتناڪ سزائون ڏنيون وينديون هيون، ڊرل مشينن، لوهه جي سيخن، زنجيرن، ڦاهي جي ڦندن ۽ بجلي جو جھٽڪو ڏيندڙ اوزارن سان اذيتون ڏنيون وينديون هيون. سهيل جاويد کي زمين هيٺ پاڻيءَ جي ٽئنڪي ۾ ٻوڙي ماريو ويو. لاشن کي مختلف هنڌن تي ڦٽو ڪرڻ جو ڪم آءٌ (خالد) ڪندو هئم... جاويد لنگڙو ايم ڪيو ايم پاران ڪيل دهشتگردي جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪاروائين جو مُک ڪردار هو.
    7. ايم ڪيو ايم جي ”دهشت جي علامت“ سمجھيو ويندڙ دهشتگرد اشفاق چيف ٻڌايو ته 8 ماڻهن کي سليم شهزاد جي حڪم تي اغوا ڪيو، پيلي ڪوٺي (هڪ ٽارچر سيل) ۾ ڪرفيو سبب نه پهچائي سگھيم، ته انهن کي گولي هڻي ڇڏي. لاشن کي منگھو پير جي علائقي ۾ ساڙي ڇڏيو، قصبه ڪالوني ۾ سنڌين جي گھرن کي باهيون ڏنيون. بدر اقبال ۽ عامر خان کي قتل ڪرڻ جو حڪم مليو، هڪ پجيرو جيپ ۾ انهن جي موجودگيءَ جي شڪ سبب فائرنگ ڪئي، ته ان ۾ ويٺل پير پاڳاري جو نياڻو مارجي ويو. ڪائونسلر انور کي الطاف حسين جي باڊي گارڊ شوبي قتل ڪيو هو. شوبي عرف شعيب، الطاف حسين کي ڏاڍو ويجھو هو. هن هڪ ڏينهن مشهور ڳائڻي سان الطاف حسين کي اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏسڻ جو ڏوهه ڪيو، تنهنڪري الطاف حسين جي هدايت تي سليم شهزاد هٿان ماريو ويو. ”تڪبير“ جي ايڊيٽر جو گھر اسامه قادري جي نگراني ۾ ساڙيو ويو هو. (ڏسو: نوائي وقت، 21- آڪٽوبر 1992ع ۽ 23- آڪٽوبر 1992ع) ڪجھ عرصو پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي، اشفاق چيف وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي قتل ڪرڻو آهي. اهي هدايتون صفدر باقري ۽ سليم شهزاد ڏيندا هئا. ايم ڪيو ايم پاران جيڪا ”شرفا ڪميٽي“ ٺاهي وئي هئي ان جا ميمبر اهي هئا، جيڪي پاڻ کلي عام دهشتگردي ڪندا هئا. ڪو زمانو هو، جو مان به ايم ڪيو ايم کي مظلومن جي پارٽي سمجھندو هئم پر جڏهن به ڪنهن بيگناهه جي قتل جي خبر ٻڌندو هئم. ته دلي رنج ٿيندو هو.“
    8. جسارت 18- آگسٽ 1994ع، خبر ڏني ته دهشتگرد اشرف لنگڙا اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سبب مارجي ويو. سندس قريبي ساٿي ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو سيڪٽر انچارج خرم زخمي حالت ۾ اسپتال مان ڀڄي ويو. اشرف لنگڙو ڪجھ مهينا اڳ جيل مان آزاد ٿيو هو، سندس گھر ڀاتين چيو ته اشرف کي جڙتو پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو آهي. خبر ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ”گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اشرف لنگڙي جون پوليس ۽ فوج تي هٿياربند ڪاهون جاري هيون ۽ پوليس هن جي علائقي ۾ داخل ٿيڻ کان ڊڄندي هئي.
    9. اشفاق چيف، جاويد تيلي، فاروق دادا، فهيم ڪمانڊو، جاويد لنگڙا، نديم ڪمانڊو، ارشد ڪي ٽو، مجيد ڌوٻي، علي موٽا ۽ اهڙن ٻين سوين دهشتگردن جيان ايم ڪيو ايم جو هڪ دهشتگرد ريحان ڪاڻو به هو. 28- آگسٽ 1972ع تي لياقت آباد-1 ۾ پيدا ٿيندڙ ننڍڙي ڄمار واري دهشتگرد کي پڻ اشفاق چيف ۽ ڪيترن ئي ٻين جيان دهشت جي علامت طور سڃاتو ويندو هو. پوليس رڪارڊ موجب 1992ع ۾ مخالف ٽولي جي هڪ نوجوان سميع کي قتل ڪرڻ کان پوءِ ڏوهاري بڻجندڙ هن دهشتگرد نَڄاڻ ڪيترا قتل ڪيا ۽ نڄاڻ هن ڪيترن ماڻهن کي پنهنجي حڪم تي پنهنجي ڪوبرا گروپ وسيلي قتل ڪرايو. سوين ماڻهن رڳو هن جي ڊپ کان علائقي مان لڏي ويا ۽ هزارين ماڻهو سندس علائقي ۾ ويندي ڊڄندا هئا. ٻورين ۾ بند لاش ملڻ کان پوءِ هن شخص کي ٻوري جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. پهرين آڪٽوبر 1994ع تي لياقت آباد جي خالد بن وليد مارڪيٽ ۾ ڇهن ماڻهن کي ماري ڇڏيائين. لياقت آباد جي ئي سپر مارڪيٽ ۾ ٻي منزل تي قائم سب رجسٽرار جي آفيس ۾ 10 ماڻهن کي گولين سان پروڻ ڪيائين ۽ پاڪ ڪالوني ۾ ايم ڪيو ايم حقيقي جي آفيس تي چڙهائي ڪري 12 ڪارڪنن جا هٿ پير ٻڌي گولين جو مينهن وسايائين، ڪراچي ضلعو مرڪزي (لياقت آباد) جي پنجن ٿاڻن تي 1993ع کان 1996ع تائين ريحان ڪاڻي خلاف 66 ڪيس داخل ٿيا، جن مان 26 قتل جي سلسلي ۾ هئا جن موجب هن ڪل 50 ماڻهو قتل ڪيا. 24 ورهين جو ريحان ڪاڻو ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن جي سڀ کان خطرناڪ ٽولي ”ڪوبرا گروپ“ جو سربراهه ڪيو ويو، جنهن کي فاروق دادا جي موت کان پوءِ اها ذميواري ڏني وئي. هو ڪيترن ئي ڌاڙن ۽ سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي ساڙڻ جي ڏوهن ۾ پڻ ملوث هو. هن جي منطقي موت تي ڏک جا واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙيندي، هڪ معصوم حق پرست جو بيهماڻو قتل سڏيندي هڙتال جو اعلان ڪيو (ڏسو: ڪراچي ۾ دهشتگردي ڪي داستان ص 224-230).
    اسان هتي بلڪل ٿورا ۽ مختصر مثال ڏنا آهن، ته جيئن ايم ڪيو ايم جي فطرت جي مختلف پاسن جي جھلڪ نظر اچي سگھي. هاڻ جيڪڏهن اهو ياد رکون، ته آڪٽوبر 1993ع جي عام چونڊن ۾ الطاف گروپ پاڻ ئي قومي اسيمبليءَ جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪندي، پر صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ حصو وٺندي سگھارين قوتن تي اهو الزام آندو ته کيس قومي اسيمبليءَ جي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ نه ڏنو هو، ته سولائيءَ سان ان نتيجي تي پهچي سگھجي ٿو ته ايم ڪيو ايم سدائين بليڪ ميلنگ جي سياست ڪندي رهي آهي. پنهنجي پاران ڪيل بدمعاشين جو الزام ٻئي تي آڻيندي، ڪوڙ کي سچ ۽ سچ کي ڪوڙ چوندي، دهشتگردي ۽ انسانيت سوز ڏوهه ڪندي، پنهنجي وطن جي غدار، لالچي ۽ بدمعاش تنظيم آهي جيڪا ڪنهن به طرح ۽ ڪيڏين به وڏين رعايتن تي راضي نه ٿيڻ وارو رويو رکي ٿي. ايتريقدر جو نگران حڪمران جڏهن پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي ئي قانون جي لتاڙ ڪندي، عدالتن کان مٿان ئي مٿان ايم ڪيو ايم جا ”بيشمار“ بدمعاش ۽ دهشتگرد آزاد ڪري چڪا آهن، تڏهن به ايم ڪيو ايم جي رڙ مٿان رڙ پئي پوي، ته اسان کي آزاديءَ سان چونڊن ۾ حصو وٺڻ نه ڏنو پيو وڃي. مضمون جي اڳ ۾ ڄاڻايل خبرن جي چوٿين ڏينهن تي اسلام آباد جي بيورو رپورٽر جي خبر ڇپي آهي ته ”صدر لغاري پاران ايم ڪيو ايم کي رعايتون، مک اڳواڻ آزاد ڪرڻ جو حڪم. انهي خبر جي سب هيڊنگ چوي ٿي: ايم ڪيو ايم جي شڪايتن جو ازالو ڪري هڪ هفتي اندر کين رليف پئڪيج ڏنو وڃي، سنڌ حڪومت کي هدايتون جاري. ايم ڪيو ايم کي تازي رليف پئڪيج هيٺ هڪ سَو کان وڌيڪ اهم ايم ڪيو ايمي اڳواڻ ۽ ڪيترائي ڪارڪن آزاد ٿي ويندا- ذريعا (ڏسو: عوامي آواز، 17- جنوري 1997). ايم ڪيو ايم بابت گذريل ڏهاڪو سالن جو تجربو ٻڌائي ٿو ته ايم ڪيو ايم ان رعايت تي به راضي نه ٿيندي، پر حڪمرانن جو اهو ”ايم ڪيو ايم جي شڪايتن جو ازالو“ ايم ڪيو ايم لاءِ رليف پيڪيج وارو رويو ثابت ٿو ڪري ۽ سبق ٿو ڏئي ته:
    1. پاڪستان ۾ قانون ۽ عدالتن جي حيثيت حڪمرانن جي نظر ۾ رڳو هڪ اهڙي هٿيار جهڙي آهي، جنهن کي پنهنجي مرضيءَ سان، جيئن وڻين تيئن ۽ جنهن جي خلاف يا حمايت ۾ چاهن، ان جي خلاف يا حمايت ۾ استعمال ڪري سگھن ٿا. اهڙي طرح قانون ۽ عدالت جي حيثيت ثانوي ٿي پوي ٿي ۽ ماڻهن کي گھرجي ته انهن تي اعتماد نه ڪن.
    2. جيڪي به سماج دشمن ۽ عوام دشمن ڏوهاري آهن، انهن کي گھرجي ته اهي ايم ڪيو ايم جھڙين بدمعاش ۽ دهشتگرد تنظيمن جي جھنڊي هيٺ جمع ٿين يا وري حڪمرانن جي پناهه ۾ اچن، ته هر قسم جي قانوني پابنديءَ کان آجا ٿي ويندا.
    3. ايم ڪيو ايم جھڙيون تنظيمون وڌڻ ويجھڻ گھرجن، انهن جي لاءِ ئي جائز ناجائز رعايتون به آهن، ته رليف به.
    4. اقتدار جا بکيا حڪمران ۽ ايم ڪيو ايم جھڙيون دهشتگرد تنظيمون ڏوهن جي ٻنيءَ ۾ ڏوهارين جو فصل پوکي چڪيون آهن. پاڪستان ۾ آئيندي رڳو ان ئي فصل جي قدر و قيمت ۽ عزت هوندي. انهيءَ ئي عوامي آواز (17- جنوري 1997ع) ۾ خبر شايع ٿي آهي ته سنڌ سرڪار پاران ڪراچيءَ کي فري پورٽ بڻائڻ جي منظوري. عادت موجب حڪمرانن اها ساڳي ئي لفاظي ڪم آندي آهي ته ڪراچيءَ کي فري پورٽ بڻائڻ جي صورت ۾ روزگار جا موقعا سڀ کان وڌيڪ سنڌين کي ڏنا ويندا. حڪومتي ڌر جي اهم اڳواڻ پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي صورت ۾ ٻڌايو، ته نگران وفاقي حڪومت کان پڪيون خاطريون حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪراچيءَ کي فري پورٽ بڻائڻ تي راضي ٿي وئي آهي. پاڪستان ۾ جڏهن ته قانون ۽ عدالتن آئين ۽ علائقائي حقن جي ڪا اهم حيثيت ئي ناهي. اتي اهي نام نهاد پڪيون خاطريون ڇا ڪري سگھنديون؟ ڇا سنڌ ۽ پاڪستان جي سڄي تاريخ ۾ ڪا هڪ به اهڙي پڪي خاطري موجود آهي، جنهن تي عمل ڪيو ويو هجي؟ 1940ع واري قرارداد ۾ پڪي خاطري ڏني وئي هئي، ته مسلمان اڪثريت وارن علائقن کي خودمختار ۽ سوورين (پنهنجو اقتدار اعليٰ رکندڙ) بڻايو ويندو، ڇا ان تي عمل ٿيو؟ خود سنڌ جي موجوده نگران وزيراعليٰ ممتاز علي ڀُٽي جي سنڌ نيشنل فرنٽ جو منشور ان حوالي سان ڇا ٿو چوي؟ ڇا سنڌ کان ڪراچي کسي جڏهن وفاق بڻائي وئي هئي تڏهن ڪي به ”پڪيون خاطريون“ نه ڏنيون ويون هيون؟ ون-يونٽ ٺاهڻ مهل ”پڪين خاطرين“ جو حشر ڪهڙو ٿيو؟ سنڌو تي ڊيم ٺاهڻ مهل ڏنل پڪيون خاطريون ڪاڏي ويون؟ سرڪار وڏي اوهان جي پڪين خاطرين بابت اسان وٽ چڱي نموني پروڙ ۽ پرک موجود آهي. اوهان جيڪي سنڌ جي ننڍڙن ڪارخانن ۾ سنڌين کي معمولي نوڪريون، ملازمتون نه ٿا ڏياري سگھو، اوهان جيڪي سنڌين کي مليل چند ملازمتن جو تحفظ نه ٿا ڪري سگھو، اهي اسان کي ڪراچي فري پورٽ بڻائڻ جي سلسلي ۾ ڪهڙيون پڪيون خاطريون ڏئي ٿا سگھو؟ اسان کي توهان جي ڏنل ڪنهن هڪ معمولي پڪي خاطري تي به ڪا پڪ ناهي، ڪراچي فري پورٽ ته تمام وڏي ڳالهه آهي. توهان به ڪوڙا آهيو، ته اوهان جون پڪيون خاطريون به ڪوڙيون آهن. اسان جيئن ڪالا باغ ڊيم وسيلي سنڌ کي سرسبز ڪرڻ جو منصوبو نه قبوليو آهي، تيئن ڪراچي فري پورٽ وسيلي سنڌين کي باروزگار بڻائڻ جي پڪي خاطري به نه قبولينداسين. ڪراچي کي فري پورٽ بڻائڻ جي نئين سر اٿاريل ڳالهه تڏهن هڪ ڀيرو وري شدت سان اڀري آهي، جڏهن برطانيا جي وزيراعظم جان ميجر پاران ڪجھ ڏينهن اڳ پاڪستان جي سرڪاري دوري مهل رياض شاهد رپورٽ ڪندي چيو، برطانيا سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي فري پورٽ بڻائڻ جي تجويز ڏني آهي ۽ برطانيا جي وزيراعظم جان ميجر جو پاڪستان جو ٽن ڏينهن وارو دورو به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. (ڏسو: عوامي آواز، 14 جنوري 1997ع)
    اسان سنڌين جي ذهنن ۾ اهي سڀ اوهان جون رٿيل رٿائون اڄ به تازيون آهن، جن وسيلي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ ڦيرڦار يا سندس وجود ئي مورڳو گم ڪري ڇڏڻ جون سازشون سٽيون ويون هيون. ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي اها سازش پاڪستان ٺهندي ئي پهرئين مهيني کان موجود آهي. اسان کي ياد آهي مولانا دين محمد وفائي جو اهو ايڊيٽوريل، جيڪو هن ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري وفاقي علائقو بڻائڻ جي موضوع تي لکيو هو، ته اڄ پناهگيرن جي گھرن ۾ گيهه جا ڏيئا پيا ٻَرن ۽ سنڌين جي گھرن ۾ غم جي اوندهه ڇانيل آهي. سنڌ ان وقت به زبردست احتجاج ڪيو هو. ايتري قدر جو، سنڌ مسلم ليگ جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري آغا غلام نبي پٺاڻ جوشيلي تقرير ڪندي اهو چتاءُ ڏنو هو ته ڪراچيءَ کي جيڪڏهن سنڌ کان ڌار ڪيو ويو، ته اسين قرارداد پاڪستان ڦاڙي ڦٽي ڪنداسون. (ڏسو: الوحيد، 11- فيبروري 1947ع) ۽ الوحيد جي ايڊيٽر ايترو به لکيو، ته قائداعظم انهيءَ فيصلي تان هٽڻ وارو ناهي، سواءِ ان جي، ته سنڌ بلڪل عليحدگي جو اعلان ڪري، هڪ مستقل رياست جي صورت ۾ پنهنجي بچاءَ جي ڪوشش ڪري. ”سنڌ ڪي نسلي مسائل“ جي ليکڪ شهزاد منظر اهو حوالو ڏيندي لکيو آهي، ته جنهن اخبار تحريڪ پاڪستان ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو، جنهن جي خدمتن کي پاڻ قائداعظم ساراهيو هجي، ان پاران پاڪستان ٺهڻ کان هڪ سال جي عرصي اندر ڪراچيءَ جي عليحدگيءَ خلاف ان قسم جي شديد رد عمل مان سنڌي عوام جي جذبن کي پهچندڙ صدمي جو اندازو ٿئي ٿو. (ڏسو: ص- 88) اسان کي خبر آهي ته ون-يونٽ ٽوڙڻ مهل هڪ مهم هلائي وئي هئي، جنهن ۾ ڀاڙيتو ۽ نام نهاد دانشورن وسيلي اهي مفروضا پکيڙيا ويا ته ڪراچي سنڌ کان ڌار هوندي، ته سنڌ وڌيڪ خوشحال ٿيندي. اسان کي اها به ڄاڻ آهي ته ڪراچي صوبا محاذ جي الطاف احمد کان ويندي پاڪستان مهاجر رابطا ڪائونسل جي صدر نصرت مرزا تائين، نواب مظفر کان محسن ڀوپالي تائين، صوبا اردو ديس جي اڳواڻ فاروق الحسين جيلاني (جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي پٽيشن لاءِ وڪيل به هو) کان ”اب سنڌ تقسيم هونا چاهيي“ جي ليکڪ ڊاڪٽر سليم حيدر تائين، ايم ڪيو ايم حقيقي جي آفاق احمد کان ويندي ”مهاجرستان لبريشن آرگنائيزيشن“ ۽ ايم ڪيو ايم الطاف گروپ تائين، سڀ جو سڀ ساڳي جڳهه جا ڪوئا آهن جيڪي ان جي ڀتين کي کوکلو ڪندي، ڪيرائڻ چاهن ٿا. اڄ انهن سڀني جي ڀيٽ ۾ ڦريل دولت ۽ تربيت يافته دهشتگردن جي قوت ايم ڪيو ايم الطاف گروپ وٽ وڌيڪ آهي، جنهن جي ڇانو ۾ پلجندڙ قاتلن، دهشتگردن ۽ ڏوهارين کي بنا قانوني چاره جوئي جي ڇوٽ ڇڏيندي، ايم ڪيو ايم کي رعايت ۽ رليف جي نالي ۾ هڪ ڀيرو وري سنڌ دشمن ڪارروائي ۽ کليل دهشتگردي جو موقعو ڏنو پيو وڃي.
    ايم ڪيو ايم حقيقي گروپ جي جھنڊي هيٺ ڏاکڻي صوبي لاءِ سنڌ دشمن تحريڪ هلائيندڙ آفاق احمد، جيڪو ڇهه سال اڳ تائين الطاف حسين جي ٻانهن ٻيلي هو، 1992ع ۾ ٻڌايو ته الطاف حسين غيرملڪي آقائن کي ڪراچي ڀَتي تي ڏيڻ ٿو چاهي. (ڏسو: جسارت، 12- جولاءِ 1992ع). انهي کان اڳ حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل تسنيم صديقي جو ايم ڪيو ايم جي چيرمئن عظيم احمد طارق جي نالي اهو خط، جنهن ۾ هن ٻڌايو هو ته مسٽر اوڪلي (آمريڪي سفير) جي حيدآباد واري دوري دوران سنڌ جي عليحدگي جي موضوع تي سنجيده گفتگو ٿي ۽ سنڌ يونيورسٽي جو گھيرو ڪرڻ ۽ حيدرآباد تي قبضو ڪرڻ لاءِ گلشن شهباز ۽ خدا ڪي بستي سان گڏ ٻيون به رهائشي اسڪيمون شروع ڪيون ويون ۽ ڪرڻيون آهن. (ڏسو: هلال پاڪستان، 14- ڊسمبر 1989ع) کي ذهن ۾ رکندي، اي پي ايم ايس او ۽ ايم ڪيو ايم جي اغراض و مقاصد يعني منشور جي مکيه (۽ ڄاڻايل) نُڪتن کي ذهن ۾ تازو ڪندي ايم ڪيو ايم پاران گذريل لڳ ڀڳ ڏهن ورهن جي عرصي تي پکڙيل عملي دهشتگرد ۽ سنڌ دشمن عمل کي نظر ۾ رکي اسان اڄوڪن ۽ آئينده ٿيندڙ پاڪستاني حڪمرانن، باشعور سياستدانن، وطن دوست ماڻهن ۽ سجاڳ ذهنن جي آڏو هڪ سوال رکون ٿا، ته نگرانن پاران رعايتن ۽ رليفن ۽ ازالن کان پوءِ، ڇا ايم ڪيو ايم پنهنجي سنڌ دشمن ۽ دهشتگرد فطرت مٽائي سگھندي؟
    (روزاني ”عوامي آواز“، 22 ۽ 23-جنوري 1997ع)


    دهشتگردن پاران نئين حڪومت لاءِ پهريون تحفو

    رات جو ٻي وڳي 6 فيبروري 1997ع شروع ٿئي، اڃا ٻه ڪلاڪ مس گذريا هئا. اخبارن جي آفيسن ۾ اطلاع پهتو، ته اورنگي جي هڪ ويران علائقي ۾ اڇلايل، سوڙ جي ڇَوَ ۾ ويڙهيل ۽ گولين سان پروڻ ٿيل هڪ لاش مليو آهي. اهو ڪالهه شام تائين جيئري طارق ارتضيٰ جو لاش هو. جيڪو سنڌ پوليس ۾ سب انسپيڪٽر (ايس آءِ) جي عهدي تي اورنگي ٽائون جي حد ۾ مکيه طرح امن امان جي فضا قائم رکڻ ۽ نظرداري ڪرڻ جي ڊيوٽي ڏيندڙ هو. طارق ارتضيٰ اورنگي ٿاڻي جي حد ۾ اڍائي ورهين تائين پنهنجي ڊيوٽي ادا ڪرڻ کان پوءِ رڳو هڪ مهينو اڳ بدلي ڪري مومن آباد ٿاڻي تي رکيو ويو هو. هو اربع ڏينهن (5- فيبروري) شام جو چئين وڳي تائين ڊيوٽي ڏئي پنهنجي موٽر سائيڪل نمبر ڪي سي وي 1811 تي سوار ٿي، پنهنجي گھر (نارٿ ناظم آباد، بلاڪ 1، گھر 117) روانو ٿيو. گھر پهچڻ جو اطلاع نه مليو ۽ جاچ باوجود نه لڌو، ته سمجھيو ويو، ممڪن آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو هجي، تان جو رات دير سان سندس لاش مليو. ڊاڪٽرن جي چوڻ موجب سندس بدن جي مختلف حصن تي سخت اذيتن جا نشان موجود هئا ۽ هن جي سِسيءَ ۾ چار گوليون لڳل هيون، جيڪي مٿس سوڙ جي ڇَوَ ۾ جيئرو بند ڪرڻ کان پوءِ وسايون ويون هيون. طارق ارتضيٰ اڻ پرڻيل، جوان ۽ سگھارو مرد هو. هو هڪ انتهائي ذهين ۽ دلير ۽ پنهنجيءَ حد ۾ ڏوهارين ۽ دهشتگردن خلاف انتهائي ڦڙتيءَ ۽ سرگرميءَ سان ڊيوٽي ڏيندڙ پوليس آفيسر هو. رڳو 14 ڏينهن اڳ پنهنجيءَ نگرانيءَ ۾ ڇاپو هڻائي اورنگي ٽائون، بلاڪ ڊي، جي هڪ خالي پلاٽ ۾ لڪايل هٿيارن جو ججھو ذخيرو کوجي ڪڍيو هئائين، جيڪو اتي دهشتگرد ڪاروائين لاءِ پُوريو ويو هو. هُو هٿياربند دهشتگردن ۽ ڏوهارين آڏو جھڪڻ يا انهن جو ڳيجھو ٿيڻ بدران انهن جي خلاف مڙسيءَ، دليريءَ ۽ ڦڙتيءَ سان ڪاروايون ڪندڙ پوليس عملدار هو، جنهنڪري دوست يار کيس طارق ڪمانڊو پڻ سڏيندا هئا.
    طارق ارتضيٰ جهڙو ڦڙتيلو، دلير ۽ قانون پسند ۽ دهشتگردن ۽ ڏوهارين جو دشمن ماڻهو دهشتگرديءَ ۽ ڏوهن جي سرپرستن لاءِ اک جو ڪنڊو ۽ روح جو روڳ هو. ان قسم جي ماڻهن جو وجود دهشتگردن ۽ دهشتگرديءَ جو موت آهي. دهشتگرد ۽ ڏوهاري اهڙن ماڻهن جي وجود کان هِيسيل ۽ ڊنل رهن ٿا ۽ کين پنهنجن غليظ مقصدن جي تڪميل واري راهه ۾ رنڊڪ سمجھن ٿا. طارق ارتضيٰ انهن عزت لائق پوليس آفيسرن مان هڪ هو، جن جي بي مثال جدوجھد سبب ڪراچيءَ ۾ ڊگھن وڳوڙن معيشت، سياست ۽ فصيلت تباهه ڪندڙ قتلامن، اغوائن ۽ هڙتالن ۽ ٻين دهشتگرد ڪاروائين کي ٻنجو اچي ويو ۽ نيٺ گذريل ٻن ورهين دوران هڪ حد تائين امن امان جي فضا قائم ٿي سگھي هئي.
    امن دهشتگردن ۽ دهشتگرديءَ لاءِ موت ثابت ٿئي ٿو، تنهنڪري مقعو ملندي ئي دهشتگرد انهيءَ کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. گذريل ٻن سالن دوران دهشتگردن جي ڀاڄوڪڙ سردار پاران جيڪو پٽڻو پئي پٽيو ويو، انهيءَ جو هڪ وڏو سبب اها امن ڀري فضا هئي، ڇو ته ان جي ڪري کين پنهنجي دهشت قائم رکڻ جو موقعو نه ٿو ملي ۽ دهشت جو خاتمو عملي طرح دهشتگردن جي روحاني ۽ مادي ۽ سياسي غلاميءَ مان نجات جو ڪارڻ ٿي پوي ٿو. هشام الظفر، ايم ڪيو ايم جي هڪ دهشتگرد، 27- جون 1995ع تي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو هو ته:
    ”لنڊن کان دهشتگرديءَ جي هدايت ڪوڊز (ڳجھن اشاراتي لفظن) ۾ ڏني ويندي آهي. ڪراچيءَ ۾ جيڪڏهن امن هوندو، ته چيو ويندو آهي ته ايم ڪيو ايم ختم ٿي وئي آهي، ان کي جيئرو ڪيو. انهن لفظن جو مطلب آهي ته دهشتگردي ڪيو، بدامني وڌايو. بدامني وڌايو، انهيءَ لاءِ ته جيئن ايم ڪيو ايم جي زندهه هجڻ جو احساس موجود رهي، ڪنهن کي قتل ڪرڻو هجي، ته چيو ويندو: ”ان کي ڏسو.“ دهشتگردي وڌائڻ لاءِ ايئن به چيو ويندو آهي، ته ”ڪجھ ڪيو.“ ان قسم جا ڪي ئي ڪوڊ مختلف قسمن جي ڪاروائين لاءِ مخصوص آهن.
    انهيءَ ڪانفرنس کان 2 ڏينهن اڳ، 25- جون 1995ع تي اسلام آباد ۾ ئي پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم جي هڪ ٻئي دهشتگرد محمد تقي عرف خالد تقي عرف ملڪ سڪندر عرف ”مامون“ جيڪو عبدالمجيد عرف ”ڇَتُو“ جو پٽ آهي، ٻڌايو ته:
    پهريون ڀيرو اسان (جي ٽولي) جيڪو ڪيس ڪيو، جنهن لاءِ واضح حڪم مليا هئا، اهو هِي هو ته جيڪو به سنڌي يا پي ايس ايف (پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن) جو ماڻهو نظر اچي، ان جو ڪيس ڪرڻو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ان کي قتل ڪرڻو آهي. سهيل اڪبر اچي اسان کي چيو، ته جيڪي به سنڌي يا پي ايس ايف جا ڇوڪرا نظر اچن، انهن جو هن طرح (آڱر سان گوليون هلائڻ جو اشارو ڪندي) ڪيس ڪرڻو آهي... ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ خدا داد ڪالوني ۾ جيڪا اسان جي علائقي لائنز ايريا جي ويجھو ئي اسان جي سيڪٽر ۾ آهي، اسان چار سنڌي قتل ڪيا. مون سان گڏ نعيم چَم، جيڪو اڄ ڪلهه سيڪٽر انچارج آهي، تسليم، مجيد ڌوٻي ۽ نويد، چار پنج ڇوڪرا (يعني دهشتگرد) گڏ هئا.
    ياد رهي ته هي اهو ئي خالد آهي، جيڪو ناهيد بٽ جي ايم ڪيو ايمي ڊرامي ۾ خالد بٽ جو ڪردار ادا ڪندي، ناهيد بٽ جو ڀاءُ ٿيو هو، جڏهن ته حقيقي زندگيءَ ۾ هن جو ڀاءُ نه ڪجھ ٻيو رشتو رکندڙ هو.
    هشام الظفر پنهنجيءَ پريس ڪانفرنس ۾ وڌيڪ ٻڌايو هو ته:
    ”فيبروري 1994ع کان ايم ڪيو ايم جڏهن احتجاج جي نالي ۾ دهشتگردي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن ڪراچيءَ جي مختلف سيڪٽر انچارجن پنهنجيءَ نظرداري هيٺ دهشتگردي ڪرڻ لاءِ ڪي ئي گروپ ٺاهيا. انهن ۾ ”خالد تقي بٽ گروپ“، جنهن ۾ خالد تقي سان گڏ جاويد اڪرم، ثاقب ۽ مجيد ڌوٻي سميت 15 کن ڇوڪرا شامل آهن، اولڊ سٽي ايريا، لياقت آباد، لائنز ايريا، سوسائٽي، ڪلفٽن، ڊفينس ۽ پي آءِ بي ڪالوني جي علائقي ۾ پنهنجون ڪاروائيون ڪندو آهي. اهو ٽولو پوليس عملدارن جي قتل ۽ (ايم ڪيو ايم) حقيقي جي ماڻهن جي قتل ۽ انهن تي فائرنگ ۾ ملوث آهي. اهو ٽولو حقيقي جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل منصور احمد چاچا جي قتل ۾ به ملوث آهي. ان کان سواءِ ”فاروق دادا گروپ“ آهي، ان گروپ ۾ انيس ترڪ ۽ امين ستار سميت لڳ ڀڳ ڏهه ڇوڪرا شامل آهن، انهن جي ڪاروائين جو علائقو پاڪ ڪالوني، بلديه ٽائون، ناظم آباد ۽ گلبهار ايريا آهن. هي ٽولو 1994ع جي عيدالفطر مهل بلديه ۾ رينجرس جي ڪيپٽن ۽ چئن سپاهين سميت بلديا ٽائون جي ايس ايڇ او جي قتل ۾ ملوث آهي. (ياد رهي ته پيرپاڳاري جي نياڻي کي به انهيءَ ٽولي ئي قتل ڪيو هو)... ”فهيم ڪمانڊو گروپ“ ۾ آصف صالح ۽ محمود سميت ڇهه ست ڇوڪرا شامل آهن. اهو گروپ فيڊرل بي ايريا، نارٿ ڪراچي ۽ ناظم آباد جي علائقن ۾ سرگرم آهي ۽ نئين ڪراچي جي اڳوڻي ايس ايڇ او بهادر علي جي قتل ۾ ملوث آهي...
    ”مبين ٽونٽا گروپ“، ”جاويد خان گروپ“، ”جاويد مائيڪل گروپ“، ”اصغر گروپ“ ۽ ”محمد شاهه گروپ“ ۽ انهن جي ڪاروائين بابت ڄاڻ ڏيندي هشام الظفر وڌيڪ ٻڌايو ته ”خالد انجم گروپ“ جنهن ۾ احترام الحق، ڪمال انصاري تارا، آصف حسين، ظفر ظفرو سميت ڏهه ڇوڪرا شامل آهن ۽ اهو گروپ اورنگي ٽائون ۽ قصبه ڪالوني جي علائقي ۾ وارداتون ڪندو آهي. (ياد رهي ته طارق ارتضيٰ انهيءَ ئي علائقي ۾ قتل ڪيو ويو آهي)... سڀني گروپن کي ڪاروائين جي هدايت سيڪٽر انچارجن ۽ مرڪز (نائن زيرو يعني الطاف حسين جي گھر) وٽان ملندي آهي. مرڪز کي دهشتگرديءَ جون سموريون هداتيون الطاف حسين جي حڪم تي، عام طرح سندس سيڪريٽري نديم نصرت پهچائيندو آهي. ايم ڪيو ايم پنهنجي هڪ هِٽ لِسٽ (Hit list) رکندي آهي. ان هٽ لسٽ ۾ گھڻي ڀاڱي پوليس عملدار، ايم ڪيو ايم جا سياسي مخالف، ايم ڪيو ايم ڇڏي ڪنهن ٻي پارٽي ۾ ويندڙ ۽ اهي ماڻهو شامل هوندا آهن، جيڪي ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪم ڪندا آهن، ان لسٽ جي منظوري به باقاعدي لنڊن کان الطاف حسين ڏيندو آهي.
    انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته خالد ارتضيٰ دهشتگرديءَ جو شڪار ٿيو آهي ۽ انهيءَ ۾ به ڪو شڪ ناهي، ته نگران حڪومت نه رڳو دهشتگرديءَ، قتل ۽ اغوا جھڙن ڏوهن ۾ ملوث ڪيترن ئي دهشتگردن کي اليڪشن کان اڳ آزاد ڪيو هو، پر اهي ۽ ٻيا سوين روپوش رهندڙ دهشتگرد پڻ اليڪشن وارن ڏينهن ۾ ڪراچي جي روڊن تي ڇيڪ گھمندي ڏٺا ويا. سندن مَن وڌيل هو، ايتريقدر جو بي بي سي جي رپورٽ موجب: اليڪشن واري ڏينهن ايم ڪيو ايم جي ڌڙن حق پرست ۽ حقيقي جا دهشتگردَ پوليس، رينجرس، ۽ ملٽري جي پهري باوجود کلي عام هڪ ٻئي جي ووٽرن کي اغوا ڪندا ۽ تشدد جو نشانو بڻائيندا رهيا. نَڄاڻ، حڪمرانن جون اهي ڪهڙيون مصلحتون آهن، جو قانون کان مٿاهان ٿي ۽ قانون جي لتاڙ ڪندي، انتهائي انسان دشمن ڏوهن ۾ ملوث دهستگردن کي به ايڏو ته ڇڙواڳ ڇڏين ٿا، جو خود قانون جا محافظ عملدار به انهن جي گولين ۽ عذابن جو نشانو بڻجيو وڃن!
    اهي نگران ان صدارتي حڪم جي نتيجي ۾ پاڪستان جا واڳ ڌڻي بڻيا جنهن ۾ پاڪستان جي ماڊل ڊڪٽيٽر حڪمران جنرل ضياءَ پاران پنهنجي صدارتي عهدي کي طاقت ۽ ڊيگھ ڏيڻ لاءِ اختيار ڪيل بدناموس اٺين ترميم جو سهارو وٺي، ان حڪومت کي ڊاٿو ويو، جنهن ٻيو ڪجھ بيشڪ نه ڪيو هجي، پر دهشتگرديءَ کي چٿي سنڌ جي رهاڪن کي نسبتاً امن ڀري فضا ٺاهي ڏني هئي. بينظير ڀٽو جي حڪومت کي ختم ڪرڻ مهل هڪ الزام اهو به آندو ويو، ته ان جي اقتدار مهل فاروق دادا ۽ فهيم ڪمانڊو جهڙا ڪي ئي ڄاتل سڃاتل ۽ سوين ماڻهن جا قاتل دهشتگرد ”ماورائي عدالت“ قتل ٿي ويا هئا. پنهنجي ان الزام جي پوئواري ۾ اهي ڪورٽ ۾ ڪو جوڳو ثبوت پيش نه ڪري سگھيا، پر سندن انهيءَ الزام دهشتگردن کي اخلاقي قوت پهچائي ۽ انهن پاران اهڙي ڪُوڙي پروپئگنڊا کي سهارو ملي ويو. توڙي جو چيو ٿو وڃي، ته قانون جي نظر ۾ سڀ شهر برابر آهن ۽ انهيءَ ڪري سندن چوڻ موجب ڪو هڪ به دهشتگرد انهيءَ حالت ۾ به مرڻ نه گھرجي، توڙي جو اهو پوليس تي گوليون هلائي رهيو هجي، پر اهي بيگناهه شهر واسي جيڪي رڳو ان ڪري مارجي ويا، جو اهي دهشتگردن جا پوئلڳ نه هئا ۽ اهي گھراڻا جيڪي دهشتگرديءَ جو شڪار ٿي تباهه ٿي ويا، انهن کي انصاف ڪير پلئه وجھندو؟ ڇا انهن سان اها ناانصافي ناهي، جو سندن زندگيون، سهارا ۽ گھر اجاڙيندڙ دهشتگردن کي ”ماورائي عدالت“ آزاد ڪيو وڃي؟
    دهشتگردن کي ڏنل ڇوٽ جو نتيجو گذريل پندرهن ڏينهن جي اخبارن ۾ آيل انهن ڏهاڪو کن خبرن مان ٿي وڃي ٿي، جيڪي وڌندڙ دهشتگرديءَ جي واقعن کي بيان ڪن ٿيون.
    3- فيبروري 1997ع تي نيون چونڊون ٿيون ۽ چند ڏينهن کان پوءِ نئين حڪومت اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهندي، جنهن جو چونڊيل سربراهه نواز شريف هوندو. هن الاهي بخش سومري جي سربراهي هيٺ لياقت جتوئي، حليم احمد صديقي ۽ ميان اعجاز شفيق تي مشتمل هڪ ڪميٽي تيار ڪري ڇڏي آهي. جيڪا ايم ڪيو ايم سان سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڳالهيون ڪندي. (انهيءَ مقصد سان هڪ ڪميٽي پ پ پ پاران به تيار ڪئي وئي آهي.)
    چونڊن ۾ کٽندي ئي 4- فيبروري تي بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي، ايم ڪيو ايم الطاف حسين پاران مقرر ڪيل رابطا ڪميٽي جو اڳواڻ اجمل دهلوي چئي چڪو آهي، ته مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ ٻنهي سان اتحاد ۾ ”دوکو“ کائي چڪا آهيون. نواز شريف اسان جي خلاف فوجي آپريشن شروع ڪيو ۽ پ پ پ اسان جي ”بيگناهه“ ڪارڪنن کي ”ماورائي عدالت“ قتل ڪرايو. هاڻي ٺَڪي ٺوڪي اتحاد ڪنداسين. جيڪا ڌر اسان جا مطالبا مڃيندي، پنهنجن اڳوڻن ”ڏوهن جي معافي“ وٺندي ۽ آئينده ايمانداريءَ سان ”طي ڪيل فيصلن“ تي عمل ڪندي، انهيءَ سان اتحاد ڪرڻ ۽ گڏجي حڪومت ٺاهڻ بابت ويچاريو ويندو.
    5- فيبروري تي شام جو طارق ارتضيٰ، هڪ دهشتگردي مخالف پوليس عملدار، اغوا ٿيو ۽ 6- فيبروري جو سج اڀرڻ کان اڳ قتل ڪيو ويو. هڪ حياتي قانون جي نگهباني ڪندي دهشتگرديءَ جو کاڄ ٿي ۽ وڌيڪ هڪ گھر اجڙي ويو. سَوڙ جي ڇَوَ ۾ گولين سان پروڻ ٿيل لاش نئين حڪومت لاءِ دهشتگردن پاران هڪ ”تحفو“ آهي، خبر ناهي اهڙا ڪيترا تحفا ڏنا ويندا، پر طارق ارتضيٰ جو لاش وقت جي حڪمرانن آڏو هڪ وڏو سوال به آهي، ته اهي پنهنجن مخصوص مصلحتن جو شڪار ٿي، پنهنجي ئي جوڙيل قانون جي لتاڙ ڪندي، اڃا ڪيترا دهشتگرد آزاد ڪندا، انهن کي ڪيترو ڇڙواڳ ڇڏيندا ۽ انهن جي سردار آڏو ڪيترو جھڪندا؟
    ۽ خاص ڪري سنڌ جا امن پسند ۽ قانون پسند رهواسي ۽ قانون جا بااصول محافظ ڪيستائين سندن انهن مصلحتن جي اڏي تي قانون دشمن دهشتگردن جي گولين جي ڀيٽا ٿيندا رهندا؟
    (روزاني ”برسات“، 19-فيبروري 1997ع)
    (پورو ٿيو.)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 478
    ڪتابن جو مشاهدو: 428650
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 174396
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ