ڪتاب جو نالو: سرد لاش جو سفر
مصنف: امر جليل
ڇپائيندڙ: ڪاڇو پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 28 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 3354 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 925 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (195) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”سرد لاش جو سفر“ نامياري ليکڪ امر جليل جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. ياد رهي ته امر جليل جي ڪهاڻي ”سرد لاش جو سفر“ جڏهن پهريون دفعو سهڻيءَ ۾ ڇپي ته رسالي تي پابندي پئجي وئي. هن ڪتاب جو ٽيون ايڊيشن ڪاڇو پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ويساهه، ويساهه : پهرئين ڇاپي جي آتم ڪٿا
  • غفا
  • هڪ لاش ۽ راتين جا روڪ
  • شيطان جو سنگسار
  • ڳيري جو موت
  • گامون سچار جي پٽ جو انٽرويو
  • وهم
  • رليف ڪيمپ
  • ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي موت
  • اڄ اُسهان ٿو پرائي ديس
  • زندگي هڪ ڪُن
  • جنم
  • نه ويڄ نه طبيب
  • ڪاري ڪٿي آهي
  • ڪينسر
  • مٽيءَ جا ماڻهو
  • سرد لاش جو سفر

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (195) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”سرد لاش جو سفر“ نامياري ليکڪ امر جليل جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. ياد رهي ته امر جليل جي ڪهاڻي ”سرد لاش جو سفر“ جڏهن پهريون دفعو سهڻيءَ ۾ ڇپي ته رسالي تي پابندي پئجي وئي. هن ڪتاب جو ٽيون ايڊيشن ڪاڇو پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي.
    امر جليل لکي ٿو رب نه عرش تي آهي، نه فرش تي آهي، رب نه مسجد ۾ آهي، نه مندر ۾ آهي. رب انسان جي اَندر ۾ آهي. ڪل جڳ ۾ وڳوڙ تڏهن پيداٿيو جڏهن هڪ کي انيڪ روپ ڏيئي ماڻهن هڪ کي وساري ڇڏيو. پنهنجي پنهنجي خدا جي برتريءَ لاءِ ماڻهن رت جا درياهه وهائي ڇڏيا. قدرتي آفتن، زلزلن، آتش فشائن، سونامين، ۽ سمنڊن جي اُٿلڻ سان ايتريقدر وڏي تعداد ۾ ماڻهو نه مئا آهن، ۽ نه دربدر ٿيا آهن جيڏي تعداد ۾ ماڻهو مذهبن جي نالي ۾ جوٽيل جنگين ۾ مئا آهن، ۽ دربدر ٿيا آهن. سائنس، ٽيڪنالاجي، ۽ شعور ۾ بي انتها اوسر جي باوجود مذهبن جي نالي ۾ وحشتناڪ ڪارروايون ختم ٿي نه سگهيون آهن. اُٽلندو انهن ڪارروائين ۾ اضافو ٿيو آهي. طالبان مذهبي جنونيت جو هڪ ڀيانڪ روپ آهن.
    ڪتاب جي ڪمپوز ڪيل ڪاپي سنڌ سلامت ڏانهن موڪلڻ تي فيسبوڪ جي پيج فئنس آف امر جليل Fans of Amar Jaleel جي ايڊمن سارنگ امداد ۽ سندس دوستن جا ٿورائتا آهيون. اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ويساهه، ويساهه : پهرئين ڇاپي جي آتم ڪٿا

    سن 1946ع رتن تلاءُ پرائمري اسڪول ڪراچيءَ مان پرائمري تعليم جا چار درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ مون کي اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ جي پهرين درجي ۾ داخله وٺي ڏني هئائون. انگريزن جي دور ۾ پرائمري جا چار درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ، هاءِ اسڪول جا ست درجا پاس ڪرڻا پوندا هئا، تڏهن وڃي ميٽرڪ ٿيندي هئي. انهن ڏينهن ۾ اين جي وي هاءِ اسڪول جو شمار ڪراچيءَ جي بهترين اسڪولن ۾ ٿيندو هو. ٻيا سٺا اسڪول هئا، سينٽ پيٽرڪس اسڪول، ڪراچي گرامر اسڪول، ڪرسچين مشنري اسڪول، بي وي ايس پارسي اسڪول، ۽ ماما پارسي گرلس اسڪول. مذهب طرف لاڙو رکڻ وارا والدين پنهنجن ٻارن کي سنڌ مدرسي ۾ پڙهائيندا هئا.
    1940ع ڌاري ڊو ميڊيڪل ڪاليج جي توسيع لاءِ ضرورت محسوس ڪئي ويئي هئي. ڊو ميڊيڪل ڪاليج سان لڳو لڳ اين جي وي هاءِ اسڪول جي عمارت هوندي هئي. ٻئي تعليمي ادارا سرڪاري هئا. فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ وقت ۾ تعليمي ضرورتن جي پورائي لاءِ اين جي وي هاءِ اسڪول جي هڪ عاليشان عمارت ٺاهرائي ويندي. تنهن ڪري اين جي وي اسڪول کي ڊو ميڊيڪل ڪاليج جي سامهون ڪوٽوال بلڊنگ ۾ عارضي طرح شفٽ ڪيو ويو هو، ۽ اسڪول جي اصلوڪي عمارت ڊو ميڊيڪل ڪاليج کي ڏني ويئي هئي. مون کي ياد نه ٿو اچي ته ڪوٽوال بلڊنگ ۾ مرهٽن جو يا گجراتين جو ڪو اسڪول هوندو هو. ڪوٽوال بلڊنگ اسڪولي عمارت هئي. اُتي مون کي پهرين درجي ۾ داخله وٺي ڏني هئائون. سن هو 1946 ع.
    اين جي وي هاءِ اسڪول جي نئين بلڊنگ لاءِ سرڪار بندر روڊ تي سعيد منزل ڀرسان ڪا قديم سرڪار ي آفيس ڪيرائي پٽ ڪري ڇڏي، ۽ اسڪول جي عمارت جو ڪم شروع ڪرايو هو. سعيد منزل جي ڀرسان ايڊلجي ڊنشا بلڊنگ جي اٺين نمبر فليٽ ۾ اسان جو گهر هو. اسان جي فليٽ ۾ آخري ڪمري جو رخ سڌو سنئون اُن طرف هو جتي پراڻي سرڪاري آفيس کي ڊاهي اين جي وي اسڪول جي اڏاوت شروع ڪئي هئائون. رتن تلاءُ اسڪول ۾ پرائمري تعليم پرائڻ دوران مون اين جي وي اسڪول جي اڏاوت کي آهستي آهستي اُسرندي ڏٺو هو. هندستان جي ڪنهن جابلو علائقي مان پٿرن جا پهاڙ آڻي گڏ ڪيا هئائون. سوين راجستاني ڪاريگر پٿرن کي ماپ مطابق ٽُڪي، پٿرن مان بلاڪ ٺاهيندا هئا. سپروائيزر فُٽ پٽيون ۽ فيتا کڻي هڪ هڪ بلاڪ جي چڪاس ڪندا هئا.
    سوين مزور ۽ مستري اسر ويل اچي لوهي ڇيڻين ۽ مترڪن سان پٿر ٽُڪڻ شروع ڪندا هئا. سوين ڇيڻين ۽ مترڪن جو هڪ لئي ۽ هڪ تال ۾ آواز شام تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو. پوئين ڪمري جي بالڪونيءَ ۾ امان صندل وجهي ڇڏيو هو. امان گهڻو ڪري پٽاٽا بصر ۽ ٻيون ڀاڄيون صندل تي پلٿي ماري، ويهي ڇليندي هئي، واندي ويهي نه سگهندي هئي. ڪم ڪار نه هوندو هوس ته صندل تي ويهي اخبارون ۽ سچل سائين جو رسالو پڙهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ٽڪ ٻڌي سوين مسترين ۽ مزورن کي ڇيڻين تي مترڪا هڻندي ڏسندي هئي، ۽ الاءِ ڇا سوچيندي هئي!
    گارڊن روڊ واري برهاني بلڊنگ مان شفٽ ڪري اسين 1942 ع ۾ ايڊلجي ڊنشا بلڊنگ واري فليٽ ۾ آيا هئاسين. تن ڏينهن ۾ به پٿرن کي ڇيڻين ۽ مترڪن سان ٽڪي بلاڪ ٺاهڻ جو ڪم هلي رهيو هو. پراڻي ڊٺل سرڪاري عمارت جو ملبو کڄي رهيو هو. لاڳيتو چار پنج سال ساڳي تال ۽ ساڳي لئي سان ايندڙ ڇيڻين ۽ مترڪن جو آواز منهنجي ٻال اوسٿا (ننڍپڻ) جو حصو ٿي ويو آهي. اين جي وي هاءِ اسڪول جي نئين عمارت هٿن سان ٽُڪي، گهڙي ٺاهيل لکين ڪروڙين بلاڪن سان تيار ڪيل آهي. اين جي وي هاءِ اسڪول جي موجوده ابتر حالت ڏسي مان شدت سان محسوس ڪندو آهيان ته برصغير جي هِن حصي ۾ اسين رهڻ وارا اهڙي عاليشان عمارت جي لائق ۽ قابل نه هئاسين. هينئر ته عمارت جي مٿان سنگمرمر تي لکيل اين جي وي هاءِ اسڪول وارو پٿر پٽي لاهي ڇڏيو اٿائون. اُن هنڌ سيمنٽ سان لکايو اٿائون، اين جي وي بلڊنگ.
    اهڙي طرح راجسٿان ۽ جيسلمير کان گهرايل پٿر ۽ ماربل سان ٺاهيل اين جي وي هاءِ اسڪول جي عاليشان عمارت قبضه خورن لاءِ سڻڀو گرهه ٿي پيئي آهي.
    اين جي وي هاءِ اسڪول جي نئين عمارت جي هڪ حصي تي سڀ کان پهرين سنڌ اسيمبليءَ ناجائز قبضو ڪيو هو. (48-1947ع) ان وقت ڪراچي پاڪستان جي گاديءَ وارو هو. سنڌ اسيمبليءَ جي پنهنجي عمارت مرڪزي سرڪار جي استعمال ۾ هئي جتي وفاقي يا قومي اسيمبليءَ جا اجلاس هلندا هئا. ان کان پوءِ سنڌ حڪومت جي ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن اين جي وي هاءِ اسڪول جي هڪ حصي تي قبضو ڪري آفيس کولي. (1950ع) ڏسنديئي ڏسندي سنڌي ادبي بورڊ اين جي وي هاءِ اسڪول جي ٻئي حصي تي قبضو ڪري آفيس کولي ڇڏي. اِهي سرڪاري قبضا هئا، هر لحاظ کان ناجائز هئا. پوءِ خيرن سان پي ڊبليو ڊي وارن اسڪول جي هڪ حصي تي قبضو ڪري ورتو. پوءِ ته هڪڙا دفتر کليا پي ته ڪي بند پي ٿيا. اسڪول ويو تباهه ٿيندو.
    روزگار سبب اٺاويهه سالن واري جلاوطني ڪاٽي ڪراچي موٽي آيس، (2001ع) دل ٻال اوسٿا (ننڍپڻ) جا پيرا کڻڻ لاءِ ڇڪ کاڌي. ڊاڪٽر امداد بلوچ ۽ مان اين جي وي اسڪول ڏسڻ وياسين. امداد بلوچ ۽ مون ساڳي سال (1953ع) اين جي وي اسڪول مان ميٽرڪ ڪئي هئي. ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ امداد اي اين ٽي يعني نڪ، ڪن ۽ ڳلي جي بيمارين لاءِ علاج ۽ سرجريءَ ۾ ٻاهران اسپيشلائيز ڪيو، ۽ اڳتي هلي بينظير ڀٽو جي معالج ٿيو.
    اين جي وي هاءِ اسڪول جي موجوده حالت ڏاڍي افسوسناڪ آهي. عمارت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو. ان اسڪول سان منهنجي روح جو رشتو آهي، جيئن رتن تلاءُ پرائمري اسڪول سان آهي. اسڪول ويران ۽ تباهه حال پي ڏٺو. ورانڊن ۾ ڀڳل ٽٽل ميزن، ڪرسين ۽ ڊيسڪن جا ڊهه، ڪنسٽرڪشن جو رهجي ويل سامان. ڪلاسن جون ڊيسڪون پراڻيون ۽ اُڏوهي کاڌل - ڪلاس روم اونڌاها - دز - مٽي - ڄارا - سنگمرمر جون ڏاڪڻيون غلاظت ۽ پان جي پيڪن ۽ ٿُڪن سان ٿڦيل! ٽائليٽ ايتري قدر بدبودار، گندا ۽ ڪراهت آميز جنهن جو اوهين تصور به ڪري نٿا سگهو. جيئن اُجڙيل ۽ برباد ٿيل سنڌ ڏسي مون کي شاهه لطيف جي هڪ بيت جو مفهوم واضح صورت ۾ نظر ايندو آهي، تيئن اين جي وي هاءِ اسڪول جي هاڻوڪي حالت ڏسي ساڳئي شعر جو مفهوم دل تي تري آيو. ”جتي هنج هئا، اتي ڪانوَن ڪانگيرا ڪيا.“
    اسڪول جي احاطي ۾ غير قانوني اڏاوتون، ۽ اڌ ۾ ڇڏيل اڏاوتن لاءِ آندل ريتي، بجري، بلاڪ، ۽ ڀڳل ٽٽل شٽرنگ جا تختا پيا هئا. اسڪول جي جنهن حصي تي پنجاهه ورهيه اڳ ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن قبضو ڪيو هو، ساڳئي حصي تي هينئر هڪ اين جي او جو قبضو آهي. اسڪول اندر چار سو والن جيتري زمين الله جي نالي ۾ ڦٻائي ڪنهن ملان مسيت، ۽ مسيت مٿان پنهنجو گهر ٺاهرائي ڇڏيو آهي. هيٺ الله جو گهر، ته مٿان ملان جو گهر! الله جي نالي ۾ جنگيون ٻڌيون ۽ تاريخن ۾ پڙهيون هيون سين. هينئر، مسلمانن لاءِ الڳ ٿلڳ ٺاهيل ملڪ پاڪستان ۾ الله جي نالي ۾ زمينن ۽ ماڻهن جي املاڪ تي ناجائز قبضا ڏسي رهيا آهيون. ڪا جهل پل ڪونهي. ملان ڏندين ڏاند ٿي پيا آهن. اسڪول جي ڪجهه ٻين حصن تي به قبضا ڪيل هئا. اسڪول جي ٽين ماڙ ڪاٺ ڪٻاڙ لاءِ ڇڏيل هئي.
    خبر ملي ته ميٽرڪ ڪلاس ۾ سنڌي شاگردن جو ڪل تعداد نو (9 )آهي. اِن حقيقت جي آئيني ۾ اوهين ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو آئيندو ڏسي سگهو ٿا. هيڊ ماستر جي آفيس ڪنهن مفلس جي آفيس محسوس ٿي. 1947ع کان پوءِ ورثي ۾ مليل اين جي وي هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر جي آفيس عاليشان فرنيچر ۽ هر طرف جرڪندڙ الماڙين سان سينگاريل هوندي هئي. الماڙين ۾ تجلا ڏيندڙ ۽ چمڪندڙ ٽرافيون، ڪپ، شيلڊون، ٻِلا ۽ انعامن ۾ مليل قيمتي ساونيئر سينگاريل هوندا هئا. اِهي انعام اڪرام اسڪول جي ڪرڪيٽ، فٽبال، ڊبيٽنگ ۽ ڊراماٽڪ سوسائٽيءَ جي ٽيمن سڄي هندستان ۾ ٿيل مقابلن ۾ کٽيا هئا. موجوده هيڊ ماستر جي آفيس ۾ ردي سرڪاري ميز ۽ چئن ڪرسين کان سواءِ ڪجهه نه هو. هڪ طرف بدزيبا ريڪ رکيل هئا، جن تي پراڻن فائيلن جا انبار ۽ ڳنڍين ۾ ٻڌل پراڻا رجسٽر پيا هئا. ڄارن ۽ دز سان ڍڪيل ڪٻاڙ خاني ۾ مون کي هڪ ٽرافي (ڪپ) نظر آئي. رمال ڪڍي، ٽرافيءَ تان دز لاٿم. ڇنڊيم. اُڪريل اکر ظاهر ٿي پيا. اين جي وي هاءِ اسڪول جي ڊراماٽڪ ڪلب اُها ٽرافي 1932ع ۾ ڪلڪتي ۾ ڪرايل رابندر ناٿ ٽيگور ڊراما فيسٽيول ۾ حاصل ڪئي هئي. باقي انمول ڪپ، ٽرافيون، شيلڊون، ۽ انعام ڪيڏانهن ويا. ڪير کڻي ويو، ڪنهن کي ڪا خبر ڪونهي. برماٽيڪ جي فرنيچر ۽ الماڙين بابت به ڪنهن کي ڪا سڌ نه هئي.
    1947ع کان اڳ جتي جتي منهنجين يادن جا جهان آباد هئا، سي جهان، 1947ع کان پوءِ ابتر حالتن ٽيهٺ سالن ۾ اُجاڙي ڇڏيا آهن. ڪو سبب ته آهي جو مان هن ملڪ ۾ خوش ناهيان. اُتاولو آهيان. پنهنجي وطن ۾ پاڻ کي جلاوطن محسوس ڪندو آهيان.
    اين جي وي هاءِ اسڪول مان ئي مون کي عقيدن، يقينن، ۽ اعتبارن بابت صوفين جي واٽ جو ڏس مليو هو. سن هو 1946ع. منهنجي عمر هئي ڏهه سال. هندستان جي ورهاڱي بابت افواهن ملڪ ۾ رڻ ٻاري ڏنو هو. صدين جا رشتا ناطا، محبتون ۽ چاهتون، رواداري، لحاظ، احترام، ۽ ڀروسا سياسي ڀنڀٽ ۾ وٺجي ويا هئا. ڪنهن کي ڪنهن تي اعتبار نه رهيو هو. مان پهرين درجي ۾ پڙهندو هوس. تڏهن اين جي وي اسڪول عارضي طرح ڪوٽوال بلڊنگ ۾ هلي رهيو هو. اين جي وي هاءِ اسڪول جي پنهنجي اصلي عمارت ۾ ڊو ميڊيڪل ڪاليج کوليو هئائون. اسڪول جي نئين عاليشان عمارت ذري گهٽ تيار ٿيڻ تي هئي. سر آهوجا اسان کي انگريزي پڙهائيندو هو. وچولي قد وارو، اڇو، سهڻو ۽ صاف شفاف هوندو هو. ڪڏهن سوٽ، ته ڪڏهن اڇو پاجامون، ڪڙتو ۽ مٿي تي اڇي گانڌي ٽوپي پائي ايندو هو. ڪلاس ۾ اسين ويهه ٻاويهه شاگرد هوندا هئاسين. مان ڪاري ڪوجهي کي سر آهوجا ڏاڍو ڀائيندو هو.
    هڪڙي ڏينهن سر آهوجا سلوار قميص ۽ مٿي تي جناح ٽوپي پائي آيو. اسين شاگرد وائڙا ٿي وياسين. مون کي چٽي طرح ياد آهي ته سر آهوجا ڏاڍو وساميل وساميل پي ڏٺو. پيرڊ ورتائين، پر ڌيان ٻئي ڪنهن طرف هُئس. رسيس مهل جڏهن اسين ڪلاس مان ٻاهر پي نڪتاسين، سر آهوجا مون کي سڏ ڪيو. پاڻ ڪرسيءَ تي ويٺو هو. مان سر جي ڀرسان وڃي بيٺس. سر آهوجا ڪجهه ڪجهه هٻڪندي مون کان پڇيو، ”تون صبح جو ننڊ مان جاڳڻ کان پوءِ ڇا پڙهندو آهين؟“
    مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، چيم، ”مان ته ڪجهه به نه پڙهندو آهيان.“
    ”اري نه ڀائي، نه.“ سر آهوجا چيو، ”توهين مسلمان پڙهندا آهيو نه، لا الله الا الله اڳتي ڇا چوندا آهيو؟“
    چيم، ”محمد الرسول الله.“
    سر آهوجا پينسل پنو کڻي ورتو، ۽ چيو، ”ٻيهر ٻڌاءِ.“
    مون سر آهوجا کي ٻه ٽي دفعا ڪلمو پڙهي ٻڌايو.
    سر آهوجا ڪلمو لکي ورتو، ۽ مون کي پڙهي ٻڌايو. اِئين هن ٻه ٽي دفعا ڪيو. پڇيائين، ”ٺيڪ پيو پڙهان نه؟“
    مون هاڪار ڪئي. سر آهوجا ڪاغذ ويڙهي قميص جي کيسي ۾ وڌو، ۽ ڀڻڪن ۾ ڪلمو ياد ڪندو رهيو. لهجي سان گڏ پاڻ به خوف وچان ڪنبندو رهيو.
    ان ڳالهه کي چوهٺ پنجهٺ سال گذري ويا آهن. پر، مان اُن گهڙيءَ جو درد وساري نه سگهيو آهيان. ڪراچيءَ ۾ ايڪڙ ٻيڪر فساد ٿي پيا. اسڪول بند ٿي ويو. خبر پيئي ته سر آهوجا ٻارين ٻچي هندستان هليو ويو هو. تمام ننڍي عمر ۾ مون ماڻهن کي مذهبن جي نالي ۾ دربدر ٿيندي، وڙهندي، مرندي، ماريندي، وڇڙندي، ۽ محبتن کي نفرتن ۾ بدلجندي ڏٺو هو.
    جنوري 1947ع ۾ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪوٽوال بلڊنگ مان شفٽ ٿي سعيد منزل جي پاسي کان پنهنجي نئين عمارت ۾ آيو. اسان جي فليٽ جو پويون ڪمرو بنهه اسڪول جي سامهون هوندو هو. ڪجهه عرصي کان پوءِ مون اسڪول کان سڏ پنڌ تي ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي هفتيوار ليڪچرن ۾ وڃڻ شروع ڪيو. ٿياسافيڪل سوسائٽي پارسين جي سوسائٽي هئي جنهن کي پنهنجي عمارت هوندي هئي. عمارت ۾ هڪ هال ۽ ڪتابن سان سٿيل لائبريري هوندي هئي. هال ۾ اسٽيج جي مٿان ٿياسافيءَ جي باني فلاسافر ايني بيسنت جو قول وڏن اکرن ۾ لکيل هوندو هو. ڪوبه مذهب سچ کان مٿاهون ناهي. ان قول ۾ مذهبن بابت منهنجي ويچار جي تصديق ٿيل هئي. ساڳيئي هال ۾ 62-1960ع دوران منهنجا اردوءَ ۾ لکيل ڊراما اسٽيج ٿيا هئا.
    انهن ئي ڏينهن ۾ مون پهريون دفعو مذهبن بابت امان کان سچل سرمست جو هڪ بيت ٻڌو هو.
    مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،
    پيرن، پنڊتن، بزرگن بيحد ڀلايا،
    ڪي نمازون نوڙي پڙهن، ڪن مندر وسايا،
    اوڏو ڪين آيا عقل وارا عشق کي.
    اُهو ڏينهن، اڄوڪو ڏينهن مان مذهبن جي مونجهارن کان آزاد ٿي ويو آهيان. الف الله - ب جي بات ويئي.
    جيڏانهن ڪيان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون. سو هيءُ، سو هو، سو اجل، سو الله، سو پرين، سو پساهه، سو ويري، سو واهرو.1 سو رام، سو رحيم. سو ڪاشي، سو ڪعبو. سو هرهنڌ هوئي آهي.
    آپے آہو آپے چیتا، آپے مارن دھایا
    آپے صاحب آپے بردہ، آپے مل وکایا 2
    هو آهي، اِن کان اڳتي ڪنهن کي ڪا خبر ناهي. هڪ کي انيڪ روپ ڏيئي ماڻهو وڃي مونجهارن ۾ پيا آهن. انت بحر دي خبر نه ڪائي، رنگي رنگ ڄمايا واري رمز سمجهه ۾ آئي. مون کي مونجهارن کان مڪتي ملي ويئي. پڇندا آهن، ته تون ڪير آهين؟هندو آهين، مومن آهين، مسيحي آهين، يهودي آهين، يا گوتم جو گياني آهين؟ جواب ۾ مان سچل سائينءَ جي سِٽَ جهونگاريندو آهيان: ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي - مان جوئي آهيان، سوئي آهيان.
    نا میں مومن وچ مستیاں
    نا میں وچ کفر دیاں ریتاں
    نا میں پاکاں وچ پلیتاں
    نا میں موسیٰ، نہ فرعون3
    رب نه عرش تي آهي، نه فرش تي آهي، رب نه مسجد ۾ آهي، نه مندر ۾ آهي. رب انسان جي اَندر ۾ آهي. ڪل جڳ ۾ وڳوڙ تڏهن پيداٿيو جڏهن هڪ کي انيڪ روپ ڏيئي ماڻهن هڪ کي وساري ڇڏيو. پنهنجي پنهنجي خدا جي برتريءَ لاءِ ماڻهن رت جا درياهه وهائي ڇڏيا. قدرتي آفتن، زلزلن، آتش فشائن، سونامين، ۽ سمنڊن جي اُٿلڻ سان ايتريقدر وڏي تعداد ۾ ماڻهو نه مئا آهن، ۽ نه دربدر ٿيا آهن جيڏي تعداد ۾ ماڻهو مذهبن جي نالي ۾ جوٽيل جنگين ۾ مئا آهن، ۽ دربدر ٿيا آهن. سائنس، ٽيڪنالاجي، ۽ شعور ۾ بي انتها اوسر جي باوجود مذهبن جي نالي ۾ وحشتناڪ ڪارروايون ختم ٿي نه سگهيون آهن. اُٽلندو انهن ڪارروائين ۾ اضافو ٿيو آهي. طالبان مذهبي جنونيت جو هڪ ڀيانڪ روپ آهن.


    امر جليل
    14-04-2010
    B-702, Sand View Homes
    Frere Town, Clifton
    Karachi, Sindh


    غفا

    ذري گهٽ روزانو ائين ٿيندو آهي جو امان بيڪل ٿي منهنجي غفا ۾ هلي ايندي آهي. هوءَ پڪ ڪرڻ ايندي آهي ته مان جيئرو آهيان، يا نعمتن سان ڀرپور هيءُ جڳ جهان ڇڏي هليو ويو آهيان.
    جهڪي، منهنجي مٿي تي هٿ رکي، امان غور سان منهنجي ڪنڌ ڏانهن ڏسندي آهي. منهنجو سِرُ سلامت ڏسي، ٿڌو ساهه کڻي، پاٻوهه مان مون کي پيار ڪندي آهي. ۽ پوءِ، آهه کي ساهه ۾ سانڍي ڇڏيندي آهي. اک مان لڙي آيل لڙڪ جو منهنجي مٿي تي محراب ٺاهي، پنهنجي دنيا ڏانهن موٽي ويندي آهي.
    ڳالهه ڇا هي جو امان اڪثر منهنجي لاءِ پريشان رهندي آهي. هوءَ منهنجي باري ۾ لاڳيتو، هر رات هڪ ڀوائتو خواب ڏسندي آهي. خواب ڏسي ڊڄي ويندي آهي. ڪنبي ويندي آهي. ننڊ مان ڇرڪ ڀري اُٿي ويهندي آهي. سامت ۾ اچڻ لاءِ پاڻيءَ جو گلاس ڀري پيئندي آهي. امان خواب ۾ مون کي سسيءَ بنا رڻ ۾ رلندي ڏسندي آهي. هڪ هٿ ۾ وڍيل منهنجو سِرُ، ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪنڊن جو تاج ڏسندي آهي.
    امان ٻن ڀوپن کان خواب جي تعبير ڪڍرائي هئي. ٻنهي مان هڪ ڀوپو ديسي هو، ۽ ٻيو پرديسي هو. ديسي ڀوپي سان هوءَ سکر جي ويجهو بکر ۾ ملي هئي. غور سان خواب ٻڌڻ ۽ زائچا ٺاهڻ کان پوءِ بکر جي ڀوپي امان کي خوشخبري ڏني هئي. چيو هئائين، ”تنهنجو پٽ وڏي ڄمار ماڻيندو، ۽مملڪت خداداد پاڪستان جو بادشاهه ٿيندو.“
    تعبير جي معاوضي ۾ ديسي ڀوپي امان کان پنج سئو رپيا، هڪ ڪاري ڪڪڙ ۽ هڪ ڪارو ٻڪر ورتو هو. جن عيني گواهن ٻڪر ڏٺو هو، تن مون کي ٻڌايو هو ته ٻڪر هوبهو مون جهڙو هو. قاصائيءَ ٻڪر جو سر، ڌڙ کان ڌار ڪري جڏهن ٻڪر جي مٿي مان ميڄالي بدران ڏيڏر نڪري آيو هو.
    پرديسي ڀوپي سان امان ويانا ۾ عورتن جي عالمي اجلاس ۾ ملي هئي. منهنجي ماءُ پنهنجي زندگيءَ جو ڳپل حصو پاڪستان ۾ برباد ٿي ويل عورتن جي فلاح لاءِ اقوام متحده جي ادارن سان ڪم ڪندي گذاريو آهي. هن هڪ اين جي او به هلايو هو، ۽ وڏي ڪاميابيءَ سان هلايو هو، ۽ هيمر شولڊ کان تعريفي سرٽيفڪيٽ ۽ سونو ٻلو حاصل ڪيو هو. انهن ڏينهن ۾، پاڪستان جي برباد عورتن جي فلاح لاءِ امان کي ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻ لاءِ پيرس، نيويارڪ، هيگ، لنڊن، جينيوا وغيره وڃڻو پوندو هو. پرديسي ڀوپي سان امان جي ملاقات ويانا ۾ ٿي هئي.
    پرديسي ڀوپي تعبير ٻڌائڻ کان اڳ ڀوائتي خواب جا نوٽس پنهنجي ليپ ٽاپ تي ورتا هئا. پاور پوائنٽ ۽ ايڪسيل جي آڌار سان هن ليپ ٽاپ تي رنگين زائچو ٺاهي ورتو. انٽرپريٽيشن آف ڊريمس وارو سافٽ ويئر استعمال ڪري هن ڀوائتي خواب جي تعبير ڪڍي ورتي هئي.
    پرديسي ڀوپي منهن ملول ڪندي امان کي چيو هو، ”مون کي افسوس آهي ته تنهنجو پٽ حڪمرانن هٿان مارجي ويندو. جيڪڏهن بچي ويو ته آپگهات ڪندو.“
    مون به پنهنجي طرفان انٽرنيٽ تان خواب جي تعبير ڊائون لوڊ ڪئي هئي. لکجي آيو، ”تون هڪ شادي شده عورت جي عشق ۾ مبتلا ٿيندين، ۽ پنهنجي مٿي ۾ ڌوڙ وجهي رِڻَ جو راهي ٿيندين.“
    ٽنهي تعبيرن مان امان پرديسي ڀوپي جي تعبير کي اهميت ڏني آهي. هڪ دفعي مون امان کي چيو هو، ”ويانا واري ڀوپي جي تعبير سراسر بڪواس آهي. سِرَ سردارن جا لهندا آهن. مان سيهڙ آهيان. اجايو ماڻهو ٿي پيو آهيان. مان شڪاري ڪتن جو کاڄ ته ٿي سگهندس، پر ڪنهن معرڪي ۾ سِرُ ڏيئي نه سگهندس.“
    امان کي ناگوار لڳو هو. هن منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو هو.
    ”بکر واري ڀوپي جي تعبير مون کي درست محسوس ٿي آهي.“ چيو هيم، ”پاڪستان تي اڪثر وائڙن ۽ مجهولن حڪومت ڪئي آهي. عين ممڪن آهي ته مان پاڪستان جو حڪمران ٿي پوان!“
    منهنجي ماءُ ضرورت کان وڌيڪ پڙهيل آهي. شڪاگو يونيورسٽيءَ مان بين الاقوامي تعلقات ۾ پي ايڇ ڊي ڪري آئي آهي. تنهنڪري، منهنجي ڳالهه سمجهي نه سگهندي آهي. مون کي منجهيل، موڳو، ۽ ڪجهه ڪجهه ٿڙيل سمجهندي آهي. مان سندس سڪيلڌو پٽ آهيان. کيس ٽن ڌيئرن کان پوءِ ڄائو هوس. مان سمجهان ٿو، سنڌين جا سمورا سڪيلڌا پٽ ڪجهه ڪجهه چريا، ڪجهه ڪجهه کريا، ۽ ڪجهه ڪجهه بانورا هوندا آهن. هو سڀئي سانورا هوندا آهن. پر، مان ڪجهه ڪجهه شيدي آهيان.
    مون کي غفا مان ڪڍي پنهنجي دنيا ۾ آڻڻ لاءِ امان وسان ڪين گهٽايو آهي. چرين کرين جي مٿي مان خلط ڪڍڻ وارو شايد ئي ڪو نامور ڊاڪٽر هوندو جنهن مون کي نه ڏٺو هجي! ٻه ٽي ڪلاڪ منهنجو مٿو کائڻ کان پوءِ هو مون کي سمهڻ، ۽ سوچ کي مفلوج ڪندڙ گوريون نسخي ۾ لکي ڏيئي ڇڏيندا آهن.
    هڪ دفعي امان مون کي ڊاڪٽر ساراهه سولنگي ڏانهن وٺي وئي هئي. خدا جو شڪر آهي جو هوءَ گيناڪالاجسٽ نه هئي. سائيڪالاجسٽ هئي، يا سائڪيا ٽرسٽ هئي! ماڻهن جي مٿي مان خلط ڪڍڻ جي ماهر هئي. ڏاڍي سهڻي سبيتي هئي. جنهن به سندس نالو ساراهه رکيو هو، سوچي سمجهي رکيو هو. سچ پچ ساراهه جوڳي هئي. مون کي پڪ ڪونهي ته مان چريو کريو آهيان، يا سڄو آهيان. ڊاڪٽر ساراهه سولنگيءَ کي ڏسڻ کان پوءِ مون کي خيال آيو هو ته مان سڄي ڄمار چريو کريو رهندس، ڊاڪٽر ساراهه کان علاج ڪرائيندس، ۽ ڪڏهن به ٺيڪ ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪندس. انٽرنيٽ تان ڊائون لوڊ ڪيل امان جي خواب جي ٽئين تعبير مون کي مقدر تي تصديق جي مهر وانگر محسوس ٿي هئي.
    ڊاڪٽر ساراهه سولنگيءَ سان منهنجو تعارف ڪرائيندي امان چيو هو، ”عدم منهنجو اڪيلو، سڪيلڌو پٽ آهي. الله اوهان کي هٿ ۾ شفا ڏني آهي. اوهين منهنجي پٽ جو علاج ڪريو. کيس نارمل ڪريو.“
    مون کي ڪاوڙ وٺي ويئي هئي. مون احتجاج ڪندي چيو هو. ”مان نارمل آهيان. مان نارمل آهيان.“
    ڊاڪٽر ساراهه هڪدم چيو هو، ”تون ٺيڪ ٿو چوين. مون کي يقين آهي ته تون نارمل آهين.“
    ”ته پوءِ امان ڇو ٿي سمجهي ته مان نارمل نه آهيان.“ مان اٿي بيٺو هوس. چيو هيم، ”مون ڏانهن غور سان ڏس ڊاڪٽر ساراهه. مان توکي ايبنارمل نظر ٿو اچان؟“
    ”ائين نه ڳالهائبو آهي، پٽ.“ امان چيو هو، ”تون بدران چئه اوهين، اوهين مون ڏانهن غور سان ڏسو.“
    مان ڪرسيءَ تي ويهي رهيس.
    ”ميڊم، عدم جيئن ڳالهائي ٿو، کيس ڳالهائڻ ڏيو.“ ڊاڪٽر ساراهه، امان کي چيو هو، ”مان چاهيان ٿي اوهين ويٽنگ روم ۾ وڃي ويهو. مائينڊ نه ڪجو. مان عدم سان اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻ چاهيان ٿي.“
    امان مون کي پيار ڪري ويٽنگ روم ڏانهن هلي ويئي هئي.
    ڊاڪٽر ساراهه ٻئي ٻانهون ٽيبل تي رکي غور سان مون ڏانهن ڏٺو هو. هوءَ مون کي ڏاڍي وڻي هئي. چيو هئائين، ”مون کي پنهنجي باري ۾ ٻڌاءِ، عدم.“
    ”ڇا ٻڌايان؟“
    ”پنهنجي اسڪول جي باري ۾ ٻڌاءِ. ڪجهه پنهنجي ڪاليج جي باري ۾ ٻڌاءِ. ڪجهه پنهنجي يونيورسٽيءَ جي باري ۾ ٻڌاءِ.“
    ”اتي ڪجهه به غير معمولي نه ٿيو هو. مان ڏاڍو عام رواجي شاگرد هوس.“
    ”۽ نوڪري؟“
    ”نوڪري مون ڇڏي ڏني.“
    ”ڇو؟“
    ”مان نوڪري ڪري نه سگهيس.“
    ”ڪو خاص سبب هو؟“
    ”نه، ڪو خاص سبب نه هو.“ مون کي لوندڙين تان پگهر وهندي محسوس ٿيو هو. چيو هيم، ”بس، مان نوڪري ڪري نه سگهيو هوس.“
    ڊاڪٽر ساراهه پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي منهنجي پاسي کان اچي بيٺي هئي. پيئڻ لاءِ مون کي پاڻيءَ جو گلاس ڏنو هئائين.
    ”عدم.“ ڊاڪٽر ساراهه منهنجي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو هو، ”مون کي ٻڌائڻ لاءِ تو وٽ گهڻو ڪجهه آهي. پر، تون ٻڌائڻ نه ٿو چاهين.“
    جيستائين مون کي ياد ٿو پوي، مان ڪنڌ مٿي ڪري ڊاڪٽر ساراهه ڏانهن ڏسي نه سگهيو هوس. مون کي لڳو هو، جيڪڏهن ڏانهس ڏٺم، هوءَ ڪوٽ قلعا ڊاهي منهنجي وجود ۾ ڪاهي ايندي. منهنجو اندر اٿلائي وجهندي.
    ”عدم.“
    مون ڊاڪٽر ساراهه جو آواز ٻڌو.
    ”مون ڏانهن ڏس، عدم.“
    مون ڊاڪٽر ساراهه ڏانهن ڏٺو. هوءَ پنهنجي ڪرسيءَ تي وڃي ويهي رهي هئي.
    پڇيو هئائين، ”تون پنهنجي ڪمري مان ٻاهر ڇونه ايندو آهين؟“
    ”ڪمرو!“ تعجب وچان پڇيو هيم، ”ڪهڙو ڪمرو؟“
    ”گهر ۾ تنهنجو ڪمرو.“
    ”گهر! ڪهڙو گهر؟“
    ”جتي تون رهندو آهين.“
    ”منهنجو ته ڪو گهر ڪونهي.“
    ”ته پوءِ، تون ڪٿي رهندو آهين، عدم؟“
    ”مان غفا ۾ رهندو آهيان.“
    اوچتو منهنجي مٿان، آسمان تي هزارين رَٿَ ڪاهي آيا. هڪ ساعت ۾ گذري ويا. صدين کان بند تاريخ جي ماتم ڪدي ۾ ڪنهن سيني تي هٿ هنيو. ڪائنات مان اوپرو آواز آيو. وڄ ڪري، قلعي جي ڀت ۾ ڏار پئجي ويو.
    مون کي ڪا خبر ڪونهي ته ايئن ڇو ٿيو هو، ۽ ڇا جي لاءِ ٿيو هو. مون ڌوتن ۽ ڌوتين کان ٻڌو هو ته منهنجي ڄمڻ کان پوءِ بابا ڏاڍو اداس ٿي پيو هو. هيڪلو ۽ چپ چاپ رهڻ لڳو هو. جيستائين مون کي ياد ٿو اچي بابا ڏاڍو دلبر قسم جو انسان هو. ايئن برابر آهي ته مون کيس کلندي ڪو ورلي ڏٺو هو. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جو پروفيسر هو. تاريخ کي سمورن علمن ۽ عقيدن جو عيني گواهه سڏيندو هو. ملڪ ۾، ۽ ملڪ کان ٻاهر درسگاهن ۾ وڏي ساک هئس. پنهنجي سڄي نالي بدران پروفيسر روحل جي نالي سان مشهور ٿي ويو هو. مون سان ڏاڍو پيار ڪندو هو. بابا انهن انسانن منجهان نه هو، جيڪي پٽ لاءِ پاهه ٿيندا آهن. ٽئين ڌيءَ شانيءَ جي ڄمڻ کان پوءِ هنن، امان بدران خاص ڪري بابا، چوٿين ٻار جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيو. شانيءَ کان ٽي سال پوءِ مان کيس ڄائو هوس. ڌوتن ۽ ڌوتين مطابق بابا ڏاڍو اداس ٿيو هو. مون کي هنج ۾ کڻي خيالن ۾ گم ٿي ويو هو. ڪجهه ڄڻن کيس روئيندي ڏٺو هو.
    هوش سنڀالڻ کان پوءِ مون ڌوتن ۽ ڌوتين جي ڳالهين کي ذهن جي هارڊ ڊسڪ تان اِريز ڪري ڇڏيو - هميشه لاءِ ڊليٽ ڪري ڇڏيو. مون محسوس ڪيو، بابا کان علاوه شايد ئي ڪو اهڙو پيءُ هوندو، جنهن ايڏي شدت سان پنهنجي پٽ سان پيار ڪيو هوندو! پر، مون بابا کي ڪڏهن به کلندي نه ڏٺو هو.
    هڪ دفعي مون بابا کي چيو هو، ”منهنجي وڏي ۾ وڏي خواهش آهي ته مان نامور مشڪرو يا چرچائي ٿيان. پنهنجن چرچن سان اوهان کي ٽهڪ ڏيئي کلڻ تي مجبور ڪري وجهان.“
    منهنجي ڳالهه ٻڌي بابا جي چپن تي ڏاڍي اداس، ۽ دل کي مهٽي ڇڏڻ جهڙي مرڪ تري آئي هئي.
    ”منهنجي کلڻ يا نه کلڻ سان ڪو فرق نه پوندو.“ بابا مون کي پاٻوهه سان پيار ڪندي چيوهو، ”تاريخ وڏو ٽهڪ ڏيئي کلڻ وارن کي آخر ۾ روئيندي ڏٺو آهي.“
    ڪجهه دير جي بيچين ڪندڙ خاموشيءَ کان پوءِ بابا چيو هو، ”تنهنجي ڄمڻ کان اڳ مان به وڏو ٽهڪ ڏيئي کلي سگهندو هوس.“
    تڏهن، بابا جي جملي جي معنيٰ مون کي سمجهه ۾ نه آئي هئي. ڪاليج ۾ پڙهندو هوس، ليڪچر ٻڌڻ بدران بابا جي جملي جي مفهوم بابت سوچيندو هوس. هڪ دفعي ڪاليج اڌ ۾ ڇڏي مان ڪراچي يونيورسٽي ويو هوس. بابا لائبريريءَ ۾ هو. ڪنهن انٽرنيشنل سيمينار لاءِ پيپر تيار ڪري رهيو هو. مون کي ڏسي حيران ٿيو هو.
    ”ڏاڍي اَڻ تڻ آهي.“ چيو هيم، ”اوهان سان ڳالهائڻو آهي.“
    بابا جي منهن تي اداس مرڪ تري آئي هئي. ٽيبل تان پيپر کڻي بريف ڪيس ۾ وجهندي چيو هئائين، ”مون کي ٽهڪ ڏيئي کلائڻ جو قسم ته نه کنيو اٿئي!“
    بابا مون کي پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي ڪمري ۾ وٺي آيو. پڇيائين، ”لنچ ڪئي اٿئي؟“
    وراڻيم، ”نه.“
    ”مون به نه ڪئي آهي.“ بابا چيو هو، ”اول پاڻ لنچ ڪنداسين، ۽ پوءِ يونيورسٽيءَ کان ٻاهر هلي ڳالهائينداسين.“
    ڪينٽين وارن سان فون تي ڳالهائڻ کان اڳ بابا پڇيو هو، شامي ڪباب کائيندين؟ سٺا ٺاهيندا آهن.“
    چيو هيم، ”جيڪي اوهين کائو، منهنجي لاءِ به گهرايو.“
    يونيورسٽي ڪينٽين تان لنچ آئي، دال، چانور ۽ ڀاڄي. ماٺ ميٺ ۾ لنچ ڪئيسين. رکي رکي هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي پئي ورتوسين. اِن دوران مون کي ورائي ورائي خيال آيو هو ته بابا کان ڪجهه نه پڇان. پنهنجي اڻ تڻ کي دل ۾ دفن ڪري ڇڏيان. ڌوتن ۽ ڌوتين جي ڳالهه تي ڌيان نه ڏيان. کيس اجايو پريشان نه ڪريان! ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي جو منهنجي ڄَمڻ کان پوءِ بابا ڏاڍو اداس ۽ چپ چپ رهڻ لڳو آهي! ٿي سگهي ٿو، مان کيس نه وڻيو هجان! هونئن به بابا ٽن ٻارن لاءِ پلاننگ ڪئي هئي. شانيءَ کان ٽي سال پوءِ اوچتو مان اجايو رونگ ۾ پيدا ٿي پيو هوس. سندس پلاننگ اَپ سيٽ ڪري ڇڏي هيم. پر، ان ۾ منهنجو ڏوهه نه هو. دنيا ۾ اچڻ، نه اچڻ منهنجي وس ۾ نه هو. مون کي بس هڪ ڳالهه جو ڏڍ هو ته مان بابا لاءِ منحوس ثابت نه ٿيو هوس. جنهن سال مان ڄائو هوس، ساڳئي سال بابا ورلڊ هسٽاريڪل ڪانگريس جي صدارت ڪئي هئي. مان ٻارهن تيرهن سالن جو هوس جو بابا ايسوسيئيٽ پروفيسر مان پروفيسر ٿيو هو. مان سترهن ارڙهن سالن جو هوس جو بابا ڊين فيڪلٽي آف آرٽس مقرر ٿيو هو. مان منحوس نه هوس.
    ورهيه اڳ جي ماجرا آهي. پرديس ۾ رهجي ويل بابا جو هڪ پراڻو ۽ گهاٽو دوست ٻارن ٻچن سميت پاڪستان گهمڻ آيو هو. ڪراچيءَ ۾ اسان وٽ اچي رهيو هو. مون کي کٽمٺڙا کارائيندو هو، ۽ پکين جا لطيفا ٻڌائيندو هو. سندس لطيفن تي ٻيا گهٽ، ۽ پاڻ وڌيڪ کلندو هو. هڪ دفعي مون کي ڇڪي، ڀاڪر ۾ ڀري پنهنجي هنج ۾ ويهاريو هئائين. بابا ڏانهن ڏسي ڳالهايو هئائين.
    ”يار روحل، نه تون پنهنجي پٽ جهڙو آهي، ۽ نه تنهنجو پٽ تو جهڙو آهي.“ پوءِ امان ڏانهن ڏسندي پڇيو هئائين، ”هيءَ ماجرا ڇا هي! آمريڪا مان ڪنهن شيديءَ جو پٽ چورائي ته نه آيا آهيو؟“
    پاڻ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلي پيو هو. پر، بابا کلي نه سگهيو هو. هن حسرت وچان مون ڏانهن ڏٺو هو. تڏهن مان ننڍڙو هوس. پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هوس، پر مون کي سڀ ڪجهه ياد آهي. مان ڪجهه به وساري نه سگهيو آهيان. منهنجو هڪ هڪ تجسس منهنجي وجود ۾ پروان چڙهيو آهي. مون سان گڏ وڏو ٿيو آهي.
    يونيورسٽيءَ ۾ بابا سان لنچ ڪندي هڪ چٽو - اڻچٽو ڀوءَ مون کي پريشان ڪندو رهيو هو. مان بابا کان ڪجهه پڇي سگهندس، يا هٻڪي چپ ٿي ويندس؟
    لنچ کان پوءِ بابا پڇيو، ”چانهه پيئندين؟“
    پڇيو هيم، ”اوهين پيئندا؟“
    بابا وراڻيو هو، ”هونءِ ته نه پيئندو آهيان، اڄ پي ٿا ڇڏيون.“
    چانهه به چپ ڪري پيتي هئيسين. الاءِ ڇو، مون محسوس ڪيو هو ته ڪجهه دير کان پوءِ مان پلصراط تان لنگهندس.
    پلصراط جو سفر ڪراچي يونيورسٽيءَ ۽ اوجها سينيٽوريم درميان شروع ٿيو هو.
    ”ماڻهو پٽ ڄمڻ تي خوش ٿيندا آهن.“ منهنجي ڄمڻ تي اوهين خوش ڇونه ٿيا هئا؟“
    مون هٻڪندي پڇيو هو.
    ”منهنجيون ٽيئي ڌيئر ڪنهن پٽ کان گهٽ نه آهن.“
    ”مون ٻڌو آهي، منهنجي ڄمڻ کان پوءِ اوهين ڏاڍو اداس ٿي پيا هئا.“ ”اوهان ڳالهائڻ ۽ ماڻهن سان ملڻ جلڻ به ڇڏي ڏنو هو؟“
    بابا ڪو جواب نه ڏنو هو.
    ”منهنجي ڳالهه ٻڌو پيا نه، بابا؟“
    ”ها عدم، ٻڌان پيو.“
    ”منهنجي ڄمڻ کان پوءِ، اوهان کي ڪڏهن ڪنهن کلندي نه ڏٺو آهي؟“
    ”کلڻ وس ۾ نه هوندو آهي، عدم.“
    ”منهنجو ڄمڻ اوهان کي ناگوار لڳو هو؟“
    بابا ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو هو. جواب نه ڏنو هو.
    مون ٻيهر، ورجائي پڇيو هو، ”منهنجو ڄمڻ اوهان کي ناگوار لڳو هو؟“
    مون کان لڙڪ لڪائڻ لاءِ بابا منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو هو.
    ”بابا“. مون بابا جي هٿ ۾ پنهنجو هٿ ڏيئي ڇڏيو هو. سندس درد مون کي سمجهه ۾ نه آيو هو. مون پڇيو هو، ”منهنجي ڄمڻ تي ڏاڍو ڏک ٿيو هو اوهان کي؟“
    بابا منهنجي هٿ کي تڪليف وچان ايئن جڪڙي ڇڏيو هو، ڄڻ چوندو هجي، ها، تنهنجي ڄمڻ تي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو.
    “ پلصراط جي وچ تان مون بابا کان پڇيو هو، ”ڇو ڏک ٿيو هو اوهان کي؟“
    ”ڇو جو منهنجو ڀرم ڀڄي پيو هو.“ بابا منهنجو هٿ ڇڏي ڏنو هو. پوءِ هن آسمان ڏانهن ڏٺو هو، ۽ چيو هو، ”تون منهنجو پٽ نه هئين، عدم.“
    مون صور اسرافيل جو آواز ٻڌو. سڀ ڪجهه، سموري ڪائنات سميت هيبتناڪ اوندهه ۾ گم ٿي ويو. مان گم ٿي ويس. بابا گم ٿي ويو. اوندهه ۾ ڄڻ ڪروڙين ابابيل ۽ چمڙا غفائن مان نڪري آيا. منهنجي مٿان تاريڪيءَ ۾ لامارا ڏيڻ لڳا. فنا جي هڪ ساعت بقا جي سمورين ساعتن کي ضم ڪري ڇڏيو.
    صور اسرافيل جو آواز مون ٻيهر ٻڌو. ابابيل ۽ چمڙا، غفائن ڏانهن موٽي ويا. اوندهه بدران نور کي بي نور ڪندڙ روشني ڇانئجي ويئي. سج سوا نيزي تي لهي آيو هو. مون پاڻ کي بابا کان پڇيو، ”اوهان ڪيئن سمجهيو هو ته مان اوهان جو پٽ نه هوس؟“
    ”شانيءَ جي ڄمڻ کان پوءِ مون آپريشن ڪرائي ڇڏي هئي.“ ڏونگر ڏاري ڇڏڻ جهڙي ڏک وچان بابا چيو هو، ”مون مان ٻار جي اميد امڪان کان ٻاهر هئي.“
    ”امان کي خبر هئي اِن ڳالهه جي؟“ مون پلصراط تان بابا ڏانهن ڏسندي پڇيو هو.
    ”ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين لاءِ کيس فرصت ڪٿي هوندي هئي!“ بابا جي آواز جو پڙاڏو آيو هو، ”اقوام متحده جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ هوءَ اڪثر ملڪ کان ٻاهر رهندي هئي.“
    آسماني ڪتابن واري قيامت الاءِ ڪڏهن ايندي. پر، منهنجي لاءِ قيامت آئي، ۽ سڀ ڪجهه تحس نحس ڪري هلي ويئي. ڪجهه باقي نه بچيو، نه حساب، نه ڪتاب، ۽ نه سزا، ۽ جزا.
    بابا يونيورسٽيءَ ۾ استعفيٰ ڏئي ڇڏي، پاڪستان ڇڏي هليو ويو، ۽ نيپال ۾ جوڳين سان هماليه جي غارن ۾ وڃي رهيو. وڃڻ کان اڳ بابا مون کي ڏاڍو پيار ڪيو هو.
    سندس سڏڪندڙ سيني ۾ منهن لڪائيندي پڇيو هيم، ”منهنجي ڪري جوڳ پيا وٺو نه؟“
    ”نه عدم، نه.“ بابا مون کي اکين تي، ڳلن تي، نرڙ تي پيار ڪندي چيو هو، ”تنهنجو ڪو ڏوهه ڪونهي. بلڪه ڪنهن جو ڪو ڏوهه ڪونهي.“
    سندس ٻئي هٿ چمندي چيو هيم، ”ته پوءِ جوڳ ڇو ٿا وٺو؟“
    ”ماءُ جي تقدس جو ڳجهه مون وٽ امانت هو.“ بابا جو مبهم جواب منهنجي سمجهه ۾ نه آيو هو. مون تعجب وچان بابا ڏانهن ڏٺو هو.
    ”ڳجهه ڳجهه نه رهيو آهي، عدم.“ بابا الودعائي نگاهن سان مون ڏانهن ڏٺو هو، ۽ چيو هو، ”تون آگاهه ٿي چڪو آهين ته تاريخ جي ابتدائي دور وانگر تاريخ جي اختتامي دور ۾ انسان کي پيءُ بدران ماءُ جي نالي سان پڪاريو ويندو، تنهنجي زندگيءَ مان منهنجو رول ختم ٿيو، عدم.“
    ڪڏهن ڪڏهن بابا جو خط ايندو آهي. هر خط ۾ هر دفعي هڪ جملو ورجائي لکندو آهي، ”تون مون کي ڏاڍو ياد ايندو آهين، عدم.“
    مون پنهنجي غفا کي بابا جي ياد سان روشن ڪري ڇڏيو آهي. هڪڙي ڏينهن ڊاڪٽر ساراهه سولنگيءَ کي چيو هيم، ”يقين ڪري ساراهه، مان ٺيڪ آهيان. سموري گڙٻڙ امان جي مٿي ۾ آهي.“
    ”مان ڪٿي ٿي چوان ته تون ٺيڪ ناهين.“ ڊاڪٽر ساراهه چيو، ”پر، تون ڪيئن ٿو چوين ته ميڊم جي مٿي ۾ گڙٻڙ آهي؟“
    ”هوءَ منهنجي باري ۾ اڪثر هڪ ڀوائتو خواب ڏسندي آهي.“ مون چيو، ”هوءَ مون کي سسيءَ بنا رڻ ۾ رلندي ڏسندي آهي. منهنجي هڪ هٿ ۾ وڍيل سر ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪنڊن جو تاج هوندو آهي.“
    ڊاڪٽر ساراهه کي ڪجهه تعجب لڳو هو. پڇيو هئائين، ”پر، ميڊم ته ڪڏهن پنهنجي ڪنهن خواب جو ذڪر نه ڪيو آهي!“
    چيم، ”هوءَ پنهنجي خواب جو ڪنهن سان به ذڪر نه ڪندي آهي.“
    ڊاڪٽر ساراهه پڇيو، ”تو سان ڪندي آهي؟“
    ”ورلي.“ چيم، ”خواب ڏسڻ کان پوءِ هوءَ منهنجي غفا ۾ هلي ايندي آهي. منهنجي ڪنڌ ۽ مٿي تي هٿ ڦيرائي پڪ ڪندي آهي ته مان جيئرو آهيان، يا مري ويو آهيان.“
    ڊاڪٽر ساراهه ڪاغذ تي ڪجهه لکيو، ۽ پڇيو هو، ”ان خواب جي باري ۾ ميڊم تو سان ڪڏهن ذڪر ڪيو هو، منهنجو مطلب آهي، پهرين دفعي؟“
    مان سوچ ۾ پئجي ويس.
    مون کي ياد نه پئي آيو ته امان پهرين دفعي مون سان پنهنجي خواب جو ذڪر ڪڏهن ڪيو هو. بابا جي الوپ ٿيڻ کان اڳ هوءَ منهنجي باري ۾ ڀوائتو خواب نه ڏسندي هئي. منهنجي باري ۾ سٺا خواب ڏسندي هئي. هوءَ خواب ۾ مون کي ڪپهه ڀريل رڇ سان راند ڪندي ڏسندي هئي. تڏهن، امان ڪڏهن به پنهنجي خواب جي تعبير ڪنهن ديسي يا پرديسي ڀوپي کان نه ڪڍرائيندي هئي. جڏهن به ولايت مان واپس ورندي هئي، منهنجي لاءِ هڪ برجستو ڪپهه ڀريل رڇ ضرور وٺي ايندي هئي. مان سمجهان ٿو، يا منهنجو گمان آهي، بابا جي الوپ ٿيڻ کان پوءِ امان منهنجي باري ۾ پهرين ڀيري ڀوائتو خواب نه ڏٺو هو. ان کان اڳ هن منهنجي باري ۾ ڀوائتو خواب نه ڏٺو هو. پر، پوءِ خوابن جي دنيا ۾ وڏي ڀڃ ڊاهه ٿي هئي. اَيامن کان بيٺل برج ڀڄي پيا هئا.
    امان مون کان ورائي ورائي پڇيو هو، ”وڃڻ مهل تنهنجي پيءُ تو سان ڇا ڳالهايو هو؟“
    ۽، هر دفعي مون کيس ساڳيو جواب ڏنو هو، ”هن مون سان آگاهيءَ جي دردناڪ عذاب بابت ڳالهايو هو.“
    امان جواب جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندي هئي، پر پهچي نه سگهندي هئي. منجهي پوندي هئي. ان رات هوءَ ننڊ آڻيندڙ گوريون کائڻ جي باوجود سمهي نه سگهندي هئي. ڄڻ ڦتڪندي هئي. کنڊر جهڙي گهر ۾ بي مقصد گهمندي هئي. پاڻ سان ڳالهائيندي هئي. هڪ دفعي چيو هئائين، ”مان روحل جهڙي ذهين نه آهيان. تنهنڪري تون، مون سان آگاهيءَ جي ڳالهه نه ڪر. مون کي ٻڌاءِ ته وڃڻ مهل هن منهنجي باري ۾ ڇا چيو هو.“
    ”هن تنهنجي باري ۾ ڪجهه نه چيو هو.“ مون غور سان امان ڏانهن ڏسندي چيو هو، ”هن درويش کي خبر هئي ته مان سندس پٽ نه هوس.“
    ڌرتي ڌڏي ويئي. پوءِ، الاءِ ڪيترا سال ۽ صديون خاموشيءَ جي هڪ موسم کڻي آيا، ۽ گذري ويا. اَيامن تائين نه زلزلو آيو، نه ڪٿي ڪو ٻرندڙ جبل ڦاٽو، نه کنوڻ کجي، نه آسمان تان آبشار وسيو، ۽ نه سمنڊ اٿليو.
    جمود کي مون ٽوڙيو هو. اِهو ضروري هو، ورنه ساهه کڻڻ مشڪل ٿي پيو هو.
    ”آسمان تائين رسائي منهنجي امڪان ۾ هجي ها ته پوءِ شايد مان مرڻ تائين تو کان ڪڏهن نه پڇان ها.“ مون امان کان پڇيو هو، ”تنهنڪري تون ٻڌاءِ ته مان ڪنهن جو پٽ آهيان؟“
    امان ڪنبي ويئي هئي. مون ڏانهن وڌي آئي هئي. مون کي پاٻوهه مان پيار ڪندي چيو هئائين، ”ڇا اِهو ڪافي ناهي ته مان تنهنجي ماءُ آهيان!“
    ”جنهن قيامت مان، مان گذري رهيو آهيان تنهن ۾ ڪافي ناهي.“ چيو هيم، ”مون کي ٻڌاءِ ته مان ڪنهن جو پٽ آهيان؟“
    امان بيوس ٿي هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو هو، ۽ پوءِ ڀڳل ٽٽل لهجي ۾ پنهنجي ساءِ ڳالهايو هو. چيو هئائين، ”ملڪن جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ کان پوءِ انيڪ اهڙا ٻار ڄمندا آهن، جن کي پنهنجي پيءُ جي خبر نه هوندي آهي. هو پنهنجي ماءُ کان پنهنجي پيءُ بابت سوال نه پڇندا آهن.“
    ”منهنجي ڄمڻ سان نه ملڪ ٺهيو هو، ۽ نه ئي ڪو ملڪ ڊهيو هو.“ چيو هيم، ”منهنجي ڄمڻ سان هڪ شخص جو ڀرم ڀڄي پيو هو.“
    مان سمجهان ٿو ته ان کان پوءِ امان وري ڪڏهن به مون کي خواب ۾ ڪپهه ڀريل رڇ سان راند ڪندي نه ڏٺو آهي. ان کان پوءِ هن مون کي سسيءَ بنا رڻ ۾ رلندي ڏٺو آهي. پر، اهي ڳالهيون ڊاڪٽر ساراهه سولنگيءَ کي ٻڌائڻ جهڙيون نه هيون. تنهنڪري، هوءَ منهنجو علاج ڪندي آهي. امان جو علاج نه ڪندي آهي. هوءَ مون کي وڻندي آهي، ۽ انٽرنيٽ تان ڊائون لوڊ ڪيل امان جي خواب جي تعبير لڳندي آهي. پر، تنهن هوندي به مان آگاهيءَ جي اسرار جو ذڪر ساراهه سان ڪرڻ مناسب نه ٿو سمجهان. بلڪه، ڪنهن سان به ذڪر ڪرڻ نه ٿو چاهيان. جنهن راز تان قيامت ڏينهن پڙدو کڄڻو ناهي، تنهن راز تان پڙدو کڻڻ جو حق مان نه ٿو رکان. منهنجو پيءُ الاءِ ڪير آهي. پر، اصل ۾ مان پٽ ان شخص جو آهيان جنهن هماليه جي هڪ غار ۾ وڃي جوڳ ورتو آهي. ■


    هڪ لاش ۽ راتين جا روڪ

    اڃا جهونجهڪڙو هو، راتوڪي اوجاڳي جو ٿڪ نه لٿو هو، در کڙڪيو.
    مون پاسو ورايو، فردوس پنهنجو بدن چادر ۾ ويڙهيندي چيو، ”ڪهڙو حرامي هِن مهل آيو آهي.“
    ”کير وارو هوندو.“ مون ڪرسيءَ تان گائون کڻي پائيندي وراڻيو.
    فردوس کير وارن کي ڪچي گار ڏني ۽ پاسو ورائي، وِهاڻي کي ڀاڪر پائي سمهي پيئي.
    ٻيهر در کڙڪيو.
    فردوس بيزاريءَ وچان چيو، ”وڃ کڻي، سوئر جو ٻار ٿو ڪري.“
    پلنگ هيٺان پير سان چمپل ڳولي پاتم. اکيون مهٽيندو در وٽ پهتس. اوٻاسي ڏيئي، ڪڙو لاهي، در کي وٿي ڪيم.
    ڏٺم، ڏاڪڻ جي ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ جمنا بيٺي هئي. هراسيل هئي ۽ سهڪي رهي هئي.
    مُنهن تي ڦڪي مرڪ آڻيندي چيم، ”توکي ته خبر آهي جمنا، ته آچر رات مان .......“
    جمنا منهنجو جملو پورو ٿيڻ نه ڏنو. چيائين، ”هيٺ ڏاڪڻ وٽ فٽ پاٿ تي هڪ لاش پيو آهي.“
    ”لاش!“
    ”ها.“
    ”ڪنهنجو آهي؟“
    ”ڪو مرد آهي،“ جمنا چيو، ”چادر ڏي ته ڍڪي ڇڏيانس.“
    جمنا کي ڏاڪڻ ۾ ترسايم.
    هڪ ئي چادر هئي، جيڪا فردوس تي پيئي هئي. پيرانديءَ کان چادر جي ڪنڊ جهلي، مٿانئس کسڪائي لاهي ورتم.
    فردوس ڪروڌ ڪيو، ”اڙي اڙي، ڇا ٿو ڪرين.“
    ”فٽ پاٿ تي هڪ لاش پيو آهي،“ کيس ٻڌايم، ”لاش کي ڍڪڻ لاءِ هڪ چادر گهرجي.“
    ”واهه، هڪ لاش کي ڍڪڻ لاءِ مون کي اُگهاڙو ٿو ڪرين،“ فردوس ٻن وِهاڻن سان پاڻ کي ڍڪي ڇڏيو.
    در کي وٿي ڪري چادر جمنا کي ڏنم. هن چادر وٺي مون ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ڪنڌ جهڪائي ڏاڪڻ لهي ويئي. مان در بند ڪري ڪمري ۾ موٽي آيس.
    ”مهينن کان پوءِ ته گُهرائيندو آهين،“ فردوس ننڊاکڙي آواز ۾ چيو، ”چانهه به نه پيئاريندين ڇا؟“
    ”کوڙ چانهه،“ مون ورانڊي ڏانهن کلندڙ در کي وٿي ڪري مسو بورچيءَ کي چيو، ”اڙي مسو، چانهه کڻي اچ.“
    مسوءَ پنهنجو گنجو مٿو رنڌڻي جي دريءَ مان ٻاهر ڪڍندي جواب ڏنو، ”حاضر سائين.“
    در ٻيڪڙي، بالڪونيءَ ۾ وڃي بيٺس. هيٺ نهاريم. جمنا لاش تي چادر وجهي ڇڏي هئي ۽ پاڻ بارنيس اسٽريٽ جي سڙڪ تي ٻوهارو ڏيئي رهي هئي.
    بارنيس اسٽريٽ جي هڪ سڀ کان مشهور بلڊنگ جي سڀ کان بدنام فليٽ ۾ ٽي ڪمرا آهن. هڪ ڪمري ۾ مان رهندو آهيان. ٻئي ۾ ٽنڊي باگي جي هر دلعزيز زميندار رئيس ڪرمداد خان جو پٽ دوست محمد چاچڙ رهندو آهي.۽ ٽئين ۾ انقلابي شاعر غلام حسين آزاد. غلام حسين آزاد هڪ ڪاليج ۾ ليڪچرار آهي. جيئن ته سندس نالو لفظ غلام سان شروع ٿيندو آهي، تنهنڪري هن پنهنجو تخلص آزاد رکايو آهي.
    منهنجي ڪمري جي بالڪوني بارنيس اسٽريٽ طرف آهي. صبح جو، جڏهن اڃا پرهه نه ڦٽندي آهي، مان بالڪونيءَ ۾ اچي بيهندو آهيان. فٽ پاٿ جي ڀرسان اُسريل پپر جي ساوڪ ڏسي، ٻانهون کولي ۽ ڇاتي ڪڍي ٻه چار ساهه کڻي، پنهنجي پَر ۾ آڪسيجن سان رت صفا ڪندو آهيان.
    ڪراچيءَ ۾ اَسُر ويل هڪ گهڙي اهڙي به ايندي آهي، جڏهن سموري ٽريفڪ پنهنجا ٿڪل پير پٿاري گهور ننڊ ۾ گهڙي کن لاءِ غافل ٿي ويندي آهي ۽ زندگيءَ جو ڊنل ٻار حيدرآباد جي منگهن وانگر ڪنڌ کڻي صبح جو انتظار ڪندو آهي. اُن هڪ گهڙيءَ ۾ ماحول مان زهريلن گيسن جو مقدار گهٽ ٿي ويندو آهي ۽ هر طرف ماٺ ڪائنات کي ڳڙڪائي ويندي آهي. پوءِ اوچتو، ڪا ٽرام ٽن ٽن ڪندي، ڊوڙندي ۽ گوڙ ڪندي، گوديءَ مان نڪري ايندي آهي. ماٺ جي هنياءَ ۾ ڄڻ بڙڇي لڳندي آهي ۽ سندس اندر مان ٽريفڪ جو گوڙ گهمسان راڪاس وانگر رڙيون ڪندو اُٿلندو ايندو آهي.
    ٻه چار اونها ساهه کڻڻ کان پوءِ بالڪونيءَ تي ٺوٺيون رکي، مان هيٺ نهاريندو آهيان، جتي جمنا جهڪي فٽ پاٿ ۽ سڙڪ تي ٻوهارو ڏيندي رهندي آهي. جمنا ۾ جنسي ڪشش جو مقناطيس آهي. صبح ويل هوءَ جنهن انداز سان چيلهه تي هٿ رکي سڙڪ تي ٻوهارو ڏيندي آهي، تنهن ويل جيڪڏهن ڪو مايوس ۽ نااميد نوجوان يا شوقين پوڙهو کيس هڪ نظر ڏسي وٺي ته جيڪر رڙ ڪري جوان ٿي پوي. مان جوان آهيان، پيسي وارو آهيان ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته نج سنڌي آهيان. ل۾ تپي لوهه ٿي ويندا آهن، تڏهن سيٽي وڄائيندو آهيان. جمنا بالڪونيءَ ڏانهن ڏسندي آهي. مان اک ڀڃندو آهيانس ۽ هوءَ ٻوهارو ڏاڪڻ وٽ رکي، مٿي هلي ايندي آهي.
    هوءَ ڪڇي گاڏڙ سنڌي ڳالهائي سگهندي آهي. اچڻ شرط ٻانهون منهنجي ڪنڌ ۾ وجهي پڇندي آهي، ”ڪيم ڇي تماچي.“
    جمنا مون کي تماچي سڏيندي آهي. پهرين دفعي جڏهن سندس وٽيل سٽيل جسم کي ڀاڪر ۾ سوگهو ڪيو هوم، تڏهن کيس چيو هوم، ”جمنا، جيڪڏهن ڄام تماچيءَ جي شاهي سواري بندر روڊ تان لنگهي ها ۽ هو توکي ڏسي وٺي ها ته هوند توکي پنهنجين راڻين جي آرميءَ جي ڪمانڊر اِن چيف ڪري ها، يعني پٽ راڻي ڪري ها.“
    جمنا تال ڪندي پڇيو هو، ”اهو مئو تماچي وري ڪير آهي؟“
    ”تماچي سنڌ جو بادشاهه هو،“ جمنا کي ٻڌايو هوم.
    پڇيو هئائين، ”هو به تو وانگر عورتن کي تاڙيندو هو ڇا؟“
    ”هرڪو ”نر سنڌي“ ڄام تماچي آهي ۽ تَرَ جي ڪابه غريب حسين عورت نه ڇڏيندو آهي،“ جمنا کي ٻڌايو هوم، ”ڪينجهر تي سير ڪندي ڄام تماچيءَ جي نظر نوري مهاڻيءَ تي پئجي ويئي هئي، جيڪا تو وانگر سيڪسي هوندي هئي. ڄام تماچي جا لاهه نڪري ويا، نيٺ نوريءَ کي پنهنجين راڻين جي پلٽڻ ۾ شامل ڪري دم پٽيائين.“
    جمنا پڇيو هو، ”ڄام تماچيءَ کي نوريءَ مان کِکي ڌپ نه ايندي هئي؟“
    ”نه“، کيس سمجهايو هوم، ”جيئن مون کي تو منجهان ڪراهت نه ايندي آهي، تيئن تماچيءَ کي به نوريءَ مان ککي ڌپ نه ايندي هئي. دراصل جنسي تپش آڏو نفاست نابود ٿي ويندي آهي.“
    ان ڏينهن کان پوءِ جمنا مون کي تماچي سڏيندي آهي.
    جمنا بارنيس اسٽريٽ تي ٻوهارو ڏيئي رهي هئي. بالڪونيءَ هيٺان فٽ پاٿ تي لاش پيو هو. لاش جي ڀرسان، سعيد منزل جي ڪنڊ کان وٺي ڪوهاٽ هوٽل تائين بي گهر، مزور، فقير ۽ ٻاڪڙن جا ”ٻاهر وارا“ ستل هئا. مون لڱن ۾ سياٽ محسوس ڪيو.
    ورانڊي واري در تي کڙڪو ٿيو.
    مان بالڪونيءَ مان ڪمري ۾ موٽي ويس. فردوس ننڊ ۾ هئي. وار وهاڻي تي وڇانئجي ويا هئس. سندس سنگمرمر جهڙي هڪ ٻانهن پلنگ کان ٻاهر لٽڪي رهي هئي، ٻي ڪنڌ هيٺان هئي.
    در کي وٿي ڪيم. مسوءَ ڪنبندڙ هٿن سان چانهه جا ٻه ڪوپ ڏيندي چيو، ”سائين، هيٺ فٽ پاٿ تي هڪ لاش پيو آهي.“
    ”لاش پيو آهي ته مان ڇا ڪريان،“ کُهري آواز ۾ چيم، ”اسان لاشن لاءِ پريشان ٿيڻ جو ٺيڪو کنيو آهي ڇا.“
    مسو در بند ڪري هليو ويو.
    فردوس منهنجي آواز تي جاڳي پيئي. وِهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ويهندي پڇيائين، ”ڇاهي، صبح جو کڻي گوڙ لاتو اٿئي.“
    کيس چانهه جو ڪوپ ڏيندي ٻڌايم، ”هيٺ فٽ پاٿ تي هڪ لاش پيو آهي.“
    ”لاش آهي، ڪا بلا ته ناهي، جو پريشان ٿيو آهين،“ فردوس گنڀير آواز ۾ چيو، ”هتي هر رات هزارين مرد هوٽلن، بنگلن ۽ فليٽن جي ٻاهران مري ويندا آهن.“
    کيس جواب نه ڏنم. آرام ڪرسيءَ تي ويهي سپ سپ ڪري چانهه پيئن لڳس.
    فردوس چيو، ”تنهنجو بورچي ڏاڍو مسڪين آهي.“
    ”شڪل تي نه وڃجانس. وڏو پلستر اٿئي.“
    ”ڪيئن؟“
    ”ڀاڄي ۽ سيڌي سامان مان ٻه چار آنا نه هڻندو، تيستائين آرام نه ايندس.“
    ”ٻه چار آنا کاڌائين ته ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي پيئي،“ فردوس چيو، ”تنهنجي ڪهڙو هڙان ٿو وڃي.“
    ”ته ڪنهن جي هڙان ٿو وڃي؟“
    ”ڄڻ سڄي حلال جي ڪمائي اٿئي،“ فردوس کلندي چيو.
    ”بلڪل حلال جي ڪمائي آهي،“ فردوس کي سمجهايو، ”اِهو اسان جي ملڪ جو Unwritten قانون آهي ته هرڪو سمجهدار شخص صراط المستقيم تي هلندو رهي ۽ هذا من فضل ربي ڪندو رهي.“
    ”اڇا،“ فردوس منهنجين اکين ۾ اکيون وجهندي چيو، ”ته تون صراط المستقيم تي هلي رهيو آهين.“
    ”ها، سو في صدي،“ کيس ٻڌايم، ”هيءَ اُها راهه رباني آهي، جنهن تي اعليٰ آفيسرن کان وٺي ميونسپالٽيءَ جي ڀنگين تائين هرڪو هلي رهيو آهي.“
    فردوس ٽهڪ ڏيندي چيو، ”ڪمايو، خوب ڪمايو. اسان جي مقدر جي روزي آهي. اڄ کان پوءِ توسان رعايت ختم. پورا ڏيڍ سو وٺندي مانءِ.“
    اسان ٻئي ٽهڪ ڏيئي کلي پياسين.
    فردوس چيو، ”تنهنجو بورچي منهنجي پيءُ جهڙو آهي.“
    ”تنهنجو پيءُ به بورچي آهي ڇا؟“
    ”نه،“ فردوس وراڻيو، ”منهنجي پيءُ چَڪ خيران نال ۾ منهنجين ننڍين ڀينرن کي تو جهڙن لاءِ تيار ڪري رهيو آهي.“
    فردوس جي جواب جي ڪڙاڻ پنهنجي نڙيءَ ۾ محسوس ڪيم.
    هن پڇيو، ”تنهنجي بورچيءَ کي گهڻا ٻار آهن؟“
    ”اِن جي خبر دوست محمد چاچڙ، کي هوندي.“
    ”ڇو، هو تنهنجي بورچيءَ جو مائٽ آهي ڇا؟“
    ”ڇو ٿي دوست محمد کي گار ڏئين،“ چيم، ”هو ٽنڊي باگي جو زبردست زميندار آهي. هڪ معمولي ۽ ٽڪي جو بورچي هن جو مائٽ ڪيئن ٿي سگهندو!“
    ”ته پوءِ بورچيءَ جي ٻارن جي خبر ڪيئن پيس؟“
    ”دوست محمد چاچڙ ڪو عام رواجي ٺڙڪائو رئيس ڪونهي، رئيس جو پٽ به آهي،“ فردوس کي مٿي ۾ ڳالهه ويهاريم، ”دوست محمد کي پنهنجن هارين نارين جي زالن ۽ ڌيئرن جو انگ انگ ياد آهي. ڪنهن کي سٿر تي ڪارو تر آهي، ڪنهن جي چيلهه تي وار آهن، ڪنهن جي پني گول آهي، ڪنهن جي ڇاتيءَ تي à“
    ”بس بس،“ فردوس چيو، ”اهڙا ڀاڙي مڙس مون گهڻيئي ڏٺا آهن.“
    دوست محمد چاچڙ جنهن به عورت سان وقت ڪاٽيندو آهي، تنهن جو نالو، وطن، قد، رنگ، عمر ۽ عضون جي بيهڪ بابت هڪ ڊائريءَ ۾ مختصر نوٽ لکندو ويندو آهي. اهڙيون وٽس ٻه ٽي ڊزن کن ڊائريون ڀريل آهن. هو شام جو ”لا“ (Law) ڪاليج ۾ ايل ايل بي پڙهڻ ويندو آهي ۽ رات جو ڪنهن نائيٽ ڪلب يا هوٽل ۾ ڪيبيري ڏسندو آهي ۽ سڄو ڏينهن ننڊ ڪندو آهي. هو بيحد ٿلهو آهي ۽ کاڏيءَ جي چرٻي سيني جي چرٻيءَ سان ڳنڍيل اٿس. هو قد جو بندرو آهي ۽ هلڻ مهل بدڪ وانگر نظر ايندو آهي. دوست محمد چاچڙ هڪڙي دفعي ڪيبيري ڊانسر نشيءَ تي عاشق ٿي پيو هو. هزارين رپيا لٽائڻ کان پوءِ به جڏهن نشيءَ سر نه ڏنس، تڏهن هو باهه ٿي ويو هو. نشيءَ کي ته ڪجهه چئي نه سگهيو هو، پر مون کي اڌ رات جو ننڊ مان اُٿاري چيو هئائين، قسم آهي مولا علي مشڪل ڪشا شير خدا جو، رڳو ايم اين اي ٿيڻ ڏي، نشيءَ کي اُگهاڙو ڪري ٽنڊي باگي ۾ ڀنگڙا ڪرائيندس.“ انقلابي شاعر غلام حسين آزاد به ننڊ مان جاڳي پيو هو. هن دوست محمد چاچڙ کان پڇيو هو، ”ايم اين اي ٿيڻ کان پوءِ ٽنڊي باگي ۾ ڪاليج کولائيندين؟“ دوست محمد چاچڙ خوفناڪ رڙ ڪندي وراڻيو هو، ”مان پيشاب ٿو ڪريان ڪاليج جي شڪل ۾، ڪاليج ڪو نشيءَ کان مٿي آهي ڇا!“ عورت جو اُگهاڙو جسم دوست محمد چاچڙ لاءِ دنيا جي سڀ کان حسين شيءِ آهي.
    فردوس عجيب سوال ڪيو. پڇيائين، ”مان فلم ايڪٽريس نيلو جهڙي آهيان، دوست محمد چاچڙ مون ۾ دلچسپي ڇو نٿو وٺي؟“
    ”اسان نج سنڌي آهيون ۽ پاڻ ۾ گهاٽا سنگتي به آهيون،“ کيس ٻڌايم، ”مان جنهن عورت سان ياري رکندس، تنهن وٽ دوست محمد نه ويندو ۽ جنهن عورت سان هو ياري رکندو، تنهن وٽ مان نه ويندس.“
    ”ڇو؟“
    ”ڇو جو اسان سڌريل تهذيبن جا علم بردار آهيون،“ وراڻيم، ”جنهن عورت سان دوست محمد رستو رکندو، تنهن کي مان ڀاڄائي ڀائيندس. جنهن عورت سان مان ٺهندس، تنهن کي هو پنهنجي ڀاڄائي سمجهندو.“
    فردوس چيو، ”مان تو کان سواءِ ٻين وٽ به ته ويندي آهيان. دوست محمد کي غيرت نه ايندي آهي؟“
    ”نه.“
    ”ڇو؟“
    ”ڇو جو سندس غيرت جو جذبو اسان جي دوستيءَ جو محتاج آهي. هُن سڄي جڳ جو ٺيڪو نه کنيو آهي،“ جواب ڏنم، ”هونءَ ڪڏهن ڪڏهن اسان ٻئي هڪ رن به گهرائيندا آهيون. اُن سان اسان مان ڪوبه ياري نه رکندو آهي.“
    فردوس ڪوپ خالي ڪري ٽيبل تي رکيو.
    کانئس پڇيم، ”رات تون ڪڏهن آئي هئينءَ.“
    ”ساڍا ٻارهن کن ٿيا هئا.“
    ”ان وقت ڪو شخص اسان جي ڏاڪڻ وٽ ته نه ويٺو هو.“
    ”نه،“ فردوس بيزار ٿيندي پڇيو، ”تون اهڙيون ڳالهيون مون کان ڇو ٿو پڇين.“
    ”ان لاءِ ته پوليس جا عزرائيل ٿوري دير ۾ اچي نازل ٿيندا ۽ لاش جي باري ۾ ابتا سبتا سوال شروع ڪندا.“
    فردوس جي مستي ڍري ٿي ويئي. چيائين، ”مان وڃان ٿي. اجايو پوليس کي وَر چڙهي ويس ته بڻ وڃائي ڇڏيندا.“
    چيم، ”ترس، نيرن ڪري وڃجانءِ.“
    ”نه بابا،“ فردوس ڪنن جون پاپڙيون جهليندي چيو، ”مون کي پنهنجو خانو خراب ڪرائڻو ناهي.“
    ”اوهو، تون ته صفا چري آهين.“
    ”نه. مان وڃان ٿي.“
    ”پنجابي ته ڏاڍا بهادر هوندا آهن،“ کيس ٽوڪ هنيم.
    ”تون ڪجهه به چئه، مان نه ترسنديس،“ هوءَ پلنگ تان اُٿي، ڪرسين ۽ صوفي تان سلوار، قميص، رئو وغيره کڻڻ لڳي.
    چيم، ”تون پرواهه نه ڪر فردوس، اسان وٽ اسان جو دوست انقلابي شاعر غلام حسين آزاد ويٺو آهي. هو پوليس جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيندو.“
    ”هن حراميءَ جو منهنجي سامهون نالو نه کڻ،“ فردوس ڪراهت وچان چيو ڪپڙا کڻي باٿ روم ۾ هلي ويئي.
    اسان جو دوست انقلابي شاعر غلام حسين آزاد ڪٽر سنڌي آهي. هو ڇاتي تي هٿ هڻي دعويٰ ڪندو آهي ته پاڪستان ۾ هر قوم جي عورت پيشو ڪرائيندي آهي، سنڌياڻي ڪڏهن به نه ڪرائيندي آهي. دوست محمد چاچڙ ۽ مون کيس سمجهايو آهي ته يَرَ اِن ڳالهه تان لهي وڃ، پر شاعر جي ڳنڍ ڪير کولي! ٻه چار دفعا ضد ۾ اچي اسان کيس پيشو ڪرائيندڙ نج سنڌي عورتون گهرائي به ڏيکاريون آهن، پر هو اُنهن عورتن کي سوالن جوابن ۾ اهڙو ته منجهائي وجهندو آهي، جو هو به غير سنڌي هئڻ جو اقرار ڪنديون آهن.
    ڪالهه رات غلام حسين آزاد دير سان گهر موٽيو هو. نشي ۾ جهومندو آيو، منهنجي ڪمري جي در کي وٿي ڪري، وٿيءَ مان ڪنڌ اندر ڪري، ڳائيائين، ”هو جمالو، جيڪو کٽي آيو خير سان، هو جمالو.“
    پوءِ اوچتو هو خاموش ٿي ويو هو. نگاهون فردوس تي کپي ويس. فردوس ٽنگ ٽنگ تي رکي سگريٽ جا سوٽا هڻي رهي هئي. فردوس کي سوسيءَ جي سلوار، گج واري قميص ۽ کنهبو رئو ڪنڌ ۾ ويڙهيل هو.
    غلام حسين آزاد کانئس گهٽيل آواز ۾ پڇيو هو، ”تون سنڌياڻي آهين؟“
    هن ٺهه پهه پنجابي گاڏڙ اردوءَ ۾ وراڻيو، ”منهنجي شڪل سنڌياڻين جهڙي ڪوجهي آهي؟“
    ”ته پوءِ سنڌي ڪپڙا ڇو پاتا اٿئي،“ غلام حسين آزاد اُٿلي پيو هو، ”پنهنجي غليظ بدن تي سنڌي ڪپڙا ڇو پاتا اٿئي.“
    فردوس ڪاروباري لهجي ۾ چيو هو، ”منهنجي هڪ ساهيڙي آهي نوران. هوءَ توهان جي ٺٽي سنڌ جي آهي. اڪيلي ڇهن ڇهن مڙسن سان هلي ويندي آهي.“
    ان جواب کان پوءِ غلام حسين آزاد باهه ٿي ويو هو. پنجابين جي بڻ ٻچي کي خوب دل کولي گاريون ڏنائين. کيس ٺارڻ جي ڪيم ته چيو هئائين، ”بس ڪر لوفر. تو پنجابين جون چمچو آهين. سنڌ جو غدار آهين.“
    کيس ڪن ۾ چيو هوم، ”ڀلا تون وڃ ته مان به سنڌ جو جهنڊو بلند ڪريان. فردوس سنڌياڻي ناهي.“
    غلام حسين آزاد کي منهنجي ڳالهه دماغ ۾ وڃي لڳي هئي ۽ پوءِ هو جمالو ڳائيندو پنهنجي ڪمري ڏانهن هليو ويو هو.
    فردوس باٿ روم مان چيو، ”تنهنجي دوست کي ماڻهوءَ مان ڦيرائي ڪتو نه ڪريان ته منهنجو نالو به فردوس ڪونهي.“
    کيس جواب نه ڏنم.
    ڪمري مان نڪري بالڪونيءَ ۾ وڃي بيٺس. ٻاهر اڃا جهونجهڪڙو هو. ڀاڄيءَ ۽ بجريءَ سان ڀريل ٽرڪون رستي تي نڪري آيون هيون.
    جمنا بارنيس اسٽريٽ تي ٻوهارو ڏيئي رهي هئي. هيٺ فٽ پاٿ تي لاش پيو هو. لاش جي ڀرسان ماڻهن جو ميڙ گڏ نه ٿيو هو. جيڪي جيئرا هئا ۽ فٽ پاٿ تي سمهيا پيا هئا، تن ۾ ۽ مئل ماڻهوءَ ۾ فرق محسوس ڪرڻ ناممڪن هو.
    مان ڪمري ۾ موٽي ويس. ورانڊي واري در کي وٿي ڪري مسوءَ کي چيو ته دوست محمد چاچڙ کي مون ڏانهن موڪل.
    ٿوري دير کان پوءِ دوست محمد اکيون مهٽيندو آيو. اوٻاسي ڏيئي پڇيائين ”ڇا هي؟ ٿڪ لاهڻ به نٿو ڏئين.“
    ”ٻُڌندين ته سمورو ٿڪ لهي ويندوءِ.“
    ڊريسنگ ٽيبل تي فردوس جو پرس ڏسندي پڇيائين، ”ڪٿي آهي.“
    مون غسلخاني ڏانهن اشارو ڪيو.
    هن چيو، ”رنَ ته ناهي، جنسي مائو آهي مائو. تنهنجي ڪري مُڙي ويو آهيان. پاڻي ته پنجاب جو.“
    پڇيو مانس، ”رات ڪڏهن موٽيو هئين؟“
    ”شايد ٽي يا ساڍا ٽي ٿيا هئا،“ هن جي چپن تي مرڪ تري آئي.
    ”ڪٿي هئين؟“
    ”پنهنجي اولڊ پليس – ليڊو.“
    ”اڪيلو هئين يا ؟à“
    هن جملو پورو ٿيڻ نه ڏنو. چيائين، ”سردار خان کي ته سڃاڻين نه.“
    ”نه.“
    ”اڙي! سردار خان کي نٿو سڃاڻين،“ دوست محمد چيو، ”جيڪو گذاريل سال اسان وٽ اچي رهيو هو.“
    ”ياد نٿو اچي.“
    ”جنهن وٽ 1966 جي فورڊ آهي،“ دوست محمد هڪ هڪ لفظ تي زور ڏيندي چيو، ”جنهن پرنسيس نسيمه بيلي ڊانسر سان هاڪس بي تي هڪ رات گذارڻ لاءِ ٽيهه هزار رپيا خرچ ڪري ڇڏيا هئا.“
    ”ٿَرَ وارو زميندار؟“
    ”او تنهنجا ٻچا بچن، ساڳيو،“ دوست محمد چيو، ”رات اوچتو ليڊو ۾ ملي ويو. گڏ ٻه چار مهمان به هئس. مڙس اڄڪلهه جرمن ڊانسر تي ڏاڍو گرم آهي. وسڪيءَ جي اڌ بوتل چاڙهڻ کان پوءِ جرمن ڊانسر کي سڏ ڪري چيائين، تون ايڊالف هٽلر جي ڌيءَ آهين، هُن جهڙي ظالم آهين.“
    چاچڙ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
    پوءِ چيائين، ”واهه جو وقت گذريو. ڪيبيري ڏسندا رهياسين، پيئندا رهياسين ۽ ايندڙ چونڊن ۾ بهرو وٺڻ لاءِ پروگرام به ٺاهيندا رهياسين.“
    مان خاموش رهيس، جڏهن سندس ڳالهين ۾ دلچسپي نه ورتم، تڏهن چيائين، ”ڏس نه يار! سنڌ کي هينئر اسان جهڙن جوان نمائندن جي ضرورت آهي.“
    ”هن وقت اسان کي ڪنهن چالاڪ نمائندي جي ضرورت آهي،“ مون بيزار ٿيندي چيو.
    هن منهنجي ڳالهه جو مطلب نه سمجهيو. چيائين، ”مان گهٽ چالاڪ آهيان ڇا؟ ميان، مان ايم اين اي ٿيندس، ايم اين اي.“ پوءِ ڪرسيءَ تان اُٿي منهنجي سامهون اچي بيٺو. منهنجي ڪلهي تي هٿ رکندي چيائين، ”ايم اين اي ٿيڻ سان تر ۾ رعب ويهجي ويندو. ٺڙڪائو آفيسر موچڙي ۾ رهندا ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته خدا کان به وڏن ماڻهن سان هٿ ملائڻ جو موقعو پيو ملندو. اها ڪا گهٽ ڳالهه آهي؟“
    جڏهن برداشت ڪري نه سگهيم، تڏهن چيم، ”منهنجي ڳالهه به ٻڌندين يا بَڪَ ڪندو رهندين.“
    ”اڙي چريا،“ هن مون کي ڪلهن کان وٺي ڌونڌاڙيندي چيو، ”جڏهن به پنجاب ۾ اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيندو، تڏهن اهڙيون اهڙيون راتيون ملهائينداسين، جو سڪندر اعظم به خواب ۾ نه ملهائيون هونديون. توکي هينئر کان اڳواٽ دعوت آهي.“
    دوست محمد جا ٻئي هٿ ڪلهن تان لاهيندي چيم، ”هيٺ ڏاڪڻ وٽ فٽ پاٿ تي هڪ لاش پيو آهي.“
    دوست محمد کان ڇرڪ نڪري ويو. ڳالهيون ڪبوترن وانگر هوا ۾ گم ٿي ويس. ننڊا کڙيون اکيون دهشت ۾ گول ٿي ويس.
    نڙيءَ مان سنهڙو، چيڪلو ۽ گهٽيل هڪ لفظ نڪري سگهيس، ”لاش.“
    ”ها، لاش.“
    ”ڪير آهي؟“
    ”هن مرڻ کان اڳ بيان نه ڏنو هو.“
    ”نه نه،“ هن جو آواز ڪنبڻ لڳو، ”منهنجو مطلب آهي ته à“
    ”مرد آهي.“
    هن منهنجي منهن ۾ ڏٺو. پوءِ چيائين، ”يار ڪنهن ڏچي ۾ نه پئجي وڃئون.“
    ”ڏڪين ٿو؟“
    ”ڏڪڻ جي ڳالهه به ته آهي،“ هن وراڻيو، ”پرديس ۾ پوليس جي ور چڙهي وياسين ته لاهه ڪڍي ڇڏيندا.“
    ڪجهه دير سوچڻ کان پوءِ چيائين، ”ڳوٺ هجي ها ته اُلوڪو ئي نه هو. ڏهه ماڻهو مارائي درياهه ۾ لوڙهائي ڇڏيون، تڏهن به ڪو ٻڙڪ نه ڪُڇندو.“
    ”رات جڏهن تون موٽيو هئين، تڏهن ڏاڪڻ وٽ ڪنهن کي ڏٺو هيئه؟“ کانئس پڇيم.
    ”مان ذري گهٽ ”آئوٽ “ هئس،“ هن هٻڪندي وراڻيو، ”پر ڀانيان ٿو ته ڪو شخص ڏاڪڻ وٽ سمهيو پيو هو.“
    ”ٿوري دير کان پوءِ پوليس جاچ تي ايندي.“
    ”هان،“ دوست محمد جو وات کلي ويو. پريشاني ٿلهي منهن مان بکڻ لڳس. هڪدم پڇيائين، ”ڇا ڪرڻ گهرجي.“
    منهنجي جواب کان اڳ چيائين، ”هَلُ ته ايڪسپريس ۾ ڀڄي هلون.“
    وراڻيم، ”تون زميندار آهين، مان ٽينڊر ڪلارڪ آهيان. اسان ٻئي موڳا مٽر آهيون. آزاد کان صلاح وٺڻ گهرجي.“
    دوست محمد وراڻيو، ”آزاد سرمائيدارن جي خلاف آهي. اسان کي مصيبت ۾ ڏسي خوش ٿيندو.“
    ”هو اسان جو سنگتي آهي. ضرور سٺي صلاح ڏيندو.“
    ”هو اهڙي ته انڌي صلاح ڏيندو، جو پاڻ ٻئي ٻه ٽنگا ڦاٿا پيا هونداسين ۽ هو آجو ٿي ويندو.“
    ”تون اجايو آزاد تي شڪ ٿو ڪرين.“
    ”شڪ ٿو ڪريان!“ دوست محمد چيو، ”ٽيون ڏينهن بي ايمان ٺرو پي آيو هو. مون کي ڪنڌ کان وٺي چيو هئائين، توهان زميندارن سنڌ جي عوام جو خانو خراب ڪيو آهي، مان تنهنجو خانو خراب ڪندس.“
    دوست محمد کي ٺارڻ لاءِ چيم، ”آزاد جڏهن ٺرو پيئندو آهي، تڏهن وڌيڪ انقلابي ٿي پوندو آهي. تون سندس ڳالهين جو خيال نه ڪندو ڪر.“
    ”خبر اٿئي،“ دوست محمد رازداريءَ واري لهجي ۾ چيو، ”اسان ٻنهي کان سڙندو آهي.“
    ”ڪيئن.“
    ”ٽيون ڏينهن مون کي گاريون ڏيندي چيو هئائين، تون اڙي ڪهڙو عيش ڪندو آهين، ٽڪي جون بازاري عورتون آڻي خوش ٿيندو آهين، اسان جي نصيبن ۾ ڪاليج جون ڇوڪريون لکيل آهن. وڃي آڱوٺو چوپ.“
    ”آزاد دل جو ڪارو ڪونهي. اسان کي کانئس صلاح وٺڻ گهرجي.“
    ”رسڪ آهي.“
    ”پرواهه نه ڪر.“
    اُن وقت مسو دوست محمد چاچڙ لاءِ چانهه کڻي آيو. کيس چيم ته آزاد کي ننڊ مان اُٿاري هيڏانهن موڪل.
    مسو هليو ويو. ٿوري دير کان پوءِ آزاد جو آواز آيو. هو پنهنجي ڪمري مان ڳالهائي رهيو هو، ”مان نه ايندس. تنهنجي ڪمري ۾ پيئڻ آهي.“
    ”هل. سندس ڪمري ۾ ٿا هلئون.“ مون ڪرسيءَ تان اُٿندي چيو.
    دوست محمد ۽ مان جڏهن ورانڊي ۾ پهتاسين، تڏهن کيس چيم، ”نئون شعر ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪريئي ته اصل نه ٻُڌجانس.“
    غلام حسين آزاد وٽ شعرن جو ديوان آهي ۽ اڪثر اسان کي ٻڌائي ديوانو ڪندو آهي. جنهن ڪاليج ۾ ليڪچرار آهي، تنهن ۾ ڇوڪرن کي تاريخ بدران شعر ٻڌائيندو آهي. جڏهن به ٺرو پيئندو آهي، تڏهن سخت انقلابي شاعري ڪندو آهي ۽ سرمائيدارن کي دل کولي گاريون ڏيندو آهي. دوست محمد چاچڙ سان گڏ مون کي به گاريون ڏيندو آهي. مان دوست محمد وانگر زميندار نه آهيان. مان رڳو هڪ هذا من فضل ربي کاتي ۾ ٽينڊر ڪلارڪ آهيان. مولا مهربان آهي. فيض جو درياهه پيو وهندو آهي. پيسو ڪجهه سرس اٿم، تنهنڪري آزاد مون کي به سرمائيدارن جي گروپ جو ميمبر سمجهندو آهي ۽ ٺرو پي گاريون ڏيندو آهي ۽ چوندو آهي، توهان سڀئي سرمائيدار آمريڪا جا ايجنٽ آهيو.
    ورانڊي ۾ دوست محمد چيو، ”آزاد پنهنجو انقلابي شعر ٻڌائڻ کان اڳ اسان جي ڳالهه هرگز نه ٻڌندو.“
    ”کيس ٽارڻ جي ڪوشش ڪنداسين،“ وراڻيم.
    جڏهن آزاد جي ڪمري ۾ داخل ٿياسين، تڏهن اسان ٻنهي کي گڏ ڏسي پڇيائين، ”ڇو؟ اڄ وري ملڪ ۾ ڪو انقلاب آيو آهي ڇا؟“
    هڪدم کانئس پڇيم، ”رات ڪٿي هئين؟“
    آزاد جي پچين پيل اکين ۾ روشني تري آئي. چيائين، ”اِهو ته پُڇ پاپي، دل تان نه لهي لاپي.“
    ”شاعري ڇڏ، نثر ۾ ڳالهاءِ.“
    ”رات هڪ نئين ۽ جديد شي ٺاهي اٿم،“ آزاد چيو، ”اول اُها ٻُڌو.“
    ”اول ٻُڌاءِ ته رات ڪٿي هئين؟“ مون پڇيو.
    ”اول شعر ٻڌ. آزاد نظم آهي،“ هن آزاد نظم ٻڌائڻ شروع ڪيو،
    ”هن مشيني ملڪ جي ماڻهن جي ذهنن تي،
    پئجي ويا آهن تالا
    عقل جي ٽٽي پيئي آهي مالا،
    پريشان آهي مڌو بالا،
    هر طرف رقصان آهن سايا.
    ماڻهو فٽ پاٿ تي سمهي پيا آهن
    ۽ موٽرون گيراج ۾ کونگهرا هڻي رهيون آهن،
    هوٽل جا بيرا ڪتن سان گڏ هڏا چٻاڙي،
    ٿوڪاري، ٿڪجي سمجهي پيا آهن،
    ۽ هڪ شرابي خالي بوتل ڏسي بهڪي ويو آهي،
    پليٽ ۾ آمليٽ بيچين آهي.“
    ”خدا جي واسطي بس ڪر،“ دوست محمد ڪنن تي هٿ رکندي چيو، ”مان بيهوش ٿيڻ تي آهيان.“
    ”تون ظالم سرمائيدار آهين،“ آزاد اکيون ڳاڙهيون ڪري دوست محمد ڏانهن نهاريو.
    پڇيومانس، ”رات ڪٿي هئين.“
    هن اسان ٻنهي ڏانهن ڏٺو. پوءِ چيائين، ”توکي فرسٽ ايئر واري مڌو بالا جو فوٽو ڏيکاريو هوم نه.“
    ”ها.“
    ”چنڊ سان ڪڪرن جي ڪونئري ڪونچ تي رات ڪاٽي ڇڏيم – رات ڪاٽي ڇڏيم.“
    ”ڪڏهن موٽيو هئين؟“
    آزاد وراڻيو، ”منهنجي واچ ماڻهن جي ذهن وانگر آئوٽ آف آرڊر آهي.“
    جڪ کاڌم، تڏهن به پڇيم، ”ڏاڪڻ وٽ فٽ پاٿ تي ڪنهن کي ويٺل يا سمهيل ڏٺو هيئه؟“
    ”اسان جي قوم، فٽ پاٿي قوم آهي“ وراڻيائين، ”فٽ پاٿ تي هر وقت هزارين خوشحال انسان نظر ايندا آهن، جن جي هٿن ۾ سياسي، سماجي ۽ معاشي خوشحاليءَ جا جهنڊا هوندا آهن.“
    ”ڳالهه ٻڌ،“ مون آزاد کي ٻانهن کي جهليندي چيو، ”تون سادي نموني ڳالهاءِ ۽ کوچڙائي ڇڏي ڏي.“
    ”حڪم ڪر.“
    ”رات ڏاڪڻ وٽ ڪنهن شخص کي ويٺل ڏٺو هيئه.“
    ”ها.“
    ”ڪير هو.“
    ”ايفرو ڊائيٽ جمنا جو پيءُ.“
    ”تو ڪيئن سمجهيو ته هو جمنا جو پيءُ هو.“
    ”هن مون سان ڳالهايو هو.“
    ”ڳالهايو هو؟“
    ”ها. هو منهنجو انتظار ڪري رهيو هو.“
    ”تنهنجو انتظار؟“
    ”ها.“
    ”ڇو؟“
    ”مون کان ڏهه رپيا وٺڻا هئس.“
    ”ڇا جا.“
    ”جمنا جو ريٽ ڏهه رپيا آهي.“
    مون کي باهه وٺي ويئي. رڙ ڪري چيم، ”تون سخت بيغيرت ۽ ڪمينو آهين. ڪنهن سنڌيءَ جو ته بنهه پٽ ناهين.“
    ”ڇو؟“ هن حيرت مان پڇيو.
    ”ڇو،“ چيم، ”توکي ڄڻ خبر ئي ڪونهي. جمنا سان منهنجي ياري آهي. توکي ايتري به تميز ڪونهي. تون بدڪار آهين. وحشي آهين. ڪميونسٽ آهين.“
    ”ان ۾ بدڪاريءَ جي ڪهڙي ڳالهه آهي،“ هن سرد لهجي ۾ وراڻيو.
    دوست محمد چيس، ”نٿو ڇڏين ڪاليج جون ڇوڪريون، نٿو ڇڏين ڀنگياڻيون.“
    ”مان توهان ٻنهي وانگر سرمائيدار نه آهيان،“ آزاد چيو، ”مان ”ڪال گرل“ ”افورڊ“ ڪري نٿو سگهان. سرڪار سڳوريءَ چڪلا به بند ڪري ڇڏيا آهن. اسان ڪيڏانهن وڃئون.“
    چيم، ”هينئر انهن ڳالهين جو وقت ڪونهي. هڪ مصيبت سر تي اچي پيئي آهي.“
    ”ڇا جي مصيبت؟“ آزاد پڇيو، ”سي - آءِ ڊي صاحب منهنجي انقلابي شاعري جي ڌپ سنگهندو اچي هِتِ پهتو آهي ڇا؟“
    ”ڏاڪڻ وٽ فٽ پاٿ تي هڪ لاش پيو آهي،“ کيس ٻڌايم.
    ”لاش مئل آهي يا جيئرو؟“ هن پڇيو.
    ”ڇا؟“ اسان ٻنهي حيرت مان ڏانهس نهاريو.
    هن ٻيهر پڇيو، ”لاش مئل آهي يا جيئرو.“
    ”لاش ته هميشه مئل هوندو آهي،“ مون چيو.
    ”اسان جو ملڪ لاشن جو ملڪ آهي،“ آزاد چيو، ”فٽ پاٿ تي ننڊ ۾ غلطان جيئرا لاش اسان جي خوشحاليءَ جو نادر نمونو آهن.“
    ”يار تون سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهيون ڪر،“ کيس چيم، ”اسان کي اجايو منجهاءِ ته نه.“
    ”حڪم ڪريو،“ هن نهٺائيءَ مان پڇيو.
    ”ڏاڪڻ وٽ فٽ پاٿ تي لاش پيو آهي،“ جملو ورجايم.
    چيائين، ”مئل لاش جي پرواهه نه ڪريو. جيئرو لاش هجي ها ته فڪر ڪريون ها.“
    دوست محمد چيو، ادا مون توکي اڳ ئي چيو هو ته هيءُ ڪابه ڪم جي صلاح نه ڏيندو.“
    آزاد دوست محمد کي چيو، ”ڪنهن ڪنهن وقت ڪجهه انسان ٿوري دير لاءِ مري ويندا آهن، پوءِ جيئرا ٿي پوندا آهن.“
    مون آزاد کي چيو، وقت نه وڃاءِ، ٿوري دير ۾ پوليس ايندي ۽ اسان ٽنهي کي گرفتار ڪندي.“
    ”ڇو؟“
    ”ڇو جو فٽ پاٿ تي لاش پيو آهي.“
    ”ڀل پيو هجي.“
    ”ڀل پيو هجي؟“
    ”ها،“ آزاد وراڻيو، ”ڪياماڙيءَ کان نيو ڪراچيءَ تائين اڄ رات جيڪي به ماڻهو مئا آهن، اسان انهن لاءِ ٻڌل آهيون ڇا؟“
    ”پر هي لاش، فٽ پاٿ تي اسان جي ڏاڪڻ وٽ پيو آهي،“ کيس سمجهايم.
    دوست محمد چيو، ”۽ پوليس کي جڏهن خبر پوندي ته اسان سڻڀي آسامي آهيون ته پوءِ پڪ ٻڌي ويندا.“
    ”ڪيئن ٻڌي ويندا،“ آزاد چيو، ”مئل ماڻهوءَ جو اول پوسٽ مارٽم ٿيندو، پوءِ خبر پوندي ته کيس خدا ماريو آهي يا ڪنهن ماڻهوءَ. ڏسو نه، اڄ ڪلهه خدا پنهنجي جلاد جناب عزرائيل سميت ”لانگ ليو“ تي ويل آهي ۽ مارڻ جو ڪم ماڻهن کي سونپي ويو آهي.“
    اسان ٻنهي حيران ٿي ڏانهس نهاريو.
    آزاد چيو، ”جيڪڏهن موڪل تان موٽڻ کان پوءِ مئل ماڻهوءَ کي خدا ماريو آهي، ته پوءِ پرواهه ناهي. پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ماريو اٿس ته پوءِ ٿوري گهڻي فڪر جي ڳالهه آهي.“
    ”تيستائين ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ دوست محمد پڇيو.
    آزاد جواب ڏنو، ”تيستائين توهان ٻنهي کي منهنجي شاعري ٻڌڻ گهرجي.“
    ”اسان تي رحم ڪر،“ دوست محمد اوٻاسي ڏيندي چيو، ”مان ٿڪل آهيان. اڄ منجهند تائين ننڊ ڪندس.“
    دوست محمد هليو ويو.
    آزاد مون کان پڇيو، ”توکي ڪيئن خبر پيئي ته هيٺ لاش پيو آهي.“
    وراڻيم، ”جمنا ٻڌائڻ آئي هئي.“
    ”هون، جمنا کي ڪهڙي خبر ته انسان ڪڏهن مرندو آهي ۽ ڪڏهن جيئرو ٿيندو آهي،“ آزاد چيو، ”ڪالهه رات جڏهن جمنا مون وٽ آئي هئي، تڏهن ماڻهن فٽ پاٿ تي سندس پيءُ کي لاش سمجهي مٿس ڪپڙو وجهي ڇڏيو هو.“
    مون کي آزاد جي اها ڳالهه پسند نه آئي.
    مان پنهنجي ڪمري ۾ موٽي آيس.
    فردوس ميڪ اپ ڪري، پاڻ کي چمڪائي تيار ٿي بيٺي هئي. اک ۾ نه اوجاڳو هوس ۽ نه ئي منهن مان ٿڪ جي لکا پئي پيس.
    ڊريسنگ ٽيبل تان پرس کڻندي چيائين، ”مان وڃان ٿي.“
    منهنجي جواب جو انتظار ڪرڻ کان اڳ در کولي ڏاڪڻ لهي ويئي.
    مان وڃي بالڪونيءَ ۾ بيٺس. اڃا سج نه اڀريو هو، پر تنهن هوندي به ڪا اڻڏٺي روشني اوندهه کي مات ڪري رهي هئي. هيٺ فٽ پاٿ تي لاش پيو هو.
    فردوس ڏاڪڻ لهي، فٽ پاٿ تي آئي، لاپرواهيءَ سان لاش کي ٺوڪر هنيائين ۽ اڳتي وڌي ويئي.
    لاش چادر لاهي، فردوس جي ڪڍ هلڻ لڳو.
    ان وقت مون کي آزاد جو جملو ياد آيو ته ڪنهن ڪنهن وقت، ڪجهه انسان ٿوري دير لاءِ مري ويندا آهن ۽ پوءِ جيئرا ٿي پوندا آهن.
    گهڻن ڏينهن کان پوءِ جڏهن فردوس سان ٻيهر ملاقات ڪيم، تڏهن کانئس لاش جي باري ۾ پڇا ڪيم. فردوس چيو: منهنجو مڙس رات جو مري ويندو آهي ۽ صبح جو جيئرو ٿي پوندو آهي.
    اُن رات وري هڪ لاش اسان جي ڏاڪڻ وٽ فٽ پاٿ تي پيو هو، جنهن تي ماڻهن چادر وجهي ڇڏي هئي. ■


    شيطان جو سنگسار

    ايڏا ڪم ڪندي ڪندي مان ٿڪجي پيو آهيان. سر، مان بيزار ٿي پيو آهيان پنهنجي زندگي کان. بدرو ڀنڍاري ٻنهي هٿن ۾ مٿو جهلي ويهي رهيو. هن جا ڪسرتي ڪلها اڳتي جهڪي آيا. ڪافي دير تائين چپ رهيو. پو ڪنڌ کڻي مون ڏانهن ڏٺائين. چيائين، ”مان ڇا ڪريان سر؟“
    پڇيو مانس، ”عمل ڪري سگهندين؟“
    ”روز جي مارا ماريءَ واري ماحول مان نڪرڻ لاءِ مان سڀ ڪجهه ڪندس.“ بدرو ڀنڍاريءَ چيو، ”اوهان دنيا جا لاها چاڙها ڏٺا آهن. مون کي ٻڌايو ته مان ڇا ڪريان.“
    مون غور سان بدروءَ ڏانهن ڏسندي چيو، ”انڪار ڪرڻ سک.“
    ”انڪار ڪرڻ سکان؟“ تعجب ٿيس. ڳالهه سمجهه ۾ نه آيس. مون ڏانهن ڏٺائين.
    چيم، ”جيڪو ڪم نه وڻيئي، سو ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏ.“
    سوچ ۾ پئجي ويو. ڪرسيءَ تان اٿيو. ڇهن ساڍن ڇهن فٽن جو قداور مڙس مون ڏانهن پٺي ڪري دريءَ وٽ وڃي بيٺو. پڙدو هٽائي دريءَ مان ٻاهر ڏٺائين. وک کڻي ڏهين ماڙ تان هيٺ نهاريائين. هيٺ نهاريندي پڇيائين. ”سر، خودڪشيءَ کان جهليندا ڇو آهن؟“
    وراڻيم، ”انسان پنهنجي مرضيءَ سان دنيا ۾ نه ايندو آهي. تنهن ڪري پنهنجي مرضيءَ سان هيءَ دنيا ڇڏي وڃڻ جو کيس اختيار ڪونهي.
    منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺائين، چپن تي مرڪ هئس. چيائين، ”ڏاڍو بيوس آهي انسان!“
    مون سان جهڪي مليو، چيائين، ”اوهان وٽ اچي دل جو ٻوجهه هلڪو ٿي ويندو آهي.“
    هٿ جوڙي، پٺيرو هلندي، بدرو هليو ويو.
    مان اها دعويٰ نه ڪندس ته بدرالدين ڀنڍاري منهنجو ڪو معتقد هو، يا منهنجو مريد هو. نه ئي هن سان منهنجو ڪو رت جو رشتو هو. هن سان منهنجي ملاقات به حيران ڪندڙ حالتن ۾ ٿي هئي. اوهان کي ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو. هيءُ ڪجهه ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي. مان ٿائيلينڊ جي سکوٿائي ٿيما ٿيرت يونيورسٽيءَ مان ماس ڪميونيڪيشن ۾ ايم اي ڪرڻ ۽ اتي ڪجهه سال پڙهائڻ کان پوءِ ڪراچي موٽي آيو هوس. سچ ٻڌايانوَ، موٽي اچڻ لاءِ منهنجو قطعي ڪو ارادو نه هو. مان ٿائيلينڊ ۾ خوش هوس. مون کي ساهه کڻڻ ۾ ٻوسٽ محسوس نه ٿيندي هئي. مختلف يونيورسٽين ۾ دعوت تي ليڪچر ڏيڻ دوران اندر جو حال اوريندي دل ڪنبي نه ويندي هئي. مولوين ۽ ايجنسين جو ڊپ ورائي نه ويندو هو. ننڊ نه ڦٽندي هئي. هڪڙي ڏينهن ڪراچيءَ مان ايشين ايڊورٽائيزنگ ڪارپوريشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر انور تيجاڻيءَ جو تفصيلي خط آيو. لکيو هئائين ته چيف ڪانسيپٽ رائيٽر جي پوسٽ خالي ٿي آهي. تون هڪدم اچي سنڀال. اڃا ٻڏتر ۾ هوس جو مٿان انور تيجاڻيءَ جي ٽيليفون ڪال آئي. هڪدم پڇيائين، ”ڪڏهن ٿو اچين؟“
    چيم، ”سوچيان پيو.“
    ”سوچين ڇا پيو!“ انور تيجاڻي ۽ مان بي وي ايس پارسي اسڪول ۾ ست سال ڪلاس ميٽ رهيا هئاسين. هڪ ئي بينچ تي ويهندا هئاسين. ميٽرڪ به گڏ ڪئي هئي سين. وڏا ٿي ڪرت ڪار سان لڳاسين تڏهن به هڪٻئي تي حجت هلائي سگهندا هئاسين. انور تيجاڻيءَ چيو، ”ايندڙ سومر تي اچي جوائن ڪر.“
    مان ڪراچيءَ موٽي آيس. ايشين ايڊورٽائزنگ ڪارپوريشن ۾ وڃي شامل ٿيس. ٻئي ڏينهن انور تيجاڻيءَ مون کي پاڻ ڪارپوريشن طرفان ليز تي ورتل فليٽ تي وٺي آيو. جنهن ۾ اڳوڻو چيف ڪانسيپٽ رائيٽر رهندو هو ۽ هڪڙي ڏينهن پراسرار نموني ڏهين ماڙ تي فليٽ جي بالڪونيءَ مان هيٺ سڙڪ تي ڪري مري ويو هو. سندس زال ڪارپوريشن کان گريجوٽي ۽ انشوئرنس جا لکين رپيا وٺي ٻارن سميت آمريڪا هلي ويئي هئي.
    مون کي فليٽ ۾ رهندي ڏهه پنڌرهن ڏينهن کن مس ٿيا هئا جو هڪڙي ڏينهن ٽي چار معتبر قسم جا ماڻهو مون سان ملڻ آيا. بلڊنگ مينيجمنٽ جا ميمبر هئا. مون کين اندر آڻي ويهاريو. مون کان ٿائيلينڊ جا حال احوال ورتائون. ٿائيلينڊ جي اعليٰ يونيورسٽين جو احوال ٻڌي هنن جي دلچسپي ختم ٿي ويئي. هنن مان هڪ ڄڻي چيو، ”ابو ڀائي ڏاڍو سٺو ۽ نيڪ شخص هو.“
    مون کانئس پڇيو، ”ڪير ابو ڀائي؟“
    وراڻيائين، ”تو کان اڳ هن فليٽ ۾ رهندو هو.“
    ”اوهه!“ مون کي ياد آيو. چيم، ”ابوبڪر ڀائي جي ڳالهه پيا ڪريو!“
    ”ها، ابوبڪر ڀائي.“ ٿڌو ساهه کڻندي چيائين، ”روزي نماز جو پابند هو.“
    چيم، ”سٺي ڳالهه آهي.“
    پوءِ چيائين، ”بلڊنگ جي بيسمينٽ ۾ پنج وقت نماز جو بندوبست ڪيل آهي.“
    چيم، ”سٺي ڳالهه آهي.“
    مون کين ڪيڪ کارايو. شربت پياريو. هو هليا ويا.
    ڏهن پنڌرهن ڏينهن کان پوءِ وري ملڻ آيا. گذريل دفعي جنهن شخص مون سان وڌيڪ سوال جواب ڪيا هئا، تنهن جو نالو حاجي يوسف هو. حاجي يوسف اچڻ شرط پڇيو. ”تنهنجي طبيعت ٺيڪ ته آهي نه؟“
    ”بلڪل ٺيڪ آهي.“ مون حيران ٿيندي پڇيو، ”ڇو، ڇا ٿيو؟“
    چيائين، ”اسان توکي بيسمينٽ ۾ هڪ دفعو به نماز پڙهندي نه ڏٺو آهي. سمجهيوسين، شايد بيمار آهين.“
    چيم، ”ڳالهه ڇاهي جو مان رات جو دير تائين ڪم ڪندو آهيان. صبح جو دير سان اٿندو آهيان، نيرن به وڃي آفيس ۾ ڪندو آهيان.“
    هنن هڪٻئي ڏانهن ڏٺو. حاجي يوسف پڇيو، ”تنهنجا ٻار ٿائيلينڊ مان اڃا نه آيا آهن ڇا؟“
    مون کي ڏاڍو تعجب لڳو. چيم، ”مون کي ٻار ته آهن ئي ڪونه.“
    هو سڀئي ٿورڙو ڇرڪيا. حاجي يوسف پڇيو، ”۽ تنهنجي زال؟“
    مون کي الاءِ ڇو کل اچي ويئي، چيم، ”مون کي زال به ڪونهي.“
    حاجيءَ پڇيو، ”مري ويئي آهي؟“
    کل تي ضبط ڪندي چيم، ”شادي ڪيان ها ته مري ها نه!“
    ”ته ڇا!“ حاجي يوسف چيو، ”تو اڃا تائين شادي نه ڪئي آهي؟ اڌڙوٽ ٿي ويو آهين!“
    چيم، ”مان شاديءَ جي قابل نه آهيان.“
    منهنجي ڳالهه هنن کي قطعي سمجهه ۾ نه آئي. ويندي ويندي پڇيائون، ”ان جو مطلب آهي ته ڇڙو آهين.“
    ان رات مون پاڪستان موٽي اچڻ واري پنهنجي فيصلي تي ڏاڍو پڇتايو. ايترا سال ٿائيلينڊ ۾ رهيس. پر ڪنهن اِن قسم جي آڏي پڇا مون کان نه ڪئي هئي. ڪنهن کي به منهنجي باري ۾ سوچڻ جي فرصت نه هئي ته منهنجي زال ڪٿي هئي، منهنجا ٻار ڪٿي هئا. مان ڪنهن مندر ۾، ڪنهن گرجا ۾، ڪنهن مسجد ۾ ڇو نه نظر ايندو آهيان.
    ٻئي ڏينهن بلڊنگ ڪاميٽيءَ طرفان انور تيجاڻيءَ کي خط مليو، جنهن ۾ لکيو هئائون. ”وڏي افسوس جي ڳالهه آهي جو اوهان ٻارن ٻچن واري بلڊنگ ۾ ڇڙي لفنگي کي آڻي رهائيو آهي. هيءُ شريفن جو محلو آهي. اوهين مهرباني ڪري ڇڙي بدران پنهنجي فرم جي ڪنهن ٻارن ٻچن واري ملازم کي رهايو ۽ هن کي هڪدم اٿاريو.“
    ان کان علاوه خط ۾ ٻيا ڪجهه اعتراض اٿاريل هئا، مثلاً هن کي ڪڏهن به نماز پڙهندي نه ڏٺو ويو آهي. اڌ رات کان پوءِ گهر موٽندو آهي، يعني اڌ رات تائين آواره گردي ڪندو آهي. صبح جو تمام دير سان ننڊ مان اٿندو آهي. تنهن جو مطلب آهي ته رات جو شراب پيئندو آهي. وغيره.
    انور تيجاڻيءَ پنهنجي لا فرم مان هڪ وڪيل کي گهرايو، ۽ بلڊنگ ڪاميٽيءَ ڏانهن قانوني جواب موڪليو. جواب موڪلڻ کان اڳ هن خط مون کي ڏيکاريو هو. لکرايو هئائين، ”فليٽ اسان جي فرم جي ملڪيت آهي. اسان جي فرم ۾ اعليٰ اخلاق ۽ اعليٰ تعليم يافته ماڻهو ڪم ڪندا آهن. اسين پاڻ ٻارن ٻچن وارا ماڻهو آهيون. ڪنهن به غلط قسم جي ماڻهوءَ کي فليٽ الاٽ نه ڪنداسين. پاڪستان جي آئين ۾ ڪٿي به لکيل ڪونهي ته ماڻهو کي ڪڏهن سمهڻ گهرجي، ڪڏهن گهر اچڻ گهرجي ۽ ڪڏهن ننڊ مان اٿڻ گهرجي. باقي جيستائين نماز پڙهڻ يا نه پڙهڻ جو سوال آهي ته اهو ا• ۽ سندس بندي جي وچ جو معاملو آهي جنهن ۾ ڪنهن کي به ٽنگ اڙائڻ نه گهرجي.
    خط روانو ڪرڻ کان پوءِ انور تيجاڻيءَ مون کي چيو، ”گهٻرائجانءِ نه، اجايو اڏايو اٿائون ته بلڊنگ اصل ۾ دائود ابراهيم جي آهي. جيڪڏهن هجي به ته اسان کي پرواهه ناهي. فليٽ فرم جي نالي ليز ٿيل آهي. بلڊنگ ڪاميٽيءَ جي دٻاوَ ۾ هرگز نه اچجانءِ.“
    چيم، ”تو خط ڪجهه سخت لکرايو آهي.“
    ”هنن جو علاج اِهو ئي آهي.“ انور چيو، ”هيءَ قوم مارشل لا تي هريل آهي.“
    چيم، ”ڪنهن ڪنهن وقت سير کي سوا سير مٿي ۾ لڳي ويندو آهي.“
    انور کليو. چيائين، ”تون فڪر نه ڪر. هيءُ ڪلوگرامن جو دور آهي.“
    خط وصول ڪرڻ کان پوءِ بلڊنگ ڪاميٽيءَ جو ڪوبه ميمبر مون سان ملڻ نه آيو. پر معاملو ٺريو نه هو. ميمبرن جي نظر مون تي پوندي هئي ته قهري نگاهن سان مون ڏانهن ڏسندا هئا. مان پنهنجي ڪم ۾ اهڙو مگن مست جو مون سندس سخت رويي جو نوٽيس نه ورتو. مون جيئن جيئن کين نظر انداز ڪيو، تيئن تيئن سندن نفرت ويئي وڌندي. سندس نفرت جو منهنجي ڪم، منهنجي صحت، منهنجي ننڊ، منهنجي آرام تي ڪو اثر نه پيو. لڳو پئي ته ان ڳالهه هنن کي وڌيڪ چڙ ڏياري ڇڏي هئي.
    هڪ دفعي اسٽوڊيوز ۾ ڪم ڪندي مون کي ڪافي دير ٿي وئي. اڌ رات کان پوءِ جيئن ئي گاڏي آڻي بلڊنگ ٻاهران بيهاريم، ٻه جانٺا جوان مون ڏانهن وڌي آيا. اک ڇنڀ ۾ مون کي کنڀي، پاسي کان پارڪ ڪيل ويگن ۾ ويهاري روانا ٿي ويا. ڪجهه دير تائين مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ٿي رهيو هو. مون کي ڪيڏانهن کڻي پئي ويا! ويگن ۾ ٻه ٻيا ماڻهو به ويٺا هئا. هنن منهنجي ڪنهن سوال جو جواب نه ڏنو. ڄڻ گونگن ۽ ٻوڙن سان مٿو پئي ماريم.
    اڌ مني ڪلاڪ کان پوءِ هنن گاڏي آڻي هڪ اونداهي گهٽيءَ ۾ بيهاري. مون کي هيٺ لاٿائون. ان وچ ۾ هڪ تمام وڏي پر اجڙيل بنگلي جو لوهي در کليو. اٺ ڏهه ٻيا هٿيار بند مون کي نظر آيا. کنڀي کڄڻ کان وٺي ان مهل تائين مون پاڻ کي بار بار ملامت پئي ڪئي ته مان پاڪستان ڇا جي لاءِ موٽي آيس. ڇو آيس! رکي رکي انور تيجاڻيءَ تي ڪاوڙ پئي آئي، ڇو مون کي گهرايائين! ڇو زور ڀريائين، اچڻ لاءِ!
    مون کي پڪ ٿي ويئي ته بلڊنگ اصل ۾ دائود ابراهيم جي هئي، ۽ دائود ابراهيم جي ماڻهن مون کي قيد ڪيو هو. دائود ابراهيم سان پڄڻ انور تيجاڻيءَ جو ڪم نه هو. دائود ابراهيم انيڪ ڏوهن ۾ هندستان کي گهربل آهي. برطانيه کي گهربل آهي. پاڪستان کي گهربل آهي. ڪراچيءَ ۾ وڏي ٺٺ سان رهندو آهي. مجال آهي سرڪار کي جو هٿ وجهيس! مون پهرين دفعو ڊپ محسوس ڪيو. الاءِ ڇو مون کي پڪ هئي ته مون کي ماريندا نه، پر جٺ ضرور ڪندا، اهڙي سيکت ڏيندا جو مان پهرئين جهاز ۾ ٿائيلينڊ موٽي ويندس. نه رهندس پاڪستان ۾.
    هٿيار بند ٻن ڪمرن مان ڦيرائيندا مون کي هڪ وڏي هال ۾ وٺي آيا. سامهون صوفي تي هڪ جانٺو جوان پلٿي ماري ويٺو هو. طاقتور ۽ لاپرواهه پئي لڳو. پريان رکيل ڪرسيءَ طرف اشارو ڪندي چيائين، ”ويهي رهه.“
    مون سيني ۾ دل کي ايتري قدر تيزيءَ سان ڌڙڪندي اڳ ڪڏهن محسوس نه ڪيو هو. خشڪ چپن تي زبان ڦيرايم. چپ ريگمال محسوس ٿيا.
    ”هن کي پاڻي پيئاريو.“ طاقتور شخص پنهنجن ماڻهن کي چيو.
    هنن مون کي پاڻيءَ جو گلاس آڻي ڏنو. مان ڳيت ڏيئي يڪ ساهي سمورو پاڻي پي ويس. گلاس موٽائي هڪ هٿياربندکي ڏنم. ساهه ۾ ساهه پيو. ان وقت مون کي قربانيءَ جو ٻڪر ياد آيو. جنهن کي ڪهڻ کان اڳ پاڻي پيئاريندا آهن.
    جانٺي جوان مون ڏانهن ڏسندي چيو، ”انور تيجاڻيءَ جو لاش پوليس کي سڀاڻي گورا قبرستان مان ملندو.“
    ”نه نه. ائين نه ڪجانءِ مسٽر دائود ابراهيم.“ ڪرسي ڇڏي مان هن ڏانهن وڌي ويس.
    ”وڃ، وڃي ڪرسيءَ تي ويهي رهه.“ هن سخت لهجي ۾ چيو، ”مان بدرو ڀنڍاري آهيان.“
    ”مان پهرئين جهاز ۾ هيءُ ملڪ ڇڏي هليو ويندس.“ مون بدرو ڀنڍاريءَ کي ويجهو وڃي هٿ جوڙيندي چيو، ”اوهين انور تيجاڻيءَ کي نه مارجو.“
    بدرو ڀنڍاريءَ جون ڀرون ڳتجي ويون. اکيون جنجهيون ڪري هو مون ڏانهن ڏسندو رهيو. مان هٿ ٻڌي ٻاڏائيندو رهيس. ”انور تيجاڻيءَ کي نه مارجو. مان پاڪستان ڇڏي هليو ويندس. بس انور کي نه مارجو.“
    بدرو ڀنڍاري ڪجهه سوچيندي، مون ڏانهن ڏسندي صوفه تان اٿيو. قداور ۽ ڪسرتي هو. اک مون مان نه ڪڍيائين. مون ڏانهن وڌندو آيو. وک کن تي بيهي رهيو. سندس ڳتيل ڀرون ڍريون ٿي ويون. مون کي تعجب ٿيو. ڪجهه هيٺ جهڪي منهنجي منهن ۾ ڏٺائين. سندس سخت چهري تي نرمي ظاهر ٿي پيئي. منهنجو ساڄو هٿ پنهنجن ٻنهي هٿن ۾ جهليائين، سڙٻاٽن ۾ اندر جي ڇڪ کي روڪيندي چيائين. ”سر، سر عدم!“
    مون تعجب وچان بدرو ڀنڍاريءَ ڏانهن ڏٺو. مون کي قطعي ياد نه پئي آيو ته هو ڪير هو.
    ”سر، سر مان بدرالدين ڀنڍاري آهيان.“ بدروءَ چيو، ”سر مان اوهان وٽ پڙهيو آهيان، سر عبدا• هارون اسڪول ۾.“
    ايم اي ڪرڻ کان پوءِ ٻه سال کن مون سر عبدا• هارون اسڪول ۾ پڙهايو هو. ان ڳالهه کي ورهيه ٿي ويا هئا. انيڪ شاگرد هئا. ڪي سٺا ته ڪي شرارتي. ڪي ذهين ته ڪي جڏا، ڪي چڱا ته ڪي لڱان. مون کي بدرو ڀنڍاري ياد نه پئي آيو.
    بدروءَ منهنجو هٿ نه ڇڏيو. ڏاڍي عزت ڏاڍي احترام سان آڻي مون کي صوفه تي ويهاريائين. سڀني هٿياربندن کي هال مان هليو وڃڻ لاءِ چيائين. پاڻ منهنجي ڀرسان يا ٻئي صوفه تي نه ويٺو. پاڻ منهنجي سامهون فرش تي ويهي رهيو. اِهو سڀ ڪجهه منهنجي لاءِ حيران ڪندڙ هو. هن مون کي انيڪ حوالا ڏنا، پر تڏهن به هو مون کي ياد نه پئي آيو. مون هن کي ياد رهجي ويو هوس.
    اها هئي بدرو ڀنڍاريءَ سان منهنجي پهرين ملاقات. هو پاڻ مون کي فليٽ تائين ڇڏڻ آيو. هيٺ جهڪي مون کان موڪلايائين. چيومانس، ”بدرو، انور تيجاڻيءَ کي ڪجهه نه ڪجو.“
    ”سر، ڪجهه نه ڪبو. ڪجهه نه ٿيندو. سر، اوهين فڪر نه ڪريو.“ چيائين، ”اوهين بس موٽي نه وڃجو.“
    در تائين وڃي وري موٽي آيو. منهنجو ساڄو هٿ جهلي اکين سان لڳايائين. چيائين، ”گستاخي ٿي ويئي آهي à وڏي گستاخي ٿي ويئي آهي. معافيءَ لائق ته ناهيان پر مون کي معاف ڪجو. مون کي معاف ڪجو سر. مون کي خبر نه هئي.“
    منهنجو هٿ چمي بدرو ڀنڍاري هليو ويو. ان رات مون کي ننڊ نه آئي. سڄي رات مان بدرو ڀنڍاريءَ جي باري ۾ سوچيندو رهيس. هن جي رويي مون کي حيران ڪري ڇڏيو هو. هڪ استاد جي ايڏي عزت ڪرڻ وارو ڇوڪرو گمراهه ڪيئن ٿي ويو! سندس هٿياربند، گاڏيون ۽ دٻدٻو ڏسي مون کي اهو اندازو لڳائڻ ۾ دير نه ٿي ته بدرو عام رواجي بدمعاش يا غنڊو نه هو. بدرو ڀنڍاري هر لحاظ کان دائود ابراهيم جي ٽڪر جو ڊان هو. ڊان سمجهو ٿا نه؟ نئون محاورو آهي، پر ڪجهه عرصي کان پاڪستان ۾ هلي پيو آهي. جرائم جي دنيا کي ڪاروبار وانگر هلائڻ واري کي ڊان سڏيندا آهن.
    ٻئي ڏينهن آفيس ۾ ان ڳالهه جو ذڪر مون انور تيجاڻيءَ سان ڪرڻ مناسب نه سمجهيو. اِن لاءِ مون وٽ ڪو خاص سبب به نه هو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ انور جڏهن پڇيو. ”بلڊنگ ڪاميٽيءَ جا ميمبر تنگ ته نه ٿا ڪرنئي؟“
    تڏهن وراڻيو هيم، ”نه، قطعي نه.“
    انور ٽهڪ ڏيندي چيو هو، ”هيءَ قوم ڏنڊي جي زبان سمجهندي آهي. سڌري ويا نه!“
    بلڊنگ ڪاميٽيءَ جي رويي ۾ آيل تبديليءَ جو اصل سبب مون تڏهن به تيجاڻيءَ کي نه ٻڌايو. هن کي پنهنجن ڊاڪٽرن ۽ وڪيلن تي وڏو مان هو. مون کيس خوشفهميءَ ۾ رهڻ ڏنو.
    اٺن ڏهن ڏينهن کان پوءِ اڌ رات ڌاري بدرو ڀنڍاري مون سان ملڻ آيو. ويٺو نه، وري به منهنجو ساڄو هٿ ٻنهي هٿن ۾ جهليندي مون کان معافي گهريائين، ”سر، مون کي خبر نه هئي، اصل خبر نه هئي، مون کي معاف ڪري ڇڏجو.“
    هيڏو سارو ڪسرتي جانٺو جوان مون کي ننڍڙو ٻار محسوس ٿيو. مون کيس مٿي تي هٿ رکي پيار ڪيو ته جهڄي پيو. گوڏن ڀر ويهي رهيو. منهنجو ساڄو هٿ اکين تي لائي چمندو رهيو. ان کان پوءِ منهنجيون انيڪ ملاقاتون بدرو ڀنڍاريءَ سان ٿيون، جن ۾ ٿوري پيار ملڻ سان هو هيبتناڪ ڊان مان پريشان ٿي ويل ٻار ٿي پوندو هو. انهن ملاقاتن ۾ هن پنهنجو اندر اوري وڌو. مون کان ڪجهه نه لڪايو.
    بدرو ڀنڍاري وزيرن جا ڪم ڪندو هو. اسيمبلين ۽ سينيٽ جي ميمبرن جا ڪم ڪندو هو. جن ڀڏن ڪمن ۾ پوليس سندن ساٿ ڏيڻ کان ڪيٻائيندي هئي، اهي ڪم کين بدرو ڀنڊاري ڪري ڏيندو هو. موٽ ۾ هن کي ذري گهٽ ملڪي سطح تي سرڪاري تحفظ مليل هو. وزير، ڪبير، ڪامورا، بزنس مين هن جا هم پياله ۽ هم نواله هئا. وڏا وڏا کڙپيل پوليس آفيسر سندس سلامي هئا. هو پوليس آفيسرن جون بدليون ڪرائي سگهندو هو، بدليون روڪرائي سگهندو هو. کين پروموشنون ڏياري سگهندو هو. سندس ڪمن جي فهرست ڏاڍي ڀوائتي هئي. غريب غربن کي اباڻن ڪکن مان بي دخل ڪرڻ ته جيئن اتي اميرن ڪبيرن جون پلازائون ۽ شاپنگ مال ٺهي سگهن. ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ، ناياب شيون ۽ هيروئن ۽ هٿيار ٻاهر موڪلڻ ۽ ٻاهران گهرائڻ لاءِ ڪسٽمز ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن ۽ اميگريشن جي آفيسر کي مٺ ۾ رکندو هو. ججن تي دٻاءُ وجهي اميرن ۽ ڪبيرن ۽ وزيرن کي هاريل ڪيس کٽي ڏيڻ به بدروءَ جي فهرست ۾ شامل هئا، ضرورت پوڻ تي هو سياستدانن کي سياسي مخالف مارائي ڏيندو هو.
    بدرو ڀنڍاريءَ جي هيبتناڪ وجود ۾ چڱائي جي ڪا چڻنگ هئي، جنهن وڄ ۽ واءُ جهڙي سندس زندگيءَ ۾ احساس جي دونهي دکائي رکي هئي. ڪڏهن ڪڏهن وڏو ڪو ڏوهه ڪرڻ کان پوءِ مون وٽ هليو ايندو هو. هڪ ئي وائي وات هوندي هئس، ”سر، مان ڇا ڪريان، مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان، هن زندگيءَ کان بيزار ٿي ويو آهيان.“
    هڪ دفعي صدر ۾ سونارڪي دڪان جي قبضي لاءِ مخالف ڌر سان وڙهندي بدروءَ هٿان فٽ پاٿ تي ويٺل پوڙهي فقيرياڻي مارجي ويئي. بدروءَ جي آٽوميٽڪ ريوالور مان نڪتل گولين ٿڏي تي فقيرياڻيءَ کي ماري وڌو. ڪنڌ وڃي فٽ پاٿ سان لڳس. منهن ميڙ ڏانهن، اکيون کليل. بدرو ويجهو ويس ته ائين لڳس ڄڻ فقيرياڻيءَ اکين ۾ اکيون وجهي ڏانهس پئي ڏٺو. بدرو روح تائين ڪنبي ويو.
    سندس سموري ڪٿا ٻڌڻ کان پوءِ مون بدروءَ کي چيو، ”تون گمراهه سان وڃي مل. ان ڌٻڻ مان نڪرڻ جي توکي ڪا واٽ ڏسيندو.“
    ”گمراهه!“ نالو ٻڌي بدرو حيران ٿيو.
    ”نالو گياني اٿس. ماڻهو گمراهه سڏيندا اٿس. ”کيس گمراهه جو ڏس پتو ڏيندي چيم، ”نالو پئجي ويو اٿس گمراهه گياني. ورلي ڪنهن سان ملندو آهي. منهنجو هي ڪارڊ وڃي ڏجانس.“
    پنهنجي وزٽنگ ڪارڊ تي لکيم، ”گمراهه سمجهه ته پنهنجو پٽ موڪلي رهيو آهيانءِ. ڏاڍو منجهي پيو آهي.“
    بدرو ڀنڍاري سڌو وڃي گمراهه گيانيءَ سان مليو. سربستو احوال ٻڌڻ کان پوءِ گيانيءَ مونن مان منهن ڪڍي بدروءَ ڏانهن ڏٺو، ۽ چيو، ”شيطان مختلف رنگن روپن ۾ انسان کان ڀڏا ڪم ڪرائيندو آهي. تون شيطان کي ماري ڇڏ. توکي نجات ملي ويندي.“
    ڪجهه سوچيندي، ڄڻ پڪو پهه ڪندي بدرو ڀنڍاري اٿي بيٺو. جهڪي گمراهه گيانيءَ جا پير ڇهيائين، چيائين، ”مان شيطان کي ناس ڪري ڇڏيندس.“
    وڃڻ لاءِ در ڏانهن وڌيو ته گمراهه گيانيءَ کانئس پڇيو، ”خبر اٿئي ته شيطان ڪٿي هوندو آهي؟“
    ”ها، مون کي خبر آهي.“ بدروءَ چيو، ”مان شيطان کي تباهه ڪري ڇڏيندس.“
    بدروءَ کڙي تڙي پاسپورٽ ٺاهرائي ورتي. سعودي عرب جي ويزا وٺڻ ۾ به دير نه لڳس. ان کان پوءِ هڪ راڪيٽ لانچر ۽ ٻه چار راڪيٽ پاڻ سان کڻي وڃڻ جي منصوبي تي ويچار ڪيائين. جيئن جيئن ويچار ڪندو رهيو، تيئن تيئن کيس راڪيٽ لانچر ۽ ڪجهه راڪيٽ پاڻ سان کڻي وڃڻ امڪان کان ٻاهر لڳو. ان ڪم ۾ اميگريشن، ايئر پورٽ سيڪيورٽي ۽ پوليس جي عملدارن سندس مدد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. چيائون، ”جوکم جو ڪم آهي.“
    بدرو ڀنڍاري سولائيءَ سان مايوس ٿيڻ وارن مان نه هو. هن شيطان کي پاڙون پٽي ڪڍڻ جو پڪو پهه ڪيو هو. دبئي، شارجه، ۽ ابو ظهبيءَ ۾ هن پنهنجن ايجنٽن سان رابطو ڪيو. ڪوبه کيس سعودي عرب ۾ ڪنهن به قسم جا هٿيار پهچائي ڏيڻ تي راضي نه ٿيو. هو کيسي ۾ ٽڪيٽ وجهي بي صبريءَ وچان ڀٽڪندو رهيو. ڪا مهل اهڙي به آئي جو برطانيه وڃي، اتان پاڻيءَ جي جهاز ۾ راڪيٽ لانچر ۽ راڪيٽ کڻي عربستان جي بندر تي لهڻ جو سوچيائين. منصوبو به ٺاهيائين، پر برطانيه مان خاطر خواهه موٽ نه مليس.
    نيٺ روانگيءَ جو ڏينهن سر تي اچي پهتس. دل من هڻندي ايئرپورٽ پهتو، اميگريشن ۽ ايئر پورٽ جي ٻئي عملي کيس کلي کيڪاريو. کيس مان ڏنائون جهاز ۾ چڙهڻ جي اعلان کان اڳ هو ڊپارچر لائونج جي نويڪلي ڪنڊ ۾ گم سم ويٺو رهيو. بس، ڪنهن ڪنهن مهل مٺيون ڀڪوڙي، وري ڍريون ڪري پئي ڇڏيائين. جهاز ۾ داخل ٿيڻ جو اعلان ٿيو. بدرو ڀنڍاري سڀني مسافرن کان آخر ۾ جهاز لاءِ روانو ٿيو.
    جهاز ۾ داخل ٿيل. سيٽ بيلٽ ٻڌي پنهنجي سيٽ تي ويهي رهيو. اڍائي ٽن ڪلاڪن جي سفر ۾ بدروءَ نه ڪجهه کاڌو ۽ نه پيتو. نه ئي هن ڪنهن سان ڳالهايو. چپ چاپ ويٺو رهيو. جدي جي ايئرپورٽ کان هوٽل جي مرسيڊيز گاڏي کيس مڪه مڪرمه وٺي آئي هوٽل ۾ سندس ڪمرو اڳواٽ بڪ ٿيل هو. هن هڪ ٻن ڪاغذن تي صحيح ڪئي. ۽ چاٻيون وٺي پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ليٽي پيو. اکيون ڦاڙي ڇت ڏانهن ڏسندو رهيو. الاءِ ڪهڙي مهل گهيرٽ آيس. ننڊ کڻي ويس. ستن اٺن ڪلاڪن کان پوءِ اک کليس. باٿ روم ۾ وڃي ٿڌي پاڻيءَ جي شاور هيٺان بيهي رهيو. جڏهن ڪنبڻي وٺي ويس، تڏهن ٻاهر آيو. نيرن ڪمري تي گهرايائين. نيرن ڪري چانهن جو ڪوپ کڻي هو بالڪونيءَ ۾ وڃي بيٺو.
    عمره لاءِ آيل ڀانت ڀانت جي رنگ ۽ نسل جا ماڻهو ا• جي گهر توبهه تائب ٿيڻ لاءِ ڪعبت ا• ڏانهن پي ويا. ڪجهه ماڻهن کي بدروءَ روئيندي ۽ آسمان ڏانهن هٿ اُڀا ڪري ٻاڏائيندي ڏٺو.
    ڪمري جو در بند ڪري بدرو ڀنڍاري هيٺ هوٽل جي لابيءَ ۾ وڃي بيٺو. ڪائونٽر تان مقدس جاين جا بروشر کنيائين. لابيءَ ۾ هڪ طرف رکيل صوفه تي ويهي بروشر پڙهي ورتائين ۽ ويڙهي سيڙهي کيسي ۾ وڌائين. هوٽل کان ٻاهر اچي بازار مان وڏي ڳوٿري خريد ڪيائين، ۽ مڪه مڪرمه کان ٻاهر شيطان جي ٺلهه جو رخ ڪيائين. ڏينهن تتل نه هو، پر پگهر ۾ شل ٿي ويو. پريان کيس جيئن ئي ٺلهه نظر آيو، هن وڏي واڪ شيطان کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون. جيتريون گاريون ياد هئس، شيطان کي ڏيندو ويو. ان دوران اوسي پاسي کان وڏا پٿر کڻي ڳوٿريءَ ۾ وجهندو ويو. تان جو شيطان جي ٺلهه سان وڃي آمهون سامهون ٿيو. ڳوٿري رکي ٻنهي هٿن سان شيطان کي گهرڙي ڀونڊا ڏنائين. پوءِ پيرن مان بوٽ لاهي، ٻئي پادر ٺلهه کي اڇلائي هنيائين. جنون وڪوڙي ويس. ڳوٿريءَ مان پٿر ڪڍي ٺلهه تي وسائڻ لڳو. پٿر هڻي هڻي ڳوٿري خالي ڪري ڇڏيائين. پوءِ اوسي پاسي پيل پٿريون کڻي شيطان جي ٺلهه کي هڻڻ شروع ڪيائين.
    شيطان جي علامتي ٺلهه کي پٿر ۽ پٿريون هڻندي سج لهي ويس. ٿڪجي چور ٿي پيو. پگهر ۾ ڪپڙا لٽا ۽ انگ انگ آلو ٿي پيس. سج لهڻ کان پوءِ واپس وريو. پيرين اُگهاڙو پٿرن، جبلن ۽ ٽڪرن تان هلندو رهيو. شهر تائين پير پٿون ٿي ويس. هڪ دڪان تان اسپنج جو نرم چمپل وٺي پائي ڇڏيائين. هوٽل جي لابيءَ ۾ داخل ٿيو ته سڀني حيرت وچان ڏانهس ڏٺو. رسيپشن تان پنهنجي ڪمري جي چاٻي ورتائين. ڪمري ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ سڌو باٿ روم ۾ وڃي ڪپڙن سميت شاور هيٺان بيهي رهيو.
    بدرو ڀنڍاريءَ جي باري ۾ ايتري قدر تفصيل سان ڳالهيون مان ان ڪري اوهان کي ٻڌائي سگهيو آهيان جو گمراهه گيانيءَ کيس روزانو ڊائري لکڻ جي هدايت ڪئي هئي، جيڪا کيس آئيني جو ڪم ڏيندي. هو جڏهن ڊائري اٿلائيندو، تڏهن ڊائريءَ جي آئيني ۾ کيس پنهنجي اصلي شڪل نظر ايندي. بدرو پنهنجي وصيت مطابق سموريون ڊائريون مون کي ڏيئي ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو تفصيل سان مان سندس احوال اوهان کي ٻڌائي سگهيو آهيان.
    سعوديه ۾ رهڻ لاءِ بدرو ڀنڍاريءَ وٽ پنڌرهن ڏينهن جي ويزا هئي. هو پنڌرهن ڏينهن لاڳيتو هوٽل جي ڪمري ۾ نيرن ڪري ڳوٿري کڻي شيطان کي سنگسار ڪرڻ لاءِ روانو ٿيندو هو. شيطان کي ڪچيون گاريون ۽ ڀونڊا ڏيئي جنون ۾ ٺلهه کي پٿر، پٿريون ۽ پادر هڻي، پگهر ۾ شل ٿي، هيڻو ساڻو، ۽ ٿڪل بدرو سج لٿي کان پوءِ هوٽل جي ڪمري ۾ پهچي ڪپڙن سميت ٿڌي پاڻيءَ جي شاور هيٺان وڃي بيهي رهندو هو.
    ويزا جو مدو پورو ٿيو. بدرو ڀنڍاري واپس ورڻ لاءِ جهاز ۾ سوار ٿيو. ڪراچي پهچڻ تائين نه ڪجهه کاڌائين نه پيتائين، ۽ نه ئي ڪنهن سان ڳالهايائين. گم سم ويٺو رهيو. ٿڪل اهڙو جو ويٺي ويٺي ننڊ کڻي پي ويس. ڪراچيءَ جي ايئرپورٽ تي اميگريشن وارا ۽ ٻيو عملو بدروءَ کي بدحال ڏسي ڏاڍو حيران ٿيو. سڀني کي بيحد ٿڪل پئي لڳو. هن ايئرپورٽ تي ڪنهن سان نه ڳالهايو، پنهنجن ماڻهن سان روانو ٿي ويو.
    بدروءَ جي باري ۾ وڌيڪ فڪر سندس ساٿين کي ٿي پيو. هن پنهنجي ڪم ۽ ڪاروبار جي باري ۾ ڪنهن کان ڪجهه نه پڇيو. ڪنهن ٻڌائڻ به چاهيو ته هن کي چپ ڪرائي ڇڏيائين. سندس طبيعت ۾ آيل تبديليءَ سڀني کي پريشان ڪري وڌو. پنجين ڏينهن هڪ وفاقي وزير گهرايس. عمره جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ کيس مبارڪون ڏنائين. ۽ پوءِ چيائين، ”ڪورنگي ڪريڪ ڀرسان تو جيڪو ڳوٺ خالي ڪرايو هو، تنهن ۾ ڪجهه ڪٽنب ٻارين ٻچي موٽي آيا آهن. منهنجن انجينئرن کي ڪم ڪرڻ نه ٿا ڏين.“
    بدروءَ ڪجهه سوچيندي چيو، ”سرڪار، مون اِهو ڪم ڇڏي ڏنو آهي.“
    ”چريو ٿيو آهين ڇا. ڪم ڪار ڪو ڇڏبو آهي ڇا؟“ وفاقي وزير چيو، ”عمره ڪرڻ جو مطلب اِهو ناهي ته تون ڪم ڪار ڇڏي، هٿ هٿ تي رکي ويهي رهين. ميان هوش ڪر. اسان جا ڪروڙين رپيا اِن پروجيڪٽ ۾ لڳل آهن. پلازا ٺهندا، شاپنگ مال ٺهندا، ڪا معمولي ڳالهه ته ناهي. ٻيا ٽي وزير ۽ ٻه ٽي ايم اين اي ان ڪم ۾ مون سان شريڪ آهن.“
    بدرو ڀنڍاري ٻنهي هٿن ۾ مٿو جهلي چپ چاپ ويٺو رهيو. وفاقي وزير پاسي کان وڃي بيٺس. چيائين، ”اسين به ته عمره تي ويندا آهيون، حج ڪندا آهيون. اسان پنهنجيون ذميدريون ۽ ڪم ڪاج ڇڏي ڏنا آهن ڇا! جيڪڏهن ايئن ڪريون ته پوءِ سرڪار جو ڪم ڪيئن هلندو! هيءُ ملڪ ڪيئن هلندو!“
    بدروءَ ڪنڌ کڻي وزير ڏانهن ڏٺو.
    وزير چيو، ”دين جا ڪم پنهنجي جاءِ تي، ۽ دنيا جا ڪم پنهنجي جاءِ تي. ٻنهي ڪمن کي وچڙائجي نه. الڳ الڳ رکجي. ان ۾ ئي عافيت آهي.“
    بدروءَ وري ٻيهر وزير کي ڳوٺ خالي ڪرائي ڏنو. ان ڪم ۾ وڏو گوڙ ٿيو، گهمسان ٿيو. عورتن ۽ ٻارن جو روڄ راڙو ٿيو. مردن جا مٿا ڦاٽا. بدروءَ کي پٽون پاراتا مليا.
    عورتن جون آهون ۽ زاريون، ٻارن جو روڄ ۽ رڙيون، پٽون ۽ پاراتا بدروءَ جو پيڇو ڪندا رهيا. کيس اٿندي ويهندي، سمهندي جاڳندي پاراتن جا پڙلاءَ ٻڌڻ ۾ پئي آيا. اجهن مان اٿارڻ جا منظر اکين آڏو ڦري ڦري پئي آيس. ننڊ ڦٽي ويس. ماني نه وڻيس. گرهه نڙيءَ مان نه لهيس. اڻ ٿانئينڪو ٿي پيو. گمراهه گيانيءَ ڏانهن ويو. سموري ڪيفيت بيان ڪرڻ کان پوءِ پڇيائين. ”شيطان منهنجي جند ڇونه ٿو ڇڏي؟“
    گيانيءَ وراڻيو، ”جيستائين شيطان کي نه ماريندي، تيستائين شيطان توکان ڀڏا ڪم ڪرائيندو رهندو.“
    بدروءَ چيو، ”پنڌرهن ڏينهن لاڳيتو مون شيطان کي سنگسار ڪيو هو.“
    گمراهه گيانيءَ پڇيس، ”ياد اٿئي، مون تو کان پڇيو هو ته خبر اٿئي ته شيطان ڪٿي آهي، تڏهن تون اِهو چئي روانو ٿي ويو هئين، ته ها مون کي خبر آهي ته شيطان ڪٿي آهي. ياد اٿئي؟“
    بدروءَ حيرت وچان گمراهه گيانيءَ ڏانهن ڏسندي چيو، ”ها، مون کي ياد آهي.“
    ”پر توکي خبر نه هئي.“ گياني، بدرو ڀنڍاريءَ جي سامهون وڃي بيٺو. سندس سيني تي هٿ رکندي چيائين، ”شيطان هتي رهندو آهي. اسان جي وجود ۾ هوندو آهي.“
    بدرو وائڙو ٿي ويو. اتان بنا موڪلائڻ جي هليو ويو. پنهنجي سيني تي مڪون هڻندو رهيو. پنهنجا وار پٽيندو رهيو. پاڻ کي گهرڙي ڀونڊا ڏيندو رهيو. اڌ رات ڌاري مون وٽ آيو. هٿ ۾ ڳوٿري هئس. ان مهل به پاڻ کي سيني تي مڪون پئي هنيائين.
    ”هن ۾ منهنجيون ڊائريون آهن.“ چيائين، ”موڪلائڻ آيو آهيان، وڃان ٿو.“
    پڇيو مانس، ”ڪيڏانهن؟“
    وراڻيائين، ”پنهنجي وجود ۾ ويٺل شيطان کي سنگسار ڪرڻ.“
    پڇيم، ”ڪڏهن موٽندين؟“
    چيائين، ”شيطان کي ناس ڪرڻ کان پوءِ.“
    منهنجو هٿ چمي، مون کي پيرين پئي بدرو ڀنڍاري هليو ويو. ان ڳالهه کي ورهيه وهامي ويا آهن. ڪنهن کي خبر ڪونهي ته بدرو ڀنڍاري ڪٿي آهي. ■


    ڳيري جو موت

    اسلام آباد جي سبزي منڊي ٻاهران سڙيل ڳريل ڀاڄين جي بدبودار ڊهه ڀرسان اڌ اگهاڙا ٻارڙا ويٺا هئا، ۽ ڪِن ڪچري مان ڦِٿل ۽ ڳريل ٽماٽا، پٽاٽا، بصر، گوبيون ۽ گوگڙو وغيره ڳولي رهيا هئا، ۽ پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا.
    ٻارن جي عمر پنجن ڇهن سالن جي لڳ ڀڳ هئي. سندن سڃاڻپ ليڙون لٽا، پير پٿون، وار وچڙيل، چپ ڏريل ۽ اکين ۾ اُداسيءَ جا پاڇا! نه سندن ڪو ماضي هو، ۽ نه ئي سندن ڪو مستقبل هو. حال جي پيداوار هئا. حال ۾ جيئرا هئا، ۽ حال ۾ مري رهيا هئا.
    سندن ڳالهيون ٻڌي مان اچرج ۾ پئجي ويس. هو بظاهر پنجن ڇهن سالن جا هئا، پر ڳالهين مان لڳا پئي، ڄڻ صدين تي حاوي هئا.
    ”چَوَن ٿا، وري جنگ لڳي آهي!“
    ”ها، وري جنگ لڳي آهي.“
    ”گذريل جنگ کان اڳ هڪ ڳيري کي گولي لڳي هئي.“
    ”هن جنگ کان اڳ به هڪ ڳيري کي گولي لڳي هئي.“
    ”جنگ کان اڳ ڳيري کي گولي ڇو لڳندي آهي؟“
    ”مان سمجهان ٿو، گولي ڳيري جي تلاش ۾ هوندي آهي.“
    ”مان سمجهان ٿو، ڳيرو گوليءَ جو منتظر هوندو آهي.“
    ”ٻنهي صورتن ۾ ڳيري کي مرڻو پوندو آهي.“
    ”ڳيرو دنيا جو سڀ کان وڌيڪ بيوقوف پکي آهي.“
    ”ڪيئن؟“
    ”ڳيرو جيڪڏهن ڳيرو نه هجي ها، ۽ ڳيري بدران عقاب، چٻرو ۽ گرڙ پکي هجي ها، ته گوليءَ جو شڪار هرگز نه ٿئي ها!“
    ”ڳيري جي مرڻ کان اڳ اسين سڙيل ڳريل ڀاڄين جي ڊهه مان ڦٿل ٽماٽا، پٽاٽا ۽ بصر ڳوليندا هئاسين.“
    ”ڳيري جي مرڻ کان پوءِ به اسين ڦٿل ٽماٽا، پٽاٽا ۽ بصر، سڙيل ڀاڄين جي ڊهه مان ڳوليندا آهيون.“
    ”ان جو مطلب آهي ته، ڳيري جي مرڻ جو اسان جي زندگيءَ تي ڪو اثر ڪونهي!“
    ”نه. ڳيري جي مرڻ جو اسان جي زندگيءَ تي ڪو اثر ڪونهي.“
    ”ڀلا ٻڌاءِ ته جڏهن گولي نه هوندي هئي، تڏهن ڳيري کي ڪيئن ماريندا هئا؟“
    ”تڏهن ڪمان مان تير ڇوڙي ڳيري کي ماري وجهندا هئا.“
    ”۽ جڏهن تير ڪمان ايجاد نه ٿيو هو، تڏهن؟“
    ”تڏهن، غليل مان پٿر هلائي ڳيري کي ماريندا هئا.“
    ”۽ ان کان اڳ؟“
    ”ان کان اڳ ڳيري کي ڪوڙڪي ۾ ڦاسائي، پوءِ ماري ڇڏيندا هئا، ڪڏهن گهٽو ڏيئي، ۽ ڪڏهن ڇُريءَ سان ڪُهي.“
    ”مطلب ته ڳيري کي مارڻ جو ماڻهوءَ ڄڻ قسم کنيو آهي!“
    ”ها. مرڻ ۽ مارڻ انسان جي فطرت ۾ آهي.“
    ”هن ڳيري کي مارڻ لاءِ ڏاڍي ترقي ڪئي آهي!“
    ”ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي.“
    ”سموري سائنسي ۽ ٽڪنيڪي ترقي ۽ ايجادون ڳيري کي مارڻ لاءِ ڪيون ويون آهن.“
    ”چنهبائي پٿر کان وٺي، راڪيٽن، ميزائيلن ۽ ايٽمي بمن ۽ هٿيارن تائين، سموري ترقي ڳيري جو موت آهي.“
    ”انسان، ڀلا ڪڏهن به، ڳيري کي جيئدان نه ڏيندو؟“
    ”نه، ڪڏهن به نه.“
    ”آخر ڇو؟“
    ”ڇو جو انسان جي فطرت ۽ جبلت ۾ ڳيري لاءِ موت لکيل آهي.“
    ”ان جو مطلب آهي، اسين قيامت تائين سڙيل ڀاڄين جي ڊهه مان ڦٿل ٽماٽا ۽ بصر چونڊي کائينداسين؟“
    ”ها، قيامت تائين اسين سڙيل ڀاڄين جي گند مان ڦٿل ٽماٽا ۽ بصر ڳولي کائينداسين.“
    ”۽ خبر اٿئي؟“
    ”ڇا!“
    ”ڪڏهن ڪڏهن اسين پاڻ ڳيرو ٿي پوندا آهيون، ۽ ڪنهن گوليءَ جو نشانو ٿي مري ويندا آهيون.“
    ان کان پوءِ ڪنهن ٻار نه ڳالهيو. هو ماٺڙي ڪري، سڙيل ڳريل ڀاڄين جي بدبودار گند مان ڦٿل ٽماٽا، پٽاٽا ۽ بصر ڳولڻ لڳا. ■


    گامون سچار جي پٽ جو انٽرويو

    امتحان جا نتيجا نڪرڻ جي موسم موٽي آئي. اخبارن جا خاص نمبر ۽ سپليمينٽ شايع ٿي رهيا هئا. نتيجا هڪ ٻئي جي ڪڍ نڪري رهيا هئا، تنهن ڪري اخبارن جا ڪالم ۽ صفحن جا صفحا انگن سان ڇپجي رهيا هئا. هونئن جو روزانو ٻن چئن ڀنگين، ڀيلن، ۽ مينگهواڙن جي مسلمان ٿيڻ جون خبرون ۽ ٿر جي واڻياڻين جو اسلامي اصولن کان متاثر ٿي ڪنهن مسلمان وڏيري سان راضي – خوشيءَ، ۽ بنا ڪنهن دٻڙ دوس جي شادي ڪرڻ، ۽ اسلام قبول ڪرڻ جا اعلان ساڄي آڱوٺي سان شايع ٿيندا هئا، شايع ٿيڻ بند ٿي ويا. سياسي ۽ بين الاقوامي خبرن جي اهميت گهٽجي ويئي. ڏک وچان پوڙهن ۽ ٺوڙهن سياسي مدارين في الحال حالتن آڏو هٿيار اُڇلي ڇڏيا ۽ خاموشيءَ جي ٻرن ۾ گم ٿي ويا.
    مان عالمگير اخبار جو سياسي نمائندو آهيان. منهنجو ڪم آهي سياسي جلسا قلمبند ڪرڻ، ۽ سياسي پارٽين کان پوءِ ڊنرن يعني رات جي مانيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ. مون کي گهڻو ڪري جلسن بدران رات جي ماني، يعني ڊنر ۾ شامل ٿيڻ سان گهڻي دلچسپي آهي. سنڌ جي سياسي طوائف جي پڳ هميشه کان سرمائيدارن جي هٿ ۾ رهي آهي. سياسي رن اسان جهڙن ڪنگالن جي ور نه چڙهي آهي جو دال – مانيءَ تي، ۽ ڪڏهن بکن ۾ پاهه ٿيڻ تي هريل هجي. سنڌ جي سياست – چلهه ۽ چورو، مزو ئي مزو. تنهن ڪري سياسي گڏجاڻين کان پوءِ جيڪا ڪچهري ٿيندي آهي، تنهن ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿيندو آهي، جيڪو ٻئي هنڌ نه ٿيندو آهي.
    جڏهن نتيجن نڪرڻ جي موسم نازل ٿي، تڏهن سياسي ليڊرن جي بيان بازي بند ٿي ويئي، سندن اوطاقن ۽ بيٺڪن جا در جيڪي اڳ صحافين لاءِ کليل هوندا هئا، بند ٿي ويا. پرائيويٽ ڪم چالو رهيو.
    هڪڙي ڏينهن اسان جي روزاني اخبار ”عالمگير“ جي ايڊيٽر صاحب، جناب احمد ڀائي محمد ڀائي مون کي پنهنجي آفيس ۾ گهرايو.
    احمد ڀائي محمد ڀائي اصل ڪاٺياواڙ جو ويٺل آهي. هو ٻيڙين جي پن جو وڏو واپاري آهي ۽ گڏو گڏ هڪ روزاني اخبار جو ايڊيٽر به آهي. پاڻ پرنٽر پبلشر به آهي. هو سڄو ڏينهن پان چٻاڙيندو، ۽ پن جون ٻيڙيون واڇ ۾ وجهي ڇڪيندو آهي. ڏينهن جو وڏو حصو ٽيليفون تي اسٽاڪ ايڪسچينج وارن سان قيمتن جي لاهين ۽ چاڙهين متعلق ڳالهائڻ ۾ وڃائيندو آهي. ۽ باقي وقت اشتهاري ادارن سان لهه وچڙ ۾ گذاريندو آهي، جتان کيس روزانو پنجين اٺين هزارين رپئي جا اشتهار ملي ويندا آهن. هو پنهنجي وقت جو ناڪام اديب نما ايڊيٽر نه آهي، تنهن ڪري ٺيٺ ڪاروباري قسم جو ماڻهو آهي ۽ اسان کي وقت سر پگهار ڏيندو آهي.
    مان جنهن وقت ايڊيٽر صاحب، جناب احمد ڀائي محمد ڀائي جي آفيس ۾ ويس، تنهن وقت هو ٽيليفون تي ڳالهائي رهيو هو. هن مون کي هٿ سان ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪيو. مان ڪرسيءَ تي ويهي رهيس.
    احمد ڀائيءَ محمد ڀائيءَ جا ٻئي پير ڪرسيءَ تي رکيا هئا. سنهڙا سڪل گوڏا ڍڪڻن سميت پاجامي مان ظاهر ٿي رهيا هئس. هو هاٺي ڪاٺي جو سڪل آهي، تنهن ڪري جڏهن ٻئي پير ڪرسيءَ تي چاڙهي ۽ گوڏا اُڀا ڪري ويهندو آهي. تڏهن ڪڪڙ لڳندو آهي. نڪ ڀرون وٽان سنهڙو ۽ اڳيان شرناءِ جيان ويڪرو ۽ ڦنڊيل اٿس، جنهن تي موهيڙن جا چگهه آهنس. سندس چپ چچيءَ وانگر سنهڙا، ۽ کاڏي بيحد ننڍڙي آهيس. پريان ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ سندس سنهڙا چپ سڌو سنئون ڳچيءَ سان مليل آهن. وارن تي ٻارهو ئي سرءُ اٿس. وار وڃنس ميدان ڪندا.
    هو ڳالهائي رهيو هو ۽ هٿ سان اشارا به ڪري رهيو هو. هٿ ۾ پن جي ٻيڙي هئس. هن ڳالهائيندي ڳالهائيندي ساهه روڪي پي ورتو ۽ ڳالهائيندڙ جي ڳالهه تي ڌيان ڏيندي ٻيڙيءَ جو سوٽو هڻي ٿي ورتو. ڪڏهن سندس واڇون ٽڙي پاپڙين سان وڃي ٿي لڳيون، ۽ ڪڏهن هيٺيون چپ لٽڪي پي پيس. هن اوچتو وڏي واڪ ڳالهايو، ”اري مائي ٻاپ، پڻ ٻو لک ۾ مانگو ناهي، وٺي ڳنو.“
    ترسي جواب ٻڌائين. واڇون وڃي پاپڙين سان لڳس.
    ”اي ماليڪم سلام.“
    هن ٽيليفون رسيور رکي ڇڏيو.
    ”ڪُرو آئي ٻاپ.“ هن مون کان پڇيو.
    عرض ڪيم، ”سائين اوهان ياد فرمايو، بندو گندو حاضر آهي، ڪو حڪم، ڪو احڪام.“
    هو سوچ ۾ گم ٿي ويو. پوءِ هڪدم ڄڻ کيس الهام ٿيو.
    چيائين، ”اري ٻاپ مڦت جو تنخواه کائين ٿو، ڪرو؟“
    ”سائين بندي گندي کان ڪا غلطي ٿي ويئي آهي؟“
    ”اي ڪم ڪر، ٻاپ، ڪم ڪر.“ هن سنهڙي هٿ سان منهنجي منهن ۾ اشارو ڪندي چيو.
    ”سائين ڪم ڪندو آهيان.“
    ”اي سندي ماڻو، ڪم ڪر ٻاپ، ڪم ڪر.“ هو پنهنجو هڏائون هٿ منهنجي نڪ تائين کڻي آيو.
    ”سائين“، کيس ٻڌايم، ”اڄڪلهه سياستدانن جي توتڙي خاموش آهي.“
    ”اري ٻاپ،“ هن مٿي تي هٿ رکندي چيو، ”شياشتدان جي ٻولتي بند آئي، ته ني توکي تنخواه مڦت جي ملدي، ڪُرو.“
    ”سائين ڇا ڪيان؟ ليڊر سڳورا ڳالهائڻ شروع ڪندا، ته پوءِ مان به خبرون آڻڻ شروع ڪندس.“ هيٺ ڪنڌ ڪري آهستي وراڻيم.
    اڄ ڪلهه روزي خدا جي هٿ ۾ نه، پر سرڪار جي هٿ ۾ آهي. سوچيم هيءُ ڪاٺياواڙي سيٺ جيڪڏهن ڪاوڙجي پوي، ته جيڪر هن ڌرتيءَ تي منهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏي مون کي رڻ ۾ رولي ماري. پوليس ۽ سي – آءِ – ڊي کان جيڪر منهنجا لاهه ڪڍرائي ڇڏي. مان روح تائين ڪنبي ويس.
    ”سائين“، عرض ڪيم، ”اڄ – سڀان ۾ ڪٿي نه ڪٿي ضرور ڪو جلسو ٿيندو، مارا ماري ٿيندي، ۽ اخبار لاءِ هڪ بهترين خبر ملي ويندي. ٺوڙها پوڙها سياستدان وڌيڪ انتظار ڪري نه سگهندا.“
    سيٺ صاحب گهور ڪري منهنجي منهن ۾ نهاريو. ٻيڙيءَ جو ڪش هڻي، دونهون منهنجي منهن ۾ ڇڏي پڇيائين، ”ڪم ڪرڻو آهي؟“
    ”ها سائين.“
    ”ڪم ڪرڻو آهي؟“
    ”ها سائين.“
    ”ڪم ڪرڻو آهي؟“
    ”ها سائين.“
    ”اري ته پوءِ ڪم ڪر ني ٻاپ،“ هن ٻنهي هٿن سان ڄڻ پاراتو ڏيندي چيو، ”ٻاپ ڪم ڪر.“
    ”ڪهڙو ڪم ڪريان؟“ مون روئڻهارڪي آواز ۾ چيو.
    ”بدبخت کک ڪجهه ڳالهائين، ڪو بيان ڏين، تڏهن وڃي منهنجو ڪم شروع ٿيندو.“
    ”سندي ماڻو،“ سيٺ ٻئي ٻانهون ٽيبل تي رکي اڳتي جهڪي آيو، ”ڪم ڪرڻ جي نيت آئي؟“
    ”ها سائين، ڇونه آهي.“
    ”هي جمانو آئي اشڪول جي ٻچا لوگ جو،“ هن مون کي سمجهائڻ شروع ڪيو، ”ني تون هين ڪر. فشٽ نمبر ٻچي جو انٽرويو ڳني اچ. سمجهين، ڪرو؟“
    ”يعني هي جو اڄڪلهه امتحانن جا نتيجا پيا نڪرن، تنهن ۾ پهريون نمبر ايندڙ شاگرد جو انٽرويو وٺان؟“
    ”ها، ائين ڪم هلندو،“ سيٺ اکيون ڦوٽاڙيندي چيو، ”مڦت جي تنخواه پاڻ وٽ ناهي.“
    ”سائين،“ مان اُٿي بيٺس ”اجهو ٿو ڪنهن نه ڪنهن امتحان جي فرسٽ نمبر شاگرد جو انٽرويو وٺي اچان.“
    مان سيٺ احمد ڀائي محمد ڀائي، ايڊيٽر، پرنٽر، پبلشر روزانه ”عالمگير“ کي سلام ڪري پنهنجي ڪئبن ۾ آيس، جتي نور محمد سليماني، سليماني چانهه پي رهيو هو ۽ فلمي صفحي کي ترتيب ڏيئي رهيو هو.
    مان جڏهن ڪئبن ۾ داخل ٿيس، تڏهن نور محمد سليماني چانهه جو گلاس رکي مون ڏانهن ڏٺو.
    پڇيائين، ”ڇو آزاد، منهن تي پوڻا چار وڳا پيا ٿئي؟“
    ”نوڪري خطري ۾ آهي.“
    ”پرواهه نه ڪر.“
    ”پرواهه نه ڪريان ته ڇا گهر جي ڀاتين کي بک ماريان.“
    ”ا• هڪ در بند ڪري، ڏهه در کوليندو آهي.“
    ”اُهو زمانو گذري ويو. اڄڪلهه در در تي چوڪيدار ڏنڊو کنيو ويٺو آهي.“
    نور محمد سليماني پنهنجي ڪرسيءَ تان اُٿي، منهنجي ڀرسان اچي ويٺو. پنهنجي ٺونٺ ڪرسيءَ جي ٻانهن تي رکي، کاڏيءَ هيٺان هٿ ڏيئي، منهنجي منهن ۾ نهارڻ لڳو.
    ڪجهه دير کان پوءِ چيائين، ”تنهنجي منهن ۾ فلم ايڪٽر ٿيڻ جا آثار آهن.“
    ”يار مشڪري ڇڏ،“ کيس پري ڪندي چيم، ”مان سخت پريشان آهيان.“
    نور محمد سليمانيءَ ڇاتيءَ تي هٿ هڻندي چيو، ”جنهن ڏينهن مان پروڊيوسر – ڊائريڪٽر ٿيندس، تنهن ڏينهن توکي فلم انڊسٽريءَ جو سڀ کان ڪامياب آرٽسٽ ثابت ڪندس.“ پوءِ منهنجي پٺي ٺپيندي چيائين، ”تنهنجي منهن ۾ ٻچا فلم ايڪٽر ٿيڻ جا آثار آهن.“
    ”جيستائين فلم ٺاهين، تيستائين عالمگير اخبار جو فلمي صفحو ٺاهيندو رهه. سمجهيئه. هاڻي اُٿ هتان.“ کيس ڇڙٻ ڪڍيم.
    نور محمد سليماني پنهنجي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو ۽ گلاس ۾ بچيل چانهه جا ڍڪ ڀرڻ لڳو.
    مان پنهنجي ڪئبن مان نڪري نيوز ايڊيٽر جي ڪمري ۾ آيس. نيوز ايڊيٽر پنجونجاهه سالن جو پوڙهو آهي، پر پاڻ کي نوجوان سڏائيندو ۽ لکرائيندو آهي. عالمگير اخبار جي عملي ۾ اچڻ کان اڳ هو جنن ۽ ڀوتن، ڏائڻن ۽ راڪاسن، ديون ۽ جادوگرن جا ڀوائتا ۽ سنسي خيز افسانا لکندو هو، ۽ پڙهندڙن جي ننڊ ڦٽائيندو ۽ سندن هانوَ ڦاڙيندو هو.
    مان جنهن وقت نيوز ايڊيٽر جي ڪمري ۾ پهتس، ان وقت هو ٻئي ڏينهن جي اخبار لاءِ هڪ سنسي خيز خبر جي سرخي تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ٽي – چار ڏاڍا ڇرڪائيندڙ ۽ دل ڏاريندڙ جملا سندس آڏو رکيا هئا، جن جي هو چڱيءَ ريت چڪاس ڪري رهيو هو. جهڙوڪ: هڪ هوائي جهاز جو سرڻ سان تصادم، هوائي جهاز اٺٽيهه هزار فوٽن جي بلنديءَ تان ڪِري پاش پاش ٿي ويو. اٺٽيهه ماڻهو موت جو شڪار. ٻي خبر هن ريت هئي: شتر مرغ جي آني مان هاٿيءَ جو ٻچو ڦُٽي نڪتو، قدرت جو ڪرشمو، انڌن لاءِ ايمان جو لمحو. ٽين خبر هئي: هڪ برباد عاشق جي ريل گاڏيءَ آڏو خودڪشي ڪرڻ جو دردناڪ واقعو، ريل گاڏي پٽڙي تان لهي ويئي، چار سئو چوويهه ماڻهو زخمي.
    مون کي پنهنجي ڪمري ۾ ڏسي هن پُراسرار نموني مون ڏانهن نهاريو. گنڀير آواز ۾ چيائين، ”جيڪڏهن سچو پچو آزاد آهين ته ڀلي ڪري آئين. پر جي جن آهين ته موٽي وڃ. اجايو خوفناڪ خبر پڙهائي هانءُ نه ڦاڙي وجهانءِ.“
    ”مان آزاد آهيان،“ وراڻيم. ”دي پوليٽيڪل ڪريسپونڊنٽ اينڊ رپورٽر آف ڊيلي عالمگير.“
    ”ويهي رهه.“
    مان ويهي رهيس.
    هن ٽيئي خبرون منهنجي آڏو رکيون. پڇيائين، ”ٻڌاءِ، ڪهڙي خبر پڙهي ماڻهن جا ڌاڻا نڪري ويندا؟“
    ”في الحال منهنجا ڌاڻا نڪري ويا آهن.“
    ”ڪهڙي خبر پڙهي. ٻڌاءِ ٻڌاءِ. جهٽ ڪر.“
    ”خبر پڙهي نه.“
    ”ته پوءِ؟“
    سيٺ احمد ڀائي محمد ڀائي جي ڳالهه ٻڌي منهنجا ڌاڻا نڪري ويا آهن.“
    ته پوءِ جلد ٻڌاءِ. اها ئي خبر کڻي سرخي ڪري ٿا استعمال ڪريون.“
    مون خبرن وارو ڪاغذ پري ڪندي چيو، ”منهنجي نوڪري ڊينجر زون ۾ آهي.“
    ”ڇو؟“
    ”چيو اٿائين ته ڪنهن به امتحان ۾ پهريون نمبر آيل شاگرد جو انٽرويو وٺي اچ.“
    ”ته پوءِ وارو ڪر،“ هن هڪدم چيو، ”سونهري موقعو هٿان نه وڃاءِ. اڄ ٻه رزلٽ نڪتا آهن. هڪ ايم – بي – بي – ايس فائنل ۽ ٻيو بي – اي سول انجنيئرنگ جو. مزي جي ڳالهه ته ٻنهي ۾ ساڳيو شاگرد، نالي گهامڻ پهريون نمبر آيو آهي. وڃي هٿ ڪرينس.“
    ”ائين وري ڪيئن هوندو.“ مون حيرت وچان ڏانهس نهاريندي چيو.
    ”ائين آهي،“ هن صلاح ڏني، ”جهٽ ڪر، وڃي انٽرويو وٺينس.“
    ”ڪيئن هٿ ڪريانس،“ ڏک وچان چيم، ”سندس ائڊريس ڪٿان آڻيان.“
    ”ٺهيو پٽ. تون وڃي الغوزا وڄاءِ.“
    ”يار منهنجي مدد ڪر.“ کيس عرض ڪيم.
    ”هوءَ سامهون جيڪا ڪاري ڪاري شيءِ رکي آهي، ڏسين ٿو؟“ هن ميز ڏانهن اشارو ڪندي پڇيو.
    ”ها.“
    ”سڃاڻين ٿو ته اها ڪاري شيءِ ڪهڙي آهي؟“
    مون کي ڪاوڙ وٺي ويئي. چيم، ”اها ڪاري ڪاري پُراسرار شيءِ هوائي جهاز آهي.“
    ”هي هوائي جهاز آهي!“ هن کان رڙ نڪري ويئي.
    ”نه، ٽينڪ آهي.“
    هن کي بڇان لڳي. چيائين، ”ائين نخرا بيٺو ڪندين ته ٻي ڪنهن اخبار جو نمائندو گهامڻ جو انٽرويو وٺي ڇڏيندو، ۽ تون بيٺو جهانجهه وڄائيندين.“
    ”ته پوءِ تون به سڌي طرح ڳالهاءِ نه،“ وراڻيم، ”اجايو رابرٽ بليڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڇو ٿو ڪرين.“
    چيائين، ”ٽيليفون تي يونيورسٽيءَ جي ايگزيمينيشن ڊپارٽمنٽ مان گهامڻ جي ايڊريس هٿ ڪر، ۽ هڪدم روانو ٿي وڃ نه ته هٿ مهٽيندين. سمجهيئه.“
    مون کي نيوز ايڊيٽر جي ڳالهه سمجهه ۾ آئي. يونيورسٽي وارن کان گهامڻ جي ايڊريس گهريم.
    ايڊريس هٿ ڪري، قلم پينسل تيار ڪري، نوٽ بوڪ کيسي ۾ وجهي، پنهنجي صحافت جي زندگيءَ جو سڀ کان اهم ۽ انوکو تجربو ڪرڻ لاءِ عالمگير اخبار جي آفيس مان نڪري دل ۾ درود شريف پڙهندو، گهامڻ جي گهر ڏانهن روانو ٿيس.
    سوا ڪلاڪ جي جستجو کان پوءِ مان گهامڻ جي گهٽيءَ ۾ پهتس. گهامڻ پنهنجي گهٽيءَ ۾ ڪنهن فلم ايڪٽر وانگر مشهور هو.
    رات ٿي وئي هئي. گهٽيءَ جي دڪانن جا ميرانجهڙا بلب ٽمڪي رهيا هئا. هڪ ڏيڍ فوٽ جو ٻار مون کي گهامڻ جي گهر تائين وٺي آيو. در ڏانهن هٿ سان اشارو ڪندي چيائين، ”هتي گهامڻ رهندو آهي.“
    ”مهرباني پٽ،“ مون ڏهه پيسا کيسي مان ڪڍي ڏانهس وڌائيندي چيو، ”مهرباني. وڏو ٿي تون گهامڻ جو گرامه فون ڀڃندين.“
    هن ڏهه پيسا نه ورتا. منهن ۾ شور وجهي مون ڏانهن ڏسڻ لڳو. جتي اسان بيٺا هئاسين اُتي روشني جهڪي هئي. مان سندس منهن تي تاثر چڱي طرح جاچي نه سگهيس.
    کيس مٿي تي پيار ڪندي چيم، ”وٺ پٽ، شاباس.“
    ”اڙي مان تنهنجو پٽ آهيان؟ هان، بيشرم،“ هو ٽپ ڏيئي هڪ وڏي پٿر تي چڙهي بيٺو. چيائين، ”مان تنهنجو پيءُ آهيان.“
    تڏهن ڏٺم ته هو سٺ سالن جو ڄامڙو هو.
    ڄامڙو پٿر تان لهي پنهنجيون پتڪڙيون ٻانهون لوڏيندو هليو ويو.
    مون گهامڻ جو در کڙڪايو.
    هڪ ڏيڍ فوٽ جي شخص در کوليو. پڇيائين، ”ڪير آهين؟“
    ڀانيم گهامڻ جي گهٽيءَ جو هرڪو پوڙهو ڄامڙو آهي، تنهنڪري ڏاڍي احترام سان عرض ڪيم، ”چاچا، مون کي گهامڻ صاحب سان ملڻو آهي.“
    هو ٻاهر نڪري آيو، ٻئي هٿ چيلهه تي رکي چيائين، ”مان تنهنجو چاچو آهيان! واهه نمونا واهه.“
    هو ويهن – پنجويهن سالن جو بندرو جوان هو. سٺ سالن جو پوڙهو ڄامڙو نه هو.
    مون کانئس معافي ورتي.
    پڇيائين، ”ڪهڙو مشڪرو آهين، ۽ رات جو اٺ لڳي ستيتاليهه منٽ ۽ تيرنهن سيڪنڊن تي ڇو آيو آهين؟“
    مون ساڻس پنهنجي واقفيت ڪرائيندي چيو، ”منهنجو نالو آزاد آهي.
    ”اهو غلط آهي،“ هن چيو، ”دنيا ۾ ڪوبه آزاد ناهي. هر ڪو غلام آهي. پنهنجو نالو ٻڌاءِ.“
    ”ٽوهه خاصخيلي.“
    ”آزاد تنهنجو تخلص آهي؟“
    ”ڪجهه ڪجهه شايد.“
    ”شاعر آهين؟“
    ”نه،“ کنگهي نڙي صاف ڪيم. پنهنجي حواسن کي قابو ڪندي چيم، ”مان عالمگير اخبار جو پوليٽيڪل ڪريسپانڊنٽ ۽ رپورٽر آهيان.“
    ڄامڙي نوجوان چيو، ”مون تي انگريزيءَ جو رعب نه ويهار فلمي سنڌيءَ ۾ ڳالهاءِ.“
    ”فلمي سنڌي“ مون حيرت مان ڏانهس نهاريو.
    ”ها، ها فلمي سنڌي،“ هن چيو، ”يعني آسان سنڌي زبان ڳالهاءِ.“
    سندس ڳالهه سمجهندي وراڻيم، ”مان عالمگير اخبار جو سياسي نمائندو آهيان.“
    ”هون،“ هن پنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل ناس جي دٻليءَ جهڙي واچ ۾ وقت ڏسندي پڇيو، ”رات جو اٺ لڳي اُڻونجاهه منٽ ۽ ٽيويهه سيڪنڊن تي هتي ڇو آيو آهين؟“
    چيم، ”مان گهامڻ صاحب سان ملڻ آيو آهيان.“
    ”گهامڻ اسٽوڊنٽ ليڊر نه آهي، ۽ نه ئي ڪنهن سياسي ڀولي جي پڇ ۾ ٻڌل آهي. ڇا هُن ڪڏهن بک هڙتال جو اعلان ڪيو آهي؟“
    ”سائين،“ مون کي پنهنجو ساهه مُٺ ۾ محسوس ٿيو. ڄامڙو جوان اُتان ٿي آيو جتان ڪوڙو نه موٽي. ڏاڍيءَ آزايءَ وچان چيم، ”ائين برابر آهي ته مان عالمگير اخبار جو پوليٽيڪل ڪريسپانڊنٽ ۽ رپورٽر آهيان، پر مان گهامڻ صاحب سان ٻئي مسئلي تي ڳالهائڻ آيو آهيان.“
    ”ڪشمير جي مسئلي تي؟“
    ”نه.“
    ”مسجد اقصيٰ جي مسئلي تي؟“
    ”نه.“
    ”ته پوءِ رات جو اٺ لڳي پنجونجاهه منٽ ۽ ٻائيتاليهه سيڪنڊن تي تون ڪهڙو مسئلو کڻي آيو آهين؟“
    مون کي ڄامڙي تي ڪاوڙ پي آئي. مون کي پنهنجو انٽرويو تيار ڪري ڏهين لڳي تائين نيوز ايڊيٽر آڏو رکڻو هو، ۽ ڄامڙو منهنجو وقت برباد ڪري رهيو هو.
    مون ڄامڙي کان پڇيو، ”سائين، اوهان ڪير آهيو؟“
    ڄامڙي چيلهه تي هٿ رکي، سينو ڦوڪيندي چيو، ”گامون سچار جي پيءُ جو پوٽو آهيان.“
    ”يعني، مطلب ته“ مان هٻڪيس.
    ”مطلب ته مان گامون سچار جو پٽ آهيان،“ هن پنهنجو ننڍڙو هٿ اڳتي وڌائيندي چيو، ”منهنجو نالو گهامڻ آهي.“
    ”اڙي منهنجا سائين،“ مون خوشيءَ وچان گهامڻ کي ڌرتيءَ تان کڻي ورتو.
    ”مون کي هيٺ لاهه.“
    مون گهامڻ کي ڌرتيءَ تي رکي ڇڏيو.
    ”هاڻي گهٽ، ۽ مخصتر لفظن ۾ ٻڌاءِ ته رات جو پوري نوين لڳي ڇو آيو آهين؟“
    ”سائين،“ مون نوٽ بوڪ ڪڍندي چيو، ”اوهان بي – اي سول انجنيئرنگ ۽ ايم – بي – بي – ايس فائنل ۾ هڪ ئي وقت پهريون نمبر آيا آهيو.“
    ”اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي،“ هن جواب ڏنو، ”مان جلد ئي ايل – ايل – بي ۽ ايم – ايس – سي ايگريڪلچر جي امتحانن ۾ ساڳئي وقت پهريون نمبر ايندس.“
    ”ضرور ضرور،“ مون نوٽ ڪيو، ”سائين جنهن وقت اوهان اخبار ۾ پنهنجو رزلٽ ڏٺو اُن وقت اوهان ڇا محسوس ڪيو؟“
    ”ڪجهه به نه.“
    ”ڪجهه به نه؟“
    ”نه،“ هن وراڻيو، ”ڇو جو رزلٽ جي خبر مون کي اڳواٽ پئجي چڪي هئي.“
    مون حيرت مان گهامڻ ڏانهن ڏٺو.
    هن چيو، ”ايگزيمنيشن ڊپارٽمينٽ ۾ پٽيوالي کان وٺي ڪنٽرولر تائين منهنجا يار آهن.“
    ”هوشيار شاگرد جو هر هنڌ قدر هوندو آهي،“ مون نوٽ بوڪ ۾ لکندي ڳالهايو، ”ڇا اوهان ٻيا امتحان به خصوصي حيثيت سان پاس ڪيا آهن؟“
    ”ها،“ هن آسمان ڏانهن ڏسندي وراڻيو، ”ميٽرڪ مون ڄمڻ کان اڳ پاس ڪئي هئي، تنهن ڪري سڌو سنئون بي – اي جو امتحان ڏنم.“
    ”۽ انٽر؟“
    ”انٽر جو سرٽيفڪيٽ پنجاهه رپين ۾ ملي ويو هو.“ هن وراڻيو.
    ”بي – اي – جي امتحان ڀيري واقفيت گهٽ هئي، تنهن ڪري ست دفعا فيل ٿيس. پوءِ جڏهن يونيورسٽي ۽ ڪاليجن ۾ دوستي ڳنڍي وڌم ۽ سورس هٿ ڪيم، تڏهن اٺين سال بي – اي جو امتحان فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۾ پاس ڪيم.“
    منهنجو وات ڦاٽل ڏسي هن چيو، ”در اصل مان ڏاڍو هوشيار آهيان. ممتحن بدبخت جڏا آهن، تنهن ڪري مون کي حسد وچان فيل ڪندا آهن. پر ڪڏهن ڪڏهن انصاف ملي ويندو آهي، جيئن هن دفعي ٿيو آهي.“
    ”برابر برابر،“ لکندو ويس، ”ڪير ڪيستائين ڪنهنجو حق ماريندو.“
    ”هتي روشني گهٽ آهي، پان واري جي دڪان وٽ ٿا هلي بيهون،“
    هن چيو، ”اجايو ڪا غلط سلط خبر نه لکي ويهين.“
    اسان پان واري جي دڪان وٽ اچي بيٺاسين.
    مون گهامڻ کان پڇيو، ”سائين ٻنهي امتحانن لاءِ اوهان گهڻا ڪلاڪ روزانو پڙهندا هئا.“
    ”هڪ منٽ به نه.“
    ”ڇا؟“
    ”ها،“ هن وراڻيو، ”هڪ منٽ به نه.“
    ”ته پوءِ ٻنهي امتحانن ۾ پوزيشن ڪيئن کڻي سگهيا آهيو؟“
    ”مان پاڻ سان امتحان هال ۾ ڪتاب کڻي ويندو هوس.“ هن چيو ۽ ”ٻيو ته سوالن جو پيپر اڳواٽ مون کي ملي ويندو هو.“
    مان لکندو رهيس، ۽ هو ڳالهائيندو رهيو، ”امتحان هال ۾ نگرانن به ڏاڍي مدد ڪئي. واري واري سان منهنجي ڪاپي ٻاهر کڻي ويندا هئا، ۽ جواب لکي، يا لکارائي ايندا هئا.“
    ”ڪڏهن ڪا تڪليف درپيش آيَوَ؟“
    ”ها. ڪڏهن ڪڏهن ڪو مغز ڦريل نگران منهنجي ڪم ۾ رخنو وجهڻ جي ڪوشش ڪندو هو.“
    ”ان لاءِ اوهان ڇا ڪندا هئا؟“
    ”مان پاڻ سان ٻانهن جيڏو چاقو کڻي ويندو هوس، ۽ امتحان هال ۾ کولي پنهنجي آڏو ڊيسڪ تي کوڙي ڇڏيندو هوس.“
    ”اُن چاقوءَ سان اوهان پينسل گهڙيندا هئا؟“
    ”نه. پٽاٽا ڇليندو هوس،“ هن رکائي وچان جواب ڏنو.
    ”چاقو ڏسي چڱا چوکا نگران به مون کي ويجهو نه ايندا هئا.“
    ”اوهه، سمجهيم.“
    ”پوءِ منهنجي پاڙي جا داداگير به مون سان گڏ امتحان جي سينٽر تائين هلندا هئا، ۽ پاڻ ڏيکاري استادن کي پارت ڪري ڇڏيندا هئا.“
    مان نوٽ وٺي رهيو هوس، جو هن چيو، ”امتحان ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ فقط ايترو ڪافي ناهي. ٻيو ڪجهه به ڪرڻو پوندو آهي.“
    ”ڇا؟“
    ”ممتحن جي ڳولا.“
    ”اهي ممتحن ڇا هوندا آهن سائين؟“
    ”ممتحن اُن ماڻهوءَ کي چئبو آهي، جنهن کي يونيورسٽيءَ وارا اعتبار جوڳو ۽ قابل استاد ڄاڻي، جاچڻ لاءِ پير ڏيندا آهن. ممتحن لاهه به ڪڍندو آهي، ۽ ٻيڙو پار به ڪندو آهي.“
    ”توهان ان سلسلي ۾ ڇا ڪندا آهيو؟“
    ”امتحان ڏيڻ کان پوءِ مان ممتحن جي ڳولا ۾ نڪري پوندو آهيان. سندن دوست احباب هٿ ڪري، پٺيان لڳائي ڇڏيندو آهيان، جي سِر تي چڙهي کانئس مارڪون وٺي ايندا آهن.“
    مان لکندو رهيس.
    گهامڻ چيو، ”هاڻي توهان ئي غور ڪيو ته امتحان پاس ڪرڻ، ۽ نمبر کڻڻ ڪيتري قدر ته ڏکيو ڪم آهي. ماڻهو ته امتحان کي چرچو سمجهندا آهن.“
    ”سائين،“ مون گهامڻ کان پڇيو، ”ڀلا ٻنهي امتحانن مان توهان کي سولو امتحان ڪهڙو محسوس ٿيو؟“
    ”بي – اي سول انجنيئرنگ جي امتحان ۾ مان پاڻ ويٺو هيس. تنهن ڪري سمجهان ٿو اُهو امتحان مڙيئي سولو هو،“ هن ڏاڍي فراخدليءَ سان ٻڌايو، ”۽ ايم – بي – بي ايس جي امتحان منهنجي بدران منهنجو هڪ ڊاڪٽر دوست ويٺو هو.“
    ”يعني توهين à“
    ”ها، مان ايم – بي – بي – ايس جي امتحان ۾ ويٺو ئي نه هوس.“
    ”خير،“ مون نوٽ بڪ جو پنو اُٿلائيندي چيو، ”اِهو ته ٿيو امتحانن جي تياري وغيره جي باري ۾ احوال. هاڻي مهرباني ڪري ٻڌايو ته، جيئن ته توهين خدا جي فضل سان ڊاڪٽر انجنيئر ٿي پيا آهيو، اڳتي لاءِ اوهان جو ڪهڙو پروگرام آهي؟
    ”مان نوڪري ڪندس،“ هڪدم چيائين، ”سرڪاري نوڪري. ”ماشاءَ الله، قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪندوئ.“
    گهامڻ مون کي پيٽ ۾ آڱر هئين. مون ڏانهس نهاريو. هو ٻئي ٻانهون هوا ۾ ڦيرائيندي چيو، ”مان گامون سچار جي پيءُ جو پوٽو آهيان، يعني گامون سچار جو پٽ آهيان. تنهن ڪري مري پوندس، پر ڪوڙ هرگز نه ڳالهائيندس.“
    ”ته ڇا، توهين ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿي قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪرڻ نٿا چاهيو؟“
    ”نه. ميان پنهنجي پنهنجي آل اولاد جي خذمت ڪندس.“
    ”ته پوءِ سرڪاري نوڪري ڇو پسند ڪئي اٿَوَ!“
    ”ڇو جو سرڪار جو ٻيڙو ٻوڙڻ کاٻي هٿ جو ڪم آهي.“
    ”ڪيئن؟“
    هن گهڙي کن سوچڻ کان پوءِ چيو، ”انجنيئر ٿيندس. سرڪاري سيمنٽ جون ڳوڻيون گدامن مان کڻائيندس، سرڪاري لوهه وڪڻندس، ناقص عمارتون تعمير ڪرائيندس، ۽ ٺيڪيدارن سان ملي جُلي لکن جون گهوٻيون هڻندس.“
    مون اچرج مان ڏانهس نهاريو. تڏهن ڏاڍي نهٺائيءَ سان چيائين، ”پاڪستان پڪو اسلامي ملڪ آهي، تنهن ڪري منهنجو ايمان به هاذا من فضل ربي ۾ آهي.“
    ”۽ ڊاڪٽر ٿي ڇا ڪندا؟“
    ”مان اول ايف – آر – سي – ايس جو ڪٿان نه ڪٿان سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندس،“ گهامڻ چيو، ”پوءِ مان سرڪاري اسپتال ۾ مريضن کي چيري ڦاڙي ماري ڇڏيندس، ۽ پرائيويٽ اسپتال ۾ کانئن وڏيون رقمون وٺي ڏاڍي ڌيان سان سندن علاج ڪندس. دوائون ۽ انجيڪشن وغيره سرڪاري استعمال ڪندس.“
    گهامڻ ڪجهه سوچي کلڻ لڳو. مون کي اک هڻندي چيائين، ”ڪنهن اسپتال جو سپريڊنٽ ٿي پيس ته پوءِ نرسن مان دوستن سميت ڍَوَ تي هوندس.“
    ايترو ڳالهائڻ کان پوءِ گهامڻ خاموش ٿي ويو.
    مون نوٽ بوڪ کيسي ۾ وجهندي چيو، ”گهامڻ صاحب اوهان جا لک ٿورا، مهرباني جو اوهان پنهنجو قيمتي وقت سيڙائي مون کي عالمگير اخبار لاءِ انٽرويو ڏنو.“
    ”مان بلڪل بيڪار ويٺو هوس، ۽ پنهنجو قد وڏو ڪرڻ جون ترڪيبون سوچي رهيو هوس،“ هن جواب ڏنو، ”تنهن هوندي به تو منهنجو قيمتي وقت وڃايو آهي، تنهن ڪري مون کي هڪ ڪوپ چانهه جو پيار.“
    ”حاضر حاضر، اچو.“
    اسان هڪ ٻاڪڙي ۾ وڃي ويٺاسين. گهامڻ چانهه جي هڪ ڪوپ سان اڌ ڊزن کارا بسڪٽ کائي ويو. مون دخل تي پيسا ڏنا.
    جڏهن ٻاهر آياسين، تڏهن گهامڻ پنهنجي دٻليءَ جهڙي واچ ۾ وقت ڏسندي چيو، ”هن وقت رات جا نوَ وڄي ايڪٽيهه منٽ ۽ اُڻهٺ سيڪنڊ ٿيا آهن. تون وڃي سگهين ٿو.“
    مون کانئس موڪلائڻ کان اڳ عرض ڪيو، ”سائين جيڪڏهن هڪ عدد فوٽو ڏيئي سگهو، خاص ڪري سائيڊ پوز ته توهان جا ٿورا. انٽرويو سان گڏ شايع ٿيندو، ته ڏاڍو ٺهندو.
    گهامڻ ڳالهه نٽائيندي چيو، ”مون کي فوٽي سان دلچسپي ناهي. ”ائين نه ڪريو، سائين گهامڻ،“ کيس راضي ڪرڻ لاءِ چيم.
    ”اڄ ڪلهه جهونا سياستدان به ايڪٽرن وانگر ڦيرا کائي، هٿ پير هيٺ مٿي ڪري، ۽ اکين ۾ خمار ڀري فوٽا ڪڍرائي ۽ اخبارن ۾ ڇپارائي رهيا آهن. توهان به ڪو ايڪٽر ڇاپ فوٽو عنايت ڪريو. ”فوٽو ڪم وڃائي ڇڏيندو، مسٽر آزاد.“
    ”اهو وري ڪيئن؟“
    گهامڻ چيو، ”مان گامون سچار جي پيءُ جو پوٽو آهيان، يعني گامون سچار جو پٽ گهامڻ آهيان. تنهن ڪري مري پوندس، پر ڪوڙ نه ڳالهائيندس.“
    هٻڪندي کانئس پڇيم، ”مون اوهان جو مطلب نه سمجهيو آهي، سائين.“
    هن ٻئي هٿ چيلهه تي رکندي چيو، ”مان گامون سچار جو پٽ گهامڻ ضرور آهيان، پر اُهو گهامڻ نه آهيان جنهن جي تلاش ۾ تون آهين.“
    ”ته ڇا، هي سڀ –“ مان جملو اُڪلي نه سگهيس.
    گهامڻ وقت ڏسندي چيو، ”هن وقت رات جا نوَ وڄي ٻٺيهه منٽ ۽ سٺ سيڪنڊ ٿيا آهن. هتان هڪدم هليو وڃ، يا مون کي هڪ موهني تماڪ وارو پان کاراءِ.“
    مون گامون سچار جي پٽ گهامڻ کي هڪ موهني تماڪ وارو پان وٺي ڏنو. هو پان چٻاڙيندو، پنهنجي گهر ڏانهن هليو ويو. گهر جي در وٽ ترسي، منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺائين ۽ پوءِ ٻانهن مٿي ڪري لوڏي، در کولي اندر هليو ويو. ■


    وهم

    مان مها آتما گوتم ٻڌ جي قدمن ۾ وڃي ويهي رهيس. ڏاڍو ٿڪجي پيو هوس. روح جي گهرائين تائين ٿڪجي پيو هوس. جوليان جي عبادتگاهه جي چاڙهي چڙهندي ساڻو ٿي پيو هوس. جوليان جي عبادتگاهه جبل جي چوٽيءَ تي ٺهيل آهي. هينئر ويران ٿي ويئي آهي. ٻه هزار سال اڳ جڏهن آباد هئي، تڏهن ٻڌمت جي شاگردن لاءِ گيان ۽ ڌيان جي يونيورسٽي هئي. دل جڏهن بنهه دنيا مان کڄي ويندي آهي. تڏهن مان اسلام آباد کي ڇڏي ٽيڪسيلا هليو ويندو آهيان. ٻڌمت جي قديم آثارن ۾ رلندو رهندو آهيان، مٽيءَ ۽ پٿرن جي پيچرن تي گذريل جنم جي ياد جي تصديق ڪندو آهيان.
    اکيون بند ڪري مٿو مها آتما گوتم جي قدمن ۾ رکي ڇڏيم. روح جو بي انتها ڪروڌ ٺاپر ۾ بدلجي ويو. ۽ پوءِ، ڄڻ سوچ جون سوين صديون گذري ويون. تاريخ جا اَڻ لکيل ۽ اَڌ ۾ ڇڏيل اڻپورا باب پورا ٿي ويا – مڪمل ٿي ويا. تڏهن مون ڪنهن جي مقدس قدمن جو ڄاتل سڃاتل آواز ٻڌو.
    اکيون کوليم. سنڌوءَ کي سامهون ڏٺم.
    چپن تي لازوال مرڪ هئس. پڇيائين، ”ڪيئن آهين؟“
    ”ٺيڪ آهيان.“ کانئس پڇيم، ”تون ڪڏهن کان آئي آهين!“
    ”ڪافي دير کان آئي آهيان.“ چيائين، ”سمجهيم، شايد ننڊ ۾ آهين. توکي جاڳائڻ مناسب نه سمجهيم.“
    ڏک جي ڇيت ساهه سان وچڙي پيئي. دل چاهيو ته چوانس، اُها شام منهنجي ظاهري وجود جي آخري شام هئي، جڏهن تو ٽيليفون تي روئڻهارڪي آواز ۾ چيو هو، ڪُجهه دير کان پوءِ منهنجو نڪاح پئجي ويندو، ۽ مان هن حياتيءَ ۾ وري شايد تو سان ملي نه سگهنديس.“ اوچتو وحشتون در درين مان ڪاهي پيون هيون. مون آفيس جي دريءَ مان ٻاهر نهاريو هو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي لان تي طرحين طرحين جا ٿوهر آسمان ڏانهن ٻانهون اُڀيون ڪري بيهي رهيا هئا. ڪمري ۾ لڳل اسپيڪر مان محمد جمن جي ڳايل ڪلام جو آواز آيو هو، ”او ڪنهن کي دلڙي ڏيڻ ڪنهن کان ڌار ٿيڻ.“ ان شام کان پوءِ، هر رات اوجاڳي جي رات آهي. ورهيه ٿيا آهن جو ننڊ نيڻن کان رٺل آهي. هينئر جڏهن به سمهبو، ته اهڙي نموني سمهبو جو اُها ننڊ حياتيءَ جي آخري ننڊ هوندي. سجاڳي ٻئي جنم ۾ ٿيندي.
    ”ڇا پيو سوچين!“ سنڌوءَ جو آواز ٻڌم. سوچ جي مراقبي مان ڪنڌ کڻي ڏانهس ڏٺم.
    جيڪي دل چاهيو، سو نه چيم. کانئس پڇيم، ”گهر ويئي هئيئن ڇا؟“
    ”ها.“ چيائين، ”تنهنجي گهر ويئي هيس. چيني ٻڌايو ته تون ٽيڪسيلا ويو آهين. مون کي پڪ هئي ته تون جوليان جي عبادتگاهه ۾ ملندين.“
    ”ڪيئن آهين؟“ کانئس پڇيم.
    ”ٺيڪ آهيان.“ پڇيائين، ”تون هتي ڇا پيو ڪرين!“
    ”ڇا پيو ڪريان!“ تعجب وچان ڏانهس ڏٺم. چيم، ”نهايت خطرناڪ ڪم ڪري رهيو آهيان.“
    پڇيائين، ”مها آتما گوتم ٻڌ جو مجسمو چورائڻ آيو آهين ڇا!“
    انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيم، ”نه.“
    پڇيائين، ”ته ڇا سڪندر اعظم، ۽ اشوڪ جي پوريل خزانن جي تلاش ۾ آهين؟“
    چيم، ”تمام خطرناڪ ڪم ڪري رهيو آهيان.“
    هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي چيائين، ”سچ کي دفن ڪرڻ آيو آهين ڇا!“
    ”ها، برابر. اهو به خطرناڪ ڪم آهي.“ چيم، ”پر مان دنيا جو سڀ کان خراب ۽ خطرناڪ ڪم ڪري رهيو آهيان.“
    گهڙي کن ترسي پڇيائين، ”سِجَ کي بم گولو هڻڻ آيو آهين ڇا!“
    ”تمام خراب ڪم جو مرتڪب ٿي رهيو آهيان، سنڌو.“ چيم، ”ڏاڍو خطرناڪ ڪم ڪري رهيو آهيان.“
    خفي ٿي پيئي. چيائين، ”ڪا ڇوڪري اغوا ڪرڻ جو پروگرام رٿي رهيو آهين ڇا!“
    ”اهو ڪم تنهنجي ملڻ کان اڳ ڪندو هوس.“ چيم، ”پر مان ته دنيا ۾ سڀ کان خراب ڪم ڪري رهيو آهيان.“
    ”سچ پڇين ته مون کي تو منجهان ڪنهن چڱي ڪم جي ڪا اميد به نه آهي.“ ڪاوڙ لڳس. پڇيائين، ”تنهنجي خراب ڪم جي نوعيت ڪهڙي آهي؟“
    ”منهنجي ويجهو اچ.“ کيس سڏيم.
    هوءَ منهنجي ويجهو، مها آتما گوتم ٻڌ جي قدمن ۾ ويهي رهي.
    سڙٻاٽن ۾ چيم، ”سنڌو، منهنجي زندگي، مان هن وقت سوچي رهيو آهيان.“
    ”چريو ٿي پيو آهين ڇا!“ مون کي ڇڙٻ ڪڍندي چيائين، ”سوچڻ ۾ ڪهڙي خرابي آهي.“
    ”آهستي ڳالهاءِ.“ سندس وات تي هٿ رکندي چيم.“
    منهنجو هٿ پري ڪندي چيائين، ”عجيب ماڻهو آهين. مون کي ڳالهائڻ به نه ٿو ڏئين.“
    ”سڄي گڙٻڙ ڳالهائڻ سان ٿيندي آهي.“ مون سڙٻاٽن ۾ کيس سمجهائيندي چيو، ”بس، ڳالهائڻ ڇڏي ڏي.“
    سخت لهجي ۾ پڇيائين، ”ٻوسٽ سان ٺاهه ڪري ڇڏيان.“
    ”ڪير ٿو توکي ٻوسٽ سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ چوي!“ چيم، ”خاموش رهڻ جو مطلب ٻوسٽ سان ٺاهه ڪرڻ ته ناهي!“
    ”مون سان چالاڪي ٿو ڪرين!“
    ”ڇا اهو ممڪن آهي؟“
    ”تو تي ڪهڙو اعتبار!“
    سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ کڻندي چيم، ”اهو ڄاڻندي به، ته مان توکان سواءِ مبهم آهيان، اڻپورو آهيان، تون منهنجيءَ ڳالهه تي اعتبار نه ٿي ڪرين!“
    انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيائين، ”مون کي تنهنجي ڪنهن به ڳالهه تي اعتبار نه آهي.“
    ”توکي حق آهي ته تون منهنجي ڪنهن به ڳالهه تي اعتبار نه ڪرين.“ چيم، ”منهنجي محبت هڪ طرفي آهي. مان تاريخ جي هر دور ۾ تنهنجي لاءِ مرندو رهيو آهيان. تاريخ جي هر دور ۾ تون مون کان جدا ٿيندي رهي آهين.“
    سوچ جون ريکائون پيشانيءَ تي پکڙجي ويس. پختي آواز سان چيائين، ”ڪا به محبت هڪ طرفي نه ٿيندي آهي.“
    ”تون برحق آهين. تون ازل کان آهين.“ چيم، ”توکي چاهڻ جي ڏوهه ۾ مان ڪڏهن سورين تي، ۽ ڪڏهن صليبن تي لٽڪندو رهيو آهيان. سنڌو، منهنجي زندگي، منهنجي بندگي، منهنجي محبت هڪ طرفي آهي.“
    هوءَ اُداس ٿي پيئي.
    هن منهنجي تصور کي پنهنجي بي پناهه ۽ بي غرض محبت سان آباد ڪري ڇڏيو آهي. تڪليفن ۽ آزمائشن ۾ هڪ گهڙيءَ لاءِ به هن منهنجو ساٿ نه ڇڏيو آهي. هوءَ منهنجي شڪتي آهي. هوءَ منهنجي طاقت آهي. هوءَ منهنجو شعور آهي. هوءَ منهنجو استحڪام آهي. مون سندس محبت کي پنهنجين رڳن ۾ رت بدران ڊوڙندي محسوس ڪيو آهي. مون سندس چاهت کي پنهنجي ساهه سان هلندي، ۽ دل ۾ ڌڙڪندي محسوس ڪيو آهي. اسان ٻنهي چاهتن جي نئين رسم جي شروعات ڪئي آهي. مان جڏهن به هڪ طرفي محبت جو ذڪر ڪندو آهيان، سنڌو بيحد اداس ۽ اُٻاڻڪي ٿي پوندي آهي. ان ڏينهن به ائين ئي ٿيو. مون هڪ طرفي محبت جو ذڪر ڪيو، ۽ هوءَ اُداس ٿي پيئي.
    مان سوچ سمنڊ جي پاتال ۾ گم ٿي ويس. زمان ۽ مڪان جون پابنديون ختم ٿي ويون. مون باب الطق ۾ ابن منصور الحلاج کي سنگسار ۽ شهيد ٿيندي ڏٺو. منصور الحلاج جو عضوو عضوو ڪپي ڌار ڪرڻ کان پوءِ جڏهن جلاد سندس اکيون ڪڍڻ آيا، تڏهن هن آسمان ڏانهن ڏٺو، ۽ ا• سان مخاطب ٿيندي چيو، ”هي بي خبر آهن. هي جيڪي ڪجهه ڪري رهيا آهن، تنهنجي راهه ۾، ۽ تنهنجي خوشنوديءَ لاءِ ڪري رهيا آهن. هنن کي پنهنجي رحمت کان محروم نه ڪجانءِ.“
    مون منصور الحلاج جو رت آسمان ڏانهن اُڏامندي ڏٺو. مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
    سنڌوءَ پڇيو، ”ڇا پئي سوچيئه؟“
    ”الاءِ ڇا پئي سوچيم.“ چيم، ”منهنجي هر سوچ تي تنهنجي سوچ حاوي هوندي آهي.“
    ”ڳالهه ٽارڻ جو استاد آهين.“
    ”ڪهڙي ڳالهه؟“
    ”تو کان پڇيم پئي، ته ڇا سوچي رهيو هئين.“
    ”ڇا ڪندئين پڇي.“
    ”مون کي غير ٿو سمجهين؟“
    ”مان رني ڪوٽ وانگر پُر اسرار آهيان، سنڌو.“ چيم، ”منهنجي شڪسته وجود مان ماڻهو تنهنجي ياد جا آثار ڳولي لهندا.“
    مرڪ چپن تي تري آيس. چيائين، ”ان سان ملندڙ جُلندڙ جملو تو پنهنجي هڪ ڪهاڻيءَ ۾ به استعمال ڪيو هو.“
    ”منهنجيون ڪهاڻيون منهنجي وجود جو حصو آهن.“ چيم، ”توکي ڪو اعتراض آهي.“
    کلي پيئي. پڇيائين، ”ڪيترا دفعا محبت جي ريهرسل ڪري چڪو آهين.“
    چيم، ”مون فقط هڪ محبت ڪئي آهي، ۽ اُهائي منهنجي آخري محبت آهي.“
    اکين ۾ روشنيءَ جا ڪرڻا لهي آيس. پڇيائين، ”مون سان نه ملائينديس! ڪير آهي!“
    ”سموري سنڌ کي خبر آهي ته هوءَ ڪير آهي.“ سندس اکين ۾ نهاريندي چيم، ”جيڪڏهن تون بيخبر آهين، ته پوءِ وڏي بدنصيب آهين.“
    ٽهڪ ڏيئي کلي پيئي. مها آتما گوتم ٻڌ جي قدمن مان اٿندي چيائين، ”هلندين نه ڇا؟“
    مان اٿي بيٺس.
    ٻاهرين در ڏانهن وڌندي چيائين، ”ڄائو آهين مسلمانن جي گهر ۾ – گهمين ٿو گوتم ٻڌ جي عبادتگاهن ۾ – تحريرن ۾ ذڪر ڪرين سقراط جو ۽ يسوع مسيح جو. تنهنجو حشر الاءِ ڪهڙو ٿيندو!“
    ”منصب سڀني جو ساڳيو آهي.“ ڪنڌ ورائي سنڌوءَ ڏانهن ڏسندي چيم، ”منهنجي باري ۾ تون به پوليس وارن وانگر ٿي سوچين!“
    ”تنهنجا افعال ئي اهڙا آهن.“ سنڌوءَ چيو، ”ڪڏهن ڪليسا، ڪڏهن مسجد، ڪڏهن مندر، ۽ ڪڏهن گردوران ۾ رهي ٿو پوين. آخر تون چاهين ڇا ٿو؟“
    جوليان يونيورسٽي ۽ ٻڌمت جي عبادت گاهه جي لاهي لهڻ کان اڳ مان بيهي رهيس. سنڌو مون کان وک کن پوئتي هئي. سنڌوءَ ڏانهن ڏسڻ کان سواءِ چيم، ”توکي چاهڻ کان پوءِ مون کي ٻيو ڪجهه چاهڻ کان مڪتي ملي ويئي آهي.“
    هڪدم پڇيائين، ”ته پوءِ ايڏي شدت سان مون کي ياد ڇو ڪندو آهين؟“
    جوليان ٽڪريءَ جي ترائيءَ ۾ قديم، پوڙهي ۽ گهاٽي بڙ ڏانهن ڏٺم. ڏندڪٿا آهي ته ڀڪشو ۽ ٻيا گوتم جا گياني جوليان جي عبادتگاهه ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ پوڙهي بڙ هيٺان هڪ رات لاءِ چلو ڪاٽيندا هئا.
    ”مان توکي ياد نه ڪندو آهيان، سنڌو.“ پوڙهي قديم بڙ ڏانهن ڏسندي چيم، ”تون مون کي ياد رهندي آهين. هر لمحي، هر گهڙيءَ، وقت جي وهنوار ۾، ساهه جي اچڻ ۾، ساهه جي وڃڻ ۾، تون مون سان هوندي آهين.“
    جواب نه ڏنائين. چيم، ”هڪ ڳالهه پڇانءِ سنڌو؟“
    وراڻيائين، ”مون کان ڪجهه پڇڻ لاءِ توکي اجازت جي ڪڏهن کان ضرورت پيئي آهي؟“
    ”تو آخري ڀيري چيو هو، ڪجهه دير کان پوءِ منهنجو نڪاح پئجي ويندو، ۽ مان هن حياتيءَ ۾ وري شايد توسان ملي نه سگهنديس.“ ساهه روڪي پڇيم، ”ته پوءِ اڄ مون سان ويرانن ۾ ملڻ ڇو آئي آهين؟“
    ”مان توسان ملڻ ڪٿي آئي آهيان، گوتم.“ مون سنڌوءَ جو واضح آواز ٻڌو. چيائين، ”مان تو وٽان ويئي ڪٿي آهيان، جو تو سان ملڻ اچان.“
    مون منهن ورائي پوئتي ڏٺو. اتي سنڌو نه هئي. سامهون گيان ۾ ويٺل گوتم جي مورتي هئي. ■


    رليف ڪيمپ

    اکيون اُڀ ۾ کوڙي، هو رليف ڪيمپ جي ويجهو چپ چاپ ويٺو هو. ڄڻ پٿر جو بت هو: يا هماليه غفائن جو جوڳي، سُڪل ٻانهون گوڏن تي رکيون هئس، ۽ ٻانهن تي ڏاڙهي وڌيل کاڏي. هو ڪافي دير کان ساڳي انداز ۾ اتي ويٺو هو. مان سمجهان ٿو، صبح جو سوير اسين جڏهن رليف ڪيمپ ۾ ڊيوٽي ڏيڻ لاءِ پهتا هئاسين، هو اتيئي ويٺو هو.
    ٻه ڏينهن اڳ اک ڇنڀ ۾ گولين جو وسڪارو ٿيو هو، ۽ اک ڇنڀ ۾ انيڪ مرد، عورتون ۽ ٻار دڪانن اندر، دڪانن کان ٻاهر، فٽپاٿن ۽ رستن تي ڪري پيا هئا. انيڪ مري ويا هئا، ۽ انيڪ زخمي ٿي پيا هئا. گولين جي وسڪاري ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جي امداد لاءِ انتظاميه طرفان رليف ڪيمپ قائم ڪيو ويو هو. مختلف محڪمن جي ڪجهه ملازمن جي ڊيوٽي رليف ڪيمپ ۾ لڳائي ويئي هئي. رفيق گنجو، سليمان سنڌي ۽ مان ٻن ڏينهن کان ڪيمپ ۾ ڪم تي هئاسين. ڊيوٽيون وراهيل هيون. مان گولين جي وسڪاري ۾ مري ويل ۽ زخمي ٿيل ماڻهن جا تفصيل رجسٽر ۾ اُتاري رهيو هوس. سڀ کان وڌيڪ پيهه منهنجي ٽيبل تي هئي. هو منهنجي ٽيبل جي بلڪل سامهون، ڪجهه پَرڀرو ويٺو هو، ۽ آسمان ڏانهن ڏسي رهيو هو.
    سوچيم، ضرور انسان جي جديد ايجادن، ۽ جهالتن جو ماريل آهي، ۽ هوش حواس وڃائي ويٺو آهي. مان ٽيبل ڇڏي هن جي پاسي کان وڃي بيٺس. پنهنجو تعارف ڪرائڻ کان پوءِ مون جوڳين جهڙي شخص کي چيو، ”پنهنجو نالو ۽ ايڊريس لکاءِ، ۽ ٻڌاءِ ته گولين جي وسڪاري ۾ تنهنجو ڪهڙو نقصان ٿيو آهي؟
    هو خاموش ويٺو رهيو. هن مون کي، ۽ منهنجي عهدي کي ڪابه اهميت نه ڏني. اڳ وانگر آسمان ڏانهن ڏسندو رهيو. مان کيس وک کن ويجهو وڃي بيٺس. چيم، ”تون مون کي گولين جي وسڪاري جو ماريل ٿو ڏسجين. منهنجي ڳالهه ٻڌ، مان گولين جي وسڪاري کان متاثر ٿيل ماڻهن جا تفصيل گڏ ڪري رهيو آهيان. تون مون کي پنهنجي باري ۾ ٻڌاءِ.“
    هو تڏهن به خاموش رهيو. اک آسمان ۾ اٽڪيل هئس. ڄڻ اڏامي ويل خوابن ڏانهن ڏسي رهيو هو. سوچيم، سودائي آهي، جيڪي ٿي گذريو آهي تنهن تي پڇتائي رهيو آهي، يا پڇتاءَ جي احساس کان آزاد ٿي ويو آهي. پر، خاموش رهي هو پنهنجو نقصان ڪري رهيو هو. سرڪار طرفان مئل ۽ زخمين لاءِ معاوضي ۾ وڏي رقم رکيل هئي. مون وڏي واڪ چيو، ”آسمان ڏانهن ڏسڻ سان ڪجهه هڙ حاصل نه ٿيندوءِ. ڪجهه ڳالهاءِ. ڪجهه ٻڌاءِ.“
    ڄڻ پٿر جو بت هو. خاموش. جواب نه ڏنائين، ۽ نه ئي ڪنڌ ورائي مون ڏانهن ڏٺائين.
    ”يار، تون به ڪو عجيب قسم جو متاثر ٿيل ماڻهو آهين!“ مون ڪجهه ڪجهه ڪاوڙ وچان رڙ ڪندي چيو، ”اڙي تون ٻوڙو ته ناهين؟“
    هن آسمان مان اک ڪڍي، ڪنڌ ورائي مون ڏانهن ڏٺو.
    ”ان جو مطلب آهي ته تون ٻوڙو ناهين.“ چيم، ”تون مون کي پنهنجي باري ۾ تفصيل سان ٻڌاءِ.“
    هو چُپ چاپ مون ڏانهن ڏسندو رهيو.
    کيس سرڪار طرفان معاوضي جي رقم جا تفصيل ٻڌائيندي چيم،“ گولين جي وسڪاري ۾ جيڪڏهن تون مري ويو آهين، ته توکي پنجاهه هزار رپيا ملندا.“
    هن جي ويران چپن تي اُداس مُرڪ ليئو پاتو ۽ غائب ٿي ويئي. مون کي پنهنجي جملي جي حماقت جو احساس ٿيو.
    چيم، ”جيڪڏهن تنهنجي هڪ ٽنگ ضايع ٿي ويئي آهي ته توکي ڏهه هزار رپيا ملندا، ۽ جيڪڏهن تنهنجيون ٻئي ٽنگون ضايع ٿي ويون آهن ته پوءِ توکي پنجويهه هزار رپيا ملندا.“
    هڪ دفعو ٻيهر هن جي اُداس چپن تي سياري جي اُس وانگر مرڪ ليئو پاتو ۽ غائب ٿي ويئي. ڏٺم ته هن جون ٻئي ٽنگون سلامت هيون.
    هڪدم چيم، ”ضايع ٿيل ٻانهن جو معاوضو سرڪار ڏهه هزار رکيو آهي.“
    ساڳي، سانجهيءَ جهڙي اُداس مُرڪ هن جي چپن تي تري آئي.
    هن جا سمورا عضوا سلامت هئا. هٿ، پير، ڪن، نڪ، اکيون!
    مان مٿو کنهندو رليف ڪيمپ ۾ پنهنجي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺس. ڪجهه سوچي، هڪدم اُتي وڃي رفيق گنجي کي ٻانهن ۾ هٿ وڌم. کيس ڇڪيندو رليف ڪيمپ کان ٻاهر وٺي آيس. جوڳين جهڙي شخص ڏانهن اشارو ڪندي چيم، ”يار گنجا، هيءُ شخص مون کي متاثرين مان ٿو لڳي، پر بدبخت پنهنجي باري ۾ ڪجهه به نه ٿو ٻڌائي.“
    رفيق گنجي اُن شخص ڏانهن ڏسندي چيو، ”ٿي سگهي ٿو، گولين جي وسڪاري ۾ هن جي ماءُ مري ويئي هجي.“
    ”اِهو تون ڪيئن ٿو چوين؟“ مون تعجب وچان پڇيو.
    ”جڏهن ماءُ مري ويندي آهي، تڏهن ٿوري دير لاءِ سڀ ڪجهه مري ويندو آهي.“ رفيق گنجي چيو، ”هن وقت اِن شخص لاءِ سموري ڪائنات، ماحول، تون، مان، اسين سڀئي مري ويا آهيون.“
    رفيق گنجو ۽ مان هن جي پاسي کان وڃي بيٺاسين. مون کيس سمجهائڻ واري نوع ۾، همدرديءَ سان چيو، ”يار ڳالهه ٻڌ، معاوضي ۾ سرڪار توکي ٻي ماءُ ته ڏيئي نه سگهندي. باقي، مُئل ماءُ جي عيوض توکي پنجاهه هزار رپيا ملي سگهندا.“
    نرڙ تي گُنڊ پئجي ويس. منهنجي ڳالهه ڄڻ ناگوار لڳس.
    مون رفيق گنجي کي چيو، ”لڳي ٿو، هن جي زال گولين جي وسڪاري ۾ مري ويئي آهي.“
    ”وڏو ڪو احمق آهين.“ رفيق گنجي چيو، ”اڙي جيڪڏهن زال مري ويئي هجيس ها ته هينئر ٻوٿ لٽڪائي نه ويٺو هجي ها، ٽهڪ ڏئي ها، جهمريون پائي ها.“
    ”لَوَ ميرج ڪرڻ وارا توهين زالن جا دشمن ٿيندا آهيو.“ مون رفيق گنجي کي ڦٽ لعنت ڪندي چيو، ”شڪر آهي، مون جنهن سان محبت ڪئي هئي. تنهن سان شادي نه ڪئي آهي.“
    ”يار ناراض ڇو ٿو ٿئين.“ رفيق چيو، ”ٺهيو، کڻي پڇئونس ٿا.“
    رفيق اُن شخص سان مخاطب ٿيندي چيو، ”منهنجو دوست پرديسي ٺيڪ پيو چوي. پنجاهه هزارن ۾ توکي ٻي ماءُ ته ملي نه سگهندي. باقي، يقين ڪر، پنجاهه هزار رپين ۾ هڪ عدد ٺيڪ ٺاڪ زال ضرور ملي ويندءِ.“
    اُن شخص اکين ۾ شور وجهي رفيق گنجي ڏانهن ڏٺو. سندس نگاهن ۾ الاءِ ڇا هو، جو رفيق گهٻرائجي مون ڏانهن ڏٺو ۽ چيو، ”لڳي ٿو، هن جو جوان پٽ مارجي ويو آهي.“
    منهنجو تجسس وڌي ويو. مان هن جي ويجهو ڌرتيءَ تي ويهي رهيس. هڪ ڪاغذ ڏانهنس وڌائيندي چيم، ”تون جيڪڏهن ڳالهائي نه ٿو سگهين ته هن ڪاغذ تي پنهنجي روئداد لکي ڏي – باقي پورائو مان پاڻ ڪندس.“
    هن ڪاغذ نه ورتو. ڪاغذ ڏانهن ڏسندو رهيو.
    رفيق گنجي چيو، ”هن جي پاسي کان اهڙي نموني نه ويهه، بيوقوف. اعليٰ آفيسرن جي اچ وڃ لڳي پئي آهي.
    سمجهندا، معاوضي جي رقم مان گهوٻي هڻڻ جي ترڪيب پيا سوچين.“
    رفيق گنجو مون کي ٻانهن کان ڇڪيندو رليف ڪيمپ ۾ وٺي آيو. چيائين، ”ٻيا ماڻهو به بيٺا آهن. وڃي پنهنجو ڪم ڪر.“
    ڪرسيءَ تي ويهڻ کان پوءِ مون ڪيمپ کان ٻاهر ڏٺو. جوڳين جهڙو شخص پٿر جي بت وانگر ويٺو هو، ۽ آسمان ڏانهن نهاري رهيو هو.
    تڏهن، مون محسوس ڪيو ته اِن وچ ۾ ڪافي ماڻهو منهنجي ميز جي چو طرف گڏ ٿي ويا هئا. گولين جي وسڪاري ۾ ڪنهن جو پٽ مري ويو هو، ڪنهن جي ڌيءَ، ڪنهن جو ڀاءُ، ڪنهن جي ڀيڻ! گولين جي وسڪاري ۾ هر رشتو مري ويو هو!
    هڪ شخص هڪ روئيندي عورت کي وٺي آيو. هوءَ هڏڪين سان روئي رهي هئي. ان شخص چيو، ”هن جي ماءُ گولي لڳڻ سان مري ويئي آهي.“
    عورت سُڏڪن ۾ چيو، ”مون کي ڪجهه نه گهرجي، ڪجهه نه گهرجي. مان ماءُ جو معاوضو نه وٺنديس.“
    ”بيوقوف نه ٿيءُ، فرخنده“ مرد ڪجهه سخت لهجي ۾ عورت کي چيو، ”تون معاوضو وٺين، يا نه وٺين، تنهنجي ماءُ ٻيهر جيئري نه ٿيندي.“
    عورت آهستي آهستي هڏڪين سان روئيندي رهي.
    مرد مون ڏانهن ڏسندي چيو، ”تون تفصيل لِکُ، ۽ پوءِ، هن مون کي مري ويل عورت جا تفصيل ٻڌايا – عمر ستر سال، گهر نمبر فلاڻو، گهٽي نمبر فلاڻي، گهريلو عورت، ٻئي پاڙي ۾ ماڻهن جا ٿانوَ ٿپا مليندي هئي، ۽ ٻوهاري پوچو ڪندي هئي. موٽندي، گولين جي وسڪاري جو شڪار ٿي ويئي. وارث فرخنده، ڌيءَ.
    مون تفصيل رجسٽر ۾ لکي ڇڏيا.
    مرد پڇيو، ”معاوضي جو چيڪ ڪڏهن ملندو؟“
    ”تمام جلد.“ مون رجسٽر مڪمل ڪندي چيو. ”ڪونه ڪو وزير، ايم اين اي، يا ايم پي اي چيڪ کڻي تو وٽ ايندو. چيڪ ڏيندي اخباري فوٽو گرافرن کان فوٽا ڪڍرائيندو، فاتح پڙهندو، دعا لاءِ هٿ کڻندو، اکين ۾ آب آڻيندو: ۽ اِها سموري ڪاروائي ٽيليويزن وارن کان رڪارڊ ڪرائيندو، ۽ شام وارين خبرن ۾ هلرائيندو.“
    اُن شخص جون واڇون وڃي پاپڙين سان لڳيون. هو خوشيءَ وچان ذري گهٽ ٽهڪ ڏيئي کلڻ جهڙو ٿي پيو. مون کي تعجب ٿيو. هن عورت کي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو، ”هَلُ فرخنده.“
    مون اُن شخص کان پڇيو، ”مرحومه تنهنجي ڇا هئي.“
    هن مرڪندي وراڻيو، ”منهنجي سس هئي.“
    روئيندڙ عورت ۽ کلندڙ مرد رليف ڪيمپ مان ٻاهر نڪري ويا.
    مون ڪيمپ کان ٻاهر ڏٺو. جوڳين جهڙو شخص چپ چاپ ويٺو هو، ۽ آسمان ڏانهن نهاري رهيو هو.
    ان وچ ۾، چار وٽيل سٽيل جوان پيهه چيري منهنجي سامهون اچي بيٺا. هڪ جوان چيو، ”اسان جو پيءُ مري ويو آهي.“
    پڇيم، ”گولي لڳي هئس.“
    چيائين، ”نه.“
    چيم، ”معاوضي لاءِ ماڻهوءَ کي گوليءَ جو لڳڻ لازمي آهي.“
    هن ٻين نوجوانن ڏانهن ڏٺو. جنهن نوجوان جي قميص جا چاريئي بٽڻ کليل هئا، اڳتي وڌي آيو. چيائين، ”اسان جو پيءُ گولين جي وسڪاري دوران مري ويو هو، عين انهيءَ وقت.“
    مان منجهي پيس.
    سليمان سنڌي، جنهن گولين جي وسڪاري ۾ مال ملڪيت جي نقصان جا تفصيل تحرير پئي ڪيا، پنهنجي ميز ڇڏي مون وٽ آيو. چيائين، ”پَرَ ڀَر و هلي منهنجي ڳالهه ٻڌ.“
    نوجوانن سان معذرت ڪري مان سليمان سنڌيءَ سان ڪجهه پرڀرتو وڃي بيٺس.
    سليمان سنڌيءَ چيو، ”مان انهن چئني شودن کي سڃاڻان. منهنجي گهر جي ويجهو رهندا آهن.“
    پڇيم ”پيءُ ته سچو پچو هين نه؟“
    وراڻيائين، ”ويچارو معذور هو، اڌ رنگ جو مريض هو. هي چاريئي مشٽنڊا کيس روزانو صبح جو پير سائينءَ جي درگاهه تي ڇڏي پاڻ سٽيبازيءَ تي نڪري ويندا هئا.“
    چيم، ”چَوَن ٿا ته گولين جي وسڪاري دوران مري ويو هو.“
    سليمان چيو، ”ها، گولين جي وسڪاري دوران ٿڙندي ٿاٻڙندي پير سائينءَ جي درگاهه وٽان اٿيو هيو، ۽ گندي پاڻيءَ جي ناليءَ ۾ ڪري، مري ويو هو.“
    ”هي شودا آهن، يا نه آهن، ان ڳالهه کي ڇڏي ڏي.“ چيم، ”اول مون کي ٻڌاءِ ته معاوضي لاءِ گوليءَ جو لڳڻ ضروري آهي، يا نه آهي.“
    وراڻيائين، ”رفيق گنجي کان ٿا پڇئون. افلاطون قسم جو ٺوڙهو آهي.“
    اسين رفيق گنجي وٽ آياسين. کائنس صلاح ورتي سين. رفيق چيو، ”گولين جي وسڪاري دوران مري وڃڻ ڪافي ناهي - گوليءَ جو لڳڻ ضروري آهي.“
    اسين ٽيئي نوجوانن وٽ آياسين. مون نوجوانن کي چيو، ”ساري، معاوضي لاءِ توهان جي پيءُ جو مرڻ فقط ڪافي ناهي. کيس گوليءَ جو لڳڻ ضروري آهي.“
    نوجوانن هڪٻئي ڏانهن ڏٺو. جنهن نوجوان جي نڪ هيٺان هيبتناڪ مڇون هيون، تنهن چيو، ”مون کي خبر هئي ته توهان جهڙا ڀوڪ ڪونه ڪو قانوني نقطو ضرور اٿاريندا.“
    ٻين ٽن ڄڻن کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.
    هن چيو، ”منهنجي ڀائرن کي به خبر ڪونهي. هي ڏس. مون پوسٽ مارٽم ۾ لکرايو آهي ته گولي کائڻ کان پوءِ اسان جو پيءُ گندي پاڻيءَ جي نالي ۾ ڪري پيو هو، ۽ مري ويو هو.“
    مون پوسٽ مارٽم رپورٽ ڏٺي. برابر. لکيل هو، گولي لڳڻ کان پوءِ پوڙهو گندي پاڻيءَ جي نالي ۾ ڪري پيو هو، ۽ مري ويو هو.
    مون نوجوانن کي چيو، ”برابر. توهين معاوضي جا حقدار آهيو.“
    مون رجسٽر ۾ پوڙهي جا تفصيل لکي ڇڏيا.
    مڇن واري نوجوان پڇيو، ”معاوضي وارو چيڪ ڪڏهن ملندو؟“
    وراڻيم، ”عنقريب ڪو نه ڪو امير، وزير، ڪبير، اخباري نمائندن فوٽو گرافرن، ريڊيو ۽ ٽيليويزن پروڊيوسرن جي جلوس سان توهان جي گهر ايندو، ۽ سموري ڪاروائي، چيڪ ڏيڻ جي، رڪارڊ ڪرائيندو.“
    هو گدگد ٿي هليا ويا.
    سليمان سنڌيءَ چيو، ”يار، اهو سراسر ظلم آهي. اهي چاريئي مشٽنڊا پنهنجي پوڙهي پيءُ سان سٺو برتاءُ نه ڪندا هئا.“
    ”اجايو جذباتي نه ٿيءُ سليمان“ رفيق گنجي چيو، ”ڪاغذن ۾ پوڙهو گولي لڳڻ سان مئو آهي. چاريئي نوجوان سندس پٽ آهن، تنهن ڪري وارث آهن، معاوضي جا قانوني حقدار آهن.“
    سليمان کي سخت ڪاوڙ لڳي. هو قانون کي سَت سُريون ٻڌائيندو هليو ويو، ۽ وڃي پنهنجي سيٽ تي ويٺو.
    اڳئين ماڻهوءَ جي نقصان جا تفصيل لکڻ کان اڳ مون رليف ڪيمپ ٻاهران ويٺل گم سم شخص ڏانهن ڏٺو. گوڏن تي ٻانهون ۽ ٻانهن تي کاڏي رکي هيس. اکيون تصور ۾ ڪنهن تروري تي کُتل. ائين پئي لڳو، شاهه سائينءَ جي بيت جي تفسير هو. ”مونا طور سينا سدا سنياسين – فڪر فرهي هٿ ۾ ماٺ مطالع ڪن.“
    اوچتو، ميز تي زور سان هٿ هڻي ڪنهن منهنجو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو. هڪ شخص، ڪجهه ڪجهه توائي، لڳ ڀڳ پنجاهه پنجونجاهه ورهين جو، لٽي ڪپڙي کان لاپرواهه، منهنجي سامهون بيٺو هو.
    سخت لهجي ۾ پڇيائين، ”گولين جي وسڪاري ۾ ضايع ٿيل سموري ماڻهوءَ، ۽ بچي ويل ماڻهوءَ جي ضايع ٿيل عضون جي ڪيتري قيمت لڳائي اٿئي؟“
    مون غور سان هن ڏانهن ڏٺو. هو مون کي عام ماڻهن کان مختلف محسوس ٿيو. هن جي اکين ۾ غير معمولي چمڪ هئي. مون کي خاموش ڏسي پنهنجو سوال ورجايائين،“ گولين جي وسڪاري ۾ ضايع ٿيل عضون جي ڪيتري قيمت لڳائي اٿئي؟“
    ”مان هڪ معمولي سرڪاري ملازم آهيان.“ الاءِ ڇو ڦڪو ڦڪو ٿيندي چيم، ”منهنجي ڪهڙي حيثيت آهي جو انسان، ۽ انسان جي ضايع ٿيل عضون جي ڪا قيمت مقرر ڪري سگهان.“
    ”ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي. اجائي تمهيد نه ٻُڌُ. ”هن ڪاوڙيل لهجي ۾ چيو، ”مان به انهن ڪامورن جي ڳالهه پيو ڪريان، جيڪي ڪجهه نه ڪندا آهن، پر لڳندو آهي ڄڻ سڀ ڪجهه ڪندا آهن. ڪيتري قيمت رکي آهي. ڀولڙن انسان جي سموري ضايع ٿيڻ جي، ۽ سندس عضوي عضوي جي؟“
    بنا ڪنهن سبب جي مون کي هن کان ڊپ محسوس ٿيڻ لڳو. مون هٻڪندي هٻڪندي، کيس تفصيل ٻڌايا، ”سموري مئل ماڻهوءَ جو معاوضو آهي. پنجاهه هزار رپيا، ضايع ٿيل هڪ ٽنگ جا ڏهه هزار، ٻنهي ٽنگن لاءِ پنجويهه هزار، هڪ ٻانهن جا ڏهه هزار، ٻنهي ٻانهن لاءِ پنجويهه هزار.“
    هڪدم پڇيائين، ”ضايع ٿيل نڪ جي ڪا قيمت لڳائي اٿائون؟“
    ڊڄندي ڊڄندي چيم، ”قيمت نه، معاوضو مقرر ڪيو اٿائون.“
    ”ٺهيو چمچا، اجايو سياڻو نه ٿيءُ.“ هن ڪاوڙ وچان چيو، ”ضايع ٿيل نڪ جو ڪيترو معاوضو رکيو اٿائون؟“
    سموري ڪيمپ ۾ بيٺل ماڻهو ڪنڌ ورائي اسان ڏانهن ڏسڻ لڳا، سواءِ ڪيمپ کان ٻاهر ويٺل شخص جي. هو پٿر جي بت وانگر خاموش ويٺو هو، ۽ خلائن ۾ نهاري رهيو هو. رفيق گنجو پنهنجي سيٽ تان اٿي آيو. سڙٻاٽن ۾ چيائين،“ ٿڙيل ٿو ڏسجي. وڌيڪ نه ڳالهاءِ. جند ڇڏاءِ.“
    ”اڙي او جارج پنجان. چمچي کي ڪهڙي پٽي پيو پڙهائين.“ رڙ ڪندي توائي شخص چيو، ”وڃ، وڃي پنهنجي سيٽ تي ويهه، ۽ رجسٽرن جو پيٽ ڀَر.“
    رفيق گنجو، گنج کنهندو هليو ويو.
    ان کان اڳ جو مان ڪجهه چوان، هن چيو، ”اِن جو مطلب آهي ته اسان جي معاشري ۾ نڪ جي ڪابه قيمت نه آهي – اسان جي معاشري، نه نه، توهان جي معاشري ۾ نڪ جي ڪابه قيمت نه آهي – نڪ جي ڪابه قيمت نه آهي؟“
    مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو. هن جو، بظاهر، نڪ سلامت هو.
    هن ڄڻ منهنجين اکين ۾ سوال پڙهي ورتو. عجيب قسم جي ڪيفيت سندس چهري تي تري آئي. مون زندگيءَ ۾ اڳ ڪڏهن به ڏک، ڪاوڙ، ۽ بغاوت جو گڏيل اظهار اهڙي نموني نه ڏٺو هو. ڳالهايائين، ته آواز ڳورو، پڙاڏي جهڙو، ۽ غفائن مان ايندي محسوس ٿيو. چيائين، ”منهنجي ڌيءَ ميٽرڪ ڪئي هئي. ڏاڍي خوش هئي. پنهنجي لاءِ نوان ڪتاب وٺڻ ويئي هئي. تڏهن، تڏهن، جڏهن هوءَ ڪتاب وٺي دڪان مان نڪتي هئي، گولين جو وسڪارو ٿيو هو. اک ڇنڀ ۾ مئل ۽ زخمي ٿيل ماڻهن جا انبار لڳي ويا.... جيڪي بچي ويا، سي جيڏانهن منهن آيُن تيڏانهن ڀڄي ويا.“
    هڪ هجوم اسان جي چئني طرف گڏ ٿي ويو. هڪ لمحي لاءِ هن ساهه ۾ سڏڪو روڪي ڇڏيو ۽ پوءِ هن چيو، ”منهنجي ڌيءَ علائقي جي معزز شخص وٽ پناهه ورتي هئي .... هن، منهنجي ڌيءَ، علائقي جي معزز شخص وٽ پناهه ورتي هئي... معزز شخص کيس اٺيتاليهه ڪلاڪ پنهنجي ۽ پنهنجي دوستن جي پناهه ۾ر کيو هو .... اٺيتاليهه ڪلاڪ.“
    هو ٻيهر خاموش ٿي ويو. ڄڻ درد جي وير سندس وجود کي ٻوڙي ڇڏيو. هن خشڪ اکين کي ائين اُگهيو ڄڻ ازل کان اکين ۾ سمنڊ کڻي پئي گهميو. پوءِ، ٻڏل ٻوڙن وانگر اُڀري آيو.
    وڍيل وڍيل لهجي ۾ چيائين، ”ڪالهه، اسر ويل منهنجي ڌيءَ موٽي آئي هئي. اڄ صبح جو هن خودڪشي ڪري ڇڏي.“
    هجوم ۾ بيٺل ماڻهن ڪنڌ کڻي هڪٻئي ڏانهن ڏٺو، ۽ پوءِ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. خاموشي ايڏي، ڄڻ سڀني جي ساهه جو سلسلو ختم ٿي ويو هو. سڀئي آهستي آهستي پٺئين پير موٽڻ لڳا. مون کي ائين لڳو، منهنجي اڳيان رکيل رجسٽر مان ٻن ڏينهن کان لکيل تفصيل غائب ٿي ويا. پنا اڇا ٿي ويا.
    ”تنهنجي سرڪار وٽ منهنجي لاءِ ڪو معاوضو آهي؟“ هو آهستي آهستي مون کان پري ٿيڻ لڳو. سندس آواز ايندو رهيو، ”تنهنجي سرڪار وٽ منهنجي لاءِ ڪو معاوضو آهي؟ تنهنجي سرڪار وٽ منهنجي لاءِ ڪو معاوضو آهي؟“
    سندس آواز لکين ڪروڙين ماڻهن جي ماتمي جلوس ۾ گم ٿي ويو. مون اڳ ڪائنات جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اهڙي نموني ماتم جو آواز ڪڏهن نه ٻڌو هو. عجيب لفظ هئا. عجيب جملا هئا، پر ائين پئي لڳا، ڄڻ منهنجي وجود مان ڦاٽي پئي نڪتا. صحيح هئا، غلط هئا، بهرحال منهنجي ناقص سمجهه کان ٻاهر هئا: حسبي ربي جل الله، معافي قلبي غير الله – حسبي ربي جل الله، معافي قلبي غير الله• - حسبي ربي جل الله، معافي قلبي غير الله.
    ماتمي جلوس منهنجي وجود کي چٿي، لتاڙي اڳتي نڪري ويو. هزارين گهوڙن جا مٽيءَ، گَپ، ۽ گاري سان ڀريل سنب مون کي چيٿاڙي هليا ويا. مون ڪنڌ کڻي رليف ڪيمپ ٻاهران ويٺل وياڪل شخص ڏانهن ڏٺو. هو اُتي موجود نه هو، جتي مون کيس صبح کان ويٺل ڏٺو هو.
    مان ڇرڪ ڀري اُٿي بيٺس. ذري گهٽ ڊوڙندو رليف ڪيمپ کان ٻاهر نڪري ويس. وائڙو ٿي هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم. ڊوڙندي کليل ميدان ۾ وڃي بيٺس، جتان مون کي آسمان تمام ويجهو محسوس ٿيو. تڏهن اوچتو، اگربتين ۽ لوبان جي دونهي سان ڍڪيل جهڙي ماحول ۾، مون کيس ڏسي ورتو. هن جي آڱر هڪڙي تمام ننڍڙي ٻار جي هٿ ۾ هئي، ۽ هو ٻئي لهندڙ سج جي واٽ تي وڌندا پئي ويا.
    ”ترسو، ترسو.“ مان هنن جي ڪڍ ڊوڙڻ لڳس، ۽ کين سڏيند و رهيس، ”ترسو، ترسو.“
    هو نه بيٺا. لهندڙ سج جي واٽ تي وڌندا رهيا.
    مان ڊوڙندو ٻنهي کان اڳ نڪري ويس. ڦيرو کائي، ٻنهي جي سامهون ٿي بيٺس. سهڪي رهيو هوس. مون کي آمهون سامهون ڏسي هو ٻئي بيهي رهيا. وياڪل شخص جي آڱر ٻار جي مُٺ ۾ هئي، ۽ اڳ وانگر خلائن ۾ نهاري رهيو هو.
    ”تون ڪير آهين.“ مون ذري گهٽ ليلائيندي کانئس پڇيو، ”گولين جي وسڪاري ۾ تنهنجو وڏو ڪو نقصان ٿيو آهي. تون پنهنجي نقصان جا تفصيل مون کي ڇونه ٿو ٻڌائين.“
    هن جواب نه ڏنو. اڳ وانگر خاموش رهيو.
    ”مان تنهنجي نقصان کان سرڪار کي آگاهه ڪندس. توکي تنهنجي نقصان جو معاوضو ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندس.“ کيس ايلاز ڪندي چيم، ”تون ڳالهائين ڇو نه ٿو.“
    هن نه ڳالهايو.
    مون ڳالهايو. چيم، ”تون ڀلي نه ڳالهاءِ، پر ايترو ته ٻُڌاءِ، تون ڪير آهين.“
    ”تون هن کي نه ٿو سڃاڻين؟“ ٻار ڳالهايو.
    مون ڇرڪي ٻار ڏانهن ڏٺو. ٻار جي عمر مشڪل سان چار پنج سال هئي، پر سندس لهجو ڏاهن وانگر، گنڀير هو. ٻار پڇيو، ”تون سچ پچ هن کي نه ٿو سڃاڻين؟“
    انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيم،“ نه. مان هن کي نه ٿو سڃاڻان.“
    ٻار چيو، ”هيءُ عشق جو پيغمبر آهي.“
    ڪجهه نه سمجهندي، احمقن وانگر پڇيم، ”گولين جي وسڪاري ۾ هن جو وڏو ڪو نقصان ٿيو آهي ڇا؟“
    ”ها.“ ٻار چيو، ”هن کان وطن کسجي ويو آهي.“
    مان جواب جي تهه تائين پهچي نه سگهيس.
    ٻار چيو، ”هينئر توهان جي معاشري ۾ سچل ۽ سامي پيدا نه ٿيندا. فقط سياستدان پيدا ٿيندا ۽ پاڻ کي پير سڏائيندا.“
    ٻار جي گفتگو مون کي اڻتڻ ۾ وجهي ڇڏيو. ايتري ننڍڙي ٻار کي اهڙي چٽي نموني ڳالهائيندي مون اڳ ڪڏهن به نه ٻڌو هو. سڀ ڪجهه پُر اسرار ۽ مبهم محسوس ٿي رهيو هو.
    مون ٻار کان پڇيو، ”تون ڪير آهين؟“
    ٻار جي چپن تي مُرڪ تري آئي. پڇيائين، ”تون مون کي به نه ٿو سڃاڻين.“
    انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيم،“ نه. مان توکي نه ٿو سڃاڻان.“
    ٻار چيو، ”مان تنهنجو مستقبل، تنهنجو آئيندو آهيان.“
    ڏسنديئي ڏسندي، عشق جي پيغمبر کي منهنجو مستقبل آڱر کان وٺي لهندڙ سج جي واٽ تي اڳتي وڌي ويو، ۽ اک ڇنڀ ۾ الوپ ٿي ويو. ■


    ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي موت

    ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي، قومي اسيمبليءَ جي عين سامهون، جتي خوفناڪ ڪرينون، بلڊوزر، ۽ روڊ رولر رستو وڌائي ۽ ويڪرو ڪري رهيا آهن، مان مري ويو آهيان. اسيمبلي بلڊنگ کان اورتي، سوين مزور، ٺيڪيدارن جي نظرداريءَ ۾ لوهي شيخن جو مضبوط لوڙهو، ڪانڪريٽ ۽ سيمنٽ جي بنيادن ۾ بيهاري رهيا آهن. جنهن رفتار سان ڪم هلي رهيو آهي، مان سمجهان ٿو، ٺيڪيدار ڪجهه ڏينهن اندر لوهي شيخن جو لوڙهو اسيمبلي بلڊنگ آڏو بيهاري ڇڏيندا.
    مان ڏاڍي عجب نموني مري ويو آهيان! مري وڃڻ جي باوجود مان پوري يقين سان محسوس ڪري سگهان ٿو، ته ڪجهه دير اڳ مان جيئرو هوس، ۽ پنهنجن پيرن تي بيٺل هوس. ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي ڦهڪو ڪري، ڪِري پوڻ، ۽ مري وڃڻ کان اڳ مون پنهنجي ماروٽ موليٰ بخش ڪاري لاءِ واجهايو هو. پُراسرار نموني، اوچتو ئي اوچتو، هُو ڪيڏانهن غائب ٿي ويو هو. هلندي چلندي، ڳالهائيندي ٻولهائيندي هو گم ٿي ويو هو! مون کي ڏاڍو تعجب ٿيو هو. کن لاءِ سمجهيو هوم ته شايد جهنگ جي خيال سان جهنگ ڏانهن هليو ويو آهي. پر پوءِ، ڪافي دير تائين انتظار ڪرڻ جي باوجود جڏهن موليٰ بخش موٽي نه آيو، تڏهن، مون جهنگ ڏانهن منهن ڪري کيس سڏ ڪيو هو. موليٰ بخش هو هو هو!
    موليٰ بخش ڪاري بدران جهنگ مان ٻه چار بگهڙ نڪري آيا هئا. منهنجو ساهه سُڪي ويو. چپ خشڪ، ۽ نرڙ آلو آلو ٿي پيو. مون زندگيءَ ۾ اڳ ڪڏهن به ڪنهن بگهڙ کي دوبدو نه ڏٺو هو. اکيون خوانخوار – رت هاڻيون، ڏند چنهنبائي ۽ تکا، ڪن کڙا، نڪ جون ناسون ڦونڊاريل، وات کليل، هٿ جيڏي ڄڀ ٻاهر نڪتل! هو مون ڏانهن جوهه وجهي ڏسي رهيا هئا. اُتان کسڪي وڃڻ ۾ مون پنهنجي عافيت ۽ خيريت سمجهي هئي. اک بچائي مون ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي هلڻ شروع ڪيو هو – اول آهستي ۽ پوءِ تکو، ڳپل کن وکون کڻي، ڪنڌ ڦيرائي مون بگهڙن ڏانهن ڏٺو هو. بگهڙ ڳاڙهين اکين سان مون ڏانهن ڏسي رهيا هئا. مون هڪدم ٻيهر هلڻ شروع ڪيو. اسلام آباد ۾ طرحين طرحين جا جانور آهن. بگهڙ، گدڙ، سوئر، ڀولا وغيره. پر، جڏهن ڪپڙا لٽا پائي، ۽ تيل ڦليل ڪري سامهون ايندا آهن، تڏهن جهڙا ماڻهو! ڪافي اڳتي نڪري وڃڻ کان پوءِ، مون وري دل ٻڌي پٺتي نهاريو. ڏٺم ته بگهڙ اسيمبليءَ جي عمارت ڏانهن وڌي رهيا هئا. جڏهن اسيمبليءَ جي ويجهو پهتا، تڏهن چوڪيدارن، اردلين ۽ نائب قاصدن ڀڄي وڃي ڪرينن، بلڊوزرن، ۽ روڊ رولرن پٺيان پناهه ورتي هئي، ۽ بگهڙ اسيمبلي بلڊنگ ۾ داخل ٿي ويا هئا.
    تڏهن، مون اول آسمانن ڏانهن ڏٺو هو، ۽ پوءِ ڌرتيءَ ڏانهن. ان کان پوءِ، ڦهڪو ڪري مان ڪري پيو هوس، ۽ مري ويو هوس. مون کي پنهنجي اوچتي مري وڃڻ کان وڌيڪ مولا بخش ڪاري جي گم ٿيڻ تي تعجب آهي!
    موليٰ بخش ڪارو اصل ۾ ايڏو ڪارو نه هو، جو ڪارو سڏجڻ ۾ اچي! حقيقت هن ريت آهي، جو اسان جي ڳوٺ رئيس هڻ کڻ خاشخيليءَ ۾ ٻه موليٰ بخش هئا. هڪ اسان وارو ماروٽ، ۽ ٻيو ماستر رب ڏني عرف ربن جو پُٽ. اسان وارو ماروٽ موليٰ بخش رنگ جو سانورو هو. ماستر رب ڏني عرف ربن جو پٽ رنگ جو اڇيرڙو هو، پر ايڏو به نه جو ڏسڻ ۾ انگريز اچي! ٻنهي موليٰ بخشن جي سڃاڻپ خاطر ماستر رب ڏني عرف ربن جو پٽ موليٰ بخش، اڇو سڏجڻ ۾ آيو، ۽ اسان وارو ماروٽ موليٰ بخش، ڪارو.
    پر، موليٰ بخش ڪارو ويو ڪيڏانهن! مان برابر مري ويو آهيان – عين قومي اسيمبليءَ جي عمارت جي سامهون، ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي. ان ۾ ڪنهن به قسم جي شڪ شبهه جي گنجائش نه آهي. موليٰ بخش ڪاري لاءِ واجهائيندي مان جڏهن ڦهڪو ڪري، ۽ ڦيراٽي کائي ڪاري ڏامر جي ويڪري سڙڪ تي ڪري پيو هوس، تڏهن اونڌي منهن ڪريو هوس. اسيمبلي عمارت جي حفاظت ڪندڙ، سادن ڪپڙن وارا ڪجهه ڪمانڊو قسم جا ماڻهو رستو پار ڪري مون ڏانهن وڌي آيا هئا. مون کي چرسي يا هيروئني سمجهيو هئائون. مون کي لانگ بوٽن جي ٺوڪرن سان اُٿاري کڙو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئائون. مون کي دل تي ماءُ ڀيڻ جون گاريون به ڏنيون هئائون. پر مان پنهنجي جاءِ تي ائين، جيئن ڇپ! تڏهن، منجهائن هڪ ٿلهي ڪمانڊو نما شخص، جنهن مون کي سڀ کان وڌيڪ گاريون ڏنيون هيون، ۽ پاسراٽين ۾ لانگ بوٽ جون لتون هَنيون هُيون، ڏاڍي ڊرامائي انداز ۾ مون کان پري ٿي ويو – اُبتي پير هٽندو ويو، ۽ رڙيون ڪري پنهنجن برجستن ساٿين کي به پري ٿيڻ جي تلقين ڪندو ويو، ”هٽي وڃو، پري ٿيو، پري ٿيو، هٽو هٽو.“
    سندس ساٿين هڪدم هٽڻ شروع ڪيو. هڪ ڄڻي ٿلهي ڪمانڊو کان پڇيو، ”خير ته آهي! ڳالهه ڇاهي؟“
    ڪمانڊي سهڪندي، ۽ مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو، ”اِهو شخص دشمن جو ايجنٽ آهي – ٽائيم بم قسم جو ايجنٽ آهي. سمورو بارود سان ڀريل آهي. ڪنهن به وقت وڏي ٺڪاءَ سان ڦاٽي پوندو، ۽ وڏي تباهي مچائيندو.“
    اها ڳالهه ٻڌڻ شرط سمورا طاقتور ۽ صحتمند ڪمانڊو هڪدم ڌرتيءَ تي ليٽي پيا هئا، ائين، جيئن بمباريءَ کان اڳ زمين تي ليٽي پئبو آهي.
    ”توهين ٽائيم بم تي نظر رکو.“ ٿلهي ڪمانڊو چيو، ”مان بم ڊسپوزل يونٽ کي اطلاع ڪري اچان ٿو.“
    ٿلهو ڪمانڊو ڊوڙندو اسيمبلي بلڊنگ ڏانهن هليو ويو هو.
    مون کان سڏ پنڌ تي ليٽيل ڪمانڊو نما شخص منهنجي باري ۾ قياس آرايون ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا هئا.
    ”سامهون پيل ٽائيم بم، جهڙو ماڻهو!“
    ”سائنس ڏاڍي ترقي ڪئي آهي!“
    ”هو ٽائيم بم ناهي. هو ٽائيم بم قسم جو ماڻهو آهي.“
    ”هو ماڻهو ناهي. هو ماڻهوءَ جهڙو، يا ماڻهوءَ جي نسل جهڙو ٽائيم بم آهي.“
    ”اُستاد چيو پئي ته هو بارود سان ڀريل آهي، ۽ ڦاٽي پوڻ کان پوءِ وڏي تباهي آڻيندو.“
    ”استاد چيو پئي ته هو ڪنهن دشمن ملڪ جو ايجنٽ آهي!“
    ”ممڪن آهي.“
    ”ڪهڙي ملڪ جو؟“
    ”هندستان جو، اسرائيل جو.“
    ”آمريڪا جو به ٿي سگهي ٿو.“
    ”آمريڪا سان اسان جا ڏاڍا دوستاڻا ناتا آهن.“
    ”روس جو؟“
    ”شايد.“
    ”ڀوتان جو؟“
    ”نه. ڀوتان سان به اسان جا سٺا تعلقات آهن.“
    ان کان پوءِ هو سڀيئي وڏي سوچ ۾ گم ٿي ويا هئا. پاڻ ۾ سُس پُس ڪئي هئائون، جيڪا مون کي سمجهه ۾ نه آئي هئي. مان سمجهان ٿو، مختلف ملڪن جا نالا کڻي هنن هڪٻئي کان منهنجي باري ۾ راءِ ورتي هئي ته مان ڪهڙي ملڪ ۽ ساخت جو ٽائيم بم هوس – پر هو ڪنهن به راءِ تي متفق نه ٿيا هئا.
    ۽ پوءِ منجهائن هڪ ڄڻي رڙ ڪندي چيو هو، ”مان سمورو مامرو سمجهي ويو آهيان. هيءُ ديسي ساخت جو بم آهي.“
    تڏهن اوچتو، هنن پاڻ ۾ ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو هو.
    هنن جڏهن پاڻ ۾ ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو، تڏهن مون ٻيهر موليٰ بخش ڪاري جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو هو. متان سمجهو ته مري وڃڻ کان پوءِ ماڻهو سوچڻ ڇڏي ڏيندو آهي! نه نه. ائين نه آهي. مان جيستائين جيئرو هوس، ۽ توهان وانگر ساهه کڻي سگهندو هوس، تڏهن ڀائيندو هوس ته مري وڃڻ کان پوءِ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو آهي! حواس ۽ اندريون ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن! پر، مان ڀُليل هوس. ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي ڪري پَوَڻ، ۽ مري وڃڻ کان پوءِ مون محسوس ڪيو آهي ته، مري وڃڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جي سوچ ختم نه ٿيندي آهي – اُٽلندو، مري وڃڻ کان پوءِ ماڻهو وڌيڪ سوچڻ لڳندو آهي!
    گهٽ ۾ گهٽ مون سان ته ائين ئي ٿيو آهي.
    جڏهن کان مري ويو آهيان، لاڳيتو موليٰ بخش ڪاري جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان. منهنجي مري وڃڻ کان ڪجهه دير اڳ تائين هو مون سان ساڻ هو. سنئون سڌو ماڻهو هو. غيبات نه هو، جو اوچتو ئي اوچتو گم ٿي ويو هو. مان سندس اڳ پُٺ کان ڀلي ڀت واقف آهيان. ماروٽ هئڻ جي ناطي، مان کيس چڱي طرح سڃاڻان ٿو.
    موليٰ بخش ڪاري ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ڳوٺ رئيس هڻ کڻ خاشخيليءَ جي پرائمري اسڪول ۾ ماستري ڪئي هئي. هو ڏينهن جو ٻارن کي پڙهائيندو هو، ۽ رات جو پاڻ پڙهندو هو. پڙهائيندي ۽ پڙهندي، هو ايم اي ڪري ويٺو. ان دوران هن ڳوٺ جي ماٺي ماحول ۾ عجيب قسم جي بيچيني پکيڙي ڇڏي. بظاهر ڪجهه نه ڪندو هو. پنهنجي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري ڪرت سان ڪم رکندو هو. بس، روزانو شام جو، بس اسٽاپ جي ڀرسان صديق جي ڊرائيور هوٽل ۾ وڃي ويهندو هو، ۽ محفل مچائيندو هو. ماڻهن کي اخبارن مان خاص خاص خبرون پڙهي ٻڌائيندو هو، ۽ پوءِ ڳوٿريءَ مان ڪو ڪتاب ڪڍي پڙهي ٻڌائيندو هو. ڪتاب انگريزي يا ٻئي ٻوليءَ ۾ هوندو ته تڙي کڙي ترجمو ڪندو ويندو هو. الاءِ ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب ماڻهن کي پڙهي ٻڌائيندو هو. انهن ڏينهن ۾ مان نوڪريءَ سانگي ڳوٺ کان ٻاهر ڌڪا کائيندو هوس، ۽ پوءِ ڌڪا کائيندي کائيندي اسلام آباد کان اچي نڪتو هوس. ٻڌو هوم ته موليٰ بخش خبيث قسم جي ڪتابن جا ترجما ڪري ماڻهن کي پڙهي ٻڌائيندو هو. ڪجهه عرصي کان پوءِ ڳوٺ جا ماڻهو اُهي ماڻهو نه رهيا، جيڪي صدين کان هئا. سندن سوچ بدلجي ويئي. ڳوٺ جي چئن چڱن ۽ بيٺلن کي موليٰ بخش ڪاري جي اها حرڪت پسند نه آئي. پڄنديءَ وارا هئا. هنن هٿ پير هڻي موليٰ بخش کي نه فقط نوڪريءَ مان ڪڍرائي ڇڏيو، پر کيس علائقي جو ناپسنديده شخص قرار ڏياري، پوليس جي مدد سان ڳوٺ مان در بدر ڪرائي ڇڏيو. انهن وارداتن جي خبر مون کي ڳوٺ مان ايندڙ چٺين چپاٽين مان پوندي رهندي هئي. ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن موليٰ بخش ڪارو پاڻ اسلام آباد کان اچي نڪتو – انصاف جي تلاش ۾، پر گم ٿي ويو.
    قومي اسيمبليءَ جي سامهون. ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي مان اونڌي منهن مئو پيو هوس. سڏ پنڌ تي ڪمانڊو قسم جا برجستا ڪجهه ماڻهو مون تي نظر رکي فوجي انداز ۾ زمين تي ليٽيا پيا هئا. تڏهن، سندن اُستاد بم ڊسپوزل، يعني بمن کي ناڪارو ڪرڻ واري جٿي سان ظاهر ٿيو. جيئن ئي بم ڊسپوزل ڪرڻ وارا ڪارندا منهنجي ويجهو پهتا، ڪمانڊو قسم جا جانٺا زمين تان اُٿي، هڪدم اُتان هليا ويا. فقط سندن اُستاد موجود رهيو.
    بم ناڪارو ڪرڻ وارن مان هڪ ڄڻو ڊڄندي ڊڄندي، ڏاڍي خبرداريءَ سان منهنجي ويجهو آيو. ٻئي طرف کان هڪ ٻيو ڄڻو، هوبهو ساڳئي انداز ۾ منهنجي ويجهو آيو. اهو تماشو مون کي ڏاڍو دلچسپ محسوس ٿيو هو. سندن چرچائين جهڙي چال تي مون کلڻ چاهيو هو، پر، پوءِ محسوس ڪيو هوم ته مري وڃڻ کان پوءِ ماڻهو سوچي ته سگهندو آهي، پر کِلي نه سگهندو آهي. پير پير ۾ کڻندا، ٻئي ڄڻا منهنجي ويجهو آيا. اوزارن سان مون کي چڪاسيو هئائون. پوءِ، مايوسيءَ وچان منهن ورائي، پريان بيٺل ساٿين ڏانهن ڏسي ناڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو هئائون. سمورا ڪارندا مون ڏانهن وڌي آيا هئا. جن مون کي اوزارن سان تپاسيو هو، تن مان هڪ ڄڻي چيو هو، ”هيءُ ڪنهن به قسم جو ٽائيم بم نه آهي. ماڻهو آهي.“
    هنن پڻ ٺوڪرن سان مون کي اُٿارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ”هيروئن جو وڏو وزم ورتو اٿائين“، منجهائن هڪ ڄڻي چيو هو. ٻن ڄڻن مون کي کنڀي، ٻانهن ۽ ڪلهي کان جهلي، ڦيرائي سڌو ڪري ڇڏيو هو، ۽ منهنجو منهن آسمان ڏانهن ٿي ويو هو. تڏهن کان منهنجو منهن آسمان ڏانهن آهي. هڪ ڄڻي منهنجي ٻانهن مٿي ڪري، ڪارائيءَ تي آڱريون رکي منهنجي نبض تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. سندس منهن تي تعجب تري آيو هو. هن جُهڪي، پنهنجو ڪن منهنجي سيني تي رکي، دل جي ڌڙڪڻ جو آواز ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ڪجهه دير جي جستجو کان پوءِ هو ڇرڪي، هٽي ويو هو. پنهنجن ساٿين ڏانهن ڏسندي چيو هئائين، ”هيءُ شخص مري ويو آهي.“
    ڪمانڊو قسم جي اُستاد هٿ جي اشاري سان پنهنجي هڪ ماتحت کي سڏ ڪيو هو. ويجهو اچڻ تي کيس چيو هئائين، ”ڪنهن اسپتال کي هڪدم فون ڪريو، ۽ حاڪم وقت جي سواري اچڻ کان اڳ هيءُ لاش هتان کڻائي ڇڏيو.“
    تڏهن کان مان ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي پيو آهيان، ۽ ايمبولينس جو انتظار ڪري رهيو آهيان، ۽ پنهنجي ماروٽ موليٰ بخش ڪاري جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان.
    مون کي هڪ ڏينهن مرڻو هو. مان مري ويو آهيان. پر، موليٰ بخش ڪارو ڪيڏانهن ويو! اهڙي پُراسرار نموني الوپ ٿيڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو مري وڃي! ته پوءِ، موليٰ بخش ڪارو مرڻ بدران الوپ ڇو ٿي ويو آهي! اِهو ته چڱو ٿيو جو مان مري ويو آهيان. جيئرو هجان ها، ته موليٰ بخش ڪاري جي مائٽن، خاص ڪري پنهنجي ماميءَ، گُلان پٺاڻيءَ کي ڪهڙو جواب ڏيان ها، جن پَٽَ سَٽ ڪري، ڀاڙو ڀَتو هٿ ڪري موليٰ بخش ڪاري کي داد فرياد لاءِ اسلام آباد روانو ڪيو هو، ۽ منهنجي حوالي ڪيو هو! اسلام آباد جي راڄڌانيءَ ۾ نوڪري ڪندي جيئن ته مون کي ڏهه – پنڌرهن سال گذري ويا آهن، بلڪه گذري ويا هئا، تنهن ڪري ڳوٺ هڻ کڻ خاشخيليءَ ۾ منهنجن مائٽن کي پڪ هئي ته مان اهڙو ڪو وَيَل نه هوندس، ۽ موليٰ بخش ڪاري کي انصاف وٺي ڏيڻ ۾ وسان ڪين گهٽائيندس: کيس انصاف کيسي ۾ وجهي اسلام آباد مان روانو ڪندس! پر، انصاف کي ته ڇڏيو، مان ته مرڳو موليٰ بخش ڪاري کي صحيح سلامت واپس ڪرڻ جهڙو به نه آهيان! مان مري ويو آهيان. ڪلاڪ ڏيڍ کان ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي، اسيمبلي عمارت جي عين سامهون، رستي تي مئو پيو آهيان. موليٰ بخش ڪارو ڪيڏانهن گم ٿي ويو آهي. عجيب ماجرا آهي!
    موليٰ بخش ڪارو ڊپٽي ڪمشنريءَ لاءِ درخواست کڻي اسلام آباد نه آيو هو. هُو پرائمري ماستري موٽائي وٺڻ، ۽ پنهنجو نالو علائقي جي ناپسنديده ماڻهن جي لسٽ مان ڪڍائڻ جي درخواست کڻي آيو هو. ڪُجهه ڏينهن کان مون وٽ رهيل هو. وڏي جاکوڙ کان پوءِ اسان پنهنجي ڳوٺ هڻ کڻ خاشخيليءَ جي ايم اين اي، يعني قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجي ڳوٺ جي طرفان چونڊائي موڪليل ميمبر کي ڳولي هٿ ڪيو هو. جڏهن به وٽس وياسين، هو اسان کي ڏاڍو مصروف نظر آيو هو – ملڻ ۽ اسان سان ڳالهائڻ کان پڙ ڪڍي بيٺو هو. هُو ايتريقدر مصروف نظر ايندو هو، جو اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ وڃڻ جي به کيس فرصت نه ملندي هئي. شروعات ۾ هو جڏهن ڳوٺ هڻ کڻ خاشخيليءَ مان چونڊجي آيو هو، تڏهن ٻه ٽي دفعا اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو هو. هڪ دفعي چَوَن ٿا ته اسيمبليءَ جو اجلاس هلندي کيس ننڊ کڻي ويئي هئي. ان کان سُتت پوءِ، هو ڏاڍو مصروف ٿي پيو هو، بلڪه آهي، مصروف ٿي پيو آهي، ۽ اسلام آباد ۾ مصروف زندگي گذاريندو آهي. هن موليٰ بخش ڪاري سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ کان بنهه انڪار ڪري ڇڏيو هو.
    اسين به سندس در جي چانئٺ جهلي ويهي رهيا هئاسين. هڪڙي ڏينهن مصروفيت دوران الاءِ ڇو ٻاهر نڪتو. اسان ٻنهي تي نظر پيس ته باهه ٿي ويو. رڙ ڪندي پڇيو هئائين، ”اڙي بدبختوءَ! ڪير آهيو جو منهنجي لاءِ چچڙ ٿي پيا آهيو؟“
    اول مون ڳالهايو هو، چيو هيم، ”سائين، مان ڳوٺ هڻ کڻ خاشخيليءَ جي مشهور ۽ معروف قاصائيءَ مراد جو پٽ آهيان، ۽ پنڌرهن سالن کان قوم جي خدمت ڪري رهيو آهيان.“
    ڪاوڙ وچان چيو هئائين، ”اڙي، مون کي ووٽ ڏيئي مون تي احسان ڪيو اَٿَوَ ڇا!“
    ”نه، سائين نه! اها ڳالهه ناهي.“ ڏاڍي نماڻي نوع ۾ چيو هوم، ”مون ته اوهان کي ووٽ به نه ڏنو هو: ڪنهن کي به ووٽ نه ڏنو هو. منهنجو ووٽ ڳوٺ ۾ هو، ۽ چونڊن دوران مان هتي هوس، اسلام آباد ۾، ۽ قوم جي خدمت ڪري رهيو هوس.“
    ڪجهه ڪجهه ٺريو هو. مڇن تي تائو ڏيندي پڇيو هئائين، ”ڪهڙو ڪم اٿئي؟“
    ”ڪم مون کي ناهي.“ چيوم هوم، ”ڪم موليٰ بخش ڪاري کي آهي. منهنجو ماروٽ آهي. منهنجيءَ ماميءَ گلان پٺاڻيءَ جو پٽ آهي. منهنجو مامو مري ويو آهي.“
    ميمبر صاحب جوهه وجهي موليٰ بخش ڪاري ڏانهن ڏٺو هو. ڏسندي ئي ڏسندي سندس اکيون رت هاڻيون ٿي پيون. ناسون ڦونڊارجي ويس. ڏند چنهبائي، تکا، ۽ ڪات جهڙا ٿي پيس. منهنجو ساهه وڃي پيرن ۾ پيو هو. ڪنبندي ڪنبندي چيم، ”سائين، موليٰ بخش ڪاري اوهان کي ووٽ ڏنو هو. هن اوهان لاءِ ورڪ به ڪيو هو.“
    منهنجي ڳالهه ٻڌي اڻٻڌي ڪندي هو سڌو وڃي موليٰ بخش ڪاري جي مٿان بيٺو هو.
    موليٰ بخش ڪارو بنا ڪنهن تاثر جي ميمبر صاحب ڏانهن ڏسي رهيو هو.
    مون وچ ۾ چيو هو، ”سائين، موليٰ بخش ڪارو ڳوٺ هڻ کڻ خاشخيليءَ ۾ پرائمري ماستر هو. ايم اي آهي. کانئس نوڪري کسي، کيس ڳوٺ مان دربدر ڪيو اٿائون.“
    ”مون کي خبر آهي – مون کي خبر آهي.“ ميمبر صاحب ڏند ڪرٽيندي چيو هو، ”مون کي حيرت آهي، ته هيءُ اڃا تائين جيل کان ٻاهر ڇو آهي!“
    ڪجهه نه سمجهندي مون ميمبر صاحب کان پڇيو هو، ”سائين، جيئندا قبلا، منهنجي ماروٽ موليٰ بخش ڇا ڪيو آهي؟“
    ”هن ڳوٺ هڻ کڻ خاشخيليءَ جي ماڻهن ۾ بيچيني، بي اطميناني، ۽ بدامني پکيڙي آهي.“ ميمبر صاحب چيو هو، ”مون کي سموريون خبرون ملنديون رهيون آهن - سنڌ ۾ لڳندڙ ڌاڙن پٺيان تنهنجي ماروٽ جو هٿ آهي. هليا وڃو - نڪري وڃو - ٻيهر هن طرف آيا آهيو، ته ٽيپ کارائيندو مانوَ.“
    ميمبر صاحب در ڦهڪائي اندر هليو ويو هو، ۽ وري ڏاڍو مصروف ٿي ويو هو.
    موليٰ بخش ڪارو اُٿي بيٺو هو. هُن ڪنڌ جهڪائي ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي هلڻ شروع ڪيو هو.
    واٽ تي مون کانئس پڇيو هو، ”موليٰ بخش، تو ڳوٺ هڻ کڻ خاشخيليءَ جي ماڻهن کي ڇا چيو آهي؟“
    هن جواب نه ڏنو هو.
    مون کانئس پڇيو هو، ”تو ڳوٺ وارن کي اِهو ته نه ٻڌايو آهي ته، سج نه اوڀر مان اڀرندو آهي، ۽ نه اولهه ۾ لهندو آهي - ڌرتي پنهنجي گردش سبب ڪڏهن اوندهه جو، ۽ ڪڏهن روشنيءَ جو سفر ڪندي آهي! سج اٽل آهي.“
    موليٰ بخش ڪاري ڪو جواب نه ڏنو هو. ڪنڌ جهڪائي، هو ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي هلندو رهيو هو.
    مون موليٰ بخش کان پڇيو هو، ”تو ڪٿي ڳوٺ وارن کي اهو ته نه ٻڌايو آهي، ته ڳوٺ جي سُڪل کوهه ۾ سچ پچ پاڻي ڪونهي – ۽ ٿوهر پوکي ڏاڙهونءَ ۽ صوف جي اُميد نه لڳائبي آهي!“
    تڏهن، موليٰ بخش ڪارو هلندي هلندي عين اسيمبليءَ جي عمارت آڏو بيهي رهيو هو. هن ڏاڍي عجيب، پڙاڏي جهڙي آواز ۾ چيو هو، ”ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي، جو پوکبو ته ڏاڙهون ۽ صوف جو ٻج آهي، پر موٽ ۾ ٿوهر ملندو آهي.“
    موليٰ بخش ڪاري جو آواز منهنجي روح ۾ لهندو ويو. منهنجو وجود ڪنبڻ لڳو. مون پنهنجي اندر انيڪ آوازن جا انيڪ پڙاڏا ٻڌا، ”ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي، جو پوکبو ته ڏاڙهونءَ ۽ صوف جو ٻج آهي، پر موٽ ۾ ٿوهر ملندو آهي.“
    مان ڦهڪو ڪري، ڪِري پيس. ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي مري ويس. موليٰ بخش ڪارو هڪدم الوپ ٿي ويو.
    مون کي مُئي ٻه ڪلاڪ کن گذري ويا آهن. ڪجهه راهگير بيهي رهيا آهن، ۽ اچرج وچان مون ڏانهن ڏسي رهيا آهن. لڳي ٿو، هنن سڙڪ تي مُئل ماڻهو پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڏٺو آهي. اسيمبليءَ جي عمارت آڏو لوهي شيخن جو لوڙهو بيهارڻ لاءِ هلندڙ ڪم بيهجي ويو آهي. لوهي شيخن کي ڏامر ۾ سيمنٽ ۽ ڪانڪريٽ سان ڦاسائيندڙ مزور مون ڏانهن ڏسي رهيا آهن. اسيمبليءَ جي عمارت آڏو بيٺل ڪمانڊو قسم جي ماڻهن ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي ڪارندن ۾ ڏاڍي بيچيني آهي. هو هڪ ايمبولينس جي اچڻ جا منتظر آهن. حاڪم وقت جي سواري اچڻ کان اڳ هو منهنجو لاش اسيمبلي بلڊنگ آڏو کڻائڻ چاهين ٿا.
    منهنجي چو طرف تماشائين جو تعداد وڌي رهيو آهي. هڪ تماشائيءَ چيو آهي، ”جڏهن لوهه جي شيخن جي پڃري جهڙي ڀت اسيمبلي بلڊنگ آڏو اڀي ڪئي ويندي، تڏهن ان مان ٻه فائدا حاصل ٿيندا. هڪ ته ڪوبه ڪارو ڪوجهو اسيمبلي بلڊنگ جي ويجهو اچي نه سگهندو، ۽ ٻيو ته ڪو به اهڙو تهڙو شخص اسيمبلي بلڊنگ جي عين سامهون مري نه سگهندو، ۽ ملڪ لاءِ بدناميءَ جو باعث نه ٿيندو.“
    مان سمجهان ٿو، ايمبولينس اچڻ کان اڳ حاڪم وقت جي سواري پهچي ويندي. حاڪم وقت آمريڪا ۾ اسٽيچو آف لبرٽي (آزاديءَ جي مجسمي) آڏو اگربتي ٻارڻ جهڙو نمايان ڪارنامو ڪري موٽيو آهي. هو پنهنجا تاثرات، ۽ مشاهدا ميمبرن کي ٻڌائڻ لاءِ هوائي اڏي کان سڌو اسيمبليءَ ڏانهن اچڻو آهي. مون کي حيرت آهي ته منهنجو لاش کڻڻ لاءِ اڃا تائين ڪابه ايمبولينس نه پهتي آهي!
    ائين برابر آهي ته مان اسيمبلي عمارت جي عين سامهون، ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي مري ويو آهيان، ۽ هينئر ڏسڻو اِهو آهي ته حاڪم وقت جي سواري اچڻ کان اڳ مون کي کڻڻ لاءِ هڪ ايمبولينس ايندي، يا حاڪم وقت جي شاهي سواري ايندي! پر مان موليٰ بخش ڪاري جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان. ڪٿي ائين ته ناهي، جو موليٰ بخش ڪاري مون وانگر مري وڃڻ تي گم ٿي وڃڻ کي ترجيح ڏني آهي - ڇو جو مري ويل موٽي نه ايندا آهن، پر، گم ٿيل تاريخ جي صفحن مان ٻيهر موٽي ايندا آهن! ■


    اڄ اُسهان ٿو پرائي ديس

    24 - مارچ 1843 ع جي نماشام، ڪا رواجي نماشام نه هئي. اولهه طرف عرش کي ڄڻ باهه جا ڀنڀٽ ورائي ويا هئا. سنڌ جي آسمان تي لهندڙ سج رت جي لام ڇڏي ڏني هئي. هيٺ ڌرتيءَ کي سنڌڙيءَ جي سپوتن ۽ سرڪش جوڌن رت جو ريج ڏنو. ماحول موت وانگر ماٺ ۽ گنڀير هو. سج اڳ به لهندو هو، پر ان شام جهڙو اداس ۽ المناڪ نه لڳندو هو. شهيدن جي شام ڇا آئي، ڄڻ غيب مان روحن جي آخري سفر جي صدا آئي. فلڪ ۽ ملڪ حيرت وچان دٻي ۾ اکيون اٽڪائي ويهي رهيا.
    دٻي جو ميدان، جتي ٽپهريءَ تائين موت ۽ زندگيءَ جو معرڪو لڳو هو، اتي نماشام تائين مڪليءَ جهڙي ماٺ اچي واسو ڪيو. سڄو ميدان عضون جو ڪوس - گهر هو. هر طرف لاشن جا انبار هئا. منظر اهڙو، جو دلير دهلجي وڃن ۽ ڏونگر ڏري پون! قبرستان جهڙي خاموشي وايو منڊل کي اڳري ويئي. هوائون ساهه روڪي بيهي رهيون.
    ....تڏهن، ميجر جيڪب جي ڪيمپ ۾ سر چارلس نيپيئر جو ڪٽڪ اچي پهتو. نيپيئر جو فتح جو سهرو پنهنجي سر تي رکڻ لاءِ آتو هو. هن اچڻ شرط جام چپن تي آندو، ۽ بيوگل وڄائڻ جو حڪم ڏنو چار سپاهي ميجر جيڪب جي تنبوءَ ٻاهران اچي بيٺا. بيوگلن جو رخ رت آلود آسمان ڏانهن ڪري، ڦڦڙن ۾ ساهه ڦوڪي، فتح جو آواز آلاپيائون. آواز تکو ۽ طويل هو، ۽ سنگينن وانگر سنڌ جي سيني ۾ لهي ويو.
    سنڌ پاسو ورايو. موت جو فرشتو امان گهري پري ٿي بيٺو. هوشوءَ رت – هاڻيءَ جي مٽيءَ مان منهن مٿي ڪيو......
    بيوگل جو آواز ٻڌي، سندس اتاولو روح سانوڻ جي سنڌوءَ وانگر بيقابو ۽ شهزور ٿي پيو. هن کاٻي ٻانهن وڌائي هڪ ڪهاڙي کڻي ورتي. ڪهاڙيءَ جي ڳن کي قابو ڪري، کوڙي، آهستي آهستي، هو ڪارڙو ۽ ڪوجهڙو، طاقتور ۽ قدآور جوڌو، لاشن جي وچ ۾ اٿي بيٺو. هن جو سڄو جسم رت جي کنهبي ۾ رڱيل هو. وارن کان پيرن تائين، عضوو عضوو زخمن کان چچرجي چور ٿي چڪو هوس. ماس لڱن کان ڌار ٿي ويو هوس. ساڄي ٻانهن ڪلهن کان ڪپجي، مشڪن جي هڪ تند ۾ لٽڪي رهي هيس. تيرن ۽ تلوارن، بڙڇين ۽ ڀالن، بندوقن ۽ سنگينن سندس سنڌ سنڌ پرڻ ڪري ڇڏيو هو. هن جي جسم تي چوونجاهه گهرا گهاو هئا.
    هو اٿي بيٺو، ته عذاب جو احساس هيري جي ڪڻ وانگر سندس وجود مان پار ٿي ويو. ڪنڌ ۾ ڪنڍي تير جو رڪ ڦاٿل هوس، ۽ تير جي هيٺان تلوار جو اونهو گهاءُ هوس، جيڪو مشڪن کي ڪپيندو، مغزي ڏوريءَ تائين وڃي پهتو هوس.
    هن آهستي آهستي اکيون کوليون. پنبڻين ۾ رت جا ذرڙا ياقوت جي داڻن وانگر پوتل هئس. تڪليف کان سڄو ماحول رٿ جي ڦيٿي وانگر ڦرندو محسوس ٿيس. اکين آڏو اوندهه اچي ويس. ڇپر ڇپن وانگر ڪري پيس. گوڏا وڃي رت هاڻي مٽيءَ سان لڳس. هن نرڙ ڪهاڙيءَ جي ڳن تي رکي ڇڏيو، سندس رڳ رڳ مان رت ٽمندو رهيو.
    پوءِ، گهڙي کن رکي، سگهه ساري، ڪهاڙيءَ جي ڳن تي زور ڏيئي، ٻيهر اٿي بيٺو. ڦٽ کلي پيس، اندر ۾ عذاب جا آرا هلڻ لڳيس، پر هن آهه کي دل جي قيدخاني مان نڪري چپن تائين اچڻ نه ڏنو – دانهن نه ڪيائين. گهنڊ وجهي، ميجر جيڪب جي ڪيمپ ڏانهن ڏٺائين. سنڌ جي آزاد هوائن ۾ انگريزن جو رنگا رنگي جهنڊو جهولندو ڏسي، سندس وجود ۾ نفرت ۽ حقارت جو ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو. وڙهڻ لاءِ وک وڌايائين، پر وڌائي نه سگهيو. هو نهائينءَ وانگر کامندو، جيءَ ۾ جلندو رهيو.
    پوءِ، اڪيلي سر، جتي سندس سورهيه سرويچ ساٿي سنڌڙيءَ تان جندڙي قربان ڪري شهيد ٿي چڪا هئا، هوشو زخمي شينهن وانگر گجگوڙ ڪري دشمن کي للڪاريو، پڪاريو، ...... رڻ گجيو، راڙو ٿيو.
    بيوگل جي نڙيءَ ۾ ڀانءِ ته پلي جو ڪنڊو اٽڪي پيو. سر چارلس نيپيئر کان ڇرڪ نڪري ويو. ميجر جيڪب جي چپن تائين فتح جام ايندي ايندي ڇلڪي پيو. هو ٻيئي ۽ ڪئپٽن رچرڊسن تنبن مان ٻاهر نڪري آيا.
    هوشوءَ کاٻي هٿ ۾ ڪهاڙيءَ جو ڳن مضبوط ڪري، هڪ ڌڪ سان لڙڪندڙ ساڄي ٻانهن ڪلهي کان ڌار ڪري ڇڏي.
    انگريزن کان دانهن نڪري ويئي. سر چارليس نيپيئر حيرت مان، وچ ميدان ۾ بيٺل سنڌي سورمي ڏانهن ۽ پوءِ ميجر جيڪب ڏانهن ڏٺو.
    ميجر جيڪب چيو، ”هيءُ هوشو آهي. اڄوڪيءَ جنگ ۾، هڪ ڊيميٽرس کان سواءِ رايل برٽش آرميءَ جا سڀئي جوڌا هوشوءَ سان زور آزمائي، مري مات ٿيا آهن.“
    جنگجو پهلوان ڊيميٽرس مٿي کان پيرن تائين لوهه جي زرهه ۾ جهنجهيل هو، هو ٽنهي وٽ اچي بيٺو.
    ميجر جيڪب چيو، ”مان سترهن جنگين ۾ وڙهيو آهيان، مون هوشوءَ جهڙو بي ڊپو ۽ سرڪش جرنيل نه ڏٺو آهي. سندس بي پناهه بهادري ڏسي، مون کي ساڻس نفرت ٿي ويئي آهي.“
    ڊيميٽرس ماٺيڻي لهجي ۾ چيو، ”هوشو جيڪڏهن آسماني ڪتابن کان اڳ پيدا ٿئي ها ته سندس نالو حضرت شمعون سان گڏ لکيو وڃي ها. هن جي دليريءَ جا داستان ڏند ڪٿائن وانگر سنڌ ۾ صدين تائين ٻڌايا ويندا.“
    ”مونکي خبر آهي،“ سر چارلس نيپيئر چيو، ”مون کي اها خبر آهي ته اڄ رڻ تتي جڏهن هوشوءَ جي توب جو بارود ختم ٿي ويو هو، تڏهن هن لوهي توپ ڀاڪر ۾ ڀري، ڦيرائي، اسانجن سپاهين تي اُڇلائي هئي.“
    ميجر جيڪب ڪيپٽن رچرڊسن ڏانهن ڏسندي چيو، ”ڪئپٽن، هوشوءَ اڄوڪي هڪ ڏينهن ۾ اسان جا ايترا ته جوڌا ماريا آهن جو ڳڻڻ کان ٻاهر آهن. مان توکي حڪم ٿو ڏيان ته کيس ماري، سندس سر سنگين تي چاڙهي، سر چارلس نيپيئر آڏو اچي پيش ڪر.“
    ڪئپٽن رچرڊسن، پنهنجي جنگجو پهلوان ڊيميٽرس کي وٺي، ميدان ۾ ڪاهي پيو. هو ٻئي لاشن کي اورانگهيندا ڀڳل هٿيارن کي لتاڙيندا، وچ ميدان ڏانهن ڌوڪيندا ويا، جتي هوشو هماليا جبل وانگر ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو هو.
    اڃا هو ٻيئي هوشوءَ کان ڪجهه پرڀرو هئا ته زرهه ۾ جهنجهيل ڊيميٽرس چيو، ”ڪئپٽن رچرڊسن، هوشوءَ جي بهادريءَ جو ذڪر منهنجي بزدليءَ جو اعتراف نه آهي.“
    ڪئپٽن رچرڊسن منهن ورائي ڊيميٽرس ڏانهن ڏٺو.
    ڊيميٽرس چيو، اڄوڪيءَ جنگ ۾ هوشوءَ جتي جتي پير رکيو ٿي، اتي ڌرتي ڌٻي ٿي، ڪنبي ٿي. تلوار جو وار ڪيائين پئي ته آسمان لرزيو ٿي.
    ”تنهنجن حواسن تي هوشوءَ جو خوف ڇانئجي ويو آهي،“
    ڪئپٽن رچرڊسن چيو، ”هينئر هو زخمي آهي.“
    ”مون اڄ ڏينهن تائين فقط خوف جو نالو ٻڌو هو،“ ڊيميٽرس چيو، ”اڄ جڏهن هوشوءَ کي وڙهندي ۽ وار ڪندي ڏٺو اٿم، تڏهن خوف جو مفهوم سمجهيو اٿم.“
    ڪئپٽن رچرڊسن کي منهن ۾ گهنڊ پيو. هو ٻيئي هوشوءَ ڏانهن وڌندا رهيا، ڳالهائيندا رهيا. نيٺ هوشوءَ کي سڏ پنڌ تي اچي پهتا.
    ڪئپٽن رچرڊسن پنهنجي جنگجو پهلوان جي دل مٿي ڪرڻ لاءِ چيو، ”ڊيميٽرس، تون عهد روم جي گليڊيئٽرن جهڙو بهادر آهين. تنهنجا جنگي جوهر عظيم رچرڊ جي ڪارنامن سان ڀيٽڻ لائق آهن. تنهنجو وار آدمخور چيتي جي اڇل آهي. ڏسين ڇا ٿو، حملو ڪر!“
    ڊيميٽرس هوشوءَ ڏانهن ڏٺو، هوشوءَ هٿ سان پنبڻين ۾ اٽڪيل سڪل رت جا ذرڙا، مهٽي، لاهي ڇڏيا. اڃ کان ٺوٺ ٿيل چپ ڏري پيا هئس. ڳيت ڏنائين، ته رت ٺينڊيون ڪندو ڦڦڙن ۾ وڃي ڦاٿس. هن ڊيميٽرس ڏانهن ڏٺو. ڪهاڙيءَ جي ڳن تي سندس مٺ لوهه وانگر قابو ٿي ويئي. آهستي آهستي ڦريو، ۽ ڪئپٽن رچرڊسن ۽ جنگجو ڊيميٽرس کي دوبدو ٿي بيٺو.
    ”ڊيميٽرس،“ ڪئپٽن رچرڊ سن رڙ ڪئي، ”ڏسين ڇا ٿو حملو ڪر.“
    ڊيميٽرس ڪئپٽن رچرڊسن کان عمر ۾ وڏو هو. هن ڪئپٽن رچرڊسن ڏانهن ڏسڻ بنا چيو، ”ڪئپٽن، هيءُ هوشو، جنهن جو سنڌ سنڌ زخمن کان چور آهي، جيڪو وارن کان پيرن تائين رت ۾ رڱيل آهي، سو اڄ جڏهن اسان جي فوج تي ڪڙڪيو هو ته وڄ وانگر ڪڙڪيو هو، اسان جي صفن ڏانهن وڌيو هو ته طوفان وانگر وڌيو هو. جيئن جيئن بڙڇيون ۽ ڀالا لڳس پئي، تيئن تيئن گجيو ٿي. ڪئپٽن رچرڊ سن، ياد رک، هوشوءَ جو آواز صدين تائين سنڌ ۾ گونجندو رهندو.“
    ڪئپٽن رچرڊسن اٽڪلي هو، حرفتي هو. هن پنهنجي جملي تي زور ڏيندي چيو، ”ته پوءِ ايڏي وڏي جرنيل کي مارڻ جو فخر حاصل نه ڪندين!“
    ڊيميٽرس پنهنجو فولادي ٽوپ مٿي ڪري ڪئپٽن رچرڊ سن ڏانهن ڏٺو، ۽ چيو، ”هوشوءَ کي ڪوبه ماري نه سگهندو!“
    ڪئپٽن رچرڊسن کي پنهنجي جنگجو پهلوان جو جواب ناگوار محسوس ٿيو. هن کهري لهجي ۾ ڊيميٽرس کي چيو، ”ڊيميٽرس مان، رايل برٽش آرميءَ جو ڪئپٽن رچرڊسن، توکي حڪم ٿو ڏيان ته هوشوءَ تي حملو ڪر!“
    ڊيميٽرس سڌو ٿي بيٺو. مياڻ مان تلوار ڪڍندي چيائين، ”مان رايل برٽش آرميءَ جو معمولي پگهاردار سپاهي، تنهنجو حڪم مڃان ٿو. مان پنهنجي قيامت ڪاري ڪريان ٿو. هڪ گهايل ۽ زخمي سورمي تي وار ڪري، مان پنهنجيءَ ماءُ کي لڄايان ٿو.“
    ڊيميٽرس وک کڻي هوشوءَ ڏانهن وڌي آيو. هڪ پگهاردار سپاهيءَ وانگر، تلوار سڌي ڪري هوشوءَ تي وريو.
    هوشو ڪهاڙيءَ جي ڳن تي مٺ مضبوط ڪري، رهيل سهيل طاقت بدن ۾ ڀري، ٻانهن اُڀي ڪري، ڪهاڙي ڊيميٽرس کي اُڇلائي هنئي. ڪهاڙي کنوڻ وانگر کوندي، زرهه کي ڪاغذ وانگر ڪپيندي، ڦر سميت، اڌ ڳن تائين ڊيميٽرس جي سيني ۾ لهي وئي. ڊيميٽرس جي هٿ مان تلوار ڇڏائجي ويئي. وات وحشت مان ڦاٽي پيس، پر رڙ نه نڪتس. هو ڪري پيو. مٽيءَ جي بوتي وانگر ڀري پيو.
    ڪئپٽن رچرڊسن بنا دير جي، اک ڇنڀ ۾، زهريلو ڀالو زخمي ۽ بي هٿيار هوشوءَ کي سموريءَ سگهه سان اُڇلائي هنيو. ڀالو هوشوءَ جي سيني کي چيريندو پٺيءَ تائين پار ٿي ويو. ڀالو هوشوءَ جي سيني ۾ کپي پيو.
    هوشوءَ جي وات مان صدا بلند ٿي:
    ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون!“
    هوشوءَ پنهنجو هٿ ڀالي ۾ وجهي، سٽ ڏيئي، سيني مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي ورتو. ڪئپٽن رچرڊ سن جو ساهه خوف کان سڪي ويو. هن هوش نه سنڀاليو هو جو هوشوءَ اُهو ڀالو چتائي ۽ کپائي، ڪئپٽن رچرڊسن جي کوپر تي وهائي ڪڍيو. ڪئپٽن جي ڪيبراٽي ذريون ذريون ٿي ويئي. هو رڙ ڪري، پهڻ وانگر ڌرتيءَ تي ڪريو ۽ برف وانگر ٺري ويو.
    هوشوءَ اُجهامندڙ اک سان آسمان ڏانهن ڏٺو. آسمان تي لهندڙ سج رت – هاڻي لام ڇڏي ڏني هئي.
    هوشوءَ ڌرتيءَ تي دان ڏنو. سندس هانءَ مان وهندڙ ۽ ٽمندڙ رت ڏسي، جا لڪيءَ چشما بند ٿي ويا. سنڌونديءَ جو وهڪرو ماٺ ۽ سانت ۾ سڪندو ويو. کير ٿر جون سر بلند چوٽيون جهڪنديون – هڪ طويل رڪوع ۾ نمنديون ويون.
    هوشو ٿڙندو ٿاٻڙندو، وک کن وڌيو. اکين اڳيان اوندهه اچي ويس. اکين آڏو ماحول ڌنڌ ۾ ٻڏندو ويس. هو آهستي آهستي، گوڏا کوڙي، رت – ڀنيءَ ڌرتي تي ويهي رهيو.
    روح اڻ – ڪٿ پولار ۾ ڀنواٽيون کائڻ لڳس، ڪائنات جي بي انت پکيڙ ۾ پکيءَ وانگر پرڙا هڻندو رهيس. ڪرنگهو ڪمان ٿيس. هو ابدي سجدي ۾ ڌرتيءَ تي جهڪي آيو. پنهنجا رت – هاڻا چپ سنڌ جي مٽيءَ سان ملائيندي چيائين،
    ”سنڌڙي منهنجي ماءُ،
    جيجل منهنجي ماءُ،
    تنهنجي سڏ تي سر ڏيئي،
    مون جام شهادت پيتو.
    اڄ اُسهان ٿو ديس پرائي،
    جتان وري مان ورندس
    صدين جا رخ موڙي،
    حق جو جهنڊو عرش تي کوڙي،
    ۽ واڳ وقت جي موڙي،
    مان تنهنجي سڏ تي ايندس.
    جيجل منهنجي ماءُ،
    سنڌڙي منهنجي ماءُ،
    جڏهن به توتي اوندهه ايندي،
    ظلم جي نگري ٿيندي،
    رات ڏينهن کي اُڳري ويندي،
    ۽ کيپ ڪوڙ جي ٿيندي،
    مان اِهڙي وقت ۾ ايندس،
    ۽ سر جو صدقو ڏيندس.
    جيجل منهنجي ماءُ،
    سنڌڙي منهنجي ماءُ
    مان تنهنجي خاطر ڏاڍ ڏمر سان وڙهندس،
    سر جي سين هڻي مان ايندس،
    حق تان صدقي ٿيندس:
    مان ايندو رهندس،
    مرندو رهندس،
    مري، وري مان جيئندس،
    پر اڄ اُسهان ٿو ديس پرائي،
    جتان وري مان ورندس.“
    هوشوءَ پنهنجيءَ بيپناهه بهادريءَ ۽ بيمثال حب الوطنيءَ سان دٻي جي شڪست کي سنڌ جي سڀ کان وڏي فتح ۾ بدلائي ڇڏيو.
    جنهن وقت ڪائنات مڪمل اوندهه ۾ گم ٿي رهي هئي، ۽ جنهن وقت انگريزن جي ڪيمپ مان ڪئپٽن رچرڊسن ۽ جنگجو ڊيميٽرس جي موت تي ٽرمپيٽ جي دردناڪ صدا بلند ٿي رهي هئي، تنهن وقت جنرل هوش محمد شيديءَ پنهنجي زندگيءَ جا آخري ساهه کنيا ..... ۽ پوءِ، ٿڪل ٽٽل ٻار وانگر، جيجل سنڌ جي هنج ۾ منهن رکي سمهي پيو. ■


    زندگي هڪ ڪُن

    هيءَ عورت، جنهنجا اڻڀا وار وکريل، اکيون اداس آهن ۽ جيڪا ڏسڻ ۾ ڏٻري، ڪمزور، ٿڪل ٽٽل ۽ بيمار ٿي اچي. تنهن اڄ صبح جو هڪ حرامي ٻار کي جنم ڏنو آهي.
    گهڙيءَ گهڙيءَ کي گهات، ۽ پل پل کي پڇتاءُ ڪرڻ لاءِ گهڻن ئي جانٺن جوانن سندس ساٿ ڏنو، پر زندگيءَ جي ڀوائتي سفر ۾ هميشه گڏ رهڻ وارو ڪوبه ڪونه هيس. هوءَ رنڊي آهي. وئشيا آهي. اهڙين عورتن جي وجود مان جنم وٺندڙ ٻار حرامي سڏائيندا آهن.
    هينئر هوءَ وڪٽوريا روڊ تي سينٽ ميري چرچ ٻاهران بيٺي آهي. شوڪيسن جي جرڪندڙ روشني شيشن مان پار ٿيندي سندس گدلي، ميري وجود کي اجاگر ڪري رهي آهي. سندس نگاهون عبادت گاهه جي ڀت تي اُڪريل بيبي مريم جي مجسمي تي کتل آهن. اليڪٽرڪ پول جي ٽيوب لائيٽ ۾ اُڪريل نقش جي هڪ هڪ ليڪ ظاهر آهي، کيس چٽي طرح نظر اچي رهي آهي. بيبي مريم جي هنج ۾ ننڍڙو، ابهم عيسيٰ آهي ۽ چپن تي ابدي ۽ لازوال مرڪ.
    هن عورت جا چپ سڪل آهن، جڳهه جڳهه تان ڦُٽل آهن. سندس منهن تي مايوسيءَ جون ريکائون آهن. هوءَ وياڪل آهي، ويراڳڻ آهي. سندس ٻانهن ۾ ان ٻار جو لاش آهي، جنهن کي نَوَ مهينا پنهنجن تن ۾ سانڍي اڄ صبح جو هن دنيا ۾ آندو هئائين. دنيا جي گوڙ گهمسان ۾ ٻارڙو فقط هڪ رڙ جو اضافو ڪري خاموش ٿي ويو هو. تڏهن، هن عورت جي سيني ۾ ممتا جو جگر ڏري پيو ۽ سندس اميدن جا پاڇا هڪ ئي حقيقت جي اُس ۾ گم ٿي ويا. هن ٻانهون ڦهلائي اڏرندڙ رڙ کي جهٽڻ چاهيو هو. ۽ پوءِ، ٻئي لمحي، پنهنجي ئي سيني ۾ منهن لڪائي روئي پئي هئي – پنهنجي مجبوريءَ تي، بيوسيءَ تي، تمنا جي لاش تي روئي، رڙي، هنجون هاري، لڙڪ لاڙي، آليون اکيون ويهاڻي جي ڇَوَ سان اُگهي دائيءَ ڏانهن ڏٺو هئائين. دل تي بار هلڪو ۽ درد جي پيڙا کان پاڻ کي آجو ٿيندو محسوس ڪيائين. دائيءَ ڏانهس ڌيان نه ڏنو ۽ پنهنجي ڪم ۾ رُڌل رهي. هوءَ گذريل پنجويهه سالن کان عورتن کي ويم ڪرائيندي ۽ ڪنوارين جا حمل ڪيرائيندي رهي هئي. پنهنجي هنر ۽ فن جي ماهر هئي. کيس ڄاڻ هئي ته مئل ٻار جي ڄمڻ تي يا ڄمي هڪدم مري وڃڻ تي هر ڪا عورت اهڙي نموني ئي هنجون هاريندي ۽ آهه و زاري ڪندي آهي. جيئن ليليٰ ڪئي هئي. ٻار جي لاش تي جڳ مان پاڻي پيٽيندي هن منهن ورائي ليليٰ ڏانهن ڏٺو.
    ليليٰ ٽهڪ ٻڌي گينڊيءَ ۾ پاسيرو پيل ٻار جو لاش ڏسي رهي هئي. ٻار جون ٻئي اکيون ٻوٽيل، گوڏا سيني سان لڳل ۽ بند هٿن جون مٺيون کاڏيءَ هيٺان هئس. ڪڪا وار رت ۾ ڳوهجي ٻار جي نرڙ ۽ لوندڙين کي چنبڙي پيا هئا.
    ”چڱو جو مري ويو.“ ليليٰ جي هڪ جملي دائيءَ جي تجربن جو بنياد اُٿلائي ڇڏيو.
    ”ڇو؟“
    ”ڇو!“ ليليٰ دائيءَ ڏانهن ڏسندي چيو، ”وار اُس ۾ ته اڇا نه ڪيا ٿئي.“
    دائيءَ ٻار جي وارن مان رت جا تهه ڇڏائيندي وراڻيو، ”جن ماڻهن جا وار اُس ۾ اڇا ٿيندا آهن، سي سڀئي بيوقوف ڪونه ٿيندا آهن، ليليٰ. ۽ جن جا وار ڇانوَ ۾ اڇا ٿيندا آهن، سي سڀئي سياڻا نه هوندا آهن.“
    ”تنهنجون ڳالهيون ڪاري گڏهه جا ٽٽ آهن، دائي ساران،“ ليليٰ چيو، ”جيئرو رهي ڇا ڪري ها! سور ۽ سختيون سهي ها. ڪير به کيس ڀر ۾ بيهڻ نه ڏي ها.“
    ”ڇو؟“
    ”ڇو جو رنڊيءَ جو پٽ سڏائي ها، حرامي سڏائي ها. ڪوبه سندس پيءُ نه هجي ها.“
    ”حضرت عيسيٰ کي به پيءُ نه هو.“ دائي ساران جا لفظ ٺٺوليءَ ۾ ٻڏل هئا. سندس جملو دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ چڀندڙ نفرت مان ڦاٽ کائي نڪتو هو.
    ”حضرت عيسيٰ خدا جو پٽ هو، ساران.“
    ”ڪفر ٿي بڪين لئي،“ ساران جي سڄيل منهن تي شرارت آميز مرڪ نمودار ٿي.
    ”ڪفر! هون،“ ليلا ويهاڻي تان منهن کڻي فرش تي ٿڪ اُڇلائي، ”مان هندن، مسلمانن ۽ عيسائين سان راتين جون راتيون سمهي چڪي آهيان. منهنجو ڪوبه مذهب ڪونهي. مان وئشيا آهيان.“
    ان جواب تي دائي ساران ٻئي هٿ گوڏن تي رکي ڏانهس نهاريو هو. کيس جواب نه ڏنو هئائين. هن هڪ نظر ۾ ليليٰ جون ڳتيل ڀرون ۽ ڀرون پٺيان مغز ۾ پيدا ٿيل ڪروڌ جاچي ورتو. کيس سڌ هئي ته ان ڪروڌ کان پوءِ ليليٰ جي تن بدن مان ضد جو آتش فشان ڦاٽي نڪرندو. هوءَ بنا ڪنهن سوچ سمجهه جي، جيڪي ڪجهه اندر مان اُڌما کائي نڪرندس اوڪاريندي ويندي، ٿوڪاريندي ويندي. ذهن ۾ لڳل آڳ جي شعلن ۾ سڙندي، پچندي، پڄرندي هوءَ ڪنهن جي به پرواهه نه ڪندي آهي. ٺوڪر سان سيٺين کي پنهنجي پاسي مان اُٿاري کڙو ڪندي آهي. هڪ دفعو حد جي صوبيدار کي سپاهين جي موجودگيءَ ۾ گار ڏيئي منهن ۾ ٿُڪَ هنين هئائين، ۽ پوءِ کيس ان جرم جي عبرتناڪ سزا ڀوڳڻي پئي هئي.
    ڳالهه جو رخ مٽائڻ خاطر ساران چيو، ”لاش آءُ پاڻ سان ڳني ٿي وڃان. گورا قبرستان وٽ ڪنهن کڏ ۾ ڦڳائينديس.“
    ليليٰ کيس جواب نه ڏنو.
    دائي ساران لاش تي جگ مان پاڻي به پيٽيندي وئي ۽ هڪ هٿ سان مهٽيندي به وئي. گينڊيءَ جو پاڻي ڳاڙهو ٿيندو ويو. ٻار کي ٻانهن کان وٺي مٿي ڪري، مٿائنس پاڻي پيٽيائين. ٻار جو کير جهڙو بدن اڇو اجرو ٿي ٻهڪڻ لڳو. پاڻيءَ جا ڦُڙا بدن تي موتين وانگر جرڪڻ لڳس. هڪ ٻانهن دائي ساران جي مٺ ۾ ۽ ٻي پاسي کان لڙڪي رهي هيس. ٽنگون، ننڍڙيون ننڍڙيون، ڪونئريون ڪونئريون، هڪ ٻئي کان ڌار، ڪنڌ ۾ خم. منهن کاٻي ڪلهي تي پيو هوس.
    ليليٰ جون اکيون ٻار ۾ اٽڪي پيون. جڏهن کان سندس پهريون مهينو بند ٿيو هو. تڏهن کان هن لاتعداد اميدون ٻار ۾ اٽڪائي ڇڏيون هيون. کيس بدناميءَ جو ڀَوُ نه هو ڇو جو هوءَ اڳ ئي بدنام هئي، نالي چڙهي هئي. کيس پڪ هئي ته سندس پيٽ ۾ ٺهندڙ ٻار ڇوڪرو هوندو. هو گول گول، نرم نرم، پشم جهڙو ڪونئرو ۽ صحتمند هوندو. هوءَ پنهنجي لال کي اهڙي نموني پاليندي، نپائيندي، جنهن جا صدين تائين مثال ڏنا ويندا. هوءَ ڪراچيءَ مان هلي ويندي. پيشو ڇڏي ڏيندي. هر ممڪن ڪوشش ڪري پنهنجي ڀيانڪ ۽ داغدار ماضيءَ جو پاڇو پنهنجي ٻار تي پوڻ نه ڏيندي. ۽ پوءِ، پنجون مهينو لڳنديئي هن پيشو ڪرائڻ ڇڏي ڏنو. سيٺين ۽ سرڪاري آفيسرن جون موٽرون در تان موٽائي ڇڏيائين. هر وقت، هر گهڙي ڪنهن ويچار ۾ گم، اميدن جي ريگستان ۾ خيابانن جو تصور کڻي مرڪندي رهندي هئي – امڙ منهنجي پياري امڙ، تون منهنجي لاءِ ايڏي محنت نه ڪندي ڪر. ڏس، تنهنجي هٿن ۾ لڦون پئجي ويون آهن، تنهنجي آڱرين جا ڏوڏا گسي ويا آهن. هوءَ جواب ۾ مرڪندي، پيار کان بيتاب ٿي پنهنجي پٽ جو چهرو چمڻ لڳندي هئي ۽ هڪ ڏينهن، هڪ ڏينهن هو ڊوڙندو ايندو، امڙ، مان ..... مان، يونيورسٽيءَ ۾ پهريون نمبر آيو آهيان. هينئر توکي محنت نه ڪرڻي پوندي، هينئر مان ڪمائيندس، محنت ڪندس دنيا جو هر هڪ سک سميٽي، ميڙي، گڏ ڪري تنهنجي آڏو اچي رکندس. هوءَ کلندي، پنهنجي لال کي سيني سان لڳائيندي، سندس چهرو چمڻ لڳندي. هوءَ ائين ئي سوچيندي رهندي هئي. اميدن جي ريگستان ۾ خيابانن کي تلاش ڪندي رهندي هئي. موٽ ۾ کيس ملي ريگستان جي رڃ ۽ سڃ، ساڻو ڪندڙ اُڃ. موٽ ۾ مليس هڪ هلڪڙي رڙ، هڪ دانهن، جنهن کي هوءَ جهٽي نه سگهي.
    ”آءُ وڃان ٿي ليليٰ.“ ساران جي آواز تي ليليٰ جي خيالن جو سلسلو ڇڄي پيو.
    ”ڪيڏانهن؟“
    ”گورا قبرستان جي ڪنهن کڏ ۾ لاش ڦڳائينديس.“ دائي ساران ٻار جو لاش ٽوال ۾ چهائي، ڪاري ڪپڙي ۾ ويڙهي پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ وجهي ڇڏيو هو. هوءَ وڃڻ لاءِ تيار هئي. ليليٰ جي دل رکڻ لاءِ چيائين ”تون دلجاءِ ڪر ليليٰ.“
    دلجاءِ! دل ليليٰ جي وس ۾ نه هئي. رکي رکي اُڌما پي کاڌائين. دل خيالن جي سمنڊ ۾ لڙهندي رهيس. ويچارن جي وير سندس سڪون جي ڪنارن کي لٽي ڇڏيو، ۽ هوءَ وهمن ۾ وڪوڙجي وئي - ٻار جي لاش تي ڳجهن کي لهندو ڏٺائين - ڇتن ڪتن کي ٻار جون ٻوٽيون چٻاڙيندي ڏٺائين - وهمن جي ڪارن ڪوهن تان به ڪانو اُڏامندا آيا - ڪيڪون ڪندا آيا - ٻار جي سيني تي ويهي پنهنجيون ڪاريون نوڪدار چهنبون ٻار جي اکين ۾ ٽنبي، ڇڪي ٻاهر ڪڍيائون - ٻار جا تارا ڪانون جي چنهنبن ۾ هئا.
    ليليٰ کان دانهن نڪري وئي، ”نه ساران نه.“
    ساران ڳوٿري رکي ليليٰ ڏانهن نهاريندي چيو، ”اڪيلائيءَ کان ڏڪين ٿي ليليٰ؟“
    ”ها ساران، ڏڪان ٿي،“ ليليٰ دل جي ڳالهه زبان تي نه آندي.
    ”پهلوان سان نه ڦٽائين ها ته لئي هن ڏکئي وقت ۾ تنهنجي ڪم اچي ها.“
    ”لعنت موڪل پهلوان تي،“ ليليٰ نفرت وچان چيو، ”دلو، حرامي، منهنجي ڪمائيءَ مان ٽي حصا پاڻ کڻندو هو، سوئر.“
    ”ٽي حصا پاڻ ته هڙپ نه ڪندو هو. ان مان ٻه حصا حد جي پوليس کي به کارائيندو هو.“
    ”توکي خبر ناهي ساران. ڪمينو هو.“
    ”پر تنهنجي لاءِ گراڪ فسٽ ڪلاس آڻيندو هو.“
    ”مان ٿرڊ ڪلاس آهيان ڇا!“
    ”نه لئي نه،“ ساران وراڻيو، ”تون ته مرڳو فرشتن جا وضو به ٽوڙي ڇڏين.“
    ليليٰ جي اُداس، بي رونق منهن تي هلڪي مرڪ تري آئي. مرڪ آئي، ترسي، هلي وئي پر هن نه ڳالهايو.
    ساران ڳالهايو، ”مان وڃان؟“
    ”نه ساران،“ ليليٰ پاڻ کي ٺوٺين تي مٿي ڪندي چيو، ”ڪجهه دير لاءِ نه وڃ.“
    ”ڇو، ڪجهه پڇڻو اٿئي؟“
    ”ها.“
    ”ڇا؟“
    ”مان ......“ هوءَ هٻڪي پئي. جملو پورو ڪري نه سگهي.
    ”ڏس ليليٰ، آءُ توکي هڪڙي صلاح ڏيان ٿي،“ دائي ساران ليليٰ جي پلنگ ڏانهن وڌي آئي، ”وري ڪڏهن به ٻار ڄڻڻ جي غلطي نه ڪجانءِ. آپريشن ڪري ٻچي داني ڪڍرائي ڇڏ، يا هر هفتي پابنديءَ سان املداس جو جلاب وٺندي ڪر.“
    ليليٰ کيس جواب نه ڏنو. دائيءَ ڳوٿري کڻي ليليٰ ڏانهن ڏٺو ۽ در ڏانهن وڌي وئي.
    ”منهنجي دل نٿي چاهي ساران“
    ساران در وٽ بيهي رهي. اتان ئي منهن ورائي پڇيائين، ”ڇا نه ٿي چاهي؟“
    ”ته منهنجو ٻار ڪنهن کڏ يا گند جي ڊهه تي ڍونڍ ٿي سڙهندو رهي.“
    ”تون ڇا ٿي چاهين؟“
    ”مان نٿي چاهيان ته منهنجو ٻار مرڻ کان پوءِ به اڌ وال ڌرتيءَ کان محروم رهي.“
    ”ناجائز ٻارن جا لاش دفنائبا ناهن، فقط اُڇلائبا آهن.“
    ”ڇو؟“
    ”ڇو جو انهن ٻارن جو به حضرت عيسيٰ وانگر پيءُ نه هوندو آهي.“ ساران جي منهن تي پُراسرار مرڪ ڦهلجي وئي. زندگيءَ ۾ جيڪي لاتعداد تجربا تحفي طور مليا هئس، تن ۾ هوءَ پنهنجي ميگهواڙ گهراڻي مان هڪ هندو سيٺ جي پٽ سان ڀڄي وئي هئي، جنهن کيس چڱي طرح چوڙيو ماڻيو ۽ کيس واڻياڻي ڪري ٿر ڏانهن گم ٿي ويو. ميرپورخاص ۾ هڪ ملان کي هٿ لڳي وئي، جنهن کيس مسلمان ڪري ساڻس نڪاح وجهي پنهنجي چوٿين زال ڪري پنهنجي گهر وٺي ويو. ساران کي اها ڳالهه نه وڻي هئي ۽ ملان کي چيو هئائين، تنهنجو گهر آهي يا چڪلو! هڪ مرد ٿي چئن عورتن سان عيش ٿو ڪرين. مان به چئن مردن سان هڪ مهل شادي ڪنديس.“ ملان ٺهه پهه کيس طلاق ڏيئي ڇڏي. ان کان پوءِ حيدرآباد جي هڪ گرجا ۾ ڀنگياڻي ٿي ڪم ڪرڻ لڳي، جتي گرجا جي فادر سان 6 مهينا کن ناجائز تعلقات رکڻ کان پوءِ سندس ئي چوڻ تي، ڪرستان ٿي هئي. حيدرآباد ۾ هوءَ هڪ دفعو ٻيهر جنت جي لالچ ۾ امام دين نالي هڪ چرسيءَ جي چوڻ تي مسلمان ٿي ڪراچيءَ کان وڃي نڪتي. ڪراچيءَ ۾ امام دين کانئس برنس روڊ جي هڪ فليٽ ۾ پيشو ڪرائيندو هو. هڪڙي ڏينهن امام دين نشي ۾ چور لڏندو لمندو آيو ۽ ٽرام کي مڇر سمجهي هلندڙ ٽرام کي ٽڪر هڻي ڪڍيائين، ۽ ٿڏي تي مري ويو. تڏهن کان ساران پنهنجي فليٽ تي ”زچه خانه جو بورڊ هڻي ٻار ڄڻائڻ ۽ ڪيرائڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ اڃا تائين ڪندي ايندي آهي.
    ليليٰ جي ٻار جو لاش کڻي هوءَ در ڏانهن وڌي وئي. ليليٰ کيس سڏ ڪري روڪيو، ”ڪجهه به ٿي پوي ساران، مان پنهنجي ٻار جو لاش ڪتن جي حوالي نه ڪرائينديس.“
    دائي ساران ڳوٿري در وٽ رکي ليليٰ ڏانهن وڌي آئي. هڪ پير پلنگ تي رکندي کهري آواز ۾ چيائين، ”مغز ته خراب نه ٿئي ليليٰ؟“
    ”مغز!“ ليليٰ جي ڇوڏن لڳل چپن تي هڪ ويران مرڪ ليئو پائي گم ٿي وئي.
    ”ڏس ليليٰ“ ساران ليليٰ جي ڀرسان ويهي رهي. وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي چيو، ”تون ٻار ناهين ليليٰ تنهنجو دوست ڪوبه نه ۽ دشمن گهڻا آهن. اجايو پاڻ کي لئي ڪنهن مصيبت ۾ نه وجهي ڇڏين.“
    ”پنهنجي ٻار کي دفن ڪرائڻ ڏوهه آهي؟“ ليليٰ پڇيو.
    ساران لاجواب ٿي ليليٰ ڏانهن نهاريو.
    ”مون کي جواب ڏي ساران. پنهنجي ٻار کي دفن ڪرائڻ ڏوهه آهي؟“
    ”تنهنجو ٻار ناجائز آهي. کيس پيءُ ڪونهي جيڪو سندس لاش کي رسم مطابق دفن ڪرائي سگهي.“
    ”پيءُ ڪونهيس ته ڇا ٿيو. ماءُ ته آهيس. مان سندس ماءُ موجود آهيان. مون کي پنهنجي ٻار جو لاش دفن ڪرائڻ جي اجازت ڪونهي؟“
    ”آهي. ڇونه آهي،“ ساران لاجواب ٿي وراڻيو، ”تون ڏاڍي ڌوم ڌام سان پنهنجي پهرين غلطي گم ڪرائڻ ٿي چاهين ڇا!“
    ”ها،“ ليليٰ اُٿي ويٺي. ”مان اسلامي ريتن رسمن مطابق پنهنجي ٻار جو لاش دفنائڻ چاهيان ٿي.“
    ساران جي اکين ۾ اچرج ۽ حيرت جي روشني تري آئي. هوءَ سوسائٽيءَ ۾ پنڌرهن - ويهن کن ”آرٽسٽ“ ڇوڪرين جي تپاس ڪندي آهي، جيڪي ٽولين ۾ يا اڪيلي سر ڪيبري ۽ اسٽيج آرٽسٽ سڏائي پيشو ڪرائينديون آهن. منجهائن ڪنهن کي به ڪو جنسي مرض وڪوڙي ويندو آهي تنهنجو يوناني نسخن ۽ ڦڪين پُڙين سان علاج ڪندي آهي. انهن ۾ فقط ليليٰ ئي آهي جيڪا سندس چئي کان نڪري ويندي آهي.
    ”اجايو ضد نه ڪر ليليٰ،“ ساران کيس سمجهايو، ”ان لاءِ توکي بي - ڊي صاحب کي اطلاع ڏيڻو پوندو. توکان طرحين طرحين جا سوال پڇندو ....۽ .... ممڪن آهي ته توتي ٻار کي گهٽو ڏيئي مارڻ جو الزام به لڳائي.“
    ”هو ائين نه ڪندو.“
    ”ڪندو. پاڻ کي سرخرو ڪرڻ لاءِ ڪندو. ڪُري لئه پاڻ کي اجايو مصيبت ۾ ٿي وجهين لئي.“
    ليليٰ خاموش ٿي وئي. پيشانيءَ جا ليڪا اُڀري آيس چيائين، ”مان ماٺ ميٺ ۾ ٻار کي دفن ڪرائينديس. ڳجهن جي حوالي نه ڪرائينديس.“
    ”اهو ڪم مون کان نه ٿيندو. آءُ پاڻ کي قانون سامهون نٿي آڻيان هرو ڀرو آفيسرن ۽ پوليس ۾ عزت ويندي رهندي.“
    ”اهو ڪم مان ڪنديس، ساران.“
    ”تون!“
    ”ها، مان.“
    ”چري نه ٿيءُ.“
    ”تبليغ نه ڪر.“
    ”آءُ توکي ڌيءَ وانگر چاهيندي آهيان. ڪيئن نه سمجهايائين.“
    ”تون ڪوڙي آهين، ڏڪڻي آهين ساران.“
    ”ليليٰ!“
    ”منهنجو ٻار منهنجي ڀر ۾ رکي هتان هلي وڃ.“
    ساران جا پير ڌرتيءَ کي چنبڙي پيا. سڄو تجربو ڪنن مان سيٽيون وڄائيندو نڪري ويس. زبان تارونءَ سان وڃي لڳس.
    ”ڏسين ڇا ٿي،“ ليليٰ ڪاوڙ منجهان چيو، ”دير نه ڪر. ٻار منهنجي ڀر ۾ رکي هتان هلي وڃ.“
    ”ليليٰ.“
    ”نڪري وڃ، ۽ وڃي پنهنجن ڌڳڙن کي سلام ڏي.“
    ساران ڳوٿريءَ مان ڪاري ڪپڙي ۾ ويڙهيل ٻار جو لاش ڪڍي ليليٰ جي ڀرسان پلنگ تي رکي، تڪڙا قدم کڻندي ٻاهر هلي وئي.
    ساران جي وڃڻ کان پوءِ ليليٰ ڪجهه دير تائين لاڳيتو ڪمري جي ڇت کي گهوريندي رهي. دل جي اڙٻنگائي ۽ دماغ جي چنتا سندس ذهن کي ولوڙي ڇڏيو. ڏسنديئي ڏسندي ڇت ڪوهيڙي وانگر ڌنڌ جا ڪڪر ٺاهي بيهي رهي. ليليٰ جون نگاهون ڇت جي ڪوهيڙي مان پار ٿينديون ويون. اڳتي وڌنديون ويون. ڌوڪينديون ويون. لامحدود خلائن ۾ تحليل ٿينديون ويون. ليليٰ جي اکين آڏو سڄي ڪائنات هڪ طويل، بي انت بيان ۾ بدلجي وئي هن پاڻ کي واريءَ جي ڀٽن ۾ اڪيلو ڏٺو. هر طرف، نگاهه جي پهچ تائين چلڪندڙ واري ۽ واريءَ جا دڙا سندس تنهائيءَ جو احساس وڌي ويو. ريگستان جي خاموشيءَ ۾ هوائن جا سيسڙاٽ، واريءَ تي رڃ، نڙيءَ ۾ اُڃ، مٿان جلندڙ سج جو گولو. اوچتو خاموش فضا ۾ واريءَ جي طوفان جو گهمسان جاڳي اٿيو. اک ڇنڀ ۾ جبل جيڏا واريءَ جا دڙا پنهنجي جاءِ تان گم ٿي ويا ۽ جتي لس هئي، اُتي فلڪ بوس پهاڙن جيڏا واريءَ جا دڙا کڙا ٿي ويا. سج جو ٻرندڙ گولو آسمان جي چمٽي مان ڇڏائجي ويو ۽ ڦرڻيءَ وانگر ڦرندو، بولاٽيون کائيندو ريگستان تي لهڻ لڳو. واري تپي لوهه ٿي وئي. واريءَ مان اُٿندڙ، موٽ کائيندڙ ڪرڻن ۾ سڄو بيابان سمنڊ وانگر ڇوليون هڻڻ لڳو. سڄو ماحول ڪنهن پُراسرار تندور جي دائري ۾ گهيرجي ويو. وحشت ۽ دهشت کان ليليٰ جون اکيون ڦاٽينديون ويون. سڄي بدن مان پگهر جا آخري ڦُڙا به نڪري ويس. اڃ ۽ خشڪيءَ سبب سندس ڏريل چپن ۽ زبان مان رت ٽمڻ لڳو. سنڌ سنڌ ڦٽندو ويس. سندس عضوي عضوي مان رت ريلا ڪري وهندو رهيو ۽ واريءَ ۾ جذب ٿيندو رهيو. گوڏن تائين ٽنگون واريءَ ۾ گجر وانگر پچي پيس. انگ انگ ۾ باهه ڀڙڪندي محسوس ڪيائين. تڏهن هن دل ئي دل ۾ مري وڃڻ جي تمنا ڪئي، پر سندس لفظ جلي ڀسم ٿي ويا هئا. هن روح جي گهراين مان رڙيون ڪري روئڻ چاهيو پر سندس آواز به سڙي خاڪ ٿي ويو هو. ليليٰ جي گوڏن مان ست نڪرندو ويو ۽ هوءَ اونڌي منهن پڄرندڙ واريءَ تي وڃي ڪري. سندس وجود مان اذيت ناڪ تڪليف جي ڪري سيسڙاٽ نڪري ويو. سڄي قوت سان پاڻ کي ڪنڊيءَ ۾ ڦاٿل مڇيءَ وانگر اُڇل ڏنائين.
    ۽ اوچتو، ڪنهن از غيبي مقناطيس سج جي گولي کي سٽ ڏني. سج گهڙي کن لاءِ ڌرتي ۽ آسمان جي وچ ۾ لٽڪي پيو ۽ پوءِ آسمان ڏانهن موٽڻ لڳو. واريءَ جي ڇولين ۾ وير واري خاموشي موٽي آئي. ريگستان ڪوهيڙي ۾ بدلجي ويو ۽ ڪوهيڙو ڦرندو گهرندو ڪمري جي ڇت ٿي پيو، جنهن جي وچ ۾ وڏو سائي رنگ جو گلوب لٽڪي رهيو هو.
    ليليٰ بي اختيار ٿي ٻار جي لاش سان چنبڙي پئي. وار چمي، چهرو چميائينس. ننڍڙا پتڪڙا هٿ کڻي چمڻ لڳي ۽ اوچتو هڪ سڏڪو، هڪ آهه اندر مان اُڀريس ۽ هوءَ پنهنجي ٻار جي لاش کي هنج ۾ کڻي روئي پئي. سندس اکين مان اشڪ وهندا، ٻار جي نازڪ ڳلن ۽ نرڙ کي آلو ڪندا رهيا.
    جڏهن سيني ۾ اڻڄاڻ چتا جا آخري شعله گهور نراشا جي رک کي ڀاڪر پائي سمهي پيا، ۽ جڏهن من جو مونجهارو بي چين سمنڊ جي ڪنهن خاموش وير وانگر موٽي ويو، تڏهن ليليٰ جي ذهن ۾ ٻار جو مسئلو ڪنهن ڏند ڪٿا جي راڪاس وانگر ڏند شيڪي بيهي رهيو.
    هوءَ ڇرڪ ڀري اُٿي ويٺي. ٻار جو لاش هنج مان لاهي پلنگ تي ليٽايائين. مٿس چادر وجهي ڇڏيائين. جنهن ڪم جي هام ڀري هئائين، سو مرحلو مشڪل نظر آيس. ڪير آهي جيڪو ٻار کي قبرستان تائين کڻي ويندو - ڪير آهي جيڪو مناسب جاءِ تي قبر کوٽائيندو. ڪير آهي جيڪو ٻار جي ڄمڻ ۽ مرڻ جو اطلاع اختياريءَ وارن کي ڏيندو – ڪير آهي، ڪير به نه، ڪو به نه.
    هوءَ بيچين ٿي اُٿي ڪمري جي هر ڪا شيءِ سندس نظرن جي دائري ۾ ڀنواٽيون کائڻ لڳي. دل ڪنهن ڌٻڻ ۾ لهندي ويس. جنهن بيپناهه درد مان جان آجي ڪرائي هئائين، تنهنجي تڪليف وساري ڇڏيائين. پلنگ جي پاٽيءَ تي ويهي، ٻئي ٺوٺيون گوڏن تي رکي، منهن ٻئي هٿن ۾ جهلي سوچ ۾ غرق ٿي وئي.
    تڏهن ٽٽل خيالن جا سلسلا ٻيهر جڙڻ لڳس. پنهنجي ٻار کي رسم مطابق دفنائڻ جو ارادو سندس ذهن ۾ پختو ٿي ويو. سوچيائين: پنهنجي ٻار جي لاش کي سپرد خاڪ ڪرڻ لاءِ اهو ڪي ڪندي ڄڻ ٻار ڄمندي نه مئو هو بلڪه ڦوهه جوانيءَ ۾ اجل سان وڃي مليو هو. ٻار کي غسل ڏياريندي، ڪفن ۾ ويڙهيندي. لاش تڏي ۾ نه پر انجمن اسلامي جي ڏولي ۾ قبرستان موڪليندي. جنهن وقت هجوم ماڻهن جو جنازي کي ڪلهو ڏيندو قبرستان ڏانهن روانو ٿيندو، تڏهن هوءَ اوڇنگارون ڏيئي روئي پوندي، سڏڪا ڀريندي ڀريندي سندس ساهه درد جي ٿوهر سان وچڙي پوندو.
    خيالن جي سلسلي جون ڪڙيون هڪ هنڌ اچي ٿي پيس. هن منهن ورائي ٻار جي لاش تان چادر لاهي ڇڏي. ڪجهه دير تائين بنا اک ڇهنبڻ جي ٻار جي ڪومايل منهن ۾ ڏسندي رهي. هيٺ جهڪي، ٻار جي سرد ڳل تي چمي ڏيندي چيائين: تون حضرت عيسيٰ نه آهين منهنجا لال، دنيا جي هر عورت تنهنجي ماءُ، هر ٻار تنهنجو ڀاءُ آهي.
    ٻار تي ٻيهر چادر وجهندي ليليٰ فيصلو ڪيو ته هوءَ پنهنجي حسن ۽ جوانيءَ جو خيال نه ڪندي، هر رات اٺن اٺن گراهڪن وٽ ويندي، پنهنجو هڏ گڏ پائمال ڪرائيندي ۽ دولت گڏ ڪندي رهندي. هڪ ڏينهن پنهنجي لال جي قبر تي تاج محل اڏائيندي.
    خيالن جي ان سلسلي کي ٻار دفنائڻ جو مسئلو ڳڙڪائي ويو. ڪو ته هوندو جيڪو منهنجي مدد ڪندو، هن ڏکئي وقت ۾ منهنجي ڪم ايندو، هن سوچيو. هن تصور ۾ هر ان مرد جي تصوير آڻي مِٽائي ڇڏي جنهن سان ڪڏهن سندس خاص تعلق رهيو هو. کيس هڪ رسالي جو فوٽو گرافر ياد آيو، جيڪو ساڻس سچي محبت جي دعويٰ ڪندو هو، ۽ هڪ ڏينهن کيس دوکو ڏيئي سندس اگهاڙا فوٽا ڪڍي ورتا هئائين. انهن فوٽن جي آمدنيءَ مان هن موهير وول جو ڪمپليٽ سوٽ سبايو هو. ليليٰ چپن ۾ فوٽو گرافر کي ٻه چار اُگهاڙيون گاريون ڏيئي سندس خيال لاهي ڇڏيو، دوکيباز، حرامي، منهنجي ڪهڙي مدد ڪندو، هن سوچيو.
    هوءَ ڊريسنگ ٽيبل جي آئيني اڳيان وڃي بيٺي. ذهني ۽ جسماني ڪشمڪش کان پوءِ به منجهس جنسي ڪشش موجود هئي. جسم سنبل جهڙو ڪونئرو ۽ سنگ مرمر جهڙو لسو هئس. ڇاتي تان هٿ ترڪائيندي سٿرن تائين کڻي وئي. هڪ دفعو پروفيسر دين محمد، جيڪو هڪ ڪاليج ۾ ديني تعليم جو استاد هو، تنهن هڪ رات کيس ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو هو: تنهنجو جسم والله الحمرا جي پاري جهڙو چلڪندڙ ۽ ڇلڪندڙ، ڏند تسبيح جي داڻن جهڙا آهن. سبحان الله، الله جو شان آهي. سندس چپ چمندي چيو هئائين، ”تنهنجا چپ ولله دوزخ جي باهه آهن.“
    ليليٰ کانئس سو رپيا وٺي پرس ۾ وڌا هئا. پروفيسر کيس ٻانهن کان ڇڪيندو پنهنجي لائبريريءَ ۾ وٺي ويو هو. لائبريريءَ جي غاليچيءَ تي ليليٰ کي ليٽائي سندس جسم کي چهنڊن ۽ چڪن سان ساڻو ڪري ڇڏيو هئائين. ليليٰ برداشت ڪري نه سگهي هئي، تڏهن چيو هئائين، ”مون کي ماري ڇڏيندين ڇا؟“ پروفيسر وراڻيو هو، ”تون منهنجي زال آهين ليلا، اسان جي دين ۾ آهي ته عورتون توهان جو لباس آهن، مان لباس کي جيئن چاهيان استعمال ڪري سگهان ٿو.“ ليليٰ کيس جواب ڏنو هو، ”مان رنڊي آهيان“، نه، تون منهنجي زال آهين، پياري، سو رپيا تنهنجو حق مهر آهي. مون توسان هڪ رات لاءِ متاع ڪيو آهي.“ ليلا چيو هئس، ”تون ته سني آهين، پروفيسر،“ ”مان سني آهيان نه شيعو، مان اسلام جو سچو پرستار آهيان.“ ڇو ٿو پنهنجي دل کي ڪوڙا دلاسا ڏئين، پروفيسر. گناهه کي گناهه سمجهي ڪر ته وڌيڪ مزا ماڻيندين. پروفيسر فخر سان وراڻيو هو، مان ديني تعليم جو ماهر آهيان. مون وٽ آمريڪن يونيورسٽي ڪيليفورنيا جو ٿيالاجي ٽيچنگ ڊپلوما آهي ۽ خبر اٿئي، و• هن سال حڪومت مون کي پيرس ۾ ٿيندڙ سيمينار ۾ اسلام ۾ جديد ڦير ڦار جي عنوان تي ڳالهائڻ لاءِ موڪلي رهي آهي. ”ماشاءَ الله“ پروفيسر ليليٰ کي ڳراٺڙي پائيندي پڇيو هو، ”تون هڪ رات لاءِ فقط هڪ سو رپيا ڇو وٺندي آهين پياري؟“، اهو منهنجو ريٽ آهي، ”تنهنجو ريٽ تمام گهٽ آهي“، پروفيسر سو رپيا وصول ڪندي چيو هو ”مون کي ڪتابن سان عشق آهي، پر اڄ ولله دل گهري ٿي ته هن لائبريريءَ جا سمورا ڪتاب وڪڻي موڙي تنهنجي مٿان قربان ڪري ڇڏيان.“
    ليليٰ کي پروفيسر ياد آيو. پروفيسر جو جديد ديني نظريو ياد آيس. سوچيائين، هو مسجد جي ملن وانگر دقيانوسي نه آهي، ماڊرن مولوي آهي، ڪمپليٽ سوٽ، فليٽ هيٽ ۽ ٽاءِ سان اسلام ۾ جديد لاڙن جو پرچار ڪندو آهي. هو، فقط هو منهنجي مدد ڪندو.
    پروفيسر کان پوءِ ٻين جي باري ۾ به سوچيائين، پر ڪنهن تي به قوي اميد رکي نه سگهي. هڪ ميجسٽريٽ، هڪ وڪيل، حد جي صوبيدار جي باري ۾ به سوچيائين، پر سڀئي کيس مطلبي نظر آيا. هو سڀئي سو رپيا ڏيئي کيس ڏيڍ سو رپين جيترو استعمال ڪندا هئا.
    ان سوچ ۾ سڄو ڏينهن ڳاري ڇڏيائين. سج لهي ويو، سانجهي آئي، تڏهن به هوءَ پروفيسر دين محمد کي ٻين ڄاتل سڃاتل گراهڪن سان ڀيٽيندي رهي. ائين ڪرڻ سان دل ۾ اميد پوري ٿيڻ جي پڪ مضبوط ٿيندي وئي. آخر، رات جي نائين لڳي هن پاڻ ۾ هلڻ جي ٿورڙي سگهه ساري. پروفيسر سان ملڻ جو پڪو پهه ڪري وڃڻ لاءِ تيار ٿي بيٺي. اڻڀن وارن تي ٻه چار دفعا ابتي سبتي ڦڻي ڦيرائي، هوءَ آهستي آهستي وک کڻندي ڪمري مان نڪري ورانڊي ۾ وڃي بيٺي. ورانڊي مان منهن ڦيرائي لاش ڏانهن ڏٺائين.
    شهيد ملت روڊ تان ٽيڪسي ڪري، پروفيسر دين محمد سان ملڻ لاءِ سولجر بازار ڏانهن وئي.
    پروفيسر جي فليٽ جو در کڙڪائي، ڀت کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهي. ٽنگن مان ست نڪري ويو هئس. دل سيني ۾ جهڪي ٿيندي پئي ويس. ڪمزور هئي. پاڻ کي چڱي طرح شال ۾ ويڙهي ڇڏيائين..... ٻه چار پاڙي جا ڇوڪرا ڏاڪڻ لهندي ليليٰ کي گهوريندا هيٺ هليا ويا. هنن اڪثر ليلا کي پروفيسر جي فليٽ تي ايندي ڏٺو هو. پروفيسر پاڙي وارن کي پڪ ڏياري ڇڏي هئي ته هوءَ سندس شاگردياڻي هئي، ۽ کانئس ٽيوشن وٺڻ ايندي هئي.
    پروفيسر ٿوري دير کان پوءِ در کولي وٿي مان ليئو پائيندي چيو، ”ڪير آهي، يا اخي؟“
    ”مان ليليٰ آهيان پروفيسر صاحب.“
    ”الله جو شان، قربان.“ پروفيسر ليليٰ کي اندر آڻيندي چيو، ”اهلاً و سهلاً مرحبا.“
    ليليٰ کي ساڻ ڪري پنهنجي لائبريريءَ ۾ آيو. کيس آرام ڪرسيءَ تي ويهاريندي پڇيائين، ”اڄ چئن مهينن کان پوءِ آئي آهين پياري، فراق ۾ اسان کي مجنو ڪري ڇڏيو هيئي. ڀلا ڏي خبر، بار هلڪو ڪيئي؟“
    ”ها.“
    ”سبحان الله.“
    ”مان ڪم سان آئي آهيان، پروفيسر.“ ليليٰ ساهه قابو ڪندي ڳالهيو. ”ڪم، ڪهڙو ڪم؟“ پروفيسر آرام ڪرسيءَ جي ٻانهن تي ويهي ليليٰ کي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو، ”ڪنهن کي پاس ڪرائڻو اٿئي؟ ايم - اي فائينل جا پيپر ڏسي رهيو آهيان. حڪم ڪر ته و• سڀني کي هڪ ڌڪ ۾ پاس ڪيان يا فيل.“
    ”مان ٻئي ڪم سان آئي آهيان.“
    ”حڪم ڪر،“ پروفيسر پنهنجو بار ليليٰ تي ڇڏي ڏنو.
    ”مان بيمار آهيان پروفيسر،“ ليليٰ کيس ٻانهن پري ڪندي چيو، ”اڄ اسر جو ٻار ڄڻيو اٿم.“
    ”اڄ!“ پروفيسر کان رڙ نڪري وئي، ”اڄ ۽ ويهن ڪلاڪن کان پوءِ مون وٽ آئي آهين، نعوذ باالله.“
    ”مان سو رپيا ڪمائڻ نه آئي آهيان. ٻئي ڪم سان آئي آهيان.“
    پروفيسر جنهن جون مڇون ميدان، ۽ منهن تي فرينچ ڪٽ ڏاڙهي هوس. ڏاڙهي مهٽيندي پڇيائين، ”چئه، حڪم ڪر، ڪهڙو ڪم اٿئي.“
    ”تنهنجي مدد گهرجي.“
    ”مدد!“ پروفيسر پائيپ دکائي واڇ ۾ وڌو ۽ اڌ ٻوٽيل وات سان چوڻ لڳو، ”تون حڪم ڪر ليليٰ، هن لائبريري جا سڀئي ڪتاب وڪڻي موڙي تنهنجي حوالي ڪري ڇڏيان.“
    ”مون کي پيسن جي ضرورت ناهي.“
    پروفيسر ڪش هڻي پائيپ وات مان ڪڍندي چيو، ”ته پوءِ حڪم ڪر، منهنجي عربستاني حور.“
    ”ٻار کي دفنائڻ ۾ منهنجي مدد ڪر،“ ليليٰ چيو، ”مان عورت آهيان، اڪيلي آهيان، اهو ڪم مان ڪري نه سگهنديس.“
    پروفيسر دين محمد ليليٰ کي جواب نه ڏنو. ڪرسيءَ جي ٻانهن تان اٿي، ٽيبل جي ڪنڊ تي وڃي ويٺو.
    ليليٰ چيو، ”مان چاهيان ٿي پروفيسر، ته منهنجي ٻار جو لاش اسلامي دستور موجب دفن ٿئي.“
    ”تنهنجو مغز خراب آهي ليليٰ.“
    ”منهنجو مغز خراب آهي ته پوءِ دنيا جي هر ماءُ جو مغز خراب آهي.“
    اوچتو پروفيسر منهن ورائي ليليٰ جي هيڊ هاريل منهن ۾ چتائي ڏٺو. پائيپ جو ڪش هڻي لاپرواهيءَ مان چيائين، ”حرامي ٻارن جا لاش دفن نه ٿيندا آهن.“
    ليليٰ کي هيانءَ ۾ بڙڇي لڳي. دل زخمي، روح گهائل ٿي پيس.
    ”منهنجي ڳالهه نه وڻي هوندءِ ليليٰ،“ پروفيسر سياست هلائيندي چيو، ”پر. جيڪي ڪجهه چيو اٿم سو سچ تي مبني آهي.“
    ”اسان رنڊين لاءِ سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ خيالي ديوار هوندي آهي، پروفيسر صاحب“، ليليٰ غصو دٻائيندي چيو، ”جنهن مهيني مون کي پيٽ ٿيو هو، تنهن مهيني جون اڪثر راتيون تو وٽ گذاريون هيون.“
    ”تنهنجو مطلب آهي ته à“
    ”منهنجو مطلب آهي ته ٻار تنهنجو به ٿي سگهي ٿو.“
    پروفيسر کان ڇرڪ نڪري ويو، چيائين، ”تون هوش ۾ ناهين ليليٰ. مان ديني تعليم جو ماهر ۽ تون چئين ٿي ته مان هڪ حرامي ٻار جو پيءُ آهيان! نعوذ بالله.“
    ”مان هوش ۾ آهيان، تون ئي هوش ۾ ناهين“، ليليٰ کيس ڇڙٻ ڏيندي چيو، ”مان توکان پنهنجي ٻار لاءِ تنهنجي ملڪيت مان حصو وٺڻ نه آئي آهيان.“
    پروفيسر وڌي اچي ليليٰ جي ڪلهي تي هٿ رکيو. ليليٰ ڏانهس نهاريو. پروفيسر چيو، ”تون چري آهين، ليليٰ.“
    ”ها، مان چري آهيان. چري آهيان، تڏهن ته اميد کڻي تو وٽ آئي آهيان.“ ليليٰ ڀريل آواز ۾ ڳالهايو.
    ”تون سمجهين ڇو نٿي ليليٰ“، پروفيسر کيس سمجهائيندي چيو، ”تنهنجو ٻار ناجائز آهي.“
    ”۽ تون؟“
    ”ڀل مون کي گاريون ڏي. ليليٰ،“ پروفيسر ليليٰ جي چوٽ پچائي چيو، ”پر تنهنجو ٻار ناجائز آهي.“
    ”ڇو ناجائز آهي؟“
    ”ڇو جو تنهنجي ٻار جو ڪوبه پيءُ ڪونهي.“
    ”حضرت عيسيٰ کي به پيءُ نه هو.“
    ”لاحول ولله“
    ”مان شيطان نه آهيان، رنڊي آهيان.“
    ”ڳالهه ٻڌ ليليٰ. مان جيڪي ڪجهه توکي ٻڌائيندس سو مذهب جي جديد ۽ قديم لاڙن جي حوالي سان ٻڌائيندس.“
    ”ڇا ٻڌائيندين؟“
    ”ناجائز ٻارن جو دنيا جي ڪنهن به شي تي حق نه هوندو آهي“. ”ڇو؟ آخر ڇو؟“ ليليٰ ڪرسيءَ تان اٿي پروفيسر جي سامهون بيٺي، ”ڇا ناجائز ٻار انسان نه هوندا آهن؟ ڇا عام ناجائز ٻار، ٻارن کان ڏسڻ ۾ مختلف هوندا آهن؟ ڇا ناجائز ٻارن ۽ عام جي نرڙ تي حرامي حلالي لکيل هوندو آهي؟“
    ”مان بحث ۾ وقت وڃائڻ نٿو چاهيان،“ پروفيسر چيو، ”مان تو کي فقط هڪ سهڻي صلاح ڏيندس.“
    ”ڪهڙي؟“
    ”ڪنهن دائيءَ کي خرچي ڏيئي ٻار جو لاش گم ڪرائي ڇڏ.“
    ”هون،“ ليليٰ غاليچي تي ٿڪ اڇلائي، ”ته تون منهنجي ڪابه مدد نه ڪندين.“
    ”مان ڪوبه ڪم اسلام جي اصولن خلاف نه ڪندو آهيان،“ پروفيسر پائيپ پيئندي چيو، ”مان ناجائز ٻار جي ڪفن دفن ۾ هٿ وجهي معاذ الله، خدا ۽ خدا جي رسول کي ناراض ڪرڻ نٿو چاهيان.“
    ليليٰ تير جهڙي تيز نگاهه پروفيسر تي وڌي ۽ لائبريريءَ جو در ڦهڪائي فليٽ مان ٻاهر نڪري وئي.
    ليليٰ فٽ پاٿ تي اچي بيٺي. ڪمزوري آهستي آهستي وڌي رهي هئي، سڄو شهر اکين آڏو ويران ٿيندو ويس. پاڻ کي بيوس ۽ لاچار محسوس ڪيائين. اڪيلي سر ايڏو وڏو ڪم ڪرڻ جي پاڻ ۾ سرت نه ساريائين جنهن مرد کي مصنوعي محبت جي مام سان مجبور ڪيو هئائين، ان مرد جي بدليل نگاهن سندس اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. اندر ۾ ٻوسٽ محسوس ڪيائين.
    چاهيائين ته دنيا جي مردن کي هڪ ميدان ۾ کڙو ڪري کين خوب دل کولي گاريون ڏئي.
    پوءِ ائين ئي، بنا ڪنهن مقصد جي، نيو ٽائون ڏانهن وڃڻ لڳي. ٻنهي ڪلهن تي ڪاري شال چڱي طرح ويڙهي ڇڏيائين. سندس ذهن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مذهب خلاف نفرت ۽ ٻار کي دفن ڪرائڻ جو مسئلو پاڻ ۾ اُلجهي رهيا هئا. هوءَ پروفيسر کي دل ئي دل ۾ گاريون ڏيندي رهي.
    جڏهن هر ڪا واٽ بند نظر آيس تڏهن کيس اوچتو ئي اوچتو سيٺ ٽيڪمداس ڌرمداس جيساڻيءَ جو خيال آيو. نٻل بدن ۾ ٻل محسوس ڪيائين. ساڻين ٽنگن ۾ ساهه پيس، بلبن جون جهڪيون روشنيون سندس نگاهن ۾ جرڪي اٿيون.
    هن هٿ جي اشاري سان ٽيڪسي بيهاري. ٽيڪسيءَ واري کي جوڙيا بازار ڏانهن هلڻ لاءِ چئي، پاڻ کي پوئين سيٽ تي ڇڏي ڏنائين. مٿو ٽيڪ سان لڳائي اکيون پوري ڇڏيائين. ٽيڪسي بندر روڊ تي ڊوڙڻ لڳي – نيان سائين جا اشتهار پوئتي ڇڏيندي وئي.
    سيٺ ٽيڪمداس کي صابڻ ۽ بناسپتي گيهه جا ڪارخانا آهن. وڏن وڏن آفيسرن ۽ پوليس سان گهاٽي دوستي اٿس. دوستيءَ جو حق دولت، ليليٰ جهڙيون عورتون ۽ شراب جون بوتلون پيش ڪري ادا ڪندو آهي. سيٺ کي هڪ وٽيل سٽيل، ٿلهي، بندري زال آهي، جنهن مان ست پٽ ۽ اٺ ڌيئر آهنس. سيٺ پنهنجي زال کان ايترو ئي ڏڪندو آهي، جيترو انڪم ٽيڪس آفيسر کان. هوءَ ٻارن جي کيس بڇ ڪندي رهندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به ٻه چار بجا وهائي ڪڍندي اٿس.
    رات جو دير تائين بناسپتي گيهه جي ڪارخاني ۾ ڪم جي نگراني ڪندو آهي. آفيس سينگاريل اٿس جنهن ۾ ليليٰ جهڙين عورتن کي گهرائيندو رهندو آهي.
    هو ليليٰ کي ڪارخاني جي پوئين در کان آفيس ۾ گهرائيندو هو. کيس ٻولي ڪيل رقم کان ٻه رپيا وڌيڪ ڏيندو هو پر کيس پنهنجي سامهون گوشت کائڻ جي اجازت نه ڏيندو هو. ان جو هڪ ڏينهن ليليٰ کائنس سبب به پڇيو هو، جنهن تي سيٺ وراڻيو هئس، اري ڀائي مان ويشنو آهيان. کبر اٿئي اشان لاءِ گوشت حرام آهي، جيئن توهان لاءِ شوئر، ليليٰ کي ڄاڻ هئي ته سيٺ دل جو صاف ۽ سپتيو ماڻهو هو.
    ٽيڪسي جڏهن جوڙيا بازار وٽ پهتي ته هن ٽيڪسي ڊرائيور کي گيهه جي ڪارخاني وٽ بيهڻ لاءِ چيو.
    نوڪرن چاڪرن ۽ پٺاڻ چوڪيدارن ليليٰ کي سڃاڻي ورتو، هڪ پٺاڻ چوڪيدار ڊوڙندو سيٺ جي آفيس ۾ ويو. سيٺ ڳوڙهي خيالن ۾ گم هو.
    پٺاڻ چيو، خوچي سيٺ ساب، ليليٰ ساب آيا هي.“
    ”اڙي وڙي اس کو اندر لي ڪي آئو ني لالا.“
    لالو ڊوڙندو ويو ۽ ليليٰ کي سيٺ جي آفيس ڏانهن و ٺي آيو.
    ”خوچي، تم اندر جائو،“
    ليليٰ آفيس جو در کولي اندر داخل ٿي.
    سيٺ ڏند ڪڍندي چيو، ”اري ڀائي ڪيئن آهين ليليٰ.“
    ”ٺيڪ آهيان.“
    ”ڏاڍن ڏينهن کان پوءِ درسن ڏنو اٿئي.“
    ”پيٽ سان هئس نه،“
    ”ها، ها، اها ته کبر آهي، ٻار ڪيرايوءِ يا نه؟“
    ”ڄڻيم، پر جنم وٺنديئي مري ويو.“
    ”چڱو ٿيو.“
    ليليٰ ڪاوڙ مان سيٺ ڏانهن ڏٺو. پر هڪدم ڪاوڙ ضبط ڪري ورتائين.
    ”ويهه نه ڀائي، تون ڌاري ٿورو ئي آهين.“
    ليليٰ ڪوچ تي ويهي رهي.
    سيٺ پاسي ۾ ويهندي پڇيس،“ ڪمجور پئي ڏسجين ليليٰ.“
    ”اڄ صبح جو ٻار ڄڻيو اٿم.“
    ”هري رام. تون جن ته ناهين ليليٰ؟“
    ”مجبور هئس. ڪم خاطر تو وٽ رڙهي آئي آهيان.“
    ”اري. اشان ته تنهنجا کادم آهيون.“ سيٺ ليليٰ کي ڪنڌ ۾ ٻانهن وجهي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ چاهيو. ليليٰ مهارت سان پاڻ کسڪائي وئي.
    سيٺ ٿڌو ساهه کڻندي چيو، ”ڀائي اشان کي ته سڪائي ڇڏيو اٿئي.“
    ”توهان زالن وارا سڪو ٿا ته پوءِ ويچارا ڪنوارا ڪيڏانهن ويندا.“
    ليليٰ نه چاهيندي به، دل تي جبر ڪري چرچو ڪيو.
    سيٺ نڪ ڦنڊائيندي وراڻيو،“ مون کي گگن ماءُ جي بت مان پيشاب جي بوءِ ايندي آهي.“
    ليليٰ هڪ اُداس ٽهڪ ڏنو. ڄڻ ته روئي پوندي.
    ”اڄ ڳالهيون ٻولهيون نٿي ڪرين؟“
    ”مان پريشان آهيان سيٺ.“
    ”پريسان ٿين تنهنجا دشمن“ سيٺ ليليٰ کي ڀاڪر پائيندي چيو، ”ڀڳوان ٿو ڄاڻي، توکان سواءِ اسان جون بيٺڪون بي مجي ٿي ويون هيون. اجهو ويجهرائي ۾ انڪم ٽيڪس وارن اچي ستايو. تون هجين ها ته سالن جو وات بند ڪري ڇڏيان ها.“
    ليليٰ خاموش رهي. سيٺ جي ٻانهن ڪنڌ مان لاهي ڇڏيائين.
    سيٺ ليليٰ جي سٿر تي هٿ ڦيرائيندي چيو، ”ڇو ناراج آهين ڇا؟“
    ”نه سيٺ.“
    ”ته پوءِ ڳالهائين ڇو نٿي؟“
    ”مان سچ پچ بيحد پريشان آهيان.“
    ”ڇو کير ته آهي؟“
    ”مون کي تنهنجي مدد گهرجي سيٺ.“
    سيٺ جو منهن لهي ويو. سڄو جوش ڍرو ٿي ويس.
    مئل آواز ۾ بيدليءَ سان چيائين، ”چئه.“
    ”اول واعدو ڪر ته ڪم ڪندين.“
    ”اري ڀائي تون چئه کڻي.“
    ”منهنجو ٻار ڄمنديئي مري ويو،“ ليليٰ ڳيت ڏيئي ڳالهايو.
    ”پاري اوري وارا، يا پوليس وارا ستائني ٿا ڇا؟“
    ”نه.“
    ”ته پوءِ!“
    ”مان پنهنجي ٻار جو لاش ڪنهن قبرستان ۾ دفن ڪرائڻ چاهيان ٿي.“
    ”هري رام!“ سيٺ ليليٰ ڏانهن حيرت مان ڏسندي پڇيو، ”توهان مشلمان حرامي ٻار کي به دفن ڪندا آهيو ڇا؟“
    ”حرامي ٻار جو ڪوبه مذهب نه هوندو آهي. سندس لاش ساڙي به سگهجي ٿو، دفن به ڪري سگهجي ٿو.“ ليليٰ تلخ لهجي ۾ وراڻيو.
    ”کير، تون ته ڀائي جور آهين، توسان ڪير پڄندو!“
    ”مون سان پڄڻ جي ضرورت ناهي. مان چاهيان ٿي ته تون منهنجي مدد ڪر.“
    ”ڪهڙي؟ ڇا جي مدد؟“
    ”تنهنجي ڪارخاني ۾ مسلمان مزور ۽ چوڪيدار آهن. انهن جي مدد سان مان پنهنجي ٻار جو لاش ڪنهن به قبرستان ۾ دفن ڪرائڻ چاهيان ٿي.“ ليليٰ چيو ۽ اميد ڀريل نگاهن سان سيٺ ڏانهن ڏسڻ لڳي.
    سيٺ سندس ڀر مان اٿي پري وڃي بيٺو.
    ”تون گهٻرائين ڇو ٿو سيٺ،“ ليليٰ چيو، ”ٻار منهنجو آهي، تنهنجو ناهي.“
    سيٺ هڪ بکايل نگاهه ليليٰ تي وڌي ۽ ڪجهه سوچي چيائين، ”اهو ڪم آسان آهي، ليليٰ.“
    ”اوهه سيٺ، تو منهنجي مُشڪل آسان ڪري ڇڏي.“
    ”پر ......“
    ”پر ڇا؟“
    ”ان ڪم ۾ مان تنهنجي مدد نه ڪندس.“
    ”ڇو؟“
    ”ڇو جو مان هندو آهيان. اهو ڪم منهنجي ڌرم خلاف آهي.“
    ليليٰ اکيون بند ڪري ڇڏيون. خيالن ۾ غرق ٿي وئي. سيٺ جي جواب سندس دل جي عارضي خوشين کي ڪافور ڪري ڇڏيو. دل چاهيس ته سيٺ جو ململ جو چولو چاڪ ڪري کيس پيٽ ۾ لتون وهائي ڪڍي، هن سيٺ لاءِ اهو ڪي ڪيو هو، جيڪو ٻيون ڇوڪريون نه ڪنديون هيون. هوءَ جائز ۽ ناجائز نموني، فطرتي ۽ غير فطرتي نموني سيٺ کي راضي ڪندي رهندي هئي.
    ليليٰ جي ذهن ۾ خيالن جو آتش فشان ڦاٽي پيو. انيڪ خيال هڪ ٻي ڪڍ سندس ذهن کي سوين سوداءَ ڏيندا گم ٿيندا ويا.
    تڏهن ليليٰ پنهنجي دل کي پرچايو. خيالن کي قابوءَ ۾ آندائين. هڪ اونهو ساهه کڻي چيائين، ”مان پنهنجي ٻار جو لاش ڪنهن شمشان ۾ ساڙائڻ لاءِ به تيار آهيان.“
    ”پاپ مها پاپ.“
    ”ڇا جو پاپ!“
    ”ٻي ڌرم جو لاش جو ڪريا ڪرم ڪرڻ پاپ آهي.“
    ”مان رنڊي آهيان وئشيا آهيان سيٺ صاحب،“ ليليٰ زهر اوتيو ”منهنجو ٻار حرامي آهي. نه منهنجو، نه منهنجي ٻار جو ڪو مذهب آهي.“
    ”هي رام ڪلجڳ،“ سيٺ نڪ تي آڱر ڦيرائڻ لڳو.
    ”خدارا منهنجي مدد ڪر سيٺ،“ ليليٰ کيس عاجزي ڪندي چيو، تون رهائيءَ وارو آهين، تنهنجي هر هنڌ پهچ آهي. ڪوبه تنهنجو وار ونگو ڪري نه سگهندو.“
    ”ڏس ڀائي ليليٰ“، سيٺ رکي لهجي ۾ وراڻيو، ”اسين آهيون هندو لوڪ تون مون کان ڪڌو ڪم ڪرائي شهر ۾ گڙٻڙ ڪرائڻ ٿي چاهين. رام رام ڪري هينئر ته مس مس هڪڙي جنگ بند ٿي آهي، تون هڪ حرامي ٻار لاءِ ٻي جنگ لڳائڻ ٿي چاهين!“
    ليليٰ خالي خالي نگاهن سان سيٺ ڏانهن ڏسڻ لڳي. سندس اکين ۾ ڪنهن به قسم جا جذبا نه هئا. لڙڪ نه ها. نفرت نه هئي.
    هوءَ پوئين پير سيٺ جي آفيس مان ٻاهر نڪري وئي. ڪارخاني جون مشينون واءُ ويلا ڪري رهيون هيون.
    جوڙيا بازار رات جي خاموشيءَ ۾ گم ٿي ويندي آهي.
    ليليٰ ڪارخاني مان ٻاهر اچي بيٺي. اليڪٽرڪ پول ۾ هڪ ميرانجهڙو بلب لٽڪي رهيو هو. هن موٽر رڪشا بيهاري ۽ شهيد ملت روڊ ڏانهن رواني ٿي وئي.
    موٽر رڪشا ۾ کيس دائي، ساران ياد آئي. سوچيائين ته کيس گهر مان وٺندي وڃي ۽ ٻار جو لاش سندس حوالي ڪري ڇڏي. هوءَ ان ڪم جي ماهر هئي هر مهيني ٻه چار لاش گم ڪندي رهندي هئي.
    ان خيال کي سندس ازلي ضد ڳڙڪائي ويو. ساڳي اوندهه کيس وڪوڙي وئي، جنهن ۾ ڪابه واٽ نظر نه آيس. هوءَ راهه تلاش ڪندي رهي. هڪ راهه ۾ ٿاٻا کائڻ کان پوءِ ٻيءَ راهه ۾ فرار تلاش ڪيائين، ان راهه ۾ رنڊڪون مليس ته ٽين راهه ۾ ڇوٽڪاري لاءِ واجهايائين. هڪ ڪٽيل راهه ٻيءَ ڪٽيل راهه ۾ داخل ٿي کيس منجهائيندي رهي.
    ٿڪل ٽٽل، ساڻي ساڻي، هوءَ پنهنجي جاءِ تي موٽي آئي. در جو ڪلف کوليندي سوچيائين ته اندر وڃي، اوڇنگارون ڏيئي روئي پوندي. پر جڏهن اندر داخل ٿي ته چاهيندي به روئي نه سگهي. چاهيندي به ٻه لڙڪ لاڙي نه سگهي.
    تڏهن ليليٰ کي خيال آيو ته سندس زندگي هڪ ڪُن هئي. هر وقت گردش ۾. هر وقت ڦيراٽين ۾. هر لمحو ڀنواٽيون، هر گهڙي هڪ چڪر، هن چادر هٽائي ٻار ڏانهن ڏٺو. ٻار جو ڪنول جهڙو چهرو ڪومائجي واڱائي ٿي ويو هو. پيٽ ڦوڪجي ويو هوس ۽ سڄو بدن سرد ۽ سخت ٿي پيو هوس.
    هن ٻار جو لاش ڪاري ڪپڙي ۾ ويڙهي هنج ۾ کنيو، ۽ در بند ڪري خالي رستن تي نڪري آئي. رات جي اوندهه ۾ ڪٿي ڪٿي، پري پري، هڪ ٻن هنڌ، ٽيوب لائيٽ روشن هئي.
    هوءَ خالي رستن تي هلندي رهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪا موٽر مٿانئس روشني وجهي اڳتي وڌي ٿي وئي. هن دل ئي دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو ته هوءَ ائين ئي، پنهنجي ٻار جو لاش هنج ۾ کڻي هلندي رهندي، هلندي رهندي، جيستائين ٽنگن ۾ ساهه هوندس هلندي رهندي، ٿڪجندي ڪري پوندي ته رڙهندي رهندي، ڌرتيءَ تي کسڪندي رهندي. بدن ڇلجي ويندس، پر ٻار کي هنج مان نه لاهيندي.
    رستن مان رستا ڦٽندا رهيا. راهن مان راهون نڪرنديون رهيون. هوءَ ڪري ناهي، هلندي رهي آهي. الاءِ ڪيئن، الاءِ ڪٿان سندس ڏٻري ڏيل ۾ ايتري سگهه، ايترو عزم ڀرجي ويو آهي! ٻار کي سيني سان چهٽائي هوءَ هلندي رهي آهي هلندي هلندي هُن محسوس ڪيو آهي ڄڻ ته هوءَ زندگيءَ جي ابتدا کان هلندي رهي آهي ۽ انتها تائين هلندي رهندي.
    سندس اڻڀا وار وکريل، اکيون اُداس آهن. هوءَ ڏسڻ ۾ ڏٻري، ڪمزور ٿڪل، ٽٽل ۽ بيمار ٿي اچي. هوءَ وڪٽوريا روڊ تي سينٽ ميري چرچ ٻاهران بيٺي آهي. کيس ٻانهن ۾ پنهنجي ٻار جو لاش آهي. سندس نگاهون عبادت گاهه جي ڀت تي اُڪريل بيبي مريم جي مجسمي تي کتل آهن. بيبي مريم جي هنج ۾ ننڍڙو حضرت عيسيٰ آهي ۽ سندس چپن تي ابدي ۽ لازوال مرڪ. ■


    جنم

    ڪولمبو ايئرپورٽ جي ڊپارچر لائونج ۾ داخل ٿيندي، مون سوچيو هو، پوئتي منهن ورائي نه ڏسندس. الوداع چوڻ وارن ۾ پنهنجي ٽئين وجود کي ڳولڻ جي ڪوشش نه ڪندس. پر، مان ائين ڪري نه سگهيس. مون شدت سان محسوس ڪيو، ڄڻ ڪو آهي، جيڪو مون کي الوداع چوڻ آيو آهي. آخري دفعو هٿ لوڏي هميشه لاءِ اوجهل ٿيڻو آهي. احساس جي شدت کي مون پنهنجي ظاهر ۽ باطن جي دليلن سان رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻه چار ٻرانگهون کڻي مان اڳتي نڪري ويس. تڏهن، اوچتو محسوس ڪيم، ته مان هڪ وک وڌيڪ کڻي نه سگهندس. منهن ورائي پوئتي ڏسڻ کان سواءِ رهي نه سگهندس. جيڪڏهن ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم، ته پوءِ پنهنجي باطن ۽ ظاهر سميت پرزا پرزا ٿي ويندس، ڀري پوندس، ڀڄي پوندس.
    مون منهن ورائي پوئتي ڏٺو. نه تعجب ٿيو، ۽ نه ئي مون کي اچرج محسوس ٿيو: فقط تصديق جو احساس پختو ٿيو. رنجني اڀيوادن الوداعي بالڪوني جي پرئينءَ ڪنڊ ۾، سڀني کان پرڀرتو بيٺي هئي. هميشه وانگر اڇي ساڙهي ۾، وار ڪلهن کان هيٺ تائين کليل ۽ ڳچيءَ ۾ هيڊي رنگ وارن ٿلهن موتين جي مالها! دل چاهيو کيس چڱي طرح ڏسي ڇڏيان. جيءَ ۾ جڙي ڇڏيان. سوچيم، ڪجهه دير کان پوءِ، جڏهن هوائي جهاز سري لنڪا جي ڌرتيءَ تان پرواز ڪندو، تڏهن هوءَ به مراقبي ۾ ويٺل مها آتما گوتم ٻڌ وانگر مون کان پري ٿي ويندي ۽ زندگيءَ ۾ وري ڪڏهن نظر نه ايندي. اسين زندگيءَ ۾ جيڪي ڪجهه ڏسندا آهيون ۽ محسوس ڪندا آهيون، سو ڌرتيءَ جي حوالي سان ڏسندا ۽ محسوس ڪندا آهيون. جيڪڏهن ائين نه هجي ها، ته پوءِ جيڪر پنهنجي ٽئين وجود کي مان ٽيڪسيلا ۾ ٻڌمت جي ويران کنڊرن، ۽ عبادتگاهن ۾ ضرور ڏسان ها. فقط انسان جلاوطن نه ٿيندا آهن. عبادتگاهه، درسگاهه، شهر ۽ يادگار به جلاوطن ٿي ويندا آهن.
    ساڄي هٿ ۾ جهليل بريف ڪيس مون فرش تي رکي ڇڏيو. هٿ مٿي ڪيم، چپن ۾ چيم: ”ٻئي دفعي مان انوراڌا پورا جي ڪنهن ڀڪشوءَ جي گهر جنم وٺندس، ۽ پوءِ وڇوڙي جي درد کان ڇوٽڪارو وٺي، نرواڻ حاصل ڪندس.“
    رنجنيءَ هٿ مٿي ڪيو، سندس هٿ ۾ سورج مکي جو گل هو. هڪ دفعو ٻيهر تمنائن جو تاج محل تعمير ٿي پيو. سوچيم، سري لنڪا ۾ رهي پوان. پوئتي ڇڏي آيل هر رشتي سان تعلق منقطع ڪري ڇڏيان. هميشه لاءِ هتي پناهه وٺي ڇڏيان! اهڙو خيال گذريل ويهن ڏينهن ۾ انيڪ دفعا مون کي آيو هو. پر هر دفعي ڪڏهن منهنجي گهر واريءَ جو تصور اکين آڏو تري پئي آيو. نماڻي، نٻل ۽ ماٺيڻي، جنهن زندگي ۾ فقط هڪ شڪايت ڪئي آهي ته، مان اوهان لاءِ اڄ به اوپري آهيان. پنهنجن سان وڙهبو آهي، ٺهبو آهي، ڪا ڳالهه مڃبي آهي، ڪا ڳالهه مڃارائبي آهي، ڪڏهن ڪاوڙائبو آهي، پر اوهان ائين ڪڏهن نه ڪيو آهي. نه ڪا ڳالهه مڃارائيندا آهيو، نه وڙهندا آهيو. نه ڪاوڙبا آهيو! بس، اوپرا اوپرا ۽ اجنبي لڳندا آهيو. پرڀات، منهنجي ڌيءُ، سڀني کان وڌيڪ پياري، يونيورسٽي ۾ پڙهندي آهي، مون کي سڏيندي آهي، چاچا. سبب ٻڌائيندي چوندي آهي ته پيئر ته پٽن سان محبت ڪندا آهن. اوهان ته مون کي وڌيڪ چاهيندا آهيو. ساٿيءَ کان سئو دفعا وڌيڪ. عجيب بابا آهيو! بس، مان اوهان کي سڏينديس، چاچا! ۽ ساٿي، منهنجو پٽ ايندڙ سال انجنيئر ٿيندو. ڪڏهن ڪڏهن حيرت وچان ۽ وري ڪاوڙ وچان چوندو آهي: ”اوهين ڪهڙي قسم جا بابا آهيو، جو نه پڙهڻ لاءِ ٿا چئو، نه ڪنهن ڳالهه کان جهلپل ٿا ڪريو. پنهنجي ڪا ڳالهه به نه ٿا مڃرايو. اوهين ڪهڙي قسم جا بابا آهيو؟ ڏاڍا ڪي عجيب آهيو!“ ۽ منهنجي هيڪلي، اڪيلي ڀيڻ، جنهن امان جي وفات کان پوءِ مون کي ماءُ وانگر پاليو ۽ سنڀاليو آهي ۽ منهنجي ڏکن هاڻي سنڌ، سک نه سنڀري ويجهڙ ۾! ٽوڙي سگهندس اهي رشتا! نه هن حياتي ۾ ته هرگز نه.
    منهنجيون نگاهون هزارين عبادتن جو تقدس کڻي رنجني اڀيوادن جي وجود سان وڃي مليون هيون. ڪسٽم، سيڪيورٽي، اميگريشن ۽ پاسپورٽ جي ڪا پابندي / حد بندي حائل نه هئي. سمجهان ٿو، مون وڏي واڪ چيو هو: ”تون، منهنجي لاءِ دکا (ڏک) جو سبب نه آهين، رنجني!
    تڏهن، ڪنهن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ آواز آيو، ”آنند!“
    مون منهن ورائي ڏٺو، منهنجي آڏو گيڙو ڪپڙن وارو ساڳيو ڀڪشو بيٺو هو. جنهن کي مون ويهه ڏينهن اڳ پهرين دفعي ڪولمبو ايئرپورٽ جي ارائيول لائونج ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ڏٺو هو.
    ان کان اڳ جو چوان ته مان آنند نه آهيان، ڀڪشوءَ چيو ”فقط حسد، لالچ، دشمنيءَ، دولت ۽ دنيا سان دل لڳائڻ دکا جو سبب نه آهن.“
    مون هڪدم ٻيهر منهن ورائي رنجنيءَ ڏانهن ڏٺو، هوءَ اتي موجود نه هئي، جتي گهڙي کن اڳ مون کيس ڏٺو هو.
    ”آنند!“ ڀڪشوءَ منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو. مون منهن ورائي کيس ڏٺو. هن چيو: ”هڪ لاحاصل محبت جي جستجو به دکا جو سبب ٿي پوندي آهي، جنهن جي تلاش ۾ انسان هڪ جنم کان ٻئي جنم تائين سفر ڪندو رهندو آهي ۽ نرواڻ ڪڏهن به حاصل ڪري نه سگهندو آهي.“
    ”بريف ڪيس، پليز!“ پٺيان سيڪيورٽي آفيسر جو آواز آيو. مون ڇرڪ ڀري سيڪيورٽي آفيسر ڏانهن ڏٺو. هو مرڪي رهيو هو. بريف ڪيس کيس ڏيئي ڇڏيم. هن بريف ڪيس اسڪينر ۾ وجهي ڇڏيو ۽ مون کي برقي در مان لنگهڻ لاءِ چيو. بريف ڪيس جو عڪس، هر شيءَ سميت، اسڪينر اسڪرين تي نظر آيو. ان وچ ۾ مان برقي در مان نڪري، ٻئي پاسي وڃي بيٺس. سيڪيورٽي آفيسر بريف ڪيس کڻي مون کي ڏنو. ڊپارچر لائونج مان مون ٻاهر نهاريو، ڀڪشو مون کي نظر نه آيو. ٻڏندڙ دل جي آخري خواهش تي مون وزيٽرس گيلري ڏانهن ڏٺو. وزيٽرس گيلري جي پوئين ڪنڊ ۾ رنجني بيٺي هئي. هوءَ گهڙي کن لاءِ اپسرائن وانگر مون ڏانهن ڏسندي رهي، ۽ پوءِ ٻئي هٿ جوڙي، عورتن ۽ مردن جي انبوهه ۾ گم ٿي ويئي. تڏهن سُرٻاٽن ۾ مون ڀڪشوءَ جو آواز ٻڌو، ”هڪ لاحاصل محبت جي جستجو دکا جو سبب ٿي پوندي آهي. جنهن جي تلاش ۾ انسان هڪ جنم کان ٻئي جنم تائين سفر ڪندو رهندو آهي، ۽ نرواڻ ڪڏهن به حاصل ڪري نه سگهندو آهي.“
    ڪجهه دير کان پوءِ، پاڪستان ورندي، مون جهاز ۾ لکيو، ”هڪ لاحاصل محبت جي جستجوءَ ۾ مان نرواڻ تان هٿ کڻان ٿو ۽ دکا کي هميشه لاءِ قبول ڪريان ٿو.“
    شروعات:
    سري لنڪا جي بين الاقوامي هوائي اڏي ڪولمبو تي چڱا مسافر لٿا هئا. مان سمجهان ٿو جهاز ۾ سوار اڌو اڌ مسافرن جي منزل سري لنڪا هئي. ذري گهٽ سڀيئي سياح هئا، مختلف قوميتن جا مرد ۽ عورتون، مان سياح نه هوس، مان يونيسڪو طرفان سري لنڪا جي فاصلاتي تعليم کاتي ۾ ٽيليويزن ذريعي پڙهائڻ جي سکيا ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو هوس. مها آتما گوتم ٻڌ لاءِ بي انتها عقيدت ۽ احترام سبب مون پنهنجي دل ۾ سري لنڪا لاءِ هميشه حب ۽ اڪير محسوس ڪئي آهي. هونئن به سري لنڪا منهنجي لاءِ مصر، يونان ۽ روم کان وڌيڪ پراسرار، مقدس ۽ دل جي وسوسن لاءِ شانتيءَ جو ديس آهي. جڏهن کان دل دنيا ۽ دنياداريءَ تان کڄي وئي آهي، مون هميشه لاءِ سري لنڪا ۾ رهي پوڻ ۽ آخري ايام گوتم جي گيان ۽ ڌيان ۾ گذارڻ بابت سنجيدگيءَ سان سوچيو آهي. حياتيءَ ۾ هڪ وقت اهڙو به ايندو آهي، جڏهن سڀ ڪجهه بيمعنيٰ ۽ بيمقصد محسوس ٿيڻ لڳندو آهي. تڏهن دل نئين واٽ ۽ نئين لاءِ واجهائڻ لڳندي آهي. سچ جي ڳولا ۽ بي معنيٰ ۾ ڪا معنيٰ تلاش ڪرڻ جي جستجو زندگيءَ لاءِ موت کان ڪجهه مدت جي مهلت جو سبب ٿي پوندي آهي.
    انهن ئي ڏينهن ۾، جڏهن مون سچ جي ڳولا ۾ زندگيءَ لاءِ موت کان ڪجهه مدت جي مهلت طلب ڪئي هئي، مون کي يونيسڪو طرفان سري لنڪا موڪليو ويو هو. پاڻ کي ڪولمبو ايئرپورٽ جي ارائيول لائونج ۾ ڏسي يقين نه پئي آيو. سڀ ڪجهه خواب وانگر محسوس ٿي رهيو هو. اهڙي خواب وانگر، جنهن تي هميشه حقيقت جو گمان ٿيندو آهي. اميگريشن ڪائونٽر وٽ مان پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيو هوس. مون کان اڳ ڪجهه آمريڪي سياح بيٺا هئا، جن کي سري لنڪا ۾ تامل جي عليحدگيءَ واريءَ تحريڪ سان دلچسپي هئي. اميگريشن جو عملو سندس پاسپورٽ ۽ ٻيا ڪاغذ جاچي رهيو هو ۽ هو عليحدگيءَ واري تحريڪ ۾ ٿيل خونريزيءَ بابت پاڻ ۾ بحث ڪري رهيا هئا. تڏهن، ڪنهن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ چيو ”آنند“.
    مون کي تعجب ٿيو، مون منهن ورائي ڏٺو، منهنجي سامهون گيڙو چادر ۾ هڪ ڀڪشو بيٺو هو. سندس ڏاڙهي، مڇون ۽ مٿي جا وار ڪوڙيل هئا. ڳچيءَ ۾ هيڊن مڻڪن جي مالها ۾ هٿ ۾ ڪشڪول هوس. پيرين اگهاڙو هو. الائي ڇو هو مون کي سڃاتل سڃاتل محسوس ٿيو. هن ٻيهر چيو، ”آنند“.
    آنند! آنند، نالو مون کي ٻڌل ٻڌل محسوس ٿيو، پر مان ته آنند نه آهيان. سوچيم: پڪ ڀليو آهي، پر ان کان اڳ جو چوانس ته منهنجو نالو آنند نه آهي، اميگريشن جي آفيسر مون کان پاسپورٽ ۽ سفر جا ٻيا ڪاغذ گهريا.
    مون منهن ورائي اميگريشن آفيسر ڏانهن ڏٺو. هو مرڪي رهيو هو. مون بريف ڪيس مان پاسپورٽ ۽ گهربل ڪاغذ ڪڍي ڪائونٽر تي رکيا ۽ منهن ورائي ڀڪشوءَ ڏانهن ڏٺو. ڀڪشو موجود نه هو. مون هن لاءِ واجهائيندي هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو. مون کي ڏاڍو تعجب ٿيو. هو اک ڇنڀ ۾ اوجهل ٿي ويو هو.
    اميگريشن ۽ ڪسٽم کان واندو ٿي، مان ارائيول لائونج کان ٻاهر آيسز فاصلاتي تعليمي سرشتي جو هڪ آفيسر جياسندر مون کي وٺڻ آيو هو. هو منهنجو سڃاتل هو. سال کن اڳ هو اسلام آباد ۾ فاصلاتي تعليمي نظام جي باري ۾ سڏايل ڪانفرنس ۾ آيو هن مون سان ڳراٽڙي پائي مليو. سرڪاري گاڏي ۾ آڻي ويهاريائين، چيائين: ”تنهنجي رهڻ لاءِ ٻه بندوبست ڪيل آهن، گال روڊ تي هوٽل ريموڪا ۾ عارضي طرح هڪ ڪمرو بڪ ڪرايل آهي، ۽ ايگريرين هاسٽل ۾ به هڪ ڪمرو تنهنجي نالي مخصوص ٿيل آهي، ڪٿي رهندين؟“
    گال روڊ سري لنڪا جو سڀ کان مصروف رستو آهي. ڪراچي جي طارق روڊ يا ايلفي وانگر دڪانن، هوٽلن ۽ ريسٽورنٽن سان جهنجايل رستو. مون جياسندر کان ايگريرين هاسٽل جي باري ۾ پڇيو.
    چيائين: ”ناريل جي گهاٽن وڻن ۾ وڪوڙيل سانتيڪي جاءِ آهي، بلرس روڊ جي ڀرسان آهي، جتان سموري شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ لاءِ بسون، ٽيڪسيون ۽ رڪشا ملي سگهندا آهن.“
    مون ٺهه پهه فيصلو ڪري ڇڏيو ته ايگريرين هاسٽل ۾ رهندس. پنهنجي فيصلي بابت ان وقت مون کي ڪو خاص سبب سمجهه ۾ نه آيو هو. هاسٽل متعلق جياسندر جو جملو مون کي وڻي ويو هو ته هاسٽل ناريل جي گهاٽن وڻن ۾ وڪوڙيل سانتيڪي جاءِ آهي، جياسندر پڇيو: ”بور ته نه ٿيندين؟“
    چيم، ”نه“ ۽ پوءِ، وڌيڪ ڪجهه چوندي چوندي پاڻ کي روڪي ورتم. چوڻ پئي چاهيم، زندگي جڏهن گوڙ جي سمنڊ ۾ لڙهي ويندي آهي، تڏهن انسان ناريل جي گهاٽن وڻن ۾ وڪوڙيل ڪنهن سانتيڪي پناهه گاهه لاءِ واجهائيندو آهي. پر، مون ڪجهه نه چيو. خاموش رهيس. سوچيم: اهڙي سانتيڪي هنڌ سوچ جا سلسلا ٻيهر جوڙيندس، ڪڙيون ڪڙين سان ملائيندس، نجات جو رستو ڊپ ۽ دلاسن جي جهنگ ۾ نه ڳوليندس، مان دکا (ڏک) جي باري ۾ سوچيندس. مان دکا کان نجات جي باري ۾ سوچيندس.
    ايئر پورٽ کان ايگريرين هاسٽل تائين اڌ ڪلاڪ کن جو رستو هو. واٽ تي مون کي ڀڪشوءَ جو خيال آيو. مون بدن ۾ سيسڙاٽ محسوس ڪيو، اک ڇنڀ ۾ سندس اوجهل ٿيڻ منهنجي شعور ۾ ڇيت وانگر چڀندو رهيو. مون جياسندر کان پڇيو:
    ”آنند ڪير آهي؟“
    ”آنند!“ جياسندر ڪجهه تعجب وچان پڇيو، ”ڪهڙو آنند؟“
    چيم ”ڪوبه آنند.“
    وراڻيائين، ”هڪ نالو آهي.“
    آنند جي باري ۾ مون جياسندر کان وڌيڪ ڪجهه نه پڇيو. ڪار جي دريءَ کان ٻاهر مون بانس، ناريل جي سڪل پنن، ۽ ناريل جي شهتيرن تي بيٺل ڪچن گهرن ڏانهن ڏٺو. ڪچن گهرن جو سلسلو تيزيءَ سان پوئتي رهجندو ويو. ڪولمبو جو شهر ويجهو ايندو ويو. مون پنهنجي وجود ۾ پراسرار اڻتڻ کي وير وانگر سوچ جي ڪنارن تائين وڌندي محسوس ڪيو. آنند! ڪير آهي آنند! جيئن پهرين نگاهه ۾ ڪا صورت، ڪا مورت، ڪو گهر، ڪا گهٽي ڏٺل وائٺل لڳندي آهي، ۽ ان لاءِ ڪو سبب سمجهه ۾ نه ايندو آهي، تيئن آنند به منهنجي لاءِ اوپرو نالو نه هو. آنند نالو مون کي ٻڌل ٻڌل محسوس ٿيو. مون محسوس ڪيو ته اهو نالو مون اڳ ضرور ٻڌو آهي، يا ان نالي سان منهنجو ڪو واسطو ضرور آهي.
    گال روڊ کان ساڄي طرف مڙياسين ته جياسندر چيو: ”هي بلرس روڊ آهي. هن روڊ تي اول اقوام متحده جي آفيس ايندي، ان کان پوءِ سري لنڪا براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن، ٽيليويزن اسٽيشن ۽ آخر ۾ انٽرنيشنل بندرا نائيڪي هال آهي.
    ”پر، اقوام متحده جي آفيس کان اڳ، هڪ پارڪ ۾ رستي سان لڳو لڳ مها آتما گوتم ٻڌ جو سونهري مجسمو رکيل هو.“
    مان سمجهان ٿو، جياسندر منهنجين اکين ۾ تجسس پرکي ورتو هو، چيائين: ”هيءُ ڪولمبو يونيورسٽيءَ جو پارڪ آهي.“
    پڇيم، ”۽ مها آتما گوتم ٻڌ؟“
    وراڻيائين، ”وڌيڪ پراڻو مجسمو نه آهي. پنجاهه سٺ کن سالن تائين ڪٿي سگهجي ٿو.“
    بلرس روڊ ويڪرو، صاف، ٻنهي طرفن کان ساوڪ وارو هو. بڙ ۽ پپر جي وڻن پٺيان قديم ۽ جديد عمارتن جو سلسلو هو. اقوام متحده، براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن، ٽيليويزن اسٽيشن، وزارت تعليم جو ڪريڪيولم ونگ لنگهي، جڏهن هڪ پنج ڪنڊي بيحد سهڻي عمارت وٽان لنگهياسين ته مون ٻانهن وڌائي ڊرائيور جي ڪلهي تي هٿ رکيو. هن ڪار جي رفتار گهٽ ڪري ڇڏي. جياسندر کيس سنهالي ٻوليءَ ۾ ڪجهه چيو. هن پاسي کان ڪار بيهاري ڇڏي. منهنجيون نگاهون پنج ڪنڊي عمارت تي کُتل هيون. جياسندر چيو، ”هي بندرا نائيڪي انٽرنيشنل هال آهي.“
    ڪار مان ٻاهر نڪري هال ڏانهن ڏسڻ لاءِ مون موٽر جو در کولي ڇڏيو. بندرا نائيڪي هال رستي جي ساڄي طرف هو. اسين روڊ جي کاٻي پاسي کان بيٺا هئاسين. ڪنڌ جهڪائي ڪار مان ٻاهر نڪتس، فٽ پاٿ تي پير رکي ڪنڌ مٿي ڪيم ته ذري گهٽ ڇرڪي ڪار سان وڃي لڳس. منهنجي آڏو گهٽ ۾ گهٽ ٽي چار فٽ ڊگها پٿر جا قدم هئا. آهستي آهستي ڪنڌ مٿي کڻي ڏسندو ويس. وائڙو ٿي ويس. فٽ پاٿ سان لڳو لڳ، بندرا نائيڪي هال جي بنهه سامهون، رستي جي ٻئي پاسي مها آتما گوتم ٻڌ جو اٽڪل ٽيهه چاليهه فٽ قدآور بت بيٺو هو. ايڏو وڏو بت مون اڳ پنهنجي سموري ڄمار ۾ نه ڏٺو هو.
    ”هيءُ اصلي مجسمي جو نقل آهي،“ جياسندر چيو، ”اصلي مجسمو پالو نرودا ۾ آهي.“
    ”پالو نرودا!“
    ”ٻڌمت جي قديم آثارن مان هڪ هنڌ آهي.“
    ”ڪولمبو کان ڪيترو پري آهي؟“
    ”چاليهه کن ميل“
    مان حيرت، تجسس ۽ اچرج وچان مها آتما گوتم ٻڌ جي قدآور مجسمي ڏانهن ڏسندو رهيس. بندرا نائيڪي انٽرنيشنل هال مون کان وسري ويو. سمجهان ٿو، ڪيتريءَ دير تائين مها آتما گوتم ٻڌ جي بت ڏانهن ڏسندو رهيو هوس.
    جياسندر جو آواز ڪن تي پيو. چيائين، ”هي ٻيو دفعو آهي جو تون مها آتما گوتم ٻڌ جو بت ڏسي حيران ٿيو آهين.“
    چيم، ”حيران نه.“
    چيائين، ”مون کي ته ائين ئي لڳو آهي.“
    مون کيس ٻڌائڻ چاهيو ته ٽيڪسيلا ۾ به مان مها آتما گوتم ٻڌ جي مجسمن آڏو تعجب وچان بيهي رهندو آهيان ۽ ٽڪ ٻڌي مجسمن ڏانهن ڏسندو رهندو آهيان. مان پنهنجي ذهني ڪيفيت کي سمجهي نه سگهندو آهيان. مون کي محسوس ٿيندو آهي ته مان مها آتما گوتم ٻڌ آڏو اڳ به احترام سان بيهي چڪو آهيان. زمان ۽ مڪان جي پابندين کان آزاد ٿي مان ڏانهنس ڏسندو رهيو آهيان. مان جڏهن به مها آتما گوتم ٻڌ جي ڪنهن عڪس ڏانهن ڏسندو آهيان، تڏهن پنهنجي ذهني ڪيفيت لاءِ لاشعور ۾ تصديق جي عمل کي محسوس ڪندو آهيان. پر مون جياسندر سان اندر جو حال نه اوريو. خاموش رهيس.
    جياسندر چيو: ”مها آتما گوتم ٻڌ جي عڪس پٺيان ايگريرين هاسٽل آهي.“
    سري لنڪا ۾ مها آتما گوتم ٻڌ جي مجسمن کي مها آتما جو عڪس سڏيندا آهن. مجسمي لاءِ عڪس جو لفظ جيتوڻيڪ اوپرو هو، پر وڻندڙ هو.
    جياسندر پڇيو، ”بندرا نائيڪي هال ڏسندين؟“
    چيم، ”في الحال نه، ٻئي، ڪنهن دفعي ڏسندس.“
    پاسي کان، کاٻي طرف ويندڙ سڙڪ تي ايگريرين هاسٽل هئي. هاسٽل ڪاٺ جي شهتيرين، ٿنڀن ۽ ڪامن تي بيٺل هئي. ڇت لهواري ۽ ڳاڙهين سرن واري هئي. سچ پچ ناريل ۽ پپر جي گهاٽن وڻن ۾ وڪوڙيل هئي. سڏ پنڌ تان ته بنهه ڏسڻ ۾ نه پئي آئي. ٻه ماڙ عمارت هئي. گرائونڊ فلور ۽ فرسٽ فلور، ورانڊن ۽ ڪاريڊارن جون ڳاڙهيون روغني ٽائيلون شيشي وانگر چمڪي رهيون هيون. جياسندر سامان کڻائي مون کي سڌو رسيپشن ۾ وٺي آيو. هاسٽل جي رسيپشنسٽ ۽ وارڊن هڪ پوڙهي، سٻاجهڙي عورت هئي. نالو هوس سلوانا جياسڪيرا، پر هرڪو سڏيندو هوس مام. مها آتما گوتم ٻڌ جي پهرين درجي جي پيروڪار هئي، تنهن ڪري ڀڪشني هئي.
    رسيپشن آفيس جي رجسٽر ۾ مون پنهنجي نالي، ملڪ جي نالي ۽ سري لنڪا ۾ اچڻ جي مقصد ۽ قيام جي عرصي متعلق ڪالمن ۾ اندراج ڪيو. چاٻين واري بورڊ تان هڪ چاٻي لاهي، مون کي ڏيندي مام چيو، ”تنهنجو ڪمرو ڏهون نمبر آهي.“
    ”ڏهون نمبر!“ چپن تي مرڪ تري آئي. چيم: ”ڏهون نمبر اسان جي ملڪ ۾ پلسترن کي ڏنو ويندو آهي.“
    مام نهايت ڌيرج سان انگريزيءَ ۾ چيو: ”عام طرح سان تيرهون نمبر بدنصيبيءَ جو نمبر سمجهيو ويندو آهي، پر ائين نه آهي، نمبر مڙيوئي نمبر آهن. انسان پنهنجن اعمالن سبب ڀوڳيندو يا لاڀ حاصل ڪندو آهي.“
    چيم، ”ان باري ۾ تفصيل سان ڳالهائبو.“
    سوٽ ڪيس ۽ بريف ڪيس کڻي جياسندر ۽ مان ڏهين نمبر ڪمري تي آياسين. ڏهون نمبر ڪمرو گرائونڊ فلور تي هو ۽ مام جي رسيپشن آفيس کان پري نه هو. ڪمري کي اڳيان هڪ ننڍڙو باغيچو هو، جنهن ۾ موسمي گلن کان سواءِ سڀ کان وڌيڪ نمايان هڪ قديم بڙ هو، جنهن کي ڪپڻ بدران تعمير مهل عمارت جو حصو ڪيو ويو هو. بڙ جي ٿڙ سان لڳو لڳ سيمنٽ جي چبوتري تي پٿر مان تراشيل مها آتما گوتم ٻڌ جو سهڻو ۽ سڪون وارو مجسمو رکيو هئائون. چبوتري تي مها آتما جي قدمن ۾ گلن جون پنکڙيون ۽ لوبان جي رک پيئي هئي. ڪمري ۾ هڪ طرف تمام سادو، پر سهڻو پلنگ پيو هو ۽ پلنگ جي ڀرسان لکڻ لاءِ ميز ۽ ڪرسي. ميز سان لڳو لڳ دري هئي. پردو هٽائي دري کولي ڏٺم، ٻاهران گهاٽو جهنگ هو، ساوا چهچ وڻ ۽ طرحين طرحين جا ٿوهر.
    جياسندر پڇيو، ”ڪيئن ٿو ڀانئين؟“
    جهنگ ڏانهن ڏسندي چيم، ”مون کي هڪ اهڙي ئي هنڌ جي تلاش هئي.“
    پڇيائين، ”هوٽل رينوڪا وارو ڪمرو ڪينسل ڪرائي ڇڏيان يا رکان؟“
    ڏانهنس ڏسڻ بنا چيم، ”ڪينسل ڪرائي ڇڏ.“
    واچ ۾ وقت ڏسندي چيائين، ”ڇهه ٿي رهيا آهن، اڌ ڪلاڪ ۾ سج لهي ويندو. آرام ڪندين يا گال فيس تي سمنڊ جي ڪناري سان سير ڪرڻ هلندين؟“
    چيم، ”مان هاسٽل ۾ ئي ترسندس، في الحال ڪيڏانهن نه ويندس.“
    پڇيائين، ”رات جي ماني هاسٽل ۾ ئي کائيندين؟“
    چيم، ”ها.“
    مٿو کنهندي چيائين، ”هن هاسٽل ۾ ڪنهن به قسم جو گوشت نه پچائيندا آهن، فقط ڀاڄيون ۽ داليون پچائيندا آهن. گڏ اوٻاريل چانور ۽ ڦلڪا ڏيندا آهن.“
    چيم، ”مان ماحول جي سنگدليءَ سبب گوشت خور آهيان، هونئن گوشت پسند نه ڪندو آهيان.“
    مرڪي مون ڏانهن ڏٺائين، وڌي اچي منهنجي سامهون بيٺو، چيائين، ”هڪ عجب جهڙي ڳالهه ٻڌايانءِ!“
    کيس ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيم، هو ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. مان لکڻ واري ميز تي ويهي رهيس. جياسندر چيو، ”هن هاسٽل جو انتظام ٻڌمت جي ڀڪشو پوڄارين جي هٿ ۾ آهي. هنن ڪجهه عرصي کان غير ملڪين کي هتي رهائڻ کان ڪيٻائڻ شروع ڪيو هو.“
    مون کي عجب لڳو، ٻڌمت جي بنيادي اصول ۾ گوتم جو گيان ڪنهن جي به لاءِ ممنوع نه آهي. دنيا جي هر ملڪ ۽ مذهب جي ماڻهوءَ جو ٻڌمت ۾ آڌر ڀاءُ ڪيو ويندو آهي.
    جياسندر چيو، ”غير ملڪي هاسٽل ۾ شراب پيئندا هئا ۽ گوشت واپرائيندا هئا، جهلڻ، منع ڪرڻ جي باوجود.“
    ”پوءِ؟“
    ”پوءِ فيصلو ڪيائون ته غير ملڪين کي اکيون بند ڪري رهڻ لاءِ هاسٽل ۾ جاءِ نه ڏيندا.“
    ”مون کي ڪيئن ڏنائون؟“
    ”اها ئي ته تعجب جهڙي ڳالهه آهي.“
    ”ڪيئن؟“
    ”هاسٽل ۾ رهائڻ يا نه رهائڻ جو سمورو اختيار مام کي ڏيئي ڇڏيو اٿائون،“ جياسندر چيو، ”مون کي پڪ نه هئي ته توکي ڪو هاسٽل ۾ ڪمرو ڏيندي.“
    پڇيم، ”ته پوءِ ڪيئن ڏنائين؟“
    ٻڌايائين، ”مام پڇيو ته پاڪستان ۾ ڪهڙي هنڌ جو رهاڪو آهي، ٻڌايومانس ته تون سنڌ جو آهين. سوچ ۾ پئجي وئي، پوءِ تنهنجي لاءِ هاسٽل ۾ هڪ ڪمرو بڪ ڪري ڇڏيائين.“
    پڇيومانس، ”سنڌ جو نالو ٻڌي سوچ ۾ ڇو پئجي وئي؟“
    وراڻيائين، ”شايد، موهن جي دڙي سبب.“ مون کي عجيب لڳو.
    جياسندر اٿندي چيو، ”ته پوءِ مان وڃان ٿو، ڊائننگ هال ۾ به تنهنجي مانيءَ لاءِ پارت ڪري ٿو وڃان.“
    پڇيم، ”ڇا جي پارت؟“
    چيائين، ”ته ماني توکي پليٽن ۾ ڏين.“
    پڇيم، ”ورنه ڇا ۾ ڏيندا آهن؟“
    وراڻيائين، ”ڪيلي جي پن ۾ چانورن تي دال وجهي، مٿان ڀاڄي ۽ آچار رکي ڏيندا آهن.“
    چيم، ”مان ڪيلي جي پن ۾ دال ۽ چانور کائيندس، ڊائننگ هال ۾ ڪنهن به قسم جي پارت نه ڪجانءِ.“
    کليو، چيائين، ”متان موٽي وڃي اسان جي گلا ڪرين!“
    مان نه کليس، لهندڙ سج ۾ گهاٽي جهنگ ڏانهن ڏسندي چيم، ”جياسندر، مون کي سري لنڪا ۾ ويهه پنجويهه ڏينهن رهڻو آهي. ائين به ٿي سگهي ٿو جو مان هتي هميشه لاءِ رهي پوان.....“
    جياسندر منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو، پوءِ وک کن پري ٿي بيٺو. ٻئي هٿ جوڙي موڪلائيندي چيائين، ”صبح جو ساڍي اٺين لڳي، ورڪشاپ لاءِ توکي گاڏي کڻڻ ايندي.“
    پوءِ، هن مون کي پنهنجي گهر جو ۽ ڊائريڪٽر جياسيڪرا جي گهر جو ٽيليفون نمبر ڏنو ۽ هڪ دفعو ٻيهر هٿ جوڙي ڪمري مان نڪري ويو. سوٽ ڪيس کولي مان ڪپڙا الماڙيءَ ۾ رکي ڇڏيا. بريف ڪيس مان ورڪشاپ جا ڪاغذ ۽ ٻيا ڪتاب ڪڍي ميز تي جائيتا ڪيم .....پردو هٽائي دريءَ کان ٻاهر ڏٺم. سج ٻڏي ويو هو، آسمان مان اوندهه لهي آئي هئي. مون چانهه لاءِ ٻاڙ محسوس ڪئي. اول سوچيم ته ڪمري ۾ ئي چانهه گهرايان، پر پوءِ ڪمري مان نڪري ڊائننگ هال ۾ چانهه پيئڻ لاءِ هليو ويس، ڊائننگ هال هاسٽل جي پرئين پاسي هو ۽ ريسٽورنٽ وانگر به استعمال ٿي رهيو هو. هاسٽل ۾ رهندڙ ڪجهه مهمان اڳواٽ ڊائننگ هال ۾ موجود هئا ۽ چانهه پي رهيا هئا. منجهائن ڪجهه برمي هئا ۽ ڪجهه جاپاني هئا. پوءِ خبر پئي ته هو سڀئي ٻڌمت جا پيروڪار هئا ۽ مها آتما گوتم ٻڌ بابت ڪنهن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ آيا هئا. ڪائونٽر تان چانهه جو مگ کڻي مان هڪ نويڪلي ڪنڊ ۾ وڃي ويٺس. دريءَ مان ٻاهر نهاريم، وڻن جي ٽارين مان روشنيءَ جا ترورا ڇڻندا، اندر داخل ٿي رهيا هئا. پريان ڪنهن ڪورس ۾ ڳائڻ جي ريهرسل جو آواز اچي رهيو هو. لفظ ته سمجهه ۾ نه پئي آيا، پر لئه ۽ سر رسيلو هو. شايد ڪو مذهبي گيت هو!
    چانهه پيئندي آنند جو خيال دل تي تري آيو. مون کي لڳو، مون اهو نالو اڳ ٻڌو آهي. ان نالي سان منهنجو ڪو واسطو ضرور رهيو آهي. پر ڪٿي؟ نه چاهڻ جي باوجود لاشعور جي سوچ مون کي بيچين ڪرڻ لڳي. مون اندر ۾ اڻتڻ محسوس ڪئي. پوءِ مون جڏهن ڊائننگ هال ڏانهن غور سان ڏٺو ته مون کي محسوس ٿيو ته مان هتي اڳ اچي چڪو آهيان. ساڳئي هنڌ ويهي چانهه پي چڪو آهيان. دريءَ مان ڇڻي ايندڙ روشنيءَ جا ڪرڻا ڏسي چڪو آهيان. ريهرسل وارو گيت مون اڳ به ٻڌو آهي! پر، ڪيئن! ناممڪن آهي. مان پهريون دفعو سري لنڪا آيو آهيان! هتي جيڪي ڪجهه مان ڏسي رهيو آهيان، جيڪي ڪجهه ٻڌي رهيو آهيان، پهريون دفعو ٻڌي رهيو آهيان. پر نه! ڪوشش جي باوجود، دليلن جي باوجود مان پاڻ کي قائل ڪري نه سگهيس. مون کي پڪ ٿيڻ لڳي ته مان اڳ به ايگريرين هاسٽل ۾ اچي چڪو آهيان. ڊائننگ هال جي نويڪلي ڪنڊ ۾ ويهي مگ مان چانهه پي چڪو آهيان. ڪجهه به منهنجي لاءِ اوپرو يا نئون نه آهي. سڀ ڪجهه منهنجي لاءِ پراڻو آهي، مون کي پنهنجي وجود ۾ ڪنبڻي محسوس ٿي. ڄڻ اوچتو موسمون بدلجي ويون. تهه سياري جي رات ماحول تي ڇائنجي وئي! مون مگ مان گرم گرم چانهه جا ڍڪ ڀري ورتا. چانهه وات ۽ نڙيءَ کي ساڙيندي، منهنجي وجود ۾ شامل ٿي وئي. ڪنبڻي گهٽ ٿيڻ لڳي، موسمون ڄڻ وري بدلجڻ لڳيون. گهٽ، ٻوسٽ ۽ گرميءَ جو احساس وڌڻ لڳو. ڪجهه منهنجي نرڙ ۽ پيشانيءَ تي چرڻ لڳو. مون هٿ نرڙ تي رکي ڇڏيو.
    منهنجو نرڙ پگهر ۾ آلو هو. پگهر جا ڦڙا لوندڙين تان وهندا، ڪنن جي پاپڙين تائين وڃي پهتا هئا. ڪرسيءَ تان اٿي دريءَ ڏانهن منهن ڪري بيهي رهيس. قميص جا مٿيان ٽي بٽڻ کولي ڇڏيم. گهاٽن وڻن مان ڇڻي ايندڙ روشنيءَ جي ترورن سان موسيقيءَ جو آواز وڌڻ لڳو. گيت چٽو ٿيڻ لڳو. مون پنهنجي وجود مان پڙلاءُ ٻڌو. تو اهو سنهالي گيت اڳ به ٻڌو آهي. انوراڌا پورا ۾ مقدس بڙ جي ڇانو ۾ ويهي تو پاڻ اهو گيت آلاپيو آهي!
    خالي مگ ميز تي رکي مان ڊائننگ هال مان نڪري ويس.
    ورانڊن ۽ ڪاريڊارن جون بتيون ٻري پيون هيون. ورانڊي جي ڳاڙهين روغني سرن تي ڪاٺ جي شهتيرين ۽ ٿنڀن جا عڪس پراسرار لڳي رهيا هئا. ڪاريڊار ۾ لڳل بتيون، ٻنهي پاسن کان هڪ ٻئي جي سامهون نه هيون. وڇوٽي ڇڏي لڳايل هيون، ڪاريڊار مان لنگهندي، ٻن چئن ٻرانگهن کان پوءِ، منهنجو پاڇو کاٻي کان ساڄي ۽ وري ساڄي کان کاٻي پاسي ٿي پئي ويو. پوءِ، مان ڪاريڊار ۾ اهڙي هنڌ بيهي رهيس، جتي منهنجو پاڇو نه ساڄي پاسي هو ۽ نه کاٻي پاسي هو. منهنجو پاڇو منهنجو ساٿ ڇڏي ويو هو. حسرت منهنجو مقدر ٿي پئي. ■


    نه ويڄ نه طبيب

    اَسُر ويل اوچتو اک کلي پيئي. آسمان اوپرو نظر آيو. ماحول موڳو ۽ ملول ڏسڻ ۾ آيو. پنهنجي ڌرتي پرائي محسوس ٿيڻ لڳي. هر طرف کان ڪوهيڙي ڪاهه ڪئي هئي. ڪوهيڙي جي تهن ۾ هرڪا شيءِ اَڻچٽي ۽ مُبهم ٿيندي ويئي. وايو منڊل پُراسرار، خاموش ۽ ڪاڪ محل جهڙو دوکيباز ٿيندو ويو. گُهٽ ۽ ٻوسٽ ۾ منهنجو ساهه منجهڻ لڳو.
    مون کُڏ تان هيٺ نهاريو. اَڻچٽي ماحول ۾ رونق هئي. موڳا ماڻهو ڌنڌي ڌاڙيءَ لاءِ رستن تي نڪري آيا هئا. ٽريفڪ جي گوڙ گهمسان ۾ بسون بد روحن وانگر ڀڄي رهيون هيون. روزاني وهنوار ۾ ڪابه ظاهري ڦير گهير نظر نه آئي. مون کي پنهنجي حال تي حيرت ٿي.
    اڱڻ مان بابا جو آواز آيو، ”ستو پيو آهين ڇا، ماءِ سن (منهنجا پٽ).“
    وراڻيم، ”جاڳان پيو.“
    ”واٽ (ڇا) جاڳان پيو! سُر سامونڊيءَ جو وئائس (آواز) ڇو نه پيو اچي؟“
    ”منهنجو ساهه ٿو منجهي بابا. سُر سامونڊي ڪيئن ڳايان.“
    بابا انگريزن جي آخري نشاني سمجهيو ويندو آهي.1921ع کان 1936ع تائين سنڌ جي انگريز اريگيشن انجنيئر بينجامن ڊگلس جو منشي رهي چڪو آهي. بينجامن ڊگلس کي سنڌيءَ ۾ لکيل درخواستن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏيندو هو. بابا جا يادگار ترجما بينجامن ڊگلس پاڻ سان کڻائي ويو، ۽ وڃي لنڊن ميوزيم ۾ رکايائين.
    بابا رڙ ڪري پڇيو، ”يو او – ڪي سن؟ (تون خوش ته آهين نه منهنجا پٽ؟)“
    ”لڳان ته خوش پيو، پر مون کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي.“
    ”اميجيٽلي (هڪدم) هيٺ اچ.“
    مان هيٺ لهي ويس. اڱڻ ۾ گهر جا ڀاتي مون کي ورائي ويا.
    بابا پڇيو، ”ساهه ڇونه ٿو کڻي سگهين.“
    ”مان سمجهان ٿو، منهنجي نڙيءَ ۾ ڪا شيءِ اٽڪي پيئي آهي.“
    ”پَلي جو ڪنڊو لڳو هوندس،“ منهنجيءَ نانيءَ کنڊو وات مچڪائيندي چيو. هوءَ هڪ سئو سترهن سالن جي آهي.
    امان چيو، ”پلو کاڌي پنڌرهن ڏينهن ٿي ويا اٿس.“
    ”ته پوءِ نڙيءَ ۾ صوفي ٻير اٽڪيو اٿس،“ نانيءَ ڪنڌ لوڏيندي ڳالهايو. نانيءَ جو ڪنڌ هميشه ناڪار ۾ لڏندو رهندو آهي.
    ”هن موسم ۾ صوفي ٻير ڪٿان آيا!“ امان چيو.
    ”ته پوءِ نڙيءَ ۾ ناريل اٽڪيو اٿس.“
    بابا کي نانيءَ جي ڳالهه تي سخت ڪاوڙ آئي. چيائين، ”ناريل نه. نڙيءَ ۾ ڇانهي، يعني هنداڻو ڦاٿو اٿس. هونهه!“
    نانيءَ چيو، ”ٿي سگهي ٿو.“
    بابا منهنجو وات کولي نڙيءَ جي تلاشي ورتي. چڱي طرح ڏسڻ کان پوءِ چيائين، ”تنهنجي نڙيءَ ۾ مون کي ته ڪابه شيءِ اٽڪيل نظر نه ٿي اچي.“
    مون ٻوسٽ محسوس ڪندي چيو، ”منهنجو ساهه ٿو منجهي، بابا. منهنجيءَ نڙيءَ ۾ ضرور ڪا شيءِ اٽڪي پيئي آهي.“
    ”هان، هاڻي خبر پيئي!“ منهنجي ننڍڙي ڀاءُ جانوءَ چيو، ”ڪالهه کان منهنجي ريل گاڏيءَ جي انجڻ غائب آهي. ڪَڍُ منهنجي انجڻ.“
    بابا جانوءَ کي آنڪ ڏني. هو هليو ويو.
    اِن وچ ۾ منهنجيءَ نڙيءَ جو لنگهه سوڙهو ٿيندو ويو. ساهه جو سلسلو تڪليف ڏيڻ لڳو. مون ڳچيءَ تي هٿ رکندي چيو، ”منهنجو ساهه ٿو منجهي، بابا.“
    امان بيچين ٿي پيئي. پڇيائين، ”اوطاق واري بَڙَ وٽ ٿُڪ ته نه اُڇلي اٿئي.“
    تڪليف وچان وراڻيم،”مون کي ياد ناهي.“
    ”ياد ڪر.“
    ”مون کي ڪجهه ياد نه ٿو اچي.“
    ”اوطاق وارو بڙ ڳورو آهي،“ امان چيو، ”مان سمجهان ٿي، تو اُتي ضرور ٿڪ اڇلائي آهي. مان هاجران مستانيءَ کي گهرائي ٿي وٺان. تنهنجيءَ نڙيءَ تي غيبات جو اثر آهي.“
    ”نو ٽاڪ نانسينس (بڪ بڪ نه ڪر)،“ بابا ڪاوڙجي ويو. چيائين، ”نو (نه) هاجران مستاني. مان پنهنجي سن (پٽ) کي ڪنهن سٺي فزيشين، يعني ڊاڪٽر کي ڏيکاريندس. ڪئيڪ ريڊي (جلدي تيار ٿيءُ).“
    بابا مون کي حيدرآباد جي هڪ مشهور ڊاڪٽر وٽ وٺي آيو.
    ڊاڪٽر سرسري تپاس کان پوءِ ويهه رپيا وٺي کيسي ۾ وڌا. بابا کي چيائين، ”پوڙها، تنهنجي پٽ کي ڪجهه به ڪونهي. بلڪل چاڪ چڱو ڀلو آهي.“
    ”چڱو ڀلو فقط ڏسڻ ۾ ٿو اچي،“ بابا منهنجيءَ ڳچيءَ تي هٿ رکندي چيو، ”هن کي نڙيءَ ۾ ارٿميٽڪ (حساب) آهي.“
    ”ڪجهه ڪونهيس،“ ڊاڪٽر چيو، ”مَڪرُ ٿو ڪري. وٺي وڃينس.“
    بابا کي اطمينان نه ٿيو. ڊاڪٽر کي چيائين، ”واٽ مني لاٽ (پيسو ڪهڙي شيءِ آهي) لُڪ ماءِ سن ونس مور (هڪ دفعو ٻيهر منهنجي پٽ کي تپاس). آءِ ريڊي، ٽيڪ رپيز ٽوينٽي (مان وڌيڪ ويهه رپيا ڏيڻ لاءِ تيار آهيان).“
    ٻيهر في جا ويهه رپيا وٺي ڊاڪٽر کيسي ۾ وجهي ڇڏيا. پوءِ ٻيهر منهنجي تپاس شروع ڪيائين. منهنجي وات ۾ ٿرما ميٽر وجهي، نبض تي هٿ رکيائين. اک واچ تي رکيائين. منٽ کن ۾ وات مان ٿرما ميٽر ڪڍي ٽيبل ليمپ جي روشنيءَ ۾ جاچيائين.
    پڇيائين، ”بک لڳيئي ٿي.“
    هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم.
    ”اُڃ لڳيئي ٿي؟“
    هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم.
    ”بک به لڳندي اٿس، اُڃ به لڳندي اٿس،“ بابا ڳالهايو. چيائين،
    ”بَٽِ (پر)، منهنجي پٽ کي نڙيءَ ۾ اَرٿميٽڪ آهي، يعني حساب آهي. ڪجهه به کائي پي نٿو سگهي. ساهه منجهيس ٿو.“
    مون ڊاڪٽر کي چيو، ”ائين محسوس ڪيان ٿو، ڄڻ ته نڙيءَ ۾ ڪا شيءِ اٽڪي پيئي آهي.“
    ”هون.“ ڊاڪٽر ڪنڌ لوڏيو. پوءِ پنهنجي ساڄي هٿ ڏسڻيءَ سان، (جيڪا سگريٽن جي دونهي ۾ هيڊي ٿي ويئي منهنجين اکين کي اٿلائڻ لڳو. مون کي ڊاڪٽر جي آڱرين مان ڌپ آئي.
    چيم، ”اکين ۾ ڪجهه ڪونهي ڊاڪٽر. منهنجيءَ نڙيءَ ۾ ڪا شيءِ اٽڪي پيئي آهي.“
    پڇيائين، ”سگريٽ ڇڪيندو آهين؟“
    وراڻيم، ”واڻ جي کٽ ڇڪڻ کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ نه ڇڪيندو آهيان.“
    ”اکين آڏو تِروِرا ڏسندو آهين.“
    ”نه. ڪجهه ڏينهن کان فقط ڏينهن جا تارا ڏسندو آهيان.
    ”ڪڏهن ڦيري آئي اٿئي.“
    ”سمجهه ته ڦيرين ۾ آهيان.“
    ڊاڪٽر چيو، ”اڳاڻو به تو بلڪل ساڳيا جواب ڏنا هئا.“
    وراڻيم، ”اڳاڻو تو به بلڪل ساڳيا سوال پڇيا هئا.“
    ڊاڪٽر صاحب اسٽيٿسڪوپ کڻندي چيو، ”سامهون ليٽي پَئهُ.“
    سامهون ڀت وٽ ٽيبل جهڙين ٽنگن مان هڪ مستطيل تختي تي کير جهڙي اڇي چادر وڇايل هئي. اڇي اُجري چادر ڏسي مون کي مٽي پليد ٿيل ايفروايشين امن ياد آيو.
    ڊاڪٽر چيو، ”ڪهڙن پورن ۾ پئجي ويو آهين. جلد ڪر. ٻاهر مريضن جي لائين لڳي پيئي آهي.“
    مان اڇي چادر تي بالم بڻجي ويهي رهيس. ڊاڪٽر چيو، ”بوٽ لاهي ليٽي پَئهُ.“
    بابا پريان رڙ ڪئي، ”متان بوٽ لاٿو اٿئي.“ پوءِ ڊاڪٽر کي چيائين، ”منهنجي پٽ جي پيرن ۾ برباد ڪندڙ بدبوءِ هوندي آهي. بيڊ سميل (خراب بوءِ). رٻڙائي بوٽ لاهيندو ته تون رڙيون ڪري اسپتال مان ڀڄي ويندين.“
    ڊاڪٽر ڪاوڙ مان ڪنڌ کي لوڏو ڏنو. پوءِ چيائين، ”چڱو، بوٽ سميت ليٽي پَئهُ.“
    مان ليٽي پيس. بابا منهنجي ڀرسان اچي بيٺو. ڊاڪٽر کان پڇيائين، ”ننڊ ٿو ڪرائينس ڇا. ويل، گُڊي گُڊي (ڏاڍو چڱو).“
    ڊاڪٽر ڪنن مان اسٽيٿسڪوپ ڪڍي، بابا ڏانهن نهاريندي چيو، ”پوڙها، تون مهرباني ڪري وڃي ٻاهر ويهه. منهنجو وقت خراب نه ڪر.“
    ”ويل!“ بابا حيرت مان ڊاڪٽر ڏانهن ڏسندو ٻاهر هليو ويو. ڪمري ۾ ڊاڪٽر ۽ مان رهجي وياسين. ڊاڪٽر چيو، ”قميص مٿي ڪر.“
    مون قميص مٿي ڪري، پيٽ ۽ سينو ڊاڪٽر جي حوالي ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر منهنجو سينو تپاسڻ لڳو. اسٽيٿسڪوپ جي ٿڌي ٿڌي ڦڻ هڏائين سيني تي هيڏانهن هوڏانهن لڳائڻ لڳو.
    مون آهستي چيو، ”ڊاڪٽر صاحب، مون کي سيني ۾ ڪابه تڪليف نه آهي. منهنجي نڙيءَ ۾ ڪا شيءِ اٽڪي پيئي آهي. ساهه نٿو کڄي.“
    ”ماٺ ڪر.“ ڊاڪٽر ڇڙٻ ڪڍندي چيو، ”وڏو ساهه کڻ.“
    ”اها ئي ته گڙ ٻڙ آهي ڊاڪٽر، جو وڏو ساهه ته ڇا، ننڍو ساهه به کڻي نٿو سگهان.“
    ”ڳالهائڻ بند ڪر.“
    ڊاڪٽر صاحب ڪاوڙ جو تکو هو. چيائين، ”هاڻي اُٿي ويهه.“ مان اٿي ويٺس. هن منهنجي پٺيءَ تان قميص مٿي ڪري ڇڏي.
    ۽ اسٽيٿسڪوپ جو ٿڌڙو ٿڌڙو لوهه منهنجي ڪرنگهي ۽ پاسرين تي رکڻ لڳو. مون کي ڊاڪٽر جي بيوقوفيءَ تي خار لڳا. چيومانس، ”يار، ساهه منهنجي نڙيءَ ۾ اچي ڦاٿو آهي، ۽ تون لڳو پيو آهين منهنجي پٺيءَ کي!“
    ”وڏو ساهه کڻ.“
    ”وري ساڳي ڳالهه! سائين عرض ڪيم ته منهنجي نڙيءَ ۾ ڪجهه اٽڪي پيو آهي. هيٺ جو ساهه هيٺ ۽ مٿيون مٿي رهجي ويو آهي.“
    ”ڪوشش ڪر.“
    مون وڏي ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. اکين اڳيان اوندهه اچي ويئي. مٿو وڃي ڪاٺ جي تختي سان لڳو. ڊاڪٽر جو اسٽيٿسڪوپ ڪنن مان نڪري منهنجي پٺيءَ هيٺان پورجي ويو.
    ”اُٿي،“ ڊاڪٽر رڙ ڪئي، ”بيوقوف!“
    ڊاڪٽر جي رڙ ٻڌي بابا اندر هليو آيو. چيائين، ”ڊونٽ دڙڪو مائي سڪ سن (منهنجي بيمار پٽ کي دڙڪو نه ڏي).“
    ”تون وڃي ٻاهر ويهه، پوڙها،“ ڊاڪٽر واچ ۾ وقت ڏسندي چيو، ”مان ڪنسلٽنگ فزيشن آهيان، ڪو معمولي ڊاڪٽر نه آهيان.“
    بابا ٻاهر هليو ويو. ڊاڪٽر مون کي اُٿاري ويهاريو ۽ اسٽيٿسڪوپ سان منهنجيون پاسريون تپاسڻ لڳو. تپاسيندي جڏهن ڪڇ وٽ پهتو، تڏهن مون کان برداشت ٿي نه سگهيو. چيم، ”مون کي سخت ڪتڪتائي ٿي ٿئي ڊاڪٽر. ڪڇ وٽان اهو عجيب اوزار پري ڪر، نه ته ڪٿي کلي نه ويهان.“
    ڊاڪٽر اسٽيٿسڪوپ جي توتڙي اڳيان ڦيرائي منهنجي سيني تي رکندي چيو، ”کنگهه.“
    ”ڪنهن تي؟“
    ”کنگهه. کنگهڻ به نٿو ڄاڻين!“
    مون کنگهيو.
    ”اڙي بابا منهنجي منهن ۾ ڇو ٿو کنگهين،“ ڊاڪٽر ناراض ٿيندي چيو، ”ٻئي پاسي منهن ڪري کنگهه.“
    مون ٻيهر کنگهيو، ڀت ڏانهن منهن ڪري.
    ”اڙي کنگهين ٿو، يا ٺٺولي ٿو ڪرين!“
    ”بي وقتو کنگهڻ بس ائين ئي هوندو آهي.“
    ”زور سان کنگهه، هيئن - کئون کئون، کئون کئون.“ ڊاڪٽر کنگهي ڏياريو.
    مون ڊاڪٽر جي اهل ڪندي زور سان کنگهڻ شروع ڪيو. کنگهڻ جي دوران ڊاڪٽر مون کي تپاسيندو رهيو. ان وچ ۾ مون محسوس ڪيو ته منهنجي نڙيءَ ۾ ڦاٿل نامعلوم شيءِ نڙيءَ ۾ وڌيڪ پختي ٿيندي ويئي. ساهه منجهڻ لڳو.
    ڊاڪٽر چيو، ”کنگهڻ بند ڪر.“
    مون کنگهڻ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کنگهه زندگيءَ ۾ غمن وانگر اچڻ شروع ڪيو، ته بس ايندي رهي.
    ”اڙي کنگهڻ بند ڪر.“
    ”کئون کئون، کئون کئون.“
    ”اڙي چيومانءِ ته کنگهڻ بند ڪر.“
    ”کئون کئون، ستل سور ۽ پُراڻي کنگهه کي نه جاڳائبو آهي، ڊاڪٽر صاحب.“
    ڊاڪٽر صاحب پنهنجي خاني مان هڪ گوري ۽ ٽيبل تان پاڻيءَ جو گلاس کڻي آيو. ان وچ ۾ مان زور شور سان کنگهندو رهيس. مون کي گوري ۽ پاڻيءَ جو گلاس ڏيندي چيائين، ”ڦڪ.“
    ”واٽ (ڇا ڦڪ!“ بابا منهنجي کنگهڻ جو آواز ٻڌي اندر هليو آيو.
    چيائين، ”فرگيٽ ناٽ (وسار نه) منهنجي پٽ کي نڙيءَ ۾ ارٿميٽڪ، يعني حساب آهي. ساهه ته چڱي طرح کڻي ٿو، گوري ناٽ پاسيبل کائيندو (گوري کائي نه سگهندو.)“
    ”پوڙها، تون ٻاهر ويهه. خبردار جو ٻيهر اندر آيو آهين. سُئي هڻندو مانءِ“ بابا کي ڀڄائڻ کان پوءِ ڊاڪٽر مون کي گوري ڏيندي چيو، ”وات ۾ وجهي چوس. ڳڙڪائڻ جي ضرورت ناهي.“
    مون گوري وات ۾ وجهي چوسڻ شروع ڪئي.
    کنگهه بند ٿي ويئي.
    ”ليٽي پَئهُ.“ ڊاڪٽر مون کي ٻيهر ليٽائي ڇڏيو. پيٽ ۽ سيني تان قميص پري ڪري ڇڏيائين.
    مون ڊاڪٽر کي چيو، ”منهنجي هاٺي ڪاٺيءَ تي نه وڃجانءِ. مرض جو سبب ڳولي جلد ڪا دوا ڏي. مان مريو ٿو وڃان. هاءِ! منهنجي نڙيءَ ۾ ڦاٿل شيءِ قابو ٿيندي ٿي وڃي.“
    ڊاڪٽر صاحب پنهنجن ٻنهي هٿن جون آڱريون، اَڱوٺن کان سواءِ، منهنجي پيٽ ۾ ٽنبڻ شروع ڪيون. اهو سلسلو هنياوَ کان شروع ڪري دن کان هيٺ نرن تائين، ۽ پيٽ جي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين جاري رکيائين. ائين محسوس ڪيم، ڄڻ ڊاڪٽر منهنجي پيٽ تي هَرُ ڪاهي رهيو هو.
    ”ڇا پيو ڳولين، ڊاڪٽر.“
    ڊاڪٽر جواب نه ڏنو. آڱرين جو هَر ڪاهيندو رهيو.
    ورائي پڇيومانس، ”منهنجي پيٽ ۾ ڪارون جو خزانو ته نه ٿو ڳولين.“
    هو خاموش رهيو، ۽ پنهنجي ڪم ۾ مشغول رهيو. پوءِ منهنجين تاڙين هيٺان آڱريون ٽنبي اهڙو زور ڏنائين جو مون کان دانهن نڪري ويئي. دانهن ٻڌي ڊاڪٽر وڌيڪ زور ڏنو. مون کان نڙيءَ ۾ ڦاٿل شيءِ جو خيال وسري ويو.
    مون تڪليف وچان چيو، ”متان وڌيڪ زور ڏنو اٿئي، ميان اسان سنڌين جي پيٽ ۾ اهڙو بارود ڀريل آهي، جو جيڪڏهن هيڪر ڦاٽو ته نظام شمسيءَ جو ڪاروبار درهم برهم ڪري ڇڏيندو.“
    ”وات هڻڻ بند ڪر،“ ڊاڪٽر خارن مان چيو، ”پير لٽڪائي ويهه.“
    مان پير لٽڪائي ويٺس. ڊاڪٽر منهنجن گوڏن تان سٿڻ مٿي ڪري رٻڙ جي مُترڪي سان گوڏن جي خاص رڳ ڪُٽڻ شروع ڪئي. مترڪي جو ڌڪ لڳڻ شرط ٽنگ اُڇل کاڌي پئي. ٽنگن کي اُڇلون کارائي ڊاڪٽر پنهنجي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو. مان اُٿي وڃي ميز جي ٻئي پاسي سندس سامهون ٿي ويٺس.
    ڊاڪٽر کان پڇيم، ”ڊاڪٽر هڪڙي ڳالهه ته ٻڌاءِ، مصيبت
    منهنجيءَ نڙيءَ ۾ آهي. منهنجو ٿو ساهه منجهي، ۽ تون پيٽ جي تلاشي پيو وٺين. ائين ڇو؟“
    هڪ چمڪندڙ چمٽو کڻندي چيائين، ”وات کول.“
    مون وات نه کوليو.
    ”وات کول.“
    مون وات نه کوليو.
    ”اڙي ڀوڪ، چوانءِ ٿو وات کول.“
    چيم، ”جيڪڏهن تون ان غلط فهميءَ ۾ مبتلا آهين، ته ان جهرڪي ڇاپ چمٽي سان منهنجي نڙيءَ مان ڦاٿل شيءِ ڇڪي ڪڍي وٺندين، ته پوءِ ڀليل آهين.“
    ”اڙي، تون ماٺ ڪري وات کول،“ ڊاڪٽر ڪاوڙ مان چيو.
    پڇيو مانس، ”ڪٿي منهنجي زبان پٽڻ جا سانباها ته نه پيو ڪرين.“
    ”مريض ته ناهين، اصل مٿي جو سور آهين،“ ڊاڪٽر بيزار ٿيندي چيو، ”وات کول خدا جي واسطي.“
    عرض ڪيو مانس، ”اها زبان ئي ته آهي، جنهن سان اندر جو حال اوري سگهان ٿو.“
    ڊاڪٽر چيو، ”چڱو ڀلا چَئه – الله•.“
    مون چيو، ”الله•.“
    الله چوڻ سان وات کُليو، ته ڊاڪٽر به هڪدم چمڪندڙ چمٽو منهنجي وات ۾ وجهي ڇڏيو. چمٽي سان زبان کي زور ڏيئي، نڙ گهٽ ويڪرو ڪري، منهنجي وات ۾ جهاتي پاتائين. ٻئي هٿ سان ٽارچ ٻاري منهنجو اونداهو وات روشن ڪيائين. ڪجهه دير تائين نڙي، نڙيءَ جو لنگهه ۽ نڙ گهٽ جاچڻ کان پوءِ چَمٽو منهنجي وات مان ڪڍي، ٽارچ وسائي ڇڏيائين.
    بابا پٻن تي هلندو ڪمري ۾ لنگهي آيو. ڊاڪٽر کان پڇيائين، ”منهنجي سن (پٽ) جي وڍ – ڪٽ يعني آپريشن ته نه پيو ڪرين.“
    ڊاڪٽر وراڻيو، ”تنهنجي پٽ کي ڪابه ظاهري بيماري نه آهي.“ پنهنجا اوزار رکندي چيائين، ”تنهنجي پٽ کي وهم آهي.“
    ”واٽ وهم!“
    ”وهم.“
    مون چيو، ”منهنجو ساهه ٿو منجهي ڊاڪٽر. مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ بيرحم خارجي قوتون منهنجي نڙيءَ تي ننهن ڏيئي منهنجيءَ نڙيءَ ۾ ڦاٿل شيءِ کي چچرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.“
    ”اهو سڀ وهم آهي،“ ڊاڪٽر چيو، ”منهنجو وقت خراب نه ڪيو. مان ڪنسلٽنگ فزيشن آهيان. ڪو معمولي ڊاڪٽر نه آهيان.“
    ”منهنجو ساهه ٿو منجهي ڊاڪٽر،“ مون تڪليف وچان چيو، ”منهنجي نڙيءَ ۾ ڦاٿل شيءِ ڦيريون پائي رهي آهي.“
    ”سڀ وهم آهي، ”ڊاڪٽر ڪاوڙ منجهان چيو، ”وڃو وڃو. پوڙها، وٺي وڃ پنهنجي پٽ کي.“
    بابا جا ڪلها انگريز ايڪٽرن وانگر اُڀا ٿي ويا. چيائين، ”ماءِ سن ڊاءِ – اينڊ يو ٽيل گو گو! (منهنجو پٽ مري رهيو آهي، ۽ تون چوين ٿو وڃو!)“
    ڊاڪٽر صاحب ميز جي پاسي ۾ کتل بٽڻ تي آڱر رکي. گهنٽيءَ ٻرڙاٽ ڪيو. هڪ ڇهه فٽو راوڻ جهڙو پٽيوالو اندر آيو. ڊاڪٽر اسان ڏانهن اشارو ڪندي کيس چيو، ”هن پوڙهي، ۽ پوڙهي جي جوان وهمي پٽ کي ڌڪا ڏيئي اسپتال مان ٻاهر ڪڍي ڇڏي.“
    بابا رڙ ڪئي، ”واٽ! انسليٽ!“
    راوڻ اسان کي اسپتال مان عزت سان ڪڍي ڇڏيو.
    بابا ۽ مان جرنيل هوش محمد شيدي روڊ تي اچي بيٺاسين.
    بابا چتائي منهنجي منهن ۾ نهاريو. پڇيومانس، ”ڇا پيو ڏسين بابا.“
    چيائين، ”ڀانيو هوم شايد مڪر پيو ڪرين. پر نه. تنهنجا لاهه نڪري ويا آهن. تنهنجي نڙيءَ ۾ ضرور ڪا شيءِ اٽڪي پيئي آهي. تو سان ٽربل (ويڌن) آهي.“
    چيومانس، ”مان مري ويندوسانءِ بابا. منهنجو ساهه ٿو منجهي. ٻوسٽ ۾ روح ساڻو ٿيندو پيو وڃي.“
    ”گاڊ از گريٽ (الله وڏو آهي)،“ بابا چيو، ”اِهو ايڪٽرن جهڙو ڊاڪٽر مون کي فرسٽ سائيٽ (پهرين نظر) ۾ ڇسو ڏسڻ ۾ آيو هو. جڏو. مرض به سڃاڻي نه سگهيو! واٽ واٽ ڊاڪٽر هيئر (هتي ڪهڙا ڪهڙا نه ڊاڪٽر پيا آهن).“
    دل ٻڏندي پئي ويئي. اکين آڏو هر ڪا چُرندڙ ۽ اَڻچُرندڙ شيءِ جهڪي ٿيندي ويئي. ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ ماحول تي سچ پچ ڪوهيڙو لهي آيو هو. مان بابا کي چيو، ”مون کي گهر وٺي هَلُ. مان آرام سان مرڻ چاهيان ٿو.“
    ”ڊيٿ! نو نو ماءِ سن (موت! نه منهنجا پٽ)“ بابا مون کي پيار ڀريل نگاهن سان ڏسندي چيو، ”ڊونٽ اولڊ فادر ساري (پنهنجي ڪراڙي پيءُ کي اهو چئي ڏک نه ڏي).“
    بابا ويچار ۾ پئجي ويو. نرڙ تي گهنج چِٽا ٿي بيٺس. مون سمجهيو، هو مسٽر بينجامن سان گذاريل وقت ياد ڪري رهيو هو، پر ائين نه هو. بابا چيو،“ مون کي هڪ گريٽ آئيڊيا (ڏاڍو سٺو خيال) آيو آهي.“
    ”منهنجي ڪفن دفن جو؟“
    ”يو سلي (تون ڀوڪ آهين).“
    ”مان مري وڃان ته منهنجو لاش سنڌوءَ ۾ لوڙهائي ڇڏجانءِ، بابا.“
    ”نو ٽاڪ ڊيٿ (موت جي باري ۾ نه ڳالهاءِ.)“
    منهنجين ٽنگن مان ست نڪرندو ويو. ساهه ساڻو ٿيندو ويو. ڀانيم ڦهڪو ڪَري ڪري پوندس. ڪهاڻي ختم ٿي ويندي. نِڙيءَ ۾ ڦاٿل شيءِ جي باري ۾ ڪابه خبر نه پوندي.
    تڏهن بابا جو آواز ڪن پيم. چيائين، ”مون ڊسائيڊ (فيصلو) ڪيو آهي، ته توکي اوڏ ويڄ کي ڏيکاريندس.“
    ”اوڏ ويڄ ڪهڙو؟ جيڪو جِنَ ڪڍندو آهي؟“
    ”رانگ رانگ (غلط). جن بهرام خان ڀوپو ڪڍندو آهي.“
    ”اوڏ ويڄ ڪير آهي؟“
    ”پليٽو جو فادر آهي (افلاطون جو پيءُ آهي).“ بابا چيو، ”هڪ نظر ۾ مرض سڃاڻي وٺندو آهي.“
    ”ته پوءِ مُنڍ ۾ ئي اوڏ ويڄ ڏانهن وٺي هلين ها.“
    ”اولڊ مين فرگيٽ (مون ڪُراڙي کان وسري ويو). دير نيور مائينڊ (پرواهه نه ڪر). هَلُ.“
    تڪليف کان منهنجيون اکيون بند ٿي ويون. هرڪو آواز اوپرو ٿي ويو. مون کي سُڌ نه پيئي ته بابا ڪهڙي سواريءَ ۾ چاڙهي مون کي اوڏ ويڄ وٽ وٺي آيو.
    ”ٻالڪا اکيون کول.“ آواز تي اکيون کوليم. اوڏ ويڄ منهجي سامهون ڌرتيءَ تي پلٿي ماري ويٺو هو. بدن ڀڀوت هوس. مون کي ائين لڳو، ڄڻ هو هڏ چم جو ٺهيل نه هو، بلڪه سنڌ جي چيڪي مٽيءَ جو مجسمو هو – قديم دور جي کنڊرن جو پتلو هو. هن منهنجين اکين ۾ اکيون وجهي ڇڏيون. مون سندس نگاهن مان نئه محسوس ڪيو.
    بابا کان رهيو نه ٿيو. چيائين، ”ويڄَ، ڇوڪر جون اکيون ٺيڪ آهن. ارٿميٽڪ (حساب) نڙيءَ ۾ اٿس. نڙيءَ ۾، چوي ٿو، ڪا شيءِ اٽڪي پيئي اٿس.“
    ويڄ وراڻيو، ”اندر ۾ جهاتي پائڻ لاءِ اکيون ڳڙکين جو ڪم ڏينديون آهن.“
    ”لا علاج آهي!“ بابا بيحد حيرت وچان چيو. سندس لهجي ۾ ڏک هو. اکيون غم کان آليون ٿي پيس.
    ”ها.“ ويڄ وراڻيو، ”تنهنجي پٽ جو مرض لا علاج آهي. دنيا جو ڪوبه ڊاڪٽر يا حڪيم سندس علاج ڪري نه سگهندو.“
    بابا حسرت سان مون ڏانهن ڏٺو. هو اوچتو مون کي بيحد. پوڙهو ۽ ضعيف نظر آيو. اکين جون پتليون پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويس. هيٺيون چپ ڪنبڻ لڳس. آواز ڀرجي آيس. ويڄ اوڏ کان پڇيائين، ”ويڄ، منهنجي پُٽ کي ڪهڙي بيماري آهي.“
    ويڄ وراڻيو، ”تنهنجي پٽ جي ساهه ۾ موهن جو دڙو اٽڪي پيو آهي.“ ■


    ڪاري ڪٿي آهي

    ٻارن کي الاءِ ڪيئن ڀڻڪ پئجي ويئي ته پاڙي جي ڪنهن گهر ۾ هڪ ڪاري آڻي رهائي هئائون جنهن کي اُسر ويل ڪهي، ڳڀا ڳڀا ڪري واهه ۾ اڇلائي ڇڏيندا. ٻارن لاءِ اها خبر حيرت انگيز هئي. ٻارن کي اها ڳالهه اصل سمجهه ۾ نه پئي آئي ته ڪاريءَ کي اُسر ويل ڇو ڪهي ڇڏيندا؟ رنگ جو ڪارو هئڻ ڇا ڏوهه آهي؟ هڪ ٻار ڏاڍو فڪرمند ٿي پيو. ڪڏهن مٿو پئي کنهيائين، ڪڏهن نڪ مان گينگا پي ڪڍيائين. هن ٻين ٻارن کي چيو، ”يار، منهنجي ننڍي ڀيڻ متيري به ڏاڍي ڪاري آهي. هن کي به ته نه ڪهي ڇڏيندا؟“
    ”ڍولڻ، تنهنجي ڀيڻ ڪيتري ڪاري آهي؟“ هڪ ننڍڙي نينگر پڇيو.
    ڍولڻ وراڻيو، ”سج لهڻ کان پوءِ ڪنهن کي نظر نه ايندي آهي.“
    ”ابول.“ نينگر وائڙو ٿي ويو. پڇيائين، ”تنهنجي ڀيڻ ٽنڊڻ ته ناهي؟“
    ”نه نه، ٽنڊڻ ناهي.“ ڍولڻ وراڻيو، ”ٽنڊڻ کان ڪجهه گهٽ ڪاري آهي.“
    اوچتو ٻارن هڪدم هڪ مهل پاڻ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪنهن ڇا پئي ڳالهايو. هڪ ٻار ڪجهه برجستو هو. هن جو نالو مترڪو هو. هن سڀني کي ماٺ ڪرائيندي چيو، ”معاملو گڙٻڙ آهي. اسان کي پنهنجي پنهنجي گهر ۾ ڪارين جو فڪر ڪرڻ گهرجي.“
    ٻار فڪر ۾ پئجي ويا. طمنچي چيو، ”منهنجي ماءُ ڏاڍي ڪاري آهي.“
    ”منهنجي ماءُ تنهنجي ماءُ کان وڌيڪ ڪاري آهي.“ مترڪي چيو، ”منهنجي ماءُ شيدياڻي آهي.“
    وڏي بحث مباحثي ۽ سوچ ويچار کان پوءِ فيصلو ٿيو ته سڀ کان اڳ ٻار پنهنجي پنهنجي گهر ويندا. گهر ۾ جيڪا به ڪاري عورت هوندي ان کي خطري کان آگاهه ڪندا. ان کان هڪدم پوءِ پاڙي جي ڪنهن گهر ۾ قيد ڪاريءَ کي بچائڻ جي ڪا ترڪيب سوچيندا.
    ٻار پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا. ڊوڙندي ۽ سهڪندي سڀ کان اڳ ڍولڻ پنهنجي گهر پهتو. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين. پوءِ وڏي واڪ ماءُ کان پڇيائين. ”امان متيري ڪٿي آهي؟“
    ماءُ وراڻيو. ”مون کي ڪهڙي خبر ته ڪني ڇوري ڪٿي آهي. گهٽيءَ ۾ ڌڪا پئي کائيندي هوندي.“
    ڍولڻ گهٽيءَ ۾ ڪاهي پيو. سندس پنجن سالن جي ڀيڻ متيري پاڙي جي ٻين ٻارڙين سان راند ڪري رهي هئي. ڍولڻ ڀيڻ کي هنج ۾ کڻي ورتو ۽ گهر موٽي آيو. ڀيڻ کي ماءُ جي هنج ۾ ڏيندي چيائين، ”لڪائي ڇڏينس. ڪهڻ آيا اٿس.“
    ماءُ کيس ڇڙٻ ڪڍي، ”موئا، مٿو ته نه ڦري ويو اٿئي؟“
    ”منهنجو مٿو جائيتو آهي.“ ڍولڻ چيو، ”ڪات ڪهاڙا کڻي آيا آهن. ڪنهن به ڪاريءَ کي نه ڇڏيندا.“
    ماءُ ڍولڻ کي ٿڦ وهائي ڪڍي، ڍولڻ جا ماشا گم ٿي ويا. ماءُ چيو، ”موئا بيحياءَ، پتڪڙي ڀيڻ کي ڪاري ٿو چوين!“
    ”ڪاري ناهي ته ٻيو وري ڇاهي! ”ڍولڻ رنڌڻي مان تئو کڻي آيو. ڪاوڙ ڪندي چيائين. ”ذري گهٽ هن تئي جهڙي ڪاري آهي. لڪائي ڇڏينس. ڪهي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيندس.“
    متيريءَ گهرڙي ڍولڻ کي ڀونڊو ڏنو. پوءِ ڄڀ ڪڍي ڏيکاريائينس. ماءُ پادر ۾ هٿ وڌو. ڍولڻ وٺي ڀڳو.
    ذري گهٽ ساڳئي وقت طمنچو گهر پهتو. ماڻس اُن مهل مينهن جو کير پي ڏهيو. هو ڀاڪر پائي ماءُ سان چنبڙي پيو. ماڻس پري ڪندس چيس، ”اصل نه ڏيندي مانءِ ٽڪو به، موئا جوئاري.“
    طمنچو وري وڃي ماءُ سان چنبڙي پيو. روئڻهارڪي آواز ۾ چيائين. ”امان، تنهنجو خير ڪونهي. توکي ڪهڻ وارا پاڙي ۾ پهچي ويا آهن.“
    ماڻس ڪن کان ڇڪي طمنچي کي پنهنجي سامهون بيهاريو، ”ڇورا، اهو وري ڇا پيو چوين؟“
    ”هڪڙي ڪاريءَ کي اُسر ويل ڪهي، ڳڀا ڳڀا ڪري واهه ۾ لوڙهي ڇڏيندا.“ طمنچي چيو، ”تون به گهٽ ڪاري ناهين امان. تون ڪٿي لڪي پئُه. توکي به ڪهي ڇڏيندا.“
    ”اڙي بدبخت ڇورا!“ ماءُ طمنچي کي بجا هڻندي اٿي بيٺي. چيائين، ”بيشرم، ماءُ کي ڪاري ٿو چوين!“
    ”مون کي مارين ڇو ٿي؟“ طمنچي سنگهه اُگهندي چيو، ”تون هن مينهن کان گهٽ ڪاري ناهين.“
    ماءُ لٺ ۾ هٿ وڌو. طمنچو وٺي ڀڳو.
    لڳ ڀڳ ساڳئي وقت مترڪو به پنهنجي گهر پهتو. سندس ماءُ ڪيچ مڪران جي شيدياڻي هئي. مترڪي ماءُ کي چيو، ”امان تون هڪدم ڪيچ مڪران هلي وڃ.“
    ماءُ پڇيو. ”ڇو ڙي؟“
    مترڪي چيو، ”ڪارين کي ڪهڻ وارا پهچي ويا آهن.“
    ماءُ لاپرواهيءَ سان چيو، ”ڀلي ڪهن.“
    مترڪي چيو، ”توکي به ڪهي ڇڏيندا.“
    ماءُ مڪراني لهجي ۾ چيو، ”مون کي ڙي ڇو ڪهندا؟“
    مترڪي چيو، ”تون بنهه ڪاري آهين، ان ڪري.“
    ”اڙي آئون ڪارو آهيان!“
    مترڪي جي مڪراني ماءُ مذڪر کي مونث، ۽ مونث کي مذڪر ڪري ڳالهائيندي هئي. اصل چري ٿي پيئي. ”اڙي آئون ڪارو آهيان! آئون ڪارو آهيان!“
    مترڪو ڊوڙ پائي آئينو کڻي آيو. ماءُ کي ڏيکاريندي چيائين. ”تُون ڪاري آهين، منهنجي ماءُ. ڏس. هن آئيني ۾ ڏس. تون ڪاري آهين.“
    ماءُ مترڪي کي ڇڪي پنهنجي سامهون بيهاريو ۽ پوءِ کيس نڪ تي ٽڪر وهائي ڪڍيائين. مترڪو رت جون ٺينڍيون وهائيندو هليو ويو.
    ڪجهه دير کان پوءِ سمورا ٻار گهران مار موچڙو کائي موٽي آيا ۽ پاڻ ۾ حالي احوالي ٿيا. ڪو اهڙو ٻار نظر نه آيو جنهن جي چڱيءَ چوکي مرمت نه ٿي هجي. ڪنهن جي مٿي تي ڊول، ڪنهن جي نرڙ تي گومڙو، ڪنهن جو چپ ڦاٽل، ڪنهن جو ڪن مروڙيل! هر ٻيو ٻار منڊڪائي پي هليو. گهر ۾ سڀني کي ٺاهوڪي مار ملي هئي. پاڻ ۾ گڏجي ويٺا. ٻارن کي ماجرا سمجهه ۾ نه آئي. ڍولڻ جي ڀيڻ متيري صفا ٽنڊڻ جهڙي ڪاري هئي. پر ماڻس کيس ڪاري مڃڻ لاءِ تيار نه هئي! مترڪي جي ماءُ شيدياڻي هئي. ڏامر جهڙي ڪاري هئي، پر پاڻ کي ڪاري مڃڻ لاءِ تيار نه هئي. طمنچي جي ماءُ مينهن جهڙي ڪاري هئي، پر ڪاري چوڻ تي طمنچي کي ٺاهوڪي مار ڪڍيائين. ان ڳالهه تي سڀني کي حيراني گهٽ ۽ پريشاني وڌيڪ ٿي پيئي.
    پنهنجي پريشاني دور ڪرڻ لاءِ ٻارن فيصلو ڪيو ته هو ڪيئن به ڪري ڪاريءَ کي وڃي ڏسندا. جنهن کي اُسر ويل ڪهي. ڳڀا ڳڀا ڪري واهه ۾ وهائي ڇڏيندا. ٻارن اصل ۾ ڏسڻ پئي چاهيو ته ڪاري ڪيتري قدر ڪاري هئي جو پنج ڇهه جانٺا جوان کيس ڪهڻ لاءِ ڪانڀ ڪڍي بيٺا هئا. ڪاريءَ کي ڏسڻ کان پوءِ کين خبر پئجي سگهندي ته ڪاريءَ جي ڪاري رنگ ۽ متيريءَ، ۽ طمنچي ۽ مترڪي جي مائن جي ڪاري رنگ ۾ ڪهڙو فرق هو؟ ان کان پوءِ هو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته ڇا جڳ جهان ۾ ڪاري رنگ تي بندش پئجي وئي آهي، خاص ڪري عورت جي ڪاري رنگ تي، جو جيڪا به ڪاري عورت زور آورن کي نظر ايندي تنهن کي ڪهي ڇڏيندا!
    ٻارن ذري گهٽ اقوام متحده جهڙي ايجنڊا پنهنجي سامهون رکي ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. سڀ کان اڳ ٻار ان کوجنا ۾ پئجي ويا ته ڪاريءَ کي ڪهڙي گهر ۾ قيد ڪري ويهاريو هئائون. پاڻ ۾ ٻه ٻه ٿي، ٽوليون ٺاهي پاڙي جي گهرن ۾ اجايو سجايو ڪاهي پيا. ڪونه ڪو بهانو ٺاهي وٺن. بال ڪنهن جي گهر ۾ اڇلائي هڪدم در کڙڪائين. چَون، ”آنٽي، اسان جو بال اوهان جي گهر ۾ اچي ڪريو آهي.“ پوءِ لڳي وڃن بال ڳولڻ کي، پر نگاهون لائيٽ هائوس وانگر ڦيرائيندا رهن. ڪمرو ڪمرو جاچيندا رهن.
    ڪڏهن پاڻي پيئڻ جو بهانو ڪري وڃي ڪنهن گهر جو در کڙڪائين. چون ”ماسي، اُس اصل ماري وڌو آهي. ٿڌو پاڻي ته پيئار.“
    ٻارن کي نه هو هوش بک جو، ۽ نه اُڃ جو. پري پري تائين ذري گهٽ سموري پاڙي جو سروي ڪري ورتائون. کين ڪٿي به ڪاريءَ جي کڙڪ پئجي نه سگهي. هر گهر ۾ ماحول روز مرهه جهڙو هو. سس ننهن نڙاڻ جا جهيڙا، ڏيرن ڏيراڻين جا ڌمچر. ٻارن جو روڄ راڙو. پٽون ۽ پاراتا – موئا مرين، ٽيهڙ تپ چڙهيئي. شل ڄنگهه ڀڄيئي، دستگير جي ڇپ پويئي. هر گهر مان نج سنڌي سڀيتا ليئا پئي پاتا.
    ٻار مايوس ٿي ميڙ ڪري ويهي رهيا. هڪٻئي کان پڇي پڪ پي ڪيائون ته پاڙي جو گهر کانئن رهجي ته نه ويو آهي. تڏهن طمنچي چيو، ”ها، جيئند پتاشي جو گهر رهجي ويو آهي.“
    حيرت وچان سڀني پڇيو، ”ڇو؟“
    طمنچي چيو، ”سندس گهر ٻاهران ٻه ٽي جيپون بيٺل هيون.“
    طمنچي جي ساٿي بوڙينڊي چيو، ”۽ جيپن ۾ گهانگهٽ مڇن وارا هٿيار کنيون ويٺا هئا.“
    ٻارن کي تعجب لڳو. معاملي جي تهه تائين پهچڻ لاءِ ميڙ ڪري نڪري پيا. مترڪي سندن اڳواڻي پي ڪئي. جيئند پتاشي جي گهر ٻاهران برابر ڪجهه جيپون بيٺل هيون. ڪجهه هٿياربند جيپن ۾ ويٺا هئا ۽ ڪجهه جيپن مان لهي بيٺا هئا. سگريٽن جا ڪش پئي هنيائون. مترڪي سوچ ويچار کان پوءِ طمنچي ۽ بوڙينڊي کي وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ مهم تي روانو ڪيو. پاڻ ٻين ٻارن سميت هندن جي ڊٺل ڌرم شالا ۾ لڪي ويهي رهيو.
    ڪجهه دير کان پوءِ طمنچو ۽ بوڙينڊو موٽي آيا. خبر چار لهي آيا. طمنچي چيو، ”جيئند پتاشي جي اوطاق تي پتاشن جو سردار آيل آهي.“
    مترڪي پڇيو، ”۽ ڪاري؟“
    طمنچي چيو، ”ڪاري جيئند پتاشي جي ڌيءَ آهي.“
    بوڙينڊي چيو، ”ڪاريءَ کي يا ته ڪهي ڇڏيندا، يا پتاشن جو سردار ڪاريءَ کي سام ڪري پاڻ سان وٺي ويندو.“
    سام اکر ٻارن لاءِ نئون هو. لفظ ٻڌي وائڙا ٿي ويا. سام جي ڪا معنيٰ کين سمجهه ۾ نه پئي آئي. معنيٰ ته پري جي ڳالهه آهي، ٻارن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته سام سنڌي لفظ آهي، انگريزي Sam آهي. اردو لفظ آهي، پارسي لفظ آهي، يا هندي لفظ آهي؟
    بوڙينڊي سٺي صلاح ڏيندي چيو، ”هلو ته هلي سائين مراد علي مينڌري کان ٿا پڇئون.“
    مراد علي مينڌرو رٽائرڊ پرائمري ماستر آهي. ايتري پينشن ملي ويندي اٿس جو ٽن ڏينهن کان پوءِ هڪ ويلو ماني کائي سگهندو آهي ۽ خدا جو ۽ حڪومت اسلامي جمهوريه پاڪستان جو شڪر ادا ڪندو آهي.
    مراد علي مينڌرو ٻارن سان ملي خوش ٿيو. سام جي معنيٰ سمجهائڻ کان اڳ هن ٻارن کي چيو. ”مون کي اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته سنڌ ۾ اڃا اهڙا ٻار ڄمن ٿا جن کي علم جو اونو آهي.“ ان کان پوءِ ماستر مراد علي مينڌري مثال ڏيئي ٻارن کي سام جي معنيٰ سمجهائي. هن چيو، ”سام جي معنيٰ آهي هڪ بيوس ٻڪريءَ کي خونخوار بگهڙ جي پناهه ۾ ڏيئي ڇڏڻ.“
    ماستر مراد علي مينڌري جي ڏنل مثال تي سوچيندي ۽ ويچار ڪندي ٻار ڊٺل ڌرم شالا ۾ موٽي آيا. تيستائين کين ڏنل مثال جي معنيٰ سمجهه ۾ اچي ويئي. هنن محسوس ڪيو ته ڪاري قيدياڻي بيوس ٻڪري هئي ۽ پتاشن جو سردار خونخوار بگهڙ هو. ڪاري قيدياڻيءَ کي يا ته ڪهي ڇڏيندا، يا پتاشن جي سردار جي پناهه ۾ ڏيئي ڇڏيندا.
    ”پر، ڪاريءَ ڏوهه ڪهڙو ڪيو آهي؟“ ڍولڻ اوچتو سوال پڇي ٻار کي وائڙو ڪري ڇڏيو. هنن جو سمورو ڌيان ڪاريءَ جي ڪاري رنگ طرف هو، ڍولڻ جو سوال ٻڌي ٻار عجب وچان هڪٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا.
    ”ڪاريءَ جي ڏوهه بابت اسين پوءِ سوچينداسين.“ مترڪي چيو، ”سڀ کان اڳ ڏسڻ گهرجي ته ڪاري قيدياڻي ڪيتري قدر ڪاري آهي جو منهنجي شيدياڻي ماءُ هڻي منهنجو بينو نڪ ڀڃي وڌو آهي.“
    ان ڳالهه سڀني ٻارن کي منجهائي وڌو. ڪاري قيدياڻيءَ تائين پهچن ته ڪيئن پهچن! کيس ڏسن ته ڪيئن ڏسن! پاڻ ۾ صلاح مشوري کان پوءِ اها ذميداري مترڪي کڻي ورتي. ان ڪم ۾ مدد لاءِ هن طمنچي ۽ بوڙينڊي کي ساڻ کنيو. باقي ٻار ڌرم شالا ۾ ويهي رهيا.
    مترڪي، طمنچي ۽ بوڙينڊي پريان ئي پريان جيئن پتاشي جي گهر تي لامارا ڏنا. ڀرپاسي کان ٺهيل ٻين جائين جو جائزو ورتو. ائين ڪندي هو ٽيئي پاڻ کي هندي ۽ انگريزي فلمن جا جاسوس محسوس ڪرڻ لڳا. سندن همت وڌي ويئي. ڀولي وانگر بجليءَ جي ٿنڀن ۽ وڻن تي چڙهي ويا. اُتان جيئند پتاشي جي گهر جو جائزو وٺندا رهيا. پوءِ جڏهن ملان کي چڪر ڏيئي مسيت جي موناري تي چڙهي ويا، تڏهن اتان کين ڏسڻ لاءِ جيئند پتاشي جي گهر جو سٺو منظر مليو، کين اڱڻ وائکو نظر پي آيو. مڙس وڃي ويٺا هئا پتاشن جي جرڳي ۾ جنهن جو اجلاس اوطاق ۾ پي هليو. تنهن ڪري پڌر ۾ ڪو مرد هلندي ڦرندي ڏسڻ ۾ نه پي آيو. باقي جڏهن به ڪا زائفان پڌر مان لنگهي پي تنهن ڪجهه گهڙي کن ترسي هڪ طرف ڏٺو پي ۽ پوءِ رئي سان اکيون اُگهي اڳتي هلي پي ويئي. غور ڪرڻ سان ٻارن محسوس ڪيو ته ان طرف ڪا ڪوٺي هئي. هنن کي پڪ ٿي ويئي ته ڪاري ان ڪوٺيءَ ۾ هئي. هنن ڪوٺيءَ جو رخ ۽ نقشو ذهن نشين ڪري ڇڏيو ۽ مسيت جي موناري تان هيٺ لهي آيا.
    جيئند پتاشي جي گهر پٺيان سوڙهي گهٽي هئي. ٻارن کي اندازو لڳائڻ ۾ دير نه لڳي ته ڪاري جنهن ڪوٺيءَ ۾ قيد هئي. تنهن ڪوٺيءَ جي پوئين ڀت سوڙهي. غليظ ۽ بدبودار گهٽيءَ ۾ هئي. ٽيئي ٻار گهٽيءَ ۾ پهچي ويا. گهٽيءَ سان انيڪ گهرن جون ڀتيون بيٺل هيون. ٿورڙي سوچ ويچار کان پوءِ ٽيئي ڄڻا ڪاريءَ واريءَ ڪوٺيءَ جي ڀت ٻاهران وڃي بيٺا. اهو ڏسي سندن واڇون ٽڙي پيون ته ڀت ۾ مٿي هڪ روشندان هو ۽ روشندان ڀرسان بجليءَ جو پراڻو پول بيٺل هو.
    گهٽيءَ مان ڪنهن جي لنگهڻ جو امڪان ان ڪري گهٽ هو جو گهٽيءَ ۾ گوڏي جيڏو گندو پاڻي بيٺل هو. ٻار جيئن ته وڏي مهم تي نڪتل هئا تنهن ڪري کين نه هئي ڪني پاڻيءَ جي پرواهه، نه ئي غلاظت جي، طمنچي ۽ بوڙينڊي جي ڪلهن تي پير رکي مترڪو بجليءَ جي پراڻي پول تي چڙهي ويو. جڏهن چوٽ چڙهيو، تڏهن ڳاٽ اڳتي ڪري روشندان مان ڪوٺيءَ ۾ جهاتي پاتائين. هو ڪافي دير تائين اندر ڏسندو رهيو ۽ پوءِ آهستي آهستي هيٺ لهي آيو. مايوس پي لڳو. چيائين، ”ڪوٺيءَ ۾ ڪاري ته ڪونهي.“
    ”ائين وري ڪيئن!“ طمنچو ڀولي وانگر بجليءَ جي پول تي چڙهي ويو. روشندان کي ويجهو ٿي اندر جهاتي پاتائين. ڪافي دير تائين اندر ڏسڻ کان پوءِ هن ڪنڌ هيٺ ڪري مترڪي ۽ بوڙينڊي ڏانهن ڏٺو ۽ وري جهاتي پائي روشندان مان اندر ڪوٺيءَ ۾ ڏسڻ لڳو. ڪجهه دير کان پوءِ وائڙو ٿي هيٺ لهي آيو. چيائين، ”برابر، ڪوٺيءَ ۾ ڪاري ڪونهي.“
    بوڙينڊي کي مترڪي ۽ طمنچي جي ڳالهه تي اعتبار نه آيو. هو طمنچي ۽ مترڪي جي ڪلهن تي پير رکي بجليءَ جي پول تي چڙهي ويو. روشندان وٽ پهچي جهاتي پائي اندر ڪوٺيءَ ۾ ڏٺائين. وري ڇرڪ ڀري ٻنهي سنگتين ڏانهن ڏٺائين، ٻيهر روشندان مان ڪوٺيءَ ۾ ڏٺائين. ڪجهه دير کان پوءِ انڪار ۾ مٿو لوڏيندي هيٺ لهي آيو. چيائين، ”يار، ڪوٺيءَ ۾ ڪاري ته ڪونهي.“
    طمنچو، مترڪو ۽ بوڙينڊو ڌرم شالا ۾ انتظار ڪندڙ پنهنجن ساٿين ڏانهن موٽي ويا. انهن سان حالي احوالي ٿيا. ڍولڻ پڇيو، ”ته پوءِ ڪوٺيءَ ۾ ڇا هو؟“
    مترڪي وراڻيو، ”ڪوٺيءَ ۾ کير جهڙي هڪ اڇي ڇوڪريءَ کي کٽ سان ٻڌي ڇڏيو هئائون.“
    هڪ ٻار پڇيو، ”توکي پڪ آهي مترڪا ته هوءَ ڪاري نه هئي.“
    مترڪي وراڻيو، ”هوءَ کير جهڙي اڇي هئي.“
    طمنچي چيو، ”هوءَ مکڻ وانگر اڇي هئي.“
    ”مکڻ ميرو هوندو آهي.“
    مترڪي چيو، ”هوءَ کير جهڙي هئي، صفا اڇي.“
    ”ڇوڪري مون به ڏٺي هئي.“ بوڙينڊي چيو، ”هوءَ ڌونئري جهڙي اڇي هئي.“
    طمنچي، بوڙينڊي ۽ مترڪي جي شاهديءَ کان پوءِ ٻارن کي پڪ ٿي ويئي ته ڪوٺي ۾ قيد ڪيل ڇوڪري ڪاري نه هئي، بلڪه اڇي هئي. ٻارن کي تشويش وٺي ويئي. هڪڙي کنڊي ۽ ٺوڙهي ٻار چيو. ”ائين ته ناهي، راڄن رنگن جا نالا مٽائي ڇڏيا آهن! ڪاري رنگ کي اڇو ۽ اڇي رنگ کي ڪارو سمجهڻ لڳا آهن؟“
    کنڊي جي ڳالهه تي ٻارن غور ڪيو، ويچار ڪيو. هنن محسوس ڪيو ته رنگن وڏي گڙٻڙ ڪري وڌي آهي. هو غلام محمد درزيءَ جي دڪان تي ويا. کانئس اڇي ڪپڙي ۽ ڪاري ڪپڙي جا ٻه ٽڪر ورتائون. هنن پاڻ ۾ ڪجهه اهم فيصلا ڪري ورتا. اول ماستر امداد علي مينڌري وٽ ويا. ماستر ٻارن کي ڏسي خوش ٿيو. پڇيائين. ”وري پنهنجي علم ۾ اضافو ڪرڻ آيا آهيو ڇا؟“
    مترڪي ڪاري رنگ جو ڪپڙو ماستر کي ڏيکاريندي پڇيو، ”سائين، اسان کي ٻڌايو ته هن ڪپڙي جو رنگ اڇو ته ناهي؟“
    ”اڙي! چريا بريا ته نه ٿي پيا آهيو!“ ماستر حيران ٿيندي چيو، ”مٿو ته جائيتو اَٿوَ نه؟“
    ”اسان جي مٿي جو فڪر نه ڪريو سائين.“ مترڪي چيو، ”اسان کي ٻڌايو ته ڪپڙي جو هيءُ ٽڪر ڪهڙي رنگ جو آهي؟“
    ماستر شڪجي پيو. ڪپڙو هٿ ۾ کڻي جاچي ڏٺائين. پوءِ چيائين، ”ڪاري رنگ جو آهي – سئو فيصد ڪاري رنگ جو آهي.“
    وري اڇي رنگ جو ڪپڙو ماستر کي ڏيکاريندي مترڪي پڇيو، ”۽ هن ڪپڙي جي ٽڪر جو رنگ ڪهڙو آهي؟“
    ماستر حيرت وچان اڇي رنگ واري ڪپڙي جو ٽڪر هٿ ۾ کڻي جاچي ڏٺو. چيائين. ”سئو فيصد اڇو رنگ آهي – بنا ڪنهن شڪ شبهه جي.“
    ماستر مراد علي مينڌري کي حيران پريشان ڇڏي ٻار ٻاهر نڪري آيا. پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ جيئند پتاشي جي گهر جو رخ ڪيائون. اڳواڻي مترڪي، بوڙينڊي ۽ طمنچي کي ڏيئي ڇڏي هئائون. واٽ تي ڪنهن به ڪنهن سان ڪونه ڳالهايو. ماٺ ڪري هلندا رهيا. جيستائين جيئند پتاشي جي گهر ٻاهران پهتا تيستائين پتاشن جي سردار پنهنجي فيصلي کان سڀني کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو. سندس فيصلو راڄن قبول ڪيو هو.
    مايوس ٿيڻ جي باوجود مترڪو، بوڙينڊو ۽ طمنچو اوطاق ۾ ڪاهي پيا. ٻيا ٻار اوطاق جي در ٻاهران بيهي رهيا. ايتري ۾ سموري جڳ جهان جي ٻارن کي به سموري مامري جي ڀڻڪ پئجي ويئي. ويا اوطاق جي در ٻاهران گڏ ٿيندا! طرحين طرحين جا ٻار هئا، ڪي سنهڙا، ڪي ٿلهڙا، ڪي بندرا، ڪي ڊگهڙا، ڪي ڪارا، ڪي سانورا، ڪي اڇڙا، ڄڻ سانوڻيءَ جو درياهه هو، ويو ٿي چڙهندو.
    ٻارن کي ڏسي اوطاق ۾ چوٻول ٿيو. ٽيئي ٻار پتاشن جي سردار سامهون وڃي بيٺا. مترڪي پنهنجو ۽ پنهنجن ٻن ساٿين جو تعارف ڪرائيندي چيو. ”منهنجو نالو سائينءَ ڏنو ٺپر آهي. ماڻهو مون کي مترڪو سڏيندا آهن. هيءُ آهي طمنچو، پر اصلي نالو اٿس پير ڏنو واڍو ۽ هيءُ آهي خدا ڏنو کرکلو، سڏيندا آهيونس بوڙينڊو.“
    پتاشن جو سردار ڪجهه تعجب وچان ٻارن ڏانهن ڏسندو رهيو. راڄن مان ڪي ماڻهو الر ڪري اُٿيا، پر پتاشن جي سردار هٿ جي اشاري سان کين ويهاري ڇڏيو.
    مترڪي وڌيڪ تعارف ڪرائيندي چيو، ”اسين ٽيئي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڇگڙو، ديهه ديڳڙو، تحصيل جاتي، تعلقو ڪڀي نهين آتيءَ جا شاگرد آهيون.“
    سردار ڏاڍي شفقت سان پڇيو، ”ابا، ڪو ڪم اَٿَوَ؟“
    مترڪي چيو، ”سائين، اوهان کي غلط ٻڌايو اٿائون. هوءَ جنهنکي اوهان ڪهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سا اصل ۾ ڪاري ناهي.“
    سردار جي منهن تان مرڪ غائب ٿي ويئي. راڄن جا ڪن کڙا ٿي ويا. سردار جي وات مان سڙٻاٽن ۾ نڪري ويو، ”هوءَ ڪاري ناهي!“
    ”قسم آهي نور جو، هوءَ اصل ڪاري ناهي.“ مترڪي چيو، ”اسان ٽنهي کيس ڏٺو آهي، هوءَ کير جهڙي اڇي آهي.“
    بوڙينڊي هڪدم چيو، ”صفا ڌونئري جهڙي آهي.“
    قهري سردار ٽنهي ٻارن کي اشاري سان اڳتي اچڻ لاءِ چيو. ٽيئي ٻار سردار جي سامهون وڃي بيٺا. سردار کين اڃا اڳتي اچڻ لاءِ چيو. ٻار اڳتي وڌي وک کن تي سردار جي سامهون بيهي رهيا. سردار ٻانهون ڊگهيري ٻارن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو ۽ آهستي چيو، ”مون کي خبر آهي ته هوءَ اڇي آهي، تنهن ڪري مارايانس نه ٿو. پاڻ سان سام ۾ وٺي ٿو وڃانس.“ ■


    ڪينسر

    اڃا مان اخبار جي آفيس ٻاهران مس پهتو هوس جو سامهون دعا کي دفتر مان ٻاهر ايندي ڏٺم. منهنجي ڪليگ آهي. اسين ٻئي فيچر رائيٽر آهيون. شهر ۾ ڪو فنڪشن هجي، ڊرامه فيسٽيول هجي، تعليمي ڪانفرنس هجي، وڏن اسٽورن تي اڌ قيمت ۾ مال وڪرو ڪرڻ لاءِ سيل لڳل هجي، نئين فاسٽ فڊ ريسٽورنٽ کلي هجي، اسين ٻئي، دعا ۽ مان، ڪڏهن ڪڏهن گڏ ۽ ڪڏهن جدا جدا موقعي تي پهچي فيچر تيار ڪندا آهيون. مان ڪجهه ڪجهه موڳو، ڪجهه ڪجهه مٽر آهيان. تنهن ڪري سڄي مهيني ۾ مشڪل سان هڪ فيچر لکي سگهندو آهيان، سو به منهنجي ايڊيٽر کي پسند نه ايندو آهي. انيڪ ويڪون ڪڍي وٺندو آهي. دعا هر هفتي ذري گهٽ هڪ فيچر لکي وٺندي آهي. سندس لکيل فيچر هر آچر تي اخبار جي سنڊي ايڊيشن ۾ شايع ٿيندو آهي، ۽ ڏاڍي شوق سان پڙهيو ويندو آهي.
    مون کي ڏسي پريان کان هٿ لوڏيائين، ۽ پوءِ پاڻ ڏانهن اچڻ جو اشارو ڪيائين. موٽر سائيڪل پارڪ ڪري مان دعا ڏانهن هليو ويس. دعا ڪجهه ڪجهه ڪارڙي ۽ ڪجهه ڪجهه ٿلهڙي آهي. هلندي هلندي پير وچڙي پوندو اٿس ۽ هڪدم هڪ عدد ٿاٻو کائي وٺندي آهي. ٿاٻو کائڻ کان پوءِ اتر بدران ڏکڻ هلي ويندي آهي. کاري در بدران مٺي در هلي ويندي آهي. صدر بدران سولجر بازار کان وڃي نڪرندي آهي. متان سمجهو ته پنڌ تي زور هوندو اٿس! دعا وٽ قديم دور جي ووڪس ويگن ڪار آهي، جنهن جي باري ۾ ماڻهن جو رايو آهي ته اُها ڪار ٻي مهاڀاري جنگ دوران هٽلر جي استعمال ۾ هئي. والله عالم بصواب. پنڌ ڪندي آهي ته دعا پاڻ ٿاٻا کائيندي آهي. کٽاري ووڪس ويگن هلائيندي آهي ته سندس ڪار ٿاٻن جهڙا جهٽڪا کائيندي آهي.
    ”توبهه تائب ٿيءُ، ڌڻيءَ در دعا گهر.“ دعا چيو، ”ايڊيٽر ڪات ڪهاڙا تکا ڪري ويٺو اٿئي.“
    چيم، ”دعا، توکي ڏسڻ کان پوءِ مون دعا گهرڻ ڇڏي ڏني آهي.“
    دعا مُڪَ اولاريندي چيو، ”تو کان وڌيڪ ذليل ماڻهو مون زندگيءَ ۾ نه ڏٺو آهي.“
    ”شڪر ڪر ته ڏسي ورتو اٿئي. ”چيم،“ بنا ڏسڻ جي مري وڃين ها ته تنهنجو روح مون کي ڏسڻ لاءِ ڀٽڪندو رهي ها.“
    سچ پچ مڪ وهائي ڪڍيائين. پوءِ چيائين، ”سڌو ايڊيٽر سان وڃي ملجانءِ – متان وڃي چمپا ڪليءَ جي چمچاگيري ڪرين. ٿي سگهي ٿو ته ايڊيٽر اڄ توکي ٽپر ٻڌائي.“
    مون اخبار جي آفيس طرف ڊڪ پاتي. مون کي ايتري پڪ هئي، ته ايڊيٽر فنا فني مون کي ڪنهن به صورت ۾ نوڪريءَ مان نه ڪڍندو. هن مون کي ميرٽ تي نه، بلڪه ايم اين اي سردار شرڙ خان ڪپتئي جي چوڻ تي نوڪريءَ ۾ رکيو هو. ياد رکجو ته ميرٽ واري کي سولائيءَ سان ڪن کان ڇڪي ٻاهر ڦٽو ڪري سگهبو آهي، پر سفارشيءَ کي هرگز نه. تنهن ڪري مون کي پڪ هئي ته ايڊيٽر فنا فني مون کي نوڪري مان نڌڻڪو يا الله سائينءَ جو ماڻهو سمجهي ڪڍي نه سگهندو. مان سردار شرڙ خان ڪپتئي جو ماڻهو هوس. بس مون کي هڪ ڳالهه جو ڊپ رهندو هو، ۽ رهندو آهي ته ايڊيٽر فنا فني ڪنهن ڏينهن منهنجي نالائق هئڻ جو ذڪر سردار شرڙ خان ڪپتئي سان نه ڪري ويهي. ٻئي پيالي ڀائي آهن. فنا فني ميڊيا ذريعي سردار شرڙ خان ڪپتئي کي پبلسٽي ڏيندو آهي. موٽ ۾ سردار شرڙ خان ڪپتئو فنا فني کي اخبار لاءِ اضافي اشتهار، اضافي ڪاغذ جي ڪوٽا، پرنٽنگ پريس لاءِ مشينون گهرائڻ جون پرمٽون وٺي ڏيندو آهي. جيڪي هو وڪڻندو رهندو آهي. تنهن ڪري، هو ٻئي ڄڻا هڪٻئي جي ڳالهه ٽاري نه سگهندا آهن. مون کي بس اِهو ئي ڊپ رهندو آهي ته فنا فني ڪنهن ڏينهن منهنجي شڪايت سردار شرڙ خان ڪپتئي سان نه ڪري ويهي.
    مان ڊوڙندو ايڊيٽوريل اسٽاف روم ۾ داخل ٿيس. چمپا ڪلي سڌو اچي مٿي ۾ لڳي. ڪنهن ڪم سانگي پنهنجي ڪيبن مان ٻاهر آئي هئي. مون کي ڏسي منهن تي مرڪ تري آيس. چيائين، ”اڄ تنهنجو خير ناهي، بالم. ايڊيٽر ڪات ڪهاڙا تيار ڪري تنهنجي انتظار ۾ ويٺو آهي. اڄ تنهنجو سر ويو. مان سڀاڻي توکي فيئر ويل پارٽي ڏينديس.“
    مان ڪياڙي کنهندي بيهي رهيس. اخبار ۾ ڪم ڪرڻ وارن جو خيال آهي ته چمپا ڪليءَ سان منهنجو ڪو افيئر هلي رهيو آهي. سندن خيال اصل ۾ خام آهي. غلط آهي. چمپا ڪلي کلندي ڳالهائيندي ۽ گهمندي ڦرندي مون سان آهي، پر عشق پي آئي اي جي هڪ پائليٽ سان ڪندي آهي.
    ”مَٽرُ ڇو ٿي ويو آهين؟“ چمپا ڪليءَ چيو، ”اندر وڃ.“
    بلائن ۽ مصيبتن کي ٽارڻ واريون جيڪي به آيتون مون کي ياد هيون، مون پڙهي پاڻ تي شوڪاري ڇڏيون. مان ايڊيٽر جي ڪمري ۾ داخل ٿيس. مون کي ڏسڻ شرط باهه ٿي ويو. چيائين، ”خدا جي واسطي اسان جي جند ڇڏ بالم، ٻي ڪا وڃي نوڪري ڪر.“
    ڇا ٻڌايانس ها ته ٻي ڪا نوڪري ڪرڻ جهڙو هجان ها ته پوءِ تو جهڙي کڙوس جي نوڪري ڇو ڪريان ها! ڇڙٻون ڇو سهان ها! هڪ دفعي زنانن بوٽن جي دڪان تي نوڪري ڪئي هيم. طرحين طرحين قسم جون عورتون ۽ ڇوڪريون سينڊل وٺڻ اينديون هيون. ڊينڊيون عورتون هميشه وڏي کڙيءَ وارا سينڊل وٺنديون هيون. عورتن کي سينڊل پارائڻ وارو ڪم مون کي ڏاڍو وڻندو هو. انهن ڏينهن ۾ مان ڏاڍو رومانٽڪ هوندو هوس. سوچيندو هوس ڪڏهن نه ڪڏهن هڪ سهڻي، من موهڻي ڇوڪري اعليٰ قسم جي ڪار ۾ چڙهي ايندي، ۽ هڪ ايم اي پاس نوجوان کي بوٽن جي دڪان تي ڪم ڪندو ڏسي مون تي اَڪن ڇڪن ٿي پوندي. پوءِ مون سان ڀڄي هلي پيار جو پرڻو ڪندي. اخبارن ۾ اسان جو فوٽا ڇپبا. ٽي ويءَ وارا ڪيمرائون کڻي اسان جي ڪڍ هلندا. اسان جا انٽرويو رڪارڊ ڪندا جنهن ۾ اسين ظالم سماج جا ڌاڃوڙا ڪڍي ڇڏينداسين. پر، ائين ٿي نه سگهيو. اِن بدران ڪجهه ٻيو ٿي پيو.
    هڪڙي ڏينهن هڪ سهڻي من موهڻي عورت چمڪندڙ موٽر ۾ چڙهي آئي. قد جي ڊگهي هئي. تنهن ڪري ڊگهي کڙيءَ وارو سينڊل نه گهريائين. ننڍي کڙيءَ وارو سينڊل گهريائين. مون کيس ٻه چار سينڊل سهڻي سڊول پير ۾ پارايا. هِڪُ سينڊل پارائي مان سندس پير جهلي ويهي رهيس. هوءَ وائڙي ٿي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. سوچيم، سوين قيامتون اينديون، گذري وينديون، پر مان سندس پير نه ڇڏيندس. سندس پير جهلي زندگيءَ جا باقي ڏينهن گذاري ڇڏيندس. پر، ان جي برعڪس ڪجهه ٻيو ٿي پيو. مالِڪَ وچ ۾ پئجي مائيءَ جو پير منهنجن هٿن مان ڇڏايو. مائيءَ جي پير سان گڏ مون کان نوڪري به ڇڏائجي ويئي.
    ان کان پوءِ سردار شرڙ خان ڪپتئي جي سفارش سان مون کي فنا فنيءَ وٽ نوڪري ملي. ايڊيٽر جي ڪاوڙ ڍري ڪرڻ لاءِ پڇيم، ”سائين مون کان ڪا ڀل چڪ ٿي ويئي آهي ڇا؟
    ”ڀل چڪ کان سواءِ اڄ تائين تو ڪيو ئي ڇاهي!“ ايڊيٽر چيو، ”شهر ۾ عجب اسرار ٿي رهيا آهن، ۽ تون بي خبر گهمندو پيو وتين!“
    ”سڀ ڪجهه ساڳيو ئي ته آهي سائين.“ چيم، ”اُهي ئي نود، اهي ئي پوليس وارا، اُهي ئي ڪامورا، اُهي ئي ڌنڌا، اُهي ئي ڌاڙيون. شهر ۾ ڪهڙا عجب اسرار ٿيا آهن؟“
    منهنجين اکين ۾ اکيون وجهي چيائين، ”خبر اٿئي ته گذريل هفتي کان شهر ۾ هڪ اهڙي اداري ڪم شروع ڪيو آهي جتي ماڻهو پنهنجي زبان وڪڻي رهيا آهن.“
    مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، فقط ايترو ڪڇيم. ”زبان؟“
    ”زبان معنيٰ ڄڀ.“ ايڊيٽر چيو، ”ماڻهو پنهنجي ڄڀ وڪڻي رهيا آهن. عنقريب اهڙا ادارا به کلندا جتي ماڻهو پنهنجا ڪن ۽ پنهنجيون اکيون وڪڻندا.“
    مان ڳالهه ٻڌي ڀنواٽجي ويس. چيم، ”مان هاڻي وڃي ٿو زبان خريد واري اداري تي هڪ زبردست فيچر تيار ڪريان.“
    ”ڪا ضرورت ڪونهي.“ ايڊيٽر ڇڙٻ ڪڍندي چيو، ”مس دعا زبان خريد ڪرڻ واري اداري تي فيچر تيار ڪري مون کي ڏيئي ويئي آهي.“
    ايڊيٽر مون کي دعا جو فيچر ڏيکاريو. مان زندگيءَ ۾ شرمندو مڙيئي گهٽ ٿيندو آهيان. پر، اُن ڏينهن سچ پچ مان شرمندو ٿيس ۽ دل ئي دل ۾ دعا کي بد دعا ڏنم.
    ”ٻوٿ لٽڪائي ڇو ويٺو آهين؟“ ايڊيٽر فنا فنيءَ چيو، ”اڄ شهر ۾ هڪ اهڙي دڪان جو افتتاح ٿيو آهي، جتي مختلف قسم جون کَلُون وڪامي رهيون آهن، ۽ ماڻهو ڌڙا ڌڙ پنهنجي پنهنجي پسند جي کَلَ خريد ڪري رهيا آهن.“
    مان وائڙو ٿي ايڊيٽر ڏانهن ڏسندو رهيس.
    ايڊيٽر دٻ ڪڍندي چيو، ”مون کي ڇا ٿو ڏسين! وڃ، وڃي کَلُن وڪڻڻ واري دڪان تي فيچر تيار ڪري اچ.“
    ايڊيٽر جي ڪمري مان ٻاهر اچي چمپا ڪليءَ کان کلن وڪڻڻ واري دڪان جو ڏس پتو ورتم. چمپا کلندي پڇيو، ”ڊوز ڪيئن لڳهءِ؟“
    چيم، ”ورهين کان پوءِ شرمندو ٿيو آهيان.“
    چمپا چيو، ”تنهن جي معنيٰ ته ايڏو نرڄو ناهين.“
    ”ٺيڪ آهي چمپا، جيڪي وڻيئي چئي وٺ. اڄ تنهنجو ڏينهن آهي.“ چيم، ”ايوري ڊاگ هئز هز ڊي.“
    کلي پيئي. چيائين، ”پر، مان ڊاگ ته ناهيان؟“
    چيم، ”اِهو ئي ته افسوس آهي.“
    ”سوئر ڪنهن جاءِ جا.“ چمپا ٽهه ٽهه ڪري کلي پيئي.
    پنهنجي موٽر سائيڪل تي سوار ٿي سڌو وڃي کَلون وڪڻڻ واري دڪان ٻاهران بيٺس. دڪان اندر ۽ دڪان ٻاهران ماڻهن جي پيهه هئي. مان دڪان ۾ لنگهي ويس. ديسي فلاسافرن جهڙو هڪ شخص کلون وڪڻي رهيو هو. هن جي پاسي کان کَلُن جو ڊهه پيو هو. هڪ هڪ ڪري کل کڻي، کل بابت وضاحت ڪري هو کلون وڪڻندي پيو ويو. هن هڪ کل کڻي ماڻهن کي ڏيکاريندي چيو، ”هيءَ هڪ رڍ جي کل آهي. هيءَ کل پائي ڪوبه بگهڙ سولائيءَ سان رڍن جي ڌڻ ۾ شامل ٿي رڍون کائي کپائي سگهندو آهي.“
    هڪ ماڻهو اڳتي وڌي آيو، ۽ کل خريد ڪري دڪان مان نڪري ويو.
    کلن واري هڪ ٻي کل کڻي ماڻهن کي ڏيکاريندي چيو، ”هيءَ هڪ شينهن جي کل آهي. هيءَ کل پائڻ کان پوءِ گيديءَ کان گيدي شخص پاڻ کي بهادر سمجهڻ لڳندو آهي. باقي اڳتي کَٽَنَ اوهان جا ڀاڳ.“
    ماڻهو منجهي پيا. کٽن اوهان جا ڀاڳ واري جملي جي کانئس وضاحت ورتائون. کلون وڪڻڻ واري چيو، ”شينهن جي کل پائڻ کان پوءِ عين ممڪن آهي ته اوهين ڪنهن شينهن جي شڪاريءَ جي گوليءَ جو بک ٿي وڃو.“
    ماڻهو چوٻول ۾ پئجي ويا. ڪوبه کَلَ خريد ڪرڻ لاءِ اڳتي نه آيو. کلون وڪڻڻ واري چيو، ”شينهن جي کل پائڻ کان پوءِ بيروزگار کي روزگار ملي ويندو آهي.“
    ”سو وري ڪيئن؟“ هڪ بيروزگار پڇيو.
    ”شينهن جي کل پائڻ کان پوءِ اوهان کي سرڪس ۾ ڪم ملي ويندو. اوهين رِنگ ماسٽر جي اشارن تي ماڻهن کي ڪرتب ڏيکاريندا. باهه لڳل گول مان اوهين جمپ ڏيندا. ٻڪريءَ سان گڏ گاهه کائيندا ۽ هڪ ئي گهاٽ تان پاڻي پيئندا. سرڪس جي آخري شو ۾ شينهن يعني اوهين ٻڪريءَ سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيندا.“
    ڦڏين ٽنگن وارو هڪ نوجوان اڳتي وڌي آيو، ۽ شينهن جي کل وٺي هليو ويو. ان کان پوءِ کلون وڪڻڻ واري هڪ کل کڻي ماڻهن کي ڏيکاريندي چيو، ”هيءَ کل هڪ ڀولڙي جي آهي. اوهان سڀني کي خبر آهي ته ڀولو هڪ وڻ جي ٽاريءَ تان ٻي وڻ جي ٽاريءَ تائين ٺينگ ٽپا ڏيندو آهي ۽ ڏاڍو مصروف لڳندو آهي. هيءَ کل اهڙي ماڻهوءَ لاءِ مفيد آهي جيڪو سُست ۽ ڪاهل هوندو آهي، پر آفيسرن آڏو مصروف نظر اچڻ لاءِ اجايا هٿ پير هڻندو آهي.“
    هڪڙي ماڻهوءَ ڀولي جي کل خريد ڪئي ۽ دڪان مان نڪري ويو.
    ان کان پوءِ کلون وڪڻڻ واري هڪ کل ڏيکاريندي چيو، ”هيءَ اُٺ جي کل آهي. اوهين جيڪڏهن ڊينڊا آهيو، ۽ اوهان کي ڪنهن ڊگهي عورت سان عشق ٿي پيو آهي ته پوءِ اوهان لاءِ اُٺ جي کل وٺڻ لازمي آهي. دنيا جي بيوقوف کان بيوقوف عورت پاڻ کان ڊينڊي شخص سان عشق نه ڪندي آهي – ڊينڊي سان عشق ڪرڻ بدران ڦاهو کائي مرڻ کي ترجيح ڏيندي آهي.“
    هڪ ڊينڊو اڳتي آيو ۽ اُٺ جي کل خريد ڪري هليو ويو.
    ان مهل هڪ پُراسرار شخص دڪان ۾ داخل ٿيو. هو ڪلهن کان پيرن تائين اڇي چادر ۾ ويڙهيل هو. هو منهنجي ڀرسان اچي بيٺو. هن جون نگاهون کلون وڪڻڻ واري تي کُتل هيون. اکين ۾ اڻ تڻ هئس. ڏاڍو بي چين پي لڳو.
    کلون وڪڻڻ واري هڪ کل ڏيکاريندي چيو، ”هيءَ کل ڪُتي جي کل آهي.“
    ماڻهن جي وات مان ڌڪار سبب آواز آيو. ”اوهه!“
    ”اجايو حيران نه ٿيو. هيءَ وڏي ڪم جي کل آهي.“ دڪان واري چيو، ”ڪتي جي کل پائڻ کان پوءِ اوهين ايندي ويندي تي ڀونڪي سگهندا. جيڪڏهن اوهين اهڙي اداري ۾ نوڪري ڪريو ٿا، جنهن جو صاحب بدمزاج ۽ بدزبان آهي، ۽ روزانو اوهان جي پڳ لاهيندو آهي، ته پوءِ اوهان کي ڪتي جي کل وٺي پائي ڇڏڻ گهرجي. ڪتي جي کل سان ڪتي جو اصلي پڇ به لڳل آهي. اوهين پڇ لوڏي بدمزاج ۽ بدزبان صاحب کي خوش رکي سگهندا.“
    سوچيم، اِها کَلَ منهنجي لاءِ مناسب آهي. وٺي پائي ڇڏيندس ۽ فنافنيءَ آڏو پڇ لوڏيندو رهندس. سندس بڪواس ٻڌڻ کان بچي پوندس. پر، ان کان اڳ جو مان وڌي وڃي کل وٺان، هڪ ٻئي شخص ڪتي جي کل خريد ڪري ورتي ۽ دڪان مان هليو ويو.
    ”نيڪ ڪم ۾ دير نه ڪبي آهي.“ منهنجي پاسي کان بيٺل پُراسرار شخص چيو، ”تون سوچيندو رهجي وئين، ۽ ٻيو شخص ڪتي جي کل وٺي هليو ويو.“
    ڪنڌ ورائي مون اڇي چادر ۾ ويڙهيل اجنبيءَ ڏانهن ڏٺو. پڇيم، ”توکي ڪيئن خبر پيئي ته مون ڪتي جي کل وٺڻ پي چاهي؟“
    جواب ڏيڻ بدران هن فقط مُرڪي مون ڏانهن ڏٺو.
    ”۽ هيءَ کل آهي هڪ رڇ جي.“ کلن وڪڻڻ واري هڪ کل کڻي ورتي هئي، ۽ ماڻهن کي ڏيکاري رهيو هو. هن چيو، ”هيءَ کل پائي اوهين شاهه ڀٽائيءَ ۽ سچل، ۽ ٻين پيرن مرشدن جي ميلي ۾ مداريءَ جي دڦليءَ تي نچي سگهندا. شهرن ۾ نچي سگهندا. ڳوٺن ۾ نچي سگهندا. ٿوري سفارش سان اوهان کي جانورن جي باغيچي ۾ رڇ جي پڃري ۾ ويهي ماڻهن جي دل وندرائڻ واري نوڪري به ملي سگهندي. بس، اوهان کي هڪ ڳالهه کان پاسو ڪرڻو پوندو.“
    ماڻهن پڇيو، ”ڪهڙي ڳالهه کان پاسو ڪرڻو پوندو؟“
    کلن وڪڻڻ واري چيو، ”بس رڇ جي کل پائي ڪنهن وڏيري يا سردار جي ور نه چڙهجو. سردار سائين توهان کي ڪتن سان وڙهائي چيرائي ڦاڙائي ٽهڪ ڏيندو ۽ مڇ مروڙيندو.“
    هڪ نماڻو، ڪجهه اياڻو اڳتي آيو، ۽ رڇ جي کل وٺي هليو ويو.
    ان کان پوءِ کلون وڪڻڻ واري ٻَڪَر جي کل ڏيکاريندي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. هن چيو، ”ٻڪر دنيا ۾ ڪسجڻ لاءِ ايندو آهي. ڪا نه ڪا ڪاتي سندس ڪنڌ جي منتظر هوندي آهي. ڪاسائي سندس تاڪ ۾ لڳل هوندا آهن. تنهن ڪري ڪو به شخص ٻڪر جي کل وٺي پائڻ لاءِ تيار نه ٿيندو آهي، سواءِ هڪ شخص جي.“
    ماڻهو هڪ ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا. ڪير هوندو اُهو هڪ شخص جيڪو ٻڪر جي کل پائي پاڻ کي مارائڻ چاهيندو!
    کلن واري ماڻهن کان پڇيو، ”اوهان کي روزِ محشر تي اعتبار آهي؟“
    ”ها، آهي.“ ماڻهن هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
    ”ته پوءِ اوهان کي اِها به خبر هوندي ته روز محشر اوهان کي پلصراط تان لنگهڻو پوندو؟“ کلن وڪڻڻ واري پڇيو.
    ”ها، اسان کي خبر آهي.“ خريدارن وراڻيو.
    کلون وڪڻڻ وارو مرڪيو، چيائين، ”ٻَڪَرُ سولائيءَ سان پلصراط پار ڪري ويندو.“
    الله جا نيڪ بندا، ٻَڪَرَ جي کل وٺڻ لاءِ اڳتي وڌي آيا.
    ”ترسو.“ کلون وڪڻڻ واري هنن کي روڪيو، ۽ چيو، ”هر ٻڪر پلصراط پار ڪرڻ جو حقدار نه هوندو. پلصراط پار ڪرڻ لاءِ اوهان کي قربانيءَ جو ٻڪر ٿيڻو پوندو، ۽ قيامت ڏينهن جنهن شخص اوهان کي الله جي نالي ۾ ڪُٺو هوندو، سو شخص اوهان جي پٺيءَ تي سوار هوندو، ۽ اوهين پلصراط پار ڪندا.“
    ماڻهن جو منهن لهي ويو. پوئتي هٽي بيٺا. ان وچ ۾ هڪ ڏتڙيل شخص آيو. چيائين، ”مان مولائي آهيان. ٻڪر جي قرباني ڏيئي نه سگهندس، تنهن ڪري پلصراط پار ڪرڻ کان رهجي ويندس. ڇونه مان ٻڪر جي کل پائي قربانيءَ جو ٻڪر ٿي پوان، ۽ پنهنجي قربان ڪندڙ جو ٻوجهه کڻي پلصراط پار ڪري ڇڏيان!“
    کلون وڪڻڻ وارو رحم دل هو. هن معمولي قيمت تي ٻڪر جي کل ان شخص کي وڪڻي ڇڏي.
    ان مهل هڪ اڇو ڳيرو چهنب ۾ زيتون جي ٽاري جهلي دڪان جي جاري ۾ اچي ويٺو. دڪاندار ڳيري ڏانهن ڏٺو، ۽ چيو، ”توکي ڪيترا دفعا ٻڌايو اٿم ڳيرا ته مون وٽ عقاب جي کل ڪونهي جنهن کي پائي تون عقابن کان پنهنجي جان بچائي سگهين. تنهنجي نصيب ۾ شڪاري عقابن هٿان مرڻ لکيل آهي.“
    ڳيرو ڏاڍو مايوس ٿيو. سندس وات مان زيتون جي ٽاري ڪري پيئي. کلون وڪڻڻ واري کي ڳيري تي رحم آيو. هن ڳيري کي چيو، ”مون وٽ هڪ شتر مرغ جي کل آهي. تون اُها کل وٺي پائي ڇڏ. اُٺ جيڏي پکيءَ تي عقاب ورلي حملو ڪندا آهن.“
    ڳيري کلون وڪڻڻ واري جا ٿورا مڃيا، ۽ شتر مرغ جي کل وٺي هليو ويو.
    اُن کان پوءِ کلون وڪڻڻ واري هڪ کل ڏيکاريندي چيو، ”هيءَ واڳونءَ جي کل آهي، يعني مانگر مڇ جي کل آهي. هيءَ کل اهڙي سياستدان لاءِ موزون آهي جيڪو دل جو سخت هجي، ماڻهن جي دک درد ۾ شامل ٿيڻ جي باوجود ڪٺور ۽ بيدرد لڳي، ۽ ووٽ وٺڻ ۾ ناڪام رهندو هجي.“
    ماڻهو دلچسپيءَ سان واڳونءَ جي کل ڏسڻ لڳا.
    دڪاندار چيو، ”سخت کان سختگير سياستدان جڏهن واڳونءَ جي کل پائي ڏيکاوَ خاطر ماڻهن جي ڏکن سورن ۾ شامل ٿيندو، تڏهن مانگر مڇ يعني واڳونءَ وانگر ڳوڙها ڳاڙي سگهندو. هنجون هاري سگهندو ۽ ماڻهن کان ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيندو.“
    هڪ ٿلهو، متارو، غنڊن جهڙو سياستدان مانگر مڇ جي کل وٺي هليو ويو.
    اِهو سلسلو ائين هلندو رهيو. دڪاندار کلون وڪڻندو رهيو، ۽ خريدار کلون خريد ڪندا رهيا. پُراسرار شخص اڳتي وڌي ويو، ۽ کلون وڪڻڻ واري جي سامهون وڃي بيٺو، کلون وڪڻڻ واري حيرت وچان پراسرار شخص ڏانهن ڏٺو، ۽ پڇيو، ”توکي ڪهڙي قسم جي کل گهرجي؟“
    پر اسرار شخص پنهنجي جسم تان اڇي چادر هٽائي ڇڏي. هن جي جسم تي کل نه هئي. دڪاندار گهٻرائجي ٻه قدم پري ٿي بيٺو.
    پُراسرار شخص جي هٿ ۾ پلاسٽڪ جي ڳوٿري هئي. هن ڳوٿري دڪاندار کي ڏيکاريندي پڇيو، ”تون کلون اَول خريد ڪري، پوءِ وڪڻندو آهين نه؟“
    دڪاندار حيران ٿيندي وراڻيو، ”ها.“
    ”هِن ڳوٿريءَ ۾ منهنجي کل آهي.“ پُراسرار شخص چيو، ”مان ضرورتمند آهيان. پنهنجي کل وڪڻڻ آيو آهيان.“
    ”مان نه ٿو سمجهان ته اڄ تائين ڪنهن مون کان ماڻهونءَ جي کل گهري هجي!“ دڪاندار همدرديءَ وچان چيو، ”افسوس، مان ماڻهوءَ جي کل خريد نه ڪندس. ڪوئي، نانگ، وڇونءَ، لومڙ وغيره جي کل هجي ها ته تو کان هڪدم خريد ڪري وٺان ها.“
    پُراسرار شخص پنهنجي کل لٿل جسم چادر سان ويڙهي ڇڏي، ۽ ڪنڌ جهڪائي دڪان مان ٻاهر وڃڻ لڳو. در وٽ پهتو ته دڪاندار سڏ ڪري بيهاريس، ”ترس.“
    عجب شخص بيهي رهيو. مُڙي دڪاندار ڏانهن ڏٺائين.
    ”مان تنهنجي کل خريد ڪندس.“ دڪاندار چيو، ”هڪ سوئر، ماڻهوءَ جي کل وٺي پائڻ لاءِ اڪثر مون وٽ ايندو آهي. مان تنهنجي کل سوئر کي وڪڻي ڇڏيندس.“
    پُراسرار شخص جي منهن تي مرڪ تري آئي. هو پنهنجي کل واري ڳوٿري دڪاندار کي ڏيئي، پيسا وٺي، دڪان مان ٻاهر هليو ويو. ■


    مٽيءَ جا ماڻهو

    جمعي جو ڏينهن هو. صبح جو وقت هو. مان موڳي مغز سان اخبارن جا صفحا ڏسي رهيو هوس. سموري رات مون خواب ۾ پاڻ کي اُڏامندي ڏٺو هو. صبح جو اٿيس ته مٿو جائيتو نه هو. اخبارن جي رنگين صفحن تي ڏنڊن مشٽنڊن پهلوانن، بدمعاشن، چورن، ڦورن، قاتلن، ڌاڙيلن، دانشورن، سڌن سياستدانن ۽ اڻ سڌن سياستدانن جا رنگين فوٽا ڏسي مان ا لله سائينءَ جي قدرت جو قائل ٿي رهيو هوس. جڏهن کان عورتن جي ناپاڪ فوٽن کان اخبارن کي پاڪ ۽ صاف ڪيو ويو آهي، تڏهن کان نهايت ڀوائتن ۽ هيبتناڪ مردن جا رنگين فوٽا اخبارن جي سونهن سوڀيا ۾ اضافو ڪري رهيا آهن.
    مان غور سان هڪ نهايت خوفناڪ ۽ خبيث پوڙهي ٺوڙهي جي تصوير ڏسي رهيو هوس جنهن اسي سالن جي عمر ۾ سورهن سالن جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي هئي. اخبار جي صفحن تان ڪنوار جي تصوير غائب هئي، ۽ پوڙهي گهوٽ جي تصوير نمايان هئي جنهن پنهنجي ڏاڙهيءَ جا وار، ڪياڙيءَ تي ڇڏيل وارن جي جهت ڪنهن ظالم جي دل وانگر خضاب سان ڪاري ڪري ڇڏي هئي. ان وقت اوچتو ٻاهريون در کڙڪيو.
    مون چيني کي چيو، ”يار چينا، سمجهان ٿو، پاڙي وارا قرض جي وصولي ڪرڻ آيا آهن.“
    چينو مٽيءَ مان ماڻهو ٺاهي رهيو هو. پڇيائين، ”در کوليان ڇا.“
    ”هڪ ٽيليويزن ڊرامي جا پيسا مليا آهن.“ چيم، ”در کولي ڇڏ، اڄ قرض لاهينداسين، ۽ ڪجهه يارن کي قرض ۾ مبتلا ڪنداسين.“
    چيني چيو، ”ماڻهوءَ جي منهن تي نڪ فٽ ڪري هڪ منٽ ۾ در ٿو کوليان.“
    چينو منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي. ڏهن سالن جو آهي. بيحد ذهين آهي. ڏک سُک ۾ منهنجو ٻانهن ٻيلي آهي. مون کي ملول ٿيڻ نه ڏيندو آهي. مان ڪنهن ڪنهن وقت چيني لاءِ ڏاڍو اُداس ٿي پوندو آهيان. مون کي خبر آهي ته چينو هڪ نه هڪ ڏينهن پنهنجي ذهانت سبب مارجي ويندو. اسان جو معاشرو سطحي سوچ وارن لاءِ نهايت موزون ۽ مناسب معاشرو آهي. اسان جي معاشري ۾ ذهين ذهن لاءِ ملامت ۽ موت کان سواءِ ڪجهه نه آهي. ڪجهه عرصي کان چينو مٽيءَ مان ماڻهو ٺاهڻ لڳو آهي، سندس ٺاهيل ماڻهو مائيڪل اينجيلو ۽ شاڪر عليءَ جي ٺاهيل ماڻهن کان مختلف هوندا آهن.
    ٻيهر در کڙڪيو.
    چيني ماڻهوءَ جو منهن نڪ بنا ڇڏي ڏنو. ٻئي هٿ مٽيءَ ۾ ڀريل هئس. ٻاهرين در ڏانهن ويندي چيائين، ”ٽينا جو پيءُ هوندو. راتوڪي پارٽيءَ مان بچيل ڪيڪ جو ٽُڪر کڻي آيو هوندو.“
    ٽينا ۽ ٽينا جو پيءُ اسان جا پاڙيسري آهن. ٽينا هڪ پرائيويٽ فرم ۾ اسٽينو گرافر آهي. وچولي قد بت واري سانوري سلوڻي ڇوڪري آهي، ۽ ڏاڍي سٺي آواز ۽ انداز سان ڳالهائيندي آهي. سندس پيءُ وڪٽر ڊسوزا رٽائرڊ ريلوي گارڊ آهي. پنهنجي وقت جو مشهور ڪرڪيٽ جو رانديگر آهي. جوانيءَ ۾ ڪراچي ڪرسچين ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ کيڏندو هو ۽ تمام تيز بالنگ ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سندس گهر تي پارٽيون ٿينديون آهن، جن ۾ ٽينا جي فرم جا ملازم شامل ٿيندا آهن، ۽ رات جو دير تائين هُل هنگامو ڪندا آهن. صبح جو اڪثر ائين ٿيندو آهي جو ٽينا جو پيءُ وڪٽر ڊسوزا راتوڪي پارٽيءَ مان بچيل ڪيڪ جو ٽُڪر کڻي اسان وٽ ايندو آهي. هُل هنگامي لاءِ معذرت ڪندو آهي، ۽ صبح جي چانهه اسان سان پيئندو آهي. وڪٽر ڊسوزا جي چيني سان پڪي دوستي آهي. هو چيني کي مٽيءَ مان ماڻهو ٺاهڻ لاءِ طرحين طرحين جون صلاحون ۽ مشورا ڏيندو آهي. هو چيني کي چوندو آهي، ”ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ماڻهو به ٺاهيندو ڪر، جن کي مُنهن تي ڪنن بدران سوئر جا وَڄَ هجن.“
    چيني در کوليو. در ٻاهران وڪٽر ڊسوزا بدران اسان جو ٻيو پاڙيسري سومار چانڊيو بيٺو هو. در مان مون کي اڱڻ ۾ اخبار پڙهندي ڏٺائين ته هڪدم اندر هليو آيو. سهڪي رهيو هو. ان کان اڳ جو کانئس حال احوال وٺان، سومار چانڊئي چيو، ولوءَ جو وري مغز خراب ٿي پيو آهي، کيس کٽ سان ٻڌي هيڏانهن آيو آهيان.“
    پڇيومانس، ”دورو پيو اٿس ڇا.“
    روئڻهارڪي آواز ۾ چيائين، ”ها.“
    سومار چانڊيو هڪ سرڪاري آفيس ۾ پٽيوالو آهي. سندس وڏو پٽ ولو ميٽرڪ جو شاگرد آهي. ڏينهن جو اسڪول ويندو آهي، ۽ رات جو هڪ واشنگ واري جي دڪان تي ڪپڙا استري ڪندو آهي. ماڻهن جو خيال آهي ته ولو يا ته اڌ چريو آهي، يا مٿس جن ڀوت جو اثر آهي. پر ولو اسان کي چريو نه لڳندو آهي. هو اسڪول جو سٺو شاگرد آهي، ۽ اسڪول جي والي بال ٽيم جو ميمبر آهي. بس ڪنهن ڪنهن وقت دورو پوندو اٿس. سڄو جسم اول ڪنبڻ لڳندو اٿس، ۽ پوءِ پگهر ۾ شم ٿي ويندو اٿس. اهڙي ڪيفيت ۾ هو گهر کان ٻاهر ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ۽ فقط هڪ جملو ورجائي ورجائي وات مان ڪڍندو آهي، ”مان سڀ سمجهان ٿو، مان سڀ سمجهان ٿو. مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.“
    مائٽ مٽ ڏاڍو سمجهائيندا اٿس ته بابلا، سچ ڳالهائڻ جو رواج ختم ٿي ويو آهي، ۽ هونءَ به اسان مسڪينن جو ڀلا سچ سان ڪهڙو واسطو – ڇو ٿو سچ جو نالو کڻي اسان سڀني کي مصيبت ۾ وجهين.
    پر، دوري دوران ولوءَ کي ڪجهه سمجهه ۾ نه ايندو آهي. هڪ ئي وائي وات هوندي اٿس، ته مان سڀ سمجهان ٿو، مان سڀ سمجهان ٿو، مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.
    سومار چانڊئي کي ڪجهه سياڻن صلاح ڏني هئي، ته پنهنجي پٽ جو علاج ملڪ جي مشهور ڊاڪٽر ۽ سرجن جمعي خان کان ڪراءِ مغز ۽ ميڄالن جو ماهر ڊاڪٽر آهي، مٿي مان خلل ڪڍي ڇڏيندو آهي. سومار چانڊئي حامي ڀري هئي. پر پوءِ جڏهن ڊاڪٽر جمعي خان جي في ۽ جناح اسپتال جي ڳاٽي ڀڳي خرچ جي ڪل پيس، تڏهن ٿڌو ساهه کڻي چيو هئائين، ”ايندڙ هڪ صديءَ ۾ به مان پنهنجي پٽ جو علاج ڪنهن اسپيشلسٽ کان ڪرائي نه سگهندس.“
    ولوءَ ۽ پاڙي جي ٻين ٻارن جي مونسان ڀائپي آهي. هو منهنجي ڳالهه سمجهي سگهندا آهن، ۽ مان هنن جي ڳالهه سمجهي سگهندو آهيان. منهنجي جيڪڏهن شادي ڪيل هجي ها، ۽ مون کي پنهنجا ٻار هجن ها، ته هو پاڙي جي ڪيترن ٻارن کان عمر ۾ وڏا هجن ها. تنهن هوندي به ٻارڙا مون کي ”ادا وڏو“ ڪري سڏيندا آهن. ولو منهنجي ڏاڍي عزت ڪندو آهي. منهنجي ڳالهه نه ٽاريندو آهي. چيني سان به ڏاڍو پيار ڪندو آهي. کيس جڏهن به دورو پوندو آهي، سندس پيءُ سومار چانڊيو ڊوڙندو ايندو آهي. مان هجان ته مون کي، يا چيني کي پنهنجي گهر وٺي ويندو آهي. اسين ولوءَ کي پرچائي، سمجهائي پاڻ سان پنهنجي گهر وٺي ايندا آهيون. پوءِ جڏهن سامت ۾ ايندو آهي، تڏهن کيس گهر ڇڏي ايندا آهيون.
    هيءَ جنهن جمعي جي ڳالهه آهي، تنهن ڏينهن سومار چانڊيو وڌيڪ پريشان نظر آيو. چيائين، ”کٽ جي پائي سان مٿو هڻي، مٿو ڦاڙي وڌو اٿائين، رت ٺينڊيون ڪري پيو وهيس پر پٽي ٻڌڻ نٿو ڏئي.“
    ڏنڊن ڏوٽن، مشٽنڊن مردن جي هيبتناڪ تصويرن سان سينگاريل اخبارون کٽ تي رکي، مان سومار چانڊئي سان گڏ سندس گهر ويس.
    ولو کٽ سان ٻڌو پيو هو. نرڙ مان رت وهي رهيو هوس. رڙ مٿان رڙ پئي ڪيائين، ”مان سڀ سمجهان ٿو، مان سڀ سمجهان ٿو. مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.“
    مون تي نظر پيس ته ماٺ ٿي ويو. مان سندس پاسي کان ويهي رهيس. روئڻهارڪي آواز ۾ چيائين، ”ڏسين ٿو نه ادا وڏا. مون کي کٽ سان ٻڌي ڇڏيو اٿائون.“
    سندس رسيون کوليندي چيم، ”غلط ڪيو اٿائون، منهنجا پٽ، منهنجا ٻچڙا.“
    مون ولوءَ کي رسين کان آزاد ڪيو. هو پنهنجو رت هاڻو منهن منهنجي سيني ۾ لڪائي سڏڪڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو، ”مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.“
    سندس نرڙ تان رت اُگهندي چيم، ”ان باري ۾ پاڻ چيني سان هلي صلاح ڪنداسين. جيڪڏهن چيني صلاح ڏني، ته پوءِ توکي چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائڻ ۾ ڀرپور مدد ڏبي، ۽ پوءِ توکي سچ ڳالهائڻ کان ڪوبه روڪي نه سگهندو.“
    ولوءَ کي مٿي تي پٽي ٻڌي مان کيس پنهنجي گهر وٺي آيس. چينو ماڻهوءَ جي منهن تي نڪ لڳائڻ ۾ اڃا ڪامياب نه ٿيو هو. ولوءَ جي مٿي تي پٽي ڏسي چيني ولوءَ کان پڇيو، ”مٿي مان ميڄالو ڪڍڻ جي ڪوشش پئي ڪيئه ڇا؟“
    ولوءَ جي خشڪ چپن تي مُرڪ تري آئي.
    مون چيني کي چيو، ”هيءُ اسان جو سنگتي، ولو، چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائڻ جي موڊ ۾ آهي. تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي.“
    چينو هڪدم گنڀير ٿي ويو. سوچ ۾ گم ٿي ويو. اسان سڀني محسوس ڪيو آهي ته چينو پنهنجي طبعي عمر کان تمام گهڻو ذهين آهي. سنڌوءَ هڪ دفعي چيو هو، ”چيني جي روپ ۾ ڪنهن ذهين يوناني ديوتا ٻيهر جنم ورتو آهي.“
    چيني ٽهڪ ڏيندي چيو هو، ”مان وتائي فقير جو وارث آهيان.“
    سنڌوءَ اٿي کيس پيار ڪيو هو. پوءِ هوءَ جڏهن هلي ويئي هئي، تڏهن چيني مون کي چيو هو، ”سنڌو تنهنجي لاءِ ميري هيسڪل آهي. هوءَ تنهنجي هڪ هڪ تحرير تي حاوي رهندي. پر، خليل جبران ۽ ميري هيسڪل وانگر توهان ٻنهي جي پاڻ ۾ شادي ٿي نه سگهندي.“
    مون کي لڳندو آهي ته چينو اڻ لکيل تاريخ جي آئيندي ۾ ڏسي سگهندو آهي. هو ايندڙ وقت جو امين آهي. هن هڪ دفعي ولوءَ کي چيو هو، ”تون ڇا جي باري ۾ چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندين! ڇا جي باري ۾ – ڌرتيءَ جي باري ۾، آسمان جي باري ۾، انسان جي باري ۾، عقيدي جي باري ۾، محبت جي باري ۾ – زندگي جي باري ۾، موت جي باري ۾ – تون ڇا جي باري ۾ چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندين!“
    تڏهن ولو منجهي پيو هو.
    گذريل جمعي تي چينو هڪدم گنڀير ٿي ويو. ڪجهه دير ولوءَ ڏانهن ڏسندو رهيو.
    ”ڏسينس ڇا ٿو!“ چيم، ”ولو چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائڻ جي موڊ ۾ آهي.“
    چينو ڳوٿل مٽي ۽ اڌ ٺهيل مجسمن ڏانهن هليو ويو. نڪ بنا ماڻهوءَ جو مجسمو کڻي آيو. نڪ بنا ماڻهو عجيب پئي لڳو.
    ”تون، مان ۽ ادا چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائي نه سگهنداسين. اسان لاءِ سچ ڳالهائڻ جو دور گذري ويو.“ چيني مٽيءَ جي ماڻهوءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هن ماڻهوءَ جي منهن تي جڏهن نڪ لڳي ويندو، تڏهن هيءُ ماڻهو چونڪ تي بيهي اسان سڀني پاران سچ ڳالهائي سگهندو.“
    چيني جو آخري جملو ٻڌي مون کي پنهنجي بدن ۾ ڪنبڻي محسوس ٿي. مون ڊڄندي ڊڄندي آئيني ۾ پنهنجي عڪس ڏانهن ڏٺو – پڪ ڪرڻ لاءِ، ته منهنجي منهن تي نڪ آهي، يا نه آهي!


    سرد لاش جو سفر

    منهنجو ننڍو ڀاءُ پريتمداس پريتو ماڙيءَ جي مٿاهين ڪمري جي ڏاکڻي دريءَ سان ٻڌو ويٺو هو، ۽ خوف، عجب ۽ حيرت وچان هيٺ اڱڻ ڏانهن نهاري رهيو هو.
    هيٺ اڱڻ مان منهنجي سترهن سالن جي ڀيڻ ساوتريءَ جي رڙين، آزين، ۽ نيزارين جا روح فنا ڪندڙ آواز اچي رهيا هئا. ساوتريءَ جي رڙين، آزين ۽ نيزارين جا آواز عقيدن ۽ اعتبارن کي گهڙي گهڙي جا گهاءَ هڻندا آسمانن ڏانهن اُڏامندا پي ويا. ساوتريءَ جو ٻاڏائڻ مجاهدن جي وحشي ٽهڪڙن، ڪيڪڙاٽن، ۽ نعرن ۾ ٻڏندو پي ويو. ٻڌو هيم، آسماني ڪتابن ۾ پڙهيو هيم ته قيامت ڏينهن سج سوا نيزي تي لهي ايندو – ڌرتي تپي ٽامو ٿي پوندي – وڻ پاڙئون پٽجي ويندا، ۽ جبل ڪپهه جي ذرن وانگر واچوڙن ۾ ويڙهجي ويندا. اعتبار نه ايندو هو. سڀ ڪجهه ڏند ڪٿا وانگر لڳندو هو. يقين ڪڏهن به تڪميل تائين پهچي نه سگهندو هو. پر اُن ڏينهن مون ڪنڌڪوٽ ۾ نانڪ پاڙي تي قيامت کي نازل ٿيندي ڏٺو. سج سوا نيزي تي لهي آيو. ڌرتي تپي ٽامو ٿي پيئي. وڻ پاڙئون پٽجي ويا، ۽ جبل ڪپهه جي ذرن وانگر واچوڙن ۾ ويڙهجي ويا.
    منهنجو ڏهن سالن جو ڀاءُ پريتمداس پريتو ڏاکڻي دريءَ سان ٻڌو ويٺو هو، ۽ اکين سان قيامت جو منظر ڏسي رهيو هو. رکي رکي ڪنبي پي ويو. ٻڌل رسين مان پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڇڪتاڻ ۾ ساڻو ٿي پيو. مجاهد مون کي اڌ مئو ڪري، سنگهر هڻي، ڪرسيءَ سان قابو ڪري ويا هئا. ميز تي منهنجي آڏو آسماني ڪتابن جو سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو کليل پيو هو جنهن تي پريتو ۽ منهنجي رت حاشيي وانگر هاريل هئي.
    پريتوءَ ڏاکڻي دريءَ وٽان مُنهن ورائي مون ڏانهن ڏٺو، ۽ ڪنبندڙ آواز ۾ چيو، ”دادا، ڏس ته سهي! هيترا ماڻهو ساوتري کي ڇا پيا ڪن!“
    کيس ٽارڻ لاءِ چيم، ”مان هن وقت آسماني ڪتابن جو سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو پڙهي رهيو آهيان.“
    پريتو ڄڻ ٻاڏايو. چيائين، ”تون اچي ڏس ته سهي!“
    پاڻ کي سنگهرن مان آجو ڪرڻ لاءِ ڇَڙي هنيم. ڪرسي وڃي پَٽِ پيئي. پيرن سان پاڻ کي ڌڪيندي ڏاکڻي دريءَ وٽ وڃي پهتس. ڀڳل شيشن تان رڙهندي رتورت ٿي ويو هوس. پنهنجي پويان فرش تي رت جون ريکائون ڇڏي آيو هوس. ڪنڌ کڻي دريءَ جي ٻنوڙي تي رکيم. هيٺ، اڱڻ ڏانهن نهاريم. جيڪي ڏٺم، تنهن ايمان ۽ عقيدن جا ڪوٽ ڪيرائي وڌا. سالن جي تپسيا کن پل ۾ ڀسم ٿي ويئي. الهلوڪن جا درس ڌوڙ ۾ ملندي ڏٺم. پيغمبرن، اوتارن، ۽ گيانين جا گيان ۽ بيان بيمعني ٿي پيا. تعجب لڳو اکين تي، جيڪي انڌيون نه ٿيون! دل ابابيل وانگر ڦتڪي پيئي، پر سيني جي قفس مان نڪري نه سگهي. ڪنڌ کڻي آسمان ڏانهن ڏٺم، ۽ چيم، ”ايتري قدر ته تو ڪڏهن ڪنهن پيغمبر کي به نه آزمايو هو! ته پوءِ مون نٻل کي ايڏي آزمائش ۾ ڇو وڌو اٿئي؟ ڇو وڌو اٿئي؟ مون کي پيغمبري ڏيندين؟ مون کي ڌرماتمائن جي قطار ۾ بيهاريندين؟ مون کي پرماتمائن سان ملائيندين؟ مان ڀڄي پوندس - ڀُري پوندس. تو سان بغاوت تي لهي ايندس. تنهنجو ته ڪجهه بگاڙي نه سگهندس، پر پاڻ کي اُجاڙي ڇڏيندس. مون کي ايڏو نه آزماءِ، ايڏو نه آزماءِ.“
    پريتم هيٺ جهڪي پنهنجو منهن منهنجي ڪلهي تي رکي ڇڏيو.
    اڱڻ جي وچ ۾ مجاهدن ساوتريءَ کي کنڀي صندل تي ليٽائي ڇڏيو هو. هڪ وڏو هجوم صندل کي وڪوڙي ويو هو. جوش وچان الله عظيم آهي جا نعرا هڻي رهيو هو. مرڻينگ ساوتري به الله کي پڪاري رهي هئي. جوڌا جوان هنبوڇيون هڻي رهيا هئا، ۽ ساوتريءَ کي چَڪَن ۽ چونڊڙين سان چچري رهيا هئا. حوا جي ڌيءَ جي بيحرمتي ڪري رهيا هئا. ڇتن ڪتن وانگر هڪٻئي کي هٽائي ساوتريءَ کي سوگهو پي ڪيائون. سڄي سموري ساوتريءَ کي ننهنڊن، چهنڊن، ۽ چڪن سان رتو ڇاڻ ڪري ڇڏيو هئائون.
    ساوتري بي حال پيئي هئي. آواز گهڙيءَ گهڙيءَ جو گهاءُ کائي مرڻينگ ٿي ويو هوس. الله کي التجا لاءِ چپ چوريائين پي، پر چَڪن سان چچريل چپن تائين الله جو نالو اڪلي نه پئي آيس. اکيون بند، وار وکريل، هوءَ چوتاڪ صندل تي پيئي هئي. هوءَ آهستي آهستي مري رهي هئي. مجاهدن جو جوش ۽ جذبو ويو پئي وڌندو. هو تلوارون، خنجر ۽ بندوقون اُڀيون ڪري ننگي ابليس وانگر هنبوڇيون هڻي رهيا هئا، ۽ الله اڪبر جا نعرا بلند ڪري رهيا هئا. هڪڙن وحشين کيس ڇڏيو پئي، ته ٻين کيس چچريو پئي.
    پريتم روئڻهارڪي آواز ۾ پڇيو، ”دادا، هي ساوتريءَ کي ڇا پيا ڪن؟“
    ”مجاهد اسان جي ڀيڻ کي پاڪ پويتر پيا ڪن.“ ڪروڌ ٻرندڙ جبل جي لاوي وانگر منهنجي وجود ۾ ڪاهي پيو. گيان ۽ ڌيان جي تپسيا سڙي رک ٿي ويو. آسماني صحيفن جا صفحا ميسارجي ويا. بيمعني ٿي پيا. پيغمبري منهنجي وس جي ڳالهه نه هئي. ورهين جا ورهيه پاڻ کي تيار ڪيو هيم ته زندگي گوتم ٻڌ جو ڀڪشو ۽ سچل سرمست جو مريد ٿي گذاري ڇڏيندس. مذهبن جي ڇڪتاڻ کان پاڻ کي آجو ڪري ڇڏيندس. جنهن آزمائش ۾ خلقڻهار مون کي وجهي ڇڏيو هو، سا آزمائش مون ماڻهوءَ جي سهپ کان ٻاهر هئي، مذهب جي نالي ۾ درندگي ڏسي منهنجي اعتقاد جا ڪوٽ ڪري پيا. مون کي پنهنجي لهجي مان زهر جي ڪوڙاڻ محسوس ٿي. چيم، ”پريتم، اسان جي ڀيڻ ساوتري ڏاڍي ڀاڳن واري آهي جو مجاهدن هٿان جنت جي حقدار ٿي رهي آهي.“
    پريتم حيرت وچان پڇيو، ”جنت ڇاهي، دادا؟“
    اُڀَ ڏانهن ڏسندي سچل جي وائي ورايم، ”دوزخ دڙڪو، بهشت دلاسو، ڊاهه ويا سڀ ڊهي ڊهي.“
    سچل جي وائيءَ منجهائي وڌس. ورائي پڇيائين، ”پر، جنت شي ڪهڙي آهي؟“
    ”جنت اُها عافيت واري جاءِ آهي جنهن ۾ مدر ٽيريسا نه ويندي – جنهن ۾ مارٽن لوٿر ڪنگ نه ويندو – جنهن ۾ ڀڳت ڪنور، مها آتما گانڌي ۽ ساڌو واسواڻي نه ويندا.“ اکيون بند ڪندي چيم، ”تون ۽ مان به جنت ۾ نه وينداسين. اسان جي ماءُ به جنت ۾ نه ويندي، پريتمداس پريتو.“
    پريتم صفا وائڙو ٿي ويو. هن اڳ مون کي اهڙي زهر آلود لهجي ۾ ڳالهائيندي نه ٻڌو هو. هن اڱڻ ۾ بيٺل اُگهاڙن مجاهدن ڏانهن ڏسندي پڇيو، ”هي سڀئي جنت ۾ ويندا؟“
    ”سندن نعرا نه ٿو ٻڌين؟“ مون آسمان ڏانهن ڏسندي چيو، ”هي جيڪي ڪجهه ڪري رهيا آهن، پنهنجي پَرَ ۾ الله کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪري رهيا آهن. کين پڪ آهي ته جنت ۾ ويندا.“
    هڪ ته مذهب جي نالي ۾ ٿيندڙ وحشي ڊرامي پريتم جون وايون بتال ڪري ڇڏيون هيون، مٿان جو منهنجي لهجي ۾ سرڪشي ڏٺائين ته بنهن بي وس ٿي پيو. انحراف جي آڳ منهنجي وجود کي وڪوڙي ويئي هئي. پريتم ڊڄندي ڊڄندي پڇيو، ”تون، مان، امان، ۽ ساوتري ڪيڏانهن وينداسين؟“
    ”تون ڪو فڪر نه ڪر پريتمداس، تون ڪو الڪو نه ڪر. تون، مان، امان ۽ ساوتري سورڳ ۾ وينداسين يا نرڪ ۾.“ اُڀو ساهه کنيم ۽ چيم، ”ڌرتيءَ وانگر ڌرمن آسمان تي به ماڻهن کي ونڊي وراهي ڇڏيو آهي. مسلمانن لاءِ جنت ۽ دوزخ آهن. ڪرستان لاءِ هيوِن ۽ هيل آهن. هندن لاءِ سورڳ ۽ نرڪ آهن.“
    مذهبن جي نالي ۾ ويڇا ٿيل انسان جو الميو ننڍڙي پريتم کي منجهائي وڌو. هو حيرت وچان ڪڏهن هيٺ اڱڻ ڏانهن، ۽ ڪڏهن منهن ورائي مون ڏانهن ڏسي رهيو هو.
    مان سچل جي گيان ۾ گم ٿي ويس. زنجير فرش تي هڻي جهونگاريندو رهيس: مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا - موليٰ، مذهبن مُلڪ ۾ ماڻهو منجهايا- مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا.
    اڱڻ مان اُڏامندڙ آهُن، دانهن، آزين، نيزارين ۽ جنوني نعرن جي هيبتناڪ آوازن منهنجي جهونگار کي جهوري وڌو. مون زنجيرن مان آجو ٿيڻ لاءِ ڇڙيون هنيون. پٻن ۽ ويڻين تي مٿڀرو ڪري پاڻ کي ٻڌل ڪرسيءَ مان ڇڏائڻ چاهيم، پر ڇڏائي نه سگهيس. سڄو جسم ڇلجي ويو. مون دريءَ مان آسمان ڏانهن ڏٺو، ۽ وڏي واڪ چيو، ”رڳو سيمسن کي سگهه ڇو ڏني هيئه؟ مون کي به سيمسن جهڙي سگهه ڏي - مون کي سگهه ڏي ته کدورتن جا قلعا ڪيري وجهان - ڊوهه ڊاهي ڇڏيان.“
    الاءِ ڪيئن ۽ ڪٿان امان اوچتو ڪال ڪوٺڙيءَ جهڙي ڪمري جو در کولي اندر هلي آئي. سندس کير جهڙا اڇا وار وکريل هئا. اکين ۾ خوف هوس. هراس هوس. سندس منهن جا گهنج تاريخ جي المناڪ داستانن وانگر واضح ٿي پيا هئا. وحشت وچان ڪنبي رهي هئي. منهنجي آڏو اچي بيٺي. اکين ۾ بيوسي هيس.
    ”ڇا پيئي ڏسين، جيجل منهنجي ماءُ. مان تنهنجو پٽ گوپالداس گوپو آهيان.“ ڄڻ شمشان گهاٽ مان پئي ڳالهايم. چيم، ”ڏاکڻي دريءَ سان تنهنجو سڪيلڌو پٽ پريتمداس پريتو رسين سان ٻڌو بيٺو آهي، ۽ تاريخ جو چشمديد گواهه ٿي رهيو آهي.“
    امڙ ڪنبندڙ آواز ۾ چيو، ”هيءُ ڏينهن اسان کي تنهنجي ڪري ڏسڻو پيو آهي.“
    گوڏن ڀر گسڪي، مون پنهنجو منهن امان جي پيرن تي رکي ڇڏيو. ايندڙ وقت جي انديشن کي ڌيان ۾ رکندي اسان جي ڪٽنب سنڌ مان لڏي وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو. اُن ڏينهن منهنجي مڱيندي ميران ۽ مون سنڌوءَ ۾ پير پسائي، ۽ سنڌ ديس جي مٽي مٿي ۾ وجهي قسم کاڌو هو ته اسين ذات پات، دين ڌرم، سڀ ڪجهه ڇڏينداسين، پر سنڌ ديس جي ڌرتي نه ڇڏينداسين. منهنجي هوڏ آڏو اسان جو ڪٽنب وراهجي ويو هو. امان مون کي اڪيلو ڇڏي هندستان وڃڻ لاءِ تيار نه ٿي. امان رهي پيئي ته امان سان گڏ پريتم ۽ ساوتري به سنڌ ۾ رهي پيا هئا.
    هيٺ جهڪي، منهنجي منهن ۾ نهاريندي امان چيو، ”خبر اٿئي؟ سموري نانڪ پاڙي کي باهه وڪوڙي وئي آهي!“
    مان پنڊ پهڻ وانگر امان ڏانهن ڏسندو رهيس. امان اڃا ڪجهه هيٺ جهڪي آئي. گُهٽيل گُهٽيل آواز ۾ چيائين، ”۽ خبر اٿئي گوپو، ميران کي به مجاهد کنڀي کڻي ويا آهن.“
    ”الله ڏاڍو ٻاجهارو ۽ مهربان آهي.“ ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ۾ ڪڙهندي چيم، ”ميران ڏاڍي ڀاڳن واري آهي جو مجاهدن هٿان مسلمان ٿي رهي آهي.“
    امان منهنجي ذهني ڪيفيت ڏسي ڊڄي ويئي. ڏکئي کان ڏکئي وقت ۾ به هن مون کي اهڙي طرح صبر جو ساٿ ڇڏيندي ۽ وڦلندي نه ڏٺو هو “ ڪُل جَڳَ ۾ عشق جي اوتار جي چانئٺ ڇڏيندي نه ڏٺو هو. مون کي رت هاڻي نرڙ تي مٺي ڏيندي چيائين، ”ائين نه چَئُه –“ ائين نه چئهُ. ماريندي ويرم نه ڪندءِ.“
    ”مون آسماني ڪتابن جو سولي سنڌيءَ ۾ تت پڙهيو آهي.“ اُڀو ساهه کنيم، چيم، ”آسماني ڪتاب صحيح آهن، يا مجاهد صحيح آهن. اِن ڳالهه جو فيصلو ڪير ڪندو؟“
    آسمان ڏانهن آڱر کڻندي چيائين، ”ان جو فيصلو هو ڪندو.“
    ”هو ڪهڙا فيصلا ڪندو؟“ آتش فشان جو رجيل مادو منهنجي رڳ رڳ ۾ ڊوڙڻ لڳو. چيم، ”اشرف المخلوقات جا افعال ڏسي الله الوپ ٿي ويو آهي - ڀڳوان وڃي بن ۾ رهيو آهي. هيءَ دنيا رام رحيم جي وس ۾ ناهي.“
    ”ناستڪ نه ٿيءُ - ناستڪ نه ٿيءِ.“ امان ڳراٺڙي پائي مون کي مٺيون ڏيندي رهي - روئيندي رهي. چيائين، ”اسين هتان هليا وينداسين - هليا وينداسين.“
    ”نه. ڪڏهن به نه.“ سور سهندي سهندي مان پٿر ٿي پيو هوس. جيڪا ڌيان ۽ گيان جي موڙي ميڙي هيم، سا ڪروڌ ۾ ڀسم ڪري ڇڏيم. مان، جيڪو نه هندو هوس، ۽ نه مسلمان هوس، ڪُل جَڳَ ۾ عشق جي اوتار جو معتقد هوس، ڪنهن به مذهب کي سچ ۽ حق کان مٿاهون نه سمجهندو هوس. مذهبن جي ويڙهه ۾چچرجي ويس.
    منهن امان جي پيرن تي رکي ڇڏيم. ڏک وچان چيم، ”اهڙيون هزارين قيامتون مون مٿان نازل ٿين، پر مان سنڌ ديس جي ڌرتي نه ڇڏيندس.“
    ”ماڻهو مرون ٿي پيا آهن، گوپو.“ امان منهنجا زنجير لاهڻ چاهيا، پر لاهي نه سگهي. هٿ ڦٽجي پيس. چيائين، ”گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ اسان جون لڄون لاٿيون اٿائون.“
    ”الله ڏاڍو مهربان ۽ رحم ڪرڻ وارو آهي.“ مون ڏک وچان ڏرندي چيو، ”هاٿين تي سوار لشڪر کي هن ابابيلن کان شڪست کارائي هئي. تون ڏسجانءِ پئي امان، چهنبن ۾ پٿريون کڻي ابابيل ولر ڪري ايندا، ۽ مروئن کي ماري وجهندا.“
    اُن وقت اڱڻ مان آهه بلند ٿي. مون آهون ۽ دانهون ٻڌيون آهن. آهُن ۽ دانهن ۾ عرش ۽ فرش کي ڪنبندي ڏٺو اٿم. پر، اُها هڪ آهه سمورين آهن کان مختلف هئي. اُها آهه بڙڇيءَ وانگر منهنجي روح مان آرپار ٿي ويئي. مان زنجيرن ۾ جڪڙيل فرش تي بيوس پيو هوس. امان ۽ پريتم ڏاکڻي دريءَ مان هيٺ اڱڻ ڏانهن ڏسڻ لڳا.
    مون امان کي چيو، ”مذهبن جي نالي ۾ دنيا وڏا ناٽڪ ڏٺا آهن. موٽي آءُ منهنجي ماءُ. مذهب جي نالي ۾ هلندڙ سيڪنڊ شو نه ڏس.“
    امان ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي ويئي. دريءَ وٽان منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺائين. چيم، ”تو کي جهليو هيم نه، ته مذهب جي نالي ۾ هلندڙ ڊرامي جو سيڪنڊ شو نه ڏس!“
    لڙڪ الاءِ ڪڏهن کان سڪي ويا هيس! ڪنبندڙ آواز ۾ چيائين، ”ميران کي آڻي ساورتريءَ ڀرسان صندل ٿي ڦٽو ڪيو اٿائون. مان سمجهان ٿي..... مان سمجهان ٿي ....مان سمجهان ٿي .....“ جملو پورو ڪري نه سگهي.
    ”تون ڇا ٿي سمجهين جيجل منهنجي ماءُ؟“ چيم، ”تون ڇا ٿي سمجهين؟“
    امان ڪنبندي چيو، ”مان سمجهان ٿي، مان سمجهان ٿي، ميران مري ويئي آهي.“
    ”الله نهايت رحم وارو، ۽ ڏاڍو مهربان آهي.“ روئڻ چاهيم، پر روئي نه سگهيم. برداشت جو بند ڀڃي ڪو سيلاب منهنجي وجود مان ڦاٽي نه نڪتو. ازل کان هڪ کي انيڪ ۾ وراهي انسانن هڪٻئي تي ڏاڍا ظلم ڪيا آهن - وسنديون ويران، ۽ ملڪ اُجاڙي ڇڏيا آهن. امان جي پيرن تي منهن رکندي چيم، ”ميران ۽ ساوتري ڀاڳن واريون آهن جو مجاهدن هٿان پاڪ پويتر ٿي مري ويون آهن.“
    هيٺ جهڪي، امان مون سان چنبڙي پيئي. ڦتڪندي، ماتم ڪندي، هنجون هاريندي امان چيو، ”مون کي ماري ڇڏ گوپال – مون کي ماري ڇڏ. مون ۾ سهن شڪتي ڪونهي. مون کان سَٺو نٿو ٿئي. گهٽو ڏيئي مون کي ماري ڇڏ. مون تي ڪهل ڪر گوپو. مون کي ماري ڇڏ.“
    ”تنهنجي مرڻ جو دور گذري ويو منهنجي ماءُ.“ منهنجي وجود ۾ ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو. رجيل لوهه سمورا بند ڀڃي وڌندو آيو. چيم، ”تون ابد تائين، هميشه لاءِ جيئري رهندينءَ، منهنجي ماءُ. ويهين صديءَ جي آخر تائين دنيا جا سمورا مذهب ريتن، روايتن، ۽ رسمن ۾ بدلجي ويندا. ڪي نمازون نوڙي پڙهندا، ڪي وڃي مندر وسائيندا.1 ڪٽر پڻي تي نيٺ عشق غالب ايندو.“
    ”تون خواب پيو ڏسين گوپو.“ امڙ کي هڏڪي آئي. چيائيڻ، ”تون خواب پيو ڏسين.“
    ”خواب ڪُل جَڳَ ۾ عشق جي اوتار ڏٺو هو.“2 ساهه ويو پي سوڙهو ٿيندو. چيم، ”مان سندس خواب جي تعبير آهيان. مان مذهبن ۾ ويڙهه کان مڪت (آزاد) ٿي ويو آهيان. منهنجي لاءِ دوزخ دڙڪو، ۽ بهشت دلاسو آهي.3
    اوچتو پريتمداس ڏاکڻي دريءَ وٽان رڙ ڪئي. چيائين، ”دادا، هو تو وارا ٿي سنگتي آهن نه، ڪمالو، جانو، ۽ دينو، سي آيا آهن. هٿن ۾ ڪهاڙيون ۽ خنجر اٿن.“
    چيم، ”هو ٽيئي دوستيءَ جو حق نڀائڻ آيا آهن، پريتو.“
    ”نه، دادا نه.“ پريتم حيران ٿيندي چيو، ”ٻين وانگر هنن به لٽا لاهي ڇڏيا آهن. ميران ۽ ساوتريءَ تي وڃي ڪريا آهن.“
    ”الله وڏو مهربان ۽ نهايت رحم وارو آهي.“ سوڙهو ساهه کڻي پولار ۾ ڏٺم، ۽ چيم، ”انبوهه ۾ منهنجو جاني دشمن لالا نصير ڏسين، تڏهن مون کي خبر ڪجانءِ. هن قسم کنيو آهي ته اسان جي ماءُ کي نه ڇڏيندو.“
    اُن مهل الله اڪبر جا زبردست نعرا بلند ٿيا. جنهن ڪمري ۾ امان، مان ۽ پريتم هئاسين تنهن ڪمري ۾ ست اٺ جوڌا جوان ڪاهي آيا. اچڻ شرط مون کي لتون ۽ مڪون هڻي اڌ مئو ڪري ڇڏيائون. ٻن ڄڻن پريتم کي ٿڦڙون وهائي ڪڍيون. ٻوليءَ مان گارين جو ذخيرو ختم ڪري ڇڏيائون. مون کي وارن کان وٺي سڌو ڪري بيهاريائون. ائين لڳو ڄڻ پولار ۾ وڃي پيو هوس. پير ٿڙيا پي، وچڙيا پي. هڪڙي برجستي مجاهد مون کي ٻنهي ٽنگن جي وچ ۾ لت هڻندي چيو، ”اڙي ماءُ جا.....نشي ۾ آهين ڇا؟“
    امان برجستي مجاهد جي پيرن تي ڪري پيئي، ٻاڏائيندي چيائين، ”گوپال کي نه ماريو، گوپال کي نه ماريو.“
    ”نه، نه امڙ نه.“ ڦتڪي پيس، چيم، ”گُهرين ٿي ته ايشور ۽ الله کان گُهر -رام ۽ رحيم کان گُهر. سوئرن کان ڇا ٿي گهرين؟“
    مُڪن، ٺونشن، لَتُن ۽ لٺين جو وڏ ڦڙو وسي پيو. انگ انگ ۽ سَنڌ سَنڌ چٿي چور ڪري ڇڏيائون. رت ٺينڊيون ڪري مٿي کان پيرن تائين مون کي آلو ڪري ڇڏيو.
    امان مجاهدن کي هٿ جوڙڻ لڳي. ايلاز ڪندي رهي. ”اڙي ابا، گوپال کي نه ماريو-گوپال کي نه ماريو.“
    هڪ مجاهد رڙ ڪندي چيو، ”واڻيي جي پٽ کي نه ڇڏينداسين. ڀيڻ جي ..... کي ڳڀا ڳڀا ڪنداسين.“
    امان کين هٿ جوڙي ايلاز ڪندي چيو، ”گوپال هندو ناهي ......گوپال هندو ناهي.“
    ”ڪنهن مسلمان سان ...... هيئه ڇا؟ وڦليل مجاهد امان کي وارن کان وٺي ڌونڌاڙيندي چيو، ”ٻڌاءِ پوڙهي. ڪهڙي مسلمان سان سُمهي هئينءَ جنهن مان هيءُ حرامي ڄائو اٿئي؟“
    اوچتو ڪايا پلٽجي ويئي. امان سٽ ڏيئي وار مجاهد جي مٺ مان ڇڏائي ورتا. آهستي آهستي اُٿي بيٺي. مجاهد جي منهن ۾ گهور ڪري ڏٺائين. پوءِ ڪنڌ ورائي مون کي منهن ۾ گهرڙي ڀونڊو ڏنائين.
    اِهو سڀ ڪجهه ايتريقدر جلدي ٿي پيو، جو خونخوار مجاهد وٺجي ويا. جتي جتي بيٺل هئا، اتي پنڊ پهڻ ٿي ويا. اوچتو امان مون کي ٿڦ وهائي ڪڍي. اکين مان ڄڻ اُلاوَ پي نڪتس. گهُور وجهي مون ڏانهن ڏسندي چيائين، ”تون جو چوندو آهين، مان هندو ناهيان، مومن ناهيان õ مان جوئي آهيان سوئي آهيان. هاڻي هنن کي جواب ڏي، سچل جا پٽ. هنن کي ٻڌاءِ ته تون ڪنهن جو پٽ آهين؟“
    ان وچ ۾ الاءِ ڪيئن پريتم پاڻ کي رسين کان آجو ڪري ورتو. ڊوڙ پائي ڪمري جي ڪنڊ ۾ پيل ڀڳل ڪرسيءَ جي ٽنگ کڻي آيو، ۽ امان جي سامهون بيٺل مجاهد کي مٿي تي وهائي ڪڍيائين. مجاهد جون وايون بتال ٿي ويون. مجاهد جي مٿي مان رت جو ڦوهارو ڦٽي پيو، ۽ هو ٻنهي هٿن ۾ مٿو جهلي ويهي رهيو. مجاهدن ۾ واءُ ويلا مچي ويئي. اک ڇنڀ ۾ مجاهدن پريتم کي سوگهو ڪري ورتو. کيس چماٽن، لتن، ۽ ٺونشن سان ساڻو ڪري ڇڏيائون. پوءِ کيس ٽنگن ۽ ٻانهن کان جهلي، ٽنگا ٽولي ڪري، لوڏيندا ڪمري مان ٻاهر کڻي ويا. لڳو پي هو کيس ٽِپڙُ تان اُڇلائي ڇڏيندا. جڪڙيل زنجيرن ۾ روح ڪنبي ويو. ڀانيم، امان روئيندي، پٽيندي، ۽ ٽِپُڙ تي نڪري پريتم کي چنبڙي پوندي. مجاهدن کي ا• رسول جا واسطا ڏيندي. پريتم کي بچائڻ جا جتن ڪندي. پر، امان ائين نه ڪيو. هوءَ ڪمري مان ٻاهر نه نڪتي. هوءَ ماضي، حال، ۽ مستقبل جو مجسمو ٿي پيئي. اک ڇنڀڻ بنا بيوس پريتم ڏانهن ڏسندي رهي.
    مجاهد جنوني ڪيفيت ۾ هئا. زور زور سان ٽنگا ٽولي ٿيل پريتم کي لوڏڻ لڳا. الله اڪبر جا نعرا بلند ڪندا رهيا. تڏهن مٿي ڦاٽل مجاهد رڙ ڪندي چيو، ”ترسو. ماءُ جي...... کي اڱڻ ۾ اڃا نه اڇلائجو.“
    زخمي مجاهد الله اڪبر جو نعرو هڻي اٿي بيٺو. پاڻ کي ننگو ڪندي مجاهدن کي چيائين، ”ماءُ جي...... جي چڍي لاهيو.“
    تاريخ پاڻ ورجايو. مجاهدن منهنجي ننڍڙي پريتم جو اُهو ئي حشر ڪيو جيڪو حشر ازل کان وس وارا بيوسن سان، ظالم مظلومن سان، ۽ قوي ڪمزورن سان ڪندا آيا آهن. مون آسمان ڏانهن ڏٺو، ۽ چيو، ”هينئر ڪو هرڪيولس، هينئر ڪو ارجن بيوسن جي مدد لاءِ ڇونه ٿو موڪلين؟“
    پريتم رڙيون ڪيون هيون، پر مون نه ٻُڌيون هيون. ڪي رڙيون، ڪي آهون، ڪي دانهون زمان حال ۾ ٻڌي نه سگهبيون آهن. اهڙين رڙين، اهڙين آهُن، اهڙين دانهن جا پڙاڏا آئيندي جي گهڙي گهڙيءَ ۾ گونجندا آهن، ۽ مذهبن جي نالي ۾ انسانيت جي ٿيل تذليل تي گواهي ڏيندا آهن - سچل سائينءَ جي هڪ سٽ جي تصديق ڪندا آهن: مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا.
    سڌ ٻڌ وڃائڻ کان اڳ مون پريتم کي آخري دفعي ڳالهائيندي ٻڌو هو. موهن جي دڙي وانگر خاموش ٿي وڃڻ کان اڳ، مون ڏانهن منهن ڪندي پريتم چيو هو، ”مجاهدن الله جي نالي ۾ مون کي به پاڪ پويتر ڪري ڇڏيو آهي.“
    ”نه پريتم، نه. هنن وٽ الله ڪونهي.“ مون زنجيرن ۾ ڦتڪندي چيو، ”الله جا بندا، الله جي بندن تي اهڙو ظلم نه ڪندا آهن. هي خدا جي خدائيءَ مان ڇڙواڳ ٿي نڪتل وحشي آهن.“
    مجاهدن پريتم کي ٽنگا ٽولي ڪري کڻي ورتو. کيس لوڏا ڏيئي، الله اڪبر جو نعرو هڻي کُڏ تان اڱڻ ۾ اُڇلائي ڇڏيو.
    امان گوڏن ڀر منهنجي ڀرسان فرش تي ويهي رهي. مون اکيون بند ڪري ڇڏيون. ڪائنات کي ڌونڌاڙينڌڙ زلزلو ڍرو ٿي ويو. مون محسوس ڪيو ته جيئن يسوع مسيح صليب تان آسمانن طرف کڄي ويو هو، تيئن پريتم اڱڻ ۾ ڪرڻ بدران آسمانن ڏانهن هليو ويو هو – هو هڪ سان ملي هڪ ٿي ويو هو. تڏهن، دل جي ڪنهن ڪنڊ مان آواز آيو: انت بحر دي خبر نه ڪائي،
    رنگي رنگ جمايا.
    الله آدمي بڻ آيا.♦
    مجاهدن منهن ورائي امان ۽ مون ڏانهن ڏٺو. سڙٻاٽن ۾ صلاح مشورا ڪرڻ ۾ لڳي ويا. مان سمجهي ويس. هينئر منهنجي مرڻ جو وارو هو. پر، مان جيئرو ڪٿي هوس! مان ته ساوتريءَ جو پهريون سڏ ۽ پهريون سُڏڪو ٻڌي مري ويو هوس!
    جنهن مجاهد جو مٿو پريتم ڦاڙي وڌو هو، تنهن مون ڏانهن اشارو ڪندي ٻين مجاهدن کي چيو، ”هن ڀيڻ جي..... کي ۽ پوڙهيءَ کي هيٺ وٺي هلو.“
    ڪجهه مجاهدن مون کي وارن ۾ هٿ وجهي ڇڪيندا، ۽ امان کي ڌڪا ڏيندا هيٺ اڱڻ ڏانهن وٺي ويا. وحشي انبوهه مون کي ۽ امان کي ڏسي، جوش ۾ اچي نعرا هڻڻ لڳا -الله اڪبر -الله اڪبر. ائين پي محسوس ٿيو ڄڻ ڪو مارڪو ماريو هئائون. ڪهاڙيون ۽ خنجر اُڀا ڪري هنبوڇيون هڻڻ لڳا.
    ڀت ڀرسان پريتم جو لاش اونڌي منهن فرش تي پيو هو. اڱڻ جي وچ ۾ ساوتري ۽ ميران جا لاش صندل تي پيا هئا. ٻنهي جون اکيون کليل هيون – ڄڻ ڪنهن معجزي لاءِ آسمان ڏانهن نهاري رهيون هيون. دل چاهيو ته وڌي وڃي چوان، ”معجزا فقط پيغمبرن لاءِ رونما ٿيندا آهن، چريون! اکيون بند ڪري ڇڏيو.“
    زنجيرن ۾ ڦتڪيس. پر، ڪجهه ڪري نه سگهيس. مون آسمان ڏانهن ڏٺو، ۽ چيو، ”ڪڏهن ماڻهن لاءِ به ڪو ڪرشمو ڪري ڏيکاريندو ڪر.“
    مون ڪنڌ کڻي اڱڻ ۾بيٺل جنوني انبوهه ڏانهن ڏٺو. ڪافي چهرا ڄاتل سڃاتل نظر آيا، پر، هنن ۾ لالا نصير نه هو. جيڪب آباد کان ڪنڌڪوٽ تائين لالا نصير کان وڏو منهنجو ڪو دشمن نه هو. هجوم ۾ لالا نصير کي نه ڏسي مون کي تعجب ٿيو. اوچتو ڪنڌڪوٽ جا ٻه بدنام لوفر منهنجي مٿان اچي بيٺا. مون کي منهن ۾ ٿڪون هڻندي ۽ بجا ڏيندي چيائون، ”خبر اٿئي اسان توهان جو هيءِ حشر ڇو ڪيو آهي؟“
    مون کين جواب نه ڏنو.
    چيائون، ”هڪڙي واڻيي دڪاندار مسلمان ڇوڪريءَ سان هٿ چراند جي ڪوشش ڪئي هئي. اسين ان جو بدلو وٺي رهيا آهيون.“
    ”روزانو وحشي مسلمان پنهنجيئي مذهب جي مسلمان نياڻين جي لڄالٽ ڪندا آهن.“ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وچان پڇيو مانِ، ”انهن نياڻين جو بدلو ڪنهن کان وٺندا آهيو؟“
    مون کي لت وهائيندي چيائون، ”اِهو اسان مسلمانن جو پنهنجو معاملو آهي.“
    ”مسلمان زميندار ۽ هندو سيٺيون گڏجي سڏجي هارين جي عورتن کي بي آبرو ڪندا آهن. اِها ڳالهه ڪا ڍڪيل ناهي.“ الاءِ ڪٿان، الاءِ ڪيئن فنا ٿيندڙ وجود ۾ ٻيهر سرڪشي ۽ بغاوت جي باهه ڀڙڪي پيئي. چيم، ”طبقا فقط ٻه هوندا آهن، مجاهدو – هڪڙو پيڙهيل ٻيو پيڙهيندڙ. سمورن مذهبن جا پيروڪار انهن ٻن طبقن ۾ وراهيل آهن.“
    ”اڙي! اڃا بڪ پيو ڪرين!“ ڪک ۾ لت وهائي ڪڍيائون.
    ”وساري ويٺا آهيو؟“ درد ۾ چيچلائيندي چيم، ”سال اڳ♦، ساڳئي ڊسمبر مهيني ۾ مغربي پاڪستان جي طاقتور مسلمانن مشرقي پاڪستان جي ڪمزور مسلمانن سان ڪهڙا ڪلور ڪيا هئا؟ ڪهڙو نتيجو نڪتو؟ ڪيڏانهن ويو مشرقي پاڪستان؟ بي انتها ظلم موٽ ۾ مظلوم کي طاقتور ڪري وجهندو آهي. اِها تاريخ آهي ۽ بنگلاديش جو وجود ظالم خلاف مظلوم جي طاقت جي گواهي آهي.“
    ”اڙي ماءُ جي ......جا ڪپڙا لاهيو ته بڪواس بند ڪري.“ ڪجهه قانون جا گماشتا اَچي وارد ٿيا. چيائون، ”اگهاڙو ڪريو تاريخ جي پٽ کي.“
    قانون جي گماشتن کي ڏسي جنوني هجوم هوش مان نڪري ويو. الله اڪبر جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻڻ لڳا. مون هڪڙي مجاهد کي چيو، ”اسين جي اُجهامي وياسين ته ڇا ٿي پيو؟ وري باک ڦٽندي، وري سج چڙهندو õ تاريخ جو هڪ نئون باب لکبو.“
    قانون جا گماشتا ۽ انصاف جا ٺيڪيدار منهنجي آڏو اچي بيٺا. مجاهدن منهنجا زنجير لاهي، مون کي ڪپڙن کان آجو ڪري ڇڏيو. اوچتو هڪ گماشتي بيد جو لڪڻ مون کي منهن تي وهائي ڪڍيو. مون نه اک ڇنڀي، ۽ نه سيسڙاٽ ڀريو. بنا ڪنهن ارادي جي مان ذهني طرح جسماني عذاب سهڻ لاءِ تيار هوس. گماشتن منهنجي جسم جو ڪو عضوو نه ڇڏيو. بيد جا لڪڻ وسائيندي، لتون ۽ ٺونشا هڻندي هو سهڪي پيا.
    مون اکين تان رت اگهي انبوهه ۾ لالا نصير کي ڳوليو. هن هڪ دفعي چيو هو، ”مان توکي ۽ تنهنجي ماءُ کي نه ڇڏيندس. جڳ جهان آڏو مان توهان ٻنهي کي ننگو ڪري ٽيڪبٽيڪو ڪرائيندس.“
    جنوني انبوهه ۾ مون ٻيهر لالا نصير لاءِ واجهايو. اسان جي ٽيڪبٽيڪي لاءِ کيس ان کان وڌيڪ مناسب وقت نه ملندو! پر، لالا نصير مون کي نظر نه آيو. اِهو نيڪ ڪم گماشتن پنهنجي هٿ ۾ کڻي ورتو هو. لتون هڻندي، ڌڪا ڏيندي هنن مون کي امان آڏو آڻي بيهاريو. هوءَ اروڙ وانگر ويران هئي.
    مون قانون جي هڪ گماشتي کي چيو، ”مان زمان حال آهيان. تون مون کي اجاڙي سگهين ٿو. منهنجي ماءُ ماضي آهي. هوءَ تاريخ جو حصو ٿي ويئي آهي. تون کيس اجاڙي نه سگهندين. تاريخ سان اڄ تائين ڪو پڄي نه سگهيو آهي.“
    ”اڙي بند ڪر پنهنجي بڪواس فلاسافي.“ بيد جي لڪڻن جو وسڪارو ٿيو. کل منهنجي جسم تان پٽجي ويئي. سوئر جهڙي گماشتي چيو، ”مان تنهنجي ماءُ کي ننگو ڪري، سڀني جي سامهون...... “
    ”تون ان کان سواءِ ڪجهه ڪري به نٿو سگهين.“ چيم، ”تون پنهنجي فطرت کان مجبور آهين.“
    ”اوه! بدبخت واڻيا!“ ٻنهي هٿن جون آڱريون آڱرين ۾ وجهي جيئن والي بال کي ٻنهي هٿن جي مڪ هڻبي آهي، تيئن قانون جي گماشتي مون کي لوندڙيءَ تي مڪ وهائي ڪڍي. مڪ وهائي ڪڍڻ کان پوءِ هو منهنجي ڪرڻ جو ڪجهه گهڙيون منتظر رهيو. مون کي ٻنهي پيرن تي بيٺل ڏسي گماشتو وائڙو ٿي ويو.
    ”يار تون به ڪمال ٿو ڪرين!“ قانون جي ٺيڪيدار رڙ ڪري گماشتي کي چيو، ”کل لاهي ڇڏ ماءُ جي...... جي.“
    ”ڪنهن جي کل لاهيندو قانون جو گماشتو؟ منهنجي کل لاهيندو؟ مان، جنهن جو نالو گوپال آهي؟ مان، جنهن جي ڀيڻ ۽ مڱينديءَ کي قانون جي گماشتن آڏو بگهڙن چيري، ڦاڙي، ماري ڇڏيو؟ مان، جنهن جي ڀاءُ پريتم کي چچري چچري ڇت تان اڱڻ ۾ اڇلايو ويو؟ مان، جنهن جي ماءُ ظلم جي اوگهڙ جا انيڪ روپ ڏسي موهن جي دڙي وانگر خاموش ٿي ويئي آهي؟“ قانون جي ٺيڪيدار ڏانهن ڏسندي چيم، ”تون ڀليل آهين، انصاف جا ٺيڪيدار، منهنجي جسم تي ڪابه کل ڪونهي. مان گوپال ناهيان. مان زمان ۽ مڪان جي پابندين کان آزاد ٿي ويو آهيان.“
    گماشتن جي لوڌ ڇتن ڪتن وانگر اُلر ڪري آئي. سندن هڪ هڪ ڌڪ، هڪ هڪ وار منهنجي نظريي کي مضبوط ڪندو رهيو. جسماني اذيتن سان خيالن، سوچ ۽ نظرين کي چچري نه سگهبو آهي. اٽلندو، اهڙي عمل سان ظالم جي شڪست جي تصديق ٿيندي آهي - پوءِ ڀل ته اذيت سهندي سهندي اسين مري ڇونه وڃون!
    اجهامندڙ اکين سان صندل تي پيل ساوتري ۽ ميران جي لاشن ڏانهن ڏٺم. ڀت ڀرسان رت جي تلاءَ ۾ پيل پريتم جي لاش ڏانهن ڏٺم. مون محسوس ڪيو، ڪجهه دير ۾ مان مري ويندس. پر، منهنجو روح نه مرندو. روح کي بقا مليل آهي، ۽ جسم کي فنا. بقا ۽ فنا جو ساٿ وڌيڪ نه هلندو آهي. ٻنهي کي هڪٻئي کان مُڪتي ملندي آهي. ڇوٽڪارو ملندو آهي. اُن مُڪتيءَ جو نالو موت آهي. مان مري رهيو آهيان. فنا ۽ بقا کي هڪٻئي کان مُڪتي ملي رهي آهي. جسم جي موت کان پوءِ منهنجي روح جو سفر شروع ٿيندو. ست جڳ جهاڳي منهنجو روح وري هن ڪَل يُگ ۾ موٽي ايندو ۽ اڻپوري ظلم لاءِ مظلوم جو ڪردار ادا ڪندو.
    مون وسامندڙ اکين سان امڙ ڏانهن ڏٺو. وحشين امان جي نڪ مان بولو، ۽ ڪنن جا والا پٽي لاهي ورتا هئا. امان جون اکيون رت ۾ رڱيل پريتم جي لاش سان چنبڙي پيون هيون.
    سوئر جهڙي گماشتي چيو، ”اڙي او، لادينيت جا پرچارڪ - مان هينئر توسان اهڙي جُٺ ڪندس جو سمورا گوتم ٻڌ، سچل ۽ منصور مٿي مان نڪري ويندءِ.“
    ”تون جيڪي ڪجهه ڪندين، سو تنهنجي ۽ تنهنجي معاشرتي نظام خلاف منهنجي انڪار کي پختو ڪندو.“ وسامندڙ لاٽ ڀڙڪو کاڌو. چيم، ”تون پنهنجي عمل سان ناانصافي ۽ ظلم جي تاريخ ۾ فقط هڪ باب جو اضافو ڪري سگهندين. ان کان اڳتي ڪجهه به نه - ڪجهه به نه.“
    قانون جو گماشتو باهه ٿي ويو. هن هٿ وڌائي، سٽ ڏيئي امان جي لڱن تان لٽا لاهي ڇڏيا. مجاهدن فلڪ شگاف نعرا هنيا. امان بنا ڪنهن رد عمل جي، ڀوائتي خاموشيءَ سان پريتم جي لاش ڏانهن ڏسندي رهي. هوءَ گم ٿي ويل پُر اسرار ڪاهوءَ جي دڙي جي علامت ٿي پيئي. ڪاهوءَ جي دڙي مان آهُن، ۽ صدائن جا خاموش آواز ايندا رهيا - مون ٻُڌا، ٻئي ڪنهن نه ٻڌا.
    هنبوڇيون هڻندڙ مجاهد دائري ۾ بيهي رهيا، ۽ اسان جي اذيتن جا منتظر ٿي پيا. گماشتن جي ٺيڪيدار ننڍن گماشتن کي بيد جي لڪڻ سان اشارو ڪيو. هو امان کي کنڀي کڻي آيا. کيس آڻي، منهنجي آڏو بيهاري ڇڏيائون. اهڙو ڀيانڪ ظلم مون تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ برداشت نه ڪيو هو. مان امان جي اوگهڙ ڏسي نه سگهيس. سندس قدمن ۾ ويهي، منهن امان جي پيرن تي رکي ڇڏيم. مون هڪ جنم کان ٻئي جنم تائين انصاف لاءِ ڀٽڪندي چنگيز، هلاڪو، ائيلا، غزنوي، غوري، ابدالي ۽ نادر شاهه جا ظلم ڏٺا ۽ سٺا آهن. پر، اهڙو، روح فنا ڪندڙ ظلم مون ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو. منهنجي مفلوج ٿيندڙ ذهن ۾ ديومالائي ڪردار آڊيپس جو تصور اُڀري آيو جنهن امڙ جي اوگهڙ ڏسڻ کان پوءِ پنهنجيون اکيون ڪڍي ڇڏيون هيون.
    ”اُٿي ڙي ماءُ جا......“ هڪڙي مجاهد مون کي ڪک ۾ لانگ بوٽ سان لت وهائي ڪڍي. مجاهد وارن کان وٺي، مون کي اُٿاري بيهاريو.
    سوئر جهڙي گماشتي چيو، ”ٻک وجهه ڙي ماءُ کي...... سوچين ڇا ٿو ...... ٻک وجهه پوڙهيءَ کي ......ورنه، خدا جو قسم آهي، پنجاهه ڄڻا ڇڏيندو مانس.“
    مون ڀانيو، ڌرتي ڦاٽي پوندي. مون کي ۽ امان کي پنهنجي هنج ۾ پناهه ڏيندي - ڪا آسماني قوت اسان کي اُڏاري کڻي ويندي! تڏهن اوچتو ڄڻ واچوڙو وري آيو. گوڙ ۽ گجگوڙ جو پڙلاءُ آيو. اسٽين گن مان گولين جي وسڪاري جو آواز آيو. جنوني مجاهدن ۽ قانون جي ٺيڪيدارن ۽ گماشتن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو.
    تڏهن، هڪڙي مجاهد وڏي واڪ چيو، ”اڙي، نه ڀڄو، نه ڀڄو. پنهنجو لالا نصير آهي.“
    ڀڄندڙ مجاهد بيهي رهيا. جيڪي مجاهد ڀڄي ويا هئا، سي موٽي آيا. گماشتا ڪپڙا ڇنڊي اٿي بيٺا. سڀني ٻاهرين در ڏانهن ڏٺو.
    در جي وچ ۾ منهنجو جاني دشمن لالا نصير بيٺو هو - قداور، جانٺو، ۽ بي رحم. هٿ ۾ اسٽين گن هئس. هن عقاب وانگر هڪ نگاهه ۾ ماحول جو جائزو وٺي ڇڏيو. هن جون اکيون مون تي ڄمي ويون. ڀريل بازار ۾ هڪ دفعي مون کي چيو هئائين، ”اِهو رام رحيم ۽ ايشور الله وارو ڍونگ بند ڪر ...... تون چوندو آهين نه، ته ڌرتي تنهنجي ماءُ آهي؟ مان تنهنجي ماءُ تي روز مٽندو آهيان ...... مان تنهنجي ڌرتي ماءُ کي ٿڪ ٿو هڻان.“
    تڏهن مون کيس ڪجهه نه چيو هو. فقط مُرڪي ڏانهس ڏٺو هو. لالا مون کي ڪنڌ کان جهليندي چيو هو، ”هيءُ پاڪ ملڪ تو جهڙي ڪافر ۽ ملحد لاءِ نه ٺهيو هو. هليو وڃ هتان، نه ته مان تنهنجيءَ ماءُ کي تنهنجي سامهون ...... “
    لالا نصير جو جملو منهنجن ڪنن ۾ گونجڻ لڳو. ڪجهه مجاهدن امان کي کنڀي کڻي ورتو، ۽ فرش تي ليٽائي ڇڏيو. ٻين ڪجهه مجاهدن نعرا هڻندي مون کي اچي ڪنڌ کان ورتو. گماشتن جي ٺيڪيدار چيو، ”اڙي هن ماءُ جي ......کي پوڙهيءَ جي مٿان وڃي وجهو.“
    تڏهن ٻيهر اسٽين گن مان گولين هلڻ جو آواز آيو. لالا نصير اسٽين گن جو رخ آسمان ڏانهن ڪري ڇڏيو هو. هجومَ حيرت وچان منهن ورائي هُن ڏانهن ڏٺو. منهن ٽامڻي هڻي ڳاڙهو ٿي ويو هوس. اکين مان اُلاءَ پئي نڪتس. وٽيل سٽيل ٻانهون لوهه ٿي ويون هئس. لالا نصير آهستي آهستي، وک وک کڻندي ساوتري ۽ ميران جي لاشن طرف وڌڻ لڳو. ويجهو پهچي هن ٽڪ ٻڌي لاشن ڏانهن ڏٺو. پنڊ پهڻ ٿي ٻنهي کي ڏسندو رهيو. ماحول تي موت جهڙي خاموشي ڇانئجي ويئي. ڄڻ صديون گذري ويون.
    لالا نصير ڪنڌ ڦيرائي مون ڏانهن ڏٺو، ۽ پوءِ اسان ڏانهن وڌڻ لڳو. اسٽين گن ڪلهي تي رکي ڇڏي هئائين. منهنجي سامهون اچي بيٺو. جوهه وجهي مون ڏانهن ڏسندو رهيو. مون کي تعجب ٿيو، جڏهن هن فرش تي پيل بيوس امان ڏانهن نه ڏٺو. اُن ڏينهن الاءِ ڇو مٿي تي اڇي پڳ ٻڌي آيو هو! هن مٿي تان پڳ لاهي ورتي. جهٽڪو ڏيئي، ڇنڊي پڳ کولي ڇڏيائين. پوءِ آهستي آهستي هيٺ جهڪيو، ۽ گوڏن ڀر فرش تي ويهي رهيو. پٽڪي جي اڇي ڪپڙي سان امان کي ڍڪي ڇڏيائين. جيڪي ڪجهه منهنجين اکين آڏو ٿي رهيو هو، منهنجي سمجهه کان ٻاهر هو.
    لالا نصير فرش تان اُٿيو، ۽ پاسي واري ڪمري ۾ هليو ويو. کن ۾ ٻاهر موٽي آيو. هنڌ تان چادر لاهي آيو هو. ساوتري ۽ ميران جي لاشن تي چادر وجهي ڇڏيائين. مجاهدن ۽ گماشتن جون وايون بتال ٿي ويون.
    لالا نصير رت جي تلاءَ ۾ پيل پريتم ڏانهن هليو ويو. هيٺ جهڪي پريتم جو رت ۾ رڱيل لاش ٻانُهن ۾ کڻي ورتائين. اڱڻ جي وچ ۾ پيل صندل تائين هليو آيو جنهن تي چادر سان ڍڪيل ساوتري ۽ ميران جا لاش پيا هئا.
    پريتم ٻانهن ۾ هوس جو ڇال ڏيئي صندل تي چڙهي بيٺو. گهور ڪري گماشتن ۽ مجاهدن ڏانهن ڏٺائين. اسٽين گن هڪ هٿ سان اُڀي ڪندي رڙ ڪيائين، ”هڪدم هليا ويو، نه ته سڀني کي ڀڳڙا ڪري ڇڏيندس. هليا وڃو، نڪري وڃو ...... نڪري ويو.“
    لالا نصير پاڻ پنهنجين رڙين ۾ ڪنبي ويو. مجاهدن ۽ قانون جي گماشتن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. جنهن کي جيڏانهن منهن آيو، وٺي ڀڳو. ڪجهه ڄڻا ٻاهرين در جي چانئٺ اورانگهيندي ڪري پيا. ٻيا ڄڻا کين لتاڙيندا، چٿيندا اڳتي نڪري ويا. آخر ۾ چٿيل مجاهد ريڙهيون پائيندا پاسي واري گهٽيءَ ۾ گم ٿي ويا. اڱڻ خالي ٿي ويو. ڀڄندي، مجاهد پنهنجا لاٿل لٽا، بوٽ ۽ چمپل اڱڻ ۾ ڇڏي ويا هئا.
    لالا نصير جي ٻانهن ۾ پريتم جو لاش هيو. هو پنهنجي جاءِ تي پنڊ پهڻ ٿي ويو هو. اک ڇنڀڻ بنا هو ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسندو رهيو. ڪجهه دير کان پوءِ هيٺ جهڪي اسٽين گن صندل تي رکي ڇڏيائين. پريتم جو لاش ٻانهن ۾ ئي هوس، جو لالا نصير صندل تان هيٺ لٿو. آهستي آهستي مون ڏانهن وڌڻ لڳو. منهنجي سامهون اچي بيٺو. مون ڏانهن ڏسندو رهيو. پوءِ ٻانهون اڳتي ڪري پريتم جو لاش مون کي ڏيئي ڇڏيائين. هيٺ جهڪي امان جا پير چميائين.
    نه تعجب جي ڪا حد رهي، ۽ نه حيرت جي. مون منهن مٿي ڪري آسمان ڏانهن ڏٺو. لالا نصير گهڙي کن لاءِ منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو. مون ڏانهن ڏسندو رهيو، ۽ پوءِ اڱڻ مان وک وک کڻندي ٻاهر هليو ويو. ان کان پوءِ ڪنڌڪوٽ وارن لالا نصير کي ٻيهر وري ڪڏهن نه ڏٺو آهي. ■


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566281
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215652
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ