ڪتاب جو نالو: رٺي آهي گهوٽ سان
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: نيو فيلڊس
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 1966
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 27 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1174 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 431 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”رٺي آهي گهوٽَ سان“ ڪِتاب پهاڪن ۽ چوڻين جو مجموعو آهي. هن ڪِتاب جو پهريون ڇاپو ”نيو فيلڊس“ پبليڪيشن وارن 1996ع ۾ ڇپرايو. هن ۾ الطاف شيخ پنهنجي ملڪ ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جا گڏ ڪيل پهاڪا ڏنا آهن. ڪيترن پهاڪن سان گڏ هن دلچسپ سمجھاڻيون ۽ چرچا لکيا آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • حق ۽ واسطا
  •   پنهنجي طرفان
  • هر فن مولا _ الطاف
  • مهاڳ/ پيش لفظ
  • مهاڳ
  • متن

  • سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون
  • ملئي پهاڪا ۽ چوڻيون
  • چيني پهاڪا ۽ چوڻيون
  • جپاني پهاڪا ۽ چوڻيون
  • الطاف شيخ جا تازا شايع ٿيل سفرناما

  • ترتيب

    حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو: رُٺي آهي گهوٽ سان
    ليکڪ: الطاف شيخ
    ڇاپو ٽيون: © روشني 2007ع
    ڪمپوزنگ: شفيق حسين ڪولاچي
    روشني ڪپوزرس، حيدرآباد.
    ڇپيندڙ: فائين ڪميونيڪيشن، حيدرآباد.
    ڇپرائيندڙ: روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ





    RUTHI AAHE GHOT SAAN
    (Proverbs)
    by: Altaf Shaikh
    Composed by: Shafique Hussain Kolachi
    Roshni Composers, Hyderabad
    Printed: Fine Communication, Hyderabad, Sindh.
    Published by: Roshni Publication, Kandiaro
    3rd Edition © Roshni 2007


      پنهنجي طرفان

    هي پهاڪا ۽ چوڻيون گهٽ ۾ گهٽ 1965ع کان گڏ ڪندو اچان. ڪٿي ڪو پهاڪو پڙهيو يا ڪنهن کان ٻڌو ٿي ته نوٽ ڪيم ٿي. خاص ڪري پوڙهن هندو سنڌي دڪاندارن کان ڏاڍا ٻڌا اٿم. وچ ۾ ڪجهه عرصو ڇڏي به ڏنم، شايد اهي اهو دور هو جو جڏهن منهنجو جهاز بندرگاهه ۾ گهٽ بيهندو هو ۽ سمنڊ تي گهڻو هلندو هو. ان بعد ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ رهڻ دوران _ خاص ڪري جپان، چين ۽ ملائيشيا ۾، اتي جي ڳوٺاڻن کي ڳالهه ڳالهه ۾ ڪا چوڻي استعمال ڪندو ٻڌي انهن زبانن جون چوڻيون ۽ پهاڪا پڻ گڏ ڪرڻ لڳس.
    جيتوڻيڪ شروع ۾ ڇپائڻ جو خيال نه هو. ائين ئي پنهنجي لاءِ گڏ ڪندو ويس پر پوءِ ملائيشيا ۾ يڪا سارا ست اٺ سال رهڻ واري دور ۾ اتي جي ملئي ادبي دوستن صلاح ڏني ته اهي پهاڪا ڇپرايا وڃن، خاص ڪري ملئي زبان جا. ڇو جو ان وقت ملائيشيا ۾ ڪوبه ملئي پهاڪن (ملئي زبان ۾ پهاڪن کي ”پِري ڀهاسا“ Prebahasa چئجي ٿو) جو ڪتاب نه ڇپيو هو.
    ملئي پهاڪن کي ڇپائڻ وقت اهو سوال پيدا ٿيو ته انهن کي ڪهڙي طرح سان ترتيب ڏنو وڃي. الفابيٽ جي حساب سان يا مختلف عنوانن هيٺ رکيو وڃي. پهاڪن جي معنى ۽ اصل نسل به ڳولي ڏنو وڃي يا نه. ان بحث ۾ سال ٻه ٻيا به نڪري ويا. آخر اتي جي (ملائيشيا جي) اديبن اها صلاح ڏني ته في الحال جيئن آهن تيئن ڇپايا وڃن. ڊڪشنرين وانگر پهاڪا به ڪنهن جي ملڪيت نه آهن. دير سان يا نه ڇپائڻ کان بهتر آهي ته جيڪي آهي اهو ڇپجي وڃي ته سٺو، پوءِ بعد ۾ ٻيا اديب ان کي سڌاريندا ۽ تبديليون آڻيندا رهن. اهڙي طرح اهو ڪتاب ”Proverbs of Far East“ جي نالي سان ڇپيو جنهن جا پيش لفظ ملائيشيا جي جهوني ۽ مشهور افسانه نگار ڪرس ماس ۽ ”Daughter of East“ جي ليکڪا بينظير ڀٽو لکيو.
    مٿيون ڪتاب نه فقط ملائيشيا ۾ جپان، چين ۽ ڏور اوڀر جي ٻين ملڪن ۾ ڪافي پسند ڪيو ويو. پاڪستاني انگريزي اخبار Dawn ۽ هيرالڊ ۾ ان تي Review پڻ آيا. ان ڪتاب ۾ ملئي پهاڪن سان گڏ جپاني ۽ چيني پهاڪا پڻ شامل ڪيا هئم. ان ڪتاب بعد منهنجي ڪيترن سنڌي اديب دوستن ان کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي صلاح ڏني. مون سوچيو ته نه فقط ان ڪتاب جا ملئي، چيني ۽ جپاني پهاڪا پر سنڌي پهاڪا پڻ ان ۾ شامل ڪيا وڃن. اهو سوچي هي ڪتاب ”رٺي آهي گهوٽ سان..........“ تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو نالو ”رٺي آهي گهوٽ سان ڳالهائي نٿي ڳوٺ سان“، چوڻيءَ تان کنيو ويو آهي.
    هن ڪتاب ۾ سنڌي يا ٻين زبانن جا مڙيئي پهاڪا نه آهن. بس ائين کڻي چئجي ته هيءَ ذاتي Collectionآهي. ان کي اڃان به وڌائي سگهجي ٿو. اڃان به بهتر ڪري سگهجي ٿو. پر اعلى کان اعلى شيءِ جي تخليق جي چڪر ۾ ائين ئي ويٺو رهجي يا لاڏاڻو ڪري وڃجي، ان کان بهتر آهي ته جيڪي حال حبيبان ٿي سگهي في الحال اهو پيش پريان ڪيو وڃي.
    هن ڪتاب جي صورتحال ۽ گرامر جي چُڪن جي درستيءَ لاءِ هڪ دوست تاج بلوچ کي عرض ڪيم. هو مٿي تي هٿ رکي ويهي رهيو ته هن ۾ ايتريون اوڻايون پوڻايون آهن جو صحيح شڪل ۾ آڻن لاءِ وڏو وقت کپي. بهرحال منهنجي چوڻ تي هن ۽ آفتاب ابڙي صاحب جيڪا ٿورو گهڻو مٿاڇڙي ميڪ اپ ڪئي ان لاءِ سندن ٿورائتو آهيان. باقي غلطيون رهيل آهن انهن کي برداشت ڪرڻ لاءِ پڙهندڙن جو ٿورائتو آهيان.
    مٿيون ڪمزوريون منهنجن ٻين ڪتابن ۾ جام آهن، جن لاءِ منهنجا اديب دوست ۽ مهربان پڙهندڙ ٻڌائيندا رهن ٿا. پر ان معاملي ۾ منهنجي سڌرڻ جي اميد گهٽ ئي آهي. آئون سنڌي ٻوليءَ جو اهو اديب آهيان جنهن جو 1963ع کان وٺي گهڻو وقت سنڌ کان ٻاهر گذريو آهي. جتي سنڌي ڳالهائڻ يا ٻڌڻ جو ورلي ڪو موقعو ملي ٿو. ان کان علاوه آئون اهو اديب آهيان جنهن جو گهڻو وقت (جهازن توڙي بندرگاهن ۾) اديبن ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن سان ملڻ بدران پاڻ جهڙن جهازي مسترين ۽ ماڇي مهاڻن ساٿين سان گذري ٿو. سو اهڙي صورت ۾ سنڌي جي صورتخطي ۽ گرامر وغيره ڪيئن ٿي سڌري سگهي. سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمنٽ ۾ چانهه پياريندڙ پٽيوالي جي زبان سڌرڻ جي اميد ضرور ٿي سگهي ٿي. پر جهازجي ٻارهن هزار هارس پاور جي هلندڙ انجن واري ڪمري ۾ يونانين، چينين، پٺاڻن ۽ مڪرانين سان ڪم ڪندڙ مون جهڙي جي گرامر ڇا سڌري سگهي ٿي. سا به هن عمر ۾! سوچڻ جي ڳالهه آهي.
    هڪ ٻي ڳالهه ته ٺاهي ٺاهي سوچي سوچي، لکڻ سان شايد (يعني پڪ نه اٿم) ڪجهه بهتر لکي وڃان. پر جنهن رفتار سان مونکي لکڻ لاءِ ڳالهيون ڌيان ۾ اچن ٿيون ان حساب سان ايترو وقت نه اٿم جو زبان جي Cosmetics کي ڏئي سگهان. بس اهوئي سوچي مطمئن ٿيندو آهيان ته هي رنڍا روڙيندي جيڪڏهن پڙهندڙ تائين منهنجو Message پهچي ٿو ۽ هو ان کي سمجهي به ٿو ته مون لک کٽيا. نه ته اڄ جي Electronic Media ۾ ڪنهن کي وقت آهي ڪتاب يا اخبار پڙهڻ جو.
    الطاف شيخ
    ائڊريس: پوسٽ باڪس نمبر 12292
    ڊفينس سوسائٽي، ڪراچي 75500


    هر فن مولا _ الطاف

    الطاف شيخ جي ڇپيل ڪتابن جو تعداد هاڻي خيرن سان پنجاهه جي ويجهو اچي پهتو آهي. ڪنهن به ٻوليءَ جي ليکڪ لاءِ ان کان وڌيڪ خوشيءَ ۽ فخر جي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته هو ايترين سارين تصنيفن جو مالڪ هجي ۽ پڙهندڙ سندس هر نئين تصنيف کي هٿو هٿ کڻي وڃن. نه رڳو ايترو بلڪ انهن ڪتابن جا ڇاپا مستقل طور ٻيهر مارڪيٽ ۾ ايندا رهن. منهنجي خيال ڪو به ناميارو ليکڪ ان کان وڏي ڪنهن به اعزاز جي تمنا ڪري ئي نٿو سگهي. نوجوانن کان وٺي ٻڍن تائين، شاگردن کي ويندي ڌنڌوڙن ۽ واپارين تائين الطاف جو نالو ئي بهترين تفريح، ڄاڻ ۽ تربيت جي ضمانت آهي. هنجي سادين سودين لکڻين جو جادو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهليل آهي. سندس هر نئين تجربي جو انتظار نه صرف پڙهندڙن کي رهي ٿو، بلڪ پبلشر به ڏينهن ڳڻيندي گذاريندا آهن.
    ايتري ساري مقبوليت، ساراهه ۽ عقيدت جي باوجود الطاف اڄ به اهوئي ساڳيو سادو، شريف، گهٽ ڳالهائڻو، شرميلو ۽ اٻوجهه انسان آهي، جيڪو ٻه ڏهائيون اڳ هو. هن ڪڏهن به پنهنجي مقبوليت کي ڪاميابي جي ڏاڪڻ طور استعمال نه ڪيو آهي. وڏي واڪ پنهنجي ادبي حيثيت جي دعوى نه ڪئي آهي. انعام اڪرام توڙي اعزاز جي تمنا نه ڪئي آهي. سيلاني آهي. پنهنجا مشاهدا ڪاغذ تي اتاريندو، ٻئي سفر تي روانو ٿيو وڃي. پٺتي موٽي نهارڻ سکيو ئي ناهي. اسان جي ادب ۾، جتي پنهنجي منهن ميان مٺو ٿيڻ جو رواج تمام سينيئر ليکڪن وڌو آهي، اتي الطاف جي حيثيت ۽ قدوقامت هڪ راڪاس جيڏي ضرور آهي، پر سندس عجز ۽ انڪساريءَ کيس پاڻ کان ڏهين پتي گهٽ لکندڙن آڏو به حجاب ۽ احترام وچان ڪنڌ جهڪائي جهيڻي آواز ۾ مختصر جملا ڳالهائڻ ئي سيکاريو آهي. ادبي تڪبر، پاڻ پڏائڻ ۽ صدارتي ڪرسيون تاڙڻ هن جي فطرت ۾ شامل ناهي. تقرير ڪرڻ هن جي وس جي ڳالهه ناهي. اڪيلو ڪنهن به تقريب ۾ ويندي شرمائيندو آهي. جاهل جي ٻٽاڪن تي دل ئي دل ۾ کلندو ضرور هوندو، پر ٻڌندس ايڏي غور سان جو لڳندو ته کانئس به ڪجهه پرائي رهيو آهي. انهن سڀني خوبين جي پياري مالڪ، نهايت ئي خاموشيءَ سان سنڌي ادب کي اهو ڪجهه ڏنو آهي، جو جيڪڏهن ٻي ڪنهن ٻوليءَ ۾ لکيو وڃي ها ته الطاف جيڪر ڪيترن ئي سرڪاري توڙي غير سرڪاري اعزازن جو مالڪ هجي ها، ڪانه ڪا يونيورسٽي سندس خدمتن جي عيوض کيس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري عطا ڪري چڪي هجي ها ۽ حڪومت کيس سندس صلاحيتن، قابليت توڙي تجربي جي آڌار تي مناسب منصب تي فائز ڪري چڪي هجي ها. کانئس گهٽ محنتي، گهٽ قابل ۽ گهٽ لگن وارا ليکڪ Self _ Promotion ۽ پي آر جي آڌار تي يا ته اعلى عهدن تي پهتل آهن، يا وري ڪنهن نه ڪنهن بهاني پلاٽ، پرمٽ ۽ پي مينٽ وٺيو پنهنجي مالي توڙي ادبي شهنشاهيت قائم رکيو ويٺا آهن. اهڙي ماحول ۾ ايتري نا قدريءَ، جي باوجود، مون الطاف کي ڪڏهن به شڪايت ڪندي نه ٻڌو آهي ۽ نه وري ڪڏهن ڪنهن سندن پيشانيءَ تي ڪڏهن ڪو گهنج ئي ڏٺو اٿم. هُو ڪم ۽ چاهيندڙ جي محبت کان ايترو ته مطمئن آهي جو صلي جي پرواهه ڪئي بغير ماٺ ميٺ ۾ ڪتابن مٿان ڪتاب گهڙيندو ٿو وڃي. اڃـان جوان آهي؛ اها رفتار رهيس ته ايندڙ چند سالن ۾ سَوَ کي ڌڪ هڻندو. خدا ڪري ائين ٿئي؛ ۽ جي ائين ئي ٿيو ته پوءِ اهو ڪارنامو جديد سنڌي ادب ۾ سنگ ميل جي حيثيت حاصل ڪري وٺندو، جنهن تائين پڄڻ لاءَ ڪنهن ٻئي الطاف جي ضرورت پوندي.
    هيءُ ڪتاب سفرنامن کان ٿورو هٽي، محاورن، چوڻين ۽ پهاڪن تي ٻڌل ضرور آهي، پر ليکڪ پنهنجي سمونڊ،ساحل ۽ سڙهه واري خلش کان آجو ٿي نه سگهيو آهي. پرڏيهه جي خوشبو هر سٽ ۽ هر صفحي تي موجود آهي. سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون اهي گڏ ڪيون اٿس، جيڪي بيوطن سنڌين کان ڏيساور ۾ ٻڌيون اٿس. مَلئي،. چيني ۽ جپاني محاورا پڻ، اهي جيڪي اسان جي قومي مزاج سان ٺهڪي ٿا اچن. ڇڏي ڪوڏي به نٿو. جيڪي مليس ٿو سو ميڙي چونڊي امانت سمجهي، نهايت ئي ايمانداريءَ سان اچي ٿو ديس واسين جي جهول ۾ وجهي. ڪهاڻيون هجن، چرچا ڀوڳ هجن توڙي انگ اکر هجن، جيڪي جتان مليس ٿو، وڃي ٿو گڏ ڪندو. ٻيو ته ٺهيو، پر شاگردن جي لاءِ ولايتي ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن جي واقفيت، انهن ۾ داخلا وٺڻ جا طريقا ۽ ڪورس جا تفصيل پڻ جمع ڪري، ڪٿي نه ڪٿي سوڙهه سنگهوڙ ۾ جڳهه بنائي، ڇپائي ڇڏيا اٿس ته جيئن اڻ سُنهن کي ٿوري گهڻي واٽ نظر اچي. ترجما ڪيا اٿس ته جيئن پنهنجي ۽ ٻاهرئين ادب جي رفتار ۽ معيار کي ڀيٽي سگهجي. انهن مڙني خوبين کيس نه رڳو ماڻهن ۾ محبوب بنايو آهي، پر گڏو گڏ محنت، جاکوڙ ۽ جدوجهد جي علامت پڻ بنجي پيو آهي. ڪوبه نئون ليکڪ سندس ڪوششن ۽ ڪاوشن مان سبق حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ ساڳئي طرح ڪوبه جهونو اديب جڏهن قلم وهائي ٿڪجي پوي، ته الطاف جي پورهئي ڏانهن نهاري، منجهانئس اتساهه حاصل ڪري سگهي ٿو.
    چوڻيون ۽ پهاڪا هر قوم جي تواريخ، ثقافت ۽ روايتن جو عڪس هوندا آهن. منجهانئن ماضيءَ جو اولڙو پوندو آهي ۽ مستقبل جو تصور اڀرندو آهي. هر چوڻيءَ پويان ڪانه ڪا ڪهاڻي پوشيده هوندي آهي ۽ هر محاورو تواريخ جي ڪنهن نه ڪنهن واقعي جي علامت هوندو آهي. اظهار جا اهي ذريعا عوامي سوچ، مزاج، ذهني لاڙن، نفسياتي جهڪاءَ ۽ تواريخي پس منظر جا مظهر هوندا آهن. نه راتو رات جڙيا آهن ۽ نه شاهي ايوانن ۾ نپنا آهن. عام ماڻهوءَجي سوچ جو نچوڙ آهن، ان ڪري صدين کان زنده آهن ۽ ٻوليءَ جي زنده رهڻ تائين حياتي ماڻيندا.
    تحقيقي ذهن رکندڙ عالمن کي گهرجي ته اهڙن علمي گوهرن جا پڻ بڻياد ڳولڻ لاءِ ميدان ۾ اچن. ائين ڪرڻ سان وڃايل تواريخي ڪڙيون ملنديون، نفسياتي اوڻاين تان پردو کڄندو ۽ آئيندي قومي ذهني صحت سڌارڻ ۾ مدد ملندي.
    اها حقيقت آهي ته هن صنف تي ڪجهه ڪتاب اڳ ۾ ڇپيا آهن، پر عوامي ذخيرو ايڏو ته گهڻو ۽ وسيع آهي جو باقاعدي، منظم طريقي سان ريسرچ ڪرڻ کان سواءِ مڪمل تسلي ٿيڻ ممڪن ناهي. ان ڪم ۾ مشڪلاتون به گهڻيون آهن. مختلف علائقن ۾ ساڳي ئي پهاڪي کي مختلف انداز ۾ ادا ڪيو ويندو آهي. قومن، ذاتي، قبيلن ۽ ماڳن وغيره متعلق پهاڪا پڻ متضاد عصبي لاڙا رکن ٿا. ان کان سواءِ تمام وڏو ذخيرو پهاڪن ۽ چوڻين جو، ورهاڱي وقت هندستان ڏانهن لڏي ويل هندو پاڻ سان گڏ کنيو ويا. اُن جي اهميت ان ڪري پڻ محسوس ٿئي ٿي جو سماج، مذهب ۽ ثقافت جي اها ايڪائي هڪ خاص ۽ جدا ذهني لاڙي جي مالڪ هئي، جنهنجي اظهار جو ذريعو پڻ ڪجهه قدر مختلف نوعيت جو هُئو. سندن سوچ شهري، پيشو نوڪري يا وڻج واپار، سماج گهڻي ڀاڱي آزاد، تعليم سرس ۽ سياسي سجاڳي سَجيهه هئي؛ انڪري اهي سڀ شيون سندن گفتگو توڙي Expression مان مختلف انداز سان جهلڪنديون هيون. الطاف سڄي دنيا گهمي آهي ۽ ڪيئي بار گهمي آهي. هن کي اڪيچار موقعا مليا آهن ته هُو اهڙن سنڌي خاندانن سان گهلي ملي ڳالهائي، جيڪي ورهاڱي کان اڳ يا پوءِ سنڌ ڇڏي وڃي، پرڏيهه ۾ آباد ٿيا؛ کانئن ٻوليءَ جي اها چاشني چکي، جيڪا هاڻي شايد نه سنڌ ۾ رهي آهي ۽ نه وري هند ۾. اهو ڪم ڏکيو آهي ۽ الطاف جي مزاج مطابق پڻ ناهي؛ پر هن هڪ انوکي انداز ۾ شروعات ڪئي آهي. بنان عالماڻي معتبرائيءَ جي، هن درويش جيڪي ۽ جيئن ٻڌو آهي، سو لکي وڃي پار پيو آهي. باقي ڪم ان ميدان جي ڪهنه مشق کيڏاڙين مٿان ڇڏيو اٿس ته هُو ڪينءَ ٿا ويهي اڳيون پويون ٻوٽيون پٽي، لفظن ۽ جملن کي پاڻ ۾ ڀيئي، هڪ جامع معياري ۽ مڪمل ڪتاب عام کي آڇين. هُن عام راهه تان هٽي، هڪ ٻي به نواڻ پيدا ڪئي آهي. محاورن ۽ چوڻين جي معنى ۽ مطلب سمجهائڻ خاطر ٽوٽڪا، ڀوڳ يا واقعا تفصيل سان ڏنا اٿس، جيڪي پنهنجي دلچسپيءَ سبب ڪتاب جي جان بنجي ويا آهن. اهڙو پيرايو صرف الطاف ئي اختيار ڪري سگهي ٿو. سنجيده محقق کي شايد اها حرڪت اگري لڳي، پر پوءِ الطاف ڪٿي به نه سنجيده هجڻ جي دعوى ڪئي آهي ۽ نه وري محقق هئڻ جي. هُن ته پنهنجي طرفان مڪمل ڪتاب ڏيڻ جي مالڪيءَ تان پڻ هٿ کنيو آهي. چيومانس: ”ٿوري محنت ڪري، هن موضوع تي ٻيا ڪتاب پڙهي، ماڻهن سان ملي، ڪجهه وڌيڪ مواد حاصل ڪري جيڪر هڪ مڪمل ڄاڻيٽي ڏين ها ته بهتر.“
    چيائين: ”اهو ڪم منهنجو ناهي. ڀلي ته ٻيا وڃي ان تي وڌيڪ ڪم ڪن. مون کي جيڪو مواد سفر دوران هٿ آيو، اهو منهنجي انداز ۾ کڻي ڇاپيو اٿم. وڌيڪ جيڪو ڪم جنهن کي سونهين، سو ڪري.“
    مون کي الطاف جي خلوص تي يقين آهي. هن پنهنجي طرفان، معمولي ئي سهي، هڪ سوکڙي وڌيڪ سنڌي پڙهندڙن کي ڏني آهي. سمونڊ ۾ هڪ ڦڙي جو اضافو ڪيو آهي. سندس اهي ئي وَڙَ کيس وڏو انسان بنائڻ لاءِ ڪافي آهن. خدا کيس وڏي ڄمار ڏئي ته جيئن هُو پنهنجي ٻوليءَ ۽ ديس واسين جي وڌيڪ خدمت ڪري سگهي. اسان سڀني جون دعائون هميشه ساڻس گڏ رهنديون.
    قمر شهباز
    23 اپريل، 1965 ڪراچي


    مهاڳ/ پيش لفظ

    الطاف شيخ جي مهانتا صرف ان ڪري نه آهي ته هو عام زندگيءَ ۾ نهايت صاف گو ۽ کرو ماڻهو آهي. يا هن اڌ دنيا جي معلومات اسان تائين پهچائي آهي، بلڪ هو ان لحاظ کان به وڏو ماڻهو آهي، جو هن پنهنجي لکڻين ذريعي لکين پڙهندڙ پيدا ڪيا آهن. مون ڪيترن دوستن کي ڏٺو آهي، جن کي چڱي معلومات وارو ڪتاب هٿ ۾ کڻندي ئي ٻرو چڙهي ويندو آهي، پر جڏهن اُهي الطاف شيخ جو ڪو سفرنامو ڏسڻ ڪاڻ وٺندا آهن ته پڙهي پوري ڪرڻ کان اڳ، موٽائي ڏيڻ جو نالو ئي نه وٺندا آهن، ڪتاب جتان به شروع ڪيائون، ان کي اڌ ۾ ڇڏي، مهڙ کان پڙهڻ لڳندا آهن. اهڙي نموني منجهن پڙهڻ جي هيرَ پئجيو وڃي.
    الطاف شيخ دنيا جي جنهن به ڪنڊ ۾ ويو آهي، اتان ڪانه ڪا وٿ ونڊي آيو آهي، هن دنيا جي هر وٿ کي ”اُلٽي اک“ سان ڏٺو آهي، جنهن ۾ کيس، سنڌ سنڌ سان واسطو رکندڙ شيون نظر آيون آهن. کيس بينڪاڪ گهمندي، بوبڪ نظر آيو آهي، ته سئزرلينڊ ۾ به سيوهڻ جا سير ڪندو رهيو آهي. جتي به کيس اعلى انساني قدر، اوچي ڳاٽ نظر آيا آهن، اُتي هن سنڌ کي ياد ڪيو آهي ته ڪاش اُهي گڻ اسان جي ماڻهن ۾ هجن ته هوند اسان به اڄ انهيءَ پَدَ تي هجون ها. اُها دنيا جي ڪهڙي شيءِ آهي، جنهن جو هن ذڪر نه ڪيو آهي! جديد ترين موٽر گاڏين کان وٺي، ڪاغذن جي ٽڪرن کي سليقي سان اڇلائڻ تي هن لکيو آهي. ماڻهن جا اُهي ڪهڙا گڻ يا اوگڻ هن کان اوجهل رهيا آهن.
    الطاف شيخ لکيو آهي، خوب لکيو آهي. اهو نه ڏسندي ته ان ۾ گرامر جون غلطيون آهن، يا محاوري جا مونجهارا، پر هن لکيو آهي. سچائيءَ سان، همت سان، صرف هڪ جذبي خاطر ته اِهي ڳالهيون اسان وٽ هجن، اسان جا نوجوان ايتري محنت ۽ لڳاءَ سان ڪم ڪن، جو جرمني، جپان، سنگاپور۽ سئزرلينڊ واري ترقي سنڌ جو مقدر بڻجي. ڪاش! اسان جا ماڻهو دنيا جي نئين رنگ ۽ ڍنگ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن، هو به اهي طريقا اختيار ڪن، جن سان دنيا جي ٻين ماڻهن ترقي ڪئي آهي. شل! اسان جا ماڻهو پراڻين ريتن ۽ رسمن کي ڇڏي، بدليل دنيا جو رنگ ۽ ڍنگ اختيار ڪن.
    ”الطاف شيخ ڪوڙيون ڳالهيون لکي، ماڻهن کي ڀنڀلائي ٿو.“ مون کي اهي لفظ هڪ اهڙي ماڻهو چيا، جيڪو ڪجهه وقت اڳ جهازي نوڪري ڪري چڪو هو _ ”مان انهيءَ جو فيصلو نٿو ڪري سگهان، جو مان پاڪستان کان ٻاهر ڪونه ويو آهيان.“ مون کيس وراڻيو، دل ۾ سوچيم: اهو به ممڪن آهي، چوندا آهن ته ”فقير فقير کي نه سهي“ شيون سڀ ساڳيون، اک اک جو ڦير هجي. هن ويچاري کي اُهي شيون ائين نظر نه اينديون هجن، جيئن الطاف شيخ صاحب پَسيون آهن، ڇاڪاڻ ته،
    Beauty lies in the eyes of the beholder.
    ليلى ته رنگ جي ڪاري هئي پر مجنون کي موهي وڌائين، ساڳيو فليٽ ٻچڙن جو اجهو ٿي سگهي ٿو ته يارن جي عياشي جو اڏو به، اڌ ڀريل گلاس، ڪن کي اڌ خالي نظر اچي ٿو ته ڪن کي اڌ ڀريل. پر جيڪڏهن ڪنهن مصلحت خاطر الطاف شيخ صاحب مبالغي کان ڪم ورتو آهي ته فارسي واري جي چواڻي؛ دروغ مصلحت آميز به از راستي فتنه انگيز.
    هن کان اڳ الطاف شيخ رڳو سفرناما لکيا آهن، پوءِ الائي ڪيئن هن صنف طرف ڌيان پيو اٿس. ”پهاڪا ۽ چوڻيون“ لوڪ ادب جو نهايت اهم حصو آهي، جيڪي ڪنهن قوم جو گڏيل ورثو ٿين ٿا. انهن جي مطالعي مان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته ان قوم جو سماجي شعور ڪهڙي پد تي آهي، زماني جي لاهين چاڙهين کي هو ڪيئن ٿا ڏسن، مختلف عملن ڏانهن سندن رويو ڪهڙو آهي. هو عام زندگيءَ ۾ ڪهڙي عمل کي گهٽ سمجهن ٿا ۽ ڪهڙي ڪم کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا. جيئن هڪ جپاني چوڻي آهي ته ”مهمان کي ڇڙٻ ڀلي ڏيو، پر کيس بک نه ماريو“. فارسيءَ جي چوڻي آهي ته ”بخدمت منه دست برپاءِ من، مرادنان ده و کفش برسر بزن“. معنى خدمت سان منهنجي پيرن تي هٿ نه رک، مون کي ماني ڏي ۽ ڀلي پادر مٿي تي هڻ. ان لاءِ سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي ته ”ڀلي بک ڀرم جي شال نه وڃي شان.“ يا ڪي ايئن چون ته ”ماني ڪاڻ مانُ نه وڃائجي“. هر قوم جا پنهنجا سماجي رويا ٿين ٿا. انهن جي اڀياس جو بهترين ذريعو ان قوم جا پهاڪا ۽ چوڻيون آهن. پهاڪا اجتماعي شعور جو نچوڙ هوندا آهن، جيڪي صدين پڄاڻان ٺهندا آهن. پهاڪا ڏور بيت يا عام شاعريءَ وانگر ڪونه ٺاهبا آهن، اُهي مختلف سُچيتن جي سوچ مان گذري پاڻ مرادو عمل ۾ ايندا آهن. ها، البت ايئن به ٿيو آهي ته ڪچهريءَ ۾ ڪن گوهرن گفتا چيا، جن ۾ ايتري ته گهرائي ۽ مشاهداتي سگهه هئي، جو جن ٻڌا، انهن جي هِنئين ۾ هُري ويا ۽ آهستي آهستي لوڪ پَڌاريا ۽ عام ٿي ويا. اسان وٽ اهڙا مثال به آهن، جو ڪن شاعرن جو سٽون پهاڪن طور استعمال ٿيون آهن، جيئن شاهه ڪريم جون هي سٽون:
    ”هٿ ڪار ۾ دل يا رڏي،“
    ”منڊي ماڪوڙي کوهه ۾ پئي ڪڇي اُڀ“
    ”سيئي سيل ٿيام، پڙهيام جي پاڻ لاءِ“
    ”پاڻي سڀ ڪا ڀري، ڪا پورهيي لاءِ ڪا يار لاءِ“
    شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون سٽون:
    ”جو وڙ جُڙي جن سين، سي ئي سو وڙ ڪن،“
    ”محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌي هيڪڙو“
    “ڪانه ڪا ويئي هوت پڇڻ هٽ تي“
    شيخ اياز چواڻي:
    ”ڍؤَ بنان ڍوليا ناهي، ساڃهه سونهن جي“
    سٽون ته سوين، پر هر سٽ پهاڪو نٿي بنجي. پهاڪي لاءِ ضروري آهي ته ان ۾ ڪا حڪمت هجي، ڪو سونهون اسرار هجي، ڪو نصيحت ڀريو نڪتو هجي. انهن لفظن ۾ اهڙي گهرائي هجي، جو هڪوار دل مڃي ته چوندڙ سچ ٿو چئي. واقعي زماني ۾ ائين پيو ٿئي. جيئن:
    ”جنهن جو بد بنياد، تنهنجو ميوو مٺو نه ٿئي“
    ”پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڙي لک لُٽائي“
    ”جن جي گنديءَ ۾ داڻا، تن جا چريا به سياڻا“
    سنڌي پهاڪا، پنهنجي سٽاءَ ۾ وزن رکن ٿا، اهي هڪ سٽ تي مبني ڇو نه هجن، پر انهن ۾ ردم هوندو، لئي هوندي، چوڻ ۾ سهنجائي هوندي. ڪي پهاڪا ته مورڳو بيتن جيان ٿين، پر سولائي خاطر انهن جا اڳيان يا پويان بند استعمال ٿين ٿا. جيئن عام پهاڪو آهي ته ”ڀلي بک ڀرم جي شال نه وڃي شان“ ان جي ٻي سٽ آهي، ”الله ڏئي ايمان، گوڏا ڏئي گذارجي“ يا جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته ”جنهن جو بد بنياد، تنهنجو ميوو مٺو نه ٿئي“. اهو پهاڪو اصل ۾ هن ريت آهي:
    ڪوڻ کي پاڻيءَ جان، پيڙي پياريم ڪماند،
    نڪو زهر زمين ۾، نڪو ڌر پاند،
    ڪمائي ڪم ذات سان، وڃي ٿي وڙ واند،
    جنهن جو بد بنياد، تنهنجو ميوو مٺو نه ٿئي.
    (ڪُوڻ _ اَڪُ)
    يا هڪ ٻيو پهاڪو ڏيندا آهن ته:
    ”لاهي ويهه لنگها، آريجن مان آسرو“
    اهو سڄو پهاڪو هن ريت آهي.
    ”لاهي لنگها ويهه، آريجن مان آسرو،
    پـــني پرائو ڏيهه، اچي کاءُ آريجن ۾.“
    (آريجا_ هڪ ذات ۽ تعلقي ڏوڪري جو مشهور شهر)
    سنڌي پهاڪا، گهڻي قدر تجنيس حرفي تي ٻڌل هوندا آهن، انهن جو خيال ڪرڻ گهرجي. ڪنهن کي به اهو حق نٿو پهچي ته هو پهاڪن سان هٿ چراند ڪري ۽ پنهنجي مرضي مطابق انهن ۾ ڦير گهير ڪري، مثال ڪو چوي ته:
    ”سڀ ڪو پاڻ کي سير ٿو سمجهي ۽ پاءُ ڪو ڪونه سڏائي“
    هاڻي جڏهن سير جو رواج ختم ٿي ويو آهي، ان جاءِ تي ڪلو ”Kilo“ وجهون ته ايئن هرگز روا نه آهي.
    پهاڪن کان پوءِ چوڻين جو درجو آهي، انهن ۾ به ڪانه ڪا سمجهه ڀري ڳالهه سمايل هوندي آهي. ڪونه ڪو نصيحت جو نُڪتو هوندو آهي. چوڻين ۾ ايتري گهرائي ڪانه هوندي آهي، جيتري پهاڪن ۾. اسان کي بهرحال چوڻين ۽ پهاڪن ۾ فرق ڪرڻ گهرجي. ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ ڪلهه انهن شين جو رواج ختم ٿيندو پيو وڃي. هن ڪم دوران مون ڪافي دوستن کان پهاڪا پڇيا، هنن نهڪر ۾ جواب ڏنو. گهڻن دوستن، جيڪي وڏا اديب به ليکيا وڃن ٿا، انهن چيو ته هنن اهي پهاڪا ٻڌا به ڪين آهن. سو ڀانئيان ٿو ته هن ڪتاب وسيلي هڪ نئين لهر ايندي ۽ ماڻهو پهاڪن ۽ چوڻين طرف راغب ٿيندا.
    چوڻيون ڪن خِطن ۽ علائقن تائين به محدود ٿين ٿيون، ته ڪن ۾ وري مڪاني محاوري جو اثر نظر اچي ٿو، جيئن هن چوڻيءَ جو مثال آهي:
    ”ڪاڻيءَ جي ڪاج ۾ نيکٽ به گهڻا“
    سکر ۽ خيرپور واري علائقن ۾ وري چون:
    ”ڪاڻيءَ جي ڪاج ۾ ڇيڏڪ به گهڻا“
    ڪاڪي ڪيول رام پنهنجي ڪتاب ”گل شڪر“، جيڪو 1869ع ۾ تيار ٿيو ۽ 1905ع ۾ شايع ٿيو. ان ۾ مٿين چوڻي هن ريت لکي آهي:
    ”ڪاڻي جي وهانو ۾ سنگهٽ به گهڻا“
    بهرحال جيئن ته اسان جو تحقيق طرف توجهه گهٽ آهي، ان ڪري پهاڪا ۽ چوڻيون، عام استعمال مان ختم ٿيندا پيا وڃن. اڃان به ڳوٺن ۾ انهن جو وهنوار آهي، باقي شهري زندگيءَ ۾ ته ڳولي نٿا لڀن. اڃا به وري اڙدو يا ٻين ٻولين جا پهاڪا استعمال هيٺ اچن ٿا، جن کي اسان جا معتبر ماڻهو ”ڪهاوت“ ڪري پيش ڪندا آهن، ڄڻ ته کين خبر ئي نه آهي ته سنڌ ۾ ”پهاڪو“ يا ”چوڻي“ به ڪا شيءَ آهي.
    اڳ، اديب ۽ ادارا، انهن ڳالهين طرفن توجهه ڏيندا هئا، ۽ سال به سال پهاڪن ۽ چوڻين تي نوان ڪتاب پيش ڪندا هئا، جيئن ڪاڪي ڀيرو مل پهاڪن تي ٻه ڪتاب تيار ڪيا، هڪ ”گلقند“ (1926ع) ۾ سنڌي پهاڪن سان ميل کائيندڙ هندي پهاڪا ۽ چوڻيون ڏنيون اٿائين ته ڪتاب ”پهاڪن جي پيڙهه“ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جي اصليت آندي اٿائين. اهڙي طرح ڪاڪي ڪيولرام سلامت راءِ ”گلشڪر“ ۾ سنڌي پهاڪن سان گڏ فارسي جا پهاڪا ۽ ڪن هنڌن تي هنديءَ جا مثال ڏنا آهن. مرزا قليچ بيگ به انهيءَ صنف تي قلم کنيو ۽ 1926ع ۾ ”پهاڪن جي حڪمت“ تيار ڪري ڇڏيائين، جنهن ۾ سنڌي، هندي، عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ جا مثال ڏنل آهن، اهڙي ڪوشش اسان جي نامور محقق، لغت ۽ لوڪ ادب جي مهاڄاڻو مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب به ڪئي ۽ وڏي جستجو ۽ جاکوڙ کان پوءِ ”پهاڪن جي پاڙ“ ڪتاب تيار ڪيو. جيڪو هن پاڻ 1966ع ۾ شايع ڪيو. ان کي سنڌي ادبي بورڊ 1989ع ۾ ٻيهر ته شايع ڪيو، پر سندس عالمانه ”مهاڳ“ ختم ڪري ڇڏيو. اهو آهي تحقيقي ڪتابن جو قدر.
    1988ع ڌاري محترم سائين ڊاڪٽر بني بخش بلوچ هڪ خط لکي، مون کي ڪوٺ ڏني ته سنڌي ادبي بورڊ پاران ”لوڪ ادب رٿا“ جو 42 يا 43 پهاڪن بابت ڪتاب، مختلف اڳين شايع شده ڪتابن کي ڀيٽي معياري متن تيار ڪيان، ان لاءِ پاڻ مهرباني ڪري هڪ خاڪو به تيار ڪيائون، جنهن تي اڪتفا به ڪئيسين، پر پوءِ جڏهن معاوضي وغيره جون ڳالهيون نڪتيون ته سائين جن ماٺڙي ڪري ويا. اسان به خاموش ٿي وياسين. خبر ناهي اهو ڪم الائي ڪاٿي پهتو!
    هاڻي جڏهن محترم الطاف شيخ صاحب هي ڪم ڏنو ته مون کيس عرض ڪيو ته پهاڪن جي ٻولي معياري نه آهي، ڪافي شيون اڳ پوءِ ٿي ويون آهن، ان کان علاوه انهن جي ترتيب نه ته موضوع وار آهي نه وري الف _ بمطابق، جنهن ڪري ڳولڻ ۾ ڪافي ڏکيائي ٿئي ٿي. بهتر ٿيندو ته مختلف ڪتابن کي ڀيٽي ڪو موچارو ڪتاب تيار ڪجي، ٻيو ته گهڻن پهاڪن ۽ چوڻين ۾ مثال / وضاحتون ڏنل نه آهن، ان لاءِ به سوچ ويچار ڪجي، پر پاڻ ٻڌايائين ته کيس جلدي آهي. اهو تحقيقي ڪم 97 _ 1996ع ۾ کڻنداسين، وٽس ٻيا به ڪجهه پهاڪا ۽ چوڻيون آهن، جن کي ڀيٽي اتارڻو آهي، بهرحال، هن ڪتاب ۾ سردست جيڪي پهاڪا ياد آيا، اُهي ٺيڪ ڪيا اٿم. ٻوليءَ ۾ به ضروري هنڌن تي اصلاح ڪئي اٿم، جڏهن ته اڃان به ڪافي گنجائش موجود آهي.
    هن ڪتاب ۾، الطاف چئن اهم قومن، جيڪي دنيا ۾ پنهنجي ثقافت سان سڃاتيون وڃن ٿيون، انهن جا پهاڪا ۽ چوڻيون ڏنيون آهن. انهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڀاڱو سوايو آهي. شايد الطاف محسوس ڪيو هجي ته اڄ جيڪا ٻولي اخبارن توڙي ڪتابن ۾ ڪتب آندي وڃي ٿي اُها پهاڪن / چوڻين ۽ محاورن کان سواءِ آهي. اڄ سنڌي ٻولي جو اهو رنگ نه رهيو آهي، ڇسي ۽ ٻُسي پئي لڳي. پهاڪن / چوڻين سان نه رڳو ٻولي رونقدار ۽ وڻندڙ ٿئي ٿي، پر ڳالهه جو مايو به وڌي وڃي ٿو. ٻڌندڙ فوري طور تي متوجهه ٿين ٿا ۽ چوڻ وارو پنهنجو مطلب مختصر لفظن ۾ اثرائتي انداز ۾ چئي وڃي ٿو.
    هن ڪتاب ۾ سنڌي سان گڏ، ملئي، چيني ۽ جپاني پهاڪا ۽ چوڻيون ڏنيون ويون آهن، جيڪي انهن قومن جي سماجي شعور جو عڪس آهن، ساڳئي وقت الطاف پنهنجي وسيع مشاهدي ۽ مطالعي جي آڌار تي ڏاڍا ٺهڪندڙ مثال به ڏيندو ويو آهي، جن ڪتاب کي دلچسپ بنايو آهي، سبق آموز ڳالهين سان گڏ، وڻندڙ ۽ کلائيندڙ ٽوٽڪا، لطيفا به شامل ڪيا اٿس، جيڪي ڳالهيون ٻين قومن جون وڻيون اٿس، انهن جي تعريف ڪئي اٿائين ۽ وس پڄندي انهن جا مثال سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳولهيا اٿائين. جيڪي ڳالهيون اڄ جي دؤر جي لحاظ کان مناسب نه آهن پر روايت پسند جپان ۾ رائج آهن، ته انهن جي نفي ڪئي اٿائين. اهڙي طرح الطاف، سماجي ريتن، روايتن ۽ مثالن جي اثرائتي نموني ۾ ڀيٽ ڪندو ويو آهي. اها ڀيٽ / مطالعو سوشالاجي جي شاگردن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿو.
    الطاف، جيئن ته دنيا ڏٺي آهي، وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ سان مليو آهي ۽ ننگر ننگر _ گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتو اٿائين، ان ڪري سندس مشاهداتي پرک انتهائي معياري آهي. هن ڪتاب ۾ پهاڪن جي چونڊ، جيڪو سندس لاشعوري عمل آهي، پڙهندڙن جي مطالعي / معلومات ۾ بيحد اضافو ڪري ٿي. سوچن جا نوان گوشا اڀرن ٿا ۽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ اتساهه پيدا ٿئي ٿو. منهنجي خيال ۾ ڪنهن ڪامياب تحرير ۾ اهي گڻ ئي ڪافي آهن.
    الطاف شيخ لاشڪ، اسان جو قومي سرمايو آهي، خدا کيس وڏي حياتي ڏي، هو جُڳ جُڳ جيئي ۽ جَڳَ ڏسي، پسي ۽ سنڌ واسين کي معلومات پهچائيندو رهي. سوچيندڙن لاءِ نوان گس گهڙيندو رهي.
    آفتاب ابڙو پهرين اپريل 1995ع


    مهاڳ

    ڪنهن ڪتاب جو مهاڳ / پيش لفظ يا تعارف لکڻ جي به هڪ عجيب روايت آهي. ڪيترن عالمن جو چوڻ آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪتاب پاڻ ڪجهه نه هوندو آهي، پر ان کي مهاڳ اهم بڻائيندو آهي. ڪيترن جو خيال آهي ته، مهاڳ جو مقصد پڙهندڙ کي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيارڻ هوندو آهي يا وري ليکڪ، ڪنهن وڏي عالم يا نقاد کان پنهنجي ڪم جي باري ۾ مهاڳ جي صورت ۾ سَند وٺندو آهي. سنڌيءَ ۾ مختلف ڪتابن جي لکيل مهاڳن يا تعارفن کي وڏي اهميت حاصل آهي. شيخ اياز جي ڪتابن تي ابراهيم جويي ۽ رشيد ڀٽيءَ جا مهاڳ جيڪي نه رڳو سندس ڪم ۽ ذات جو مڪمل ۽ سگهارو تعارف آهي. پر جنهن دور ۾ اها شاعري ۽ ٻيون لکڻيون سِرجيون، ان جو پڻ سياسي، سماجي ۽ ادبي تحريڪن جي حوالي سان احاطو ڪيل آهي. اهڙي طرح لوڪ ادب اسڪيم جي ڇپيل مختلف ڪتابن تي ڊاڪٽر بني بخش بلوچ جا لکيل تعارف، لوڪ ادب جي مختلف صنفن بابت ڄاڻ ۽ فڪر جو اهم خزانو آهي.
    پير حسام الدين راشدي، درازا ۾ سچل ڪانفرنس تي ڪيل هڪ تقرير ۾ چيو هو ته، شاهه لطيف ان ڪري وڏو شاعر ٿي، پنهنجي عوام ۾ اڀري آيو، جو کيس گربخشاڻيءَ جهڙو شارح مليو. جڏهن ته شاهه جي ڀيٽ ۾ سچل جي گهٽ مقبول هجڻ جو سبب کيس گربخشاڻيءَ جي معيار جو شارح نه ملڻ آهي.
    علمي طرح مونکي ان راءِ سان اختلاف رهيو آهي ته، اصل ليکڪ يا شاعر جو ڪم ڪنهن به طرح، ڪنهن نقاد، شارح، مهاڳ يا تعارف لکندڙ جو محتاج ڪونه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ديڳڙيءَ ۾ ڪجهه هوندو ئي ڪونه ته نقاد، شارح يا تعارف ڪرائيندڙ ڇا ڪري سگهندو. تنهن ڪري تنقيد / تشريح ۽ تعارف اصل ڪم کي پڙهندڙ تائين پهچائڻ جو صرف هڪ ذريعو آهي. باقي اصل ڪم ته ڪتاب جي اندر موجود آهي، جيڪو عوام يا ادبي تاريخ ۾ پنهنجو مقام پاڻ پيدا ڪندو.
    الطاف شيخ جي هن ڪتاب، چئن ٻولين جي پهاڪن ۽ چوڻين جي ڳٽڪي، ”رُٺي آهي گهوٽ سان..........“ جو مهاڳ لکڻ پنهنجي لاءِ هڪ اعزاز سمجهان ٿو. هي مهاڳ جا ڪجهه صفحا لکندي، نه ته مان ليکڪ کي متعارف ڪري رهيو آهيان، نه ئي ڪتاب يا ڪتاب ۾ موجود مواد کي: ان يقين سان ته، ليکڪ پنهنجي پڙهندڙن ۾ ايترو ته ڄاتل سڃاتل، مقبول ۽ پيارو آهي جو ڪيترا ته منهنجي وچ ۾ اچڻ ئي برداشت نه ڪندا.
    جيتريقدر ڪتاب جي مواد جو تقلق آهي، ان ۾ چئن جيئرن جاڳندن، ترقي پذير سماجن جي طبقي طور طريقين، فطري لاڙن، اخلاقي ۽ سماجي قدرن کان علاوه نفسياتي رجحانن ۽ روين جي ننڍڙين سٽن ۽ جملن يعني پهاڪن ۽ چوڻين ۾ عڪاسي ٿيل آهي. جن کي الطاف نه رڳو چونڊي گڏ ڪيو آهي، پر انهن ۾ موجود معنائن کي سندن سماج جي حوالي سان پڙهندڙ کي روشناس ڪرايو آهي، ته پوءِ منهنجو ڪم ڪهڙو ٿيو؟ بس،ا ايترو ئي ته مان هڪ پياري ماڻهوءَ ۽ ليکڪ جي اهم ڪتاب جو مهاڳ لکي رهيو آهيان. جنهن جو پهرئين ڪتاب کان ئي پڙهندڙ رهيو آهيان ۽ زندگيءَ جو پهريون غير ملڪي سفر سندس ڪتاب جي پڙهڻ جي اثر ڪري ئي ڪيو هوم، ان مقصد سان ته موٽي اچي مان به سفرنامون لکندس. اڄ جڏهن ڪيترائي ملڪ گهمي، انهن ۾ ڳچ عرصو رهي، اتان جي ماڻهن، انهن جي روين ۽ روايتن بابت گهڻو ڪجهه ڄاڻي چڪو آهيان. ڪيترائي دلچسپ، رنگين، ڏک ۽ راحت ڏيندڙ واقعا به زندگيءَ جي گذريل ڏينهن تي پنهنجا اثر ڇڏي چڪا آهن. پر اڃا تائين سفرنامي لکڻ جي همٿ ساري ڪونه سگهيو آهيان. اهو ته الطاف کي جس آهي جو ايڏي وڏي معلومات جو خزانو ترتيب سان سنڌي ماڻهن ڏانهن منتقل ڪري رهيو آهي.
    انساني سماج ۾ ٽن قسمن جا ماڻهو عظيم ٿين ٿا. پهريان اهي جيڪي پيءُ ڏاڏي جي ڪمن، اعمالن ۽ اخلاقن ڪري مشهوري ماڻين ٿا ۽ پوءِ پاڻ به وڏا ڪم ڪري وڃن ٿا. ٻيا، اهي جيڪي عظيم ڪم ڪري عظمت کي رسي وڃن ٿا، ٽيان اهي جن کي دوست ۽ خليفا يا پبلڪ رليشن عظيم بڻائي ٿي. الطاف شيخ عظمت جي ٻئي نمبر واري قسم ۾ اچي ٿو ته، هن عظيم ڪم ڪري، ماڻهن کي، پنهنجي ويجهائي وارن ماڻهن کي، پنهنجي ٻولي ڄاڻيندڙ ماڻهن کي تعليم ڏئي، هن انفرميشن ٽيڪنالاجي جي دور ۾ گهڻي ۾ گهڻي ڄاڻ منتقل ڪري رهيو آهي. ڄاڻ سان گڏ ٻوليءَ ۾ نوان اصطلاح گهڙي انهن کي واهپي ۾ آڻي، ٻوليءَ کي جديد گهرجن پوريون ڪرڻ جي اهل بڻائڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. اهو ڪم بغير ساهي پٽڻ جي لڳاتار ٽيهن سالن کان ڪري رهيو آهي، ذهني ۽ فڪري سچائيءَ سان بغير ڪنهن لالچ يا لوڀ ۽ تعريف جي محتاجيءَ جي.
    ٻاراڻي ڪلاس ۾ هڪ سبق پڙهيو هئو سين ته هڪ جهاز سمنڊ ۾ ٻڏي رهيو هو. جهاز جا مڙيئي مسافر ۽ عملي جا ماڻهو پريشانيءَ وچان هيڏي هوڏي ڊوڙي رهيا هئا. پر انهن ۾ موجود هڪ ماڻهو، پنهنجي ڪرسيءَ تي آرام سان ويٺو هڪ ڪتاب پڙهي رهيو هو. پريشان ماڻهن مان ڪنهن پڇيس ته، ”جهاز ٻڏي رهيو آهي ۽ تون هتي ويٺو آرام سان پڙهي رهيو آهين؟“ جنهن جي موٽ ۾ چيائنس ته، ”جهاز ٻڏي رهيو آهي ته آءُ ڇا ٿو ڪري سگهان، هرو ڀرو پريشان ٿي پنهنجو وقت ڇو وڃايان. جهاز ٻڏي ويو ته آءُ به ٻين سان گڏ ٻڏي ويندس ۽ جيڪڏهن بچي ويس ته ڪتاب جي مطالعي مان حاصل ڪيل علم اڳتي زندگيءَ ۾ ڪم ايندو،“ الطاف جو لاڳيتو لکڻ به جهاز جي ان مسافر وانگر آهي، جيڪو وقت وڃائڻ نٿو چاهي ۽ مليل وقت جي هر پل کي هن جهاد، ڄاڻ ڏيڻ جي علمي جهاد لاءِ وقف ڪري چڪو آهي. جنهن کي هن نفسا نفسي سماج ۾ ڪابه مشڪل روڪي نٿي سگهي ۽ ڪوبه ڪم، هن ڪم کان وڌريڪ اهم نٿو لڳي.
    سنڌيءَ ۾ مرزا قليچ بيگ ۽ شيخ اياز کان پوءِ الطاف شيخ ئي آهي، جنهن نه صرف گهڻو لکيو آهي پر سندس هر ڪتاب نوان پڙهندڙ پيدا ڪيا آهن. گهڻي لکڻ جي حوالي سان ٿي سگهي ٿو ته ٻيا به ڪي ليکڪ هجن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي لکي ڪتابن جو انگ وڌرائيندا هجن. باقي پڙهندڙن تائين رسائي جيڪا مٿين ليکڪن کي پنهنجي دور ۾ رهي آهي، اها ٻين کي گهٽ نصيب ٿي آهي.
    هي موجوده دور جو سند باد ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ابن بطوطه ۽ مارڪو پولو آهي، جنهن ڪولمبس وانگر ڀل آمريڪا جهڙو ڏورانهون ملڪ ڳولهي نه لڌو هجي. پر سنڌين جي دل جو اهڙو حصو ڳولڻ ۾ ضرور ڪامياب آهي. جنهن تي سندس حڪمراني آهي. اها حڪمراني ڪنهن تخت ۽ تاج جي محتاج ڪونه آهي. اها محبتن ۽ احساسن جي حڪومت آهي. جيڪي محبتون هن ليکڪ کي مليون آهن، ڪيترا اهڙين محبتن لاءِ تمنائون ڪندا هوندا.
    الطاف مئرين انجنيئر، تعليم دان، دانشور، سفرناما لکندڙ ۽ هڪ تخليق ڪار کان علاوه فوٽو گرافر به آهي. فوٽو گرافيءَ جي ان شوق هن کي ٻاهرين ۽ سطحي تصور ڏسڻ کان علاوه تصوير ۽ منظر جي اندر ليئو پائي لڪل منظر ڏسڻ جي قوت پڻ ڏني آهي. هن پڙهندڙ جي اڳيان منظر جا مڙئي رُخ کولي رکي ٿو ۽ هن ۾ اهي منظر اندر جي اک ۽ دل جي اونهائيءَ سان ڏسڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هو جڏهن ڪنهن نظاري منظر ڪشي توڙي روين جي روشنيءَ ۾ ڪردار نگاري ڪري ٿو ته ائين ڀاسندو آهي ته اهو منظر پڙهندڙ جي اڳيان آهي ۽ ذڪر ڪيل ڪردار سان اسان جو پنهنجو واسطو پئجي رهيو آهي.
    جهاز ۾ چڙهي، سفر دوران جهاز ۾ اندر ۽ ٻاهر گڏ ڪم ڪندڙ اسٽاف توڙي سمنڊ کان ٻاهر پهچڻ تي مقامي ماڻهن سان سنڌ جي ماڻهن کي اهڙي طرح واقف ڪرايو آهي جو سفرناما پڙهندڙ هر سنڌي انهن ڪردارن سان نه صرف پاڻ کي واقف ۽ لاڳاپيل سمجهي ٿو پر الطاف جي دوستن کي دوست، سٺو رويو رکندڙن کي سٺو ۽ مخالفن کي پنهنجو مخالف سمجهي ٿو. الطاف جنهن سچائيءَ سان پنهنجي ڪلاس فيلوز _ گڏ ڪم ڪندڙن ۽ واسطي ۾ ايندڙ ڪردارن سان پڙهندڙن کي شناسائي ڏئي ٿو ته پڙهندڙ کي انهن ڪردارن سان هڪ قسم جي اُنسيت پيدا ٿي پوندي آهي.
    الطاف جي سفرنامن، سنڌي پڙهندڙن ۾ پهريون ڀيرو سفر ڪرڻ ۽ دنيا ڏسڻ جو اُتساهه پيدا ڪيو. مان ڪيترن اهڙن سنڌي پڙهندڙن کي ذاتي طرح سڃاڻان جن سنگاپور، ملائيشيا، ٿائيلينڊ ۽ جپان وغيره ڏانهن سفر الطاف جي سفرنامن پڙهڻ کان پوءِ ڪيو.انهن مان جن پنهنجي سفر دوران اهي مزا نه ماڻيا ۽ بوريت جو شڪار ٿيا، انهن الطاف کي ڏوهي ڄاڻايو ته وڌاءُ ڪري اُتساهه ۽ شوق ٿو پيدا ڪري. جن الطاف جي ٻڌايل حقيقتن توڙي پيش ايندڙ واقعن کان وڌيڪ ڏٺو ۽ گهميو، تن چيو ته گهڻو الطاف کان رهجي ويو آهي يا وري ڪن اخلاقي، سياسي ۽ سماجي مجبورين ڪري لکڻ کان لنوائي ويو آهي. هن پنهنجي سفرنامن ۾، پيش ايندڙ واقعن ۽ ڄاڻ کي معصومانه ۽ ٻاجهاري انداز سان نهايت سؤلو ۽ دلڪش ڪري پيش ڪيو آهي. سندس ٻولي ۽ لکڻ جو طريقو سادو، پُر لطف ۽ عام فهم آهي. جنهن مان پڙهندڙ کي تفريح سان گڏ تمام گهڻي معلومات به ڏئي ٿو. هر شيءِ کي ائين ئي بيان ڪري ٿو جيئن اها آهي يا وري جيئن هو ڏسي ٿو.
    الطاف شيخ جي سفرنامن پڙهڻ سان سڀ کان اهم ڳالهه اها ڀاسندي آهي ته ليکڪ پنهنجي مطالعي ۽ ڄاڻ جي رعب رکڻ بدران پنهنجي پڙهندڙ کي معلومات ڏئي ايڊيو ڪيٽ ڪرڻ چاهي ٿو. جنهن شيءِ جي کيس ڄاڻ نه آهي ان جو اظهار ڪري ٿو. ائين ڪرڻ سان هو چين جي ان چوڻيءَ کي پنهنجي لکڻين ۾ ثابت ڪري ٿو ته، ”جيڪو پنهنجي اڻ ڄاڻائي قبول ڪري ٿو، اهو هڪ دفعو ظاهر ٿئي ٿو. پر اهو جيڪو پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو اهو هر وقت ظاهر ٿيندو رهي ٿو.“ چين جي اها چوڻي اسان جي سماج ۾ اسان جي چوڌاري موجود اهڙن ڪردان لاءِ پڻ هڪ آئينو آهي. جيڪي پنهنجي نااهليت ۽ بي علميءَ کي مڃڻ بدران مختلف حيلن بهانن سان لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا ۽ هميشه خوار ٿين ٿا.
    مغرب جا ماڻهو سفر جا ڪوڏيا ۽ موڪلون ٻين ملڪن ۾ گذارڻ کي وڏي اهميت ڏيندا آهن. ڪيترا ته سال جا ڏهه مهينا گڏهه وانگر ان ڪري ڪمائيندا آهن ته باقي ٻه مهينا دنيا جي ڪنهن حصي جو سفر ڪرڻ لاءِ ثمر ڪٺو ڪري سگهن. ان ڪري ان دنيا ۾ سفرنامه (Travelogue) ٻئي سموري ادب کان گهڻو پڙهيا ويندا آهن. اسان جا ماڻهو مغرب جي ابتڙ ڀرسان واري ڳوٺ ۾ وڃڻ کي پرديس پيا ڀاسندا آهن ۽ پرديسي سڏائيندا آهن. اهو الطاف جو ڪمال آهي ته سفرنامن کي اهڙو ته مقبول بنايو اٿئين جو هڪ سروي مطابق دعوى سان چئي سگهجي ٿو ته اڄ سنڌ ۾، ٻئي سموري ادب جي ڀيٽ ۾ سفرناما وڌيڪ پڙهيا وڃن ٿا، ۽ اهو سمورو ڪريڊٽ الطاف شيخ اڪيلي جي سِرَ تي آهي. الطاف اهي سفرنامه سنڌيءَ ۾ ۽ سنڌين لاءِ لکيا آهن پر سندس سفرنامن جي ڌاڪ ۽ مڃتا انهن ملڪن ۽ علائقن ۾ به اوتري آهي، جيتري سنڌ ۾ جو کيس ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو ويو آهي.
    شيخ اياز جي هڪ مشاهدي ته ”سنڌ کان ٻاهر سنڌ کي موهن جي دڙي ۾ ڊاڪٽر بني بخش بلوچ جي لوڪ ادب تي ڪيل ڪم جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو، “ جيڪڏهن اهو اضافو ڪجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سنڌ کي الطاف شيخ جي سفرنامن ڪري به سڃاتو وڃي ٿو. الطاف سنڌين لاءِ اهو ڪم ڪيو آهي جيڪو يورپين، خاص ڪري انگريزن ۽ عربن ارڙهين ۽ اڻوهين صديءَ ۾ مختلف ملڪن جا سفر ڪري پنهنجي ماڻهن کي انهن ماڻهن ٻولين، رسمن، روايتن ۽ ادب متعلق معلومات ڏيڻ سان گڏ، پنهنجي ٻوليءَ جي ادب کي به مالا مال ڪيو.
    الطاف جو هيءُ ڪتاب، سنڌي، ملئي، چيني ۽ جپاني پهاڪن ۽ چوڻين جو مجموعو (Anthology) آهي. پهاڪن مان اصل مراد آهي ڏاهپ جو قول، نصيحت جو نڪتو، مقولو، سياڻپ جو سخن، ڪنهن واقعي جو ٿورين لفظن ۾ اشارو جيڪو ڪنهن کي مثال طور ٻڌايو وڃي. گهڻي سوچ ويچار ۽ ڳڻ ڳوت کان پوءِ ڪو پهيل مسئلو، جيڪو پوءِ ڪنهن سماجي گروهه، فيصلي يا راءِ طور قبول ڪيو هجي. اڳئين جڳ ۾ ڪنهن ڏاهي ڪو پيچيدو مسئلو پهي، ان جو ڪو آسان حل ٻڌايو هجي ۽ اهو ساڳي ٻولي واپرائيندڙ سماج ۾ قبول ڪيو ويو هجي ۽ هر ڪنهن جي وات اچي پهاڪو بڻيو هجي. مثال طور، ”صبر جنين ساڻ، تير نه گُسي تن جو“ يا ”لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي“. اهڙي طرح ڪنهن ڏکئي وقت ڪنهن مشڪل مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ چئن چڱن ويهي، گڏيل راءِ سان ڪو فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ساڳئي قسم جي مامري کي حل ڪرڻ لاءِ اهو ”پهاڪو“ ٿي ڪم آيو. تنهن ڪري پهاڪي جي معنى آهي، ڳڻيل ڳوتيل ڳالهه، سوچيل سمجهيل نڪتو ۽ توريل تڪيل فيصلو يا مڃيل اصول، اهڙو قاعدو يا قانون جنهن ۾ جامع لفظن ۾ ڪا مصلحت، حڪمت، ڏاهپ ڪا نصيحت ۽ هدايت هجي.
    (The Wisdom of many and the wit of the one)
    پينگوئن ڊڪشنري آف پراوريس مطابق پهاڪي جي تشريح هيئن به ڪري سگهجي ٿي ته، ننڍو پر جامع ٻول، جيڪو ياد ڪرڻ ۾ سولو هجي، جنهن ۾ صلاح، خبرداري، اڳڪٿي يا تجزياتي مشاهدو بيان ڪيل هجي.
    پهاڪا آڳاٽي زماني کان دنيا جي اڪثر قومن، گروهن ۽ قبيلن ۾ رائج رهيا آهن. قديم هند، چين، روم، يونان عرب، ترڪ ۽ ايران سميت مشرق ۽ مغرب جي ترقي يافته، ترقي پذير توڙي پوئتي پيل سماجي گروهن ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون سندن ذهني اوسر، نفسياتي رجحانن ۽ طبعي لاڙن جا ڀرپور اهڃاڻ آهن. پهاڪا انسانذات جي ڏاهپ ۽ ظرافت جا عجيب اظهار آهن. جن ذريعي هر گروهه پنهنجي ملڪ ۽ ماحول، پنهنجي سماجي ۽ فطري لاڙن ۽ ٻوليءَ جي وسعت، لفظي سٽاءَ ۽ معنوي نزاڪت مطابق صدين جا تجربا نروار ڪري ٿو. پهاڪا، ٻوليءَ ۾ انساني جيوت جي آتم ڪهاڻي آهي. هي قومن جي زباني يعني اڻ لکيل تاريخ آهن. ڪنهن به قوم جي سچي سماجي تاريخ يعني علمي، ادبي ثقافتي، نفسياتي اوسر، ڪمال ۽ زوال، حرفت ۽ هنر، رنج ۽ راحت، رسم ۽ رواج، مجسلي رنگ ۽ ڍنگ. انساني سڀاءَ رويا معلوم ڪرڻ لاءِ ان قوم جي لوڪ ادب جو سائنسي اڀياس وڏي مدد ڏئي ٿو. لوڪ ادب جي اهم صنف پهاڪا وري اهڙي اڀياس لاءِ جيڪو مواد مهيا ڪن ٿا، اهو معاشري جون سچايون اهڙي ته چٽائيءَ سان پيش ڪري ٿو جو مستند تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ بنياد ملي پوي ٿو.
    پهاڪا ظاهر ۾ ته هڪ ئي سماج ۽ ان ۾ رهندڙ مختلف گروهن جي سوچ ۽ فڪر جو اظهار نظر ايندا آهن. پر اصل ۾ اهي ان سماج جي اڳ جي تاريخ يعني ٻاهران آيل ماڻهن جي اچي آباد ٿيڻ، مختلف تباهين يا جنگين جي نتيجن ۾ پيدا ٿيل حالتن ۾ اُسرندڙ فڪر ۽ مسلسل جدوجهد جو اظهار به هوندا آهن.
    پهاڪا لوڪ ڏاهپ جا اهڃاڻ آهن. جيڪي اخلاقي به ٿي سگهن ٿا ۽ ضروري ناهي ته اهي اهڙي سچائيءَ تي ٻڌل هجن، جيڪا هر ڪنهن لاءِ قابل قبول هجي. مثال طور؛ ”ڄٽ ۽ ڦٽ چڱو“ سان ڪيترائي سهمت نه هوندا. هي ڏاهپ جا اهي نسخا آهن، جيڪي هڪ نسل جي فڪر ۽ ويچار کي بغير ٺاهه ٺوهه جي ٻين تائين پهچائين ٿا.
    چئن مختلف سماجن مان چونڊيل هي پهاڪا ۽ چوڻيون رڳو هڪ مرڪب مجموعو ڪونه آهن پر چئن ملڪن جي عوام جي سماجي تاريخ انهن ۾ لڪل آهي. جنهن ذريعي عوام جي ذهني سوچ ۽ ارتقا کان علاوه سندن ثقافت ۽ نفسياتي لاڙن جي سُڌ پڻ پڙهندڙ کي ملندي. چئني سماجن ۾ استعمال ٿيندڙ پهاڪا ۽ چوڻيون الڳ الڳ ڀاڱن ۾ ڏئي هر هڪ پهاڪي جي سمجهاڻي ۽ وضاحت ڏنل آهي. انهن مختلف ملڪن جا پهاڪا هڪ هنڌ ڏسي شايد ڪي پڙهندڙ ۽ عالم اها تقاضا ڪن ته انهن جو ڀيٽا اڀياس ڏنو وڃي ها. پر جدا جدا قسم جي سماجن ۽ انهن جي الڳ جوڙ جڪ جي ڪري انهن روين جي سوچ جي اظهار لاءِ جيڪڏهن هڪجهڙا پهاڪا ميسر آهن ته انهن جي ڀيٽ مثالن سان ڪئي وئي آهي.
    هن مجموعي ۾ وڏو حصو سنڌي پهاڪن جو آهي. سنڌي زبان جي مختلف پهاڪن، اصطلاحن ۽ چوڻين کي وقت به وقت گڏ ڪري ڇپايو پئي ويو آهي. جنهن جي هر دؤر ۾ الڳ الڳ اهميت ۽ ڪارڻ رهيو آهي. 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي معياري صورتخطي مقرر ٿيڻ کان پوءِ ضرورت ٿي ته گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب شايع ٿين. سنڌيءَ ۾ ڪتابن لکڻ تي انعام به رکيا ويا. پهاڪن جي اهميت ۽ ننڍڙي جملي ۾ وڏي ڳالهه سمايل واري سوچ کي نظر ۾ رکندي پهاڪا گڏ ڪيا ويا ته وري انگريز عملدارن کي سنڌيءَ سان واهپي ۾ ۽ وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ سنڌي پهاڪا گڏ ڪري انهن جي انگريزيءَ ۾ معنى ڏني وئي. ڪن عالمن وري اسڪولي شاگردن جي سماجي شعور ۽ ٻوليءَ جي سمجهه ۽ واڌ آڻڻ لاءِ انهن کي جوڙي سمجهاڻيون ڏنيون. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ گڏ ڪيل پهاڪن ۾ وري پهاڪن جو تاريخي پس منظر، انهن ۾ لڪل سماجي ۽ تاريخي واقعن جي سمجهاڻيءَ کان علاوه پهاڪن جي بنياد لهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
    سنڌ کان علاوه ڀارت ۾ به ڪيترا سنڌي اديب پهاڪا گڏ ڪري ڇپائي رهيا آهن. انهن تائين دسترس نه هجڻ ڪري چئي نٿو سگهجي ته انهن پهاڪن کي گڏ ڪري ڇپائڻ جو مقصد ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته اها ڳالهه روشن سج وانگر چٽي ۽ سگهاري آهي ته اهو سمورو علمي ڪم ٻوليءَ ۽ ان جي لوڪ ادب جي خزاني ۾ واڌاري کان علاوه سماجي اوسر ۽ ٿيندڙ تبديلين کي سمجهڻ ۾ وڏو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. اڳ جا جمع ڪيل پهاڪا، هڪ خاص سماج ۾ اُسريل هئا. اڄ جڏهن ٻوليءَ کي اهو ساڳيو سماج ميسر نه آهي ته ڪيترائي اڳ جا پهاڪا، پنهنجي اصل سمجهاڻي ۽ مفهوم وڃائي ويٺا آهن. ان جي بدران نئين سماج ۾ نوان پهاڪا اُسري رهيا آهن ۽ پراڻا پهاڪا نئين تبديل ٿيندڙ سماج جي گهرجن مطابق تبديل ٿي رهيا آهن.
    الطاف جي گڏ ڪيل پهاڪن جو هي ڳٽڪو، ٻوليءَ جي ايندڙ محقق کي پڻ اڄ جي استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ ۾ اڳ جا رائج پهاڪا، هن دور جي ٻوليءَ جي روايتن کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. الطاف ڪوشش ڪري هر پهاڪي جي معنى ۽ سمجهاڻي ڏيڻ کان علاوه استعمال ڪرڻ جي مقصد جي اپٽار ڪئي آهي. جنهن سان ٻولي ۽ ان جي واهپي واري سماج سان گهٽ واسطو رکندڙ ماڻهوءَ کي پڻ پهاڪو سمجهڻ ۽ پنهنجي مرضيءَ ۽ ضرورت مطابق استعمال ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
    پهاڪا هڪ سيني کي ٻئي سيني تائين ۽ هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين هلندا، موجوده روپ ۾ پهتا آهن. تنهن ڪري لفظن ۾ ٿوري ڦير ڦار ضرور آئي هوندي؛ ٿي سگهي ٿو ته ڪي پڙهندڙ اهو محسوس ڪن ته اهو پهاڪو ائين نه، هيئن هجڻ گهرجي؛ مثال طور ڪتاب ۾ آيل پهريون پهاڪو:
    ”مئو مري به نٿو، مئي کان سواءِ سري به نٿي“
    ڪنهن وري اهو پهاڪو هئين ٻڌو هجي ته،
    ”مئو نه ٿو مري، نڪو ٿو منجو ڇڏي“
    انهن ٻنهي پهاڪن ۾ نه صرف لفظن جو فرق آهي، پر مفهوم ۽ مقصد به ڌار ڌار آهي. هڪ ٻيو پهاڪو آهي،
    ”مينهن پنهنجي ڪارنهن ڏسي ڪانه، گانءِ کي چوي هل ڙي پڇ ڪاري“
    ڪاري ٻيو وري هيئن چوي ته:
    ”مينهن پنهنجي ڪارنهن نه ڏسي، ڳئونءَ کي چوي هل ڙي پڇ ڪاري“
    هن پهاڪي ۾ رڳو لفظن جي ڦير ڦار آهي. گانءِ لفظ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌي هندو ڳئونءَ لاءِ استعمال ڪندا هئا. هاڻي جڏهن سنڌي هندو موجوده سنڌي سماج ۾ هڪ ننڍڙي ۽ بي اثر ٿورائي آهي. تڏهن اهڙي قسم جا لفظ به استعمال ۾ ڪونه رهيا آهن ۽ تمام گهٽ سنڌي گانءِ استعمال جا لفظ به استعمال ٿا ڪن ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان جي معنى به نه سمجهندا هجن. اهڙي طرح ڪنهن عمل تي پڇتاءُ ڪندي ڪو چوي ته، ادا، ”مون گانءِ کاڌي“ ته شايد ئي ڪو ان ۾ لڪل مقصد سمجهي سگهي جو اهڙي قسم جا اصطلاح يعني ”گانءِ کائڻ“ اڄ جي سنڌي سماج ۾ گهٽ استعمال ۾ آهن.
    گهڻا سنڌي پهاڪا نج سنڌيءَ ۾ هجڻ ڪري، اڄ جي سنڌيءَ جنهن جي ٻوليءَ تي ٻين ڌارين لاڳاپي ۾ ايندڙ ٻولين جو اثر آهي لاءِ سمجهڻ شايد ڏکيا ٿين. الطاف کي ان ڳالهه جو احساس آهي، تنهن ڪري نه رڳو پهاڪي جي سؤلي سنڌيءَ ۾ سمجهاڻي ڏني اٿائين پر جتي ضرورت محسوس ڪئي اٿائين، اتي جو استعمال ۽ وڌيڪ سمجهاڻيءَ لاءِ ساڳي معنى وارو ٻيو پهاڪو به ڏنو اٿائين. مثال طور:
    ”خالي چڙو، وڄي گهڻو“
    جي سمجهاڻي ڏئي ٻيو پهاڪو به ڏنو اٿائين ته، ”سکڻي ڪُني گهڻو اڀامي.“ يا وري ”کيتي سِر سيتي“ جي سمجهاڻيءَ ۾ اهو ڏيڻ ته، ”ٻنيءَ لاءِ سٺو ڀاڻ، زميندار جي جُتيءَ جي مٽي آهي.“
    بهر حال جتي به ضرورت محسوس ڪئي اٿائين يا ڪو ٻيو اهڙي معنى ۽ مفهوم وارو پهاڪو سجهي آيو اٿس ته اهو به سمجهاڻيءَ خاطر ڏنو اٿائين ته ڪٿي ٻين ٻولين ۽ سماجن ۾ استعمال ٿيندڙ ساڳي معنى وارا پهاڪا ۽ چوڻيون به ڏنيون اٿائين.
    مثال طور؛ ”اُماڙ ڏنل ڪتي، تارا ڏسي ڊڄي“ جي سمجهاڻيءَ ۾ اردو ۽ جپاني سماج مان پهاڪا ڏنا اٿائين. اهڙي طرح هن مجموعي ۾ مٿي ذڪر ڪيل چئن ٻولين کان علاوه، انگريزي، روسي، ٿائي ۽ اردوءَ جي ڪيترن پهاڪن کان به روشناس ڪرايو اٿائين.
    سنڌ کان علاوه ٻين ٽن ايشيائي ملڪن جي پهاڪن کان سنڌين کي روشناس ڪرائڻ وارو الطاف جو ڪم نهايت ساراهه جوڳو آهي. الطاف، جيڪو اڳ مختلف ملڪن جا، اتان جي ترقي ۽ ماڻهن جي رسم رواج ۽ قاعدن قانون کان سنڌي پڙهندڙن کي واقف ڪندو رهيو. هاڻي انهن مان ڪجهه سماجن مان پهاڪا ۽ چوڻيون چونڊ ڪري، سنڌيءَ ماڻهوءَ کي انهن سماجن جي نفسياتي رجحانن ۽ فطري لاڙن کان پڻ واقف ڪيو آهي. پهاڪن ۽ چوڻين ذريعي ڏنل ان معلومات مان لڳي ٿو ته، اهي ٽئي سماج، سماجي روين ۽ عقيدن ۾ سنڌي سماج سان ڪافي مشابهت رکن ٿا. مثال طور عورت بابت پهاڪا، ويساهه ۽ چوڻيون ظاهر ڪن ٿيون ته انهن سماجن ۾ به سنڌي سماج وانگر، عورت جي حيثيت ٻئي درجي واري آهي. هن مجموعي ۾ گهڻي ۾ گهڻا پهاڪا عورت بابت ڏنل آهي، جيڪي گهڻو ڪري عورت جي خلاف آهن.
    هن باشعور، انصاف پسند ۽ ترقي پسند سوچ جي ماڻهوءَ وانگر، الطاف به عورتن بابت تسليم ٿيل ۽ رائج پهاڪن کي ناانصافي ۽ نا برابريءَ تي ٻڌل سمجهي ٿو. ان جي ڪارڻن جو جائزو وٺندي چئي ڏئي ٿو ته، ”جڏهن دنيا ۾ اديب، اخبار نويس، پرنٽر، پبلشر گهڻا مرد حضرات هوندا ته پوءِ ظاهر آهي اهڙي ڳالهه عورت لاءِ ئي چئي ويندي. مثال لاءِ ”عورت کي عقل ڏائي کڙيءَ ۾ ٿئي ٿو“ ڏٺو اٿائين. پر وري ڪٿي ڀوڳ جي موڊ ۾ آهي ته عورت بابت لطيفا ٻڌائيندي به هٻڪيو ڪونه آهي. جيئن عورت جي راز دل ۾ نه رکڻ واري عادت جو ذڪر ڪندي، چيني پهاڪن واري ڀاڱي ۾ هڪ گفتگو جو ذڪر ڪري ٿو ته؛
    ڪنهن پڇيو ته، ڪميونيڪيشن يعني نياپو پهچائڻ جو سڀ کان تکو طريقو ڪهڙو آهي _ ؟
    ٽيليفون. ٽيليفڪيس ........ ڀلا ٽيليويزن _ ؟
    نه، انهن مڙني کان وڌيڪ ٽيل _ اي _ وومن (Tell a woman) آهي.
    گڏيل ۽ هڪ جهڙن موضوعن کان علاوه هر سماج جي پنهنجي الڳ سڃاڻپ پڻ پهاڪن ذريعي ٿئي ٿي. جيئن ملئي پهاڪن ۽ چوڻين مان ظاهر ٿئي ٿو ته ملئي سماج ۾ جانور، مڇيون، جيت جڻيا، ڏيڏر، واڳون ۽ نانگ بلائون، ڏينڀو ۽ ڪوريئڙو نهايت اهم آهن. ڪيترائي پهاڪا انهن جي ذڪر ۽ عادتن جي مشاهدي تي ٻڌل آهن. مينهن، ساوڪ ۽ چراگاهه به هن سماج ۾ وڏي اهميت رکن ٿا ۽ عام جام آهن. چيني سماج ۾ وري وقت جي اهميت کان علاوه سفر ڪرڻ جي اهميت آهي، جو ”هڪ هفتو ٻاهر رهڻ کي گهر ۾ هزار هفتا رهڻ تي فوقيت آهي.“ اهڙي طرح هي پهاڪو ته، ”سون جو انچ، وقت جو هڪ انچ به نٿو خريد ڪري سگهي.“ واضح ڪري ٿو ته چيني سماج ۾ وقت جي اهميت، دنيا جي ڪيترن سماجن کان وڌيڪ آهي. جيئن انگريز سماج ۾ مڃيل چوڻي آهي ۽ اسان وٽ به اڄ ڪلهه مشهور ٿي رهي آهي ته:
    وقت دولت آهي، ضايع نه ڪيو. Time is money don’t waste it
    ساڳئي نموني چپان جي مشيني ڀڄ ڀڄان واري سماج جي هن هڪڙي مثال مان ئي ثابتي ملي ٿي. جڏهن الطاف هڪ بوڪ اسٽال تان شاعريءَ جو ڪتاب وٺندڙ ڇوڪريءَ سان گفتگو ڪئي.
    ”شادي شده آهيو _؟ مون پڇيو مانس
    ”نه“ هن وراڻيو.
    ”پڪ توهان جو آئيڊيل مڙس شاعر هوندو.“
    ”باهه ڏيان شاعر کي، ان کان ته ڪنهن رازي، واڍي، ڪنڀار يا لوهار سان شادي ڪرڻ پسند ڪنديس، ها البت شاعري پسند اٿم.“
    ڪيترا سياح، چيني، ملئي توڙي جپاني سماجن کي هڪ ئي سماج جون شاخون چون ٿا. ان سلسلي ۾ هو ماڻهن جي طبعي بناوت، کائڻ، پيئڻ ۽ پچائڻ جي طور طريقن، توڙي هڪجهڙي موسم کي مثال بڻائين ٿا. بهرحال انهن سماجن کان علاوه سامي لوڪن جي سماج ۾ به پهاڪن، اصطلاحن ۽ چوڻين کي وڏي اهميت حاصل آهي. يهودين ۽ عربن ۾ ته اڄ سوڌو خاص احتياط ۽ اهتمام سان پهاڪا جوڙيا ويندا آهن. انهن جي استعمال ڪندڙن کي عزت، مان ۽ بزرگي واري حيثيت ڏني ويندي آهي. عرب ۽ اسرائيل جا فلالا جسٽ (Philologists) توڙي جديد مشرقي تهذيب ۽ لوڪ ادب جا ماهر (Orientalist and folklorists) پهاڪن کي گڏ ڪرڻ ۽ انهن جون سمجهاڻيون ڏيڻ ۾ مصروف رهيا آهن.
    پهاڪا تاريخ جي ٿلهن ڪتابن مان هٿ ڪونه ايندا آهن جوانهن جو جنم ڪتابن ۾ نه، پر عوام جي دلين ۾ ٿيندو آهي. اهي دليون ڦولهي پهاڪا گڏ ڪرڻ، ڪنهن جوهري ۽ وينجهار جو ڪم آهي. الطاف بيشڪ اهو وينجهار آهي، جنهن ڪيترا اهڙا پهاڪا هن ڪتاب ۾ آندا آهن، جيڪي اڳ جي ڪتابن ۾ آيل ڪونه آهن. هي الطاف جو وڏو ۽ اهم پورهيو آهي ۽ پورهيو ڪوبه اجايو ڪونه ويندو آهي. الطاف جو هي پورهيو گهڻن کي اتساهه ڏياريندو ۽ هن کان پوءِ ان سلسلي جو وڏو ڪم ٿيندو. جنهن ۾ اڳ ڇپيل ۽ ٻين نون پهاڪن کي عوام جي سينن مان ڪڍي، هڪ هنڌ گڏ ڪري علمي ۽ سماجي تشريحون ڏيئي، تاريخي واقعن سان ڀيٽي پيش ڪيو ويندو ۽ الطاف جو هي پورهيو اهڙي طرح ساب پوندو ۽ پنهنجو ملهه ماڻيندو.
    هي ڪتاب پنهنجو ملهه پاڻ مقرر ڪندو، تعريف، واکاڻ يا ويا کيا ڪرڻ شايد اهڙي قسم جي ڪتاب تي ڪو خاص اثر نه وجهي.
    قاسم ٻگهيو
    سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو
    26 مارچ 1995ع


    متن

    سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون

    • مئو مري به نٿو، مئي کانسواءِ سري به نٿي.
    (ڪنهن ڳالهه مان بيزار به ٿجي، ڇڏي به نه سگهجي)
    • دائيءَ کان دُن ڳُجهو!
    (دائي جيڪا عورت جي هر اوگهڙ ڏسي ٿي، ان کان جسم جو هڪ عام حصو ڇا لڪل رهي سگهي ٿو)
    • ڏکڻ مينهن نه وسڻو، وسي ته ٻوڙي.
    • هيڻو ڌڪ نه هڻڻو، هڻي ته جهوري.
    (هيڻي ۽ ناتوان کي ڪمزور نه سمجهجي)
    • خالي چڙو وڄي گهڻو.
    (هي مثال انهن ماڻهن لاءِ ڏئي سگهجي ٿو، جن کي علم يا معلومات بنهه نه هجي رڳو ٺلهي بڪ ڪندا رهن)
    • سُڃيا هليا آهن ڀينگين وٽ ته عيد ڪڏهن ٿيندي.
    (هڪ کُٽل ماڻهوءَ جو ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنجوس وٽ پهچڻ، جيڪو پاڻ تي به خرچ نه ڪري)
    • ڄنگهون يارن هٿ ۾، هلي آهي گمبٽ
    (هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه لاءِ ڪوشش ڪرڻ)
    • ڄٽ جي ڄمار، ٻه کٿا ٽين مار.
    (اهو پهاڪو رسول بخش پليجو کان ڪيترائي دفعا ٻڌو اٿم جيڪو، هو تقريرن ۾ استعمال ڪندو آهي. هڪ ڳوٺاڻي غريب ۽ اڻ پڙهيل جي ڇا هلندي چلندي ۽ حيثيت آهي. اسان جو سياستدان ان کان ووٽ ته وٺي ٿو پر هن سان ڪيل وعدن تي عمل نٿو ڪري. هو سندس ڪمزوري ۽ هيڻائيءَ جو ناجائز فائدو ٺي ٿو)
    • ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.
    (عقلمند ۽ خانداني ماڻهوءَ لاءِ اشارو ڪافي آهي. ”عاقلان را اشارا بس است“ عقلمند ماڻهو کي اشاري ۾ ڳالهه سمجهي وڃڻ کپي. هڪ فرمانبردار مڙس زال کي چيو: ”ڪجهه ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي پاڻهي سمجهڻ کپن. آخر تون سمجهين ڇو نٿي؟“
    ”بس بس، آءُ سمجهي ويس“، زال وراڻيو، ”اڄ توهان جو موڊ ٿانوَ ۽ ڪپڙا ڌوئڻ تي ناهي.“)
    • ڪتو به پنهنجي مالڪ کي سڃاڻي ٿو.
    (ڪتي جو مالڪ اهو آهي، جيڪو هن کي ٽڪر ڀور کائڻ لاءِ ڏئي ٿو. انسان کي به پنهنجي مالڪ رب پاڪ کي سڃاڻڻ کپي، جيڪو هن کي سڄي زندگي کارائي ٿو. جيڪو رازق ۽ رحيم آهي)
    هڪ دفعي حضرت با يزيد بسطاميءَ نماز پڙهي بس ڪئي ته مسجد جي امام چيس ته تون نه ڪنهن کان گهرين ٿو ۽ نه ڪو ڪم ڪار ڪرين ٿو، پوءِ تنهنجو گذر سفر ڪهڙي طرح ٿئي ٿو؟
    بسطاميءَ فرمايو: ”ٿوري دير صبر ڪر ته آئون وري نماز پڙهي وٺان پوءِ توکي جواب ڏيان ٿو. ڇو ته اهڙي ماڻهوءَ جي پٺيان نماز پڙهڻ صحيح ناهي. جيڪو رزق ڏيڻ واري کي نه سڃاڻي“)
    • سچ ته بيٺو نچ. ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ.
    پر ڪي ڪي سچ مڙسن جون وايون بتال ڪري ڇڏيندا آهن. هڪ همراهه روز رات جو نه فقط زال کي گهر ۾ اڪيلو ڇڏي ويندو هو پر هن کي اهو به طعنو ڏيندو هو: ”خدا حافظ! ٽن ٻارن جي ماءُ.“
    هڪ دفعي زال مڙس کان تنگ ٿي مڙس کي جواب ۾ چيو:
    ”الله نگهبان! هڪ ٻار جا پيءُ.“
    ان بعد مڙس رات جو نڪرڻ ڇڏي ڏنو.
    • حقيقت هميشه ڪڙي ٿئي ٿي.
    (پر ڪڏهن ڪڙي لڳي ٿي؟ شايد اکيون کُلڻ تي)
    پولئنڊجي هڪ ٻار ڪلاس ۾ پنهنجي استاد کي ٻڌايو:
    ”سائين! اسانجي ٻليءَ چار ٻچا ڏنا آهن. هو سڀئي پڪا ڪميونسٽ آهن.“
    استاد هن کي شاباس ڏني. هفتي کن کانپوءِ جڏهن اسڪول جو انسپيڪٽرمعائني لاءِ آيو ته استاد هن ٻار کي ٻليءَ جي ٻچن واري ڳالهه وري ٻڌائڻ لاءِ چيو. ٻار چيو: ”اسانجي ٻليءَ چار ٻچا ڏنا آهن. هو سڀئي پڪا جهموريت پسند آهن.“
    استاد وائڙو ٿي چيو: ”پر هفتو کن اڳ ته اها ڳالهه نه ڪئي هئي!؟“
    ٻار وراڻيو: ”بلڪل صحيح ٿا چئو پر هاڻي ٻليءَ جي ٻچن جون اکيون کليون آهن.“
    • مئا به ڪڏهن مساڻ مان موٽيا
    (مساڻ ان جاءِ کي چئبو آهي جتي هندو مُردن کي ساڙيندا آهن. ساڳيو پهاڪو هن ريت به چئي سگهجي ٿو ته مئا به ڪڏهن مقام مان موٽيا آهن. مطلب اهوئي ته هڪ دفعو مرڻ بعد ڪوبه وري نٿو موٽي)
    پر هڪ جهيڙاڪ عورت جي ڳالهه ٿا ڪن ته هنجي جنازي کي جڏهن ڪانڌي کڻي پئي ويا ته رستي تي بجليءَ جي هڪ ٿنڀي سان سندس ٽڪر ٿي پيو. جهٽڪي تي هوءَ اٿي ويٺي. کيس جيئرو ڏسي سڀ وائڙا ٿي ويا خاص ڪري سندس مڙس جيڪو جهيڙن مان سخت بيزار هو. ڪانڌين مان ڪيترن ٻڌايو ته ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي. قبر ۾ لاهڻ بعد به ڪي لاش جيئرا ٿيا آهن. بهرحال کيس واپس گهر وٺي آيا. ان بعد ٻيا به ڪيترا سال جيئرو رهڻ بعد ٻيو دفعو مس مس سندس موت آيو. غسل، ڪفن بعد جڏهن جنازي کي قبرستان کڻي پئي ويا ته ڪانڌين مان ڪو چوي ته ڪلمو پڙهو ڪو چوي ته درود پڙهو. پر هن مائيءَ جو مڙس سڄي واٽ تاڪيد ڪندو هليو: ”بابا ٿنڀي کان بچائي هلجو“)
    • ستين لنگهڻين، ڪتو به حلال.
    (لنگهڻ معنى ويلو، بک مرڻ، هيترن ويلن جي بک بعد انسان کي جياپي لاءِ ضروري آهي ته ڪجهه کائي. ان حالت ۾ اهو ڏسڻ ضروري ناهي ته ڇا صحيح آهي ڇا خراب! ويندي اسلام ۾ به ٽن ڏينهن جي فاقن بعد حرام شيءِ به حلال آهي)
    • لَڇمي، ڪُلڇڻ ڍَڪڻي.
    (لڇمي معنى دولت. ڪُلڇڻ معنى خراب لڇڻ يا افعال. دولت اها شيءِ آهي. جيڪا ماڻهوءَ جا عيب ثواب لڪايو ڇڏي. ڪو غريب ڪتا پاليندو ته چوندا خوار خراب اچي ٿيو آهي. پر ڪو امير ساڳيو ڪم ڪندو ته چوندا.“ رئيس شوق ڪيو آهي.“ انهيءَ ڪري ته چوندا آهن ته جنهن جي گنديءَ ۾ داڻا تنهنجا چريا به سياڻا)
    • دال روٽي ڪڏهن نه کوٽي.
    (سادگي ۾ رهڻ سان، انسان ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي)
    • لِکيون لوهارن کي چَڏن منجهه چڻگون.
    (اهو ڪهڙو لوهار يا ويلڊر آهي، جيڪو چڻگن کان بچي سگهي. لوهار جو خاص ڪم لوهه جي ٽڪر کي باهه ۾ تپائي ڳاڙهو ڪري پوءِ ان کي مترڪن سان ڌڪ هڻي مختلف شڪل ۾ آڻڻ آهي. لوهه تڏهن ئي شڪل بدلائي سگهي ٿو، جڏهن ٽانڊي وانگر گرم هجي. ڌڪ هڻڻ سان لوهه جا سنها ذرڙا ۽ چڻگون اڏامن ٿيون ۽ ويٺل لوهار جي ڪڇ ۾ ڪرن ٿيون)
    • اٺ چڙهيءَ به ڪڏهن نانگ کائي!
    (اٺ تي سوار جيڪڏهن نانگن کان ڊڄي ته اها سندس بيوقوفي آهي. نانگ زمين تي سرندڙ شيءِ آهي ۽ زمين تي هلندڙ خاص ڪري پيرين اگهاڙو نانگ جي چڪ جو شڪار ٿئي ٿو. اٺ تي ويندڙ کي ڪهڙو خوف خطرو. بهرحال اهو پهاڪو هند، سنڌ، پنجاب تائين ته ڏئي سگهجي ٿو پر ملائيشيا، انڊونيشيا پاسي اهڙا به نانگ آهن جيڪي وڻن تي ته چڙهيو وڃن، موٽر لارين ۾ گهڙيو اچيو ڏنگين. ان کان علاوه اڏامندڙ نانگ به آهن، جيڪي هڪ ڀت کان ٻي ڀت تي يا ڇت تي اڏاميو وڃن. ڪيترا نانگ اهڙا آهن، جيڪي ڏنگ بدران زهر جو ڦوهارو هڻن ٿا ۽ ماڻهو انڌو ٿيو وڃي. ان ڪري چوندا آهن ته نانگ پڃري ۾ هجي ته به پري بيهجي. ڪيترن نانگن کي مسمريزم Hynotism جو هنر آهي ۽ جنهن ماڻهو يا جانور سان اکيون ملائين اهو اچيو سندن اڳيان ڦهڪو ڪري)
    • اماڙ ڏنل ڪتي، تارا ڏسي ڊڄي.
    (اماڙ يا اماڙي سنهي دکيل ڪاٺيءَ کي چئبو آهي.ان جي سڙيل ڪتي تارن کان به پئي ڊڄندي آهي. جيئن اڙدو ۾ چوڻي آهي ته کير جو سڙيل ڏڌ کي به ڦوڪي پيئي. يا جپاني زبان ۾ چوڻي آهي ته، سج جي سڙيل مينهن پاڻيءَ ۾ چنڊ جو پاڇو ڏسي ڏڪي ويندي آهي)
    • اگهه ۽ ڳڀ جي سڌ رب کي.
    • ڳڀ معنى پيٽ. عورت جي ڀيٽ ۾ ڌيءَ آهي يا پٽ اها هڪ ڳجهي ڳالهه آهي. الٽراسانڪ ۽ سي ٽي اسڪئنگ بعد به ڪو سؤ سيڪڙو پڪ نٿو ڏئي سگهي. اهڙي طرح ٻئي ٻئي ڏينهن جو اگهه ڇا رهندو، ان لاءِ خاطري سان چئي نٿو سگهجي. انهن ڳالهين جي رب کي ئي خبر.
    • رن چشڪي هري، رکي آرت وار.
    • اگهه کٽيو کائجي، وَٽ کٽيو نه کائجي.
    (وٽ معنى تورو. تور گهٽ نه ڏجي يا تور ۾ هيرا ڦيري نه ڪجي باقي واپار جي ڪم ۾ اگهه هيٺ مٿي ٿيندو رهي ٿو)
    • شينهن نه ڏيکيا ته ڏيک ٻِلاڙا، چور نه ڏيکيا ته ڏيک سونارا.
    (هن پهاڪي ۾ سونارن تي ڇوهه ڇنڊيل آهن ته هنن جا ڪم چورن وانگر آهن. صحيح ماپ يا سون نه ڏئي هو ماڻهن کان پئسا ڦرين ٿا)
    • سڄڻ سڄي ٻانهن ڏئي ته سڄي نه ڳيهجي.
    (ڪن ماڻهن جي عادت هوندي آهي ته ڪو ساڻن همدردي ڪندو آهي ته ان تي صفا لاهي پاهي ويهندا آهن ۽ ناجائز فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جيئن چوندا آهن ته ڄٽ کي عزت ڏي ته جتيءَ سوڌو گلم ٿي)
    • شينهن اڳيان ڪاٺي اڇلڻ سولي، کڻڻ ڏکي.
    (ڪي ڪم چوڻ يا هڪ طرفا ڪرڻ سولا آهن پر انهن کي هلائڻ يا قائم رکڻو ڏکيو آهي. ظاهر آهي پري کان بيهي شينهن ڏي ڪاٺي يا ڀتر اڇلڻ سولو ڪم آهي پر ان جي ويجهو وڃي کڻڻ ڏکيو آهي. جو شينهن دنيا جو خطرناڪ جانور سمجهيو وڃي ٿو. پر ڪن جي نظرن ۾ شينهن کان به وڌيڪ خطرناڪ جانور آهن. سرڪس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ همراهه کي رات جو گهر موٽڻ ۾ دير ٿي وئي. زال جي دڙڪن جي ڊپ کان گهر وڃڻ بدران اها رات شينهن جي پڃري ۾ سمهي رهيو. زال جي جڏهن صبح جو اک کلي ۽ مڙس کي نه ڏٺائين ته ڪاوڙ ۾ اٿي هن جي ڳولا شروع ڪيائين. ڳوليندي ڳوليندي اچي شينهن جي پڃري وٽ نڪتي ۽ شينهن جي ڀرسان پنهنجي مڙس کي سڪون سان کونگهرا هڻندو ڏسي کيس رڙ ڪري چيائين: ”اُٿ! ڊڄڻا ڪنهن جاءِ جا.“)
    • ويهي ويهي مڙس ڪري، سا وَهي ڇو وڃائي.
    (مطلب صاف ظاهر آهي ته جنهن پنهنجي ڪافي جواني وڃائي مس مس مڙس هٿ ڪيو ان سان باقي ڏينهن ته چڱي طرح عيش سان گذاري)
    • اُٺ پوڙهو ٿيو ته به مُٽڻ نه سکيو.
    (اُٺ جي مٽڻ وقت سندس پيشاب پٺيان وڃي، سندس سڄيون ٽنگون آليون ڪري ٿو)
    • ناڻو نَرَ به چُتون ڪري.
    (دولت ها خراب شيءِ آهي، جيڪا ڏسڻن وائسڻن کي کاريو ڇڏي)
    • گڏهه پنهنجي سانوڻي هينگن ۾ وڃائي.
    • نه ڪنهن جي کٿي کي هٿ لائجي، نه پنهنجو پَٽُ پڻائجي.
    (ٻئي جي چرُ ڪري پاڻ کي وڏي نقصان ۾ نه وجهجي، جيئن چوندا آهن ته شيشي جي گهر ۾ رهندڙن کي واٽ ويندن کي ڀتر نه هڻڻ کپن)
    • پڙهي پاڻ نه ڄاڻي ماري خٿابي.
    (خٿابي معنى شاگرد. خاص ڪري مذهبي اسڪول يا مدرسي جا. ڪيترا معلم ماستر گهٽ ڄاڻ هجڻ ڪري، ٻارن کي چڱي طرح پاڙهي يا سمجهائي نه سگهندا آهن. پوءِ زور هوندو اٿن موچڙي مار تي ۽ سڄو ڏوهه شاگردن تي ٿاڦيندا آهن)
    • ناڻو ڏجي آڪرو ته گيهه ڇو وٺجي ٻاڪرو.
    (ٻاڪرو گيهه ماهئي کان گهٽ سمجهيو وڃي ٿو. ۽ جڏهن ڪنهن سٺي شيءِ جي قيمت ادا ڪجي ته اها سادي ڇو وٺجي)
    • ويهي دريا جي ڀر تي، وجهجي نه واڳن سان وير.
    (هڪ طاقتور شيءِ جي هٿ وس رهي ان سان ڇا جهيڙو ڪري سگهجي ٿو. ڀڄي پاسو ڪجي يا ماٺ ۾ گذارو ڪجي)
    • جنهن ڪاڻ اڳتي هلي بيهجي، تنهن سان گڏيو ڇو نه وڃجي.
    • واڱڻ ڪِن کي وائي ته ڪن کي بادي.
    (ڪي شيون يا ڳالهيون ڪن کي هڪڙو ڏک پهچائين ٿيون ته ڪن کي ٻيو. يا هڪڙن کي تڪليف ڏين ٿيون ته ٻين کي فائدو. ويندي زهر به ڪن لاءِ نقصان ڪار آهي ته ڪن لاءِ ترياق)
    • جنهن جي واٽ نه وڃجي، تنهن جو پنڌ ڇو پڇائجي.
    (جيڪا شيءِ حاصل ڪرڻ جو ارادو نه هجي ان لاءِ خوار ڇو ٿجي)
    • ڪُتو به کاڌو ڪک به نه ڀري.
    (ڪتو حرام ۽ خراب شيءِ آهي. يعني ڪو خراب ڪم به ڪجي ۽ فائدو به نه ٿئي ته اها ٻيڻي غلطي ٿي. لالچ ۾ اچي ڪو غلط ڪم ڪري ۽ ڪجهه هڙ حاصل ٿيڻ بدران جهلجي پوي ۽ سزا مليس ته ان لاءِ مٿيون مثال ٺهڪي ٿو)
    • نچڻ هلي ته گهونگهٽ ڪهڙا.
    (گهونگهٽ معنى پڙدو ڪرڻ. پنهنجو حياءُ _ لڄ قائم رکڻ. نچڻ لاءِ بي حيا، ۽ بي شرم ٿيڻو پوي ٿو. هاڻ جيڪو نچڻ لڳو آهي ان کي پڙدي ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت. جيڪڏهن ڪا اهڙي عورت پردو ڪرڻ چاهي ٿي ته ان کي ڪوبه حياءَ شرم نه سمجهندو، پر سندس اجايو نخرو سمجهندو)
    • اُٺن تڏهن ٿي رنو، جڏهن ٻورا ٿي سبيا.
    (جن تي بار اچڻو هو، انهن ان تڪليف لاءِ اڳهين دانهون ٿي ڪيون. ڪيترن ماڻهن کي پنهنجن يا پراون جي غلط ڪمن جا سور اڳهين سمجهندا آهن)
    • عاشق جهڙا عيد تي، تهڙا منجهه مقام.
    (عاشق کي هر وقت محبوب جي جهوري لڳل رهي ٿي هن لاءِ عيد يا موت سڀ هڪ آهي. هو قبر ۾ به محبوب جو پڇائي ٿو). شاهه صاحب چواڻي:
    اچي عزرائيل ستي جاڳائي سسئي،
    پئي ڊوڙائي دليل ته پنهونءَ ماڻهو موڪليو.
    • ڏنو پُٽ ڇٽي جو، ذات جو آسودو.
    (اسانجي ملڪ ۾ رشوت ايتري عام ٿيندي وڃي جو ماڻهو ان کي حرام يا خراب ڳالهه سمجهڻ بدران پنهنجي اندر کي مطمئن ڪرڻ لاءِ مٿيون پهاڪو ڏين ٿا ته ڪم يا انصاف ان جو نه ٿيندو، جيڪو حق تي آهي، پر ان جو ٿيندو، جيڪو رشوت ڏئي ٿو)
    • ڪٿي چور سُڃا، ڪٿي ڍور سُڃا.
    • گهوٽ ڪنوار راضي ته ڪوهه ڪندو قاضي.
    (ٻه واسطيدار ڌريون جڏهن راضي آهن ته ٽين ڌر جو ڇا هلي سگهي ٿو. پر اڄ ڪلهه جي عملي زندگيءَ ۾ پنهنجي مفاد لاءِ قاضي هنن جي زندگي زهر ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪري ٿو. جيئن به ننڍيون قومون يا ملڪ پاڻ ۾ سوچن ٿا ته ڪا وڏي طاقت هنن ۾ ڦيٽاڙو وجهيو ڇڏي)
    • اڳلو سؤدو نه سنبري، چي اُٽل ڏي.
    يا جيئن اڙدو ۾ چوندا آهن:
    • ديتا نهين، چي پورا تول.
    (هو وڪڻڻ جي نه ڪري هي چويس ته پورو تور، يا ان جهڙو ٻيو پهاڪو آهي ته هو پنڌ به وٺي هلڻ لاءِ تيار نه هي چوي آئون ڍڳي گاڏيءَ ۾ هلندس)
    • پير کان ويساهه ڀَلو.
    (پير يا ڊاڪٽر کڻي ڪيترو به ڪاني ڪرامت وارو يا وڏو هوشيار هجي، پر ان کان وڌيڪ مريد يا مريض جي دل ۾ هن لاءِ اعتماد آهي. اها انسان جي ڪمزوري ۽ اندر جو ويساهه آهي جو هن ملڪ ۾ روز نوان نوان پير پيدا ٿي رهيا آهن. ٺڙڪو ڊاڪٽر سٺن ڊاڪٽرن کان وڌيڪ ڪمائي رهيا آهن)
    • نون ميهارن مينهون ڌاريون، کٿا لاهي، دونهيون ٻاريون.
    (مڇرن کي ڀڄائڻ لاءِ ڇيڻن بدران کٿيون ٻاريون. هي پهاڪو ان وقت ڪم آڻبو آهي، جڏهن ڪو نئون شوق ڪري ۽ هوش مان نڪري وڃي. خسيس شيءِ لاءِ قيمتي شيءِ قربان ڪري)
    • پنهنجي ڪم لاءِ گڏهه کي به پيرين پئجي.
    (ڪي ته ايتريقدر چوندا آهن ته ڪم جي وقت گڏهه کي به پيءُ ٺاهجي)
    • گهوٽ ماءُ کان اهنئر ماءُ تڪڙي.
    • لوڀي سنڌي راڄ ۾ ٺوڳي مري نه بک.
    (ٺڳ ماڻهو اتي ئي خوش گذاري سگهن ٿا، جتي لالچي ماڻهو هجن)
    • ڌوڙ پائجي ته وڏي ڍير مان پائجي.
    (معمولي فائدي لاءِ ڪو غير اخلاقي ڪم ڪري پنهنجو ننگ ناموس وڃائي ان لاءِ کيس ٽوڪ طور چيو وڃي ٿو ته ڪارو منهن ڪرڻو هئي ته چڱي طرح ڪرين ها)
    • ڏنڀجي گڏهه کي سور ٿئي ساٽيءَ کي.
    (هونءَ ته واقعي ساٽيءَ کي تڪليف ٿيڻ کپي. جنهن غريب جو گڏهه آهي، جنهنجي مرڻ يا عيب دار ٿيڻ تي ساٽيءَ جي روزگار تي اثر پوندو، پر هي پهاڪو ان لاءِ ٽوڪ طور چيو ويندو آهي، جيڪو اجايو ٻين پاران پوي)
    • هڪ ٽنگي جي ملڪ ۾ وڃجي ته ٻي ٽنگ ورائي ڪلهي تي رکجي.
    (جيڪو جنهن ملڪ جو وهنوار هجي اهو ڪجي، جيئن انگريزيءَ ۾ آهي. While in Rome, do as Romands do)
    • اهائي زبان اُس ۾ وهاري، اها ئي ڇانوَ ۾.
    (هر انسان کي ساڳي زبان آهي، پوءِ جيڪو مٺو ۽ سٺو ٿي ڳالهائي ٿو، اهو پنهنجي عزت پيدا ڪري ٿو. ٿڌي دلي وانگر هن کي ڇانوَ ۾ جاءِ ملي ٿي)
    • جيءَ خوش ته جهان خوش.
    • جوا ۾ جيڪو کٽي ان جو اڌ منهن ڪارو، جيڪو هارائي ان جو سڄو ڪارو.
    • ٻڪن ۾ ڪيتري واري جهلي سگهبي.
    (ڏکيو ۽ ناممڪن ڪم. سنهي واري آڱرين جي وٿين مان وهيو وڃي)
    • کاڌي تي کڙڪن، ڄاڙيون ڄاموٽن جون.
    • ويري هڪڙو به گهڻو، سڄڻ سؤ به ٿورا.
    (دشمن هڪ به گهڻو، دوست گهڻا به ٿورا)
    • ڪوڙي سڄڻ کان سچو ويري ڀلو.
    (جيئن چوندا آهن ته نادان دوست کان داناءُ دشمن ڀلو. ڪوڙي سڄڻ جي آسري تي ٺلهو وهجي، ان کان بهتر آهي ته پنهنجي همت پاڻ ڪجي)
    • گهڻين زال گهر نه هلي گهڻين مردن هر نه هلي.
    (جيئن انگريزيءَ ۾ آهي ته گهڻين بورچي ٻوڙ نه ٺهي)
    • منهن ۾ موسى اندر ۾ ابليس.
    • هٿ ۾ قرآن ڪڇ ۾ ڪاتي.
    (نقصان ڪار ماڻهو)
    • ڀلن پيٽان ڍلا، ڍلن پيٽان ڀلا.
    (ضروري ناهي ته سٺن جو اولاد سٺو ٿئي ۽ خراب ماڻهن جو اولاد خراب.)
    • جيڪو ڳڙ سان مري، تنهن کي زهر ڇو ڏجي.
    (جيڪو ڪم ڪنهن سولي طريقي سان ٿي سگهي ان لاءِ وڏا کٽراڳ ڇو ڪجن. يا چوندا آهن ته ننهن سان ڇڄي ته ڪاتي ڇو کڻجي)
    • ڀلي بک ڀرم جي شال ۾َ وڃي شان.
    • (جان کان وڌيڪ ماڻهوءَ کي عزت جو خيال ڪرڻ کپي)
    سڄو پهاڪو هن طرح آهي:
    • ڀلي بک ڀرم جي شال م وڃي شان،
    الله ڏئي ايمان گوڏا ڏئي گذارجي.
    • ٻه ڀائر ٽيون ليکو.
    (ڏيتي ليتيءَ ۾ حساب ڪتاب ضرور رکڻ کپي پوءِ ڀلي اها ٻن ڀائرن وچ ۾ ڇو نه هجي)
    • ڀائيواريءَ جو ڀَت ئي گهوريو.
    ڀائيواريءَ جو ڪم ڏکيو رهي ٿو. سٺا دوست يا ڀائر به جڏهن ڪنهن ڌنڌي ڌاريءَ ۾ ڀائيوار ٿي ڪم ڪن ٿا ته ڪجهه وقت بعد گهڻو ڪري وڙهي جدا ٿين ٿا. ڪي تمام گهٽ ماڻهو آهن، جيڪي ڀائيواريءَ ۾ سوچي هلن ٿا)
    • ڪني رن جا ٻار به گهڻا ته يار به گهڻا.
    پر هڪ اهڙي زال پنهنجو اڪيلو يار ۽ مڙس به وڃائي ويٺي.
    مرڻ بعد هڪ دوست ٻئي کان مرڻ جو سبب پڇيو.
    ”آئون سرديءَ وگهي مئس. ۽ تون؟“
    ”مونکي منهنجي زال تي شڪ هو ته هن سان ڪو ملڻ اچي ٿو.“ پهرئين ٻڌايو. ”پوءِ هڪ ڏينهن گهر ۾ گهڙيس ته مونکي لڳو ته سندس يار گهر ۾ موجود آهي. مون هڪ هڪ شيءِ ۾ کيس ڳوليو، وهنجڻ جاءِ، اسٽور روم، رڌڻو، ڪٻٽ، کٽن هيٺان پر هو ڪٿي به نه هو. منهنجو اجايو وهم هو، مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ضمير ملامت ڪئي ته مون پنهنجي نيڪ زال تي ايڏو وڏو شڪ ڇو ڪيو. ان غم جي صدمي ۾ منهنجي دل بيهي ويئي.“
    اهو احوال ٻڌڻ بعد سندس دوست ٿڌو ساهه کڻي چيو. ”ڪاش! ريفريجريٽر به کولي ڏسين ها ته نه تون صدمي کان مرين ها ۽ نه آئون ٿڌ کان.“
    • جي ويا جاوا، سي ول نه آيا.
    • جي آوا ته ٻال ٻچا ڍاوا.
    (جاوا ٻيٽ انڊونيشيا جو مشهور ٻيٽ آهي. عاج، لونگن، ڦوٽن، ڪارن مرچن، دالچيني ۽ ٻين مسالن کان صدين کان مشهور آهي ۽ انهن شين لاءِ سنڌ ۽ عرب جا واپاري ته ڇا پر يورپ ۽ انگلينڊ کان به ماڻهو ايندا هئا. ڊچ ۽ ڪئين سال هن ٻيٽ تي قبضو ڪري رهي پيا. اڄ به اهي علائقا خوشحال علائقا سڏجن ٿا. سنگاپور ملائيشيا جا هندو سنڌي واپاري سُکيا آهن، پر جاوا جي واپارين کي اڃان به وڌيڪ خوش نصيب سمجهن ٿا ۽ اڄ به جاوا جا مثال ڏيندي مٿيون پهاڪو ورجائيندا آهن)
    • ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻئي جو کولو ڳرو.
    (سڄي ماڻهوءَ جي تور جي مقابلي ۾ اڌ انچ چمڙيءَ جو ڇا وزن ٿي سگهي ٿو، جنهن سان ٻيڙي ٻڏي سگهي. پر ڪنهن کي هرو ڀرو ڏوهاري ٺهرائڻ لاءِ هيٺاهين درجي جو بهانو ٺاهڻ)
    • کُٽل واڻيو وهيون ساري.
    (هر انسان ڏکئي وقت تي ڪنڊون پاسا جانچي ٿو ته من ڪٿي رهيل سهيل مال هٿ اچي وڃي)
    واڻئي جي ڪاهه پٽڪي تي.
    • (ڪنهن کي هرو ڀرو ڏوهاري بنائڻ جو ٻيو مثال)
    • چمڙي وڃي پر دمڙي نه وڃي.
    (دمڙي ننڍي ۾ ننڍو سڪو چئي سگهجي ٿو، جيئن اڄ ڪلهه پئسو آهي يا اڄ کان مني صدي کن اڳ پائي هئي. ڪنجوس ماڻهو پنهنجي جسم کي تڪليف ڏيندو، پر معمولي دولت به خرچ نه ڪندو)
    • ڪانوَ جي ڪاوڙ اڪ مڪڙ تي.
    (هر هڪ ماڻهو ڏاڍي کان ڊڄي ٿو ۽ پنهنجي ڪاوڙ جو نشانو ڪمزور کي بنائي ٿو.)
    • لوڪ لڏڻ ۾ چري اڏڻ ۾.
    (غلط ۽ بي وقتائتو ڪم ڪرڻ)
    • جاڏي اٺ تاڏي پڇ.
    (نا اميد نه ٿيڻ کپي، جتي وڏا ڪم ٿيو وڃن اتي ننڍا به ٿيو وڃن. جت اٺ ترندو، اتي پڇ به تري ويندو)
    • رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهه ٿيا.
    (رڍ هڪ موڳو جانور آهي. هونءَ ئي جانور کي ڪهڙي سڌ ساز جي، خاص ڪري رڍ جهڙي جانور کي. هڪ دفعو نه ڀلي سوين دفعا رباب جهڙو ساز وڄائيندا رهو، پر هن تي ڪو اثر نٿو ٿئي)
    • سر منڊ جي ساز کي، سانڊو ڇا سمجهي.
    (ساڳيو مٿيون مثال. ڪيترا ساز انسان ئي نٿو سمجهي سو جانور ڇا سمجهندا. ڪنهن ڳائڻي ڳائي بس ڪيو ته ٻڌندڙن مان ڪنهن شوقين ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪندي چيس.
    ”ادا سُر ڀيروي به ته ٻڌاءِ.“
    ”من! اهوئي ته سُر ڀيروي هو.“ ڳائڻي وراڻيس.
    ”سچ ٻڌاءِ؟ جي سُر ڀيروي هو ته پوءِ واهه واهه.“
    • پئسي جا پڪا، ٽڪو لنڊ ڪڍاڻي.
    (پڪا پاڄي يا ميوو آهي، جيڪو قبضي ڪري ٿو ۽ تمام سٺو آهي. هي پهاڪو ڪنجوس ماڻهوءَ لاءِ ڏبو آهي، جيڪو هڪ هنڌ ڪنجوسي ڪري پئسو بچائيندو آهي ته ٻئي هنڌ ان کان وڌيڪ وڃائيندو آهي)
    • وڏو جڏو ٿئي ته ننڍن تي ڪهڙي ميار.
    (قوم جو ليڊر ئي صحيح نه هوندو ته قوم جو ڪهڙو ڏوهه)
    • ڄڃ ۾ ڪو سڃاڻي ئي ڪونه چي گهوٽ جي آهيان پڦي.
    (زوريءَ پاڻ وڻائڻ)
    • مولا مينهن وساءِ تي ڪانئر ڇٽن ڪمن کان.
    (سُست ماڻهوءَ کي ڪم کان ڀڄڻ لاءِ بس ڪو بهانو گهرجي)
    • ناني رڌڻ واري ڏُهٽا کائڻ وارا.
    (پنهنجن کي ئي فائدو رسائڻ. جيئن اڙدوءَ ۾ چوندا آهن ته ”اندها بانٺي ريوڙيان اپنون کو ديوي.“)
    • گونگي گاريون ڏنيون دل ۾.
    (ان مان ڪهڙو فائدو. ڪنهن زال جي مڄو مڙس کي چيو ويو:
    ”عورت ٿي ڪري تنهنجي زال توکي دڙڪا ڏيو وڃي ۽ تون کيس ڪجهه به نٿو چئين.“
    ”آئون به کيس گهڻو ئي چوندو آهيان. هو جڏهن پيڪي ويندي آهي، ته آئون هن جي هڪ هڪ ساڙهي، هڪ هڪ سئنڊل کي ڪڍي گاريون ڏيندو آهيان.“ مڙس وراڻيو.
    ”ان مان ڪهڙو فائدو،“ دوست چيس، ”جڏهن پاڻ موجود هجي پوءِ کيس چڱي طرح ٻڌاٰءِ.“
    سڄو مڙس ڦڪي کل کلندي چيو: ”بيوقوف سمجهيو اٿئي ڇا. کيس منهن تي گاريون ڏيئي مار کائڻي اٿم ڇا؟“)
    • گنجي کي نه جونءَ جو فڪر نه ليک جو.
    (جنهن وٽ ڪجهه نه هوندو. ان کي گهٽ وڌائي يا چوريءَ جو ڪهڙو فڪر)
    • ڍڳو نه ڍور، آڱوٺو پٽيندو چور.
    (ساڳي مٿي ڄاڻايل معنى)
    • اُٺ پنهنجي مُٽ ۾ تِرڪي.
    (قدرت اُٺ جا پير وڏا ۽ لسا واريءَ تي هلڻ لاءِ ٺاهيا آهن، هو ٿوري پاڻيءَ تي به ترڪي سگهي ٿو)
    • بار کڻندا باري، ناهي ڪم ڪچن جو.
    (همت وارا ۽ مڙس ماڻهو ئي ڏکيا ڪم ڪري سگهن ٿا. باقي جهڙن تهڙن جون رڳو ڳالهيون هونديون آهن)
    • جت وڻ ناهي، اتي ڪانڊيرو به درخت.
    درخت اتاهين وڻ کي سڏجي ٿو ۽ ڪانڊيرو ٻوٽي نما ننڍو وڻ آهي. پر جتي سڃ ئي سڃ هجي، ڪو سنئون سبتو وڻ به نه هجي، اتي ڪانڊيرو به وڏي ڳالهه سمجهيو وڃي ٿو. جيئن چوندا آهن ته انڌن ۾ ڪاڻو راجا.
    • واڱڻ چيو بصر کي ادا ڪُني ۾ ملنداسين.
    (ٻنهي جي آخرت ائين ٿيڻي آهي)
    • جتي پڄڻ ناهي جاءِ، اتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.
    • ڪنجوس مان ڪوڙي ڪڍڻ ڏاند ڏهڻ آهي.
    (هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه ڪرڻ)
    • جَوَ ڍاري گڏهه رکوال.
    (ڪنهن شيءِ تي اهڙي ماڻهوءَ کي چوڪيدار رکڻ جنهن مان سڀ کان وڏو خطرو هجي)
    هوءَ گڏهه بدران گهوڙو يا ٻيو جانور به لکي سگهجي ٿو، پراسان وٽ خواريءَ جي ڪمن، چرچن توڙي پهاڪن ۾ گڏهه ئي گهڻو ڳايو وڄايو وڃي ٿو. ”گهوٽ کي سرگس وقت گهوڙي تي گهمايو وڃي ٿو، گڏهه تي ڇو نه؟“ ڪنهن سوال ڪيو.
    ”ان ڪري ته جيئن خبر پئي ته ڪهڙو گهوڙو آهي ڪهڙو گڏهه. ٻي صورت ۾ ٻئي گڏ ٿي پوندا.“
    هڪ سونارو ڪم ۾ مشغول هو. ڪو همراهه دڪان ۾ گهڙي پڇڻ لڳس:
    ”توهان جي دڪان ۾ ڇا ٿو وڪامي؟“
    سوناري ڪاوڙ مان وراڻيس: ”گڏهه ٿا وڪامن.“
    همراهه چيس: ”توهان اڪيلائي رهجي ويا آهيو يا ٻيا به آهن.“
    سو اسان جي ملڪ ۾ گڏهه (جانور توڙي ماڻهو) به گهڻا ته انهن تي ٺهيل چرچا به گهڻا. هن ئي صفحي تي گڏهن جا ٻيا به مثال نظر ايندانوَ.
    • واتون خرار کاڄن، نڪون ڪڻون به نه کاڄي.
    • اڀ ڦاٽي کي به ڪا اڳڙي پوي.
    (ڪو اهڙو راز جيڪو صاف ظاهر هجي، ان کي ڪيترو لڪائي ڪيترو لڪائي سگهجي ٿو)
    • مُلو مئو مهابو لٿو.
    (ان ماني يا خيرات ڏيڻ جي ٻنڌڻ مان ڄڻ جان ڇٽي)
    • لهي لوهه به نه چي منهنجو نالو سون ٻائي.
    (ان لاءِ چيو ويندو آهي، جيڪو پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ پاڻ پڏائيندو آهي)
    • انڌو ۽ اڻ سونهون ٻئي هڪ جهڙا.
    (اڻ سونهون اڻ واقف ڪار کي چئجي ٿو. اهو انڌي وانگر ڇا ڏس پتو ڏئي سگهي ٿو)
    • لکين ليلائون چنيسر جي راڄ ۾.
    • ماءُ ڄڻيندي پٽڙا ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ.
    (چوندا آهن ته پنج ئي آڱريون برابر نه ٿينديون آهن. هڪ ئي ماءُ جا ڀلي ڪيترائي پٽ هجن پر هر هڪ جو پنهنجو پنهنجو نصيب ۽ ڀاڳ ٿئي ٿو)
    • ماڻهو ٻٽيهه لڇڻو، موچڙو ڇٽيهه لڇڻو.
    (ماڻهوءَ ۾ ڪيترائي لڇڻ آهن. پر موچڙي ۾ ان کان به وڌيڪ طاقت آهي، جو ڪيترن ئي لچن لفنگن کي صحيح ڪريو ڇڏي)
    • سرمون سڀڪا پائي، پر اک اک جو ڦير.
    (ضروري ناهي ته سُرمي سان هر ماڻهو سهڻو لڳي. ڪو ماڻهو اوچا ڪپڙا ۽ ڳهه ڳٺا پائڻ بعد به ايترو سهڻو نه پيو لڳندو آهي جيترو ٻيو سادن ڪپڙن ۾)
    • اڻ ڏٺو چور پيءُ برابر.
    (بنا پڪ جي ڪنهن تي به بهتان نه هڻجي.)
    • ميان جي مڏي، ٻه ڏندڻ ٽين تڏي.
    (تمام گهٽ ملڪيت وارو.)
    • ڀري اٺ تان وڃڻي لٿي ته به چڱي.
    • نُنهن سان ڇڄي ته ڪاتيءَ سان ڇو وڍجي.
    (ڪا شيءِ ڪنهن آسان طريقي سان ٿي سگهي ته ڏکيو طريقو ڇو اختيار ڪجي)
    پر ڪي ڪي ڪم ڏکين طريقن ۽ دڙڪن دهمانن سان به نٿا ٿي سگهن. قسطن تي فرنيچر مهيا ڪندڙ ڪمپنيءَ پنهنجي هڪ گراهڪ ڏي، قسطن جا پئسا نه ڏيڻ تي، هڪ نوٽس موڪليو جنهن ۾ چتاءُ طور کيس لکيو ويو هو ته، ”سائين! توهان ڪڏهن ان تي غور ڪيو آهي ته اسان فرنيچر ضبط ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن پنهنجي ٽرڪ توهان جي گهر موڪلي ته توهان جا پاڙيسري ڇا سوچيندا؟“
    ڪجهه ڏينهن بعد ڪمپني وارن کي جواب مليو، ان ۾ لکيل هو: ”جناب! توهان گذريل خط ۾ جيڪو مسئلو کنيو آهي ان بابت مون پنهنجي پاڙيسرين سان صلاح ڪئي. هنن سڀني جو يڪراءِ اهوئي فيصلو آهي ته توهان جيڪڏهن فرنيچر ضبط ڪرڻ لاءِ ٽرڪ منهنجي گهر موڪلي ته اهو توهان جي ڪمپنيءَ جو بيحد ذليل ۽ ڪمينو قدم سمجهيو ويندو.“
    • ٻن ٻيڙين تي جيڪو پير رکي، تنهنجيون ڄنگهون ڦاٽن.
    (ٻيڙي پاڻيءَ جي ڇولين تي اڳيان پويان ٿيندي رهي ٿي ان ڪري هڪ پير هڪ ٻيڙيءَ ۾ ۽ ٻيو ٻيءَ ۾ رکڻ خطرناڪ آهي)
    • ناڻو جنهن تاوَ سان اچي ٿو، تنهن تاوَ سان وڃي ٿو.
    (ڪو محنت ڪري چار پئسا ڪمائي ٿو ته ان کي خرچي به وڏي خيال سان ٿو. پر جيڪڏهن ڪنهن وٽ سولائيءَ سان پئسو اچي ٿو ته هن وٽ ان جو قدر نٿو ٿئي ۽ جلدي ئي خرچ ٿيو وڃيس. ان لاءِ انگريزيءَ ۾ به مشهور چوڻي آهي ته:
    (Easy come, Easy go)
    • نڪي پاراتن ۾ نڪي منجهه دعا.
    (ڪيترا ماڻهو ايترو خاموش طبع ۽ پاسو وٺي رهن ٿا جو هو نه ڪنهن جي ٻن ۾ آهن نه ٽن ۾، نڪي هو ڪنهن کي ڏين ٿا، نڪي ڏکوئين ٿا. اهڙن ماڻهن لاءِ چيو ويندو آهي ته هنن مان نه ڪو خوش آهي جو دعا ڏئين ۽ نه وري ڪو ناراض آهي جو پٽ پاراتا ڏئين.
    • ڪانگ کي لُڙ ۾ مزو.
    (لڙ معنى گوڙ، آواز. ڪانءَ کي سڀ کان مزو ڪان ڪان ڪرڻ ۾ اچي ٿو. هن جي ڪنهن ڀائيڙي جو نالو وٺي ڏسو. کانئن ٻي ڪا مدد نه پڄندي، ٺلهي ڪان ڪان لڳائي ڏيندا)
    • ڪم لٿو ڊکڻ وسريو.
    (ڪم پورو ٿيڻ تي ڪم واري کي وساري ڇڏڻ. جئين انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته مانيءَ کانپوءِ چمچن کي وساري ڇڏڻ)
    • اڌارو ڏجي ان کي جنهن کان گهرجي نه، اڌارو وٺجي تنهن کان جو گهري نه.
    (اوڌر ڏيڻ بعد موٽائڻ ٻئي جي هٿ ۾ ٿئي ٿو. ڪيترا دفعا سٺا دوست ۽ ويجها مائٽ به اڌار موٽائڻ کان انڪار ڪن ٿا يا ٽال مٽول ڪن ٿا. ان ڪري چوڻي مشهور آهي ته Lend Money, Loose friend. ساڳي وقت پوءِ ڍائي ۽ هلڪڙي قسم جي ماڻهوءَ کان به اڌار نه وٺجي جو پوءِ هو جتي ڪٿي گُهر گُهر ڪري خوار ڪري ٿو.
    هڪ دست کي ٻئي سان گڏ دعوت ۾ وڃڻو هو پر کيس ٽوپي به هئي، جيڪا سندس دوست اڌاري ڏنس. دعوت ۾ پهچڻ تي هن پهرين همراهه جو تعارف ڪرائيندي چيو.
    ”ادا هيءَ آهي منهنجو آهي فلاڻو دوست. هن کي جيڪا ٽوپي آهي اها منهنجي آهي.“
    دوست دل ۾ ڪندي چيس ته ٽوپيءَ لاءِ ائين چوڻ سٺو نه آهي. ان بعد وري ٻيو همراهه ملين ته ان سان تعارف هن ريت ڪرائينس.
    ”ادا هي منهنجو فلاڻو دوست آهي. هن جي مٿي تي جيڪا ٽوپي آهي، اها هن مونکان اڌاري نه ورتي آهي پر پنهنجي اٿس.“
    • ستل شينهن کي آڱر نه ڏجي.
    (خوفائتن ڪمن ۾ اجايو هٿ نه وجهجي.)
    • گدڙ گدڙ جي ڪوڪ تي نه اونائي ته ڪوڙهيو ٿئي.
    • نيچ نوڪري، اتم کيتي، وڌندڙ واپار.
    نوڪريءَ ۾ ماڻهو ٻڌل ۽ ٻئي جي قبضي ۾ رهي ٿو ۽ هڪ مقرر ڪمائيءَ تي چاڪيءَ جي ڍڳي وانگر هلندو رهي ٿو. ان ڪري نوڪريءَ کي ٽوڪري (ٽهل ٽڪور) سمجهيو وڃي ٿو. واپار ۾ ماڻهو قابليت ۽ محنت مطابق وڌي ٿو.
    اسانجي ننڍي کنڊ ۾ ماڻهن کي مطيع ڪرڻ لاءِ انگريزن ڪجهه اهڙو نمونو رکيو جو هرڪو سندن (ڪمپني / حڪومت جي) نوڪريءَ لاءِ واجهائڻ لڳو ۽ ان کي وڏي ڳالهه سمجهڻ لڳو. انگريز سرڪار (ڪمپني) پنهنجي نوڪر پٽيوالي کي به زميندار سيٺ کان وڌيڪ مان ڏيندا هئا. نتيجي ۾ هرڪو نوڪري جي لاءِ آتو رهڻ لڳو. هندوستان جي ڪيترين زبانن توڙي تهذيب ۽ ڪلچر تي سرڪاري نوڪريءَ جو بيحد گهڻو اثر آهي. تامل زبان ۾ چوڻي آهي: ”ڪولي مي ايتا آلوم. ڪمپنيڪ ڪومي اي.“ معنى سرڪاري نوڪريءَ ۾ چاهي ڪڪڙ پالڻ جو ڪم هجي ته به اها بهتر آهي. هڪ ٻيو پهاڪو آهي. ”ارا ايڪ ڪا آچو، وي ايلا ايا انالوم، آرا چا اناڪا.“ يعني سرڪاري نوڪر جو پگهار، چاهي اڌ پئسو هجي، ته به اهو ڀلو.
    چون ٿا ته واپار سڀ ۾ وڌندڙ آهي. پر کيتي وري به نوڪريءَ کان سٺي ڳالهه آهي پر ان ۾ پڪ نٿي رهي ته ڇا فصل لهندو ۽ ڇا سندس اگهه ٿيندو، ان بابت هيٺيون پهاڪو مشهور آهي)
    • ان پوکئي تي ناهي پر لٿي تي آهي.
    (يعني پوکڻ تي ته ماڻهو کڻي ڪيترو به پوکي پر ڪيترو ڦٽندو ۽ وڌندو اها قدرت کي خبر آهي. ٿي سگهي ٿو گرمي سردي، مينهن طوفان، ٻوڏ بيماري ڪري هڪ ڪڻو به نه لهي. اهو جو کم نه فقط کيتي، ٻني ٻاري / زمينداريءَ ۾ آهي، پر؛ واپار ۾ پڻ آهي، جنهن لاءِ پڻ هيٺيون مثال مشهور آهي)
    • اَن جو واپار هس مان ڇلو، ڇلي مان هس.
    (۽ اهو نه فقط ان جي واپار جو حال آهي پر هر واپار جو آهي جنهن ۾ ڪڏهن ماڻهو امير ٿيو وڃي ته ڪڏهن سندس ڏيوالو نڪريو وڃي ۽ قرضي ٿيو وڃي)
    • پير عيسى، پير موسى، وڏا پير پئسا.
    (دنيا ۾ ڪيترائي پير آهن، پر پئسو اهڙي شيءِ آهي، جنهن کي سمجهندي به ته براين جي پاڙ آهي، نفرت ڪرڻ بدران ماڻهن جي گهڻائي وڏي ڳالهه سمجهي ٿي)
    • کٽيو کائي مڙس جو چي جئي ابو.
    (ڪيترائي ماڻهو سخت بي قدر ٿين ٿا. جيڪو ساڻن سٺو هلي ٿو ان جا ٿورائتا نٿا ٿين)
    • اٺ جي چوري پکي ۾ ڇا لڪندي.
    • غريب جي جوءِ سڀني جي ڀاڄائي.
    • نئين به تکي، ڳڙ به مٺو.
    (هڪ طرف درياهه جو تکو وهڪرو، ٻئي پاسي ڳڙ (دولت) کي حاصل ڪرڻ جو لوڀ)
    • زالون زالن جو کاڄ آهن.
    (عورت جي سوشل زندگي عورت سان آهي)
    • ماءُ ڄڻي بار بار، زبان ڄڻي هڪوار.
    (زبان جو هڪوار ڄڻڻ معنى زبان جو وعدو هميشه هڪ ۽ پڪو هئڻ کپي)
    • زور جي ميندي ڪڏهن به ناهي لڳڻي.
    (رضا منديءَ کانسواءِ ڪڏهن به ڪم سرانجام نه ٿيو آهي)
    • ساري رات سور کائي ڪوئو ڄڻڻ.
    (وڏي محنت کانپوءِ تمام ٿورو فائدو ٿيڻ)
    • ”ساري رات سورن ۾ _ جبل مفت مئو،
    • صبح ٿي سوير جو _ ڄائس هڪ ڪئو.“
    • يا جيئن اڙدو ۾ چوندا آهن ته ”کودا پهاڙ نڪلا چوها. وه بهي مره هوا“
    • ساڳيا سنگَ سڃاڻ ڏاتو پنهنجي ڏاند جا.
    • سانوڻيءَ جي انڌي کي رڳو ساوڪ نظر ايندي آهي.
    • ست ڪئا کائي، ٻلي حج تي هلي آهي.
    (ظلم ۽ ستم ڪرڻ کانپوءِ پرهيز گار ٿيڻ)
    • اڻ سرندي سڀ ڪو ٽري، کروڪو سرندي ٽري.
    • سراءِ جو ڪتو جتي آيو اتي کتو.
    (سراءِ جو ڪتو هئڻ معنى هر ڪنهن جو يار هئڻ. سڀ سان گستاخ رهڻ)
    • شڪار مهل ڪتي هنگائڻ.
    (شڪار جي ڳولا ۾ يا انتظار ۾ ڪا دير ترسڻو پوي ٿو ۽ پوءِ جڏهن مس مس شڪار نظر اچي ته ان وقت شڪار ڪرڻ واري ڪتي مجبور ٿي پوي ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي بدقسمتي)
    • مري ويو مردود، نه ختمو نه درود.
    • ڪابل ۾ به گڏهه ٿين ٿا.
    (نالائق ماڻهو جتي ڪٿي آهن)
    • ڪاٺ جو بُبُو ڏيڻ مان ڇا حاصل.
    (رڳو دلاسو ڏيئي خوش ڪرڻ)
    • ڊڄڻي ٻلي ڪوئي جي جوءِ.
    • ڪتو پنهنجو قابو ڪر، اسان پنڻ ڇڏيو.
    • انڌو کُڏ تي ويهي هنگي، چي مونکي ڪو نٿو ڏسي.
    • ڏيڻ سڀ چڱو بڇڙي هڪڙي گار.
    وٺڻ سڀ بڇڙو، چڱي هڪڙي دل.
    • راڻي سا، جا راءِ کي وڻي.
    (شيءِ اها سٺي جيڪا فيصلو ڪندڙ کي وڻي)
    • رات ٿوري ساٺ گهڻا.
    • ڪچيءَ ڪنا نه وريا، پڪي ڇا ورندا.
    (جيڪو ننڍي هوندي نه سڌريو اهو وڏو ٿي ڇا سڌرندو)
    • گَڏي اڏجي يا لڏي ڇڏجي.
    • گڏهه جو ڇا وس جو ٻيڙيءَ ۾ نه چڙهندو.
    (هڪ هيڻي ۽ ڪمزور کي ڪهڙي طاقت جو ڏاڍي جو حڪم نه مڃي)
    • ٺاٺار ڪي ٻلي ٿي گذر ڪرڻ.
    (بيحد ضدي ٿيڻ)
    • لڇمي وڃي تڏهن لڇڻ به وڃن.
    (پئسي وڃڻ کانپوءِ ماڻهوءَ جون سٺايون به خراب لڳن ٿيون)
    • لوڀ سڀني پاين جي پاڙ.
    (لالچ سڀني براين کي جنم ڏئي ٿي)
    • هارئي کان پيتو ڀلو.
    (اجايو ڪنهن شيءِ کي ضايع ڪري ڇڏڻ کان بهتر آهي ته ڪنهن ضرورت مند کي ڏئي ڇڏجي)
    • ڪڇان ته پٽجن مڇان.
    • ونڊ ورهاءِ، ايمان پاءِ.
    • پنهنجي ۾ هٿ پرائي ۾ اک.
    • پورهيو ته خدا چور جو به نٿو وڃائي.
    • پورهيت يار خدا جو.
    • ڏٻري ڏاند تي مڇر گهڻا.
    (ڪمزور ماڻهوءَ کي ڪيتريون ئي تڪليفون ٿين ٿيون)
    • گهڻ پيٽاري بگري، کائي ويئي جهار.
    (بگري معنا پوک، گهڻي پيٽاري معنى گهڻن جي ڀائيواريءَ واري، جهار معنى پکي پکڻ. ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي شيءِ آهي ته هو وڌيڪ خيال رکي ٿو. گهڻي ڀائيواريءَ ڪري جوابداري ورهاجيو وڃي. هرڪو اهو سوچي ٿو ته ڏکيو ڪم پيو ڪندو)
    • تڪڙو ماڻهو ٻه ڀيرا هنگي.
    • وچ تنهين جي ڊاءُ، جنهنجي وائيءَ ۾ ور گهڻا.
    • مهانگو روئي هڪ وار، سستو روئي وار وار.
    • سُڪن سان گڏ آلا به سڙن ٿا.
    (زندگيءَ ۾ ڪي ڪي مصيبتون اهڙيون به اچن ٿيون. جن ۾ ڏوهين سان گڏ بي گناهه ڦاسيو وڃن. جيئن سُڪن ڪاٺن سان گڏ آلا ڪانا يا ڪاٺيون به سڙيو وڃن)
    • ڪڪو ڪڇ ۾ ڍنڍورو شهر ۾ / صافو ڪلهي تي، صافوڙي صافو.
    (جنهن شيءِ جي ڳولاءِ لاءِ شهر ۾ پڙهو پيو ڏيارجي اها پاڻ سان ئي هجي. اجائي واويلا مچائڻ. اهڙن ئي ماڻهن لاءِ اهو به چئي سگهجي ٿو ته پاڻيءَ مٿي جهوپڙا مورک اڃ مرن. بي خياليءَ کان ڪم وٺڻ)
    • گدڙ ڊاک به پڄي آکي ٿُو کٽا.
    (آکي معنى چوي. گدڙ جڏهن ڊاک حاصل ڪري نه سگهيو، ته اهو چئي پويان پير ڪيائين ته کٽي آهي. يعني پڄي نه سگهجي ته ٻئي تي ڏوهه ڏيئي ڇڏجي جيئن هيٺيون پهاڪو آهي)
    • ناچو ناچ نه ڄاڻي، آکي ڀون سوڙهي.
    • اٿي پاڻ نه سگهي لک لعنت گوڏن تي.
    • ڪِنُ ڪِنَ سان نه ڌوپي، نيٺ پاڻيءَ سان ڌوپي.
    • لانگهي لاٿي لوئي ته ڪيا ڪريگا ڪوئي.
    • ڪوئي مري ڪوئي جيوي، شتريا گهول پتا شا پيوي.
    (شتريا فقيرن جي ذات آهي، جي هميشه بي پرواهه ۽ خوش طبع رهن ٿا)
    • تيل سهانگو هو ته جيڪر گدڙن پڇ مکيا.
    • ڏائڻ هلي مڙدا ڪڍڻ، مڙدن ڪپڙا به لاهي ورتس.
    • ڪاڻي وسوڙي، چي مڙسم ويو اک کي.
    • نه ڪَتي نه ڪوريءَ جي ڪاڻ ڪڍي.
    (ڪتڻ معنى سٽ يا ڪپڙو ٺاهڻ. ڪوري معنى جيڪو ڪپڙو اُڻي وڪڻي ٿو)
    • ٿورو ڏسي ارهو نه ٿجي، گهڻو ڏسي سرهو نه ٿجي.
    (دولت اچڻي وڃڻي شيءِ آهي. ڪڏهن آهي ڪڏهن ناهي. نه هجڻ جي حالت ۾ ڏک نه ڪجي ۽ گهڻي اچڻ تي مغروري نه ڪجي)
    • گهٽ قوت، آڪڙ گهڻي، مار کائڻ جي نشاني.
    (جنهن ماڻهوءَ ۾ طاقت گهٽ آهي پر گهڻو ڦونڊجي پيو هلي، معنى ڪٿي نه ڪٿي موچڙا ضرور کائيندو)
    • ڪاڻيءَ جي وهانوَ ۾ سنگٽ گهڻا.
    (معنى رولي ۾ رولو. هڪ ڪاڻي جنهن لاءِ مڙس مس مس مليو. مٿان وري گرهن ۽ تارن جي ڦير ڪري تاريخ نه پئي ٻڌجي. اڳئين زماني ۾، ۽ هينئر پڻ، ڪيترن هنڌن تي ويندي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ شاديءَ جي تاريخ مندر جي مهاٻائي کان ورتي وڃي ٿي. ويندي سنڌ جي ڪيترن ڳوٺن ۾ مسلمان پڻ ڪنهن پير، سيد يا مجاور کان ان ڪم لاءِ نيڪ تاريخ پڇن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڳ ۾ آچر موڪل هوندو هو ته گرهن ۽ تارن جي حساب بعد ڇنڇر جي شام ۽ آچر جو ڏينهن هوندو هو ۽ هاڻ خميس ۽ جمعي جو ڏينهن)
    اهو پهاڪو ڪن هنڌن تي هيئن به رائج آهي: ”ڪاڻي جي ڪاڄ ۾ ڇيڏڪ گهڻا“
    • ڪارو منهن ڪتي جو رٻ اوتري جي اوتري.
    (معنى بي ايمان ماڻهو نقصان پهچائڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪندو رهيو، پر پهچائي نه سگهيو)
    • وسي ته به ڏٻري گسي، نه وسي ته به ڏٻري گسي.
    (مينهن پوي ته به ڏٻرو ڏاند مري. نه پوي _ يعني گاهه وغيره نه ڦٽي ته به ڏٻرو ڏاند بک مري)
    • کيتي سر سيتي.
    (ٻني ٻاري لاءِ ضروري آهي ته مالڪ پاڻ موجود هجي. کيتي پنهنجي سر سان آهي. انڪري ته چوندا آهن ته ٻنيءَ لاءِ سٺو ڀاڻ زميندار جي جتيءَ جي مٽي آهي. يعني جيترو گهڻو زميندار پنهنجي زمين تي ويندو اوترو گهڻو ڪم هلي سگهندو ۽ کيس سٺي اپت ٿيندي. سنڌيءَ ۾ ٻني ٻاري تي ڪيتريون ئي چوڻيون ۽ پهاڪا آهن. جن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا:
    • پنهنجي ٻني پنهنجو هَرَ.
    • مال ڀٽارو اکين جو تارو.
    • جيترو هَرَ اوترو ڦر.
    • جتي هر اتي گهر.
    • ان پلي ذات ڀلي.
    • ڇڍي پوک تنبا سنگ.
    (جيتري ڇڍي پوک اوترو سٺو فصل. پر ضروري ناهي ته هر پوک ڇڍي ڪجي. چوڻي آهي ته ڪڻڪ تيلو تيلو وونئڻ ڏاگهه ڏاگهه، يعني ڪڻڪ ڀلي ويجهي ويجهي پوکڪجي پر وونئڻ پري پري ڪجي)
    • ٻني اها راڻي جنهن جي مٿان پاڻي.
    • جنهن ڪڙميءَ جي گهر ۾ داڻو، اهو سڀني جو آهي راڻو.
    • جيڪو هوندو ڀاڳ ۾ سو وهي پوندو پاٽ ۾.
    • نوريئڙي جي دعوت ڇا؟ ٻه ٻير بس.
    (معنى ڪي ڪي مهمان تمام گهٽ کٽراڳ وارا ٿين ٿا. ۽ ٿوري ۾ ئي خوش ٿيو وڃن)
    • مزي جو مزو، پئنچن تي به ٿورو.
    • انسان ريجهائڻ، نانگ ريجهائڻ کان ڏکيو آهي.
    • ڪتو ٽڪر وٺي پڇ لٽڪائيندو آهي.
    (يعني جانور به ٿورا مڃي ٿو)
    • مرون چُوڻ کائي پنهنجو مٿو وڃائيندو آهي.
    • ڀت ڪڇي جي اڳلو ڪڇي.
    • ڏي ڪڻو ته ملي گهڻو.
    • گيدي چکن موت، ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾،
    • مردن کان پنڌ ويا زالن کان جنڊ ويا.
    (هر شيءِ گهر ويٺي ملڻ ڪري اسان آسائش پرست ٿي پيا آهيون. جسم کي صحيح رکڻ لاءِ ڪا ورزش نٿا ڪريون)
    • پاڙو ابو امان آهي.
    (پاڙي جو خيال رکڻ کپي. اهو پاڙو ئي آهي جيڪو ڏکي وقت ڪم اچي ٿو. دوست مائٽ به پوءِ پهچن ٿا)
    • کارائجي هوتن جيان، پر ڏنڀجي ڏائڻ جيان.
    (ٻارن جو خيال ضرور رکجي پر غلطي ڪرڻ تي هنن کي اک به ڏيکارجي)
    • لوڻ وجهي ڀت ڀائيوار ٿيڻ.
    (ٿورو ڏئي ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ)
    • رٺي آهي گهوٽ سان ڳالهائي نٿي ڳوٺ سان.
    (ڪاوڙجڻ هڪڙن سان رسڻ ٻين سان)
    • پير کي خليفا کڻندا آهن.
    (پير ڀلي ٽڪو به نه لهي، پر جيڪڏهن سندس خليفا هوشيار آهن ته پير جو مان مٿاهون ڪرائين ٿا. اٻوجهه عوام کي مريد بنائڻ لاءِ پير جون اهڙيون ڪوڙيون سچيون ڳالهيون ڊرامائي انداز ۾ ڪن ٿا جو هو وسهجيو وڃن. ساڳي وقت مريدن مان ٽن لاءِ پئسو ڏوڪڙ ڪڍڻ لاءِ پڻ خليفا ڪم اچن ٿا. اٽڪلي ۽ ظالم خليفو مريدن کي چٺ لٺ ڏيکاري پير لاءِ گهڻو ڪري ڪجهه ڦري سگهي ٿو)
    • پنهنجي وڻي يا نه وڻي جتيءَ سوڌو جهول ۾.
    • ٻُچيءَ کي ڏاڙهيءَ جو قبر تائين آسرو.
    (ڪنهن اڻ ٿيڻي ڳالهه جو آسرو رکي وهڻ)
    • هنجن سان حرص ڪري اڏاڻي چڙي،
    چڻو هوس چهنب ۾ سو به پيس ڪري.
    (ٻين سان حرص يا ساڙ نه رکجي. جيترو دم هجي، ان مطابق هلجي، جيئن اڙدوءَ ۾ چوڻي آهي ته ڪانگ هنج وانگر هلڻ جي ڪوشش ۾ ماڳهين پنهنجي هلڻي به کاري ويٺو)
    • هنر واري جو هنر کپي. بي هنر جي جُند.
    (هنر وارو يعني ڪم ڪار واري ماڻهوءَ جو جتي ڪٿي آڌر ڀاءُ ٿئي ٿو. پنهنجي توڙي ڌارئين ملڪ ۾ هنر مند کي هرڪو مانُ ڏئي ٿو. پر اهو ماڻهو جنهن کي ڪو ڪم ڪار نٿو اچي. توڙي کڻي اهو پنهنجو هجي، هر ڪو ان کان ڀڄي ٿو)
    • عالمن جا ابا تو جي ٽنگان ٽيڙيون ته بندا ڪيئن ڪندا.
    (جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو به غلط ڪم ڪن ته جاهلن جو ڪهڙو ڏوهه)
    • ڪڏهن ڀريءَ ۾ ڪڏهن ڀاڪر ۾.
    (ڪڏهن ڏک ۾ ڪڏهن سک ۾)
    • هٿ ڪنگڻ کي آرسي ڪهڙي.
    (ظاهر ظهور ڳالهه کي ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت، جيڪا شيءِ نظر پئي اچي، ان جي واکاڻ جي ڪهڙي ضرورت. هڪ ٽيڏين اکين واري زال کي پنهنجي تعريف ٻڌڻ جي ڏاڍي عادت هئي. مڙس به آفيس مان اچڻ سان اهاني بهاني تعريف ڪندو هوس ته تنهنجا وار ههڙا سهڻا، نڪ فلاڻي ائڪٽريس جهڙو، اکيون موتين جا داڻا وغيره.
    هڪ ڏينهن پنهنجين پريشانين ۾ منجهيل مڙس گهر پهتو ته هن کان پنهنجي ٽيڏين اکين واري زال جي تعريف وسري وئي. زال پئي اڳيان پويان ڦري ۽ نخرو ڪري.
    ”هونءَ ته توهان اچڻ سان منهنجي تعريف ڪندا آهيو.“ آخر زال شڪايت واري لهجي ۾ چيو.
    ”اهو ته اڄ به چوان ٿو ته بابا تون تمام سهڻي آهين.“ مڙس ڪجهه بيزاريءَ مان. ڪجهه جان ڇڏائڻ لاءِ چيو.
    پر زال ان مان مطمئن نه ٿي ۽ وري ٿوري دير بعد چيو: ”ڀلا منهنجا چپ؟“
    ”اهي به سٺا آهن“ مڙس پنهنجو منهن فائيلن ۾ ئي وجهندي چيو جيڪي هو ضروري ڪم پوري ڪرڻ لاءِ گهر کڻي آيو هو.
    ”ڀلا اکيون.......؟“ ٿوري دير بعد زال وري ڊسٽرپ ڪيس.
    ”هون.......؟“ مڙس پنهنجي ئي پريشانيءَ ۾ مختصر چيو.
    ”مون چيو منهنجيون اکيون؟“ زال وري سندس خيالن ۾ رخنو وڌو.
    ”اهي به سٺيون آهن“ مڙس وراڻيو پر زال ان مختصر جواب مان مطمئن نه ٿي چيس:
    ”بس.....؟“
    ”بس ٻيو ڇا؟“ مڙس وڌيڪ بيزاريءَ جو اظهار ڪيو، جنهن تي زال ڪاوڙجي چيس: ”هون ته تون هميشه چوندو آهي ته منهنجيون اکيون عنيقه اوڍو سان ٿيون ملن؟“
    باربار ڊسٽرپ ٿيڻ تي مڙس باهه ٿي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ چيائينس: ”ڌوڙ ٿيون ملن عنقيه سان. پنهنجو پاڻ سان ئي نٿيون ملنئي.“
    • چريءَ چکي ڏٺو، چي هل ڪالهوڪي هنڌ.
    • هڪ ويٺي هئي رٺي ٻيو پيڪان آيس چٺي.
    * (جهٽ فيصلو ڪرڻ. پر ان ۾ وڏو هٿ پيڪي کان نياپو اچڻ ۾ نه هو. جيئن چنيسر جي لاءِ چيو ويندو آهي ته هو ليلا سان فقط هار واري ڳالهه تي رٺو هو. اهو ته هڪ بهانو ٿيو. هونءَ هن جي دل ۾ روسامي لاءِ اڳهين خيال هو.
    چنيسر جي چت ۾ اڳهين ڪو هئو،
    تنهان پوءِ ٿيو، مامرو هار تان.

    • غريبن رکيا روزا ته ڏينهن ٿيا وڏا.
    • مور چڱو پر پير ڏنگا.
    (هر ماڻهوءَ ۾ ڪونه ڪو عيب ٿئي ٿو)
    • عورتن کي عقل ڏائي کڙيءَ ۾ ٿئي ٿو.
    (جڏهن دنيا ۾ گهڻا اديب، اخبار نويس، پرنٽر، پبلشر مرد حضرات هوندا ته پوءِ ظاهر آهي اهڙي ڳالهه عورت لاءِ ئي چئي ويندي. عقل ڏائي کڙيءَ ۾ هجڻ معنى. گهٽ عقل هجڻ پر تنهن هوندي به ڪيترن گهرن تي راڄ عورت جو آهي. بلڪ هاڻ ته ڪيترن ملڪن تي راڄ به عورت جو ٿيندو وڃي. عورت تي ڪيترن ئي ملڪن مختلف چوڻيون ۽ پهاڪا آهن. ”عورت جو پيار ان نهر مثال آهي، جنهن جو پاڻي ڪڏهن به سڪي نٿو“ اها چوڻي اسان وٽ پاڪستان ۾ مشهور آهي. اهڙيءَ طرح عربي چوڻي آهي:
    ”عورت حيا جو گلدستو آهي. خدا جي نعمتن مان سڀ ۾ وڏي نعمت آهي.“
    • ترڪي چوڻي: ”عورت بنا گهر ۾ برڪتون نازل نٿيون ٿين.“
    • ڪُويتي چوڻي: ”عورت جي جڏهن زبان نٿي ڳالهائي ته هن جون اکيون ڳالهائين ٿيون.“
    • بلغاري چوڻي: ”ڪنهن سهڻي عورت کان انڌي وڌيڪ ڪامياب زال ثابت ٿئي ٿي.“
    • اطالوي چوڻي: ”عورت جي دل جيترو نرمائيءَ سان پيار ڪري ٿي. اوترو ئي سختيءَ سان بدلو وٺي ٿي.“
    • هندستاني چوڻي: ”انسان جي ڪاميابي ۽ خوشين ۾ عورت جو ئي هٿ ٿئي ٿو.“
    • فرانسي چوڻي: ”عورت ۽ گدري جي چونڊ ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي.“
    • جپاني چوڻي: ”سهڻي عورت ۽ ڳاڙهي مرچ ٻنهي کان هوشيار رهجي.“
    • مرد پڙهيو ته فرد پڙهيو. عورت پڙهي ته گهر پڙهيو.
    جپاني، چيني ملئي زبانن ۾ ته عورتن تي ڪيتريون ئي چوڻيون ۽ پهاڪا آهن. پر گهڻو ڪري سڀ انهن جي خلاف. جن مان ڪجهه هن ڪتاب جي آخري حصي ۾ ڏنل آهن.
    آفريڪي ملڪن ۾ ته ورلي ڪو پهاڪو عورت جي تعريف ۾ هجي.
    • هر خرابيءَ جي پاڙ عورت سمجهي وڃي ٿي ۽ بقول پروفيسر منيڪي شپر جي.
    • “In African Proverbs woman are Consistantly at
    • the receiving end”
    توهان ڏينهن ٻه آفريڪا جي شهر ۾ رهو ۽ ٿي نٿو سگهي ته ڪو هڪ ٻه پهاڪو عورتن بابت نه ٻڌو. ڪجهه پهڪا جي هن وقت ياد اٿم:
    • ”عورت مرد ٿي نٿي سگهي“ يعني هوءَ ڪمزور ئي رهندي.
    • پنهنجن پيرن کان وڏن پيرن واري عورت سان هرگز شادي نه ڪجي.“
    • ”عورت کي وات نٿو ٿئي“ يعني سٺو ڳالهائڻ نٿو اچيس.
    • ڏاڙهيءَ وارو وات ڪڏهن به ڪوڙ نٿو ڳالهائي.“
    يعني مرد هميشه گامون سچار ٿين ٿا، عورتون ڪوڙيون.
    • ”بنا مرد جي عورت: ٻج بنا ڌرتي آهي.“
    (اڪيلي سر عورت ڪجهه به نه آهي. عورت جو شان مرد سان آهي)
    ”شاديءَ لاءِ جيڪا ڇوڪري انڪار ٿي ڪري، ان کان تڏهن خبر پڇجو، جڏهن عمر گذرڻ تي ڇاتيون لڙڪي پوندس.“
    (يعني جوانيءَ ۾ عاشقن جي لوڌ کي ڏسي عورت کي مغرور نه ٿيڻ کپي، ڇو جو پوءِ پيريءَ ۾ هن کي ڪير به نٿو پڇي ۽ هن کي مڙس جهڙي سهاري جي سخت ضرورت محسوس ٿئي ٿي)
    • ”بد مزاج عورت جو علاج موچڙو ئي آهي.“
    • ”جيڪڏهن توکي پنهنجي زال سان پيار آهي، ته هن کي مار به ڏيندو ڪر.“
    • ”ڪڪڙ مادي کي ڪهڙي خبر آهي ته صبح ڪنهن وقت ٿئي ٿو. هوءَ هميشه ڪڪڙ نر جي وات ڏي نهاري ٿي“
    (يعني ڪڪڙِ وانگر عورت کي به ايترو چئيوان ٿيڻ کپي جو جڏهن مڙس چوي ڏينهن ٿيو آهي ته ڏينهن سمجهي)
    • ”سهڻي عورت سماجي بيماريون پيدا ڪري ٿي.“
    • فصل لڻڻ جي موسم ۾ مست عورتون ئي پيٽ سان ٿين ٿيون.“ وغيره وغيره
    (مطلب ته عورت ڪمزور آهي، ان ڪري هن تي هر ڳالهه جو الزام لڳايو ويو آهي. هر ڳالهه ۾ کيس نشانو بنايو ويو آهي. ڪا عورت سهڻي آهي ته ان کي نيچ ڏيکارڻ لاءِ به پهاڪا آهن جي ڪوجهي آهي ته به ڪيترائي پهاڪا آهن. پڙهيل آهي ته به ان کي بدڪردار چئي سگهجي ٿو، اڻ پڙهيل آهي ته به هن کي ڄٽ چئي ڌڪاري سگهجي ٿو. ڇو جو هن دنيا کي ڪيترا ”مرد جي دنيا“ سمجهن ٿا)
    • جيڪي ڪني ۾ هوندو سوئي پاٽ ۾ پوندو.
    • ڪتو ۽ ڪپات ٽوڙهي سان ٽپائجي، ساڌو ۽ سپات وهارجي وچ ۾.
    (ڪپات معنى ڪپتيو ماڻهو، نالائق، سپات معنى سپتيو، سٺو ماڻهو ۽ ٽوڙهو معنى رسو. لچ کي ويجهو نه آڻجي، اشراف کي پيار ڏجي)
    • مئا پَرُ پٽجن هيل
    (گذريل ڳالهيون وري نه دهرائجن)
    • جهڙا روح تهڙا ختما.
    (جيڪو جهڙو ماڻهو هوندو، ان جي اهڙي ڳالهه ٿيندي)
    • ڪوڙي جي ڳالهه کڏ جي ڊوڙ. (ڪوڙي جي ڊوڙ مسيت تائين)
    • دولتمندن جا ڏاند ويامن.
    (پئسي وارن جا ناممڪن ڪم به ممڪن ٿيو وڃـن)
    • ڪاڏي ڪوري ڪاڏي ترار.
    (ڪوريءَ جو ڪم ڪپڙو اڻڻ ۽ وڪڻڻ آهي. هو ڇا ڄاڻي جهيڙي جنگ ۽ بارود بمن مان)
    • همراهه سرڳ ۾ وڃي يا نرڳ ۾، هن جو ڪم ڪفن سان.
    (قبر کوٽڻ وارو جيڪڏهن هر جنازي تي ويهي منهن مٿو پٽي ۽ روئي رڙي ته انڌو ٿي پوي. هن جو ڪم آهي پنهنجي ڊيوٽي ڏيڻ. يعني قبر کوٽڻ يا ڪفن غسل جو ڪم ڪرڻ. فوتي جنت ۾ وڃي يا دوزخ ۾، ان سان هن جي ڪا سروڪار ناهي)
    • سوڙهي جتيءَ کان پير اگهاڙو ڀلو.
    • گهر جي جهيڙي کان جهنگ منهن ڀلو.
    (جهڙي طرح سوڙهي جتي عذاب آهي، توڻي ٻئي ڪنهن کي محسوس نه ٿئي تهڙي طرح گهر جو جهيڙو انسان جو ذهني سڪون چٽ ڪري ٿو. ان کان گهر کان پري رهڻ بهتر آهي. هڪ سب مئرين جهاز تي خلاصين جي يڪي ڇهه مهينا موڪل ٿي ٿي، ته ڇهه مهينا ڊيوٽي، هڪ کان پڇيو ويو ته اها ته سخت تڪليف واري ڊيوٽي ٿي. ان تي سب مئرين وارن کلي چيو: ”نه، اسان ان قسم جي ڊيوٽي پسند ڪيون ٿا جو سڀ خوش گذارين ٿا.“
    • ”اهو وري ڪيئن؟“ ٻئي پڇيو.
    ”اهو هن ريت ته جيڪي خلاصي پنهنجين زالن سان ٺهيل آهن انهن کي ڇهه مهينا خوش گذارڻ لاءِ مليو وڃن ۽ جيڪي ٺهيل نه آهن، کين زال ڏٺي به نٿي وڻي ته انهن جو به ڇهه مهينا گهر کان پري سٺو وقت گذريو وڃي.“)
    • ڪٿي راجا ڀوڄ، ڪٿي گنگو تيلي.
    (ڪنهن غريب جو وڏي ماڻهوءَ سان پاڻ ڀيٽڻ)
    • اٽڪل سان الله، ڪورين ڦاسايو ڪنڊ ۾.
    • ابي جو موت ڏسي، پنهنجو مرڻ تان ارواح کڄي ويو.
    • ستو ته ڪتو، جاڳيو ته جن.
    (ڏنگو ماڻهو)
    • وفاداري وڙ ڪتي جو.
    (ڪتو ۽ گهوڙو انسان جا وفادار دوست چيا وڃن ٿا. ڪنهن ٻار کي اسڪول ۾ وفاداريءَ تي مضمون لکڻ لاءِ چيو ويو. هن لکيو، وفاداري ڪتي جو وڙ آهي. هيءَ خاصيت ڪن ڪن انسانن ۾ ٿئي ٿي پر تمام گهٽ.....)
    • ڦودني ۾ ڦيرو آهي يا وٽ ڪسا آهن.
    • پٿر پرايو سور پنهنجا.
    (پٿر معنى ڪنهن جي قضيئي تي ان جي مائٽ سان وڃي همدردي ڪرڻ. ڪٿي ڪٿي ان کي تڏو به چئجي ٿو. ظاهر آهي ته جنهن جو پٿر هجي. اخلاقي طرح ان کي ياد ڪجي. ان لاءِ دعا ڪجي. پنهنجا سور کڻي نه وهجن. ان جهڙي هڪ ٻي به چوڻي آهي ته: جنهنجو تڏو تنهنجي ڳالهه ڪجي)
    • بيبي دُلي، ڍَڪي ڀلي.
    • ڌوٻي ڌوئي، مالڪ روئي.
    (سنگاپور ۾ هڪ هندو دڪاندار اهو پهاڪو ڏاڍو استعمال ڪندو هو. هو پنهنجي دڪان ۾ ڪجهه اوچيون ڪجهه ٺڙڪ ٺڳيءَ جون شيون وڪڻندو هو. اسان کي رڳو ڪي خاص شيون وٺڻ لاءِ چوندو هو.
    ”موهن! اهو ڀلا ڇو. هي يوناني، جرمن، انگريز جهازي ته توکان هر شيءِ وٺيو وڃن. اسان ڇو نه؟“ هڪ دفعي مون پڇيومانس.
    ”بابا سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو،“ هن راز واري نموني سان ٻڌايو. ”توهان سڀ مون کي سڃاڻو ٿا ۽ جيڪا به شيءِ وٺو ٿا ته گهر لاءِ وٺو ٿا. سڀاڻ ڪا شيءِ خراب نڪتي ته منهنجي گلا ٿي پوندي، ان ڪري آئون توهان کي ٺڳيءَ واريون ۽ نقلي شيون وٺڻ لاءِ نٿو چوان. باقي هي يوناني، انگريز، آمريڪن ڀلي وٺن. هتان وٺندا ٻئي پورٽ ۾ ڪنهن گرل فرينڊ کي ڏيندا. نه هنن جي گرل فرينڊ کي ياد نه کين ته ڪنهن کي ڏنائون ۽ ڪنهن کان ورتائون. ڌوٻي ڌوئي مالڪ روئي وارو حساب آهي هنن سان)
    • وڙهن گهوٽ ڪنوار، مار پوي وڪيلن تي.
    (جيئن چوندا آهن ته وڙهن سان، لتاڙجن ٻوڙا)
    • هاٿيءَ جو بار هميشه هاٿي کڻندو آهي ۽ نه گڏهه يا ن جو ڪو ساٿي.
    • ڪڏهن ڪڏهن سُئيءَ جي پاکي مان اٺ لنگهيو وڃي.
    (ڪڏهن ڪڏهن ته زندگيءَ ۾ ننڍا ڪم به نه ٿيندا آهن، ڪڏهن ته وڏا به ٿيو وڃن. جيتوڻيڪ اها هڪ ناممڪن ڳالهه آهي ته سئيءَ جي ننڍڙي سوراخ مان ڪو اٺ لنگهي سگهي. ان پهاڪي سان گڏ هڪ ٻيو به چيو ويندو آهي: ”سنڍ عورت کي ٻار ٿئي ٿو.“ اها ڳالهه اڄ جي سائنسي دور ۾ البت ممڪن ٿي رهي آهي.
    • جنهن جي هٿ ۾ ڏوئي، بک مري سوئي.
    (ضروري ناهي ته اهو هر وقت بک مري، ڪڏهن ڪڏهن ورهائڻ وارو بکيو مري ته ڪڏهن ڪڏهن ڦاٽي مري، يعني کيس پنهنجي لاءِ ايترو بچي جو کائي کائي پيٽ ڦاٽيس)
    • هڪ رعايت قاضيءَ جي سؤ شهادتن برابر آهي.
    • هڪ شينهن جو شڪار، سؤ لومڙيون ٿيون کائين.
    • دوست اهو جو آئيءَ ويل ڪم اچي.
    (انگريزيءَ ۾ به چوڻي آهي ته: (A Friend in need is a friend
    • indeed
    هڪ شخص پنهنجي ڪنهن شاهوڪار دوست سان گڏ بازار ويو. بازار پهچي هن پنهنجي دوست کي چيو: ”سؤ رپين جو ڪجهه سامان وٺڻو هوم پر ٻٽون گهر وساري آيو آهيان. ڇا تون منهنجي مدد ڪري سگهين ٿو.......؟“
    شاهوڪار دوست جواب ڏنس: ”ڇو نه. دوست اهو جو اوکيءَ ويل ڪم اچي. اچي هي چار آنا وٺ ڪنهن بس ۾ چڙهي گهران وڃي پنهنجو ٻٽون کڻي اچ.)
    • ڌڪ ڌيءُ کي ته سِکي نُنهن.
    (ننهن جي فضول خرچ آهي، سست آهي، بي پرواهه اهي ته کيس سنئون سڌو چوڻ بدران پنهنجي ڌيءَ کي چئجي جيئن هوءَ ٿوري به عقلمند آهي ته هن لاءِ اشارو ڪافي آهي. هونءَ سس کي کپي ته پٽ کي پرڻائڻ کان اڳ سندس ٿيندڙ ننهن کان پٽاٽا ڇلرائي. جيڪڏهن هوءَ ٿلهيون کلون لاهي ته سمجهي وڃجي ته هوءَ تمام فضول خرچ آهي، جيڪڏهن هوءَ پٽاٽن جا خراب ۽ ڪارا داغ ڇڏيندي وڃي ته معنى سست ۽ ڪاهل آهي. جيڪڏهن پٽاٽن کي فقط هڪ دفعو ڇلي ته معنى جلد باز آهي. جيڪڏهن رڌيندي پٽاٽا ساڙي رکي ته معنى بيحد بي پرواهه آهي. اهڙي عورت کي ننهن ناهي، ڌيءُ کي دڙڪا نه ڏجن ته بهتر)
    • هيريءَ سندي هير ٽنگ ڀڳي نه لهي.
    (شل نه ڪا عادت پوي ۽ خاص ڪري خراب عادت نشي پتي يا چوري چڪاريءَ جهڙي ته هڪ دفعو پوڻ بعد وري نڪرڻ ڏکيو ٿيو پوي ۽ نڪرندي نڪرندي به ڪجهه اثر ڇڏيو وڃي. هو ڇا چوندا آهن ته چور چوريءَ کان وڃي ته به هيرا ڦيريءَ کان نه وڃي)
    • بگهڙن جو چڱو مڙس چراخ.
    (خراب ماڻهن جا اڳواڻ يا دوست ساٿي به اهڙا ئي ٿين ٿا. جيئن اڙدوءَ ۾ چوڻي آهي ته چور کا ڀائي جيب ڪترا)
    • اڻندو اها جا ڪوريءَ جي من ۾ هوندي.
    (سٺي يا خراب اڻت، سولو يا ڏکيو چٽ، سنهي يا ٿلهي تند کڻڻ جو مدار ڪوريءَ تي آهي، جيڪو ڪپڙي جو خالق آهي. ائين به چئي سگهجي ٿوته سڀ ڪم رب پاڪ جي هٿ وس آهي. اهوئي ٿئي ٿو جيڪو لکيو آهي، جيڪي پروردگار چاهي ٿو.
    وتائي فقير کي جڏهن چيو ويوته هر ڳالهه الله جي اختيار ۾ آهي ته ٿوري دير سوچي وراڻيائين:
    ”بلڪل صحيح ٿا چئو. پر هڪ ڳالهه امان جي به اختيار ۾ آهي. وڻيس ته ماني پچائي، وڻيس ته چانور.“)
    • اهوئي ڪي ڪجي جو مينهن وسندي ڪم اچي.
    (ڏکئي وقت کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ ڪجهه ڪرڻ کپي)
    • اڻ گهريو ماءُ به پٽ کي ببو نه ٿي ڏئي.
    (جيستائين ٻار روئي نٿو، ٻين لفظن ۾ گُهر نٿو ڪري يا هٿ پير نٿو هڻي، تيسين ماءُ به هن کي ٿڃ نٿي ڏئي)
    وتائي فقير جڏهن ٻڌوته رب رزاق آهي، هو هر هڪ کي رزق ڏئي ٿو ته هو ان کي ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ شهر کان ٻاهر نڪري آيو ۽ هڪ وڏي وڻ تي چڙهي ويهي رهيو. هڪ ڏينهن گذري ويو ڪجهه نه ٿيو. ٻيو ڏينهن به ائين گذري ويو. ٽئين ڏينهن هڪ ڳوٺ کي ٻئي ڳوٺ ويندڙ ڄڃ ان وڻ هيٺان اچي آرامي ٿي. کائڻ لاءِ هنن هڪ ڀت جي ديڳ رڌي. وتائي فقير جو بک ۾ برو حال ٿي چڪو هو. پوءِ جڏهن هنن ويهي کاڌو ته هن جو وات پاڻي ٿيڻ لڳو پر هي اڃان به امتحان وٺڻ جي موڊ ۾ هو. آخر جڏهن هو کائي پي بچيل ڳنڍ ۾ ٻڌي هلڻ وارا هئا ته وتائي دل ۾ چيو ته هاڻ ته بک ۾ مري ويندس. گُهران کڻي نٿو پر سندن ڌيان ته پاڻ ڏي ڇڪايان. سور ٿوري کنگهڪار ڪيائين.
    کنگهڻ جو آواز ٻڌي ڄاڃين مٿي نهاريو ۽ پڇڻ لڳس: ”ابا فقير ڇا پيو ڪرين؟“
    ”ڪجهه به نه.“ وتائي فقير وراڻيو.
    ”ڀت کائيندين..........؟“ ڄاڃين پڇيس.
    ”هائو.“
    ”پوءِ اتي مٿي ڇا پيو ڪرين؟ لهي هيٺ آءُ نه.“ ڄاڃين ڀت جو پاٽوڙو اڳيان ڪندي چيس.
    ڳوٺ پهچڻ تي ڳوٺ جي ماڻهن وتائي کان پڇيو. ”ابا! ڪر خبر رب هر هڪ کي ڏئي ٿو يا نه.........؟“
    وتائي وراڻيو: ”ڏئي ٿو، پر کنگهائي ڏئي ٿو.“
    • اٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت، لاهيءَ کي به لعنت.
    (اٺ تي چڙهڻ يا لهڻ ائين سولو ناهي، جيئن ڪار يا جيپ ۾ وهجي. يا گڏهه يا گهوڙي تي وهجي. جن اٺن تي سواري ڪئي هوندي، انهن کي مٿئين پهاڪي جو احساس هوندو ته اٺ تي چڙهڻ ۽ لهڻ خواري آهي)
    • اڻائي به ويئي تڻائي به ويئي. وري ڪپهه جي ڪپهه.
    (سڄي محنت برباد ٿي وڃڻ)
    • جنهن جي گُنديءَ ۾ داڻا، تنهن جا چريا به سياڻا.
    (جنهن وٽ پئسو آهي، ان جا ڪيترائي عيب ڍڪجيو وڃن)
    • کائڻ ويل گڏ سمهڻ وقت مسيت ۾.
    • کٽيو تو تان گهوريو وڃائج نه مور.
    • وَڇون کير ڏين ته مينهون ڇو ڌارجن.
    • انڌن آندو ٻلن چٽيو.
    (شيءِ جي صحيح طرح نگهباني نه ٿيڻ ڪري، برباد ٿي وڃڻ)
    • جيڏي رات تيڏو سپنو.
    • کڻ کلو ٿيئي ڀلو.
    • جنهن اڀرندي تاءُ نه ڪيو، سو لهندي ڇا ڪندو.
    • وڻجن ٻير کائجن ڊاکون، تن گهرن جون ڪهڙيون ساکون.
    (ڪمائي ٿورو خرچجي گهڻو، ته ڪهڙي ريت پت رهندي)
    • درياهه ڀر تي ڇوڪر ڪڏي، اڄ نه ٻڏي سڀان ٻڏي.
    • نه دشمن کي ڊپ نه سڄڻ کي آسرو.
    (بي ضرر ماڻهو)
    • مالڪ وڃي ٻيڙيءَ چڙهيا، شاهد وڃن گهوتا کائيندا.
    • جي وسي چيٽ ته ان نه ماپي کيٽ.
    • دال روٽي کاڌي ڌن کٽي ته کٽڻ ڏينس.
    (دال کان وڌيڪ ٻي ڇا سستي شيءِ ٿيندي. هڪ ڪنجوس امير ماڻهوءَ کي ان کان وڌيڪ ڪهڙي پڪائي ڪرڻ کپي)
    • ماڻهو سڀ چڱا پر ڪي ڪِن سان، ڪي ڪن سان.
    (جنهن کي توهان خراب سمجهو ٿا، ان جا به ضرور ڪي سڄڻ ساٿي هوندا، جن کي هو وڻندو هوندو، پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته خراب ماڻهوءَ جا دوست به اهڙائي ٿين ٿا)
    • جيئرو ته لک جو، مئو ته ڪک جو.
    (اهو حال آهي هڪ انسان جو ۽ شايد هر پکي پکڻ ۽ جانور جو، سواءِ هاٿيءَ جي. جنهن لاءِ سندس نيشن TUSKS ڪري چيو وڃي ٿو ته: جيئرو ته لک جو مئو ته سوا لک جو)
    • گنجو کنهڻ کان نه رهي.
    (عادت کان مجبور ماڻهو پنهنجي عادت پوري ڪري ٿو. وار ۽ جؤون ختم ٿيڻ بعد به گنجي جو هٿ مٿي ڏي هوندو آهي)
    • جيڪي لکيو آهي سو لوڙهه.
    • هو سوڙ پاند نه ڏين، هيءَ وچ سمهندي.
    (پنهنجو پاڻکي زوريءَ وڻائڻ ۽ ان سان ملندڙ هڪ ٻيو پهاڪو آهي ته:
    • هو ساڻ نه نيندا، هيءَ ڏاند چڙهندي.
    • عمر نيئي نيئي مارئي نيندو، ٿرئون ته ڪونه ٿيلهيندو.
    • ويٺيون نه مڱن، مڱيون نه پرڻجن ته جڳ ڪيئن هلي.
    • هڙ سکڻي لوڏ گهڻي.
    (هڙ ۾ ڪجهه نه باقي آڪڙ وڏي)
    • هنڱ سهانگي ته به ڪا ٻاٽ ۾ گهوربي.
    (هنڱ هڪ اگري ڌپ واري شيءِ ٿئي ٿي. اها پاٽ _ يعني ڏريل ان جي رٻ ۾ ڪيئن ٻرڪبي. گهورڻ معنى ٻرڪڻ)
    • جنهن جو تڏو تنهنجي ڳالهه.
    • ذات ڪانون کي به پياري هوندي آهي.
    (هرهڪ ماڻهوءَ کي پنهنجو وڻي ٿو)
    • پلئه پراڻو نه ٿيندو آهي.
    بدلو ڪڏهن به وٺي سگهجي ٿو. پر ڪنهن کي معاف ڪرڻ ان کان وڏو اجر جو ڪم آهي)
    • ڏٺو پير پني مراد.
    • هنڌ ڏسي ها سي ڪجي.
    (هاسي معنى کل مسخري، هر ڳالهه مهل ۽ موقعي مطابق سونهي ٿي)
    • هٿ سان هاجون ڪري، پيرن سان کڏون کڻي.
    (ٻين لفظن ۾ اندر ۾ هڪڙي، ٻاهر ٻي. منهن ۾ موسى اندر ۾ ابليس وارو حساب)
    • ڪک جي هيٺان لک.
    • ٺوڙهن کي ڦڻوٽا ڇا ڪندا.
    (هر ماڻهو ان شيءِ جي ڳولا ڪري ٿو. جنهن جي هن کي گهرج آهي. ٺوڙهن کي ڦڻيءَ جي ڪهڙي ضرورت. پر جيڪڏهن ڪو ٺوڙهو ڦڻي رکي ٿو ته وڏو بيوقوف آهي يا وري سياڻو جو ڪي ڪي ماڻهو گنجي سان چرچا ڪرڻ لاءِ پڇندا آهن: ”ڀائو توهان وٽ ڦڻي هوندي“)
    • جيئن موتين ۾ هيرو، تيئن راڳن ۾ ڪلياڻ.
    • مورک سڀ ڄمار، سگهڙ ساعت هڪڙي.
    • ٻوڙن سان ڪهڙا سرٻاٽ ڪبا.
    (ظاهر آهي ٻوڙو ماڻهو جيڪو زور سان به نه ٻڌي اهو ڇا سرٻاٽ يعني ڀڻ ڀڻ ٻڌندو)
    • ننگ ۽ وڙ ڇني نه ڇنجن.
    (دوستي ته ختم به ٿي سگهي ٿي پر مائٽي مٽي ڇنڻ سان به نه ڇڄي)
    • من ۽ موتي ڀڳو، سڄو نه ٿيندو
    جي سڄو ٿيندو ته به سنڌو.
    (سنڌو معنى نشان. موتيءَ وانگر انسان جي دل به هڪ دفعو ڀڳي ته وري ٺهڻ ڏکي. پر جي ٺاهه ٿي وڃي ته به اهو پهريون پيار ۽ اعتماد نٿو رهي)
    • گهڻا هر ٻنيءَ کي ڏبا آهن.
    (ڪو ماڻهو ذري ذري اڳ ٻڌي ڪا ڳالهه کوٽڻ جي ڪوشش ڪري ته ان کي مٿيون پهاڪو چئي سگهجي ٿو. ٻنيءَ کي جيترا هر ڏبا اوترو سٺو پر انسان اهو سٺو جيڪو هڪ دفعو چوڻ تي ئي ڪم ڪري)
    • ويلو نه وقت، ليلان چڙهي تخت.
    (ڪي ماڻهو نه وقت ڏسن نه مهل، هر وقت نخرا ڪرڻ ۾ پورا هوندا آهن)
    • تتر ڏيکاري ڀتر ڏيڻ.
    (سٺي شيءِ ڏيکاري خراب ڏيڻ. خاص ڪري ٺڳ دڪاندارن جو اهو وهنوار آهي)
    • گڏهه به ڪڏهن گج پاتو.
    • ڏاهو ڪانگ ٻپيرو ڦاسي.
    (لُچو ماڻهو جڏهن ڦاسندو آهي ته پوءِ چڱيءَ طرح ڦاسندو آهي)
    • پارڻ کان مُڙڻ ڀلو.
    (بدلو پارڻ کان بهتر آهي ته ٻئي کي بخش ڪري ڇڏجي يعني مڙي وڃجي)
    هڪ ٻار پنهنجي پيءُ کان پڇيو: ”بابا جڏهن توهان فيل ٿيا هئا ته ڏاڏا توهان سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو هو؟“
    پيءُ وراڻيو: هن مون کي تمام گهڻي مار ڏني هئي.“
    ٻار: ”۽ ڀلا جڏهن ڏاڏا فيل ٿيو هو تڏهن.........؟“
    پيءُ: ”ته هن جي والد هن جو مٿو ڦاڙي رکيو هو.“
    ٻار: ”آئون به فيل ٿي پيو آهيان. پر توهان جي ٿورو مون سان تعاون ڪريو ۽ ضد تان مڙي وڃو ته هيءَ خانداني ويڙهه ختم ٿي سگهي ٿي.“
    • ڄاڻي وڇونءَ جو منڊ به نه، هٿ وجهي نانگن ۾.
    • (ڄاڻي معمولي ڪم به نه هٿ وجهي وڏن ۾)
    • ڄڀ جي ترڪڻ کان پير جو ترڪڻ چڱو آهي.
    • ڌُڪو کڻجي ڀاءُ لڳ، شاهدي ڏجي الله لڳ.
    • اسين سنڌي به نه سمجهون، هو پارسيون پڇن.
    • چاڪيءَ ڏاند وڃايو، گهمي گهاڻي ڌاري.
    (چاڪيءَ جو ڏاند ٻيو ڀلا وڃي به ڪيڏانهن سگهي ٿو. هن ٻيو گس ڪهڙو ڏٺو آهي. جيڏانهن وڃي. هن جي سڄي عمر گهاڻي جي چوڌاري ئي ڦرڻ ۾ گذري ٿي)
    • ڇتي ڪتي جي دوا ڀتر.
    • مينهن ڍائي هوري هلي، ٻڪري ڍائي ٺينگ ڏئي.
    (انهن ٽرڙن ماڻهن ڏي اشارو آهي جن وٽ ٿورو اچڻ تي به هنن جا حواس خطا ٿي وڃن. سنگاپور ملائيشيا پاسي ڪيترا هندو واپاري پنهنجي اولاد کي سمجهائيندا آهن، ته بابا ڪيڏي به دولت اچي پر دم سان هلو، ٽرڙائي نه ڪريو. ۽ پوءِ کين مثال مينهن جو ڏيندا آهن ته ڍؤ جهلي هڪ مينهن ۽ ٻيو ڀاڀڙو.
    • ملن جي پريت طبق تائين، ڇوڪرن جي پريت سبق تائين.
    (طبق معنى کاڌي جو خومچو. ختمي خيرات لاءِ مجاور ملي کي گهرايو وڃي ٿو ۽ جيستائين ماني آهي هو به موجود آهن، جيئن شاگرد جي دوستي به سبق تائين رهي ٿي)
    • وهندي پير ٻوڙ به چڱيءَ، بيٺل تار به نه چڱي.
    (ٿوري ئي ٿوري ڪمائي هلندي رهي ته سٺي ڳالهه آهي. ڇو جو کاڌي ته کوهه به کٽيو وڃن)
    • هرڻي اڳي نچڻي، ويتر پيس گهنڊڻي.
    (هرڻي ٺينگ ٽپا ڏيندڙ جانور آهي. گهنڊڻي موڳي جانور کي به مستي ڏياري ٿي. هو هرڻي جهڙي جانور کي گهنڊڻي ٻڌڻ سان اهو ويتر گهڻا ٽپ ڏئي ٿو. هي پهاڪو اڪثر انهن ڇوڪرن يا ڇوڪرين لاءِ چيو ويندو آهي جيڪي اڳهين رولاڪ هوندا آهن. مائٽن جي وڌيڪ آزادي ڏيڻ تي هو هيڪاندو گهڻو ڇڙواڳ ٿي پوندا آهن)
    • ياد جنين کي يار، سي ياد هميشه يار کي.
    • نير جو ٽِڪو لهي وڃي، گلا جو ٽِڪو نه لهي.
    • موت ناهي مهڻو، شادي ناهي گار.
    (پهاڪي جو مطلب شايد اهوئي ته هڪ ڏينهن هر انسان کي مرڻو آهي. بهرحال ان تان ياد آيو، ميڊيسن جو پروفيسر يونيورسٽيءَ جي شاگرد کي ليڪچر ڏيئي رهيو هو. ”ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته علاج جو طريقو ايلوپيٿي آهي يا هوميوپيٿي، آريو ويدڪ يا طب يوناني...... هر هڪ جو رستو قبر ڏي وڃي ٿو.“
    وتائي فقير جي به گڏهه چوري ٿي وئي ته هيڏانهن هوڏانهن شهر ۾ ڳولڻ بدران سڌو اچي قبرستان ۾ ويهي رهيو. ڪنهن چيس چور کي ڳولڻ بدران هتي ڇا ويٺو ڪرين؟ وراڻيائين:
    ”چور جو اڳ وٺڻ آيو آهيان. آخر ته هڪ ڏينهن مري هيڏانهن اچڻو اٿس.“
    • جڏهن ڏند هئا ته حلوو نه هو ۽ هاڻ جڏهن حلوو آهي ته ڏند نه آهن.
    • (زندگيءَ جو اهو دستور آهي. ضروري ناهي ته هر وقت سڀ خوشيون ملن. هڪ هٿ ۾ ٻه گدرا نه اچي سگهندا آهن. ان ڪري ته چوندا آهن ته ڪڏهن ڏينهن وڏا ڪڏهن راتيون. اهو پهاڪو پڪ ملائيشيا انڊونيشيا ۽ ٻين خط استوائي ملڪن جي ماڻهن نه ٺاهيو هوندو، جتي جا ڏينهن ۽ راتيون هڪ جيڏيون ٿين ٿيون. چوندا آهن، ته انسان کي زندگي شڪر ۽ صبر ۾ گذارڻ کپي ۽ نه ان روسي عورت وانگر ڪنجهندي ته ”جڏهن نُنهن هيس ته سَسُ سٺي نه مليم ۽ جڏهن سَسُ ٿي آهيان ته نُنهن سٺي نه ملي اٿم.“ ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ سندس ئي ڏوهه هجي. جيئن هڪ ٻيو روسي پهاڪو آهي ته ”هر ماڻهوءَ کي پنهنجي لکڻي ۽ پرائي زال وڻندي آهي.“
    • هونءَ روسي پهاڪا به دلچسپ ٿين ٿا. آئون گهڻو وقت روس ۾ نه رهيو آهيان. ڪنهن زماني ۾ اوڊيسا ۾ رهي چڪو آهيان. هينئر تازو سئيڊن ۾ ٻه سال رهڻ دوران ڪيترائي آذربائيجان، آرمينيا ۽ بيلاروس جا همراهه مونسان گڏ رهيا هئا. کانئن ٻڌل ڪجهه روسي پهاڪا هن ريت آهن:
    • محنت جي ڪمائي اٺ جي پڇ جهڙي ٿئي ٿي. ڪڏهن نٿي وڌي.
    • انڌن جي شهر ۾ اکيون بند رکڻ گهرجن.
    • ڪجهه ماڻهو ان غلط فهميءَ ۾ مبتلا آهن ته دوزخ ۾ به رشوت هلي ويندي.
    • بيضا ڏيڻ واري ڪڪڙ کي رڙيون ڪرڻ جو حق آهي.
    • سمهي جيئڻ کان بيهي مرڻ بهتر آهي.
    • خچرن جي ولديت فقط پوليس ئي معلوم ڪري سگهي ٿي.
    • ڪنهن ٻليءَ جي دماغ ۾ اها غلط فهمي کڻي وڌي ته هنجو ڪاڪوس اڪسير آهي.
    • خوبصورت وارن واري ڇوڪري ٻن ڇوڪرين برابر ٿئي ٿي.
    • مهمان ٻئي مهمان سان ۽ ميزبان ٻنهي سان نفرت ڪري ٿو.
    • ڌراڙ کي انهن رڍن جو افسوس آهي، جيڪي هليون ويون ۽ بگهڙ کي انهن رڍن جو جيڪي بچي ويون.
    • بي سواد کيرڻي سهڻي چمچي سان کائڻ کپي.
    • ٻليون جي هٿن ۾ جوراب پائين ته ڪوئا ڪيئن جهلين.
    • ميڻ بتيون مهنگيون ٿيڻ جو انڌن کي ڪهڙو ملال.
    • گهوڙي جي اڳيان ۽ ڪتي جي پٺيان لنگهڻ کپي.
    • گڏهه کي شاديءَ ۾ شامل ٿيڻ جو دعوت نامون مليو ته هو سمجهي ويو ته هن کي ڄاڃين لاءِ پاڻي ڍوئڻو پوندو.
    • ڀريل پيٽ ڪڏهن به ڪجهه نه سکندو.
    • ڪجهه ماڻهو بگهڙ جي گهر ماني کائڻ بعد ٻڪرار جي گهر افسوس ڪرڻ وڃن ٿا.
    • قانون اميرن جي لاءِ ٿئي ٿو ۽ سزا غريبن لاءِ.
    • ڳرو پٿر کڻڻ وارو ڪنهن کي به هڻڻ نه چاهيندو. وغيره وغيره.
    • وات اڌ حڪيم آهي.
    (ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر جي دوا کان وڌيڪ سندس وات سان ڏنل تسليءَ مان مريض کي سڪون ملي ٿو. ان پهاڪي جو مطلب اهو به آهي ته وات تي ضابطو رکجي يعني پرهيز ڪجي)
    • انڌن وڃي ملتان لڌو.
    (ڪوشش سان هر شيءِ ملي سگهي ٿي. رستو پڇائيندا پڇائيندا انڌا وڃي ملتان کان پهتا هوندا يا ته ڪنهن هنن کي هڪ واريءَ صحيح ٽرين ۾ چاڙهيو هوندو ته انهن ئي ڏينهن وڃي ملتان کان نڪتا هوندا. بشر طيڪه اندر جا حواس سجاڳ رکيا هجن.
    هڪ شرابي نشي جي حالت ۾ ڪيترائي دفعا غلط ريل گاڏين ۾ ويٺو ۽ هر دفعي هن کي اها ٽرين مٽائڻي پئي ٿي. آخرڪار هڪ شخص هن کي ضرورت واري ٽرين ۾ چاڙهيو. ڀرسان ويٺل هڪ مولويءَ جڏهن شرابيءَ جي اها حالت ڏٺي ته ڪاوڙجي چيو، ”ڇا توکي خبر آهي ته جنهن رستي تي تون سفر ڪري رهيو آهين اهو وڏو خطرناڪ آهي جنهن جي ڪا منزل ناهي.“
    شرابي اهو ٻڌي منجهي پيو ۽ چيو:
    ”آئون شايد وري ڪنهن غلط ٽرين ۾ ويهي رهيو آهيان.“
    • ويئي سڱن ڪاڻ ڪن به ڪپائي آئي.
    • جيترو ڀؤ اوترو ڌؤ.
    • جيترو قائدو اوترو فائدو.
    (ٻيو ڪو چوي يا نه پر سنگاپور جو لي ڪئان يو سڄي زندگي پنهنجي قوم کي اهو سبق ڏيندو رهيو ته ڊسپلينڊ زندگي سٺو آهي. جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جا قاعدا قانون ٺاهي، ان تي عمل ڪرڻ سان انسان سکي زندگي گذاري ٿو. اڄ سنگاپور ۾ تمام گهڻا قاعدا قانون آهن. رستي تي ٿڪ اڇلائڻ تي به سخت ڏنڊ آهي. زور سان ريڊيو وڄائي پاڙي واري کي ڊسٽرپ ڪرڻ تي به سزا آهي ۽ ٻيا ڪيترائي سخت قانون آهن. پر اڄ اهو سنگاپور سڀ ۾ سهڻو، پُر سڪون ۽ ماڊرن سمجهيو وڃي ٿو)
    • دم دال جو آڪڙ پُلاءُ جي.
    • سڌيءَ آڱر سان مکڻ نه نڪري.
    (مقصد کي ماڻڻ لاءِ محنت ضروري آهي پوءِ ڪڏهن ڪڏهن نموني بازي ڪرڻ به ضروري ٿيو پوي. هڪ همراهه پنهنجي نوڪرياڻيءَ کي گهر مان ڪڍڻ چاهيو ٿي. نوڪرياڻيءَ به ڪم نٿي ڪرڻ چاهيو پر جيئن ته هن جو پگهار اڃان رهيل هو سو هوءَ بيماريءَ جو بهانو ڪري سمهي رهي، ڄڻ دورو پيو هجيس.
    • مالڪ پنهنجي فئملي ڊاڪٽر کي سڏايو، جنهن جي تپاس وقت نوڪرياڻيءَ ڪن ۾ چيس: ”ڊاڪٽر صاحب آئون بيمار نه آهيان. گهر جي مالڪ مونکي ڇهن مهينن کان پگهار نه ڏنو آهي ان ڪري مون بيماريءَ جو مڪر ڪيو آهي. جيسين پگهار نه ڏيندو تيسين هتان نه ٽرنديس.“
    ڊاڪٽر اهو ٻڌي ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چيو: ”ٿورو سِرُ ته آئون به اتي ئي سمهان.“
    ”پر ڇو؟! نوڪرياڻيءَ گهٻرائجي پڇيس.
    ”ٻن سالن کان مونکي به فيون نه ڏنيون اٿس.“ ڊاڪٽر چيو.
    • رت ڪٽورو ڏجي، تڏهن ڀت ڪٽورو ملي.
    • رڪ جا چڻا آنڊا چيرين.
    • رت ڏسي رمي هڻجي.
    (ڪجهه هجي ته محنت به ڪجي. جيئن انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته خالي کوهه ۾ ڏول وجهڻ مان ڇا فائدو)
    • جهڙيون سٺ تهڙيون ٽي ويهيون.
    (سٺ ۽ ٽن ويهين ۾ ڪوبه فرق ناهي. ڇو جو ٽي دفعا ويهه به سٺ ٿيا)
    • کٿي ڏاڙهي هٿ نه اچي.
    • مئا آهن، جيئرن جي وس.
    • منهن ڪونئري ڳلا پٽائي.
    • غريب گڏهه ٿيندو آهي.
    (گڏهه کان وڌيڪ ٻيو ڪير غريب ٿي سگهي ٿو. گڏهه اڄ بک ۾ مالڪ جا موچڙا کائي بار ڍوئڻ بعد به صبر ۾ رهي ٿو.
    هڪ ماڻهوءَ اخبار ۾ اشتهار شايع ڪرايو: ”مونکي پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي جيون ساٿيءَ جي ضرورت آهي جنهن جو پڻ بنياد نج هجي، جيڪو وفاداري، سٺي طبيعت، شرافت ۽ خذمتگاريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هجي. سهڻو هجڻ ضروري ناهي، پر سخت محنت کان نه گهٻرائي. جيڪو حڪم ڏيان ان کان انڪار نه ڪري ۽ رُکي سڪي کائي خدا جو شڪر ڪري. ذات پات، نسل، فرقي جو ڪو قيد ناهي.“
    ٻئي ڏينهن هن جي دروازي تي هڪ گڏهه اچي بيٺو. هن جي ڳچيءَ ۾ هڪ ڪاعذ لڏي رهيو هو. جنهن تي لکيل هو: ”توهان جو اشتهار پڙهي توهان جي خذمت ۾ اچي حاضر ٿيو آهيان.“
    • منهن ڏسي تِلڪ ڏجي.
    • مئي کي مارڻ سورهيه جي گلا.
    (مري ويل کي مارڻ ڪنهن به پهلوان جو ڪم ناهي)
    • ماريءَ جي گهرهڏن جو ڍير.
    (ماري معنى شڪاري جيڪو پکي يا جانور ماري، ان جي گهر هڏن جو ئي ڍير هوندو)
    • اپڻي گهوٽ تو نشا هووئي.
    (موالين جو قول آهي، ته پيئڻ واري کي خود به ڀنگ گهوٽڻ ۾ حصو وٺڻ کپي. ان جو نشو وڌيڪ ٿئي ٿو. هونءَ به پنهنجي هٿ سان جيڪو ڪم ڪجي ٿو اهو بهتر ٿئي ٿو يا گهٽ ۾ گهٽ بهتر لڳي ٿو. پر ان جو مطلب اهو به نه آهي ته پراوا ڪم به ڪندا رهجن.
    ٻه ساهيڙيون ڪيترن سالن بعد پاڻ ۾ مليون ته يڪدم مڙسن جون گلائون شروع ڪري ڏنائون.
    هڪ چيو: ”منهنجي شاديءَ کي ڏهه سال ٿي ويا آهن پر منهنجو مڙس مانيءَ جي هر ويلي تي کاڌي مان اوڻايون ڪڍي ٿو.“
    ٻيءَ چيو: ”اها ته عجيب مصيبت ٿي ان سان ته توکي سخت مونجهارو ٿيندو هوندو.“
    پهرينءَ جواب ڏنو. ”مونکي مونجهارو ڇو ٿيندو؟ جيڪڏهن هن کي پنهنجي هٿن جو رڌل کاڌو نٿو وڻي ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه.“)
    • هڪ ڏينهن عيد، ٻئي ڏينهن گيد، ٽئين ڏينهن ساڳي ماني ساڳ سان.
    • کَرُ ماڻهو وڻ ٻاٻرو، ٻنهين ڏينهن کٽن.
    (کَرُ ماڻهو معنى لچ ماڻهو، وڻ ٻاٻرو معنى ٻٻر جووڻ جنهن مان ڪنڊا لڳن. سي نه ئي هجن ته سٺو)
    • چرين ڪهڙا چت مئن ڪهڙا معاملا.
    • شل نه ڪنهن ڪميڻي ۾ ڪم پوي.
    (اهڙو ماڻهو وڏي دل ڪري مدد ڪرڻ بدران رلائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو آهي يا سڄي ڏيهه ۾ خوار ڪندو وتندو ته فلاڻي جي مون مدد ڪئي، نه ته ڪٿي جو نه رهي ها. ساڳي چوڻي گدڙ لاءِ به ڏني ويندي آهي ته گدڙ جي گونهه جي ضرورت پوندي آهي ته هو جبل جي چوٽيءَ تي وڃي هنگندو آهي)
    • گهگهيرو گهوڙو ۽ پيٽيرو ماڻهو مهل ۾ ڪم نه اچن.
    • (گهگهيرو گهوڙو معنى جيڪو هلندي هلندي بيهي رهي، اِٽون هڻي. پيٽيرو ماڻهو معنى رڳو پيٽ تي ڪمائڻ وارو نوڪر)
    • چريءَ کي چوڙو، ڪڏهن ٽنگ ۾ ڪڏهن ٻانهن ۾.
    • مادي ڪڪڙ به ڪڏهن ٻانگ ڏني.
    • ميهار نڪتو مينهن مان، وڇن ڪهڙي پارت.
    • چڱا سي جن جا پويان چڱا.
    • ملڪ ۾ ڏيڍ کجور ميان ليٽي باغ ۾.
    (مِلڪ ۾ ڏيڍ کجور معنى ملڪيت ۾ فقط هڪ ٻه کجيءَ جو وڻ، ان کي باغ سمجهي کٽ وڇائي سمهڻ)
    • ميون ڳور لائق، بيبي سيڄ لائق.
    (ميون ڳور لائق معنى مڙس پوڙهو قبر ۾ وجهڻ جهڙو، زال جوان جاڻ)
    • گڏهه کي به ڪڏهن گابو ڄائو آهي.
    (جيڪو جنهن نسل جو هوندو انکي اولاد به ان نسل جو ئي ٿيندو)
    • بي حيائي بادشاهي.
    • هجتي لعنتي.
    (گهڻي هجت رکڻ سان ماڻهو بدتميز ٿيو وڃي ۽ ٿڪ بُجي، گار گند تي لهيو اچي. انگريزيءَ ۾ به ان قسم جي چوڻي آهي: Familiarity breeds contempt: سڌريل قومن جا ماڻهو دوستيءَ ۾ پنهنجائپ کي هڪ حد کان وڌڻ ٽپڻ نه ڏيندا آهن، ڇو جو پوءِ گهڻي فري ٿيڻ سان هڪ ٻئي جي دل آزاري ٿي سگهي ٿي)
    • پنهنجي ڪئي جو ويڄ نه طبيب.
    • دل کوٽي عذر گهڻا.
    (ڪنهن ڪم يا پورهئي لاءِ دل نه چوڻ تي بهانا ٺاهڻ. جيئن چوندا آهن ته نچڻ نه اچي چوي ڀون سوڙهي. انگريزيءَ ۾ پڻ هڪ چوڻي آهي ته: (Where there is a will there are ways.
    • اوڻٽيهه راتيون چور جون ٽيهين رات ساڌ جي.
    (غلط ڪم ۾ ڪو به نٿو ڦٻجي. برائيءَ جو انجام برائي ئي آهي)
    • گهر جي کَنڊ ڪِر ڪِر ڪري، چوريءَ جو ڳڙ مٺو مٺو.
    • چيچ ڪپائي شهيدن ۾ داخل ٿيڻ.
    (ٿوري محنت ڪري پاڻ کي وڏين ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ)
    • مٺو مٺو هڙپ هڙپ، ڪَوڙو ڪَوڙو ٿُو ٿُو.
    (آسان ڪم اختيار ڪرڻ، ڏکئي ڪم کان پاسو ڪرڻ)
    • گهر جي دال ڀلي توڙي ٻاهر ملي پلو.
    • اهڙي خراب گهٽيءَ ۾ ئي ڇو وڃجي جو ڪتو کائي.
    (اهڙي ڪِني صحبت ئي ڇو اختيار ڪجي جو بدنامي ٿئي)
    • نالي چڙهيو چور ڦاسيءَ چڙهي.
    • نالي چڙهيو واپاري کٽيو کائي.
    • ماءُ سارنگي پيءُ طنبور، ائين پيو نچي جيئن لنڪا جو لنگور.
    • نانگ ويو نڪري ليڪو پيو ڪٽجي.
    • جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا.
    • لوڪ پسند پائجي، دل پسند کائجي.
    (چوندا آهن ته ڪپڙا اهي پائجن، جيڪي ماڻهن کي پسند اچن ۽ کاڌو اهو کائجي جيڪو دل کي وڻي. پر اهڙو به ڪو ضروري ناهي. ٻئي ڳالهيون دل پسند به ڪري سگهجن ٿيون. هڪ ڪراڙو سِک ٻير جي وڻ تي فقط ڪڇو پائي، ٻير کائي رهيو هو. ڪنهن پڇيس سردار جي ڇا پيو ڪرين. وراڻيائين: ”رٽائرڊ ٿيڻ بعد هاڻ فقط ٻه شوق وڃي بچيا آهن. اوچو پهرڻ ۽ اوچو کائڻ.“)
    • مرد مري مانَ لاءِ. نامراد مري نان لاءِ.
    • گهر واريءَ جو هڪڙو گهر، بي گهريءَ جا سَوَ گهر.
    • لِڏ ۾ لعل لڪا پيا آهن.
    • مڪر چڪر جي ڪهاڻي، اڌ کير ته اڌ پاڻي.
    • مارجن ته مير، چاڪر ڇا چچلائجن.
    • نه پاروتو بچي، نه ڪتو ئي در تي اچي.
    (جيئن ٿائي زبان ۾ هڪ پهاڪو آهي ته ”ڪتن کي به خبر پوي ٿي ته گهٽيءَ ۾ ڪهڙا گهر غريبن جا آهن.“)
    ٿائي زبان ۾ به ڪيترائي دلچسپ پهاڪا ۽ چوڻيون آهن، جيڪي بئنڪاڪ ۾ ٿورا ڏينهن رهڻ وارو به مختلف دڪاندارن ۾ ٻاون ٻانڀڻن کان ٻڌي ٿو. ڪجهه ڪجهه، هن وقت مونکي به ياد آهن.
    • وارن سان ضرور پيار ڪريو، پر نه جُوئن سان.
    • ننڍي سوراخ واري سئيءَ ۾ خيال سان ڌاڳو وجهو.
    • سج کي ڪهڙي ضرورت کڙکٻيتي سان ريس ڪرڻ جي.
    • جيڪو وڻ ڇانوَ ڏئي، ان جي آسپاس وارو پٽ صاف رکجي.
    استادن جي منهن تي ساراهه ڪجي، پورهيتن جي ڪم پورو ڪرڻ بعد ۽ دوستن جي پرپٺ.
    • پئسو آهي ته پير آهي، جيئن انگريزيءَ ۾ آهي ته: No money no honey
    • ڇوڪريءَ کي چڱي طرح سڃاڻڻ لاءِ سندس ڏاڏيءَ جو جائزو وٺجي.
    اڏامندڙ پکين جون قطارون پٺيان ڪوبه نشان نٿيون ڇڏين.
    • بئنڪاڪ ۾ توهان پٿر اڇلايو ته اهو ڪنهن ڪتي کي وڃي لڳندو، يا
    بکشو ٻائي کي يا بادشاهي گهراڻي جي ڪنهن ماڻهوءَ کي.
    • پنهنجي دوست جي لڇڻن جي تعريف ڪري سگهو ٿا، پر ڌارئين ماڻهوءَ جي فقط ڪپڙن جي واکاڻ ڪري سگهجي ٿي.
    • گنجو ماڻهو ئي ڦڻي لڀي ٿو.
    • هڪ اک بهتر آهي ڏهن زبانن کان، ۽ هڪ هٿ بهتر آهي ڏهن اکين کان.
    • سُتي جيڪو آسمان ڏي ٿڪون اڇلائي ٿو ان کي واپس منهن ۾ لڳن ٿيون.
    • بيماري جبل جيان اچي ٿي، ماڪوڙيءَ جيان ڇڏي ٿي.
    (يعني آهستي آهستي، ٿوري ٿوري ٿي جان ڇڏي ٿي)
    • ڪنڊي کي ڪنڊو ئي ڪڍي ٿو.
    • نانيءَ اڳيان هميشه ناناڻا ساراهجن.
    • بگهڙ کائي ته به وات ڳاڙهو، نه کائي ته به وات ڳاڙهو.
    • سمجهه سمجهه ۾ فرق ٿئي ٿو.
    (ڄم _ روڪ کاتي وارن ڳوٺ ۾ ٻه پوسٽر لڳايا. هڪ پوسٽر ۾ هڪ گدلو گهر ڏيکاريل هو جنهن ۾ ڊزن کن ٻار ڦاٽل پراڻن ڪپڙن ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ اڳيان ٺينگ ٽپا ڏئي رهيا هئا. ٻئي پوسٽر ۾ هڪ صاف سٿرو گهر ڏيکاريل هو. جنهن ۾ زال مڙس پنهنجن ٻن ٻارن سان گڏ ماني کائي رهيا هئا.
    پر پوءِ خبر پئي ته ڳوٺ جون زالون جڏهن به هنن پوسٽرن وٽان لنگهيون ٿي ته ٻئي نمبر پوسٽر کي ڏسي افسوس مان ٿڌو ساهه کڻي چيو ٿي:
    ”ابوه! ويچارن کي فقط ٻه ٻار آهن!“
    • وار ڪترڻ سان مڙدو ڪو هلڪو نه ٿيندو.
    • چار ڏينهن چاهه جا، پوءِ وٽ پاسا واهه جا.
    • واڻيو ڳڙ کائيندو آهي ته لڪي کائيندو آهي.
    • ڏيهه کي ٻڌائڻ ڏيرياڻيءَ کان لڪائڻ.
    • اهڙي هجي ها ته ڌڻي به نه ڌڪينس ها.
    • دوستي ڪرڻ سولي، نباهڻ ڏکي.
    (پر ڪي ڪي ماڻهو ته ڇا پر جانور به دوستي نباهي ڄاڻن. ڪتو ۽ گهوڙو پڻ انهن جانورن مان آهن، پر هڪ اهڙي وفادار گهوڙي جو مالڪ هن مان خوش نه هو. ڳالهه هيءَ ٿي ته هو سواري دوران گهوڙي تان ڪري پيو. ”ڪرڻ سان منهنجي ٽنگ ڀڄي پئي. هاڻ جهنگل ۾ منهنجي ڪير مدد ڪري.“ هن ٻڌايو.
    ”پوءِ ڇا ٿيو. گهوڙو اتي بيٺو رهيو يا اهو به توکي ڇڏي هليو ويو.“ دوست پڇيو.
    گهوڙي تي چڙ ڪندي چيائين: ”اهو مونکي وات ۾ جهلي ڊاڪٽر وٽ وٺي آيو.“
    ”ته پوءِ تنهنجو گهوڙو بيحد وفادار ۽ عقلمندچئبو.“ دوست چيس.
    ”ها. پر ايترو به نه. هو نادان مونکي جانورن جي ڊاڪٽر وٽ وٺي آيو.“
    • گهاگهر ۾ ساگر سمائڻ.
    (گهگهيءَ ۾ سمنڊ وجهڻ جيتوڻيڪ ناممڪن ڳالهه آهي، پر ڪنهن وڏي رام ڪٿا کي مختصر ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي. جيئن اڙدوءَ ۾ چوڻي آهي ته ڪوزي مين درياهه بند ڪرنا)
    • دنيا آهي چئن ڏينهن جو چٽڪو، ۽ حياتي آهي موت جو لقمو.
    • ٻه ٺڪر جا ٺولهڙا ٽين تڏي.
    (تمام گهٽ سامان، تمام گهٽ مونجهارو)
    • ڪڏهن ڀريءَ ۾ ڪڏهن ڀاڪر ۾.
    (ڪڏهن ڏک ۾ ڪڏهن سک ۾)
    • جيڪو لکيو آهي سوئي لوڙهبو.
    • زور اڳيان زاري سهي.
    • ڪوٽ ٺهيا به مڙسن لاءِ آهن ته ڪيرائيندا به مڙس.
    • ڇُري گدري تي ڪري يا گدرو ڇُريءَ تي، هر صورت ۾ نقصان گدري کي.
    (گدري ۾ ڇري ڦاٿل ڏسي چئي سگهجي ته ڪير ڪنهن تي ڪريو. هڪ تمام ٿلهي زال کٽ تي ستي پئي هئي ته اوچتو زلزلو اچي ويو ۽ وڃي پٽ تي ڦهڪو ڪيائين. مڙس به ڀرسان ستل هو تنهنجي اک کلي پئي ۽ يڪدم پڇيائين:
    ”بيگم زلزلو اچڻ تي تون ڪري آهين يا تنهنجي ڪرڻ سان زلزلو آيو آهي؟“)
    • شينهن مري ته به ڊڀ نه چري.
    (شينهن گوشت کائڻ وارو جانور آهي هو ڪڏهن به ٻڪري، رڍ، سهي وانگر گاهه نه کائيندو آهي. يعني هو مرندي مري ويندو آهي پر پنهنجو اعلى ”معيار“ قائم رکندو آهي. پر هو ڇا چوندا آهن ته ”بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري.“ يقين ڪريو ڪراچيءَ جي چڙيا گهر (Zoo) ۾ بکايل شينهن ۽ لومڙن کي پاروٿي ڊبل روٽيءَ جا ڪَنا کائيندي ڏٺو ويو آهي)
    • جهڙي ڀِت تهڙو چِٽ.
    (سٺي ڀت تي ئي سٺو چٽ ٺاهڻ تي دل وري ٿي)
    • ڦَرَ کان اڳ ڄر نه ڪڍجي.
    • اُٺ جي وات ۾ لوڻ وجهه ته به رڙي، کنڊ وجهه ته به رڙي.
    • ٻلي کائيندي ڪانه ساري، هنگندي ساري.
    • ڀائر ڪوٽ جا ڪنگرا، پُٽَ گهر جي سونهن.
    • ڳل لڳڻيءَ کان وڃجي پر منهن لڳڻيءَ کان نه وڃجي.
    • ننگ جون پاڙون دوزخ ۾.
    • ادي چاڙهي، ابي چاڙهي، مون نه چاڙهي ته ڪنهن به نه چاڙهي.
    • ٻيڙيءَ چاڙهي ڦرهو لاهڻ.
    • (ٻئي کي لالچ ڏئي، موت جي حوالي ڪرڻ)
    • فقيرن پويان ڪئين ڪتا پيا ڀؤڪندا.
    • نيم حڪيم خطره جان.
    (اڻ پورو حڪيم جان جي لاءِ خطرو آهي. ڇو جو هن کي مرض جي چڱي طرح ڄاڻ نٿي ٿئي. پر ضروري ناهي ته رڳو نيم حڪيم مرض جي سڃاڻپ نه ڪري سگهي. ڪڏهن ڪڏهن ته وڏا وڏا حڪيم ۽ سرجن به غلطيون ڪري سگهن ٿا)
    هڏين جا ٻه ماهر (آرٿوپيڊڪ سرجن) واندڪائيءَ واري وقت ۾ اسپتال جي ٻاهران بيٺا هئا ته پري کان هڪ همراهه منڊ ڪائيندو نظر آيو.
    ”منهنجي خيال ۾ ته هنجي گوڏي جي هڏي ڀڄي پئي آهي.“ هڪ سرجن پئي کي چيو.
    ۽ ٻئي سگار جو ڊگهو ڪش هڻي وڏي عالماڻي انداز ۾ چيو: ”نه. منهنجي خيال ۾ ته هن جي مرئي جي هڏي ڀڄي پئي آهي.“
    جڏهن هو همراهه هنن جي ويجهو پهتو ته ڊاڪٽرن پڇيس ته تنهنجي گوڏي جي هڏي ڀڄي پئي آهي يا مرئي جي؟
    همراهه هنن جي ان ڳالهه تي پهرين کليو ۽ پوءِ جواب ڏنو:
    ”سائين منهنجا! منهنجي ته رڳو چمپل ڇڄي پئي آهي. جنهن کي موچيءَ کان ڳنڍرائڻ پيو وڃان.“
    • اهي ٻيلائي ٻيا، جن ۾ ڪاٺيون ڪم جون.
    • وڇ هميشه ڪلي آهر ڪڏندي آهي.
    (هرڪو ماڻهو پنهنجي حيثيت سارو هلي ٿو)
    • جڏهن ڪَن پرايا ٿيا ته واليون به پرايون ٿيون.
    • ڪني آڱر وڍي ڀلي.
    (خراب شيءِ توڙي کڻي پنهنجي هجي ان مان جان آزاد ڪرائڻ سٺو)
    • کريل ٻار ٽڪاڻي حوالي چڱو.
    • گهڻين زالين گهر نه هلي، گهڻين مردين هَرُ نه هلي.
    • نخرو به عمر سارو ٺهي ٿو.
    (لنڊن جي ڪنهن دڪان ۾ هڪ پوڙهي انگريزياڻي دڪاندار کان رڳو پڇ پڇ ڪري رهي هئي. دڪاندار منجهائس سخت بيزار ٿي رهيو هو، پر هيءَ نوان نوان نخرا ڪري رهي هئي. آخرڪار کيس لومڙيءَ جو ڪوٽ وڻيو ۽ دڪاندار سُکَ جو ساهه کنيو. پئسا ڏيئي هاڻ هلڻ واري هئي ته وري ڪا ڳالهه ياد آيس ۽ دڪاندار کان پڇيائين.
    ”ڀلا هي ڪوٽ مينهن ۾ پُسي خراب ته نه ٿي ويندو؟“
    دڪاندار جيڪو پهرين ئي هن مان تنگ اچي چڪو هو تنهن بيزاريءَ مان چيس.
    ”مئڊم توهان ڪڏهن لومڙيءَ کي برسات ۾ ڇٽي کڻي ويندو ڏٺو آهي؟“)
    • ڪتا ڀؤڪندا رهندا، فقير رمندو رهندو.
    • بخش بيبي ٻلي، ڪئو لُنڊو ئي ڀلو.
    • هاٿيءَ جا ڏند کائڻ جا هڪڙا ڏيکارڻ جا ٻيا.
    • جنهن کيت کانڀاڻي ڇڏي، تنهنجو ريج پاڻي سان ڇا.
    • کير واري ڳئون جون هرڪو لتون به سهندو.
    (ڪم واري ماڻهوءَ جا نخرا به سهڻا پون ٿا)
    • ڪتو ڪتي کي نه سهي، فقير فقير کي نه سهي.
    • جيسوءَ کي تيسو.
    (ڪنهن ڏنگيءَ ماڻهوءَ کي اهڙوئي ڏنگو ملي وڃي ته ان لاءِ مٿيون پهاڪو استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن حاضر جواب لاءِ به چئي سگهجي ٿو. دنيا ۾ ڪيترائي حاظر جوابي مشهور آهن. خليفو هارون رشيد به انهن مان هڪ هو.
    هڪ دفعي خليفي هارون رشيد کان ڪنهن پڇيو: توهان ڪڏهن ڪنهن جي ڳالهه ٻڌي دنگ رهجي ويا؟“
    پاڻ وراڻيائون: ”هائو ٽي دفعا ائين ٿيو جو آئون به لاجواب ٿي ويس. هڪ دفعي هڪ عورت جو پٽ مري ويو ۽ هوءَ روئڻ لڳي. مون هن کي چيو ته تون مونکي پنهنجو پٽ سمجهه ۽ نه روءِ. هن جواب ڏنو ته آئون اُن پٽ لاءِ ڇو نه روئان جنهنجي بدلي ۾ وقت جو خليفو منهنجو پٽ ٿيو آهي.
    ٻي دفعي مصر ۾ ڪنهن ماڻهوءَ موسى ٿيڻ جي دعوى ڪئي. مون هن کي سڏائي چيو ته موسى وٽ الله جا ڏنل ڪيترائي معجزا هئا. جيڪڏهن تون موسى آهين ته ڪو ڪرشمو ڏيکار. هن جواب ڏنو ته موسى ته ان وقت معجزو ڏيکاريو هو جڏهن فرعون خدائيءَ جي دعوى ڪئي هئي. تون به اها دعوى ڪر ته آئون معجزو ڏيکاريائين.
    ٽئي دفعي ماڻهو گورنر جي غفلت ۽ ڪاهليءَ جي دانهن کڻي آيا. مون چيو مانس ته اهو شخص ته تمام گهڻو شريف ۽ ايماندار آهي. هنن جواب ڏنو ته پوءِ پنهنجي جاءِ تي هن کي کڻي خليفي طور وهار ته هن جو فائدو سڀني کي ٿئي)
    • گپ جو ڪِلو هميشه ڍروئي رهندو آهي.
    • گدرو گدري کي ڏسي رنگ بدلائيندو آهي.
    • ڪتو ڪڙم جي ويري.
    • جتي بيٺو اتي ڇٽو.
    • ڪتي کي موت کڻندو آهي ته مسجد جي در ڏي ڀڄندو آهي.
    • گونگي جو اشارو گونگو ئي سمجهي.
    • ٿورا لاهي نه سگهجن ته ڳائجن ضرور.
    (انسان ڪنهن جو وڙ نه وڃائي، ڪو مهرباني ڪري ٿو ته ان جو ٿورائتو ضرور ٿجي، پوءِ چاهي کڻي اهو مائٽ مٽ هجي يا ڌاريون. پر ڪي ماڻهو چاهيندا آهن ته سندن ٿورا لاهيان ته ڇا پر ڳائيا به نه وڃن.
    هڪ عرب نوجوان ٽي سال لنڊن ۾ ڪنهن انگريز استاد وٽ انگريزي سکڻ بعد پنهنجي وطن موٽي رهيو هو. استاد سان موڪلائڻ وقت غلط سلط انگريزيءَ ۾ هن جو شڪريو ادا ڪندي چيو:
    ”استاد محترم! توهان جنهن محنت ۽ ڌيان سان مونکي انگريزي پڙهائي آهي ان جو آئون شڪر گذار آهيان. مهرباني ڪري ٻڌايو ته توهان جا هي ٿورا آئون ڪيئن لاهيان؟“
    استاد چيس: ”تون هڪ طرح سان لاهي سگهين ٿو.“
    ”ڪيئن؟ حڪم ڪريو.“ فرمانبردار شاگرد کانئس ادب سان پڇيو.
    استاد چيو: ”جڏهن تون وطن پهچين ته مهرباني ڪري ڪنهن کي به اهو نه ٻڌائجانءِ ته توکي انگريزي مون پڙهائي آهي.“)
    • ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
    • ڪوئلن جي دلاليءَ ۾ هٿ به ڪارا ته منهن به ڪارو.
    (دنيا ۾ ڪي ڪي ڪم، واپار توڙي نوڪريون اهڙيون ٿين ٿيون جن کان پاسو ڪجي ته بهتر جو انهن ۾ ماڻهو نه دين جو رهي ٿو نه دنيا جو)
    • گهاڻي جو ڏاند ۽ ڪاسائيءَ جو ڪتو جتي بيٺو اتي ڇٽو.
    • ڳڙ هميشه مٺو ئي مٺو. ليمون هميشه کٽو ئي کٽو.
    • پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي.
    • شادي تعدي آهي.
    (ڇا واقعي؟ ڪيترا اهو به چوندا آهن ته شاديءَ بعد انسان جي آزادي هليو وڃي. هو بند ۾ ڦاسيو ٿو وڃي. بهرحال هڪ همراهه پنهنجي زال مان سخت بيزار ٿي هن کي خون ڪرڻ وارو هو ته سندس دوست وڪيل سمجهايس ته متان زال کي ماريو اٿئي. ويهه سال ٽيپ اچي ويندءِ. ۽ پوءِ اها ڳالهه سوچي ارادو لاهي ڇڏيائين.
    ان ڳالهه کي جڏهن پورا ويهه سال گذريا ته پراڻن ڏينهن ۽ موجوده زندگيءَ جو سوچي ٿڌو ساهه کڻي چيائين: ”ڪاش جيڪڏهن مان وڪيل جي ڳالهه نه مڃان ها ته اڄ ٻنهي قيدن مان آزاد هجان ها.“)
    • سڪڻيءَ کي ڄائو پٽ، چميون ڏيئي ڪڍيائينس ساهه.
    • سخي، سرنهن چڻو _ جيئن ڀيلِ تيئن ڀلو.
    • متيون ڏيندي لوڪ کي چري پاڻ ٿياس.
    • صبر جو ڦل مٺو ٿئي ٿو.
    ڇا واقعي مٺو ٿئي ٿو يا بزدليءَ پنهنجي لاءِ ان قسم جا بهانا ٺاهيا آهن. پر نه ڪجهه ته آهي. تڏهن ته شاهه لطيف چيو آهي:
    ”صبر جنين جو سير تير نه گسي تن کان.“
    • اڄ جو ڪم سڀان تي نه ڇڏجي.
    (پر اڄ جو ڪم سڀان تي ڇڏڻ ۾ جيڪا راحت آهي، ان جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ڪنهن چيو اهو غلط آهي ته اڄ جو ڪم سڀان تي نه ڇڏجي. صحيح آهي ته ”اڄ جو ڪم پهرين تي ڇڏجي.“ شايد تلسي داس ته هيئن چيو آهي:
    • کال کرو سو آج کرو، آج کرو تو ابهي
    • ابهي اگر نه کر سکي تو کرنه سکو گي کبهي
    • اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني.
    • ڏاچي هڻي ڏهه توڏو هڻي تيرهن.
    • جي نه وڙهندا سي مرندا.
    • (انگريزيءَ ۾ هڪ شعر آهي:
    • “For he who fights and run away
    • may live to fight another day
    • can never rise and fight again”
    • ساڌن سان سنمک پئنچن سان پورو.
    • اَٽي تي چٽي.
    (سست ماڻهو رڳو کائڻ تي، جيئن اڙدوءَ ۾ چوڻيءَ آهي ته: ”نه ڪام کا نه کاج کا، دشمن اناج کا.“)
    • سرديءَ سالم نه رهان، گرميءَ ٿيان مَ گداز.
    • ٻني ۽ وني مئي مارائي نه ڏبي آهي.
    اسان وٽ ڌرتي ۽ عورت جو وڏو مقام آهي. سنڌي مسلمانن اڳيان ڌرتي جوءِ آهي. (ڪٿي ڪٿي ماءُ به سمجهيو وڃي ٿو) اهوئي سبب آهي، جو چوڻ ۾ ايندو آهي ته ٻنيون ۽ ونيون، جوءِ ۽ جوءِ، زن ۽ زمين جن وڃائي سي غيرتمند نه آهن. اهي تاثرات اسان جون قديم روايتون آهن. مڙسن جي انهيءَ مڙسيءَ کي زندهه رکڻ لاءِ اسان جي شاعرن چيو آهي:
    • ”جوءِ ۽ جوءِ مرد نه ڇڏين مينڌرا“ شاهه
    • ”ڪنڌ ڪپائين جوءِ نه ڇڏين جوءِ.“ شيخ اياز
    • کير جو کير، پاڻيءَ جو پاڻي.
    • حياءَ لاءِ به اکيون ضروري آهن.
    • نود ۾ سوئو چڀڻ تي به چرپر ضرور اچي ٿي.
    • مروان موت ملوڪان شڪار.
    • آئي ٽانڊي ڪاڻ ٿي ويٺي بور چياڻي.
    • ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي الهيار.
    سڄو پهاڪو هن ريت آهي:
    ڪاڏي منهن مريم جو، ڪاڏي الهيار،
    ڪٿ رهيو ڪوهيار، ڪٿي کڻي ٿي هٿڙا
    آئون به تون رئيس به رئيس ته گڏهه ڪير هڪليندو.
    • بک بڇڙو ٽول دانا، ديوانا ڪري.
    (پنهنجي ملڪ کان لڏي آسٽريليا آيل ٻه سک بيروزگار ڦري رهيا هئا. اڃان کين ڪٿي به ڪا نوڪري يا اجهو نه پئي مليو. اتي هڪ ڏينهن هڪ ٻئي کي ڏٺو ته فرسٽ ڪلاس مرسيڊيز ڪار ۾ پيو گُهمي.
    ”اڙي هي ڇا! ڪالهه تائين ته تو وٽ ٽڪو به کيسي ۾ نه هو. هيءَ ڪار ڪٿان آندءِ.“ هن اچرج مان پنهنجي سک دوست کان پڇيو.
    ”بس ڳالهه نه پڇ. ڪالهه هڪ سهڻي ڇوڪري ملي وئي. هوءَ ڪار ۾ وهاري هڪ باغيچي ۾ وٺي هلي. اتي پنهنجا سڀ ڪپڙا لاهي مونکي چيو. ٻڌاءِ ته ڇا کپيئي ته اهو توکي ڏيان؟“ ۽ آئون سندس ان آفر تي ڪار کڻي آيس.
    ”اڙي بيوقوف ڪنهن جاءِ جا،“ هن پنهنجي دوست کي ٽوڪيو، ”هن جڏهن توکي چيو ته جيڪي وڻئي سو گُهر ته هوند سندس ڪپڙا به کڻي اچين ها، جيڪي وڪڻي ٻه ويلا مانيءَ جا ته کائون ها.“
    • اوجهه نه ڇڏي اوجهري، توڙي ڌوپي منجهه درياهه.
    • ڀاڙين مٿان ڀت ڪانگن ڪيرائي.
    • ڪنهنجا پٿر به هلڪا، ڪنهن جو گل به گهايو وجهي.
    • ڪن جو روئڻ به راحت ته ڪن جو کلڻ به خواري.
    • مرڪندا مارين، جڏا جيارين.
    • ڳجهن جي پِٽن سان ڪڏهن ڪي ڍڳا مئا.
    • اڳياڙي ان جي سرهي، جنهن جي پڇاڙي سرهي.
    • سيوهاڻي چريو، ته به پٿر گهر ڏي ڍوئي.
    • سمنڊ جو پاڻي ڪڇڻ سهنجو آهي، پر انسان جو پاڻي ڪڇڻ ڏاڍو ڏکيو.
    • پاڻي ولوڙڻ مان ڇا هڙ حاصل.
    • ٻليءَ کي خواب ۾ ڇيڇڙا.
    هر وقت رڳو پنهنجي من پسند شيءِ جو سوچڻ، هونءَ به جنهن لاءِ گهڻي چاهت هوندي آهي، ان جو ئي خيال هر وقت ڌيان ۾ رهي ٿو.
    ڪنهن نادان مجنون کان پڇيو ته خلافت تي حق ڪنهنجو هو. حضرت امام حسين جو يا يزيد لعين جو.
    وراڻيائين: ”جي دل ۾ نه ڪريو ته حق ليلا جو هو.“
    اهڙي طرح سَسئيءَ کي به پنهون سان سچو عشق هو تڏهن ته اٿندي وهندي، پنهونءَ کي ياد ٿي ڪيائين. بقول شاهه لطيف جي.
    ”سسئي جاڳائي سسئي اچي عزرائيل
    پئي ڊوڙائي دليل ته پنهونءَ ماڻهو موڪليو.“
    • سامي سدائين ڀاڻي ۾ ڀنو رهي.
    (ڀاڻي ۾ ڀنو رهي معنى رضا تي راضي رهڻ)
    • جيڪي الله جي توهه پيا تڳندا آهن، انهن جا ٻيڙا پاڻهي پيا لڳندا آهن.
    چُڪ ڪري چوٽيءَ واري، ٺڪر ڀڄي ٺُوڙهيءَ تي.
    • (هڪڙي جي ڏوهه جي سزا ٻئي کي ڏني وڃي)
    • ٿوري گرهين گهڻو کائجي.
    • اياڻو چوي، سياڻو ويچاري
    • پاڻ نه پَلي ڏوجهان متيان ڏيوي.
    • پنڌ ۽ بار، سور ۾ سور.
    (هڪ پنڌ ۽ ٻيو بار معنى ٻٽي تڪليف ٿي)
    • بيماري ايندي آ گهوڙي جيان، ويندي آ جونءِ جيان.
    (ڪابه مُصيبت ايندي تڪڙي آهي، پر ويندي جونءِ وانگرآهستي آهستي آهي)
    • واڻيو ۽ سيارو ڪنهن کي ڪسر نه ڇڏين.
    • خوشيءَ جهڙي خوراڪ ناهي، ڳڻتيءَ جهڙو ڳارو ناهي.
    (بشر طيڪ صحيح معنى ۾ خوشي هجي، رڳو ٻاهر جا ٽهڪ انسان جي اندر کي سکي نٿا رکيو سگهن.
    هڪ فليٽ مان هر وقت ٽهڪن جا آواز آيا ٿي. هڪ اخباري رپورٽر انهن جو انٽرويو وٺڻ لاءِ ويو، جو يقين سان هرڪو چئي سگهيو ٿي ته هي دنيا جا خوش قسمت زال مڙس آهن، جيڪي ڪڏهن به وڙهن نٿا.
    ”توهان جي هن ڪامياب ۽ کل خوشيءَ واري زندگيءَ جو راز ڇا آهي.؟“ رپورٽر پڇيو.
    مڙس جواب ڏنو: ”جڏهن زال جو ويلڻ مون کي لڳي ٿو ته هوءِ خوش ٿي ٽهڪ ڏئي ٿي ۽ جڏهن گسيو وڃي ته آئون ٽهڪ ڏيان ٿو“)
    • گهر ۾ کَڏ هجي ته ٻهر ٻاهر نه ڪڍجي.
    • تار وڄڻ سان سُر سمجهي وڃڻ کپي.
    (ڳالهه کي منڍ کانئي سمجهي وڃجي)
    • تر کان اڳ بَرُ کائڻ.
    (نفعي کان اڳ موڙي کائڻ)
    • ٽاٽ جو لنگوٽو ۽ نواب سان ياري.
    ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خواري.
    • ٺاٺارڪي ٻليءَ کي ننڊ جي گورين جي ڪهڙي گهرج.
    (لوهار جي پاليل ٻلي جيڪا سڄو ڏينهن ٺڪاءِ ٻڌي ٿي، ان کي هلڪي ڦلڪي گوڙ جي ڇا پرواهه)
    • جتي ڏسي پاٽ اتي ڳائي ساري رات.
    جتي ڏسي ٿالهي، اتي رڳو هٿ کڻي خالي.
    • (پاٽ معنى ديڳڙو، کاڌي جو وڏو سامان. ٿالهي معنى ٿورو کاڌو)
    • ڪڏهن ته درياه پيو ٽپي، ڪڏهن وري پاڻيءَ پاٽ ۾ پيو ٻڏي.
    • (انسان ويچارو ڪڏهن ته درياهه به لتاڙيو وڃي، ڪڏهن ڪنارن تي به ٻڏيو وڃي)
    • پڙهيو پارسي وڪڻي تيل، ڏسو قدرت جو کيل.
    • شينهن جي ڏاڙهي ڪهڙو حجام ڪوڙيندو.
    • چُهڙن جون ونڊيون چهڙا کڻندا.
    • جيڪو ڏاڍو سو گابو.
    • ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.
    • سؤنٽي هجي ساڻ ته گڏهه گوهي نه ڪري.
    • نئين ڪنوار نو ڏينهن، ڇڪي تاڻي تيرهن ڏينهن، ماري ڪٽي مهنو.
    • چور کي چئي چوري ڪر، ساڌ کي چتاءُ ته اچئي پيو.
    • انڌن اڳيان روئڻ اکين جو زيان.
    • بڻي ته بڻي، نه ته، دال ماني گهڻي.
    • ڦاٿي ته ڦٿڪڻ ڪهڙو.
    • جُڙيءَ کي جس آهي.
    • ڪتي ڪوريجن جي، رهي راهوجين، بيهي باهوچين ۽ ٽڪر کائي کوسن جا.
    • اَٺُ آنا اُٺ جا، ٻارهن آنا کڻاڻي، ڪري پئي کوهه ۾ ته ڏيڍ رپيو ڇڪاڻي.
    • ڪسيري جي ڪتي ٽڪي جا کائي نان.
    (ڪڏهن ڪڏهن ڪا شيءِ ظاهري طرح سستي لڳندي آهي پر ان تي خرچ پکو وڏو اچي ويندو آهي، ڪسيرو ٽڪي ۽ پئسي کان به گهٽ قيمت وارو سڪو آهي.
    هڪ همراهه ڦٽيل حالت ۾ ڪنجهندو ڊاڪٽر وٽ پهتو ۽ چيو: ”ڊاڪٽر صاحب منهنجن زخمن جي پٽي ڪر ۽ ڪا سٺي دوا ڏي آئون زخمي ٿي پيو آهيان.“
    ڊاڪٽر چيس: ”فڪر نه ڪر، هينئر ئي علاج ٿو ڪريانءِ.“
    همراهه چيو: ”پر ڊاڪٽر صاحب! اهو ته ٻڌاءِ ته ان تي ڪيترو خرچ ايندو؟“
    ڊاڪٽر: ”ويهه رپيا پٽيءَ جا ۽ ٽيهن رپين جي دوا ٿيندي، يعني فقط پنجاهه رپيا خرچ ايندو.“
    ”اها ڳالهه آهي ته پوءِ علاج جي ضرورت ناهي. آئون ائين صحيح ٿي ويندس. اهو سودو ته ويتر مهنگو پوندو.“
    ”سودو ۽ مهنگو!........ڇا مطلب؟“ ڊاڪٽر تعجب مان کائنس پڇيو.
    ”ان ڪري جو زخمي ڪرڻ کان اڳ منهنجي زال مون کان ويهه رپيا گهري رهي هئي.........“ هن ٻڌايو.
    • پير ميرو ته به پنج سيرو.
    • قيد جو قيدي ڇٽي وڃي، پر قرب جو قيدي نه ڇٽي.
    • عمر جي ڄاڻ هجي ته ڏند ڇو ڏسجن.
    • تيل سهانگو هجي ها ته گدڙ به چوٽيون مکين ها.
    • (هو ڇا انگريزيءَ ۾ چوندا آهن:)
    If Wishes were horses beggers would rise.
    • جنهن ڌڻيءَ تي ڀاڙي، تنهن سوير چاڙهي.
    (سنگاپور ۾ شنڪر امپوريم جو مالڪ هرڪشن ڀوڄواڻي مون کي سڀ کان
    گهڻا پهاڪا ٻڌائيندو هو. مٿيون پهاڪو سندس دلپسند پهاڪو هو، جيڪو
    هر وقت سندس زبان تي رهيو ٿي)
    • ڀڳيءَ سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي.
    (انگريزيءَ ۾ ان جهڙي چوڻي آهي ته پراڻا بوٽ تيسين نه اڇلاءِ، جيسين نوان
    ملنئي، معنى جيسين سڄو ملنئي تيسين ڀڳل سڳل سان ئي پورت ڪر)
    • انڌو هاٿي لشڪر جو زيان.
    • بڇڙو ڪتو ڌڻي پُڻائي.
    • ٻُڌيءَ تي اعتبار نه ڪجي، ڏٺي ته اڌ اعتبار ڪجي.
    (شڪ يا بدگماني ڪرڻ اخلاقي توڙي مذهبي خيال کان خراب شيءِ آهي.
    انسان کي ٻين جا عيب ڍڪڻ کپن ۽ بنان ڏٺي ۽ بنان پڪ ڪرڻ جي
    ڪنهن لاءِ به غلط راءِ قائم نه ڪرڻ کپي.
    حضرت حسين بصري رحه هڪ ڏينهن دجله نديءَ جو ڪنارو ڏئي وڃي
    رهيو هو ته هڪ حبشي مرد کي ڏٺائين جنهن جي ڀر ۾ هڪ عورت ليٽي پئي
    هئي. هو بوتل مان پاڻ به پي رهيو هو ته ان عورت کي به پياري رهيو هو.
    حضرت حسين بصري رحه جي دل ۾ خيال آيو ته هن ماڻهوءَ کان ته آئون سٺو
    آهيان، جو ائين نٿو ڪريان. هي حبشي هڪ عورت سان گڏ شراب پي رهيو
    آهي. هي انهن ئي خيالن ۾ هو ته هڪ ٻيڙي سامان سان ڀريل هن جي اڳيان
    درياهه ۾ چڪر کائي ٻڏي وئي. ان ۾ ڏهه ماڻهو سوار هئا ۽ ڏهن جا ڏهه غوطا
    کائڻ لڳا. هن حبشيءَ جو اهو منظر ڏٺو ته يڪدم اٿي بيٺو ۽ درياهه ۾ ٽپ
    ڏيئي هڪ ٻئي پويان نو ماڻهو بچائي ورتائين، پوءِ حضرت حسن بصري کي
    مخاطب ٿي چيائين: ”مهرباني ڪري باقي هڪڙي کي ته تون بچائي ڏيکار.
    اي مسلمانن جا امام! شڪ ڪرڻ سٺي ڳالهه ناهي. هيءَ عورت منهنجي ماءُ
    آهي ۽ هن بوتل ۾ پاڻي آهي.“
    حضرت حسن بصري هن حبشيءَ جي قدمن ۾ ڪِري پيو ۽ هُن کان معافي گهريائين)
    • ڀاڙي ۽ مسواڙ جو قانون ڪونه ٿئي.
    • پير ڀلو ڪين ويساهه ڀلو.
    (پير کان وڌيڪ ماڻهوءَ جو هن ۾ اعتماد کڻي ٿو)
    • ڏر تي گدڙ به شينهن.
    • ڦٽ بجو ڪج پر گيهه ذرو ڏج.
    • ڦاڙهو جتي کائي، اتي اوجهه ڏئي.
    • توڙي وڃي روم، ته به ڍوڍي مٿان ٿوم.
    • قاضي ڄاڻي قيام ڄاڻي.
    • سج لٿي کان پوءِ دير ڪانهي، ڦرئي کان پوءِ اوير ڪانهي.
    • ڪئليءَ کي ڪڻ، هاٿيءَ کي مڻ قدرت پهچائي ٿي.
    (ڪئلي يعني ماڪوڙي تمام ٿورو کائي ٿي ۽ هاٿي تمام گهڻو. بهرحال ٿورو يا گهڻو هر هڪ کي رب پاڪ رزق پهچائي ٿو. هڪ دفعي حضرت عيسى عليه السلام هڪ ماڪوڙيءَ کان پڇيو: ”تون سڄي سال ۾ ڪيترو کائين ٿي؟“
    ماڪوڙيءَ عرض ڪيو: ”اي پيغمبر خدا جا! آئون سال ۾ فقط ٻه ڪڻا کاوان ٿي.“
    ”فقط ٻه ڪڻا........“ حضرت عيسى عليه اسلام حيرت مان چيو ۽ پوءِ ماڪوڙيءَ کي جهلي هڪ شيشيءَ ۾ وڌو. ان سان گڏ ٻه ڪڻا اناج جا به رکي ڇڏيا. سال گذرڻ بعد شيشيءَ کي کولي ڏٺائون ته ڏاڍي حيرت لڳي، جو ماڪوڙيءَ ٻن بدران فقط هڪ داڻو کاڌو هو. سندن پڇڻ تي ماڪوڙيءَ عرض ڪيو:
    ”اي پيغمبر خدا جا! پهرين آئون خدا تي ايمان رکي ۽ ان جي ذات تي ڀروسو رکندي سال ۾ ٻه داڻا کائيندي هيس. پر هاڻ جيئن ته آئون هڪ انسان جي هٿ وس آهيان، سو ڪهڙي خبر ته مونکي سال کان پوءِ ڇڏي يا ٻن سالن بعد. انڪري مون کي هڪ داڻو ٻئي سال لاءِ رکي ڇڏيو.“
    حضرت عيسى عليه اسلام ماڪوڙيءَ جي ڳالهه ٻڌي الله جي درٻار مان دعا گهري: ”منهنجا مولا! ڏينهن قيامت تائين انسان کي رزق تون ئي پهچائجانءِ. جيڪڏهن هيءَ ذميواري تون ڪنهن انسان کي ڏني ته ماڻهو بک مري ويندا.“)
    • کٽيو کائي فقير، ڌڪ جهلي ڀولي.
    • (ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ مار ڀولڙيءَ کي ملي ٿي. پر پئسا فقير کي ملن ٿا)
    • مُنهن به پنهنجو، موچڙو به پنهنجو.
    • پرائي آس ڪني جي لاس.
    • جيسين ڍائو مٿو کنهي، تيسين بکئي جو وڃي سِرُ.
    • تِر جي گٿي سؤ چوٽون کائي.
    (ڪڏهن ڪڏهن انسان جي معمولي غلطي هن کي وڏي تڪليف ۾ وجهيو ڇڏي ۽ پير جي ترڪڻ کان جيڪڏهن زبان جو ترڪڻ آهي ته اها ٻيڻي مصيبت. ان ڪري چوندا آهن ته جيڪي به ڳالهائجي سوچي سمجهي ڳالهائجي.
    زبان ڏندن کي چيو: ”توهان جيڪي به کائو ته ڌيان سان کائو. ڪٿي ائين نه ٿئي ته مرچ توهان چٻاڙيو تڪليف مون کي کڻڻي پوي.“
    ان تي ڏندن وراڻيو: ”مائي تون به خدا جي واسطي هر هڪ سان سٺي نموني سان ڳالهائيندي ڪر. ائين نه ٿئي جو تنهنجي غلطيءَ جي سزا اسان کي ڀوڳڻي پوي ۽ ٻٽيهه ڏند وات کان ٻاهر اچي ڦهڪو ڪن، ٺونشن لڳڻ تي“)
    • ٺونٺ لڳي، ساهيڙي ڀڳي.
    • جڳ مڙوئي جوا بازي، ڪن کٽي ڪن هارائي.
    • سن ڳولي سن کي.
    (هر هڪ پنهنجي هم عمر کي ڳولي ياري دوستي رکي ٿو. جيئن انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته:
    • (Birds of same feather fly together.
    • نڀاڳي مڱڻهار کي گهور مهل ٽورو لڳي.
    • ڄٽ ۽ ڦٽ ٻڌو ڀلو.
    • پڇڻا نه منجهڻا
    (پڇڻ وارو ڪڏهن به نٿو ڀلجي پوءِ چاهي رستي ۽ راهه جي ڳالهه هجي يا علم ادب جي. سياڻن جو چوڻ آهي ته ٻار ۾ ننڍي هوندي کان پڇڻ جي عادت وجهجي جيئن هن جي ناليج (معلومات) وڌي. پر سوال اهو آهي ته معلومات به تڏهن وڌندي جڏهن هن کي صحيح جواب ملندو. پر جي ماءُ پيءُ يا استاد پاڻ ئي ڏڏ هوندو ته ٻئي کي ڇا ناليج مهيا ڪندو.
    هڪ ٻار پنهنجي پيءُ کان پڇيو: ”بابا! مينهن ڪيئن ٿو پوي؟“ پيءُ، ”پٽ مون کي خبر ناهي.“
    پٽ: ”ڀلا بابا راڪيٽ چنڊ تي ڪيئن ٿو پهچي؟“
    پٽ: ”ڀلا بابا........ چڱو ٺهيو........ ڪونه ٿو پڇان.“
    پيءُ: ”پُڇُ. پٽ! پڇ. نه پڇندين ته ناليج ڪيئن وڌندئي.“)
    • سينڍ ۾ مارئي ڳائڻ.
    (ڍڪيل لڪيل لفظن ۾ ڪنهن ڳالهه جو اظهار ڪرڻ)
    • سڀڪا ٻڪري پنهنجي ڦاهي ٽنگبي آهي.
    • ٻانهي ٿي ڪمائجي، بيبي ٿي کائجي.
    (جيئن انگريزيءَ ۾ چوڻي مشهور آهي ته:
    • (Serve like a slave, Live like a lord.
    • ٻڏي ٻيڙيءَ جون هريڙون ئي ڀليون.
    (اڻهوند کان وري به ڪجهه هئڻ ڀلو. جيئن اڙدو ۾ چوڻي آهي ته بهاگتي چور کي لنگوٽ هي سهي)
    • ننڊ موت جي ڀيڻ آهي.
    (ننڊ موت جي ڀيڻ آهي يا ڀاڄائي پر ننڊ بعد انسان مئن برابر ٿيو وڃي. سخت سرديءَ جي موسم هئي. ماڻهو گهرن ۾ آرام سان ستا پيا هئا.
    هڪ بادشاهه ڪنهن ضروري ڪم سان ٻاهر نڪتو ۽ هڪ هنڌان لنگهيو ته هن کي هڪ فقير تنور (کوري) جي ويجهو ستل نظر آيو. ههڙي سيءَ ۾ فقير کي ائين ٻاهر سمهندو ڏسي، بادشاهه کي تعجب لڳو. پر ڪم جي مصروفيت ۾ کائنس، فقير جي ٻاهر سمهڻ واري ڳالهه وسري وئي. جڏهن صبح ٿيو ته بادشاهه کي فقير جي ڳالهه ياد آئي ۽ نوڪر موڪلي هن فقير کي سڏرايو. جڏهن فقير درٻار ۾ حاضر ٿيو ته بادشاهه پڇيس:
    ”رات سيءَ ۾ توکي تنور ڀرسان ستل ڏٺم. ٻڌاءِ ته ههڙي سيءَ ۾ تو رات ڪيئن گذاري؟“
    فقير بنان ڊپ ڊاءِ جي جواب ڏنو: ”بادشاهه سلامت! اڌ رات تو وانگر گذاريم ۽ اڌ رات توکان بهتر نموني سان.“
    بادشاهه اهو ٻڌي حيران ٿي ويو ۽ چيو: ”منهنجي سمجهه ۾ تنهنجي ڳالهه نه آئي. ذرا کولي ٻڌاءِ.“
    فقير وارڻيو: ”اڌ رات تائين تنور گرم رهيو ۽ ان جي گرمائش ۾ مون کي ننڊ اچي وئي ۽ پوءِ سمهڻ بعد ڇا بادشاهه ڇا فقير سڀ هڪجهڙا ٿيو وڃن. سو اهڙي طرح اڌ رات تو وانگر گذاريم. پوءِ جڏهن تنور ٿڌو ٿيو ۽ سيءَ جي ڪري ننڊ نه آئي ته آئون خدا جي عبادت ۾ مشغول ٿي ويس. اهڙيءَ طرح رات جو باقي حصو مون توکان بهتر نموني ۾ گذاريو.“
    • ٻڪريءَ جي ماءُ ڪيستائين خير گهرندي.
    • نار وهي نه وهي، وٺ رينگٽ کي.
    • وعدو ڪجي ته پاڙجي.
    (۽ ڪي ڪي واعدا پاڙڻ ۾ ماڻهن کي تمام گهڻي خوشي ٿئي ٿي. هڪ صاحب کي ٽپال رستي خط مليو، جنهن ۾ لکيل هو: ”جيڪڏهن تو ٽن ڏينهن اندر پنجويهه هزار رپيا فلاڻي هنڌ نه پهچايا ته، اسين تنهنجي زال کي اغوا ڪري وينداسين.“
    صاحب هڪدم ورندڙ ٽپال ۾ جواب لکي موڪليو: ”مونکي افسوس آهي ته آئون توهان جو مطالبو پورو ڪري نٿو سگهان پر مون کي يقين آهي ته توهان پنهنجو وعدو ضرور پاڙيندا.“)
    • نقل لاءِ به عقل کپي.
    (نقل يعني ڪاپي ڪرڻ يا ٻئي جهڙي شيءِ ٺاهڻ ڪو سولو ڪم ناهي. سٺو نقل به اهو ڪري سگهي ٿو، جنهن کي عقل هجي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ريڊيو، ٽي. وي ڪئلڪيوليٽر، ڪمپيوٽر جهڙيون شيون پهرين آمريڪن ٺاهيون، جن تان جپانين ڪاپي ڪئي ۽ انهن کان به زور ٿي ويا ۽ اها ڪاپي يا نقل ٻيون قومون به ڪري سگهيون ٿي، پر جپاني عقل ۾ ٻين کان وڌيڪ آهن.
    هونءَ عقل ۽ نقل ۾ گهٽ پاڪستاني به نه آهن، قصو مشهور آهي ته آمريڪن، جپاني ۽ پاڪستاني همراهن جو مقابلو ٿيو. آمريڪن هڪ شيشي جي سنهي لٺ ٺاهي، جپانيءَ نه فقط اهڙي هوبهو لٺ ٺاهي پر ان ۾ سوراخ به ڪيو. ان بعد پاڪستانيءَ اهڙي شيشيءَ جي سنهي لٺ ٺاهي ۽ نه فقط ان ۾ سوراخ ڪيو پر ان لٺ تي Made in japan به لکيو)
    • اڳيان ويا وسري، پويان لڳا مصري.
    (ڪيترا ماڻهو نون دوستن جي ٺهڻ تي، اڳيان دوست وساري ڇڏين ٿا جيتوڻيڪ چوندا آهن ته ننڍپڻ جو دوست وڌيڪ وفادار ٿئي ٿو)
    پنهنجي گهوڙي جا پنڌ ۽ پنهنجي گابي جا ڏند هر مالڪ کي ياد هوندا آهن.
    (هر هڪ کي پنهنجي جانور جي اوڻاين پوڻاين جو علم ٿئي ٿو)
    • ڏٺو پير پني مراد.
    • اَن جي پَلي گهر ۾ ڀلي، جل جي مڇي جل ۾ ڀلي.
    • چاڪريءَ ۾ آڪري ڪهڙي.
    • ننڍا ڪوئا وڏن جا ٿا ڪن ڪترين.
    (اڄ ڪلهه هر مائٽ کي اها شڪايت آهي ته نئين ٽهي وڌيڪ تيز ۽ چالاڪ آهي. اڄڪلهه جو ٻار ريڊيو، ٽي. وي ۽ آس پاس کان ڳالهيون ٻڌي وڏن کان به هوشيار ٿيندو وڃي ۽ وڏن سان سوال جواب ۽ بحث ڪرڻ تي مائٽ مٿيون پهاڪو ئي ڏين ٿا ته ننڊا ڪوئا وڏن جا ٿا ڪن ڪترين. يعني وڏن کي به چپ ڪرايو ڇڏين.
    هڪ ننڍڙي ٻار پهرين ڏينهن اسڪول مان موٽڻ تي پنهنجي ماءُ کان پڇيو:
    ”امان! بابا ڪيئن پيدا ٿيو؟“
    هاڻ ماءُ ننڍي ٻار کي ان سوال جو ڪهڙو جواب ڏئي. ٿوري دير سوچي چيائين:
    ”ان کي ٻگهه پکي اڱڻ ۾ ڇڏي ويو.“
    ”ڀلا تون ڪيئن پيدا ٿئين؟“ ٻار پڇيو.
    ”مونکي به ٻگهه پکي اڱڻ ۾ ڇڏي ويو.“ ماءُ وراڻيو.
    ”ڀلا ادو؟“
    ”ان کي به ٻگهه پکي ڇڏي ويو.“ ماءُ وراڻيو.
    ”ڀلا، آئون ڪيئن ڄايس.
    توکي به ٻگهه پکي ڇڏي ويو.“ ماءُ وراڻيو.
    ”ڪمال آهي“ ٻار تعجب مان چيو، ”يا هن گهر ۾ ڪنهن به نارمل برٿ نه ورتو آهي؟!“
    • دانگي ڀڃي ڪتي جي ذات پرکڻ.
    (نقصان سهي ٻئي جي لياقت پرکڻ)
    • چاڪرن اڳيان چُوڪر ۽ ڇوڪرن اڳيان چل ڪسته ء زن.
    • خير ڪندي هٿ سڙن ته سڙڻ ڏين.
    • چڪني مٽ تي بوند به نٿي ٽڪي.
    • شينهن جنگل جو بادشاهه آهي.
    (سائين بلڪل هوندو. ڏاڍو مڙس جو ٿيو. هونءَ ته اسان جا ڪيترا سياستدان به شينهن ٿي پيا آهن. ڪي سنڌ جا ڪي پنجاب ته ڪي سرحد ۽ پاڪسان جا. بهرحال جنگل جو بادشاهه شينهن جانور ئي آهي)
    هڪ شينهن جنگل ۾ هر جانور کان اهو پڇندو رهيو:
    ”ٻڌايو ته جنگل جو بادشاهه ڪير آهي؟“
    سڀني جانورن ڊڄي اهو جواب ٿي ڏنو:
    ”سائين منهنجا توهين ته آهيو.“
    هن هڪ هاٿيءَ کان به اهو سوال ڪيو.
    ”ٻڌاءِ ته جنگل جو بادشاهه ڪير آهي؟“
    ان بي ڍنگي سوال تي هاٿيءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هن پنهنجي سونڍ شينهن جي چوڌاري ويڙهي کڻي پٽ تي هنيس. شينهن سور کان ڪنجهندو اٿيو ۽ چيو:
    ”ڀائي! جيڪڏهن توکي منهنجي سوال جو جواب معلوم ناهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته تون مون سان بدتميزي ڪرين.“
    • چاڪيءَ جي ڏاند کي گهر ۾ ئي ڪوهه پنجاهه.
    (هو سڄو ڏينهن گهر ۾ ئي هلي ٿو)
    • چڻن سان گڏ گُهڻا به پيسجي ويندا آهن.
    (جيئن چوندا آهن ته سڪن سان گڏ آلا به ٻري ويندا آهن. يعني ڏوهن سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن بي گناهه به ڦاسي چڙهندا آهن)
    • ڦُرئي واڻئي واريون دانهون ڪرڻ.
    (ڦر ٿيڻ تي نه فقط واڻيو پر هر ڪو دانهون ڪري ٿو. بشرطيڪه هن جي چڱي ملڪيت يا مال لٽجي ويو هجي. پر ڪي ماڻهو مال ملڪيت نه وڃڻ تي به دانهون ڪن ٿا.
    هڪ ماڻهو منهن مٿو پٽيندو ڊوڙي رهيو هو ۽ هن کي جهلڻ لاءِ پٺيان ٻيو ڄڻو رڙيون ڪري رهيو هو: ”اڙي وارو ڪريو، جهليوس. ڀڄيو پيو وڃي.“
    اڳيون ڀڄندڙ تکي ڊوڙ پائي، وڃي چونڪ ۾ پهتو جتان لنگهندڙ بس ۾ چڙهي غائب ٿي ويو. پٺيان رهجي ويل همراهه جي چوڌاري ماڻهو اچي گڏ ٿيا. کيس تسلي ڏئي پڇڻ لڳا:
    ”ڇا ٿيو سائين، هو توهان جو ٻٽون کڻي ويو؟“
    ”نه بابا.“
    ”ڪجهه ٻيو ڦري ويا.“
    ”نه مٺا.“
    ”توهان جي گهر مان چوري ڪري ويو.“
    ”نه سڄڻ.“
    ”ته پوءِ هن جي ڪڍ ڇو ڊوڙي رهيو هئين؟“
    ”مار پويس! نڀاڳي ٽئي غزل مون کي ٻڌائي ڇڏيا ۽ هاڻ جڏهن منهنجو ڪلام ٻڌائڻ جو وارو آيو ته ٻڌڻ بنان ڀڄي ويو، بي ايمان ڪنهن جاءِ جو.“)
    • هاٿي ڏٻرو تڏهن به سوا لک جو.
    • چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک.
    (چور ماڻهوءَ جو پاڻهي ظاهر ٿيڻ. پر ضروري ناهي ته هر چوريءَ ۾ چور ظاهر ٿي پوي. هڪ وڏن ماڻهن جي ڊنر هلي رهي هئي، جنهن ۾ ميزبان عورت پنهنجي نئين ورتل منڊي آيل مهمان کي ڏيکاري. ڏسندي ڏسندي اها غائب ٿي وئي. ميزبان عورت چيو: ”توهان سڀ معزز مهمان آهيو، ڪنهن تي به چوريءَ جو شڪ نٿا ڪري سگهون. هيئن ڪريون ٿا ته چانديءَ جو وٽو ٽيبل جي وچ تي رکي بتي وسائي ڇڏيون ٿا. ٿي سگهي ٿو ڪنهن وٽ ڀل ۾ اها منڊي هلي وئي هجي. بهرحال جنهن وٽ به هجي ته هو اها منڊي هن وٽي ۾ وجهي.
    ٻن ٽن منٽن لاءِ بتيون بند ڪري گُگهه اونداهه ڪئي وئي، ان بعد جهڙي بتي ٻاريائون ته چانديءَ جو وٽو به غائب هو)
    • دمڙيءَ جي دال، بُئا ڇڊي نه ڪجانءِ.
    (اجائي پڪائي نه ڪجانءِ. هڪ اهڙي ئي بئا پوڙهي مائي جيڪا بيحد ڪنجوس هئي، هڪ پلاسٽڪ سرجن کان پڇيو: ”منهنجي منهن کي بدلائڻ (چمڙي ڇڪائڻ) يعني جوان ڪرڻ جا گهڻا پئسا وٺندائو؟“
    ”پنجويهه هزار رپيا.“
    ”ايترا گهڻا. توهان ڊاڪٽر ته نه آهيو، ڊاڪو آهيو. ڪجهه گهٽ پئسن ۾ بندوبست ٿي سگهندو؟“ پوڙهي عورت رڙ ڪري پڇيو.
    ”ماسي ان کان بهتر آهي ته توهان برقعو کڻي پايو.“ سرجري جي ماهر اطمينان سان چيو.
    • دمڙيءَ جي دال ٽي وقت چاڙهڻ.
    (وڏي قناعت ڪرڻ).
    • رڍن جي لت ڀيڏيءَ تائين.
    • جاڏي قدم شريف، نه ربيع نه خريف.
    (نه ربيع نه خريف معنى نڀاڳو هئڻ، ڪوبه فائدو نه ٿيڻ)
    • حلوائيءَ جو دڪان ۽ ڏاڏي سائينءَ جو ختمو.
    (پراڻي مال تي دل کولي سخاوت ڪرڻ)
    • پراڻي مال تي ٽوپي نراڙ تي.
    (ٻئي جي مال تي لئه ڪري هلڻ)
    • مرد جي دل ۽ درياهه تي ڪهڙو ويساهه.
    • جيئري مک کي ڳهڻ ڏکيو ڪم.
    • جهڙو هجي ديس تهڙو ڪجي ويس.
    • هيسيل ٻلي ڪوئن کان ڪن ڪترائي.
    • اچي لکڻ نه پڙهڻ، پر نالو محمد فاضل.
    • مفت جو شراب قاضيءَ کي به حلال.
    • سوڙ آهر پير ڊيگهارجن.
    (يعني جيتري حيثيت هجي، اوترو ئي خرچ ڪجي. يا جيترو وت هجي اوتري پهلواني ڏيکارجي)
    هڪ شخص پاڙي وارن کي تپائي رکيو هو. ڪڏهن ڪنهن جي چوري ڪيائين ٿي ته ڪڏهن ڪنهن جي. آخر هڪ ڏينهن جهلجي پيو. عدالت ۾ جج فيصلو ڪرڻ کان اڳ پڇيس ته ڪيترو ڏنڊ وجهانءِ. چور هٿ ادب جا ٻڌي چيو:
    ”سائين خبر اٿانوَ ته بيروزگار آهيان. پنهنجي ڪمائيءَ جو ڪوبه ذريعو نه اٿم. انڪري ڏنڊ اوترو وجهو جيتري جي پاڙي وارا دٻ جهلي سگهن.“)
    • حاتم جي قبر تي لت هڻڻ.
    (گهٽ ڏئي، وڏي لٻاڙ هڻڻ)
    • جي روح ڏئي ريلو، ته وطن هڪ وک ٿئي.
    • اٽو، چئي گهوٻاٽو.
    (هڪ بدران ٻي ڳالهه چوڻ يا ڪرڻ)
    هڪ زميندار جي ڍڳي چوري ٿي وئي. نوڪر کي موڪليائين ته وڃي رپورٽ لکائي اچ.
    نوڪر پڇيو: ”صوبيدار کي ڇا چوان؟“
    زميندار چيس: ”ٻڌائينس ته رات جا ٻارنهن وڄي رهيا هئا. تارا چمڪي رهيا هئا. ڪتا ڀونڪي رهيا هئا. ان وقت چور ڀت ٽپي ڍڳي کڻي ڀڄي ويا.“
    نوڪر سڄي واٽ اهو جملو ورجائيندو ويو. ٿاڻي تي پهچڻ تي جڏهن صوبيدار پڇيس ته چيائين:
    ”ڏينهن جا ٻارهن وڄي رهيا هئا. ڪتا چمڪي رهيا هئا. تارا ڀونڪي رهيا هئا. ان وقت چور ڍڳي ٽپي ڀت کڻي ڀڄي ويا.“)
    • رسي سڙي وئي پر وڪڙ نه ويو.
    • آيو رمضان ڀڳو شيطان.
    • دل جو گهاءُ، هڪ راڻي ڄاڻي ته ٻيو راءُ.
    • ادي جي گهر مهمان، منهنجي دل کي نڪي لهر نڪي لوڏو.
    • ڏڌل کير وري ٿڻين نه پوي.
    (يا ڇٽل تير وري موٽي نه اچي. ڪيتريون شيون هڪ دفعو وڃڻ بعد مشڪل سان ئي موٽن ٿيون. وڃايل شيءِ جو افسوس نه ڪجي ۽ دل کي ٿي سگهي ته وندرائي ڇڏجي. مُلان نصير الدين وانگر، جيڪو هڪ هٿ ۾ جيرانڊي ۽ ٻئي هٿ ۾ ان کي رڌڻ جي ترڪيب کڻي گهر پئي ويو ته رستي تي هڪ سرڻ لامارو هڻي کانئس جيرانڊي کسي وئي. ملان زور زور سان کلڻ لڳو. ڪنهن چيس: ”ملان هن ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
    وراڻيائين: ”ان تان پيو کلان ته بيوقوف سرڻ جيرانڊي ته ڦري وئي پر پچائيندي ڪيئن؟ رڌڻ جي ترڪيب ته مون وٽ رهجي ويس.“)
    • ڪوبه ڄمندي ڄام نٿو ٿئي.
    • پرايو ٻار ٽڪو ڏئي به کارجي.
    • رڍ جي پڇ ۾ چنڀڙڻ مان ڇا هڙ حاصل.
    (ڪمزور ۽ ڪم ظرف ماڻهوءَ تي ڀروسو ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟)
    • ڏنو ٻنو آهي.
    • ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ ٿئي ٿو.
    • رت دانگيءَ تي به وري ٿو.
    (پنهنجي لاءِ هر هڪ کي قياس ٿئي ٿو)
    • سخي ۽ شوم جو ٻارهين مهيني حساب ساڳيو.
    • ڏاڙهي جنهين جي پيٽ ۾، سي پتڻ پهرين پهچن.
    (ڏاڙهي پيٽ ۾ هئڻ معنى ننڍي عمر ۾ سياڻو هئڻ)
    • اٽو ٻڌي پٺيان پوڻ.
    (لاهي پاهي ڪم کي لڳڻ)
    • تيليءَ مان ٿنڀ ٺاهڻ.
    (ننڍي ڳالهه کي وڏو ڪري پيش ڪرڻ. تيليءَ مان ٿنڀ ٺاهڻ وارا به ڪئين ماهر پيا آهن، جيڪي پرائي جي معمولي خراب ڳالهه کي هيڪاندو گهڻو خراب ڪري پيش ڪن ۽ پنهنجي هر ڳالهه جي واکاڻ ۽ تعريف ڪن.
    لنڊن کان موٽيل هڪ صاحب کان پڇيو ويو ته جناب توهان لنڊن ۾ ڇا ڪندا هئا؟
    موصوف جواب ڏنو: ”آئون اتي ريسرچ آفيسر هيس.“
    سوال ڪرڻ وارو بيحد پريشان ٿيو ۽ چيو: ”توهان ته بلڪل نج ڄٽ هئا، هڪ اکر به پڙهڻ نٿي آيو. اتي توهان کي ريسرچ آفيسر طور ڪيئن رکيائون؟“
    وراڻيائين: ”آئون دراصل پٽاٽن تي ريسرچ ڪندو هيس.“
    ان تي پڇڻ واري وري پڇيس: ”اهو ڀلا ڪيئن؟ پٽاٽن تي ريسرچ ڪرڻ لاءِ به ته ايگريڪلچر (زراعت) ۾ ڊگري هجڻ ضروري آهي.“
    اهو ٻڌي لنڊن کان موٽيل صاحب جواب ڏنو: ”ڳالهه دراصل هيءَ آهي ته اتي هڪ ڀاڄيءَ جو دڪان هو جتي آئون وڏا پٽاٽا چونڊي هڪ ڇٻيءَ ۾ وجهندو هوس ۽ ننڍا پٽاٽا ٻيءَ ڇٻيءَ ۾)
    • گهڻي پڇ پڇ ڪرڻ چرين جو ڪم آهي.
    (خبر ناهي چرين جو ڪم آهي يا نه پر فيلسوفن جو ضرور آهي)
    هڪ فيلسوف بازار مان لنگهي رهيو هو ته چاڪيءَ جي گهاڻي تي هن کي ڍڳو نظر آيو، جنهن جي ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ٻڌل هئي. هن کي گهنڊڻيءَ جو مقصد سمجهه ۾ نه آيو. گهاڻي جي مالڪ فلاسفر کي سوچ ۾ ٻڏل ڏسي چيو:
    ”ڇا پيو سوچين، ڀائو؟“
    فيلسوف چيو: ”گهاڻي جي چوڌاري ڍڳي جو چڪر هڻڻ ته صحيح آهي، پر گهنڊڻي ٻڌڻ جو ڪهڙو مطلب آهي؟“
    گهاڻي جي مالڪ چيس: ”گهنڊڻي ان ڪري آهي ته جيڪڏهن ڍڳو بيهي رهي ته گهنڊڻي به بيهي رهندي ۽ اسان سمجهي وينداسين ۽ ڍڳي کي اچي هڪل ڪنداسين.“
    فيلسوف چيو: ”تنهنجي ڳالهه صحيح آهي پر سمجهه کڻي ته تون اندر آهين ۽ ڍڳو هڪ ئي هنڌ بيهي رڳو ويهي ڪنڌ ڌوڻي ته پوءِ؟“
    گهاڻي جي مالڪ يڪدم جواب ڏنس:
    ”سائين هي ڍڳو آهي ڪو فيلسوف ڪونهي.“
    • تڪڙي ڪتي انڌا گلر ڄڻي.
    • ماڇي نه ماڻهو، ڪتو نه مال.
    • پوليس واري جي دوستي به خراب ته دشمني به خراب.
    • پئسو ته سانئڻ، ڪنگلي ته ڏانئڻ.
    • چرندي چڳ بچاءِ ته قافلي ۾ ڪم اچي.
    • سچ ته بيٺو نچ، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ.
    (اهو بلڪل صحيح آهي جيئن انگريزيءَ ۾ به چوندا آهن ته:
    • Honesty is the best policy.
    پر سائين اڄڪلهه جي دور ۾ اهڙا اهڙا ائڪٽر سياستدان به ڏسڻ ۾ اچن ٿا جو ساڳيو ڪوڙ هر هر ڳالهائي ماڻهن جي منهن ۾ اهڙي ڌوڙ وجهيو ڇڏين جو هو ان کي سچ سمجهيو وهن ۽ سچ ڳالهائڻ واري کي ڪوڙو ڪري ڀڄايو ڪڍن. پروين شاڪر جو هڪ شعر آهي ته:
    • مين سچ کهون گي مگر پهر بهي هار جاؤن گي.
    • وه جهوٽ بولي گا اور لاجواب کردي گا.
    • هٽيءَ مان هٽ يا هٽي به چٽ.
    (واپار ۽ ڌنڌي ڌاڙي جي ڪاميابي ۾ قسمت جو به وڏو هٿ آهي پر ڪي چون ٿا ته ان ۾ زال جو به هٿ رهي ٿو، جو هر ڪامياب مرد جي پويان عورت آهي.
    ٻه ساهيڙيون گهڻي عرصي بعد پاڻ ۾ مليون. هڪ چيو:
    ”ٻڌو اٿم ته تو هڪ لکپتيءَ سان شادي ڪئي آهي!“
    ”شادي ته ڪئي آهي پر لکپتي هن کي مون ڪيو آهي.“
    ”تو هو پهرين ڇا هو!؟“ ساهيڙيءَ حيرت مان پڇيو.
    ”ڪروڙ پتي.“
    • اڻائي به وئي تڻائي به وئي وري ڪپهه جي ڪپهه.
    • ملان جي ڊوڙ مسيت ڏي.
    • جنهن جي وڃجي گهر، تنهنجي ڪجي پر.
    • ٻاليتو (ٻارن وارو) نه ماليتو (مالدار).
    • لوهار جي گهر ۾ ڀڳل ٽڦڻي، ڪنڀار جي گهر ۾ دلو ڀڳل.
    • پيٽ نه هجي ته سونيون ڀتيون اڏجن.
    • جيسين پيٽ ۾ نه روٽي تيسين ڳالهه مڙيوئي کوٽي.
    (ڪن انسانن جو ڪرڻ وقت به وڏو قدر ٿئي ٿو)
    چرچل کان هڪ اخبار نويس عورت پڇيو: ”مسٽر چرچل توهان کي پڪ خوشي ٿيندي هوندي ته توهان جي تقرير ٻڌڻ لاءِ ايترا ماڻهو اچيو گڏ ٿين جو ترڇٽڻ جي جاءِ نٿي ملي.“
    ”اهو ته آهي پر مونکي اها ڳالهه به ذهن ۾ هوندي آهي ته جيڪڏهن مونکي ڦاسي ڏني وئي ته هن کان به چئوڻو هجوم هوندو.“ چرچل جواب ڏنو.
    • حراميءَ جو هَر، واريءَ ۾ به نه هلي.
    • ڪُني ڦرائجي، ٻني نه ڦرائجي.
    • تڪڙ ڪم شيطان جو.
    (ٿي سگهي ٿو اها چوڻي صحيح هجي يا سست ماڻهن پنهنجي ڪمزوري لڪائڻ لاءِ گهڙي هجي. هونءَ سياڻن جو اهو پڻ قول آهي ته گهوڙو ۽ گهر وٺڻ ۾ جلد بازي نه ڪجي. ٿي سگهي ٿو ان کان علاوه ٻيون به ڪجهه شيون هجن جن ۾ پڻ جلد ازي نه ڪجي.
    هڪ عورت سڄي دڪان جا تاڪيا کڻي کولرايا پر کيس ڪوبه ڪپڙو پسند نه پئي آيو. آخر بيزار ٿي ويچاري مڙس چيو: ”بيگم ! تون به ڪمال ٿي ڪرين. هيتري دير ٿي وئي آهي پر توکي ڪو وڳو پسند نٿو اچي. جلدي ڪر تمام گهڻي دير ٿي وئي آهي.“
    زال ڪاوڙ مان چيس: ”توهان مهرباني ڪري پنهنجو وات بند رکو ته سٺو. ان جلدبازيءَ ۾ ئي ته اچي توهان کي پسند ڪري ويٺيس ۽ هاڻ ڏهن سالن کان ان تڪڙ جي سزا ويٺي ڀوڳيان.“)
    • انڌن آندو، ڪتن کاڌو يا ٻلن چٽيو.
    • اڄاڻ کي جهڙي مصري تهڙي ڦٽڪي.
    مصري ۽ ڦٽڪي هڪ ئي رنگ جي ٿئي ٿي سندن شڪل پڻ هڪ ٻئي سان ڪافي ملي ٿي. اهو ماڻهو جيڪو ٻنهي کان اڻ واقف هوندو ان کي ڪهڙي خبر ته ڦٽڪي ڪهڙي آهي ته مصري ڪهڙي ۽ مصري مان ڪهڙا فائدا آهن ۽ ڦٽڪي مان ڪهڙا گڻ.
    ان تان مونکي ياد آيو ته هڪ ٻيڙيءَ ۾ ڪو ٻار پهريون دفعو درياهه اڪري رهيو هو. ٻيڙي جڏهن وچ درياهه تي پهتي ۽ ٿورو لڏڻ سان گڏ پاڻيءَ جون ڇوليون مسافرن کي لڳيون ته ڊپ ۾ ٻار وٺي رڙيون ڪيون. هڪ هڪ کيس پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو سرچي نه. آخر ٻيڙيءَ ۾ ويٺل هڪ داناءَ ٻين کي صلاح ڏني ته هن ٻار کي کڻي درياهه ۾ اڇليو، ٻه چار غوطا کائڻ بعد پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندو.
    هنن ائين ڪيو پهرين ئي غوطي تي بچايو بچايو جي رڙين تي ٻار کي درياهه مان ڇڪي کڻي ٻيڙيءَ ۾ ڦٽو ڪيائون ۽ پوءِ سمورو وقت ٻيڙيءَ جي ڪنڊ جهلي ماٺ ۾ سفر ڪندو رهيو. داناءَ ماڻهوءَ انتي ٻين کي چيو: ”ڏٺانوَ، غوطا کائڻ کان اڳ نه هن کي ٻڏڻ جي تڪليف جي خبر هئي ۽ نه هن ٻيڙيءَ کي پنهنجي سلامتيءَ جو ذريعو سمجهيو ٿي. هاڻ هو ٻنهي ڳالهين کان واقف ٿي ويو آهي.“
    • سو اڄاڻ کي اصل حقيقت جي ڇا خبر.
    • طمع سندو طس، ڀريو ڀرجي ڪينڪي.
    • ليکو آچوکو ۽ چوکي آ پريت.
    • پرائيءَ ڌيءَ کان کارڪ به چڱي.
    • اڪ مان ڪمند نه ٿئي توڙي مصري جر وهي.
    • آهُر جي آسري جهنگ نه چري.
    • چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک.
    ٻن سياسي ليڊرن ۾ گرما گرم بحث هلي رهيو هو. بحث هلندي هڪ ليڊر ٻئي کي چيو: ”آئون سمجهان ٿو ته تون ڪنهنجي اشارن تي نچين ٿو.“
    ان تي ٻئي ناراض ٿي چيس: ”ها تنهنجي ڳالهه نٿي ٺهي ته تون سياسي بحثن ۾ منهنجي زال کي وچ ۾ آڻين ٿو.“)
    • ڪٿي واري ڪٿي ترڪاري.
    • جيڪي ڇاٻا ڏيندا، سي ئي چاٻا ڏيندا.
    (سارين ۾ رونبي کان اڳ ۾ پاڻي بند ڪرڻ لاءِ ڇاٻون ڏبيون آهن ته جيئن زمين ۽ پوک سيڪ وٺي ۽ سارين جو فصل جهجهو ٿئي)
    • ويچارو ٽماٽو نه ڀاڄين ورتو نه ميون پرتو.
    • ڇڻندڙ ڇاٽن کي، ڪيڏيون ڏبيون ڇاٻون.
    (مينهن کي ڪيڏا بند ڏئي ڪيڏا ڏبا)
    • ڏئي ڏئي پٽ نه ڏيندو، زال ته ڪونه کسيندو.
    • ڇاڪر ماءُ کي ڪنيءَ تائين آسرو.
    (ڇاڪر، مڇيءَ جو اهو قسم آهي جيڪو جلدي نه مرندو آهي، تنهن ڪري چيو ويندو آهي ته ڇاڪر جي ڪني ۾ وجهي پچڻ تائين هن جي ماءُ کي سندس ورڻ جو آسرو هوندو آهي)
    • کٽل واڻيو کنديون سنڀالي.
    • سڀڪو سپنا ماڻي، ساڀيان ماڻي ڪو ڪو.
    (خيالن خوابن جي دنيا ۾ ته هرڪو رهي ٿو پر ٿورا آهن جن جا جواب صحيح ثابت ٿين ٿا)
    • تنهنجي مرڻ جو ارمان ڪجي، جنهن جي جيئڻ مان ڪو فائدو هجي.
    (منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه ويندي جانورن لاءِ به صحيح آهي. مالڪ نوڪر کي چيو: ”ٻلي منهنجي مئي آهي.تون ڇو پيو روئين؟“
    نوڪر وراڻيو: ”سائين هاڻ آئون کير پي ڪنهن جي نالي هڻندس.“)
    • ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس.
    (هڪ بس ڊرائيور ۽ پادريءَ هڪ ئي وقت وفات ڪئي. ميدان حشر ۾ به ٻئي گڏ پهتا. بس ڊرائيور کي جنت ۽ پادريءَ کي دوزخ ۾ موڪليو ويو. پادريءَ ٻاڏايو: ”ياالله آئون ته هميشه واعظ ۾ نصيحتون ڪندو هوس.“
    جواب مليو: ”جڏهن تون واعظ ڪندو هئين ته سامهون ويٺل ماڻهو سمهي رهندا هئا ۽ جڏهن هي ڊرائيور بس هلائيندو هو ته سڀ مسافر دعا گهرندا هئا)
    • سونهن سِڪي سون ڪاڻِ، سون سِڪي سونهن ڪاڻِ.
    • آئي ٽانڊي ڪاڻ ٿي ويٺي بورچياڻي.
    • اَنَ جو منهن جنڊ ڏي، جنڊ جو منهن اَنَ ڏي.
    • بکيو گدڙ شينهن سان گڏ کائيندو آهي.
    • کنئي کپي ڪانه، ڳولي لڀي ڪانه.
    • عقل جو انڌو، ڪهڙو ڪندو ڌنڌو.
    (واقعي عقل ئي اهڙي شيءِ آهي جيڪو انسان ۽ جانور ۾ فرق ڪري ٿو، پر ضروري ناهي ته جانور پکي بنا عقل جي هجن. ڪي ڪي ته انسانن کان به ڏاها ٿين ٿا ۽ عجيب ڪم ۽ ڪرتب ڪري ڏيکارين ٿا)
    هڪ ڪتي کي پتي راند کيڏندو ڏسي آيل مهمان گهر جي ڀاتين کان پڇيو: ”ڇا ڪتي کي به پتي راند اچي ٿي؟“
    ”ها“ هنن ٻڌايس. ”پر سٺو رانديگر ناهي، جڏهن به سٺا پتا اچنس ٿا ته خوشيءَ ۾ پڇ لوڏڻ شروع ڪريو ڏئي.“
    • نَمُ ته ٿيئي ڪم.
    (انسان کي هميشه نياز ۽ نِوڙت کان ڪم وٺڻ کپي. ميويدار وڻ هميشه نمي بيهي ٿو. نمي ڳالهائڻ وارو نوڪر هميشه مالڪ کي وڻي ٿو. ائين ته نمي ڳالهائڻ وارو مڙس زال کي به وڻي ٿو.
    هڪ ڪلارڪ پنهنجي صاحب کان پڇيو: ”سر توهان شادي شده ماڻهن کي ئي فرم ۾ ڇو ٿا رکو؟“
    صاحب وراڻيو: ”ان ڪري جو هو پهرين ئي گارين ۽ دڙڪن کائڻ جا عادي هوندا آهن.“)
    • سکڻي ڪني گهڻو اڀامي.
    (گهڻن ماڻهن جو رتبو گهڻو هوندو آهي، پر لئه وڏي رکندا آهن.
    هڪ ڦاٽڪ واري پنهنجي نئين شادي ڪيل ڪنوار کي لئه ڏيکارڻ لاءِ ايندڙ ريل گاڏيءَ جو ڦاٽڪ بند ڪري ڇڏيو. گاڏي ويجهو اچي بريڪ هڻي بيهي رهي. انجڻ ڊرائيور ڪاوڙ مان لٿو ۽ ڦاٽڪ واري کان رڙ ڪري پڇيو:
    ”اڙي خوامخواهه گاڏي ڇو بيهارائي؟“
    ”مون پنهنجي زال کي پنهنجي اهميت ٿي ڏيکاري.“ ڦاٽڪ واري چيو. ان تي انجڻ ڊرائيور ٿڦڙ وهائي ڪڍيس ۽ دروازو کولائي گاڏي وٺي روانو ٿي ويو. گاڏي وڃڻ بعد ڦاٽڪ واري زال کي چيو: ”ڏٺئي منهنجو پاور. گاڏي بيهاري ڇڏيم.“
    ”۽ ڀلا ڊرائيور توکي ٿڦڙ ڇو هنئي؟“ زال پڇيس.
    ”اهو هن پنهنجو پاور ڏيکاريو.“ ڦاٽڪ واري چيو.
    • هوند ته هونگار آ.
    • ناهه گندي، ناهه سيءُ.
    • تڪبر، ڪنڌ ڀر.
    • سج کاري هيٺان نه لڪندو آهي.
    • پنهنجو ماري ڇانوَ ۾ وهاري.
    • گونگي ڏنيون گاريون دل ئي دل ۾.
    • گهر جي ڪڪڙ دال برابر.
    (اصل پهاڪو شايد اڙدوءَ جو آهي. مطلب اهوئي ته گهرجي سٺي شيءِ به سادي لڳي ٿي. ڪيترن ماڻهن کي پنهنجي سهڻي زال کان آفيس جي ڪوجهي سيڪريٽري بهتر لڳندي آهي ۽ ياد به ان جي گهڻي ايندي آهي.
    هڪ اهڙي همراهه گفٽ شاپ تان عطر جي شيشي خريد ڪئي. دڪاندار ان کي سهڻي پني ۾ پئڪ ڪري چيو:
    ”سائين هي عطر توهان جي زال کي ضرور پسند ايندو.“
    همراهه ڪنڌ ڌوڻي چيو: ”چڱو جو ياد ڏيارئي. هڪ شيشي ٻي به پئڪ ڪجانءِ.)
    • جيري ڪاڻ ٻڪري ڪهڻ.
    • پئسي جي تار به بري، ته تانگهه به بُري.
    • ماڻهو ڌن جو داس (غلام) ٿي نه پر ڌن جو ڌڻي ٿي ڪمائي.
    • جنڊ کڻ ته جنڊ ڳورو، پُڙ کڻ ته پُڙ ڳورو.
    • آهي ته ڌمڻ ڌما، نه ته لنگهڻ سُمهان.
    • بُکي جون اکيون چلهه ۾.
    • ماءُ مُوري پيءُ بصر، ڌيءُ داناءُ گل زعفران.
    • وٺو ته ٿر نه ته بر.
    • ڪٿي لک پيا لٽجن ته ڪٿي ڪک لاءِ پيا سڪن.
    • هٽ کان ٻاهر واڻيو ٽڪو به نه لهي.
    • پنهنجو سُڄو به ڌارئي سائي کان سَٻَرُ.
    • غريب جي جوءِ، جڳ جي ڀاڄائي.
    • وَهو ڍڳي تي مارَ.
    • سڪي سڪي مڙس ڪيائين. ٻي جا ٻڌائين سڳي،
    • اڳي کاڌائين لوڙهه مڇي، هاڻ لڏڻ لڳي.
    • ڪِني اڳڙي ڪنڊ ۾ ڌوئجي.
    • وڙهن سپاهي نالو سردار جو.
    • جو ڊوڙندو سو ٿڪبو.
    • پرائي ماڙي ڏسي پنهنجو ڀنگو نه ڊاهجي.
    • بدن ۾ دم نه، نالو زوراور خان.
    • ڪُتِي کي پيٽ ۾ سور، سرائيءَ جو پڇ تي زور.
    • جهڙا روح تهڙا ختما.
    • ٻار مڇ جو وار، جيڏانهن ورائينس تيڏانهن وري.
    • پوڙهو اٺ ٻه ڪنواٽ لهي.
    • ونڊي کاءُ سک پاءُ.
    • جيڪو ترندو سو ٻڏندو.
    (جيڪو پاڻي ۾ لهندو يعني ترندو، ان جا ئي ٻڏڻ جا امڪان هوندا. باقي جيڪو پاڻي ۾ نه لهندو سو نه ٻڏندو)
    • بک ۾ ماڻهو ذهن بدران پيٽ سان سوچيندو آهي.
    (هڪ ويران گهٽيءَ مان لنگهندي ڪنهن مسافر کي هڪ همراهه بيهاري چيو: ”سائين منهنجو هڪ سوال آهي. مون غريب بکايل جي مدد ڪرڻ توهان جو فرض آ. آئون قسم کڻي ٿو چوان ته مون وٽ هن پستول کان علاوه ڪجهه نه آهي ۽ هن پستول ۾ فقط ڇهه گوليون ڀريل آهن.“)
    • اهو وڻ ناهي جو واءَ نه لوڏيو هجي.
    (بلڪ ڪيترن بارشي طوفانن وڻن کي پاڙن کان پٽي ٻاهر ڪيو هوندو. هڪ سال ڏاڍو مينهن وٺو. هڪ محفل ۾ ڪنهن چيو: ”زمين ۾ جيڪي ڪجهه آهي هن دفعي ٻاهر نڪري ايندو.“
    ملان نصيرالدين گهٻرائجي چيو: ”يا الله! منهنجيون ٽي زالون ٻاهر نڪري آيون ته منهنجو ڇا ٿيندو.“)
    پهرين پيٽ پنجوءَ جو پوءِ ٻار ٻچا.


    ملئي پهاڪا ۽ چوڻيون

    MALAY PROVERBS
    • فصل جو فڪر اٿئي ته گاهه کي ڪڍي ٻاهر ڪر.
    (هي پهاڪو فئملي جي خيال رکڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هتي فصل جو اشارو فئملي ڏانهن آهي ۽ گاهه جو مطلب ڌاريا ماڻهو آهن. يعني جيڪڏهن پنهنجي فئملي کي صحيح رکڻ چاهين ٿو ته ڌارين کي پري رک. جيئن فئملي بابت ملئي ۾ هڪ ٻي چوڻي آهي ته
    ANAK ORANG, ANAK ORANG JUDA
    • ماءُ جي ٿڃ کان ڪو به ڀڄي نٿو سگهي.
    • بيلٽ ۾ پئسو ناهي ته ويجها مائٽ به پراوا ٿيو وڃن.
    (هيءَ دنيا پئسي جي آهي. چيو وڃي ٿو پئسو آهي ته ڪيترائي دوست يار ۽ مٽ مائٽ ٿيو پون. غريب جو ڪير نٿو ٿئي. ملئي ماڻهو گوڏ ٻڌن ۽ گوڏ مٿانويڪري پٽي ۾ ٺهيل کيسي ۾ پئسا رکن. هن قسم جو بيلٽ اڄ ڪلهه حاجي به احرام تي ٻڌن ٿا) نقصان کان اڳ فڪر ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي. نقصان بعد فڪر ڪرڻ مان ڇا فائدو.
    (ملا نصيرالدين لاءِ چون ٿا ته پنهنجي پٽ کي مهمان لاءِ، شيشي جي گلاس ۾ پاڻي آڻڻ لاءِ چيو. پر ان کان اڳ هن کي ٿڦڙ هڻي خبردار ڪيو ته متان گلاس ڀڳو اٿئي. آيل مهمان وائڙو ٿي چيس ته هن کان گلاس ڀڄي ها ته پوءِ سزا ڏيوس ها. ملا جواب ڏنس ته پوءِ ان مان ڪهڙو فائدو)
    • جنهن هنڌ روزگار ملي ته اهو ڇڏي ٻي ڏي جلدي نه ڀڄجي.
    (پورهيت اهو سٺو سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو هڪ ئي مالڪ وٽ ٽِڪي ڪم ڪري. ان ڳالهه تي جپان کان علاوه ڏور اوڀر جي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو عمل ڪن ٿا. هو زال کي ڇڏي ڏيڻ عيب نٿا سمجهن پر مالڪ يا ڪمپنيءَ کي ڇڏڻ بيحد خراب سمجهن ٿا.
    پر ڪيترن ڏاهن جو اهو به چوڻ آهي ته هڪ ئي هنڌ رهڻ سان پاڻي ڌپ ڪري ٿو. انسان کي هر وقت بهتر کان بهتر جي ڳولا ۾ مشغول رهڻ کپي)
    • ڌارئين ملڪ ۾ ڪُڪڙ ٿي هلجي.
    (ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ جتي ڪڪڙيون آهن اتي بدڪون پڻ آهن. جتي ملئي ڪڪڙيون کائڻ جا شوقين آهن، اتي چيني بدڪون کائڻ جا. بدڪ اڪيلي يا ٻچن سان رستو ٽپندي ته به پوري عزم سان سڌو پئي ويندي، پر ڪڪڙ هيڏانهن هوڏانهن جانچي جونچي پوءِ هلندي. ڪنهن کان خوف محسوس ڪندي ته يڪدم پٺتي پاسيري ٿي ويندي. سو هن چوڻيءَ مطابق ڌارئي ملڪ ۾ ڪڪڙ وانگر سوچي سمجهي قدم کڻجي)
    • اُکري هلي آهي مهري کي ڳولڻ.
    (يا کڻي چئجي ته حمام هليو آهي دستي کي ڳولڻ. هي پهاڪا انهن عورتن لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا، جيڪي تمام گهڻو فارورڊ قسم جون آهن، جيڪي پاڻ پنهنجا عاشق ڳولين ٿيون)
    • مضبوط پاڙن وارو وڻ طوفانن تي کِلي ٿو.
    (مضبوط دوستي يا سچي عشق واري کي ڪنهن جي به پرواهه نٿي ٿئي. هو ڇا چوندا آهن. انگريزي ۾ ته:
    “Love is an ever _ fixed mark,
    that looks on tempests and is never shaked”
    • ويندي ديڳڙو ۽ ڏوئي به پاڻ ۾ وڙهن ٿا.
    (ڪڏهن ڪڏهن سٺن دوستن جو به پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو پوي. مٿئين قسم جو هڪ ٻيو ملئي پهاڪو آهي: ”ڪڏهن ڪڏهن ڏند زبان کي چڪ هڻن ٿا.“ مطلب ته اهي جهيڙا ۽ غلط فهميون ٿوري وقت لاءِ سمجهڻ کپن)
    • هاٿي پنهنجن ڏندن تي ناز ڪري ٿو، زيبرا (پٽاپٽي گڏهه) پنهنجن پٽن تي.
    • جتي مردار هوندو اتي ئي ڳجهون نظر اينديون.
    • مک جي اڏر ڦٽ ڏي.
    (مک وري وري اڏامي جسم جي ان حصي تي وهي ٿي جتي ڦٽ ڦڙري آهي)
    • جتي چئن ٽنگن وارو هاٿي ٿاٻڙجيو پوي، اتي ٻن ٽنگن واري انسان جو ڪهڙو ڏوهه.
    • ڪڏهن ڪڏهن بيٺل پاڻيءَ ۾ به واڳون ٿين ٿا.
    (واڳون گهڻو ڪري وهندڙ پاڻيءَ ۾ خاص ڪري درياهن جي ڪنارن تي هوندا آهن، جتي ماڻهن يا جانورن جي پاڻي پيئڻ يا ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ اچ وڃ رهي ٿي جن کي هو جهپ هڻي شڪار ڪن ٿا، يا لنگهندڙ ٻيڙيءَ تي حملو ڪن ٿا. بيٺل پاڻيءَ ۾ ڪهڙو شڪار. پر اهو هميشه لاءِ به صحيح ناهي، مٿئين چوڻيءَ موجب ڪڏهن ڪڏهن بيٺل پاڻيءَ ۾ به واڳون ٿين ٿا. مطلب اهو آهي ته انسان کي هر وقت خبردار رهڻ کپي)
    • ڇاڻ جي قسمت ۾ ترڻ، ڀترن جي قسمت ۾ ٻڏڻ لکيل آهي.
    • کوهه جي سار سنڀال لهڻ وارو ڪڏهن به اڃ وگهي نٿو مري.
    • نانگ کي پڇ کان بيوقوف ئي جهلي ٿو.
    (ملائيشيا جيتن جڙن، نانگن بلائن جو ملڪ آهي، ڳوهه يا اگئونا جهڙي جانور کي پڇ کان جهلي اڇلي يا ڦيرائي ڦيرائي پٽ تي هڻي ماري سگهجي ٿو، پر نانگ کي سوگهو جهلڻ لاءِ کيس منڊيءَ کان ئي وٺجي. پڇ کان جهلڻ سان هو ور کائي ڏنگي سگهي ٿو. ساڳي طرح نانگ کي مارڻ لاءِ سندس منهن چچرجي. ان بنا ڀلي کيس چار ٽڪر ڪجن ته به هو ڏنگي سگهي ٿو. بلڪ چوڻي مشهور آهي ته زخمي نانگ وڌيڪ خطرناڪ ٿئي ٿو)
    • ڄؤر کي هميشه نانگ بنجڻ جي سڌ هوندي آهي.
    ظالم ۽ خراب ماڻهو نيڪ ٿيڻ بدران وڌيڪ نقصانڪار ٿيڻ چاهيندو آهي. ملئي زبان ۾ ڄؤر تي ٻيا به ڪيترائي پهاڪا ۽ چوڻيون مشهور آهن. ڪو دعوت ۾ ماني کائڻ بعد يڪدم اٿڻ جي ڪندو ته ميزبان چوندس ته ڪجهه دير ته ويهي ڪچهري ڪر. بنهه ڄؤر نه ٿي، جيڪا پيٽ ڀرجڻ تي کڻي پاڻ ڇڏيندي آهي.
    • ڪيلي جو وڻ هڪ دفعو ئي ڦل ڏئي ٿو.
    • ان کي مُنڊي سوکڙيءَ طور ڏيڻ، جنهن جون آڱريون ڪپيل هجن.
    (ڪنهن غريب ماڻهوءَ کي مدد ۾ اها شيءِ ڏجي، جيڪا هونءَ کڻي قيمتي هجي، پر هن کي ڪم ۾ نه اچي. ڪنهن ملڪ جي بادشاهه هڪ غريب شاعر جي شاعريءَ مان متاثر ٿي کيس انعام ۾ اڇو هاٿي ڏنو. جيڪو جيتوڻيڪ قيمتي آهي ۽ وڏا ماڻهو شان خاطر رکن ٿا. پر هن غريب شاعر لاءِ اهو نه ڏهڻ جو ۽ نه ڪهڻ جو. سندس گاهه پاڻيءَ جي خرچ ئي هن کي وڌيڪ کُٽائي ڇڏيو. سو اهڙو تحفو وڏن ماڻهن لاءِ ته عزت ۽ خوشيءَ جو باعث بنجي سگهي ٿو. پر غريب لاءِ ويتر ويلي تي بار يا ٻين لفظن ۾ کڻي چئجي ته اهڙي شيءِ اٽي تي چٽي)
    • انڌي ڪڪڙ لاءِ جهڙا ميرا چانور، تهڙا ڌوتل.
    (انڌي ته ڇا پر اکين واري ڪڪڙ کي به ان جو ڪهڙو قدر. سنڌيءَ ۾ ڪجهه اهڙي مطلب واري چوڻي آهي ته انڌي جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين. يا کڻي چئجي ته انڌي اڳيان روئڻ اکين جو زيان)
    • پکيءَ جي طاقت کنڀن ۾ ٿئي ٿي ۽ کيکڙي جي طاقت چنبن ۾.
    • وڏن بنڊن مان ڇوڏا به وڏا نڪرن ٿا.
    (جڏهن ڪنهن شاهوڪار جي ملڪيت ورهائي وڃي ٿي ته ان جا حصا به وڏا ٿين ٿا)
    پنهنجو پاڻ کي ڪڪڙن جي ٽولي ۾ ڏسين ته انهن سان گڏ ٻانگون ڏجانءِ. مطلب اهوئي آهي ته جنهن وٽ رهجي، انهن جو ئي نمونو اختيار ڪجي، ملائشيا گهڻ قومو Multi-racil ملڪ آهي. جنهن ۾ نه فقط ملئي مسلمان رهن ٿا پر چين جي ڪيترن علائقن جا مختلف زبانون ڳالهائيندڙ ۽ رسمون رواج رکندڙ چيني ۽ ننڍي کنڊ جا تامل، پنجابي، سنڌي، بنگالي، سِک ۽ هندو رهن ٿا. پُر سڪون ۽ امن امان ۾ رهڻ جو اهوئي نسخو آهي ته هڪ ٻئي جي ريتن رسمن ۽ رواجن جو خيال رکجي. ڪنهن وٽ مهمان ٿي رهڻ وقت ائين ڪجي جيئن ميزبان چاهي. ملئي ماڻهو صبح جو سوير اٿن ٿا ۽ چمپل يا بوٽ در وٽ لاهي پوءِ گهر ۾ گهڙن ٿا. سندن گهر ۾ رهڻ وقت انهن ڳالهين جو خيال ڪجي. هندو ماڻهو ماءُ وانگر ڳئون کي به سمجهن ٿا، جيڪا ٻالڪ کي کير مهيا ڪري ٿي، ته هڪ هندوءَ جي پاڙي ۾ رهي ڳائي گوشت جي گُهر ڪرڻ يا ڳئون ڍڳيءَ کي گهٽيءَ ۾ ذبح ڪرڻ اخلاقي طرح به سٺي ڳالهه ناهي. بهرحال مٿئين پهاڪي جهڙا پهاڪا ڪيترين ئي زبانن ۾ موجود آهن، جيئن انگريزيءَ ۾ اها چوڻي عام آهي ته WHILE IN ROME, DOAS ROMAN DO روم ۾ روم جي رهاڪن وانگر هلجي يا سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته هڪ ٽنگي جي ملڪ وڃجي ته ٻي ٽنگ ورائي ڪلهي تي رکجي. يا جنهن جي وڃجي گهر، تنهنجي ڪجي پر.
    • ڀولڙن جي گهڻي کائڻ تي هيٺين شاخن تي رهندڙ نوريئڙن جي شامت اچي ٿي.
    (مطلب ته گهڻي کائڻ تي گهڻو هنگن ٿا، جيڪو هيٺين ٽارين تي ويٺل نوريئڙن تي ڪري ٿو)
    • ننڍيون ٽگ ٻيڙيون وڏا جهاز ڇڪين ٿيون.
    (TUG – BOAT کي طاقتور انجڻ ٿئي ٿي. جهاز کي ڌڪو ڏيئي جيٽي سان لڳائڻ جو ڪم ٽگ ٻيڙيءَ کان ورتو وڃي ٿو. يا جهاز خراب ٿيڻ تي ان کي ٽگ ٻيڙيءَ سان ڇڪبو آهي. جهاز جيتوڻيڪ ڳرو ٿئي ٿو ۽ ڊيگهه ۾ کڻي ٽگ ٻيڙيءَ کان ڏهوڻو وڏو هجي پر پاڻيءَ ۾ هن جو وزن گهٽ ٿئي ٿو ۽ ننڍڙي ٽگ بوٽ به هن کي ڇڪيو وڃي)
    • وڃايل زال جي بدلي ۾ ٻي حاصل ڪري سگهجي ٿي، پر وڃايل ڪردار وري نٿو ملي سگهي.
    (وڃايل ڪردار برابر واپس نٿو اچي، جيئن انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته:
    If money is lost nothing is lost
    If health is lost something is lost
    If character is lost everything is lost
    • پر هروڀرو ان مثال کي واضح ڪرڻ لاءِ زال جو مثال ڏيڻ به ضروري نه آهي.
    ملئي، جپاني ۽ چيني زبانن ۾ ڪيترائي پهاڪا عورتن جي خلاف آهن اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ ڪلهه جيئن جيئن عورت زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ حصو وٺي رهي آهي تيئن تيئن عورت بابت، گهٽ ۾ گهٽ اهي پهاڪا مجلسن ۾ گهٽ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. نه فقط ملائيشيا ۽ جپان جي شهرن ۾ پر چين جي به ڪيترن شهرن ۾ هاڻ عورت کي مٿاهون درجو ڏنو پيو وڃي. يورپين وانگر ڪٿي ڪٿي ايشيائي مرد پڻ عورت کي اڳيان هلڻ جي عزت افزائي ڪري ٿو. نه ته عورت کي ڪو مڙس پاڻ سان گهمڻ لاءِ به وٺي نه هلندو هو. اڄ به ڪيترين دعوتن ۾ جپاني آفيسر پنهنجي محبوبا يا آفيس سيڪريٽري کي ساڻ وٺي اچي ٿو باقي زال گهر ويٺي سندس اوسيڙي ۾ اٻاسيون ڏئي.
    هڪ برميءَ کان پڇيو ويو ته توهان جي ملڪ ۾ اها سٺي ڳالهه آهي، جو توهان عورت جي عزت ڪريو ٿا ۽ کيس اڳيان هلڻ ڏيو ٿا. ”ان ڪري جو.“ هن معصوميت مان وراڻيو، ”اسانجي ملڪ ۾ ٻي جنگ عظيم جا پوريل بم (MINES) اڃان تائين موجود آهن)
    • ننڍيون مڇيون ٺونگا هڻي مارين ان کان بهتر آهي ته ڪنهن واڳونءَ جي وات ۾ هليو وڃجي.
    • جڳ (JUG) جا ڪن ڪهڙا راز ٻڌي سگهندا.
    • غلط جوڙ جي شادي ائين آهي جيئن ڏينڀوءَ جي ڪوڙيئڙي جي ڌيءَ سان.
    • جڏهن سئي لنگهڻ جو بندوبست ٿيو آهي ته ڌاڳي گذرڻ جو به ٿي ويندو.
    (جڏهن ڪو ڪنهن ڪم لاءِ راضي ٿيو آهي ته وڌيڪ لاءِ به راضي ٿي ويندو)
    • ايڏو هٻڇي جيڏو ڊچ ماڻهو ڌرتيءَ لاءِ.
    (ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي ڊچن جي حڪومت رهي ۽ هو هڪ ٻئي پويان هن طرف جا ملڪ پنهنجي قبضي ۾ ڪندا ويا. ان تي هي پهاڪو ٺهيو. هونءَ به ڊچن به ملڪ هالينڊ (نيدرلئنڊس) ڌرتي گهٽ ۽ سمنڊ گهڻو آهي. جنهن کي ڊچ مٽيءَ سان ڀري ڌرتيءَ جي ايراضيءَ هر سال وڌائيندا رهن ٿا)
    • ڪاوڙ جو تکو جلدئي پوڙهو ٿئي ٿو.
    (هونءَ ملئي ماڻهو ڪاوڙ گهٽ ڪن ٿا يا گهڻي پر گهٽ ۾ گهٽ ان جو اظهار نٿا ڪن)
    • ڪتو سهي کي وساري سگهي ٿو، پر سهو ڪتي کي هرگز نه.
    (ڏاڍو ڪمزور کي وساري سگهي ٿو پر ڪمزور جنهن پنهنجو موت اکين سان ڏٺو هجي اهو ڪڏهن به ڏاڍي / ظالم کي _ وساري نٿو سگهي)
    • هر گانگٽ جي پنهنجي لذت آهي ۽ هر ماڻهوءَ جي پنهنجي سوچ آهي.
    • پير ترڪڻ تي جسم جو نقصان ٿئي ٿو.
    زبان ترڪڻ تي تعلقات ۽ ناڻي جو نقصان ٿئي ٿو.
    • سمنڊ جي اونهائي معلوم ڪري سگهجي ٿي، پر انسان جي اندر جي هرگز نه.
    (انسان جو اندر اونهو ٿئي ٿو. هن جي اندر ۾ ڇا وهي واپري ٿو ان جو ٻيو ڪو اندازو نٿو لڳائي سگهي)
    • گُليءَ جو هڪ ڦڙو کير جو سڄو جڳ خراب ڪري ٿو.
    (ڪڏهن ڪڏهن ٿوري شيءِ گهڻي کي خراب ڪريو ڇڏي)
    • ڏيڏر کڻي ڏينهن رات مينهن ۾ پاڻ پُسائي ته به هن جي کل اهائي کهري رهندي.
    (جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته سوين ڪرين سينگار ته به کودڙو پٽ کودڙي جو)
    • رولاڪ عورت ان باغ مثال آهي جنهن مان جانور جو ڌڻ لنگهي ويو هجي.
    (۽ رولاڪ مرد؟ پڪ عالم ۽ هوشيار. تڏهن ته هڪ پهاڪو آهي ته پٽ کي هوشيار بنائڻ چاهين ٿو ته هن کي سفر جي ترغيب ڏي. يعني ٻين لفظن ۾ هن کي رولاڪ بناءِ. باقي عورت لاءِ منفي سوچ آهي)
    • ان کي نه ڊاهجي جيڪو ٺاهي نه سگهجي.
    • ڪڪرن جي هڪ گوڙ تي پنهنجا دلا خالي نه ڪجن.
    هي پهاڪو ائين آهي، جيئن پاڻ وٽ سنڌيءَ ۾ آهي ته ڪڪر ڏسي دلا نه ڀڃجن. يا بيضا ڏسي ٻچا نه ڳڻجن.
    • وڏي گجگوڙ وارو شينهن ماڻهو نه کائيندو.
    (ظاهر آهي سندس گجگوڙ ماڻهن کي سامهون اچڻ کان خبردار ڪري ٿي. هي مثال شايد ائين هجي جيئن انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته ڀونڪندڙ ڪتو ورلي ڏاڙهي، يعني چڪ هڻي. هڪ ڀؤنڪندڙ ڪتي کان هڪ همراهه ڊڄي رهيو هو. تنهن تي ٻئي چيس ته ڊڄين ڇو ٿو؟ ڪتاب ۾ نه پڙهيو اٿئي ته ڀونڪندڙ ڪتو چڪ نه هڻندو آهي. تنهن تي پهرين وراڻيو: ”پڙهيو ته مون به آهي پر ڪهڙي خبر ته هن ڪتي پڙهيو آهي يا نه.“)
    • ڪلهو اهوئي کڻي ٿو، جيڪو هٿ کڻي.
    • مڇرن کي ماري، پنهنجي چمڙي خراب نه ڪجي.
    (ملائيشيا پاسي جي جهنگلن ۾ تمام گهڻو مڇر ۽ جيت جڻيا آهن. رات جي وقت ٻاهر نڪرڻ تي انهن کي رومال سان تڙي سگهجي ٿو. مارڻ (ڦيهڻ) سان منجهائن نڪرندڙ رت ۽ گند چمڙي يا ڪپڙن کي خراب ڪري ٿو ۽ هنن ملڪن ۾ ڪير ڪيترا ماري ڪيترا ماري سگهي ٿو)
    • مئل ماڪوڙي ڏسڻي اٿئي ته کنڊ جي پيالي ڏي نظر ڪر.
    • اهڙو ڇتو جهڙو بانس ۾ ڏينڀو.
    (ڏينڀو جي ڏنڊيءَ ۾ وڃڻ بعد منجهي پوندو آهي. سمجهه ۾ نه ايندو اٿس ته ڪيئن نڪران ۽ ان هڻ هڻان ۾ ڇتو ٿي پوندو آهي)
    • واعدا هاٿيءَ جي نيشن (Tusks) وانگر هجڻ کپن، جيڪي هڪ دفعو نڪرڻ تي وري وڃي نه سگهن.
    (يعني هڪ دفعو واعدو ڪجي ته ان کي ضرور پاڙجي. واعدو ڪري ڦري وڃڻ، مڙسن جو ڪم ناهي)
    • انسان ڄمڻ کان اڳ پيٽ ۾ قيد رهي ٿو ڄمڻ بعد ريتن رسمن جو قيدي ۽ مرڻ بعد قبر ۾ قيد ٿئي ٿو.
    (ملائيشيا _ انڊونيشيا پاسي رسم رواج جو وڏو خيال رکيو وڃي ٿو. ايتري قدر جو هڪ چوڻي آهي ته اولاد جي وڃي ته ڀلي وڃي پر رواج نه وڃي)
    • کيکڙو پنهنجن ٻچن کي سڌو هلڻ ڇا سيکاريندو؟
    کيکڙي جون ٽنگون اهڙيون ٿين جو هو پاڻ به سڌو هلڻ بدران هميشه ڦڏو هلي ٿو. مطلب اهو ته اهو استاد جنهن کي خود به علم نه هجي ته اهو پنهنجن ٻچن يا شاگردن کي ڇا سيکاريندو.
    • آزمايل کي وري آزمائڻ بيوقوفي آهي.
    سنڌيءَ ۾ پڻ چوڻي آهي: ”آزمائي کي آزمائڻ، ڌوڙ منهن ۾ پائڻ“
    (هڪ طوطي جي باري ۾ مشهور هو ته هن کي انگريزي، سنڌي اڙدو ۽ پنجابي زبانون اچن ٿيون. هڪ همراهه هن جو امتحان وٺڻ لاءِ چيو: ”هائون ڊو يو ڊو؟“
    طوطي وراڻيو: ”آءِ ايم فائين. هائو آر يو؟“
    ”ڇا حال آهي تنهن جو؟“ هن هاڻ سنڌيءَ ۾ پڇيس.
    ”سٺو آهي ڀائو.“ طوطي جواب ڏنس.
    ”سنائو کيسي هو؟“ هاڻ طوطي کان اڙدوءَ ۾ پڇيائين.
    ”مين ٺهيک هون.“ طوطي هاڻ ڪجهه بيزاريءَ مان جواب ڏنس.
    ”کيا حال اي تيرا.“ هاڻ هن صاحب پنجابيءَ ۾ سوال ڪيس.
    ”اوئي اُلو دي پتر کچهه هور گل وي کر که حال اي پچهي جائين گا.“
    • توکي تنهنجي وارن جو اسٽائيل نيبهه هجي ۽ مون کي منهنجي ٽوپي.
    (هر هڪ کي اهو ڪرڻ کپي جيڪو هن کي پسند اچي)
    • بدڪ جا بيضا ڪڏهن ڪڏهن ڪڪڙ ڦوڙيندي آهي.
    • مٺي کنڊ ۾ هميشه ٿوري واري به ٿئي ٿي.
    • ست گهر بدلائڻ غربت جي نشاني.
    (ظاهر آهي ته غريب ماڻهوءَ کي مسواڙ نه ڏيڻ تي گهر ڇڏڻو پوي ٿو. پاڪستان هندستان ۾ مسواڙيءَ کي ڪڍڻ ڏکيو ڪم آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪورٽ ۾ سڄي عمر ڪيس پيا هلندا آهن. پر ملائيشيا جو قانون ان سلسلي ۾ اهڙو سخت آهي جو مسواڙ نه ڏيڻ تي يا گهر جي مالڪ کي گهر واپس گهڙڻ تي مسواڙيءَ کي گهر هڪدم خالي ڪرڻو پوي ٿو)
    • جهاز جي تباهي، شارڪ جي مهماني.
    (شارڪ مڇي خطرناڪ سمجهي وڃي ٿي. هوءَ نه فقط سڄي ماڻهوءَ کي ڳهيو وڃي پر پنهنجن وڏن تکن ڏندن سان ڪپيو به ڇڏي. هوءَ سمنڊ ۾ هر وقت شڪار لاءِ انسانن جي ڳولا ۾ رهي ٿي. جهاز جي ڀڄڻ تي ظاهر آهي هن لاءِ عيد ٿيو وڃي)
    • هڪ ڪڪڙ جي ٻانگ نه ڏيڻ ڪري سج اڀرڻ ۾ ڪو دير نه ڪندو.
    (ڪيترا ماڻهو پاڻ کي غير ضروري طور اهم سمجهن ٿا. هو اهوئي سمجهن ٿا ته هر ڳالهه انهن ڪري ٿئي ٿي. هاڻ جي ڪو ڪڪڙ اهو سمجهي ته سندس ٻانگ ڏيڻ تي سج اڀري ٿو ۽ هو جي ٻانگ نه ڏيندو ته سج نه اڀرندو ته اها سندس سراسر غلطي ۽ بيوقوفي چئبي)
    • ٽٽل ڌاڳو ڳنڍجي سگهي ٿو پر ڀڳل ڪوئلو ڪڏهن به نٿو جڙي.
    • عورت جي زبان ڳڙ به آهي ته زهر به.
    (نشي ۾ ڌت هڪ شرابيءَ رات جو ٽين وڳي ڪنهن ڌارئين گهر جو بيل وڄايو ان گهر ۾ رهندڙ عورت دريءَ مان نهاري چيس: ”ڀڄي وڃ لفنگا ڪٿي جا! هي تنهنجو گهر ناهي موالي ڪنهن جاءِ جا. ٽرين ٿو يا سڏيان پوليس کي!“
    شرابيءَ ڀُٽڪندي چيو: ”ڪمال آهي. زبان ته بلڪل منهنجي زال جهڙي آهي.“)
    هڪ اهڙي بدگفتار زال بابت ”قتيل شفائي“ جو شعر ياد اچي رهيو آهي:
    ايک شوهر ني دعا مانگي
    سن! اي ميري رب جليل:
    يه جو ميري بيوي بدگفتار هي
    جان کا آزار هي
    يا تو سيدها راسته اُس کو دکها
    يا اسي بيوه بنا
    • ڪانگ کي ڪيترو به گلاب جي پاڻيءَ سان وهنجاريو پر اهو اڇو ٿي نٿو سگهي.
    (ڪانگ ڪارو ئي رهي ٿو، چاهي هن کي ست ٽٻڪيون ڏنيون وڃن)
    • هڪڙي ڪتي جي ڀؤنڪار جبل نٿي ڏاري.
    • ڪُمي هزارين بيضا به ماٺ ۾ ڏئي ٿي، ڪڪڙ هڪ بيضو لاهڻ مهل سڄي ڳوٺ کي ٻڌائي ٿي.
    (ڪي ماڻهو ڪُميءَ جيان ماٺيڻي طبيعت جا ٿين ٿا ۽ وڏا وڏا ڪم خاموشيءَ سان سرانجام ڏيندا رهن ٿا، پر ڪي ماڻهو معمولي ڪم به ساهي ساهي ڪندا ڄڻ جڳ تي ٿورو پيا ڪن)
    • ڪڏهن ڪڏهن گلاب جو گُل، ڀولڙيءَ جي به ور چڙهيو وڃي.
    (ڪڏهن سٺيون شيون نااهل ماڻهن کي مليو وڃن)
    • شينهن جي ٻچي کي گوشت کائڻ جي سکيا جي ضرورت ناهي.
    • ڄاريءَ ۾ ڪوبه هوا جهلي نٿو سگهي.
    • سمنڊ ۾ درياهه جو پاڻي پوڻ سان مٺو نٿو ٿئي.
    (اجائي ڪوشش ڪرڻ. اها هڪ ناممڪن ڳالهه آهي، سمنڊ جو پاڻي ايترو کارو ۽ ماپ ۾ گهڻو آهي جو دنيا جا سڀ درياهه سمنڊ ۾ وڃڻ بعد به ڪو فرق نٿو پوي)
    • مڇر ڀڄائڻ لاءِ ڇت کي باهه ڏيڻ.
    (هي پهاڪو ائين آهي جيئن پاڻ وٽ سنڌيءَ ۾ آهي ته: ”جيري خاطر ٻڪري ڪُهڻ“)
    • منهن ۾ ماکي اٿس پر پڇ ۾ ڏنگ.
    (ڪي ڪي ماڻهو زبان جا تمام مٺا ٿين پر اندر جا کُنڊا. انهن لاءِ ئي هي پهاڪو آهي ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ ملئي زبان ۾ هڪ ٻيو پهاڪو پڻ آهي ته: ٻاهران لسو لسو، اندران ڪپ وانگر تکو)
    • لوڏڻ سان گڏ ٻار کي چهنڊڙيون هڻڻ.
    (اندر جو ميرو ماڻهو. يعني ظاهري طرح ٻار کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ پينگهي ۾ لوڏا ڏيڻ پر ڳجهه ڳوهه ۾ هن کي چهنڊڙيون هڻي رئارڻ يا جيئن چوندا آهن ته چاچي به چوڻ ۽ چهنڊڙيون به پائڻ)
    • ڌرتيءَ تي جتي ٽڪريون آهن، اتي ماٿريون پڻ آهن.
    (زندگيءَ ۾ مٿاهين سان گڏ هيٺايون پڻ آهن. خوشين سان گڏ ڏک به آهن يا جيئن چوندا آهن، جيڏيون چاڙهيون، تيڏيون لاهيون، جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا)
    • ٻٽي منهن واري ڪارائي ٻيڻو نقصان رسائي ٿي.
    (هوءَ اڳيان وڌڻ تي به ڪپي ٿي ته پاڻ ڏي ڇڪڻ تي به ڪپي ٿي)
    • وار کڻي سڀني جا ڪارا آهن، پر هر انسان جي دل مختلف آهي.
    کٽڻ يا هارائڻ اهم ناهي. پر کيڏڻ ۾ خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ اهم ڳالهه آهي.
    • لالانگ پوکڻ سان چانور نه اڀرندا.
    (ملائيشيا ۾ اڀرندڙ بيڪار گاهه جو نالو ”لالانگ“ آهي، جيئن اسان وٽ ڊڀ ۽ ديويون. هي پهاڪو ائين آهي جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”جَوَ پوکي ڪڻڪ ڪين لڻبي“)
    • هاٿيءَ جي چپن تي ڪمند پوکڻ.
    (اهو پهاڪو ائين آهي جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته جَوَ ڍاري گڏهه رکپال ڪرڻ. ڳنو يا ڪمند هاٿيءَ جي دلپسند شيءِ آهي، جنهن جي کائڻ لاءِ هو جان جي بازي لڳائي ڇڏيندو آهي ۽ اها شيءِ ويتر هن جي چپن تي هجي ته پوءِ ڀلا ڪيئن ٿي بچي سگهي)
    • نڪمو نينگر ماءُ پيءُ تي دائيءَ جي في جي چَٽي.
    (ملائيشيا ۾ اڪثر عورتون پنهنجي ڏنگي ٻار کي دڙڪي ڏيڻ وقت چونديون آهن ته تو پٺيان دائيءَ جي في به وئي. يعني تنهنجي ڄمڻ کان ته بهتر هو ته نه ڄمين ها. گهٽ ۾ گهٽ دائيءَ کي ڏنل فيءَ جا پئسا بچن ها)
    • جبل جي گدامڙي ۽ سمنڊ جي لوڻ جو ميلاپ ڪني ۾ ئي ٿئي ٿو.
    (ڪٿي جي ڪنوار ڪٿي جي گهوٽ جو جيڪڏهن لکيو آهي ته ميلاپ ٿيو وڃي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته اغرب جي ڪنوار مغرب جو گهوٽ)
    • ننڍو آهي، پر آهي ته شينهن جو ٻچو.
    (اهم شيءِ سان واسطو هجڻ)
    • ٻليءَ وانگر ڀلي وهجي پر چيتي وانگر ڇال ڏيئي اٿجي.
    • ڪجهه ماڻهن لاءِ ”چار“ اڪي انگي ٿئي ٿو ۽ ”پنج“ ٻڌي.
    (ڪن ماڻهن جي سوچ اونڌي ٿئي ٿي ۽ هو ان کي قائم رکڻ لاءِ ضد تي رهن ٿا)
    • جتي ڪو پکي نه آهي، اتي اڪ مڪڙ به عقاب سڏائي.
    (جيئن پاڻ وٽ آهي ته: ”جتي وڻ ناهي اتي ڪانڊيرو به درخت.“ يا ”انڌن ۾ ڪاڻو راجا.“)
    • سڄي سال جي گرمي مينهن جي هڪڙي وسڪاري ۾ هليو وڃي.
    (ڪن ماڻهن جون مهربانيون ٻين جي زندگيءَ جا ڏک درد ختم ڪريو ڇڏين)
    • ڪانگ پاڻ نٿو رنڱائي پر ڄمي ئي ڪارو ٿو.
    • جيڪو پري کان بيهي زور سان ڀؤنڪي ٿو، ويجهو ٿيڻ تي پڇ ٽنگن ۾ لڪائي ٿو.
    • پڪل اَن ۾ ڳيرا دليريءَ سان هلن ٿا.
    • هر ماڻهوءَ جو پنهنجو دماغ ۽ پنهنجي سوچ ٿئي ٿي.
    • ڪنڊي کي تکو ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت.
    (جيڪا شيءِ اڳهين تکي آهي، ان کي ڇا چهنبدار ڪبو)
    • وڻنئي ته ڏهه کڻ، وڻنئي ته ٻه دفعا پنج کڻ.
    (جيئن پاڻ وٽ چوڻي آهي ته: ”جهڙيون ٽي ويهون تهڙي سٺ“)
    • ٻرندڙ گهر جو دونهون ته هرڪو ڏسي سگهي ٿو، پر دکندڙ دل جي ڪنهن کي ڪهڙي خبر.
    • اڏامندڙ پکيءَ کي ڏسڻ سان مسالا ڪٽڻ شروع نه ڪجن.
    (ملئي عورتون مسالو تيار رکڻ بدران روز جو روز ڪٽين.مڙس ڳنڌڻ وٺي ايندو آهي يا وٺڻ ويندو آهي ته ان وقت ٻه چار ڳاڙها مرچ، هئڊ ٿوم جهڙيون شيون کڻي حمام وجهي دستي سان ڪٽ ڪٽ شروع ڪنديون آهن ۽ ان دستي جي ڪٽ ڪٽ ٿئي معنى پاڙي واري ٻوڙ رڌڻ واري آهي. پر هتي آسمان ۾ اڏامندڙ پکي ڏسي مسالا ڪٽڻ ائين آهي، جيئن پاڻ وٽ چوڻي آهي ته: ”بيضا ٻچا ڳڻڻ“ يا ”پاڻيءَ کان اڳ لٽا لاهڻ.“)
    • شينهن جي چنبن مان مينهن ڇڏائڻ.
    (خوفناڪ ۽ جو کائتن ڪمن ۾ هٿ وجهڻ)
    • اهو سوچي ڍڳي سان ملهه نه وڙهجي ته هو سڱن بنا آهي.
    • هٿيار هٿ ۾ نه هجي ته آڻ ئي مڃجي.
    (جتي پُڄي نه سگهجي اتي ڀڄي پاسو ڪجي. يا جيئن چوڻي آهي ته: ”جتي پڄي نه سگهجي، اتي ڀڄڻ ڪم وريام جو“)
    • سٺيون تجويزون سوچڻ ۾ وقت لڳي ٿو.
    • منڊي هاٿيءَ کي پاڻ سان وٺي هلڻ وارو نيٺ ته هن هيٺان چيڀاٽبو.
    • ٻوڙ سٺو ته ڀت خراب، ڀت سٺو ته ٻوڙ خراب.
    (يعني هڪ ئي وقت ٻئي شيون سٺيون نه هجڻ ڪري ڳالهه خراب ٿي پوڻ)
    • رندي جي ڪم جي واکاڻ ڪئي وڃي ٿي، پر ڪارائيءَ جي ڪم کي وساريو وڃي ٿو.
    (ڪارائي جيڪا ڪاٺ کي وڍي، ان خاص شيءِ جي شڪل ۾ آڻي ٿي، ان جي ايتري ڳالهه نٿي ٿئي، جيتري رندي جي، جيڪو ڪرسي يا ميز کي آخري شڪل ڏئي لسو ڪري ٿو)
    • قيمتي هيرو ڇيڻي ۾ ڪرڻ سان پنهنجي قيمت نٿو وڃائي.
    (اتم شيءِ اتم ئي رهي ٿي پوءِ کڻي ڪٿي به هجي، ان سان هن جو قدر ۽ قيمت نٿو گهٽجي. لعل گودڙيءَ ۾ به اوترائي اهم ٿين ٿا)
    • هر مرد جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن اهڙو ڏينهن به اچي ٿو جو هو فرشتو آهي ۽ عورت جي زندگيءَ ۾ اهڙو به ڏينهن اچي ٿو، جڏهن هوءَ شيطان مثل آهي.
    • ڪريل وڻ تي ڪڇون به چڙهي سگهي ٿو.
    • ماڻهو هاٿي ۽ شينهن جو شڪار ته ڪري سگهي ٿو، پر کٽ ۾ ڦاٿل منگهڻ کي ڇا ٿو ڪري سگهي.
    • ڪيلن جي جهيڙي جو فيصلو ڪڏهن به ڀولڙي کان نه ڪرائجي.
    (نه ته اهو ٿيندو چور کي چوڪيدار بنائڻ)
    • عورت جتيءَ مثال آهي، جنهن جو ڪم مڙس جي پير جي حفاظت ڪرڻ آهي.
    (عورت کي گهٽ سمجهڻ وارن پهاڪن مان هي به هڪ آهي، جنهن جو استعمال ڪيترن ئي ملڪن ۾ عام ٿئي ٿو. ملائيشيا ۾ پڻ اها چوڻي عام آهي ته: Anak dara tiga se _ Kupang معنى هتي ٽي ڪنواريون عورتون ٽن سينٽن ۾ ملن ٿيون. يعني انهن جو ڪو قدر ناهي. ٽڪي ٽيهه وارو حساب آهي)
    • پنهنجي به وڃائڻ ٻئي جي به وڃائڻ.
    • (ڪي ڪي بيوقوف ماڻهو پنهنجي موڙهيل مت پاڻ سان گڏ ٻين کي به منجهائيندا آهن.
    ڪنهن بي روزگار کي سندس دوست هڪ نوڪريءَ بابت ٻڌايو. ”نوڪري آهي پر عجيب قسم جي اٿئي. ڪري سگهين پگهار سٺو ملندءِ. نوڪري هيءَ آهي. چڙيا گهر جو رڇ مري ويو آهي، جيسين رڇ جيئرو هو ته ٺينگ ٽپا ڏيئي ٻارن کي وندرائيندو هو ۽ چڙيا گهر جي چڱي ڪمائي ٿيندي هئي. هاڻ رڇ نه هجڻ ڪري ماڻهن اچڻ ڇڏي ڏنو آهي.“
    ”پوءِ مون کي ڇا ڪرڻو پوندو؟“ بيروز گار پڇيو.
    ”توکي ان مئل رڇ جي کل پائي رڇ جي پڃري ۾ ٺينگ ٽپا ڏئي ٻارن کي وندرائڻو پوندو.“ دوست ٻڌايس.
    بيروزگار کي ڳالهه وڻي ۽ ٻئي ڏينهن کان رڇ جي کل پائي رڇ واري پڃري ۾ ٽپا ڏيڻ لڳو. هڪ دفعو ٻارن جو اچڻ شروع ٿي ويو. ٻار به خوش، چڙيا گهر جا مالڪ به خوش ۽ هي بيروزگار به خوش. هڪ ڏينهن ٻارن جي وڏين تاڙين وڄائڻ ڪري هي همراهه تمام گهڻو جوش ۾ اچي ويو ۽ اڃان به وڏا وڏا ٽپ ڏيڻ لڳو. هڪڙو ڪو ٽپ ڏنائين جو پنهنجي پڃري ۾ ڪرڻ بدران ڀر واري پڃري ۾ وڃي ڦهڪو ڪيائين، جيڪو شينهن جو پڃرو هو.
    شينهن کي ڏسندي هن بيروز گار جو ساهه سڪي ويو ته هاڻ سر ويو. شينهن پنهنجي جاءِ تان اٿي رڇ ڏي وڌڻ لڳو ۽ پوءِ بلڪل رڇ جي اڳيان پهچي کيس ڪن ۾ چيو:
    ”نڀاڳا! پنهنجي نوڪريءَ جو فڪر نه اٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نوڪريءَ جو ته خيال ڪر.“)
    • عورت جي حوالي گهر ڇڏڻ ائين آهي، جيئن باندر جي هٿ ۾ سکان.
    (هنڌ سنڌ جي عورت وانگر ملئي چيني جپاني عورت پڻ مرد اڳيان مجبور آهي، جنهن عورت کي هر مصيبت جو سبب بڻايو آهي)
    • جيڪو پنهنجي ٻار تي آسرو رکي ٿو، اهو هڪ اک کان ڪاڻو آهي،
    جيڪو ڌارئين ماڻهوءَ تي آسرو رکي ٿو، اهو ٻنهي اکين کان انڌو آهي.
    • ٿُڪ ڦٽي ڪر ته پيءُ ٿو مري. واپس ڳهڻ سان ماءُ ٿي مري.
    (يعني هڪ اهڙي حالت جنهن ۾ هر نموني سان ڪجهه نه ڪجهه نقصان ٿيڻو آهي)
    يا جيئن سنڌ ۾ چوڻي آهي ته: ”اڳيان ڀت، پويان باهه.“
    • سڪل مڇيءَ مان رت ڪڍڻ سولو آهي پر ڪنجوس مان پئسو ڪڍڻ ڏکيو ڪم آهي.
    (سڪل مڇيءَ ۾ جيتوڻيڪ رت نه ٿئي ۽ اهو ڪڍڻ ناممڪن ڳالهه آهي پر ڪنجوس مان پئسو ڪڍڻ ان کان به ڏکيو ڪم آهي، جنهن لاءِ پاڻ وٽ چوندا آهن: ”ڏاند ڏهڻ“)
    • ٻار مري ته ڀلي مري پر رسم مرڻ نه کپي.
    (ملئي ماڻهو رسم پوري ڪرڻ جي معاملي ۾ تمام سخت آهن. مري جُهري، قرض کڻي به زماني جي وهنوار کي منهن ڏين ٿا)
    • جونءِ مٿي کي نه کائيندي ته ٻيو ڇاکي کائيندي.
    (يعني هن لاءِ اها ئي هڪ شيءِ آهي، جتي گذارو ڪرڻو اٿس)
    • ٻڪرين جي وچ ۾ هجين ته ٻيڪار، مينهن جي وچ ۾ هجين ته بان بان ڪر.
    (جيئن پاڻ وٽ چوڻي آهي ته هڪ ٽنگي جي ملڪ ۾ وڃجي ته ٻي ٽنگ ورائي ڪلهي تي رکجي)
    • الله پٿر ۾ بند ٿيل جيت کي به رزق پهچائي ٿو.
    • گانگٽ مڇيءَ کي ٿو گڪو چوي.
    (سامونڊي مخلوق ۽ سڀ کان گڪو گانگٽ آهي. اهو ٻئي کي، خاص ڪري مڇيءَ کي جيڪا بيحد لسي ٿئي ٿي، ڪيئن ٿو گڪو چوي. اها سراسر بيوقوفي ائين آهي جيئن پاڻ وٽ مينهن لاءِ چوڻي آهي جيڪا پاڻ سڄي ڪاري آهي پر کيس ڪارنهن نظر نٿي اچي رڍ کي ٿي چوي: ”هل ڙي پڇ ڪاري هل“ يا پرڻ چوي ٽوئي کي ”هل ڙي ٽي ٽنگا هل“ يعني پرڻ کي پنهنجا انيڪ ٽنگ نظر نٿا اچن پر ٽوئي جا ٽي ٽنگ نظر اچنس ٿا)
    • ڪڪڙ جي کنڀن ۾ ڍڪيل گدڙ کان به ڊڄڻ کپي.
    • ڇاڻي ڇا سج کي لڪائيندي.
    (جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته کاريءَ هيٺ سج لڪائي نٿو سگهجي يا واريءَ کي ٻڪن ۾ جهلي نٿو سگهجي. سلطانا وقاصيءَ جو هڪ آزاد نظم آهي:
    ”مــان پــــــنهـــنــجو پــــــاڻ کــــــي ڳــــوليو آ،
    مـــان پـــــنــهـنــجو پــــــــــاڻ کــــي وڃـــايو آ،
    پاڻـــــــــــــيءَ جــــــــــــــــــــــــــي وهـــــــڪ کي،
    ٻـــــــــــڪن ســــــــــــــــــــــــــــــــــان روڪـــــــي،
    وٿـــــــــــــين مــــــــــــــــــــــــــــــان وهـــــــــــــايو آ“)

    • ڪي ماڻهو ايترو هوشيار ٿين ٿا، جو ٽپ ڏيندڙ مڇيءَ جي جنس ٻڌايو وڃن ته نر آهي يا مادي.
    (هي ائين آهي جيئن اڙدوءَ ۾ چوندا آهن، ”اڏامندڙ جهرڪيءَ جا پر ڳڻي وٺڻ“)
    • ڏينڀن جي ککر مٿان پير نه رکجي.
    (جيئن پاڻ وٽ چوڻي آهي ته نانگ جي ٻر ۾ پير نه وجهجي)
    • گوشت ۽ چرٻي ٻين حوالي ٿي وئي اسان لاءِ بچيا هڏا ۽ کنڀ.
    منهنجي هڪ ملائيشيا جي دوست سيشل راجيندرا پنهنجي انگريزي شاعريءَ جي ڪتاب جو نالو مٿئين ملئي چوڻي مان BONE & FEATHERS” رکيو آهي.
    • “The flesh & fat have gone to others,
    • We are left with bones & feathers”.
    • ڪڪڙ هلي وئي فقط سندس وِٺِ رهجي وئي.
    • نانگ ويو نڪري، ليڪو ويٺو ڪٽجي.
    • اهو جنهن کي رستي جي خبر ناهي پڪ واپس ئي موٽندو.
    • وات ڪري جسم ڀري.
    (هڪ جو غلطيءَ جو ڏوهه ٻيو ڀري. انڪري وات تي ضابطو رکڻ ضروري آهي، يا جيئن چوندا آهن: ”وات کائي، اکيون لڄائن“)
    • پئسي ختم ٿيڻ بعد فقط بيوقوف ئي خريداريءَ جو سوچين ٿا.
    • جهڙو وچ تي تهڙو پاسي تي.
    (ڪيترين ڳالهين ۾ ان جي اهميت ناهي ته ڪير اڳيان ويٺل آيا يا پٺيان، پاسي تي آهي يا وچ تي)
    • ڦڏي ٿنڀي جو پاڇو ڪڏهن به سڌو نه ٿيندو آهي.
    (پر سڌي شيءِ جو پاڇو ته سڌو اچڻ کپي. ڪو همراهه پنهنجي سس جي گلا ڪري رهيو هو ته هوءَ فقط ڏسڻ ۾ سڌي آهي پر اندر جي ڏنگي آهي. ايتري قدر جو سندس پاڇو به ڏنگو ڦڏو اچي ٿو.
    ملان نصيرالدين جي سس درياهه ۾ لڙهي وئي. هو هن کي درياهه جي وهڪري سان گڏ لهوارو ڳولڻ بدران اوڀارو ڳولڻ لڳو. ڳوٺ جي ماڻهن سمجهايس ته وراڻيائين:
    ”بابا توهان کي خبر ناهي ته منهنجي سس ڪيڏي ابتي دماغ جي هئي. مرڻ کان پوءِ به هن ابتو رستو اختيار ڪيو هوندو“)
    • قسمت ۾ نه هوندو ته وات ۾ پيل گرانهه به ڪري پوندو يا جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: ”پڪي ماني يا نصيب“
    (ان ڪري ته انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته:
    • There is always a slip
    • Between cup and lip.”
    جيڪو گرانهه جنهن جي نصيب ۾ آهي ان کي ئي ملي ٿو. جيئن اڙدوءَ ۾ چوڻي آهي: ”داني داني پر لکها هي کهاني والي کا نام.“
    ۽ اڄ ڪلهه جي پوليس ۽ ٿاڻن جي حالتن تان ان چوڻيءَ مان اها به ٺاهي وئي آهي ته:
    ”تهاني تهاني په لکها هي، آني والي کا نام.“
    • مينهن جي ڌڻ تي پهرو ويهاري سگهو ٿا پر انسان جي سوچن تي هرگز نه.
    • جيڪڏهن منهن نانگ جو اٿس ته پڇ مڇيءَ (EEL) جو ٿي نٿو سگهي.
    • ڏکويل دل کي ماکي به کٽي لڳي ٿي.
    (جيءُ خوش ته جهان خوش. پر انسان کي اندر ۾ ڪا جهوري لڳل آهي ته هن کي ڪابه ڳالهه نٿي وڻي)
    • مٺي ڪمند کي چوسڻ لاءِ سخت پاسا ڇلڻا پون ٿا.
    (ڏکن پٺيان سک آهن. محنت ۾ راحت آهي)
    • جوا ۾ هارائڻ ڦلهير مثل آهي ۽ کٽڻ ڪوئلي مثل.
    (جيئن پاڻ وٽ جواريءَ لاءِ چوڻي آهي ته جوا ۾ جيڪو کٽي ان جو اڌ منهن ڪارو، جيڪو هارائي ان جو سڄو منهن ڪارو. مطلب اهو ته جوا ۾ ڪنهن به ڌر کي ڪجهه به هڙ حاصل نٿي ٿئي. وقت ۽ صلاحيتن جو زيان آهي)
    • بي خياليءَ سان ڪم ڪرڻ کان بهتر آهي ته نه ڪجي.
    • اڃايل کي پاڻي ڏجي ۽ بکايل کي چانور.
    (جنهن انسان کي جنهن شيءِ جي گهرج هجي ان جي اها ضرورت پوري ڪجي يا جيئن شاهه سائين چيو آهي ته: اڃيو تان آب گهري بکيو تان طعام“)
    • ماڻهو سمنڊ تي ٻڏندا آهن، اسين زمين تي ئي ٻڏي ويا آهيون. سنڌيءَ ۾ عام چوڻيءَ آهي ته ٻڏڻ واري لاءِ ڍڪڻ ۾ ڍُڪ ڪافي آهي.
    • پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي. تازي شادي شده جوڙي وٽ گهمڻ نه وڃجي.
    • مڇر مارڻ سان خارش نه ويندي.
    • بدڪردار عورت ناريل جي خالي کوپي وانگر آهي، جيڪو پاڻيءَ ۾ ڪڏهن هيڏي رُخ رکي ٿو ته ڪڏهن هوڏي.
    • عشق جي باهه مرضيءَ سان ٻاري ۽ ساڙي.
    تڏهن ته چاچي غالب چيو آهي ته:
    • عشق پر زور نهين يه وه آتش هي غالب
    • جو لگائي نه لگي اور بجهائي نه بجهي
    ٻي ڪنهن باهه ۾ سڙڻ بعد وري به ڪجهه نه ڪجهه بچندو آهي پر عشق جي باهه ۾ ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو وجود به وڃائي وهندا آهن. تڏهن ته شايد ”ميران“ چيو آهي:
    • لکڙي جل بهئي کوئله، کوئله جل بهيو راکهه
    • مين پاپن ايس جلي نه کوئله بهئي نه راکهه
    • هارايل فوجيءَ کي بهادريءَ جون ٻٽاڪون نه هڻڻ کپن.
    ملايا جيتوڻيڪ ٻي جنگ عظيم ۾ هارايو پر هتي ڪيترا ملئي، پاڪستان هندوستاني ۽ انگريز پوڙها سپاهي ملندا جن جو مشغلو پنهنجون سچيون ڪوڙيون ۽ خيالي ڳالهيون ٻڌائي ٻين کي مٿي ۾ سو وجهڻ آهي. شايد اهڙي هڪ فوجيءَ جي هيٺين ڳالهه آهي.
    هڪ رٽائرد فوجيءَ پنهنجي دوست اڳيان نقشو وڇائي چيو:
    ”ڏس هيءَ اها جاءِ آهي جتي جپانين جي فوج سان اسانجي وڏي ويڙهاند ٿي. هن جاءِ تي منهنجي ٻانهن ڦٽجي پئي هئي ۽ هن جاءِ کان سوا کن وال پري هي جيڪو وڻن جو جهڳٽو آهي اتي منهنجو کاٻو پير مڙي پيو............“
    ٻڌندڙ جيڪو بيزار ٿي رهيو هو تنهن سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيس:
    ”هاڻ اها جاءِ ڏيکار جتان تنهنجو دماغ خراب ٿيو هو.“
    • موت اهو جو انسان سان گڏ هن جا مسئلا به ماري.
    ضروري ناهي ته موت بعد ماڻهوءَ جا مونجهارا به ختم ٿي وڃن. ڪيترا ماڻهو مسئلن کي منهن ڏيڻ بدران موت کي پنهنجو ڪن ٿا. پر ضروري ناهي ته مرڻ بعد انسان دنيا جي مشڪلاتن مان نجات حاصل ڪري سڪون ماڻي سگهندو. تڏهن ته اڙدوءَ جي هڪ شاعر چيو آهي ته:
    • اب تو گهبرا کي يه کهتي هين که مرجائين،
    • اگر مر کي بهي چين نه آيا تو پهر کهان جائين گي.
    ظاهر آهي جنهن موت کي همدرد سمجهي ڪو چنبڙي پوي اهو جيڪڏهن ايترو به سک نه ڏئي جيترو زندگيءَ ۾ هو ته پوءِ اهڙي موت مان ڪهڙو فائدو.
    ان تان مون کي مشتاق يوسفي جي ڪتاب زرگزشت جو هڪ ڪردار پٺاڻ چوڪيدار ياد اچي ٿو، جيڪو جمع نماز تي خطبو ٻڌي رهيو هو، جنهن ۾ مولوي صاحب ٻڌائي رهيو هو ته جيڪو مسلمان مومن چڱا ڪم ڪندو، ان کي قيامت بعد جنت ۾ سندس زال حور ٿي ملندي. اهو ٻڌي پٺاڻ ٿڌو ساهه کڻي چيو: ”ايسي مرني سي کيا فائدا!“
    • نالو دل جو ٿئي ٿو پر مزو اکيون پسن ٿيون.
    محبوب ڏي اشارو آهي ته اکيون ئي ان جو انتظار ڪن ٿيون. اهي ئي ديدار پسن ٿيون. شايد ان ڪري هي شعر چيو ويو آهي:
    • ”کانگا سب تن کهائيو، چن چن کهائيو ماس،
    • دو نينان مت کهائيو، انهين پيا ملن کي آس.“
    • اکيون ته نُور نه ته ڀتر.
    اکيون جسم جو اهم حصو آهن، اکين جي روشني يعني نور قائم آهي ته سڄي دنيا پسي سگهي ٿي بنا نور جي اکيون ڀترن برابر ئي ٿيون. پر انهن ماڻهن جو ڇا چئجي، جن کي اکيون هوندي به انهن جو استعمال نٿا ڪن.
    رات جي وقت موٽر سائيڪل تي ويندڙ هڪ سک جو سامهون ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪر ٿي ويو. ڪورٽ ۾ جج ٽرڪ واري کان پڪ ڪرڻ بعد ته ٽرڪ جون بتيون ٻريون پئي سک کان پڇيو: ”جڏهن تو سامهون ايندڙ ٽرڪ ڏٺي ته وچ مان بدران پنهنجو پاسو ڇو نه ڪئي؟“
    سک وراڻيو: ”سائين مون سمجهيو ته سامهون ٻه موٽر سائيڪلون پيون اچن ۽ آئون انهن جي وچ مان لنگهي ويندس.“
    • عقلمند لاءِ اشارو ڪافي آهي.
    بلڪ ڪيترا دفعا عقلمند يا ڏاهو بنا اشاري جي به ڳالهيون سمجهيو وڃي ۽ غلط ڪم کان پاڻ کي پر رکي ٿو. ڀلا هن ڏاهي سمجهدار ڳوٺاڻي بابت توهان جو ڇا خيال آهي؟
    هڪ ڳوٺاڻي جو گڏهه مسجد ۾ گهڙي آيو. امام کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. لٺيون هڻي گڏهه کي ٻاهر ڪڍيائين ۽ ٻاهر بيٺل سندس مالڪ کي چيائين:
    ”ڪجهه ته خيال ڪر، گڏهه کي کڻي مسجد ۾ ڇڏيو اٿئي.“
    ڳوٺاڻي مسڪين صورت ٺاهي چيس: ”مولوي صاحب گڏهه بي زبان ۽ بي سمجهه آهي، تڏهن تنهنجي مسجد ۾ هليو آيو. آئون ڪو ڪڏهن تنهنجي مسجد ۾ آيو آهيان.“


    چيني پهاڪا ۽ چوڻيون

    CHINESE PROVERBS
    • ايماندار جج جا ڏٻرا نوڪر ٿين. نالي چڙهي ديوتا جا متارا ٻاوا ٿين.
    (ظاهر آهي ايماندار جج نه پاڻ رشوت وٺندو نه پنهنجن نوڪرن کي مال کارائيندو)
    • اونهاري ۾ ٻنيون نه ڇڏجن، سياري ۾ گهر نه ڇڏجن.
    (هي اتراهين چين جو پهاڪو آهي، جتي سخت سيءُ ٿئي ٿو ۽ اونهاري ۾ ئي ماڻهو پوک ڪري سگهي ٿو. سو اونهاري وارو وقت هيڏانهن هوڏانهن وڃائڻ بدران ٻني ٻاري تي لڳائجي ۽ سياري جا سخت ٿڌا ڏينهن گهر ۾ ئي گهارجن)
    • روزانو وارن کي ٺاهڻ وارو دل به ٺاهي سگهي ٿو.
    • ڪامياب ماڻهو ورلي آرام ڪن ٿا، آرام ڪرڻ وارا ورلي ڪامياب ٿين ٿا.
    (مطلب ته ڪاميابيءَ جي ڪنجي محنت آهي)
    • شام جو ڪئين سوچون صبح جو ساڳي سستي.
    (سست ۽ ڪاهل ماڻهو رات جو سمهڻ مهل ڪيتريون ئي ڳالهيون سوچي ٿو ۽ ارادو ڪري ٿو ته ٻئي ڏينهن کان سخت محنت ۽ پورهيو ڪندس. صبح ٿيڻ تي وري ساڳيو ٽوٽپڻو)
    • عورت کي راز ٻڌائڻ ائين آهي. جيئن پاڻيءَ جي ڦلو ڪڻي ۾ سئي چڀڻ.
    (مطلب ته ڪيترو به جهلڻ هوءَ راز فاش ڪريو ڇڏي)
    • هڪ خوشي سوين غمن کي ڀڄايو ڪڍي ٿي.
    (هڪ دوست ٻئي کي شاديءَ جي فائدن بابت ٻڌائيندي چيو: ”شادي اها خوشي آهي، جنهن سان سوين غم وڃن.“ ۽ شادي کان سال ٻه بعد ملاقات تي هن احوال ورتس. شادي شده دوست ڪاوڙجي چيس:
    ”شادي بعد نه خوشي آئي نه غم ڀڳا. البت زال آئي جنهن منهنجن مڙني مائٽن کي ڀڄائي ڪڍيو)
    • استعمال ۾ ايندڙ دروازي جي انجيسن کي ڪڏهن به ماڪوڙي نٿي لڳي.
    (چرپر واري شيءِ سلامت رهي ٿي. چوڻي مشهور آهي ته حرڪت ۾ برڪت آهي)
    • زبان جي گندي ماڻهوءَ تي ڪا دعا اثر نٿي ڪري.
    (هڪ ماڻهو جيڪو زبان جو خراب آهي گار گند ڪري ٿو اهو ڪنهن به دعا سان سلڇڻو ٿي نٿو سگهي)
    • اهو جاهل ماستر آهي، جيڪو سپاهيءَ کي نرم دل ٿيڻ جو سبق ڏئي ٿو.
    • نئون گهر وٺڻ کان اڳ پاڙ ي جو ضرور جائزو وٺجي.
    (گهر کڻي ڪيڏو به سٺو ٺهيل هجي پر پاڙي جا ماڻهو جيڪڏهن سٺا نه آهن، گهٽيءَ جا رستا، گٽر صحيح نه آهن ته اهڙي گهر مان ڇا فائدو)
    • ٻنيءَ کي هَرَ ڍڳو ڏئي ٿو، پر اَن گهوڙي کي کارايو وڃي ٿو.
    • ماڻهو جيڪڏهن پاڻ سڌو آهي ته سندس چٻي پاڇولي ڏي ڌيان نه ڏجي.
    (يعني ڪو انسان نيڪ ۽ قابل آهي ته هن جي سادي پوشاڪ يا رهڻي ڪهڻيءَ کي ڌيان ۾ نه آڻڻ کپي)
    • چوريءَ کان پاسو ڪج چاهي بک ۾ مري رهيو هجين.
    • ڀائر ايئن آهن جيئن هٿ پير.
    (جيئن انسان کي هٿ پير ڪم اچن ٿا، تيئن ڏکئي وقت تي ڀائر ئي ڪم اچن ٿا. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: ”ڀائر ڪوٽ جا ڪنگرا پُٽَ گهرجي سونهن“)
    • مڙس ڀلي زال کان ڏهه سال وڏو هجي پر زال مڙس کان هڪ سال به ننڍي نه هئڻ کپي.
    (اهو چيني پهاڪو ائين آهي جيئن پاڻ وٽ آهي ته: ”انڌي هجي، منڊي هجي پر ننڍي هجي)
    • ڪنهن ننڍي مندر ۾ ديوتا کان بهتر آهي ته وڏي مندر ۾ شيطان ٿجي.
    • انسان فقط ارادا ڪري سگهي ٿو، انهن کي پورو ڪرڻ واري قدرت آهي.
    • هڪ ڍڳي هڪ کل.
    • ٽن کهرن کان هڪ نازڪ هٿ بهتر آهي.
    • ننڍڙي ڪهاڙي وڏن وڻن کي ڪيرايو رکي.
    • ڏهن مان نو عورتون حاسد ٿين ٿيون.
    (ٻين لفظن ۾ شايد پهاڪي واري جو اهو چوڻ آهي ته مرد عورتن کان وڌيڪ بهتر آهن. پهاڪن جي دنيا ۾ پوري ڪوشش ڪئي وئي آهي ته عورت کي بي عقل، ڪاهل، گهڻ خرچائو، گهر کي جنت بدران دوزخ بنائڻ وارو ڏيکاريو وڃي. ڇو جو پهاڪا ٺاهڻ، ٻڌائڻ، لکڻ ڇپڻ وارا مرد حضرات آهن)
    هونءَ ائين به نه آهي ته مردن عورتن جي فقط گلا ڪئي آهي. عورت جي تعريف ۾ به ڪيئي مقالا، بيان ۽ Quotations آهن. مثال طور:
    • عورت مرد کان وڌيڪ عقلمند ٿئي ٿي ڇو جو هوءَ ڄاڻي گهٽ ٿي سمجهي گهڻو ٿي.
    • عورت: خوشبوءِ، راڳ، ناچ ۽ موسيقيءَ جو ٻيو نالو آهي.
    • عورت گاهه جو نرم پن / تيلو آهي، جيڪو هلڪي هير تي ته جهڪي ٿو پر وڏا طوفان ان کي پاڙ کان پٽيو نٿا سگهن.
    • عورت هڪ غافل شينهڻ آهي. هن جون خوفناڪ قوتون جنهن وقت جاڳن ٿيون ته بادشاهتن جا تختا اونڌا ڪريو ڇڏين.
    • عورت رات جو تارو، صبح جو نور ۽ ماڪ جو ڦڙو آهي ۽ جيئن ڪنڊن ۾ گلاب ٿئي ٿو، تيئن هوءَ اونداهيءَ ۾ دلين کي روشن ڪرڻ واري هستي آهي.
    • عورت کي ڪڏهن به امتحان ۾ مبتلا نه ڪريو نه ته پڇتائيندائو.
    • عورت سج جي گرمي، چنڊ جي ٿڌاڻ ۽ گلن جي خوشبوءِ آهي. وغيره وغيره.
    • ڪوئا سو جهلي، پوءِ اها ٻلي رنگ جي کڻي اڇي هجي يا ڪاري.
    • پراڻي شيءِ جي حفاظت ڪر نئينءَ کي سمجهڻ لاءِ جستجو ڪر.
    • عالم ڪتابن تي ڳالهائي ٿو ڪاسائي رڍن ٻڪرين تي.
    • ڪنهن جو به قلم آسمان ۾ چڀي نٿو سگهي.
    • گهٽ مصيبتون گهٽ خواب، گهٽ لفظ گهٽ غلطيون.
    • ڪنهن ذهين سان هڪ ڏينهن جي گفتگو ڏهه سال ڪتاب پڙهڻ کان بهتر آهي.
    • گدڙ جي سؤ سال زندگيءَ کان شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگي بهتر آهي.
    • انڌي ٻلي منر ڪوئو ئي جهلي سگهي ٿي.
    • سون جي انچ وقت جو انچ به نٿو خريد ڪري سگهي.
    • مٽيءَ جو ڏونڪو فقط هڪ دفعو ئي نغارو وچائي سگهي ٿو.
    • پچڻ تي گدرو پاڻهي ئي ڇڻيو پوي.
    • هڪ هفتو ٻاهر رهڻ، گهر ۾ هزار هفتا رهڻ کان بهتر آهي.
    (چيني ماڻهو سفر جا شوقين آهن. انسان ٻاهر نڪري سکي ٿو ۽ علم پرائي ٿو. ان ماڻهوءَ جو قدر پڻ ٿئي ٿو. شايد انڪري چيو وڃي ٿو ته پهول وه سرها هوا جو چمن سان نکل گيا)
    • هن دنيا ۾ چار زهر آهن: ڪڪر جيڪي سج کي ڍڪين ٿا. ٿڌيون هوائون، وڇونءَ جو ڏنگ ۽ ويڳي ماءُ جي دل.
    (آخري ٻه شيون ته کڻي ڪنهن کي زهر لڳن پر پهريون ٻه شيون اسان جهڙن ملڪن لاءِ زهر چئي نٿيون سگهجن.
    پڪ هيءَ چوڻي اتر جي آهي، جتي جون ٿڌيون هوائون ۽ جهڙالا ڏينهن ماڻهوءَ کي ٺاريو ۽ ماريو ڇڏين)
    • قيدخاني جي در کي جيتوڻيڪ تالو لڳل رهي ٿو، پر ماڻهن سان هميشه ڀريل رهي ٿو. عبادتگاهه هر وقت کليل رهن ٿا پر هميشه خالي آهن.
    • هرنانگ پنهنجي ٻِر کان واقف رهي ٿو.
    • جتي خشڪي رستي پهچي سگهين اتي سامونڊي سفر اختيار نه ڪر.
    (سامونڊي سفر ۾ وڌيڪ خطرو ۽ جوکو آهي ۽ ڪيترين صورتن ۾ ڊگهو به ٿئي ٿو)
    • هڪ ڏيئي سان ٻه گهر روشن ٿي نٿا سگهن.
    • ملڪ ۾ وڳوڙي حالت هجي ته ڪنهن هوشيار جنرل کي ڳولجي. گهر ۾ افراتفري هجي ته نيڪ زال آڻجي.
    (ڇا هڪ اڳهين هجي ته ٻي آڻجي؟ ۽ جنرل آڻڻ واري صلاح تي جنهن ملڪ به عمل ڪيو، ان جي وري منجهائنس جان نه ڇٽي سگهي)
    • اها زال جيڪا صبح جو سوير اٿي ٿي، پنهنجي مڙس لاءِ مٿي جو سورآهي، جيڪا دير سان اٿي ٿي سا سس سهري لاءِ.
    • ڪڏهن به ٻار سان دوکو نه ڪجي ۽ ڪڏهن به نوڪر کي گهرو معاملن ۾ نه آڻجي.
    • چيتو مرڻ تي پنهنجي کَل ڇڏي ٿو ۽ ماڻهو پنهنجو نالو.
    • جهاز جي تباهيءَ تي سندس مالڪ سال کن لاءِ غريب ٿئي ٿو. شاديءَ جي ناڪاميابيءَ تي مڙس سڄي عمر لاءِ غريب ٿيو وڃي.
    (شايد انهيءَ ڪري ڪيترا مرد شاديءَ جي نالي کان گهٻرائجن ٿا. هڪ ٻار وڏي تعجب مان پنهنجي پيءُ کان پڇيو: ”ڇا گڏهه به شادي ڪن ٿا؟“
    • جيڪڏهن توهان جنگ لاءِ روانا ٿي رهيا آهيو يا شينهن جي شڪار جو ارادو ڪيو ته پاڻ سان ڪجهه مائٽ ضرور وٺي وڃو.
    (جيئن ضرورت پوڻ تي هو توهان جي دفن ڪفن جو بندوبست ڪري سگهن ڇو ته سدائين ته مروان موت ملوڪان شڪار نه ٿيڻو آهي. ڪڏهن شڪاري پاڻ به ته شڪار ٿيڻو آهي)
    • جنهن جي توکي ڳولا آهي، اها شيءَ مڇي آهي ته پوءِ وڻن تي چڙهڻ جو ڪهڙو فائدو.
    (ظاهر آهي مڇي درياهن ۽ سمنڊن ۾ ئي ملي ٿي. پر ڪي ڪي مڇيون اهڙيون به آهن، جيڪي اڏامي به سگهن ٿيون، انهن کي اڏامندڙ مڇيون Flying _ Fish سڏجي ٿو. انهن کي پَرَ ٿين. بحر احمر Red _Sea مان لنگهندي جهازن جا مسافر ڏسي سگهن ٿا)
    • ڪَنَ ۾ ڀڻڪيل هڪ لفظ سوين ميل سفر ڪري ٿو.
    (۽ ويتر جي اهو ڪن ڪنهن عورت جو آهي ته پوءِ اهو لفظ اڃان به تيز رفتار سان سفر ڪري ٿو.
    ڪنهن پڇيو ته ڪميونيڪيشن يعني نياپو پهچائڻ جو سڀ ۾ تکو طريقو ڪهڙو آهي؟
    ”ٽيليفون. ٽيليفيڪس........ ڀلا ٽيليپرنٽر..........؟“
    ”نه. انهن مڙني کان وڌيڪ ٽيل _ اي _ وومئن Tell _a _ Woman آهي)
    • جنهن جوا شروع ڪئي آهي، اهو هڪ ڏينهن ضرور پنهنجو گهر وڪڻندو.
    • بيوقوف ئي پنهنجن وڏن تي فخر ڪن ٿا.
    (انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته تون ڪيڏو بيوقوف آهين جو پنهنجي ڪٽنب تي فخر ڪرين ٿو. تنهنجي فيمليءَ کي توتي ناز هجڻ کپي. يعني ٻين جي ڪمن تي ڪڍڻ بدران انسان کي خود محنت ڪري نالو پئدا ڪرڻ کپي. يا جيئن چوندا آهن ته: ڪري پاڻ ڪين ڪي پڏائي ابا ۽ نانا، اهڙا وائي آنا ڪڪڙين لاٿا ڪيترا.“)
    • خوشيءَ جي حالت ۾ ڪنهن سان واعدو نه ڪر. ڪاوڙ ۾ ڪنهن کي خط نه لک.
    • اتاهان منارا به ڌرتيءَ تان ئي شروع ٿين ٿا.
    (يعني هر وڏو ماڻهو پهرين ننڍو آهي. يعني هر ڪو هيٺان ٿي مٿي چڙهي ٿو. ڪوبه ڄمندي ڄام نٿو ٿئي. يا جيئن ٻي چيني چوڻي آهي ته: ”هزارين ميلن جي سفر جي شروعات هڪ وک سان ٿئي ٿي.“)
    • دنيا ۾ فقط ٻه ئي ايماندار ماڻهو آهن، هڪ اهو جيڪو مري چڪو آهي ۽ ٻيو اهو جيڪو اڃان ڄائو ناهي.
    • ٻه شيون پنهنجن ٻارن کي ضرور سيکارجن، هڪ علم ادب ۽ ٻي پوک.
    (چين ۾ فقط اهي ٻه شيون هجن، يعني تعليم ۽ کيتي ٻاڙي پر اسان وٽ اڃان به ٻه ٽي شيون وڌيڪ سکڻ لاءِ چيو وڃي ٿو:
    ”لکڻ پرهڻ، تير هڻڻ چوٿين سواري.
    ننڍي هوندي نه سکيو ته وڏي هوندي خواري.“)
    • بيضي کي پٿر سان بحث نه ڪرڻ کپي.
    (شيشي جي گهر ۾ رهڻ وارن کي ٻين ڏي پٿر اڇلڻ نه کپن)
    • ڪنهن ڪم ۾ منجهي پئجي ته ٽن پوڙهن سان صلاح ڪجي.
    (هونءَ ته صلاح ڀتين سان به ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي، جيئن چوندا آهن ته ”پوڙهو ٻڌي صلاح ڪجي“)
    • ستل مزور پنهنجي ڏهاڙي وڃائي ٿو. ستل شينهن پنهنجي جسم جي کل.
    • سواد معلوم ڪرڻ لاءِ ضروري ناهي ته سڄي ڪڪڙ کائجي.
    • ٿورو پڇ ضرور ڇڏجي، جنهن سان مکيون هڪلي سگهجن.
    (هتي پهاڪي جو اهو مطلب آهي ته ٿورو ڪجهه ضرور بچائي رکجي، جو آئيءَ ويل ڪم اچي. هونءَ جيستائين پڇ جو سوال آهي ته ڪنهن به جانور جو پڇ ڪيترو ٿورو آهي ۽ ڪيترو گهڻو؟ هڪ ڳوٺاڻي گڏهه وٺي ڪنهن سياڻي کان پڇيو ته سندس پڇ ڪيترو رکي جو ڳوٺ جا ماڻهو چون ته اهو صحيح آهي.
    سياڻي وراڻيس: ”تون ڀلي پنهنجي گڏهه جو پڇ پاڙ کان ڪپي، ڇڏ ته به ڪي چوندا ته ننڍو آهي ته ڪي چوندا وڏو آهي“)
    • ماستر ڀلي هڪ ڏينهن پڙهائي پر هن جو رتبو سڄي زندگي پيءُ برابر سمجهڻ کپي.
    (بشرطيڪ اهو ماستر واقعي ماستر هجي ۽ علم سيکاري ۽ نه ڪاپي ڪري پاس ٿيڻ جا طريقا)
    • بانس جي لڙهي ۾ به نانگ ڦڏو سڏو ٿي هلي ٿو.
    (بانس جو ڏنڊو بلڪل سڌو ٿئي ٿو پر نانگ پنهنجي عادت موجب ان سڌي ڏنڊي جي اندر به ور وڪڙن ۾ سُري ٿو. جيئن ڪتي جي پڇ لاءِ چيو وڃي ٿو ته سڄو سال (چلم جي) نَڙَ ۾ رهڻ سان به ساڳيو چٻو رهي ٿو ۽ سڌو نٿو ٿئي)
    • خيالن کي مهمانن وانگر آڌر ڀاءُ ڪجي. خواهشن کي ننڍن ٻارن وانگر سمجهجي.
    (يعني خيالن، ويچارن جو قدر ڪجي ۽ دل ۾ سانڍي انهن تي غور فڪر ڪجي جو ڪو ڪو خيال يا سوچ ڪنهن وڏي ڳالهه جي پيش قدمي ٿي سگهي ٿي پر خواهشن ۽ سَڌن ڏي گهڻو ڌيان نه ڌرجي. بلڪ ٽاري ڇڏجن)
    • ماڻهن کي ڀلي تون نوان ڪپڙا ڏي، پر مون کي پراڻا دوست.
    • وڏيون ٻيڙيون به چيرن (Leaks) کان ڊڄن ٿيون.
    (ڇو جو معمولي چير وڏي حادثي جي شروعات چئي سگهجي ٿو. چير ذريعي سميل پاڻي وڏهن جهازن کي به Out of Balance ڪريو ڇڏي ۽ جهاز اونڌو ٿيو وڃي)
    • تنهنجي ڏنل پتائي گجر بنا به اسين ٻوڙ رڌي سگهون ٿا.
    (ڪنهن معمولي مدد روڪڻ تي اهم ڪم بيهي نٿا رهن. ڪيترا ماڻهو ٿوري ٿوري ڳالهه جو به وڏو احسان جتائيندا آهن. هو آڱر وڍائي پنهنجو پاڻ کي شهيدن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پاڻ کي غير ضروري اهميت ڏيندا آهن. درياهه ٽپڻ واري ڪاٺ جي تختن جي پل تمام نازڪ هئي. هاٿيءَ جي ٽپڻ تي ساڻس گڏ هلندڙ ماڪوڙيءَ خيال سان هلڻ جي تاڪيد ڪيس. جڏهن ٻنهي پل ٽپي پوري ڪئي ته ماڪوڙيءَ ٿڌو ساهه کڻي چيو:
    ”خدا جو شڪر جو اسان ٻنهي جي وزن سان هيءَ پل نه ٽٽي.“)
    • شهنشاهه جي خذمت ڪرڻ ائين آهي جيئن شينهن سان گڏ سمهڻ.
    (يعني تمام ڏکيو ڪم آهي. هو پل ۾ راضي پل ۾ ناراض ٿي سگهي ٿو ۽ سندس ناراضپو معنى سر قلم ٿيڻ، جيئن شينهن جي ويجهو وڃڻ معنى سندس پيٽ ۾ داخل ٿيڻ)
    • حساب ڪتاب رکڻ ضروري آهي، چاهي ڌريون ڌاريون هجن يا سڳا سوٽ ماسات.
    (جيئن پاڻ وٽ چوندا آهن ته ٻه ڀائر ٽيون ليکو)
    • گهوڙي کي سندس سنجن مان سڃاڻجي ماڻهوءَ کي سندس پوشاڪ مان.
    • ڪئمپ هلائڻ لاءِ سؤ سپاهين جي ضرورت آهي، گهر هلائڻ لاءِ فقط هڪ زال جي.
    • سٺي ڳالهائڻ واري کان سٺو ٻڌڻ وارو بهتر آهي.
    • سٺن مائٽن جي اولاد جي ڪامياب شادي ٿئي ٿي. سٺن ٻارن جي مائٽن جو عمدو مستقبل ٿئي ٿو.
    • ڪٽنب ۾ ڪنهن پوڙهي جُو هجڻ قيمتي هيري وانگر آهي.
    (چين توڙي جپان ۾ اڄ به گهرَ جي وڏي جو وڏو مان ڪيو وڃي ٿو)
    • رات جو دير تائين اجايو ويهي بڪ ڪرڻ ڏيئي جو زيان آهي.
    (ظاهر آهي بنا ڪنهن ڪم جي ڏيئو ٻاري رکڻ تيل جو نقصان آهي، پر چيني زبان ۾ اها چوڻي آهي ته جيڪو ڏيئي ٻارڻ تي ڪنجوسي ڪري سوير ئي سمهي رهي ٿو ان کي اڪثر جاڙا ٻار ٿين ٿا.
    One who economizes on candle and goes to bed early often begets twins.
    • زمين اندر دفن ٿيڻ کان بهتر آهي ته زمين مٿان ٿڙندو ٿاٻڙندو رهجي.
    • (هن پهاڪي موجب مرڻ کان بهتر آهي ته جيئرو رهجي پوءِ ڀلي اگهو سگهو ئي سهي ڇو جو جيئرو ماڻهو وري به ڪنهن جي ڪم اچي سگهي ٿو. ٻيو ته صلاح مشورو ڏئي سگهي ٿو. پر ساڳي وقت ڪيترن جو اهو به خيال آهي ته رب هلائي ته پنهنجي همت سان هلائي ٻئي جو محتاج نه ڪري ۽ ”جيئرن سان گڏ نه مئلن سان“ کان بهتر آهي ته ماڻهوءَ کي موت اچي وڃي)
    • بي رحم ڀاءُ کان رحمدل دوست سٺو.
    • هڪ ڪتو ڪا شيءِ ڏسي ڀؤنڪار ڪري ٿو ۽ سؤ ڪتا ڀونڪار ٻڌي ڀؤنڪن ٿا.
    (بنا سوچڻ سمجهڻ جي ڪو ڪم ڪرڻ. ان ڪم ۾ ڪانگ به مشهور آهن. بلڪ اجايو لڙ مچائڻ انهن جي عادت آهي)
    • ٻار کي ان جي پرواهه نٿي رهي ته هن جي ماءُ ڪوجهي آهي، ڪتي کي ان جي پرواهه نٿي رهي ته سندس مالڪ غريب آهي.
    (جنهن ماڻهوءَ سان پيار ۽ لڳاءُ ٿي وڃي ته پوءِ ان جو ڪوجهپڻو يا غربت ڪا حيثيت نٿا رکن)
    • جڏهن ڌارين سان ويٺا هجو ته ڪجهه ڳالهيون اڻ چيون ڇڏيو.
    (يعني ڌارين جي محفل ۾ ويهي دل جا سڀ راز نه سلجن. هونءَ به چوندا آهن ته ڀتين کي به ڪَن ٿين ٿا. انسان جا ڪن ته سڀ ۾ خطرناڪ شيءِ آهن. ان ڪري ته سياڻن چيو آهي ته:
    • کان کا کچا نه بن اور پيٽ کان هلکا نه بن
    • بات سنني اور کهني مين بهت ڊهيلا نه بن
    • تون پائي هي خدا سي قوت ديد و شنيد
    • ان کو استعمال کر، اندها نه بن، بهرا نه بن
    • اوچو لباس اوڍيل رنڊيءَ کي ڪنهن مندر ۾ گهڙڻ ۾ ايتري ڏکيائي
    نٿي ٿئي، جيتري ڏهه شريف پر غريب عورتن کي سادن ڪپڙن ۾ ڪنهن معزز ماڻهوءَ جي گهر ۾ ويندي ٿئي ٿي.
    • هڪ دفعو باهه لڳڻ تي ڪير هن کي حڪم ڏئي سگهي ٿو ته هن کي ساڙ هن کي نه ساڙ.
    (هڪ دفعو ڀنڀٽ مچڻ کانپوءِ سڪن سان گڏ آلا به سڙيو وڃن)
    • ڪنهن ٻار کي تباهه ڪرڻو هجي ته منجهس خراب عادتون وجهجن.
    • قابل ۽ ايماندار مئجسٽريٽ لاءِ به گهر جو جهيڙو نبيرڻ ڏکي ڳالهه
    آهي. جيڪڏهن هن کي چار ٽنگون آهن ۽ ڪرسي ناهي، جيڪڏهن هوءَ سمنڊ اندر تري سگهي ٿي ۽ سب مئرين ناهي، جيڪڏهن هوءَ اڏامي سگهي ٿي ۽ هوائي جهاز ناهي ته ڪئنٽوني ان کي کائي ويندو.
    (هي پهاڪو چين جي اتراهن صوبن وارن ڪئنٽن صوبي جي ماڻهن لاءِ ٺاهيو آهي ته هو هر قسم جو جيت، پکي پکڻ ۽ جانور کايو وڃن. پر هيءَ ڳالهه دنيا جي سڀني چينين لاءِ ٺهڪي ٿي ته چيني هر شيءِ کائين ٿا.
    ملائيشيا ۾ رهڻ دوران پنهنجي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ چيني آفيسر کان جڏهن ڪنهن جانور يا پکيءَ لاءِ پڇيم ته آيا هو اهو کائين يا نه ته هن کلي مٿين چوڻيءَ واري ڳالهه ڪئي: ”اسين چيني هر اها شيءِ کائون ٿا جنهن کي پير آهن (سواءِ ڊائننگ ٽيبل جي)، هر اها شيءِ کائون ٿا جيڪا اڏامي ٿي يعني پکي پکڻ“ ڀونئر ڀنڀوريون (سواءِ هوائي جهاز جي) ۽ هر اها شيءِ کائون ٿا، جيڪا سمنڊ مٿان يا اندر هلي ٿي. چيني ڪيتريون ئي ساهه واريون شيون پکي پکڻ جانورن کان جڙيون ٻوٽيون ۽ گاهه ڀاڄيون کائين ٿا. چين ۾ ته ڇا پر هانگ ڪانگ ۽ ملائيشيا جي ڪيترن چيني دڪانن ۾ سانڍا، نوريئڙا، ڪميون، ڪڇون، نانگ بلائون، ڀولڙا سوئر عام طرح وڪامندي ۽ ڪسندي، ترجندي نظر ايندا. ان کان علاوهه ٻيا ڪيترا جانور ۽ پکي جن جي مارڻ تي حڪومت طرفان بندش پيل آهي، جو ٻوڙ لڪ چوريءَ مهمانن کي پيش ڪيو وڃي ٿو)
    • بلڪل ڀرواري گهر ۾ رهندڙ پاڙيسري پرڀرو رهندڙن کان بهتر آهي. ۽ اهي
    جيڪي گهر جي سامهون واري گهر ۾ رهن ٿا ڀر وارن گهرن کان بهتر آهن.
    • جيڪو ساڳ پالڪ تي گذر ڪري سگهي ٿو اهو ڪيترائي ڏکيا ڪم سرانجام ڏئي سگهي ٿو.
    • هڪ استاد کي ڪتاب ڇڏڻ به کپي. هڪ غريب کي سوئر ڇڏڻ نه کپي.
    (جيئن اسان وٽ غريب ڳوٺاڻو يا هاري گهرجي گذر سفر لاءِ ٻڪري يا ڍڳي رکي ٿو، جنهن جو کير گهر ۾ استعمال ڪري ٿو ۽ ڦر وڪڻي چار پئسا ڪمائي ٿو. جيئن چين جهڙن ملڪن ۾ غريب ڳوٺاڻو سوئر ضرور پالي ٿو. سوئر جي ويجهه ڪتي ٻلي وانگر گهڻي ٿئي ٿي، جيڪي وڪڻي هو گهر جو خرچ پکو هلائي ٿو)
    • هر ماڻهوءَ کي دل آهي ۽ هر دل جون پنهنجيون عادتون آهن.
    • مٿي آسمان تي گوڙ گجگوڙ، هيٺ زمين تي مامو منهنجو.
    (يعني سڄو ڏينهن مامو دڙڪا ٿو ڏئي)
    • هڪڙو مُنگهڻ سڄي سوڙ نٿو لاهي سگهي.
    • پئسو هزارين عيب ڍڪي ٿو.
    (پاڻ وٽ به ان قسم جا ڪيترائي پهاڪا آهن، جيئن ته: جنهن جي گنديءَ ۾ داڻا ان جا چريا به سياڻا.“)
    • هڪ هٿ ۾ اگر بتي ٻيءَ ۾ ڀالو.
    (خطرناڪ ماڻهو جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته منهن ۾ موسى اندر ۾ ابليس. يا ”هٿ ۾ قرآن ڪڇ ۾ ڪاتي.“)
    • اها بک مرجي پر ٻليءَ جي ماني نه کائجي.
    (پنهنجو رتبو نه گهٽائجي، جيئن چوندا آهن ته شينهن بک مري پر ڊڀ نه چَري. هونءَ هي پهاڪو ان وقت به ڏنو ويندو آهي جڏهن ڪو ڪنهن غريب کي ڦريندو آهي يا ڪنهن ننڍي ٻار جي شيءِ کسيندو آهي. اهڙي طرح هڪ غريب ٻليءَ جهڙي ننڍڙي جانور جي ماني ئي ڇا، ٻه ڇيڇڙا. اها کانئس کسڻ سٺي ڳالهه ناهي)
    • جنن کان جيترو اسين ڊڄون ٿا ان کان وڌيڪ هو اسان کان ڊڄن ٿا.
    (مطلب ته انسان به گهٽ خطرناڪ ناهي)
    • جاهل جو دماغ ائين آهي، جيئن چنڊ ۽ تارن بنان رات.
    بيواهه عورت ان ٻيڙيءَ مثال آهي، جنهن جو سکان هليو ويو هجي. رحم ڪرم تي هلي ٿي. عورت جي جوان آهي ته هن لاءِ جبل جيڏي زندگي مصيبت ٿيو پوي. مڙس هوندي هن کي جيڪي وڻي ڪري سگهي ٿي معاشرو ان تي آڱر به نٿو کڻي. مڙس نه هجڻ تي هن جي صحيح ڪم تي به زمانو چٿرون ڪري ٿو ۽ هن لاءِ بي نڪاح رهڻ عذاب ٿيو پوي.
    هڪ عورت ننڍي عمر ۾ بيواهه ٿي وئي. هن هر وقت روزو رکڻ ۽ الله تعالى جي اطاعت ۽ عبادت پنهنجو معمول بنائي ڇڏيو. هوءَ رات ڏينهن قرآن جي تلاوت ۾ مشغول رهي ۽ ان ئي حالت ۾ پوڙهي ٿي وئي. هزارين عورتون هن جي پارسائي ۽ تقوى کي ڏسي هن جون مريدياڻيون ٿي ويو.
    مرڻ وقت هن سڀني کان پڇيو ته مون ڪيڏي پارسائي سان پنهنجي زندگي گذاري. سڀني چيو اهڙي شرافت جي زندگي گذارڻ تمام مشڪل ناممڪن آهي، جو ڪڏهن ڪنهن مرد جو تو منهن به نه ڏٺو، سڄي عمر روزا رکيا سادي سودي ماني کائي، ڏينهن رات عبادت ۾ مصروف رهيئنءَ.
    هن عابده چيو ته جوانيءَ کان وٺي پيريءَ تائين رات جو قرآن مجيد جي تلاوت ڪندي وقت مونکي ڪيترائي خراب خيال آيا ٿي، پر خدا جو خوف ۽ دنيا جو شرم مونکي بچائيندو رهيو. هاڻ منهنجو آخري وقت آهي ۽ مان توهان کي نصيحت ٿي ڪريان ته ڪڏهن به جوان بيواهه عورت کي بي نڪاح نه رکجو)
    • ضروري ناهي ته ايماندار جج جا نوڪر به ايماندار هجن.
    • نوجوان ڪپڙن جا شوقين ٿين ٿا، پوڙها کاڌي جا.
    • هڪ عقلمند ماڻهو هزارين بيوقوفن کي روزگار ڏياري سگهي ٿو. هڪ بيوقوف پنهنجو پاڻ کي به ڪٿي نٿو لڳائي سگهي.
    • هر ماڻهو تيسين رحمدل آهي، جيسين توهان جو منجهس ڪم پوي.
    (چوندا آهن دوست يار هرڪو سڏائي ٿو، پر ڪم پوي ڪل پوي ٿي)
    • اهو گهر جيڪو جڙيو ئي ناهي ان کي طوفان ته ڇا زلزلو به ڪجهه نٿو ڪري سگهي.
    • ٻه هم خيال گڏجي مٽيءَ کي به سون بنائي سگهن ٿا.
    • اهو ماڻهو جيڪو شينهن تي سوار ٿي وڃي ٿو، ان کي پوءِ لهڻ جي ضرورت ناهي.
    (يعني ان جو انت شينهن جي پيٽ ۾ ئي ٿئي ٿو. هڪ دوست ٻئي کي چيو: ”منهنجي ڏاڏي هڪ سؤ فٽ اونهي سمنڊ ۾ ٽپ ڏنو“
    ”پوءِ هن کي ضرور ڪو وڏو انعام مليو هوند؟“ ٻئي پڇيس.
    ”بس هن فقط اونهي سمنڊ ۾ ٽپ ڏنو هو. باقي ٻاهر نڪري نه سگهيو، جو انعام وٺي سگهي.“
    سو ان وانگر شينهن تي به سوار ٿيڻ سولو آهي، پر لهڻ ڏکيو آهي. جيئن چوڻي آهي ته شينهن اڳيان ڪاٺي اڇلڻ سولي کڻڻ ڏکي)
    • سڪل آڱر تي ڇا لوڻ لڳندو.
    • کوهه جي ڏيڏر کي دنيا جي سمنڊن جي ڇا خبر.
    • اهي قيمتي عاج جا نيش آهن، جن جي ڪري هاٿيءَ جو موت اچي ٿو.
    (ڪڏهن ڪڏهن انسان کي جنهن شيءِ تي تمام گهڻو ناز يا وڏائي هوندي آهي، اهائي سندس موت جو سبب بڻبي آهي)
    • هڪ سان پرڻيل زال کي ٻئي مرد جو ڀت کائڻ نه کپي.
    (يعني عورت کي پنهنجي ئي مڙس سان نڀائڻ کپي. هڪ سان شادي ڪري ٻئي سان گهاٽو ٿيڻ صحيح ناهي. هڪ ڇوڪريءَ پنهنجي بواءِ فرينڊ پنهنجي ساهيڙيءَ سان ملائي چيو: ”هي مونکي ۽ آئون هن کي بيحد پسند ڪيون ٿا.“
    ”ته پوءِ اعتراف ڪنهن کي آهي جو اڃان شادي نٿا ڪريو؟“ ساهيڙيءَ پڇيس.
    • ”منهنجي مڙس کي.“ ڇوڪريءَ وراڻيو)
    • ڪڏهن به گراهڪ، سرڪاري ڪاموري ۽ رن زال سان جهيڙو نه ڪجي.
    • دوستن جي پاڙيسري ٿيڻ تي ساڻن گهڻو گهاٽو نه ٿيڻ کپي.
    • مسافريءَ وقت مهل ميل نه ڳڻڻ کپن، مهماني کارائڻ مهل خرچ جو نه سوچڻ کپي.
    (مٿئين پهاڪي جو پويون اڌ پڪ مهمانن ايجاد ڪيو هوندو جنهن ۾ سندن فائدو ئي فائدو آهي، باقي ميزبان جو مٿو ويو. هو ڇا چوندا آهن ته ادي گهر مهمان مون کي لهرنڪي لوڏو)
    • هڪ سئيءَ مان ڇا لوهه نڪرندو.
    (جيئن اڙدوءَ ۾ پهاڪو آهي ته ”ڇا چيهو ڇا چيهي جو ٻوڙ.“ چيهو جهرڪيءَ کان به ننڍو پکي ٿئي ٿو. ان جو ساهه ڪڍڻ مان ڇا هڙ حاصل . اهڙي طرح سئيءَ کي ڳارڻ سان ڇا لوهه نڪرندو)
    • کوهه جي ڏيڏر کي بهتر آهي اتي ئي ڇڏجي جتي پيو آهي.
    • مڙس جي مائٽن سان ملڻ وقت گهڻي کان گهڻا ڪپڙا پائجن.
    مڙس سان ملڻ وقت گهڻي کان گهڻا لاهجن.
    • ڇت مٿان گدرو ڪهڙي خبر ته ڪيڏانهن ڪري.
    • بيڊروم کان ٻاهر زال مڙس کي هڪٻئي سان مهمانن وانگر ملڻ کپي.
    (چين ۾ اڃان تائين گڏيل _ ڪٽنب جو رواج آهي، جتي ماءُ پيءَ ڀائر ڀينرون گڏ رهن. اهڙي حالت ۾ زال مڙس کي ٻين اڳيان فري نه ٿيڻ کپي)
    • سٺو ڪتو ٽن گهرن جو بچاءُ آهي، سٺو ماڻهو ٽن ڳوٺن جو بچاءُ آهي.
    • اهو پٽ نالائق آهي، جيڪو ماءُ کان زال جي عزت ڪري ٿو.
    اها ماءُ بدبخت آهي، جيڪا پٽ سان ملي ننهن سان نفرت ڪري ٿي.
    • ڦڻي اڌاري وٺڻ لاءِ ٻڌن جي خانقاهه ۾ نه وڃجي.
    (خانقاهه MONASTERY جتي ٻڌ بکشو (ٻاوا) رهن ٿا اتي ڦڻي ڪٿان ايندي؟ ڇو جو ٻڌ بکشو، ٻڌ ڌرم مطابق هر وقت ٺوڙهه ڪرائي هلن. صبح جو اٿڻ سان سندن پهريون ڪم مٿي تي پاڪي ڦيرڻ آهي)
    • بنا گراهڪن جي توهان جو سامان گاهه وانگر بيڪار آهي.
    • ڀائرن جو جهيڙو ڌارين لاءِ خوشي.
    • جيڪي گهر ۾ اس کي اچڻ نٿا ڏين. انهن کي ڊاڪٽر گهرائڻو پوي ٿو.
    (اس ڪيترن جراثيمن کي ماري بيماريءَ جو خاتمو آڻي ٿي. ظاهر آهي جتي اس نٿي اچي اتي اونداهه، پوسل، جراثيم ۽ بيماري ٿئي ٿي)
    • اهو ماڻهو جنهن ڪيترائي شينهن ماريا هجن سو ڪئي جي کل جو ڪوٽ ڪيئن پائيندو.
    (شينهن جي شڪاري يعني پهلوان لاءِ اها بي عزتي آهي)
    • جوَ پوک جَوَ لُڻ.
    (جيڪو پوکبو سوئي لڻي سگهبو)
    • سٺين زالن جا خراب مڙس. سٺن مڙسن جون خراب زالون.
    (ڪٿي چور سڃا ڪٿي ڍور سڃا. هڪ زال پنهنجي مڙس کي چيو: ”تنهنجي فلاڻي دوست جي جنهن عورت سان شادي ٿي رهي آهي اها سٺي ناهي. هن کي سمجهاءِ ته هن سان شادي نه ڪر.“
    ”آئون ڇو سمجهايانس؟“ مڙس چيس: ”جڏهن منهنجي شادي ٿي رهي هئي ته هن ڪو مونکي سمجهايو هو.“
    ان سلسلي ۾ هڪ ٻيو لطيفو آهي ته هڪ شخص پنهنجي دوست کان پڇيو:
    ”خدا عورت کي ايتري سهڻي شڪل ۽ عقل ڇو ڏنو آهي؟“ دوست جواب ڏنس.
    ”سهڻي شڪل ان لاءِ آهي ته مرد هن سان شادي ڪرڻ لاءِ آماده ٿي وڃي ۽ گهٽ عقل ان لاءِ مليو اٿس ته جيئن هوءَ مرد سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي ٿي وڃي.“)
    • هانگ ڪانگ ۽ ڪئنٽن هڪ ٻئي جي ائين ويجهو آهن جيئن چپ ڏندن جي ويجهو آهن.
    چين تمام وڏو ملڪ آهي. جنهن جو هڪ پاسو ويٽنام ڪمبوڊيا سان وڃيو ملي ته ٻيو جچان ڪوريا سان ته ٽيون پاڪستان روس ۽ انڊيا سان. ۽ جتي هڪ شهر ٻئي کان ڪافي پري فاصلي تي آهي اتي ڪئنٽن ۽ هانگ ڪانگ ٻيٽ ائين ويجها آهن جيئن دادو مورو يا سکر ساڌ ٻيلو.
    • ساڳي مذهب جي ماڻهن ۾ پيار رهي ٿو پر ساڳي ڌندي جي واپارين ۾ هڪ شبهو.
    (فقير کي نه سهي وارو مثال)
    • ڊگها وڻ سڀ کان اڳ وڍجن ٿا، مٺا کوهه سڀ کان پهرين خالي ٿين ٿا.
    • جڏهن نديون ڀريل آهن تڏهن کوهه به ڀريل رهن ٿا.
    • غريب ماڻهو هر وقت نجومين اڳيان نظر اچن ٿا، شاهوڪار دوائن جي ڪٻٽن اڳيان.
    • دوست ٺهندي سال لڳن ٿا ويندي ڪلاڪ.
    • ويڪرين ندين ۾ به ٻه ٻيڙيون ٽڪرائجن ٿيون.
    • ستل شينهن کي سمهڻ ئي ڏجي.
    • (هيءَ چوڻي آهي، جيڪا نيپولين چين بابت چئي هئي ته
    (Let yellow lion to sleep otherwise there will be peril)
    • منڊين بدڪن کي نئين کڙيل زمين ۾ سنڀالي هلڻ کپي.
    (ظاهر آهي هڪ منڊي بدڪ ٻي کڏن کوٻن واري ڌرتي، ٿاٻڙجڻ سان نقصان ئي رسندس)
    • سرء جي موسم ائين ڦرندڙ گهرندڙ آهي جيئن ماٽيلي ماءُ.
    • هر ڪانگ کي سندس ٻچن جي کنڀن جو رنگ کير جهڙو اڇو لڳي ٿو.
    (انسان ته انسان پر ڪانگن کي به پنهنجا ٻچا پيارا لڳن ٿا. هڪ ماءُ پنهنجي ٻار لاءِ ماني کڻي اسڪول ڏي وڃي رهي هئي ته رستي تي پير ٿاٻڙجي پيس ۽ ڪري پئي. ٻي ماءُ کي منٿ ڪيائين ته هوءَ سندس پٽ لاءِ ماني کڻي وڃي.
    ”پر مونکي ڪيئن خبر پوندي ته تنهنجو پٽ ڪهڙو آهي؟“ هن پڇيو.
    ”جيڪو سڀ ۾ سهڻو ڏسين اهو منهنجو پٽ اٿئي.“ ڌڪو کاڌل ماءُ چيو.
    ماني ڏيئي موٽي ته ڌڪ کاڌل ماءُ پڇيس. ”منهنجي پٽ کي ماني پهچائي؟“
    ”ها پهچايم. پر پنهنجي ئي پٽ کي ڏئي آئي آهيان. جو سڄي اسڪول جي ٻارن ۾ مون کي اهوئي سهڻو لڳو“)
    • هرڻين جو شڪاري سهن کي نه ڏسندو آهي.
    (وڏا ڪم ڪرڻ وارو ننڍڙين ڳالهين کي نه ليکيندو آهي)
    • جهرڪيءَ کي مارڻ لاءِ توب ڇو استعمال ڪجي؟
    (جيڪو ڳڙ سان مري ان کي زهر ڇو ڏجي يا ننهن سان جيڪو ڇڄي ان تي ڪاتي استعمال ڇو ڪجي)
    • سهڻا پڃرا سهڻن پکين لاءِ ئي ٺاهيا وڃن ٿا.
    • جيڪو ڌرتيءَ سان دغا ڪري ٿو. ان سان ڌرتيءَ به دغا ڪري ٿي.
    • ساهيڙي ڀلي سٺي صورت واري ڪجي، پر زال هميشه سٺي سيرت واري.
    • گل پٽڻ واري کي ئي ڪنڊن جو احساس ٿئي ٿو.
    • ڍڳي کي پنهنجي قوت جي، انسان کي پنهنجين ڪوتاهين جي ڄاڻ نٿي رهي.
    • ٺونٺ هميشه اندر طرف ئي مڙي ٿي.
    • پنهنجي زال ۽ پرائي ٻليءَ جو هميشه خيال رکجي.
    (ڪهڙي قسم جو خيال رکجي؟ هر وقت خذمت چاڪري ۾ رهجي يا ڀڄي پاسو ڪجي. شراب خاني ۾ ٻه ماڻهو ڳالهائي رهيا هئا:
    ”يار جڏهن تون رات جو دير ڪري گهر پهچندو آهين ته پوءِ توکي زال ڇا چوندي آهي؟“
    ”ڪجهه به نه، ”ٻئي جواب ڏنو، ”دراصل اڃان منهنجي شادي نه ٿي آهي.“
    ”ته پوءِ تون ايتري دير تائين ٻاهر ڇو ٿو رهين!“ پهرين حيرت جو اظهار ڪيو)
    • جيڪي بوٽن بنان آهن، انهن کي انهن جو سوچڻ کپي جن کي پير به نه آهن.
    (پاڻ کان مٿاهين سان ڀيٽي غمگين ٿيڻ بدران انهن جو سوچجي جيڪي گهٽ خوش نصيب آهن)
    • مندر (عبادت گهر)ٺهرائڻ کان وڌيڪ نيڪ ڪم انسان جي جان بچائڻ آهي.
    • هڪ انڌو جي ٻئي انڌي پويان لڳندو ته ٻئي درياهه ۾ ئي ڪرندا.
    • قلعي ۾ جي ڪوئن جي گهڻائي ٿي پوي ته ان ۾ ڀلن گهوڙن رکڻ کان منڊي ٻلي رکڻ بهتر آهي.
    • مهمان کي ڇڙٻ ڀلي ڏجي پر بک نه مارجي.
    (اهو پهاڪو ڪيتري حد تائين صحيح آهي ۽ آيل مهمان ڪيتري حد تائين ان کي قبول ڪندو، چئي نٿو سگهجي. ڇو جو ڪن جي خيال ۾ ”ڀلي بک ڀرم جي شال ۾ وڃي شان“ آهي)
    • اڀرندي پاسي واري ڀت مان سرون ڪڍي الهندي پاسي واري ڀت ٺاهڻ مان ڪهڙو فائدو؟
    • عورت جيسين جوان آهي، آئيڊيل جي ڳولا ۾ لڳي ٿي. پوڙهي ٿيڻ تي مڙس جي ڳولا ڪري ٿي.
    جيئن انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته جيسين ڇوڪري نوجوان آهي ته هن لاءِ سڱ اچي ٿو ته هوءَ اهو سوال ڪري ٿي ته What is he? هو ڇا ڪندو آهي. پوءِ ڪجهه عمر گذرڻ بعد هوءَ سوال ڪري ٿي ته، Who is he? يعني هو ڪير آهي؟ نوڪري ڀلي ڪا خاص نه هجيس پر عمر ۾ ذات پات جي خيال کان صحيح آهي ته ڪم هلي سگهندو. پر پوءِ جيئن ئي وڏي عمر ٿئيس ٿي ۽ مائٽيون اچڻ بند ٿيو وڃن ته پوءِ اهڙي دور ۾ ڪوبه رشتو اچي ٿو ته ڇوڪريءَ جي وات مان اهو ئي نڪري ٿو ته Where is he? اهو آهي ڪٿي يعني ڀلي ڪهڙي به نوڪري هجيس ڪهڙي به عمر ۽ ذات پات هجيس مون کي قبول آهي، مون کي مڙس کپي.
    بهر حال اهو ڪو ضروري ناهي. ڪڏهن وڏي عمر جي عورتن وٽ به ڪئين سهڻا جوان جتيون گسائين ٿا، پر هو پاڻ ئي شادي نٿيون ڪرڻ چاهين. پوءِ اهي مرد مجبور ٿي وڃيو ”B“ ڪئٽگري جي عورتن سان شادي ڪن. ٻه شادي شده عورتون وڏي عمر جي پنهنجي هڪ ساهيڙيءَ سان چرچا ڪري رهيون هيون، جنهن جي اڃان شادي نه ٿي هئي.
    هڪ شادي شده عورت چيو ”چڱو هاڻ سچ پچ کڻي ٻڌاءِ تو سان شادي ڪرڻ لاءِ ڪنهن توکي پسند به ڪيو يا نه؟“ ڪنواري ساهيڙيءَ ٿڌو ساهه کڻي چيو:
    • ”اها ڳالهه توهان ٻئي پنهنجن مڙسن کان جيڪر پڇو ها ته سو هو“
    • توهان ڪيترا به شاهوڪار ٿي وڃو، پر عالم کي پاڻ کان مٿاهون سمجهو.
    (علم دولت کان بهتر آهي)
    • ڪاوڙ جي وقت صبر کان ڪم وٺڻ، توهان کي سؤ ڏينهن جي پڇتاءُ کان بچائي ٿو.
    • قدرت انڌي جهرڪيءَ کي به رزق پهچائي ٿي.
    • بيوقوف جي خذمت لاءِ ڪنهن ڏاهي کي رکڻ ائين آهي، جيئن لڏ ۾ لعل اڇلڻ.
    • قوم تي حڪمراني ڪرڻ سولو ڪم آهي، پر فيمليءَ کي ضابطي ۾ رکڻ ڏکي ڳالهه آهي.
    • دوا هر هڪ جو علاج ڪري ٿي، سواءِ انهن جي جن جي نصيب ۾ موت آهي.
    • مئل ماڻهو جي صحيح هزار ڊالرن ۾ به خريد ڪري نٿي سگهجي.
    (گذريل وقت وري نٿو موٽي اچي)
    • ڪوئو ڪوئي کي ئي چڱي طرح سڃاڻي سگهي ٿو.
    (چور چور کان وڌيڪ واقف آهي)
    • لوهه جي ٺهيل گڏهه تي ڪهڙا وار.
    (مطلب ته پيٽ ۾ کاڌي جي ضرورت هجي ته کائجي)
    • گهر مان نڪرڻ وقت موسم جو حال معلوم ڪجي، گهر ۾ گهڙڻ وقت چهرن جي جانچ ڪجي.
    (سوچي سمجهي قدم کڻجي. موسم ٿڌي آهي ته ان لاءِ اڳواٽ گرم ڪپڙا پائي نڪرجي. گهر جي ڀاتين جو موڊ خراب آهي يا ڏک ڪاوڙ اٿن ته جهڙي تهڙي ڳالهه کان گريز ڪجي)
    • ڪيڪ جي تصوير ڪنهنجو پيٽ ڀري سگهي ٿي؟
    (ٺلهين ڳالهين مان ڪجهه نٿو وري. شيخ اياز چوڻي: ڍؤ بنان ڍوليا ناهي ساڃهه سونهن جي“)
    • غريب امير سان دوستي رکي پنهنجي پتلون به وڃائي وهي ٿو.
    (ظاهر آهي شاهوڪار سان پير ڀرڻ ۽ مقابلو ڪرڻ ۾ غريب الهه تلهه خرچ ڪريو ڇڏي يا جيئن چوندا آهن ته اٺ ۽ گدڙ جي دوستي سونهين نٿي“)
    • ننڍپڻ ۾ پيءُ جي جدائي، اڌروٽ عمر ۾ زال وڃائڻ ۽ مرڻ بعد پٺيان ڪو وارث نه ڇڏڻ، اهي دنيا جا ٽي وڏا اڀاڳ آهن.
    • ڪوئي جي ڏندن ۾ ڪهڙو عاج ڪهڙي چاندي.
    • گهوڙيسوار کي پنڌ جي تڪليف جي ڪهڙي سُڌ.
    (جيڪو عيش ۾ پليو آهي. ان کي زندگي جي ڏکن جي ڪهڙي خبر)
    • برف ۾ ڪنهن کي دفن نه ڪجي.
    (اونهاري ٿيڻ تي برف ڳري ٿي ۽ لاش وري ظاهر ٿيو پوي)
    • بوٽ وٺڻ کان اڳ پير جي ماپ معلوم ڪجي.
    • رات جي ماني رات جي آهي ۽ نيرن صبح جو کاڌو آهي.
    (هر هڪ شيءِ جي پنهنجي اهميت آهي. هر هڪ شيءِ پنهنجي وقت تي سونهين ٿي)
    • هر نئين ڄاول ڪوئي کي ٻرڙ کوٽڻ اچي ٿو.
    (ائين جيئن هر ننڍي مڇيءَ کي ترڻ اچي ٿو)
    • نديءَ جو وهڪرو بدلائڻ يا جبل ٽڪڻ سولو ڪم آهي پر انسان جي فطرت بدلائڻ ڏکيو ڪم آهي. سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته: ”هيري سندي هير ٽنگ ڀڳي به نه لهي.“
    • ٻوڏ کي بند ٻڌي سگهجي ٿو پر ماڻهن کي گلا ڪرڻ کان روڪي نٿو سگهجي.
    • هڪ بيوقوف سان گڏ جيئڻ کان بهتر آهي ته ڪنهن عقلمند جي ڀرسان مرجي.
    • اهو سبق جيڪو دل سان نه ٻڌجي، رڳو ڪنن سان سڻجي خواب ۾ دعوت کائڻ مثل آهي.
    • ڪن کي عمر کائي، ڪي عمر کي کائين.
    (ڪي ويچارا ننڍي عمر ۾ ئي بس ٿي ويندا آهن، کين بيمارين ۽ ڏک ننڍپڻ ۾ ئي پوڙهو ڪري ڇڏيندا آهن. ڪي وري وڏي عمر جا ٿيڻ بعد به تازا به تازا نؤ بنا پيا لڳندا آهن.
    عمر جي معاملي ۾ عورت به پڪائيءَ کان ڪم وٺي ٿي. پنهنجي ٺاهه جوڙ ڪري پاڻ کي ننڍو ظاهر ڪري ٿي ۽ چوندا آهن ته عورت پنجويهن سالن کان پوءِ يوٽرن (U _ Turn) ڪري ٿي. يعني پنجويهن تائين پهچي، پوءِ هر سال پنهنجي عمر مان سال گهٽائي ٻڌائي ٿي. يعني چوويهه پوءِ ٽيويهه وغيره. ڪي عورتون چاليهه سالن جون ٿيڻ بعد ڏهاڪو کن سال اها ئي عمر ٻڌائينديون رهن ٿيون.
    هڪ ڇوڪريءَ ٻي ڇوڪريءَ کي چيو ته مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته جيسين آئون پنجويهه سالن جي نه ٿينديس شادي نه ڪنديس. ٻي ڇوڪريءَ وراڻيس: ”۽ مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته جيسين منهنجي شادي نه ٿيندي تيسين آئون پنجويهن سالن جي نه ٿينديس.“
    • عورت جو ڪم ٿڃ ڏيڻ آهي، مرد جو ڪم ڌن ڏيڻ آهي.
    (مطلب اهوئي ئي ته عورت جو ڪم گهر کي ڏسڻ ۽ ٻار جو نيپاج آهي، مرد جو ڪم پورهيو ڪري پئسو آڻڻ آهي، تڏهن ئي گهر جو ڪاروبار هلندو. چين جپان توڙي ٻين ايشيائي ملڪن جي سوسائٽيءَ ۾ مرد وڏي بلا سمجهيو وڃي ٿو. هو ڀلي ٽوٽي هجي، سندس ٻاهر ڪجهه به نه هلي پر گهر ۾ هو حاڪم آهي ۽ پنهنجي زال تي وڏا رعب رکي سگهي ٿو. پر شايد ڪن ملڪن يا ڪن هنڌن تي ائين نه به هجي، ڪٿي ڪٿي عورت کان وڌيڪ مرد فرمانبردار هجن.
    اسڪول جي پهرين ڏينهن ماستر صاحب نون آيل شاگردن جي سڃاڻپ لاءِ کانئن ساڳيو سوال پڃي رهيو هو.
    ”پٽ تنهنجو پيءُ ڪهڙو ڪم ڪندو آهي؟“
    ”واڍڪو ڪم ڪندو آهي“ ڇوڪر جواب ڏنو.
    ”۽ تنهنجو پيءُ ڪهڙو ڪم ڪندو آهي؟“ هن ٻئي شاگرد کان پڇيو ۽ جنهن جو پيءُ سرجن هو.
    ”سائين آپريشنون ڪندو آهي.“
    ”ڀلا تنهنجو پيءُ ڪهڙو ڪم ڪندو آهي؟“ هن ٽئي شاگرد کان پڇيو.
    ”سائين منهنجو پيءُ اهو ڪم ڪندو آهي، جيڪو امان چوندي اٿس.“


    جپاني پهاڪا ۽ چوڻيون

    JAPANESE PROVERBS




    • هوٽل ۾ مانيءَ جي لذت جو مدار خذمتگار ڇوڪريءَ جي سونهن تي آهي.
    (جن هوٽلن ۾ ماني سٺي نه هجي، ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ خذمتگار ڇوڪرين جا چهرا ته چڱا هئڻ کپن. پر چوندا آهن ته مانيءَ جو شوقين مينو پيش ڪندڙ ڇوڪريءَ ڏي نهارڻ کان اڳ مينو کي غور سان جانچي ٿو)
    • غربت انسان جي خوشي گهٽايو ڇڏي.
    • نانگ کان وڌيڪ عورت کان خبردار رهجي.
    (خبر ناهي ڪهڙي خيال کان جپاني مرد لاءِ جپاني عورت خطرناڪ آهي. ڌارين ماڻهن کي جپان ۾ رهڻ بعد ان جي ابتڙ محسوس ٿئي ٿو)
    • ٽوڪيو ۾ جيڪا تڪليف رسي، ان جو بدلو ناگا ساڪيءَ ۾ نه وٺجي.
    (هڪڙي جي ڏوهه جي سزا ٻئي کي ڏيڻ نه جڳائي)
    • پنهنجي ڀاڳ جي نجومين کي به خبر نٿي پوي.
    (اها ڳالهه صحيح آهي ۽ پوءِ جڏهن نجومين کي پنهنجي ڀاڳ جي به خبر نه آهي ته پوءِ ٻين جي مستقبل جي ڇا ڄاڻ ڏيندا.
    اتر هندستان جي الور جي مهاراجا سري سوائي جئيسنگهه هزار رپيا هڪ ڏينهن جي حساب سان هفتي کن لاءِ بمبئيءَ جو وڏو نجومي مسٽر الاسٽر گهرايو. ساڻس ٻين به ڪيترن انعام اڪرامن ڏيڻ جو وعدو ڪيو ويو هو. مقرر وقت تي جڏهن نجومي الور اسٽيشن تي پهتو ته سندس آڌر ڀاءُ لاءِ ڪير به نه آيو. سڄي رات هو اسٽيشن تي ڌڪا کائي ٻئي ڏينهن ٽانگي ۾ چڙهي مهاراجا جي محلات تي پهتو پر دربان ۽ سپاهين کيس مهاراجا سان ملڻ جي موڪل ڏيڻ بدران کڻي جيل اماڻيو. يڪو مهينو جيل ۾ دانهون ڪوڪون ڪندو رهيو ۽ خوار ٿيندو رهيو. ان بعد هن کي جيل مان ڪڍي مهاراجا آڏو پيش ڪيو ويو. نجوميءَ پنهنجي غم جو داستان ٻڌائيندي چيو.
    ”مون کي اهڙي خبر هجي ها ته الور پهچڻ تي مون سان هيءَ تعدي ٿيندي ته آئون جيڪر بمبئي ڇڏيان ئي نه ها.“
    مهاراجا همدرديءَ ڪرڻ بدران چيو: ”تو لاءِ اها سيکت ضروري هئي. جڏهن توکي پنهنجي ٻئي ڏينهن جي خبر نٿي پوي ته سڀاڻي ڇا ٿيڻو آهي ته مون کي سڄي سال جو حال ڪيئن ٻڌائي سگهندين؟“)
    • پاڻ ۾ ايترو قرب جيترو منڊارين بدڪن جو.
    (منڊراين چيني بدڪن جو قسم آهي، جن جو هر وقت نر مادي جوڙو جوڙو ٿي هلي ٿو ۽ کن ساعت لاءِ به هو هڪ ٻئي کان جدا نه ٿين)
    • سٺو جوڙ ۽ سٺو موقعو حاصل ڪرڻ لاءِ صبر ضروري آهي.
    (صبر جو ڦل مٺو ٿئي ٿو ۽ تڪڙ ڪم شيطان جو ثابت ٿئي ٿو)
    • گهرو ويڙهه ۽ اتراهين هوائن ۾ هڪ ڳالهه ساڳي آهي. شام ڌاري ٻئي ٺاپر ۾ اچيو وڃن.
    • پئسو آهي ته ڌاريان به سلامي ڀرين ٿا. غربت ۾ ويجها مائٽ به ڇڏيو ڏين.
    (سکئي جو سڀ ڪو سلامي، غريب کي ڪو ليکي ڪونه)
    • گانگٽ جو سردار گانگٽ ئي هوندو آهي.
    • ستل ڍڳيءَ مٿان ڪچرو اڇلڻ.
    (ڪمزور ۽ غريب ماڻهوءَ مٿان بهتان هڻڻ)
    • شراب کان پاسو ڪرڻ تي جيڪو پئسو بچي ٿو، ان مان ڪوبه محلات نٿو ٺهرائي سگهي.
    (ويلي بچائڻ ۾ ڪهڙا ڪوٽ ٺهرائي سگهبا)
    (هڪ دوست ٻئي کي سگريٽن پيئڻ کان منع ڪندي چيو: ”ڏس تون روزانو ڏهه سگريٽ پئين ٿو، يعني ويهين رپئي جا. سي مهيني ۾ ٿيا ڇهه سؤ رپيا ۽ سال ۾ ست هزار رپيا کن ۽ ڏهن سالن ۾ ستر هزار ۽ جي گذريل ٽيهه سال سگريٽ نه پئين ها ته سوا ٻه لک رپيا هجنئي ها، جنهن جو گهر ٺهرائي سگهين ها.“
    ٻئي همراهه سڄي ڳالهه ٻڌي پهرين کي چيو: ”چڱو ڀلا تون ته چاليهه سالن کان سگريٽ نٿو پين. تون ٻڌاءِ سگريٽ جي بچيل پئسن مان ڪهڙو گهر ٺهرايو اٿئي؟“)
    • درياهه تي پاڻي کڻي هلڻ.
    (بيوقوفي ڪرڻ)
    • سخت طوفان به جبلن کي ريڙهيو نٿا سگهن.
    • ڍڳي جي پڇ کان بهتر آهي ته ڪڪڙ جو وات ٿجي.
    • وقتي طور عقلمند پاڻ کي بيوقوف به سڏائي ٿو.
    • اهو تتر جيڪو ٻولڻ کان گريز ڪري ٿو شڪار ٿيڻ کان بچي سگهي ٿو.
    • ڪالهه جو دشمن اڄ جو ساٿي.
    • پئسو سو ملي باقي فقير هر هڪ ڏي مرڪي نهاري ٿو.
    • پنهنجي غلطي مڃڻ ڏاهپ جي نشاني آهي.
    • حد کان وڌيڪ گهرائي مصيبتون پيدا ڪري ٿي.
    • (جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: ”هجتي لعني“ يا انگريزيءَ ۾ آهي ته ( Familiarity breeds contempt
    • عطر جي چور مان خوشبوءِ ئي ايندي.
    • ڀاڻ جيترو به ڪم نه اچڻ
    (بيحد بيڪار ماڻهو)
    • ڊگهي تقرير اٻاسيون پيدا ڪري ٿي.
    • ڪڏهن ڪڏهن سڌي وڻ جون به ڦڏيون شاخون ٿين.
    • هر ڪا ٻلي ڪئا کائي ٿي، هر سرڪاري ڪامورو رشوت کائي ٿو.
    • شراب، جوا ۽ رنڊي بازي اهڙا فعل آهن، جيڪي ماڻهن جي تباهي آڻين ٿا.
    • چور ڪجهه نه ڪجهه پٺيان ڇڏيو وڃي، پر باهه سڀ ڪجهه تباهه ڪريو وڃي.
    • کڻي ڪنهن جو ماءُ پيءُ مري ويو هجي ته به ماني کائڻ بعد ڪجهه دير آرام ڪجي.
    • مقابلي جي ڇٽهين ئي طريقن مان بهترين طريقو ڀڄڻ آهي.
    (يعني جتي پڄي نه سگهجي اتي ڀڄي جان ڇڏائجي)
    • سادو ماڻهو پنهنجو در هڪ انچ کليل ڇڏي ٿو، بيوقوف ٽي انچ ۽ چريو در کي بند ئي نٿو ڪري.
    • ڊيوٽيءَ لاءِ اون ۽ جسم تي گوڏ هر وقت گڏ گڏ هجي.
    • اس ۾ سڙيل (ڏينهن لڳل) مينهن، چنڊ کي به تتل سج سمجهي ڇر ڪيو وڃي.
    • هر ڳالهه ٿڌي دماغ سان سوچجي.
    (ذري پرزي ڳالهه تي جوش يا چڙ نه ڪجي. دماغ کي ٿڌو رکجي. اهڙي ماڻهوءَ کي بلڊ پريشر ۽ دل جون بيماريون به گهٽ لڳن ٿيون ۽ زندگيءَ ۾ ڪامياب به رهي ٿو.
    انگريزيءَ جي مشهور اديب برنارڊشا کان ڪنهن صحافيءَ پڇيو: ”توهان جي وڏي عمر جو ڪهڙو راز آهي؟“
    هن جواب ڏنو: ”آئون هميشه مٿو ٿڌو ۽ پير گرم رکان ٿو.“
    صحافي هن جي ان قول کي اخبار ۾ ڇاپيو. ماڻهو عمر وڌائڻ لاءِ مٿي تي برف رکڻ لڳا ۽ پير باهه تي سيڪڻ لڳا. نتيجي ۾ سڄي شهر ۾ نمونيا وڌڻ لڳي. هوسڀ احتجاجي جلوس جي شڪل ۾ برنارڊشا جي در تي پهتا.
    برنارڊشا هنن کي چيو: ”مٿو ٿڌو رکڻ سان منهنجو مطلب هو ته مون کي ڪاوڙ ڪڏهن به نٿي اچي ۽ پير گرم رکڻ سان منهنجي مراد هئي ته آئون هميشه پنڌ هلان ٿو.“)
    • تنهنجي صلاح پنجن ڊالرن مٽ آهي، پر تنهنجو صبر ڏهن برابر آهي.
    (يعني جيسين ڪو صلاح نه گهري ته ماٺ ۾ رهڻ کپي)
    • هاري ٻج ڇٽڻ تي ڪانگ کوٽي ڪڍڻ تي.
    • شڪست (هار) کاڌل جنرل کي پنهنجين جنگين جو ذڪر ڪرڻ نه جڳائي.
    (ان تي جپاني ڪيترو عمل ڪن ٿا، ان جوا ندازو انهن خودڪشين مان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪي جپانين ٻي وڏي لڙائي هارائڻ بعد شرم کان ڪيون)
    • ٽاچني توڙي کڻي ننڍي آهي پر ڳهي نٿي سگهجي.
    • گهر جي ڪامن کي اڏوهي لڳي سگهي ٿي، پر در جي هٿئي کي هرگز نه.
    (اها شيءِ جيڪا هر وقت استعمال ۾ آهي، ان کي جيت جڻيون نٿو لڳي)
    • ويندي ڀلن گهوڙن کي به ڪڏهن ڪڏهن چهبڪ جي ضرورت پوي ٿي.
    • کائڻ جون چاپ اسٽڪس ڊگهيون چونڊجن، ليڊري لاءِ طاقتور ماڻهو ڳولجن.
    • نانگ جي وات ۾ ڏيڏر.
    (هي سنڌيءَ ۾ پڻ پهاڪو آهي. معنى عجيب صورت ۾ ڦاسڻ. وات ۾ ڏيڏر معنى ڳهڻ به ڏکيو ته ڪڍڻ به ڏکيو. يا ٻي معنى ۾ ”ماٺ ڪيان ته مشرڪ ڪڇان ته ڪافر“)
    • نانگ اڳيان ڏيڏر جو اچڻ.
    (عجيب مصيبت ۾ ڦاسڻ، يعني ڏيڏر لاءِ ڏکيو وقت اچڻ)
    • بانس جي لڙهي ۾ وجهڻ سان نانگ سڌو نٿو ٿئي.
    • شڪار ناهي ته سٺا تير ڪمان ۽ ڪتا به ڌوڙ پيا پائين.
    (جنهن شيءِ ۾ انسان جي ضرورت پوي ٿي ان جي هو پڇا ۽ اڻ تڻ رکي ٿو)
    • کنوڻ گوڙ کان خراب آهي.
    (ظاهر آهي ته گوڙ فقط آواز پيدا ڪري ٿي پر کنوڻ جنهن ۾ اليڪٽرڪ ڪرنٽ آهي، ماڻهو ماريو رکي)
    • ڪن هنڌن تي نر ڪڪڙ بدران مادي ڪڪڙ ٻانگ ڏئي ٿي.
    • اهو گهر جنهن ۾ سج جي آمد ناهي، اتي ڊاڪٽر جو اچڻ عام رهي ٿو.
    • ڪابه شيءِ بيڪار ناهي، ويندي رسيءَ جون پڇڙيون.
    (سياڻا ماڻهو هر شيءِ کي ڪم ۾ آڻين ٿا. ان تان مون کي ياد آيو ته جپان ۾ ڪاسائي چوندو هو ته ڍڳي ٻڪري جي هر شيءِ ڪم ۾ اچي ٿي. گوشت، جيرا، بڪيون، ويندي آنڊا اوجهري مغز، پاوا کائڻ ۾، کل مان بوٽ ۽ ٻيو سامان ٺاهين. سڱن ۽ هڏن مان جيلي ۽ دوائون. مطلب ته ڪابه شيءِ ضايع نٿي ٿئي سواءِ جانور جي ڪِيڪ جي جيڪا ڪاتي ڦرڻ مهل ڪڍي ٿو)
    • ٻين کي سڌارڻ کان اڳ پهرين پنهنجو پاڻ کي سڌارڻ کپي.
    • گهوڙي کي سڃاڻڻ لاءِ هن تي سواري ڪرڻ ضروري آهي.
    • ٻين جي جهيڙي ۾ پنهنجو پاڻ کي ٽنبڻ نه کپي.
    • سنڌيءَ ۾ چوڻ آهي ته: ”پراوا ٽٽَ پنهنجي ڳُئي ۾ وجهڻ“
    • ٽيون دفعو گار تي، گوتم ٻڌ جي مورتيءَ کي به چڙ لڳي ٿي.
    (سهپ جي به هڪ حد ٿيندي آهي، جيڪو ماڻهو صبر ۾ آهي ڪجهه نٿو چوي، ٿي سگهي ٿو بگڙي به پوي)
    • عذر وارو وڏي ڄمار پائي ٿو.
    (ڪيترا ماڻهو عذر جي تڪليف کان چاهيندا ته ان کان موت اچي پر جلد مرڻ بدران ويتر هنن جي حياتي انگهي پوندي آهي ۽ ساڳي وقت خوش چڱا ڀلا وفات ڪري ويندا آهن. بهرحال قدرت جا عجيب کيل آهن، تڏهن ته سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته قدرت جڏا جياري مرڪندا ماري. جنهن جي جيڪا رات قبر ۾ ڪٽڻي آهي، اها ئي گذرندي پوءِ ڀلي هو ڇا به ڪري)
    • انسان جو سينو ڏک درد لڪائڻ لاءِ بهترين ٻٽون آهي.
    • سياڻا باز پنهنجا چنبا لڪائين.
    • ٿڌي پاڻيءَ ۾ وهنجڻ کان اڳ ڪراڙي ماڻهوءَ کي چڱيءَ طرح سوچڻ کپي.
    (اهڙا بهادريءَ جا ڪم ڪرڻ کان اڳ انسان کي پنهنجو ست سارڻ کپي ته آيا، هن ۾ ايتري سگهه آهي. ان ڪري سياڻا چوندا آهن جيڪو ڪم ڪري نه سگهجي، ان ۾ هٿ نه وجهجي، ان تان مون کي ”اڏامڻ نه اچي ته هٿ نه لائجي“ وارو چرچو ياد اچي، جيڪو ”ڪاوش“ اخبار ۾ ان جي ايڊيٽر محمد علي قاضيءَ لکيو آهي ته:
    هڪ همراهه پنهنجي طوطي سان گڏ هوائي جهاز ۾ سوار ٿيو. سفر دوران ايئر هوسٽس کي طوطي پنهنجي چهنب هنئي. مائيءَ پٺيان مڙي ڏٺو ته طوطو هو ۽ ماٺ ٿي ويئي. ٿوري دير بعد ايئر هوسٽس وري اتان لنگهي ته طوطي وري کيس ٺونگو هڻي ڪڍيو. مائيءَ ڪاوڙ مان پويان ڏٺو پر طوطي کي ڏسي کلي ڏنائين. مائيءَ کي جو کلندي ڏٺائين ته طوطي جي مالڪ سمجهيو ته قصو خير جو آهي. هاڻ جيئن مائي موصوف اتان لنگهي ته همراهه کڻي کيس هٿ هنيو.هاڻ مائيءَ جو پويان ڏٺو ته هن ڀيري طوطو نه پر طوطي جو مالڪ هو. بس پوءِ ته مائي ايئر هوسٽس وٺي رڙيون ڪيون ته جهاز جي پائليٽ سوڌو سڄو اسٽاف اچي گڏ ٿيو ۽ فيصلو ٿيو ته هلندي جهاز مان طوطي ۽سندس مالڪ کي سزا طور ٻاهر اڇلايو وڃي. اهڙو فيصلو ٻڌي طوطو زور زور سان کلڻ لڳو.طوطي جي مالڪ ڪاوڙجي چيس:
    اهو سڀ ڪجهه تنهنجي ڪري ٿيو تون ٺونگو نه هڻيس ها ته آءُ به هٿ نه هڻانس ها.“
    طوطي وراڻيس: ”مونکي ته اڏامڻ اچي ٿو. توکي اچي ٿو _ ؟ جي نٿو اچي ته پوءِ هٿ ڇو هنئي.“)
    جلدي کائڻ، جلدي مٽڻ، جلدي ڳڻڻ شايد هنر سمجهيو وڃي ٿو.
    انڌي کي نانگ جو ڪهڙو ڊپ.
    ٽن ڏينهن بعد دلپسند مهمان به مصيبت ثابت ٿئي ٿو.
    (جيئن اڙدوءَ ۾ چوڻي آهي ته: ”دو دن مهمان تيسري دن بلائي جان.“
    سندن وارن هڪ ڏينهن جي وڌيڪ رعايت ڪئي آهي ۽ چوڻي آهي، ”چار ڏينهن چاهه جا پوءِ وٺ پاسا واهه جا“)
    • زندگيءَ جو سفر ڊگهو آهي ۽ پاڻ سان کنيل بار تمام ڳرو.
    • ڏيڏرن پيٽان ڏيڏر ئي ڄمن ٿا.
    (ڪانوَن جو اولاد ڪانوَ ٿئي ٿو)
    • ڦاسڻ کان پوءِ پکي جو افسوس ڪرڻ ڪهڙي ڪم جو ته جيڪر هو ڄار کان مٿي اڏامي ها.
    (ٻين لفظن ۾ ڦاٿي کان پوءِ ڦٽڪڻ ڪهڙو)
    • سٺي گهوڙي لاءِ چهبڪ جو پاڇو به ڪافي آهي.
    (جيئن پاڻ وٽ چوڻي آهي ته ٽٽونءَ کي ٽارو تازيءَ کي اشارو)
    • شراب ۽ دير سان اٿڻ انسان کي غربت ڏانهن جلد پهچائين ٿا.
    • شراب غمن کي في الحال ميڙڻ لاءِ سٺو ٻهارو آهي.
    • زال جي ڪرتوتن جي خبر مڙس کي اڪثر آخر ۾ ئي پوي ٿي.
    • سٿڻ مان ڪپڙو ڪڍي قميص ۾ چتي هڻڻ.
    (اجائي محنت ڪرڻ، مسئلو قائم رهڻ)
    • ڪجهه ديوتا انسان کي تباهه ڪن ٿا ته ڪجهه بچائين ٿا.
    • ماڻهن جو وات بند ڪرڻ کان بئراج بند ڪرڻ سولي آهي.
    • آسمان کان ڌرتي تائين ڊگهو اڳٺ.
    (تمام ڊگهي ڪهاڻي، اڻ کٽندڙ ڳالهه، اجائي بڪواس يا ڇتي ڪوريءَ واري ڊيگهه. ڪي وري ان مفهوم لاءِ ”رام ڪهاڻي“ استعمال ڪن)
    • هٿين خالي دشمن خطرناڪ آهي، جو هن کي ڪجهه به وڃائڻ جو ڊپ ناهي.
    • پوڙهين کي ويسر جي عادت آهي ۽ جوانن کي ”نه _ سوچڻ“ جي.
    • ٻن گهاٽن دوستن جي وچ ۾ به ٿورو گهڻو تڪلف ضروري آهي.
    (هڪ ٻئي سان گهڻو گهرو ٿيڻ سٺي ڳالهه ناهي)
    • ڊاڪٽر اهو ئي چاهي ٿو ته گهڻي کان گهڻا بيمار ٿين ۽ ٻائو اهوئي چاهي ٿو ته گهڻي کان گهڻا مرن.
    • ڪمزور گهوڙو دانهن وڏي ڪري ٿو.
    • بارش ڇنل جهوپڙيءَ جي ڇت تي گهڻي زور سان وسي ٿي.
    (ڪمزور ڍڳيءَ تي مڇر گهڻا)
    • کٽل جو گهر، گهٽيءَ جو ڪتو به سڃاڻي ٿو.
    (چنڊي جو گهر ئي پڌرو)
    • خوشي ۽ خالي پيٽ جي دوستي ڪڏهن به ٿي نٿي سگهي.
    • منحوس صورت واري کي ڪڏهن به دڪانداري ڪرڻ نه کپي يا چيني ان لاءِ چوندا آهن ته ”جنهن کي کلڻ نٿو اچي اهو دڪان تي نه ويهي“
    • سال جي پهرين ڏينهن تي گهر جي خرچ جو ڪاٿو ڪجي.
    • شاديءَ جي پهرين ڏينهن تي زال کي درست ڪجي. ان لاءِ سنڌيءَ ۾ محاورو آهي، پهرين ڏينهن ٻلي مارڻ.
    (هڪ همراهه پنهنجي دوست کان سندس زال جي فرمانبرداريءَ جو سبب پڇيو.
    ”مون شادي جي پهرين رات زال جي اڳيان ٻليءَ کي ماري وڌو. اهو ڏسي منهنجي زال ڊڄي وئي ۽ هاڻ منهنجو هر چيو مڃي ٿي.“ دوست ٻڌايس.
    همراهه کي ڳالهه وڻي ۽ ان رات پنهنجي ڪمري ۾ ٻلي ويهاري ڇڏيائين ۽ موقعو ڳولي زال جي موجودگيءَ ۾ ٻليءَ کي ڪهاڙيءَ سان ٻه اڌ ڪري رکيائين.
    اهو لقاءُ ڏسي، ڊڄڻ بدران زال بجا گهروڙي چيس: ”ماريا! ٻلي جي مارڻي هئي ته پهرين رات ئي مارين ها. هاڻ ٽن سالن بعد هليو آهين ٻليءَ جو ساهه ڪڍڻ“)
    • ويندي دوزخ ۾ به پئسي جي هلي ٿي.
    (مطلب اهو ئي ته اڄ جي دور ۾ هرڪو پئسي واري جو خيال ڪري ٿو. اڄڪلهه پئسو وڏو پير آهي)
    سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”نه عيسى نه موسي بڙا پير پيسا.“
    • پيار جي پهرين شروعات خوشيءَ جو خاتمو آڻي ٿي.
    (خوشيءَ جو خاتمو آڻي يا نه پر عقل جو ضرور آڻي ٿي تڏهن ته انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته:
    (First sigh of love, is the last of wisdom.)
    • ڪنهن جو انتظار ڪرڻ بدران ڪو ٻيو اسان جو انتظار ڪري ان ۾ وڌيڪ رومانيت آهي.
    • علم جي شروعات الف ب کان ئي شروع ٿئي ٿي.
    (ڪوبه ڄمندي ڄام نٿو ٿئي. ٿورو ٿور ڪري هو سکي ٿو)
    • بانس جي لٺ سان تارن کي ڇا ڌڪ هڻي سگهبا.
    • ڪفن دفن کان واندو ٿيڻ بعد ڊاڪٽرن جو ئي ذڪر هلي ٿو.
    (ته فوتيءَ کي ڪهڙي بيماري هئي.ڪهڙن ڊاڪٽرن جو علاج ڪيائين. ڊاڪٽر جو ڏوهه هو يا دوا جو، وغيره.
    مريض جي وفات بعد، سندس وصيت جي پوئواري ڪندڙ وڪيل وٽ، ڊاڪٽر پهتو، جيڪو آخري ڏينهن ۾ مريض جو علاج ڪري رهيو هو.
    ”وڪيل صاحب! منهنجي علاج جي فيءَ لاءِ ضروري سمجهيو ته قسم نامون به لکي ڏيانوَ ته مريض مرڻ کان اڳ منهنجي علاج هيٺ هو.“
    ”ان جي ڪا ضرورت ناهي،“ وڪيل ڌيرج سان وراڻيو، ”هن جو موت ئي وڏي ثابتي آهي ته هن ضرور توکان علاج ڪرايو هوندو“)
    • جپاني فوجُي جبل جي سونهن ان کي ڪڏهن به متاثر نٿي ڪري، جيڪو بک ۾ پاهه آهي ۽ سيءَ ۾ ڏڪي رهيو آهي.
    (خالي پيٽ تي ڪابه سونهن، ڪابه شاعري سمجهه ۾ نٿي اچي)
    • اهو ڪانگ جيڪو بدڪ جي اهل ڪري ترڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، هڪ ڏينهن پڪ مرندو.
    (جيئن اڙدوءَ ۾ چوڻي آهي ته: ”ڪوا چلا هنس ڪي چال اپني ڀي کهو بيٺا.“)
    • گوڏن سان به صلاح ڪجي.
    (جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ٻوڙن سان به صلاح ڪجي. معنى هڪ معمولي کان معمولي ماڻهوءَ سان به صلاح ضرور ڪجي. ٿي سگهي ٿو هو ڪا ڪم جي ڳالهه ٻڌائي وٺي جيڪا وڏي نقصان کان بچائي)
    • جنهن وٽ ٽي پاءُ اٽو آهي ان کي پنهنجي زال جي مائٽن جي ڪاڻِ ڪڍڻ نه کپي.
    (ڪوشش ڪري زال جي مائٽن اڳيان هٿ نه ٽنگجي)
    • بادام جي وڻ هيٺان عشق ۾ گهايل ڇوڪريءَ کي، چلهه تي رکيل ديڳڙيءَ لاءِ به لمحو پل سوچڻ کپي.
    (عشق جو نشو اهڙو آهي، جنهن ۾ ماڻهو خوابن خيالن جي دنيا ۾ غرق ٿيو وڃي پر ان هوندي به انسان کي گهرجي ته دنيا جي ڪجهه ضروري ڳالهين تي به ٿورو ڌيان ڌري)
    • انسان عادتن جو غلام آهي:
    هڪ دفعو ڪابه عادت پوي ٿي ته ان مان جان ڇڏائڻ ڏکيو ڪم ٿيو پوي ۽ نه فقط انسان عادت جو غلام ٿيو پوي پر منهنجي خيال ۾ ڪيترا جانور به عادت کان مجبور ٿيو پون. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”عادت عضوو آهي.“
    هڪ ٽانگي واري ٿوري ٿوري دير بعد لهي گهوڙي اڳيان شرنائي وڄائي نچيو ٿي. مسافرن پڇيس ته هي ڇا ٿو ڪرين. وراڻيائين:
    ”هي سرگس جو گهوڙو آهي. عادت کان مجبور آهي. ٿوري ٿوري پنڌ بعد جيسين هن اڳيان ڪو نچي نٿو تيسين هلي نٿو“)
    • ٻيڙيءَ جي چور کي ٻيلي ۾ ڳولڻ.
    (پنهنجي بيوقوفيءَ جو ثبوت ڏيڻ. ظاهر آهي ته ٻيڙيءَ جو چور ٻيڙيءَ سميت پاڻيءَ تي ئي هوندو. ٻيڙيءَ کي مٿي تي رکي شهر جو رخ ته هرگز نه رکندو. ان تان مون کي حضرت ابراهيم بن آدم جو قصو ياد اچي ٿو. هي بزرگ شروع وارن ڏينهن ۾ بلخ جو بادشاهه هو. هڪ رات پنهنجي محل ۾ ستو پيو هو ته آڌيءَ رات جو اوچتو هن جي اک کلي. خبر پيس ته ڪو ماڻهو سندس محل جي کڏ تي هلي رهيو آهي. پاڻ رڙ ڪري پڇيائينس: ”تون ڪير آهين ۽ هتي هن وقت ڇا ڪري رهيو آهين؟“
    هن شخص جواب ڏنو: ”آئون تنهنجو دوست آهيان ۽ هتي توهان جو اٺ پيو ڳوليان.“
    پاڻ ٻڌي تعجب مان فرمايائين: ”ڀلا اهو به ڪو ٿي سگهي ٿو ته کڏ تي اٺ ملي!“
    هن شخص ٺهه پهه جواب ڏنس: ”ته پوءِ ڀلا اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته اطلس ۽ زرين جا وڳا پائي عيش عشرت ۾ ننڊون ڪرڻ واري کي محل ۾ خدا ملي وڃي؟“
    ٻئي ڏينهن ئي پاڻ تخت ۽ تاج کي ٿڏي ڇڏيو ۽ فقيرن وارو وڳو پائي شهر کان ٻاهر هليو ويو)
    • ڪنجوس ماڻهو ميڻ بتي بچائڻ لاءِ پنهنجي آڱر به ساڙڻ چاهيندو.
    (جيئن اسان وٽ چوڻي آهي ته ڪنجوس چاهيندو آهي ته چمڙي وڃي پر دمڙي نه وڃي)
    • ڪانگ تي به عشق جو ڀوت سوار ٿي سگهي ٿو.
    (پهاڪي واري جو شايد اهو مطلب آهي ته عشق اها شيءِ آهي، جنهن جي چڪر ۾ نه فقط انسان پر جانور به ڦاسيو پون. جيئن مثال مشهور آهي ته هڪ دفعي نظر جي ڪمزور ڪمي هڪ فوجيءَ جي ترندڙ ٽوپلي کي ڪڇون سمجهي ان تي عاشق ٿي پئي هئي)
    • پستا به ٿا پنهنجو قد ڀيٽين.
    (پستو جنهن جي ڊيگهه بادام، اخروٽ ۽ نيزي کان به ننڍي آهي، انهن جو پنهنجو پاڻ ۾ قد ماپڻ ائين آهي جيئن ڪوجهي شڪل جا پنهنجو پاڻ ۾ سونهن جو مقابلو ڪن)
    • چانڊوڪي راتين ۽ سٺي رڌل ڀت کائڻ کان ڪير بيزار ٿيندو.
    (جپان ڀت کائيندڙ قوم آهي. جپان ۾ چانور ”ان _ نور“ آهي. چانور ”ڳئون ماتا“ يا ”کير پير“ جپان جي ماڻهن جي جياپي جي تند آهن. جپاني زبان ۾ چانورن تي ڪيتريون ئي چوڻيون، پهاڪا، گيت ۽ لوڪ ڪهاڻيون آهن)
    • ڪوجهي شڪل جي صورت ۾ سج لٿي مهل ڇٽيءَ هيٺ سهڻي لڳي ٿي.
    • جهنم ۽ ظالم زالون هڪ ئي ٽولي سان تعلق رکن ٿيون.
    • اعلى اخلاق واري جو ٻٽون سنهو ئي ٿئي ٿو.
    (هو حرام جي پئسي کان پري ڀڄي ٿو)
    • بهتر آهي ته ڪجهه چوڻ بنان محفل مان اٿجي.
    (اجايو سجايو غلط ڳالهائي ٻئي جي دل آزارجي يا ڪو ڦڏو فساد پيدا ڪجي، ان کان بهتر آهي ته ماٺ مٺوڙي ۾ اٿي وڃجي)
    • چاهي عطر يا کٿوري هجي، گهڻي سنگهڻ سان دماغ وٺي ٿو.
    (هر شيءِ جو استعمال حد اندر ڪجي، گهڻائيءَ مان سٺو نتيجو نٿو نڪري)
    • پياڪ شراب جي نقصانن کان اڻ واقف آهي.
    اڻ پياڪ شراب جي فاعدن کان اڻ واقف آهي.
    • گدرن جي پوک ۾ هرگز قدم نه رکجي، متان ڪو ڀلجي توهان کي چور سمجهي.
    • منهن تي ڇنڊا لڳڻ سان ڏيڏر ماٺ ۾ رهن ٿا.
    • اڀاڳ سڀاڳ پاڻ ۾ تاڃي پيٽي مثل آهن.
    (يعني ڏک سک هر وقت گڏ رهن ٿا، جيڪو سک ۾ آهي ان تي مصيبتون به اچي سگهن ٿيون ۽ جيڪو تڪليف ۾ آهي، ان کي دل لاهڻ نه کپي، ڪنهن وقت به سٺا ڏينهن اچي سگهن ٿا)
    • سمنڊ کان وڌيڪ شراب جي جام ۾ گهڻا ماڻهو ٻڏن ٿا.
    • کيکڙا پنهنجي جسم مطابق ڌرتيءَ ۾ سوراخ کوٽين ٿا.
    (کيکڙا هر وقت سمنڊ جي ڪناري تي نٿا ملن. مقرر وقتن تي جيڪو شايد سمند جي Tide تي مدار رکي ٿو، زمين اندر گهڙيو وڃن)
    • مٺي پاڻيءَ جو کوهه جلد سڪي ٿو.
    • ظالم حاڪم شينهن کان به خطرناڪ ٿين ٿا.
    • فيصلو ڪرڻ کان اڳ ٻنهي ڌرين جي ڳالهه ضرور ٻڌڻ کپي.
    • بک هڪ ماڻهو ماري ٿي، شراب هزار ماڻهو.
    • هر پسونءَ کي هن جي اڌ جيترو روح آهي.
    • جيڪي درياهن تي رهن ٿا، انهن کي درياهه ۾ ئي ٻڏڻو آهي.
    • عورت اها وفادار جيڪا دير تائين جاڳي مڙس جو انتظار ڪري.
    (گهٽ ۾ گهٽ جپاني مرد اهو چاهي ٿو ۽ جپاني عورت ئي اهڙي وفاداريءَ جو ثبوت ڏئي سگهي ٿي. هن ماڊرن دور ۾ جڏهن هند سنڌ ويندي عرب ملڪن جا ماڻهو به پنهنجين زالن کي دعوتن پارٽين ۾ پاڻ سان گڏ وٺي هلن ٿا، اتي اڃان، جپاني مرد ڪوشش ڪري اڪيلو نڪري ٿو يا گرل فرينڊ / محبوبه سان گڏ دعوتون کائي ٿو ۽ جپاني زال صبر ۾ گذاري ٿي. حيثيت وارا جپاني مرد آفيس يا ڌنڌي ڌاڙيءَ تان شام جو گهر موٽي پوءِ تيار ٿي شام ملهائڻ لاءِ اڪيلا ڪلبن ۽ پارٽين ڏي رخ رکن. پوءِ رات جو دير سان نشي ۾ ڌت گهر پهچن. سندن زالون ڪَهيون کولي بوٽ لاهينديون ۽ پوءِ کين ڊگهو ڪري کٽ تي سمهارينديون. صبح جو آفيس وڃڻ وقت کين اڳواٽ اٿي تيار ڪيل لنچ جو ٽقن ڏيئي مرڪي موڪلائينديون. ان کي هو نارمل زندگي سمجهن ٿيون. ڪيترن کي ته اها به خبر ناهي ته ڪيترن ملڪن ۾ مڙس جي دير سان اچڻ تي سندن زالون لاهي موچڙو بيهنديون آهن. جيئن هي مثال آهي:
    هڪ صاحب کان سندس دوست پڇيو: ”ڪالهه رات جڏهن تون نشي ۾ مست ٿي دير سان گهر پهتين ته تنهنجي زال ڇا چيو؟“
    هن صاحب ککو وکو ٿي جواب ڏنو: ”ڪجهه به نه! ۽ هي اڳيان ڏند ته هونءَ به آئون ڏينهن ٻن بعد ڪڍائڻ وارو هوس.“)
    • سڪل هٿ کان آلي هٿ ۾ ٻاجهر جا گهڻا ڪڻا اچن ٿا.
    (جيئن چيني زبان ۾ چوڻي آهي ته سڪل آڱر تي ڪهڙو لوڻ لڳندو)
    • ڇا گول هجڻ ڪري ڪميءَ کي چنڊ جهڙو سمجهجي.
    (چنڊ جهڙو سهڻو ٿيڻ لاءِ ٻين به خاصيتن جي ضرورت آهي)
    • عياشيءَ جو انجام غم آهي.
    • مشغول شاهوڪار ماڻهو، مشغول پيڪدان وانگر آهي، ٻئي جلد خراب ٿين ٿا.
    • جنهن کي توهان جنت سمجهو ٿا ٿي سگهي ٿو اهو جهنم ثابت ٿئي.
    (جنهن کي توهان سک سمجهو ٿا، ٿي سگهي ٿو ته اهو ڏک جو ڪارڻ بنجي ۽ غم رسائي. مطلب اهوئي ته هر ڳالهه جي فيصلي تي تڪڙو نه پهچجي۽ صبر ۽ شڪر کان ڪم وٺي حالتن جو مقابلو ڪجي)
    • هر ڪتو پنهنجي گهر جي در اڳيان بهادريءَ سان ڀونڪي ٿو.
    (جيئن پاڻ وٽ چوڻي آهي ته: ”گدڙ به پنهنجي ڏر تي شينهن آهي“)
    • ٽٽ نڪرڻ بعد ٽنگن کي ڀڪوڙڻ اجايو آهي.
    • ڪٿي پٿر ترن ٿا ڪٿي ته پن به ٻڏيو وڃن.
    (مٿيون جپاني پهاڪو بلڪل هن سنڌي شعر مطابق آهي:
    پن ٻوڙين پاتال ۾ پهڻ تارين تون)
    • هر وقت خبردار رهجي، ڇو جو ماڻهو ڪنهن وقت به چور ٿي سگهي ٿو ۽ چڻنگ وڏو ڀنٽ پيدا ڪري سگهي ٿي.
    • عشق جي ڪا دوا ناهي.
    (عشق جي بيماري ته پنهنجي مرضيءَ سان لڳي سگهي ٿي نه ڇڏي سگهي ٿي. سنڌيءَ ۾ چون ”لڳيءَ کي لعنت.“)
    • هزار ٺڪر جا ديڳڙا هڪ مُترڪي سان ڀڃي سگهجن ٿا.
    • ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي بيهودگي ٿي سگهي ٿي ته هڪ ٻڌ بکشو جنگ جي ڳالهه ڪري.
    (ٻڌ ڌرم ۾ انسان يا جانور کي مارڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر جيت جڻئي، وڇون چيلاٽي کي مارڻ به ڏوهه سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري ٿائيلينڊ جهڙن ملڪن ۾ ڪاسائي به ڪو ٻڌ نظر نه ايندو. اتي ٻڌن جو رهنما، يعني ٻائو ٻانڀڻ ڪيئن ٿو جنگ جي ڳالهه ڪري سگهي، جنهن ۾ انسان انسان کي ماري ٿو)
    • هڪڙي ئي ڏينهن جا ٻه صبح نٿا ٿي سگهن.
    • غريب ماڻهو اهو ئي چاهي ٿو ته کيس زال سٺي ملي.
    • ڪاوڙ کي پنهنجو دشمن سمجهڻ وارو سياڻو آهي.
    • چڙ جا تکا ماڻهو دل جا سٺا ٿين ٿا.
    • ذلالت جي زندگيءَ کان موت سٺو آهي.
    اها چوڻي سنڌيءَ ۾ ان طرح مڪمل آهي ته ذلالت جي زندگيءَ کان عزت جو موت بهتر آهي.
    • هر نئون نوڪر پهريان ويهه ڏينهن سٺو ڪم ڪري ٿو.
    • ڪتي کي توهان ٽي ڏينهن کارايو، ٽي سال هو توهان کي ياد رکندو.
    • هزارين سولجر هڪ جنرل ٺاهين ٿا.
    • ٺوڙهي جبل تي سڪل وڻ به سونهن آهي.
    • عورت تي ڪڏهن به ڀروسو نه ڪجي، ڀلي کڻي هن ست پٽ ڄڻي ڏنا هجن.
    (جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ به آفريڪا وانگر هر ڳالهه جو الزام يا هر برائيءَ جي پاڙ عورت کي سمجهيو وڃي ٿو. جپان جي عورت هاڻ مڙئي معاشري ۾ عزت ماڻي رهي آهي نه ته هوءَ هميشه سورن ۾ رهي آهي)
    • سگهڙ عورت کي خرچ جو بچاءُ ڪرڻ کپي.
    (ڪيتري حد تائين بچاءُ يا ڪنجوسي ڪرڻ کپي، اها هر هڪ جي پنهنجي پنهنجي حد آهي. ٻه ڄڻا پنهنجين زالن جي بچت ڪرڻ جي هڪ ٻئي سان نفرت ڪري رهيا هئا. هڪ چيو:
    ”منهنجي زال کي بچت جي ايڏي عادت آهي، جو جڏهن سندن ڪڇو پراڻو ٿيندو آهي ته ان کي اڇلڻ بدران منهنجي لاءِ ٽاءِ ٺاهي رکندي آهي.“
    ٻي چيو: ”اهو ته ڪجهه به نه آهي، منهنجي زال ته منهنجي پراڻي ٽاءِ مان پاڻ لاءِ ڪڇو ٺاهيندي آهي“)
    • چاهي هن کي کائڻ لاءِ ڪجهه نه مليو هجي ته به جنگجو Samuri
    پنهنجا ڏند ڪاڙيءَ Tooth _ pick سان کوٽيندو نظر ايندو.
    (ڏند کوٽڻ معنى گوشت کاڌو اٿس، يعني نه هوندي به ڪوڙو شان رکڻ. جيئن چوندا آهن ته: کٽل آهيون ته به خان آهيون“)
    • اهو جيڪو اڪيلو گهمي ڦري ٿو اهو ديوتا آهي يا وري جانور.
    (چوندا آهن ته انسان سماجي جانور آهي. هو ڪٽنب، ساٿين سنگتين سان گڏ گذاري ٿو. اڪيلو جانور ئي رهي سگهي ٿو)
    • بهانا ۽ پلاستر هر شيءِ تي هلي سگهن ٿا.
    • مالڪن کي وڙهندو ڏسي هنن جا ڪتا به وڙهڻ شروع ڪن ٿا.
    • ڪوبه ڪٽنب ٽن پيڙهين کان وڌيڪ امير نٿو رهي.
    (يعني اميري غريبي ايندڙ ويندڙ شيءِ آهي. پئسي تي ناز نه ڪجي. ٿي سگهي ٿو اڄ جنهن وٽ دولت آهي سڀان اهو ڪنگال ٿي وڃي)
    • اکيون به ايترو ئي ڳالهائي سگهن ٿيون، جيترو وات.
    (بلڪ ڪيتريون ڳالهيون جيڪي وات سان بيان نه ڪري سگهجن، اهي اکين سان سمجهائي سگهجن ٿيون.
    تڏهن ته طالب المولى چيو آهي ته:


    اکــيــون ۽ مـيـنــهــن ٻــئــي نه اکـــــر هيڪڙي،
    هو موسم جو محتاج ٿيو، هي وسن راتو ڏينهن،
    هن ۾ نرجا نينهن هو طالب! وسن هر وقت تي.
    يعني عشق جي معاملي ۾ ته اکيون ئي ڳالهائين ٿيون، اکيون ئي التجا ڪن ٿيون، اکين کي ئي محبوب ڏسڻ جو انتظار رهي ٿو)
    • بيواهه زال جي گهر ۾ ٿلها ڪوئا نظر نه ايندا.
    (ظاهر آهي مڙس بنان غريب عورت وٽ ايترو گهڻو نه هوندو)
    • بدڪردار زال سٺ خراب فصلن برابر آهي.
    (۽ بدڪردار يا خراب مڙس؟ان جو ذڪر جپاني پهاڪن توڙي ادب ۾ ڳولي به نٿو ملي)
    • نوان ڪپڙا پائڻ واري ڪنيز کان غريب مڙس جي زال ٿي رهڻ سٺي ڳالهه آهي، پوءِ ڀلي کڻي پائڻ لاءِ پراڻا ڪپڙا هجن.
    • عمر سان گڏ ادرڪ (سنڍ)، دال چيني ۽ ماڻهو ڌپ ڪريو وڃي.
    • سست ماڻهو کائڻ ۾ تکا ٿين ٿا.
    • ڦٽا ڪن ۽ بم بارودن تي ويٺل ماڻهو به ڏينهن ۾ ٽي دفعا سگريٽ پيئي ٿو.
    • ڪمزور ڪتو مالڪ لاءِ شرمندگي آهي.
    • هر ڏيئي جي هيٺان اوندهه ٿئي ٿي.
    (بقول اڙدو چوڻيءَ جي: چراغ تلي انڌيرا)
    • پيريءَ ۾ اولاد جو چيو مڃڻ کپي.
    • اگهاڙي ماڻهوءَ به ڪڏهن ڪجهه وڃايو آهي.
    (هو ڇا چوندا آهن ته ڍڳونه ڍور ڇا کڻندو چور)
    • سهن کي ڦاسائڻ کان اڳ سندن کلون نه ڳڻڻ کپن.
    (ٻين لفظن ۾ بيضا ڏسي ٻچا ڳڻڻ شروع نه ڪجن، نه ته گيهه جي دلي وارو حال ٿيندو)
    • ميڙ ميڙ آهي پوءِ ڀلي اهو فقيرن جو هجي.
    • غريب کي ئي غريب جو خيال ٿئي ٿو.
    (اها ڳالهه صحيح آهي ته جنهن ڏک نه ڏٺا هوندا ان کي ڏکويل جو ڪهڙو خيال)
    • اڻپورو ڪم ائين آهي جيئن پٺي ڪپيل کڙکٻيتو.
    (کڙ کٻيتي جي سونهن روشنيءَ سان آهي، جيڪا هن جي پڇ ۾ ٿئي ٿي ۽ ظاهر آهي، سندس پٺيون اڌ ڪٽجڻ تي هن جي ڪا حيثيت نٿي رهي)
    • ڇڻيل گل وري موٽي ٽاريءَ ڏي نٿو وڃي _ اهڙيءَ طرح ڀڳل آرسي وري سڄو اولڙو نٿي ڏئي.
    • سرءُ جي آسمان وانگر ماڻهوءَ جي دل بدلجندڙ ٿئي ٿي.
    (جيئن اسان وٽ چوڻي آهي ته انسان جي دل ۽ درياهه تي ڪهڙو ڀروسو)
    • سچ ورلي سهڻو لڳي ٿو ۽ سونهن ورلي سچ ثابت ٿئي ٿي.
    • ڀتين کي ڪن ٿين ٿا ۽ بوتلن کي وات.
    • ڪوڙ بي ٽنگو ٿئي ٿو ۽ پر اسڪينڊل کي کنڀ ٿين ٿا.
    • گهر ۾ شينهن ٻاهر ڪوئو.
    • سٺي هنرمند کي نوڪري ڳولڻ جي ضرورت ناهي.
    (هن وٽ ماڻهو هلي اچن ٿا)
    • عورت جي زبان اهو خنجر آهي، جنهن کي ڪڏهن به ڪٽ نٿي لڳي.
    (ٿي سگهي ٿو ته اها چوڻي ڪنهن لوهار ٺاهي هجي، عورت کي هر ماڻهو پنهنجي نموني سان ڏسي ٿو، جيئن هڪ هنڌ ”عورت _ عوام جي نظر“ ۾ پڙهيو هوم جيڪو ڪجهه هن ريت آهي :
    • بقول ڪاسائيءَ جي: ”عورت اها ڪاتي آهي، جيڪا ذبح ته ڪري ٿي پر رت نٿي وهائي.“
    • بقول صحافيءَ جي: ”عورت خبرون ٺاهڻ جي مشين آهي.“
    • بقول شاگرد جي: ”عورت اهو ڪتاب آهي جيڪو هر مرد جي سليبس ۾ شامل آهي.“
    • بقول ڌوٻيءَ جي: ”عورت اهو ميرو ڪپڙو آهي جيڪو تعريف جي صابڻ سان ڌوئي سگهجي ٿو.“
    • بقول بورچيءَ جي: ”عورت اها ديڳڙي آهي، جيڪا فيشن جي چلهه تي سڙي ٿي.“
    • بقول ڊرائيور جي: ”عورت اها گاڏي آهي، جنهن جون بريڪون اڪثر خراب رهن ٿيون.“
    • بقول درزيءَ جي: ”عورت اهو لباس آهي، جيڪو پراڻو ٿيڻ تي ڏسڻ جهڙو نٿو رهي.“
    • بقول سائنسدان جي: ”عورت اهو چقمق آهي، جنهن جي ڪشش کان ڪوبه مرد محفوظ ناهي.“
    • بقول شاعر جي: ”عورت قدرت جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. جنهن جي پهرين ايڊيشن حوا جي نالي سان دنيا جي مارڪيٽ ۾ آئي.“
    • بقول فلمساز جي: ”عورت هڪ ئي وقت محبوبا ۽ زال جو رول ادا ڪري نٿي سگهي.“
    • ميڙ کي ڏسي پوءِ ان موجب واعظ شروع ڪجي.
    (يعني جنهن قسم ۽ سطح جا ماڻهو هجن، انهن جي ذهني سوچ مطابق ليڪچر ڏجي يا ”مُنهن ڏسي مٺائي گهرجي“)
    • ٻليءَ لاءِ نوٽ ڪهڙي حيثيت رکن ٿا.
    • ڪوٽ ۽ ڪٽلي پراڻي ٿيڻ تي سٺي خذمت سرانجام ڏئي ٿي.
    • ٿڌي نهار ۽ ٿڌي کيڪار کان ٿڌو ڀت ۽ ٿڌي چانهن بهتر آهي.
    • گهٽ خرچائو زال سان شادي ڪجي پوءِ ڀلي ان جي ڳولا ۾ سڄو بوٽ گسي وڃي.
    (۽ ڀلا مڙس ڪهڙو هجي؟ ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان يا ڪو ٻيو؟)
    زال پنهنجي مڙس جي ٽائي کي محبت سان لوڏيندي چيو:
    ”توهان ڪڏهن به رومانٽڪ نٿا ٿيو. مون واري فلاڻي ساهيڙيءَ جو مڙس ته هر وقت هن کي چنڊ، تارو ۽ هير جهڙن رومانوي لفظن سان سڏي ٿو. توهان مونکي ڪڏهن ڍڳي ته ڪڏهن ٻڪري يا رڍ چئو ٿا.“ مڙس جواب ڏنس: ”تنهنجي ساهيڙيءَ جو مڙس ماهر فلڪيات آهي ۽ توکي ته خبر آهي ته آئون ڊاڪٽر آف ڍور يعني جانورن جو ڊاڪٽر آهيان.“)
    • گل جي خوشيءَ ۾ پوپٽ کي ڪوريئڙي جو ڄار نظر نٿو اچي.
    • پيار آهي ته محبوبا جي منهن تي نڪتل ڦرڙي به تر لڳي ٿي.
    • ماڪوڙيءَ لاءِ چند ڦڙيون مينهن جون به ٻوڏ مثال آهن.
    • جڏهن عقاب ننڊون ڪن ٿا تڏهن ننڍڙا پکي سک سان لاتيون لنون ٿا.
    • زندگيءَ جا چار ڏهڪاءَ آهن: زلزلو، گوڙ، باهه ۽ پيءَ.
    • غربت چار سؤ چئن بيمارين کان به خراب آهي.
    • شاعري عورت ۽ مرد جا تعلقات بهتر ڪري ٿي.
    (ياد رهي ته شاعري ۽ نه شاعر. پوڪوهاما (جپان جي هڪ شهر) جي بڪ اسٽال تان ڪتاب وٺي رهيو هوس ته ڀر ۾ بيٺل هڪ جپاني ڇوڪريءَ پنهنجي لاءِ شاعريءَ جو ڪتاب ورتو.
    ”شادي شده آهيو؟“ مون پڇيو مانس.
    ”نه.“ هن وراڻيو.
    ”پڪ توهانجو آئيڊيل مڙس شاعر هوندو.“
    ”باهه ڏيان شاعر کي. ان کان بهتر ڪنهن رازي، واڍي، ڪنڀار يا لوهار سان شادي ڪريان. ها البت شاعري پسند اٿم.“)
    • رڌل ڀت وڻن تي نٿو ڦٽي.
    • مائٽ بيوقوف، ٻار عقلمند.
    (جيئن پاڻ وٽ چوڻي آهي ته ”ڀلن پيٽان ڍلا، ڍلن پيٽان ڀلا.“ تيئن جپانيءَ ۾ مٿين چوڻي آهي ته ”اويا باڪا، ڪوريڪو.“)
    • گهٽ لاڏ ڪوڏ ۾ پليل عورت وڌيڪ چاهي ٿي.
    جبل جي سونهن سندس اوچائيءَ ۾ نه پر ان تي بيٺل وڻن ۾ آهي. ماڻهوءَ جو مان سندس ٿولهه جي ڪري نه پر سندس عقل جي ڪري آهي.
    • بيوقوف کان وڌيڪ ٻي ڪا خطرناڪ شيءِ ناهي.
    • ڪنجين جي پهري تي چور وهارڻ.
    (پنهنجي جلدي ڀينگ ڪرائڻ)
    • رئندڙ ٻار ۽ مئجسٽريٽ تي ڪنهن جو وس.
    • مري ويل ٻار جي عمر ڳڻڻ.
    (اهو ڪم ڪرڻ جنهن مان ڪو فائدو نه هجي)
    • جيڪي جيئن ٿا، انهن کي ضرور مرڻو آهي.
    • جيڪي ملن ٿا، انهن کي ضرور وڇڙڻو آهي.
    • (جيئن انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي:
    • We meet to depart & depart to meet.
    • عورت جي پيار حاصل ڪرڻ لاءِ ٽن شين جي ضرورت آهي. ”اچي
    اوشي.“ (پهرين همت)، ”ني ڪاني (ٻي دولت) ۽ ”سان اوتوڪو.“ (ٽي شڪل شبيهه)
    • پهرين نمبر تي بيضوي منهن پوءِ گول.
    (اهي جپاني عورت جي منهن جا درجا آهن. يعني پهرين نمبر تي سهڻي شڪل واري اها آهي جنهن جو منهن بيضوي آهي ۽ ٻي نمبر تي گول منهن واري. ان بعد ٽئي نمبر تي اچي ٿو تانگهو منهن، چوٿين تي چورس ۽ پنجين تي ڊگهو منهن. اهو جپاني پهاڪو ٻڌي پنهنجي ننڍي کنڊ جي سونهن ۽ سيرت جو معيار ۽ عورت جا چار قسم ڌيان ۾ اچن ٿا. پدمڻي، ڪامڻي، استري ۽ آخري نمبر تي شنکڻي.
    • چوڻي آهي ته:

    پدمڻي تو پلڪ نيندر، پهر نيندر ڪامڻي.
    اڌ رات جاڳي استري اور سورج جاڳي سنکڻي
    يعني پدمڻي فقط پل اڌ ننڊ ڪري ٿي ۽ ڪامڻي پهر کن. استري اڌ رات سمهي پوءِ اٿي ٿي ۽ سنکڻي سج اڀرڻ تائين سمهي ٿي.
    پـــدمڻي تو سات برسي، پانچ برسي ڪامڻي.
    تين برسي استري اور ٻارهين ماسي سنکڻي.
    پدمڻيءَ جهڙي نازڪ ۽ خوبصورت عورت سگهو سگهو ٻار نٿي ڄڻي، پر ستن سالن کانپوءِ ڄڻي ٿي. ڪامني پنجن سالن جي انٽرول کانپوءِ استري ٽن سالن کانپوءِ ۽ سنکڻي هر ٻارهين مهيني)
    • باندر ٻئي باندر جي ڳُئي ڏسي کلي ٿو.
    (جيئن پاڻ وٽ چوڻي آهي ته ”مينهن چوي رڍ کي هل ڙي پڇ ڪاري هل.“ تيئين جپانيءَ ۾ مٿين چوڻي ته: سارو نو شري ورائي.“)
    • مئل ڪوئي کي ڪٿي به دفن ڪري سگهجي ٿو.
    • سک مان ڏک ڦٽي ٿو ۽ ڏک مان سک.
    • لاهين پٺيان چاڙهيون ۽ چاڙهيون لاهيون.
    • جيڪو پئسا کسي ٿو اهو جيل ۾ وڌو وڃي ٿو، پر جيڪو حڪومت کسي ٿو اهو شهنشاهه سڏيو وڃي ٿو.
    • مهلن تي دوست ئي مدد ڪن ٿا.
    (پر دوست جي ضرور پڪ ڪجي ته دوست ئي آهي يا دوست جي روپ ۾ دشمن. شام جي وقت مڙس گهر ۾ گهڙيو ته زال پوسٽ ۾ مليل لفافو هٿ ۾ ڏنس، جنهن ۾ رات جي فلم شو جون ٽڪيٽون هيون. لفافي جي ٻاهران لکيل هو. ڀلا ٻڌايو ته ڪهڙي دوست وٽان آهن؟
    زال مڙس ٻن چئن ڄڻن جا ڌڪا هنيا ته فلاڻي يا فلاڻي دوست موڪليون هونديون. اتي فلم شروع ٿيڻ جو وقت به اچي ڀريو هو سو اهو فيصلو ڪيائون ته جلدي هلي فلم ته ڏسجي پوءِ پيا معلوم ڪنداسين ته ڪهڙي دوست موڪليون آهن.
    هنن جي فلم تي وڃڻ تي پٺيان چور آيو سو الهه تلهه چٽ ڪري وين. هي جڏهن فلم تان موٽيا ته سندن نالي لفافو پيل هو. کولي ڏسن ته اُن ۾ لکيل هو: ”هاڻ ته خبر پئجي ويئي هوندي ته ڪهڙي دوست فلم جي ٽڪيٽ موڪلي.“)
    • ڌارئين جي باغ جو گلاب هميشه وڌيڪ ڳاڙهو لڳي ٿو.
    • جيڪڏهن توهان کي پٽ سان پيار آهي ته هن کي سفر ڪرڻ ڏيو.
    • ان گهر ۾ جتي سڄو ڏينهن گهر جا ڀاتي ساز سرندا وڄائيندا رهن، ان جي رڌڻي ۾ کائڻ لاءِ ڇا هوندو.
    • سهڻي عورت کان ايترو ئي پري ڀڄڻ کپي جيترو ڳاڙهن مرچن کان.
    • ڌڪاريل ٻار کي ڪنهن جو ڊپ نٿو ٿئي.
    • ٻليءَ جو نڪ ۽ عورت جون دڏيون هڪ جيتريون ٿڌيون رهن ٿيون.
    • نوَ سؤ انوانوي نڪ ڪٽيل ڀولڙا نڪ واري ڀولڙي تان کلن ٿا.
    • کوهه ۾ ڏيڏر جي بڇڙي ٽان ٽان سندس محبوبا لاءِ مٺو راڳ آهي.
    • عورت جي سوچ سندس نڪ تائين رهي ٿي.
    (يعني ڪو گهڻو نٿي سوچي. ٻين اکرن ۾ عورت بي عقل آهي، جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي: ”عورت جو عقل ڏائي کڙيءَ ۾ ٿئي ٿو.“)
    • شاعري ڪرڻ کان بهتر آهي ته چانور پوکجن.
    (پيٽ ڀريل آهي ته شاعري به پوءِ سمجهه ۾ اچي ٿي. بهتر اهو آهي ته محنت ڪري اهو ڪم ڪجي جنهن سان پيٽ ڀري سگهجي. ان بعد ٻيا شوق ڪجن)
    • تتر پنهنجو منهن ته لڪائي ٿو، پر پڇ جو خيال نٿو رهيس.
    (هي ائين آهي جيئن شتر مرغ جيڪو پنهنجو منهن مٽيءَ ۾ لڪائي سمجهي ٿو ته کيس ڪير نٿو ڏسي ۽ جهلجيو پوي)
    • ڪڏهن ڪڏهن ڀولڙا به وڻن تان ڪريو پون.
    (عقلمند ۽ قابل ماڻهن کان به غلطيون ٿي سگهن ٿيون)
    • سفر هميشه ڪنهن ساٿيءَ سان ڪجي ۽ جي اهو زندگيءَ جو سفر آهي ته نهٺائيءَ سان ڪجي.
    (ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سفر ۾ هڪ ٻئي جو خيال رکڻ کپي ۽ سٺو سمجهوتو هجڻ کپي، پر ڪڏهن هيئن به ٿيندو آهي ته:
    هڪ مئنيجر پنهنجي سهڻي سيڪريٽريءَ کي چيو:
    ”هاڻ شادي ته پاڻ ڪري ورتي آهي، اها ڳالهه منهنجي زال کان ڳجهي رکجانءِ ۽ هوشيار رهجانءِ جيڪڏهن هن کي پنهنجي شاديءَ جي خبر پئجي وئي ته هوءَ پنهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندي.“
    سيڪريٽريءَ مرڪندي چيو: ”توهان کي به منهنجي مڙس کان خبردار رهڻو پوندو ڇو ته هو وڏو ظالم انسان آهي. ڳالهه ڳالهه ۾ کڻيو پستول ڪڍي.“)
    • پيءُ جي دعا جبل کان به مٿاهين آهي، ماءُ جي دعا سمنڊ کان به گهڻي اونهي آهي.
    • بيوقوف ماڻهوءَ جو ڪو علاج ناهي.
    • پنهنجن چڱن اعمالن ذريعي پنهنجن وڏن جي ناموس وڌائڻ کپي.
    (پر اسان جهڙي ترقي پذير ملڪن ۾ پنهنجن وڏن جي چڱن ڪمن تي پاڻ پڏايون ٿا)
    • زالون ۽ تڏا جڏهن نوان آهن ته سٺا لڳن ٿا.
    • هر سهڻي چمڙي واري عورت ۾ ست نقص به آهن.
    • جيڪو پنهنجي اڻ ڄاڻائي قبول ڪري ٿو، اهو هڪ دفعو ظاهر ٿئي ٿو، پراهو جيڪو پنهنجي اڻڄاڻائيءَ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، هو هر وقت ظاهر ٿيندو رهي ٿو.
    • ڪئنچي ۽ بيوقوف ماڻهو سان خيال سان هلجي.
    • اڌاري آندل ٻلي شايد ئي ڪو ڪوئو جهلي.
    (پِنَ جي ماني کائڻ وارو ڪاڻو ملهه ڇا وڙهندو)
    • ڏهه ماڻهو ته ڏهه خيال.
    • جيڪو ماڻهو گهڻيون زالون رکي ٿو، اهو جهٽ کٽي پئي ٿو.
    • هر ماڻهو ولايت وڃڻ وقت پنهنجا اخلاق گهر ۾ ڇڏيو وڃي.
    • جنگجو ۽ سون ڀلي کڻي ائين پيو هجي ته به انهن تي ڪَٽُ نٿي چڙهي.
    • مرڻ وقت هرڪو سچ ڳالهائي ٿو.
    • افواهه يڪدم وڌيو ٻيڻ ٿيو پوي.
    • ڌارئين تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪريو. ٿي سگهي ٿو هو چور هجي.
    • پنهنجي تعريف جڏهن ماڻهو پاڻ شروع ڪري ٿو ته پوءِ ٻيو هرگز نٿو ڪري.
    • اڪيلائيءَ ۾ انسان کي پنهنجي ضمير سان سچو هئڻ کپي.
    • انسان پاڻ هڪ ٽهي جيئي ٿو، پر سندس نالو ڪيتريون ئي ٽهيون زنده رهي ٿو.
    • سٺيون تجويزون ڪاڪوس ۾ سوچڻ سان اچن ٿيون.
    • اوندهه ۾ يا پري کان بيٺل هر عورت سهڻي لڳي ٿي.
    • اهو ڪاسائي جيڪو رڍ جي منڍي ٽنگي ڪتي جو گوشت وڪڻي ٿو.
    (بدديانت واپاري)
    • هرڪو مڙس اهو سمجهي ٿو ته سندس محبوبا حسن جي چيني ديوي يانگ ڪئائي فاءِ جهڙي آهي.
    • گهڻو نرم دل ٿيڻ به سٺي ڳالهه ناهي.
    (چوندا آهن ته نه ايترو کٽو ٿجي جو هرڪو ٿوڪاري ڇڏي ۽ نه ايترو مٺو ٿجي جو هرڪو ڳهي وڃي)
    • درياهه کڻي اونهو نه هجي، پر خبرداريءَ سان پار ڪجي.
    • وڏيون اميدون ڪڏهن ڪڏهن مايوسي آڻين ٿيون.
    • اونهارو ختم ٿيڻ تي وڻ جي ڇانوَه وسريو وڃي.
    (ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو)
    • تڪڙي فقير کي ٿورو ملي.
    • وڏو پٽ کڻي بيوقوف هجي پر هن جو گهڻو خيال رکيو وڃي ٿو.
    • بيوقوف پريشانين کان ڇٽل رهن ٿا.
    • پنهنجو پاڻ کي فيوجي جبل سان ڀيٽڻ.
    (پنهنجو پاڻ کي وڏو ماڻهو سڏرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ)


    الطاف شيخ جا تازا شايع ٿيل سفرناما

    يورپ جا ڏينهن، يورپ جون راتيون

    هن ڪتاب مان کنيل: پندرهن ويهه سال اڳ تائين هي يورپي بندرگاهه اگهاڙپ، اگهاڙن، ناچن، اگهاڙين فلمن، چڪلن کان مشهور هئا جن ۾ مڪاني ڊچ، جرمن، پولش، ڊئنش ڇوڪريون پنهنجي جسم جي نمائش يا سودي بازي ڪنديون هيون. هاڻ يورپ جي ايڪانامي اها خراب نه رهي آهي جيڪا ٻي وڏي لڙائيءَ کان پوءِ ڪيترا ڏهاڪا سال رهي. هاڻ ته اهو ڦيرو آيو آهي جو گس ويندي به ڪا يورپي ڇوڪري نٿي ڳالهائي. مجبوري ۽ غربت انسان کي چور ۽ رنڊي بنائي ٿي. اڄ يورپ جو غريب به سکيو ستابو آهي. بندرگاهن واريون گهٽيون جيڪي يورپي عورتن جي چڪلن ۽ ناچ گهرن سان ڀريل هونديون هيون، انهن ۾ هاڻ آفيسون ۽ دڪان ٿيندا وڃن ۽ جيڪي ڪجهه چڪلا ۽ ناچ گهر ايڪڙ ٻيڪڙ آهن، انهن ۾ ورلي ڪا يورپي عورت جسم جي نمائش يا سودو ڪري ٿي. مون نائيٽ ڪلبن جي ٻاهران لڳل اڌ اگهاڙين نچندڙ عورتن جا فوٽو غور سان ڏٺا، منجهن ڪابه يورپي عورت نظر نه آئي. ٿائي، فلپينو، چيني ۽ آمريڪن ملڪن جون هيون. يورپي توڙي ايشين آفريڪن _ ڪابه عورت خوشيءَ سان رنڊي نٿي ٿيڻ چاهي. ”کيس ۽ سندس ٻچن جي سار سنڀال لاءِ سندس مڙس، سندس معاشرو، سندس ملڪ عزت جا ٻه ويلا مهيا ڪري ته هوءَ ڪڏهن به جسم جو سودو نه ڪري.“ ٽيونيشيا جي هڪ عورت جو اخبار ۾ بيان آيو هو ته هوءَ پنهنجي ملڪ ۾ نرس هئي. ”پوءِ ٻاهر نوڪري ڏياريندڙ ايجنسيءَ جي لالچ ۾ آئون ان نوڪريءَ تان استعيفى ڏئي، رکيل پئسو پونجي ايجنٽ کي في ۽ ٽڪيٽ طور ڏئي جڏهن فرانس پهتس ته خبر پئي ته مون کي اتي جي اسپتال ۾ سٺي پگهار تي نرس ٿي ڪم ڪرڻ بدران شراب خاني ۾ روزانو گراهڪن کي خوش ڪرڻو آهي. مون گهڻو ئي Protest ڪيو، پر مالڪ مون کي چٺ ۽ لٺ ڏيکاري مڃرائڻ لڳو. ڀڄي وڃڻ جي راهه نه هئي جو مون کي غير قانوني طور آندو ويو هو ۽ پاسپورٽ پهرين ڏينهن کان مالڪ پاڻ وٽ سوگهو ڪري ڇڏيو هو. پوليس ۾ دانهن کڻي وڃڻ تي پوليس پنهنجي ملڪ جي ماڻهوءَ جو پاسو کڻي غير قانوني آيل کي جيل روانو ڪري ٿي ۽ ان بعد هٿين خالي ملڪ پهچڻ جو الڳ خوف. ان هوندي به هڪ ٻه دفعو ڀڄي نڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي مون کي سخت ماريو ويو. هاڻ ان نشي ۾ اهڙي سوگهي ٿي وئي آهيان جو منهنجو ڏينهن رات فقط اهو مقصد رهيو آهي ته نشو حاصل ڪريان ۽ ان لاءِ ڀلي مون کي ڇا به ڪرڻو پوي.“


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 468
    ڪتابن جو مشاهدو: 399859
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 161586
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ