ڪتاب جو نالو: پھاڪن جي پيڙهه
مصنف: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 29 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1505 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 468 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
پهاڪن کي لوڪ ادب ۾ تمام سُٺي اهميت حاصل آهي ۽ سنڌي پهاڪا ٻهراڙين جي ڪچهرين ۾ ورجايا ويندا آهن. هي پهاڪن جو ڪتاب ”پهاڪن جي پيڙھ” مسٽر ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جو لکيل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سنڌسلامت پاران :
  • متن

  • 1. آپ نه پالي، پالي ڏوُن، ڇوهر ڄائو، ڏکان ڏوُن/ نون
  • 2. آج نه ديکا لال، تو ڪل ديکون گا
  • 3. آڌا چوُڙا، آڌا ٻورا، مال ڪوڙا، مراد پوُرا.
  • 4. آنڌ به ڪاڻي، مانڌ به ڪاڻي، ڪاڻي اسان جي ڍڳي،
  • 5. آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا.
  • 6. آههِ غريبان، قھر خدائي.
  • 7. آيا مير، ڀڳا پير.
  • 8. ابو گسي، ڌيءَ وسي.
  • 9. اٽو کاڌو ڪئي، مار پيئي گابي تي.
  • 10. اُٺ پٺيان گهنڊڻي
  • 11. اُٺ نه رٺا، ٻورا رٺا.
  • 12. اَٺي آني پڳڙي، رپيو ٻڌاڻي، ڪري پيئي کوهه ۾، ٻه روپيا ڪڍاڻي.
  • 13. اُٺي بُھَه چُٺي
  • 14. اپڻا مال ھئي، روئسان به کائسان به.
  • 15. اپڻي گھوٽ ته نشا ٿيويئي.
  • 16. اڃا اٺ ڪڍن سسئي.
  • 17. ادي ادي اتراڻ، چي؛ ”مون ته اھو ئي منو ماڻ“.
  • 18. اسان ڀانيو ھار، پر سڳو ئي سورن جو.
  • 19. اَڪ آمو نه ٿئي، توڙي ڦٽي ڪري ڦر.
  • 20. اک ٻڌڻ، تپ لنگھڻ.
  • 21. اک ٺھيئي نه، کٻڙ خان چنڊ ڏٺو.
  • 22. اڳين پاڻي، پوين چڪ.
  • 23. اگهائي ته ڪچ، نه ته ماڻڪن موٽ ٿئي:
  • 24. اگهه ڪنھن وڌو؟ چي؛ ”جنھن جي نه سري.“
  • 25. اڱر ڪوسا ته هٿ ساڙين، جي ٿڌا ته هٿ ڪارا ڪن.
  • 26. ”امان ساهري گهر مون سان ٻيا ته وڙهن پر ساهري چائنٺ به وڙهي.“
  • 27. انڌا بي ايمان ٿيندا آهن.
  • 28. انڌو ڇوڪر، لائو ڏوڪڙ؛ ٽڪاڻي جي ارداس.
  • 29. انڌو ھاٿي لشڪر جو زيان.
  • 30. انڌير نگري، چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا.
  • 31. اڻائي به ويئي، تڻائي به ويئي، وري ڪپھ جي ڪپھ.
  • 32. اونڌيون پاٽيون، پاسيرا ٽويا.
  • 33. اها دعا، دل سان ئي نٿي لڳي.
  • 34. اها ڪڪڙ ئي مري ويئي، جا سونا آنا ڏيندي هئي.
  • 35. اهڙو ڪم ڪجي، جو لعل به لڀي پريت به رهجي اچي.
  • 36. اهو ئي هٿ کير ۾، اهو ئي هٿ نير ۾.
  • 37. ايڪ پنٿ، دو ڪاج.
  • 38. بادشاهين پوندي معاملي، ڄٽي ڪير ويچاري.
  • 39. باسڻ هڪڙو کڻي، ٺڪر گهڻن کي اچي.
  • 40. بڇڙو ڪتو، ڌڻي پُڻائي.
  • 41. ٻارهن گدرا، تيرهن لاڳدار.
  • 42. ٻاليتو؛ نه ماليتو.
  • 43. ٻاڻيءَ ٻاڻ سٽايو، باز به سٽون ڏي، صاحب سڀن جو هڪڙو، ڏسان ڪئن ڪري.
  • 44. ٻاهر جا کائن، گهر جا گيت ڳائن.
  • 45. ٻائي ٻير، اڍائي سير.
  • 46. ٻائي جو ٻائو، تيوڻ جو تيوڻ.
  • 47. ٻليءَ شير پڙهايا، ڦير ٻلي ڪون کاوڻ آيا.
  • 48. ڀري ٻيڙيءَ ۾، واڻيو ڳؤرو.
  • 49. ڀڳي سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي.
  • 50. ڀلو پير، ڪي ڀلو ويساههُ.
  • 51. ڀُلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀُلي.
  • 52. ڀنگان چيز ٻُڏن، لنڊي رووي ڪڻڪ ڪون.
  • 53. ترت دان، مھا پڃ.
  • 54. ٺاٺ نئي هڪڙو، ٺڪر اچي گهڻن کي.
  • 55. پاڻي پي، نه ذات پڇجي.
  • 56. پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اُڃ مرن.
  • 57. پڇڻا، نه منجهڻا.
  • 58. پرائي پٽڻي، رن کهائي ٻه ڪن.
  • 59. پرائي ڏيو تان، کارڪ به چڱي.
  • 60. ”پريا مڙس! تئي جٽيندين؟“ چي؛ ”ويٺي وڌي پوندس ڇا؟“
  • 61. پئنچا نال، ايڪا دشي.
  • 62. پئنچن ۾ پرميشور.
  • 63. پيادن مان هسوار، هسوارن مان پيادا.
  • 64. پير کان به وڏو آهي ويساهه.
  • 65. پير کي ڪم، ٺڪاءَ سان.
  • 66. پيو ڌيئاڻو، ويو پيئاڻو.
  • 67. ڦاڙهو جاتي کائي، تاتي اوجهه ڏئي.
  • 68. جاتي کير تاتي کنڊ، جاتي جهڻ تاتي لوڻ.
  • 69. جاڳندن جون وڇون، ستلن جا ڪونھان.
  • 70. جڏهن ڪڏهن سنڌڙي تو کي، قنڌاران جوکو.
  • 71. جر نئيس، جيڏي نه نئيس.
  • 72. جنھن جو ڪم سو ئي ڪري، ٻيو ڪري ته گهاٽو ڀري.
  • 73. جنھن کي ويٺي سُڌ نه پيئي، تنھن کي بيٺي ڇا پوندي؟
  • 74. جني ڪارڻ مونڊ منڊايم، سيئي سور وري سامھون آيم.
  • 75. جھڙي ٻرڙي ڪئي ٻارن سان.
  • 76. جھڙي ڇالي، تھڙي پني.
  • 77. جھڙي نيت، تھڙي مراد.
  • 78. جئسي ڪو تئسا ملا، ڏوم ڪو ملا نائي, اسني ڍولڪي بجائي، اسني آرسي بنائي.
  • 79. جئسي ڪو تئسا ملا، سن ري راجا ڀيل.
  • 80. جي نو نؤنداڻي، ڏهه حقا ته هرلا پڪا،
  • 81. ڄٽ بکيو موري کائي، موري بکه گهڻيري لائي
  • 82. ڄٽيءَ سٽ پسايو، واڻئي وڌيس وٽي،
  • 83. چت تي چوٽا ته مدعي رد.
  • 84. چٽي چنيجن جي، پُرڻ تي پيئي.
  • 85. چرئي کان پڇيائون؛ ”ڪئن؟“ چي؛ ”ويران وير وڌ.“
  • 86. چريا ڏئي چار، وڇان وٺجي هڪڙي.
  • 87. چري پاڻ ٿياس، متيون ڏيندي لوڪ کي.
  • 88. چمڙن جي گهر ويا مھمان، چي؛ اسين پيا لٽڪون، اوهين به لٽڪو.
  • 89. چنڊ کي ڏُهي، پوءِ سڄي پاڳ.
  • 90. چورن مٿان مور پيا، اڌ ورھائي کڻي ويا.
  • 91. ڇوڪرن کان شيطان به پناهه گهري آهي.
  • 92. خبر پوندي تيسين، جڏهن هٿوراڙيون ڏيسين.
  • 93. حق به رکي، ناحق به رکي.
  • 94. ڌرت پڙيئي، ڌرم نه ڇوڙيئي.
  • 95. ڌڻي ڏيڻ تي اچي ته چپر چيڙي به ڏئي.
  • 96. ڏسجي ته اُٺ ڪھڙي ڪڙيءَ ٿو وهي.
  • 97. رن چشڪي هري، رکي آرتوار.
  • 98. ست ڪوئا کائي ٻلي، حج تي چڙهي.
  • 99. ستن ڪونھان جاڳندن وڇون. يا؛ ستن جون پاڏا ڄڻين.
  • 100. شوروو حلال، ٻوٽيون مردار
  • 101. شيطان واري ڳڙ جي آڱر.
  • 102. عشق نه ڏسي ذات، نه ڏسي ڪذات.
  • 103. فقير دعا نه ڪئي، چي؛ ”جھڙي نيت تھري مراد.“
  • 104. ڪتا تو نه منھن، تنھنجي ڌڻيءَ منھن.
  • 105. ڪتو ڪڙم جو ويري.
  • 106. ڪتي جو ڪارو منھن، رٻ اوتري جي اوتري
  • 107. ڪڍ ڪڪڙ دائـري مان.
  • 108. ڪري سو پائي، فقير کير کنڊ کائي.
  • 109. ڪريئي تا ڀي ڏريئي، نا ڪريئي تا ڀي ڏريئي.
  • 110. ڪن جي ڳالھين، مير بجر مارايو.
  • 111. ڪنڊو لڳس پير ۾، کوٽي ٿو مونو،
  • 112. ڪنيءَ رن جا ٻار، جيئن ٿورا تيئن چڱا.
  • 113. ڪوري، مت ٿوري.
  • 114. ”ڪُھَرَ ڪئن؟“ چي؛ ”ان سنوان!“
  • 115. کاڻي کچڻي، اونڌا طباق.
  • 116. کائڻ لاءِ کرو، ڪم مھل ٻرو.
  • 117. کائڻ وير مڙس هاج وير ڇوڪر
  • 118. کلي ماريو کيکو، جنھنجو پورو ٿيو ليکو.
  • 119. کڻ خليفا ڇلي، مائي سليمان حج هلي.
  • 120. گگر گگر پنڊا اڙيا.
  • 121. گولاڙو، هيٺان پچي.
  • 122. گيان ڌيان وهان رها، جھان رهي جتي.
  • 123. ڳالھين سنديون ڳالھيون، ٽڪي سندا موٺ.
  • 124. گهٽو ڌاريم اُن کي، هٿان چري ڪپاهه.
  • 125. لالچ بري بلا
  • 126. لک کٽيا ڏومڻيءَ، جو ڏوم سلامت آيا.
  • 127. لکيون لھارن کي، چڏن ۾ چڻنگون.
  • 128. مالڪ وڃن ٻيڙيءَ چڙهيا، شاهد وڃن غوطا کائيندا.
  • 129. مُٺ ڀيڙيائي ڀلي، جي اپٽي ته نڪو لاءُ نڪو ساءُ.
  • 130. مري نه ميھار، ته وڳ ولھو ئي نه ٿئي.
  • 131. مڙس ته ڏاڙهي، نه ته ٻيا رڳا ڏاڙهه.
  • 132. مفت جو شراب، قاضيءَ کي به حلال.
  • 133. مڱن ڏانڊي، ڪارڙي ٽانڊي،
  • 134. مون ڀانيو درويش، پر بازن کان ئي بڇڙو.
  • 136. واڙيءَ ٻارهن، هٽ اٺارهن، گهر ويٺي چوويھه.
  • 137. ور راڄ؛ ٻرهه راڄ،
  • 138. وهڻ منڍو ئي ناهه، دلو پڇي نار کي.
  • 139. هارئي کان، پيتو ڀلو.
  • 140. هٿ جنين جو هيئن، پھرين پتڻ سي لنگهن.
  • 141. يارن ڪھڙا ليکا.
  • 142. يڪ نه شد، دو شد.

  • ترتيب

    سنڌسلامت پاران :

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (؟؟؟) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
    پهاڪن کي لوڪ ادب ۾ تمام سُٺي اهميت حاصل آهي ۽ سنڌي پهاڪا ٻهراڙين جي ڪچهرين ۾ ورجايا ويندا آهن. هي پهاڪن جو ڪتاب ”پهاڪن جي پيڙھ” مسٽر ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جو لکيل آهي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    متن

    1. آپ نه پالي، پالي ڏوُن، ڇوهر ڄائو، ڏکان ڏوُن/ نون

    بنياد:
    ڪنھن جتڪي گهر ۾ هڪڙو جوان مڙس هو، سو نڪمو رلندو پنندو وتندو هو. تنھنکي جڏهن پٽ ڄائو، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو. اهو ڏسي اُن گهر جي هڪڙيءَ پوڙهيءَ زال، کيس مھڻي طور چيو؛ ”تون خوش ٿيو آهين پر تنھنجا حال اُهي جو پاڻُ نه ٿو پالين سو ٻيو ڪٿان پاليندين؟ ڇوڪر ڄائو آهي ته تنھنجا ڏک ڏوڻا ٿيا يا وڌيا.“
    جي ”ڏون“ بدران ”نون“ چئجي ته ڇوڪر ڄائو آهي ڏکن ڪاڻ ته اها معنى به ٺھي ٿي. پر ”ڏکان ڏون“ چوندو ٻڌيو ويو آهي. (ڪوڙو مل چندن مل)
    نوٽ: ڇوهر يا ڇهر يعني ڇوڪر.
    ڀيٽيو: پاڻ نه پاري، ڪتا ڌاري.


    2. آج نه ديکا لال، تو ڪل ديکون گا

    بنياد:
    ڪي موالي، قلندر لعل جي زيارت تي وڃڻا هئا. گهر کان نڪرڻ کان اڳ، هڪ چيو؛ ”ادا، چلم ڀريو ته اڳو پوءِ سُوٽو هڻي پوءِ پنڌ پئون.“
    هنن پوءِ گانجي يا چرش جي چلم ڀري سُوٽون هنيون ته سڀني کي نشو ٿيو ۽ اتي ئي سمھي رهيا. ٻئي ڏينھن به ائين ڪيائون ۽ پوءِ به روز روز سوٽون هڻي سمھي پوندا هئا ۽ چوندا هئا ته؛ ”آج نه ديکا لال تو ڪل ديکون گا.“
    هي پھاڪو سست ماڻھن سان لڳائبو آهي پر سياڻن جو قول آهي ته؛ ”اڄ جو ڪم سڀان تي نه وجهجي.“
    ڀيٽيو: ترت دان، مھا پڃ.


    3. آڌا چوُڙا، آڌا ٻورا، مال ڪوڙا، مراد پوُرا.

    بنياد:
    ڪنھن مائيءَ پنھنجي ٻانھينءَ لاءِ عاج جي ڳٽي، پنھنجي آڏو ويٺي چيرائي. چوڙيگر دستور موجب، ڳٽيءَ جا ڇوڏا لاهي پوءِ ويٺو ٻانھين چيرڻ. مائيءَ ڏٺو ته هڪ هڪ چوڙي چيرجڻ کان اڳ، ٻورو تمام گهڻو ٿو نڪري، سو چوڙيگر کي چيائين؛ ”ڏس ته هيتري ٻوري نڪرڻ ڪري ڪيترو نه عاج زيان ٿو ٿئي.“
    چوڙيگر تنھن تي اهو پھاڪو چيو.
    جنھن جو مطلب آهي ته عاج جي ڳٽيءَ مان، اڌ نڪري چوڙو، اڌ نڪري ٻورو، مال سڄو ڪوڙو آهي. پر پائيندڙ جي مراد پوري ٿي ٿئي.
    مراد ته ٻانھين پائڻ پئسي جو زيان آهي.


    4. آنڌ به ڪاڻي، مانڌ به ڪاڻي، ڪاڻي اسان جي ڍڳي،

    وڃي چؤ امڙ کي؛ ”آءٌ به گهڻن کي گڏي.“
    بنياد:
    هڪڙي ڪاڻي ڇوڪريءَ کي سندس مائٽن پرڻايو، پر ماڻس کي ڏاڍي ڳڻتي هئي ته هن کي ساهرين گهر ”ڪاڻي، ڪاڻي“ ڪري نه چيڙائين. ڇوڪريءَ پوءِ ساهري گهر وڃي ڏٺو ته؛ نڻان به ڪاڻي ته ڏيرياڻي به ڪاڻي. اهو ته ٺھيو پر ساهري در تي جيڪا ڍڳي بيٺي هئي سا به ڪاڻي ھئي. هيءُ حال ڏسي، ڇوڪريءَ کي منھن ۾ پاڻي آيو ۽ ماءُ جي دل کي ڌيرج ڏيڻ لاءِ، مٿيون پھاڪو نياپي طور، پنھنجي ڪنھن پيڪي پھر هٿان چوائي مڪائين.
    ”آنڌ ۽ مانڌ“ سندس نڻان ۽ ڏيرياڻيءَ جا نالا هئا.
    ڀيٽيو:
    1- جھڙي ڇالي، تھڙي پني.
    2- جھڙا روح، تھڙا ختما.


    5. آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا.

    هيءَ تڪ اصل شاهه جي رسالي مان ورتل آهي. جنھن ۾ آهي ته:
    آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا،
    صفا ڪيو سيد چوي، سائون سڪائين،
    منجهان لنب لطيف چوي، چانور ڪيو چاڙهين،
    پلاءُ نه پاڙين، عمر آراڙيءَ سين.
    هيءُ پھاڪو، انھيءَ معنى سان ڪم آڻبو آهي ته گهر ۾ پئسو رکيل ڪونھي يا اسين غريب آهيون. جڏهن چار ڏوڪڙ ڪمائي اچجن تڏهين گذران ٿئي.


    6. آههِ غريبان، قھر خدائي.

    هيءُ اصل هيٺئين پارسي مثل جي تڪ آهي.
    آههِ غريبان، قھر خدائي،
    دعاءِ درويشان، رحم الاهي.
    يعني غريبن جي پٽ، ڌڻيءَ جي ڪاوڙ ۽ درويش جي دعا، خدا جو رحم. مراد ته ڪنھن سان ظلم نه ڪجي پر سڀني جي دعا کٽجي. جڏهن ڪو ڪنھن سان ظلم يا ڪُنِياءُ ڪندو آهي، تڏهن هن ۾ ڌڻيءَ جي ڊپ جاڳائڻ لاءِ ائين چوندا آهن. ڇو جو صاحب جي سرڪار ڏاڍي آهي؛ ظلم قائم آهي پر ڪندڙ قائم نه آهي.


    7. آيا مير، ڀڳا پير.

    اصل هندي؛ آئي مير، ڀڳي پير.
    ڏکيا لفظ:
    علم تسخير معنيٰ جادوءَ جي علم.
    مير معنيٰ ميرانجي.
    وڏا معنيٰ مائٽ يا حاڪم يا ڏاڍا مڙس.
    ننڍا معنيٰ ٻار يا زيردست يا هيڻا.
    بنياد:
    امروهه جي شھر ۾ شيخ سدو نالي هڪ شخص ٿي گذريو آهي، جنھن کي ميران جي به ڪري سڏيندا آهن. هو اصل کيتيءَ جو ڪم ڪندو هو ۽ هام هڻندو هو ته آءٌ علم تسخير مان واقف آهيان. هڪڙي ڏينھن، هر کيڙيندي هڪ چؤمکو ڏيئو، ڪنھن آڳاٽي جادوگر جو، هٿ اچي ويس. ڏيئي ۾ اها ڪرامت هئي ته ٻارجي ته چار جن، يڪدم اچي خدمت ۾ حاضر ٿين. ميرانجيءَ، پھريون ڀيرو اهو ڏيئو ٻاريو ۽ جن آيا ته هو کين ڏسي ڏاڍو ڊنو ۽ ڦوڪ ڏئي، ڏيئو گل ٿي ڪيائين پر جنن چيس ته؛ ”جيسين اسان کي ڪو ڪم نه چوندين تيسين اسين ڪين وينداسين.“
    هن پوءِ جيڪو ڪم ٿي چين، سو اک-ڇنڀ ۾ ڪري پئي آيا. آخر چيائين ته؛ ”فلاڻي ملڪ ۾ هڪ عورت ڏٺي اٿم، اها وٺي اچو.“
    جنن گهڙيءَ جو گهڙيءَ ۾ اها مائي حاضر ڪئي. هو پوءِ هن جي ويجهو ٿي ويو ته جنن چيس ته؛ ”اسين بڇڙن جا مٽ نه آهيون. تنھنڪري پاڻ سنڀال! نه ته اسين تو کي موت مارينداسون.“
    ميران جي پھريان ڊنو پر پوءِ ڀؤ ڀڳس، جو ڏٺائين ته هي وري به پنھنجا خدمتگار آهن. چوندا آهن ته؛ ”ڳوه کي کٽي کڻي ته شڪارين جا گهر ڳولي.“ هن کي به کٽيءَ کنيو، سو هن عورت جي ويجهو ويو. جنن نڪا ڪئي هم نڪا ڪئي تم، اتي جو اتي نڙيءَ تي نُھن ڏيئي پورو ڪري ڇڏيائونس.
    ميرانجيءَ اهو هڪڙو ڪچو ڪم ڪيو نه ته ڏيئي جي وسيلي گهڻا خير جا ۽ ڪرامت جھڙا ڪم ڪيائين. جنھن ڪري ماڻھن هن کي ولي سمجهي هن جي درگاهه ٺاهي ۽ اڄ تائين امروهه ۾ قائم آهي.
    چون ٿا ته؛ ميرانجي هاڻ به اتي جي ماڻھن خصوصًا زالن ۾ اچي واسو ڪندو آهي. جھڙو زين خان، ننھي ميان ۽ ٻيا، پر اهي سڀ ميرانجيءَ کان گهٽ ليکبا آهن. تنھنڪري چون ته؛ جڏهن مير اچي، تڏهن ٻيا پير ڀڄيو وڃن.
    هاڻ پھاڪي جي معنى اها ٿي رهي آهي ته جڏهن وڏا اچن، تڏهن ننڍا ٽري پاسو ڪن يا ڀڄي وڃن. (فعلن).
    ڀيٽيو:
    ڪوئن ڏٺي ٻلي، دلڙي ٿين ڍلي.
    آڏواڻي، ڀيرو مل مھر چند: پھاڪن جي پيڙهه. ص ۴


    8. ابو گسي، ڌيءَ وسي.

    بنياد:
    هن پھاڪي جو بنياد، ڏيتي ليتي آهي. ڇو جو ڏيتي ليتي هلائڻ ڪري، پيءُ جي هڙ گسي ٿي ۽ ڌيءُ ورسي ٿي.
    پھاڪي جي ٻي ڪا مراد ڪانھي.
    ڏيتي ليتيءَ تان ٻيا هيٺيان پھاڪا آهن:
    1- بابا گهر گهوڙي ته ڪا مون هڻ هڻ؟
    2- پٽ وڻي کٽيءَ وارو، ننھن وڻي لڌيءَ واري.


    9. اٽو کاڌو ڪئي، مار پيئي گابي تي.

    بنياد:
    هڪڙو ڪئو، ڪنھن ماڻھوءَ جو اٽو کائي، پوءِ ٿورو اٽو سندس گابي جي ٻوٿ کي لائي وڃي پنھنجي ٻِرَ ۾ لڪو. ڪنھن وقت گهر جو مالڪ آيو ۽ گابي جي ٻوٿ کي اٽو لڳل ڏسي، ڀانيائين ته اٽو گابي کاڌو آهي سو يڪدم ڪاوڙجي هن تي لٺين جو وسڪارو لاتائين.
    انھيءَ آکاڻيءَ تان اهو پھاڪو چوڻ ۾ آيو ۽ ڪم تڏهن آڻبو آهي، جڏهن هڪڙي جي ڏوهه لاءِ ٻيو جٺ پرائيندو آهي.


    10. اُٺ پٺيان گهنڊڻي

    بنياد:
    ڪنھن ماڻھوءَ جي اُٺِ ستئين مھيني هئي، پر هن کي ڪيڏانھن ضروري وڃڻو هو، سو لاچار ان تي چڙهي ويو. جڏهن ڪم لٿس ۽ گهر ڏي موٽڻ جو سعيو ٿي ڪيائين، تڏهن اُٺ ويم ڪيو. جنھن ڪري هن کي اتي وڌيڪ ٽڪڻو پيو. هڪڙي ڏينھن ڪنھن سنگتيءَ چيس ته؛ ”هاڻي تنھنجي اُٺِ، پنڌ ڪرڻ جھڙي آهي، تون بيشڪ مٿس چڙهي وڃ.“
    تنھن تي چيائين ته؛ ”ادا! آءٌ ته اُٺِ تي چڙهي وڃان، پر هوءَ گهنڊڻي جا پٺيان ٿينديم، تنھن کي ڪير هنج کڻندو؟“ (کيمچند ڏيئل مل)
    جڏهن ڪنھن کي ننڍي ڄمار واري ڪنوار ملندي آهي ته تڏهن اڪثر ائين چوندا آهن. ٻار، مائٽ پٺيان ڪاهي پوي ته چون ته؛ ”پٺيان گهنڊڻي ٿي لڳو اٿم.“
    ڏکيا لفظ:
    گهنڊڻي معنيٰ ٻچو يا گورو.
    ننڍي ڄمار واري ڪنوار معنيٰ هنج ۾ کڻي گهمائڻ جيڏي.


    11. اُٺ نه رٺا، ٻورا رٺا.

    بنياد:
    ڪنھن جت، هڪڙي واڻئي سان بار کڻي ٻئي هنڌ پڄائڻ جي ٻول ڪئي هئي. پر ٻوريون هيون تمام ڀاري، سو اٺن کي جيئن تيئن لڏي، گلو ڪاهي هليا ته اٺ مھار ڇنائي رستو ڇڏي هليا ۽ ٻوريون ڪيرائي وڌائون. واڻئي چيو ته؛ ”اُٺ رٺا وڃن ٿا.“
    تنھن تي جت اهو پھاڪو چيو ته؛ ”اُٺ نه رٺا آهن، ٻورا رٺا آهن.“
    اهو پھاڪو تڏهن ڪم ايندو آهي، جڏهن هڪڙي جو ڏوهه ٻئي تي کڻي مڙهيندا آهن. (ڪوڙو مل چندن مل)
    ڀيٽيو:
    تون ڇٽ مان ٺڳ ئي سهي.


    12. اَٺي آني پڳڙي، رپيو ٻڌاڻي، ڪري پيئي کوهه ۾، ٻه روپيا ڪڍاڻي.

    ڳالهه پھاڪي مان پڌري آهي.
    ڀيٽيو:
    1- ڪسيري جي ڪتي، ٽڪي جا ٽڪر کائي.
    2- ٽڪي ڪي مرغي، ڇھ ٽڪا محصول.


    13. اُٺي بُھَه چُٺي

    بنياد:
    هڪ لڱا، سانوڻ جي مھيني ۾، ڏاڍي برسات پيئي. هڪڙي واپاريءَ، بھه جون گاڏيون پنھنجي ڪارخاني جي اڱڻ ۾ لھراهيون هيون. تنھن کي اچي ڊپ لڳو ته؛ الاجي منھنجي ماڻھن بھه اندر ڀانڊن ۾ رکايو يا برسات ۾ لڙهي ويو. سو ويچارو برسات ۾ ڊوڙندو پنھنجي ڪارخاني ڏي ويو. اتي وڃي ڏسي ته بھه سلامت پيو آهي ۽ ڪارخاني اڳيان نه ڪا گپ نڪو پاڻي آهي. تڏهن وائڙو ٿي پنھنجي ڪنھن نوڪر کان پڇيائين ته؛ ”هتي برسات پيئي ڪا نه ڇا؟“
    نوڪر چيو؛ ”سائين! اٺي بھه چٺي. يعني برسات پيئي برابر. پر جيڪا پيئي، سا بھ چھي ويو.“
    ھيءُ پھاڪو انھيءَ معنيٰ سان ڪم آڻبو آھي ته جا ڳالھ ٿي گذري تنھن جو وري ذڪر نه ڪجي.
    ڀيٽيو:
    1- گذري کي ياد نه ڪجي جا گذري سا چوکي.
    2- ويئي تٿ ٻانڀڻ به نه واچي.


    14. اپڻا مال ھئي، روئسان به کائسان به.

    بنياد:
    ھڪڙي ماڻھوءَ، بصرن سان ماني ويٺي کاڌي. بصرن جي بانس ڪري، جڏھن اکين مان پاڻي وھڻ لڳس، تڏھن کلي ائين چيائين.
    مراد ته؛ ”پنھنجي سنھنجي آھي. کلي به قبولبي، روئي به قبولبي.“


    15. اپڻي گھوٽ ته نشا ٿيويئي.

    بنياد:
    ھڪڙي ماڻھوءَ، ڪنھن کان ڀنگ چڪو سوال ڪري ورتو. جڏھن اھو چڪو چاڙھي رھيو، تڏھن چيائين ته؛ ”ھيءَ ته لڳي ڪين.“
    تنھن تي اڳلي چيس ته؛ ”اپڻي گھوٽ ته نشا ٿيويئي“ يعني پنھنجي ڀنگ گھوٽي پيءُ ته نشو ٿئيئي.
    مراد ته ٻين تي نه ڀاڙجي پر پنھنجا ھڏ ھلائجن ته ڪم دل جاءِ جھڙو ٿئي.


    16. اڃا اٺ ڪڍن سسئي.

    بنياد:
    سسئي جڏھن پنھونءَ لاءِ ڏونگر ڏورڻ ٿي ويئي، تڏھن چيائونس ته؛ ”اڃا تو کي اٺ وڃي ڪيچ تائين ڪڍن ته ٻي ڳالھ آھي، باقي جو تون ڀانئين ته پنڌ وڃي پنھونءَ کي ملان، سو، کچڻي ڪانھي جو کائي وٺبي، يا اڪ جي ماکي نه آھي جا لاھي وٺبي.“
    مراد ته؛ جڏھن جوڳا جتن ڪجن ۽ سڀيئي حالتون سڻايون ٿين، تڏھن ڪم ٿيندو. جھٽ پٽ جو ليکو نه آھي.


    17. ادي ادي اتراڻ، چي؛ ”مون ته اھو ئي منو ماڻ“.

    بنياد:
    ڪنھن مائيءَ کي سيڻڪي گھران، اتراڻ جو ڏڻ ٻين گھرن ساريڪو نه مليو ھو، تنھنڪري شوڪي ڦوڪي ويٺي ھئي. انھيءَ ڏينھن، مائيءَ جو ڪو ويجھو عزيز وٽس آيو ۽ گھر ۾ ترن جا ڀوڙينڊا ۽ موڙيون وغيرھ ڏسي پڇيائين ته؛ ”ادي اڄ اتراڻ ملھايو اٿيئي؟“
    ھن مائيءَ چيو ته؛ ”اتراڻ ھجي ڪو ٻيو پرڀ ھجي، اسانکي سيڻڪي گھران شھر کان مڙيوئي گھٽ ملي.“
    تنھن تي سندس عزيزي ائين چيو.
    ھي زنانو پھاڪو آھي ۽ گھٽ ڏڻن ملڻ تان زالون اھو پھاڪو ڏينديون آھن. ڪن کي جي سيڻڪي گھران بلڪل ٿورو ملندو آھي يا جي بنھ ڪجھ به نه ملندو آھي ته چون ته؛
    ”سڃا ڄاوا سڃ کي، نه دان کي نه پڃ کي.“
    ڏکيا لفظ:
    بلڪل ٿورو معنيٰ اصل نه ملڻ جھڙو.


    18. اسان ڀانيو ھار، پر سڳو ئي سورن جو.

    بنياد:
    ھن پھاڪي جو بنياد، ليلا چنيسر جي قصي تي ٻڌل آھي ۽ ڀانئجي ٿو ته شاھ جي رسالي جي ھيٺين تڪ مان ٺاھيو اٿن.
    ”تو جو ڀانيو ھار، سو سورن جو سڳڙو.“
    ليلا ھار وٺي ڪونروءَ کي چنيسر ڏنو ھو، پر چنيسر مرڳوئي کيس ڏھاڳ ڏيئي ڇڏيو. جنھنڪري جو ھار سورن جو سڳڙو ٿي لڳس.
    ماءُ جنھن جو پٽ وري ايندو آھي سا به ائين چوندي آھي، جو ماءُ لاءِ پٽ گلي جو ھار آھي.


    19. اَڪ آمو نه ٿئي، توڙي ڦٽي ڪري ڦر.

    ھي پھاڪو اصل ھڪ بيت جي سٽ آھي. (ڏسو شاھ جو رسالو، ٽرمپ صاحب وارو. سر بروو سنڌي ڇوٽڪو – بيت - ۱)
    جنھن جون پھريون سٽون ھيءُ آھن:
    دليون جو دلبر، سو ڪميڻو ئي ڪين ٿئي،
    اڪ آمو نه ٿئي، توڙي ڦٽي ڪري ڦر،
    ڪلر منجھان ڪين ٿئي، توڙي جال پيارينس جر.
    شاعر اھو بيت، ڪميڻي ماڻھوءَ جي سُڀاءَ تان چيو آھي. ڪميڻي ماڻھوءَ کي، ڪيتري به تربيت ڪبي ته به ھو ابتڙ سڌرندو. جھڙو اڪ، جو زھردار آھي سو آمو نه ٿيندو.
    ڀيٽيو:
    عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جاءِ،
    اٺ پوي ڪڻڪ ۾، ته به ڪنڊا چڻ چڻ کاءِ.
    ڏکيا لفظ:
    آمو معنيٰ انب.


    20. اک ٻڌڻ، تپ لنگھڻ.

    ھي حڪمت جو پھاڪو آھي ۽ آزمودو ڪري چيو اٿن. اک اُٿي ته ٻڌجي ۽ تپ ٿئي ته لنگھڻ يا بک ڪڍجي.
    ھن پھاڪي جي ٻي مراد ڪانھي.
    ڏکيا لفظ:
    ٻڌجي معنيٰ پھا پٽيون ٻڌجن.


    21. اک ٺھيئي نه، کٻڙ خان چنڊ ڏٺو.

    بنياد:
    مسلمان چنڊ ڏسي پوءِ روزا ڇوڙين ۽ عيد ڪن. ھڪ لڱا، ڪن مسلمانن چنڊ لاءِ آسمان ڏي پئي نھاريو ته کٻڙ خان نالي ھڪ ڪاڻي وچ ۾ ٽِٻُ پڙھيو ته؛ ”اجھو، ھيئنر چنڊ نڪتو آھي.“
    تنھن تي ٻين ائين چيس جو ٻئي ڪنھن کي به چنڊ ڏسڻ ۾ نه ٿي آيو.
    جنھن ماڻھوءَ کي ڪنھن ڳالھ جي خبر پوڻ جو امڪان ئي نه ھوندو آھي، سو جي کٻڙ خان وانگر زٽ ھڻي چوندو آھي ته؛ ”ھائو، مونکي خبر آھي“ ته ائين چوندا اٿس.


    22. اڳين پاڻي، پوين چڪ.

    بنياد:
    هڪڙو وهٽن جو ڌڻ، ڪنھن تلاءَ تي پاڻي پيئڻ ويو. تلاءَ ۾ پاڻي تمام ٿورو هو. تنھنڪري جيڪي وهٽ ڊوڙي اڳ ۾ تلاءَ تي ويا، تن کي پاڻي پيئڻ لاءِ مليو ۽ ٻين کي چڪ چٽڻي پيئي.
    مراد ته ڪم ۾ ڍرائي نه ڪجي ۽ سدائين ڦڙت رهجي.
    ڏکيا لفظ:
    چڪ معنيٰ گپ.


    23. اگهائي ته ڪچ، نه ته ماڻڪن موٽ ٿئي:

    هيءُ اصل شاهه جي رسالي جي تڪ آهي، جنھن ۾ پوءِ ڦير ڦار ڪئي اٿن. اصل بيت آهي ته:
    اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،
    پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.
    پھاڪي جو مطلب آهي ته؛ ڌڻي بي نياز آهي. ڪن جو ڪچ به کنيو قبولي ۽ ڪي ماڻڪ پيش ڪن ته انھن جا اهي به نه اگهن.
    ڀيٽيو:
    چائت پائي چت ۾، سنھو ڪتيو جن،
    تن جو صرافن، دڪو داخل نه ڪيو.

    محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،
    تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو.


    24. اگهه ڪنھن وڌو؟ چي؛ ”جنھن جي نه سري.“

    ڳالهه پھاڪي ۾ ئي پيئي آهي.
    ڪا به شيءِ، ضرور کپندي آهي ته ماڻھو پئسي هٿڻ، ٽڪو ڏيئي به وٺندا آهن. هڪواريءَ اهو اگهه نڪتو ته پوءِ، دڪاندارن کي به گهٽ اگهه تي اها شيءِ ڏيندي ٻرو پيو لڳندو.
    جڏهن ضروري کپ ڪري ڪا شيءِ ڳري ناڻي وٺبي آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.


    25. اڱر ڪوسا ته هٿ ساڙين، جي ٿڌا ته هٿ ڪارا ڪن.

    هيءُ پھاڪو حالت ڏسي چيو اٿن. ٽانڊو هٿ ۾ کڻبو ته هٿ سڙندو ۽ جي ٽاندو وسائي ٿڌو اڱر ڪري کڻبو ته هٿ کي ڪارنھن لڳندي.
    مراد ته بڇڙو ماڻھو، نه دوست چڱو نه دشمن چڱو. اهڙي جي صحبت، جھڙي ڪتي جي صحبت.
    سمن پريت سُوان ڪي، دونون باتين دک،
    کيجي ته ڪاٽي پائون، ريجهي ته چاٽي مک.
    يعني ڪتو جي ڪاوڙبو ته ڄنگهه ڦاڙيندو ۽ جي ريجهندو ته اچي منھن چٽيندو.


    26. ”امان ساهري گهر مون سان ٻيا ته وڙهن پر ساهري چائنٺ به وڙهي.“

    چي؛ ”ڇوري! تو ۾ به ڏوهه ڪين، رڳو چائنٺ ۾ ڏوهه؟“
    ڳالهه پھاڪي ۾ ئي پيئي آهي.
    ڇوڪري پنھنجي غفلت کان چائنٺ سان لڳي ته ان ۾ چائنٺ جو ڪھڙو ڏوهه؟ کيس سنڀالي هلڻ کپندو هو.
    ساڳيءَ طرح جو ماڻھو، پنھنجو ڏوهه نه ڏسي ۽ رڳو ٻين تي الزام رکي، تنھن بابت ائين چئبو آهي. (زنانو پھاڪو)


    27. انڌا بي ايمان ٿيندا آهن.

    اصل هندي؛ انڌا بي ايمان.
    بنياد:
    فئلن صاحب هن پھاڪي جي معنى سمجهائيندي لکي ٿو ته؛
    هڪڙو انڌو ڪنھن مجلس ۾ ويو. جڏهن کائڻ پائي ڏنائونس، تڏهن شڪ پيس ته؛ ”متان ٻيا ماڻھو ٻنھي هٿن سان کائيندا هجن.“
    تنھنڪري پاڻ ٻنھين هٿن سان ڳٽيون ٺاهي کائڻ لڳو.
    وري دل ۾ آيس ته؛ ”متان ٻيا هٿن سان گڏ، وات به ٿالھيءَ ۾ وجهندا هجن.“ تنھن ڪري پاڻ ائين ڪرڻ لڳو.
    پوءِ وري دل ۾ آيس ته؛ ”متان ٻيا کائڻ سوڌي ٿالھي، گهر کڻي ويندا هجن.“ تنھنڪري پاڻ ٿالھي کڻي اٿي ڀڳو.
    مراد ته ڪنھن به ڳالهه ۾، ماڻھوءَ جو ايمان تڏهن ٿو ٻجهي، جڏهن اکين سان ٿو ڏسي.


    28. انڌو ڇوڪر، لائو ڏوڪڙ؛ ٽڪاڻي جي ارداس.

    هيءُ پھاڪو، حالت ڏسي چيو اٿن. گهڻا ماڻھو، سچ پچ ائين ڪندا آهن جو ڇوڪرو اکين کان سڄو ٿي پوين ته هن کي ٻائي جو وڃي چيلو ڪن ۽ ۽ لمو ڏوڪڙ ڪٿي نه ملين ته ٻائي جي ارداس رڪي مٿو ٽيڪي ايندا.


    29. انڌو ھاٿي لشڪر جو زيان.

    بنياد:
    چون ٿا ته ھن پھاڪي جو بنياد ھيٺين تواريخي ڳالھ تان آھي.
    سڪندر بادشاھ ۽ پورس جي وچ ۾ جڏھن لڙائي لڳي ھئي، تڏھن پورس پنھنجي لشڪر جي اڳيان ٻه سؤ ھاٿي قطار ڪري بيھاريا ھوا. پر سڪندر جي لشڪر، ھاٿين کي اھڙا تير ھنيا جو ھاٿي اچي ڇتا ٿيا ۽ اھڙو انڌ کڻي وين، جو ڦيرو کائي پورس جي ماڻھن تي ڪاھي پيا. پوءِ الائي ڪيترو سندس لشڪر زيان ڪري ڇڏيائون.


    30. انڌير نگري، چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا.

    اصل ھندي: انڌير نگري، چؤپٽ راجا، ٽڪي سير ڪڪڙي، ٽڪي سير کاڄا.
    مراد ته؛ جتي نياءُ ڪونھي ۽ جتي رڍون سڀ ٻوٿ-ڪاريون، اتي ڪميڻي ۽ اشراف جو تفاوت نڏ ھوندو. تنھنڪري اھڙي ھنڌ يا صحبت کان گوشو ڪجي.
    ڀلي بري جھان ايڪ سي، تھان نه بئسي جاءِ،
    جيون انياءُ-پور مين بِڪي کَڙُ گُڙُ ايڪي ڀاءِ.
    بنياد:
    انڌير نگريءَ جو قصو ھن طرح آھي.
    ھڪڙو گرو ۽ ٻيو سندس چيلو، سانگي سان انڌير نگريءَ ۾ وڃي لٿا. جڏھن بک لڳين تڏھن چيلو بزار ۾ جيڪا شيءِ گھري سا چونس ته؛ ”ٽڪي سير!“
    ھيءُ ٻه چار ٽڪا ڏيئي، ٻه چار سير مٺائيءَ جا وٺي ويو، ۽ گروءَ سان شھر جي اگھ-پار جي وڃي ڳالھ ڪيائين.
    گروءَ چيس؛ ”ٻچا! ھتي رھڻ پنھنجو ڌرم نه آھي. ھتان ڀڄ ته ڀڄون.“
    چيلو چوي ته؛ ”سائين ھھڙا سستا مال ڇڏي آ نه ھلندس!“
    گرو پوءِ کيس ڇڏي پاڻ ڪنھن پاسي نڪري ويو ۽ چيلي سستا مال کائي اڻاسي مٽي پئي چاڙھي.
    ھڪڙي ڏينھن انھيءَ نگريءَ جي سواميءَ راجا چرٻٽ سان ڪنھن ڳالھ ڪئي ته؛ ”فلاڻي جي پٽ مٿان ڀت ڪري پيئي ۽ ھو مري ويو.“
    راجا ڪاوڙجي حڪم ڏنو ته؛ ”يڪدم ڀت کي ڦاھي ڏيو!“
    درٻارين چيو ته؛ ”ڀت کي ڦاسي اچي ڪين سگھندي.“
    تڏھن حڪم صادر ٿيو ته؛ ”جنھن رازي اھا ڀت جوڙي ھئي تنھن کي ڦاھيءَ تي چاڙھيو!“
    راجا جا ماڻھو امالڪ انھيءَ رازي کي ڳولي وٺي آيا. تنھن چيو ته؛ ”سائين! اوساري کڻڻ مھل گھر-ڌياڻيءَ جا ڳھ ٺھي آيا ھوا سو شايد مڻين ۾ خيال ھئڻ سبب ڀت ۾ ڏنگ رھجي ويو.“
    راجا حڪم ڪيو ته؛ ”انھيءَ صورت ۾ سوناري کي ڦاسي اچڻ گھرجي.“
    سوناري حاضر ٿي چيو ته؛ ”جيئندا قبلا! مون کي به مڻيا جڏھن مالڪن ٺاھڻ لاءِ ڏنا تڏھن مون ٺاھيا. نه ته جيڪر مان ڇو ٺاھيان ھا؟“
    راجا چيو ته؛ ”ھن جو اھو چوڻ واجبي آھي. انھيءَ گھر جي مالڪ جي اھا سڀ بيوقوفي آھي. تنھنڪري ھنکي ڦاھيءَ تي چاڙھيو.“
    گھر جي مالڪ درٻار ۾ حاضر ٿي چيو ته؛ ”حضور پٽ به منھنجو مئو آھي ۽ ڦاسي به مون کي ٿا ڏيو.“
    ھن ويچاري گھڻو ئي پڪاريو، پر ٻڌيس ڪير؟ آخر ھن کي ڦاسي ڏيڻ لاءِ وٺي ويا. پر رسيءَ جو منھن ھئو ويڪرو ۽ ھن جي ڳچي ھئي سوڙھي. تنھنڪري راجا حڪم ڏنو ته؛ ”جنھن کي ڦاھي ٺھي اچي تنھن کي وڃي لڙڪايو.“
    سڄي شھر ۾ گروءَ جي چيلي جھڙو سٽر-وٽر ٻيو ڪو نه ھو. تنھنڪري ھنکي وڃي جھليائون. چيلو اوڏي مھل گروءَ جي ڳالھ دل تي آڻي ٻڪَ پاڻيءَ جا روئڻ لڳو. چي؛ ”نانگ تي پير پيم، جو ھن نگريءَ ۾ رھيس.“
    اتفاقًا انھيءَ ڏينھن گرو پنھنجي چيلي جو واءُ-سواءُ لھڻ لاءِ موٽي انھيءَ نگريءَ ۾ آيو. چيلي کي گرفتار ٿيل هسي ھن احوال پڇيس ۽ پوءِ چيلي کي اھڙو ڪو اشارو ڪيائين جو چيلو چوڻ لڳو ته؛ ”بيشڪ مون کي ڦاسي ڏيو.“
    گروءَ چيو ته؛ ”ھن کي ڇڏيو ۽ مون کي ڦاسي ڏيو.“
    آخر اھا ڳالھ راجا جي ڪن تائين ويئي. تنھن انھيءَ ردل-بدل جو سبب پڇيو.
    گروءَ چيو ته؛ ”سائين! اڄوڪي ڏينھن جو اھڙو مھا تم آھي جو جيڪو سوريءَ تي چڙھندو سو اڻ-پڇيو سرڳ ۾ ويندو.“
    راجا چيو ته؛ ”جي ائين آھي ته وچان ئي آ ٿو سوريءَ تي چڙھان.“
    پوءِ ته ھڻي راجا کي لڙڪائي ڦٽو ڪيائون.


    31. اڻائي به ويئي، تڻائي به ويئي، وري ڪپھ جي ڪپھ.

    بنياد:
    ھڪڙي آفيميءَ کي ڪٿي لگھوشنڪا ڪندي پنڪي لڳي ويئي. اوچتو ھڪڙو ماڻھو اتان لنگھيو. تنھن سندس مٿي تان پڳڙي لاهي، ڪپھه جي پوُڻي مٿس رکي. ٿوري کان پوءِ، جڏهن پنڪي کليس، تڏهن پڳڙيءَ بدران پوڻي ڏسي، تپرس کائي هي پھاڪو چيائين.
    يعني ڪپھه ڪتجي سٽ ٿيو ۽ سٽ اُڄي ڪپڙو ٿيو، سو پورهيو سڀ ويو؛ وري ڪپھه ٿي پيئي. (گلشڪر)
    سمجهاڻي: ڪو ماڻھو ڏاکڙا پٽي پنھنجي حالت سڌاري ۽ پوءِ اهڙي ڪنھن چڪر ۾ اچي وڃي، جو محنتون برباد ٿي وڃنس ۽ موٽي وڃي پنھنجي اڳوڻي حال کي رسي، تڏهن ائين چئبو.


    32. اونڌيون پاٽيون، پاسيرا ٽويا.

    بنياد:
    هڪڙي ماڻھوءَ آوتون اَن تمام سستي اگهه ۾ وڪڻيو هو. جڏهن اَن ڏيڻ جو مدو آيو، تڏهن ان جو اگهه ڏاڍو وڌيل هو. جنھنڪري وڪڻندڙ کي گهڻو نقصان ٿي پيو. پر سٽي موجب ٺھرايل اگهه ۾، اَن ڏيڻ لاءِ ٻڌل هو. تنھنڪري ڇا ڪيائين جو اَن مئڻ مھل، پاٽيون اونڌيون ۽ ٽويا پاسيرا ڪري مئڻ لڳو. اَن جي خريدار وڃي قاضيءَ وٽ دانھن ڪئي. جوابدار چيو ته؛ ”اگهه جيڪو هي چوي ٿو سو مون برابر قبول ڪيو هو پر اها ٻول ڪا نه ڪئي هئم ته اَن ڪھڙي طرح مئي ڏيندس، تنھن ڪري منھنجي خوشي ڪئن به ميان.“
    جڏهن ڪو تور پوري نه ڏيندو آهي ۽ گهوٻي هڻندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.


    33. اها دعا، دل سان ئي نٿي لڳي.

    بنياد:
    ڪنھن شخص جي زال مري ويئي هئي ۽ جيتوڻيڪ انھيءَ مان ڪو اولاد ڪو نه هوس ته به وري شادي ڪرڻ جو خيال اصل لاهي ڇڏيو هئائين. هڪ ڏينھن بازار مان لنگهندي ڪنھن فقير سائينءَ جو نالو وجهي پئسو گهريس. هن تت وهندي پئسو ڏنس. تنھن تي فقير خوش ٿي دعا ڪيس ته؛ ”شل ست-پُٽيو ٿيندين.“ تڏهن کلي فقير کي ائين چيائين.
    جڏهن ڪو چوي ته؛ ”فلاڻو ڪم ٿيندو.“ پر جيڪي حالتون هجن، تن موجب انھيءَ ڪم ٿيڻ جو امڪان ڏسڻ ۾ نه اچي، تڏهن ائين چئبو آهي.


    34. اها ڪڪڙ ئي مري ويئي، جا سونا آنا ڏيندي هئي.

    بنياد:
    اصل هيءُ پھاڪو انگريزيءَ مان ترجمو ٿيل آهي ۽ بنياد هن طرح اٿس:
    ڪنھن ماڻھوءَ وٽ هڪ هنس پکي هو، جو ڏهاڙي هڪ سونو آنو ڏيندو هو. هڪڙي ڏينھن، هن شخص کي دل ۾ آيو ته؛ ”هيءُ پکي جو روز هڪڙو آنو ٿو ڏئي، تنھن کان هڪ ٻڪي سڀيئي آنا پيٽ مان ڪڍي وٺانس.“
    هن پوءِ پکيءَ جو پيٽ چيري ڏٺو ته؛ ڪي ڪين هو.
    هيءَ ڳالهه اهڙي پيئي لڳي جھڙي؛ ”اڌ کي ڇڏي سڄيءَ ڏي ڊوڙي، تنھن جو اڌ به وڃي.“
    پر پھاڪو انھيءَ معنى سان ڪم آڻبو آهي ته؛ اڳيان چڱا ڏينھن لنگهي ويا، هينئر ڪٺن زمانو آهي.
    ڀيٽيو:
    1- اهي لالڻ ئي لڏي ويا.
    2- اهي دفتر ئي ڪتا کڻي ويا.
    3- اهي تنيا ئي مري ويا، جي گهٽا ڏيندا هئا.


    35. اهڙو ڪم ڪجي، جو لعل به لڀي پريت به رهجي اچي.

    بنياد:
    هڪڙا چار ڄڻا پاڻ ۾ سنگتي هئا. هڪڙو هو بادشاهه جو پٽ، ٻيو وزير جو، ٽيون قاضيءَ جو ۽ چوٿون ڪوٽوال جو. هڪڙي ڏينھن جهنگ جهريندي ڪٿي رات پين. سو واري وٽيءَ هڪٻئي تي پھرو ڏيڻ لڳا. پھريائين شھزادو پھري تي بيٺو ۽ ٻيا ٽي سمھي پيا. ڪنھن وقت پھري ڏيندي، شھزادي جي ڪن نانگن تي نظر پيئي جن چانڊوڪيءَ ۾ مڻ سان پئي راند ڪئي. شھزادي ڪا تجويز ڪري اها مڻ هٿ ڪئي.
    اهڙيءَ طرح ٻيا ٻه، واري سان جاڳيا تن به هڪڙي هڪڙي مڻ هٿ ڪئي.
    پڇاڙيءَ ۾ ڪوٽوال جي پٽ به اُٿي مڻ هٿ ڪئي. پر هن کي دل ۾ آيو ته؛ ”ڏسان ته منھنجن سنڱتين به مڻ هٿ ڪئي آهي يا نه.“ هن پوءِ سڀني جا وڃي وسلا ڦولهيا ۽ ٽنھي جون لعلون کڻي پنھنجي سٿڻ جي ابداڻي اندر وجهي ڇڏيائين.
    صبح جو هر ڪنھن پنھنجي لعل گم ٿيل ڏسي، دل ۾ چيو ته؛ ”چور ته اسان مان ئي ڪو آهي.“ تنھن ڪري؛ ”مٺي به ماٺ مٺي به ماٺ“ ڪري پنڌ پيا.
    جڏهن ڪنھن شھر ۾ پھتا، تڏهن هر هڪ پنھنجي روءِ سوءِ اتي جي بادشاهه کي وڃي چيو ته؛ ”منھنجي لعل ويئي آهي پر مھرباني ڪري اهڙو ڪم ڪجو جو لعل به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي.“
    انھيءَ بادشاهه جي نياڻي ڏاڍي سياڻي هئي. تنھن پيءُ کي چيو ته؛ ”انھيءَ ڳالهه جو آءٌ نبيرو ڪنديس.“
    بادشاهه پوءِ هنن کي پنھنجي نياڻيءَ ڏانھن منھن ڏنو. شھزاديءَ چين ته؛ ”اوهين اٺ ڏينھن مون وٽ مھمان ٿيو پر هن ريت جو روز اوهان مان هڪڙو ڄڻو واري سان مون وٽ اچي ماني کائي ۽ ٻين ٽن جي ماني کڻي وڃي.“
    پھرين شھزادو آيو. شھزاديءَ پنھنجي هڪ لعل کڻي شھزادي جي اڳيان رکي. شھزادي ڪڏهن عمر ڀر پرائيءَ شيءِ کي هٿ نه لاتو هو. تنھن لکايو به ڪين ته؛ لعل پيئي آهي يا ڀتر پيو آهي.
    ٻئي ڏينھن شھزاديءَ وزيرزادي اڳيان ٻه ۽ ٽئين ڏينھن قاضيءَ جي پٽ اڳيان ٽي لعلون رکيون. پر هنن به گگ نه ڳاڙي.
    چوٿين ڏينھن ڪوٽوال جو پٽ آيو. تنھنجي اڳيان به شھزاديءَ ٽي لعلون رکييون. پوءِ ٻين وانگر هن کي شراب پاڻي پيارڻ لڳي. چوندا آهن ته؛ ”مڌ پيوڻ، ذات پرکڻ“. شراب جي نشي وچان، ڪوٽوال جي پٽ شھزاديءَ کي چيو ته؛ ”تو وٽ رڳيون ٽي لعلون آهن پر مون وٽ سڄون چار آهن. سي به تنھنجن لعلن کان سٺيون.“ ائين چئي ابداڻي مان چار ئي لعلون ڪڍي ڏيکاريائينس.
    شھزاديءَ اهي لعلون وٺي هٿ ۾ڪيون. ٻئي ڏينھن وري شھزادو آيو. تنھن کي لعلون ڏيکاري چيائين ته؛ ”سڃاڻ ته تنھنجي لعل ڪھڙي.“ هن جهٽ پنھنجي لعل سڃاڻي هن کان ورتي.
    اهڙيءَ طرح سڀني کي پنھنجي پنھنجي لعل ملي ۽ هنن جي پريت به رهجي آئي.
    مراد ته؛ هڪ ٻئي ۾ ڪو معاملو پوي ته ميٺ محبت ۾ نبيرجي ۽ اٻھرائي ڪري ڪنھن سنگتيءَ کي اُڀري نه وٺجي.


    36. اهو ئي هٿ کير ۾، اهو ئي هٿ نير ۾.

    بنياد:
    چون ٿا ته هن پھاڪي جو بنياد؛ ڪربلا وارو قضيو آهي.
    امام قاسم جڏهن شھيد ٿيو هو تڏهن سندس وهانءَ جا ساٺ سنوڻ اڃا پورا ڪين ٿيا هئا. جنھن ڪري اهلبيت يعني نبي صاحب جي آڪھه جي ماڻھن جو هڪڙو هٿ شاديءَ جي ساٺن سنوڻن لاءِ کير ۾ هو ۽ ٻيو هٿ امام جي شھيد ٿيڻ ڪري نير ۾ هو، جو ماتمي ويس نير ٻڏل ڪيائون.
    ڪنھن جي گهر ۾، ڪنھن عزيز جي موت ڪري، پٿر پيو هجي ۽ اتيئي ان جي شاديءَ جو سانباهو ٿئي، تڏهن ائين چئبو آهي.


    37. ايڪ پنٿ، دو ڪاج.

    بنياد:
    هڪ لڱا مٿرا جي گوالڻين پاڻ ۾ چيو ته؛ ”اهڙي پاسي کير وڪڻڻ هلون، جو کير به وڪڻي اچون ۽ برج راج جو درشن به ڪري اچون.“
    تنھن تي هڪ ڪويءَ چيو آهي ته:
    چلو سکي وهان چلين، جھان بسي برج راج،
    گؤ-رس بيچت هري ملي، ايڪ پنٿ دو ڪاج.
    مٿيون پھاڪو انھيءَ سلوڪ جي پوئين تڪ آهي.
    ڏکيا لفظ:
    پنٿ معنى پنڌ.
    گؤ-رس معنيٰ گئوءَ جي رس يعني کير.
    گوالڻين معنيٰ کير وارين.
    برج راج معنيٰ سري ڪرشن.


    38. بادشاهين پوندي معاملي، ڄٽي ڪير ويچاري.

    بنياد:
    ڪنھن غريب ڄٽيءَ تي ڪوڙي چوريءَ جي تھمت رکي کڻي جهليائونس. پاڙي وارن اچي سندس دل ٺارڻ لاءِ چيو ته؛ ”ويچاري ناحق اچي ڦاٿي آهي.“
    تنھن تي اها چوڻي آهي ته؛ ”بادشاهن تي معاملا جهلي ٿا اچي پون. هيءَ ويچاري ڄٽي ڪير آهي.“ يعني وڏن پڄنديءَ وارن کي ڏک ۽ آپدائون ڀوڳڻيون پون ٿيون. سو هيءَ غريب ڄٽي ڪير آهي جا نه ڀوڳي. (ڪوڙو مل چندن مل)
    ڀيٽيو:
    هيءَ ڪميڻي ڪير جا اَمر کي آڏي ڦري. (شاهه لطيف)


    39. باسڻ هڪڙو کڻي، ٺڪر گهڻن کي اچي.

    بنياد:
    ماڻھن جي واتان عام ٻڌو ويو آھي، سي چون ٿا ته؛
    سسئيءَ جي درگاهه ۾ اڳي جيڪو رهگذر وڃي رهندو هو تنھن کي ٻه مانيون ۽ کير جو ڪٽورو ازغيبي ملندو هو. هڪ لڱا ڪنھن مسافر کي ڪٻڌ پيئي سو اهو ڪٽورو کڻي ويو. ان کانپوءِ مسافرن لاءِ ٺڪر جي وٽي ۾ کير پئجي ايندو هو، تنھن تان پھاڪو پيو.
    ڪي چون ٿا ته؛ ”اهو ٺڪر جو وٽو به ڪو کڻي ويو. تنھن کان پوءِ مانيون ۽ کير اچڻ اصل بند ٿي ويو.“
    تنھن تان پھاڪو پيو ته؛ ”وٽو کڻي هڪڙو، واٽ وڃائي سڀن جي.“
    ڏکيا لفظ:
    ٺڪر ڏيڻ معنى ڪلنڪ يا ٽِڪو ڏيڻ.
    ڪُٻڌ معنى


    40. بڇڙو ڪتو، ڌڻي پُڻائي.

    بنياد:
    ٻه ڄڻا واٽ وٺيو پئي ويا ته ڪنھن گهر مان هڪڙو ڪتو نڪري انھن کي ڏاڙهڻ ٿي آيو. تنھن تي انھن مان هڪڙي ڪتي کي ڀونڊو ڏيئي چيو ته؛ ”لعنت آهي، تنھنجي ڌاريندڙن کي.“ پوءِ ته لٺ ٿي مغز ۾ ٺڪاءُ ڪرايائينس.
    سنگتيءَ چيس ته؛ ”هيءُ ڪتو ڏاڙهيندو ڪين. تنھنڪري ڌڪ نه هڻيس. اسانجي فلاڻي سنگتيءَ جو ڪتو آهي.“
    هن پوءِ لٺ ڪري هيٺ ڪئي ۽ ڪتي کي چيائين ته؛ ”ڪتا تو نه منھن تنھنجي ڌڻيءَ منھن.“ يعني ته؛ ”توکي ڪو نه ٿو ڏسان پر تنھنجي ڌاريندڙ جي لحاظ ڪري تو کي لٺ نه ٿو هڻان.“
    ڏسو ته ڪتو بڇڙو ٿي راهه ويندن کي ڏاڙهڻ ٿي ويو، تنھنڪري پنھنجي ڌاريندڙ کي پڻايائين. ساڳيءَ طرح جي اولاد بڇڙي هلت ٿو هلي ته پنھنجن مائٽن کي گلارو ٿو ڪري.
    ڏکيا لفظ:
    پڻائڻ معنى گاريون ڏيارڻ، بدنام ڪرڻ.


    41. ٻارهن گدرا، تيرهن لاڳدار.

    بنياد:
    ڪنھن شھر جي ٻاهران، ڪي سومرا گدرا هنداڻا کڻي اچي وڪڻندا هئا. شھر جي عملدارن سان ٺاهه هوندو هون تنھنڪري ڪو ڀونءِ-ڀاڙو يا ٽول ڀرڻو ڪو نه پوندو هون.
    هڪ لڱا هڪ سومرو ٻارهن گدرا کڻي اچي وڪڻڻ ويٺو ته قاضيءَ جوماڻھو آيس ته؛ ”چار گدرا سٺا ۽ مٺا ڏي.“
    اهي اڃا ڏنائين ته مٿان ڪوٽوال جو ماڻھو چئن گدرن لاءِ آيس. هن چيو ته؛ ”اڄ گدرا ٿورا آندا اٿم. هڪ هڪ وٺي وڃو.“
    اڃا انھن کي روانو ڪيائين ته ٻين ڪامورن جا ماڻھو آيس. ويچاري سومري انھيءَ ڏينھن وڪري ڪا نه ڪئي. ٻارهان ئي گدرا سوالين ۾ ويس. هو پوءِ خالي کٿو ڪلھي تي رکي، گهر ڏي ٿي ويو ته هڪ چوڪيدار اچي بيٺس ته؛ ”گدرو ڏي.“
    سومرو سنھن قسم کڻي ته؛ ”گدرو ڪونھي.“ پوءِ هو مڃيس ئي نه.
    آخر سومري انجام ڪيس ته؛ ”سڀاڻي توکي ڏيندس. تيستائين منھنجو کٿو ڳھه ۾ رک.“
    ائين ويچارو کٿو ڏيئي جند ڇڏائي ڀڳو.


    42. ٻاليتو؛ نه ماليتو.

    بنياد:
    هڪڙو وڏ-آڪاهيو واڻيو هو، جنھن کي آس پاس ڳوٺن وارا سڀ وڏو شاهوڪار ڀانئيندا ها. تنھن وٽ ڪو غرضائو هڪ هزار رپين اڌاري گهرڻ لاءِ ويو. هن چيو؛ ”مون وٽ پيسو ڪونھي.“
    ٻيو ماڻھو ويٺو هو تنھن چيو ته؛ ”اها ڳالهه وسھندو ئي ڪو نه ڇو ته ماڻھن جي تو ۾ وڏي نظر آهي.“
    تنھن تي هن اهو پھاڪو ڏنو آهي ته؛ وڏي عيال وارو يعني گهڻن ٻارن ٻچن وارو، جنھن جو خرچ گهڻو هوندو سو مالدار يعني شاهوڪار نه ٿيندو. (ڪوڙو مل چندن مل)
    ڀيٽيو:
    1- جيڏا ڏوتا، تيڏا ڀوتا.
    2- ايندو سڀڪو ڏسي، ويندو ڪو ئي ڪو نه ڏسي.


    43. ٻاڻيءَ ٻاڻ سٽايو، باز به سٽون ڏي، صاحب سڀن جو هڪڙو، ڏسان ڪئن ڪري.

    بنياد:
    ھڪ شڪاريءَ ڪنھن پکيءَ جي مارڻ لاءِ، ڪمان ۾ تير وجهي اڇليو. مڄاڻ ڪنھن باز جي به انھيءَ ۾ اک هئي، تنھن به پکيءَ پٺيان سٽ ڏني. هڪ الله وارو هي رنگ ڏسي بيھي رهيو.
    چي؛ ”شڪاريءَ جو ڪم، شڪار ڪرڻ تنھن کي به پکي کپي. هوڏانھن باز به بکيو ٿو ڏسجي، تنھن کي به پکي کپي. وري صاحب آهي ديال. مارڻ واري کان رکڻ وارو ويجهو. ويچاري پکيءَ جي پٺيان ٻٽيون آفتون پيئون آهن. ان جو به بچاءُ ٿيڻ کپي. ڌڻي مالڪ جھڙو ٻاڻيءَ جو، تھڙو باز جو، تھڙو ئي پکيءَ جو، هاڻ ڏسان ته هن ڳالهه ۾ ڇا ٿو ڪري.“
    اهي ڳالھيون ڳڻي اهو پھاڪو ڏنائين.


    44. ٻاهر جا کائن، گهر جا گيت ڳائن.

    اصل هندي؛ باهر ڪي کائين، گهر ڪي گيت گائين.
    يعني؛ ٻاهريان يا ڌاريا اچي کائي وڃن ۽ گهر جا ڀاتي ويٺا گيت ڳائين.
    بنياد:
    پھاڪي جو بنياد هن طرح آهي.
    رگهو ۽ چيتن نالي ٻه ڀائر، سانگي سان ڪنھن شھر ۾ ويا. هنن جي اتي ڪن ٽن ماڻھن سان دوستي ٿي، تن جي هڪڙي ڏينھن ماني موڪلايائون. هنن پنھنجي مھمانن لاءِ سانتيڪو پرساد ٺاهيو. اڃا دال رڌي لاٿائون ته مھمان آيا پر ڏهه ڄڻا ٻيا به پاڻ سان وٺي آيا. تڏهن چيتن چيو رگهوءَ کي ته؛ ”هاڻ ڪھڙي صلاح؟“
    ان تي هندي واري به چيو آهي ته:
    تين بلائي تيره آئي، سنو گيان ڪي باني،
    رگهو چيتن ڪو ڪهي؛ ”ڇوڙ دي دال مين پاني.“
    رگهوءَ چيس ته؛ ”ادا صلاح اها آهي ته دال ۾ کڻي پاڻي وجهو.“
    انھيءَ تان هي به چوڻي آهي ته؛ ”تين بلائي تيره آئي ڇوڙ دي دال ۾ پاني.“
    هنن پوءِ دال جو ديڳڙو، سڄو کڻي پاڻيءَ سان ڀريو ۽ ڍنڍ ڪري ويٺا مھمانن کي کارائڻ. اڳيان هو به ڪي ٿر جا ڏڪاريل ٿي ڀانيان، سو رڳو آڻ آڻ پئي پيئي. آخر سڀ اٽو ۽ دال مھمان کائي ويا ۽ هنن ٻن ڀائرن کي بک ماريائون. تنھن تي ٻئي چوڻ لڳا ته؛
    ”تين بلائي تيره آئي، ديکو يھان ڪي ريت،
    باهر والي کا گئي اور گهر ڪي گاوين گيت.“
    (مھراج جنگيرام مٿرا وارو)
    ڏکيا لفظ:
    گيت ڳائين يعني بک ڪڍن.
    سانتيڪو پرساد معنيٰ دال روٽي.


    45. ٻائي ٻير، اڍائي سير.

    ڳالهه پھاڪي ۾ پيئي آهي.
    بنياد:
    ”اي ٻائي! ٻير ٿا وڪامن؟“
    ”ڪھڙو اگهه؟“
    چي؛ ”پئسي يا ٽڪي اڍائي سير.“
    ٻير اهڙا سستا تڏهن ملندا، جڏهن ڪنھن ڪم جا نه هوندا. تنھنڪري هيءُ پھاڪو انھيءَ معنى سان چئبو آهي ته؛ ”آهي ڇا، لڀي ڇا؟“ يعني منجهس ڪي ڪينھي.
    ڀيٽيو:
    1- ڌوڙ ڌاڻيون، اٽي-چاڻيون.
    2- ڌوڙ ڌڪا، دانگيءَ-پڪا.
    3- ڌوڙ ڇائي، ٻڪ اڍائي.


    46. ٻائي جو ٻائو، تيوڻ جو تيوڻ.

    بنياد:
    ڪنھن ٻائي کان پڇيائون ته؛ ”نالو ڇا اٿيئي؟“
    هن چيو ته؛ ”واڱڻ داس“
    هن جي نالي جي اکري معنى آهي؛ سيئل واڱڻ. تڏهن اڳلن ائين چيو. (رام چند مورج مل)
    هنديءَ ۾ به چوڻي آهي ته؛ ”باواجي ڪي باواجي، باجنتري ڪي باجنتري“.
    اهو هن ڪري چيائون جو؛ هڪڙي ٻائي کان ڪن شبد ڪرايا پر ڪو ڍولڪ وڄائڻ وارو ڪو نه هو. تنھنڪري کيس چيائون ته؛ ”ڳاءِ به تون ته وڄاءِ به تون.“
    اهڙيءَ طرح جڏهن ڪنھن کي ٻه جدا ڪم ڪرڻا پون يا ڪا شيءِ ٻن طرح ڪم اچي، تڏهن ائين چئبو آهي.
    ڏکيا لفظ:
    داس معنيٰ سيئل تيوڻ.


    47. ٻليءَ شير پڙهايا، ڦير ٻلي ڪون کاوڻ آيا.

    بنياد:
    هڪڙي ٻليءَ، ڪنھن شينھن جي ٻچي کي چنبن هلائڻ جي واٽ سيکاري. شينھن جي ٻچي کي پوءِ دل ۾ آيو ته؛ ”متان ٻلي وڃي سڀني کي ٻڌائي ته هي منھنجو شاگرد آهي.“ تنھن کان پھريائين مٿس چنبا ٿي هلايائين.
    ٻلي يڪدم ڊوڙي وڃي ڪنھن وڻ تي ويٺي. شينھن جي ٻچي چيس ته؛ ”ناني وڻ تي چڙهڻ ته مون کي تو سيکاريو ئي ڪو نه.“
    ٻليءَ چيس ته؛ ”ٻچا! اِهو علم به جي تو کي سيکاريان ها ته پوءِ تنھنجي چنبي کان اڄ ڪيئن بچان ها!؟“
    مراد ته؛ بڇڙي کي چڱي مت ڏسڻ، پاڻ لاءِ جنجل پرائڻ آهي.
    ڀيٽيو:
    چڱائي ڪجي ڄٽَ سان، ڄٽُ ڦيري هڻي پَٽَ سان.


    48. ڀري ٻيڙيءَ ۾، واڻيو ڳؤرو.

    بنياد:
    ڪنھن تَڙَ تي ڪي مسافر پتڻ لنگهڻ لاءِ منتظر ويٺا هئا، جو ٻيڙي پرينءَ ڀر هئي. جڏهن ٻيڙي پراران آئي، تڏهن سڀئي پنھنجا ٽپڙ کڻي ٻيڙيءَ ۾ ڪاهي پيا. پاتڻيءَ چين ته؛ ”سڀئي ماڻھو هيڪاندا چاڙهي ڪين سگهندس، تنھن ڪري هڪڙو ٻه توهان مان لھي.“
    ٻيا پتڻ لانگهائو سڀ مسلمان هئا، باقي هڪڙو واڻيو هو ۽ هن سان بوجو به ٻين کان گهڻو هو. تنھنڪري سڀني اچي مٿس زور رکيو ته؛ ”تون لھه.“
    تنھن تي واڻيي ائين چيو.
    جڏهن ڪنھن پاٿاريءَ مان ڪنھن کي ڪنھن سبب، اٿاري ڪڍندا آهن، تڏهن ائين چئبو آهي.، انھيءَ معنى سان ته؛ ”هن ڪھڙو بار ڏنو اٿوَ جو لوڌيوس ٿا.“


    49. ڀڳي سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي.

    بنياد:
    هي پھاڪو شاهه جي رسالي جي سُر ڪاپائتي جي فصل پھرئين جي يارهين بيت جي پھرين سِٽَ آهي.
    ڀڳو ئي ڀير، جاسين رَتو راس ٿئي،
    بُريءَ بيڪاريءَ سان، هاري پاڻ مَ هير،
    ڪَتُ ڪتينديون ڪيرُ، نئين سين نه ڄاڻجي؟
    پھاڪي جي معنى آهي ته؛ ڀڳل ائٽ سان ئي ڪم هلاءِ، جيسين ڳاڙهو تيار ٿئي.
    شاهه صاحب اها تُڪ انھيءَ مراد سان چئي آهي ته؛ سٺي ساجَ جي اميد تي، ماٺ ڪري ويھڻ نه گهرجي. يعني بيڪار نه رهجي پر چرخي کي پيو چورجي. مگر پھاڪو انھيءَ مراد سان ڪم آڻبو آهي ته؛ ”جُڙيءَ کي جَسُ.“
    يعني حال جيڪي هجي تنھن سان ڪم ٽپائجي.
    ڏکيا لفظ:
    رتو معنيٰ ڳاڙهو يا نئون ائٽ.
    ساج معنيٰ


    50. ڀلو پير، ڪي ڀلو ويساههُ.

    بنياد:
    هڪڙي بادشاهه پنھنجي وزير کان پڇو ته؛ ”ڀلو پير ڪي ڀلو ويساهه؟“
    وزير چيو ته؛ ”ويساههُ!“
    بادشاهه چيس ته؛ ”نه، پير ڀلو آهي.“
    خير، وزير کڻي ماٺ ڪئي ۽ دل ۾ پڪو ارادو ڪيائين ته؛ ”ڪنھن وقت وجهه وٺي بادشاهه کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائيندس ته؛ پير کان به وڏو آهي ويساهه“. هن پوءِ ڪا سٽ سِٽي پر ڪنھن کي ان ڳالهه جو پتو نه ڏنائين.
    هڪڙي دفعي بادشاهه کي ڪيڏانھن جنگ تي وڃڻو هيو. وزير هيءُ وجهه وٺي چيس ته؛ ”جيئندا قبلا! فلاڻي هنڌ ڪنھن پير جي درگاهه آهي ۽ اتان گهڻن کي فيض رسيو آ. تنھن ڪري منھنجو عرض آهي ته توهين انھيءَ پير جي زيارت ڪري، پوءِ جنگ تي چڙهو ته ڌڻي ڪندو ته توهان جي اڻ پڇو فتح ٿيندي.“
    بادشاهه کي اها صلاح وڻي. سو وزير سان گڏجي، انھيءَ پير جي زيارت ڪري پوءِ جنگ تي چڙهيو ۽ فتح ٿيس.
    بادشاهه پوءِ وزير کي چوڻ لڳو ته؛ ”هاڻي مونکي واقعي پڪ ٿي آ ته ويساهه کان پير ڀلو آ.“
    وزير چيو ته؛ ”سائين! اچو توهان کي رنگ ڏيکاريان.“
    هن پوءِ بادشاهه کي ساڻ وٺي وڃي، انھيءَ پير جي تربت کوٽائي ته مئل گڏهه منجهه پيل ڏسڻ ۾ آيو. بادشاهه وائڙو ٿي پڇيو ته؛ ”هي ڇا؟“
    وزير چيو ته؛ ”اهو سڄو قصو هٿرادو هو ۽ خاص توهان کي پڪ ڪرائڻ لاءِ ائين ڪيو هوم. جو پير کان ويساهه وڏو آهي.“


    51. ڀُلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀُلي.

    بنياد:
    ڪنھن وڇار جي وڇ، جهنگ چرندي ڪنھن پاسي نڪري وئي. هن گهڻو ئي ڳوليس پر پتو نه پيس. آخر هي ٻيو مال ڪاهي، گهر ڏي آيو ۽ مينھن کي وٿاڻ تي ڇڏي، وري وڇ جي ڳولھا ۾ نڪتو ته وڇ پاڻ-مرادو، ڀاڻ (وٿاڻ) ۾ پيھي آئي. تڏهن وڇار ائين چيو.
    جو ماڻھو بڇڙن ڪمن کان باز ايندو آهي، تنھن بابت ائين چوندا آهن. اهڙي ماڻھوءَ لاءِ هينئن به چون ته؛ ”ڪري ڪري جنھن نه ڪئي، تنھن به نه ڪئي.“
    يعني؛ بڇڙا ڪم ڪري ڪري جنھن آئينده لاءِ توبہ ڪئي، تنھن لاءِ ائين ڄاڻبو ته؛ ”بڇڙا ڪم اڳي به ڪين ڪيا هئائين.“


    52. ڀنگان چيز ٻُڏن، لنڊي رووي ڪڻڪ ڪون.

    بنياد:
    هڪڙي هنڌ، ڪڻڪ ۽ ڀنگ جي پوک، هڪ ٻئي ڀرسان بيٺيون هيون. اوچتو برسات ڏاڍي ٿي. جنھنڪري ٻئي پوکون، ٻڏڻ لڳيون. پوک-ڌڻيءَ جي جوءِ، زيان ٿيندو ڏسي، ڪڻڪ جي ٻڏڻ جو ارمان کائي روئڻ لڳي. اوچتو اتاهون موالي هڪڙو لنگهيو، تنھن هي پھاڪو چيو.
    مطلب هي، جو سڀ ڪنھن کي پنھنجي مطلب واري ڳالهه ۽ دل گهربل شيءِ وڻي. پوءِ ٻئي کي وڻي ته ڇا، نه وڻي ته ڇا؟ (گلشڪر)


    53. ترت دان، مھا پڃ.

    بنياد:
    هڪڙو برهمڻ، لکي پڙهي ڪين ڄاڻندو هو. تنھن کي سندس استريءَ چيو ته؛ ”پنھنجي ملڪ جي راجا وٽ ڏهاڙي صبح جو وڃي چؤ ته؛ ”ترت دان مھا پڃ“ ته هو تو کي ڪجهه نه ڪجهه اوس ڏيندو.“
    هن ائين ڪيو ته راجا هن کي پنج رپيا ڏنا. هو پوءِ روز ائين چئي پنج روپيا وٺي ايندو هو.
    هڪڙي دفعي راجا ڪن ٻين برهمڻن جي چوڻ تي، انھيءَ برهمڻ کان پڇو ته؛ ”ترت دان، مھا پڃ“ جي معنى ڇا؟“
    برهمڻ چيو ته؛ ”ان جو ارٿ سڀاڻي ٻڌائيندس.“
    هن پوءِ پنھنجي استريءَ سان ڳالهه ڪئي. استري ويچار ۾ پئجي ويئي. ڪنھن وقت ڀانيائين ته ڪو چوينم ٿو ته فلاڻي ديس ۾ جو راجا آهي تنھنجي راڻيءَ کي سورهن مھينا گرڀ ٺھرئي ٿيا آهن ته اڃا موکه نه ٿو ٿئيس. توهان جو راجا جڏهن انھيءَ ملڪ ۾ ويندو ۽ هن ملڪ جي راڻي سندس منھن ڏسندي تڏهن هن کي ٻالڪ ڄمندو. انھيءَ ٻالڪ کان جيڪڏهن راجا ”ترت دان مھا پڃ“ جو ارٿ پڇندو ته اهو ٻالڪ کيس ارٿ ٻڌائيندو.
    برهمڻيءَ کي انھيءَ ڳالهه تي پرتيت اچي ويئي. تنھن سارو قصو پنھنجي پتيءَ کي ٻڌايو.
    ٻئي ڏينھن برهمڻ دستور موجب راجا وٽ ويو ته راجا پنج روپيه ڏيئي چيس ته؛ ”ترت دان، مھا پڃ“ جو ارٿ ٻڌاءِ.
    برهمڻ پوءِ پنھنجي استريءَ جي سڄي ڳالهه ٻڌايس.
    راجا چيو ته؛ ”اها ڳالهه به جاچبي.“
    هو پوءِ اڪيلو سھي سنبھي هن ٻئي راجا جي ملڪ ڏي هليو، جنھنجي استري گرڀ-ونتي هئي. واٽ تي راجا برسات پوڻ سبب ڪنھن پناهه لاءِ واجهائڻ لڳو. نيٺ هڪ جهوپڙي ڏسي ان ۾ ويو. انھيءَ جهوپڙيءَ ۾ زال ۽ مڙس، ٻه ڄڻا هئا ۽ کٽولا به ٻه هئن. راجا چين ته؛ ”ڀڳونت جي ارٿ مونکي هڪ کٽولو ڏيو.“
    زال چيو ته؛ ”راجا، آءٌ ڪين ڏينديس.“
    مرد چيو ته؛ ”ڀڳوان جي نالي تان کٽولو ڇا پر منھنجو سِرُ به قربان آهي.“ هن پوءِ پاڻ وارو کٽولو راجا کي ڏنو ۽ پاڻ وڃي پٽ تي، ٻنڀي وٽ سمھيو.
    ڪنھن وقت رات جو ڪو بگهڙ آيو سو هن پٽ تي سمھيل مرد کي ماري ويو. صبح جو راجا هن کي مئل ڏسي ڏاڍو ارمان کاڌو ۽ هن مائيءَ کي ڪيترا هيرا جواهر ڏيئي، پاڻ ڪھندو ڪھندو آخر انھيءَ راجا وٽ آيو، جنھن جي راڻي گرڀ-ونتي هئي. راجا هن کي پاڻُ ڄاڻايو ۽ هُن راجا چڱي مرحبا ڪيس.
    ڪنھن وقت راڻين کي به خبر پيئي ته ڪنھن ڌارئي ملڪ جو راجا اسان جي محلات ۾ مھمان ٿي آيو آهي، سي لڪي لياڪا پائڻ لڳيون. انھن راڻين مان جيڪا گرڀ-ونتي هئي تنھن اڃا راجا کي ڏٺو ته امالڪ هٿ پير لڌائين ۽ پٽ ڄائس. جهٽ پٽ سڄي محلات ۾ واڌايون ورتجي ويئون.
    راجا پٽ ڄائي جي خبر ٻڌي هن راجا کي چيو ته؛ ”توهان جا پير سڀاڳا آهن. منھنجي راڻي سورهن مھينن کان ويٺي هئي ۽ اڄ توهان جي آئي هن جو ڇوٽڪارو ٿيو آهي.“
    راجا چيس ته؛ ”جيڪو ڪڪو ڄائو آهي سو مونکي ڏيکاريو.“
    راجا جهٽ نئون ڄاول راجڪمار گهرائي هنج ۾ ڏنس. هن راجا اهو ٻالڪ هنج ۾ جهلي هن کان پڇيو ته؛ ”ترت دان، مھا پڃ، جي ارٿ ڇا آهي؟“
    ڪلتار جي قدرت جو اوڏي مھل انھيءَ تازي ڄاول ڳالھايو. ٻالڪ راجا کي چيو ته؛ ”هي راجن، آءٌ اهو ساڳيو ماڻھو آهيان جنھن جي جهوپڙيءَ ۾ تو کٽولو اچي گهريو هو.“ هن راجا جي راڻيءَ کي سورهن مھينن کان گرڀ ٺھريو هو، ٻالڪ ۾ مون واري آتما پوڻي هئي پر راجا جي گهر ۾ جنم به ڪنھن پڃ سان مونکي ملڻو هو. تو کٽولو اچي گهريو ته منھنجيءَ استريءَ ناڪار ڪئي. هينئر اُن نڀاڳيءَ کي به بگهڙ کاڌو آهي ۽ هن ڪتيءَ جي جوڻ وڃي پاتي آهي. مون ڀڳونت جو نالو ٻڌي پڃ جھڙو ڪم ڪيو جو توکي اجهو به ڏنم ۽ کٽولو به ڏنم. انھيءَ ترت دان جو وڏو ڦل مونکي اهو مليو آهي جو مون جھٽ اچي راجا جي گهر جنم ورتو آهي. تنھن ڪري ڄاڻ ته جي ڪنھن جو ڪم ترت وهندي ڪجي ٿو ته ان جو ڦل وڌيڪ آهي ۽ جي ڪنھن جو ڪم ڪجي پر ريڙهائي ريڙهائي ڪجي ته اهو اهڙو ٿيو جھڙو، ٻڪري کير ڏئي پر ڦولھڙين گاڏڙ.“


    54. ٺاٺ نئي هڪڙو، ٺڪر اچي گهڻن کي.

    ڏسو: باسڻ هڪڙو کڻي، ٺڪر گهڻن کي اچي.


    55. پاڻي پي، نه ذات پڇجي.

    بنياد:
    روداس نالي هڪ چمار هو جو مشھور سنت ٿي گذريو آهي. هڪ لڱا ڪي ساڌو اڃ لڳڻ سببان هن جي جهوپڙيءَ ۾ ويا ۽ چيائونس ته؛ ”اسان کي پاڻي پيار.“
    روداس هنن کي پاڻي ويٺي پياريو ته هڪ ساڌوءَ چيو ته؛ ”هن جي ذات ته پڇيسين ڪين؟“ روداس انھيءَ تي هڪ شبد چيو آهي ته جنھن جي پھرين ۽ پوئين تڪ هن طرح آهي.
    ڪيون پوڇو موري ذات، جوشيئا تم پيئو ڙي پاڻي
    سنتو جائو گهر اپڻي، ڪھي روداس سنو ڀائي ساڌو
    همري چمار ذات، جوشيئا تم پيئو پاني.
    انھيءَ ڳالهه تان هنديءَ ۾ به چوڻيون آهن.
    1- پاڻي پيڪر ذات پوڇتي هو؟
    2- جو ڪريئي سو ڪيجئي پھلي ڪر نرڌار.
    پاني پي گهر پوڇنا، ناهن ڀلو ويچار.
    يعني ته جيڪي ڪرڻو هجي سو پھريائين ويچار ڪري ڪجي. اڳ ۾ پاڻي پي، پوءِ گهر پڇڻ چڱو ويچار نه آهي.
    مراد ته ڪو ڪم ڪري پوءِ ڳڻتيون کائجن، تنھن کان ڀلو آهي ته اڳواٽ جاچي جوچي پوءِ ڪم ڪجي ته پڇتائڻو نه پوي.


    56. پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اُڃ مرن.

    هي شاهه جي رسالي جي سر سسئي (آبري) فصل 1 بيت 9 جي پھرين سِٽَ آهي.
    پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اُڃ مرن،
    سامان اوڏو سپرين، لوچي تان نه لھن
    دم نه سڃاڻن، دانھون ڪن مٺن جيئن.
    بنياد:
    هڪڙو فقير، جو اڪثر وسوسي وارو هوندو هو سو، سيد شاهه ڪريم (بلڙيءَ واري) جي ڳوٺ وٽان اچي لنگهيو. ڪنھن خادم جي هٿان، سيد ڏي چوائي موڪليائين ته؛ ”ڀلائي ڪري ڪو پاڻيءَ ڪوزو مونکي ڏياري موڪليو.“
    سيد هڪڙو ڪوزو ڏياري موڪليس. پر فقير اهو ورائي موٽائي موڪليو جو چيائينس ته؛ ”هي پراڻو ڪم آيل آهي، ڪو ٻيو نئون موڪليو.“
    تڏهن سيد نئون ڪوزو ڏياري موڪليس ۽ انھيءَ خادم هٿ چوائي به موڪليائينس ته تون رڳو ڪوزن کي پوڄيندو آهين ۽ انھن جي طلب رکندو آهين، اچي ڪي ڏينھن ھن مرد جي خدمت ڪر.“
    پوءِ هي بيت چيائين؛
    ”پاڻيءَ اُتي جهوپڙا، مورک اڃ مرن،
    دانھون ڪن ملن جيئن، دم نه سڃاڻن.“
    (رسالو ڪريمي)
    نوٽ: شاهه لطيف، مٿئين بيت ۾ ٽين سِٽَ پنھنجي ملائي آهي ۽ هن بيت جي 2 سٽ جو اڌ اَڳي پيڇي ڪيو اٿس. ڀيٽيو:
    جل مين کڙي، پياسن مري.


    57. پڇڻا، نه منجهڻا.

    بنياد:
    هڪ لڱا شاهه ڪريم بلڙيءَ واري پنھنجن فقيرن کي حق جون ڳالھيون ٻڌائيندي چيو ته؛ ”خدا جي راهه ۾ پيرن يا هٿن يا زبان سان نه ٿو هلجي پر دل سان ٿو هلجي. سو جي هلڻ ۾ شڪ شبھو پوي يا مشڪلات پوي ته ٻئي کان پڇجي ۽ تحقيقات ڪجي.“ پوءِ هي بيت چيائين:
    ”جي پڇڻا سي نه منجهڻا، جي پڇن سي وير،
    جو لکڻ منجهه ماڻھوين، سو مکڻ منجهه کير.“


    58. پرائي پٽڻي، رن کهائي ٻه ڪن.

    هن جي پٺيان چون ته؛ ”هٿئون پيس پنھنجي، تڏهن ڪن وڍيس ڪرن.“
    بنياد:
    ڪرن نالي هڪڙو ماڻھو هو، تنھن پنھنجي زال بنسبت ڪجهه ابتو سبتو ٻڌو هو. تنھن تان هڪ ڏينھن اچي تتو. زال کي مار ڏيئي ڇت جي وري ۾ ٽنگي ڇڏيائينس ۽ پاڻ چادر تاڻي سمھي رهيو.
    انھيءَ وقت هڪ عورت آئي ۽ ڪرن جي زال کي ٻاهر اچڻ لاءِ اشارو ڪيائين. هن اشاري ۾ چيس ته؛ ”آءٌ اچان ڪيئن؟“
    هن عورت، پوءِ ڪرن جي زال کي مٿان لاٿو ۽ پاڻ سندس جاءِ تي منھن ويڙهي ٽنگجي بيھي رهي. ڪنھن مھل ڪرن جاڳيو ۽ هن عورت کي پنھنجي زال سمجهي مار ڏنائين ۽ پوءِ ته اهڙو جولان آيس جو کڻنديئي ڪپ، هن جا ٻئي ڪن ڪپي ڇڏيائين. هن عورت کي رڳو اهو ئي ڊپ هو ته متان مون کي سڃاڻي، تنھن منھن پئي لڪايو ۽ سور پئي پيتو.
    ڪرن وري به چادر تاڻي سمھي پيو. ڳچ مھل گذري ته ڪرن جي زال آئي. هن عورت چيس ته؛ ”سگهو اچي منھنجي جاءِ والار! مفت اوهان جي پٽڻي ۾ ٻئي پنھنجا ڪن وڃايا اٿم.“
    مراد ته پرائي معاملي ۾ جو پوي ٿو سو پنھنجي لاک لھرائي ٿو. هي پھاڪو جملي ۾ هن طرح به ڪم آڻبو آهي. ”مونکي ڪھڙي گتي پيئي آهي جو پرائي پٽڻي ۾ پئي، پنھنجا ڪن کوهايان.“
    مٿين ڳالهه وڌيڪ هن طرح آهي ته ڪرن جي زال وري وڃي پنھنجي جاءِ تي ٽنگجي رهي ۽ هوءَ ڪنن-وڍي، پنھنجا وڍيل ڪن پٽ تان کڻي، منھن لڪائي اٿي ڀڳي. ڪنھن وقت پنھنجي رنڌڻي ۾ ويٺي هئي ته مڙسس سڏ ڪيس پر هن جواب ڪو نه ڏنس. تنھن تي سندس مرد چيو ته؛ ”ڪن ويئي! ڇا ٿيئي؟ جو جواب نٿي ڏين؟“
    هن هيءُ وجهه وٺي ٻئي ڪن کڻي پٽ تي ڦٽا ڪيا ۽ مڙس کي چيائين ته؛ ”تو مونکي پِٽيو تڏهن منھنجا ٻئي ڪن ويا.“
    مرد پنھنجي زال جا ڪن، سچ پچ ڪريل ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ چيائين ته؛ ”مون ائين ڪو نه ٿي ڄاتو ته جيڪي چوندس سو ٿي پوندو.“
    زال چيس ته؛ ”ڪا مھل نه ڪنھن جھڙي. اڳتي چٻي چٿي ڳالھائيندو ڪر.“
    هوڏانھن ڪرن جاڳيو، تنھن پنھنجي زال کي چيو ته؛ ”رن، ڪن ته ڪپيامانءِ هاڻ نڪ ۽ چپ به ٿو ڪپيانءِ.“
    زال چيس ته؛ ”جي آءٌ ستياڻي آهيان ته الله سائين منھنجا ڪن وڃائيندو ئي ڪين.“
    ائين چئي پنھنجا ڪن ڏيکاريائينس. ڪرن هن جا ٻئي ڪن سلامت ڏسي، ڏاڍو عجب ۾ پيو ۽ کانئس بخشائڻ لڳو.


    59. پرائي ڏيو تان، کارڪ به چڱي.

    بنياد:
    هڪڙو ماڻھو پاڙوسيءَ سان گڏجي سندس ڏيو جي اسٿان تي ويو. جڏهن گهر آيو تڏهن ڀاڻس پڇيس ته؛ ”ڇا مليئي؟“
    چي؛ ”کارڪ.“
    اهڙن اسٿانن تي وڃبو آهي ته ڪجهه هٿ پرسادي ملندي آهي.
    ڀاڻس چيس ته؛ ”بس، مليئي به کارڪ“.
    تڏهن هن کي اهو جواب ڏنائين. يعني؛ ”جيڪي مليو، سو لاڀ ليکي.“
    ڀيٽيو:
    مفت را چہ بايد گفت.


    60. ”پريا مڙس! تئي جٽيندين؟“ چي؛ ”ويٺي وڌي پوندس ڇا؟“

    ڳالهه پھاڪي ۾ ئي پيئي آهي.
    جڏهن ڪو نکمڻو ماڻھو پنھنجي شان وٽان ڪو ڪم نه ڪندو آهي، تڏهن ائين چوندا آهن. انھيءَ معنى سان ته؛ ”نکمڻو ويٺو آهي، ٻي ڪرت ڪا نه اٿس. تنھن کان اها ئي ڪرت ڪار.“


    61. پئنچا نال، ايڪا دشي.

    بنياد:
    ائين ٿيندو آهي ته ڪڏهن ڏسھن ۽ گيارس گڏ ٿين ۽ ڪڏهن گيارس ۽ ٻارس گڏجن.
    هڪ لڱا ٻه تٿيون اچي اهڙيءَ طرح گڏيون سو ڪي مصر چون ته؛ ”گيارس اڄ آهي“ ۽ ڪي چون ته؛ ”سڀاڻي آهي.“
    ڳوٺ جي ماڻھن پوءِ مکيءَ کان پڇيو ته؛ ”ايڪا ڏشي ڪڏهن ٿا واريو، اڄ يا سڀان؟“
    مکيءَ چار پئنچ ميڙي گڏ ڪيا ۽ سڀني گڏجي ٺھراءُ ڪيو ته؛ ”گيارس اڄ آهي“.
    اهو ٺھراءُ ٻڌي، سڀني ماڻھن انھيءَ ڏينھن ايڪا ڏشيءَ جو ورت رکيو. تنھن تان اها چوڻي پيئي. مراد ته جيئن چار چڱا ڪن تئن پاڻ به ڪجي.
    ڀيٽيو:
    1- سا ساڌن جي، سا پئنچن جي.
    2- پانج پئنچ مل ڪيجي ڪام، هار جيت آوي نهين لاج.
    3- مرگ انبوه، جشن دارد.
    4- ھاريو به هر سان ڀلو.


    62. پئنچن ۾ پرميشور.

    بنياد:
    ڪنھن مکيءَ جي پٽ کي دل ۾ آيو ته؛ ”بابي سائين کي نڪا قاعدي نڪا قانون جي سڌ، پوءِ ڳوٺ وارن ماڻھن جا فيصلا ڪئن ٿو پوريءَ طرح نبيري سگهي.“
    خير، هڪڙي ڏينھن هي وڃي ڪنھن سنگتيءَ جي گهر رات رهيو. سندس سنگتيءَ کي ٻه زالون هيون. هڪڙيءَ مان پٽ هوس ۽ ٻيءَ مان ڪو ٻار ٻچو ڪو نه هوس. انھيءَ رات اهڙو ڪو ڪارڻ ٿيو جو ٻار جي رئڻ ڪري ماءُ خفي ٿي. هن کي کڻي گهٽو ڏنو ۽ هو مري پيو.
    ماءُ کي پوءِ خيال ٿيو ته؛ ”مڙسم جا هن ۾ پران سو مون سان جٺ ڪندو.“ تنھن کان ڇا ڪيائين جو مئل پٽ، پھاڄ جي ويجهو ڇڏي پاڻ وڃي سمھي پيئي.
    مکيءَ جي پٽ، سارو رنگ ڏٺو. تنھن دل ۾ چيو ته؛ ”هاڻ پاڻيھي بابي سائين جي خبر پوندي. ڏسان هن ڳالهه جو فيصلو ڪيئن ٿو ڪري.“
    صبح ٿيو ته ڇوڪري جي ماءُ، هوءِ هوءِ مچائي ۽ پھاڄ کي پٽڻ لڳي. مڙس هي حادثو ڏسي جلي ويو ۽ پنھنجي ٻيءَ زال کي چوٽيءَ کان گھليندو پئنچات ۾ وٺي ويو. پنچات ۾ مکيءَ کي وڃي چيائين ته؛ ”هن ڏائڻ منھنجو سڪيلڌو پٽ ماريو آهي. تنھنڪري پئنچات جيسين هن جي کل، بھه سان ڀرائي هن کي درياهه ۾ نه لوڙهائيندي، تيسين منھنجي اندر کي ٺار نه پوندو.“
    مکيءَ جو پٽ به پنچات ۾ ويو هو. سو دل ۾ پيو چوي ته؛ ”اجها ڪي ڪجها، ڏسان ته بابو سائين ۽ پئنچ ڪھڙو ٿا فيصلو ڪن.“
    مکيءَ ۽ پئنچن پوءِ پاڻ ۾ صلاح ڪري، هن مرد کي چيو ته؛ ”پنھنجي ٻيءَ زال کي به گهراءِ.“ جڏهن ڇوڪري جي ماءُ آئي، تڏهن مکيءَ پڇيو ته؛ ”تنھنجي پھاڄ، برابر تنھنجو پٽ ماريو آهي؟“
    زال چيو ته؛ ”هائو“.
    مکيءَ پوءِ هن تھمتڻ کي پاسيرو وٺي چيو ته؛ ”تو تي خون جي تھمت پوري پوري آهي پر جي تون رڳو پنھنجي ٽنگ ٿوري اگهاڙي ڪرين ته تو کي ڇڏي ڏيان“.
    زال وراڻي ڏنيس ته؛ ”مونکي موت قبول آهي پر آءُ اهڙو ڪم نه ڪنديس.“
    مکيءَ پوءِ ٻي زال کي پاسيرو وٺي چيو ته؛ ”تنھنجي پھاڄ ڏوهه نٿي قبولي پر جي تون پنھنجي ٽنگ ٿوري اگهاڙي ڪرين ته پوءِ تنھنجي ڳالهه تي اعتبار ڪري تنھنجي پھاڄ کي سزا ڏيان.“
    زال چيو ته؛ ”ائين ڪرڻ کان لڄ ٿي اچي پر جڏهن توهان جي اهڙي مرضي آهي تڏهن مونکي ائين ڪرڻ کان عار ڪونھي.“
    مکيءَ پوءِ سڀني پئنچن سان اها ڳالهه ڪئي. هنن پوءِ فتوى ڏني ته هن نر-لڄئي پنھنجو پٽ پاڻيھي ماريو آهي، تنھن ڪري هن کي سزا ملڻ گهرجي. هيءُ فيصلو ٻڌي مکيءَ جي پٽ چيو ته؛ ”پئنچن ۾ پرميشر آهي. نه ته ههڙا معاملا جيڪر هو ڪيئن نبيري سگهن؟“
    ڀيٽيو:
    1- پئنچ جھان پرميشر.
    2- پئنچه مکه پرميشر.
    3- زبان خلق، قپان خدا.
    4- بجا ڪھي جسي عالم، اسي بجا سمجهو،
    آوازِ خلق ڪو، نقاره خدا سمجهو.


    63. پيادن مان هسوار، هسوارن مان پيادا.

    بنياد:
    هڪڙو بادشاهه، گهوڙي تي سوار ٿي ڪيڏانھن ويو پئي ته هڪ عامل شخص گڏيس. تنھن کان پڇيائين ته؛ ”ڌڻيءَ جا کيل جو عجب چوندا آهن، سو ڪيئن؟“
    درويش چيس ته؛ ”گهوڙي تان لھي هيٺ ٿي ته آءٌ توکي ٻڌايان.“
    بادشاهه گهوڙي تان هيٺ لٿو ته درويش لانگ ورائي گهوڙي تي چڙهي ويٺو ۽ بادشاهه کي چيائين ته؛ ”ڌڻيءَ جا عجب کيل اجهو هئن آهن جو پيادن مان هسوار ۽ هسوارن مان پيادا ٿو ڪري.“
    ڏکيا لفظ:
    هسوار معنيٰ سوار.


    64. پير کان به وڏو آهي ويساهه.

    ڏسو: ڀلو پير ڪي، ڀلو ويساه.


    65. پير کي ڪم، ٺڪاءَ سان.

    بنياد:
    هڪڙي ماڻھوءَ ڪنھن پير تي سکا ڪئي ته جي منھنجو فلاڻو ڪم راس ٿيندو ته آءٌ درگاهه تي اچي ناريل ڀڃندس. جڏهن مراد پوري ٿيس، تڏهن دل ۾ چوڻ لڳو ته؛ ”منھنجو ڪم ٿيو. پوءِ آءٌ جو وڃي ناريل تي پئسا خرچيان، تنھن کان پير جي درگاهه تي ڏوڏو وڃي ٿو ڀڃان، جو پير کي ڪم ٺڪاءَ سان. پوءِ ناريل نه ته ڏوڏو ئي سھي.“
    مراد ته، تڪليفن ۾ گهڻي ئي باسون ٿيون باسجن ۽ ڌڻيءَ کي ياد ٿو ڪجي. پر ڪم لٿو ته نه اهي سکائون پوريون ڪرڻ ٿين ۽ نه ڌڻي ياد پوي.
    هيءُ پھاڪو تڏهن ڪم آڻبو آهي، جڏهن ڪو ماڻھو ڪنھن ڪم جو الو ٻلو ڪري پورائي ڪندو آهي.


    66. پيو ڌيئاڻو، ويو پيئاڻو.

    منو سمرتيءَ جي 3 اڌياءَ جي 51 شلوڪ ۾ چيو آهي ته؛ ”ڪنھن به پتا کي پنھنجي ڌيءُ پرڻائي ڏيڻ جي عيوض ڪجهه به نه وٺڻ گهرجي ۽ جيڪو ماڻھو لالچ ڪري ڪجهه به وٺندو، تنھن ڄڻ ته ڪنيا وڪڻي.“
    منو ڀڳوان جي انھن وچنن جو، هندو ماڻھن جي دلين تي اهڙو ته اثر ٿيو جو نياڻيءَ جي گهر جو پاڻي پيئڻ به پاپ ڪري سمجهڻ لڳا ۽ اهو وهم ايتري قدر ته ويھي وين جو اها چوڻي پيئي.
    جنھن جو مطلب آهي ته؛ گهر ۾ جي نياڻيءَ جو پئسو ڏوڪڙ پيو ته پيءُ جو اڏو تڏو، چٽ.


    67. ڦاڙهو جاتي کائي، تاتي اوجهه ڏئي.

    بنياد:
    ڦاڙهي جو شڪار هن طرح ڪندا آهن جو؛ ٻٻرن جون ٽاريون يا ساوا گاهه، ڪنھن ٻيلي ۾ رکي اچن. ڦاڙهو هڪڙي ڏينھن اهي کائي ويو ته ٻئي ڏينھن اوس انھيءَ کاڌي جي لالچ تي وري ايندو. ٻئي ڏينھن جڏهن اچي، تڏهن بندوق هڻي ماري وجهنس. انھيءَ ڪري هي پھاڪو چيو اٿن ته؛ ”ڦاڙهو جتي کائي، اتي اوجهه ڏئي.“ يعني مري.
    مراد ته؛ ”لالچ، بُري بَلا“


    68. جاتي کير تاتي کنڊ، جاتي جهڻ تاتي لوڻ.

    بنياد:
    ڪنھن حڪيم کي پنھنجي ڳوٺ ۾ گهڻو روزگار نه ٿي لڳو. سو پنھنجو ڳوٺ ڇڏي، ٻيا ڳوٺ چتائڻ ويو، جتي گهڻا ماڻھو بيمار پوندا هجن ۽ روزگار ججهو لڳي. هيءُ منزلون هڻندو هڻندو آخر هڪڙي ڳوٺ ۾ آيو. اتي ڏٺائين ته؛ جيڪو تيڪو ڳوٺاڻو جهڻ پيو پيئي.
    حڪيم دل ۾ چيو ته؛ ”هتي ضرور ماڻھو بيمار پوندا هوندا، جو جهڻ پيئڻ ڪري ڪنھن کي ليس ڪنھن کي کنگهه ۽ ٻيون بيماريون ٿينديون هونديون.“
    ٻه چار ڏينھن هيءُ انھيءَ ڳوٺ ۾ ترسيو پر وٽس دوا ستيءَ لاءِ ڪو ڪو نه آيو. تڏهن عجب ۾ پئي ڪنھن کان پڇيائين ته؛ ”هتي ماڻھو جهڻ پيئن ته به بيمار ڪو نه پون. سو سبب ڪھڙو؟“
    هن چيو ته؛ ”جهڻ ۾ سڀڪو لوڻ جا ٻه-ٽي ڪڏا وجهي پوءِ پيئندو آهي. ماڻھو جيئن کير ۾ کنڊ وجهن تيئن هت جهڻ ۾ لوڻ ضرور وجهن.“
    انھيءَ تان هي پھاڪو چوڻ ۾ آيو.


    69. جاڳندن جون وڇون، ستلن جا ڪونھان.

    اصل هندي؛ جاگتي ڪي ڪتيئه، سوتي ڪا ڪتڙا.
    بنياد:
    ڪي ميھار پنھنجو مال ڪاهي، ڪيڏانھن ڪنھن سانگي ٿي ويا. واٽ تي هڪڙي هنڌ رات پين. سو اتي ڊاٻو ڪيائون. سندين مينھن مان ڪيتريون سنئين مھيني هيون. تن انھيءَ رات ويم ڪيو. مالدارن مان جيڪي اڳ ۾ جاڳيا، تن وڇون کڻي پنھنجين مينھن سان لاتيون ۽ باقي ڪونھان (پاڏا) ستلن ميھارن جي مينھن سان لائي ڇڏيائون. جڏهن هو ستل جاڳيا، تڏهن سڀ وڇون ٻين جي مينھن سان ۽ سڀ پاڏا پنھنجين مينھن سان لڳل ڏسي، ائين چيائون.
    مراد ته؛ ”سستي يا غفلت مان ڇيھو آهي.“


    70. جڏهن ڪڏهن سنڌڙي تو کي، قنڌاران جوکو.

    بنياد:
    هيءُ پھاڪو، ماموئي فقيرن جو چيل آهي. انھن جو قصو تمام وڏو آهي. پر ٿوري ۾ مطلب ته؛ هنن کي اڳ-ڪٿي ڪرڻ جي ڪنھن طرح سگهه ملي هئي ۽ هو اُها پيشنگوئي ڪري ويا آهن ته سنڌ ملڪ کي هميشه قنڌار جي طرف کان جوکو آهي. يعني سنڌ تي جيڪڏهن ڪو دشمن ڪاهي ايندو ته قنڌار کان ۽ نه ٻئي طرف کان.
    هن پھاڪي جي ٻي ڪا مراد ڪانھي (ماموئي فقيرن جي قصي لاءِ ڏسو مصنف جو ٺاهيل ڪتاب؛ ”سنڌ جون سوکڙيون“)


    71. جر نئيس، جيڏي نه نئيس.

    بنياد:
    هڪڙي عورت درياءَ جي ڀر تان هڪڙو مڇيءَ جو ڏنڀرو لڌو. اوچتو پريان ٻي عورت اچي سھڙي. تنھن اُن ڪرڙي تي پنھنجي دعوى ڪئي. تڏهن اُن عورت اهو ڏنڀرو درياءَ ۾ اُڇلائي ڇڏيو. (گلشڪر)
    ڪي اهو پھاڪو هن طرح چوندا آهن؛ ”جر نئيس، جيڏي نيئس، پنھنجي نه نئيس.“ يعني جر يا جل کڻي وڃيس ته کڻي وڃي. ڪا ساهيڙي-سڌ کڻي وڃيس ته به اهو قبولي. پر پنھنجي ڪنھن مٽ مائٽ کي، جيڪو کڻندو، ڪين سھي.
    ڀيٽيو:
    1- ٻڏو سھڻ، ڏنو نه سھائڻ.
    2- سڱ ۾ ساڙو، رت ۾ باهه.
    3- الاقارب کالعقارب.
    ڏکيا لفظ:
    جر يا جل معنيٰ درياءُ.


    72. جنھن جو ڪم سو ئي ڪري، ٻيو ڪري ته گهاٽو ڀري.

    اصل هندي: جسڪا ڪام تسڪو ساجي، اور ڪري تو ٺينگا باجي.
    بنياد:
    هڪڙي واپاريءَ کي ڪنھن واپار مان ڏاڍو فائدو پيو. هڪڙي ڀٽ اها ڳالهه ٻڌي، وڃي انھيءَ واپار ۾ هٿ گڏيو ته ستر سيڪڙو نقصان پيس. تنھن تي هنديءَ واري چيو ته:
    بنج ڪرينگي بنيين، اور ڪرينگي ريس،
    بنج ڪيا ٿا ڀٽ ني، سؤ ڪي رهه گئي تيس.
    يعني وڻج ڪندا واپاري، ٻيا ڪندا ريس، ڀٽ هڪڙي وڻج ڪيو ته سؤ مان باقي ٽيھه وڃي بچيس.
    انھيءَ ساڳي ڳالهه تان ٻيو هي پھاڪو آهي ته:
    هڙ به گاسو، لوڪ به تماشو.
    ڀٽ جي هڙ به گٺي ۽ لوڪ به پاڻ تي کلايائين.
    ڏکيا لفظ:
    وڻج ڪندڙ معنيٰ واپاري.
    ٺينگا باجي معنيٰ لوڪ کلائي.


    73. جنھن کي ويٺي سُڌ نه پيئي، تنھن کي بيٺي ڇا پوندي؟

    بنياد:
    ڪنھن راجا کي ڌيءُ اُڪلائڻ جي ڏاڍي ڳڻتي هئي پر پاڻ جھڙو شريڪ نٿي مليس. تنھن ڪري ماٺ ڪيو ويٺو هو. هن پنھنجي راڻيءَ سان به ڪڏهن پنھنجي انھيءَ ڳڻتيءَ جي ڳالهه ڪا نه ڪئي. راجڪماري ائين پيئي سمجهندي هئي ته؛ ”ابي سائينءَ کي پنھنجي راجائيءَ وچان منھنجو ويچار ڪونھي.“ تنھنڪري هوءَ اٿندي وهندي ماءُ سان اٽڪل سان کونگهرو ڦيھيندي هئي ته من هيءَ اُٿي راجا جي کڙي تپائي.
    هڪڙي ڏينھن ماڻس چيس ته؛ ”جڏهن پڻھي ماني کائڻ اچي، تڏهن تون وڃي اڳيان بيھجانس ته من سماءُ پويس ته تون ايڏي وڏي ٿي ويئي آهين ۽ وڌيڪ وهارڻ جھڙي نه آهين.“
    تنھن تي راجڪماريءَ ائين چيو.
    ڀيٽيو:
    چوڻ سان جو نه سمجهي، سو اشارو ڇا سمجهي،
    جو پنھنجي نه پرائي سمجهي، تنھن کي خدا سمجهي.


    74. جني ڪارڻ مونڊ منڊايم، سيئي سور وري سامھون آيم.

    بنياد:
    هڪڙي مھا سست کي، پيٽ لاءِ پورهيو ڪرڻ، ٻرو پئي لڳو. هو پوءِ مونڊ منڊائي يعني مٿو ڪوڙائي وڃي فقير ٿيو. جو ڏٺائين ته فقيرن کي پيٽ لاءِ پورهيو ڪرڻو نٿو پوي ۽ هنن کي مفت ۾ ماني ٿي ملي.
    جڏهن ٻه چار ڏينھن در در تي ڌڪا کاڌائين. تڏهن ائين چيائين. جو پورهئي ڪرڻ کان در در تي ڌڪا کائڻ ۾ وڌيڪ تڪليف آهي.
    ڪو ماڻھو ڪنھن تڪليف کان ڀڄڻ جا اپاءَ ڪري ۽ وري به اها ساڳي تڪليف منھن ۾ اچيس، تڏهن ائين چئبو.


    75. جھڙي ٻرڙي ڪئي ٻارن سان.

    بنياد:
    لائي لاباري جي مند هئي. ڳوٺ جا مرد زالون وڃڻا هئا ٻنين تي، پر ٻارن کي ڪن ڪاڏي؟ آخر ڪيائون ڇا جو ٻرڙي ذات جو هڪ ماڻھو، جو گهر ويٺو هو، تنھن کي پارت ڪيائون ته؛ ”ٻارن جي سنڀال ڪجانءِ.“
    پوءِ پاڻ سويرو ويا لوب تي ۽ وڃي پنھنجي ڪم کي لڳا. ٻرڙي ٻارن جي سنڀال پئي ڪئي پر ڪو ڪٿان پيو ٻاڪاري ته ڪو ڪٿان. سو مڙس اهڙو اچي بر ٿيو جو سڀني ٻارن کي کڻي گنديءَ ۾ وڌائين ۽ مٿئون چاپڙ ڏيئي، ويو سندن مائٽن کي خبر ڏيڻ ته؛ ”مون کان ٻار سنڀاليا نٿا ٿين، آءٌ ته گنديءَ ۾ وجهي هليو آيو آهيان. اتي ٻار پيا رئنوَ ۽ دانھون ڪنوَ. اوهين وڃي ڪا پوئواري ڪريون.“
    ٻرڙي جا ائين ٻارن سان ڪئي. (جوت اپريل ۱۹۱۰ع).
    جملي ۾ هن طرح ڪم آڻبو؛ ”مون هن سان اهڙي جُٺ ڪئي، جھڙي ٻرڙي ڪئي ٻارن سان.“ يعني؛ ڏاڍي جُٺ ڪئيمانس.


    76. جھڙي ڇالي، تھڙي پني.

    بنياد:
    سمن جي گهراڻي جو هڪ شھزادو، ڪنھن گهٽ ذات جي ڇوڪريءَ سان پرڻيو هو. ”دٻگر جي ڌيءُ، عطريءَ جي گهر ۾“. اهڙو ليکو ٿيو هو.
    هڪڙي ڏينھن هن زال کي اکين ۾ ڇالين پوڻ سبب تمام گهڻو هلاکي ٿي. شھزادي سندس لاءِ ان وقت جي هڪ حاذق حڪيم کي گهرائي، سندس اکين جو ڊڀ دارون ڪيو پر هن کي ڪو فائدو ڪو نه ٿيو.
    نيٺ هڪڙي ڳوٺاڻي چيو ته؛ ”هيءَ گهٽ ذات جي ڇوڪري، اُچين دوائن مان نه ڇٽندي. هن جي بڻ تي نظر ڪري هن کي دوا به اهڙي ڏيڻ گهرجي.“ هن پوءِ ڇا ڪيو جو ٻڳهيون جهلي، انھن جو پوٽيش ٺاهي، پھريائين اکين تي ٽاڪور ڪيائينس ۽ پوءِ اها پٽي ڪري مٿي تي ٻڌائينس. ڌڻيءَ جي قدرت جو هن کي ان مان فائدو ٿيو ۽ هوءَ چڱي ڀلي ٿي پيئي. (ٻڌايل مستر مرزا قليچ بيگ جي).
    جڏهن ڪي ٻه ماڻھو، هڪ ٻئي جي آرسي هوندا آهن يعني ٻئي هڪٻئي جھڙا کريا کيريا، ڪني سڀاءَ وارا هوندا آهن، تڏهن چئبو آهي ته؛ ”جھڙي ڇالي تھڙي پني، هِن لاهي هُن کي ڏني.“


    77. جھڙي نيت، تھڙي مراد.

    بنياد:
    نيت نالي هڪ مائي هئي، ان جي نياڻيءَ جو نالو مراد هو. ”جھڙي تاڃي تھڙي پيٽي. جھڙي ماءُ تھري ٻيٽي.“ ٻئي ڄڻيون جنھن سان تنھن سان روز هڪ نه ٻي ڳالهه ڪري آئٽنديون رهنديون هيون. جنھنڪري سڀڪو چوندو هو ته؛ ”جھڙي نيت تھري مراد“.
    هڪ لڱا، ڪنھن فقير اهي اکر ٻڌي ورتا. هن کي خبر ڪا نه هئي ته اهي اکر هو ڇو ٿا چون پر هن انھن اکرن مان پنھنجي دل ۾ ائين سمجهيو ته؛ ”جيڪو جھڙي نيت رکندو تنھن کي تھڙي مراد حاصل ٿيندي.“
    هن کي جي اهي اکر وڻيا سو ڪٿي به سئن هڻندو هو ته چوندو هو ته؛ ”جھڙي نيت، تھري مراد!“
    ڪو چوندو هوس ته؛ ”فقير صاحب دعا ڪر ته به هي چوندو هو ته؛ جھڙي نيت، تھڙي مراد.“
    انھيءَ ڪري ڪي اهو پھاڪو هئن به چوندا آهن ته؛ ”فقير دعا نه ڪئي. چي؛ جھڙي نيت، تھڙي مراد.“
    هڪ لڱا انھيءَ فقير انھيءَ نيت ۽ مراد جي در تي سئن هڻي چيو ته؛ ”جھڙي نيت، تھڙي مراد.“
    مائي نيت ۽ ان جي نياڻيءَ ڀانيو ته؛ فقير چوي ٿو ته؛ ”جھڙي نيت جهيڙا خور آهي تھڙي سندس نياڻي به آهي.“
    هنن کي اهي لفظ ٻڌي باهه لڳي ۽ فقير سان ڏاڍو واتُ ڪيائون. فقير کي هرک سوڳ ڪو نه هو. ڪو گار ڏيندو هوس ته ان ڳالهه جي پچار نه ڪندو هو. سو روز وڃي هنن جي در تي اها ساڳي سئن هڻندو هو ۽ هو به روز جٺ ڪري ڪڍنديون هيس.
    هڪ ڏينھن مائي نيت ڇا ڪيو جو ڪنھن کاڄ ۾ زهر ملائي رکي ڇڏيائين ته فقير اچي ته اهو کاڄ ڏيانس ته کائي مري وڃي ته هن مان ڇٽي پئون. ڪنھن وقت مائي نيت جو مرد آيو. مائي گهر ۾ ڪا نه هئي. مرد کي بک لڳي هئي، تنھن اهو کاڄ رکيل ڏسي کاڌو ته پيٽ ۾ وٽ پيس ۽ اتي ئي مري ويو.
    مائي نيت پوءِ اچي ڏسي ته؛ مڙس مئو پيو آهي. تڏهن کانئس به وات مان نڪري ويو ته؛ ”جھڙي نيت، تھڙي مراد.“
    ڀيٽيو:
    1- جو ٻئي جي لاءِ کڏ کڻندو، سو پاڻ ان ۾ پوندو.
    2- نانڪ نيڪ نيت صاف ڪر ته درگهه پوين قبول.


    78. جئسي ڪو تئسا ملا، ڏوم ڪو ملا نائي, اسني ڍولڪي بجائي، اسني آرسي بنائي.

    بنياد:
    هڪڙو ڏوم دهل ڳچيءَ ۾ پايو پئي ويو ته هڪ نائيءَ کي پريان ايندو ڏسي لڳو دهل تي دس هڻڻ. اهو دستور آهي ته لنگها جڏهن ڪنھن جي اڳيان يا ڪنھن جي در تي دهل وڄائيندا آهن ته مراد ڪري هنن کي ڪجهه مڙوئي ڏبو آهي. پر هي نائي پاڻ غريب سو ڪٿان ڏئيس. تنھن ڇا ڪيو جو آرسي ڪڍي ڏيکاريائينس. لنگهو آرسي وٺي ويٺو پنھنجو منھن ڏسڻ ۽ ڏاڙهي ٺاهڻ. اهو به دستور آهي ته نائيءَ کان رڳو آرسي وٺي ٿورو وقت ڪم آڻبي آهي يا رڳا نھن لھرائبا آهن ته هن کي ڪجهه ڏبو آهي. پر هي ٻئي پاڻ ۾ وهنواري ٿيا، نڪي نائي کي ڏيڻو پيو نڪي ڏوم کي.
    ڏکيا لفظ:
    ڏوم يعني لنگهو يا مڱڻھار.


    79. جئسي ڪو تئسا ملا، سن ري راجا ڀيل.

    بنياد:
    هڪڙو ماڻھو ڪيڏانھن سفر تي ٿي ويو. وٽس لوهه تمام گهڻو پيل هو، سو پنھنجي سنگتيءَ وٽ امانت رکي ويو. ڪن ڏينھن پڄاڻا جڏهن موٽي اچي پنھنجو لوهه گهريائينس، تڏهن سنگتيءَ چيس ته؛ ”ادا، تنھنجو سڀ لوهه ڪئا ٽڪي کائي ويا.“
    هن ڪڇو ڪين پر دل ۾ پڪو ارادو ڪيائين ته؛ ”هن کان انھيءَ ڳالهه جو ضرور پارو جهارو وٺندس.“
    هڪڙي ڏينھن، پنھنجي سنگتيءَ ۽ سندس پٽ کي پاڻ وٽ دعوت جي بھاني گهرائي، هن جو پٽ وجهه وٺي لڪائي ڇڏيائين. سنگتيءَ پڇيس ته؛ ”منھنجو پٽ ڪٿي آهي؟“
    تنھن تي لوهه جي مالڪ چيو ته؛ ”ادا، تنھنجي پٽ کي سرڻ لامارو ڏيئي کڻي ويئي.“
    هن چيس ته؛ ”ڪڏهن سرڻ به ٻار کڻي ويئي آهي؟“
    تنھن تي اڳلي چيس ته؛ ”ڪڏهن لوهه به ڪئا ٽڪي ويا آهن.“
    انھيءَ تان هندي واري چيو آهي ته:
    جئسي ڪو تئسا ملا، سن ري راجا ڀيل،
    لوهي ڪو چوها کا گيا، لڙڪا ليگئي چيل.
    (فئلن)


    80. جي نو نؤنداڻي، ڏهه حقا ته هرلا پڪا،

    جي ڏهه نؤنداڻي، نو حقا ته هرلا سڪا.
    بنياد:
    نؤنداڻي ذات جا ماڻھو اڪثر کيتيءَ جو ڪم ڪندا آهن ۽ انھن کي تماڪ ڇڪڻ جي ڏاڍي وٺ آهي. سڄو ڏينھن حقو وات تي هوندو اٿن. تنھن ڪري هي پھاڪو چوڻ ۾ آيو آهي ته؛ نونداڻي ڪم تڏهن ڪندا جڏهن هڪڙي هڪڙي کي جدا حقو ڇڪڻ لاءِ ته هوندو پر هڪڙو وڌيڪ حقو به تيار ٿيو رکيو هوندو ته جيسين هڪڙو حقو سڙي ۽ ٻيو ٺھي تنھن وچ ۾ اهو تيار ٿيل حقو ڇڪين نه ته هر ڪاهڻ ڇٽو.
    هن پھاڪي مان ٻيو ڪو خاص مطلب ڪو نه ٿو نڪري.


    81. ڄٽ بکيو موري کائي، موري بکه گهڻيري لائي

    ڳالهه پھاڪي مان پڌري آهي.
    مراد ته سڀ ڪنھن ڳالهه جو آڳو پيڇو ڳڻجي جو ائين نه ٿئي ته جنھن فائدي کي ڪڙهجي تنھن فائدي ٿيڻ بدران مرڳو گهاٽو پوي.


    82. ڄٽيءَ سٽ پسايو، واڻئي وڌيس وٽي،

    82. ڄٽيءَ سٽ پسايو، واڻئي وڌيس وٽي،
    ڄٽيءَ ليکي واڻيو مٺو، واڻئي ليکي ڄٽي،
    مٺي سا ئي ڄٽي، ڙي مٺي سا ئي ڄٽي.
    يا ائين به چون:
    ڄٽيءَ سٽ پسايو، واڻئي وڌيس وٽي،
    ڄٽيءَ ليکي واڻيو مٺو، مٺي سا ئي ڄٽي.
    ڳالهه پھاڪي مان پڌري آهي.
    ڀيٽيو:
    ٺڳ ٺڳي جڳ کي، سياڻو ٺڳي ٺڳ کي.


    83. چت تي چوٽا ته مدعي رد.

    83. چت تي چوٽا ته مدعي رد.
    بنياد:
    هڪڙو بادشاهه ڪنھن شڪار جي پٺيان پوندي پنھنجي لشڪر کان ڇڄي وڃي ڪنھن گهاٽي جهنگ ۾ پيو، جتي اُڃ ڏاڍو هلاک ڪيس. هو پوءِ هڪ جهوپڙي ويجهي ڏسي، ان ۾گهڙي ويو. اتي هڪ فقير ويٺو هو، تنھن کي پاڻيءَ ڍڪ لاءِ سوال ڪيائين. فقير هن کي پاڻي پياريو ۽ پڇيائينس ته؛ ”ٻيو به ڪي کپيئي؟“
    هن چيس ته؛ ”آءٌ بادشاهه آهيان، مونکي سائينءَ سڀڪي ڏنو آهي. باقي اها دعا ڪرينم ته منھنجا مدعي مات ٿين.“
    فقير چيس ته؛ ”هن وقت تنھنجي گهوڙي ۽ تنھنجي بت تي جيڪو مال آهي سو لک ٻن جو ٿيندو ۽ تون تن تنھا جهنگ ۾ پيو ڦرين، جتي جيڪو دشمن نه هجيئي سو به جيڪر ڌن مال جي لالچ تي ڦري دشمن ٿي بيھي پوي. اها سڌ ڪئن ٿو ڪرين ته تنھنجا مدعي مات ٿين.“
    بادشاهه پڇيس ته؛ ”پوءِ نيٺ ڪا واهه آهي به؟“
    فقير تنھن تي اها پھاڪو چيس.
    مراد ته چت تي چوتو چاڙهبو ته من جا وڪڙ ڍڪبا. پوءِ ويري به متر سمان پيا ڀانئبا. (مھراج جئه ڪرشن).
    ڏکيا لفظ:
    چوتو معنيٰ لانگوٽي.


    84. چٽي چنيجن جي، پُرڻ تي پيئي.

    84. چٽي چنيجن جي، پُرڻ تي پيئي.
    بنياد:
    چنيجن ڀرسان، پرڻ ڳوٺ آهي. ٻئي ڳوٺ موري تعلقي، ضلع نوابشاهه (موجودھ دور ۾ ضلع نوشھروفيروز) ۾ آهن. هڪ لڱا چنيجن جي ڪن رهاڪن جو پُرڻ جي ڪن رهاڪن سان تڪرار ٿيو. پُرڻ وارن وير وٺڻ لاءِ ڪن ڌاڙيلن کي ڇيڙيو ته؛ ”چنيجن ۾ فلاڻن تي وڃي پئو.“
    ڌاڙيلا ڀلجي وڃي پرڻ وارن تي پيا. تنھنڪري ائين چوندا آهن.
    ڀيٽيو:
    1- اَٽو کائي ڪوئو، مار پوي گابي تي.
    2- کٽيو کائي کتيجا، ڌڪ جهلي ڌيڻس.
    3- ڪن جي آهيءَ ڪير وڃن.


    85. چرئي کان پڇيائون؛ ”ڪئن؟“ چي؛ ”ويران وير وڌ.“

    85. چرئي کان پڇيائون؛ ”ڪئن؟“ چي؛ ”ويران وير وڌ.“
    ڳالهه پھاڪي ۾ ئي پيئي آهي.
    جو ذاتي چريو هوندو سو گهڻي تربيت کانپوءِ به سڌريل نه ڏسبو. ويتر اڳي کان وڌيڪ چريو هوندو.
    جڏهن ڪو بيوقوفيءَ جو ڪم يا مورکانيءَ جي ڳالهه ڪندو آهي، تڏهن ائين چوندا آهن.
    ڏکيا لفظ:
    ويران وير وڌ معنى ڏينھان ڏينھن واڌو.


    86. چريا ڏئي چار، وڇان وٺجي هڪڙي.

    86. چريا ڏئي چار، وڇان وٺجي هڪڙي.
    بنياد:
    واڇان نالي هڪ چري زال ٿي گذري آهي. هوءَ پاڻي پيئندي هئي، پرڻ ۾ ۽ ڇيڻا ٻڌندي هئي نوڙيءَ سان. هڪڙي ڏينھن ڇيڻن جي ڍڳ کي نوڙي ويڙهي وٺي ڇڪ ڏنائين ته ڇيڻا سڀ نوڙيءَ مان نڪري ويا. ٻه چار ڀيرا ٻڌڻ جي ڪوشش ڪيائين پر ڇيڻا نه ٻڌي سگهي. تڏهن ڪڪ ٿي ڇيڻن کي چيائين ته؛ ”ٻجهو ته ٻجهو، نه ته مور نه ٻجهو.“
    انھيءَ ڪري مٿيون پھاڪو، اکري معنى موجب، هن طرح به چوندا آهن:
    ”چريا ڏيئي چار واڇان وٺجي هڪڙي،
    سڻ واڇان جا پار، جا نوڙي کڻي هلي ڇيڻن کي،
    چي؛ ٻجهو ته ٻجهو نه ته مور نه ٻجهو.“
    مطلب هي آهي ته چار چريا ايتري چريائي جيڪر ڪين ڪن، جيتري جيڪر هڪڙي واڇان ڪري. يعني واڇان چئن چرين جي مَٽُ آهي.
    هي پھاڪو بيعقلن سان لڳائبو آهي.


    87. چري پاڻ ٿياس، متيون ڏيندي لوڪ کي.

    87. چري پاڻ ٿياس، متيون ڏيندي لوڪ کي.
    بنياد:
    هن پھاڪي جو بنياد ليلا چنيسر جي قصي تي ٻڌل آهي.
    ليلا ڏاڍي سياڻي هئي. شاهه عبداللطيف پنھنجي رسالي ۾ ليلا جي واتان چوائي ٿو ته:
    ”ڏاهي هيس ڏيھ ۾ سرتين منجهه سڄاڻ”
    پر ليلا جو عقل کٿو جو ڪؤنروءَ کان هار ورتائين، جنھن ڪري چنيسر کيس ڏهاڳ ڏيئي ڇڏيو.
    جڏهن ڪنھن کان اوچتو ڪا اهڙي خطا ٿيندي آهي جا جيڪر هو ھونءَ ڪين ڪري، تڏهن پڇتائيندي ائين چوندو آهي.


    88. چمڙن جي گهر ويا مھمان، چي؛ اسين پيا لٽڪون، اوهين به لٽڪو.

    88. چمڙن جي گهر ويا مھمان، چي؛ اسين پيا لٽڪون، اوهين به لٽڪو.
    اصل هندي؛ چمگدرون ڪي گهر مھمان آئي، هم ڀي لٽڪين، تم ڀي لٽڪو.
    بنياد:
    هڪ لڱا، گهڻي برسات پوڻ سبب، ڪي پکي اڏامي ڪنھن سڃيءَ جاءِ ۾ ويا. اتي ڏسن ته سڄي جاءِ چمڙن سان ڀري پيئي آهي. تڏهن منجهانئن هڪ، ڪنھن چمڙي کي چيو ته؛ ”ادا، اسان کي مينھن ۽ سيءَ سٽي ڇڏيو آهي. پاڻ وٽ ٿوري وقت لاءِ اسان کي اجهو ڏيو.“
    چمڙي وراڻي ڏنيس ته؛ ”اسان وٽ اوهان وانگر آکيرا ٺھيل ڪونھن. جئن اسين ڀتين ۽ ڇتين تي لٽڪون پيا، تيئن اوهين به بلاشڪ اسان وانگر اچي لٽڪو.“
    مراد ته بڇڙو ماڻھو چڱي واٽ ڪڏهن ڪين ڏسيندو.


    89. چنڊ کي ڏُهي، پوءِ سڄي پاڳ.

    89. چنڊ کي ڏُهي، پوءِ سڄي پاڳ.
    بنياد:
    گهڻا ماڻھو چنڊ جي ڏينھن، جڏهن چنڊ ڏسن تڏهين پڳ مان ڏُھي ڇني چنڊ ڏي اڇلائين. جو سمجهندا آهن ته؛ ”ائين ڪرڻ ڪري سڄو مھينو سک جو لنگهندو ۽ ڀاڳ ورندو.“
    پر اها ڏُهي ڏبي آهي چنڊ جي ڏينھن. پھرين يا ٻي تاريخ ٿي ويئي، پوءِ جي ڏُهيءَ بدران سڄي پڳ کڻي ڏجي ته ان جو ثواب نه ملي.
    پھاڪي جي مراد آهي ته جو ڪم جنھن وقت ٿيڻو هجي سو تنھن وقت ڪجي.
    ڏکيا لفظ:
    ڏُھي يعني تند يا ڌاڳو.


    90. چورن مٿان مور پيا، اڌ ورھائي کڻي ويا.

    90. چورن مٿان مور پيا، اڌ ورھائي کڻي ويا.
    اصل هندي؛ چور ڪي گهر مور.
    بنياد:
    اهو اصل هندي پھاڪو آهي. ٻنھي جو بنياد ساڳيو آهي. (روچيرام گجو مل)
    ڪن چورن، ڪنھن هنڌ چوريءَ جو مال ويٺي پاڻ ۾ ورھايو. هو پنھنجي ڪم ۾ مشغول هئا ته هڪڙو مور جهٽ هڻي، هڪ موتين جو هار کڻي وين ۽ هڪڙو هڪڙو موتي ڪري ڳيھي ڇڏيائين. تنھن تان اهو پھاڪو چوڻ ۾ آيو آهي.
    اھو ڪتب تڏهين آڻبو آهي، جڏهن ڪنھنکي ڪنهن اڻ سھائيندي رستي ڪجهه مالي ملندي آهي ۽ ڪو ٻيو اها سموري يا ان جو حصو تڳائي يا کسي ويندو اٿس.


    91. ڇوڪرن کان شيطان به پناهه گهري آهي.

    91. ڇوڪرن کان شيطان به پناهه گهري آهي.
    بنياد:
    هڪ ڏينھن شيطان باندر جي روپ ۾ اچي ڪن ڇوڪرن جي ٻاريءَ وٽان لنگهيو. ڇوڪرن کي باندر راند ٿي آيو. سو ڪنھن منھن کان ته ڪو پير کان ته ڪو پڇ کان پيو جهليس. باندر ڪجهه ڪڇيو ڪين. تڏهن هڪ ڇوڪر ڪاٺي کڻي شيطان کي ٽنبي. ان تان شيطان دانھون ڪندو ڀڳو. (فئلن)
    ڀيٽيو:
    ڇوڪر ڇتي ذات، ڀؤن ڀؤن ڪن ڀڳت ۾.


    92. خبر پوندي تيسين، جڏهن هٿوراڙيون ڏيسين.

    92. خبر پوندي تيسين، جڏهن هٿوراڙيون ڏيسين.
    بنياد:
    هڪڙي مائيءَ جو پٽ هو ڪاڻو، جو ڪٿي نه ٿي اگهاڻو. نيٺ ماڻس هڪڙي هنڌ اگهه وڌس. پر اڳلن کي سڌ ڪا نه ڏنائين ته ڇوڪري کي اک ۾ حساب آهي. جڏهن وهانءَ جا سانباها ٿيا ۽ ڪنواريتي گهران موڙا آيا تڏهن گهوٽ ماءُ جهمريون پائي چوڻ لڳي ته؛ ”آءٌ واڌايون واريان منھنجو ڪاڻو اگهاڻو.“
    هيءَ ڳالھ ٻڌي ڪنواريتي پھر مان هڪڙو ماڻھو ڊوڙيو، تنھن وڃي ڪنوار-ماءُ کي ٻڌايو ته؛ ”گهوٽ ڪاڻو آهي.“
    ڪنوار ماءُ چيس ته؛ ”خبر پوندي تيسين، جڏهن ڇوري هٿوراڙيون ڏيسين.“
    ڪي وري چون ته چيائين ته؛ ”پاڻيھي خبر پوندي، جڏهن ڇوري هٿوراڙيون هڻندي.“
    ڪيئن به هجي پر پھاڪو مٿين طرح چوڻ ۾ ايندو آهي. هن معني سان ته؛ ”خبر تڏهن پوندي جڏهن وڏتڻ ڪري نظر گهٽبي ۽ اولاد اڳيان هٿوراڙيون ڏبيون.“ يعني اولاد جي محتاجي ڪڍبي.
    ڏکيا لفظ:
    اگھ وڌس معنيٰ مڱايس.


    93. حق به رکي، ناحق به رکي.

    93. حق به رکي، ناحق به رکي.
    بنياد:
    ھڪڙي ڪنڀر ڪنھن سنگتيءَ سان زماني سازيءَ جي ڳالهه ڪندي چيو ته؛ ”ڪريئي تا ڏريئي نا ڪريئي تا نا ڏريئي.“ يعني ڪو ابتو ڪم ڪجي ته ڊڄجي پر جي ڪجي ئي نه ته پوءِ ڊڄجي ڇو؟
    سندس سنگتيءَ چيس ته؛ ”ڪريئي تا ڏريئي نا ڪريئي تا ڀي ڏريئي.“ يعني ڪجي ته به ڊڄجي ۽ جي نه ڪجي ته به ڊڄجي.
    ڪنڀر اها ڳالهه مڃي ئي نه.
    هڪڙي ڏينھن سندس سنگتيءَ پڇيس ته؛ ”جيئن ٻيا ٿانءَ ٿپا ٿو ٺاهين، تيئن جيڪر ٺڪر جا رپيا ٺاهي سگهين؟“
    ڪنڀر چيو ته؛ ”هائو. توکي کپن ڇا؟“
    چي؛ ”هڪڙا سؤ روپيا جوڙي ڏينم.“
    ڪنڀر چيس ته؛ ”چڱو، ٽن چئن ڏينھن کانپوءِ اچج ته ڏيندو سانءِ.“
    ڪنڀر جو سنگتي ٻئي ڏينھن ٻه ماڻھو پاڻ سان وٺي ڪنڀر جي در تي ويو ۽ ٻاهران هڪل ڪري پڇيائينس ته؛ ”سؤ روپيا اڄ ڏيندين؟“
    ڪنڀر اندران جواب ڏنو ته؛ ”مون ٽن چئن ڏينھن جو مدو وڌو هو، تون اڄ ڪيئن ٿو گهرين. سڀاڻي اچي پنھنجا سؤ رپيا وٺج.“
    هن ماڻھوءَ پنھنجن سنگتين کي چيو ته؛ ”توهين هن ڳالهه جا شاهد رهجو.“
    ٻن ڏينھن کان پوءِ هو ماڻھو، اهي ساڳيا شاهد وٺي، ڪنڀر جي گهر ويو ۽ رپيا گهريائينس. ڪنڀر ٺڪر جا سؤ رپيا آڻي اڳيان ڍيري ڪيس. سنگتيءَ چيس ته؛ ”هي ڏين ڇا ٿو؟“
    چي؛ ”تنھنجا رپيا.“
    شاهدن چيو ته؛ ”هن کان سؤ روپين اُڌارا وٺي ان جي بدران ٺڪر جا رپيا ٿو موٽائين. توکي سرڪار جو به ڊپ نه ٿو ٿئي.“
    ڪنڀر ويچارو وائڙو ٿي ويو. شاهدن کي چيائين ته؛ ”منھنجو انجام ٺڪر جي رپين جو هو ۽ نه چانديءَ جي رپين جو.“
    جڏهن دڙڪو ڏنائونس ته؛ ”سؤ رپيا ڪلدار، جي نه ڏيندين ته تو تي مقدمو ٿيندو.“
    تڏهن ڪنڀر جي واتان نڪتو ته؛ ”حق به رکي ناحق به رکي.“
    سندس سنگتيءَ اهي لفظ ٻڌي پڇيس ته؛ ”هاڻ ڪيئن ٿو ڀانئين؟ مون سچ ٿي چيو نه ته؛ ڪريئي تا ڀي ڏريئي نا ڪريئي تا ڀي ڏريئي.“
    ڪنڀر چيو ته؛ ”ادا، بيشڪ! سچو آهين.“
    مراد ته سرڪار جو توڙي ڌڻيءَ جو، ڊپ ڪرڻ چڱو آهي.
    ڀيٽيو:
    جيترو ڀؤ، تيترو ڍؤُ.


    94. ڌرت پڙيئي، ڌرم نه ڇوڙيئي.

    94. ڌرت پڙيئي، ڌرم نه ڇوڙيئي.
    هيءَ تڪ، گرنٿ صاحب مان آهي ۽ گورو تيغ بھادر جن جي چيل آهي:
    چت چرن ڪنول ڪا آسرا چت ورن، ڪنول سنگ جوڙيئي،
    من لوچي برائيان گر شبدي اهه من موڙيئي،
    ٻانھن جنادي پڪڙيئي سر ديجي ٻانھن نه ڇوڙيئي،
    گور تيغ بھادر ٻوليا؛ ڌرت پڙيئي ڌرم نه ڇوڙيئي.
    مراد ته پنھنجي ڌرم ڪرم تي قابو رهڻ گهرجي.


    95. ڌڻي ڏيڻ تي اچي ته چپر چيڙي به ڏئي.

    95. ڌڻي ڏيڻ تي اچي ته چپر چيڙي به ڏئي.
    بنياد:
    هڪڙو ماڻھو جهنگ مان پئي ويو. واٽ تي حاجت ضروري جي خيال ٿيڻ سببان، ڪنھن گوشائتي هنڌ وڃي ويٺو. هن کي آبدست لاءِ پاڻي نه هو. تنھنڪري پٽ تي گيسي گهي، بت صفا ٿي ڪيائين ته ٿڙن وٽ، ٺڪري لڳيس جا زمين ۾ گتي پيئي هئي. هن زور ڏيئي اها ٺڪري زمين مان ٿي ڪڍي ته ناڻي جي دکي نڪري آئي. تنھن تي ائين چيائين.
    ڀيٽيو:
    1- الله ٿئي راضي ته ڌوڙ مان به ڌن.
    2- الله ٿئي راضي ته واريءَ مان به ڌن.


    96. ڏسجي ته اُٺ ڪھڙي ڪڙيءَ ٿو وهي.

    96. ڏسجي ته اُٺ ڪھڙي ڪڙيءَ ٿو وهي.
    اصل هندي: ديکئي اونٽ ڪس ڪل بئٺتا هي.
    بنياد:
    هڪڙي ڪنڀر ۽ هڪڙي باغائيءَ، گڏجي هڪڙو اُٺ ڀاڙي ڪيو. ڪنڀر اُٺ جي هڪ پاسي پنھنجا ٿانءَ ٿپا رکيا ۽ باغائيءَ ٻئي پاسي ڀاڄي ۽ ميوو رکيو. واٽ تي اُٺ ڪنڌ ورائي باغائيءَ جي مال ۾ چڪ هڻڻ لڳو سو ڏسي ڪنڀر کليو. تڏهن باغائيءَ چيس ته؛ ”ڏسجي ته اُٺ ڪھڙيءَ ڪڙيءَ ٿو وهي.“ يعني ته کل نه، جو خبر نه آهي ته اٺ هشڻ مھل ڪھڙي پاسي ليٽ ڪري.
    جڏهن منزل تي پھتا، تڏهن اُٺ هشڻ مھل ٿانون جي پاسي ليٽ ڪئي. جنھن ڪري ڪنڀر جا سڀ ٿانءَ ڀڄي ٽڪر ٽڪر ٿي پيا ۽ کل وسري ويس. (فئلن)
    هي پھاڪو هن معني سان ڪم آڻبو آهي ته؛ ڏسجي ته آخر ڇا ٿو ٿئي.


    97. رن چشڪي هري، رکي آرتوار.

    97. رن چشڪي هري، رکي آرتوار.
    بنياد:
    هڪڙي شخص جي جوءِ، وات جي چٽي هئي. هڪڙي ڏهاڙي مڙس کي کاڄ کارائي پاڻ لنگهڻ ويھي رهي. مڙس کي چيائين؛ ”آرتوار جو ورت اٿم.“
    تنھن ويچاري ڪھل ڪري بازار مان کير پيڙا آڻي کارايس. ورندي ڏهاڙي پڻ رن اُن مھل آرتوار جو منھن ڪري لنگهڻ ويھي رهي. تڏهن مڙس کلي هي پھاڪو چيو.
    مطلب هي آهي جو لچ ماڻھوءَ تي هڪڙي ڀيري مھرباني ڪبي ته وري وري هري گستاخ ٿيندو. (گلشڪر)


    98. ست ڪوئا کائي ٻلي، حج تي چڙهي.

    98. ست ڪوئا کائي ٻلي، حج تي چڙهي.
    بنياد:
    ڪنھن گهر ۾ هڪڙيءَ ٻليءَ ڪوئن مان ڏاڍا وارا ڪيا هئا. تنھنڪري ڪئا سندس ڊپ سببئون ٻر کان ٻاهر ئي ڪين نڪرندا هئا. ٻه ٽي ڏينھن جڏهن ٻليءَ جي ائين سُڪ تي وهاڻي، تڏهن چيائين؛ ”هاڻ ضرور ڪا حڪمت ڪجي نه ته آئينده بک ۾ پاهه ٿبو.“
    هن پوءِ منھن کي کڻي ڀڀوت لاتي ۽ تسبيح هٿ ۾ کڻي ڪئن جي ٻر اڳيان بيھي، الله الله ڪرڻ لڳي. ٻليءَ جي آواز تي ڪئن ٻر مان نھار ڪئي ته ٻليءَ چين؛ ”ٻچا توهين ڊڄو نه. آءٌ هينئر حج ڪري آئي آهيان ۽ ڌڻي جل شانہٗ شل منھنجا اڳيان گناهه مرهيندو. باقي آئينده مون ڪنھن کي به ڏکوئڻ کان توبہ ڪئي آهي.“
    ائين چئي ٻلي استغفار پڙهڻ لڳي.
    ڪئن ڏٺو ته هيءَ ته سچي پچي حاجياڻي آهي. بي ڊپا ٿي نڪتا ٻاهر. پر ٻلي اهڙو ڪڇي، جھڙي ڀت. جڏهن سڀئي ڪوئا، مال زيان ڪري ٻر ڏي ٿي موٽيا، تڏهن ٻلي سندن ٻر کي پٺ ڏيئي ويھي رهي ۽ جيڪو ڪوئو ٻر ۾ گهڙڻ لاءِ ٿي آيو تنھن کي ويئي نڙيءَ هيٺان لنگهائيندي، تان جو سڀيئي ڪوئا کائي کپائي ڇڏيائين.
    هيءُ پھاڪو تڏهن ڪم آڻبو آهي، جڏهن ڪو ماڻھو ڪنن ڪمن ڪندي يا اڍنگي هلت هلندي به چوي ته؛ ”اسين انھن ڳالھين کان مٿي آهيون ۽ ائين ڪرڻ اسان جي ڪتي جو به وڙ نه آهي.“


    99. ستن ڪونھان جاڳندن وڇون. يا؛ ستن جون پاڏا ڄڻين.

    99. ستن ڪونھان جاڳندن وڇون. يا؛ ستن جون پاڏا ڄڻين.
    ڏسو؛ جاڳندن جون وڇون، ستلن جا ڪونھان.


    100. شوروو حلال، ٻوٽيون مردار

    100. شوروو حلال، ٻوٽيون مردار
    بنياد:
    هڪڙو ملو ڪنھن ماڻھوءَ جي گهر اوچتو ويو. هن ملي کي مانيءَ جي صلاح ڪئي. پر چيائينس ته؛ ”تيوڻ گهر ۾ رکيل ڪونھي، ماني ڇا سان کائيندين؟“
    ملي چيو ته؛ ”جيڪا جائي جواري هوندي، سا کائبي.“
    ڪجهه وقت کانپوءِ ماني ۽ ٻوڙ ملي وٽ کڻي آيا. ملي پڇو ته؛ ”ٻوڙ ڪٿان آيو؟“
    گهر جي مالڪ چيو ته؛ ”اڳهڻو هڪ مرغي پاڻ کان پاڻيھي گهر ۾ پيھي آئي، سا کڻي پاتي سون.“
    ملي چيو ته؛ ”چوريءَ جو مال آءٌ نه کائيندس.“
    مالڪ چيس ته؛ ”کائين ته ڇٽين.“
    ملي ڏٺو ته هاڻي رکي ماني کائڻي ٿي پوي، سو هن کان پڇيائين ته؛ ”ٻوڙ ۾ گيھه ۽ مصالحا ڪنھن جا آهن؟“
    هن چيو ته؛ ”اهي اسان جا آهن.“
    وري پڇيائين ته؛ ”پاڻي ڪنھن جو آهي؟“
    هن چيس ته؛ ”اهو اسان جو آهي.“
    تنھن تي ملي چيو ته؛ ”تڏهن شوروو حلال آهي پر ٻوٽيون (سڌيون) نه.“
    هن ڪيويءَ سان سڌيون پاسيريون ڪري، هن کي شوروو ليٽائي ٿي ڏنو ته شوروي سان ٻوٽيون يا سڌيون ملي کي اچي ويئون. هن اهي سڌيون موٽائي ٿي ڪڍيون ته ملي چيس؛ ”ڪڍ نه! جو آپ سي آتا هي، آني دو.“
    ڀيٽيو: ڪوڏي حرام، بغچو حلال.


    101. شيطان واري ڳڙ جي آڱر.

    101. شيطان واري ڳڙ جي آڱر.
    بنياد:
    ڪنھن ماڻھوءَ شيطان کي چيو ته؛ ”تون ماڻھن کان بڇڙا ڪم ڇو ٿو ڪرائين؟ جو ويچارن کي خدا وٽ سزا سھڻي ٿي پوي.“
    شيطان چيس ته؛ ”انھيءَ ۾ منھنجو ڪو ڏوهه ڪونھي ۽ جي چوين ته هنيئر جو هينئر تو کي اها ڳالهه ثابت ڪري ڏيکاريان؟“
    شيطان پوءِ هڪ پساريءَ جي هٽ تي چڙهي دڪان جي ٿنڀي تي ڳڙ جي آڱر ڀري هنئي ۽ هن ماڻھوءَ کي چيائين ته؛ ”هاڻ پريان بيھي رنگ ڏس.“
    ڳڙ تي ڪيتريون مکيون اچي مڙيون. هڪ چچيءَ مکين کي ڏسي دل ۾ چيو ته؛ ”ڀلي ته گهڻيون مکيون گڏ ٿين. پوءِ منجهائن وارو ڪريان.“
    انھيءَ دوڪان ۾ هڪ ٻلي هئي، تنھن وري ڪرڙيءَ ۾ اک رکي.
    ايتري ۾ دڪان تي هڪ ٻروچ سؤدي لاءِ آيو، تنھن سان هڪ ڪتو هو. ڪتي جون اکيون جهٽ ٻليءَ ۾ پيئون.
    ڪنھن وقت ٿنڀي تي، تمام گهڻيون مکيون ڏسي ڪرڙيءَ مٿن ٽپ ڏنو. ٻليءَ ڏنو ڪرڙيءَ تي. ڪتو وري ڪاهي پيو ٻليءَ پٺيان.
    ڪتي ۽ ٻليءَ جي وڙهڻ ڪري، دڪاندار جا ڪنا ۽ پارا ڪِري ڀڄي پيا. دڪاندار کي جا لڳي چڙ، تنھن کڻندي سير جو تورو، ٺڪاءُ ڪرايو ڪتي کي ته ڪتي جو مغز ڏري پيو.
    ٻروچ جو پيارو ڪتو مري مري ويو تنھن تان هن کي اهڙو جوش آيو جو ڪڍندي ترار پساريءَ جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيائين.
    تڏهن شيطان هن ماڻھوءَ کي چيو ته؛ ”ڏٺئه ته ڪيترا گناهه پاڻ کان پاڻيھي ٿيا. مون ته رڳو ڳڙ جي آڱر ٿنڀي تي هنئي.“
    هن شخص چيس ته؛ ”سِٽا سِٽي تو! جي ڳڙ جي آڱر ٿنڀي تي نه هڻي ها ته هيترا ڪم ٿين ئي ڪين ها.“ (دل بھار ڪتاب مان)
    جملي ۾ هن طرح ڪم آڻبو آهي. ”شيطان واري ڳڙ جي آڱر هڻي پاڻ ڪڍائي ويو.“ يعني لوُتي لائي، ڪرهن مچائي نرليپ تي ويٺو.
    هي پھاڪو معاملن مچائيندڙ ماڻھن سان لڳائبو آهي، جن لاءِ اصطلاحًا سنڌيءَ ۾ هيءُ لقب آهن.
    1. ڇيڻاڀور.
    2. ٻه گهر ٻارو.
    3. لُوئا لائوُ يا لوتيون لائيندڙ.
    4. کڏهرو يا کڏن-کوٽ.
    اهڙن ماڻھن سان هيٺيان پھاڪا ۽ اصطلاح، جملن ۾ لڳائي ڏيکاريو.
    1. کير ۾ موري وجھڻ.
    2. ککر ۾ کلو يا کڙو هڻڻ.
    3. ستيون مکيون جاڳائڻ.
    4. آءُ ته ڀيڻ ڪرهن ڪريون.
    5. گوڏي تائين کڻي بيھڻ.
    6. لنگهي لاٿي لوئي ته ڪيا ڪرينگا ڪوئي.
    7. نانگو ننگان نڪتو، نانگي ڪھڙو ننگ.
    8. ڀت ۾ ڪٻر وجهڻ.
    9. کوهه ۾ کودو وجهڻ.
    10. مھيءَ لڙ ڪرڻ.
    11. چانڊيا مگسي.
    12. ناروي سڀاءُ.
    ڏکيا لفظ:
    چچيءَ معنيٰ ڪرڙيءَ.
    لوُتي لائڻ معنيٰ
    نرليپ تي ويھڻ معنيٰ


    102. عشق نه ڏسي ذات، نه ڏسي ڪذات.

    102. عشق نه ڏسي ذات، نه ڏسي ڪذات.
    بنياد:
    هڪڙو بادشاهه هر روز پنھنجي وزير کان پڇندو هو ته؛ ”ڪھڙي خبر چار؟“
    وزير هميشه اهو ئي جواب ڏيندو هو ته؛ ”جيئندا قبلا مڙيوئي خير آهي.“
    هڪ لڱا وزير اها ڳالهه راڻيءَ سان ڪئي. تنھن چيس ته؛ ”مون کان خبر چار پڇندو وڃ ته آءٌ تو کي ٻڌايان.“
    وزير چيس ته؛ ”ڀلا اڄ ڪا خبر چار ٻڌاءِ.“
    راڻيءَ چيس ته؛ ”پھريائين تون مونکي ٻڌاءِ ته بادشاهه شڪار تي وڃڻو آهي؟“
    وزير چيو ته؛ ”هائو! ڇهين بجي شام جو ويندو.“
    راڻيءَ چيس ته؛ ”تون ستين بجي مون وٽ اچج ته آءٌ تو کي خبر چار ٻڌائيندس.“
    وزير انھيءَ وقت تي راڻي وٽ ويو. راڻيءَ هن کي پاڻ سان وٺي شھر جي ڌوٻي گهاٽ ڏي ويئي ۽ اتي وزير کي چيائين ته؛ ”فلاڻي ڀونگيءَ ڏي چتائي پيو نھارج.“
    وزير ائين ڪيو. ڪنھن وقت وزير ڏٺو ته بادشاهه سلامت انھيءَ ڀونگي ۾ پيو وڃي. وزير راڻيءَ وٽان اشاري ملڻ تي وڌي اڳڀرو ٿيو ۽ ڀونگيءَ وٽ بيھي ڪن ڏيئي ٻڌڻ لڳو. انھيءَ ڀونگيءَ ۾ هڪ کٽياڻي رهندي هئي، تنھن کي بادشاهه چيو ته؛ ”آءٌ شڪار تان ٿڪجي آيو آهيان. مونکي اُڃ ڏاڍي لڳي آهي. پر پھريائين ڪجهه ڏينم ته کائي پوءِ پاڻي پيئان.“
    کٽياڻيءَ چيو ته؛ ”ماني مون وٽ ڪانھي. باقي پاروٿا چانور رکيا آهن، سي چئو ته ڏيانوَ.“
    بادشاهه چيو ته؛ ”اهي ئي ڪار.“
    بادشاهه اهي چانور وٺي کاڌا ۽ پوءِ پاڻي گهريائين. کٽياڻيءَ وٽ پاڻي رکيل به ڪو نه هو. سا ڌوٻي گهاٽ تان وٽو پاڻيءَ جو ڀري آئي. بادشاهه اهو پاڻي پي چيس ته؛ ”هاڻي ڪا کٽ ڏينم، جنھن تي ٻه گهڙيون ليٽان.“
    کٽياڻيءَ چيس ته؛ ”اها ڀڳل کٽ، جنھن تي ويٺو آهين، تنھن ڌاران ٻي ڪا کٽ مون وٽ ڪانھي.“
    بادشاهه پوءِ انھيءَ ئي کٽ تي ليٽي پيو.
    وزير ۽ راڻي، پوءِ سٽ کڻي پنھنجي جاءِ ڏي ويا. صبوح ٿيو ته ڪچھري مڙي. بادشاهه وزير کان دستور موجب پڇيو ته؛ ”وزير، ڪھڙي خبر چار؟“
    وزير چيو ته؛
    ”عشق نه جاني ذات ڪذات، بوک نه جاني باسي ڀات،
    پياس نه جاني ڌوٻي گهاٽ، نيند نه جاني ٽوٽي کاٽ.“
    بادشاهه کي سڀيئي ڳالھيون دل سان لڳي آيون. تنھن شرم وچان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو.
    ڀيٽيو:
    1- عشق انڌو آهي.
    2- عاشق انڌا هوتا هي.
    ڏکيا لفظ:
    باسي ڀات معنيٰ پاروٿا چانور.
    ٽوٽي کاٽ معنيٰ ڀڳل کٽ.


    103. فقير دعا نه ڪئي، چي؛ ”جھڙي نيت تھري مراد.“

    103. فقير دعا نه ڪئي، چي؛ ”جھڙي نيت تھري مراد.“
    ڏسو: جھڙي نيت تھڙي مراد.


    104. ڪتا تو نه منھن، تنھنجي ڌڻيءَ منھن.

    104. ڪتا تو نه منھن، تنھنجي ڌڻيءَ منھن.
    ڏسو؛ بڇڙو ڪتو، ڌڻي پڻائي.


    105. ڪتو ڪڙم جو ويري.

    105. ڪتو ڪڙم جو ويري.
    ڪتي جي عادت آهي ته ٻيو ڪو ڪتو ڏسي ته ڀؤنڪيس يا ڏاڙهيس يا ته پٺيان ڪاهي پويس. مطلب ته پنھنجي ڪڙم وارن يا ذات ڀاين کي ڪين سھي تنھنڪري ائين چيو اٿن.
    جو ماڻھو پنھنجي ڀائرن يا نيات وارن جو بد-خواهه هوندو آهي، تنھن جي نالي ائين چوندا آهن.
    ڏکيا لفظ:
    ڪڙم معنيٰ ڪٽنب.


    106. ڪتي جو ڪارو منھن، رٻ اوتري جي اوتري

    106. ڪتي جو ڪارو منھن، رٻ اوتري جي اوتري
    بنياد:
    هڪڙي غريب رٻ جو ڪنو رنڌي رکيو، تنھن ۾ ڪتي اچي ٻوٿ وڌو. پر رٻ کائڻ کان اڳي، مالڪ هڪلي ڇڏيو. ڏٺائين جو ڪتي رٻ ڪا نه کاڌي، رڳو ڪنو نوسيائين ۽ ڪني جي ڪارنھن، منھن کي لڳيس. تڏهن ڪني جي ڌڻيءَ کلي هي پھاڪو چيو.
    مطلب پھاڪي جو هيءُ آهي جو ٻن يارن جي وچ ۾ هڪڙو ڇيڻا-ڀور پئجي هڪڙي جي ٻئي وٽ گلا ڪري ڏڦيڙ وجهي، پر جڏهن هو ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ ڳالھيون ڪري ٻڌي لائيءَ چائيءَ واري جي ڳالهه کي گڏهه جي هينگ جھڙو ڄاڻي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿين، تڏهن ان ٻچاپڙي جي واسطي هي پھاڪو چوڻ ۾ اچي. (گلشڪر)


    107. ڪڍ ڪڪڙ دائـري مان.

    107. ڪڍ ڪڪڙ دائـري مان.
    بنياد:
    ڪنھن دائري ۾ گلن جون چڪيون ۽ وڻ گهڻا هئا. هڪڙي ڏينھن هڪ ڪڪڙ هڪڙي چڪيءَ تان ٻيءَ تي ۽ ٻيءَ تان ٽيئن تي ٽپ ڏيئي پئي چڙهي ۽ وڻ پئي خراب ڪيائين. تنھن تي دائري جي هڪ فقير چيو ته؛ ”ڪڍ ڪڪڙ دائري مان وڻ ٿي وڃائي.“
    مراد ته جنھن جي سنگ مان ڇيھو رسي تنھن سان سنگ ٽوڙي ڇڏجي ۽ جنھن ڪم مان خراب نتيجو نڪري انھيءَ ڪم جي پچر ئي کڻي ڦٽي ڪجي.


    108. ڪري سو پائي، فقير کير کنڊ کائي.

    108. ڪري سو پائي، فقير کير کنڊ کائي.
    اصل هندي؛ ڪريگا سو پائيگا، فقير گيهه مليندا کائيگا.
    بنياد:
    هڪڙي فقير ڪنھن بادشاهه وٽ وڃي سئن هنئين. بادشاهه هن کي موديءَ کان پنج روپيا ڏياريا.
    ٻئي ڀيري فقير سئن هنئي ته ڏهين روپين جي مودي ڏي چٺي مليس.
    انھن ٻنھي دفعن تي بادشاهه سيرپ ويٺي لھرائي.
    ڪنھن وقت نائيءَ انھيءَ فقير کي چيو ته؛ ”مون بادشاهه وٽ تنھنجي ساراهه ڪئي هئي، تنھن ڪري بادشاهه توکي گهڻا پيس ڏنا آهن. اڳتي جي انعام جو اڌ مون کي باسين ته آءٌ تنھنجي لاءِ وڌيڪ سفارش ڪريان.“
    فقير چيس ته ؛ ”ڀاڳ مان اڌ، نه ڪنھن ڏنو آهي نه مان ئي ڏيندس.“
    ٻئي دفعي بادشاهه وٽ نائي ويٺو هو ۽ فقير وري اچي سئن هنئين. بادشاهه فقير کي پنجاهه رپيا ڏياريا. نائيءَ پوءِ به فقير کي اڌ لاءِ ستايو. چي؛ ”منھنجي سفارش تي، توکي پنجن مان پنجاهه مليو آهي. مون کي ڪجهه مڙيوئي ڏي.“
    فقير صفا جواب ڏنس.
    وري ٻئي دفعي فقير، بادشاهه وٽ ٿي آيو ته نائيءَ بادشاهه جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا. فقير سئن هنئي ته بادشاهه دستور موجب موديءَ ڏي چٺي ڏنس. پر ان ۾ لکيائينس ته؛ ”هن پرزي آڻيندڙ کي قتل ڪرائي ڇڏجو.“
    فقير چٺي وٺي نڪتو ته نائي پٺيان ويس ۽ چيائينس ته؛ ”ڀلا اڄوڪي چٺي ڏينم.“
    فقير به اها چٺي کڻي ڏنس. نائي موديءَ وٽ ويو ته موديءَ ڪھائي ڦٽو ڪيس. ٻئي ڏينھن فقير جيئرو جاڳندو بادشاهه وٽ ويو ته بادشاهه ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ پڇيائينس ته؛ ”ڪالھوڪي چٺي تو موديءَ کي ڪانه ڏني ڇا؟“
    فقير پوءِ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس.
    بادشاهه پوءِ موديءَ کي گهرائي سموري حقيقت پڇي. موديءَ چيو ته؛ ”ڪالهه چٺي نائي کڻي آيو ھو. تنھن کي حضور جن جي حڪم موجب پورو ڪرائي ڇڏيم.“
    فقير هيءَ ڳالهه ٻڌي چيو ته؛ ”ڪريگا سو پائيگا، فقير گيھ مليدا کائيگا.“
    مراد ته جيڪو بڇڙائي ڪندو، سو بڇڙو نتيجو ڏسندو.
    ڀيٽيو:
    1- ڪوري کڏ کڻي، ان ۾ پاڻ پوي.
    2- فريدا جو تيڏي کڏ کڻي، تون اسدي راه سنوار،
    او آپي پئسي کڏ وچ، تون لنگهي پئسين پار.
    3- ڪلجڳه نهين ڪرجڳه هي، دن ڪو دي رات ڪو لي،
    ڪيا خوب سودا نقد ڪا هي، اس هاٿ دي اس هاٿ لي.
    4- اتيئي ڪر، اتيئي لوڙ.


    109. ڪريئي تا ڀي ڏريئي، نا ڪريئي تا ڀي ڏريئي.

    109. ڪريئي تا ڀي ڏريئي، نا ڪريئي تا ڀي ڏريئي.
    بنياد لاءِ ڏسو: حق به رکي، ناحق به رکي.


    110. ڪن جي ڳالھين، مير بجر مارايو.

    110. ڪن جي ڳالھين، مير بجر مارايو.
    بنياد:
    هي تواريخي قصو آهي.
    مير بجر، سنڌ جو حاڪم هو. ڪي صوبا جوڌپور کان آيا هئا، تن کي مير بجر جي عزيزن ميڇ ڏني ته؛ ”مير بجر کي ماري پورو ڪريو.“
    هنن پوءِ مير بجر کي ڳلٿو ٻڌو ته؛ ”اسان تنھنجي لاءِ خوشخبري آندي آهي، پر ڪٿي پاسيرو ٿيءُ ته تو کي ٻڌايون.“
    مير بجر کي کڙڪ به ملي هئي ته؛ ”پاڻ سنڀالج.“ پر هن اهو چتاءُ، ڪن پٺيان ڪري، هنن سان گوشي ۾، ڪن ۾ سرپر ڪرڻ لڳو. پوءِ هنن وجهه وٺي ماري پورو ڪيس.
    مراد ته ڪن جي ڳالھين مان حرڪت جاڳندي آهي.


    111. ڪنڊو لڳس پير ۾، کوٽي ٿو مونو،

    111. ڪنڊو لڳس پير ۾، کوٽي ٿو مونو،
    ”ڇا ٿو ڪرين؟“ چي؛ ”اڳ ٿو وٺانس!“
    بنياد:
    وتايو فقير اڳ وٺڻ لاءِ هاڪارو هو. اڄ به چوڻي آهي ته؛ ”وتائي فقير وارا ٿو اڳ وٺين.“
    هن فقير کي هڪ لڱا، پير ۾ ڪنڊو لڳو. هيءُ امالڪ پيو، جو هڪ ڪنڊو کڻي، لڳو مونو کوٽڻ. ڪنھن واٽھڙوءَ پڇيس ته؛ ”فقير صاحب! ڇا ٿا ڪريو؟“
    چي؛ ”پير ۾ ڪنڊو گهڙي ويو آهي. سو ڀانيان ٿو ته مٿي چڙهڻ کان نه رهندو. آءٌ انھيءَ ڪري گوڏو ويٺو کوٽيان ته جنھن وقت ڪنڊو گوڏي وٽان لنگهندو، تنھن وقت جهلي ٻاهر ڪڍندوسانس!“
    اتي به پئي اڳ ورتائينس!!
    ”ڪنڊو لڳو گوڏي ۾، نڙ-گهٽ ڪيو ٺڪاءُ“ اهو پھاڪو به وتائي فقير جي ڪنھن ڳالهه تان آهي. وتائي فقير جي وڌيڪ احوال لاءِ ڏسو مصنف جو ٺاهيل ڪتاب؛ ”سنڌ جون سوکڙيون.“
    ڏکيا لفظ:
    مونو معنيٰ گوڏو.


    112. ڪنيءَ رن جا ٻار، جيئن ٿورا تيئن چڱا.

    112. ڪنيءَ رن جا ٻار، جيئن ٿورا تيئن چڱا.
    بنياد:
    هڪڙي پوڙهيءَ، سڃيءَ ۽ بيمار عورت کي ٻار گهڻا هئا. تن مان هڪڙو مري پيو ته پٽڻ لڳي.
    اهو هال ڏسي پاڙوسي هڪڙو کلڻ لڳو.
    هڪڙي فقير، اُن پاڙوسيءَ کي چيو؛ ”هن کي مرڻو، تو کي کل!“
    تنھن کي پاڙوسيءَ، هيءُ پھاڪو چئي سڻايو.
    مطلب هي آهي جو ڪني وهنوار ۾ هٿ جئن ٿورو تئن چڱو. بلڪ نه هئي ته هيڪاري چڱو. (گلشڪر)


    113. ڪوري، مت ٿوري.

    113. ڪوري، مت ٿوري.
    بنياد:
    هڪڙي ڪوريءَ، ڪنھن زميندار کان قرض کنيو هو پر لاهي نٿي سگهيو. زميندار هن کي وٺي پنھنجي ٻنيءَ ۾ قرض ۾ وھايو. ڀلا ڪوريءَ کي کيتيءَ جي ڪھڙي سڌ. تنھن ٻيو ڪم ڪونه ڪيو، رڳو جيڪي سلا هڪ ٻئي ۾ اٽڪيا پيا هئا، سي هٿ سان ڇڏائي ڌار پئي ڪيائين. هن جي ليکي ته؛ هتي به ڪو منجهيل سٽ هو جو سلجهايائين ٿي.
    زميندار هن کي ائين وقت وڃائيندو ڏسي، اهو پھاڪو چيو.
    مراد ته ڪوري ماڻھو بيعقل آهن.
    ڀيٽيو:
    ڪوري ڇا ڄاڻي ڪباب مان.


    114. ”ڪُھَرَ ڪئن؟“ چي؛ ”ان سنوان!“

    114. ”ڪُھَرَ ڪئن؟“ چي؛ ”ان سنوان!“
    ”موچڙن سان ڪئن؟“ چي؛ ”جهولي ئي تنھنجي!“
    بنياد:
    ڪنھن سپاهيءَ هڪڙي ڪوهريءَ کان پڇيو ته؛ ”ڪھر ڪيئن ٿو ڏين؟“
    ڪوهريءَ چيو ته؛ ”ان سنوان! يعني جيترو ان ڏيندين اوترا ڪوهر توري ڏيندوسانءِ.“
    سپاهيءَ پادر هڻي چيس ته؛ ”ههڙا تھڙا! اسان عملدارن کي به ٿو اهي اگهه ٻڌائين.“
    ڪوهريءَ رئڻھارڪو ٿي چيو ته؛ ”مونکي مار نه! ڪوهرن جي جهولي ئي تون کڻ!“
    مراد ته موچڙي سان سڀڪو سڌو آهي.
    ڀيٽيو:
    پٽ ٻٽيھ لکڻو، موچڙو ڇٽيھ لکڻو.


    115. کاڻي کچڻي، اونڌا طباق.

    115. کاڻي کچڻي، اونڌا طباق.
    بنياد:
    هڪڙو مڙس بکائجي گهر آيو. ڏٺائين ته زال گهر ۾ ڪا نه آهي. کچڻيءَ جو ڪنو چلهه تي چڙھيل آھي. مٿس طباق اونڌو ٿيو رکيو آهي. طباق لاهي ڏٺائين ته؛ کچڻي کامي رهي هئي. ايتري ۾ جوڻس ٻاهران اچي پڇيس ته؛ ”ڪي کاڌءِ؟“
    تنھنکي هي پھاڪو ٻُڌائي، چيائين ته؛ ”کايان ڪڄاڙو؟“
    مطلب ته جا زال گهر جي ڪم ۾ گينوار رهندي، تنھنجي مڙس کي مھل تي ماني به نه ملندي. (گلشڪر)
    وڌيڪ سمجهاڻي: جي کٽل هوندا آهن، تن لاءِ به چئبو آهي ته؛ ”هنن وٽ آهي ڇا؟ کاڻي کچڻي، اونڌا طباق.“


    116. کائڻ لاءِ کرو، ڪم مھل ٻرو.

    116. کائڻ لاءِ کرو، ڪم مھل ٻرو.
    بنياد:
    پمونءَ نالي هڪ ڇوڪر هو. تنھنکي هڪڙي ڏينھن ماڻس سڏ ڪري چيو ته؛ ”پٽ! پما!“
    چي؛ ”جيءُ! منھنجي امان.“
    چيائينس ته؛ ”پٽ! پاڻيءَ-دلو ته کوهه تان ڀري اچ.“
    پمي چيو ته؛ ”امان! دلو کڻان! کوهه تي وڃان! وري نار ڪاهيان! پوءِ دلو ڀريان! پوءِ به جي پوي ڪري. لڳي ٺڪري ۽ پوي رت نڪري! پوءِ ڪاڏي وڃان؟“
    ماڻس چيس ته؛ ”ڀلا کچڻي رڌي آهي، اها کائيندين؟“
    چي؛ ”امان! ڇونه کائيندس؟“
    تنھن تي ماڻس چيس ته؛ ”ماريا! کائڻ لاءِ کرو، ڪم مھل ٻرو.“
    ڀيٽيو:
    چاڪريءَ چور، نيوالي حاضر.


    117. کائڻ وير مڙس هاج وير ڇوڪر

    117. کائڻ وير مڙس هاج وير ڇوڪر
    بنياد:
    هڪڙي پنجابيءَ، پنھنجي پٽ کي پئي ڪڏايو.
    پڇيائينس ته؛ ”نام ڪيا؟“
    چي؛ ”شڪر پارا“
    ”روٽي ڪتني کائي؟“
    چي؛ ”دس باره.“
    ”پاني ڪتنا پيئي؟“
    چي؛ ”مٽڪا سارا“.
    ”ڪام ڪرني ڪو؟“
    چي؛ ”لڙڪا بيچارا.“
    هڪ سنڌي ٻار جو هي جواب ٻڌي پھاڪو چيو.


    118. کلي ماريو کيکو، جنھنجو پورو ٿيو ليکو.

    118. کلي ماريو کيکو، جنھنجو پورو ٿيو ليکو.
    بنياد:
    هڪڙيءَ مائيءَ پنھنجي مرد کي چيو ته؛ ”ٻه چوٿايون چانورن جون، بزار مان وٺي اچ ته کچڻي رڌيان.“
    مرد دل ۾ چيو ته؛ ”بزار جو پنڌ، ٻن چوٿاين چانورن لاءِ ڪريان، تنھن کان ڇھه چوٿايون آڻي ٿو گهر وجهان ته ٻه ٽي ڏينھن بزار جي پنڌ کان ڇٽي پوندس.“ هن پوءِ ڇھه چوٿايون چانورن جون آڻي، زال کي ڏنيون.
    ٻيو ڏينھن ٿيو ته زال وري چيس ته؛ ”ٻه چوٿايون چانورن جون وٺي اچ.“
    مرد چيس ته؛ ”اڃا ڪالهه ڇھه چوٿايون آنديم!“
    تنھن تي زال چيس ته؛ ”توهان آنديون ڇھه چوٿايون. ڇڙئي ڇنڊئي ٿيون پنج. هڪ ڏنيم ڏڌ تي، ٻه صبح ٻه سنجهه.“
    هيءُ جواب ٻڌي، مرد کي کل اچي ويئي.
    تنھن تي زال چيو ته؛ ”کلي ماريو کيکو، جنھن جو پورو ٿيو ليکو.“
    ڪي وري چون ته زال چيس ته؛ ”کلي ماريو کڳو، جنھن کي ليکو دل سان لڳو.“
    اهي ٻئي زنانا پھاڪا آهن. زالون تڏهن ڪم آڻينديون آهن، جڏهن ڪو مرد، حساب ۾ پھريائين منجهندو آهي ۽ پوءِ ڏسندو آهي ته؛ ليکو پورو ٺھڪي آيو.


    119. کڻ خليفا ڇلي، مائي سليمان حج هلي.

    119. کڻ خليفا ڇلي، مائي سليمان حج هلي.
    بنياد:
    ڪنھن ملڪي پاڙي ۾، مائي سليمان نالي هڪڙي زال هوندي هئي. سا سڀڪنھن جي ڳالهه ۾ ڪاهي پوندي هئي. جهيڙا ڪار پڻ هئي.
    اتي هڪڙو خليفو هو، سو کاري کڻي نار ڏي پئي ويو. تنھن سان هيءَ مائي ڪنھن ڳالهه تان اچي اٽڪي. خليفي چيس ته؛ ”جنھن سان تنھن سان ٿي وڙهين! سڄي پاڙي کي کڻي ڪڪ ڪيو اٿئي!“
    تنھن تي ڦوڪجي اٿي هلي ۽ چوندي ويئي ته؛ ”پاڙو ئي ڇڏيان ٿي ۽ آءٌ حجِ وڃان ٿي!“
    اهو ٻڌي خليفي جي سنگتيءَ چيو ته؛ ”کڻ خليفا ڇلي، مائي سليمان حج هلي.“
    مراد ته جهيڙي جو ڪارڻ ٽريو ته پوءِ سڀڪو وڃي ڪم کي لڳي. (ڪوڙومل چندن مل)


    120. گگر گگر پنڊا اڙيا.

    120. گگر گگر پنڊا اڙيا.
    بنياد:
    هڪڙي پساريءَ وڪڻڻ لاءِ گگر پنڊي م پائي رکيو، جو پنڊي کي چنبڙي پيو. وڪري هنڻ منجهانس پنڊو اڙيو (گلشڪر).
    ڪنھن ماڻھوءَ جو هڪواريءَ ڪم ڪجي ۽ هو پوءِ چاکي چٽي، وري وري هڪڙو نه ٻيو ڪم کڻي اچي. تڏهن هي پھاڪو چئبو آهي. يا ڪنھن اهڙي ماڻھوءَ سان پلؤ اٽڪي جو خفي يا ڪڪ ڪري، تڏهن به ائين چئبو.
    ڏکيا لفظ:
    گگر هڪڙي جابلوءَ وڻ جو کنئور آهي.


    121. گولاڙو، هيٺان پچي.

    121. گولاڙو، هيٺان پچي.
    گولو معنى ٻانھون ۽ گولاڙو معنى ٻانھي يا غلام جو پٽ. عام طرح ڪمذات ماڻھوءَ کي گولاڙو چئبو آهي. گولاڙو هڪڙو جهنگلي ڦول جو ميوو به آهي جو ڳاڙهي رنگ جو ٿيندو آهي. اهو ميوو ٻين ميون کان ابتڙ يعني هيٺان پچندو آهي. يعني پھريائين هيٺ پچيس. تنھن ڪري اهو پھاڪو چيو اٿن.
    جڏهن ڪنھن کي هيٺان مٿان باهه لڳندي آهي، تڏهن ائين چوندا آهن. اڪثر نيچ ماڻھوءَ سان اهو لڳائبو آهي.
    ڏکيا لفظ:
    هيٺان مٿان باهه لڳڻ معنيٰ ڪاوڙ لڳڻ.


    122. گيان ڌيان وهان رها، جھان رهي جتي.

    122. گيان ڌيان وهان رها، جھان رهي جتي.
    بنياد:
    هڪڙي هنڌ، ڪٿا تي، ڏاڍا ماڻھو اچي مڙيا. ڪٿا ڏاڍي گيان ۽ رس ڀري هئي. ٻڌندڙن کي ڏاڍو آنند پئي آيو. انھن ٻڌندڙن مان، هڪڙي ماڻھوءَ پنھنجي سنگتيءَ جو خيال، ڪٿا ۾ نه ڏسي، پڇيس ته؛ ”تنھنجو من ڪٿي پيو وسي؟“
    هن چيو ته؛ ”جتي ٻاهر لاهي آيو آهيان! ڊپ اٿم ته اها ڪو کڻي نه وڃي.“
    تنھن تي سندس سنگتيءَ ائين چيو.


    123. ڳالھين سنديون ڳالھيون، ٽڪي سندا موٺ.

    123. ڳالھين سنديون ڳالھيون، ٽڪي سندا موٺ.
    موٺ هڪڙي سادي جنس ان جي آهي، جا گهڻو ڪري گهوڙا کائن.
    بنياد:
    هڪڙو ماڻھو ڪنھن کيپ تي ٿي ويو. تنھن کي هڪڙي مائٽ پاڻ لاءِ سوکڙي پاکڙي آڻڻ جو چيو. پر پيسو ڪو نه ڏنائينس. ٻئي مائٽ ٽڪو هٿ ۾ ڏيئي چيس ته؛ ”هن ٽڪي جا موٺ آڻج.“
    جڏهن هو وري آيو، تڏهن ٻئي ملڻ لاءِ آيس ۽ پڇيائونس. جنھن رڳو وات سان چيو هوس، تنھن کي سوکڙين جي نه ملڻ جون ڪوڙيون سچيون ڳالھيون ڪري ٻڌايائين. ٽڪي واري کي، موٺ ڪڍي ڏنائين.
    تڏهن هڪڙي سالڪ هي پھاڪو چيو.
    يعني جو ڪم ناڻي ڏني ڇٽي، سو ڳالھين سان ڪاٿي ڇٽندو.
    جھڙو فارسي پھاڪو آهي؛ ”زر کار کند، مرد لاف زند“ يعني ناڻو ڪم ڪري، مڙس ٻٽاڪ هڻي. (گلشڪر)
    جڏهن ڪنھن کي ڪو ڪم چئجي ۽ هو نه ڪري اچي، تڏهن ائين چئبو. انھيءَ معنى سان ته تو کي پئسا نه ڏنم تڏهن تو منھنجو ڪم نه ڪيو.


    124. گهٽو ڌاريم اُن کي، هٿان چري ڪپاهه.

    124. گهٽو ڌاريم اُن کي، هٿان چري ڪپاهه.
    اصل هندي: گادر آني اُن ڪو، بئٺي چري ڪپاس.
    بنياد:
    هڪڙي ماڻھوءَ، اُن گڏ ڪرڻ لاءِ، هڪ گهٽو ڌاريو ھو. هڪ لڱا، اهو گهٽو ڇنائي اٿي ڀڳو ۽ مالڪ جي وونئڻ جي پوک وڃي چرڻ لڳو. تنھن تي مالڪ ائين چيو.
    جيڪڏهن گهر ۾ ڪو نوڪر بيھارجي ۽ اهو، ڪم هاج برابر ڪرڻ بدران، رڳو زيان ڪري ته ائين چئبو. يا جنھن فائدي لاءِ ڪو ڪم ڪجي، پر انھيءَ ڪم مان اهو گهربل فائدو ته نه ٿئي مورڳو ڇيھو پوي، تڏهن ائين چئبو.


    125. لالچ بري بلا

    125. لالچ بري بلا
    بنياد:
    هڪڙو درويش واٽ وٺيو پئي ويو. هڪ دڪاندار سڏ ڪري، پنھنجي دڪان تي ويھاريس. سرڌا وچان، ماکيءَ جو هڪ پيالو ڀري، شربت ٺاهي ٿي پياريائينس. جيستائين دڪاندار پاڻي ڀري، تيستائين ڪيتريون مکيون اچي ماکيءَ تي مڙيون. ڪي ته پيالي ۾ پئجي مري ويئون. تنھن تي هن درويش چيو ته؛
    مکي بئٺي شھد پر، پنک گئي لپٽاءِ،
    ھاٿ ملي اؤر سر ڌوني، لالچ بري بلاءِ.
    مٿيون پھاڪو انھيءَ سلوڪ جي، پوئين تڪ آهي.
    مراد ته لالچ ڏاڍي بڇڙي شيءِ آهي.


    126. لک کٽيا ڏومڻيءَ، جو ڏوم سلامت آيا.

    126. لک کٽيا ڏومڻيءَ، جو ڏوم سلامت آيا.
    بنياد:
    هڪڙو ڏوم، ڪرت ڪار لاءِ پرڏيھه ويو. پرپٺ جوڻس ٻڌو ته؛ ”مري ويو آھي“.
    هو مئو هڏهين ڪين هو. ٿورن ڏهاڙن کانپوءِ، جيئندو جاڳندو وري آيو. پر پيسو ڪمائي ڪونه آيو. تڏهن هڪڙيءَ ساهيڙيءَ جوڻس کي چيو ته؛ ”مڙسھن ڏينھن گهڻا لاتا، ڇو کٽي ڪين آيو؟“
    تنھنجي ورنديءَ ۾ هي پھاڪو چيائين.
    ملڪ جي رواج پٽ-اندر مطلب هيءُ آهي ته جو واپار يا ڌنڌو، کٽيو کڻي نه ڪري ۽ سک سان موڙي سلامت بچي، ته به شڪر ڪري گهرجي. جو ڄاڻ لک کٽيا. (گلشڪر)
    نوٽ: هنديءَ ۾ چوڻي آهي ته؛ ”بجادي کنيا ڍولڪي! ميان خير سي آئي.“ ان جو بنياد به مٿئين پھاڪي جھڙو آهي. ٻئي ساڳيءَ طرح ڪم آڻيندا آهن.
    ڏکيا لفظ:
    ڏومڻي معنيٰ لنگهي، ڏوم يعني لنگهو.
    کٽيو معنيٰ منافعو.


    127. لکيون لھارن کي، چڏن ۾ چڻنگون.

    127. لکيون لھارن کي، چڏن ۾ چڻنگون.
    بنياد:
    هڪڙي لھر، لوهه تائڻ مھل چمڙو اڳيان نه رکيو، تنھن ڪري باهه جون چڻنگون ڪانچ ۾ لڳيس ۽ ڪانچ سڙي پيس. فقير هڪڙي هيءُ حال ڏسي اهو پھاڪو چيو. (گلشڪر)


    128. مالڪ وڃن ٻيڙيءَ چڙهيا، شاهد وڃن غوطا کائيندا.

    128. مالڪ وڃن ٻيڙيءَ چڙهيا، شاهد وڃن غوطا کائيندا.
    اصل هندي: ”مدعي مدعا اليہ ناؤ مين، شاهد تيرتي جاوين“.
    بنياد:
    ٻن شاهوڪارن جو پاڻ ۾ ڪو تڪرار ٿيو. سي وڃي آخر ڪورٽ ۾ پيا. جن ماڻھن کي انھيءَ معاملي جي ذاتي خبر هئي، تن کي به ڪورٽ شاهديءَ ۾ گهرايو. پتڻ لانگهائو پنڌ هو. هو ٻئي ڌريون، پيسا ڏيئي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيون. شاهد ويچارا غريب هئا، سي مولهاٽا ٻڌي پاڻيءَ ۾ گهڙيا ۽ غوطا کائڻ لڳا. ڪنھن ماڻھوءَ اهو حال ڏسي، ائين چيو.
    سمجهاڻي: ڪنھن به معاملي ۾ هڪڙي ڌر کٽيندي ۽ ٻي هارائيندي. وچ ۾ شاهدي غوطا کائيندا ته ڪورٽ الاجي ڪھڙا سوال پڇي. انھيءَ اڻتڻ وچان، هنن جو سک وڌيڪ ڦٽندو آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن ڪو ٽٻيءَ ۾ پوندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.
    ڏکيا لفظ:
    ناؤ معنيٰ ٻيڙي.


    129. مُٺ ڀيڙيائي ڀلي، جي اپٽي ته نڪو لاءُ نڪو ساءُ.

    129. مُٺ ڀيڙيائي ڀلي، جي اپٽي ته نڪو لاءُ نڪو ساءُ.
    بنياد:
    هڪ لڱا شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري سان گڏ، ڪي مريد هوا. انھن مان هڪڙي هُو هُو جو ذڪر ڪري ضرب هنئي. سيد شاهه ڪريم کي، هن جو آواز ٻڌي ڏاڍي بڇان لڳي. چيائينس ته؛ ”هي ڇا آهي! انھيءَ مان اهو مطلب آهي ته ٻيا جيڪي حاضر آهن، تن کي ذڪر ڪونھي ۽ انھن کي ٿو ٻڌائين.“
    ٻئي دفعي وري چيائين ته؛ جيڪڏهن ڪنھن شخص تي الله جي عنايت مخفي طرح ٿئي ته انھيءَ کي گهرجي ته اها ڳجهي رکي. ظاهر نه ڪري. انھن ٻنھي موقعن تي، هيءُ بيت چيائين.
    مٺ ڀيڙيائي ڀلي، جي اُپٽي ته واءُ،
    پڌر وڌي ڳالهڙي، ڇڏي ويئي ساءُ. (شاه)
    (رسالو ڪريمي)
    ڀانئجي ٿو ته مٿيون پھاڪو، انھيءَ بيت مان ٺاهيو اٿن.
    ڀيٽيو: ٻاٻا ڀلي، ڍڪي ڀلي.


    130. مري نه ميھار، ته وڳ ولھو ئي نه ٿئي.

    130. مري نه ميھار، ته وڳ ولھو ئي نه ٿئي.
    هي پھاڪو شاهه جي رسالي جي هيٺين بيت جي پھرين سِٽَ مان ٺاهيو ٿو ڏسجين.
    مري تان م ميھار، وٿاڻ ولھو م ٿئي،
    وڇن جي وڇار جو، ونگو ٿئي م وار،
    ساھڙ مون سينگار، ماڻھن ليکي مھڻو.
    هي پھاڪو هن معنى سان ڪم آڻبو آهي ته وڏا مائٽ، پنھنجي عقل سان گهر هلائين ٿا. انھن جي وئي کانپوءِ، گهر جو حال، ابتر ٿيو پوي.
    ڀيٽيو: ڌڻيءَ ريءَ، ڌڻ سڃو.
    ڏکيا لفظ:
    ولھو معنى سڃو، سکڻو.


    131. مڙس ته ڏاڙهي، نه ته ٻيا رڳا ڏاڙهه.

    131. مڙس ته ڏاڙهي، نه ته ٻيا رڳا ڏاڙهه.
    بنياد:
    ڪنھن مسلمان هڪ واڻئي کان ٻه سئو رپيا اُڌارا ورتا. ان جي عيوض پنھنجي ڏاڙهيءَ جو هڪ وار ڇاڻي، واڻئي وٽ رکيائين.
    ٻين ڪن بي معتبرن جو ٻڌو ته؛ ”هن کي ڏاڙهيءَ جي وار تي هيترا پئسا مليا آهن.“ سي به واڻئي وٽ ويا. چوڻ لڳس ته؛ ”اسين تو کي هڪ وار بدران، ڏاڙهيءَ جا ويھه ٽيھه وار ٿا ڏيون، تون اسان کي هيترا نه هيترا پيسا اُڌارا ڏي.“
    واڻئي چين ته؛ ”ويھه ٽيھه ڇو ٿا ڏيو. سڄي ڏاڙهي کڻي ڏيو ته به پائي ڪين ڏيندو سانوَ.“
    هاڻ انھيءَ تان، جو ماڻھو سخن جو سچو هوندو آهي، تنھنجي نالي ائين چوندا آهن. (جوت- ۴ نومبر ۱۹۰۹ع)


    132. مفت جو شراب، قاضيءَ کي به حلال.

    132. مفت جو شراب، قاضيءَ کي به حلال.
    اصل هندي: مفت ڪي شراب، قاضي ڪو ڀي حلال.
    بنياد:
    ڪن ماڻھن تاڙي ويٺي پيتي. هڪ قاضي، اوڏيءَ مھل وٽانئن اچي لانگهائو ٿيو. تنھن کان پڇيائون ته؛ ”تاڙي پيئندين؟“
    قاضيءَ چيو ته؛ ”مون وٽ پئسو ڪونھي. تنھن کانسواءِ شراب پيئڻ، واجب به نه آهي.“
    هنن چيس ته؛ ”پئسي جو خيال نه ڪر! اسين ٿا تو کي پنھنجن پئسن تي پياريون.“
    قاضيءَ چيو ته؛ ”تڏهن ترسو ته پٽ کي به وٺي اچان! جو هن کانسواءِ مون کي ڪي ڪين ڳيسندو.“
    انھيءَ تان هنديءَ واري چيو ته؛ ”مفت ڪي شراب، قاضي ڪو ڀي حلال.“
    جڏهن ڪنھن کي مفت جو مال، اڻ سھائيندي رستي ملندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.


    133. مڱن ڏانڊي، ڪارڙي ٽانڊي،

    133. مڱن ڏانڊي، ڪارڙي ٽانڊي،
    مڱ پچي، ڪارڙو نچي،
    مڱ لئو، ڪارڙو مئو.
    ڪارڙو؛ هڪ ننڍڙو جيت آهي، جنھن جو چڪ آهي جو ڄڻ ته سئيءَ يا ٽانڊي جي چڻنگ لڳي. ڪارڙو، مڱن جي پوک سنئون پيدا ٿيندو آهي، تنھنڪري ائين چيو اٿن.
    ڏکيا لفظ:
    لئو معنيٰ لُبيو، لُئيو، لڻيو ويو.


    134. مون ڀانيو درويش، پر بازن کان ئي بڇڙو.

    134. مون ڀانيو درويش، پر بازن کان ئي بڇڙو.
    بنياد:
    ڪنھن پکيءَ جي پٺيان اچي ڪو باز پيو. پکي ويچارو گهڻو ئي اڏاڻو پر باز پچر ئي نه ڇڏيس. آخر ڪنھن وڻ هيٺان، هڪ فقير ويٺل ڏسي، اهو پکي وڃي سندس شرن پيو. چيائينس ته؛ ”مونکي هن باز کان بچاءِ!“
    فقير به ڪو ٻن ٽن ڏينھن جو بکايل هو. تنھن امالڪ گردن کان جهلي، حلال ٿي ڪيس. پکيءَ چيس ته؛ ”فقير! آءٌ باز کان هن ڪري ٿي ڀڳس ته متان مونکي چنبو هني ماري. پر تون ته باز کان به وڌيڪ بڇڙو چئبين، جو مونکي سڄو ئي ڳڙڪائڻ ٿو گهرين.“
    پکيءَ هي بيت چيو:
    ڀُليس پسي ويس، نا ته وڻ ٻيا به هوا ويجهڙا،
    ڦٽاءِ فقيريءَ جو، لاهي ڇڏ لبيس،
    مون ڀانيو درويش، پر بازن کان ئي بڇڙو.
    جيڪي ازرق فقير يا اندر-ٻھريا هوندا آهن، تن سان هي پھاڪو لڳائبو آهي.

    135. ناڻو جھڙي تاو سان گهرجي، تھڙي تاو سان نڪري.
    بنياد:
    مير صاحبن جي راڄ ۾، حسن شاهه سيد، تحصيلداريءَ جو ڪم ڪندو هو. ان ڏهاڙن ۾ هڪڙي هاريءَ ڏي رپيو رائر جو هو. تنھن کان مان-ڀاءَ سان گهري ٿڪو، ته نه ڏنائين. نيٺ ڌرتيءَ ۾ ڏرا کڻائي، تنھن ۾ سنديس ٻانھون پوري، اُس ۾ وهاريائينس. تڏهن منجهانئس مس سڌو ٿيو. يعني پٽڪي ۾ رپيو ٻڌل هوس، سو ڇوڙي ڏنائين. تڏهن ٻين چيس ته؛ ”رپيو ساڻُ هوندي، هيتري مار ڇو ٿي کاڌئي؟“
    چي؛ ”ڙي يار! رپيو به ائين ته نه ڄاڻي ته ڪنھن گيديءَ جي هڙ ۾ هوس.“
    سالڪ هڪڙي، سيد کي چيو ته؛ ”ٿوري ناڻي لاءِ ايترو مارڻ نه گهربو هو.“
    تنھن کي اهو پھاڪو چئي ٻڌايائين.
    حاصل ڳالهه جو؛ ناڻو هڙان ڇوڙڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. (گلشڪر)
    ڀيٽيو:
    1- ڏيڻ ۽ ڏيھه ڇڏڻ، ڏاڍو ڏکيو آهي.
    ڏکيا لفظ:
    رائر معنيٰ ڍل.


    136. واڙيءَ ٻارهن، هٽ اٺارهن، گهر ويٺي چوويھه.

    136. واڙيءَ ٻارهن، هٽ اٺارهن، گهر ويٺي چوويھه.
    اصل هندي: باري مين باره آمه، هٽي ۾ اٺاره آمه.
    هنديءَ وارو انبن جي ڳالهه ٿو ڪري. پر سنڌيءَ ۾ واڱڻن تان اها ڳالهه آهي.
    بنياد:
    هڪڙو ماڻھو، واڙيءَ ۾ ويو. اتي واڱڻن جو اگهه پڇيائين. هنن چيس ته؛ ”پئسي جا ٻارهن واڱڻ.“
    هن پوءِ بازار ۾ وڃي ڪنھن هٽ تان پڇا ڪئي. چيائونس ته؛ ”پئسي جا ارڙهن واڱڻ.“
    هن کي اهي به مھانگا لڳا. سو ماٺ ڪري گهر ويو. ڪنھن مھل ڪو گهورڙيو واڱڻ وڪڻڻ لاءِ سندس پاڙي ۾ آيو. ان کان پئسي جا واڱڻ وٺي ڳڻي ڏٺائين ته چوويھه ٿيا. تڏهن کلي اهو پھاڪو ڏنائين.
    هن پھاڪي مان اهو مطلب ٿو نڪري ته؛ گهر ويٺي ڪا شيءِ وڪامڻ ايندي ته سستي ملندي پر اها ساڳي جي پنھنجيءَ خوشيءَ، ڪٿان وڃي ڳنھبي ته مھانگي ملندي. (روچيرام گجو مل)
    ڀيٽيو: کنئينءَ وٿ جو، ملھه ڪونھي.
    ڏکيا لفظ:
    کنئي وٿ معنيٰ زيور يا ڪا ٻي شيءِ جا گهر مان کڻي ٻاهر وڪڻڻ وڃجي.


    137. ور راڄ؛ ٻرهه راڄ،

    137. ور راڄ؛ ٻرهه راڄ،
    پٽ راڄ؛ ميڇ راڄ.
    اصل پنجابي: خاوند راج، بلند راج، پوت راج، دوت راج.
    ڀائنجي ٿو ته اها ڳالهه پنجاب پاسي ٿي هئي جو اتي جا ماڻھو هي پھاڪو چوندا آهن.
    بنياد:
    ڪنھن مائيءَ، پنھنجي مرد جي صاحبيءَ ۾ ڏاڍو فرحت ۾ وقت ڪاٽيو هو. مرد جي چالاڻي کانپوءِ، هوءَ پنھنجي پٽ ۽ ننھن جي پناري پيئي. پٽ جي ڏاڍي مرضي هئي ته؛ ”آءٌ ماءُ کي سُکي رکان.“
    پر سندس زال کي اها ڳالهه نه پيئي وڻندي هئي. هو اڃا چوندو هو ته؛ ”ماءُ کي هيءَ ڪي هيءَ شيءِ يا پيسا ڏيان.“
    زال اشارو ڪندي هيس ته؛ ”نه ڏينس!“
    هڪڙي ڏينھن هن مائيءَ، پنھنجي ننھن جو اهڙو اشارو ڏسي ائين چيو.
    مراد ته پنھنجي مڙس جو راڄ، اهڙو آهي جھڙو رام ۽ سيتا جو راڄ. جن ٻرهه جي ڏينھن ايوڌيا ۾ راڄ ڪمايو. پنھنجي پٽ جو راڄ، سو آهي ميڇ ۽ اشاري جو راڄ. يعني پٽ، پنھنجي زال جي اشاري تي هلندو.


    138. وهڻ منڍو ئي ناهه، دلو پڇي نار کي.

    138. وهڻ منڍو ئي ناهه، دلو پڇي نار کي.
    بنياد:
    دلوراءِ، جنھنجي نگري ناس ٿي ويئي، تنھن هڪ لڱا ٻڌو ته؛ ”هڪ حسين عورت ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پئي وڃي.“
    هن يڪدم پنھنجن ماڻھن کي حڪم ڪيو ته؛ ”اها عورت وٺي اچو.“
    زال کي جڏهن اها خبر پيئي، تڏهن هن ڌڻيءَ کي سوال ڪيو ته؛ ”مونکي دلوراءِ کان بچاءِ!“
    ڌڻي اهڙو ستار جو، جهٽ درياھ ور کائي، دلوراءِ جي نگريءَ کان ڳچ پري وهڻ لڳو. جنھن ڪري دلوراءِ جا ماڻھو هن عورت جي ٻيڙيءَ کي پھچي ڪين سگهيا. ڳچ مھل کانپوءِ دلوراءِ پنھنجي ماڻھن کان پڇيو ته؛ ”هوءِ عورت آئي؟“
    سندس ماڻھن چيو ته؛ ”قبلا! خود درياهه ئي ڪونھي ته پوءِ عورت وري ڪيئن ايندي؟“
    انھيءَ ڳالهه تان اهو پھاڪو چيائين.
    اھو ڪتب تڏهن آڻبو آهي، جڏهن ڪو ماڻھو اڻ هوندي ڳالهه جي اميد رکندو آهي.
    ڀيٽيو: رن منڍئون ئي نه ٺھي، جمعي رات ٿو وهانءُ ٿئي.
    آڏواڻي، ڀيرو مل مھر چند: پھاڪن جي پيڙهه. ص ۴


    139. هارئي کان، پيتو ڀلو.

    139. هارئي کان، پيتو ڀلو.
    بنياد:
    هڪڙو ماڻھو شربت جي بتي کڻي ٿي ويو. اوچتو ڌڪو کاڌائين. جنھن ڪري بتيءَ کي چير پيو ۽ شربت وهڻ لڳو. هيڏي هوڏي نھاريائين، ته ٻيو باسڻ ڪو نه ڏٺائين، جنھن ۾ شربت لاهي. تڏهن ويچار ڪيائين جو گهر ويندي تائين سڀ وهي ويندو. تڏهن ماٺـڙي ڪري پي هي پھاڪو چيائين. (گلشڪر)
    مراد ته ڪا شيءِ هارجي پوي يا ٻيءَ طرح زيان ٿي وڃي، تنھن کان ڪم آڻي ڇڏجي ته اهو چڱو آهي.


    140. هٿ جنين جو هيئن، پھرين پتڻ سي لنگهن.

    140. هٿ جنين جو هيئن، پھرين پتڻ سي لنگهن.
    بنياد:
    هڪ لڱا، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ مدن ڀڳت، ڪنھن پاسي گهمڻ ٿي ويا. پنڌ پتڻ لانگهائو هون. جڏهن درياءَ تي ويا، تڏهن ڏسن جو پاتڻي پھريون پور ڪڍيو ٿو وڃي. مدن ڀڳت پاتڻيءَ کي هڪل ڪري چيو ته؛ ”ٻيڙي وراءِ ته اسين به پھرئين پور ۾ هلون.“
    پاتڻيءَ چيو ته؛ ”موٽندس ڪين! توهان ترسو! توهان کي ٻئي پور ۾ وٺي هلندس!“
    مدن ڀڳت چوي ته؛ هلون ته پھرين پور ۾. هن پوءِ پاتڻيءَ کي ٻيڻو، ٽيڻو ڀاڙو باسيو پر پاتڻي مڙيئي نه. پوءِ ته پنج رپيا آڇيائينس. پاتڻي ناڻي تي هرکي ٻيڙي ورائي آيو ۽ هنن کي پھرين پور ۾ وٺي ويو.
    تنھن تي ماڻھن ائين چيو.
    مراد ته هٿ ڇوٽ ڇڏبو ته ڪم اڻ-پڇو ٿيندو.
    ڏکيا لفظ:
    هٿ هيئن معني سنئون يا کليل هٿ جو سنئين ڏيڻ لاءِ تيار هجي.


    141. يارن ڪھڙا ليکا.

    141. يارن ڪھڙا ليکا.
    بنياد:
    هڪ لڱا شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪنھن گوشائتي هنڌ ويٺي تسبيح پڙهي. اوچتو، اتان ٻه زالون اچي لانگهائو ٿيون. جن مان هڪڙيءَ ٻيءَ کان پڇيو ته؛ ”تنھنجي آشنا تو کي ڇا موڪليو ۽ تو ڇا موڪليس؟“
    زال وراڻي ڏني ته؛ ”يارن سان ڪھڙا ليکا؟“
    شاهه لطيف هي جواب ٻڌي چيو ته؛ ”افسوس! جو مونکي هنن زالن جيترو به عقل ڪونھي. جو آءٌ الله سائين جو ذڪر ڪندو هڪ هڪ داڻو ڦيريندو وتان. اهو به ٿيو هڪڙو ليکو.“
    هن پوءِ تسبيح ڪري ڦٽي ڪئي.
    مراد ته جن سان هينئون گڏيل هجي يا جي گھرا دوست هجن، تن سان تٿا مدا نه پائجن.
    ڀيٽيو: حسابِ دوستان، در دل.
    ڏکيا لفظ:
    تسبيح پڙهي معنيٰ مالھا ڦيري.


    142. يڪ نه شد، دو شد.

    142. يڪ نه شد، دو شد.
    بنياد:
    هڪڙي ماڻھوءَ کي ڪنھن شخص ٽي منتر سيکاريا. هڪڙو منتر اهڙو هو جو جيڪڏهن پڙهجي ته ميو ماڻھو جييرو ٿي پوي. ٻيو منتر اھڙو ھيو جو جيڪڏھن پڙھجي ته جياريل مردي سان ڳالھائي سگهجي. ٽيون منتر اهڙو هيو جو جياريل مردي کي وري ماري سمھاري ڇڏجي.
    هڪ لڱا، انھيءَ ماڻھوءَ کي، ڪنھن پنھنجي فوتي عزيز ۾ ڪم پيو. هن پھريون منتر پڙهي هن کي جياريو. ٻيو منتر پڙهي، ھن کان ڳالهه ٻولهه پڇيائين. پر ٽيون منتر وسري ويس. تنھنڪري سندس عزيز ڀوت ٿي اچي پٺيان لڳس. هن شخص جو اُستاد جنھن منتر سيکاريا هئس سو به ڪو مري ويو هو. هي ڊوڙي ان جي قبر ڏي ويو. پھريون منتر پڙهي، استاد کي قبر مان اُٿاريائين. ڀاڳن کي وري ٻيو منتر وسري ويس. تنھن ڪري استاد به پريت ٿي پٺيان لڳس. (فئلن)
    ڪنھن تي هڪڙي تھمت ثابت نه ٿيندي آهي ته ٻي رکندا اٿس. يا جڏهن ڪو پاڻ کي هڪڙي آزار کان ڇٽائڻ جي ڪندو آهي ۽ وچائين ٻيو آزار جاڳي پوندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 538
    ڪتابن جو مشاهدو: 567625
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 216113
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ