ڪتاب جو نالو: سنڌو ديسُ مهَانُ
مصنف: بخشل باغي
ڇپائيندڙ: سپ پبليڪيشن، نوابشاهه
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2011
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 24 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 437 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 381 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”سنڌو ديسُ مهانُ“ سنڌ جي خوبصورت شاعر بخشل باغيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌو ديسُ مَهانَ
  • سنڌ سلامت پاران :
  • اداري پاران
  • ٻاجهاري ٻوليءَ ۾ ڪيل شاعري
  • سنڌ جي قومي ادب جو ستارو
  • عشق جو آواز ــ باغي شاعر
  • وٺي هر،هر جنم وربو
  • غزل

  • سال نئون يا ڪي پُراڻو، ديس سارو دربدر،
  • پتڻ تي پُور هوندو هو.
  • تنهنجي دردن جو اي ديس! دارون ڪري.
  • تڏهن به بائيبل پڙهي رهيو آ،
  • زمانن کان آهن ڳچيءَ ڳٽ ساڳيا،
  • ديس واسين جي آس آ دريا،
  • سوئي امر آ جنهن جو هِت ڀاڳ مٽي آ،
  • ديس جي دار سان، دلبري ٿي پوي،
  • ديس! تنهنجي دلبري جيئي سدا.
  • سنڌ! تنهنجي چاهه تان صدقي وڃان.
  • اڄوڪي ڏينهن کي تنهنجي جنم ڪيو آ امر.
  • حال ۾ منصور جو گونجي پيو،
  • ويجهو دل جي آءُ! ڏيکاريان مان توکي،
  • لاٽ ڏيئي جي بڻجي ڏِسُ،
  • ٿي ويو آ جلا وطن احساس،
  • نِڪتو ڪوبه نه خاص نتيجو،
  • شل مٽيءَ مهڪار تان واريون وڃان،
  • پنن جي اکين ۾ به پاڻي ڇڏي ويا،
  • ڏنئي انقلابن جي ساڃاهه جن کي،
  • وَنجهه هئا ٻانهون، سنڌوءَ سان ڀاڪرين،
  • منهنجي ڌرتيءَ جو خيال رکجو پيا،
  • سي مري ڀي امر ٿي ويا تاريخ ۾،
  • لهر ٿي چانڊاڻ کي سُڏڪي چوي،
  • هوا ۾ شور آهي، پوءِ به تون خاموش ڇو آهين؟
  • تنهنجي ئي عشق جي من ڏيندو اَذان رهندو،
  • نه ڪو به هڪڙو فرد آ
  • اڄ وري تاريخ کي دُهرائبو،
  • ديس جي هر ڪا گهٽي ڳولي پئي
  • ٿيا پَٽَ پڌرا، لڳو چاندنيءَ ۾،
  • اڙي وقت! توسان شڪايت گهڻي آ.
  • اِن آس سان ڪنڌيءَِ تي ، ٻيڙي جَهلي کڙو آ،
  • مُحبتون ئي مُحبتون اي ديس! پوکيون پاڻ هُون،
  • سڄي سنڌ نوحو بڻي آب جو،
  • سنڌ! توسان عشق منهنجو، ٿي ويو ويتر اُتم،
  • ڪو به ڌرتيءَ جو ناهي مسيحا رهيو،
  • هڪڙي لڪير سارا، مُحبت جارنگ ريٽيا،
  • جهول هيرن جا ڀري ديس! جنهن ڏنا توکي،
  • وڏا حالات جا مانگر، وڏي دَڙ، وقت، دريا ۾،
  • مِٽي راس ڌرتيءَ جي ٿي ڪين تن،
  • هَلونيڻ اُوندهه ۾ ٻاري ڏيئا سڀ،
  • تڏهن ئي تون آڪاش بڻجي سگهين ٿو،
  • ذهن جو سامان ٺاهي ٺيڪ ڪر،
  • وايون

  • ڪيڏي اُنداهي،
  • وڻ، وڻ واويلا،
  • پنهنجي ڌرتيءَ تي اڃا،
  • واري ئي واري
  • پکي پرديسي
  • هاءِ! هي برِ صغير،
  • بيت

  • ڪانئر جو ڪردار
  • اميدن جي جوت
  • پاڻيءَ جي ياد ۾
  • موهن جي دڙي جي صدا
  • گانڌيءَ کي ڀيٽا
  • نظم

  • ملي ويو پاڇي سان پاڇو
  • دربدر ٿي ويل ديس جي ڪهاڻي
  • ڳوٺ
  • سچ
  • سنڌ ۽ ويلنٽائن
  • اَمن جي نالي
  • ستاويهين ڊسمبر!
  • ٿــــــــر
  • مُفلسيءَجوگيت
  • مِٽيءَ جو قرض
  • اُٿو سنڌيو!
  • او آزاديءَ جا متوالا
  • سنڌوءَ جو پاڻي
  • ليکڪ جا ڇپيل ڪتاب
  • سِپَ پبليڪيشن جا ڇپايل ڪتاب

  • ترتيب

    حق ۽ واسطا

    حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب جو نالو: سنڌو ديس مهَان
    موضوع : شاعري
    شاعر : بخشل باغي
    ڇاپو پهريون : سترهين جنوري 2011ع
    ٽائيٽل : آفتاب سُرهيو
    لي آئوٽ : مور ساگر
    ڪمپوزنگ : جهانزيب جوڻيجو
    (ساحل پرنٽرز رابعه اسڪوائر حيدرآباد. 03332634650)
    ڇپائيندڙ : سپ پبليڪيشن نواب شاهه، سنڌ.
    قيمت : -/100 روپيه



    SINDHU DES MAHAN (Poetry) written by: Bakhshal Baghi
    Published by: Sip Publication Nawabshah, Sindh, Pakistan Edition First, Junwari 2011.


    ارپنا

    سنڌ جي سُورمن

    • راجا ڏاهر
    • دودي سومري
    • دولهه دريا خان
    • مخدوم بلاول
    • شاهه عنايت
    جي نالي

    بخشل باغي


    سنڌو ديسُ مَهانَ

    شيخ اياز
    سنڌو ديسُ مهَانُ، سنڌو ديسُ مهَانُ.
    لاڙُ وِچولو اُتّر،
    ڪَڇَّ، ڪراچي بندر،
    هيڏو سارو جَر تَر.
    ڪيڏو ڪوهستانُ!
    سنڌو ديسُ مهَانُ.
    جِيءُ جِيءُ اَن-داتا!
    تنهنجا سَڏّ سُڃاتا،
    آزاديءَ لئه آتا.
    توتي سڀ قُربانُ،
    سنڌو ديسُ مهَانُ.
    سَتّر لکَّ سَپوتو!
    هوشو، همو بڻجو،
    هرڪو جهڙو دودو.
    دُولهَه دريا خانُ،
    سنڌو ديسُ مهَانُ.
    سَچَّل، ساميءَ پارا،
    ڪيئي جيءَ جيارا،
    آڌيءَ رات اُمارا.
    ڀٽَّ ڌڻيءَ جو ڀانُ،
    سنڌو ديسُ مهَانُ.
    ڀيڙو آههِ ڀَنڀرڪو،
    جَرّ ڄَراٽو ڄَرڪو،
    آجو ٿيندو هرڪو.
    هر مزدور ڪِسانُ،
    سنڌو ديسُ مهَانُ.
    سنڌو ديسُ مهَانُ.

    1973ع- وِڄون وَسڻ آئيون. صفحو نمبر-195


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (191) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”سنڌو ديسُ مهانُ“ سنڌ جي خوبصورت شاعر بخشل باغيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    هي ڪتاب سِپ پبليڪيشن نواب شاهه پاران 2011ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون بخشل باغيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني. آريسر صاحب لکي ٿو حقيقت اِها آهي ته بخشل باغي جي ٻاجهاري ٻوليءَ ۾ ڪيل شاعري سنڌ ۾ هڪ نئين ڪائنات اڏيندي، جيڪا خوبصورت ۽ خوشي ڏيندڙ هوندي. اهڙي ڪائنات ٺاهڻ جا جذبا ۽ اُمنگون بخشل جي شاعريءَ ۾ موجود آهن.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    بخشل باغي جديد سنڌي شاعريءَ جو هڪ اهڙو شاعر پانڌيئڙو آهي. جنهن پنهنجي زندگيءَ جا لڳ ڀڳ ٻاويهه سال شاعريءَ سان عشق واري سفر ۾ مڪمل ڪميٽمينٽ سان ڀرپور نموني گُذاريا آهن. هُو پرائمري تعليم پرائڻ واري دؤر کان وٺي شاعريءَ جي نازڪ، نفيس ۽ رنگين پوپٽن جي پُٺيان پيرين اُگهاڙي کين پڪڙيندي، پڪڙيندي اڄ هتي اچي پُهتو آهي جتي زندگي گهڻن رُخن ۾ ورجهائجي مُنتشر ٿي وڃي ٿي. پر هُن جي زندگيءَ مُختلف حصن ۾ ورهائيجي وڃڻ جي باوجود به سندس روح ۽ خوابن، خيالن جا نفيس ۽ زخمي شاعراڻا هٿ اُنهن پوپٽن کي پڪڙڻ جو ڀرپور ساهس رکن ٿا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو بخشل باغي هيل تائين ست شاعريءَ جا ڪتاب سنڌي شاعريءَ جي جهول ۾ ڀيٽا ڪري به مُطمئن نه آهي. بلڪه بقول سندس ته هُن پنهنجي اندر جي اظهار کي اظهارڻ جي ڪوشش ڪندي، ڪندي ست ڪتاب تخليق ڪري وڌا آهن. بخشل باغي پنهنجي مزاج ۽ فطرت ۾ هڪ مڪمل قومپرست شاعر آهي. رومانس ۽ انقلاب هُن جي شاعريءَ جا ٻه اهم پهلو آهن، بلڪ رومانس ته هُت جي انقلابي خيالن، خوابن ۽ باغي روح مان سنڌ جي آواز جو پڙاڏو بڻجي سندس ڏات مان گونجي رهيو آهي. جيڪا هُن جي تخليق جو هڪ حسين ۽ مضبوط امتزاج ۽ سرچشمو آهي. ۽ سائين جي ــ ايم سيد جو فڪر ۽ فلسفو هُن جي شاعراڻي شعور ۽ باشعوريءَ جو خلقيندڙ آهي. اِهوئي سبب آهي جو بخشل باغي قومي شاعريءَ جي پهرين ڪتاب ”سپنو سنڌو ديس جو“ کان پوءِ اڄ وري نئين ۽ تازي جوش ۽ جذبي سان ”سنڌو ديس مهان“ جي روپ ۽ رنگ ۾ سنڌ جي قومي شاعريءَ ۾ هڪ خوبصورت تخليقي اضافو ڪيو آهي.
    بخشل باغي پنهنجي هِن نئين ڪتاب ”سنڌو ديس مهان“ جي شاعريءَ ۾ پنهنجي قومي شعور، فڪر ۽ فهم ۽ تاريخي اداراڪ جي حوالي سان ڏاڍو پڪو ۽ پُختو نظر اچي ٿو.
    سِپ پبليڪيشن بخشل باغيءَ جي هن قومي شاعريءَ جي ڪتاب ”سنڌو ديس مَهانُ“ کي 17 جنوري 2011ع تي سن ۾ سائين جي ــ ايم سيد جي 107 جنم ڏڻ تي آڻي فخر ۽ سَرهائي محسوس ڪري رهي آهي.
    ستار سُندر
    امداد رند


    ٻاجهاري ٻوليءَ ۾ ڪيل شاعري

    عربيءَ ۾ چيو ويندو آهي ته شاعر خُدا جا شاگرد آهن. اُن جو مطلب اِهو ٿيو ته شاعر نئين دُنيا جا ٺاهيندڙ فرد ٿيندا آهن. منهنجي سامهون هِن وقت نوجوان شاعر بخشل باغيءَ جي شاعريءَ جو ڪتاب ”سنڌوديس مَهانُ“ آهي، ۽ حقيقت اِها آهي ته بخشل باغي جي ٻاجهاري ٻوليءَ ۾ ڪيل شاعري سنڌ ۾ هڪ نئين ڪائنات اڏيندي، جيڪا خوبصورت ۽ خوشي ڏيندڙ هوندي. اهڙي ڪائنات ٺاهڻ جا جذبا ۽ اُمنگون بخشل جي شاعريءَ ۾ موجود آهن.
    هڪ ڪامياب شاعر لاءِ ٽي شيون مدِنظر رکڻيون پونديون آهن. هڪ ”زمان“، يعني جنهن دور ۾ هو شاعري ڪري ٿو، اُن دور جون حالتون ۽ ماڻهن جي خوشي ۽ غم ڪهڙي قسم جا آهن. اُنهن شين جي باغي جي شاعريءَ ۾ موجودگي آهي. ٻيو ”مڪان“، يعني جنهن خطي ۽ علائقي ۾ هو شاعريءَ ڪري ٿو. اُنهن جي دُکن، دردن جي ڀرپور عڪاسي ٿيل هجي، پر اُنهيءَ پيڙا واري دنيا مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ جيڪا جدوجهد هلي ٿي، اُن جو هُو پاڻ به حصو هُجي. اُنهيءَ معنيٰ ۾ بخشل باغي سنڌ جي نجات لاءِ هلندڙ جدوجهد لاءِ ڀرپور حصو وٺي رهيو آهي. اُن جو ثبوت سندس شاعريءَ جو مجموعو ”سپنو سنڌو ديس جو“آهي، ٽيون، شاعر، تخليقڪار، سرجڻهار لاءِ پنهنجي تخليق جو ڪو نه ڪو مقصد هُئڻ گهرجي. صرف تفريح ۽ ذهني آسودگيءَ شاعريءَ جا گهربل مقصد پُورا نه ٿي ڪري سگهي. بنيادي طرح ادب، اهو نظم هجي يا نثر اُن جا ٽي مقصد هئڻ گهرجن. هڪ تفريح، ٻيو تعليم، ٽيون انقلاب، جنهن ادب ۾ انقلاب جي کوٽ هُجي ته اهو ادب جي مڪمل وصف تي پورو نٿو لهي.
    بخشل باغيءَ جي شاعري ۾ اِهي ٽئي شيون موجود آهي. اُن ڪري بخشل باغي جي شاعريءَ تي اعتماد ۽ پيار ٻئي وڌن ٿا.

    عبدالواحد آريسر
    اربع، 15 ڊسمبر 2010ع


    سنڌ جي قومي ادب جو ستارو

    * نوجوان شاعر بخشل باغي 88ع کان شاعري ڪري پيو ۽ انهن 14 سالن جي دوران هو جنهن شاعريءَ جي آسمان تي وهائو تاري جيان چمڪي رهيو آهي، انهيءَ تاري مان چنڊ ۽ چنڊ مان سج بنجڻ ۾ مان ڀانيان ٿو ته هن کي ڪا گهڻي دير نه لڳندي. ڇاڪاڻ ته هن جي شاعري جو مٺاج، ان جي رواني، ان جي سونهن هن وقت به نکري نروار ٿي چڪي آهي ۽ سنڌي ادب جي خوبصورت کيتر ۾ پنهنجو پاڻ مڃائي چڪي آهي. جڏهن به ڪو قومي سماج جديد شهري تهذيب ڏانهن وک وڌائيندو آهي ته ان سماج جي جديد شعور جون روشنيون ان جي قومي لکڻين تي ڏيئن جيان ٻرڻ لڳنديون آهن ۽ انهن ڏيئن ۾ ڪيتريون ئي ادب، فن ۽ شاعريءَ جون لاٽون پنهنجي سماج، قوم ۽ ثقافت جي سونهن ۽ سوڀيان کي جرڪائڻ لڳنديون آهن جنهن ۾ اهي اديب ۽ شاعر جڳ مڳائيندا آهن. بخشل باغي سنڌ جي قومي ادب ۽ فن جو هڪ اهڙو ئي خوبصورت ۽ من موهيندڙ ستارو آهي، جيڪو اسان جي پنهنجي قومي ادب ۽ فن کي روشني ڏئي ۽ بخشي رهيو آهي. مون کي اميد آهي ته هن جي شاعري اڃا وڌيڪ جدت بنجي جرڪندي ۽ مهڪندي رهندي.
    خاڪي جويو
    8 مارچ -2002ع
    حيدرآباد


    عشق جو آواز ــ باغي شاعر

    اڱڻ تازِي، ٻاهر ڪُنڍيون، پکا پَٽِ سونهن،
    سُرهي سيج، پاسي پرين، مر پيا مينهن وسن،
    اسان ۽ پرين ــ هئن برابر ڏينهڙا.
    (شاهه)
    مرشد لطيف جي هن بيت ۾ سماجي ثِقافتي ۽ رومانوي تمنائن جي عڪاسي ٿيل آهي. ڀٽائي متوجهه ٿو ڪرائي ته، خوبصورت گهر هجي، گهر جي اڱڻ تي جهجو کير مکڻ ڏيندڙ نج سنڌي نسل جون ڪُنڍيون مينهون بيٺل هجن ۽ ان جي ڀرسان اعليٰ نسل ۽ تيز رفتار وارا تازِي گهوڙا موجود هجن، مطلب ته اَجهي جو اونو نه هجي. کائڻ پيئڻ جي به پريشاني نه هجي ۽ سير سفر لاءِ سواريءَ جو مسئلو به حل هجي، ته پوءِ خوشبودار سيج تي، من گهرئي محبوب سان ڪچهري ۽ رهاڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي.
    بخشل باغي جي شاعريءَ لاءِ مختصر ۽ جامع راءِ ڏجي ته مرشد لطيف جو مٿيون هڪ ئي بيت ڪافي آهي. بخشل جي سموري شاعري، ڀٽائيءَ جي ان بيت جي مفهوم کان ٻاهر ڪونهي.
    انساني زندگي ادب ۽ فن جو پاڻ ۾ گهرو رابطو آهي. ادب ۽ فن جو بنياد ئي ان مواد تي هوندو آهي جنهن جو واسطو زندگيءَ سان هوندو آهي. ۽ انساني زندگي وري سماجي، سياسي، معاشي، ثقافتي، اخلاقي ۽ رومانوي ۽ ٻين اهڙن عملن سان لاڳو آهي. اديب ۽ شاعر جي شعور ۽ خيال جي اونچائي ۽ گهرائي جو اندازو به ان جي انساني زندگيءَ بابت فڪر ۽ فلسفي مان لڳائي سگهجي ٿو. وڏي شاعر لاءِ گهڻو پڙهڻ، گهڻو لکڻ ۽ گهڻو ڇپجڻ شرط ناهي، وڏو شاعر ته پنهنجي تخليق ۾ موجود ان فڪر جي ڪري ٿي سگهندو، جيڪو فڪر تاريخ ۽ فطرت جي موافق هوندو.
    شهيد ۽ باشعور شاعر پنهنجي دؤر جا مؤرخ به هوندا آهن. شهيد جو رت ۽ با شعور شاعر جي تخليق، پنهنجي وطن ۽ عظيم مقصد جي حفاظت جا هردم چوڪس رهندڙ مورچا هوندا آهن. شاعريءَ جي دنيا ته تمام وسيع آهي، ڇو ته شاعري جا سڀ موضوع، عوام جي اڪثريت قابل فهم ۽ قابل عمل هوندا آهن. شاعر جيترو وڌيڪ با شعور هوندو، ان جي تخليق، سچ، سونهن ۽ آزاديءَ جو تعارف اوتروئي سولو ۽ آسان ڪرائيندي. هڪ جرمن فلاسافر شوپنهار جو قول آهي ته ”شاعر ٿيڻ، فلاسافر ٿيڻ کان هزار ڀيرا خوشقسمتيءَ جي ڳالهه آهي“
    جنهن شاعر جي شاعري، شعور، مطالعي ۽ مشاهدي جي بٺيءَ ۾ پچيل ۽ رسيل هوندي، ان جي اهميت ۽ عُمر اوتري ئي وڌيڪ هوندي. ادب ۽ فن، فرد کان اجتماعيت تائين، انساني زندگيءَ جي سموري حقيقت جي عڪاسيءَ جو نالو آهي. ادب ۽ فن ئي اُهو هٿيار آهي جيڪو سماجي سک، سلامتي ۽ آزادي جي نه رڳو اهميت واضع ڪندو آهي، پر ان جي منڪر قوتن خلاف جنگ به جوٽائيندو آهي.
    پيٽ جي بک ۽ جنسي بک تمام وڏا موضوع آهي. جنسي قوت هڪ تخليقي امنگ آهي، جنسي قوت کانسواءِ تخليقي تحرڪ ۽ سرجڻهار سرگرمي ڪيئن ٿي پيدا ٿي سگهي. پر اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته جنسي اڻ برابري هجي يا جنسي ڇڙواڳي، اهي سماجي ۽ معاشي اڻ برابري ۽ ڇڙواڳي جو نتيجو آهن. هيءَ ايڪيوشن به ياد رکڻ گهرجي ته خوشي، خوشحاليءَ سان لاڳاپيل آهي ۽ خوشحالي ۽ خوشي وري آزاديءَ سان مشروط آهن. ان لاءِ آءٌ وري شروع ۾ ڏنل ڀٽائي جو ”اڱڻ تازِي، ٻاهر ڪُنڍيون“ وارو بيت دهرائيندس.
    سڀ ڳالهه شاعر جي ميچوئر هجڻ جي آهي. عشق ۽ عقل جي جهيڙي کان پاسيرو ٿي صرف اِهو ٿو چوان ته عشق، عقل جي انتها يا ميچوئرٽي جو نالو آهي ڪي ماڻهو طبعي زندگيءَ ۾ سئو سالن جا ٿي ويندا آهن پر عقلي طور ٻار هوندا آهن. عقل جي ترقي، عُمر جي واڌاري سان مشروط ناهي، عقل جي تڪڙي ترقيءَ جا محرڪ ۽ سبب پنهنجا آهن. عقل جيئن ارتقائي مرحلا طئه ڪندو. عشق ان جي استقبال لاءِ ٻانهون کوليندو ويندو. جيئن طبعي عُمر جي اضافي جو نالو ٻڍائپ تي پوندو آهي اهڙي طرح عقل به ترقي ڪري هڪ اهڙي مرحلي تي پهچندو آهي جو عقل مٽجي عشق ٿي پوندو آهي. صرف هڪ ليڪ جو فرق هوندو آهي، ليڪ جي هڪ پاسي عاقل هوندا، ته ٻئي ڀر عاشق هوندا آهن. عاقل عاشق هجي اِهو ضروري ڪونهي پر هر عاشق عاقل ضرور هوندو آهي. سڀ ڪجهه ساڳيو هوندو آهي، رڳو لڪير ڪراس ڪندڙ عاشقن وٽ انهن شين جا مطلب ۽ معنائون تبديل ٿي ويندا آهن. سور، درد، پيڙائون ۽ مصيبتون عقل وارن لاءِ پريشانيءَ جو سبب هونديون آهن جڏهن ته مرشد لطيف ٻڌائي ٿو ته:
    سور جنين سريو، سري تن صحت،
    مِٺي مصيبت، آهي عاشقن کي.
    عقل وارا ڦاسي گهاٽ ڏي ويندڙ رستي کان ان ڪري ڇرڪندا آهن جو هو مرڻ نه چاهندا آهن ۽ عاشق اجل جي سامهون اونچي ڳاٽ انڪري ايندا آهن جو هو سدائين زندهه رهڻ چاهيندا آهن.
    موت کي چند ماڻهو ٿا محسوس ڪن،
    ورنه اڪثر مري ٿا وڃن بي خبر.(باغي)
    شاعرن ۾ به اهوئي فرق آهي. هڪڙا شاعر عقل جي اُٺ تي سوار هوندا آهن ته ٻيا وري واديءَ عشق ۾ سير سفر ڪندا آهن.
    بخشل باغي عاشق شاعر آهي، اِهوئي سبب آهي جو فڪري حوالي سان به صحت مند آهي ته فني حوالي سان به خوبصورت آهي. هن جي فن جي ياري تاريخ ۽ فطرت موافق فڪر سان آهي. بخشل باغيءَ جي شاعريءَ طبع جي تفريح ۽ ذهني عياشي لاءِ ناهي، هن جي شاعريءَ ۾ وطن، قوم، ٻولي، ثقافت، ريتن، رسمن ۽ عشق جا انيڪ رنگ آهن. هُن وٽ سنڌ ائين ناهي جيئن اڄ آهي، هو ته سنڌ کي تاريخ جي عينڪ سان ڏسندو آهي هن جي نظر سنڌ جي ماضي تي به آهي، حال جي ڪمزورين، خامين کان به واقف آهي انڪري هن جي شاعريءَ کي سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ خيال ۽ تجويزون سمجهڻ گهرجي. نه رڳو ايترو پر سنڌ جي آزادي ۽ ترقي ۾ جيڪي به رڪاوٽون آهن، اُهي مذهبي هجن، نام نهاد فڪر فلسفي يا ملڪ جي صورت ۾ هجن، بخشل باغي انهي خلاف بغاوت جو عَلم بلند ٿو ڪري. سندس هڪ ڪتاب ”سپنو سنڌو ديس جو“ جي نالي مان ئي سندس خيالن ۽ خوابن جوا اندازو ڪري سگهجي ٿو. بخشل باغي، سنڌو ديش جي آزاديءَ کي به تمام وڏي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ وٺي ٿو.
    جي ڏسڻ چاهين ”باغي“ آزادي،
    قيد سڀئي پکي، اڏاري ڏس.
    بخشل سنڌ جي شهيدن ۽ سرواڻن کان به واقف آهي. شاهه لطيف سائين جي اِيم سيد ۽ شيخ اياز کان ته ڪڏهن الڳ نه ٿيو آهي.
    هڪ جاءِ تي چوي ٿو ته:
    جنميو سنڌ لطيف ۽ سيد جهڙو سچ،
    ٻنهي ٻاريو مچ، سڄاڳيءَ جو سنڌ ۾.
    شيخ اياز سان کيس ايتري ته محبت آهي جو اياز جي سمورن ڪتابن جا نالا، جيڪي اياز وري لطيف سائين جي بيتن کان کنيا آهن. بخشل انهن سمورن ڪتابن جا نالا، هڪ وائي ۾ آندا آهن.
    چنڊ چنبيليءَ ول،
    واٽون ڦُلن ڇانئيون.
    باغي، شيخ اياز لاءِ هڪ بيت ۾ چئي ٿو ته،
    تنهنجو مرشد ڀٽ ڌڻي، منهنجو مرشد تون،
    ڇائون ٻنهي جون، رهنديون منهنجي ڏات تي.
    بخشل اقتصادي حوالي سان ڀلي امير نه هجي پر اها حقيقت آهي ته هو درد جي دولت سان مالا مال آهي. هن وٽ ڏک به خوشبودار هوندا آهن.
    درد گل جيئن ٽڙي پيا آهن.
    زندگيءَ جي اداس ٽاري تي.
    دردن بخشل کي بغاوت جو رستو ڏيکاريو آهي ۽ موٽ ۾ وري بخشل بغاوت جي ان اڙانگي رستي تي محبتن جا گُل پوکيا آهن.
    مجموعي طور بخشل باغيءَ جي شاعريءَ ڪنهن سُهڻي جي سندرتا، ڪنهن زاهد جي عبادت ۽ ساگر جي گهرائي محسوس ٿيندي آهي. هاڻ ۽ سندس تازي قومي شاعريءَ جي ڪتاب ”سنڌو ديس مهان“ جي اچڻ تي سرهائي محسوس ڪندي کيس دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪيون ٿا.

    ساگر حنيف بڙدي
    23 ڊسمبر ـ 2010ع


    وٺي هر،هر جنم وربو

    مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اِن ڳالهه کي شدت سان پئي محسوس ڪيو آهي ته ڌرتيءَ سان عشق جو جذبو دنيا جي ٻين مڙني رنگن ۽ حُساڪين کان تمام اُتم ۽ سگهارو ٿئي ٿو. مون فطرت جي رنگين کان وٺي انساني سونهن تائين جي سحر ۾ رهي ڪري به اهڙو اُجرو، فخر لائق احساس، جذبو ڪين پاتو آهي. جيڪو مون هميشھ سنڌ سان عشق واري احساس ۾ پاتو آهي. ڇاڪاڻ جو انساني حُسن ۽ فطرت جون اَنيڪ رنگارنگيون پنهنجي جاءِ تي پر ڌرتيءَ جي دين جو رشتو لازوال ۽ اَمر ٿئي ٿو. حالانڪ انساني سونهن جنهن سان اُنس وارو احساس جڏهن پنهنجي عروج تي پهچي اگر سڄڻ مان ساڻيهه جي سچائي جي وسعت نٿو ماڻي ته پوءِ اهو جذبو جوالا بڻجي ڪڏهن به دوام حاصل نٿو ڪري سگهي.
    فاني حُسن جي دلربائي پنهنجي جاءِ تي پر لافاني ڌرتيءَ جي حُسن ۽ حقيقت جي سچائي ڪڏهن به لڪي نه ٿي سگهي اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڀٽائي، سائين جي ــ ايم سيد، شيخ اياز، وغيره پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ، فڪر ۽ فلسفي کي دوامي بنائڻ لاءِ پنهنجي مزاجي مُحبتن کي حقيقت ڏانهن مُنتقل ڪيو. ۽ هو سڄڻ کي ساڻيهه جي روپ ۾ پسيندا امر ٿي ويا. ان امرتا جي امرت کي محسوس ڪرڻ يا پائڻ لاءِ حقيقت جي واٽ وٺڻ لازمي شرط آهي.اُها حقيقت جي واٽ صرف ۽ صرف ڌرتيءَ جي سيني مان ئي ڦُٽي نروار ٿئي ٿي. اهڙي واٽ جنهن تي غُلامي جو غلاف حرام آهي. جنهن تي لا تعلقي اڻ ڄاڻائي، انفرادي آزاديءَ جو تصور، غداري، ڪانئرتا جهڙا خيال کامي پڃري سڙي رک ٿي ويندا آهن. جنهن تي وفاداري، سچائي، اجتماعي آزاديءَ، قومي عشق ۽ حُسن جا پَڪا پختا قدم ئي مَحو سفر رهي سگهن ٿا. اِن شعور جون لاٽون ڀٽائيءَ جي جلايل لاٽ مان اڄوڪي سنڌ تائين پهچائڻ ۾ مرد مُجاهد، اڄ جي سنڌ جو سچو کرو مهندار، سنڌ جي نئين تاريخ جو بي مثال سورمو سائين جي ــ ايم سيد ئي آهي. جنهن ڀٽائي جهڙي اعليٰ شاهڪار ۽ امر شاعر جي شاعري کي وسيع معنوي ڪئينواس ڏئي،ماڻهن جي جوڙيل مخصوص ۽ محدود حدُن مان اُن کي ڪڍي پنهنجي اصل منصب واري مقام تي پهچائي ڀٽائي کي قومي شاعر طور شناسا ڪرائي سندس ڏات جي اُجرن موتين کي ڌرتيءَ جي جهولي ۾ سوغات طور ڀري ڇڏيو. سهڻي، سسئيءَ، ماروي وغيره کي جديد سنڌ جي آزادي جي ارڏن ڪردارن ۽ جدوجهد جي علامت بڻائي سنڌ جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ شريڪ ڪري ڇڏيو. سنڌ کي پنهنجي اصل سُڃاڻپ ڏئي هِن سنڌ، سنڌي قوم کي عالمي اصولن تحت دنيا ۾ ڀرپور نموني سان جيئڻ جو فطري سبب جوڙي ڏنو.
    اهوئي ڪارڻ آهي جو مون جهڙو هڪ ننڍڙو ماڻهو به سيد جي فڪر ۽ فلسفي جي روشنيءَ ۾ پنهنجي ديس کي ڏسي ٿو. ۽ اُن شعور تي فخر ڪندي شاعريءَ جي جوت ڌرتيءَ جي بدصورت اونداهي حالتن ۾ روشن رکڻ جو ساهس رکي ٿو. اِها ڳالهه مون لاءِ وڏو گَروَ رکي ٿي ته مان ڀٽائي، شاهه عنايت، مخدوم بلاول، هوش محمد شيدي، دودي سومري، راجا ڏاهر، ۽ سائين جي ــ ايم سيد واري راهه جو پانڌئيڙو آهيان. مون لاءِ ڌرتيءَ ۽ قومي شناسيءَ جو ڏڍ ايترو ته ڀرپور آهي جو مان حالتن جي اڄوڪي پيچده هٿ ٺوڪي، ۽ حد کان وڌيڪ ڀيانڪ، هن رياستي وايو منڊل ۾ وڏي اُتساهه سان سڄي قوم سميت مهاڏو اٽڪايان پيو. نه ته دنياوي حُسن ۽ عشق ئي مون جهڙي حساس ماڻهو کي ڪڏوڪو رُولي ڪنهن اوجهڙ ۾ اُڇلي ڇڏين ها، اُن ڪري به حُسن ۽عشق جي افاديت کان مُنهن نه مٽيندي اهو به هڪ اعتراف ڪرڻ بهتر آهي. ته حُسن ۽ عشق جي اِن جذبي تي هميشه ڌرتيءَ سان دم نڀائڻ وارو گهرو احساس حاوي رهندو ئي آيو آهي. توڙي جو مان پنهنجي شاعريءَ ۾ پڙهندڙن کي هڪ رمانوي، حسن پرست، ۽ حساس دل شاعرته لڳان ٿو پر انهن مڙني جذبن جو بنياد سچ ته هي سنڌ جي ڌرتي آهي. جنهن جي انساني سونهن توڙي فطري سونهن مان ئي ديس جي دلبري جنم وٺي منهنجي ساهن ۽ دل جي ڌڙڪن سان گڏوگڏ هلندي منهنجو جياپو بڻجي پئي آهي. اهوئي سبب آهي جو منهنجا جيڪي به شاعريءَ جا ڪتاب ڇپيا آهن. سچ ته اُنهن جي ڇپجڻ جي خوشي ته ضرور ٿيندي آهي. پر جيڪا خوشي مون کي پنهنجي قومي شاعريءَ جي ڪتاب ”سپنو سنڌو ديس جو“ جي ڇپجڻ تي ٿي هئي اوتري ئي مون کي پنهنجي اولاد، مِلي، مُونسِ۽ سِپ جي جنم تي ٿي هئي. ۽ وري اڄ جڏهن پنهنجي نئين قومي شاعري جي ڪتاب ”سنڌو ديس مهان“ لاءِ ٿي رهي آهي اُن جو ته اظهار ڪرڻ منهنجي وس ۾ ئي ناهي، منهنجي دلي خواهش آهي ته مون کي سنڌ جي قومي شاعر طور سُڃاتو وڃي. منهنجي لاءِ اهو ئي وڏي ۾ وڏو ڌرتيءَجو اعزاز آهي.
    ”سپنو سنڌو ديس جو“ جي مهورت ته مون سَن ۾ سائينءَ جي سالگره تي سائين عبدالواحد آريسر صاحب کان ڪرائي هئي. اُهو ئي سائين آريسر صاحب جنهن سان مان شايد 90،89ع ۾ نواب شاهه ۾ مليو هئس. اُن وقت مان اڃان ننڍو هئس پر ڪچي ڦڪي سنڌي شاعريءَ به ڪندو هئس اُن ملاقات واري تصوير اڄ به مون وٽ محفوظ آهي. مون اُتي آريسر صاحب کي پنهنجي ڪچي ڦڪي شاعريءَ مان ڪجهه شاعري ٻُڌائي هئي، جنهن مان هڪ شعر مون کي اڄ به ياد آهي ته:
    متان سنڌڙيءَ تي اک کڻي، تون دشمن آن اسان جو،
    اِها ڀُل آ توکي سنڌڙيءَ تي سِر قربان آ اسان جو. (باغي)
    ۽ آريسر صاحب مون کي اُتساهيندي شاعريءَ جي اُستادي لاءِ سائين راشد مورائي سان ملائڻ لاءِ چيو هو. پر پوءِ راشد سائين سان مان ڪو نه ملي سگهيو هوس. توڙي جو سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ مان سائين راشد مورائي جي شاعريءَ وسيلي ساڻس اڳ ۾ ئي ملي چُڪو هئس. ۽ ڀٽائي، اياز، حليم باغي، راشد مورائي، سرڪش سنڌي، عبدالڪريم گدائي، محمد خان مجيدي، ابراهيم مُنشي، زاهد شيخ، عبدالحڪيم ارشد، جمن دربدر تاج جويي وغيره جي شاعري وڏي شوق ۽ غور سان ٻُڌندو هئس. سائين ارشد ته شايد اٺين درجي ۾ اسان جو ڪلاس جو پيرڊ به وٺندو هو. ۽ ساڻس پنهنجائپ ۽ شناسائي هئي. ائين عشق، حُسن جي سحر ۾ منڊجڻ واري وهيءَ ۾ به ڪنهن نه ڪنهن طور، يا طريقي سان منهنجي روح جي ديس سان تند جُڙيل هئي. جيڪا هاڻ وڌي هڪ اهڙي جڙ بڻجي پئي آهي. جنهن جي نڪرڻ سان مان ختم ٿي ئي ويندس.
    ”سنڌو ديس مهان“ ۾ ڏنل شاعري کي ڪتابي صورت ۾ سهيڙيندي مون کي ائين پئي ڀاسيو ڄڻ مان پنهنجي وکريل وجود کي وري هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور سگهه سان سهيڙيندو هُجان، ڄڻ پنهنجي تڪميل جي سفر تي هُجان ڇاڪاڻ جو عالمي امن، تازو آيل سنڌ ۾ هٿ رادو ٻوڏ، اجرڪ، ٽوپيءَ جو ڏهاڙو، درياهه جو سوڪهڙو، سيد جي فڪر ۽ نظريي سان اُنس پنهنجي ديس ۾ خانه بدوشيءَ جو احساس ۽ ڌرتيءَ جا ٻيا انيڪ مسئلا منهنجي شاعراڻي ڏات جي فطري سگهه پئي رهيا آهن.
    دنيا جو انقلابي ادب پڙهڻ ۽ پنهنجي ديس جي غلامي وارين حالتن مان گُذرندي هڪ شاعر هئڻ جي ناتي منهنجو ايمان ٿي چُڪو آهي. ته اديب کي پنهنجي سماجي نا همواري وارين حالتن ۾ قلمي ۽ عملي طورتي سچائي ۽ ڀرپور نموني سان قومي آزادي جي هلچل ۾ گڏ گڏ هلڻ گهرجي انقلاب، خواهشن ۽ خوابن کان ماوارا هڪ اهڙي حقيقت جو عمل آهي. جنهن ۾ ارادن جي اڏولتا، حوصلن جي قوت، ۽ مُسلسل طويل پيرين پنڌ جي ضرورت هوندي آهي. اُن کان اعلاوه ڀٽائي، اياز، ۽ سائين جي ــ ايم سيد جي فڪر ۽ ڏات جي روشني ۾ به هي سنڌي قوم انفرادي آزادي، جي نشي ۾ ڌُت آهي جو هُو قومي قافلي ۾ عملي جدوجهد کان ونءُ ٿي وڃي. جڏهن ته وفاق پرست سياست جي پويان لڳي ٽڪي جي ذاتي مُفادن تي قربان ٿي وڃي ٿي ۽ پنهنجن جي مخبري ڪندي ڪنهن شاعر جي شعر جي عڪاسي تي ڪري ته:
    مون پَڪ سُڃاتا پنهنجا ها ڪلهه ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾،
    ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾.
    (ابراهيم مُنشي)
    پر اها صورتحال سموري سنڌي قوم لاءِ به وقف نٿي ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ جو ”اڃا ڪي آهين ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي“ جي مصداق اهڙا حق ۽ سچ لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪاپڙي به آهن جن کي به ڪن شاعرن پنهنجو اُتساهه بخشيندڙ ڪردار سمجهي ائين به چيو ته:
    او مور سنڌي، شهزور سنڌي، وک چور ته مان قربان ٿيان.
    هر رهزن جو، سنڌ دشمن جو ڪنڌ ڪور ته مان قربان ٿيان.
    (تاج جويو)
    يا:
    وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو.
    ختم اُونداهه ٿي ويندي چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو.
    (جمن دربدر)
    ڀٽائي ۽ اياز کان پوءِ سائين جي ايم سيد جي عملي جدوجهد ۾ اهڙا شاعر به آهن جن وٽ اُميد ۽ اٽل ارادي واريون ڀرپور خوبيون سندن ڏات مان جلووا افروز ٿينديون رهيون آهن. اُن ساڳي ڪتاب ”سپنو سنڌو ديس جو“ جي مهورت منهنجي نظرياتي دوست مسعود خاصخيلي پنهنجي ذاتي دلچسپيءَ جي آڌار تي جسقم دوڙ شهر ۾ رچائي هئي. جنهن جي صدارت بشير خان قريشي ڪئي هئي ۽ مهمانِ خاص خاڪي جويو هو. اُن پروگرام ۾ هڪ ته منهنجا ادبي دوست شريڪ نه ٿيا هئا. پر جيڪي دوست آيا به هئا. ته اُنهن اسٽيج تي تقرير کان معذرت ڪئي. ۽ ڀوڳن،ڀوڳن ۾ دل جي حقيقت ڪيائون ته يار اسان اڃان ته رٽائر ٿي پينشن به نه کنئين آهي، پروگرام ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪجهه دوستن مون کي پاڻ سان ٿيندڙ اُن پروگرام کان به روڪيو پئي. ۽ چيائون پئي ته گهر جو وڏو آهين. رُلي ويندين پرمون کين چيو ته اگر اهڙو وقت آيو به ته اُن کي مُنهن ڏبو.
    سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ نظريي جا اثر سنڌ جي سڄي ڪلچر تي، چٽا پٽا نظر اچن ٿا.اُهو سائين ئي هو جنهن پنهنجي نظر بنديءَ دوران بتيءَ يا ڏيئي جي جهيڻي روشني ۾ اهڙا ته عظيم ڪتاب تحرير ڪيا جو اُنهن جي سُرهاڻ سموري سنڌ جي ذهنن کي پنهنجي خوشبو سان واسي ڇڏيو آهي. ٻي پاسي جڏهن سائين عملي جدوجهد ۾ ٻاهر پئي لٿو ته سڄي سنڌ ۾ ٿرٿلو پئي پئجي ويو ۽ حڪمرانن جا حواس ئي خطا ٿي ٿي ويا. اهڙي عظيم شخص سنڌي قوم کي پنهنجا سورما، پنهنجو ڪلچر، پنهنجي تاريخ، ٻولي، ڀٽائي جهڙو آفاقي ۽ عالمي شاعر ڳولي بلڪ اڄ جي سنڌ کي ”ديوار سنڌو“ يعني ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ جهڙو شاهڪار ڪتاب ڏنو جيڪو سنڌ جو هڪ ڀرپور مقدمو آهي. جنهن ”ديارِ دل داستان محبت“ جهڙو لازوال ۽ سنڌي ادب کي ڪلاسيڪل ڪتاب ڏنو.جنهن ۾ عشق ۽ مُحبت، حُسن ۽وفا جهڙن اهم موضوعن کي پنهنجي نظريي جي رنگينن ذريعي مُنفرد رنگ ڏئي پيش ڪري سنڌ جي سونهن ۽ سڀيتا کي واضع ڪيو آهي. سياست، فلسفي، ادب، تاريخ، تمدن، مذهب، سماجيات وغيره تي سائين جيڪي پنهنجي شعور جا واهڙ وهايا آهن. اُهي سنڌ جي نصيب جو هڪ اهڙو ته سڻائو ساءُ آهن جن کان سواءِ اڄ جي سنڌ غلاميءَ جي ڪرب ناڪ احساس کان ڪڏهن به سُڃاڻ نه ٿي سگهي ها. اڄ جڏهن سنڌ ۾ سنڌين جا ڏهاڙا ملهائجي رهيا آهن ته اها پوک به سائين جي ايم سيد جي پوکيل آهي. اڄ جي ڪوبه سنڌ جي ڳالهه ڪري ٿو ته اُهو به سيد جي سوچ جو مُثبت نتيجو آهي.
    سائين جي ايم سيد سنڌ جي تصور کي پنهنجي نظريي سان مڪمل ڪري هڪ اهڙي امرتا جو مقام ڏنو آهي. جيڪو سنڌ جي آزادي تائين سنڌي قوم کي فنا نه ٿيڻ ڏيندو. اها سنڌي قوم جي خوش نصيبي ۽ هِن رياست جي حڪمرانن جي بد نصيبي آهي جو سنڌ کي سائين جي ايم سيد جهڙو محافظ پُٽ مليو جنهن پنهنجي سوچ ۽ ويچار، عملي ڪارڪردگي ، ۽ ڪردار جي پاڪائي سان قوم کي هڪ اهڙي ته قوت عطا ڪئي آهي. جيڪا دشمن کي گوڏا کوڙائڻ جي همت رکي ٿي. بس رڳو اُن طاقت کي يڪجاءِ ٿيڻ جي ضرورت آهي. ۽ اُهو وقت پري ناهي جو سڄي سنڌ سائين جي ٻاريل عشق جي مچ تي پنهنجي بي حصي جا سرد هٿ، وفا جي گرمائش سان گرم ڪري هڪ انساني زنجير جي صورت اختيار ڪندي ۽ اتحاد جي آواز سان هم ڪورس ٿي آزادي جا گيت ڳائيندي منزل طرف وڌندي.
    بخشل باغي
    اڱارو، 21 ڊسمبر 2010ع
    Cell: 03003217411


    غزل

    سال نئون يا ڪي پُراڻو، ديس سارو دربدر،

    سال نئون يا ڪي پُراڻو، ديس سارو دربدر،
    بُک، بيمارين ۾ ساڻو، ديس سارو دربدر.

    ذات جي عينڪ اکين تان، ٿورڙي لاهي ڏسو،
    درد، ڌرتيءَ جو سُڃاڻو، ديس سارو دربدر.

    اي مسافر! ڇا ڏئي توکي،پَتو رولاڪ هي،
    ڪينَ ڌڻين جو ٺڪاڻو، ديس سارو دربدر.

    هُو جو سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي ويهي واهر هو ڪندو،
    سو پکي ڀي ويو اُڏاڻو، ديس سارو دربدر.

    رت تنهنجي ۾ نه شايد،اَن ڌرِتيءَ جو هُيو،
    تو ملهايو ڪينَ داڻو،ديس سارو دربدر.

    سُڃ سنڌوءَ جا ڏسي هاءِ! ڪنارا روهه جيان،
    لُڙڪ پيو لاڙي مهاڻو،ديس سارو دربدر.

    ڪهڙي آزادي ملهايو پيا جشن جي روپ ۾،
    قيد آهيو اي اياڻو! ديس سارو دربدر.

    پيڙهجي ٿي روز غُربت، روز ٿا هَڏَ چُور ٿين،
    حالتن جو تيز گهاڻو، ديس سارو دربدر.


    پتڻ تي پُور هوندو هو.

    پتڻ تي پُور هوندو هو.
    دريا ڀرپُور هوندو هو.

    سنڌؤ جي ويڪري ڇاتي،
    ڪنارو ڏُور هوندو هو.

    پکين ٻوليو پئي ٻيلن مان،
    ڪنڌيءَ تي جُهور هوندو هو.

    ڏنائين حوصلا هرپل،
    توڙي جو چُور هوندو هو.

    ٿڌيري ڇانوَ هو نِم جي،
    وڻن جو ٻُور هوندو هو.

    سُجاڳيءَ جي علامت هو،
    وطن لئه نُور هوندو هو.

    کنيائين تُهمتون سِر، تي،
    ميان! منصُور هوندو هو.

    مرڻ، جيئڻ آ، ڌرتيءَ سان،
    سندس منشُور هوندو هو.


    تنهنجي دردن جو اي ديس! دارون ڪري.

    تنهنجي دردن جو اي ديس! دارون ڪري.
    ويڄُ اُڏري ويو سو اُڏارون ڪري.

    سنڌ تان سِر قربان ٿيندا پيا،
    جوان آهن کڙا ڏِسُ! قطارون ڪري.

    تون ڪَنن سان به ٻوڙو رهئين بي خبر،
    جهُور مرندي مري ويو پُڪارون ڪري.

    رُڃ ۾ فڪر جا گُل گُلابي ڏئي،
    ديس سارو ويو هُو بهارون ڪري.

    هر طرف کان پئي اک بگهڙ جي تَڪي،
    سنڌ جون ڪو ته هاڻي سنڀارون ڪري.

    وڍ ايڏا جو آهن سِبڻ کان گهڻا،
    پو به تکيون گُهمين ٿو ترارون ڪري.


    تڏهن به بائيبل پڙهي رهيو آ،

    تڏهن به بائيبل پڙهي رهيو آ،
    صليب تي ڪو چڙهي رهيو آ.

    هلي ٿو جنهن سان جهان جو چرخو،
    اُهو ڇو پورهيت ڪڙهي رهيو آ.

    نه جنهن کي ڌرتي تي گهر آ پنهنجو،
    اُهو وطن لئه وڙهي رهيو آ.


    زمانن کان آهن ڳچيءَ ڳٽ ساڳيا،

    زمانن کان آهن ڳچيءَ ڳٽ ساڳيا،
    اسان جا نه ڀرجي سگهيا ڦٽ ساڳيا.

    اڃا ڀي حقن تي سندءِ حڪمراني،
    اڃا ڀي ڳجهن جيئن تنهنجا جهٽ ساڳيا.

    ڪٿي آهين اَبري ڪرم جا او مالڪ،
    اُڃا ڇو اَڃا سنڌ جا پٽ ساڳيا.

    نه پيرن جي آهٽ نه ڪا انتظاري،
    نماڻا پيا هِن مگر گهٽ ساڳيا.

    اِنهن جا ئي هٿ هُوندا تنهنجي ڳچيءَ ۾،
    اِنهن کي نه تون سمجهجان ڄٽ ساڳيا.

    نه مَٽ سي پروڪا، متارا نه موکي،
    نه هوڪا نه واڪا، نه ئي هَٽ ساڳيا.

    اڃا ڀي ملين ٿو تون مُنهن کي گُهنجائي،
    اڃا ڀي ڇا تنهنجي اندر ڪَٽ ساڳيا؟


    ديس واسين جي آس آ دريا،

    ديس واسين جي آس آ دريا،
    ڪين پوءِ به راس آ دريا.

    هي ته ٻيڙي ئي فقط ڄاڻي ٿي،
    ٻن ڪنارن جي پياس آ دريا.

    پُور ناهي رهيو پتڻ تي جو،
    ناوَ بِن اڄ اداس آ دريا.

    جنهن جي ڇولين ۾ چنڊ ڇُلندو هو،
    سو ئي اڄ ڪلهه اُماس آ دريا.

    ڪَپ دلي جيان سُڪل ٺڪر جهڙا،
    ڄڻ ته خالي گلاس آ دريا.

    جنهن جي دهشت سان هانوَ ڏڪندا ها،
    اڄ اهوئي حساس آ دريا.

    منهنجي ڌرتيءَ جي جسم تي سائو،
    ليڙون ليڙون لباس آ دريا.

    سوز جو آ سُڳنڌ ساحل تي،
    ٺوٺ واريءَ جو واس آ دريا.


    سوئي امر آ جنهن جو هِت ڀاڳ مٽي آ،

    سوئي امر آ جنهن جو هِت ڀاڳ مٽي آ،
    هُونءَ به زندگيءَ جو هر ماڳ مٽي آ.

    سڀ عشق محبت جا هِن مان ئي سُر ڦُٽن ٿا،
    هي گيت وفائن جو، ڪو راڳ مٽي آ.

    ڄڻ تيز هوا گهوڙو، آ وقت سوار اُن تي،
    جنهن جي هٿن ۾ اُڏندڙ هي واڳ مٽي آ.

    هي اک آ ازل جي،جيڪا لڳي نه ڪڏهين،
    پئي ٿي جلي جُڳن کان ڪا جاڳ مٽي آ.


    ديس جي دار سان، دلبري ٿي پوي،

    ديس جي دار سان، دلبري ٿي پوي،
    قوم گُمراهه جي، رهبري ٿي پوي.

    هٿ خنجر سڀئي ٿي پَون جيڪڏهن،
    مات رهزن! تنهنجي، رهزني ٿي پوي.

    روشنيءَ جا سوين پيچرا نکرندا،
    سوچ سنڌوءَ جي روشن، بتي ٿي پوي.

    ديس مينديءَ جي خوشبو، سڄو ٿي وڃي،
    سنڌ جي رُت رنڱجي، رتي ٿي پوي.

    سونهن جي ته پڇاڙي، مٽي آ ميان!
    عشق سو ئي امر، جو مٽي ٿي پوي.

    ساٿ ”باغيءَ“ جو ڌرتيءَ، سان لکجو سدا،
    ديس جي عشق ۾، شل پتي ٿي پوي.


    ديس! تنهنجي دلبري جيئي سدا.

    ديس! تنهنجي دلبري جيئي سدا.
    نانءُ تنهنجي شاعري جيئي سدا.

    جا ڀڄي خوشبو پکيڙي ٿي ڇڏي،
    سنڌ جيجل جي مِٽي جيئي سدا.

    جا نجاتي راهه تي آ گامزن،
    ”سائين“ تنهنجي ! رهبري جيئي سدا.

    آڏني جنهن ۾ امڙ لولي مٺي،
    سا سنڌي ٻولي مِٺي جيئي سدا.

    جا ختم اُنداهه سنڌوءَ مان ڪري،
    اهڙي چانڊوڪي چٽي جيئي سدا.

    جا ورهائي پيار ساري ڏيهه ۾،
    دل اُهائي مُحبتي جيئي سدا.

    جنهن ڪيو آ ايترو جنمي وڏو،
    مائُڙي منهنجي مِٺي جيئي سدا.


    سنڌ! تنهنجي چاهه تان صدقي وڃان.

    سنڌ! تنهنجي چاهه تان صدقي وڃان.
    مان سنڌو درياهه تان صدقي وڃان.

    مان مرڻ چاهيان نٿو تاريخ ۾،
    مان تڏهن ٿو شاهه تان صدقي وڃان.

    سنڌ! تنهنجو نانءُ مُون تي ڇانورو،
    مان تنهنجي وڻراهه تان صدقي وڃان.

    سوچ تنهنجي ٿي ٻَري لاٽون ڪري،
    تو ڏني ساڃاهه تان صدقي وڃان.

    پير ”سائين“ جا پيا جنهن پيچري،
    مان انهيءَ هر راهه تان صدقي وڃان.

    تو ڏنو ايمان آزاديءَ سندو،
    وطن جي ويساهه تان صدقي وڃان.


    اڄوڪي ڏينهن کي تنهنجي جنم ڪيو آ امر.

    اڄوڪي ڏينهن کي تنهنجي جنم ڪيو آ امر.
    تنهنجي جنم تي وقت کي به وڏو آهي فخر.

    تون! سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي اڄ به ڄڻ ته ويٺو آن،
    تنهنجي ٻاجهاري، سنڌ تي اڃا به آهي نظر.

    وري چانڊاڻ ۾ ٻيهر به وٺي ايندين جنم،
    سنيهو سنڌ کي اُڀري ڏنو آ، رات، قمر.

    اِها تاريخ جي ثنا جو باب آهي ابا!
    امن جو ٿي پئي اُهڃاڻ آهي تنهنجي قبر.

    هي جو اڄ سنڌ سڄي توسان ملڻ آئي آ،
    اِها به سامراج لاءِ انت جي آ خبر.

    سدائين سنڌ امڙ جي پئي سينڌ اُجڙي آ،
    اُٿو، اُٿو اي ساٿيو! نه هاڻ ٿيندو صبر.

    سنڌ جو سائين ۽ سائينءَ جو روپ آهين تون،
    تنهنجي نيڻن ۾ اچي ٿي سموري سنڌ نظر.

    انهيءَ ته آس تي اُوندهه سان اٽڪندا پيا اچون،
    اسان جي خون مان ”باغي“ ڦُٽي ڪا پوندي سحر.


    حال ۾ منصور جو گونجي پيو،

    حال ۾ منصور جو گونجي پيو،
    حق جو نعرو اڃا اتهاس مان.

    سنڌ مان ”سيد“ هليو ائين ويو،
    گُل ڇنو ڪو موت املتاس مان.

    ڪالهه عيسى کي ڪيو مصلوب ويو،
    پر وَهي ٿو خون اڄ ڀي ٽياس مان.


    ويجهو دل جي آءُ! ڏيکاريان مان توکي،

    ويجهو دل جي آءُ! ڏيکاريان مان توکي،
    ڪهڙو، ڪهڙو گهاءُ، ڏيکاريان مان توکي.

    دشمن جو هر وار، ورائي واپس ڪيم،
    ڪاهه ڪري ڪيئن ڀاءُ! ڏيکاريان مان توکي.

    ڌرتيءَ کان تون ڌار ٿيڻ جو درس نه ڏي،
    سنڌ اکين ۾ ماءُ، ڏيکاريان مان توکي.


    لاٽ ڏيئي جي بڻجي ڏِسُ،

    لاٽ ڏيئي جي بڻجي ڏِسُ،
    کاٽ اُوندهه ۾ هڻي ڏِسُ.

    روز ٿو اُڀ کي ڇُهين تون،
    خاڪ ڌرتيءَ جي کڻي ڏس.

    رنگ ڪيڏا ٿي سمائي،
    ڀونءَ جي بڻجي پڻي ڏسُ.


    ٿي ويو آ جلا وطن احساس،

    ٿي ويو آ جلا وطن احساس،
    ديس منهنجو قياس ۾ ملبوس.

    مُنصفو ! غور سان ڏسو هي ڏيک،
    ٿيو مسيحا، ٽياس ۾ ملبوس.

    دانهن ٻيڙيءَ جي ٿي ويو درياهه،
    وَنجهه آهن پياس ۾ ملبوس.


    نِڪتو ڪوبه نه خاص نتيجو،

    نِڪتو ڪوبه نه خاص نتيجو،
    آيو چوٿون سال صديءَ جو،

    ساڳي تيز هوا طوفاني،
    ساڳيو اُوندهه ڀاڳ بتيءَ جو.

    ڇانوَ وڻن جي ٻول پکين جا،
    ڪاڏي ويو سو روپ نديءَ جو،

    رت ٽِمي پيو ٿو ٽاريءَ مان،
    ڪنڌ ڪپيو ڪنهن هي مُکڙيءَ جو.

    ڪيڏو سُندر منهنجي ڀُو ميءَ،
    ويس ڍڪيو آ چانڊوڪيءَ جو.


    شل مٽيءَ مهڪار تان واريون وڃان،

    شل مٽيءَ مهڪار تان واريون وڃان،
    ديس جي سنسار تان واريون وڃان.

    سُونهن تنهنجيءَ کي جُهڪي سجدا ڪيان،
    سنڌ! تنهنجي سار تان واريو وڃان.

    ديس! تنهنجي ڪاڻ جيڪا ڀي سَجي،
    مان سدا، تنهن دار تان صدقي وڃان.


    پنن جي اکين ۾ به پاڻي ڇڏي ويا،

    پنن جي اکين ۾ به پاڻي ڇڏي ويا،
    پکي وڻ تي پنهنجي ڪهاڻي ڇڏي ويا.

    اڃا سِڪ ۾ ڇڪ ساڳي رکن ٿا،
    اُهي جيڪي ڌرتي اَباڻي ڇڏي ويا.


    ڏنئي انقلابن جي ساڃاهه جن کي،

    ڏنئي انقلابن جي ساڃاهه جن کي،
    اُنهن ئي بغاوت ڪئي تنهنجي نالي،

    نئون خيال ”باغي“ ڏنو شيخ صاحب،
    فڪر مون ارپيو، ڀٽائيءَ رسالي.


    وَنجهه هئا ٻانهون، سنڌوءَ سان ڀاڪرين،

    وَنجهه هئا ٻانهون، سنڌوءَ سان ڀاڪرين،
    ڳالهڙيون ڪن ٿا بتيلا پاڻ ۾.

    روز پکين کان پري ٿيندا وڃون،
    وڍجندي سوچين ٻيلا پاڻ ۾.


    منهنجي ڌرتيءَ جو خيال رکجو پيا،

    منهنجي ڌرتيءَ جو خيال رکجو پيا،
    سنڌ جا پَربتو! خدا حافظ.

    ٿڪ ڪهڙا ڀَڃان مان صحرا ۾،
    پنڌ پيو آ تتو، خدا حافظ.


    سي مري ڀي امر ٿي ويا تاريخ ۾،

    سي مري ڀي امر ٿي ويا تاريخ ۾،
    جن جي ڌرتيءَ سان عزت ۽ غيرت هئي،

    مون کي ”سيد“ جي پيرن ۾ دفنائجو،
    هي به ”باغي“ جي من جي وصيعت هئي.


    لهر ٿي چانڊاڻ کي سُڏڪي چوي،

    لهر ٿي چانڊاڻ کي سُڏڪي چوي،
    سمنڊ ٿو ساري سنڌو درياهه کي.

    اُڀ، ڌرتيءَ کي ڏسي پيو قياس مان،
    جيئن ڏسندو آهي ڪو بيواهه کي.


    هوا ۾ شور آهي، پوءِ به تون خاموش ڇو آهين؟

    هوا ۾ شور آهي، پوءِ به تون خاموش ڇو آهين؟
    گهٽا گهنگهور آهي، پوءِ به تون خاموش ڇو آهين؟

    اُٿي ڀاڳيا! ڪري ڪڙڪو، ڀڃي وجهه ڪنڌ ڌاريي جو،
    ڏسين پيو چور آهي، پوءِ به تون خاموش ڇو آهين؟


    تنهنجي ئي عشق جي من ڏيندو اَذان رهندو،

    تنهنجي ئي عشق جي من ڏيندو اَذان رهندو،
    منهنجو سدائين تو ۾ ڌرتي! ايمان رهندو.

    مِٽيءَ کي جنهن به پوڄيو ۽ جنهن اُنهيءَ کي ڄاتو،
    تاريخ ۾ امر سو مانجهي مهان رهندو.


    نه ڪو به هڪڙو فرد آ

    نه ڪو به هڪڙو فرد آ
    سڄو سماج درد آ

    مري، مري به جو جيئي،
    مهان سوئي فرد آ.


    اڄ وري تاريخ کي دُهرائبو،

    اڄ وري تاريخ کي دُهرائبو،
    دوستو! اڄ دار، مون کي ٿي سَڏي.

    تنهنجي وارن ــ ڇانو کي ويندُس ڇڏي،
    ماءُ ــ ڌرتي يار! مونکي ٿي سڏي.


    ديس جي هر ڪا گهٽي ڳولي پئي

    ديس جي هر ڪا گهٽي ڳولي پئي
    امن! توکي سرشٽي ڳولي پئي.


    ٿيا پَٽَ پڌرا، لڳو چاندنيءَ ۾،

    ٿيا پَٽَ پڌرا، لڳو چاندنيءَ ۾،
    قسم سنڌ جو ڄڻ ِ مِٽي ٿي ٻري.


    اڙي وقت! توسان شڪايت گهڻي آ.

    اڙي وقت! توسان شڪايت گهڻي آ.
    تو انڌو ۽ ٻوڙو ڪيو ڇو ڌڻي آ؟


    اِن آس سان ڪنڌيءَِ تي ، ٻيڙي جَهلي کڙو آ،

    اِن آس سان ڪنڌيءَِ تي ، ٻيڙي جَهلي کڙو آ،
    ايندو سنڌوءَ ۾ پاڻي، وهندو درياهه آخر.


    مُحبتون ئي مُحبتون اي ديس! پوکيون پاڻ هُون،

    مُحبتون ئي مُحبتون اي ديس! پوکيون پاڻ هُون،
    ڪنهن ملائي پو ڇڏيون هي، نفرتون مِٽيءَ اندر.


    سڄي سنڌ نوحو بڻي آب جو،

    سڄي سنڌ نوحو بڻي آب جو،
    اِهي ڪربلائون ڏکوئين ٿيون.


    سنڌ! توسان عشق منهنجو، ٿي ويو ويتر اُتم،

    سنڌ! توسان عشق منهنجو، ٿي ويو ويتر اُتم،
    سونهن تنهنجي مون جڏهن محبوب پنهنجي ۾ پَسي.


    ڪو به ڌرتيءَ جو ناهي مسيحا رهيو،

    ڪو به ڌرتيءَ جو ناهي مسيحا رهيو،
    قوم کي هاڻ سائي ٿي وڌندي وڃي.


    هڪڙي لڪير سارا، مُحبت جارنگ ريٽيا،

    هڪڙي لڪير سارا، مُحبت جارنگ ريٽيا،
    ٿي پيو ”عدم تشدد“ وارو هي کنڊ نيرو.


    جهول هيرن جا ڀري ديس! جنهن ڏنا توکي،

    جهول هيرن جا ڀري ديس! جنهن ڏنا توکي،
    پنهنجي سِر تي وسايا سنگ اُنهيءَ وَڻجاري.


    وڏا حالات جا مانگر، وڏي دَڙ، وقت، دريا ۾،

    وڏا حالات جا مانگر، وڏي دَڙ، وقت، دريا ۾،
    پوءِ ڀي سنڌ سُهڻي هُن ڪنڌئي ترندي وڃي پيئي.


    مِٽي راس ڌرتيءَ جي ٿي ڪين تن،

    مِٽي راس ڌرتيءَ جي ٿي ڪين تن،
    مُئا ديس واسي هُو پرديس ۾.


    هَلونيڻ اُوندهه ۾ ٻاري ڏيئا سڀ،

    هَلونيڻ اُوندهه ۾ ٻاري ڏيئا سڀ،
    اِجهو ڄاڻ اُڀري ڪا پرڀات آئي.


    تڏهن ئي تون آڪاش بڻجي سگهين ٿو،

    تڏهن ئي تون آڪاش بڻجي سگهين ٿو،
    جُهڪي تون جو ڌرتيءَ جي پيرين پئين.


    ذهن جو سامان ٺاهي ٺيڪ ڪر،

    ذهن جو سامان ٺاهي ٺيڪ ڪر،
    سوچ جا رستا نوان تخليق ڪر.


    وايون

    ڪيڏي اُنداهي،

    ڪيڏي اُنداهي،
    پو به رڙهن راهي،
    سُهائيءَ جي سارَ ۾.
    رکيئون نيڻن تي چُمي،
    فرضن لئه ڦاهي،
    سُهائيءَ جي سارَ ۾.
    مان نه اڪيلو آهيان،
    مون سان الاهي،
    سُهائيءَ جي سارَ ۾.
    ڪيڏي اُونهي ٿي پئي،
    خوابن جي کاهي،
    سُهائيءَ جي سارَ ۾.
    ڀاڳن ۾ آ ڀوڳڻو،
    سُور نه ڏين ساهي،
    سُهائيءَ جي سارَ ۾.


    وڻ، وڻ واويلا،

    وڻ، وڻ واويلا،
    مُک ــ پکين ڀيلا،
    ڏاڙهي ٿو هي ڏيکڙو.
    نِڙي سنڌوءَ جي سُڪل،
    بُک ۾ بتيلا،
    ڏاڙهي ٿو هي ڏيکڙو.
    پنهنجي نيڻن جا سڀئي،
    ماتم ٿيا ميلا،
    ڏاڙهي ٿو هي ڏيکڙو.
    باهه نه ٽمڪي ٿي ڪٿي،
    اڱڻ اڪيلا،
    ڏاڙهي ٿو هي ڏيکڙو.
    ايڏي تنهائي ڪَڙي،
    وِهُه لڳن ويلا،
    ڏاڙهي ٿو هي ڏيکڙو.
    ڪر نه رُسڻ جون تون وري،
    ڳالهيون ڳهيلا!
    ڏاڙهي ٿو هي ڏيکڙو.


    پنهنجي ڌرتيءَ تي اڃا،

    پنهنجي ڌرتيءَ تي اڃا،
    خانه بدوشي،
    آخر ڪيستائين؟
    بُک ــ عدالت ۾ سدا،
    غربت جي پيشي،
    آخر ڪيستائين؟
    تنهائيءَ به چئي ڏنو،
    ايڏي خاموشي،
    آخر ڪسيتائين؟
    ديس، ڌڻين جي ديس ۾،
    رهندي رُوپوشي،
    آخر ڪيستائين؟
    ڏوهه نه ثابت ٿي سگهيو،
    پو به اڃا دوشي،
    آخر ڪيستائين؟
    ماڻهوءَ مَن ۾ ٿو وَسي،
    ورهين کان وحشي،
    آخر ڪيستائين؟
    ماکيءَ جيان محسوس ٿي،
    تنهنجي سرگوشي،
    آخر ڪيستائين؟
    ڌرتيءَ تي به ڌيان ڏي،
    ”باغي“ مَي نوشي،
    آخر ڪيستائين؟


    واري ئي واري

    واري ئي واري
    آهي پنهنجي پنڌ ۾
    جُهرندا، ڀُرندا ٿا هَلون،
    ڪُوڪ نه ڪر ڪاري
    آهي پنهنجي پنڌ ۾
    روح پکيئڙو ٿو ڊڄي،
    اجل شڪاري
    آهي پنهنجي پنڌ ۾
    اوسيئڙي جي روشني،
    آخر ڪنهن ٻاري؟
    آهي پنهنجي پنڌ ۾
    سُڃ سَمورو آ سفر،
    وک، وک اُڃاري
    آهي پنهنجي پنڌ ۾
    پايل جي احساس ۾
    ڇم،ڇم،ڇم ناري
    آهي پنهنجي پنڌ ۾


    پکي پرديسي

    پکي پرديسي
    آيا آهن ديس ۾.
    مُکڙو مُونن ۾ لڪل
    گيڙو وَنَ ويسي
    آيا آهن ديس ۾.
    برکا، بَر، بَر برسندي
    سانوَڻ سنديسي
    آيا آهن ديس ۾.
    هاءِ! ڌرتيءَ جا ڌڻي
    بڻجي پرديسي
    آيا آهن ديس ۾.


    هاءِ! هي برِ صغير،

    هاءِ! هي برِ صغير،
    ٽن ٽُڪرن ۾ ورهايو.
    رت تو ڪيڏو وهايو.
    نانءُ مذهب جو ڏئي تو،
    مُلڪ هي ڪهڙو بڻايو؟
    رت تو ڪيڏو وهايو.
    ٿي ويو بنگال باغي،
    ڪين تو تنهن سان نڀايو.
    رت تو ڪيڏو وهايو.
    سنڌ ڀوڳي پئي غلامي،
    پر نه تنهن سِرڙو جُهڪايو.
    رت تو ڪيڏو وهايو.
    ڏس، بلوچستان پنهنجي،
    ڄاڻ نيئر کي ڇِنايو .
    رت تو ڪيڏو وهايو.
    ڏيک مَٽجڻ وارو آهي،
    وقت آ پردو مٽايو.
    رت تو ڪيڏو وهايو.
    تو بُلهي، وارث، ۽ باهوءَ،
    جو سنيهو ڪئين ڀُلايو!؟
    رت تو ڪيڏو وهايو.
    رت تو ڪيڏو وهايو.


    بيت

    ڪانئر جو ڪردار

    توسان تنهنجا ئي پيا، راڱا، راڱا ڪن،
    ڀاڱا، ڀاڱا ڪن، تنهنجي سپني کي ميان!



    هئه،هئه ڪيڏو اوپرو، تنهنجو سَنُ لڳو،
    تنهنجن ڇنيو آ ميان! سنڌوءَ سڱ سڳو،
    ڀوتارن ڀڳو، ڀرم تنهنجي ڀُونءِ جو.



    سيد جي تون سنڌ کي، ڊاهڻ ٿو چاهين،
    جوڙي سگهين جي نه ٿو، ڇو ٿو پو ڊاهين،
    کلين بيٺو غير سان، پنهنجن تي باهين،
    ڪاڏي ٿو ڪاهين، سوچ سَويري ڀائڙا!



    دانهون ڌرتيءَ جون ٻُڌي، ڏَڪي اُڀ ويو،
    توکي پر نه پيو، پتو پنهنجي ديس جو.


    سيد جي تاريخ کي، ڇو ٿو لڄائين،
    آزاديءَ ــ آواز کي، پيو دٻائين،
    غدارن جي رسم کي، تون ٿو ورجائين،
    قومي تراني مٿان، بندش ٿو لائين،
    جنهن تي، پيري ۾ اُٿي، بيهندو هو سائين،
    اُنهيءَ جي پيغام کي، پيو بدلائين،
    ڪيئن ٿو ڀُلائين، سيد جي تون جهد کي؟



    سَن مان سنڌو ديس جو، اُڏري ويو نعرو،
    سيد! ڏس مزار جو، سُونو نظارو،
    پريان اڄ ويران آ، سنڌوءَ ڪنارو،
    بيٺو آهه اُٻاڻڪو، هُو ٻيڙيءَ وارو،
    ڪانئر بُوٽ لتاڙيو، سَن جو هر چارو،
    تنهنجي اڄ مزار تان، تنهنجن ڌِڪارو،
    *”سرڪش“ نياڻين سان تڙيو، ويو ويچارو،
    ترانو تو ديس جو، آهي ڏُکارو،
    ديس پرين سارو، توکي دانهين ٿو پيو.



    *سنڌ جو قومي شاعر ــ سرڪش سنڌي





    توکي سُونهين ڪونه ٿو، ڪانئر جو ڪردار،
    سن مان تڙي سنڌ کي، غير ڪيئي سويڪار،
    ڪُرسي ڪاڻ ڦري وئين، تون به سيد کان يار،
    ٺاهِي شرط شُروط جي، تو لمبي ديوار،
    سائين جي تون فڪر جو، بڻجي ٿو مهندار،
    سيد سان هي سنڌ آ، توسان گڏ غدار،
    انهيءَ تي سُڏڪي پئي، سيد جي به مزار،
    ويڙهي ولين جيئن ويا، ويڙهيچن ــ ويچار،
    ها پر سيد جي ڪري، سنڌ ڪئي ماٺار،
    تنهنجن هٿن ۾ ڏسي، دشمن جي تلوار،
    سيد جي تاريخ کي، تون نه لَڄا سرڪار،
    پنهنجي ايندڙ کيپ کي، تُون ڪر نه شرمسار،
    ڪُرسي جو تڪرار، وفا کان ناهي وڏو.









    سيد جي تون فڪر کي، سمجهين ٿو جاگير،
    پنهنجي مرضيءَ سان پيو، مٽائين تحرير،
    ڀرم ڀُوميءَ جو ڀَڃي، ٺاهين پيو تقدير،
    ڪانئرتا جي ڪِيسَ جي، جوڙين پيو تصوير،
    روح رنجايئي سنڌ جو، وڌئي سپنن ــ سِيرَ،
    ڀوتارن سان تو هنيا، ڌرتيءَ دل ۾ تيرَ،
    ڏٺي سين تنهنجي ميان! سيد ساڻ اُڪير،
    سڏيئي، سائين! جنم تي، پير وڏيرا ميرَ،
    جهُري پئي جندڙي الا! ڏنئي اهڙا جهيرَ،
    تمغن جي تدبيرَ، ڀانءِ پئي توکي ڪيئن؟



    جيڪي ويري سنڌ جا، تن جو يار نه ٿي،
    سيد جي تون روح تي، ايڏو بار نه ٿي،
    ايڏو ٻار نه ٿي، سياست ــ ڪُوڙي راند ۾.


    اميدن جي جوت

    توڙِي اونداهي گهڻي، آهي سفر ۾،
    اُميدن جي جوت آ، پوءِ به نظر ۾،
    جيڪا گهر، گهر ۾، پکيڙينداسون پيا.

    تو وٽ ماڙيون، مورچا، مون وٽ ڇپر ــ ڇانءَ،
    تنهنجي جنت زندگي، منهنجي ڪڪر ڇانءَ،
    پو ڀي مون کي آ مِٺي، هي جا ٻٻر ڇانءَ،
    ٻاهران سُورج ٿو سَٽي، پوءِ به اندر ڇانءَ،
    توکي مگر ڇانءَ،راس نه اچڻي آ اِها.

    تنهنجون ڳُجهون ڳالهڙيون، آئون اياڻو،
    تون سينگاريل سونَ سان، مان مٽيءَ هاڻو،
    تنهنجو بستر فوم جو، منهنجو پٿراڻو،
    تو وٽ مچن ميلڙا، سُڃو مون ڀاڻو،
    مون کي پيڙهي روز ٿو، غربت جو گهاڻو،
    ڪڏهن نه وڪاڻو، منهنجو پو به ضمير آ.

    ڌرتي! تنهنجي درد جو، ڪنداسين دارون،
    ڪري قطارون، مرنداسين تو ماءُ لئه.


    پاڻيءَ جي ياد ۾

    پاڻي، پاڻي ٿو ڪري، سنڌو اُڃارو،
    وارو ڙي وارو، سنڌ سُڪي وئي ساٿيو!

    گُڊو، سکر، ڪوٽڙي، ماضيءَ جا نيشان،
    تڪن پيا حيران، واٽون پاڻيءَ جون الا!

    ڪيسين سنڌوءَ جو ڀلا، قيد ڪندين پاڻي،
    نيٺ ته پُڄاڻي، ٿيندي اِنهيءَ قيد جي.

    ڀلي منهنجي ڀُونءِ تي، ايڏا ويل وهاءِ،
    ليڪن تُون نه ڀلاءِ، هر شيءِ ٿيڻي مات آ.

    هوا ٿپڪي ٿي ڏئي، سنڌوءَ کي سُڏڪي،
    سنڌو پر مُرڪي، چئي ٿو ناهي ڳالهه ڪا.

    ناهي، ناهي ٺاهه ڪو، توسان هاڻ يزيد!
    واري دريا ٿي ويو، اُڃ، اُلا هر ديد،
    تنهنجي هر ترديد، ڪُوڙي ڪانئر! قوم جا.

    پاڻي بنا ٿو لڳي، سنڌو ائين خالي،
    اکڙيون سوالي، آهن ڄڻ آڪاس کان.
    پکي،پکڻ ٿا روئن، سنڌوءَ کي ساري،
    واري نهاري، اندر ۾ ٿا اَڌُ ٿين.

    سنڌو سُڏڪي ٿو پيو، سنڌ ڏسي صحرا،
    ڪُوماڻيل چهرا، ڪنڌيءَ مهاڻن ڏسي.

    ناهن سنڌوءَ گهاٽ تي، ڏيئن ــ قطارون،
    ڪاڏي ويون اوچتو، پکين ــ اُڏارون،
    تاساريون تڙ تي الا! ٻيڙين ــ نِهارون،
    ڏين ٿيون ميارون، مارن کي هِن حال جون.

    سڀ ڪجهه ڄاڻيندي به ٿو،ڪرين اَڻ ڄاڻي،
    تن جي حامي ٿو ڀرين، روڪيو جن پاڻي،
    سيد جي سمجهي نه تو، سچي سمجهاڻي،
    ڪُوڙي ڪَهاڻي، لکين پيو تون لوڀ جي.

    ٽِڙن مُکڙيون موڙ جون، ٻَهڪن مُک سدا.
    ساري سنڌ ادا، مينديءَ سان مهڪي پوي.

    ڇيتيون ڇيتيون پهڻ جا، پٿر ٿي ويندا،
    توکي جي ٿيندا، سسئي! سامهون پنڌ ۾.


    موهن جي دڙي جي صدا

    مٽِي اُڏاري ٿي چوي، مون سان ڳالهايو.
    مون سان کيڏي راندڙيون، مون کي بهلايو.
    مون تي پنهنجي پيار جو، ڪجهه ته ڪيو سايو.
    مون مان ٺاهي اَمن جا،ڏيئڙا جلايو.
    ڦٽل موهن شهر کي، ٻيهر اڏايو.
    ڀر مان وهندڙ تيز سو، سنڌو وهايو.
    موهن کي مهراڻ تي، وري سڏايو.
    هيءُ گهٽيون ڀڙڀانگ سڀ، ٻيهر مچايو.
    اَڀاڳيءَ هن قوم جو، ڌيان ته ڇڪايو.
    ڇو ٿا بي احساس ٿي، موهن مٽايو.
    ڇو ٿا مٽي، مٽيءَ جي، هيٺان لٽايو.
    ڇو ته موهن تاريخ جو، اٿوَ سرمايو.
    دنياداريءَ ۾ نه سو، هَٿان وڃايو.
    اُٿو ٻچا سنڌ جا، موهن بچايو.
    ائين نه ٿئي جو سنڌ ڀي، دڙو بڻايو.
    انهيءَ کان اڳ ۾ سُتل، سڀئي جاڳايو.
    جهنڊو سنڌوديس جو، ڳاڙهو لهرايو.
    مون ۾ دٻيل خواب ڪئي، اٿوَ کوٽايو.
    مون کي مٽيءَ واءُ ۾، مُٺ نه اُڇلايو.
    مون کي ڌارين جي هٿان،ائين نه مارايو.
    نه ئي موهن جيان توهين، رُسو اَجايو.
    مون تي ميلا پيار جا، گڏجي مچايو.
    چوڏهينءَ چندرما، مَٿان، اُڀري چمڪايو.
    کوهه اهي ويران سڀ، سکيون! وَسايو.
    لڪي درين ــ اوٽ مان، ليئا ڪي پايو.
    نغما نئين نينهن جا، جُهومي ڪي ڳايو.
    مون ۾ ٻيهر ٻار ٿي،خود کي ليٽايو.
    ڀري ٻُڪڙا واءُ ۾، ٻيهر اُڇلايو.
    ٻاري ڏياريءَ جا ڏيئا، سنڌو جرڪايو.
    هوليءَ جا هر مُک تي، رنگ کلي لايو.
    کيڙي سيني کي سندم، هر اچي ڪاهيو.
    مون کي وسايو، موهن جي نئين روپ ۾.


    گانڌيءَ کي ڀيٽا

    ”گانڌيءَ“ جي گُفتار، اَهنسا جون آيتون،
    امن سندي پرچار، چرخو چوريندي ڪَيئين.


    ”گانڌي“ گوتم جو وري، روپ وٺي آيو،
    بڻجي سرمايو، پاڻ ويو تاريخ جو.


    اَهسنا جي آبرو، ميان! رکيئي خوبُ،
    پنهنجي فطرت ۾ رهيئن، سدائين مجذوبُ،
    بڻجي وئين محبوبُ، گانڌي! هر هڪ گيان جو.


    اَهنسا جي بانسري، گانڌيءَ وَڄائي،
    آزادي آئي، اُڏري ڪبوتر جيان.



    تو وٽ مذهب کان مٿي، انسانيت لئه مانُ،
    پوءِ به ڪئي انسانُ، توتي باهيندا رهيا.


    هڪڙي ڏُٻري ڏِيل، هَنسا کي هيڻو ڪيو،
    اَهنسا جي روح سان، ٻاري جنهن قنديل،
    سوئي ابابيل، گوليءَ جو نيشان ٿيو.


    ڪانئر جي گولي، اَهنسا جي ڪُک ۾،
    ڦُٽي اُنهيءَ شبد مان، امن جي ٻولي،
    ڌرتيءَ جي جهولي، گل گلابي ٿي وئي.


    چرخي کي چوري ميان! آنند ئي سُجاڳي،
    جندڙي تو واڳي، آزاديءَ جي عشق سان.


    اَهنسا جي لاٽ سان، جاڳائي جنهن جاڳ،
    وساڻيل هر روح ۾، ڀڙڪايائين آڳ،
    ڀليرا ٿيا ڀاڳ، ساري ئي سنسار جا.


    اوڙهي الفي امن جي، نڪتو اڪيلو،
    مچي ويو ميلو، اَهنسا جي مچ تي،


    هَنسا جي بنواس ۾، اَهنسا جي ڪونج،
    اڄ ڀي اُن جي گونج، گونجي ٿي تاريخ ۾.


    صدائون سائل، ڏيندو هُيو ڏيهه کي،
    ڌرتيءَ تي انياءُ جا، اوهيڙا ڇانيل،
    او گولي! گهايل، ڪيئن ڪيئي تاريخ کي؟


    ”جليان وارو باغ“ ريٽو ٿي ويو رت سان،
    ڪير ڌوئيندو داغ، اَنياءُ جو اتهاس تان.


    ”هاءِ رام“ چئي، وڻجارو هليو ويو،
    گولي ڇرڪي وئي، چيخ ٻُڌي تاريخ جي.


    اَهنسا جو گيت، گونجي ويو سنسار ۾،
    ڪتيندي تو جوڙيو، سنساري سنگيت،
    او امن جا ميت! ڪيئي اوچو ماڻهپو.

    تون ته سمورا فرق هُئين، آيو مٽائڻ،
    چاهيئي پرچائڻ، اَهنسا سان امن کي.


    نظم

    ملي ويو پاڇي سان پاڇو

    مَٿي ــ ٽوپي
    ڪُلهين ــ اَجرڪ
    هٿن ــ زنجير کي جوڙي
    وري اڄ ايڪتا جي لاٽ کي
    روشن ڪيون گڏجي
    وري تهذيب سان پنهنجو
    وچن ورجائجي ٻيهر
    سموري قوم جا هٿ ۾
    ملائي هٿ ڏيکاريون
    لڪيرون ٿي وڃن روشن
    هٿن جون آڱريون ٻاريون
    ثقافت جي رنگن سان
    سنڌ کي رنگين ڪرڻو آ
    نئين اتحاد جو سورج
    انهن مان ئي اُڀرڻو آ
    ڇڏي دنيا جي جهنجهٽ کي
    ٻه ٽي پل سنڌ جي نالي
    ڪيون اڄ ارپنا دل سان
    اسان جي سنڌ سُهڻي آ
    انهيءَ ۾ هي سنڌو دريا
    اَمڙ جي سينڌ وانگر آ
    مٿس ”موهن“ پيو مُرڪي
    ڪراچيءَ کان وٺي ڪشمور ۽
    ڪينجهر کان ڪارونجهر
    پَريان هو قُرب جو ڪاڇو
    سڄي سنڌ ايڪتا ٿي وئي
    مِلي ويو پاڇي سان پاڇو
    اَچو قومي سُجاڳيءَ جو
    جشن گڏجي مَلهايون سڀ
    اَچو اڄ ايڪتا جو ڏينهن آ،
    او سنڌ واسيو!


    دربدر ٿي ويل ديس جي ڪهاڻي

    ڪري گجگاهه، دهشت سان،
    سنڌو درياهه جاڳي پيو،
    سموري سنڌ لاءِ هيل،
    سُڏڪا سانوڻي ٿي پئي،
    کڄن جا ڏي به ٿيون نظرون،
    رڳو ڇر، ڇوليون آهن،
    ٻُڏڻ جون ٻوليون آهن،
    ڪچي جا ۽ پڪي جا خواب،
    سُهڻيءَ جيئن ٻُڏن ٿا پيا،
    رڳو آهون، رڳو دانهون،
    ٻُڏي ويون ٻوڏ، ۾ ٻانهون،
    مگر، ميهار ڪو اِن حال ۾،
    آيو اڃا ناهي،
    جو ٻُڏندڙ سنڌ ــ ”سُهڻي“ جو،
    سهارو ٿئي، ڪنارو ٿئي،
    مگر، سنڌوءَ ڪنارن جو
    ڪٿي ڪو ڀي پتو ناهي.
    سموري سنڌ جي ڌرتي
    دريا جو ڏيک ڏئي ٿي پئي،
    ٻُڏي ويا مور مارن جا،
    ڍڳا ۽ ڍور مارن جا،
    نماڻا نيڻ پوڙهيءَ جا،
    اُجهاڻيل نُور جون لاٽون،
    نِهارن ڳوٺ جون واٽون،
    نه جن کي ڪو اَجهو سِر تي،
    کُليل آڪاش جي هيٺان،
    حياتيون بُک ٿي ڀيلي،
    ڪوئي ڀي ڪين آ جيڪو،
    ٻُڏن جو آسرو بڻجي،
    وطن لئه آجپو بڻجي
    ٻُڌي جو دربدر هِن ديس جي،
    دل سان ڪهاڻيءَ کي،
    اُهو محسوس نيڻن ۾،
    ڪندو سنڌوءَ جي پاڻيءِ کي.
    سڄي سنڌ درد وندي آ،
    گُهلي ٿو ڏُک هوائن ۾،
    کُٽي ويو آب اکڙين جو،
    رَڙي رُڃ ٿي نگاهن ۾،
    مگر پوءِ به سنڌوءَ جي
    وڃي دهشت پئي وڌندي،
    ٻنن، ٻنين کي ٻوڙيندي
    پُڳي آ سمنڊ جي ويجهو
    نئين هڪ سنڌ جوڙيندي،
    سُجاڳيءَ جي نئين سج سان!!!


    ڳوٺ

    هونءَ ته ساري سنڌ منهنجي،
    سنڌ جا وستيون ۽ واهڻ،
    شهر جون سڀ رونقون،
    مون کي پنهنجون ٿيون لڳن،
    ۽ سڀئي هي ديس واسي،
    ڄڻ ته منهنجا خواب آهن،
    مان به هن ڌرتيءَ مٿان،
    ديس پنهنجو ٿو رکان،
    مون کي پنهنجي قوم آهي،
    پنهنجو اجرڪ، پنهنجي ٽوپي،
    منهنجي آ تهذيب جُهوني،
    ڀاڳوند آهيان وڏو،
    ديس منهنجو آ سڄو،
    مون کي پنهنجي آهي ٻولي،
    ٻول، جنهن جا، ٻاجهه جيئن ٻاجهارڙا،
    شاهه، سامي، ۽ سچل،
    خواب جن جا ڪئي ڏٺل
    خواب جيڪي پيارڙا
    مون کي تن تي آ فخر،
    گَروَ، ان منهنجي جُهريل هن جيءَ کي.
    ٻَل آ ڏنو،
    ها! مگر احساس هڪڙو،
    ٽوهه جهڙو
    منهنجي سانڀر کان وٺي
    مون کي کائيندو اچي ٿو،
    ڄڻ نهائينءَ ۾ مٽيءَ جو،
    ٿانءُ ڪو پچندو رهي ٿو
    روح ٽچڪندو رهي ٿو،
    روز ٿو دل کي اڏوهيءَ جيان چٽِي
    ڪرٽ وانگر ٿو ڪٽي،
    ڪو اباڻو ”ڳوٺ“ منهنجو ڪين آهي،
    ڳوٺ جنهن سان
    ذات پنهنجي کي کڻي منسوب ڪيان،
    ڪو حوالو دوستن ۾.
    ڳوٺ جو مان ڀي ڏيان،
    جنهن جي ٻنين ۽ واهڻ ساڻ مان
    ڪونه ڪو ناتو ڳنڍيان،
    سونهن جنهن جي دل جي ٻوليءَ ۾ چٽيان
    ڳوٺ، پنهنجي، جي انهيءَ احساس ۾،
    لوساٽجي
    پاڻ کي مان شهر جي
    پُرشور ڪنهن فٽ پاٿ تي
    ڄاول پيو محسوس ڪيان
    ڪو اڀاڳو ۽ يتيم،
    شهر، جنهن جي پيچرن تي ڪيتريون ئي رانديون رهندي
    ۽ رولاڪيون ڪندي
    پلجي وڏو آهيان ٿيو،
    ها، مگر ان شهر ۾
    مون کي پنهنجو گهر به ناهي
    ڪا دري ۽ در به ناهي
    گهر، جنهن جو ڇانورو آهي اُڌارو،
    پو به مون کي آهي پيارو
    هيءُ دلبر ديس سارو
    پو به آخر ڪيترو اي ديس!
    تنهنجي مان وسيع ڌرتيءَ مٿان
    اوپرو جيئندو رهان!؟
    اوپرو جيئندو رهان!؟


    سچ

    هر روز ٻارڙن کي،
    مان ڪوڙ پڙهائڻ لئه،
    اسڪول ويندو آهيان،
    پنهنجي ضمير آڏو،
    آهيان لَڄي مان ٿيندو،
    درسي ڪَتاب جي هر،
    صفحي تي ڪوڙ ڇاپيل،
    هي علم جي نالي ۾،
    تاريخ، حوالي ۾،
    معصوم ٻارڙن کي،
    سچ کان پري رکڻ جون،
    هي سازشون سٺ سالا،
    سچ جي حقيقتن تي،
    پردا وجهي رهيون هِن،
    هي بورڊ تي لکيل
    سفيد چاڪ جا اکر،
    زنجير پيل قيدين
    وانگر لڳي رهيا هِن،
    مون کي چئي رهيا هِن،
    ڏَسُ، ڪوڙ جو اسان تان،
    هي قيد ڪڏهن کُٽندو،
    ڪڏهين ڪتاب جي هر،
    صفحي مان سچ ڦُٽندو؟


    سنڌ ۽ ويلنٽائن

    سارو عالم پيار جي رنگن سان آ
    رنگين ٿيو.
    سُونهن جا، اظهار جا ۽ عشق جا
    ڪَئي گُل ٽڙيا
    گُل جيڪي پيار جا تحفا بڻي،
    هر هٿ ۾ آهن کڙيا
    ساري ڌرتي ڄڻ خُدا جو خواب آ،
    بڻجي پئي
    مُک مُرجهايل پيا مهڪي ڪئي،
    عاشقن لئه هي ڏهاڙو
    پاڪ، مُقدس ۽ اُتم هر چيز کان
    ها مگر منهنجي مِٺي!
    ڪيئن ڪيان اظهار توسان،
    عشق جو.
    سنڌ منهنجو ديس آهي درد ۾،
    عشق جنهن ۾ روز ٿو”ڪاري“ بڻي،
    پيار جنهن ۾ ٿو پنن وانگر ڇڻي،
    ديس اهڙي جو آهيان مان،
    باشندو.
    جنهن جي ڌرتي ٽياس تي آهي ٽنگيل،
    لڱ جنهن جا رَت ۾ آهن رنڱيل،
    او منهنجي پياري! ٻُڌا مان ڇا ڪريان؟
    ڀاءُ منهنجا بُک تي ويٺا
    ”ڪراچيءَ شهر ۾
    جي مرڻ تائين نه رهندا“
    ديس سان تِن جو وچن
    جي ٻَڌي سِر سان لٿا آهن ڪفن!
    آ مَٿاهون جن کي پنهنجو ئي وطن،
    مان ڪيئن پو عشق جا نغما چوان،
    خط تو ڏي پيار جا ڪيئن لکان،
    مان پيو سگريٽ وانگر
    ديس ساري سان دُکان،
    تون ڀَلي اظهار مون سان،
    عشق جو، ڪر، او مٺي!
    مون مگر تو کي سدائين،
    سنڌ جي هر روپ ۾ آهي ڏٺو
    ڇانوَ ڇمرن جي هُجي يا،
    لُڪ، لُوساٽيل ڌوپ ۾ آهي ڏٺو
    مان اڄوڪي ڏينهن جي اِن ريت ٿو،
    آجيان ڪريان
    تون ئي آهين سنڌ منهنجي
    جيءَ جُهريل جند منهنجي،
    هاڻ مان توکي سموري سنڌ ۾،
    پيو ٿو پَسان.
    مان نه عاشق هيڪڙو پر،
    ديس جا سڀئي اسان
    سنڌ سان هِن عشق جو
    ڏينهڙو ملهايون روز ٿا،
    ڪنڌ، ڌرتيءَ جي اڳيان پنهنجو،
    جهُڪايون روز ٿا،
    عشق جي هِن لاٽ جو اظهار
    ڪرڻو آ ٻري
    سنڌ کي هر حال ڏيڻو آ مري
    نيٺ آزاديءَ جو تحفو.


    اَمن جي نالي

    وري جنگ جو اڄ طَبل آ وَڳو،
    وري حُڪمرانن جي
    هوڏن هَٿان
    اَمن جو اڄ اُڃارو گهڙو آ ڀَڳو
    مَٿان کان اچي بم ڌرتيءَ جي،
    مُنهن ۾ لڳو
    سندس خواب سڀئي ڀسم ٿي ويا،
    اڳي ساڀيان کان ختم ٿي ويا.
    سڄو نيرو اُجرو هو آڪاس،
    دونهين جي زد ۾ اچي،
    ويو آ ڪاراٺجي
    سَموري فضا ۾ آ بدبوءِ بارود جي
    نشو هيءُ طاقت جو ڏاڍو بُرو آ
    تکو ڄڻ ڇُرو آ.
    جو هر پل اَمن جي ڳلي تي وهي ٿو،
    جهڪو ئي نه ٿئي ٿو.
    رُڳو ٿي ڌماڪن سان ڌرتي ڌُڏي،
    موت ويران رستن مَٿان ٿو ڪُڏي،
    هُو معصوم ٻارن جون ريهون،
    ستئي اُڀ ڏارين ٿيون،
    خُدا کي پُڪارين ٿيون،
    امن لئه نهارين ٿيون،
    اِنهيءَ آس تي بس گُذارين ٿيون ته!
    الائي ڪڏهن؟
    ”هي جي وحشي درندا
    جي انسانيت تي وڏا داغ آهن،
    جنين جي هَٿن ۾
    اسان جي حياتين ۽ ڀاڳن
    جا سڀ واڳ آهن.“
    اسان کي امن سان هي، جيئڻ
    ڇڏيندا
    اهوئي فقط حق ڏيندا
    اسان کي نٿو ڪجهه به گهرجي،
    سندن کان
    اسان کي فقط هاڻ آزاد ڪن
    سرحدن کان.
    ته عالم جوجيئن سارو
    انسان گڏجي،
    پري جنگ، دهشت کان
    امن ۽ محبت سان
    نئون جڳ ڪو اَڏجي،
    سدا جو امن جي ئي نالي سان سڏجي،
    سدا جو امن جي ئي نالي سان سڏجي.

    * آمريڪا پاران عراق تي مڙهيل جنگ جي پس منظر ۾


    ستاويهين ڊسمبر!

    وري سنڌ جي گُلستان مان،
    ڇِني ويا ”هُو“ گُلِ نَرگس،
    اکيون آڪاس جون آليون.
    ستارا سوڳ بڻجي پيا.
    سموري ڪائناتي سُونهن کي،
    ويڙهي اُداسي وئي.
    اُتر جي سَرد برفيلي،
    هوا نمڪين ٿي ويئي.
    ڍَڪِي فطرت رِدا ڪاري.
    خُدائي ٿي پئي نوحو.
    ڪِروڙين خواب هئا منسوب،
    جنهن جي خوابُ هڪڙي سان.
    جلاوطنيءَ جي پيڙا ڀي،
    نه هاريو حوصلو اُن جو.
    لُٽيو ويو قافلو اُن جو،
    اُنهيءَ جي زندگيءَ جي ورق کي جو،
    وقت اُٿلايو.
    وري اتهاس پنهنجي، جو،
    تسلسل ياد ڪو آيو.
    الائي ڪيترا احساس،
    جذبا، خواب، آهون،
    سڀ صدائون.
    ٿيون نيشانو،
    هاءِ! ڪنهن ڇُڙواڳ گوليءَ جو،
    ستاويهين ڊسمبر جو،
    لٿو جيئن سج سانجهيءَ جو،
    کڻي ويو پاڻ سان ميڙي،
    وطن جي روشني ساري،
    ٻُڏي وئي رت ۾ اي سنڌ!
    تنهنجي ماروي آخر!!!


    ٿــــــــر

    ننگر جي سُونهن ڪارونجهر،
    ٽهوڪي ”ڪاسبو“ سائو.
    مندر تي مور جو جهُومڻ،
    جهُڪيل مورت اڳيان ٻائو.

    رڙي ٿو ڪڇ جو رڻ پٽ،
    مَٿس سورج تتل ٽامو،
    برف جهڙي اڇي واري،
    ۽ ڪوهيڙي نُما رائو.

    مِٺيءَ جي مُند مينهوڳي،
    ڪڪر، گيڙو رَتا جوڳي،
    ”گڍيءَ“ تي ريت جي ڪَڻ، ڪَڻ،
    ٽُٽل اتهاس جو ڪائو.

    ڀٽن مان ڀالوا ڀُڻڪيو،
    سڏي ٿو کُوهه ”مارل“ کي،
    ڪٿي آ، ڪوٽ ڪالهو ڪو،
    هُيو جو وقت جو ڌوڪو.

    ٿيا آثار عاشورا،
    سڄو ٿر درد جي آهي،
    علامت ٿي پيو اهڙي
    نه دنيا ۾ ڪٿي جهڙي،
    عجب اسرار ٿا اُڀرن،
    اکين ۾ حيرتون ڪيئي،
    سفر پنهنجو ڀٽن وچ مان،
    مٿان ڪارا ڪڪر برسن،

    چُميو ”چيلهار“* کي نيڻن،
    گُلابي سُونهن نکري پئي،
    ۽ ”راڻاسر“ ترائي تي
    ڀِنل هئي سانجهڙي سُرمئي.

    هئا لهرن مٿان ڪيڏا،
    گهٽا جا رنگ سُرمائي،
    هوا ۾ کيپ اَڻ پيتا،
    لڳو ٿر ڪنهن جي پرڇائي،

    رَتا ڪئي رنگ ”روحل“ ۾،
    کڙي هر جام مان انڊلٺ،
    هئي هر ڍُڪ ۾ راحت،
    صديون محسوس ٿيون پل ۾


    صبح جي هير ٿڌڙيءَ ۾،
    اکين تي کيپ خوابن جا،
    لڳو ساغر جيان سورج،
    اَمر لمحا شرابن جا.

    ويو پئي روڊ ڏامر جو،
    ڀٽن جي وچ مان ڊُڪندو،
    هُيو ٿر جو سفر سُندر،
    پکين جيان پئي ويو اُڏندو.

    اِها ٿر ياترا هئي يا،
    هُيو ڪو خواب کاهوڙي،
    ڏٺوسين جاڳندي جيڪو،
    اکين جي ٿي پيو مُوڙي.

    اڙي او ٿر! ڀٽن وارا،
    اڙي ٿوهر! ٿڪن وارا،
    اُڃارا او اَڪن وارا!
    سدا وسندو رهين تون شل،
    مِٺو امرت نُما ٿئي جل،
    وڏا سانڍين خزانا ٿو،
    رکين ڪيڏا زمانا ٿو.


    چيلهار، ٿر جو هڪ ڳوٺ


    مُفلسيءَجوگيت

    اسان جو سدائين رهيو کيسو خالي،
    دوائن جون پَرچيون، پنا شاعريءَ جا،
    اسان جي نصيبن جو اظهار بڻيا،
    اڌوري ڪهاڻيءَ جو ڪردار بڻيا،
    اکين جي اُداسي اُجهامي نه آهي،
    خوابن ۾ منظر آ مايوسين جو،
    بڻي زندگي گيت ڪو مُفلسين جو،
    چون ٿا اسان کان خُدا ڪاوڙيل آ،
    ”اُهي“ جن سان پرچيل آ پئسي جيان،
    جنين جو جياپو آ دوکي جيان،
    لڳي ٿو اسان جو خُدا مُختلف آ،
    هَنيو پنهنجي احساس تي جنهن ڪُلف آ،
    جو غُربت جي گهاڻي ۾ پيڙهي رهيو آ،
    ٿي مُنصف جنهن انصاف اهڙو ڪيو آ،
    لکي مُفلسي جنهن اسان جي ئي نالي،
    ڪيو جنم سان جنهن ڏکن جي حوالي ،
    ازل کان حياتي جي سوغات اَرپي،
    ڄمڻ کان مرڻ تا ابد مات اَرپي،
    چون ٿا ڪي مخصوص ماڻهو خدا جا،
    لکيل آسماني وارثت اِها آ.
    متان ڪجهه ڪُڇي ڪو هدايت اِهاآ.
    ڀلي ماڻهپو موت جو بَک بڻجي،
    کپي ماڻهپو ڪين، رُتبو جيئي پيو،
    ٻيا سڀ مَرن هڪڙو طبقو جيئي پيو.
    اسان کي ڪيو ويو مرڻ لاءِ پيدا،
    رڳو سرد آهون ڀرڻ لاءِ پيدا ،
    سڄي زندگي هي چَتيون ٿي وئي آ،
    اسان پو به ڀاڪر ۾ ويڙهي کنئي آ،
    اسان پاڻ مان پاڻ اُتساهه ماڻي
    جيئڻ جا بهانا بنائي جيئون ٿا،
    مگر اي زمانا! نه سگهندين تون ڄاڻي،
    وڏي ۾ وڏو بار آ زندگيءَ جو،
    کڻي خالي کيسو جيئڻ آدميءَ جو! ،


    مِٽيءَ جو قرض

    هوا ڦرڻي، گهرڻي
    هوا هلڪڙي آ.
    اُنهيءَ تي نه وشواس،
    پنهنجو رهيو آ.
    سدا، جيڪا پنهنجي
    مُخالف گُهلي آهي،
    طوفان بڻجي،
    مگر! پاڻ ڪڏهين،
    نه پنهنجي سفر جو،
    مَٽيو رُخ آهي،
    گُهٽن ۾، جهَڪن ۾،
    به جهُرندي ۽ رڙهندي،
    هميشھ کنيل هر قدم،
    پنهنجو اڳتي وڌيو آ،
    هوا جي رحم ۽ ڪرم تي
    هلڻ پنهنجي فطرت ۾ ناهي،
    سدا پاڻ ئي،
    پنهنجا تخليق رستا،
    ڪندا پيا هلون
    اسان پنهنجي منزل جا،
    خود آهيون سُونهان
    اسان ڪنهن طرف جا،
    نه مُحتاج آهيون،
    اسين پنهنجي سِر جا ئي،
    خود تاج آهيون،
    جڏهن ۽ جتان ڀي
    گُذر ٿيو اسان جو،
    اُتي پنهنجا نيشان،
    ايندڙ نسل لئه،
    ڪيا وقت جي،
    ثبت سيني مٿان،
    اسان جي مُرڪ،
    حوصلن جي علامت،
    اسان ڪين ڀاڙيو،
    بهارن تي ”باغي“!
    خزائن کي پنهنجون،
    اميدون بڻائي،
    اسان ديس جي دلبري،
    پيا نڀايون،
    اسان جي حياتي،
    نه احسان ڪنهن تي،
    اسان جو جنم،
    قرض آهي مٽيءَ جو!


    اُٿو سنڌيو!

    اُٿو سنڌيو! پيئو جامِ شهادت،
    وطن لئه ويڙهه آ، پنهنجي عبادت.

    هي خاڪي وردين وارا، سنڌين جا قاتل سارا،
    جِن رت ۾ لال ڪيا هن، ڌرتي جا دولهه، دارا،
    ڇڏي ويڇا، سڀئي گڏجو ”سيد“ جي آهدايت
    وطن لئه ويڙهه آ پنهنجي عبادت.

    هي پنهنجي درد ــ ڪهاڻي، سنڌو ۾ ناهي پاڻي،
    تو، بند يزيدَ! ڪيو آ، سنڌڙيءَ جو داڻو، پاڻي،
    نه چُپ رهبو وڙهي مَربو، ڪَندي توسان بغاوت،
    وطن لئه ويڙهه آ پنهنجي عبادت.

    هي اجرڪ، ٽوپي پائي، جهومَڪ ۽ نٿ سَجائي،
    سڀ مارو جُهومي نچندا، ”سيد“ جو سَڏُ ورنائي،
    فقط هڪ ئي، اَمن! تنهنجي، رڳو رهندي جماعت،
    وطن لئه ويڙهه آ پنهنجي عبادت.

    هي بُک، ڏُڪر ۽ غُربت، تولئه پرڪا به نه حيرت،
    تون انڌو راڄ ٿو ٺاهين، ان راڄ کان آهي نفرت،
    ڪري ٽُڪرا، تُنهنجي ڪُوڙا، ڇڏينداسين رياست،
    وطن لئه ويڙهه آ پنهنجي عبادت.

    هت ”سنڌو ديس“ اَڏائي، ۽ ڊيم سڀئي ڊهرائي،
    توکان وٺبي آزادي، هي لال جهنڊو لهرائي،
    توتي تاڻي، ڪبي هاڻي ڪهاڙيءَ سان حفاظت،
    وطن لئه ويڙهه آ پنهنجي عبادت.

    هي سامي، شيخ، ڀٽائي، سچل، مخدوم، سنائي،
    هوشو، هيمون ۽ دولهه، ”باغيءَ“ کي پڪ ڏياري،
    ڏکي ٿيندي نه هي سنڌڙي، چيو آ شاهه عنايت.
    وطن لئه ويڙهه آ پنهنجي عبادت.


    او آزاديءَ جا متوالا

    او آزاديءَ جا متوالا،
    تون پنهنجي دل ڇو لاهين ٿو.
    اُٿ،قدم وَڌاءِ منزل ڏي،
    جي ساڀيان سپنو چاهين ٿو.
    او آزاديءَ جا متوالا!
    تون لائون لَههُ بندوق کڻي،
    اڄ آزاديءَ جي مومل سان.
    تون رت ۾ ڇڏ هٿ لال ڪري،
    ڇو ميندي تِن کي لائين ٿو.
    او آزاديءَ جا متوالا!
    سڀ دشمن ٿَڙَ،ٿَڙَ ٿَڙَڪن ٿا،
    جيئن لال جهنڊا هي ڦڙڪن ٿا.
    ٿا ڪڙ، ڪَڙ تِن تي ڪان ڪِرن،
    تون سرمد! جڏهين ڳائين ٿو.
    او آزاديءَ جا متوالا!
    مان سمجهان ٿو هن سياست کي،
    ۽ ڪُوڙي تنهنجي رياست کي.
    تون روز نوان مون ــ مارڻ جا،
    ڪي ٺاهه ٺڳيءَ جا ٺاهين ٿو.
    او آزاديءَ جا متوالا!
    ٿو سيد توتي ناز ڪري،
    سو ڏينهن نجاتي ناهه پري
    تون جنهن لئه قومي دشمن سان،
    هي پنهنجو سينو ساهين ٿو.
    او آزاديءَ جا متوالا!
    هي قيدُ، سلاخون، زنجيرو،
    هڪ ڏينهن مَٽينديون تقديرون.
    تون آهين پوءِ به اٽل بيٺو،
    تون سختين کان نه ڪيٻائين ٿو.
    او آزاديءَ جا متوالا!
    تون هڪ ئي هاڻ سهارو آن،
    تون جيجل جيءَ ــ جيارو آن.
    ٿي توتي سنڌ، فخر ڀائين،
    تون قول سيد جا پاڙين ٿو.
    او آزاديءَ جا متوالا!
    شل وچن نڀائين ڌَرتيءَ سان،
    هن آزاديءَ ۽ سَرتيءَ سان.
    هي سيد جو ئي سپنو آ،
    تون جنهن جي ساڀيان چاهين ٿو.
    او آزاديءَ جا متوالا!
    سَن ڪَعبو آ، سَن قبلو آ،
    سَن سيد جو، ئي جلوو آ.
    تڏهين ته عقيدت مان ”باغي“!
    تون پنهنجو ڪَنڌ جُهڪائين ٿو.
    او آزاديءَ جا متوالا!


    سنڌوءَ جو پاڻي

    تَڪن واٽ پاڻيءَ جي سنڌوءَ ڪنارا،
    ڪنارن تي بيٺل مهاڻا اُڃارا.

    سنڌوءَ ۾ ٿيون واريءَ جون ڇوليون اُڏامن،
    ڏسي ڏيک هر، هر اِهو نيڻ کامن،
    يزيدن ڪري قيد، سنڌوءَ جو پاڻي،
    ڪيو آهي ويران سنڌوءَ جو دامن،
    نه موجون، نه ٻيڙيون ٿيون جُهومن هوا ۾،
    اُجاڙيا ويا هن، سنڌوءَ جا ڪنارا،
    تڪن واٽ پاڻيءَ جي سنڌوءَ ڪنارا.

    صدين کان اهو، سنڌ سان ويل آهي،
    متان، چئين ته مورک! رڳو هيل آهي،
    لٿي اُڃ جي اهڙي ماڪڙ اچي آ،
    اچي جنهن ڪيو، ڀونءَ کي ڀيل آهي،
    انهيءَ درد جون پيا ڏسينداڪهاڻيون،
    اِهي آسمانن جا سورج، ستارا،
    تڪن واٽ پاڻي جي سنڌوءَ ڪنارا.

    ٻنيون، کيت، ٻارا، سڀئي هاري، ناري،
    رهن ٿا ڏکارا، اُڃي واهه واري،
    پکي، جيت ۽ ڍور، ٻيلا وڻن جي،
    سُڪي ٺوٺ ٿي، سبز هر ڪائي ٽاري،
    پريشان هر هڪ ذرو سنڌ جو آ،
    بُکن ۾ اڳي هاڻ اُڃن ۾ گُذارا،
    تڪن واٽ پاڻيءَ جي سنڌوءَ ڪنارا.

    نا انصاف ٻُڌ هاڻ تون ڪَن کولي،
    اُٿيا آهيون، تو کي ڇڏينداسين رولي،
    متان، ائين سمجهين، اياڻا اڃا هُون،
    اسان گسُ، نجاتي وَتو ”باغي“ ڳولي،
    اسان کي متان، سمجهين تون بي سهارا،
    تڪن واٽ پاڻيءَ جي سنڌوءَ ڪنارا.


    ليکڪ جا ڇپيل ڪتاب

     سمنڊ جي هُن پار ــ 1999ع
     سپنو سنڌو ديس جو ــ 2001ع
     مٽيءَ جي خوشبو ــ 2003ع
     آرسيءَ جا خواب ــ 2004ع
     ڊسمبر جي اڪيلائي ــ 2006ع
     درد جي ساڳي ڪٿا ــ 2010ع
     سنڌو ديس مَهانُ ــ 2011ع


    مُرتب ڪيل
     هي روح جزيرو حيرت جو (اياز جا سڀئي غزل) 2004ع
     سپنا ساڳيءَ مُند جا (نوابشاهه جي شاعرن جو تعارف ۽ ڪلام) 2002ع


    سِپَ پبليڪيشن جا ڇپايل ڪتاب

    1. ستارن جا رستا (شاعري) رضا ڏاهري /100
    2. سپنا ساڳيءَ مُند جا (نوابشاهه جي شاعرن جو تعارف ۽ ڪلام) /150
    3. سپنو سنڌو ديس جو (شاعري) بخشل باغي /60
    4. رنگ پنهنجي پيار جا (شاعري) ستار سُندر /80
    5. مٽيءَ جي خوشبو (شاري) بخشل باغي /130
    6. ڪليسا جي دريءَ مان (شاعري) رحمت پيرزادو /80
    7. درد جون آيتون (شاعري) سعيد ميمڻ /150
    8. ڪينڊل لائيٽ (شاعري) رحمت پيرزادو /70
    9. نيٺ ته بادل برسندا (شاعري) بادل لرا /200
    10. ڪايا منجهه ڪَڙن (جيل ڊائري) علي محمد شاهه لڪياري /200
    11. ڪئمپس ڪجراريون (شاعري) بابر جاگيراڻي /130
    12. پڊ عيدن تواريخ جي آئيني ۾ (تاريخ) زاهد سومرو /200
    13. درد جي ساڳي ڪٿا (شاعري) بخشل باغي /150
    14. سنڌو ديسُ مَهانُ (شاعري) بخشل باغي /100


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 464
    ڪتابن جو مشاهدو: 372979
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 151936
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ