ڪتاب جو نالو: دليون درسگاهون
مصنف: عائشه ميمڻ
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 28 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 695 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 309 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”دليون درسگاهون“ سنڌ جي بهترين شاعره عائشه ميمڻ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. عائشه ميمڻ تمام ٿوري عرصي ۾ اهو ثابت ڪيو آهي ته هو رخسانه پريت ۽ روبينه ابڙو کان پوء به عورت شاعرائون پختي شاعري ڪري رهيون آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • اداري پاران:
  • تعارف:
  • شاعري ڪوڙ نه ڳالھائيندي آهي!
  • پنهنجي پاران
  • تاثرات: اياز گل
  • تاثرات: ادل سومرو
  • غزل

  • غم خوشيءَ جو انهي شعور ڏنو،
  • آهي وڻ وڻ بهار ۾ سائو،
  • آ ذڪر ۽ فڪر رڳو تنهنجو،
  • خطا ٿو سمجـﮬـين، خطا ڪرڻ ڏي!
  • جيون! زماني ڪاڻ، زمانو ڇڏي هلون،
  • غلط ڇاهي، سهي ڇاهي، سو سمجـﮬـون ٿا،
  • آهي حياتي، چار گـﮬـڙيون،
  • مشڪلاتن ۾ ڀي، اچي ڏسجي،
  • ساهيان نه پير ڪاٿي شل وقت سان ڊڪان مان،
  • پرين پيار ۾ ڪنهن کي ڏکائبو ناهي،
  • نڪورو نينهن، منهنجو ٿئي،
  • ٻنهي نينهن سان، ساٿ ڏاڍو ڏنو آ،
  • ڌيءَ حوا جي هان، مان پري ناهيان،
  • دل ۾ پهريان، خير رکجانءِ!
  • حياتيءَ ۾ وڏو هي، ڪم رهيو آ،
  • ڇڏ ڇڏ روئڻ، کل او جاني!
  • بي ايمان هٿ لڳي جو ايمان آ ويو،
  • اسان لئه خدائي، اسان جو ڀٽائي،
  • ڇوڪري! ڇا ڏٺو ٿئي گوري ۾؟
  • حيات آهي مٺي، مرڻ ڪير چاهي ٿو،
  • حياتيءَ ۾ هرڪو ذميوار گـﮬرجي،
  • هي جـﮬـنگ جـﮬـر، عشق آ پنهنجو،
  • سانوڻ آيو، ساجن روئي،
  • ڏنا ڀروسن جي دلاسا هئا،
  • جو نه مليو، سو نصيبن ۾ نه هو،
  • سال ڀانئيان، پهر جدائيءَ جو،
  • خون آدم جو الا! ميسارجي،
  • عَمَرَ کوڙ اڄ ڀي، نه پر مارئي،
  • ڪين ڪنهن لاءِ ڇو خير دل ۾ رکين؟
  • ڪري ڏوهه ٿو ۽ عبادت ٿو سمجـﮬـي،
  • پيار ۾ انڪار کان، آهيون پري،
  • پراون تي ناهن ميارون رکيون،
  • پيار پوڄا ڪبي، پيار الله آ،
  • ڀاڳ منهنجو مون سان راضي ٿي اچي،
  • ساٿ ڇنين تون سار نه ڏي،
  • او نماڻي اداس ڇو آهين!؟
  • دل رنو آهي جو، رني آشا،
  • ڌرتيءَ لئه جو مرندو آهي،
  • زندگي جو تو ڏنو، مون سو وتو،
  • راهه سچ تي سڌو، هر قدم ٿي وڃي،
  • اڄ گـﮬـڙي کن چين ڪو ڏي زندگي!
  • حياتي ۾ اڄ جي نه ٿو دوست ڀائين،
  • سڀ جي آهه نهار اسان تي،
  • آ سڳو رشتن جو نازڪ، اعتبارن کي نه ڇڏجو!
  • وقت ساڳيو، ڪو نه بدليا چنڊ تارا!
  • رهي آهي مون سان ڏکاري حياتي،
  • اکين جي گـﮬـٽائن سان، وسندا رهون ٿا،
  • وقت ڪنهن جو ڪو نه آ گولو غلام،
  • دل وفا جي نه، ڪنهن ۾ رَکُ آشا،
  • سارون، سڏڪا ٿي ويا،
  • وڻ مٿان پيو لنوي جو پکي لاتڙي،
  • چنگُ چپن جو چوري ڇڏ تون،
  • علم سان روشن ڪريو، هر ٻار کي،
  • سُکن ۾ ڏکن ۾ پُڪاري پئي،
  • پاڻ نه، پنهنجون ڳالهيون رهنديون،
  • پيا ايئن دشمن، اسان روز ماريون،
  • ستو لوڪ، مون ساڻ تارن نڀايو!
  • اجـﮬـا پَٽِ پون ٿا، نه وَس مينهڙا!
  • ڇڏيو هيڪل، نه ڪير ڳالـﮬـائي!
  • آءٌ سنڌ جي بڻي صدا آهيان،
  • گـﮬـاوَ دل تي ڏنئي، پر ستايو نه تو!
  • تنهنجو سانول سنگ وڻي ٿو،
  • ريءَ عمل، لفظن سان کيڏون،
  • پاڻ ڄڻ پيار، جي بهاني ۾،
  • دل رني ۽ نگاهه، روئي ٿي،
  • اک اڙي دل اڙي، وئي اڙي زندگي،
  • توکي ساري روز ويچاري،
  • زندگي گذري پئي،
  • دل ۾ دردن جي آ، ڇڪتاڻ رهي،
  • پير نه پنهنجا، پيرا رهندا،
  • حال اندر جو، اوريون هاڻي،
  • عشق لڪائي، اَلبو ڪيسين؟
  • سچ نگاهن سان ڪٺو محبوب تو،
  • پيار ۾ پيارا پٽڪو ڪيسين،
  • من ۾ ڪوئي، مير نه رکجي،
  • مزا حياتي، ڏچا حياتي!
  • عشق آ درد جي، ڀري عائشه
  • ساري ساري ڪڏهن، وساريندو،
  • اک اڙي دل لڳي ڇا ڪيئه،
  • دوستيءَ منجـﮬـه ڄڻ صلو ڏيندين،
  • حال دل جو ڪٿي لڪائي ٿو،
  • نه ڪا ساڻ سرتي سهيلي رهي،
  • ڏور ايڏو نه رهه ڇا خبر زندگي!؟
  • ٿي پوي برسات تارا گم ٿيا،
  • چيو دل پرين جي، زيارت ڪجي،
  • توسان منهنجو، نباهه شاهد آ،
  • ڪين لفظن ۾ قربتون گـﮬرجن،
  • ڇڏ سڀاڻي پرين، زندگي ٿي وڃي،
  • سارو ڏيهه، سجايو ماڻـﮬو،
  • ڦٽايو نه محفل، اُٿي ٿا وڃون،
  • ڊوڙي جندڙي، ٿڪڻي آهي،
  • سجائي مرڪ، چپڙن تي رکان ٿي،
  • سنڌ ساري پڪار، ٿي ويئي،
  • ياد ماضيءَ جا پل، وريا آهن
  • پرت ۽ پيار آ، روشني روشني،
  • روئڻ، مرڪڻ حياتيءَ جو حصو آ،
  • نهارن چئه، نگاهون ڪيستائين؟
  • اوهان جي بزم مان اُٿڻ وارا آهيون،
  • ياد ايئن تنهنجي اچي،
  • ٿي ڏيئي پيار کي پناهون دل!
  • ڌوڪو ۽ دولاب ڪندا ڪيئن،
  • تتيءَ کان ٿڌيءَ کان پناهن ۾ رکجو،
  • ڇا ٿيو جي آن، هڪ ڄڻي عائشه!
  • مان سڄي سُور هان، توکي مسرت کپي،
  • سور سارو، بيان ۾ آهي،
  • سُور منهنجي ساهه کي تـو ئي ڏنو،
  • قدم ٿا سونهن ڏي سوريون،
  • ڏسيو، ڪاٿي سُکي عورت رهي آ؟
  • جميل ڪردار ڪونه ٿيندو، زبان تي جي جمال ناهي،
  • نه ڪو فتنو ڦڏو آهي،
  • پنھنجي ڀائٽي ‘دعا’ جي لاءِ
  • سبق سور جاتي، دليون درسگاهون،

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر چوهتر (74) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “دليون درسگاهون” سنڌ جي بهترين شاعره عائشه ميمڻ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.

    اسين ٿورائتا آهيون ادي عائشه ميمڻ جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ قرب پياري دوست مرتضى لغاريءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني. هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپنا

    آءٌ پنهنجو هيءُ تخليقي جذبن جو پورهيو
    ارپيان ٿي
    پنهنجي بابا سائين
    الهندو ميمڻ کي
    ۽ مٺڙي جيجل مرحومه زينب خاتون کي
    جن جي ٻاجـﮬـه جيون جي نِٽهڻ اُس ۾ مون مٿان ڇانورو رهي آهي؛ ۽ جيڪي منهنجي هر ساھ ۾ سمايل آهن.
    ۽ گل جي پنکڙيءَ جـﮬـڙي ڀائٽيءَ
    دُعا کي
    جنهن جا ٻاتا ٻول، تنهائي ۾ منهنجي بيقرار من کي آنند بخشيندا آهن.


    اداري پاران:

    عائشه ميمڻ ــ عورت ليکڪائن جي نئين ٽهيءَ جو نئون آواز، پنهنجي پهرئين ڀرپور تخليقي جوهر ‘دليون درسگاهون’ سان سنڌي جديد شاعريءَ جي سفر ۾ پنهنجا فني ۽ فڪري حوالي سان شانائتا غزل پيش ڪري رهي آهي.
    عائشه ميمڻ جو ادبي سفر ايتري طوالت رکندڙ ناهي، هُوءَ انهن عورت شاعرائن مان هڪ آهي، جيڪي پنهنجي ساءِ، پنهنجي اندرَ ــ اُور ڪاغذن تي اُوتي ٺَپي رکن ٿيون، ادبي منظر عام تي گھٽ اچن پيون يا وري ڪجهه وقت لاءِ اچي، هميشه لاءِ الوپ ٿي وڃن ٿيون. پر عائشه ميمڻ جي حوالي سان اها ڳالهه به ڀاڳوند آهي، ته هوءَ مسلسل لکي رهي آهي ۽ منجھس جديد شاعراڻن گُھرجن پٽاندڙ سموريون خوبيون نمايان رنگن سان ڀريل آهن.
    عائشه ميمڻ جا ‘دليون درسگاهون’ جھڙي انوکي ٽائٽيل هيٺ پيش ڪيل غزلن ۾ فني خوبي نهايت اتم آهي، جيڪا عورت ليکڪائن ۾ بنهه گھٽ آهي. هن وٽ ٻولي ۽ موسيقيت جي ڪمي محسوس نٿي ٿيئي، هن وٽ نئين زماني جي ڪوتا ۾ موجود موضوعن جھڙي ئي نيري بهار خوبصورت انداز ۾ وک وک تي ملي رهي آهي. ان ڪري چئي سگھجي ٿو ته عائشه ميمڻ پنهنجي شاعراڻي ــ شهر جي شهزادي، هڪ مڪمل تخليقار آهي، جنهن وٽ فن سان گڏ فڪر به ندرت ڀريو آهي.
    عائشه ميمڻ جي آغازي ڏات جي اڏام نهايت ڀرپور ۽ نئين ٽهيءَ جي عورت ليکڪائن لاءِ هڪ مثال آهي. اميد آهي ته هوءَ انهن نام نهاد فيميلسٽ ليکڪائن کي تخليقي حوالي سان پوئتي ڇڏي ويندي، جن وٽ نه فن آهي نه وري عائشه ميمڻ جھڙو سڀني جذبن جي ترجماني ڪندڙ فڪر.
    سعيد سومرو
    ڪنول پبليڪيشن قنبر
    Cell: 0333-7523132
    Saeedsoomro4@yahoo. Com


    تعارف:

    دليون درسگاهون ڀائيندڙ - عائشه ميمڻ

    اها ڪنهن کي پرک نه هئي، نه ئي وري اهو ڪنهن ڄاتو هوندو، ته سنڌ جي تاريخي شخصيتن جي جنم ڀومي، نوشهروفيروز شهر جي هڪ ميمڻ محلا ۾، پهرين جنوري 1975ع تي، الهندو ميمڻ جي گـﮬر ۾ هڪ ڪوي (شاعره) جو جنم ٿيو آهي، جنهن نالو آسيه آهي؛ جيڪا اڳتي هلي سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ پنهنجو اهم نانءُ پيدا ڪندي ۽ تخليقي نانءُ عائشه ميمڻ جي نالي سان سڃاتي ويندي.
    پر هڪ نفيس جذبن جي مالڪ ۽ سماج جي درد سان سرشار عائشه، آسيه جي دل ۾ ڪڏهن کان لڪل هئي، اهو ته ان آسيه به نٿي ڄاتو. وقت گذريو، حالتن ڦيرو کاڌو، من ۾ تخليقي جذبن جي وڌندڙ ڪروڌ وڌيڪ عائشه کي آسيه رهڻ نه ڏنو؛ ۽ هن قلم جي نوڪ کي ڪيفيتن جو امين سمجـﮬـي اپنائي ورتو . زندگيءَ جي ڊگر تي هلندي هن تعليمي ميدان ۾ ايم اي ،ايم ايڊ به ڪئي، ان سان گڏ سنڌ جي تعليمي مستقبل کي سنوارڻ واري جستجوءَ خاطر استاديءَ جو پيشو به اختيار ڪيو، هن وقت هوءَ هڪ جفاڪش ۽ شفيق استاد طور پنهنجون خدمتون به سر انجام ڏئي رهي آهي، ته شاعريءَ جي ذريعي پيغام به ڏئي رهي آهي. هن جون اهي ٻئي خدمتون هن جي سڀاءَ کي نمايان ڪن ٿيون.
    جيتري قدر آءٌ عائشه کي سڃاڻان ٿو؛ عائشه سنڌ جيجل لاءِ پنهنجي سوچ، لوچ ۽ وس ۽ وِت آهر عمل ڪندي رهي آهي. عائشه سماج جي ماريل، مجبور ۽ غربت جي گـﮬـاڻي ۾ پيسجندڙ مسڪينن جي خدمت ۽ ٻارن جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڪابه ڪسر ناهي ڇڏي. اهڙو عمل قومي سوچ ۽ درد رکندڙ انسانن ۾ ئي هوندو آهي.
    عائشه ميمڻ سان منهنجو ملڻ ته نه ٿيو آهي، پر فون تي ڪڏهن ڪمي ڪارين ڳالھائڻ ٿيو آهي، ته ائين لڳندو اٿم ته پنهنجي ئي ڪنهن گـﮬر ڀاتيءَ سان مخاطب هجان. هن جي ڳالهائڻ ۾ سڀاءُ، ماٺيڻو پن، اخلاق، ادب ئي نظر آيو آهي. سچ به اهو آهي ته ادب ۽ اخلاق سان ئي هڪ انسان ، ٻئي انسان جي دل کٽي وٺندو آهي. اها سگـﮬـه قدرت واري عائشه جي طبيعت ۾ به سمائي آهي، جو جنهن سان به عائشه مخاطب ٿيندي هوندي، ان کي عائشه منجـﮬـه پنهنجائپ محسوس ٿيندي هوندي .
    عائشه ميمڻ 1990ع کان باقائده شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هن مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، جن مان خاص طور غزل تمام سهڻو لکي ڄاڻي. ان کان علاوه نظم، گيت، وائي، پنجڪڙو به شاندار لکيا اٿائين.
    عائشه جي شاعري ۾ پيار به آهي ته سماج ۾ اجايو نفرتن کان بيزاري به آهي. ڀٽائي جي سورمين جا درد ۽ آهون به آهن، ته انهن سان وفاداريون به آهن. ديس جي ڳڀرو نوجوانن جي قرباني به آهي ته انهن جا موڙ ٻڌا چهرا به آهن، رشتن جون ويساگـﮬـاتيون به آهن ته انهن جي پنهنجي ٻانهن مٿان سر قربان ڪندڙ شعر به آهن. عائشه جي شاعري سماج جو آئينو آهي، هن جي هر سٽ احساس رکندڙ ماڻهوءَ جي ضمير ۾ چُهنڊڙي ضرور وجـﮬـي ٿي، جيڪا هڪ لڇاءُ ضرور ٿي پيدا ڪري، هن جي غزل جي شاعريءَ ۾ نماڻائي، رشتن جي لاتعلقي، سماجي قدرن جي ڀڃ ڊاھ، ۽ ٻيون اهڙيون ڪيتريون ئي ڏکاريون ڪيفيتون جابجاءِ ملنديون. سندس غزل جون هي سٽون پڙهي اوهان کي اندازو ٿي ويندو ته هوءَ ڪيئن آمد کي تخليقي شاهڪار ٿي بڻائي؛ هن جي پيشڪش جو انداز سادو سلوڻو، جدا گانو ۽ پنهنجو ئي آهي، پر ڏاڍو پر اثر آهي:
    پاڻ نه پنهنجون ڳالهيون رهنديون،
    اکڙيون ڪنهنجون آليون رهنديون.

    ڪيسين هيءُ ڏهڪاءُ ڪراچي!
    ڪيسين رت جون ناليون رهنديون؟

    ائين ئي هوءَ ٻين صنفن ۾ به اجايو سجايو درد نه ٿي اوري. هوءَ هر خيال کي، هر ڪيفيت کي هر تڙپ کي لاوو بڻائي پوءِ قلم جي نوڪ تي آڻي، ان ئي صنف ۾ نروار ٿي ڪري، جنهن ۾ هن جون ڪيفيتون هن کي حڪم ٿيون ڪن.
    مون کي عائشه جي وڏي بهادري ته اها لڳندي آهي جو هوءَ پنهنجي شاعريءَ تي تنقيد صبر سان ٻڌندي آهي ۽ برداشت به ڪندي آهي، ۽ جائز تنقيد کي مانُ به ڏيندي آهي؛ اهو سندس اعليٰ ظرف آهي ۽ اها ئي سندس علم جي نشاني به آهي.
    عائشه جي 23 سالن جو تخليقي پورهيو اڄ ڪتاب دليون درسگاهون جي نالي سان اوهان جي هٿن ۾ آهي. عائشه جو تخليقي پورهيو سنڌي ادب ۽ ادب دوستن ۽ ڌرتي ماءُ جي امانت هو، جيڪا امانت اڄ اوهان جي هٿن ۾ آهي. اوهان ليکاري ۽ قاري ئي عائشه جي تخليق جي گواهي ڏيندا ته هوءَ ان پورهئي ۾ ڪيترو ڪامياب ٿي آهي؛ ۽ سندس شاعريءَ ۾ ڪيتري سگـﮬـه آهي. اميد ته عائشه ميمڻ جيڪڏهن ائين لکندي رهي ۽ هن کي اتساھ ملندو رهيو ته هوءَ سنڌ جي ناميارن شاعرائن ۾ ضرور ليکجڻ جو حق رکي ٿي.



    درد هوش محمد
    خيرپور ميرن واري
    Cell: 0300-3148071


    شاعري ڪوڙ نه ڳالھائيندي آهي!

    مون ڪٿي لکيو هو: ‘‘شاعري ڪوڙ نه ڳالھائيندي آهي.’’ ها! شاعري ڪوڙ نه ڳالھائيندي آهي. ملاقات جا کوڙ ذريعا هجن ٿا، جن مان هڪ شاعري به آهي. ڪنهن شاعر جو تعارف، سندس شاعريءَ کان وڌ ٻيو ڪير ٿو ڪرائي سگھي!؟ شاعري جڏهن ٿرڊ پرسن يا ٽينءَ ڌر جي حيثيت ۾ ٻيءَ ڌر بابت ڳالھائڻ شروع ڪندي آهي، تڏهن منجھس ماڻھوءَ واري مفاهمت پسندي(Reconciliation) بلڪل به نه هوندي آهي؛ اها بلڪل سڌي (Straight for and) هوندي آهي. پنهنجي متعارف جي سمورين خوبين توڙي خامين سميت! ۽ ڪنهن جو مڪمل تعارف، مفاهمت کان ماوريٰ ئي ممڪن ٿي سگھي ٿو. ادي عائشه ميمڻ سان مُکاميل به ڪجھه اهڙي طرح ئي ٿيو. شروع ۾ محترمه ‘درد’ هوش محمد صاحب (هڪ سٺو شاعر ۽ موبائيل دوست) سندس شاعري موبائيل ميسيجز ذريعي موڪليندو رهيو؛ بعد ۾ ادي پاڻ به سينڊ ڪرڻ شروع ڪيا. اهو سلسلو ڳچ وقت هليو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن ‘درد’ ٻڌايو ته ‘اديءَ جو شعري مجموعو ڪمپوز ٿي چڪو آهي، ۽ ان تي ٻه اکر لکڻ لاءِ مون ڏانهن پوسٽ ڪيو پيو وڃي!’ ان مهل واقع به مون کي حيرت ٿي هئي، پر پوءِ ڄاتم ته شاعريءَ جي جوڙيل رشتن وچ ۾ ڪوبه تڪلف ۽ اوپرائپ جو عنصر نه هوندو آهي- بس، ٻنهي ڌرين جو شاعر هجڻ ئي ڪافي هوندو آهي- اها بي تڪلفي، ٻن ڌرين وچ ۾ پنهنجائپ جي سڱ تي حجت ۽ دليل هئي- بيشڪ! ۽ آئون اُن رشتي/سٻنڌ کي سوئيڪار ڪندي، پاڻ کي خوش بخت ٿو ڄاڻان.
    اديءَ عائشه ميمڻ جو اميج ته ڪافي عرصو اڳ، سندس شاعريءَ جي حوالي سان ذهن ۾ جُڙيل هيو، تنهن ڪري جڏهن سندس شعري مسودي جي فوٽو اسٽيٽ ۽ پرنٽ آئوٽ مون وٽ پهتي ته سندس پروفننگ شروع ڪيم؛ ۽ پروفن دوران محترم درد هوش محمد جي سهڪار کي هتي ظاهر نه ڪرڻ ساڻس زيادتي ٿيندي – هُن دوست جون هن مجموعي کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي ڏس ۾ وڏيون ڪاوشون آهن. مون کي ياد آهي، ته ‘درد’ اڪثر پنهنجي مڌر درديلي آواز ۾، ادي عائشه جا غزل اڪثر موبوئيل تي جھونگاريندي ٻڌائيندو هو. مالڪ ڇا ته سندس آواز ۾ سوز و گداز سمايو آهي!
    ادي عائشه ميمڻ جي زيرِ نظر پهرئين شعري مجموعي ‘دليون درسگاهون’ تي نظرر ڊوڙائيندي سندس ذوقِ تخليق کي ساراهائڻو پئي ٿو. ۽ اميد ڪجي ٿي ته سندس اهو ذوق برقرار رهندو ۽ دلين جون درسگاهون سدا آباد رهنديون.

    آسي زميني


    پنهنجي پاران

    ڳالهيون، ڳوڙها، شاعري

    مون کي زندگيءَ کان ڪڏهن به شڪايت ناهي رهي، ڇو جو زندگي ئي ته آهي، جيڪا هر شئي جو احساس ڏيئي ٿي. زندگي هر انسان کي الله پاڪ جي سوکڙي ڏنل آهي. زندگي ته محبوب آهي ۽ محبوب کان بيزاري ڪرڻ ڪفر چئبو. اهو به سچ آهي ته زندگي ڏکن سکن جي سيج آهي؛
    ڏک سکن جي سونهن گهوريا سک ڏکن تان!
    زندگيءَ جون ڪيفيتون درد هوش محمد جي هن شعر ۾ ڏسندي آهيان ۽ اهي سٽون هميشه منهنجي زبان تي ٻُرنديون آهن.
    هر دور ۾ رهي آ ڊڪ ڊوڙ زندگيءَ ۾،
    ايندا رهيا هزارين من موڙ زندگيءَ ۾.
    هت پيٽ ٿو ڳڀو گهري هُت پياس پيار جي،
    آسون پليون پيارا هِنِ کوڙ زندگيءَ ۾.

    سچ ته زندگيءَ ۾ هزارين موڙ ايندا رهن ٿا ۽ زندگيءَ کي وقت جي بارگاهه ۾ وڏا وڏا امتحان ڏيڻا پون ٿا، هر ساهه سختا ڏسي ٿو، هر روح پيڙا ڀوڳي ٿو، پر پوءِ به زندگي پياري رهي ٿي. زندگيءَ تي هر اديب شاعر گهڻو ڪجهه لکيو آهي پوءِ به اهو محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ڪنهن زندگيءَ تي ڪجهه به ناهي لکيو! اهو زندگيءَ جو ڪمال آهي ته سُور ۾ به سرور ڏيندي آهي، اهو سرور جنهن جو سبب ماڻهو سمجهي ناهي سگهندو. زندگيءَ جي اهڙين ڪيفيتن ۾ مون کان پڻ شاعري لکجي ويئي، جن منجهان ڪجهه شعر آئون هتي شيئر ڪريان ٿي.
    نه ڪا ساڻ سرتي سهيلي رهي
    ازل کان حياتي اڪيلي رهي

    يا وري:
    رسڻ پرچڻ حياتيءَ جو حصو آ
    روئڻ مرڪڻ حياتيءَ جو حصو آ

    پڪو درد سان وئي جَڙي زندگي
    سدا سُور ساڙيس سڙي زندگي

    سنتوش کان ازيت تائين زندگي آهي، سڪون ۽ بي سڪوني به زندگيءَ جو حصو آهي، ڇو جو جستجو ئي زندگي آهي ۽ زندگي ڪڏهن به آشا کان خالي ناهي رهندي. منهنجي مٺي شاعري به منهنجي زندگيءَ جي پيڙا ۽ پيار آهي، اگر ڪو پڇي ته ڇا لکندي آهيان، ڇو لکندي آهيان، ڇا لاءِ لکندي آهيان ته انهن جي سوالن جا جواب شايد مون وٽ به نه هجن. ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڪائي ذات ته آهي جيڪا شاعريءَ جي روپ ۾ منهنجي مٿان مهربان رهي آهي. شاعري منهنجي لاءِ ڏکن ۾ ڏڍ رهي آهي شاعري منهنجي ڪاڻ همدرد ۽ همسفر رهي آهي، انهن گهڙين ۾ جڏهن خدا کان سواءِ منهنجو ڪوئي ساڻي ناهي هوندو.
    بهرحال زندگي گهڻو ڪجهه سيکاري پئي، زندگي هڪڙي ۽ هڪڙو ڀيرو ملندي آهي ۽ زندگيءَ کي خوبصورت طريقي سان گذارڻ ۾ زندگيءَ جو حقيقي مقصد ماڻي سگهجي ٿو. پنهنجي ڪاڻ جيئڻ جيترو سوکو آهي ايترو ئي مشڪل آهي ٻين جي لاءِ جيئڻ ۽ ڪنهن جي تڪليف کي پنهنجي تڪليف سمجهڻ، ٻئي کي روئندو ڏسي پاڻ روئڻ، ٻين جي خوشيءَ کي پنهنجي خوشي سمجهڻ زندگي آهي. منهنجي ذاتي زندگيءَ جو مشاهدو رهيو آهي چڱائيءَ جو بدلو چڱائي ڏاڍو مشڪل ڪم آهي، سو چڱائي ڪري چڱائي وسارڻ ۾ ئي چڱائي آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ چڱائي ڪندڙن کان مندائيءَ جي آشا رکان ٿي. ڀٽائي صاحب جي ڪيڏي نه سهڻي نصيحت آهي ”جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن“. مگر مون زندگيءَ جي بيوسي هر پل پنهنجي ئي گهر ۾ ننڍڙي ڀائٽي دعا بتول جي معذوري ۾ ڏٺي آهي، ‘دعا’ جيڪا ستن سالن جي آهي ۽ ويڄن به وس ڪندي آخر ‘دعا’ لاءِ ‘دعا ڪرڻ’ جو رستو ئي ٻڌايو. ڄڻ طبيبن جون دوا ۽ دارون ‘دعا’ جي سُور آڏو سڀ ڦڪيون بيوس بڻيون بيٺيون رهيون. مون کي اهو احساس بي سڪون ڪندو آهي ته ڪڏهن خدا پاڪ صحت عطا ڪندو منهنجي دعا کي! ڇوته عورت ڪيڏي به بلندين تي هوندي آهي پوءِ به ويچاري عورت سڏبي آهي ۽ هن سماج ۾ ڌيءَ جو نالو ڏک رکجي ته غلط نه هوندو ۽ منهنجي شاعريءَ ۾ سواءِ ڏکن جي ٻي ڳالهه ناهي رهي ان جو ڪارڻ اهو آهي ته جيڪو زندگيءَ مون کي ڏنو، ها اُهو ئي لکيو آهي.
    منهنجي شاعريءَ ۾ ڪافي قدر ‘درد’ هوش محمد جو سهڪار رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ‘درد’ فون تي لوڪ گيت ٻڌائيندو آهي ته منهنجي نيڻن تي ننڊ جا خمار طاري ٿي ويندا آهن ۽ محسوس ٿيندو آهي ته ‘درد’ به هن ڏيهه جي ڏکن کان آجو نه آهي.
    آئون پنهنجي شاعريءَ تي ڪائي راءِ نه ٿي ڏئي سگهان ڇو جو ڪوئي به انسان پنهنجي کوٽ ڏسي ناهي سگهندو، هر انسان پنهنجي پر ۾ پاڻ کي مڪمل سمجهي ٿو، جڏهن ته مڪمل ڪوئي به ناهي، پاڻ وڏائي ۽ خود ثنائي فنا آهي. آئون ته پاڻ کي مڪمل ڪڏهن ناهي سمجهيو ڇوته زندگي وقت کان سکندي رهي ٿي، زندگي وقت آڏو ڪجهه به ناهي.
    منهنجو هي شاعريءَ جو ڪتاب ”دليون درسگاهون“ پڙهندڙن لاءِ امانت هوندو ته هو منهنجي شعرن تي نقاد جهڙي نظر رکي سهڻي راءِ ڏين ته جيئن آئون پنهنجي لکڻيءَ جي اصلاح ڪري سگهان.
    آئون ٿورائتي آهيان درد هوش محمد (ڪولاب جيئل)، زبير سومرو (خيرپور)، ڀاءُ پنهل (لاڙڪاڻو) ۽ ڪنول پبليڪيشن قنبر جي سرواڻ ڀاءُ سعيد سومرو سميت، ڀاءُ رضوان گل جي، جنهن منهنجي ڪتاب جي ٽائيٽل کي بهتر رنگ ڏنا. ۽ سائين اياز گل، سائين ادل سومري ۽ ڀاءُ آسي زميني جي به مهرباني، جن منهنجي شاعري تي ڪجهه سٽون لکيون، جيڪي منهنجي لاءِ حوصلو ثابت ٿيون ۽ پنهنجي استاد ‘درد’ هوش محمد جي فڪري گرو محترمه ج.ع. منگھاڻي جن جي، جن جي تخليق ‘درد’ مون تائين پڄائي مون کي لکڻ لاءِ اتساهه ڀريو. ان کان علاوه فنڪار استاد عبدالغفور سومرو، صادق فقير، خاص طور سڄڻ سنڌي، سليم رضا ڪنڀر جا به ٿورا، جيڪي منهنجي شاعري کي سريلي آواز ۾ ڳائيندا رهن ٿا. جن ڀائرن مون کي ڪتاب شايع ڪرائڻ لاءِ اتساهيو، تن ۾ ڀيڻ ناياب سرڪش سنڌي، ڀاءُ عزيز قاسماڻي، عزيز منگي، عزيز لغاري، ممتاز جويو، ستار هُليو، علي صفدر، رجب ٻگھيو، فرهاد جروار، آصف ابڙو، صاحب خان بلوچ، سعيد سائل، ارشد عباسي سميت سڀني جي مهرباني. پنهنجي اسڪول ۾ پڙهائيندڙ ٻه سهيليون جيڪي ڏک سک ۾ سلهاڙيل رهن ٿيون، ڀيڻ فردوس ميمڻ ۽ ڀيڻ فرزانه ميمڻ سان گڏ، برڪت بلوچ استاد منظور ابڙو، استاد حميد ابڙو، ڪامل شاهه، علي احمد ابڙو، سخي سرور ابڙو، اصغر تبسم، انور سانول، الطاف راجه، رشيد عباسي، ايف ايم ريڊيو (خيرپور) زاهد راڄپر جن جي، جن مون سان شاعريءَ جي هن سفر ۾ ساٿ ڏنو ۽ سنڌي ادب ۾ ‘عائشه ميمڻ’ جي نالي کي متعارف ڪرايو.
    شال سنڌ سلامت رهي!



    عائشه ميمڻ
    ميمڻ محلا - نوشهروفيروز
    11-06-2013


    تاثرات: اياز گل

    * سنڌي ادب ۾ شاعرن جي کوٽ کڻي نه به هجي، پر شاعرائُن جي کوٽ برابر آهي ۽ انهن ۾ به پنهنجي ڌار سڃاڻپ سان، پنهنجو پاڻ کي مڃرائيندڙ شاعرائون ته بنهه آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون آهن، اهڙي ماحول ۽ اهڙي صورتحال ۾ ‘عائشه ميمڻ’ جو لکڻ ۽ سُٺو لکڻ ، گھڻو سُٺو لڳو اٿم.
    عائشه ميمڻ جي شاعريءَ ۾، زندگي پاڻ پَسائي ٿي، پنهنجن سمورين خوبصورتين ۽ بدصورتين سان هُوءَ سندس شاعريءَ ۾ جيئري جاڳندي موجود آهي- سچي ڳالهه اها آهي ته رڳو لکڻ ڪافي نه آهي، اُن ۾ اندر جي احساسن ۽ ٻاهرين پيڙائن کي گڏي شاعريءَ ۾ پيش ڪرڻ جو ڍَنگُ اچڻ به لازمي آهي ۽ عائشه ميمڻ ڏات ۽ ڏانءَ کي سهڻي نموني پنهنجي شاعريءَ ۾ سانڍڻ جو ڪم خوب ڪيو آهي – هُن پنهنجي ذاتي تجربن، مشاهدن ۽ وارتائُن کي، جيئن جو تيئن شعرن جو ويسُ ڍَڪايو آهي، جيڪو وڻندڙ به لڳي ٿو ۽ دل ڇُهندڙ به.
    پڪَ اٿم ته ان ئئي محنت، همتَ ۽ تخليقي سگهه سان، عائشه ميمڻ هڪ ڏينهن ڌار سُڃاڻپ رکندڙ شاعرائن ۾ ضرور شامل ٿيندي ۽ پاڻُ مڃرائيندي.


    اياز گل
    20 جون 2013ع


    تاثرات: ادل سومرو

    تخليق جي دنيا، بيٺل تلاءُ نه پر وهندڙ درياءُ آهي، زندگيءَ وانگر مسلسل ۽ اڳتي وڌندڙُ. شاعري به جيڪڏهن تازگيءَ جو احساس ڏياريندڙ ناهي ۽ وقت ۽ حالتن مطابق اڳتي نٿي وڌي ته پنهنجو اثر وڃائي ٿي ڇڏي.
    سنڌيءَ ۾ شاعري تخليق ٿيئي پئي ۽ اڳتي به ٿيندي رهندي، هڪڙا مسافر ويندا ته ٻيا پيا ايندا. اُتساهه جا دروازا بند نه ٿيڻ گھرجن، دلين جو درسگاهون آباد هجن. آس وندن جون خواهشون دربدر نه ٿين. عائشه ميمڻ جي شاعري ڪهڙي معيار جي آهي، وقت جو نقاد ان جي ڇنڊڇاڻ ڪندو. جي منجهس آرٽ ۽ فڪري ندرت هوندي ته اها رهندي نه ته ماضيءَ جو حوالو بنجي ويندي. نون آوازن کي ٻڌڻ کپي ۽ انهن جي آجيان ٿيڻ کپي. اسان ۽ اوهان جي بي رخي يا لاتعلقي ڪنهن تخليقار جي تخليقي صلاحيتن کي ميرانجھڙو ڪري سگھي ٿي. عائشه ميمڻ جي شاعري احساسن ۽ جذبن جو هڪ نئون آواز آهي، جيڏانهن ڌيان ڌرڻ گھرجي. دل جي عبادت گاهه جون دعائون ٻڌڻ گھرجن، ڇو ته تخليق به درد آهي، دعا آهي.


    ادل سومرو


    غزل

    غم خوشيءَ جو انهي شعور ڏنو،

    غم خوشيءَ جو انهي شعور ڏنو،
    نينهن نابين کي ڄڻ نور ڏنو.

    چنڊ راتين جو همسفر منهنجو،
    چنڊ آ ساٿ ڏاڍو ڏور ڏنو.

    غيب من ۾ هي، يار بهتر هو،
    درد کي عشق ڇو ظهور ڏنو.

    وقت توکان جو ‘عائشه’ کي مليو،
    ڇو چوان سڀ تو، بي قصور ڏنو.
    **


    آهي وڻ وڻ بهار ۾ سائو،

    آهي وڻ وڻ بهار ۾ سائو،
    دل جو گلشن آ پيار ۾ سائو.

    وقت جي ڪا تتي نٿي ساڙي،
    جو به آ تو نهار ۾ سائو.

    دل ۾ ڪنهن آس جو ڦٽل ٻوٽو،
    آ سدا انتظار ۾ سائو.

    دل جو گلشن هي هميشه ”عائشه“
    سار تنهنجي سنڀار ۾ سائو.
    **


    آ ذڪر ۽ فڪر رڳو تنهنجو،

    آ ذڪر ۽ فڪر رڳو تنهنجو،
    جيءَ منهنجو پرين جُـﮬـڳو تنهنجو!

    روح سان روح جو آ، روح جڙيل،
    ڇو چوان ساٿ آ، ڇڳو تنهنجو!

    هاڻ ڪاٿي قرار دل کي آ،
    ياد پيغام ڄڻ پڳو تنهنجو!

    ‘‘عائشه’’! نانءُ ڇو وتئي هن جو،
    جو وهاڻو سُتي، ڀِڳو تنهنجو!
    **


    خطا ٿو سمجـﮬـين، خطا ڪرڻ ڏي!

    خطا ٿو سمجـﮬـين، خطا ڪرڻ ڏي!
    وفا ڌرم ٿم، وفا ڪرڻ ڏي!

    سڪون پنهنجو، ڏيان ڏکيءَ کي،
    اها ته مون کي، سخا ڪرڻ ڏي!

    نه هام آهي، حوال ناهي،
    هي ساهه توتان، فدا ڪرڻ ڏي!

    نه ‘‘عائشه’’، ڪو، لڇي گذاري،
    ستم دنيا مان، صفا ڪرڻ ڏي!
    **


    جيون! زماني ڪاڻ، زمانو ڇڏي هلون،

    جيون! زماني ڪاڻ، زمانو ڇڏي هلون،
    پڙهندا هزار پنهنجو، فسانو ڇڏي هلون.

    جنهن جاءِ پاڻ آهيون، تنهن جاءِ ايندو ڪو،
    خالي هي پاڻ پنهنجو، خانو ڇڏي هلون.

    صديون اسان کي ياد، زمانو ڪندو پرين،
    تڙپي لڇي لکيو سو، ترانو ڇڏي هلون.

    مڃ جند ‘‘عائشه’’ جي، هي بات تون مٺي،
    جيئڻ رهيو آ جيڪو، بهانو ڇڏي هلون.
    **


    غلط ڇاهي، سهي ڇاهي، سو سمجـﮬـون ٿا،

    غلط ڇاهي، سهي ڇاهي، سو سمجـﮬـون ٿا،
    اسان جي پَت رهي ڇاهي، سو سمجـﮬـون ٿا.

    پيا ٿا پنڌ ۾ ڪاهيون، اسان راڻا،
    سفر ڇاهي، پهي ڇاهي، سو سمجـﮬـون ٿا.

    لڳي جو عشق، جي هٿ وس، حياتي آ،
    ڊهي ڇاهي، ٺهي ڇاهي، سو سمجـﮬـون ٿا.

    اچي ڀل، موت جي آهي عمر ‘‘عائشه’’،
    ڀلا پنهنجي وهي ڇاهي، سو سمجـﮬـون ٿا.
    **


    آهي حياتي، چار گـﮬـڙيون،

    آهي حياتي، چار گـﮬـڙيون،
    مٺڙا ويهي گـﮬـار گـﮬـڙيون.

    جيڪي جاني، گڏ گڏ گـﮬـاريون،
    سي ئي سهڻا، سار گـﮬـڙيون.

    نينهن نماڻيون، گذريون توسان،
    ياد پيون، هر بار گـﮬـڙيون.

    ‘عائشه’ ماضيءَ ۾، جي گذريون،
    روئي روز، پچار گـﮬـڙيون.
    **


    مشڪلاتن ۾ ڀي، اچي ڏسجي،

    مشڪلاتن ۾ ڀي، اچي ڏسجي،
    عشق آڙاهه ۾ پچي ڏسجي!

    نينهن نروار جو ڪيو ناحق،
    ڇير پيرين ٻڌي نچي ڏسجي!

    موهه ئي موهه بس، رهي دل سان،
    ڇو نه ان رنگ ۾ رچي ڏسجي!

    ‘عائشه’ خيال ۾، هي گڏ آهي،
    دل چوي ٿي سڄڻ سچي ڏسجي!
    **


    ساهيان نه پير ڪاٿي شل وقت سان ڊڪان مان،

    ساهيان نه پير ڪاٿي شل وقت سان ڊڪان مان،
    منهنجي وسين پيو من ۾ جاتي سڄڻ هجان مان.

    آزاد ٿي گذاري، انسان هرڪو هتڙي،
    باندي ڪري ڇو ڪنهن کان، ڇا لاءِ حق ڇنان مان.

    تو وٽ حشر قهر آ، ڄڻ زندگي زهر آ،
    آ سوڳ تنهنجي من ۾، ڪهڙو ڦڪو کلان مان!

    ‘استاد’ وانگي ‘عائشه’، توکي حيات هڪ آ،
    ‘ڇا قوم تي لکان مان، ڇا حسن تي لکان مان!’
    **
    _________
    استاد بخاري جي سٽ تي لکيل طرحي غزل.


    پرين پيار ۾ ڪنهن کي ڏکائبو ناهي،

    پرين پيار ۾ ڪنهن کي ڏکائبو ناهي،
    مٺا هي قرب ڪري پوءِ ستائبو ناهي.

    گواهه آهي محبت جدا نه ٿيندين تون،
    ڪري هي قول پرين پوءِ ڀلائبو ناهي.

    هزار سور سهي پر وري به مرڪون ٿا،
    سڄڻ جو درد دنيا کي ٻڌائبو ناهي.

    لڪائي رنج رُساما پيار ۾ پنهنجا،
    مٿان هي لوڪ کلي پيو کلائبو ناهي.

    زبان پاڻ ڪئي تو ته”عائشه“ جو هان،
    وري ته محب ٻئي جو سڏائبو ناهي.
    **


    نڪورو نينهن، منهنجو ٿئي،

    نڪورو نينهن، منهنجو ٿئي،
    اکين جو مينهن منهنجو ٿئي.

    سياهه راتين ۾، گـﮬـاريان ٿي،
    ۽ ايندو ڏينهن، منهنجو ٿئي.

    سُکن ۾ تون سدا ويهين،
    هي پيار سرينهن منهنجو ٿئي.

    اٿئي پارت، پرين ان جي،
    نماڻو نينهن، منهنجو ٿئي.

    هي تو سان شوق آ ‘‘عائشه’’،
    چوي دل شينهن، منهنجو ٿئي.
    **
    _______
    * نوجوان شاعر ‘پنهل’ جي ڏنل طرح تي لکيل


    ٻنهي نينهن سان، ساٿ ڏاڍو ڏنو آ،

    ٻنهي نينهن سان، ساٿ ڏاڍو ڏنو آ،
    ڪڏهن اک رُني آ، ڪڏهن من رنو آ.

    جڏهن ڪنهن به ڇيڙيو ذڪر دوستن جو،
    اسان جو تڏهن من، الئه ڇو ڊنو آ!

    اکين کي ڏئي، ننڊ جي يار لولي،
    الئه روح رولاڪ، ڪاٿي پُنو آ!

    جڏهن جاڳ آ، هوش پنهنجو سنڀاليو،
    بدن پنهنجو لڙڪن ۾، سارو ڀنو آ.

    تڏهن ‘‘عائشه’’ سان، رهي هيڪلائي،
    اوهان کان جڏهن، ساٿ جاني ڇنو آ.
    **


    ڌيءَ حوا جي هان، مان پري ناهيان،

    ڌيءَ حوا جي هان، مان پري ناهيان،
    تون سهي ٿو چوين، ٻــري ناهيان.

    جنهن ڪيو پيدا سوئي مالڪ آ،
    ڏيهه جي ڏاڍ کان ڏري ناهيان.

    عشق جي سمنڊ ۾ ٻڏي وڃبو،
    ٿي لڇان پر اڃا تري ناهيان.

    مون ڦرائي، جنهن جاءِ تان دلڙي،
    آنءُ ان جاءِ ڏي وري ناهيان.

    ‘‘عائشه’’، هو وساري ويٺو آ،
    آءٌ ساريان ٿي، ڇا چري ناهيان!؟
    **


    دل ۾ پهريان، خير رکجانءِ!

    دل ۾ پهريان، خير رکجانءِ!
    سنڌ ۾ پوءِ، پير رکجانءِ!

    آ ڀلو هڪڙو پنهل ئي،
    ٻيو نه رشتو، ‘ڏير’ رکجانءِ!

    رب پيو تو ۾ وسي دل-
    ڪين دل تون مير رکجانءِ!

    ٻاٽ ۾ جي، آ حياتي،
    ڪين من انڌير رکجانءِ!

    هر قدم باطل سان ‘‘عائشه’’!
    تون پئي ڀل وير رکجانءِ!
    **


    حياتيءَ ۾ وڏو هي، ڪم رهيو آ،

    حياتيءَ ۾ وڏو هي، ڪم رهيو آ،
    خوشي ناهي ته ڇاهي، غم رهيو آ!

    مڃان ٿي اعليٰ آهي، پو به ڇالئه،
    ڪريل آدم اڳيان، آدم رهيو آ!؟

    ندوريون نفرتون، هن دل ۾ ناهن،
    پيارل! پيار ئي، هر دم رهيو آ!

    خوشين جي ڪر نه، ڪائي بات مون سان،
    سدائين ساهه ۾، ماتم رهيو آ!

    ڇڏيان ڪيئن ‘‘عائشه’’ چئه درد کي مان،
    اهو ئي همسفر، همدم رهيو آ!
    **


    ڇڏ ڇڏ روئڻ، کل او جاني!

    ڇڏ ڇڏ روئڻ، کل او جاني!
    ساڙ سڙي پيو، ڀل او جاني!

    جيءُ چوي جو، تنهن وٽ اچجي،
    پئبو ناهي ڳَل او جاني!

    چاهه نه ٿڪبو، ساهه نه ڀربو،
    پل پل مرڪي، مِل او جاني!

    سوچون تنهنجون، جاتي ڪاٿي،
    ايئن نه مون سان رَل او جاني!

    ‘‘عائشه’’ اکڙيون، دل ڇا آهي،
    تو لئه تن من، ڪُل او جاني!
    **


    بي ايمان هٿ لڳي جو ايمان آ ويو،

    بي ايمان هٿ لڳي جو ايمان آ ويو،
    ٿي صاحب ايمان ڄڻ بي ايمان آ ويو.

    ڪڻ ڪڻ شهيد لاش تي، آڪاش ٿي رنو،
    ڪو بي گناهه ماريو، انسان آ ويو.

    سڀ شرپسند ويا ٿي، چاهي نه خير ڪو،
    شايد امن ٿيڻ جو، امڪان آ ويو.

    ٻڌ ميزبان گـﮬر ۾، آيا ها چور ڪي،
    چورن هٿان مري ڪو، مهمان آ ويو.

    هاڻي ته ساهه ‘‘عائشه’’ ٻوساٽجي پيو،
    احساس کي جو کائي، حيوان آ ويو.
    **


    اسان لئه خدائي، اسان جو ڀٽائي،

    اسان لئه خدائي، اسان جو ڀٽائي،
    سدائين چڱائي، اسان جو ڀٽائي!

    •بخاري، پنهل وٽ، لطيفي فڪر ۽-
    چوي ٿو سنائي، اسان جو ڀٽائي!

    ملي درد دارون، هتان عاشقن کي،
    اِها وات وائي، اسان جو ڀٽائي!

    نه ئي سنڌ واسين، رکيو ساڙ ڪنهن لئه،
    ڏَسي ٿو ڀلائي، اسان جو ڀٽائي!

    دعا ‘‘عائشه’’ ديس تي، شاهه جي آ،
    سدا سنڌ سائي، اسان جو ڀٽائي!
    **


    ڇوڪري! ڇا ڏٺو ٿئي گوري ۾؟

    ڇوڪري! ڇا ڏٺو ٿئي گوري ۾؟
    ٿي رهين گمّ غرق ڇوري ۾!

    نينهن ناتو، نفيس آ ٿيندو،
    نيڻ هن وسندا، ٿوري ٿوري ۾.

    بات منهنجي زهر، لڳي هوندئي،
    آهي تڪليف سچ ۽ سوري ۾.

    او ڪراچي! قهرُ نه ٿو سُهجئي،
    ٿا ملن لاش روز ٻوري ۾!

    ‘‘عائشه’’ جا قدم، جتي به وسن،
    ٿو رهي هن جو، ساهه ‘موري’ ۾.
    * *


    حيات آهي مٺي، مرڻ ڪير چاهي ٿو،

    حيات آهي مٺي، مرڻ ڪير چاهي ٿو،
    ترڻ جي آس اٿم ٻڏڻ ڪير چاهي ٿو.

    وصالِ يار گـُﮬري، دل سدا دکي پنهنجي،
    سڄڻ جي لاءِ سِڪي سِڪڻ ڪير چاهي ٿو.

    ادب ۽ عشق، اسان کي ڏني هي نيازي آ،
    بنا سبب جي ڀلا، جـﮬـڪڻ ڪير چاهي ٿو.

    اسان ته چاهه ۽ پرچاءُ آ گـﮬريو هر دم،
    پري رهو نه پرين، رسڻ ڪير چاهي ٿو.

    اسان ته ‘‘عائشه’’ هر ويل ڀونءِ جا ڀاتي،
    افق جا خواب کڻي، هلڻ ڪير چاهي ٿو.
    **


    حياتيءَ ۾ هرڪو ذميوار گـﮬرجي،

    حياتيءَ ۾ هرڪو ذميوار گـﮬرجي،
    نه ڪنهن کي به ڪنهنجو پيو بار گـﮬرجي.

    اکين جون زبانون، دلين ڪين سمجـﮬـون،
    زباني ٿيڻ هاڻ اظهار گـﮬرجي.

    هجي همسفر ڪو، هجي حال ڀائي،
    چوي دل ڏکاري، ٿي دلدار گـﮬرجي.

    اسان کي نه جي پوءِ، ٻئي کي ويهاريو،
    مگر دوست دل ۾، هجڻ پيار گـﮬرجي.

    اچڻ ‘‘عائشه’’ پوءِ محفل ۾ ٿيندو،
    اول ميزبانن جو اصرار گـﮬرجي.
    **


    هي جـﮬـنگ جـﮬـر، عشق آ پنهنجو،

    هي جـﮬـنگ جـﮬـر، عشق آ پنهنجو،
    قلندر عشق آ پنهنجو.

    حياتيون غرق ٿي وينديون،
    سمندر عشق آ پنهنجو.

    صدائون سنڌ جيجل جون،
    هي گـﮬر گـﮬر عشق آ پنهنجو.

    اسان من کي بڻايو آ،
    ته مندر عشق آ پنهنجو.

    مڃيو ‘‘عائشه’’ زماني ڀي،
    سڪندر عشق آ پنهنجو.
    **


    سانوڻ آيو، ساجن روئي،

    سانوڻ آيو، ساجن روئي،
    دير اچڻ ۾ ڪئي آ، توئي.

    نرڄا ماڻهو سُور، نه سمجـﮬـن،
    ڏک سک سمجـﮬـي عشق وندو ئي.

    دل جو ڌڙڪو، سڏ سڏ توکي،
    توبن سُڻندو، دوست نه ڪوئي.

    لفظن داڻا، شعرن - مالـﮬـا،
    راڻا تولئه آ مون پوئي.

    ” عائشه“ جيون کان، جو سکيو،
    بيتنن ۾ مون لکيو سو ئي.
    **


    ڏنا ڀروسن جي دلاسا هئا،

    ڏنا ڀروسن جي دلاسا هئا،
    حقيقت کان مليا ته ڌوڪا هئا.

    جنين اعتبارن، ۾ گـﮬـاريو پئي،
    تنين وٽ سدا ساهه، سڏڪا هئا.

    جنين عشق آڱر، وتيون ٿي هلي،
    تنين وٽ حشر، روز پِٽڪا هئا.

    چڱن کي چڱائيءَ جي بدلي ڏنا،
    زماني ته ڌوڪا ۽ دڙڪا هئا.

    ڪٿي ”عائشه“ خيال پنهنجو رکي،
    زماني جا تو وٽ، جو اُلڪا هئا.
    **


    جو نه مليو، سو نصيبن ۾ نه هو،

    جو نه مليو، سو نصيبن ۾ نه هو،
    خير مون لاءِ رقيبن ۾ نه هو.

    برهه بيمار کي، ملي نه شفا،
    علم هي عام، طبيبن ۾ نه هو.

    پاڻ مون وٽ اچي، هي پهتو آ،
    درد دل جي، ته قريبن ۾ نه هو.

    ديس جي بات ۾، رڌل ئي رهيا،
    پر عمل ڪو به، خطيبن ۾ نه هو.

    ”عائشه“ مون جڏهن، ڏٺو جاچي،
    فند ۽ ڦير، غريبن ۾ نه هو.
    **


    سال ڀانئيان، پهر جدائيءَ جو،

    سال ڀانئيان، پهر جدائيءَ جو،
    مون به پيتو زهر جدائيءَ جو.

    رات ڪاري، وصال جي سهڻي،
    ڪين گـﮬرجي، سحر جدائيءَ جو.

    روز سڏڪن ۾، ساهه ٿو گـﮬـٽجي،
    آهه قاتل قهر، جدائيءَ جو.

    شاعريءَ ۾ نه پر، حياتيءَ ۾،
    يار مشڪل بحر، جدائيءَ جو.

    ‘‘عائشه’’ شال ٿي تباهه وڃي،
    شاد من ۾ شهر، جدائيءَ جو.
    **


    خون آدم جو الا! ميسارجي،

    خون آدم جو الا! ميسارجي،
    لڙڪ هاري، ڀونءِ کي وهنجارجي.

    ڪو حشر ان کان وڏو، هوندو به ڇا،
    بي گناهه انسان کي ٿو مارجي.

    ظلم جي جنگ زندگيءَ سان پئي هلي،
    ڏاڍ جو هر روز ڏونگر ڏارجي.

    ڪو وري آواز ڏي منصور کي،
    ٿي نئين سولي پئي سينگارجي.

    ‘‘عائشه’’ ڇڏ، بيحسي ناهي ڀلي،
    ٿورڙو احساس من ۾ ڌارجي.
    * *


    عَمَرَ کوڙ اڄ ڀي، نه پر مارئي،

    عَمَرَ کوڙ اڄ ڀي، نه پر مارئي،
    اباڻن جا آتا، هي گـﮬر مارئي!

    ڪري ياد توکي، الائي ته ڇو،
    اکين جا ڀريا هن ڪڪر مارئي!

    لڳن سون لوئيءَ، جا توکي سڳا،
    اُتم آهي تنهنجي، نظر مارئي!

    هلي آءُ سانگي، سِڪن ٿا پيا،
    وسي جاڳيا، ٿر ۽ بر مارئي!

    ملين شال مارن سان، تون عائشه،
    سڪن ٿا وسڻ لئه، ڇمر مارئي!
    **


    ڪين ڪنهن لاءِ ڇو خير دل ۾ رکين؟

    ڪين ڪنهن لاءِ ڇو خير دل ۾ رکين؟
    پاڻ ساڙين پيو، مير دل ۾ رکين!

    ساڙ جي جاءِ تي، ڪين آهي خدا،
    چئه خدا کان سواءِ، ڪير دل ۾ رکين؟!

    چاهه چانڊوڪيون، تو ته ناهن ڏٺيون،
    ٻاٽ ۾ مر ڀلي، وير دل ۾ رکين!

    محبتون ڪين، ڪنهن کي به توکان مليون،
    نفرتن جو مگر، ڍير دل ۾ رکين!

    بي قدر کي قدر، ڇا سڄڻ جو ٿئي،
    ‘عائشه’ کي ڇڏي، غير دل ۾ رکين!
    **


    ڪري ڏوهه ٿو ۽ عبادت ٿو سمجـﮬـي،

    ڪري ڏوهه ٿو ۽ عبادت ٿو سمجـﮬـي،
    ڪري بيحيائي شرافت ٿو سمجـﮬـي.

    ڪري ڏاڍ هيڻن، مٿان هو پڏي ٿو،
    وڏي پاڻ ۾ ڄڻ هي طاقت ٿو سمجـﮬـي.

    عزت زندگيءَ وانگي، وڇڙي نه موٽي،
    وڃائي عزت ڇو سلامت ٿو سمجـﮬـي.

    اهو پيار ڄاڻي، ڏئي ٿو سگـﮬـي جو،
    حياتيءَ کي جيڪو، مسافت ٿو سمجـﮬـي.

    اهو ‘‘عائشه’’ سُور ڄاڻي دنيا جو،
    ظلم ڏيهه ۾ جو، قيامت ٿو سمجـﮬـي.
    **


    پيار ۾ انڪار کان، آهيون پري،

    پيار ۾ انڪار کان، آهيون پري،
    قرب ۾ تڪرار کان، آهيون پري.

    پاڻ چاهيون ڪو نه آ ڪنهن کان کٽڻ،
    ها تڏهن هر هار کان، آهيون پري.

    محبتن سان، هي جڙي ئي ڪو نه ٿو،
    ساڙ وَندِ سنسار کان، آهيون پري.

    قرب آ هٿيار، پنهنجو پاڻ سان،
    تير يا تلوار کان، آهيون پري.

    ‘‘عائشه’’ هي جنهن چيو، سو آ غلط،
    پاڻ ڪاٿي، پيار کان، آهيون پري.
    **


    پراون تي ناهن ميارون رکيون،

    پراون تي ناهن ميارون رکيون،
    مٿان ساهه پنهنجن ترارون رکيون.

    اوهان ئي زماني ۾ سرها رهو،
    اسان پاڻ لئه پاڻ هارون رکيون.

    اوهان کان مليا سور سُک ٿي لڳا،
    اوهان لاءِ مرڪون هي ماروُ! رکيون.

    اوهان جي وساريو اسان کي ته ڇا،
    اوهان لئه سدا ساهه سارون رکيون.

    اوهان بن خزائون رهيون ‘‘عائشه’’،
    ڪٿي پاڻ سان ڪي بهارون رکيون.
    **


    پيار پوڄا ڪبي، پيار الله آ،

    پيار پوڄا ڪبي، پيار الله آ،
    دل جو الله تي، يار ويساهه آ.

    پيار کان دل هي غافل، نه ٿيندي ڪڏهن،
    هر قدم پيار مون سان جو همراهه آ.

    پيار کان مان پري، ڪو نه ويندس ڪڏهن،
    جيستائين سِريءَ ۾، سڄڻ ساهه آ.

    جو به انڪار ٿو، پيار کان جي ڪري،
    جا بجا سو رهيو ڄڻ ته گمراهه آ.

    ‘عائشه’ کان نه پڇ، من ۾ ڇا ٿي رکان،
    ڀروسو ڪر پرين، چاهه ئي چاهه آ.
    **


    ڀاڳ منهنجو مون سان راضي ٿي اچي،

    ڀاڳ منهنجو مون سان راضي ٿي اچي،
    شل خوشي مون وٽ به تازي ٿي اچي.

    حال کان اڳ حال، ٿي پيارو لڳو،
    حال ۾ اڄ يادِ ماضي، ٿي اچي.

    اڄ به منهنجو چين هي ويندو کڻي،
    منهنجي حق ۾ درد- بازي، ٿي اچي.

    ديد توڏي جو کڄي، طبيعت ۾ سچ،
    او پرين پت ڪر نيازي، ٿي اچي.

    ‘عائشه’ پو ڪير روڪي، پيار کان؟
    پاڻ لئه جي وقت قاضي، ٿي اچي.
    **


    ساٿ ڇنين تون سار نه ڏي،

    ساٿ ڇنين تون سار نه ڏي،
    ساهه مٿان تلوار نه ڏي!

    توکان ڏور گذاريان جيون،
    اهڙي بڇڙي هار نه ڏي!

    نفرت ڪو نه وڻي ٿي جاني،
    پنهنجا ڀل تون پيار نه ڏي!

    سامهون جيڏا! سُور ڏئي وڃ،
    ڌوڪو ڪو دلدار! نه ڏي!

    ‘عائشه’ ان کان موت ڀلو پر،
    مون کي دوست! ميار نه ڏي!
    **


    او نماڻي اداس ڇو آهين!؟

    او نماڻي اداس ڇو آهين!؟
    چئه سياڻي، اداس ڇو آهين!؟

    ڇو ڦڪو، رنگ تنهنجي چهري جو،
    نيڻ پاڻي، اداس ڇو آهين!؟

    ٽهڪ تنهنجا، ڀلا ويا ڪاڏي،
    مُــــرِڪُ راڻي، اداس ڇو آهين!؟

    ڇو پئي، نفرتن جو سوچين دل!
    نيٺ سياڻي، اداس ڇو آهين!؟

    ‘عائشه’ ڪير ويو، ڪري توکان-
    موڪلاڻي، اداس ڇو آهين!؟
    **


    دل رنو آهي جو، رني آشا،

    دل رنو آهي جو، رني آشا،
    لڙڪ منهنجن ۾، ڄڻ ڀني آشا!

    آ خدا، حوصلو ڏنو ورنه،
    ڪين انسان کان، پني آشا.

    هيءَ مون کان اڳي مري ويندي،
    موت کان ڪو نه آ، ڊني آشا.

    ڪنهن نه احساس سان ڏٺو آهي،
    ٿو لڳي ڄڻ، ڇوري ڇني آشا.

    زندگيءَ ۾ اها، ضروري آ،
    ‘عائشه’ وقت جا ڏني آشا.
    **


    ڌرتيءَ لئه جو مرندو آهي،

    ڌرتيءَ لئه جو مرندو آهي،
    ماڻـﮬـو ڄڻ سو مرندو ناهي.

    جـﮬـڙو ڌرتي چاهي سڀ کي،
    اهڙو ڪير نه ڪنهن کي چاهي.

    جيجل! تنهنجا ٻچڙا مرڪي،
    چڙهندا آزاديءَ لئه ڦاهي!

    مجبوري ڏس مسڪينيءَ ۾،
    پيئي زاري وک وک ڳاهي!

    ‘عائشه’ پڄري پڄري پو ٿي،
    پَت ڪر پيارا شعر هي ٺاهي.
    **


    زندگي جو تو ڏنو، مون سو وتو،

    زندگي جو تو ڏنو، مون سو وتو،
    ساٿ تنهنجو ڪيترو، ناهي پتو!

    زندگي هر آس، تنهنجي ٿي پئي-
    آ ڏچو مون لاءِ پر، سمجـﮬـو نه تو!

    پيار جي ٻولي سدا، ٻولي پيو،
    من پرينءَ جي پيار ۾، اهڙو رتو.

    تو پڄاڻان محب، ڏس هر ويل هي،
    آ ڏکن جو من اندر، ميلو متو.

    پيار جي ڪا ڇانوَ، ناهي ‘عائشه’،
    زندگي پيئي سڙي، ڏينهڙو تتو.
    **


    راهه سچ تي سڌو، هر قدم ٿي وڃي،

    راهه سچ تي سڌو، هر قدم ٿي وڃي،
    ڀونءِ سان ڄڻ ته پورو، قسم ٿي وڃي.

    جو به کيڙي سمهي، سو بکي پيٽ ڇو؟
    فرد حق لاءِ هي، سرگرم ٿي وڃي.

    ڪرت مزدور جي، آ عبادت مڃو،
    جا بجا پوءِ آدم، اتم ٿي وڃي.

    مڙس کي ٿي، مجازي خدا جا مڃي،
    ڇو قتل ٿي وَني بي جرم ٿي وڃي.

    ‘عائشه’ پيار جي، موٽ نفرت نه ڏي،
    موهه انسان جو، شل ڌرم ٿي وڃي.
    **


    اڄ گـﮬـڙي کن چين ڪو ڏي زندگي!

    اڄ گـﮬـڙي کن چين ڪو ڏي زندگي!
    عرض توکي ٿي ڪيان اي زندگي!

    هر گـﮬـڙي پيڙا ڏني تو آ مٺي!
    ساعتون ڏي چين جون ڪي زندگي!

    تو ته وک وک تي ڏنا ايذاءَ هن؛
    پيار توسان مون ڪيو ٿي زندگي!

    قربتن ۾ ڪالهه جي گـﮬـاريون گـﮬـڙيون،
    اڄ وري ٻيهار ڏي سي زندگي!

    ‘عائشه’ هر آس کان آجي ٿيان،
    ساٿ بس منهنجو ڇڏي جي زندگي!
    **


    حياتي ۾ اڄ جي نه ٿو دوست ڀائين،

    حياتي ۾ اڄ جي نه ٿو دوست ڀائين،
    متان منهنجو پيارا! سڀاڻي پڇائين.

    اڃا آس دل ۾، پرين تو اچڻ جي،
    اڃا تانگـﮬـه تنهنجي، سڄڻ ڪيستائين؟

    سڪي مون هي تو لئه، حياتي گذاري،
    اڃان ڀي ته جاني پيو آزمائين!

    ڏين نيڻ سجدا، چمن چاهه مان چپ،
    اها جاءِ جنهن جاءِ تي پير پائين.

    ڪڏهن رنج ‘عائشه’ رکيو ڪين توسان،
    رضا تنهنجي راڻا! پيو جي ستائين.
    **


    سڀ جي آهه نهار اسان تي،

    سڀ جي آهه نهار اسان تي،
    خوني خنجر خار اسان تي.

    پل پل مرڪي ملندا آهيون؛
    پوءِ به ڪاوڙ يار اسان تي.

    هرڪو ويندو پاڻ ڇڏايون؛
    پنهنجا رکندو بار اسان تي.

    جڳ جون جيتون جڳ کي پرتيون
    جِيوُن ويندي هار اسان تي!

    ميڙون منٿون کوڙ ڪيم پر؛
    ‘عائشه’ پو به ميار اسان تي.
    **


    آ سڳو رشتن جو نازڪ، اعتبارن کي نه ڇڏجو!

    آ سڳو رشتن جو نازڪ، اعتبارن کي نه ڇڏجو!
    وقت سان وڙهجي سدا ڀل، پل به پيارن کي نه ڇڏجو!

    حال ڀائي ٿي گذاريون، پاڻ تن جا هر گـﮬـڙيءَ لئه،
    هيڪلو مشڪل ۾ پيارا، بيقرارن کي نه ڇڏجو!

    چنڊ تي انسان پهچي، ڇا ڪيو انسان لئه آ؟
    خيال آفاقي ڏسو ٿا، ڀونءِ وارن کي نه ڇڏجو!

    ماءُ ۽ بابو نه جنهن جو، جيئرو آهي دنيا ۾،
    ڇو ڀُلَنِ ڀٽڪن اجايو، تن جي ٻارن کي نه ڇڏجو!

    ‘عائشه’ دنيا اميدن، تي رهي قائم ته آهي،
    آس رهندي زندگي ڀر، انتظارن کي نه ڇڏجو!
    **


    وقت ساڳيو، ڪو نه بدليا چنڊ تارا!

    وقت ساڳيو، ڪو نه بدليا چنڊ تارا!
    بس اگر بدليا ته هن انسان پيارا!

    ڪو زمانو هو، ڏکن ۾ گڏ هيا سڀ،
    هي زمانو آ، جدا هن ساٿ سارا!

    سنڌ جي ساڳي مٽيءَ ۾ آهي خوشبوءَ،
    ساوڪون ساڳيون رکن ٿا کيت ٻارا.

    ڪو نه ٻيو انسان جو، انسان ريءَ آ،
    پاڻ آهيون پاڻ ئي، پنهنجا سهارا.

    ‘عائشه’ وٺ محبتون، ماڻي دنيا ۾،
    پل حياتي جا، نه ٿيندا هن اڌارا.
    **


    رهي آهي مون سان ڏکاري حياتي،

    رهي آهي مون سان ڏکاري حياتي،
    عجب آهي مون ڀي گذاري حياتي!

    ڏکن ۾ سکن ۾ سدا ساٿ پنهنجو،
    ڪري تون نه وڃجان غداري حياتي!

    سڪي تو گذاري سدا سنڌ وانگي،
    وطن لاءِ گـﮬـاريئي •”بخاري“ حياتي!

    سوين سُور آهن، سوين پُـــور آهن،
    مگر پو به آهي ته پياري حياتي!

    ڪئي ‘عائشه’ مون سڄڻ جي حوالي،
    نه ها چار پنج پل، هي ساري حياتي!
    **


    اکين جي گـﮬـٽائن سان، وسندا رهون ٿا،

    اکين جي گـﮬـٽائن سان، وسندا رهون ٿا،
    ڀڄن بند نيڻن جا ٻڌندا رهون ٿا.

    جڏهن چاهه جو ساهه ڪوئي گُـﮬـٽي ٿو،
    اسان يار ڏاڍو ئي ڏکندا رهون ٿا.

    ٽُـــٽي آس، هر گام تي روز پنهنجي،
    مگر ماڳ پنهنجي ڏي وڌندا رهون ٿا.

    جڏهن ڏيهه، اونداهه جي ور چڙهي ٿو،
    دليون، ديپ ٻاري، پو ٻرندا رهون ٿا.

    ملي ‘عائشه’ دل، جو احساس واري،
    تڏهن پاڻ پل پل ۾ لڇندا رهون ٿا.
    **


    وقت ڪنهن جو ڪو نه آ گولو غلام،

    وقت ڪنهن جو ڪو نه آ گولو غلام،
    ٿو زمانا! بس هلي تنهنجو نظام.

    وقت توسان زندگي ڪٽجي پئي،
    سار، سوچون، سور، سڏڪا، ڏي انعام.

    ڪير پيو لالچ رکي توڏي اچي،
    ٿي ڪري دل پاڻ تنهنجو احترام.

    ديد ٿي هر روز تنهنجي دل گھري،
    ڪيئن مان توکان ڪيان جاني ڪلام؟

    ‘عائشه’ جو پيار سان نالو وٺي،
    دوست اوچو ٿو ڪرين منهنجو مقام!
    **


    دل وفا جي نه، ڪنهن ۾ رَکُ آشا،

    دل وفا جي نه، ڪنهن ۾ رَکُ آشا،
    ڄڻ ته ماڻهو، وڃي بچيا پاڇا!

    ڏات جيئن دک، وسي پيا آهن،
    سک نه مليا، ها، مون گـﮬـڻو جاچا!

    روز احساس ٿا، مرن ماڻهو،
    مَــــنّ مقتل ۾ ڪو ڏسي لاشا!

    هر قدم گـﮬـاوَ ٿا، ملن هاڻي،
    جند هڪ سُور چئه، سهي ڇا ڇا؟!

    ‘‘عائشه’’، ديد ٿي نه دلبر جي،
    نيڻ پنهنجا، سدا سڪن پياسا!
    **


    سارون، سڏڪا ٿي ويا،

    سارون، سڏڪا ٿي ويا،
    اُلڪا، اُڌما ٿي ويا.

    بجلي هن جو روپ هو،
    چمڪا چمڪا ٿي ويا.

    مرڪي مرڪي نيڻ هي،
    برکا برکا ٿي ويا.

    پيارا پنهنجي پيار جا،
    چوڏس چرچا ٿي ويا.

    نازڪ ناتا ‘‘عائشه’’،
    پنهنجا پختا ٿي ويا.
    **


    وڻ مٿان پيو لنوي جو پکي لاتڙي،

    وڻ مٿان پيو لنوي جو پکي لاتڙي،
    دل ٿي ويتر ٿئي يار لئه آتڙي.

    پاڪ آ صاف آ مير ناهي مٺا،
    پاءِ منهنجي اندر ۾ ڀلي جهاتڙي.

    سُورَ ڏيندي نه ڪر پورَ ڏيندي نه ڪر،
    يا ته ايندي نه ڪر روح ۾ ڏاتڙي.

    سور ناسور ٿيو مونکان سک ڏور ٿيو،
    ڏيهه لئه ڏينهن ٿيا منهنجي لئه راتڙي.

    ‘عائشه’ ٿي گُـﮬران چين هاڻي سچي،
    سر رکي مان سمهان ڀونءِ ڏي ڇاتڙي.
    **


    چنگُ چپن جو چوري ڇڏ تون،

    چنگُ چپن جو چوري ڇڏ تون،
    حال اندر جو، اوري ڇڏ تون!

    جـﮬـوراڻا ئي، جي آ مقدر،
    جيءُ به منهنجو، جـﮬـوري ڇڏ تون!

    انساني احساس وڏو آ،
    سو ته نه، ڌن سان توري ڇڏ تون!

    ڏاڍ اڳيان، سر ڏاڍو پنهنجو،
    ماهه به قرب ۾ ڪوري ڇڏ تون!

    سُور سُکن جي، سونهن ٿين ٿا،
    ڏيل ڏکن سان ڏوري ڇڏ تون!

    سنڌ گـﮬريو آ، سر جي ‘‘عائشه’’،
    سو چين ڇا ٿي؟ گـﮬـوري ڇڏ تون!
    **


    علم سان روشن ڪريو، هر ٻار کي،

    علم سان روشن ڪريو، هر ٻار کي،
    پو وڌايو پنهنجي ڀل ڪم ڪار کي.

    او ابا ٻڪريون نه ڏي، معصوم کي،
    علم جو حق ٻار هر، ڌنار کي.

    جي ٻچو تنهنجو پڙهي، ڪجـﮬـه ٿي پوي،
    رنگ لائيندو هلي، سنسار کي.

    ڪاش پٽ، منهنجو هجي هان ڊاڪٽر،
    ڇو ٿئي احساس پيءُ بيمار کي!؟

    قوم پنهنجيءَ ۾ نڀاڳو، ڇو هجي،
    مارجي تعليم سان، ڀوتار کي.

    جو سچو استاد ناهي، ڪرت سان،
    ‘عائشه’ بخشو نه گنهگار کي.
    **


    سُکن ۾ ڏکن ۾ پُڪاري پئي،

    سُکن ۾ ڏکن ۾ پُڪاري پئي،
    ڪٿي دل اوهان کي وساري پئي!

    وڇوڙي وڇوڙا وڌائي ڇڏيا،
    اڃا آس جي اک نهاري پئي.

    ستي لوڪ من تات آڌيءَ اچي،
    خوشيون من اندر مان ٻُهاري پئي.

    وڏي پيار مان رات آيو ڪهي،
    مگر درد کي دل ڌڪاري پئي.

    فراقن ۾ جندڙي جيئي ۽ مَري،
    نه هڪ دم جدائي به ماري پئي!

    پرين ”عائشه“ پاڻ ايندا ڪڏهن،
    اها آس هڪڙي جيئاري پئي.
    **


    پاڻ نه، پنهنجون ڳالهيون رهنديون،

    پاڻ نه، پنهنجون ڳالهيون رهنديون،
    اکڙيون ڪنهنجون، آليون رهنديون.

    پنهنجي محبت جون، ٿي شاهد،
    ڳوٺ جون ساڳيون، ٽاليون رهنديون.

    ڪيسين هي، ڏهڪاءَ ڪراچي!
    ڪيسين رت جون ناليون رهنديون؟!

    جيسين پنهنجا شعر هي رهندا،
    تيسين پيار جون پياليون رهنديون.

    تيسين زرد نه، چهرا ٿيندا،
    جيسين لبڙن لاليون رهنديون.

    ‘‘عائشه’’ ڪير مڃائي تن کي؟
    اکڙيون تيرهن تاليون رهنديون!
    **


    پيا ايئن دشمن، اسان روز ماريون،

    پيا ايئن دشمن، اسان روز ماريون،
    کلي ٿا ڏکن ۾، حياتي گذاريون.

    وڏو حوصلو آ، اسان ۾ اياڻا!
    اچن مشڪلاتون، نه ٿا هانءُ هاريون.

    ٻڏي جي وياسي، ته تاري ڪبا ڇا؟
    ٻڏڻ وارا ها جي، تنين کي ٿا تاريون.

    زماني جو دستور، ويسر رهي آ،
    اسان ساهه سين ٻيا، سڄڻ روز ساريون.

    هيو اعتبارن جو، گـﮬر شيشي جـﮬـڙو،
    پٿر تنهن ۾ شڪ جو، ويو ڏيئي ڏاريون.

    اسان ‘‘عائشه’’ صاف سوچون رکون ٿا،
    سڙن ڀل سڙن جي، دليون دوست ڪاريون.
    **


    ستو لوڪ، مون ساڻ تارن نڀايو!

    ستو لوڪ، مون ساڻ تارن نڀايو!
    چوان ڪيئن مون سان نه پيارن نڀايو!

    سکن سيج تي سڀ سمهي پيا سُکي ۽،
    ڏکارن سان هوندو، ڏکارن نڀايو!

    اکين مان وهن لڙڪ، ڄڻ نينهن نديون،
    سدا نينهن سان نيڻ - نارن نڀايو.

    الا لڙڪ سورن، ۽ پورن نه ڇڏيو،
    عمر، ساٿ ۾ توسان سارن نڀايو!

    سڄي رات بک ۾، رهيا ماٺ ٻچڙا،
    ابي ۽ امڙ ساڻ، ٻارن نڀايو!

    سدا ‘‘عائشه’’، سنڌ ڦورن ڦري آ،
    غدارن سان آهي، غدارن نڀايو!
    **


    اجـﮬـا پَٽِ پون ٿا، نه وَس مينهڙا!

    اجـﮬـا پَٽِ پون ٿا، نه وَس مينهڙا!
    اباڻا چون ٿا، نه وس مينهڙا!

    هي ماڻـﮬن جا ڳوڙها، اڳي کان گـﮬـڻا،
    اکين مان وسن ٿا، نه وس مينهڙا!

    رڳو سوچ جي، باهه ساڙي پئي،
    هي ماڻـﮬو سڙن ٿا، نه وس مينهڙا!

    وڃي ٿر ۾ بادل، ڪا وسڪار ڪر،
    اتر سڀ ڏکن ٿا، نه وس مينهڙا!

    اٽي ۽ لٽي لاءِ محتاج هون،
    هي مارو! روئن ٿا، نه وس مينهڙا!

    وِڄون ‘‘عائشه’’، هاڻ ايندي ڏسي،
    هي جـﮬـانگي جـﮬـرن ٿا، نه وس مينهڙا!
    **


    ڇڏيو هيڪل، نه ڪير ڳالـﮬـائي!

    ڇڏيو هيڪل، نه ڪير ڳالـﮬـائي!
    ٿي چوي دل، نه ڪير ڳالـﮬـائي.

    ماٺ مونکي مزو، ڏنو ڏاڍو،
    آ ڀلو، ڀل نه ڪير ڳالـﮬـائي.

    ٿو پچارون ڪري، پرايون هي،
    لوڪ کي جـﮬـل، نه ڪير ڳالـﮬـائي!

    ذهن منهنجي کي، دل چيو آخر،
    ڪا ته ٽل، ٽل نه ڪير ڳالـﮬـائي.

    پاڻ سان پاڻ، مون جيان تون ڀي،
    سُور پيو سَل نه ڪير ڳالـﮬـائي!

    ‘‘عائشه’’ ساريان، سڄڻ جنهن پل،
    مون سان تنهن پل نه ڪير ڳالـﮬـائي!
    **


    آءٌ سنڌ جي بڻي صدا آهيان،

    آءٌ سنڌ جي بڻي صدا آهيان،
    آزمايو ڀلي وفا آهيان.

    بد نظر کان خدا بچايو آ،
    پيار وارن جي لئه دعا آهيان.

    اڄ به آدم ٿو ڏوهه ڏي مونکي،
    مان اڀاڳي الا! حوا آهيان.

    ڪو نه هر گام تي گـﮬـٽايو تو،
    پوءِ به توکان نه ٿي خفا آهيان!

    ڏور تنهنجي به ذات نيڻن کان،
    هيکلي هيکلي، خدا آهيان!

    ‘‘عائشه’’، دوست دل ۾ آ هر دم،
    ٿي مڃان ديد کان جدا آهيان.
    **


    گـﮬـاوَ دل تي ڏنئي، پر ستايو نه تو!

    گـﮬـاوَ دل تي ڏنئي، پر ستايو نه تو!
    سُور ڏيندي سخي، هو گـﮬـٽايو نه تو!

    ڏوهه پنهنجو مڃيم چاهه توسان اٿم،
    ظلم مون تي ڪيو، سڀ اجايو نه تو!

    آءٌ سمجـﮬـان اهو، اڄ به توکي سڄڻ،
    تو ڇا سمجـﮬـيـو پئي، سو ٻڌايو نه تو!

    دل هي تنهنجو، پراڻو ته گـﮬر آ پرين،
    پنهنجي سارن سوا، ڇو وسايو نه تو!

    ياد تنهنجي اچي، پاڻ مون کي چيو،
    آنءُ ساريان پئي، ۽ ڀلايو نه تو!

    هر گـﮬـڙي امتحانن ۾، گذري پئي،
    ‘‘عائشه’’ کي اڃا، آزمايو نه تو!
    **


    تنهنجو سانول سنگ وڻي ٿو،

    تنهنجو سانول سنگ وڻي ٿو،
    جيون جو هر رنگ وڻي ٿو.

    رڳ رڳ ساهه سرور ملي ٿو،
    تنهنجيءَ چاهت چنگ وڻي ٿو.

    درويشن جي بات وڏي آ،
    رب کي مست ملنگ وڻي ٿو.

    سنڌ صبح آ، تنهنجو سهڻو،
    سنڌوءَ ڪپ تي، ڪنگ وڻي ٿو.

    محبت جو پنڌ، جيون سهڻو،
    نفرت جو ٿئي، دنگ وڻي ٿو.

    پنهنجو ساهه ٻڌل آ جنهن سان،
    ‘‘عائشه’’ الفت، ونگ وڻي ٿو.
    * *


    ريءَ عمل، لفظن سان کيڏون،

    ريءَ عمل، لفظن سان کيڏون،
    ڪنهنجي ڇو جذبن سان کيڏون.

    هوش، همت ۽ دل ٿي گـﮬرجي،
    يار نه چئه، صدمن سان کيڏون.

    ساهه ته سڀ کي ساڳيو آهي،
    هن جي ڇو، سڏڪن سان کيڏون.

    شاعر جا، احساس اهي سڀ،
    ڇا لئه تن، نغمن سان کيڏون!

    ڀورا ٿي من، ڀڄندي ڀرندي،
    دل آ ڄڻ، درپن سان کيڏون.

    ‘‘عائشه’’ ڏسندا، ڏيهه اسان کي،
    هيڻا ٿي ڏاڍن سان کيڏون!
    **


    پاڻ ڄڻ پيار، جي بهاني ۾،

    پاڻ ڄڻ پيار، جي بهاني ۾،
    ٿا جيئون زندگي، زماني ۾.

    منهنجو مون سان بدن رهيو باقي،
    روح رولا، رُلي ويراني ۾.

    محبتن کان سوا، رکيو ڇاهي،
    دوست محبت وندي، ديواني ۾.

    ساڙ هر دور ۾، سڙيو هوندو،
    پيار آ ساڙ جي، نشاني ۾.

    بيقراري ۽ بي سڪوني آ،
    ڇو ڪوي تنهنجي، هر فساني ۾.

    ‘‘عائشه’’ تو جڏهن ڇڏيو آهي،
    درد آ دل جي آستاني ۾.
    **


    دل رني ۽ نگاهه، روئي ٿي،

    دل رني ۽ نگاهه، روئي ٿي،
    ڪا تڪي تنهنجي راهه، روئي ٿي.

    ڪو نه همدرد آ بڻيو هن جو،
    تنهنجي ٻانهي الله! روئي ٿي.

    بي رخي ڪو نه ٿي رکي ڪنهن لئه،
    دل ساري هي چاهه، روئي ٿي.

    ڪو نه ڪاٿي ملي اڀاڳڻ کي،
    پيار جـﮬـڙي پناهه، روئي ٿي.

    ڪو نه جاڳيا سنڌي ستل آهن،
    سنڌ تنهنجي او شاهه! روئي ٿي.

    ياد ‘‘عائشه’’ پرين پيو ٻيهر،
    دل ڀري ٿڌڙا ساهه، روئي ٿي.
    **


    اک اڙي دل اڙي، وئي اڙي زندگي،

    اک اڙي دل اڙي، وئي اڙي زندگي،
    چار ڏينهن چاهه جا، پو سڙي زندگي!

    سال صديون، گذاري هي چوندا ويا،
    ڄڻ اسان جي هئي، پل گـﮬـڙي زندگي!

    ساءُ سکَ سڀ ڇڏي، ويا زمانا ٿيا،
    سور جي ٿو ڇڏين، آ ڇڙي زندگي!

    سنڌ آهي مٺي، ۽ مٺو ٻيو سڄڻ،
    ڪين ڪنهن سان ٽيون ٿم جڙي زندگي!

    پيار ۾ زندگيءَ، هر مزو ٿي ڏنو،
    پيار بن ٽوهه کان، وڌ ڪڙي زندگي!

    ‘عائشه’ حال، هلندڙ ۽ ايندڙ ڏيان،
    پر نه ماضي طرف، ڏي لڙي زندگي!
    **


    توکي ساري روز ويچاري،

    توکي ساري روز ويچاري،
    دلبر دلڙي دردن ماري.

    اندر ۾ آڙاهه اُلا ڙي!
    باهه برهه تن من ۾ ٻاري.

    مورو، دادو وک وک جادو،
    سنڌڙي سهڻي آهي ساري.

    لڇندي سڪندي گـﮬـاري آهي،
    توبن ساجن عمر هي ساري.

    ايندي آهي جيءُ جلائڻ،
    ياد پرين جي پو ڀي پياري.

    ‘‘عائشه’’ آشا قائم رهندي،
    دلڙي ناهي مون ڀي هاري.
    * *


    زندگي گذري پئي،

    زندگي گذري پئي،
    ڪا ته شيءِ وسري پئي!

    وقت جي، ڏس واءَ ۾،
    ياد ڪا، اڏري پئي.

    سا هُلي ٿي، وات مان،
    بات جا، نڪري پئي.

    تو چيو، دل آ پٿر،
    ڪيئن پو، پگـﮬري پئي.

    ڪير ميڙي، زندگي،
    ٿي پتيون، وکري پئي.

    هڪ ٽٽي آشا، ته ٻي،
    من منجـﮬـان اُسري پئي.
    **


    دل ۾ دردن جي آ، ڇڪتاڻ رهي،

    دل ۾ دردن جي آ، ڇڪتاڻ رهي،
    جنگ بس آهي، چين ڪاڻ رهي.

    عشق جنهن ڏينهن، کان اچي ويٺو،
    سور جي من اندر، مانڌاڻ رهي.

    مرڪ آندي وڏي، هي مشڪل سان،
    پو به نيڻن ۾ ڇو، آلاڻ رهي.

    رات جاڳي، لڇي رنيون هونديون،
    آهي اکڙين ۾ جو لالاڻ رهي.

    سور ڪوئي کڻي کـٽـائي هان،
    دل سدا سور سندي کاڻ رهي.

    ‘عائشه’ روپ، جنهن ڏٺو تنهنجو،
    تنهن چيو تو ۾ آ، چانڊاڻ رهي.
    **


    پير نه پنهنجا، پيرا رهندا،

    پير نه پنهنجا، پيرا رهندا،
    تو وٽ سنڌ، سويرا رهندا.

    ٿيندو ڪئن، آباد امن، جو-
    ماڻـﮬـو ٿي، من - ميرا رهندا.

    پيار پکي، جي ماريا ويندا،
    خالي ٿي، آکيرا رهندا.

    نيٺ مري تون، ويندين ماري!
    پيار - ذڪر ۾ ڳيرا رهندا.

    جيسين دل ۾، آشا رهندي،
    تيسين دردن - ديرا رهندا.

    سنڌ نه ڇڏجو سنڌي آهيو،
    هوليون ۽ ست ڦيرا رهندا.

    ‘‘عائشه’’ ڌرتيءَ لاءِ وڙهن جي،
    سي ٿي مرد مٿيرا رهندا.
    **


    حال اندر جو، اوريون هاڻي،

    حال اندر جو، اوريون هاڻي،
    چاهت مان چپ، چوريون هاڻي.

    تنهنجي نفرت، منهنجي محبت،
    ويهه ته ويهي، توريون هاڻي.

    واٽ ۾ ٻاٽ، جي آهي ڇاهي،
    پير صبح ڏي، سوريون هاڻي.

    تون ڀي ساٿ، ڇنين ٿو ساٿي،
    جـﮬـوري وجـﮬـنديون، جـﮬـوريون هاڻي.

    تو وٽ عرض، اگـﮬـيو جو ناهي،
    ٿي ويون ڳالهيون، ڳوريون هاڻي.

    چار قدم هل اڳتي ‘عائشه’،
    دوست وکون هن، ٿوريون هاڻي.
    **


    عشق لڪائي، اَلبو ڪيسين؟

    عشق لڪائي، اَلبو ڪيسين؟
    دل سان دل، هي دلبو ڪيسين؟

    پير ته پنهنجي، وس ۾ ليڪن،
    پيار پرينءَ کان، پلبو ڪيسين؟

    دل ته ٺهيو پر، ڌيان نه ڏي جو،
    دکُ من! تنهن سان، سلبو ڪيسين؟

    وقت ڏئي ويو، مات اسان کي،
    هٿ تي هٿ هي، ملبو ڪيسين؟

    اوڏو هوندي، ڏور رهين ٿو،
    روح اڪيلو رلبو ڪيسين؟

    ‘عائشه’ جو تون، دلبر آهين،
    خود سان خود، هي دلبو ڪيسين؟
    **


    سچ نگاهن سان ڪٺو محبوب تو،

    سچ نگاهن سان ڪٺو محبوب تو،
    هوريان هوريان دردُ دل توکان وتو.

    ڪجـﮬـه سخي مرڪڻ جي اڄ ڪر ڪا سخا،
    حسن وارا حسن جو ٿئي واسطو.

    سانت جيئن جيئن وئي وڌي آ من اندر،
    تيئن سارُن جو مٺا ميلو متو.

    زندگيءَ تي ڪو نه آهي اعتبار،
    تون ملين ٻيهار سو ناهي پتو!

    ٻيو ته ڪجـﮬـه ڀي ڪو نه آ مون وٽ پرين!
    گيت وائي، تو مٿان واريان قطعو.

    ‘عائشه’ پڪ ڄاڻ او منهنجا پرين!
    پاڪ روحن جو پيو رهندو رابطو.
    **


    پيار ۾ پيارا پٽڪو ڪيسين،

    پيار ۾ پيارا پٽڪو ڪيسين،
    سار سٽن جو سٽڪو ڪيسين!

    آءُ هلي آ هاڻي جاني،
    تنهنجي اچڻ جو کٽڪو ڪيسين!

    ساهه رهي ٿو چاهه رهي ٿو،
    دل کي تنهنجو الڪو ڪيسين!

    هن جي صورت من جي مورت،
    کنوڻيون اکڙيون، چمڪو ڪيسين!

    تات پرينءَ جي بات پرينءَ جي،
    ڌڪ ڌڪ دل جو ڌڙڪو ڪيسين!

    هيءَ ڳهيلي ‘عائشه’ توبن،
    هن کي ڏي ڪو آٿت ڪيسين!
    **


    من ۾ ڪوئي، مير نه رکجي،

    من ۾ ڪوئي، مير نه رکجي،
    پنهنجن هوندي غير نه رکجي.

    سنڌ، سڄڻ ئي، سڀ ڪجـﮬـه آهي،
    باقي دل ۾ ڪير نه رکجي.

    ڏور اکين جي اوندهه ٿيندي،
    اندر ۾ انڌير نه رکجي.

    سونهن ۽ حق جي، خاطر وڙهجي،
    ذاتي ڪنهن سان، وير نه رکجي.

    جيڪو ديس، ڦري ٿو پنهنجو،
    تنهن لئه پيارا، خير نه رکجي.

    ‘عائشه’! فعل ۽ قول ۾ ڪاٿي،
    ڀُلجي هير ۽ ڦير نه رکجي.
    **


    مزا حياتي، ڏچا حياتي!

    مزا حياتي، ڏچا حياتي!
    عجيب تنهنجي ڪٿا حياتي!

    وڃاءِ وئرٿ نه او اياڻا!
    ڪٿي خدا خود عطا حياتي!

    مٿان هي تنهنجي وسي رهي آ،
    سدا غمن جي گـﮬـٽا حياتي!

    ٽُٽي نه توسان هي ساهه - ناتو،
    وري به تون بي وفا حياتي!

    ڀلي کڻي سور ڏي سدا تون،
    ٿيان نه توکان خفا حياتي!

    هي ‘عائشه’ کي مليا ڏنا تو،
    هزار سک ڏک وتا حياتي!
    **


    عشق آ درد جي، ڀري عائشه

    عشق آ درد جي، ڀري عائشه
    سوچ ڪر ٿي نه تون، چري عائشه!

    عشق سک چين، ٿو ڦري سارو،
    عشق کان بچ وري، وري عائشه!

    زندگي ٿي سڙي، ونڃي ساري،
    چڻنگ دل ۾ اگر، ٻري عائشه!

    عشق جو اگـﮬـه رکي، اڳي ان کان،
    بند ڪر دل سندي، دري عائشه!

    ساهه سانوڻ لئه جيئن، سڪي ٿر جو،
    روح تنهنجو به ڄڻ، ٿري عائشه!

    خيال سان دل متان، ڏکائين ڪا،
    ڇو ته ويندينءَ ڪڏهن مري عائشه!
    **


    ساري ساري ڪڏهن، وساريندو،

    ساري ساري ڪڏهن، وساريندو،
    ڪيترو ڪير ڪنهن کي ساريندو!

    روح جو روح سان، جڙيو ناتو،
    روح کي روح پيو، پڪاريندو.

    آهي انسانيت بچائي تنهن،
    جو به انسان هڪ جيئاريندو.

    سار مشڪل ۾ تون علي مولا،
    پنهنجو ٻيڙو اهو ئي، تاريندو.

    ڪين ڪي سو وسارجي سگـﮬـندو،
    دوست مشڪل ۾ جيڪو گـﮬـاريندو.

    ‘عائشه’ جي اکيون، ٿڪجي پوريون.
    پوءِ ان کي نه ڪو اٿاريندو.
    **


    اک اڙي دل لڳي ڇا ڪيئه،

    اک اڙي دل لڳي ڇا ڪيئه،
    سک ڦٽي زندگي ڇا ڪيئه!

    پيار کي پاڪ ڄاڻي نه جا،
    سوچ تنهنجي گندي ڇا ڪيئه!

    آهي ڏيکاءُ ٿي ڏيهه ۾،
    ڪر ڀلي بندگي ڇا ڪيئه!

    معاف مٺڙا خدا شل ڪري،
    مَنِ رکي تو مندي ڇا ڪيئه!

    وقت محبوب مون کان کسي،
    جي ڏنئي ڪا خوشي ڇا ڪيئه!

    ‘عائشه’ تو نه مون کي ڏني،
    قرب جي ڪا رتي ڇا ڪيئه!
    **


    دوستيءَ منجـﮬـه ڄڻ صلو ڏيندين،

    دوستيءَ منجـﮬـه ڄڻ صلو ڏيندين،
    ٿورڙو دوست، حوصلو ڏيندين!

    ڏوهه هر موهه سان، ڀري ڏيندس،
    منصفاڻو تون، فيصلو ڏيندين!

    رنج دل کي، نه چين ڏيندو آ،
    پيار جو هاڻ، مرحلو ڏيندين!

    ڪين مايوس، ٿي گذاريندس،
    ساٿ جو تون، جي سلسلو ڏيندين!

    وقت درياءَ مان، تري وڃبو،
    اعتبارن جو، دل دِلو ڏيندين!

    ‘عائشه’ جو بچڻ، ته مشڪل آ،
    دل ۾ دردن جو زلزلو ڏيندين!
    **


    حال دل جو ڪٿي لڪائي ٿو،

    حال دل جو ڪٿي لڪائي ٿو،
    هو ته نيڻن سان سڀ ٻڌائي ٿو.

    پيار وارا ٿا پيار ئي چاهن،
    ڏيهه نفرت ڀريو ستائي ٿو.

    ‘ڪم پوي ڪل پوي’ چوي سائين،
    يار هرڪو هتي سڏائي ٿو.

    عشق منصور، عشق آ سرمد،
    عشق سوليءَ تي سر ڪٽائي ٿو.

    عشق سرتي ۽ عشق ڌرتيءَ سان،
    مرد سو ئي جو سچ نڀائي ٿو.

    ‘عائشه’ شعر مون لکيو ناهي،
    ديس جو درد ئي لکائي ٿو.
    **


    نه ڪا ساڻ سرتي سهيلي رهي،

    نه ڪا ساڻ سرتي سهيلي رهي،
    ازل کان حياتي اڪيلي رهي.

    گـﮬـڙي هر گـﮬـڙيءَ جون اميدون جليون،
    هي شمشان من جي حويلي رهي.

    اسان جي اکين تي پڄڻ ۾ پرين!
    سدا ننڊ مٺڙي اويلي رهي.

    بلا آهي ڪهڙي هي سوچي پئي،
    اڃا نينهن ۾ ڪا نويلي رهي.

    وڃائي سڳنڌ، سونهن ويٺي سڄي،
    هي ظالم هٿن ۾ چنبيلي رهي.

    انهن کي ڀلا ڪير سمجـﮬـي سگـﮬـي؟
    عجب ‘عائشه’ آ پهيلي رهي.
    **


    ڏور ايڏو نه رهه ڇا خبر زندگي!؟

    ڏور ايڏو نه رهه ڇا خبر زندگي!؟
    پيار ناهي اگر بي ثمر زندگي!

    تون جدا ٿو رهين دل به تڙپي لڇي،
    نيٺ گذري پئي مختصر زندگي!

    دل دکي ۽ ٻري سُور ڇا ڇا سهي؟
    ٿي ڪري روز راڻا حشر زندگي!

    ساٿ تنهنجو ڇنو روح ڏاڍو رنو،
    ساهه بي چين آ، ڄڻ قهر زندگي!

    ڪو به ماپو نه جنهن جو دنيا ۾ پرين،
    سُور، پيڙا جو اوکو بحر زندگي!

    ‘عائشه’ کي ملي هڪ حياتي به سا،
    دوست تنهنجي ڪئي آ نظر زندگي!
    **


    ٿي پوي برسات تارا گم ٿيا،

    ٿي پوي برسات تارا گم ٿيا،
    ڏس! اڪيلي دل، سهارا گم ٿيا!

    ڪجـﮬـه نه آ آڪاش ۾ اوندهه سوا،
    نيڻ منهنجن کان نظارا گم ٿيا!

    آب رحمت ساڻ ٿي رَلِ مَلِ وري،
    سڀ مٽيءَ ۾ لڙڪ پيارا گم ٿيا!

    درد جي آمد ڪئي تو دل مٺي،
    ٽهڪ ها جيڪي اڌارا گم ٿيا!

    رات روئي نيڻ ٻوٽي جي ڏٺا،
    نيڻ کوليا خواب سارا گم ٿيا!

    ‘عائشه’ تنهنجي وڃڻ کان پوءِ ڄڻ،
    منهنجي قسمت جا ستارا گم ٿيا!
    **


    چيو دل پرين جي، زيارت ڪجي،

    چيو دل پرين جي، زيارت ڪجي،
    گناهن کي ڇڏجي، عبادت ڪجي.

    سڄڻ سنڌ تي، جو سڙي ساڙ ۾،
    پئي روز تنهن کي، ملامت ڪجي.

    نه آشا عمل جي، ٻين ۾ رکون،
    چڱو پاڻ پنهنجي، امامت ڪجي.

    سُرن جو جي سرگم، ڪو ڇيڙيون مٺا،
    عمر ڀر انهيءَ لاءِ، رياضت ڪجي.

    وري دل پرين ياد، پنهنجا ڪجن،
    وري ڪا اندر ۾، قيامت ڪجي.

    ڀلي موهه ۾ پيو، سدا سُور ڏي،
    سڄڻ سان نه هرگز شڪايت ڪجي.

    اها ”عائشه“ آ، عبادت ڀلي،
    ته خلقت خدا ساڻ، محبت ڪجي.
    **


    توسان منهنجو، نباهه شاهد آ،

    توسان منهنجو، نباهه شاهد آ،
    ناهي ڪوئي، الله شاهد آ.

    نانوَ تنهنجي جو ورد آهي ڪيو،
    بت منهنجي ۾ ساهه شاهد آ.

    عشق - درياءَ ۾، لٿا عاشق.
    سُرَ سُهڻيءَ ۾، شاهه شاهد آ.

    ساڙُ دل جي نه ڪعبي ۾ ايندو،
    ٿو وسي يار، چاهه شاهد آ.

    سنڌ جو آ سنڌو، سڄو سارو،
    پاڻ پنهنجو درياهه شاهد آ.

    تو سواءِ ڪو نه ٻيو سڄڻ منهنجو،
    تو تي منهنجو، ويساهه شاهد آ.

    ‘‘عائشه’’ ۾ ڏسو بچو ڇاهي؟
    حال ان جو، تباهه شاهد آ!
    **


    ڪين لفظن ۾ قربتون گـﮬرجن،

    ڪين لفظن ۾ قربتون گـﮬرجن،
    ٿيون حقيقت ۾ محبتون گـﮬرجن.

    ڀونءِ انسان مان دکي آهي،
    ڀونءِ کي ڪين نفرتون گـﮬرجن.

    گيت دل ۾ اچي جو راحت ڏي،
    سال صدين جون رياضتون گـﮬرجن.

    زندگيءَ ۾ سڪون ٿو گـﮬرجي،
    زندگي منجـﮬـه چاهتون گـﮬرجن.

    ساڙ سيني اندر اٿئي سانڍيو،
    ساهه تنهنجي کي راحتون گـﮬرجن.

    ڪا چڱائي ڪجي ته بڇڙن جون،
    يار ڇا لئه اجازتون گـﮬرجن؟!

    ‘‘عائشه’’ سنڌ کي بچايون ٿا،
    هاڻ پنهنجن جون طاقتون گـﮬرجن.
    **


    ڇڏ سڀاڻي پرين، زندگي ٿي وڃي،

    ڇڏ سڀاڻي پرين، زندگي ٿي وڃي،
    آءُ هاڻي پرين، زندگي ٿي وڃي.

    سونهن ۽ سنڌ تان، مون ته صدقو ڪئي،
    ريءَ ناڻي پرين، زندگي ٿي وڃي.

    چاهه ڇا ساهه ڀي، آ فدا تو مٿان،
    رب ٿو ڄاڻي پرين، زندگي ٿي وڃي.

    تو سوا پُــــور هن، درد هن، سُــور هن،
    گـﮬـاوَ ماڻي پرين، زندگي ٿي وڃي.

    لڙڪ سمجـﮬـيـا پئي، جڳ اکين جا مگر،
    آس ڇاڻي پرين، زندگي ٿي وڃي.

    شام ٿي ڪو نه آئين، خدا خوش رکئي،
    تو ڏي تاڻي پرين، زندگي ٿي وڃي.

    ‘‘عائشه’’ پيڙبي، جند منهنجي رهي،
    عشق گـﮬـاڻي پرين، زندگي ٿي وڃي.
    **


    سارو ڏيهه، سجايو ماڻـﮬو،

    سارو ڏيهه، سجايو ماڻـﮬو،
    وِکَ وِکَ پيار، وسايو ماڻـﮬو!

    هر هڪ من ۾، محبت مرڪي،
    گيت امن جا، ڳايو ماڻـﮬو!

    دل ته خدا جو، گـﮬر آ بيشڪ،
    گـﮬر نه خدا جو، ڊاهيو ماڻـﮬو!

    نفرت، باهه بري آ، بڇڙي،
    نفرت جيءُ، جلايو ماڻـﮬو!

    پيار جي سهڻي، راهه نه ڇڏجو،
    باقي پنڌ اجايو ماڻـﮬو!

    عشق عقل کان، آجو آهي،
    ڪنهن کي ٿا سمجـﮬـايو ماڻـﮬو!

    ڪو ته نڀائي، هن سان ”عائشه“
    سڀ سان نينهن نڀايو ماڻـﮬو!
    * *


    ڦٽايو نه محفل، اُٿي ٿا وڃون،

    ڦٽايو نه محفل، اُٿي ٿا وڃون،
    اسان خير آ جي، ڏکي ٿا وڃون!

    اگر ڏاڍ هوندو، ته آهيون اُڀا،
    اگر پيار آهي، جـﮬـڪي ٿا وڃون!

    جتي قرب ڪوٺيو، اسان کي اتي،
    سچي يار هڪ دم، ڊڪي ٿا وڃون!

    جڏهن بي رخيءَ مان، اسان ڏي ڏسو،
    ته بيساهه ٿي ڄڻ سڪي ٿا وڃون!

    ڀلي سُور مرڪي، اسان کي ڏيو،
    نه ٿي رنج راڻا، لڇي ٿا وڃون.

    اوهانجي اکين جون نهارون تکيون،
    وڏي شوق سان من، ڪسي ٿا وڃون!

    سدا ‘‘عائشه’’ ياد، رهندا سڄڻ،
    متان ايئن ڀانيو، رسي ٿا وڃون!
    **


    ڊوڙي جندڙي، ٿڪڻي آهي،

    ڊوڙي جندڙي، ٿڪڻي آهي،
    نيٺ ته ساهي پٽڻي آهي.

    سور نه، پور نه، آس رهي ڪا،
    دل هي دلبر، سکــڻي آهي.

    موهن جا آثار چون ٿا،
    ڪا نه سمبارا، نچڻي آهي.

    من مندر ۾، مورت سهڻي،
    سيرت صورت رکڻي آهي.

    جـﮬـٽ ۾ جـﮬـٽي ٿو، موت اچي ٿو،
    ڪو نه حياتي، بچڻي آهي.

    ڀوڳيو ڏاڍو، هاڻي دل جي،
    بات نه ڪائي، مڃڻي آهي.

    ڏکڙن سان ٿي، عائشه گـﮬـاريو،
    ڪا نه خوشي جو، اچڻي آهي.
    **


    سجائي مرڪ، چپڙن تي رکان ٿي،

    سجائي مرڪ، چپڙن تي رکان ٿي،
    پئي هر پُور سان، من ۾ پچان ٿي.

    صفا منهنجي، حياتي، وانگ آهي،
    خيالن ۾، قبر پنهنجي ڏسان ٿي.

    نئين هر آس ٿي، دل جو سمائي،
    سبق هر آس کان، سهڻو سکان ٿي.

    اڙي او سانورا بادل! نه وس تون،
    الا! اکڙين سان، مان روئي وسان ٿي.

    چيو مون جاڳ کي، ‘اڄ دوست ايندو’،
    چيو آ ننڊ ‘اڄ مان ڀي اچان ٿي!’

    هڻي نظرن جا، ٿو محبوب نشتر،
    الائي ڪيئن، پر هر هر بچان ٿي.

    پڇو هن پيار ٿئي، ڪنهن ساڻ ‘عائشه’،
    وٺان ڪيئن نانءُ تنهنجو مان ڊڄان ٿي!
    **


    سنڌ ساري پڪار، ٿي ويئي،

    سنڌ ساري پڪار، ٿي ويئي،
    اک اک لڙڪ لار، ٿي ويئي.

    سرخرو حق حسين ٿيو باقي،
    آهي ظالم جي هار، ٿي ويئي.

    او ڪَوي! تو جا وات وائي آ،
    دشمنن لئه ترار، ٿي ويئي.

    تو هي غيرن جي، ڀر جـﮬـلي آهي،
    توتي لعنت غدار! ٿي ويئي.

    وات واڳن مان، جو اڙي سهڻي،
    ڏسُ پتيون ميهار ٿي ويئي.

    ڪيترو صبر سان سڙي آخر،
    قوم سنڌي، بيدار، ٿي ويئي.

    ڪو نه ‘عائشه’ ڪڏهن وڪاڻي جو،
    آهي سانگين جي سار، ٿي ويئي.
    **


    ياد ماضيءَ جا پل، وريا آهن

    ياد ماضيءَ جا پل، وريا آهن
    نيڻ ۽ دل ٻئي، ڀريا آهن.

    پيار توکان، پري گذارن ٿا،
    آدمي ٿي پـــَـيــا، چريا آهن.

    ٿي وئي توسان، سُور سنگت آ،
    پل خوشين جا، ڪٿي ڦريا آهن.

    ڇو حقيقت کان، رُخ پيا موڙن،
    ڇو سٺا ذهن ائين کريا آهن.

    وقت شاهد، رهيو خدا وانگي،
    مونسان احساس ئي، ڳريا آهن.

    درد دل جي تري ۾ ها جيڪي،
    سي اکين ۾ ڏسو، تريا آهن.

    ‘‘عائشه’’ نيڻ جاڳ سان جاڳن،
    ديپ آشا سندا، ٻريا آهن.
    **


    پرت ۽ پيار آ، روشني روشني،

    پرت ۽ پيار آ، روشني روشني،
    سارو سنسار آ، روشني روشني.

    همسفر، همقدم ٿو رهي هر پهر،
    دوست دلدار آ، روشني روشني.

    پنهنجو ساٿي خدا ڪو ڪندو ڇا جدا،
    دل ۾ اعتبار آ، روشني روشني.

    ٻاٽ جاهلپڻو مات ماري ڪبو،
    پنهنجو اقرار آ، روشني روشني.

    ڏات ۾ بات ۾ صاف ظاهر ٿئي،
    سوچ سينگار آ، روشني روشني.

    جو علم کي وڌائي پڏائي ڀلي،
    ڇو ته ڪردار آ، روشني روشني.

    ‘عائشه’ کي ڏسو ڪجـﮬـه سيکاريو سکو،
    ڏات ڏاتار آ، روشني روشني.
    **


    روئڻ، مرڪڻ حياتيءَ جو حصو آ،

    روئڻ، مرڪڻ حياتيءَ جو حصو آ،
    رُسڻ، پرچڻ، حياتيءَ جو حصو آ.

    ڪڏهن ميلو، ڪڏهن ماتام آهي،
    لڇڻ، جـﮬـومڻ، حياتيءَ جو حصو آ.

    مليو ڄڻ روح ئي رولاڪ آهي،
    لڳي ڀٽڪڻ، حياتيءَ جو حصو آ.

    نظر محبوب جي تلوار جـﮬـڙي،
    الا ڦٿڪڻ حياتيءَ جو حصو آ.

    نه غم، ڪم سمجهه، کُٽڻو آ سياڻا،
    رڳو هڻ هڻ، حياتيءَ جو حصو آ.

    جتي ويهي ڀڳو ٿڪ، پيار پنهنجي،
    اهو وڻ وڻ، حياتيءَ جو حصو آ.

    سدائين مرڪ ڀي، رهڻي نه آهي،
    سچي سڏڪڻ، حياتيءَ جو حصو آ.

    ڇڏي آهن ويون، من جون بهارون،
    خزان پن ڇڻ، حياتيءَ جو حصو آ.

    ملئي ٿو ”عائشه“ جو درد هاڻي،
    کلي کڻ کڻ، حياتيءَ جو حصو آ.
    *


    نهارن چئه، نگاهون ڪيستائين؟

    نهارن چئه، نگاهون ڪيستائين؟
    اڃا ڏي دل، صدائون ڪيستائين؟

    خدا ڄاڻي، اگـﮬـي هڪڙي به ناهي،
    اڃا گـﮬرجن دعائون ڪيستائين؟

    اُهي جيءَ کي پَـــيون ساڙن، سدائين،
    وڇوڙن جون هوائون ڪيستائين؟

    اڃان ٿو ڏور، ڏاڍو ماڳ ڏسجي،
    اڃا ويران راهون ڪيستائين؟

    اڃان مظلوم مرندا، ڇو خدارا،
    ڪري دل درد دانهون ڪيستائين؟

    اڃا ناهي، ٿيو جو ڪجـﮬـه عمل ۾،
    اڃا سنڌ لئه صلاحون ڪيستائين؟

    اڃا هي ديس، ڇو لٽبو رهي ٿو،
    اڃا ڌُوتن جون ڪاهون ڪيستائين؟

    حياتي ‘‘عائشه’’ سان ڪاهه ٿورو،
    پتو ناهي، پڳا هون ڪيستائين؟
    **


    اوهان جي بزم مان اُٿڻ وارا آهيون،

    اوهان جي بزم مان اُٿڻ وارا آهيون،
    پتو ناهي ڪيڏانهن وڃڻ وارا آهيون.

    اسان شعر پنهنجن سان گڏجي هوا ۾،
    وڄڻ وارا آهيون، گـﮬـلڻ وارا آهيون.

    نڪي راهه ۾ خار، رکجو اسان لئه،
    اسان راههِ الفت، هلڻ وارا آهيون.

    اوهان ساڻ جيئڻ، گـُﮬريو آ سدائين،
    ڇنو ٿا جي ناتو، مرڻ وارا آهيون.

    اسان ڪربلا، سنڌ من ۾ سمائي،
    خوشيءَ ساڻ حق لئه ڪُسڻ وارا آهيون.

    ڀلي قرب ۾ ڪنڌ ڪاتي وهايو،
    اسان قرب ۾ ڪٿ ڪڇڻ وارا آهيون.

    اسان درد درياءَ ۾، ٻڏندا رهون ٿا،
    ڪٿي هي چيوسين، ترڻ وارا آهيون.

    اگر ‘‘عائشه’’ ‘جيءُ’ سڪَ ۾ چيوسين،
    نه پو ‘ڦُوٽ’ ڀُلجي ڪرڻ وارا آهيون.
    **


    ياد ايئن تنهنجي اچي،

    ياد ايئن تنهنجي اچي،
    ڄڻ ته پاڻي پياس ۾!

    ڇڏ اميدون تون رکڻ،
    لوڪ هن بي قياس ۾!

    جيئڙو جـُﮬـرندو مگر،
    گـﮬـارجي احساس ۾.

    نانءُ شل منهنجو رهي،
    سنڌ جي اتهاس ۾.

    دوست آ رشتو پڪو،
    دل اندر وشواس ۾.

    ڀاڳ پنهنجو ڀونءَ تي،
    ڪو نه ڪجـﮬـه آڪاس ۾.

    آدميءَ جي آ نظر،
    آدميءَ جي ماس ۾.

    ‘عائشه’! مليو نه هُــــــو،
    زندگي وئي آس ۾.
    **


    ٿي ڏيئي پيار کي پناهون دل!

    ٿي ڏيئي پيار کي پناهون دل!
    ڇا ته سانڍي پئي وفائون دل!

    دوست توکي دغا جي بدلي ۾،
    منهنجي درويش ڏي دعائون دل.

    پيار جي راهه ڇڏ کڻي هاڻي،
    کوڙ ڀوڳيون اٿئي سزائون دل.

    نينهن نيازي ڏني ڀلي آهي،
    تون نه رکجان ڪڏهن انائون دل!

    صاف سچ پاڪ پيار سهڻو آ،
    ڪي نيت ۾ نه رک بلائون دل!

    ٿي چري جنهن جي چاهه ۾ آهين،
    ڇا ڏٺيون تنهن ۾ تو ادائون دل!؟

    ويڄ تنهنجو پرين ڪٿان آڻيان؟
    کاءُ دکَ ڀانءَ ڄڻ دوائون دل!

    ساهه کان ٿا چون جو ويجـﮬـو آ،
    ڇا ٻڌيون هونديون تنهن صدائون دل!

    ‘عائشه’ جي حيات تو ۾ آ،
    چئه ڇڏيان ڪيئن توکي آئون دل!
    **


    ڌوڪو ۽ دولاب ڪندا ڪيئن،

    ڌوڪو ۽ دولاب ڪندا ڪيئن،
    نينهن نڀائڻ وارا ماڻهو!؟

    ڪنهن جو ڀي احساس نه سمجـﮬـن،
    لڙڪ وهائڻ وارا ماڻهو.

    سک سان پاڻ به سمهندا ناهن،
    چين ڦٽائڻ وارا ماڻهو!

    توتي ڇانوَ لطيف، سچل جي،
    سنڌ بچائڻ وارا ماڻهو!

    قاتل، غاصب سي ٿيندا هن،
    حق کي کائڻ وارا ماڻهو!

    ڪانئر ٿيو پيا جيئندا رهندا،
    ڪنڌ جـﮬـڪائڻ وارا ماڻهو!

    توکي وقت ستائيندو پيو،
    سوچ! ستائڻ وارا ماڻهو!

    ‘عائشه’ تنها رهندا آهن؛
    پاڻ پڏائڻ وارا ماڻهو!
    **


    تتيءَ کان ٿڌيءَ کان پناهن ۾ رکجو،

    تتيءَ کان ٿڌيءَ کان پناهن ۾ رکجو،
    پرين پاڪ پنهنجين نگاهن ۾ رکجو!

    ڏکيءَ ۾ سُکيءَ ۾ اوهان ساڻ راضي؛
    ڀلي پيا اسان کي سزائن ۾ رکجو!

    پوي يار ڦٿڪي، بچي جيئن نه منڙو!
    اثر اهڙو جاني ادائن ۾ رکجو!

    ڪٿي من چئون ٿا هندورن ۾ لوڏيو،
    اسان کي غمن جي گـﮬـٽائن ۾ رکجو!

    هتي دل لڳائڻ اگر ڏوهه آهي،
    لڳي دل وئي ٿم خطائن ۾ رکجو!

    جنت جو مزو آ اوهان ساڻ ايندو،
    سدائين پرين پنهنجي ٻانهن ۾ رکجو!

    اسين ديپ آهيون انڌيرن جا ويري،
    اسان کي نه هرگز هوائن ۾ رکجو!

    اسين ڪجـﮬـه نه چاهيون سوا پيار کان ٻيو،
    سدا ياد مٺڙا دعائن ۾ رکجو!

    پيا ڏوهه سارا مٿان مون مڙهيو ڀل،
    مگر نانءُ ”عائشه“ وفائن ۾ رکجو!

    **


    ڇا ٿيو جي آن، هڪ ڄڻي عائشه!

    ڇا ٿيو جي آن، هڪ ڄڻي عائشه!
    ڏيهه جا ڏکّ، هل کڻي عائشه!

    ظلم خاموش ڇو سهي آخر؟
    سنڌ جيجل جي آ، ڄڻي عائشه!

    سور ويندا، سُرور ڀي ايندو،
    پنهنجو رب آ وڏو، ڌڻي عائشه!

    پير هاڻي نه، ساهبا ڪاٿي،
    ٿي وئي دير آ، گـﮬـڻي عائشه!

    ساهه ويساهه کان، وڏو ناهي،
    هام ويٺي جو آن، هڻي عائشه!

    سمنڊ ناهيان، درياءَ ڀي ناهيان،
    آهيان پر، قرب جي ڪڻي عائشه!

    چين سارو ڦري، وئي تنهنجو،
    عاشقي توکي ڪيئن، وڻي عائشه!

    شوق اذيت ڏئي، ڏني شهرت،
    درد ۾ شاعرا، بڻي عائشه!

    زندگي ڄڻ خزان ۾، وڻ وانگي،
    روز ٿي پن جيان، ڇڻي عائشه!
    **


    مان سڄي سُور هان، توکي مسرت کپي،

    مان سڄي سُور هان، توکي مسرت کپي،
    آءٌ آڻيان ڪٿان، توکي نصرت کپي!؟

    آنءُ بي نام، جيوَن گذاريان پئي،
    نانوَ توکي اتم، توکي شهرت کپي!

    اڻ گُـﮬري ٿي ملي، روز مون کي پرين،
    مان چوان ٿي پئي، ڪو نه غربت کپي!

    زندگيءَ ۾ گـﮬـڙي کَن سکَ جي گـُﮬريم،
    مون ڪٿي هي چيو، عيش عشرت کپي!؟

    پيار هاڻي دلين مان، لڏي ٿو ڏسو،
    هاڻ کائڻ، سڀن کي ته عبرت کپي!

    هاڻ آشا نه ڪائي، آ باقي بچي،
    هاڻ دل ڀي، چوي ٿي نه حسرت کپي!

    هاڻ دنيا ۾ قائم، امن ٿو ڪجي،
    هاڻ قربت ۾ پيارا، ٿي ڪثرت کپي!

    ڪونه مظلوم کي حق ملي ٿو هتي،
    ڪورٽن ۾ خدا! تنهنجي قدرت کپي!

    ‘‘عائشه’’، کي ڀلي، محبتون ڏي نه ڏي،
    کڻ هيءُ پنهنجي، زمانا! نه نفرت کپي!
    **


    سور سارو، بيان ۾ آهي،

    سور سارو، بيان ۾ آهي،
    درد دل جي جـﮬـان ۾ آهي.

    جو به آهي، ته ڀونءِ ۾ آهي.
    ڪو نه ڪجـﮬـه آسمان ۾ آهي.

    سو ڀٽائي ڏسي پيو ساري،
    بات جيڪا قرآن ۾ آهي.

    گـﮬر مٽيءَ جو ڏسي نه گـﮬـٻرايو،
    پيار من جي مڪان ۾ آهي.

    صورتن ۾ اجايو ڳولين ٿو،
    ماڻهو سهڻو، زبان ۾ آهي.

    کوڙ مقصد ٻيا به هن ليڪن،
    زندگي پوري نانَ ۾ آهي.

    ڍنگ جو ڪم نه ڪار ٿو ڏسجي،
    ڪو نه ڪجـﮬـه نوجوان ۾ آهي.

    ‘‘عائشه’’ خيال سان هلو هاڻي،
    غير جي، سنڌ نشان ۾ آهي.
    **


    سُور منهنجي ساهه کي تـو ئي ڏنو،

    سُور منهنجي ساهه کي تـو ئي ڏنو،
    تو ڀلا پو ڇو وري روئي ڏنو!؟

    وقت کي جيڪو ڏنو ڪلهه مون هيو،
    وقت موٽائي وري سو ئي ڏنو!

    ميرڙي من کي کڻي ڪهڙو جيئڻ؟
    تو به ڌوٻي ڪو نه منُ ڌوئي ڏنو!

    سيڻ ڀي سارن پيا مون کي هُتي،
    آسرو تو بند ۾ لوئي ڏنو!

    سو چمي اکڙين سان دل سانڍي رکيو،
    پيار سان تحفو اوهان جو ئي ڏنو!

    ‘عائشه’ ننڊ آ مٺي ان لاءِ جو،
    جاڳ ڪاٿي خواب آ ڪوئي ڏنو!

    **


    قدم ٿا سونهن ڏي سوريون،

    قدم ٿا سونهن ڏي سوريون،
    اٿي ڏونگر ڏکيا ڏوريون!

    لطيفي لات سان پنهنجو،
    مٺا اندر هلي اوريون.

    پيون سارن پرين توکي،
    هزارين ڀونءِ تي ڀوريون.

    اسان سکڙن سان سورن کي،
    نه ٿا ويهي ڪڏهن توريون.

    امن آتڻ مٽائي ويو،
    وڌيون هر جاءِ تي چوريون.

    انهن ۾ لاش ماڻهن جا،
    ڪراچيءَ ۾ ڏسو ٻوريون.

    پري توکان رهان هاڻي،
    اهي هن ڳالهڙيون ڳوريون.

    بظاھر سرڪشيون جن وٽ،
    اٿئي اندر ۾ سي پوريون.

    ڏکائن جيءَ کي جيڪي،
    مٽايو عادتون ٿوريون.

    نه سمجهه عشق کي سوکو،
    اٿوَ آفت اهو ڇوريون!

    نه ٿيون سي ‘عائشه’ مرڪن،
    جنين کي جيءَ اندر جُھوريون.
    **


    ڏسيو، ڪاٿي سُکي عورت رهي آ؟

    ڏسيو، ڪاٿي سُکي عورت رهي آ؟
    ازل کان ڄڻ ڏکي عورت رهي آ!

    ڏنائين وات تان لاهي نوالو-
    ٻچن کي ڏس بکي عورت رهي آ!

    حياتي تلخ ٿي پنهنجي گذاري،
    نه پر پو ڀي رُکي عورت رهي آ!

    غلامي نيٺ ڪنهن هن کي ڏني جو،
    خدا ريءَ ڀي جُھڪي عورت رهي آ!

    حقيقت ۾ اچي ويو ڏينهن اهڙو،
    سندي حق لئه اُٿي عورت رهي آ!

    ڏسو ان جي کلڻ ۾ بيوسيءَ کي،
    سدا ‘‘عائشه’’ دکي عورت رهي آ!

    **


    جميل ڪردار ڪونه ٿيندو، زبان تي جي جمال ناهي،

    جميل ڪردار ڪونه ٿيندو، زبان تي جي جمال ناهي،
    ترار تاڻي اگر کٽي دل، اهو وڏو ڪو ڪمال ناهي.

    اڃان حياتي ٿڪي نه آهي، تتيءَ ٿڌيءَ ۾ ڀلي ڪو ڪاهي!
    اڃان پرين ساهه آ سفر ۾، اڃان ڇڏڻ جو سوال ناهي!

    اِهو وڏو ڪم ڪري جو ڪوئي، جيئي حياتي سدا ٻين لئه،
    مري ٿو تاريخ ۾ اُهو ئي، بڻيو جو بهتر مثال ناهي!

    پڙهي چون ٿا اديب، شاعر، نواڻ ڪا شعر منجھه ناهي،
    چيم، شڪل سورَ جي آ ساڳي، نئون برابر خيال ناهي!

    اڃان ڏکن ۾ رهي ٿي ‘‘عائشه’’ اڃان ته سڙندي حيات باقي،
    اڃان سُکن جو پتو نه آهي، اڃان ڏکن جو زوال ناهي.

    **


    نه ڪو فتنو ڦڏو آهي،

    نه ڪو فتنو ڦڏو آهي،
    فقيرن جو لڏو آهي.

    اڪيلو ساهه آ توڙي،
    هي سرتين جو لڏو آهي!

    ٿئي بند مينهن نيڻن مان،
    جھڳو جيءَ جو جڏو آهي.

    سڄو رت، ست ڏکن چُوسيو،
    بچيو باقي هڏو آهي!

    اهو گُوندر گھٽائيندو،
    خدا بيشڪ وڏو آهي.

    هتي ‘عائشه’ پيا گڏجن،
    ڏکن جو دل اڏو آهي!
    **


    پنھنجي ڀائٽي ‘دعا’ جي لاءِ

    مان ڏسان ڪئن هر پهر، ننڍڙي دعا،
    آ شفا جي منتظر، ننڍڙي دعا!

    موت کان وڌ بي وسي آ اي خدا!
    بات ان کان بي خبر، ننڍڙي دعا!

    درد اُن جو آ طبيبن کان مٿي،
    ٿي چئي، رب! ٻاجھه ڪر، ننڍڙي دعا!

    ڪو خوشي غم جو نٿس احساس اڄ،
    ياالله! ڏس بي فڪر، ننڍڙي دعا!

    پيءُ ڀي پرواهه ۾ ڏاڍو رهي،
    ماءُ پنهنجي جو جگر، ننڍڙي دعا!

    سور ٿو لاهين خدا هر ساهه جا،
    پئي ڪري تنهنجو ذڪر، ننڍڙي دعا!

    ‘عائشه’ تنهنجو ڪرم موليٰ رهي،
    ڪونه ٿيندي دربدر، ننڍڙي دعا!
    **


    سبق سور جاتي، دليون درسگاهون،

    سبق سور جاتي، دليون درسگاهون،
    اتي آنءُ هوندس، ڪجو پيا پڇائون.

    نه ڪاٿي ڪي راڪاس جا پير ڏسجن،
    رهن شل امن ساڻ آباد راهون.

    گـﮬـڙي ڪا گذاريون اوهان ساڻ ويهي،
    تتيءَ ۾ ٿيو پيار واريون پناهون.

    اسان وقت پنهنجو ڏنو شاعريءَ کي،
    صدين تائين ٻرنديون اسانجون صدائون.

    ڪراچي کان ڪشمور تائين ڏٺو جن،
    نظر اينديون تن کي سوين ڪربلائون!

    جنين جھول جيجل جي وسندڙ اُجاڙي،
    رهن ڪين تن جون سلامت سي ٻانھون!

    اسان پيا نڀايون ڀلي آزمايو،
    اوهان ساڻ ڏوريون ڪٿي من! ٿڪا هون.

    ڀلا ڪيئن احساس ٿيندو ڏکن جو؟
    ڪري ساهه تي سور جي ڪونه ڪاهون!

    سنڀاري اباڻا، نهارن نماڻا،
    وڇوڙن ۾ آيل! پئي رتُ رنائون.

    نه هي آس ۾ روز روئي نهارن،
    کلن شل پيارا! نماڻيون نگاهون.

    سدا ‘عائشه’ گيت گونجن خوشين جا،
    نه بيزار ٿي ڪو ڀري آهون دانهون.
    **


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 468584
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 187990
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ