ڪتاب جو نالو: تاريخ جو ڪفن
مصنف: امر جليل
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 1999
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 27 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1302 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 548 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”تاريخ جو ڪفن“ امر جليل جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1991ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جو پنجون ڇاپو 1999ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو.
امر جليل لکي ٿو منهنجين ڪهاڻين ۾ فقط انهن چاهتن جو ذڪر آهي، جن جي نصيب ۾ وصل جو لفظ لکيل نه آهي. مان بنيادي طرح، ذهني طرح، ۽ جذباتي طرح غير معمولي محبتن جو امين آهيان. ڪُل جڳ ۾ عشق جو اوتار، سچل سرمست منهنجو مرشد آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ جي ڳالهه
  • مهاڳ جو ڏهاڳ : پيش لفظ
  • ڪهاڻيون

  • مٽيءَ جا ماڻهو
  • صدين جو سوداءُ
  • هڪ ديسي عشق جو داستان
  • اسٽار سرڪس جو جوڪر
  • ٽئين دنيا
  • پڙلاءُ
  • هو، مان ۽ هوءَ
  • دي موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان
  • بڙ جو غم
  • تاريخ جو ڪفن

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (193) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”تاريخ جو ڪفن“ امر جليل جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1991ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جو پنجون ڇاپو 1999ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو.

    امر جليل لکي ٿو منهنجين ڪهاڻين ۾ فقط انهن چاهتن جو ذڪر آهي، جن جي نصيب ۾ وصل جو لفظ لکيل نه آهي. مان بنيادي طرح، ذهني طرح، ۽ جذباتي طرح غير معمولي محبتن جو امين آهيان. ڪُل جڳ ۾ عشق جو اوتار، سچل سرمست منهنجو مرشد آهي.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    مهاڳ جي ڳالهه

    مان پنهنجي وجود ۾ ڏاڍو ڊنل آهيان. ڊڄي ويو آهيان، ڊوڙندي ڊوڙندي ٿڪجي پيو آهيان. هڪ هڪ ساهه لاءِ سهڪي رهيو آهيان. مان خواب نه ڏسندو آهيان. خواب مون کي ڏسندا آهن. مون شدت سان محسوس ڪيو آهي ته هر جنم ۾ هڪ خونخوار وحشي جانور منهنجو پيڇو ڪندو رهيو آهي. مون کي چيري ڦاڙي چٽ ڪري ڇڏڻ لاءِ هو منهنجو تعاقب ڪندو رهيو آهي. مان هن کان پري ڀڄندو رهيو آهيان.
    هر دور ۾، هر جنم ۾ مون کيس مختلف نوعيت جو جانور ڏٺو آهي. ڪڏهن ڊائناسور، ڪڏهن بدمست هاٿي، ڪڏهن شينهن، ڪڏهن چيتو، ڪڏهن رڇ، ڪڏهن لومڙ، ڪڏهن بگهڙ، ته ڪڏهن سوئر، هر جنم ۾ مون کي ماري مات ڪرڻ کان پوءِ هو جڏهن پنهنجي وجود تي چاڙهيل کل لاهي ڇڏيندو آهي، تڏهن هڪ ماڻهو ظاهر ظهور نڪري نروار ٿيندو آهي، جنهن جي منهن تي مرڪ هوندي آهي. هو پاڻ کي ڏاهو، ڏاڍو سياڻو، ڄاڻو، رهبر ۽ منهنجو هڏ ڏوکي ظاهر ڪندو آهي. هو مون کي سنئين واٽ جو ڏس ڏيندو آهي، جنهن جو ڪو وجود نه هوندو آهي. هو منهنجي ۽ منهنجي موليٰ جي وچ ۾ ڀت بيهاري ڇڏيندو آهي. مان ماڻهوءَ کان ڊنل آهيان.
    سوچيو هيم، ڪتاب "تاريخ جو ڪفن" جي نئين ايڊيشن لاءِ مهاڳ لکندس، جيڪو اصل ۾ مهاڳ نه هوندو، ۽ روشني پبليڪيشن جي دوستن کي پهچائي اچڻ لاءِ ڪنڊياري ويندس، مون اڄ تائين ڪنڊيارو نه ڏٺو آهي. مون رتو ديرو به نه ڏٺو آهي. الاءِ ڇو، مان ڪنڊياري کي رتو ديرو ۽ رتيديري کي ڪنڊيارو سمجهندو آهيان. جيڪي خط مان ڪنڊياري وارن لاءِ لکندو آهيان، سي خط رتيديري موڪلي ڇڏيندو آهيان ۽ جيڪي خط مان رتيديري وارن لاءِ لکندو آهيان، سي خط ڪنڊياري موڪلي ڇڏيندو آهيان. هڪ خط بنا ايڊريس مون شڪارپور موڪليو هو. ڪجهه عرصي کان پوءِ خط موٽي آيو. لفافي تي پوسٽ آفيس وارن طرفان نوٽ لڳل هو. لکيل هو: تو جنهن جي لاءِ خط لکيو آهي، تنهن شڪارپور جو شهر ڇڏي ڏنو آهي.
    مون کي خبر ڪونهي ته ڪنڊياري جو ميمبر صوبائي اسيمبلي ۽ ميمبر قومي اسيمبلي ڪير آهي. مان سمجهان ٿو، هو هڪ ئي شخص آهي جيڪو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر آهي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جو به ميمبر آهي. جيڪڏهن ائين ناهي ۽ ٻئي ڄڻا ٻه مختلف شخص آهن، ته پوءِ سندن نالو هڪ هئڻ گهرجي. جيڪڏهن ٻه نالا آهن ته اهي ٻئي نالا هڪ شخص جا آهن.
    مان سمجهان ٿو ته رتيديري جو ميمبر قومي اسيمبلي ۽ ميمبر صوبائي اسيمبلي به هڪ ئي شخص آهي جنهن جا ٻه نالا آهن جيڪڏهن هو ٻه شخص آهن، ته پوءِ سندن نالو لازمي طرح هڪ هئڻ گهرجي. جيڪڏهن سندن نالو هڪ نه آهي ۽ هڪ بدران ٻه نالا آهن، ته پوءِ يقين ڄاڻو هو هڪ ئي شخص آهي جنهن جا ٻه نالا آهن.
    ڪنڊياري جو اهو هڪ شخص جيڪو ميمبر صوبائي اسيمبلي آهي ۽ ميمبر قومي اسيمبلي به آهي، سو ساڳيو شخص آهي جيڪو رتيديري مان ميمبر صوبائي اسيمبلي آهي ته ميمبر قومي اسيمبلي به آهي مان يقين سان چئي سگهان ٿو، هو ساڳيو ئي شخص آهي، جيڪو روهڙيءَ مان ميمبر قومي اسيمبلي ۽ ميمبر صوبائي اسيمبلي آهي. هو ساڳيو هڪ شخص آهي جيڪو ٽنڊي آدم، ٽنڊي باگي، ٽنڊي الهيار، ٽنڊي ٺوڙهي ۽ ٽنڊومحمدخان مان ميمبر قومي اسيمبلي ۽ ميمبر صوبائي اسيمبلي به آهي. هو هڪ ئي شخص آهي، جنهن جا انيڪ نالا آهن. هونءَ به نالي ۾ ڇا رکيو آهي! هر شخص جا هڪ کان وڌيڪ نالا ٿيندا آهن. اسلام آباد ۾ هڪ شخص جو نالو رشيد احمد، دوست سڏيندا اٿس شيدا ۽ دشمن کيس شيدا ٽلي چوندا آهن.
    مان پڪ سان، پوري يقين سان چئي سگهان ٿو ته پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ ۾ ٻه سئو ٻاويهه ڪرسين تي هڪ ئي شخص ويٺل آهي. هن جا ٻه سئو ٻاويهه نالا آهن. هن جون ٻه سئو ٻاويهه شڪليون آهن پر، اصل ۾ هو هڪ ئي شخص آهي. هو مختلف نالن، ذاتين ۽ شڪلين سان ٻه سئو ٻاويهه ڪرسين تي ويهي رهيو آهي. پٿر جي دور کان وٺي موجوده دور تائين مون کيس قانون ساز اسيمبلين ۾ ويٺل ڏٺو آهي. هو پاڻ پنهنجي ٺاهيل قانون کان بالاتر هوندو آهي. سندس ٺاهيل قانون جو اطلاق اسان جهڙن مولائين تي ٿيندو آهي، هن تي نه ٿيندو آهي.
    ملڪ ٽٽندا آهن، ملڪ ٺهندا آهن ۽ ٺهي وري ٽٽي پوندا آهن پر هو تاريخ جي اٿل پٿل کان بي نياز ٻه سؤ ٻاويهه ڪرسين تي مختلف نالن، شڪلين ۽ لباس ۾ ويٺل نظر ايندو آهي. هو ڪڏهن به تاريخ آڏو بيوس نه ٿيو آهي. هن هميشه پنهنجي حڪمت عمليءَ سان تاريخ کي بيوس ڪيو آهي.
    سوچيو هيم، ڪتاب جي نئين ايڊيشن لاءِ مهاڳ ۾ حسين ابن منصور الحلاج جي شهادت جو ذڪر ڪندس. سوچيو هيم مهاڳ ۾ انهن هڪ سؤ ججن، عالمن ۽ فاضلن جو ذڪر ڪندس جن حسين ابن منصور الحلاج کي سنگسار ڪرڻ ۽ اذيتناڪ عذاب ڏيڻ کان پوءِ سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏڻ جو حڪم جاري ڪيو هو. ڪجهه صفحا لکيم، ۽ لکي اڌ ۾ ڇڏي ڏنم. محسوس ڪيم تاريخ جي ڪجهه تمام وڏن المناڪ سانحن مان هڪ سانحي جو مهاڳ ۾ سرسري ذڪر مناسب نه آهي. تاريخ کي هر پڙهندڙ پنهنجي ذهني لاڙن جي حوالي سان پڙهندو آهي ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. گذريل ٽن هزار سالن جي انيڪ سانحن مان خاص ڪري ٽن سانحن منهنجي ظاهر، منهنجي باطن تي، منهنجي سوچ تي، منهنجي روين تي الميي جي احساس جي مڪمل ڇاپ ڇڏي آهي.
    سقراط جي شهادت، جنهن دوستن ۽ شاگردن طرفان آندل يونان جي تيز ترين گهوڙي تي سوار ٿي ڀڄي وڃڻ تي، زهر جو پيالو پي مرڻ کي ترجيح ڏني هئي. آخري گهڙين ۾ ڪيل سندس گفتگوءَ جو هڪ هڪ لفظ ناقابل ترديد آهي. فرار جي ترغيب کي رد ڪندي سقراط پنهنجن دوستن ۽ شاگردن کان پڇيو هو: مون کي اهڙو ڪو هنڌ، اهڙي ڪا جاءِ ٻڌايو جتي موت زندگيءَ تي حاوي ٿي نه سگهندو هجي !
    هڪ سوال جي جواب ۾ سقراط موت جي تشريح ڪئي هئي. هن چيو هو: موت اصل ۾ سجاڳي آهي، ان ننڊ مان جيڪا اسين ٻئي ڪنهن عالم ۾ ڪئي آهي ۽ هيءَ زندگي ان ننڊ ۾ ڏٺل خواب آهي.
    حضرت عيسيٰ جي شهادت ۽ شهادت کان اڳ گهريل ٻه دعائون، هن شهادت کان اڳ چيو هو: سڄي جهان جي گنهگارن جي ڏوهن جو بار مان پنهنجي ڪلهن تي کڻان ٿو. تون هنن کي معاف ڪري ڇڏجان“.
    صليب تي چڙهڻ کان پوءِ يسوع مسيح پنهنجن ڏکوئيندڙن ڏانهن ڏٺو هو ۽ رب کي مخاطب ٿيندي چيو هو: هنن کي رحمت کان محروم نه ڪجان”. هي بيخبر آهن. هنن کي خبر نه آهي ته هي ڇا ڪري رهيا آهن.
    حيرت انگيز حد تائين ساڳئي دعا، هڪ هزار سال گذري وڃڻ کان پوءِ، بغداد جي باب الطلق واري قتل گاهه ۾ سنگسار ٿيڻ، ۽ عضوو عضوو ڪپجي ڌار ٿي وڃڻ کان پوءِ حسين ابن منصور الحلاج گهري هئي. هن رت آلوده ٻانهون آسمان ڏانهن اڀيون ڪندي چيو هو:"هنن کي پنهنجي رحمت ۽ بخشش کان محروم نه ڪجان”. هي مون کي عذاب تنهنجيءَ خوشنوديءَ خاطر ڏيئي رهيا آهن."
    نوانوي ججن، عالمن، ۽ فاضلن حسين ابن منصور الحلاج کي ڪافر قرار ڏنو هو. کيس عبرتناڪ موت جي سزا ڏيڻ جو يڪراءِ فيصلو صادر ڪيو هو. حضرت جنيد جو شمار عالم اسلام جي وڏن عالمن ۽ ڏاهن ۾ ٿيندو هو ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. حسين ابن منصور الحلاج خلاف هلندڙ مقدمي ۾ هن بهرو نه ورتو. ڪنڌ جهڪائي، سوچ ۾ غلطان ويٺو رهيو. ججن پڇيس:"حضرت جنيد، اوهان حسين ابن منصور الحلاج جي باري ۾ ڪهڙو فيصلو ڪيو آهي. هو ڪافر آهي، يا نه آهي؟"
    حضرت جنيد ڪنڌ مٿي ڪري نوانوي ججن ڏانهن ڏٺو ۽ اٿي بيٺو. حضرت جنيد جي جسم تي ججن وارو جبو پيل نه هو. هن چيو: مون کي الله جي معاملن ۾ دخل ڏيڻ جو ڪو اختيار ڪونهي. اهو انسان جي وس ۾ نه آهي، جو دلين جا پوشيده راز ڄاڻي سگهي. الله کان سواءِ دلين جا راز ڄاڻڻ وارو ٻيو ڪوبه ڪونهي.
    ان کان پوءِ حضرت جنيد حجره ڏانهن هليو ويو. ڪجهه دير کان پوءِ ججن وارو چوغو پائي موٽي آيو. مقدمي ۾ پنهنجو فيصلو صادر ڪندي هن چيو:شاهدن جون شاهديون ۽ سرڪاري وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته حسين ابن منصورالحلاج ڪفر جو مرتڪب آهي ۽ واجب القتل آهي.
    فيصلو صادر ڪرڻ کان پوءِ حضرت جنيد ججن وارو چوغو لاهي ڇڏيو ۽ زندگيءَ ۾ ٻيهر وري ڪڏهن نه پاتو.
    زنجيرن ۾ جڪڙيل حلاج ڪوڪن ۽ ڪنڊن تان هلندو جڏهن هجوم جي وچ مان لنگهيو، تڏهن ڪاري چادر ۾ ويڙهيل هڪ عورت جي وات مان آهه سان گڏ اوڇنگار نڪري ويئي. حلاج ڪنڌ ورائي عورت ڏانهن ڏٺو، ۽ چيو: اڄ ته منهنجي سرخرو ٿيڻ جو وقت آيو آهي، ۽ تون روئي رهي آهين!
    ان کان پوءِ حسين ابن منصورالحلاج ڏاڍي شان سان هلندو، زنجير ڇڻڪائيندو باب الطق ۾ ٺاهيل قتل گاهه ڏانهن وڌي ويو. انيڪ روايتون آهن. سرڪاري جلادن حلاج کي جڏهن رتو رت ڪري ڇڏيو، تڏهن پنهنجي دور جي نامور درويش ابوبڪر شبليءَ روئيندي حلاج کان پڇيو، "اسان کي تصوف جي باري ۾ ٻڌاءِ”، حلاج، تصوف ڇاهي."
    حلاج وراڻيو،"اوهين هن وقت جيڪي ڏسي رهيا آهيو، سا تصوف جي ابتدا آهي." ابوبڪر شبليءَ پڇيو،"اها جيڪڏهن ابتدا آهي، ته پوءِ انتها ڪهڙي آهي."
    حلاج وراڻيو،"تصوف جي انتها جي خبر ڪنهن کي به ڪونهي." جلادن هٿ، پير، نڪ، چپ ۽ ڪن ڪپي ڇڏڻ کان پوءِ سوئن سان حلاج جون اکيون ڪڍي ڇڏيون، لکن ماڻهن جي انبوهه ۾ پٽڪو ۽ روڄ راڙو پئجي ويو، پوءِ جلادن جڏهن خنجر سان حلاج جي زبان ڪپڻ چاهي، تڏهن هن منهن آسمان ڏانهن ڪيو ۽ پنهنجن قاتلن جي حق ۾ اها دعا گهري جيڪا دعا سندس شهادت کان هڪ هزار سال اڳ شهيد ٿيڻ مهل، صليب تي يسوع مسيح پنهنجن قاتلن جي حق ۾ گهري هئي. سچل سرمست سان عقيدت آهي، يا ٻيو ڪو سبب آهي جو مان ڪڏهن ڪڏهن شدت سان محسوس ڪندو آهيان ته حلاج جي شهادت وقت باب الطق جي قتل گاهه ٻاهران جن مجذوبن ۽ مولائين ماتم ڪيو هو، مان انهن ۾ شامل هوس.
    سوچيم، حسين ابن منصورالحلاج جي شهادت جو ذڪر مهاڳ ۾ نه ڪندس، هڪ طويل ڪهاڻي لکندس. تاريخ ۾ بقا ملي حلاج کي، سندس قاتل ۽ جلاد حڪمران فنا ٿي ويا. هڪ حضرت جنيد کي ڇڏي، باقي نوانوي جج تاريخ ۾ دز ٿي اڏامي ويا. ڪنهن کي سندن نالو به ياد ناهي.
    مهاڳ ۾ لکڻ لاءِ مون کي ٻن اهڙن شخصن جو به خيال آيو هو جن مان هڪ ڦيٿو ايجاد ڪيو ۽ باهه جي قوت جو اندازو لڳائي ورتو ۽ سموري دنيا جي انجنيئرن ۽ سائنسدانن جو ابو سڏجڻ ۾ آيو. هو تاريخ جي هر دور ۾ ايجادون ڪندو رهيو ۽ چنڊ جي سطح تان مٽيءَ جي مٺ کڻي موٽي آيو ٻيو شخص حق، سچ ۽ پنهنجي خلقڻهار جي تلاش ۾ نڪري پيو ۽ تاريخ جي هر دور ۾ صعوبتون سهندو رهيو. پيرن، پنڊتن ۽ پادرين سندس راهه روڪي، فتوائون صادر ڪري کيس سنگسار ڪرايو، جيئري ڌرتيءَ ۾ دفن ڪرايو، گهاڻي ۾ پيڙايو، سر قلم ڪرايو ۽ ڦاهيءَ تي چاڙهايو. تاريخ جي هر دور ۾ هو حق جي راهه ۾ مرندو رهيو آهي. جمهوريت، اظهار جي آزادي ۽ بنيادي حقن جون ڳالهيون ڪرڻ واريءَ جديد دنيا ۾ هن لاءِ تعزيرن جا ڪوٽ قلعا کڙا ڪيا ويا آهن، خلقڻهار جي تلاش هن لاءِ موجوده دور ۾ وڏي ۾ وڏو ڏوهه ٿي پيئي آهي، ۽ هو ان ڏوهه جي سزا اڪيلائيءَ ۾ ڪاٽي رهيو آهي.
    سوچيو هيم، مهاڳ ۾ پنهنجي آتم ڪٿا جي هڪ باب جو حوالو ڏيندس جنهن ۾ ٻارنهن سال اڳ ملهايل منهنجي گولڊن جوبليءَ جو ذڪر آيو آهي. ٻارنهن سال اڳ ڪجهه دوست ضد ٻڌي بيٺا. چيائون پنجاهه سالن جو ٿيو آهين، تنهنجي گولڊن جوبلي ملهائينداسين، ڏاڍو سمجهايو مان، ايلاز ڪيامان ته يِر ائين نه ڪريو. مون کي ڏٺو نه ڪريو. مون ڪهڙا اڪ ڪارا ڪيا آهن جو منهنجي گولڊن جوبلي ملهائي رهيا آهيو. مون قابل ذڪر ڪو ڪارنامو سرانجام نه ڏنو آهي. مون ڪنهن پدمڻيءَ سان پيار نه ڪيو آهي. مون ڦرندڙ مڇيءَ جي اک ۾ تير نه هنيو آهي. مون بهارن بدران خزائن کي ڀاڪر ۾ ڀريو آهي. منهنجي گولڊن جوبلي نه ملهايو پر جيڪڏهن بضد آهيو ۽ ملهائڻ ئي چاهيو ٿا ته پوءِ گولڊن جوبليءَ بدران منهنجي پتل جوبلي ملهايو، بلڪه ٺڪر جوبلي ملهايو - ٺڪر به اهڙي ڀڳل بدني، يعني ڪؤنري جو جنهن کي پائخاني ۾ استعمال ڪبو آهي.
    دوست زور آور! نه مڙيا، ٻارنهن سال اڳ جي ڳالهه آهي، منهنجي گولڊن جوبلي ملهائي هئائون. ان ڏينهن مون گريبان چاڪ ڪري، ڪشڪول کڻي دنيا جي ڀريل بازار ۾ پنيو هو ۽ پنهنجو منهن اڇو ڪيو هو.
    آتم ڪٿا جو باب طويل هو. تنهن ڪري باب کي مهاڳ ۾ شامل ڪرڻ مون مناسب نه سمجهيو. مان اڃان تائين فيصلو ڪري نه سگهيو آهيان، ته نئين ايڊيشن جي مهاڳ ۾ ڇا لکان! بهتر آهي ته ڪجهه نه لکان!
    هڪ فڪر حياتي جو حصو ٿي پيو آهي. سوچيندو آهيان، اڄ تائين مون جنهن جي لاءِ لکيو آهي، تنهن مون کي پڙهڻ ڇڏي ته نه ڏنو آهي.

    Amar Jaleel
    1311.gali-12،
    1-10/2 Islamabad
    امر جليل
    8 ڊسمبر 1998ع


    مهاڳ جو ڏهاڳ : پيش لفظ

    ”لکڻ ڇڏي ڏنو اٿئي ڇا؟" اڪثر دوستن ۽ مهربان پڙهندڙن مون کان پڇيو آهي.
    ان قسم جي هڪ سوال جو جواب ڏيندي گهڻو اڳ چيو هوم!"بيمقصد ۽ بي معنيٰ زندگيءَ کي مفهوم ڏيڻ لاءِ مان لکندو آهيان. ان کان سواءِ مون وٽ زندگي گذارڻ جو ٻيو ڪو مناسب سبب نه آهي."
    زندگيءَ جو نالو، موت جو مسلسل انتظار آهي. ذري گهٽ پوڙهو ٿي ويو آهيان، پر مان، زندگيءَ لاءِ ڪوبه مقصد ۽ ڪابه معنيٰ تلاش ڪري نه سگهيو آهيان. اهوئي سبب آهي جو مون موت جي پاڇي ۾ ويهڻ ۽ لکڻ قبول ڪيو آهي.لکڻ کان سواءِ مان ڪجهه به ڪري نه سگهيو آهيان. "جيڏانهن پورب پنڌ، تيڏانهن آءُ نه وڃڻو، هيءُ هنن جو هنڌ، منهنجو هنڌ هنگلاج ۾."
    جنهن ڏينهن زندگيءَ لاءِ ڪا معنيٰ ۽ ڪو مقصد تلاش ڪري وٺندس، تنهن ڏينهن لکڻ ڇڏي ڏيندس ۽ خودڪشي ڪندس. اهو طئه ٿيل آهي ان ۾ ڪنهن به قسم جو رومانوي وڌاءُ نه آهي.
    سموري تاريخ انسان ذات جي تماشي جو دستاويز آهي. هر نئين سوچ، پراڻي ڪنهن سوچ جي محتاج آهي. هر نئين اڏاوت، پراڻي ڪنهن اڏاوت جي بنيادن تي بيٺل آهي. هر ايجاد انسان جي لاڳيتي تجسس جو نتيجو آهي پر موت جي اٽل موجودگيءَ ۾ انسان جو هر عمل مضحڪه خيز آهي. پنهنجي مضحڪه خيزيءَ کي انسان مختلف روپ ۽ نالا ڏيئي ڇڏيا آهن.
    چنڊ ڏاڍو ڪوجهو، ۽ بي رونق آهي. اِها ڄاڻ دنيا جي هر نيل آرمس اسٽرانگ لاءِ سانحو آهي، پر منهنجي لاءِ چنڊ حسين آهي، خوبصورت آهي، من موهيندڙ آهي، ڇو جو مون ڪيپ ڪينيڊيءَ وٽان راڪيٽ ۾ سوار ٿي، چنڊ جي لازوال حسن تي ڪاهه نه ڪئي آهي. مون چنڊ کي جدائيءَ جي آسمانن تي، پاڻ کان ۽ پنهنجي پهچ کان پري، چمڪندي ڏٺو آهي: تنهن ڪري چنڊ مون کي هميشه وڻندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي، ته چوڏهينءَ جي رات مان ڏاڍو اُداس، ۽ ويڳاڻو ٿي پوندو آهيان، ۽ سمورو آسمان مون کي ريگستان وانگر پـُـراسرار نظر ايندو آهي.
    ڪئميرا جو لينس آرٽسٽ جي برش ۽ ليکڪ جي قلم جو نعم البدل نه آهي. ڪئميرا جي لينس پٺيان اپرچر، شٽر اسپيڊ جا اوزار ڪم ڪندا آهن. آرٽسٽ جو برش ۽ ليکڪ جو قلم حساس ذهن جي تخليقي عمل جي ترجماني ڪندا آهن. اذيتن جي عڪاسي ڪرڻ لاءِ صادقين اهڙي انسان کي ڪينواس تي منتقل ڪيو آهي، جنهن جي جسم مان ٿوهر ڦٽي نڪتو آهي.
    ٻٻرن ٻير ڏنا آهن. هينئر اها خبر پراڻي ٿي چڪي آهي. عزتِ نفس جي جاءِ ڊپلوميسيءَ والاري ورتي آهي، پبلڪ رليشننگ جو وچڙندڙ مرض اديبن ۾ ڪاهي پيو آهي. سؤ سالن واري ذلت جي زندگيءَ کان سٺ ڏيهاڙن واري فاقه ڪشيءَ جي زندگي بهتر آهي. پر، جيئن ته آپگهات اسان لاءِ حرام آهي، تنهنڪري اسان عزت جي موت تي ذلت جي زندگيءَ کي ترجيح ڏني آهي.
    هن ڪتاب جي باري ۾ مون کي نه ڪا خوشفهمي آهي، ۽ نه ڪا غلطفهمي. هيءُ ڪتاب لکي مون نه ادب جي خدمت ڪئي آهي ۽ نه ڪنهن جو قرض چڪايو آهي. هن ڪتاب ذريعي نه سنڌي ادب ۾ ڪو اضافو ٿيندو، ۽ نه ئي سنڌي ادب کي ڪو ”موڙ“ ملندو. سڀ ڪجهه پنهنجي روش تي هلندو رهندو، ۽ مان پنهنجي ساءِ لکندو رهندس، ۽ خوابن لاءِ تعبير تلاش ڪندو رهندس.
    منهنجين ڪهاڻين ۾ اقتصادي ۽ معاشي علم جا اصول ڏنل نه آهن. تنهن ڪري منهنجيون ڪهاڻيون پڙهڻ جي باوجود ماڻهو بنا علاج جي اسپتالن ٻاهران فٽ پاٿن تي مرندا رهندا، ٻارَ بک ۾ پاهه ٿيندا رهندا، ۽ اَجهي لاءِ عورتون بگهڙن جي واعدن تي اعتبار ڪنديون رهنديون.
    منهنجين ڪهاڻين ۾ فقط انهن چاهتن جو ذڪر آهي، جن جي نصيب ۾ وصل جو لفظ لکيل نه آهي. مان بنيادي طرح، ذهني طرح، ۽ جذباتي طرح غير معمولي محبتن جو امين آهيان. ڪـُـل جڳ ۾ عشق جو اوتار، سچل سرمست منهنجو مرشد آهي.
    هن مجموعي ۾ منهنجي پسنديده ۽ نمائنده ڪهاڻي ”پڙلاءُ“ آهي جيڪا مون اڄ کان پندرهن- سورهن سال اڳ لکي هئي. اسان جو معاشرو ڏاڍيءَ بيدرديءَ ۽ مستقل مزاجيءَ سان ساڳئي محور تي بيٺل آهي. گذريل ويهن- ٻاويهن سالن کان، جڏهن کان مان لکي رهيو آهيان، ڪجهه نه بدليو آهي- فقط باٽا جي بوٽن، سئنيما جي ٽڪيٽن ۽ مانيءَ جي قيمت وڌي ويئي آهي. انسان جي عزت، انسان جي احترام، ۽ انسان جي رت جي قيمت ڪـِـري پيئي آهي. ساجن، شامو، ۽ اياز جو الميو ساڳيو آهي.
    اوهان کي اِهو پڙهي خوشي ٿيندي (يا ڏک) ته هن ڪتاب جي مهورت يا رونمائي وغيره نه ٿيندي. هيءُ ڪتاب اوهان کي دڪانن کانسواءِ ڪٻاڙين وٽان، ۽ فوٽ پاٿ تان به ملي سگهندو. هن ڪتاب جي قيمت ۾ اُن پيسٽريءَ جي قيمت شامل نه آهي، جيڪا اوهان نه کاڌي آهي.

    شعبو، ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجي
    علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، اسلام آباد.

    امر جليل
    پهرين مارچ 1983ع


    ڪهاڻيون

    مٽيءَ جا ماڻهو

    هڪ دفعي توکي چيو هوم، ته مان ويراڳ مان موٽي ايندس،
    ۽ توسان پنهنجي بيپناهه محبت جي تجديد ڪندس. مان موٽي
    آيو آهيان.[

    جمعي جو ڏينهن هو. صبح جو وقت هو. مان موڳي مغز سان اخبارن جا صفحا ڏسي رهيو هوس. سموري رات مون خواب ۾ پاڻ کي اُڏامندي ڏٺو هو. صبح جو اُٿيس ته مٿو جائيتو نه هو. اخبارن جي رنگين صفحن تي ڏنڊن مشٽنڊن پهلوانن، بدمعاشن، چورن، ڦورن، قاتلن، ڌاڙيلن، دانشورن، سڌن سياستدانن ۽ اَڻ سڌن سياستدانن جا رنگين فوٽا ڏسي مان الله سائينءَ جي قدرت جو قائل ٿي رهيو هوس. جڏهن کان عورتن جي ناپاڪ فوٽن کان اخبارن کي پاڪ ۽ صاف ڪيو ويو آهي، تڏهن کان نهايت ڀوائتن ۽ هيبتناڪ مردن جا رنگين فوٽا اخبارن جي سونهن سوڀيا ۾ اضافو ڪري رهيا آهن.
    مان غور سان هڪ نهايت خوفناڪ ۽ خبيث پوڙهي ٺوڙهي جي تصوير ڏسي رهيو هوس، جنهن اَسي سالن جي عمر ۾ سورهن سالن جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي هئي. اخبار جي صفحن تان ڪنوار جي تصوير غائب هئي، ۽ پوڙهي گهوٽ جي تصوير نمايان هئي، جنهن پنهنجي ڏاڙهيءَ جا وار، ۽ ڪياڙيءَ تي ڇڏيل وارن جي جهـَـتَ ڪنهن ظالم جي دل وانگر خضاب سان ڪاري ڪاري ڇڏي هئي. اُن وقت اوچتو ٻاهريون در کڙڪيو.
    مون چيني کي چيو، ”يار چينا، سمجهان ٿو، پاڙي وارا قرض جي وصولي ڪرڻ آيا آهن.“
    چينو مٽيءَ جا ماڻهو ٺاهي رهيو هو. پڇيائين، ”در کوليان ڇا؟“
    ”هڪ ٽيليويزن ڊرامي جا پيسا مليا آهن.“ چيم، ”در کولي ڇڏ، اڄ قرض لاهينداسين، ۽ ڪجهه يارن کي قرضن ۾ مبتلا ڪنداسين.“
    چيني چيو، ”ماڻهوءَ جي منهن تي نڪ فـِـٽ ڪري هڪ منٽ ۾ در ٿو کوليان.“
    چينو منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي. ڏهن سالن جو آهي. بيحد ذهين آهي. ڏک سک ۾ منهنجو ٻانهن ٻيلي آهي. مون کي ملول ٿيڻ نه ڏيندو آهي. مان ڪنهن ڪنهن وقت چيني لاءِ ڏاڍو اُداس ٿي پوندو آهيان. مون کي خبر آهي ته چينو هڪ نه هڪ ڏينهن پنهنجي ذهانت سبب مارجي ويندو. اسان جو معاشرو سطحي سوچ وارن لاءِ نهايت موزون ۽ مناسب معاشرو آهي. اسان جي معاشري ۾ ذهين ذهن لاءِ ملامت ۽ موت کان سواءِ ڪجهه نه آهي. ڪجهه عرصي کان چينو مٽيءَ مان ماڻهو ٺاهڻ لڳو آهي. سندس ٺاهيل ماڻهو مائيڪل اينجيلو ۽ شاڪر عليءَ جي ٺاهيل ماڻهن کان مختلف هوندا آهن.
    ٻيهر در کڙڪيو.
    چيني ماڻهوءَ جو منهن نڪ بنا ڇڏي ڏنو. ٻئي هٿ مٽيءَ ۾ ڀريل هئس. ٻاهرين در ڏانهن ويندي چيائين، ”ٽينا جو پيءُ هوندو. راتوڪي پارٽيءَ مان بچيل ڪيڪ جو ٽڪر کڻي آيو هوندو.“
    ٽينا ۽ ٽينا جو پيءُ اسان جا پاڙيسري آهن. ٽينا هڪ پرائيويٽ فرم ۾ اسٽينو گرافر آهي. وچولي قد بت واري سانوري سلوڻي ڇوڪري آهي، ۽ ڏاڍي سٺي آواز ۽ انداز سان ڳالهائيندي آهي. سندس پيءُ وڪٽر ڊسوزا رٽائرڊ ريلوي گارڊ آهي. پنهنجي وقت جو مشهور ڪرڪيٽ جو رانديگر آهي. جوانيءَ ۾ ڪراچي ڪرسچين ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ کيڏندو هو، ۽ تمام تيز بالنگ ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سندس گهر تي پارٽيون ٿينديون آهن، جن ۾ ٽينا جي فرم جا ملازم شامل ٿيندا آهن، ۽ رات جو دير تائين هـُـل هنگامو ڪندا آهن. صبح جو اڪثر ائين ٿيندو آهي جو ٽينا جو پيءُ وڪٽر ڊسوزا راتوڪي پارٽيءَ مان بچيل ڪيڪ جو ٽڪر کڻي اسان وٽ ايندو آهي. هـُـل هنگامي لاءِ معذرت ڪندو آهي ۽ صبح جو چانهه اسان سان پيئندو آهي. وڪٽر ڊسوزا جي چيني سان پڪي دوستي آهي. هو چيني کي مٽيءَ مان ماڻهو ٺاهڻ لاءِ طرحين طرحين جون صلاحون ۽ مشورا ڏيندو آهي. هو چيني کي چوندو آهي، ”ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ماڻهو به ٺاهيندو ڪر، جن کي منهن تي ڪنن بدران سوئر جا وَڄ هجن.“
    چيني در کوليو. در ٻاهران وڪٽر ڊسوزا بدران اسان جو ٻيو پاڙيسري سومار چانڊيو بيٺو هو. در مان مون کي اڱڻ ۾ اخبار پڙهندي ڏٺائين ته هڪدم اندر هليو آيو. سهڪي رهيو هو. ان کان اڳ جو کانئس حال احوال وٺان، سومار چانڊئي چيو، ”ولوءَ جو وري مغز خراب ٿي پيو آهي. کيس کٽ سان ٻڌي هيڏانهن آيو آهيان.“
    پڇيومانس،”دورو پيو اٿس ڇا؟“
    روئڻهارڪي آواز ۾ چيائين، ”ها.“
    سومار چانڊيو هڪ سرڪاري آفيس ۾ پٽيوالو آهي. سندس وڏو پٽ ولو ميٽرڪ جو شاگرد آهي. ڏينهن جو اسڪول ويندو آهي، ۽ رات جو هڪ واشنگ واري جي دڪان تي ڪپڙا استري ڪندو آهي. ماڻهن جو خيال آهي ته ولو يا ته اَڌ چريو آهي، يا مٿس جن ڀوت جو اثر آهي. پر، ولو اسان کي چريو نه لڳندو آهي. هو اسڪول جو سٺو شاگرد آهي، ۽ اسڪول جي والي بال ٽيم جو ميمبر آهي. بس، ڪنهن ڪنهن وقت دورو پوندو اٿس. سڄو جسم اول ڪنبڻ لڳندو اٿس، ۽ پوءِ پگهر ۾ شم ٿي ويندو اٿس. اهڙي ڪيفيت ۾ هو گهر کان ٻاهر ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ۽ فقط هڪ جملو ورجائي وات مان ڪڍندو آهي، ”مان سڀ سمجهان ٿو، مان سڀ سمجهان ٿو. مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.“
    مائٽ مٽ ڏاڍو سمجهائيندا اٿس ته بابلا، سچ ڳالهائڻ جو رواج ختم ٿي ويو آهي، ۽ هونءَ به اسان مسڪين جو ڀلا سچ سان ڪهڙو واسطو- ڇو ٿو سچ جو نالو کڻي اسان سڀني کي مصيبت ۾ وجهين.
    پر، دوري دوران ولوءَ کي ڪجهه سمجهه ۾ نه ايندو آهي. هڪ ئي وائي وات هوندي اٿس، ته مان سڀ سمجهان ٿو، مان سڀ سمجهان ٿو، مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.
    سومار چانڊئي کي ڪجهه سياڻن صلاح ڏني هئي، ته پنهنجي پٽ جو علاج ملڪ جي مشهور ڊاڪٽر ۽ سرجن جمعي خان کان ڪراءِ، مغز ۽ ميڄالن جو ماهر ڊاڪٽر آهي، ۽ مٿي مان خلل ڪڍي ڇڏيندو آهي. سومار چانڊئي حامي ڀري هئي. پر پوءِ، جڏهن ڊاڪٽر جمعي خان جي في ۽ جناح اسپتال جي ڳاٽي ڀڳي خرچ جي ڪل پيس، تڏهن ٿڌو ساهه کڻي چيو هئائين، ”ايندڙ هڪ صديءَ ۾ به مان پنهنجي پٽ جو علاج ڪنهن اسپيشلسٽ کان ڪرائي نه سگهندس.“
    ولوءَ ۽ پاڙي جي ٻين ٻارن جي مون سان ڀائپي آهي. هو منهنجي ڳالهه سمجهي سگهندا آهن، ۽ مان هنن جي ڳالهه سمجهي سگهندو آهيان. منهنجي جيڪڏهن شادي ڪيل هجي ها، ۽ مون کي پنهنجا ٻار هجن ها، ته هو پاڙي جي ڪيترن ٻارن کان عمر ۾ وڏا هجن ها. تنهن هوندي به ٻارڙا مون کي ”ادا وڏو“ ڪري سڏيندا آهن. ولو منهنجي ڏاڍي عزت ڪندو آهي. منهنجي ڳالهه نه ٽاريندو آهي. چيني سان به ڏاڍو پيار ڪندو آهي. مان هجان ته مون کي، يا چيني کي پنهنجي گهر وٺي ويندو آهي. اسين ولوءَ کي پرچائي، سمجهائي پاڻ سان پنهنجي گهر وٺي ايندا آهيون. پوءِ جڏهن سامت ۾ ايندو آهي، تڏهن کيس گهر ڇڏي ايندا آهيون.
    هيءَ جنهن جمعي جي ڳالهه آهي، تنهن ڏينهن سومار چانڊيو وڌيڪ پريشان نظر آيو، چيائين، ”کٽ جي پائي سان مٿو هڻي، مٿو پاڙي وڌو اٿائين، رت ٺينڊيون ڪري پيو وهيس، پر پٽي ٻڌڻ نٿو ڏئي.“
    ڏنڊن ڏوٽن مشٽنڊن مردن جي هيبتناڪ تصويرن سان سينگاريل اخبارون کٽ تي رکي، مان سومار چانڊئي سان گڏ سندس گهر ويس.
    ولو کٽ سان ٻڌو پيو هو. نرڙ مان رت وهي رهيو هوس. رڙ مٿان رڙ پئي ڪيائين، ”مان سڀ سمجهان ٿو، مان سڀ سمجهان ٿو. مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.“
    مون تي نظر پيس ته ماٺ ٿي ويو. مان سندس پاسي کان ويهي رهيس. روئڻهارڪي آواز ۾ چيائين، ”ڏسين ٿو نه ادا وڏا. مون کي کٽ سان ٻڌي ڇڏيو اٿائون.“
    سندس رسيون کوليندي چيم، ”غلط ڪيو اٿائون، منهنجا پٽ، منهنجا ٻچڙا.“
    مون ولوءَ کي رسين کان آزاد ڪيو. هو پنهنجو رت هاڻو منهن منهنجي سيني ۾ لڪائي سڏڪڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو، ”مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.“
    سندس نرڙ تان رت اُگهندي چيم، ”ان باري ۾ پاڻ چيني سان هلي صلاح ڪنداسين. جيڪڏهن چيني صلاح ڏني، ته پوءِ توکي چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائڻ ۾ ڀرپور مدد ڏبي، ۽ پوءِ توکي سچ ڳالهائڻ کان ڪوبه روڪي نه سگهندو.“
    ولوءَ کي مٿي تي پٽي ٻڌي مان کيس پنهنجي گهر وٺي آيس. چينو ماڻهوءَ جي منهن تي نڪ لڳائڻ ۾ اڃا ڪامياب نه ٿيو هو. ولوءَ جي مٿي تي پٽي ڏسي چيني ولوءَ کان پڇيو، ”مٿي مان ميڄالو ڪڍڻ جي ڪوشش پئي ڪيئه ڇا؟“
    ولوءَ جي خشڪ چپن تي مرڪ تري آئي.
    مون چيني کي چيو، ”هيءُ اسان جو سنگتي، ولو، چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائڻ جي موڊ ۾ آهي. تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي.“
    چينو هڪدم گنڀير ٿي ويو. سوچ ۾ گم ٿي ويو. اسان سڀني محسوس ڪيو آهي ته چينو پنهنجي طبعي عمر کان تمام گهڻو ذهين آهي. سنڌوءَ هڪ دفعي چيو هو، ”چيني جي روپ ۾ ڪنهن ذهين يوناني ديوتا ٻيهر جنم ورتو آهي.“
    چيني ٽهڪ ڏيندي چيو هو، ”مان وتائي فقير جو وارث آهيان.“
    سنڌوءَ اُٿي کيس پيار ڪيو هو. پوءَ هوءَ جڏهن هلي ويئي هئي، تڏهن چيني مون کي چيو هو، ”سنڌو تنهنجي لاءِ ميري هيسڪل آهي. هوءَ تنهنجي هڪ هڪ تحرير تي حاوي رهندي. پر، خليل جبران ۽ ميري هيسڪل وانگر توهان ٻنهي جي به پاڻ ۾ شادي ٿي نه سگهندي.“
    مون کي لڳندو آهي ته چينو اڻ لکيل تاريخ جي آئيني ۾ ڏسي سگهندو آهي. هو ايندڙ وقت جو امين آهي. هن هڪ دفعو ولوءَ کي چيو هو، ”تون ڇا جي باري ۾ چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندين! ڇا جي باري ۾- ڌرتيءَ جي باري ۾، آسمان جي باري ۾، انسان جي باري ۾، عقيدي جي باري ۾، محبت جي باري ۾، زندگيءَ جي باري ۾، موت جي باري ۾- تون ڇاجي باري ۾ چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندين!“
    تڏهن ولو منجهي پيو هو. وائڙو ٿي ويو هو.
    گذريل جمعي تي چينو هڪدم گنڀير ٿي ويو. ڪجهه دير تائين ولوءَ ڏانهن ڏسندو رهيو.
    ”ڏسينس ڇا ٿو!“ چيم، ”ولو چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائڻ جي موڊ ۾ آهي.“
    چينو ڳوٿل مٽي ۽ اَڌ ٺهيل مجسمن ڏانهن هليو ويو.
    نڪ بنا ماڻهوءَ جو مجسمو کڻي آيو. نڪ بنا ماڻهو ڏاڍو عجيب پئي لڳو.
    ”تون، مان ۽ ادا چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائي نه سگهنداسين. اسان لاءِ سچ ڳالهائڻ جو دؤر گذري ويو.“ چيني مٽيءَ جي ماڻهوءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هن ماڻهوءَ جي منهن تي جڏهن نڪ لڳي ويندو، تڏهن هيءُ ماڻهو چونڪ تي بيهي اسان سڀني پاران سچ ڳالهائي سگهندو.“
    چيني جو آخري جملو ٻڌي مون کي پنهنجي بدن ۾ ڪنبڻي محسوس ٿي. مون ڊڄندي ڊڄندي آئيني ۾ پنهنجي عڪس ڏانهن ڏٺو- پڪ ڪرڻ لاءِ ته منهنجي منهن تي نڪ آهي، يا نه آهي!


    صدين جو سوداءُ

    تلڪ چاڙهي، ۽ نزرٿ ڪاليج جي ڪنڊ وٽ روز شام جو هڪ بيحد سهڻي ڇوڪري اچي بيهندي آهي. نئين وڳي ۾ هوءَ روزانو اتي اچي بيهندي آهي - ساڳيءَ جاءِ وٽ، ساڳي هنڌ تي، نه هڪ وک هيڏانهن، نه هڪ وک هوڏانهن. ائين بيهندي، ڀانءِ ته ٽيڪسيءَ جو انتظار ڪري رهي آهي.
    مان يونيورسل بڪ ڊيپوءَ جي ٻاهران فٽ پاٿ تي ٺهيل ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي ڏانهنس لاڳيتو ڏسندو رهندو آهيان. هوءَ مون کي ائين انتظار ڪندي، ڏاڍي وڻندي آهي. هوءَ، منهنجي وجود کان بيخبر، روزانو ساڳئي هنڌ اچي بيهندي آهي. هوءَ ڪلهوڙن جي دؤر ۽ ميرن جي صاحبيءَ کان وٺي اتي بيهندي آهي، ۽ مان به ڪلهوڙن جي دؤر ۽ ميرن جي صاحبيءَ کان وٺي پنهنجي جاءِ تان ڏانهنس لاڳيتو ڏسندو رهيو آهيان. ڀانءِ ته ٽيڪسيءَ جو انتظار ڪري رهي آهي! هوءَ ڪالهه به اتي ئي بيٺي آهي. هوءَ اڄ به اتيئي بيٺي آهي. سڀاڻي به هوءَ اتي ئي بيٺي هوندي. وقت وڌي ويندو آهي. وڇوٽيون قائم رهنديون آهن.
    سڀاڻي شام جو هوءَ جڏهن تلڪ چاڙهيءَ ۽ نزرٿ ڪاليج جي ڪنڊ وٽ اچي بيهندي، تڏهن سوچيان ٿو، مان يونيورسل بڪ ڊيپوءَ جي ٻاهران ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي ڏانهنس لاڳيتو نه ڏسندس، مان فٽ پاٿ تي ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي نه بيهندس. منهنجي جاءِ ٻيو ڪو اچي والاريندو. هوءَ پنهنجي جاءِ تي موجود هوندي. منهنجيءَ جاءِ تي ٻيو ڪو، ممڪن آهي توهان منجهان ڪو ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي کيس لاڳيتو ڏسندو. اتي مان نه هوندس. مون ڪيفي جارج جي ٻن آنن واري چالو چانهه پيتي آهي.
    ڪالهه جڏهن مان ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي بيٺو هوس، ۽ لاڳيتو ڏانهنس ڏسي رهيو هوس، تڏهن هن هٿ سان مون کي پاڻ ڏانهن اچڻ جو اشارو ڏنو هو. مان خوش ٿيو هوس، ۽ خوش ٿي ڏانهنس وڌي ويو هوس. هن جي ۽ منهنجي وچ ۾ ڏامر جو رستو هو، ۽ رستي تي بدحواسيءَ سان ڊوڙندڙ موٽرن، بسن، رڪشائن ۽ ٽيڪسين جو سلسلو هو. وچ رستي هڪ آڙيڪاپ وڏيري جي چلڪندڙ شورليٽ موٽر هيٺان مرندي مرندي بچيس. هر اُها موٽر جنهن ۾ وڌيڪ گوڙ ڪندڙ هارن لڳل هوندو آهي، سا موٽر گهڻو ڪري ڪنهن آڙيڪاپ وڏيري جي هوندي آهي. موٽر کي بريڪ هڻي بيهارڻ کانپوءِ موٽر جي مالڪ مون کي خوفناڪ گار ڏيندي چيو، ”مان هن وقت هوٽل اورئينٽ ۾ ڊنر تي پيو وڃان. واندڪائي هجي ها ته جيڪر کلا ٺوڪيانءِ ها. ڀـَـڄ، بخشيانءِ ٿو.“
    سندس ڀوائتيون مڇون ڏسندي، ۽ ٻئي هٿ جوڙيندي، کيس عرض ڪيم، ”يا سخي، سنڌ جا سرتاج تنهنجي مهرباني جو مون صدين جي مسڪين جي جان بخشي اٿئي.“
    هو مون کي هلڪڙي گار ڏيئي هليو ويو.
    مان رستو لنگهي تلڪ چاڙهي ۽ نزرٿ ڪاليج جي ڪنڊ وٽ پهتس.
    هوءَ مون ڏانهن ڏسي رهي هئي. جڏهن ويجهو پهتم، تڏهن پڇيائين، ”موٽر ۾ ڪير هو؟“
    ”اڙي! تون نه سڃاڻينس؟“
    ”نه.“
    ”تعجب آهي.“ چيم، ”صدين کان تون ۽ مان، هن رستي جي ڪنارن سان، هڪ ٻئي جي سامهون بيٺا آهيون، ۽ هو صدين کان اسان آڏو لنگهندو رهيو آهي. ڪمال آهي، تڏهن به تون کيس نه ٿي سڃاڻين!“
    ”نه.“ چيائين، ”مان کيس نه ٿي سڃاڻان.“
    ”اسان جو سائين هو، سائين.“ چيم، ”سنڌ جي عظمت جو زندهه مثال! اسان جا ڏک سور هر دؤر ۾ حڪومت جي ڪن تائين پهچائيندو آهي. ڪڏهن ايم. پي. اي ٿيندو آهي، ۽ ڪڏهن ايم. اين. اي.“
    ”پڇيائين، ”“ تون ڪير آهين؟“
    چيم، ”مان ماڻهو آهيان.“
    ”اوهه! مون سمجهيو هو، شايد پوليس وارو آهين.“ سـُـکَ جو ساهه کڻندي پڇيائين، ”ڇا ڪندو آهين؟“
    ”ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي، صدين کان توکي ڏسندو رهندو آهيان.“
    ”ٻيو ڇا ڪندو آهين؟“
    ”وڏيرن کي ووٽ ڏيندو آهيان.“
    ”ٻيو ڇا ڪندو آهين؟“
    ”مغزز شڪارين لاءِ ٻوڙن مان تتر اُڏاريندو آهيان.“
    ”ٻيو ڇا ڪندو آهين؟“
    ”جڏهن ڪو عزتماب ايندو آهي، تڏهن چار آنا وٺي نعرا هڻندو آهيان.“
    ”ٻيو ڇا ڪندو آهين؟“
    مان منجهي پيس. هن جي منهن تي مرڪ ڦهلجي ويئي. چيائين، ”ها ها، ٻڌاءِ ٻيو ڇا ڪندو آهين؟“
    شرمائيندي وراڻيم، ”ٻيو پـُـلاءَ پچائيندو آهيان.“
    پڇيائين، پڙهيل آهين؟“
    ”ايم. اي آهيان، پر عقل کان وانجهيل آهيان.“
    ”نوڪري ڪندو آهين؟“
    ”نه.“
    ”ته پوءِ ڇا ڪندو آهين؟“
    ”مان محبت ڪندو آهيان.“ چيم، ”ڪلهوڙن جي دؤر ۽ ميرن جي صاحبيءَ کان وٺي مان توسان محبت ڪندو آهيان.“
    پڇيائين، ”مال ملڪيت اٿئي؟“
    ”ڪنگال آهيان.“ وراڻيم، ”پر دل جي دنيا جو بادشاهه آهيان.“
    هن جواب نه ڏنو، ۽ سوچڻ لڳي. سوچ ۾ گم ٿيڻ کانپوءِ هوءَ وڌيڪ سهڻي نظر اچڻ لڳي.
    چيم، ”سامهون واري مسجد جو مـُـلو منهنجو دوست آهي، ۽ اتفاق سان نڪاح رجسٽرار به آهي.“
    هن پنهنجي پرس مان ٻه آنا ڪڍي منهنجي تريءَ تي رکيا. چيائين، ”ڪيفي جارج تي وڃي هڪ چالو چانهه پيءُ، ۽ ٺلهه وٽ بيهڻ ڇڏي ڏي. تون صدين جو سودائي ٿو ڏسجين.“
    مون ڏک وچان اول ڏانهنس ۽ پوءِ ٻن آنن ڏانهن ڏٺو. ان وقت ساڳئي شورليٽ موٽر موٽي آئي، ۽ اسان ٻنهي وٽ اچي بيٺي. پويون در کوليو، ۽ هوءَ موٽر ۾ ويهي رهي.
    سڀاڻي يونيورسل بڪ ڊيپوءَ جي ٻاهران ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي مان نه بيهندس. منهنجي بدران ٻيو ڪو شخص ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي بيهندو، ۽ لاڳيتو ان بيحد حسين ڇوڪريءَ ڏانهن ڏسندو رهندو، جيڪا تلڪ چاڙهي، ۽ نزرٿ ڪاليج جي ڪنڊ وٽ روز شام جو اچي بيهندي آهي.


    هڪ ديسي عشق جو داستان

    مون اڌ رات جو پنهنجي ڪچي گهر جي ڪچيءَ ڇت تي چڙهي، ڪچي مغز سان پڪو فيصلو ڪيو. مون چاهيو ته تاريخ ساز تحريڪن جو شاهد آسمان منهنجي فيصلي جو شاهد هجي. مون آسمان هيٺان بيهي فيصلو ڪيو ته تاريخي روش ڇڏي ڏيندس. ماضي بعيد ۽ حال استمراريءَ جي وچ وارو سلسلو ٽوڙي ڇڏيندس ۽ مجنونءَ ۽ فرهاد جي روحن کي هرگز خوش نه ڪندس. مجنونءَ ۽ فرهاد جو ذڪر ان ڪري ڪيو اٿم جو ٻيئي عشق ۾ برباد ٿي ويا. عشق ۾ برباد ته هر ڪو ڄڻو ٿيندو آهي، پر مجنونءَ ۽ فرهاد جي عشق ۾ بربادي تمام عبرتناڪ آهي. ائين به نه هو ته مان ڪو برباديءَ لاءِ تيار نه هوس. منهنجو مسئلو مجنونءَ ۽ فرهاد کان مختلف هو. هو ٻيئي فقط عاشق هئا. مان نه رڳو فهميده سان هڪ طرفو ازلي عشق ڪندو هوس، بلڪه پنهنجيءَ پوڙهيءَ ماءُ ۽ بيمار ڀيڻ لاءِ ڪلارڪي به ڪندو هوس.
    عشق جي هڪ طرفيءَ باهه ۾ جلڻ ڪري منهنجو هاضمو به خراب ٿي پيو. بک لڳڻ بند ٿي ويئي. راتين جي ننڊ حرام ٿي ويئي. جيڪڏهن ننڊ کڻي ايندي به هئي ته ننڊ ۾ ڀوائتا خواب هنياءُ ڏاريندا هئا. مون کان سڀڪجهه وسري ويو. ايشيا جي بدحال معاشي تاريخ جي اڻلکيل صفحن مان منهنجي پوڙهي ماءُ ۽ بيمار ڀيڻ مون ڏانهن اُميد ڀريل نگاهن سان ڏسنديون هيون. انهن حالتن ۾ مون روايتي انداز ۾ برباد ٿيڻ بدران، مجنونءَ ۽ فرهاد جي روش کان بغاوت ڪئي.
    هاضمو درست ڪرڻ لاءَ، راتين جي رٺل ننڊ کي ريجهائڻ لاءِ، مون فيصلو ڪيو ته فهميده کان ڪجهه نه لڪائيندس، کيس سڀڪجهه ٻڌائيندس. کيس چوندس ته فهميده، مون توسان اهڙي محبت ڪئي آهي، جهڙي دل وارا ڌرتيءَ سان ڪندا آهن. مون توسان اهڙي محبت ڪئي آهي. جهڙي سنڌي سٻاجهڙا موج ڀريل مهراڻ سان ڪندا آهن. مون توسان اهڙي محبت ڪئي آهي، فهميده، جنهن جو مثال موت ۽ زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ ته ملي سگهي ٿو، پر عاشقن جي تاريخ ۾ هرگز ملي نه سگهندو، مون آسمان ڏانهن ڏٺو، ۽ چيو، مون اقتصادي طرح پيڙيل قوم لاءِ محبت جو حق تنهنجي لاءِ، آسمان هميشه وانگر خاموش رهيو. کيس منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
    مان صبح جو سوير ننڊ مان جاڳيس. ان وقت منهنجي پوڙهي ماءُ مصلي تي ويٺي هئي، ۽ وڏي واڪ پنهنجي بيمار ڌيءَ، يعني منهنجي ڀيڻ لاءِ دعا گهري رهي هئي، جيڪا اوجها سينيٽوريم ۾ سلهه جهڙي شاهوڪار مرض ۾ مبتلا هئي. دعا گهرڻ کانپوءِ منهنجيءَ پوڙهي ماءُ مون کان پڇيو، ”سويل اٿيو آهين، نماز پڙهندين ڇا؟“
    وراڻيم، ”نه.“
    پڇيائين، ”ڀلا ڪسرت ڪندين ڇا؟“
    ”تون به شهيدن سان چرچا ٿي ڪرين.“ کيس ٻڌايم، ”دال مانيءَ تي ڪسرت نه ٿيندي آهي. اڳ يونيورسٽيءَ جي خرچ تي پلبو هوس، تنهن ڪري ڪسرت ڪندو هوس.“
    ”ته پوءِ ايترو سويل ڇو اٿيو آهين؟“
    ”اڄ آفيس ڪجهه سويل ڀرو پهچڻو آهي.“
    ”وري ٿا امتحان وٺنين ڇا؟“
    ”امتحان!“ مون حيرت مان امڙ ڏانهن ڏٺو. انهن ڏينهن ۾ اسان جي آفيس وارن جي مٿي ۾ امتحانن جو ڏيڏر ويهجي ويو هو. هر ٻئي - ٽئين مهيني امتحان وٺندا هئا، ۽ هڪ - ٻن شهنشاهن کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيندا هئا. (اسين آفيس جا ڪلارڪ هڪٻئي کي شهنشاهه سڏيندا هئاسين.) مون امڙ کي چيو، ”ها. اڄ وري امتحان وٺندا.“
    امڙ چيو، ”اڳ به تون اهڙا چار - پنج امتحان ڏيئي ويٺو آهيان. هن دفعي به پير ميرل سائين تنهنجي مدد ڪندو.“
    مون برش تي پيسٽ ڪڍي ۽ غلسخاني ڏانهن هليو ويس. برش ڪري، کانئس پڇيم، ”تنهنجو پير سائين پيرل ميرل مڙس ماڻهو آهي، يا لاٽون.“
    ”وات نه هڻ، موئا مرين!“ امڙ پاراتو ڏيندي چيو، ”پير سائينءَ جي شان ۾ گستاخي نه ڪر.“
    ”چڱو معاف ڪر.“ غسلخاني مان نڪرندي چيم، ”تنهنجي پير سائينءَ ۾ جيڪڏهن کڙ تيل آهي، ۽ قبر مان ڪـَـنَ ڪڍي تنهنجو دعائون ٻڌندو آهي، ته پوءِ کانئس سفارش ڪرائي مون کي ڪا چڱيرڙي نوڪري ته ڏيار، جنهن مان ٻه ويلا ماني ته کائي سگهون. مان سئنيما جي گيٽ - ڪيپري ڪندي ڪندي ٿڪجي پيو آهيان.“ (گيٽ - ڪيپري منهنجو پارٽ ٽائيم ڌنڌو هو.)
    ”تو جهڙي ڪافر جي پير سائين ڪڏهن به مدد نه ڪندو.“ امڙ ڪاوڙجي ويئي. ميز تي چانهه جو ڪوپ رکي هلي ويئي، ويندي ويندي چئي ويئي، ”پير سائينءَ جي باري ۾ بدشد ٿو ڳالهائين، ڪٿي اها ڪلارڪي به وڃائي نه ويهين!“
    ”ڪلارڪي نه، چئه شهنشاهت.“ مون ٽهڪ ڏنو. پر مون کي پنهنجو ٽهڪ اوپرو ۽ ڪنهن مقبري مان ايندو محسوس ٿيو.
    مان چانهه جي ڪوپ مان سرڪيون ڀرڻ لڳس، ۽ فهميده سان پنهنجي بي پناهه محبت جي اظهار ڪرڻ جون ترڪيبون سوچڻ لڳس. هر هڪ انسان جي زندگيءَ ۾ هڪ دفعو اهڙو وقت به ايندو آهي، جڏهن هو عشق جي اڻانگين راهن ۾ منجهي پوندو آهي. تڏهن، ڪنهن سان الفت جو اظهار ڪرڻ جو خيال مغز کان ڦرڻيءَ وانگر ڦيرائي ڇڏيندو آهي. ان وقت سموري دنيا چوڏيل ۾ چڪر کائيندي نظر ايندي آهي. جيئن جيئن ڇوڪري وڌيڪ سهڻي، من موهڻي، تيئن چوڏيل جا چڪر وڏا ۽ تکا. اهڙيءَ حالت ۾ حياتي سوڙهي بوٽ وانگر اڻوڻندڙ ٿي پوندي آهي.
    فهميده فقط سهڻي، من مهڻي نه هئي. هوءُ پري پيڪر هئي. سونهن ۽ سوڀيا ۾ ڪو سندس ثاني نه هو. هوءَ هر مرد جي ذهن ۾ ديرو ڪيل ڪنهن تصوراتي عورت کان هزارين دفعا وڌيڪ حسين هئي.
    فهميده ۽ مان آفيس جي ساڳئي ڪمري ۾ ويهندا هئاسين، جنهن جي ڀرسان اسان جي وڏي صاحب جو ڪمرو هو. هوءَ وڏي صاحب جي اسٽينوگرافر هئي، ۽ سندس اهم ۽ مخفي ڪاغذ ٽائيپ ڪندي هئي، وڏي صاحب وڏي چالاڪيءَ سان فهميده کي آفيس جي ڏيڍ سؤ عملي کان جدا ڪري ڇڏيو هو. سؤ جي عملي مان فقط مون کي فهميده سان گڏ ساڳئي ڪمري ۾ ويهڻ ڏنو هئائين. ان مهربانيءَ لاءِ وڏي صاحب وٽ ٻه سبب هئا. هڪ ته مان وڏي صاحب جو بئڪ - ڊور هوس، يعني چور دروازو هوس. هو اينٽي ڪرپشن جي ڇاپي کان بچڻ لاءِ رشوت ۽ رشوت جو مال منهنجي معرفت وٺندو هو. تنهن ڪري هو هميشه مون کي پنهنجي ويجهو ويهاريندو هو. ٻيو سبب ته مان بدني بناوت ۾ اهڙو آهيان جو دنيا جي ڪابه ڇوڪري ڀـُـل وچان هڪ دفعو مون ڏانهن ڏسڻ کان پوءِ وري ڪڏهن به مون ڏانهن ڏسڻ پسند نه ڪندي آهي. ماڻهن جو خيال آهي ته جيڪا ڇوڪري سموريءَ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ بدنصيب هوندي ۽ آپگهات جو ارادو رکندي هوندي، سا فقط مون سان محبت ڪري سگهندي.
    ”ڪهڙن فڪرن ۾ پئجي ويو آهين؟“ امان چيو: ”پير سائين پيرل ميرل جي مهربانيءَ سان امتحان ۾ چڱيرڙو ڪري ايندين.“
    مون آهستي چيو: ”جيڪڏهن هوش هٿان نه ويو ته پوءِ پڪ ڄاڻ ته چڱو ڪندس.“
    زندگيءَ جي سڀ کان وڏي معرڪي لاءِ مون خاص طرح تياري ڪئي. آمريڪن نيوي بلو سرج جو ڪوٽ، اسٽيل گري رنگ جي چوڪڙين واري پتلون ۽ اڇي قميص پاتم. ڪنڌ تي ميرون رنگ جو مفلر ويڙهيم. لائيٽ - هائوس سئنيما واريءَ گهٽيءَ مان ورتل سيڪنڊ هينڊ آمريڪي ڪپڙا پائي، ٽاٽائي ڪيم. ان وقت مان آمريڪين جي عظمت جو قائل ٿيس، ۽ سندن احسانمند ٿيس. آمريڪين کي سدائين ايشيا جي بکين ۽ اُگهاڙن لاءِ دل ۾ درد هوندو آهي.
    مان هڪ قديم آئيني آڏو وڃي بيٺس. پنهنجي عڪس ۾ مون کي اهڙي ڪابه خوبي نظر نه آئي، جيڪا ڪنهن حسين ڇوڪريءَ جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪي سگهي. عڪس ۾ مان اڳ کان وڌيڪ طاقتور ۽ ڪسرتي پئي لڳس. پر اڄڪلهه جون جديد ڇوڪريون پاور - هائوس پسند نه ڪنديون آهن. اڄڪلهه جون ڇوڪريون سهڻا ۽ نازڪڙا ڇوڪرا پسند ڪنديون آهن، جن جي جنس ڪجهه عرصي کانپوءِ بدلجي ويندي آهي، ۽ اهي ڇوڪرا انهن ڇوڪرين جون ساهيڙيون ٿي پوندا آهن. (پڙهو جناح اسپتال جي رپورٽ مسٽر خالد حسين جي باري ۾، جيڪو ڪجهه عرصي کانپوءِ مس خالده ٿي پنهنجيءَ محبوبا جي ساهيڙي ٿي پيو.)
    پنهنجي عڪس ڏانهن ڏسندي، مون سوچيو ته اسان جي لوڪ ڪهاڻين جا سمورا ڪردار جڙتو يا هٿ ٺوڪيا ناهن. اسان جي لوڪ ڪهاڻين ۾ اهڙين عورتن جو به ذڪر آهي، جيڪي بيحد سهڻيون هيون، پر محبت جنگجو قسم جي جانٺن جوانن سان ڪيائون. ان وقت مون کي پنهونءَ ۽ ميهار جو خيال آيو. پنهون بلوچستان جو هڪ باغي اينگري ينگ مين جنگجو جوان هو. هو اکروٽ مڪ سان ڀڃندو هو، ڇانهي يعني هنداڻو تلوار سان ڪپيندو هو، ۽ کارڪون تير ۾ ٽنبي کائيندو هو. ميهار به مانجهي مڙس هو. هو بيحد طاقتور شخص هو. جيئرن سانن جا مڻڪا ڀڃندو هو، ۽ جڏهن ڪاوڙ ايندي هئس، تڏهن هڪ ڏينهن ۾ ٻه - ٽي دفعا ڇتي چناب ندي تري پار ڪندو هو. اهڙيءَ ريت، مان به پنهنجيءَ جاءِ تي زوراور هوس ( آهيان). پر پنهون، ميهار ۽ مون ۾ ڪجهه بنيادي فرق هئا. هو ٻئي يار ڍَوَ تي هئا. ٻنهي مان ڪنهن جي به ماءُ گهٽ غذا ڪري جلدي ڪراڙي نه ٿي هئي. ٻنهي مان ڪنهن جي به ڀيڻ اوجها سينيٽوريم ۾ داخل نه ٿي هئي. هنن ٻنهي ڄڻن مان ڪوبه ڪلارڪ نه هو.
    ”آئيني ۾ ايڏو نه ڏس.“ امان جي آواز تي مون آئيني تان نظرون هٽائي ڇڏيون. امان چيو: ”مان ايندڙ رجب ۾ تنهنجي شادي ڪرائينديس.“
    ”منهنجي شادي !“ مان هڪدم آئيني وٽان هٽي ويس.
    ”ها، تنهنجي شادي.“
    ”پر مان -“
    ”مون تنهنجي لاءِ هڪ سٻاجهڙي ڇوڪري پسند ڪئي آهي.“
    ”سٻاجهڙي فقط ٻڪري هوندي آهي.“
    ”وري وات ٿو هڻين!“ امان ڪاوڙجي ويئي.
    ”وات ڪٿي ٿو هڻان.“ چيم: ”مان ته مٿو پيو هڻان.“
    ”ته بس. مون جيڪا ڇوڪري تنهنجي لاءِ پسند ڪئي آهي، تنهن سان شادي ڪرڻي پوندءِ.“
    ”پر مان شادي نه ڪندس.“
    ”ڇو نه ڪندين؟“
    ”بس، نه ڪندس. هرگز نه ڪندس.“
    امان منهنجي آڏو اچي بيٺي. سندس منهن جا گـُـهنج گهرا ٿي ويا. اکين ۾ ممتا ۽ ڪاوڙ گڏ ترڻ لڳس. پڇيائين: ”ڪٿي ڪا ڇوڪري پسند ته نه اچي ويئي اٿئي؟“
    مون امڙ کي جواب نه ڏنو. سندس اڇن وارن کي مٺي ڏيئي ٻاهر هليو ويس.
    ٻاهر، ڪراچيءَ جو ڪوجهو شهر، ڪنوار وانگر سينگاريل نظر آيو. موتمار بسون ڀنڀورين ۽ پوپٽن وانگر رنگين ۽ هلڪيون ڏسڻ ۾ آيون. موڳا ماڻهو، منجهيل ماڻهو، هيڻا ماڻهو ۽ هيڪلا ماڻهو، مون کي تڙاکڙا ۽ چست چالاڪ لڳا. ڄڻ ڪائنات جي گٺل رڪارڊ جو ڪنهن پاسو ورائي ڇڏيو هو.
    مان بس - اسٽاپ وٽ وڃي بيٺس، ۽ بس جو انتظار ڪرڻ لڳس. مون محسوس ڪيو، بس اسٽاپ وٽ بيٺل هر هڪ ماڻهوءَ جي نگاهه مون تي ڄمي ويئي هئي. شايد هنن پرکي ورتو هو ته هڪ ديسي عاشق مٿي ۾ عشق جو ۽ پيٽ ۾ بک جو ڀوت کڻي محبت جي معرڪي لاءِ وڃي رهيو هو. بسون هميشه وانگر ڀريل پئي آيون. مون سوچيو ته پنهنجي زندگيءَ جي سڀ کان اهم ڏينهن تي مون کي گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪسيءَ ۾ نه، ته آٽو رڪشا تي آفيس وڃڻ گهرجي. پر پوءِ خيال آيو ته جيڪڏهن آٽو رڪشا يا ٽيڪسيءَ ۾ سفر ڪيم ته پوءِ منجهند جي مانيءَ کان محروم ٿيڻو پوندو. اسان جي آفيس - ڪئنٽين جي ماني پنهنجو مٽ پاڻ هئي - هڪ سنهڙي پاپڙ جهڙي ماني، جنهن مان آرپار ڏسي سگهجي، هڪ پتڪڙي پيالي دال جي، ۽ هڪ لـِـڏ جهڙو شامي ڪباب. اها سموري عياشي پنجاهه پيسن ۾ ملندي هئي. تنهنڪري مون ٽيڪسيءَ ۾ سفر ڪرڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيو، ۽ هڪ ڀريل بس ۾ ڌوڪي پيس. پوئتان ايندڙ بيصرن اهڙي جوهه مان ڌڪو ڏنو جو بـُـل کائي اڳتي هليو ويس، ۽ هڪ سنهڙي سيپڪ جو پير چيڀاٽي ڇڏيم.
    سنهڙي سيپڪ تمام ڳوري آواز ۾ دانهن ڪئي: ”اور بدبخت وائڙا!“
    مون هڪدم پنهنجو پير سنهڙي سيپڪ جي پير تان کڻي ورتو. هن جوهه وجهي مون ڏانهن نهاريو. ڀرون ڳتجي ويس. چپ ڀيڪوڙجي ويس. ڪاوڙ ۾ هو کٿل ڪانوَ جهڙو نظر آيو.
    مون کانئس معافي ورتي.
    هو تڏهن به مون ڏانهن ڏسندو رهيو. پوءِ سندس منهن جي سيٽيل کلَ ڍري ٿي. اکين مان نفرت ختم ٿيس. چپن تي مرڪ آيس. مون کي ڪلهي تي آهستي ڌڪ هڻندي چيائين: ”يار، مان ڀلجان ته نٿو. تون ڪراچي يونيورسٽيءَ جو هيوي - ويٽ باڪسر، جانو آهين نه!“
    مون آهستي وراڻيو: ”ها، مان جانو آهيان.“
    هن حيرت مان پڇيو: ”ڇهن - ستن سالن ۾ توکي ڇا ٿي ويو آهي. هيوي - ويٽ مان بدلجي لائيٽ ويٽ ٿي ويو آهين!“
    مون کيس جواب نه ڏنو. مون ماضيءَ ۾ جيڪي چار چڱا ڏينهن گذاريا هئا، تن کي ياد ڪري، حال کي غمگين ڪرڻ نه پئي چاهيو.
    هن پڇيو: ”تون پوليٽيڪل سائنس ۾ هئين نه؟“
    ”ها.“ مون آهستي وراڻيو.
    “مان مائڪرو بايولاجيءَ ۾ هڪ مک وانگر معمولي شاگرد هوس.“ هن کلندي چيو: ”تون يونيورسٽيءَ جو چئمپين هئين.“
    مان ماٺ رهيس.
    هو ڳالهائيندو رهيو. چيائين: ”ايم. اي ڪيئه؟“
    ”ها.“
    ”وڌيڪ پڙهئين؟“
    ”ايل. ايل. بي.“
    ”واه واه، ڀلا اڄڪلهه ڇا پيو ڪرين؟“
    ”هڪ آفيس ۾ شهنشاهه آهيان.“
    ”شهنشاهه!“ هن کان ٽهڪ نڪري ويو. چيائين: ”مشڪرو ٿي پيو آهين ڇا!“
    وراڻيم: ”مان ابتر حالتن جي سرڪس جو بدحال مشڪرو آهيان.“
    هن وڏا وڏا ٽهڪ ڏنا.
    ”مون مائڪرو بايولاجيءَ ۾ ايم. ايس. سي ڪئي آهي، ۽ هينئر انشورنس ايجنٽ آهيان.“ هن مون سان هٿ ملائيندي چيو: ”منهنجو نالو عالمگير آهي. مان اڳئي اسٽاپ تي لهندس.“
    مون ماٺ ميٺ ۾ ساڻس هٿ ملايو. جڏهن وڃڻ لڳو، تڏهن چيائين: ”توکي حالتن ناڪ - آئوٽ ڪري ڇڏيو آهي.“
    جن انسانن جون خوشيون، منهنجين خوشين وانگر ماضيءَ ۾ دفن هونديون آهن، هي وقت جي ٽـِـڪ تان دز لهندي ڏسي اُداس ٿي پوندا آهن. مان آفيس تائين اُداس رهيس.
    مان آفيس ۾ وقت کان ڪجهه اڳڀرو پهتس. فهميده نه آئي هئي. مان پنهنجي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺس، ۽ ايندڙ گهڙين جي باري ۾ سوچڻ لڳس. شڪ جو ڪنڊو روح ۾ چڀڻ لڳو. گمان دل ۾ گهر ڪرڻ لڳو. هڪ سوال جا هزارين پڙاڏا وايومنڊل ۾ گونجڻ لڳا - ڇا ڪندين! جيڪڏهن فهميده تنهنجي اڻميي پيار جي اظهار تي ناراض ٿي پيئي - ڇا ڪندين! جيڪڏهن هن تنهنجي بيغرض محبت تي ٺٺولي ڪري وڌي - ڇا ڪندين! جيڪڏهن اندر جو حال اوريندي، فهميده آڏو ڀوڪ بڻجي پوين! هزارين پڙاڏن لاءِ مون وٽ فقط هڪ جواب هو ته جيڪڏهن فهميده خفي ٿي، يا ناراض ٿي پيئي، ته پوءِ مان پنهنجي وجود ۾ تاريخ جي ناڪام محبتن جا مقبرا کڻي، المناڪ پڄاڻيءَ لاءِ سڃ جو سفر ڪندس. مان پنهنجي هٿن سان پنهنجي شڪست جو قتل گاهه اڏيندس، جتي غمناڪ ويرانين ۾ پنهنجو سر اڏيءَ تي رکندس، مان بي رحم آسمان جون اُهي اکيون ڪڍي وٺندس، جن سان هن ازل کان سچ کان ڪـَـچ آڏو هيچ محبت جو شاهد ڪندس، ۽ سر ڏيندس.
    تڏهن اوچتو، فهميده ڪمري ۾ هلي آئي - هميشه وانگر کلندي ۽ ماحول کي خوشبوءِ سان معطر ڪندي.
    خيالن جو سلسلو ٽٽو ته ڄڻ اظهار لاءِ گڏ ڪيل لفظن کي به پاڻ سان منتشر ڪري ويو. ذهن پولار ۾ ڀٽڪڻ لڳو، ۽ مون ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
    ”مون کان خفي آهين ڇا، جانو؟“ فهميده ڪرسيءِ تي ويهندي پڇيو.
    مون بدحواس ٿي ڪنڌ مٿي ڪيو. فقط ايترو چيم:”نه، نه.“
    بيحد دلفريب مرڪ سان چيائين: ”ته پوءِ نه دعا نه سلام، مون کي ڏسي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيئه!“
    ”او فهميده، مان ڀوڪ آهيان، مان ڀوڪ آهيان.“ مون ٻئي هٿ مٿي تي رکي ڇڏيا.
    ”اڄ خير ته آهي نه توسان؟“ هن ڪجهه حيرت وچان پڇيو.
    ”خير!“ مون هڪ پَلَ لاءِ فهميده ڏانهن ڏٺو.
    ”طبيعت ته ٺيڪ اٿئي نه؟“ هن مون ڏانهن ڏسندي پڇيو.
    مون ڇپر ڇنڀي ڏانهن ڏٺو. اندر ۾ متضاد قوتن جي وچ ۾ جنگ ڇڙي پيئي - "ڳالهائين ڇو نٿو؟ - ڪٿي دفن ڪيا اٿئي اُهي جملا، جيڪي رات کان اُٿندي ويهندي گهڙيا اٿئي؟ - چوينس ڇو نٿو، ڀوڪ، بيوقوف، ته مون توسان اهڙي محبت ڪئي آهي، جهڙي دل وارا ڌرتيءَ سان ڪندا آهن - مون توسان اهڙي محبت ڪئي آهي، فهميده، جنهن جو مثال زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ ته ملي سگهي ٿو، پر عاشقن جي تاريخ ۾ هرگز ملي نه سگهندو - ڳالهاءِ موڳا مٽر ڀوڪ، بيوقوف، ڳالهاءِ!"
    ”تون مون کان ڪجهه لڪائڻ جي ڪوشش ته نه پيو ڪرين!“ فهميده پڇيو.
    اندر ۾ آوازن جو طوفان اُٿي کڙو ٿيو - "موقعو هٿان نه وڃاءِ - وقت نه وڃاءِ - اها هڪ گهڙي تنهنجي ايندڙ زندگيءَ جي ڪاتب آهي - چوينس ته فهميده، مون توکي ايتريءَ شدت ۽ سچائيءَ سان چاهيو آهي، جو هينئر منهنجي محبت ۽ عبادت ۾ ڪو فرق نه رهيو آهي. مان ڪافر سهي، ملحد سهي، پر تون منهنجي روح جي عبادتگاهه جو مرڪز آهين."
    ”چڱو ڀلا، ٿوري دير لاءِ پنهنجا فڪر وساري ڇڏ.“ فهميده چيو: ”اچ ته سڀ کان اول هڪ هڪ ڪوپ چانهه جو پيئون.“
    چانهه به آئي، پر دل کي هوش نه آيو.
    ”ڪا نئين تازي خبر؟“ فهميده روز صبح جو سڀ کان اڳ اهو اڻوندڙ سوال پڇندي هئي، پوءِ ڪيتري دير تائين اسين سياست جي اُپٽار ڪندا هئاسين. پر اُن ڏينهن مون ٽڙيل پکڙيل لفظن کي ميڙي ٺاهي چيو: ”اڄ دنيا جي سڀ کان اهم خبر سنڌ مان نڪتي آهي.“
    ”ڇا جي خبر. ڪا خاص آهي ڇا“
    ”ها. هڪ ڀوڪ هڪ بيحد حسين ڇوڪريءَ سان محبت ڪري ويٺو آهي.“
    ”ڀوڪن جو ٻيو وري ڪهڙو ڪم ! اها ڪا خاص خبر ناهي.“
    ”پر هي ڀوڪ ٻين ڀوڪن کان بلڪل مختلف آهي.“
    ”مٿي تي سڱ اٿس ڇا؟“ هوءَ هڪدم کلي پيئي. مان ککو وکو ٿي ويس.
    تڏهن هن اوچتو پڇيو: ”ڪٿي تون ته ڪنهن ڇوڪريءَ سان محبت ڪري نه ويٺو آهين، جانو؟“
    وقت جي ڪاتب قلم هٿ ۾ کنيو، پر لفظن جو ميڙ ڇڙوڇڙ ٿي ويو. مون ڪجهه نه چيو.
    فهميده چيو: ”فقط ڀوڪ محبت ڪندا آهن. تون محبت نه ڪجان”.“جانو! محبت ۾ انسان کي موٽ ۾ درد کانسواءِ ڪجهه نه ملندو آهي.“
    پڇيومانس: ”سمجهه کڻي ته مون ڪنهن سان محبت ڪئي آهي. پوءِ؟“
    هن آڱرين ۾ آڱريون جڪڙيندي چيو: ”ته پوءِ تون پاڻ کي برباد ڪري ڇڏيندين.“
    ”هينئر ڪهڙو آباد آهيان، جو محبت ڪرڻ کانپوءِ برباد ٿي ويندس!“ مون وراڻيون: ”مان زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ روزانو ارڙهن ڪلاڪ ڪم ڪندو آهيان، ۽ پنهنجيءَ پوڙهي ماءُ ۽ بيمار ڀيڻ لاءِ ٻن وقتن جو ويلو ڪمائيندو آهيان.“
    هوءَ دريءَ کان ٻاهر نهارڻ لڳي. ڪجهه دير تائين هوءَ خاموش ويٺي رهي، ۽ پوءِ پنهنجو شارٽ هينڊ نوٽ بڪ کڻي وڏي صاحب جي ڪمري ڏانهن هلي ويئي.
    مان ڪمري م بلڪل اڪيلو رهجي ويس. ان وقت مون دنيا جي معاشي تاريخ مان ڪنهن اهڙي ڪردار کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن پيٽ بکيو رکيو هجي، ۽ عشق ڪيو هجي.
    ٿوريءَ دير کانپوءِ فهميده وڏي صاحب جي ڪمري مان ٻاهر آئي. چپن تي دلفريب مرڪ هيس. چيائين: ”صاحب وڏو مهربان آهي مون کي پنجاهه رپين واري سالياني انڪريمينٽ ڏني اٿائين.“
    ”منهنجي پنجن رپين واري سالياني انڪريمينٽ بند ڪئي اٿائين!“
    ”ڇو؟“
    ”مون کي الفلاح سئنيما ۾ ڏسي ورتو هئائين.“
    ”گيٽ ڪيپري ڪندي؟“
    ”ها.“
    فهميده جي چپن تان مرڪ گم ٿي ويئي. چيائين: ”تون ٻيو ڪو پارٽ ٽائيم ڪم ڇو نٿو ڪرين.“
    ”پارٽ ٽائيم ڪم سڀئي هڪ جهڙا هوندا آهن.“ مون وراڻيو.
    هن بي آراميءَ مان ڪرسيءَ تي پاسو ورايو. پوءِ هڪ ڪاغذ ڪڍي ٽائيپ رائيٽ ۾ وڌائين.
    مون کيس سڏ ڪيو: ”فهميده.“
    ”جيءُ.“
    ”اڄ دنيا ۾ هڪ تمام اهم خبر جو چوٻول آهي.“
    ”ڪهڙي خبر؟“
    ”ته ڪو ڪنهن سان محبت ڪري ويٺو آهي.“
    ”او جانو! اها ڀلا ڪا خبر آهي!“ هن کلندي چيو.
    ”ها.“ مون چيو: ”جڏهن ڪو نا اهل ڪنهن سان محبت ڪري ويهندو آهي، تڏهن اها دنيا جي سڀ کان وڏي خبر هوندي آهي!“
    ڪجهه حيرت وچان پڇيائين: ”محبت ڪرڻ لاءِ ڪهڙي قسم جي قابليت جي ضرورت هوندي آهي؟“
    وراڻيم، ”هڪ وڏي چلڪندڙ موٽر، وڏو بئنڪ - بيلنس ۽ وڏي قدبت تي هڪ وڏو پيٽ.“
    ”ڪٿي تون اهو ته نٿو چوين ته فقط سماج جي درياهي گهوڙن کي محبت جو شوق آهي.“ فهميده اُداس ٿي ويئي. چيائين: ”هو محبت مان ڇا ڄاڻن، جانو. هو محبت نه ڪندا آهن.“
    فهميده جي غمگين لهجي ڪمري جي ماحول کي اوچتو ئي اوچتو اُداس ڪري ڇڏيو. هوا ۾ ڄڻ خزان جي گيتن جي مبهم گونج امل ٿي ويئي. ڪمري جي خاموشيءَ ۾ ٻوسٽ جو احساس ٿيڻ لڳو. تڏهن ٻيهر، فهميده کلي پيئي. مون سندس کلڻ پٺيان ڏک جو ڏونگر ڏسي ورتو، جنهن جو هن ڪڏهن اعتراف نه ڪيو هو. هن کلندي چيو: ”مان به وڏي ڪا بيوقوف آهيان. هڻي ماحول کي اُداس ڪري ڇڏيم.“
    مان ڏانهنس ڏسندو رهيس.
    هن ٿڌو ساهه کنيو، ۽ چيو: ”هاڻي ٻڌاءِ ته اهو ڀوڪ ڪير آهي، جيڪو ويهين صديءَ جي آخر ۾ ڪنهن سان محبت ڪري ويٺو آهي.“
    ”وساري ڇڏ دنيا جي ڀوڪن کي، جن ڪڏهن محبت ڪئي هئي.“ مون وکريل لفظن جي ميڙ مان ڪجهه ڪڻا ڪڍي ورتا. چيم ”تون منهنجي مدد ڪر.“
    ”ڇا جي مدد؟“ هن حيرت مان پڇيو.
    مون جملن کي واڳ وجهندي چيو: ”مون کي ٻڌاءِ فهميده، جيڪڏهن مون کي ڪنهن ڇوڪريءَ سان محبت ٿي وڃي، ته پوءِ پنهنجي بيپناهه محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ مون ان ڇوڪريءَ کي روح جي گهرائين مان چاهيو آهي. مون پنهنجي حياتي سندس تصور جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. مون کي ٻڌاءِ فهميده، ته مان کيس پنهنجي چري چاهت ڪيئن سمجهايان - ڪيئن سمجهايان.!“
    فهميده هڪدم پنهنجي ڪرسيءَ تان اُٿي آئي ۽ منهنجي ميز آڏو اچي بيٺي. پنهنجين سمنڊ جهڙين گهرين اکين سان منهنجين وياڪل اکين ۾ ڏٺائين.
    پوءِ آهستي، اهڙي آواز ۾، جنهن تي جوڳ جو گمان ٿئي، فهميده پڇيو: ”اُها ڇوڪري ڪير آهي؟“
    جواب ڏيڻ بدران، مون پنهنجو جملو ورجايو: ”مون کي ٻڌاءِ ته مان ساڻس پنهنجي محبت جو اظهار ڪيئن ڪريان؟ اهڙي محبت، جنهن جو مثال سنڌ کان ٻاهر ملڻ محال آهي، اهڙي محبت، جيڪا فقط ايشيا جي بدحال قومن جا باغي ڪري سگهندا آهن.“
    تڏهن اوچتو، فهميده جي ٽيبل تي وڏي صاحب جي انٽرڪام فون جي گهنٽي وڳي. هوءَ پنهنجي ميز ڏانهن موٽي ويئي، ۽ فون جو رسيور کڻي صاحب جي ڳالهه ٻڌڻ لڳي. رسيور رکندي چيائين: ”صاحب کي مٿي ۾ ڪا اٽڪل آئي آهي. مان ڊڪٽيشن وٺڻ ٿي وڃان.“
    هن پنهنجو ڊڪٽيشن - نوٽبڪ کنيو، ۽ ويندي ويندي منهنجي ميز آڏو اچي بيٺي. چيائين: ”منهنجو هڪڙو ڪم ڪندين، جانو؟“
    ”چـَـئـُـه.“
    ”پوري ڏهين لڳي مسٽر شهيد علي نالي هڪ شخص مون کي فون ڪندو. چئجانس، مان ٻڌايل جاءِ تي وقت سر پهچي وينديس.“
    ”ڪٿي؟“ مون کانئس پڇيو، ۽ پوءِ هڪدم پنهنجيءَ غلطيءَ ۽ بيوقوفيءَ جوا حساس ٿيم.
    فهميده چيو: ”شهيد عليءَ کي سڀ خبر آهي. تون لفظ ايترو چئجانس ته مان صاحب جي ڊڪٽيشن پيئي وٺان. پڪ ڏيارجانس ته مان وقت سر پهچي وينديس، فڪر نه ڪري.“
    هوءَ صاحب جي ڪمري ڏانهن هلي ويئي. منهنجي اندر ۾ محبت جي عبادتگاهه جا ڪنگرا ڪري پيا. دل درد جي سمنڊ ۾ لڙهي ويئي ۽ روح رڃ ۾ رلي ويو.
    پوري ڏهين لڳي فون جي گهنٽي وڳي. دل چاهيو ته ڪاري ڪوجهي فون جو هڪ هڪ پرزو ڪڍي ڇڏيان. پر جيڪي دل چاهيو سو نه ڪيم. فون رسيور کڻي ڪن سان لڳايم. ڪجهه نه چيم.
    رسيور مان آواز آيو: ”مان شهيد علي پيو ڳالهايان.“
    من ڪجهه نه چيو.
    ”هيلو، فهميده! .....فهمي!“
    مان ٻڌندو رهيس.
    ”تون ڳالهائين ڇو نٿي، پياري!“
    منهنجي رڳ رڳ ۾ نفرت جو زهر ڀرجي ويو
    ”ڳالهاءَ، فهمي!“
    صبر ۾ منهنجو ساهه منجهڻ لڳو.
    ”ڀلا اِها به ڪا ڳالهه آهي جو ڳالهائين نٿي.“
    اندر اڌ ٿيڻ لڳو.
    ”فهمي، پياري، ڳالهاءِ.“
    مون کي ڪلهن تي پنهنجي صليب جو بار محسوس ٿيڻ لڳو.
    شهيد عليءَ هڪدم ڪاوڙ منجهان چيو: ”ڪالهوڪيءَ ڳالهه تان جيڪڏهن اڃا تائين ڦوڪيل آهين ته پوءِ وڃي جهنم ۾ پـئه. منهنجي لاءِ ڇوڪريون کٽيون ناهن!“
    هن وڏي آواز سان فون بند ڪيو.
    مون رسيور رکي ڇڏيو.
    مون سـَـنڌ سـَـنڌ ۾ سور محسوس ڪيو. ڇـَـپـَـر ڇپون ٿي پيا. روح کي ٻرندڙ جبل جو لاوو جلائڻ لڳو. اکين وسڻ جا ويس ڪيا. مان ڪرسيءَ تان اُٿي، دريءَ وٽ وڃي بيٺس. ٻاهر اُس هئي، روشني هئي، پر منهنجي وجود تي ڪائنات جي سموري اوندهه لهندي آئي. مان، منهنجو سرڪش روح، منهنجي مجبور دل، اوندهه جي تهن هيٺان دفن ٿيندا ويا.


    اسٽار سرڪس جو جوڪر

    مان ۽ مون جهڙا ڪجهه ٻيا ماڻهو (جيڪي پاڻ بيمار رهندا آهن، جن جا مائٽ بيمار رهندا آهن.) ڳوٺ حاجي ساوڻ ڦلپوٽو مانڌياڻيءَ کان ٻاهر ڀرتو، والي بال ميدان وٽ، خيراتي گشتي دواخاني واري لاريءَ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين.
    ڪجهه ماڻهو پاڻ بيمار هئا ۽ پنهنجي لاءِ دوا وٺڻ آيا هئا. ڪجهه ماڻهن جا مائٽ مٽ بيمار هئا ۽ هو پنهنجن مائٽن لاءِ دوا وٺڻ آيا هئا. جيڪي شخص بيمار هئا سي وڻن جي ڇانوَ ۾ گوڏا اُڀا ڪري اوڪڙون ويٺا هئا. ڪجهه شخص ٻئي هٿ مٿي تي رکي ويٺا هئا ۽ جهوٽا کائي رهيا هئا. جيڪي وڌيڪ بيمار هئا، سي واڻ ڇڳل کٽن تي ڪن ڪڍي پيا هئا. ڪجهه مريض، جيڪي مرڻ ڪنڌي تي هئا، تن کي جيئرو رهڻ جي تمنا ٻين کان وڌيڪ هئي، ۽ رکي رکي گشتي دواخاني جي لاريءَ متعق پڇاڳاڇا ڪري بيهوش ٿي پئي ويا.
    خيراتي گشتي دواخاني جي لاري هفتي ۾ هڪ دفعو جمعي ڏينهن، ڪنهن به وقت، اسان جي ڳوٺ حاجي ساوڻ ڦلپوٽو مانڌياڻيءَ ۾ ايندي آهي. اسان اَسـُـر کان وٺي اڌ رات تائين لاريءَ جو انتظار ڪندا آهيون. دير مدار سهي، پر لاري اسان جي ڳوٺ ضرور ايندي آهي ۽ اسان منجهان هر هڪ کي ڪونر دوا جو ڀري ڏيئي ويندي آهي.
    گشتي دوا خاني ۾ ٻه ماڻهو ايندا آهن. هڪ ميرو، گدلو، بڇڙو ۽ ڀوتن جهڙو ڊرائيور، جيڪو بس بيهارڻ کانپوءِ ڪمپائونڊر ٿي پوندو آهي، ۽ ٻيو ڊاڪٽر صاحب هوندو آهي. ڊاڪٽر صاحب سنهڙو، سـُـڪل ۽ هيڊ جهڙو هوندو آهي. هو ڏسڻ ۾ هوبهو چچي، يعني ڪرڙيءَ جهڙو آهي ۽ سڄو ڏينهن پان چٻاڙيندو رهندو آهي. سندس وات به چچيءَ جهڙو وڏو، ويڪرو ۽ چپن بنا آهي. هو مريضن کي دوا نه ڏيندو آهي، پر شمع ۽ رومان معمه حل ڪندو آهي. اسان کي دوا گشتي دواخاني جو ڊرائيور ڏيندو آهي، جيڪو لاري بيهارڻ کانپوءِ ڪمپائونڊر ٿي پوندو آهي.
    انهن ڏينهن ۾ منهنجي ماءُ کي هڪ عجيب بيماري ٿي پيئي هئي. هوءَ آسمان ڏانهن هٿ کڻي واڪا ڪندي هئي، سڏڙا ڪندي هئي ۽ احتجاج ڪندي هئي. (اها بيماري کيس اڃا به آهي. علاج هلندڙ اٿس.) هوءَ ڪنهن ڪنهن وقت رڙيون ڪري روئيندي به هئي. سندس عجيب بيماريءَ کان وڌيڪ جنهن ڳالهه سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو، سا اها هئي، ته منهنجيءَ ماءُ اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا هئا. هوءَ ٺـِـپُ ڄٽي هوندي هئي. الف کي لڪڻ سمجهندي هئي. اهڙيءَ عورت جڏهن ڪتاب ۽ اخبارون پڙهڻ شروع ڪيون، تڏهن سڄي ڳوٺ جا طاق لڳي ويا. جهٽ پٽ فتويٰ ڏني ويئي ته امان منجهه ڪو پڙهيل ڳڙهيل جن، (جيڪو گريجوئيٽ کان گهٽ نه هوندو)، داخل ٿي ويو آهي ۽ ويٺو کيس پڙهائي ۽ پڄرائي.
    امان جو جن ڪڍڻ لاءِ وڏن وڏن جادوگرن، ڀوپن ۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪندڙن کي گهرايو ويو. سڀني ساڳي صلاح ڏني، ته جيستائين امان کي ماري اڌ مئو نه ڪبو، تيستائين جن منجهانئس ديرو نه ڪڍندو ۽ هوءَ واڪا ڪري دنيا جو سک آرام ڦٽائيندي رهندي.
    ڀوپن جي چوڻ تي اسان جي مائٽن امان کي ڏينهن رات ڪٽڻ شروع ڪيو. ماري ماري، هڏ گڏ چٿي چور ڪري ڇڏيائونس، پر هن واڪا ڪرڻ ۽ روئڻ پڙهڻ نه ڇڏيو. انهن ئي ڏينهن ۾ مان حيدرآباد مان ڳوٺ حاجي ساوڻ ڦلپوٽو مانڌياڻيءَ موٽيو هوس. جڏهن امان کي دهل وانگر ڪٽجندي ڏٺم، تڏهن ڀوپن کي چيو هوم: ”يار ترسو. منهنجي ماءُ جو خانو خراب نه ڪريو. مان اجهو هينئر شهر مان تلوار هڻي، يعني گريجوئيٽ ٿي موٽيو آهيان. منهنجي ماءُ ۾ جن ٻن ڪونهي. ويهين صديءَ ۾ ويچارا جن هتان ڪوچ ڪري ويا آهن. مان پنهنجي ماءُ جو علاج پاڻ ئي ڪرائيندس.
    ڀوپن مون کي ڪافر سمجهي، منهنجي ماءُ جو علاج (مار ۽ موچڙو) بند ڪري ڇڏيو. تڏهن کان مون امان جو علاج گشتي خيراتي شفاخاني مان ڪرائڻ شروع ڪيو، جيڪو اڃا تائين هلندڙ آهي.
    شروعات ۾ ڊرائيور، جيڪو ڪمپائونڊر ٿي پوندو آهي، تنهن منهنجي ماءُ کي تپاسيو. اڍائي سيڪنڊ کن جاچڻ کانپوءِ مون کي چيو هئائين تنهنجي ماءُ کي ڄڀ تي ڪينسر ٿي پيو آهي، تنهن ڪري سندس زبان تارونءَ وٽان ڪپڻي پوندي.“
    سندس فيصلو ٻڌي مان ڏڪي ويو هوس. عرض ڪيو هوم: ”ڪمپائونڊر شهنشاهه، خدا جي واسطي ٻيو ڪو علاج ٻڌاءِ ٻيلي، منهنجي ماءُ جي زبان نه ڪپ.“
    پوءِ ڪجهه دير تائين ڊرائيور/ڪمپائونڊر جي اسرار ۽ منهنجي عرض جي وچ ۾ ڇڪتاڻ هلندي رهي. چچيءَ جهڙو ڊاڪٽر اسان جو آواز ٻڌي ٻاهر نڪري آيو. مان سندس پيرن تي ڪري پيس، جن مان خوفناڪ ڌپ پئي نڪتي. ڊاڪٽر جا پير چچيءَ جي پيرن وانگر ويڪرا، سنهڙا ۽ هيڊا هئا. هـُـن ويچاري منهنجو عرض اگهايو ۽ ڊرائيور/ڪمپائونڊر کي حڪم جاري ڪيو ته هن مجهول جي ماءُ جو علاج واڱڻائي مڪسچر سان ڪيو وڃي.
    تڏهن کان، هر دفعي، جڏهن به خيراتي گشتي دواخاني جي لاري اسان جي ڳوٺ ايندي آهي، مون کي واڱڻائي مڪسچر جو ڪونر ڀري ڏيئي ويندي آهي.
    ان ڏينهن جمعو هو. مان ۽ مون جهڙا ڪجهه ٻيا ڳوٺاڻا (جيڪي پاڻ بيمار رهندا آهن، جن جا مائٽ بيمار رهندا آهن.) خيراتي گشتي شفاخاني جو انتظار ڪري رهيا هئاسين.
    مان جڏهن به انتظار ڪندو آهيان، تڏهن گانو ڳائيندو آهيان. گشتي دواخاني جي لاريءَ جو انتظار ڪندي ڪندي ماسٽر چندر جو گانو ڳائڻ لڳس. ان وقت والي بال ميدان ۾ کتل ڪاٺيءَ جي پول کي ٽيڪ ڏيئي بيٺو هوس ۽ ڳائي رهيو هوس: ”تنهنجي ملڪ ۾ آيس قسمت سان پر سهڻا ڪين رهايو تو، مون سان ڀورل ڪين رهايو تو.“
    اڃا گانو شروع مس ڪيو هوم، جو حاجي ساوڻ جو پٽ خانڻ، جنهن کي ڪامڻ آهي، منهنجي سامهون اچي بيٺو. ڏانهنس ڌيان نه ڏنم ۽ ڳائيندو رهيس: ”ڀورل ڪين رهايو تو، مون سان دلبر ڪين رهايو.“
    حاجي ساوڻ جو پٽ خانڻ پاڻ کي آڙي ڪاپ سمجهندو آهي. سڄو ڏينهن ڳائيندو رهندو آهي ۽ قطب نما جهڙي چنهبائي مڇ مروڙيندو رهندو آهي.
    هن چيو: ”مجهول، تنهنجي ماءُ سڄي دنيا جو کڻي آرام ڦٽايو آهي.“
    گانو اڌ ۾ ڇڏي کانئس پڇيم: ”سڄيءَ دنيا جو؟“
    ”ها.“
    ”مار! چئبو ته سڄي دنيا جي خبر چار رکندو پيو اچين.“
    ”گهٽ سمجهيو اٿئي ڇا!“
    ”تون جانسن جو ايلچي ته ناهين.“
    خانڻ چيو: ”تون جڏهن کان شهر مان پڙهي آيو آهين، تڏهن کان وڏو سوئر ٿي پيو آهين.“
    ”مهرباني.“
    ”تنهنجي ماءُ جي رڙين سچ پچ بيزار ڪيو آهي.“
    ”مون کي ان لاءِ افسوس آهي.“
    ”تنهنجي افسوس مان ڪجهه نه ورندو.“
    ”پوءِ جيئن حڪم ڪرين.“
    ”تنهنجي ماءُ جو علاج واڱڻائي مڪسچر سان هرگز ٿي نه سگهندو.“ خانڻ چيو: ”سهڻي صلاح وٺين ته ماءُ جي زبان ڪٽائي ڇڏ.“
    چيومانس: ”مون کي چندر جو گانو ڳائڻ ڏي.“
    حاجي ساوڻ جي پٽ خانڻ کي ڪاوڙ لڳي. چيائين: ”جيڪڏهن پنهنجي ماءُ جي زبان ڪپائڻ نٿو چاهين ته پوءِ توکي ٻيو ڪو علاج ٻڌايون.“
    ”تون به ڀوپو ٿي پيو آهين ڇا؟“
    ”وڏو ڪو بدمعاش آهين.“
    ”مهرباني.“
    ”شودو به آهين.“
    ”مهرباني.“
    خانڻ چيو: ”جيستائين تون راڳ ڳائي نه وٺندين، منهنجي ڳالهه هر گز نه ٻڌندين. اول راڳ ڳائي وٺ.“
    مون ٽن چئن منٽن ۾ چندر جو گانو ڳائي ورتو.
    خانڻ خوش ٿيندي چيو: ”مون تنهنجي ماءُ لاءِ سولو علاج ڳولي ورتو آهي.“
    ”سچ؟“
    ”ها. ان علاج کانپوءِ تنهنجي ماءُ واڪا نه ڪندي. روئيندي به نه. رڙندي به نه.
    ”پوءِ جلدي ٻڌاءِ خانڻ.“
    خانڻ اڳتي وڌي آيو. گنڀير ٿي ويو. پوءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين. ڄڻ ائٽم بم ٺاهڻ جو راز پئي ٻڌايائين. چيائين: ”پنهنجي ماءُ کي اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب پڙهڻ نه ڏي. اهو سڄو وڳوڙ تڏهن کان ٿيو آهي، جڏهن کان ماڻهين پڙهڻ شروع ڪيو آهي. علم ماڻهوءَ جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيندو آهي.“
    خانڻ کي جواب ڏنم: ”تون رواڻ جو ڀاءُ ببيڇڻ آهين. هليو وڃ. مان هينئر سي.ايڇ آتما جو هڪ گانو ڳائڻ شروع ٿو ڪريان.
    خانڻ مون کي، منهنجي ماءُ کي ۽ علم کي بدشد ڳالهائيندو هليو ويو ۽ وڃي ٻٻر جي هيٺان بيٺو، جتي ٻه - چار بيمار سگهڙ هڪٻئي کي ڳجهارتون ڏيئي رهيا هئا.
    مان سي. ايڇ آتما جو هڪ سهگل ڇاپ گانو ڳائي رهيو هوس، ۽ سوچي رهيو هوس، ته علم انسان جو سک چين ڦٽائيندو رهيو آهي - علم انسان جو دشمن آهي، جيڪو کيس ڄاڻ جا ٻاڻ هڻندو رهندو آهي.
    اوچتو ڳوٺاڻا ڳاٽ اوچا ڪري ان گس ڏانهن ڏسڻ لڳا، جتان گشتي شفاخاني جي لاري ايندي هئي (اڃا به ايندي آهي.)
    گس ڏانهن نهاريم.
    پريان دز ۽ مٽيءَ جا ميرانجهڙا ڪڪڙ نظر اچي رهيا هئا. اسان جا ڪن لاريءَ جي آواز تي ٺهيل هئا. آواز لاريءَ جو نه هو. مٽيءَ جا ڪڪر وڌندا آيا. ڌوڪيندا آيا. آواز ويجها پوندا ويا.
    “ پوءِ، ٻه لاريون ظاهر ٿيون. ٻنهي مان هڪ به لاري شفاخاني واري لاري نه هئي.
    ٻنهي لارين تي ستن رنگن جا پٽا ڏنل هئا. طرحين طرحين جون جهنڊيون لارين مان لٽڪي رهيون هيون. قسمين قسمين گلن جون ڪنڍيون لارين جي لامن سان ٻڌل هيون.
    لاريون والي بال ميدان وٽ اچي بيٺيون. اسان سڀئي حيرت ۽ اچرج مان لارين ڏانهن ڏسي رهيا هئاسين. اهڙيون رنگارنگي ۽ سينگاريل لاريون مون فقط خوابن ۾ ڏٺيون هيون.
    لارين مان ڪجهه ماڻهو لهي آيا. انهن کي به رنگارنگي ڪپڙا پاتل هئا. مٿي تي ڦندڻ واريون ڊگهيون، ڪدوءَ جهڙيون ٽوپيون هئن. کين هٿن ۾ ويڙهيل ڇٽيون هيون، جيڪي اُس ۽ مينهن کان بچاءُ ڪنديون آهن.
    منجهائن هڪڙي ڄڻي کي ٽوپيءَ ۾ وڏو ڦندڻ لڳل هو. هو وڌي اچي ڳوٺاڻن جي سامهون بيٺو. هن جي منهن تي اهڙي مرڪ هئي، ڄڻ کـِـلَ ۾ ڦاٽي پوندو. کيس نڪ جي چهنب تي ڳاڙهو رنگ لڳل هو. هن اول سڀني کي کيڪاريو ۽ پوءِ چيو: ”پيارا ڀائرو، اسان اسٽار سرڪس جا مشڪرا آهيون. مان اسٽار سرڪس جو وڏو مشڪرو آهيان.“
    اسان سڀني تاڙيون وڄائي سندس آجيان ڪئي. وڏي مشڪري چيو: ”اڄ اسٽار سرڪس جو عظيم جوڪر حيدرآباد شهر ۾ پهچي رهيو آهي. مان توهان سڀني کي عرض ٿو ڪريان، ته هلي، عظيم جوڪر جو استقبال ڪريو.“
    خانڻ چيو: ”اسان استقبال رڳو وڏن ماڻهن جو ڪندا آهيون. جڏهن به ڪو وڏو ماڻهو شهر ۾ ايندو آهي، اسان کي ٽرڪن ۾ چاڙهي شهر نيو ويندو آهي.“
    وڏي مشڪري وراڻيو: ”عظيم جوڪر دنيا جو سڀ کان وڏو جوڪر آهي. سندس استقبال توهان تي فرض آهي.“
    خانڻ جواب ڏنو: ”اسان خيراتي گشتي دواخاني جو انتظار ڪري رهيا آهيون.“
    ”اڄ شفاخاني جي لاري هيڏانهن نه ايندي.“ وڏي مشڪري وراڻيو.
    ”ڇو نه ايندي؟“
    ”ڇو جو اسٽار سرڪس جي جانورن ان لاريءَ تي قبضو ڪري ورتو آهي.“
    وڏي مشڪري جو جواب ٻڌي اسان سڀني کي مايوسي ٿي.
    مون وڏي مشڪري کي چيو: ”اسان هڪ جوڪر جو استقبال ڪرڻ لاءِ شهر جا ڌڪا نه کائينداسين.“
    ”پيارا ڀائرو.“ وڏي مشڪري چيو: ”منهنجو ۽ پنهنجو وقت نه وڃايو. لارين ۾ چڙهو.“
    ”اسان نه هلنداسين.“
    ”توهان کي هلڻو پوندو.“
    ”زور آهي ڇا؟“
    ”ها. توهان کي هلڻو پوندو.“
    ”اسان نه هلنداسين.“ خانڻ چيو: ”اسان ڏسي رهنداسين ته تون ڪيئن ٿو اسان کي وٺي وڃين.“
    ”ڇا ڪندؤ؟ بغاوت!“
    ”ڪجهه به.“ خانڻ چيو: ”اسان قانوني ڪارروائي ڪنداسين.“
    وڏي مشڪري ٽهڪ ڏنو. چيائين: ”تو ڪڏهن نظام سقه جو نالو ٻڌو آهي.“
    ”ڪجهه به.“ خانڻ چيو: ”اسان قانوني ڪارروائي ڪنداسين.“
    وڏي مشڪري ٽهڪ ڏنو. چيائين: ”تو ڪڏهن نظام سقه جو نالو ٻڌو آهي“
    ”نه.“
    ”نظام سقه پخالي هو ۽ هن هڪ دفعي شهنشاهه همايون کي درياه ۾ ٻڏي مرڻ کان بچائي ورتو هو. شهنشاهه همايون خوش ٿي کيس هڪ ڏينهن لاءِ هندستان جي تخت تي ويهاريو هو.“ وڏي مشڪري پنهنجو بيان هن ريت جاري رکيو ته: ”هڪ دفعي شهنشاهه همايون سخت غمگين پئي ڏٺو. رکي رکي ٿڌا ساهه پئي کنيائون. اهڙي المناڪ گهڙيءَ ۾ اسٽار سرڪس جي جوڪر، شهنشاهه همايون کي کلائي وڌو همايون کلي کلي کيرو ٿي پيو. پوءِ شهنشاهه همايون خوش ٿي اسٽار سرڪس جي عظيم جوڪر کي هڪ ڏينهن لاءِ هندستان جي حڪومت جون واڳون سنڀالڻ جي آڇ ڪئي. پر افسوس، عظيم جوڪر، نظام سقه وانگر تخت تي ويهڻ کان اڳ الوپ ٿي ويو. ان ڳالهه جو همايون کي سخت صدمو رسيو. همايون کي پڪ هئي ته عظيم جوڪر ٻيهر جنم وٺندو. تنهن ڪري هن پروانو صادر ڪري ڇڏيو ته، جنهن به صديءَ ۾ ۽ جنهن به دؤر ۾، اسٽار سرڪس جو عظيم جوڪر ٻيهر جنم وٺي، کيس هڪ ڏينهن لاءِ حڪومت جون واڳون سنڀالڻ لاءِ ڏنيون وڃن. اهو ڏينهن اڄ آيو آهي. ڌرتيءَ جي هن حصي تي، يعني پاڪستان تي، اڄ، هڪ ڏينهن لاءِ اسٽار سرڪس جي عظيم جوڪر جي حڪومت آهي. توهان سڀني کي دنيا جي سڀ کان وڏي جوڪر جو استقبال ڪرڻ لاءِ هلڻو پوندو.“
    ”اسان تڏهن به نه هلنداسين.“ خانڻ چيو: ”اسان هڪ جوڪر جو استقبال نه ڪنداسين.“
    وڏي مشڪري جي منهن تان مرڪ غائب ٿي ويئي. هن منهن ورائي ٻين مشڪرن کي اشارو ڏنو. ڏهه - ٻارهن مشڪرا اڳتي وڌي آيا. وڏي مشڪري پنهنجي ڇٽي اسان ڏانهن سڌي ڪندي، ڇٽيءَ جي هئنڊل کي زور ڏنو. ڇٽيءَ مان اسٽين گن نڪري آئي. ٻين مشڪرن به ائين ڪيو. ڏهه – ٻارهن مشڪرا اسان تي اسٽين گن (خودڪار بندوقون) تاڻي بيهي رهيا.
    وڏي مشڪري کـُـهري آواز ۾ چيو: ”هلو- جلدي ڪريو. لارين ۾ چڙهو.“
    هرڪو ڳوٺاڻو ايلاز ڪرڻ لڳو، ته سائين وڏا مشڪرا، اسان بيمار آهيون. اسان جا ٻار ٻچا بيمار آهن. اسان جا مائٽ مٽ بيمار آهن. اسان تي رحم ڪر.
    وڏي مشڪري وراڻيو، ”توهان جون زندگيون عظيم جوڪر جي استقبال کان وڌيڪ اهم ناهن. هلو، جلدي ڪريو.“
    ڳوٺاڻن ۾ چرپر ٿي.
    وڏي مشڪري چيو: ”جيڪو سستي ڪندو، ٻين کي ڀڙڪائيندو، تنهن کي گوليءَ سان اڏايو ويندو.“
    اسان ڪنبي وياسين. اسان گوليءَ سان مرڻ لاءِ تيار آهيون، پر گوليءَ سان اڏامڻ لاءِ نه.
    بيمار، ڏٻرا، نٻل ۽ ڪمزور ڳوٺاڻا لارين ۾ چڙهڻ لڳا.
    مون خانڻ کي چيو: ”ڪنهن جوڪر جي آجيان ڪرڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو ٻـُـڏي مري.“
    وڏي مشڪري اسٽين گن جي نالي منهنجي سيني تي رکندي پڇيو: ”تون هنن ڳوٺاڻن جو ليڊر آهين؟“
    ”نه.“ وراڻيم: ”مان ليڊر نه آهيان پـَـٽِ فيڊر آهيان، ۽ پـَـٽ فيڊر وانگر بيڪار آهيان.“
    وڏي مشڪري چيو: ”بڪواس نه ڪر. لاريءَ ۾ چڙهه.“
    مان ٽپ ڏيئي لاريءَ ۾ چڙهي ويٺس. مون کان پوءِ خانڻ، لالو ۽ چيهو چڙهي آيا.
    جڏهن سڀئي ڳوٺاڻا لارين ۾ چڙهي ويٺا، تڏهن وڏي مشڪري پنهنجن تابعدار مشڪرن کي ڪجهه چيو. تابعدار مشڪرا اسٽين گن ڇٽين ۾ لڪائي ٻنهي لارين ۾ چڙهي آيا. وڏي مشڪري به پنهنجي اسٽين گن ڇٽيءَ ۾ لڪائي ڇڏي. هو پهرين لاريءَ ۾ ڊرائيور جي ڀرسان وڃي ويٺو. ان وقت سندس منهن تي مرڪ هئي.
    لاريون حيدرآباد شهر ڏانهن ڊوڙڻ لڳيون.
    جيستائين هوش ٺڪاڻي اچي، تيستائين اسان منجهان ڪنهن نه ڳالهايو. هرڪو اُٺ وانگر چپ ٽڪائي ويٺو هو. لاريون ڪچي گس تان ڊوڙينديون رهيون. مٽيءَ جا ميرانجهڙا ڪڪر اُڏامندا رهيا. ڪراڙا ۽ بيمار سگهڙ هڪ ٻئي کي ڳجهارتون ڏيندا رهيا.
    ڪجهه دير کانپوءِ چيهي چيو، ”يار، منهنجو ننڍڙو تپ ۾ ورتو پيو آهي. الاءِ ڪيئن ٿيندو.“
    کيس دلداري ڏنم: ”وٺ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو.“
    ”تون ته آهين بيپرواهه بادشاهه.“
    ”مان حڪم جو غلام آهيان.“
    ”مون کي پنهنجي پٽ جو فڪر آهي.“
    هڪ مشڪري خوفناڪ رڙ ڪندي پڇيو: ”او! ڪهڙي ڦس ڦس لڳائي اَٿوَ؟“
    کيس ٻڌايم: ”چيهي کي پنهنجي بيمار پٽ جو فڪر کايو ٿو وڃي.“
    مشڪري ڇٽيءَ مان اسٽين گن جي نالي ٻاهر ڪڍندي چيو: ”تنهنجو پٽ عظيم جوڪر کان اهم ڪونهي.“
    ”ٺيڪ ٿو فرمائي تابعدار مشڪرو.“ چيهي کي سمجهائيندي چيم:”تنهنجو پٽ ڪنهن به صورت ۾ عظيم جوڪر کان اهم ڪونهي.“
    چيهي گوڏن ّ۾ منهن وجهي ڇڏيو.
    لاريون ور وڪڙ کائينديون، ڊوڙينديون، ڪڏهن سڪل ۽ ڪڏهن ساين ٻنين وٽان لنگهنديون، اڳتي ڌوڪينديون ويون.
    حاجي ساوڻ جي پٽ خانڻ، جنهن کي ڪامڻ هو، پڇيو: ”يـَـرَّ مجهول، مان دوا کانسواءِ مري ته نه ويندس!“
    ”مرڻو ته توکي بهرحال آهي ئي. پاڻ نه مريندين ته ماريو ويندين.“ کيس دلداري ڏنم. ”پر گشتي شفاخاني جي دوا کانسواءِ ڪجهه ڏينهن دير سان مرندين.“
    لالوءَ مون کي ۽ خانڻ کي چيو: ”هڪ مشڪرو توهان ٻنهي کي تاڙي رهيو آهي.“
    خانڻ ۽ مان ماٺ ڪري ويهي رهياسين. لاريون هلنديون رهيون. اسان ڏٻرا ۽ بيمار، جوان، ٻڍا ۽ ٻار، لارين ۾ جهوٽا کائيندا، صبر جا ڍڪ ڀريندا، مالڪ جا لک لک شڪرانا بجا آڻي رهيا هئاسين.
    ٻنهي لارين ۾ پٽاپٽي ڪپڙن وارا مشڪرا پنهنجيون پنهنجيون ڇٽيون تاڻي، دوڏا ڦوٽاري، چپن تي مرڪ آڻي ويٺا هئا. سندن عقابي نگاهون اسان تي کتل هيون، جنهن به ڳوٺاڻي چـُـرپر ڪئي ٿي، تنهن کي نظر ۾ پئي رکيائون.
    منهنجي پاسي ۾ هڪ جاٺو مشڪرو بيٺو هو. کيس چيم: ”تون آمريڪي مشڪري جيري لوئس جهڙو آهين.“
    واڇون ٽڙي پيس. پڇيائين: ”ڀلا ٻيو ڪنهن جهڙو آهيان؟“
    ”ڪجهه ڪجهه نارمن وزڊم سان به ملين ٿو. پر تون نارمن کان قدم ۾ ڪجهه سرس آهين.“
    ”ڪنهن پاڪستاني مشڪري جهڙو نه آهيان؟“
    ”ٿورو ٿورو سڌير ۽ درپن سان به ملين ٿو.“ وراڻيم ۽ سندس منهن ۾ نهارڻ لڳس، هو ڏاڍو سرهو پي ڏٺو.
    کانئس پڇيم: ”شهر ۾ اسان کان ڪهڙو ڪم وٺندا.“
    جانٺي مشڪري وراڻيو: ”توهان کي سڙڪن جي پاسن کان بيهاريو ويندو. جڏهن عظيم جوڪر توهان وٽان لنگهندو، تڏهن توهان منجهان ڪجهه ماڻهو جهنڊيون لوڏيندا ۽ ڪجهه تاڙيون وڄائيندا.“
    ”ٺيڪ. بلڪل ٺيڪ آهي.“ کانئس پڇيم: ”اسان وٽ هڪ دمڙي به ڪونهي. موٽنداسين ڪيئن.“
    مشڪري وڏو ٽهڪ ڏنو. چيائين: ”پرواهه نه ڪر. توهان کي اسٽار سرڪس جي پاران ماني کارائي ويندي ۽ موٽ جو ڀاڙو به ڏنو ويندو.“
    اها خوشخبري اک ڇنڀ ۾ سڄي لاريءَ ۾، سڀني ڳوٺاڻن تائين پهچي ويئي.
    اوچتو، اسان جي اڳيان هلندڙ لاريءَ ۾ ڌمچر مچي ويو. اُها لاري بيهي رهي. اسان واري لاري به بيهي رهي. اسان واري لاريءَ جا مشڪرا ڇٽين مان اسٽين گن ڪڍي، ڌمچر واري لاريءَ ۾ چڙهي ويا.
    ڌمچر واريءَ لاريءَ جي مشڪرن ڪندن کي هوا ۾ لٽڪائي ڇڏيو هو. ڪندن هوا ۾ ڇڙيون هڻي رهيو هو ۽ رڙيون ڪري چئي رهيو هو: ”اڙي مون کي ڇڏيو. منهنجي ڌيءَ کي جلندر آهي، دوا کان سواءِ مري ويندي. اڙي مون کي ڇڏيو. مون کي وڃڻ ڏيو.“
    ڪندن رڙيون به ڪري رهيو هو ۽ پاڻ کي لاريءَ مان اڇلائڻ جي ڪوشش به ڪري رهيو هو. وڏي مشڪري جي حڪم تي هڪ تابعدار مشڪري ڪندن کي لوندڙيءَ تي رائيفل جو ڪنداڪ وهائي ڪڍيو. ڪندن جي ڪن ۽ لوندڙيءَ مان رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳو. سندس رڙيون ۽ ڇڙيون ڍريون ٿي ويون ۽ پوءِ بند ٿي ويون. ڪنڌ ڪلهي تي لڙي آيس ۽ اکيون بند ٿي ويس.
    اسان سڀني کي ماٺ ڳڙڪائي ويئي.
    مون دل جهلي وڏي مشڪري کي چيو: ”سائين وڏا مشڪرا، منهنجي ماءُ بيمار آهي. مون کي موٽڻ ڏي.“
    وڏي مشڪري خار مان مون ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ چيو: ”تنهنجي بلڊي ماءُ عظيم جوڪر جي جتيءَ جهڙي به ناهي.“
    مان ڪجهه چوڻ تي هوس جو جانٺي مشڪري (جنهن سان دوستي ڳنڍي هئم)، مون کي ٻانهن ۾ چهنڊڙي وڌي. ڏانهن ڏٺم. هن خاموش رهڻ جو اشارو ڪيو. مان خاموش رهيس.
    وڏو مشڪرو پنهنجي جاءِ تي وڃي ويٺو. هرڪو پنهنجي پنهنجي لاريءَ ۾ چڙهي ويو. لاريون حيدرآباد شهر ڏانهن ڊوڙڻ لڳيون.
    مون کي ماٺ ۾ ڏسي جانٺي مشڪري پڇيو: ”ماءُ جي لاءِ فڪرمند آهين.“
    ”ها.“
    ”فڪر نه ڪر. هڪ ڏينهن ۾ نه مرندي.“
    ”منهنجي ماءُ قيامت تائين زندهه رهندي. ان جي مون کي پڪ آهي.“ وراڻيم: ”پر ڊپ اٿم ته ڪٿي گشتي شفاخاني جو چچيءَ جهڙو ڊاڪٽر سندس زبان نه ڪپي ڇڏي.“
    ”ائين وري ڪيئن ٿيندو؟“ هن حيرت مان پڇيو.
    وراڻيم: ”ائين ٿيو آهي ۽ ٿيندو رهندو.“
    جانٺي مشڪري پڇيو: ”مان جيڪڏهن فلمن ۾ ڪم ڪريان ته ڪيئن لڳندس.“
    ”واهه جو ماڻهن کي رئاريندين.“
    ”رئاريندس!“
    ”ها.“ کيس ٻڌايم: ”پاڪستاني مشڪرن کي ڏسي ماڻهو روئيندا آهن ۽ گول مٽول هيرن کي ڏسي ماڻهو کلي کلي چريا ٿي پوندا آهن.“
    جانٺو مشڪرو ڪاوڙجي ويو. منهن ڦيري ويهي رهيو.
    مون به ساڻس شهر تائين نه ڳالهايو. شهر تائين ڪنهن نه ڳالهايو.
    مشڪرا اسان کي حيدرآباد شهر جي مختلف رستن تان گهمائيندا ڦيرائيندا، ان وڏي رستي تي وٺي آيا، جتان دنيا جي عظيم جوڪر کي لنگهڻو هو. رستو چمڪندڙ ڏامر جو هو، جنهن جي پاسن کان اليڪٽرڪ پول هڪ جيتري وڇوٽي تي بيٺا هئا. فٽ پاٿ سان سنوت ۾ لڳو لڳ لاتعداد بانس جا لڪڙا کتل هئا، جن ۾ رنگا رنگي جهنڊين جون ڪنڍيون ٽنگيل هيون. جهنڊين سان گڏوگڏ هزارين ماڻهو ڳاهٽ ٿيل هئا.
    هر طرف هل هنگامو هو. ڄڻ عيد جو ميلو هو. چوڏيل چڪر هڻي رهيا هئا. پينگهون لڏي رهيون هيون، جن ۾ رنگا رنگي ڪپڙن وارا مشڪرا ۽ باندر اُبتا لٽڪيل هئا. گول گپن، آلو ڇولن، ڏهي وڙن ۽ قلفي فالودي جا گاڏا گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گهمي رهيا هئا. پٽاپٽي جهنڊيون ۽ جهنڊا بلڊنگن جي بالڪونين ۽ ڇتين تي لهرائي رهيا هئا. ماڻهن مٿي تي توتڙن جهڙا ٽوپلا پائي ڇڏيا هئا، جن ۾ هڪ هڪ ڳاڙهو ڦندڻ لڳل هو. اسٽار سرڪس جي جانورن جا پڃرا فٽ پاٿن تي رکيل هئا. جانور حيرت مان ماڻهن ڏانهن ڏسي رهيا هئا.
    مشڪرن اسان کي هڪ ننڍڙي رستي جي اڌ ۾ لارين مان لاٿو ۽ ڇتين جي ڇانوَ ۾ سينگاريل سڙڪ تائين وٺي آيا. اسان کي اڳ بيٺل ماڻهن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جو حڪم مليو. حڪم جي پيروي ڪئي سين. خانڻ، لالو ۽ چيهي پنهنجي ٽولي نه ٽوڙي. اسان ڪن ڀڳل ڪندن کي به پاڻ سان ملايو ۽ سڙڪ جي پاسي کان بيهي رهياسين.
    مون کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته هجوم ۾ به اسان جهڙا، اسان سان هم شڪل، ڏٻرا، نٻل، بيمار ۽ ٿڪل ٽٽل ماڻهو بيٺا هئا.
    اڳ آيل هڪ پاڻ جهڙي کان پڇيم ”تون ڪير آهين؟“
    چيائين ”مان اُٺ جو پٽ آهيان.“
    ”“ مان مجهول آهيان.“ ساڻس پنهنجي سڃاڻپ ڪرايم. هن مون سان هٿ ملايو. کيس ٻڌايم ”مون کي پنجاهه ميلن جي پنڌ تان عظيم جوڪر جو استقبال ڪرڻ لاءِ آندو ويو آهي.“
    اُٺ جي پٽ کي منهنجي ڳالهه ٻڌي ڪابه حيرت نه ٿي. نه ئي هن مون سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو: ”مان هڪ سئو ساڍن ستن ميلن جي پنڌ تان ٻڪرين ۽ رڍن وانگر ڍوئجي هت پهتو آهيان.“
    اوچتو اُٺ جي پٽ کي مٿي تي لٺ لڳي. هن ۽ مون منهن ورائي پوئتي نهاريو. هڪ مشڪرو (ان ڏينهن سڄي ملڪ جو انتظام اسٽار سرڪس جي مشڪرن جي هٿ ۾ هو.) اکين ۾ شور وجهي اُٺ جي پٽ ڏانهن نهاري رهيو هو. هن اُٺ جي پٽ کي چيو: ”تنهنجي ميڄالي ۾ ڏيڏر آهي، جيڪو توکي ماٺ ڪري بيهڻ نٿو ڏئي. پنهنجي ٽان ٽان بند ڪر، ورنه اُڦٽ نه ماري وجهان”.“
    اُٺ جو پٽ ڌڪ پچائي رنگارنگي جهنڊين ڏانهن ڏسڻ لڳو. مون مشڪري ڏانهن ڏٺو. هو رنگ جو ڪارو هو ۽ چروٽ ڇڪي رهيو هو. چروٽ جو رنگ به ڪارو هو.
    اُٺ جي پٽ ۽ منهنجي ڀرسان هڪ ڪراڙو شخص بيٺو هو، جنهن جا وار، ڀرون ۽ پنبڻيون کير جهڙيون اڇيون هون. ٽڪڻ وٽان وار کٿل هئس، جتان سندس مٿي جي اڇي ۽ چلڪڻي کل سج جي روشنيءَ ۾ تجلا ڏيئي رهي هئي. هن اول اُٺ جي پٽ سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ پوءِ آهستي چيو: ”سڄي دنيا ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي.“
    اُٺ جي پٽ ساڻس نه ڳالهايو.
    مون کانئس پڇيو: ”توکي ڪيئن خبر پيئي ته سڄي دنيا ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي.“
    وراڻيائين: ”مان سڄي دنيا جو سير ڪري چڪو آهيان. ابن خلدون ۽ واسڪو ڊي گاما مون سان همسفر رهي چڪا آهن.“
    خانڻ منهنجي ڪن ۾ ڦسڪيو: ”خبردار ٿجاءِ مجهول، ان کـَـکَ جي ڍٻري ڍلي اٿئي.“
    مون خانڻ جي ڳالهه اڻٻڌي ڪندي تاريخي پوڙهي کان پڇيو: ”ڀلا سڄي دنيا ۾ ڪو اسان جهڙو نظر آئيه.“
    ”ها. ڌرتيءَ جو چپو چپو اسان جهڙن انسانن سان ڀريو پيو آهي.“ تاريخي پوڙهي وراڻيو: ”مون صدين کان وٺي انسان کي زندگيءَ جي ڪڃريءَ آڏو ليلائيندي ڏٺو آهي. انسان کي مانيءَ جي گولي ڦيٿي پٺيان ڊوڙندي ڏٺو آهي. جيڪي انسان پيٽ بکيا ۽ انگ اگهاڙا هوندا آهن، انهن کي متارن لاءِ بيلٽ باڪسن ۾ ووٽ وجهي خوش ٿيندي ڏٺو اٿم.“
    ڪاري مشڪري، پنهنجي ڪاري وات مان ڪارو چروٽ ڪڍي، تاريخي پوڙهي جي چلڪڻي ٽڪڻ تي مهٽي، وسائي ڇڏيو.
    تاريخي ڪراڙي جي منهن تي ڪوبه تاثر نه آيو. هن رڙ نه ڪئي. سيسڙاٽ به نه ڀريائين. هن هٿ مٿي ڪري اڇن وارن تان چروٽ جي رک ڇنڊي ڇڏيائين. پوءِ منهن ورائي مشڪري کي چيائين: ”مهرباني.“
    مشڪري کلندي چيولله ”تون صدين کان وٺي ائين ئي چوندو رهيو آهين.“
    ”تون صدين کان وٺي مون سان ائين ئي ڪندو رهيو آهين.“
    ”ان ۾ منهنجو ڏوهه ڪونهي.“ مشڪري وراڻيو: ”مان جتي به ويندو آهيان، تون اُتي موجود هوندو آهين.“
    تاريخي پوڙهي جواب ڏنو: ”پاڻ قيامت تائين ملندا رهنداسين، دوست.“
    ڪاري مشڪري وساميل چروٽ ٻيهر دکايو ۽ ڪش هڻي، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو. مان سندس وات ڏانهن نهارڻ لڳس، جنهن مان ڪنهن ڪارخاني جي ڪاري چمنيءَ وانگر چروٽ جو دونهون نڪري رهيو هو.
    تاريخي پوڙهي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
    بيٺي بيٺي پهر گذري ويا. سج لهي ويو. اوندهه آئي. ٽيوب لائيٽون ۽ رنگارنگي پتڪڙا بلب ٻرڻ لڳا. عظيم جوڪر جي سواري نه آئي. اکيون ٿڪجي پيون. پير ساڻا ٿي پيا. بدن نستو ٿي ويو. عظيم جوڪر جي سواري نه آئي. اڃ کان نڙي خشڪ ٿي ويئي. چپ ڦاٽي پيا. پيٽ ۾ بک جا وٽ پوڻ لڳا. عظيم جوڪر جي سواري نه آئي. وقت نه بيٺو. اسان بيٺا رهياسين. عظيم جوڪر جي سواري نه آئي.
    نيٺ عظيم جوڪر جي سواري آئي، ۽ اک ڇنڀ ۾ لنگهي ويئي. تاڙيون وڳيون، وڄي بند ٿي ويون. رنگارنگي جهنڊيون لڏيون، لڏي پٽ تي ڪري پيون.
    تڏهن سڄي هجوم کي پنهنجي پنهنجي گهر واپس ورڻ جي وائي ورائي ويئي.
    گهٽين ۾، رستن تي ۽ سڙڪن تي اسٽار سرڪس جا مشڪرا ۽ لاريون ڳوليون سين، پر ناڪام رهياسين. هرڪو ٽولي ٽولي ٺاهي اسٽار سرڪس جي مشڪرن کي تلاش ڪرڻ لڳو. اسان جي ٽوليءَ ۾ ڪل پنج ڄڻا هئا - مان، لالو، خانڻ، چيهو ۽ ڪندن.
    اسان پنجن ئي وسان ڪين گهٽايو. اسٽار سرڪس جا مشڪرا لارين سميت جنن وانگر نظرن کان غائب رهيا. ڄڻ سندن وجود ئي نه هو. خيالي جسم هئا. هوا ۾ تحليل ٿي ويا.
    ڪلاڪن تائين جڏهن اسٽار سرڪس جي مشڪرن کي ڳولي ڳولي ٿڪجي پياسين، تڏهن هڪ فٽ پاٿ تي اچي ويٺاسين. اتي حاجي سانوڻ جي پٽ خانڻ چيو: ”مجهول، کيسي ۾ گهڻا پيسا پيا اٿئي.“
    ”منهنجي قميص کي کيسو آهي ئي ڪونه.“
    چيهي چيو: ”مون وٽ پنج پيسا آهن.“
    ”يار اهي پنج پيسا ڏي ته برف جو پاڻي پي پيٽ ٺاريون.“ خانڻ هڪدم چيو.
    چيهي پنج پيسا ڪڍي خانڻ کي ڏنا ۽ خانڻ هڪ ٻاڪڙي ۾ گهڙي ويو. ٿوري دير کانپوءِ جست جو هڪ چٻو ٽنڊو جڳ ۽ هڪ مروڙيل جستي گلاس کڻي آيو. اسان پنجن ئي ڍَوَ تي ٿڌو پاڻي پي، اکين تي ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيا. ڪجهه هوش آيو. هوش آيو، ته بک ڀڙڪي اُٿي. بک لڳي، ته بيمار مائٽن جو خيال لهي ويو. اسان منجهان ڪنهن وٽ به هڪ دمڙي نه هئي.
    ان وقت رات جا اٺ - نـَـوَ ٿي رهيا هئا. هٿ پير هڻي ۽ محنت مزدوري ڪري ڪجهه ڪمائڻ جو سوال ئي نٿي پيدا ٿيو.
    لالوءَ چيو: ”بک کان منهنجو هانءُ ٿو ڍرڪندو وڃي.“
    ڪندن چيو: ”منهنجو مٿو ٿو ڦري.“
    پوءِ خانڻ هڪدم ٽپ ڏيئي اٿيو. چيائين: ”مون کي هڪ اٽڪل مٿي ۾ آئي آهي.“
    ”ڇا جي.“
    ”ڪجهه ڏوڪڙ ڪمائي پيٽ پالڻ ۽ ڀاڙو ڪري ڳوٺ ورڻ جي اٽڪل.“
    ”سچ.“ اسان سڀئي ڳاهٽ ٿياسين.
    ”ها.“
    ”ٻڌا”.“
    هن اسان سڀني جي منهن ۾ نهاريو. پوءِ ڪجهه دير تائين نهاريندو رهيو.
    ”ٻڌاءِ ڀلا.“ چيهي چيس.
    ”ٻڌو.“ خانڻ وراڻيو: ”اچو ته پنڻ شروع ڪيون.“
    ”پنڻ! يعني فقير ٿيون!“
    ”ها.“
    ”نه يار. ڪهڙي چرين جهڙين صلاح ٿو ڏئين.“
    ڪجهه دير سڀني ڏاڍي غور سان اهو مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هر ڪو ناڪام رهيو. آخر ۾ سڀني کي يڪراءِ ٿي خانڻ جي صلاح مڃڻي پيئي.
    خانڻ چيو: ”اسان پننداسين، خيرات مان اول ماني کائينداسين، ۽ پوءِ ڳوٺ هلنداسين.“
    خانڻ کي چيم: ”يـَـرَ اڄ مڃڻوئي پيو ته تون آڙيڪاپ آهين.“
    خانڻ چيو: ”دير نه ڪريو. هڪ ٻئي جي ڪلهي تي هٿ رکي نڪري پئو.“
    اسان سڙڪن، رستن ۽ گهٽين ۾ نڪري آياسين. پنندا رهياسين ۽ سين هڻنداسين رهياسين.
    ”نيڪ مائي، نيڪ بابا.
    ڏي خدا جي راهه ۾.“
    خانڻ چيو: ”اکيون بند ڪري انڌا ٿي هلو. شهري ماڻهو سڄن کي خيرات نه ڏيندا آهن.“
    اکيون بند ڪري جڏهن سينَ هئين سين، تڏهن ٻه- چار سخي، حاتم کي لت هڻي، خانڻ جي جهوليءَ ۾ ڪجهه پيسا وجهي رمندا رهيا.
    خانڻ، جنهن کي ڪامڻ هو، تنهن کان پنهنجي تڪليف وسري ويئي هئي ۽ هو زور شور سان آلاپ جي اڳواڻيءَ ڪرڻ لڳو: ”نيڪ مائي، نيڪ بابا، ڏي خدا جي راهه ۾.“
    اسان چارئي، مان، ڪندن، لالو ۽ چيهو کيس سـُـر وٺائيندا رهياسين. اسان ۾ ڪندن سڀني کان وڌيڪ سريلو هو. جيتوڻيڪ سندسن لوندڙي ۽ ڪن مان آهستي آهستي رت ٽمي رهيو هو، تڏهن هو ڏاڍي سوز مان، وڏي آواز ۾ خانڻ کي سر وٺائي رهيو هو: ”نيڪ مائي، نيڪ بابا، ڏي خدا جي راهه ۾.“
    شهري ماڻهو، جن کي شايد اسان کان وڌيڪ فڪر ورائي ويا هئا، اسان جي آوازن ۽ صدائن تي ڪن لاٽار ڪندا اڳتي وڌندا پئي ويا. جرڪندڙ هوٽلن ۽ دڪانن مان ڪنهن به منهن ڪڍي اسان ڏانهن نه نهاريو. رستن تي ڊوڙندڙ موٽرون، بسون، ٽيڪسيون، سائيڪلون ۽ ڦٽڦٽيون ماحول ۾ گهمسان پيدا ڪنديون رهيون. ۽ اسين شهر جي روشنين ۽ تاريڪين ۾ خيرات لاءِ سين هڻندا رهياسين: ”نيڪ مائي، نيڪ بابا، ڏي خدا جي راهه ۾.“
    هڪ هنڌ فٽ پاٿ تي هجوم ماڻهن جو بيٺو هو. هجوم وٽان لنگهندي خانڻ چيو: ”خبردار جو ڪنهن اک کولي آهي.“
    هجوم جي جڏهن ڀرسان پهتاسين، مون اک ٽيٽ ڪري کـُـڙيون کڻي هجوم جي وچ ۾ نهاريو. ڪجهه اسان جهڙا ۽ اسان منجهان ڳوٺاڻا مداريءَ وارا ڪرتب ڏيکاري رهيا هئا.
    مون خانڻ کي چيو: ”جاڙو ۽ ڦتو ابتا بيٺا آهن. ٻنهي کي پيرن تي پڳ رکي آهي ۽ اکيون ٽانڊا ٿي ويون اٿن.“
    خانڻ کي خار لڳا. وراڻيائين: ”جاڙو ۽ ڦتو وڃي کڏ پـَـوَنِ. تون منڍ کان ئي اکيون ڦاڙيو پيو هلين. خيرات ڌوڙ ملندي.“
    مون هڪدم اکيون بند ڪري ڇڏيون، پر اهڙي نموني جو اکيون چنجهيون ٿي ويون ۽ هر ڪاشيءِ چٽي نظر اچي رهي هئي.
    ڪلاڪ ڏيڍ يخي هڻڻ کانپوءِ خانڻ جي جهوليءَ ۾ ڪجهه پئسا گڏ ٿيا. هڪ سئنيما وٽ ترسي (جتي ڪا نئين فلم لڳي هئي، تنهن ڪري بلبن ۾ چمڪي رهي هئي.) خانڻ پاڻ اکيون کوليون ۽ اسان کي اکيون کولڻ لاءِ چيائين. مهنجيون اکيون اڳ ئي کليل هيون، رڳو چنجهيون هيون. پيسا ڳڻياسين. هڪ رپيو ويهه پيسا گڏ ٿيا هئا. خانڻ انهن پئسن مان ڊبل روٽيون ۽ پڪوڙا وٺي آيو. ان وقت سئنيما ۾ انٽرويل ٿيو هو ۽ هرڪو ٻاهر نڪري آيو هو ۽ ڪو پڪوڙا، ڪو ڇولا ۽ ڪو گول گپا کائي، اوڳرايون ڏيئي رهيو هو.
    ڊبل روٽي ۽ پڪوڙا کائي، سئنيما جي ڪئنٽين مان پاڻي پي ٻاهر نڪتاسين. در وٽ هڪ مڪرانيءَ چيو: ”اڙي ام سمجها سالا لوگ ڇي آنا والا هي. اڙي نڪلو مڦت خور!“
    اسان ڊوڙ پائي سئنيما مان نڪري آياسين.
    سئنيما کان پرڀرو ٿي، جڏهن اونداهه ۾ پهتاسين، تڏهن خانڻ چيو: ”پاڻ کي ڳوٺ پهچڻ لاءِ ساڍا ست رپيا گهرجن. جلدي پنڻ شروع ڪريو.“
    هڪدم آلاپ هنيوسين: ”نيڪ مائي، نيڪ بابا، ڏي خدا جي راهه ۾.“
    خانڻ چيو: ”آواز ۾ درد پيدا ڪريو.“
    آواز ۾ درد پيدا ڪيوسين.
    ڪندن چيو: ”منهنجي ڪن ۾ سور آهي. مان ڳائي نٿو سگهان.“
    چيهي کيس صلاح ڏني: ”تون رڳا چپ چور.“
    ڪندن چپ چورڻ لڳو. پوءِ چيائين: ”منهنجي ڌيءَ الاءِ بچي يا مري ويئي هوندي.“
    خانڻ چيو: ”ڏسو، مون کي ڪامڻ آهي، مان تڏهن به ڳايان ٿو. پنو ته ڳوٺ پهچي سگهئون.“
    پيٽ ڀرجڻ کانپوءِ آلاپ ڍرو ٿي ويو هو. مون کي رکي رکي امان جو خيال پي آيو. لالوءِ کي پنهنجي بيمار پٽ جو فڪر ورائي ويو هو. رڳو خانڻ ويچارو پنهنجو ڪامڻ وساري اسان کي پنڻ جي تاڪيد ڪري رهيو هو.
    جيئن جيئن وقت پي گذرندو، تيئن سڙڪن، رستن، گهٽين ۽ فٽ پاٿن تان ماڻهو ويا پي گهٽ ٿيندا. ڊوڙندڙ موٽر گاڏين جو تعداد به گهٽ ٿي ويو هو.
    اسان خانڻ جي سمجهائڻ ڪرڻ تي پنندا رهياسين: ”نيڪ مائي، نيڪ بابا، ڏي خدا جي راهه ۾.“
    هڪ فٽ پاٿ تان سامهون هڪ ٿلهو ماڻهو اچي رهيو هو، جنهنجو پيٽ بيحد وڏو ۽ منهن ننڍو هو. هن چيو: ”توهان مڪريل انڌا آهيو.“
    ”سچ ٿو چوين، ادا.“ چيهي هڪدم اکيون کولي ڇڏيون.
    ٿلهي مون کي چيو: ”تون پنهنجين چنجهين اکين مان ڇا پيو ڏسين! اکيون کول.“
    مون به اکيون کولي ڇڏيون. پوءِ لالوءَ، خانڻ ۽ ڪندن به اکيون کولي ڇڏيون.
    ٿلهي چيو: ”اڙي شرم نٿو اچيوَ! پنو ٿا.“
    خانڻ وراڻيو: ”شرم ته سچ پچ ڏاڍو ٿو اچي. پر ڇا ڪريون، مجبور آهيون.“
    ”هون!“ ٿلهي چيو: ”مسلمانن لاءِ پنڻ گناهه آهي.“
    ”ڌاڙا هڻون؟“
    ”لاحول ولله. نوڪري ڪريو.“
    ”نوڪري ڏيار ڀلا.“
    ”مار!“ ٿلهي ڀڻ ڀڻ ڪئي: ”هڪ ته نصيحت ڪريان ۽ وري نوڪري به وٺي ڏيان!“ ۽ هو چپن ۾ ڪجهه چوندو هليو ويو.
    اڳتي هلي اسان هڪ محلي ۾ پهتاسين جتي ٻنهي طرف وڏيون وڏيون عمارتون هيون. عمارتن جون بتيون ٻريل هيون ۽ روشني ڪاوَن مان ٻاهر نڪري رهي هئي. ان گهٽيءَ ۾ ماڻهو گهٽ ۽ هٿ گاڏا وڌيڪ هئا.
    مون خانڻ کي چيو: ”هاڻي ڪجهه به ٿي پوي، مان انڌو نه ٿيندس.“
    ”“ اسان به انڌا نه ٿينداسين.“ لالوءَ، ڪندن ۽ چيهي هڪدم چيو.
    ”چڱو ڇائي پايو.“ خانڻ چيو: ”هي شهري سڄن کي رڳو موچڙا هڻندا آهن.“
    ”ڇا ڪندين؟“
    ”اسان هڻ کڻ پير جا مريد ٿي شهرين کان خيرات وٺنداسين.“
    اڃا منهنجي صلاح تي ڪنهن به پڪو فيصلو نه ڏنو هو، جو هڪ بندرو، سنهڙو ماڻهو، اسان وٽ اچي بيٺو. هن جون اکيون اندر پوريل هيون ۽ ڳلن جا هڏا اُڀريل هئس. سندس نڪ سنهڙو، چنهنبائي ۽ ڪنڍيءَ وانگر وري هو. سندس کاڏي ننڍڙي ۽ هيٺين چپ سان مليل هئي. کيس خاڪي پتلون ۽ اڇي بشرٽ پاتل هئي. اڇي بشرت جي اڌ ٻانهن مان هن جون هڏائيون ٺوٺيون ڪنهن کٿل ڪانوَ جي کنڀن وانگر لڳي رهيون هيون.
    هن اسان کان پڇيو: ”مزور آهيو نه؟“
    ”مزور!“
    ”ها، مزور.“
    خانڻ حيرت مان ڪجهه چوڻ تي هو، جو مون هڪدم کيس روڪيو ۽ جواب ڏنم: ”ها، اسان مزور آهيون.“
    ”اڄ شايد روزگار نه مليو اٿوَ؟.
    ”نه.“
    ”ڏاڍو چڱو.“ هن جي سنهڙن چپن تي مرڪ ڦهلجي ويئي. چيائين: ”اچو، اوهان کي روزريءَ سان لڳايان.“
    چيهي لالوءَ کي چيو: ”مون اجهو هينئر قلندر کان دعا پني هئي. اگهامي ويئي.“
    ڪندن چيو: ”مزوري وٺي اڄ رات ئي ڳوٺ ورنداسين. منهنجي ڌيءَ شل جيئري هجي. آهه. منهنجي ڪن ۾ سور آهي.“
    ”ها ضرور موٽنداسين.“ لالوءَ چيو: ”منهنجي پٽ جو الاءِ ڪهڙو حال ٿيو هوندو.“
    کيس دلداري ڏنم: ”وٺ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو.“
    سنهڙو اجنبي اسان کي هڪ بلڊنگ جي سوڙهي در مان وڏي گدام ۾ وٺي ويو. گدام بيحد وڏو. ويڪرو ۽ ڊگهو هو. ڇت به تمام مٿي هئس. گدام جي هڪ ڪنڊ ۾ کوکا پيا هئا.
    سنهڙي اجنبيءَ چيو: ”هي کوکا هن پوئين در مان ڪڍي، بيٺل ٽرڪن ۾ چاڙهيو.“
    سنهڙي اجنبيءَ گدام جي اونداهيءَ ڪنڊ ۾ هڪ در ڏانهن اشارو ڪيو. در کليل هو. کليل در مان ٽرڪون نظر اچي رهيون هيون.
    اسان پنجن ئي ڄڻن هڪ هڪ کوکو مٿي تي کنيو ۽ اونداهي در مان نڪري، ٽرڪن تائين پهتاسين.
    اتي ڪندن چيو: ”منهنجي لوندڙيءَ ۾ سور آهي، مان کوکو نٿو کڻي سگهان.“
    ان وقت چيهي چيو: ”مان گڙنگ چرسي آهيان. هنن کوکن ۾ چرس آهي.“
    اسان حيرت مان ڏانهنس ڏٺو.
    ”قسم آ موليٰ عليءَ جو، هنن کوکن ۾ چرس نه هجي، ته قلندر جو مريد سڏائڻ ڇڏي ڏيان.“ چيهي چيو.
    خانڻ چيو: ”چرس جي نيڪالي ته نه ٿي رهي آهي!“
    ”ير ڪنهن ڏچي ۾ نه پئجي وڃون.“ لالوءَ چيو.
    مون کيس صلاح ڏني:”چڱائي ان ۾ اٿوَ جو ڀڄي جان بچايون. پوليس ڇاپو هنيو ته سيٺ سان گڏ اسان جو به لاهه نڪري ويندو.“
    سڀني ان ڳالهه تي عمل ڪيو. اتان جو ڊوڙ پاتيسين ته ٻه - چار گهٽيون، هڪ پارڪ، ٻه سڙڪون ۽ هڪ ٽيڪسي اسٽينڊ ٽپي، ساهه پٽيوسين. سڀ سهڪي رهيا هئاسين.
    خانڻ جو ساهه جڏهن جائيتو ٿيو، تڏهن هن مون کي گاريون ڏنيون. پوءِ چيائين: ”تو اسان کي ذري گهٽ مصيبت ۾ ڦاسايو هو.“
    مون کانئن معافي گهري. خانڻ جي حڪم تي ٻيهر سينَ هڻي پنڻ شروع ڪيون: ”نيڪ مائي، نيڪ بابا، ڏي خدا جي راهه ۾.“
    ڪندن پنهنجي ڌيءَ کي ياد ڪري روئڻ لڳو.
    خانڻ چيس: ”ڪندن روئڻ ڇڏ. پنڻ تي زور رک.“
    ”مولا سڻائي ڪندو.“ چيهي ڳالهايو.
    هڪ اونداهي گهٽيءَ ۾ هڪ قداور ۽ مضبوط شخص ڏنڊو کڻي اسان جي سامهون اچي بيٺو. اسان جو آلاپ بند ٿي ويو!
    هن پڇيو: ”اڙي ڪهڙي ٽوليءَ مان آهيو؟“
    ”ٽولي!“ ۽ خانڻ پڇيو: ”ڇاجي ٽولي؟“
    ”پڻهين جي ٽولي.“ هن ڏنڊو اولاريندي چيو: ”هيءَ بابهين جي حد آهي، جو ٽپي آيا آهيو.“
    ”ڇا جي حد ادا.“ خانڻ پڇيو.
    ”اڙي لک لعنت اٿئي.“ هن خانڻ کي گهرڙي منهن ۾ ڀونڊو ڏنو: ”وڏا ٺڳ فقير آهيو، پڇو ٿا ڇاجي حد.“
    ڏڪندي ڏڪندي چيم: ”سائين، اسان کي ڪابه خبر ڪونهي.“
    ”ڇا؟“ هو ڏمريو: ”اها خبر به ڪونهيوَ ته هيءَ فقير بخشڻ ۽ سندس ساٿين جي حد آهي؟ هتي ڪنهن به ڌارئي فقير کي اچڻ جي اجازت ڪونهي.“
    چيم: ”رحم. اسان کي ڪا خبر ڪونهي سائين.“
    ”“ اها خبر به ڪونهيوَ، ته هن علائقي ۾ فقط سـُـرَ ۾ پنڻ جي اجازت آهي.“ هن چيو: ”هن علائقي ۾ وڏا وڏا حاتم رهندا آهن.“
    عرض ڪيم: ”اسان به سـُـرَ ۾ پننداسين، سائين.“
    ”وڏا ڪي گڏهه آهيو.“ مضبوط مڙس چيو: ”هيءَ حد فقير بخشڻ جي آهي. هي سڄو شهر فقيرن جي مختلف ٽولين ۾ ورهايل آهي.“
    مون کيس ڳالهه سمجهائي ته اسان ڪير هئاسين ۽ ڪيئن اسٽار سرڪس جي عظيم جوڪر جو استقبال ڪرڻ لاءِ شهر آندا ويا هئاسين. هن اسان جو احوال ٻڌي اسان سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ پوءِ چيو: ”توهان سچ پچ همدريءَ جي لائق آهيو.“
    کانئس پڇيم:”تون ڪير آهين سائين.“
    هن وراڻيو: ”مان سائين بابا ٺيڪيدار آهيان. فقيرن کان اوڳڙ ڪري، مٿي تائين پهچائيندو آهيان.“
    کانئسن پڇيوسين: ”ڀلا اسان وڃون. سائين بابا.“
    ”اول کيسا خالي ڪريو ۽ پوءِ وڃو.“
    خانڻ جهوليءَ مان پيسا ڪڍي سائين بابا ٺيڪيدار کي ڏنا.
    ”بس!“ هن رڙ ڪئي.
    ”سائين اسان نوان فقير آهيون. پنجن ڇهن ڪلاڪن ۾ بس ايترو ئي ڪمائي سگهيا آهيون.“
    ”ڪوڙا آهيو. مان توهان جي تلاشي وٺندس.“
    سائين بابا ٺيڪيدار اسان جي تلاشي ورتي. جڏهن ڪجهه نه مليس تڏهن چيائين: ”ٻئي ڪنهن هنڌ پيسا ته نه لڪايا اٿوَ.“
    ”نه سائين. اسان خانداني فقير ناهيون.“
    ”خانداني هجو، يا نه هجو، مون کي پيسا مٿي پڄائڻا آهن.“
    ”سائين اسان وٽ دمڙي به ڪونهي.“
    ”اڄ سڄو شهر توهان بيوقوف ڳوٺاڻن سان ڀرجي ويو آهي. خيرات جو سرشتو هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو اٿوَ.“ ٺيڪيدار چيو: ”لاهيو ڪپڙا.“
    ”ڇا!“
    ”ڇا جا پٽ، لاهيو ڪپڙا ۽ بوٽ به.“
    اسان هٻڪياسين ته هن چيو: ”لاهيو لاهيو. دير نه ڪريو. پادر نه کائو.“
    قميصون لاهي ٺيڪيدار کي ڏنيون سين.
    چيائين: ”سٿڻون به لاهيو. ۽ تون، اي.“ هن چيهي ڏانهن اشارو ڪندي چيو: ”تون گوڏ لاهه.“
    گوڏ ۽ سٿڻون وٺندي چيائين: ”بوٽ به لاهيو.“
    ”هي بوٽ ناهن سائين.“ عرض ڪيم: ”هي گهيتلا آهن، سي به ڇڳل آهن.“
    ”بڪ نه ڪر.“ هن ڏنڊو اولاريندي چيو: ”لاهيو، پير اگهاڙا ڪريو.“
    گهٽيءَ ۾ اوندهه هئي، تنهن ڪري هڪ ٻئي جي ڦڪائي ڏسي نه سگهياسين. ٺيڪيدار اسان جا ڪپڙا ۽ گهيتلا کڻي روانو ٿي ويو.
    شرم ۾ ٻڏل هئاسين. ڪنهن کي به چـُـرڻ پـُـرڻ جي همت نه هئي. آواز نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا هئا.
    چيهي چيو: ”ير حيف آهي اسان تي. هڪڙو ڄڻو اسان کي اگهاڙو ڪري هليو ويو.“
    ان وقت ٻه ٻار پنهنجي گهر جي دريءَ مان گند اڇلائڻ آيا. اوچتو هنن جي نگاهه اسان تي پئجي ويئي. هو دريءَ وٽ بيهي رهيا. اوندهه ۾ اسان ڏانهن چتائي ڏسڻ لڳا. پوءِ هنن وٺي رڙيون شروع ڪيون: ”چريا ڙي چريا، چريا ڙي چريا.“
    گهرن جون بتيون ٻرڻ لڳيون. در دريون کلي پيا. بالڪونين مان ماڻهو ڳاٽ ڪڍي نهارڻ لڳا ۽ پوءِ ڏسنديئي ڏسندي، ٻارن پٿرن، ٺڪرن، خالي دٻن ۽ پراڻن بوٽن جو وسڪارو شروع ڪري ڏنو. ڪجهه وڏڙن به سندن ساٿ ڏنو ۽ سندن همٿ وڌائي.
    اسان هڪ ٻئي جي اوٽ ۾ ڌڪن کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين. هڪ ٺڪري چيهي کي نڪ تي لڳي ۽ چيهي جي نڪ مان رت وهڻ لڳو. آنا ۽ ٽماٽا لڳا. مون کي نراڙ ۾ پٿر لڳو. رت نه وهيو. ڊول ٿي پيو ڪندن کي پيٽ ۾ باٺو لڳو هو ۽ هو ٻٽو ٿي ڌرتيءَ تي ڪري پيو هو.
    ان وقت پٽاپٽي لاريون آيون، اسان جي ويجهو اچي بيٺيون، پٿرن، ٺڪرن، لٺين ۽ باٺن جو وسڪارو بند ٿيو. لاريءَ مان وڏو مشڪرو ۽ سندس تابعدار مشڪرا لهي آيا. مشڪرن اسان کي ڪنڌ کان وٺي لاريءَ ۾ چاڙهي ڇڏيو ۽ پاڻ به چڙهي ويٺا.
    وڏي مشڪري پاڙي وارن کي مخاطب ٿيندي چيو: ”اڄ سڄو شهر چرين سان ڀرجي ويو آهي. ڄڻ چرين جو مينهن وسيو آهي. پر توهان هينئر آرام ڪريو. اسان شهر جي هڪ هڪ چرئي کي گدو بندر موڪلينداسين.
    ”پوءِ لاري چرين جي اسپتال ڏانهن رواني ٿي ويئي.


    ٽئين دنيا

    ] تنهنجو غم، ۽ منهنجو غم ساڳيو آهي، نه تون مون کان سواءِ مڪمل آهين ۽ نه مان توکان سواءِ مڪمل آهيان.[

    مان ٽئين دنيا ۾ پنهنجي ٽئين درجي جي مسواڙي جاءِ جي نهايت سوڙهي ۽ واهيات اڱڻ ۾ ويٺو هوس، ۽ ٽئين دنيا جي هڪ ٽئين درجي جي سياسي، سماجي، فلمي ۽ فيشني رسالي مان هڪ معمو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس. معمو مشڪل هو ۽ مشڪل ڪشا جي مدد کانسواءِ حل ٿيڻ جوڳو نه هو. مان معمو حل ڪري هڪ لک رپيا هٿ ڪرڻ جي چڪر ۾ ذري گهٽ چريو ٿي پيو هوس. ڇت ڪتائيءَ سبب مان ٽئين دنيا جي سياسي، سماجي، فلمي ۽ فيشني جاءِ جي واحد ڪمري مان مون پنهنجي زال جو آواز ٻڌو. وڏي واڪ چيائين: ٻڌين ٿو.“
    ان وقت صبح جو وقت هو، جمعي جو ڏينهن هو،“ هڪ پاڙيسري ريڊيو تان اڱڻن ۽ عجيب جو ڪلام ٻڌي رهيو هو. مون پنهنجي زال کي چيو: ”اڱڻن ۽ عجيبن کان وڌيڪ عجيب هيءُ معمو آهي، جيڪو حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مان ٽئين دنيا کان چوٿين دنيا ڏانهن سفر ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيو آهيان.“
    نهايت ناگوار لهجي ۾ چيائين: ”معمو حل ڪندي ڪندي چريو ته نه ٿي پيو آهين.“
    ”ڪجهه يقين سان چيئي نه ٿو سگهان ته چريو ٿي پيو آهيان، يا سڄو آهيان.“ ”چيم: ”پر، ياد رک بختاور، هيءُ معمو حل ٿيڻ کانپوءِ اسان جا وار نيارا ٿي ويندا.“
    ”چوان ٿي هڪدم اندر آءُ.“ سخت ڪاوڙ وچان دريءَ مان منهن ڪڍندي چيائين: ”دودي جي نڙيءَ ۾ ڪجهه اٽڪي پيو آهي. ڳالهائي نٿو سگهي.“
    مون کي ان شيءِ تي سخت ڪاوڙ آئي، جيڪا بيوقت دودي جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيئي هئي. دودو منهنجو پٽ آهي. پنجن سالن جو آهي.
    چيم: ”بختاور، ٽئين دنيا جي هڪ رسالي مان معمو حل ڪري رهيو آهيان. چرچي جي ڳالهه ڪونهي.“
    ”پٽهين ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي.“ منهنجي زال جيڪا مون کان ٿلهي آهي، رئڻهارڪي آواز ۾ چيو: ”اچي ڏسينس ته سهي. دودو ڳالهائي ڇو نٿو.“
    ”آچار کارائي ضرور سندس ٽرانسميٽر خراب ڪري ڇڏيو اٿئي.“ معمي تي ڌيان ڏيندي چيم: ”في الحال دودو هڪ هفتي تائين ڳالهائي نه سگهندو. هفتي کن کان پوءِ ٽرانسميٽر ٺيڪ ٿيندس ته انشاءَ الله تعاليٰ وري ڳالهائڻ شروع ڪندو ۽ ابراهيم سندس والد صاحب جو نالو آهي، سندس والد صاحب کير جو واڙو هلائيندو آهي. چيائين: ”دودو ست سريون ٻڌائيندو ٿلهي محمودان کي - بابا ويچاري کي ڇو ٻڌائيندو!“
    محموده جو نالو ٻڌي مان ڇرڪي پيس. ٽئين دنيا جو سياسي، سماجي، فلمي ۽ فيشني رسالو عجيبن جي اڱڻ ۾ رکي مان ٽئين دنيا ۾ مسواڙ تي ورتل ٽئين درجي جاءِ جي واحد ڪمري ۾ داخل ٿيس، جيڪو اسان لاءِ ڊرائينگ روم، ڊائينگ روم، بيڊ روم، ڪچن ۽ باٿ روم جو ڪم ڏيندو آهي.
    ڪمري ۾ داخل ٿيندي چيم: ”توکي لک دفعا چيو اٿم ته دودي کي ڪڪڙ نه کارائيندي ڪر. نڙيءَ ۾ ضرور ڪڪڙ جي هڏي ڦاسي پئي اٿس. ايلزبيٿ ٽيلر کي به نڙيءَ ۾ ڪڪڙ جي هڏي اٽڪي پيئي هئي.“
    ”اها رن به توسان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئي ڇا!“ اکيون ڦوٽاريندي چيائين: ”محمودان کان اڳ هئي، يا پوءِ!“
    ڊڄي، وک کن کانئس پري ٿي بيٺم. چيم: ”ايلزبيٿ ٽيلر انگريزي فلمن ۾ ڪم ڪندي آهي.“
    دودو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
    وائڙو ٿي دودي ڏانهن ڏٺم. بختاور کي چيم: ”هيءَ ته کلي پيو!“
    ”ها، کلي پيو.“ بختار چيو: ”پر ڳالهائي نٿو سگهي.“
    مون دودي کان پڇيو: ”يار دودا نڙيءَ ۾ ڪڪڙ جي هڏي ته نه ڦاسي پيئي اٿئي.“
    بختاور چيو: ”گذريل پنجويهن ڏينهن کان گهر ۾ دال چڙهي آهي. ڪڪڙ جي هڏي وري ڪٿان ڦاسندس!“
    دودو وري کلڻ لڳو - پر عجيب نموني.
    بختاور روئڻ لڳي.
    ”نڙي ۾ ڇا ڦاٿو اٿئي دودا؟“ دودي کان پڇيم: ”يار ڳالهائين ڇو نه ٿو!“
    دودو عجيب نموني کلڻ لڳو.
    بختاور کي چيم: ”سمجهان ٿو، دودي جي نڙيءَ ۾ هاٿي ڦاسي پيو آهي.“
    ”هاٿي!“ بختاور کان رڙ نڪري ويئي. چيائين: ”ٽئين دنيا جو معمو حل ڪندي ڪندي چريو ته نه ٿي پيو آهين!“
    ”اڙي سچ پچ جو هاٿي نه.“ چيم: ”مون ڪالهه دودي کي پلاسٽڪ جو هاٿي آڻي ڏنو هو.“
    بختاور هيٺ جهڪي، هٿ وڌائي، کٽ هيٺان پلاسٽڪ جو هاٿي ڪڍي ورتو. چيائين: ”اچي وٺ، پنهنجو پلاسٽڪ جو هاٿي.“
    معاملي جي نزاڪت اوچتو گنڀير ٿي ويئي. مون دودي کي چيو: ”يار دودا تون ڳالهائين ڇو نه ٿو! فقط کلين ڇو ٿو! ۽ کلين به اهڙي نموني ٿو. ڄڻ اسان تان ٺٺولي ڪري رهيو آهين!“
    بختاور چيو: ”هڪدم دودي کي ڪنهن ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃ.“
    ”اڄ جمعي جو ڏينهن آهي.“ چيم: ”جمعي بازار ۾ سڀ ڪجهه ملندو آهي، پر ڊاڪٽر ۽ قسمت جو حال ٻڌائڻ وارا پروفيسر نه ملندا آهن.“
    بختاور چيو: ”جمعي ڏينهن ڊاڪٽر خادم حسين منجهند تائين مريضن کي مفت ڏسندو آهي، ۽ دوا ڏيندو آهي.“
    ”هو نه مفت مريضن کي ڏسندو آهي، ۽ نه مفت دوا ڏيندو آهي.“ چيم: ”ڊاڪٽر خادم حسين وڏو پلستر آهي. هو علاج معالجي لاءِ ماڻهن کان پيسن بدران واعدا وٺندو آهي.“
    ”ڇا جا واعدا؟“ بختاور پڇيو.
    ”ته جڏهن به چونڊون ٿينديون، اسين پنهنجو ووٽ خادم حسين کي ڏينداسين ۽ مان ان قسم جو ڪوبه واعدو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان.“
    ”ڇو!“ بختاور اکيون ڏيکاريندي پڇيو: ”تون پنهنجو ووٽ ٿلهي محمودان کي ڏيندين!“
    ”ڪير محموده! ڪهڙي محموده!“ مٿو کنهندي چيم: ”مان ڪنهن به محموده کي نه سڃاڻان.“
    ”هاڻي ٺهيو! اجايو معصومڙو نه ٿيءُ.“ بختاور چيو: ”اهائي ٿلهي محمودان جيڪا توسان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئي، ۽ جنهن سان تون...“
    ان کان اڳ جو بختاور پنهنجو جملو پورو ڪري، دودو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
    ”ٻار جي سامهون اهڙيون ڳالهيون ته نه ڪر.“ چيم: ”محموده چونڊن ۾ حصو نه وٺندي، شادي ڪرڻ کان پوءِ هوءَ تيزيءَ سان ملڪ جي آباديءَ ۾ اضافو ڪري رهي آهي، ۽ هن وقت تائين خدا جي فضل سان پندرهن ٻار ڄڻي چڪي آهي.“
    ”هو رَن چونڊن ۾ حصو وٺي يا نه وٺي، تون ته پنهنجو ووٽ ٿلهي محمودان کي ئي ڏيندين.“ بختاور چيو: ”وٺي وڃ دودي کي ڊاڪٽر خادم حسين ڏانهن جو دل ۾ قوم جو درد رکندو آهي.“
    دودو وري کلڻ لڳو، پر بلڪل ٻئي نموني! منهنجي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي. مون بختاور کي چيو: ”مان دودي کي ڊاڪٽر خادم حسين ڏانهن وٺي ٿو وڃان. دودي جي حالت ڪا چڱي نه آهي. معاملو سيريس آهي.“
    دودي کي هنج ۾ کڻي مان ڊاڪٽر خادم حسين جي اسپتال پهتس. اسپتال جي ٻاهران، ۽ اسپتال جي اندر مريضن جو هجوم هو. هرڪو مريض زندهه رهڻ جي آرزوءَ ۾ طرحين طرحين قسم جا واعدا ڪري رهيو هو.
    ڊاڪٽر خادم حسين مون کي سڃاتو، ۽ هٿ جي اشاري سان هڪ ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو. مان ڪرسيءَ تي ويهي رهيس.
    ڊاڪٽر خادم حسين پڇيو: ”تنهنجي انجمن جو ڪهڙو حال آهي؟“
    ”انجمن جي شادي ٿي ويئي آهي، ڊاڪٽر صاحب، ۽ هينئر هوءَ ٻن ٻارن جي ماءُ آهي.“ مون ٿڌو ساهه کڻندي چيو: ”مون به شادي ڪري ورتي آهي. ابراهيم کير واري جي ڌيءَ سان. هيءُ منهنجو پٽ دودو آهي. هن جي نڙيءَ ۾ ڪجهه اٽڪي پيو آهي. ڳالهائي نٿو سگهي.“
    ڊاڪٽر خادم حسين دل آويز مرڪ منهن تي آڻيندي چيو: ”ڀاءُ، مان تنهنجي انجمن دال روٽي زندهه باد جي باري ۾ پڇا ڪري رهيو آهيان.“
    دودو کلڻ لڳو.
    مون کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. هڪدم چيو: ”اها انجمن ولايتي دالين جي قيمت معلوم ڪرڻ کانپوءِ ڪلعدم ٿي ويئي آهي.“
    دودو وري کلڻ لڳو.
    ڊاڪٽر خادم حسين چيو: ”تنهنجو پٽ ته ڏاڍو کلڻو آهي“
    ”ها، ڏاڍوکلڻو آهي.“ چيم: ”پر اڄڪلهه بولتي بند اٿس.“
    دودو وري کلڻ لڳو.
    ”هوبهو مون تي ويو آهي.“ چيم: ”مان به جڏهن پنجن سالن جو هوندو هوس، تڏهن ڏاڍو کلندو هوس. هينئر مان کلندو آهيان ته ماڻهو روئندا آهن، ۽ جڏهن روئندو آهيان ته ماڻهو کلندا آهن.“
    ڊاڪٽر خادم حسين منهنجي پٽ دودي جو معائنو ڪيو. لوهي چمٽو دودي جي نڙيءَ ۾ لاهڻ کانپوءِ هن ٽارج ٻاري دودي جي نڙيءَ ۾ لاهڻ کانپوءِ هن ٽارچ ٻاري دودي جي نڙيءَ جو باريڪ بينيءَ سان جائزو ورتو. ڪافي دير کانپوءِ ڊاڪٽر خادم حسين چيو: ”تنهنجي پٽ جي نڙيءَ ۾ ڪجهه به ڦاٿل نه آهي.“
    دودو ٽهڪ ڏيئي کلي پيو. ڊاڪٽر خادم حسين کي دودي جو کلڻ پسند نه آيو. مون کان پڇيائين: ”تنهنجو پٽ ٺٺولي پيو ڪري ڇا!“
    چيم: ”مان سمجهان ٿو، دودو تاريخ تان ٺٺولي ڪري رهيو آهي.“
    ”تون پنهنجي پٽ کي وٺي وڃ.“ ڊاڪٽر خادم حسين چيو: ”تنهنجو پٽ بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهي.“
    چيم: ”منهنجو پٽ فقط ٺاڪ آهي! ٺيڪ نه آهي.“
    ”نيڪسٽ.“ ڊاڪٽر خادم حسين اشاري سان ٻئي مريض کي سڏ ڪيو.
    دودي کي هنج ۾ کڻي، ڊاڪٽر خادم حسين جي اسپتال مان مايوس ٿي ٻاهر نڪتس. اسپتال جي ٻاهران وليداد عرف ولو ملي ويو. هن مون کان حال احوال ورتو. ڪو وٺيس، يا نه وٺيس وليداد عرف ولو مشورا جام ڏيندو آهي. چيائين: ”تون پنهنجي پٽ کي ڪنهن ماهر نفسيات ڏانهن وٺي وڃ. مون کي ته تنهنجو پٽ نفسياتي مريض ٿو لڳي.“
    دودي هٿ وڌائي وليداد عرف ولوءَ جي ٺوڙهه تي ٺونگو هنيو.
    ”تنهنجو پٽ بدتميز قسم جو نفسياتي مريض آهي.“ وليداد عرف ولوءَ چيو: ”هن کي هڪدم ماهر نفسيات ڏانهن وٺي وڃ.“
    چيم: ”ماهر نفسيات کي ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڪجهه نه آهي - نه دمڙي، نه چمڙي.“
    ”ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي.“ وليداد عرف ولوءَ چيو: ”تون پنهنجي بدتميز پٽ کي دماغي مرضن جي ڊاڪٽر، ڊاڪٽر عبدالجبار ڏانهن وٺي وڃ. تازو تازو آمريڪا مان ڊاڪٽر ڪري آيو آهي. دماغي ۽ نفسياتي مريضن جو انتظار ڪندي ڪندي ويچارو پاڻ به نفسياتي مريض ٿي پيو آهي.“
    چيم: ”پر، في ته وصول ڪندو هوندو.“
    ”اهو ئي ته ڪمال آهي، جو في نه وٺندو آهي.“ وليداد عرف ولوءَ چيو: ”هو پنهنجو علم آزمائڻ لاءِ مريضن جو منتظر رهندو آهي- ۽ في وٺڻ بدران مريضن کي ويندي مهل ٻه ٽي رپيا خرچي ڏيئي ڇڏيندو آهي.“
    دماغي ۽ نفسياتي مرضن جي ڊاڪٽر، ڊاڪٽر عبدالجبار جو ڏس پتو وٺي، دودي کي هنج تي کڻي، مان سڌو ڊاڪٽر عبدالجبار جي اسپتال پهتس. هو ڏسڻ ۾ ٺاهوڪو جوان هو، پر پيٽ ڪم خراب ڪري وڌو هوس. سندس پيٽ بيحد وڏو هو ۽ مٿي جا چڱا چوکا وار کٿل هئس. نهايت تفصيل سان مون عبدالجبار کي دودي جي باري ۾ ٻڌايو، ته ڪيئن هو ڳالهيون ڪندو هو - ٺٺوليون ڪندو هو - کنڊين عورتن جي اَهل ڪندو هو - پنهنجي ناني ابراهيم کير واري سان ته بنهه نه ٺهندو هو - سندس نڪ ۾ دم ڪندو هو - پر اڄ صبح کان خاموش ٿي ويو آهي - بولتي بند اٿس. بس کلڻ تي زور اٿس.
    دودو، ڊاڪٽر عبدالجبار جي بيحد وڏي پيٽ ڏانهن ڏسي کلڻ لڳو.
    عبدالجبار ڏاڍي پاٻوهه مان دودي کان پڇيو: ”يار، ڪيئن آهين؟“
    دودي وات کولي، آڱر سان پنهنجي وات ڏانهن اشارو ڪيو.
    عبدالجبار مون کان پڇيو: ”ڇا ننڍپڻ ۾ دودي کي ڪو سخت ذهني صدمو پهتو هو.“
    ڪهڙي قسم جو صدمو!“ مون عبدالجبار کان پڇيو.
    ڊاڪٽر عبدالجبار چيو: ”ڪو اهڙو صدمو، جيڪو دودي جي تحت الشعور مان ٿيندو سندس لاشعور ۾ شامل ٿي ويو آهي.“
    ”مان دودي جي تحت الشعور ۽ لاشعور کان بنهه بي خبر آهيان.“ چيم، ”مون کي فقط ايتري خبر آهي ته منهنجو پٽ ڏاڍو باشعور آهي.“
    چيم: ”منهنجو پٽ ٽيليويزن تي سگريٽ جي اشتهار ۾ سيٽسفيڪشن سان نظر ايندڙ ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيو آهي.“
    دودو هاڪار ۾ مٿو ڌوڻڻ لڳو.
    ڊاڪٽر پڇيو: ”ڇا تنهنجو پٽ ان ڇوڪريءَ سان شاديءَ جو خواهشمند آهي؟“
    چيم: ”شايد ها.“
    ڊاڪٽر پڇيو: ”هڪ سخت ۽ جابر پيءُ وانگر ڇا تون ان شاديءَ جي حق ۾ نه آهين!“
    ”منهنجي حق ۾ هئڻ، يا نه هئڻ جو مسئلو نه آهي.“ چيم: ”اها شادي نه ٿي سگهندي.“
    ”ڇو نه ٿي سگهندي!“ ڊاڪٽر ڇڙٻ ڏيندي مون کان پڇيو.
    مون دودي ڏانهن ڏسندي چيو: ”دودو هينئر پنجن سالن جو آهي. دودو جڏهن شاديءَ لائق ٿيندو، تڏهن سيٽسفيڪشن واري ڇوڪري پوڙهي کک ٿي چڪي هوندي، ۽ سنڌن جي سور ۽ مٺن پيشابن جي مرض ۾ مبتلا هوندي - يا ان وقت تائين وڃي مالڪ حقيقي کي ملي هوندي.“
    ”اوه! آءِ سي!“ ڊاڪٽر جبار سوچ ۾ پئجي ويو. ڪجهه دير کانپوءِ هن پڇيو: ”هيءُ جڏهن ننڍو هو، تڏهن سندس ماٽيجي ماءُ جو ساڻس ڪهڙي قسم جو رويو هوندو هو.“
    ”هيءُ ته هينئر به ننڍڙو آهي- فقط پنجن سالن جو آهي.“ چيم: ”هن جي ماءُ ابراهيم کير واري جي ڌيءَ آهي. ابراهيم کير واري جي ڌيءَ جي مرڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. دودي لاءِ ماٽيجي ماءُ ڪٿان ايندي!“
    دودو ڏاڍي زور سان کلڻ لڳو ۽ کلي کلي کير ٿي پيو.
    عبدالجبار جي منهن تي گهنڊ پئجي ويو. هن غور سان دودي ڏانهن ڏسندي پڇيو: ”هيءُ ڪٿي ڪو ڄامڙو پوڙهو ته نه آهي، جيڪو ناڪام محبت جا صدما سهندي تحت الشعور ۽ لاشعور جي ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي ويو آهي!“
    جهٽ ڏيئي مون دودي کي کڻي ورتو. ان کان اڳ جو ڊاڪٽر عبدالجبار جي اسپتال مان نڪري وڃان. ڊاڪٽر عبدالجبار منهنجي کيسي ۾ ڏهن رپين جو نوٽ وجهي ڇڏيو.
    دودي کي هنج ۾ کڻي، مايوسيءَ جي عالم ۾ مان هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو رهيس. ۽ پوءِ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندي بي انداز ڏينهن گذري ويا، ۽ بي انداز راتيون گذري ويون. دودي جي نڙيءَ ۾ بدستور ڪا پراسرار شيءِ ڦاٿل رهي ۽ هن جو ڳالهائڻ بند رهيو. بظاهر کيس ڪابه تڪليف نه هئي، بس، هن ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو هو. دودي جي خاموشيءَ سبب مان پريشان رهڻ لڳس.
    هڪڙي ڏينهن منهنجي پهلوان سهري، ابراهيم کير واري چيو: ”اڙي ڀولا، بيمار ڇو ٿي پيو آهين! ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي جو پٽهين ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي.“
    ”تمام وڏي ڳالهه آهي، بابا سائين.“ چيم: ”ڳالهائيندو نه، ته پوءِ راڳ درٻاريءَ جو وڏو ڳائڻو ڪيئن ٿي سگهندو!“
    ”اڙي ڀولا، دودي کي ميراثي ڪندين ڇا!“ منهنجي سهري الر ڪندي پڇيو: ”پٽ کي ڳائڻ وڄائڻ ۾ هڻندي ڇا!“
    ”ڳائڻ وڄائڻ، نه سائين بابا،“ چيم: ”مان دودي کي فقط راڳ درٻاريءَ جي تربيت ڏياريندس.“
    منهنجي سهري کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. چيائين: ”اڙي ڀولا، مٿو ته جائيتو اٿئي!“
    ”منهنجو مٿو جائيتو آهي، سائين بابا.“ چيم: ”دودو راڳ درٻاريءَ کانسواءِ دنيا ۾ ترقي ڪري نه سگهندو.“
    ”وڏو ٿي ڦاڙها ماريندو ڇا؟“ منهنجي سهري پڇيو.
    ”جيستائين دودو وڏو ٿيندو، تيستائين ملڪ مان ڦاڙها ختم ٿي ويندا.“ چيم: ”تڏهن دودو پاڻ ڦاڙهو ٿي پوندو ۽ شڪاريءَ کان جان بچائڻ لاءِ کيس راڳ درٻاري ڳائڻو پوندو.“
    منهنجو سهرو، ابراهيم کير وارو، کير جو دٻو کڻي، مون کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هليو ويو.
    مون دودي کي پيار ڪندي چيو: ”پيارا پٽ دودا، ٽئين دنيا ۾ زندهه رهڻ لاءِ توکي راڳ درٻاريءَ جو فنڪار ٿيڻو پوندو. اهو لازمي آهي. هينئر، راڳ درٻاريءَ کانسواءِ اسان جهڙن انسانن لاءِ دنيا ۾ جيئڻ ممڪن نه آهي.“
    دودو کلڻ لڳو.
    ” پوءِ، دودي جي خاموشيءَ جي خبر اوڙي پاڙي ۾ پکڙجي ويئي. ڪجهه کک ڪراڙين، جن کي وات ۾ ڏند نه هو، فتويٰ ڏيندي چيو ته دودي تي جن جو واسو آهي، ۽ جنات سندس نڙيءَ ۾ ڪا پراسرار شيءِ اٽڪائي، سندس ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو آهي.“
    پاڙي جي کنڊين پوڙهين جي صلاح تي مان دودي کي هڪ بنگالي پروفيسر ڏانهن وٺي ويس، جنهن جو جنن سان سڌو ۽ اڻسڌو واسطو هو. بنگالي پروفيسر سنهڙو سيپڪڙو هو، ۽ هوبهو سڪل ڇوهاري جهڙو نظر پئي آيو. مون کان دودي متعلق سربستو احوال وٺڻ کانپوءِ هن دودي کي هڪ ميز تي سمهاري ڇڏيو ۽ سمجهه کان ٻاهر جملا وات مان ڪڍڻ لڳو. اوچتو، ڪڏهن ٻانهون آسمان ڏانهن ڪري، ۽ ڪڏهن دودي جي اکين ۾ اکيون وجهي هو بي معنيٰ جملا وات مان ڪڍندو رهيو.
    بنگالي پروفيسر جون حرڪتون ڏسي دودو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
    بنگالي پروفيسر جنتر منتر پڙهڻ کانپو”: تنهنجي پٽ تي ڪوهه ڪاف جي هڪ پري عاشق ٿي پيئي آهي. هن پنهني مٺ تنهنجي پٽ جي نڙيءَ ۾ وجهي ڇڏي آهي.“
    ”وڏي ڪا بيوقوف آهي، ڪوهه ڪاف جي پري!“ چيم: ”مون کي ڇڏي منهنجي پٽ تي عاشق ٿي پيئي آهي!“
    ”اها ڪا چرچي جهڙي ڳالهه نه آهي.“ بنگالي پروفيسر چيو: ”ڪجهه پريون اصل ۾ جنن کان وڌيڪ خطرناڪ هونديون آهن.“
    چيم: ”پر دنيا جي ڪابه پري ابراهيم کير واري جي ڌيءَ کان وڌيڪ خطرناڪ نه هوندي.“
    بنگالي پروفيسر پڇيو: ”ابراهيم کير واري جي ڌيءَ ڪير آهي، ۽ تنهنجو هن سان ڪهڙو تعلق آهي؟“
    ”ابراهيم کير واري جي ڌيءَ منهنجي زال آهي.“ چيم: ”هوءَ منهنجي پٽ دودي جي ماءُ آهي. پروفيسر صاحب، دنيا جي ڪابه پري ابراهيم کير واري جي ڌيءَ جي پٽ تي قبضو ڪري نه سگهندي.“
    بنگالي پروفيسر سان وڌيڪ مٿو مارڻ بيڪار سمجهيم. دودي کي هنج تي کڻي سندس آفيس مان نڪري ويس.
    پوءِ ڪنهن ٻڌايو ته شهر ۾ هڪ درويش آيو آهي، جيڪو دلين جي راز تان پردو کڻندڙ، ماضي، حال ۽ مستقبل تي دسترس رکندڙ آهي - پهتل، ۽ الله لوڪ شخص آهي. مان دودي کي درويش ڏانهن وٺي ويس.
    درويش جون اکيون بند هيون. هو گهري سوچ ۾ گم هو. معتقد ۽ سوالي ڪنڌ جهڪائي خاموش بيٺا هئا.
    ڪجهه دير کانپوءِ درويش اکيون کوليون ۽ پنهنجيون نگاهون دودي جي چهري تي اٽڪائي ڇڏيون. دودي تان نگاهون پري ڪندي، ۽ مون ڏانهن ڏسندي درويش چيو: ”تنهنجو پٽ سڄي عمر هڪ عورت جي چاهت ۾ ڦٿڪندو رهندو، پر ان عورت سان پنهنجي بيپناهه محبت جو اظهار ڪري نه سگهندو.“
    مون تعجب وچان اول دودي ڏانهن، ۽ پوءِ درويش ڏانهن ڏٺو.
    ”تنهنجو پٽ ڪل جڳ ۾ عشق جو امام ٿيندو.“ درويش چيو: ”هو سڄي عمر فرهاد وانگر خوابن جا ٽڪر ڪٽيندو پر تعبيرن ۾ پنهنجي شيرين کي حاصل ڪري نه سگهندو.“
    مون ڏٺو، دودو تمام غور سان درويش جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو.
    درويش چيو: ”ست سـُـرَ تنهنجي پٽ جي وجود ۾ سنگيت جي ڪائنات کي جنم ڏيندا، پر پيار جا گيت سندس چپن تي اچڻ کان اڳ خاموش ٿي ويندا.“
    مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. مون دودي کي هنج ۾ کڻي پيار ڪيو.
    مون درويش کان پڇيو: ”پر هن ڳالهائڻ ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“
    درويش پنهنجو منهن مونن ۾ وجهي ڇڏيو. ڪجهه دير کانپوءِ هن منهن مٿي ڪيو ۽ چيو: ”تنهنجو پٽ جڏهن جوان ٿيندو، تڏهن دنيا جو رنگ ڍنگ نرالو هوندو. هو معاشري جي روش مطابق ڪوڙ جا ڪوٽ کڙا ڪري نه سگهندو. هو ڪوڙ کي سچ، اوندهه کي روشني ۽ ظلم کي انصاف چئي نه سگهندو.“
    مون وائڙو ٿي دودي ڏانهن ڏٺو.
    درويش ٻانهون وڌائي دودي کي منهنجيءَ هنج مان کڻي ورتو. هن دودي کي پيار ڪيو. دودو خاموشيءَ سان درويش ڏانهن ڏسندو رهيو.
    دودي کي منهنجي هنج ۾ ڏيندي، درويش چيو: ”تنهنجي پٽ پيار جي پيالي مان خاموشيءَ ۽ صبر جي زهر جو ڍڪ ڀري ورتو آهي. هو سڄي عمر صبر جي علامت ٿي جيئندو، ۽ خاموش رهندو.“


    پڙلاءُ

    هال خالي ٿي ويو. هال جون بتيون وسامي ويون ۽ در بند ٿي ويا. اسٽيج مئنيجر ڪجهه ضروري ۽ قيمتي سامان کڻائي ۽ اسٽيج تي آخري نگاهه وجهي، هليو ويو. اسٽيج - مئنيجر جي وڃڻ کانپوءِ نه هال ۾ ۽ نه اسٽيج تي ڪو پاڇو رهيو ۽ نه ڪنهن آواز جو پڙلاءُ ٿيو. اڳ جتي زندگيءَ جي زهريلي وجود جو نقل ڪيو ويو هو، اُتي خاموشي هئي. آواز ڀتين سان مٿو هڻي ماٺ ٿي ويا هئا. زندگي موڪلائي ويئي هئي.
    ٿياسافيڪل هال جو ڪراڙو چوڪيدار، هال جا در بند ڪري، اسٽيج جا چار ڏاڪا چڙهي، پردو هٽائي اونداهي اسٽيج تي داخل ٿيو. گهگهه اوندهه ۾ هن ٽارچ بتي ٻاري اسٽيج جو جائزو ورتو. اسٽيج تي جهوپڙيءَ جو سيٽ لڳل هو. ٽارچ بتيءَ جا سڌا ڪرڻا دائرو ٺاهي، جهوپڙيءَ ۽ جهوپڙيءَ ۾ ٽڙيل پکڙيل سامان جو جائزو وٺي، اسٽيج کان ٻاهر نڪري ويا.
    چوڪيدار ٽارچ جي روشنيءَ ۾ سامان کان بچندو، ڪاٺ جي اسٽيج تي پنهنجي لوڙهه سان آواز ڪندو، وِنگ مان نڪري، ميڪ اپ روم وٽ آيو. ميڪ اپ روم جو در کليل هو. هن ٽارچ جي روشني ميڪ اپ روم ۾ وڌي. ميڪ اپ روم جي پرينءَ ڪنڊ ۾ هڪ شخص آرام ڪرسيءَ تي ويٺو هو. سندس پير سامهون رکيل پلاسٽڪ جي واڻيل ڪرسيءَ تي رکيا هئا. هن جون اکيون بند هيون. ڪنڌ جهڪيل هوس. کاڏي سيني سان لڳي رهي هيس. کيس معمولي قسم جا خاڪي ڪپڙا پيا هئا. پيرن ۾ سادو چمپل هوس، جيڪو هن لاٿو نه هو ۽ چمپل سوڌو پير ڪرسيءَ تي رکي ويٺو هو. چوڪيدار جي ٽارچ جا ڪرڻا جڏهن سندس منهن تي پيا، ته هن منهن مٿي ڪري، اکيون کولي، روشنيءَ ڏانهن نهاريو. سندس منهن تي جهريون هيون. اکيون وڏيون، غمناڪ ۽ ذهين هيس. سندس پيشاني ويڪري هئي ۽ اڇا - ڪارا وار اچي پيانيءَ تي پيا هئس. سندس رنگ ڪڻڪ رنگو هو، ۽ جيتوڻيڪ ويٺو هو، پر تڏهن به قد - بت جو ڀريل ۽ طاقتور نظر اچي رهيو هو. سندس عمر پنجاهه - پنجونجاهه جي لڳ ڀڳ هئي.
    ”ساجن بابو!“
    چوڪيدار جو آواز ٻڌي، ساجن ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ ڪليءَ تان ڪوٽ لاهي، ڪلهي تي رکي، ميڪ اپ روم جي وڏي آئيني جي سامهون اچي بيٺو. اوندهه ۾ سندس اڻچٽو عڪس هن وانگر ئي مبهم ۽ گم سم هو.
    ”سڀ وڃي چڪا آهن، ساجن بابو.“
    هن منهن ورائي ڪراڙي چوڪيدار ڏانهن ڏٺو. پوءِ ٿڪل ٻرانگهن سان ميڪ اپ روم مان نڪري، پنهنجي ساءِ ورجايائين. سڀ وڃي چڪا آهن. پوءِ در وٽ چوڪيدار جي ڪلهي تي هٿ رکندي، ڳوري آواز ۾ چيائين: ”اسان به هليا وينداسين، لالا.“
    چوڪيدار ميڪ اپ روم جو در بند ڪري ڇڏيو. ساجن هٿ وڌائي فٽ لائيٽ جون بتيون ٻاري ڇڏيون ۽ اوچتو، سمورو اسٽيج روشن ٿي ويو. هو آهستي آهستي هلندو، وِنگ مان نڪري، اسٽيج تي تيز روشنين جي سامهون اچي بيٺو.
    چوڪيدار وِنگ مان ڏانهنس ڏسي رهيو هو.هن ڳوري ۽ ٿڪل آواز ۾ چوڪيدار کي چيو: ”پردو هٽائي ڇڏ، لالا.“
    چوڪيدار سئيچ - بورڊ وٽ پردي جي پليءَ کي ڦيرائي، اسٽيج جي آڏو پردو هٽائي ڇڏيو. ساجن ٻه - چار وکون کڻي، فٽ- لائيٽ جي عين مٿان وڃي بيٺو. پنهنجيءَ جاءِ تي ڄمي ويو. نگاهون هال جي وچين سيٽن تي کپائي ڇڏيائين. پوءِ ائين ئي، ڪيتريءَ دير تائين، هو پنهنجي جاءِ تي بيٺل رهيو- ڄڻ پٿر جو بت هو.
    ”لالا.“ ساجن اسٽيج تان ڳالهايو، پر منهن ورائي لالي ڏانهن نه ڏٺائين.
    لالو ونگ وٽ اچي بيهي رهيو.
    ”اڄ هيرو کي زبردست اوويشن (Ovation) ملي هئي نه، لالا.“
    ”ها، ساجن بابو.“
    ”“ لالا.“ هن اوچتو ڦيرو کاڌو. اکين ۾ غير معمولي ظهور هيس. آواز وڏو، گرجدار ۽ ڳورو ٿي ويس. چيائين: ”“ ياد اٿئي، لالا، اڄ کان پنجويهه- ٽيهه سال اڳ جڏهن مان اسٽيج تي ايندو هوس، تڏهن اوويشن جو ڇا حال هوندو هو!“
    ”هال تاڙين جي آواز سان ڦاٽڻ لڳندو هو.“ چوڪيدار جي ڪراڙين اکين ۾ ماضيءَ جا پاڇا موٽڻ لڳا: ”تڏهن، ساجن بابو، ماڻهو توهان جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ بيچين رهندا هئا. ٻه - ٻه ڪلاڪ اڳ اچي اسٽيج جي پويان اوهان کي ڏسندا هئا. توهان سان هٿ ملائي، فخر محسوس ڪندا هئا.“
    ”پر ڇا مليو؟ هڪ گهڙيءَ جي خوشي! هڪ لمحي جي خوشي! جر جو ڦوٽو .... لهر جو لوڏو.....“ ساجن خالي سيٽن ڏانهن ڏسندي چيو: ”پر تڏهن به، لالا، مان جڏهن به ماضيءَ ڏانهن نهاريندو آهيان، جڏهن به گذريل وقت کي ورجائيندو آهيان، تڏهن دل جي اوندهه ۾ روشنيءَ جو ڪو ڀٽڪيل ڪرڻو ڀلجي ايندو آهي ۽ موٽي ويندو آهي.“
    ”هن اسٽيج تي مون هزارين ڊراما ڏٺا آهن، ساجن بابو.“ چوڪيدار چيو: ”پر جيڪو لطف پنجويهه - ٽيهه سال اڳ ايندو هو، اهو هينئر نه رهيو آهي.“
    ”ڌرتيءَ جي اسٽيج تي اڄڪلهه هڪ هيبتناڪ ڊرامو هلي رهيو آهي، لالا.“ ساجن وِنگ ڏانهن ڏسندي چيو: ”موت، ظلم ۽ عذاب جو ڊرامو! فن ڪٿي آهي؟ فنڪار ڪٿي آهن؟ اڄ جو فن لاڪپ ۾ آهي، جيل ۾ آهي، جنگ جي ميدان ۾ آهي.“
    ساجن جو آواز خالي هال ۾ گونجندو رهيو. ساجن پنهنجو اوپرو آواز ٻڌندو رهيو.
    ”ساجن بابو.“
    ”جي.“
    ”مون کي اوهان جو اُهو ڊرامو به ياد آهي، جنهن ۾ توهان اسٽيج تي روئي پيا هئا.“
    ”ها، لالا، مون کي به ياد آهي.“ ساجن جو آواز ڀرجي ويو. ”ان کان پوءِ مان ميڪ اپ روم ۾ اچي رنو هوس. ايترو رنو هوس، جو اڄ تائين ٻيهر روئي نه سگهيو آهيان.“
    خاموشي ڇانئجي ويئي.
    ”لالا.“
    ”جي.“
    ”فٽ- لائيٽ جون بتيون وسائي ڇڏ، لالا.“
    لالي فٽ- لائيٽ جون بتيون وسائي ڇڏيون ۽ سمورو هال تاريڪيءَ ۽ خاموشيءِ ۾ گم ٿي ويو. اوندهه زمان ۽ مڪان جي احساس کي مٽائي ڇڏيو.
    سمورو هال تاڙين جي ڦهڪي سان لڏڻ لڳو. سوين هزارين آواز ۽ سوين آوازن جا پڙاڏا، سمنڊ وانگر بي انت، هوا وانگر اڻڏٺا پر چٽا، شعور جي وهڪري سان وهندا ويا. ساجن! ساجن! ساجن، توهان سان ڪا ڇوڪري ملڻ چاهي ٿي، چوي ٿي، توهان ۾ ڪم اٿس. نه نه. ساجن ڪنهن سان نه ملندو. تاڙيون! تاڙيون! ساڳي ڇوڪري ساجن سان ملڻ چاهي ٿي، چوي ٿي، کيس ساجن ۾ ضروري ڪم آهي ۽ سندس نالو الماس آهي. الماس! الماس. ها، ها. مان کيس ملندس. هيئن ڪر، الماس کي اسٽيج جي پويان، مئنيجر جي آفيس ۾ وٺي اچ. تاڙيون! تاڙيون! مهرباني، مهرباني، ڪيئن، ڊرامو پسند آيئه، الماس؟ ڊرامو توکي پسند آيو، ان کان وڌيڪ چئه. مون کي چاهين ٿو نه عزيز؟ ها الماس، منهنجي تقدير، منهنجو نصيب، منهنجي ڪاميابي تون آهين الماس، تون آهين. ته پوءِ اڄ توکي فيصلو ڪرڻو پوندو ته تون عزيز ٿي رهڻ چاهين ٿو، يا ساجن. الماس! ها عزيز. اڄ مون سان بابا، چاچا، اما ۽ اسان جي خاندان جا ڪيترائي ڀاتي ڊرامو ڏسڻ آيا آهن. بابا صفا چيو آهي ته جيستائين تون ڊراما لکندين ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪندين، تيستائين تنهنجي ۽ منهنجي شادي ٿي نه سگهندي. الماس! مان مجبور آهيان. عزيز توکي اڄ ئي فيصلو ڪرڻو پوندو ته تون اڄ کان فقط عزيز ٿي رهندين، ساجن نه. اِن جو اعلان هينئر ئي ڪرڻو پوندو، اسٽيج تان، منهنجي خاندان جي ڀاتين آڏو. تون خاموش ڇو آهين، مون کي نٿو چاهين. مون سان محبت نه اٿئي. مان غريب آهيان الماس، ۽ تنهنجو خانبهادر پيءُ توکي مون کان ڌار ڪرڻ چاهي ٿو. ائين ناهي، عزيز، ائين ناهي. تون هينئر ئي، جڏهن آئيڊنس آڏو پيش ٿيندين، چئي ڇڏ، ته تون ڊرامن ۾ ڪم نه ڪندين، اسٽيج کان دور رهندين، ۽ پوءِ ڏس، ته تنهنجي ۽ منهنجي جدائي فقط ڪجهه ڏينهن جي وڃي رهندي ۽ ان کانپوءِ مان کهنبي وڳي ۾، هميشه لاءِ تنهنجي گهر هلي اينديس. جواب ڏي ساجن، تون خاموش ڇو آهين؟ ڇا، تون منهنجي لاءِ فقط عزيز نه رهندين، عزيز، جيڪو تنهنجو پنهنجو اصلي نالو آهي. جواب ڏي خاموش ڇو آهين.
    مان ساجن آهيان، مان ساجن ٿي زندگي گذاريندس ۽ ساجن ٿي مرندس. عزيز منهنجو ظاهر هو، ڪوڙ هو، ڏيک هو. ساجن سچ آهي، منهنجو باطن آهي، حقيقت آهي، مان ساجن رهندس. اسٽيج منهنجي زندگيءَ جو ازلي حصو آهي. الماس! تنهنجو پيءُ ڊرامو ڏسي تاڙيون وڄائي سگهي ٿو، پنهنجو نالو ڪڍڻ لاءِ انعام آڇي سگهي ٿو، ٽرافي رکي سگهي ٿو، پر کيس اسٽيج کان نفرت آهي. خبر اٿئي ڇو؟ ڇو جو تنهنجي پيءُ جي سيني ۾ نمرود جو آتشڪدو آهي. هو فن جو دشمن آهي. هلي وڃ الماس. هلي وڃ. مان تنهنجي جدائيءَ جو غم سهي ويندس. مان تنهنجو غم کڻي اسٽيج تي ايندو رهندس - الماس، مان تنهنجو آهيان، مان توکان سواءِ ڪنهن جو ٿي نه سگهندس.
    مون کي ڇڏي ڏيو.مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيو. بند ڪريو ميڪ اپ روم جو در. مون کي اڪيلائي گهرجي. ساجن. ساجن. ماڻهو توکي ڏسڻ چاهين ٿا. سڀ تنهنجو انتظار ڪري رهيا آهن. چئي ڇڏيون ته هو هليا وڃن. مان تماشو ناهيان جو مون کي ڏسن. مان ”زو“ جو باندر ناهيان، جو مون کي ڏسن ۽ ڪير ٿا ڏسڻ چاهين؟ اهي سيٺيون، جيڪي ٽڪيٽ خريد ڪري اسان تي احسان ڪن ٿا! اسان کي ڏند کوٽڻ جي تيلي سمجهن ٿا! سئيٽ ڊش سمجهن ٿا! چئون ته هليا وڃن. مون کي اڪيلائي گهرجي. اڪيلائي. ماٺ، خاموشي، پولار جي خاموشي.
    ”مان ميڪ اپ روم جو در بند ڪري ايترو رنو هوس لالا، جو اڄ تائين ٻيهر روئي نه سگهيو آهيان.“
    ساجن ڪوٽ ڪلهي تي رکي، ونگ مان نڪري ورانڊو لتاڙي، ٿياسافيڪل هال جي پڌر ۾ پهتو، اُتان منهن ورائي هن لالي کي چيو: ”در بند ڪري ڇڏ، لالا.“
    ساجن ٿياسافيڪل هال مان نڪري، بندر روڊ جي فٽ پاٿ تي اچي بيٺو. ٽرئفڪ جهڪي ٿي ويئي هئي. تاج محل سئنيما جو پويون شو ڪڏهانڪو ختم ٿي ويو هو. سئنيما جا پيداگير ۽ مڪراني سئنيما جي ڏاڪڻين تي الوٽ پيا هئا. رات جو ڳچ حصو گذري ويو هو.
    ساجن تاج مهل سئنيما ۽ ٿياسافيڪل هال جي وچ ۾ فٽ پاٿ تي بيٺل پپر جي گهاٽي وڻ هيٺان اچي بيٺو. جتي هو بيٺو هو، اُتي ٽيوب - لائيٽ جي روشني، پهچڻ کان اڳ، پنن ۽ ٽارين سان وچڙي ختم ٿي پيئي ويئي. ڪڏهن ڪو هوا جو جهوٽو پنن کي لوڏي ٿي ويو، تڏهن روشنيءَ جا ڪجهه ڪرڻا ساجن تائين پهچي گم ٿي پي ويا. هر دفعي جڏهن ائين ٿيو پئي، هن ڪنڌ کڻي مٿي نهاريو پئي. پپر جو وڻ قديم هو. پنجويهه - ٽيهه سال اڳ جڏهن هو پهريون دفعو ڏڪندو ڪنبندو، هڪ ڊرامي جي ريهرسل ڪرڻ لاءِ ٿياسافيڪل هال ۾ داخل ٿيو هو، تڏهن به ساڳيو پپر جو وڻ پنهنجي جاءِ تي موجود هو. اُن وقت ايڏو گهاٽو نه هو. گذريل پنجويهن - ٽيهن سالن ۾ پپر گهاٽو نه هو. پپر جڏهن وڌندو نه آهي، تڏهن سندس ٽارين مان پاڙون ڦٽي نڪرنديون آهن. ساڳيءَ طرح جڏهن حالتون هڪ ذهين شخص کي زندگيءَ ۾ وڌڻ نه ڏينديون آهن، تڏهن ان شخص جي وجود مان ڪروڌ ۽ نفرت جون پاڙون ڦٽي نڪرنديون آهن، جيڪي محسوس ته ٿينديون آهن، پر ڏسڻ ۾ نه اينديون آهن.
    ساجن. ساجن.
    ڪير آهي؟ مون کي ڪير سڏي رهيو آهي؟ هي ڪنهن جو آواز آهي؟ ساجن. ساجن. تون پنهنجو آواز به سڃاڻي نٿو سگهين. هي تنهنجو پنهنجو آواز آهي ساجن. تنهنجو آواز تنهنجن ئي ڪنن لاءِ اوپرو ٿي ويو آهي! ساجن! ڇا مليو اٿئي اسٽيج تان. ڇا مليو اٿئي ڊرامن مان. جواب ڏي ساجن، ڇا مليو اٿئي اسٽيج تان. اوجاڳا؟ اڪيلائي؟ روح جا زخم؟ غمن جي ڪائنات؟ ڇا مليو اٿئي ساجن، ڇا مليو اٿئي؟ خاموش. مون کي پريشان نه ڪريو. مان نه فقط ساجن آهيان، پر عزيز به آهيان، عزيز، جنهن کان مون کي نفرت آهي، پر تڏهن به مان کيس پنهنجي وجود کان ڌار ڪري نه سگهيو آهيان. عزيز اڪائونٽس آفيسر آهي، جنهن کي صبح کان شام تائين ٻه واڌو ٻه برابر چار ڪرڻو پوندو آهي. مون کي کانئس نفرت آهي. مان ساجن، عزيز کان نفرت ڪندو آهيان. پر نه. عزيز مون لاءِ روزي ڪمائيندو آهي. صبح کان شام تائين ٻه واڌو ٻه برابر چار ڪري مون کي ماني کارائيندو آهي. عزيز ساجن جو پيٽ پاليندو آهي. بيوقوف، عزيز تنهنجو پيٽ پاليندو آهي. ها، ها، ها. پر مون کي عزيز کان نفرت آهي. نفرت! تو عزيز کان سندس محبت ڦري ورتي هئي. تو کيس الماس جو ٿيڻ نه ڏنو هو، تو مٿس ظلم ڪيو هو، پر تڏهن به عزيز توکان خفي نه ٿيو آهي، توکان ناراض نه ٿيو آهي. ۽ تون، جيڪو ساجن آهين، عزيز کي ڌڪارين ٿو! جيڪڏهن تون فقط ساجن هجين ها ته هوند اڄ بک مرين ها، بي گهر هجين ها، ٻين جو محتاج هجين ها. هت فنڪار جي نصيب ۾ گمنامي، بيروزگاري ۽ بک لکيل آهي. ڪئپيٽل سئنيما واري گهٽيءَ ۾ منروا موويٽون جو راجا ڏٺو اٿئي! هن کي چتائي ڏٺو اٿئي! سندس اکين ۾ مايوسيءَ ۽ برباديءَ جا کنڊر ڏٺا اٿئي! وڃ، ساجن وڃ. عزيز کي آرام ڪرڻ ڏي. صبح جو عزيز کي ٻه واڌو ٻه برابر چار ڪرڻو آهي. تنهنجي لاءِ کيس روزي ڪمائڻي آهي. وڃ ساجن وڃ.
    ”ڊائريڪٽر- ليکڪ ساجن صاحب آهي؟“
    هڪ عورت، جنهن کي کير جهڙا اڇا ڪپڙا پاتل هئا ۽ جنهن جا وار به برف جهڙا اڇا هئا. ٿياسافيڪل هال جي در ٻاهران بيٺي هئي. فٽ پاٿ وٽ وڏي، چمڪندڙ ۽ اڇي رنگ جي بيوڪ ڪار بيٺي هئي. عورت ٿياسافيڪل هال جي چوڪيدار سان ڳالهائي رهي هئي.
    ”مون کي ڊرامي جي ڊائريڪٽر، ساجن صاحب سان ملڻو آهي.“
    ”هو هليو ويو.“
    ”هليو ويو‍!“
    ”ها. ٿوري دير اڳ هليو ويو.“
    عورت در وٽان هٽي ويئي. ڪار ڏانهن ويندي پنهنجي ساءِ چيائين: ”مان جڏهن به کيس ڏسڻ آئي آهيان، هو ٿوري دير اڳ هليو ويندو آهي.“ عورت هلي ويئي.
    ان وقت ساجن وڻ جي پاڇي مان نڪري ٽيوب - لائيٽ هيٺان اچي بيٺو.!
    ”ساجن بابو! توهان اڃا گهر نه ويا آهيو.“
    ”مان ٽيڪسيءَ جو انتظار ڪري رهيو آهيان، لالا.“
    ”الماس سلڪ ملز جي مالڪڻ اوهان کي ڏسڻ آئي آهي.“ چوڪيدار لوهي در کولي ٻاهر فٽ پاٿ تي نڪري آيو. چيائين: ”هوءَ اڳ به ڪيترائي دفعا توهان جي ڊرامن کانپوءِ توهان کي ڏسڻ آئي آهي. پر هر دفعي سندس اچڻ کان اڳ توهان هليا ويندا آهيو.“
    ”مون کي خبر آهي لالا، مون کي خبر آهي.“
    ساجن ڪوٽ ڪلهي تي رکي، ڪنڌ جهڪائي ٿڪل ٿڪل قدمن سان بندر روڊ جي ٻئي پار هليو ويو.


    هو، مان ۽ هوءَ

    [ڪجهه سياڻن جو خيال آهي ته مان چريو آهيان، ۽ ڪجهه چرين جو خيال آهي ته مان سياڻو آهيان. ]

    هڪ اوپري شخص کي پنهنجي ڪمري ۾ ڏسي مون کان ڇرڪ نڪري ويو. هو الاءِ ڪيئن ۽ ڪڏهن منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيو هو. مان کٽ هيٺان ٻاهر نڪتس ته هن کي ڪمري ۾ موجود ڏٺم. جڏهن طرحين طرحين جا خوف مون کي ورائي ويندا آهن، تڏهن مان کٽ هيٺان هليو ويندو آهيان. اتي مان سک جو ساهه کڻي سگهندو آهيان، ۽ مان محسوس ڪندو آهيان. ڪيتري دير تائين هٿ ڪڇن ۾ ڏيئي ۽ منهن گوڏن ۾ لڪائي کٽ هيٺان پيو هوندو آهيان، ٻاهر تڏهن نڪرندو آهيان، جڏهن ڊپ کان آجو ٿيندو آهيان.
    اُن ڏينهن کٽ هيٺان ٻاهر نڪتس ته هن کي پنهنجي ڪمري ۾ موجود ڏٺم. مون کان ڇرڪ نڪري ويو. الاءِ ڪير هو! اوپرو شخص هو. هو ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسي رهيو هو. مون کي هو بنهن نه وڻيو. مون کيس چيو: ”منهنجي ڪمري ۾ فقط ٻن قسمن جا ماڻهو اچي سگهندا آهن. هڪڙو منهنجي پيءُ جي ٽين زال جا مائٽ، ۽ ٻيو ڊاڪٽر ۽ سندس ٻه برجستا ڪمپائونڊر. ڪمپائونڊر مون کي ڏسي قابو ڪندا آهن، ڊاڪٽر مون کي هڪ سئي هڻي ڇڏيندو آهي. ۽ پوءِ مون کي ننڊ اچي ويندي آهي، ۽ مان ورهين جا ورهيه ننڊ ڪندو آهيان.
    هو خاموش رهيو ۽ مون ڏانهن ڏسندو رهيو. چيم: ”انهن ٻن قسمن جي ماڻهن کانسوا”، ٽئين قسم جو ڪوبه شخص منهنجي ڪمري ۾، منهنجي اجازت کانسواءِ داخل ٿي نه سگهندو آهي. منهنجو پيءُ به منهنجي ڪمري ۾ اچڻ جي سگهه ساري نه سگهندو آهي. تون منهنجي سمجهين پيو نه!“
    هن جواب نه ڏنو. خاموش رهيو. سندس چهري تي ڪنهن قسم جو تاثر اُڀري نه آيو. هو بدستور ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسندو رهيو. ڏاڍو ڪو نؤد هو. الاءِ ڪير هو.منهنجي پيءُ جي ٽين زال جو ڪو مائٽ هو، يا ڊاڪٽر هو! الاءِ ڪير هو.
    مون اوپري شخص کي چيو: ”يار ڳالهه ٻڌ! جيڪڏهن تون منهنجي پيءُ جي ٽين زال جو ڪو مائٽ مٽ آهين، ته پوءِ مهرباني ڪري هڪدم منهنجي ڪمري مان گم ٿي وڃ، منهنجي پيءُ جي ٽين زال جي ناتي تون منهنجي پيءُ جو مائٽ ته ٿي سگهين ٿو، پر منهنجو هرگز نه.“
    هو بيهودو شخص خاموش رهيو. مون ڏانهن ڏسندو رهيو. چيم: ”اهڙي طرح مون ڏانهن نه ڏس. منهنجي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪر.“
    سندس چهري تي ڪو تاثر نه آيو.
    کيس ڳالهه سمجهائڻ خاطر چيم: ”مان جنهن ڇوڪريءَ سان محبت ڪندو آهيان، اها ڇوڪري منهنجي پيءُ جي ٽين زال کان عمر ۾ ٽي سال وڏي آهي. منهنجي پيءُ جي ٽين زال عمر ۾ مون کان پنج سال ننڍي آهي. تون منهنجي ڳالهه سمجهين پيو نه!“
    مون غور سان اوپري شخص ڏانهن ڏٺو. هو اهڙو ڪڇي، جهڙي ڀت! ماٺ جو قسم کنيو هئائين شايد. الاءِ ڇو هو مون کي احمق محسوس ٿيڻ لڳو.، تڏهن چيم: ”يار! منهنجي ڳالهه چڱن چوکن سياڻن جي سمجهه ۾ نه ايندي آهي، تون ته شڪل شبيهه مان مون کي احمد پيو لڳين. منهنجي ڳالهه ڌوڙ تنهنجي سمجهه ۾ ايندي! سچ پڇين ته ڪڏهن ڪڏهن مون کي پڻ پنهنجيون ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون آهن.“
    نه اک ڇنڀيائين، ۽ نه ئي وات مان ڪو اکر اُڪليائين. ڄڻ پٿر جو بت هو. بيحس هو. سندس مسلسل خاموشي مون کي بيزار ڪرڻ لڳي. چيم: ”ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته منهنجي مٿي ۾ ٽيومر آهي. ٽيومر سمجهين پيو نه! خاص انگريزي قسم جي بيماري آهي. سولي سنڌيءَ ۾ ٽيومر کي ڳوڙهو چئبو آهي. ٽيومر جو علاج فقط لنڊن ۾ ٿيندو آهي. پر مان لنڊن هرگز نه ويندس. لنڊن کان مون کي نفرت آهي. مان جنهن ڇوڪريءَ سان محبت ڪندو آهيان، سا ڇوڪري لنڊن ۾ هڪ ڊاڪٽر سان مخفي محبت ڪندي آهي، ۽ يار، سچ پڇين ته لنڊن وڃڻ لاءِ مون وٽ پيسا به نه آهن. مان ته ٽنڊي باگي وڃڻ جهڙو به نه آهيان. اصل ۾ مان ڪنگلو آهيان. مان ته ان قابل به نه آهيان جو پنهنجي محبوبه کي هڪ لڏون وٺي کارائي سگهان. هونءَ به منهنجي محبوبه کي ذيابيطس جي بيماري آهي. هوءَ مٺين شين کان پرهيز ڪندي آهي. تون منهنجي ڳالهه غور سان پيو ٻڌين نه!“
    اوپرو شخص خاموشيءَ سان منهنجيون ڳالهيون ٻڌندو رهيو، ۽ مون ڏانهن ڏسندو رهيو. چيم: ”منهنجي ماءُ کي ذيابيطس جي بيماري نه هئي. منهنجيءَ ماءُ جي دل ۾ گڙٻڙ هئي. دل جو معاملو ته نازڪ ٿيندو آهي نه! سو هيٺان وڃي لڪي پيو هوس. منهنجي پيءُ مون کي کٽ هيٺان ڪڍي پيار ڪيو هو. منهنجا لڙڪ اگهندي چيو هئائين ته، پٽ روئين ڇو ٿو - هڪ بدران مان توکي ٻه مائرون آڻي ڏيندس. تون منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌ ۽ منهنجي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، موڳا مٽر.“
    هو بنا ڪنهن تاثر جي منهنجي ڳالهه ٻڌي رهيو هو. چيم: ”منهنجو پيءُ سچ پچ منهنجي لاءِ ٻه مائرون وٺي آيو - هڪ عمر ۾ مون کان پنج سال ننڍي ۽ ٻي عمر ۾ مون کان ڏهه سال وڏي.“
    نه تعجب جو تاثر ڏنائين، ۽ نه حيرت جو. ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسندو رهيو. مان ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. کيس ڪرسيءَ تي ويهڻ جي آڇ ڪيم، قبول نه ڪيائين. بيٺو رهيو.
    چيم:”بابا جي ٻي زال جيڪا عمر ۾ مون کان ڏهه سال، ۽ بابا جي ٽين زال کان عمر ۾ پندرهن سال وڏي هئي، سا نيڪ بخت پنهنجي زندگيءَ جو چڱو چوکو وقت قياس آرائين ۾ گذاريندي هئي. هوءَ بابا جي ٽين زال، منهنجي ٽوهه ۾ رهندي هئي. اَٺ ئي پهر پنهنجي ننڊ ڦٽائي ڇڏي هئائين. جاسوسيءَ جي مهم شروع ڪري ڇڏي هئائين. هوءَ وڏو ڪو راز فاش ڪرڻ جي چڪر ۾ هئي. تڏهن، کيس خبر پيئي ته مان هڪ اهڙي ڇوڪريءَ سان محبت ڪندو آهيان، جيڪا بابا جي ٽين زال کان ٽي سال وڏي آهي: تڏهن کيس ان ڳالهه جو صدمو رسيو. هوءَ اُداس رهڻ لڳي، ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن پنهنجي پيڪي هلي ويئي. انا الله وانا اليه راجعون.“
    پٿر جي بت جهڙو اوپرو شخص خاموش رهيو. مون محسوس ڪيو ته هو منهنجي پيءُ جي ٽين زال جو مائٽ نه هو. هو مون کي ڊاڪٽر محسوس ٿيڻ لڳو. مون کي ڪنبڻي وٺي ويئي. هو پنهنجن ٻن برجستن ڪمپائونڊرن هٿان مون کي قابو ڪرائي، منهنجي ٻانهن ۾ هڪ سئي يعني انجيڪشن ٽنبي ڇڏيندو آهي. ۽ پوءِ مون کي، ورهين تائين ننڊ اچي ويندي آهي. مان جاڳڻ چاهيان ٿو. هو مون کي سچ پچ ڊاڪٽر محسوس ٿيڻ لڳو. سندس ٻيئي ڪمپائونڊر غائب هئا. مون ڪنبنڊي ڪنبندي اوپري شخص کي چيو: ”تون ضرور ڪو نئين قسم جو ڊاڪٽر آهين. مون کي سئي هڻي ورهين تائين سمهارڻ آيو آهين. مان جاڳڻ چاهيان ٿو ڊاڪٽر. مان سجاڳ رهڻ چاهيان ٿو. مون کي نه سمهار. مون کي نڀاڳي ننڊ نه ڏي. مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. مون ته هينئر ڳالهائڻ به ڇڏي ڏنو آهي. مان پنهنجي وهمن، سودائن ۽ انومانن جو ذڪر به ڪنهن سان نه ڪندو آهيان. جڏهن سوچن جا غبار ورائي ويندا آهن، تڏهن خوف وچان مان کٽ هيٺان لڪي ويهي رهندو آهيان. مان پنهنجن وهمن ۽ پنهنجين سوچن متعلق ان ڇوڪريءَ سان به ذڪر نه ڪندو آهيان، جنهن سان مان محبت ڪندو آهيان ۽ هوءَ لنڊن جي هڪ ڊاڪٽر سان مخفي محبت ڪندي آهي.“
    اوپرو شخص اوپروئي رهيو. هو پٿر جي بت وانگر خاموش رهيو. اک ڇنڀڻ بنا مون ڏانهن ڏسندو رهيو. ڪجهه دير کانپوءِ هو مون کي پنهنجي پيءُ جي ٽين زال جو مائٽ وغيره محسوس نه ٿيو، ۽ نه ئي هو مون کي ڊاڪٽر محسوس ٿيو. سندس چهري تي ڄڻ بيحسيءَ جو نقاب چڙهيل هو. نه خوشي، نه غم، ۽ نه غصو! هو مون کي پراسرار مخلوق محسوس ٿيڻ لڳو. سندس گهور کان گهٻرائجي مان ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳس. ڀت سان لٽڪايل خالي فريم ڏانهن اشارو ڪندي چيم: ”هن تصوير جو نالو آهي تصوير ابيض. هيءُ فريم بظاهر خالي نظر پيو اچي، پر اصل ۾ ائين نه آهي. ان فريم ۾ جڏهن به ڪنهن اهم شخص جي تصوير سينگاربي آهي، تڏهن ڪجهه عرصي کانپوءِ تصوير غائب ٿي ويندي آهي، ۽ فريم خالي رهجي ويندو آهي.“
    هو شخص تڏهن به خاموش رهيو. کيس جيڪڏهن روم ۾ ڏسان ها ته مائيڪل اينجيلو جو ٺاهيل بت سمجهي ويهان ها. پر مون کيس روم ۾ نه ڏٺو هو. مون کيس پنهنجي ڪمري ۾ ڏٺو هو. لڳو ته جيئرو جاڳيندو پئي، پر ڀت وانگر خاموش هو!
    مون اوپري پراسرار شخص کي چيو: ”يار تون ڪهڙي قسم جو انسان آهين! منهنجي ڪنهن به ڳالهه جو جواب نٿو ڏئين. ڪا ٽيڪا ٽپڻي به نه ٿو ڪرين! شايد گونگو آهين. سمجهان ٿو ته ٻوڙو به آهين. جيڪڏهن ٻوڙو نه هجين ها ته منهنجيون ڳالهيون ٻڌي مرڪڻ لڳين ها- شايد ٽهڪ به ڏيئي وٺين ها. ماڻهو منهنجيون ڳالهيون ٻڌي کلندا آهن، ۽ پوءِ اوچتو مون کي چوکنڀو ٻڌي ڊاڪٽر کي گهرائيندا آهن، ۽ مون کي هڪ عدد سئي هڻائي ڇڏيندا آهن. سئي لڳڻ کانپوءِ مون کي صدين تائين ننڊ کڻي ويندي آهي. ننڊ ۾ مان ان ڇوڪريءَ جا خواب ڏسندو آهيان، جيڪا مخفي طرح لنڊن ۾ هڪ ڊاڪٽر سان محبت ڪندي آهي.“
    بس! اوپرو شخص مون کي نهايت واهيات ۽ بيهودو محسوس ٿيو. سوچيم، سندس اکيون ڪڍي ڇڏيندس. اهڙيون اکيون نڪتيون ڀليون! مان ڪرسي ڇڏي هن جي سامهون وڃي بيٺس. آڱريون سندس اکين آڏو جهليم. سوچيم، ضرور ڊپ وچان اکيون بند ڪري ڇڏيندو! پر نه. هن جون اکيون کليل هيون. هو بظاهر ڏسي رهيو هو، پر اصل ۾ ڏسي نه رهيو هو. سندس اکين ۾ روشني نه هئي. هو انڌو هو.
    خوف منهنجي وجود کي ڌونڌاڙي ڇڏيو. کٽ هيٺان لڪڻ محال محسوس ٿيو. هن کي ڪن هئا، پر ٻڌڻ کان معذور هو. کيس اکيون هيون، پر ڏسڻ کان مجبور هو. سندس وات ۾ زبان هئي، پر ڳالهائڻ کان لاچار هو! اهڙو شخص مون زندگيءَ ۾ ٻڌو، نه ڏٺو! الاءِ ڪيئن، ۽ ڇو منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيو هو.
    تيزيءَ سان ڊوڙندو، ٿڙندو، ٿاٻڙندو پنهنجي ڪمري مان نڪري ويس. سڌو وڃي نانيءَ جي ڪمري ۾ سک جو ساهه کنيم. هوءَ ڏاڍي اطمينان سان طوطي ۽ مينا وارو پڪي جلد سان قصو پڙهي رهي هئي ۽ بيحد متاثر نظر اچي رهي هئي. مان سندس کٽ تي ويهي رهيس، ۽ چيم: ”اڄ مون هڪ اهڙي شخص کي ڏٺو آهي جنهن کي ڪيپراٽيءَ جي ٻنهي پاسن کان ٻه ڪن ته آهن، پر ٻڌڻ کان معذور آهي. کيس اکيون به آهن، پر ڏسڻ کان محروم آهي. سندس وات ۾ لڳيم ٿو، زبان به آهي، پر ڳالهائڻ کان لاچار آهي.“
    ”ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي.“ نانيءَ چيو: ”عمر گذاري ڇڏي اٿم اهڙن ماڻهن کي ڏسندي ڏسندي.“
    مون سندس پوڙهو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليندي چيو: ”هڪ اهڙو ئي شخص منهنجي ڪمري ۾ موجود آهي.“
    ”هو تنهنجي ڪمري ۾ ڇا ڪرڻ آيو آهي!“ نانيءَ پڇيو.
    ”مون کي ڪهڙي خبر ته هو منهنجي ڪمري ۾ ڇا ڪرڻ آيو آهي؟“ چيم: ”مان سمجهان ٿو، هو ماسٽر چندر جو ڳايل ڪلام ٻڌڻ آيو آهي.
    رکي ناتو نباهين ها،
    پنهل منهنڙو مٽايئه ڇو.“
    ”ڏاڍو ڪو ڀوڪ آهين!“ نانيءَ چيو: ”هوڏانهن چوين پيو ته هو ٻوڙو آهي ۽ مٿان چوين پيو ته چندر جو راڳ ٻڌڻ آيو آهي! اڙي چريا، ٻوڙا ماڻهو فقط تقريرون ٻڌندا آهن، گيت ۽ سنگيت نه.“
    ”هو في الحال منهنجي ڪمري ۾ آهي.“ چيم: ”مان ڊڄان ٿو سندس انڌي هئڻ کان، سندس ٻوڙي هئڻ کان ۽ سندس گونگي هئڻ کان.“
    نانيءَ چيو: ”تون پنهنجي پيءُ جي ٽين زال کي وڃي چئه ته اُن انڌي، گونگي ۽ ٻوڙي شخص کي تنهنجي ڪمري مان ڪڍرائي ڇڏي، هن گهر تي ته هينئر اُن چنڊيءَ جو راڄ آهي.“
    سوچيم، ناني ٺيڪ ٿي چوي - جنهن جو راڄ هجي، تنهن سان ئي ڳالهائجي. نانيءَ جي ڪمري مان نڪري سڌو بابا جي ٽين زال جي ڪمري ۾ وڃي نڪتس. مون کي ڏسي، بابا جي ٽين زال جي چهري تي مرڪ تري آئي. پڇيائين: ”ڪيئن آهين پٽ؟“
    ”اوهو!“ چيم: ”تون عمر ۾ مون کان پنج سال ننڍي آهين، تنهنجي واتان پنهنجي لاءِ پٽ جو لفظ مون کي زهر ٿو لڳي، تون مون کي منهنجي نالي سان ڇو نه ٿي مخاطب ڪرين!“
    ”توکي تنهنجي نالي سان مخاطب ڪريان!“ معنيٰ خيز مرڪ سان چيائين: ”“ پوءِ تون مون کي شميم جي نالي سان سڏيندين؟“
    شڪي ٿيندي چيم: ”ڇا اهو ممڪن ڪونهي جو اسين اصلي نالي کانسواءِ هڪ ٻئي کي مخاطب ڪريون.“
    ”ڇو نه ممڪن آهي!“ هن ساڳيءَ طرح مرڪندي چيو:”ڪو خاص ڪم اٿئي ڇا؟“
    ”ها.“ چيم: ”منهنجي ڪمري ۾ هڪ اهڙو شخص موجود آهي، جيڪو انڌو آهي، گونگو آهي، ۽ ٻوڙو به آهي. تون مهرباني ڪري کيس منهنجي ڪمري مان ڪڍرائي ڇڏ.“
    ”تون خوش ته آهين نه پٽ!“ منهنجي پيءُ جي ٽين زال پڇيو.
    ”اوهو! چيم: ”تون عمر ۾ مون کان پنج سال ننڍي آهين. خدا جي واسطي مون کي پٽ نه چوندي ڪر.“
    پڇيائين: ”پر، هونءُ تون چاڪ ته آهين نه؟“
    ”ها، مان ٺيڪ آهيان. مون کي سئيءَ جي ضرورت نه آهي. مان جاڳڻ چاهيان ٿو. مان سمهندس نه. مون کي ننڊ کان نفرت ٿي ويئي آهي.“ چيم: ”گونگو، ٻوڙو ۽ انڌو شخص منهنجي ڪمري ۾ موجود آهي. مون کيس پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي.“
    ”تون اتيئي ترس.“ بابا جي ٽين زال چيو: ”مان وڃي ڏسي ٿي اچان ته هو ڪير آهي ۽ تنهنجي ڪمري ۾ ڇا ڪري رهيو آهي.“
    مون کي اتي ئي ڇڏي، هوءَ منهنجي ڪمري ڏانهن هلي ويئي. مان صوفي تي ويهي رهيس ۽ شوڪيس تي سينگاريل وحشي عقاب ڏانهن ڏسڻ لڳس، جنهن هڪ جهرڪيءَ کي پنهنجي چنبن ۾ قابو ڪري ڇڏيو هو، ۽ سندس ماس پٽي رهيو هو. عقاب مئل هو. سندس جسم ۾ ڪپهه ۽ ڪاٺ جو ٻورو ڀريل هو: پر تنهن هوندي به نهايت خوفناڪ ۽ وحشي نظر اچي رهيو هو. جهرڪي به جيئري نه هئي، مري ويئي هئي. سندس جسم ۾ به ڪپهه ۽ ڪاٺ جو ٻورو ڀريل هو: پر تنهن هوندي به جهرڪي مظلوم ۽ ڏتڙيل پئي لڳي. عقاب ۽ جهرڪيءَ جي ڀرسان منهنجي پيءُ جي سونهري فريم ۾ سينگاريل قديم تصوير رکي هئي، جنهن ۾ هو لڳ ڀڳ منهنجي عمر جو پي لڳو.
    ڪجهه دير کان پوءِ بابا جي ٽين زال منهنجي ڪمري مان موٽي آئي. هوءَ ڪجهه ڪجهه ڊنل ۽ هيسيل پئي لڳي. مون کانئس پڇيو: ”ڇا هن شخص تو ڏانهن ڏٺو، تو سان ڳالهايو، ۽ تنهنجو حال احوال ٻڌو جو تون ايتري قدر پريشان آهين؟“
    هن چيو: ”تنهنجي ڪمري ۾ اوپرو شخص موجود نه هو.“
    بابا جي ٽين زال چيو: ”اوپري شخص بدران تنهنجي ڪمري ۾ هڪ ڇوڪري بيٺي هئي، جيڪا توکان عمر ۾ پنج سال ننڍي هئي. ان ڇوڪريءَ کي اکيون هيون، پر ڏسڻ کان مجبور هئي، کيس ڪن هئا، پر ٻڌڻ کان لاچار هئي، کيس وات ۾ زبان هئي، پر ڳالهائڻ کان معذور هئي.“
    تڏهن مون کي پنهنجي پيءُ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هو چئي رهيو هو:”توکي سئيءَ جي سخت ضرورت آهي پٽ. شايد تون ڪافي دير کان جاڳي رهيو آهين. توکي سمهڻ گهرجي. توکي ننڊ جي ضرورت آهي. مون ڊاڪٽر کي گهرايو آهي، هو توکي سئي هڻي سمهارڻ آيو آهي.“
    مون منهن ورائي ڏٺو، ڊاڪٽر ۽ سندس ٻه برجستا ڪمپائونڊر مون ڏانهن وڌي رهيا هئا.


    دي موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان

    ٿوري دير ۾ اِها ڳالهه سموري گهر جي ٻارن تائين پهچي ويئي ته، اڌ رات ڌاري ”موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان“ سندن گهر ۾ اچي لڪندو، ۽ صبح جو سوير، جهونجهڪڙي ۾ ڪيڏانهن هليو ويندو.
    چاريئي ٻار، جن جي عمر پنجن ۽ ڏهن سالن جي وچ ۾ هئي، اِها ڳالهه ٻڌي اول ڊنا ۽ پوءِ گدگد ٿيا. هنن پنهنجي ننڍڙي عمر ۾ ڪڏهن به پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو نه ڏٺو هو.
    چاريئي ٻار رات جي ماني کائڻ کانپوءِ هڪدم پنهنجي پنهنجي هنڌ تي سـَـوڙِين هيٺان منهن لڪائي ليٽي پيا، ۽ مخفي طرح، اندرئي اندر جاڳندا رهيا. ان وقت رات جا اٺ ٿي رهيا هئا. منجهانئن ڪنهن به ٽيليويزن جا پروگرام ڏسڻ ۽ گوڙ ڪرڻ تي ضد نه ٻڌو. کيس پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو ڏسڻ جو شوق ورائي ويو هو.
    پنجن سالن جي سپي، ۽ ڇهن سالن جو ڪوڏ هڪ ئي هنڌ تي ساڳي سوڙ هيٺان ليٽيا پيا هئا. سندن پاسي ۾، ٻئيءَ کٽ تي مسڪين احمد بينو سمهيو پيو هو. مسڪين جي عمر ست سال هئي، ۽ هن جا ست ڏند ڀڳل هئا. مسڪين جو منهن موڪرو هو، ۽ موڪري منهن تي چنجهين اکين هيٺان چنبڙيل هوس هڪ عدد ڦٿل نڪ! ٻار سڏيندا هئا - بينو! بينو، جنهن پنهنجي ننڍڙيءَ دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو هو، ته هو وڏي هوندي ٽارزن ٿيندو، ڀولڙن سان دوستي رکندو، ۽ گهڻو ڪري وڻن جي ٽارين تي لٽڪندو، سو خاص طرح ”موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان“ کي ڏسڻ لاءِ سڀني کان وڌيڪ آتو هو. بيني جي ڀرسان کانئن وڏو ڀاءُ محمد عمر سـَـوَڙ ۾ ويڙهيو سيڙهيو پيو هو، ۽ جاڳي رهيو هو. محمد عمر جي عمر ڏهه سال هئي. هو رتن تلاءُ اسڪول ۾ پنجون درجو سنڌي پڙهندو هو، ۽ شام جو اسڪول جي ميدان ۾ فٽبال راند ڪندو هو. هن هڪ دفعي محمدن ڪلب ڍاڪا جي شيدي سينٽر فارورڊ محمد عمر کي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ٽيم خلاف مٿي سان بال کي ٽڪر هڻي گول ڪندي ڏٺو هو. محمد عمر فٽبالر جي اها ادا کيس ڏاڍي وڻي ويئي هئي. اُن ڏينهن کان هو بال کي اڪثر مٿي سان ٽڪر هڻڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته پيرن ۾ ٿڏجي آيل بال کي به گـُـت ڏيئي، مٿي سان ٽڪر هڻڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ان جدوجهد ۾ هو گهڻو ڪري مٿو ڦاڙائي ويهندو هو. سندس مٿي ۾ ايترا ته گــُـهٻ پئجي ويا هئا، جو بيني مٿس نالو رکيو هو اکروٽ!
    بيني سوڙ مان منهن ڪڍي، سپيءَ ۽ ڪوڏ جي کٽ ڏانهن نهاريو. کين ننڊ ۾ ستل سمجهي، هن هٿ وڌائي عمر اکروٽ جي سوڙ کي سٽ ڏني.
    عمر اکروٽ منهن تان سوڙ لاهي کانئس پڇيو: ”ڇاهي؟“
    بيني سڙٻاٽن ۾ پڇيس: ”موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان ڪڏهن ايندو؟“
    اکروٽ وات تي آڱر رکندي، آواز ڪڍيو: ”ههش.“
    ههش جي آواز تي پنجن ورهين جي سپيءَ جا ڪن کڙا ٿيا. هوءَ شام کان پنهنجن ڀائرن ۽ گهر جي ٻين ڀاتين جي پراسرار رويي سبب سخت مونجهاري ۾ هئي. هوءَ ان مونجهارن مان نڪرڻ لاءِ پنهنجي ننڍڙي مغز سان معاملي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، پر ناڪام ٿي رهي هئي. گهڻي مٿاڪٽ کانپوءِ به جڏهن ڪجهه سمجهه ۾ نه آيس، تڏهن هوءَ گهيرٽ ۾ پئجي ويئي، ۽ کيس ننڊ کڻي پيئي ويئي.
    ههش جي آواز تي سپي گهيرٽن مان جاڳي پئي. سوڙ جي هڪ ڪنڊ مٿي ڪري، پنهنجو ننڍڙو ڪن ٻاهر ڪڍيائين.
    ان وقت اکروٽ وات تي آڱر رکندي سڙٻاٽن ۾ بيني کي چيو: ”آهستي ڳالهاءِ”، ادا اڪبر چيو پئي، ته ڀتين کي به ڪن ٿيندا آهن!“
    سپي اها ڳالهه ٻڌي ڊڄي ويئي. اڪبر سندن وڏو ڀاءُ هو. هو ڪاليج ۾ پڙهندو هو، ۽ پاڻ کي اسٽوڊنٽ ليڊر سڏائيندو هو. ٻار سندس ڳالهه کي پٿر تي ليڪو سمجهندا هئا. سپيءَ جڏهن ٻڌو، ته ڀتين کي به ڪن هوندا آهن، تڏهن هن سوڙ جي ڪنڊ مان هڪ اک ٻاهر ڪڍي چڱيءَ طرح ڀتين ڏانهن ڏٺو. کيس ڀتين جا ڪن ڏسڻ ۾ نه آيا. هوءَ دل ئي دل ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ جي ڳالهه تي کلڻ لڳي، پوءِ هن بيني ڏانهن ڏٺو.
    بينو وڏي خبرداريءَ سان پنهنجي سوڙ مان ٻاهر نڪتو. ڪنڌ ورائي چئني طرف ڏٺائين. هر طرف اوندهه هئي. اوندهه ۾ ورانڊي جي بلب جي جهڪي روشنيءَ جا ڪجهه ڪرڻا داخل ٿي رهيا هئا. هو ٻئي گوڏا مٿي ڪري، پنهنجي کٽ جي پاٽيءَ تي چڙهي ويٺو. ان وقت کيس ٽارزن جا اهي سمورا ويهڻ جا انداز ياد آيا، جڏهن ٽارزن چئني طرفن کان شينهن، واڳن، چيتن ۽ گينڊن جي حملن سان وڪوڙجي ويندو هو.
    اُڀن گوڏن تي هٿ رکي، سينو ڦوڪي، ڪنڌ کي ڪلهن کان ڪجهه اڳتي ڪري، بينو پاٽيءَ تي پختو ٿي ويٺو. پوءِ تمام جهيڻي آواز ۾ عمر اکروٽ کان پڇيائين: ”پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو ڪڏهن ايندو؟“
    ”اڌ رات کانپوءِ ايندو؟“
    ”“ اڌ رات ڪڏهن ايندي؟“
    ”اڌ رات گذرڻ کانپوءِ اڌ رات ايندي.“
    عمر جو جواب بيني جي سمجهه ۾ نه آيو. مٿو کنهندي عمر کان پڇيائين: ”اکروٽ: موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان، سچ پچ پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي؟“
    ”ها.“ عمر وراڻيو:”ادا اڪبر، بابا کي ٻڌايو پئي ته هو پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي. موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان!“
    عمر منجهند ڌاري پنهنجي وڏي ڀاءُ اڪبر کي مخفي نموني پيءُ سان ڳالهائيندي ڏٺو ۽ ٻڌو هو. هنن پاڻ ۾ انگريزيءَ ۾ پئي ڳالهايو. سموري گفتگوءَ مان هن انگريزيءَ جو هڪ جملو، ”موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان“ ياد ڪري ورتو، پر کيس ان جملي جي معنيٰ سمجهه ۾ نه آئي. ۽ پوءِ جڏهن ڀاءُ کي اهو چوندي ٻڌائين، ته هو پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي، تڏهن کيس سموري گفتگوءَ جو ٿورو ٿورو مفهوم سمجهه ۾ اچي ويو، ته موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان، پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي، ۽ هو اڌ رات ڌاري سندن گهر ۾ اچي لڪندو، ۽ پوءِ اسر ويل، جهونجهڪڙي ۾ ڪيڏانهن هليو ويندو. عمر اها خبر بيني کي ٻڌائيندي، کيس تاڪيد ڪيو ته اها خبر ڪنهن کي به نه ٻڌائي، ڇو جو ڀتين کي به ڪن هوندا آهن. بيني اِها خبر، وڏي خبرداريءَ سان ڪوڏ کي ٻڌائي ڇڏي. ڪوڏ اها خبر سپيءَ کي ٻڌائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، پر سپيءَ کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
    بيني، عمر کان پڇيو: ”موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان سچ پچ خطرناڪ ماڻهو آهي؟“
    ”ها.“ عمر وراڻيو.
    ”هو گينڊي سان وڙهي سگهندو؟“
    ”ها.“
    ”ڀلا چيتي سان؟،
    ”ها.“
    ”“ واڳوءُ سان؟“
    ”هو واڳوءَ سان به وڙهي سگهندو.“ عمر اکروٽ چيو: ”هو موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان آهي.“
    ”ڇو نه وڙهي سگهندو!“عمر اکروٽ چيو: ”هو آخر به ته پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي.“
    بيني کي جيتوڻيڪ اکروٽ جي ڳالهه تي اعتبار نه آيو، پر تنهن هوندي به هو لاجواب ٿي، خاموش ٿي ويو.هن کي يقين هو، ته ٽارزن کان سواءِ دنيا جو ٻيو ڪو به شخص گهٽ ۾ گهٽ گورو بينگارا سان وڙهي نه سگهندو.
    عمر اکروٽ چيو: ”پر، مان سمجهان ٿو، موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ محمد عمر سينٽر فارورڊ سان فٽبال ميچ ۾ مقابلو ڪري نه سگهندو.“
    اکروٽ جي ان ڳالهه ۾ بيني کي ٽارزن لاءِ گهٽتائي نظر آئي. چيائين: ”ٽارزن هڪ دفعي آدمخور شينهن سان به وڙهيو هو.“
    عمر اکروٽ چيو:”گذريل سال پريزيڊنٽ گولڊ ڪپ فائينل ۾ محمد عمر مٿي سان ٽڪر هڻي ٽي گول ڪيا هئا.“
    بينو سوڙ جي ڪنڊ مٿي ڪري، هنڌ ۾ هليو. عمر اکروٽ به پنهنجو منهن سوڙ ۾ لڪائي ڇڏيو.
    پنجن سالن جي سپي، جنهن کي اکروٽ ۽ بيني جي گفتگوءَ جو هڪ لفظ سمجهه ۾ نه آيو هو، تنهن پنهنجي چپٽي ڪوڏ جي نڪ ۾ وجهي ڇڏي.
    ڪوڏ سندس هٿ پري ڪندي چيو: ”شاهي؟“
    سپيءَ کانئس پڇيو: ”اڌ لات جو ڇا ٿيندو؟“
    ”شمهي پئو.“ ڪوڏ کيس دڙڪو ڏنو.
    ”نه ٿمهنديس.“ سپي پڇيو: ”اڌ لات جو ٿا ٿيندو؟“
    ڪوڏ وڏي رازداريءَ وچان چيو: ”اِن موشت پاڪشتان ڊينجر اشان جي گهر ايندو.“
    سپيءَ کي ڪوڏ جو جواب سمجهه ۾ نه آيو. سندس ذهن ۾ خوفناڪ شڪلين وارن جنن ۽ راڪاسن جو تصور تري آيو. پڇيائين: ”مون کي ٿائي ويندو؟“
    ”ها.“ ڪوڏ کيس ڊيڄاريندي چيو: ”سمهي پئه.“
    سپي خاموش ٿي ويئي، ۽ دل ئي دل ۾ ڪوڏ جو اُچاريل جملو، ”ان موشت پاڪشتان دينجر“، ياد ڪندي ۽ اچاريندي رهي.
    ڪوڏ ڪجهه دير کانپوءِ سوڙ مان منهن ڪڍي بيني جي کٽ ڏانهن نهاريو. بينو کانئس عمر ۾ هڪ سال وڏو هيو، تنهن ڪري هو بيني کي پاڻ کان وڌيڪ عقلمند سمجهندو هو. هن بيني کي سڏ ڪيو.
    ستن سالن جي بيني منهن تان سوڙ لاهي ڇڏي.
    ڪوڏ کانئس پڇيو: ”ان موشت پاڪشتان ڊينجر، مون کي چڪ پائيندو؟“
    ”تون ننڍڙو آهين، توکي ته هن جو نالو به نه ٿو اچي.“ ستن سالن جي بيني وڏي فخر سان چيو: ”هن جو نالو -موسٽ ڊينجرس مين ان پاڪستان آهي.“
    ”ها. ها.“ ڪوڏ هڪدم تڪڙ ۾ جملو ورجائيندي پڇيو: ”موشت ان پاڪشتان ڊينجر مون کي چڪ پائيندو؟“
    ”ها.“ بيني وراڻيو: ”هو پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي.“
    اها بدخبر ٻڌڻ کانپوءِ ڪوڏ کي ڊپ ورائي ويو. هو هڪدم سوڙ ۾ گم ٿي ويو. سپيءَ کي چيائين: ”شپي، شمجهانءِ نه.“
    ”ٿو؟“
    ”مون کي ڀـُـئه ٿو ٿئي.“
    ”اڙي ماٺ ڪريو.“ ڏهن سالن جي عمر اکروٽ کين ڇڙٻ ڪڍندي چيو: ”ادا اڪبر چيو آهي، ته ڀتين کي به ڪن ٿيندا آهن.“
    ان ڳالهه تان سپيءَ کي ڏاڍي کل آئي. هن ڪجهه دير اڳ، هڪ هڪ ڀت ڏانهن جاچي ڏٺو هو، پر کيس ڀتين جا ڪن نظر نه آيا هئا. هن ڪوڏ کي ڪن ۾ چيو: ”اکلوٽ ڪول ٿو ڳالهائي-گناهه پوندس.“
    ڪوڏ هڪدم سوڙ مان منهن ڪڍي بيني کي چيو: ”اکروٽ ڪوڙ ٿو ڳالهائي - گناهه پوندش.“
    ”مان ڪوڙ نه ٿو ڳالهايان.“ عمر اکروٽ چيو: ”مون کي ادا اڪبر ٻڌايو آهي، ته ڀتين کي به ڪن هوندا آهن.“
    بيني پڇيس: .ڀلا ڀتين کي نڪ به هوندو آهي؟“
    ”مون کي خبر ناهي.“ عمر اکروٽ چيو: ”مونکي ادا اڪبر ٻڌايو آهي، ته ڀتين کي ڪن ٿيندا آهن.“
    ڪوڏ، سپي ۽ بينو ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳا.
    ان وقت سندن وڏو ڀاءُ اڪبر ڪمري ۾ آيو. ٻارن کي جاڳندي ۽ پاڻ ۾ ڳالهائيندي ڏسي آپي مان نڪري ويو. چيائين: ”توهين نالائق اڃا تائين جاڳو پيا!“
    اکروٽ چيو: ”اسين موسٽ ڊينجرس مين ان پاڪستان کي ڏسنداسين.“
    اڪبر کان ڇرڪ نڪري ويو، پر پوءِ هڪدم پاڻ سنڀالي ورتائين. چيائين: ”توهان ٻارن کي خبر پئجي ويئي آهي، ته پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو اڄ اسان جي گهر ايندو!“
    ”ها.“ اکروٽ وراڻيو: ”“ اسان کي اها به خبر پئجي ويئي آهي، ته هو اڌ رات کانپوءِ اسر ويل ڪيڏانهن روانو ٿي ويندو.“
    اڪبر سوچ ۾ پئجي ويو.
    ٻار سوڙين مان منهن ڪڍي ڏانهنس ڏسڻ لڳا.
    اڪبر ڏاڍي گنڀير لهجي ۾ چيو: ”ٻارو، جيئن ته اوهان کي پاڪستان جي سڀ کان خطرناڪ ماڻهوءَ جي باري ۾ خبر پئجي ويئي آهي، تنهن ڪري، مان اوهان کي اهو به ٻڌائي ڇڏيان ته هو اڄوڪي رات اوهان جي ڪمري ۾ گذاريندو.“
    ”اسان جي ڪمري ۾!“ ٻارن کان رڙ نڪري ويئي. سپي ۽ ڪوڏ روئڻ لڳا. بيني کين دلداري ڏيندي چيو: ”ڊڄو نه. مان ٽارزن جو دوست آهيان.“
    اڪبر چيو: ”هو مون واري کٽ تي اچي سمهندو.“
    ڏهن سالن جي اکروٽ پنهنجي وڏي ڀاءُ اڪبر کان پڇيو: ”“ تون ڪٿي سمهندين، ادا؟“
    اڪبر وراڻيو: ”مان غسلخاني ۾ سمهندس.“
    اکروٽ حيرت مان چيو: ”غسلخاني ۾!“
    ”ها.“
    ”ڇو؟“
    ”ڇو جو سياست جي ستين راز موجب اهڙن موقعن تي غسلخاني ۾ رات گذاربي آهي.“
    عمر اکروٽ پڇيو: ”ادا، سياست جو ستون راز ڇاهي؟“
    اڪبر وراڻيو: ”تون جنهن ڏينهن مون وانگر اسٽوڊنٽ ليڊر ٿيندين، تنهن ڏينهن توکي سياست جي ستين راز جي خبر پئجي ويندي.“
    اڪبر جي ايڏي وڏي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ ٻارڙا بيحد متاثر ٿيا. هو فخر وچان پنهنجي وڏي ڀاءُ اڪبر ڏانهن ڏسڻ لڳا، جيڪو اسٽوڊنٽ ليڊر هو، ۽ کيسي ۾ پستول رکي ڪاليج ويندو هو.
    اڪبر چيو: ”هاڻي منهنجي ڳالهه ڪن کولي ٻڌو.“
    بيني چيو:”اسان ڪن کولي ڇڏيا آهن.“
    ”ٺيڪ آهي.“ اڪبر ٻارن کي سمجهائيندي چيو: ”پاڪستان جي سڀ کان خطرناڪ ماڻهوءَ جي باري ۾ اوهان کي ڪجهه به ڳالهائڻو ناهي. ڇو جو ڀتين کي به ڪن ٿيندا آهن.“
    اها ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ پنجن سالن جي سپي ۽ ڇهن سالن جو ڪوڏ ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳا. ڪوڏ پنهنجي وڏي ڀاءُ کان پڇيو: ”ادا، ڀتين جو نڪ ڪٿي ٿيندو آهي؟“
    ”بس ڪر، ڇورا.“ اڪبر ڪوڏ کي دڙڪو ڏنو. ڪوڏ چپ ڪڍي روئڻ لڳو. سپيءَ هٿ وڌائي ڪوڏ جو چپ اندر ڪري ڇڏيو. ڪوڏ روئڻ بند ڪري ڇڏيو.
    بيني، اڪبر کان پڇيو: پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو، ڇا گينڊي کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي؟“
    ”مون کي خبر ناهي، بينا.“ اڪبر چيو: ”مون کي فقط ايتري خبر آهي، ته هو اڄ رات اسان جي گهر ۾ اچي لڪندو.“
    اکروٽ پڇيو: ”ڇا هو محمدن ڪلب ڊاڪا جي سينٽر فارورڊ محمد عمر جهڙو مضبوط آهي؟“
    ”مون کي خبر ناهي.“
    ”ڇا هو واڳوءَ سان وڙهي سگهندو؟“
    ”بيوقوفيءَ جهڙا سوال نه پڇندو ڪر، بينا.“
    ”ڀلا هو مٿي سان بال کي ٽڪر هڻي ٽي گول ڪري سگهندو؟“
    ”الاءِ.“
    ”هو گورو بينگارا سان مقابلو ڪري سگهندو؟“
    ”مون کي خبر ناهي- خبر ناهي.“ اڪبر ڪاوڙ وچان اکروٽ ۽ بيني کي ڇڙٻ ڪڍندي چيو: ”بڪ بند ڪريو، ۽ ننڊ ڪريو.“
    اکروٽ انهن ڏينهن ۾ پختون زلمي جي خبر اخبار ۾ پڙهي هئي. پڇيائين: ”ڇا هن وٽ سنڌي زلمي آهن.“
    ”يار سمهي پئه، اکروٽ.“ اڪبر چيو: ”مون کي فقط ايتري خبر آهي ته هن کي پاڪستان جي بچاءَ واري قاعدي ڊي پي آر هيٺ گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڪڍيو اٿائون. تنهن مان سمجهان ٿو، ته هو پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي، ۽ هن جي ڪري پاڪستان جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي.“
    اها ڳالهه اکروٽ کي ڪجهه ڪجهه سمجهه ۾ آئي. هو خاموش ٿي ويو.
    اڪبر پنهنجيءَ کٽ تي هنڌ وڇائي ۽ ڪمري جي بتي وسائي هليو ويو.
    اڪبر جي وڃڻ کانپوءِ سڀني ٻارن اڌ رات تائين جاڳڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آهستي آهستي، هڪ هڪ ڪري سمهندا ويا. سپيءَ ۽ ڪوڏ کي زڪام هو. تنهن ڪري، جيئن ئي کين ننڊ کڻي ويئي، سندن نڪ مان سيٽيءَ جهڙا زوڪاٽ نڪرڻ لڳا. زوڪاٽن جي آواز ۾ اکروٽ ۽ مسڪين بينو ڪجهه دير تائين جاڳندا رهيا، پر ڪجهه دير کانپوءِ اکروٽ جي اک لڳي ويئي، ۽ بينو جاڳندو رهيو.
    بيني پنهنجون اکيون ورانڊي ڏانهن کلندڙ در ۾ اٽڪائي ڇڏيون هيون، جتان ٻاهرين ميرانجهڙي روشنيءَ جا ڪجهه ترڙا ڪمري ۾ داخل ٿي رهيا هئا.
    ”پوءِ جڏهن رات جو ڳپل حصو گذري ويو، ۽ بيني جي اک لڳڻ لڳي، تڏهن اوچتو ورانڊي واري در ۾ هڪ هيبتناڪ راڪاس جيڏو شخص اچي بيٺو. بيني جو ساهه وڃي پيرن ۾ پيو.
    در ۾ بيٺل شخص هروڀرو ايترو قداور نه هو، جيترو بيني کي نظر اچي رهيو هو. هو ڊرم وانگر ويڪرو ۽ بيحد ٿلهو ڏسڻ ۾ پئي لڳو. سندس پٺ جيئن ته ورانڊي مان ايندڙ روشنيءَ ڏانهن هئي، تنهن ڪري سندس منهن نظر نه پئي آيو. هو ڪارهن ۽ اوندهه جو ڀوائتو ميلاپ پئي ڏٺو. بيني جي ننڍڙي دل سيني ۾ سـُـسي ويئي. کانئس وسري ويو ته پاڻ کي ٽارزن جو دوست سڏائيندو هو. چاهيائين ته ٽپ ڏيئي عمر اکروٽ جي کٽ تي وڃي ويهي ۽ پوءِ سندس سوڙ ۾ گهڙي وڃي. پر پوءِ جڏهن پاڪستان جي سڀ کان خطرناڪ ماڻهوءَ جي ڀرسان سندن وڏو ڀاءُ اڪبر اچي بيٺو، تڏهن، بيني جي ساهه ۾ ساهه پيو. سندس خوف ڍرو ٿيو ۽ کيس خيال آيو، ته پاڻ ٽارزن جو دوست هو ۽ وڏي هوندي کيس ٽارزن جهڙا ڪارناما سرانجام ڏيڻا هئا. اهو خيال اچڻ شرط سندس واڏڻ جهڙيون سنهڙيون مشڪون وٽجي سٽجي ويون ۽ هو تمام غور سان در ۾ بيٺل پنهنجي ڀاءُ ۽ اوپري شخص ڏانهن ڏسڻ لڳو.
    اڪبر هٿ جي اشاري سان اوپري شخص کي ڪمري ۾ اندر هلڻ لاءِ چيو. هو اندر هليو آيو.
    اڪبر چيو: ”توهين هن کٽ تي بي فڪرا ٿي سمهي پئو. اسر ويل مان پاڻهيئي اچي توهان کي اٿاريندس.“
    اوپري شخص ڪو جواب نه ڏنو ۽ کٽ تي ويهي رهيو. اڪبر کانئس موڪلائي هليو ويو.
    بينو خاموشيءَ ۽ خبرداريءَ سان ڏانهنس ڏسندو رهيو. ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ هن ڏٺو، ته اجنبي ٻئي ٻانهون مٿي ڪري، هٿ ڪلهن تائين کڻي آيو. پوءِ جڏهن سٽ ڏيئي هٿ مٿي ڪيائين ته سندس جسم تي ويڙهيل ٿلهي سوڙ ڇڪجي کانئس ڌار ٿي ويئي. سوڙ مان هڪ سنهڙو سيپڪڙو شخص نڪري آيو- اهو ڏسي بينو اچرج ۾ پئجي ويو.
    اوپري شخص پيرن مان چمپل لاهي ڇڏي، ۽ پوءِ خبرداريءَ سان هنڌ تي ليٽي پيو ۽ پنهنجي مٿان سوڙ وجهي جهونگارڻ لڳو: ”مالڪ تون درد ڪٽيندين، ڪين ڇڏيندين، هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندين.“
    بينو ڪجهه دير تائين اوپري شخص ڏانهن ڏسندو رهيو.
    اوپرو شخص بنا چـُـرپـُـر جي سوڙ هيٺان هنڌ تي ليٽيو پيو هو.
    بيني آهستگيءَ سان پنهنجي سوڙ مان هٿ ڪڍي عمر جي سوڙ کي سٽ ڏني.
    عمر پاسو ورائيندي ننڊ ۾ ڳالهايو: ”گول ٿي ويو ڇا؟“
    ”اکروٽ!“ بيني سڙٻاٽن ۾ کيس سڏ ڪيو.
    ”هون.“
    ”اکيون کول.“
    ”گول! ڪنهن ڪيو؟“
    ”گول نه، اکروٽ. اکيون کول.“
    ڇو؟“
    ”موسٽ ڊينجرس مين ان پاڪستان اچي ويو آهي.“
    ”ڪٿي آهي؟،
    ”ادا اڪبر جي کٽ تي سمهيو پيو آهي.“
    عمر اکروٽ کي ماڻس آيت الڪرسي ياد ڪرائي ڇڏي هئي، ۽ کيس تاڪيد ڪئي هئي، ته جڏهن به جن ڀوت ۽ غيبات وغيره جي ويجهو وڃي ۽ خوف محسوس ڪري، تڏهن آيت الڪرسي دم ڪري، سيني تي شوڪارو هڻي ڇڏي. جن ڀوت ڀڄي ويندا.
    عمر اکروٽ آيت الڪرسي دم ڪري سيني تي شوڪارو هڻي ڇڏيو. بيني کي چيائين: ”پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ شخص مون کي اوندهه ۾ چڱيءَ طرح ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.ڪيئن آهي؟“
    ”مون کي چڱيءَ طرح نظر نٿو اچي.“ بيني تمام آهستي ڳالهائيندي چيو: ”مان سمجهان ٿو هو اچڻ شرط ننڊ ۾ الوٽ ٿي ويو آهي. چڱي طرح چڪاس ڪري ٿو اچانس.“
    بينو خبرداريءَ سان کٽ تان هيٺ لٿو. ٻه- چار وکون پٻن تي کنيائين، ۽ پوءِ جڏهن وچ ڪمري ۾ پهتو، تڏهن هيٺ جهڪي، ٺونٺين ۽ گوڏن تي بانبڙا پائيندو اوپري شخص جي کٽ وٽ وڃي پهتو. اتان منهن ورائي اکروٽ ڏانهن ڏٺائين. عمر اکروٽ اک ڇنڀڻ بنا ميرانجهڙي روشنيءَ جي تروِرن ۾ بيني ڏانهن ڏسندو رهيو.
    بينو سيرانديءَ وٽان آهستي آهستي اُڀو ٿيڻ لڳو. سندس منهن جڏهن کٽ جي پاٽيءَ جيترو مٿي ٿيو، تڏهن هن ڳاٽ اڳتي ڪري اوپري شخص جي منهن ۾ نهاريو.
    اوپري شخص جون اوندهه ۾ اکيون کليل هيون. هن جڏهن پاٽيءَ وٽان بيني جي گهاٽن وارن وارو مٿو مٿي ٿيندي ڏٺو، تڏهن کانئس ڊپ وچان دانهن نڪري ويئي.
    اُها دانهن پنهنجي نوعيت جي اڪيلي ۽ بيمثال دانهن هئي.
    عجيب ۽ حيرت انگيز ڪيڪ ٻڌڻ شرط بيني بـُـل کاڌو ۽ سڌو وڃي ڪمري جي وچ ۾ پيو. کيس پڪ ٿي ويئي، ته اهو شخص، جنهن جي ڪيڪ اچرج ۾ وجهڻ جهڙي هئي، سو پڪ ئي پڪ پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو هو. هو وچ ڪمري مان، غور سان اوپري شخص ڏانهن ڏسڻ لڳو.
    اوپرو شخص اکيون ڦاڙي بيني ڏانهن ڏسي رهيو هو. پوءِ جڏهن سامت ۾ آيو، تڏهن چيڪلي آواز ۾ پڇيائين: ”ڪير آهين؟“
    ”مان؟“ بينو اُٿي بيٺو. وراڻيائين: ”مان مسڪين احمد آهيان. ماڻهو مون کي بينو سڏيندا آهن. مان ٽارزن جو دوست آهيان.“
    ”پر آهين ته ماڻهو نه؟“
    ”نه.“
    ”تون ماڻهو ناهين!“
    ”نه.“
    ”ته پوءِ ڪير آهين، بابا؟“
    ”مان ڇوڪرو آهيان.“ بيني کٽ ڏانهن وڌندي وراڻيو: ”مان رتن تلاءَ پرائمري اسڪول ۾ ٻيو درجو پڙهندو آهيان.“
    اوپري شخص پڇيس: ”اڪبر جو ڇا ٿيئن..“
    ”ڀاءُ.“ بيني وراڻيو: ”سامهون کٽ تي مون کان وڏو منهنجو ڀاءُ عمر اکروٽ سمهيو پيو آهي. هو فٽبال کي مٿي سان ٽڪر هڻندو آهي.“
    عمر کٽ تان اُٿي ڪمري جي بتي ٻاري ڇڏي.
    روشنيءَ ۾ عمر ۽ بيني اوپري شخص ڏانهن ڏٺو. اهو ڏسي کين سخت حيرت ٿي ته پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ شخص پوڙهو، ڪمزور ۽ سنهڙو سيپڪ هو. سندس هڙٻاٽون نڪتل ۽ ڏند ڀڳل هئا‍ اکيون هڏن جي پيالن ۾ پوريل، نڪ سنهڙو ۽ ڊگهو، ۽ ڪن وڏا ۽ ويڪرا هئا. ڪنن جي هيٺان ڪونئريون پاپڙيون ڌڏي رهيون هئس.
    عمر اکروٽ وڌي وڃي بيني جي پاسي ۾ بيٺو. بيني کي سڙٻاٽن ۾ چيائين: ”ادا اڪبر کان پڪ غلطي ٿي ويئي آهي. هيءُ ڪارٽون پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ شخص ٿي نه ٿو سگهي.“
    بيني جواب ڏيڻ بدران اوپري شخص کان پڇيو: ”تون گينڊي سان وڙهي سگهندين.“
    ”هان! ڇا چيئه؟“ هن کان ڇرڪ نڪري ويو.
    ”ڀلا چيتي سان وڙهي سگهندين؟“
    ”مان! چيتي سان!“
    ”چڱو ڀلا واڳونءَ سان وڙهي سگهندين؟“
    ”واڳون، چيتو، گينڊو‍!“ اوپرو شخص اوپرا سوال ٻڌي سراپجي ويو. ٻئي هٿ مٿي تي رکي ڇڏيائين. پنهنجي ساءِ چيائين: ”مالڪ تون درد ڪٽيندين، ڪين ڇڏيندين، هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندين.“
    ”ڀلا ڳالهه ٻڌ.“ اکروٽ اجنبيءَ کان پڇيو: ”تون، موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان آهين. ٻڌاءِ ڊاڪا محمدن ڪلب جي سينٽر فارورڊ محمد عمر سان ڊاجنگ ڪري سگهندين.“
    اوپرو شخص هڪدم اُٿي ويٺو. اکروٽ ۽ بينو ٽپ ڏيئي کانئس پري ٿي ويا.
    بيني کڙيون مٿي ڪري، پٻن تي بيهندي، اکروٽ کي ڪن ۾ چيو: ”موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان بلڪل پوڙهي لومڙ جهڙو آهي.“
    اکروٽ چيو: ”مان سمجهان ٿو، ادا اڪبر کان چڪ ٿي ويئي آهي.“
    ”مان ادا اڪبر کي ٻڌائي ٿو اچان، ته موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان بدران، هو ڪنهن پوڙهي لومڙ کي رات رهائڻ لاءِ گهر وٺي آيو آهي.“ بيني چيو: ”تون ترس مان ادا اڪبر کي ٻڌائي ٿو اچان.“
    بينو پٻن تي ڊوڙندو ڪمري مان نڪري ويو ۽ سڌو وڃي غسلخاني جي ٻاهران بيٺو. در اندران بند هو. بيني در کڙڪايو.
    اندران اڪبر پڇيو: ”ڪير آهي؟“
    بيني وراڻيو:”مان آهيان.“
    ”تون ڪير‍!؟“ اڪبر پڇيو: ”سي آءِ ڊي انسپيڪٽر ايڪس واءِ زيڊ؟“
    ”نه.“ بيني چيو: ”مان مسڪين احمد بينو آهيان.“
    ”اوهه، بدبخت ڇورا!“ اڪبر غسلخاني جو در کوليندي چيو: ”ڇو آيو آهين؟“
    بيني وڏيءَ رازداريءَ وچان اڪبر کي ٻڌايو: ”موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان، اصل ۾ پاڪستان جو خطرناڪ ماڻهو ناهي. توکان غلطي ٿي ويئي آهي. تون هڪ پوڙهي لومڙ کي گهر وٺي آيو آهين.“
    ”بيوقوف، پوليس کيس پاڪستان جي بچاءِ واري قاعدي هيٺ گرفتار ڪرڻ لاءِ ڳولي رهي آهي.“ اڪبر خارن مان بيني کي ڇڙٻ ڪڍندي چيو:”وڃ، وڃي سمهي پئه. هوئي پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي.“
    بينو مٿو کنهندي پنهنجي ڪمري ڏانهن موٽي ويو. عمر اکروٽ سندس انتظار ۾ بيٺو هو. بيني پٻن تي بيهي. اکروٽ کي ڪن ۾ ٻڌايو: ”ادا اڪبر چيو آهي ته پوڙهو لومڙ پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي.“
    اکروٽ چتائي پوڙهي اجنبيءَ ڏانهن ڏٺو، جيڪو ڪنن جي پاپڙين ۾ چپٽيون وجهي جهونگاري رهيو هو: ”مالڪ تون درد ڪٽيندين، ڪين ڇڏيندين، هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندين.“
    اکروٽ ۽ بينو وڌي وڃي اجنبيءَ جي کٽ وٽ بيٺا.
    اکروٽ ڊڄندي ڊڄندي پوڙهي کي چيو: ”اسان جي وڏي ڀاءُ اڪبر اسان کي پڪ ڏياري آهي، ته تون ئي پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهين.“
    بيني، پوڙهي کان پڇيو:”تون ڪهڙا ڪهڙا خطرناڪ ڪم ڪندو آهين؟“
    پوڙهي وراڻيو: ”مان هڪ پراڻو راڳ ڳائيندو آهيان.“
    اکروٽ پڇيس: ”ڪهڙو راڳ؟“
    پوڙهي راڳ آلاپيو: ”مالڪ تون درد ڪٽيندين، ڪين ڇڏيندي، هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندين.“
    مسڪين احمد بيني پوڙهي کان پڇيو: ”“ ٻيو ڪهڙو خطرناڪ ڪم ڪندو آهين؟“
    پوڙهي وراڻيو: ”مان ڪنهن به دؤر ۾ پنهنجو نالو نه مٽائيندو آهيان.“
    پوڙهي جو جواب بيني کي سمجهه ۾ نه آيو. بينو ڪن ۾ آڱر وجهي مر ڪڍڻ لڳو.
    عمر اکروٽ، جيڪو ڏهن سالن جي عمر جو هو، تنهن پوڙهي کان پڇيو: ”تنهنجو نالو ڇاهي؟“
    ”منهنجو نالو رجب علي ديوانو آهي.“ پوڙهي ٻارن کي هٿ ٻڌندي چيو: ”مون کي ننڊ ڪرڻ ڏيو. مان اسر ويل ڪيڏانهن هليو ويندس.“
    عمر اکروٽ، ۽ مسڪين احمد بينو پنهنجين پنهنجين کٽن ڏانهن موٽي ويا.
    رجب علي ديوانو مٿي هيٺان ٻانهون ڏيئي ليٽي پيو ۽ جهونگارڻ لڳو، ”مالڪ تون درد ڪٽيندين، ڪين ڇڏيندين، هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندين.“


    بڙ جو غم

    مان زندگيءَ جو اُهو دؤر قبول نه ڪندس، جيڪو،توکان
    جدا ٿي گذاريندس.“[

    پڪ سان اوهان کي ٻڌائي نه سگهندس، ته مان ڪيتري دير کان بڙ جي هن قديم، سڪل ۽ کاڌل وڻ جي ويجهو بيٺو آهيان. وقت جي گهڙيال جا مون ٻئي ڪانٽا ڀڃي ڇڏيا آهن، ۽ ڪيلينڊرن جا ورق ورائي ڇڏيا آهن. لمحن، ساعتن ۽ پهرن کان بيخبر، مان بڙ جي پراڻي، سڪل ۽ کاڌل وڻ جي ويجهو بيٺو آهيان. بڙ جي وڏي ۽ ويڪري ٿڙ تي نه دل جو نشان اُڪريل آهي، ۽ نه ئي ڪيپوڊ جو تير دل مان پار ٿيل آهي. ائين به نه آهي، ته خدا جي ڪنهن نيڪ بندي مون کي بڙ جي ويجهو بيهڻ جي تلقين ڪئي آهي. مان پنهنجي مرضيءَ سان بڙ جي ويجهو بيٺو آهيان- مان خوابن جي تعبير جو مالڪ نه آهيان. فقط پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ آهيان. مان پنهنجي مرضيءَ مطابق بڙ وٽ بيٺو آهيان. هڪ چٻري کي شڪ آهي ته مان ڪنهن جن يا راڪاس کي پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ لاءِ چلو ڪاٽي رهيو آهيان. نه، نه. ائين هرگز نه آهي. ڪجهه ماڻهن ۽ مرؤن جو خيال آهي ته مان پاڻ جن آهيان، جنهن منهنجي لاءِ چلو ڪاٽيو، تنهن جي قبضي ۾ نه آهيان. جنهن منهنجي لاءِ چلو نه ڪاٽيو تنهن جي قبضي ۾ آهيان. بهرحال، پراڻي، سڪل ۽ کاڌل بڙ جي ڀرسان مان پنهنجيءَ مرضيءَ سان بيٺو آهيان. ڪنهن ڏاڍي جي چوڻ تي نه بيٺو آهيان.
    اڄ صبح جو شميم جڏهن آفيس مان ڪوهه مريءَ لاءِ رواني ٿي رهي هئي. مون کيس چيو هو: ”ڇتر وٽ هڪ قديم ۽ کاڌل بڙ جو وڻ آهي. اهو وڻ مون کي وڻندو آهي. سمجهان ٿو، اهو کاڌل ۽ ويران وڻ به مون کي پسند ڪندو آهي. تنهنجي اُسهڻ کانپوءِ مان ڇتر وٽ بڙ جي کاڌل وڻ ڀرسان وڃي بيهندس. اڄ شام مريءَ کان موٽيندي تون جڏهن فرم جي جنرل مئنيجر سان گڏ ڇتر وٽان لنگهندينءَ، مان توکي کن پل لاءِ ڏسي وٺندس ۽ خوش ٿيندس، ۽ پوءِ گهر وڃي پنهنجي پوڙهي ماءُ جي هٿ جي پڪل ماني کائيندس. هميشه ائين ئي ٿيندو رهيو آهي. توکي ڏسڻ کانپوءِ مان جيڪڏهن خوش ٿيندو آهيان، تڏهن پنهنجيءَ پوڙهيءَ ماءُ جي هٿ جي پڪل ماني کائي سگهندو آهيان. مان ماني کائيندي اڪثر سوچيندو آهيان ته رزق جي داڻي داڻي تي منهنجي نصيب جي مهر لڳل آهي: هونءَ نه ته، بڙ جي پراڻي، سڪل ۽ کاڌل وڻ ويجهو بيهي ڪنهن جو انتظار ڪرڻ وارا ماني نه کائيندا آهن.“
    شام ٿيڻ تي آهي. سج لهڻ تي آهي. ڪا ڪونج اڏامڻ تي آهي جنرل مئنيجر سان گڏ ڪوهه مريءَ ڏانهن رواني ٿيڻ کان اڳ شميم چيو هو: ”تون ته اجايو ملول پيو ٿئين ميٽنگن جي سلسلي ۾ جنرل مئنيجر سان گڏ ڪوهه مري، ايبٽ آباد وغيره وڃڻ منهنجي ذميدارين ۾ شامل آهي. يقين ڪر، توکان سواءِ مون کي ڪنهن سان محبت نه آهي. تون مون کي ان ڪري به وڻندو آهين جو هميشه ڪنهن سڪل بڙ جي ويجهو بيهي رهندو آهين، ۽ منهنجو انتظار ڪندو آهين. اڄ اسين شام ڌاري ڇتر وٽان لنگهنداسين. موٽر ۾ مان جنرل مئنيجر ڀرسان دريءَ وٽ ويٺي هونديس. تون مون کي ڏسي وٺجان”، ۽ پوءِ گهر وڃي پنهنجي پوڙهي ماءُ جي هٿ جو رڌل کاڌو کائجانءِ ۽ هڪ لولي ٻڌي سمهي پئجان”.“
    في الحال مون کي بک نه لڳي آهي. مان بڙ جي پراڻي ۽ سڪل وڻ وٽ بيٺو آهيان ۽ شميم جو انتظار ڪري رهيو آهيان. شميم کي جنرل مئنيجر جي پاسي ۾ ويٺل ڏسي مان سڙي خاڪ نه ٿيندو آهيان. انسان زندگيءَ ۾ هر دفعي خاڪ نه ٿيندو آهي. انسان پنهنجي زندگيءَ ۾ فقط هڪ دفعو خاڪ ٿيندو آهي، ۽ پوءِ وري سڙي، ٻري خاڪ ٿي نه سگهندو آهي. شميم کي ڏسڻ جي خواهش دل ۾ کڻي مان پراڻي بڙ وٽ بيٺو آهيان. مان کيس کن پل لاءِ ڏسندس. خوش ٿيندس، ۽ پوءِ گهر وڃي امان جي هٿ جي پڪل ماني کائيندس. منهنجي ماءُ ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه مان منهنجي لاءِ ماني پچائيندي آهي. مان جنهن ڏينهن ماني کائي نه سگهندو آهيان، سو سمورو ڏينهن امان اُداس اُداس رهندي آهي. مان پنهنجي ماءُ کي اُداس ڏسي نه سگهندو آهيان. چاهيندو آهيان ته هوءَ خوش رهي. کلندي رهي. مون کي ماني کائيندي ڏسي ٽڙندي رهي. مان ماني فقط تڏهن کائي سگهندو آهيان، جڏهن شميم کي هڪ نظر ڏسي وٺندو آهيان. هڪ افلاطون جو قول آهي ته شميم منهنجي لاءِ ڦودني جي ڦڪي آهي، جنهن جو تعلق سڌو سنئون منهنجي هاضمي سان آهي. پر ائين نه آهي. اِهو منهنجو ۽ منهنجيءَ ماءُ جو ذاتي مسئلو آهي، جنهن جو تعلق شميم سان آهي.
    سج ڪجهه گهڙين جو مهمان آهي - منهن لڪائڻ لاءِ ماندو آهي چٻري جو پري پري تائين نالو نشان نه آهي ڪيترا دفعا ائين به ٿيو آهي جو شميم جو انتظار ڪندي سج وسامي ويندو آهي، ۽ پوءِ هڪ چٻرو ڪٿان اُڏامندو ايندو آهي ۽ سڪل بڙ جي هڪ ٽاريءَ تي ويهي مون ڏانهن ڏسڻ لڳندو آهي. تڏهن، اُها موٽر جنهن ۾ شميم کي جنرل مئنيجر سان واپس ورڻو هوندو آهي، سا موٽر ڇتر وٽان نه لنگهندي آهي. تڏهن رات جا واسينگ بڙ جي سڪل ٽارين مان لٽڪڻ لڳندا آهن، ۽ مٿاهين ٽاريءَ تي ويٺل هڪ چٻرو مون ڏانهن ڏسي مرڪڻ لڳندو آهي. مان پنهنجي ساءِ آهيان ته وڏو آڙيڪاپ، پر اڄ تائين اهو سمجهي نه سگهيو آهيان ته اسان کي مجبور ۽ بيوس ڏسي چٻرا ڇو مرڪندا آهن! ڍڳا ڇو نه مرڪي سگهندا آهن! سمجهان ٿو، اسان جي ملڪ جا ڍڳا تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا ذهين شاگرد آهن. کين اسپين جي ڍڳن جو حشر ياد آهي، کين خبر آهي ته تيز تلوار فقط ڍڳي جي سيني ۾ لهي سگهندي آهي، ڪنهن چٻري جي سيني ۾ نه. تنهن ڪري، اسان کي مجبور ۽ لاچار ڏسي، فقط چٻرا اسان جي حال تي کلي سگهندا آهن- ڍڳا کلي نه سگهندا آهن. اسين چٻري جي سيني ۾ تلوار لاهي نه سگهندا آهيون.
    بڙ جو هيءُ وڻ جنهن جي پاسي کان مان بيٺو آهيان، بيحد پراڻو ۽ قديم بڙ آهي. ان ڳالهه ۾ ڪنهن شڪ جي گنجائش نه آهي. ان باري ۾ مون کي پڪ آهي. پڪ ان ڪري آهي، جو بڙ جو وڻ ۽ مان هڪ جيترا آهيون. نه بڙ عمر ۾ مون کان وڏو آهي ۽ نه مان بڙ کان عمر ۾ وڏو آهيان. اسين ٻئي هڪ جيترا آهيون ۽ هڪ ٻئي جي ماضيءَ ۽ حال کان واقف آهيون. بڙ جو ٿڙ ڏسڻ ۾ وڏو ۽ ويڪرو آهي، پر اندران خالي آهي. ڪو غم کيس کائي ويو آهي. هينئر، منجهس ڪو شهر آباد نه آهي. هينئر، منجهس هڪ طوطو رهندو آهي. بڙ جي طوطي جي منهنجي وجود جي طوطي سان ياري ٿي ويئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو بڙ جي طوطي مون کي بڙ جي ٿڙ سان لڳي ان موٽر جو انتظار ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، جنهن ۾ شميم فرم جي جنرل مئنيجر جي ڀرسان ويٺي هوندي آهي ۽ مريءَ کان موٽندي ڇتر وٽان لنگهندي آهي. شميم جو انتظار ڪندي ڪندي، مان ڪنهن وقت پاڻ کي پراڻي ۽ قديم بڙ جو هڪ حصو سمجهڻ لڳندو آهيان. تڏهن مون کي پنهنجي وجود تي بڙ جو، ۽ بڙ جي وجود تي پنهنجي وجود جو گمان ٿيڻ لڳندو آهي.
    هڪ دفعي مون شميم کان پڇيو هو: ”فرم جو جنرل مئنيجر آفيس بدران پڪنڪ پوائنٽس تي وڃي ميٽنگ ڇو ڪندو آهي، ۽ توکي نويڪلي ماحول ۾ ڊڪٽيشن ڇو ڏيندو آهي. ڇا هو آئوٽ ڊور شوٽنگ تي ويندو آهي!“
    ”ڏاڍو ڪم ڪندو آهي ويچارو! ٿڪجي پوندو آهي هڪ ئي ماحول ۾ ڪم ڪندي ڪندي!“ شميم منهنجي عام معلومات ۾ اضافو ڪندي چيو هو: ”پڪنڪ واري هنڌ ۽ هوادار ماحول ۾ ميٽنگ ڪرڻ سان وڏن وڏن مسئلن جو حل نڪري ايندو آهي.“
    انهن ئي ڏينهن ۾ مون بڙ جي طوطي کي چيو هو: ”مان هڪ نه هڪ ڏينهن شميم کي هوادار ماحول ۾ وٺي ويندس ۽ پوءِ پنهنجي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي مسئلي جو حل تلاش ڪندس.“
    بڙ جي طوطي چيو هو: ”تون شميم کي هوادار ماحول ۾ وٺي وڃي نه سگهندين.“
    ”ڇو نه وٺي وڃي سگهندس!“ مون تعجب وچان پڇيو هو.
    ”ان ڪري جو هوءَ تنهنجي اسٽينوگرافر يا پرائيويٽ سيڪريٽري نه آهي. هوءَ تنهنجي ماتحت نه آهي.“ بڙ جي طوطي چيو هو: ”“ يار، تو وٽ ٽويوٽا هائي ايس به ته نه آهي!“
    بڙ جي طوطي جي ڳالهه ٻڌي مان خاموش ٿي ويو هوس، مون کي پنهنجو وجود اندران خالي خالي محسوس ٿيو هو. اهو احساس جو پهريون زخم هو. هينئر، مون کي خبر آهي ته منهنجي وجود ۾ ڪو شهر آباد نه آهي. منهنجي وجود ۾ هڪ وسيع ويراني آهي، ۽ ان ۾ هڪ طوطو رهندو آهي. منهنجي وجود جي طوطي جي بڙ جي طوطي سان دوستي آهي.
    هڪڙي ڏينهن بڙ جي طوطي منهنجي وجود جي طوطي کان پڇيو هو: ”هيءَ شخص جنهن عورت سان محبت ڪندو آهي، ڇا هوءَ ڏاڍي سهڻي، من موهڻي آهي؟“
    ”ڌوڙ جي سهڻي آهي!“ منهنجي وجود جي طوطي بڙ جي طوطي کي ٻڌايو هو: ”ان عورت جون اکيون مئل ٻڪر جي اکين جهڙيون، پير هوبهو بدڪ جي پيرن جهڙا ۽ هٿ خاڪي رنگ جي آلي ٽوال جهڙا آهن.“
    بڙ جي طوطي حيرت وچان منهنجي وجود جي طوطي کان پڇيو هو: ”ته پوءِ هيءُ شخص بڙ جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏيئي اهڙي عورت جو انتظار ڇو ڪندو آهي؟“
    منهنجي وجود جي طوطي کلندي چيو هو:”ڇو جو هن شخص کي ان موالي عورت سان محبت ٿي ويئي آهي.“
    دڙڪو ڏيندي مون پنهنجي وجود جي طوطي کي خاموش رهڻ جي تلقين ڪئي هئي- نه ڳالهاءِ طوطا- ماٺ ڪر- ڳالهائڻ وارو طوطو. مون کي نه وڻندو آهي، مان گونگن طوطن کي پسندو ڪندو آهيان.
    لڳيم ٿو ڄڻ صديون گذري ويون آهن. مون کي شميم جو انتظار ڪندي ڪندي! ڪنهن مورخ تاريخ جو هڪ باب لکي ڇڏيو آهي، جنهن جا لفظ ۽ جملا ميسارجي ويا آهن ۽ مفهوم اُڏوهيءَ جو کاڄ ٿي ويو آهي.
    مون هڪ دفعي شميم کان پڇيو: ”ڇا اهو ممڪن ناهي جو تون پڪنڪ وارن هنڌن ۽ هوادار ماحول ۾ وڃي جنرل مئنيجر کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏين؟“
    ”نه. اهو ممڪن ته آهي، پر جنرل مئنيجر کي انڪار ڪرڻ مناسب نه آهي.“ شميم چيو هو: ”نوڪريءَ ۾ منهنجي ترقيءَ جو دارومدار جنرل مئنيجر جي ساليانين رپورٽن تي آهي. مان ڪنهن به صورت ۾ کيس خفي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان.“
    ڪيتري دير تائين منهنجي وجود جو طوطو ويران شهر ۾ اُڏامندو رهيو، ٻوليون ٻوليندو رهيو ۽ زندگيءَ جا آثار ڳوليندو رهيو، پر ناڪام رهيو. منهنجي وجود جو طوطو وحشتن جي چمڙن کان ڀڄندو رهيو.
    ”هيءُ اسلام آباد جو شهر آهي. اڌ شهر سفارتي نمائندن سان ۽ اڌ شهر ڪامورن سان آباد آهي.“ شميم چيو هو: ”تون سنڌ جي نهايت ئي پٺتي پيل ڪنهن شهر مان آيو آهين، تنهن ڪري نئين شهر جي جديد ماحول کي سمجهي نه سگهيو آهين. ڪهڙي شهر مان آيو آهين؟“
    آهستي وراڻيو هيم: ”ڪراچيءَ مان.“
    شميم چيو: ”نوڪري ڪندڙ عورت سان محبت ڪرڻ جا ڪي اصول هوندا آهن، سمجهيه”!“
    هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو هوم: ”ڪجهه ڪجهه سمجهي ويو آهيان.“
    ”گڊ!“ شميم چيو هو: ”ميٽنگن ۾ ڊڪٽيشن وٺڻ لاءِ مان پنهنجي باس سان پڪنڪن ۽ هوادار ماحول ۾ ويندي رهنديس- آفيس جي ساٿين سان ملندي جلندي رهنديس - کلي کلي هنن سان ڳالهيون ڪندي رهنديس- هنن جي پارٽين ۾ شامل ٿيندي رهنديس - هنن سان گڏجي مانيون کائيندي رهنديس - پر، اصل ۾ محبت فقط توسان ڪندي رهنديس. اهي ڳالهيون توکي سمجهه ۾ اچڻ گهرجن.“
    سمجهان ٿو، اِهي سموريون ڳالهيون هينئر منهنجي سمجهه ۾ اچي ويون آهن. خدا جي فضل سان مان ڏاڍو سمجهو ٿي پيو آهيان. ڳالهين جي تهه تائين ٺهه ٺهه پهچي ويندو آهيان. ڦٽل ناسپاتيءَ کي صوف سمجهي اکين تي رکندو آهيان. بڙ جي ڀرسان بيهي شميم جو انتظار ڪندي بيزار نه ٿيندو آهيان. اڄ به مان شميم لاءِ منتظر آهيان. سڪل بڙ جي ڀرسان بيٺو آهيان. آسمان جو رنگ بدلجي ويو آهي - چاهتن جو رت اُفق جي ٻارن ۾ وهي ويو آهي. سج خاموش مرثين جي رديف سان ماتمڪدي ڏانهن وڌي رهيو آهي.
    بڙ جي طوطي منهنجي وجود جي طوطي کي چيو آهي: ”بڙ جو هيءُ وڻ ڪڏهن سرسبز ۽ آباد هو. ٽاريون گهاٽن ساون پنن سان سينگاريل هئس، ان وقت بڙ جي وجود ۾ منهنجي لاءِ گنجائش نه هئي. تڏهن مان سندس ٽارين تي ويهندو هوس. پر پوءِ هيءُ وڻ ويران ٿي ويو. ڪو غم کيس کائي ويو. اندران خالي ٿي ويو. تڏهن مان سندس ٽارين تان اُٿي، سندس وجود ۾ رهڻ لڳس.“
    ”هيءُ شخص به آباد هو ڪڏهن.“ منهنجي وجود جي طوطي بڙ جي طوطي کي چيو آهي: ”ڏاڍو کلندو هو، ماڻهن کي کلائيندو هو. خوشيون ونڊيندو هو، خوشيون ورهائيندو هو. پر پوءِ کيس خاموشيءَ جي خزان ورائي ويئي. ڪو غم کيس کائڻ لڳو. جڏهن کان هن شخص جي وجود جو شهر ويران ٿيو آهي، مان هن جي اندر رهڻ لڳو آهيان.“
    ان کان اڳ جو مان دڙڪو ڏيئي پنهنجي وجود جي طوطي کي خاموش ڪري ڇڏيان، ٻئي طوطا هڪدم خاموش ٿي ويا آهن. بڙ جو طوطو کاڌل ٿڙ جي اوندهه ۾ گم ٿي ويو آهي. منهنجي وجود جو طوطو چاهتن جي ٽٽل شهتيرن پٺيان وڃي لڪي پيو آهي.
    مون بڙ جي سڪل ٽارين ڏانهن ڏٺو آهي. هڪ ڏنگي، ڦڏي ۽ اُگهاڙي ٽاريءَ تي چٻرو ويٺو آهي، ۽ مون ڏانهن ڏسي رهيو آهي. سندس منحوس منهن تي مرڪ آهي. هو گهور وجهي مون ڏانهن ڏسي رهيو آهي. ائين پيو لڳي، ڄڻ ٽهڪ ڏيئي کلي پوندو. مون کي اُلوءَ کان نفرت آهي. مان کيس مارڻ جون ترڪيبون سوچڻ لڳو آهيان. وڏو ڪو بدبخت چٻرو آهي! مون تان کلڻ جو اختيار هڪ چٻري کي ڪنهن ڏنو آهي! الوءَ جو پٽ! مون نفرت ۽ حقارت وچان چٻري ڏانهن ڏٺو آهي.
    ”مون کي خبر آهي، تون مون کي مارڻ جون ترڪيبون سوچي رهيون آهين.“ چٻري مرڪندي چيو: ”پر تون مون کي ماري نه سگهندين.“
    زندگيءَ ۾ پهريون دفعو مون ڪنهن چٻري کي ڳالهائيندي ٻڌو آهي. تعجب جي ڳالهه آهي. ائين ته ناهي، تاريخ جو ڪو نئون باب لکجي رهيو آهي! پر، ڳالهائيندڙ چٻري ڪهڙي آڌار تي دعويٰ ڪئي آهي ته مان کيس ماري نه سگهندس! مان کيس ضرور ماريندس. هن دفعي نه، ته اڳئين دفعي کيس ضرور ماريندس. ان ڳالهه جو مون پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي. وري جڏهن به شميم فرم جي جنرل مئنيجر سان گڏ ڪنهن هوادار ماحول ڏانهن ويندي ۽ کانئس ڊڪٽيشن وٺندي، تڏهن مان شميم جي واپسيءَ جو انتظار هٿين خالي نه ڪندس. مان پاڻ سان هڪ بندوق کڻي ايندس، ۽ هن چٻري کي اُڦٽ ماري وجهندس. مان کيس کلڻ نه ڏيندس!
    ” تون مون کي ماري نه سگهندين.“ چٻري مرڪندي چيو آهي: ”ڇتر وٽ سڪل بڙ جي ڀرسان بيهي ڪنهن جو انتظار ڪرڻ وارا مون کي ماري نه سگهندا آهن.“
    مون تعجب وچان کانئس پڇيو آهي: ”يار، تون ڪهڙي قسم جو چٻرو آهين، جو منهنجي تحت الشعور جا ارادا پروڙي وٺين ٿو. ڪٿي تون ڪنسلٽنٽ سائيڪالاجسٽ ته نه آهين!“
    ”هر احمق لاءِ زندگيءَ ۾ ڇتر جو مقام هوندو آهي، جتي بڙ جو هڪ سڪل وڻ ايشيائي عاشق لاءِ علامت جي نشاني هوندو آهي. ان وڻ جي ڀرسان بيهي هو اهڙي ڪنهن اسٽينو گرافر جو انتظار ڪندو آهي، جيڪا محبت ته ساڻس ڪندي آهي، پر ڊڪٽيشن پنهنجي باس کان وٺندي آهي.“ اُلوءَ کلندي چيو آهي: ”مان تنهنجي کوپريءَ ۾ رهندو آهيان. سوچيندي سوچيندي تون جڏهن مري ويندو آهين، تڏهن مان تنهنجي کوپريءَ مان نڪري ڪنهن سڪل اُگهاڙي ٽاريءَ تي وڃي ويهي رهندو آهيان، ۽ توڏانهن ڏسي مرڪڻ لڳندو آهيان.“
    منهنجي هٿ ۾ بندوق نه آهي. هڪ چٻرو مون ڏانهن ڏسي رهيو آهي، ۽ مرڪي رهيو آهي. مان صدين کان سڪل بڙ جي ڀرسان بيٺو آهيان، ۽ اهڙي عورت جو انتظار ڪري رهيو آهيان، جيڪا محبت ته مون سان ڪندي آهي، پر ڊڪٽيشن ٻئي ڪنهن شخص کان وٺندي آهي.


    تاريخ جو ڪفن

    عيد نماز شروع ٿيڻ کان ڪجهه دير اڳ هڪ ڪارو ڪوجهو شيدي، جنهن جا وار اڻڀا، اکيون ڏرا ڏنل، ڏيل ڏٻرو ۽ لٽا ليڙون هئا، سو نمازين جي پوئين قطار مان اُٿي کڙو ٿيو. هو اڌڙ عمر وارو قداور مڙس هو. ڪلها صليب وانگر سڌا، ۽ سينو ويڪرو هوس. زندگيءَ جو ٻوجهه کڻندي، سهندي پٺيءَ جو ڪنڊو ڪمان ٿي ويو هوس. هن وڏو ساهه کڻي، هڪ اڏامندڙ نگاهه عيد گاهه تي وڌي.
    سمورو عيدگاهه ڪراچيءَ جي قسمين قسمين ماڻهن سان سٿيو پيو هو. قطارون انت کان ٻاهر، نمازي بي انداز! ڪن جا وڳا نوان، ڪن جا ڌوتل، ڪن جا اُجرا! رنگ ايترا، ڄڻ آسمان مان رنگن جي انڊلٺ زمين تي لهي آئي هئي. عيد نماز شروع ٿيڻ ۾ ڪجهه گهڙيون وڃي بچيون هيون. ملان بيحد عقيدت، ۽ تمام جوش سان اسلامي تاريخ جا ورق ورائي رهيو هو. هو ڪنهن وقت ٻانهون کولي، ۽ ڪنهن وقت هيٺ ڪري! آواز چاڙهي، ۽ ڪڏهن لاهي، ڪڏهن سڌو ۽ ڪڏهن سـُـر ۾ ڳالهائي، ماڻهن ۾ ايمان جو ستل جذبو جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ماڻهو ادب سان ويٺا هئا ۽ وعظ دوران ڪنهن ڪنهن وقت جهوٽا کائي رهيا هئا. سندن نگاهون مصلن آڏو رکيل بوٽن تي کتل هيون. ڪجهه بوٽ نوان، ڪجهه پراڻا، ۽ ڇڳل هئا. بوٽن، سليپرن، سپاٽن ۽ چمپلن جا ترا، ترن سان مليل هئا ۽ سجدي واري هنڌ کان انچ کن پري رکيا هئا. جن نمازين پاڻ سان دُلدُل وانگر سينگاريل ٻار آندا هئا، تن جي هڪ اک بوٽن ۾، ٻئي ٻارن تي کتل هئي. صحتمند ملان، صحتمند آواز ۾ وعظ ڪري رهيو هو، ۽ ماڻهن کي الله سائين جي رحم ۽ ڪرم بدران، الله سائينءَ جي قهر ۽ قبر جي عذاب جون ڳالهيون ٻڌائي، ڊيڄاري رهيو هو. ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ جوش ۾ لائوڊ اسپيڪر ڦاڙي وجهندو.
    ”اڙي ويهي رهه.“ ڪنگال قسم جي هڪ سنهڙي شخص شيديءَ کي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو: ”بيٺو ڇو آهين. ڀولي ڇڏائجي ويئي اٿئي ڇا!“
    شيديءَ کيس جواب نه ڏنو. سـَـٽَ ڏيئي، ٻانهن ڇڏائي، هو پوئين قطار مان نڪري اڳئين قطار ۾ وڃي بيٺو.
    ”اڙي پري ڪر پنهنجا دانگيءَ جهڙا پير.“ شيديءَ کي ٺونٺ هڻندي هڪ جهرڪيءَ جيتري نوجوان چيو: ”ماڻهو آهين يا ڏامر!“
    شيديءَ کيس جواب نه ڏنو، نه ئي ڪنڌ ورائي ڏانهنس ڏٺو. هو ان قطار مان نڪري، اڳئينءَ قطار ۾ وڃي بيٺو.
    ”اوهو! وڏو ڪو ڀوڪ آهين. اڇن اُجرن ڪپڙن واري هڪ شخص ڪاوڙ وچان شيديءَ ڏانهن ڏسندي چيو: ”شرم نه آيئه منهنجي ڪوري پاجامي جي پانئچي تي پير ڏيندي!“
    شيديءَ جي اُداس اکين ۾ پراسرار روشني اُڀري آئي هئي. هن ڪاوڙيل شخص جي جملي کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. هو وک وڌائي اڳئين قطار ۾ وڃي بيٺو.
    ”خبردار!“ فرشتن جهڙي هڪ شخص شيديءَ کي ٽنگ ۾ چهنڊڙي وجهندي چيو: ”لاحول والله! دُبئي جو مصلو هڻي ميرو ڪري ڇڏيئه. ماڻهو آهين يا ابن ابليس!“
    شيديءَ چهنڊڙيءَ جي پرواهه نه ڪئي، ۽ نه ئي فرشتن جهڙي شخص جي جملي جي. سندس اداس اکين ۾ پراسرار روشني وڌندي ويئي. هو وک وڌائي، اڳئينءَ قطار ۾ وڃي بيٺو.
    ”اڙي او بن مانس!“ هڪ نوجوان، جنهن وڏي محنت ۽ جفاڪشيءَ کانپوءِ پنهنجي چلڪندڙ نرڙ تي وار سينگاري ڇڏيا هئا، تنهن شيديءَ کي حقارت آميز لهجي ۾ چيو: ”باغيچي مان پڃرو ڀڃائي نڪتو آهين ڇا؟“
    پاسي ۾ ويٺل ڪجهه ايڪٽر ڇاپ نوجوان ٽهڪ ڏنو. هڪ ٽيڏي نوجوان اداڪارن جهڙي لهجي ۾ چيو: ”ڀانئجي ٿو، آفريڪا مان هجرت ڪري آيو آهي.“
    ايڪٽر ڇاپ نوجوانن جي ٽولي ٽهڪ ڏنو.
    هڪ ڪرڙوڍ، جنهن جهوٽا پئي کاڌا، سو ٽهڪ ٻڌي سجاڳ ٿيو. مومن مان منهن ڪڍي، نوجوانن ڏانهن ڏسندي چيائين: ”اڙي ٽرڙا نه ٿيو. وعظ ٻڌڻ ڏيو.“
    ”بس ڪر، ابابيل جا پٽ.“ هڪ نوجوان ٺهه ٺهه کيس وراڻي ڏني. هو ٻوٿ ڀيلڙو ڪري ويهي رهيو.
    ان وچ ۾ شيدي اُها قطار ڇڏي، اڳئين قطار ۾ وڃي بيٺو.
    ”اڙي اڳتي ڪيڏانهن پيو اچين!“ چئن پنجن ڄڻن کيس بيهاري ڇڏيو. هنن سندس ڦاٽل پراڻن ڪپڙن ۽ ڏٻري ڏيل ڏانهن ڏسندي چيو: ”هتي مٺائي پئي ورهائجي ڇا!“
    شيديءَ ڪو جواب نه ڏنو. هن جون اکيون اڳئينءَ قطار تي کتل هيون.
    ”پوئتي وڃ، دانگي جهڙا.“
    ”پري ٿيءُ.“
    ”ٽري وڃ.“
    ”خبردار جو اڳتي آيو آهين.“
    شيديءَ کين جواب نه ڏنو: نه ئي ڪنڌ ورائي هنن ڏانهن ڏٺو. پراسرار روشني تمام چٽي نموني سندس اکين ۾ چمڪي رهي هئي. هو اڳتي وڌي ويو. ٻرانگهون کڻندو، ڇال ماريندو، هو نمازين جون ٻه - چار قطارون لتاڙي ويو.
    ماڻهن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. جن جهوٽا پئي کاڌا، سي سجاڳ ٿي ويٺا. جيڪي سجاڳ هئا، ۽ ڪنن سان وعظ ٻڌي رهيا هئا، ۽ اکين سان پنهنجي بوٽ ۽ ٻارن جي پرگهور لهي رهيا هئا، سي شترمرغ وانگر ڪنڌ ڦيرائي شيديءَ ڏانهن ڏسڻ لڳا. جڏهن گوڙ ٻڌائون، تڏهن هڪدم جهٽ ڏيئي پنهنجا پنهنجا بوٽ کڻي ورتائون ۽ ٻارن کي ڇڪي هنج ۾ ويهاري ڇڏيائون
    ڪجهه حشمت ڀريل، بهادرن، بيڊپن هيکلي شيديءَ کي قابو ڪري ورتو.
    ”پڪڙيوس.“
    ”نه ڇڏجوس.“
    ”وٺ ڪجوس.“
    گوڙ گهمسان وڌي ويو. ملان وعظ بند ڪري ڇڏيو ۽ ممبر جي سڀ کان مٿاهين ڏاڪي تي چڙهي تماشو ڏسڻ لڳو. سڄيءَ خلق جو ڌيان شيديءَ ڏانهن ڇڪجي ويو.
    قسمين قسمين ماڻهوءَ طرحين طرحين جا لهجا، ڀانت ڀانت جون ٻوليون- پر مفهوم سڀني جو ساڳيو-
    ”چور آهي.“
    ”چور ناهي. ڳنڍيڇوڙ آهي.بشني آهي.“
    ”برابر.“
    ”ضرور ڪنهن مومن جو کيسو خالي ڪيو اٿائين.“
    ”شڪل مان ئي چور، چور جو پٽ ٿو ڏسجي.“
    ”بوٽن جو چور آهي.“
    ”قابو ڪجوس.“
    ”جهلجوس.“
    ”ڀڄڻ نه ڏجوس.“
    ”وارو ڪجوس.“
    ”چور آهي.“
    ”بشني آهي.“
    ”بدمعاش آهي.“
    ”شودو آهي.“
    هڪ شخص هجوم مان واٽون ڪندو، ڌوڪيندو، اڳتي هليو آهي. هن جا چپ سنهڙا، ۽ سڪل، اکيون، چنجهيون، ۽ بيرونق ۽ سندس مٿي جا وار کـُـٿل هئا. هن وڏي واڪ ماڻهن کي چيو: ”مان هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻان. هيءُ نه چور آهي، نه بشني آهي، ۽ نه ئي شودو آهي. هيءُ فقط شيدي آهي.“
    جنهن نيڪ شخص جو هٿ شيديءَ جي ڪنڌ ۾ هو، تنهن هڪ نگاهه ۾ سندس جائزو وٺڻ کانپوءِ چٿر ڪندي کانئس پڇيو: ”“ تون ڪير آهين؟“
    هن وراڻيو: ”مان مامون خان موچي آهيان.“
    ”ڀڄي وڃ موچي: تون وڃي ڇڳل بوٽن جي مرمت ڪر.“ نيڪ صورت ۽ نيڪ سيرت شخص چيو: ”اسين پاڻئي هن جي خبر چار وٺنداسين.“
    مامون خان موچي ڌڪجي، ٿڏجي، منظر مان غائب ٿي ويو.
    “ پوءِ ڪيتري دير تائين وڏي واڪ جملا هڪٻئي سان وچڙندا رهيا-
    ”ماريوس.“
    ”ڪٽيوس.“
    ”اول تلاشي وٺوس.“
    ”نماز ۾ رُخنو نه وجهو.“
    ”وڻ سان ٻڌي ڇڏيوس.“
    ”نماز کانپوءِ سندس منهن ڪارو ڪري، گڏهه تي ويهاري جلوس ڪڍبو.“
    ”هيءُ پاڻ دانگيءَ جهڙو ڪارو آهي. هن جو منهن ڪهڙي ڪارنهن سان ڪارو ڪبو!“
    ”برابر. اهو تمام وڏو ۽ اهم مسئلو آهي.“
    ”منهن تي ڪارنهن بدران چوني جي پوچي ڦيرائينداسينس.“
    ”هرگز نه. چور جو منهن هميشه ڪارو هوندو آهي.“
    ”ان مسئلي تي ماڻهن کان ووٽ ورتو وڃي.“
    ”ووٽ وٺڻ جو وقت ڪونهي.“
    ماڻهو پاڻ ۾ بحث، مباحثو ڪرڻ لڳا. هو هڪٻئي سان وڙهڻ مرڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا. گوڙ گهمسان وڌي ويو. شيديءَ جي حشر بابت ماڻهو ڪنهن به هڪ فيصلي تي پهچي نه سگهيا.
    پهرين صف ۾ ملڪ جي نامي گرامي، ۽ ڄاتل سڃاتل شخصيت، هر دلعزيز، مشهور ۽ معروف جناب محمود صاحب موجود هو. ماڻهن کي محمود صاحب جي حفاظت جو اونو ورائي ويو. هو محمود صاحب لاءِ فڪرمند ٿيڻ لڳا. هجوم مان ڪنهن وڏي واڪ رڙ ڪندي چيو: ”ڪارو شيدي پهرين قطار ڏانهن وڌي رهيو آهي. هيءُ بدبخت ضرور ڪنهن دشمن ملڪ جو ايجنٽ آهي. ۽ محمود صاحب کي قتل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو آهي.“
    نئين انڪشاف تي ماڻهو وائڙا ٿي ويا.
    اوچتو، شيديءَ ڇال ڏنو. هو چيتي وانگر اڇل کائيندو، وڏين ٻرانگهن سان ٽپ ڏيندو، ماڻهن، مصلن، بوٽن ۽ چمپلن جون ڪيتريون قطارون لتاڙي ويو.
    پهرين صف ۾ محمود سان گڏ شهر جا قابل ڪامورا، صنعتڪار، واپاري ۽ بينڪر ڪلهوڪلهي سان ملائي ويٺا هئا. هو ڪنڌ هيٺ ڪري، پلٿي ماري ويٺا هئا ۽ اخباري فوٽو گرافرن کان فوٽا ڪڍرائي رهيا هئا. پهرين صف جي عين پٺيان، ٻئي صف ۾، محمود صاحب جي حفاظت لاءِ سادن ڪپڙن ۾ حفاظتي عملي جا برجستا ۽ طاقتور ڪارڪن ويٺا هئا. هو بظاهر نماز پڙهڻ، ۽ الله جي عظمت آڏو سجدو ڪرڻ آيا هئا، پر اصل ۾ هو محمود صاحب جي حفاظت لاءِ اُتي موجود هئا، ۽ نئين صورتحال سبب چوڪس ٿي رهيا هئا. سندس وَرَ ۾ موتمار هٿيار لڪايل هئا. تنهن ڪري هو ويهڻ ۾ تڪليف محسوس ڪري رهيا هئا.
    شيدي جڏهن اُڇل کائيندو ۽ ڇال ماريندو، ٻئي صف ٽپي پهرين صف ڏانهن وڌڻ لڳو، تڏهن حفاظتي عملي جي عقابن جهٽ هڻي کيس قابو ڪري ورتو. اک ڇنڀ ۾ هو کيس لتون، مڪون، ۽ ٺونشا هڻندا عيدگاهه کان ٻاهر ڪڍي ويا. ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هو.
    لائوڊ اسپيڪرن مان ملان جو آواز گونجڻ لڳو. هو ٻئي هٿ عرش ڏانهن کڻي، عاجزيءَ، انڪساريءَ، سريلي نوع ۾ الله سائين کان محمود صاحب لاءِ وڏي ڄمار جي دعا گهرڻ لڳو.
    ماڻهن جو خيال مٽجي ويو. هو شيديءَ کي وساري اول محمود صاحب لاءِ وڏي ڄمار جون دعائون ۽ پوءِ وعظ ٻڌڻ لڳا. هنن پنهنجا نوان، پراڻا بوٽ ۽ چمپل سجدي واري هنڌ کان انج کن پري رکي ڇڏيا.
    عيدگاهه ٻاهران، هڪ نويڪلي جاءِ ۾ حفاظتي عملي جي هڪ وڏي آفيسر بيد جي لڪڻ جو وسڪارو ڪندي شيديءَ کان پڇيو: ”ٻڌا”. جواب ڏي. ڪهڙي نيت سان پهرين صف ڏانهن وڌي رهيو هئين.“
    مڪن، چماٽن ۽ ٺونشن لڳڻ سبب شيديءَ جو سمورو چهرو رتورت ٿي ويو هو. هن جو وات رت سان ڀريل هو. هو ڪوبه جواب ڏيئي نه سگهيو.
    ”جواب ڏي.“ وري لتون، مڪون، منهن ۾ ٺونشا، ۽ پنين تي لانگ بوٽن جون ٺوڪرون لڳس، ”جواب ڏي. ڪنهن جو ڇاڙتو آهين؟ ڪهڙي نيت سان اڳتي وڌي رهيو هئين؟“
    شيديءَ جي نڪ مان رت ٺينڊيون ڪري وهڻ لڳو. پيٽ ۽ ڪکين ۾ لتون لڳڻ سبب سـَـنڌ سـَـنڌ ساڻو ٿي پيو. اکين آڏو اوندهه اچي ويس.
    ”پهرين قطار ڏانهن ڇو، ۽ ڪهڙي نيت سان وڌي رهيو هئين؟“ عملدار کيس پيٽ ۾ لت، ۽ ڪنڌ تي مڪ هڻندي پڇيو: ”جواب ڏي. ڪهڙي ارادي سان پهرين صف ڏانهن وڌي رهيو هئين؟“
    شيديءَ رت جي گرڙي ڪري، وات ڦاٽل قميص جي ٻانهن سان اُگهي ڇڏيو. سندس چيريل چچريل چپ ڪنبڻ لڳا. هن جهيڻي آواز ۾ چيو: ”مان پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهندس.“
    حفاظتي عملي جا برجستا جوان شيديءَ جو جواب ٻڌي ڪجهه ڪجهه وائڙا ٿي ويا. پوءِ هو سندس هيڻا حال، ۽ ڪوجها ڪال ڏسي ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳا. ڪنهن چيو: ”اڙي! تون پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهندين!“
    منجهانئن هڪ ڄڻي زوڪاٽ ڪري شيديءَ جي نرڙ ۽ نڪ وٽ ٺونشو وهائي ڪڍيو، ۽ چيو: ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين.“
    سمورو ماحول شيديءَ جي نگاهن ۾ ڀنواٽيون کائڻ لڳو. سيني ۾ دل ڌڙڪڻ بدران ڦٿڪڻ لڳس. ساهه منجهڻ لڳس. نڪ، وات ۽ ڪنن مان رت وهندو رهيس. هن ڀڳل ٽٽل لهجي ۾ چيو: ”مان پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهندس.“
    حفاظتي عملي جي هڪ جانٺي عمدار شيديءَ کي ڀرپور قوت سان سيني تي مڪ وهائي ڪڍي. ۽ پوءِ کيس گار ڏيندي چيائين: ”ڊرامو ٿو ڪرين، سوئر جا پٽ. اسين توکي سڃاڻي ويا آهيون. تون غير ملڪي ايجنٽ آهين.“
    ”مان ايجنٽ نه آهيان.“ شيدي اُجهامڻ لڳو. ڀڄندي ڀرندي چيائين: ”مان پهرين صف ۾ نماز پڙهندس.“
    ”اڙي ڀولا!“ هڪڙي جانٺي کيس چماٽ وهائيندي چيو: ”عمر ۾ ڪڏهن آئينو ڏٺو اٿئي! پٽ هليو آهي پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهڻ!“
    شيديءَ جي ساهه جو سلسلو سندس نڪ مان وهندڙ رت سان وچڙڻ لڳو. چيائين: ”مان پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهندس.“
    ”اڙي اُٺ جا پٽ.“ جانٺيءَ عملدار چيو: ”شهر جا معزز ماڻهو محمود صاحب سان گڏ نماز پڙهڻ لاءِ پهرين صف ۾ موجود آهن. تون وري پهرين صف ۾ نماز ڪيئن پڙهندين“
    شيديءَ جهيڻي آواز ۾ چيو: ”مان به پهرين صف ۾ محمود صاحب سان گڏ بيهي نماز پڙهندس.“
    حفاظتي عملي جي پگهاردارن خوب ٽهڪ ڏنا. هڪڙي ڄڻي چيو: ”مغز جائيتو ڪونهيس.“
    ”ٻهروپيو آهي.“ وڏي عملدار پنهنجي عملي کي حڪم ڏيندي چيو: ”پڇوس ته ڪير آهي، ۽ محمود صاحب سان گڏ بيهي نماز پڙهڻ جو ڍونگ ڇو ڪري رهيو آهي.“
    پوءِ جيڪا جٺ سندن ڄاڻ ۾ هئي، سا جٺ شيديءَ سان ڪيائون. لتون، مڪون ۽ ٺونشا هڻي کيس اڌ مئو ڪري ڇڏيائون. شيدي وڃي پٽ تي پيو. کيس وري کنڀي کڻي ورتائون. کيس منهن ۾ پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي هوش ۾ آندائون. شيديءَ رت هاڻيون اکيون کولي حفاظتي عملي ڏانهن ڏٺو.
    برجستي عملدار سندس وارن ۾ مٺ وجهندي پڇيو: ”ٻڌاءِ. تون ڪير آهين. محمود صاحب سان گڏ بيهي نماز پڙهڻ ڇو ٿو چاهين؟“
    شيدي اُجهامڻ لڳو. هڪ لمحي لاءِ پراسرار روشني سندس اُداس اکين ۾ موٽي آئي. هن ڀڳل ٽٽل لهجي ۾ چيو: ”مان اياز آهيان. مان هڪ ئي صف ۾ بيهي محمود سان گڏ نماز پڙهندس.“


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 464
    ڪتابن جو مشاهدو: 372980
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 151936
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ