ڪتاب جو نالو: ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: نيو فيلڊس
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 06 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1022 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 375 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه الطاف شيخ جي آڳاٽي لکيل سفرنامن منجهان هڪ آهي. پاڻ نوڪري سانگي گهڻو عرصو ته سامونڊي ڪناري شهر ملاڪا ۾ رهيا پر ڪمين ڪارين سندن ملائيشيا جي گادي جي هنڌ ڪوالالمپور پڻ وڃڻ ٿيندو رهيو. هن ڪتاب ۾ ڪوالالمپور ۾ وڃڻ ۽ اُتي جي ميزبانن توڙي شهر جي باري ۾ ڪافي دلچسپ مُشاهدا بيان ڪيل آهن. ڪنهن ميزبان وٽ گهڻي پُر تڪلف هُجڻ ڪري بي آرامي ٿيڻ ڪري سوير اُٿي ڀڄڻ ۽ ڪٿي وري مذهبي ڏڻ تي وڏا لشڪر سندن گاڏي جي لائسنس وٺڻ ۾ رُڪاوٽ ٿيڻ جا قصا ڏاڍو کلائن ٿا. ساڳي وقت شهر ۾ ڪوالالمپور ويندڙ ماڻهن لاءِ هدايتون پڻ ڪارائتيون آهن.
الطاف جو ڪوالالمپور شهر سان 1968ع کان وٺي واسطو هلندو اچي جڏهن ڪوالالمپور ٽنڊو آدم ۽ ڪوٽڙي جهڙو شهر هو ۽ جڏهن ڪوالالمپور جو پهريون روڊ ”جالان تئانڪو عبدالرحمٰن“ سيمينٽ جو پڪو ٺهيو هو ۽ ماڻهو ان روڊ کي ”باتو روڊ“ سڏڻ لڳا هئا. ملئي زبان ۾ ”باتو“ معنيٰ پٿر آهي. هن ڪِتاب ”ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه“ ۾ الطاف شيخ ڪوالالمپور شهر ۽ ان جي آس پاس جو احوال لکيو آهي. هن ڪِتاب ۾ 27 باب آهن جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
• ڪوالالمپور پهچي ڇا ڏسجي
• ڪوالالمپور ـــ هڪ ماڊرن شهر
• ملئي ماڻهو مٺاين جا شوقين
• موت کان پوءِ ملاڪا کان مَچر ڳوٺ
• ڪانگ ـــ عاشقن جو فئوريٽ پکي
• نون ديوتائن جي ولادت….. وغيره.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ليکڪ پاران:
  • انتساب پياري ڀيڻ سلطانه صديقي
  • ملئي زبان جي ڪجهه لفظن جي سمجهاڻي
  • ڪوالالمپور جي هڪ رات
  • ڪوالالمپور پهچي ڇا ڏسجي؟
  • ملائيشيا_ هڪ ماڊرن شهر
  • “ملائيشيا_دنيا جو وڏو ٻيلو”
  • ڪوالالمپور ۾ ميلو ۽ گلدستو
  • ملائيشين جي “انگلش لا” (English-Lah)
  • ٻي جوءِ وٺيو پيو اچي...
  • انتوق ڪيريٽا انڊا
  • ملائيشيا جو حڪومتي نطام
  • “نون ديوتائن جي ولادت”
  • مشرق مغرب کي غلط سمجهي ٿو
  • دٻلي ڇاپ ائڪٽر
  • منهنجو فوٽو نه ڪڍيندين ڇا؟
  • رستن تي چڪر...
  • “ملئي ماڻهو مٺاين جا شوقين”
  • “ناريل_ملئي ماڻهن جي جيءَ جو جياپو”
  • “ٿائيپوسام ۽ پونگال”
  • ڪوه اچي ڇتي ٿي آهين...
  • سنڌي سئيڊن ۾
  • چيني_سياڻا واپاري
  • موت کانپوءِ ملاڪا کان مچر
  • موت کانپوءِ.....
  • سنگيتا، شاهين، چڪوري ۽ آسيه کي جيئن وڻي تيئن ڪن
  • ڪانگ_عاشقن جو فئوريٽ پکي.

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي ان سلسلي جو هي يارهون ڪتاب محترم الطاف شيخ جو سفرنامو “ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه” دوستن سان ونڊ ڪجي ٿو.
    مان ٿورائتو آهيان پياري دوست ۽ سنڌ سلامت جي سرگرم ساٿي عبدالحفيظ لغاريءَ جو جنهن رات ڏينهن جي محنت ڪري هن اهم ۽ ڄاڻ واري ڪتاب کي اڪيلي سر ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت جي سٿ اڳيان پيش ڪيو. خاص ٿورا سائين الطاف شيخ صاحب جا پاڻ نه فقط هن ڪتاب جي ڊجيٽل ايڊيشن آڻڻ جي اجازت ڏنائون پر ان سان گڏ نئين سر پيش لفظ لکي موڪليائون.
    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ليکڪ پاران:

    منهنجي لاءِ اها بيحد خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام وارا منهنجو ملائيشيا جو هڪ اوائلي سفرنامو “ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه” انٽرنيٽ تي آڻي رهيا آهن. نيٽ تي آڻڻ سان ڪيترائي پڙهندڙ بنا ڪنهن خرچ جي پڙهي سگهندا. منهنجي پبلشرس کي جيتوڻيڪ اها ڳالهه پسند ناهي جو هنن جي خيال مطابق هنن جي ڇپايل ڪتابن جو وڪرو گهٽجيو وڃي پر آئون اهو ئي چاهيندس ته منهنجيون لکڻيون، منهنجا خيال، منهنجي مهيا ڪيل ڄاڻ ۽ پنهنجي تجربي جي آگاهي گهڻن کان گهڻن تائين پهچي. خاص ڪري هي سفرنامو ان ڪري اهم آهي جو اڄڪلهه اسانجي ملڪ جا جيترا ماڻهو پڙهائي، نوڪري، پورهئي، بزنيس ۽ گهمڻ لاءِ ملائيشيا وڃن ٿا اوترا يورپ به نه ٿا وڃن. اڄ ڪلهه منهنجا ملائيشيا بابت ٻه تازا سفرناما “هليو آ هليو آ، ملائيشيا” ۽ “ملاڪا کان گنتنگ ۽ لنگڪوي” ڇپائي هيٺ آهن پر اڄ کان ويهارو سال اڳ جي هن سفرنامي جي پنهنجي حيثيت آهي ۽ پڙهندڙ لاءِ هي ڪتاب سفرنامي سان گڏ تاريخ به ثابت ٿيندو.
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام هڪ مشهور ويب سائيٽ آهي جنهن جو نوجوان ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ پنهنجو ٽائيم ۽ پئسو خرچ ڪري هن سائيٽ کي ڪافي عرصي کان هلائيندو اچي ۽ پڙهندڙن جي خذمت ڪرڻ سان گڏ اسان ليکڪن جو تعارف به ڪرائيندو اچي. پاڻ ويبسائيٽ هلائڻ جو به ايڪسپرٽ آهي ۽ سالن کان اسان کي هر سال خوبصورت جنم ڏينهن جا ڪارڊ اي ميل ڪندو اچي. آئون ساڻس گڏ عبدالحفيظ لغاري جو به ٿورائتو آهيان جنهن بنا معاوضي جي محنت ڪري هي سڄو ڪتاب ڪمپوز ڪيو آهي هي ڪتاب وڏي عرصي کان مارڪيٽ ۾ موجود ناهي ۽ ملائيشيا ويندڙ ڪيترائي ماڻهو مون کان ان ڪتاب بابت پڇندا رهيا ٿي جن مان عبدالحفيظ پاڻ به هڪ آهي جنهن کي گذريل سال هڪ سمپوزيم ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪوالالمپور وڃڻو پيو. پر هن کي هي ڪتاب نه ملي سگهيو هينئر هن کي هي ڪتاب “ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه” هڪ لائبريري مان ملي ويو آهي جنهن جي اهميت سمجهي هن ان کي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پاران سڀني سنڌين لاءِ ڪمپوز ڪيو آهي. منهنجي خيال ۾ ته جيڪڏهن هو همت ڪري سگهي ته ان جو هڪ ٻيو جوڙي وال ڪتاب “مڪلي کان ملاڪا” به ڪمپوز ڪندو ته وڌيڪ بهتر ٿيندو ۽ ملائيشيا وڃڻ لاءِ فائيديمند ثابت ٿيندو. هڪ دفعو وري سليمان وساڻ کي جس ڏيندس ته هن “سنڌ سلامت اي بوڪ سيريز” جو هي سلسلو شروع سنڌي ادب جي وڏي خذمت ڪئي آهي.
    دعاگو
    الطاف شيخ
    ملاڪا_ملائيشيا


    انتساب پياري ڀيڻ سلطانه صديقي

    پياري ڀيڻ
    سلطانه صديقي نالي

    آپا سلطانه جون ڪجهه Plus Points جن جو قدر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو: هو بيحد محنتي آهي. هر ڳالهه صاف ۽ کري چوي ٿي، چاهي ڪنهن کي پسند اچي يا نه_منافق ناهي. هوءَ Self Made ماڻهو آهي. هن جي سوچ انفرادي ناهي. هوءَ خود غرض ناهي ۽ هر وقت ٻين جو خيال به رکي ٿي. هن نه رڳو قول سان پر فعل سان پڻ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته انسان جي قسمت ٺاهڻ ۾ هن جو هٿ پڻ رهي ٿو ۽ الله به انهن جي مدد ڪري ٿو جيڪي پاڻ به سچي دل سان ڪوشش ڪندا رهن ٿا. پاڻ پنهنجن ڏکن کان وڌيڪ ٻين جا ڏک پنهنجا سمجهي ضرورتمندن جي مدد ڪري ٿي. هن وقت الله جي فضل سان هوءَ پئسي ڏوڪڙ، عزت، مان، درجي ۽ نوڪريءَ ۾ ڪيترن کان مٿاهين آهي پر سندس وهنوار، اڄ به غريب توڙي امير سان اهوئي ساڳيو آهي جيڪو پهرين هو. سلطانه پنهنجي والدين ۽ ڀائر ڀينرن وانگر بيحد Religious آهي ۽ سندس دل ۾ هر وقت خدا جو خوف رهي ٿو. ٽيڙي، مغروري، وڏ ماڻهپي جهڙين شين کان هر وقت پري رهي آهي ۽ بيحد Humble قسم جي عورت آهي. Face Value ۾ يقين رکي ٿي پر ساڳي وقت ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي پرک پڻ اٿس. نيڪ ۽ محنتي ماڻهن جو قدر ڪري ٿي.
    آپا سلطانه سان منهنجي ڏيٺ ويٺ تڏهن کان آهي جڏهن کان هن جي شادي به نه ٿي هئي ۽ چاچي امداد قاضيءَ جي ڌيءَ يا اسان کان سال ٻه ننڍي دوست جهانگير صديقي جي ڀيڻ سڏبي هئي. هو حيدرآباد جي گاڏي کاتي ۾ رهندا هئا. منهنجي ناني جو گهر به اتيئي هو. هندو عام فئملين بعد حيدرآباد جي گاڏي کاتي جون ڪجهه سنڌي مسلمان فئمليون پڻ بيحد Disciplined سمجهيون وينديون هيون جن جي ٻارن اڳتي هلي تعليم توڙي واپار وڙي ۾ نالو پئدا ڪيو. اسان جي نانيءَ جو ڀاءُ مرزا عبدالرحمان (جسٽس حامد علي مرزا جو والد صاحب)، ٽنڊو ڄام جو چاچو ماستر محمد يعقوب ميمڻ (سراج ميمڻ، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ منهنجي ڪلاس ميٽ صلاح الدين جن جو والد صاحب)، چاچو محمد صالح ميمڻ (خالد، طارق، ڊاڪٽر فهميده_مسز اقبال جماڻي جن جو والد صاحب)، علي حسن قادري صاحب، ان کان علاوه ڊاڪٽر قمر گائنا ڪالاجسٽ، سنڌ سيڪريٽريٽ ماهتاب (چنه)، ٽي وي جو فنڪار فريد نواز بلوچ وغيره وغيره جهڙن مشهور شخصيتن جا والدين پڻ اتي ئي رهيا ٿي. آپا سلطانه وارن جي فئملي پڻ انهن مان هڪ هئي. اهي سڀ نه گهڻي ملڪيت وارا هئا نه کين مهل بنگلا هئا ۽ سڀ نهايت سادگيءَ سان رهيا ٿي. منجهن ڪنهن به قسم جو ڏيک يا شوبازي نه هو. ۽ نه هنن ڪنهن جي دل آزاري ڪئي ٿي. هنن لاءِ اولاد جي تعليم ۽ تربيت ڏي ڌيان سڀ ۾ اهم هو.
    پاڙي جي ٻين مسلمان عورتن وانگر آپا سلطانه وٽ پڻ ڪي يونيورسٽي جون ڊگريون کڻي نه هيون، پر علم، اخلاق ۽ مذهبي ڄاڻ ۾ هوءَ ڀڙ هئي. هن پنهنجي اولاد ۾ هر سٺي ڳالهه ڏسڻ چاهي ٿي. هن، هنن جي اٿڻي وهڻي، ڳالهائڻ ٻولهائڻ تي نظر رکي ٿي. هنن کي پابندي سان، روزانو اسڪول مان موٽڻ ۽ ماني کائڻ بعد هوءَ پنهنجين نظرن هيٺ وهاري کين پڙهڻ لاءِ چوندي هئي. مُنو(ايئر ڪموڊور منور) ته تمام ننڍو هو. پهرين يا ٻئي ۾ پڙهندو هو، راجا (جهانگير)، ڪِڪي (ڊاڪٽر خورشيد) توڙي سلطانه ۽ شمس ٽيبل تي جي چوڌاري گڏ ٿي ويهي پڙهندا هئا.
    “ان مان اهو فائدو ٿيو،” سلطانه اڄ به مڃي ٿي، “ته ڪڏهن هوم ورڪ نه هوندو هو ته به وقت گذارڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه پڙهڻو پوندو هو. ساڳي وقت ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي ته اتي موجود وڏي ڀاءُ يا ڀيڻ کان پڇي وٺبي هئي.
    سلطانه جي وڏي ڀاءُ مظهر صديقي ائين محنتون ڪري، ملڪ جا اعلي امتحان پاس ڪري صوبائي ۽ فيڊرل سيڪريٽري ٿيو، وائيس چانسيلر ٿيو ۽ هينئر پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين آهي. اهڙي طرح ٻيو ڀاءُ ڊاڪٽر قمر صديقي نه فقط ڊاڪٽر ٿيو پر شروع کان محنتي، هوشيار ۽ نيڪ سمجهيو وڃي ٿو. ماڻهو چون ٿا ته قدرت هن جي هٿن ۾ شفا رکي آهي. منهنجي خيال ۾ قدرت سندس هٿن ۾ تڏهن ئي شفا ڏني آهي جڏهن هو ايماندار ۽ محنتي اهي. غريبن جو هڏ ڏوکي آهي. هو غلط دوائون ۽ سُيون هڻي پئسا ڦري شراب ڪواب ۽ ناچ گانن پٺيان نٿو وڃائي. پئسي جي لالچ نه اٿس ۽ نيت صاف اٿس. ها ڊاڪٽر قمر توڙي آپا سلطانه جي ٻين ڀائرن ڀينرن لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته هو سخت طبيعت يا شوخ مزاج جا آهن جيڪا سندن وڏ ماڻهپي يا ٽيڙي ناهي پر هو، جيئن مٿي لکي آيو آهيان، ننڍپڻ کان هڪ Discipline زندگي ۾ رهيا آهن ان ڪري پاڻ به ان ئي قسم جو Discipline چاهين ٿا. ڇيڳرائي يا ٽرڙپائي کي پسند نٿا ڪن. هنن وٽ هر ڳالهه سٺائي ۽ خرابي تي پرکي وڃي ٿي. سچ سچ آهي ڪوڙ ڪوڙ آهي. ادا مظهر صديقي کان ٿي سگهي ٿو ڪجهه پنهنجن کي شڪايت به هجي ته هن انهن جا ڪم نه ڪياهجن. هن اهي ضرور نه ڪيا هوندا جو اهي انصاف موجب ڪرڻ جهڙا نه هوندا. ۽ جي ڪرڻ جهرا هوندا_سچ تي مبني ته پوءِ هن ڌارين جا به ڪيا هوندا. سٺي ڳالهه کي هو سٺوئي چون ٿا پوءِ اها سٺي ڳالهه کڻي ڪنهن به چئي هجي. هندو مسلمان، سنڌي مهاجر پنجابي يا شيعو سني پنهنجي جاءِ تي پر جيڪو نيڪ ۽ سچار آهي، هنن ان جي گڻن کي ضرورو مڃيو ۽ ساراهيو هوندو. هو هميشه سٺيون ڳالهيون پنهنجو پاڻ ۾ ۽ پنهنجن ۾ پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هنن ڪڏهن به انسان ذات يا زبانن سان نفرت نه ڪئي آهي. ائين جي هجي ها ته سندن هڪ ڀيڻ آپا شاهجهان ڪڏهن به غير سنڌين مان شادي نه ڪري ها. ۽ ڇا اها حقيقت نه آهي ته سندس مڙس اقبال جعفر ڪيترن ئي ضرورتمند سنڌين جي مدد ڪئي هوندي جيڪا ڪنهن پنهنجي سنڌي وڏيري، پير، ايم اين اي به پنهنجي علائقي جي غريب عوام سان نه ڪئي هوندي.
    سلطانه ٽي وي تي هڪ وڏي عهدي تي پهچڻ کان علاوه ڪيترن ئي فلاحي ادرن ۾ پڻ ڪم ڪري ٿي. پاڻ سنڌ گرئجوئيٽ (SGA) جي عورتن جي شاخ جي وائيس پرزيڊينٽ آهي. سگا جي عورتن جي برانچ هن سال ٻن ۾ جيڪڏهن گهڻو نه ته مردن جي مقابلي ۾ ڪم ضرور ڪيو آهي. ان تان مون کي ياد ٿو اچي ته جڏهن سگا ٺاهي وئي هئي ته شروع شروع ۾ ڪراچي جهڙي شهر ۾ به عورتن جو فقط نالو هو. ميٽنگ يا فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ وارا هوندا فقط مرد هئا. ڳالهه هرڪو ڪندو هو پر ڪو به ٻارن ٻچن کي وٺي نه ايندو هو. پوءِ ماحول ڪجهه ڪجهه اوطاق وارو ٿيڻ لڳو هو. ڪجهه ڪم جون ڳالهيون ٿينديون هيون ته باقي چرچا ڀوڳ_جيڪي چرچا گهٽ گارگند، گلا ۽ Loose Talk وڌيڪ هئا. ظاهر آهي ته اهڙين محفلن ۾ (يعني تن ڏينهن ۾، ستر جي شروع وارن سالن ۾) ڪو به فئملي سان اچڻ سٺو نه سمجهندو هو ساڳي وقت ڪيترا دوست هئا_شمشير حيدري، ڊاڪٽر سليمان، نذير چنا، بخش علي لاکو، محمد بخش شاهاڻي، خان محمد پنهور، حضوربخش آزاد جتوئي جهڙا جيڪي هميشه “مليل گڏجاڻين” جي وڪالت ڪندا هئا پر جڏهن به دعوت ٿيندي هئي ته هر ڪو اڪيلي سر ايندو هو.
    ان قسم جي هڪ دعوت، 1976ع جي لڳ ڀڳ، ڪراچي جي هوٽل انٽر ڪانٽينينٽل (هاڻوڪي پرل) ۾ ٿي. ان ۾ پنجاهه سٺ کن سگا جي ميبر هئا. عورت ڪابه نه هئي. دستور موجب هڪ ملاکرو متل هو.اڄ ڪو مڃي يا نه پر مون کي چِٽي طرح ياد آهي ته ميٽنگ شروع ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر سليمان سيخ روسٽروم کي رکي رکي بيدرديءَ سان ڪُٽي رهيو هو ته جيئن هال ۾ ماٺ ٿئي. ايتري ۾ ادا مظهر صديقي حال ۾ داخل ٿيو. ساڻس گڏ سندس زال _ ڀاڄائي اختر _ ۽ ڀيڻ سلطانه هئي. هال ۾ خاموشي ڇائنجي وئي. ميٽنگ شروع ٿي. پڪ اٿم ته مون وانگر ڪيترا احساس جرم محسوس ڪري رهيا هوندا ته ادا مظهرکي شابس هجي جيڪو فئملي سان آيو آهي ۽ دعوت هوندي به اسان مان ڪوبه فئملي وٺي نه آيو. منهنجي ڀرسان، ان وقت، لاڙڪاڻي جو اختر عباسي (پي پي جي وزير حاجي منور عباسي جو ڀاءُ) ويٺل هو تنهن مون کي آهستي چيو: اسين سنڌي جيسين سڄي گهر جي سوچ ۾ تبدلي نه آڻينداسين تيسين اسان جو اڳتي وڌڻ ڏکيو آهي. اسان مان هر سنڌي کي رڳو پنهنجو پاڻ کي وڏيرو نه سمجهڻ کپي. عورتن کي به اهميت ڏيڻ کپي جيڪي اڳتي هلي اسان کان به وڌيڪ بهتر رول ڪري سگهن ٿيون، ٻيو نه ته پنهنجن ٻارن جي ئي بهتر رهنمائي ڪري سگهن ٿيون. اڄ ادا مظهر وڏي همت ڪئي آهي.”
    پر ان ڏينهن ادا مظهر کان وڌيڪ همت آپا سلطانه ڪئي جنهن ميٽنگ ختم ٿيڻ ۽ چانهن پيئڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻ وقت اڳيان وڌي اچي سڀني کي شرمايو ته “ هي گڏجاڻي جڏهن فئملي گڏجاڻي هئي ته پوءِ منهنجا ڀائر پنهنجين زالن ۽ ڀينرن کي ڇو نه وٺي آيا.......؟” وغيره. سندس تقرير جادوئي اثر ڪيو. ان ئي وقت ڀر ۾ بيٺل ڊاڪٽر سليمان ۽ هڪ ٻن ٻين مائيڪ ذريعي اعلان ڪيو ته هو وعدو ٿا ڪن ته آئندي سلطانه صديقي جي ڳالهه تي عمل ڪندا.
    سلطانه جي مٿين مختصر تقرير، نصيحت يا ٽوڪ بم ثابت ٿي ۽ اسان جي سوچن ۾ انقلاب آندو جو ٻي ميٽنگ کان مون ڏٺو ته سگا جي ميٽنگن ۾ عوتن جو تعداد وڌندو رهيو. اسان جا ويندي اهي ميمبر جن جون زالون ڏورانهن ڳوٺن کان ڪراچي جهڙي شهر ۾ پهريون دفعو آيون هيون انهن به اچي شرڪت ڪئي. ۽ اهو سلسلو وڌندو رهيو. اڄ ويهارو سالن بعد اهو معلوم ڪري خوشي ٿي ٿئي ته انهن عورتن مان ڪيترين سگا لاءِ_يعني پنهنجي ضرورتمند ڀيڻن لاءِ، زندگي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ خذمتون ڏنيون آهن. تعليم جي ميدان ۾، صحت جي ميدان ۾ ۽ ٻين سماجي ڪمن ۾. اڄ اسان جي پيڙهي_يعني سندن اولاد پڻ نيڪ ڪمن ۽ سوچن ۾ اڳيان اڳيان آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين، سلطانه وقاصي، ماهتاب راشدي، زبيده ميتلو، شيرين قريشي، شبنم موتي، عاليه سومرو، حميده، مارئي وغيره شروع جي ۽ بعد جي ميمبرن مان ڪجهه مثالي سخصيتون آهن. سو سگا جي پراڻن ماڻهن جي اڄ به ملاقات ٿيندي آهي ته سلطانه صديقيءَ کي سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو آهي.
    سلطانه صديقي سگا کان علاوه ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل جي به نه فقط ميمبر آهي پر سالن کان ان جي ميٽنگ ڪاميٽي تي آهي ۽ ملڪ جي اديبن، شاعرن، آرٽسٽن ۽ فنڪارن جي همت افزائي ۾ سندس هٿ رهيو آهي. پاڻ پهرين سنڌي عورت آهي جيڪا بزنيس ائنڊ پروفيشل وومين ائسوسيئيشن جي ميمبر ٿي جيڪا عورتن جي هڪ بين الاقوامي ائسوسيئيشن آهي. سندس ميمبر ٿيڻ کان اڳ هن اداري جي سنڌ ۾ ڪابه شاخ نه هئي. هاڻ سڄي سنڌ ۾ ان جون برانچون آهن جن کي قائم ڪرڻ ۾ سلطانه لڳاتار جاکوڙ وٺي ڪاميابي حاصل ڪئي.
    سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد سلطانه ڀيڻ جي شادي ٿي. ڪجهه عرصي بعد 1973ع ۾ اسان سندس علحدگي جي بئڊ نيوز ٻڌي. آئون اها وڪالت ڪرڻ نٿو چاهيان ته آيا آپا سلطانه صحيح هئي يا غلط. هي معاملا ۽ اڻ بڻتيون اسان جي معاشري جو هڪ حصو آهن. اها ٽرئجڊي ڪنهن جي به ڀيڻ يا ڌي سان ٿي سگهي ٿي. ان ۾ ڪنهن کي خدائي فوجدار ٿي پنهنجا ڇڙواڳ رايا ۽ فيصلا نه ٿافڻ کپن. سلطانه توڙي هن جي مائٽن ان قسم جي صدمي واري ڳالهه کي برداشت ڪري ان کي وساري ڇڏڻ ئي چاهيو ۽ هن کي ذهني طرح مشغول رکڻ لاءِ ٽي وي وغيره تي ڪم ڪرڻ لاءِ همٿايو. آئون سلطانه کي اهم، دلير، قابل تعريف ان ڪري نٿو چوان ته هن سان اها بدقسمتي ٿي پر منهنجي نظرن ۾ هوءَ ان ڪري هڪ اهم شخصيت آهي جو هن پنهنجي ان بدقسمتي لاءِ ڪنهن کي به ڏوهاري ٺهرائي دنيا جهان سان لڳ لڳاپا نه لاٿا. هن جنهن همت سان پنهنجو پاڻ سنڀاليو، ماڻهن ۽ معاشري کي منهن ڏنو ۽ Single Parent جي حيثيت سان ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ڏي ڌيان ڏئي کين وڏو ڪيو اها اسانجي معاشري جي عورت لاءِ هڪ مثالي ڳالهه آهي. علحدگي وقت سندس ننڍو پٽ دريد ٻن سالن کن جو مس هو ۽ اڃان هاڻ اسڪول وڃن شروع ڪيو هئائين. اڄ سندس ٽئي ٻار تعليم پوري ڪري وڏا ٿي ويا اهن. وڏي پٽ شنيد قريشي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي مان انڊسٽريل انجنيئرنگ ۾ B.E ڪئي ۽ سڄي يونيورسٽي ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيو ۽ هينئر پنهنجو بزنيس ڪري ٿو. (پاڻ العباس شگر مل جو مئنيجنگ ڊئريڪٽر آهي). ٻيو پٽ جنيد قريشي گذريل ڏهاڪو سالن کان آمريڪا (USA) ۾ آهي جتان ڪمپيوٽر انجنيئرنگ (Hard Ware) ۾ تعليم پوري ڪري هاڻ پنهنجو ڪاروبار هلائي ٿو. ۽ ننڍي دريد هاڻ MBA ڪئي آهي ۽ هو به پرائيويٽ بزنيس ڪري ٿو. شنيد جي شادي ڪجهه سال اڳ اسان جي اديب دوست اشفاق قاضي جي ڌي ۽ ابرار ۽ امتيازقاضيءَ ڀائٽي مومل سان ٿي ۽ کيس ٽي ٻار آهن: شاهه مير، شاهزيب ۽ ڌيءَ شانزيح. جنيد ۽ دريد جي شادي هن سال ٿيڻ واري آهي.
    سلطانا صديقي کي ڪيترائي قومي ۽ بين الااقوامي قسم جا ايوارڊ (انعام) ملي چڪا آهن. ڪجهه، جيڪي هن وقت منهجي ڌيان ۾ آهن:
    _پي ٽي وي ميوزڪ ايوارڊ.
    _گرئجوئيٽ ايوارڊ.
    _پي ٽي وي سلور جوبلي ايوارڊ.
    _سنڌ گرئجوئيٽ ائسوسيئيشن گولڊ ميڊل.
    _جرمن تي وي اسپيشل ايوارڊ، وغيره.

    الطاف شيخ 2_مئي 1998ع


    ملئي زبان جي ڪجهه لفظن جي سمجهاڻي

    هن ڪتاب ۾ ڪيترائي ملئي زبان جا لفظ اچي ويا آهن جن مان ڪيترن جي معني يا سمجهاڻي اتي جو اتي لکي اٿم. بهرحال پڙهندڙن جي دلچسپي ۽ سهولت لاءِ هتي انهن سڀني لفظن ۽ ملائيشيا سان وسطو رکندڙ ڪجهه شين/ڳالهين جي معني/مطلب هتي ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو:
    رنگٽ: ملائيشيا جي رپئي کي ڊالر به سڏجي ٿو ته رنگٽ (Ringgit) به. هڪ رنگٽ ۾ هڪ سئو سينٽ ٿين جن کي ملئي زبان ۾ ۾ سين (Sen) سڏجي. ڪو زمانو هو جو ملائيشيا، برونائي ۽ سنگاپور جو ڊالر هڪ ٻئي جي برابر هو پرهاڻ برونائي ۽ سنگاپور جو ڊالر مهنگو ٿيندو ٿو وڃي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ملائيشيا جو جو رنگٽ اسان جي رپئي کان مهنگو ٿي ويو آهي. 1968ع تائين ملائيشيا جو ڊالر۽ اسان جو روپيو برابر هو. ان بعد اهو ٻه رپيا ٿيو. 1978ع ڌاري چار رپيا ٿيو. 1983ع ۾ جڏنهن آئون نوڪري لاءِ پهتس ته اهو پنجين روپئي کن هو ۽ 1990ع ۾ ملائيشيا ڇڏڻ وقت هنن جو ڊالر اسان جي نون رپين برابر هو جيڪو وڌندو وڌندو 1996ع تائين ارڙهن رپيا کن وڃي بيٺو آهي.
    بهاسا (Bahasa): معني “زبان” جيڪو ڀاسا لفظ مان شايد نڪتو آهي. بهاسا ملايو يا بهاسا ملائيشيا معني ملائيشيا جي زبان- جنهن کي پاڻ ملئي سڏيون ٿا.
    جالان: ملائيشيا پهچي توهان کي “جالان” سان واسطو پوي ٿو. جالان معني رستو. اهو لفظ هر روڊ تي لڳل بورڊ تي نظر ايندو. جالان تنڪو عبدالرحمان، جالان سلطان احمد، وغيره. هونءَ جالان معني “هلڻ” به آهي. خدا حافظ چوڻ مهل گهر جا ڀاتي ويندڙ کي “سلامت جالان” چوندا آهن معني رستي جي جي سلامتي هجنئي. ملئي زبان ۾ لفظن جي اڳيان PER, BER ۽ MEN ۽ پٺيان KAN ۽ AN ڳنڍڻ سان ٻيا به لفظ ٺاهي سگهجن ٿا. جيئن ته Perjalanan معني سفر، مسافري
    Perjalanan dari Singapura ke kuala lumpur mengambi masa 6 jam.
    (سنگاپور کان ڪوالالمپور تائين جو سفر چار ڪلاڪ وٺي ٿو)
    ملئي زبان م سنگاپور کي سنگاپورا سڏين ٿا. ۽ ڪلاڪ کي جام سڏين ٿا. پيٽرول پمپن تي اڪثر وڏن اکرن ۾ لکيل هوندو آهي. JAM24 يعني چوويهه ڪلاڪ کليل آهي. ان تي هڪ ڪارٽون ڇپيو هو ته يورپ جي هڪ ٽوئرسٽ ان جو مطلب اهو سمجهي ته هتي 24 قسمن جو جئمون وڪامن ٿيون. پيٽرول پمپ واري کي چوڻ لڳو:
    “Please show me some jams”.
    ڪمپونگ (Kampong): معني ڳوٺ، گهر، چار ديواري، ڪمپونگ بارو معني نئون ڳوٺ، ڪمپونگ لاما معني پراڻو ڳوٺ.
    نگارا- ڪوالالپمور ۾ نگارا لفظ به گهڻو ٻُڌڻ ۾ ايندو. نگارا (Negara) معني قومي. مسجد نگارا معني قومي مسجد، زور نگارا معني قومي چڙيا گهر، اهڙي طرح بئنڪ نگارا، ميوزم نگارا، وغيره.
    تُن، داتڪ وغيره- اهي هتي جي بادشاهه طرفان ماڻهن کي مليل خطاب آهن. جيئن خانبهادر، راءِ بهار، سر وغيره.
    تمن- باغ، چمن.
    آير-پاڻي.
    آيرباتو- برف جو ڳوڙهو. باتو معني پٿر.
    آير باتو چمپور (Air batu Campor) ڳنڍا ڪلفيون.
    ناسي (Nasi) معني ڀت. سڪل چانورن کي Beras سڏجي ٿو.
    ناسي ايام معني ڪڪڙ ڀت، ناسي ڪوسونگ معني معني ٺلهو ڀت.
    ڪوسونگ- ٻڙي، صفر، خالي.
    ڪوسونگڪان (Kosongkan) – معني خالي رکو. پارڪنگ جي جاين تي ڪن ٽڪرن تي لکيل هوندو آهي. معني اتي گاڏيون نه بيهاريو. شروع جي ڏينهن ۾ مون سمجهيو ته ڪوسونگ فقط انگ آهي ٻڙي (زيرو) آهي. ڪار پارڪنگ ۾ ڪوسونگ ڪان لفظ پرهي تعجب لڳندو هوته ان جو مطلب ڇا ٿي سگهي ٿو. ٻڙي ڪريو- ! ڇو ته ملئي لفظ جي آخر ۾ kan وجهڻ سان معني ائين ڪريو. پوءِ شايد هڪ ڏينهن پوليس واري چالان ڪيو، تڏنهن خبر پئي ته ڪوسونگ معني خالي پڻ آهي. ۽ ان هنڌ تي گاڏي نه بيهارڻي آهي. هڪ ٻيو لفظ آهي ماتي (Mati) معني موت. ۽ ملائيشيا جي هر پئٽرول پمپ ٻاهران لکيل نطر ايندو آهي Matikan Injin جنهن جي لفظي معني ٿي انجڻ کي ماري ڇڏيو- موت ڏئي ڇڏيو. يعني پئٽرول وٺڻ مهل انجڻ کي بند رکو.
    روتي-ماني، اوڦراٽو.
    روتي تلور-بيضي واري روٽي.
    روتي ڪوسونگ-رُکي روٽي، خالي ماني (بنا بيضي يا ڀاڄيءَ جي).
    منڊي- (Mandi) معني وهنجڻ.
    Tiap Tiap Pagi Saya Mandi
    (روز روز صبح جو آئون وهنجان ٿو.)
    بِلڪ- ڪمرو.
    بلڪ منڊي- وهنجڻ جي جاءِ.
    بلڪ دودڪ- وِهڻ جو ڪمرو، ڊرائنگ روم.
    دودوڪ-وِهڻ. آفيس يا گهر ۾ ملڻ لاءِ ڪو مهمان ايندو آهي ته ملئي ماڻهن جي “دودوڪ” “دودوڪ” شروع تي ويندي آهي. جيئن پاڻ چوندا آهيون: سائين وهو وهو.
    هري آيا- وڏو ڏينهن-يعني عيد.
    هري- (Hari) ڏينهن.
    رايا- بنگارايا (وڏو گل)، جالان رايا (وڏو رستو)
    سُوسو- کير.
    سمڀايانگ- (sembhyang) نماز
    پئاسا- (Sarong) گوڏ، وهاڻي جي ڇوَ، بندوق جو پوش- ويندي ڪنڊوم لاءِ سرونگ لفظ استعمال ٿيئي ٿو.
    ٽنڊاس- سنداس، ڪاڪوس
    وقتو- (Waktu) وقت.
    آپا- ڇا. آپا خبر معني ڇا خبر. آپا وقتو (ڇا وقت آهي)
    سبانگ- هيرو. ڪئالالمپور جي هوائي اڏي جو نالو سبانگ ايئرپورٽ آهي.
    باگوس- خوش، سٺو، سهڻو، بهتر.
    آيرتيبو- (Air Tebu) ڳني جو رس.
    ساتي- (Satey) ٻوٽي ڪواب. پر هتي جي ساتي ۾ کنڊ به ٻرڪين.
    مرتباڪ- قيمي وارو اڦراٽو.
    ڪندوري-دعوت.
    ناسي گورينگ- فراءِ ٿيل چانور.
    ايام گورينگ- فراءِ ٿيل ڪُڪڙِ.
    بيف ريڊانگ- ڀُڳل ٻوڙ (ڳائي جو).
    اڊانگ-گانگٽ.
    ادانگ چوچو- ننڍو گانگٽ (چوچو- پوٽو ڏهٽو).
    مي، بي هون- سَوِين ۽ اسپاگهيٽي جا قسم.
    منگو- هفتو. منگو- اني (هي هفتو)
    ٽنگال-رهڻ (ٽنگالڪان- رهي پوڻ)
    Saya Tinggal di Sini
    (آئون هتي ئي رهان ٿو)
    پسانگ-ڪيلو. پسانگ اِماس (سون ورنو ڪيلو)
    ناناس- انناس
    بوليح- ڀلي، ائين ڪري سگهين ٿو.
    Boleh Cakap Melayu
    (ڇا تون ملئي ڳالهائي سگهين ٿو).
    UMNO = يونائيٽيڊ ملئي نئشنل آرگنائيزيشن (ملئي ماڻهن جي سياسي پارٽي)
    داتنگ- اچڻ.
    سلامت داتنگ- ڀلي ڪري آيائو.
    ڪوالا-ندي.
    لمپور- گپ واري.
    اورانگ- ماڻهو.
    هُتان-جنگل.
    چپات- جهٽ ڪر.
    تاق ماهو- سڄو لفظ “تيداق ماهو” آهي معني “نه کپي”.
    انتوق ڪيراٽا انڊا- توهان جي ڪار لاءِ.
    ديوان نگارا- نئشنل هائوس (سينيٽ).
    باجو- قميص.
    باجو ڪورونگ- زناني قميص، چولي جو قسم.
    صديقت- ٿوري ٿوري. (سڪت سڪت پڻ چون)
    جنگن- متان، هرگز نه.
    دريپادا- کانFrom
    ڪپادا- ڏانهن To


    ڪوالالمپور جي هڪ رات

    آفيس ۾ چانهه تي ڳالهه اچي نڪتي مسافري ۽ پرديس ۾ رهڻ جي، اسان جي پاڪستاني ڪئپٽن فاروق چيو:“اڄ ڇنڇر آهي هڪ بجي جيئن ئي موڪل ٿيندي ته ڊاڪٽر نرگس (زال) کي ملاڪا اسپتال مان کڻي، ڪار ذريعي سنگاپور هليو ويندس. کيس چئي آيو آهيان ته رستي تي کائڻ لاءِ سئنڊوچون وٺي چڏي.”
    انڊيا جي ڪئپٽن جئپال چيو:“اهو ته اجايو آهي، ملائيشيا ۾ رستي تي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ هوٽلون آهن جتي هر قسم جو کاڌو ۽ شئي شڪل ملي ٿي- خاص ڪري روٽي چنائي (اُڦراٽو) ته عام آهي- جيڪو رکو به کائي سگهجي ٿو ته ڪنهن ٻوڙ يا چانهه سان به.”
    “پر فاروقيءَ کي اُفراٽا يا ٻي ڪا اهڙي گيهه واري شئي نه ٿي وڻي.” آصف ٻڌايو. آصف جهاز جو چيف انجنيئر آهي ۽ اهو پڻ ملاڪا جي اڪيڊمي ۾ اسان وانگر پڙهائي ٿو.
    پوءِ اهو واقعي مسئلو ٿيو. ڪئپٽن مُکريءَ سان به سفر ۾ اهو ئي مسئلو آهي. هو ته هوٽل ۾ صفا رهي نه ٿو سگهي. هر وقت گهر جي ماني کائي. ان ڪري ٻئي شهر ۾ وڃڻ جو سانگو تڏنهن کڻندو آهي جڏنهن پڪ هوندس ته ان شهر ۾ سندس ڪو پاڪستاني يا هندوستاني دوست رهي ٿو. جيئن هن جي گهر ماني کائي سگهي.” درٻيلي جي ڪئپٽن مخدوم چيو.
    “پر يار اسان کي وري ڪنهن جي گهر رهڻ ۾ سخت مونجهه ٿئي ٿي.” ڪئپٽن تيجپال چيو،“چاهي ڪنهن دوست جو هجي يا مٽ مائٽ جو. ان کان هوٽل جو ڪمرو وڌيڪ سهوليت وارو آهي.”
    ان تي مون به کيس وارو وٺرائيندي چيو:“واقعي يار هوٽل ۾ رهڻ ۾ آزادي آهي. وڏي ڳالهه ته پاڻ هاڻ سڀ اهڙي عمر جي پيٽي ۾ اچي ويا آهيون جو پاڻ مان هر هڪ جنهن جنهن نموني سان رهيو آهي اهو ئي هن کي بهتر لڳي ٿو ۽ ان تي هو هريل آهي.”
    پوءِ کلندي مون پنهنجي ويجهڙائي جو هڪ تجربو کين ٻُڌايو:
    ٻه هفتا کن اڳ ڪوالالمپور ويو هوس.ان کان اڳ جڏنهن به اڪيلو يا فئملي سان ويو آهيان ته هوٽل ۾ ئي رهڻ ٿيو آهي. جيتوڻيڪ هاڻ ڪوالالمپور ۾ ڪيترائي ڄاڻ سڃاڻ وارا آهن پر انهن وٽ رهڻ کان نٽائيندو آهيان، خاص ڪري هڪ ملئي فئملي ته ڏاڍو چوندي آهي ته هوٽل ۾ رهي اجايو ٿو خرچ ڪرين- جيڪو واقعي گهڻو اچي ٿو ۽ هڪ ڏينهن جا سئو ڊالر ڏيندي ڏک به ٿيئي ٿو سو به هوٽل ۾ رات جا چند ڪلاڪ گذرڻا ٿا پون. باقي وقت شهر ۾ ڪمن ڪارين پٺيان گذري ٿو.
    هڪ دفعي ته ڪوالالمپور ڇڏڻ وقت هن فئمليءَ جو گهر به ڏسي آيس ته جيئن ٻي دفعي هوٽل ۾ رهڻ بدران سندن گهر رهي پوان. سندن گهر ٻين عام ملئي گهرن کان وڏو هو- اٽڪل چار ڪمرا هئس ۽ فئمليءَ ۾ زال مڙس ۽ پنج کن ٻار هئا. پاڻ ڏاڍيون منٿون ڪيائون ته کين ڪا به تڪليف نه ٿيندي جو هڪ ڪمرو ته هميشه خالي رهي ٿو. چئن ڪمرن مان هڪ ۾ هو زال مڙس رهن ٿا، هڪ ۾ ٻئي وڏيون ڌيئرون جن مان هڪ ڪنهن آمريڪي انشورنس ڪمپنيءَ ۾ ۽ ٻي ايئر انڊيا جي آفيس ۾ نوڪري ڪري ٿي ۽ ٽين ڪمري ۾ ٽيئي پٽ رهن جيڪي اڃان اسڪول وڃن ٿا ۽ هونءَ به ڇوڪرا ته ڊرائنگ روم ۾ وڇايل گلم تي سمهي سگهن ٿا.
    پر ان هوندي به مون کي اهو خيال پئي رهيو پئي ته متان کين ڪا تڪليف ٿئي. گذريل مهيني پاڪستان ايمبيسي ۽ ٻين آفيسن ۾ ڪم سانگي ڪوالالمپور اڪيلو وڃڻ جو پروگرام ٿيو ۽ سوچيم ته هوٽل ۾ رهڻ بدران هنن جي گهر رهي ڏسان. جي کين واقعي تڪليف نه ٿيئي ته پوءِ ٻئي دفعي فئمليءَ سان به ڪوالالمپور هنن وٽ ئي رهبو. بلڪه ڪڏنهن ڪڏنهن ڪنهن ڏورانهين سفر تي پينانگ يا الور اسٽار وڃڻو ٿيو ته ڪوالالمپور هنن وٽ رات ترسي، وڌيڪ سفر لاءِ ٻئي ڏينهن صبح جو نڪربو- جو مٿيان شهر ملاڪا کان پنج ۽ ست سئو ڪلوميٽر پري آهن ۽ يڪ ساهيءَ اتي پهچڻ ڏکيو آهي.
    ڪوالالمپور وڃڻ کان ٻه ڏينهن اڳ هن ملئي فئمليءَ کي اطلاع طور هتان ملاڪا کان فون ڪيم. فون مسز سفوران ئي کنيو. دراصل منهنجي پهرين ملاقات به سفوران سان ئي ٿي هئي. ملائيشيا پهچڻ کان پوءِ پهريون دفعو ڪوالالمپور ۾ اچڻ وقت هڪ سنڌيءَ جي ڊپارٽمينٽ اسٽور- گلوب سينٽر ۾ ساڻس گڏجاڻي ٿي هئي. سندس عمر پنجيتاليهه سال کان پنجاهه سال ٿيندي. ساڻس گڏ پنڌرهن سورنهن سالن کن جو ڇوڪرو هو. سندن مڙس جو واپار ڪوالالمپور ۾ آهي ان ڪري ڪوالالمپور جي ئي هڪ علائقي ڪمپونگ- پانڊان ۾ رهن ٿا.
    ملاڪا موٽڻ بعد پاڻ هڪ ٻه دفعو فون به ڪيائين پر کيس انگريزي جو هڪ لفظ به نه ٿي آيو ۽ مون کي اڃان ملئي زبان نٿي آئي جو ساڻس ڳالهائي سگهان. سندس مڙس مسٽر ذوالقفيءَ کي پاڻ ٿوري گهڻي انگريزي آئي ٿي يا وري وڏي ڌيءَ رحيما کي. ان ڪري اهي ترجمو ڪري خيريت پڇندا رهندا هئا. ۽ سال اندر سٺي فئملي دوستي ٿي وئي هئي. هنن کي هر وقت اهو خيال رهندو هو ته آئون پرديسي ٿي هوٽل ۾ ڇو ٿو رهان. جڏنهن ته هنن جو گهر ڪوالالمپور ۾ موجود آهي. سو ڄاڻ سڃاڻ کي سڄو سال گذرڻ بعد ان ڏينهن فون تي مسز سفوران کي خوشخبري ٻُڌايم ته اربع ڏينهن ڪوالالمپور اچان پيو ۽ رات توهان وٽ رهي ٻي ڏينهن ملاڪا موٽندس.
    “سو سائين ڪوالالمپور ويس ۽ رات رهي ٻئي ڏينهن وريس.”
    ڪئپٽن تيجپال پڇيو ته پوءِ ڇا ٿيو.
    “پوءِ ڇا ٿيو- ؟” مون وراڻيو. “ٿيو ته ڪُجهه ڪونه. ٻين ملئي ماڻهن وانگر هي به تمام سادا ۽ مهربان هئا ۽ هنن ويچارن ته منهنجي تمام گهڻي ٽهل ٽڪور ڪئي پر سائين مون لاءِ ته ڄڻ سزا ٿي پئي، ۽ آئندي لاءِ توبهه ڪري واپس ملاڪا اچي نڪتس ۽ سوچيم ته ڪنهن هوٽل، سي مئن ڪلب يا واءِ ايم سي وغيره ۾ رهبو، يا ته انهي ڏينهن موٽي اچبو، باقي ڪنهن گهر ۾ نه رهبو.”
    “ڇو ڀلا- ؟” آصف پڇيو.
    “بس چڪر اهوئي عادت جو. مثال طور منهنجي عادت سوير سمهڻ جي پر منهنجي وندر لاءِ هي ويچارا ويٺا ڪچهري ڪن يا ٽي وي هلائين- اڃان ته کين وي سي آر جي فلم نه ملي جيتوڻيڪ منهنجي لاءِ ڪري هنن پنهنجي وڏي پٽ بحرالدين کي گهڻو ڊوڙايو ته ڪٿان پي- رامليءَ جي فلم جو وي سي آر ڪئسٽ وٺي اچ. آئون گهڻو ئي چوان ته مون کي فلم ناهي ڏسڻي پر هو ويچارا سمجهن ته شايد مون کي ڏسڻي آهي پر تڪلف پيو ڪريان. بهرحال خير ٿي ويو جو گهڻا تڻا دڪان بند ٿي ويا هئا ۽ پي- رامليءَ جي اهافلم جيڪا هنن گهرائڻ چاهي ٿي اها ملي نه سگهي نه ته ان خوف ۾ هوس ته جي فلم هٿ اچي ويئي ته ٻه اڍائي ڪلاڪ ٻيا به جاڳڻا پوندا. (پي- راملي ملئي فلمن جو وڏو اداڪار ٿي گذريو آهي جيئن ننڍي کنڊ ۾ دليپ ڪمار مشهور آهي. دليپ ته وري به فقط ائڪٽر آهي پر پي- راملي صاحب ائڪٽر هجڻ کان علاوه ڳائڻو، گانا لکڻ وارو، گانن جي ميوزڪ ٺاهڻ وارو، ڊائريڪٽر، هيرو ۽ مسخرو ٿي گذريو آهي. سندس نالي ڪوالالمپور ۾ هڪ رستو پڻ آهي.)
    هن ملئي فئيملي جو گهر ته وڏو ئي هو پر عام ملئي گهرن وانگر سڄو ڪاٺ جو ٺهيل هو جيڪو بنا ڪنهن شڪ جي هتي جي موسم لاءِ آئيڊيل گهر آهي جنهن ۾ نه گهڻي گرمي ٿئي ٿي ۽ نه سيءُ. سيءُ ته هتي ڇا خاڪ ٿي سگهي ٿو جو هنن ٽراپيڪل ملڪن ۾ ٻارهو ئي سج چوٽي وٺي لنگهي ٿو ان ڪري گرمي رهي ٿي پر هر وقت جهڙ ۽ گهڻي مينهن پوڻ ڪري ڏينهن جو ڳپل حصو، موسم سٺي رهي ٿي. خاص ڪري مينهن جي وسڪاري بعد ٿوري دير هلڪي ٿڌڪار ٿئي ٿي جيڪا هتي جي ماڻهن لاءِ ڄڻ ٿڌ ۽ سردي ٿي. ان وقت يڪدم سئيٽر نڪري ايندا. نڪ ۽ ڇاتين تي وڪس يا ٽائيگر بام پيو لڳندو ته متان ٿڌ نه لڳي. متان ڇاتي نه وٺجي. يعني اسان وٽ سيارو سال بعد اچي پر هتي هر هفتي به اچي سگهي ٿو ته ڪڏنهن ڏينهن ۾ ٻه دفعا به- مينهن وسڻ بعد. هتي ملائيشيا ۾ ڪڪر ته هر وقت آسمان ۾ رهن ئي رهن ٿا ۽ جهڙ ڪري ظاهر آهي ايڏي گرمي نه ٿي ٿئي- خاص ڪري ماڻهو جيڪڏنهن اندر ڪمري ۾ ويٺو آهي ته موسم وڻندر لڳي ٿي. پر ايتري ٿڌڪار به نه ٿي ٿئي جو پنکو به نه هلائجي. پر هتي جا رهاڪو بنا پنکي جي عادي ٿي ويا آهن. ان ڪري ڪنهن ڪنهن گهر ۾ ڊرائنگ روم ۾ کڻي پنکو هوندو جيڪو ڏينهن جو گهرج موجب- ڪڏنهن ڪنهن کي گرمي محسوس ٿئي ته – هيڏانهن هوڏانهن ريڙهيو وڃي ٿو. سو اهڙيءَ طرح ڪوالالمپور جي هن گهرن ۾ به- جنهن ۾ آئون مهمان ٿي رهيس ڀت کان ڀت تائين غاليچا، ٽي وي، وي سي آر ۽ ٻيون سهوليت ۽ آسائش جو سامان ته ضرور هو پر پنکو فقط ڊرائنگ روم ۾ هو. سو به وچ تي رکيل ڊائننگ ٽيبل جي مٿان. يعني ويهڻ لاءِ صوفا سيٽ جيڪي پري ڀت سان لڳل هئا تن تائين پنکي جي هوا جو پهچڻ محال هو. گهر جي ماڻهن کي ته گرمي نه پئي ٿي پر پر مون کي سو ان ڏينهن ڪجهه زياده ئي لڳي رهي هئي جو ملاڪا ۾ سڄو سال ايئر ڪنڊيشنڊ آفيس جي ٿڌي ڪمري ۾ ويهڻ ڪري عادتون خراب ٿي چڪيون هيون. اسان جي ملاڪا واري گهر ۾ جيتوڻيڪ ايئر ڪنڊيشنڊ جهڙي شئي لڳل نه هئي پر اهو ملاڪا نار جي ڪناري تي ۽ مٿاهينءَ تي اڏيل هجڻ ڪري سخت گرميءَ ۾ به ٿڌو رهي ٿو. سو اهو ئي سبب هو جو هتي مون کي ڪجهه زياده ئي گرمي لڳي رهي هئي ۽ ذري ذري ڀت جي پاسي ۾ رکيل صوفن تان اٿي وچ تي رکيل ڊائننگ ٽيبل جي ڪرسين تي اچي ٿي ويٺس- جنهن مٿان ڇت جو پنکو شايد ٻن يا ٽن انگن واري ڍري رفتار تي ادل چاڪيءَ جي گهاڻي ۾ جوٽيل ڍڳي وانگر آهستي آهستي گول ڦري رهيو هو.
    گهر جيئن ته ڪاٺ جو هو- يعني ڇتيون ڀتيون ته سهي پر پٽ به ڪاٺ جو هو- ڄڻ گهر نه هجي پر پراڻي زماني جو سلطاني ٻيڙو- جيڪي ائين ڪاٺ جا ٺهيل هوندا هئا ۽ درن مٿان ۽ درين تي ڳاڙها، آسماني ساوا بيلجمي شيشا لڳل هوندا هئا. اهڙن ٻيڙن مان ڪجهه اڃان تائين ڪن ڪن بندرگاهن ۾ نمائش طور موجود آهن. جهڙوڪ هانگ ڪانگ ۾، اسپين جي بندرگاهه بارسلونا ۾، آمريڪا جي بندرگاهه نيو اورلينس ۾. سو ان ڪاٺ جي فرش تي هلڻ وقت گهر جا ڀاتي ته پير کپائي کپائي آهستي هليا ٿي يا ته سندن ننڍي قد ۽ گهٽ تور ڪري ايترو آواز نٿي ٿيو پر مون ڏٺو ته منهنجي هلڻ ڪري هڪ ته آواز ڪجهه گهڻو ٿيو ٿي ۽ فرش ڪمزور ڪاٺ جي بنڊ وانگي لڏيو ٿي ۽ ٻيو ته منهنجي هلڻ وقت گهر جي سڀني ڀاتين جو ڌيان مون ڏي ڇڪجي ويو ٿي. جيڪي ڳالهين ۾ مشغول هئا سي به منهنجي هلڻ وقت ماٺ ڪري مون کي ڏسڻ لڳا ٿي. ٽين ڳالهه ته گهر جيتوڻيڪ ڪو گهڻو پراڻو نه هو پر ڪاٺ جي فرش ۾ ڪٿي ڪٿي اڏوهي لڳڻ يا پور ٿيڻ ڪري اهي هنڌ ڪمزور ٿي چڪا هئا. گهر جا ڀاتي ته انهن هنڌن کان ائين واقف هئا جيئن گهر ۾ عورت پنهنجي رڌڻي مان اوندهه ۾ نه به لوڻ مرچ ڳولي کڻي اچي. سو آٽوميٽيڪلي صحيح هنڌن تي پير رکي هلي رهيا هئا پر مون کي نه خبر نه هئي ۽ نه ڏسي سگهيس ٿي جو فرش مٿان غاليچو وڇايل هو. سو جيئن ئي منهنجو پير انهن ڪمزور ٽڪرن تي آيو ٿي ته سڄو جهڪي ٿي ويس ۽ انهن اڏوهي کاڌل هنڌن جو ڪاٺ چيچاٽ ڪري وڌيڪ ڇيتيون ڇيتيون ٿي ٿيو- جنهن جو افسوس مون کي هينئر به ٿي رهيو آهي. (هڪ ڳالهه هتي ٻُڌائڻ ضروري چاهيان ٿو ته ملئي اسٽائيل جي ڪاٺاڻي گهر جو پٽ زمين کان ٽي فوٽ کن مٿي رکيو وڃي ٿو جيئن مينهن ۽ ٻوڏ جو پاڻي هيٺيان لنگهي وڃي.)
    ڪولالمپور ملاڪا کان سئو ميل کن مس آهي. ملاڪا ۽ ڪوالالمپور جي اڌ تي سريمبان شهر آهي. سريمبان کان ڪوالالمپور تائين رستو پنهنجي سپر هاءِ واي وانگر آهي_بلڪ ان کان به ويڪرو ۽ ايندڙ ويندڙ گاڏين لاءِ الڳ الڳ رستو اهي. باقي ملاڪا کان سريمبان تائين جيڪو رستو آهي اهو هڪ ته ٻٽو ناهي، ساڳي رستي تان گاڏين جي اچ وڃ آهي، ان ڪري ايترو تکو نه ٿو هلي سگهجي. رستو به سڌو هجڻ بدران ور وڪڙ وارو آهي ۽ ٽن چئن ڳوٺن مان ٿيندو وڃي ٿو: جهڙوڪ: لبوڪ، چينا، لنگي، رتنائو وغيره. سو ڳوٺن مان لنگهڻ ڪري ڪار خيال سان هلائڻي پوي ٿي. بهر حال ٻن ڪلاڪن ۾ ملاڪا کان ماڻهو ڪوالالمپور پهچي وڃي ٿو. آئون ڪوالالمپور پهچي ڪجهه شهر جا ڪم ڪار لاهي منجهند جي ماني به هوٽل تان کائي پوءِ هن ملئي فئملي وٽ ٻي بجي ڌاري پهتس. منهنجو ارادو هو ته سندن گهر پهچي کين اطلاع به ڪريان ته آئون ڪوالالمپور ۾ ئي آهيان ۽ جي موقعو لڳي ته اڌ ڪلاڪ کن اتي آرام ڪري پوءِ ٻين ڪمن لاءِ شهر ڏي نڪران جو ٻين عادتن سان گڏ منجهند جو گهڻو نه ته ڏهه منٽ، ننڊ ڪرڻ جي عادت اهڙي ته پيل آهي جو بس. پوءِ آفيس ۾ به روزانو ٽيبل تي مٿو رکي ڏهه منٽن لاءِ اها ننڊ ضرور ڪرڻي پوي ٿي. ويندي جهاز هلائڻ واري ڏينهن ۾ ۾ باٿ روم جو بهانو ڪري ڪنڊ پاسي ۾ ڪنهن بند ٿيل انجڻ يا پائيپ تي، يا جهاز جي پڇ تي ٺهيل ٻنوڙي تي مٿو رکي اها ڏهه منٽ ننڊ ضرور پوري ڪرڻي پوندي هئي. بهرحال گهر پهتس. مسز سفوران پاڻ ته ڪمري ۾ ستي پيئي هئي. سندس ننڍي پٽ کي سمجهايم ته کيس اٿاري نه. آئون وري پوءِ ايندس. پاڻ مون کي منهنجو رهڻ وارو ڪمرو ڏيکاريائين جيڪو گهر ۾ گهڙڻ سان پهريون در وٽ هو.
    آندل هڪ وڳو، ٽوال، شيونگ جو سامان، پنهنجي ملڪ جي ايمبيسيءَ مان کنيل پراڻيون جنگ، نواءِ وقت ۽ مشرق اخبارون ڪار مان ڪڍي ٽيبل تي رکيم ۽ رب جا ٿورا مڃي دل ئي دل م خوش ٿيس ته ڊگهي کيڪار کڙيءَ کان جان بچي ۽ هاڻي ائين ئي پينٽ ۾ ئي ٿوري دير لاءِ منجهند جي ننڊ ڪري وٺان ٿو. پر ايتري دير ۾ سفوران جو پٽ، جيڪو مون جهڙي ولائتي مهمان کي ڏسي خوشي ۾ اهڙو ته ڪو منجهي پيو جو وڃي پنهنجي ماءُ کي اٿاري منهنجي اچڻ جو ٻڌايائين. (پاڻ وٽ گذريل ٻن صدين تائين يورپ ۽ انگلينڊ جا ماڻهو ٻاهر نڪرڻ ڪري اهي ولائتي ۽ فارينر سڏبا هئا پر هاڻ جڏنهن اسان جهڙي ٽين دنيا جي غريب ملڪن جا ماڻهو پورهئي ڪارڻ هيڏانهن هوڏانهن نڪرڻ شروع ٿيا آهن ته اهو ولائتي ۽ فارينر جو لفظ جو استعمال_صحيح معني ۾ استعمال ٿيڻ لڳو آهي ۽ نائيجيرين توڙي انڊين کي، سري لنڪن توڙي اسان کي ڌارين ملڪن ۾ فارينر، ولائتي_يعني ڌاريون سڏيو وڃي ٿو) بلڪ هاڻ ته يورپين کان وڌيڪ اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن جي نڪرڻ ڪري فارينر سان ڌيان ۾ ڪو گورو نه پر اسان جهڙو ڪارو اچي ٿو.
    ماڻس ويچاري مهمان جو ٻڌي ٽپ ڏيئي اٿي ۽ هٿ منهن ڌوئڻ تي به وقت وڃائن بدران سڌو مون ڏي “هيلو! هيلو! سلامت داتنغ” (ڀلي ڪري آئين) چوندي آئي. ۽ آئون لاچار سمهڻ جو ارادو لاهي ٻاهر ڊرائنگ روم ۾ اچي ويٺس_جنهن جي اولهه ۾ منهنجو ۽ ٻيا بيڊ روم هئا. پنج ڏهه منٽ هوءَ خبر چار پڇندي رهي ۽ کيس مون ڀڳل سڳل ملئي زبان ۾ پنهنجو سڄو پروگرام سمجهايو ته شهر جا ڪم ڪار لاهي آيو آهيان. هينئر وري شهر ٿو وڃان ۽ شام جو پنجين ڇهين بجي ڌاري موٽي هتي اچي رهندس. ملاڪا وپس سڀاڻي ويندس.
    ماني لاءِ بڌايومانس ته هينئر هينئر ٻاهران کائي آيو آهيان ۽ هوءَ رات جي مانيءَ جو به منهنجو فڪر نه ڪري.
    “نه ائين وري ڪيئن ٿي سگهي ٿو. تون پنهنجي گهر ۾ رات جي مانيءَ ۾ ڇا ڇا کائيندو آهين ته ڪوشش ڪري اهو هتي به تيار ڪريون.”
    ڪيترا ماڻهو کاڌي پيتي جا شوقين ٿيندا آهن. ان ڪري کين پرديس ۾ رهڻ ۾ به ڏکيائي ٿيندي آهي. ويندي مانيءَ جي وقتن جا به پابند هوندا آهن ۽ هڪ ويل به بنا ٻوڙ مانيءَ جي رهي نه سگهندا آهن. مون سان ائين ناهي. پر هن وقت کين جيڪڏنهن ٻڌائيندس ته مون مست جي نه ماني مقرر آهي ۽ نه مانيءَ جا وقت ته هوءَ هر گز يقين نه ڪندي. مون لاءِ ست رڇي يا ٺلها آراڙا ڀڳڙا ڳالهه ساڳي آهي. پر هتي هنن کي ڪجهه ٻڌائڻ ٿي چاهيم جيئن گهڻي تڪليف ۾ نه پون.
    “آئون گهر ۾ ناسي (چانورن) يا ٺلهي روتي ڪوسونگ (هتي ملندر ٽيهه چاليهه سينٽن جو اڦراٽو) کائيندو آهيان.”
    “روٽي ڪوسونگ (ٺلهو اڦراٽو) يا روتي تلور بيضي وارو اڦراٽو) ته هتان به ملي ويندو_ڀر واري گهٽيءَ ۾ هوٽل آهي. منهنجي وڏي ڌي رحيمان ڏٺي آهي. اها وٺي ايندي.”
    مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ته اهاڙا ميزبان سٺا جيڪي هڪ ئي دفعو ڳالهه ٻڌي سمجهي ۽ مڃي وڃن.
    “ڀلا هينئر ڪجهه ته کاءُ_”
    “هينئر بلڪل ضرورت ناهي.”
    “ڀلا منڊي_؟” (منڊي ملئي زبان جو لفط آهي_معني وهنجڻ).
    “ها.” ان لاءءِ انڪار ڪرڻ خرب ڳالهه ٿيندي.
    ملئي ماڻهن ۾ وهنجڻ ايترو عام ۽ گهڻو آهي جو اسان رڻ پٽن جي رهاڪن کي ته حيران ڪندڙ ۽ حسرتن ۾ وجهندڙ آهي. قدرت طرفان پاڻي ايترو گهڻو مليل اٿن جنهن جو ڪو ڪاٿو ئي ناهي. هڪ ته سڄو ڏينهن آسمان مان پاڻي ٿو وسي، ٻيو بنا گرُ ۽ مٽيءَ جي ندين نارن جو شفاف پاڻي. گهڻو ڪري ٻهاريءَ بدران به پاڻيءَ جي پائيپ سان گهر کي ڌوئي ڇڏيندا آهن. صبح ۽ سج لٿي مهل ته هر هڪ لاءِوهنجڻ (منڊي_Mandi) ڄڻ ضروري آهي. سج لٿي کان ٿورو اڳ تائين هر ڪو ٽوال جهليو بيٺو هوندو. پڇبو ڪيڏانهن_؟
    وراڻيندو:“منڊي.”
    ۽ وهنجڻ به ڪو اهڙو تهڙو. هڪ اڌ بارديءَ مان نه پر گهٽ ۾ گهٽ هڪ اڌ وڏي ڊرم کي خالي ڪري وٺندا ۽ هتي جا ماڻهو وهنجڻ وقت جنهن ڪري سان پاڻي نائين ٿا سا به اسان جي ڪريءَ کان ٽيڻي چئوڻي ٿيندي_(يعني ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه يا ٽي ليٽر پاڻي اچي ٿو). ان سان جڏنهن وهنجندا آهن ته اوڙي پاڙي ۾ پاڻي جو شپڪو ٻڌبو آهي. اسان جهڙا ماڻهو جيڪي ننڍي هوندي سنڌ جهڙي وارياسي علائقي ۾ رهيا يا جهاز تي_جتي هر وقت مٺي پاڻيءَ کي قدر جي نگاهه سان ڏسڻ سيکاريو ويو ۽ ڦڙو به ضايع ڪرڻ تي پاپ جو ڊپ ڏنو ويو. اتي هي حال ڏسي اسان جهڙا وائڙا ڪيئن نه ٿين.
    هڪ ٿڪاوٽ ڪري ٻيو هتي جي رسم ڪري مون ان گهڙيءَ اهو ئي مناسب سمجهيو ته منڊيءَ لاءِ انڪار ڪرڻ هتي ملائيشيا ۾ اهڙو گناهه جو ڪم آهي جهڙو پاڻ وٽ اَن نوُر يا کير پير ڪو ڏئي ته موٽائي ڏجيس. گرمي ته مون کي ڪجهه زياده لڳي رهي هئي ۽ ڪجهه ان خيال کان ته منهنجا مهربان ميزبان اهو نه سمجهن ته آئون ڪنهن اڻ سڌريل ملڪ جو آهيان. گهٽ ۾ گهٽ موهن جي دڙي تائين سنڌي وهنجڻ جا ايڏا سوقين هئا جو جپانين وانگر کين هر پاڙي ۾ ڪميونٽي باٿ (عام تالاب) پڻ هو. اها ڳڻ ڳوت ڪري ٽوال کڻي وهنجڻ جاءِ ۾ گهڙيس، جيڪا، گهر جو نقشو ٺاهيندڙ انجنيئر، سڄي گهر ۾ فقط هڪڙي ٺاهي هئي ۽ سا به گهر جي آخري ڪنڊ ۾. بلڪ اهو هتي جي جاين جو عام نقشو آهي جيڪو هتي جي واڍن جي دماغ ۾ ئي موجود هوندو آهي، جنهن لاءِ بشير ميمڻ جهڙي انجنيئر جي ضرورت نه ڪي ڊي اي کان پاس ڪرائڻ جو الڪو هوندو آهي. ملائيشيا جي انهن گهرن جي، انگريزي دوائن وانگر، هڪ Patent ڊزائين ٿئي ٿي.
    ملائيشيا جا گهر ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجن ٿا. هڪ ته سڄا ڪاٺ جا ٿين. جن جو ڪاٺ جو پٽ زمين تي هجڻ بدران ٽي فٽ کن مٿي ڪاٺ جي پيل پاين تي ٿئي. ان مان اهو فائدو آهي ته نانگ بلائون ۽ جيت جڙا جيڪي هتي گهڻا ٿين ٿا انهن کان بچاءُ رهي ٿو ۽ ٻيو سخت مينهن جي ڪري وهندڙ پاڻيءَ کان مٿانهون رهي ٿو ۽ گهر هيٺيان ڇڏيل اها جاءِ اسٽور روم يا بُهري طور به ڪم اچي سگهي ٿي. يعني ڪاٺيون، ڪوڏر، سُپ، دٻا، ڌوپ ڇٽيون وغيره اتي رکي سگهجن ٿا ۽ ملائيشيا جا اهي ڪمپونگ_هائوس (ڳوٺاڻا_گهر) آهن.
    ٻيا اوچي درجي جا، شهرن ۾ پاڻ جهڙا پڪا گهر ٿين_يعني بنگلو ٽائيپ کڻي نه به هجن پر سرن جا، يا پٿرن جا يا گچ ۽ گاري جا ٿين_يعني منجهن ڪاٺ تابوت وانگر استعمال نٿو ٿئي. ٽيان وچولي درجي جا ٻنهي جو مڪسچر ٿين_جهڙو هي گهر هو جنهن ۾ آئون مهمان ٿي آيو هوس. اهڙن گهرن جي وچ وارو حصو يعني ڪمرا مٿاهين تي ٿين ۽ ان حصي جو فرش پڻ ڊرامي جي اسٽيج وانگر مٿاهون ۽ ڪاٺ جي تختن جو ٿئي ۽ پويون حصو هيٺاهون ۽ پٽ جي ليول تي ٿئي. اهو هيٺاهون پٽ سيمنٽ ٽائلن يا سرن جو ٿئي. اڳئين حصي ۾ ڇٻر، گلن جون ٻاريون ۽ ڪار يا سائيڪل بيهارڻ جي جاءِ پڻ ٿئي. پويان اسٽور روم، رڌڻو، ڪاڪوس_وهنجڻ جاءِ ٿئي. سڄي پاڙي جي گهرن وانگر هن گهر جي بيهڪ پڻ ڪجهه ان قسم جي هئي. مين لوهي_گيٽ مان گهڙي ڪار بيهاري، چئمپل يا بوٽ اتي ئي لاهي اندرين گهر ۾ گهڙڻ لاءِ تي يا چار کن ڏاڪا چڙهڻا ٿي پيا_جن مٿان مينهن کان بچاءُ ڪارڻ اڏاوت هئي. اندرين گهر جو در پٽڻ سان وڏو ڊرائينگ_ڊائيننگ روم هو ۽ کاٻي پاسي وار ڀت ۾ ريل گاڏيءَ جي دٻن وانگر قطار ۾ ٽي ڪمرا هئا. جن جي آخر ۾ هڪ ڏاڪو هيٺ لهڻ سان وري هڪ وڏو ڪمرو ۽ هال هو جنهن ۾ گهر جي ڀاتين جي روزمره جي استعمال لاءِ هڪ ٻيو ڊائيننگ ٽيبل رکيل هو. پاسي کان ڪٻٽن ۽ تختن تي ٽام چيني، جست شيشي، چيني مٽي ۽ پلاسٽڪ جا ڪيترن ئي قسمن جا ٿانوَ_رڪيبن_ڪوپن، ڪرين کان وٺي ننڍن وچولن، وڏن ديڳڙن ۽ ٽفن باڪسن تائين، جيڪي روزمره جي رڌ پچاءَ ۽ ڪندورين کان شادين مرادين ۽ هري رايائن (عيد جي ڏينهن) تي ڪتب آڻڻ لاءِ رکيل هئا. ان قسم جي ٿانون جا ڍير ۽ اهري طرح ڪاٺ جي مندنن تي سينگاري رکيل اسان جي ڳوٺ ۾ فقط ماسي زليخان جي گهر هوندا هئا يا وري ملائيشيا جي سڀني ڪمپونگ_هائوسن (ڳوٺاڻن_گهرن) ۾.
    ان بعد ٻه يا تي ڏاڪا کن هيٺ لهڻ تي وڏو شاهي رڌڻو ۽ ساڄي پاسي باٿ روم آيو ٿي. رڌڻي ۾ به ٿانوَ ٿپا ۽ ديڳڙا بلڪ ديڳڙن جو فئمليون يعني ننڍا وڏا ۽ تمام وڏا ديڳڙا ۽ تختن تي سيڌي جو سامان: چانور، داليون، ڀاڄيون، ائنڪر، ڊچ ليڊي، نيسپري ۽ ڪلم کير جا ڀريل يا خالي دٻا (يا منجهن ڪو ٻيو اَنُ مصالحو پيل)، ڪافي، مائلو، مارجرين، ۽ ڪيڪن ٺاهڻ جو سامان ۽ ٻيون رڌ پچاءُ جون سنهيون ٿلهيون شيون رکيل هيون. باٿ روم ۽ ڪاڪوس هڪ گڏيل نموني جو هو ۽ سڄي گهر کي Serve ٿي ڪيائين. سندس ڀتيون ۽ فرش اوچين اڇين سرن (ٽائيلن) جو هو. ٽب ڪموٽ پڻ جپاني ۽ اوچا هئا. باقي گهر جي ڇت وانگيان ڪاڪوس جي ڇت ڪاٺ جي نه پر جست جي مڙيل چادرن جي هئي جنهن مٿان رکي رکي هتي جو هر وقت وسندڙ ٽراپيڪل مينهن منهن مٿو پٽي رهيو هو.
    گهر ۾ گهڙڻ سان ڊرائنگ روم جي کاٻي پاسي جيڪو پهريون ڪمرو هو اهو مون کي رهڻ لاءِ مليو هو. يعني هڪ ڪنڊ تي آئون هوس ته ٻي ڪند تي باٿ روم سو اوڏانهن وڃڻ لاءِ خاص ڪري شام جي وقت جڏنهن گهر جا سڀ ڀاتي اچي ويا ته ان وقت عجيب ٿي لڳو. ڄڻ فيشن شو جي اسٽيج تان لگهندو وڃان. ان وقت گهر جي ڀاتين مان ٻه پُٽَ ڊرائنگ روم ۾ پٽ تي سمهي ٽي وي ڏسڻ ۾ مشغول هئا، هيٺين ڏاڪي وٽ ننڍي ڌيءَ ماهه نوم ڪنهن ميز پوش تي آر ڀري رهي هئي ۽ ٻي ڌيءَ_رحيمان ڊاننگ ٽيبل تي بصر ۽ ڀاڄيون وڍي ماڻس سفوران کي رڌ پچاءَ ۾ مدد پئي ڪرائي ۽ ٿورو اڳيان سفوران پاڻ پٽ تي ويهي مڇي به صاف پئي ڪئي ته چلهه تي چڙهيل چانورن جي ديڳڙي جي باهه پئي ڏٺي. ڀر ۾ مڙسينس ذوالقفليءَ ان باهه مان سگريٽ پئي دکايو. ان سڄي مخلوق کي لتاڙيندو مون کي ڪاڪوس ۾ پهچڻو پيو ٿيو ٿي. پوءِ چاهي مون کي هٿ ڌوئڻا هجن ته به ٻيو ڪو ويجهڙائيءَ ۾ نلڪو نه هجڻ ڪري باٿ روم ۾ ئي پهچڻو پيو ٿي ۽ جنهن وقت پيرن جي ڌم ڌم ڪندو پنهنجي ڪمري کان باٿ روم تائين ويس ٿي ته پيرن جي کڙين جو اسٽيج جهڙي ڪاٺ جي تختن واري فرش تي اهڙو ته آواز ٿيو ٿي جو جيڪر ٻوڙا به ٻڌي وٺن. ۽ فلالحال زوالقفلي ۽ سفورن جا مدل ۽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻئي ڇوڪرا ٽي وي تان هفتيوار ايندڙ سيريز “ڊالاس” ڇڏي مون ڏي نهاريو ٿي. ننڍي ڌيءَ ماهه نوم آر ڀرڻ ڇڏي مون ڏي مهاڙ ڪئي ٿي. وڏيءَ رحيمان ٿوري دير لاءِ بصرن تان ڇري کڻي مون کي ڏٺو ٿي. سفوران باهه جي ڄڀيءَ تان نظر هٽائي منهنجن پيرن ڏي وڌيون ٿي. ذوالقفليءَ سگريٽ جا ڪش هڻڻ بند ڪري، ساهه روڪي مون کي لنگهندو ڏٺو ٿي.
    بهرحال ڏينهن جي وقت مون کي ان پريڊ ڪرڻ جو به فڪر نه هو. پر پريشاني ان جي هئي ته رات جو پيشاب لاءِ جيڪا هڪ اڌ دفعو اٿڻ جي عادت آهي ان جو ڇا ٿيندو. ان وقت جيتوڻيڪ مون کي ڪير ائين اسٽيج تي پريڊ ڪندو ته نه ڏسندو پر رات جي ماٺوڙي ۾ تختن تي هيڏي ڳري همراه جي هلڻ جو آواز ته ضرور سڀني کي سڄاڳ ڪندو ۽ خاص ڪري اوندهه ۾ مون کي اهو ئي ياد نه رهندو ته ڪيترن قدمن کان پوءِ هڪ ڏاڪو آهي ۽ ڪيترن قدمن کان پوءِ ٻه ڏاڪا لهي رڌڻي ۽ ڪاڪوس واري پليٽ فارم تي پهچڻو آهي. ۽ رستي تي ڪهڙي هنڌ ۽ ڪٿي ڊائننگ ٽيبلن، ٽرافين ۽ ٿانون وارن ڪٻٽن ۽ ڪرسين کان پاسو ڪرڻو آهي. ۽ جي ٿو ڪنهن ٿانون واري ڪٻٽ، رئڪ يا مَندَن کي منهنجو ٿڏو لڳي ته_!پر اهي سڀ شيون:ٽيبل، ڪرسيون، ڪٻٽ، تختا، رئڪ ته هڪ هنڌ موجود هئا. ۽ ڌيان ۾ رکي رات جي اوندهه ۾ اهي Hurdles پار ڪري ٿي سگهيس پر منهنجي ڪمري جي در کان باٿ روم تائين پکڙيل ٻلين کان بچاءَ ڪرڻ ڪو سولو ڪم ته نه هو.
    اسان واري ميزبان کي ٽي عدد ٻليون هيون. جن جي اتفاق سان ڊليوري هڪ ئي وقت ٿي هئي. ۽ خيراتي اسپتال جي گائني وارڊ وانگر_جنهن جا بيڊ وراندي ۾ پکڙيل هوندا آهن،ڪل يارهن پونگڙن سميت لنگهه ۽ رستن تي پکڙيون پيون هيون. پونگڙا رکي رکي ايندڙ ويندڙ جي پيرن ۾ وچڙيا ٿي يا ڊوڙي مائرن کان فيڊ ٿي ورتائون_جيڪي ڪنهن سکئي پير جي سست مجاور وانگر ٽنگون ٽيڙي سڌيون ٿي پيون هيون. مون چيو ته ڏينهن جي روشني ۾ اهو حال آهي ته رات جي اونداهي ۾ ته مٿاهن پير اچڻ لازمي آهي. ۽ يارنهن پونگڙن ۽ ٽن ٻلين کان هڪ ئي وقت پاڻ بچائڻ نا ممڪن ڳالهه آهي.
    هڪ ٻيو مسئلو اهو پيدا ٿي پيو جو منجهند جو جنهن وقت مسز سفوران منڊيءَ (وهنجڻ) لاءِ چيو، ان وقت پڏڻ ٿي ٽوال ڪلهي تي رکي نه فقط وهنجي آيس پر اڳين (ظهر) نماز جي ٻانگ جو سڏ ٻڌي اها به اچي پڙهيم. جيتوڻيڪ اسان گنهگارن کان گهر ۾ به پنج وقت نماز پوري وقت تي پڙهي نه نٿي ٿئي. ۽ سفر يا مجبوري ۾ ته قضا به ڪري سگهجي ٿي. پر منهنجي ميزبان سمجهيو ته ڪو آئون پنج ئي نمازون مقرر وقت تي پڙهڻ جو ايڏو پابند آهيان جو سفر جو به خيال نه اٿم. نتيجي ۾ جيئن ئي ملو ٻانگ ڏي ته هي مصلو ۽ گوڏ کڻيو منهنجي اڳيان رکن ته “اقتوُ سمبهيانغ”_معني وقت نماز جو ٿي ويو. ملئي زبان ۾ نماز کي سمبهيانغ (Sembahyang) چون.
    پتلون ۾ نماز پڙهڻ جي عادت اسان کي نه. ۽ سنڌ ۾ جيڪي گوڏيون استعمال ٿين ٿيون اهي هڪ ته ڊگهيون آهن ۽ ٻيو وچ تان کليل ٿين_ٽوال يا چادر وانگر. جن جي پوڇڙن کي چوڌاري ورائي ڳنڍ ڏيئي سگهجي ٿي. ۽ پوءِ گوڏ کلڻ جو امڪان ٿي نه ٿو سگهي. پر هي ملئي يا بئنگالي گوڏيون هڪ ته پڙن وانگر گول سبيل ٿين ۽ ٻيو بَرَ ۾ ننڍيون ٿين. سو جي چڱي طرح ڳنڍ ڏيئي ٻڌ ته گوڏ بنهه لنڊي ٿيو گوڏن تائين کڄيو وڃي. ٻي صورت ۾_ يعني ڳنڍ نه ڏي ته وري ذري ذري کلڻ جو انديشو رهي ٿو. بهرحال گهر جا ڪپڙا_شلوار قميص ته آندي هيم سو هڪ وقت ۾ جيئن تيئن ڪري هتي گوڏ (سارونگ) ۾ ڪمري جو در ٻيڪڙي نماز پڙهيم پر پوءِ جيئن ئي نماز جو وقت ٿئي ته ٻيو ڪو پڙهي يا نه پڙهي پر گوڏ ۽ مسلو مون کي ڏيئي چون “وقتو سمبهيانغ”. وچين نماز (عصر) نماز جي ٻانگ آئي ته به وقت سمبهيانغ چئي مون کي اٿاريائون. ۽ پوءِ شام جو سفوران جو مڙس_ذوالقفلي به اچي ويو سو سانجهي (مغرب) نماز تي مون سان گڏ هن جي حوالي به هڪ مصلو ڪيو وي ته وقتو (Waqtu)_ سمبهيانغ ٿي ويو. دل ۾ آيو ته سفوران ي ذوالقفليءَ کان پڇان ته هن گهر ۾ فقط مرن لاءِ نماز فرض آهي ڇا؟
    هونءَ اها ڳالهه ضرور آهي ته ملائيشيا جا ملئي ماڻهو (جيڪي سڀ مسلمان آهن) نماز روزي ۾ اسان کان گهڻو پابند نظراچن ٿا. ۽ ڳوٺن ۾ ته گهر گهر ۾ ننڍو وڏو نماز ۽ قران پڙهي ٿو. منهنجي پنهنجي سروي ۽ مختلف ماڻهن کان ورتل انٽرويو مطابق هتي ماڻهن جو مذهب ڏانهن رجحان ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي. پوڙهن سان گڏوگڏ نوجوان ٽهي پڻ نماز روزي جهڙين ڳالهين تي گهڻو مائل آهي. جيڪا ههڙي مڪسڊ سوسائٽيءَ ۾ وڏي ڳالهه آهي. هتي جي شهر، هر ڳوٺ ۾ اڌواڌ غير مسلم ماڻهو: چيني ٻڌ، ڪرسچن ۽ انڊين هندو رهن ٿا. جيڪي رمضان ۾ به هلندي چلندي يا آفيس دڪانن تي کائيندي پيئندي ۽ سگريٽ ڇڪيندي نظر اچن ٿا. پر ان هوندي به ملئي مسلمان روزي جا پابند آهن. مرد ۽ ڇوڪرا ته ڇا پر ننڍي عمر جون ڇوڪريون پڻ_جيتوڻيڪ هتي جي موسم ڪا اهڙي مهربان به ناهي، جنهن ڏينهن يا جنهن وقت مينهن نٿو پوي، ۽ آسمان تان ڪڪر غائب آهن يا گهٽ آهن ته ٽراپيڪل سج جا ڌرتيءَ تي سڌا ايندڙ ڪرڻا جسم کي ساڙين ٿا. ۽ هتي جو روزو اسان جي اونهاري جهڙو کڻي سخت ناهي پر ته به ايترو سولو به ناهي جيترو اسان وت سياري ۾ ٿئي ٿو.
    ڪيترن ملئي گهرن جا ڀاتي جماعت سان نماز پڙهن ٿا. گهر جو وڏو امام ٿي بيهي يا وري سڀ مسجد ۾ پڙهن. زالون به مردن سان گڏ مسجد ۾ وڃن. هو اڇن برقعن جهڙين سفيد چادرن سان پاڻ کي ڍڪي، پاسي کان ڌار صفون ٺاهي، نماز پڙهن. پر هن گهر ۾ اهو ڏسي کل به پئي آئي ته گهر جو ٻيو ڪو به ڀاتي نماز پڙهي يا نه پڙهي پر سڄو زور رڳو مون تي ۽ ذاولقفليءَ تي. بهرحال سهماڻي (عشاء) جي نماز لاءِ اٿڻ جي موڊ بلڪل نه هئي سو وقت سمبهيانغ (Waqtu-Sambahyang) ٻڌي به ماٺ ۾ هوس. اڌ ڪلاڪ رکي وري ٻيو دفعو جڏنهن چيائون ته محسوس ڪيم ته رات جي ماني سامهون ٽيبل تي لڳائي سڀ منهنجو انتظار پيا ڪن ته نماز پڙهان ته ماني شروع ڪجي. نتيجي ۾ هن دفعي ماٺ ڪرڻ بدران چيومان ته پوءِ ٿو پڙهان.
    منهنجو اهو چوڻ، سڀ ماني کائڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيا ۽ مون کي دل ئي دل ۾ افسوس ٿيو ته اهري خبر هجي ها ته اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ پهريون دفعو پڇڻ تي ئي کين ٻڌايان ها ته منهنجي ڪري سڀني کي ايترو انتظار ڪرڻو نه پوي ها. پوءِ ياد آيم ته واقعي اهو سڄو اڌ ڪلاڪ رکي رکي سڀ مون ڏي ٽيڏي اک سان ڏسي رهيا هئا ته ڪنهن وقت اٿي نماز ٿو پڙهان جيئن پوءِ ماني شروع ڪجي.
    نماز ته ڪنهن کي پڙهڻي هئي ڪنهن کي نه. يا ڪنهن کي اڳ ڪنهن کي ٿوري دير بعد. پر منڊي(وهنجڻ) ته هر هڪ ننڍي وڏي لاءِ اهم هو.اچڻ مهل ته ٿڪل ۽ پگهريل هوس سو وهنتس پر شام جو وري موٽيس ته ان وقت مسز سفوران جو مڙس ذوالقفليءَ منڊيءَ لاءِ مون کان پڇيو. کيس انگريزيء چڱي آئي ٿي سو انگريزي ۾ ئي ٻڌايومانس ته اڃان هاڻ باٿ ورتو اٿم. سو پاڻ وهنجڻ لاءِ مون کي “ايڪسڪيوز مي” چئي اٿيو ته جوڻس سفوران_جيڪا ان وقت پنهنجين پاڙي وارين سان در وٽ بيهي ڪچهري ڪري رهي هئي تنهن کيس ملئيءَ ۾ چيو ته پهرين هن مهمان کي ته وهنجڻ ڏي.
    “پر الطاف چيو ته هو اڃان هاڻ وهنتو آهي”. ذوالقفليءَ کيس ٻڌايس.
    “نه. هاڻ ته نه وهنتو آهي. منجهند مهل جڏنهن آيو هو ان وقت وهنتو هو. شايد تڪلف ٿو ڪري.” سفوران سمجهايس.
    اهو ٻڌي زال مڙس ٻئي مون کي ٽوال ڏيئي وهنجڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳا. کين ڇا سمجهايان ته هنن وٽ ته آهي اڻ ميو پاڻي_ سو به گهٽيءَ گهٽيءَ ۽ گهر گهر ۾ موجود. ان ڪري ننڍي هوندي کان گهڻو وهنجڻ جا عادي ٿي ويا آهن. آفريڪا ۽ وچ اوڀر جي وارياسين ملڪن کان وٺي پاڪستان جي سنڌ بلوچستان ۽ هندوستان جي راجستان تائين ته ڪنهن کي وهنجڻ لاءِ هفتي ۾ هڪ دفعو پاڻي ملي وڃي ته به هو خوشنصيب آهي ۽ اسان جون وهنجڻ جو عادتون به ننڍي هوندي کان ان مطابق ٿي ويون آهن اسان پڙهي لکي پيا آهيون ۽ شهرن ۾ رهون ٿا ۽ هاڻ ويهين صديءَ جي آخر ۾ اسان جي ڳوٺن ۾ به لائيٽ ۽ پاڻي جا نلڪا لڳا آهن ته ڪو روز وهنجڻ نصيب ٿئي ٿو_سو به وهنجڻ مهل به پوري خيال سان نل هيٺان ٿي وهنجڻو پوي ٿو يا ننڍي ڪريءَ سان پاڻيءَ جي لار مٿي کان اوتڻي پوي ٿي جيئن ٿوري کان ٿورو پاڻي گهڻي کان گهڻو جسم ڇهي پوءِ پٽ تي وڃي ڪري. هنن وانگر وڏا ٽب ۽ ناديون ڀري اڌ باردين جيڏين ڪرن سان اڌ پاڻي جسم تي اڌ پاڻي جسم مٿان هوا ۾ اوتڻ جو ته خيال ۾ به سوچي نٿا سگهون.
    بهرحال ان وقت وهنجڻ کان آخرڪار نٽائي ويس ۽ هڪ هڪ ٿي گهر جو ڀاتي وهنجندو رهيو. پر سانجهي نماز کان ٿوري اڳ منڊي (وهنجڻ) هتي نه فقط ضروري سمجهيو وڃي ٿو پر هڪ رسم ۽ ڪلچر به آهي جيڪو صدين کان نه فقط هتي ملائيشيا ۾ هلندو اچي پر ڏور اوڀر جي ٻين ملڪن:ٿائلينڊ ۽ تائيوان کان وٺي جپان ڪوريا جي مسلمانن توڙي ٻڌن، ڪرسچنن ۽ دهرين ۾ آهي. ان کان انڪار ڪرڻ معني هاڻ پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جي گلا ڪرائڻ. اسان لاءِ ته اها ڳالهه جيئن ته مٿي لکيو اٿم ته ڪا اهميت نه ٿي رکي. اڃان به صبح جو وهنجڻ وڌيڪ اهم سمجهيو وڃي ٿو. پر هنن ملڪن ۾ سمهڻ کان اڳ نه وهنجڻ نه فقط گدلائي ليکيو وڃي ٿو پر پنهنجي ملڪ لاءِ اهو “اميج” ڇڏڻو ٿيو ته پاڪستان جا ماڻهو ڪيترو نه پٺتي پيل آهن جن مان هڪ کي هو پهرين دفعو ڏسي رهيا آهن. هونءَ هتي جا ماڻهو اسان جي ملڪ جي ماڻهن کان تمام گهڻو متاثر آهن. کين خبر آهي ته اسان جي ملڪ جا ماڻهو ڪارون ۽ جهاز پيا ٺاهين، اسان جي ملڪ جا ڊاڪٽر دلين ۽ دماغن جون ڪامياب آپريشنون پيا ڪن. اسان جي ملڪ جا انجنيئر دريائن مٿان ۽ سمنڊن اندر بريڪ واٽر پيا ٺاهين. اسان جي ملڪ جا ماڻهو سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ادب ۾ نوبل پرائيز کان لينن پرائيز پيا کڻن_پاڙي جا طاقتور ملڪ ڊڄن پيا ته هي ماڻهو ائٽم بم نه ٺاهين_ پر اها ڪهڙي ترقي ۽ جديد پڻو چئبو جو هو سمهڻ کان اڳ وهنجڻ جهڙي اهم شيءِ نه سکيا آهن. اهڙا ماڻهو ڪيئن ڄاڻ وارا ۽ سڌريل چئي سگهجن ٿا.
    ٿوري ٿوري دير کان پوءِ جيڪي پاڙي واريون ملئي عورتون مسز سفوران سان در وٽ ملڻ پئي آيون ۽ جن کي جڏنهن خبر ٿي پيئي ته ڪو ڌارئين ملڪ جو مهمان سندن پاڙي ۾ آيو آهي ته ويندي وقت پيرن جي پٻن تي بيهي هنن دريءَ مان ليئا پائي مون کي ڏٺو ٿي. اهي ٻئي ڏينهن منهنجي وڃڻ کان پوءِ جڏنهن پنهنجي ساهيڙي سفوران کان پڇنديون ته پاڪستاني ماڻهو ڪيئن آهن ته پڪ سفوران کين اهو ٻڌائي تعجب ۾ وجهندي ته عجيب ماڻهو آهن جو ڏينهن ۾ ٻه چار دفعا نه ٿا وهنجن پر سمهڻ مهل به نه ٿا وهنجن. خبر ناهي ننڊ ڪيئن ٿي اچين.
    سو سائين سانجهيءَ مهل جيئن ئي مون کي منڊي لاءِ چيائون ته ٻڏل دل سان ٽوال هٿ ۾ جهلي بنا ڪنهن بحث ۽ وقت وڃائڻ جي، پنهنجي ملڪ جي مڙني ماڻهن تي ٿڌو ٿورو ڪرڻ ڪارڻ اٿي کڙو ٿيس. ۽ تختن جي ڪمزور پل جهڙي ڪاٺائي فرش تان هلندو اچي وهنجڻ جاءِ تائين نڪتس ۽ اڌ باردي مٿان نائي آنگ لاٿم_ جيئن پوءِ گهر جا باقي ڀاتي وارو وٺن. پر پوءِ صبح جو جڏنهن اٿڻ سان وري منڊي منڊي ڪيائون ته مون وري کين وٺ نه ڏنو ۽ چيومانَ ته سامان ڪار ۾ رکي چڪو آهيان ۽ “سايا باليق ملاڪا”_ آئون ملاڪا پيو موٽان.
    “ڇو ڇو. ترس ته سهي. نيرن به نه کائي ويندي ڇا_؟” سڀني ڪورس انداز ۾ چيو. پر مون کين ٻڌايو ته آئون ڪوالالمپور جلد ڇڏي ملاڪا وقت تي پهچڻ چاهيان ٿو جيئن ڊيوٽيءَ تي وڃي چڙهان ۽ اڄوڪو ڏينهن موڪل ۾ نه سارجي.
    “پر تو ڪالهه چيو هو ته اڄ موڪل وٺي آيو آهين هتان آرام سان ڏهين بجي ڌاري نڪرندين. ائين ته نه ڪر.” هو مون کي زور ڀرڻ لڳا.
    “ها، اهو صحيح آهي جو مون سوچيو هو ته متان اک دير سان کلي. پر جيئن ته سوير ئي سڄاڳ ٿيو ويو آهيان ان ڪري اڄوڪو ڏينهن اجايو وڃائن نه ٿو چاهيان ۽ ڊيوٽيءَ ڪري اڄوڪو ڏينهن بچائي ٿو وٺان جيئن هڪ ڏينهن وڌيڪ وري موڪل ڪري سگهان.” مون کين سمجهايو.
    هتي هر هڪ سال ۾ پنڌرنهن ڏينهن موڪل ملي ٿي ۽ هر ڪو ڪوشش ڪري موڪل جا ڏينهن بچائي گڏ ڪندو آهي جيئن سال جي آخر ۾ ڪيڏانهن پري_ پينانگ، ڪيداح، پيراق، ترانگانو وڃي سگهي. يا ويندي ڀر وارن ملڪن: انڊونيشيا، ٿائيلينڊ، سنگاپور، برما ۾ اهي موڪلون گذاري سگهي. کين اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي پر ان هوندي به پڪ ڪيائون ته مون کي سندن گهر ۾ چڱيءَ طرح ننڊ ته آئي يا نه.
    کين اهو ته مون يقين ڏياريي ڇڏيو ته واهه جي گهاٽي ننڊ آئي ۽ هڪ اهو به سبب آهي جو تازو ۽ نئوبنو محسوس ڪري رهيو آهيان ۽ ڊرائيونگ ڪري ملاڪا تائين پهچڻ ۽ ڊيوٽي ڪرڻ ۾ ڪو به ٿڪ محسوس نه ڪندس. ملائيشيا جيتن جڻين جو ملڪ آهي. جيتوڻيڪ شهرن ۾ ايترا نه آهن پر ته به اسان لاءِ ته تمام گهڻا آهن جو اسان جي ملڪ جي ٻيلن ۾ به ايترا جيت نه هوندا. پر هتي جا ماڻهو جيتن ۽ انهن جي چڪن ۽ آوازن جا ايڏو عادي ٿي ويا آهن جو در درين تي ڄاريون هڻن بنا به سمهيو رهن. پر اسان جي ملڪ جي ماڻهن لاءِ هتي جي ههڙين هالتن ۾ رهڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. ان ڪري ڪوالالمپور ويندي وقت پاڻ سان ڄاري ۽ جيتن ڀڄائڻ جو اليڪٽرانڪ هيٽر کڻي نڪتو هوس. پر منهنجن مهربان ميزبانن اهو اڳهين ئي سوچي مون واري ڪمري جي دريءَ وٽ “چڪري” ٻاري ڇڏي هئي جيئن مڇر يا جيت جڻيا مون کي نه ستائين. سو ظاهر آهي مون واري ڪمري ۾ جيت يا مڇر ته بلڪل نه هو پر چچيون سي ضرور هيون_ جيڪي ڀتين ۽ ڇتين تي هلي رهيون هيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترن کي چچيءَ ڏسڻ سان ڪراهت ٿئي ٿي_ خاص ڪري هتي ٿلهين ٿنڀرين ۽ هيڊين چچين کي ڏسي. پر چچي ڪا اهڙي شئيءِ ناهي جيڪا ستل ماڻهوءَ کي مڇرن ۽ هتي جي جيتن وانگر چڪ هڻي. پر پنهنجي ملڪ ۽ هتي جي چچين م فرق آهي. ملائيشيا جو چچيون ڏيڏر وانگر زوردار رڙڪو ٿيون ڪن جو ستل اٿاريو ڇڏين.
    ملائيشيا اچڻ تي اسان کي پهريون ته سڄو مهينو سمجهه ۾ نه آيو ته رات جو اهو آواز ڪير ٿو ڪري. مون سمجهيو اهو پڪ ڏيڏر جو آواز هوندو. اسان جي ٻئي پاڪستاني دوست چيف انجنيئر آصف غيور پڪ ڏيکاري ته اهو تڏ جو آواز آهي. گهر جي هڪ هڪ ڪنڊ ڪري ڳوليسين ته ڪا تڏ وغيره هجي ته ڀڄائجي پر رات جو وري ساڳي ٽر ٽر. پوءِ ڇا ٿيو جو هڪ فنڪشن ۾ ڪوالالمپور کان اسان جو پاڪستاني ظفر زبيري آيو. هو هتي ملائيشيا جي شپنگ ڪارپوريشن ۾ ٽي سال کن ڊائريڪٽر رهي چڪو آهي تنهن هتي جي جيت جڻن جي آوازن ۽ چڪن جي ڳالهه ڪندي چيو: ڏسو ته صحيح هتي جي چچي ڏيڏر وانگر ٽر ٽر ٿي ڪري ڏيڏر ڍڳي وانگر.” پوءِ اسان هڪ هڪ ڪري سڀني چچين کان گهر کي صاف ڪري ڇڏيو. پر هاڻ هتي هن گهر ۾ ٻين ملئي گهرن وانگر چچيون هيون. نه فقط هيون پر تمام گهڻيون هيون. جن رکي رکي اهڙي ته ٽر ٽر ڪئي ٿي جو اسان جهڙن ماڻهن لاءِ_ جن کي بهترين حالت ۾ به ننڊ تمام ٿوري ۽ هوائي قسم جي اچي ٿي_تن لاءِ اهڙي حالت ۾ سمهڻ نا ممڪن هو. هونءَ چچين کي هُش هُش ڪري هڪلڻ سان هنن ڪلاڪ ٻه ماٺ ڪئي ٿي. ۽ ائين ئي ڪيم پئي ته جيئن ڪلاڪ ٻه سمهي سگهان_ جيڪا ننڊ مون لاءِ تمام گهڻي کڻي نه، ته به چڱي خاصي ٿي سگهي ها پر اسان جي ميزبان مون واري ڪمري ۾ ماڻهوءَ جي قد جو جيڏو گهڙيال رکي ڇڏيو هو جنهن جو گرجا گهر واري گهڙيال جي گهنڊن جهڙو آواز مئلن کي کي به ڄاڳايو ٿي. منهنجي ميزبانن کي جي خبر هجي ها ته اهو گهڙيال مون کي ڊسٽرب ڪندو ته هو ڪڏنهن به مون واري ڪمري ۾ نه ٽنگين ها ۽ هن ڊرائنگ روم يا ٻئي هنڌ جتي اصل رکيل هو اتي ئي رهڻ ڏين ها. پر هنن منهنجي ڪمري کي سهڻو ٺاهڻ لاءِ اهو شو پيس (Show-Piece) رکيو هو_جيڪو پيس ته نه هو پر سڄي ساري آفت هئي. ٻيا گهڙيال ڪلاڪ بعد گهنڊ هڻن پر هن اڌ ڪلاڪ بعد به هنيا ٿي. ياد اٿم اسان جي ڳوٺ واري گهر ۾ ڪنهن زماني ۾ هڪ گهڙيال هوندو هو جيڪو پڻ لڏڪڻي (Penduleum) وارو هو. اهو هر اڌ ڪلاڪ کان گذرڻ تي اوترا ڌڪ هڻندو هو. پر اڌ ڪلاڪ بعد فقط هڪ ڌڪ هڻندو هو_ يعني خبر پوي ته اڌ ڪلاڪ گذري ويو. پر هن گهڙيال ته اڌ ڪلاڪ گذرڻ تي ته خبر ناهي ڪيترا ٺڪاءُ ٿي هنيائين. ڇو جو ڏهن، يارهن ۽ ٻارنهن تي به هڪ ٻئي پويان لڳاتار ايترا ته گهنڊ هنيا ٿي جو ڳڻڻ محال هو. پر ساڍن ٻارهن کان پوءِ هڪ تي فقط هڪ ۽ ٻن تي فقط ٻه نه پر شايد اوترا ڊزن ٺڪائن جا ڪيا ٿي. سو چچين کان علاوه گهڙيال جي ٺڪائين به منهنجي ننڊ ڦٽائي هئي.
    وقت گذراڻ يا ننڊ کي ميڙڻ لاءِ مون هڪ دفعو بتي ٻاري ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو ٿي. پر ڏٺم ته ڇت ۾ ٻرندڙ بلب جي روشني نه فقط منهنجي ڪمري کي پر ڀر وارن سڀني ڪمرن کي روشن ڪري ٻين جي ننڊ ڦٽائي رکي. ڇو جو هتي جي ههڙن گهرن جون ڀتيون اسان جي گهرن وانگر پٽ کان وٺي ڇت تائين نه ٿين پر ڇتين کان فٽ ڏيڍ کن هيٺ تائين ٿين ۽ اهي ڇت کي ٽيڪ يا ٿنڀي ڏيڻ بدران فقط ٻن ڪمرن جي وچ ۾ پارٽيشن جو ڪم ڏين ٿيون. ان ڪري هڪ ڪمري جي روشني ۽ آوز ٻي ڪمري جي وچ ۾ پارٽيشن جو ڪم ڏين ٿيون. ان ڪري هڪ ڪمري جي روشني ۽ آواز ٻئي تائين هليو وڃي. بتي ٻرڻ ڪري ٻارن ۽ وڏن جي ننڊ ڦٽي ۽ مون بتي کني وسائي ڇڏي. پوءِ صبح تائين ائين ڄاڳندو رهيس.
    مانيءَ لاءِ جيتوڻيڪ مون نه ٿي چاهيو ته ميزبانن کي ڪا به تڪليف اچي ۽ مون کي ڪو کاڌي جو شوق آهي. ان ڪري منجهند جي ماني ته ٻاهران ئي کائي آيو هوس. پر رات لاءِ به ايندي وقت کان ڪوشش ڪيم ته هو مون لاءِ ڪجهه خاص نه ڪن. پر ان هوندي به هنن ويچارن پنهنجي پر ۾ مون لاءِ ٽي چار مختلف ڊش کڻي ٺاهيا ۽ اصول مطابق مون لاءِ هر هڪ مان ڪجهه نه ڪجهه چکڻ ضروري هو پر بدقسمتيءَ سان انهن ۾ هڪ ٻه ته مڇيءَ جا ٻوڙ هئا. جيڪا الرجيءَ ڪري مون کي کائڻي نه هئي. ۽ ٻيا اهي ملئي ڊش هئا جيڪي سال سوا ملائيشيا ۾ گذارڻ بعد به اڃان انهن جو ذائقو ڀانءِ نه پيو آهي. بهرحال خوش قسمتيءَ سان ٽيبل جي هڪ ڪنڊ تي آمليٽ ۽ ڊبل روٽي به رکي هئي جنهن جو Status ٻين ڊشن جي مقابلي ۾ جيتوڻيڪ ٻين لاءِ هيٺاهون هو پر منهنجي پسند جي شيءِ هجڻ ڪري مون ان کي ريڙهي پاڻ اڳيان ڪيو. ميزبانن جي زور ڀرڻ تي ناريل جي کير ۾ رڌيل ٻوڙ ۽ ڪنهن وڻ جي پنن ۾ ٻاڦيل ڀت جهڙين شين مان گرانهه به ضرور چکيم پر پنهنجي دل ڪچي ڪرڻ ۽ سندن دل رکڻ ڪارڻ.
    ملاڪا موٽڻ وقت اهو ئي سوچيندو آيس ته منهنجي پنهنجي عادتن ۽ رهائش جي اڍنگي اسٽائيل ڪري ميزبان ويچارن کي ڪيتري تڪليف رسي ۽ هاڻ آئيندي ڪنهن کي تڪليف ڏيڻ بدران، ماٺ ميٺ ۾ ڪنهن هلڪي سلڪي هوٽل ۾ رات گذاري اچبي يا وري رات جو ئي موٽي واپس پنهنجي ڪکن ۾ رهڻ لاءِ ملاڪا موٽي اچبو.


    ڪوالالمپور پهچي ڇا ڏسجي؟

    ملائيشيا گهمڻ لاءِ هرڪو ڪوالالمپور ضرور اچي ٿو. ڪوالالمپور ملائيشيا جي گاديءَ جو هنڌ آهي. وڏو ۽ مکيه شهر آهي. سبانگ نالي بين القوامي هوائي اڏو توڙي پورٽ ڪلانگ نالي بندرگاهه اٿس. منجهس ڪيتريون ئي يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ ٻيا تعليمي ادارا آهن. ڌارين ملڪن جا سفارتخانا توڙي هوائي ڪمپنين جون آفيسون ۽ ڪيتريون ئي وڏيون هوٽلون پڻ ڪوالالمپور شهر ۾ آهن، ۽ ڪوالالمپور شهر هوائي اڏي ۽ سامونڊي رستي دنيا جي ملڪن سان ڳنڍيل آهي. ان کان علاوه ڪوالالمپور جو شهر ريل گاڏي ۽ بسن ذريعي نه فقط ملائيشيا جي مختلف شهرن سان ڳنڍيل آهي پر ڀر وارن ملڪن: سنگاپور ۽ ٿائيلينڊ جي ڪيترن ئي شهرن سان پڻ مليو پيو آهي. ڪوالالمپور جي ريلوي اسٽيشن تي ۽ پودورايا واري بس اسٽاپ تي سنگاپور ۽ ٿائلنڊ جي شهرن: حاديا، سونگ ڪلا، پٽايا ۽ بئنڪاڪ لاءِ بس جون ٽڪيٽون ائين عام وڪامن ٿيون، جيئن ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن تي يا حيدرآباد جي پٺاڻ ڪالوني واري بس اسٽاپ تي ڄامشورو، پيٽارو، ٻڍاپور، سيوهڻ لاءِ. اهوئي سبب آهي جو ڪوالالمپور ۾ آيل مسافر مونجهه ۽ تڪليف محسوس نه ٿا ڪن. هنن جي چر پر تي آزادي ۽ رهائش لاءِ هر قسم جون هوٽلون موجود آهن. سياسي ۽ سماجي حالتون پڻ بهتر ۽ سڌريل آهن. ان ڪري دور دراز کان ماڻهو بي ڊپا ٿي ڪولالمپور اچن ٿا. پوءِ ڪي خاص هلي ملي فقط ڪوالامپور گهمڻ لاءِ اچن ٿا. ڪي سنگاپور يا بئنڪاڪ ويندي واٽ تان ڪوالالمپور مان به ٿيندا وڃن ٿا. ڪي سرڪاري طرح ميڊيڪل، انجنيئرنگ، فئنانس، مئنيجمينٽ وغيره جون ڪانفرنس/ ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻ لاءِ اچن ٿا ۽ ڏينهن ٻن جي مختصر رهائش دوران شاپنگ به ڪن ٿا ته ڪجهه ڪجهه گهمڻ ڦرڻ به پسند ڪن ٿا.
    هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڪوالالمپور ۾ ڏينهن ٻن لاءِ آيل همراهه کي ڪوالالمپور جون ڪهڙيون ڪهڙيون شيون ڏسڻ کپن. هتي جا نقشا ۽ گائيڊ بڪ ته ڪيتيرن ئي شين لاءِ لکن ٿا. پر ڪي جايون اهڙيون آهن، جيڪي اسان ايشيائي رهاڪن کي مزو ڏين ٿيون ته ٻيون وري يورپ آمريڪا کان آيل همراهن کي. ايشيا جا ڪيترائي ملڪ آهن ۽ وري هر ملڪ جي مختلف صوبن جي ماڻهن کي جدا جدا جايون مزو ڏين ٿيون. مثال جي ڳالهه آهي انڊيا کان آيل هڪ مدراسيءَ يا سري لنڪا کان آيل ڪنهن سلونيءَ کي ڪوالالمپور ۾ اچي رٻڙ جي پوک ڏسڻ مان ڪهڙو مزو ايندو ڇو جو اها هن لاءِ نئين ڳالهه ناهي. اها ته ڏکڻ هندوستان ۽ سريلنڪا ۾ به عام جام آهي. پر هندوستان جي علائقن يا يورپ آمريڪا کان آيل همراهن لاءِ اها نئين ڳالهه آهي ته ڪيئن صبح سوير عورتون وڻ جي ٿڙ کي چيهڪ ڏين ٿيون ۽ کير ٽيپو ٽيپو ٿي هيٺ ٽنگيل وٽيءَ ۾ گڏ ٿئي ٿو ۽ پوءِ اهي سڀ وٽيون هڪ وڏي ڊرم ۾ وجهي ان مان رٻڙ جون اڇيون چادرون ٺاهيون وڃن ٿيون_جيڪي پوءِ رٻڙ جي مختلف شين ٺاهڻ ۾ ڪم اچن ٿيون.
    ساڳي طرح ڪوالالمپور شهر کان ٿورو پري سطح سمنڊ کان ڇهه هزار فوٽ کن مٿي جبلن جي چوٽيءَ تي Genting Highland نالي هڪ جڳهه آهي گهڻو مٿي هجڻ ڪري هتي تمام گهڻو سيءُ رهي ٿو. جيتوڻيڪ هيٺ سڄي ملائيشيا ۾ سڄي سال ۾ ڪو هڪ اڌ ڏينهن به ٿڌڪار نه ٿي ٿئي. هيءَ جڳهه ايڏو مٿي آهي جو عمارتن جي چوڌاري ڪڪر ترندا رهن ٿا. (ان ڪري اتي ٺهيل هڪ جوا جي اڏي کي (Casino in Cloud) “ڪڪرن ۾ جوا خانو” سڏجي ٿو.)
    گنتنگ هاءِ لئنڊس تي مٿي هڪ ننڍڙي ڍنڍ ۽ باغيچو پڻ آهي. ملائيشيا جا ماڻهو هتي گهڻو ڪري پڪنڪ لاءِ اچن ٿا. يا وري ٻارن جي وندر لاءِ_ جو اتي ٻارن جون ڪيتريون ئي رانديون آهن. ويندي ٻارن جي چڙهڻ لاءِ مني ٽرين ۽ هلائڻ لاءِ ڪارون پڻ. سو هي جڳهه اهڙي آهي جيڪا بنا ڪنهن شڪ شبهي جي هتي جي ماڻهن جي لاءِ ته بيحد دلچسپ ۽ عجيب آهي، جو هو هتي ئي اچي سيءَ محسوس ڪن ٿا ته سيءُ ڇا آهي، پر هڪ ٿڌي ملڪ جي يورپي انگريز لاءِ ويندي اسان جي ڪوهه مري، ڪوئيٽا، ايوبيه، گلگت واري همراهه لاءِ هيءَ جاءَ ڪجهه به حيثيت نٿي رکي جو اتي جي ماڻهن ان کان به اتاهن جبلن تي وستيون ڏٺيون آهن ۽ ان کان به وڌيڪ سيءَ ۾ گذاريو آهي.
    سنڌ ۾ رهي اسان به سياري ۾ ته سيءَ جو زور چکيو آهي. سو ويندي اسان لاءِ به سيءُ ڪو نئين ڳالهه ناهي. پر هاڻ هتي لڳاتار ٻه اڍائي سال کان مينهوڳيءَ واري موسم ۾ رهي رهي ٿڌڪار ۽ سيءَ لاءِ تانگهه واري حالت ۾ جڏنهن اتي پهتس ته برابر مزو آيو ۽ پنهنجي ملڪ جي سڪ ۽ ياد ويتر وڌي وئي. هوا ۾ اهو ئي هڳاءُ محسوس ٿيڻ لڳو جيڪو هلڪن سيئن ۾ سنڌ ۾ ٿيندو آهي. صبح کان وٺي شام تائين ويٺو هوس. دل ۾ چيم ته ڪوالالمپور ۾ سڀ ۾ هيءَ جاءِ معشوق آهي. ويتر مون لاءِ ته جبل جي ايڏي اتاهينءَ تي رهڻ جو به هڪ نئون تجربو ٿي لڳو. ٿي سگهي ٿو ٿڌي ملڪ جو ڪو باشندو يا ڪو اهڙو پاڪستاني جيڪو ڪوئيٽا يا گلگت کان آيل هجي، ان کي ڪوالالمپور ۾ هي شيءِ_ گنتنگ هاءِ لئنڊس ٽڪي جو مزو نه ڏئي پر آئون ته جڏنهن کان گهمي آيو آهيان تڏنهن کان چوندو وتان ته ڪوالالمپور ۾ ڪا شيءِ آهي ته اها گنتنگ هاءِ لئنڊس ئي آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو جڏنهن ڪئپٽن وسطڙو مون وٽ ملاڪا ۾ گهمڻ آيو، ته کيس ۾ به گهمائڻ لاءِ جبلن جا ور وڪڙ اڪارائي مٿي گنتنگ هاءِ لئنڊس تي وٺي آيس. مون کي پڪ هئي ته سئيدن جي مالمو يونيورسٽي کان آيل هي همراهه ڪوالالمپور جي اتاهين سرد جاءِ ڏسي مون وانگر خوش ٿيندو پر جڏنهن پڇيومانس ته هي جاءِ ڪيئن لڳي ته بنا ڪنهن تعجب يا تعريف جي وائڙن وانگر پڇڻ لڳو: “هتي مون کي ڇو وٺي ڇو آيو آهين؟”
    شڪي ٿيندي چيومانس: “اهوئي ته هتي سيءُ ڪيڏو آهي ۽ جبل پڻ.”
    ڪمال آهي هن ڳالهه جو مطلب سمجهي وراڻيو، “سيءَ ۽ جبلن ڪري ته سئيڊن کان ڀڄي هفتو ٻه موڪل لاءِ هتي آيو آهيان، ۽ تون اجايو هيڏو تيل ساڙي هتي وٺي آيو آهين.”
    ان وقت مون کي احساس ٿيو ته واقعي هي همراهه ٻن سالن کان، هن کان وڌيڪ وڏا جبل ڏسي رهيو آهي، ۽ هن لاءِ ته هي سيءُ ڪجهه به ناهي جو هن وقت هي مون وٽ ڳوٺ ۽ پوسٽ آفيس “مچر” ضلع “نوشهروفيروز” کان نه پر دنيا جي ٿڌي ۽ جابلو ملڪ سئيڊن کان پيو اچي ۽ هن سيءَ کان وڌيڪ سيءَ، ته سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ پاسي اونهاري ۾ ٿئي ٿو.
    سو ضروري ناهي ته هر ماڻهو ءِ ڪوالالمپور جي هر هڪ شيءِ سٺي ۽ ڏسڻ لائق هجي. بهرحال مون کي گنتنگ هاءِ لئنڊس کان پوءِ ٻئي نمبر تي هتي جي Batu-Caves (باتو غارن) متاثر ڪيو. هي غارون ڪوالالمپور کان ڏهه ڪلوميٽر کن ٻاهر جهنگل جي وچ ۾ آهن. سڀ کان وڏي غار ۾ هندن جي ديوتا سبرانيم جو مندر آهي. رستي تي ڀولڙن ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل ٽوئرسٽن جا انبوهه، ٻارن لاءِ ٽڪيون چاڪليٽ، ڀولڙن لاءِ چونئرا ڀڳڙا ۽ ديوتائن کي آڇڻ ۽ ڀانڀڻ ٻائي جي صحت وڌيڪ سڌارڻ لاءِ مختلف مال پڙا وڪڻڻ وارا جام ملندا.
    ڏاڪڻين جي هيٺيان ڪيترائي مدراسين جا دڪان آهن جن تي ملڪي ۽ غير ملڪي ماڻهو انڊين کاڌا_خاص ڪري ڏکڻ هندوستان جا: دوسا، اڊلي، واڊلي، ڪيلي جي پن تي ڀت، دال گوبي، پالڪ ۽ گوشت جو ڇڊو ٻوڙ رکي کائيندا نظر ايندا. هر دڪان، هوٽل اڳيان ساون ۽ پڪل ناريلن جا ڍير نظر ايندا. آيل زيارتي ڪچن ناريلن جو کير (پاڻي) ۽ ملائي پنهنجي کائڻ لاءِ وٺن ۽ پڪل سڄا ناريل مٿي غار ۾ رکيل ديوتائن جي مورتين اڳيان رکن. چوڌاري هندو مرد ۽ عورتون گوڏين ۽ ساڙهين ۾، ايترا ته ڏسڻ ۾ ايندا، جو هي ٽڪرو ملائيشيا جو نه پر بنارس جو حصو لڳي ٿو. ڏاڪا چڙهي مٿي اونهي غار ۾ به ڪجهه اهڙو ئي ماحول لڳي ٿو. ٻاوا ٻانڀڻ آيل زيارتين کان پئسا، مٺايون ۽ ناريل وٺي پٿر جي مورتين اڳيان ڦيرائي، پنهنجي زبان ۾ ڪجهه منتر ڦيڻا پڙهي ان بعد هڪ ڦار ناريل ۽ ڪيلي جي وَٽَ طور همراهن کي واپس ڪرڻ ۾ مشغول نظر اچن ٿا.
    غار ۾ چوڌاري اوندهه ڪري ڏيئا ٻرن. مٿي ڇت ۾ ٽارچ هڻڻ سان ڪئين هزار چمڙن جو ڳاڙهيون موتين جهڙيون اکيون چمڪنديون نظر اينديون. جيڪي ڏينهن جو اونڌا لڙڪي ننڊون ڪن ۽ سج لهڻ سان ٻاهر ڀڄي وڃن. صبح ٿيڻ کان اڳ وري سمهڻ لاءِ هتي موٽي اچن. ايترن سارن چمڙن جي هنگڻ مٽڻ ڪري رکي رکي سخت تکي ۽ سڙيل ڌپ اچي ٿي_ خاص ڪري غارن ۾ گهڙڻ وقت. پر پوءِ نڪ سگهوئي عادي ٿي ان ڌپ سان به صلح نامو ڪري ڇڏي. ان چُرپر جي ڇت ۾ هڪ هنڌ تان جبل جو وچ ڦاٽل آهي. ان مان مٿي نهارڻ سان ائين لڳي ٿو ڄڻ ڪنهن اونهي کوهه جي تري مان مٿي نهارجي.
    هر سال هندن جي مذهبي ڏينهن_ٿائيپوسام تي ماڻهن جو هتي وڏو ميلو لڳندو آهي. جنهن ۾ هندو پوڄاري پنهنجيون مرادون پوريون ٿيڻ تي لوهي تارون ۽ ڪوڪا جسم ۾ چڀي ديوتائن کي ڀيٽ ڏين لاءِ مٿي تي مختلف سامانن جا ٿالهه رکي پيرين پنڌ سڄي شهر جي سرگس ڪري هنن غارن ۾ پهچندا آهن. ساڻن گڏ ڪيترائي تماشبين پڻ هوندا آهن.
    بهرحال ڪوالالمپور ۾ هڪ ڏينهن يا گهڻن ڏينهن لاءِ ٽورسٽ، هيءَ چُن Lime Stone جي جبلن جون غارون ڪنهن وقت به ڏسڻ پاڻ سان هتي جون ڪيتريون ئي يادون وطن کڻي وڃي سگهي ٿو: مٿي چڙهڻ لاءِ سوين اڀا ڏاڪا، ڊگهي پڇ وارن ڀولڙن جو آزاد نموني سان ڊوڙڻ ڊڪڻ، دڪانن اڳيان ناريل کي ڀڃي کير ڪڍڻ، آيل زيارتين جو سبرانيم ديوتا اڳيان ادب سان جهڪڻ، ڏٽڻ مٽن نوجوان ٻاون جو ڪرڙي اک سان سهڻين ڇوڪرين ڏي نهارڻ، چمڙن جي آواز جي سنهي چر پر ۽ مُٽ جي تکي ڌپ، کليل جبل جي ڏر مان رکي رکي مينهن جا ڇاٽ ۽ ٿڌي هير جو اچڻ، يورپين جو وائڙن وانگر هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ ۽ فوٽو گرافي ڪرڻ، ملئي ڇوڪرن جو ۽ ڇوڪرين جو مهل ۽ ماحول مان فائدو وٺي ڏاڪڻين ۽ ڪنڊ پاسن تي روح رهاڻيون ڪرڻ_وغيره وغيره.
    باتو غارن ۾ يا گينتنگ هاءِ لئنڊ تي پهچڻ ڪا ڏکي ڳالهه ناهي. بسون ٽئڪسيون جتان ڪٿان وينديون رهن ٿيون. پر جي توهان ڪنهن هوٽل ۾رهيل آهيو ته ان جو عملو به توهان کي کي توهان جي کيسي موجب بهتر سواري ٻڌائي سگهي ٿو.
    *______________*___________________*
    ڪوالالمپور جو قومي ميوزيم (ميوزيم نگارا) کي ڏسڻ لاءِ هتي جا سرڪاري توڙي غير سرڪاري گائيڊ بڪ گهڻو ڪجهه لکن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تواريخ جي شاگردن يا ان ماڻهوءَ لاءِ جنهن جو ٿورو يا گهڻو تواريخ جو مطالعو هجي يا هن ملڪ جي ڪجهه ڄاڻ هجيس يا ڄاڻ رکڻ چاهيندو هجي ته پوءِ هيءَ جڳهه بيحد دلچسپ آهي. نه ته ٻيو ڪو ماڻهو جيڪو گهران سنگاپور مان شاپنگ ڪرڻ جو سوچي نڪتو هجي ۽ پوءِ واٽ تي ڏينهن کن ساهي پٽڻ لاءِ ڪولالمپور ترسي پيو هجي اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ميوزيم (عجائب گهر) ڪهڙي اهميت رکي ٿو. ۽ ان ۾ رکيل پراڻيون ٺڪر ڀتر ۽ لوهه جون پراڻيون شيون ڏسي ته بور ئي ٿيندو ۽ پوءِ اهڙي وقت ۽ ڀاڙي وڃائڻ کان بهتر آهي ته هو تنڪو عبدالرحمان روڊ تي هليو وڃي. جتي گلوب سينٽر، هينڊري، رايل جويلرس، ڏيالچند، يونيورسل ڪارپيٽ وغيره جهڙا ماڊرن ۽ وڏا ڊپارٽمينٽل اسٽور آهن ته فوٽ پاٿ تي ڏهين ڊالرن جي شيءِ آخر ۾ سودو ۽ بحث ڪرن بعد ٽن ڊالرن ۾ ڏيڻ وارا هٽڙا پڻ_ جن تي ڳهه ڳٺا، ڪپڙا، قيمتي غاليچا، ريڊيو ٽئپ رڪارڊر، ڪتابن کان وٺي بوٽ گنجيون، جوراب، واچون انڊ پينون ۽ ٻيو ضرورت جو سامان ملي ٿو ۽ اگهه پڻ گهٽرائي سگهجي ٿو. جتي خريداري ڪندڙ ماڻهن جا چهرا، ڪپڙا، ڳالهائڻ جو ڍنگ/ نمونو ڏسي دل وندرائي سگهجي ٿي. بک لڳڻ تي مئڪڊونلڊ، ڪينٽڪي، هئمبرگر جا سستا دڪان آهن ته سنگ، گجر، ساتي ۽ ٻيون شيون اڃان سستيون وڪڻڻ وارا گاڏير پڻ. وڻي ته ڪنهن دڪان تان ڪوڪا ڪولا، سيون اپ، گلاب جو شربت يا ڪف سيرپ جهڙو روٽ بيئر وٺي پيئو يا ڳني جي رس واري کان تيه سينٽن جو آيرتيبو سان ڀريل گلاس. (روٽ بيئر ڪوڪا ڪول وانگر شربت جو قسم آهي ۽ نه بيئر جو ڪو قسم ۽ آريتيبو ڪمند جي رس جو ملئي نالو آهي. آير معنيٰ پاڻي ۽ تيبو معنيٰ ڪمند_يعني ڪمند جو رس) ان کان علاوه ملائيشيا م ڪينٽڪي، مئڪڊونالڊ يا ٻين آمريڪن يا ٻاهرن کاڌن جي دڪانن تي حلال گوشت هلي ٿو ۽ ان جي پڪ لاءِ هر دڪان ۽ هر شيءِ جي لفافي ٻاهران دتغگونگ حلال (Ditanggung Halal) لکيل نظر ايندو.
    تنڪو عبدالرحمان روڊ تي ڪجهه انڊين ۽ پاڪستاني ريسٽورينٽ پڻ آهن جيئن بلال ريسٽورينٽ جي برياني مشهور آهي. شيراز هوٽل کاڌي ۽ رهائش کا مشهور آهي. ڪو اڪيلو آهي ۽ پنهنجي خرچ تي گهمي رهيو آهي ته پوءِ شيراز هوٽل جو تيهن دالرن م بنا ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرو يا پنجونجاهه دالرن ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرو بين مهنگين هوٽلن ۾ رهڻ کان بهتر آهي. شيراز هوٽل جا چڪن تڪا، نان ۽ ڪواب تمام مشهور آهن پر اهي شيون ان پاڪستانيءَ کي گهڻو مزو ڏئي سگهن ٿيون جيڪي ملائيشيا ۾ نوڪري يا واپار خاطر رهن ٿا ۽ کين پنهنجي وطن پاڪستان کان آئي گهڻو وقت ٿي ويو آهي. اهڙا ماڻهو هن هوٽل ۾ پنهنجي وطن جو سڪون پوريون ڪري سگهن ٿا. باقي هڪ اهڙو ٽوئرسٽ جيڪو هفتي يا پندرنهن ڏينهن لاءِ هنن ملڪن جي سير لاءِ آيو هجي ان لاءِ مئڪڊونلڊ يا هئمبرگر يا ڪينٽڪي فرائيد جي ڪڪڙ، يا هتي جي هوٽل ساتي (ٻوٽي ڪواب)، روٽي (اڦراٽا)، مرتباڪ ( قيمي جا اڦراٽا) سستا، لذيذ ۽ نئين شيءِ آهي. ڇو جو شيراز، اڪبر، بلال، عمر خيام جهڙين انڊين هوٽلن ۾ پنهنجي ملڪ جو کاڌو ته ملي ٿو پر تمام مهنگو پوي ٿو خاص ڪري ڪجهه ڏينهن گهمڻ لاءِ آيل همراهه لاءِ هنن هوٽلن جو کاڌو ايترو ڪو سستو ناهي جيئن چڪن تڪو پنجن ڊالرن جو_ يعني پنجٽيهه رپيا ٿيا ۽ پنهنجي ملڪ ۾ نائين رپئي ملي ٿو. ڪڪڙ جو جيرو فراءِ ٿيل يا ٻوڙ رڌل، ڪواب جو ڇهه کن شيخون، ٻوٽي ڪواب يا قيمي جو ٻوڙ_ هر هڪ ايتري جو ئي آهي. في نان يا افراٽو ٻن ڊالرن جو_ يعني تيرهن رپئي جو ٿيو. ٽماٽا، ونگي ۽ بصر جو ڪچومر (سلاد) پڻ ايترن ئي ڊالرن جو آهي. ڳائي، ٻاڪري، ڪڪڙ يا گانگٽن جي برياني پڻ پنجٽيهه رپين کن جي پليٽ آهي. بهرحال وري به ملائيشيا جون هي هوٽلون سستيون آهن. پر ان کان بهتر آهي ته ڪجهه ڏينهن لاءِ آيل پاڪستاني هن ملڪ جون مٺايون، کاڌا ۽ ميوا وٺي کائي ته اهي سستا به آهن ته هن لاءِ سٺو تجربو پڻ ٿيندو. پر جي ڪو شاهوڪار ماڻهو آهي_ پئسي وارو صاحب آهي ته پوءِ ان لاءِ دنيا جي ٻين وڏن شهرن وانگر ڪوالالمپور ۾ پڻ ڪيتريون ئي اتم ۽ اعليٰ هوٽلون آهن جتي رڳو آمليٽ بيضو ئي چاليهه کان پنجيتاليهه رپئي کان شروع ٿئي ٿو ۽ سلاد جي ساسر به سٺ ستر رپيا آهي.
    بئنڪاڪ ۽ سنگاپور وانگر ڪولالمپور شهر جي پڻ اها خاصيت آهي ته ان ۾ گهٽ پئسي واري ماڻهوءَ لاءِ پڻ سستيون ۽ ساڳي وقت چڱيون هوٽلون آهن. ان ڪري ملائيشيا جي ٻين وڏن شهرن وانگر ڪوالالمپور پڻ هڪ غريب پرور شهر آهي ۽ ٽوئرسٽ، شاگرد ۽ ٿورن پئسن ۾ گهڻا ڏينهن گذراڻ واري لاءِ ڪوالالمپور هڪ آئيڊيل شهر آهي. ملائيشيا جي ٻين وڏن شهرن وانگر ڪوالالمپور ۾ پڻ هر شيءِ حلال ملڻ کان علاوه اها به خوبي آهي ته هتي ڪنهن به کاڌي ۾_ اٽي گيهه کان وٺي مرچن ۽ چانهه جي پتيءَ ۾ ملاوت ناهي. ان ڪري ڌاريون ٽوئرسٽ بي فڪر رهي ٿو ۽ کيس بيماريءَ جو ڊپ ڊاءُ نه ٿو رهي.
    رهائش لاءِ پڻ ڪوالالمپور ۾ شيراز، امبسي هوٽل، ميڪسيڪو هوٽل ۽ ريلوي اسٽيشن جي هوٽل کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي سستيون جايون آهن. خاص ڪري شاگردن ۽ گهٽ پئسي ۾ گهڻو گهمڻ واري همراهه لاءِ. هڪ ته برڪ فيلڊ واري روڊ تي واءِ ايم سي اي YMCA آهي جنهن ۾ گذريل مهيني منهنجو به رهڻ ٿيو هو. ينگ مين ڪرسچن ائسوسيئيشن جو ههڙيون ڪلب نما هوٽلون دنيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ آهن: يوڪاهاما، هانگ ڪانگ کان وٺي ڪراچي ڪوالالمپور تائين. پوءِ ڪن ملڪن ۾ منجهن رهائش جو معيار سٺو آهي ته ڪن هنڌن جو سادو سودو. جيئن ته سنگاپور جي YMCA ته تمام سٺي آهي . پر ڪوالالمپور يا پينانگ شهر جي مڙيئي غنيمت آهي. بهرحال آهي تمام سستي. خاص ڪري شاگردن لاءِ يا انهن لاءِ جيڪي گهران ٿورا پئسا کڻي نڪرن ٿا. ڪار پارڪ ڪرڻ جو پڻ مفت بندوبست آهي. ڪمرن ۾ جيتوڻيڪ چوويهه ڪلاڪ روم سروس ڪانهي پر تڏنهن به ڪوسو ۽ ٿڌو پاڻي وهنجڻ توڙي پيئڻ لاءِ موجود رهي ٿو. ٻه ٽوال، ٿرماس، ٽي وي، فون، گڏيل وهنجڻ جاءِ جو هر ڪمري سان بندوبست آهي. هن ٽماڙ عمارت واري واءِ ايم سي اي ۾ هيٺ ريسٽورينٽ آهي. جنهن جي ماني چڱي سٺي ۽ سستي آهي. ان کان علاوه ٻاهر، روڊ جي ٻي پاسي پڻ ڪيتريون ئي انڊين، ملئي ۽ چيني هوٽلون ۽ دڪان آهن. جن تي کائي پي سگهجي ٿو. ميڪسيڪو، ليڊو جهڙيون رهائشي هوٽلون پڻ آهن_جيڪي YMCA کان به سستيون آهن، پر اخلاقي طرح ڪريل چيون وڃن ٿيون جو انهن جي قطار ۾ اگهاڙا مساج (مالش) گهر آهن.
    واءِ ايم سي اي ۾ رهائش لاءِ مختلف قسم جا ڪمرا آهن. هڪڙا چئن ماڻهن جا وڏا ڪمرا آهن. ان جي مسواڙ فقط ڏهه ڊالر في ماڻهو آهي_يعني سٺ رپيا کن ٿي. ٻيو سنگل روم آهي جنهن ۾ ماڻهو اڪيلي سر رهي سگهي ٿو. سنگل رومن ۾ جيڪي ايئر ڪنڊيشنڊ بنا ڪمرا آهن انهن جي مسواڙ ارڙهن ڊالر آهي باقي ايئر ڪنڊيشنڊ واري جي چاليهه ڊالر آهي. اهڙي طرح ڊبل بيڊ وارن ڪمرن جي پنجاهه ڊالر آهي. بهرحال هي 1984ع ڌاري جون قيمتون آهن جڏنهن ملئي ڊالر (رنگٽ) ستين رپئي آهي ۽ آمريڪن ڊالر ويهين رپئي صرف. اڳتي هلي ڇا ٿيندو ان لاءِ چئي نه ٿو سگهجي.
    هڪ رات واءِ ايم سي اي جي ريسٽورينٽ ۾ ماني کائي چانهه پيئڻ لاءِ ٻاهر هڪ مسلمان مدراسيءَ جي هوٽل ۾ اچي ويٺس جتي بيا به ڪيترا يورپين ويٺا هئا جيڪي مختلف ملڪن کان هتي گهمڻ لاءِ آيا هئا. منهنجي ٽيبل تي ٻه سئيٽزرلئنڊ جا ويهن پنجويهن سالن کن جا نوجوان ويٺل هئا. هو ڏهه ڏينهن کن بئنڪاڪ (ٿائلينڊ) ۾ رهي پوءِ هتي آيا هئا. ڪوالالمپور ۾ سندن اڃان پهريون ڏينهن هو. کانئن ڪوالالمپور جو حال پڇيم جنهن جي موسم ته بهتر ٿي لڳن. پر واءِ ايم سي اي جي رهائش مان مطمئن نه هئا. “اسان سئٽزرلئنڊ ۾ جيڪو گائيڊ بوڪ پڙهيو هو،” هنن ٻڌايو، “ان ۾ ته YMCA جي ڊارميٽري جي مسواڙ پنج ڊالر في ماڻهو لکيل هو ۽ هاڻ هي ڏهه ڊالر في ماڻهو پيا وٺن.”
    “دراصل مهنگائي جتي ڪٿي وڌڻ ڪري هنن به پنهنجا اگهه وڌايا آهن.” مون کين چيو“پر تڏنهن به يورپ ۽ آمريڪا جي ڀيٽ ۾ هيءَ سستي آهي.”
    “ها پر اسان ته اڃان به وڌيڪ سستائيءَ جو سوچي گهمڻ لاءِ نڪتا اهيون. هاڻ ايترو روز ڀريندا رهياسين ته اسان کي سوچيل ڏينهن کان اڳ موٽڻو پوندو.”
    مٿين ڳالهه لکڻ جو مطلب فقط اهو آهي ته هي جو ماڻهو ولايتون گهمندا وتن ويندي پاڪستان ۾ به جيڪو يورپي آمريڪي نظر اچن ٿا سي ڪي سڀ پئسي وارا به ناهن. گهڻي پئسي سان ته هر ڪو گهمي سگهي ٿو پر ڪيترائي اهڙا به دنيا جي گولي تي گهمندا ڦرندا نظر اچن ٿا جيڪي ٿوري پئسي مان گهڻي کان گهڻو ولائت گهمڻ کي ئي آرٽ سڏين ٿا.


    ملائيشيا_ هڪ ماڊرن شهر

    ملائيشيا ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ_ڪوالالمپور ڪو ايڏو گهڻو پراڻو شهر ناهي . ملائيشيا ۾ جي ڪو پراڻو۽ تواريخي شهر سڏجي ته وري به ملاڪا چئي سگهجي ٿو جيڪو پڻ پيڪنگ، دهلي، ٺٽي ۽ لاهور جيان تمام پراڻو شهر ته نه آهي پر تڏنهن به چوڏهين پنڌرهين صديءَ کان چڱو دور دراز جي ملڪن ۾ مشهور ٿي ويو آهي. بلڪ اڳ زماني ۾ ته ملائيشيا (ملايا) به ملاڪا جي نالي سان ڄاتو سڃاتو ويندو هو. اڄ کان ڇهه سئو سال کن اڳ پرميشوارا نالي سماترا جي هڪ شهزادي ملاڪا تي قبضو ڪري سڄي ملايا کي پنهنجي هٿ ۾ ڪيو. ان بعد 1511ع ۾ پورچوگالين ملاڪا تي حملو ڪري ملاڪا ۾ حڪومت قائم ڪئي. ساڳي طرح ڊچن ۽ ٻين ڌارين حاڪمن ڪيو. انهن ڏينهن ۾ ڪوالالمپور شهر جو ته ڪو وجود ئي نه هو. بلڪ نشانيءَ خاطر ڪا سر به رکيل نه هئي.
    ڪوالالمپور شهر جي ته شروعات ئي گذريل سوا سئو کن سال اڳ کان ٿي آهي_ يعني ان حساب سان انگلينڊ جي ڪمپني هينز ۽ مئگي (چٽڻيون آچار ٺاهڻ وارين) جا ڪارخانا پراڻا آهن ڪوڪا ڪولا ۽ گرائيپ واٽر ته اڃان به پراڻا آهن. بهرحال اهو آهي ته ڪوالالمپور ننڍڙي ڳوٺڙي مان لڳاتار ترقي ڪندو اڄ واري اوج تي وڃي رسيو آهي.ڪوالالمپور اڄڪلهه آزاد ملائيشيا جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ ڏينهون ڏينهن ماڊرن ٿيندو ٿو وڃي ۽ هن پاسي سنگاپور کان پوءِ ڪوالالمپور شهر ئي آهي جنهن ۾ تکائي سان نيون عمارتون ۽ رستا ٺهڻ ڪري سندس هر سال روپ بدلجندو وڃي. پئسي ڏوڪڙ جي ريل پيل ڪري هن شهر ۾ جنهن رفتار سان نين نين عمارتن، رستن ۽ موٽر ڪارن جو تعداد وڌندو وڃي ان جو مثال اوسي پاسي جي وڏن شهرن:بئنڪاڪ، جڪارتا، ڪولمبو، رنگون ۽ منيلا ۾ به نه ملندو. پراڻين مور عرب (Moors) ۽ گوٿڪ نموني جي عمارتن ۽ مسجدن منارن ڀر سان آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ رڪ ۽ شيشي جو عمارتون، ساوا ۽ ڇانءَ رسائيندڙ وڻ ۽ ڇٻرون، گل ٻوٽا ڏينهون ڏينهن ڪوالالمپور کي سهڻو بڻائي رهيا آهن. ڪوالالمپور نئون ۽ پراڻو شهر سڏجي ٿو. مشرق ۽ مغرب جو ميلاپ چئي سگهجي ٿو_ جتي ڪنهن عرب خليفي جي محلات جهڙي پراڻي ريلوي اسٽيشن به آهي ته شانگريلا ۽ منگ (Ming) هوٽلن جهڙيون اڄ جي دور جو جديد عمارتون پڻ آهن. راجا لائوت روڊ تي جتي الف ليلوي ڪهاڻين جي صفحن تي ڏنل تصويرن جهڙيون عمارتون آهن اتي ائمپنگ روڊ تي ٺهيل شيشن جي لفٽن، شيشي جي ڀتين ۽ سينٽرلي ايئر ڪنڊيشنڊ سسٽم سان ٺهيل گنزا، سانزلي ۽ ٽائيمس اسڪوائر جهڙيون بلڊنگون پڻ آهن. ڪوالالمپور شهر مختلف رنگن ۽ ماڻهن ۾ سنگاپور ۽ لنڊن جي ڪجهه حصن جهڙو لڳي ٿو. هتي باجُو ڪورونگ ڊريس ۾ هلندڙ ملئي ڇوڪريون، ساڙهين ۾ انڊين عورتون، پڳ ٻڌل سک، سرونگ (گوڏ) ۽ سونگڪاڪ (ڪارين پٽين) ۾ ملئي مرد، چيانگسم وڳن ۾ سنهڙيون چيني عورتون، گيڙو وڳن ۾ ٺوڙها ٻڌ بکشو ۽ اڇن جبن ۾ عيسائي ٻاوا ۽ نن گهمندي ڦرندي نظر ايندا.
    ڪوالالمپور ۾ نه فقط ڪپڙن جا رنگ ۽ نمونا جدا جدا نظر ايندا پر کاڌن جو خوشبوئون پڻ. کاڌي وارين بازارن مان لنگهندي هڪ ئي وقت ملئي کاڌن جو پچڻ، ترڻ ۽ سڙڻ جو خوشبوئون اينديون آهن ته انڊين ۽ چيني کاڌن جون پڻ. ساتي، بوهائا، ناسي لم، ناسي گورينگ، ريڊانگ، پاڊانگ، سئمبل اڊانگ، مي، بي هون، توڪئا، لڪسا وغيره انهن مان ڪجهه مٺاڻ ۽ ڪجهه چهر جو شيون آهن. ڪوالالمپور لفظ جي معنيٰ آهي “گپ واري نديءَ جو منهن” لمپور معنيٰ گپ، ۽ ڪئالا معنيٰ نديءَ جو منهن. سوا سئو سال کن اڳ ڪوالالمپور اهوئي ڪجهه هو. پوءِ به پهرين چار گهرڙا ۽ جهونپڙيون ٺهيون، انهن مان ڳوٺ ۽ پوءِ شهر، ڪلانگ ندي ۽ گئمباڪ نديءَ جي ڳانڍاپي وٽ هي شهر آهي. هتان کان پوءِ هي نديون هڪ ٿي سمنڊ ۾ وڃيو ڇوڙ ڪن.
    هونءَ تاريخ جي ڊگهي وهڪري ۾ سئو سال ڪو ڊگهو عرصو ناهي. ان ڪري هن شهر کي پراڻو چئي نٿو سگهجي. ساڳي وقت هي شهر سرڪاري پروگرام موجب هڪدم به نه ٺهيو جيئن کڻي چئجي ته پاڪستان جو اسلام آباد، ترڪيءَ جو انقره، آسٽريليا جو ڪئنبرا يا برازيل جو براسيليا.
    ڪوالالمپور جو شهر صحيح معنيٰ ۾ 1857ع کان ٽين (Tin) جون کاڻيون ملڻ ڪري اڏن ۽ وڌڻ شروع ٿي ويو هو. اهو سن جڏنهن هندوستان ۾ ماڻهن انگريزن خلاف بلوو ڪيو هو.
    ملائيشيا ۾ هاڻ ته ڪيترن ئي هنڌن تي ٽين جون کاڻيون آهن پر تن ڏينهن ۾ فقط هڪ اڌ کاڻ اتر ۾_پيراڪ جي ڪنٽا ماٿريءَ ۾ هئي. ۽ هي ڌنڌو آهستي آهستي مشهور ٿي رهيو هو. ماڻهو ان ڳولا ۾ هئا ته ڪٿان نه ڪٿان ٻئي هنڌان پڻ ٽين نڪري. انهن ڏينهن ۾ افواه عام ٿيا ته ڪلانگ نديءَ جي ڇوڙ وٽ_جتي هاڻ جو ڪوالالمپور آهي ٽين جون تمام گهڻيون کاڻيون آهن. سو 1830ع ۾ سلانغور (Selangor) رياست جي راجا_سلطان محمود هن علائقي جي کوٽائي شروع ڪئي پر ناڪام رهيو. پر ان ناڪاميابيءَ هوندي به افواهه جاري رهيا ته ان علائقي ۾ ٽين تمام گهڻو آهي. پوءِ 1857ع ۾ انهيءَ راجا جي ڀائٽي راجا جمعت پنهنجن ٽن ساٿين سان گڏ ٽين جي کاڻين جي ڳولا وري شروع ڪرائي. راجا جمعت کان اڳ به اتراهن علائقن ۾ ٽين جي کوٽائي ۽ ڪاروبار مان چڱي ڪمائي ۽ تجربو حاصل ڪري چڪو هو. هن پنهنجي ساٿين ۾ هڪ ته پنهنجو ڀاءُ راجا عبدالله شامل ڪيو ۽ وڌيڪ ناڻي ۽ خرچ پکي جي مدد لاءِ ملاڪا جا ٻه چيني واپاري: چي_يم_چئان ۽ لم_سي_هو شامل ڪيو. انهن ڏينهن ۾ هي سڄو علائقو جهنگل هو. ۽ جهنگل به اهڙو گهاٽو جنهن مان ماڻهو هلي سگهي ۽ مٿان ڪو اس جو ترورو پوي. پر هنن کاڻين جي ڳولا ۽ کوٽائيءَ لاءِ هنن ستاسي (87) چيني مزور هٿ ڪيا. جهنگ مان رستو ٺاهي اڳتي وڌڻ ته مشڪل ڪم هو سو هو ٻيڙين رستي ڪلانگ نديءَ مان اڳتي وڌي ان هنڌ تي پهتا جتي اڄ جو ڪوالالمپور آهي جتي ڪلانگ نديءَ سان گمباڪ ندي ملي ٿي. اتي پهچي هي همراه ٻيڙين مان لٿا ۽ ٽين جي ڳولا ۾ گهاٽن جهنگلن ۽ ٻيلن ۾ گهڙي پيا. آخر ڪار هن هڪ هنڌ ٽين جا تمام وڏا ذخيرا ڳولي ورتا. اهو هنڌ ڪوالالمپور جو اڄ وارو ائمپنگ علائقو هو.
    ٽين ملڻ جي خوشي ته تمام گهڻي ٿي. پر اها يڪدم مايوسيءَ ۾ بدلجي ويئي. تن ڏينهن ۾ ملائيشيا جي جهنگلن ۾ ايڏا زهريلا مڇر هئا جو مهيني اندر سواءِ ويهارو کن ماڻهن جي باقي مزور هڪ هڪ ٿي مليريا وگهي مري ويا. راجا عبدالله دل نه لاٿي ۽ ڏيڍ سئو مزورن جو ٻيو جٿو وٺي ساڳي هنڌ تي ٽين جي کوٽائي جو ڪم شروع ڪرايو. ۽ پوءِ ڪجهه عرصي جي کوٽائيءَ بعد ٽين جي لڳاتار سپلاءِ کاڻين کان درياهه جي ڪناري تائين ۽ پوءِ ٻيڙين جي رستي واپاري اڏن تي پهچڻ شروع ٿي ويئي.
    1859ع ۾ ٽين جي خريداري ۽ وڪري لاءِ اتر کان ٻه وڏا چيني واپاري:هيو_سيو ۽ آهه_ذي_ڪيليڊڪ هتي آيا. هيو سيو (Hiu-siew) ته تمام هوشيار حرفتي هو ۽ راجا عبدالله سان ايڏي دوستي ٿي ويس جو هن کيس ان وقت جي هن ننڍڙي ڳوٺڙي ڪوالالمپور جو وڏيرو/ اڳواڻ مقر ڪيو ۽“ڪئپٽن چينا” لقب ڏنو. هن جي رهبري ۽ راڄ ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو. 1862ع ۾ ڪئپٽن چينا جي مرڻ تي سندس جاءِ هڪ ٻئي چيني ليو_نگم_ڪانگ والاري ۽ ان بعد يپ_آهه ٿيو. يپ_آهه جي ڪئپٽن چينا ٿيڻ تي ڪافي مخالفت ٿي جو هي ٻين چينين جي مقابلي ۾ ڌاريون هو ۽ ويجهڙائيءَ ۾ چين کان ملاڪا آيو هو ۽ 1854ع ۾ جڏنهن ملاڪا پهتو ته بنا پئسي ڪوڏيءَ جي سترهن سالن جو ڇوڪرو هو ور ي ان بعد حرفتن، اٽڪلن ۽ ڏاهپ جي ڪري چوڏنهن سالن اندر هڪ طاقتور عهديدار ٿي ويو هو.
    *_________*____________*
    مغربي ملائيشيا ۾ ڪل يارنهن رياستون آهن. جهڙوڪ: پيراق، ڪيداح، ترنغانو، پهانگ وغيره. ڪوالالمپور جو شهر جنهن رياست ۾ اچي ٿو ان جو نالو سلانغور آهي. ڪوالالمپور شهر جي وجود کان اڳ صدين تائين سلانغور رياست جي گاديءَ جو هنڌ هو. هي شهر ڪوالالمپور کان ٻاويهه ميل کن پري آهي ۽ اڄ به بندرگاهه اتي ئي آهي. 1879ع ڌاري، ڪوالالمپور شهر جي اڀرڻ ۽ اهم ٿيڻ ڪري سلانغور رياست جي گاديءَ جو هنڌ ڪلانگ مان بدلائي ڪوالالمپور رکڻ جو تياريون شروع ٿي ويون. 1880ع ۾ انگريز به پنهنجيون آفيسون ڪلانگ مان کڻائي ڪوالالمپور ۾ آيا. پينانگ، ملاڪا ۽ سنگاپور ۾ ته انگريز ڪڏهوڪو ڄمايو ويٺا هئا ۽ اهي شهر ته سڄا سارا سندن ٿي چڪا هئا. پر سلانغور جهڙين رياستن ۾ به انهن جي حاڪمن/ سلطانن سان معاهدا ڪري پنهنجا ماڻهو ۽ آفيسون رکي ويٺا هئا. 1890ع ۾ هن پاسي جي انگريز گورنر سي فريڊرڪ ويلڊ ڪوالالمپور جو پهريون دورو ڪيو. کيس ڪوالالمپور جي هي وجود ۾ آيل نئون شهر بيحد پسند آيو ۽ سنگاپور مان هڪ انگريز آفيسر مسٽر فرئينڪ سويٽن هام کي برطانيا طرفان ريزيڊنٽ مقرر ڪري ڪوالالمپور ۾ رکيو. (هي اهو انگريز آهي جنهن جو نالو پوءِ ڪلانگ شهر ۽ بندرگاهه تي رکيو ويو ۽ انگريزن جي حڪومت تائين پورٽ ڪلانگ کي پورٽ سويٽن هام سڏيو ويو ٿي. پر پوءِ ملائيشيا کي آزادي ملڻ تي سندس وري ساڳيو نالو پورٽ ڪلانگ رکيو ويو.) سندس نالي سان روڊ پڻ هو جنهن جو هاڻ نالو جالان تن اسماعيل رکيو ويو آهي. ساڳي طرح هاڻ وارو جالان راجا چولان انگريزن جي ڏينهن ۾ ويلڊ روڊ هو.
    ڪوالالمپور ۾ پهرين سڀ ڪچا گهر ۽ ڪکاڻان گهر هئا. پر پوءِ انگريزن جي اچڻ تي هُنن ماڻهن کي اهي گهر سرن، چُن ۽ گاري ۽ گچ جا اڏڻ جي ترغيب ڏني. 1887ع تائين اهڙا پنج سئو کن پڪا سرن وارا گهر ٿي ويا ۽ سڄي ڪوالالمپور جي آدم شماري پڻ وڌي چار هزار وڃي ٿي. شهر پڻ ڪجهه وڌيڪ وڻندڙ ۽ صحت مند ڏسڻ ۾ لڳو. ڪجهه ڪجهه کورا ۽ ڪارخانا پڻ وجود ۾ آيا جن ۾کاڻين جي کوٽائيءَ جا اوزار تيار ٿيندا هئا. 1884ع ۾ ڪوالالمپور جي گهٽين ۾ فانوس لڳايا ويا جن ۾ روز شام جو گاسليٽ وجهي ٻاريو ويندو هو. ۽ 1888ع ۾ ڪوالالمپور شهر ۾ پهرين ٻاڦ تي هلندڙ باهه وسائڻ جي انجڻ آئي. ۽ پنڌرهين سيپٽمبر 1886ع تي ڪلانگ شهر کان ڪوالالمپور تائين پهرين ريل گاڏي هلڻ شروع ٿي.
    رٻڙ جا وڻ (Herea Brashliensis)، سن 1876ع ۽ 1877ع ۾، ملائيشيا ۾ انگريزن متعارف ڪرايا ۽ 1897ع تائين ملائيشيا جي اٺن رياستن ۾ اهي عام ٿي ويا. 1884ع ڌاري ڪوالالمپور جي ٻهراڙيءَ واري علائقي ۾ ڪافيءَ جي پوک پڻ شروع ڪئي ويئي هئي جيڪا تمام گهڻي ڪامياب ٿي. پر سن 1900ع ۾ پوک کي ڪينئون لڳن ۽ اگهه ڪرڻ ڪري جو اها بس ٿي وئي ته وري ساڳي اوج تي نه اچي سگهي آهي. هاڻ اها بس ذري گهٽ نه برابر آهي.
    ڪوالالمپور جي تواريخ ۾ سال 1890ع يادگار سال چيو وڃي ٿو جنهن ۾ سيام (ٿائلنڊ) جي بادشاهه ڪوالالمپور جو دورو ڪيو ۽ پهريون انگريزي اسڪول کليو. هن ئي سال سنيٽري بورڊ پڻ قائم ڪيو ويو جنهن جو ڪم شهر جي وڌندڙ حالتن کي ڌيان ۾ رکي ان موجب صفائي، سٺائي ۽ روشنيءَ ڏي خيال ڏيڻو هو. 1893ع ۾ سڀ کان وڏو انگريزي اسڪول Victoria institution کليو ۽ 1896ع ۾ ملايا جي ٻين رياستن جي گاديءَ جو هنڌ پڻ ڪوالالمپور ڪيو ويو. انهيءَ سال اپريل ۾ ائمپنگ ۾ پاڻيءَ جي وڏي ٽانڪي ٺاهي ويئي جنهن مان پائيپن رستي ڪوالالمپور شهر جي گهرن کي پاڻي پهچائڻ جو ڪم شروع ٿيو. ڪوالالمپور شهر جي وچ ۾ جيڪو پودو جيل آهي اهو پڻ ان سال ٺهي راس ٿيو هو. ان جي ٺهڻ تي انهن ڏينهن ۾ سوا ٽي لک ڊالر خرچ آيو هو ۽ ان ۾ پنج سئو ويهه قيدين جي رهائش رکي ويئي. ملائيشيا جي انگريزي اخبار ملئي ميل (Malay Mail) پهرين روزاني اخبار هئي جيڪا 1896ع ۾ ڪوالالمپور مان جاري ٿي ۽ اڄ ڏينهن تائين هلندي اچي. هن اخبار جو شروعات ۾ فقط ٻه سئو ڪاپيون روز نڪرنديون هيون.
    1910ع ڌاري ڪوالالمپور جي آدمشماري اڌ لک کن تائين اچي ٿي. ڪوالالمپور جي ريلوي اسٽيشن ان ئي سال ٺهي راس ٿي هئي. انهيءَ نموني جي عمارت جهڙيون ريلوي اسٽيشنون انگريز ڪولمبو، ڪراچي، لاهور، دهلي، ڍاڪا، سنگاپور، ڪولون (هانگ ڪانگ) ۽ ٻين ڪيترن آفريڪي ۽ ايشيائي ملڪن ۾ ٺهرايون ته سهي پر ملائيشيا ئي اهڙو ملڪ آهي جنهن جي حڪومت اڃان تائين ڪوالالمپور جي اسٽيشن جي عمارت ۽ ان جو شان قائم رکندي اچي. سندس ونگن وارا وڏا در ۽ مسجد جهڙا منارا، لوهي وڏو گيٽ ۽ مٿاهيون ڇتيون ڏسي اڄ به ماڻهو ستر اسي سال اڳ جي تواريخ ۾ وڃيو نڪري جڏنهن انگريز حاڪم ۽ سندن قريبي چمچا خاڪي ٽوپلا ۽ اڇا اجرا ڪپرا پائي، ڳچيءَ ۾ ٽاءِ يا بو لڳائي، صدريءَ جي کيسي ۾ زنجيري واري ناس جي دٻليءَ جيڏي واچ ۽ هٿ ۾ ڪمند جي گرين جهڙي ڏنڊي کڻي ريل جي انتظار ۾ پسار ڪندا هئا.
    ڪوالالمپور جي سڄي ريلوي اسٽيشن دهلي ۽ ڪلڪتي جي ريلوي اسٽيشن جيان ڍڪيل آهي. هيٺ ويٽنگ روم ۽ ريسٽورينٽ اٿس ۽ مٿان رهائش لاءِ هوٽل آهي. ڪيترا دفعا دل ۾ آيو ته ان هوٽل کي ڏسجي جنهن جي مسواڙ شهر جي ٻين هوٽلن کان چڱي واجبي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪم سانگي ڪوالالمپور ۾ رهيل هوس. هڪ ڏينهن شام جو جالان سلطان محمد ڏي ويندي وقت ريلوي اسٽيشن جي اڳيان ڪار بيهاري اندر اسٽيشن ۾ گهڙي ويس. مدراسي ٽڪيٽ چيڪر بابوءَ مون کي بنا ٽڪيٽ پليٽ فارم وڃڻ جي موڪل ڏني. سو هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين مسافرن، ريل جي پٽن، پٽن جي وچ ۾ وڇايل ڪاٺ جي سليپرن ۽ پٿرن، گاڏي وارن، پيڍيءَ وارن ۽ قلين کي ڏسي پوءِ هوٽل ڏسڻ لاءِ لفٽ ۾ گهڙيس جو هوٽل جو استقبال وارو هنڌ ٽي ماڙ تي هو. سک لفٽ مئن هن پراڻي زماني جي لفٽ جو لوهي سيخن ۽ گهرڪڻ وارو دروازو بند ڪري اندر لڳل هئنڊل کي ڦيرائي ڪنهن انگ يا نشاني تي هٿ رکيو ۽ لفٽ گٺل نار وانگر گڙگڙ ڪندي ڌرتيءَ جي ڪشش کي آڱوٺا ڏيکاريندي مٿي سرڪڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي. رب جا شڪرانا ۽ سک جا ٿورا مڃي لفٽ مان ٻاهر نڪتس. رسيپشن تي ويٺل ملئي مومل کان خالي ڪمري ڏسڻ جي موڪل گهريم. هن ميڪ اپ درست ڪري ڪنهن خالي ڪمري جي چاٻي کنئي ۽ ڪمرو ڏيکارڻ لاءِ دخل کان ٻاهر نڪري مونسان گڏ هلڻ لڳي. پر پوءِ خبر ناهي ڇا سوچي، هڪدم بيهي رهي ۽ پويان ويٺل هڪ ٻئي سک ڪلارڪ کي ڪمرو ڏيکارڻ لاءِ چيو. اها ڳالهه جيتوڻيڪ مون ٻه ٽڪا دل ۾ ڪئي ۽ اهو معلوم ڪرڻ لاءِ ته آيا آئون ائگريسوَ لڳي رهيو آهيان ڇا، مون ڀت ۾ لڳل ماڻهوءَ جي قد جيڏي آرسيءَ ۾ پاڻ کي ڏٺو. تيسين سک ڪلارڪ ڪمري جي ڪنجين کي ڇڻڪائيندو سامهون واري ڊگهي ۽ سانتيڪي ورانڊي ۾ وڃي چڪو هو. جيڪو ڪمرو هن کي ڏيکارڻو هوسو بلڪل پوڇڙ وارو هو.
    ڪمرو ڪافي ڪشادو ۽ وڏي ڇت وارو هو. ايڏو وڏو ڪمرو ڪنهن هوٽل جو مون يورپ، چين آفريڪاآمريڪا ۾ به نه ڏٺو هو ۽ ورانڊي واري ڀت ۾ لڳل ڪاٺ جون وڏيون دريون_ جيڪي پاڪستان ۾ پڻ ريسٽ هائوسن ۾ هونديون آهن؛ مڙيئي کليل هيون. انهن جي پويان ٺهيل ورانڊو چڱو ويڪرو هو. ورانڊي جي ڪنڊ تي گڏيل ڪاڪوس _ وهنجڻ جاءِ هئي ۽ ٻاهران تيل ڦڻي ۽ ٽاءِ ٽوپلو درست ڪرڻ لاءِ روايتي نموني جو بيضوي آرسي ۽ هڪ خاني واري ڪاٺ جي ٽيبل رکيل هئي. اهڙي ٽيبل_ “انگريزن جي دور جي نشاني” هالا ۾ مختيار ڪار آفيس ۾ پڻ ڪنهن زماني ۾ هوندي هئي جڏنهن لاشاري صاحب (هاڻوڪي سيڪريٽري قاسم لاشاري جو والد صاحب) سن 1963_64ع ۾ هالا جو مختيار ڪار هو. ان کي ويهه سال کن اچي ٿيا آهن. هاڻ ته شايد ڀڄي، ڀري شهيد ٿي يا ٻري کپي ويئي هجي.
    هيڏي وڏي ڪمري ۾ جتي والي بال راند ته آرام سان ٿي سگهي، ڇهه باءِ ٽي فٽ جا رکيل ٻه پلنگ ڄامڙا لڳي رهيا هئا. پلنگن جي وچ ۾ ٽيبل هو جنهن مٿان ٽيبل لئمپ. انهن سڀني شين ۽ سهوليتن ڪري هيءَ ڪا اهڙي خراب هوٽل نه ٿي لڳي جنهن جي مسواڙ ايتري گهٽ رکيل آهي. ٿي سگهي ٿو ڪمرا ايئر ڪنڊيشنڊ نه هجن.
    “سردار جي هي ڪمرو ايئر ڪنڊيشنڊ آهي يا نه_؟” مون اڙدوءَ ۾ پڇيو.
    “بلڪل سرڪار. ايئر ڪنڊيشند آهي. هتان هلي ٿو.” هن پنجابي ۾ جواب ڏيئي ايئر ڪنڊيشنر جو سئچ هيٺ ڪيو. ڊگهي ڪمري جي ڊگهي ڀت ۾ ڪنهن هنڌ تي لڳل اڍائي ٽن ٽنن جو ايئر ڪنڊيشنر ڪنهن ڀلوڙ پراڻي رانديگر وانگر پهرين زور سان ۽ پوءِ چپن چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري آهستي آهستي ڪٻڊي ڪٻڊي ڪرڻ لڳو. مون سندس سئچ واپس مٿي ڪيو. ايئرڪنڊيشنر هڪ وڏو آواز ڪري فل حال ماٺ ٿي ويو. ڄڻ رانديگر کاپي ويو. سردار جيءَ کي ٻڌايم ته هن وقت ڪو رهڻ لاءِ نه آيو آهيان. بس هن هوٽل جي ائين ئي ڪمرو ڏسڻ آيو آهيان. ٿي سگهي ٿو ٻي دفعي ڪوالالمپور اچان ته هن ئي هوٽل ۾ اچي رهان. “ڀلا ريل جي اچڻ وقت ته هنن ڪمرن ۾ گوڙ ٿيندو هوندو_” سردار جيءَ کان پڇيم.
    “بلڪل نه ٿو اچي.” هن وراڻيو. ۽ مون به محسوس ڪيو ته ههڙين ٿلهين ڀتين هوندي آواز ڀلا ڪيئن ٿو اچي سگهي. آخر ۾ موڪلائي هيٺ گرائونڊ فلور تي ڪوالالمپور ريلوي اسٽيشن جي ريسٽورينٽ ۾ چانهه پيئڻ لاءِ اچي ويٺس. اسي سال کن اڳ جي ٺهيل ۽ رکي رکي مرامت ڪرايل هيءَ ريسٽورينٽ، اڄ به وڏي شان واري لڳي رهي هئي. سڀني ٽيبلن تي چاڪليٽي رنگ جا پوش چڙهيل هئا ۽ ساڳي ساڳي رنگ جون نئپڪنون پڻ رکيل هيون. ڪراڪري ۽ ڪٽلري به پراڻي زماني جي پر اوچي هئي. چونجهي روشنيءَ ۾ جيتوڻيڪ ماحول چڱو خاصو رومانٽڪ هو پر ڇت ۾ ويٺل چمڙن جي پولڙين جي ڌپ باهه ٻاري ڏني. گاڏي اچڻ ۾ اڃان دير هئي يا اچي هلي ويئي هئي جو ماڻهن جي گهڻي هل هلان_ٻاهر توڙي اندر جهڪي ٿي چڪي هئي. ويهه کن ٽيبلن مان فقط ٽي ڀريل هئا. سامهون پري واري هڪ ٽيبل تي ڪارو تامل نوجوان بيئر به پي رهيو هو ته اخبار به پڙهي رهيو هو. ڪنهن سرڪاري کاتي جو ڪامورو لڳو ٿي. موڪل ڪاٽي نوڪري واري شهر ڏي وڃي رهيو هوندو يا ايندڙ ڪنهن اعليٰ آفيسر جو انظار ڪري رهيو هوندو. کاٻي پاسي پنج کن چيني عورتون ۽ مرد ماني کائي رهيا هئا. سڀيئي ڪنهن هڪ ئي آفيس جا لڳا ٿي يا هڪ ئي فئملي جا. کائڻ سان گڏ تکي آواز ۾ ڳالهائي ۽ کلي رهيا هئا. ساڄي پاسي واري ٽيبل تي هڪ ملئي همراهه ٽيهه پنجٽيهه سالن جي ڄمار جو پنهنجي تازي شادي ڪيل ڪنوار سان گڏ ويٺو هو. يا ٿي سگهي ٿو زال نه هجيس پر گرل فرينڊ هجيس. ڇوڪريءَ جي عمر ارڙهن ويهه سال کن ٿيندي. سڄو وقت شرمائيندي رهي يا رٺل هئي. همراهه کيس آخر تائين پرچائيندو/ ريجهائيندو رهيو. ڪجهه کاڌائين به نه. اٿڻ مهل آئس ڪريم به جيئن جو تيئن ڇڏي اٿي ۽ آرينج جوس جي گلاس مان به ڪو ڍڪ ٻه مس ڀريائين.
    مون ڪوپ ۾ هتي جي لوڪل چانهه Boh جون ٻه ٿيلهيون وجهي ڪڙڪ چانهه ٺاهي پيئڻ شروع ڪئي. ۽ هال جو چوڌاري جائزو ورتو. جنهن جي ڪمانن وارن دروازن جي ڀر ۾ ننڍا جارا پڻ ٺهيل هئا_لڳو ٿي ته ڪنهن زماني ۾ اليڪٽرسٽي نه هجڻ ڪري انهن تي شمعون يا ڏيئا رکيا ويندا هئا. ڪوالالمپور جي هن ستر سال پراڻي هوٽل جي رهائش جي مسواڙ کڻي ڇو نه گهٽ هجي پر پنهنجي خرچ تي ٻين مهنگين هوٽلن ۾ رهڻ کان ته هيءَ بهتر آهي. خاص ڪري جي ڪوالالمپور کان ريل رستي اتر طرف اپوح، پينانگ، بئنڪاڪ ۽ ڏکڻ طرف سريمبان، تمپين، جوهور بارو ۽ سنگاپور وڃڻو هجي ته پوءِ هڪ ڌارئين مسافر لاءِ ڪوالالمپور ريلوي اسٽيشن جي هيءَ هوٽل اهڙي خراب ناهي جنهن جي ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمري جي اڄڪلهه مسواڙ فقط پنجاهه ڊالر_يعني ٽي سئو رپيا آهي.
    ڪوالالمپور ۾ ريلوي اسٽيشن ٺهڻ بعد سگهو ئي ريڊيو اسٽيشن به ٺهي ۽ 1929ع کان ريڊيو ڪم شروع ڪيو. ٻي وڏي لڙائيءَ جو اثر هن شهر تي، 1941ع ۾، ڪرسمس وارن ڏينهن ۾ ٿيو. بمباري بعد جنوري 1942ع ڌاري جپانين سڄي شهر تي قبضو ڪري ورتو. جپانين جي ملائيشيا تي چار سال کن حڪومت رهي. ان بعد تيرهين سيپٽمبر 1945ع تي جپانين انگريزن اڳيان آڻ مڃي.
    جنگ ختم ٿيڻ بعد ڪيترائي ڳوٺاڻا ۽ پري جا، نوڪرين ۽ روزگار ڪارڻ ڪوالالمپور لڏي آيا. 1952ع ڌاري ماڻهن جي وڌندڙ آدمشماري کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوالالمپور جي ڀر ۾ هڪ ٻيو شهر_ پتلانگ جيا نالي، اڏڻ جو پروگرام ٿيو_جيئن حيدرآباد جو لطيف آباد، راولپنڊي جو سيٽلائيٽ ٽائون يا ڪراچيءَ جو نارٿ ناظم آباد ۽ فيڊرل بي ٽائون وغيره آهي. اڄ پتلانگ جايا هڪ مثالي شهر سمجهيو وڃي ٿو جو اهو شهر پلاننگ، سونهن ۽ صفائيءَ کان آرامده آهي. قطارن ۾ گهر، وڏا، ويڪرا ۽ سڌا رستا. گندي پاڻيءَ جي نيڪاليءَ جو سٺو سسٽم، پاڻي ۽ بجلي جام. ٻارن جي کيڏڻ لاءِ جتي ڪٿي پارڪ، ميدان ۽ اسڪول اسپتالون، بس اسٽاپ، بسون ۽ ٽئڪسيون.
    ڪوالالمپور ۾ هڪ وڏي باهه 1956ع ۾ گومباڪ ندي ۽ باتو روڊ (هاڻوڪو جالان تنڪو عبدرالرحمان) جي وچ ۾ لڳي هئي جنهن ۾ هزارين بي گهر ٿي ويا هئا. هڪ ٻه ٻيون پڻ چڱيون وڏيون باهيون ڪوالامپور ۾ لڳيون جن ۾ بان_لي رٻڙ فئڪٽري ۽ اوڊين سئنيما جهڙيون اهم عمارتون سڙي ڦلهير ٿي ويون هيون.
    1956ع ۾ ڊيوڪ آف ايڊنبرو مليا (ملائيشيا) گهمڻ دوران ٻه ڏينهن ڪوالالمپور ۾ پڻ رهيو. 31_آگسٽ 1957ع تي ملايا کي انگريزن طرفان آزادي ڏني ويئي ۽ ان جو جشن پڻ ڪوالالمپور جي مرديڪا اسٽيڊيم ۾ چاليهه ملڪن جي نمائندگي اڳيان ٿيو. تنڪو عبدرالحمان پهريون پرائيم منسٽر مقرر ڪيو ويو. ساڳي سال کان ڪوالالمپور ۾ “ملايا يونيورسٽي” پڻ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اهڙي طرح سئو سال کن اڳ جو ننڍڙو ڪچو ڳوٺ اڄ دنيا جي ماڊرن ۽ سهڻين شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو. منجهس ڪيترن ذاتين، قومن، مذهبن، زبانن۽ رنگن جا ماڻهو پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي رهن ٿا.


    “ملائيشيا_دنيا جو وڏو ٻيلو”

    ملائيشيا ۾ قدم قدم تي وڻ ٽڻ ۽ گاهه پٺو ايڏو آهي جو هن ملڪ کي دنيا جو ٻيلو سڏيو وڃي ٿو. ۽ ٻيلي نما ملڪ ۾ انيڪ قسم جا پکي پکڻ ۽ جيت جانور ڏينهن توڙي رات جو گهمندي نظر اچي ٿا. ڪي ڪي پکي ته اهڙا سهڻا ۽ نوان نوان نظر اچن ٿا جو شايد ڪنهن چڙيا گهر يا آمريڪا نئشنل جاگرافڪ رسالي ۾ به نه ڏٺا هجن_خاص ڪري ڪنگ فشر، جنت جو پکي (Birds of paradise)، سڀاڳي ۽ ابايل نموني جي پکين جا قسم.
    منهنجي گهر جي ٻاهران ٽي چار سيتا ڦل جا وڻ آهن. ان جي پڪل ميوو کائڻ لاءِ ڳيري جيڏا پکي نظر ايندا آهن. نالو ته خبر ناهي ڇا اٿن پر رنگ چهرو زردو (سورج مکيءَ جي گلن جهڙو) هوندو اٿن. کين ڦاسائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي اٿم پر ويجهو پهچڻ سان ڀڄيو وڃن. دل ئي دل ۾ ڪو ڪوڙڪو ٺاهي کين ڦاسائڻ ۽ پاڪستان کڻي هلڻ جا پروگرام ٺاهيندو آهيان.
    ٻيو پکي مينا جيڏو سڄو ڪارو آهي پر هر کنڀ جو آخري اڌ انچ کن کير جهڙو اڇو اٿس. کنڀن جو اهو حصو هڪ ٻئي تي ٺهڪي ڪاري کنڀڙاٽيءَ تي هڪ اڇي رنگ جو ٿلهو پٽو ٺاهي ٿو. بهرحال هي پکي پڻ جهڙو سهڻو آهي اهڙو سندس مٺو آواز آهي. روز صبح ساجهر، مون واري ڪمري جي دريءَ ٻاهران ڪپڙن سڪائڻ واري رسي تي اچي ويهندو آهي. ان ئي وقت فيروزي واڱڻائي ۽ ڳاڙهي رنگ جا ڪنگ فشر پڻ اُتي اچي ويهندا آهن. سمنڊ جي ڪناري تي اسان جو گهر هجڻ ڪري ڪنگ فشر ته سڀ کان گهڻا نظر اچن ٿا ۽ رکي رکي پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي ڪا مڇي، گانگٽ ڦاسائي ڪپڙن جي ان رس تي اچي کائيندا آهن يا وري ڇٻر تي ڪينئن جي ڳولا ۾ هوندا آهن.
    هڪ دفعي صبح جو نوڪر در دريون کولي آفيس کي صاف پئي ڪيو ته ان ئي پکيءَ (ڪنگ فشر) جو هڪ ٻچو اندر گهڙي آيو. اسان واري ٽائيپسٽ سالميا ۽ ڪلارڪ ڇوڪري صباريا يڪدم در دريون بند ڪري ان کي جهلي ورتو. مون گهڻوئي غير سڌي طرح پڇيومان ته هو ان کي ڇا ڪنديون يعني ٻين لفظن ۾ سندن ان پکيءَ ۾ دلچسپي نه هجي ته منهنجي حوالي ڪن.پر سالميا پکيءَ کي گلن جي خالي ٽوڪريءَ هيٺيان رکندي چيو ته هوءَ ان کي گهر کڻي وڃي پاليندي. جيتوڻيڪ ٻن ٽن ڏينهن بعد جڏنهن سالميا کان ڪلر باڪس جي رنگن جهڙي ان پکيءَ جو پڇيم ته وراڻيائين:
    “ان کي مون اڏائي ڇڏيو.”
    “ڇو_؟” مون تعجب مان پڇيومانس.
    “بابا چيو ته توهان وٽ آفيس ڀرسان قبرستان آهي سو ٿي سگهي ٿو هن پکيءَ تي ڪنهن جن ڀوت جو پاڇو هجي.” هن معصوميت سان ٻڌايو.
    ممڪن آهي ته ان ڪنگ فشر تي ڪنهن خراب روح جو پاڇو هجي پر ان کي سنڌ جا ڳوٺ ۽ گهٽيون ڏسڻ بدران آزادي ملڻي هئي سو آزاد ٿي ويو. پر آئون اڃان ان چڪر ۾ آهيان ته ٽن سالن جي مدي پوري ٿيڻ بعد جڏنهن وطن واپس ويندس ته ٽي وي، ريڊيو واچ وٺي وڃڻ بدران هن قسم جا پکي ۽ ٻوٽن جو چڪيون ملائيشيا مان کڻي هلندس_ جيڪي اسان وٽ ناياب آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته جيئري پکيءَ کي هڪ ملڪ کان ٻي ملڪ کڻي وڃڻ ۾ ڪجهه دشواريون به پيش اچن. جهڙوڪ ڪتي ٻلي وانگر هوائي جهاز وارا پکيءَ لاءَ پڻ ٽڪيٽ جا پئسا وٺن. ڪراچي هوائي اڏي تي لهڻ وقت واسطيدار کاتو انهن پکين جي صحتياب هجڻ لاءِ هيلٿ سرٽيفڪيٽ گهري. ڇو ته ڪن جانورن ۽ پکين ۾ بيماريءَ جا جراثيم هجڻ ڪري ٻئي ملڪ ۾ پهچي اتي اهي بيماريون پکيڙي سگهن ٿا. ان ڪري پکيءَ جي تندرست هجڻ لاءِ “ڊاڪٽر ڍور” کان تپاس ڪرائڻ ۽ سرٽيفڪيٽ وٺڻ ضروري هوندو آهي.
    اهي ڳالهيون وري به اهڙيون آهن جن جو پورائو ڪرڻ ڏکيو کڻي آهي پر نا ممڪن ڳالهه ناهي. پري ڪي ڪي پکي ۽ جانور اهڙا آهن جن جو تعداد ڏينهون ڏينهن گهجڻ ڪري ان ملڪ جي حڪومت انهن کي ڦاسائڻ يا ٻئي ملڪ کڻي وڃڻ تي بندش وڌي آهي. ان صورت ۾ ظاهر آهي ڪير ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي. پوءِ اهڙن پکين کي ڦاسائڻ بدران رڳو پري کان ويهي سيتاڦل کائيندي ڏسي سگهجي ٿو. ٻين لفظن ۾ سندن قسمت ۾ هالا جو داڻو پاڻي ناهي.
    ڪي ڪي ملائيشيا جا پکي مٿي بيان ڪيل پکين کان به سهڻا ۽ ساڳي وقت قيمتي پڻ آهن. جهڙوڪ جنتي پکي يا وڏا طوطا (Cockatoos)_ جنهن کي هتي ڪاڪا_تئا سڏجي ٿو_معني وڏو طوطو. دراصل انگريزيءَ لفظ “ڪاڪئٽو” ان ملئي لفظ ڪاڪا_تئا مان نڪتو آهي. مختلف رنگن جا هي ڳرا ۽ وزني پکي ٻيلن ۽ جهنگلن ۾ ئي گهڻا ٿين ٿا. هنن پکين جي آمريڪا ۽ يورپ ۾ ايتري گهرج آهي جو هتان سون وانگر سمگل ڪيا وڃڻ ٿا ۽ هي پکي اتي چوڏنهن پنڌرنهن هزار رپئي في داڻو وڪامي ٿو. هوائي جهاز جي ڀاڙي ۽ پوليس جي جانچ کان بچڻ خاطر سمگلر هنن پکين کي بيهوش ڪري گتي جي دٻن ۾ بند ڪري ٻئي سامان سان گڏ هوائي جهاز جي ڪارگو ڪمپارٽمينٽ ۾ رکرائيندا آهن. دٻي ۾ ننڍا ننڍا سوراخ ڪندا آهن جيئن هوا جو گذر ٿيندو رهي. ٻه ٽي ڪلاڪ هوائي اڏي تي ۽ ست اٺ ڪلاڪ هوائي سفر جا ساري ان حساب سان ڪنهن قابل ڊڪٽر کان انهن پکين کي ايترو نشو کارايو ويندو آهي يا سئيءَ ذريعي بيهوش ڪيو ويندو آهي. پر ڪيترا ته گهڻي نشي ڪري هميشه لاءِ سمهي رهندا آهن يا گهٽ نشي ڪري جلدي سچاڳ ٿي، سوڙهي کوکي ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويندا آهن.
    ان ڪري ملائيشيا، آسٽريليا، پاپئانيوگني ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن جي سرڪار پنهنجي ملڪ جا اڙرا سهڻا پکي ختم ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڏينهون ڏينهن سخت قدم کڻي رهي آهي_جيئن سندن ملڪ اهڙن خوبصورت رنگن، ٻولين، شڪلين وارن پکين کان وانجهو نه ٿي وڃي. وچ ۾ آسٽريليا جي هوائي اڏن تي انهن رنگين طوطن لاءِ لڳاتارا ڏاڍا ڇاپا لڳا. هزارن جي تعداد م اهي پکي پيتين، دٻن ۽ ڳوٿرن ۾ سمگل ٿيندي جهليا ويا ۽ ان کان به گهڻا ڪاميابيءَ سان ٻين ملڪن ۾ پهچي ويا. اهو لقاءُ ڏسي لڳندو هو ته آسٽريليا انهن پکين کان خالي ٿي ويو. پر ويجهڙائيءَ ۾ هڪ خبر پڙهي ظاهر ٿيو ته آسٽريليا جي حڪومت ان پکيءَ جو چڱو بچاءُ ڪري ورتو آهي ۽ ٿورا ٿورا ته به هي پکي ايترا آهن جو ان خبر موجب وٽن ماڻهن دانهون ڪيون ته زردي رنگ جي ڪلنگيءَ وارن هنن طوطن جا ولر هڪ هڪ گهر تي حملو ڪري ان گهر جون سڀ ڪاٺ جون ڀتيون، دريون، در، ڇت، ڪامون_سڀ کائي چٽ ڪري ويا آهن.
    الفرڊ هچڪاڪ جي هڪ ڀوائتي فلمThe Birds اچي چڪي آهي جنهن ۾ ماڻهن کي پکي ڊيڄارين ٿا. سو هڪ آسٽريلين، ٽي ويءَ تي ان فلم جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته هي طوطا به ائين ڪيڪون ڪندا سندن ڳوٺ ۾ اچن ٿا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هر شيءِ کايو چٽ ڪيو ڇڏين.
    چون ٿا ته انهن طوطن جون آسٽريليا ۾ پهريون به ٻڌبيون هيون پر هن کان اڳ هي فقط ڳوٺن ۾ فصل کائي ويندا هئا. هي پهريون دفعو آهي جو سڊني جهڙي وڏي شهر ۾، موٽر لارين جي گوڙ کان به نه ڊڄي، هنن سهڻن پکين ناحق ٻاري ڏنو آهي.
    وورونورا علائقي جي رهواسين ٽي وي ۽ اخبار وارن کي اهو به ٻڌايو ته پکين کي ڀڄائڻ لاءِ جيوڻيڪ هنن گهرن جي ڀتين ڇتين تي ڪڙي جئلي جو ليپ به ڏنو ۽ ڪوڙا ڪانگ ٺاهي ڇت تي ٽنگي ڇڏيا پر هنن طوطن تي ڪنهن به شيءِ اثر نه ڪيو. ان کان علاوه بندوقن سان هوائي فائر به ڪيا ته جيئن ٺڪاءُ تي هو ڊڄن. مارڻ جي ته ڪنهن کي اجازت ناهي جو پکي سرڪاري بچاءَ هيٺ آهي جيئن هنن جو نسل اڃان به وڌي. هوڏانهن گهرن جي نقصان لاءِ ماڻهو جڏنهن انشورنس ڪمپنين ڏي رجوع ٿيا ته انهن اهو چئي نقصان ڀرڻ کان نابري ڪري ڇڏي ته اهو Act of Godيعني طوفان، کنوڻ، مينهن، زلزلي وانگر اها الاهي آفت آهي جنهن لاءِ هو ذميوار نه آهن.
    ملائيشيا ۾ ٻين پکين ۽ جانورن کان علاوه جنهن جانور کي ويجهڙائيءَ ۾ بچاءَ هيٺ آندو ويو آهي، اهو مڪاڪ (Macaque) ڀولڙو. ڊگهي پڇ وارو هي ڀولڙو Macaque هتي ملائيشيا ۾ تمام گهڻو ٿئي ٿو.
    ٻين ملڪن ۾ ڀولڙن جهڙا جانور فقط جانورون جي باغ ۾ ئي نظر ايندا آهن پر انڊيا ۽ ملائيشيا اهڙا ملڪ آهن جتي ڪيترن ئي شهرن، جهنگلن ٻيلن_ويندي پڪن رستن تي ڀولڙا عام جام گهمندي نظر ايندا_سائنس جي تجربن ۾ تمام گهڻو ڪم اچي ٿو. ان ڪري ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان جو کپ آهي. ملائيشيا طرفان ان ڀولڙي جي وڪري ياٻاهر موڪلڻ تي جهل پل نه هئي. پر تازو هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ حڪومت ان کي ٻاهر اماڻڻ تي بندش وڌي آهي جو پهچندڙ رپورٽن موجب خبر پيئي ته انهن ڀولڙن تي ٻين ملڪن ۾ سائنس جي نالي تي سخت ظلم ٿي رهيا آهن ۽ کين ڪيميائي ۽ بايولاجيڪل جنگي جيتن ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي. نتيجي ۾ ملائيشيا جي حڪومت کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ کين ايڪسپورٽ ڪرڻ تي بندش وجهي ڇڏي.
    حڪومت جي هن اوچتي جهل انهن واپارين کي سخت نقصان ۾ وجهي ڇڏيو آهي جيڪي ڀولڙا ٻاهر موڪلي ناڻو ڪمائڻ ڪارڻ هتي ڀولڙن جا فارم هلائي رهيا هئا_جن فارمن ۾ هن وقت هزارين ڀولڙا موجود آهن. هنن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هاڻي انهن کي ڪيڏانهن ڪن. جي پاڻ وٽ رکن ٿا ته ڪمائيءَ بدران انهن کي کارائڻ پيارڻ ۽ نگهبانيءَ تي خرچ ڪرڻو ٿو پوين ۽ جي کين آزاد ڪري جهنگل ۾ ٿا ڇڏين ته ڀولڙن ۾ ٻين جانورن وانگر اهو افعال بنهه ناهي ته هڪدم پنهنجي کاڌي خوراڪ جي ڳولا ۾ لڳي وڃن. نتيجي ۾ ٻنهي صورتن ۾ هو اڃايل بکيل مري ويندا.


    ڪوالالمپور ۾ ميلو ۽ گلدستو

    سکن جو راڄ برادريءَ ۽ پنچائت ڪميونٽي نه فقط سنگاپور ۾ آهي پر ملائيشيا جي پڻ ڪيترن ئي وڏن ۽ ننڍن شهرن ۾ موجود آهي. اها پنهنجي ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ هر وقت سوچي ٿي. غمي ۽ خوشيءَ جي موقعي تي سڀ گڏجي مشڪل مسئلن کي منهن ڏين ٿا ۽ خوشين کي ونڊين ورهائين ٿا.
    گذريل سال ڪوالالمپور ۾ سکن جو ميلو لڳو. هي ميلو 20 جنوري کان 23 جنوريءَ تائين ٽي ڏينهن هليو جنهن ۾ نمائش، ناچ گانا، ڪٻڊيءَ جهڙيون رانديون، ننڍن وڏن جا مقابلا ۽ آخري ڏينهن هڪ ننڍڙو ڊرامو ۽ اسٽيج شو “گلدستو” پيش ڪيو.
    مقابلن ۾ سڀ کان دلچسپ مقابلو مڇن جي ڊيگهه جو هو ته ڪهڙي سک جون سڀ کان ڊگهيون مڇون آهن. اها خبر فوٽن سميت ملائيشيا جي اخبارن ۾ پڻ آئي هئي.
    “گلدستو ” نالي اسٽيج شو آخري رات ايم. سي اي آڊيٽوريم ڪوالالمپور ۾ ڏيکاريو ويو هو. اهو شام جو اٺين وڳي کان رات جو ٻارهين تائين هليو. شايد اڃان به وڌيڪ هلي ها پر جيئن ته اسان جهڙا ڌاريا مهمان توڙي سندن پنهنجا سک ملاڪا، اپوح، پينانگ، تمپين، موثر، سريمبان جهڙن ڏورانهن شهرن کان آيل هئا ۽ ٻي ڏينهن سڀني جون آفيسون هيون ان ڪري رات جو ئي گهرن ڏي موٽڻ ضروري هو.
    گلدستو ۾ هڪ ته شيڪسپيئر جي The Seven Stages of Man نموني سان سک جي ڄمڻ کان وٺي پيريءَ تائين زندگيءَ جي مختلف ڏاڪا ڏيکاريل هئا ته سُک ديو سنگهه نالي ڄمي ٿو ته ڪيئن سندس ماءُ پنجابيءَ ۾ لوري ڏيئي سمهاري ٿي_وڏي عمر جي سکن پڪ پنهنجو ٻاروتڻ ياد ڪيو هوندو پر نوجوان سکن_وڏي عمر جي سکن_جن نئين دنيا ۾ ساهه کنيو آهي انهن لاءِ، اها نئين ڳالهه هئي. نئون راڳ هو. ٻار کي سمهائڻ جو نرالو نمونو هو.
    پوءِ هڪ ڏينهن ۾ “سُک ديو” وڏو ٿي ويو آهي ۽ ڪوالالمپور ۽ سنگاپور جي سک ٻارن وانگر سڄو ڏينهن آتاري (Atari) ۽ ٻيون وڊيو رانديون کيڏڻ بدران پاڻ جيڏن سان ڪٻڊي، ڪيڪل، ڪوٽلا رانديون کيڏي ٿو_ جيڪي اڄ به سندن وڏن جي اباڻي وطن پنجاب ۾ عام کيڏيون وڃن ٿيون.
    هڪ سين ۾ سک ديو ۽ ٻيا هڪ جيڏا ۽ جيڏيون ڀنگڙا ناچ نچن ٿيون. جهرمر ڪندڙ ڀڙڪيلن رنگن وارن ڪپڙن ۾ هي ڀڙڪيلو ناچ نه فقط سک ميزبانن ۽ مهمانن کي پسند آيو پر ملئي، چيني ۽ اسان جهڙن ڌارين ملڪن کان آيل مهمانن کي پڻ وڻيو.
    هڪ ڏيک ۾ سڱ ڳولهيندڙ ۽ مِٽي ڪرائيندڙ عورت کي ڪنوارين ۽ گهوٽيتن جي گهر ۾ وڃي بحث ۽ ٺاهه جوڙ ڪندي ڏيکاريو ويو.
    “گلدستو” جو هڪ دلچسپ حصو اهو به هو ته ڪيئن آمريڪا ۾ رهندڙ سکن جا ٻار اتي انگريزي لوڪ ڌنن ۽ گانن جا عادي هجڻ ڪري پنهنجو پنجابي گانو اصلي طرز بدران آمريڪي سازن تي ڳائين ٿا ۽ ساڳي وقت انگريزي ديسي سازن هارمونيم، طبلي، دڦ، چپڙين ۽ مَٽَ جي ٿاپ تي آلاپين ٿا.
    آخر ۾ سڀ کان کلائيندڙ ٽڪرو پوڙهي سک ۽ سندس زال جو هو. پنهنجن پٽن پوٽن کي گهر ۾ نه ڏسي هڪ ڏينهن ڪراڙي سک جي شرير ۾ جوانيءَ جي جوش جو ڪو ڀڀڪو پئدا ٿئي ٿو ۽ هو پوڙهي ڏاڏيءَ_ يعني سندس زال ڏي وڌي ٿو_جيڪا هن عمر ۾ پنهنجي ڪراڙي مڙس جي هن هٿ چراند ۽ منٿ ميڙ کي بي حيائي ۽ بي شرمي سڏي نندي ٿي پر “سردار جي” باوجود قبر ۾ لتون لڙڪائڻ واري عمر جي، پنهنجي خواهش تي حاوي اچي نفس کي مارڻ بدران ڏند ڀڳل ۽ گهنجيل منهن واري ڪراڙي ڌرم پتني ڏي وڌندو ئي رهي ٿو.
    بيشڪ اهو مڃڻو پوندو ته جيترا ڌارين ماڻهن سکن تي چرچا ٺاهيا آهن انهن کان وڌيڪ هنن پنهنجو پاڻ تي به چاهيا آهن ۽ نه فقط ٺاهيا آهن پر هو انهن کي پيش ڪري لطف به وٺي ڄاڻن ٿا.


    ملائيشين جي “انگلش لا” (English-Lah)

    ملائيشيا ۾ اچي پهرين ڏينهن نه ته پهرين هفتي ۾ ئي توهان محسوس ڪندا ملائيشيا جا رهاڪو_ملئي، چيني توڙي انڊين انگريزي ڳالهائڻ وقت رکي رکي جملي ۾ لا (Lah) لفظ جو واڌارو ڪن ٿا.
    هوٽل جو بئرو ڪم لاهي گهر وڃڻ وقت چوندو:
    “I am going-Lah”
    يا فوٽ پاٿ تان لنگهڻ وقت سيون وڪڻندڙ گهوريئڙو توهان کي شيون وٺڻ لاءِ چوندو:
    “Very Cheap-Lah”
    ۽ اهو “لا” جو استعمال نه فقط بئرو، دڪاندار يا ڪلارڪ ڪري ٿو پر پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو پڻ. اها ٻي ڳالهه آهي ته هڪ سٺي انگريزي ڳالهائيندڙ، گهڻي تعليم وارو ماڻهو اسان ڌارين سان انگريزي ڳالهائيندي وقت ايتري Lah-Lah نٿو ڪري، پر اهو به پنهنجن سان انگريزي ڳالهائيندي وقت لا_لا جو گهڻو استعمال ڪري ٿو.
    ملائيشيا پهچي ڪيترا مهينا ته سمجهه ۾ نه آيو ته رکي رکي جملي ۾ لا جو پڇ هتي جا ماڻهو ڇو ٿا ڳنڍين. پر پوءِ آهستي آهستي محسوس ٿيو ته اهو ڪجهه ڪجهه ائين آهي جيئن انڊيا پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ هڪ جيڏو فري ٿي ڳالهائڻ مهل جملي جي شروع ۾ ڪڏنهن ڪڏنهن “يار_يار” جو لفظ ٽنبين ٿا. ويندي انگريزي ڳالهائڻ وقت پڻ چوندا:
    “Yar, where were you Yesterdy”
    پر ملائيشيا جي Lah سان ننڍي کنڊ Yar جو ڪو مقابلو ڪري نه ٿو سگهجي. اهو لا ملائيشيا جي ماڻهن جا ڪيترائي مقصد پورا ڪري ٿو. هو لا وجهڻ سان جملي ۾ نهٺائي پيدا ڪن ٿا. ان ڪري Shut-up ۽Shut-uo-Lah ۾ اهو فرق ٿيو وڃي ته پهريون دڙڪو آهي ۽ ٻيو عرض نما جملو. جيئن سنڌيءَ ۾ چئجي “ماٺ_ڪر” ۽ “ڏس ماٺ ڪر نه.” “ڏس” لفط هڻڻ سان ڪجهه نرمي پئدا ٿئي ٿي.
    هتي جا ماڻهو تعجب يا خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ لاءِ پڻ لا جو جملي ۾ استعمال ڪن ٿا. مثال طورSo Big-Lah _معنيٰ مار ايڏو وڏو! يا Thanks-Lah معنيٰ وڏي ”وڏي مهرباني”. وغيره وغيره.
    مزي جي ڳالهه ته ملائيشيا جا ماڻهو نه فقط انگريزي ڳالهائيندي وقت Lah جو استعمال ڪن ٿا پر سندن ٻولي “ڀهاسا_ملائيشيا” ڳالهائيندي وقت ته هيڪاندو گهڻو ڪن ٿا. بلڪ اهو لا نڪتو ئي ملئي زبان مان آهي. ملئي زبان ۾ تعجب، احسان، خوشي يا منٿ ميڙ جو اظهار ڪرڻ لاءِ “لا” جو استعمال ٿئي ٿو.
    هڪ انگريز چيو ته ملئي زبان ڪهڙي نه عجيب آهي. ڳالهائڻ مهل لڳي ٿو ته ڄڻ وڙهن ٿا. اسان انگريز ڪنهن کي انگريزي ۾ “جهٽ ڪر” لاءِ هميشه چونداسين ته Please be quick يا Kindly come here_ هتي “مهربان” يا “مهرباني ڪري” ضرور چونداسين. پر هي ماڻهو پليز يا ڪائنڊلي ته چون ئي نه ٿا. ٺلهو چوندا: چپات_ “جهٽ ڪر؛” ماري سني_“هيڏانهن اچک” تاق ماهو_ “نه کپي،” وغيره. ۽ اهو ڪيڏو رکو ۽ خراب ٿو لڳي.
    کيس ٻڌايم ته هر مغربي ماڻهوءَ کي اسان جي مشرقي ٻولين سان اهو مسئلو درپيش اچي ٿو. پر حقيقت اها آهي ته اسان وٽ به پليز (مهرباني) يا Kindly (مهرباني ڪري) جهڙا لفظ آهن. جيئن ملئي زبان ۾ سيال، تولانگ، بوليح. پر اسان وٽ انهن لفظن جو گهڙيءَ گهڙيءَ استعمال ڪرڻ بدران جملي کي وڌيڪ جهيل سان ڳلهائڻ کي بهتر سمجهيو وڃي ٿو.
    “ماٺ ڪر.” دڙڪو آهي يا عرض. اهو ٻڌندڙ ڳالهائڻ واري جي لهجي مان سمجهي سگهي ٿو. پر جي اڃان به نهٺائي سان چوڻ آهي ته پوءِ اسان وٽ شڪارپوري ۽ ٺٽوي “ني” لفظ وڌيڪ نرمائيءَ سان چون ٿا: “ماٺ ڪر ني.” اهڙي طرح ملائيشيا جا ماڻهو لا ڳنڍين ٿا. ان ڪري هو ٺلهو “چپات” چوڻ بدران “چپات لا” چون ٿا_ يعني “جهٽ ڪر ني”_ ۽ ان کي “پليز بي ڪئڪ” ئي سمجهڻ کپي. ساڳي طرح “تاق_ماهو” بدران “تاق ماهو لا” چئي لفظ “مهربان” يا “مهرباني ڪري” جو پورائو ڪن ٿا.
    ڪي ڪي ملئي مرد ۽ عورتون جيڪي تمام گهڻو نياز ۽ نئڙٿ سان ڳلهائڻ جا عادي آهن_ عنايت بلوچ جيان، سي ايڏا لا، لا، ڪن ٿا جو جپان جي تڪئي ڪلام “انوني” يا سو_ديسڪا” جي به جاءِ ناهي.


    ٻي جوءِ وٺيو پيو اچي...

    ملائيشيا انهن ملڪن مان هڪ آهي جتي ڌارئين لاءِ غير قانوني طرح اچڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. ملائيشيا ۾ پهچڻ جي اهم واٽ ٻيڙي، يا جهاز يا هوائي جهاز رستي آهي. ۽ ٻيو نمبر تي باءِ روڊ پاڙيسري ملڪن: سنگاپور، ٿائلنڊ کان. بارڊر توڙي هوائي اڏن ۽ بندرگاهن تي پوليس ۽ فوج جي سخت چوڪي هجڻ ڪري ڪو لڪي ڇپي اچي نه ٿو سگهي. گهمڻ خاطر پنڌرنهن ويهه ڏينهن يا مهيني سوا جي ويزا تي هر ڪو اچي سگهي ٿو. جنهن مان ملڪ کي فائدو آهي جو آيل ٽورسٽن مان ڪمائي ٿئي ٿي. جو ايل ٽوئرسٽن مان ڪمائي ٿئي ٿي. باقي گهمڻ جي بهاني، ڌارين ملڪن جا ماڻهو نوڪريون ڪندا رهندا هئا.
    ملائيشيا جي هر هڪ ماڻهوءَ وٽ پنهنجو پنهنجو شناختي ڪارڊ آهي جيڪو هو هميشه پاڻ سان گڏ رکي ٿو. ۽ اهو هر مهل کيس ڏيکارڻو پوي ٿو. ڊرائيونگ لائسنس وٺڻو هجيس يا ڪنهن کاتي ۾ نوڪري. ريل يا هوائي جهاز جي ٽڪيٽ وٺڻي هجيس يا ڪنهن ڪورٽ ۾ شاهدي ڏيڻي هجيس. هن کي اهو ڪارڊ ڏيکاري نمبر لکائڻو پوي ٿو. ۽ اهو ڪارڊ فقط ان کي ئي ملي ٿو جيڪو ملائيشيا جو واقعي رهاڪو آهي. ڌاريون ماڻهو چاهي ڪيڏو به زور لڳائي شناختي ڪارڊ حاصل نه ٿو ڪري سگهي. ۽ ڪارڊ بنا فقط گهمي ڦري سگهي ٿو باقي هتي رهي نوڪري، واپار يا پورهيو ڪري نٿو سگهي_چاهي ڪيڏو به قابل هجي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملائيشيا جون مالي ۽ سياسي حالتون مضبوط هجڻ ڪري پاسي وارن ملڪن جا: جهڙوڪ انڊونيشيا جا ماڻهو ٻيڙين رستي “ملاڪا_ڳچي سمنڊ” لتاڙي هن پاسي ملائيشيا ۾ ڪڏنهن ڪڏنهن داخل ٿيندا رهن ٿا پر هو فقط لڪ چوريءَ ٻيلن ۽ جهنگلن ۾ سخت گرمي، رگهه، جيت جڻين ۽ نانگ بلائن جي وچ ۾ سستي اگهه تي ئي ڪم حاصل ڪري سگهن ٿا سو به پڪڙجڻ تي کين جيل ۽ اهڙيون سزائون ملن ٿيون جو ٻئي لاءِ سبق ٿيو پوي، ۽ هر هڪ کي آئندي لاءِ اهڙي ڪنهن ڏوهه لاءِ همت نٿي ٿئي. جيئن ته جهنگلن ۾ پورهيو ڪرڻ ايڏو جوکائتو ڪم آهي ۽ پگهارو ايترو گهٽ جو ڪو پري جي ملڪ جو ماڻهو اهو جوکم نٿو کڻي. هي پاڙيسري انڊونيشي ئي اهو ڪم ڪري سگهن ٿا_جن جي ملڪ جون هڪ ته معاشي حالتون هيڪانديون خراب آهن ۽ ٻيو ته هو ان قسم جي پورهئي جا عادي به آهن.
    اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻهو جيتوڻيڪ انگلنڊ، آمريڪا، يورپ ته ڇا اتر قطب وارن جابلو ۽ برفائتن ملڪن (ناروي، سئيڊن، ڊئنمارڪ) ۾ ۽ گلف جي وارياسن گرم ملڪن ( ڪويت، دبئي، ابو ڌابي، مسقط) ۾ ڏکئي کان ڏکيو ڪم ڪن پيا پر ملائيشيا جي هننن ٻيلن ۽ جهنگلن ۾ رهڻ ۽ پورهيو ڪرڻ اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي وس جي ڳالهه ناهي ۽ ٻيو ته پورهئي توڙي نوڪري ۾ پگهار ايڏا وڏا ناهن. نتيجي ۾ هن پاسي ان قسم جي خبر ورلي ٻڌبي ته ڪو پاڪستاني، هندوستاني، بنگلاديشي يا سلوني غير قانوني طرح ملائيشيا ۾ آيو يا غير قانوني طرح پورهيو ڪندي جهليو ويو_ جنهن قسم جون خبرون ڪجهه سال اڳ تائين انگلنڊ، جرمني ۽ عرب دنيا جي سڀني ملڪن ۾ تمام گهڻي قدر هيون. پر هاڻ سڀني ملڪن ۾ تمام گهڻي قدر هيون. پر هاڻ سخت پهري ۽ سخت سزائن ڪري انهن ملڪن ڏي پڻ تمام گهٽ ماڻهو ان قسم جي ڏوهه لاءِ آماده ٿين ٿا.
    گذريل ٽن سالن ۾ جن ڌارين ملڪن جي ماڻهن جو غير قانوني طرح ملائيشيا ۾ گهڙڻ جو خبرون هتي جي اخبارن ۾ اينديون رهيون آهن سي هي آهن : بنگلاديش، ويٽنام ۽ ٿائلنڊ.
    آدمشماري بنهه گهٽ ۽ ملڪي حالتون سکيون ستابيون هجڻ ڪري ملائيشيا ۾ ڪو فقير/ پينو نظر نه ٿو اچي. ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ ته بنهه ناهن باقي ڪوالالمپور شهر جي ٻن ٽن هنڌن_تنڪو عبدالرحمان روڊ، راجا لائوت روڊ، بڪت بنتانگ روڊ يا ائمپنگ روڊ تي ڪڏنهن ڪڏنهن ٽي چار عذر وارا فقير ڏسڻ ۾ ايندا. سي به پنڻ بدران ڪنڊ پاسي تي ويهي ميوزڪ وڄائيندا آهن_ راهه ويندڙ همدردي طور کين دل کولي خيرات ڏيندا آهن. نه فقط مسلمان ملئي پر هتي جا چيني ۽ انڊين پڻ. ڇو جو هتي هرڪو روزگار کي لڳل آهي ۽ ٻيو ته پنڻ سخت عيب سمجهيو وڃي ٿو. سو اهڙي حالت ۾ جيڪو خيرات لاءِ ويٺل آهي سو واقعي مجبور سمجهيو وڃي ٿو. هي فقير ڪراچي جي پرنس/ ڪپري سئنيما واري چوواٽي واري ڏهن منڊين پهريل فقير وانگر پرمننٽ نه هوندا آهن. جنهن جو ٽئڪسيون پيون هلن ۽ گذريل ويهن سالن کان اهو دڳ جهليو پنڻ لاءِ بيٺو هوندو آهي. هتي جا فقير ڪجهه ڏينهن نظر اچي غائب ٿي ويندا آهن. ڏٺو وڃي ته هتي پنڻ مان تمام گهڻو ناڻو ڪمائين ٿا پر منجهن ايڏي غيرت آهي جو هو پنهنجي ملڪ جي بدناميءَ جي ڊپ کان فقط ڪجهه ڏينهن پنن ٿا. هتي اهڙن ٻن ٽن ميوزڪ وڄائيندڙ فقيرن سان جڏنهن خبر چار ڪيم ته سڀني اهو ٻڌايو ته هو سال جو مهينو ٻه اهڙي نموني سان ڪوالالمپور ۾ ڪمائي باقي مهينا پنهنجي پنهنجي ڳوٺ ڪيداح، پينانگ، ترنغانو يا پيراڪ پيرلس وڃي آرام ڪندا آهن. وڌيڪ هٻڇ جي کين نه ضرورت آهي ۽ نه وري پنڻ کي ڪو هو سٺو سمجهن ٿا.
    بيشڪ هي ڪمائيءَ جو ذريعو آسان ڏسي_ جنهن ۾ تجربي جي ضرورت بنهه نه ۽ ڪمائي “بنا سِيڙپ” جي تمام گهڻي آهي؛ اوسي پاسي جي ملڪن جا ماڻهو گهمڻ جو بهانو ڪري ڪوالالمپور جي رستن تي پنڻ لاءِ ويهي رهندا آهن. جتي پنهنجا پنڻ کي عيب سمجهي شرمائيندا رهندا آهن اتي هي ڌاريان ايندڙ ويندڙ راهگير جي پتلون گوڏ کي ڇڪي زوريءَ خيرات گهرڻ لاءِ ڇتو ڪندا آهن. نيٺ پوليس ۽ اميگريشن کي شڪ پئجي ويندو آهي ته هي هن ملڪ جا نه پر ڪنهن ڌاريئن ملڪ جا آهن. پوءِ کانئن سناختي ڪارڊ جي پڇا ٿيندي آهي. پاسپورٽ جي پڇا ٿيندي آهي. ۽ طبي معائني بعد اها ڄاڻ پوندي آهي ته هنن ۾ ڪو به انڌو منڊو لولو لنگڙو ناهي. سڀ مکر پيا ڪن. پوءِ اخبارن ۾ خبر اچي ويندي آهي ته هيترا بنگلاديشي ملائيشيا ۾ غير قانوني طرح اچي ويا آهن. ان خبر ۾ پوءِ ڪيتري صداقت هوندي آهي ان لاءِ چئي نه ٿو سگهجي ته اهي همراهه واقعي بنگلاديشي هوندا يا ائين ئي امالڪ خبر هُلائي ويندي آهي. جيئن ڪنهن زماني ۾_ خاص ڪري 1960ع کان ستر پنجهتر واري سن ۾ ڪو به ننڍي کنڊ جو جڏنهن انگلنڊ ۾ غير قانوني طرح پڪڙيو ويندو هو ته اتي جي اخبار ۽ ٽي ويءَ وارا بنا ڪنهن صداقت جي هڪدم خبر هلائي ڇڏيندا هئا ته “پاڪستاني” جهليو ويو. ۽ نه فقط اخبار واري ملڪ جا هئا (جيڪو پوءِ اڳتي هلي ڪورٽ ۾ يا پوليس جي موچڙن سان سچي ڪندا هئا) پر پهرين ڇوٽ ۾ چئي ڇڏيندا هئا ته : “پاڪستاني آهيون.” يعني بدنام پاڪستان ٿي ويو. اخبارن وارا به وري ان خبر جي درستي نه ڪندا هئا جو اها خبر تيسين پراڻي ٿيڻ ڪري ڇاپڻ لائق نه سمجهي ويندي هئي. جنهن ڪري انگلنڊ جي رهاڪن تي اهو اثر ويهندو هو ته انگلنڊ ۾ غير قانوني طور رڳو پاڪستاني اچن ٿا. ساڳي طرح هتي به اهڙي اميج تي اثر پوي ٿو. پوءِ جيتوڻيڪ ان ئي وقت بنگلاديش جو سفارتخانو بيان جاري ڪندو آهي ته اهي بنگلاديشي نه آهن. “جي هو بنگالي ڳالهائين ٿا ۽ سڏائين ٿا ته مغربي بنگال_ يعني انديا جا به ٿي سگهن ٿا ۽ ڪيترائي انڊين بنگالي ٿائلنڊ ۾ به رهن ٿا ۽ هنن کي اتي جي قوميت آهي.” وغيره وغيره.
    اڳتي هلي پوءِ ڇا ثابت ٿيندو ان ۾ ايڏي دير ٿي ويندي آهي جو پراڻي خبر سمجهي اخبار وارا ان کي ڇاپڻ جي تڪليف وٺندائي نه آهن. هاڻ مڙيئي ڪجهه اخبار وارا اهڙي نوعيت جي خبر ڏيڻ کان گريز ڪن ٿا ۽ ڪنهن به ملڪ جو نالو ڏيڻ بدران فقط “ڀرپاسي وارو ملڪ” لکن ٿا.
    ويٽنام جا ماڻهو وري ٻيڙين رستي سڄو خليج سيام وارو سمنڊ لتاڙي هتي اچي نڪرن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪجهه سال اڳ ڪيترائي ويٽنامي يا ڪمپوچين پنهنجي ملڪ جي خراب معاشي حالتن توڙي سياسي، سماجي يا ظلم معاشري کان بچڻ ڪارڻ راتوواه ڀڄي نڪتا هئا_۽ اڃان به ڪڏنهن ڪڏنهن ڀڄندا رهن ٿا. پوءِ جي هو ڀڄندي وقت پنهنجي ملڪ جي سپاهين جي ئي ور چڙهن ٿا ته کين ماريو وڃي ٿو يا جيل ڀريا وڃن ٿا. ڪي پنهنجي ملڪ ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا ته سندن ڪمزور ڪاٺ جون ٻيڙيون سمنڊ جي ڇتين ڇولين جو تاب نه جهلي سمنڊ ۾ غرق ٿيو وڃن. ان ڪري شروع ۾ ان واٽ کان ويندڙ جهازن کين بچايو ۽ جنهن ملڪ کان وڃي نڪتا انهن کين سياسي پناهه به ڏني_ مثال طور آسٽريليا، انڊونيشيا، ملائيشيا، جاپان_ويندي سنگاپور جهڙي ننڍي ٻيٽ ۽ آمريڪا ڪئناڊا جهڙن ڏورانهن ملڪن پڻ. پر پوءِ اهو ڪم وڌڻ لڳو ۽ ٻيڙين وارا کين ٻين ملڪن ۾ پهچائڻ لاءِ هزارين ڊالر وٺي ائين واپار ڪرڻ لڳا جيئن ڪنهن زماني ۾ پاڪستان ۽ هندوستان ۾ ٻيڙين وارا ماڻهن کي دبئي وٺي ويندا هلندا هئا. ساڳي وقت ڌارين ملڪن به وڌيڪ ماڻهن کي پنهنجي ملڪ رکڻ کان انڪار ڪيو ڇو جو هڪڙن کي رکن ته اهي وري خط لکي پنهنجن ٻين مٽن مائٽن، دوستن کي لکن ته هليا اچو. مزو لڳو پيو آهي. ۽ پوءِ ٿيڻ ائين لڳو ته شريف ماڻهن کان وڌيڪ لچ لوفر بدمعاش گهڻا اچڻ شروع ٿي ويا. جيڪي عام ڌنڌي پورهئي کان علاوه لڪ ڇپ ۾ چوريون، جوائون ڪرڻ ۽ چڪلا هلائن لڳا ۽ پناهه ڏيندڙ ملڪ جو خانو خراب ڪرڻ لڳا. نتيجي ۾ آسٽريليا، آمريڪا ۽ ڪئناڊا جهڙن ملڪن به کين رکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
    هڪ دفعي اسان جي جهاز به اهڙن ٻن ٽن همراهن کي ڏکڻ چيني سمنڊ مان بچايو. سندن ٻيڙي پرزا پرزا ٿي ويئي هئي. کائڻ لاءِ هنن وٽ ڪيترن ڏينهن کان ڪجهه نه بچيو هو. ويچارا آخري پساهن ۾ هئا. خير ٻن ٽن ڏينهن ۾ جهاز تي آرام، کاڌي ۽ دوا درمل سان تيار ٿي ويا. جهاز سنگاپور وڃي رهيو هو جتي اسان کين لاهڻ جي ڪئي، پر سنگاپور اميگريشن ٺپ جواب ڏنو ته هو کين پنهنجي ملڪ ۾ هرگز نه رکندا ڀلي هو سندن ذات ڀائي، ڌرم ڀائي ۽ زبان ڀائي چيني ڇو نه هجن.
    اهڙيءَ طرح ٻين ملڪن به جواب ڏيئي ڇڏيو ته کين سندن ملڪي ماڻهن جا ئي ڪي گهٽ مسئلا آهن جو ڌارين جو به مٿي جو سور کڻن. ان بعد آمريڪا ۽ ڪئناڊا ڏي Sail ڪري آياسين. جتي پڻ اهو ئي بحث هلندو رهيو ۽ اسان لاءِ به وڏو مسئلو ٿي پيو ته ڇا ڪجي جو جيسين همراهه جهاز تي آهن جوابداري اسان جي ٿي_ ۽ جهاز تي راشن، رهائش وغيره فقط مقرر وقت ۽ حساب سان رهي ٿو. بهرحال ان کان پوءِ هو خبر ناهي ڪهڙي ملڪ ۾ لٿا يا ڪهڙي ملڪ کين قبول ڪيو. منهنجي انهيءَ دوران ٻئي جهاز تي بدلي ٿي ويئي هئي ۽ هوائي جهاز رستي آئون ٻي ملڪ هليو ويس. پٺيان جي خبر ناهي ته ڇا ٿيو. پر ان قسم جا مسئلا ڏکڻ چيني سمنڊ مان لگهندڙ جهازين سان انهن ڏينهن ۾ ايترا ته ٿي پيا جو ڪيترن جهازين ان بين الاقوامي قاعدي کان ئي اک ٻوٽ ڪري ڇڏي ته سمند ۾ ٻڏندڙ انسان کي هر صورت ۾ بچائڻو آهي چاهي دشمن ملڪ جو هجي.
    آهستي آهستي ٿي هاڻ اهي ٻيڙين ۾ ڀڄڻ وارا همراهه_جيڪي عام اصطلاح ۾ “بوٽ_مين” سڏجن ٿا، گهٽجي ويا آهن. پر تڏنهن به ڪڏنهن ڪڏنهن ويٽنام کان هڪ اڌ ٻيڙي پنهنجي ملڪ کان ڀڄي، سٺي ملڪ ۽ سٺي روزگار جي ڳولا ۾ ملائيشيا ۾ پڻ اچي نڪرندي آهي ۽ فل حال ملائيشيا جي اميگريشن کاتي لاءِ مسئلو پئدا ٿي ويندو آهي ته انهن کي ڪيئن ۽ ڪيڏنهن ڪڍيو وڃي. ڀڄي آيل موچڙن جي ڊپ کان پنهنجي ملڪ موٽڻ نه چاهيندا آهن ۽ ڌاريون ڪو ملڪ کين رکڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي_جو اڄ جي دور ۾ هرڪو ملڪ سمجهي ٿو ته جيترا گهڻا ماڻهو اوترا گهڻا فڪر_خاص ڪري اهي ماڻهو ٻئي مذهب، زبان،ملڪ،تهذيب يا سوچ جا آهن ته اصلي باشندن جو سک چين چٽ ٿي ويندو. کين جهٽ روزگار نه ملڻ ڪري هنن کي مجبور ٿي چوريون، بدمعاشيون ۽ ٻيا ڌنڌا شروع ڪرڻا پوندا جو “بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري” ۽ هر صورت ۾ هو پناهه ڏيندڙ ملڪ ۽ سوسائٽيءَ لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندا.
    ٽيون ملڪ جنهن جا ماڻهو غير قانوني طرح ملائيشيا ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا اهو ٿائلنڊ آهي. هو گهمڻ بهاني اچي نه فقط غير قانوني طرح ڌنڌا نوڪريون ڪن ٿا پر ڪي ڪي اهڙا ڌنڌا به ڪن ٿا جيڪي ملائيشيا ۾ معيوب ليکجن ٿا جهڙوڪ: هوٽل ۾ اگهاڙيون ڊانسون ڪرڻ، چڪلا هلائڻ، بئريگيري بهاني گراهڪن جو نفساني خواهشون پوريون ڪرڻ، سياحن جو کيسو/پاڪيٽ ڪترڻ، چرس ۽ ٻيو نشو وڪڻڻ وغيره وغيره.
    ملائيشيا ملڪ اهڙي هنڌ تي آهي جو سندس چوڌاري سمنڊ آهي پر هڪ پاسي کان ٿائلنڊ سان ڪافي گڏيل آهي سو ٿائلنڊ کان باءِ روڊ ۽ ريل گاڏيءَ ذريعي قانوني طرح ته ماڻهو اچن وڃن ٿا پر ڪجهه ڪجهه ٿائي ماڻهو غير قانوني طرح ٻيلن جهنگلن مان لڪي لڪي پڻ اچن. پئسي جي معاملي ۾ ملائيشيا ٿائلنڊ کان وڌيڪ امير آهي ۽ پئسو ڪمائڻ لاءِ خاص ڪري ٿائي ڇوڪريون ٽولن جا ٽولا ٺاهي ملائيشيا گهمڻ لاءِ اچن ۽ پوءِ مختلف هوٽلن ۾ رهي انهن ئي هوٽلن ۾ نچن ڳائين ۽ گراهڪن کي ريجهائين. ڪجهه هوٽلن جا مالڪ ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ هلائيندڙ چڪلن وارا پڻ اهري “سستي مزور ۽ ڪمائي جي ذريعي” سان ساٿ ڏين. پوءِ رکي رکي پوليس ڇاپا هڻندي رهي ٿي ۽ اخبارن وارا سنسني خيز خبرون شايع ڪندا آهن ته ملائيشيا جي اپوح شهر ۾_ يا الور اسٽار، ڪوالالمپور، پينانگ ۾ ڪجهه ٿائي ڇوڪريون گراهڪن اڳيان اگهاڙو ناچ ڪندي پڪڙيون ويون. يا فلاڻي هوٽل ۾ بئريگيري ۽ ٻيا پورهيا ڪندي پڪڙيون ويون. غير قانوني طرح آيل ماڻهو ڊپ کان هميشه سٺو ۽ سستي اگهه تي پورهيو ڪري ٿو. ان ڪري هوٽلن، دڪانن، بارن، چڪلن وارا هميشه ڀر واري ٿائلنڊ ملڪ جي غير قانوني آيل ماڻهن جي آجيان ڪن ٿا بلڪ پاڻ سان وٺيو به اچن. ان کان علاوه ڪيترائي ملئي ۽ انڊين مرد ته هر دفعي ٽپيو ٿائلنڊ جي ويجهي شهر حاديا، سونگڪلا، پٽاني وغيره مان ڪنهن ٿائي ڇوڪري سان شادي ڪري پنهنجي ملڪ زال جي ناتي سان وٺيو اچن. جنهن مان هڪ طرف ته ملائيشيا حڪومت کي اميگريشن جو مسئلو پئدا ٿئي ٿو ٻئي طرف ملئي گهرن ۾ جهيڙو ۽ ملڪيت ۾ ڀائيواري جي پئدا ٿيل فڏي جو مسئلو پئدا ٿئي ٿو.
    سو انهن مڙني مسئلن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ويجهڙائيءَ ۾ هتي جي حڪومت انهن جهٽ پٽ وارين شادين جي روڪٿام ۽ دل شڪنيءَ لاءِ اهو قانون پاس ڪيو آهي ته ڪو به ملائيشيا جو ماڻهو پنهنجي پهرين زال جي موڪل بنا ٻي شادي نٿو ڪري سگهي. ۽ شاديءَ بعد ٻنهي زالن سان برابر هلڻو پوندس. ٻيو ته ڌارئين ملڪ مان شادي ڪرڻ لاءِ هن کي اڳواٽ پنهنجي تڪ جي شريعت قاضيءَ کي درخواست ڏيڻي پوندي ته هو ٿائلنڊ خاص هن ڪم لاءِ پيو وڃي ۽ ان درخواست ۾ پنهنجا ۽ پنهنجي نئين ڪنوار جا تفصيل سان پار پتا ۽ گهرو احوال ڏيڻو پوندو. ان بعد اها شادي ملائيشيا ۾ رجسٽرڊ ٿي سگهي ٿي. ائين نه ته پهرين وانگر، جوءِ کي گهران چئي نڪري ته وڃان ٿو ٿائلنڊ ٻارن لاءِ ڪپڙا سبائڻ ۽ ٻي ڏينهن موٽي ته ٻارن جي ڪپڙن بدران ماڳهين پنهنجي لاءِ ٻي جوءِ وٺيو پيو اچي.


    انتوق ڪيريٽا انڊا

    ملائيشيا ۾ ٽي قومون رهن ٿيون: ملئي، چيني ۽ انڊين. اندين ۾ جيتوڻيڪ ننڍي کنڊ جا سڀ ماڻهو اچي وڃن ٿا پر انهن ۾ سڀ کان گهڻا ڏکڻ هندستان جا تامل آهن. هي اتر انڊيا جي دهلوي، لکنوي، گجراتين، بهارين ۽ پاڪستانين جي پنجابين، سنڌين، پٺاڻ کا رنگ ۾ وڌيڪ ڪارا ۽ جسم ۾ ڏٻرا آهن. ڏکڻ هندوستان ملائيشيا جي ويجهو آهي ان ڪري جن ڏينهن ۾ اچ وڃ تي پابندي نه هئي ته ڏکڻ هندوستان جا ماڻهو روزگار توڙي واپار وڙي لاءِ هن پاسي گهڻو آيا. ٻيو ته انگريزن جي ڏينهن ۾ ملائيشيا ۾ رٻڙ جي پوک جو ڪم وڌڻ ويجهڻ ڪري انهن ماڻهن جي ضرورت پيئي جيڪي گرميءَ توڙي جهڙ مينهن ۾ جهنگل ۾ رهي ڪم ڪري سگهن. ان لاءِ ڏکڻ هندوستان جي آبهوا توڙي کيت فصل ساڳيا ملائيشيا جهڙا آهن. مزوريءَ خاطر ملائيشيا ۾ انگريزن جي حڪومت دوران چين کان چيني به جام آيا جيڪي خاص ڪري هتي جي ٽين (Tin) جي کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ آيا. پر پوءِ آهستي آهستي ٻين واپار وڙن تي به ڇائنجي ويا. هن وقت ملائيشيا جا چيني گهڻو سکيا ستابا آهن. انڊين ۾ هندو سنڌي، پنجابي سک ۽ پنجابي مسلمان، گجراتي پڻ چڱا مڇيءَ مانيءَ وارا ۽ امير آهن پر تامل ناڊو ۽ ڪيرالا پاسي جا ڏکڻ هندوستاني اڃان تائين غريب آهن. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ همراه سرڪاري نوڪريءَ ۾ يا وڏي واپار ۾ هوندو نه ته گهڻائي اڃان تائين ربڙ، پام آئل ۽ ڪوڪا جي پوک ۾ ڪم ڪري ٿي ۽ ذري گهٽ ان ئي هال ۾ آهن جنهن ۾ صديون اڳ آيا هئا. کائڻ پيئڻ رهڻ توڙي ڍڪڻ اوڍڻ ۾ بلڪل پراڻو، اڻ سڌريل ۽ ڪجهه ڪجهه جهنگ جي ماڻهن جهڙو نمونو اٿن. نتيجي ۾ ملائيشيا جي ماڻهن_ملئي توڙي چيني ماڻهن جو، “انڊين” لاءِ سٺو تاثر ناهي ۽ هنن لاءِ انڊين معنيٰ هي تامل همراهه_رٻڙ جي پوک ۾ پورهيو مزوري ڪندڙ، کجي ۽ ناريل جي وڻن مان تاڙي ۽ عرق ڪڍي ڪچو شراب پيئندڙ، جوا، نشو پتو ۽ گهر ۾ پنهنجي زال ٻارن سان جهيڙو ڪندڙ، اڻ پڙهيل، حرام حلال ۾ فرق نه ڄاڻندڙ، صحت صفائيءَ جي اصولن مان نه ڄاڻندڙ، وغيره سمجهيا وڃن ٿا.
    اخبار ۾ اڪثر خبرون اينديون آهن ته فلاڻو انڊين فلاڻي جي جاگير ۾ گهڙي، نشي جي حالت ۾ جهڳڙو ڪندي جهليو ويو. يا نشي جي حالت ۾ زال ۽ ٻارن کي ماريندي پڪڙيو ويو. يا فلاڻي ٻيلي ۾ڪم ڪندڙ هڪ انڊين عورت سان زوري زنا جي ڏوهه ۾ پوليس وٺي ويس. وغيره. پوءِ هنن ۾ جيڪي پڙهيل ڳڙهيل آهن اهي هي ڳالهيون ٻڌي شرمندگي محسوس ڪن ٿا.
    هتي هڪ سانڊي جي شڪل جهڙو پر ان کان قد بت ۾ گهڻو گهڻو وڏو ۽ مڪروهه شڪل جو جانور ٿئي ٿو جيڪو گهرن اڳيان ۽ رستن تي عام جام نطر ايندو آهي. گند گوچر کان علاوه، ڪڪڙين جا ٻچا، آنا ۽ وڻن مان ڪرندڙ پپيا کائيندو آهي. هڪ دفعي آفيس جي هڪ ملئي آفيسر کان ان جانور بابت پڇڻ تي هن ٻڌايو ته اهو هتي عام آهي ۽ بيحد ڊڄڻو ٿئي ٿو. ماڻهن کي نقصان نه ٿو پهچائي پر ننڍا ننڍا جيت جانور کيو وڃي. پر پوءِ ٻڌايائين ته انڊين هن کي کائيندا آهن. مون جڏنهن تعجب ڏيکاريو ته پاڻ خاطريءَ سان وري چيائين:“هو نه فقط ان کي پر چمڙن کي به ڦاسائي کائيندا آهن.” ان بعد مون سان گڏ بيٺل هڪ انڊين جهازي آفيسر کان پڇيائين: “توهان کائيندا آهيو_”
    تنهن تي هن چڙ مان وراڻيس: “اسان اُهي انڊين نه آهيون جيڪي تون سمجهين ٿو ۽ جن جي تون ڳالهه ٻڌائي رهيو آهين. انديا تمام وڏو ملڪ آهي جنهن ۾ خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون ذاتيون ۽ قومون رهن ٿيون. هڪ ذات جيڪڏنهن مئل جانور جو گوشت کائي ٿي ته سڀ انڊين اهڙا ٿيا ڇا؟_”
    جيئن ته اها ڳالهه نه فقط ٻيا انڊين محسوس ڪن ٿا پر خود ڏکڻ هندوستاني پڻ ته هروڀرو هنن کي ائين گهٽ ڇو ٿو سمجهيو وڃي جڏنهن ته خود تاملن (ڏکڻ هندستانين) ۾ ڪيترائي پڙهيل ڳڙهيل، اعليٰ نوڪرين وارا، وڏا واپاري ۽ سڌريل آهن. پر تنهن هوندي به جاهليت، بيوقوفي ۽ نيچ پڻي جي علامت لاءِ ڏکڻ هندوستاني (انڊين) ظاهر ڪيو وڃي ٿو.
    مثال طور هتي جي ٽي ويءَ تي هڪ سرڪاري اشتهار “ملڪ کي صاف رکڻ” لاءِ ڏيکاريو ويندو آهي جنهن ۾ جيتوڻيڪ چيني ۽ ملئي ماڻهن کي به ڏيکاريو اٿن ته ڪو چاڪليٽ کائي پنو پيو اڇلي، ڪو ڪسيءَ ۾ ڪچرو پيو اڇلي پر “انڊين” همراهه کي ڪجهه گهڻو ئي خوار ڪندو ڏيکاريو اٿن. هو بي افعالي نموني سان ڪيلو کائي سندس کل رستي جي وچ تي اڇلائي ٿو. (غريب کي کائڻ لاءِ وري ڪيلو به سائي رنگ جو ڏنو اٿن).
    يا ٽي وي تان هڪ ٻيو اشتهار“هر شهر ۽گهٽي صاف رکڻ لاءِ ڪن ڪچرو ٻهر جي دٻي ۾ اڇلائڻ کپي” جي سلسلي ۾ ايندوآهي ته ان ۾ به هڪ انڊين_بيحد ٿلهو ، ڪارو، بي ڊولو بس اسٽاپ وٽ بچيل سگريٽ رستي تان واپس کڻي وسائي پوءِ ٻهر جي دٻي ۾ وجهي ٿو ۽ ڇوڪريون تاڙيون وڄائي کيس ائين شاباس ڏين ٿيون جيئن ڪنهن چرئي مست کي ڏبي آهي. سو خراب ڪم ڊيٺ کان ڪرائڻ جو اهڙو جيئندو ڄاڳندو مثال ڏسي ڏکڻ هندوستانين جو ظاهر آهي اندر کامندو هوندو ته هو به هن ملڪ جا اهڙائي باشندا آهن جهڙا ملئي ۽ چيني. ۽ پوءِ ڇو سٺي ڳالهه لاءِ ملئي ۽ چيني ساراهجن ۽ خراب مثال ۽ ڌڪار لاءِ هي انڊين (تامل).
    ٽي ويءَ تان ميڪ اپ، سونهن نئين ڊريس، ڪار، ٽي وي يا ايئر ڪنڊيشنر جو اشتهار ايندو ته ان ۾ ملئي يا چيني عورتون ڏيکاريندا. ويندي کير جي اشتهار، عورتون جي ٻڌڻ لاءِ ماهواري جي پئڊن، تيل پائوڊر يا گلوڪوس جي اشتهار ۾ به چيني يا ملئي عورتون ڏيکاريندا ته هو ڪارون هلائي رهيون آهن. ڊوڙي رهيون آهن، پائوڊر هڻڻ سان سندن اڌ اگهاڙي جسم مان گلاب جي گلن جي خوشبوءِ نڪري رهي آهي پر حرام جو ڪنهن تامل ڇوڪريءَ کي ڏيکارين_جيتوڻيڪ حق جي ڳالهه هيءَ آهي ته نڪ نقش ۾ توڙي ليمڪ ۾ ڪيتريون ئي تامل (مدراسي) ڇوڪريون ملئي ۽ چينين کان ته وري به پر ڪشش آهن_رنگ ۾ کڻي سانوليون ڪاريون آهن.
    سو ظاهر آهي ته ڏکڻ هندوستانين کي اها بي عزتي لڳي ٿي ته ڪيترن ئي ملئي عورتن جو رنگ هنن ئي جهڙو آهي ۽ جيتوڻيڪ انهن جا نقش به سٺا نه آهن ته به کين سونهن ۽ سوڀيا جي علامت طور ٽي ويءَ تي ڏيکاريو وڃي ٿو. چيني جيڪي کڻي رنگ ۾ اڇيرا آهن پر منجهن اها ڪشش ته نه آهي ته به هنن کي ٽي ويءَ تي نخرو ڪندي ناز سان چورايو وڃي ٿو ته “منهنجي حسن جو راز لڪس صابڻ،” يا “منهنجي پسند جي ڪار ڌاهتسو” پر تامل ڇوڪريءَ کي ڇو نه؟
    ساڳي طرح مردن جي اشتهارن ۾ به چيني ۽ ملئي مردن کي Dunhill جو چشمو ۽ واچ پائي جاگنگ ڪندي ۽ اوولٽين پي جبل تي چڙهندي، ڪئمل سگريٽ جو ڪش هڻي ٻيڙي هلائيندي ته ڏيکاريو وڃي ٿو پر انڊين مرد کي ڇو نه؟! ها، بوميپترا بئنڪ برحد جي اشتهار ۾ هن کي ضرور ڏيکاريو وڃي ٿو (جنهن بئنڪ جو نشان شينهن آهي)؛ ته هڪ عورت شينهن کي وٺي بئنڪ ۾ پيئي اچي ۽ رستي بيٺل ملئي ۽ چيني ته ڇا پر انڊين ۾ سک ۽ گجراتي به ڏاڍي سڪون سان بيٺا آهن پر انهن جي وچ ۾ بيٺل مدراسي شينهن کي ڏسي جيڪو ڊيڄوڙي جو اظهار ڪري ٿو ان تي واقعي افسوس ٿو ٿئي ته ٽي ويءَ وارا انڊين سان_خاص ڪري “ڏکڻ هندوستانين” کي ڪيڏو ٻيائيءَ جي اک سان ڏسن ٿا.
    ان سلسلي ۾ ڏکڻ هندوستانين جي ڪيترائي خط اخبارن ۾ پڻ ايندا رهن ٿا ته ائين ڇو آهي. اسان جون تامل عورتون به سهڻيون آهن. اهي به ته پئسو خرچ ڪري ساڳين ميڪ اپ ڪمپنين جا عطر عنبير وٺن ٿيون.جيڪي هنن مان ڪمائين ٿيون پوءِ ڀلا ڇو ڪنهن به اشتهار۾، هو انڊين عورت يا مرد هرگز نٿا ڏيکارين. “ته هڪ مدراسي عورت کي ڪار هلائيندو ڏسي ماڻهو اها ڪار وٺڻ ڇڏي ڏيندا؟”
    “يا ماڊيس جو پئڊ ٻڌي بڪنيءَ ۾ هڪ انڊين عورت کي ڊوڙندو ڏسي ماڻهو هرکڻ بدران بددل ٿيندا.؟”
    اخبارن ۾ آيل هڪ ٻن خطن ۾ ته انڊين صاف صاف چڙ جواظهار ڪندي ٽي ويءَ وارن کي چتاءُ ڏنو ته ياد رکو ٽي وي ٽئڪس ادا ڪريون ٿا ۽ ٽي وي ڪنهن هڪ قوم جي نه آهي پر سڄي ملڪ جي ماڻهن جي آهي. ۽ اسين به ان ملڪ جا ساڳيا شهري آهيون. ڪجهه ڏينهن اڳ جڏنهن اهو بحث عروج تي هو ته انهن ڏينهن ۾، ملائيشيا جي هڪ مشهور ڪارٽونسٽ لات (Lat) کي کڻي ٿي کٽي تنهن خبر ناهي ڇا سوچي کڻي ان بابت ڪارٽون ڏنو ته انڊين ٽي ويءَ جي اشتهارن ۾ اچڻ چاهين ٿا. ۽ جيڪڏنهن انهن کي آندو ويو ته ڪجهه هينئن لڳندا.
    ان ڪارٽون تان هيڪاندو ممڻ مچي ويو ته ڇا هو اهڙا ويل آهن جو هنن تي ٽي وي ۽ اخبار وارا چٿرون ٿا ڪن. ان ڪارٽون ۾ ڏيکاريل هو ته هڪ ٿلهي متاري مرد نما انڊين مدراسي عورت ڀنگياڻين جي اسٽائيل جي ساڙهي ٻڌي مٿي تي پنجويهه سير جو ڳرو دٻو، ڪنهن تيل جو رکي هيرو صاحب سان گڏجي نچي رهي آهي ۽ هيرو صاحب کي ماڻهپي ۾ڏيکارڻ بدران چور وانگر ڳچيءَ ۾ رومال ۽ اکين تي ڪارو چشمو، ڪاري پينٽ تي گلن واري جهگمگ ڪندڙ ٽرِڙي قميص پارائي_کيس هيرو گهٽ پر ڪاسائي وڌيڪ ظاهر ڪيو ويو آهي. پاسي کان هڪ پوڙهو چيني مڪينڪ هٿ ۾ پانو جهلي کين وائڙن وانگر ڏسي رهيو آهي ته هي چريا سندس گئريج ۾ ڇا ڪري رهيا آهن.
    جواب ۾ ملئيءَ ۾ لکيل آهي: “توهان جي ڪار لاءِ_سپر انجن آئل” “Super Engine Oil-Untok Kereta Anda” (ملئي زبان ۾ ڪار کي ڪيريٽا چون. انتوق معنيٰ لاءِ ۽ انڊا معنيٰ توهان جي). پاسي کان انهن خطن جا ٽڪرا ڏنل آهن جيڪي انڊين ان سلسلي ۾ اخبارن ڏيندا ٿا ته کين ٽي ويءَ تي اشتهار ۾ ڇو نٿو آندو وڃي. ڇا انڊين ڪئميرا کان گهٻرائين ٿا. ڇا انڊين ڪنهن به مال جي وڪري لاءِ اشتهاربازي نٿا ڪري سگهن... وغيره وغيره.


    ملائيشيا جو حڪومتي نطام

    ملائيشيا ملڪ تيرهن رياستن جي هڪ جهڳٽي جو نالو آهي جنهن مان ٻه رياستون: صباح ۽ سرواڪ ته بلڪل پري_بورنيو ٻيٽ جي اتر ۾ آهن ۽ اهو مشرقي ملائيشيا سڏجي ٿو ۽ ٻيو مغربي ملائيشيا (Peninsular Malaysia)_ جيڪو ٿائلنڊ سان مليل آهي ان ۾ يارهن رياستون آهن: جوهور، پهانگ، ملاڪا، نگري سمبيلان، سلانگر، پيراق، پرلس، پينانگ، ڪيلنتان ۽ ٽرنگانو.
    انهن رياستن مان ملاڪا ۽ پينانگ کي ڇڏي باقي سڀني رياستن جو پنهنجو پنهنجو والي (سلطان) آهي. (جيئن پاڻ وٽ خيرپور رياست، حيدرآباد دکن، بهاولپور ۽ ٻين رياستن ۾ پهرين هوندو هو) باقي ملاڪا ۽ پينانگ رياست انگريزن اٽڪل ڪري، رعب تاب سان، کيڏ/ چالبازي ۽ مڪاريءَ سان، جوا ۾، ڏن ۾، داداگيريءَ ۾، مڪاني ماڻهن کي ويڙهائي يا انهن جا صلح ناما ڪرائي اجوري ۾_ ڪنهن مڪاني ماڻهوءَ جون نه پر انگريزن جون ئي مليڪت سمجهيون وينديون هيون. 1895ع تائين ته هر رياست ڌار ڌار هئي_اها ٻي ڳالهه آهي ته سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح سڀني مٿان هلندي انگريز جي آهي جو هندوستان، سلون، برما، هنگ ڪانگ وانگر هي ملايا وارو علائقو، بورنيو ٻيٽ، سنگاپور وغيره جو اصلي حاڪم انگريز ٿي چڪو هو.
    1895ع ۾ انهن مان چئن رياستن:پيراق، سلانگر، پهانگ ۽ نگري سيمبيلا گڏجي هڪ ڪانفيڊريشن ٺاهي جيئن اڳتي هلي فيڊرل حڪومت لاءِ رستو هموار ٿي سگهي. پر هن معاهدي کان علاوه ڪو ٻيو اهڙو وچ جو قانون (ليجسليچر) نه ٺاهيو ويو جيڪو چئني گڏ ٿيندڙ رياستن جو نطام هلائي سگهي. هر رياست کي قانون ٺاهڻ يا هلائڻ لاءِ پنهنجي رياستي قانون موجب هلڻو پيو ٿئي. تان جو 1909ع ۾ پارلياماني بنياد تي سينٽرل ليجسليچر سان گڏ فيڊرل ڪائونسل ٺاهي ويئي. فيڊرل ڪائونسل تيرهن کنيل (ناميٽيڊ) ميمبرن جي اسيمبلي هئي جنهن ۾ چار ته رياستن جا والي (سلطان) اچي ٿي ويا، چار انگريز ريزيڊينٽ ۽ هڪ ريزيڊينٽ جنرل ۽ چار غير سرڪاري ماڻهو ميمبر ٿيندا هئا. جن کي تن ڏينهن جو هاءِ ڪمشنر سر فرئنڪ سويٽنهام مقرر ڪندو هو.
    ارڙهن سالن کان پوءِ 1927ع ۾، فيڊرل ڪائونسل ۾ ڪجهه تبديليون آنديون ويون جن موجب رياستن جي سلطانن کي ڪڍي انهن جي جاءِ تي چار غير سرڪاري ميمبر رکيا ويا. ان کان پوءِ به وقت بوقت ميمبرن جي تعداد ۽ نوعيت ۾ تبديليون اينديون رهيون. پر ڪائونسل جا ميمبر نامينيشن ذريعي چونڊيا ويندا هئا. اهو سلسلو ٻي وڏي لڙائيءَ جي شروعات (ڊسمبر 1941ع) تائين رهيو.
    1942ع ۾ سنگاپور سان گڏ ملايا به جپانين جي هٿ ۾ آيو ۽ آئين ٺهڻ جهڙا ڪم سڀ ٿڌا ٿي ويا پر اهو آهي ته ان دور ۾ هتي جي ماڻهن ۾ سياسي سڄاڳي ڏاڍي آئي.
    جپانين جي آڻ مڃڻ ۽ انگريزن جي وري موٽڻ تي 1946ع ۾ انگريزن مٿين چئين ريساتن ۽ پنهنجن ٻن بيٺڪن (ملاڪا پينانگ) کي ملائي ائڊوائزري ڪميشن ٺاهي جنهن مطابق پنهنجي مرضيءَ سان قائدا قانون جاري ڪرڻ چاهيا ٿي. مرضي ته پهرين به سندن هلي رهي هئي پر هاڻ هنن مڪاني ماڻهن کي اهميت بنهه نٿي ڏيڻ چاهي.
    اهي ڳالهيون هتي جي ماڻهن کي هاڻ نه وڻيون_خاص ڪري ملئي ماڻهن کي. ان ڪري هنن داتو آن جعفر جي اڳواڻيءَ ۾ انگريزن جي ٺاهيل آئين خلاف آواز اڀاريو. جنهن جي نتيجي ۾ 1948ع ۾ انگريزن جي ائڊوائيزري ڪائونسل بدران فيڊرل ليجسليٽوَ ڪائونسل کي وجود ۾ آندو ويو. جنهن مطابق يارهن ئي رياستن (ملاڪا ۽ پينانگ سميت) مان ميمبر کنيا ويا ۽ کين مختلف ڪم (Portfolios) سوپيا ويا. هن ڪائونسل ۾ ٽن حصن مان ٻه حصا سرڪاري ميمبرن جا رکيا ويا.
    اهڙي طرح هتي جي عوام ۾ آهستي آهستي سڄاڳي ايندي ويئي. 1955ع ۾ پهرين پارليماني اليڪشن ٿي جنهن ۾ اٺانوي ميمبر چونڊيا ويا. تنڪو عبدالرحمان پهريون چيف منسٽر ٿيو ۽ 1956ع کان هن ملايا جي آزاديءَ مهم هلائي ۽ 31 آگسٽ 1957ع تي ملايا آزاد هجڻ جو اعلان ڪيو ويو. تنڪو عبدالرحمان آزاد ملايا جو پهريون پرائيم منسٽر ٿيو. نگري سيمبيلان جو سلطان سڄي ملايا جو هيد آف اسٽيٽ_“راجا” چونڊيو ويو. سندس نالو پڻ عبدالرحمان هو.
    1959ع جي جنرل اليڪشن بعد بائڪئميرل پارليامينٽ ٺاهي ويئي. بادشاه (راجا) کي ملڪ جو وڏو مڃيو ويو ۽ ميمبرن جا ٻه هائوس (ديوان) ٺاهيا ويا. ديوان رعيت (House of representatives) ۽ ديوان نگارا (سينيٽ). 1982ع کان ڇهين پارليامينٽ هلي رهي آهي. پرائيم منسٽر امنو (Umno) پارٽيءَ جو محمد مهاتر آهي ۽ ملڪ جو وڏو يعني بادشاهه جوهور رياست جو سلطان آهي. (هن کان اڳ پهانگ رياست جو سلطان، سڄي ملڪ جو راجا هو.) پنجن سالن لاءِ واري وٽيءَ تي هر هڪ رياست جو سلطان سڄي ملڪ جو والي / بادشاهه Yang di Pertuan Agong ٿيندو آهي. هو وزير اعليٰ ۽ ڪئبينيٽ جي صلاح مصلحت سان ڪم ڪندو آهي. فيڊرل ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن مقرري پاڻ ڪندو آهي.
    ديوان رعيت ( ميمبرن جي اسيمبلي) ۾ 154 ميمبر ٿين. جن مان 114 اولهه ملائيشيا مان چونڊيا ويندا آهن ۽ چاليهه اوڀر ملائيشيا مان (چوويهه سراواڪ مان ۽ سورهن صباح مان). اسيمبليءَ جو مدو پنجن سالن جو ٿئي. ديوان نگارا (سينيٽ) ۾ اٺونجاهه ميمبر ٿين جن مان ڇويهه چونڊيا ويندا آهن ۽ ٻٽيهه ائين ئي کنيا ويندا آهن.


    “نون ديوتائن جي ولادت”

    ملائيشيا ۾ جيئن ته مختلف مذهبن جا ماڻهو رهن ٿا ان ڪري مذهبي ڏينهن پڻ ڪيترائي ملهايا وڃن ٿا. مسلمانن جي عيدن تي، هندن جي ڏياريءَ تي، ٻڌن جي يوم ويساڪ تي، عيسائن جي ڪرسمس ڊي تي، ۽ چينين جي نئين سال تي سڄي ملائيشيا ۾ سرڪاري طرح موڪل ٿئي ٿي.
    انهن ڏينهن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ڏينهن ننڍي پئماني تي ملهايا وڃن ٿا، جيڪي ڪنهن هڪ فرقي يا ملڪ جا ماڻهو ملهائين. مثال طور “ڏياريءَ” جو ڏينهن سڀ هندو ملهائين ٿا. ۽ “ٿائپونگل”_جيڪو خوشيءَ جو ڏينهن چيو وڃي ٿو، اهو ته ڏکڻ هندستان جي هندن ۾ به فقط تامل ڳلهائيندڙ ملهائين.
    اهڙي طرح ملائيشيا ۾ رهندڙ ٿائي رهاڪو اپريل جي مهيني ۾ “سونگران” ملهائين. عيسائي ڪرسمس کان علاوه گڊ فرائيڊي ۽ ايسٽر جا ڏينهن پڻ ملهائين. چينين جا ته ڪيترائي مذهبي ڏينهن آهن. مثال طور “چينگ بينگ”_جيڪو مري ويل روحن جو ڏينهن سڏبو آهي ۽ هن ڏينهن تي چيني هن جهان مان لڏي ويل پنهنجن ابن ڏاڏن جي روحن جي عبادت ڪن ۽ اگربتيون، شمعون ۽ ڪاڳر ساڙين. اهڙي طرح رحمت ۽ ٻارن جي سار سنڀال لهڻ واري ديوي_“ڪو_آن_ين” جي عبادت جو ڏينهن فقط ڀاڄيون کائي ملهايو ويندو آهي. پر چينين جا ڪيترائي ڏينهن اهڙا آهن جن تي ٻار ۽ وڏا بئنڊ باجي سان، جلوس ٺاهي شهر جي عام رستن تان سرگس ڪن. اڳيان اڳيان شينهن ۽ ازدها (Dragon) بلا جو ناچ ڪن. گهنجيل رنگين پني جي پنجاهه کن والن جي ڊگهي بلا ٺاهي، ان جي هيٺان ويهه کن همراهه پنهنجا مٿا وجهي هيٺ مٿي ٿي هلندا آهن. پري کان ۽ گهرن جي بالڪنين مان لڳندو آهي ته ڄڻ نانگ سرندو وڃي.
    شينهن جي ناچ ۾ وري هڪ همراه رنگين پني مان ٺهيل شينهن جو منهن چاڙهي ۽ پويان ٻيو همراهه شينهن جو باقي حصو مٿي تي رکي نچندو آهي. انهن جي پويان ويهارو کن يونيفارم پهريل ڇوڪرين جي بئنڊ هوندي آهي. جنهن جي پٺيان ڇوڪرا توتاڙيون ۽ ٻيوگل وڄائيندا هلندا آهن. انهن کان پوءِ يڪدم ٽي چار کليل ٽرڪون هونديون آهن جن ۾ ٻارن ٻچن سميت ويٺل چيني ڳائيندا ۽ ڳالهائيندا ويندا آهن_جيئن ڪراچيءَ ۾ عيدن تي مڪراني يا پٺاڻ ٽرڪن ۾ چڙهي ڪلفٽن يا هل پارڪ جو سير ڪرڻ لاءِ نڪرندا آهن.
    آهستي آهستي هلندڙ انهن ٽرڪن جي پويان اهڙن نانگن ۽ نغارن وڄائڻ وارا ٻيا به هوندا آهن ۽ ان جي پويان وري پيدل ماڻهن جا ميڙ. ڪن ڪن ٽرڪن ۾ دهل ۽ نغارا وڄائڻ وارا هوندا آهن ۽ ميوزڪ کان وڌيڪ هنڀوڇي گهڻي هوندي آهي. آخر ۾ وري ٽيهه چاليهه کن وردين ۾ نچندڙ ڇوڪريون ۽ اسڪول جا ٻار هوندا آهن. بس ميل کن جو جلوس هوندو آهي جيڪو آهستي آهستي هلندو، بيهندو، نچندو ڪڏندو شهر مان گذرندو آهي.
    اهڙو جلوس شهر مان لنگهڻ وقت اسان به دلچسپيءَ سان ڏسندا آهيون. پر هڪ دفعي اهرو ڦاسي وياسين جو اهو اڃان تائين ياد ڪري کلندا آهيون. ٿيو هينئين جو پاڪستان کان ملاڪا پهچڻ تي اسان کي ٻڌايو ويو ته ملائيشيا ۾ ڪار هلائڻ لاءِ اسان جو پاڪستاني ڊرائيونگ لائسنس قبول نه ڪيو ويندو. ان لاءِ ملاڪا ۾ ڊرائيونگ جو امتحان ڏيڻو پوندو. پر جيئن ته اهو امتحان ڪافي ڏکيو ٿئي ٿو سو ان لاءِ ٿورو گهڻو ڪنهن ڊرائيونگ اسڪول واري کان گاڏي هلائڻ سکڻي پئي ٿي _جيئن ملاڪا شهر جا رستا به ياد بيهن.
    ان ڪم لاءِ چيف انجنيئر آصف غيور سان گڏ جڏنهن پهريون دفعو ڊرائيونگ اسڪول پهتاسين ته خبر پئي ته ان لاءِ اڳواٽ وقت وٺڻ ضروري هو. جو مڙني ڊرائيونگ اسڪولن جو ڪارون اڳهين والاريل هيون. سو ٻئي دفعي لاءِ اڳواٽ جو پروگرام پڪو ٺاهي موٽياسين.
    ملاڪا ۾ جتي اسان رهيل آهيون، اهو هنڌ ان اسڪول کان گهڻو پري آهي ۽ جيتوڻيڪ اسان گهڻو ئي اڳ نڪتاسين پر ڊرائيونگ اسڪول وچ شهر ۾ هجڻ ڪري پهچڻ ۾ اڌ ڪلاڪ کن وڌيڪ دير ويئي ۽ اسڪول جي استاد اسان کي غير حاضر سمجهي اسان جو پروگرام ڪئنسل ڪري ٻئي آيل گراهڪ/ شاگرد حوالي ڪري ڇڏي. نتيجي ۾ ان ڏينهن به بنا سکڻ جي موٽڻو پيو. اهڙي طرح هاڻ ٽئين دفعي وڏي احتياط سان گهڻو اڳ گهران نڪتاسين ۽ ٽائيم تي اسڪول پهچي ڪلاڪ لاءِ ڀاڙي تي ڪار ۽ سيکاريندڙ استاد (ڊرائيور) کنيوسين. ڪلاڪ جي سکيا ۽ مسواڙ جا پنجويه ڊالر (ڏيڍسئو رپيا) به قاعدي موجب اڳواٽ پيارياسين ۽ هاڻ پنهنجي پر ۾ خوش ٿي ڊرائيونگ اسڪول واري گهٽيءَ مان ڪارن کي ڪڍي مين روڊ تي چڙهڻ لاءِ چوواٽي تي پهتاسين ته ساڄي پاسي کان چينين جو هي جلوس چوواٽو لتاڙي کاٻي وڃي رهيو هو. ٻين وانگر اسان به بريڪ هڻي جلوس جي لنگهڻ جو انتظار ڪيو.
    پهريان پنج ڇهه منٽ ته دل ڀري نانگن جو ناچ ۽ مني اسڪرٽس ۾ چيني ڇوڪرين جا چهرا ۽ ٽنگون ڏسندا رهياسين پر پوءِ جيئن جيئن وقت گذرڻ لڳو (ڊگهي جلوس ختم ٿين جو پري تائين آسرو نظر نٿي آيو) ته بيزاري محسوس ٿي. ڀڄڻ جي به هاڻ ڪا واهه نه هئي جو ڪيتريون ئي گاڏيون هڪ ٻئي سان لڳي بيٺيون هيون. ساڄي کاٻي وارا رستا ته جلوس سان ئي ڀريل هئا ۽ سامهون وڃڻ لاءِ جلوس کي چيرڻ ڏکيو ڪم هو. ڪار جي دريءَ مان رڙ ڪري منهنجي ڪار واري استاد کان ان سرگس بابت پڇيو ته اها ڇاجي خوشيءَ ۾ آهي.
    “اڄ چيني ديوتائن (Kew_Ong_Yeah) جي ڄمڻ جو ڏينهن آهي ان جي خوشيءَ ۾ هي جلوس بڪت_چينا (هڪ ٽڪري) ڏي وڃي رهيو آهي.” ڊرائيور ٻڌايو.
    آصف ٿڌو ساهه کڻي چپن ۾ ڀڻڪيو:“چيني ديوتائين کي به اڄ ئي ڄمڻو هو. مس مس ته پهريون دفعو ڪلاڪ کن ڪار سکڻ لاءِ ملي آهي.”
    چيني ديومالائن موجب،” ڊرائيور ٻڌايو،“چين ۾ منچو گهراڻي جي حاڪمن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ منگ همراهن جي مدد لاءِ آسمان مان اڄ جي ڏينهن نوَ شهنشاهه ديوتا (Kew-Ong.Yeah) لٿا هئا. هن وقت ان ڏينهن جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ هي جلوس خوشي ملهائي رهيو آهي.”
    بهرحال جڏنهن ان سڄي جلوس کي اسان اڳيان لنگهڻ ۾ منو ڪلاڪ کن لڳي ويو هو. ان بعد پنج منٽ کن اڳيان هلياسين ته ڊرائيور ٻڌايو ته ڪلاڪ پوري ٿيڻ ۾ باقي وڃي ڪي ست اڄ منٽ بچيا آهن سو مهرباني ڪري ڪارون هلي اسڪول ۾ واپس ڪريو جو ٻي ڪلاڪ وارا همراهه اوسيئڙي ۾ هوندا.
    اهو ٻڌي اسان جو ته اندر ئي سڙي ويو ته پرديس ۾ غير ملڪي ناڻي جا ڏيڍ سئو رپيا هر هڪ خرچ ڪيا. وقت به ضايع ٿيو. گهران ايندي ويندي ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو به ڳچيءَ ۾ پيو ۽ هڙحاصل به ڪجهه نه ٿيو. هاڻ اندر هلڪو ڪرڻ لاءِ گاريون ڏيون ته ڪنهن کي ڏيون_؟
    پنهنجو پاڻ کي. ڊرائيونگ اسڪول جي مالڪن کي. چيني ڊرائيور کي يا سندن نون ديوتائن کي جن کي بقول آصف غيور جي ته ڄمڻ لاءِ اڄ جو ئي ڏينهن مليو.
    *___________*___________*
    مٿي ذڪر ڪيل ڪجهه مشهور ڏينهن کان علاوه ملائيشيا ۾ ٻيا به ڪيترائي مذهبي ۽ رسمي ڏينهن ملهايا وڃن ٿا. مثال طور نومبر ۾ ڪيترائي مذهبي ۽ رسمي ڏينهن ملهايا وڃن ٿا. مثال طورنومبر ۾ گرونانڪ جي ڄمڻ جو ڏينهن آهي. گرونانڪ سکن جي ڌرم/ فلسفي جو باني آهي ۽ ملائيشيا ۾ ڪيترائي سک رهن ٿا جيڪي هي خوشيءَ جو ڏينهن وڏي ڌام ڌوم سان ملهائين ٿا. نومبر ۾ ئي عيسائي مذهبن جا ملائيشين All Souls day (روحن جو ڏينهن) ملهائين ٿا. هن ڏينهن تي عيسائي پنهنجن پنهنجن وڏن جي قبرن تي گل رکن ۽ شمعون ٻارين.
    آگسٽ ۾ چيني “ستن ڀينرن جو جشن” ملهائين. چيني روايتن موجب شهنشاهه “جيد” (Jade) سزا خاطر پنهنجي ستون نمبر ڌيءَ کي حڪم ڪيو هو ته هوءَ سڄي سال ۾ مڙس سان فقط هڪ ڏينهن_هر سال جي ستين چنڊ جي رات تي ملي سگهي ٿي. اهو ڏينهن اڄ تائين ملهايو وڃي ٿو. هي جشن خاص ڪئنٽونين (چين جي ڪئنٽن علائقي کان هتي آيل چيني) ملهائين.
    هن ئي مهيني ۾ چيني “بکايل ڀوت” جو ڏينهن پڻ ملهائين جيڪو سندن اعتقاد موجب سال جو اهو ڏينهن آهي جنهن تي دوزخ جا دروازا مهيني لاءِ کولي روحن کي آزاد ڪيو وڃي ٿو.
    آگسٽ مهيني ۾ هندو شري ڪرشنا جيانتي جو ڏينهن ملهائين. هنن جي ديو ڪٿا موجب هن ڏينهن تي شري ڪرشنا اٺين اوتار وشنوءَ جي روپ ۾ لٿو هو. هي ڏينهن هندن جي خوشيءَ جو سمجهيو وڃي ٿو (شري ڪرشنا مها ڀارت واري وڏي قصي جو هيرو ٿي گذريو آهي.)
    ڏکڻ هندوستان جا تامل ناڊو (يعني تامل زبان ڳلهائيندڙ)هندو ٿائيپونگل ملهائين ته ساڳي صوبي جي تيلگو ڳالهائيندڙ هندو مارچ مهيني ۾ “اوهاڌيءَ” جو ڏڻ ملهائين. هن ڏينهن تي هو ميڙ ٺاهي پنهنجن مندرن ۾ پوجا پاٺ لاءِ وڃن.
    هندن جو هڪ ٻيو مشهور ڏينهن جيڪو ملائيشيا ۾ ملهايو وڃي ٿو سو آهي: “مهاسواراتڙي”. هي ڏينهن اڄڪلهه فيبروريءَ ۾ لارڊ شوا جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو. هن ڏينهن تي سڄي رات مندر ۾ اوڄاڳو ڪري پوڄا ڪبي آهي ۽ سڄو ڏينهن فقط ڀاڄي کائڻي پوندي آهي.
    ڏٺو وڃي ته، ان خيال کان ملائيشيا هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي ڪيترن ئي مذهبن جا ماڻهو پنهنجا مذهبي ڏينهن وڏي ڌام ڌوم ۽ سڪون سان ملهائين ٿا.


    مشرق مغرب کي غلط سمجهي ٿو

    ڪوالالمپور کان چاليه پنجيتاليه ميل کن پري ڏکڻ م سريمبان نالي شهر آهي ۽ سريمبان کان پندرهن کن ميل پري پورٽ ڊڪشن شهر آهي. جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي هجڻ ڪري ٻهارين ملڪن کان آيل مسافرن/ ٽورسٽن جي دلپسند جڳه آهي. سمنڊ جي ڪناري تي ته ملائيشيا جا ڪيترائي شهر آهن. پر هي پورٽ ڊڪسن انهن شهرن مان آهي جنهن جي چوڌاري پکڙيل سمنڊ جو ڳپل حصو تانگهو ۽ صاف سٿرو آهي ۽ سمنڊ جا اهڙا ڪنارا (جنهن کي انگريزيءَ ۾ بيچ Beach سڏجي ٿو) ملڪ لاءِ تمام اهم آهن، جو ننڍو توڙي وڏو اهڙي سمنڊ ۾ بي ڊپو ٿي وهنجي/تري/تڙڳي/هلي سگهي ٿو. ٻڏڻ جو يا سامونڊي ڇولي جي کڻي وڃڻ جو ذرو به ڊپ نٿو رهي.
    پاڻ وٽ ڪراچي واري سمنڊ_ڪلفٽن توڙي سئنڊس پٽ کي، سٺي بيچ چئي نٿو سگهجي. ڇاڪاڻ جو هڪ ته ٿورو ئي اڳتي گهڙن سان سمنڊ اونهو ٿيو وڃي ۽ٻيو ته سانوڻيءَ وارا ڇهه مهينا ته سامونڊي ڇتيون ۽ طاقتور ڇوليون تارُن کي به اونهي ۾ ڇڪيو وڃن. تنهن کان سواءِ جهاز مان فٽو ڪيل يا ڪنار تي آيل ماڻهن جو اڇلايل تيل ۽ ڪن ڪچرو سڄو ڪنارو خراب ڪريو ڇڏي ۽ اهو ڪن ڪچرو صحت لاءِ سٺو ناهي ۽ ڪڏنهن ڪڏنهن جسم تي ڦٽ، ڦرڙيون يا خارش ٿيو پون.
    ان خيال کان ملائيشيا ۾ پورٽ ڊڪسن جهڙا ڪيترائي شهر آهن. جن جا ڪنارا صاف سٿرا ۽ تانگها هجڻ ڪري، ٿڌن يورپي ۽ آمريڪي ملڪن جا ماڻهو، ڏاڍو اچن ٿا. سرڪار پڻ ههڙين جاين کي هيڪاندو سهڻو ۽ فارينرن جي ڏانءَ وٽان رکيو آهي. ملائيشيا توڙي ڌارين ملڪن کان آيل مسافرن جي رهائش لاءِ ڪيتريون ئي وڏيون توڙي ننڍيون هوٽلون ٺهي ويون آهن. ۽ “انهيءَ ڏينهن اچي وڇڻ وارن” جي کاڌي خوراڪ لاءِ پڻ، سمنڊ جي ڪناري تي لڳو لڳ ڪيتريون ئي هوٽلون ۽ کاڌي پيتي ۽ سوکڙين سوغاتن جا دڪان ٺهي ويا آهن. وڻناوَ ته اهڙي ڪنهن هوٽل ۾ ويهي ناسي ايام (چڪن برياني) ۽ ساتي (ٻوٽي ڪواب) کائو يا ائين ئي رڌل يا پڪل سنگ، گجر کائو يا وري ڪو ميوو:پپيتو، چڪون، اسٽار فروٽ، دورئن يا ڪٺل وٺي مٿان ڪوڪاڪولا يا گلاب جو شربت پي پيٽ ڀريو.
    گهر موٽڻ وقت نشاني خاطر پورٽ ڊڪسن جي نالي واري قميص، گنجي، ٽوپلو يا ڪا ٻي ڪکن، ڪانن جي ٺهيل شيءِ وٺي نڪرو. ڪيترا ماڻهو_فئمليون ، دوست اسڪول جا شاگرد شاگردياڻيون، مندر، مسجد يا گوردواري جا جماعتي ۽ ڪلبن جا ميمبر ٽولو ٺاهي هتي اچن ٿا. ڪي ڌار ڌار اڪيلا پڻ. کائڻ لاءِ پاڻ سان هڪ ديڳڙو ڀت جو ته ٻيو ڀاڄيءَ يا ڪنهن ٻوڙ جو پڻ کڻي اچن ٿا. وچ ۾ پاڻيءَ ۾ ترڻ لاءِ به پيا ويندا. جن کي ترڻ نه ايندو آهي اهي هوا ڀريل رٻڙ جا ٽائر دڪان تان مسواڙ تي وٺي ان جي مدد سان ترن. پورٽ ڊڪسن ۾ ڪجهه مسواڙي “اسپيڊ بوٽون” پڻ هلن ٿيون. ٻيڙين جا مالڪ سڄي ٻيڙيءَ جي مسواڙ ڏهه کن ڊالر وٺي پندهن ويهه منٽ پري پري تائين سمنڊ جو سير ڪرائين.
    موڪل وارن ڏينهن تي ته پورٽ ڊڪسن ۾ ميلو متل هوندو آهي ۽ مغربي ملڪن جي مردن عورتن سان گڏ ملائيشيا ۾ رهندڙ ٽنهي قومن جا ماڻهو موجود هوندا آهن. هونءَ هتي جون چيني ڇوڪريون ته شهرن ۾ به جتي ڪٿي مني اسڪرٽ ۽ چڍيون پائي هلن. پر ملئي مسلمان ڇوڪريون جيڪي هونءَ اهڙي قسم جي ڊريس جي معاملي ۾ مڙيئي شرم ڪن ٿيون ۽ سڄي جسم کي ڍڪڻ لاءِ باجو ڪورونگ (چولي_ گوڏ) جهڙيون پوشاڪون پهرين سي به اهڙن هنڌن تي سئمنگ سوٽ/ سلپ ۾ بي هجاب فرنديون نظر اچن ٿيون. ڪنهن به ڪنڊ کان هتي جا سامونڊي ڪنارا اسپين، ڏکڻ فرانس ۽ سائوٿ آفريڪا سامونڊي ڪنارن کان گهٽ رنگارنگ ڏسڻ ۾ نه ايندا. جنهن رفتار سان ماڻهن ۾ هتي جي ڪنارن تي وندر جو گهڙيون گهارڻ جو شوق وڌي رهيو آهي ۽ هتي جي سرڪار پڻ ان لاءِ همت افزائي ڪري پيئي تنهن مان لڳي ٿو ته واپار وڙي ۽ قدرتي وسلين ۾ ته ملائيشيا يورپ کان زور ٿي ويو آهي، پر ٽوئرسٽ انڊسٽريءَ ۾ پڻ گوءِ کڻي ويندو.
    ويجهڙائيءَ ۾ پورٽ ڊڪسن ۾ منهنجو هفتو کن رهڻ ٿيو. سامونڊي ڪنارن تي آيل مسافرن جو تعداد هر روز وڌيل نظر آيو ٿي. جنهن هوٽل_“منگ” ۾ رهيل هوس، ان کان وٺي ٻين ننڍين هوٽلن ، دڪانن ۽ پئڊين تي، خوب وڪرو ڪمائي هلي رهي هئي. پڪي رستي تان لهي سمنڊ ڏي مڙڻ واري هنڌ تي بيٺل هڪ ڪوڪا ڪولا وڪڻندڙ همراهه ٻڌايو ته هر روز هو فقط ٻن ڪلاڪن ۾ سئو کن بوتلون وڪڻي ٿو جنهن مان هن جو سٺو گذر ٿئي ٿو ۽ سندس پوڙهي پيءُ ۽ ماءُ سمنڊ ڪناري تي پڪل سنگ ۽ رڌل سپون وڪڻي روز ٽيهه پنجٽيهه ڊالر آرام سان ڪمايو وٺن. نه ته ٽي چار سال اڳ تائين جڏنهن اڃان سرڪار هن شهر ۽ سامونڊي ڪناري جي اشتهار بازي نه ڪرائي هئي، سندن ڪمائي مڇيون ڦاسائي وڪڻڻ مان فقط چند ڏوڪڙ ٿيندي هئي جو سمنڊ جي ڪناري تي رهندڙن جو ٻيو ڀلا ڪهڙو ڪمائيءَ جو ذريعو ٿي سگهي ٿو.
    پورٽ ڊڪسن کان اسان جو شهر ملاڪا چاليهه کن ميل پري آهي ۽ اسان جي نيول اڪيڊميءَ جا ڪئڊٽ مختلف سامونڊي راندين_جهڙوڪ Surfing لاءِ هتي پورٽ ڊڪسن اچن ٿا. هن دفعي ساڻن گڏ هفتي کن لاءِ مون کي اچڻو پيو هو، جو آخري ڏينهن تي سندن امتحان (Tests) وٺڻا هئا.
    شروع وارا پنج ڇهه ڏينهن شاگردن کي پنهنجي منهن پرئڪٽس ڪرڻي هئي سو مون لاءِ نه ڪم هو نه ڪار. ائين واندن وانگر وقت گذارڻ ۾ پورو هوندو هوس. پهريان ٻه ڏينهن ته ٽي وي ڏسندو رهيس ۽ هوٽل جي سئمنگ پول ۾ تري پوءِ ڪجهه دير اخبارون رسالا اچي پڙهندو هوس. ويجهڙائيءَ ۾ ڪراچيءَ کان منير چانڊيو ملائيشيا جي ٽوئر تي آيو هو. تنهن ڪجهه “ڊان” ۽ “بزنس رڪارڊر” اخبارون آڻي ڏنيون هيون ۽ سنڌيونيورسٽيءَ واري خان محمد پنهور پڻ پنهنجي رسالي “پارس” جا ڪجهه پرچا موڪليا هئا_سي غور سان پڙهندو رهيس. ٽئي ڏينهن هوٽل کان ٻاهر نڪري ڀر واري سمنڊ جي ڪناري تي چڪر هنيم جتي ٻين ڌارين ماڻهن کان علاوه منگ هوٽل ۾ مون سان گڏ رهيل فارينرن جا چهرا پڻ نظر اچي رهيا هئا ۽ ڪن سان ته هوٽل جي ورانڊن ۾ ايترا دفعا ڏيٺ ويٺ ٿي چڪي هئي جو سامهون اچڻ تي رسمي عليڪ سليڪ يا مرڪ ۽ هيلو پڻ چوڻو پيو ٿي. پاڻ سان سئمنگ ڪاسٽيوم (ڪڇو) آندو هوم سو صبح شام ٽي چار ڪلاڪ سمنڊ ۾ ترڻ ۽ ٽاڪورڻ طور هليو ويندو هوس. اهڙن هنڌن تي نه فقط جسم جي پر اکين جي به ٽاڪوڙ ٿيو وڃي.
    سمنڊ تي ڪڏنهن ته هر وقت ساڳيا ساڳيا چهرا نظر آيا ته ڪڏنهن نوان نوان. هڪ ئي وقت چيني، انگريزي، ملئي ۽ تامل ڳالهين جا آواز ۽ ٽهڪڙا فضا ۾ گونجيل رهيا ٿي. ۽ سمنڊ تي مختلف رنگن، ڊيزائينن جا “سئمنگ_ڪاسٽيوم”ڪنول جي گلن جيان ترندي نظر آيا ٿي. مون ڪڏنهن ڪڏنهن پري تائين پکڙيل سمنڊ، آسمان، وڻن ٽڻن ۽ ساوڪ کي ڏٺو ٿي ته ڪڏنهن ڀر ۾ بيٺل همراهن جي جسمن جي بيهڪ ۽ نفسيات تي غور ڪيو ٿي. ڪي سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ اچي خوشي محسوس ڪري رهيا هئا. ڪي پنهنجي اگهاڙي بي ڊولي جسم تي خود ئي شڪي ٿي احساس ڪمتري محسوس ڪري رهيا هئا. ڪي پنهنجي سونهن کان با خبر هجڻ ڪري فخر ڪري رهيا هئا ته هر اهو ماڻهو جيڪو کين ڏسندو رهي ٿو سو ظاهر آهي ته ان جي مڃتا ۾ ووٽ ڏيئي رهيو آهي. ساڳيءَ طرح ننڍن ٻارن مان پڻ ڪي ته پاڻيءَ ۾ خوشيءَ سان ٿي آيا ته ڪي ڊڄي ڪناري تي بيهي ٿي رهيا. پوءِ مائٽن جي منٿن تي جڏنهن هڪ دفعو اندر اچي پاڻيءَ جو مزو چکيائون ٿي ته پوءِ وري ٻاهر نڪرڻ جو نالو نٿي ورتائون.
    هونءَ ملائيشيا ۾ چوڌاري سمنڊ ۽ نديون هجڻ ڪري هن ملڪ جي هر باشندي ننڍي هوندي کان پڙهڻ، تيرهڻڻ يا گهوڙي سواريءَ جهڙا ڪم کڻي نه به ڪيا هجن پر ترڻ ضرور سکيو آهي. سو ههڙن هنڌن تي ويندي ننڍيون ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا، چوڌاري مڇين وانگر، پاڻيءَ ۾ تڙڳندي يا Float ڪندي نظر ايندا. انهن وچ ۾ ڪيترن مون کي هتي جو ئي انڊين سمجهي ڪو خاص ڌيان نه ٿي ڏنو. جن ڌاريون سمجهيو ٿي تن مان ڪن ڀڳل سڳل انگريزيءَ ۾ ملڪ جو نالو پڇيو ٿي جنهن سان منهنجو تعلق آهي. کين تعجب ۾ وجهڻ لاءِ مون ملئي ۾ جواب ڏنو ٿي ته Saya Datang Daripada Pakistan (يعني آئون پاڪستان کان آيو آهيان.) ۽ پوءِ خوشيءَ مان ڏند ڪڍي_خاص ڪري ملئي ماڻهن “باگوس_باگوس” (تمام سٺو، تمام سٺو) چيو ٿي وڌيڪ سوال ڪيا ٿي Boleh Cakap Melayu (ملئي ڳالهائي سگهين ٿو) ۽ جواب ۾ “يا. بوليح چڪپ بهاسا صديقت صديقت” چيو ٿي. ڪن ته اڃان به وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي ٿي ته هتي ڪيترن سالن کان آهيان، ڪٿي رهان ٿو، هي ملڪ ڪيئن ٿو لڳيم، ۽ ساڳي وقت مون به بابت حال احوال ورتا ٿي.
    ائين پورٽ ڊڪسن ۾ رهڻ دوران_خاص ڪري آخري ٽن چئن ڏينهن ۾ کن_پل جون ملاقاتون ته ڪيترن سان ئي ٿيون. جن جو هن وقت تعداد ته ڇا پر پر سندن شڪليون به وسري ويون آهن_سواءِ ٻن ٽن همراهن_جيڪي شايد اڃان ڪجهه عرصو ڌيان ۾ رهن. جن سان ڪجهه تفصيلي ملاقاتون ۽ ڳالهيون ٿيو_انهن مان ٻن ڄڻن جو احوال هتي نموني خاطر لکڻ هن ئي وقت بهتر ٿيندو جيئن اڳتي هلي وقت جو “ايريزنگ هيڊ” منهنجي دماغ جي يادگيري واري چرخيءَ تان ويساري نه ڇڏي. انهن ۾ هڪ زينا نالي ملئي نوجوان ليڊي ڊاڪٽر هئي ۽ ٻيو سينگ لم نالي هڪ چيني پوڙهو پبلشر.
    زينا لاءِ پهريان ٻه ڏينهن ته مون اهو ئي سمجهيو ته هوءَ ان منگ هوٽل ۾، جنهن ۾ آئون به ٽڪيل هوس، ڪم ڪار اسٽيورڊس آهي يا ٻارن جي سار سنڀال لهڻ واري آيا. اهو ان ڪري نه ته ڪا هوءَ شڪل ۾ ڪوجهي هئي يا سندس لٽا ڪپڙا سادا هئا. هر گز نه. بلڪه مختصر ڊريس سهي پر هوءَ جيڪو روز نئون “باجو منڊي” (سئمنگ ڪاسٽيوم) پائي ايندي هئي سوئي بيحد اوچو هو ۽ جيتوڻيڪ پهرين نظر ۾ ئي لڳو ٿي ته ملئي آهي پر عام ڇوڪرين کان گهڻو سهڻي ۽ سمارٽ هئي. رنگ کڻي ملئي ماڻهن جهڙو سانورو هوس پر سندس نقش پرڪشش هئا. سندس نهار ۾ ادا ۽ بي نيازي هئي جنهن جو نوٽس ڪيترائي مڪاني توري يورپي مرد به وٺي رهيا هئا. صبح توري شام جو جڏنهن سمنڊ تي انيدي هئي ته فل ميڪ اپ ۾ هوندي هئي. ائين نه لڳندو هو ته ڪو وهنجڻ لاءِ آئي هجي پر ڄڻ دعوت ۾ آئي هجي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٽرڙي قسم جي ميڪ اپ بدران کيس هلڪي ميڪ اپ ڪرڻ جو آرٽ آيو ٿي. لپ اسٽڪ کان وٺي اکين جي شيڊ جي نموني رنگ جي چونڊ ۾ سلجهيل لڳي ٿي. ۽ لڳو ٿي ته هوءَ ڪا عام ڇوڪري ناهي. پر ان هوندي به ماڻهو_خاص ڪري فارينر هن کي آيا يا نوڪرياڻي ان ڪري سمجهي رهيا هئا، جو هوءَ اڪيلو اچڻ بدران هڪ ٽن سالن کن جي گوري (آمريڪن) ٻار کي پاڻ سان وٺي آئي ٿي جنهن کي هر وقت پنهنجي نگهبانيءَ ۾ ترڻ سيکاريائين ٿي. ان ڪري ڪيترن ضرور اهو سوچيو ٿي ته هوءَ ڪنهن امير آمريڪن فئمليءَ جي بار جي آيا يا بيبي سٽر آهي. پر حقيقت ۾ اهو ٻار (ڇوڪر) سندس ئي هو جيڪو هن مون کي ٻئي ڏينهن ٻڌايو. جيتوڻيڪ پهرين ڏينهن به ڪيترائي دفعا هڪ ٻئي جي ڀر ۾ تري رهيا هئاسين يا رکي رکي ڪناري تي ٺهيل هڪ ملئي جي هوٽل ۾ گڏ ڪافي يا ڪوڪاڪولا پي رهيا هئاسين پر مرڪي فقط “هيلو” چوڻ کان وڌيڪ ڪا خبر چار نه ڪئيسين. ۽ هن به سمجهيو ته آئون هتي جو آهيان ۽ انهن مان آهيان جيڪي ڏينهنڪ اچي موٽي وڃن ٿا:
    ٻئي ڏينهن تي صبح جو هوٽل ۾ نيرن بعد وهنجڻ وارو ڪڇو پائي، هٿ ۾ ٽوال کڻي، گذريل ڏينهن واري سمنڊ جي حصي Blue Lagoon ڏي وڃڻ لاءِ هوٽل جي پوئين در کان نڪري رهيو هوس ته هيءَ (ڊاڪٽر زينا) به ان وقت پنهنجي پٽ سان گلابي رنگ جي سنهڙي ڪڇي ۽ باڊيءَ ۾ اتي ملي. پاڻ ڪجهه وڌيڪ ئي پر ڪشش لڳي رهي هئي جو سمنڊ جي ڇولين سندس چهري جي ميڪ اپ کي اڃان ڊاٺو نه هو. پاڻ دستور موجب “هيلو” ڪري مرڪي ۽ مون به مرڪي هن ڏي تعجب مان ڏٺو ڇو ته جنهن نموني جو هوءَ ڏيک ڏيئي رهي هئي ان مان لڳو ٿي ته هوءَ هن هوٽل جي پورهيت ڇوڪري ناهي_جيتوڻيڪ هوءَ جسم ۽ عمر ۾ اهڙي هلڪي ڦلڪي ۽ ننڍي لڳي ٿي جهڙيون هن هوٽل جون ٻيون ملئي ۽ چيني ڇوڪريون. سندس هٿ جي ٻاچ ۾ پاتل ڊائمنڊ جي مهنگي منڊيءَ مون کي ويتر تجسس ۾ وڌو ته هوءَ ڪير ٿي سگهي ٿي. ان ڏينهن جيئن ئي هن کيڪاريو ته يڪدم هوٽل ڏي اشارو ڪري انگريزيءَ ۾ پڇيومانس: “ڊو يو ورڪ ديئر؟”
    پاڻ انگريزي نه سمجهڻ جو عذر ڏيڻ بدران هڪدم انگريزي ۾ ئي وراڻيائين ته هوءَ ڪم ڪانه ٿي ڪري پر ڪجهه ڏينهن لاءِ موڪلون گذارڻ آئي آهي. اها به تعجب جي ڳالهه هئي ته جيڪو ماڻهو پنهنجي خرچ تي منگ جهري فائيو اسٽار هوٽل ۾ اچي رهي سو ڪو عام اهڙو تهڙو ته نه هوندو.
    جيئن ته اسين ان وقت گڏوگڏ واڪ ڪري رهيا هئاسين سو ڳالهائڻ بهاني کائنس ٻار جو پڇيم.
    “منهنجو ئي آهي” هن ايترو ڌيرج ۽ آرام سان چيو ڄڻ اها ڪا نئين ڳالهه نه هجي. آئون فلحال ماٺ ٿي ويس. پر ٽي ڏينهن اڳ تائين جيڪو ماڻهو منهنجي لاءِ ايترو اهم يا دلچسپ نه هوتنهن منهنجي ڇهين حواس کي هوشيار ڪيو ته هي ضرور ڪا غير معمولي شخصيت آهي. اهو سوچي رهيو هوس ته هينئر چچڙ ٿي کائنس پڇڻ بدران لنچ تي يا شام جو هوٽل ۾ ساڻس وڌيڪ خبرون چارون ڪيون وڃن ته ايتري ۾ پاڻ مون ڏي چتائي ڏسي پڇيو:
    ڪهڙي هنڌ تي سئمنگ ڪرڻ جو ارادو آهي؟”
    “سڄو سمنڊ ساڳيو آهي،” مون وراڻيو، “بس ائين ڪنارو ڏيو پيو وڃان. جتي موڊ آئي ته سمنڊ اندر گهڙي ويندس.”
    “هتي جي اچين ته موسٽ ويلڪم. آئون ته هتي ئي ٿي وهنجان” هن چيو.
    مون لاءِ ته ڪو فرق نه ٿو پوي. پاڻ تنهنجي ڪمپني رهندي. توکي انگريزي سٺي اچي ٿي ان ڪري خبرون چارون ڪري سگهندس.”
    ان بعد وڌيڪ واڪ ڪرڻ بدران اسان سمنڊ ۾ اندر گهڙي پياسين جٿي اوسي پاسي کان ٻيا به ڪيترائي تري رهيا هئا. هن پنهنجي ٻار کي ٻانهن تي رٻڙ جا هوا سان ڀريل ٽائر چاڙهي کيس هيڏانهن هوڏانهن تڙڳڻ لاءِ ڇڏي ڏنو. رکي رکي پاڻ به تري ٿي ۽ منهن تي ڇندا هنيا ٿي ته مون سان به ڳالهين جو سلسلو جاري رکيائين ٿي.
    “لوڪل آهين يا فارينر_؟” هن پڇيو.
    “آهيان ته فارينر پر هتي رهئي به هاڻ ٻه اڍائي سال ٿي ويا اٿم. ٽن سالن جي مدي/ ٻول تي هتي آيو آهيان. لڳي ٿو ته ٽن سالن جو هڪ ٻيو ٽرم به هتي ئي ڪريان جو ملائيشيا مان اڃان بيزار نه ٿيو آهيان.” مون وراڻيومانس.
    “مهرباني جو تون اسان جي ملڪ کي پسند ڪرين ٿو.” هن چيو.
    “مسز زينا! توهان ڪٿي نوڪري ڪريو يا هائوس وائيف آهيو.” مون کائنس پڇيو.
    “پليز مون کي رڳو زينا چئو. ڇو جو ٺلهي نالي وٺڻ کي آئون وڌيڪ ترجيح ڏيان ٿي. ۽ هونءَ به آئون مسز زينا نه رهي سگهي آهيان.”
    “ائين به صحيح آهي پر ڇا پڇي سگهان ٿو ته توهان جي مڙس جو ڪو حادثو ٿي پيو؟”
    “نه. هو مون لاءِ جيئري ئي مري چڪو آهي.”
    “گذر سفر لاءِ ڇا ڪريو؟” مون پڇيومانس.
    “نوڪري ڪندي آهيان. آئون ڊاڪٽر آهيان. ڪوالالمپور ۾ پنهنجي ڪلينڪ اٿم_فلاڻي روڊ تي.”
    ايتري ۾ سندس پٽ سمنڊ جي ڇولين تي ڪجهه پرڀرو ٿي ويو هو تنهن کي پري وڃڻ کان منع ڪرڻ ۽ ويجهو اچڻ لاءِ رڙ ڪري ملئي زبان ۾ چيو:Jangan Perglah, Mari sini ۽ پوءِ وري مون سان مخاطب ٿي:
    “منهنجو مڙس آمريڪن هو،” هن ٿڌو ساهه کڻي ڳالهه ڪئي،
    “ان ڪري منهنجي ڇوڪر جا مهانڊا ان جهڙا آهن. ايم بي.بي.ايس هتان ڪوالالمپور مان ڪيم ۽ ان بعد سگهوئي ساڻس، هتي ئي ملاقات ٿي. هو هفتي کن لاءِ هتي ڪوالالمپور گهمڻ آيو هو. آئون پهرين ملاقات ۾ ئي منجهائنس ڏاڍو متاثر ٿيس. يا شايد آمريڪن جي نالي کان ننڍي لاڪون متاثر هيس_فلمون ڏسي ڏسي اهو سمجهڻ لڳي هيس ته هر آمريڪن مرد آئيڊيل ٿئي ٿو. ان کي اسان ماڻهن جي احساس ڪمتري به چئي سگهون ٿا، جنهن ۾ مون جهڙيون ڪيتريون ئي ڇوڪريون اڄ به مبتلا رهن ٿيون. هو اهو ئي سمجهن ٿيون ته هر آمريڪن سکيو ستابو، پئسي وارو ۽ سمجهدار ٿئي ٿو. آئون به هن آمريڪن سان ايترو گهرو ٿي ويس جو يڪدم شاديءَ جو فيصلو ڪيم. پر شاديءَ بعد ترت ئي خبر پئي ته هو ته ڪو هپي، ناڪارو ۽ بيروزگار موالي هو ۽ هتي چرس ۽ عمل جي پٺيان اچي نڪتو هو ۽ سندس مون سان نه پر منهنجي پئسي سان پيار هو. اسان جا ملڪ جدا،مذهب جدا، تهذيبون جدا، زبانون جدا_ويندي سوچون ۽ خيال به جدا جدا نڪتا. پر آئون کيس اهڙي حالت ۾ به ٺاهڻ ۽ جوڙڻ جي ڪوشش ڪندي رهيس. ڪمائي کيس آڻي ٿي ڏنم پر هو مون کي هر وقت هڪ گهٽ ذات ايشين سمجهي گاريون ڏيندو رهيو. بهرحال مون کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ضرور ٿيو ۽ کيس ڇڏي ڏيڻ جو فيصلو ڪريان ان کان اڳ هو ڇڏي هليو ويو. هاڻ گذريل ساڍن ٽن سالن کان ساڳي اڪيلي زندگي گذاري رهي آهيان_زندگي جيڪا بي معنيٰ ۽ بي مقصدي لڳيم ٿي. هر ڳالهه هڪ دوکو ۽ چالبازي سمجهيم ٿي،” هوءَ ٿورو غمگين ۽ اداس ٿي ويئي.
    پر پوءِ شايد پاڻ ئي پنهنجي اداسي محسوس ڪري چپن تي ٿوري مرڪ آڻي چيو: “سو دئٽ. اجهو زندگي اها آهي.”
    “اها ته آهي،” مون کيس چيو، “پر لڳي ٿو ته تو هيڪاندو گهڻو اثر ورتو آهي.”
    “شايد.” هن فلمي ائڪٽريسن وانگر ڪلهي کي جهٽڪو ڏيندي غير يقينيءَ جو اظهار ڪيو.
    “شايد نه پر بلڪل. آئون نٿو سمجهان ته تو جهڙيءَ کي ايترو جهٽ زندگيءَ جي بازي ۾ هار مڃڻ کپي جڏنهن تون پڙهيل ڳڙهيل آهين پئسي واري ڊاڪٽر آهين، سونهن سوڀيا ۽ ننڍي عمر واري آهين. يا ته لڳي ٿو توکي خبر ئي ناهي ته ماڻهن کي ڇا ڇا غم آهن. ۽ هو ايڏن غمن هوندي به خوش گذارين ٿا.”
    “خوش ته آئون به گذارڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي. مريضن جي رڙين ۽ دوائن جي ڌپ کان پري نڪري هتي سڪون ۽ مزي جا چار ڏينهن گذارن اچان ٿي_ياشايد پنهنجو پاڻ کان ڀڄڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ کي دوکو ڏيان ٿي.”
    اهو چئي هوءَ کلڻ لڳي. ۽ پوءِ هيڏانهن هوڏانهن جو ڳالهيون ڪندي رهي. خاص ڪري پنهنجي ڪلينڪ، ڪمپوزنگ (ڳوٺ) ۽ نوڪري واري شهر ڪوالالمپورجون. سندس زندگيءَ جو خواب ٽٽڻ ڪري کيس وڏو صدمو رسيل هو پر ان هوندي به هوءَ فطرتا کل مک لڳي ٿي جو رکي رکي چرچا پڻ ڪيائين ٿي. جڏنهن مون کيس ٻڌايو ته مون سندس گوري رنگ جو ٻار ڏسي ڇا سمجهيو هو ته پاڻ يڪدم چيائين: “اها ڳالهه هرڪو محسوس ڪري ٿو ته هيءَ پازيٽيوَ ڪاپي نيگيٽو مان ڪيئن نڪتي. هاڻ پنهنجي يا ڇوڪري جي ڳچيءَ ۾ ونهنجي خانه بربادي جو ڪهڙو بورڊ وجهي هلان.”
    آخري ڏينهن موڪلائڻ وقت چيائين: “تون پاڻ ئي ٻڌاءِ ته مون کي ڇا ڪرڻ کپي. ڪي چون ٿا ته شادي ڪرڻ گهرجي ته ڪي ان کي خراب ٿا سمجهن.”
    “هڪدم ڪا صلاح ڏيڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي پر توکي ائين بنا_سکان_جي_بيڙيءَ وانگر هيڏانهن هوڏانهن ترڻ بدران شادي ڪري سيبائتي زندگي گذارڻ کپي.”
    “اهو ته صحيح آهي پر ڪير شادي ڪندو_؟
    “دنيا ڪا بس ته نه ٿي ويئي آهي. تو جهڙي سهڻي لاءِ کوڙ عاشق نڪري پوندا.” مون کلندي چيومانس. هن به ٽهڪ ڏيندي چيو: “ڪو ملئي جهازي آفيسر منهنجي ڏانءُ جو ملنئي ته مون ڏي رجوع ڪجانس.” مون کائنس کان به وڌيڪ ٽهڪ ڏيئي چيومانس: “زينا مون تنهنجي ملڪ جي نوجوانن کي جهاز جو انجنيئر بنائڻ جو ٺيڪو کنيو آهي نه تو لاءِ مڙس ڳولڻ جو.”
    “ڀلا ڪو پاڪستاني_؟”
    “هينئر ٽيه کن ڊاڪٽر هتي آيا اٿئي. تون پاڻ ئي ڪا همت ڪري. شاديءَ جي دعوت تي مون کي به سڏجان.”
    ان بعد اسان جي موڪلاڻي ٿي.
    *____________*______________*
    ڊاڪٽر زينا کان علاوه پورٽ ڊڪسن ۾ ٻي جيڪا ياد رکڻ جهڙي شخصيت ملي اهو هڪ چيني همراهه هو. سندس احوال پڻ اڃان تائين چٽيءَ طرح ياد اٿم. ۽ هتي ان ڪري به ڏيڻ مناسب سمجهان ٿو جيئن پڙهندڙن کي چينين جي زندگي جي ڄاڻ پوي ته اهي ماڻهو جيڪي اڄڪلهه سٺي پوشاڪ ۽ سٺي ڪار ۾ خوش پاش ۽ سکيا نظر اچن ٿا انهن ان اوج کي ماڻڻ لاءِ ڪيترا جهد پٽيا آهن ۽ ڪيڏي محنت ڪئي آهي. هو پنهنجو اباڻو وطن چين ڇڏڻ وقت ڪو امير نه هئا. بلڪه چين ڇڏيائون ئي غربت جي ڪري. پوءِ سنگاپور ۽ ملائيشيا توري برما، ٿائيلنڊ_جتي به پهتا ته ڏتڙيل حالتن ۾ ۽ پوءِ پيٽ ڀرڻ ۽ پئسي حاصل ڪرڻ خاطر محنت ۾ لڳي ويا. بکن ۾ به پڙهندا ۽ پورهيو ڪندا رهيا. گهٽ پگهار ۽ ٿوري نفعي تي به نوڪريون ۽ واپار ڪندا رهيا. جڏنهن پئسو هنن وٽ آيو ته ان کي اجاين خرچن، رسمن رواجن، ڏيک ۽ شوبازيءَ ۾ وڃائڻ بدران پنهنجي اولاد، پنهنجن مائٽن، پنهنجي ڪميونٽي ۽ ڳوٺ ۾ رهندڙ پنهنجن ذات ڀائين کي سڌارڻ ۽ اڳتي وڌائڻ پٺيان استعمال ڪيائون ۽ ڪندا رهن ٿا.
    سنگاپور يا ملائيشيا ۾ رهندڙ چينين مان ڀلي ڪي به ڏهه سکيا ستابا چيني چونڊي کانئن ننڍپڻ جو احوال وٺو. انهن ۾ ڪو هڪ يا ٻه اهڙو کڻي هجي جنهن جا مائٽ مڇي مانيءَ وارا هجن باقي اٺ کن ضرور اهڙا هوندا جيڪي غربت ۾ ڄاوا نپنا هوندا. پوءِ هنن پڙهي نمبر کنيا ۽ پڙهڻ دوران پورهيا ڪيا. ٻٽيون ٻٽيون نوڪريون ڪيون. يا وري ڏٺائون ته پڙهائيءَ مان ڪو فائدو نٿو ٿئي ته هنر سکيائون ۽ درزي، واڍا، مڪينڪ ٿي پئسو ڪمايائون. سڀ کان وڏي ڳالهه ته پئسو ڪمائي خرچڻ ۽ عيش ڪرڻ بدران ان کي اڃان به وڏي ڳالهه ۾ لڳايائون. ڪو گئراج وارو هو ته ڪمائي ڪمائي فئڪٽري ورتي، فئڪٽريءَ بعد ٻيون فئڪٽريون جنهن ۾ پنهنجي ڪٽنب ۽ ڪميونٽيءَ جي ماڻهن کي نوڪريون ڏيئي خوشحال بنايائون. ۽ هُنن وري ساڳي وقت ان جي بدلي ۾ تمام گهڻي محنت ڪري پاڻ به ڪمايو ته ان مائٽ/ مالڪ کي به فائدو پهچايو.
    اهو ئي سبب آهي جو چينين لاءِ مشهور آهي ته هو اڻ ورچ آهن ۽ تمام گهڻو پورهيو ۽ محنت ڪن ٿا. ان ڪري ملئي ۽ انڊين دڪاندار به چيني نوڪر/ پورهيت کي پاڻ وٽ رکندي عار محسوس نه ڪندو. ٻيو ته چينيءَ لاءِ مشهور آهي ته محنت سان گڏ پئسي کي ايترو بچائي رکي ٿو جو چئن سالن اندر چيني نوڪر پرايو دڪان ڇڏي پنهنجو شين جو گاڏو هلائي ٿو. ان بعد پيڍي (ڪئبن) ۽ پوءِ دڪان. ۽ جيسين پٽن پوٽن وارو ٿئي ٿو تيسين ڊپارٽمينٽ اسٽور يا وڏي ڪارخاني جو مالڪ ٿيو وڃي. جنهن ۾ سندس پٽ پوٽا ڏهٽا به روزگار ڪمائي سگهن ٿا.
    چينين لاءِ اهو به مشهور آهي ته خرچ صفا نه ٿا ڪن. سڄي سال ۾ رڳو سال جا ٻه ڏينهن موڪل ڪن ٿا جن ۾ چڱيءَ طرح کائين پيئن ۽ پهرين. باقي سڄو سال پورهيو ڪن. ڇا جا برٿ ڊي ڇا جون سکائون، ڇا جا تحفا ڇا جو دعوتون. اهي ٻين ۾ ڀلي هجن جيئن اهي دعوتن ۽ تحفن تي خرچ ڪرڻ ۽ شيون وٺڻ لاءِ سندن دڪانن تي اچن.
    اهڙي طرح چيني ڪار يا موٽر سائيڪل وٺي اوطاق اڳيان بيهاري رڳو ٽئڪس نه پيو ڀريندو آهي پر ان کي ڪمائيءَ جو ذريعو ٺاهي خوب استعمال ۾ آڻيندو ۽ ڪڏنهن گهمڻ لاءِ کڻي نڪرندو ته به چاهيندو ته رستي تان پئسينجر کڻندو وڃان جيئن پئٽرول جا ته پئسا نڪرن. ڪوشش ڪري ٻه ٽي ڀائر يا دوست گڏجي هڪ ڪار وٺندا جيئن ان کي سڀ چڱي طرح استعمال ڪن ۽ هر هڪ ڌار ڌار پئسو سيڙائي الڳ الڳ ڪار نه وٺندو. ڇو جو ڪار اهڙي شئي آهي جيڪا چاهي گهٽ هلي يا گهڻو، وڪڻڻ مهل پئسا ماڊل (سال) جي حساب سان ئي ملن ٿا. پوءِ ڇو نه ان کي چڱيءَ طرح ڪم ۾ آڻي گسائجي. بهرحال چيني_جيڪي اڄڪلهه جي خوشحال قوم ٿيندي وڃي، ڪنهن جادو يا سياست ڪري نه، پر محنت، پورهئي ۽سادگيءَ ۾ رهڻ ڪري خوشحال آهن.
    پورٽ ڊڪسن جي منگ هوٽل ۾_جنهن ۾ آئون به رهيل هوس، جيڪڏنهن ڪو هر وقت ڪتاب پڙهندي نظر آيو ٿي ته اهو هو پنجهٺ سالن کن جو هڪ چيني همراهه مسٽر سينگ لم. ساڻس پهرين ڏينهن کا ئي عليڪ سليڪ ٿي ويئي_۽کائنس سندس احوال دلچسپيءَ سان پڇندو ۽ ٻڌندو هوس.
    پاڻ 1920ع ۾ سنگاپور ۾ ڄائو هو. سندس پيءُ 1910ع ۾ (سندس ڄمڻ کان ڏهه سال کن اڳ) چين جي ڏاکڻي علائقي مان لڏي پيٽ گذر لاءِ سنگاپور ۾ آيو هو. ان سال سندس اباڻي چيني شهر ۾ سخت ڏڪار پيو هو جو کائڻ لاءِ ڪڻو به نه هو. سوچين وڏن جي ورثي ۾ مليل انڌي منڊي جاءِ وڪڻي ٻيڙيءَ جو ڀاڙو ڪري اچي سنگاپور کان نڪتو جتي انگريزن جي حڪومت هئي.
    “بابي کي پگهار ايترو پورو پنو ملندو هو” هن ٻڌايو، “جو گهر جي ڀاتين جو هڪ وقت به چڱي طرح پيٽ ڀرجي نه سگهندو هو. هر مهيني پوري ٿين تي گهر جي مسوڙ جا ڇهه ڊالر مالڪ کي ڏيڻ اسان لاءِ وڏو مسئلو هوندو هو. مون کي ياد آهي ته ان ڪري اسان کي ڪيترائي گهر بدلائڻا پيا. ڪو به مالڪ وڌ ۾ وڌ ٻه مهينا ترسندو هو. ٽيون مهنو بنا مسواڙ جي پورو ٿيڻ تي سامان ڪڍي ٻاهر اڇلائيندو هو. ۽ پوءِ وري نئين گهر جي ڳولا ٿيندي هئي ۽ ڪنهن غريب علائقي ۾ هڪ يا ٻن ڪمرن وارو سستو گهر ملي ويندو هو جنهن ۾ ٻي ڪا سهوليت ڏسڻ اجائي سمجهي ويندي هئي بس اس ۽ مينهن کان مٿو ڍڪڻ لاءِ ڇت هجي.
    هڪ گهر اسان وٽ ڪيترائي سال رهيو جنهن جو اڳيون حصو روڊ تي هجڻ ڪري دڪان طور ڪم اچي سگهيو ٿي. اهو نون ڊالرن جي مسواڙ تي مليو هو پر ان کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اسان وري دڪان وارو حصو چئن ڊالرن ۾ مسواڙ تي ڏيئي ڇڏيو جنهن کي ڪوئلن جو واپاري گدام طور استعمال ڪندو هو ۽ ڪوئلن جون ڳوڻيون ۽ ڇٻيون هر وقت رکيل هونديون هيون. انهن ڳوڻين ۽ ڇٻين وچ ۾ آئون ٽڪار (ملئي تڏو) وڇائي رات جو سمهندو هوس. اهڙي طرح مون ڪوئلي جي ڌوڙ ۾ ڇهه سال گذاريا. شڪر ٿو ڪريان ته دماغ يا دل جي ڌڙڪي_يا ڪنهن به اهڙي خطرناڪ بيماريءَ کان بچي ويس جيڪا چون ٿا ته ڪوئلي جي ڪاربان واري ڌوڙ سنگهڻ سان ٿئي ٿي.
    “منهنجو پيءُ انگريزي جي هڪ کاتي ۾ ٽيهٺ ڊالر پگهار تي ڪلارڪ هوندو هو. تن ڏينهن ۾ مائرن جو هڪڙو ڪم گهر جي صفائي هوندو هو ۽ ٻيو ٻار ڄڻڻ. ان ڪري ههڙي هال ۾ به امان سورهن ٻار ڄڻيا ۽ ان ٻهر ۾ منهنجو پنجون نمبر هو.
    “ٻارن جي ڌڻ ۾ هر سال ويجهه ٿيڻ ڪري بابي لاءِ سڀني جو پيٽ ڀرڻ مشڪل ٿي پيو. سو جيئن ئي ڪو ٻار مئنيوفيڪچر ٿي نڪرندو هو ته پالڻ لاءِ چاچن ماسين کي ورڇ ۽ واري موجب پارسل ڪيو ويندو هو. پوري پني کاڌي نه ملڻ ڪري ڪن ٻارن تي سندن چاچي يا ماسيءَ جا هٿ پهچڻ کان اڳ نمونيا، مليريا، سائي يا وڏي کنگهه جا هٿ رسي ويندا هئا ۽ هو جتان ايندا هئا اوڏانهن ترت ئي روانا ٿي ويندا هئا.
    “منهنجي ماءُ جي نظر ۾ هڪ ڪٽنب ۾ چار ٻار ڪافي هئا. منهنجو پنجون نمبر هو سو جڏنهن منهنجي آمد ٿي ته آئون پهريون پلونگڙو ٿابت ٿيس جيڪو گهر ۾ رکڻ بدران ماسيءِ جي حوالي ڪيو ويس. خوشقسمتي يا بدقسمتيءَ سان منهنجي ماسيءَ جو مڙس انهن ڏينهن گهر جي اونداهي ڪمري ۾ ويٺو عمل ڏوڏي يا چرس جا ڪش هڻندو هو. ۽ ان جو دونهون ايڏو سخت ۽ طاقتور هوندو هو جو ڪمري ۾ ويٺي ويٺي مونتي به خمار چڙهڻ لڳندو هو. تن ڏينهن ۾ آئون ٻار هوس. ڪنهن به سٺائي يا خرابيءَ جي ڪا خبر نه هيم. ماسيءَ وارا مون تي ڪو به ڌيان نه ڏيندا هئا. ڇهن سالن جو جڏنهن ٿيس ته به منهنجن پالڻ وارن مون کي اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏيڻ لاءِ ڪا چرپر نه ڪئي.
    “منهنجي ماءُ کي جيئن ئي ان ڳالهه جي کڙڪ پيئي ته هوءَ هلي آئي ۽ ماسيءَ کان منهنجي ٻانهن واپس وٺي آئي نه ته آئون به عمل ۽ چرس جو عادي ٿي وڃان ها ۽ پوءِ پڙهي يا ڪو هنر سکي وڏو ماڻهو ٿيڻ بدران رڪشا ڇڪڻ وارو ٿيان ها، يا ماڻهن جا ڪاڪوس ميڙڻ وارو يا وري رستي تي ويهي گورينگ سانگ (تريل ڪيلا) وڪڻان ها.
    “۽ امان کي يقين هو ته آئون زندگيءَ ۾ ڪڏنهن به ڪامياب ٿي نه سگهان ها جو ڪمزور جسم ۽ گهٽ طاقت جي ڪري رڪشا ڇڪڻ جو ڪم مون کان نه پڄي ها. ۽ نه وري گونهه جو دٻو ڪلهي تي رکي ماڻهن جا ڪاڪوس ميڙي سگهان ها جو ٿوري ڌپ سهڻ جي به مون ۾ همت نه هئي ۽ هٻڇي وري اهڙو هوس جو تريل ڪيلا وڪڻڻ بدران هڙ کائي وڃان ها.
    “اسان جي گهر ۾ کائڻ لاءِ ايترو گهٽ هوندو هو جو رات جو اڪثر کائڻ بنا سمهڻو پوندو هو. هڪ دفعي ته آئون ايڏو بکايل هوس جو پاڙي جي مائيءَ کان جڏنهن هڪ گجر ڪري پيو ته کيس ٻڌائڻ بدران لڪائي لڪائي گهر کڻي آيس ۽ رات جو جڏنهن سڀ سمهي رهيا ته ان کي باهه ۾ وجهي پچائي کاڌو هوم. اهو ته ٿيو هڪ ڏينهن، هر روز ته ڪو به پاڙيسري ائين گجر نٿو ڪيرائي.
    “پر چوندا آهن ته مولا ڪنهن کي به ڇڏي نٿو. جڏنهن مون کي امڙ اسڪول ۾ داخل ڪيو ته ڏاڍي خوشي ٿي. اسڪول ويندي وقت هڪ بسڪٽن جي فئڪٽريءَ وٽان لنگهڻ ٿيندو هو جيڪي گاسليٽن جي دٻن جا خالي ٿيل دٻا صفائيءَ لاءِ ٻاهر ڪڍي رکندا هئا. ٻي يا ٽي ڏينهن اسڪول ويندي منهنجي دل ۾ آيو ۽ همت ڪري ٽن چئن دٻن جا ڍڪ کولي ڏٺم ته هڪ ۾ بسڪيٽن جي ڪجهه ڀرڪٽ بچي پيئي هئي. ان بعد هرروز اسڪول ويندي ڏهه ٻارهن دٻن ۾ ليئا پائي ڏسندو هوس ۽ ٽن چئن دٻن مان ضرور بسڪٽن جا بچيل ٽڪرا ۽ ڀرڪٽ نڪري ايندي هئي. ان مال مان مڙيئي کيسو ڀرجي ويندو هو. انهن ڏينهن ۾ اسڪول ويندڙ ڇوڪر لاءِ جنهن کي هميشه بکئي پيٽ تي رات جو سمهڻو پوندو هو، اها بسڪيٽن جي ڀرڪٽ وڏي دعوت هئي. ان ڳالهه کي پنجاهه سال گذري ويا آهن پر اڄ به مون کي چڱي طرح ياد آهي ته ڪنهن بسڪيٽ جي ٽڪري مٿان مٺاڻ Icing لڳل ذرو ڏسي مون کي ڪيڏي نه خوشي ٿيندي هئي. پوءِ ڪنڊ پاسي ۾ ويهي پهرين بسڪيٽن جا ذراذرا کائيندو هوس ۽ پوءِ مٿائن لڳل اهو مٺاڻ جو ذرو. ننڍپڻ جي پيل اها عادت اڄ تائين مون ۾ موجود آهي. اڄ به ڪا به ماني تيسين مڪمل نه سمجهندس جيسين ان سان گڏ ڪجهه مٺاڻ ذرو نه هجي.”
    مسٽر سينگ لم کي مغربي پريس توري فلمن ۽ ٽي وي پروگرامن سان سخت شڪايت هئي؛ هو هميشه مغرب کي گهڻو پڏائين ٿا ۽ مشرق کي هيٺاهون ڏيکايرن ٿا. ڄڻ مشرق جا ماڻهو جاهل ڄٽ ۽ ڇسا هجن.
    “انگريزي ادب توڙي تواريخ هميشه مغرب جي ڪاميابين کي وڌاءِ ۽ وڏاءَ سان لکيو آهي”، هن چيو، “هنن پنهنجن بادشاهن ۽ حاڪمن ساراهيو آهي. آئون چوان ٿو ڇا ترڪن ۽ عربن ۾ ڪو هوشيار ليڊر هو ئي ڪونه ڇا. ائين جي نه هجي ها ته هو اسپين تي ست سئو سال حڪومت نه ڪري سگهن ها. رومانيا بلغاريا کان مصر تائين ڪيئن ڪاميابي حاصل ڪن ها. ويندي موجوده تواريخ ڏسو ته چرچل، آئزن هاور، مونٽيءَ کي گهڻو پڏايو ويو آهي ۽ ياماشيتا، نهروءَ ۽ مائوءَ کي هيٺاهون، بيوقوف ۽ گهٽ ڏيکاريو ويو آهي. ۽ اسان جو نوجوان به پنهنجن کان ايترو واقف ناهي پر ڪنگ آرٿر ۽ سندس گول ميز، رابرٽ بروس ۽ ڪوريئڙي، آمريڪي خانه جنگي، مئگنا ڪارٽر، ڪولمبس، ڪڪ، ايلوس ۽ ويندي مائيڪل جئڪس کان چڱي طرح واقف آهي پر پنهنجن ايرانين، انڊين، عربن يا چيني حاڪمن ۽ سندن گهراڻن جي ٽڪي جي به خبر نه اٿس. ۽ اسان چينين کي ته آمريڪن بنهه گهٽ ذات، چرسي، موالي، چور، ٺڳ ۽ بي غيرت سمجهن ٿا. فلمن ۾ به چينين تي چرچا ڪندا. ويندي جان وين جهڙي آمريڪن ايڪٽر به ان معاملي ۾ پنهنجن آمريڪن کي ساراهيو آهي. The Green berets فلم ۾ هڪ ويٽنامي ڇوڪري کي ٻانهن کان جهلي سمجهائيس ٿو ته هو هن جي ڪارڻ ويٽنام ۾ جنگ جوٽيو ويٺا آهن. ان جنگ ۾ هو (آمريڪي) پنهنجي سر جون قربانيون ڏيئي رهيا آهن جيئن هو ڇوڪر امن امان جي دنيا ۾ وڏو ٿي سک جو ساهه کڻي سگهي.”
    “ڄڻ چڱو جو ٻه سئو سال کن اڳ آمريڪا وجود ۾ آيو ۽ آمريڪن اسان کي اچي سيکاريو نه ته هزارين سال اڳ تائين اسان ڄڻ اونده ۾ ٿاڦورا پئي هنيا. بهرحال هاڻ اها ويٽنامي لڙائي ڪڏهوڪي ختم ٿي چڪي آهي. آمريڪن پڇ پٺيان وجهي جنهن نموني سان ويٽنام مان ڀڳا اهو سڄي دنيا ڏٺو ۽ ٻڌو. هاڻ کانئن ڪير پڇي ته ڪير طاقتور ۽ عقلمند هو. پاڻ آمريڪن يا اهي ويٽنامي جن کي هنن ڏٻرو ۽ جاهل ٿي سمجهيو. ويٽنامين کي جيتوڻيڪ ڪمزور، نستو، بي هٿيار، بي سرو سامان ۽ ڏتڙيل بنايو ويو. کين ائين ڀيلي ختم ڪيو ويو جيئن مڪڙ بيٺل فصل کي چٽ ڪري، سندن عورتن سان زوريءَ زنائون ڪيون ويون مردن جا هڏ گڏ ڀڳا ويا، سندن شهر ۽ وستيون تباه ڪيون ويون ته به هنن “گوري ماڻهوءَ” جو خواب پورو ٿيڻ نه ڏنو. ۽ اهو خواب ڇا هو_؟ سندن خواب هو ته ايشيا کي هيٺاهون ڏيکاري مٿس پنهنجي هلايون. افسوس رڳو ان ڳالهه جو ٿئي ٿو ته ويٽنامين جي ايڏي فتحيابي بعد به اسان جي پنهنجن ايشيائي ملڪن کين داد نه ڏنو. آمريڪن رسالن ۾ انهن آمريڪن جا لکيل مضمون پڙهي اڄ به اسين ويٽنامين کي نيچ ۽ خطرناڪ سمجهون ٿا.
    “اهڙي طرح هو وري ٺوڙهو ائڪٽر يول برينر ڏسو جنهن King and I فلم ۾ بادشاهه جو رول ڪري اهو تاثر ڏنو آهي ته ايشيا جي ملڪن جا ههڙا حاڪم ٿين ٿا. مطلب ته مغربي پريس توڙي فلم انڊسٽريءَ مشرق جو صحيح روپ ڏيکارڻ بدران غلط پيش ڪيو آهي. ٻيا ته ٺهيو پر اسان جو پر متڙيو نوجوان به ان معاملي ۾ ڀٽڪيل آهي جو هو مغرب جون ئي فلمون ڏسي ٿو ۽ ڪتاب پڙهي ٿو.....”
    مسٽر سينگ لم سان هوٽل جي ورانڊن ۾ ئي ٻه ٽي دفعا ملاقات ٿي ۽ هو اڪثر گهڻي پيئڻ ڪري سرور ۾ رهندو هو. پنهنجيون پرايون ڳالهيون جيڪي اينديون هيس ڪندو ويندو هو. فقط آخري ڏينهن هو هوش ۾ هو ۽ موڪلائڻ وقت زينا وانگر فقط اهوئي چيائين ته سندس ڳالهيون ڀلي پنهنجي سفرنامي ۾ لکان پر نالو بدلائي. جنهن لاءِ نه فقط ٻنهي سان واعدو ڪيم پر عمل پڻ ڪري رهيو آهيان.


    دٻلي ڇاپ ائڪٽر

    چين دنيا جي وڏن ۽ پراڻن ملڪن مان هڪ آهي. سندس آدمشماري اڄ نه پر صدين کان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهڻي هئي ۽ صدين کان چين تي ڪئين دور آيا. جتي چين سکيو ستابو ۽ سهڻو ملڪ پئي رهيو آهي اتي مختلف حڪومتن ۾ ۽ مختلف دورن ۾ عوام لاءِ ڏکيا ڏينهن پڻ ايندا رهيا ٿي. پوءِ بک، بيماري ۽ بيروزگاريءَ کان بچڻ لاءِ هنن پنهنجو ملڪ ڇڏي دنيا جي مختلف ملڪن ڏي تڏنهن وڃڻ شروع ڪيو جڏنهن اڃان پاسپورٽ ويزا جهڙي شيءِ جو پري پري تائين وجود نه هو. ڪمائيءَ ڪارڻ هو آمريڪا ۽ يورپ جهڙن ڏورانهن ملڪن کان به وڃي نڪتا ته ويجهن ملڪن سنگاپور، انڊونيشيا، فلپين، ٿائلنڊ، جپان، ڪوريا ۾ به. پوءِ جنهن جنهن ملڪ ۾ پهتا اتي ڪوشش ڪري پنهنجا محلا، پنهنجيون مارڪيٽون ۽ مندر اڏي هوبهو اباڻي وطن جهڙو ماحول ٺاهي رهڻ جي ڪوشش ڪيائون. جيئن اسان وٽ پٺاڻ پنهنجو صوبو ڇڏي جڏنهن ٻئي هنڌ ڪراچي، حيدرآباد، لاهور، سکر ۾ رهڻ لاءِ اچن ٿا ته گهڻو ڪري رهڻ لاءِ الڳ ڪالوني ٺاهين ٿا_ان لاءِ ڀلي کڻي کين شهر کان پري پٽ ملي. اتي پنهنجا دڪان ۽ هوٽلون ٺاهيندا جن ۾ هنن کي پنهنجي سواد جي ڌوڌ پتي چانهه، بالٽي گوشت، نان چپلي ڪواب جهريون شيون ملي سگهن. ڀر ۾ عبادت لاءِ هڪ عدد مسجد پڻ. تيئن چيني به ايامن کان دنيا جي جنهن جنهن شهر ۾ رهيا اتي پنهنجي اسٽائيل جي ڪالوني ٺاهي رهيا جنهن کي عام زبان ۾ “چائنا ٽائون” سڏجي ٿو. چائنا ٽائون توهان کي جپان جي يوڪوهاما ۽ ٽوڪيو جهڙن شهرن ۾ به ملندا ته دور دراز آمريڪا جي شهرن نيويارڪ، فلوريڊا، لاس انجلس، بالٽيمور وغيره ۾ به. ۽ اهڙي طرح انگلنڊ ۽ يورپ جي به انيڪ شهرن ۾ ملندا. ڪهڙي ملڪ جو نالو کڻي ڪهڙي جو کڻجي. دنيا ۾ سڀ کان گهڻي پکڙيل ۽ پنهنجي ملڪ کان ٻاهر نڪتل قوم “چيني” آهي.
    سنگاپور ۽ ملائيشيا جي ته هڪ هڪ شهر ۾ ڪيترائي چائنا ٽائون ملندا جو اهي ملڪ ته چين ملڪ کي تمام ويجها آهن ۽ انهن جو حالتون چڱيون خاصيون سازگار ۽ سڻايون رهيون آهن. ڪوالالمپور جي ته اڌ کان وڌيڪ آدمشماري چيني ۽ سڄي واپار وڙي ۽ تجارت تي پڻ چيني ڇانيل هجڻ ڪري توهان کي هر هوٽل، دڪان، آفيس ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ملئي ۽ انڊين کان علاوه باقي چيني نظر ايندا. پر ڪوالالمپور جا ڪجهه علائقا، محلا ۽ مارڪيٽون ته اهڙيون آهن جتي فقط ۽ فقط چيني نظر ايندا. دڪانن ۾ پڻ نج چينين جي ڏانءَ جو سامان، رونق ۽ نمونو هوندو. ۽ جيڪڏهن توهان ان قسم جو چائنا ٽائون جپان آمريڪا، سنگاپور يا انگلنڊ يورپ جي ڪنهن شهر ۾ نه ڏٺو آهي ته پوءِ آئيڊيا خاطر ڪوالالمپور ۾ جالان پيتلانگ وارو چئنا ٽائون ڏسڻ بهتر آهي. يا وري جالان هئنگ ليڪر، جالان بندر، جالان سلطان وارو پڻ ڏسي سگهجي ٿو. (جالان ملئي لفظ آهي معنيٰ رستو، روڊ).
    چئنا ٽائون ۾ چائنيز کاڌا طرح طرح جا نظر ايندا_سڪل، رڌل،تريل،اوٻاريل،بچايل ۽ سنڌيل مڇيون، کيکڙا، گانگٽ ۽ ويندي آڪٽوپس ۽ سوتون جهڙيون سامونڊي شيون. چيني جڙي ٻوٽين جا پسارڪا دڪان ۽ دواخانا_جتي مٿي جي سور لاءِ “ٽائيگر بام” ته پير مڙڻ جي سور ۽ سوڄ لاهڻ لاءِ “زينگ هو شوئي” جهڙيون مشهور دوائون، لوشن، بام، ڦڪيون، سلاجيت، ڪک ۽ ڪُشتا وڪامندي نظر ايندا. چائنا ٽائون ۾ اتي جو اتي موچيءَ کان پنهنجو ڇنل جوتو ٽاڪرايو ۽ ڀر ۾ ويٺل فال واري کان پنهنجي قسمت جو احوال پڇي، سندس قسمت ٺاهڻ لاءِ اجوري جا پنجاهه سينٽ ڏيوس. چائنا ٽائون ۾ ڪيترائي ميون، گلن، ڪپڙن چونئرن کاڄن وارا گهوريئڙا ۽ هٽن وارا ڏسڻ ۾ ايندا.
    جيئن جيئن سج لهي رات ٿيندي آهي تيئن تيئن چائنا ٽائون جي رونق ۽ فٽ پاٿي دڪان وڌندا آهن. پري پري جا واپاري وئگن گاڏين ۾ سامان کڻي هتي اچي نڪرندا آهن ۽ فوٽ پاٿن سان گڏوگڏ وچ رستي تي به ڪيترن ئي شين جا دڪان کلي ويندا آهن_جهڙوڪ واچن، بوٽن، بيلٽن، چئمپلن، بليڊن، تيلن، صابڻن، گنجين، ڪڇن، رڪارڊن، ڪئسٽن، گوڏين عطرن، ٽنگڻين، چاٻي جي ڇلن ۽ ڇٽين جا دڪان. ان سان گڏ رڌ پچاءُ جا دڪان پڻ اڃان به وڌي ويندا آهن. ڪي شيون ٽانڊن تي پچي رهيون هونديون ته ڪي ڪڻڇين ۾ ترجي رهيون هونديون. ديسي ۽ ولائتي شربت، ڳنن ۽ ناريلن جا رس، مڪسڊ ميوا، سلاد ۽ آئرباتو چئمپور (ڳنڍا ڪلفيون) جتي ڪٿي نظر اينديون. ماڻهن جي پيهه پيهان، مينهن جي ڦڙ ڦڙ ۽ ٽيسٽنگ لاءِ وڄندڙ چيني ڪئسٽن جا ڦاٽ ڦاٽان هوندي به دل پيئي چوندي ته خريداري اتان ڪجي. چاهي هڪ قميص يا چئمپل وٺڻ لاءِ اڌ ڪلاڪ سودي بازي ڪرڻي پوي يا اگهه گهٽائڻ لاءِ موٽي چڪر هڻڻا پون. سو اهو ٿي نٿو سگهي ته چائنا ٽائون ۾ توهان کي مزو نه اچي يا بنا ڪنهن خريداريءَ جي هٿين خالي موٽي اچو.
    چينين جي چائنا ٽائون وانگر ڪوالالمپور ۾ ملئي نموني جو پڻ علائقو آهي جتي ماڻهو، ملئي نموني جا کاڌا ۽ گهر نطر ايندا. جيڪڏنهن توهان کي وقت گهٽ آهي ۽ ڪوالالمپور کان پري ڀر وارن شهرن ڳوٺن ۾ وڃي نٿا سگهو ته ڪلاڪ ڏيڍ لاءِ تنڪو عبدالرحمان جي ڀر ۾ جالان راجا الانگ، راجا باط، چائو ڪٽ ۽ حاجي حسين واري هن علائقي ۾ چڪر هڻي نج ملئي ڳوٺ جي آئيڊيا وٺي سگهو ٿا، جنهن کي ڪمپونگ بارو (نئون ڳوٺ) سڏجي ٿو.
    ان کان علاوه ڪوالالمپور ۾ ڏسڻ لاءِ ٻيون به ڪجهه شيون آهن جهڙوڪ Lake Garden باغيچي ۾ هتي جي پارليامينٽ بلڊنگ، نئشنل ميوزم ۽ قومي نشان آهي. ڪوالالمپور ڏينهنون ڏينهن مسجدن جو پڻ شهر ٿيندو وڃي ۽ ريلوي اسٽيشن ڀرسان مسجد نگارا، تُن پيراڪ روڊ تي (ڪلانگ ۽ گومباڪ ندين جي وچ ۾) مسجد جامي ۽ سنگاپور ايمبيسيءَ جي ڀر سان نئين مسجد ڏسڻ وٽان آهن. ڪوالالمپور انٽرنيشنل هوٽل جي ڀر ۾ هڪ مسجد “پاڪستان مسجد” جي نالي سان پڻ مشهور آهي.
    شهر کان ٿورو ٻاهر ڀرو هڪ ته باتو غارون ۽ گنتنگ هاءِ لئنڊس آهن. انهن کان علاوه ڪلانگ بندرگاهه، ميمالئنڊ_جنهن ۾ ٻارن جي وندر جو پڻ ڪيتريون ئي شيون آهن. جهڙوڪ:ٻيڙين جو سير، ٽيهه ڊالرن ۾ هيليڪاپٽر جو سير، سئمنگ پول ۽ پينگهون وغيره آهن. ست اٺ ميل کن پري تمن ميلاوتي جي ڀر ۾ هتي جو قومي چڙيا گهر پڻ آهي. جيڪڏنهن ڪوالالمپور کانپوءِ سنگاپور وڃڻا آهيو ته پوءِ ڪوالالمپور جو هي چڙيا گهر ڏسڻ اجايو آهي. جو سنگاپور ۽ ڪولمبو وارا چڙيا گهر تمام وڏا آهن_۽ڏسڻ لائق پڻ.
    ۽ اهي مڙيئي شيون ڏسي ڏسي توهان جي ٿڪجي پيا آهيو ۽ ماڳهين ڪوالالمپور ۾ وقت گذارڻ لاءِ ڪا واهه پيا ڳولهيو جو توهان ڏينهن ٻن بدران هفتو ٻه ٽڪڻ لاءِ آيا آهيو ته پوءِ مون وانگر ماٺ ڪري ڪنهن سئنيما هال ۾ وڃي ڪا تامل فلم ڏسو ڇو جو آخر ڪار سئنيما پڻ انهن شين مان هڪ ٿيندي پئي وڃي جنهن جي وجود جي ختم ٿيڻ جو انديشو تمام گهڻو آهي.
    هڪ دفعي ڪوالالمپور ۾ هڪ اهڙي هوٽل ۾ رهڻو پيو جنهن جي ڀر واري سئنيما ۾ تامل فلمون ڏسڻ جو ڪو ارادو نه هو، خاص ڪري هن ٻئي شو جو جنهن جو پهريون اڌ هلي چڪو هو.
    پر جيئن ئي در وٽ پهچي اندر ليئو پاتم ته گيٽ ڪيپر وڏي قرب سان اندر اچڻ لاءِ چيو ۽ آئون به ٿئنڪ يو ڪري بنا ٽڪيٽ جي، پوئين سيٽن مان هڪ خاليءَ تي ويهي رهيس.
    ڪو سالن بعد سئينيما هال ۾ گهڙڻ ۽ فلم ڏسڻ جو وجهه لڳوهو. جو اڄڪلهه ٽي وي ۽ وي سي آر تي فلمون اهڙيون عام ٿيون آهن جو ماڻهن سئينيما ڏي وڃڻ جو رخ ڇڏي ڏنو آهي. هيترن سالن بعد سئينيما هال ۾ ويهي ماڻهوءَ جي قد کان به وڏن فلمي اداڪارن کي پڙدي تي چٽو ۽ صاف چرندو پرندو ڏسي ڏاڍو مزو آيو. پنجن منٽن جي ارادي سان اندر گهڙي ماڳهين اڌ ڪلاڪ کن ويهي رهيس. ٽي ويءَ جي ننڍي پردي تي تروڙن ذريعي فلم ڏسڻ سان شايد ايترو نٿو نٿي ٿئي. فلم جو تامل نالو “پنتم” هو. جنهن ۾ (بقول گيٽ ڪيپر ڇوڪري جي) تامل فلمن جو قبل، پراڻو ۽ مشهور ائڪٽر سيواجي گنشيان هو. ڇا کان مشهور آهي. چئي نٿو سگهجي. يا شايد ڏهاڪو سال کن اڳ مشهور هوندو. شڪل شبيهه ۾ ته مشهور ائڪٽرن جهرو نٿي لڳو ۽ نه وري تامل فلمن جو ڪو ٻيو ائڪٽر لڳندو آهي_چاهي اهو هيرو هجي.
    ڪوالالمپور ۾ ڪا نئين سئينيما کلڻ جو ته امڪان ڪونهي باقي پراڻين مان جيڪي وڃي بچيون آهن تن ۾ انگريزي ۽ چيني فلمون جام هلن ٿيون. ٻئي نمبر تي هي تامل ۽ ملئي. ڪڏهن ڪڏهن پنجابي، هندي، مليالم ۽ تيلگو فلمون به هلن ته انڊونيشي به. جيئن اڄڪلهه اميتاڀ بچن، زينت امان ۽ ٽينامنيم جي هڪ فلم “پڪار” هلي رهي آهي. تامل فلمون ۽ اڄ جا حالات ڏسي گدگد ٿين ٿا. آرٽ، ڪهاڻي، فوٽوگرافي، ايڊيٽنگ، پشگي وغيره وغيره جي لحاظ کان ڪي ڪي تامل فلمون تمام سٺيون به چيون وڃن ٿيون. ڪي ته هندي فلمون تامل فلمن تان ڪاپي ٿيل هونديون آهن جيئن راج ببر، سميتا پاٽل ۽ ارونا ايرانيءَ جي هڪ هندي فلم “پيٽ، پيار اور پاپ” دراصل هڪ تامل فلم جو هندي روپ آهي ۽ ان جي اصل تامل فلم کي بهترين انعام مليو هو. پر افسوس رڳو اهو هو تامل فلمن جا ائڪٽر ۽ ائڪٽريسون شڪل ۾ آلو نور آهن. جيڪي هڪ اڌ سهڻا، سنهڙا ۽ سمارٽ اچن به ٿا ته هي هڪدم هندي فلمن ۾ هليا وڃن ٿا (جهڙوڪ ريکا، سري ديوي، ڪملا حسن وغيره) ۽ تامل فلمن ۾ وري ساڳيا دٻلن جهڙا ائڪٽر وڃيو بچن جيڪي اهڙا آهن جو ٻين زبانن جي فلمن جا ولين به ڪي سڌريل ۽ ٺاهوڪا.
    هڪ دفعي پنهنجي دوست آصف کي چيم آئون واندڪائيءَ ۾ ٽي ويءَ تي ايندڙ تامل فلمون ڏسندو رهان ٿو. سندن ائڪٽر خبر ناهي ڇو بي سرا آهن.
    هي مڃي ئي نه. چئي ائين نه هوندو. ائين جي هجي ها ته پوءِ تامل فلمون ايترو مقبول ڇو هجن ها.
    چيومانس ته ان مقبوليت جو سبب ڪهاڻيءَ، آرٽ ۽ تامل زبان ڳالهائيندڙن جي گهڻائي ٿي سگهي ٿي پر ائڪٽرن جي سونهن سوڀيا هر گز نه.
    پر آصف کي يقين ئي نٿي آيو. پوءِ انهن ئي ڏينهن ۾ ملاڪا جي هڪ فنڪشن ۾ پرائمري اسڪول جي هڪ تامل ماسترياڻيءَ سان عليڪ سليڪ ٿي ته هن ڇوٽ ۾ ئي مون کي چيو: “تنهنجي شڪل اسان جي تامل فلمن جي ائڪٽرن جهڙي لڳي ٿي” ۽ پوءِ ڀرپاسي ۾ بيٺل ماءُ کي خوشيءَ مان سڏي: “امان! الطاف تامل فلمن جي فلاڻي هيرو جهڙو لڳي ٿو نه!”
    چڱو جو آصف ان وقت منهنجي ڀر ۾ بيٺو هو ۽ سڄو لقاءُ ڏسي رهيو هو. تنهن کي رڙ ڪري چيم:
    “بس ادا هاڻ ته ٿئي ئي پڪ ته تامل فلمن ۾ ڪهڙن مهانڊن وارا ائڪٽر آهن.”


    منهنجو فوٽو نه ڪڍيندين ڇا؟

    پاڪستان کان آئي اڃان مهينو کن ڪو مس ٿيو هو ته هڪ ملئي آفيسر اسان کي شام جو سندس گهر ڪندوريءَ لاءِ سڏايو. هتي گهرن ۾ ياسين سڳوري پڙهائي ويندي آهي. ان بعد آيل مهمانن کي ماني کارائين. ان کي ملئي ماڻهو “ڪندوري” چون ٿا. ياسين مولويءَ سان گڏ پڙهي ويندي آهي. اسان به وياسين ۽ ڊرائنگ روم جو سامان_صوفا سيٽ ۽ ٽي وي وغيره هڪ ڪنڊ ۾ پاسي تي ڪري ڇڏيو هئائون. جڏهن سڀ اچي ويا ته ياسين جون ڪتابڙيون سڀني ۾ ورهايون ويون ۽ مولوي بسم الله ڪري پڙهڻ شروع ڪيو. اسان به سندس پٺيان پٺيان ڏاڍيان پڙهندا وياسين. پڙهائيندڙ مولوي ڀر واري مسجد جو ئي پيش امام هو، جيڪو جمع نماز به پڙهائيندو آهي. ياسين پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه وقت ذڪر هليو ۽ پوءِ دعائون عربي ۽ ملئي ۾ گهريائين. اسان ٻڪ کڻي آمين ثم آمين چوندا رهياسين ۽ پوءِ جيئن آخري دعا ختم ٿي ته ميزبان هڪل ڪري پنهنجن پٽن ۽ ڀائٽن کي ماني لڳائڻ لاءِ چيو. جيڪي سگريٽ ٻيڙيءَ جا عادي هئا تن پنهنجا سگريٽ ڪڍي دکايا. مولوي صاحب دعائن جا آندل ڪتاب مٿان رکي پوٽڙيءَ ۾ ٻڌا. پٽڪو لاهي پاسي تي رکيو ۽ پڙهڻ جو چشمو لاهي ڪيس ۾ وڌو ۽ پري ڏسڻ جو چشمو صاف ڪري اکين تي چاڙهيو. ميزبان جو ننڍو پٽ ان وقت سندس اڳيان لنگهي رهيو هو انهن کي ٻانهن کان جهلي هڪل ڪري چيائين:
    “بابا اها ٽي وي ته آن ڪر. هفتيوار ڊرامي “منگواني” جي پنجين قسط شروع ٿيڻ واري هوندي.”
    اهو ٻڌي آصف ۽ آئون ٿورو کلياسين ۽ تعجب به کاڌوسين پر ڏٺوسين ته ٻئي ڪنهن ان ڳالهه جو ذرو به نوٽس نه ورتو. آصف آهستي چيو: “ملئي ماڻهو ان خيال کان بردبار لڳن ٿا. پاڻ وٽ ڪيترا همراهه اهڙا ملندا جيڪي خود هڪ وقت به نماز نه پڙهندا پر ريڊيو ٽي وي ڏسڻ وارن تي ڪفر جو فتوائون ڏيندا وتندا. هي همراهه جيترو وقت پڙهي رهيا هئا اهو وقت ادب ساب عبادتن ۾ ئي رڌل هئا. ان بعد دنياداريءَ جي ڳالهين ۾ به ايتري ئي شوق سان لڳي ويا.
    *____________*______________*
    هڪ دفعي ملايا يونيورسٽيءَ جو هڪ نوجوان پروفيسر محمد عنيفي نالي، پنهنجي ڪار ۾ اسان کي ڪوالالمپور شهر جو چڪر ڏيارڻ لاءِ وٺي هليو. پاڻ آسٽريليا مان يا شايد انگلنڊ مان انجنيئرنگ جي ڊگري وٺي ويجهڙائي ۾ هتي آيو آهي. ڪپڙن ۽ ميوزڪ جو شوقين لڳو جو جيترو وقت سندس گاڏيءَ جا فيٿا ڪوالالمپور جي رستن تي ڊوڙيا ٿي گاڏيءَ اندر لڳل ٽيپ رڪارڊ جو ڪئسٽ پڻ هليو ٿي. انگريزي ميوزڪ جو هڪ ڪئسٽ ختم ٿيو ٿي ته ٻيو وڌائين ٿي. ميوزڪ سان گڏ سمورو وقت پاڻ به لڏندو رهيو ٿي. صبح ساڻ نيرن ڪري گهمڻ لاءِ نڪتا هئاسين. ڪڏنهن هيڏانهن ته ڪڏنهن هوڏانهن. ٻي بجي گهر ڏي موٽڻ وقت رستي تي هڪ گهٽيءَ مان مسجد وٽان لنگهندي هن گاڏيءَ کي يڪدم بريڪ هڻي بيهاريو.
    “ظهر نماز جو وقت ٿو وڃي. ترسو ته پنجن منٽن ۾ پڙهي وٺان.”
    ڏاڍي آرام سان هن اسان کي چيو ۽ اڳيان رکيل ٻن ڪتابن ۽ فائيلن جي وچ ۾ ويڙهيل گوڏ کڻي، اتي ئي ڪار وٽ لٿل پتلون کي ڪار جي ڍڪيءَ ۾ اڇلي، مسجد اندر گهڙي ويو.
    اهو ڏسي اسان کي به شرم ٿيو ته سڃو وقت جنهن کي ماڊرن، هپي، انگريز، ويسٽرنائيزڊ_۽ الائي ڇا ڇا پئي سمجهيوسين اهو ته عابد نڪتو ۽ اسان پنهنجي پر ۾ مولوي ٿيو ويٺا هئاسين تن کي نماز جهڙو فرص به ياد ناهي. اهو سوچي اسان به ڪار مان لهي سندس پٺيان پٺيان مسجد ۾ گهڙياسين. جيسين بوٽن جا ڪشا لاهي وضو ڪيوسين ۽ پتلون ۾ روايتي نموني ڪجهندي ڪرڪندي نماز پڙهيسين تيسين هي همراهه نماز پوري ڪري، دعا به گهري، ساڳي مرڪندڙ چهري سان اهو پيو واپس وڃي. پوءِ جڏنهن اسين ڪار وٽ پهتاسين ته ڏسون ته وري ساڳي مزي سان ڪنڌ ڌوڻيو گانا ويٺو ٻڌي. اسان جي وهڻ تي گاڏي اسٽارٽ ڪري اسان سان ساڳي کل مشڪري شروع ڪري ڏنائين.
    اسان کي هن جي اها آئيڊيا ڏاڍي وڻي ته هن نماز کي ڪا مصيبت ٺاهي نه رکيو آهي. هڪ گوڏ ڪتابن سان گڏ کنيو هلي جتي به نماز جو وقت اچي ٿو ته ٻن منٽن اندر بنا ڪشن وارو بوٽ (سليپر) لاهي گوڏ ٻڌي، پنهنجي پالڻهار کي سجدا ڪريو وٺي. هڪ اسان وٽ، ڪو صاحب نماز تي ويندو آهي ته ڄڻ ڪو جڳ تي ٿورو پيو ڪري. نماز بهاني آفيس کان غائب. ڪلارڪ پٽيوالي کان سندس کڻي پڇ ته ته ڇڙٻ ڏيئي اهڙي رخ سان ٻڌائيندا ته صاحب نماز تي ويو آهي ڄڻ ٻئي جي گهر جي ڪريل ڇت کي ٽيڪ ڏيڻ ويو هجي.
    هتي پنهنجن ملئي شاگردن کي به ڏسندو آهيان ته ڪلاس روم ۾ پاڻ سان گڏ گوڏيون کڻي ايندا آهن. ظهر جي نماز لنچ ٽائيم ۾ پڙهندا يا ٻن پيرڊن جي وچ وارن ڏهن منٽن ۾. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن شاگرد دير سان اچڻ جو اهو بهانو نه ڏنو هوندو ته هن نماز پئي پڙهي ان ڪري هن ڪلاس ۾ دير ٿي ويئي.
    پنهنجي ڪليگ چيف انجنيئر آصف غيور کي چيم ته يار ملئي ماڻهن جي مون کي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي ٿي ته مذهب کي دنيا جي ڪمن، پنهنجين ڪوتاهين ۾، ڊيوٽيءَ کان ڀڄڻ يا گسائڻ ۾ ڪم نٿا آڻين.
    آصف غيور جيڪو ڪويت، ابوڌابي، مصر ۽ ٻين عرب ۽ آفريڪا جي مسلمان ملڪن ۾ پڻ ڪافي رهيو آهي تنهن ٻڌايو ته هن کي اها ڳالهه مصرين ۽ ٻين عربن ۾ به نظر آئي. هو مذهب کي پنهنجي ذاتي زندگيءَ جو حصو ڪري سمجهن ٿا. نماز جي وقت آفيسر توڙي دڪاندار اتي جو اتي يا ڊوڙ پائي مسجد ۾ پڙهي وري هڪدم پنهنجي ڪم ۾ جنبي وڃي ٿو. اسان وٽ ڪي ڪي ماڻهو نماز لاءِ ايڏيون تياريون ڪندا ۽ ان جي نالي ۾ ايڏو وقت وڃائيندا جو ڄڻ وڏو ڪو معرڪو پيا سر انجام ڏين ۽ ڄڻ پنهنجو فرض پورو نه پيا ڪن پر ٻين تي احسان پيا ڪن. جي ڪو ڊاڪٽر، سرڪاري اسپتال ۾ آهي، پوسٽ آفيس يا ريلوي اسٽيشن جو آفيسر آهي يا ڪنهن بي اهڙي عوامي اداري جو ڪامورو آهي ته ويتر هن کي عوام جو احساس نه ٿيندو. ڀلي آيل مريض، ڪم ڪار وارا ۽ ضرورتمند پيا سڪن. جيڪڏهن ڪنهن کڻي ٻڙڪ ڪڍي ته “ڊاڪٽر صاحب اڃان ڪونه ٿو اچي ڪلاڪ ٿي ويو آهي” ته سندس چمچو ڪمپائونڊر مريضن کي ڇڙٻ ڏيئي چوندو: “ميان خدا خدا ڪر. تون ته نماز نٿو پڙهين پر هڪ مسلمان کي به پڙهڻ نٿو ڏين.”
    هاڻ ويچارو غريب ڪهڙو ويهي بحث ڪري ته نماز جي نالي ۾ ائين وقت برباد ڪرڻ ۽ ڊيوٽيءَ کان گسائڻ به ته ڪو نيڪ ڪم ناهي.
    *________________*______________________*
    هڪ دفعي اسان جي مئري ٽائيم اڪيڊمي ملائيشيا جي پرنسپال_ڪئپٽن حمزي جي گهر ۾ مٿي بيان ڪيل ساڳي ڪندوري (دعوت) ٿي. هن پنهنجي ماءُ جي چاليهي تي دعا لاءِ سڀني کي گهرايو هو. ان دفعي ڳوٺ جي مسجد جي مولويءَ بدران ڪوالالمپور کان هڪ وڏو مفتي آيو هو ۽ مهمانن ۾ ڪجهه ڌاريان آفيسر ۽ سياسي ماڻهو پڻ شامل هئا.
    دعا درود بعد جڏهن مانيءَ تي سڀ ويٺا ته آيل فوٽوگرافر فوٽو ڪڍڻ شروع ڪيا. هو اسان جو سڃاڻو هو سو سان رکي رکي کيس فوٽن لاءِ پئي سڏيو. انهي دوران مون ڏٺو ته مولوي صاحب ماني پئي کاڌي ته لڳاتار فوٽوگرافر کي به چتائي ڏٺو. چهري مان ڪجهه خوش نه ٿي لڳو. مون آصف کي چيو ته فوٽو گرافر جو اڄ خير ناهي جو هي مولوي فوٽوءَ جي خلاف ٿو لڳي. پاڻ واري فوٽوگرافر هاڻ جي گهڻي ٽرڙپائي ڪئي ته سڏي دڙڪا ڏيندس.
    ٿوري دير بعد فوٽوگرافر ورانڊي کان وري ڪمري ڏي آيو ته مون اشاري سان سڏي کيس چيو ته هاڻ آخري فوٽو اسان جو ڪڍي هليو وڃ_ ۽ هي همراهه ڪئميرا بند ڪري وڃڻ وارو هو ته مولويءَ رڙ ڪري پاڻ ڏي سڏيس.
    آصف چيو هاڻ ٿو ست سريون ٻڌائيس ۽ ڪفر جون فتوائون ڏئيس. يڪدم ماٺ ٿي ۽ تجسس مان سڀ مولوي ڏي ڏسڻ لڳا ته ڇا ٿو چويس. فوٽوگرافر جڏهن مولويءَ جي ويجهو پهتو ته مولوي چيس:
    “منهنجو فوٽو نه ڪڍندي ڇا_؟ رڳو ٻين جا فوٽو ڪڍيا اٿئي.”
    اهو ٻڌي اسان حيرت ۾ پئجي وياسين جو اهڙا جملا ته مولوين طرفان نه ٻڌاهئاسين. نه وري ڪنهن وڏي آفيسر ولايت پار کان آيل ميزڪ جي شوقين، هڪ ماڊرن نوجوان کي نماز جي وقت تي بنا ڪنهن هل هنگامي يا وقت ضايع ڪرڻ جي ماٺ مٺوڙي ۾ گوڏ ٻڌي نماز جهڙي فرض جو اڪلاءُ ڪندي ڏٺوهئوسين.
    *___________________*______________________*
    ملئي ماڻهو شافعي فرقي سان تعلق رکن ٿا. انهن جي هڪ ڳالهه اها به قابل بيان آهي ته هو عربستان جي وهابين وانگر جنازي کي جهٽ قبر حوالي ڪن ٿا ۽ قبر کي پڪو ڪرڻ يا ان مٿا قبا اڏڻ يا پڙ چاڙهڻ جي نٿا ڪن.
    هڪ ائگريڪلچر جي گرائجوئيٽ ان بابت چيو: “ڇا ضرورت آهي ان ڏيک جي جڏهن مري ويل کي فقط سندس اعمال ئي ڪم اچن ٿا. قبر کي پڪو ڪرڻ يا وڏا قبا اڏائڻ تي خرچ ڪرڻ بدران ته اهو پئسو مري ويل جي نالي غريبن ۽ ضرورتمند ۾ خيرات ڪجي ۽ ان جي حق ۾ دعائون گهرجن ته اهو سٺو. قبرن مٿان قبا اڏي، درگاهون ٺاهي ان کي هندن وانگر ديوتا ٺاهي پوڄڻ ۽ پنهنجي من جون مرادون ان کان گهرڻ هڪ خراب قسم جو شرڪ آهي جيڪو توهان جي ننڍي کنڊ ۾ ڪيترن هنڌن تي عام آهي پر اسان وٽ ملائيشيا ۾ نه آهي. جاهل ماڻهو اسان وٽ به آهن. هندو ڪلچر جو اسان جي ريجن تي به اثر آهي پر اسان وٽ ايتري سمجهه آهي ته اهي غير اسلامي ڳالهيون آهن ۽ شرڪ سڀ ۾ خراب شيءِ آهي.”


    رستن تي چڪر...

    تنڪو عبدالرحمان روڊ تي چڪر هڻڻ بعد جالان (شاهراه) بڪت بنتانگ ۽ جالان سلطان اسماعيل جهڙن رست تي پڻ ڦيرو پائڻ انوکي دنيا ڏسڻ ۽ وقت گذاري لاءِ سٺي وندر آهي. بڪت بنتانگ روڊ تي فيڊرل هوٽل، ملائيشيا هوٽل، سنگائي هوٽلون آهن ۽ ساڳي روڊ تي سنگ وانگ پلازا، امبي پلازه ۽ بڪت بنتانگ پلازه تمام وڏا شاپنگ سينٽر آهن. سلطان اسماعيل روڊ تي پڻ هتي جون تمام وڏيون هوٽلون، هڪٻئي پٺيان آهن. جهڙوڪ: مرلين، ريجنٽ، هلٽن، ايڪيوٽريل، امپيريل، منڊارن، هاليڊي ان ۽ ٿورو اڳيان پلازه هوٽل_جن جي فقط عام روم جي هڪ رات لاءِ مسواڙ ڏيڍ سئو کان ٻه سئو کن ڊالر آهي.
    پرواهه ناهي پاڻ رهيل کڻي ڪنهن سستي هوٽل ۾ آهيون پر هي وڏيون هوٽلون مفت ۾ ڏسي ته سگهجن ٿيون. اندر سندن رسيپشن هال، لائونج ۽ شاپنگ آرڪيڊ وارا حصا_۽ انهن ۾ پٽ تي وڇايل ٿلهي ٻُر وارا غاليچا، ڇت ۾ ٽنگيل بلبن جا ڇٽ (Chandelier)، وهڻ لاءِ اوچي ڪاٺ، عاج ۽ گاديلن جا صوفا سيٽ ۽ خذمت لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندڙ سنهڙيون ۽ سمارٽ چيني ۽ ٿلهيون صحت مند ملئي ڇوڪريون.
    ڀلا ٻيو ڪجهه نه ته انهن هوٽلن جو باٿ روم ته استعمال ڪري سگهجي ٿو. ٿڪُ ڀڃڻ لاءِ رسيپشن تي رکيل ڪوچن تي ڪجهه دير ويهي هوٽل وارن کي منجهائڻ لاءِ ڏيک ڏيئي سگهجي ٿو ته هوٽل ۾ رهندڙ ڪنهن همراهه جي اچي ملڻ لاءِ توهان انتظار ڪري رهيا آهيو.
    پر جي توهان سرڪاري يا پنهنجي آفيس جي خرچ تي يا ڪنهن دولت مند واپاريءَ جي خرچ تي، سرڪاري دوري، ميٽنگ، سيمينار يا واپاري وزٽ تي انهن وڏين هوٽلن مان ڪنهن هڪ ۾ رهيل آهيو ته پوءِ چئينج خاطر انهن وڏين هوٽلن کي ڇڏي ڀر وارن رستن تي ڪنهن عام پر گراهڪن سان ڀريل چيني، ملئي يا انڊين جي ننڍي هوٽل ۾ ماني کائي سگهو ٿا.
    هڪ دفعي “يونيورسٽي ٽيڪنالاجي ملائيشيا” جي سيمينار ۾ پيپير پڙهڻ لاءِ سندن ئي فل خرچ پکي ۽ دعوت تي فيڊرل هوٽل ۾ رهيو هوس. هڪ ڏينهن شام جو وقت گذارڻ ۽ ڪوالالمپور شهر جي رستن جائزو وٺڻ لاءِ ڀر واري رستي “بڪت بنتانگ روڊ” جي هڪ هڪ دڪان، هوٽل، ريسٽورينٽ، مساج گهر، ڊسڪوٿي ڪلب، سوشل ايسڪورٽ روم مان ليئو پائيندو، مختلف ڌپون (ڪٿي چيني رڌپچاءَ جون، ڪٿي ملئي ساتي گوشت ترجڻ جون، ڪٿي رنڊين نما مساج گرلس جي سستي ۽ ردي ميڪ اپ جون ته ڪٿي چيني دوائون ۽ دورئين ميوي جون) سونگهيندو ۽ انهن ئي هنڌن تي بتين جي روشني (ڪٿي هلڪي رونامنٽڪ، ڪٿي جنگ جي قيدي کي چريو بنائڻ جهڙي پنج سئو والٽن جي بلبن جي، ڪٿي ڳاڙهي چڪلي جي ڏيک جي ته ڪٿي جهرمٽ ڪندڙ رنگين مرچن جي) ڏسندو بڪت بنتانگ روڊ جي پوڇڙ وٽ جتي سلطان اسماعيل روڊ ڪراس ٿو ڪري، “ملڪ_ريسٽورانٽ) نالي هڪ هوٽل ۾ اچي ماني کاڌم. هيءَ هوٽل حيدرآباد جي اسٽيشن روڊ ۽ اسٽيشن واري علائقي وارين هوٽل جهڙي، هڪ مسلمان ملباريءَ جي هئي. در وٽ ئي روايتي دخل هو جنهن مٿان قران شريف جون آيتون ۽ ان پويان هوٽل جي مالڪ حاجي سليمان طرفان رکيل، وڏي ڏاڙهيءَ وارو مئنيجر حاجي عمر گراهڪن کان کاڌي جا پئسا اوڳاڙي رهيو هو. ڪنڊ تي رکيل جپاني ڪمپني سانيو جو ٽئبل فئن، فل اسپيڊ سان، سندس مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وار ايئن اڏائي رهيو هو جيئن هالي ووڊ جي فلمن ۾ بيابانن يا سمنڊ تي لڳل طوفانن جو Effect ڏيکاريندا آهن. لائوڊ اسپيڪر تي فل آواز تي تامل گانو:“انانڪاٽٽواريڪرين نان_نورپرين” هلي رهيو هو. دخل اڳيان، گراهڪن جي ڏند کوٽڻ لاءِ نغارن تي وڄت وارن ڏونڪن جهڙيون Tooth-Picks رکيل هيون. انهن مان هڪ ٽوٿ پڪ سان هڪ ٿلهو متارو تامل ڏندن مان ڦاٿل ڪڪڙ يا ڍڳي جي گوشت جا ريشا به ڪڍي رهيو هو ته ڀر ۾ رکيل ڏهه سينٽ وجهي ڳالهائڻ واري پبلڪ فون تان زور زور سان ڳالهائي رهيو هو. جيتوڻيڪ هو لا.ئوڊ اسپيڪر واري گاني کان به وڌيڪ زور سان ڳالهائي رهيو هو پر مون لاءِ اهو ڄاڻڻ مشڪل هو ته آيا هو تامل ۾ پيو ڳالهائي يا مليالم ۾. يا ٿي سگهيو ٿي ڏکڻ هندوستان جي اڃان به ڪا ٽين ٻولي ڳالهائي رهيو هجي. سندس رڙين سان وارو وٺائيندڙ رڙيون بئرن جون هيون جيڪي رکي رکي آيل گراهڪن جي پسند جو ڊش پريان ڪنڊ ۾ بيٺل بورچيءَ کي ٻڌائي رهيا هئا.
    هوٽل جي مالڪ/مئينيجر کان گهڻو ئي چاهيم ته انٽرويو وٺان پر ٻاهر ويندي ٽاڻي به هي گوڙ شور برقرار هو. ۽ اهو گوڙ شور ئي ان وقت مون لاءِ هڪ نواڻ هو. فيڊرل هوٽل جي پر سڪون ۽ خاموش ماحول بعد هن “ريستوران ملڪ” (Restoran Malek) جي هنڀوڇيءَ سچ ته ڏاڍو مزو پئي ڏنو ۽ بيحد هوملي محسوس پئي ڪرايو. ويتر جڏهن بئري ٻوڙ مانيءَ سان گڏ سڻڀن هٿن سان پاڻيءَ جا ٻه گلاس اچي اڳيان ٽيبل تي هنيا ته واقعي لڳو ته بنا ٽڪيٽ جي ان رات حيدرآباد جي حبيب هوٽل، زميندار هوٽل، سلطان هوٽل، نعمت ڪده، ڪراچي هوٽل، جارج هوٽل_يا تلڪ چاڙهيءَ ۽ سول اسپتال جي آسپاس واري ڪنهن اوپن ايئر هوٽل ۾ پهچي ويو هجان. پيٽ ڀري ماني کاڌم پر جنهن ڳالهه لاءِ اندر گهڙيس ته هن هوٽل هلائيندڙ سان ڳالهه ٻولهه ڪريان، اهو پيٽ جو سور نه لهي سگهيو. مئنيجر کان وٺي بورچي بئرا فقط تامل، مليالم ۽ ملباري زبانون ڳالهائي ٿي سگهيا. اڙدو/ هندي يا انگريزي هنن لاءِ فارين لئنگيئج هئي.
    اها سا خبر پيئي ته ڪوالالمپور ۾ هن هوٽل جون ٽي شاخون آهن. ٻه ته ان ئي روڊ تي ۽ ٽين سلطان اسماعيل روڊ تي. هن هوٽل جي خاص ورائٽي (ماني)_ برياني، ٻوڙ ۽ ماني آهي_ جيڪا مون کي تمام گهڻو وڻي_شايد بک ڪري يا وطن کان گهڻو عرصو پري رهڻ ڪري. يا شايد ٺهيل ئي ڪا سٺي هئي. اگهه پڻ مناسب هئس. شيراز ۽ اڪبر جهڙين هوٽلن کان به سستي هئي_شايد ايئر ڪنڊيشنڊ نه هجڻ ڪري لائيٽ جي بل ۾ بچت ٿيندي هجين. پر آيل گراهڪن کي “انانڪاٽٽواريڪرين ناننور پرين” گانو ٻڌائن لاءِ لائوڊ اسپيڪرن تي ڪجهه ته لائيٽ جو خرچ ضرور ٿيندو هوندن.
    اتان نڪري ساڄي کاٻي وهندڙ رستي جو کاٻو پاسو ورتم جيڪو سلطان اسماعيل روڊ آهي. جنهن تي ان وقت وڏا اسٽور ۽ دڪان رات جو بند هجڻ ڪري، ماڻهن جي رش گهٽ هئي ۽ مانيءَ بعد واڪ ڪرڻ لاءِ غنيمت هو. ان وقت رات جا ڏهه ٿي رهيا هئا. سڄي ڏاينهن جي ٿڪ ڪري ننڊ به ڏاڍي پئي آئي. سڄو ڏينهن ڪا ڪوڏر نه هنئي هيم.پر يونيورسٽي جي ليڪچر هال ۾ مختلف شهرن ۽ ادارن کان آيل مهمان انجنيئرن جا پيپر ٻڌا هيم ۽ پنهنجو پڙهيو هوم. جنهن جو عنوان هو “ملائيشيا جا جهاز سازيءَ جا ڪارخانا”. مضمون ڪو خاص دلجوئي يا سچائي سان نه لکي سگهيو هوس. جنهن جو احساس هوم. ڪنهن ٻئي جي ملڪ ۾ رهي ان جي ڪنهن نازڪ مسئلي بابت لکڻ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون گول مول ڪرڻيون پون ٿيون جيئن متان ڪا تڪڙ ۾ لکيل ڪساري حقيقيت ڪنهن کي ڏکوئي وجهي. يا وري گهڻو ئي تعريف ٿيڻ ڪري ان کي ڪو چمچاگيري سمجهي. گذريل ڏينهن جون اهي ڳالهيون سوچيندي سوچيندي ڪافي اڳتي نڪري ويس. رستي جي ٻئي پاسي جهاز جي شڪل جهڙي هڪ بار نما ريسٽورينٽ هئي. جهاز به پورٽ ڪلانگ ايندو هو ته ڪيترائي خفتي اچي هتان نڪرندا هئا. خاص ڪري يورپي جهازين جي هيءَ دلپسند جڳهه هوندي هئي. هن وقت اها منهنجي سامهون هئي.
    رستو ٽپي هوٽل اڳيان اچي بيٺس جنهن جي ٻاهرين ڀت مان ڪاٺ جي جهاز جو اڳيون حصو (فاڪسل) ٻاهر نڪتل هو جنهن جي ٻنهي پاسي پتل جو پالش ٿيل لنگر لڙڪي رهيو هو. جنهن به ان اسٽائيل جي هوٽل ٺهرائي آهي، ان جي آئيڊيا تعريف جوڳي آهي.
    ريسٽورينٽ جي مٿان ڪا آفيس آهي، جو هڪ ٻه ڇوڪريون ٽپ ٽاپ ڊريس ۾ اندر وڃي رهيون هيون ۽ اهڙي هڪ ڄڻي ڪنهن انگريز سان گڏ ٻاهر نڪري رهي هئي. ان تي سوچڻ بجاءِ پتل جي لنگر کي غور سان ڏسڻ لاءِ ويجهو ٿي بيٺس. ايتري ۾ هڪ ڀريل جسم جو قداور همراهه منهنجي ڀرسان اچي بيٺو. هڪ ئي نظر سان سمجهي ويس ته تامل ته نه آهي جو هڪ ته قداور آهي ۽ ٻيو ته رنگ ۾ بنهه ڪارو ناهي. هو مون سان بلڪل لڳي بيٺو. مون کي لڳو ته هو مٿان لٿو آهي سو ڪجهه ڳالهائڻ خاطر انگريزيءَ ۾ پڇيومانس ته مٿي اهو ڇا آهي: آفيس يا ڪو مساج گهر.
    “نه سر. Escort ايجنسي آهي. ساٿ ڏيڻ ۽ گڏ گهمڻ ڦِرڻ لاءِ مسواڙ تي ڇوڪريون آهن. تمام مهنگيون. في ڪلاڪ جا ٽيهه ڊالر مسواڙ. کيسو ان کان علاوه ٿيون ڪٽين.” هن سڄي ڳالهه انگريزيءَ ۾ ٻڌائي پوءِ اڙدوءَ ۾ پڇيو:
    “هندي آتي هي؟”
    “آتي هي.” وراڻيومانس.
    “ٽئڪسي گهرجي_؟” هاڻ اسان اڙدو/ هنديءَ ۾ ڳالهائڻ لڳاسين. بلڪه هن جي هنديءَ مان لڳو ٿي ته پنجاب يا هريانا صوبي جو آهي.
    “نه. تون ٽئڪسي ڊرائيور آهين ڇا_؟ مون پڇيومانس.
    “ها، فرسٽ ڪلاس جڳهين جي خبر اٿم.” هن ٺهه پهه وراڻيو.
    هيترا سال جهازن تي رهي پوءِ به پاڻ کي ان حد تائين اڻ ڄاڻ ۽ اٻوجهه سمجهڻ اجائي ڳالهه هئي. سمجهي ويس ته ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي (يعني ڀڙوو آهي) ۽ سينڍ ۾ ڪهڙي مارئي پيو ڳائي. (هن ڇوڪريون سپلاءِ ڪرڻ جو ڪم ڪيو ٿي).
    کائنس سندس نئشنلٽي (ملڪ) پڇيم ته ڪوڙ ٻڌايائين ته هو“پاڪستان جو آهي”. اهو ان ڪري جو ڳالهائڻ ۾ جيتوڻيڪ هندي ۽ اڙدو هڪ جهڙيون ٻوليون آهن پر تڏهن به ڪي ڪي لفظ اهڙا آهن جي فقط اڙدوءَ ۾ آهن يا هنديءَ۾. سو جيئن آئون کيس سمجهي ويس ته هو پنجابي انڊين آهي تيئن هو به منهنجي ڳالهائڻ مان سمجهي ويو ته آئون هندي نه پر اڙدو پيو ڳالهايان ۽ ظاهر آهي پاڪستاني هوندس. مون کي اعتماد ۾ سوگهو ڪرڻ لاءِ هن جي اها اٽڪل سٺي هئي ته هو پاڻ کي منهنجي ئي ملڪ جو سڏائي. مون کي راضي ڪرڻ لاءِ هو منٿون ڪرڻ لڳو ته آئون هن سان هڪ واريءَ هلي ڇوڪريون ضرور ڏسان ۽ پنهنجي سستي هجڻ جو ثبوت ڏيڻ لڳو ته ٻه سئو ڊالر تمام گهٽ اگهه آهي.
    هن کان اونداهي دنيا جون ڪيتريون ئي ڳالهيون پڇي سگهجن ها پر هڪ ته ٿڪل هوس ٻيو هو مون کان سگهارو هو. سوال جواب ڪرڻ جا به چوي ها ته ڇڏاءِ پنجاهه ڊالر. ۽ آئون ٻوڙ ماني کائڻ ۽ چانهه پيئڻ بعد کيسي ۾ باقي بچايل ٻه ڊالر ستر سينٽ کڻي ڪهڙيون ليلائون سرچائي ٿي سگهيس ۽ ڪهڙي ريسرچ يا ٿيسز مڪمل ڪرڻي هيم جنهن لاءِ هرو ڀرو سوال ويهي ڪريانس ها. جان ڇڏائڻ لاءِ چيومانس:
    آئون پنهنجي دوست کي ڏسڻ لاءِ هيڏانهن اچي نڪتو آهيان. آئون ڪو ڌاريون پرديسي، جهازي يا ٽوئرسٽ نه آهيان. آئون هتي ئي رهان ٿو. “Saya Tinggal Di Sini”. کيس پڪ ڏيارڻ لاءِ آخر ۾ ملئيءَ زبان ۾ ٻڌايومانس. ان بعد لڳو ته هو ڪجهه ڍرو ٿيو. کيس ٻڏتر ۾ مبتلا رکي آئون ان بار نما ريسٽورينٽ “Ship” ۾ اندر گهڙڻ وارو هوس ته هن تجسس پيدا ڪرڻ لاءِ آخري ڪوڙڪو استعمال ڪيو.
    “مسٽر! هڪ پاڪستاني ڇوڪري به سڃاڻان، واهه جي آهي. يقين ڪريو هڪ دفعو هلي ڏسو ته سهي. يا ڪجهه دير ترسو اچڻ واري هوندي.”
    مون هن ڏي ٽوڪ واري نموني ڏسي مرڪيو. هن ان جو مطلب ڇا سمجهيو_نٿو چئي سگهان. يا ٿي سگهي ٿو ته هن به اهو ئي سمجهيو ته آئون چئي رهيو هجانس ته “گشا پيو هڻين.”
    کيس ٻاهر ڇڏي آءُ اندر بار ۾ گهڙيس. اندر گهڙڻ سان سگريٽن جي دونهين ۽ بار گرلس آڌر ڀاءُ ڪيو. چوڌاري ٽيبلون سڀ ڀريل هيون جن تي ملڪ ملڪ جا اسان جا جهازي ڀائر ويٺل هئا. ڪن ڪن ٽيبلن تي هتي جو چيني ڇوڪريون پيئڻ ۾ سندن ساٿ ڏيئي رهيون هيون. اڌ کان وڌيڪ جهازي يورپ ۽ آمريڪا جا گورا هئا. ڪجهه اتر آفريڪي ملڪن يا گلف جي رياستن جا عرب لڳي رهيا هئا.
    ايئر ڪنڊيشنڊ هوٽل جي ٿڌڪار پَسي دل اتي ئي بيهي ٿوري دير ٿڪ ڀڃڻ لاءِ چيو. ٻاهر مينهن وسڻ کان اڳ واري گهٽ ۽ گرمي هئي. هڪ ٽيبل تي ويهي ڪوڪا ڪولا جو آرڊر ڏنم ۽ ساڳي وقت کيسي ۾ هٿ وجهي پڪ ڪيم ته ٻه ڊالر ستر سينٽ ته موجود آهي يا ٻاهر واري شاهينگ ڳالهين ڪندي کيسو ڪٽي ورتو.
    اوسي پاسي جي ٽيبلن تي ويٺل چار ڇوڪريون اکين مان منهنجي ٽيبل تي اچڻ لاءِ لامارا هڻڻ لڳيون پر جيئن ئي بئري وسڪيءَ جي پئگ بدران ٺونٺ جيڏي ڪوڪا ڪولا جي بوتل منهنجي اڳيان آڻي رکي ته انهن ۽ ٻين نهارڻ به ڇڏي ڏنو. ظاهر آهي بار ۾ ويهي مهنگي شراب بدران ڊالر يا سوا ڊالر جي ڪوڪا ڪولا پيئڻ معنيٰ پنهنجي کٽلپڻي جو کليو کلايو اعلان ڪرڻو ٿيو جيڪا ڳالهه نه هوٽل جي مالڪ کي وڻي سگهي ٿي نه ئي سندس رکيل ڪم ڪار ڪندڙ ڇوڪرين کي. بهرحال هنن کي ڪهڙي خبر ته جنهن ماڻهوءَ جي پنهنجي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بار ئي ٻيا کڻيو پيا هلن اهو ٻين جو ڇا کڻي سگهندو. پنهنجي خرچ تي “ملڪ هوٽل” ۾ ڊنر ۽ هتي ڪوڪا ڪولا پي اهو ئي وڏو ڪم ڪيم جو چاهيان ها ته اهي پئسا به بچائي رهائش واري هوٽل ۾ دعوت مطابق، پنهنجي ميزبان يونيورسٽي ملائيشيا جي کنڌي ۾ رات جي ماني به اتي کائي وٺان ها.
    خير سائين، بڪت بنتانگ ۽ سلطان اسماعيل روڊن تي گذريل ٻن ٽن ڪلاڪن جي هلچل بعد هن هوٽل جي ائر ڪنڊيشنڊ هال ۾ فرحت وٺندي مزو اچي رهيو هو. ان هال کي صحيح معنيٰ ۾ ته ايئر ڪنڊيشنڊ چئي نٿو سگهجي جو اسان جي ٽيڪنيڪل ٻوليءَ موجب ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرو معنيٰ اهو ڪمرو جنهن ۾ مشين ذريعي هوا کي بهتر ۽ دل وٽان ڪيو وڃي يعني ٻاهر جي گهڻي ٿڌ هجي ته هوا کي گرم، جي گرمي هجي ته ان کي ٿڌو ڪري نه فقط وڻندڙ Pleasant ٽيمپريچر تي آندو وڃي پر هوا مان دز، دونهون ۽ ٻيون اڻ گهربل شيون ڇاڻي صاف ڪيو وڃي. ۽انکان علاوه هوا ۾ موجود گهم (Humidity ) کي گهٽائي يا وڌائي هڪ اهڙي مقرر حد تي آڻجي جيڪا صحت لاءِ بهتر هجي. سو ان حساب سان هن بار نما هوٽل کي فقط ٿڌو Cool چئي سگهياسين ٿي جو دز ۽ سگريٽن جو دونهون ايڏو هو جو هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ بار گرلس کي خبر ناهي هيستائين ٽي بي لڳي چڪي هئي يا پڪ لڳڻ واري هوندي.
    ٻه چار ڍڪ ڪوڪاڪولا جا پي ٻاهر مليل ڀڙوي تي سوچڻ لڳس ته ڪيڏو استاد آهي. ملائيشيا هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ پاڪستاني تمام ٿورا ۽ ڳڻيل چونديل رهن ٿا جن جي باعزت ڌنڌي کان هر ڪو واقف آهي. پر اها ته ٿي مون کي يا ان کي خبر جيڪي هتي ڪافي عرصي کان لڳاتار رهيل آهن. باقي گهمڻ لاءِ ڏينهن اڌ لاءِ آيل پاڪستاني ته تجسس ۾ پئجي ويندو. جيئن گهڻو اڳ يورپي ۽ آمريڪي جهازي چوندا هئا ته ڪراچيءَ ۾ هر مشهور اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي ڇوڪري جسم جو سودو ڪري ٿي. ٿيندو ڇا هو جو استاد ڀڙوا ڪراچيءَ جي هوائي اڏي ۽ بندراگاهه تي آيل گورن ٽوئرسٽن کي هرکائڻ لاءِ سندن وڏن وڏن انگريزي اسڪولن جا نالا وٺي انهن جون ڇوڪريون آڻڻ لاءِ چوندا هئا ۽ پوءِ چڪلي مان نڪتل رنڊين کي ان اسڪول/ڪاليج جو يونيفارم پارائي پيش ڪندا هئا. ان سلسلي ۾ جهازن تي هڪ قصو مشهور پڻ هو. هڪ ڀيري گوري (انگريز) جڏنهن دلال سان اعتراض ڪيو ته هيءَ ڪهڙي ڪانوينٽ اسڪول جي ڇوڪري آندي اٿئي جنهن لاءِ تو ته چيو هو ته سينئر ڪئمبرج ۾ آهي پر ڄاني ته انگريزيءَ جو هڪ لفظ به ڪانه ٿي. ته ڀڙوي انگريز گراهڪ کي ٿڌو ڪندي چيو هو: “سر ڇا ڪجي ڪانوينٽ اسڪولن جي تعليمي زبان (medium of Instruction) پنجابي ٿي ويئي آهي.”
    اهڙي ئي قسم جو هڪ اسڪئنڊل گذريل مهيني هتي ملائيشيا جي اخبارن جي پهرين صفحن جي سرخي هڪ آسٽريليا جي شهر ڪئنبرا لاءِ اشتهارن ۽ خبرن ذريعي مشهور ٿي هو ته اتي Girls-Escort جي نالي ۾ هلندڙ هڪ چڪلو پنهنجي گراهڪن لاءِ دنيا جي هوائي ڪمپنين جون ميزبان ڇوڪريون (ايئر هوسٽسون) مهيا ڪري ٿو جنهن ۾ ملائيشيا جي هوائي ڪمپني ايم.اي.ايس پڻ اچي وڃي ٿي.
    ظاهر آهي ته ان هوائي ڪمپنيءَ جا واسطيدار اهو ٻڌي تعجب ۾ پئجي ويا ته هيڏي ڊسپلن، پگهار، سهولتن ۽ نيڪنامي هوندي اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ملائيشيا جون ايئر هوسٽسون پاڻ کي بدنام ڪن. ان سلسلي جي جانچ ۽ تفصيل حاصل ڪرڻ لاءِ هتي جي اخبار پنهنجو هڪ نمائندو ڪوالالمپور کان ڪئنبرا امنيو. جتي پهچي هڪ وڏي هوٽل مان ان ڇوڪريون مهيا ڪندڙ ايجنسي کي فون ڪيو جن واقعي جي تصديق ڪئي ته هو ملائيشيا جي ايئر ڪمپنيءَ جو ايئر هوسٽسون پڻ سپلاءِ ڪن ٿا. هڪ اهڙي ايئر هوسٽس سان رات گذارڻ لاءِ جڏهن پڇيو ته هنن کيس هائوڪار ڪندي چيو ته شام ڌاري ڪوالالمپور کان ايندڙ ايم. اي. ايس جي اڏام اچڻي آهي ۽ ڏهين بجي ڌاري ان جي ايئر هوسٽس سندس ڪمري ۾ پهچي ويندي.
    “پوري ڏهين بجي،” اخبار جي نمائيندي بعد ۾ اهو احوال اخبار ۾ ڏنو،“ملائيشيا جي هوائي ڪمپنيءَ جو يونيفارم پهريل ايئر هوسٽس ڏسي مون کي ڏاڍو تعجب لڳو جو شام تائين آئون خاطري ڪري چڪو هوس ته نه ان ڏينهن ۽ نه وري ٻه ڏينهن اڳ تائين ملائيشيا جي اڏام ڪئنبرا اچڻي هئي. بهرحال فئسني ڊريس ۾ ان ايئر هوسٽس پهرين سوال جي جواب ۾ اهو ضرور ٻڌايو ته هوءَ ڪوالالمپور جي رهاڪو آهي پر جڏهن کائنس ڪوالالمپور بابت ٻه چار سوال پڇيم ته خبر پيئي ته هن کي ڪوالالمپور جي اهم رستن ۽ عمارتن جي ته خبر ناهي پر اها به خبر نه اٿس ته ڪوالالمپور جي هوائي اڏي جو نالو ڇا آهي ۽ اهو ڪٿي آهي.”
    سو ان مٿئين ڪهاڻيءَ وانگر ٻاهر مليل همراهه جي ڪهاڻي به فراڊ لڳي رهي هئي. پر تنهن هوندي به خاطريءَ سان اهو چوڻ صحيح نه هو ته آيا هو سچ ٿي چوي يا ڪوڙ.
    ڪوڪاڪولا پي ڪجهه دير بعد ٻاهر نڪتس ته ساڳيو همراهه وري اچي منهن پيو ۽ مال جو اگهه گهٽائڻ کان علاوه مون کي ترسڻ لاءِ چوڻ لڳو جو ان پاڪستاني ڇوڪريءَ جي اچڻ جو وقت ٿي چڪو هڳ. جان ڇڏائڻ لاءِ آئون ساڻس ائين ڳالهائڻ لڳس ڄڻ اندران گهڻو پي اچڻ ڪري سندس پهرين جون ڳالهيون ياد نه هجن. بندر روڊ جهڙي ڊبل وهندڙ رستي جي ٻئي پاسي کان رستو ٽپڻ وارن ماڻهن جي ميڙ ۾ هڪ ڪمزور سنهي ڇوڪري، ڪاري رنگ جي سوڙهي پجامي ۽ ڇريل ڪڙتي ۽ موٽرن لارين جي پيهه گهٽجڻ جو انتظار ڪري رهي هئي. مون ان ڏي نهاريو. ان ئي وقت هن قداور ۽ صحت مند دلال جي نگاهه پڻ هن تي پيئي. هڪدم پنهنجا هئڊا ڏند ڪڍي خوشيءَ مان چيائين: “اها پيئي اچي پاڪستاني ڇوڪري.” ۽ پوءِ هٿ جي اشاري سان هن کي سڏيو ۽ پنهنجي موجودگيءَ جو ٻڌايو. هوءَ رستو ٽپي اسان ڏي اچي ان کان اڳ آئون جان ڇڏرائي، پنهنجي هوٽل ۾ وڃڻ لاءِ اهوئي رستو ٽپي هن پاسي کان وڃي نڪتس. ان ڇوڪريءَ وٽان لنگهڻ مهل “هيلو” ڪري اڙدوءَ ۾ پڇيومانس:
    “آپ ڪا نام ڪيا هي؟”
    “رجني ڪور.”
    “آپ پاکستان کي هين؟”
    “نهين تو. جيپور کي.”
    ايتري ۾ ٽرئفڪ وري گهٽ ٿي. هوءَ پنهنجي نٻل ۽ زماني جي ستايل جسم کي ڪوالالمپور جي هن روڊ تان گهلي ٻئي پاسي کان وڃي نڪتي. مون همراهه ڏي پٺيان مڙي هڪ نگاهه وڌي. هو خارن مان مون کي ڏسي رهيو هو. ڄڻ سندس ڪا چوري پڪڙي ويئي هجي. وس پڄيس ها ته جهيڙو ڪري ها يا پري کان بيهي گارگند به ڪري ها پر ان ئي وقت هوٽل مان هڪ بنگالي همراهه نڪتو تنهن سان ڳالهائڻ ۾ لڳي ويو. پڪ کيس اهو چئي رهيو هوندو ته هڪ بنگلاديش جي ڇوڪري آهي. اي ون. ٻه سئو ڊالر رات جا...وغيره وغيره.
    پورن ڇهن مهينن کان پوءِ هڪ ڏينهن اخبار جي ننڍڙي خبرتي نظر پيئي: “زال کان خراب ڌنڌو ڪرائيندڙ گرفتار.” سريمتي رجنيءَ پنهنجي ظالم مڙس کي گرفتار ڪرايو، جنهن سان هو گذريل سال انڊيا ۾ اهو چئي شادي ڪري آيو هو ته هو هتي هڪ وڏي پگهار وارو آفيسر آهي. چيو وڃي ٿو ته ستيش داس هن کان اڳ به اهڙي دوکي بازيءَ سان انڊيا جي ڪيرالا ۽ بهار رياست مان ٻه ڇوڪريون وٺي آيو هو...” وغيره وغيره. خبر جي آخر ۾ سندس فوٽو ڏنل هو.


    “ملئي ماڻهو مٺاين جا شوقين”

    ملئي ماڻهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو کائڻ پيئڻ جا شوقين آهن. ملائيشيا ۾ چپي چپي تي ننڍن وڏين هوٽلن ۾ ملئي ماڻهو گوشت جا ايڏا شوقين ناهن جيترا عرب. ملئي ماڻهن جي شاديءَ ۾ به ايترو گوشت نظر نه ايندو. چئن پنجن ماڻهن لاءِ هڪ ڪڪڙ جي فراءِ ٽنگ، ساسر ۾ ٿورو ڳائي جو ٻوڙ، ان سان گڏ ڦڪو ڀت_پاڻيءَ ۾ رڌل، انناس جو مٺو ٻوڙ، پاڻيءَ بدران شربت جو جڳ ۽ حد وڌيڪ مٺي جيليءَ جي ٿالهي ڀريل.
    عرب به ملئي ماڻهن وانگر گهڻو ٿا کائين. پر عرب غربت جي ڏينهن ۾ به_اڃان پئٽرول جو پئسو عام نه ٿيو هو ته، گوشت جام کائيندا هئا. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ وانگر سئيڊش ۽ ڊئنش فروزن (ٿڌيون) ڪڪڙيون، آسٽريلين بيف (ڳائو) ۽ نيوزيلئنڊ جو رڍون کائي نه سگهندا هئا ته اٺ مان ئي وارا ڄمارا ڪندا هئا. اٺ جو ڪواب ته اڄ به عرب دنيا ۾ جام هلي ٿو. ملئي ماڻهو مٺاڻ کي گهڻو پسند ڪن ٿا. ان ڪري جپان، ڪارن سان گڏ چاڪليٽ، ٽڪيون ۽ بسڪيٽ به ملائيشيا ايڪسپورٽ ڪري ٿو. آمريڪا ڪمپيوٽر سان گڏ مٺيون چٽڻيون، آچار ۽ ڌاڻيون به ملائيشيا موڪلي ٿو. گهڻي مٺاڻ، چانور ۽ بيضي مکڻ ڪري هتي جا ماڻهو قد بت کان وڌيڪ ٿلها ۽ ڦيڦا ٿي پيا آهن. ملئي ڪو به هٽ، کنڊ، اٽي، ناريل ۽ چانورن بنا نا مڪمل آهي. ڪيڪ، پيسٽريون، بسڪٽ، ڊونٽ، ڪوئيح يا ٻيون اهڙيون سيون جنهن ۾ اتي، ناريل جي کير يا ڪاتر، بيضي، کنڊ ۽ ڀت جو واهپو گهڻو هجي، اها شيءِ ڪوالالمپور، ڪوالاترينگانو، ڪوٽا بارو، اپوح جهڙن شهرن جي گهٽين کان وٺي لبوڪ چينا، ڪُلائي، لنگي ۽ الور گاجا جهڙن ڳوٺن ۾ عام ملندي.
    اٽي کي ملئي زبان ۾ تپنگ ٿا چون. ۽ تپنگ گندم (ڪڻڪ جي اٽي) کان علاوه تپنگ بيراس (چانورن جو اٽو) پڻ هتي جي مٺاين ۽ کاڌن ۾ استعمال ٿئي ٿو. هتي جا ماڻهو ڪوشش ڪري ناريل جو استعمال ته هر شيءِ ۾ ڪن ٿا_ پوءِ کڻي مٺائي هجي يا ٻوڙ سيويون. ناريل هتي ٿئي به جام ۽ سستو ٿو. سڄي ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي ناريل جا وڻ نظر ايندا. گهرن اڳيان، رستن تي، سمنڊ جي ڪناري تي، گهاٽن ٻيلن ۽ جهنگلن ۾. ناريل بنا ملئي ماڻهوءَ جي زندگي نا مڪمل آهي. ڀاڄي مارڪيٽن ۾ ته ناريل جا ڍير نظر ايندا_ساوا ناريل کير لاءِ توري سڪل ناريل چوُري (ڪاتر) لاءِ. اوڙي پاڙي ۾ ڪو هڪڙو گهر يا دڪان ضرور هوندو جتي ناريل جي ڪاتر ڪرڻ جي مشين هوندي. جتان ڏهه سينٽ (اٺ آنا) ڏيئي ناريل جو چورو سيڪنڊن ۾ ڪرائي سگهجي ٿو. پڪل ناريل جو پاڻي ته ڄڻ مفت آهي. باقي ڪچي ناريل جو کير يا پڪل ناريل جي چُوري کي نپوڙي ڪڍيل کير، رڌپچاءَ ۾ ڪم اچي خاص ڪري مٺاين ۽ “ناسي_ليماڪ”_چانورن جي ڊش ۾ جيڪو اڪثر صبح جو نيرن تي کائين. سڪل ناريل_ڏونگهين جي ڪاتر پڻ مٺاين ۾ ڪم آڻين. بنگلاديش، ٿائلنڊ ۽ سريلنڪا وانگر هتي ملائيشيا ۾ به ناريل تمام سستو ملي. سٺي ۾ سٺو ناريل چاليهه سينٽن_يعني بي اڍائي رپين جو.
    عام چانورن کان علاوه ساگو چانور (صابو ڌاڻا) پڻ مٺاين ۾ استعمال ٿين. صابو ڌاڻن ۽ ناريل جو مٺايون ڪيلي جي پنن ۾ ويڙهي وڪڻن. ملئي کاڌن ۽ ڪيڪن ۾ ڪيلو Pisang به گهڻو ڪم ٿو اچي. هتي ملائيشيا ۾ ڪيترن ئي قسمن جا ڪيلا ٿين ٿا. بندرا ۽ ڊگها، ساوا ۽ پيلا، ڪارن چٽن وارا ۽ گهڻي لِئه وارا. ڪي چڱا لذيذ آهن. ڪي بنهه نه. هتي جو ڪيلو رُکو کائڻ ۾ اهڙو سٺو ناهي جهڙو پاڻ وٽ سنڌ پنجاب ۾ ٿئي ٿو يا جهڙو بمبئي ڍاڪا ۾ آهي. ٿي سگهي ٿو هتي جي ماڻهن کي وري اهو اسان وارو ڪيلو نه وڻي. هتي ڪيلو ميوي خاطر کائڻ بدران رڌپچاءَ ۾ گهڻو ڪم اچي ٿو. ڪيڪ پيسٽرين، ڪسٽرڊ پڊنگن ۾ ڪيلي کي ڪاتر ڪري وجهڻ کان علاوه ڪيلي جا پڪوڙا ۽ مٺايون پڻ ٺاهيون وڃن ٿيون. ڪيلي کي ٽانڊي تي رکي ڪواب جيان پچائي کائڻ پڻ هتي عام آهي. ڪيلي مٿان اٽي يا سڪل ڊبل روٽيءَ جي چوري جو ليپ ڏيئي گيهه ۾ فراءِ ڪري پڻ کائين. ڪيلي ۾ ڪافي وٽامن ۽ ڪاربو هائيدريٽ ٿين ٿا جي انسان جي مڪمل غذا آهن. بصر ٽماٽن وانگر سائو ڪيلو ۽ ڪچو انناس سلاد ۾ پڻ ڪم اچن. رستالي، اِماس، برنگان، ابو، ايپاح ۽ تندوق هتي جي سٺن ۽ مشهور ڪيلن جا قسم آهن جيئن پاڻ وٽ سنڌڙي، لنگڙو، بيگن پلي، گلاب خاصو، سرولي انبن جا قسم آهن.
    ملئي ماڻهو ڪيلي وانگر انناس کي پڻ ڪيترن ئي ڪيڪن، بسڪٽن، کاڌن ۽ سلادن ۾ استعمال ڪن ٿا. انناس کي ملئي (زبان) ۾ نيناس (Nenas) چون.
    مٺائيءَ جو شوقين آئون به آهيان. سمنڊ تي ٻي ڪا مٺائي يا مٺي شيءَ نه ملندي آهي ته ڪڻڪ جي مانيءَ تي کنڊ رکي ڀولوُ (رول) به ٺاهي کايو وڃان پر ملئي ماڻهو مٺائي کائڻ ۾ مون کان به زور آهن. دنيا ۾ هڪ هي ئي ملڪ آهي جتي مٺاين جو ڏڪر ناهي. شايد اهو به هڪ سبب آهي جو مون جهڙو ماڻهو ملائيشيا ۾ وڌيڪ ئي هوملي محسوس ڪري ٿو.
    هتي جي مٺاين ۾ سڀ کان آسان_ٺاهڻ توڙي سامان جي خيال کان_کوپري جو مائو سمجهان ٿو. جنهن جي ٺاهڻ جي مختصر ترڪيب هتي لکڻ مناسب رهندي. ٿي سگهي ٿو پڙهندڙن لاءِ ڪارگر ثابت ٿئي جو اها اهڙي مٺائي آهي جنهن لاءِ هتي رهندڙ منهنجي هم وطني پاڪستانين ۽ ٻين ڌارين ملڪن جي ماڻهن جي اها راءِ آهي ته اها کائڻ ۾ برفي، مائي يا حلوي کان گهٽ ڳري، سستي ۽ سٺي ۽ جلد هضم ٿيندڙ آهي. ٺهيو پڻ جهٽ پٽ وڇي ٿي. ان مٺائيءَ لاءِ هنن شين جي ضرورت آهي:
    _ناريل جو سنهو چُورو_چار ڪوپ
    _پائوڊر وارو کير_ٻه ڪوپ
    _کنڊ پيٺل_ڏيڍ ڪوپ
    _پاڻي_ڏيڍ ڪوپ
    خوشبوءِ لاءِ ٽي چار ڦوٽا يا اڌ چمچو ائسنس.
    ٺاهڻ جي ترڪيب هن ريت آهي ته ديڳڙيءَ ۾ کنڊ، پاڻي ۽ ڦوٽا وجهي باهه تي ملائجي جيسين کنڊ ملي وڃي ۽ پاڻي سڪي اڌ جيترو ٿئي. ان بعد کوپري جو چورو وجهي ڏوئي يا چمچي سان ملائجي. جڏهن ناريل جو چورو ۽ پاڻي ملي وڃي ته ٻن ٽن منٽن بعد پائوڊر جو سڪل کير وجهي تکو تکو ملائجي جيئن کوپرو ۽ کير ملي هڪ ٿي وڃَي. ملي وڃڻ بعد به اٽڪل ڏهه منٽ کن گهمائجي پوءِ اهو کيرڻيءَ جهڙو مائو ڪنهن وڏي ٿالهيءَ ۾ گيهه جو مک ڏيئي ٺارڻ لاءِ رکجي. ٺرڻ بعد ڪپ سان برفيءَ وانگر چڪيون ڪجن. فرج جي مٿئين چئمبر ۾ وڌيڪ ٿڌو ڪري کائڻ ۾ وڌيڪ سٺو رهي ٿو.
    اهڙي قسم جي هڪ ٻي مٺائي لاهوري گجرن مان ٺهيل پڻ هتي ڏٺم جيڪا بلڪل کيرڻيءَ جهڙي ٿئي ٿي. پاڻ وٽ لاهوري گجرن کي ٽانڊن تي پاڻيءَ ۾ رڌي پوءِ کير سان کاڌو وڃي ٿو. پر هتي ڇا ڪن جو گجرن کي پاڻيءَ ۾ رڌين. صفا رجهي وڃڻ بعد کين چِلهي مائي وانگر ڪن. پوءِ ڪجهه وڌيڪ کير ۽ کوپري جو ٿورڙو چورو ملائي کيرڻي جهڙو ڪيو وڃي ٿو.


    “ناريل_ملئي ماڻهن جي جيءَ جو جياپو”

    هن کان اڳ ناريل جو ذڪر ڪيو اٿم ته ملائيشيا جا ماڻهو ٻين شين سان گڏ ناريل به تمام گهڻو استعمال ڪن ٿا.
    گهڻا سال اڳ جي ڳالهه آهي، اسان جو جهاز جپان ڏي ويندي ايندي رستي تي ڪولمبو (سري لنڪا جي بندرگاهه) ۾ ڏينهن ٻن يا هفتي ڏيڍ لاءِ ضرور ترسندو هو. ڪولمبو ۾ سڀني جا شوق ساڳيا هوندا هئا: سئينامائن ۾ هندي فلمون ڏسڻ، سمنڊ جي ڪناري تي واڪ ڪرڻ ۽ هوٽلن ۾ سامونڊي شيون:مڇي، گانگٽ ۽ ڪيڪڙا کائڻ ۽ ان بعد جهاز تي ورڻ وقت پاڻ سان انناس، پپيتو يا ڪيلو وٺي اچڻ. آخري ڏينهن تي وطن ڏي وٺي هلڻ لاءِ ڏونگهيون، ڏونگهين جو تيل، مسالو ۽ کاڄا وٺندا هئاسين.
    سريلنڪا ۾ کوپري (ڏونگهين) جي تيل ۾ رڌپچاءُ ڪن. ڪولبو ۾ دڪانن تي تازي ناريل يا ڏونگهين جي سنهي ڪاتر (چورو) پڻ وڪامي. جيڪو ڏسڻ ۾ کير جهڙو اڇو ۽ برف (Snow) جهڙو سنهو سهڻو ٿئي ٿو. سريلنڪا جي ماڻهن کي هر وقت اهو وٺندي ڏسي هڪ دفعي اسان به ڳوٺ لاءِ ان چُوري جون ٻه ٽي ٿيلهيون وٺي آياسين. پر ڳوٺ پهچي سمجهه ۾ نه آيو ته ان کي ڪهڙي ڪم ۾ آڻجي. ان کان اڳ ناريل جي اها ڪاتر فقط پان وارن کي استعمال ڪندي ڏٺي هئيسين. ان بعد اهو چورو هڪ پنجابي دوست کي ڏيئي آيس جنهن جي فئملي رڌپچاءَ جي ڪم ۾ ڀڙ آهي. پر افسوس جو انهن وٽ به اهو ناريل جو چورو Disacted-Coconut رکي رکي خراب ٿي ويو.
    انهن ئي ڏينهن ۾ آمريڪا مان نڪرندڙ هڪ رسالي “U.S. Lady” ۾ ناريل تي هڪ مضمون پڙهيو هوم، (جيڪو مضمون پوءِ ريڊرس ڊائجسٽ رسالي ۾ پڻ ڇپيو هو.) ان ليکڪ ناريل جي ڏاڍي تعريف ڪئي آهي ته هڪ دفعي هو فلپين ۾ ناريل جي وڻن هيٺان بيٺو هو ته هڪ باغائيءَ_جنهن پنهنجي سڄي ڄمار ناريل جي وڻن جي سار سنڀال ۾ گذاري هئي، تنهن مٿي آسمان ڏي آڱر سان اشارو ڪري کيس چيو: “جيترا تون آسمان ۾ تارا ڏسين ٿو، اوترن گهڻن نمونن جا فائدا ۽ کاڌي پيتي جون شيون ناريل جي وڻ مان حاصل ٿي سگهن ٿيون.”
    اهو پڙهي مون کي تعجب لڳو هو ته تعريف ئي ڪرڻي آهي ته ناريل کان وڌيڪ ان جو حقدار زيتون يا گيدوڙو ٿي سگهي ٿو. پر پوءِ هتي ملائيشيا اچي پنهنجو رايو بدلائڻو پيو. ٿورن ڏينهن ۾ اها پڪ ٿي وئي ته ناريل جو هتي جي ماڻهن جي زندگيءَ سان ايترو ڳانڍاپو اهي جيترو هوا، پاڻي يا ٻي اهڙي اهم شيءِ سان هر انسان جو.
    ملائيشيا جي اتراهين رياست ڪيداح ۽ پيرلس کان ڏاکڻي رياست جوهور ۽ پهانگ تائين. يا صباح سراواڪ، بورنيو کان منيلا_فلپين ۽ ٿائلنڊ جي ڏاکڻين حصن تائين جتي ڪٿي ناريل ئي ناريل نظر اچي ٿو. ناريل بنا هتي جو سامونڊي ڪنارو اڻپورو آهي. ناريل بنا هتان جي شام جا رنگ اڌ گابراآهن. ناريل بنا هتان جا کاڌا نا مڪمل آهن. گهر، گهٽي گهٽي، جهنگل ۾ ناريل جو راڄ آهي.
    جيئن اسان جي ڳوٺن ۾ شام جي وقت غريب هارين جي ٻارن جي هٿ ۾ اٽو ۽ گاسليٽ جو شيشو هوندو آهي تيئن هتي جي ماڻهن جي هٿن ۾ اڪثر ناريل نظر ايندو. ڪو ڪچا ناريل_ پاڻي پيئڻ لاءِ دڪان کان گهر ڏي کنيو پيو ويندو ته ڪو پڪا ناريل گهران دڪان ڏي چورو ڪرائڻ لاءِ کنيو پيو ويندو. واندڪائيءَ ۾ عورتون پنهنجي گهرن اڳيان ناريل کڻي انهن جا بُج (Coir) ويٺيون لاهينديون. جيئن ضرورت وقت باقي سخت کل جو پُڙ لاهي مشين ۾ اڇو ناريل چورو ڪرائي وٺجي.
    هتي ملائيشيا ۾ پهچڻ سان ئي ٻئي يا ٽي ڏينهن آفيس ۾ هڪ چانهه پارٽي ٿي جنهن ۾ بسڪٽ ۽ سنبوسن کان علاوه ڪيلي جي پنن ۾ سيري جهڙي شيءِ ويڙهيل هئي. هتي جي هڪ ملئي آفيسر مون کي اها کائڻ جي آڇ ڪندي چيو: ،هيءَ ناريل جي مٺائي آهي. تمام سٺي ٿي ٿئي. چکي ته ڏسو.”
    سندس سواد ۽ نمونو حلوي ۽ مائي سان مليو ٿي. ان دعوت بعد سگهوئي نوٽ ڪيم ته صبح جو سوير آيل ڇوڪريون آفيس ۾ ويهي گهران آندل جيڪو ڀت Nasi-Lemak (ناسي ليما) (ڪ جو اچار گهُٽيل رهي) کائين ٿيون ان ۾ پڻ ناريل جو کير مليل ٿئي ٿو. بلڪ اهو ڀت رڌبو ناريل جي کير ۾ آهي. خاص ڪري نيرن تي اهو ڀت کائين.
    وقت گذرڻ تي ڪيترن ئي دعوتن ۾ ڪيترن ئي قسمن، سوادن ۽ شڪلين جون ناريل جون مٺايون ڏسڻ/ چکڻ/ جو موقعو مليو. ان بعد ته پوءِ هوٽلن ۾، شهرن ۽ ڳوٺن جي دڪانن تي، بسن ۽ بس اسٽاپن تي، هتي جي ريل گاڏين ۽ هوائي اڏن تي ڪيترن ئي قسمن جا کاڌا ۽ مٺايون نظر آيون جيڪي ناريل مان ٺهن ٿيون.
    ناريل رڌپچاءَ کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي ڪمن ۾ اچي ٿو. ناريل جا مٿيان بُجَ (Coir) واڻ، ڌاڳن ۽ رسين ٺاهڻ لاءِ ڪم اچن ٿا ۽ ٻاهر وڃڻ (ايڪسپورٽ) لاءِ ملاڪا، پورٽ ڪلانگ ۽ پينانگ جهڙا بندرگاهه ان وکر سان ڀريا پيا آهن. ناريل جا اهي بُجَ ٻارن ۽ ڪوچن، گاديلن کي ڀري ٿلهو ۽ نرم ڪرڻ جي ڪم پڻ اچن ٿا. ناريل جا ٻيا به ڪيترائي ڪم ۽ فائدا آهن اهي ناريل جي ملڪن ۾ رهي ماڻهوءَ کي پروڙ پوي ٿي. لکين ماڻهو ناريل جي وڻ کي زندگي ڏيڻ جو وڻ سڏين ٿا جيئن هندو ڳئون ماتا کي ۽ مصري نيل نديءَ کي سڏين ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي وڻ قدرت طرفان هن پاسي جي ماڻهن لاءِ ايئن وڏي نعمت آهي جيئن عربن لاءِ اٺ ۽ سنڌين لاءِ سنڌوندي.
    هڪ هتي جي رهاڪو چينيءَ فخر مان چيو: “ناريل کان علاوه ڀلا ٻيو ڪهڙو وڻ آهي جيڪو نه فقط توهان کي گهر ٺاهڻ جو سامان مهيا ڪري ٿو پر گهر لاءِ فرنيچر پڻ: بسترا، گاديلا، ڪرسيون، گلم، ٻهارا، ڪوپ ساسرون_ويندي صابڻ ۽ ٽٿ برش تائين مهيا ڪري ٿو.” هن سگريٽ جي فلٽر ڏي اشارو ڪري چيو، “هي به ناريل جي ٻج مان ٺهيل آهي.”
    ناريل جي وڻ جا پن يا ناريل جا بُج (وار) ٻاري گهر کي سياري ۾ ڪوسو رکي سگهجي ٿو ۽ اونهاري ۾ ان جي ڇانوَ يا ڇپر ۾ ويهي ٿڌڪار وٺي سگهجي ٿي ۽ پنن مان پڻ وڃڻو ٺاهي هوا هڻي سگهجي ٿي. ٻارڻ ۽ ٿڌڪار کان علاوه ناريل جو وڻ اسان کي روشني پڻ مهيا ڪري ٿو. ناريل جي اڌ خالي کوپي ۾ ناريل جو تيل (Coconut-Oil) وجهي، ناريل جي کوندي جي وٽ کي ٻاري گهر کي روشن ڪري سگهجي ٿو. واقعي ٻيو ڪهڙو وڻ آهي جيڪو سڄي ڪٽنب لاءِ ڪپڙا مهيا ڪري. جيڪو مهاڻن کي پنهنجيون ٻيڙيون ٺاهڻ لاءِ سمورو سامان ڏئي. نه فقط ٻيڙي ٺاهڻ لاءِ ڪاٺ پر سڙهه، کوها، رسا، مڇين ڦاسائڻ لاءِ ڄاريون ۽ ڏوريون پڻ. ناريل جو وڻ نه فقط توهان کي کاڌي پچائڻ ۾ ڪم اچي ٿو پر پچائڻ لاءِ کاڌو به ڏئي ٿو. پيئڻ لاءِ قسمين قسمين پاڻي/ کير_جنهن ۾ تمام گهڻي طاقت (وٽامن) موجود آهي. ناريل اهڙو وڻ آهي جنهن تي توهان سڄي ڄمار جيئرا رهي سگهو ٿا.
    هونءَ ڪن ڪن جو اهو به چوڻ آهي ته ناريل جو وڻ صحيح معنيٰ ۾ وڻ جي کوڙي ۾ نٿو اچي جو هن کي ٻين وڻن وانگر نه ٽاريون آهن نه ڇوڏو. ٻين وڻن جو ٿڙ مٿي ويندي وقت سنهو ٿيندو آهي پر ناريل جو ٿڙ ذري گهٽ هڪ ئي گهير جو ٿئي ٿو. بهرحال ٻين وڻن جي ٿڙ جي تهن کي ڳڻي سندن عمر ٻڌائي سگهجي ٿي پر ناريل جي عمر سندس ٿڙ تان ڇڻيل پنن جي نشانن مان لڳائي سگهجي ٿي. هڪ پن جو سنڌو هڪ مهيني برابر. ناريل جي ٿڙ تي اهڙا ڇٽيهه مهينا_ٽي سال پراڻو وڻ.
    ناريل جو وڻ سال ۾ هڪ دفعو ڦر جهلي ٿو. پوءِ اهو چاهي ڪچو پٽجي يا پچي وڃڻ بعد ڪجهه عرصي کان پوءِ سال تائين اهو ڦر وڻ ۾ لڪندو رهي ٿو. جڏهن وڻي ڇاڻي کائجي. يا سندس پاڻهي ڪرڻ جو انتظار ڪجي.
    ناريل جو پاڻي ۽ گودو سنهي ۽ سخت گول کل اندر ٿئي ٿو. ان سخت کل مان سريلنڪا، ٿائلنڊ ۽ سنگاپور پاسي جا ماڻهو مختلف رانديڪا سووينر: بتين جا شيڊ، ائش ٽري ۽ ٻيو ڪٽ ورڪ جو سامان ٺاهي وڪڻن. ان کوپي کي پورو اڌ ڪرڻ سان ڪٽورو يا ڏنڊو ٻڌڻ سان ڏوئي ٺهيو وڃي. ڪيترن هنڌن تي ان کي گهڙي ۽ ڪتري چمچا ۽ ڪانٽا ٻه ٺاهيا وڃن ٿا. هڪ ٻن هنڌن تي ان ٻاهرين سخت ناسي کوپي جو ڪٽليون به نظر آيون. گهڻو اڳ ڪولمبو مان ان کوپي جا ٺهيل ٻه سووينر (رانديڪا) ورتا هيم. هڪ ته موٽر سائيڪل هئي جنهن تي ٻئي کوپي مان ٺهيل رڇ ويٺو هو. ۽ ٻيو ڀولڙن جو هو جيڪي گڏ ويٺل هئا. اهو رانديڪو ٻن اهڙن ناريلن مان ٺهيل هو جيڪي قدرتي طرح هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هئا_جيئن پاڻ وٽ ڪيترائي ٻٽا انب يا زيتون نظر ايندا. ان ناريل جي رانديڪي اندر پاڻي به موجود هو ۽ لوڏڻ مهل سندس آواز ٿيو ٿي. نه ته پاڻي اڪثر انجيڪشن (سئيءَ) ذريعي اندران ڪڍي وٺندا آهن. ان ٻٽي ناريل جا سڀ وار (بُج) پٽيل نه هئا. ڀولڙن جي مٿي تي وار ڇڏيل هئا ۽ لڳو ٿي ته ڄڻ ڀولڙن جا اصلي ڀورا وار هجن.
    ناريل جي سخت کل مٿان جيڪي اهي وار ٿين ٿا تن جا ڪيترائي فائدا مٿي اچي ويا آهن. هڪ ٻيو هينئر ياد پيو اچي. هڪ دفعو چٽا گانگ ۽ چالنا بنگلاديش (تن ڏينهن ۾ اڀرندو پاڪستان) مان ناريل جا اهي وار ۽ ڏيڏرن جو ٽنگون جهاز جي ٿڌن اسٽورن ۾ فريز ٿيڻ بعد بيلجم ۾ لاٿيوسين_جو اهي بيلجق ماڻهو شوق سان کائين ٿا. بلڪ کائڻ وارن جو چوڻ آهي ته ڏيڏرن جو ٽنگون تتر وانگر لذيذ آهن. ناريل جي وارن جون آندل ڪئين سَوَ ڳٺڙيون جرمنيءَ ۾ ڪهڙي ڪم اچن ٿا. وراڻيائين ته انهن ڪرسين جي گاديلن ۾ وجهندا آهن. خاص ڪري واڪس وئگن ڪار وارا پنهنجن ڪارين جي سيٽن ۾ هي بج ۽ رٻڙ (Latex) ملائي استعمال ڪن.
    ناريل جي ناسي ڀوري مظبوط کوپي اندر ناريل جي عمر مطابق پهرين کير، پوءِ گودو، ۽ پوءِ پاڻي ۽ سخت اڇو ناريل ٿئي ٿو. پنجن مهينن جي ناريل اندران پاڻيءَ جا ٻه ڀريل گلاس نڪري سگهن ٿا. ناريل جو پاڻي صاف، شفاف ۽ ٿڌو ٿئي ٿو. ڪيمياگرن جو چوڻ آهي ته منجهس گهٽ ۾ گهٽ ٻه چمچا کنڊ جا مليل ٿين ٿا. ان کان علاوه منجهس وٽامن ۽ معدني شيون (Minerals) موجود آهن. ۽ اهو پاڻي بنا جراثيمن جي(Sterilized) ۽ نج ٿئي ٿو. ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ ٻنهي ڌرين_آمريڪن ۽ جپاني ملٽري ڊاڪٽرن گلوڪوس جي ٿيلهين جي کوٽ ڪري امرجنسيءَ ۾ ناريل جو پاڻي مريضن جي نسن ۾ ڊرپ طور استعمال ڪيو هو. ناريل کي وڻ ۾ ڇڏي ڏجي ته اهو اڳتي هلي جيليءَ جهڙو ٿيو پوي ۽ ٻارهن مهنن اندر هي لئه دار پاڻي ڄميو سخت ٿيو وڃي. جنهن کي توهان چڪ هڻي کائي سگهو ٿا. هتي ملائيشيا ۾_(۽ ٿائلنڊ ۾ پڻ) عورتون ان ناريل کي نپوڙي منجهائس ڌئوري جهڙي نڪتل مال مان ڪيترن ئي قسمن جون چٽڻيون، سُرڪا ۽ مٺايون ٺاهين. تئي تي رکي باهه تي ڪاڙهڻ سان منجهائس رڌ پچاءُ جو تيل، ٻارڻ جو تيل، مختلف لوشن ٺهي سگهن ٿا يا ڦلهير سان ملائي صابڻ پڻ ٺاهي سگهجي ٿو. تجارتي استعمال لاءِ ناريل کي اڌ ڪري سڪائبو آهي. سڪل ناريل کي ڏونگهيون سڏجي ٿو. ڏونگهين جي ڪاتر کاڌن ۾ وجهبي آهي يا ان کي گهاڻي ۾ پيڙهي منجهائنس کوپري جو تيل ڪڍي سگهجي ٿو. اهو تيل خوشبوئن، گليسرين، دوائن ۽ ٻين ڪيترن ئي شين ۾ استعمال ٿئي ٿو. ڦٽ ڦرڙي، رهڙ رانبوٽي ۽ سردي کان ٿيل خشڪيءَ لاءِ به استعمال ٿئي ٿو ته شيونگ ڪريم، آئس ڪريم کان وٺي رنگ روغن ۾ پڻ ملايو وڃي ٿو. سڀ کان گهڻو ڏونگهين جو تيل هندوستان ۾ هندو استعمال ڪن ٿا_خاص ڪري ويجيٽرينين (ڀاڄيون کائيندڙ) هندو.
    ڏوگهين کي پيڙي تيل ڪڍڻ بعد جيڪو کڙ بچي ٿو ان ۾ به تمام گهڻي پروٽين ۽ کنڊ ٿئي ٿي ۽ ان جو گهڻو استعمال ڪڪڙين ۽ جانورن جي کاڌي (Feed) ۾ ڪيو وڃي ٿو.
    ڏٺو وڃي ته ناريل جي وڻ جي ڄمار ماڻهوءَ جي وهيءَ سان گهڻو ملي ٿي. ناريل جو وڻ مرد وانگر ٻارهن تيرهن سالن جو ٿي پوءِ صحيح جوان ٿئي ٿو. ناريل ان کان اڳ جيتوڻيڪ ٿورو گهڻو ڦر ڏئي ٿو پر صحيح معنيٰ ۾ ٻارهن تيرهن سالن جو ٿي پوءِ ڏئي ٿو ۽ ڀري ڀري جهوليون ناريلن جون ڏئي ٿو تان جو جيسين سٺ سالن جو وڃي ٿئي. پوءِ پيري واسو ڪريو وڃينس ۽ آهستي آهستي ختم ٿيو وڃي. اسي يا نوي سالن تائين پهچڻ تي مريو وڃي.
    ناريل جو اصلي گهر هي ڏيهه آهي_يعني ڏکڻ اوڀر ايشيا جا ملڪ: ملائيشيا، انڊونيشيا، ٿائلنڊ، فلپين وغيره. پر اڄڪلهه ناريل دنيا جي ڪيترن ئي سامونڊي ڪنارن ۽ ٻيٽن تي عام ٿي ويو آهي. جنهن ۾ نه فقط انسان ذات جو هٿ آهي جنهن ان جو ٻج هڪ هنڌان کڻي ٻي هنڌ پوکيو آهي، پر ان ۾ سمنڊ جو پڻ وڏو هٿ آهي. ڇو جو هڪ ڳالهه آهي ته ناريل جي وڻ کي سمنڊ سان ڏاڍي دل آهي. جيتوڻيڪ ناريل جي پوک لاءِ سمنڊ ضروري ناهي پر توهان ڏسندائو ته ناريل سمنڊ جي ڪنارن وارن ملڪن ۾ جام ٿئي ٿو. جيئن پنهنجي ملڪ ۾ ناريل جي پوکجي ته دادو، حيدرآباد ۾ به ٿي سگهي ٿو. پر گهڻو ٺٽي ڪراچيءَ ۾ نظر ايندو جتي سمنڊ آهي.
    سامونڊي ڪنارن تي پوکيل ناريلن جو ڦر ڪڏهن سمنڊ ۾ ترندو وڃي ٻين ملڪن ۾ پهچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ناريل اڄڪلهه نه فقط ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ آهي پر ماريشش، مالا گاسي، ٽرينڊاڊ، ڪيوبا ٻين آفريڪي ٻيٽن ۽ ڪنارن کان وٺي برمودا، باهاما، فجي ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪئريبن سمنڊ جي ٻيٽن ۽ ڪنارن تي پڻ موجود آهي ۽ ڏينهون ڏينهن هن ميوي ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي.


    “ٿائيپوسام ۽ پونگال”

    آفيس جي ڪنهن ضروري ڪم سان هڪ دفعي ڪار رستي ملائيشيا کان سنگاپور پهتس. مون سمجهيو ڪلاڪ کن ۾ واندو ٿي پوءِ شهر مان به ٻه چار پنهنجا ڪم به لاهي وٺندس. پر آفيس جي ڪم پٺيان هڪ بدران ٻه ٽي ڪلاڪ لڳي ويا ۽ آئون سوچيندو رهيس ته هاڻ مڙني ڪمن ۾ جيڪو هڪ اڌ ڪم اهم هجي اهوئي لاهيندو هلان. يا ته نارٿ برج روڊ ڏيئي هاءِ اسٽريٽ تان هلي ڪپڙا خريد ڪجن، يا سرنگون روڊ تائين هلي ڪنهن هوٽل تان ماني کائي پوءِ گووندا سواميءَ جي دڪان تان گهر لاءِ سيڌي جو سامان: پاڪستاني چانور، ڪابلي چڻا،هندستاني مصالو وٺي موٽجي. هي اهي شيون آهن جيڪي ملائيشيا ۾ نه ٿيون ملن يا مهنگيون آهن. يا اڃان به گهٽ وقت بچيو ته شهر ڏي وڌڻ بدران_ يعني هاءِ اسٽريٽ يا سرنگون روڊ ڏي وڌڻ بدران، پويان پير ڪجن ۽ رستي تي بڪت تيماح پلازا يا ووڊ لئنڊس مان ٿائي چانور يا ڪلڪتي وارا ڪجهه گهٽ اوچا چانور ۽ ٻيو سامان وٺي ملائيشيا موٽجي.
    آفيس جو ڪم ختم ٿيڻ بعد ٻاهر روڊ تي نڪري جائزو وٺڻ لڳس. سامهون کان ايندڙ هڪ تامل مدراسي جوڙي کي بيهاري رستي جي پڪ ڪيم:
    “معاف ڪجانءِ يار! هي ٽئنهلن روڊ اڳيان وڃي، ڪٿان ٿو نڪري؟”
    “ساري! آئون هتي جو نه آهيان. آئون سريلنڪا جو رهاڪو آهيان هيءَ منهنجي زال جيتوڻيڪ هتي جي سنگاپوري آهي پر رستن کان اڻڄاڻ آهي.”
    جيئن ڪراچيءَ جي مڪرانين کي گهڻو تڻو فقط پنهنجو علائقو: چاڪيواڙو، بغدادي، لي مارڪيٽ، موسيٰ لين ۽ ان جا رستا ياد هوندا آهن اهڙي طرح سنگاپور جي مدراسين (ڏکڻ هندوستانين) کي به سنگاپور ۾ فقط پنهنجا ئي علائقا ياد آهن: سرنگون روڊ، ٽئنڪ روڊ، ڪربائو روڊ، بفئلو روڊ وغيره_جتي جو جهڳٽن ۾ رهن ٿا، يا سندن مندر آهن. انهن کان علاوه ٻئي شهر جي رستن جي خبر ڪنهن ورلي کي هوندي آهي_جيتوڻيڪ هو پيڙهين کان شهر ۾ رهيا پيا آهن.
    ٿوري دير ڪار جي ڀر ۾ بيهي ٻئي همراهه جو انتظار ڪيم. جيڪو پڻ پهرين وانگر شڪل شبيهه ۾ ڏکڻ هندستاني هو ۽ اهو به سنگاپور جو ئي رهاڪو ٿي سگهيو ٿي_ڇو ته سنگاپور ۾ جيڪي چار قومون رهن ٿيون انهن ۾ تامل به هڪ آهن. پر هن دفعي پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيومانس:
    “Are you from Sinapore?”
    “ييس! مان توهان جي ڪهڙي مدد ڪري سگهان ٿو؟ پئسا مٽائڻا آهن_؟” هن ڏاڍي نئڙت ۽ تحمل سان پڇيو. سنگاپور جي ماڻهن جي اها نئڙٿ واري ڳالهه مون جهڙي هر ڀليل مسافر/ پرديسيءَ کي متاثر ڪري ٿي.
    “اڳتي رستو ڪيڏانهن وڃي ٿو؟”
    مون پڇيومانس.
    “اڳتي جي ته خبر ناهي ته ڪٿي وڃيو دنگ ڪري پر هن کان پوءِ وارو رستو آرچرڊ روڊ آهي. هونءَ توهان کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟” هن پڇيو.
    ،مون کي وڃڻو ته واپس جوهور بارو (ملائيشيا) ڏي آهي، بڪت تيماح روڊ ڏيئي، پر جي آرچرڊ روڊ اتي ويجهو آهي ته پوءِ اهو وٺي ڪجهه اڳتي براس بساح روڊ تان ڪجهه ڪتاب وٺڻ لاءِ وڃڻ ٿو چاهيان.”
    هن کلي موڪلايو ۽ دل ئي دل ۾ مون کيس ٿئنڪ يو چيو ۽ سندس چيني پرائيم منسٽر لي ڪئان ييو کي پڻ_جنهن ٻين ماڻهن کي ته ڇا، سنگاپور جي چينين کي به سڌاري ڇڏيو آهي ۽ ڪافي حد تائين نياز ۽ نئڙٿ سيکاري ڇڏي آهي.
    براس بساح سنگاپور جو پراڻو ۽ مشهور روڊ آهي جنهن تي هن ٻيٽ کي لڀڻ واري انگريز حاڪم_سر اسٽلمئنفورڊ رائفلس جي نالي واري رئفلس هوٽل پڻ آهي. ان جي ڀر سان ئي براس بساح نالي ڪتابن جي ويهه پنجويهه کن دوڪانن جو ڪامپليڪس آهي. مون ٻيا ڪم پاسيرا ڪري ان تان ڪجهه ڪتاب وٺي جلدي موٽڻ چاهيو ٿي. پنهنجي پراڻي ڪار ۾ ويهي انجڻ کي اسٽارٽ ڪيم. چڱو جو ٻه چار ڏينهن اڳ ملائي ٿيل پويان ٻئي ٽائر مٽائي نوان وجهرايا هئم نه ته سنگاپور جهڙي تيز رفتار شهر مان هلندي خوف رهڻ هڪ عام ڳالهه آهي ته متان ڪو ڦيٿو اوچتو ڦاٽي پوي ته پويان انيدڙ سچي ٽرئفڪ جام ٿي ويندي. پنهنجي پراني ڪار جي انجڻ کان پڻ مطمئن هوس ته دوکو نه ڏيندي. جيتوڻيڪ پلگ ۽ سائلنسر صحيح نه هجڻ ڪري ڪجهه دونهون ۽ آواز ڪري رهي هئي. پر جيسين جپان وانگر سنگاپور وارا دونهاٽيل ۽ گوڙ وارين گاڏين تي بندش نٿا هڻن تيسين منهنجي ڇهه سال پراڻي ماڊل واري ڊاٽسن ڪار بنا ڪنهن ڊپ ڊاءِ جي بارڊر ٽپي ملائيشيا کان سنگاپور اچي وڃي سگهي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هر دفعي سنگاپور جو بارڊر ٽپڻ وقت آرسيءَ ۾ ضرور ڏسندو آهيان ته ڪٿي پوليس وارو سڏ ڪري چئي ته نٿو ته هن ڪار کي پٺيان ملائيشيا ۾ ئي ڇڏي پوءِ بارڊر ٽپ جو سندس سهڻي ملڪ سهڻين گهٽين جو نطارو مون واري پراڻي ڪار خراب ٿي ڪري.
    ٽئنگلن روڊ تان سڌو ڊرائيو ڪندي مارڪو پولو هوٽل وٽ هڪ ويڪرو رستو ڪراس ڪري ٿو جنهن جي ساڄي پاسي وارو حصو گرينگ روڊ آهي ته کاٻي پاسي وارو نيپيئر روڊ_انگريزن جو اهو هيرو اسان جي سنڌ تي 1843ع ۾ حملو ڪيو.
    ٽئنگلن روڊ ٿورو اڳيان وٺي وڃڻ تي ڪانٽينينٽل ۽ منگ ڪورٽ هوٽل وٽ ٺهيل سگنل کان پوءِ اهو رستو آرچرڊ روڊ سڏجي ٿو_جيڪو سهڻن ۽ وڏن ڊپارٽمينٽل اسٽورن ۽ هوٽلن کان مشهور آهي. سگنل کلڻ تي سنگاپور جي ٽرئفڪ وري درياهه وانگر وهڻ لڳي ٿي_بنا بيهڪ جي، لس ئي لس، هلٽن ۽ ڊانيسٽي هوٽلن، ٽئنگ ۽ لڪي پلازا اسٽورن بعد ان ٽرئفڪ جي وهڪري ۾ اوچتو ئي اوچتو سستي اچي ويئي ۽ گاڏيون ٿورو چري وري بيهي ٿي رهيون ۽ نيٺ فونيڪل هوٽل وٽ سڄي ٽرئفڪ بيهي رهي پوءِ ٿوري ٿوري دير بعد رکي رکي گاڏيون جونءِ وانگر ٿورو رڙهي وري اتي جو اتي بيهي ٿي رهيون. سمجهه ۾ نه پئي آيو ته اڳيان ڇا ٿيو آهي جو گاڏين جو قطارون ٺهي ويون آهن. شايد ٻنپهرن جي مانيءَ جو وقت (Lunch-Hour) آهي، ان ڪري. پر سنگاپور ۾ ته اهڙو بندوبست آهي جو صبح جو آفيس ٽائيم تي به ٽرئفڪ ايتري جئم نٿي ٿئي.
    نيٺ جڏهن ڏهه پندرهن منٽ ٿي ويا پر اسان جو معمولي چرڻ به نه ٿيو ته پڪ ڄاتم ته اڳيان ڪو حادثو ٿيو آهي. پر سنگاپور ۾ ان ڳالهه لاءِ به اهڙا بندوبست ٿيل آهن جو هڪدم ڪرين يا ٽرڪ حادثي ٿيل گاڏيءَ کي رستي تان ڇڪيو وڃي جيئن ٻين لاءِ رستو هڪدم صاف ٿي وڃي. آرچرڊ روڊ ختم ڪري ڪار براس بساح روڊ مس مس پهتي ته خبر پيئي ته پري کان جلوس اچي رهيو آهي. جنهن ڪارڻ ٽرئفڪ جئم ٿي ويئي آهي.
    ڪارا تامل (ڏکڻ هندوستاني) انگوڇا ٻڌي مٿي تي ڪجهه تابوت نما شيءِ کڻي اسان ڏي وڌي رهيا هئا. تابوتن مٿان سوين مور کنڀ لڏي رهيا هئا. يڪدم سمجهه ۾ اچي ويو ته هي هندن جو ڏينهن ٿائيپوسام آهي_جيڪو گناهه بخشائڻ ۽ سکائون پوريون ڪرڻ کان مشهور آهي. مرد مختلف بتن (ديوتائن) جون مورتيون يا ٻيو سامان ننڍڙين ڏولين ۾ مٿي تي رکي هلندا آهن جن کي ڪا واٽي (Kavadi) سڏجي ٿو. ان ڪاواٽيءَ کي تارن سان ٻڌي انهن جا پوڇڙ سنوان سڌا، يا وري ڪنڍن يا سوئن ذريعي ڪاواٽي کڻندڙ جي جسم ۾ ٽنبيا ويندا آهن. اهي سوئا ۽ ڪنڍا جسم ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ٽنبيل هوندا آهن_خاص ڪري ڇاتي ۽ پٺ ۾. ڪي ڪي ڪاواٽي کڻندڙ ماڻهو ته اهي سوئا ڳلن، چپن ۽ ويندي ڄڀ مان به آرپار لنگهائي هلندا آهن.
    هن کان اڳ مون به رڳو پڙهيو هو ته هن پاسي ڏکڻ هندستان جا هندو (Thaipusam) وڏي زور شور سان ملهائين ٿا ۽ سنگاپور ۾ ان ڏينهن تي ڪاواٽيون کڻندڙن جو جلوس سرنگون روڊ تي ٺهيل پيرونمل مندر کان نڪرندو آهي ۽ ٽئنڪ روڊ تي ٺهيل هڪ ٻئي مندر تي وڃي ختم ٿيندو آهي. پر ڏٺو ڪڏهن به نه هوم. هن دفعي اتفاق اهڙو ٿيو جو هڪ ڏينهن اڳ سرنگون روڊ تان هڪ مدراسيءَ جي دڪان تان مٺائي (لڏون، کير پڙا، ميسو پاڪ ۽ جليبيون) وٺندي انڊين دڪاندار کان سامهون آچار واري دڪان جي بند هجڻ جو پڇيو هوم ته هن ٻڌايو هو: ”آچر جي ڏينهن جي موڪل ڪري اسين به دڪان بند رکندا آهيون. پر اڄ رڳو ان ڪري کوليو اٿم جو سڀان وري اسان جو مذهبي ڏينهن آهي جنهن ڪري سڀان به بند رکڻو پوندو.”
    پر ان وقت به مون کي ياد نه رهيو ته ٻئي ڏينهن ٿائيپوسام آهي جيڪو سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ ڏياري ۽ هوليءَ وانگر وڏي پيماني تي هندو ملهائين ٿا_خاص ڪري ٿائيپوسام جو جلوس ٿيڻ ڪري سڀ ڏسن ٿا. اهي ماڻهو مٿي تي ڪاواٽيون رکي هلندا آهن جن ۾ چڱو بار هوندو آهي ۽ انهن جون رسيون لوهي سوئن سان جسم ۾ گهيڙي تتل رستن يا مينهوڳيءَ جي صورت ۾ گپ واران رست تان سڄو سڄو ڏينهن پيرين اگهاڙا هلندا آهن. وري ٻي سال ٿايپوسام لاءِ ساڳيا يا نوان ماڻهو ڪاواٽي کڻڻ جي سُکا ڪندا آهن. نه فقط هندو پر ڪڏهن ڪڏهن هتي جا ڪي چيني يا ڌاريا پڻ. جيئن واپس ملائيشيا ۾ اچي خبر پيئي ته ڪوالالمپور ۾ هڪ آسٽريلين همراهه ڪارل بيلي، ان موقعي تي ماڻهن جي نظر جو مرڪز رهيو. هي همراهه 1976ع کان 1979ع تائين ڪوالالمپور ۾ آسٽريليا جي هاءِ ڪميشن ۾ هو. اُتي هڪ دفعي ماڻهن کي باتو_چُرن (Batu-Caves) ڏي همت ۽ صبر سان اهي ڪاواٽيون کڻي ويندو ڏسي پاڻ به ڪا سُکا ڪيائين ته اها پوري ٿئي ته پنجن سالن لاءِ، هر ٿائيپوسام واري ڏينهن اچي ڪاواٽي کڻندو. سو اڄ ڪلهه آسٽريليا کان خاص هلي ملي ملائيشيا ۾ اچڻ جو سندس اهو ئي سبب هو. هتي جا غريب ڏکڻ هندستاني هندو_جسم ۾ سڪل ۽ رنگ ۾ ڪارا، پنهنجي وچ ۾ هڪ ٿلهي متاري قداور ۽ ڳاڙهي اڇي رنگ جي ولائتي ماڻهوءَ کي ڏسي خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيا. ڪنهن چرچي ۾ چيو: “ڏاڍو سٺو ٿيو. لارڊ موروگا يا ديوتا سبرانيم_جنهن کي ريجهائڻ لاءِ هي ڪشٽ ڪشالا سَٺا وڃن ٿا، اهو ريجهي يا نه پر هي آسٽريلين راڻو ته سرچي، ڳاڙهو تلڪ هڻي انگوڇو پائي، پير اگهاڙا ڪري، منجهائن هڪ ٿيو پيو هلي.”
    مٿي تي ڪاواٽي رکي هلڻ کان علاوه ننڍڙا_منجيءَ جيڏا گاڏا (Chariot) پڻ ڇڪيا ويندا آهن. سنگاپور ۾ ان وقت براس بساح روڊ تي هڪ همراهه هڪ اهڙو گاڏو ڇڪيو پئي ويو جنهن تي سندن گنيش ديوتا ويٺل هو. اهو گاڏو هٿن سان نه پر ڪاواٽيءَ وانگر سنهين لوهي تارن سان ڇڪبو آهي جن تارن جو هڪڙو پاسو ته ان گاڏي ۾ ٻڌل هوندو آهي ۽ ٻيو ڇڪيندڙ جي پٺيءَ جي کل ۽ گوشت ۾ ڪنڍين ذريعي ڦاٿل هوندو آهي. اهڙا گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه کن مڙيل ڪنڍا ان ڇڪيندڙ همراهه جي پٺيءَ ۾ ٽنبيل هئا ۽ منهن مٿو سڄو ڀڀوت ٿيل_چن، ميٽ يا ڪنهن ٻئي ٻوري مان. سندس اڳيان پويان ويهه پنجويهه پيرين اگهاڙا ڪفنين ۾ مرد ۽ تکن رنگن جي ڪاٽن جي ساڙهين ۾ عورتون هيون. سخت گرميءَ کان پگهر سندن جسم تان ٽمي رهيو هو_۽ پان جي پڪ چپن جي پاسن کان. پر “ويل” “ويل”_مرحبا، مرحبا جا نعرا هڻندا ڪاواٽي کڻندڙن کي همٿائي ايڏانهن ساڄي پاسي_آرمينين اسٽريٽ يا پينانگ روڊ ڏي مڙيا پئي. هڪ ميڙ جي پويان ٻيو، ۽ ٻئي پويان ٽيون ميڙ هو.
    ائين جسم ۾ تارون ٽنبي ڪاواٽيون يا گاڏا کڻڻ وارا هڪ نه ٻه نه پر ڪيترائي هوندا آهن. سڀ کان گهڻا (ٻئي ڏينهن اخبار ۾ آيو ته) ڪوالالمپور ۾ هئا. اتي اٽڪل ٻه هزار کن ماڻهن بدن ۾ اهڙيون تارون ٽنبي باتو چرن ۾ ٺهيل شري موروگا مندر ۾ آيا هئا. هر هڪ ڪاواٽي کڻندڙ سان گڏ سندس مائٽ، دوست هوندا آهن. انهن ۾ ڇوڪريون ديوتا سندرامنيم کي آڇڻ لاءِ کير يا ماکي، کنڊ، ڳني جي رس، ۽ ڏونگهين سان ڀريل لوٽا ۽ ٿالهه کڻي هلنديون آهن. آسٽريلين همراهه ڪارل بيليءَ سان گڏ سندس ڌيءَ ۽ زال کير جو لوٽو کڻي هلي رهيون هيون_جنهن کي پڻ ڪاواٽي سڏين.
    ملائيشيا جي هڪ ٻئي وڏي شهر اپوح (Ipoh) ۾ اٺ سئو کن ماڻهن، پنهنجيون سکائون پوريون ڪرڻ لاءِ اهي ڪاواٽيون کنيون. ان شهر ۾ اهو جلوس جالان (شاهراهه) سنگائي پاري تي ٺهيل مندر ماريامان تان شروع ٿيو ۽ پنجن ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري جالان راجا تان شروع ٿيو ۽ پنجن ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري جالان راجا موسيٰ عزيز (پراڻو ائنڊرسن روڊ) تي سبرانيم مندر تي ڇوڙ ڪيو.
    انهن جلوسن ۾ نه فقط عام ماڻهو پر وڏا وڏا ماڻهو پڻ_مذهب يا مشهوري کان اچيو نڪرن. ڪوالالمپور واري جلوس ۾ ملائيشيا جو ورڪس منسٽر_مسٽر سئمي ويلو پڻ هو جيڪو اصل ته ڏکڻ هندستاني جو تامل هندو آهي پر سندس ابا ڏاڏا سالن کان ملائيشيا ۾ اچي رهيا ان ڪري هاڻ هو ملائيشيا جي قوميت رکي ٿو ۽ ملائيشيا جو انڊين سڏجي ٿو. ان کان علاوه هائوسنگ ۽ لوڪل گورنمينٽ جو ڊپٽي وزير ايس. سبرانيم، صحت جو ڊپٽي وزير داتڪ.ڪي پائمانابان ۽ ٻيا ڪيترائي ڏسڻ وارا ۽ فوٽو گرافر هئا_خاص ڪري يورپ، آمريڪا پاسي کان آيل همراهه تماشو ڏسڻ لاءِ قطارن ۾ بيٺل هئا. آءُ به جڏهن هڪ ٻن اهڙن ڪاواٽي (Kavadi) کڻڻ وارن جي ويجهو لنگهيس ته ڪار کي بيهاري کين چتائي ڏسڻ لڳس. سوئا ۽ تارون سندن ڇاتي ۽ پٺيءَ جي کل ۽ گوشت مان ائين ٿي لنگهيا جيئن مڇيءَ جي وات مان ڪنڍو آر پار لنگهي. پر اهو واقعي صحيح آهي ته انهن هنڌن تان رت بنهه نٿو نڪري_يا اڳهين ان کي سڪايو وڃي ٿو. يا ڪي اهڙيون دوائون ۽ ديسي نسخا استعمال ڪيا وڃن ٿا. ملاڪا جي ملٽري اسپتال جي ڊينٽل سرجن_ميجر داس سان ان بابت ڳالهه ٿي ته هن ٻڌايو:“سمجهه ۾ نٿو اچي. ميڊيڪل سائنس ۾ ته اهڙي ڳالهه نا ممڪن آهي ته ڪنهن جي جسم ۾ ڪپ، ڪانٽو يا ڪنڍو چڀجي پر رت نه نڪري. پر اها ڳالهه آهي جو جيڪي ماڻهو ٿائيپوسام واري ڏينهن تي ڪاواٽي کڻن ٿا، اهي ان ڏينهن جي تياري مهينو کن اڳ کان ڪن ٿا. پوءِ انهن کي Diet _ بک تي رکيو وڃي ٿو، يا فقط ڀاڄيون کارايون وڃن ٿيون ۽ ڪجهه جڙيون ٻوٽيون ۽ گلن ٻوٽن جو تت پڻ. آئون ته ڪرسچن آهيان پر منهنجي ماءُ هندو آهي ۽ هن پڻ ڪا سُکا پوري ٿين تي چار سال اڳ ڪاواٽي کنئي هئي، پر بدن مان رت ڦڙو به نه نڪتو هوس.”
    آئون سنگاپور جي ان مشغول روڊ تان جلوس کي ڀر سان ڏسڻ لاءِ گهڻي دير ترسي نه سگهيس جو جيئن ئي اڳيان جاءِ خالي ٿي ته رستي تي بيٺل سنگاپور جي چيني، سک، تامل ۽ ملئي ٽرئفڪ پوليس وارن سيٽي وڄائي ڪارن، لارين کي اڳيان رڙهڻ لاءِ اشارو ڪيو ٿي. ۽ هونءَ به آئون براس بساح روڊ جي منهن وٽ ته پهچي چڪو هوس جتان بيڪولين اسٽريٽ شروع ٿئي ٿي. ٿوروئي اڳيان واٽرلو اسٽريٽ ۽ Queen اسٽريٽ اچڻ بعد چوٿون نمبر گهٽي وڪٽوريا اسٽريٽ آئي جنهن ۾ کاٻي پاسي مڙي تائي_پان هوٽل جي هيٺيان پهري ۾ ٺهيل ڪنگس پارڪنگ ۾ ڪلاڪ کن لاءِ گاڏي پارڪ ڪري شاپنگ وڃي ڪيم. پارڪنگ جي گهڙڻ واري لنگهه وٽ انچارج ملئي ڇوڪري ڪنن تي واڪ مين ٽيپ رڪارڊ لڳائي چيغم به کائي رهي هئي ته گاني جي ڌن تي لڏي به رهي هئي.
    “بوليح سايا ليتاڪ ڪيريٽا سايا ڊي سيني_” (ڪار ڀلي هتي پارڪ ڪريان؟) مون ملئي زبان ۾ پڇيومانس.
    “بوليح” (ڀلي) هن مرڪي جهيل مان وراڻيو ۽ ڪار کي اندر ڪرڻ جو وقت لکي ڏنو جيئن ٻاهر نڪرڻ وقت ٽائيم ڀيٽي پئسن جو حساب ڪري سگهي.
    سنگاپور ۾، اسان جي ملڪ وانگر ڪٿي به رستي يا دڪان هوٽل اڳيان ڪار بيهاري نٿي سگهجي. پارڪنگ لاءِ وڏين هوٽلن يا ڊپارٽمينٽ اسٽورن ۾ هيٺ (انڊر گرائونڊ) تي يا مٿين ماڙين تي خاص جايون ٺهيل ٿين جتي ڪارون بيهي سگهن ٿيون. هر هڪ هنڌ جي جدا جدا پارڪنگ في آهي. مثال طور تائي_پان هوٽل جي هيٺيان واري ڪنگس پارڪنگ جي في ٻه ڊالر (پندرهن رپيا کن) ڪلاڪ جا آهن جو هيءَ شهر جي وچ واري جڳهه ايئن آهي جيئن ڪراچيءَ جي مشغول هنڌن: بوهري بازار، طارق روڊ يا وڪٽوريا روڊ واري. شهر کان ٻاهرڀرو هنڌن تي مسواڙ ڪجهه گهٽ آهي ۽ شام جو پنجين کان وٺي صبح تائين انهن سڀني هنڌن تي في فقط هڪ ڊالر آهي. انهن پرائيويٽ پارڪنگ وارين جڳهن کان علاوه جتي جتي به خالي پٽ آهي اتي بيهارڻ تي سرڪار پئسا وٺي ٿي جنهن لاءِ پارڪنگ جون سرڪاري ٽڪيٽون استعمال ڪبيون آهن جيڪي ڇهن ڊالرن ۾ ڏهه ملن ٿيون ۽ ڪلاڪ کن بيهارڻ لاءِ هڪ ٽڪيٽ رکي آهي.
    ڪار پارڪ ڪري ٻاهر نڪتس ته وري ساڳي ملئي ڇوڪريءَ مرڪيو ۽ ائين تڪلف طور پڇيو: “ڊي مانا اوگڪ داتنغ_” ڪٿان توهان اچو پيا.
    (Dari Mana Awak Datang?)
    “دريپادا نگارا اواڪ”. (تنهنجي ئي ملڪ مان).
    “آئون ملائيشيا جي نه آهيان. ملئي ضرور آهيان پر منهنجي قوميت (Nationality) سنگاپوري آهي.” هن درستگي ڪئي. ۽ مون به کلندي پڇيومانس:
    “سنگاپور جو ماڻهو ٿي رهڻ سٺو يا ملائيشيا جو_؟”
    “سنگاپور جو.” هن وڏي ڀروسي سان وراڻيو.
    “ڇو ڀلا_؟” مون پڇيومانس.
    “بس ائين ئي. هتي مزو آهي. سنگاپور ملائيشيا کان وڌيڪ ماڊرن آهي. آئون گهڻو پڙهيل نه آهيان ته به ههڙيون نوڪريون ڪري هن عمر ۾ به ڪمائي سگهان ٿي. هتي گهمڻ ڦرڻ جا به گهڻا مزا آهن.”
    “اهو ته آهي پر سڄي عمر هن نوڪريءَ تي ته ڀاڙي نٿو سگهجي.”
    وڌيڪ به پڙهڻ کپي يا ته ڪو هنر سکڻ کپي. هن قسم جي چوڪيداري/ رکوالي ٽائيپ نوڪري ته سست بڻايو ڇڏي.” مون شايد هن ملڪ ۾ رهندڙ سندن ٻي قوم_چينين کان متاثر ٿي کيس نصيحت ڪئي. جيڪي ماڻهو پڙهائيءَ توڙي هنر ۽ پورهئي ۾ اهڙا مڙس ماڻهو آهن جو سڄي ملڪ جي ايڪانامي سندن هٿن ۾ اچي ويئي آهي. ۽ ملئي ماڻهو کڻي چئجي ته وڌيڪ توڪلي هجڻ ڪري_يا ڪن جي چواڻي، ٿوري ۾ ئي شڪر ڪري، خوش رهڻ ڪري_يا سستيءَ سبب يا وڌيڪ محنت کان لنوائڻ ڪري ان قسم جو هيٺائيون نوڪريون ئي ڪن ٿا ۽ جيڪي ڪجهه ڪمائين به ٿا ته اهو چينين وٽ ئي اچيو خرچ ڪن ٿا. نتيجي ۾ ڏٺو وڃي ته چيني خوشحال ٿيندا وڃن_محنت، جفاڪشي، پورهئي ۽ خيال سان خرچ هلائن ڪري ۽ هي ملئي جيڪي هن ڌرتيءَ جا اصل باشندا آهن، اهي، سست، هٿ ڦاڙ هجڻ ڪري، رسم رواجن جي خرچن کي هروڀرو پورو ڪرڻ، منهن مٿي رکڻ جي چڪر ۽ ٻاهريون ڏيک برقرار رکڻ ڪري معاشي توڙي علمي ۽ هنري طرح ههڙي دور ۾ به پٺتي پوندا وڃن. کين ائين پٺتي رکڻ ۾ ٿي سگهي ٿو چينين جو به هٿ هجي.
    هڪ دفعي ملاڪا جو ڪڪڙيون وڪڻندڙ هڪ همراهه ٻڌائي رهيو هو ته هو سنگاپور مان ڇو لڏي ملائيشيا آيو. “جيتوڻيڪ مون سنگاپور مان مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما ڪئي،” هن ٻڌايو، “پر سنگاپور جي حڪومت جيڪا چينين جي هٿ ۾ آهي، اهي نٿا چاهين ته اسين سنگاپور وارا ملئي ماڻهو به مٿڀرا ٿيون. ان ڪري سنگاپور ۾ اسان گھڻا تڻا ملئي هيٺاهان ڌنڌا ڪن ٿا، جهڙوڪ: ڪلارڪ، نوڪر، چوڪيدار، چانهه وغيره وغيره. ان ڪري ٻين جي نظر ۾ هر ملئي ماڻهو_چاهي وڏي نوڪريءَ ۾ هجي_نيچ لڳي ٿو. ان ڪري پڙهيل ڳڙهيل ملئي کي ته اهو گهٽتائيءَ وارا احساس هيڪاندو تڙپائي ٿو. ان ڪري مون سوچيو ته سنگاپور جي اهڙي آفيسريءَ کان ملائيشيا ۾ عزت جو ڌنڌو سٺو آهي_جتي ٻيا به منهنجا ڀائر گهڻا آهن.”
    بهرحال اهي ڳالهيون تازيون ٻڌل هيون ان ڪري هن پارڪنگ واري جاءِ جو انچارج پڻو_يا چوڪيداري، هڪ ملئيءَ کي ڪندو ڏسي ڌيان ۾ اچي ويون.
    مٿي ڏنل پيرومل مندر جو ذڪر ڪيو اٿم. اهو سرنگون روڊ تي اڳيان وڃڻ تي ڪجهه سنهين گهٽين: بفئلو روڊ، ڪربائو روڊ، هندو روڊ، ويرسوامي روڊ، برما رود بعد هڪ پڪو رستو: ڪچنر روڊ اچي ٿو. ان بعد پيرومل روڊ آهي. جنهن جي ڪنڊ تي اهو مندر آهي. هن مندر جي اصل بلڊنگ ته 1855ع ۾ ٺهي هئي پر پوءِ وقت جي طوفانن ۾ اها ڊهندي ڊهندي پٽ ٿي ويئي. ان بعد ساڳي نموني جي نئين عمارت هن پاسي جي مشهور ۽ امير انڊين واپاريءَل مسٽر گووندا سواميءَ ٺهرائي. ان مندر جو فقط اڳيون دروازو جنهن تي ڪئين هندو ديوتا ۽ ديويون ٺهيل آهن_جنهن کي راجا گوپو رام ٿو سڏجي، ان تي پنج لک ڊالر خرچ آيو هو. گووندا سوامي پلائيءَ جي اولاد جو اڃان تائين واپار سنگاپور ۽ ملائيشيا جي شهرن ۾ پکڙيل آهي جيڪو سندس پوٽا پڙپوٽا هلائين پيا_خاص ڪري گووندا سواميءَ جا سيڌي ۽ پسارڪي شين جا هٽ.
    ٿائيپوسام کان علاوه هتي هڪ ٻيو به هنن جو تهوار پونگال نالي ملهايو وڃي ٿو جيڪو هولي، ڏياري يا ٿائيپوسام کان ننڍي پئماني تي ٿئي ٿو. خاص ڪري سائوٿ آفريڪا، ٽرنيڊا، ممباسا، انگلنڊ يا ٻين اهڙن هنڌن تي جتي انڊيا جا هندو رهن ٿا. ٿي سگهي ٿوهي تهوار به ٿائيپوسام وانگر سڄي هندستان:تامل ناڊو ۽ ملائيشيا ۾ جيڪي هندو رهن ٿا انهن ۾ نوي سيڪڙو ڏکڻ هندستان جي هنڌن جي هندن جو آهي سو پونگال هتي پڻ ملائيشيا جي ڪن شهرن_خاص ڪري پينانگ ۽ اپوح ۾ ملهايو وڃي ٿو. هي جشن سٺي فصل لهڻ جي خوشيءَ ۾ هوندو آهي. هن جشن ۾ هڪ متاري ڍڳي کي هار ڪنٺيون پائي، گلن سان سينگاري، پاڙي جا پريا مڙس رنگين رسين سان وٺي شهر جو گشت ڪندا آهن. پٺيان پٺيان ڪنوارين توڙي پرڻيل زالون مٺائي ۽ گلن جا ٿالهه کڻي هلنديون آهن. هي راڳ روپ ۽ کاڌا پيتا سانده ٽي ڏينهن پيا هلندا آهن.


    ڪوه اچي ڇتي ٿي آهين...

    پاڪستان، دبئي، دوحا، بنگلاديش جهڙن ملڪن جيان ملائيشيا جي ماڻهن کي به هندي فلمن ڏسڻ جو ڏاڍو شوق آهي. بلڪ ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي. مثال طور ٻه سال کن اڳ جڏهن اسان هتي ملاڪا آيا هئاسين ته ڀر واري هڪ ننڍي ڳوٺ مسجد تاناح ۾ هندي فلمن جي ڪئسٽ جو هڪ به دڪان نه هو. پوءِ پهرين هڪ گجراتي فرنيچر پاري پنهنجي دڪان تي ڪجهه ڪئسٽ رکيا جيڪي هو ڪوالالمپور کان پنهنجي ڀاءُ جي وڏي دڪان تان گهرائيندو هو. پاڻ به ڏسندو هو ته مسواڙ تي ڏيئي پئسا به ڪمائيندو هو. هن هر هڪ ڪئسٽ جي ٻن ڏينهن لاءِ مسواڙ هڪ ڊالر_يعني ڇهه رپيا ورتا ٿي ۽ پوءِ ساڳئي مسواڙ ۾ ڏينهن جو مدو ٻن مان هڪ هفتو ڪيائين ان بعد هڪ سيڌي جي دڪان واري جي زال ٿورا ٿورا ڪئست، پٺيان گهر ۾ رکي مسواڙ تي ڏيڻ لڳي. ان جا ڪئسٽ سٺي ڇاپي وارا هئا ان ڪري هن ڏيڍ ڊالر مسواڙ ڪئي. ان بعد هڪ تامل ۽ چيني دوڪاندار پڻ اهو ڌنڌو شروع ڪيو ۽ سال کن کان پوءِ هڪ ٻئي چيني همراهه ماڳهين نئون دوڪان کولي منجهس فقط ڪئسٽ رکيا. هن هندي ڪئسٽن کان علاوه تامل، چيني، ملئي، اندونيشي ۽ انگريزي فلمن جا ڪئسٽ رکيا_جن زبانن جون فلمون هتي عام هلن ٿيون.
    مٿي ذڪر ڪيل ملڪن ۾ ته اڙدو يا هندي سمجهڻ وارا تمام گهڻا رهن ٿا پر هتي اڙدو يا هندي ڳالهائڻ وارا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن. سڄي ملاڪا رياست ۾ جيڪا خيرپور ڊويزن جيتري مس ٿيندي، ڪل اسان پنج ڇهه (فئملين سميت) ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر پاڪستاني آهيون_جيڪي اڙدو/ هندي سمجهيون ۽ ڳالهايون ٿا ۽ اهڙيون هندستان جون پنجاهه کن فئمليون هندي ۽ پنجابي ڳالهائڻ واريون ۽ ٽي چار هندو سنڌي فئمليون آهن. باقي پنج ڇهه هزار انڊين فئمليون مدراس ۽ ڪيرالا پاسي (ڏکڻ هندستان) جون تامل، مليالم، ڪاناڊا ۽ تيلگو زبانون ڳالهائڻ واريون هتي رهن ٿيون جيڪي هندي فلمون ڏسڻ کان وڌيڪ پنهنجين زبانن جي فلمن کي ترجيح ڏين ٿيون. ملائيشيا ۽ سنگاپور جي ٽي ويءَ تي به هندي فلمن کان وڌيڪ تامل فلمون اچن ٿيون يا مليالم ۽ تيلگو، ٽي ويءَ تي مهيني ۾ چار پنج کن هندي فلمون اينديون ته ٻارهن کن تامل. هن سال پاڻ هندي فلمون ڪجهه وڌيڪ آيون ۽ ڪجهه آهستي آهستي جهڙوڪر وڌي رهيون آهن.
    هڪ ڪئسٽ جي دوڪاندار کان پڇيم ته ڇا هندي فلمن جي ايڏي کپت آهي؟ وٺي ڪير ٿو؟
    وراڻيائين: “ملئي ماڻهن ۾ روز روز هندي فلمون ڏسڻ جو شوق وڌندو وڃي.”
    واقعي ٽي وي تان هندي فلم هلڻ مهل گهٽين مان لنگهبو ته ويندي ڪاٺ جي ڳوٺاڻن (ڪمپونگ) گهرن مان به فل آواز تي هندي فلم جا ڊئلاگ پيا ايندا آهن ۽ ٽنهي تان هڪ کان هڪ سٺا پروگرام اچن ٿا ته به ماڻهو ٻيا پروگرام ڇڏي هندي فلمون وڌيڪ ڏسڻ لڳا آهن. حڪومت جي پاليسي موجب جڏهن هڪ چئنل تي هندي، تامل يا ڪوسٺو چيني پروگرام ايندو آهي ته باقي ٻين ٻن ملئي جا بهترين پروگرام رکيا ويندا آهن جيئن هتي جا اصل رهاڪو_ڀومي پترا (ڌرتي جا پٽڙا)_يعني ملئي ماڻهن لاءِ ڌارين جي زبان بدران پنهنجي ئي زبان جا پروگرام ڏسڻ لاءِ هجن. پر گذريل ٻن سالن ۾ انڊيا جي هندي فلمن ملئي ماڻهن جي دل چڱي جاءِ پئدا ڪري ورتي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ملئي ماڻهو هندي يا اڙدو سمجهن نٿا پر فلم دوران ملئي ۾ ايندڙ ترجمو پڙهي مطلب ڪڍيو وٺن. پر هنن جو مطلب سان به گهڻو واسطو ناهي. ڇو جو اها ڳالهه هجي ها ته پوءِ انڊيا جي ٻين زبانن جون فلمون_خاص ڪري تامل ۽ مليالم پڻ کين وڻن ها_ جن جو پڻ ترجمو اچي ٿو. ۽ پاڪستاني اڙدو ۽ پنجابي پڻ. پر هندي فلمن جي ڪهاڻين کان وڌيڪ انهن جا سيٽ، اداڪار، گانا، ناچ، ڪجهه ڪجهه اوگهڙ، قدرتي نظارا وغيره کين ٻين فلمن کان وڌيڪ پسند آهن. ان ڪري هندي فلمن جي پرستار_ملئي ماڻهن جي وات تي اڪثر اميتاڀ، رشي، راج ببر جهڙن هيرن ۽ سميتا پاٽل، جياپرادا، رتي اگني هوتري ۽ ريکا جهڙين هيروئنن جا نالا آهن. گذريل سال ته خبر ناهي ڪهڙي حساب ۽ ليکي ۾ ديوانند جهڙو پوڙهو ۽ پٻو ائڪٽر هتي جي ملئي ماڻهن کي سڀ کان گهڻو وڻڻ لڳو هو جو هن جي فلمن جي واکاڻ ۾ اخبارن ۾ خط اچڻ لڳا ته ديوانند جون گهڻي کان گهڻيون فلمون هلايون وڃن. ۽ واقعي هڪ ٻئي پويان لڳاتار چار مهينا ملائيشيا جي ٽي ويءَ تان سندس ئي فلمون اينديون رهيون. نوجوان ڇوڪرا ديوانند وانگر قميص جي گلي جو آخري بٽڻ به لڳائي هلڻ لڳا.
    ديوانند بعد ششي ڪپور ٽاپ تي هو. پوءِ ڪجهه عرصي لاءِ هتي جي ماڻهن کان رشيءَ جي به تعريف ٻڌيسين. ان بعد چار پنج مهينا راجيش کنا هتي جي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندو رهيو. پر هاڻ اهو مانُ ۽ مرتبو اميتاڀ بچن کي مليل آهي جو آفيس جون ملئي ڇوڪريون به چانهه تي ان جو ذڪر ڪنديون آهن. اڄ صبح به آفيس ٽائيم تي جهڙو ڪارڊ پنچ ڪرڻ لاءِ “ڪلاڪ_مشين” وٽ گڏياسين ته اسسٽنٽ اڪائوٽنٽ آفيسرياڻي سيتي فاطما بنتي يونس ۽ ٽائيپسٽ ڇوڪري حاجا بصران (هتي حاجاڻيءَ کي حاجا چون ٿا) اخبار لوڏيندي خوشبري ٻڌائي ته اڄ ٽي ويءَ تان ٻي چئنل تي اميتاڀ بچن جي هندي فلم “قسمين وعدي” اچي پيئي.
    ڪئپٽن عرفان فاروقيءَ مون کي ڪن ۾ شوڪارو هڻندي چيو: “حاجاڻين جا هي حال! باقي پنهنجي ملڪ ۾ ڪو دلپسند فلم ائڪٽريس جو نالو کڻي ته هر ڪو مٿس آڱر کڻي”. پوءِ ٿڌو ساهه کڻندي چيائين: “اها ٻي ڳالهه آهي ته پنهنجي ته حسرت ئي رهجي ويئي ته ڪڏهن پنهنجي ملڪ جي سدا بهار فلم انڊسٽريءَ جي ڪا سدا بهار فلم ائڪٽريس: آسيه زمرد، انجمن، مسرت شاهين، سنگيتا_يا ڪا ٻي ڀٽاري ڪنهن اهري تهڙي فلم ۾ به سٺي ائڪٽنگ ڪري ته کيس کڻي “فئورٽ اداڪارا” سڏيون.
    انهيءَ ئي ڏينهن شام جو هڪ پاڙيسري ملئي عورت مسز رابع بنتي بحرالدين ملي. پاڻ انشورنس ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪري ٿي. سندس مڙس اسان جي ئي آفيس ۾ ڊاڪٽر آهي. کيس پنجن سالن اندر هتي جي حساب موجب ٻارن جي فل ڪوٽا يعني پنج ٻار ڄمي چڪا آهن. هتي آدمشماري گهٽ هجڻ ڪري حڪومت ٻن ٻارن بدران پنجن ٻارن جي همٿ افزائي ڪري ٿي ۽ ايترن جي صحت ۽ پڙهائي وغيره جو ذمو پڻ کڻي ٿي. پاڻ به اخبار ۾ اميتاڀ جي فلم جو پڙهي آئي هئي ۽ گجراتي ڪئسٽن واري دوڪاندار جي پڻ ٻڌي گراهڪ آهي. خوشيءَ مان کڳيون هڻندي چيائين: “اڄ اميتاڀ جي فلم پيئي اچي. مون کي اميتاڀ ايڏو ٿو وڻي جو مڙس کي چيم ته هڪ ٻيو به ٻار ڪريون. اميتاڀ جا فوٽو گهر ۾ هڻي ڇڏينديس جيئن ان کي ڏسڻ سان ان جهڙو ٻار ڄمي.”
    “پوءِ مڙس ڇا چئي_؟” ڪنهن پڇيس.
    کلندي وراڻيائين: “ڪوهه اچي ڇتي ٿي آهين.”


    سنڌي سئيڊن ۾

    هڪ دفعي ڪئپٽن بشير وسطڙو سئيڊن کان هلي ملي ملائيشيا گهمڻ لاءِ مون وٽ آيو. پاڻ Fleet Management سبجيڪٽ ۾ سئيڊن جي شهر مالمو ۾ ورلڊ_مئري ٽائيم_يونيورسٽيءَ ۾ (M.Sc:) ايم ايس سي ڪري رهيو آهي. پاڻ پهريون پاڪستاني آهي جيڪو ان سبجيڪٽ ۾ پوسٽ گرئجوئيشن ڪندو.
    سئيڊن جو اهو شهر گهڻو اتر ۾ آهي بلڪ اتر قطب جي ويجهو ئي سمجهڻ کپي جتي سال جا ڇهه مهينا ڏينهن رهي ٿو ته ڇهه مهينا رات. رات وارا ڇهه مهينا ته سخت سيءُ، جهڙ ۽ اوندهه انڌوڪار رهي ٿو. هن سال ته اهڙو سخت سي ٿيو آهي جو اتر قطب کان ڪجهه ڏورانهان ملڪ: انگلنڊ، فرانس، جرمنيءَ کان وٺي اٽلي، اسپين تائين جا ماڻهو به دانهون پيا ڪن. اهڙي سيءَ کان ڀڄي بشير موڪلون گذارڻ لاءِ هفتو کن هيڏانهن ملائيشيا ۾ هليو آيو_جتي ٻارهوئي هڪ جهري موسم آهي_نه اونهارو ٿئي نه سيارو. نه بهار نه سرءُ.
    هڪ ڏينهن اسان جي اڪيڊميءَ جو پرنسپال ڪئپٽن حمزه بن نور کي چيائين ته توهان ملئي ماڻهو ڳالهه ٻولهه ڪيئن شروع ڪندا آهيو؟ هن وائڙو ٿي پڇيس: “ڇو ڀلا_؟
    “بس ائين ئي،” ڪئپٽن بشير وراڻيو، “اسان ته دوستي يار توڙي مٽ مائٽ جڏهن ملندا آهيون ته پهرين موسم جي ڳالهه ڪندا آهيون ته خيرپور کان پيو اچين موسم ڪيئن هئي. ڪراچيءَ ۾ ته رات گرمي نه هئي. حيدرآباد ۾ ڪالهه ڪافي سيءُ/ گرمي/ لڪ/ٺار/گهم هئي_ وغيره.”
    ڪئپٽن حمزي يڪدم ڳالهه سمجهي کلي چيو: ،ها يار اها ڳالهه آهي. ملائيشيا جي ته ٻارهوئي هڪ جهڙي موسم آهي.”
    ملائيشيا، سنگاپور ۽ انڊونيشيا پاسي جا ماڻهو ان معاملي ۾ اڻڄاڻ آهن ته مٿي اتراهن ملڪن ۾ يا هيٺ ڏاکڻن ملڪن: آسٽريليا، نيوزيلئنڊ، سائوٿ آفريڪا وغيره ۾ موسم ڪيئن ڦرندي گرندي رهي ٿي.
    بشير کي ملائيشيا جو ملڪ، ماڻهو ۽ موسم ڏاڍي وڻي_خاص ڪري هر وقت جهڙ مينهن. سنڌ ۾ مينهن گهٽ يا نه برابر وسڻ ڪري اسان مينهن جا هيڪاندا سڪڻا ٿي پيا آهيون.
    “بشير ٻڌايو: “يورپ پاسي جهُڙ يا مينهن سٺي ڳالهه نٿي سمجهي وڃي جو اتي هونءَ ئي ٿڌ آهي جهڙ ۽ مينهن ڪري، ويتر سخت سيءُ ۽ اوندهه انڌوڪار ٿيو وڃي جيڪو ماڻهن جي زندگي ۽ چرپر تي اثر انداز ٿئي ٿو. پر نئون نئون هجڻ ڪري مون کي اتي جو مينهن به ڏاڍو وڻيو پئي. ايتريقدر جو جن ڏينهن ۾ اتي پهتو هوس اهي سياري جا سخت سرد ڏينهن هئا ۽ سياري ۾ ته يورپي ماڻهن کي مينهن به بنهه نٿو وڻي پر اسان ماڻهو سنڌ جي سڪايل ۽ ٺوٺ زمين وانگر سياري جي مينهن مان به فرحت وٺندا رهندا رهياسين. هفتي ٻن بعد هڪ سئيڊن جي همراهه سان عليڪ سليڪ ٿي. پنهنجي ملڪ بابت مون کان پڇڻ لڳو ته سئيڊن ڪيئن ٿو لڳيم ته مون هڪدم سندس ملڪ ۽ موسم جي تعريف ڪندي ٻڌايومانس ته “هتي جي موسم واهه جي آهي.” اهو ٻڌي سئيڊش همراهه کان ڇرڪ نڪري ويو. منهنجو جملو ورجائي چوڻ لڳو: واهه جي آهي موسم! هفتي کان جهڙ ۽ مينهن آهي جو بند ٿين جو نالو نٿو وٺي. تون ٿو چئين ته واهه جي آهي موسم.”
    بشير ٻڌايو ته پوءِ کيس يڪدم خيال اچي ويو ته هنن ماڻهن لاءِ هي موسم ته مصيبت آهي. سو ڳالهه ڍاهي چيائين: “ها واقعي. هتي جي موسم ڏاڍي خراب آهي. Nasty Weather _بيڪار موسم. خبر ناهي ڪڏهن ختم ٿيندي.” جيتوڻيڪ هن ٻڌايو ته هو دل ئي دل ۾ مينهن جو دعائون گهرندو رهندو آهي.


    چيني_سياڻا واپاري

    هڪ ڏينهن ڪئپٽن حمزو مون کي ۽ بشير کي ملاڪا جي هڪ هوٽل رامادا_اِن (Ramada-Inn) ۾ ڊنر لاءِ وٺي هليو. هوٽل ۾ چيني ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي نوڪري ڪندو ڏسي هن ٻڌايو ته هتي ملائيشيا ۾ واپار وڙو سڄو چينين جي هٿ ۾ آهي. ڪو اڪو ڌڪو ملئي ماڻهن جي هٿن ۾ هوندو نه ته ڪو ملئي واپار ۾ ايترو ڪامياب نٿو رهي جيترو چيني ماڻهو. ان جا ڪجهه سبب پڻ آهن. چينين جون جتي ڪٿي يونينون، ائسوسئيشنون ۽ ادارا ٺهيل آهن. پنهنجي اباڻي وطن چين جي صوبن مطابق ڪي ڪئنٽونيز آهن ته ڪي ٽيوچو، ڪي هڪا آهن ته ڪي فوڪئين. هر هڪ چيني پنهنجي صوبائي جماعت سان ٻڌيل ۽ وفادار رهي ٿو. مرڻ تائين ان جي ميمبر شپ نٿو ڇڏي. ڪو ننڍو واپاري هجي يا وڏو_پنهنجي پت ۽ حيثيت آهر پنهنجي يونين ۽ مندر ۾ ڪمايل ملڪيت مان حصو ڏئي ٿو. پوءِ انهن مان ڪنهن جو به سرڪار يا ڪو ٻيو ڌاريون نالو وٺي ٿو ته ان جي سڄي يونين مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي. ويندي ڪورٽن ۾ ڪيس ڪرڻ لاءِ به پهچيو وڃن. پوءِ چاهي ان تي ڪيترو به خرچ اچي وڃي_يونينون پنهنجي هڙان ڏين.
    چيني واپار ۾ هڪٻئي جي ڪيئن مدد ڪن ٿا؟ مثال طور ڪو چيني_ٽيوچر واپار شروع ڪرڻ ٿو چاهي. هن وٽ اڌ لک ڊالر آهن جن مان هو سٺي طرح واپار ڪري نٿو سگهي. ان صورت ۾ ٽيوچر چينين جي يونين کيس پاڻ وٽان يا مندر مان لک ڏيڍ ڊالر ڪڍي ڏيندي ته ڪم ڀلي وڏي پئماني تي شروع ڪر پوءِ آهستي آهستي فائدي موجب اڌار پيو موٽائجانءِ. يا ڪو هڪئين چيني آهي. هن ڊبل روٽيءِ جو دڪان کوليو آهي. ٻيو ڪو وٺيس يا نه پر گهٽ ۾ گهٽ سندس شهر ۽ اوسي پاسي جا رهندڙ چيني پنهنجي گهرن ۽ هوٽلن لاءِ سندس ئي ڊبل روٽي وٺندا. باقي چينين جو ڪو پنهنجو ڊبل روٽيءَ وارو نه هوندو ته اهي به ڪوشش ڪري ان کان وٺندا. ملئي يا انڊين کان گهٽ وٺندا. نتيجي ۾ ڪو ملئي دڪان کولي به ٿو ته هڪ ته هن کي ڪو مالي مدد ڪرڻ وارو نه آهي ۽ ٻيو ته ان جي مال جي کپت به نٿي ٿئي.


    موت کانپوءِ ملاڪا کان مچر

    ملاڪا شهر جو هڪ رستو_جالان بنگاريا ٽپي جالان منشي عبدالله تي پهتاسين ته ڪنڊ وٽ نغارن ۽ بئنڊ وارن وڏن دهلن جا ڪن ڦاڙ آواز ٻڌڻ ۾ آيا. ڪئپٽن حمزي ٻڌايو ته جتي اهي دهل وڄي رهيا آهن اتي ڪو چيني مري ويو آهي. اهي دهل هاڻ سڄي رات وڄندا رهندا جيئن آيل ڪانڌي سڄي رات ڄاڳن ۽ ساڳي وقت هنن جو چوڻ آهي ته ڏئوڪن جي آواز تي بدروح ڀڄي وڃن ٿا.
    “پاڻ مسلمانن ۾” حمزي ٻڌايو، “دفن ڪفن جي رسم تمام سادي سودي آهي_خاص ڪري اسين ملائيشيا جا مسلمان_جيڪي شافعي فرقي جا آهيون، سعودي عرب جي وهابين وانگر ڪا پڪي قبر به نه ٺاهيون ۽ نڪي تعريفي ۽ تواريخي ڪتبا قبر اڳيان رکون. پر اسان جي ملڪ ۾ رهندڙ چينين جي موتي فوتيءَ جي رسم ۽ خرچ پکو شاديءَ کان به وڌيڪ ٿئي ٿو. چينين جو اهو عقيدو آهي ته مري ويل، جيئرو، ۽ اڃان اڻ ڄاول_ٽئي هڪ ئي فئملي جا ميمبر آهن_جيتوڻيڪ اها ٻي ڳالهه آهي ته ٽئي مختلف دنيائن ۾ رهن ٿا ۽ جيڪي ڪجهه جنازي اڳيان ڪيو وڃي ٿو ان مطابق ئي کيس ٻي دنيا نصيب ٿئي ٿو. ان ڪري دفن ڪرڻ وقت ڪاغزن جا ڪوڙا ڇپيل نوٽ ساڙيا ويندا آهن_جن تي هزار ڊالر کان کان لک لک_ويندي ملين ڊالرن جو انگيل هوندو آهي. جيئن مرڻ بعد کيس ايتري ملڪيت ملي ۽ جيئن هو ان سان سٺو گذر سفر ڪري سگهي. نه فقط پئسا پر ان وقت ڪاغذن جون ٻيون به شيون ٺاهي ساڙين. مثال طور ڪاغذ جا ننڍا گهر، رانديڪن جيڏا ڪاغذ جا هنڌ بستر، کٽون، ڪرسيون ۽ ٻيو فرنيڍر، ٿانوَ ٿپا ويندي سواريءَ لاءِ ڪار (خاص ڪري مرسيڊيز يا ولوو ڪار ٺاهين) ۽ ڪاغذ جو هيلي ڪاپٽر يا هوائي جهاز پڻ. دفن ڪرڻ کان اڳ جنازي اڳيان ساڙيا ويندا آهن ۽ اهي ڪاغذ جون مختلف شيون ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ توڙي دنيا جي ٻين شهرن جي چائنا ٽائون ۾ عام ملن ٿيون. اهي گهر گاڏيون ويندي پني جا نوڪر چاڪر سستي اگهه کان وٺي اوچي ڪاغذن ۽ نموني جا ڳري اگهن وارا ملن. ڪي ڪي پنن جا گهر ته اهڙا سهڻا ۽ مڪمل نموني جا ٺهيل هوندا آهن جو ويندي انهن ۾ ڇٻر ۽ پينگهون، ننڍڙو ٻار ۽ مختلف برانڊن جي شراب جون پني جون بوتلون رکيل هونديون آهن. انهن شين جي سڙڻ سان مري ويل چيني همراهه کي ٻئي جهان ۾ پهچي ڪو هڙ حاصل ٿئي يا نه پر هن جهان ۾ ڪاغذ جي واپارين ۽ اهي شيون ٺاهي وڪڻندڙ جو چڱو ڀلو ٿئي ٿو. ڪنهن مند ۾ ماڻهو پٺيان ماڻهو مري ٿو ته ڪاغن جون اهي ساڙڻ واريون شيون وڪڻندڙن جا ڀاڳ کليو وڃن.
    ان کان علاوه چينين جي جنازي تي روڄ راڙو پڻ چڱو ٿئي ٿو. ۽ جنازي جي هڪدم پٺيان وارين قطارن ۾ سندن ويجها مائٽ ڳوڻ جا چوغا پائي پار ڪڍي رئندا هلندا آهن. يا ان ڪم لاءِ ڀاڙي تي “روئڻا” پڻ ملن_جن جو ڪم روئڻ ۽ ڏک ظاهر ڪرڻ آهي_چاهي مرڻ وارو ڪير به هجي.
    جنهن پيتيءَ ۾ چيني يا عورت جو جنازو کڄي دفنائڻ يا ساڙڻ لاءِ هلندو آهي اهي پڻ مختلف قسمن ۽ قيمتن جون ٿين. ڪي تمام اوچي ڪاٺ جون وڍ ٽڪ جي ڪم واريون ٿين ۽ شڪل صورت ۾ به نمونن نمونن جون ٿين. ڪي اهي ڪفن جو پيتيون ٻيڙيءَ جي شڪل جون ٿين. ڇو جو چيني پنهنجي اباڻي وطن چين کان سنگاپور، انڊونيشيا يا ملائيشيا آيا هئا ته ٻيڙين ۾ چڙهي آيا هئا ۽ کين ٻيڙيءَ جهڙي پيتيءَ ۾ دفن ڪرڻ جو اهو مطلب آهي ته متان مردو ٻئي جهان کان جيڪڏهن واپس وطن گهمڻ جي خواهش ظاهر ڪري ته هو ان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي وڃي سگهي ٿو. ڇو جو پنهنجي وطن وڃڻ لاءِ هو فقط ان طريقي جي سواري ۽ سفر کان واقف هوندو جنهن ۾ آيو هوندو.”
    ڪئپٽن همزي اهي ڳالهيون ٻڌڻ دوران بشير وسطڙي کي سنڌيءَ ۾ چيم ته چڱو جو تون چيني نه ٿئين نه ته توکي هتي دفن ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪ ته PIA جي هوائي جهازن جو ڪاغذي ماڊل ساڙڻو پوي ها جيڪو توکي_تنهجي روح يا جسم کي ڪراچيءَ تائين کڻي وڃي. ان بعد بس سروس جي هڪ تيپ رڪارڊر لڳل بس پنن جي ڪئسٽن سميت ساڙني پوي ها جيڪا ڪراچيءَ کان نوشهري فيروز تائين ڍوئڻ ۾ مدد ڏئي ها. ۽ پوءِ اتان تنهنجي ڳوٺ مچر رسائڻ لاءِ هڪ مرزيل ٽانگي جو ڪاغذي ماڊل ساڙڻو پوي ها.
    اها ڳالهه بشير کي نه وڻي ۽ دل ۾ ڪندي چيو:“توکي ساڙ آهي ته آئون گانن واري بس ۾ ڇو ٿو هلان. هالا مان وري ڪهڙا هندورا ٿا هلن. هن دور ۾ به هالا جي بس اسٽاپ تي جنازي کڻڻ جهڙيون کتارا بسون بيٺل هونديون آهن يا ٽٽر ٽانگا. سڄي واٽ تيڪون لاهيندا هلندا آهن.”
    ڪئپٽن حمزي وچ م بچ بچاءُ ڪندي وڌيڪ ٻڌايو ته ڪيترن چينين جي جنازي تي پني جو ريڊيو، ٽي وي ۽ اڄڪلهه وي سي ار ۽ ڪئلڪيوليٽر ۽ ڪمپويٽر پڻ ساڙڻو پوي ٿو جيئن هو وندر توري واپار جون گهڙيون انهن ٽپڙن ذريعي آسائش ۽ سهولت ۾ گذاري سگهي. مرڻ بعد جنازي کي اِڪي ڏينهن گهر ۾ ئي رکيو ويندو آهي_يعني هڪ، ٽن يا پنجن ڏينهن تائين. جيئن فوتيءَ جا مائٽ سندس منهن ڏسڻ ۽ پنهنجو منهن مٿو پٽڻ لاءِ ايندا رهن ۽ اهو عرصو خوب ماني ٽڪي ۽ شراب هلندو ۽ اوڄاڳا ڪيا ويندا آهن. زال هوندي اهي ته مڙس ۽ مڙس هوندو آهي ته زال اخبارن م سندس فوتي سان گڏ اشتهار ڏيندي آهي ته تون ٻئي جهان ۾ هليو وئين. پنهنجي ياد ڇڏي ويو آهين. ڏک ڪندڙن جي لسٽ ۾ پٽن، ڌيئرن، ننهن ناٺين، پوٽن پڙپوٽن، ڏهٽن پڙ ڏوهٽن جا نالا هوندا آهن.
    ڪو همراهه وڏي ڄمار جو پٽ، پوٽن، پرپوٽن وارو ٿي مرندو آهي ته اهو خوشنصيب سمجهيو ويندو آهي ۽ ان تي گهڻو روچ پٽڪو ڪرڻ ضروري نه سمجهيو ويندو آهي جو هن جي ويجهو اچڻ تي ڪنهن به بدروح جي همت نه ٿي ٿئي ۽ سڌو ساڙيل مرسيڊيز ڪار يا هوائي جهاز رستي جنت ۾ هليو وڃي يا ڪفن واري ڪاٺ جي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پنهنجي اباڻي وطن: سئم ڪانگ، سنگ تائو، يا شنگهائي هليو وڃي. باقي ڪو ننڍي عمر ۾_ٽيهن ورهن جي ڄمار اندر مري ٿو ته اها ڳالهه هن لاءِ ۽ ڪٽنب لاءِ خراب سمجهي وڃي ٿي.


    موت کانپوءِ.....

    خاص ماڻهن جي موت جي خبر فوتيءَ جا ويجها مائٽ، اسان جي ملڪ ۾ پڻ اخبارن ذريعي ڏيندا آهن ۽ ان سان گڏ دعا فاتحه يا ٽيجهي جو اطلاع پڻ. پر ان قسم جون خبرون يا اطلاع اجا اشتهار ڪڏهن ڪڏهن ايندا آهن. پر هن پاسي_ملائيشيا توڙي سنگاپور جي اخبار ۾ هر رزوز “فوتين جو ڪالم” ائين هوندو آهي جيئن پاڻ وٽ گهرن جي خريد ۽ وڪري جو ڪالم. ان ۾ مري ويل جا مائٽ_خاص ڪري زال يا مڙس، مري ويل جي عمر سان گڏ سندس نالو نوڪري ۽ آخري رهائش جي ائڊريس ۽ اولاد جي ڊگهي لسٽ ڏيندا آهن ته هو پٺيان ڪيترا پٽ، پوٽا، پڙ پوٽا؛ ڌيئون، ڏهٽا، ڏهٽيون ۽ پڙ ڏهتا، پڙ _هتيون، ناٺي ننهون ڇڏي ويو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته انهن جي نوڪرين جي لسٽ به هوندي آهي مثال طور ڪالهه جي اخبار ۾ مئڊم سروجني ديويءَ جي موت جو اشتهار هو جيڪو سندس مڙس ڏنو هو. سروجني ديويءَ جي فوٽي ۽ نالي هيٺيان سندس اولاد جي فهرست هن ريت هئي.
    1_ويرا سنگام_انسپيڪٽر پوليس_باتو پاهت شهر
    2_سرڳواسي پانو دورائي_رٽائرڊ اسسٽنٽ اسٽيشن ماستر_تمپين
    3_شرميلا ٿيوي_ايس ايم ڪي، بي ايم (اهي شايد خطاب آهن جيڪي هتي جي ماڻهن کي مختلف رياستن جي سلطانن، ملڪ جي بادشاهه ۽ حڪومت طرفان وقت بوقت ملندا آهن.)
    4_ڪائو ويري.
    ننهون
    1_ شيوا شووبيٿا
    2_ پونمالار.
    3_ٽئين پٽ شادي نه ڪئي
    ناٺي:
    1_ويلوپلائي
    2_آنند راج_اسسٽنٽ مئينيجر پرويرا حبيب بئنڪ ملاڪا.
    3_گنيش راجا سنگام_هيڊ ماستر اسڪول_باتو پاهت.
    4_شري برهما سنگهام_ملائيشيا شپنگ ڪارپوريشن_ڪوالالمپور، پوٽا، پوٽيون، ڏهٽا، ڏهٽيون ۽ انهن جون زالون ۽ مڙس:
    1_برهما سنگام
    2_شيوا ڪمار.
    3_سٿيا سيلان.
    4_وسندرا ديوي.
    5_جايا پشاني.
    6_ٿاواماني.
    7_گونا سيهاران.
    8_شيوا پرڪاش ۽ ٻيا جملي ٻٽيهه. ۽ ان بعد وري انهن جو اولاد يعني Grand-Grand چلڊرين_تڙ پوٽا، تڙ ڏهٽا وغيره جي لسٽ آهي.
    هتي ملائيشيا ۾ مسلمانن جي موت جو اشتهار ڪو ورلي اچي ٿو سو به پنهنجي ملڪ وانگر مختصر ته فلاڻي ڏينهن فلاڻي فوتي کي ثواب بخشائڻ لاءِ دعا درود يا فاتحه قل پڙهايا ويندا. ڇو جو سڀني مسلمانن جو اهوئي عقيدو آهي ته موت بعد مري ويل سان گڏ فقط سندس اعمال ئي رهن ٿا. مائٽ مٽ، ننڍائي وڏائي يا غريبي اميريءَ جو پوءِ ساڻس ڪو ڳانڍاپو نٿو رهي. ان ڪري ڪنهن مسلمان جي مري وڃڻ بعد سندس پويان اهو سوچي اخبارن ۾ اشتهارن ذريعي سِڪ جا شعر يا پيار جا غزل نه ڏيندا آهن ته متان مري ويل دل ۾ نه ڪري ته پوين وساري ڇڏيو. اها ڳالهه مسلماني عقيدي، عقل ۽ اعتقاد کان پري سمجهي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ چينين جو اهو عقيدو آهي ته مرڻ بعد سندن اهو مائٽ ساڻن گڏ رهي ٿو ۽ ويندي خوابن ذريعي کائنس هر وڏي ڳالهه لاءِ صلاح مشورو ڪري سگهجي ٿو ته واپار جي ڪاميابي لاءِ آشيروارڌ پڻ وٺي سگهجي ٿي. ان ڪري ڪيترا چيني پنهنجي ويجهن مائٽن جي ياد ۾ اخبار ۾ هر سال باقاعدگيءَ سان اشتهار ڏيندا آهن خاص ڪري زال لاءِ ته اهم اهي ته هوءَ اشتهار ذريعي اخبار ۾ ڇپائي ته هوءَ اڄ به کيس (مڙس کي) ياد پيئي ڪري_پوءِ ڀلي جڏهن مڙس حيات هوس سڄو ڏينهن موچڙن جي منهن ۾ هئي يا سڄو ڏينهن پورهئي ۾ دائي جي گڏهه وانگر رڌل هئي. پر مري وڃڻ بعد زال توڙي مڙس پنهنجي مري ويل ساٿيءَ جي ياد ۾ عشقيه شعر ڏيئي مري ويل جي روح کي سڪون پهچائيندا آهن ته ڏهه سال گذرڻ بعد به مان ساڳي/ ساڳيو آهيان ۽ اڄوڪي ڏينهن تي موت توکي مون کان ڌار ڪيو پر تنهنجي ياد گلاب جي تازن گلن وانگر شاداب آهي. تنهنجي غم ۾ اڃان بي حال آهيان وغيره_ ڄڻ ملائيشيا جي Strait-Times روزنامه اخبارن صبح سان قبرستان ۾ مرده به باقاعدگي سان پڙهندا هجن.
    چينين کان پوءِ ٻئي نمبر تي هندن ۽ سکن جا موت ناما فوٽن سميت هوندا آهن. هندن جي موت جي خبر مٿان گهڻو ڪري عنوان “آتما شانتي پرارٿنا” (Atma Shanti Prayers) هوندو آهي ۽ پوءِ فوٽي بعد هيٺ سڄو احوال ته مسٽ رامچند نارولا (بي. اي پاس)، پي. جي.ڪي (ٻيون به دگريون، لقب ۽ خطاب) جاين جو وڪرو ۽ ويٽ ڪندڙ ۽ نيلام هلائيندڙ، ٻاهتر سالن جي ڄمار ۾ ڪالهه فلاڻي فلاڻي تاريخ تي فلاڻي وقت مري ويو. پنهنجي پويان زال_مئڊم رام پياري ڇڏي اٿس. ان کان علاوه پٽ: رام ديو (لئنڊ آفيس تاپاح)،ليفٽينينٽ ڪرنل (ڊاڪٽر) رميش ڪمار (ملاڪا)، ڌيءُ: آشا ديوي (صباح اسٽيٽ لئبريري):ننهون:روندا ديوي ۽ اوشا ڪماري، ناٺي:ڊاڪٽر انيل ڪمار ۽ پڙ پوٽا ڏهٽا: انيل ديو، واشديو، آرتي ديوي، عنوشا ۽ شائيلني.
    سچو خاندان انهن جو شڪر گذر آهي جن غم جا سنديشا ۽ گلن جا هار موڪليا آهن. پراراٿنا آچر ڏينهن صبح جو نائين بجي رکي ويئي آهي جنهن بعد ڀوڄن اپوح شهر جي مندر سناٿين ڌرم سڀا ۾ ٿيندو.
    ڪن ملائيشين انڊين جا مائٽ اڃان تائين انڊيا ۾ به آهن. جن جي موت جي خبر سندن اولاد هتي جي اخبارن ۾ پڻ ڏئي ٿو. جيئن ان پيرسن جو ملائيشيا جي شهرن م رهندڙ ڪجهه اولاد پڻ خبر پڙهي سگهي. مثال طور هن فوتڻ جو احوال جو پڙهو جيڪو سندس فوٽي هيٺيان ڏنل آهي:
    شريمتي لاجونتي ڌيءَ گوري شنڪر، ڳوٺ الاوالپور ضلع جالنڌر، عمر چوهتر سال، هتي ملائيشيا جي شهر باتو گاجا ۾ رات مري ويئي. سندس پويان هن پنهنجو مڙس:رام ساران پٽ نانڪ چند ڇڏيو آهي ۽ اولاد ۾ پٽ: اوهن لال، سرجيت لال ۽ ترسم لال، ننهن ۾: ڪمليش ڪماري، درشنا، گوپي ديوي، ڌيئن ۾: ڦول راڻي، ڪرشنا پياري، پريم لال ۽ ارمالا ۽ ناٺين ۾: رام گوپال باتا، گور درشن لال، جگجيت سنگهه ۽ پوني لال کان علاوه پوٽاڻ ۽ ڏهٽاڻ ۾ ايڪيهه ڄڻا ۽ پڙ پوٽاڻ ۽ پڙ ڏهٽاڻ ۾ ڇڏيا اٿس. آتما شانتي پوڄا اپوح شهر جي مندر ڪرشنا ۾ نائين بجي کان ٻارهين تائين رکي ويئي آهي. ان بعد پرٿي ڀوڄن ٿيندو.
    سکن جي موت جي خبر مٿان عنوان پاٿ دا ڀوگ (Path Tha Bhog) لکيل هوندو آهي ته فلاڻي گوردواري ۾ ٿيندو. جنهن بعد لنگر ورهايو ويندو. جيئن اڄ جي اخبار م سردار جنگ سنگهه ولد سردار لوپا سنگهه جي وفات جو اشتهار آيو آهي. جيڪو ملاڪا ۾ گذاري ويو. سندس اصل ڳوٺ مانڪ خانا هو جيڪو پنجاب جي فريد ڪوٽ ضلع جي هڪ شهر ڀاٽنڊا ۾ آهي. (۽ اهو سڄو احوال پڻ ڏنل آهي) سندس اولاد جو ذڪر نه ڪيل آهي پر هڪ ٻي موت جي اشتهار ۾ اولاد جو تفصيل ڏنل آهي. هي هڪ سک عورت جو آهي. سندس فوٽي بعد هيٺ لکيل آهي:
    مئڊم شامڪور سردار انوک سنگهه اصل ڳوٺ مرهانا، ضلع امرتسر، پنجاب، انڊيا. ڪالهه رات هوءَ هتي ملائيشيا جي شهر موئر ۾ گذاري ويئي. اکندپاٿ جي رسم ٻئي آچر تي موئر شهر جي سک گوردواري ۾ ٿيندي. پاڻ پٺيان هيٺيون غمزده اولاد ڇڏيو اٿس. (نالن اڳيان ۽ پويان سردار ۽ سنگهه (شينهن) ڪڍي مختصر ڪري ٿو لکان. ۽ عورتن جي نالن پٺيان ڪور (شينهڻ) جو خطاب پڻ ڪڍي ڇڏيو اٿم.)
    ڀائر: سنتا ۽ ماتاب.
    پٽ:اندر، گرچرن ۽ ڊاڪٽر سانڌو.
    ڌيئون:سوارن، وير، گرچرن (ساڳيو پٽ جهڙو نالو) ۽ گيان.
    ننهون: ناجار، ٺاڪر ۽ ساراب جيت.
    ناٺي: ناجار، ٺاڪر ۽ سرجيت.
    پوٽا ڏهٽا: بلوندر پال، رنبير، هرجيندر، ڪشميندر، ستوندر، سنيل، راجمندر، ستيش، جگديش، راجيو ۽ وڪرم.
    پوٽيون ڏهٽيون: رنجيت، سرجيت (ساڳيانالا مردن جا به آهن پر مردن جي نالي پٺيان سنگهه آهي ۽ هنن جي پٺيان ڪوَر (Kaur)، هروندر، راشپال، منجيت، جاسوندر، پروين، ڪرن، مانيڪا، مانيڪا، سونيا ۽ راڻي.
    پرپوٽاڻ ۽ ڏوهٽاڻل بلراج ۽ سمران.
    چينين ۽ ڪرسچنن جا ڪي ڪي موتي (مرڻ جا) اشتهار زال مڙس طرفان پنهنجي مري ويل ساٿيءَ لاءِ هوندا آهن. انهن جي مٿان عنوان ھن :In Loving Memory لکيل هوندو آهي. جيئن ته :
    “پنهنجي پياري مڙس_الفنسو گومبز جي ياد ۾”
    “I love and miss you, Darling, and we remember you, not just
    Today but, everyday of our Lives.”
    Very, Very dearly loved and missed by wife.
    ڪن ڪن ۾ ته باقاعدي شاعري ٿيل هوندي آهي. جيئن هڪ مري ويل عورت جي ياد ۾ هر سال اشتهار ڏنو آهي:
    “اٺ سال گذري ويا آهن ته به تنهنجي ياد دل ۾ تازي آهي.”
    ان عنوان هيٺ شعر ڏنل آهي.
    “Your sweet memories are treasured none can steal”
    Our loss is heartache none can heal.
    A longing sight a silent tear for one we love so dear.
    _تنهنجو مڙس.
    يا هڪ ٻئي اهري ،موت” جي اشتهاري ڪالم ۾ هڪ زال پنهنجي مري ويل مڙس لاءِ هي شعر ڏنو آهي:
    “Timess rolls on, the shadows fall but love and rememberance out last all”.
    يا ست سال اڳ مري ويل مڙس لاءِ سندس زال ۽ ٻارن جو ڏنل شعر:
    We deeply love you in our Hearts,
    God knows you are in our da7hily Thoughts.
    Though you left us seven years ago,
    We can not get over it you know.
    The mysteries of our Future
    Is not that easy to Gesture.
    _تنهجي زال ۽ ٻار.


    سنگيتا، شاهين، چڪوري ۽ آسيه کي جيئن وڻي تيئن ڪن

    ملائيشيا ٽي ويءَ جي ٽنهي چئنلن تان ٻين ملڪن ۽ زبانن جون فلمون پڻ ڏيکاريون وڃن ٿيون. خاص ڪري هندي، تامل، مليالم ۽ تيلگو ۾ جيڪي ڏکڻ هندوستان جون زبانون آهن ۽ فلمون اتي جون ٺهيل هجڻ ڪري انهن زبانن جون فلمون انڊين سڏجن ٿيون. رات ٽي ويءَ تان پاڪستان جي اڙدو فلم ڏيکاري ويئي. فلم شروع ٿيڻ کان اڳ اعلان ۾ انائونسر ملئي ڇوڪريءَ پاڪستاني فلم چوڻ بدران ڀُل ۾ انڊين فلم چئي ويئي. اهو ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ سوچيم ته اخبار ۾ خط ذريعي ٽي وي جي عملي ۽ ملائيشيا جي ماڻهن کي آگاهه ڪندس ته اها فلم انڊين نه پر پاڪستاني هئي. پر پوءِ خوشي به ٿي ته اهڙي بيڪار فلم جنهن کي ماڻهو ڏسي بور ٿيا ۽ گاريون ڏنائون؛ چڱو جو اسان جي ملڪ جو نالو لڪي ويو.
    مڃان ٿو ته اها فلم جڏهن پاڪستان م ڏيکاري ويئي هئي ته هٽ هئي ۽ سڀني واکاڻ ڪئي هئي_پر اڄ کان ويهه سال اڳ. اڄ جڏهن دنيا جا فلم ساز فلم جي هڪ هڪ سيٽ لکيا رپيا خرچين ٿا ۽ هڪ هڪ اداڪار خوبصورت ۽ Talented آڻين ٿا اتي اسان جي فلم انڊسٽريءَ جون هي پراڻيون فلمون_سو به ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ ڏيکارڻ، جتي اڳهين مقابلو سخت آهي نسورو ئي بي وقوفي ۽ ملڪ جو نالو مٿاهون ڪرڻ بدران هيٺاهون ڪرڻ آهي.
    حقيقت پسند ٿي ڏسجي ته اسان جي فلم انڊسٽريءَ جو معيار اڄڪلهه صفا ختم ٿيندو وڃي بلڪ ٿي ويو آهي جنهن جو اعتراف فلم انڊسٽري وارا پاڻ به ڪن ٿا ۽ ڪيترن فلمي اداڪارن ٽي وي ۽ اسٽيج ڊرامن ڏي کڻي رخ رکيو آهي. اڄ جون پاڪستاني فلمون_سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ جي، باقي ڪهڙي بين الاقوامي معيار جون آهن. ڪجهه هفتا اڳ هتي هڪ نئين پاڪستاني فلم به ڏيکاري ويئي هئي جنهن ۾ محمد علي صاحب هيرو هو. محمد علي اسان کان گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ست سال وڏو هوندو. حيدرآباد ۾ فردوس سئنيما جي ساڄي پاسي وارو ٽڪرو جڏهن ميدان هوندو هو ته اتي ڪنهن زماني ۾ (1960ع جي آسپاس) والي بال هلندي هئي. فلم ائڪٽر محمد علي، اسان وارو مائٽ نجف علي مرزا، گل (اظهر) قاضيءَ جا ڀائر ۽ سوٽ، سراج ميمڻ جو ڀاءُ عبالحق ۽ ٻيا شام جو کيڏندا هئا. اسان سندن اڳيان ننڍا هجڻ ڪري “لائين مئن” ٿيندا هئاسين_يعني ڌر کٽڻ تي تاڙيون وڄائڻ علاوه پري ويل بال ڊوڙي کڻي يندا هئاسين. اسان ننڍا ننڍا ته به هينئر (1984ع) عمر جون چاليهون سال ٽپڻ وارا آهيون يعني محمد علي ته پڪ هن وقت پنجاهه جي ويجهو پهچڻ وارو هوندو. پر پاڪستان ۾ لڳي ٿو ته فلمي هيرن جي ايڏي کوٽ آهي جو محمد علي اڃا تائين فلمن ۾ هيرو جا رول پيو کڻي. ڪو خاص اعتراض ناهي. ڀلي هيرو ٿئي. ڪن ڪن فلمن ۾ هيرو پوڙها به ٿيندا آهن. پر هن عمر ۾ هيرو کي فلم جي ڪنهن اسڪول جو شاگرد ڏيکارڻ سراسر نا انصافي آهي. محمد عليءَ جي نئين فلم جيڪا ويجهڙائيءَ ۾ ملائيشيا ٽي ويءَ تان ڏيکاري ويئي هئي تنهن ۾ محمدعليءَ جو ڪجهه اهڙو ئي پارٽ هو. اسڪول مان اچي پنهنجي منتظر ماءُ کي ڀاڪر پائي چوي ٿو:
    “امي امي مين ڪلاس ۾ اول نمبر آيا هون.”_هاڻي سائين ڏيو منهن. يعني حد ٿي ويئي. چيو محمد عليءَ، شرم اسان کي پئي آيو ته ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ لکها، پاڪستاني، هندوستاني، چيني ۽ ملئي ماڻهو اهو ڏسي ڇا پاڪستاني فلمن بابت اثر وٺندا.
    گهٽ ۾ گهٽ اسان جي دلپسند همراهه محمد عليءَ کي ته عمر جي تقاضا موجب رول کڻڻ کپن. نيلو، سنگيتا، آسيه، شاهين، چڪوري ۽ زمرد جهڙين کي جيئن وڻي تيئن ڪن.


    ڪانگ_عاشقن جو فئوريٽ پکي.

    وڏي پئماني تي ڪانگن جهرڪين يا ڪوئن ڪتن کي ته پهرين خبر انهي ڪهڙي ملڪ ۾ حڪومت ۽ عوام گڏجي مارڻ شروع ڪيو. پر اسان اهي لقاءَ پهرين پهرين چين ۾ ڏٺا_مائوزي تنگ جي ڏينهن ۾ کين مارڻ جو سبب: اهي پکي ۽ جانور گندگي ڪن ٿا. فصل کي نقصان رسائي ٿا. بيماريون پکيرين ٿا، وغيره. رول ڪتن کي ته پنهنجي ملڪ ۾ به ميونسپل کاتو ماريندو رهندو آهي_يا گهٽ ۾ گهٽ مارڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي.
    گذريل سال هتي ملائيشيا ۾ ڪانگ مارڻ جي مهم هلائي ويئي. جنهن ۾ شهر جي ماڻهن هفتي اندر هزارين ڪانگ ڍيري ڪري ڇڏيا. اڄ کان پندرهن سال کن اڳ پڻ ملائيشيا جي ڪجهه شهرن ۾ ڪانگ ماريا ويا هئا، ۽ نه فقط ڪوالالمپور واري علائقي ۾ ڪوڙڪن، بندوق ۽ گليلن سان ڏهه هزار کن جيئرا توڙي مئل ڪانگ گڏ ڪري هڪ وڏي کڏ ۾ پوريا ويا هئا. ان بعد ڏهاڪو کن سال ڪانگن جو تعداد ان حد تائين نه وڌيو جو ماڻهو دانهون ڪوڪون ڪن. پر هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ ڪانگن جو آزار ايترو وڌي ويو جو اخبارن ۾ ماڻهن جو رڙيون خطن ۽ خبرن وارن ڪالمن ۾ اچڻ لڳيون هيون.
    ڪانگن ۾ سڀ کان گهڻو شايد پينانگ رياست جي ماڻهن کي تپايو جو اتي جي ماڻهن جون دانهون ڪجهه وڌيڪ ئي ٻڌڻ ۾ آيون ٿي.
    “ڪانگ ڀلا توهان کي ڪهڙي تڪليف رسائين ٿا؟” انهن ئي ڏينهن ۾ آئون پينانگ ۾ هوس سو هوٽل جي هڪ بئري کان پڇيم.
    “ڪانگ ٽي وي جي انٽينائن تي ويهي، انهن کي نقصان رسائين ٿا،. هن وراڻيو. ۽ دريءَ اڳيان لنگهندڙ هڪ ٿلهي متارو ڪانگ ڏي اشارو ڪندي چيو: “ائنٽينا کي ڪيرائڻ لاءِ ههڙا ٻه ڪانگ ڪافي آهن. اسان جي گهر جي ائنٽينا کي پڻ ڪيترائي ڀيرا چٻو ڪري چڪا آهن.”
    ملائيشيا م گهڻي مينهن وسڻ ڪري گهرن جون ڇتيون پاسيريون ٺاهيون وڃن ٿيون جيئن پاني گڏ ٿي ناري مان وهڻ بدران سنئون سڌو هيٺ ترڪندو وڃي. ڳوٺاڻن گهرن جو اهي پاسيريون ڇتيون ڪاٺ ۽ ڪک ڪانن جون ٺاهين ۽ شهري گهرن جي ڇتين مٿان گهڻو ڪري ڳاڙهي رنگ جون سنهيون سرون (کپريل) رکيون وينديون آهن جيڪي هلڪيون ۽ ٽاڪئون ٿين ٿيون. ڪانگن جي وهڻ ڪري اهي سرون پٽ تي ڪري نه فقط ڀڄن ٿيون پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن ۽ موٽرن جي مٿان ڪري انهن کي پڻ نقصان رسائين ٿيون.
    پينانگ ٻيٽ جي ٻئي پاسي بٽر ورٿ شهر ۾ هڪ پراڻي ملئي واقفڪار هاشم الدين جي گهر ويس. سندس پوڙهي ماءُ ڪانگن کي پٽون پاراتا ڏيندي مون کان پڇيو: “ابا توهان جي ملڪ ۾ به ڪانگ آهن يا اها باهه رڳو هتي ملائيشيا ۾ پيئي ٻريئ”
    کلي چيومانس:“ماچي! (ملئي زبان ۾ ماسيءَ کي ماچي چون) ڪانگ اسان جي ملڪ به ڏنگايون ڪن ٿا پر اسان سنڌين اڳيان ڪانگ جي گلا سوچي سمجهي ڪجانءِ. هو ڪارو آهي، ڪوجهو آهي پر اسان لاءِ بيحد پيارو آهي. هو سڪ جو سنديشو کڻي اچي ٿو. اسان جي پاسي هو عاشقن جو فئوريٽ پکي آهي. اسان جي ملڪ ۾ ڪانگ کيانتو ڏيئي انهن مهمانن جي آمد جو پڻ اطلاع ڪندو آهي جن آئي من سرهو ٿئي. اسان جي ملڪ ۾ ڪانگ پيار جو قاصد سمجهيو ويندو آهي جنهن قرب ڀري ڪانگل کي اڏائڻ بدران اسان وٽ آڌر ڀاءُ ڪيو ويندو آهي. آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه مون سان مون پرين جي. جيسين انگريزن ٽپال ۽ تار کاتو شروع نه ڪيو هو تيسين موملون_خاص ڪري ڪڇ ڀوڄ، جوڌ مڪران جون، نياپا موڪلڻ لاءِ ڪاڪ جا ڪانگ اڏائينديون هيون ۽ سدا سهڻا راڻا پنهنجي دل، جگر جا ٽڪرا ۽ آخري نشانيون موڪلڻ لاءِ ڪانگ Hire ڪندا هئا. جن کي توهان هينئر Fire ڪرڻ جي موڊ ۾ آهيو.
    آءُ ڪانگا تو ڏيان ڪڍي جان جگر جيرو،
    ته وڃي کاءُ ولايت ۾ جتي محبوبن جو ديرو،
    ته من پڇن هڪ ڀيرو، ته هيءَ قرباني ڪنهن ڏني.
    هاشم جي پوڙهي ماءُ کي منهنجيون ڳالهيون بنهه نه وڻيون. پوڙهي ماڻهوءَ جي ڳالهه کي هونءَ به رد ڪڍ ڏي ته هڪدم چڙي پوندو آهي. سو ڪانگ جي ايڏي تعريف ٻڌڻ ته نياپا کڻي ايندو آهي، کائنس بنهه سٺو نه ٿيو. چڙ مان مٿي تي هٿ هڻي چيائين:
    “اهو توهان وٽ عشق جا نياپا کڻي ايندو هوندو. هتي ملائيشيا ۾ ته ڪانگ سڄي پاڙي جو ٻهر ۽ مئل ڪوئن ڪڪڙن جا هڏائان پڃرا کڻيو ٿو اچي پوءِ يا گهر گونهه ڪندو آهي يا ڇت تي ڦٽا ڪري ويندو آهي جن جي ڌپ هفتو هفتو پيئي هلندي آهي.. سندس اهو موڊ ڏسي ماٺ ٿي ويس نه ته اڃان ٻڌائڻ وارو هوس ته ڪانگ نه فقط سنڌ پر سڄي هند ۾ پڻ ڳايو وڃي ٿو:
    “ڪاگا سڀ تن کائيو،
    چُچُن کائيو ماس،
    دو نينا مت کائيو،
    انهين پيا ملن ڪي آس.
    ملائيشيا جي يونيورسٽي آف سائنس جو پروفيسر جي_ڪي_چارلس ڪانگن تي مڃيل اٿارٽي آهي. هن سڄي ڄمار ڪانگن تي کوجنا ڪئي آهي. تنهن ٻڌايو ته ڪانگن جي وڌندڙ ڏنگاين لاءِ ماڻهن کي ئي ڏوهه ڏيڻ کپي جيڪي گهر جو ٻهر ۽ بچيل سچيل کاڌو پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ بند ڪرڻ بدران ائين اڇليو ڇڏين. جن کي پوءِ ڪانگ ۽ ڪوئا هڪ طرف لوئي جيڏانهن ڪيڏانهن پکيڙين ٿا ته ٻئي طرف ان کي کائي ٿلها متارا ٿين ٿا.
    پروفيسر صاحب ٻڌايو: “ڪانگن کي بندوق سان مارڻ مان ڪو خاص فائدو ناهي. سٺو طريقو اهو آهي ته ماڻهو صفائيءَ تي زور ڏين. ڇاڪاڻ جو گندگيءَ ڪري ڪوئن ۽ ڪانگن جي ويجهه ۾ واڌارو اچي ٿو. خاص ڪري کاڌي جي اوبر سوبر کي ٿانئيڪي هنڌ تي اڇلائڻ کپي جتان ميونسپالٽيءَ جي گاڏي هڪدم ميڙي وڃي.
    “ڪانگن جي خاتمي جو هن ٻيو طريقو اهو ٻڌايو ته ته سندن آکيرا ڊاهي آنن يا ٻچن کي ناس ڪرڻ کپي. 1973ع ۾ پينانگ ٻيٽ تي ڪانگن جي آدمشماري ٻه هزار کن مس هئي ۽ هاڻ ٻارهن سالن اندر چئوڻي پنجوڻي ٿي ويئي آهي. ملائيشيا ۾ ڪانگ جهڙو ڪنو پکي اصل بنهه نه هو. هن صديءَ جي شروع ۾ ڪجهه جهازي سريلنڪا کان ڪجهه ڪانگ ڦاسائي هيڏانهن ڪئري ٻيٽ تي کڻي آيا. (جيڪو ڪولالمپور جي ويجهو آهي) ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي سڄي ڪولالمپور ۽ اوسي پاسي جي شهرن ۾ ٽڙي پکڙي ويا. هاڻ ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي ڪانگ نظر اچن ٿا.”
    هتي جو ڪانگ سنڌي ڪانگ کان ٿلهو ۽ ڳچيءَ جي کنڀن سوڌو ڪارو ٿئي ٿو. اهڙا ڪانگ ڪوئيٽا ۽ ايران ۾ نظر اچن ٿا.
    ڪانگن کان بيزاريءَ جو ذڪر ڪجهه عرصو اخبارن ۾ ماڻهن جي وات تي جڏهن هليو ته سرڪار نيٺ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو. مختلف ميونسپالٽين طرفان هن پکيءَ کي مارڻ لاءِ ڏينهن ۽ انعام مقرر ڪيو ويو ته ان ڏينهن تي صبح کان وٺي ڪانگن تي ٺا ٺا ٿي وڃي. ڪٿي به وهڻ نه ڏجين. في پڇ جيئري يا مئل ڪانگ لاءِ ڏيڍ ڊالر (ڏهه رپي کن) انعام. جيئن پاڻ وت ڍور ڍڳي ٻڪري رڍ جي ڳڻپ لاءِ “ڪن” لفظ استعمال ٿيندو آهي تيئن ملئي زبان ۾ جانور توڙي پکيءَ لاءِ “EKOR” يعني “پڇ. ڳڻبو آهي.
    هن وقت منهنجي ٽيبل تي اهو دلچسپ پوسٽر پڻ رکيو آهي جيڪو ميونسپالٽيءَ وارن ڪانگن کي مارڻ لاءِ شهر جي ڀتين تي هنيو هو. پوسٽر تي هڪ ڪانگ صاحب جو رنگين ڪارٽون آهي. (يعني پاڻ ته ٿيو بلئڪ ائنڊ وائيٽ باقي ڪپڙا ۽ بئڪ گرائونڊ جو ٻيون شيون رنگين ڏيکاريل اهن. همراهه جيل جي لوهي تارن پويان پنهنجا کنڀ کولي بالم ٿيو بيٺو آهي. پٺيان ڦاهيءَ جي سرڪڻ ڦاهيءَ جي سرڪڻ لڏي رهي آهي. سندس ڳچيءَ ۾ هار وانگر پيل تختي تي سندس مرڻ جي تاريخ لکيل آهي. ڳاڙهي رنگ جو ڪوٽ ۽ مٿي تي ڪاسٽرو ٽائيپ ٽوپي رکيل آهي. آخري وقت تي کيس گارين سان گڏ گلدستو پيش ڪرڻ واري اها عزت افزائي خبر ناهي ميونسپالٽي وارن ڏني آهي يا آرٽسٽ پنهنجي طرفان. ڪانگ بهادر جو وات_يعني چهنب سڄي کليل آهي. عوام اڳيان شايد آخري تقرير رهيو هو. سندس ان تصوير مٿان وڏن اکرن ۾ لکيل آهي: HAPUSKAN GAGAK _ يعني ڪانگ کي ناس ڪريو. ملئي زبان ۾ ڪانگ کي گاگاق چئجي ٿو. ان اطلاع هيٺيان سندس سر جي قيمت لکيل آهيل
    BAYARAN 1.50 DOLLARS SE EKOR
    في پڇ ڪانگ جي قيمت ڏيڍ ڊالر. هتي جو ننڌڻڪو ڪانگ راءِ ڏياچ ته آهي ڪونه جنهن جي سر جي قيمت سونين گنين جو ٿالهه رکيو وڃي. هر وقت ٿڪ بجو کائيندڙ هن پکيءَ لاءِ هتي ڏيڍ ڊالر به گهڻو ٿيو.
    پينانگ شهر جي ميونسپالٽيءَ جو سيڪريٽري سردار تعبير سنگهه نالي هڪ سک آهي جنهن جا ڏاڏا پڙڏاڏا امرتسر پنجاب کان لڏي هتي آيا هئا تنهن پنجابيءَ گاڏڙ اڙدوءَ ۾ ٻڌايو:
    ،سرڪار هي پکي ڪهڙو چڱو مڙس آهي. سندس بڻ بڻياد ته اسان به صفا چٽ ڪرڻ نٿا چاهيون. ڇو جو هن پکيءَ مان ڪجهه فائدا پڻ اهن. جهڙوڪ: ڪوئن کي کائي ناس ڪري ٿو. روزانو رستن تي مئل نانگ، سانڊن، ڳوهن ۽ ڪڪڙين جي صفائي ڪري ٿو_جيئن هندستان پاڪستان ۾ اهو ڪم ڳجهون يا ڀنگياڻيون ڪن ٿيون. اسان ڪانگ جي فقط گهڻائي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. ڇو جو هاڻ هو ايترو وڌي ويا آهن جو راڄ ۾ رڙ پئجي ويئي آهي. وٺين جي ڊپ کان ماڻهن وڻن هيٺان ويهڻ ڇڏي ڏنو آهي. رسيس ۾ اسڪولي ٻار ڪا شئيءِ نٿا کائيو سگهن. ۽ ساڳي وقت هيليڪاپٽرن ۽ هوائي جهازن جي اڏام لاءِ پڻ مسئلو پئدا ڪيو اٿن....”
    بهرحال مقرر تاريخ کان ملائيشيا ۾ ڪانگ جي خلاف مهم شروع ٿي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سرڪار توڙي عوام پوري زور شور سان حصو ورتو ۽ ڪوالالمپور جهڙن شهرن ۾ ته پهرين ٻن ڏينهن ۾ ئي ٿي، اخباري اطلاع موجب، چوڏهن هزار ڪانگ ماريا ويا ۽ اهڙي طرح هفتي اندر ڪانگ جو تعداد ايترو گهٽ ڪيو ويو جو هاڻ آسمان تي ورلي ڪو ڪانگ نظر اچي ٿو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259693
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386683
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ