ڪتاب جو نالو: ڏاتِ ڏِيئا ٻاريا
مصنف: گڏيل شاعري
ڇپائيندڙ: ڏاهپ پبليـڪيـشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 28 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 793 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 308 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ڏات ڏيئا ٻاريا لاڙڪاڻي جي 14 شاعرن جي ڪوتائن جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب رياضت ٻرڙو آهي. ڪتاب ۾ سعيـد ميمـڻ، جـواد جعفــري، مختيار سمـون، احسـان دانـــش، روبيـنه ابــڙو، عادل عباسـي، فـياض لـطـيـف، رضـا بـخـــاري، حـبـدار سولنگـي، ساجــد سنـڌي، رضـــوان گـل، ابـرار ابڙو، اقبال کـوکـر ۽ رياضـت ٻــرڙو جي شاعري شامل آهي۔
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • ڏاتِ ڏِيئا ٻاريا
  •   حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  •   -
  • - ٽِي. ايس. ايلٽ
  • ڏات ڏيئا ٻاريا آهن
  • مهاڳ
  • سعيد ميمڻ

  • تعارف
  • غزل
  • دوها
  • بيت
  • وائي
  • نظم
  • پنجڪڙو
  • ٻه چؤسٽا
  • هائيڪا
  • جواد جعفري

  • تعارف
  • غزل
  • وائي
  • گيت
  • مختيار سمون

  • تعارف
  • غزل
  • احسان دانش

  • تعارف
  • غزل
  • نظم
  • هائيڪا ۽ ٽيڙو
  • آزاد نظم
  • نثري نظم
  • روبينه ابڙو

  • تعارف
  • غزل
  • عادل عباسي

  • تعارف
  • غزل
  • گيت
  • فياض لطيف

  • تعارف
  • غزل
  • نظم
  • رضا بخاري

  • تعارف
  • غزل
  • وائي
  • تروينيون
  • حبدار سولنگي

  • تعارف
  • غزل
  • نظم
  • آزاد نظم
  • ساجد سنڌي

  • تعارف
  • غزل
  • نظم
  • رضوان گل

  • تعارف
  • غزل
  • نظم
  • آزاد نظم
  • ابرار ابڙو

  • تعارف
  • غزل
  • اقبال کوکر

  • تعارف
  • غزل
  • وائي
  • رياضت ٻرڙو

  • تعارف
  • غزل
  • ٽيڙو
  • هائيڪا
  • وائي
  • گيت
  • نظم
  • تروينيون

  • ترتيب

    ڏاتِ ڏِيئا ٻاريا

    ڏاتِ ڏِيئا ٻاريا
    (لاڙڪاڻي ضلعي سان لاڳاپيل چونڊ 14 شاعرن جون ڪوتائون)






    مرتب: رياضت ٻرڙو





    ڏاهپ پبليڪيشن
    لاڙڪاڻو ـــ 2010ع


      حق ۽ واسطا

    © ڏاهپ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو- 2010ع

    ڪتاب: ڏات ڏيئا ٻاريا
    مرتب: رياضت ٻرڙو
    موضوع: شاعري
    پهريون ڇاپو: نومبر 2010ع
    ٽائيٽل: احسان دانش
    ڪمپوزنگ: باک ڪمپوزرس، قنبر
    ڇپائيندڙ: رياضت ٻرڙو
    پاران: ڏاهپ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو

    قيمت: 200 رپيا

    “Daat Deeaa Barya”
    (A few selection of Sindhi poetry of the Poets of Larkano District)
    Compiled by: Riazat Buriro
    1st Edition: November 2010 A.D
    Published by: Dahap Publication, Larkano
    E-mail: daahappublication@yahoo.com

    اسٽاڪسٽ:
    * مهراڻ ڪتاب گهر، ويجھو گھنٽي ڦاٽڪ، لاڙڪاڻو * رابيل ڪتاب گھر، اسٽيشن روڊ، لاڙڪاڻو * انٽيل ڪـميونيڪيشنز، حيدرآباد * سنڌيڪا بوڪ شاپ، حيدر چوڪ، حيدرآباد * سنڌ بڪ ڪلب، مريم روڊ، نواب شاهه * الفقراء ڪتاب گھـر، سانگھـڙ * فرخ ڪتاب گهر سکر * نويد سراج بڪ اسٽور، قنبر * ڪامريڊ بڪ اسٽال، ڄامشورو.
    رابطي لاءِ:
    رياضت ٻرڙو، فزڪس ڊپارٽمينٽ، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو، پوسٽ آفيس لاڙڪاڻو، موبائيل فون: 7533011 0333


    ارپنا

    ويهين صديءَ ۾
    جديد سنڌي شاعريءَ جي
    بانيڪار شاعر ۽ لاڙڪاڻي واسي






    ڪشنچند ’بيوس‘ جي نالي.


    - رياضت ٻرڙو


      -

    اسان ننڊ جا نيڻ آهيون، پرين !
    سُتي ساهُه جاڳِي،
    وڃي دُور دُور،
    ستارا لتاڙي اسان جو شعور،
    سوين چنڊ ساٿي،
    ڪَتين جا سوين قافلا رهگذر ۾،
    سفر ۾،
    سوين ڪائناتون،
    نه آغاز جن جو، نه انجام جن جو،
    زمان ۽ مڪان کان مسلسل نجاتون،
    ازل کان ابد تائين سُک جون بَراتون،
    جڏهن موٽ کائون،
    سوين راز آڻيون،
    سوين ساز جي لاءِ آواز آڻيون،
    سوين چنڊ چايون،
    ستارا تِڳايون،
    انهن سان اچي جڳ سڄو جڳمڳايون.
    - اسان ننڊ جا نيڻ آهيون، پرين !
    - شيخ اياز


    - ٽِي. ايس. ايلٽ

    ”قوم جي ٻولي کسي ۽ ان کي دٻائي مٿانئس اسڪولن جي ذريعي ٻِي ٻولي مڙهي سگھجي ٿي، پر جيستائين ان قوم کي ان نئين ٻوليءَ ۾ محسوس ڪرڻ نه ٿو سيکاريو وڃي، تيستائين اوهان پراڻي ٻولي ڪڍي نه ٿا سگھو. اُها شاعريءَ ذريعي وري وري پئي اُڀرندي، ڇو ته شاعري احساسن جو ذريعو آهي. مون هاڻي هاڻي چيو آهي ته نئينءَ ٻوليءَ ۾ محسوس ڪرڻ ــــــ ان مان منهنجو مطلب آهي احساس جي اظهار کان به وڌيڪ. ڌارِي ٻوليءَ ۾ ظاهر ڪيل خيال هوبهو ساڳيو خيال ٿي سگھي ٿو پر جذبو يا احساس جيڪو ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ظاهر ڪيو ٿو وڃي اهو ساڳيو جذبو يا احساس نه آهي. هڪ مٿاهين زبان کي تيستائين ختم نه ٿو ڪري سگھجي، جيستائين ان جي سڀني ڳلهائيندڙن کي صفا نابود ڪيو وڃي.“
    - ٽِي. ايس. ايلٽ

    


    ڏات ڏيئا ٻاريا آهن

    سهڻي سنڌ ۾ پنهنجو نالو ادبي حوالي سان نمايان ڪندڙن ۾، لاڙڪاڻي ضلعي سان تعلق رکندڙ سنڌ جي 14 شاعرن جي شاعريءَ جو پهريون گڏيل مجموعو ”ڏات ڏيئا ٻاريا“ جي نالي سان سنڌي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ سان چاهه رکندڙن جي خدمت ۾ پيش آهي. ههڙي قسم جي ڪتاب جي رٿا گذريل سال ٻن کان منهنجي ذهن ۾ هئي، پر ان جو ڪم تڏهن شروع ڪري سگهيس، جڏهن پهرِين گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾، نومبر 2008ع ۾، بدلي ٿي آيس ۽ پوءِ فيبروري 2009ع ۾ قنبر مان لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ رهڻ لڳس.
    لاڙڪاڻي کي شاعرن جو آکيرو سڏيو ويو آهي، جتي سٻاجها ۽ سپورنج شاعر پنهنجن شعرن سان رنگ برنگي ۽ موهيندڙ آکيرا اڏيندا رهيا آهن. گذريل ويهين صديءَ ۾ ته سنڌي ادب ۽ شعر جي جيڪا خدمت لاڙڪاڻي ضلعي (جنهن ۾ موجوده نئين ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ جو علائقو به شامل هو) جي شاعرن ڪئي آهي، ان جو اظهار هتي ٿيل ”سنڌ ادبي ڪانفرنسن“ توڙي ڇپيل رسالن، ڪتابن ۽ ڊاڪٽريٽ جي مقالن سميت ادبي جماعتن جي رجسٽرن جي داخلا مان سولائيءَ سان ڪري سگهجي ٿو. تنهن کان سواءِ اهم ڳالهه هيءَ به آهي ته سنڌ ۾ لاڙڪاڻو ئي اهو ساهه سيباڻو شهر آهي جتي مشاعرن جو آغاز ٿيو. ڪهڙن ڪهڙن شاعرن جا نالا کڻجن! ڄڻ ته چؤڏسا لاڙڪاڻي جي زرخيز ڌرتيءَ تي انهن شاعراڻن آکيرن ۾ ڏات جا ڏيئا ٻري روشنيون پکيڙي رهيا آهن. اهڙي جرڪندڙ ماحول ۾ هيءُ ڪتاب ان روشنيءَ جو تسلسل آهي.
    مون هن ڪتاب ۾ جن مانائتن شاعرن کي شامل ڪيو آهي تن ۾ سعيد ميمڻ، جواد جعفري، مختيار سمون، احسان دانش، روبينه ابڙو، عادل عباسي، رضا بخاري، فياض لطيف، حبدار سولنگي، ساجد سنڌي، رضوان گل، ابرار ابڙو ۽ اقبال کوکر شامل آهن. (چوڏهين شاعر طور مون پاڻ کي انهن شاعرن سان سلهاڙيو آهي.) يقيناً اهي پيارا شاعر سنڌ ۾ پنهنجي سڃاڻ رکن ٿا ۽ شاعريءَ جا معتبر نالا آهن، جن کي سڄيءَ سنڌ ۾ مڃتا حاصل آهي. انهن مان روبينه ابڙو، عادل عباسيءَ، رضوان گل، ابرار ابڙي ۽ اقبال کوکر جا شعري مجموعا اڻڇپيل ۽ ٻين جا ڇپيل آهن.
    هن ڪتاب جو مواد سهيڙڻ جي سلسلي ۾، شاعرن سان رابطي لاءِ مون هڪ خــط تيار ڪيو، جنهن ۾ ڪتاب جِي سهيڙ جي حوالي سان ڪجهه ضابطا ۽ ٻيو ضروري تفصيل ڏنل هو. پوءِ، پنهنجي پسند جي لحاظ کان لڳ ڀڳ 25 شاعرن جا نالا منتخب ڪيم ۽ کين خط پهچايم، اِي-ميل ڪيم، فون تي ڳالهايم ۽ روبرو به گفتگو ڪيم، جن مان 14 نالا چونڊجي طَي ٿيا. شاعرن سان ڪيل گفتگوءَ مان بهتر سمجهيم ته شاعرن کان سندن شاعريءَ جا 20 چونڊ اِسم (غزل، گيت يا وايون وغيره) وٺي، پنهنجي پسند جون 13 تخليقون ڇپڻ بدران، شاعرن کان ئي 13 چونڊ تخليقون وٺان، ته جيئن سندن ڪيل چونڊ کي اهميت ۽ اوليت ملي، نه ڪِي منهنجي پسند کي، جيتوڻيڪ اها منهنجي خواهش هئي ته حتمي چونڊ مان ڪيان. (خواهشن کي اڻپورو ڇڏڻ ۾ به پنهنجو مزو آهي!) بهرحال، شاعرن جي ڪيل چونڊ ۾ سندن اها محبت به شامل آهي جيڪا هُو پنهنجيءَ منتخب شاعريءَ سان ڪن ٿا. جڏهن ته، شاعرن جا پروفائيل مون کانئنِ ورتل معلومات جي آڌار جوڙيا آهن، جن جي پهرين پئراگراف ۾ منهنجي ذاتي راءِ سندن شاعريءَ بابت ڏنل آهي.
    هڪ ٻِي چِٽائي به ڪرڻ چاهيان ٿو، ته مون هروڀرو ڪتاب کي 14 شاعرن تائين محدود رکڻ نه پئي چاهيو، پر پڙهندڙن جي خريدِي قوت، ڪتاب جي ضخامت ۽ ڪجهه ٻين ڪارڻن کي نظر ۾ رکندي، لاڙڪاڻي جي ٻين سُٺن شاعرن کي شامل ڪري نه سگهيو آهيان، جنهن جي معذرت پڙهندڙن ۽ شاعرن سان ڪيان ٿو. اميد اٿم ته هن ڪتاب ۾ شامل نه ٿيل شاعرن کي ٻئي ڪتاب ۾ سهيڙيندس، جنهن جي ضرورت هاڻي ئي محسوس ڪرڻ لڳو آهيان.
    اهو پڻ ڄاڻائجي ته گذريل سال 2009ع جي جولاءِ مهيني ۾ هيءَ رٿا شروع ڪرڻ مهل، مون بزرگ توڙي نوجوان شاعرن سان رابطا ڪيا هئا، پر پوءِ ڪجهه اهڙو انداز ٺهندي نظر آيو، جو حتمي انتخاب اهــڙن شاعرن جو وڃي بيٺو (۽ جنهن کي مون پوءِ ارادي سان بدلجڻ نه ڏنو) جيڪي 1960ع کان پوءِ ڄاوا آهن، ۽ جن مان اڪثر 1990ع واري ڏهاڪي ۾ شاعري سرجڻ شروع ڪئي آهي، جيئن سندن تعارفن مان به پڌرو آهي. ان طرح اها هڪ خصوصيت هن ڪتاب کي حاصل آهي.
    سنڌ جي سڄاڻ اديب جامي چانڊيي صاحب، پنهنجين گھڻين مصروفيتن باوجود هن مجموعي جو مهاڳ خوبصورتيءَ ۽ ڀرپوريت سان لکيو، جنهن لاءِ سندس تمام گھڻو ٿورائتو آهيان.
    هن ڪتاب جي تياريءَ ۾ مون سان، منهنجن ويجهن اديب دوستن احسان دانش، فياض لطيف ۽ رضوان گل بيحد ساٿ ڏنو، عادل عباسيءَ، رضا بخاريءَ ۽ حبدار سولنگيءَ به سٺيون صلاحون ڏنيون، جنهن لاءِ سڀني جو بيحد ٿورائتو آهيان.
    ”ڏاهپ پبليڪيشن“ بيپناهه اتساهه ۽ اميد سان هي ڪتاب ڇپرائي رهي آهي، ته اهو بيحد شوق سان پڙهيو ۽ پسند ڪيو ويندو. تڏهن به، اسان کي اوهان جي راين جو اوسيئڙو رهندو، جن ۾ پڪ سان اسان جي رهنمائي ٿيل هوندي.
    ساٿ سلامت،
    رياضت ٻرڙو
    ڏاهپ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو
    7533011 0333 Mob #


    مهاڳ

    شاعرِي ديواني جو خوابُ آهي!

    شاعر عجيب نه به هجن، پر شاعري بهرحال هڪ عجيب لقاءُ آهي. شاعريءَ جو بظاهر هن دنيا سان ڪو به تعلق نظر نه ٿو اچي ۽ ان جي هر شيءِ تصوراتي ۽ افسانوي لڳي ٿي. شاعريءَ جا تصور، خيال، جذبا، احساس، خواهشون، حسرتون، اُميدون، مايوسيون، حُسناڪيون، خواب، آدرش ۽ ڪردار سڀ افسانوي ۽ تصوراتي نظر اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته عملي زندگيءَ ۾ سڀ ڪجهه ان کان گهڻو مختلف ۽ ڪنهن حد تائين متضاد نظر اچي ٿو. سوال آهي، ته پوءِ آخر شاعريءَ جي اهميت ڇا آهي ۽ ان جو زندگيءَ ۽ سماج ۾ ڪارج ڇا آهي؟ ان سوال تي دنيا ۾ تمام گهڻو لکيو ۽ بحث مباحثو ڪيو ويو آهي ۽ ظاهر آهي ته ان جو ڪوبه حتمي جواب ٿي سگهي ئي نه ٿو. منهنجيءَ نظر ۾ زندگيءَ ۾ رڳو موجود حقيقتون ئي اهم نه آهن. جيئن ڪارل مارڪس چيو هو ته سوال اِهو نه آهي ته دنيا ڇا آهي؟ پر اِهو آهي ته ان کي تبديل ڪيئن ڪجي؟ ايئن سوال رڳو زندگيءَ ۽ سماج جي موجود حقيقتن کي ڀوڳڻ، محسوس ڪرڻ، سمجهڻ، پرکڻ، پروڙڻ ۽ بيان ڪرڻ جو نه آهي، پر سوال اهو به آهي ته دنيا کي ڪيئن هئڻ گهرجي. دنيا ۾ محبت ڪيئن هجي، حُسن ڪيئن هجي، رشتا ۽ رويا ڪيئن هجن، مفاد ۽ ماڻهو ڪيئن هجن، احساس ۽ خيال ڪيئن هجن، زندگي ۽ سماج ڪيئن هجي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته خواب ۽ خوشيون ڪيئن هجن، درد جي لذت، حاصل ۽ لاحاصل ڪيئن هجي؟ اهي سڀ سوال شاعريءَ کان وڌيڪ حَسين انداز ۾ ٻيو ڀلا ڪير ٿو کڻي ۽ بيان ڪري سگهي. شاعريءَ جو زندگيءَ ۾ وڏو ڪارج ئي اِهو آهي ته اُها اُهو ڪجهه ٿي بيان ڪري، جيڪو هن زندگيءَ ۽ دنيا ۾ ايئن موجود ئي نه آهي. ان ڪري سُٺي شاعري ڪڏهن به پراڻي، پاروٿِي، متروڪ يا مُدي خارج نه ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ ته ان جو مزاج، ڪارج ۽ منصب ئي اهڙو آهي، جو اُها هميشه خوابن جا ڏِيئا ٻاريندي رهي ٿي. ان ڪري رسول حمزا توف شاعرن کي باهه جي رکوالن سان تعبير ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته آڳاٽي زماني ۾ جڏهن باهه ٻارڻ ڏُکي هوندي هئي ته ماڻهن جو هڪڙو مخصوص گروهه هوندو هو، جنهن جو ڪم هوندو هو ته باهه کي وسامڻ نه ڏي. ان ڪري شاعر انساني معاشري جي باهه جا رکوالا هوندا آهن، جيڪي خوابن، خيالن، احساسن ۽ زندگيءَ ۾ نيون نيون حُسناڪيون تخليق ڪرڻ جي اُميد جي باهه کي ڪڏهن به وسامڻ نه ڏيندا آهن.
    هيءُ ڪتاب ”ڏات ڏيئا ٻاريا“ لاڙڪاڻي ضلعي جي چوڏهنِ ”باهه جي رکوالن“ جي شاعريءَ جو هڪ گڏيل مجموعو آهي، جيڪو اسان جي دوست ۽ جاکوڙي ليکڪ رياضت ٻُرڙي ترتيب ڏنو آهي. لاڙڪاڻو سياست، آرٽ ۽ ادب کان ويندي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اڳيان اڳيان رهيو آهي، ان ڪري ان کي ”ساههَ- سيباڻو“ شهر سڏيو ويندو آهي. هن ڪتاب جي ٻي خاص ڳالهه اِها آهي ته ڪتاب ۾ شامل سڀ جو سڀ شاعر نوجوان ۽ نئين نسل سان تعلق رکندڙ آهن. هن ڪتاب جي ٽين خاص ڳالهه مون کي اِها نظر آئي ته سمورن شاعرن جي شاعريءَ تي رومانوي رنگ وڌيڪ حاوي آهي. ظاهر آهي ته رومانويت شاعر وٽ نه هوندي، ته ڀلا ٻيو ڪنهن وٽ هوندي!؟ پر لاڙڪاڻي جو اصل ۾ مزاج ئي اهڙو آهي. لاڙڪاڻي جو پاڻي پيئندڙ ماڻهو غير رومانوي ٿي نه ٿو سگهي، پر ان باوجود هر شاعر جو انداز، اسلوب ۽ رنگ پنهنجو آهي. جڏهن سماجي زندگيءَ ۾ زهر ڀرجي وڃي، ته پوءِ مايوسين ۾ پناهه وٺڻ بجاءِ تصوراتي رومانويت جو موهُه ۽ هڪ روحاني اُتساهَه جو سبب بڻجي سگهي ٿو. عام طور اِهو سمجهيو ويندو آهي ته شايد رومانويت مزاحمت جو رد آهي، جڏهن ته حقيقت ۾ اسان جهڙن سماجن ۾ جتي محبت هڪ گناهه هجي، اُتي منهنجيءَ نظر ۾ محبت هڪ سماجي بغاوت ۽ مزاحمت به آهي. ڇاڪاڻ ته بغاوت يا مزاحمت رڳو ظاهري، سِڌي ۽ سياسي نه ٿيندي آهي. بغاوت ۽ مزاحمت اڻ سڌي، تخليقي ۽ سماجي ۽ ثقافتي به ٿي سگهي ٿي. اُها تصورن، روين، خيالن ۽ احساسن سان به ٿي سگهي ٿي ۽ محبت کي گناهه جو درجو ڏيندڙ ديس ۾ محبت جو اظهار به بغاوت ۽ مزاحمت جي دائري ۾ اچي ٿو. ان ڪري اهو سمجهڻ گهرجي ته بغاوت ۽ مزاحمت رڳو نفرت سان نه، پر محبت سان به ڪري سگهجي ٿي. هيءُ باهه جي چوڏهن رکوالن جي شاعريءَ جو ڪتاب ”ڏات ڏيئـا ٻـاريـا“ به اهڙو ئي هڪ خوبصورت اظهار آهي.
    ڪتاب جو پهريون تخليقڪار، سنڌ جو ناليوارو شاعر سعيد ميمڻ آهي. سعيد سنڌي ادب ۾ اسان جي ٽهيءَ جو خوبصورت شاعر آهي، جنهن نوي جي ڏهاڪي ۾ پنهنجي شاعريءَ ۽ خاص طور غزل جي جي انفراديت سبب سُٺي شهرت ماڻي. سعيد بنيادي طور هڪ رومانوي شاعر آهي. غزل جي صنف هونئن به پنهنجي مزاج ۾ رومانوي آهي، پر سعيد ان ۾ پنهنجي اظهار ۽ خيال جي جدت سان پنهنجي هڪ نئين سڃاڻپ پيدا ڪئي. مثال طور هو چوي ٿو:
    زندگيءَ جون ٻيون تقاضائون به هن،
    عشق ئي ناهي ضروري سانورا!

    جتي هو ايئن چوي ٿو، اُتي هيئن به چوي ٿو ته:
    منهنجي راتين کي اچي مهڪاءِ تون،
    جسم آ تنهنجو کٿوري سانورا!

    سعيد جي شاعريءَ ۾ مجموعي طور مايوسي ناهي، هو اُتساهه کي وڌيڪ اهميت ٿو ڏئي. مثال طور هُو چوي ٿو:
    ڀٽڪندڙ آرزو نيٺ ڇا ٿي گهُري؟
    دل وري هلڻ جا حوصلا ٿي گهُري.

    سعيد کي پنهنجو خيال پيش ڪرڻ جو ڏانءُ به آهي. سندس هيءُ بند ڏسو:
    منهنجي دل ۾ سدائين ٿيون چڀنديون رهن،
    ڄڻ ته سينن جون آهن اَڻيون حسرتون!


    منهنجو چهرو سمورو پُسائي ويون،
    مينهن جون ڄڻ ته آهن ڪڻيون حسرتون!


    سنڌ کي جي سُٺي شاعري ٿيون ڏين،
    ”سعيد“ تنهنجون اسان کي وڻيون حسرتون!

    سعيد جي شاعريءَ ۾ رومانويت جو رويو ڪٿي ڪٿي روايتي به آهي، پر ان جي اظهار ۾ بهرحال پنهنجي نواڻ آهي. خاص طور تي ان ۾ اجائي لفظن جي ٺاهَه- ٺُوهَه بجاءِ هو اظهار جي سادگيءَ جي حُسن پر بنيادي طور خيال جي نفاست کي قائم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ٿو ڪري. مثال طور:
    ڪري ڇڏيس نه پاڳل، ڪو کيس بدلائي،
    ٿي آئيني جي اڳيان، هوءَ ويس بدلائي.

    يا سندس هيءُ شعر ڏسو:
    انڌيري رات ۽ ڪمري ۾ چارَ چَپَ ويجها،
    نرم بدن جي تَپش ۽ مُساڳَ جي خوشبو.

    سعيد جو تعلق پورهيت طبقي سان آهي پر ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ پورهيت طبقي لاءِ خود قياسيءَ بجاءِ ان جي درد جا عڪس ملن ٿا. مثال طور:
    جسم سويري ڪم تي، پوياڙيءَ جو موٽَ،
    عضوو عضوو چُور ۽ هٿ ۾ ٿورا نوٽَ.

    سعيد ميمڻ سنڌي شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر هو پنهنجي شاعراڻي تخيل ۽ فني تخليقي صلاحيت جو ڀرپور اظهار غزل ۽ وائيءَ جي صنف ۾ ئي ڪري سگهيو آهي.
    سعيد ميمڻ پنهنجي ٽهيءَ جو هڪ ڀلوڙ شاعر آهي، پر مون سندس ويجهي ماضيءَ جي شاعريءَ مان محسوس ڪيو ته هو هڪ حد تائين جمود جو شڪار پڻ ٿيو آهي. شاعري هر فن جيان مسلسل رياض گهُري ٿي ۽ جيئن ته شاعري رڳو فن نه آهي، پر تخيل، خيال ۽ احساس جو گڏيل امتزاج به آهي، ان ڪري ان لاءِ شاعر کي رياض سان گڏوگڏ مسلسل مطالعو، مشاهدو ۽ زندگيءَ جا متحرڪ ۽ نوان احساس پڻ گهرجن. اميد ته سعيد منهنجيءَ ان راءِ تي ڌيان ڏئي پنهنجي فن ۽ فڪر کي وڌيڪ حُسناڪي ڏيندو.
    ڪتاب جو ٻيو شاعر پڻ سنڌ جو هڪ مشهور شاعر جواد جعفري آهي. جواد کي مان هڪ وڏي عرصي کان مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ پڙهندو رهيو آهيان ۽ سندس شاعري مون کي سدائين وڻي آهي. جواد جعفري بنيادي طور مون کي داخليت ۽ رومانويت جي رنگن جو شاعر نظر اچي ٿو، جنهن جي داخليت به رومانوي آهي ۽ هن جي رومانويت به داخلي آهي. هو اُتساهه معاشري مان کڻڻ بجاءِ پنهنجي داخلي دنيا مان وڌيڪ کڻي ٿو. جواد جي انداز ۾ پنهنجي انفراديت آهي. هو چوي ٿو:
    آس هن جي آسرو بڻجي وئي،
    ڌرتتيءَ ۾ ڇانورو بڻجي وئي.

    رات بجلي بند ٿي وئي اوچتو،
    سارَ هن جي سوجهرو بڻجي وئي.

    جواد جو اظهار سادو ۽ اوريجنل نظر اچي ٿو، جيڪا سندس شاعريءَ جي هڪ نمايان خوبي آهي.
    سالن جا هوءَ سپنا ساڙي و ئي آهي،
    منهنجا خط مون آڏو ڦاڙي وئي آهي.


    مون کي ئي ڪجهه سمجهائڻ لاءِ هوءَ شايد،
    پيرن هيٺان ڦولَ لتاڙي وئي آهي.

    يا سندس هيءُ شعر ڏسو:
    خوبصورت خطا ٿي رهي آ،
    ديدَ هن جي فدا ٿي رهي آهي.


    هوءَ جو جوادَ! مُرڪي ملي آ،
    درد جي ڄڻ دوا ٿي رهي آ.



    عڪس پنهنجو هوءَ کڻي وئي پاڻ سان،
    آرسيءَ ۾ آ ڪمي رهجي وئي.

    سندس هڪ غزل جا هي ٻه بندَ ڏسو:
    ايئن لڳي اڄ بهار جي خوشبو،
    ڄڻ ته محبوب جي چِٺي آئي.


    مون سان خوابن ۾ ڀي ملڻ اڪثر،
    لوڪَ کان هوءَ لِڪي لِڪي آئي.

    جواد وايون به سُٺيون لکيون آهن:
    سج وانگر سامهون هيو،
    ناريءَ جو جوڀن،

    منهنجا نيڻ رِجي ويا.


    ميڻ جيان هي ماڻڪيون،
    هن جو باهه بدن،

    منهنجا نيڻ رِجي ويا.

    هتي ”نيڻن جو رِجي وڃڻ“ هڪ نئون تصور آهي. ڇو ته نيڻ صرف تڏهن ئي رِجي سگهن ٿا، جڏهن اُهي برف جيان ڄمي ويا هجن ۽ نيڻ برف جيان ڪهڙيءَ حالت ۾ ڄمي ويندا آهن، ان درد ۽ ڪيفيت جو تصور ڪري سگهجي ٿو. ايئن گيت جي گهاڙيٽي ۾ به هن ڪافي نوان تخليقي تجربا ڪيا آهن.
    مان سمجهان ٿو ته جواد ۾ اهو ڏانءُ آهي، جو جيڪڏهن هو سماجي ۽ خارجي حقيقتن کي به پنهنجا موضوع بڻائي ته هُو وڏي تخليقي سگهه سان زندگيءَ جي حقيقتن تان پردو کڻي سگهي ٿو. جواد جي شاعريءَ ۾ داخليت پنهنجي پوري حُسناڪيءَ سان موجود آهي، پر جيڪڏهن هو خارجي ۽ سماجي موضوعن ڏانهن به ڌيان ڏيندو ته داخليت ۽ خارجيت جو اهو توازن هن جي شاعريءَ کي وڌيڪ سونهن بخشيندو.
    ڪتاب جو ٽيون شاعر مختيار سمون آهي، جيڪو منهنجو پراڻو دوست پڻ آهي. مختيار اسان جو هڪ سُٺو شاعر آهي، جنهن لاءِ ڪتاب جي سهيڙيندڙ رياضت ٻُرڙي لکيو آهي ته هن وڏن سميت ٻارن لاءِ پڻ شاعري ڪئي آهي، پر مان چوندس ته هن ٻارن سان گڏوگڏ وڏيءَ عمر جي اهلِ دل ”ٻارن“ لاءِ به شاعري ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته جنهن ماڻهوءَ جي اندر ۾ ”ٻار“ مري ٿو وڃي، اُهو شاعريءَ کي سمجهي ۽ محسوس ڪري سگهي به نه ٿو.
    مختيار جي شاعريءَ ۾ داخليت جي ڀيٽ ۾ سماجي سوچ وڌيڪ حاوي آهي، جيتوڻيڪ هن جي شاعري پڻ بنيادي طور رومانوي آهي، پر ان سان گڏ سماجي جاڳرتا جو امتزاج سچ پچ ته سهڻو لڳي ٿو. مختيار جي پنهنجي مزاج وانگر هن جو شاعراڻو انداز به سڌو سنئون آهي. مثال طور:
    پيار جي بدلي پيار ٿو چاهين، ڪيڏو سادو آن!
    پاڻيءَ تي ليڪا ٿو پائين، ڪيڏو سادو آن!

    ماڻهو توکي دانَ ۾ ٽانڊآ کوڙ کڻي ڏيندا،
    هر ڪنهن اڳيان هٿ ڦهلائين، ڪيڏو سادو آن!


    دنياداريءَ ۾ سڀ ڦاٿل ليڪن تون مختيار!
    اکين ۾ اوطاقون ٺاهين، ڪيڏو سادو آن!

    مختيار وٽ رومانويت پڻ بيساخته ۽ جدت سان ڀرپور آهي:
    تون جو ناهين ته ويران آ زندگي،
    تون جتي ٿي رهين اُت شهر ٿا رهن.



    ڪوئي شعلو آ، چنڊ آ، ڇاهي!
    يا ڪو هٽيو نقاب چهري جو.

    نينهن وارو نشو لهي ئي نه ٿو،
    ٿورو چکيم شراب چهري جو.

    مختيار جي شاعريءَ ۾ سماجيت، سماجي شعور ۽ سماج لاءِ ڳوڙهي سوچَ-ويچار جو رنگ نمايان نظر اچي ٿو.
    نِڪر تون ذات مان پرين وڏو پو هي جهان آ،
    ڪِري پيو آن کُوهه ۾ قرار جو شڪار ٿي.

    مختيار وٽ عام شاعرن جي اُبتڙ مايوسيءَ جو رويو گهٽ نظر اچي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ اميد ۽ اُتساهه جون علامتون ۽ رويا وڌيڪ حاوي آهن. مثال طور هو چوي ٿو:
    ڇو اڃا اوندهه رکين ٿو ذهن ۾؟
    ڪيڏو آهين روشنيءَ کي ويجهڙو!

    مختيار جي شاعريءَ ۾ سياسي سوچ جا اشارا به مسلسل ملن ٿا، جنهن مان نظر اچي ٿو ته هو سياسي طور به پنهنجين حالتن جو ادراڪ رکي ٿو ۽ پنهنجين حالتن کي بطور هڪ شاعر سياسي اک سان ئي ڏسي ٿو. هن جا ڪجهه شعر ڏسو:
    ڪهڙو خوش ٿيون حال ته ساڳيو ئي آهي،
    بس رڳو سلطان بدلجي آهي ويو.

    غير شاعراڻا خيال، تشبيهون، استعارا يا ڪنايا شاعريءَ ۾ نفاست سان بيان ڪري شاعر لفظن، اصطلاحن، شين ۽ ڪردارن جون معنائون ئي تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. جيئن فيض صاحب ”ڪاروبار“ لفظ کي تخليقي انداز سان استعمال ڪري ان جو رنگ ۽ اثر ئي تبديل ڪري ڇڏيو. مختيار به اهڙا تجربا ڪري ٿو، مثال طور:
    پاڻ کڻي ساڻ خوشين جون خبرون،
    دردن جي اخبار ڇڏي آ ويو.

    مجموعي طور مختيار هڪ سُٺو شاعر آهي ۽ جيڪڏهن هو پنهنجي شاعريءَ ۾ اڃا وڌيڪ فڪري گِهرائي پيدا ڪري ته هو سنڌي شاعريءَ کي اڃا به وڌيڪ حَسين تخليقون ڏئي سگهي ٿو.
    ڪتاب جو چوٿون شاعر نوجوان شاعر ۽ ليکڪ احسان دانش آهي. احسان نه رڳو سُٺو شاعر ۽ ليکڪ پر هڪ نهايت متحرڪ ادبي ڪارڪن به آهي. احسان پنهنجو تعارف پاڻ ئي هيئن ڪرائي ٿو:
    منهنجي اندر ۾ جلي ٿو سورج،
    مان ڪو اڌ رات جو پهر ناهيان.


    پيار جي پارِ ڳولجو مون کي،
    ڇو ته ناهيان، مان ستمگر ناهيان!!

    احسان دانش به لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي ٻين اڪثر شاعرن جيان بنيادي طور رومانوي شاعر آهي، پر هن جي رومانويت ۾ مايوسي، روايتي پِٽڪو ۽ خود قياسي نه پر زندگيءَ جا ڀرپور اهڃاڻ آهن:
    ڪائي ڪشتي نه ڪوئي ساحل آ،
    تنهنجي نيڻن ۾ ڪو ٻُڏي ويندو.


    هاڻي مان خواب ٿو ڏسان، رنگين،
    پيار جي هنج ۾ سُتل آهيان.


    درد جي ناءُ تي تري ويندس،
    زندگيءَ ڏي وري وري ويندس.

    هڪ دفعو تنهنجي گرم ٻانهن مان،
    آنءُ نڪتس ته پو ٺري ويندس.


    چيم مان ڇو الائي ڌنڌلا چهرا پَسان ٿو پيو،
    چيائين تنهنجي نيڻن جي اڃا موسم جهُڙالي آ.

    احسان دانش جيئن نثر ۾ مختلف صنفن ۾ لکيو آهي، تيئن هن دوست شاعريءَ ۾ پڻ متفرق صنفن ۾ پنهنجا تخليقي جوهر آزمايا آهن. هن ڪتاب ۾ پڻ هن جا نظم، آزاد نظم، نثري نظم، هائيڪا ۽ ٽيڙو شامل آهن. آگسٽ 2008ع ۾ ٿر ياترا دوران لکيل سندس هڪ ٽيڙو مون کي ڏاڍو وڻيو:
    پُسيون نيٺ ڀِٽون،
    وَسي پيو وَڏَ-ڦُڙو،
    ڄاڻ کُنڀيون نڪتيون.

    احسان دانش ۾ جيتري تخليقي صلاحيت آهي، هن کي اوترو پنهنجن موضوعن جو دائرو وسيع ڪرڻ گهرجي، هن جو گهڻو ڌيان رڳو فني تجربن ۽ ڳالهه جي انداز تي نظر اچي ٿو، ان ڪري فني تجربن سان گڏ هن کي موضوعن جي وسعت ۽ گهرائيءَ تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته شاعريءَ جو معيار ان جي پکيڙ مان نه، پر ان جي اونهائيءَ مان پرکبو آهي.
    ڪتاب جي پنجين شاعره سنڌ جي مشهور نوجوان شاعره روبينه ابڙو آهي. مان وڏي عرصي کان روبينه جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رسالن ۾ پڙهندو رهيو آهيان ۽ مون تي هن جي شاعريءَ جو هميشه سُٺو اثر ويٺو آهي. کيس لکڻ جو ڏانءُ آهي. سندس مشاهدي ۽ تخيل جي قوت پڻ سُٺي آهي. گذريل ٻن ڏهاڪن کان سنڌي ادب ۾ جيڪي چند شاعرائون پنهنجي ادبي ۽ تخليقي پورهيي سبب تيزيءَ سان اُڀريون ۽ جن پنهنجو ادبي نانءُ نه رڳو قائم رکيو، پر مسلسل اڳتي وڌايو، انهن ۾ روبينه خاص حيثيت رکي ٿي. روبينه جي شاعري رومانوي به آهي ته وري ان ۾ وطن دوستي، انسان دوستي، فطرت سان پيار ۽ ڪنهن حد تائين روحاني رنگ به نظر اچي ٿو. هوءَ پاڻ پنهنجو تعارف هيئن ڪرائي ٿي:
    ميران جهڙيون کوڙ هتي هن،
    هڪڙي ناهيان مان ديواني.



    ڏسان ٿي پاڻ ۾ سرمستي،
    ڪڏهن ”ميران“ ڪڏهن ”مرکان“.

    روبينه جا تصور ڏاڍا شاعراڻا ته آهن، پر انهن ۾ گهرائي به آهي. هن ۾ تخيل جي تخليقي اظهار جو سُٺو ڏانءُ آهي. سندس هي ڪجهه شعر ان جا گواهه آهن:
    نُور وڃائي ڀي نيرولي،
    رنگن جا ئي خواب ڏسي ٿو.


    تو، مان آهي پاڻ سڃاتو،
    درد دلين جو موهه آ.


    ڪري ڪويل ٿي ڪُو ڪُوءَ ۾،
    سدا تنهنجي ثنا خواني.

    عورت شاعره هئڻ جي ناتي روبينه جي شاعريءَ ۾ سماجي حساسيت جو رنگ نمايان آهي، پر هن جي حساسيت ڪمزور، نٻل ۽ جهُريل نه، پر سگهاري ۽ سماجي طنز ۽ مزاحمت سان ڀريل آهي. هوءَ رومانويت ۽ سماجي جرئت جي امتياز سان هيئن حساسيت جو اظهار ڪري ٿي:
    پنهنجي نيڻن جو سرمدي سپنو،
    چوڪ تي سنگسار ٿي ويندو.

    رنگ سارا صليب تي چاڙهي،
    رُوح رقصم بزار ٿي ويندو.

    هاءِ نزديڪين جي موسم ۾،
    ضبط بي اختيار ٿي ويندو.


    روبينه جي رومانوي شاعريءَ جو انداز پڻ ڏاڍو موهيندڙ آهي:
    هو جو سرتيون گل هيو گرنار جو،
    تنهن بنا مان ڇا ڪيان سنسار جو.

    ڪيترو آهين پري، ٿي سوچيان،
    ڇا ڪيان مان رُوپَ ۽ سينگار جو.

    موت واري موڙ تي آهين مليو،
    پر لڳين ٿو زندگيءَ جي پارَ جو.

    جيتوڻيڪ تصوف جو اثر ڪلاسيڪيءَ سان گڏ سنڌيءَ جي جديد شاعريءَ تي پڻ رهيو آهي، خود شيخ اياز ان جو وڏو مثال آهي، پر مون کي لڳي ٿو ته روبينه تصوف جي ابتدائي اثر کان ٿيندي روحانيت ۽ عقيده پسنديءَ ڏانهن مائل ٿي رهي آهي، جيڪو رجحان منهنجيءَ نظر ۾ هن جي خوبصورت شاعريءَ لاءِ نقصانڪار آهي. ”داتا“ ۽ ”مرشد“ جا تصور 21-هين صديءَ جي خوبصورت شاعريءَ لاءِ وڌيڪ فڪري ۽ فني سونهن جو باعث نه بڻبا. تصوف کي اڄڪلهه هونئن به سنڌي شاعريءَ ۾ فيشن طور گهڻو استعمال ڪيو وڃي ٿو، پر منهنجيءَ نظر ۾ روبينه جهڙي تخـليقـي شاعـره کـي پنهنجون فڪري وِکون عقيدي پسنديءَ جي رجحان بجاءِ 21-هين صديءَ جي اڳتي وڌيل روشن خياليءَ ڏانهن کڻڻ گهرجي ۽ استعارا، علامتون ۽ اُتساهه به نئين دؤر جي زندگيءَ يا آئيندي جي تخيل مان کڻڻ گهرجن.
    ڪتاب جو ڇهون شاعر سڄاڻ ليکڪ ۽ شاعر عادل عباسي آهي. عادل پڻ سنڌيءَ ۾ گذريل ٻن ڏهاڪن کان مسلسل لکندو اچي ۽ هن شاعريءَ ۾ خاص طور غزل ۽ گيت جي صنف ۾ پنهنجي هڪ منفرد جاءِ ٺاهي آهي. هونئن ته هن ٻين صنفن ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي، پر مون کي هن جا غزل ۽ گيت وڌيڪ وڻيا آهن. عادل جي رومانويت غير روايتي نظر اچي ٿي:
    اسان جا گهاءَ تنهنجي هر انياءَ تي به مهڪندا!
    ڀلي تون تيرَ، زهر ۾ ڀري اُماڻ، ڇوڪري!

    عادل جيئن ته شاعر ۽ ليکڪ هئڻ سان گڏوگڏ هڪ پختو قومي سياسي ڪارڪن به آهي، ان ڪري هن جي شاعريءَ م پختي سياسي سوچ جا اثر ۽ آثار نمايان آهن:
    رَتُ جي ڌَپ گهُلي ٿي پيئي اڄ به ڪراچيءَ ۾،
    ٿي پئي آهي شهر سڄي جي دهشتگرد هوا.

    يا ته اسان جو جوش ويو آ جهُور ڪُراڙو ٿي!!
    يا ته گهُلي آ سنڌ سڄيءَ ۾ ڪا نامرد هوا!!!

    عادل جي سوچن ۽ روين ۾ ارڏائي آهي، ڇاڪاڻ ته هو هڪ سياسي ڪارڪن هئڻ جي ناتي سمجهي ٿو ته سنڌ کي بهادري ۽ سمجهه گڏجي بچائي سگهن ٿيون. هو چوي ٿو:
    اسان پيرَ پٿرن کي ارپي ڇڏيا،
    هوائون گهُلن پوءِ ٿڌيون يا تَتيون.

    هن ڪتاب ۾ عادل جا گيت پنهنجو مَٽ پاڻ آهن. هن گيت ۾ وائيءَ جو رنگ شامل ڪري نوان تخليقي تجربا پڻ ڪيا آهن، جيڪي سندس شاعريءَ ۾ وڌيڪ ترنم ۽ گداز پيدا ڪن ٿا. سندس گيت جو هيءُ بند ڏسو:
    تون جي ايندين، منظر مهڪي پوندا ساجن!
    سوچن ڦوليا،
    نيڻن ڳوليـا،
    هر منظر ۾ عڪس اوهان جا ئي مون پاتا
    منهنجا ڍوليا!
    دل جا سرگم ڇيڙي،
    آءُ اسان جي ويڙهي.
    عادل جيڪڏهن لوڪ گيتن تي ڌيان ڏي ته هو جديد لوڪ گيت نهايت سهڻا لکي سگهي ٿو. هن جو گيت جو نئون تجربو ۽ انداز تمام سهڻو آهي.
    ڪتاب جو ستون شاعر فياض لطيف آهي، جنهن لاءِ ڪتاب جي سهيڙيندڙ رياضت ٻرڙي لکيو آهي ته، ”فياض لطيف سنڌ جي اُنهن شاعرن ۾ يقينن شامل ڪري سگهجي ٿو، جن سنڌي نظم سان خوب نڀايو آهي ۽ پنهنجي مخصوص حُسناڪ انداز سان اِها گهرائي ماڻي آهي، جا نظم جي سڃاڻپ آهي...... فياض لطيف جا موضوعَ محبت، وڇوڙو، انتظار ۽ پرينءَ جي ياد آهن.“
    مون فياض جي هن ڪتاب ۾ شاعريءَ کي غور سان پڙهيو آهي ۽ حقيقت اِها آهي ته اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي ته هن پنهنجو ڀرپور اظهار نظم ۾ ڪيو آهي يا غزل ۾، ڇاڪاڻ ته هن جا غزل به پنهنجو مَٽ پاڻ آهن. فياض هڪ پختو شاعر آهي، جنهن کي غزل ۽ نظم جي صنفن تي مڪمل گرفت نظر اچي ٿي. انسان جا خيال مختلف ٿي سگهن ٿا، پر ان جا احساس ساڳيا هوندا آهن ۽ شاعري بنيادي طور خيالن سان گڏوگڏ احساسن جي ڀرپور ۽ بي ساخته اظهار جو نالو آهي، پر اصل ڳالهه انهن احساسن کي پيش ڪرڻ جي ڏانوَ جي به آهي. فياض وٽ خيالن ۽ احساسن کي پيش ڪرڻ جو نفيس ڏانءُ آهي، جيڪو پڙهندڙ جي دلين جي تارن کي وڃي ڇُهي ٿو. هن جي غزلن جا ڪجهه بند ڏسو:

    هوائن ۾ هُلي ويو آ، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو،
    پريشان ڀؤنر هن سارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو!

    اکين ۾ کيپَ ٿا مُرڪن، وئي مدهوش ٿي دلڙي،
    خماريل چنڊَ ۽ تارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو.


    اسان جي پياس کي پنڌ جا انوکا ماڳَ وئي ڏيئي،
    اسان جي طلب ۾ بارش، مگر هوءَ آڳ وئي ڏيئي.

    اسان لاءِ هيرَ جو جهونڪو، هئي جا موههَ جي موسم،
    اسان جي خواب نيڻن کي، ازل جي جاڳ وئي ڏيئي.


    تتل واري آ پيرن ۾، مٿان ڪوئي ڪڪر ڪونهي،
    اڙي محبوب او جانان! گهڙي کن زلف ئي کوليو.

    هونئن عام طرح غزل جو هر بند ٻئي کان مختلف ۽ جدا خيالَ، احساس، منظر يا تصور جو اظهار هوندو آهي، پر غزل ۾ هڪ ڪردار يا تصور کڻي مسلسل غزل لکڻ جو تجربو سُٺو ٿو لڳي، جيڪو غزل کي نظم جو رنگ ڏئي ٿو ڇڏي. فياض لطيف جو هيءُ تجربو به اهڙو ئي وڻندڙ آهي:
    سونهن جو سحر آ، هوءَ ڇوڪري،
    نسورو قهر آ، هوءَ ڇوڪري.

    نه ٻوڙي ٿي، نه چاهي تارڻ پئي،
    انوکو بحر آ، هوءَ ڇوڪري.

    ڏيئن جي جاڳ وانگي هيءُ جيون،
    پرهه جو پهر آ، هوءَ ڇوڪري!!

    فياض جا نظم پڻ سُٺا آهن، جن ۾ نه رڳو رواني آهي، پر فني بندشن جو پورو پورو لحاظ ڪيو ويو آهي. نظمُ غزل جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏُکي ۽ آزمائيندڙ صنف آهي، ڇاڪاڻ ته نظم جي اُڻت ۾ تسلسل، رواني، خيال جي وهڪ ۽ فني بندشن جو خيال گڏ گڏ ڪرڻو پوي ٿو. سندس هڪ نظم جو عنوان ”حياتي آ ڪنڊي تي ماڪَ جو قطرو“ مون کي بيحد وڻيو. زندگيءَ جي بي ثباتيءَ کي ڪنڊي تي ماڪَ جي ڦُڙي سان تشبيهه ڏيڻ بيحد حَسين ۽ عجيب خيال آهي.
    مان سمجهان ٿو ته فياض جا غزل ڳائجڻ گهرجن. اسان وٽ جيترو سُٺو غزل لکيو وڃي ٿو، اوترو ڳاتو نه ٿو وڃي، ڇاڪاڻ ته غزل جهڙي نازڪ صنف کي اهڙي نفاست سان ڪمپوز ڪرڻ ۽ ڳائڻ وارا فنڪار بنهه ٿورا آهن.
    ڪتاب جو اٺون شاعر اسان جو نوجوان دوست رضا بخاري آهي، جيڪو پڻ سُٺي شاعري ڪري ٿو ۽ کيس پنهنجي اظهار جو ڏانءُ آهي. هن جي شخصيت ۽ سوچ يا اندر جو جهانُ پڻ سندس هن شعر مان واضح آهي:
    ٿو برسات چِٽيان ڪاغذ تي،
    ۽ آڙاهه ٻري ٿو مون ۾.

    رضا جا اڪثر غزل ننڍي بحر ۾ آهن ۽ سندس انداز ڏاڍو سادو ۽ ڇُهندڙ آهي. مثال طور:
    جن نه خود کي لڌو،
    رهنما ٿي ويا.

    جئن اُڏاڻا پکي،
    وڻَ دعا ٿي ويا.

    يا هو ٻئي هنڌ چوي ٿو:
    هي ته ساڳيون ئي صورتون آهن،
    آئينن کي ڇو حيرتون آهن!

    غزل شاعريءَ جي نهايت نفيس صنف آهي، ان ڪري غزل ۾ مزاحمت جي ڳالهه به نفاست سان ڪبي آهي. رضا بخاريءَ جي نه رڳو سوچ ۾ گهرائي آهي، پر هو ڳالهه کي پيش ڪرڻ جو پنهنجو انداز ۽ هنر به ڄاڻي ٿو:
    درد جو آسمان آ مون ۾،
    هڪ الڳ ئي جهان آ مون ۾.

    اوچتو ئي ڪڏهن ڪندو ڦهڪو،
    جيڪو خسته مڪان آ مون ۾.


    روبرو آ يقين جي منزل،
    پو به ساڳيو گمان آ مون ۾.

    رضا بخاريءَ وايون به سُٺيون لکيون آهن. تصوراتي عڪس بنديءَ جي اظهار جي هيءَ وائي مون کي بيحد وڻي، هو لکي ٿو:
    ڏس ته چنبيلي لامَ،

    جَرَ تي ترندي وڃي!

    اوڙهي رنگ جي چُني،
    مدهوشيءَ ۾ شامِ،

    جَرَ تي ترندي وڃي!

    ڇولي ڇولي ٿي لڳي،
    ڪنهن نچڻيءَ جي گامِ،

    جَرَ تي ترندي وڃي!

    ٻيڙي هڪڙي ڪاغذي،
    سانڍي ڪي پيغام،

    جَرَ تي ترندي وڃي!

    مٿين وائيءَ ۾ مشاهدي، تصور ۽ منظر جي حَسين عڪسبندي نظر اچي ٿي ۽ ان کي ئي شاعري چئبو آهي. هو هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو:
    ڪُوڙي دنيا ۾ رهي،
    ماڻهن جا سينا،

    ميرا ٿي ويا هِن!

    تون ٿو آئينا اُگهين،
    هت سڀ جا چهرا،

    ميرا ٿي ويا هن!

    رضا تروينيون به سُٺيون لکيون آهن. سندس شاعريءَ ۾ تصوراتي ۽ تخيلاتي صلاحيت ۽ اُڇلَ پنهنجي پوريءَ سگهه سان موجود آهي. تروين هڪ بيحد مختصر ۽ ٻارن جهڙِي نازڪ خيال صنف آهي. ان کي شاعر کي ايئن سنڀالڻو پوي ٿو، جيئن ڪو غريب گهر ۾ ڪانچ جي شيءِ سنڀاليندو آهي.
    سندس هي ڪجهه تروينيون ڏسو:
    اُڏي ٿي هيءَ رَئي ڇا لئه،
    مسافر! تو نه ڄاتو آ
    چوي ٿو ”الوداع“ رستو!


    پٿرن جي قيمتن،
    آسمانن کي ڇُهيو،
    ٿي ويون سستيون دليون.


    رات ڀر برسيون اکيون،
    ڌوپجي نکري پيو،
    درد جو ميرو بدن.

    اکين جي ڀرجڻ ۽ برسڻ جي عمل کي به ايئن اُتساهه ۽ وڻندڙ انداز سان پيش ڪرڻ، جو ان مان مايوسيءَ، ويڳاڻپ يا خود قياسيءَ جو احساس نه اُڀري، اِهو شاعر جو ڪمال آهي.
    حبدار سولنگي گذريل پندرهن سالن کان مسلسل لکي رهيو آهي ۽ هن کي نه رڳو لاڙڪاڻي ضلعي پر سڄيءَ سنڌ ۾ سڃاتو وڃي ٿو. ٻين ڪيترن دوستن جيان حبدار جو به گهڻو ڌيان غزل جي صنف تي آهي، جيتوڻيڪ هن نظم ۽ آزاد نظم پڻ لکيا آهن. هر شاعر زندگيءَ بابت پنهنجي پنهنجي روش رکي ٿو ۽ حبدار حياتيءَ کي پنهنجي غزل ۾ منفرد انداز ۾ بيان ڪيو آهي:
    حياتي ڏات، ڏاهپ ۽ نئون ادراڪ آ ”حبدار“!
    حياتي اڻ پڙهيي جي هٿ ۾ اخبار جهڙي آ.

    حبدار جا ڪي ڪي خيال ڏاڍا منفرد ۽ ڇُهندڙ آهن، هو جڏهن چوي ٿو:
    اوهان جو مُرڪندي گهُورڻ، عجب انعام ئي چئبو،
    اوهان جو ٽهڪ ڏيڻ ڊوڙڻ، ڪو ڇلڪيل جام ئي چئبو.

    حبدار جي عاشق مزاجي سندس نالي جيان شاعريءَ مان به بلڪل واضح آهي. سندس هيءُ خيال ۽ ان جو اظهار ڏسو:
    پرينءَ جو پيار ماڻي، زندگيءَ جو راز ڄاتوسي،
    اسان هڪ عشق سان دنيا سڄيءَ جو راز ڄاتوسي.

    اسان لفظن سان هن جي سامهون ويهي ڪئي رياضت،
    ملي ويو مانُ مَنَ کي، شاعريءَ جو راز ڄاتوسي.

    هن وٽ عاشقيءَ جو روايتي تصور گهٽ آهي. هو عاشقيءَ کي هڪ مسلسل پنڌ ٿو سمجهي، جيڪا عشق جي لطيفي روايت آهي. هو چوي ٿو:
    نه منزل جي هئي ڪا ڄاڻ اڳ ۾ پاڻ کي ”حبدار“!
    ڪئي آ عشق آٰساني، جُڳن کان پنڌ جاري آ!

    ڪتاب ۾ حبدار جو نظم ۽ هڪ آزاد نظم پڻ شامل آهي، جيڪي پڻ سُٺا آهن. سندس آزاد نظم جون هي ٻه سٽون سنڌ جي موجوده توڙي تاريخي الميي جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿيون:
    ”درد جو درياهه آهي،
    سنڌ گهرو گهاءُ آهي.“
    ڪتاب جو ڏهون شاعر ساجد سنڌي آهي، جنهن جا ڪتاب ۾ غزل، نظم ۽ ڪجهه چؤسٽا شامل آهن. ساجد هڪ بيحد حساس طبع شاعر لڳي ٿو، جنهن وٽ داخلي، سماجي، رومانوي ۽ ڪٿي ڪٿي سياسي حساسيت جا عڪس پڻ گڏ گڏ نظر اچن ٿا. سندس ڪجهه بند ڏسو:
    رات آڌيءَ جو ڏسان ٿو مان وري،
    گڏ سُتل ماڻهو- ڪُتا، فوٽ پاٿ تي.


    ٻار خوش ٿي کِلي ڪُڏن ٿا پر،
    ڪو پکي آ، مري ٿو بارش ۾.

    ساجد کي نظم طرف وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي گهرج آهي، ڇاڪاڻ ته سندس نظمن ۾ روانيءَ ۽ تسلسل جي کوٽ آهي. نظم ايئن هئڻ گهرجي، جيئن مٿان کان پاڻي آبشار مان مستيءَ سان وهندو آهي ۽ ڏسندڙ ۾ سرمستي ڀريندو آهي. نظم ۾ اها رواني خيال ۾ به هئڻ گهرجي ۽ ٻوليءَ توڙي اظهار ۾ به.
    رضوان گُل هن ڪتاب ۾ شامل يارهون شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ وڇوڙو هڪ موضوع طور بار بار سامهون اچي ٿو. هونئن وڇوڙو اُتساهه جو محرڪ به بڻجي سگهي ٿو، جي ان کي جدت سان پيش ڪجي، پر رضوان گُل تي ان جو اثر نراسائيءَ جي صورت ۾ پوندي نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ هن نظم ۽ آزاد نظم به لکيا آهن، پر هو پنهنجو ڀرپور اظهار غزل جي صنف ۾ ڪري ٿو، شايد سندس خيالن ۽ محسوسات جي ڀرپور ترجماني غزل ئي ڪري سگهي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ سادگي آهي، پر ان ۾ پنهنجو حُسن آهي. هن جا هي خيال ۽ احساس ڪيترا نه سُٺا لڳن ٿا:
    پيار ۾ نفرتن کي جاءِ نه ڏي،
    باهه پاڻيءَ ۾ ڪيئن ملائيندين!

    تنهنجا احسانَ مون اکين تي رکيا،
    مون کي ڪهڙي خبر جتائيندين!


    دل جي راهن ۾ جو رليو ناهي،
    زندگيءَ سان ڪڏهن مليو ناهي.

    بند پيو آهه هُو ڪتاب جيان،
    ڪنهن جي آڏو ڪڏهن کُليو ناهي.

    ڪتاب ۾ شامل سندس ٻه غزل اهڙا آهن، جن کي نظم جو عنوان ڏنو ويو آهي. جيتوڻيڪ انهن جو انداز نظم وارو آهي پر اُهي پنهنجي بندش ۽ گهاڙيٽي ۾ غزل ئي آهن. رضوان گل جا ڪتاب ۾ شامل آزاد نظم پڻ سٺا آهن.
    بطور هڪ ادبي ۽ فني نقاد جي مان رضوان گُل کي صلاح ڏيڻ چاهيندس ته هُو غزل جي روايتي فڪري ۽ موضوعاتي مزاج جي دائري مان نڪري انهن ۾ وڌيڪ جدت پيدا ڪري. مون کي لڳي ٿو ته هن تي سنڌيءَ جي روايتي غزل گو شاعرن جو اثر گهڻو آهي. رضوان گُل هڪ باصلاحيت تخليقڪار آهي ۽ هن جي شاعريءَ ۾ پختگي آهي، جيڪڏهن هُو غزل جي روايتي مزاج ۽ موضوع بجاءِ جديد انداز ۽ موضوعن ڏانهن ڌيان ڏيندو ته هن جي شاعريءَ کي اڃا به چار چنڊَ لڳي ويندا.
    ڪتاب جو ٻارهون ڪَوي نوجوان شاعر ابرار ابڙو آهي، جنهن جو لاڙو پڻ شاعريءَ ۾ غزل جي صنف ڏانهن آهي. ابرار جو انداز اوريجنل آهي. سندس شاعريءَ ۾ هن جو رويو اُميد پسنديءَ وارو آهي ۽ هن غزل ۾ نيون نيون فني ترڪيبون پڻ استعمال ڪيون آهن:
    ڇوڪري روشني لڳي مون کي،
    روشني زندگي لڳي مون کي.

    آءٌ ترڇي پيو تڪيان هن کي،
    هوءَ اُلاري پئي سڳي مون کي.

    سڳيءَ جو اولارڻ هڪ سُهڻي ادا آهي، جنهن ۾ نِهارَ جو انڪار نه پر نِهارَ کان حجاب هوندو آهي.
    سندس هڪ ٻئي غزل جا ڪجهه بند ڏسو:
    وِکريل جنون دل لڳيون ڪاڏي کڻي وڃن؟
    صدين جي جاڳ کي اکيون ڪاڏي کڻي وڃن؟

    صحرا جي ريت جي مٿان چنڊ- رات ڪانه ٿي،
    رڻ جو ڊگهو سفر ڪَتيون ڪاڏي کڻي وڃن؟

    اوسيئڙي کي ساٿ جو پاڇو نه ٿو ملي،
    منهنجي نهار کي دريون ڪاڏي کڻي وڃن؟

    سياري جي رات، سانت ۽ سوچن جي شور ۾،
    بيچين پيار کي بَتيون ڪاڏي کڻي وڃن؟

    يا هو هڪ ٻئي هنڌ چوي ٿو:
    عاشقيءَ جي پنڌ کي اوندهه ڳهي ٿي ڳوٺ جِي،
    رات جا ويران رستا روشنيءَ تي ٿا ڪِرن!


    هٿ ٺري ويا هيس ٿڌيءَ رُتِ ۾،
    دل ۾ پر ڌرتتي کڻي نڪتي.

    باغ جو باغ هن جي نالي هو،
    هوءَ هڪ پنکڙي کڻي نڪتي.

    ابرار ابڙي هڪ غزل ۾ ڏاڍو سُهڻو تجربو ڪيو آهي، يعني هن غزل ۾ لاڙڪاڻي کي هڪ ڪردار طور به کنيو آهي ۽ قافيي طور به. ساڳيئي قافيي جو هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ به غزل جي سونهن کي بگاڙي ڇڏيندو آهي، پر ابرار ڪمال ڪاريگريءَ ۽ هنرمنديءَ سان ان جي ورجاءَ ۾ ئي حُسن پيدا ڪري ڇڏيو آهي. مان هتي سندس پورو غزل ٿو ڏيان، ڇاڪاڻ ته ٻيءَ صورت ۾ ان جي حُسناڪي محسوس ڪري نه سگهبي:

    نيڻ منهنجا ۽ لاڙڪاڻو هو،
    گڏ وڇوڙا ۽ لاڙڪاڻو هو.

    بيقرارين جي شام ۾ ڌنڌلا،
    سارا رستا ۽ لاڙڪاڻو هو.

    هٿَ لُڏيا، ٽرين الوداع ٿي وئي،
    اک ۾ ڳوڙها ۽ لاڙڪاڻو هو!

    ڪو سُڃاتل نه هو سوا تنهنجي،
    کوڙ چهرا ۽ لاڙڪاڻو هو.

    آءٌ ڪنهن ياد ۾ وڃايل هوس،
    ڀر ۾ رڪشا ۽ لاڙڪاڻو هو.

    تنهنجي احساس جي هُئي خوشبو،
    ساڻ پاڇا ۽ لاڙڪاڻو هو.

    ڪتاب جو تيرهون شاعر اقبال کوکر آهي، جيڪو سهيڙيندڙ رياضت ٻُرڙي چواڻي ته هو هڪ ڪُنڊائتو رهندڙ نوجوان شاعر آهي. هن جو اهڙو مزاج سندس شاعريءَ مان پڻ پَسي سگهجي ٿو. هونئن به شاعرن کي هڪ حد تائين اڪيلائي ضرور گهرجي ٿي، ڇاڪاڻ ته اڪيلائي تخيل، تصور ۽ احساس جي ٻَني آهي. توهان هُجومن ۾ تخيل، تصور ۽ احساس جي بلنديءَ تي نه ٿا رَسي سگهو. اقبال کوکر ۾ حساسيت ۽ داخليت نمايان نظر اچي ٿي. هن جا خيال ڪافي منفرد، سادا پر اوريجنل آهن.
    هت ٿيا کوڙ گڏ منصور هوندا!؟
    تڏهن ئي ٽياس جا ڏيئا ٻرن ٿا.

    هتي ”ٽياس جا ڏيئا“ هڪ انوکو تصور نظر اچي ٿو.
    هڪ ٻئي هنڌ هُو چوي ٿو:
    گُل جي سونهن وڌائي شبنم ”ڳل“ جي موهيڙي،
    ساري جڳ جي تو جوڀن ۾، سونهن سموهي، ڙي!

    جيئن ڏنو تو رخ تي پردو ايئن لڳو مون کي،
    سج جي روشني ڪِرڻن کي آهه روڪيو ڪوهيڙي.

    هتي شاعر ”موهيڙي“ ۽ ”ڪوهيڙي“ کي رديف طور به استعمال ڪيو آهي ۽ ساڳئي وقت قافيي طور به.
    سندس ڪجهه ٻين غزلن جا ٻيا بند آهن:
    ٿو لڳي جيون به سارين جو فصل،
    وقت ڀي ڏاندن جيان ڳاهي پيو.

    ساٿ سو ئي ڪين مون سان ڏئي سگهيو،
    جو ستارا اُڀ تان لاهي پيو.

    اقبال کوکر جو رومانس سادو پر خوبصورت ۽ موهيندڙ ٿو لڳي:
    رت بسنتي گهٽا نه ٿا چاهيون،
    ڪجهه به توکان سوا نه ٿا چاهيون.

    منهن مبارڪ گهران ڍڪي نڪرو،
    او پرين حادثا نه ٿا چاهيون.

    ڪتاب ۾ اقبال جون ٻه سهڻيون وايون به شامل آهن. سندس هڪ وائيءَ جو هيءُ بند ڪيڏو نه سهڻو آهي:
    هوءَ جو ڇوڙي وارَ ٿي،
    ڪڪرن ڪارن جو،

    رنگ بدلجي ٿو وڃي.

    ڪتاب جو آخري شاعر، ڪتاب جو سهيڙيندڙ ۽ نوجوان ليکڪ ۽ شاعر رياضت ٻُرڙو آهي. رياضت جيئن ته منهنجو شهر واسي ۽ دوست آهي، ان ڪري مان کيس ننڍپڻ کان سڃاڻان. هو خوشنصيب آهي جو کيس ڊاڪٽر محبت ٻُرڙي جهڙي ڏاهي ماڻهوءَ جهڙو وڏو ڀاءُ ۽ موسيقيءَ جي هڪ اداري جهڙو گهرُ مليو. رياضت جي ادبي ۽ فڪري تربيت ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ئي ڪچهرين ۽ محبت ۾ ٿي.
    رياضت گذريل ٻن ڏهاڪن کان نثر توڻي شاعريءَ ۾ مسلسل لکندو اچي. هو پنهنجيءَ سوچ ۾ انسان دوست، فڪر ۾ روشن خيال ۽ ترقي پسند ۽ عمل ۾ هڪ جاکوڙي ماڻهو آهي، جيڪا زندگيءَ ڏانهن روِش شايد کيس سندس ڏاهي وڏي ڀاءُ کان ورثي ۾ ملي ۽ هو به ان ريت ۽ روايت سان پوريءَ ريت نڀاءُ ڪندو اچي. رياضت شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سمورين صنفن ۾ پنهنجو اظهار ڪيو آهي، جيڪي هن ڪتاب ۾ پڻ شامل آهن. هن غزل، نظم، وايون، گيت، هائيڪا ۽ ٽيڙو لکيا آهن. هن جا خيال سادا، نفيس ۽ وڻندڙ آهن، جنهن جا ڪجهه مثال هي آهن:
    سونهن سجدو گهُريو خدا سامهون،
    مون به مصلو گهريو خدا سامهون.


    ڳِيچَ ٿي ڳائي سنڌ وطن جا،
    پڳلي ڏات اڃا ٻي ڪهڙي!


    ٽاريءَ کي صدمو،
    خوشبو وارو گل ڇڻيو،
    ناريءَ کي صدمو.

    هڪ وائيءَ ۾ هو سنڌي ٻوليءَ ڏانهن وڏن شهرن ۾ رهندڙ سنڌين کي ميار هيئن ڏئي ٿو:
    ڌاري ٻوليءَ ۾ پڙهي،
    سنڌيءَ کي گمنام،

    ڳوٺاڻن ناهي ڪيو.

    سندس هڪ تروين آهي:
    گلابن ۾ وَسو ٿا پر،
    نه ٿَوَ خوشبوءِ جي ڪا سُڌِ،
    اوهان رنگين ڪاڳـرَ هو.

    بي روح ماڻهوءَ جي رنگين ڪاڳر سان تشبيهه ڏاڍي ٺهڪندڙ ۽ سُٺي ٿي لڳي. طنز جو هيءُ انداز به ڪيڏو شاعراڻو ۽ نفيس آهي!
    مجموعي طور رياضت هڪ سُٺو ۽ روشن خيال شاعر آهي، جيڪو شاعريءَ ۾ ڪارج ۽ مقصديت کي گهڻي اهميت ڏيندي نظر اچي ٿو. هن جا شعر بامعنيٰ آهن، جنهن ذريعي هو واضح پيغام، مشاهدو، تجربو يا خيال ۽ احساس ورڇڻ ٿو چاهي. جنهن ڪري هو هڪ سماجي طور ذميوار شاعر ۽ ليکڪ نظر اچي ٿو.
    مجموعي طور هيءُ ڪتاب ”ڏات ڏيئا ٻاريا“ سنڌي ٻوليءَ جي جديد شعري ادب ۾ هڪ سُٺو اضافو آهي. جيڪڏهن شاعرن جي انفرادي پرک کي پاسيرو ڪري ڪتاب جي مجموعي تاثر کي ڏسجي ته هڪ ڳالهه مون شدت سان محسوس ڪئي ۽ اُها آهي اڄوڪي دؤر جي شاعريءَ ۾ فڪري گهرائيءَ جي کوٽ. اِها راءِ مان هڪ ذميوار ادبي ۽ فني نقاد طور ڏئي رهيو آهيان. اسان جو شاعر مشاهدي، تخيل، منظر نگاريءَ، احساسن جي اظهار توڻي فني تجربن تي ته گهربل ڌيان ڏئي ٿو، جنهن جا عڪس هن ڪتاب ۾ به پَسي سگهجن ٿا، پر اهو فڪر يا Thought طرف گهٽ ڌيان ٿو ڏئي. ياد رهي ته مان نظرين جي نه پر فڪر جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. فڪر ادب جو روح ۽ جوهر آهي ۽ جيڪو ادب ۽ فن فڪري طور سگهارو، تخليقي ۽ جدت پسند هوندو، ان جو ٻوليءَ، سماج ۽ پنهنجي دؤر تي اثر وڌيڪ نمايان ۽ گِهرو هوندو. اهو ئي سبب آهي جو اڄوڪي دؤر ۾ وڻندڙ شاعري ته تخليق ٿئي پئي، پر اهڙي شاعري گهٽ سرجي ٿي، جيڪا پنهنجي دؤر تي وڏا اثر وجهي ۽ منهنجيءَ نظر ۾ ان جو بنيادي سبب شاعرن جو فڪري پاسي تي گهٽ ڌيان آهي.
    مان هن ڪتاب ۾ شامل سمورن شاعرن ۽ خاص طور ان جي سهيڙيندڙ دوست رياضت ٻُرڙي کي هن ڪتاب جي ترتيب ۽ اشاعت تي دل سان واڌايون ڏيان ٿو.

    جامي چانڊيو
    حيدرآباد
    jchandio@cpcs.org.pk


    سعيد ميمڻ

    تعارف

    سعيد ميمڻ سنڌ جي نالي وارن شاعرن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ جمالياتي سونهن پڙهندڙن لاءِ بيحد ڪشش رکي ٿي. سندس شاعريءَ کي سنڌ ۾ بيحد پسند ڪيو ويو آهي.
    هو 8 نومبر 1968ع تي، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل ۾، مولوي ۽ استاد بشير احمد ميمڻ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اَي. (پرائيويٽ) سنڌي ادب ۾ 1990ع ۾ سچل اورينٽئل اينڊ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي. جڏهن ته پِي.ٽِي.سِي ۽ بِي. ايڊ پڻ ڪئي آهي. سعيد ميمڻ 1988ع کان پرائمري استاد طور تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
    سعيد ميمڻ کي شاعريءَ سان لڳاءُ ننڍپڻ کان ئي آهي. 1988ع ۾ سندس پهرين وائي ”عبرت“ مئگزين ۾ ڇپي. شاعريءَ ۾ سندس رهنمائي هاءِ اسڪول استادَ محمد هارون بلوچ ۽ نالي واري شاعر آتش سنڌيءَ ڪئي. سعيد ميمڻ شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ لکيو آهي، نثر ۾ هن ٻه ڪهاڻيون، مضمونَ، خاڪا ۽ مهاڳ لکيا آهن. سندس 4 شعري مجموعا ڇپيا آهن، جن جا نالا هي آهن: 1. نيڻ سفر ۾، 2. ڪاري بَر ۾ چنڊ، 3. خواب-چارا، ۽ 4. درد جون آيتون.
    سعيد ميمڻ جو 1990ع کان وٺي سنڌي ادبي سنگت (س.ا.س) لاڙڪاڻي شاخ سان تعلق رهيو آهي، جنهن جو هُو ڪائونسلر، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي به رهيو آهي. کيس ”ڪينجهر“ رسالي پاران ”ڪينجهر شاعر ايوارڊ“، س.ا.س ڄام شوري شاخ پاران ”علڻ فقير ايوارڊ“ ۽ س.ا.س محراب پور شاخ پاران ”استاد محبوب جوکيو ۽ استاد بخاري ايوارڊ“ مليا آهن. سندس مستقل رهائش ڳوٺ عاقل ۾ آهي ۽ سندس موبائيل نمبر 03433847099 آهي.


    غزل

    باغ، خوشبو، رات نُوري سانورا!
    ٿي ستائي دل کي دُوري سانورا!

    منهنجي راتين کي اچي مهڪاءِ تون،
    جسم آ تنهنجو کٿوري سانورا!

    ڳالهه آ سيني ۾ سا سانڍي رکي،
    جا وئي رهجي اڌوري سانورا!

    زندگيءَ جون ٻيون تقاضائون به هِن،
    عشق ئي ناهي ضروري سانورا!

    داد ٿا بدلي ۾ هي جذبا گهرن،
    شعر آ من جي مزوري سانورا!

    تو لِڪايا عيب منهنجا لوڪ کان،
    هئي ته توکي سُڌ سموري سانورا!

    عشق جا آداب جنهن ڄاتا نه پئي،
    ’سعيد‘ آ تنهنجو قصوري سانورا!

    ***


    غزل

    ڀٽڪندڙ آرزو نيٺ ڇا ٿي گهري؟
    دل وري هلڻ جا حوصلا ٿي گهري.

    حادثن منجهه مقصد آ ڀلجي وئي،
    زندگي منزلن جا پتا ٿي گهري.

    پنهنجي بيمار پيءُ جي حياتيءَ لئه،
    ننڍڙي نياڻي خدا کان دعا ٿي گهري.

    عشق پنهنجو سدائين سلامت رهي،
    زندگي موت کان پوءِ بقا ٿي گهري.

    دل اسان جي ڏکن ۾ ٿي لُڙهندي وڃي،
    تنهنجي ٻانهن سندا هيءَ ٻَنا ٿي گهري.

    پيار جي باغ ۾ شعر گلڙن جيان،
    تن کي بد ذوق ساڙڻ هوا ٿي گهري.

    ڪئن وفا جون حدون ’سعيد‘ اورانگهيون؟
    هوءَ اسان کان رکڻ فاصلا ٿي گهري.

    ***



    غزل

    خواب پوکيا هيا ۽ لُڻيون حسرتون،
    دل ۾ آهن پرين! اڻ ڳڻيون حسرتون!

    ماءُ جي هنج ۾ ڪيڏا سپنا هُيا!
    سا وئي کٽ تي بس کڻيون حسرتون!

    منهنجي دل ۾ سدائين ٿيون چُڀنديون رهن،
    ڄڻ ته سيخن جون آهن اَڻيون حسرتون!

    نعمتون زندگيءَ جون ته آهن لکين،
    پر اسان لاءِ آهن بڻيون حسرتون!

    منهنجو چهرو سمورو پُسائي ويون،
    مينهن جون ڄڻ ته آهن ڪڻيون حسرتون!

    آس جا وڻ لوڏيا خزان جي هوا،
    هڪ نه سپنو ڪِريو، پر ڇڻيون حسرتون!

    سنڌ کي جي سٺي شاعري ٿيون ڏين،
    ’سعيد‘ تنهنجون اسان کي وڻيون حسرتون!

    ***






    غزل

    ڪري ڇڏيس نه پاڳل، ڪو کيس بدلائي،
    ٿِي آئيني جي اڳيان هوءَ ويس بدلائي.

    هي من جتي نه ٿئي مطمئن پرين تنهنجو،
    اُتان کڻي ڪري اُن کي رکيس بدلائي.

    ڀلي ڏسڻ ۾ کڻي شخص هُو جوان آهي،
    حقيقي عمر ڪٿي ٿو هي ڪيس بدلائي.

    متان ميار ڏيَن مون کي منهنجا ماروئڙا،
    ڇڏيان مان ڪيئن لڱن تان هي کيس بدلائي؟

    هندو ڪراڙو چوي ٿو سنڌوءَ کي ساريندي،
    ”اسان وڃائي ثقافت آ ديس بدلائي!“

    چريو مري آ بچيو پر پڇيو نه هن ڪڏهين،
    نه آهه هوءَ ڪا هڪڙي، چويس ”بدلائي!“

    ***



    غزل

    رلياسين ڄڻ ته اجايو سَڌُن جي صحرا ۾،
    مليو نه ماڳ پرينءَ جو، نه تياڳ جي خوشبو.

    الائي ڪهڙٖي چرٖي هي چندن جلايو آ،
    اچيس ڇو نه ٿي هن کي هي آڳ جي خوشبو؟

    انڌيري رات ۽ ڪمري ۾ چار چَپ ويجها،
    نرم بدن جي تپش ۽ مساڳ جي خوشبو.

    پوي ٿو جيئڻو هتي هاڻ نڪ ٻُوساٽي،
    وئي اُڏامِي اسان جي ها ڀاڳ جي خوشبو.

    ٿي ناري شام جو گهر ۾ پچائي برياني،
    سموري پاڙي ۾ پهتي آ داڳ جي خوشبو.

    شهر ۾ رهندي ٿيا سال ڪيترا آهن،
    نه وسري مون کان اڃا آهه ساڳ جي خوشبو.

    آ پنڌُ ٿورڙو هاڻي ٿڪل قدم! نه بيهو،
    اچي ٿي مون کي هوا مان ها ”ماڳ جي خوشبو“.

    ***



    غزل

    اسان جو آهه هي جيون، جڙاءُ مٽيءَ جو،
    ڪندو به ڪيترو گهرڙو جٽاءُ مٽيءَ جو.

    اتر جي واءُ ۽ ڪيڏو سڪون بخشي ٿو،
    اُٺي کان پوءِ هوا ۾ هڳاءُ مٽيءَ جو.

    شفاف پاڻي ۾ ڏسبا ها عڪس نارين جا،
    سُڪل پيو آ اُهو ئي تلاءُ مٽيءَ جو.

    وڏي سگهاري آ ٿيندي ڌڪارَ ڌرتيءَ جي،
    ڏسي به سگهندو نه آهي ڪو تاءُ مٽيءَ جو.

    ڪندي آ قوم جا پنهنجي وطن جي رکوالي،
    کسي نه سگهندو آ دشمن ڪو پاءُ مٽيءَ جو.

    شهيد تنهنجي جسم جو هي خون شاهد آ،
    ڏئي تون جانِ ڪري وئين دفاع مٽيءَ جو.

    سَرير منجهه سمايل آ آسماني مَن،
    مليو آ ’سعيد‘ اسان کي سڀاءُ مٽيءَ جو.

    ***


    دوها

    اڪثر ماڻهو لوڪ جا، بي سُڌ ۽ بيهوش،
    ’سعيد‘! گذارج سانت ۾، جيئن خدا خاموش.

    پيشانيءَ تي هٿُ رکي، جيجان! ڪيئن ڏِسان؟
    سڄڻَ مسافرَ ٿا وڃن، نيڻن جي اڳيان!

    ڪڪرن ۾ ڪيڏيون ڪَڻيون، ڪنهن کي ڪاٿو ڪو نه،
    سرتيون! منهنجي سِڪ جو، ڪوئي ماپو ڪو نه.

    صبح سويري ڪم تي، پوياڙيءَ جو موٽَ،
    عضوو عضوو چُور ۽، هٿ ۾ ٿورا نوٽَ.

    هر هر کاٽُ هڻي پَيو، هينئڙي ۾ هي خيالُ،
    سرتيون! هِي به هَليو ويو،ساجن بنا سالُ.

    ڪورِي! ويهِي ڪَتِ تون، سُٽ کڻي سارو،
    جيڪو ٿو اُلجهي پوي، ڦِٽِي ڪَرِ ڦورو.

    ڪاڏي سڀ هليا ويا، گهر جا واهيرا،
    خالي گهر جي ڇت ۾، آهن آکيرا.

    ***


    بيت

    ايندا هِن جيئن سج تي، ڪڪرن جا ٽُڪرا،
    ڏُک سُک جا لمحا، آهن سڀئي عارضي.

    آهي ٻن تارن مٿان، ٽنگيل هڪ چولو،
    مٿان نٽهڻ اُس آ، ساڙي ٿو جهولو،
    هيٺ آ پاڇولو، اڪيلو ڌرتيءَ تي.

    ڪيئن ڍڪيندين سج کي، ڪارن ڪڪرن ۾؟
    ڪِرڻا رکندين ڪيئن تون، قابو پهرن ۾؟
    ڳوٺن شهرن ۾، داخل ٿيندِي روشني.

    رستي ۾ رلجٖي، پرين توکي پارکُو،
    من اندر جون ڳالهڙيون، سُورُ سڀئي سلجٖي،
    جملن کي جهلجٖي، اَونتُ نه ڏجي عام کي.

    ڪنهن کي ڇا ڏَسيان، آهن ڏکڙا ڪيترا؟
    آهي منهنجو هينئڙو، امڙِ جيجان مان،
    جهليون بيٺِي هان، هيڏيون ڏُک-پهاڙيُون.

    واٽ نه سي ڀُليا، اکيون جَن کُلِي وَيُون،
    جيوَن جا اکين اڳيان، سارا راز کُليا،
    اُتان بيت مِليا، جتي شاهُه ڇڏي ويو.

    ***

    بيت

    پنهنجي جيئرٖي جنهن جِي، حاصلتا لائٖي،
    ماڻهو ڇَڏن ٿا پَيا، عُمريون وِڃائٖي،
    سا ته لِڪل آهي، جنت تَن جي جِيءَ ۾.

    ڪاتي ڪاسائيءَ کي، ڪڪڙيون پڃري ۾،
    سا ئي واري ۾، جيڪا تورَ تُرِي اچي.

    زهر گهرٖي جٖي زندگي، امرت ڏي ان کي،
    وندرائي من کي، تازو ٿي تفريح سان.

    اُن کان سِوا ’سعيد‘ جي، ڪهڙي ڪَويتا؟
    سنڌُوءَ سڀيتا، آهي هُن جي شاعري.

    هُونءَ ته مون کي ڪين ها، وقتُ نه ئي ڪا واندِ،
    پوءِ به من جي پاندِ، تنهنجي ياد ٻڌي رَهِي.

    پوڙهو گهر موٽيو پئي، هيکل سومهياڻِي،
    بارش جو پاڻي، گهٽيءَ ۾ بيٺو رهيو.

    زهر گهري جي زندگي، امرت ڏي ان کي،
    وندرائي من کي، تازو ٿي تفريح سان.

    ***


    وائي

    چوڏس ڳاڙهي روشني،
    ڌنڌلا ساوا وڻ،
    سج لهي ٿو شام جو.
    هوريان هوريان ڳوٺ ڏي،
    موٽن ٿا هُو ڌڻ،
    سج لهي ٿو شام جو.
    ڌنڌلا ٿين ٿا پيچرا،
    پانڌي ڪريو ڳڻ،
    سج لهي ٿو شام جو.
    ڪنهن کي نيٺ ’سعيد‘ تون،
    نڪتو آن ڳولڻ،
    سج لهي ٿو شام جو.
    سج لهي ٿو شام جو.

    ***


    نظم

    ”ڪينجهر ڪپ تي مشاعرو“

    ڪينجهر ۾ ٿيون لهرون چمڪن
    ۽ پاڻيءَ ۾ چنڊ نچي ٿو
    لهر لهر جا چپ چمي ٿو.

    ڪينجهر ڪپ تي شاعر گڏجي
    پيارا پيارا شعر چون ٿا
    ”واهه واهه“ ڪن ٿا.

    هن جو ننڍڙو گهر آ ۽ کٽ
    سامهون هو آڪاش ٽُڪر تي
    پِيلو پِيلو چنڊ ٿو چمڪي
    جيڪو هن کي ڄڻ ته چوي ٿو؛
    ”ڪينجهر ڪپ“ تي تنهنجا جيڏا
    ڪنوارين ڪنوارين ڪوتائن تي
    ”واهه واهه“ ڪن ٿا
    ۽ خوش ٿين ٿا
    تون ڇو هتڙي
    پنهنجي کٽ تي ليٽيل آهين؟
    ڇو نه وئين تون؟

    سيني تي هُو هٿ رکي ٿو
    هوريا هوريان دل ٿي ڌڙڪي کيسي هيٺان
    چنڊ وڃي ٿو ڌنڌلو ٿيندو پاڻيءَ پويان.

    ***


    پنجڪڙو

    بيٺو آ خاموش ڪنارو،
    ڪوئي ٻُڏي ٿو وقت - نديءَ ۾،
    لهرن جا ٿَس هٿ ڳچيءَ ۾،
    ڪو نه ڪري ٿو ”وارو وارو“،
    بيٺو آ خاموش ڪنارو.


    ٻه چؤسٽا

    باهه اُن کي ڏني تو هيڪاندي،
    هي ڪُنو عشق جو اُڀامِي پيو.
    پاڻ ڀي تو پرين ڇڏيو ساڙي،
    عشق جو مچُ ڀي وِسامي ويو.

    *
    تنهنجو پاڙو نه آستان اُهو،
    ناهه ڪوئي رهيو نشان اُهو.
    پاڻ پوڙها پرين! وياسين ٿِي،
    عشق آهي اڃا جوانُ اُهو.

    ***


    هائيڪا

    ٽاڪ منجهند آهي،
    ڀت جو پاڇو ڀي،
    لِڪڻ ٿو چاهي.
    *
    هوا ۾ پوتي،
    هن جي ڇاتيءَ سان
    پئي آ چهٽي.
    *
    مينهن وَسي ٿو،
    ۽ هن کجيءَ جو،
    مٿو پسي ٿو.
    *
    پاڻيءَ جو تلاءُ،
    ڪوليءَ ٿاڦوڙا هنيا،
    گهلي ويس واءُ!
    *
    پاڻيءَ جي کڏ تي،
    ڪنهن کوليو آ شام جو،
    ڳاڙهي چادر کي؟

    ***


    جواد جعفري

    تعارف

    جواد جعفريءَ جو شمار سنڌ جي انهن نالي وارن ۽ اهم شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن وٽ پنهنجو مخصوص محبتي شاعراڻو انداز آهي. هن جا لفظ زندگي، پيار، وڇوڙي، ڏک ۽ درد جا نغما ڳائيندي نظر اچن ٿا، جن ۾ احساس ۽ اُڌما سمايل آهن ۽ پرينءَ پياري سان ملڻ جي تــڙپ موجود آهي.
    جواد حسين ولد انور حسين جعفري 6 ڊسمبر 1963ع تي، لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي ۾ پرائڻ کان پوءِ، ايم اَي سياسيات (1993ع ۾) سچل آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ ايم ايڊ 1999ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان آف ڪئمپس پروگرام تحت ڪئي. هُو 1988ع ۾ هاءِ اسڪول بنگل ديري ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر مقرر ٿيو ۽ 1995ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ بدلي ٿي آيو ۽ 1998ع ۾ ايڇ ايس ٽِي طور ترقي ماڻي.
    جواد جعفريءَ جو نانو نواز علي ”نياز“ جعفري پنهنجي وقت جو مشهور شاعر هو. جواد جعفري ان نسبت سان گهريلو ماحول ۽ شاعر دوستن جي صحبت ۾ 1987ع کان باضابطا شاعري ڪرڻ لڳو. سندس ادبي رهنمائي سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي تنقيدي گڏجاڻين ۾ ٿي آهي، جنهن جو هُو 88-1987ع کان ئي ميمبر پڻ آهي. هن شاعريءَ ۾ سڀني صنفن ۾ لکيو آهي، پر غزل ۽ نوحه وڌيڪ سرجيا آهن. سندس غزلن جو مجموعو ”توکي چاهيوسي“ ڇپيل آهي ۽ شاعريءَ جي هڪ مجموعي سميت اردو ۾ منقبتن جو مجموعو ڇپجڻ لاءِ تيار آهي. کيس سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي پاران ”بهترين شاعر“ ۽ ٻيا ايوارڊ مليا آهن. هُو انجمن حسيني مرڪزي امام بارگاهه جعفريه لاڙڪاڻي جو سالار ماتمي دسته به آهي. سندس ناموريءَ جو ٻيو سبب ڪرڪيٽ به آهي، جنهن ۾ هُو لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ جو ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر ۽ ماسٽرس ڪرڪيٽ ڪلب لاڙڪاڻي جو ڪئپٽن (ضلعي ۽ ڊويزن جو پڻ) رهيو آهي. هُو مشهور آل رائونڊر آهي ۽ ڪيترائي ايوارڊ ۽ ٽرافيون کٽي چڪو آهي.
    سندس رهائش جعفري پاڙي لاڙڪاڻي ۾ آهي ۽ سندس موبائيل نمبر 03147725441 آهي.


    غزل

    بهار ۾ مُنهن لٿل ڪَلين جا، گلاب مُرجهائجي رهيا هِن،
    هَلِي به آ سانورا! سڳين جا، گلاب مُرجهائجي رهيا هِن.

    هُو تنهنجي درشن جِي آس جو وڻ، ڇڏيو وڇوڙي جِي باهه ساڙي،
    اڃا نه ايندين پرين اکين جا، گلاب مُرجهائجي رهيا هِن.

    نظر کي ڪنهن پَر قرار ناهي، بهار ڀِي ڄڻ بهار ناهي،
    ملڻ جي موسم ۾ ماڻڪين جا، گلاب مُرجهائجي رهيا هِن.

    چپن جي آشا ته ٿِي نه پُوري، بدن جون ٽاريون رهيون نه سايُون،
    اکين سان توکي ڏِنل چُمين جا، گلاب مُرجهائجي رهيا هِن.

    وَنيءَ جي وارن ۾ ڦُولَ مُرڪِي، جڏهن هَنيا تو، اسان هِي ڄاتو،
    ته تو سان گهاريل سڀن گهڙين جا، گلاب مُرجهائجي رهيا هِن.

    غمن جي رُت ڀِي عجيب رُت آ، جو ٽارِيءَ ٽاريءَ ٽڙڻ کان اڳ ۾،
    ’جواد‘! هِن دؤر ۾ دلين جا، گلاب مُرجهائجي رهيا هِن.

    ***

    غزل

    آس هُن جِي آسرو بڻجي وئي،
    ڌرتتيءَ ۾ ڇانورو بڻجي وئي.

    درد ٿِي ويا دل منجھان سارا دَفعي،
    مرڪ هُن جِي معجزو بڻجي وئي.

    گل جيان مهڪي ٿِي هُن جي هر ادا،
    خوشبوئن جو قافلو بڻجي وئي.

    منظرن پسمنظرن ۾ ٿو ڏسان،
    سونهن جو هوءَ سلسلو بڻجي وئي.

    رات بجلي بند ٿِي وئي اوچتو،
    سارَ هُن جِي سوجهرو بڻجي وئي.

    هُن جي آئي زهر جهڙي زندگي،
    چاشنيءَ جو ذائقو بڻجي وئي.

    جسم جي لئه جان آ هُن جو وجود،
    روح لئه هوءَ آجپو بڻجي وئي.

    خواب ۾ هُن سان ملڻ ممڪن هُيو،
    رات ان لئه رابطو بڻجي وئي.

    مُونجهه واري ’جعفري‘ ماحول ۾،
    هوءَ جيئڻ جو حوصلو بڻجي وئي.

    ***

    غزل

    سالن جا هُوءَ سپنا ساڙي وئي آهي،
    منهنجا خط مون آڏو ڦاڙي وئي آهي.

    مون کي ئي ڪجهه سمجهائڻ لئه هُوءَ شايد،
    پيرن هيٺان ڦُول لتاڙي وئي آهي.

    لڙڪن جا سيلاب اُماڻي اکڙين ڏي،
    نيڻن جا سڀ خواب اُجاڙي وئي آهي.

    آهي شرارت هُن جي شوخ نگاهن ۾،
    منهنجي ڪا ڪمزوري تاڙي وئي آهي.

    مُرڪن ساڻ وئي پنهنجو جهول ڀَري،
    مون کي سُورن ساڻ سلهاڙي وئي آهي.

    جَرڪي پئي ٿِي جنهن جي سِينڌ ستارن سان،
    منهنجو سَنوريَل ڀاڳ بگاڙي وئي آهي.

    اڄ ڪلهه عيد جو چنڊُ ’جوادَ‘ ٿِيو آهين،
    هيئن چئي هوءَ عيد ڏهاڙي وئي آهي.

    ***






    غزل

    خوبصورت خطا ٿِي رهي آ،
    ديد هُن تان فدا ٿِي رهي آ.

    وار هُن جا کُلڻ سان هوا ۾،
    خوشبوئن جِي سخا ٿي رهي آ.

    چال اَپنائي هُن جي هلڻ جِي،
    ڪيڏِي چنچل هوا ٿي رهي آ.

    دل جي آڳر تي جذبا ٿا جُهومن،
    سونهن! تنهنجي ثنا ٿي رهي آ.

    هُن اکين سان الئه ڇا پِيئاريو،
    منهنجي هستي فنا ٿي رهي آ.

    هوءَ جو ’جوادَ‘! مُرڪي مِلي آ،
    درد جِي ڄڻ دوا ٿي رهي آ.

    ***



    غزل

    زندگيءَ ۾ آ ڪَمِي رهجي وئي،
    ڪا ته جيءَ ۾ آ ڪمي رهجي وئي.

    عڪسُ پنهنجو هُوءَ کڻي وئي پاڻ سان،
    آرسيءَ ۾ آ ڪمي رهجي وئي.

    چنڊُ آ حيران هُن جِي دِيد لاءِ،
    چاندنيءَ ۾ آ ڪمي رهجي وئي.

    مون لِکي هُن جي ثنا، پر هر دفعي،
    شاعريءَ ۾ آ ڪمي رهجي وئي.

    هُن جي وڇڙڻ بعد ڀِي جِيئان پيو،
    عاشقيءَ ۾ آ ڪمي رهجي وئي.

    سِرُ ڪَيُم قربان پوءِ ڀِي ٿو لڳي،
    دوستيءَ ۾ آ ڪمي رهجي وئي.

    هُوءَ مِلي ڪنهن سان مڪمل ٿي وئي،
    ’جعفريءَ‘ ۾ آ ڪمي رهجي وئي.

    ***

    غزل

    تنهنجو چهرو نظر چمي آئي،
    منهنجي نيڻن ۾ روشني آئي.

    پير منهنجا ته ڌرتتيءَ ٿي چُميا،
    گهور ٿيڻ تو تان چاندني آئي.

    تنهنجي نازڪ لبن جو جُهونگاريو،
    منهنجي شعرن ۾ زندگي آئي.

    نانءِ تنهنجي ڪَري ڇڏيم جانان!
    منهنجي جيوَن ۾ جا خوشي آئي.

    رات برسات جِي ڀِـنَـل رُت ۾،
    ياد تنهنجي وَرِي وَرِي آئي.

    ايئن لڳي اڄ بهار جِي خوشبو،
    ڄڻ ته محبوب جي چِٺي آئي.

    مون سان خوابن ۾ ڀي ملڻ اڪثر،
    لوڪَ کان هُوءَ لِڪِي لِڪِي آئي.

    زندگي سچ ٻُڌاءِ اڄ مون کي،
    تنهنجي حصي ۾ ڪا خوشي آئي!؟

    ’جعفري!‘ انتظارَ، اوجاڳا،
    زندگي منهنجي لئه کَڻِي آئي.

    ***

    غزل

    تــــو ســــوا ســـچ آ پــــريــــن!
    زنــــدگــــــي وِڌوا پــــريــــن!

    پــــاڻ لـــئه ڀـــي اوپـــــرو،
    ايـــتـــرو تــنـــهـــا پـــريــــن!

    چــانـــدنـــيءَ جـــي روپ ۾،
    يــــاد جِـــي ورکا پـــريـــن!

    لــفــظ ٿـــا مــاڪُـــون ٿِـــيَــن،
    لـــفـــظ ئـــي شـــعــلا پـــريـــن!

    نـــيـــڻ آئـــيـــنـــا ڏِســــن،
    نـــيـــڻ آئــــيـــنــــا پــــريــــن!

    ڇــــا اســـان ســمــجهــيـــو هُــيــو،
    ڇـــــا اوهــيــن نِــڪــتــا پــريــن!

    جــســم ئــي جـــوڙن پــيــا،
    روح جــــا رشـــتـــا پــريـــن!

    ’جــعــفـــري‘ ڄـــڻ ٻــــارڙو،
    لـــفـــظ رانــديـــڪــا پــــريـــن!

    ***


    وائي

    ڪنهن جي اوجاڳيل اکين تي،
    چنڊَ جي ڪِرڻن لکيون،
    ڪيئي ڪهاڻيون درد جون.
    پيار جي ڪورن پنن تي،
    بيوفا لمحن لکيون،
    ڪيئي ڪهاڻيون درد جون.
    رات گهر جي بند در تي،
    واءُ جي جُهوٽن لکيون،
    ڪيئي ڪهاڻيون درد جون.
    هِڪڙِي وِڌوا جي ڳلن تي،
    پنهنجي ئي ڳوڙهن لکيون،
    ڪيئي ڪهاڻيون درد جون.
    ڳوٺ جي ڪچين جُهڳين تي،
    مِينهن جي قطرن لکيون،
    ڪيئي ڪهاڻيون درد جون.
    تنهنجي روڊن تي ڪراچي!
    وِکريل لاشن لکيون،
    ڪيئي ڪهاڻيون درد جون.

    ***


    وائي

    سج وانگر سامهون هُيو،
    ناريءَ جو جوڀن،
    منهنجا نيڻ رِجِي ويا.
    ميڻ جيان هِي ماڻڪيُون،
    هُن جو باهه بدن،
    منهنجا نيڻ رِجِي ويا.
    مان، جيئن موسى طُورَ تي،
    ٿيندي ئي درشن،
    منهنجا نيڻ رِجِي ويا.
    آخر ڪنهن جو عڪس هو،
    ڏِسندي ئي درپن،
    منهنجا نيڻ رِجِي ويا.
    اوجاڳي جي مُند ۾،
    پير ڌريا سپنن،
    منهنجا نيڻ رِجِي ويا.

    ***

    وائي

    آيو وقت وصال جو،
    جهومن ٿا جذبا،
    تنهنجي آڌرڀاءَ لئه!
    نيڻن ۾ پلجن پيا،
    سالن کان سپنا،
    تنهنجي آڌرڀاءَ لئه!
    ٻاريا آهن رَتّ سان،
    راهن ۾ ڏِيئا،
    تنهنجي آڌرڀاءَ لئه!
    رات به بيٺِي آ کَنيو،
    جهوليءَ ۾ تارا،
    تنهنجي آڌرڀاءَ لئه!
    آهن هڪڙي جاءِ تي،
    رُڪجي ويا لمحا،
    تنهنجي آڌرڀاءَ لئه!
    هُو ڏِس! آهن واءُ جي،
    هٿ ۾ گلدستا،
    تنهنجي آڌرڀاءَ لئه!
    جذبن جا ’جوادَ‘ ڀي،
    آندا هِن تحفا،
    تنهنجي آڌرڀاءَ لئه!

    ***



    وائي

    آڌيءَ جو آڪاس ۾،
    تارا تارا خوابَ،
    ڪنهن جي راهه تَڪِن پيا.
    گوريءَ ڳلڙن تي ٽِــڙِي،
    موسمَ رِيءَ گلابَ،
    ڪنهن جي راهه تَڪِن پيا.
    وِکَ وِکَ تي چهرن سندا،
    هِي جي کُليل ڪتاب،
    ڪنهن جي راهه تَڪِن پيا.
    اوجاڳن جا رات جو،
    ڀوڳي نيڻ عذابَ،
    ڪنهن جي راهه تَڪِن پيا.
    منهنجا ٻوڙي خوابَ هِي،
    لُڙڪن جا سيلابَ،
    ڪنهن جي راهه تَڪِن پيا.

    ***


    گيت

    ڪا خبر ناهي ڪِٿي،
    زندگيءَ جي شام ٿي،

    ان کان اڳي،

    پنهنجُون پنهنجُون آءُ ٻئي،
    مــحــبــتــــون مـــاڻــــــي وٺـــــــون.
    بندشن ۾ هر نظر،
    پيار تي سَـوَ تُهمتون،
    ۽ وفا الزام ٿي،

    ان کان اڳي،

    پنهنجون پنهنجون آءُ ٻئي،
    مــحــبــتــــون مـــاڻــــــي وٺـــــــون.
    تنهنجي جوڀن جو نشو،
    منهنجي جيون جِي خوشي،
    چونڪ تي نيلام ٿي،

    ان کان اڳي،

    پنهنجون پنهنجون آءُ ٻئي،
    مــحــبــتــــون مـــاڻــــــي وٺـــــــون.
    ڪجهه گهڙين لئه ئي سهِي،
    جو ملڻ آسان آ،
    سو خيالِ خام ٿي،

    ان کان اڳي،

    پنهنجون پنهنجون آءُ ٻئي،
    مــحــبــتــــون مـــاڻــــــي وٺـــــــون.
    جيئن سَرءُ ۾ ٽارِيُون،
    سونهن تنهنجيءَ جو سَکِي!
    ساڳيو انجام ٿي،

    ان کان اڳي،

    پنهنجون پنهنجون آءُ ٻئي،
    مــحــبــتــــون مـــاڻــــــي وٺـــــــون.
    نانوَ جي هُوندي پرين!
    شهر تنهنجي ۾ ڪڏهن،
    ڪو متان گمنام ٿي،

    ان کان اڳي،

    پنهنجون پنهنجون آءُ ٻئي،
    مــحــبــتــــون مـــاڻــــــي وٺـــــــون.

    ***


    مختيار سمون

    تعارف

    مختيار سمون سنڌ جو نالي وارو شاعر ۽ نامور استاد آهي، جيڪو پيار ڀرين داخلي ڪيفيتن تي سهڻا شعر لکڻ سوڌو سماج جي خرابين کي به پڌرو ڪندڙ شاعري ڪري ٿو. هن وڏن سميت ٻارن لاءِ پڻ شاعري سرجي آهي.
    مختيار احمد ولد حڪيم يار محمد سمون 18 آگسٽ 1960ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ پيدا ٿيو. هن گريجوئيشن تائين لاڙڪاڻي ۾ تعليم پرائڻ کان پوءِ، ماسٽرس سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1986ع ۾ ۽ بِي ايڊ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هُو 1987ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ 1991ع کان وٺي سنڌ زرعي ڪاليج ڏوڪريءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور پڙهائي رهيو آهي. هن 1992ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ تعليمي اداري ناليج سينٽر جو بنياد رکيو، جنهن جو ڊائريڪٽر آهي.
    مختيار سمي 1974ع ۾ ٻارن جي رسالن ۾ لکڻ سان شروعات ڪئي. سندس 400 کن اسم نثر ۽ نظم ۾ ڇپجي چڪا آهن. هن نثر ۾ ڪالم ۽ مضمون، ۽ شاعريءَ ۾ غزل ۽ نظم سرجيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”دنيا آهي گول“ (شاعري-1983ع)، ”ڌرتي روشن ٿيندي“ (شاعري-1990ع)، ”وفائون منتظر آهن“ (شاعري-1997ع) ۽ ”عورت: حق، حيثيت ۽ تشدد“ (ترتيب ڏنل مضمون-2008ع) شامل آهن. هو سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻو شاخ جو سيڪريٽري به رهيو آهي، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو پڻ هُو ڪيترو وقت سرگرم سيڪريٽري رهيو آهي ۽ چائيلڊ رائيٽس ڪاميٽي لاڙڪاڻو سان پڻ سلهاڙيل آهي.
    سندس رهائش لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي ۽ موبائيل نمبر 03003410640 آهي.


    غزل

    پيار جي بدلي پيار ٿو چاھين، ڪيڏو سادو آن!
    پاڻيءَ تي ليڪا ٿو پائين، ڪيڏو سادو آن!

    ٽھڪن جي ھِن سمنڊ ۾ تنھنجا لڙڪ لڙھي ويندا،
    ٻوڙن اڳيان ٿو ٻاڏائين، ڪيڏو سادو آن!

    بيدردن سان سور سلين ٿو، ٿورو سوچ پرين!
    سڀ ڪنھن کي ٿو پنھنجو ڀائين، ڪيڏو سادو آن!

    ماڻھو توکي دانَ ۾ ٽانڊا کوڙ کڻي ڏيندا،
    ھر ڪنھن اڳيان ھٿ ڦھلائين، ڪيڏو سادو آن!

    نيٺ ته ڪاٺيءَ وانگر چڀندو ڪوڙي جي اک ۾،
    سچ ڳالھائي ٿو پڇتائين، ڪيڏو سادو آن!

    دنياداري ۾ سڀ ڦاٿل ليڪن تون ’مختيار‘!
    اکين ۾ اوطاقون ٺاھين، ڪيڏو سادو آن!

    ***

    غزل

    محبتن ۽ پيار جي ڏڪار جو شڪار ٿي،
    ڪٿي وڃي نه زندگي فرار جو شڪار ٿي.

    اٿيون جڏھن به دل منجھان ڪي چاھتن جون خواھشون،
    مري ٿڏي تي ئي ويون ڌڪار جو شڪار ٿي.

    اوھان جي قربتن جو فيض کوڙ ويا وٺي مگر،
    اسان وياسين بس رڳو قطار جو شڪار ٿي.

    توھان گلن جي سيج تي سمھي ڏٺي آ زندگي،
    اسان ڏٺيسين غربتن جي خار جو شڪار ٿي.

    اسان جي درد جو سفر گھڻو ڊگھو آ ٿي ويو،
    اچو ته ڪٿ وڃو نه ٿي پڪار جو شڪار ٿي.

    نڪر تون ذات مان پرين وڏو پو ھي جھان آ،
    ڪِري پيو آن کوھ ۾ قرار جو شڪار ٿي.

    اسان جو ديس ڇو رڳو خزان جي آ لپيٽ ۾؟
    اوھان به ٿي وڃو نه ڪٿ بھار جو شڪار ٿي.

    اداس ٿا رھون سدا، پڇو نه ٿا ته ڇو ڀلا،
    انھيءَ ڪري جو پنھنجي وياسين يار جو شڪار ٿي.

    ***



    غزل

    ماڻھن جو رجحان بدلجي آھي ويو،
    ڳالھين جو عنوان بدلجي آھي ويو.

    گوليءَ جي ٻولي ٿو سڀ ڪو ڳالھائي،
    دردن جو درمان بدلجي آھي ويو.

    وحشت ۾ ويو حيوانن کان گوءِ کڻي،
    ڪيڏو ڏس انسان بدلجي آھي ويو!

    پئسي گاڏي بنگلي پٺيان ڊوڙ لڳل آ،
    خوشين جو سامان بدلجي آھي ويو.

    ديپ جلايو پيار کي ڳوليو ڪاٿي آ،
    محبت جو امڪان بدلجي آھي ويو.

    ڪھڙو خوش ٿيون حال ته ساڳيو ئي آھي،
    بس رڳو سلطان بدلجي آھي ويو.

    ***

    غزل

    ساري دنيا کان ٻئي بيخبر ٿا رھن،
    نيڻ تو لاءِ رڳو منتظر ٿا رھن.

    ڪونه مون کي اڪيلو ڇڏن ٿا ڪڏھن،
    خيال تنھنجا سدا ھمسفر ٿا رھن.

    تو سوا منھنجي ٻولي ڪو سمجھي نه ٿو،
    لفظ ۽ لڙڪ ٻئي بي اثر ٿا رھن.

    تون جو ناھين ته ويران آ زندگي،
    تون جتي ٿي رھين ات شھر ٿا رھن.

    تنھنجي اکين ۾ گھوري ڏٺم ائين لڳو،
    سونھن جا پيار جا ھت بحر ٿا رھن.

    جيڪي تو سان رھن ٿا سدائين اھي،
    درد کان، سور کان بي فڪر ٿا رھن.

    سچ جي راھ کان جيڪي ڀٽڪي ويا،
    ڪونه منزل پڳا، دربدر ٿا رھن.

    تن جي ساري حياتي قبر ڄڻ ھجي،
    جي رڳو مان ۽ مان جي اندر ٿا رھن.

    ***






    غزل

    وڙھون ٿا جنگ جيون جي، انھيءَ فڪرات ۾ گم ٿي،
    اسان کي ڪير ڳوليندو، جي وياسين مات ۾ گم ٿي.

    افق تان روشني جا گل ساري ڏيھ کي آڇي،
    جواني چنڊ جي آخر وئي ھڪ رات ۾ گم ٿي.

    خزان ۾ زرد پتي جيان ٽٽي ٽاري مان ڪريو،
    محبت جو ڇني ناتو ويو جو ذات ۾ گم ٿي.

    وڏو شاعر ته ٿي ويندين، چڱو ماڻھو به ٿي سگھندين؟
    ائين ڪم ڪار کان بيزار تون حالات ۾ گم ٿي.

    چپن تان لفظ خوشبو ٿي ھلي ’مختيار‘ جو آيا،
    وياسين پاڻ کان وسري پرين جي بات ۾ گم ٿي.

    ***






    غزل

    اڻپورا ارمان جواني ڳوڙھا ڳالھائن ٿا،
    چاندي وار، سھارو لٺ جو، پوڙھا ڳالھائن ٿا.

    خوشحالي جا خواب ڏسي ٻئي نيڻ ٿڪي پيا آخر،
    جھور ڳچي ۾ غربت جا ھي ٽوڙھا ڳالھائن ٿا.

    تنگ ذھن جي خود غرضي جي ڄڻ ته ڪھاڻي آھن،
    ھن شھر جا ھي سڀ رستا سوڙھا ڳالھائن ٿا.

    پاھ بکن ۾ جاڳي ڪاٽن راتيون گھر جا ڀاتي،
    ھاري ويچاري جي گھر جا لوڙھا ڳالھائن ٿا.

    نيٺ حُسن مجبور ٿي آخر عشق ڏي ھليو ايندو،
    منھنجي ڀر ۾ ويٺل مت جا موڙھا ڳالھائن ٿا.

    ***

    غزل

    پيار جي ھڪ دفعو جي چکي ڪو ذري،
    ڪو نه ايندس مزو نفرتن ۾ وري.

    قرب جو ڪيڏو آھي قحط ٿي ويو!
    ڪوئي کولي نه ٿو پنھنجي دل جي دري.

    رت دانگيءَ تي ھاڻي ورڻ آ ڇڏيو،
    شال ساڃھ اچي، يار موٽي وري!

    ڪالھ جيڪو تپيو باھ ۾ لوھ جيان،
    تنھن ڇڏي آ تپش برف جان ويو ٺري.

    ڪائي رشتن جي ناھي سڃاڻپ رھي،
    ديد ٿي وئي ختم، کير پيو آ کري.

    پيءُ ٻچڙن کان ورتي حياتي کسي،
    اڄ ڇپي آ خبر، ڏيل پيو آ ڏري.

    آھي مون لاءِ ڪا درد جي ڄڻ دوا،
    تنھنجي نظرن جي آھي ڇا جادوگري!

    ڄڻ گلابن مٿان ماڪ پئي ٿي ٽمي،
    تنھنجي مرڪڻ جي وسري نه ٿي شاعري.

    يار آھي فقيرن جي دنيا عجب!
    ڪو نه ھلندي ھتي، ڪنھن جي آ تونگري.

    ***

    غزل

    وک وک تي اقرار ڇڏي آ ويو،
    يادن جا شھڪار ڇڏي آ ويو.

    پاڻ کڻي ويو ساڻ خوشين جون خبرون،
    دردن جي اخبار ڇڏي آ ويو.

    جنھن بن ڪونه سَريس پئي تنھن کي ھاڻي،
    ڪنھن جي ھُو آڌار ڇڏي آ ويو.

    ڪير ائين ٻيو توڙ نڀائي سگھندس،
    پنھنجا جگري يار ڇڏي آ ويو.

    خوشحالي جا خيال کڻي ويو اڏري،
    پويان ٻچڙا ٻار ڇڏي آ ويو.

    ڌرتي جي گولي ۾ ويو آ گم ٿي،
    سارا ھت ڪم ڪار ڇڏي آ ويو.

    تون ته سندس ھئين جيءُ جگر ۽ جاني،
    توکي به ’مختيار‘ ڇڏي آ ويو.

    ***



    غزل

    قرب جو، مرڪ جو ۽ نظر جو نشو،
    ڇا ته مون کي ڏئي وئين قھر جو نشو!

    سڀ نشا ڄڻ ته اوتي وئين روح ۾،
    رات جو، شام جو ۽ سحر جو نشو.

    ماڳ تي ڄڻ ته پھچڻ سان آ ويو ٽٽي،
    ڇا ته پيارو ھيو ان سفر جو نشو!

    شال موٽي اچي ڳوٺ ڏي اڄ پرين!
    ڪاش ھن تان لھي ان شھر جو نشو!

    مفت ۾ جي پڙھن ٿا انھن کان پڇو،
    ڪيڏو اخبار جي آ خبر جو نشو.

    وڙھ نه ’مختيار‘ سان ھوش ڪر ٿورڙو،
    زندگي آھي ھڪڙي پھر جو نشو.

    ***





    غزل

    دور دردن کان، خوشيءَ کي ويجھڙو،
    جيڪو آ پنھنجي سکيءَ کي ويجھڙو.

    بي جھلي ٿي آ تمنا وصل جي،
    ڇو رکيو ٿئي بي رخيءَ کي ويجھڙو.

    درد جي آ ٽياس تي ٽنگجي وئي،
    ڏس اچي ھت دل ڏکيءَ کي ويجھڙو.

    تنھنجي نيڻن جيان ڇڪي ٿي پاڻ ڏي،
    مون ڏٺو آ زندگيءَ کي ويجھڙو.

    داستان غم سراپا ٿي ويو آ،
    جو به آ ٿيو عاشقيءَ کي ويجھڙو.

    ڇو اڃا اوندھ رکين ٿو ذھن ۾؟
    ڪيڏو آھين روشنيءَ کي ويجھڙو!

    ***





    غزل

    ڇا ته آھي شباب چھري جو!
    ڄڻ آ ٽڙيو گلاب چھري جو،

    ڪو ئي شعلو آ، چنڊ آ، ڇاھي!
    يا ڪو ھٽيو نقاب چھري جو.

    نينھن وارو نشو لھي ئي نٿو،
    ٿورو چکيم شراب چھري جو.

    جنھن کان وڇڙيو اھو ئي ٿو ڄاڻي،
    ڪيڏو آھي عذاب چھري جو!

    سارو جيون گناھ ۾ گذريو،
    نيٺ ملندو ثواب چھري جو.

    تون آن ’مختيار‘ گم ڪتابن ۾،
    مان پڙھان ٿو ڪتاب چھري جو.

    ***







    غزل

    وقت نه رھندو آ ھڪجھڙو، مٽجي ويندو آ،
    ھلندي ھلندي نيٺ سفر به ڪٽجي ويندو آ.

    دل چوندي آ سڀ ڪجھ توکي ھن ڀيري چئي ڇڏبو،
    دل ۾ ليڪن ھر ڀيري ڪجھ رھجي ويندو آ.

    ھڪڙو سج ٻه پاڇا، شايد تو به ٻڌو ھوندو،
    گھرو گھاءُ به ھڪ ڏينھن آخر ڀرجي ويندو آ.

    منظر ڌنڌلا ٿي ويندا ھِن ھوريان ھوريان ليڪن،
    ياد جي ھڪڙي ڪاغذ تي سڀ لکجي ويندو آ.

    ماڻھو ڪيڏو سنگدل آھي سوچيو ٿئي ’مختيار‘!
    پنھنجن ويجھن پيارن کي به ڀلجي ويندو آ.

    ***



    غزل

    سچ بنا سنسار انڌيرو،
    دردن جو آ دل ۾ ديرو.

    ڌوڙ کي اڀ ڏي اڇلڻ وارا،
    تنھنجو ئي منھن ٿيندو ميرو.

    سچ اڪيلو آھي دوست!
    ڪوڙ ڪري ويو آھي گھيرو.

    تنھنجا خيال وڏاڻا آھن،
    مشڪل پنھنجو آھي نبيرو.

    ماڻھو ساڳيو ناھي رھندو،
    وقت به کائيندو آ ڦيرو.

    وڪجي ڀل ڪو وئشيا وانگي،
    ڌرتيءَ رھندو مانُ مٿيرو.

    باز اکين جا چوڪس ڪيا ٿئي،
    ڪيئن بچي پو دل جو ڳيرو.

    ***


    احسان دانش

    تعارف

    احسان دانش معروف شاعر، ڪهاڻيڪار، مقالي نگار ۽ ڪالم نويس آهي. سندس تحريرن ۾ آيل ادبي ٻولي پنهنجو مخصوص لب ۽ لهجو رکي ٿي. هن جي شاعري سماجي رخ سميت پيار ۽ محبت جا رند طَي ڪري ٿي.
    احسان الحق پٺاڻ 15 فيبروري 1974ع تي، لاڙڪاڻي شهر ۾، نالي واري اديب ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ايم. اَي اردو 1995ع ۾ ۽ ايم.اَي سنڌي ادب 1997ع ۾ ڪئي ۽ هاڻ ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ موضوع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايم.فِل ڪري رهيو آهي. هُو 2002ع کان ليڪچرر سنڌي طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
    احسان دانش 1988ع کان وٺي، گهر ۾ مليل ادبي ماحول سبب نثر ۽ نظم ۾ لکي رهيو آهي. سندس رهنمائي ڊاڪٽر ’شاد‘ ڪئي. سندس ججهي شاعري توڙي ڪهاڻيون، ڪالم، مضمون ۽ مقالا ڇپجي چڪا آهن. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”بي سُڪون خواب جو سچ“ (2005ع)، سهيڙيل مقالن جو ڪتاب ”لاڙڪاڻو: تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“ (2005ع)، لاڙڪاڻي جي شخصيتن بابت مقالن جي سهيڙ ”ويل نه وسريام“ (2007ع) ۽ شاعريءَ جو ڪتاب ”لفظن جي خوشبو“ (2010ع) ڇپجي چڪا آهن، ۽ مُهين جي دڙي بابت سهيڙيل مقالن جو ڪتاب ”سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو موهن جو دڙو“ ڇپائيءَ هيٺ آهي.
    هُو سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي سان 1995ع کان، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي سان 1998ع کان ۽ انڊس لٽرري فورم لاڙڪاڻي سان 2007ع کان لاڳاپيل آهي. ان کان سواءِ هُو ”ادبِ پاڪ“ (اردو) انٽرنيشنل، ماهنامي ”بي لاگ“ ڪراچي (اردو) ۽ نيوزليٽر ”شعور“ سان لاڳاپيل رهيو آهي. کيس ٻه ڀيرا ”ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ“، ”شاهه لطيف ايوارڊ“، ”لاڙڪاڻو هسٽري شيلڊ“ ۽ ”شيخ اياز يادگار شيلڊ“ جي مڃتا سميت ڪيترائي تعريفي سرٽيفيڪيٽ ملي چڪا آهن.
    سندس رهائش سميع آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي ۽ موبائيل نمبر 03003431374 آهي.


    غزل

    چنڊَ ڪرڻن جو مينهن اٺو هوندو،
    چاندني ۾ تو خط لکيو هوندو.

    بي خوديءَ ۾ مٺي ڪيئي پل تو،
    منهنجي تصوير کي چميو هوندو.

    منهنجو چهرو به روبرو هوندو،
    تو جڏهن آئينو ڏٺو هوندو.

    مون پڄاڻان سموري وستيءَ ۾،
    ڪيڏو سڏڪن جو قافلو هوندو.

    زندگيءَ جي اداس چهري تي،
    مرڪ جو تو پَهو رکيو هوندو.

    ڪوٺڙيءَ ۾ هڳاءُ پهتو آ،
    تو قبر تي ڪو گل رکيو هوندو.

    چؤطرف لاش هن پتنگن جا،
    ڪو ڏيئو رات ڀر جليو هوندو.

    ڪنهن شرابيءَ جي سَئه صدائن تي،
    مئڪدي جو ته در کليو هوندو.

    بت ۾ زندگي پئي هوندي،
    تو جڏهن پيار سان ڇهيو هوندو.

    رات ٻوٽي ڇڏيون اکيون هونديون،
    ڏينهن آرس ڀڃي اٿيو هوندو.

    ***



    غزل

    ساڀيائن بجاء صليب مليا،
    هاڻي سپنن جا نيڻ ٻوٽيان ٿو.

    دير تائين هي درد جاڳن ٿا،
    شوخ لمحن جا نيڻ ٻوٽيان ٿو.

    زندگي ڀر اهي ڀٽڪائينديون،
    تنهنجي يادن جا نيڻ ٻوٽيان ٿو.

    بي رخيءَ جي سبب ٽٽي نه پون،
    دل جي درپن جا نيڻ ٻوٽيان ٿو.

    منهنجي ڪمري مان اداسي نه اڏي،
    در ۽ پردن جا نيڻ ٻوٽيان ٿو.

    شعر شعلن جي هٿن ۾ ڏيئي،
    سڀني لفظن جا نيڻ ٻوٽيان ٿو.

    ***





    غزل

    جو به آهيان مان بي هنر ناهيان،
    آھَ آهيان سو بي اثر ناهيان.

    زخم ڏيندين ته لڙڪ لاڙيندس،
    آدمي آهيان، ڪو پٿر ناهيان.

    ڪير ٿو چئي ته پاڪ دامن هان!
    ڪيئن چوندس خطا جو گھر ناهيان.

    منهنجي اندر ۾ جلي ٿو سورج،
    مان ڪو اڌ رات جو پهر ناهيان.

    تنهنجي درشن جون دعائون ٿو گھران،
    آءٌ مڱتو هان، مُجاور ناهيان.

    تنهنجي نيڻن جي پيالن جو قسم،
    هوش هوندي به هوشوَر ناهيان.

    پيار جي پارِ ڳولجو مون کي،
    ڇوته ناهيان، مان ستمگر ناهيان.

    ***






    غزل

    عشق جي راھ ۾ ڪاوا ڪيئي،
    بيخوديءَ ۾ مگر ڪُڏي ويندو.

    ڪائي ڪشتي نه ڪوئي ساحل آ،
    تنهنجي نيڻن ۾ ڪو ٻڏي ويندو.

    گل جي هنج ۾ ٻه ٽي لمحا،
    ترسندو ڀؤنر پو اُڏي ويندو.

    هي حياتي آ ڀريل ساغر جو،
    رند جي هٿ منجھان لڏي ويندو.

    منهنجي آسن کي ڏي نه تيلي تون،
    شهر دل جو سڄو ڌڏي ويندو.

    ***






    غزل

    درد جي ٽياس تي ٽنگيل آهيان،
    جبر جي ٻانهن ۾ ٻکيل آهيان.

    ڪنهن سان نفرت ڪيان ته ڪيئن ڪيان!
    ڇوته مان قرب جو ڪٺل آهيان.

    دشمنن جو سلوڪ هڪ پاسي،
    دوستن کان به مان ڏنگيل آهيان.

    ڪنهن جي پيرن ۾ ڪچلجي نه وڃان،
    وقت جي وڻ منجھان ڇڻيل آهيان.

    بارشن بعد ڄڻ ته مان جر تي،
    ڪوئي ڦوٽو هان، هڪڙو پل آهيان.

    هاڻي مان خواب ٿو ڏسان رنگين،
    پيار جي هنج ۾ ستل آهيان.

    ***



    غزل

    ڇو جدائي نِير ڏيندي ٿي وڃي؟
    درد جي تعزير ڏيندي ٿي وڃي.

    تون خماريل نيڻ ٿي ڦيري ڇڏين،
    بي رخي ڄڻ جھير ڏيندي ٿي وڃي.

    عاشقيءَ جي انتهائن جو قسم!
    لڙڪ هي تقدير ڏيندي ٿي وڃي.

    هي وڇوڙي جي هوا ڪاٿان گھلي،
    ياد لئه تصوير ڏيندي ٿي وڃي.

    هر قدم تي پير ٿا وچڙن پيا،
    زندگي زنجير ڏيندي ٿي وڃي.

    تنهنجي هڪڙي مرڪ آرهڙ ۾ پرين!
    ڄڻ ته ٿڌڙي هِير ڏيندي ٿي وڃي.

    غرض جي ڪاتي تکي آهي گھڻي،
    دوستيءَ کي سِير ڏيندي ٿي وڃي.

    ***




    غزل

    درد جِي ناءُ تي تري ويندس،
    زندگيءَ ڏي وري وري ويندس.

    ڇا ته تيزاب نگاهون تنهنجون!
    مان ته هڪ پل ۾ ئي ڳري ويندس.

    هڪ دفعو تنهنجي گرم ٻانهن مان،
    آنءُ نڪتس ته پو ٺري ويندس.

    تلخ لهجن جا تون پٿر نه اڇل،
    ڇو ته شيشي جيان ڏري ويندس.

    سچ جو زهر ٿو مرڪِي پيئان،
    جيئندس مان اگر مري ويندس.

    ***




    غزل

    چيم درشن جي لئه هِي ديد مدت کان سوالي آ،
    چيائين ڳول صحرا ۾، جو منهنجي اک غزالي آ.

    چيم هي سوز ڇا جو آ، چيم هي تڙپ ڪهڙي آ؟
    چيائين عشق جي بي چيني تو اندر ۾ پالي آ.

    چيم ڇا لاءِ هي دل جو ڏيئو پل پل اجھامي ٿو،
    چيائين بي يقينيءَ جي نميءَ سان وٽ آلي آ.

    چيم مان ڇو الائي ڌنڌلا چهرا پسان ٿو پيو،
    چيائين تنهنجي نيڻن جي اڃا موسم جھڙالي آ.

    چيم هي اڃ جنهن مدت کان مون کي اڌ مئو ڪيو آ؟!
    چيائين ڪيفيت سا انتظاريءَ جي نرالي آ.

    چيم ڇو مانگ ٿي پوري نه ٿِي منهنجي اڃا تائين،
    چيائين ڇيد آ جھوليءَ ۾ تنهنجي تڏهن خالي آ.

    ***


    نظم

    ”اسان جا خواب اڃا ساڀيا رَسيا ناهن“

    اسان جا خواب اڃا ساڀيا رَسيا ناهن،
    هي درد غم جا ڪڪر ڀي اڃا هٽيا ناهن.

    اڃا ڳلن تي ڪريل نير ڀي سُڪيا ناهن،
    اڃا بهار جي هوندي به گلَ ٽِڙيا ناهن.

    اڃا اندر ۾ اسان جي گھڻي اداسي آ،
    اڃا به من جي سِپي پيار جي پياسي آ.

    اڃا هزار اميدن جا گل ڪومايل،
    اڃا آ تڙپ، اڃا ڪيئي روح هن گھايل.

    اڃا دکي ٿي پئي ڳوٺ ڳوٺ چرٻيلي،
    اڃا به نارِ جي نڪَ ۾ وڌل آ ناڪيلي.

    اڃا سنڌوءَ جا ڏسو چَپَ ڪيئن سڪل آهن،
    اڃا هي جيئرا ماڻهو به ڄڻ مئل آهن.

    اڃا ته بوءِ ٿي بارود جي اچي ڪيڏي،
    اڃا امن جي ڪبوتر تي اکِ آ ٽيڏي.

    اڃا ڇني ٿو ڪجي ڌار ماءُ کان ابهم،
    اڃا ٺهي ٿو پيو روز نئون ائٽم بـم.

    اڃا به ڀونءِ تي ماڻهو ڳڀا ڳڀا ٿو ٿئي،
    اڃا به ظلم ستم ڪيڏو جابجا ٿو ٿئي.

    اڃا ڪـُسن ٿيون پيون ڪيئي بي گناھ نياڻيون،
    اڃا رقم ٿيون ٿين روز درد آکاڻيون.

    اڃا به شهر شهر خودڪشن جا حملا هن،
    اڃا به چؤڏسا چچريل هزارين لاشا هن.

    اڃا مرن ٿا پيا مِرگھ بيابانن ۾،
    اڃا آ گونج ٻڌو وقت جي ايوانن ۾.

    اڃا به ديس جو انصاف آ بيساکين تي،
    اڃا به موت جو شهباز آهي ڇاتين تي.

    اڃا به زندگي جي ڀيڪ ٿو گھري ماڻهو،
    اڃا به ٿورڙي ٺوڪر تي ٿو ڀُري ماڻهو.

    اڃا هوا جو بدن چور آهي زخمن سان،
    اڃا وفا جي ڳلي پئي جلي ٿي ٽانڊن سان.

    اڃا ته گيت سڀئي درد جي لباس ۾ هِن،
    اڃا هزارين اکيون آجپي جي آس ۾ هن.

    اڃا ٽياس تي ٽنگجي رهي آ سچائي،
    چوان پو ڪيئن ’محبّت‘ جي آهي رُتِ آئي.

    ***


    هائيڪا ۽ ٽيڙو

    ٿر ياترا

    رنـگـا رنـگ پــٿــر،
    ڪارونجھر جي ڪک ۾،
    ڪــــيـڏا هِــن گــــوهــر!

    *
    ڏاڍو مـيـنهـن اُٺــو،
    سـڀـئـي تــل تـرائـيــون،
    ڀــــــــريـــــــون اوچـــتــــــو.

    *
    ٿر ٻاٻيهو مان،
    منهنجو من پياسو،
    بــــادل مـــان پيئــان.

    *
    ســرهـيــون سـنـگھــاريـــون،
    چونرن ۾ چهڪن پيون،
    ڪــوجھـيـون ۽ ڪــاريــون.

    *
    پسيون نيٺ ڀٽون،
    وسي پيو وڏڦڙو،
    ڄاڻ کنڀيون نڪتيون.

     آگسٽ 2008 ۾ ٿر ياترا دوران لکيل هائيڪا ۽ ٽيڙو.

    ***


    آزاد نظم

    ”اها رات“

    لبن تي مرڪ وڇوڙي جي ويل
    لڙڪ اکين منجھ لڪائي جاني
    ڏني هيم جا ڳلن تي مِٺي نه ٿي وسري،
    اداس رات جي تارن جي روشني جھيڻي
    غضب جي رات، تڙپ دل جي ۽ سا بيچيني
    اندر جي ڪائنات جنهن ۾ ٽهڪ ۽ مرڪون
    بهار رُتِ جا ڪي جھونڪا قرار جا نغما
    الاجي ڪيڏيون اتي روشنيون ۽ رنگ مهه وِ رقص هئا
    ڪيئن پل ۾ وکري ويا!
    اڪير، پيار، جنون، بحرِ بيڪران دل جو
    الاجي ڪيئن سهيڙيو هيو مون ٻانهن ۾
    سڪون ڪيترو مون کي مليو هيو جاني،
    نه ڄاڻ ڪيڏا پل پهر تنهنجي سوچن ۾
    گذاريا مون هيا تڙپي وداع ڪري توکي.
    اکين ۾ تو ته سوين حسرتون ۽ خواب رکيا
    هزار منزلن جو موھ تو رکيو دل ۾
    مگر مون پنهنجي محبّت جا سلاسل جاني
    وجود تنهنجي سان ويڙهي ڇڏيا هئا تنهن پل،
    مگر تون روشني جي راھ جو مسافر هئين
    زنجير پيار جا ٽوڙي به توکي وڃڻو هو
    جو خوشبوئن جي سفر تنهنجي آجيان ٿي ڪئي.
    عجيب رات هئي!
    رات جيڪا نيڻن ۾
    مون تنهنجي ياد جا جگنو سجائي ڪاٽي هئي.

    ***


    نثري نظم

    ”سوڀ“

    تاريخ جي پنن تان لفظ لڇندي چون ٿا
    ته جڏهن به سچ جي صدا جي ڏوھ ۾
    زبانون ڪپي هٿن ۾ ڏنيون ويون آهن
    ته سوچ ڀڻڪي آهي
    ۽ ان ڀڻڪ واڪو بڻجي هميشه وڏو طوفان آندو آهي
    جڏهن به اڻڄاڻائيءَ جي انڌي گھوڙي تي سوار
    بيگاني رياست جي بدمست سپاهين
    ڏات کي پنهنجي بي رحم گھوڙن جي سنبن هيٺان
    ڪچلڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آ
    ته شعور غلاميءَ جا پنجوڙ ٽوڙي ڀڙڪو ڏئي اٿيو آهي
    ۽ بدمست سپاهين جون تلوارون پگھاري ڇڏيون آهن.
    اتهاس گواهي ٿو ڏئي
    ته جڏهن به ظلم جو ڇوهو طوفان
    علم ۽ آگهيءَ جي اڳيان آيو آهي
    ته قلم جا علم اوچا ٿيا آهن
    ۽ انهن ڏاڍ جو ڪنڌ نوائيو آهي
    ۽ ها جڏهن به اتهاس لکندڙ آڱريون ڪپيون ويون آهن
    ته تاريخ جي پيشاني تان لفظن جو لهو ڳڙندو رهيو آهي
    اها وهڪ هميشه تاريخ جي پيشانيءَ تي اڻ مٽ نشان ڇڏيندي آهي
    ۽ سچ جي سوڀ جو ڏس ڏيندي آهي.

    ***


    روبينه ابڙو

    تعارف

    روبينه ابڙو سنڌ جي نالي وارين شاعرائن ۾ اهم ۽ نمايان حيثيت رکي ٿي. هن شاعريءَ سان مسلسل محبت وارو رشتو جوڙي رکيو آهي ۽ ان رشتي کي نڀائيندي هن ڏات ۽ ڏاهپ جا ڏنگ به سٺا آهن. مرداڻي سماج ۾ سرجندڙ شاعريءَ جي يَڪ رُخائيءَ ۾ روبينه ابڙو جي شاعري تازي هوا سمان ۽ تصوير جو ٻيو رُخ آهي، جنهن ۾ فڪر جا نرالا رنگ به آهن ته فن جي ڀرپور پيشڪش به آهي.
    روبينه ابڙو ولد بشير احمد ابڙو جو جنم 24 آڪٽوبر 1971ع تي، ڳيريلي شهر (هاڻوڪي تعلقي باقراڻي) ۾ ٿيو. هن سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ تعليم پِرائي آهي ۽ بِي.ايڊ ۽ ايم.اَي سنڌي ادب ۾ ڪئي آهي. هوءَ لاڙڪاڻي ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي.
    هن 1991ع کان لکڻ جي شروعات شاعريءَ سان ڪئي. سندس پهريون شعر ”عبرت“ مئگزين ۾ ڇپيو. تڏهن کان مسلسل لکي رهي آهي. هن اردوءَ ۾ پڻ شاعري سرجِي آهي. هن شاعريءَ جي لڳ ڀڳ مڙني صنفن ۾ لکيو آهي، پر خاص طرح سندس غزل، نظم ۽ وايون نمايان آهن. کيس مڃتا طور ”ڪينجھر ايوارڊ“ ۽ ”تنوير عباسي ايوارڊ“ ملي چڪا آهن.
    سندس رهائش لاڙڪاڻي ۾ آهي.


    غزل

    ”مِي رَقصم رقصم“ رنگ رَچان ٿي، او داتا!
    ٿي لهرون لهرون آءٌ نچان ٿي، او داتا!

    ڪا ”رُون رُون“ رمز ڀَري ٿي گُونجي روح اندر،
    ٿي تنبوري جي تارَ وڄان ٿي، او داتا!

    هر ڀيري تنهنجي دُوار اچان ٿي درد کڻي،
    هر ڀيري توکي دانهن ڏيان ٿي، او داتا!

    هِن جُوٺي جڳ جي ڪاڪِ محل کي ڪيرائي،
    پئي اُلٽي ساري چالِ چلان ٿي، او داتا!

    ٿي ڪڏهين آءٌ حقيقت کي ڀاڪر ڀريان،
    ۽ ڪڏهين پاڇن پوءِ ڊُڪان ٿي، او داتا!

    هر ماڻهوءَ ۾ هُو موهه رکي ٿو پنهنجو ئي،
    هر صورت ۾ سُبحانُ ڏسان ٿي، او داتا!

    هي ٽانڊا ٽانڊا گيت ڇَٽي ٿي ساکَ ڏيان،
    هر ڪُوڙ جي مُنهن ۾ ڌُوڙ وجھان ٿي، او داتا!

    هِن ”چرٻٽ راجا“ جي نگريءَ جو انڌُ ڏسي،
    ٿي ماٺ وڃان ڪجھ ڪين ڪڇان ٿي، او داتا!

    ڪنهن رستي تان محبوبُ اچي مان ڇا ڄاڻان،
    هر رستي تي مان ڦُولَ ڇَٽيان ٿي، او داتا!

    ڪنهن پارس جھڙي پيارَ هُيو تنُ منُ ڇُهيو،
    اڄ تائين سونَ جيان جرڪان ٿي، او داتا!

    هي جيون ”جوئا خانو“، هر ڪو داءُ هڻي،
    سو مان ڀي دل جو داءُ هڻان ٿي، او داتا!

    هر ڳوٺ، شهر ۽ گھٽي گھٽيءَ تان گھور ٿيان،
    هِن سنڌُ سڄيءَ تي ساهه ڏيان ٿي، او داتا!





    ***




    غزل

    ٿَيّا ٿَيّا عشقَ نچايا،
    مون اڄ پيرين گھنگھرو پايا.

    سارا سجدن جيئن سجايم،
    دنيا جي الزام لڳايا.

    ديوانن سان ڪي دانا ڀي،،
    رَقصم رقصم ٿي لهرايا.

    پنهنجي دل جي ديوارن تي،
    رِم جھم ڪيڏا رنگ رچايا.

    رات ڏٺو جيڪو سپنو تنهن،
    سپني ۾ سپني جي ڇايا.

    ٻاهر ٻاڦ نه ڪائي نڪتي،
    دل ۾ ڪيڏا دُود دکايا.

    جنهن هِي دل ۽ دنيا ٺاهي،
    دردُ به تنهن جي آهي مايا.

    پنهنجي من جي ڦلواڙيءَ ۾،
    مون ڪي مُگرا هِن مهڪايا.

    آءُ هلون هُن پار، او پيارا!
    هُو ڏسُ بادل ڀرجي آيا.

    پاڻ ٻنهي جا ٽهڪَ ٻُريا ها،
    يا ڪِي جامَ هيا ٽڪرايا.

    پاڻ ٻئي گُم ٿي وينداسين،
    رهجي ويندا پنهنجا سايا.

    ***


    غزل

    آڌيءَ جو آواز اچي ٿو،
    ساڌُو ڪو ”رگ ويد“ پڙهي ٿو.

    منهنجو مُنصف ڳيتَ ڏئي پو،
    مون کان منهنجو اگُھ پُڇي ٿو.

    ڪيرُ ائين تقرير ڪري ٿو،
    ”ڀُٽي“ جو ڄڻ ڀاءُ لڳي ٿو.

    تون مُرڪين ٿو ڦاهيءَ تي پو،
    مُرڪي تو ڏي موتُ اچي ٿو.

    او روهيڙي جهڙا راڻا!
    ڇا تو مان ڪو ڦُول ڦٽي ٿو.

    منهنجي دل سان ڪو ديوانو،
    ڪيڏو گَهِرو رَبطُ رکي ٿو.

    نُور وڃائي ڀِي نِيرولي،
    رنگن جا ئي خواب ڏسي ٿو.

    منهنجي تن جو نِيرو جوڙو،
    اڄ ڀي توکي ياد ڪري ٿو.

    منهنجو پُٽ ڀي تو وانگي ئي،
    ڳالهه ننڍيءَ تي ٽهڪَ ڏئي ٿو.

    تنهنجي سارَ جي سارنگيءَ تي،
    منهنجي من جو مورُ نچي ٿو.

    ***


    غزل

    اسان جي روح ۾ رقصان،
    هميشه ”رقصِ درويشان“.

    اڙي او ناصحا منهنجا،
    نه ڏي ايڏا وڏا دَرسان.

    لنوائي پياسَ صحرا جِي،
    سمندر تي پئِي بَرسان.

    ڀلي اُوچو هجي ڪيڏو،
    نه اُوچو عشقَ کان عرشان.

    عجب اظهار جي منزل،
    تنبوري تار جان لَرزان.

    رڳو ڪر وَصل جو واعدو،
    صديون تو لاءِ مان تَرسان.

    اوهان هو عشقَ ۾ اڳرا،
    اسان هُون سونهن ۾ سَرسان.

    ٻُڌو يا اَڻ ٻُڌو ڪَريو،
    اسان جو ڪَم ڪرڻ عَرضان.

    پڙهي جيڪر وَري سگھجن،
    وَرائي وَصل جا وَرقان.

    ڏِسان ٿِي پاڻ ۾ سَرتي،
    ڪڏهن ”ميران“، ڪڏهن ”مَرکان“.

    ***




    غزل

    عشق حقيقي، عشق مجازي،
    ڪعبي اندر جيئن نمازي.

    مارِ نغاري چوٽِ وَري ڪا،
    ٿي پئه دَم دَم مستُ دَرازي.

    ڪهڙا منطقَ، شَرعَ، دليلون،
    او ڙي مُلان، او ڙي قاضي.

    هوڪا، هُلَ، هَنگاما هُليا،
    وهه وا تنهنجي ڇا هَمرازي.

    منهنجو مَن لاحد کان اڳتي،
    تنهنجو من محدود ايراضي.

    ڪنهن کان ڪيئن سِکيو آن جانان!
    نظرن جِي هيءَ تير اندازِي.

    او مُگري، او موتئي جهڙا،
    تنهنجِي سارَ سدائين تازِي.

    تنهنجا عڪسَ بڻايان، ڊاهيان،
    جِئن ڪا ”آذر“ جي بُت سازي.

    سو ئي رُوپ سَدا اپنايان،
    ”جنهن ۾ جانبَ تون ٿئين راضي“.

    ***



    غزل

    تون سَئن تي سَئن نه هَڻُ جوڳي!
    هِينئن منهنجو چَئنُ نه کڻُ جوڳي!

    تون ڇا لئه راهَه نِهارين پيو،
    اڄ ٿيندو ڪين اچڻُ جوڳي!

    ڄڻ گُل تي تازا ماڪَ ڦڙا،
    اهڙو تنهنجو مُرڪڻُ جوڳي!

    ڇو مون کان وِسري ڪين سگھيو،
    تنهنجو خاموش ڏسڻُ جوڳي!

    ڪلهه رستا ڌارؤن ڌار ڪيا،
    اڄ ٻيهر ايئن نه وَڻُ جوڳي!

    ٿڪجي پوندين تون ڳڻي ڳڻي،
    مون وٽ دردن جو ڌَڻُ جوڳي!

    ڇا منهنجو موهُه نه ٿو سمجھين،
    ايڏو اڻڄاڻ نه بَڻُ جوڳي!

    ڪيئن تو کان آخر وسري وئي،
    منهنجي پازيب وڄڻُ جوڳي!

    تو لاءِ تڪيندم راهَه سدا،
    ڀَل وسرين هيلَ وَرڻُ جوڳي!

    ڇا ڇا نه اچي ويو يادِ وَري،
    جو گُھليو ڪالهه ڏکڻُ جوڳي!

    اچ سنڌڙيءَ جي ڪا سونهن ٿيون،
    ڇَڏِ دنيا جو ٽِمجھڻ جوڳي!

    ***


    غزل

    تنهنجي منَ ۾ رازُ نه ڪوئي،
    پنهنجو پر هَمرازُ نه ڪوئي.

    داتا جي درٻار ۾ گُونجيو،
    سُڏڪن جهڙو سازُ نه ڪوئي.

    ساهَه پکيئڙو جيئن اُڏامي،
    تنهن جھڙو پروازُ نه ڪوئي.

    سِڪ ۽ سُورَ جيان او لوڪو!
    وللھ! سوزُ گدازُ نه ڪوئي.

    ٻيا ڀي آهن مست قلندر،
    مَروندي شهبازُ نه ڪوئي.

    مون وٽ ڪو انجام نه آهي،
    تو وٽ پر آغازُ نه ڪوئي.

    مئخاني ۾ ماٺِ وَسي پئي،
    حَقِ حَقِ جو آوازُ نه ڪوئي.

    سنڌڙي تنهنجي سونهن سنوارڻَ،
    ايندو هاڻِ ”ايازُ“ نه ڪوئي.

    هڪڙي سُندر ساميءَ جھڙو،
    ٿيندو ”نينهن نوازُ“ نه ڪوئي.

    نينهن ڪيو نروارُ جَنين کي،
    تِن جھڙو ممتازُ نه ڪوئي.

    پاڃاريءَ جِئن ڪين پِڃي جو،
    اهڙو ماءُ! مَجازُ نه ڪوئي.

    ***

    غزل

    حَد ناهي، هُو لاحد آ،
    پيارُ ته ”ميران“ جو پَدُ آ.

    هاءِ اَڀيچند جي بيچيني،
    سڀ ڪجھ آهِه نه سرمدُ آ.

    نيڻ پرينءَ جا هِن مَتوالا،
    ڇا ته سَروَ جھڙو قدُ آ!

    تو، مان آهي پاڻ سُڃاتو،
    دردُ دلين جو موجد آ.

    سوچَ نه پنهنجي ساڳي آ پر،
    ساڳيو پنهنجو مرشد آ.

    لمحو لمحو روز ٽُڪي ٿي،
    هاءِ حياتي هُد هُد آ.

    ڪوئي ديپُ، نه ڪوئي ڪَتبو،
    آخر ڪنهن جي مرقد آ.

    ڳوٺَ، شهرَ ۽ ديسَ لَتاڙي،
    سارَ جي ڪا به نه سَرحد آ.

    ڪيرُ ويو ٿي جُهونگاريندو،
    پيارَ بنا ٻيو سڀُ رَدُ آ.

    ***


    غزل

    نه تنهنجو ڪو به آ ثاني،
    مدد يا شاهه جيلاني.

    دلين جي ديس تي هر دم،
    هَلي تنهنجي حڪمراني.

    ٻُڏيون ڪشتيون ڪنارن تي،
    اچي ڪر ڪا نگهباني.

    ٿئي ڪو معجزو اهڙو،
    ٿئي حاصل ڪا حيراني.

    اُڏائي وئي رِدا منهنجي،
    لڳي تهمتَ جا طُوفاني.

    رهي فاني زماني ۾،
    رڳو ئي پيارُ لافاني.

    ويو جيءُ ئي جَلائي سو،
    هُيو جو جيءَ جو جاني.

    نه جنهن ۾ ماڻهپو ڪوئي،
    نه گھرجي سا مُسلماني.

    ڪري ڪويل ٿي ڪُو ڪُوءَ ۾،
    سدا تنهنجي ثنا خواني.

    سدا توکي پُڪاري پئي،
    سندءِ ٻانهن سندي ٻانهي.

    ***

    غزل

    ڌارَ ناهي ته ڌار ٿي ويندو،
    شخصُ ڪو انتظارُ ٿي ويندو.

    پنهنجي نيڻن جو سَرمدي سَپنو،
    چوڪَ تي سَنگسارُ ٿي ويندو.

    انگَ سارا صليبَ تي چاڙهي،
    روحُ رقصم بَزارُ ٿي ويندو.

    دل جي ڌرتيءَ مٿان پرين تنهنجو،
    دردُ گھوڙي سوارُ ٿي ويندو.

    مون نه ڄاتو ته دردَ جو داڻو،
    ايئن وڌندي خَرارُ ٿي ويندو.

    نيڻ تنهنجا جڏهن جڏهن پڙهبا،
    ڪو خيامي خمارُ ٿي ويندو.

    حُسن جون حيرتون وڃن وڌنديون،
    پيارُ بي اعتبارُ ٿي ويندو.

    هاءِ! نزديڪين جي موسم ۾،
    ضبطُ بي اختيارُ ٿي ويندو.

    تاتِ تنهنجي تصوفُ ٿي لَهندي،
    ”حق هُو“ وارُ وارُ ٿي ويندو.

    ***


    غزل

    هُو جو سرتيون گُل هُيو گِرنارَ جو،
    تنهن بنا مان ڇا ڪيان سنسارَ جو.

    هِي هوا، هِي رات، هِي رِم جھم جو راڳُ،
    ڄڻ اچانڪ درُ کُلي پيو سارَ جو.

    ڪيترو آهين پري، ٿي سوچيان،
    ڇا ڪيان مان رُوپَ ۽ سينگارَ جو.

    قافلو تيارُ هاڻي ٿو چوين،
    هي به ڪوئي وقتُ آ انڪارَ جو.

    يادگيري ۽ نه ڪوئي رابطو،
    هي عجبُ اندازُ تنهنجي پيارَ جو.

    تون خريدين يا وَري وِڪڻي ڇڏين،
    پيارُ ڪو سودو نه هو بازار جو.

    سو غلامن کان به ڪمتر پي لڳو،
    نانءُ جنهن تي هو رکيل سردارَ جو.

    هُو جو اڄ بيڏوهه آ ماريو ويو،
    ڪيترو سَچو هُيو ڪردارَ جو.

    موتَ واري موڙَ تي آهين مِليو،
    پر لڳين ٿو زندگيءَ جي پارَ جو.

    محبتون ۽ نفرتون ڪيڏيون ڪيون،
    هاڻِ سوچڻ ڀي لڳي بيڪارَ جو.

    ***

    غزل

    سازُ آهي، ڪڏهن صدا آهي،
    آدمي پاڻ ئي خدا آهي.

    عشق جي رمز ڪيرُ ٿو سمجھي،
    بَد دعا ۽ ڪڏهن دعا آهي.

    او طبيبا! نه غور ڪر ايڏو،
    دردُ منهنجو هِي لا دوا آهي.

    تنهنجي ناراضگيءَ جي موسم ۾،
    ڄڻ خدا ڀي خفا خفا آهي.

    جاتي ڪاٿي پرين پيو پَسجي،
    هر طرف آ ۽ جا بجا آهي.

    رهزنن کان به اڳڀرو هوندو،
    جو بظاهر ته رهنما آهي.

    هُو ڀريل آهِه خُود غلاظت ۾،
    پيارُ منهنجو ته پارسا آهي.

    تنهنجي اکڙين جا جامَ، اُف توبه،
    هوڏَ، مَستي، خُودي فنا آهي.

    تنهنجي آڏو جھڪيل جھڪيل آهي،
    جيڪو خود پاڻ ديوتا آهي.

    ***

    غزل

    مان لافاني، مان لاثاني،
    ”سُبحاني ما اعظم شاني“.

    ڪالهه خدا آيو مون وَٽِ هو،
    رُوپ ڪري ڪوئي انساني.

    دل منهنجيءَ جا سؤ سؤ ٽڪرا،
    هَر ٽُڪري ۾ ڪا نيشاني.

    رهندو رهندو پيارُ سلامت،
    فاني فاني جيوَن فاني.

    دنيا واري ڄاڻ - ڪَدي ۾،
    نينهن ته آهي ڪا ناداني.

    عشقُ جتي آهي سَرمَستي،
    حُسن اُتي آهي حيراني.

    تنهنجو منهنجو ساڳيو رستو،
    ساڳيو در، ساڳي پيشاني.

    ڪيرُ ويو آ جيوَنُ تِياڳي،
    ساري وَستيءَ ۾ ويراني.

    ”ميران“ جھڙيون کوڙ هِتي هِن،
    هڪڙي ناهيان مان ديواني.

    ***


    عادل عباسي

    تعارف

    عادل عباسيءَ جو شمار سنڌ جي سڄاڻ ليکڪن ۾ ٿئي ٿو. هُو شاعر توڙي نثر نويس آهي ۽ ٻنهي شعبن ۾ مڃتا ماڻي اٿائين، خاص ڪري سٺي مطالعي سبب مقالن ۽ مهاڳن ۾ مشهوري ماڻي اٿائين. سندس شاعريءَ ۾ جديد رنگ ڀرپور سمايل آهي، جنهن ۾ فڪري ۽ فني رُخ ڌيان لهڻن ٿا.
    عادل عباسيءَ جو ڇٺيءَ نانءُ عبدالحق آهي. هُو محمد آچر ’مجاهد‘ عباسي جي گھر ۾ 2 جنوري 1970ع تي، ڳوٺ لعلو رائنڪ (تعلقي وارهه) ۾ پيدا ٿيو، جتي سندن رهائش هئي. سندس والد جي ڪراچيءَ بدلي ٿيڻ سبب هُو ڪراچيءَ لڏي ويا، جتي عادل عباسيءَ ابتدائي ۽ ثانوي تعليم پِرائي. هن ايم اَي سنڌي ادب ۾ 2000ع ۾ سچل آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي. هُو 1989ع ۾ بهبود آبادي کاتي ڪراچيءَ ۾ مقرر ٿيو. 1993ع ۾ سندس بدلي باڊهه ٿي، جتي رهڻ لڳو. 2006ع کان هُو لاڙڪاڻي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، جتي رهائش اختيار ڪئي اٿائين. هُو ريڊيو ڪمپيئر طور، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پروگرام پڻ ڪري رهيو آهي.
    کيس ادبي ماحول گهر ۾ مليو. هن 1992ع کان باقاعدي لکڻ جي شروعات ڪيائين. شاعريءَ ۾ سندس رهنمائي والد محمد آچر ’مجاهد‘ ڪئي. هن شاعريءَ جي لڳ ڀڳ مڙني صنفن ۾ لکيو آهي، جڏهن ته نثر ۾ مضمونَ، ڪهاڻيون ۽ مهاڳ لکيا آهن. هُو سنڌي ادبي سنگت (س.ا.س) ڪراچي شاخ سان 93-1986ع دوران ۽ س.ا.س باڊهه شاخ سان 1993ع کان 2006ع تائين لاڳاپيل رهيو، ۽ سيڪريٽري، ڪائونسلر، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خزانچي پڻ رهيو. هُو جاڳرتا لٽرري فورم باڊهه سان پڻ 06-2000ع دوران سلهاڙيل رهيو ۽ ان جو سيڪريٽري به رهيو. کيس سنڌ ڪلچرل ڪائونسل ڪراچي پاران 2000ع ۾ شاعر-ايوارڊ ڏنو ويو. هُو سياست ۾ به سرگرم رهيو آهي. هن باڊهه ۾ ايم آر ڊِي هلچل ۾ سرگرم حصو ورتو. 93-1990ع دوران هُو جيئي سنڌ محاذ ضلعي ڏکڻ ڪراچيءَ جو سيڪريٽري رهيو. هُو باڊهه ۾ جسقم جو آرگنائيزر ۽ صدر به رهيو، ۽ مرڪزي ڪانگريس جو ميمبر به رهيو. 2005ع کان عادل عباسي سياسي سرگرمين کان پاسائتو آهي.
    سندس رهائش ٽئنڪ چوڪ ويجھو لاڙڪاڻي ۾ آهي ۽ سندس موبائيل نمبر 03003430955 آهي.


    غزل

    وري دلين، دلين سان ڪئي آ اڄ رهاڻ، ڇوڪري!
    وري سُڳنڌ ساهه جي، ڪا مون ڏي آڻ، ڇوڪري!

    جڏهن به سونهن ساهميءَ ۾ آ تُري جَهان جي،
    رهي آ تنهنجي ئي طرف سدائين ڪاڻ، ڇوڪري!

    ڏسڻ سان ئي ته ٿي پوي ٿو ذائقو کٽو مِٺو،
    سڄو سرير مالٽو، سڄي کٽاڻِ ڇوڪري.

    اڃا به نيڻ راهه ۾ ڏيئن جيان ٻَرن پيا،
    اڃا به دل چري جيئي ٿي تنهنجي ڪاڻ، ڇوڪري!

    اسان جا گھاءَ تنهنجي هر انياءَ تي به مهڪندا،
    ڀلي تون تير، زهر ۾ ڀري اُماڻ، ڇوڪري!

    ڪتاب جئن ٿو مان توکي پڙهان سُهاڳ رات ۾،
    ڀلا! حجاب ڪئن ڪندينءَ مون سان هاڻ، ڇوڪري!

    ***



    غزل

    رهياسين تيز طوفانن جي گھيري ۾،
    حياتي پنهنجي گذري آ انڌيري ۾.

    سُڃاڻي پيرَ - هاڍُو ڪيئن ٿو ماڻهوءَ کي،
    لِڪل آ ڄڻ ته ڪا تصوير پيري ۾.

    اوهان جو پيار اُجرو ڪيئن ڀلا ماپي!
    اسان جي جھول ڦاٽل ۾ ۽ ميري ۾.

    سمايل بس رڳو تنهنجو ئي نالو آ،
    اسان جي ساهه ۾، دل ۾ ۽ جيري ۾.

    دلين جا معاملا ذاتين جي جھيڙن جان،
    رهيو آهي رڳو هر پَل نبيري ۾.

    اوهان جي ياد جا ها جھير ’عادل‘ کي،
    سندس احساس ۾ ۽ ٻيري ٻيري ۾.

    ***







    غزل

    موت سان همسفر هِن اکيون،
    يار لئه منتظر هِن اکيون.

    خواب تنهنجا سهيڙيان پيو،
    عاشقين جو ثمر هِن اکيون.

    سار سپنن ۾ سانڍي رکيم،
    ڇو ته سپنن جو گهر هِن اکيون.

    دل جي موسم جُهڙالي رڳو،
    سانوڻيءَ جو ڪڪر هِن اکيون.

    تو سوا هر گھڙي، هر پهر،
    ڪيترو در بدر هِن اکيون.

    لُڙڪَ ’عادل‘ سَميٽي ته ڇا!!
    تنهنجي يادن سان تــر هِن اکيون.

    ***







    غزل

    جڏهن کان چِٺيون تو کان نظرن وَتيون،
    تڏهن کان ٻَرن نيڻ بڻجي بَتيون.

    کلين ٿي جڏهن واسِجي ٿي هوا،
    ٽِڙن چپّ، بڻجي گلن جون پَـتيون.

    اڃا طاق نيڻن جا آهن کُليل،
    اڃا آس جون روز اُڀرن ڪَتيون.

    اسان پيرَ پٿرن کي ارپي ڇڏيا،
    هوائون گُهلن پو ٿــڌيون يا تَـتيون.

    وِڌي اُڀّ ڦاٽل چُني رات جي،
    ستارا مٿس ڄڻ ته آهن چَـتيون.

    چڙهي ٿو جڏهن چاهه چِکيا مٿان،
    ته سڀ ساعتون ٿي وڃن ٿِيون سَـتيون.

    ***







    غزل

    ياد ڪا خوشبو نه آندي، گھاءُ آندو،
    درد احساسن مٿان انياءُ آندو.

    مَـڻ ڏنا مون توکي سپنن جا سهيڙي،
    ساڀيائن جو رڳو تو پاءُ آندو.

    تو روّيا جي ڏنا آتش فشان ها!
    پوءِ به دل کي مون ڪري درياءُ آندو.

    دوستي جُوالا مُکي، لهجا ٻَرن ٿا،
    هي زماني آهي ڪهڙو واءُ آندو!!

    نيڻ - ٽانڊا، ڄَـــرَ - نگاهون، لفظ - شعلا،
    نفرتن ڪيڏو وڏو ڦهلاءُ آندو.

    رتّ ڳاڙيندو رهيو هر خواب منهنجو!
    پيار تي جو لوڪ آ پٿراءُ آندو.

    ***










    غزل

    پن ڇڻ رُت جي ٿي پئي آهي ڏاڍي زرد هوا،
    ساهه سڄي کي سيڪاٽي ٿي ڪيڏي سرد هوا.

    خوشبو ڇو نه کڻي آئي آ تنهنجي ساهن جِي،
    ڪيڏي ڀاسي ٿي اڄ ظالم ۽ بيدرد هوا.

    رَتُ جي ڌَپ گُهلي ٿي پيئي اڄ به ڪراچيءَ ۾،
    ٿي پئي آهي شهر سڄي جي دهشت گرد هوا.

    يا ته اسان جو جوش ويو آ جُهور ڪُراڙو ٿي!!
    يا ته گُهلي آ سنڌ سڄيءَ ۾ ڪا نامرد هوا !!!

    جهولو توڙي پارو هاڻي اُن سان هلڻو آ،
    ڇو ته اڪيلي آهه اها ئي گهر جِي فرد هوا.

    ***










    غزل

    رستا ساڳيا، پنڌ به پنهنجا ساڳيا ها،
    سالن کان جي منهنجي پيرن جھاڳيا ها.

    ساريون چِڪناچُور ويون ٿي تعبيرون،
    پٿرن سان مون پنهنجا سپنا واڳيا ها.

    ڪاڳر - چُلهه تي، گيتَ - ڪُني ۾، لفظَ وجھي،
    پِيڙا - گِيهَه ۾، ٽِچڪائي مون داڳيا ها.

    ننڊ کسي ويا، کاٽُ هڻي جي نيڻن کي،
    خِيال الائي چور هئا يا ڀاڳيا ها.

    رات سموري اُٿلي پُٿلي هنڌ مٿان،
    مون سان گڏجي، منهنجا خواب به جاڳيا ها.

    ***







    غزل

    نه مون کان ڪا گھڙي هڪڙي ٽَرن ٿا،
    اوهان جا خيال ٿي سپنا وَرن ٿا.

    نظر تنهنجي ڏيئي جي لاٽ آهي،
    مٿان جنهن جي سوين ماڻهو مَرن ٿا.

    ڀِرن ٿا ٽهڪ، پوپٽ ٿي چپن تي،
    اکين تي سونهن جا منظر ترن ٿا.

    پَنو ڀي ڄڻ ته ڪوئي کيت آهي،
    اکر ڀِي ڍور هِن جنهن ۾ چَرن ٿا.

    جواني کير وانگي ٿي اُڀامي،
    سوين احساس، ٿي ٽانڊا ٻَرن ٿا.

    کلين ٿي تون ته جذبا اُسّ جهڙا،
    پِپِرَ جو ڇانورو بڻجي ٺرن ٿا.

    ***


    گيت

    آءُ اســان جـــي ويـــڙهـــي - ساجن!
    آءُ اسان جي ويڙهي.
    پنهنجو ساٿ سهيڙي - ساجن!
    آءُ اسان جي ويڙهي.
    تون جي ايندين منظر مهڪي پوندا ساجن!
    ســـوچــن ڦولـيــــا،
    نـيــڻــن ڳــولــيــــا،
    هر منظر ۾ عڪس اوهان جا ئي مون پاتا -
    منـهنـجـا ڍوليـا!
    دل جا سرگم ڇيڙي،
    آءُ اسان جي ويڙهي.
    تون جي ايندين بادل برسي پوندا ساجن!
    تون ته سدائين،
    دل ۾ آهـــيـــــــن،
    هيڪر آءُ ته توکي ان ۾ پاڻُ پَسايان -
    منهنجا سائين!
    پنهنجو هانءُ اُڊيڙي،
    آءُ اسان جي ويڙهي.
    تون جي ايندين سانگ سجايا ٿيندا ساجن!
    وار وڇـــــــاڻـــــــــــا،
    نـــيـــــڻ نــمــاڻــــــا،
    ٻانهُنِ جا هي هار ڳچيءَ ۾ توکي پايان -
    منـهنـجـا راڻـا!
    پنهنجو پيار پکيڙي،
    آءُ اسـان جـي ويـڙهي.
    تون جي ايندين سپنا ساڀيان ٿيندا ساجن!
    اک جـــــــــا آرا،
    جـــذبــــــــا ســــــارا،
    تو ڏي پـل ۾ پنڇي بڻجي اُڏري ايندا -
    منـهنـجـا پيـارا!
    پنهنجا کنڀ کنڊيڙي،
    آءُ اسـان جـي ويـڙهــي.
    تون جي ايندين جوڀن جرڪي پوندو ساجن!
    ڦــــوهه جــــوانـــــي،
    آ مــســـتـــــانــــــي،
    ڇو نه ڏيان مان پوپٽ جهڙا ڪومل جذبا -
    منـهنـجـا جاني!
    سي سڀ توکي ميڙي،
    آءُ اســان جــي ويــڙهـي.

    ***










    گيت

    ڪهڙا ڏيان مان پارَ،
    پرينءَ جا -
    ڪهــڙا ڏيــان مان پـــار.
    ٽهڪن ۾ سنگيتَ،
    چپن تي مٺڙا مٺڙا گيت،
    اکين ۾ آر،
    پرينءَ جا -
    ڪهــڙا ڏيــان مان پـــار.
    ساهن ۾ سرهاڻ،
    بدن آ ڄڻ خوشبوءَ جي کاڻ،
    ۽ ٻانهون هار،
    پرينءَ جا -
    ڪهــڙا ڏيــان مان پـــار.
    چَپّ رَسيل ڄڻ ڊاک،
    جواني ڄڻ ته ڦٽي ٿي باک،
    ۽ ڇلڙا وار،
    پرينءَ جا -
    ڪهــڙا ڏيــان مان پـــار.
    چهرو اُجرو ڏينهن،
    سڪائي وار وسي ٿو مينهن،
    ڪري وسڪار،
    پرينءَ جا -
    ڪهــڙا ڏيــان مان پـــار.
    نيڻن ۾ ڪي منڊَ،
    کِلڻ ۾ خوشبوءَ جا سرکنڊ،
    اکيون هُٻڪار،
    پرينءَ جا -
    ڪهــڙا ڏيــان مان پـــار.

    ***








    گيت

    مون کي تنهنجي تات، گوري!
    مون کي تنهنجي تات.
    عڪس نيڻن ۾ رَچي ٿو،
    جو اندر تائين اچي ٿو،

    چَندُ يادن کي پيو ويتر وڌائي،
    مَـچُ ڪــو مــن ۾ مــچــي ٿـــو،
    چوڏهينءَ جي رات، گوري!

    مون کي تنهنجي تات.
    آڳَ، خوابن کان کٽي آ،
    راتِ مون جاڳي ڪَٽي آ،

    ننڊ ۾ هي سِرشٽي ساري سُتل هئي،
    اک پـکــيـــن هــاڻـــي پــٽـــي آ،
    ۽ لنون ٿا لات، گوري!

    مون کي تنهنجي تات.
    تارا، ڪَڪرن ۾ ٻُڏن ٿا،
    خيال ٿي پنڇي اُڏن ٿا،

    چؤطرف گجگوڙ ۽ طوفان آهي،
    هــانءَ ٽـــاريــن جـــان لُــــڏن ٿـــا،
    ڪيتري برسات، گوري!

    مون کي تنهنجي تات.
    لفظَ، شعرن ۾ لَپيٽـي،
    ساهه ۾ تن کي سَميٽـي،

    مان سموري حُسن کي هڪ هنڌ ميڙي،
    سونهن تنهنجيءَ ساڻ ڀيٽي،
    ٿو ڏيان هي ڏات، گوري!

    مون کي تنهنجي تات.
    ***


    فياض لطيف

    تعارف

    فياض لطيف سنڌ جي انهن شاعرن ۾ يقيناً شامل ڪري سگهجي ٿو جن سنڌي نظم سان خوب نڀايو آهي ۽ پنهنجي مخصوص حُسناڪ انداز سان اها گَهِرائي ماڻي آهي، جا نظم جي سڃاڻپ آهي. هن غزل به سرجيا آهن ۽ ترجما پڻ ڪيا آهن. فياض لطيف جا موضوعَ محبت، وڇوڙو، انتظار ۽ پرين جي يادِ آهن.
    سندس ڇٺيءَ نانءُ بشير احمد ولد محمد حسن چانڊيو آهي. هُو پهرين اپريل 1972ع تي ڳوٺ فقير محمد چانڊيي، تعلقي ڏوڪري ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اَي سنڌي ادب 1994ع ۾ ڪئي ۽ هاڻ ”شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جماليات“ موضوع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايم.فِل ڪري رهيو آهي. هُو 2002ع کان ليڪچرر سنڌي طور، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي پيو.
    فياض لطيف 1991ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هن شاعريءَ ۾ نظم، غزل، بيت ۽ وايون لکڻ سميت ڪهاڻيون، مقالا، مضمون ۽ مهاڳ پڻ لکيا آهن. هُو سنڌي ٻوليءَ جو پهريون مترجم آهي جنهن مشهور فلسفي رجنيش اوشو جو ڪتاب ”خدا، زندگي، محبت ۽ موت“ نالي سان ترجمو ڪيو. ان کان سواءِ اوريانا فلاسي جو ڪتاب ”اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط“، ترجمو ڪيل ”اوشو جي آتم ڪهاڻي“، شاعريءَ جو مجموعو ”چنڊُ ڪڪر جي اوٽ“ ۽ ادبي خطن جو مجموعو ”خط، خوشبو، خواب“ ڇپجي مقبوليت ماڻي چُڪا آهن. هُو سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي ۽ انڊس لِٽرري فورم لاڙڪاڻي سان لاڳاپيل آهي. کـيـس ”ڪـيـنـجهــر تـرجـمـو ايـوارڊ“، ”فـقـيـر بـخـش عـلي ابـڙو ايــوارڊ“ ۽ ”پـيــر حسام الدين راشدي ايوارڊ“ ملي چڪا آهن.
    هُو سن 2000ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو. سندس رهائش مينهل آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي ۽ سندس موبائيل نمبر 03003413275 آهي.


    غزل

    غزل

    هوائن ۾ هُلي ويو آ، بدن هِي ڪنهن جي خوشبو جو،
    پريشان ڀؤنر هِن سارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو!

    اکين ۾ کيپ ٿا مُرڪن، وئي مدهوش ٿي دلڙي،
    خماريل چنڊ ۽ تارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو!

    هِنئين تي هِير جو جهونڪو، بَڻي ڪا ياد جي دستڪ،
    سنواريل زلف هُو ڪارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو!

    گهڻو مانوس ٿو ڀاسي، لڳي ٿو روح ۾ رَچيل،
    مِٽي جي مهڪ جان پيارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو!

    نظر جي بي قراري ۽ چپن جي تانگهه ٿي تــڙپي،
    چَريا هِن چاهه ۾ چارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو!

    ڀنل هِن ماڪ سان مُکڙيون، لٿي آ رات چانڊوڪي،
    اڙي او پوهه جا پارا! بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو!

    


    غزل

    اسان جي پياس کي پنڌ جا انوکا ماڳ وئي ڏيئي،
    اسان جي طلب ۾ بارش، مگر هوءَ آڳ وئي ڏيئي.

    چيوسين ”چنڊ“ کي ٿورو ڪڪر ڪاڪل ڇڏيو ڇوڙي،
    کِلي هوءَ کنوڻ جان خوشبو سندا آ ڀاڳ وئي ڏيئي.

    اسان لئه هير جو جهونڪو، هئي جا موهه جي موسم،
    اسان جي خواب نيڻن کي ازل جي جاڳ وئي ڏيئي.

    گُذر جو شام جو ٿيو آ، لٿي آ رات تنهائي،
    نظر جي ديد کي هر ڪا پهر آ داڳ وئي ڏيئي.

    هئي جا خواب جي صورت، سدا ڪنهن ساز جو نغمو،
    اسان جي روح کي ڪيئي نوان سا راڳ وئي ڏيئي.

    سَسئي جان پيار پنهنجو ٿيو، سونهان سڀ سوز جا پنڌ ٿيا،
    پنهون جي پار جي ساري، حياتي واڳ وئي ڏيئي.

    







    غزل

    چَڳون چَڳون ٿي بهار وِکريو،
    نظر نظر ٿي خمار وِکريو.

    جواني هُن تي لٿي جئين ئي،
    ڪَلي ڪلي ٿي نِکار وِکريو.

    ڪنول بدن جو ٻکيو ٻَــکن ۾،
    چُمي چُمي ٿي پيار وِکريو.

    اداس دل تي ڪڪر - وڇوڙو،
    مِلي جو مُرڪي غبار وِکريو.

    ڪڪوهه ڪامڻ هيون نگاهون،
    کڻي ڏٺائين، قرار وِکريو.

    هيو ته ڏاڍو اڏول پر ڪيئن،
    پَتي پتي جان هو يار وِکريو.

    






    غزل

    وڃائي پاڻ کي جانان، وري آ پاڻ ئي ڳوليو،
    پڙاڏن جي پٺيان پنهنجو سدائين روح آ روليو.

    تَتل واري آ پيرن ۾، مٿان ڪوئي ڪڪر ڪونهي،
    اڙي محجوب، او جانان! گهڙي کن زلف ئي کوليو.

    ڪٿي آ پاند ڪو آجو، بدن دل جو زخم آهي،
    ڏسيو ڪو گهاٽ ڌوٻي جو، جتي ڪنهن دل کي ڇاڇوليو!

    ٿِي ڀٽڪي ننڊ نيڻن ۾ ، خمارن جو پتو ڪونهي،
    اڙي او دل جي مجذوبي! گھڙِي آغوش ڏي پنهنجو.

    بهارن جون بهارون ئي ڪٿي هِن پاڻ ڪي طلبيون،
    اسان جي بي قراري کي ملي ڪو چين ئي ٿورو.

    وسڻ جي مند ڪٿي آهي، وسن ٿا نيڻ ٿي بادل،
    هِنئين جي هيکلائي ۾ جلي جوڳي جيان جيئڙو.

    






    غزل

    سونهن جو سحر آ، هوءَ ڇوڪري،
    نسورو قهر آ، هوءَ ڇوڪري.

    نه ٻوڙي ٿي، نه چاهي تارڻ پئي،
    انوکو بحر آ، هوءَ ڇوڪري.

    جيون آ ڌرتتي وانگي ۽ ڄڻ،
    ڇانوَ آ، ڇپر آ، هوءَ ڇوڪري.

    دنيا آ اينٿري اوٿر جيان،
    پناهن شهر آ، هوءَ ڇوڪري.

    اسان جو نينهن ڄڻ ڪنهن ناو جان،
    دريائي لهر آ، هوءَ ڇوڪري.

    ڏِيئن جي جاڳ وانگي هيءُ جيون،
    پرهه جو پهر آ، هوءَ ڇوڪري.

    

    نظم

    ”اچين جي جلد آ جانان!“


    ڊسمبر آ ويو گُذري،
    مٿان آ جنوري آئي،
    پرينءَ کي چنڊ تون چئجان!
    اسان لئه سرد موسم هِي،
    سِياندا آ کڻي آئي،
    نِسورو درد موسم هِي!!
    پرين کي چنڊ تون چئجان!
    ڏينهن کان دل ڏُهاڳيل آ،
    نيڻن لئه ننڊ آ آتي،
    مگر ڪا آس جاڳيل آ،
    پرين ڪا پياس جاڳيل آ.
    بدن جي هر ڪلي ۾ ٿو،
    بهارن جو بدن ڀٽڪي،
    ڇُهائن جي مگر موسم،
    ڪٿي آهين، ڪٿي آهين؟؟
    پرين کي چنڊ تون چئجان!
    هِينئون آ ڀور ٿيو هيکل،
    جئين ڪو مور ٿيو هيکل،
    تِشنگي ڊيل جان ماندي،
    بِرهه جون هِن ڀِٽون ڀوڳيون،
    سمونڊن جان سِڪيا آهن،
    اسان جا نيڻ ساحل لئه،
    پرين تنهنجي ئي پايل لئه،
    سماعتون منتظر آهن،
    باتيون منتظر آهن!!
    پرين کي چنڊ تون چئجان!
    هجر جي رات هاڙهي جان،
    ڏياٽين جان ٻَريون آهن،
    اسان جون آرزو ساريون.
    اسان جي دل دمِ عيسى،
    صليبن جان رهيو آهي،
    اسان لئه درد يادن جو...!
    پرينءَ کي چنڊ تون چئجان!
    ٿري دل تي ٻَڪر والي،
    ڪڪر ٿي تون ڪڏهن ايندينءَ؟
    ڇپر ٿي تون ڪڏهن ايندينءَ؟
    سِتارن سان سنيهن جون،
    مُڪيون هِن کوڙ مالهائون.
    پرين پت جهڙ جي موسم آ،
    ڇڻڻ تي ڦول هِن سارا،
    جدائي بي وڙي موسم،
    زهر جان آ ڪَڙي موسم،
    اچين جي جلد آ جانان!
    اچين جي جلد آ جانان!!

    


    نظم

    نظم


    ”پياسو ساحل“


    ڪير ڄاڻي ڪاڪ دل جي،
    ننگي پيرين آرزو ٿي،
    ڪهڙي پنڌ جا پير ڳولي؟
    ڪير ڄاڻي نيڻ ننڊ جا!
    خواب ڪهڙي جي سفر ۾،
    کوئجي ٿا ڪنهن کي ماڻن؟
    ڪير ڄاڻي چَپَ سِپي جان!
    ڪهڙي بارش جي بدن لئه،
    ايترا بي چين ٿين ٿا!
    ڪير ڄاڻي هرڻي وانگر،
    دل هٺيلي ڪهڙي تڙ لئه،
    ايتري ڊوڙي ڊُڪي آ!
    ڪير ڄاڻي سمنڊ ۾ ڀي،
    آتيون ٻانهون ساحلن جون،
    ايتريون پياسيون رهن ٿيون!
    ڪير ڄاڻي هٿ - ريکائون،
    ڪهڙي مٽي جو مقدر؟
    ڪهڙي نالي ۾ لکن ٿيون؟
    ڪير ڄاڻي ڪا چڪوري،
    آڌي ٽاڻي ايتري ڇو،
    چنڊ لئه بي چين ٿئي ٿي؟
    مَنڊ لئه بي چين ٿئي ٿي؟


    


    نظم


    ”حياتي آ ڪنڊي تي ماڪ جو قطرو“


    حياتي آ ڪَنڊي تي ماڪ جو قطرو،
    جواني آ گلابي ڪنهن ڪَلي وانگي،
    نشيلي آ سراپا نينهن جي موسم،
    پهر جو آ سحر سنسار هِي سارو،
    قهر جو آ نسورو پيار هِي سارو...
    سمندر جان اِڇائن جو سفر آهي،
    غضب آ، جو نگاهن جو سفر آهي،
    حيراني آ حُسن هِي هير جو جهونڪو،
    لهر جان ٿي لُڙهي بي چين هِي دلڙي،
    ادائن جي گهٽائن جو سفر آهي،
    غضب آ، جو نگاهن جو سفر آهي.
    حياتي آ ڪَنڊي تي ماڪ جو قطرو،
    سمندر جان اِڇائن جو سفر آهي،
    سمندر جان اِڇائن جو سفر آهي!

    

    نظم


    ”آزادي او آزادي“


    سج آ نيزي پاند، او سرتي!
    ٿي پيرن هيٺان باهه ٻري،
    پنهنجي امرت اوت مان ڏي تون،
    ڪو مون کي هڪڙو جام ڀري،

    او آزادي، او آزادي...
    تنهنجي سنت جي رستي تي،
    ٿي جڳمڳ جڳمڳ جوت جلي،
    هڪ روشن صبح جي خاطر،
    ٿو رات ڏيئي ۾ رَتُ ٻري،

    او آزادي، او آزادي...
    ڪالهه ڪراڙ ڪنڌيءَ تي ويهي،
    جنهن باک جي ساک ٿي شاهه ڏني،
    اڄ ڏور انڌيرن جي ڪُک مان،
    ٿي وِک وک تي هڪ لاٽ ٻري،

    او آزادي، او آزادي...
    جنهن وقت به ٿي سر طلب صنم!
    لال لهوءَ جو ريج لتاڙي،
    ها! اچبو اوچو ڳاٽ ڪري،
    پنهنجي امرت اوت مان ڏي تون،
    ڪو مون کي هڪڙو جام ڀري،

    او آزادي، او آزادي...

    


    نظم

    ”ڪٿي آ سار کي ساحل“

    پوياڙيءَ سج لٿو آهي،
    مُهاڻي ناو ڪاهي آ.
    هِنئين جي لهر تي تنهنجي،
    تري ڪا سار آئي آ.

    ڀِنا هِن نيڻ مُکڙيءَ جا،
    پَتن تي پياس ٿي تڙپي،
    هجر جي راتڙي هيکل،
    پئي ٿي ڀؤنر جان ڀٽڪي.

    کِڙيو آ چنڊ امبر تي،
    ســتـــارا جــڳـــمـــڳـائـــن ٿــــا،
    نديءَ کي ننڊ آهي پر،
    ڪِنارا ڪجهه ڪَنائن ٿا.

    پپر جو پيڙ ٿو سوچي:
    مسافر ڪيترا آيا؟
    تــمـــنـــا تـــيـــز واچــــــوڙو،
    گهڙي ڪنهن پيرڙا ساهيا!

    تتيءَ جو پنڌ آ جيون،
    پتڻ جو پور هِي لمحا،
    وُٺيءَ ۾ واءُ جو جهونڪو،
    پاڻيءَ ۾ عڪس چانڊوڪي.

    ڏهر ۾ ٿو ڏيئو ٽِمڪي،
    ڪٿي آ ننڊ نيڻن کي.
    مَسافت دشت هي دنيا،
    جوڳيءَ جي جاڳ آ دلڙي.

    آئي ڪا هير جو آهي،
    چنبيليءَ جي کڻي خوشبو،
    لڳي ٿو زلف پنهنجن مان،
    ڇڏي ڪا چڳ تو ڇوڙي.

    تمنا جون تِکيون لهرون،
    ڪٿي آ سار کي ساحل،
    وڳي آ روح جي رڃ ۾،
    تنهنجي ئي پيار جي پايل،
    تنهنجي ئي پيار جي پايل،
    ڪٿي آ سار کي ساحل...

    


    نظم



    ”عجب پورهيت اکيون پنهنجون“

    عجب پورهيت اکيون پنهنجون!
    عمر پُوري ڪماياسين،
    اسان سپنا رڳو جانان!

    عجب مجذوب دل پنهنجي!
    عجب هِي آجپي ٻانهون!
    اوجاڳن جون هڙون ويچي،
    خريديون سِين سفر راهون.

    قرابت جي عجب دُوري!
    غضب احساس قربت جو،
    سمندر ۾ سپي پياسي،
    سپي ۾ سمنڊ تاسارو.

    سُندرتا سانجهه جي پويان،
    حياتي ڀر رُليا آهن،
    نــظــر جــا نيڻ ٿي پاڳل،
    هوائن سان گُهليا آهن.

    سدا بي چين ئي رهيو،
    بدن خانه بدوشي جو،
    سدا سُڳنڌن پٺيان ڀِٽڪيو،
    هينئون پوپٽ جيان ماندو.

    نه پيرن جو پتو رهيو،
    نه راهن جي خبر ڪائي،
    اِڇائن جي مسافت ۾،
    رهيو بس روح سودائي.

    وصل جا ڪي ٻه ٽي لمحا،
    هِجر جون هُو ڊگهيون راتيون،
    اڪيلائي جي اجگر ۾،
    رهيون آٿت رڳو يادون.


    

    نظم


    ”تون مايا جو موتي آن“


    منهنجا نيڻ پيا هِن ٿڪجي،
    تنهنجون راهون روز تَڪيندي.
    منهنجا پير پيا هِن ڦٽجي،
    رڃ - وڇوڙي منجهه رُلندي.

    ڪيسين تنهنجي اوسيئڙي ۾،
    آس جو ديپ جلايان جيڏِي!
    ڪيسين تنهنجي سپنن سان مان،
    پنهنجو روح ريجهايان، جيڏِي!

    خواب ته ناهين نيڻن جو تون، جنهن کي آءٌ ڀُلائي ڇڏيان!
    لُڙڪ ته ناهين پَلڪن جو تون،
    جنهن کي آءٌ وهائي ڇڏيان!

    تون منهنجي جيون-ٽاريءَ ۾،
    ڄڻ ته گلابي گل جان آهين.
    تون منهنجي تخيل-ڌرتيءَ تي،
    ساڀيا - خواب جيان آهين!

    سو ڪيئن آءٌ وِساري ڇڏيان،
    تو جنهن منهنجي جيوَن هِنَ ۾،
    ڪا جوت جلا جي اوتي آ،
    منهنجي حياتي - سِپَ ۾ سانئڻ!
    تون ئي مايا جو موتي آن!
    تون ئي مايا جو موتي آن!


    


    رضا بخاري

    تعارف

    رضا بخاريءَ جي خاص سڃاڻ سندس ننڍن وزنن تي لکيل غزل ۽ وايون آهن، جن ۾ نفيس احساس سمايل آهن. هن جي شاعريءَ ٿوري ئي وقت ۾ سٺي مقبوليت ماڻي ورتي آهي.
    سندس پورو نالو سيد علي رضا شاهه آهي. هُو 7 آگسٽ 1980ع تي، لاڙڪاڻي ۾، شاعر سيد مدد علي شاهه ’منظر‘ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن بِي.اَي. (پرائيويٽ) 2007ع ۾ سچل سرمست اورينٽئل اينڊ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي آهي، ۽ 2007ع کان ڪمپيئر طور ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪم ڪرڻ سميت، 2008ع کان بهبودِ آبادي کاتي لاڙڪاڻي ۾ سوشل موبلائيزر طور نوڪري ڪري رهيو آهي.
    رضا بخاريءَ کي شاعراڻو ماحول والد کان مليو، جنهن سندس رهنمائي ڪئي آهي. هُو 1995ع کان باقاعدي شاعري ڪري رهيو آهي جڏهن سندس پهريون غزل ماهوار ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيو. هن شاعريءَ جي اڪثر صنفن ۾ لکيو آهي، نثر ۾ به ڪجهه ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيا هئائين جن کان پاسائتو ٿي ويو آهي. سندس 2 شعري مجموعا ”شاعري تنهنجو بدن“ (2004ع) ۽ ”هوا جي بانسري“ (2006ع) ڇپيل آهن.
    رضا بخاري مختلف ادبي پروگرامن ۾شرڪت ڪندو رهندو آهي، خاص ڪنهن ادبي تنظيم سان لاڳاپو ڪو نه رکيو اٿائين. کيس ماهوار ”ساٿي“ رسالي پاران 2002ع ۾ ”ٻارن جو بهترين شاعر“ ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته ڪيترن ئي رسالن پاران مڃتا سرٽيفيڪيٽ مليا اٿس. سندس رهائش گهر نمبر 4، شيخ زيد ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ آهي ۽ موبائيل نمبر 03337551718 آهي.


    غزل

    غزل

    مون سان گڏ ڪو آيو هو،
    يا منهنجو ئي سايو هو!

    نيڻ اڃا اُت ڳوليان ٿو،
    مون جت خواب وڃايو هو.

    هو منهنجو آئينو پر،
    اُن ۾ عڪسُ پرايو هو.

    گل تان اُڏري پوپٽڙو،
    گهاوَ مٿان ڇو آيو هو؟

    ڇرڪي من جي خاموشي،
    مون ۾ ڪنهن ڳالهايو هو؟

    خود کي مون ته ڀُلايو پر،
    توکي ڪينَ ڀُلايو هو.

    شام اچانڪ ٿي ويئي،
    آنچل تو لهرايو هو.

    






    غزل

    ڪوئي دانهن ڪري ٿو مون ۾،
    آخر ڪير مري ٿو مون ۾؟

    ٿو برسات چِٽيان ڪاغذ تي،
    ۽ آڙاهه ٻَري ٿو مون ۾.

    مان جَل چانڊوڪيءَ جو آهيان،
    تنهنجو عڪس تري ٿو مون ۾.

    سپنو سو خود بي رنگو آ،
    جيڪو رنگَ ڀري ٿو مون ۾.

    وارَ وکيري شام لٿي پر،
    سورج ڇو نه ٺري ٿو مون ۾!؟

    






    غزل

    دوست ڇا ٿي ويا!
    ديوتا ٿِي ويا.

    لڙڪَ جيڪي لڙيا،
    آئينا ٿي ويا.

    جن نه خود کي لڌو،
    رهنما ٿِي ويا.

    جيئن اُڏاڻا پکي،
    وڻَ دُعا ٿِي ويا.

    مون چِٽيا جو زخم،
    گُلَ خفا ٿِي ويا.

    غمزده ٿو رهان،
    غمَ جُدا ٿِي ويا.

    







    غزل

    درد جو آسمان آ مون ۾،
    هڪُ الڳ ئي جَهان آ مون ۾.

    اوچتو ئي ڪڏهن ڪندو ڦهڪو،
    جيڪو خسته مڪان آ مون ۾.

    روبرو آ يقين جي منزل،
    پو به ساڳيو گُمان آ مون ۾.

    گُهنج چهري ۾ گهرُ ڪري ويا پر،
    يادِ تنهنجي جوان آ مون ۾.

    ٿو لِکائي ’رضا‘ اُهو سڀ ڪجھ،
    شخصُ جو بي زبان آ مون ۾.

    








    غزل

    هي ته ساڳيون ئي صورتون آهن،
    آئينن کي ڇو حيرتون آهن!

    اهم سڀ ڪجھ آ اڄ جي ماڻهن لئه،
    صرف بيڪار محبتون آهن.

    هاڻ ڪوئي نه آ هِتي زنده،
    بند قبرن ۾ حسرتون آهن.

    لڙڪَ ڀي سانڍجان سڀاڻي لئه،
    اڄ ئي مرڪڻ جون مهلتون آهن.

    پاڻ سان ڀي ’رضا‘ مليو ناهيان،
    ٿي ويون کوڙ مُدتون آهن.

    


    وائي

    وائي


    ڏسُ ته چنبيليءَ لام،
    جَـــرَ تي ترندي ٿي وڃي!
    اوڍي رنگــن جي چُنـي،
    مــدهـــوشـــيءَ ۾ شــــام،
    جَـــرَ تي ترندي ٿي وڃي!
    ڇــولــي، ڇــولــي ٿـي لڳي،
    ڪنهن نچڻيءَ جي گام،
    جَـــرَ تي ترندي ٿي وڃي!
    ٻيڙي هڪڙي ڪاغذي،
    سـانــڍي ڪـي پـيـغــام،
    جَـــرَ تي ترندي ٿي وڃي!
    جَـــرَ تي ترندي ٿي وڃي!

    








    وائي

    پاڻ جـهـڙو او سـکـي!
    ڪو ته مون کي خوابُ ڏي.
    ٿــــــا اُڏامـــــــن دربـــــــــدر،
    نيڻ هي ناسي پکي،
    ڪو ته مون کي خوابُ ڏي.
    ڪالهه سورج کي چيو،
    اَڻ ٽِــڙي ســورج مـکــي:
    ڪو ته مون کي خوابُ ڏي.
    آس – آڳــر ۾ ڇــڏيــــو،
    ديپُ مون دل جو رکي،
    ڪو ته مون کي خوابُ ڏي.
    ڪو ته مون کي خوابُ ڏي.

    


    وائي

    جـيــوَن جــــا لــمــحـــا،
    مــيــــرا ٿِـــي ويـــا هِـــن!
    ڪُوڙي دنيا ۾ رهِي،
    مـاڻهــن جــا سـيـــنــا،
    مــيــــرا ٿِـــي ويـــا هِـــن!
    ڪالهه اُجاريون جن اکيون،
    اڄ ســي ئــي سـپـنــا،
    مــيــــرا ٿِـــي ويـــا هِـــن!
    لفظ ويا ٿي کوکلا،
    ۽ ڪـورا لـــهـجـــا،
    مــيــــرا ٿِـــي ويـــا هِـــن!
    ماڻهو، ماڻهو لحد آ،
    رشـتــن جـا ڪتـبـــا،
    مــيــــرا ٿِـــي ويـــا هِـــن!
    تون ٿو آئينا اُگھين،
    هِت سڀ جا چهرا،
    مــيــــرا ٿِـــي ويـــا هِـــن!
    مــيــــرا ٿِـــي ويـــا هِـــن!

    



    وائي

    شخصُ ڪو ساهه ۾،
    ديـپَ وانـگــي ٻَــريــو.
    يــاد ۾ جــو لــڙيــو،
    لــڙڪُ اونـــداهه ۾،
    ديـپَ وانـگــي ٻَــريــو.
    هـــر گھــــڙي درد آ،
    دل جي درگاهه ۾،
    ديـپَ وانـگــي ٻَــريــو.
    ڪيــر گُــذري ويو؟
    هـــر پــٿـــــر راهه ۾،
    ديـپَ وانـگــي ٻَــريــو.
    ديـپَ وانـگــي ٻَــريــو.

    









    وائي

    وقت! تنهنجي آرسيءَ ۾،
    ڪجھ چِٽو ڏسجي نه ٿو.
    مــون اکيــون آهــن وڃــايــون،
    تيز تــر ڪنهن روشنيءَ ۾،
    ڪجھ چِٽو ڏسجي نه ٿو.
    هِن صديءَ مان ٿو نِهاريان،
    مان مُڙي پوئين صديءَ ۾،
    ڪجھ چِٽو ڏسجي نه ٿو.
    ڌوڙ ٿــــي هـــــر ســـــو اُڏامـــــي،
    هاڻ جيوَن جي گھٽيءَ ۾،
    ڪجھ چِٽو ڏسجي نه ٿو.
    ڪجھ چِٽو ڏسجي نه ٿو.

    


    تروينيون

    تروينيون

    خريدڻ سجُ هليو آهيان،
    مگر کيسي ۾ کڙڪن ٿا،
    ٻه ٽي اونداهه جا سِڪا!
    *
    اُڏي ٿي هي رَئي ڇا لئه،
    مسافرَ! تو نه ڄاتو آ،
    چوي ٿو ”الوداع“ رستو!
    *
    کوڙ شمع مٿان ها پروانه،
    پر نه ڀُلجي ڪو هِن طرف آيو،
    رات ساري جلي اڪيلي دل.
    *
    پـٿـرن جـي قـيــمـتـن،
    آسمانن کي ڇُهيو،
    ٿي ويون سستيون دليون.
    *
    ڪٿا منهنجي اِها ئي آ،
    سفر جي شوق ۾ نڪتس،
    وڃائي پيرَ موٽيو هان!

    
    تروينيون

    کوڙَ سڏَ صحرا ڪيا،
    پـر ويـو نـڪـري پـــري،
    پنهنجي ڌُن ۾ هو ڪڪر!
    *
    مان به تو ڏي موڪليان،
    روز خــوابـن سان ڀري،
    نيڻ جي ٻيڙا هجن!
    *
    ڏِسُ ته موهن جي مٿان،
    آهي اُجرو چنڊ يا
    ناچڻيءَ جو آئينو؟!
    *
    نيڻ ئي آلا نه آهن،
    دردُ ڪو برسي ويو آ،
    روح جي پاتال تائين.
    *
    آ گناهن جو پٿر،
    دل نه منهنجي ٿِي سگھي،
    ديپُ ڪنهن درگاهه جو.

    
    تروينيون

    پيرن ۾ هو هڪُ ڇالو،
    دل تائين جيئن ئي پهتو،
    ياد سفرَ جي بڻجي پيو.
    *
    جنوريءَ جي سرد لمحي،
    هو جلايو جُونِ وانگر،
    تو ڏٺو جيئن بي رُخيءَ مان.
    *
    رات ڀر برسيون اکيون،
    ڌوپجي نکري پيو،
    درد جو ميرو بدن.
    *
    وري روئي اکين مان ڪنهن،
    ڪجل پنهنجو وهايو آ،
    وئي آ شامَ گَهِري ٿي.
    *
    هيل ڀي بادل وسيا،
    پر نه ڪنهن مان جل وسيو،
    يادگيريون ئي وسيون!


    حبدار سولنگي

    تعارف

    حبدار سولنگيءَ جو شمار سنڌ جي انهن نوجوان شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن ٿوري ئي وقت اندر هڪ سٺي ۽ مسلسل لکندڙ شاعر طور پنهنجي سڃاڻ ٺاهي ورتي آهي.
    حبدار علي سولنگي پهرين مارچ 1978ع تي، اڳوڻي لاڙڪاڻي تعلقي ۽ هاڻوڪي باقراڻي تعلقي جي معروف ڳوٺ ڳيريلٖي ۾، علي بخش سولنگيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اَي پرائيويٽ سنڌي ادب ۾ 2008ع ۾ ڪئي آهي، جڏهن ته 2002ع کان ڳيريلي ۾ خانگي اسڪول ٽيچر طور پـڙهـايـائـيـن ۽ هـاڻي 2010ع کـان پـرائـري اسـڪـول اسـتـاد طــور پــڙهــائــي رهيو آهي.
    حبدار سولنگيءَ لکڻ جي شروعات پنهنجي شوق سبب 1996ع ۾ شاعريءَ سان ڪئي. نثر ۾ هن مضمون ۽ مقالا پڻ لکيا آهن. سندس ادبي رهنمائي نالي وارن ليکڪن رزاق مهر ۽ محمد علي پٺاڻ ڪئي آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”سانت جو آواز“ (2004ع) ڇپجي چڪو آهي ۽ سندس شاعري سنڌ جي مختلف ادبي رسالن ۾ ڇپبي رهندي آهي.
    حبدار سولنگي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڳيريلو (غير الحاق) جو باني ميمبر ۽ سيڪريٽري (1997ع) رهيو آهي. هينئر پڻ 2010ع ۾ سيڪريٽري آهي.
    سندس رهائش ڳيريلي ۾ آهي ۽ موبائيل نمبر 03342769868 آهي.


    غزل

    غزل

    نه ويجهڙو ٿي سگهياسين، نه ئي جدا ٿياسين،
    نه آدمي ٿي سگهياسين، نه ئي خدا ٿياسين.

    جُنون دل کي جلائي، اُڏائي خاڪ وَيو،
    پهڻ هُياسي اڳي، هاڻ پر هوا ٿياسين.

    اسان کي گُل ڪري هيٺ موڪليو ويو هو،
    دنيا لتاڙي وئي، ڏس ته هاڻِ ڇا ٿياسين.

    جا دل ۾ پيارَ جي دولت هئي، سڀن کي ڏِني،
    ڏُڪارُ ڏيهه سڄو، پاڻ پر سخا ٿياسين.

    اسان کي عشق ڏِني هئي عجيب مجذوبِي،
    جفا جهانُ هيو، پوءِ ڀي وفا ٿياسين.

    سمورو لوڪ سڙيو ”مان“ جي باهه ۾ ’حبدار‘!
    ڪڏهن به ڪين انا ۾ اسان فنا ٿياسين.

    

    غزل

    حياتي سونهن جي نيڻن ۾ اُجري پيار جهڙي آ،
    حياتي روح تي ڪنهن عشق جِي مهڪار جهڙي آ.

    حياتي ڄڻ ته صحرا جو ٿڪائيندڙ سفر آهي،
    حياتي ڄڻ سمندر جي پرانهين پار جهڙي آ.

    حياتي سمجهه-ساگر ۾ ٻُڏل ٻيڙيءَ جيان آهي،
    حياتي سوچ ۾ اُلجهي ويل اسرار جهڙي آ.

    حياتي سرد سناٽو، حياتي سحر راتين جو،
    حياتي ڄڻ ته تنهائيءَ جي ڦهليل ڄار جهڙي آ.

    حياتي ڄڻ خدا جي ويجهڙائيءَ جي بصيرت آ،
    حياتي ڄڻ ته صوفيءَ جي الڳ سنسار جهڙي آ.

    حياتي ڄڻ ته پوپٽ جي اڳيان خوشبوءَ جيان آهي،
    حياتي گل مٿان ڄڻ ڀؤنر جي گُونجار جهڙي آ.

    حياتي ڄڻ سمئه جو خوبصورت سڄ آهي ڪو،
    حياتي وقت جي عالمي قدر ويچار جهڙي آ.

    حياتي ڏات، ڏاهپ ۽ نئون ادراڪ آ ’حبدار‘!
    حياتي اڻ پڙهئي جي هٿ ۾ اخبار جهڙي آ.

    





    غزل

    اوهان جو مرڪندي گُهورڻ، عجب انعام ئي چئبو،
    اوهان جو ٽهڪ ڏئي ڊوڙڻ، ڪو ڇُلڪيل جام ئي چئبو.

    نه جو جيتي سگهيو ڪنهن سُونهن جي دل عشق پنهنجي سان،
    سِڌي معنى ۾ اُن ماڻهوءَ کي ناڪام ئي چئبو.

    اگر محبوبُ ماڻهوءَ کان ملي ڪو دردُ چاهت ۾،
    حقيقت ۾ انهيءَ تڪليف کي آرام ئي چئبو.

    نه باغن ۾ وڃڻ فطرت سان ڪائي دشمني چئبي،
    پٽڻ گُل باغ مان فطرت جو قتلِ عام ئي چئبو.

    اوهان جنهن کي ڀُلائي، دل تان لاهي هيٺ اڇليندؤ،
    نه سو مقبولُ ئي سڏبو، نه سو گمنامُ ئي چئبو.

    









    غزل

    حقيقت ۾ وڃائي هُن کي پيو ٿو خوابَ ۾ ڳوليان،
    ٻُڏل گهرُ ڄڻ ته مان پنهنجو پيو سيلابَ ۾ ڳوليان.

    اسان پنهنجي اکين سان عڪسُ هڪ ٺاهيو هُيو گڏجي،
    اڃا تائين اُهو ئي عڪسُ ٿو مهتابَ ۾ ڳوليان.

    وِڇوڙو جنگ هو، جنهن ۾ وڃائي دل جي سڀ پُونجي،
    پيو هڪ آس جو سِڪو شڪسته يابَ ۾ڳوليان.

    اکيون احساسَ جي ساگر اندرِ اُونهيون ويون آهن،
    پرينءَ کي ٿو پيو مان گيان جي گردابَ ۾ ڳوليان.

    ٻُڏي ٿي زندگي بي انت گهِرائيءَ ۾ ’حبدار‘!
    وڃايل خوابُ ٿو مان عشق جي تالابَ ۾ ڳوليان.

    







    غزل

    پرينءَ جو پيارُ ماڻي، زندگيءَ جو رازُ ڄاتوسي،
    اسان هڪ عشق سان دنيا سڄيءَ جو راز ڄاتوسي.

    اسان لفظن سان هُن جي سامهون ويهي ڪئي رياضت،
    ملي وِيو مانُ من کي، شاعريءَ جو راز ڄاتوسي.

    مٿو ٽيڪي مٽيءَ تي عشق جو اسرارُ ماڻيوسي،
    مٽيءَ ۾ ئي سندس موجودگيءَ جو راز ڄاتوسي.

    تلاشيوسي جڏهن توکي ته مَنُ سورج جيان چمڪيو،
    اوهان جي سونهن سان هر روشنيءَ جو راز ڄاتوسي.

    مِلي احساس کي وسعت ۽ اندرُ ٿي وَيو اُونهو،
    جڏهن سُورن کي سمجهيوسي، خوشيءَ جو راز ڄاتوسي.

    جڏهن کان عشق ٿيو تو سان ته پوءِ الهامَ ٿيندا ويا،
    خدا سمجهڻ سان گڏ گڏ آدميءَ جو راز ڄاتوسي.

    





    غزل

    اسان جو جِيءُ سيلاني، جُڳن کان پنڌ جاري آ،
    اسان پويان، اڳيان جاني، جُڳن کان پنڌ جاري آ.

    حُسن جي سلطنت ۾ پاڻ سڪ سان ساڻ هوندا هُون،
    اسان جي نينهن نيشاني، جُڳن کان پنڌ جاري آ.

    اسان زخمي پکيءَ وانگي ڪِري ٻيهر اُڏامون ٿا،
    لڳي آ قُربَ جِي ڪانِي، جُڳن کان پنڌ جاري آ.

    سُتل آ سيج تي سنسارُ، پر جوڳي جبل جهاڳن،
    اِها هردي ۾ حيراني، جُڳن کان پنڌ جاري آ.

    رڳون هر روز تڙپن ٿيون اوهان جي طلب ۾ جاني!
    اکين ۾ تانگهه طُوفاني، جُڳن کان پنڌ جاري آ.

    جڏهن کان دل پروڙيون هِن فقيري حال جون رمزون،
    ملِي وئي آهه سلطاني، جُڳن کان پنڌ جاري آ.

    نه منزل جي هئي ڪا ڄاڻ اڳ ۾ پاڻ کي ’حبدار‘!
    ڪئي آ عشق آساني، جُڳن کان پنڌ جاري آ.

    





    غزل

    نه پُڇ مون کان ته ڪهڙا حال آهن،
    اندر ۾ سَوَ خلائون، خال آهن.

    رُڳي هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن اندر،
    هزارين موسمون، سَوَ سال آهن.

    جي دعوى ڪن پيا دانشمنديءَ جي،
    اُهي ذهني طرح بدحال آهن.

    ڪڏهن پڙهندين او بي پرواهه ماڻهو!
    اکين ۾ عشق جا احوال آهن.

    نه هاڻي پيارَ جا ساڳيا ٽهوڪا،
    نه هاڻي سونهن جا سي ڇال آهن.

    


    غزل

    مون کي هن جا نيڻ چُمڻ ڏِيو،
    خوشبوئن جا خواب ڏِسڻ ڏِيو.

    ڀل ته گلابن کي نه ڇُهڻ ڏِيو،
    پوپٽ جي پويان ته ڊُڪڻ ڏِيو.

    مون کي چنڊُ نه ڏيو ته، نه ڏيو پر،
    چانڊوڪيءَ سان گڏ ته گهمڻ ڏِيو.

    منهنجي اندر ۾ ڪو آهي،
    چُپ ته ڪيو، آواز ٻُڌڻ ڏِيو.

    اُڀ تي لٽڪائڻ کان اڳ ۾،
    ڌرتيءَ جو پاتارُ ڇُهڻ ڏِيو.

    منهنجا هٿ ڪپڻ کان اڳ ۾،
    مون کي هڪڙو شعر لکڻ ڏِيو.

    ويٺي ويٺي ٿڪجي پيو هان،
    ساهَه پٽڻ لئه پنڌُ ڪرڻ ڏِيو.

    





    غزل

    جيءَ اندر هُن جهاتي پاتي،
    جذبو جذبو ٿيو جذباتي.

    ٽيڪي ڪنڌُ اڪيلي وَڻ سان،
    پن پن جي پيڙا مون ڄاتي.

    هڪڙو عشق، هزارين ماڻهو،
    ڪيڏا ڪنڌَ، اڪيلي ڪاتي.

    هيرُن ۾ آ هيجُ سمايلُ،
    موسم تو جئن آ مڌ ماتي.

    تنهنجي درشن لئه ديوانا!
    اڄ ڪلهه سونهن رهي ٿِي آتي.

    پنهنجن پيرن ئي ته ڪئي هُئي،
    واٽهڙوءَ سان ويسهه گهاتي.

    


    نظم

    نظم

    ساهَه جو صحرا منجهان آهي گذر،
    روح ڪنهن جوڳيءَ وانگي دربدر،
    تانگهه جو من ۾ کُتل آهي خنجر،

    ڪيترو بيچين آهيان تو بِنا!
    عشق ساريون جِيءَ جون ڪُنڊون گُهميون،
    ياد منهنجي روح کي رهنڊون ڏِنيون،
    ماءُ جهڙيون سڀ ننڊون مون کان کسيون،

    ڪيترو بيچين آهيان تو بِنا!
    روح ڄڻ ڀڙڀانگ گهرُ بيواهَه جو،
    دل آ ڪو ويرانُ منظرُ راهَه جو،
    منتشر آهي سفرُ هِن ساهَه جو،

    ڪيترو بيچين آهيان تو بِنا!
    جنهن گهڙيءَ ڪو تنهنجو خط آهي پڙهيو،
    پاڻ سان مان پاڻ ئي آهيان وِڙهيو،
    وقت جي سُوليءَ تي آهيان چڙهيو،

    ڪيترو بيچين آهيان تو بِنا!
    ڄڻ اکين تي ڪا پٽي آهي ٻَڌل،
    ڄڻ ته ڪو عضوو جسم جو آ ڪٽيل،
    ڄڻ ته گَهِرِي کُوهَه ۾ آهيان ڪِريل،


    ڪيترو بيچين آهيان تو بِنا!
    تو بِنا هر خوابُ ڄڻ دوکو هُجي،
    ۽ جيئڻ ڄڻ جنگ ۾ گهوڙو هجي،
    سوچ جو هر سلسلو سوڙهو هجي،

    ڪيترو بيچين آهيان تو بِنا!
    تو بِنا جذبا جليا مجذوب ٿيا،
    تيرَ وانگي هانوَ ۾ اُلڪا کُپيا،
    خيال جا سونا سِڪا گُم ٿِي ويا،

    ڪيترو بيچين آهيان تو بِنا!

    


    آزاد نظم

    آزاد نظم

    ”سنڌ مٺڙي ماءُ آهي“

    درد جو درياءُ آهي
    سنڌ گهرو گهاءُ آهي
    جو جنونيءَ، انقلابيءَ
    جي سچي سپني جيان مهڪي رهيو آ،
    سنڌ هڪڙو روح آهي
    جو، خدا جي خيال وانگر
    ڄڻ ازل کان
    جاڳ جي ويراڳ ۾ آ،
    ڪنهن سچي ڀڪشوءَ جي
    جيئن ڀاڳ ۾ آ بيقراري
    ايئن اڄڪلهه ٿي پئي آ سنڌ ساري!
    سنڌ هڪڙو آ صحيفو
    جنهن جي هر هڪ ورق تي ڪيئي مُقدس
    مامَ، معنى ۽ محبت جا سبقَ هِن!
    سنڌ دل جي ڪُنڊ آهي
    جنهن ۾ خوابن جا ٽُٽل ٽُڪرا پيا هِن
    سونهن جا سُڏڪا پيا هِن.
    سنڌ صوفيءَ جو نرالو نينهن آهي
    جنهن اندر
    سارن جهانن جي اُداسي
    رقص ۾ آ!
    سنڌ باغي عشق جي
    آتم ڪٿا آ،
    سنڌ ڪنهن معصوم ۽ مظلوم جي
    دل جي دعا آ!
    سنڌ مٺڙي ماءُ آهي
    جنهن جي هر هڪ سَڏ ۾
    ڪئين جُڳن جي درد جو پڙلاءُ آهي.

    


    ساجد سنڌي

    تعارف

    ساجد سنڌيءَ جي شاعري پڙهندي جنهن ڳالهه جو احساس ٿئي ٿو اها هن جي شاعريءَ ۾ هڪ وجود طور شدت سان سندس موجودگي آهي. اهو ان ڪري به آهي جو جذبن جي طاقت هن جي شاعريءَ ۾ ليئاڪا پائي ٿي.
    سندس ڇٺيءَ نانءُ امام بخش ولد محمد صادق جاگيراڻي آهي. هُو 5- مارچ 1978ع تي، لاڙڪاڻي تعلقي جي ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي ۾ پيدا ٿيو. هن بِي.اَي 1997ع ۾ ڪئي آهي، ۽ آرمي ڪلارڪ جي ٽريننگ آرمي اسڪول آف ڪلڊنا ڪوهه مري مان ڪئي آهي. گذريل ڪجھه عرصي کان هُو صحافت سان 1998ع لاڳاپيل آهي. ان سان گڏ هُو ماهوار ”سورٺ“ حيدرآباد جو ايڊيٽر پڻ آهي.
    ساجد سنڌي 1991ع کان نثر توڙي نظم ۾ لکي رهيو آهي. هن شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني مروج صنفن ۾ لکيو آهي، نثر ۾ ڪهاڻيون، ڪالم، مقالا ۽ مضمون لکيا اٿائين. سندس سوين تحريرون ڇپيل آهن. سندس هڪ شعري مجموعو ”تون، مان ۽ خدا“ (2004ع) ڇپيل آهي.
    ساجد سنڌي، سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي ۽ گلشن حديد سان لاڳاپيل رهيو آهي. کيس ڪيترا ئي مڃتا سرٽيفيڪيٽ مليا آهن.
    سندس ڏس پتو ممتاز هائيٽس، گرائونڊ فلور، آفيس نمبر-2، ويجهو عبرت پريس، گاڏي کاتو، حيدر چوڪ، حيدرآباد آهي ۽ موبائيل نمبر 03012920802 آهي.


    غزل

    غزل

    هر خوشي مون کان کسِي ٿئي، اي خوشي تو ڇا ڏنو!
    زندگيءَ کي، زندگي ڀر، زندگي! تو ڇا ڏنو!

    آهه زاري، پنڌ واري، پير ننگا، سج تتل،
    لڙڪ لارون، بيقراري، عاشقي! تو ڇا ڏنو!

    تو پٺيان توکي وڃائي، مون وڃايو پاڻ کي،
    رات ساري، آ انڌاري، روشني! تو ڇا ڏنو!

    اک ڪٽوري مئڪدي ۾، مئه پڄاڻان ڪنهن کنئي،
    هوش ۾ مئنوش ناهن، مئڪشي! تو ڇا ڏنو!

    پيار هو پنهنجو اثاثو، پيار ئي پايو مگر،
    جڳ لٽيرو سڀ لٽي ويو، سادگي! تو ڇا ڏنو!

    وارَ کولي، وارَ ڪر، هر وارِ خالي وارُ ڇو،
    مان به ماندو هان مرڻ لئه، او مَٺي! تو ڇا ڏنو!

    سور، سپنا ساڻ ’ساجد‘ سار، سوچون، آسرا،
    پين، ڪاغذ، پيٽ خالي، شاعري! تو ڇا ڏنو!

    


    غزل

    اوهان ۽ اسان، ڪاغذ جو رشتو،
    وساريو متان، ڪاغذ جو رشتو.

    اڌوري ڪهاڻيءَ جا ڪردار ٿيا هون،
    شروع ٿيو جتان، ڪاغذ جو رشتو.

    وري اجنبيءَ جو ڪاغذ مليو،
    لکيل هو مٿان، ڪاغذ جو رشتو.

    صدين جي مسافت دوري ناهي،
    رڳو ٿئي عيان، ڪاغذ جو رشتو.

    مليو نانءُ پنهنجي جيون کي آ،
    مگر پيار مان، ”ڪاغذ جو رشتو“.

    نه ملندي، ملڻ ڀي هر هر ڏيندو،
    ڪڏهن ڀي ڪٿان، ڪاغذ جو رشتو.

    نه ويساهه ’ساجد‘ رشتي ٻئي تي،
    رکيو يار سان، ڪاغذ جو رشتو.

    



    غزل

    ابتدا ۽ انتها، فوٽ پاٿ تي.
    ڪيترا ٿيا واعدا، فوٽ پاٿ تي.

    روز ٿي تخليق وهنجي خون سان،
    روز ٿين ٿا حادثا، فوٽ پاٿ تي.

    رات آڌيءَ جو ڏسان ٿو مان وري،
    گڏ ستل ماڻهو-ڪتا، فوٽ پاٿ تي.

    ”مون اڪيلي کان نه ٿو ڪٽجي سفر“،
    لفظ روئندي ڪنهن چيا، فوٽ پاٿ تي.

    پاڻ سان گڏ پنهنجي منزل ٿي ملي،
    او مسافر! موت جا، فوٽ پاٿ تي.

    سڀ هليا ويا هيڪلا هن پار ڏي،
    ساڻ مون سان درد ها، فوٽ پاٿ تي.

    وڃ چري! ’ساجد‘ ته وڃڻو هو ويو،
    هاڻ تنهنجو ڪير آ، فوٽ پاٿ تي.

    






    غزل

    جيءُ ڪيڏو جُهري ٿو بارش ۾،
    گرم ڀاڪر گُهري ٿو بارش ۾.

    پاڻ شايد وري به ملڻا هُون،
    ديپ ڪوئي ٻري ٿو بارش ۾.

    ٻار خوش ٿي کلي ڪڏن ٿا پر،
    ڪو پکي آ، مري ٿو بارش ۾.

    لڙڪ، يادون اڳيان ڪي منظر،
    ساهه ٿڌڙا ڀري ٿو بارش ۾.

    خوب مون سان نڀائڻ ڄاڻي پيو،
    درد واپس وري ٿو بارش ۾.

    رات اونداهه ۽ تنهائي آ،
    هانءُ ڪيڏو ڏري ٿو بارش ۾.

    



    غزل

    گڏ رهون ٿا سدا، تون، مان ۽ خدا،
    هڪ بدن ۾ ڪٺا، تون، مان ۽ خدا.

    پاڻ هون همسفر، ازلي ابد جا،
    ماڳ کان آشنا، تون، مان ۽ خدا.

    وقت جي ميز تي مئه هارِي اسان،
    رات ٻارنهن وڳا، تون، مان ۽ خدا.

    خواب ڀاڪر ڀرڻ لئه آتا مگر،
    ننڊ چاهيون نه ٿا تون، مان ۽ خدا.

    سوچ دستڪ ڏئي اڄ ڪَن ۾ چيو:
    ڪيئن گڏ هُون ڀلا تون، مان ۽ خدا!

    ها هوائن ۾ هر هر لکيل ٿا پڙهون،
    پاڻ پنهنجي ڪٿا تون، مان ۽ خدا.

    ڇو رهي ٿو هي ’ساجد‘ گوشه نشين،
    خوب ڄاڻون پيا، تون، مان ۽ خدا.

    



    غزل

    چوي ٿي دنيا، گناهه ۾ هُون.
    اسان ته تنهنجي نگاهه ۾ هُون.

    وٺي هلياسين نه ڪنهن جي آڱر،
    تڏهن ازل کان ئي راهه ۾ هُون.

    الله پنهنجي اندر ۾ آهي،
    اسان به شايد الله ۾ هُون.

    ترار ڪر ڀل، اڀي زمانا!
    پيار جي خود، پناهه ۾ هُون.

    رهيو نه وس ۾ وجود پنهنجو،
    الائي ڪنهن جي صلاح ۾ هُون.

    جدا غمن کان ڪري نه سگهندين،
    اسان ازل کان نڪاح ۾ هُون.

    ٿڙيا نه ’ساجد‘ قدم ڪڏهن ڀي،
    شمار ڪر ڏس نباهه ۾ هُون.

    



    غزل

    ڪنهن ته تحفو ڏنو ڪفن جهڙو،
    مون به پاتو وڳو ڪفن جهڙو.

    رات ڪاري ملي قبر جهڙي،
    ڏينهن ڪوئي لڳو ڪفن جهڙو.

    او ستل چنڊ! اڄ به توکي ڏس،
    ڪڪر ويڙهي ويو ڪفن جهڙو.

    هي سڄو جڳ رنگ تلاشي پيو،
    رنگ ڳولي لهو، ڪفن جهڙو.

    لاش رت ۾ ٻڏل ڏسن ٿا سڀ،
    ڪنهن نه ڪپڙو وڌو، ڪفن جهڙو.

    غور ڪر تون به، مان به سوچيان ٿو،
    ڪيئن جهنڊو لٿو، ڪفن جهڙو.

    ڪجهه ته ’ساجد‘ لکي رکي وڃجان،
    ڇڏ نه خالي پنو، ڪفن جهڙو.

    


    نظم

    نظم

    ”او کجين جي شهر واري ڇوڪري“

    ڇا خبر توکي حياتي تو سوا،
    اڻ ڇهيا ڪي خواب رستن تان کڻي،
    اڻ ڏٺي ڪنهن ماڳ ڏي جهاڳي پئي،
    ها صدين جا گهاءَ سيني ۾ رکي،
    ٻاٽ ۾ تنهن لاٽ لئه تانگهي پئي،
    جا وٺي تنهن راهه تي آڻي وري،
    جت ملڻ پنهنجو بڻيو اتفاق پر،
    ٽهڪ، مرڪون، لڙڪ، دڙڪا، محبتون،
    اڻ ڇهيون اڏندڙ چميون احساس جون،
    چاهه جا آڇيا گلابي گيت ها،
    ۽ هوائن جا سنيها بي خبر،
    رات جي آغوش ۾ ها ديپ ڄڻ!
    ساهه جي ڪنهن تار ۾ سنگيت ڄڻ!
    منتظر من تو پسڻ جي جستجو،
    همسفر باندي چتائون آس جون،
    گڏ جليون مون سان هلي هر موڙ تي،
    موت کان اڳ شل مٺي! توکي پسان،
    مک ڀري ٻڪ ۾ حسين چهرو چمان،
    لڙڪ تنهنجا مان ڪري امرت پيئان،
    پر مٺي! خود کي هوا جهونڪو نه چئه،
    ساهه ڪوسا، سرد موسم سار ڪجهه،
    رات ننڍڙي، اڻ ڳڻيون ڳالهيون ڊگهيون!
    گڏ سنڌوءَ سان نانءُ پنهنجو وار ڪجهه،
    آ قسم توکي حسين تنهن رات،
    آرزو هي آخري آ، اچ وري،
    مان اياڻو تون مسيحا، جل پري!
    او کجين جي شهر واري ڇوڪري!
    او کجين جي شهر واري ڇوڪري!

    












    نظم

    ” ادي بي بي! ادي پنڪي!“

    سُمهينءِ رت جو ڪفن اوڍي،
    مٽيءَ جي مهڪ جاڳي ٿي،
    شهيدن جو ڇپر ڇا پيو،
    ڳڙهيءَ ڳاڙهي ڍڪي چادر،
    متل محشر سدا چوڏس،
    لکين آواز گونجن ٿا،
    حسيني ساز گونجن ٿا،
    صدائن جا پڙڏا هِن،
    زمين غمناڪ ڀارِي آ،
    تتل ڄڻ تيز وارِي آ،
    اگهاڙا پير ڦٽجن ٿا،
    اکيون پُرسوز پٿراليون،
    صدين کان ڄڻ هجن آليون،
    متو ماتم وئٖي تنهنجٖي،
    سڄو عالم چئي تنهنجي،
    اڃا واري آ وارن ۾،
    سراپا سُور ڌرتي آ،
    اٿن هٿ روز ڪوفي ڏانهن،
    يتيمن جا، غريبن جا،
    ستايل رهگذارن جا،
    گهڙي جنهن پل ڏسن توکي،
    ادي بي بي! ادي پنڪي!
    کڻي تصوير تنهنجيءَ کي،
    روئي سيني جي لايون ٿا،
    اچي چهرو، اڳيان تنهنجو،
    ملڻ، مرڪڻ، کلڻ تنهنجو،
    اسان جي مسڪرايون ٿا،
    ڀيانڪ روپ پايون ٿا،
    چمي چائنٺ اچئون تنهنجي،
    چئون ڇا ڇا، ڏسئون ڇا ڇا،
    لڇئون ڪيڏو، ڪڇئون ڇاڇا،
    ادا تنهنجا، ابا تنهنجو،
    توکي تن جي ستل ڀر ۾،
    اکيون ڪٿ سڀ ڏسي سگهنديون،
    چميون ماپي نه سگهنداسين،
    ڪڏهن ڍاپي نه سگهنداسين،
    مگر سر سان ڪفن اوڙهي،
    اسان کي هاڻ اچڻو آ،
    حقن خاطر، وطن خاطر،
    ڀڀڙ ڪنهن باهه پچڻو آ،
    رسم تنهنجي رکي جاري،
    سدا سر گهور ڪرڻو آ،
    سونهاري سنڌ هاريءَ لئه،
    ڀٽائيءَ ڀونءِ پياري لئه
    اڃا ڪرڻا ڪشالا هِن،
    هٿن ۾ ڏس مشعالا هن،
    چپن تي تنهنجا نعرا هن،
    سوين گوليون، هلن گولا،
    زمين بڻجِي وڃي شعلا،
    شهيدن جو ڇڏيل رستو،
    وٺي واپس نه ورڻو آ،
    اڃا اڳتي، اڃا اڳتي،
    جتي ڪوفين-قطارون هن،
    يزيدي ڪي پچارون هن،
    ڪَٽي سي ڪنڌ هلڻو آ،
    رسِي منزل نه رڪڻو آ،
    وري اڳتي، اڃا اڳتي،
    مگر ڪڏهين؟ مگر ڪڏهين؟
    اهو هڪ سوال ٽوڪي ٿو،
    ڪجي ڇا حال روڪي ٿو،
    مليو جو مال روڪي ٿو،
    اڃا ٻئي سال! ڀونڪي ٿو،
    ڪڏهن بدلا نه ورتاسين،
    وڃي آمر سان پرتاسين،
    ادي بي بي! ادي پنڪي!
    ڪجان به معاف تون ڪنهن کي،
    اسان مردن، شهيدن جا،
    هميشه کان ئي وارث هُون،
    رهيو بس روڄ راڙو آ،
    ڪرڻ کان ڪجهه اياڻا هُون،
    ادي بي بي! ادي پنڪي!
    ڪجان نه معاف تون ڪنهن کي.
    ڪجان نه معاف تون ڪنهن کي.

    




    چؤسٽا

    حسين غم کي، ڀري ڀاڪر، جيئون ٿا پيا،
    اکيون پنهنجون رهن ٿيون تر، جيئون ٿا پيا.
    جهان پنهنجو، خدا پنهنجو، چئون ڪنهن کي،
    ڏنو مقدر نه آ ڪو گهر، جيئون ٿا پيا.

    *
    ڀريل ڪشڪول نيڻن جا، اڃا ڳوڙهن جا ڳاڙها رنگ!
    ڇڏي پٺتي وڃون ٿا جي، کلي ٽارڻ به ڄاڻون ٿا.
    اسان ڏس الوداع توکي، ڪيون ٿا آجيان وانگي،
    ٿيا ساڀيان نه سپنا پر، پٿر ڳارڻ به ڄاڻون ٿا.

    *
    هٿ دعا لئه کڄيل، اُڀ تي نظرون کُتل،
    نيڻ ڪشڪول ۾ لڙڪ ڦٿڪن پيا.
    سانوڻيءَ جي گهٽا، نيٺ برسي پئي،
    اڄ سکيءَ جهول ۾ لڙڪ ڦٿڪن پيا.

    *
    ٽٽل خواب شيشا نه جوڙي سگهون ٿا،
    هوائن جي رخ کي نه موڙي سگهون ٿا.
    حياتيءَ جي هر هر پنن کي پٿاري،
    فريبي ڪا ديوار ٽوڙي سگهون ٿا.

    ***


    رضوان گل

    تعارف

    رضوان گل سنڌ جو نوجوان نثر نويس ۽ شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ شاعراڻي سادگي ۽ محبوبي ڪيفيت محسوس ڪري سگهجي ٿي.
    رضوان الحق پٺاڻ 4 آڪٽوبر 1977ع تي، لاڙڪاڻي شهر ۾، نالي واري اديب ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.ايس سِي جاگرافيءَ ۾ 2000ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي آهي ۽ 2001ع کان ليڪچرر طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
    رضوان گل 92-1991ع کان وٺي نثر ۽ نظم ٻنهي ۾ لکيو آهي. لکڻ ۾ سندس رهنمائي سندس والد ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ ڪئي آهي. سندس لکيل 400 ڪالم، 25 مضمون ۽ 30 مقالا ڇپجي چڪا آهن، ان سبب ئي سنڌ ۾ سندس سڃاڻپ نثرنويس طور وڌيڪ آهي. ترجما پڻ سندس سڃاڻ ۾ شامل آهن، جن مان مشهور ڪهاڻيڪار سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻين جو ترجمو ”پنج ڏينهن“ (2005ع) نالي سان ڇپجي چڪو آهي، جڏهن ته شخصيتن تي لکيل خاڪن ۽ شاعريءَ جو ڪتاب ڇپائيءَ جي مرحلن ۾ آهي.
    هُو نيشنل جيوگرافڪ سوسائٽي واشنگٽن جو ميمبر، سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌ يونيورسٽي هاسٽل جو سيڪريٽري (1998ع)، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ۽ سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي جو انفارميشن سيڪريٽري، انڊس جيوگرافيڪل سوسائٽي لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري رهيو آهي. ان کان سواءِ هُو ”جيو مئگ“ لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر ۽ نيوزليٽر ”شعور“ سان لاڳاپيل آهي. کيس عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ پاران بهترين مقالي نگار طور ”ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ“ (2002ع ۾) ۽ سچل ادبي مرڪز توڙي س.ا.س قنبر شاخ پاران بهترين ڪهاڻيڪار جا تعريفي سرٽيفيڪيٽ ملي چڪا آهن.
    سندس رهائش سميع آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي ۽ موبائيل نمبر 03337553823 آهي.


    غزل

    حسن کي جيترو تون چاهيندين،
    پاڻ کي اوترو ئي ڊاهيندين.

    پيار ۾ نفرتن کي جاءِ نه ڏي،
    باھ پاڻي ۾ ڪِئن مِلائيندين!

    ٿو لڳي پيار ڏئي پو مون کي،
    درد جي ڳاھ ۾ به ڳاهيندين.

    تنهنجا احسانَ مون اکين تي رکيا،
    مون کي ڪهڙي خبر جَتائيندين!

    هٺَّ کي هيٺ ڪر مِٺا ورنه،
    پاڻ سان دشمني نڀائيندين.

    مان انهي آرزو ۾ تڙپان ٿو،
    گل چپن سان ڪڏهن لڳائيندين.

    ***




    غزل

    دل جي راهن ۾ جو رليو ناهي،
    زندگيءَ سان ڪڏهن مليو ناهي.

    بند پِيو آهه هُو ڪتاب جيان،
    ڪنهن جي آڏو ڪڏهن کليو ناهي.

    هن جي بي رحم رويي جو مون،
    سور ڪنهن سان ڪڏهن سليو ناهي.

    سو ئي پارس ۽ پارسا ماڻهو،
    جنهن کي موقعو ڪڏهن مليو ناهي.

    سنڌ تي ڌارِين جون يلغارون،
    ڪنهن جو اندر آ جو جليو ناهي.

    گُھٽَّ گل کي ڇڏيندِي ڪومائي،
    ڇو اڃا واءُ ڪو گھليو ناهي؟

    ***








    غزل

    موڪلايئي ته لڙڪن جون لارون هيون،
    هٿ ڇڏايئي ته لڙڪن جون لارون هيون.

    ٽرين اڳتي هلي، دل جو ڌڙڪو وڌيو،
    هٿ لوڏايئي ته لڙڪن جون لارون هيون.

    آخري ڀيرو مدهوش نظرن سان جو،
    اک ملايئي ته لڙڪن جون لارون هيون.

    اڄ ته ورهين کان پو زخم اٿلي پيا،
    جيئن نهاريئي ته لڙڪن جون لارون هيون.

    تنهنجي وارن ۾ ٺهندو هيو اڄ اهو،
    گلُ لتاڙيئي ته لڙڪن جون لارون هيون.

    ***







    غزل

    مان ته صدين جو گھايل ماڻهو،
    راهن منجھ رلايل ماڻهو.

    ڪيئن ٿو ويٺو ڳولي ڦولهي!
    پنهنجو پيار وڃايل ماڻهو.

    مرڪون ئي مفلوج ويون ٿي،
    دل ۾ درد دکايل ماڻهو.

    اونداهين ۾ گم ٿي ويو آ،
    جيئن ڪو ديپ اجھايل ماڻهو.

    لفظن جا تو تير هنيا ها،
    ٿي ويو ڪيڏو گھايل ماڻهو.

    گل جي خوشبو اوت اندر ۾،
    او صحرا مان آيل ماڻهو!

    ***







    غزل

    خواهشون ئي سموريون دفن ٿي ويون،
    ڄڻ خوشيون ئي سموريون دفن ٿي ويون.

    دل جي ويران قبرن ۾ ڇاهي رهيو!
    حسرتون ئي سموريون دفن ٿي ويون.

    تون هلي ڇا وئينءَ ڏور مون کان مِٺي!
    رونقون ئي سموريون دفن ٿي ويون.

    غم جي راڪاس واسو ڪيو دل مٿان،
    ۽ خوشيون ئي سموريون دفن ٿي ويون.

    کڙکٻيتا ئي جرڪن ها اوندھ ۾ ڪي،
    روشنيون ئي سمورين دفن ٿي ويون.

    گل پيرن سان ڪچلي ڇڏيا ڪنهن وري!
    ها ڪَليون ئي سموريون دفن ٿي ويون.

    ***










    غزل

    دل سان آ ڌڙڪن جو رشتو،
    نيڻن سان سپنن جو رشتو.

    تو سان اهڙو آهي جهڙو،
    چهري سان درپن جو رشتو.

    مٽيءَ سان خوشبوءِ جو ناتو،
    ساگر سان لهرن جو رشتو.

    جيون آکاڻيءَ سان جاني!
    گھرو آ دردن جو رشتو.

    مرڪن سان سڏڪن جي ياري،
    گل سان آ خارن جو رشتو.

    ***


    نظم

    هِت اهڙو ڪو سنسار هجي،
    جِت پيار سندو وهنوار هجي.

    جت ڪوئي ڀي مايوس نه ٿي،
    ۽ هر مُک تي مسڪار هجي.

    جت گوليءَ جو ڪو کاڄ نه ٿي،
    ۽ هر ڪنهن دل ۾ پيار هجي.

    جت ڪا به خزان واسو نه ڪري،
    هر ڪائي مند بهار هجي.

    جت ڪاريءَ جي ڪا ڪوڪ نه ٿي،
    ڪنهن ڳليءَ نه ڪو تڪرار هجي.

    جت بک وگھي ڪوئي نه مري،
    ۽ خوشحالي چوڌار هجي.

    جت گل نه ڪوئي ڪومائي،
    جت هر پاسي هٻڪار هجي.

    ***






    نظم

    ڪنهن کي آٿت ڏين ٿا، روئارن به ٿا،
    لفظ مرهم جي آهن، ته گھائن به ٿا.

    هونءَ دردن جو دارون به آهن مگر،
    لفظ پيالا زهر جا پيئارن به ٿا.

    هو ته سيني ۾ طوفان بڻجي ڪڏهن،
    زندگيءَ جي ڏيئي کي اجھائن به ٿا.

    ڪنهن جي جذبن جا قاتل به بڻجيو پون،
    پوءِ غيرت ۾ ڪنهن کي ڪهائن به ٿا.

    هن جي چهري ۽ زلفن جي واکاڻ ۾،
    لفظ معنائون پنهنجون وڃائن به ٿا.

    ***


    آزاد نظم

    ”ماڻهپو ۽ محبت“

    آءُ ڳوليون ٻئي...
    سي هوائون گھٽائون
    ۽ پنهنجون صدائون،
    جي ٻُرنديون هيون
    پاهڻي پنڌ تي،
    پنهنجا پيرا هيا
    ڇا سويرا هيا
    پيار جي رند تي!
    ۽ جھڙاليون هوائون
    جي تنهنجي بدن جي سڳنڌن کي
    ميڙي سهيڙي کڻي مون ڏي اينديون هيون،
    سرمئي شام ۾ گڏ گذاريل گھڙيون
    آءُ ڳوليون ٻئي...
    سارا منظر اهي جيڪي موهيندا ها
    پيار جا سي پهر ڪاڏي گم ٿي ويا!
    ڇا ته شامون هيون هن شهر جون ڪڏهن
    پيار ڳالهيون هيون
    مڌ ماٽيون هيون
    روشنيون روشنيون سارا رستا هئا
    پوءِ ڇا ٿي ويو هِنَ شهر کي پرين!
    ڪنهن ندوري جي هن کي نظر وئي لڳِي
    ڪاڏي وکري ويا ٽهڪ هنَ شهر جا
    ماڻهپو نيٺ ڪاڏي هليو ويو پرين!
    سارا ماڻهو ڀلا ڪاڏي گم ٿي ويا!
    آءُ ڳوليون ٻئي...
    ڪالھ جيڪي هوائون ٿي چنچل لڳيون
    ساھ کي ٿيون گُھٽن اڄ الائي ته ڇو
    ها ڏسان ٿو پيو سو سڃو پيچرو
    جيڪو تنهنجا قدم روز چمندو هيو
    تون نه آهين مگر تنهنجون يادون اڃا
    منهنجي دل ۾ ڏياٽين جيان ٿيون ٻرن،
    نيڻ منهنجا ٺرن
    جي وڃايل گھڙيون مون کي موٽي ملن
    شهر جون رونقون مون کي موٽي ملن
    ماڻهپي ۽ محبت کي ڪاٿان پرين!
    آءُ ڳوليون ٻئي....
    آءُ ڳوليون ٻئي...

    ***






    آزاد نظم

    ”خواهشون“

    زندگي گذري وڃي ٿي،
    خواب سڀ وکري وڃن ٿا،
    هر دفعي ڪيئي نوان هت سال ايندا ئي رهن ٿا،
    شال هاڻي آئيندي جا سال آڻن:
    پنهنجي وستين واهڻن ۾،
    پنهنجي ڌرتي، پنهنجي سرتيءَ لاءِ،
    دردن جي گھڙين بدران،
    سکن جون ساعتون ڪي!
    ديس واسين لاءِ خوشين جا ترانا!
    شادمانا!
    ڀونءِ جي بخمل بدن تي،
    اڻ ڳڻيا هن زخم جيڪي،
    سي وري گلَ ٿي پون شل!
    خواب جيڪي ديس جي مارن جي نيڻن منجھ،
    ساڀيائن جي لئه،
    صدين کان هن ترسيل اُهي،
    پورا ٿين شل!
    پر نه ڄاڻان ڪيترن ورهين کان،
    منهنجي خواهشن جو هت ڳلو ڪپجي رهيو آ،
    پل-پکي اڏندا وڃن ٿا،
    مُٺ مان وارِي وهي ٿي،
    زندگي گذري وڃي ٿي،
    خواب سڀ وکري وڃن ٿا...
    ***






    آزاد نظم

    ”يادون“

    برسات رُت ۾ جيئن ڪوئي طوفان
    بنا ڪنهن به دستڪ،
    درين ۽ دروازن مان ڌوڪي،
    اچي ويندو ڪمري ۾ آهي ڪڏهن،
    ائين ئي، او پرين تنهنجون يادون به،
    اندر جا سڀ در دريون کولي،
    دل جي محل ۾ اچي وينديون آهن،
    سندم روح ۾ رچي وينديون آهن،
    سي يادون، سي واعدا
    سي پن ڇڻ جي موسم ۾
    ڇڻيل پنن جون ڪي سرگوشيون،
    اڄ ڀي ڪنن ۾ ٻُرن ٿيون پيون،
    تنهنجي لهجي جي ساري اداسي،
    اها شام ناسي،
    جا تنهنجي اکين ۾ ڪيئي پل اٽڪي پئي هئي،
    اڃا منهنجي اندر ۾ ترسي پئي آ،
    اهي پل سارا ها ڪيڏا پيارا!
    جي توسان گذاريا هئا، او پرين!
    سي سڀئي پل منهنجي ذهن تان اڃا ڀي مٽيا ڪونه آهن
    ۽ ها تنهنجون يادون به ڄڻ ڪوئي طوفان بڻجي
    اڏاري وڃن ٿيون سڃين ماٿرين ڏي،
    نه چاهيندي ڀي ڇو اهي تنهنجون يادون،
    اندر منجھ ڌوڪي اچن ٿيون،
    برسات رت ۾ جيئن ڪوئي طوفان،
    بنا ڪنهن به دستڪ،
    درين ۽ دروازن مان ڌوڪي،
    اچي ويندو ڪمري ۾ آهي ڪڏهن...

    ***


    ابرار ابڙو

    تعارف

    ابرار ابڙو نئين ٽهيءَ جي شاعرن ۾ غزل لکندڙ شاعر طور سڃاڻجي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ سمايل پيار، وڇوڙي ۽ اڪيلاين جي داخلي ڪيفيتن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. سندس شاعري ادبي رسالن ۾ مسلسل ڇپجندي رهي ٿي.
    ابرار حسين ولد رضا محمد ابڙو 21 مارچ 1974ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي نئين ٺاهيل تعلقي باقراڻي (اڳ ڏوڪري) جي ڳوٺ ڳيريلي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم اي سنڌي ادب 2008ع ۾، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپورميرس مان ڪئي آهي. هن 1996ع کان 2001ع تائين سب ايڊيٽر طور روزاني ”عوامي آواز“ ۽ روزاني ”سنڌ سجاڳ“ ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه وقت خانگي اسڪول ۾ به پڙهايو. 2007ع کان وٺي هُو ڳيريلي ۾ رهي پيو.
    ابرار ابڙي لکڻ جي شروعات ذاتي لڳاءَ سبب 1996ع ۾ ڪئي ۽ سنڌي ادبي سنگت ڳيريلي شاخ مان رهنمائي حاصل ڪئي جنهن جو هُو 1996ع ۾ ٿوري وقت لاءِ سيڪريٽري به رهيو. هن شاعريءَ ۾ بيت، وايون، نظم ۽ غزل لکيا آهن ۽ نثر ۾ ڪجهه ڪهاڻيون ۽ اڀياس پڻ لکيا آهن، البت هاڻي صرف غزل سرجي رهيو آهي.
    سندس خط و ڪتابت جو ڏَس ٽپال گهر ڳيريلو، ضلعو لاڙڪاڻو ۽ سندس موبائيل نمبر 03462896978 آهي.


    غزل

    سفر ۽ سارَ جي پويان، اکين کي پنڌ ڪرڻو آ،
    عجب اسرار جي پويان، اکين کي پنڌ ڪرڻو آ.

    نه ڏِسڻو آ ته پٿر هِن، نه ڏِسڻو آ ته شِيشا هِن،
    پرينءَ جي پيار جي پويان، اکين کي پنڌ ڪرڻو آ.

    خبر ناهي ته ڪِٿ منهنجين اکين جو ماڳ اچڻو آ،
    سڄي سنسار جي پويان، اکين کي پنڌ ڪرڻو آ.

    سندس ساهن جي خوشبوءَ جي اها ڪيڏي ڪشش آهي،
    سدائين يار جي پويان، اکين کي پنڌ ڪرڻو آ.

    ڪيل اقرار منهنجي کي ڪڏهن اقرار آڇيندي،
    سندس اقرار جي پويان، اکين کي پنڌ ڪرڻو آ.

    ***



    غزل

    نيڻ منهنجا ۽ لاڙڪاڻو هو،
    گڏ وڇوڙا ۽ لاڙڪاڻو هو.

    بيقرارين جي شام ۾ ڌنڌلا،
    سارا رستا ۽ لاڙڪاڻو هو.

    هٿَ لُڏيا، ٽرين الوداع ٿي وئي،
    اک ۾ ڳوڙها ۽ لاڙڪاڻو هو!

    ڪو سُڃاتل نه هو سوا تنهنجي،
    کوڙ چهرا ۽ لاڙڪاڻو هو.

    آءٌ ڪنهن ياد ۾ وڃايل هوس،
    ڀر ۾ رڪشا ۽ لاڙڪاڻو هو.

    تنهنجي احساس جي هُئي خوشبو،
    ساڻ پاڇا ۽ لاڙڪاڻو هو.

    ***









    غزل

    ڇوڪري روشني لڳي مون کي،
    روشني زندگي لڳي مون کي.

    آءٌ هڪ ڏينهن گهر ويس هُن جي،
    ڇو الائي ڏسي ڀڳي مون کي.

    عشق تنهنجي جي آرسيءَ آڏو،
    ڪا لڳي ئي نه ٿي ٺڳي مون کي.

    ڇو الائي ڇڏي ٿي بيهاري،
    تنهنجي نيڻن جي چؤدڳي مون کي.

    آءٌ تِرڇي پيو تَڪيان هُن کي،
    هوءَ اُلاري پَئي سڳي مون کي.

    ***












    غزل

    بقا جو گيت ڳاتوسي، فنا جي ڌُوڙِ ڦُوڪِي سي،
    پرينءَ جو پيار پاتوسي، فنا جي ڌوڙ ڦُوڪي سي.

    اکين جي ڏيهه ۾ وحدت ڪري وئي روشني ايڏي،
    رموزي راز ڄاتوسي، فنا جي ڌوڙ ڦُوڪي سي.

    خدا جي هر حقيقت کي ڏٺوسي آدميءَ اندر،
    لَئون ڪنهن سان جو لاتوسي، فنا جي ڌوڙ ڦُوڪي سي.

    هميشه نياز نِوڙت کي، رکيوسي نينهن پنهنجي ۾،
    چِتن ۾ چاهُه چاتوسي، فنا جي ڌوڙ ڦُوڪي سي.

    ***












    غزل

    گڏُ تون هُئين ته اُس جو احساس ئي نه هو،
    ڪاٿي زمين ۽ ڪِٿي آڪاس ئي نه هو.

    پردو پري ڪَري جڏهن مُرڪي مِليون اکيون،
    پنهنجي پَرائي جو تڏهن وَنُ واسُ ئي نه هو.

    وِکري به واءَ ۾ اکيون، نِکرن ٿيون اوچتو،
    پهريان ته پنهنجو پاڻ کي وشواس ئي نه هو.

    ڀوڳيو حيات ايترو تنهنجي پٺيان پٺيان،
    بنواس بي لڳو ته ڄڻ بنواس ئي نه هو.

    ***








    غزل

    دلين مان پيار تَڙيوسي، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
    اوهان جو ساٿ ڇڏيوسي، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

    اکين جي ڪيئن لِڪايان قِصن ڪهاڻين کي،
    اکين جو غم نه سليوسي، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

    اسان جا ٽهڪ به آئينو ڪو نه ٿو سانڍي،
    اکين مان لُڙڪ ڪڍيوسي، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

    چپن جي باهه تي پاڻي به ڪين ٿا هاريو،
    بدن ۾ شعلو رکيوسي، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

    اوهان ته ڊاهي ڇڏيو آ اسان کي نيڻن تان،
    اسان به روح پليوسي، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

    نئون جَهانُ، نئون داستانُ آ دل جو،
    مٽيءَ حوالي ڪيوسي، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

    ***









    غزل

    وکريل جنون دل لڳيون ڪاڏي کڻي وڃن؟
    صدين جي جاڳ کي اکيون ڪاڏي کڻي وڃن؟

    ڇو ٿو وجود ڳوٺ جون رولاڪِيون رُلي،
    منهنجو ٿڪل بدن ڳليون ڪاڏي کڻي وڃن؟

    صحرا جي ريتِ جي مٿان چنڊ-رات ڪا نه ٿي،
    رڻ جو ڊگھو سفر ڪَتيون ڪاڏي کڻي وڃن؟

    اوسيئڙي کي ساٿ جو پاڇو نه ٿو ملي،
    منهنجي نِهار کي دريون ڪاڏي کڻي وڃن؟

    سياري جي رات، سانت ۽ سوچن جي شور ۾،
    بيچين پيار کي بتيون ڪاڏي کڻي وڃن؟

    ***







    غزل

    نه ڪنهن کي مان چوان هاڻي، نه ڪو مون کي چوي هاڻي،
    محــبــت انــتــهـــا تــــي آ، فـــنــــا ڄـــاڻـــي، بــقــــا ڄـــاڻـــــي.

    ڪٿي ڪنهن لاءِ نِکرياسين، ڪٿي ڇا لاءِ وِکرياسين؟
    نه ڄاتو مُنــد جـــي مـــومــل، نه پــرکيـــو روح جـــي راڻــي.

    جُنوني عشق جوڳي ۽ جواني ڄڻ ته جوڳياڻي،
    ڇڏيوسين ڏينهن ڪِٿ ڇاڻي، ڇڏيسين رات ڪِٿ ڇاڻي.

    نه سوچيوسين، نه سمجھيوسين زهر جهڙي زماني کي،
    ســدا بــنــواس کــي ڀــوڳــي اســـان مـنــزل وَتــي مـاڻـــي.

    جُهڪائي ڪنڌُ ڪنهن آڏو هَليا ناهيون حياتيءَ ۾،
    يگاني ڪنهن جي ياراڻي، رکيو آ پاڻ کي تاڻي.

    ***






    غزل

    سڏي ٿو ساٿ جو شهر، سڏي ٿي سار جي صدا،
    هڳاءُ ٿي هُلي وَئي حَسينُ يار جي صدا.

    خدا جي خواب جو خمار عشق تي چڙهي ويو،
    اسان جي روح کي مِلي وَئي قرار جي صدا.

    اکين ڏِٺيون عجب اکيون، اکين شرارتون ڪَيون،
    پُڪار ٿي ڇَــڻي پَــئي چپن تان پيار جي صدا.

    نِکارُ پنهنجي نينهن جو نِگاهه کي ڏئي وَيو،
    وجود جي خزان خزان بڻي بهار جي صدا.

    رهي ٿي جستجوءَ ۾ جُنون جي گھڙي گھڙي،
    عجيب عشق مان اچي ٿي انتظار جي صدا.

    ***







    غزل

    رول هُئاسين دير تائين، پيچرا رُلندا رهياسين،
    چنڊ گڏ هو جيستائين، پيچرا رلندا رهياسين.

    حوصلا ها، سلسلا ها، خواب ها ۽ يادگيريون،
    تنهنجي پويان هيلَ تائين، پيچرا رلندا رهياسين.

    ڳوٺ تنهنجي جي ڳلين ۾ زندگيءَ جو ڇانورو هو،
    هر ڳليءَ جي توڙ تائين، پيچرا رلندا رهياسين.

    پنڌ تنهنجي گهر وٽان ٿيندو حياتيءَ جو شروع هو،
    روز تنهنجي لاءِ سائين! پيچرا رلندا رهياسين.

    آجپو تنهنجون اکيون ۽ روشني تنهنجين اکين ۾،
    تنهنجي نيڻن جا سدائين، پيچرا رلندا رهياسين.

    ***







    غزل

    ٿِي تماشو، ٽهڪ منهنجا آرسيءَ تي ٿا ڪِرن،
    اولڙا آوارگيءَ جا زندگيءَ تي ٿا ڪِرن.

    ٿيون پِشيمانيون اکين جي چانئٺن تي رقص ڪن،
    ۽ پهاڙن جيئن لمحا دوستيءَ تي ٿا ڪِرن!

    عاشقيءَ جي پنڌ کي اوندهه ڳِهي ٿي ڳوٺ جي،
    رات جا ويران رستا روشنيءَ تي ٿا ڪِرن!

    ڪيتريون مُرڪون مَرن ٿيون ماڻهپي جي نانءَ تي،
    لفظ پٿرن جا الئه ڇو عاشقيءَ تي ٿا ڪِرن!

    سانت گُهوري ٿي جوانيءَ کان رُٺل پوڙهو بدن،
    وقت جا ڪيڏا ته شعلا ساهميءَ تي ٿا ڪِرن!

    ***










    غزل

    جاڳ ڳائي ٿي جواني، محبتن جي مُند ۾،
    رنگَ لائي ٿي جواني، محبتن جي مُند ۾.

    نيڻَ نيڻن کي ڇُهن ٿا، آئينا خوش ٿا ٿِين،
    هٿ مِلائي ٿي جواني، محبتن جي مُند ۾.

    ننڊ مان ڇِرڪي اُٿي ٿي، چيٽ جي چنڊ-رات ۾،
    ٿيڙ کائي ٿي جواني، محبتن جي مُند ۾.

    پيچرن تي ٿي وڃائي پير ۽ پنهنجو بدن،
    دل رُلائي ٿي جواني، محبتن جي مُند ۾.

    ***








    غزل

    کڙکٻيتا گهٽي کڻِي نڪتي،
    زندگي روشني کڻِي نڪتي.

    دراصل شورُ هو جوانيءَ جو،
    ڇوڪرِي عاشقي کڻي نڪتي.

    هٿَ ٺري وِيا هُيس ٿڌي رُتِ ۾،
    دل ۾ پر ڌرتتي کڻي نڪتي.

    باغ جو باغ هُن جي نالي هو،
    هوءَ هِڪَ پنکڙي کڻي نڪتي.

    سونهن سينگارجي پَـئي گهر ۾،
    عڪس ڪو آرسي کڻي نڪتي.

    عشق جي پنڌ ۾ اڪيلائي،
    ساٿ جي ساهمي کڻِي نڪتي.

    ***


    اقبال کوکر

    تعارف

    اقبال کوکر عام مشهوريءَ کان ڪُنڊائتو رهندڙ نوجوان شاعر آهي، جنهنڪري ئي گهڻن پڙهندڙن لاءِ ڄڻ ته نئون نالو آهي، پر سندس شاعريءَ جي مطالعي سان پرکي سگهجي ٿو ته وٽس جذبن کي منظوم صورت ۾ بيان ڪرڻ جي خوبي موجود آهي.
    اقبال علي کوکر 23 فيبروري 1976ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي وڏي ۽ مشهور ڳوٺ باڊهه جي ويجهو، ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ جي تعلقي نصيرآباد جي هڪ ڳوٺَ مولوي فيض محمد کوکر ۾، اللھ ڏني کوکر جي گهر ۾ پيدا ٿيو، پر اقبال کوکر سميت سڄي ڳوٺ جو وهنوار ۽ اُٿاويٺي باڊهه سان رهي آهي. اهو ئي سبب آهي ته گريجوئيشن (بِي.اي) ڊگري ڪاليج نصيرآباد مان ڪرڻ کان پوءِ هُو باڊهه ۾ هڪ دڪاندار طور روزگار ڪري رهيو آهي. عموماً کيس باڊهه جو ئي سمجهيو ويندو آهي.
    اقبال کوکر لکڻ جي شروعات پنهنجي مامي ۽ مشهور سگهڙ-شاعر لقمان کوکر سان لڳاءَ سبب 1995ع ۾ ڪئي. هن گهڻي ڀاڱي غزل، وايون ۽ بيت لکيا آهن. هُو سنڌي ادبي سنگت شاخ باڊهه سان 1995ع کان لاڳاپيل آهي. هُو شاخ جو سيڪريٽري (1998ع) پڻ رهيو ۽ هاڻ 2010ع لاءِ ڪائونسلر چونڊيو ويو آهي. جڏهن ته سندس تعلق سرواڻ سماجي سنگت بـاڊهه (98-1997ع) ۽ جـيـئـي سـنـڌ قـومي محاذ (98-1995ع) سان پڻ رهيو آهي.
    سندس خط و ڪتابت جو ڏَس حسيني ميڊيڪل اسٽور باڊهه آهي ۽ موبائيل نمبر 03443922680 آهي.


    غزل

    ستارا ها ڪي پيرا ها اميدن جا،
    نگاهن ۾ بسيرا ها اميدن جا.

    انڌيرن ۾ مسلسل هو سفر پنهنجو،
    ۽ سوچن ۾ سويرا ها اميدن جا.

    لغڙ آڪاس تي اڏري رهيا هئا جي،
    ٻڌل تن ۾ به ڍيرا ها اميدن جا.

    اِنهي طوفان رسمن جي ڇڏيا ڊاهي،
    اَڏيا جيڪي آکيرا ها اميدن جا.

    قتل ٿيو ڪلهه ڪو واٽهڙو بي درديءَ سان،
    سندس ٿيا ٻيرا ٻيرا ها اميدن جا.

    ***




    غزل

    اکين ۾ آس جا ڏيئا ٻرن ٿا،
    تڏهن وشواس جا ڏيئا ٻرن ٿا.

    اچِي ٿي ياد تڙپائي اوهان جي،
    جڏهن آڪاس جا ڏيئا ٻرن ٿا.

    اسان جو فڪر اونداهون رهي ڪيئن!
    سدائين ساس* جا ڏيئا ٻرن ٿا.

    اُتي ئي ماڻهپو زنده رهي ٿو،
    جتي احساس جا ڏيئا ٻرن ٿا.

    هُتي ٿيا کوڙ گڏ منصور هوندا!؟
    تڏهن ئي ٽياس جا ڏيئا ٻرن ٿا.

    مِٽائڻ قوم سولي ڳالهه ناهي،
    اگر اتهاس جا ڏيئا ٻرن ٿا.

    ***





    غزل

    وڇوڙي جي جڏهن دونهين دُکي هئي،
    اِها اڳواٽ ئي مون کي کُکي هئي.

    سَکي سج وانگي جو اڀري گهٽيءَ مان،
    نظر هر ڪا بڻي سورج مُکي هئي.

    جبل جيڏي محبت هئي پرينءَ جي،
    جبل جيڏي سندس ئي بي رُخي هئي.

    سدائين منظرن پويان ڊُڪي پئي،
    ڪويءَ جي سوچ پياسي ۽ بُکي هئي.

    ڪڏهن درياهه جي لهرن نه ڄاتو،
    ته سهڻي ڪيترو ڏم وٽ ڏُکي هئي.

    ***









    غزل

    ڪو به نه ڄاڻي ڪنهن جي منزل ڪيستائين آ،
    هر ڪو جوڙيءَ جوڙيءَ هوندي پوءِ به لڳي تنها.

    شال سدائين مُرڪ اوهان جي ويڙهي منجهه رهي،
    ڀَلجان پنهنجو جيوَن بڻجي ڳوڙها ئي ڳوڙها.

    لفظ سرون ۽ سوچون گارو، هر سِٽ ڀاسي ڀت،
    شعر به آهن ڄڻ ڪي جايون، شاعر ڀي رازا.

    دير نه ڪر، ها دير نه ڪر، تون جلدي آءُ هلي،
    تنهنجي اوسيئڙي ۾ مون سان جاڳن ٿا تارا.

    راهه ڏسين ٿو سونَ برابر، پر تون ٻڌ ميان!
    جو به ڪريان، آنءُ ڪريان ٿو، تنهن ۾ تنهنجو ڇا!

    ***









    غزل

    ’گل‘ جي سونهن وڌائي شبنم ’ڳل‘ جي موهيڙي،
    ساري جڳ جي تو جوڀن ۾، سونهن سموهي، ڙي!

    جيئن ڏنو تو رخ تي پردو ايئن لڳو مون کي،
    سج جي روشن ڪرڻن کي آ روڪيو ڪوهيڙي.

    جي ٿو ڏاڍ ڏڪائڻ چاهين پنهنجي ڪوِتا سان،
    ڏات بڻائي ڪاتيءَ وانگي ڏانوَ کي روهي، ڙي!

    عشق-عدالت ۾ اڄ رکبو ڪيس محبت جو،
    دل ٿي نڪري ڏوهي يا هي اکڙيون ڏوهي، ڙي!

    جو ڪجهه ڀي ڪرڻو ٿي ڪر تون پنهنجي جوڀن ۾،
    باقي جيون ڪاٺ جيان ٿي، وقتُ اُڏوهي، ڙي!

    هُن کي سامنهن ايندي سوچيم، چوندوسانس مٺِي!
    ڀر مان واءَ جيان وئي گذري ڇوهي ڇوهي ڙي!

    ***






    غزل

    سار تنهنجي پرين سُر سنگيتن جيان،
    هر گهڙي آهي پُرسوز گيتن جيان.

    ريتون رسمون هُيون ڄڻ ڪي ڪاتيون تکيون،
    پيار پنهنجو وَڍيو آ پپيتن جيان.

    سونهن-هرڻيون جيئنِ ڪيترو ڏيهه ۾،
    لوڪ نظرون بڻيون يار چيتن جيان.

    زندگي وؤڻ جو ڪو فصل ٿي لڳي،
    درد پيڙا به زهريلي جيتن جيان.

    پيار جي مڌ پيتئي سڄي زندگي،
    ڇو اٿئي پوءِ اکيون اڻ-پيتن جيان!

    ڪنهن نه ’اقبال‘ ڀُلجي ڪو رستو ڏَسيو،
    ڪنهن نه سوچيو ڪڏهن کڙکٻيتن جيان.

    ***






    غزل

    زندگيءَ کان تنگ ٿي آهي پيو،
    شخص ڪو هاڻي مرڻ چاهي پيو.

    دردُ ڀي ڌاڙيل وانگي دوستو!
    من - گهر ۾ آ صفا ڪاهي پيو.

    ٿو لڳي جيون به سارين جو فصل،
    وقت ڀي ڏاندن جيان ڳاهي پيو.

    ڪو چرين وانگي ويهي واريءَ مٿان،
    ڪنهن جو نانءُ هر هر لکي ڊاهي پيو.

    ساٿ سو ئي ڪين مون سان ڏئي سگهيو،
    جو ستارا اُڀّ تان لاهي پيو.

    ڏيهه ۾ ’اقبالَ‘ جنهن لئه ٿو جيان،
    پر اڃا تنهن کي پتو ناهي پيو.

    ***






    غزل

    منهنجي دل جي ايئن تباهي ٿي،
    جيئن موهن جي بادشاهي ٿي.

    سنڌ تو لاءِ جي وڙهيا سُورهَه،
    ڪن کي ڦٽڪا ته ڪن کي ڦاهي ٿي.

    خيال سان کڻ قدم، ڪرِي نه پوين،
    دوست، دنيا به اونهي کاهي ٿي.

    ٿو ٻُڌان غير سان گهمين ٿي تون،
    دوستي واهه جي نباهي ٿي!

    وڃ نه ’اقبال‘ تي کلائي جڳ،
    سوچ ڪر سمجهُه، موٽُ، ڏاهي ٿي!

    ***






    غزل

    رُت بسنتي گھٽا نه ٿا چاهيون،
    ڪجهه به تو کان سوا نه ٿا چاهيون.

    مُنهن مبارڪ گَهران ڍڪي نڪرو،
    او پرين، حادثا نه ٿا چاهيون.

    پيار بدلي ته پيار چاهيوسين،
    آٿتون آسرا نه ٿا چاهيون.

    جي رُسو ٿا گهڙيءَ جي لاءِ رُسو،
    عمر جا فاصلا نه ٿا چاهيون.

    دشمني ٿا ڪريو ته دشمن ٿيو،
    دوستيءَ ۾ دغا نه ٿا چاهيون.

    ***







    غزل

    سوچ ساڳي، خيال ساڳيو آ، پرين!
    هيڻو پنهنجو حال ساڳيو آ، پرين!

    آنءُ تڙپان ٿو هِتي ۽ تون هُتي،
    پاڻ لئه جنجال ساڳيو آ، پرين!

    ڪلهه وڇايم راهه ۾ تو لئه اکيون،
    اڄ به استقبال ساڳيو آ، پرين!

    ٿيون هزارين نفرتون جڳ ۾ مِلن،
    محبتن ۾ ڪال ساڳيو آ، پرين!

    موسمن جيئن ماڻهو ٿا مٽجي وڃن،
    پر اڃا ’اقبال‘ساڳيو آ، پرين!

    ***







    غزل

    تنهنجا ناز انداز اندر ۾،
    ڇيڙِن ٿا سُر ساز اندر ۾.

    نيڻن سان جي نيڻ ملن ٿا،
    ڦٿڪن ٿا آواز اندر ۾.

    تو سان سُور سمورا اوريان،
    ويهُه اچِي همراز اندر ۾.

    پِرت ڪبوتر جيئن اسان جي،
    ڇو ٿا پاليو باز اندر ۾.

    انت نه آهي جيئن سمنڊ جو،
    تيئن ئي آهن راز اندر ۾.

    ***


    وائي

    ساڀيائن جي آسري،
    سپنا تڙپن ٿا،
    منهنجي اکڙين ۾اڃا.
    مون ڏي ايندينءَ نيٺ تون،
    رستا مهڪن ٿا،
    منهنجي اکڙين ۾اڃا.
    تنهنجيءَ سڪّ اڪير ۾،
    ڳوڙها ڦٿڪن ٿا،
    منهنجي اکڙين ۾اڃا.
    ڪنهن ته انوکيءَ ياد جا،
    ليئا مرڪن ٿا،
    منهنجي اکڙين ۾اڃا.
    اُڀ جي نيريءَ ڍنڍ ۾،
    تارا تڙڳن ٿا،
    منهنجي اکڙين ۾اڃا.
    اوسيئڙي ۽ آس جا،
    ڏيئا ٽمڪن ٿا،
    منهنجي اکڙين ۾اڃا.

    ***

    وائي

    مينهن وُٺي کان بعد ۾،
    رستن چارن جو،
    رنگ بدلجي ٿو وڃي.
    هوءَ جو ڇوڙي وار ٿي،
    ڪڪرن ڪارن جو،
    رنگ بدلجي ٿو وڃي.
    مون سان گڏ هن کي ڏسي،
    ڇو اغيارن جو،
    رنگ بدلجي ٿو وڃي.
    تو گج ۾ ڪاوا پَسي،
    اُڀ تي تارن جو،
    رنگ بدلجي ٿو وڃي.
    هاريءَ جو پُٽ ٿو پڙهي،
    ڇو ڀوتارن جو،
    رنگ بدلجي ٿو وڃي.
    سوچي ٿو ٻي زال لئه،
    تَنهن جي ٻارن جو،
    رنگ بدلجي ٿو وڃي.

    ***


    رياضت ٻرڙو

    تعارف

    سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ (شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نويس)، مترجم، پبلشر ۽ ايڊيٽر آهيان. 27 فيبروري 1970ع تي، شوڪت علي ”شوق“ جي گهر ۾، قنبر ۾ پيدا ٿيس. تعليم ۾ ايم.ايس سِي. (فزڪس، 1995ع)، ايم.اي. (سنڌي، 2000ع) ۽ ايم.ايڊ. (2000ع) جون ڊگريون حاصل ڪيون اٿم. 2001ع کان شاهه لطيف ڊگري ڪاليج قنبر ۾ فزڪس جو ليڪچرر ٿيس، جتان بدلي ٿي، نومبر 2008ع کان، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ فزڪس پڙهايان پيو.
    88-1987ع ۾ ترجمن وسيلي ادبي دنيا جي آڳنڌ تي پير ڌريم. گهر ۾ ادبي ماحول مليو. نثر ۾ رهبري نالي واري اديب ڀاءُ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ڪئي ۽ شاعريءَ ۾ رهنمائي مشهور شاعر سرمد چانڊيي ۽ سنڌي ادبي سنگت قنبر جي تنقيدي گڏجاڻين ڪئي. هڪ ڪهاڻي-ڪتاب ”پيار جي ڪهاڻي“ (1994)، ٻن شعري ڪتابن ”شام جي هوا“ (2004) ۽ ”ديوانِ رياضت“ (2005)، ايڊٽ ڪيل ۽ سهيڙيل تاريخي ڪتاب ”قنبر: هڪ اڀياس“ (2006)، ”چانڊوڻا چمڪن“ (2007) سميت، ٻين ڪجهه سهيڙيل ڪتابن کان سواءِ، ڊاڪٽر محبت جا 12 ڪتاب سندس وفات کان پوءِ سهيڙي ڇپرايا اٿم، جن کي وڏي اهميت ڏيان ٿو. ماهوار ”سائنس“، ”سائنسي سوچ“ پبليڪيشن، ”لکڻهار“، ”اڪيڊميڪا“، ”باک“، ”سنگت خبرنامي“ ۽ ”سنگت مخزن“ پرچن ۾ مختلف ذميواريون نڀايون اٿم. 2009ع کان ماهوار ”سائنسي سوچ“ جو ايڊيٽر آهيان. 1989ع ۾ س.ا.س. قنبر ۾ پهرين شرڪت ڪيم، جنهن جو 5 ڀيرا سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري، خزانچي، ڪائونسلر، آڊيٽر ۽ ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي رهيو آهيان. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو 05-2004ع دوران مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري به رهيس. سائنسي، تعليمي ۽ سماجي طور ”موهن جو دڙو سائنس ڪلب“ قنبر کان وٺي ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“ قنبر تائين مختلف عهدن تي سرگرم رهيو آهيان. پبلشنگ جي شعبي ۾ ”ڏاهپ پبليڪيشن قنبر“، ”ڏاهپ اڪيڊمي قنبر“، ”سنڌي ادبي سنگت قنبر“ ۽ ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر“ پاران 40 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپرايا اٿم. 2009ع ۾ ”ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻي“ جو بنياد رکيم. لاڙڪاڻي ۾، آرٽس ڪائونسل جو ميمبر ۽ انڊس لٽرري فورم (الف) جو جوائنٽ سيڪريٽري پڻ آهيان.
    فيبروري 2009ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيم. هاڻ رهائش پروفيسرس ڪالوني، لاڙڪاڻي ۾ آهي ۽ موبائيل نمبر 03337533011 آهي.


    غزل

    سونهَـن سـجـدو گهـريـو خـدا سامهـون،
    مـون به مصلـو گهـريـو خـدا سامـهـون.

    جنهن سان جنت جي ڀيٽ ئِي نه ٿِئي،
    تنهـنجـو سـپنـو گهـريـو خـدا سـامهـون.

    جنهـن به پَـل سنـڌ جِـي جُـڙِي ڌرتـي،
    مـون سو لمحـو گهـريـو خـدا سـامهـون.

    بُک ۾ پـاهه ٿِـي وَيَـل ٻـالـڪَ،
    هِڪـڙو لــولــو گهـريـو خدا سـامهـون.

    محبَـتـن جِـي مَهـڪ اچـي جـنهـن مـان،
    روپ اهــڙو گهـريــو خـدا سـامهــون.

    عشـق جِي آڳ ۾ جَــلــڻ لئه مون،
    شـوخُ شـعـلــو گهـريـو خــدا سـامهــون.

    ***



    غزل

    ٿڌِي اُس اکين تي پوي ٿِي پرين!
    چُمي ياد تنهنجي اچي ٿِي پرين!

    الئه عشق جو عينُ ڪئن تو لکيو!
    اسان کي ته جرئت نه ٿي ٿِي پرين!

    وڇوڙي جا وَڍ ڀي وصالي بڻيا،
    مَلم تنهنجي هٿ سان لڳي ٿِي پرين!

    اوهان جي اکين ۾ اُداسيءَ کي،
    شفق پيار مان اڄ چمي ٿِي پرين!

    عجيب آهه چاهت ۾ پل پل بڻيو،
    وڇوڙي-ذري ڀي وڻي ٿِي پرين!

    الا، ياد تنهنجِي اچڻ سان ئي گهر،
    اڪيلِي پڌر تي گهمي ٿِي پرين!

    ڏِسِي نيٺ رهبو ته ’رياضت‘ جي دل،
    ڪڏهن تنهنجي دل سان ملي ٿِي پرين!

    ***





    غزل

    زندگيءَ جي ڪري ڪشمڪش ۾ رهيس،
    هـيـڪـلائـي جـي هـونـدي به رش ۾ رهـيـس.

    ڳـوٺ جِـي ڇـانــوَ ٿـــڌڙِي رهِــي ســوچ ۾،
    پـو به تـنهـنـجـي شهـر جِـي تـپـش ۾ رهـيـس.

    مـون وِسـارڻ گُهـريـا خـوابَ خـوشـبـوءِ سـنـدا،
    سـاڀـيـا جـي تـڏهـن ڀـي خـلـش ۾ رهـيـس.

    پـاڻ کــي پـاڻَ ئـي، سڀ سـزائــون ڏنــم،
    تـو سـوا بـي رُخـيءَ جِـي روش ۾ رهـيـس.

    ٿــورڙِي زنـدگـي هـئـي جـوانــيءَ جِـــي،
    ســا به دردن ڀــرِي، چـپـقـلـش ۾ رهـيـس.

    ***








    غزل

    ظلـمتـن جـا شـڪـار ٿـيـا آهـيـون،
    ملـڪَ پنهـنجـي ۾ خــوار ٿيـا آهيـون.

    اڄ به آهـيـون مُحـب وطـن ماڻهـو،
    توڻـي ٻـيـن لئه غـدار ٿيـا آهيـون.

    ڪو جهڪائي اسان کي ڇـا سگهنـدو!
    ڏاڍَ آڏو تــرار ٿـيـا آهــيـــون.

    هـيءَ دنـيــا عـجـيــب تَــر آهــي،
    جنهن ۾ چُپ جِي پُڪار ٿيا آهيـون.

    سگهه نـئـيـن سـان وطـن جـي حُـب ۾،
    گڏجـي خـود مـخـتــار ٿـيــا آهـيـون.

    ڪـو به ناهـي ڪُنـڊائـتـو ’رياضت‘!
    هٿ هـٿـن منـجهه، يـارَ ٿيـا آهيـون.

    ***

    غزل

    ساڳي مات ملِي آ مون کي،
    ڪارِي رات اڃا ٻِي ڪهڙِي!

    دل جو درد اکين ۾ آهي،
    تو سان بات اڃا ٻِي ڪهڙِي!

    قيد ۾ هوندي، قيد نه سمجهي،
    ماڻهوءَ مات اڃا ٻِي ڪهڙِي!

    مان ته وڇوڙي جو پَل آهيان،
    منهنجِي تات اڃا ٻِي ڪهڙِي!

    جذبن جِي ٻولِي مون ٻولِي،
    لُنءَ لُنءَ لات اڃا ٻِي ڪهڙِي!

    ڳيچَ ٿِي ڳائي سنڌُ وطن جا،
    پڳلِي ڏات اڃا ٻِي ڪهڙِي!

    يادِ سرءُ جي چانڊوڪي آ،
    سڪ-سوغات اڃا ٻِي ڪهڙِي!

    وقتُ رُڪيو ناهي ’رياضت‘ جو،
    راهه-نجات اڃا ٻِي ڪهڙِي!

    ***


    ٽيڙو

    دردَ پِرائي هُو،
    ڳولي ٿو ڀڳوان کي،
    نيڻَ وِڃائي هُو.
    *
    سِٽ سِٽ کولي ٿي،
    عشقُ ڪمائي شاعري،
    عاشق ڳولي ٿي.
    *
    تنهنجو ئي هڪ نانءُ-
    دل جِي ڦرهيءَ تي، پرين!
    عشقَ ڇَڏايو ’آنءُ‘ُ.
    *
    مان تُنهنجي بدران،
    آئيني ۾ پاڻُ پَسي،
    ڪيڏو ڇِرڪيو هان!
    *
    سنڌ نگر ۾ آءُ!
    ساريون پنهنجي ساٿ کي،
    جيسين ڪو پڙلاءُ.

    ***


    هائيڪا

    اُڻ تڻ اندر ۾،
    دُور ڪنارو ديبل جو،
    رات سمندر ۾.
    *
    هُو هٿيارن سان،
    ٻِن ملڪن جي سرحد تي،
    آهن بَدبُو جان.
    *
    چَپ رکيم چُپ چاپ،
    تنهنجن نيڻن جِي، پرين!
    ننڊَ چُميم چُپ چاپ.
    *
    ٽاريءَ کي صدمو،
    خوشبو وارو گل ڇڻيو،
    ناريءَ کي صدمو.
    *
    ٿـورا ڌرتــي، مــاءُ!
    منهنجي مٽيءَ ۾ گَڏيئه،
    سِڪ مان سنڌِي - ساءُ.

    ***


    وائي

    شهرين جو قتلام،
    ڳوٺاڻن ناهي ڪيو.
    بمن ۽ بارود سان،
    اجرڪ کي بدنام،
    ڳوٺاڻن ناهي ڪيو.
    ڏاڍو ٿِي ڏهڪاوَ سان،
    ڏوڪڙ لاءِ غلام،
    ڳوٺاڻن ناهي ڪيو.
    ڌارِي ٻوليءَ ۾ پڙهي،
    سنڌيءَ کي گمنام،
    ڳوٺاڻن ناهي ڪيو.
    شهرين جو قتلام،
    توڙي خاص وَ عام،
    ڳوٺاڻن ناهي ڪيو.
    ڳوٺاڻن ناهي ڪيو.

    ***




    وائي

    تــو کان پَــرتـي مــان،
    ٻيو ڪاڏي ويندس،
    ڌرتي ماتا سنڌڙي!
    تنهنجي ڏوهِيءَ سان سدا،
    سينو ساهيندس،
    ڌرتي ماتا سنڌڙي!
    هر هڪ نينهن ڀَرِي نظر،
    توکي آڇيندس،
    ڌرتي ماتا سنڌڙي!
    تون ئي منهنجِي آن امڙ،
    تو تي سِر ڏيندس،
    ڌرتي ماتا سنڌڙي!
    تنهنجِي مٽيءَ منجهه سُمهي،
    ٿانيڪو ٿيندس،
    ڌرتـي ماتا سنڌڙي!
    مِٺڙِي ماتا سنڌڙي!

    ***


    گيت

    اکـــڙيـــن جھـــڙا، اُڀ جــا تـــارا،

    دل ٿِـي چاهـي!
    چاهتَ چمڪا، جِهلمِل، نرمل،
    دل جـي تـخـتِــي،
    تـو لـئه ٺـاهـي.
    ويجهـو آهــن، ڏُور به آهن،
    هــوري هـــوري،
    ڏِسـجـن لاهـي!
    راتِ گُــذارِي ٿَــم جــاڳِــي جـا،
    تَنهن ۾ تُنهنجِي،
    نـنـڊَ بـه نـاهي.
    نيـڻـن جِـي ڀـڃـجـانءِ پــرولِــي،
    اوسـيـئــــڙي ۾،
    تنهنـجي آهي.

    ***


    نظم

    لب وَ لهـجــي ۾ رنـجـشـون تـنـهـنـجـون،
    ســورَ، صـدمـا ڏئـي سـويـــن ويـنـديـــون،
    درد - اُڌمـــا ڏئــي سـويـــن ويـنــديــون،
    عـمـرِ ڀَــر لاءِ تـهــمـتـــون تـنـهـنـجــون.

    ڪـيـئــن بــدلايــان عــادتــون دل جــون!
    ڌڙڪـنـن ۾ ٻُــڏان، تَـــران تــو لـئــه،
    وسـعـتــن ۾ اُڏان، تــران تـــو لـئــه،
    زنـــدگــــي آهه چــاهــتــون دل جـــون.

    تـنهـنـجـي چَـوگـرد هِـن رُتـون منهـنـجـون،
    جـن ۾ رابـيــل جــان ٽِــڙان هــر پــل!
    تنهنجـي ويـجهــو رهــڻ گهــران هــر پــل!
    ٻـيــو نه چـاهــن مـحـبـتــون منـهـنـجــون.

    ***


    تروينيون

    متان توکي پون ڏِسڻا،
    اڃا ڪي عڪس نيڻن ۾،
    پراڻين يادگيرين جا.
    *
    وڇوڙي جِي هوائن ۾،
    حياتي بارُ ناهي پر،
    الئه ڇو موت ساريان ٿو!
    *
    ڇڏي وِيو هُو به راهن ۾،
    الئه ڪاٿي هُيو وڃڻو،
    گهڻو ئي کيس روڪيوسي.
    *
    ڪتابن ۾ پڙهيم توکي،
    ڪيم محسوس ارڏو آن،
    وڇوڙي کي به چاهيندين.
    *
    گلابن ۾ وَسو ٿا پر،
    نه ٿَوَ خوشبوءِ جِي ڪا سُڌ،
    اوهان رنگين ڪاڳر هو.

    ***
    تروينيون

    جِيءُ هر هڪ تازگيءَ سان،
    سونهن فطرت جِي پَسي ٿو،
    جهنگُ هيبتناڪ ناهي.
    *
    زندگيءَ جي سونهن ڪيڏي،
    اڄ به موسيقيءَ ۾ آهي!
    ڳاءِ! وڻ ٽڻ پيار ڪن ٿا.
    *
    مون گلاب آڇيو اوهان کي،
    مرڪَ پَن ڇَڻ جي ڏنِي تو،
    پيارُ پِيلو پن به آهي.
    *
    ورِي ڀُلجي پئِي شايد،
    شڪايت دل ڪئي آهي،
    اکيون وعدا نڀائن ها.
    *
    ٿُڏيو تو روح منهنجي کي،
    وڇوڙي جي جبل تي هو،
    تڏهن کان ناهه سامت ۾.

    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 478
    ڪتابن جو مشاهدو: 428657
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 174396
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ