ڪتاب جو نالو: بندر ۽ بازاريون
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: نيو فيلڊس
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 1997
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 28 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 462 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 524 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
الطاف شيخ جو هي سفرنامو ”بندر بازاريون“ سندس شروعاتي سفرنامن مان آهي۔ هن ڪتاب ۾ 1974 کان اڳ جي ٿائيلينڊ، سنگاپور ۽ ملائيشيا جي سفرن جو ذڪر آهي۔ ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1975 ۾ ڇپيو ۽ پوء هن جا ٽي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن۔ هن ڪتاب جو مهاڳ محترم امر جليل لکيو آهي جيڪو الطاف شيخ صاحب جي ويجهن دوستن مان آهي۔ ڪتاب جو ٽائيٽل لطيف سا۔ين جي رسالي جي هيٺين بيت مان کنيل آهي:
ننگر ۽ ناڙيون پڳھه کڻي پنڌ پئا،​
بندر بازاريون سڃا سامونڊين ريءَ۔​
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • انتساب: لالا عبدالقادر قريشي جي نالي
  • انگريزي ۽ سنڌي اُچار وارو سفر
  • ڪاڇو پبليڪيشن لاءِ ٻه اکر
  • 3. ليکڪ پاران نيو فيلڊس جي ڇاپي لاءِ مھاڳ........
  • هن اليڪٽرانڪ ايڊيشن لاءِ ڪُجھه لفظ
  • متن

  • جهاز بابت ڪجھه ڄاڻ
  • سفر جي شروعات
  • سي سڪنيس ۽ نشي وارا بسڪيٽ
  • ملايا جو لباس ۽ چار قومي زبانون
  • ستم ڪندو رهه ستمگر
  • هٿ جي هُنر جو ٻاهر مانُ
  • هتي جون رنگين مڇيون ۽ پکي دنيا ۾ مشهور آهن
  • پورٽ ڪلانگ جي هوٽل جي ماني
  • ملايا جي رڪشا جڳ کان نرالي
  • سکن جو ذڪر
  • ملايا جي مسجد ۾
  • پڙهيل بک مري سگھي ٿو پر پورهيت نه!
  • ڇا اڃا سنڌي سنڌ ۾ رهن ٿا؟
  • ملايا ۾ آهيان يا سنڌ يونيورسٽيءَ ۾
  • ولايتي نوڪريءَ ۽ ڇوڪريءَ جي ڳولها ۾
  • مفت ۾ ته ٻه کپن
  • سنگاپور ۾ ست ڏينهن
  • سنگاپور ۾ سنگاپوري چانهه ڪا نه ٿئي!
  • ملايا ۽ سنگاپور جي وچ ۾ فقط هڪ پُل!
  • وڏيون مسڪراهٽون ته وڏيون قيمتون
  • سنگاپور ۾ هڪ سنڌي اسڪول
  • اڌ فلم مان اٿڻ جو راز
  • مفت ۾ حجامت
  • سنگاپور ايندڙن لاءِ هڪ نصيحت
  • پريت جو هڪڙو پلُ ئي سَهي
  • متفرقات ــ سنگاپور
  • ايمان لوڏن ۾ ــ ٿائلنڊ جي ڌرتيءَ تي قدم
  • سونگ ڪلا کان حاديه شهر ڏي
  • ناريل جي رسُ جي فئڪٽري
  • پلاسٽڪ جو کاڌو
  • پنڌ ضربيان پندرهن = صحيح هنڌ
  • متفرقات-ٿائلنڊ

  • ترتيب

    انتساب: لالا عبدالقادر قريشي جي نالي

    بختيارپور، ضلعي دادو، جي اهم شخصيت مرحوم اميد علي قريشي صاحب جو فرزند عبدالقادر قريشي، منهنجي بيحد ويجھن دوستن منجھان آهي. پاڻ سٺي دوست کان وڌيڪ سٺو ماڻهو، نيڪ ۽ بااخلاق انسان آهي. اڄ جي دؤر ۾ سندس جهڙو شريف انسان ۽ ايماندار آفيسر ڪو ورلي نظر ايندو.
    ساڻس منهجي ڄاڻ سڃاڻ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو کان ٿي. مون کي ياد نه ٿو اچي ته عبدالقادر جو ڪڏهن ڪنهن سان جھيڙو ٿيو هجي. اسان ڪاليج جي ڏينهن ۾ انتظار ئي ڪندا رهياسين ته من عبدالقادر جو ڪنهن سان زباني جھڳڙو ٿئي. رانديون ۽ پي ٽي پريڊ ته ضرور ڪندو هو پر باڪسنگ جهڙي مارڌاڙ ۾ حصو هرگز نه ورتائين. هاڻ ملي ته ان بابت پڇندوسانس. پر جي باڪسنگ ڪئي هوندائين ته پڪ هڪ طرفي مارَ کاڌي هوندائين جو اسڪولي ڏينهن ۾ عبدالقادر جسماني طرح ڏاڍو ڪمزور هو. هونءَ ته هر مائٽ اهو ئي سوچيندو آهي ته پيٽارو جي پي ٽي پريڊ لاءِ سندس پٽ نازڪ آهي پر حقيقت ۾ ڪمزور ۽ نازڪ فقط عبدالقادر هو. ڪاليج جي انگريز پرنسپال هڪ دفعي اسان کي حيدرآباد جي ملٽري اسپتال ۾ ڏندن جي ڊاڪٽر ڏي موڪليو، جتي کيرو ڪرڻ بنا، ڏندن جي فلنگ ڪئي وئي. عبدالقادر جي حالت تي رحم کائي ڊاڪٽر چيو ته فقط هن ڇوڪري کي سئي هڻي پوءِ ڏندن جي مرمت ڪندس. بعد ۾ هڪ ٻئي ڪلاس ميٽ غلام محمد سومري، سکر جي ڪمشنر خالد محمود جي ڀاءُ، ٻڌايو ته؛ سئي هڻڻ لاءِ به عبدالقادر کي ڊاڪٽر پهرين رومال سونگھائي بيهوش ڪيو هو. بهرحال اهو ته چرچو ئي هوندو. عبدالقادر سٺو مريض هيو يا نه پر سٺو ڊاڪٽر يا سرجن ضرور ثابت ٿئي ها جو سندس دل ۾ هر وقت ٻين جي دک درد جو اونو رهي ٿو. تن ڏينهن ۾ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ بائلاجيءَ جو سبجيڪٽ نه هجڻ ڪري هن مئٿس ۾ انٽر ڪري، مرچنٽ نيوي ۽ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو لاءِ Apply ڪيو. ٻنهي لاءِ چونڊجي ويو. اسان چٽگانگ ۾ ٽي مهينا کن انتظار ڪندا رهياسين ته اجهو ٿو عبدالقادر اچي مئرين اڪيڊمي Join ڪري. خاص ڪري اسان جي ايڊيوڪيشن آفيسر ڪمانڊر اسرارالله کي، جنهن اسان کي پيٽارو ۾ به پاڙهيو هو، ڏاڍو شوق ۽ خواهش هئي ته عبدالقادر قريشيءَ جهڙو سٺو شاگرد مرچنٽ نيويءَ ۾ اچي جهاز جو هڪ بهترين ڪئپٽن يا مئرين انجنيئر ٿئي. چاهيندي به عبدالقادر چٽگانگ نه اچي سگھيو جو ان دوران هو ڄامشوري ۾ هڪ سيميسٽر پورو ڪري چڪو هو. بهرحال سندس نصيب ۾ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ B.E ڪرڻي هئي، نه ته اڄ نوابشاهه کان حيدرآباد يا دادو ايندي ويندي رستي تي اليڪٽرڪ جي تارن (Wires) کي گھوري ڏسڻ بدران سمنڊ تي طوفاني راتين ۾ تارن (Stars) کي ڏسي دنيا جي مختلف بندرگاهن جو رستو ڳولي ها. پاڻ ڪجھه عرصو روس ۾ رهي پنهنجي سبجيڪٽ ۾ اعلى تعليم پڻ ورتائين. اڄڪلهه، آڪٽوبر ۱۹۹۷ع، نوابشاهه ۾ واپڊا ۾ سپرنٽينڊنٽ انجنيئر آهي.
    عبدالقادر قريشي ان فئمليءَ سان تعلق رکي ٿو جنهن پهرين ترجيح هميشہ تعليم کي ڏني. هونءَ به پاٽ، بوبڪ، بختيارپور، راڌڻ پاسي جي قاضين، قريشين، جوڻيجن ۽ انصارين جو تعليمي ميدان ۾ سيڪڙو سنڌ جي ٻين شهرن کان گھڻو آهي. عبدالقادر قريشي جو والد صاحب اميد علي قريشي ۱۹۰۰ع ۾ ڄائو. پاڻ ڪجھه عرصو ٽريزري آفيسر رهڻ بعد ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. ان بعد سنڌ فوڊ گرين نئشنلائزيشن بورڊ جو M.D ٿيو، جيڪا پوسٽ ڊپٽي ڪمشنر جي عھدي جي برابر هئي. پاڻ نوڪريءَ دوران، يعني اوڻونجاهه ورهين جي ڄمار ۾، دل جي دوري پوڻ ڪري گذاري ويو. خيرپور جو خانصاحب گل حسن عباسي صاحب (ڊاڪٽر تنوير عباسي مرحوم، سابق سيڪريٽري اي.اين. جي عباسي، اعجاز نبي عباسي، مرحوم الطاف عباسيءَ وارن جو والد)، قاضي سچيڏنو صاحب (مرحوم اشفاق قاضي، ابرار قاضي، ارشاد قاضي، امتياز قاضي سابق ڪمشنر حيدرآباد، وارن جو والد) ۽ عبدالقادر قريشيءَ جو والد صاحب، پنهنجي وقت جا بيحد گھاٽا دوست هئا ۽ سندن اولاد پڻ تعليم ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو.
    اسان جي عبدالقادر قريشيءَ کي ٻه وڏا ڀائر آهن. احمد علي قريشي (ڄم جو سال 1926ع) جيڪو هاءِ ڪورٽ جو جج آهي ۽ عبداللطيف قريشي (ڄم جو سال 1938ع) جيڪو وڪالت ڪري ٿو۽ ڪجھه عرصو هاءِ ڪورٽ جو جج به ٿي رهيو، کيس اولاد نه ٿيو. باقي سندن وڏي ڀاءُ احمد عليءَ کي ماشاءَ الله ڇهه پُٽ ۽ هڪ ڌيءُ آهي. سندس وڏو پُٽ منصور اسسٽنٽ ڪمشنر آهي، ٻيو نمبر ڏاڏي جي نالي وارو اميد علي ايگزيڪيوٽِو انجنيئر آهي. ٽيون نمبر مقصود ڪراچي ويسٽ (هاربر) جو SDM آهي. ان بعد چوٿون مسعود آمريڪا ۾ آهي. پنجون محمود پڻ آمريڪا مان انجنيئرنگ ۾ ايم. ايس ڪئي آهي ۽ ننڍو مسرور بئنڪ آف آمريڪا ۾ اسسٽنٽ وائيس پريزيڊنٽ آهي.
    عبدالقادر جو وڏو پٽ ابراهيم ڊاڪٽري پڙهي رهيو آهي. سندس ڌيءَ ساران جي ويجھڙائيءَ ۾ شادي پنهنجي سؤٽ مسرور سان ٿي آهي ۽ باقي ٽي ننڍيون ڌيئون اسڪول ۾ آهن. مسرور جي وڏي ڀاءُ مقصود جي شادي سندس ڏاڏي اميد علي قريشي صاحب جي گھاٽي يار خانصاحب گل حسن عباسي جي پوٽيءَ (اعجاز عباسيءَ جي ڌيءُ) سائرا سان ٿيل آهي.
    عبدالقادر قريشي جي ڄم جي تاريخ يارهين مئي 1947ع آهي. پنهنجي زندگي جي اڌ سنچري مڪمل ڪرڻ تي اسان جهڙن دوستن طرفان کيس دلي مبارڪباد پڻ هجي.

    الطاف شيخ
    آڪٽوبرــــ ۱۹۹۷ع
    ڪراچي


    انگريزي ۽ سنڌي اُچار وارو سفر

    آمريڪي خلاباز نيل آرمز اسٽرانگ چنڊ تي پير رکيو. دنيا حيران ٿي وئي. مان حيران نه ٿيس. مان حيران ان وقت ٿيو هوس جڏهن الطاف شيخ ويسٽ انڊيز جي زمين تي قدم رکيو هو. متان سمجهو ته ويسٽ انڊيز پڻ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جهڙن ٺڳن جي ڪا ٽولي آهي. نه. ويسٽ انڊيز اسان جي زمين جو ڏورانهون حصو آهي جتي اڇي چمڙيءَ وارا اقليتي، ڪاري چمڙيءَ واري اڪثريت تي حڪومت ڪندا آهن. ويسٽ انڊيز نائٽ ڪلبن ۽ جوا جي ٽِڪرين جي ڪري مشهور ناهي. ويسٽ انڊيز، سر فرينڪ واريل، ايورٽن ويڪس، ڪلائيڊ والڪاٽ ۽ گارفيلڊ سوبرز جي ڪري مشهور آهي. انهن سوشلزم جي پرچار ڪري پنهنجو ملڪ سرمائيدارن، پيرن، ميرن، زميندارن، جاگيردارن، اسمگلرن، خونين ۽ پاٿاريدارن جي حوالي نه ڪيو آهي. هو موالي نه آهن. هو ويسٽ انڊيز جا ناموَر ۽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ شهنشاهه رانديگر آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته الطاف شيخ ويسٽ انڊيز ۾ ڪنهن به رانديگر سان نه مليو. ان ۾ ڏوھ الطاف جو ناهي. ڏوھ منهنجو آهي. مون کي ڪرڪيٽ، فٽ بال ۽ باڪسنگ سان بيحد چاهه آهي. الطاف مون کي ويسٽ انڊيز جي باري ۾ هڪ ٻي خبر ٻڌائي. اها خبر حيرت انگيز هئي. هن ٻڌايو ته ويسٽ انڊيز ۾ سنڌين جا دڪان، هوٽلون ۽ واپار جون منڊيون آهن.
    نيل آرمز اسٽرانگ ٻه لک چاليهه هزار ميلن جو خلائي سفر ڪري چنڊ تي پهتو. مون کي حيرت نه ٿي. پر الطاف جڏهن ويهه هزار ميلن جو سامونڊي سفر ڪري ويسٽ انڊيز پهتو تڏهن مون کي سخت حيرت ٿي. سمورن دوستن کي حيرت ٿي.
    اسين سنڌي، چوندا آهن ته، ڪنهن اڻڄاتل سبب ڪري سفر نه ڪندا آهيون. اسين فقط انگريزي اُچار وارو سفر (Suffer) ڪندا آهيون. اسين اقتصادي، معاشي ۽ ثقافتي طرح انگريزي اُچار وارو سفر (Suffer) ڪندا آهيون.
    الطاف شيخ ڪولمبس ناهي. پر هن ڪولمبس کان وڌيڪ سفر ڪيو آهي (سنڌي اچار وارو سفر). اسان منجهان جڏهن ڪو نوجوان سنڌي اچار وارو سفر ڪندو آهي، تڏهن اسان جا مائٽ انگريزي اچار وارو سفر ڪندا آهن. دنيا جي فقط هڪ سرحد آهي. اها سرحد دنيا جي ابتدا ۽ اها ئي سرحد دنيا جي انتها آهي. الطاف دنيا جي سرحد ڏٺي آهي. هو جڏهن به سفر تان موٽندو آهي، تڏهن کانئس ساڳيو سوال ورجائي پڇندو آهيان ته: “هن دفعي دنيا جي ڪهڙي ڪهڙي حصي ۾ سنڌي ڏسي آيو آهين؟”
    الطاف شيخ جو سنڌ ملڪ جي مٽيءَ سان پيچ پيل آهي. تنهنڪري، هو دنيا جي جنهن به حصي ۾ ويندو آهي، اتي سنڌي سٻاجھڙن جي ڳولا ڪندو آهي. سندس کوجنا اڪثر ڪري بر صواب ٿي آهي. هن سنڌين کي پرديس ۾ سکيو ستابو ڏٺو آهي. هن هانگ ڪانگ، ٽوڪيو، سنگاپور، بيروت، وچ مشرق، يورپ، آفريڪا، آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ سنڌين جا دڪان، هوٽلون، ڪارخانا ۽ واپار جون منڊيون ڏٺيون آهن. مان الطاف جون ڳالهيون ٻڌي سوچيندو آهيان ته اسان منجھان اهڙو ڪو مڙس ماڻهو شل نروار ٿئي، جيڪو سڪَ جو سڳو کڻي نڪري ۽ سموري دنيا جي سنڌين کي هڪ مالها ۾ پوئي ڇڏي.
    الطاف شيخ جي سفرنامن کان اڳ جيڪي سفرناما سنڌيءَ ۾ شايع ٿيا آهن، تن ۾ گھڻو ڪري مغربي تهذيب جي گلا، عورتن جي آزاديءَ تي اعتراض، پڙدي جي غير موجودگيءَ تي افسوس؛ ۽ سموري دنيا تي مسلمانن جي قبضي نه هئڻ جو ارمان ڪيو ويو آهي. اهي دقيانوسي سفرناما، سفرناما گھٽ تبليغي جماعت جا بليٽن وڌيڪ محسوس ٿيندا آهن. اهڙا سفرناما پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ لازمي انگريزي اچار وارو سفر (Suffer) محسوس ڪندو آهي. شاهد موجود آهن ته اهڙن سفرنامن جا ڪمپازيٽر، ڇاپيندڙ ۽ پروف ريڊر اڄ ڏينهن تائين انگريزي اچار وارو سفر ڪري رهيا آهن ۽ سنڌي اچار واري سفر کان بيزار آهن.
    الطاف شيخ تبليغ بدران جديد تقاضائن موجب لکيل سفرناما ڏنا آهن. هن سادن جملن ۽ دلفريب ڪهاڻين رستي پرڏيهي تمدن، تهذيبن، ٻولين، تاريخ، جاگرافي ۽ عام معلومات جي اپٽار ڪئي آهي. الطاف شيخ جا سفرناما پڙهڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ته هيءَ دنيا اوپري نه آهي. الطاف جي سفرنامن، پڙهندڙ جي دل وٺي ڇڏي آهي. هو سنڌيءَ جو اڪيلو ليکڪ آهي، جنهن کي ڪيترن ئي پڙهندڙن طرفان خط ملندا آهن، جن ۾ کانئس ٻاهرين ملڪن جي باري ۾ وڌيڪ پڇا ڳاڇا، نوڪرين ۽ پڙهڻ جي مسئلن ۽ وسيلن متعلق معلومات ورتي ويندي آهي. ان مان هڪ طرف الطاف شيخ جي شهرت ۽ ٻئي طرف نئين نسل جي سجاڳيءَ جو اهڃاڻ ملي ٿو. هن اڪيلي سر لاتعداد نوجوانن جي دلين ۾ ٻاهرين دنيا ڏسڻ جو جذبو وڌو آهي. اهو سندس تحرير جو وڏو ڪارنامو آهي. الطاف شيخ کي ۱۹۷۰ع ۾ ‘پاڪستان رائيٽرس گلڊ’ طرفان سندس سفرنامن جي ڪتاب ‘منهنجو ساگر منهنجو ساحل’ تي ادبي انعام ملي چڪو آهي.

    امر جليل، جون ۱۹۷۹ع، ڪراچي


    ڪاڇو پبليڪيشن لاءِ ٻه اکر

    ۱۹۶۳ع ۾ انٽر ڪرڻ بعد، جڏهن آ مرچنٽ نيوي جي تعليمي درسگاهه ۾ داخل ٿيس ته اهو ڏسي مونکي حيرت ۽ افسوس ٿيو ته پنجاب ۽ سرحد صوبي جا ته ڪيترا ئي ماڻهو پاڻيءَ جي جهازن تي آهن پر سنڌ صوبي جو، جنهن جي وڏي علائقي کي عربي سمنڊ جون لهرون ڇهن ٿيون، ڪو آفيسر ته ڇا خلاصي يا جهاز جا رسا ڇڪڻ وارو به نه آهي. اسان لاءِ خبر ناهي ڪيئن اهو تاثر عام ڪيو ويو هو ته اسين سنڌ جا رهاڪو سست آهيون، ڊڄڻا آهيون، گهر نٿا ڇڏڻ چاهيون.... وغيره وغيره، حيرت جي ڳالهه اها ته هوڏانهن اسان سنڌين لاءِ اهو چيو ٿو وڃي ته سنڌي ڦورو ۽ قزاق هئا. ڪولمبو کان ايندڙ عربن جي جهازن کي وچ سمنڊ تي ڦري آيا ۽ اها ئي ڳالهه عربن جي سنڌ تي چڙهائيءَ جو سبب بڻي. ڊڄڻا ماڻهو ته ڪڏهن به سامونڊي ڦورو يا قزاق ٿي نٿا سگهن، خاص ڪري ان دور ۾ جڏهن انجڻ اڃا ايجاد نه ٿي هئي ۽ قزاقن کي چپُن واريون ٻيڙيون Rowing Boats هلائڻيون پيون ٿي. جيڪو بيحد خطرناڪ ڪم آهي. خاص ڪري اسان واري عربي سمنڊ ۾، جنهن ۾ اڄ جي ماڊرن جهازن جي وڏن وڏن ناکئن ۽ ڪئپٽنن کي به پگهر اچيو وڃي. هن سمنڊ جي لهرن ۽ ڪُنن جو ذڪر شاهه لطيف به ڪيو آهي، ساڳئي وقت شاهه لطيف هن تر (سنڌ) جي وڻجارن ۽ سندن ونين جي جذبن جو به ذڪر ڪيو آهي ته سندن مڙس عدن، لنڪا ۽ جاوا هليا ٿا وڃن ته سندن دلين ۾ ڇا احساس ٿئي ٿو. بهرحال اهي سڀ ڳالهيون ڇا ٿيون ثابت ڪن؟ اهو ئي ته... سنڌي مسلمان توڙي هندوءَ جو، سمنڊ ۽ سامونڊي زندگيءَ سان، ويجهو سڱ هو ۽ هو ڊنو نٿي. تڏهن ته اسان جي هندو سنڌين جون انگريزن جي اچڻ کان به گهڻو گهڻو اڳ بصري ۽ بغداد کان مالديپ ۽ ملايا ۾ واپاري ڪوٺيون هيون. اهي اتي ڪيئن پهتا؟ تن ڏينهن ۾ هوائي جهاز ته نه هئا. ظاهر آهي هو پاڻيءَ وارن جهازن ۾ ئي سفر ڪري ڏورانهن ڏيهن ۾ پهتا.
    مونکي لکڻ پڙهڻ جو شوق ته اسڪولي ڏينهن کان هو. چٽگانگ مشرقي پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) جي مئرين اڪيڊمي ۾ جهاز هلائڻ جي انجنيرنگ (Marine Engineering) جي تعليم حاصل ڪرڻ دوران بنگال بابت “درياهن جي ديس مان” جي عنوان سان هر هفتي عبرت اخبار ۽ بادل رسالي لاءِ ڪالم ۽ دلچسپ ڳالهيون لکڻ لڳس ۽ پوءِ جهاز تي چڙهڻ (نوڪري شروع ڪرڻ) سان جتي جتي جهاز ويو ٿي اتي جي بندرگاهن، سمنڊن، ٻيٽن جون موهيندڙ ڳالهيون پڙهندڙن لاءِ لکڻ لڳس، جيئن پڙهندڙن ۾ هن پروفيشن لاءِ چاهه پئدا ٿئي ۽ هن پاسي اچن. سمنڊ تي طوفان به لڳا ٿي، ڪڏهن ڪڏهن ته زندگي ۽ موت جي ويڙهاند به ٿي پئي. سئيز ڪئنال يا سنگاپور ۽ جبرالٽر جهڙن ڏکين هنڌن تان جهاز اڪارڻ لاءِ ايمرجنسي واري حالت ۾ چوويهه چوويهه ڪلاڪ بلڪ ڇٽيهه ڪلاڪ به يڪ ساهي ڊيوٽي ڏيڻي پئي ٿي. خاص ڪري جڏهن وچ سمنڊ تي انجڻ جو بريڪ ڊائون ٿيو ٿي ۽ ورڪ شاپ جي مدد جي ڪا اميد نه هجڻ ڪري ان انجڻ جي حصي يا مشين تي لڳاتار ڪم ڪري جهاز کي ڪُنن ۽ ويرن مان ڪڍڻو پيو ٿي، وغيره وغيره. پر اهڙيون ڳالهيون مون انهن ڏينهن ۾ هنن ڪتابن ۾ لکڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي. مون اٿندي ئي پڙهندڙ کي هن زندگيءَ جي جوکائتي پهلوءَ بابت ٻڌائڻ نٿي چاهيو. اهڙين ڳالهين کي سينسر ڪري آ رڳو بندرگاهن جي رونقن، سمنڊ جي رومانويت ۽ مختلف ملڪن ۾ جهازين جا هلندڙ سچا ڪوڙا رومانوي قصا لکڻ لڳس. هونءَ به منهنجي اِها اُها عمر هئي، جنهن ۾ رڳو ڇوڪريون ئي ڇوڪريون نظر آيون ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ اهي شروع وارا سفرناما پڙهي مون کي عجيب محسوس ٿيندو آهي ۽ ڪي ڪي ڳالهيون پڙهي اڄ انهن کي سينسر ڪرڻ تي دل چوي ٿي. عبرت اخبار وارا هاڻ منهنجي سٺ ۽ ستر جي ڏهي وارن سفرنامن مان ڪو باب ڏيندا آهن ته کين فون يا اِي ميل ڪندو آهيان ته ٻيلي منهنجن اهڙن سفرنامن جي آخر ۾ اهو ضرور لکندا ڪريو ته هي ۱۹۶۸ع يا ۱۹۷۰ع يا ايڪهتر ٻاهتر جا آهن. نه ته پڙهندڙ ڇا سوچيندا ته اڇي ڏاڙهيءَ ۾، يعني هن عمر ۾ هي ڪهڙيون ڳالهيون ويٺو لکان.
    بهرحال منهنجي انهن شروعاتي سفرنامن مان ڪجهه ڪاڇو پبليڪيشن جو محمد علي ماجد ڇپڻ چاهي ٿو. انهن ڪتابن مان هن جي پهرين چونڊ “بندر بازاريون” سفرنامو آهي، جنهن ۾ ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن جي سفرن جو احوال آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو مرحوم طارق اشرف “سهڻي پبليڪيشن” طرفان سال ۱۹۷۵ع ۾ ڪڍيو هو، جنهن جي قيمت پنج رپيا رکي هئائين... ڇا ته سٺا ڏينهن هئا! (۽ ان کان چار سال اڳ طارق منهنجو جيڪو پهريون سفرنامو “منهنجو ساگر، منهنجو ساحل” ڇپيو هو، ان جي قيمت ٽي رپيا هئي ۽ صفحن جو تعداد ۲۴۰ هو).
    بهرحال هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو فيروز ميمڻ “نيوفيلڊس پبليڪيشن” طرفان 1979ع ۾ شايع ڪيو. ان بعد وري فيروز صاحب هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو ڪجهه تصويرن سان ۱۹۹۷ع ۾ شايع ڪيو. ان دوران ڪمپيوٽر سائنس ڪافي اڳيان وڌي وئي هئي ۽ مون چاهيو ٿي ته منهنجا ڪتاب نيٽ تي به اچن، جيئن ڌارين ملڪن ۾ رهندڙ اهي ڪمپيوٽر ذريعي پڙهي سگهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته پڙهڻ جو مزو ڪتاب کي هٿ ۾ جهلي پڙهڻ ۾ آهي، جنهن تي توهان پنهنجا notes ۽ comments به لکي سگهو ٿا پر ٽپال جو خرچ وڌي وڃڻ ڪري آمريڪا، جپان يا ناروي ڊئنمارڪ ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ بهتر آهي ته هو ڪتاب جو پرنٽ آئوٽ ڪڍي پڙهن. هنن لاءِ پوسٽ ذريعي ڪتاب گهرائڻ تمام مهانگو آهي. گذريل سال آمريڪا ۾ پنهنجو هڪ ڪتاب دڪاندار کان گهرايم، جنهن جي قيمت ۲۴۰ رپيا هئي. دڪاندار چاليهه رپيا ڇڏي هڪ هزار رپين جو بِل موڪليو جو رجسٽرڊ پوسٽ ڪرڻ تي هن کي ۸۰۰ رپين جو ٽڪليون هڻڻيون پيون. بهرحال هن دور ۾ پبلشر کي ڪتاب وڪڻڻ لاءِ جنگ جوٽڻي پوي ٿي. ڇپائيءَ تي مسئلن کان وڌيڪ کين مارڪيٽنگ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي، ڇو جو ڪتابن جي وڪري بعد دڪاندار پئسا ڏيڻ کان پڙ ڪڍيو بيهو رھن. آئون هميشه پبلشرن سان همدردي رکندو آهيان ۽ کانئن پنهنجي پڙهڻ لاءِ ڪاپي به پئسا ڏئي وٺندو آهيان. ان ڪري منهنجي دوستن کي کپي ته هو مونسان همدردي ڪن ۽ جي کين مون طرفان منهنجو ڪتاب تحفي ۾ نٿو ملي ته اهو ئي سمجهن ته مهانگي ڇپائي ۽ پني جو وڏو اگهه هجڻ ڪري ڪتاب جي قيمت ايتري ڳري ٿي پئي آهي جو منهنجي لاءِ افورڊ ڪرڻ آسان ڪم ناهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ڪتاب ڏيان به ٿو ته کيس ڊبل ٿورائتو ٿيڻ کپي جو اهو ڪتاب پئسن سان خريد ڪري ڏنو اٿم ۽ ڪراچيءَ جي ڪاٺياواڙ بڪ اسٽور جو مالڪ جيتوڻيڪ منهنجي ڪتاب تي مونکي ڪجهه رپيا ڊسڪائونٽ ڏئي ٿو، پر ان هوندي به آ خريد ڪندي ڪيٻايان ٿو. بهرحال مطلب اهو ئي “اڌار مانگ ڪر شرمنده نه ڪرين” وارو آهي، ته هر پڙهندڙ پنهنجو ڪتاب خريد ڪري پڙهي. هونئن به منهنجو گذريل چاليهه سالن جو اهو ئي تجربو آهي ۽ ليکڪن کي اهو ئي ٻڌائيندس ته توهان جو ڪتاب اهو ئي چڱيءَ طرح دل سان پڙهي ٿو جيڪو پنهنجو پئسو خرچ ڪري ڪتاب خريد ڪري ٿو.
    منهنجا ڪتاب ڪو به پبلشر ڇپي سگهي ٿو، جنهن لاءِ مون طرفان نه ڪنهن Royalty جي گهُر آهي ۽ نه معاوضي جي. بس ايترو آهي ته کيس سٺا ڪتاب ڇپڻ جو تجربو هجي ۽ ڇپڻ کان اڳ، مونکي اطلاع ضرور ڪري. ڪاڇو پبليڪيشن جي مالڪ محمد علي ماجد جي ڪجهه ڪتابن خريد ڪرڻ جو اتفاق ٿيو. سندس ڇپائي ۽ مارڪيٽنگ جو طريقو مونکي ايترو ته پسند آيو جو مون پاڻ کيس فون ڪري چيو ته هو جيڪڏهن منهنجا شروع وارا ڪتاب ڇپڻ چاهي ته مونکي خوشي ٿيندي. جنهن نموني سان هو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ مون سان Co-ordinate ڪري رهيو آهي، ان مان متاثر آهيان. هو بيحد محنتي، آرگنائيزڊ، وقت جو پابند ۽ Commitment جو پختو ٿو لڳي. هي انهيءَ ئي سچائيءَ ۽ ادبي خدمت جي جذبي سان ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن سان علينواز گهانگهرو، فيروز ميمڻ ۽ نور احمد ميمڻ صاحب ڪم ڪري اڄ ملڪ جا بهترين پبلشر ثابت ٿيا آهن. هنن جي ڪتابن جي چونڊ ۽ ڇپائيءَ جو معيار، اعليٰ آهي ۽ هنن جي مارڪيٽنگ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آهي.
    بهرحال هتي منهنجي هنن چاليهه سال کن اڳ جي لکيل ڪتابن جي نئين سنئينءَ ڇپائيءَ تي پڙهندڙن اڳيان اها ڳالهه واضح ڪندس ته هي سفرناما ان وقت جا لکيل آهن جڏهن آئون جهاز تي نئون نئون چڙهيو هوس. عهدي جي لحاظ کان آ ان ڏاڪڻ جو هيٺيون ڏاڪو هوس جنهن جو آخري ۽ مٿاهون ڏاڪو چيف انجنير آهي. جونئر انجنير ڪري ڪم جو به پريشر زياده هو، ان ڪري ڪيتريون ڳالهيون فرصت نه ملڻ ڪري تفصيل ۽ تسلسل ۾ نه آهن. ان وقت منهنجي عمر ڇويهه ستاويهه سال کن هئا. فقط پنهنجي انجنيرنگ کان ئي واقف هوس. دنيا جي ملڪن ۽ قومن جي تاريخ، سياست، سماجي ۽ معاشي حالتن بابت نه برابر مطالعو هوم. ان ڪري هنن سفرنامن ۾ گهڻو تڻو غيرسنجيده ۽ ٽرڙائپ واريون ئي ڳالهيون آهن. پر ان هوندي به اڄ هي ان دور جو ڳالهيون پڙهان ٿو ته ڪٿي کل اچي ٿي ته ڪٿي حيرت ٿئي ٿي ته ان زماني ۾ دنيا جي ڇا حالت هئي يا اسان جي ڇا سوچ هئي. اڄ ٽي وي چئنلن، اليڪٽرانڪ ميڊيا، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ هوائي جهازن جي سروس دنيا جون حالتون بدلائي ڇڏيون آهن. اڄ ڪو به ملڪ ڏورانهون ناهي. سڄي دنيا هڪ ڳوٺڙو ٿي پيو آهي. بهرحال منهنجو پڙهندڙن کي اهوئي عرض آهي ته هو هي منهنجيون لکڻيون ان دور جي تناظر ۾ پڙهن جڏهن اسان جي جواني جا ڏينهن هئا، ملڪ ۾ جهاز راني شروع ٿي رهي هئي. انگريز ۽ يورپي جهاز هلائيندڙن جي جاءِ اسان، ملڪ جا شروع وارا گرئجوئيٽ، والاري رهيا هئاسين.
    هميشه وانگر پڙهندڙن جي فيڊ بئڪ جو انتظار رهندو.

    الطاف شيخ، ۱۲ ڊسمبر، ۲۰۰۹


    3. ليکڪ پاران نيو فيلڊس جي ڇاپي لاءِ مھاڳ........

    هي ڪتاب ‘بندر بازاريون’ پڻ منهنجي شروعاتي سفرنامن مان هڪ آهي. جيڪو نيوفيلڊس وارن ٽيون دفعو ڇپرايو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن فيبروري ۱۹۷۵ع ۾ ڇپيو يعني هي منهنجا سامونڊي سفر سال ۱۹۷۴ع کان به اڳ جا آهن. ان وقت ۽ اڄ جي تاريخ ۾ پاءُ صدي، يعني پنجويهه کن سالن جو Gap اچي ويو آهي. ان عرصي ۾ دنيا ــ خاص ڪري سنگاپور، ٿائلنڊ ۽ ملائشيا (جنهن لاءِ هن ڪتاب ۾ هر وقت سندس پراڻو نالو ‘ملايا’ استعمال ڪيو اٿم) خبر ناهي ڪٿان کان ڪٿي وڃي نڪتي آهي. سنگاپور ۽ ملائشيا جهڙن ملڪن جي ترقي اسان کي هيڪاندي گھڻي ان ڪري به لڳي ٿي جو اسان پاڻ وڌڻ بدران پٺتي هليا ويا آهيون.
    ڪتاب جا پروف جانچڻ بهاني پنهنجي هن پراڻي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليو اٿم. پڙهندڙن کي هن ڪتاب ۾ ڪي ڪي ڳالهيون عجيب لڳنديون. پنجويهه سالن بعد مون کي پڻ عجيب لڳي رهيون آهن ــ خاص ڪري شين جا اگھه، تن ڏينهن ۾ ملائشيا ۾ مزور جي ڏهاڙي ٻٽيهه روپيا وڏي ڳالهه سمجھبي هئي ۽ اسان جي ملڪ کان ٻيڻ جيتري هئي. هينئر اسان وٽ ئي ڏيڍ سؤ روپيا ٿي وئي آهي ۽ رازو واڍو ته ٽي سؤ کان چار سؤ روپيا وٺي ٿو. مون کي ياد آهي ته ۱۹۶۹-۷۰ع وارن ڏينهن ۾ اسان وٽ سيمنٽ جي ڳوڻ جي قيمت ڇهه روپيا هئي، جنهن جو جهاز ڀري اسان دبئي ويا هئاسين. اتي جي خريدار ٻڌايو ته دبئي ۾ سيمنٽ جي هڪ ڳوڻ جي قيمت ٽيهه روپيا آهي. ان تي اسان کي حيرت ٿيڻ لڳي هئي ۽ هاڻ ۱۹۹۷ع جي آخر ۾ اسان وٽ ئي في ڳوڻ ٻه سؤ روپيا ٿي وئي آهي. اهو ئي حساب ڀاڙن جو آهي. انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا جي رڪشا جو ٻه روپيا ڀاڙو هو جيڪو اڄ تمام گھٽ لڳي ٿو ۽ ان کان به پنڌرهن سال اڳ، ۱۹۶۱ع ڌاري جڏهن اسان ڪاليج جي ‘سي ــ اسڪائوٽ’ طرفان ڪلڪتي ويا هئاسين ته اتي جي ٽئڪسين جو ان وقت جو چار آنا ڀاڙو جيتوڻيڪ اڄ تمام گھٽ لڳي ٿو پر انهن ڏينهن ۾ اهو تمام گھڻو هو ۽ ڪلڪتي جون ٽئڪسيون مهانگيون سمجھيون ويون ٿي. پر ان وقت سون جي تولي جي قيمت به سؤ روپئي کان گھٽ هئي.
    ملائيشيا جي ‘بٽروٿ’ بندرگاهه ٻاهران مليل ٻه ڇوڪرا ذڪريا ۽ هاشم جيڪي ان وقت اٺين يا نائين ڪلاس جا شاگرد هئا، ساڻن ملاقات پوءِ ٿيندي رهي. تعليم ختم ڪري انهن نوڪري ڪئي. هاشم ته ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ B.A يا M.A لاءِ به آيو. ٻنهي جون شاديون به ٿيون ۽ هاڻ ته ٻار به وڏا ٿي ويا اٿن ۽ خود اهي به اسڪول وڃن پيا. سندن مونسان دوستي اڃا هلندي اچي. نَوَ سال ملاڪا (ملائيشيا) ۾ رهائش دوران هو ٻارن سان مون وٽ گھمڻ ايندا هئا ۽ آ پينانگ يا ٿائلنڊ جو شهر حاديه، ڪار يا ٽرين رستي ويندو هوس ته هاشم جي گھر ضرور ٽڪندو هوس.
    ۱۹۷۳ع تائين، جن ڏينهن جي سفرن جو هن سفرنامي ۾ ذڪر آهي، ملائيشيا جي معاشي حالت اڃا ڪا خاص بهتر نه ٿي هئي. ڪافي حد تائين بيروزگاري هئي ۽ اتي جا ماڻهو نوڪري ۽ پورهئي لاءِ ڏاڍو پريشان هئا، جنهن جو بار بار ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيو اٿم. پر پوءِ لڳاتار محنت، سٺي ۽ ايماندار قيادت (Leadership) ۽ خدمت خلق جو جذبو رکندڙ سرڪاري ڪامورن ۽ سياستدانن ملائيشيا کي ٻن ڏهاڪن/ ويھارو سالن ۾ جنهن اتاهين هنڌ تي پهچائي ڇڏيو آهي ان تي اسان جي ٽين دنيا جا ملڪ ته رشڪ ڪن ٿا پر ڪيترا يورپ جا ملڪ پڻ سڌون ڪن ٿا. سخت قاعدو قانون (۽ مٿس عمل پڻ)، تعليم جو اعلى معيار، غريب توڙي امير لاءِ عدل ۽ انصاف، صحت، صفائي، ڊيوٽي ۽ پورهئي ۾ ايمانداري، مختلف مذهبن ۽ زبانن جي ماڻهن جو هڪ ئي شهر، هڪ ئي محلي ۾ کير کنڊ ٿي رهڻ جو ٻيو نالو ملائيشيا ٿي پيو آهي.
    منهنجو جهاز رستي ۱۹۸۲ع تائين ملائيشيا ۾ اچڻ وڃڻ لڳو رهيو ان بعد ۱۹۹۰ع تائين ملائيشيا جي هڪ شهر ملاڪا ۾ رهي پيس. ملاڪا ۾ لڳاتار رهڻ دوران مون کي سڄي ملائيشيا ۽ ڀر-وارن ملڪن، سنگاپور ۽ ٿائلنڊ کي اڃا به ويجھڙائيءَ سان ڏسڻ جو موقعو مليو. ملائيشيا کي روز بروز نه فقط ترقي ڪندي ڏسڻ جو وجھُه مليو پر انهن اصولن کي سمجھڻ جي ڄاڻ پڻ ٿي جن اصولن تي هلڻ سبب ملائيشيا ان اعلى درجي تي پهتو آهي. اڄڪلهه جي ملائيشيا جو ذڪر ‘مڪلي کان ملاڪا’، ‘ڪوالالمپور ڪجھه ڪوهه’ ۽ ‘اي جرني ٽهُ ٿائلنڊ’ ڪتابن ۾ تفصيل ڏنو اٿم.
    هي زمانو (جنهن ۾ ڪيل سفر جو ذڪر مون هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي) اهو زمانو هو جنهن ۾ اڃا VCR ته عام نه ٿيو هو پر ٽيپ رڪارڊر به چرخي (Pool) وارو اڪائيءَ ۽ گرنڊنگ جو نظر ايندو هو. ڪيسٽ رڪارڊر جيتوڻيڪ نڪري چڪو هو پر مارڪيٽ ۾ عام نه ٿيو هو. مون به ان ٽرپ بعد ممباسا (ڪينيا) جي هڪ ڊيوٽي فري دڪان تان پهريون ڪئسٽ رڪارڊر ورتو هو، پر گانن جا ڪئسٽ اڃا به اڄ وانگر عام نه ٿيا هئا. ڪن خاص دڪانن تان ملندا هئا. ان ڪري فوني جا مالڪ خوش هئا ته سندن گراموفون (Record Player) لاءِ جتان ڪٿان رڪارڊ مليو وڃن. پورٽ ڪلانگ جي نائيٽ بازار، جنهن جو ذڪر ڪيو اٿم، ان ۾ به رڪارڊ عام وڪامي رهيا هئا جيڪي اسان ورتا. ميوزڪ جي دنيا ۾ ايتري ترقي ضرور ٿي هئي ته ۷۸ آر پي ايم جي ٺڪر وارن رڪارڊن بدران پلاسٽڪ جا45-RPM جا رڪارڊ نڪتا هئا جيڪي قيمت ۾ سستا، سائيز ۾ ننڍا ۽ وزن ۾ هلڪا هئا ۽ جلدي نه ٿي ڀڳا.
    پورٽ ڪلانگ ۽ ملائيشيا جي ٻين شهرن ۾ اڄ به اهي سستي اگھه واريون نائيٽ بازارون عام آهن جن کي ملئي زبان ۾ پاسار مالم (Pasar Malam) سڏجي ٿو. اهي مارڪيٽون ائين آهن جيئن پاڻ وٽ جمع مارڪيٽون، اتوار مارڪيٽون يا منگل مارڪيٽون شورع ٿيون آهن. پر جيئن ته انهن ڏينهن ۾ اسان وٽ اهي مارڪيٽون شروع نه ٿيون هيون سو هي ملائيشيا جون نائيٽ بازاريون اسان لاءِ نئين ۽ دلچسپ ڳالهه هئي. اڄ به ملائيشيا توڙي هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾ آ انهن مارڪيٽن مان خريداري ڪرڻ کي ترجيح ڏيان ٿو. انگلنڊ ۽ سئيڊن ۾ اهڙين مارڪيٽن جو نعم البدل پيني مارڪيٽون ۽ لوپس مارڪيٽون آهن.
    ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلنڊ ۾ ٻيون ڪيتريون ئي تبديليون آيون آهن. خاص ڪري معاشي ۽ اخلاقي طرح انهن ملڪن وڏي ترقي ڪئي آهي. عمارتون، تعليمي نظام، بزنيس، ڪارخانن ۾ هو اسان کان گھڻو اڳتي نڪري ويا آهن. سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ انهن ڏينهن ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ عمارت (Peoples Park جهڙي) ٽماڙ ٺهي هئي نه ته Change Alley جهڙيون سوڙهيون گھٽيون هيون هاڻ ته سڄو ملڪُ بلڪ ٻيٽُ، سهڻين اتاهين عمارتن، پارڪن ۽ رستن سان ڀريو پيو آهي. سنگاپور ۾ ته خاص ڪري واپار جي ٺڳي ۽ چوري چڪاري ايتري هئي جو پبلڪ بسين، سئنيما گھرن ۽ بندرگاه ۽ هوائي اڏي ته به جيب ڪترن کان خبردار ڪيو ويندو هو ۽ جتي ڪٿي هتي جي چئن زبانن، ملئي، تامل، چيني ۽ انگريزيءَ ۾ ان بابت لکيل هوندو هو ته ‘جيب ڪترن ۽ چورن کان خبردار رهو.’ هي اهو زمانو هو جڏهن اسان کانئن وڌيڪ مهذب هئاسين. ماڻهو نوابشاهه کان خيرپور يا حيدرآباد رات جو ٻارهين کان پوءِ به سلامتي سان سفر ڪندا هئا، ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن شهرن ۾ زالون اڪيلي سر فلم جو ٻيو شو ڏسي گھر اينديون هيون. گھرن جي ٻاهرن دروازن کي تالا نه لڳايا ويندا هئا. اڄ اسان وٽ الٽو حساب آهي. هوڏانهن اڄ جي سنگاپور جو ننڍو ٻار به بي ڊپو ٿي هلي ٿو. توهان جي ڪٿي وسري ويل هَڙ يا بئگ ٽن ڏينهن بعد به اتي ئي موجود نظر اچي ٿي. دنيا جا شاگرد سنگاپور، ملائيشيا، هانگ ڪانگ، ٿائلنڊ، مڪائو ۾ اعلى تعليم لاءِ وڃن ٿا. مائٽن کي خبر آهي ته انگلنڊ ۽ آمريڪا ۾ ته سندن ٻار کرجي سگھي ٿو پر سنگاپور جهڙي ملڪ ۾ هن لاءِ ايترو آسان نه آهي جو اسڪول ڪاليج کان ڀڄي، سگريٽ يا شراب پيئڻ جهڙا شوق ڪري سگھي.
    سو يارو انهن ملڪن پنهنجي قسمت بدلائي ڇڏي آهي. هر هڪ تعليم يافته ٿي ويو آهي. هر هڪ ڪو نه ڪو هنر ڄاڻي ٿو، جنهن ذريعي هو روزگار ڪمائي سگھي ٿو. چانگي جهڙا ڳوٺ به ماڊرن ٿي ويا آهن ۽ ڪا به عورت خيرات نه ٿي وٺي، جسم جو سودو نه ٿي ڪري. چؤڌاري ڪارخانا ۽ فئڪٽريون آهن. آفيسون ۽ بئنڪون آهن، جهاز ۽ جهازن جون ڪمپنيون آهن ۽ هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن حق حلال جي روزگار کي لڳل آهي. مسلمان، هندو، عيسائي ۽ ٻڌن جي باوجود هر ڪو خوش آهي. هر ڪو پنهنجي عبادتگاهه ۾ وڃي ٿو ۽ پنهنجو مذهبي ڏينهن ڌام ڌوم سان ملهائي ٿو. هڪ ٻئي جون خونريزيون ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي بالڪنيءَ مان بيهي پري کان ڪنهن کي ڪو بجو به نٿو ڏيکاري.

    الطاف شيخ ڪراچي ۱۹۹۷ع


    هن اليڪٽرانڪ ايڊيشن لاءِ ڪُجھه لفظ

    هن سفرنامي ‘بندر بازاريون’ جا ٽي چار ڇاپا ‘نيو فيلڊس پبليڪيشن’ وارا ڇپائي چُڪا آهن. هي پهريون دفعو آهي جو هي ڪتاب سکر جو نوجوان ليڪچرار ۽ سنڌي ادبي سنگت جو ڪارڪن ۽ ويب ڊزائيننگ ايڪسپرٽ عبداللطيف انصاري صاحب اليڪٽرانڪ ميڊيا تي آڻي رهيو آهي. پروف چيڪ ڪندي گذريل زماني جا ڏينهن ۽ ڳالهيون مون کي عجيب لڳيون. پڙهندڙن کي اهو ڌيان ۾ رکڻ کپي ته هن سفرنامي (بندر بازاريون) ۾ منهنجي انھن سفرن جو احوال آهي جيڪي مون ستر جي شروع وارن سالن ۾ ڪيا ـــ يعني ۱۹۷۱ع کان ۱۹۷۳ع تائين ۽ ڪُجهه مهينا ۱۹۷۴ع جا پڻ.
    بهرحال اڄ کان ۴۰ سال اڳ کن جو زمانو اهو هو جڏهن اسان جو ملڪ، سنگاپور ۽ سريلنڪا، ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ جهڙن ملڪن کان هر فيلڊ ۾ سڌريل ۽ تعليم يافته هو. هنن ملڪن جا نوجوان اسان جي ملڪ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا هُئا. مٿين ملڪن ۾ اڃا ايئر لائين شروع نه ٿي هُئي ۽ اسان جي PIA کي هلندي ڏهه سال ٿي ويا هئا. سنگاپور، سريلنڪا ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن جي هوائي ڪمپني توڙي جهازران ڪمپنيون اسان جي پاڪستانين وڃي شُروع ڪيون.
    دنيا جي مقابلي ۾ اسان وٽ مهانگائي به نه هُئي. ۱۹۶۸ع ۽ ۱۹۶۹ع ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت چار روپيا هئي ۽ ۱۹۷۳ع ڌاري ڏهه روپيا وڃي ٿي. آمريڪا ۾ حجام هيئر ڪٽ جا ۴ ڊالر يعني ۴۰ روپيا وٺندو هو ته اسان کان رڙ نڪري ويندي هُئي جو اسان وٽ صدر جي ايئرڪنڊيشن دڪان “ماڊرن هيئر ڊريسر” وٽ به، ڪٽائي ٻه روپيا هُئي. جپان ۾ هڪ ڊالر يعني ڏهن روپين ۾ ۴۰۰ يين ملندا هُئا. اسان جيتوڻيڪ جونيئر انجنيئر هئاسين، پگھار فقط ۴۰۰ روپيا هُئا. جنهن جو فقط اڌُ ٻاهر ملندو هو ته به ٽئڪسين ۾ چڙهندا هئاسين. اڄ اسان جي ملڪ جي سڪي جو قدر ڪِرڻ ڪري جهاز جو هڪ چيف انجنيئر به جپان جهڙي ملڪ اندر بس ۾ چڙهندي ٻه دفعا سوچي ٿو. آمريڪا ۾ سستي ۾ سستو حجام به ۱۲ ڊالر وٺي ٿو يعني هڪ هزار روپيا. سنگاپور جو ڊالر جيڪو اڍائي روپيا هو ۽ پوءِ ۱۹۷۳ع ۾چار روپيا ٿيو اهو اڄ پنجاهه تي وڃي پهتو آهي. جپان جو سڪو YEN ايڏو مٿاهون ٿي ويو آهي جو اڄ ڏهين روپئي ۾ ۴۰۰ بدران فقط ۴ يين ملن ٿا! سو ڪيتريون ڳالهيون اڄ جي پڙهندڙن کي هڪ خواب محسوس ٿيندو.

    الطاف شيخ
    ڪراچي، ۱۴ مارچ ۲۰۰۹


    متن

    جهاز بابت ڪجھه ڄاڻ

    هن ڪتاب ۾ ڪجھه اهڙا نالا ۽ Terms استعمال ٿيا آهن جن جو واسطو جهازي دنيا سان آهي. عام ماڻهوءَ لاءِ انهن جي سمجھاڻِي هتي ڏيڻ ضروري سمجھان ٿو.
    ڊيڪ (Deck) : جهاز جو مٿيون حصو. جهاز جي ڏاڪڻ چڙهي هن حصي تي پهچجي ٿو. هي جهاز جي اڳئين ڪنڊ کان آخري ڪنڊ تائين هڪڙو ئي حصو (پَٽُ) آهي. جهاز کي واٽر ٽائيٽ رکڻ لاءِ لوهي پليٽن جي هيٺين حصي کي باٽم، ساڄي ۽ کاٻي پاسي جي پليٽن کيShell پليٽنگ ۽ مٿئين حصي کي ڊيڪ سڏجي ٿو. ڊيڪ جي هيٺان سامان رکڻ جا گودام، انجڻ روم، خلاصين جا ڪمرا ٿين. ڊيڪ جي مٿان ٻه چار ماڙ جون ڇتيون ٿين ٿيون جن تي آفيسرن جا ڪمرا ۽ برج (جهاز جو ڪنٽرول روم) ٿئي. ڊيڪ جي مٿان وارا ڪمرا وڌيڪ هوادار ۽ سهڻا ٿين، جن جون دريون کولي ٻاهر جو نظارو به ڪري سگھجي ٿو. مسافرن جا فرسٽ ڪلاس ۽ ڊيلڪس ڪلاس ڪمرا به مٿي ٿين. ڪجهه ملڪن جي ‘مسافر جهازن’ تي گھٽ ڀاڙي وارا مسافر کڻڻ لاءِ ڊيڪ جي هيٺ سامان جي گدام ۾ هنڌ بسترا لڳايا ويندا آهن. ان ۾ رهندڙ مسافرن کي ڊيڪ ڪلاس پئسينجر سڏجي ٿو. اسان جي حاجين جي پراڻن جهازن؛ سفينه حجاج، سفينه عرب، سفينه شمس وغيره تي پڻ ڊيڪ ڪلاس هو جنهن کي اسان جي سنڌ جا حاجي ‘ديڳ’ سڏيندا هئا. اونهاري جي ڏينهن ۾ بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) جي سخت گرميءَ مان لنگھڻ وقت ڊيڪ ڪلاس جا مسافر پاڻ کي ديڳ ۾ ئي محسوس ڪندا هئا.
    رڊر (Rudder) : جهاز جي پويان لڳل سکان کي رڊر سڏجي ٿو. جهاز کي ساڄي يا کاٻي موڙڻ لاءِ سکان کي موڙڻو پوي ٿو. ننڍين ٻيڙين جو سکان اسٽيرنگ ويل سان رسين ذريعي ٻڌل هوندو آهي. وڏن جهازن جو سکان (رڊر) تمام Complicated ٿئي ۽ هئڊرالڪ، اليڪٽرڪ يا نيوميٽڪ ذريعي Steering Wheel سان لاڳو ٿئي. ڪن جهازن تي اهي سڀ سسٽم گڏ ٿين ۽ اليڪٽرانڪ ۽ ڪمپيوٽر سسٽم به گڏ ٿئي، جنهن ذريعي جهاز کي آٽو تي رکي سگھجي ٿو. يعني بندرگاهه کان نڪرڻ بعد جيڏانهن جهاز کي وٺي هلڻو آهي اها Data ان ۾ وجھي ڇڏجي ۽ ماڻهوءَ جي مدد بنا اسٽيرنگ ويل سکان کي ڪنٽرول ڪري ٿو، جيئن هوائي جهاز جو پائلٽ جهاز کي Auto تي رکي پوءِ هلندو رهندو آهي.
    رڊار (Radar) : ٽي وي نما، گول اسڪرين وارو اوزار ٿئي جنهن تي ليڪن ۽ دٻن جي صورت ۾ سامهون ايندڙ جهاز، ٻيٽ، زمين ۽ سمنڊ هيٺ ٽڪريون ۽ تباهه ٿيل جهاز نظر اچن ٿا. اتراهن ملڪن ۾ هر وقت مينهن، برفباري ۽ اوندهه ڪري سامهون فرلانگ تائين به نظر نه پوندي آهي. پر رڊار جي شيشي تي چاليهه ميلن تائين بيٺل ۽ چرندڙ شيون ڏسي سگھجن ٿيون. سامهون ايندڙ جهازن جي رفتار ۽ رخ جي به خبر پئجي سگھي ٿي جنهن مان حساب ڪري اهو معلوم ڪري وٺبو آهي ته آيا سامهون ايندڙ جهاز پاسي کان لنگھي ويندا يا اسان کي پاسو ڪرڻو پوندو. اگر ڪرڻو پوندو ته ڪڏهن ۽ ڪهڙي هنڌ ته جيئن حادثو نه ٿئي.
    پورٽ هول : جهاز جي ڪمري (ڪئبن) جي دريءَ کي Port Hole سڏجي ٿو. هي دريون هميشه واٽر ٽائيٽ ۽ ايئر ٽائيٽ هئڻ کپن ته جيئن خراب موسم ۾ يا اتر قطب جي ويجھو وارن ملڪن ۾ سمنڊ جو پاڻي يا ٿڌي هوا اندر نه اچي.
    گئنگ وي: جهاز جي اها ڏاڪڻ جنهن ذريعي ڪناري تان چڙهي جهاز تي پهچجي ٿو Gang-Way سڏجي ٿي. لنگر کڻڻ مهل هيءَ ڏاڪڻ ڪرين ذريعي مٿي جهاز تي کنئي ويندي آهي ۽ پاسيري ڪري رکبي آهي. هن ڏاڪڻ هيٺان ڦيٿا ٿين جنهن ذريعي سمنڊ جي چاڙهه ۽ لاهه وقت پاڻهي صحيح ٿي بيهي.
    ائلي وي : جهاز جي گھٽين کي ائلي وي سڏجي ٿو.
    بٽلر : بورچين جي مٿان وڏي بورچيءَ کي بٽلر سڏجي ٿو. روز جو کاڌو تيار ڪرائڻ ۽ ڊائننگ ٽيبل تائين پهچائڻ بٽلر جو ڪم آهي.
    پرسر: سئلون ڊپارٽمينٽ جي انچارج کي پرسر سڏجي ٿو. جهاز جا بورچي، بئرا، صفائي وارا Purser (پرسر) جي هٿ هيٺ ڪم ڪن. ڪجھه جهاز جا پرسر ريڊيو آفيسر کي پگھارون ڏيڻ ۽ ٻي ڏيتي ليتيءَ جي ڪمن ۾ پڻ مدد ڪن جن لاءِ کين جهاز جي مالڪن طرفان ڪجھه وڌيڪ پگھارُ ملي.
    سُکاني : انگريزيءَ ۾ کيس Quarter-Master سڏجي ٿو.سُکاني اهو خلاصي آهي جيڪو ڪئپٽن يا ٻئي ڊيوٽيءَ تي موجود نيويگيٽر سان گڏ چار ڪلاڪ ڏينهن جو ۽ چار ڪلاڪ رات جو ڊيوٽي ڪري. کلئي سمنڊ ۾ هن جو ڪم سامهون ايندڙ جهازن تي نظر رکڻ ۽ ان بابت ڊيوٽي آفيسر کي ٻڌائڻ آهي، جيئن هو اڳواٽ پنهنجي جهاز لاءِ ڪو سلامتيءَ وارو رستو اختيار ڪري سگھي. بندرگاهه ۾ گھڙڻ يا نڪرڻ وقت سکانيءَ جي ڊيوٽي Steering-Wheel وٽ هوندي آهي ۽ ڊيوٽي آفيسر (ڪئپٽن، چيف آفيسر) يا پائلٽ جي حڪم موجب جهاز کي اوتريون ڊگريون ساڄي يا کاٻي موڙڻو هوندو آهي.
    پائلٽ: هوائي جهاز هلائيندڙ ڪئپٽن کي ته پائلٽ چئبو آهي پر پاڻيءَ جي جهاز هلائيندڙ ان ڪئپٽن کي به پائلٽ چئبو آهي جيڪو بندرگاهه جو واقف (سونهون) هجي. ڪنهن به ملڪ جي بندرگاهه ۾ گھڙڻ کان اڳ جهاز کي ان بندرگاهه کان ڏهه پندرهن ميل ٻاهر کلئي سمنڊ ۾ بيهاريو ويندو آهي. بندرگاهه ۾ اندر وٺي هلڻ لاءِ بندرگاهه طرفان مقرر ڪئپٽن لانچ ۾ چڙهي ايندو آهي ۽ پوءِ جهاز کي اندر وٺي هلندو آهي. ان ڪئپٽن کي بندرگاهه جو پائلٽ ٿو سڏجي. هن کي بندرگاهه جي چپي چپي جي خبر هوندي آهي. ڪراچيءَ جي بندرگاهه کي به اهڙا اٺ ڏهه پائلٽ آهن جيڪي پنهنجي ۽ ڌارين ملڪن جي جهازن کي اندر وٺي ايندا آهن يا رواني ٿيڻ وقت بندرگاهه کان ٻاهر کلئي سمنڊ تائين اماڻي ايندا آهن. بندرگاهه ۾ جهاز هلائڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، جيڪو هر بندرگاهه جا مڪاني پائلٽ سرانجام ڏين. ان ڪم جي في بندرگاهه وارا جهازران ڪمپنيءَ کان وٺن جنهن کي Pilotage-Fee سڏجي ٿو.
    نارٿ سي پائلٽ : ڪي ڪي بندرگاهه، خاص ڪري يورپ جا يا جپان ڪوريا جا ايترو ويجھو ٿين جو اهو ئي هڪڙو پائلٽ هڪ بندرگاهه مان جهاز کي ڪڍي ٻئي بندرگاهه اندر پهچائي ايندو آهي. اتر يورپ جي ملڪن وارو سمنڊ ‘North-Sea’ خاص ڪري سياري ۾ اهڙو ته خراب ۽ اونداهو هوندو آهي جو جهازران ڪمپنين جا مالڪ جيترا ڏينهن جهاز اتر انگلنڊ، پولنڊ، ڊئنمارڪ، جرمني جهڙن ملڪن ۾ هوندو آهي ته يڪو هڪ پائلٽ رکندا آهن، جيڪو ‘نارٿ سي’ پائلٽ سڏجي ٿو. جهاز جي ڪئپٽن کي جهاز جي مالڪن طرفان Instructions هوندا آهن ته سياري ۾ نارٿ سي ۾ جيڪڏهن جهاز هلائي سگھو ٿا ته توهان جي مرضي پر جي ٿورو به شڪ يا ڊپُ ڊاءُ محسوس ڪريو ته مهرباني ڪري ‘نارٿ سي پائلٽ’ Hire ڪريو. نارٿ سي پائلٽ جي في جيتوڻيڪ لکن ۾ ٿئي ٿي پر جهاز جي سلامتي ڪارڻ مالڪ اهو ڦاهو ڦڪيندا آهن. يورپ ڏي هلندڙ جهازن ۾ ان قسم جي پائلٽن جي رهائش لاءِ هڪ وڌيڪ ڪئبن پڻ هوندي آهي جنهن کي ‘پائلٽ ــ ڪئبن’ سڏجي ٿو.
    خلاصي : جهاز هلائيندڙ مٿيون عملو آفيسر سڏجي ٿو ۽ هيٺيون اسٽاف خلاصي (Crew) سڏجي ٿو. خلاصين ۾ ڪي انجڻ روم جا خلاصي سڏبا آهن ته ٻيا ڊيڪ ۽ گئلي وي (بورچيخاني) جا. ڊيڪ وارن خلاصين جو ڪم جهاز جي لوهي پليٽن کي سمنڊ جي پاڻيءَ سبب زنگ لڳڻ کان بچائڻ لاءِ صاف رکڻ، رنگ لڳائڻ ۽ رسا ڇڪڻ ۽ سکانيءَ جي ڊيوٽي ڪرڻ آهي. انجڻ روم جا خلاصي تيل وارا ۽ آڳ وارا سڏبا آهن. گئلي وي جي ڊيوٽي ۾ اسٽيورڊ (بئرا)، بورچي، ڀنڊاري (ڀاڄي ڇلڻ وارا) ۽ ٽوپس (ڀنگي) اچي وڃن ٿا.
    ٿرڊ انجنيئر، فورٿ انجنيئر، سيڪنڊ آفيسر، چيف آفيسر وغيره وغيره : جهاز هلائيندڙ عملي جا ٻه اهم حصا آهن. هڪ نيويگيٽر (جن کي ڊيڪ آفيسر به سڏجي ٿو) ۽ ٻيو انجنيئر. ڊيڪ آفيسر (Navigators) جو ڪم سمنڊ تي رستو ڳولهڻ ۽ جهاز کي ان رخ ۾ وٺي هلڻ آهي. مندن، موسمن، سمنڊن ۽ هوائن جي ڄاڻ رکڻ ۽ ان جي نقصان کان جهاز کي بچائڻ، بندرگاهه ۾ ڪارگو (سامان) رکڻ ۽ لاهڻ آهي. انجنيئرن جو ڪم جهاز جي انجڻين کي هلائڻ ۽ انهن جي نگهباني ڪرڻ آهي. جهاز هڪ شهر مثل آهي، جنهن ۾ نه فقط جهاز هلائڻ جي انجڻ آهي، پر اليڪٽرسٽي پيدا ڪرڻ، پاڻيءَ ۽ تيل جا ڪيترا ئي پمپ هلائڻ، بئالر، جنريٽر ۽ ٻيون مشينون پڻ آهن. ڊيڪ آفيسرن جو سڀ ۾ وڏو باس ڪئپٽن آهي. ڊيڪ ڪئڊٽ سڀ ۾ جونئر ڊيڪ آفيسر آهي. اهڙيءَ طرح انجنيئرن ۾ سڀ کان ننڍو، انجنيئرنگ ڪئڊٽ يا جونئر انجنيئر سڏجي ٿو. ان بعد ففٿ انجنيئر، فورٿ انجنيئر، ٿرڊ انجنيئر، سيڪنڊ انجنيئر ۽ آخر ۾ سڀ کان مٿانهون چيف انجنيئر آهي.
    دنيا جي هر ملڪ جي هر جهاز تي انجنيئرن ۽ ڊيڪ آفيسرن جون ڊيوٽيون مقرر آهن. مثال طور ٿرڊ انجنيئر جي ڊيوٽي رات جو ۽ ڏينهن جو ٻارهين کان چئين تائين جهاز هلائڻو آهي ۽ بندرگاهه ۾ سندس ڪم جنريٽرن جي سار سنڀال آهي. ٿرڊ انجنيئر سان گڏ واري ڊيوٽي، ڊيڪ آفيسرن مان سيڪنڊ آفيسر ڪندو آهي. هڪ ئي وقت جاڳي ڊيوٽي ڪرڻ ڪري هر جهاز جي ٿرڊ انجنيئر ۽ سيڪنڊ آفيسر جي سٺي دوستي رهي ٿي. اهڙيءَ طرح ٻين انجنيئرن ۽ ڊيڪ آفيسرن جي ڊيوٽي مقرر آهي.
    ريڊيو آفيسر : انجنيئرن ۽ ڊيڪ آفيسرن کان علاوه هر جهاز تي هڪ ريڊيو آفيسر پڻ هوندو آهي. ريڊيو آفيسر جو ڪم ريڊيو ذريعي جهاز ۽ بندرگاهه وارن ڏي نياپا موڪلڻ ۽ وٺڻ آهي. جهاز تي ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ خلاصين جي پگھارن جو حساب ڪتاب ۽ مختلف ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ Visa ۽ ٻيون ڪاغذي ڪاروايون پوريون ڪرڻ پڻ ريڊيو آفيسر جو ڪم آهي.
    اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ فرج انجنيئر: مٿين انجنيئرن (جيڪي مئرين انجنيئر آهن) کان علاوه جهاز تي ٻه کن اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ هڪ فرج انجنيئر پڻ ٿئي. جن جو خاص ڪري اليڪٽرسٽي ۽ ريفريجريشن جو ڪم هوندو آهي. اهي انجنيئر سيڪنڊ انجنيئر ۽ چيف انجنيئرن جي هٿ ھيٺ ڪم ڪن ٿا.
    نيويگيشن: سمنڊ تي رستو ڳولڻ جي هنر کي Navigation سڏجي ٿو. سمنڊ تي خشڪيءَ جي رستن وانگر رستا نه آهن. سمنڊ تي رستو ڳولڻ ۽ لڳندڙ هوائن ۽ لهرن کان فائدو وٺي يا بچاءُ ڪري جهاز هلائڻ، نيويگيٽرن (ڊيڪ آفيسرن) جو ڪم آهي. نه فقط جهاز هلائڻ پر ڏينهن ۾ ٽي چار دفعا سج، چنڊ ۽ تارن جي مدد سان جانچڻو پوندو آهي ته جهاز واقعي صحيح رستي ۽ رخ ۾ هلي پيو يا نه. البت هاڻ ڪجھه اهڙا اوزار نڪتا آهن جن ذريعي وقت بوقت اها خبر پوندي رهي ٿي ته جهاز ڌرتيءَ جي گولي تي ڪهڙي هنڌ آهي. ان اوزار کي Satellite Navigator سڏجي ٿو. هونءَ Seaman ۽ Sailor نيوي جنگي جهاز تي هيٺين عملي جون Ranks پڻ آهن.
    سيڪيورٽي انجنيئر: بندرگاهه ۾ موڪل ڪرڻ وقت هڪ سينيئر انجنيئر ضرور جهاز تي ڇڏبو آهي، جيئن هو باهه لڳڻ جهڙي ايمرجنسي کي منهن ڏئي سگھي. ان انجنيئر يا ڊيڪ آفيسر کي سيڪيورٽي انجنيئر يا سيڪيورٽي آفيسر سڏجي ٿو. سيڪيورٽي انجنيئر سان گڏ هڪ يا ٻه جونئر انجنيئر يا ففٿ انجنيئر به هوندو آهي، جنهن کي انجڻ روم ۾ رهڻو پوندو آهي.
    انجڻ روم : جهاز جي انجڻ روم سمجھو ته پنج ڇهه ماڙ پلاز يا بلڊنگ آهي، جنهن جي هر فلور تي ڪيتريون ئي مشينون آهن، جهاز جو پنکو Propeller هلائڻ واري مشين Main Engine سڏجي ٿي. جيڪا ٽي چار ماڙ ٿئي، جنهن جو هڪ هڪ سلينڊر ايترو ته وڏو ٿئي جنهن ۾ ٽي ماڻهو آرام سان بيهي سگھن ۽ اٺ نَوَ فوٽ ڊگھو ٿئي. مين انجڻ کان علاوه ٻيون اهم مشينون هي آهن. جنريٽر، پمپ، پيوريفائر، بئالر، ايئر ڪمپريسر، ايوو پريٽر، ڪولر، هيٽر، Sewage پلانٽ وغيره.
    پروپيلر : جهاز جي پٺئين پاسي ٻاهر لڳل پنکي کي Propeller سڏجي ٿو. جهاز کي ڦيٿا نه ٿين. پنکي هلڻ سان جهاز اڳيان پويان وڌي ٿو. جهاز جي پنکي هلائڻ واري انجڻ کي مين انجڻ سڏجي ٿو.
    سيلنگ بوٽ: جيڪا ٻيڙي سڙهه (Sail) تي هلي ان کي Sailing Boat سڏجي ٿو. انجڻ جي ايجاد ٿيڻ کان اڳ پاڻيءَ جا جهاز سڙهن تي هلندا هئا ۽ Sailing Ships سڏبا هئا. جيڪي ٻيڙيون ڪاٺ جي چپن سان هلن ٿيون اهي Rowing Boats سڏجن ٿيون.
    ڊراءِ ڊاڪنگ : لڳاتار سمنڊ ۾ بيهڻ ڪري جهاز جي تري تي سپون ۽ ٻيون سامونڊي شيون (Sea Growth) چهٽيو وڃن، جيڪي جهاز جي لس هلڻ ۾ رخنو وجھن ٿيون ۽ رفتار ڏينهون ڏينهن گھٽجڻ لڳي ٿي. جهاز جي تري جي صفائي ۽ چڪاس لاءِ جهاز کي خشڪ گوديءَ ۾ اچي بيهاربو آهي جنهن کي ڊراءِ ڊاڪ (Dry-Dock) سڏجي ٿو. ڊراءِ ڊاڪ ۾ ڪيل صفائي، رنگ روغن ۽ مرمت کي Dry-Docking سڏجي ٿو. هر ڪارگو جهاز لاءِ ضروري آهي ته ٻن سالن ۾ هڪ دفعو ڊراءِ ڊاڪنگ ڪرائي ۽ مسافر جهاز لاءِ سال ۾ هڪ دفعو ضروري آهي.
    جيٽي : بندرگاهه جو ڌڪو، جنهن سان جهاز لڳي بيهي ٿو، جيٽي سڏجي ٿي. ڪن جهازن کي بندرگاهن ۾ جيٽي نه ملندي آهي ته پوءِ جيٽيءَ سان لڳل جهاز جي ڀرسان ٿي بيهندا آهن. اهڙي صورت ۾ چئبو آهي ته اسان جو جهاز فلاڻي جيٽيءَ تي بيٺل فلاڻي جهاز جي Alongside آهي. هانگ ڪانگ، سنگاپور جهڙن مشغول بندرگاهن ۾ جهازن کي عام طرح ‘الانگ سائيڊ’ به بيهاريو وڃي ٿو. اهڙي صورت ۾ جهاز جو ڪارگو ڪناري بدران سمنڊ واري پاسي بيٺل بارجز ۾لاهڻو پوندو آهي. بارجز (Barges) تانگهي ۽ بنا انجڻ واري ٻيڙي ٿئي جنهن کي ‘ٽگ بوٽ’ يا عام لانچ ڇڪي.
    ڊيرڪون : جهاز تي سامان لاهڻ يا چاڙهڻ لاءِ بندرگاهه تي ڪرينون (Cranes) ٿين. ڪن بندرگاهن ۾ اهي نه ٿين ۽ جهاز تي لڳل ڪرينن ذريعي سامان لاٿو ويندو آهي. جهاز جي Cranes کي ڊيرڪ Derrick سڏجي ٿو.
    ڪئبن : جهاز تي رهائشي ڪمرا ڪئبنون (Cabins) سڏجن ٿيون.
    ڊيوٽي ميس : جهاز کي هڪ وڏي ميس ٿئي جنهن کي Dinning Saloon سڏجي ٿو، جنهن ۾ سڀ آفيسر، گھڻو ڪري يونيفارم ۾ ماني کائين. سئلون کان علاوه هڪ ننڍڙي ڊيوٽي ميس ٿئي جنهن ۾ ڊيوٽي وارا انجنيئر ۽ ڊيڪ آفيسر ماني کائين. ڊيوٽي ميس خبرن ۽ ڪچهريءَ کان مشهور ٿئي جتي هر ڪو فري اسٽائيل ۾ ٻٽاڪ سٽاڪ هڻندو آهي. بئرن ۽ وڏن آفيسرن جي اچ وڃ نه هجڻ ڪري ناقابل اشاعت لطيفه، شعر و شاعري ۽ پنهنجا پراوا Scandal آزادانه نموني بيان ڪيا ويندا آهن.
    برج روم : جهاز جي ڪنٽرول روم کي برج سڏجي ٿو. برج جو هڪ حصو چارٽ روم هوندو آهي. جنهن ۾ هلڪي روشنيءَ جو بندوبست ٿيل هوندو آهي، جيئن مختلف سمنڊن جا چارٽ ڏسي ۽ ماپي سگھجن. باقي حصي ۾ اونداهه ڪئي ويندي آهي جيئن رات جو سامهون ايندڙ جهاز ڏسي سگھجن. برج جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي واري حصي کي Wing سڏجي ٿو.
    بل ورڪ : جهاز جي چؤڌاري ڏنل ٻنوڙي کي Bulwark سڏجي ٿو.
    بنڪر : جهاز جون مشينون هلائڻ لاءِ جيڪو تيل وٺجي ٿو ان کي Bunker سڏجي ٿو. بنڪر وٺڻ وارو سڄو ڏينهن يا رات انجنيئرن لاءِ ڊوڙ ڊوڙان جو هوندو آهي. جهاز لاءِ هڪ قسم جو تيل نه پر ڪيترن ئي قسمن جو تيل ٽنن جي حساب سان وٺجي ٿو. جنهن کي مختلف ۽ مقرر ٿيل ٽانڪين ۾ جمع ڪيو وڃي ٿو. هڪ ويهه هزار کن ٽن جهاز لاءِ اٽڪل هي تيل وٺبا آهن. جيڪي مهينو کن هلن.
    هيوي فيول H.F.O ــ ٻارهن سؤ کن ٽن
    مئرين ڊيزل آئل ــ چار سؤ ٽن
    ڪرئنڪيس آئل ــ چار هزار گئلن
    سلينڊر آئل ــ ٻه هزار گئلن
    ٽربائين آئل ــ هڪ هزار گئلن وغيره وغيره.

    ائنڪر : جهاز جي اڳئين منهن وٽ لنگر (Anchor) ٿئي ٿو جيڪو سمنڊ ۾ جهاز کي بيهارڻ مهل هيٺ زمين تي ڪيرايو ويندو آهي. ائنڪر زمين جي تري ۾ وڃي ڦاسندو آهي ۽ جهاز کي اڳيان وڌڻ نه ڏيندو آهي. وري جڏهن جهاز کي هلڻو هوندو آهي ته ونڊلس مشين ذريعي لنگر کي ٻاهر ڇڪي ڪڍبو آهي. بندرگاهه ۾ جيٽيءَ ڀرسان جاءِ ملڻ تي لنگر ڪيرائڻ بدران جهاز کي جيٽيءَ تي کتل ڪلي سان ٻڌو وڃي ٿو. لنگر (Anchor) لاءِ مشهور ڳجھارت آهي ته اها ڪهڙي شيءِ آهي جنهن جي جڏهن ضرورت پوندي آهي ته اڇلائي ويندي آهي ۽ جڏهن ضرورت نه هوندي آهي ته پٽ تان کڻي رکي ويندي آهي.
    ائنڪريج : جهاز سڄو سفر پورو ڪري جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ پهچي ٿو ته هن کي اجازت نه آهي ته بندرگاهه ۾ يڪدم گھڙي پوي. بندرگاهه ۾ اچڻ کان اڳ کلئي سمنڊ ۾ لنگر Anchor ڪيرائڻو پوي ٿو. پوءِ بندرگاهه اٿارٽيءَ طرفان ان ملڪ جي ڪسٽم ۽ اميگريشن جو عملو کلئي سمنڊ ۾ جهاز تي پهچي جهاز جي عملي ۽ مسافرن وغيره جي ڪاغذن جي چڪاس ڪري ٿو. ان بعد بندرگاهه طرفان پائلٽ اچي ٿو، جيڪو جهاز کي آهستي آهستي ڪري اندر بندرگاهه ۾ مقرر ڪيل جيٽيءَ تي اچيو بيهاري.
    هر بندرگاهه جي ٻاهران، کلئي سمنڊ جو اهو حصو جتي جهاز کي ائنڪر ڪيرائي اندر اچڻ جو انتظار ڪرڻو پوي ٿو، ان کي Anchorage (ائنڪريج) سڏجي ٿو. ائنڪريج تي بيهڻ وارو وقت جهازيءَ لاءِ آرام ۽ انتظار جو هوندو آهي. آرام جو ان ڪري جو ائنڪريج تي نه جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي ڪرڻي پوي ٿي نه ڪا مشينري کولي ان جي مرمت (Overhauling) ڪرڻي پوي ٿي. سو مسافريءَ جو ٿڪ ڀڃڻ ۽ آرام لاءِ ائنڪريج سٺو آهي. ساڳئي وقت انتظار به ڪرڻو پوي ٿو ته خبر نه آهي جهاز کي ڪڏهن اندر گھرائن، جيئن ڪناري تي پير رکي سگھجن ۽ گھمي ڦري سگھجي. اڄڪلهه ڪيترا ئي بندرگاهه ماڊرن ٿي ويا آهن ۽ ڏينهن اڌ جي انتظار بعد اندر گھرايو وڃي ٿو. هڪ اهڙو به سفر ياد اٿم جنهن ۾ ڪراچيءَ کان ڪيوبا سفر ۾مهينو لڳو. ان بعد ڪيوبا جي ائنڪريج تي مهيني کان به مٿي انتظار ڪرڻو پيو. ان بعد مهيني کن پوءِ جهاز جيئن بندرگاهه ۾ گھڙيو ته ڪيوبا جي ڪميونسٽ حڪومت اسان کي ڪناري تي پير رکڻ جي هڪ ڏينهن جي به اجازت نه ڏني.
    ائنڪريج کي ڪڏهن ڪڏهن فقط ائنڪر به چيو وڃي ٿو. چي اسان جو جهاز چار ڏينهن ائنڪر تي بيٺو ان بعد اندر سڏايو ويو.
    ڊوميسٽڪ فرج : جهاز تي ٻه ٽي ڪمرا، گوشت، مڇيءَ ۽ ڀاڄيءَ ميوي کي ٿڌو رکڻ لاءِ هوندا آهن. انهن ڪمرن کي جنهن مشين ذريعي ريفريجريٽر وانگر ٿڌو رکيو ويندو آهي ان کي ‘ڊوميسٽڪ فرج’ سڏجي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته ٻن ٽن مهينن جي سفر جو راشن اٽڪل چاليهه کن رڍون، ٻڪريون ۽ ڍڳيون هونديون آهن. ان خيال کان ڊوميسٽڪ فرج مشين تمام اهم سمجھي وڃي ٿي، جنهن جي خراب ٿيڻ تي سڄو گوشت خراب ٿي سگھي ٿو. جنهن کي پوءِ سمنڊ ۾ ئي اڇلائڻو پوي ٿو ۽ نئين گوشت لاءِ ويجھي بندرگاهه جو رُخ رکڻو پوي ٿو.


    سفر جي شروعات

    سيڪنڊ انجنيئري جو امتحان پاس ڪري جيئن ئي ڪراچيءَ پنهنجي آفيس پهتس، ته ان ئي ڏينهن مون کي ‘عزيز ڀٽي’ جهاز تي في الحال ٿرڊ انجنيئر جي حيثيت سان Sail ڪرڻ لاءِ چيو ويو جو ان جهاز جو ٿرڊ انجنيئر ڳپل مهينن کان موڪل لاءِ واجھائي رهيو هو.
    جهاز جي هڪ ڳالهه آهي ته هر جهاز تي هڪ مقرر عملو ٿئي ٿو، جنهن کان سواءِ جهاز جو هلڻ مشڪل آهي. هونءَ ئي اسان وٽ، “مئرين انجنيئرن” ، جهازن تي سخت ضرورت هئي، ويتر جو بنگلاديش ٺهڻ بعد مڙيئي بنگالي هليا ويا ته، ڪيترن جهازن تي اسٽاف جي کوٽ ٿي پئي ۽ موڪلن تي ويلن کي به واپس ڊيوٽيءَ لاءِ گھرائي، جن جن ملڪن ۾ پاڪستاني جهاز بيٺا هئا، انهن کي باءِ ايئر موڪليو پئي ويو.
    ‘عزيز ڀٽي’ تي پهتس ته معلوم ٿيو ته، اهو جرمنيءَ جو ٺهيل جهاز آهي ۽ انجڻ پڻ جرمن M.A.N اٿس. هيءَ انجڻ منهنجي لاءِ نئين هئي. ان کان اڳ مون فقط سلزر انجڻ وارا جهاز هلايا هئا. جهاز جو انجنيئر، جنهن کي اهو جهاز ڇڏڻو هو، سو منهنجو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جو دوست سعيد سليمان هو. اسان ٻئي پيٽارو ۾ گڏ روم ميٽ هئاسين. (ان کان پوءِ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ پڻ)، انجڻ جي چارج ڏيندي، آڱرين تي چميون ڏئي چوڻ لڳو: “انجڻ هن جهاز جي، پٽُ اٿئي پٽ! ٿورو به خيال رکندين ته جرمن زالن وانگر، هروڀرو دوکو نه ڏيندءِ. کڻي ائٽلانٽڪ سمنڊ هجي يا بي آف بسڪي. هر شيءِ آٽوميٽڪ اٿئي.” پوءِ جنريٽرن وٽ بيهي وري آڱرين تي چمي ڏئي چوڻ لڳو: “جنريٽر فرسٽ ڪلاس، پمپ فرسٽ ڪلاس ۽ جونئر اسٽاف سڄو قابل اٿئي. تو کي ڪنهن به قسم جي سمنڊ يا بندرگاهه تي پريشاني نه ٿيندي.”
    “بس، بس. تو تي اعتبار آهي. تون ڀلي موڪل ڪر. پر اهو ٻڌاءِ، هن جهاز جي ‘روٽ’ ڪهڙي آهي. انگلنڊ يا آمريڪا ته نه اٿس؟”
    “ڇو ڀلا؟ اوڏانهن ڪنهن ڇوريءَ کي شاديءَ جو ڏٽو ڏئي آيو آهين ڇا؟” هن مون کي گھُوريندي چيو.
    “نه يار، اوڏانهن مونکي هر دفعي موڪليو اٿن. هن دفعي آءٌ اهو سوچي سامونڊي نوڪريءَ لاءِ نڪتو آهيان ته ڏور اوڀر ڏي ڪو جهاز ويو ته ويندس. جو اهو ئي دنيا جو حصو منهنجو ڏٺل ناهي.”
    “پارٽنر، ويري ساري! هي جهاز ته انگلنڊ ۽ يورپ ٿو وڃي.” سعيد ٻڌايو ۽ آءٌ ماٺ ٿي ويس.
    سال کن اڳ سامونڊي نوڪريءَ مان تنگ ٿي جڏهن ڇڏيم ته ظفر حسن، استاد بخاري، ناريجو ۽ هادي بخش جهڙن اديب دوستن چيو: “تنهنجي نوڪريءَ مان گھٽ ۾ گھٽ اسان کي مختلف ملڪن جا سفرناما پڙهڻ لاءِ پيا ملندا هئا. آغا سليم، قمرشهباز ۽ امرجليل جهڙن دوستن جڏهن پهرين سفرنامن جي همت افزائي ڪئي ته آءٌ اهو سوچي وري سمنڊ ڏي ڇڪجي آيس ته گھٽ ۾ گھٽ رهيل ملڪ، خاص ڪري اوڀر پاسي جا ضرور ڏسڻ کپن، جتي جادوءَ ڀريو جپان آهي. پراسرار چين ۽ ڪوريا، سهڻو سهڻو سنگاپور ۽ ملايا آهي، هانگ ڪانگ آهي۽ ٿائلنڊ آهي. پر افسوس جو جيڪو جهاز ملي رهيو هو، سو اوڏانهن ويو ٿي جتي اڳ به ڪيترا دفعا وڃي چڪو هوس. سامهون بندرگاهه ۾ ٻيا به نئشنل شپنگ ڪارپوريشن جا جهاز بيٺا هئا. اهي ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا. انهن سان منهنجو ڪو سروڪار نه هو. مون کي پنهنجي جهاز سان رهڻو هو جيڪو هفتي کن کان پوءِ ڪويت ۽ ممباسا کان ٿيندو لنڊن وڃڻو هو. اتان پوءِ هر دفعي وانگر جرمني، فرانس، بيلجم ۽ پولنڊ جي بندرگاهن ۾ وڃڻو هو. اسان جي سامهون ‘سرفراز رفيقي’ نالي جهاز بيٺو هو، جو ٻئي ڏينهن تي ڪراچيءَ کان لنگر کڻڻ جي تيارين ۾ هو.”
    “يار هي جهاز سرفراز رفيقي به عجيب آهي. سندس انجڻ بلڪل پٺيان هئڻ ڪري، سمنڊ تي ڏاڍو لڏي ٿو.” هڪ انجنيئر ٻڌايو.
    “انجڻ پٺيان هئڻ ڪري ته لڏي ٿو پر هونءَ به لڏڻ سندس عادت آهي. شل نه ٿوري تکي هوا لڳي يا سمنڊ ۾ ڪا وڏي ڇولي اچي، پوءِ پنهنجو پاڻ سنڀالڻ ۾ ئي پورو هوندو آهي.” ٻئي چيو.
    آءٌ اهو سوچڻ لڳس ته اهڙو گھڻو لڏڻو جهاز به مصيبت آهي، جيڪو ٿوري جھڪ، ٿوري سامونڊي چاڙهه تي ئي مست ٿي ڪُڏڻ لڳي. هونءَ به مون کي اهي جهاز نه وڻندا آهن جن جي پُڇ ۾ انجڻ هجي. جي رهائش ۽ انجڻ وغيره وچ ۾آهي ته ايترو لوڏو محسوس نٿو ٿئي. ڪنهن به ڊگھي ڪاٺيءَ کي وچ تي جھلي پاسن کان هيٺ مٿي ڪري ڏسبو ته پُڇڙين جي مقابلي ۾ وچ ذري گھٽ هڪ هنڌ رهندو ۽ اهڙيءَ طرح لوڏن وقت جهاز جي پاسن تي رهندڙ هيٺ مٿي ٿا ٿين ۽ وچ وارن کي گھٽ لوڏا اچن ٿا.
    اسان جهاز جا ڪجھه آفيسر ان ئي ڏينهن شام جو چانهه تي جهاز جي ڊيڪ تي اچي گڏ ويٺاسين ته اتي آفيس جو پٽيوالو، جهاز جي ڏاڪڻ چڙهندي نظر آيو. خطن جي ڀري هٿن ۾ هيس سا اچي مونکي ڏنائين. مختلف واسطيدارن لاءِ ساڳئي خط جا نقل هئا ۽ مون ڏي پڻ، جنهن ۾ لکيل هو ته ‘عزيز ڀٽي’ جهاز کي ڇڏي سرفراز رفيقي جهاز تي هينئر جو هينئر وڃي چڙهان، جو اتي جي انجنيئر جو حادثو ٿي پيو آهي. هيٺان نوٽ لکيل هو ته؛ ‘جهاز سڀاڻي ڏهين وڳي ڪراچي ڇڏي رهيو آهي.’
    واچ ۾ نهاريم. ان وقت شام جا پنج وڄي چُڪا هئا. سڀني دوستن خط پڙهي تعجب کاڌو ته هي ڪهڙو نادرشاهي حڪم آهي جو چوويهه ڪلاڪن جي به وچ ۾ مهلت ڪانهي. ڪو چوڻ لڳو ته بيمار ٿي پئُه. ڪو صلاح ڏيڻ لڳو ته؛ چئين ته يونيفارم تيار نه آهي. مون کي ته اڳهين ان جهاز تي وڃڻ لاءِ دل کوٽي هئي سو عذرن جي آجيان ڪندي فيصلو ڪيم ته اهڙو نمونو اختيار ڪندس، جو ٻئي ڪنهن کي رکي ڇڏين ۽ جهاز نڪري وڃي. پر ان هوندي به احتياط خاطر ڪراچيءَ جي دوستن کان موڪلائڻ لڳس. سڀ ايترو جلد روانو ٿيڻ تي تعجب کائڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا: “يار تو سان اها حالت پئي ٿئي، جا گمنام سپاهيءَ سان دفن وقت ٿيندي آهي. بنا ڪنهن روئڻ جي، بنا ڪنهن جنازي نماز جي، بنا ڪنهن دعوت جي روانو ٿي رهيو آهين.”
    ٻئي ڏينهن آفيس مان صبح ساڻ اچي جهازن جو ٽائيم ٽيبل ورتم. سرفراز رفيقي جهاز جي وڃڻ جا هنڌ پڙهي کڻي ڏسان ته مار! اهي ئي هنڌ، جيڏانهن آءٌ وڃڻ ٿو چاهيان... ملايا، چين، سنگاپور، ٿائلنڊ، هانگ ڪانگ، جپان. نه فقط ايترو پر جپان کان پوءِ جهاز کي آمريڪا جي اولهه ڪناري جي شهرن لاس اينجلس، سئن ڊياگو، وئنڪوئر پڻ وڃڻو آهي. مونکي باقي ڇا ٿي کتو. جهاز جون ٻيون سڀ اوڻايون وساري، يڪدم سامان ٻڌي، ٽئڪسي ڊوڙائي، اندر بندرگاهه ۾ پهتس، ٽائيم سوا ڏهه ٿيو هو. پائلٽ جهاز تي پهچي چڪو هو. جهاز جي ڏاڪڻ کڄي چڪي هئي، جلدي جلدي ڪرين ذريعي مونکي ۽ منهنجي سامان کي جهاز تي چاڙهيو ويو ۽ جهاز ڪراچيءَ جي بندرگاهه مان ٻاهر نڪرڻ لڳو. منهوڙي کان پر-ٻهرو جهاز کي پڄائي، پائلٽ الوداع ڪئي. انجڻ روم جي ٽيليگرام جي سُئي Full Ahead تي پهچڻ سان، جهاز پنهنجي سڄي رفتار سان ڏکڻ طرف پهرين ويجھي بندرگاهه ڪولمبو ڏي وڌڻ لڳو. پٺيان ڪراچيءَ جون اڀيون عمارتون ميرانجھڙيون ٿيندي ٿيندي غائب ٿي ويون ۽ هاڻ چؤڌاري سمنڊ ئي سمنڊ، پاڻي ئي پاڻي ۽ انجڻ ۽ ڇولين جو آواز رهجي ويو آهي ۽ آ ويٺو حال اوريان.
    جهاز، سلون تائين ڏکڻ ڏي وڃي پوءِ اتان اڀرندي طرف رُخ رکندو. ستن ڏينهن کان پوءِ ملائيشيا جي مشهور بندرگاهه پينانگ ۾ پهچندو.


    سي سڪنيس ۽ نشي وارا بسڪيٽ

    ڪنهن سچ چيو آهي ته طوفان نه آهن ته وچ سمنڊ تي به نه آهن ۽ جي قسمت ۾ آهن ته ڪناري تي به بچيو نٿو سگھجي. ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته آمريڪا ويندي ائٽلانٽڪ سمنڊ، جيڪو خوفناڪ سمنڊن ۾ وڏي ۾ وڏو سمجھيو وڃي ٿو، (پکيڙ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو سمنڊ پئسفڪ آهي.) اهو به سڄي واٽ، ڏهه ئي ڏينهن کن، آفريڪا جي ڪيپ آف گڊهوپ کان وٺي، نيويارڪ (آمريڪا) يا ويسٽ انڊيز تائين اهڙو ماٺو ملندو آهي جهڙي آرسي هجي ۽ محسوس ئي نه ٿيندو آهي ته ڪو جهاز هلي پيو. فرلانگن جا فرلانگ جهاز، پٺيان پاڻيءَ تي لينگھو ٺاهيندو ويندو آهي، جيئن واريءَ تي ڪنهن کي گھلڻ جا نشان بيهن. ڪڏهن ته وري اهڙي حالت، جا هن دفعي ٿي. ڪراچيءَ کان ٻاهر نڪتاسين ئي مس ته موسم ۽ سمنڊ خراب مليو. جهاز اڳهين هلڪو هو. ڇاڪاڻ ته خالي پئي ويو، سو ائين گڏھ وانگر ڪڏائڻ لڳو جو سڀني کي الٽين جو ڦهڪو هو. لاٽون ڦري ڦري، ڪرڻ وقت جيئن آخري ٻه چار چڪر پاسيرا هڻندو آهي، ڪجھه اهڙي ئي انداز سان اسان جو جهاز لڳاتار لڏي رهيو هو. سڄو ڏينهن گذري ويو. منهنجو سامان ڪئبن ۾ ائين ئي رکيو هو. آخر پئنٽري مئن (ميس جي اسٽيورڊ ۽ بئائز جي انچارج) کان پڇيم: “منهنجو ڪهڙو بئاءِ آهي. نه سامان ٺاهيو اٿس نه چادرون مٽايون اٿس.” پئنٽري مئن چوڻ لڳو: “سائين بئائز سڀ نوان آيل آهن ۽ سڀني کي سي سڪنيس (Sea-Sickness) پئي ٿئي. ڊائننگ سلون ۾ به آءٌ اڪيلو ڪم ڪري رهيو آهيان.”
    ٿوري دير کان پوءِ ٺڪاءَ سان درُ کليو. مون ته سمجھيو الائي ڪنهن مست سانَ در کي ٿونو هنيو. گھنجيل قميص ۽ وکريل وارن ۾ هڪ ڇوڪرو ائين اچي اڳيان ٽنگون ڦاڙي بيٺو، ڄڻ ڪو موالي پيئڻ کان پوءِ پئسا نه ڏيڻ ڪري، شراب خاني مان ڌڪا ڏئي ڪڍيو ويو هجي.
    “سر، مون کي نديم چون ٿا. آءٌ توهان جو بئاءِ آهيان.”
    “ڇو خير ته آهي؟ سي سڪنيس پئي ٿئي ڇا؟ اها ته سڀني کي ٿيندي آهي.” مون کيس سمجھائيندي چيو؛ “ان جو اهو مطلب نه آهي ته ڊيوٽي نه ڪجي. تنهنجي ته ڊيوٽِي ڪا ڏکي ناهي. اسان جي ڏس ڪيتري ڏکي ۽ جوابداريءَ واري آهي ۽ يڪا چار چار ڪلاڪ ڏينهن جو ۽ رات جو بيٺي پير، انجڻ روم ۾ گرميءَ ۾ ڪم ڪريون ٿا.”
    پاڻ نئون آيو هو، سو ٿوري دل وڏي ڪرڻ ٿي چاهيمانس. مون کي پڪ هئي ته جيئن ئي موسم صاف ٿي يا ڪو بندرگاهه اچي ويو ته کيس سڀ کان وڌيڪ سامونڊي نوڪري وڻندي.
    سي سڪنيس بابت اڳين ڪتابن ۾ پڻ لکي چڪو آهيان ته هيءَ بيماري موسم خراب ٿيڻ ڪري يا سمنڊ ۾ جوش اچڻ ڪري، جهاز جي لڏڻ سان ڦيريءَ وانگر محسوس ٿئي ٿي. پئسينجر جهاز ڪجھه اهڙي نموني سان ٺاهيا وڃن ٿا، جو گھٽ لڏن، پر مال بردار (ڪارگو) ۽ تيل کڻڻ وارا جهاز (ٽئنڪر) گھڻو لڏن ۽ گھڻي ڦيري ٿئي.
    سمنڊ ۾ گھٽ جوش هوندو آهي ته سي سڪنيس به تمام ٿوري ٿيندي آهي. ان حالت ۾ صرف اکيون ڳريون ٿين ۽ ننڊ جو گھيرٽ محسوس ٿئي. پر جي سمنڊ ۾ گھڻو جوش هوندو آهي ۽ ويتر موسم به خراب ٿي پوي ته پوءِ گھڻي ٿيندي آهي ۽ الٽيون پڻ اچن. هونءَ اڄ تائين ان بيماريءَ جي ڪا اهڙي دوا ايجاد نه ٿي سگھي آهي، جا هن کي سدائينءَ لاءِ ختم ڪري. گھٽائڻ لاءِ اپاءَ آهن، جهڙوڪ: پاڻيٺ واريون شيون، مثال طور؛ چانهه، شربت، رٻَ گھٽ وٺجن. ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ پاڻ کي رڌل رکجي. ڪمري جون دريون کولي تازي هوا کائجي. سمنڊ ڏي نه ڏسجي، ۽ ڪوشش ڪري کائيندو رهجي. جيتوڻيڪ ان وقت ڪا شيءِ نه ٿي وڻي، پر زوريءَ به کائجي. ڇو جو خراب حالت ويتر تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن ڪو خالي پيٽ تي الٽيون ڪرڻ چاهي ٿو. ان ڪري حاجين ۽ ٻين مسافرن جي جهاز تي کين زوريءَ بسڪيٽ کارايا ويندا آهن. ڪن پوڙهن حاجين جي واتان ٻڌبو آهي ته هو ان بيماريءَ جو ڪارڻ ئي اهي بسڪيٽ سمجھندا آهن ۽ کائڻ کان نٽائندا آهن. وطن موٽڻ تي ٻڌائيندا: “جهاز تي اسان کي زوريءَ بسڪيٽ کائڻ لاءِ ڏيندا هئا، جيئن نشي وارا بسڪيٽ کائي ستا پيا هجون. اسان به ان وقت ته بسڪيٽ وٺندا هئاسين، پر جهڙو ئي آفيسر پٺيرو ٿيندو هو ته سمنڊ ۾ اڇلي ڇڏيندا هئاسي.”
    هونءَ سي سڪنيس دوري مثال آهي. ان وقت زندگيءَ مان بيزاري محسوس ٿيندي آهي. ڪا شيءِ نه وڻندي آهي ۽ ڊيوٽي به لاچار ڪرڻي پوندي آهي. ان کان پوءِ هنڌ حوالي. ڇاڪاڻ ته سمهڻ سان وري به فرحت محسوس ٿئي ٿي ۽ الٽي جھَڪي ٿئي ٿي. حالت اها هوندي آهي جو سامهون سامان ڪرندو رهندو، پر دل نه چوندي ته بستري تان اٿي کڻي ريڊيو يا ريفريجريٽر کي ڀڄڻ کان بچائجي. ريڊيو يا ريفريجريٽر ته ڇا، دل چوندي آهي ته سڄو جهاز ڀلي ڀڄي ڀُري يا ٻڏي ته جيئن هن يڪي عذاب مان جان ڇُٽي. اهو ئي سبب آهي، جو اڳئين زماني ۾ جڏهن ننڍڙا جهاز هئا (جن ۾ هيڪاندو گھڻو سي سڪنيس ٿئي) غلام قيدين کان زوريءَ ماري ڪٽي چپُن ۽ ونجھن سان هلرايا ويندا هئا، پوءِ جڏهن سمنڊ خراب ٿيندو هو ۽ ‘سي سڪنيسس’ کين تنگ ڪندي هئي ته هو پنهنجي جان تان به هٿ کڻي، پاڻ کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪري انت آڻيندا هئا. ان ڪري کين سنگهرن سان ٻڌو ويندو هو. پر هاڻي، هڪ ته جهاز عمدي قسم جا آهن، هر هڪ پنهنجي خوشيءَ ۽ شوق سان اچي ٿو ۽ ٻيو ته جهاز تي ڪم ڪندڙن کي جيتريون سهوليتون آهن ٻئي ڪنهن نوڪريءَ واري کي مليل نه آهن.
    اسان جو جهاز ڪراچيءَ کان نڪرڻ بعد ٻه ڏينهن جوشيلي سمنڊ جو شڪار رهيو. آءٌ به ٻين وانگر سوچيندو رهيس ته بس جهاز رڳو ڪٿي پهچي ته هيءَ نوڪري ڇڏي ڪناري تي ڏکي سکي، گھٽ پگھار تي ئي سهي، ڪا نوڪري ڪبي، پر هيءَ نه. ههڙي نوڪريءَ کي باهه ڏجي. جهاز تي رهڻ لاءِ ايئرڪنڊيشنڊ جاءِ آهي ته ڇا، کائڻ لاءِ اوچو کاڌو ملي ٿو ته ڪهڙي ڪم جو، پگھار گھڻو آهي ته اهڙو پئسو ڇا ڪبو. ماڻهو ته اهو به سوچيندا هوندا ته اسان سڄي دنيا گھمون ٿا پر کين ڪهڙي خبر ته اهڙي دنيا ڏسڻ کان ته هيءَ چئن ڏينهن جي زندگي گھوٽڪي، ڪنڌ ڪوٽ يا ٻئي ڪنهن اهڙي غير رومانوي ڳوٺ ۾ ئي گذاري ڇڏڻ بهتر آهي. اهڙا ۽ ان جهڙا ڪئين خيال، جي زندگيءَ مان ڪڪ ٿيڻ جي حمايت ڪن ٿا، دماغ ۾ سي سڪنيس وقت ايندا آهن. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي جڏهن سمنڊ اوچتو ماٺو ٿيندو آهي، موسم صاف ٿي ويندي آهي ۽ بئراميٽر جو ڪانٽو نارمل ڏي وڌڻ لڳندو آهي ته ڳالهه وسري ويندي آهي ته ڪجھه گھڙيون اڳ ڪيڏي مونجھه ۽ آنڌ مانڌ هئي. ڇا حالت ۽ ڇا سوچ هئي. پنهنجين پراڻين ڳالهين تي کِل ايندي آهي. سو اسان جي جهاز کي به ٻن ڏينهن کان پوءِ جيئن ئي سمنڊ ماٺو مليو ته سڀني جا مرڪندڙ منهن ڊائننگ سلون، ائلي وي (جهاز جي گھٽين)، سموڪ روم (جهاز جي ڊرائنگ روم) ۽ ڊيڪ (عرشي) تي نظر آيا. پوءِ خبر پئي ته هن ٻيڙي تي ٻيا ڪير ڪير سفر ڪري رهيا آهن. ڏسندي ئي ڏسندي سڄي جهاز تي کل خوشي ۽ ٽهڪ چؤڌاري پکڙجي ويا. ٽيبل تي ڏسان ته استعيفى جي درخواست رکي آهي جا سي سڪنيس جي حالت ۾ نوڪريءَ کان ورچي لکي هيم. ان کي، ان وقت ئي ڦاڙيم. چڱو جو سمنڊ تي پوسٽ جا دٻا ڪونهن، نه ته خبر ناهي ڪيترن جهازين جون استعيفائون هر سال هيڊ آفيس پهچنديون رهن.
    هونءَ هي منهنجو سفرنامو اهي نوجوان، جن کي سامونڊي نوڪري ڪرڻ جو ارادو آهي، پڙهي شايد ويچار ۾ پئجي وڃن ته هيءَ جهاز تي ڪهڙي بلا، سي سڪنيس جي روپ ۾ نازل ٿئي ٿي. انهن لاءِ ايترو عرض ڪندس ته ان لاءِ ڪا گھٻرائڻ جي ضرورت ناهي. اهڙا خراب ڏينهن سمنڊ تي روز روز ڪو نه ٿا اچن. منهنجي هيستائين جي سامونڊي زندگيءَ ۾ اهو اندازو آهي ته اهڙا ڏينهن سراسري مهيني ۾ هڪ يا ٻه ٿا ٿين. ڪڏهن ڪڏهن ته ڇهن ستن مهينن جي سفر ۾ ڪٿي هڪ ڏينهن به اهڙو نه آيو هوندو. وري ساڳئي وقت سي سڪنيس سڀني کي هڪ جيتري به ڪا نه ٿي ٿئي. ڪن کي وري برداشت جو مادو تمام گھڻو آهي ۽ ڪيڏي به موسم خراب هجي، پر کين ذرو به اثر نٿو ٿئي. ڪن کي وري پهريون مهينو ٻه ٿئي، ان بعد صفا نه ٿئي يا تمام ٿورڙي سي سڪنيس ٿئي. بهرحال اها ڪا اهڙي ڳالهه ناهي، جنهن ڪري ڪو سامونڊي نوڪريءَ کي ڌڪاري.
    نوڪريءَ لاءِ هر جهاز تي ٻه طبقا ٿين. هڪ ‘خلاصين’ جو، جيڪي هيلپر نموني جو ڪم ڪن ۽ ٻيو جهاز هلائيندڙ عملو، جن جي ڏينهن رات جي ڊيوٽي ٿئي ۽ جوابداري پڻ. انهن ۾ ڊيڪ آفيسر (نيويگيٽر) ۽ انجنيئر اچي وڃن ٿا. انجنيئرن ۽ ڊيڪ آفيسرن جي چونڊ انٽر سائنس (فزڪس ۽ مئٿس) کان پوءِ ٿيندي آهي ۽ انهن کي مئرين اڪيڊميءَ ۾ ٻن سالن لاءِ ڪئڊٽ رکيو ويندو آهي. انجنيئريءَ جو پنجن سالن جو ڪورس هوندو آهي. جو انجنيئرنگ ڪئڊٽس کي وڌيڪ ٽي سال ڪنهن شپ يارڊ ۾ ‘يارڊ جاب’ ڪرڻو پوي ٿو. هي چونڊ جا مقابلي وارا امتحان مئرين اڪيڊمي وارا انٽر جي امتحان کان چار پنج مهينا اڳ جن لاءِ ‘ڪمانڊنٽ مئرين اڪيڊمي، ماريپور روڊ ڪراچي’ کان فارم گھرائي ڀرڻا پوندا آهن جن جي سؤ ڏيڍ سؤ روپيه کن في ٿئي. اسان جي ڏينهن ۾ هيءَ اڪيڊمي چٽگانگ جي ڀرسان ‘جلديا’ نالي ٻيٽ تي هئي، پر هاڻ ڪراچيءَ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي.
    خلاصين ۾ بورچي، واڍا، بي هنر، مشينري جي ڪم ۾ مدد ڪرڻ لاءِ آڳ وارا، تيل وارا، بئرا وغيره اچي وڃن ٿا. انهن جي چونڊ ڪراچيءَ ۾ ‘مرڪنٽائيل مئرين ڊپارٽمينٽ، ڪياماڙي’ ۽ ‘شپنگ آفيس’ سنڌ سيڪريٽريٽ ويجھو ٿيندي آهي. پوءِ اهي آفيسون خلاصين کي مختلف ڪمپنين جي جهازن تي موڪلينديون آهن. جهازن جا مکيه ٽي قسم آهن. مسافر بردار جهاز، مال بردار جهاز ۽ تيل کڻڻ وارا جهاز. مال بردار جهازن ۾ اهو مزو هوندو آهي ته اهي ڪيترن ئي بندرگاهن تي، گھڻا ئي ڏينهن، اڃا به هفتن جا هفتا بيٺا هوندا آهن. مسافر بردار جهازن تي ٻين جهازن کان پگھار ڏهه سيڪڙو کن مٿي ٿئي، پر هميشه مسافرن جو گوڙ متل هوندو آهي ۽ چند مقرر بندرگاهن تي ڏينهن اڌ مس ترسن. تيل کڻڻ وارن جهاز تي پڻ پگھار ٻين جهازن کان وڌيڪ آهي، پر اهي جهاز به فقط ٻن يا ٽن بندرگاهن ۾ وڃن. هڪ گھڻو ڪري ايراني نار يا ‘وچ اوڀر’ جو بندرگاهه جتان تيل کڻڻو هوندو اٿن ۽ ٻيو اهو، جتي ڇڏڻو هوندو اٿن. جنهن جهاز تي منهنجو سفر ٿي رهيو آهي اهو مال بردار (Cargo) جهاز آهي ۽ چوڏهن هزار ٽن مال کڻي سگھي ٿو. منجھس ريفريجريٽيڊ سامان، جهڙوڪ: ميوا، مڇيون، گانگٽ وغيره جن کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ برف کان به گھڻو ٿڌو رکڻ گھرجي، پڻ کڻي سگھجي ٿو. هي جهاز جرمنيءَ ۾ ۱۹۶۶ع ۾ ٺهيو ۽ اٺ سال پراڻو آهي.


    ملايا جو لباس ۽ چار قومي زبانون

    جهاز ٽئين ڏينهن سلون جي ويجھو پهتو ۽ سندس ڪنارو بنا دوربين جي نظر اچڻ لڳو. ان کان پوءِ سلون ٻيٽ جو هيٺان ڦيرو ڪري جهاز جو رخ اڀرندي طرف موڙيو ويو، جو بلڪل سامهون اوڀر ۾ ملايا آهي، جيڪا اسان جي پهرين منزل هئي ۽ ڪراچي ڇڏڻ بعد پوري ستين ڏينهن ملايا جي بندرگاهه ۽ ٻيٽ ‘پينانگ’ ۾ جهاز کي پهچڻو هو.
    ملايا ۾ پهچڻ کان ٻه ڏينهن اڳ، آءُ اهو سوچي رهيو هوس ته خبر ناهي ملايا جا ماڻهو ڪهڙي قد بتُ ۽ رنگ روپ جا هوندا. آمريڪا، يورپ ۽ آفريڪا گھمندي ٻين ملڪن جا ماڻهو ته اڪثر ڏٺل هئا، پر ڪڏهن به اهڙو همراهه نٿي سُجھيو جو ملايا جو هجي ۽ نه وري ڪٿي انهن بابت پڙهيو هوم. سندن اڳوڻي وزيراعظم، تنڪو عبدالرحمان، جو نالو سو ٻڌل هو. جنهن مان ايترو اندازو هوم ته اتي مسلمان پڻ هوندا. ٻيا ڪهڙن مذهبن ۽ ڌرمن جا ماڻهو، ڪهڙيون ٻوليون ۽ لباس پائين ٿا، ان بابت ڪا معلومات نه هئي سو پينانگ جهاز پهچڻ تائين آءٌ ملايا جي ماڻهن بابت سوچيندو رهيس.
    هينئر آءٌ پينانگ ٻيٽ ۽ ملايا جي سرزمين جي وچ ۾ هلندڙ فيريءَ ۾ چڙهي پينانگ ٻيٽ تي وڃي رهيو آهيان. منهنجي ڀرسان ۽ اڳين پوين بينچن تي ڪيترا ئي مرد، عورتون، ٻار ۽ ڇوڪرا ڇوڪريون ويٺا آهن. ڪي ڪڻڪ رنگا، ته ڪي پيلا ۽ ڪارسرا. اڇي گوري ۽ پيلي رنگ جا، چيني آهن، چيني ڇوڪرين کي اسڪرٽ پيل آهن. سانوري رنگ جا پر ٿورو سُونهن ۾ سرسُ، نڪُ چينين جهڙو ئي مِنو، پر ٿورو وڌيڪ چِپيل، ملئي آهن، جيڪي ملايا جا اصلي رهاڪو آهن. انهن جي عورتن جي پوشاڪ بشرٽ ۽ گوڏ آهي پر اڄڪلهه جا نوجوان ڇوڪرا پينٽ پائين، باقي ڇوڪريون ساڳي ڊريس کي چهٽيو اچن. گوڏ لاءِ مختلف رنگ ۽ اوچو ڪپڙو استعمال ڪن، خاص ڪري گُلن وارو يا شنگهائي سلڪ. بشرٽ ۽ گوڏ ٻن جدا رنگن جي استعمال ڪن، پر ڪي ڇوڪريون جيڪي ساڳيو رنگ استعمال ڪن، اهي ٿڌي رنگ کي ترجيح ڏين ٿيون. انهن جي زبان ملئي آهي ۽ مسلمان آهن. چيني، عيسائيت ۽ ٻڌ ڌرم سان واسطو رکن ٿا، ڪي ٿورا منجھن مسلمان پڻ آهن ۽ ڪي چيني پراڻي مذهبن جي پيروي ڪن ٿا. سامهون جيڪو انڊونيشي نموني جي ڪاري ٽوپي ۾ ويٺو آهي سو پڻ ملئي آهي، مون سمجھيو شايد انڊونيشي آهي، پر پڇا تي معلوم ٿيو ته ملايا ۾ ٽوپي پائڻ نيازمنديءَ جي نشاني آهي.
    ملايا ۾ چپي چپي تي توهان کي ڏکڻ هندستان جون ساڙهيءَ ۾ ڍڪيل، سنهڙيون، ڪاريون ڇوڪريون، تامل زبان ڳالهائيندي نظر اينديون. انهن ۾ مسلمان به آهن ته هندو به. سندن مردن جو لباس، اڇي گوڏ، سا وري گوڏن وٽان مٿي وريل هوندي. ملايا جون چار قومي زبانون آهن؛ انگريزي، ملئي، چيني ۽ تامل. انگريزي گھڻو ڪري هر ڪو ڳالهائي ۽ سمجھي. رڪشا وارو يا اڻپڙهيل دڪاندار به توهان سان انگريزيءَ ۾ گفتگو ڪري ويندو. ڏکڻ ۾ مڙئي اتر کان وڌيڪ انگريزن جو اثر ڇڏيل ٿو ڏسجي. فيري ويهن منٽن ۾ پينانگ پهچي ٿي. سڀ لهن ٿا ۽ پينانگ ٻيٽ گھمڻ لاءِ ٽڙي پکڙي وڃن ٿا.
    ماڻهن ۽ موٽر لارين کي، درياءَ جي هڪ ڀر تان ٻي ڀر تائين پهچائڻ لاءِ يا سمنڊ جو ننڍڙو ٽڪرو اڪارڻ لاءِ هڪ ويڪرو ننڍڙو جهاز، يا وڏي ٻيڙي، انجڻ تي هلندڙ ٿئي. جنهن کي عام طور فيري سڏجي ٿو. اهڙو سسٽم ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهي. جيئن لورپول ۾ برڪن هيڊ ۽ پيئر هيڊ جي وچ ۾ فيري هلي ٿي، يا هانگ ڪانگ کان ڪولون، ڪولون کان مڪائو وغيره. ڊاڪا، چٽگانگ، کلنا ۾ اهو فيري سسٽم عام آهي. اسان وٽ پڻ موري ۽ دادوءَ وچ ۾ جڏهن ۽ جيسين پُل ٺهي، فيريءَ جي ڪري اچ وڃ جي سهوليت پيدا ڪري سگھجي ٿي. اهڙي نموني درياءَ جي ٻين ڪيترن هنڌن تي ٻن ڪنارن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍڻ لاءِ هي طريقو وڏو ڪارآمد ثابت ٿيو آهي. فيريءَ جو هيٺيون ڊيڪ موٽرن/ لارين بيهڻ لاءِ هوندو آهي ۽ مٿيون مسافرن لاءِ.


    ستم ڪندو رهه ستمگر

    پينانگ ٻيٽ، ملائيشيا جي سرزمين کان ٿورو ئي پري، ٻه ميل کن ٿيندو، جنهن جي چؤڌاري سمنڊ آهي. هونءَ هي سڄو علائقو ننڍن وڏن ٻيٽن سان ڇانيو پيو آهي ۽ سوين انڊونيشيا ۽ ملايا جا ٻيٽ هڪ ٻئي سان گڏيا پيا آهن. ڪي ته اهڙا به ننڍا ٻيٽ آهن جن تي ڪو رهي به ڪو نه ٿو. ملايا کي پنهنجون يارهن رياستون آهن. ۱۹۶۳ع ۾ انهن رياستن: اتر بورنيو (جنهن کي اڄڪلهه سراواڪ ۽ سباح سڏجي ٿو)، گڏجي پنهنجي ائسوسيئيشن ٺاهي ۽ سڀ پاڻ کي گڏجي ‘ملائيشيا’ سڏائڻ لڳا. پر پوءِ سنگاپور ۹ آگسٽ ۱۹۶۵ع تي انهن کان ڌار ٿي، الڳ ملڪ جي حيثيت اختيار ڪئي آهي. ملائيشيا جو وڏو شهر ۽ گاديءَ جو هنڌ ڪوالالمپور آهي، پر هڪ سياح لاءِ پينانگ ٻيٽ به وڏي ڪشش رکي ٿو، جيڪو بقول سندن هڪ ننڍڙو ‘ملائيشيا’ آهي، جنهن ۾ توهان کي هر اها شيءِ ملندي، جيڪا سڄي ملائيشيا ۾ آهي.
    اسان جي جهاز پينانگ ۾ اچڻ بدران ملائيشيا جي سرزمين جي آخري ريلوي اسٽيشن واري شهر ‘بٽرورٿ’ ۾ اچي لنگر ڪيرايو. اسان کي هتان جهاز ۾ آمريڪا لاءِ رٻڙ ۽ مڇي کڻي وڃڻي آهي. پينانگ ۽ بٽرورٿ جي وچ ۾ هر اڌ اڌ ڪلاڪ کان پوءِ فيري هلي ٿي. پينانگ وڃڻ لاءِ ڪا ٽڪيٽ ناهي، پر موٽڻ تي ٽڪيٽ وٺڻي پوي ٿي. پينانگ ۾ هر شيءِ بنا ٽئڪس جي وڪامي پر اها شيءِ پينانگ کان ٻاهر ڪڍڻ تي ٿورو گھڻو ٽئڪس لڳي ٿو. پينانگ ۾ دنيا جي هر شيءِ تمام سستي ملڻ ڪري، ٻارهو ئي ڌارين مسافرن ۽ ملڪي ماڻهن جو ميلو لڳو پيو آهي. جتي خريداريءَ جهڙو ڪم هجي اتي عورت ذات جو هجڻ تمام ضروري سمجھڻ کپي، ڇو ته خريداري، عورت جي دلپسند وندر آهي. ٻين ڳالهين لاءِ وٽس وقت هجي يا نه پر خريداريءَ لاءِ ضرور هوندو اٿس. پهرئين ڏينهن مون کي خبر نه هئي ته ڪو پينانگ ‘ٽئڪس فري ٻيٽ’ آهي. جتي ڪٿي، لاس پاماس (Canary ٻيٽ) ۽ ٽرنيڊاڊ ٻيٽن (ويسٽ انڊيز) جيان، ڇوڪريون ئي ڇوڪريون نظر پئي آيون. دڪانن تي ميڙ، گھٽين ۾ ميڙ ۽ هوٽلن ۾ سامان جي ڀرين سان گڏ عورتون. ٽيبل جي چؤڌاري ٻن ڪرسين تي پاڻ ويٺيون آهن ته ٻه سامان سان سٿيون پيون آهن. ڪپڙن جا پارسل، ڪوڙن زيورن جون دٻليون، سئنڊلن ۽ رومالن جا کوکا. آءٌ سوچيندو رهيس ته ڳالهه ڇا آهي. اڄ ڪو خاص ڏينهن آهي جيئن حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي سئنيمائن ۽ چڙيا گھرن ۾ هڪ ڏينهن فقط عورتن لاءِ هوندو آهي. اهڙو ڪو هتي به نمونو آهي، جو مرد ورلي نظر اچن ٿا! يا ته ڪو هتي ويجھڙائيءَ ۾ ڇوڪرين ۽ عورتن جا ڪاليج آهن جو موڪل بعد خريداري لاءِ نڪري پيون آهن. پر پوءِ هتي جي معلومات پڙهڻ بعد خبر پئي ته پينانگ ڊيوٽي فري ٻيٽ آهي جتي هر شيءِ اصلي اگھه تي (يعني ڪارخاني جي اگھه تي) ملي ٿي. پينانگ کان ٻاهر، ملائيشيا جي سرزمين تي آڻڻ لاءِ معمولي ٽئڪس آهي، جيڪو فقط ملائيشيا جي ئي ماڻهن کي ڏيڻو پوي ٿو ۽ اهو ٽئڪس وري سندن ئي ملڪ کي سجائڻ ۽ سندن سُک لاءِ ڪم ۾ آندو وڃي ٿو.
    واپسيءَ تي فيريءَ ۾ هڪ محترمه منهنجي ڀرسان ويٺي هئي. صحت ۾ ڪجھه وڌيڪ ئي صحتمند هئي ۽ سندس لاءِ سندس جسم ڍوئڻ ئي ڪافي هو، پر سامان پنهنجي تور کان به ٻيڻو کنيو هئائين. پاسي کان ڪڇُن مان ڪڏهن ڪو پاڪيٽ ڪريو ٿي پيس ڪڏهن ڪو دٻو. منهنجي پاسي وارا ڪرندڙ ٽپڙ ذري ذري مون ٿي کڻي ڏنس ۽ ٻئي پاسي جا سندس ٻئي پاڙيسريءَ. اٿڻ مهل شڪريو چوڻ وقت منهنجي منهن ۾ چتائي، پڇڻ لڳي؛ “ڇا فارينر (پرديسي) آهين؟”
    چيومانس؛ “ها. ڪراچيءَ کان آيو آهيان.” منهنجي هٿ ۾ رڳو رسالا ڏسي چوڻ لڳي؛ “توهان ڌارين لاءِ ته هتي معمولي ٽئڪس به معاف آهي پوءِ به تو پينانگ مان ڪجھه نه ورتو آهي. پينانگ کان وڌيڪ سستائي ته چنڊ تي به نه هوندي.”
    مون مُرڪي کڻي ماٺ ڪئي. هاڻ محترمه کي ڪير سمجھائي، ته اسان لاءِ جيڪي خدائي فوجدار ڪسٽم آفيسرن جي روپ ۾ ڪراچيءَ ۾ انتظار ڪري رهيا آهن ته رڳو پهچون ته ابتي کل لاهين، انهن کان ڪير بچائيندو. پاڪستاني ڪسٽم آفيسرن وٽ اگھي ته ڪچ نه ته ماڻڪن موٽ وارو حساب! جي راڻا ريجھيل هجن ته ڀلي ڪو ڏينهن ڏٺي جو هاٿي به ڪاهي وڃي ته به پرواهه نه آهي، نه ته ڪوشش اها ڪندا ته ٻاهران آيل مسافر کان چاڪليٽن جي پئڪٽ تي به ٽئڪس جو ٻڌائي، هيسائجي ۽ ڪجھه ڪڍجي. خبر ناهي ڪراچيءَ ڪسٽم جو ايترو سخت رويو ڇو آهي؟ جيڪر اهو ورتاءُ فقط پنهنجن تائين محدود آهي ته پوءِ گھر جي ڳالهه آهي، تون ستم ڪندو رهه ستمگر. پر جيڪڏهن ڌارين آيل مسافرن ۽ سياحن سان به اهڙو غيرقانوني رويو ٿو رکيو وڃي ته اها ملڪ لاءِ ناموس نه آهي. ان سان ڌارين تي ملڪ بابت غلط اثر پوي ٿو، ڇو ته هر ڌاريو ماڻهو، سياح، مسافر يا واپاري ڪنهن به ملڪ ۾ گھڙڻ سان پهرين پهرين ڪسٽم جي عملي سان ملي ٿو ۽ چوندا آهن ته:
    First impression is the last impression.
    ان ڏس ۾ اسان جي ڪسٽم ۽ اميگريشن جي عملي کي ملڪ جي ناموس لاءِ ڌارين آيلن سان، حد کان وڌيڪ سٺي ۽ آڌرڀاءَ واري لهجي ۾ ڳالهائڻ کپي ۽ نيڪ نيتي سان فرض پورو ڪرڻ سان ڌارئين آيل تي ملڪ بابت سٺو اثر وهي ٿو.


    هٿ جي هُنر جو ٻاهر مانُ

    اسان جي جهاز کي پينانگ (ملايا) ۾ رڳو هڪ ڏينهن بيهڻو هو. ملايا مان اسان کي رٻڙُ کڻڻو هو، پر پهچڻ سان معلوم ٿيو ته پنج سؤ ٽن مڇي به کڻڻي آهي. جهاز تي اهڙين شين لاءِ الڳ ڀانڊا (Hatches) ٺهيل آهن، جن کي ايترو ٿڌو رکي سگھجي ٿو جو گوشت مڇيءَ جهڙيون شيون خراب نه ٿين. هر شيءِ لاءِ هڪ اهڙو ٽيمپريچر ٿئي ٿو جنهن تي رکڻ سان اها خراب نٿي ٿئي. اهو تعليم دوران ‘ريفريجريشن ۽ ايئرڪنڊيشنگ’ سبجيڪٽن ۾ پڙهايو ويندو آهي. مثال طور برف جو ٽيمپريچر زيرو ڊگري آهي، پر مڇيءَ کي مهينن جا مهينا سٺي حالتن ۾ رکڻ لاءِ ضروري آهي ته ٽيمپريچر برف کان به ويهه ڊگريون وڌيڪ ٿڌو رکجي، يعني ڪاٽو ويهه ڊگريون. هونءَ ڳوٺن يا شهرن ۾ مڇيءَ کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ برف جي سرن اندر وجھي رکندا آهن. ائين ڪرڻ سان ڏينهن ٻن لاءِ صحيح آهي پر مهينن جا مهينا کائڻ لائق حالت ۾ رکڻ لاءِ مڇيءَ کي ان کان به وڌيڪ ٿڌو رکجي. اهڙي طرح گوشت لاءِ ڪاٽو ڏهه کن ڊگريون ڪافي آهن. ڀاڄين ۽ ميون لاءِ واڌو پنج ڊگريون. گهرو ريفريجريٽرن جي مٿئين خاني (چئمبر) جي ٿڌاڻ، مڇيءَ ۽ گوشت کي سٺو رکڻ لاءِ ڪافي آهي پر هڪ خيال رکڻ کپي ته گوشت ۽ مڇيءَ کي ضرورت موجب ڌار ڌار حصا اڳواٽ ڪري رکجن. يڪي گوشت کي روز ڳاري، رڌڻ لاءِ ٽڪرو ڪڍي باقي کي وري چئمبر ۾ ٿڌو رکڻ غلط آهي. هڪ دفعو گوشت يا مڇي، فرج خراب ٿيڻ ڪري، يا ٻاهر ڪڍڻ ڪري، روم ٽيمپريچر تي پهچي وئي ته ان بعد يڪدم استعمال ڪرڻ کپي. ٻيو دفعو وري ٿڌو رکڻ صحيح نه آهي.
    ڀاڄيون ۽ ميوا، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ڇڏين ٿا، سو ان لاءِ ضروري آهي ته اهي شيون پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ بند ڪري رکجن يا ريفريجريٽر جي هيٺئين ڍڪيل خاني ۾ رکجن. جهاز يا ٻين هنڌ گھڻي مقدار ۾ ميوا يا ڀاڄيون رکڻ وارين جاين تي پکا (بلوئر) لڳائڻ ضروري آهن، جيئن خراب گئس ٻاهر ڪڍي سگھجي ۽ ٿڌاڻ پڻ چؤڌاري هڪ جيتري ورهائجي.
    اسان کي جيئن ته ان ڪارگو جي اڳواٽ خبر نه هئي سو ان وقت اهڙو بندوبست نه هو. بهرحال ڀانڊن کي ان مقرر ٽيمپريچر جيترو ٿڌو ڪرڻ لاءِ يڪدم ان جون مشينون Refrigerating Compressors هلاياسين. ان ۾ ٻه ڏينهن لڳي ويا. ان کان پوءِ ٽي ڏينهن ٽي راتيون لڳاتار، ملايا جا بندرا مزور پنهنجي قد کان به ڊگھيون مڇيون جهاز تي چاڙهيندا رهيا ۽ اسان کي ايترو وقت ملڻ ڪري، نه رڳو پينانگ پر سؤ ميل ڏورانهون شهر پورٽ ڪلانگ، جيڪو اڳ ۾ پورٽ سويٽن هام سڏبو هو، پڻ ڏسڻ لاءِ ملي ويو.
    جيڪا مڇي هتان کڻي رهيا آهيون سا مون پهريون دفعو ڏٺي آهي. هڪ هڪ مڇي ڇهه فٽن جي ڊگھي آهي. ٽرڪن ۾ کڄي جهاز وٽ پهچايون وڃن ٿيون. اتان وڏين ڄارين ۾ وجھي ڪرينن رستي جهاز جي ڊيڪ تي رکيون وڃن ٿيون. جتان ٻه ٻه مزور مڇيءَ کي اندر کڻي ڀانڊن ۾ رکن ٿا. اهو ڪارگو لاس اينجلس، آمريڪا لاءِ آهي. هاڻي اتي ڏسجي ته آمريڪي ڪهڙي نموني سان جلد جلد ٿا لاهين جو انهن وٽ هر ڪم لاءِ اهڙا طريقا آهن جو ٻين ملڪن کان ترتُ ۽ سڦل آهن. هيءَ مڇي اتي ڳترا ڳترا ڪري کائڻ لاءِ ننڍن دٻن ۾ بند ڪئي ويندي يا دوائن وغيره ۾ پڻ ڪم ايندي. بهرحال ملايا جا ماڻهو ۽ سندن حڪومت اهڙين شين کي ٻاهرين ملڪن ڏي موڪلي چڱو ناڻو ڪمائي رهيا آهن ۽ سندن سڪي جو ڏسندي ئي ڏسندي اگھه وڌي رهيو آهي. هتي هڪ عام مزور به ملايا جا اٺ ڊالر، ٻٽيهه روپيا پاڪستاني، روز ڪمائي ٿو، جڏهن ته پاڻ وٽ ان جي اڌ جيترو به ناهي.
    هتان ملايا مان ٻاهرين ملڪن ۾ وڪري لاءِ شيون موڪلڻ تي ڪا به جھل پل يا ڪو ٻيو کٽراگ ناهي ۽ نه لائسنس جي ضرورت آهي ۽ نه ئي آفيسن جا ڦيرا ۽ ٻيا جھنجھٽ آهن. پاڻ سرڪار به همت افزائي ڪري ٿي ۽ سهولت ڏئي ٿي ته جيئن ماڻهو ملڪ جي ٺهيل سامان جي ٻاهرين ملڪن ۾ مارڪيٽ ٺاهي ڌارين ملڪن جو ناڻو ڪمائين، جنهن مان ملڪ کي پڻ فائدو رسي. اسان جي ملڪ مان پڻ مڇي ۽ گانگٽ، يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن ۾ موڪليا وڃن ٿا. اڳ ۾ ته چٽگانگ ۽ چالنا مان ڏيڏر به موڪليا ويندا هئا. آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾، خاص ڪري بيلجم ۾ ڏيڏرن جون ٽنگون ماڻهو وڏي شوق سان کائين ٿا ۽ انهن لاءِ اها شيءِ ائين لذيذ ۽ اڻلڀ آهي جيئن پاڻ وٽ تتر يا کنڀيون.
    جنهن پاڪستانيءَ پهرين ڏيڏر ٻاهر موڪلي يورپ جي مارڪيٽ تي قبضو ڪيو هو، ان کي سابق صدر ايوب خان همت افزائي خاطر انعام پڻ ڏنو هو. جيڪڏهن ٻاهريون ناڻو اسان وٽ اچي وڃي ته اسان جي رپئي جي قيمت پاڻهي وڌي وڃي. رپئي جي قيمت جي وڌڻ سان گھٽ ڪمائڻ وارو به سکي زندگي گذاري سگھي ٿو، ڇو جو شين جي قيمت پوءِ گھٽ لڳندي.
    اسان جي ملڪن جا ماڻهو هٿ جي هنر ۾ ڀڙُ آهن ۽ هٿ جي هنرن، جهڙوڪ: جنڊي، ڪاشي، اوڄو، ڀرت، ڇُر، ٽُڪ وغيره جي آمريڪا ۽ يورپ ۾ اڄڪلهه تمام گھڻو کپُ آهي. پهريون دفعو نيويارڪ جي ٻهڪندڙ علائقي ٽائيمس اسڪائر ۾ هڪ آمريڪن ڇوڪريءَ کي ڀرت جو گج پاتل ڏسي ڏاڍو تعجب لڳم. ان کان پوءِ ته ڪيترن ئي کي سنڌي ڀرت جا چولا ۽ گج ڏٺا. هڪ دڪان تان گج جي قيمت پڇايم ته ڇهه ڊالر ٻڌايائون حالانڪ اهڙو ساڳيو گجُ انهن ڏينهن ۾ اسان جي ڳوٺن ۾ ڇهين ستين روپئي ۾ ٿي مليو ۽ جيڪي عورتون اهي ٺاهين ٿيون انهن کي انهن جو اجورو ان جي به اڌ جيترو ملي ٿو. پڇا تي معلوم ٿيو ته اهو سامان پاڪستان مان ايندڙ ڪجھه اتي رهندڙ آمريڪين ۽ هڪ ٻه پاڪستاني کوجا ۽ ميمڻ واپاري موڪلين ٿا. ساڳيو قدر جنڊيءَ/ ڪاشيءَ جي سامان، سوسي ۽ کاڌيءَ جي ڪپڙي جو ٿي سگھي ٿو. اهڙن ڳوٺن جي پورهيتن کي گھرجي ته هو گڏجي ڪا سوسائٽي/ انجمن ٺاهي، پاڻمرادو سامان موڪلي پاڻ وڌيڪ ناڻو ڪمائي پنهنجون حالتون وڌيڪ بهتر بڻائين. پنهنجي هٿ جي ائٽ ۽ کڏيءَ کي مشينريءَ ۾ بدلائين. اڃا به وڌيڪ سامان ٺاهي ملڪ کي به فائدو رسائين ته پنهنجو پاڻ کي به.


    هتي جون رنگين مڇيون ۽ پکي دنيا ۾ مشهور آهن

    هتي ملايا ۾ هڪ خاص ڳالهه اها آهي جو هر وقت جھُڙ لڳو پيو آهي ۽ بارش جام پوي ٿي. اها پڻ سٺي ڳالهه آهي جو اڪثر رات جو پوي ٿي. بارش ۽ جھُڙ ڪري ايتري گرمي محسوس نٿي ٿئي. نه ته خط استوا جي ويجھو ملڪن ۾ صبح جا اٺ ئي مس ٿيندا ته سجُ ذري گھٽ چوٽيءَ تي بيٺو هوندو. هنن ملڪن ۾ جي خيرپور جو همراهه هجي ها ته وڌيڪ دلشڪستو ٿئي ها جنهن بابت نجم قاضي، هاڻ آرمي ۾ ميجر، قصو ٻڌائيندو آهي ته سندس ڳوٺ خيرپور جي هن همراهه پهريون دفعو روزو رکيو ۽ کيس ٻڌايو ويو ته سج جڏهن وڃي الهندي طرف لهندو تڏهن روزو ڇوڙبو. اهو همراهه سج اڀرڻ سان ذري ذري سج طرف ڏسڻ لڳو ته ڪيترو اڳتي وڌيو ۽ باقي ڪيترو پنڌ اٿس. سجُ ٻارهين وڳي ڌاري پورو جوش ڏيکارڻ لڳو ۽ چوٽ تي پهچي چُرڻ جو نالو نه پئي ورتائين. اسان جي هيري جڏهن ڏٺو ته سج چرڻ جو نالو نه پيو وٺي ته ڪاوڙ ۾ اچي، چيلهه تي هٿ رکي، سج کي چيو، “ٻڌُ ٽڪ! ٻڌ ٽڪ!” سو خط استوا جي ملڪن ۾ ته سج نائين ڏهين کان ٽِڪَ ٻڌي بيهي ٿو.
    ملايا ۾ بارش ۽ گرميءَ ڪري گھاٽا ٻيلا آهن. جن ۾ جھنگلي جانور ۽ پکي جام ٿين. هونءَ به سنگاپور، انڊونيشيا ۽ هتي جا پکي ۽ رنگبرنگي مڇيون مشهور آهن. ڪراچيءَ جي ماهي خاني ۾ اڌ کان وڌيڪ مڇيون مٿين ملڪن جون آهن. ٻيلن جي هئڻ ڪري ڪاٺ سستو آهي. ان ڪري ڪيترا ئي گھر ڪاٺ جا ٺهيل نظر اچن ٿا. ان کان علاوه فرنيچر پڻ سستو ملي ٿو. ملايا جي خاص پوک رٻڙُ آهي. جتي ڪٿي، چؤڌاري رٻڙ جا ڊگھا ڊگھا وڻ ۽ انهن مان هتي جون عورتون رٻڙُ ڪڍندي نظر اچن ٿيون. معدنيات ۾ شيهو جام ٿئي ٿو ۽ سڄي دنيا مان هتان درآمد ٿئي ٿو. ان کان سواءِ هنن ملڪن جهڙوڪ: ملايا، انڊونيشيا، سينگاپور، سلون ۾ گرم مصالحو، ڪارا مرچ، لونگ، ڦوٽا، ادرڪ ۽ کاڄا تمام گھڻا سستا آهن. ملايا ۾ ته پهچڻ سان پان کائيندڙن لاءِ عيش ٿي ويو. هتي جا پان شايد ڊاڪا جي پانن کان به سٺا آهن جو جنهن ٿي کاڌو تنهن تعريف ٿي ڪئي؛ ڇا ته لاجواب پان آهي، بلڪل نرم ۽ ملائم.
    هتي ملايا ۾ ڪجھه ته تمام وڏيون هوٽلون آهن؛ جيئن پينانگ ۾ هوٽل ائمبيسيڊر، هوٽل ڪانٽينينٽل، هوٽل ملائيشيا، هوٽل مئنڊارن، هوٽل مرلين، هوٽل پام بيچ وغيره جيڪي ڪراچيءَ جي ڪانٽينينٽل، ميٽروپول ۽ جبيس جهڙيون آهن. انهن هوٽلن بابت وڌيڪ اجايو لکي پڙهندڙن کي بور نه ڪندس. وسعت سارو رهائش لاءِ ڪنهن هوٽل کي ڳولڻ اڄڪلهه جي ٽريول ايجنسين آسان ڪري ڇڏيو آهي. هنن وٽ ۽ هر ملڪ جي هوائي اڏي يا بندرگاهه تي توهان کي ان ملڪ جي هوٽلن بابت معلومات ملي سگھي ٿي. اسان ته رهون جهاز تي، پر ڪڏهن ڪڏهن سرڪاري طرح هوٽل ۾ رهڻو پوندو آهي، جڏهن هڪ جهاز تان ٻئي جهاز تي بدلي لاءِ هوائي جهاز رستي ٻئي ملڪ ۾ موڪليندا آهن. يا نئون جهاز خريد ڪرڻ لاءِ، جهاز جي تياريءَ کان اڳ هوٽل ۾ رهڻو پوندو آهي. يا ڪڏهن ڪڏهن جهاز تي جيتن جڙن کي مارڻ (Fumigation) لاءِ زهريلي دوا ڇٽڪاري ويندي آهي ته ان صورت ۾ جهاز جو سڄو عملو هوٽل ۾ وڃي رهندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن جهاز تي ڳري مرمت پئي هلندي آهي (جنهن ۾ آواز ۽ گوڙ شور ٿئي) تڏهن به هوٽل ۾ رهندا آهيون. يا پئسا وٺي پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪنهن پيئنگ گيسٽ هائوس ۾ وڃي رهندا آهيون جو وڏين هوٽلن کان اهڙا گھر سستا پون ٿا. اهڙي نموني سان چڱن ملڪن جي هوٽلن ۾ رهڻ ٿيو آهي پر جتي به رهيو آهيان، اهو اندازو لڳايو اٿم ته ان قسم جون وڏيون ۽ پُرتڪلف هوٽلون، پئسي ڪمائڻ جا اڏا آهن ۽ انهن جو خرچ، هڪ عام سياح، خاص ڪري ايشيا جي اسان جهڙن غريب ملڪن جو رهاڪو، برداشت نه ٿو ڪري سگھي. امير ملڪن جا باشندا ۽ واپاري يا آفيسر ته برداشت ڪري سگھن ٿا. باقي ٻين عام سياحن ۽ شاگردن لاءِ جيڪي پئسي کي به خيال ۾ رکن ٿا، انهن لاءِ پيئنگ گيسٽ هائوس، مختلف هاسٽلون ۽ ائسوسيئيشن جون جڳهيون بهتر ۽ سستيون آهن.
    ملايا ۾ کاڌي پيتي جون ننڍڙيون هوٽلون، ايراني نموني جون يا بولٽن مارڪيٽ ۾ هڪ هندوءَ جي تاج هوٽل جهڙيون هوٽلون، چينين يا مدراسين جون جام ملنديون. چيني هوٽلون فقط پاڪستان ۾ ئي خوبصورت، صفائي واريون ۽ لذيذ کاڌو پيش ڪندڙ ٿين، جو هو اسان جي طرز جو، اسان جي سواد مطابق مرچ مصالحو وجھي کاڌو رڌين ٿا. باقي هتي جي چيني هوٽلن ۾ گندگي ۽ بدبوءِ تمام گھڻي آهي. اڃا مدراسين جون هوٽلون مڙيئي بهتر آهن ۽ کاڌو به سوادي اٿن. ايتري قدر جو ڪيترا چيني ۽ ملئي ماڻهو به انهن هوٽلن ۾ پاڪستاني ۽ هندستاني کاڌا کائيندي نظر ايندا. هتي کوپري جو تيل ۽ آسٽريليا کان ايندڙ گيهه جو استعمال عام ٿئي ٿو. کاڌو ڪافي سستو آهي. اُڦراٽا ۽ مانيون ميدي جون به ٺاهين ته اٽي جون به. ان کان علاوه چانور ۽ نوڊلس Noodles (سئيون) گھڻيون کاڌيون وڃن ٿيون.


    پورٽ ڪلانگ جي هوٽل جي ماني

    ملايا جي ٻئي شهر، پورٽ ڪلانگ ۾ دائود هوٽل ۾ مانيءَ جي ارادي سان اندر گھڙياسين. عام ٽيبل ۽ ڪرسيون پيون هيون. هڪ ڏکڻ هندستان جو ڪارو سنهو ماڻهو کاڌو پڇڻ لاءِ آيو. ساڻس اردو ۾ ڳالهايوسين ته وائڙن وانگر نهارڻ لڳو، جو هتي سڀ ڏکڻ هندستان جا باشندا تامل زبان ڳالهائين ۽ اڙدو ته ڇا پر هندي به ڪو نه سمجھن. ريڊيو سلون تان شام جو ساڍي ڇهين کان اڳ جنهن زبان ۾ پروگرام ايندو آهي، اها تامل آهي. پهرين اهو سوچيندو هوس ته تامل زبان ته فقط مدراس، بئنگلور پاسي ڳالهائي وڃي ٿي، ان کي ايتري اهميت ڇو آهي. هتي اچي معلوم ٿيو آهي ته ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي تامل ڳالهائيندڙ تمام گھڻا آهن. ان کان علاوه انگريزي پڻ عام ڳالهائي وڃي ٿي. اسان جي اڙدو ڳالهائڻ تي هو اسان کان پڇڻ لڳا ته اسان اها ڪهڙي زبان پيا ڳالهايون. اسان کين ٻڌايو ته اها اڙدو آهي ته وائڙن وانگر نهارڻ لڳا. بئري کان پڇيوسين ته، “مادري زبان ڇا اٿئي.” چوڻ لڳو ته: “هندي” اسان چيس؛ “پر تون اڙدو ته تمام صاف ڳالهائي سگھين ٿو.”
    “اڙدو؟!” هو اسان کي گھورڻ لڳو. “اڙدو ته مونکي ڪا نه ٿي اچي!”
    “اها هينئر جا اڙدو ڳالهائي!” اسان چيس.
    “اوهه! اها ته هندي زبان آهي.” اسان جي بيوقوفيءَ تي کلڻ لڳو. کاڌي لاءِ اسان ٽنهي دوستن مختلف آرڊر ڏنا. هڪ چڪن فرائي، ٻئي سادا چانور ۽ ٻوڙ، ٽئين ماني ۽ ٻوڙ. هو پنهنجي اڇي ڌوتيءَ جو پلئهُ ٺيڪ ڪندو ويو ۽ پهرين سلاد کڻي آيو. جنهن ۾ ونگن، ٽماٽن ۽ بصرن جي ڪاتر هئي ۽ مٿان ٽماٽو ساس پيل هئي. پاڻيءَ بدران هتي مانيءَ تي ڪوڪا ڪولا، ناريل يا ڪمند جو رسُ پيئن. پاڻيءَ لاءِ اسان جتي به گھر ڪئي ٿي ته بيدليءَ سان تازو پاڻي آڻي اڳيان ٿي رکيائون. ٿڌي پاڻيءَ لاءِ چار آنا الڳ. کاڌو اسان سڀني کي تمام گھڻو وڻيو. ٿي سگھي ٿو ته سڄي ڏينهن جي بُک هئيسين، انڪري. ڪڪڙ جو هتي سڄو ٽڪر ڏيڻ بدران، ان جا ننڍڙا ننڍڙا ٽڪرا چانورن سان گڏ فراءِ ڪري ڏنا وڃن ٿا. ان کان علاوه گانگٽن ۽ آمليٽ جا ٽڪر، ساوا مرچ ۽ ڌاڻا پڻ چانورن سان مليل هئا. ڪنڊ تي وڏي تئي تي هڪ همراهه اڦراٽا پچائي رهيو هو. سندس اڳيان کوپري ۽ گيهه جا ڌار ڌار دٻا هئا ۽ گراهڪ جي مرضيءَ مطابق استعمال ڪري رهيو هو. اٽي جا ٻه پيڙا کڻي، الڳ الڳ مانيون ٺاهي ملايائين ڪو نه ٿي، پر هڪ ئي لپي مان تمام وڏي قطر جو سنهو تهه ٺاهي، ان جا پاسا ورائي، اوڏي ماني ٿي ٺاهيائين، جيڏي اسان وٽ عام آهي. ان اڦراٽي جا اٺ آنا. چڪن رائيس جا ٽي روپيا، نوڊلس ٿالهيءَ جا ٻه روپيا. ان کان علاوه مدراسي ۽ هندو گوشت نه کائيندڙ، چانور کائي رهيا هئا. انهن کي چانورن مٿان ٿورو رسُ ۽ ڀاڄي رکي ٿي ڏنائون. جنهن جو روپيو کن ورتو ويو ٿي. ناريل يا ڪمند جو رسُ به چئين آني مليو ٿي، پر هتي جو ڪمند ۽ ناريل تمام لذيذ آهي. پڙهندڙ سوچي رهيا هوندا ته مون کي ڇا ٿي ويو آهي جو اڄڪلهه قيمتون به لکندو وڃان.
    ڪراچي ڇڏڻ وقت ‘هلال پاڪستان’ جي ايڊيٽر سراج الحق چيو هو ته: “يار سفرنامي کي اڃا ڪجھه تفصيل سان لکُ، ٿي سگھي ته شين جون قيمتون به ڏي، جيئن اسان کي اندازو ٿئي. ان کان علاوه ٻين ملڪن جي شادين مُرادين ۽ مرڻي پرڻي جون رسمون ۽ رواج پڻ لکندو ڪر.”
    سو جيڪڏهن ڪو پڙهندڙ اگھن جي لسٽ يا اڳتي ڪٿي بنا دعوت جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جو احوال پڙهي بور ٿئي ته سراج صاحب کي ئي شڪايت جو خط لکي سگھي ٿو، جو ان ۾ منهنجو ڏوھ ڪونهي.


    ملايا جي رڪشا جڳ کان نرالي

    ملايا جي شهر بٽرورٿ، پورٽ ڪلانگ يا پينانگ ۾ جا خاص شيءِ، جنهن تي پهرين ڌيان اسان جي ملڪ جي ماڻهن جو ڇڪبو، سا آهي هتي جي سائيڪل رڪشا، جنهن کي ‘ٽراءِ رڪشا’ سڏين. ڪنهن زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ به اهڙيون سائيڪل رڪشائون هلنديون هيون، جن کي اڳيان هلائڻ وارو سائيڪل تي ويهي هلائيندو هو، پر پوءِ ۱۹۵۵ع ۾ بند ٿي ويون ۽ ان جي جاءِ آٽو رڪشا (Auto-Rickshaw) ورتي، جنهن ۾ اڳيان موٽر سائيڪل آهي. هتي ملايا ۾ آٽو رڪشا ته بلڪل نظر ڪا نه ٿي اچي، باقي سائيڪل رڪشا عام آهي. ان ۾ خاص ڳالهه اها آهي ته هلائڻ وارو اڳيان نه هوندو آهي، پر پئسينجر اڳيان ويهن ۽ سائيڪل پٺيان هوندي آهي. هن کي اڪثر چيني هلائين. ڪو ڪو ڊرائيور سک به نظر اچي ٿو. هڪ چيني ڊرائيور کي چيم؛ “اسان جي ملڪ ۾ ته رڪشا هلائڻ وارو اڳيان ويهندو آهي ۽ پئسينجر پٺيان.” تعجب مان نهاري، ڪجھه سوچي چوڻ لڳو؛ “نه بابا نه. اهڙو جوکو اسان کڻي نه ٿا سگھون. حادثو ٿئي ته رڪشا به اسان جي ڀڄي ۽ مرون به پهرين اسان.”
    مزي جي ڳالهه اها ته پئسينجر جي حالت خراب تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن اوچتي خطري جي حالت ۾ ڊرائيور کڻي بريڪ هڻندو آهي ۽ اڳيان ويٺل سڄو اڇلجي ويندو آهي ۽ ذري گھٽ هيٺ ڪرڻ تي هوندو آهي. باقي هتي ٽئڪسي ڊرائيور سک نظر ايندا. ان کان علاوه هر بئنڪ اڳيان يا ڪنهن هوائي ڪمپني، انشورنس ڪمپني جي اڳيان پوڙها سک چوڪيدار نظر ايندا. ائين سمجھڻ کپي ته سک معنى چوڪيدار ۽ چوڪيدار معنى سکُ. جيئن اسان وٽ اڪثر پٺاڻ چوڪيدار، بئنڪن جي اڳيان نظر اچن ٿا.
    هڪ ڏينهن فيريءَ جي انتظار ۾ هوس. ڀرسان هڪ ننڍڙو ٻارڙو پڻ بيٺو هو. کانئس پڇيم؛ “توهان جي ملڪ ۾ ڪهڙيون قومون رهن ٿيون.” چوڻ لڳو؛ “چيني، ملئي، انڊين ۽ پنجابي”
    “پنجابي؟ مون کي ته ڪو پنجابي ائين ظاهر ظهور نظر نٿو اچي ۽ پنجابي، سنڌي، گجراتي، کوجا، سڀ انڊين ۾ اچيو وڃن.”
    سامهون ٻه سک، پنهنجي زالن ۽ ٻارن جي ٽيم سان پئي آيا، ٻار انهن طرف اشارو ڪري چيو،؛ “اهي آهن پنجابي” سک پاڻ طرف اسان کي نهاريندو ۽ اشارو ڪندو ڏسي، اچي اسان جي پاسي ۾ بيٺا ۽ حال احوال وٺڻ لڳا. پاڻ ملايا جا ئي شهري هئا. ٻڌايومان ته ڪراچيءَ کان آيو آهيان. چوڻ لڳا ته: “هتي ملايا ۾ ته پاڪستاني ڪو ورلي نظر اچي ٿو. باقي هندستانين سان ڀريو پيو آهي. انهن مان ڪي هتي جا پراڻا رهاڪو آهن ۽ ٻيا ويجھڙائيءَ ۾ نوڪرين خاطر ڊاڪٽر، انجنيئر، ڊرائيور، مزور هندستان کان آيا آهن ۽ ايندا رهن ٿا.” پاڻ پنجابيءَ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. هتي اڪثر سک جتي ڪٿي نظر اچن ٿا. هوٽلن ۾، سئنيمائن ۾، رستن تي گس پنڌ ملاقات ٿيندي رهي ٿي. سک پري کان ئي پڌرو. سندس وڏي ڏاڙهي ۽ خاص انداز جو پٽڪو نشانيون آهن. هڪ سئنيما ۾ ٽن نوجوان سکن سان ملاقات ٿي. کين منهنجي سنڌي ٽوپي پسند اچي وئي ۽ مون کي سندن پٽڪا، سو نموني خاطر هڪ گروپ فوٽو ڪڍايوسين.
    هڪ دفعي پينانگ کان واپس ‘بٽرورٿ’ فيري ۾ پهتس. اسان جو جهاز، بٽرورٿ شهر جي فيري اسٽيشن کان ٻه فرلانگ کن پري بيٺل هو. مون وٽ پاڻ سان گڏ ڌوٻيءَ وٽان کنيل ڪپڙا ۽ ڪجھه اخبارن ۽ رسالن جو پارسل هو. رڪشا ۾ ئي وڃڻ چاهيم ٿي، پر رڪشا وارا به مون کي ڌاريو سمجھي گھڻي ڀاڙي ڪڍڻ جي آسري تي ورائي ويا. سڀ ڏھ روپين کان مٿي ڀاڙي جي گھُر ڪرڻ لڳا. پنهنجي ملڪ ۾ ڪيترو به ماڻهو خرچ ڪندي فڪرمند نه ٿو رهي جو ضرورت وقت وري به دوستن مائٽن کان اوڌر جو آسرو رهي ٿو يا ڪمائي سگھجي ٿو، پر گھمڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ مقرر زرمبادلي (ناڻي) مان ئي سڀ ڪجھه ڪرڻو پوي ٿو ۽ حساب ڪتاب اهڙو رکڻو پوي ٿو، جو آخري ڏينهن اهو ملڪ ڇڏڻ وقت ان ملڪ جو نه سڪو بچي ۽ نه ان کان اڳ ختم ٿي وڃي.
    رڪشا وارن چينين ڏٺو ته مرغو واهه جو ڦاٿو آهي، پنڌ کڻي ويجھو اٿس پر سامان اٿس، سو ضرور رڪشا ۾ هلندو. اتي هڪ سک، ٽئڪسي ڊرائيورن جي ورديءَ ۾ نظر آيو، تنهن کي چيم: “مون کي ڪا رڪشا ڀاڙي تي ڪري ڏي. آءٌ ته هنن سان ڀاڙو طئي نه ٿو ڪري سگھان.” تنهن چيو؛ “منهنجي ٽئڪسي خراب آهي نه ته ان خدمت لاءِ حاضر آهيان.” مڙئي پنهنجي نئڙت واري انداز ۾ چوڻ لڳو. پوءِ اڳتي وڌي هڪ رڪشا واري کي ملئي زبان ۾ ڪجھه چيائين ۽ مون کي ٻڌايائين ته کيس فقط ٻه روپيا ڏيان. رڪشا وارو اڳتي هلي بندرگاهه جي در وٽ اچي بيهي رهيو. چيومانس؛ “اندر جهاز تائين هل اڃا اڌ کان وڌيڪ پنڌ رهجيو ٿو وڃي.” چوڻ لڳو؛ “اندر رڪشا کي وڃڻ جي اجازت ڪانهي” سوچيم ته اهڙي ڳالهه اڳ ۾ ڪري ها ته ٽڪر رستي لاءِ آءٌ پاڻهي پنڌ ڪري وڃان ها. پڪ ڪرڻ لاءِ گيٽ تي بيٺل پوليس واري کان پڇيم ته رڪشا کي اندر اچڻ جي جھَل آهي ڇا؟
    “ها، شام جي وقت رڪشا يا ٽئڪسي کي اندر بندرگاهه ۾ وڃڻ جي اجازت ناهي.”
    “عجيب ڳالهه آهي. هي ته سامان گھٽ آهي، جي گھڻو هجي ها ته جهاز تائين ڪيئن کڻي سگھجي ها.” مون چيو.
    “ان صورت ۾ اسان رعايت ڪريون ها.”
    “يا سامان به نه آهي، پر ڪو چاق ناهي. ته پوءِ.”
    “ان صورت ۾ به اسان رعايت ڪريون ها.” پوليس واري کلي جوابُ ڏنو.
    “ته پوءِ سمجھو ته آءٌ بيمار آهيان. هلي نه ٿو سگھان.”
    “ته ان صورت ۾ سائين توهان ٻاهر گھمڻ نه وڃو ها. جهاز تي ئي آرام ڪريو ها.” هو وري مون تي کلڻ لڳو.


    سکن جو ذڪر

    هڪ دفعي ملايا جي شهر ڪلانگ ۾ دوائن جي دڪان تان مٿي جي سور جون گوريون وٺڻ نڪتس. دوائن جو دڪان بند هو ۽ ٻئي ڪنهن هنڌان ملڻ جي اميد گھٽ هئي. اسان جي ملڪ ۾ ٻي ڪا شيءِ ملي يا نه ملي پر هر هوٽل ۽ پان ٻيڙيءَ جي پيڊيءَ تان مٿي جي سور جون گوريون ساريڊان، ڪوڊو پائرين، انلجين وغيره ضرور ملنديون. اهي نه ته ائسپرو يا ڊسپرو ته هر هنڌان ملي سگھنديون. پر ملايا ۾ مٿي جي سور منجھائي ڇڏيو. ڀر ۾ هڪ بئنڪ اڳيان هڪ ‘سک سردار جي’ بيٺو هو. کيس پنهنجي من جي منشا ٻڌايم ته ڪو ائسپرو ڊسپرو جو ڏس ڏي. پنهنجي مخصوص ادا ۾ چوڻ لڳو؛ “او سرڪار، مون چيو، گھٻرايو ڇو ٿا. هي غريب بندو ڪڏهن ڪم ايندو.” بئنڪ جي پاسي ۾ سندس هڪ ننڍڙو ڪاٺ جو ڪمرو هو، تنهن کي کولي، ملايا ۾ واپرائڻ ۾ ايندڙ گوريون ‘ڊيوسل’ ڏنائين. سندس سڄو ڪمرو ڇوڪرين جي ڪئلينڊرن سان ڀريو پيو هو.
    مون سان گڏ جهاز جو ريفريجريشن انجنيئر محمود پڻ هو. تنهن چرچي ۾ چيس ته: “سردار جي ڪمرو ننڍو اٿئي پر ڇوڪريون سڄي دنيا جون پالي رکيون اٿئي”
    جواب ۾ کلي پڇڻ لڳو؛ “ڪجھه ڪئلينڊر کپن؟”
    محمود چيس: “چرچا پيا ڪريون.” پر سردار جي ڪٿي مڙڻ وارو هو. ڪئلينڊر هڪ هڪ ڪري لاهيندو ويو. اسان پيا ‘بس بس’ ڪريون پر هي چوڻ لڳو؛ “منهنجي هونءَ ئي بدلي ٿي چُڪي آهي. هن ڪمري تي ڪو ڌاريو، هتي جو چيني يا ملئي اچي قبضو ڪري، تنهن کان توهان کي ڇو نه ڏئي ڇڏيان.” اسان سندس ان حرڪت تي کلندا رهياسين. ٽيبل تي گرو نانڪ جون ٻه وڏيون تصويرون رکيل هيون. هڪ کڻي اها به ڏيڻ لڳو. محمود چيس؛ “اها نه کپي” مون ڏٺو ته سردار جي جو منهن ئي لهي ويو. مون کانئس اها به تصوير وٺي چيو؛ “اها به برابر کپي.”
    مٿي سکن جو ذڪر ڪرڻ مان منهنجو مقصد فقط اهو آهي ته مون کي اڪثر جيڪي سک مليا، تن سان ملي اندازو لڳايو اٿم ته هو ٻين هندستانين کان، خاص ڪري واپارين کان گھڻو مختلف ۽ دل جا صاف آهن ۽ ان کان علاوه خوش مزاج ۽ چرچائي پڻ آهن. ساڳئي وقت مون کي ۱۹۶۱ع کان سکن جو نفسياتي خوف ويٺل هو، سو پڻ ملايا پهچڻ سان دور ٿي ويو. ۱۹۶۱ع ۾ اسان نائين ڪلاس ۾ هئاسين ۽ ڪئڊٽ ڪاليج طرفان ‘سي اسڪائوٽنگ’ جي سلسلي ۾ انڊيا جي مختلف شهرن آگره، لکنو، دهلي، امرتسر ۽ ڪلڪتي ويا هئاسين. تن ڏينهن ۾ اڃا ميٽرن واريون ٽئڪسيون نه نڪتيون هيون يا کڻي نڪتيون به هيون ته ڪراچيءَ ۾ هجن، پر هيڏانهن اسان ڏي حيدرآباد ۾ نه هيون جو ڏسي سگھجن.
    ڪلڪتي ۾ علي رضا ميمڻ، نصير قاضي، نجم انصاري، هاڻ پاڪستان نيوي ۾ ڪمانڊر، ۽ آءٌ گڏ گھمڻ لاءِ نڪتاسين. واپسي تي رستو ڀلجي وياسين، سو هڪ سک ٽئڪسي ڊرائيور کي هلڻ لاءِ چيوسين. هو ٽئڪسيءَ جو ميٽر ڪيرائي هاڻ هلڻ وارو هو ته مون به ساڳيو عمل ورجايو يعني ميٽر کي مٿي ڪري وري هيٺ موڙيو. منهنجي ائين ڪرڻ تي سک سڄو ڳاڙهو ٿي ويو. ٽئڪسيءَ مان نڪري، اکيون ڦاڙي دانهن ڪري چوڻ لڳو؛ “هي ڇا ڪيئي؟ هي ڇا ڪيئي؟ هي ٽئڪسي منهنجي مالڪ جي آهي. هاڻ هو مون کان وڌيڪ پئسا وٺندو.”
    آءٌ گھٻرائجي ويس ۽ سوچڻ لڳس ته شايد ائين ڪرڻ سان هن جو ميٽر ڀڃي رکيو اٿم ۽ دل ۾ سوچڻ لڳس ته جيڪي مون وٽ سؤ روپيا آهن، انهن مان هن جو ڪم ٿي وڃي ۽ منهنجي جان ڇٽي. آخر دل ٻڌي چيومانس، “ڪيترا پئسا تو کي مالڪ کي وڌيڪ ڏيڻا پوندا؟”
    چوڻ لڳو؛ “چار آنا.”
    آءٌ سندس هٿ تي روپيو رکي اچي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺس. ڀر ۾ علي رضا ويٺو هو، تنهن چيو؛ “يار، همراهه دانهون اهڙيون ڪيون، جو اسان به گھٻرائجي وياسين ته متان سڄي موٽر جا پئسا ڀرائي نه وٺي.”
    پوءِ معلوم ٿيو ته ميٽر کي هيٺ ڪرڻ سان شروعات جو ‘گھٽ ۾ گھٽ’ ڀاڙو چار آنا وڌي ٿو ۽ ٻين پئسن سان جوڙ ٿيو وڃي، جنهن موجب سڄي ڏينهن جو حساب، مالڪ ڊرائيورن کان وٺن ٿا ۽ ان مطابق ئي کين پگھار يا ڪميشن ڏين ٿا.


    ملايا جي مسجد ۾

    بٽرورٿ شهر کان جهاز تي ايندي رستي تي بندرگاهه وٽ هڪ ننڍڙي مسجد اچي ٿي. هڪ ڏينهن رڪشا بيهاري ان کي ڏسڻ ويس. هتي جي بندرگاهه وارو علائقو ٻهراڙي وارو علائقو آهي، جتي گھر به ڪاٺ جا آهن ۽ چٽگانگ وارو نمونو لڳي ٿو. برسات ڪري چؤڌاري ڊگھو ڊگھو گاهه، پيرن اگھاڙا ٻار ۽ جھوپڙيون آهن. مسجد ان رستي جي ڪپر تي آهي. صبح جا نَو ٿيا هئا. هڪ همراهه ٻهاري ڏئي رهيو هو. انگريزيءَ ۾ ٻڌايائين ته پاڻ ملئي (ملايا جو اصل باشندو) آهي ۽ ملايا ۾ سڀ ملئي، مسلمان آهن.
    ملايا جي چينين ۾ ڪي ڪرسچن آهن، ڪي ٻڌ، ڪن کي پنهنجا پراڻا چيني مذهب آهن ۽ ڪي ٿورا منجھن مسلمان به آهن. ڏور اوڀر جي هنن ملڪن ۾ چوٿين صديءَ ۾ انڊين اچي هندو ڌرم ۽ ٻڌُ ڌرم پکيڙيو. اسلام جو پرچار پنڌرهين صديءَ ۾ عرب واپارين ۽ تبليغ وارن پهرين ملاڪا رياست ۾ ڪيو ۽ ۱۴۵۰ع ڌاري سڄي ملاڪا مسلمان رياست بنجي وئي. ملاڪا، ملائيشيا ۾ سڀ کان جھونو شهر ليکيو وڃي ٿو. پينانگ ٻيٽ کان ساڍا ٽي سؤ ميل ۽ سينگاپور کان ٻه سؤ کن ميل جي مفاصلي تي آهي. هيءَ رياست چانور، رٻڙ ۽ ناريل جي پوک کان مشهور آهي.
    ملايا جي ڳوٺ جي مٿئين مسجد جيڪا بٽرورٿ جي بندرگاهه ڀر ۾ آهي، ڪافي ڪشادي ۽ خوبصورت لڳي. اندر ٽائلس جو فرش آهي ۽ ملايا جون عمدي قسم جي سنهن ڪکن مان ٺهل نکون وڇايل هيون. اندرئين در وٽ بورڊ ٽنگيل هو، جنهن تي نماز جا ٽائيم انگريزي ۽ عربي زبان ۾ لکيل نظر آيا. ظهر نماز جو وقت ڪجھه اسان جي وقت کان اڳڀرو لکيل هو. شايد منو هڪ يا ساڍا ٻارهن هو. پوڙهو امام مون کان پڇڻ لڳو: “تون به مسلمان آهين ڇا؟”
    وراڻيومانس: “ها. الحمد لله”
    پڇڻ لڳو: “ڪهڙو مسلمان آهين؟”
    “ڇو، مسلمانن جا به قسم آهن ڇا؟” مون چيو.
    “منهنجو مطلب آهي ته حنفي آهين يا شافعي؟” انگريزيءَ ۾ پڇندو رهيو.

    آءٌ مُنجھي پيس. هو سوال کي شايد آسان ڪري وري پڇڻ لڳو: “نماز وقت هٿ مٿڀرو ٻڌندو آهين يا هيٺ تي؟ فاتحہ سورت کان پوءِ آمين آهستي چوندو آهين يا ڏاڍيان؟”
    چيومانس، “اسان جي ڳوٺ ۾ انصارين جي مسجد ۾ ويندو آهيان ته هٿ مٿڀرو ڪري ٻڌندو آهيان. ڪڪن جي مسجد ۾ ويندو آهيان ته ٻيو ڪو ٽوڪي ان کان اڳ سٿڻ جا ور ڇڪي مرين تائين آڻي، نماز پڙهندو آهيان. بيروت ۽ قاهره جي مسجدن ۾ بنا ٽوپيءَ جي به نماز پڙهي اٿم. سينيگال ۽ دوحا قطر جي مسجدن ۾ سوٽ ڪوٽ ۾ به نماز پڙهي اٿم. پر هر هنڌ منهنجي ڌيان ۾ هڪڙو ئي خدا رهيو آهي، جو تنهنجو، منهنجو ۽ اسان سڀني جو پالڻهار آهي.”
    پوڙهي کي منهنجي ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي. هو دل ئي دل ۾ مون کي بيوقوف قرار ڏئي، مون تي کلڻ لڳو.
    پڇيومانس؛ “نماز تي ڪيتري خلق ايندي آهي؟”
    “هونءَ روزانو ٻه کن صفون مس ٿينديون آهن. پر جمعي نماز تي هيءَ مسجد ڀرجي ويندي آهي ۽ ٻاهر به صفون ٻڌبيون آهن. هتي مسلمان ڪافي رهن ٿا.”
    سامهون ڪاٺ جي گھرن ڏي اشارو ڪري ٻڌايائين؛ “هي سڀ ملئي (Malay) مسلمانن جا گھر آہن.”
    مسجد جي ڀرسان چانهه پاڻيءَ جون ڪچيون هوٽلون هيون ۽ ڪُجهه ننڍڙا دڪان پڻ. ملايا ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن کي انهن ڏينهن ۾ موڪلون هئڻ ڪري انهن هوٽلن اڳيان ڪيترا ئي شاگرد ڦري رهيا هئا. هڪ ڌارئي کي مسجد اڳيان ڏسي، کين تجسس ٿيو ۽ ڪجھه نوجوان وڌي پڇڻ لڳا ته ڪٿي جو آهيان ۽ ڇا ڪندو آهيان. انهن مان ٻه ڄڻا ذڪريا ۽ هاشم الدين چانهه لاءِ زور ڪرڻ لڳا. پر آءٌ جلديءَ ۾ هوس. مون کانئن رستو پڇيو ته ڪٿان ٽئڪسي ملي سگھندي جيئن آءُ پينانگ ويندڙ فيريءَ ۾، اوڏانهن وڃي سگھان. سندن گھر مسجد جي پٺيان هو. سائيڪلون اتي ڇڏي مون سان گڏ هلڻ لڳا.


    پڙهيل بک مري سگھي ٿو پر پورهيت نه!

    هاشم ۽ ذڪريا جا گھر ڪاٺ جا ٺهيل هئا ۽ ٿنڀن جي ذريعي زمين کان ٽي چار فٽ کن مٿي کنيل هئا. گھر هيٺ، ٺهيل ڀانڊي ۾ ڪاٺيون، ٽوڪرا ۽ بيڪار سامان پيل هو ۽ ڪجھه ڪُڪڙيون ۽ بدڪون چُڳي رهيون هيون. ذڪريا ٻڌايو ته هتي ملايا ۾ مسلمانن جي ڳوٺن ۾ ههڙا گھر آهن، باقي چينين جا سِرن جا پڪا يا جي ڪاٺ جا آهن ته سندن بنياد عام گھرن وانگر پٽ سان مليل آهي. ذڪريا جو پيءُ ڪنهن ڪارخاني ۾ مستري هو ۽ هاڻي پوڙهو هجڻ ڪري رٽائرڊ ٿي چڪو آهي. سندس پيءُ ۽ ماءُ در وٽ ئي مليا. هن کين ملئي زبان ۾ ئي سمجھايو ته آءٌ ٻئي ملڪ مان آيو آهيان. ان بعد ٻن ٽن گھرن کان پوءِ هاشم جو گھر هو. هاشم جو پيءُ گذاري چڪو آهي ۽ گھر ۾ ماءُ ۽ ڀينرن سان رهي ٿو. پاڻ ٻڌايائين ته سندس ٻه وڏا ڀائر شاديءَ بعد ٻين شهرن ۾ رهن ٿا ۽ هڪ، هندستاني ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي آهي. سندس هڪ ڀيڻ جي شادي ٿيل آهي. پر هوءَ مڙس سان گڏ هنن سان رهي ٿي. سندس ڀينرون ۽ ماءُ به در تي بيهي مون کي اندر اچڻ لاءِ چوڻ لڳيون. اوسي پاسي جي گھرن جون عورتون ۽ ٻار پڻ نڪري ڏسڻ لڳا ته هي ڌاريو ڪٿي جو آهي. جيئن اسان وٽ ڪراچي ته وڏو شهر آهي جتي دنيا جي هر ملڪ ۽ قوم جا ماڻهو هميشه نظر اچن ٿا. اتي ڪنهن ٻئي ملڪ جي ماڻهوءَ جي اچڻ يا وڃڻ سان ڪو فرق نٿو پوي. پر ذرا سوچيو ٽنڊي قيصر يا ٽنڊي حيدر جهڙي ڳوٺ جي بازار مان ڪا آمريڪن ڇوڪري مني اسڪرٽ ۾ اچي لنگھي يا بختيارپور يا ڦلجي جهڙي ڳوٺ جي مارڪيٽ مان ڪو نائيجيريا جو شيدي مختلف رنگن جي ڊگهي چوغي ۾ اچي لنگھي ته سڀ دڪاندار ۽ واٽهڙو، ننڍا توڙي وڏا ڪجھه گھڙين لاءِ پڪ ٻيا ڪم ڇڏي ان کي ڏسندا ۽ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته اهو ڪٿي جو آهي ۽ ڪيئن آيو آهي. ساڳيو عالم هتي مون سان هو.
    ملايا جي ڳوٺن ۾ چيني عورتون ۽ ڇوڪريون بشرٽ ۽ پجاما اهڙي نموني جا پائين جهڙا اسان وٽ سليپنگ سوٽ ٿين. ملئي وڏي عمر جون عورتون، ڪڇي، ميمڻ ۽ کوجا عورتن جي چولن سان ملندڙ جلندڙ ڊگھا چولا پيرن تائين پائين. ننڍي عمر جون عورتون ۽ ڇوڪريون گھرن ۾ ڪم ڪار وقت هڪ ئي رنگين گوڏ سان جسم کي ائين ويڙهين جيئن سندن بدن ڇاتيءَ کان گوڏن تائين ڍڪجي سگھي ۽ گوڏ جو مٿيون پلئهُ سيني جي وچ ۾ اٽڪائين.
    اهڙِي ڊريس ۾ هڪ ڇوڪري، جنهن کي انگريزي به ٿوري گھڻِي آئي ٿي، هاشم کي اچي چيو ته مون کان پڇي ته اسان جي ملڪ ۾ عورتون ڪهڙي ڊريس پائين ٿيون.
    “هرقسم جون پائين. پر اهڙي ڊريس (فقط گوڏ) چٽگانگ ۽ سلهٽ جي جابلو علائقن ۾ چڪمي ٻُڌ ۽ بنگالي ڇوڪريون پائين.”
    اسان ٽئي ڄڻا پوءِ گھمڻ لاءِ نڪتاسين. ذڪريا ۽ هاشم سڄو ڏينهن مون سان گڏ هئا ۽ گائيڊ جو ڪم ڪندا رهيا. شام جو وري جهاز تي مانيءَ جي دعوت ڏنيمان. کانئن ملايا بابت چڱي معلومات حاصل ٿي، پر سندن وات تي هر وقت اها ڳالهه هئي جا هر هر هنن ڪئي ٿي. ساڳي ڳالهه ملايا جي ٻين نوجوانن جي وات تي به هئي، جيڪي جيڪي مون سان مليا، اها هئي نوڪري ۽ روزگار بابت. هنن اها ئي شڪايت ٿي ڪئي ته هتي نوڪري ڪانهي. اسڪولن ۽ ڪاليجن مان ته پڙهيو ٿا نڪرون پر نوڪري نه ٿي ملي. ڪا جڳهه ئي خالي ڪانهي. هر ڪنهن ٿي پڇيو ته پاڪستان ۾ جي اسان اچون ته اتي نوڪري آسانيءَ سان ملي سگھندي.
    اڄڪلهه سڄي دنيا ۾ بيروزگاري وڌي وئي آهي. چاهي آمريڪا هجي يا يورپ، آفريڪا هجي يا ايشيا. خاص ڪري ڪرسي ٽيبل واري نوڪري White Collared Job ته ملڻ مشڪل ٿي پئي آهي. ان ڪري اهي جيڪي تعليم، علم خاطر نه پر نوڪريءَ خاطر وٺي رهيا آهن، انهن کي ڪافي دلشڪستو ٿيڻو پوي ٿو. باقي هٿ جو پورهيو ڄاڻندڙ لاءِ جتي ڪٿي قدر ۽ ضرورت آهي ۽ هر روز دنيا جي هر ملڪ ۾ هر پورهئي جي قيمت وڌندي وڃي پوءِ اهو ڌنڌو کڻي درزڪو هجي يا ڌوٻڪو، رازڪو هجي يا واڍڪو. اڄڪلهه هڪ پڙهيل، ڌارين ملڪن ۾ بک مري ويندو پر ڪنهن پورهيت کي اهڙي تڪليف درپيش نه ايندي، چاهي هن کي ان ملڪ جي زبان سمجھه ۾ اچي يا نه. آمريڪا ۽ يورپ ۾ ته اهي ڏينهن ڪڏهوڪو اچي ويا آهن جو هڪ پورهيت، آفيس ۾ ڪم ڪرڻ واري کان گھڻو ڪمائي ٿو ۽ سکيو ستابو رهي ٿو. هتي ملايا ۾ اصل باشندن/ ملئين کان وڌيڪ چيني سکيا نظر اچن ٿا، جن پوءِ اچي رهائش اختيار ڪئي، ڇاڪاڻ جو هو هنرمند آهن. هڪ پوڙهي چيني درزيءَ ٻڌايو: “منهنجو پُٽ يونيورسٽيءَ ۾ ايم.اي پيو ڪري، موڪلن ۾ مون کي مدد ڪرائيندو آهي. چيو اٿمانس جيڪو وڻنئي سو پڙهه پر پڙهائي بعد ڌنڌو ڪرڻو اٿئي، اباڻو يا ٻيو پر پورهيو ڪرڻو اٿئي.”
    هونءَ هتان جا چيني تمام گھڻو پورهيت نظر اچن ٿا. سندن گھر اهڙا آهن جو ان جو اڳيون حصو دڪان، پويون حصو رهڻ لاءِ آهي. بوٽن جو دڪان هوندو ته ڏسبو ته سڄو گھر زال مڙس، ٻار ٻچا جوتن ٺاهڻ ۾ لڳا پيا هوندا. درزيءَ جو دڪان هوندو ته به ساڳيو عالم. ايتريقدر جو ڪو ورڪشاپ هوندو ته ان ۾ به مڙس ويلڊنگ پيو ڪندو، زال ڊينٽ پئي ڪڍندي ته ڌيءُ يا پُٽ پالش پيو ڪندو. ٻيو ڪو ننڍو ٻار پاڻيءَ سان ڌوئيندو پيو ۽ صبح کان رات جو دير تائين ڪم ۾ رڌل رهندا. اهڙي محنت ۽ سڄاڳي ڪنهن ملڪ ۾ اچي وڃي ته اهو ڪڏهن به پٺتي نٿو وڃي سگھي. ڏسندي ئي ڏسندي هي ملڪ جيڪي ٻي جنگ عظيم تائين ڪجھه به نه هئا، يا جيڪي ڪجھه هئن سو وڃائي ويٺا هئا سي هاڻ يورپ جي ملڪن سان ڪلهو هڻڻ جهڙا ٿي ويا آهن. هونءَ جيتوڻيڪ هتي ڪيترن ئي مذهبن ۽ ٻولين جا باشندا رهن ٿا، پر سڀني جو مقصد هڪ آهي: ديس لاءِ محنت ڪرڻ ۽ ديس کي سکيو ستابو بنائڻ.


    ڇا اڃا سنڌي سنڌ ۾ رهن ٿا؟

    ملايا ۾ اسان جي شام، ڪا نه ڪا فلم ڏسڻ لاءِ هوندي هئي. ملايا ۾ ڪيترين ئي زبانن جون فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون، جهڙوڪ: انگريزي، ملئي، چيني، انڊين وغيره. انڊين ۾ ٻن زبانن جون ڏيکاريون وڃن ٿيون: تامل ۽ هندي (جنهن کي پاڻ اڙدو چئون ٿا. فرق صرف ڪجھه سنسڪرت ۽ فارسي عربي لفظن جو معلوم ٿو ٿئي) آفريڪا ۽ يورپ ۾ هندي فلمن جي سٺي مارڪيٽ آهي ۽ اتي جا شيدي ۽ گورا پڻ اهي فلمون ڏسن. اتي ڪڏهن ته ايتري رش ٿئي ٿي جو ٽڪيٽ بليڪ تي وڪامندي آهي. هتي پينانگ ۾ پهريون ڏينهن هندي فلم، هاٿي ميري ساٿي، ڏسڻ وياسين. پهريون دفعو خبر پئي ته هندستاني ۽ پاڪستاني ائڪٽرن کان جانور سٺي ائڪٽنگ ڪن ٿا. سڄو هال تقريبًا خالي هو. ڪجھه انڊين ڪنڊ پاسي ۾ ويٺل نظر آيا ٻيو مڙيئي خير. جيتوڻيڪ رنگين ۽ نئين فلم هئي ۽ اڃا پهريون هفتو ملايا ۾ هوس. ساڳيو عالم ٻيو دفعو انڊين فلم ‘رام اور شيام’ ڏسڻ سان ٿيو. پوءِ خبر پئي ته هتي به ڪنهن زماني ۾ انڊين فلمون اؤج تي هيون، پر ويجھڙائيءَ ۾ چيني فلمون گوءِ کڻي ويون آهن ۽ مختلف زبانن جا ترجما فلم سان گڏ ڏيکارڻ ڪري چيني زبان نه ڄاڻندڙ به اهي فلمون ڏسڻ لڳا آهن. ان ڪري هندي فلمن جي مارڪيٽ ڪري پئي آهي.
    هتي ملايا ۽ سنگاپور ۾ ته اسان وانگر ‘سنڊي شو’ صبح جو ٿئي ۽ ٻيو مڊنائيٽ شو ٿئي. اهو فقط آچر رات ٻارهين کان پوءِ شروع ٿئي. ٻيا فلم شو روزانا چار ٿين. ٻارهين کان ٽي، ٽن کان ڇهه، ڇهن کان نَو ۽ چوٿون نائين کان ٻارهين تائين.
    پينانگ ٻيٽ تي ڪيترا ئي هندو سنڌين جا به دڪان آهن، پر ڪنهن سان به چڱيءَ طرح ملاقات نه ٿي سگھي جو موقعو ئي ڪو نه ٿي مليو. هڪ دفعو ٽرانسسٽر خريد ڪرڻ لاءِ ڪجھه دوست ۸۶ بشاپ گھٽيءَ ۾ ‘ڪي. ڊي. واسواڻي ۽ ڪمپني’ نالي دڪان تي چڙهياسين. هڪ ارڙهن اوڻيهن سالن جو ڇوڪرو بيٺو هو. اسان پڇيس؛ “سنڌي آهين؟”
    چوڻ لڳو: “ها.”
    ٻڌايوسينس ته: “اسان سنڌ کان پيا اچون. تنهنجا وڏا سنڌ جي ڪهڙي شهر سان تعلق رکن ٿا.”
    “الائي مون کي ته خبر ناهي!” هن جواب ڏنو ۽ وري ٿورو وقت ترسي اسان کان سوال ڪيو؛ “ڇا اڃا سنڌ ۾ سنڌي رهن ٿا؟ ۽ ڪو سنڌي زبان ڳالهائي؟”
    سندس گھٽ معلومات ۽ عقل تي تعجب لڳو، پر پوءِ سوچيم ته ان غلط ڳالهه ۾ هن جو ڪهڙو ڏوهه، جيڪو سنڌ کان هزارين ميل پري رهي ٿو. پاڪستان کان ٻاهر ورلي ڪو هوندو جنهن کي خبر هوندي ته سنڌ ۽ سنڌي زبان جهڙيون شيون به پاڪستان ۾ آهن. پاڪستان جي ٻين ريڊيو اسٽيشنن تان ئي فارين سروسز جي پروگرام ۾ ڪهڙو سنڌي پروگرام ٿو اچي، جو ٻاهر جي دنيا کي خبر پوي ته هن ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ کان مٿي اهڙا ساهه کڻندڙ انسان به رهن ٿا، جن جي مادري زبان سنڌي آهي. جن جي هزارها سال پراڻي تهذيب ۽ ثقافت هر لحاظ کان شاهوڪار ۽ مالامال آهي. وڏي ۾ وڏو ڇيهه ٿيندو ته مهيني ڏيڍ ۾ ڪو هڪ دفعو روبينا جي آواز ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو: “ڏانچي واليان موڙ مهاڳ وي.” اسان جون ڪهڙيون سنڌي فلمون يا رسالا ٻاهر وڃن ٿا. ڪهڙي ملڪ ۾ اسان جي ملڪ جو سفارتخانو سنڌي ٻولي يا ان جي ثقافت جي پرچار ڪري ٿو، جو ڌارين کي خبر پوي. اسان جي ٻوليءَ کي جنهن نموني سان زندهه دفن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي سا شايد دنيا جي ڪنهن ٻوليءَ سان ٿي هجي. پر ان هوندي به سنڌي ٻولي امر آهي، زندهه آهي ۽ پڪاري رهي آهي:

    مونکي جيئرو پوريو ٿو وڃي، تنهنڪري ڀڀوت آهيان مان،
    سنڌ جي هڪ ڪروڙ ماڻهن جي، زندگيءَ جو ثبوت آهيان مان.
    استاد بخاري

    ۽ سنڌين پنهنجي زبان کي وڌڻ ويجھڻ لاءِ هميشه پنهنجا سر به صدقي ڪيا آهن، جيل ۽ جبر کي به ڪڏهن نه ليکيو آهي.

    تون چئه نه لڇان، تون چئه نه ڪُڇان، پر توکان هڪڙي ڳالهه پڇان،
    تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين؛ اعلان هزارين مان نه رُڳو.

    اياز


    ملايا ۾ آهيان يا سنڌ يونيورسٽيءَ ۾

    ملايا ۾ اسان کي جڏهن به واندڪائي ملندي هئي ته ڪا ٽي.وي يا ريڊيو اسٽيشن کولي ويهندا هئاسين. اهي هنڌ جتي چار پنج ننڍڙا ملڪ گڏ هجن يا جتي ٻن ٽن ملڪن جو بارڊر اچي ملي ٿو، اتي ٽي. وي ۽ ريڊيو جو مزو ٿو رهي. جيئن هتي ملايا ۾ ته فقط هڪ ٽي. وي اسٽيشن آهي، پر سينگاپور ۽ انڊونيشيا ملڪ به ڀر ۾ هجڻ ڪري انهن ملڪن جون ٽي. وي اسٽيشنون به ڏسي سگھجن ٿيون. ساڳيءَ طرح هڪ دفعي جڏهن اسان يوگوسلاويا جي شهر رائيڪا ۾ هئاسين ته اتي پڻ اٽليءَ ۽ فرانس جي شهرن جون ٽي. وي اسٽيشنون چٽيون نظر آيون ٿي ۽ اتي جا رهاڪو ان مان چڱو مزو وٺندا هئا. اسان جي پاسي ان معاملي ۾ جاگرافي ڪجھه ايتري نامهربان آهي، جو ڪراچي جا ماڻهو فقط ڪراچي ٽي. وي جو هڪ ئي چئنل ڏسي سگھن ٿا، جو اوسي پاسي کان ٻيا ملڪ نه پر سمنڊ آهي.
    بهرحال هتي جهاز تي شام جي وقت واندا ٿي جهاز جون ٻئي ٽيليويزنون هڪ ئي وقت کولي ڏسندا آهيون، جيڪي سموڪ روم ۾ رکيل آهن. جهاز جيئن ئي ڪراچيءَ کان نڪتو ته پهرئين ڇنڇر تي بوٽ ڊرل (Boat Drill) پرئڪٽس لاءِ جهاز جي ڊيڪ تي اچي بيٺاسين. ٽي وي جو اينٽينا سموڪ روم جي مٿان ٽنگيل ڏسي ڀر ۾ بيٺل اليڪٽريڪل انجنيئر کان پڇيم: “پنهنجي جهاز تي ٽِي. وي به آهي ڇا؟” کلي چيائين: “هڪ به نه، پر يڪيون ٻه!”
    “ٻه ڪهڙي خوشيءَ ۾؟”
    “بس اهو ملايا پهچي ڏسجانءِ ته ٻن کانسواءِ ڪم نه هلي سگھندو.” پوءِ جڏهن ملايا ۾ ٽي وي کوليسين ته گونگي! رڳو تصويرون پئي آيون. وري ٻي کوليسين ته رڳو آواز پيو اچي۔ تصويرون غائب. انڪري ٻئي کولڻيون پيون ٿي؛ هڪ تصوير لاءِ، ٻي آواز لاءِ.
    ملايا ۾ ملئي، اصلي رهاڪو، سڀ مسلمان آهن، پر پڙدي جو رواج بلڪل ڪونهي. ان هوندي به منجھن مغربي بي حيائي يا بي باڪي ايتري ناهي. چيني ڇوڪريون ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪافي سمارٽ ۽ بي باڪ آهن. باقي ملئي ڇوڪريون ڌارين سان ڳالهائيندي شرمائن ٿيون. آمريڪا ۾ ڪنهن ڇوڪريءَ کي فوٽوءَ لاءِ چئبو ته يڪدم پوز ٺاهي بيهندي. پر هتي مختلف ماحول آهي. ملايا ۾ پهچڻ کان ٻئي ڏينهن پاڻ سان ڪئميرا کڻي فوٽن لاءِ نڪتس. هڪ رڪشا هلائيندڙ چينيءَ جو فوٽو ورتم. هڪ سئنيما اڳيان بيٺل ميڙ جو فوٽو ڪڍيم، جيڪي اڳيان ڪجھه چيني پوسٽر ڏسي رهيا هئا. هڪ ملئي اخبارون وڪڻندڙ ڇوڪري جو فوٽو ڪڍيم. سئنيما جي ڪنڊ وٽ پٽ تي ڪو مڪئي جا سنگ، ڪو ڀڳڙا ۽ چڻا وڪڻي رهيو هو، هڪ فالودو نموني سيوين وارو ملڪ روز وڪڻي رهيو هو ۽ اسڪولي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ميڙ ڪري بيٺا هئا. هڪ ڪا رڌل شيءِ، شايد بهه يا پٽاٽا وڪڻي رهيو هو جنهن کان ڪجھه ٻار وٺي، چاپ اسٽڪس Chop-Sticks (تيلين) سان کائي رهيا هئا، جيڪي هنن ملڪن ۾ ۽ چين جپان ۾ ماڻهو ڪانٽن ڇرين بدران استعمال ڪن ٿا. انهن جو فوٽو ورتم. باقي ڪنهن جو رهيو؟ ڪنهن جو رهيو؟ ڪنهن ملئي ڇوڪريءَ جو فوٽو تمام ضروري آهي، جا هُجي به ڪنهن سهڻيءَ گوڏ ۾، جيئن ٻين کي هتي جي ماڻهن ۽ لباس جي چڱيءَ طرح خبر پئجي سگھي. اجھو سامهون فوٽ پاٿ تان ٻين جي ميڙ ۾ چار ڇوڪريون اچن پيون. فوٽوءَ لاءِ چوان يا نه چوان، ڇا سوچينديون. ڪنهن غلط فهميءَ ۾ نه پئجي وڃن. اڃا مون کي هن ملڪ جي تهذيب، رسم ۽ رواج جي چڱيءَ طرح واقفيت ناهي. ائين اٻهرو نه ٿيان جيڪر. جي انڪار ڪيائون ته ڪيڏو خراب لڳندو. اجھو هو بلڪل ويجھو اچي پهتيون آهن ۽ لنگھي به وڃن ٿيون. آءٌ ڊبل مائينڊيڊ، آءٌ سودائي، آءٌ غريب ايشيائي، احساس ڪمتري ۾ ٻڏل، منهنجي سوچ ۽ فيصلي جي رفتار، انهن نازڪ، ننڍا قدم کڻي هلندڙ ملئي ڇوڪرين کان به سست ثابت ٿي. آءٌ ٻيا واٽهڙو ڏسان ٿو. ان پويان چيني، ان پويان هڪ سک ڇوڪري سوڙهي پجامي ۽ ململ جي پهراڻ ۾ ماءُ سان گڏ لنگھي ٿي. ان پويان ٻه ڇوڪريون ساڙهين ۾ لنگھن ٿيون. پڪ سنڌي هونديون. ڀرسان گذرڻ وقت آءٌ ڪن ڏيان ٿو. ڪجهه سنڌي جملا ٻڌي، مونکي شڪ ٿو ٿئي ته ملايا ۾ آهيان يا سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس ڊپارٽمينٽ جي ورانڊي ۾؟ سامهون ٻرندڙ وسامندڙ چيني اکر ڏسي پڪ ٿي ٿئيم ته ملايا جي شهر پينانگ ۾ آهيان. اسڪرٽن جي ملڪ ۾ ڪو اوچتو شلوار يا پجامو نظر ٿو اچي وڃي ته عجيب ٿو لڳي. حيدرآباد جي تلڪ چاڙهيءَ تان ڪا ڇوڪري مني اسڪرٽ يا هاٽ پئنٽ (Hot Pant) ۾ اچي لنگھي ته ايترو عجيب لڳي جيترو هتي ڪا ڇوڪري شلوار يا تنگ پجامي ۾. ان غير معمولي تصوير جو سوچي، ڪنهن ساڙهيءَ واري ڇوڪريءَ جو فوٽو ڪڍڻ جو سوچيان ٿو. پر پنهنجي وطن لاءِ ته اها هڪ عام ڊريس آهي. ڪا نئين ڳالهه ناهي. ان ڪري مون کي ڪنهن ملئي ڇوڪريءَ جي ئي هتي جي قومي لباس، گوڏ ۾ فوٽو ڪڍڻ کپي. اجها سامهون هڪ چڱيرڙي شڪل جي ملئي ڇوڪري، خوبصورت ڪڙتي ۽ رنگين گوڏ ۾ پنهنجي دوست سان گڏ پئي اچي. ڇا سندس صفائيءَ سان ٿيل ميڪ اپ آهي ۽ ڇا ناز جي هلڻي اٿس. ناز ته خير کيس ڪرڻ جڳائي. هن جهڙي سهڻي ڇوڪري ناز نه ڪندي ته ٻيو ڪير ڪندي.
    “معاف ڪجو، آءٌ توهان جو فوٽو ڪڍي سگھان ٿو؟ مون ساڻس گڏ ڇوڪري کان پڇيو.”
    ٻنهي رڳو مُرڪيو. مون سندن همٿ افزائي ڪرڻ لاءِ ۽ متان ٿوري به دير ڪرڻ سان خيال بدلائين، جلدي جلدي کين ڀروسو ڏنو ۽ اعتماد ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “آءٌ ڪراچيءَ کان اچان پيو. سفرناما لکندو آهيان. اتي جي هڪ اخبار لاءِ ملئي لباس ۾ ماڻهوءَ جي فوٽي جي ضرورت اٿم. جي توهان کي اعتراض نه هجي ته تنهنجو ۽ هيءَ... ڇا ٿئي تنهنجي...؟”
    “گرل فرينڊ.” هن چپ کوليا.
    “... تنهنجي خوبصورت گرل فرينڊ جو فوٽو وٺان؟”
    ڇوڪرو ۽ ڇوڪري سورهن سالن جا مس ٿيندا. هڪٻئي سان ملئي زبان ۾ مشورو ڪرڻ لڳا. ڇوڪري تيار ٿي ڏٺي، پر ڇوڪري جي دل گھڙيال جي لڏڪڻيءَ وانگر، ٿوري ساعت لڏي، پوءِ انڪار واري پاسي بيهي رهي.
    “ساري! منهنجي گرل فرينڊ کي اعتراض آهي.” ان وقت سندس گرل فرينڊ هٿ سان اشارو ڪيو ته مون کي نه هن کي اعتراض آهي. مون ٿورو مرڪيو ۽ کين چيم: “ٺيڪ آهي. اٽ از پرفيڪٽلي اوڪي.” جرنلزم ۽ فوٽو گرافيءَ ۾ اهي عام ڳالهيون آهن. آءٌ پاڻ کي پڪو ٿو ڪريان.
    اڳتي وڌي هڪ چيني عورت جو فوٽو ڪڍيم جا ايتري ته ڪراڙي هئي جو ڏڪي رهي هئي. پر ان هوندي به رستي تي رَڌل سيوين جو ٿالهه رکي وڪڻي رهي هئي. ٻار پني ۾ اهي لوڻ مرچ پيل سيويون وٺي، ليمي جو رسُ وجھي چاپ اسٽڪ سان کائي رهيا هئا. ٿورو اڳتي وڌيس ته ڪنڊ وٽ هڪ ملئي مڙس ڪکن مان عجيب نموني جا کارا ۽ ڇٻيون ٺاهي رهيو هو. انهن وڻندڙ ڇٻين ۽ سندس ٺاهڻ جي نموني جو فوٽو وٺڻ لاءِ ٿورو پري بيهي، مختلف ڪنڊن تان فوٽي جي صفائي ۽ چٽائي جاچڻ لڳس ته ايتري ۾ ڪنهن جي نرم آڱرين جو ڇُهاءُ ڪلهي تي محسوس ٿيو. پٺيان مُڙي ڏسان ته ساڳي ملئي ڇوڪري ۽ سندس بواءِ فرينڊ بيٺا آهن.
    “ايڪسڪيوز مي،” رڳو مرڪڻ بدران هن دفعي هن چپ به کولي ڳالهايو؛ “تون منهنجو فوٽو ڪڍي سگھين ٿو.” سندس ڳالهائڻ ۾ عزم ۽ سوڀ جا جذبا محسوس ٿي رهيا هئا. مون سندس بواءِ فرينڊ ڏي نهاري چيو؛ “چئبو ته ڪلوپترا سيزر کي مڃائي ڇڏيو.”
    هونءَ ملئي ڇوڪريون سهڻيون نه آهن. جيتوڻيڪ سونهن ۽ ليمڪ ۾ چيني ڇوڪرين کان وڌيڪ آهن. پر اها سونهن رڳو هڪ خاص عمر تائين جي ڇوڪرين ۾ نظر اچي ٿي. چيني ۽ ملئي ڇوڪريون باوجود مِني، پيٺل نڪ ۽ ٿلهن چپن جي سراسري پنڌرهن کان ويهن سالن جي عمر اندر ڪجھه حسين لڳن ٿيون، اها عمر اورانگھڻ بعد بقول اسان جي ريفريجريٽر انجنيئر جي ڪدو لڳن ٿيون. پر نه، ڪدو ته صرف سواد ۾ بي ڍنگو ٿيندو آهي، شڪل ۾ ته لسو ۽ خوبصورت ٿيندو آهي. عمر ٽپڻ بعد چيني ۽ ملئي عورتون شڪل ۾ ڪليڪٽر انب لڳن ٿين. سڄو بدن، گھٽ ۾ گھٽ جيڪو سندن مختلف لباس مان نظر اچي ٿو، ڳوڙها ڳوڙها لڳي ٿو.


    ولايتي نوڪريءَ ۽ ڇوڪريءَ جي ڳولها ۾

    هيستائين جن مغربي ملڪن، آمريڪا ۽ يورپ، طرف رهيو آهيان، انهن کان هيڏانهن ڏُور اوڀر جي ملڪن ۾ بلڪل مختلف تهذيب ۽ رسم رواج آهي. ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ ٿائيلنڊ پاسي ڏي پنهنجي ملڪ جهڙو ئي مشرقي ماحول آهي ۽ بيحد پنهنجائپ وارو لڳي ٿو. مغرب پاسي ماديت ۽ مشين واري زندگي گھڻي آهي، پر هن طرف روحانيت ۽ مذهب تي زور آهي.
    ملايا ۾ مختلف مذهبن جا ماڻهو رهن ٿا ۽ جتي ڪٿي مسجدون، مندر، ٽڪاڻا نظر اچن ٿا. پينانگ ٻيٽ تي پنجن قبن واري مسجد ۽ هڪ هزار ٻڌ ڀڪشوئن جو مندر آهي. هتي جا چيني عبادت گھر ۽ ڪليسائون ڏسڻ وٽان آهن. سڀ کان عجيب ۽ حيران ڪندڙ پينانگ جو ‘نانگ مندر’ آهي. هن مندر ۾ هڪ نانگ ديوتا جو بتُ ٺهيل آهي. مندر ۾ هزارن جي تعداد ۾ نانگ پيا هلن. انهن ۾ ڪيترا ئي زهريلا نانگ پڻ آهن، پر ڪنهن کي چڪ نٿا هڻن. ايترا نانگ ۽ ائين آزاد نموني سان گھمندا ڦرندا ڏسي خوف محسوس ٿئي ٿو. مندر ۾ اندر گھڙڻ سان مندر جو ٻائو هڪ هڪ ڪري نانگ سياحن جي هٿن تي ڏيندو ويو. ڪي ٽنگن ۾ ويڙهڻ لڳا ته ڪي هٿن ٻانهن تي، ان وقت منهنجي دل جي حالت عجيب هئي پر ٻاهر مسڪرائڻو پيو.
    پينانگ ٻيٽ تي ڪي ته تمام وڻندڙ جڳهيون آهن، جيئن ته پينانگ جو باغيچو (Botanic Garden)، هتي جون Beaches (سمنڊ جا تانگھا ڪنارا) جتي سڄو سڄو ڏينهن ماڻهو ترندا نظر اچن ٿا. خاص ڪري انهن ملڪن جا، جن ۾ سج هميشه ڪڪرن ۾ لڪل رهي ٿو. هڪ ڏينهن جهاز جو سيڪنڊ آفيسر احمد حسين مخدوم، مون کي ۽ ريفريجريشن انجنيئر محمود کي سمنڊ جي ڪناري تي وٺي آيو. محمود، جنهن جا چرچا سڄي جهاز تي مشهور آهن، تنهن مٿي تي هٿ هڻي مخدوم کي چيو: “پيارا ڪٿي وٺي آيو آهين؟ هي سمنڊ انهن لاءِ آهي جن ڏٺو نه هجي، سڄو سڄو ڏينهن سمنڊ تي ڊيوٽِي ڪرڻ بعد وري اکين اڳيان سمنڊ.”
    ان بعد مخدوم مانيءَ لاءِ هتي جي مشهور هوٽل ‘ميرلين’ ۾ وٺي آيو. هوٽلن ۽ نائيٽ ڪلبن جي معلومات لاءِ مخدوم ڊڪشنري يا ڊئريڪٽري سمجھڻ کپي. اهڙين اهڙين هوٽلن ۾ وٺي ايندو جو پيٽ ڀرجي يا نه پر کيسو ترت خالي ٿي ويندو.
    ميرلين هوٽل جي ڇت تي ٺهيل گول ڦرندڙ ريسٽورنٽ (Revolving Restaurant) ۾ اچي ويٺاسين. ان هوٽل جي اها خاصيت آهي ته هوءَ پنهنجي محور جي چؤڌاري ڦرندي رهي ٿي ۽ اهو چڪر هڪ ڪلاڪ ۾ پورو ڪري ٿي. توهان کڻي هوٽل جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ويهو. ڪلاڪ اندر ويٺي ويٺي سڄي پينانگ ٻيٽ جو نظارو ڪري سگهنداؤ.
    ان هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ ملئي ڇوڪريون جڏهن کاڌو کڻي آيون ته اسان اکين سان انهن کي ڏسندا ۽ وات سان کاڌو کائيندا رهياسين. پر محمود جي ڦاٽل اکين مان ائين پئي محسوس ٿيو ته هو نه صرف ڇوڪرين کي ڏسڻ ٿو چاهي پر کائڻ به ٿو چاهي.
    محمود جهاز جي سڀ کان دلچسپ شخصيت آهي. هو هر وقت ڀوڳ ڪندو نظر ايندو. چاهي ڪهڙي به موسم هجي، ڪهڙو به سمنڊ هجي، سندس موڊ سدائين هڪجهڙو رهندو آهي. سندس فقط هڪ ڪمزوري آهي. جيئن ئي ڪا حسين ڇوڪري ڏٺائين، اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس چوڻ مطابق دنيا جون سڀ ڇوڪريون حسين آهن، چاهي اهي آفريڪن شيدياڻيون هجن يا جپاني نڪ مِنيون، پيرن ننڍيون چيني هجن يا ويڪري چيلهه ۽ ننڍڙين ٽنگن واريون ٿائلنڊ جون، پوءِ سندس چهرو سانڊي وانگر رنگ بدلڻ لڳندو. ڪنهن لوڙهي تي رنگين اسڪرٽ پيو سڪندو ته به ڪنڊن جي پرواهه نه ڪندو، وڃي وچڙندو. ڪو ڌوٻي هٿ ۾ ڪنهن ڇوڪريءَ جو بلائوز کڻيو پيو ويندو ته بغير پڪ ڪرڻ جي ته ان ۾ ڪا ڇوڪري هوندي، اسپيني ڍڳي وانگر اکيون کُپائيندو، نڪ سامهون ڌوڪيندو ويندو. هر وقت ولائتي نوڪريءَ ۽ ڇوڪريءَ جي تلاش ۾ هوندو آهي. پر لڳي ائين ٿو ته ٻنهي شين ساڻس شادي ڪرڻ کان اڳ طلاق وٺي ڇڏي آهي. هڪ ٻن ڇوڪرين سان هتي ملايا ۾ ملاقات به ٿيس پر اهي سڀ شادي شده يا انگيجڊ نڪتيون. تازو هڪ کي اڪيلو سمجھي دوستيءَ جو ناتو وڌايائين ۽ جهاز تي گھمڻ جي کيس دعوت ڏنائين. جهاز تي جڏهن محترمه پنهنجي مڙس سان پهتي ته محمود کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن گلاس پاڻيءَ جو سندس چپن آڏو رکي، کسي ورتو هجي ۽ هو صدين کان اڃيو رهندو اچي. ڊوڙندو ڊوڙندو مون وٽ پهتو، ان وقت آءٌ انجڻ روم ۾ ڊيوٽي تي هوس ۽ هڪ جونيئر انجنيئر سان گڏ انجڻ جي هڪ پسٽن تي نيون رنگون (Rings) چاڙهي رهيو هوس. محمود اچي آهستي چيو: “پيارا، ان پسٽن تي چوڙيون پوءِ چاڙهه. هوءَ چوڙين واري پهچي وئي آهي، پنهنجي آل اولاد سان. قرب ڪر، هنن سان ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ لاءِ پنهنجي جونيئر انجنيئر کي ٿوري دير لاءِ موڪل ڏي. آءٌ ٻئي درکان ٻاهر وري ٻيءَ جي ڳولا ۾ وڃان ٿو.”
    “هاڻ شادي شده نه آڻجانءِ.” مون کيس ٽوڪيو، جنهن جي جواب ۾ پاڻ ٿڌو ساهه کڻي وراڻيائين: “يار ڇا ڪريان. هتي جي ڇوڪرين کي کپي ته ڪو اهڙو ميٽر هڻي هلن، جيئن ٽئڪسين تي هوندو آهي. جيئن پري کان ئي بنا پڇڻ جي خبر پوي ته آيا هو خالي آهن يا انگيجڊ.”


    مفت ۾ ته ٻه کپن

    پينانگ کان ڪجھه پري اٽڪل ٻه سؤ ميل کن ملايا جو ٻيو وڏو شهر ‘پورٽ سئيٽن هام’ آهي. اسان اتي پاڻي جي جهاز رستي وياسين. هن شهر ۾ گھڙڻ وارو نظارو ڏسڻ وٽان آهي. ڪي ڪي بندرگاهه سمنڊ جي ڪناري تي نه هوندا آهن پر سمنڊ ۾ جا ندي اچي ڇوڙ ڪندي آهي، ان نديءَ جي ڪناري تي هوندا آهن ۽ جهاز کي سمنڊ ختم ڪرڻ بعد ان بندرگاهه تي پهچڻ لاءِ نديءَ اندر هلڻو پوندو آهي. جيئن آمريڪا ۾ نيو اورلنس بندرگاهه ۾ وڃڻ لاءِ جهاز کي سمنڊ بعد مسي سپي (Mississippi) نديءَ ۾ به سؤ ميل کن هلڻو پوندو آهي. اهڙي نموني سان هتي به ڪلاڪ ڏيڍ جو نديءَ جو سوڙهو رستو (River-Passage) آهي، جيترو جبرالٽر يا آفريڪا ۾ سئيٽا (Cueta) بندرگاهه جو. ٻنهي پاسي گھاٽا رٻڙ جا وڻ ۽ گھاٽو سائو گاهه گُلن سان ٽُٻ ٽڪريون، هميشه جهڙالي موسم. قدرت جا ڪن جاين تي خاص ڪرم آهن. جيڪي اسان جهڙن مينهن ۽ ساوڪ جي سڪايل سنڌين کي گھڻا ئي لڳندا آهن.
    سئيٽن هام شهر ۾ اسان جو جهاز صبح جو پهتو. خبر پئي ته ملايا حڪومت ويجھڙائيءَ ۾ هن جو نالو بدلائي ‘پورٽ ڪلانگ’ رکيو آهي. ڪنهن کي کڻي ‘سئيٽن هام’ ڀُل ۾ به چئه ته يڪدم منهن ٺاهي درستي ڪندو ته نه ‘پورٽ ڪلانگ’ چئو.
    پورٽ ڪلانگ ۾ صبح جو جهاز مان نڪتس. بندرگاهه کان ٿورو پرڀرو پوسٽ آفيس هئي. خط پوسٽ ڪري واپس آيس ۽ ارادو ڪيم ته شام جو گھمڻ نڪربو. شام جو بندرگاهه کان نڪتس ته وائڙو ٿي ويس ته اهو رستو جيڪو صبح جو خالي هو ۽ فقط ڪارون بسون هلي رهيون هيون. ان جي منهن وٽ ٽي چار ملئي سپاهي بيٺا آهن ۽ سڄي رستي تي سامان وڇايو پيو آهي. ويجھو پهتاسين ته ڏسون ته سوين دڪان سبيل ۽ اڻسبيل ڪپڙن جا، رڪارڊن جا، رانديڪن جا، ٿانون ۽ بوٽن جا، واچن ۽ ريڊين جا هيٺ زمين تي کليا پيا آهن. لائوڊ اسپيڪرن تي چيني، جپاني، ملئي ۽ انگريزي گانن جي وٺ وٺان لڳي پئي آهي. دوستن کي ٻڌايم ته صبح هي سنسان رستو هو ۽ هينئر ڏسندي ئي ڏسندي بوري بازار ٿي پيو آهي. شيون به تمام سستيون. اسان جي ففٿ انجنيئر اسلم زبيريءَ کي رڪارڊ وٺڻا هئا. وڏن دڪانن تي ڏيڍ ملئي ڊالر، يعني فقط ڇهه روپيا، ٿي مليو. پر هتي اڌ ڊالر، يعني فقط ٻه روپيا، سو به هينئر اسان جي رپئي جي قيمت ڪري پئي آهي ۽ هڪ ملئي ڊالر ۾ چار روپيا آهن، نه ته اڳ جڏهن هڪ ملئي ڊالر ۾ پوڻا ٻه روپيا هئا ته ساڳيو ٻن روپين وارو رڪارڊ تيرهين آني ٿي مليو. هن قسم جون فٽ پاٿ مارڪيٽون ملايا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ عام آهن ۽ رات جو اٺين کان وٺي ٻارهين هڪ تائين هلن ٿيون. هن مارڪيٽ جي اها خوبي آهي ته جيئن رات پوندي ويندي تيئن سامان سستو ڏيندا ويندا. هڪ وڳي ڌاري سڀ دڪاندار پنهنجو پنهنجو سامان ويڙهي پنهنجي پنهنجي پڪ اپ ۾ وجھي، سڄو قافلو روانو ٿي ويندو آهي. ان وڏي پڪ اپ ۾ ٻارين ٻچين رهن ۽ رڌ پچاءُ جو به ان ۾ بندوبست آهي. هي لڏو ڪڏهن ڪنهن رستي تي ته ڪڏهن ڪنهن شهر ۾ دڪان لڳائي شيون وڪڻن. جيئن سنڌ ۾ مڪراني عورتون ڪپڙن جو هڙون کڻي ڪڏهن ڪنهن شهر جي گھٽِيءَ ۾ ڪڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ وڪڻنديون نظر اينديون. ڪي ڪي ته اهڙا هنڌ آهن جتي روزانو ان قسم جي نائيٽ مارڪيٽ لڳي ٿي.
    اسان رڪارڊ ورتا ۽ ٻيو ڪجهه هلڪو ڦلڪو سامان ۽ جنهن کان نه وٺڻو هئوسين ان کان به قيمتون پڇائيندا رهياسين. هڪ چينيءَ کان ڪڇا ۽ سئمنگ ڪاسٽيوم ورتاسين. ان جي ڀر ۾ تڏي تي هڪ چيني ڇوڪري چوليون (Brassier) ۽ ماڊيس نموني جا سينيٽري ٽاول وڪڻي رهي هئي. هڪ بريزيئر هٿ ۾ کڻي اسان جو ڌيان ڇڪائي چوڻ لڳي؛ “توهان لاءِ فقط ٽي ڊالر.” ان سان گڏ پاڻ ۽ ڀر وارا چيني دڪاندار کلڻ لڳا. ڪجھه هندستاني عورتون به ساڙهيءَ ۾ پري بيهي تماشو ڏسي رهيون هيون ته اسان هن ننڍڙي شهر ۾ اجنبي آهيون ۽ هڪ چيني ڇوڪري اسان ٽن ڄڻن سان چرچا ڪري رهي آهي. اسلم زبيريءَ ته اڳتي وڌي ماحول کي خوشگوار بنائڻ لاءِ چيس؛ “اها قيمت گھڻي آهي.”
    “چڱو ڀلا ٻه ڊالر ڏي.” چيني ڇوڪريءَ انگيءَ کي اسلم جي ڪلهن تي رکندي چيو.
    “اون هون.” اسلم نه مڃيو.
    “چڱو ڀلا هڪ ئي ڊالر ڏي. دڪان بند ڪرڻ جو وقت ٿي ويو آهي. جلدي ڪر.” ان سان گڏ لفافي ۾ انگي بند ڪرڻ واري هئي ته اسلم چيس ته هڪ ڊالر به گھڻو آهي. تنهن تي هوءَ ڏاڍي بور ٿي ۽ ٽوڪ طور چيائين؛ “ڀلا مفت ۾ کڻندين؟”
    اسلم پراڻو لطيفو دهرائيندي چيس، “ها. پر مفت ۾ به ٻه ڏي ته پوءِ کڻان.”
    ملايا ۾ دڪانن جي ٻاهران گھٽ ۾ گھٽ ٻن زبانن جا بورڊ نظر ايندا. ڪنهن چينيءَ جو دڪان هوندو ته چينيءَ ۽ انگريزي زبان ۾، ملئي جو دڪان هوندو ته انگريزي ۽ ملئي زبان ۾ يا عربي ۽ انگريزي زبان ۾. ملئي زبان کي پنهنجي رسم الخط ڪونهي، پر انگريزي اکرن ۾ لکي وڃي ٿي، مثال طور هتي جي يونيورسٽيءَ جي بس تي لکيل آهي:
    Universiti Sains Malaysia (University of Science, Malaysia)
    هڪ بئنڪ تي انگريزيءَ ۽ عربيءَ ۾ هن طرح لکيل آهي:
    Overseas Chinese Bank Ltd. ‘بو برسي چائيني بيعکيخ کور فوريشن لميتيڊ’.
    ڪيترا ئي ملئي زبان جا عام استعمال جا لفظ عربي ۽ سنسڪرت جا آهن، جيڪي ٽي. وي تي ملئي فلمون ڏسڻ وقت ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. جيئن ته: دنيا، عام، حڪم، نصيب، صلاح، ڀاونا، هديه وغيره. هڪ هنڌ ملايا ۾ لکيل نظر آيو: Green Hotel ۽ عربيءَ ۾ ‘کرين هوتل’ لکيل هو پر ‘ک’ جي مٿان هڪ ٽٻڪو پڻ هو جيڪو اکر هتي ‘گ’ بدران استعمال ٿئي ٿو.
    ملايا ۽ هن پاسي ٻين مشرق بعيد جي ملڪن ۾ بارش ڏاڍي پوي ٿي. پر اتفاق سان اسان جيڪي ڏينهن ملايا جي شهرن پينانگ، بٽرورٿ ۽ پورٽ ڪلانگ ۾ هئاسين، اهي ڏينهن فقط جھڙ ئي رهيو ۽ اسان مزي سان گھُمي سگھياسين. آخري ڏينهن جڏهن اسان جو جهاز ملايا مان لنگر کڻي سنگاپور روانو ٿي رهيو هو، صبح کان اهڙي بارش ٿي جو بس ٿيڻ جو نالو نه پئي ورتائين ۽ اهڙو وڏ-ڦڙو ڏسي اسان دنگ رهجي وياسين. اهڙي بارش ان کان اڳ چٽگانگ ۾ ئي ڏٺي هئيسين، جا ڪڏهن ڪڏهن ويهه ويهه ڏينهن به لڳاتار هلندي هئي. جلدي اسان ڪمرن جا پورٽ هول/ دريون بند ڪيونسين. جهاز لنگر کنيو، رڊار رستو ڏيکاريو ۽ اسان جو جهاز سمنڊ اندر لڪل جبلن ۽ ٽڪرين کان پاڻ بچائيندو بارش ۾ سٽبو سنگاپور ڏانهن وڌڻ لڳو.


    سنگاپور ۾ ست ڏينهن

    ملايا جي بندرگاهه پورٽ ڪلانگ (Port Klang) کان سنگاپور فقط ڇهن ڪلاڪن جو سامونڊي سفر آهي. رات جو ٻي وڳي اسان سنگاپور جي سامهون لنگر ڪيرايو. سامهون سنگاپور شهر جي رستن ۽ اوچين عمارتن جون بتيون چمڪي رهيون هيون، جيئن شاديءَ تي ڪنهن عمارت کي بلبن سان سينگارجي. اسان جي چؤڌاري ٻيا به سٺ کن جهاز مختلف ملڪن جا لنگر ڪيرايو بيٺا هئا. سندن بتين ۽ پاڻيءَ ۾ پوندڙ عڪس عجيب منظر پيش ڪيو ٿي ۽ ائين لڳو ٿي ڄڻ هر هڪ جهاز الڳ ننڍڙو ٻيٽ هجي. سنگاپور جاگرافيءَ جي نقطهء نگاهه کان قدرتي طور ڪجھه اهڙي هنڌ تي آهي، جو هر جهاز پئسفڪ سمنڊ کان هندي وڏي سمنڊ ڏي ايندي توڙي ويندي يا ڏکڻ چيني سمنڊ مان لنگھندي، سنگاپور وٽان ضرور لنگھي ٿو. ان کان علاوه جهازن جي تيل جو پڻ وڏو مرڪز آهي. فري پورٽ تنهن کان سواءِ. ان ڪري سنگاپور هڪ روشن ڏيئي مثل آهي، جنهن جي چؤڌاري پتنگ؛ جهاز، ميڙ ڪيو بيٺا هوندا آهن. ڪي تيل وٺڻ لاء، ڪي سامان لاهڻ لاءِ، ڪي چاڙهي ٻين ملڪن ڏي کڻي وڃڻ لاءِ. سنگاپور وڏو مرڪز آهي. مثال طور اسان کي ڪراچيءَ مان سامان آمريڪا لاءِ مليو آهي. جيتوڻيڪ اسان کي آمريڪا وڃڻو ناهي پر ان هوندي به اسان مال وٺڻ کان انڪار نه ڪيو. مال ورتوسين ۽ هاڻ سنگاپور جهڙي بندرگاهه تي لاهي ڇڏينداسين جتي اسان جي آفيس وارا اهو سامان ڪنهن ٻئي ملڪ جي جهاز ذريعي، جيڪو آمريڪا ويندڙ هوندو، موڪلي ڇڏيندا. اهڙِيءَ طرح ان ڀاڙي ۾ اسان جي ڪمائي جو به حصو ٿي ويندو ۽ ڌارئين جهاز جو به. ساڳئي وقت سامان موڪليندڙ جو به ترت ڪم ٿي ويو. يا جيئن مثال طور: هن وقت هڪ آسٽريليا جو جهاز هندستان کان ڪپهه کڻي، هتي سنگاپور ڇڏي پاڻ آسٽريليا هليو ويو آهي. اها ڪپهه دراصل هانگ ڪانگ لاءِ آهي. سو هانگ ڪانگ تائين اها ڪپهه اسان پنهنجي جهاز ۾ ڀري رهيا آهيون. ان کان علاوه سنگاپور مان رٻڙ کڻي رهيا آهيون، جو جپان تائين کڻي وينداسين، اتان پوءِ هڪ ٻيو پاڪستاني جهاز لاس اينجلس (آمريڪا) تائين کڻي ويندو.
    سنگاپور جي بندرگاهه جي جيٽي ڪافي وڏي آهي. ڪيترا ئي جهاز هڪٻئي جي ويجھو ويجهو پاڻيءَ ۾ لنگر ڪيرائي بيهن. اسان جو جهاز به لنگر ڪيرايو بيٺو آهي، چؤڌاري پاڻي آهي. سامان بارجز Barges (وڏيون ويڪريون ٻيڙيون بنا انجڻ جي) ذريعي ڀرجي اچي رهيو آهي. جيڪو جهازن جي ڪرينن (Derricks) ذريعي جهازن ۾ چڙهي رهيو آهي. ماڻهن کي ڪناري تائين پهچائڻ ۽ آڻڻ لاءِ لانچون ذري ذري ائين لنگھي رهيون آهن، جيئن شهر ۾ ٽئڪسيون يا رڪشائون هلن. انهن لانچن کي سڏين به ‘ٽئڪسي’، جهاز جي عرشي (Deck) تي بيهي انهن لانچن جو انتظار ڪبو آهي.
    جيئن ئي ڪا لانچ لنگھندي آهي ته ‘ٽئڪسي’ پُڪاري سڏُ ڪبو آهي. پوءِ مٿان ئي انگريزيءَ ۾ ڀاڙو طئه ڪبو آهي. گھڻو ڪري هڪ سنگاپوري ڊالر (چئن روپين) ۾ راضي ٿي ويندا آهن. جهاز جي ڏاڪڻ Gangway تان لهي ان ۾ اچي وهبو آهي. لانچ ٻين جهازن تان به مسافر کڻي اچي بندرگاهه ۾ ڇڏيندي آهي. جيئن ته اسان جي سنگاپور ۾ به آفيس آهي، سو آفيس طرفان پڻ هڪ لانچ، سڄو ڏينهن رات، ڪلاڪ ڪلاڪ کان پوءِ اسان جي جهاز تي ڦيرا ڪندي آهي ۽ اها جهاز جا ماڻهو مفت ڍوئيندي آهي. بندرگاهه سنگاپور فقط نالي جو آهي، ڪو به ڪسٽم وارو نظر نه ايندو. بندرگاهه ٽئڪس کان آجو هجڻ ڪري ڪنهن به شيءِ آڻڻ يا کڻي وڃڻ جي جھل پل ڪانهي، سواءِ نشي جي شين جي. مثال طور: چرس، گانجو، ڏوڏي وغيره. هونءَ ڪا به شيءِ جهاز تان، شهر ڏي ڪنهن کي کڻي ويندي مون نه ڏٺو. هٿين خالي بندرگاهه تي لهن ۽ واپسي تي سندن ٻنهي هٿن ۾ ٿيلها ۽ سامان سان ڀريل لفافا هوندا آهن. انهن لفافن ۽ ٿيلهين ۾ سبيل اڻ سبيل ڪپڙا، ريڊيا، واچون، ڪئميرائون ۽ ٽرانسسٽر، سينٽ، پلاسٽڪ جا گُل، رانديڪا ۽ ٻيو سامان هوندو آهي، جو هتي تمام سستو آهي.
    سنگاپور هڪ ننڍڙو ٻيٽ نما ملڪ آهي، جنهن جي وڏي ۾ وڏي ندي فقط نَوَ ميل ڊگھي آهي، جا وچ شهر مان ٿيندي اچيو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري. شهر وٽ اها ندي وڏين وڏين ٻيڙين ۽ بارجز سان ڀريل هوندي آهي. پري پري کان سامان ٽرڪن ۾ کڄي، نديءَ تائين اچي، جتان ٻيڙين ذريعي جهازن تي موڪليو وڃي ٿو. ساڳيءَ طرح جهازن تان سامان سنگاپور اچي. انهن وڏين ٻيڙين/ بارجز کي پنهنجي انجڻ نه ٿئي. جڏهن چار پنج بارجز ڀرجي وينديون آهن ته پوءِ هڪ لانچ/ موٽر بوٽ، کين ڇڪيندي آهي. پري کان ائين لڳندو آهي، ڄڻ ڪو اٺن جو قافلو پيو اچي. پهرين بارج جي پٺ، ٻيءَ جي اڳ سان، رسيءَ ذريعي ڳنڍيل هوندي آهي. اهڙي نموني سان هڪ ٻئي پٺيان ڪيتريون ئي هونديون آهن. هتي اهي بارجز گھڻو ڪري چينين جون آهن، جي ٻارن ٻچن سان انهن ۾ رهن ۽ رڌين پچائين به انهن ٻيڙين تي.
    سنگاپور، انيڪ مذهبن ۽ قومن جو ملڪ آهي. گھڻائي مسلمانن جي آهي. انهن کان علاوه ٻڌ، هندو، عيسائي، سک ۽ پراڻي چين-مٿ جا آهن. زبانون به ڪيتريون ئي ڳالهايون وڃن ٿيون، قومي زبانون چار آهن: انگريزي، ملئي، چيني، تامل. جتي ڪٿي بورڊ انهن زبانن ۾ نظر ايندا. ٽي.وي ۽ ريڊيو تي پڻ سڀني زبانن جو پروگرام اچي. سنگاپور ۾ ملايا، چين، پاڪستان، انڊونيشيا، ٿائلنڊ ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو رهيل آهن. سڀ کان گھڻا هندستان جا آهن. هندستان جي مٿئين حصي يو.پي ۽ سي.پي جو ماڻهو ڪو ورلي نظر ايندو، پر ڏکڻ هندستان جا تمام گھڻا آهن، جن جي مادري زبان تامل آهي. سنگاپور ڪنهن زماني ۾ هندستان جو حصو هو. انگريزن جي ڏينهن ۾ ڪجھه وقت هندستان جو وائسراءِ حڪومت ڪندو هو. ۱۸۱۹ع ۾ اسٽئفورڊ ريفلز، جيڪو جاوا انڊونيشيا جو انگلنڊ طرفان گورنر جنرل به هو، ملايا جي سلطان جوهور کان ان ڳالهه جي اجازت ورتي ته سنگاپور جي ٻيٽ تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان واپار وڙي لاءِ ڪوٺي قائم ڪئي وڃي. جيئن هندستان فتح ڪرڻ کان اڳ انگريزن چالاڪي ڪري پهرين (۱۸۰۰ع ڌاري) ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪوٺي وجھڻ جي اجازت ورتي هئي. سلطان جوهور اجازت ڏني، يا کڻي چئجي ته ڏيڻي ئي پيس، پنجن سالن کان پوءِ ريفلز صاحب سلطان کان هڪ ٻئي معاهدي تي به صحيح ورتي. يعني سولي زبان ۾ ائين سمجھجي ته هندستان جي تاريخ دهرائي وئي ۽ عرب جي اٺ وانگر، عرب ٻاهر، اٺ تنبوءَ منجھه! سنگاپور سڄي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي جاگير ٿي وئي. ۱۸۳۰ع ۾ بنگال سان هن کي شامل ڪيو ويو. ۱۸۳۰ع ۾ سنگاپور، هندستان جي گورنر جنرل جي هٿ هيٺ هو.
    هينئر سنگاپور آزاد ٿي چُڪو آهي، پر ان هوندي به اڃا انگريزن کي فوجي اڏي رکڻ جي اجازت آهي. ٻي جنگ عظيم ۾ سنگاپور، جنهن لاءِ انگريزين طرفان اهو ڌاڪو ڄمايل هو ته سنگاپور کي ڪير هٿ به نه ٿو لاهي سگھي سو جپانين جي جھول ۾ پڪل ٻير وانگر اچي پيو. گھٽ ۾ گھٽ سنگاپور جي ان معاملي ۾ برطانوي شينهن، ڪاغذ جو شينهن ثابت ٿيو.


    سنگاپور ۾ سنگاپوري چانهه ڪا نه ٿئي!

    سنڌ ۾ پاڻيءَ بنا چانهه يعني کير ۾ ٺهيل چانهه کي ڪن هوٽلن ۾ ‘دوڌ پتي’ سڏين ته ڪن هنڌ ‘گھاٽِي چانهه.’ چاڪيواڙي جي هڪ هوٽل ۾ ان کي ‘چمچا چانهه’ به چون. دادوءَ جي تاج هوٽل ۾ اها چانهه فقط ‘ڌوڌيا’ جي نالي سان سڏبي آهي. پر سڄي سنڌ ۾ ان چانهه لاءِ سڀ کان وڌيڪ نالو جيڪو مشهور آهي، سو آهي: ‘سنگاپوري چانهه.’
    هوٽل ۾ ويهي سنگاپوري چانهه جو آرڊر ڏيڻ تي هوٽل وارو الڳ ٿانوَ ۾ فقط کير ۽ پتي وجھي چانهه ٺاهي ڏيندو آهي. ان ۾ پاڻي نه وجھندو آهي، جي وجھندو به هوندو ته کير ۾ گھران ملائي ايندو هوندو. نج نل جو پاڻي يا درياءُ جو ڇاڻيل پاڻي، متان چانهه جي ڪوپ مان ڪا مڇي نڪري گراهڪ کي پريشان ڪري.
    گھڻن ماڻهن جو خيال هوندو ته اها سنگاپوري چانهه شايد سنگاپور جي ايجاد هجي يا اتان شروع ٿي هجي. آُ به سوچيندو هوس ته سنگاپور جا ماڻهو سنگاپوري چانهه ئي پيئندا هوندا. پر سنگاپور اچڻ کان اڳ سنڌ جي مشهور ڪهاڻيڪار آغا سليم جو سنگاپور بابت سفرنامو پڙهي معلوم ٿيو ته اتي ٻي هر شيءِ ملي ٿي، سواءِ سنگاپوري چانهه جي.
    انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنگاپور ۾ دنيا جي هر شيءِ ملي ٿي سا به سستي اگھه تي. آمريڪا جون ٺهيل قميصون ۽ پتلونون، هتي آمريڪا کان سستيون ملنديون. جپان ۽ جرمنيءَ جون ڪئميرائون ۽ ڪارون، انهن ملڪن ۾ به ايتريون سستيون نه ملنديون، جيتريون سنگاپور ۾. آسٽريليا ۽ نيوزيلنڊ جو مکڻ، گيهه ۽ بند ٿيل گوشت، فرانس جو سينٽ، انگلينڊ جا پرس، مطلب ته هر شيءِ هتي سستي آهي. ڪو زمانو هو جڏهن عدن، ڪولمبو/ سلون وغيره دنيا جا مشهور ٽئڪس فري بندرگاهه هوندا هئا. پر اڄ ڪلهه صحيح معنى ۾ فقط هانگ ڪانگ، لاس پاماس/ ڪنري ٻيٽ ۽ سنگاپور آهن. هنن شهرن جي/ جيڪي ٻيٽن جيڪي شڪل ۾ آهن، سئيز ڪئنال بند ٿيڻ ڪري هيڪاندي حيثيت وڌي وئي آهي. سنگاپور جهڙي شهر جو هڪ هڪ ڏينهن عورتن لاءِ عيد برابر آهي. جي توهان ڀلجي هتي زال سان گھمڻ اچو ته ٻه ڪم ڪجو. يا هوٽل کان ٻاهر نه نڪرجو يا پاڻ سان گڏ چيڪ بڪ به کيسي ۾ وجھي نڪرجو.
    سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ لاس پاماس جي بازارن ۾ عورتن کي هوش حواس نه هوندو آهي. ائين لامارا هڻي خريداري ڪنديون آهن ڄڻ هن دنيا جو اڄوڪو ڏينهن، آخري ڏينهن آهي. سڀاڻي هي دڪان نه رهندا. هي سک، چيني ۽ سنڌي دڪاندار نه هوندا ۽ هيءُ سنگاپور، سنگاپور نه رهندو. يا ائين لڳندو آهي، ڄڻ ڪو ٻيو وڏو هجوم سندن پٺيان سڀ ڪجھه خريد ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي ۽ بازار خالي ٿي ويندي. ان کان اڳ سڀ ڪجھه خريد ڪري وٺجي. واقعي ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عورتن جو هڪ اڻ کٽندڙ سيلاب هڪ ٻئي پٺيان هر روز نظر اچي ٿو.


    ملايا ۽ سنگاپور جي وچ ۾ فقط هڪ پُل!

    سنگاپور جو جيڏو دنيا ۾ نالو مشهور آهي ۽ جيترو سنگاپور خوشحال ۽ سڌريل آهي، ان مان لڳي ٿو ته ڄڻ ته ڪو هي ايراضِيءَ ۾ به وڏو ۽ امير ملڪ هوندو. هتي، امير ملڪ مان منهنجو مطلب قدرتي امير هجڻ آهي، يعني پوک، معدنيات/ ڌاتو، کاڻين وغيره کان، جيئن جپان قدرتي طرح امير ملڪ ناهي، جو هر ڪچو مال ٻاهران ٿو گھُرائي ۽ ملڪ ۾ ڪجھه به نه آهي. جيتوڻيڪ ٻئي ملڪ پئسي دولت جي معاملي ۾ شاهوڪار آهن.
    پڙهندڙن کي تعجب لڳندو ته سنگاپور ملڪ هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي، جنهن جي، دنيا جي نقشي تي حيثيت فقط هڪ ٽٻڪي جيان آهي. سڄي ملڪ جي ايراضي فقط ٻه سؤ پنجويهه چورس ميل آهي. يعني جي ويڪر پنڌرهن ميل آهي ته ڊيگهه به پنڌرهن ميل سمجھڻ کپي. (ڇو ته ڪنهن به پٽَ جي ايراضِي ويڪر ضربيان ڊيگھه آهي. سو ٻه سؤ پنجويهه ميل گھڻي ايراضي ناهي. هونءَ هي ٻيٽ هم چورس ناهي، ڪٿي ويڪر گھٽ آهي ۽ ڪٿي گھڻي به. ان حساب سان ڊيگھه پنڌرهن ويهن ميلن کان ڪافي مٿي اٿس ۽ ٻيٽ جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين بس يا ٽئڪسي ڪلاڪ سوا وٺي ٿي، جو ڪٿي ڪٿي رستي ۾ ور وڪڙ به ڏاڍا آهن.
    سنگاپور ٻيٽ ملايا جي سرزمين کان گھڻو ڇڳل ناهي. جيئن منوڙي ٻيٽ جو رشتو ڪراچيءَ سان آهي، تيئن سنگاپور ٻيٽ جو ملايا جي سرزمين سان. جيئن اسان وٽ ڪياماڙي آهي، تيئن هتي ملايا جو شهر ‘جوهور’ آهي، جو سنگاپور کان فقط منو ميل پري آهي. اهو آهي ته منوڙي ۽ ڪياماڙي جي وچ ۾ پُل ڪانهي، لانچون ۽ ٻيڙيون ٿيون هلن. پر هتي سنگاپور ۽ ملايا جي شهر جوهور کي ڳنڍڻ لاءِ منو ميل ڊگھي پل آهي. پُل ٽپُ ته هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ۾. سنگاپور کان ملايا/ ملائيشيا وڃڻ لاءِ پڪو رستو ۽ ريل جي لائين گڏوگڏ هن پُل تان لنگهن ٿيون. سنگاپور جي پنجاسي سيڪڙو آدمشماري، اٽڪل ويهه لک کن، فقط اٺاويهه چورس ميلن جي زمين تي رهي ٿي. آباديءَ جو هي ميڙ سنگاپور جي ڪناري ۽ بندرگاهه جي پسگردائيءَ ۾ رهي ٿو.
    حڪومت وڌندڙ آدمشماريءَ کي ڌيان ۾ رکي فليٽن جي اسڪيم شروع ڪئي آهي. پراڻين جڳهين کي ڊاهي ڪراچيءَ جي ‘الاعظم اسڪوائر’ ۽ ‘ڪريم آباد’ جي فليٽن جهڙا، پر انهن کان به اتاهان فليٽ ٺهرايا آهن جن ۾ سنگاپور جا ست لک کن ماڻهو رهن ٿا. سنگاپور جي ويجھو اچڻ سان پهرين اهي ڊگھيون عمارتون نظر اينديون. جيئن جهاز ڪراچيءَ جي ويجھو ايندو آهي ته پهرين حبيب بئنڪ، اين.ايس.سي يعني نئشنل شپنگ ڪارپوريشن بلڊنگ ۽ اسٽيٽ بئنڪ نظر ايندي آهي.
    رستن تي ٽرئفڪ گھٽائڻ لاءِ پبلڪ بسون تمام گھڻيون ۽ آرامده رکيون ويون آهن، جيئن امير ماڻهو ۽ وڏا آفيسر به خودبخود پنهنجون موٽر ڪارون ڇڏي بس ۾ سفر ڪرڻ لاءِ آماده ٿي وڃن. انهن ۾ ڪيتريون ئي بسون ته ايئرڪنڊيشنڊ آهن. پر ٽڪيٽ معمولي رکي وئي آهي. شايد سنگاپور جي بس جي مالڪن کي پوليس تنگ نه ٿي ڪري، جو ان معمولي ٽڪيٽ مان به کين ايتري بچت ٿئي ٿي، جو هر روز بسن جي ترقي ٿي رهي آهي ۽ بسن کي وڌيڪ آرامده بنايو پيو وڃي. ڪراچيءَ جي بسن ۽ ٽئڪسين جا مالڪ ته روئندا ئي رهن ٿا. مسافرن سان ٽٻ هلڻ جي باوجود به سندن مٿيون خرچ پوليس پٺيان ايترو آهي، جو هميشه سندن اها شڪايت آهي ته: جيتري ۾ خريد ڪيوسين اوتري ۾ وڪيوسين؛ نفعي ۾ فقط پادر پيا.
    سنگاپور کي پنهنجي پيدائش ته ڪا خاص ناهي، گھڻو ڪمائيءَ جو دارومدار، ٻاهرين ملڪن کان آيل سياحن ۽ جهازن جي آمدرفت تي آهي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان سياح ۽ واپاري سنگاپور ۾ اچن، خريداري ڪن، وڏين هوٽلن ۾ رهن. ننڍين هوٽلن ۾ ماني کائين. ڪڏهن ملئي مسلمان جي هوٽل ۾ مشرق بعيد جو کاڌو ته ڪڏهن جپاني ۽ مغربي طرز جو کاڌو. رڪشائن ۽ ٽئڪسين ۾ چڙهي، سئنيمائن ۽ ٿيئٽرن ۾ فلمون ۽ ڊراما ڏسن. اهڙيءَ طرح سڄي سنگاپور جي ڪمائيءَ جو دارومدار مختلف طريقن سان ٻاهران آيل سياحن تي رهي ٿو. هونءَ سنگاپور جي ننڍڙي ٻيٽ ۾ ٿوري گھڻي رٻڙ ۽ ناريل جي پوک ٿئي ٿي. کاڻين ۾ به شيهو ٿئي. شيهو ۽ رٻڙ پڻ ٻاهرين ملڪن ۾ موڪلي زر مبادلو ڪمائين.
    بندرگاهه جي ڀرسان چينج ايلي آهي. هن سوڙهي ۽ اونداهي بازار ۾ دنيا جو هر مشهور سڪو مٽجي ملي ٿو. جيئن ئي بندرگاهه کان نڪربو ته پئسا مٽي ڏيڻ وارا ڦري ايندا. اڃا هڪ مان جان ڇڏائي ٻه چار قدم کڻبا ته رامجي جي ٽن ٺڳن وانگر وري ٻيو ٺڳُ ملندو: “واٽ شپ؟ سر چينج مني؟” (What Ship? Sir Change Money) پُڇندو.
    پئسا مٽي ڏيڻ وارا چيني ۽ ملئي به آهن، پر سڀ کان گھڻا ڪارا مدراسي، بئنگلوري ۽ ٻيا ڏکڻ هندستان جا بشرٽ ۽ گوڏ ۾ ملندا. گوڏ، گوڏن وٽان مٿي ٻيڻي ٿيل. هيٺ مَرُ لڳل پيرن ۾ ڇنل يا گٺل چئمپل ۽ ڪاريون سنهيون ٽنگون نظر اينديون. هٿ ۾ آمريڪي ڊالر جو هڪ نوٽ هوندن. ڀت کي ڀر ڏئي يا ڪنهن ٿنڀي يا اليڪٽرڪ پول کي ٽيڪ ڏئي بيٺا هوندا. جيئن ئي لنگھبو ته اڳيان ڊالر جو نوٽ وڌائي پڇندا: “سر چينج مني؟ ويري گُڊ ريٽ.” (Sir Change Money? Very Good Rate)
    پوءِ مثال جي ڳالهه اسان جهڙا، جن کي سڄو پگھار پاڪستاني سڪي ۾ ڪو نه ٿو ملي. پر پگھار جو پنجاهه سيڪڙو ڪنهن به ملڪ جي پئسن ۾ وٺي سگھون ٿا. اسان گھڻو ڪري آمريڪا جا ڊالر يا انگلنڊ جا پائونڊ پگھار ۾ وٺون، جو اهي سڪا اهڙا آهن، جيڪي دنيا جي هر ملڪ ۾ هلن. چين جهڙو ملڪ، جيڪو آمريڪا کي هونءَ ته کُلي عام گاريون ڏئي ٿو، پر ڊالر جي معاملي ۾ اهو به اڳيان آهي.
    روس هونئن ته گھڻو ئي طاقتور ملڪ آهي، پر سندس سڪو ايترو ته ڪمزور آهي، جو روس کان ٻاهر نڪر ته ڪو ‘روبل’ کي کنگھي به ڪو نه ٿو. تعجب جي ڳالهه ته ڀروارن ملڪن؛ رومانيه، بلغاريه، ترڪي ۾ به آمريڪن ڊالر ته هر ڪو خوشيءَ سان قبول ڪري ٿو، پر روبل وٺڻ يا مَٽي ڏيڻ کان ڪيٻائي ٿو، بلڪ صفا انڪار ڪري ٿو.
    اسان جو جهاز جيئن ئي پاڪستان کان ٻاهر نڪرندو آهي ته اسان کي مهيني يا ٻن جو، گھُر مطابق پگھار اڳواٽ غير ملڪي سڪي ۾ ڏنو ويندو آهي. اسان هن دفعي ڊالر ورتا، پوءِ اهي ضرورت مطابق مختلف ملڪن ۾ مٽائيندا رهون ٿا. بئنڪ مان مٽائڻ سان مقرر اگھه ملي، ۽ فقط ڊالر، پائونڊ ۽ ٻيو دنيا جو مضبوط سڪو مٽجي ملي. پر پئسي مٽي ڏيڻ وارن دڪانن (Money Exchange Shops) تان سڀ سڪو مٽجي ملي، پر مختلف اگھن ۾. مثال طور: ڊالر جي سرڪاري قيمت ٻه سنگاپوري ڊالر ۽ سٺ سينٽ آهي، پر جيئن ته ڊالر جي گھُرج وڌيل آهي، سو هي دڪاندار ڏهه پنڌرهن سينٽ مارڪيٽ جي اگھه کان مٿي ئي ڏين. سرڪاري طرح اسان جي چئين روپئي ۾ هڪ سنگاپوري ڊالر آهي، پر هي پنجين روپئي ڏين. جپان جي هزار يين (Yen) جا سوا نَو سنگاپوري ڊالر ڏين يا ڏھ ويهه سينٽ هيٺ مٿي. مڙئي جتي جيڪو گراهڪ ڪُسي.
    اهو اگھهُ روزانو بدلجندو رهي ٿو. ان جو مدار ان ملڪ جي معاشيات، سياست ۽ ملڪي حالتن تي رهي ٿو. ايوب جي لهڻ وارن ڏينهن ۾ اسان دبئي ۾ هئاسين. ايوب جي لهڻ کان هڪ ڏينهن اڳ دبئي ۾ ڏهين روپئي آمريڪي ڊالر پئي مليو، پر جيئن ئي حڪومت بدلي ته ٻئي ڏينهن، چوويهن ڪلاڪن اندر، ڪو روپئي کي سُڃاڻي به نه پيو. پنڌرهن روپين ۾ به ڊالر ڪو نه ٿي مليو.
    بهرحال پگھار جي پئسن مان اسان گھرج مطابق ڊالر مٽائيندا آهيون. پوءِ جيڪو دڪاندار سٺو اگھُه ڏئي. پر ڪو خاص فرق نه هوندو آهي، اوڻيهين ويهين جو تفاوت ٿئي. انهن دڪاندارن يا پئسا مٽي ڏيڻ وارن سان سياحن جي ڪُجھه هن ريت گفتگو ٿيندي آهي:
    “ڊالر بدلائڻا آهن، ڇا اگھُه آهي؟”
    “آمريڪي ڊالر بدلائي سنگاپوري ڊالر وٺڻا آهن يا سنگاپوري بدلائي آمريڪي وٺڻا آهن؟”
    “آمريڪي ڊالر مٽائڻا آهن.”
    “هڪ آمريڪي ڊالر جا ٻه سنگاپوري ڊالر ۽ پنجهٺ سينٽ.”
    “بس! ٻيا ته ٻه سنگاپوري ڊالر ۽ اسي سينٽ ٿا ڏين.” اسان اڳ ٻڌنداسين.
    “ويري ساري! ويري ساري! ايتري ۾ ته آءٌ خود وڪڻان ٿو، خريد ڪيئن ڪندس.”
    “ته پوءِ ٺهيو هلون ٿا.”
    وري اڳتي وڌبو ته ٻيو ڦري ايندو ۽ اهو ويجھو اچي تنهن کان اڳ پهريون اچي چوندو؛ “چڱو سائين ڪيترا آمريڪي ڊالر مٽائڻا آهن؟ وٺو ٻه سنگاپوري ڊالر ۽ ستر سينٽ. بس؟ اهو ته اگھُه توهان کي ڪير به نه ڏيندو.”
    پوءِ اهڙي نموني سان مغز ماري ڪري ٻن چئن سان بحث ڪري ڪنهن کان مٽائڻا پوندا آهن.
    ڪڏهن ڪڏهن وري اسان به ڏاها ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، جيئن مون کي سنگاپور ۾ سياڻپ سُجهي. آمريڪي ڊالر مٽائي انگلنڊ جا پائونڊ ورتم. ٻئي هنڌان پائونڊ بدلائي ٿائلنڊ جا ‘ڀاٿ’ ورتم ۽ پوءِ ٽئين کان ڀات بدلائي سنگاپوري ڊالر ورتم. سوچيم ته ان چڪر ۾ ڪجھه پئسا زياده ئي حساب ۾ ملندم. پر سائين اڳيان هنن پئسا مٽي ڏيڻ وارن به اس ۾ اڇا وار نه ڪيا آهن. حساب کڻي جاچيان ته اهو ئي ساڳيو. پاڻ ڪجھه سينٽن جو مون کي نقصان.
    پئسا مٽي ڏيڻ وارا ڪي ته ائين رستي تي بيٺا هوندا آهن ۽ ٻيا وري ننڍا ننڍا دڪان ائين هوندا آهن، جيئن پاڻ وٽ پان ٻيڙي ماچيس وارن جون مانڊڻيون (پيڊيون) ٿين. انهن مانڊڻين ۾ رنگ برنگي، مختلف ملڪن جا نوٽ لڙڪندا رهندا آهن ۽ شيشي هيٺان نج سونُ ۽ چانديءَ جا سڪا رکيا هوندا آهن. ان قسم جا دڪان بيروت، دبئي، دوحا (قطر)، ملايا، قاهره (مصر)، طرابلس وغيره ۾ جام نظر آيا.


    وڏيون مسڪراهٽون ته وڏيون قيمتون

    پئسا مٽائڻ کان پوءِ اسان گھمڻ جو ارادو ڪيو. سنگاپور جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي بازار ريفلز پئلس آهي، جا بندرگاهه جي بلڪل ويجھو آهي. هتي سڀئي دڪان وڏا وڏا ۽ ڪيترين ماڙين تي ٺهيل آهن. هر ماڙيءَ تي مختلف قسمن جون شيون وڪامن ٿيون. ننڍڙو کيسو کڻي ايڏن وڏن دڪانن ۾ گھڙڻ پنهنجو پاڻ کي احساس ڪمتري ۾ وجھڻ آهي. پر بقول اسان جي سيڪنڊ انجنيئر اختر زيديءَ جي ته پئسو کيسي ۾ گھٽ اٿئون ته پوءِ ڇا ٿي پيو. ان جي اسان کي ئي خبر آهي نه! ٻين کي ڪهڙي خبر. ڪنهن به دڪان ۾ ڪا به شيءِ ڏسڻ جي ته منع ڪانهي. اسان ڪيترن ئي اسٽورن تي ٻي ٻي هزارين روپين وارا سمهڻ جا پلنگ، ٽي ٽي هزار روپين وارا جپاني ڊنر سيٽ ۽ محلاتن ۽ راجائن جي گھر ۾ وڇائجندڙ پنجن پنجن هزار روپين وارا غاليچا ڏسندا رهياسين. جيتوڻيڪ اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي ‘ساڳيون شيون’ ٻين عام دڪانن تي عام ماڻهو گھٽ قيمت تي وٺندا نظر ايندا. پر ان ڏينهن گرمي اهڙي هئي، جو فٽ پاٿ تي هلڻ کان پوءِ ڪجھه گرميءَ کان بچڻ خاطر ۽ ڪجھه انهن ۾ رکيل خوبصورت شين ۽ انهن کي خريد ڪندڙ خوبصورت گراهڪن کي ڏسڻ لاءِ، ايئرڪنڊيشنڊ دڪانن ۾ گھڙي پياسين. انهن دڪانن مان هڪ ٻن تان هلڪي ڦلڪي خريداري به ڪئيسين. مثال طور ڪنهن گنجي يا قميص ورتي، ڪنهن تصويرون ۽ خط لکڻ لاءِ رنگين لفافا ۽ رائيٽنگ پئڊ ورتا. ڪنهن کائڻ لاءِ کاڄا ۽ بادام ورتا ۽ ڪنهن آئيس ڪريم ڪون ورتو. اسان کي خبر آهي ته وڌيڪ شاپنگ ڪٿان ڪجي ۽ ڪيئن ڪجي. هي دڪان انهن ماڻهن لاءِ آهن، جن وٽ پئسو گھڻو ۽ وقت گھٽ هجي. جي فقط پنهنجي ڇهه وال ڊگھي ڪار دڪان وٽ بيهاري بنا قيمت پڇڻ جي شيءِ مطابق پئسا ڏئي هليا وڃن. اسان جهڙا جيڪي پئسن مطابق خريداري ڪن انهن لاءِ سنگاپور جي ‘عرب اسٽريٽ’ جهڙيون بازاريون بهترين جڳهيون آهن جن ۾ سوديبازي (Bargaining) عام جام آهي. سادا دڪان آهن، وڪڻڻ واريون گھٽ خوبصورت ڇوڪريون آهن ۽ بقول اختر جي، ‘شو پيس’ گھٽ آهن. مسڪراهٽون گھڻيون نٿيون ملن، پر انهن سان گڏُ شين جي قيمت به ته گھٽ آهي. وڏن دڪانن ۾ سواءِ مسڪراهٽن جي هر شيءِ مهانگي آهي. خاص ڪري چيني، سک ۽ سنڌي هندو واپاري ته ان ۾ تمام سياڻا آهن. جيڪو سندن دڪانن تي چڙهندو آهي، اهو ٻئي ڪن ۽ کيسو ڪپائي هيٺ لهندو آهي. چيني زبان ۾ چوڻي آهي ته: جو مسڪرائي نٿو ڄاڻي سو واپاري ٿي نه ٿو سگھي. هونءَ سکن ۽ سنڌين جي دڪان تي به سيلز گرلس چيني خوبصورت ڇوڪريون آهن. ڪن ڪن دڪانن ۾ سک ۽ سنڌي ڇوڪريون نظر آيون.
    ريفلز پئلس ۾ عوامي چين جي دڪانن ‘چائنا ايمپوريم’ ۽ ٻين ۾ قيمتون مقرر ۽ مناسب آهن. باقي ٻين ۾ مقرر هوندي به سوديبازي عام ٿي هلي. ساڳيو حال هانگ ڪانگ، ملايا ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ آهي. پر سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جو جواب ناهي. هتي جي خريداريءَ جو اصول اهو آهي ته دڪاندار ڪنهن شيءِ جا ويهه ڊالر گھري ته ڏهه چئجنس. ٻارهين تيرهين ۾ سودو طئي ٿي ويندو. جي دوڪان ننڍو آهي يا نائيٽ بازار آهي، پورٽ ڪلانگ جهڙي ته، ويهن ڊالرن جي شيءِ جا ست يا اٺ چوڻ کپن. ڇڪي تاڻي دڪاندار اها شيءِ ڏهن ڊالر ۾ ڏيڻ تي راضي ٿي ويندو. جي اهو نه ته ڀر وارو دڪاندار ضرور راضي ٿي ويندو. ڪجھه هن ريت انهن بازارن ۾ دڪاندارن ۽ خريدارن جي گفتگو ٻڌڻ ۾ ايندي:
    “هن مختلف پٽن واري ليڊيز واچ جو گھڻو؟” خريدار پڇندو.
    “فقط پنجهتر سنگاپوري ڊالر.” (يعني پاڪستاني ٽي سؤ روپيا.)
    “پنجهتر ته تمام گھڻا آهن!”
    “ڀلا تون ڇا ڏيندين؟” دڪاندار پڇندو.
    “هن گھٽيءَ وارو دڪاندار ساڳي اٺن پٽن واري واچ ٽيهه ڊالر ۾ پيو ڏئي، پر آءٌ ته پنجويهه ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.”
    “واهه سائين واهه! اهڙي پياري واچ جو اهڙو قدر. پنجٽيهن جي ته مون خريد ڪئي آهي.”
    “نه پنجويهه ڏيندس.”
    “چڱو ڀلا ٽِيهه ڏي، کڻ واچ.”
    “چيم ته سهي ته پنجويهن کان هڪ سينٽ به مٿي نه ڏيندس.”
    “پنجويهين ته ميان سڄي سنگاپور ۾ نه ملندءِ. وڃين ته وڃ هليو.”
    توهان اڃا ست قدم به نه کڻندؤ ته پٺيان سڏ ٿيندوَ.
    “سائين ڪيڏانهن ٿا وڃو. پنجويهن ۾ ئي کڻو. ڪيتريون پارسل ڪيان؟ هڪ دٻي يا وڌيڪ؟”
    سودو ٽن سؤ روپين تان سؤ تي لهي آيو. پر ان جو مطلب اهو به نه آهي ته سؤ روپين جي شيءِ جا فقط ڏهه روپيا ٻڌايو ۽ دڪاندار بيهوش ٿي وڃي. يا وڙهڻ لاءِ تيار ٿي وڃي. جيئن اسان جو دوست بشير وسطڙو ڪراچيءَ ۾ هڪ دڪان تان بئگ خريد ڪرڻ لاءِ چڙهيو، قيمت پڇيائين.
    “ڏيڍ سؤ روپيا فقط.” دڪاندار ٻڌايس.
    هي جوان خريد ڪرڻ کان انڪار ڪري لهڻ ٿي لڳو ته دڪاندار چيو: “اجي صاحب آخر توهان به ته ٻڌايو ته گھڻو لهي ۽ گھڻو ڏيندا.”
    “اون هون!” بشير انڪار ڪندو رهيو. تنهن تي مون به دڪاندار جي طرفداري ڪندي چيومانس ته ڪيترو ڏيندين ته ان اگھه تي بحث ڪريون. پر ڪجھه نه اڪليو. دڪاندار پنج روپيا ڇڏي وري پڇڻ لڳو: “سائين آخر توهان ڪيترو ڏيندا ڪجھه ته ٻڌايو.”
    “آءٌ ٻڌائيندس ته تون مونکي گار ڏيندين.” بشير معصوم انداز ۾ چئي دڪان تان لٿو ۽ مونکي ٻڌايائين؛ “يار مون وٽ ته هئا ئي پنجويهه روپيا. ڪيترو لاهي ڪيترو لاهيانس ها؟ ۽ پنجويهه چوانس ها ته گاريون نه ڏئي ها ته ٻيو ڇا ڏئي ها.”


    سنگاپور ۾ هڪ سنڌي اسڪول

    سنگاپور اچڻ کان اڳ اردو جي هڪ اديب ابن انشا جو سنگاپور بابت سفرنامو پڙهيو هوم. جنهن ۾ هو ته: سنگاپور ۾ سنڌي واپاري تمام گھڻا آهن. مشهور هندستاني ائڪٽر ۽ ڪالم نگار آءِ. ايس. جوهر پڻ لکيو آهي ته سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ سنڌي ايترا آهن جو اهي ٻئي ملڪ سنڌين جون ڪالونيون ٿيون لڳن. اهو پڙهي مون کي شوق جاڳيو ته ڪنهن سنڌيءَ سان ملي ان کان هتي جي رهندڙ سنڌين بابت خبرچار وٺجي ته هو هتي ڪيئن ٿا رهن.
    پر خبر ڪيئن پوي ته سنڌي ڪهڙو آهي. سڀ هندستاني، پاڪستاني، سلوني هڪ رنگ جا. ڪنهن کان پڇي ڪنهن کان پڇجي. چيني ۽ سک ته مِني نڪ ۽ ڏاڙهين ڪري پري کان پڌرا آهن. پر سنڌيءَ کي ڪيئن سُڃاڻجي.
    چائنيز امپوريم ۾ چيني شيون ڏسي رهيا هئاسين ته هڪ فئملي اسان جي رنگ روپ جهڙي ڀرسان نظر آئي. عورت ساڙهي پسند ڪري پنهنجي مڙس کي ڏيکاري رهي هئي ۽ ساڳئي وقت چيني ڇوڪريءَ سان قيمت تي بحث ڪري رهي هئي. اسان جيئن سندس ڀر مان لنگھياسين ته هوءَ مڙس کي سنڌيءَ ۾ چئي رهي هئي: “ڇتي ٿي آهي جو هِنَ ساڙهيءَ جا ايڪيهه ڊالر (چوراسي روپيا) ٻڌائي رهي آهي.”
    اهو جملو ٻُڌي مون کي پڪ ٿي ته هيءَ سنڌي فئملي آهي. ويجھو وڃي پڇيومان؛ “توهان سنڌي آهيو؟”
    “ها.” هنن اهڙي نموني سان سرد جواب ڏئي، تعجب مان نهاريو، جيئن ڪنهن کان ڏينهن تتي جو سوال ڪجي ته ڇا هن وقت ڏينهن آهي؟ جو جواب ۾ هو ‘ها’ چئي ان بيڪار سوال ۽ بيوقوفي تي تعجب کائي.
    “منهنجو مطلب آهي، آءٌ ٻاهران سنڌ کان آيو آهيان. سنگاپور ۾ ٻڌو اٿم ته سنڌي رهن ٿا، سو انهن سان ملڻ جو خيال اٿم. توهان ڪو اهڙو ٻڌائي سگھندا، جنهن سان ملي آءٌ هن ملڪ بابت خبر چار وٺي سگھان.”
    “اسان دراصل هتي جا نه آهيون. اسين جڪارتا (انڊونيشيا) ۾ رهون ٿا، ڪالهه هتي گھمڻ آيا آهيون. هونءَ ڀر واري بازار هاءِ اسٽريٽ ۾ ته سڀ سنڌين جا دڪان آهن. اتي توهان کي ڪيترا ئي سنڌي ملندا يا شهر ۾ ٻين ڪيترن ئي جڳهين تي.”
    سامهون سنگاپور جي High Street هئي. هاءِ اسٽريٽ پڻ هتي جو فئشن ايبل شاپنگ سينٽر آهي. جيئن ڪراچيءَ جي ايلفي (زيبي). وڏا خوبصورت ايئرڪنڊيشنڊ دڪان، جن ۾ گھڻا ڪپڙي جا آهن. سڀني دڪانن اڳيان ورانڊي جي شڪل ۾ اڏاوت وارو فٽ پاٿ، جن دڪانن اڳيان لنگھندي دڪانن مان ايندڙ خوشبوءِ خودبخود گراهڪ کي اندر ڇڪيو وٺي. انڊونيشي سنڌي فئملي جي چوڻ مطابق هتي سڀ سنڌي دڪاندار نظر آيا. هڪ دڪان اڳيان ٻه جھُور پوڙها سنڌي، هڪ اڇي ڪمپليٽ سوٽ ۾ ۽ ٻيو بشرٽ ۽ پتلون ۾، لڪڻ هٿ ۾ جھليو، سنڌيءَ ۾ خبرون چارون ڪري رهيا هئا. کانئن مون ڪنهن صحيح ماڻهوءَ کان انٽرويو وٺڻ لاءِ پڇيو. هنن مون کي سنگاپور جي ‘سنڌي مرچنٽ ائسوسيئيشن’ (Sindhi Merchants Association Singapore) جي جنرل سيڪريٽريءَ جو ڏس ڏنو.
    مسٽر رامچند، سنگاپور جي وڏن واپارين مان هڪ آهي. پاڻ ڪپڙي جو ٻڌو واپاري آهي. آمريڪا ۽ جپان کان ڪپڙو گھرائي سنگاپور ۾ مختلف دڪاندارن کي مهيا ڪري ٿو. سندس دڪان ٽن ماڙين تي آهي. هيٺ سُبيل ڪپڙا، آمريڪا جون لي پتلونون ۽ ائرو قميصون، ٽايون، جوراب، عورتن لاءِ اسڪرٽ، سُبيل بيل-باٽمڊ پتلونون ۽ رنگين گوڏون وغيره شيشي جي ڪٻٽن ۾ رکيل هيون. چيني سيلز گرل گراهڪن کي مختلف ڪپڙا ڏيکاري رهيون هيون. هڪ ٻه مرهٽي ۽ سنڌي ڇوڪريون پڻ ڪائونٽر وٽ نظر آيون. جيڪا سنڌي هئي، تنهن کي ٻڌايم ته رامچند سان ملڻو آهي. پاڻ مٿي وڃڻ لاءِ چيائين. ٻي ماڙ تي فقط ساڙهيون هيون. هر قسم جي اعلى درجي جون ساڙهيون. پوءِ معلوم ٿيو ته سڄي سنگاپور ۾ ساڙهين جو هيءُ ئي وڏو دڪان آهي. پاڻ اتي ئي مليو. ڪنڊ وارو ڪمرو سندس آفيس هئي. کيس ٻڌايم ته سنڌ جي هڪ سنڌي اخبار جو نمائندو آهيان ۽ مشرق جي ملڪن ڏسڻ دوران هتي پهتو آهيان. توهان سان خبرون چارون ڪرڻيون آهن. پاڻ منهنجو آڌرڀاءُ ڪندي آفيس ۾ وٺي آيو. مون سندس گھڻو وقت وڃائڻ نٿي چاهيو، ساڳئي وقت مون کي به سنگاپور شهر گھمڻ لاءِ وقت ٿي کتو.
    پاڻ ٻڌايائين ته سنگاپور ۾ ڏهه هزار کان مٿي هندو سنڌي فئمليون رهن ٿيون ۽ گھڻو ڪري سڀ واپاري آهن. سڀ کان گھڻا سنڌي، سنڌ کان پوءِ جڪارتا (انڊونيشيا) ۽ هانگ ڪانگ ۾ رهن ٿا. ان کان علاوه مشرق بعيد جي هر ملڪ ۾ ڪافي سنڌي آهن. سنگاپور ۾ هر سال سنڌي وڌي رهيا آهن. اها واڌ هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ گھڻي ٿي آهي.
    “ڇا سنگاپور ۾ سنڌي ورهاڱي کان اڳ به هئا؟” پڇيومانس.
    “بلڪل. سنڌي ته واپار ڪارڻ ورهاڱي کان به سؤ سال کن اڳ جا ٻاهر نڪتل آهن. انگريز به هندستان ۾ پوءِ آيا، ان کان اڳ سنڌين جي واپار جون ڪوٺيون بصري، بغداد، ڪڇ، ڀوڄ، لنڪا، سيلون، سنگاپور ۽ اڀرندي ڏي ويندي چين تائين هيون ۽ الهندي طرف مشرق آفريڪا جي دور دراز ملڪن تائين هيون. مونکي ايتري خبر ناهي ته سنگاپور ۾ پهريان سنڌي ڪير ۽ ڪڏهن آيا. هونءَ هي اسان جي سنڌي مرچنٽس ائسوسيئيشن به سٺ سال کن پراڻي آهي. ۱۹۲۱ع ڌاري هتي سرڪاري طور رجسٽر ٿي آهي. ۱۹۷۰ع کان لڳاتار سندس جنرل سيڪريٽري آ آهيان. اسان جون چونڊون هر سال ٿين. هر سال اسان هڪ مخزن ڪڍون. اسان هتي سنگاپور ۾ سنڌي ايترا آهيون جو اسان جي ٽيليفون ڊئريڪٽري ئي الڳ آهي، جا اسان پاڻ ڇپايون.”
    رامچند، پنجاهه سال جي عمر هجڻ جي باوجود به جوان ۽ سمارٽ لڳي رهيو هو. ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ ڀر ۾ رکيل ڪٻٽ مان هڪ ڊئريڪٽري ڪڍي مون کي ڏنائين. آءٌ ان گلابي رنگ جي پلاسٽڪ ڪور جي ڊئريڪٽرِيءَ کي ڏسڻ لڳس، جنهنجي ٻاهران وڏن اکرن ۾ Sindhi Merchants Association Singapore لکيل هو. وچ تي ايسوسيئيشن جو مونو گرام، گول دائري ۾ ٻيڙي ۽ چؤڌاري ساڳيا مٿيان لفظ ۽ هيٺ تري ۾ 72-1971ع Telephone Directory لکيل هو. اندر پهرئين صفحي تي ائسوسيئيشن جي صدر جو پيغام هو ۽ ٻئي تي مئنيجنگ ڪمپني جي ميمبرن جا فوٽو. پنجين صفحي تي سنڌي مرچنٽ ائسوسيئيشن جي ائڊريس (پوسٽ باڪس نمبر 570) هئي. انهيءَ هيٺان سنگاپور ۾ رهندڙ سنڌين جي ٽيليفونن جا نمبر ۽ ائڊريسون شروع ٿي ٿيون. ڇاهتر صفحن جي هيءَ سڄي ڊائريڪٽري آرٽ پيپر تي سهڻي طرح ڇپيل هئي. آءٌ ڊائريڪٽري ڏسي رهيو هوس ته پاڻ بيل وڄائي چيني ڇوڪريءَ کي گھرائي چيني زبان ۾ ڪجھه چيائين ۽ هوءَ اسان لاءِ سيون اپ ۽ بسڪٽ کڻي آئي.
    “ڇا توهان سنڌي ۽ انگريزي زبانن کان علاوه چيني به ڳالهايو ٿا؟”
    “جي ها. چيني ۽ ملئي هتان جو زبانون آهن، سو اهي به ڄاڻون. جيئن اسپين ۾ رهندڙ سنڌي، اسپيني زبان ڄاڻن، بيروت ۾ رهندڙ عربي، اهڙيءَ طرح ٻين ملڪن ۾. سنڌي مادري زبان اٿئون، سو ملڪ کڻي ڪهڙو به هجي، پر پاڻ ۾ ۽ گھر ۾ ته ڳالهائڻ کان ڪو روڪي نٿو سگھي.”
    “ڀلا توهان جو اولاد ۽ اڄڪلهه جي ننڍي ٽهي به سنڌي ڳالهائي ۽ لکي پڙهي سگھن يا نه؟” پڇيومانس.
    “ها، اهي پڻ. پنهنجي ڀاشا کي ڀلا ڪيئن ڇڏي سگھبو. زبان ختم ٿي معنى قوم جو وجود ختم ٿيو. اسان جي سنڌي زبان ته تمام وسيع ۽ شاهوڪار زبان آهي، پر مادري زبان ته باگڙي ۽ ڀيل به نه ڇڏيندا.”
    “پوءِ ڀلا توهان جي ننڍي ٽهي سنڌي لکڻ پڙهڻ ڪيئن سکي؟”
    “ان لاءِ اڄ کان گھڻا سال اڳ ويهي سوچيو هيوسين ته ان جو هڪ ئي طريقو آهي ته اسان پنهنجي خرچ سان ئي سنڌي اسڪول تيار ڪريون، جنهن ۾ اسان جا ٻار تعليم حاصل ڪن، جيئن هانگ ڪانگ، بيروت ۽ جڪارتا ۾ ٻين سنڌين ‘پنهنجي مدد پاڻ ڪريو’ جي اصول تي ڪيو آهي. سو هاڻ انهن سنڌي اسڪولن ۾ هڪ ڏينهن صبح جو ۽ ٻئي ڏينهن شام جو شفٽون ٿين. جيڪي ٻار پنهنجي انگريزي يا چيني اسڪول ۾ صبح جو وڃن، سي سنڌي اسڪول ۾ شام واري ڏينهن اچن ۽ شام وارا صبح جو. اڄ شام جو اسڪول آهي. اهو سنڌي اسڪول هتان ڪجھه پري، جبل تي هڪ خوبصورت هنڌ تي ٺهيل آهي، جتي بسون پڻ وڃن. جيڪڏهن چاهيو ته توهان کي اوڏانهن موڪليان؟”
    “اهو ته وڌيڪ بهتر. آءٌ سنڌي ٻارن سان ملي سگھندس.” چيومانس.
    پاڻ ٽيليفون کڻي مسز ڀڳونتيءَ سان ڳالهايائين جا اسڪول جي انچارج آهي.
    “هتي اسان وٽ سنڌ مان هڪ اخباري نمائندو آيو آهي، جو سنڌي اسڪول ڏسڻ ٿو چاهي ۽ اهو معلوم ڪرڻ ٿو چاهي ته پرديس ۾ سنڌي زبان ڇا سُڌارو ڪري رهي آهي ۽ سنڌي ڪيئن ٿا رهن.”
    ڀڳونتيءَ ٻڌايو،؛ “اسڪول ۾ امتحان هلي رهيا آهن. بهتر ٿيندو ته سڀاڻي صبح جو اچي.” مون کي ٻئي ڏينهن وڃڻ جو ارادو هو، پر جهاز تي اليڪٽرسٽيءَ پيدا ڪندڙ جنريٽر ۾ خرابي ٿيڻ ڪري وڃي نه سگھيس ۽ ٺيڪ ٿيڻ ۾ سڄو ڏينهن گذري ويو.
    رامچند ٻڌايو ته سنگاپور ۾ سنڌين جا فنڪشن ۽ گڏجاڻيون ٿينديون رهن ٿيون. ان کان علاوه ٻارن جا ۽ وڏن جا ڊراما ۽ ورائٽي شو پروگرام ٿيندا آهن. پاڻ ڪجھه ڊرامن ۽ فنڪشنن جي فوٽن جا البم ڏيکاريائين، جن مان ڪجھه فوٽا مون کي ڏنائين. پاڻ ٻڌايائين ته سنگاپور جي سنڌين جون گڏجاڻيون ‘سنڌو هائوس’ ۾ ٿينديون آهن، جا عمارت ان قسم جي دعوتن لاءِ آهي.
    سندس هن دڪان کان سواءِ ٽي ٻيا دڪان هانگ ڪانگ، ڪولون ۽ نيويارڪ ۾ به آهن، جي سندس پُٽ هلائين ٿا. هو ورهاڱي کان ڪجھه سال اڳ ۱۹۴۱ع ۾ حيدرآباد سنڌ کان سنگاپور واپار جي خيال کان لڏي آيو هو ۽ هاڻ هتي جو ئي شهري آهي. سندس هيرآباد ۾ پڻ ڪپڙي جو دڪان ‘سوديشي ڀنڊار ڪلاٿ شاپ’ مشهور هو.
    ٻين سوالن کان علاوه کانئس اهو پڻ پڇيم؛ “سنگاپور جيئن ته مختلف مذهبن ۽ زبانن جو ملڪ آهي ۽ سڀ گڏجي رهن ٿا. اهڙيءَ صورت ۾ سنڌي فقط پاڻ ۾ سڱابندي ڪن يا ٻين سان به رشتا ناتا ڳنڍين.”
    “ان معاملي ۾ اسان ايترو گھڻو نه ويا آهيون ۽ اسان وٽ اڃا پنهنجو پاڻ ۾ سڱابندي ڪرڻ جي رسم آهي. ان هوندي به اڄڪلهه ڪجھه نوجوانن چيني ڇوڪرين سان شاديون رچايون آهن.”
    “ڇو ڀلا سنڌي ڇوڪريون سهڻيون يا پڙهيل ڳڙهيل نه آهن ڇا؟” کلندي پڇيومانس.
    “پڙهيل به آهن سهڻيون به. پر چينياڻين ۾ مڙيئي اڇ ۽ ناز نخرو گھڻو آهي. ان تي اڄڪلهه نوجوان هرکيو پون.”
    “ڀلا چيني يا ملئي ڇوڪرا، هتي جي سنڌين ڇوڪرين سان شادي ڪن يا نه؟”
    “ان معاملي ۾ پاڻ سنڌي مڙيئي تنگدل ۽ Conservative يا جيڪي ڪجھه سمجهين، آهيون. اسان پسند نٿا ڪريون ته اسان جون ڇوڪريون چيني يا ملئي ڇوڪرن سان پرڻجن. باقي پنهنجن ڇوڪرن کي آزاد ڇڏي ڏنو اٿئون. جو اڄڪلهه جي نوجوانن سان مائٽ پڄيو به نٿو سگھي. جيتوڻيڪ ان قسم جون پيار جون شاديون ڌارين ڇوڪرين سان ڪامياب نه ويون آهن پر سندن مرضي. اسان هئاسين جو ماتا پتا جو چيو مڃيندا هئاسين. اڄڪلهه اولاد ڪٿي آهي مائٽن جي هٿ ۾. اڃا به اسانجون ڇوڪريون مائٽن جي عزت ۽ ادب رکنديون اچن نه ته هتي يورپي، آمريڪي ۽ انگريز ڇوڪريون ڏسون ٿا ته ڏندين آڱريون اچيو وڃن. زمانو الائي ڪٿان جو ڪٿي وڃي نڪتو آهي. خبر ناهي هيءَ ترقيءَ جي حد آهي يا تباهيءَ جي نشاني؟”
    سنڌي ادب جو ذڪر ڪندي پڇيومانس؛ “توهان اڄڪلهه ڪهڙا سنڌي رسالا ۽ ڪتاب پڙهو ٿا؟” ان جي جواب ۾ ٻڌايائين ته، هو واپاري قسم جو ماڻهو آهي. “سڄو ڏينهن گراهڪن سان مغزماري ڪرڻي ٿي پوي، سو شوق هوندي به پڙهڻ جي فرصت نٿي ملي. باقي هتي ٻيون ڪيتريون فئمليون آهن جي سنڌي ڪتاب شوق سان پڙهن.”
    اتفاق سان ان ئي ڏينهن شام جو سنگاپور جي باغيچي (Botanical Garden) ۾ ٻن عورتن کي سنڌي ڳالهائيندي ٻڌي، سنڌي ڪتابن بابت پڇيم.
    “ها، مونکي سنڌي ادب سان چاهه آهي.” هڪ ٻڌايو؛ “گھڻو اڳ ته پاڪستاني سنڌي رسالا ‘مهراڻ’ ۽ ‘نئين زندگي’ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جا ڪتاب به هتي پهچي ويندا هئا. پر اڄڪلهه پاڪستان جا ڪتاب ڪو نه ٿا ملن. انڊيا کان جيڪي سنڌي رسالا ۽ ڪتاب اچن ٿا، انهن مان ‘ڪونج’ فقط وڻيم ۽ ٻيا واسواڻيءَ جا ناول پسند اٿم.”
    “ڪجھه مون کي پڙهڻ لاءِ ڏئي سگھنديون؟”
    “ها، ضرور، مون وٽ ته ايترا نه به هجن، جو اڃا گذريل مهيني هڪ اسپتال ۾ ڏئي آئي آهيان، جيئن مريض پڙهن. باقي منهنجين ڪن سهيلين وٽ تمام گھڻا سنڌي ڪتاب ۽ رسالا آهن. انهن کان وٺي ڏيڻ جي ڪوشش ڪنديس.”
    کيس ٻئي ڏينهن ڪجھه پنهنجا ڪتاب سفرنامن جا مجموعا ۽ ٻيا ڪجھه ‘سهڻي’ ۽ ‘ملير ڊائجسٽ’ رسالا، جيڪي مون وٽ جهاز تي پيل هئا، ڏياري موڪليم ته هوءَ ٻين کي به پڙهڻ لاءِ ڏئي، جيئن سنگاپور جا سنڌي، پاڪستاني سنڌي ادب کان ڪجھه واقف ٿي سگهن. هتي جي سنڌين کي مون ڏٺو ته اها عام دانهن هئي ته اڄڪلهه جي سنڌي زبان ۾ ملاوٽ وڌندي وڃي. هندستاني سنڌي ڪتابن ۾ هندي ۽ سنسڪرت جا لفظ اچي ويا آهن، پاڪستاني سنڌي ۾ عربي، فارسي ۽ اڙدو جا. ساڳي طرح سنگاپور جي سنڌين کي ڪيترا ئي ملئي ۽ انگريزي لفظ سنڌيءَ ۾ استعمال ڪندي ٻڌم.


    اڌ فلم مان اٿڻ جو راز

    پهرئين ڏينهن فقط ٻن ٽن سنڌين سان ملاقات ٿي. ان بعد ته سنگاپور ۾ روز جتي ڪٿي سنڌي ۽ سنڌين جا دڪان نظر آيا. کيمچند اينڊ سنز، ميلواڻي رٽيل شاپ، انڊس انٽرنيشنل، ڪراچي سلڪ اسٽورس، سنڌ جنرل اسٽور ۽ ٻيا ڪيترا ئي سنڌين جا دڪان ۽ جتي ڪٿي هلندي چلندي يا خريداري ڪندي سنڌي ٻڌبي ۽ ڳالهائبي هئي.
    هڪ دفعي ته هڪ محترمه کان ذري گھٽ ڇڙٻون به کاڌيونسين. سنگاپور جي سلور سٽي سئنيما هال ۾ فلم ڏسڻ وياسين. فلم شروع ٿيڻ ۾ اڃا وقت هو. سو ٽڪيٽون وٺي ٻاهر هوٽل ۾ چانهه پي آياسين ته ماڳهين دير ٿي وئي ۽ فلم شروع ٿي چُڪي هئي. ٻاهر ‘هائوس فل’ جو بورڊ لڳي چُڪو هو ۽ ڪيترا ئي بنا ٽڪيٽ جي مايوس بيٺا هئا. اسان وت ته ٽڪيٽون هيون. ماڻهن کي پري ڪندا اڳتي وڌندا وياسين. هڪ عورت جڳهه ڏيندي ٻيءَ کي چيو: “ڇورن وٽ ٽڪيٽون ٺهن ڪو نه. چشمن هوندي به شايد ‘هائوس فل’ جو بورڊ نه ٿا پڙهي سگھن، جو ڌوڪيندا اچن.”
    مون سان گڏ ريفريجريشن انجنيئر محمود هو، تنهن کي ته ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي. ان کان يڪدم ٽڪيٽون وٺي محترمائن کي ڏيکاريندي چيم: “ٽڪيٽون آهن، اسان کي اڳتي وڃڻ ڏيو.” هنن کي به اها اميد نه هئي ته ڪي اسان سنڌي آهيون، جو هتي جا رهندڙ سنڌي سڀ هڪ ٻئي کي سُڃاڻين. ڏاڍيون ڦڪيون ٿيون.
    اندر سئنيما ۾ گھڙياسين، اوندهه ۾ هٿوراڙيون هڻي پنهنجي سيٽ وٽ پهتاسين. جھڪي روشنيءَ ۾ نظر آيو ته ڪنڊ تي ٻه ملئي ڇوڪريون ويٺيون آهن. انهن جي ڀر ۾ اسان جي جڳهه هئي يڪدم محمود کي ڌڪو ڏئي پرينءَ سيٽ تي وهاريم ۽ پاڻ ڇوڪرين ڀرسان ٿي ويٺس.
    “هي ڇا آهي؟” محمود پڇيو.
    “هي ان ڪري جو، تو کي جي هن سيٽ تي ويهڻ ڏيندس ته هڪ ته تون فلم ڏسڻ جي باوجود به سمجھي نه سگھندين ۽ ٻيو ته متان هنن ڇوڪرين سان کيچل ڪري وجھين ته مون ۾ هن وقت نه وڙهڻ جي پهچ آهي نه ڇڏائڻ جي.”
    “هائو برادر! سڀ صحيح آهي.” هن اهڙي اٻوجھه نموني سان چيو ڄڻ مون هن جو ڪو حق غصب ڪيو هجي ۽ هيڻائي سبب هو مون سان وڙهي ته نٿو سگھي، پر مجبورن صبر کان ڪم ٿو وٺي.
    ڇوڪريون لڳاتار چُرپُر ۽ سُس پُس ڪنديون رهيون. محمود جي پٺيان ٻانهن هٽائي چيومانس: “يار ڪجھه تون ته نه پيو ڪرين؟”
    “نه برادر! تون ته ماڳهين چوڪيدار بنجي ويهي رهين. ٻانهن ته تو تائين رکي اٿم. اها به ٿو پري ڪريان، بس؟”
    پنج ڇهه منٽ گذريا ته هنن ملئي ڇوڪرين پهرين هڪٻئي سان جڳهه بدلائي پر آرام نه آين. آخر اڌ فلم مان سئنيما هال ڇڏي هليون ويون. محمود چيو؛ “يار، مونکي شڪ پيو پوي ته تون ئي ڀر ۾ ڪجھه دونهين دُکائي رهيو آهين.”
    “نه يار، اها ڳالهه ناهي. هاڻ اچ ته آرام سان ڪنڊ تي سندن جڳهين تي ٿي ويهون.” اسان اٿي سندن ڪنڊ وارين سيٽن تي جهڙو ويٺاسين، ته اسان کي ان راز جي خبر پئجي وئي، جنهن کين جڳهيون بدلائڻ ۽ آخر ڇڏي وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو. بلڪل اڳين سيٽن تي ٻه سک وڏيون پڳڙيون ٻڌي ويٺا هئا ۽ اسان جهڙن ڊگھن کي به سامهون پڙدو نه پر پٽڪا نظر اچي رهيا هئا. محمود يڪدم چيو: “برادر، وري پنهنجي جڳهه تي هل. هي انڊس گلاس فئڪٽريءَ جا ته ٺهيل آهن ڪو نه، جو آرپار ڏسي سگھجي.”


    مفت ۾ حجامت

    سنگاپور ۾ چوريءَ ۽ کيسي ڪپجڻ جو وڏو آزار آهي. جتي ڪٿي، خاص ڪري بسن، سئنيمائن، بندرگاهن ۽ هوائي اڏن تي، مسافرن کي خبردار ڪيو وڃي ٿو ۽ ‘جيب ڪترن کان هوشيار’ جهڙا نوٽيس ۽ پوسٽر نظر اچن ٿا.
    جهاز جو ريڊيو آفيسر شير علي ٻيڙيءَ ۾، چشمو ۽ رومال، ڀَر ۾ رکي ويٺو. اٿڻ مهل غائب. جهاز سمنڊ ۾ بيٺو هو، چؤڌاري ننڍين ٻيڙين وارا چيني ڦرندا ٿي رهيا. ڪنهن کي موقعو مليو ٿي ته رسن ذريعي مٿي جهاز تي چڙهي، جهاز جي عرشي تي پيل ڪا نه ڪا شيءِ چورائي ورتي ٿي.
    تيل جا خالي ڊرم رکيا هئا. هڪ سنگاپوري ڏٺم ته هڪ ڊرم پيو ريڙهي. پڇيومانس: “ڇا پيو ڪرين؟”
    ڏاڍي مزي سان ٻڌائڻ لڳو ته: “هن تي بيهي جهاز جي هئچ ۾ ٿو ڏسان ته سامان ٺيڪ طرح سان خلاصي رکي رهيا آهن يا نه.” مون سمجھيو شايد اسان جي مڪاني آفيس جو ماڻهو آهي ۽ ڊيوٽيءَ جي سلسلي ۾ آيل آهي. سو وڌيڪ نه چيومانس ۽ ڊرم رکي ان تي بيٺو رهيو. پنهنجي ڪئبن ۾ پهچي وري مون کي ٿورو شڪ ٿيو ۽ انهن ئي پيرن تي ٻاهر نڪتس. ڏسان ته سنگاپوري ۽ ڊرم ٻئي غائب. هيٺ ڏسان ته ساڳيو همراهه پنهنجي ننڍي ٻيڙيءَ ۾ ڊرم رکيو اهو پيو وڃي.
    اڪيلو بس ۾ وڃي رهيو هوس. پاڻ سان گڏ هڪ لفافي ۾ هلڪو ڦلڪو سامان ورتل هو جيڪو ڀرسان رکيو ويٺو هوس. ٻي سيٽ تي سنگاپور جي هوائي اڏي تي ڪم ڪندڙ مدراسي ويٺو هو، جو مون کي هتي جي مشهور عمارتن بابت ٻڌائيندو رهيو. آءٌ ڪڏهن اڳينءَ دريءَ مان ۽ ڪڏهن پٺينءَ دريءَ مان ڏسندو رهيس. اتي هوائي اڏو اچي ويو ۽ هن کي لهڻو پيو. لهڻ وقت چيائين: “سامان جو خيال رکُ.”
    چيومانس؛ “ها. لهڻ وقت ياد ڪري کڻندُس.” وراڻيائين: “ها، لهڻ وقت ته ضرور خيال رکجانءِ. پر هينئر هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ وقت به خيال رک. هيترو وقت ته آءٌ نظرداري ڪندو رهيس. هاڻي آءٌ لهان ٿو.”
    چوريءَ جو ساڳيو عالم ٻڌو اٿم ته منيلا (فلپائين) ۾ به آهي. هڪ پاڪستاني، دوست سان گڏ ٽئڪسيءَ ۾ وڃي رهيو هو ته هن دريءَ کان ٻاهر ٻانهن ڪڍي. تنهن تي منيلا جي دوست چيس: “ٻانهن اندر ڪري ويههُ.”
    “او ساري! ڀُل ٿي وئي. اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ به دريءَ کان هٿ يا ٻانهن ڪڍي ويهڻ جي اجازت ناهي. متان ٻي بس ٽڪر هڻي وڃي.”
    “نه نه اها ڳالهه ناهي!” منيلا جي رهاڪوءَ سمجھائيندي چيس؛ “متان واٽهڙو سَٽ ڏئي واچ نه لاهي وڃنئي.”
    هڪ ٻيو قصو عام آهي ته هڪ همراهه پنهنجن دوستن کي ڊنر جي دعوت ڏني. ان ۾ کين پنهنجي سوني منڊي ڏيکاري. ٽيبل تي ڏسندي ڏسندي ڪنهن غائب ڪري ورتس. گھڻو ئي ڳوليائون پر نه ملي. ميزبان ڪهڙي گھر آئي مهمان تي الزام يا شڪ ڪري. سڀ معزز هئا، آخر هن کي من ۾ آئي ۽ چوڻ لڳو: “ٻن منٽن لاءِ بتي گُل ٿا ڪريون، ٿي سگھي ٿو ته منڊي ڪنهن وٽ ڀُل ۾ رهجي وئي هجي. جنهن وٽ به هجي ته هو مهربان هن چانديءَ جي ڪٽوري ۾ رکي. ڪنهن کي به خبر نه پوندي ته ڪنهن وٽ هئي.”
    ٻن منٽن بعد منڊيءَ کي ڏسڻ لاءِ جڏهن بتي ٻاري وئي ته چانديءَ جو ڪٽورو به غائب هو.
    سو سنگاپور ۾ ظاهري طرح ڪو اهڙو لڳندو ڪو نه، پر پرکڻ سان ڪٽورو به نه ڇڏڻ وارا گھڻا ملندا.
    هونءَ ته خير دنيا ۾ ان کان به وڏا وڏا چور پيا آهن. در تي ڪڙو کڙڪيو ۽ بيگم صاحبه کي همراهه ڪڪڙ ڏيندي چيو؛ “آءٌ صاحب جو پٽيوالو آهيان. صاحب هي ڪڪڙُ موڪليو آهي. چيو اٿس ته ڀت تي جيڪوگھڙيال لڳل آهي سو لاهي ڏي. آفيس ۾ اڄ لاءِ ٿو کپي.”
    وسوڙيل عورت، ڪڪڙ جي خيال ۾ گھڙيال لاهي ڏنس. شام جو جڏهن مڙس بنا گھڙيال جي گھر آيو ۽ پُڇا تي ٻڌائڻ لڳو ته ڇا جو ڪُڪُڙ ڇا جو گھڙيال، کيس ته ڪا به خبر ناهي. سڄي رات چورن کي گاريون ۽ پوليس جا دڙڪا ڏيندو رهيو.
    ٻئي ڏينهن وري ڪڙو کڙڪيو ۽ هڪ ٻيو مهانڊو بيٺو هو. چي: “آءٌ صاحب جو پٽيوالو آهيان. صاحب ٿو چوي ته اهو ڪڪڙ ڏيو ته پوليس وارن کي ڏيکاري چورن کي سوگھو ڪرايون.” سادي عورت اهو ڪڪڙُ به هٿان وڃائي ويٺي.
    هاڻ جڏهن توهان هيترا لطيفا ٻڌا آهن ته ان قسم جي ٺڳين جو هڪ ٻيو به سهي. ڪو همراهه حجام جي دڪان ۾ ٻار سان آيو. پنهنجا وار ۽ ڏاڙهي ٺهرائي، حجام کي چيائين: “ڇوڪري جا به وار ٺاهه ته آءٌ تيسين ڀر واري دڪان تان پان وٺي ٿو اچان.”
    ڪلاڪ ٻه گُذري ويا ۽ جڏهن حجام پئسن جو انتظار ڪري ٿڪجي پيو ته ڇوڪر کان پڇيائين ته: “پڻهين ڪٿي آهي؟” ڇوڪر چيس: “آءٌ ته ان ماڻهوءَ کي سُڃاڻان به ڪو نه.”
    “ته پوءِ هن سان آئين ڪيئن؟” حجام پڇيو.
    “رستي تي راند پئي ڪيم ته ان پڇيو ته ‘مفت ۾ وار ٺهرائيندين’ ۽ هتي وٺي آيو.”


    سنگاپور ايندڙن لاءِ هڪ نصيحت

    سنگاپور جون سڀ گھٽيون ۽ سئنيما هال کٽي پيا، تڏهن خيال آيو ته سنگاپور شهر کان ٻاهر نڪري، آس پاس ڏسجي ته ڇا ماحول آهي. پڇائي پڇائي ان بس ۾ اچي چڙهيس، جا هن ٻيٽ جي ڇيڙي تائين وئي ٿي. ٽئڪسيءَ ۾ غلطي ڪري فقط پهرئين ڏينهن چڙهيا هئاسين. ان کان پوءِ توبهه ڪئيسين. سنگاپور اچڻ وارن لاءِ هڪ نصيحت: بقول سيڪنڊ آفيسر مخدوم جي، چاڙهڻ وقت ٽئڪسي ڊرائيور ڏاڍي پيار سان وهاريندا. قربان پيا ٿيندا. ٻه ٻه دفعا جھڪي دروازو به کولي ڏيندا. ويهڻ کان پوءِ منزل کڻي ڪيتري به ويجھي هجي، پر ڦيرا کارائي ايترو بل ٻڌائيندا جو چڙهڻ وارو سوچيندو ته جيڪر اهي پئسا ڏئي قسطن تي پنهنجي ڪار ڇو نه وٺان ها. بيروت جي عرب ٽئڪسي ڊرائيور وانگر هي پڻ ايڏو ته رکائيءَ سان ڳالهائيندا، جو ڄڻ سڃاڻن به ڪو نه ۽ مسافر اهو گھوري ڏسندو رهندو آهي ته آيا هي اهو ساڳيو ٽئڪسي ڊرائيور هو، جيڪو ڪجھه دير اڳ فدا پئي ٿيو يا ڪو ٻيو. ڀاڙي کان سواءِ ٽپ (خرچي) الڳ وٺندا. مطلب ته غريب مسافر جو سِرُ ويو.
    خبر پئي ته هن ٻيٽ نما ملڪ تي جيڪا بس آخري ڳوٺ تائين وڃي ٿي، ان جي ٽڪيٽ فقط سٺ سينٽ، اڍائي روپيا کن، آهي ۽ اهو ڳوٺ چانگي آهي. ريفلز اسڪوائر جي بس اسٽاپ تان ‘نمبر ون اي’ جي بس ۾ چڙهي چانگي ڳوٺ جي ٽڪيٽ ورتم. بس جلدي شهر جي گهما گهمي، ماڻهن جي گپا گيهه، ڪئين برانڊن جي سگريٽن جي دونهين جي مليل جليل بوءِ، ڪئين قسمن جي سينٽن جي مليل سڳنڌ ۽ موٽرن لارين جي اڻ کٽندڙ سلسلي ۽ گوڙ شور کان نڪري سنگاپور جي خوبصورت ۽ سرسبز ٻهراڙيءَ مان لنگھڻ لڳي. چؤطرف ساوڪ ئي ساوڪ نظر پئي آئي. ڪا ٽڪري هئي ته اها به سرسبز گھاٽن وڻن سان ڳتيل. سڄي ٻيٽ تي ساوڪ ۽ رنگين گُلن جو سمنڊ ۽ ٻاهر چؤڌاري پاڻي نظر پئي آيو. رستي جي ٻنهي پاسي رٻڙ جا ٻيلا ۽ انناس جا باغ. ڏاڍي خوشي ٿي ۽ پاڻهي پنهنجي پُٺي ٺپريم ته هيترن سالن جي مسافريءَ ۾ عقلمنديءَ جو ڪم پهريون دفعو ڪيو اٿم جو ٻهراڙيءَ ۾ نڪري پيو آهيان. اصل سڪون ۽ مزو ته شهر جي گوڙ گھمسان کان ٻاهر لڳو پيو آهي. هڪ هنڌان ته بس بلڪل سمنڊ جو ڪنارو ڏئي هلندي رهي ۽ ساڄي پاسي سمنڊ ۾ ٻيڙيون پئي نظر آيون ته کاٻي پاسي رٻڙ جي ٻيلن ۾ چيني ۽ ملئي عورتون وڻن جي ٿُڙ کي چير ڏئي ان مان رٻڙ جو کير ڪڍي رهيون هيون. رستي تي هڪ ڳوٺ آيو ۽ بس ٿوري دير لاءِ ترسي ته اڌ ڊزن کن ڇوڪريون انناس کڻي مٿي اچي ويون ۽ زبردستي انناس وڪڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳيون. جيئن اسان وٽ بس موري، مٽياري يا ميرپورخاص ۾ بيهندي آهي ته ننڍا ننڍا ڇوڪرا، ڪوڪا ڪولا، سيون اپ ۽ ٻين بوتلن ۾ ان شهر جو بند ٿيل شربت کڻي مسافرن کي وٺڻ لاءِ آماده ڪندا آهن ۽ وٺڻ لاءِ ‘ها’ ڪرڻ کان اڳ ٻاٽليءَ جي ڍڪ ۾ کولڻي وجھي، وات سان ائين ‘ٺش’ جو آواز ڪڍندا جو اڳلو گھٻرائجي ويندو. وڪڻڻ وارو منهن ڦلڙو ڪري چوندو؛ ‘سائين کُلي وئي!’
    انناس هتي تمام سستا ٿين، جيئن اسان وٽ گدرا. انناس کي ڇلڻ بدران، سندس مٿيون حصو، تکي ڪپ سان وڍي، اندر گودي کي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪيائون. هر انناس سان گڏ ڪنهن وڻ جو ڊگھو ڪانٽو به ٿي ڏنائون. بس ۾ جيڪي به ڌاريا ويٺا هئا تن هڪ هڪ، ٻه ٻه ورتا ۽ بس هلڻ لڳي.
    منهنجي ڀر ۾ هڪ چوڏهن پنڌرهن سالن جو ‘چنگ پن’ نالي چيني ڇوڪرو ويٺو هو، جيڪو هتي جي ٽيڪنيڪل اسڪول کان موڪل تي گھر وڃي رهيو هو. انگريزي ڳالهائي سگھيو ٿي، سو کانئس پڇندو رهيس. پاڻ ٻڌايائين ته هو ٽي ڀائر ٻه ڀينرون آهن. غريب هئڻ ڪري شهر ۾ نٿا رهي سگھن جو اتي جايون مهانگيون آهن. بس ۾ روزانو اسڪول وڃي ۽ ڳوٺ موٽي، جو شاگردن کي ٽڪيٽ سستي ملي ٿي. شام جو گھر پهچڻ سان پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڪکن جا کارا ٺهرائڻ ۾ مدد ڪري. کيس چيم ته: “سنگاپور تنهنجو ملڪ ته تمام ننڍو آهي. مڪينيڪل انجنيئر ٿي، پوءِ آمريڪا يا ڪئناڊا وڃي نوڪري ڪندين؟”
    مون ڏٺو ته هن کي منهنجو جملو نه وڻيو. چوڻ لڳو؛ “ڪوشش ته ڪندس ته ڪا انڌي منڊي نوڪري ملڪ ۾ ئي ملي وڃي ۽ پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪري سگھان. جي منهنجي ملڪ کي منهنجي ضرورت نه پئي ته ٻاهر وڃي نوڪري ڪندس.” سندس چهري تي ڏُک جا تاثر ڏسي مون کي افسوس ٿيو ۽ ساڳئي وقت خوشي به ته هنن کي پنهنجي ملڪ سان ڪيترو نه پيار آهي ۽ ملڪ جي Brain Drain (ملڪ جي قابل ماڻهن ڊاڪٽرن، انجنيئرن، سائنسدانن وغيره جو تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ٻئي ملڪ ڏي لڏي وڃڻ) کي خراب هجڻ، هن عمر ۾ به سمجھي ٿو.
    رستي تي هو جڏهن پنهنجي ڳوٺ وٽ لٿو ته باقي رستو ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ لاءِ آ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳس ته ڪو انگريزي ڳالهائڻ وارو هجي. پٺيان ٻه چيني ڇوڪريون ويٺيون هيون، سندن پٺين سيٽ تي هڪ ملئي مرد ۽ عورت هئا ۽ ان سيٽ جي ڀر ۾ هڪ چيني عورت ۽ هڪ پاڻ جهڙي رنگ جو ڏٺم. چيني عورت لٿي ته آءٌ ان جي ڀرسان وڃي ويٺس. خبر پئي ته هو بئنگلور جو مسلمان آهي ۽ هتي قيمتي پٿر (Stones) جو واپار ٿو ڪري، نالو محمد غوث هوس. کيس جڏهن خبر پئي ته آءٌ پرديسي آهيان ۽ ڪراچيءَ کان پيو اچان ته ڏک مان ٻڌايائين ته سندس ڀاءُ ٻن سالن کان ڪنهن گھرو ڳالهه تان رُسي ڪراچيءَ ويو آهي. “هو ڪڏهن ڪڏهن خط لکندو رهندو هو، پر ٻن ٽن مهينن کان ڪو خط ڪو نه ٿو اچيس.” هن ٻڌايو؛ “هو اڃا ڪاوڙيل ٿو ڏسجي.” پاڻ مون کي سندس ڀاءُ امان الله جي ائڊريس ڏنائين. جيئن آءٌ ڪراچيءَ پهچي سندس ڀاءُ جو نياپو پهچايان ۽ واپس سنگاپور وڃڻ لاءِ آماده ڪريان.
    غوث جو گھر ويجهو اچي پهتو ۽ مون کي چانهه لاءِ زبردستي بس مان لاهي گھر وٺي هليو.


    پريت جو هڪڙو پلُ ئي سَهي

    چانگي ڳوٺ کان ٽي ميل اڳتي اپر روڊ (Upper Road) آهي، جنهن جي کاٻي پاسي ننڍڙا خوبصورت بنگلا آهن، جن ۾ يورپي ۽ سنگاپور جا امير ماڻهو رهن ٿا ۽ ساڄي پاسي سمنڊ جو ڪنارو آهي. بنگلا آمريڪي طرز تي ٺهيل آهن. منجھن سهوليت لاءِ اليڪٽرڪ جي هر شيءِ؛ ٽي وي، ريڊيو گرام، ريفريجريٽر کان اليڪٽرڪ اوون، هيٽر ۽ ايئرڪنڊيشنر آهي. غوث جي بنگلي جو نمبر ۷۱۵ آهي. اسان بس مان لهي ويهه پنجويهه وال پُٺتي سندس گھر ڏي هلياسين.
    سندس زال چانهه کڻي آئي. پاڻ ٻڌايائين ته کين ملايا جو پاسپورٽ آهي، پر واپار جي خيال کان سنگاپور ۾ ان بنگلي ۾ مسواڙ تي رهيل آهن.
    “اسان سڀ هندستان کان آيل مسواڙ جي گھرن ۾ رهڻ پسند ڪندا آهيون، جيئن هتي جون حالتون جيڪڏهن خراب ٿين ته آسانيءَ سان ڀڄي هندستان واپس هليا وڃون ۽ ڪو خاص نقصان نه ٿئي.” غوث ٻڌايو.
    ٻين هندن ۽ ملئي ماڻهن جي رسم مطابق سندن گھر به جُتي ٻاهر لاهي پيرين اگھاڙو گھڙڻو پيو. گھر ۾ سندن ٻار مادري زبان تامل ڳالهائي رهيا هئا ۽ مون سان انگريزي ۽ ٽٽل ڦٽل هندي ملندڙ اڙدوءَ ۾ پڻ ڳالهائڻ لڳا.
    ٿورو وقت گانا ٻڌي اسان اٿڻ لڳاسين. غوث به مون سان گڏ چانگي هلي واپس اچڻ چاهيو، جيئن آءٌ اڪيلائي محسوس نه ڪريان. اسان سندس گھر ڀرسان بس اسٽاپ تي اچي بيٺاسين ۽ بس ۾ چانگي ڳوٺ پهتاسين، جو سنگاپور جي بلڪل بارڊر تي آهي. ان کان پوءِ سمنڊ آهي، اسان جلدي جلدي ڳوٺ جو چڪر هنيو، جو غوث ٻڌايو ته ڪلاڪ کان پوءِ جيڪا بس ويندي، اها آخري آهي، ان کان پوءِ صبح جو ويندي. چانگي ڳوٺ ۾ گھڻو ڪري سڀ ننڍڙا ڪاٺ جا گھر آهن. ڪاٺ هتي تمام سستو آهي جو ٻيلن جي کوٽ ڪانهي. ڳوٺ جي هڪ ننڍڙي بازار پڻ هئي جنهن ۾ سڀ اسٽور ايئرڪنڊيشنڊ هئا جن ۾ هر شيءِ سُئي سڳي کان سلائيءَ جي مشين پنکو وغيره مليا ٿي. رستي جي ٻئي پاسي ٿورو پري بار/ مئه خانا ۽ ريسٽورنٽون هيون. شام جو وقت ٿي ويو هو. اوندهه ٿيڻ ڪري بارُن جون نِيان بتيون ٻري رهيون هيون ۽ سازن جو مڌر آواز اچي رهيو هو. بس اسٽاپ جي ويجھو سنگاپوري ڇوڪريون انناس، ناريل جو رس، سمنڊ جون سپون، ڪکن جا ڇٻا ۽ ٽوپلا وڪڻي رهيون هيون ۽ ايندڙ ويندڙ کي سڏي شين وٺڻ لاءِ چئي رهيون هيون. ڪجھه يورپي سياح به هيڏانهن هوڏانهن گھمي رهيا هئا ۽ خريداري پڻ ڪري رهيا هئا. هڪ ڇوڪري چانگي ڳوٺ ۽ سنگاپور جي آس پاس جا فوٽو ڪارڊ وڪڻي رهي هئي. اسان ڪجھه وقت هوٽل ۾ ويهي، اتي جو مشهور فالودو کائي ان ڇوڪريءَ وٽ خريد ڪرڻ لاءِ فوٽو ڏسڻ ۽ بس جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. ڀر ۾ هڪ ٻي ڇوڪري ٽيبل تي شيشي جا قيمتي رانديڪا ۽ جيئريون مڇيون ۽ رنگارنگي پوپٽ وڪڻي رهي هئي. ڇوڪري مني اسڪرٽ ۽ ٻانهن کان بغير بلائوز ۾ سمارٽ لڳي رهي هئي. ٻه يورپين سياح سندس شيون ڏسي رهيا هئا. هن بار بار جهڪي ڪو نه ڪو رانديڪو کڻي هنن کي ڏيکاريو ٿي، جھڪڻ وقت، گئس بتين جي روشنيءَ ۾ سندس لسيون ۽ ملائم ڇاتيون چانديءَ جهڙيون سيتل نظر آيون ٿي. هوءَ خود به سمجھي رهي هئي ته اسان جي نظرن جو مرڪز ڇا آهي. هوءَ ٻنهي يورپين ڏي نهاري، مُرڪي پنهنجي جسم جي ڪئنواسنگ به ڪري رهي هئي، شايد. اسان وري ڪارڊ ڏسڻ ۾ لڳي وياسين. ٿوري دير کان پوءِ ڏسون ته ڇوڪري ٺهي ئي ڪا نه ۽ نه خريدار. پٺيان مُڙي ڏٺوسين ته هوءَ ٿنڀ کي ٽيڪ ڏئي بيٺي آهي ۽ ٻن مان هڪ يورپي ڀاڪر پائي ڪجھه مڃائي رهيو آهي، پر هوءَ کلي کين چئي رهي آهي: “نه نه. ان ڳالهه لاءِ ڇوڪريون سامهون بار ۾ اٿَوَ.”
    “نه تون هل.” هن پاڻ طرف ڇڪي رازدارانه انداز ۾ چيس. ڇوڪريءَ سندس هٿ تي چُمي ڏئي چيس؛ “دڪان ڇڏي نه هلنديس. ڪلاڪ کان پوءِ منهنجي ڀيڻ اچڻي آهي.”
    ۽ پوءِ انگريز سامهون بار طرف وڌڻ لڳا ته ڇوڪريءَ ڪجھه سوچي کين سڏُ ڪيو: “هي، ڪم آفٽر ون اور (Hey come after one hour)”
    اسان اهو سڀ ڪُجهه لقاءُ ڏسي کلي رهيا هئاسين. هي ٻه يورپين اسان کي تاڙيندو ڏسي اک ڀڃڻ لڳا.
    “واٽ نئشنلٽي؟” هڪ مون کان پڇيو.
    “پاڪستاني ۽ تنهنجي؟”
    “آءٌ انگريز آهيان ۽ هي ٻيو ڊچ.” هن صاف انگريزيءَ ۾ ٻُڌايو.
    “ڪير آهيو. ڪنهن جهاز جي عملي جا آهيو؟” پڇيومان.
    “نه نه سياحت جي خيال کان آيا آهيون. هتان ملايا وينداسين.” ڊچ گاڏڙ ساڏڙ انگريزيءَ ۾ ٻُڌايو.
    “شراب ۽ ڇوڪرين لاءِ بار سامهون آهن.” غوث کين ٻُڌايو.
    “ها، اسان کي خبر آهي، پر بار جي ڇوڪرين کان هي سٺيون آهن. بار جون ڇوريون ڇنالون ٿيون ٿين.” ائين چئي زور زور سان کلڻ لڳا ۽ سامهون ‘سوزي ڊانسنگ بار’ طرف هليا ويا.
    انهن جي وڃڻ کان پوءِ اسان جهڙو اڳتي وڌياسين ته ساڳي ڇوڪري، اسان کي به ڇڪي پنهنجو سامان ڏيکارڻ لڳي. پيپر ويٽ مون کي ڏاڍا پسند آيا. اهي شيشي جا ٺهيل هئا، جن ۾ مختلف جيت ۽ سامونڊي گاهه ۽ ننڍڙا پکي بند ٿيل هئا ۽ هيٺان سنگاپور جو لفظ لکيل هو. هڪ ۾ سامونڊي گھوڙو هو. سامونڊي گھوڙي ۽ دريائي گھوڙي ۾ فرق آهي. دريائي گهوڙو هاٿي ۽ مينهن وانگر ڳرو چار پيرو جانور ٿئي. سامونڊي گھوڙو وڇونءَ جيڏو سامونڊي مڇي ٿئي. سندس منهن گھوڙي جي منهن جهڙو ٿئي ۽ باقي بدن جل پري مڇيءَ جهڙو.
    “هيءُ گھڻي جو آهي؟”
    “هنن جي قيمت ڇهه ڇهه ڊالر آهي. (پاڪستاني پنجويهه روپيا کن).” چينيءَ جي خوبصورت گُڏيءَ جهڙي سهڻيءَ سنگاپوري ڇوڪريءَ ٻه پيپر ويٽ (Paper Weight) ڏيکاري قيمت ٻُڌائي.
    “هي کپي يا هي؟” هوءَ خاص ادا سان مُرڪندي رهي. انهيءَ دوران چالاڪيءَ سان پنهنجي بلائوز جو مٿيون بٽڻ کولي ڇڏيو. مون کي پوءِ خبر پئي. سندس جوان ڇاتين جون لڪيرون..... نسون..... اڀار ۽ کاهيون..... انهن جا ڪجھه حصا اسان کي نظر اچڻ لڳا. هڪ ٻن ٻين ڳوٺ جي ماڻهن کي لنگھندي ۽ سندس طرف گھوريندو ڏسي هن مٿيون بٽڻ بند ڪيو. ڄڻ ڪا تجسس واري فلم اڌ ۾ ڪٽجي وڃي. سئنيما هال ۾ ڄڻ سيٽيون ۽ واڪا مچي ويا.
    “ڇو ٻنهي ۾ فرق آهي ڇا؟” پڇيومانس.
    “ها. هي سامونڊي گھوڙو نَرُ آهي ۽ هيءَ مادي.” هوءَ هٿن ۾ جھَلي، هٿ منهنجي اڳيان ڪرڻ لڳي. پاڻ مننجي ايترو ته قريب ٿي بيٺي جو آءٌ سندس ساهه جي گرمائش ۽ جسم جي سُڳنڌ محسوس ڪرڻ لڳس.
    “نرُ کپي يا مادي؟” مون کي ڪُجهه دير چُپ ڏسي هن وري سوال ورجايو.
    “مردُ هميشه مادي پسند ڪندو آهي.” اکين ۾ اکيون ملائي چيومانس يا شايد رومانٽڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪيم.
    “اوهه! توهان ته شاعر ٿيندا وڃو.”
    “تو جهڙيون حسين شيون، هر انسان کي شاعر بڻائي ڇڏينديون آهن.” هن پيپر ويٽ ٽيبل تي رکي منهنجي هٿ کي جھلي ڌيمي لهجي ۾ چيو: “توهان کي خبر آهي ته آءٌ ڇا ٿي چاهيان ۽ مون کي خبر آهي ته توهان ڇا ٿا چاهيو. ان ڪري شاعريءَ بدران سودي بازيءَ جي ڳالهه ڪريو.”
    “تو جهڙي بي بها شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي دنيا جي بئنڪ سان قرض لاءِ رجوع ٿيڻو پوندو، تنهنجو ملهه هن جهان ۾ ڪير ڪَٿي سگھندو؟ آءٌ ته هي مئل سامونڊي گھوڙي ئي خريد ڪري سگھان ٿو.”
    “مون کي توهان غلط سمجھيو آهي. توهان انگلنڊ يا ٿائلنڊ جي راڻيءَ جي ڳالهه ته نه پيا ڪريو؟ منهنجي قيمت توهان آسانيءَ سان ادا ڪري سگھو ٿا.”
    مون ڏٺو ته ڀرسان غوث اسان جي گفتگو ٻڌي کلي رهيو هو. دڪاندار ڇوڪريءَ جي ڀيڻُ پڻ اچي چُڪي هئي سا مُرڪي رهي هئي. ايتري ۾ چانگي ڳوٺ کان سنگاپور ويندڙ بس اچي ڀر ۾ بيٺي. اها هن ڳوٺ کان شهر ويندڙ آخري بس هئي. غوث بس ۾ پهرين وهي ان کان اڳ آءٌ جلدي ڇهه ڊالر ڇوڪريءَ جي هٿ تي رکي، ٽيبل تان پيپر ويٽ کڻي، اچي بس ۾ ويٺس. بس ٿورو اڳتي چُري، بارن وٽان ٻيا مسافر کڻڻ لڳي. سامهون هڪ بار جو در ٿورو کولي دربان بيٺو هو. اندر اسٽيج تي ٽي سنگاپوري ڇوڪريون ٽاپ ليس (Top Less) ۾ چيني يا ملئي گاني تي نچي رهيون هيون. ڪجھه يورپي ۽ ڪارا سياح اندر گھڙي رهيا هئا. ڪجھه هٿن ۾ جام جھلي مست هئا. ڀڙڪندڙ لباس ۾ ڇوڪريون آيل مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪري رهيون هيون. هڪ گانو ختم ٿيو ۽ ٻيو شروع ٿيو. گانو ڪو مزيدار هو جو منهنجي اڳيان ويٺل هڪ سنگاپوري، پيرن جي ٽاپ سان، ساز وڄائڻ لڳو. سوچيم ته کانئس ان گاني جو مطلب پڇان پر ان وقت اوچتو منهنجي دماغ ۾ امداد حسينيءَ جو هڪ نظم ڦرڻ لڳو:
    “ڪوجھو توڻي ڪاڻو آهي، اڄ ته ھر ڪو راڻو آهي،
    ماڙي ماڙي واندي آهي، تنهنجي منهنجي چاندي آهي،
    ڪو به چوڻ وارو ڪونهي ڪو، ڪو به پُڇڻ وارو ڪونهي ڪو،
    تون به نشي ۾، مان به نشي ۾، چنڊُ به آهي پنهنجي لئه ۾،
    هل ته هلي اڄ موج ملهايون، ڪاڪ محل جو درُ کڙڪايون،
    پريت جو هڪڙو پل ئي سهي، چوريءَ جو هڪ ڇلُ ئي سهي،
    کاڌل ئي سهي، پيتل ئي سهي، مومل نه سهي، سومل ئي سهي.”

    بس ڪلاڪ کان پوءِ اچي سنگاپور شهر ۾ پهچايو. رستي تي غوث لهي ويو. هن وقت جڏهن هي مضمون جپان مان لکي رهيو آهيان، ٽيبل تي سنگاپور جي ڳوٺ مان ورتل پيپر ويٽ پڻ رکيو آهي. منهنجا هتي جا جپاني دوست اهو کڻي ان ۾ بند ٿيل سامونڊي گھوڙو، هڪ ڪوڏ ۽ سامونڊي گاهه جا پن ڏسندا آهن. پر مون کي ان ۾ انهن شين کان علاوه سنگاپوري دڪاندار ڇوڪري ۽ سندس سونهن پڻ نظر ايندي آهي، جيڪا مختلف شيون وڪڻڻ سان گڏ پنهنجي جسم جو سودو پڻ ڪندي رهي ٿي.


    متفرقات ــ سنگاپور

    سنگاپور جيتوڻيڪ هڪ تمام ننڍو ملڪ، ٻيٽ مثل آهي، جنهن ۾ ڀانت ڀانت جي ٻولين ۽ مذهبن جا ماڻهو رهن ٿا ۽ ايتري اندروني پيدائش به نه آهي، بارش به ٻارهوئي لڳي پئي آهي پر ان هوندي به، پڙهندڙن کي تعجب لڳندو ته صفائيءَ ۾ سنگاپور جو مَٽُ دنيا ۾ ڪونهي. ‘لي ڪئان يو’ جي سنگاپور تمام خوبصورت ۽ صاف سٿري آهي. جتي ڪٿي صفائي، ساوڪ ۽ هر گھر جي اڳيان گُلن جي چؤديواري ڏسڻ ۾ ايندي. گذريل سال صفائي جي مقابلي ۾ سنگاپور کي دنيا جو ‘مسٽر ڪلين’ (Mr. Clean) مڃيو ويو. ان صفائيءَ جو جذبو هتي جي ٻچي ٻچي ۾ آهي. جپاني چوڻيءَ ‘پنهنجي گھر ۽ ان جي اڳيان گھٽيءَ جو حصو صاف رکو ته توهان کي سڄو شهر صاف نظر ايندو..’ تي پورو پورو عمل ڪن ٿا. ان کان سواءِ حڪومت پڻ صفائيءَ جي معاملي ۾ سخت آهي. ننڍين ڳالهين تي به وڏا ڏنڊ رکيل آهن. بس اندر يا بس کان ٻاهر ٿُڪ اڇلائڻ تي پنجاهه ڊالر، يعني ٻه سؤ روپيا، ڏنڊُ. رستن تي پني ڀور يا سگريٽن جا ٽوٽا ڦٽا ڪرڻ تي به ساڳيو ڏنڊُ ۽ ڇهه مهينا جيلُ. ڪچري ڦٽي ڪرڻ لاءِ شهر ۾ جتي ڪٿي دٻا رکيل آهن جن ۾ جمع ٿيل گندُ صبح شام ٽرڪون ڍوئينديون رهن ٿيون. ٻيو ته ڇا پر شهر ۾ ڪا به اهڙي بس يا رڪشا نظر نه ايندي جيڪا گھڻو دونهون ڇڏيندي هُجي. ڳري ڏنڊ کان سواءِ جيل جي سزا پڻ مقرر ٿيل آهي. جنهن کي پوريءَ طرح عمل ۾ آڻڻ لاءِ ايماندار ۽ غير جانبدار پوليس ۽ قانون کاتو آهي.
    سنگاپور، سنسڪرت جي لفظ سنگاپورا مان نڪتل آهي. جنهن جي معنى آهي ‘شينهن جو شهر’. شهر ۾ جتي ڪٿي سنگ مرمر جي شينهن جا بتَ نظر ايندا جن هيٺان انگريزيءَ ۾ (Lion City) لکيل آهي. سنگاپور جي آدمشماري ويهه لک آهي ۽ دنيا جو چوٿون نمبر وڏو بندرگاهه آهي. هي نه فقط بندرگاهه آهي، پر بين الاقوامي هوائي آمدرفت جو پڻ مرڪز آهي. لي ڪئان يو (Lee Kuan Yew)، گذريل ٻارهن سالن کان سنگاپور جو وزير اعلى آهي، تنهن جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ اڳواڻيءَ هن ملڪ کي ڪٿان جو ڪٿي پهچائي ڇڏيو آهي. پاڻ هڪ غريب هاريءَ جو پوٽو هو. انگلنڊ جي ڪئمبرج يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪري وڪيل بنيو ۽ ۱۹۵۹ع ۾ سنگاپور جو پهريون وزير اعلى چونڊيو ويو.
    اهو ننڍڙو ٻيٽ جنهن کي قدرتي اپت جو ڪو به وسيلو ناهي، نه ايتري پوک لاءِ زمين نه کاڻيون. پر هتي جي هنرمند ۽ اڻ-وِرچ ماڻهن پنهنجي قابليت ۽ ذهانت سان پاڻ کي ۽ پنهنجي ملڪ کي سکيو ستابو بنائي ڇڏيو آهي.
    دنيا جي گھڻو ڪري هر ملڪ ۾، جيڪي سياحن لاءِ کُليل آهن، توهان کي ڊگھن وارن وارا هِپي نظر ايندا. ميرن وارن ۽ گدلن ڦاٽل ڪپڙن ۾ هي ڪنهن پارڪ جي بينچ تي اوٻاسيون کائيندا، يا رستي جي ڪپر تي Hitch Hiking (گاڏين جي لفٽ وٺڻ) لاءِ منتظر نظر ايندا. يا ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ڇوڪرو ڇوڪري ڀاڪر پائي چرس جا سُوٽا لڳائيندي ضرور ڏسڻ ۾ ايندا. سنگاپور ۾ اهو هپي پهچڻ سان ٻين عام انسانن وانگر ٿيو وڃي. سنگاپور ۾ ايندي هر هپي ٻه دفعا سوچيندو هوندو. ڳالهه هيءَ آهي ته سنگاپور ۾ ڪنهن کي به وار ايترا ڊگھا رکائڻ جي اجازت ناهي جو قميص جي ڪالر يا ڪنڌ تائين پهچن. جيڪڏهن ڪو هپي ڀُل چُڪ ۾، قاعدي نه معلوم هئڻ ڪري، ڊگھن وارن سان پهچي ٿو ته اتي جو اتي جھلي، قئنچيءَ سان وار ڪتري پوليس جي حوالي ڪيو وڃي ٿو.
    سڄيءَ سنگاپور ۾ ٻن قسمن جا پوسٽر چيني، انگريزي ۽ تامل زبانن ۾ عام ڏسڻ ۾ ايندا. هڪ هپين بابت ته هتي مردن کي وڏن وارن رکائڻ جي منع آهي ۽ ٻيو ته فئملي پلاننگ بابت، جنهن ۾ زال مڙس ۽ وچ ۾ ٻه ٻار بيٺل ڏيکاريل آهن ۽ مٿان اڏامندڙ ٻگھه پکي نصيحت ڪندو وڃين: “Stop at Two” ٻه ٻار ڪافي آهن. ان کان علاوه ڪيترن هنڌن تي عام جام مختلف قسمن جاLoops استعمال ڪرڻ جا طريقا، رٻڙ Pills, Prophylactics اورل Lid ۽Condom طريقا ٻڌائي، گھٽ ٻار ڄڻڻ جي نصيحت ڪيل آهي.
    سنگاپور ۾ سئنيمائن بابت هڪ خاص ڳالهه اها آهي ته هتي ٻين ملڪن وانگر عام وقتن تي فلم شو ٿين، پر آچر رات هڪ مڊنائيٽ (Mid-Night) شو پڻ ٿئي. جيڪو رات جو ٻارهين کان ٽي وڳي تائين هلي. ان کان علاوه هتي اهي فلمون جن ۾ مار-ڪُٽ يا لڙائي ٿئي، يعني ‘جيڪي مار ڌاڙ سان ڀرپور’ ٿين، تن تي سخت بندش آهي. باقي پيار محبت جي فلمن تي سينسر جي ڪا به قئنچي نٿي ڦِري، پوءِ چاهي ان ۾ ڪيتري به اگھاڙپ ڏيکاريل هُجي. يعني Make Love, Not War تي پور پورو عمل آهي.
    سنگاپور ۽ هن پاسي مشرق بعيد جي ٻين ملڪن ۾ اها ڳالهه معلوم ڪري افسوس ٿئي ٿو ته يورپ آمريڪا پاسي ته نه پر هيڏانهن به اسان جي پاڪستانين جو انڊين جي مقابلي ۾ ڪو خاص اثر رسُوخ ناهي. جتي ڪٿي انڊين هوٽلون، بئنڪون، انڊين ٽورسٽ بيورو، جتي سياحن کي هندستان بابت معلومات ۽ گھمڻ لاءِ آماده ڪيو وڃي ٿو، انڊين ايئر لائنز جون آفيسون ۽ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ايماندار ماڻهو، جي ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ لاءِ ڌارين کي، توڙي ملڪي ماڻهن کي هر قسم جي مدد ڏيڻ لاءِ تيار نظر اچن ٿا. ٻئي پاسي ڪٿي ڪٿي ڪا پاڪستان سان تعلق رکندڙ آفيس يا پي آءِ اي جي آفيس نظر اچي ٿي، پر شل نه ڪو دشمن جو به ڪم پوي. گھڻو ڪري ته غير حاضر. جي هوندا ته به سنئين منهن ته ڳالهائيندا ڪو نه. اهڙا ڪيترا مثال ملندا جتي ڌارين ملڪن ۾ پريشان شاگردن، واپارين ۽ سياحن جي پاڪستاني سفارتخانن مدد نه ڪئي هوندي پر ٻين ڪئي هوندي. ان قسم جا شڪايتي خط پاڪستان جي اخبارن ۾ پڻ ايندا رهن ٿا ۽ ڪيترن جي واتان ان قسم جا درد ڀريا داستان ٻڌڻ ۾ ايندا. ٻاهر ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني آفيسرن کي عرض آهي ته هو پنهنجي ملڪ جو نالو مٿي ڪرڻ لاءِ جنهن مقصد لاءِ ٻاهر موڪليا ويا آهن، ان جي ايماندارانه نموني ۽ جفاڪشيءَ سان پيروي ڪن ۽ پرديس ۾ ملڪي ستايل ڀائرن جي دل سان خذمت ۽ مدد ڪن.
    دنيا جي هر وڏي شهر جي هوٽلن ۾ انڊين ايئرلائنز جا ڪئلينڊر، ٽائيم ٽيبل ۽ ٻي اشتهاري معلومات ملندي. ساڳئي وقت انڊيا جي مختلف شهرن جي مشهوري جا ڪتابڙا مفت ملندا، جيئن دنيا جا ماڻهو انڊيا کان واقف ٿين ۽ ڏسڻ لاءِ شوق پيدا ٿئين. افسوس! اسان جو ملڪ ان معاملي ۾ پٺتي پيل آهي ۽ ان ڏس ۾ ڪي اپاءَ نه ورتا اٿس. ٻئي پاسي ملايا، سلون، ٿائلنڊ جهڙن ننڍن ننڍن ملڪن جي ايماندار ۽ محب وطن فارين سروسز جي آفيسرن ۽ واسطيدارن اشتهاربازي ۽ اڻٿڪ محنت سان پنهنجي ملڪ ۾ اهڙا ته ‘موهن جو دڙو، ٽئڪسلا، لاهور، ڪراچي، ٺٽو، ڪوٽڏيجي، ڀنڀور’ جهڙا تاريخي شهر آهن، جو دنيا جي ماڻهن کي رڳو سچي دل سان هڪوار ٻڌائڻو پوندو ۽ کين سفر جون سهولتون ۽ رهبري ڪرڻي پوندي. ڏسندي ئي ڏسندي اسان سياحت (Tourism) مان ايترو ڪمائي سگھون ٿا جيترو سنگاپور، هانگ ڪانگ، لاس پاماس، سلون، جپان، ملايا يا ٻيا ملڪ ڪمائي ۽ فائدو وٺي رهيا آهن.
    سنگاپور، مغرب ۽ مشرق جو مرڪب آهي. منجهس مغربي قسم جون عمارتون، نائٽ ڪلب، رستا ۽ بلڪل جديد قسم جون مشينريون ۽ فئڪٽريون نظر اچن ٿيون ته قديم مشرقي مذهب، رسم ۽ رواج، تهذيب ۽ ثقافت پڻ.
    سنگاپور جي رهاڪن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سرڪار طرفان همٿايو وڃي ٿو ۽ سندن قومي بچت جو پنجويهه سيڪڙو تعليم بلي آهي. اسڪولن ۾ ايترا ڪمرا آهن، جو ملڪ جو هر هڪ ٻار تعليم حاصل ڪري سگھي ٿو. تعليم کان علاوه ٻارن جو تقريرن، بحث مباحثن ۽ راندين ڏي پڻ ڌيان ڏياريو وڃي ٿو. هڪ اسڪول جي تقريري مقابلي ۾ مون کي وڃڻ جو موقعو مليو. مقابلي جو آخري ڏينهن هو ۽ سڄي اسڪول مان چونڊيل پنجن ڄڻن جو مقابلو هو. انهن کي چئن منٽن لاءِ انگريزيءَ ۾ تقرير ڪرڻي هئي ۽ ٻن منٽن لاءِ مادري زبان ۾. پنج ڇهه جج، مختلف زبانن جا ڄاڻو، جيڪي سنگاپور ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون، مقرر ڪيا ويا هئا. انهن آخري پنجن اميدوارن ۾ هڪ سنڌي ڇوڪري گيتو واسواڻي به هئي. ان کي ۽ هڪ چيني ڇوڪريءَ کي Consolation Prize ملي. پهريون نمبر چيني ڇوڪريءَ کنيو، جنهن انگريزيءَ ۽ چينيءَ ۾ تقرير ڪئي، جيتوڻيڪ اسان سڀني دوستن کي ٻيو نمبر آيل وملا جي تقرير بيحد پسند آئي. پاڻ انگريزي ۽ تامل زبان ۾ تقريرون ڪيائين ۽ اسان ان عمر جي شاگردن کي اهڙيون سٺي نموني مواد توڙي ادائگي جي لحاظ کان، تقريرون ڪندي ڏسي دنگ رهجي وياسين. هڪ ڪاليج جي ليڪچرار ٻڌايو ته سنگاپور ۾ هر اسڪول ۽ ڪاليج ۾ هر هفتي تقريرون ۽ بحث مباحثن جا پيرڊ رکيا ويا آهن ۽ هر هڪ کي وارو ڏنو وڃي ٿو. جيئن ننڍي هوندي کان ٻار جو پبلڪ ۾ ڳالهائڻ کان حجاب ۽ شرم ڀڄي پوي ۽ هو سٺو مقرر ثابت ٿي پنهنجا خيالات ٻين تائين پهچائي.
    سنگاپور ۾ مسجد سلطان سڀ کان وڏي مسجد ۽ خوبصورت مسجد آهي. ان جي آسپاس ٽن لکن کان مٿي مسلمان رهن ٿا. هتي جي هڪ بازار جو نالو ‘عرب اسٽريٽ’ آهي، جيڪا سستائيءَ ۾ سڄي سنگاپور ۾ مشهور آهي. هتي ساڙهين ۽ ڪپڙي جا دڪان تمام گھڻا آهن ۽ هر وقت سياحن ۽ خريدارن جو هجوم لڳو رهي ٿو. مغرب جا سياح ته خاص ڪري ههڙن هنڌن تي مشرق جي غربت پڻ ڏسڻ اچن ٿا. جيترا ڏينهن اسان جو جهاز سنگاپور ۾ هو، جهاز جا سڀ خلاصي ۽ ٻيو عملو هن گھٽيءَ ۾ خريداري يا رڳو اگھه پڇڻ لاءِ ضرور چڪر هڻندا هئا.


    ايمان لوڏن ۾ ــ ٿائلنڊ جي ڌرتيءَ تي قدم

    اسان کي ٻيڙيءَ ۾ ڪلاڪ کن اچي ٿيو هو ۽ جهاز کي گھڻو پٺيان ڇڏي، ڪناري جي قريب اچي پُڳا هئاسين. پٺيان جهاز کُلئي سمنڊ ۾ نُقطي جيان نظر پئي آيو. ٻيڙيءَ جي انجڻ جو ليور منهنجي هٿ ۾ هو ۽ سکان (Rudder) جو ڪنٽرول، جهاز جي سيڪنڊ آفيسر احمد حسين مخدوم جي هٿ ۾ هو. اسان کان علاوه ٻيا به ڇهه ست جهاز جا جونئر آفيسر، ڪئڊٽ، اليڪٽريڪل انجنيئر سلطان، ريفريجريشن انجنيئر محمود هئا.
    آخر محمود کان رهيو نه ٿيو تنهن دانهن ڪري مخدوم کي چيو؛ “اڃا ڪيترو بڇڙو ڪندين، الائي ڪٿي وٺي آيو آهين. ماڻهوءَ جو ته اڃا ڪو پاڇو به نظر ڪو نه آيو آهي.”
    واقعي هئو به ائين. جهاز جي ٻيڙي لاهي اسان اندر بندرگاهه ۾ گھمڻ نڪتا هئاسين. ڪناري جي ويجھو ايترو ته تانگھو پاڻي هئو جو، اسان جي جهاز ڪافي پري، کُلئي سمنڊ ۾ ئي، لنگر ڪيرائي ڇڏيو هو. ٿائلنڊ جي هن ننڍڙي بندرگاهه ‘پٽاني’ مان سامان بارجن ذريعي جهاز تي آيو ٿي ۽ جهاز جي ڊيرڪن ذريعي سامان چاڙهيو پئي ويو. اسان سڀني جو ٿائلنڊ ۾ هي پهريون دفعو هو، خاص ڪري هن ڳوٺ پٽانيءَ ۾. جيتوڻيڪ بئنڪاڪ ۾ اسان مان ڪجھه اچي چُڪا هئا.
    جن جن کي سير ڪرڻ ۽ پٽاني شهر گھمڻ جو شوق هو، سي جهاز جي لائيف بوٽ لاهي نڪري پياسين. جهاز تي سامان چاڙهيندڙ هڪ ٿائيءَ سامهون اشارو ڪري ٻڌايو ته بندرگاهه ان طرف اٿَوَ. سامهون جتي آسمان ۽ سمنڊ وڃي ٿي مليا، اتي رڳو ساون وڻن جي قطار نظر ٿي آئي. اسان ٻيڙي ڪاهي جڏهن ويجهو پهتاسين ته چؤڌاري رٻڙ جي وڻڻ جو ٻيلو هو. نه شهر نه ماڻهو! ٻيلي مان ڪٿان ڪٿان شاخ يا ڪا نهر نڪري اچي ٿي سمنڊ ۾ پئي. آخر اهڙي هڪ نهر نما نديءَ ۾ اندر ٻيڙيءَ جو رُخ موڙيوسين.
    “مخدوم پڪ به اٿئي ته ڪا آبادي ويجھي آهي؟” محمود وري پڇيو. مخدوم کي ڪو چارٽ يا ڪارو جادو ته هو ڪو نه جنهن کي ڏسي هو محمود کي پڪ ڏئي. هو پڻ ان ڪوشش ۾ هو ته ٻيڙيءَ جو تيل، ڊيزل آئل، ختم ٿئي، ان کان اڳ ڪنهن آباديءَ تائين پهچي وڃون. ٿوري دير کان پوءِ هن دانهن ڪئي. “منو! پاڻ ڪنهن آباديءَ جي بلڪل ويجھو آهيون.” اسان ٻئي هڪ ٻئي کي ڪئڊٽ ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي منو ڪوٺيون.
    “ڪيئن؟” آبادِيءَ جي هُجڻ جو پڇيومانس.
    “هو ڏس سامهون.”
    سامهون هڪ جھرڪي اڏامي رهي هئي.
    “جھرڪي هميشه گھرن ۾ هوندي آهي. جتي ماڻهو هجن. جھرڪي جهنگ جو پکي نه آهي.” مخدوم چيو.
    ٻه ميل کن نديءَ ۾ مس هلياسين ته ڪيتريون ئي ننڍڙيون ۽ وڏيون ٻيڙيون سامهون ايندي نظر آيون، جن ۾ ملاح ٻارين ٻچين رهيل هئا. ٿورو وڌيڪ ڪناري تي ڪاٺ جا جھونا گھر نظر آيا، جن اڳيان اڌ اگهاڙا ٻار راند کيڏي رهيا هئا. ڪنهن گھر اڳيان ڪا عورت رسيءَ تي ڪپڙا سُڪائڻ وجھي رهي هئي. ڪي عورتون ڪناري وٽ وهنجي رهيون هيون. محمود ڪئميرا هٿن ۾ جھلي اشارو ڪين ته فوٽو ٿو ڪڍانوَ. سڀني کڻي پاڻيءَ ۾ ٽُٻي هنئي، پر هڪ ڄڻي پاڻيءَ مان ٻاهر نڪري فوٽو لاءِ پوز ٺاهيو. فوٽو ڪڍڻ بعد محمود چيو: “يار ٿائلنڊ ڇڏڻ وقت مون کي هت ڇڏي وڃجو. واپس ڪراچيءَ نه وٺي هلجو.”
    ٿورو اڳتي پٽانيءَ جو بندرگاهه هو. ٻيڙي ڪاٺ جي ڪلي ۾ ٻڌي، ڪسٽم ۽ اميگريشن پوليس کي ٿائلنڊ ۾ گھڙڻ جو اجازت نامو ۽ ضروري ڪاغذ ڏيکاري اندر شهر منجھه آياسون ۽ ٽولا ٽولا ٿي گھمڻ لڳاسين. محمود مون کي سڄي جهاز تي بي ضرر انسان سمجھندو آهي، جو آءٌ گھڻو ماٺ ۾ هوندو آهيان ۽ بقول سندس “جهاز جا ٻيا آفيسر خواري آهن. الف کان ي تائين، ڪناري جي ڳالهه جهاز تي ڪري ذليل ڪن ٿا. هاڻ ٻاهر جي ڳالهه ٻاهر ڇُٽي، جهاز سان ڪهڙو واسطو.”
    “ها پارٽنر اهو ته سڀ صحيح آهي پر آءٌ وري سڀ تنهنجيون ڳالهيون اخبار ۾ ڏيندو آهيان.” مون چيو.
    “اخبار ۾ ڀلي ڏي، پر اها اخبار جهاز تي نه اچڻ کپي. ڏيهه کي ڄاڻ پوي ته ڀلي پوي باقي ڏيرياڻيءَ کي نه هئڻ گھرجي. سمجھئي.” محمود مون کي سمجھايو.
    محمود ۽ آءٌ حيدرآباد جهڙي سنهيءَ بازار مان نڪري ٻاهر چؤواٽي تي اچي پهتاسين. جتي ڪجھه خوبصورت دڪان، جڳهيون ۽ هوٽلون نظر آيون. سڄي بازار ۾ هر هڪ دڪان اڳيان هڪ خوبصورت پڃري ۾ ڳيري جهڙو پکي نظر آيو. پڇا تي معلوم ٿيو ته ٿائلنڊ جا ماڻهو ان پکيءَ کي ڀاڳ جي نشاني ٿا سمجھن. جيئن انگلنڊ، آفريڪا ۽ اسان جي ملڪ ۾ پڻ اڪثر دڪانن ۾ گھرن ٻاهران گھوڙي جا لوهي نعل لڳل هوندا آهن. يا جپان ۾ هوٽلن ۽ دڪانن تي ٻليءَ جي مورتي هوندي آهي. هڪ دڪان اهڙو به نظر آيو جنهن تي اهي پکي، پڃرا ۽ انهن جو داڻو وڪامي رهيو هو. اهو دڪان دراصل ٻين کان وڌيڪ ڀاڳن وارو هئڻ کپي، پر افسوس جو ان وقت اسان کي ان تي ڪو به گراهڪ نظر نه آيو. مون کي خط پوسٽ ڪرڻا هئا. پوسٽ آفيس جو پتو ڪو نه هو. ٿائلنڊ اهڙو ملڪ آهي جتي انگريزي ڪو ورلي ڳالهائي ٿو ۽ هتي سندن ٿائي (Thai) زبان عام هلي ٿي.
    آخر هڪ نوجوان مليو جنهن انگريزي صاف ڳالهائي ٿي. پاڻ ٻڌايائين ته هو پٽانيءَ جي اسڪول ۾ انگريزي ماستر آهي. پوسٽ آفيس جو پڇيومانس. اشارو ڪيائين ته سامهون واري گھٽيءَ ۾ آهي ۽ ان سان گڏ پاڻ به هلڻ لڳو. پنهنجو نالو ابراهيم ٻڌايائين.
    پٽاني ٿائلنڊ جي انهن شهرن مان آهي جتي ڪجھه مسلمان رهن ٿا، نه ته ٿائلنڊ ٻُڌ ڌرم کان مشهور آهي. ٻُڌ ڌرم هندستان ۾ ئي جنم ورتو ۽ هندن جي مذهب ۾ هڪ ارتقائي قدم هو. تنهن کي هندستان جي قدامت پسند گروهه قبولڻ جي عيوض، مخالفت ڪري ٿڏي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ ان اچي هيڏانهن ٿٻيٽ، چين، برما، جپان، سيلون پاسي پناهه ورتي.
    ٻڌ ڌرم اڄ کان پنجويهه سؤ سال کن اڳ هتي پهتو. هتي جا خوبصورت پگوڊا جتي ٻڌ عبادت ڪن ٿا ۽ ٻُڌ ڀڪشوئن/ ٻاوَن کي ڏسڻ لاءِ دنيا جا ماڻهو ڪٿان ڪٿان ڪَهي اچن ٿا.
    خط پوسٽ ڪري اسان ابراهيم کي چانهه جي صلاح ڪئي ۽ اچي هڪ ايراني نموني جي هوٽل ۾ ويٺاسين. محمود چانهه پيئڻ جهڙين بيڪار شين تي وقت ضايع ڪرڻ نٿي چاهيو، جنهن جو مونکي پورو پورو احساس هو پر هوٽل جي در وٽ پهچڻ سان اندر جو خوبصورت سيامي ڇوڪرين کي هوٽل ۾ ڪم ڪندو ڏٺائين سو اسان کان به اڳ پهچي ويو.
    وڏا وڏا شهر جيڪي ڪاسموپوليٽن شهر ليکجن ٿا، جتي دنيا جي هر ملڪ جا ماڻهو نظر اچن ٿا، جيئن ڪراچي آهي يا هتي ٿائلنڊ ۾ بئنڪاڪ آهي، اتي ڪو ڌاريو پيو هلندو ته به ڪنهن جي ڌيان تي نه چڙهندو، پر پٽانيءَ جهڙا ڳوٺ يا ننڍا شهر جتي ڪو ڌاريو ورلي چوڏهينءَ جو چنڊُ ٿو اچي، اتي اسان جهڙو ايشيائي به لنگھي ٿو ته ھر ڪو نهاري ٿو ۽ سمجھيو وڃي ته هي هن شهر ۾ نئون آهي. ان هوٽل ۾ ابراهيم جا ٻيا به ڪي ٽي چار دوست ويٺا هئا. تن سان به هن تعارف ڪرايو. هو ليچي جهڙو ميوو کائي رهيا هئا.
    اسان کي به کائڻ لاءِ ڏنائون ۽ سيکاريائون ته ڪيئن مٿان ڳاڙهي کل لاهي اندرين سفيد ڳرُ کائي اندرين ککڙي اڇلجي. ٿائلنڊ ۽ سنگاپور پاسي ان ميوي کي رمبوتان سڏين ۽ تمام سستو آهي. جيئن اسان وٽ ٻير، پر رمبوتان قد ۾ صوفي ٻير کان وڏو ۽ سوادي ٿئي ٿو.
    ابراهيم کان ٿائلنڊ جون خبرون چارون وٺندو رهيس. محمود پهرين ته هيڏانهن هوڏانهن لوڻا ڦيرائي ڇوڪرين جي چڪاس ڪئي پوءِ اسان جي ڳالهين ڏي ڌيان ڌري ڪڪ ٿيڻ لڳو.
    “ڇا هي يار، اهي تنهنجون اوٽ پٽانگ جون خبرون ختم ئي ڪو نه ٿينديون ڇا؟” هن بيزار ٿي مون کان پڇيو؛ “ٿائلنڊ ڪو اسان جي چاچي جو ملڪ ته نه آهي جنهن جي جاگرافي، تاريخ يا سياست معلوم ڪرڻ ضروري آهي.”
    “يار چُپ ته ڪر. اخبار لاءِ هن همراهه ۽ سندس ملڪ جو انٽرويو وٺي رهيو آهيان.” مون کيس سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    محمود پنهنجي نرڙ تي ڌڪ هڻي بيزاريءَ جو اظهار ڪري اڙدو ۾ چيو: “يار ڇڏينس ته ڪا ڪم جي ڳالهه پڇانس، نه ته آءٌ وڃانوَ ٿو.” پوءِ ابراهيم ڏي مخاطب ٿي بنا ڪنهن رک رکاءُ جي پُڇڻ لڳس: “هتي ڇوڪريون آهن؟ گرلز! گڊ گرلز؟!”
    مون سمجھيو ته اسان جو ميزبان ان اوپري سوال تي پڪ ڪاوڙبو ۽ ‘ست سُريون’ ٻُڌائيندو. پر هن جي چهري تي ڪاوڙ يا تعجب جي ڪا ٺَلهي ليڪ به ڪا نه اڀري. هن لاءِ اهو سوال ائين هو جيئن ڪنهن کان پُڇجي ته بسڪٽ يا ٽافيون ڪٿان ملنديون.
    “ڇوڪريون! اوهه هتي ٿائلنڊ ۾ ته جام آهن. جتي ڪٿي.” ابراهيم وراڻيو. هوٽل جي ڇوڪريءَ ان وقت ڪوڪا ڪولا اچي اڳيان رکي. پاڻيءَ لاءِ جڳ بدران ڪٽلي، هر هڪ جي ٽيبل تي رکي هُئي. ٿائلنڊ ۽ ٻين هن پاسي جي ملڪن هانگ ڪانگ، چين، سنگاپور وغيره ۾ اها رسم آهي ته پاڻيءَ بدران گرم گرم سليماني چانهه رکي ويندي آهي. آرڊر توهان پوءِ ڇا جو به ڏيو. زيدي ته چوندو آهي ته پنهنجي ملڪ ۾ جي اهو رواج هلي ته هوٽلون ڪڏهن به نه هلي سگھن. هر ڪو پاڻ سان کنڊ ۽ کير کڻي اچي ته مفت جي چانهه پي روانو ٿي وڃ.
    “شو اس سم گرلس.” محمود وري چيس.
    “ڪوڪا ڪولا ته ختم ڪر. ڪجھه ٿڌو ٿي ته پوءِ اٿون.” چيومانس پر سندس خوفائتيون اکيون ڏسي ڪوڪا ڪولا اڌ ۾ ڇڏي اٿي کڙا ٿياسين.
    رستي تان ٻه ڇوڪريون پئي ويون.
    “هي وڻن ٿيون؟” ابراهيم وري پُڇيو. وري ٿورو اڳتي هڪ ڇوڪري سائيڪل تي اچي لنگھي.
    “هن کي سڏ ڪيان؟” ابراهيم پڇيو. وري ٿورو اڳتي هڪ گھر هو. در واري ڪمري وٽ ٽي چار ڇوڪريون ٽي. وي ڏسي رهيون هيون. ڀر ۾ فون به رکيو هو. ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو گھر ۽ سندس ماڊرن ڌيئرون ٿي لڳيون. ابراهيم انهن کي سڏ ڪيو ۽ هو اسان کي ڌاريو سڃاڻي ککر وانگر اسان جي بدن سان چهٽي ويون. عمر ۾ ڪا به ويهن سالن کان وڏي نه هُوندي. سندن انگ انگ مان جواني ٻهڪي رهي هئي. سمجھه ۾ نه پئي آيو ته هن ملڪ ۾ خراب ۽ سُٺي ماڻهوءَ جي وچ ۾ ڪهڙو فرق رکيل آهي. ڇا هتي جون سڀ خوبصورت ڇوڪريون هڪ جهڙيون آهن.
    “هائو مچ؟” محمود سودي بازي ڪرڻ لڳو.
    “ففٽي ڀات (پنجويهه روپيا).”
    “نو نو!”
    “او ڪي فارٽي ڀاٿ.” هو سڏڻ لڳيون. پر اسان اتان نڪري چُڪا هئاسين. ابراهيم ائين ڏهن ٻارهن گھرن ۾ وٺي آيو، ساڳيو نظارو ۽ ساڳيو وکر ٿي وڪاميو.
    ابراهيم کان پُڇيم ته ڇا هتي جي سوسائٽي ۽ سماج ان کي خراب نٿو سمجھي يا بندش نٿو وجھي. هو وائڙن وانگر نهارڻ لڳو ڄڻ چئي رهيو هجي ته ان ۾ خراب ڳالهه ڪهڙي آهي. ملڪ ۾ غير ملڪي ناڻو اچي، ڊالر اچن، ڪهڙي به ريت ۽ ڪنهن به طرح.
    محمود هيڏي وڏي تعداد ۾ ڇوڪريون ڏسي مُنجھي پيو. هتي هر هڪ جو نالو سون خاتون هو، لوهه ٻائي ته ڪا به ڏسڻ ۾ ڪا نه ٿي آئي.
    “هڪ دل ڪنهن کي ڏئي ڪنهن کي ڏيان؟” محمود ڪُڇيو.
    “دل ڏبي ناهي، صرف ڏيکاربي آهي.” اسان جي ميزبان کِلي وراڻيس. سامهون ڪتابن واري جو دڪان هو. سج لهڻ تي هو. محمود کي چيم خريداري ڪري وٺون، دڪان بند ٿيڻ تي آهن. مون کي لفافا ۽ رائٽنگ پئڊ وٺڻا هئا. ٿائلنڊ، هانگ ڪانگ ۽ جپان جا رائيٽنگ پئڊ جڳ مشهور آهن ۽ ٿائلنڊ ۾ ته ڪجھه سستا به آهن. آءٌ دڪان ۾ گھڙي ويس. دڪان ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪريون اسان مان شايد گھڻي خريداريءَ جي اميد رکي وڏيون مسڪراهٽون ڏينديون اچي پڇڻ لڳيون ته ڇا کپي. پٺيان محمود اندر گھڙيو ۽ وڏن پوڙهن وانگر نصيحت ڪرڻ لڳو: “هي لفافا هي ڪوڙا پنا، هي ڪتاب ۽ هي اخبارن لاءِ ڪوڙيون ڪهاڻيون ۽ من گھڙت مضمون، هي جهاز، هي انجڻيون، هي سفر هي شهر سڀ فنا آهن، منهنجا ڀاءُ! هنن ۾ ڪا رونق ناهي! ڪا بقا ناهي، بس صرف هڪ حسن لازوال آهي. بس صرف هڪ حسن سچُ آهي. بس صرف عورت ۽ ان جو پيار حقيقت آهي.”
    ‘ڪنهن ڪاري چڳ تي رات کُٽي، ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي،
    ائين وقت ڪٽيو، ائين عمر لُٽي، سڀ سانگ سجايو آ پيارا.’

    “توهان جي ئي ته ڪنهن سنڌي شاعر منهنجي ڳالهه انهن ٻن سٽُن ۾ سمجھائي آهي. ڪير آهي اهو شاعر؟”
    آءٌ کيس جواب ڏيان ان کان اڳ هڪ نازڪڙي ڇوڪريءَ محمود کان اچي پڇيو ته: “ڇا کپي.”
    محمود، پنهنجي سيني تي هٿ رکي اڙدوءَ ۾ “اوهه! مارڊالو حسينائو” اهڙي انداز سان چيو، جو اسان سڀ سمجھڻ ۽ اڻ سمجھڻ جي باوجود سندس عاشقانه ادا تي کلڻ لڳاسين. پوءِ ابراهيم کي ڀر ۾ ڪري چيو؛ “کيس ٿائي زبان ۾ چئُه ته تون ئي کپين. ٻيو ڪُجهه نه کپي.”
    سندس ان حد کان وڌيڪ ٽرڙپائي تي مون محمود کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي؛ “محمود اهڙي ذلالت نه ڪر. اجايو ڌارئي ملڪ ۾ جھڳڙو ٿيندو. گھٽ ۾ گھٽ ڪنهن شريف ۽ خراب ڇوڪريءَ ۾ فرق ڪر.......” مون اڃا ڳالهه ختم به نه ڪئي ته ابراهيم ڇوڪريءَ سان ٿائي زبان ۾ ڪجھه سُس پُس ڪري محمود کي ٻُڌايو ته هيءَ محترمه اٺين وڳي دڪان بند ٿيڻ کان پوءِ واندي آهي. آءٌ تعجب کائڻ لڳس ته ڪيئن مشرقي تهذيب ٿائلنڊ ۾ فٽ پاٿ تي ڏينهن ڏٺي جو چند ڏوڪڙن ۾ وڪامي رهي آهي. اسان کي شام جو ئي واپس جهاز تي وڃڻو هو پر محمود رات اتي رهڻ ٿي چاهي.
    “جهاز تي ڪير ڊيوٽي ڏيندو، تنهنجي؟” پُڇيومانس.
    “وري ساڳي ڳالهه جهاز جي. پارٽنر بس هڪ قرب ڪجانءِ اڳئين حصي جو ايئرڪنڊيشنر جيڪڏهن هاءِ پريشر ڪٽ آئوٽ تي بند ٿي وڃي ته رڳو ريسيٽ والو (Reset Valve) کي دٻائي ڇڏجانءِ. پاڻهي هلي ويندو. جي نه ته اهو به ضروري ناهي. هڪ رات جي توهان گرميءَ ۾ گذاري ته ڇا ٿيو. آءٌ سُڀاڻي پاڻهي ڀاڙي تي ٻيڙي ڪري جهاز تي پهچي ويندس.”
    آءٌ تکو تکو بندرگاهه ڏي موٽڻ لڳس. پڪ هيم ته ٻيا انتظار ڪري رهيا هوندا. هڪ ڀات (اٺ آنا) ڏئي ماڻهوءَ جي ڇڪڻ واري رڪشا ۾ چڙهيس. هڪ پوڙهو ٿائي رڪشا جو اڳيون حصو ڪڇن ۾ ڦاسائي ٿائلنڊ جي ڏامر جي پڪي رستي تي ڊوڙڻ لڳو ۽ مٿان ري ٿنڀين ري ٿوڻين نيلو آسمان هو. پوڙهي جا پير اگھاڙا، قميص ڇيهون ڇيهون ٿيل ۽ پيٽ پٺيءَ سان لڳل هو. آءُ ايشيا جي ملڪن جي غربت، بک، بيماري ۽ بڇڙاين تي سوچيندو رهيس. پوڙهو ٿائي ڊوڙندو رهيو. ان کان گھڻي تکي رفتار منهنجي خيالن جي هُئي. ڪٿي ٽرئفڪ جو ڳاڙهو سگنل ٿي آيو ته ترسي کنگھيو ٿي. ڀرسان ٻيون به رڪشائون اچي بيٺيون ٿي. ڪنهن تي ڪو ٿلهو سيٺ سامان جي ڀري اڳيان رکي ويٺو هو. ڪنهن تي ڪا سيامي/ ٿائي ڇوڪري رڪشا جي آرسيءَ ۾ چپن تي لڳل لپ اسٽڪ درست ڪري رهي هئي. ڪنهن ۾ ڪو ڇوڪرو ۽ ڇوڪري مُرڪي ڳالهيون ڪري رهيا هئا. ڪنهن ۾ ڪو غير ملڪي سياح، ديسي ڇوڪريءَ کي پنهنجي زبان ۾ ڪجھه ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ ڇوڪري نه سمجھڻ جي باوجود به مسڪرائي رهي هئي. هن کي ته فقط شروع جي ڳالهه سمجھه ۾ آئي هوندي ته يورپي پنهنجي من جي مُراد پوري ڪرڻ تي کيس ڪيترا ڀات ڏيندو. ميل ڏيڍ جي پنڌ کان پوءِ رڪشا اچي بندرگاهه وٽ ڇڏيو. احمد حسين مخدوم، ريڊيو آفيسر شير علي، ڪئڊٽ وسيم، ۽ ٻيا بيٺا هئا. هڪ ٻه کُٽل به هُئا. جن پڻ رات جهاز تي گُذارڻ بدران ڪناري کي ترجيح ڏني هُئي.
    رڪشا مان لهي ڀاڙو ڪڍيم. پنج ڀات جو نوٽ هو، جو ڏئي رڪشا واري پوڙهي ٿائيءَ کان باقي پئسن جي گُهر ڪيم. پنهنجي ڇنل قسمت جهڙي ڇنل کيسي مان ميرو رومال ڪڍي، ڳنڍيون کولي ڏيڍ ڀاٿ ڪڍي ٻُڌايائين ته: “هي ئي اٿم.” مون سندس منهن ڏي چتائي ڏٺو. سندس گھنجن سان ڀريل چهري تان پگھر ٽمي رهيو هو. ڊوڙڻ ڪري سندس اڀو ساهه اڃا پنهنجي رفتار تي نه پهتو هو. مون اهو ڏيڍ ڀاٿ به سندس هٿ تي رکيو.
    پهرين ته هو نه سمجھيو. پر پوءِ جڏهن اشارو ڪيومانس ته باقي پئسا به پاڻ وٽ رکُ ته هو خوشيءَ وچان خاموشيءَ سان هٿ ٻڌي ڪمان جيئن جھُڪڻ لڳو. سڄي عمر بار ڍوئڻ جي ڪري سندس چيلهه، ڪمان وانگر چٻي ٿي وئي هئي پر پيٽ اهو ئي خالي هو. نه صرف سندس پيٽ پر سندس هڪڙي پيٽ سان گڏ ٻيا به ٻه چار پيٽ؛ زال ۽ ٻارن جا هوندا، جن کي پڻ هن کي ئي ڀرڻو هوندو. ان لاءِ هن کي اڃا به ڊوڙڻو پوندو، اڃا به رڪشا ٿائلنڊ جي شهر پٽانيءَ ۾ ڇڪڻي پوندي، جيسين موت کيس هن جهان مان ڇڪي وٺي.
    مخدوم ڀر ۾ اچي چيو: “اڄ جهاز تي هلي نه ٿا سگھون، هتي ئي ڪنهن هوٽل ۾ رهڻو پوندو.”
    “ڇو، توسان به ڪا ڇوڪري ٽڪري آهي ڇا؟”
    “نه ابا. پاڻ Sailor سيلاني جي عشق ڪريون ته پوءِ جهاز ڪير هلائيندو.”
    “ته پوءِ ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي آهي؟”
    “سمنڊ ۾ تمام گھڻو جوش آهي. رات جي اونداهيءَ ۾ جهاز لاءِ کلئي سمنڊ ڏي وڃڻ خطري کان خالي ناهي.”
    “ته پوءِ رات ڪهڙي فٽ پاٿ تي گُذاريون.”
    “نه. هلي ٿا ڪنهن هوٽل ۾ رهي پئون.”
    سڄي ٿائلنڊ ۾ ٻين شين جي کوٽ ٿي سگھي ٿي، پر ڇوڪرين ۽ هوٽلن جي کوٽ ناهي. پٽانيءَ جهڙي ننڍي شهر ۾ به اعلى کان اعلى انگريزي نالن واريون هوٽلون ٻاهرين سياحن جي رهڻ لاءِ نظر اچن ٿيون. اهو سڄو ڪم آمريڪن جي ڪري ٿيو آهي. جي ويٽنام جي جنگ نه هلي ها ته آمريڪن سپاهي موڪلون ملهائڻ لاءِ ۽ ڊالرن کي خرچ ڪرڻ لاءِ ٿائلنڊ، ڪمبوڊيا ۽ آسٽريليا طرف هرگز رُخ نه رکن ها. پر هينئر تازو آمريڪا جي پاليسيءَ ۾ ڪجھه ردوبدل ڪري آمريڪي سپاهي واپس آمريڪا گھرايا پيا وڃن ۽ هيڏانهن تمام ٿورا ڪي وڃي بچيا آهن. نتيجي ۾ ٿائلنڊ ۽ آس پاس جي ملڪن جو ڪاروبار بند ٿيندو وڃي. هوٽلن جا ڪمرا خالي خالي نظر اچن ٿا. مشڪل سان ڪنهن هوٽل جا ڏهه سيڪڙو ڪمرا ڀريل هوندا. هوٽلن ۾ ماڻهن کي رهڻ لاءِ آماده ڪرڻ لاءِ ڪمرن جي مسواڙ گھٽائي وئي آهي ۽ سڄي ڏينهن بدران اڌ مسواڙ تي اڌ ڏينهن لاءِ يا ويندي ٻن ڪلاڪن لاءِ به ڪمرو مسواڙ تي آڇيو وڃي ٿو.
    اسان پٽانيءَ جي پئلس هوٽل ۾ رات رهڻ لاءِ پهتاسين، جا شهر جي ٻن وڏين هوٽلن مان هڪ آهي. اڪيلي ڪمري جي چاليهه ڀاٿ، يعني ويهه روپيا، مسواڙ هئي. اسان کي فقط رات رهڻ لاءِ ڪمرا کتا ٿي يعني ٻارهن ڪلاڪن لاءِ ڏهه روپيا. مخدوم کي چيم ته اڃا به جي ڊبل بسترن وارا ڪمرا وٺون ۽ ٻه ٻه ٿي رهون ته گھٽ خرچ ايندو ۽ غير ملڪي ناڻو بچي پوندو. ريڊيو آفيسر، جو جهاز جي وائرليس وغيره جو انچارج آهي ۽ روزاني موسم جو حال احوال لهڻ مختلف هنڌن جي آفيسن ۽ جهازن جا نياپا حاصل ڪرڻ ۽ موڪلڻ ۽ جهاز جي عملي کي پگھارون ڏيڻ ان جو ڪم آهي تنهن کي اسان خزانچي مقرر ڪيو.
    “ڊبل بيڊ ڪمرن جي ڇا مسواڙ آهي؟” شير علي جنهن جي گجگوڙ فقط شينهن جهڙي آهي، باقي بدن جهرڪيءَ جهڙو هلڪو، تنهن هوٽل جي مئنيجر کان اشارن ۽ انگريزي زبان ذريعي پڇڻ جي ڪوشش ڪئي. مئنيجر حساب لڳائي چيو؛ “هڪ رات لاءِ ڊبل جا پنجاهه روپيا.”
    “هي ڏسو هتي ته ماڳهين ابتي گنگا پئي وهي. اڪيلي جا ڏهه ته ڊبل جا اسان ويهن کان به گھٽ ٿا ڏيڻ چاهيون ته هي پنجاهه پيو ٻڌائي.” شير عليءَ اسان ڏي اڻوڻندڙ شڪل ٺاهي تعجب جو اظهار ڪيو ۽ پوءِ وري انگريزيءَ ۾ مئنيجر سان بحث ڪرڻ لڳو. هوٽل جو مئنيجر انگريزيءَ جو هڪ اکر به ڪو نه سمجھيو ۽ پنهنجي ضد تي قائم رهيو.
    “دراصل هن پنهنجي ڳالهه سمجھي ناهي. ڪٿي پاڻ ڇهن ڄڻڻ لاءِ هڪ وڏو ڪمرو ته نه پيو ڏئي. ان حساب سان ته پنجاهه روپيا ٺيڪ آهن.” مخدوم چيو ۽ مئنيجر کي اشارو ڪيائين ته ڇا اسان سڀ ان ۾ رهنداسين.
    “نه نه! فقط هڪ.” هن اشارن سان سمجھايو.
    “چڱو هلو ته ڪمرا ته ڏسون.” شير عليءَ چيو ۽ مئنيجر کي ڏيکارڻ لاءِ چيائين. مئنيجر پنج منٽ ويهڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ فون ڪندو رهيو. پوءِ هڪ بئرو اڇي ۽ بلو ورديءَ ۾ وارد ٿيو ۽ لفٽ ۾ اسان کي مٿي وٺي هليو. ٻي ماڙ تي سڀ اڪيلا (Single-Beded) ڪمرا هئا. هڪ ٻه کولي ڏيکاريائين ۽ اشارو ڪيائين ته ويهه ڀات مسواڙ ۽ پوءِ ڊبل ڪمرا ڏيکارڻ لاءِ پنجين ماڙ تي وٺي هليو. رستي تي شير عليءَ پڇيس ته بريڪ فاسٽ ۽ ڊنر ان مسواڙ ۾ آهي.
    “نه نه! بئرو اشاري سان انڪار ڪرڻ لڳو. پنجين ماڙ تي ڪمرا فقط ٻيڪڙيل هئا. هڪ جو در کولي اندر وٺي آيو. ٻه پلنگ صاف سٿرين چادرن سان ڍڪيا پيا هئا. وچ تي گول ٽيبل تي ٽيليفون رکيل هو. ڪنڊ تي ايئرڪنڊيشنر، ڀرسان رکيل هڪ ريڊيو تان ٿائي زبان ۾ ڪو گانو وڄي رهيو هو. ٻئي پاسي صوفا سيٽ پيل هو، جنهن تي کير ۾ وهنتيل سيامي/ ٿائي دوشيزه پنهنجي پتڪڙن پيرن جي ننهن تي نيل پالش لڳائي رهي هئي. اسان کي اندر گھڙندو ڏسي هن اسان ڏي نهاريو. سندس چپن تي دعوتي مُرڪ هئي، باقي سڄي جسم تي ڪجهه به نه!”

    تنهنجي جسم جي جوت اڇاڻ
    سهي سگھي جيڪر تجلو ڪير
    جي سارو وقت هجي نگاڻ.
    (ڪاجو راءِ)

    بئري دوشيزه ڏي اشارو ڪندي شير عليءَ کي ٻڌايو: “ڪمري جي مسواڙ ۾ هيءَ به شامل آهي.”
    هن کن دير لاءِ مسڪراهٽن جي ورکا ڪئي پوءِ کٽ تي پيل باٿنگ ٽاول ڇڪي گوڏن تي رکي اوگھڙ کي ڍڪيو ۽ وري پنهنجي پيرن کي نيل پالش لڳائڻ ۾ جنبي وئي. آ سندس اڇا اڇا، ڪنول جي گلن جهڙا سهڻا پير، ڪاري ڪڻڇ رنگ جي غاليچي تي غور سان ڏسندو ئي رهيس.

    “چون پيا هي چريو ڪير؟
    جو ڇڏي ٻيا سڀ انگ سهڻيءَ جا،
    تڪي ويٺو سندس پير!”

    مونکي چتائي نهاريندو ڏسي مخدوم ٽوڪيو: “ابا آهين ته هتي يا وڃي سڪرنڊ کان نڪتين. ڇا پيو ڏسين منو. ايمان ته سلامت آهي نه؟!”
    “خبر ناهي! باقي جيستائين ٿائلنڊ ۾ هي طوفان ۽ زلزلا لڳندا رهندا. اسان جي ايمان جي ڪچي گھر جي ڀتين ۾ ڏار پوندا رهندا، اڳتي جي سُڌ ان مالڪ کي جنهن تو کي، مونکي ۽ هن حسينا کي خلقيو آهي.”
    ايتري ۾ ڪئڊٽ وسيم ڊوڙندو آيو ۽ اچي ٻُڌايائين: “سيڪنڊ صاحب، سيڪنڊ صاحب! هيٺين ماڙ تي ٽن ٽن بسترن وارا ڪمرا خالي آهن ۽ مسواڙ فقط پنجويهه روپيا آهي.”
    شير علي، مخدوم ۽ آءٌ هڪڙي ڪمري ۾ ۽ ڀر واري ۾ ڪئڊٽ وسيم، جلال بيگ فورٿ ميٽ ۽ عباسي ففٿ انجنيئر اچي رهياسين. چانور، ڀاڄي گانگٽ ۽ ڊبل روٽي گھرائي کائي سمهڻ جي تياري ڪئيسين. بتي وسائي مخدوم کي سنڌيءَ ۾ چيم؛ “ابا، هاڻ سَوَ تائين رڍون ڳڻي سمهي رههُ. ننڊ اميد ته اچي ويندءِ يار، هتي پهچڻ سان مونکي هر وقت شاهه جو هي شعر ياد پيو اچي.”
    مون کي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾،
    اڀا ائين چون متان پاند به پسائين.

    “پاڻ ٻيڙيءَ کي سخت سامونڊي ڇولين جي لوڏن کان بچائي پنهنجي ايمان کي لوڏن ۾ وجھي ڇڏيو آهي.” مخدوم چيو.
    صبح جو جڏهن جهاز تي پهتاسين ته جهاز جي گينگ وي وٽ ئي ڪنهن ٿائلنڊ جو حال پُڇيو. شير عليءَ ٿڌو ساهه کڻي چيس: “ڌڻيءَ جا هزار شُڪر آهن، جو ان نقلي بهشت ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ به وصل حور جي معاملي کي اصلي بهشت تائين مهمل ڪري واپس پيا اچون.”
    “ڪوڙي تي...............” ٻئي مٿان وراڻيو.
    “اشراف وڌيڪ نه ڪُڇجانءِ” محمود سندس منهن تي کڻي هٿُ رکيو.


    سونگ ڪلا کان حاديه شهر ڏي

    جهاز چار ڏينهن کن پٽانيءَ/ ٿائلنڊ ۾ بيٺو رهيو، ان بعد ٿائلنڊ جي ٻئي بندرگاهه ‘سونگ ڪلا’ ۾ آياسين. جنهن کان فقط ٽيهه ميل کن پري ٿائلنڊ جو ٻيو وڏو شهر، بئنڪاڪ کان پوءِ، حاديه آهي. سونگ ڪلا ۾ ڪافي ڏينهن رهڻ جو موقعو مليو. ايتري قدر جو جهاز جو عملو ٽئڪسي ۽ بسن ذريعي حاديه شهر به ايندو رهندو هو. ٿائلنڊ ۾ ٽئڪسيون موٽر ڪارون نه آهن، پر ننڍڙيون پڪ اپون آهن، جن جي پويان اٺ ڏهه ماڻهو ويهي سگھن. شهر ۾ هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين، هڪ ڀات ڏيڻو پوي ٿو. ان کان علاوه ماڻهوءَ جي ڇڪڻ جون رڪشائون ۽ سائيڪل رڪشائون جام آهن. باقي هن پاسي موٽر رڪشا نظر نٿي اچي، جيڪي اسان جي ملڪ ۾ عام آهن.
    ٿائلنڊ جي هوٽلن جي دڪانن ۾، هتي جي راڻي، شهنشاهه، شهزادن ۽ شهزادين جون تصويرون وڏن فريمن ۾ ٽنگيل نظر اچن ٿيون، جيئن پاڻ وٽ ايراني هوٽلن ۾ ايران جي شهنشاهه، راڻي ۽ سندن اولاد جون تصويرون آهن. يا ڪنهن زماني ۾ راڻي وڪٽوريه، جارج وغيره جون تصويرون سڄي هندستان ۾ لڳايون ويون ٿي.
    سخت مينهوڳيءَ جي ڪري هتي جي جڳهين جون ڀتيون ۽ ڇتيون ڪاراٽيل آهن. اسان بندرگاهه مان نڪري هڪ سوڙهيءَ گھٽِيءَ ۾ اچي پهتاسين. مون سان گڏ جهاز جو ٿرڊ آفيسر فاروق هو. ٻنهي پهرين حاديه شهر ڏي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو. اسان جي جهازران ڪمپني جي آفيس بندرگاهه وٽ آهي. اتان پهرين اها پڇا ڪئيسين ته هن گھٽيءَ جو نالو ڇا آهي، جيئن حاديه شهر کان واپسي تي صحيح جڳهه تي پهچي سگھون. هنن پني تي اسان کي انگريزيءَ ۽ ٿائي زبان ۾ گھٽيءَ جو نالو ‘هپ هو هن’ لکي ڏنو، پر ايترو عقل کان ڪم نه هنن ورتو، نه اسان، جو کڻي پڇا ڪريون ته اهو هن خاص ٽڪر جو نالو آهي يا سڄي بندر روڊ جهڙي ڊگھي رستي جو. واپسي تي جڏهن ٻارهين وڳي پهتاسين ته دڪان ۽ آفيسون سڀ بند هيون ۽ پنهنجي آفيس جتان جهاز تي وڃڻ لاءِ ٻيڙي ملڻي هئي سا نه پئي ملي. ٽئڪسي واري کي ‘هپ هو هن’ لاهڻ لاءِ چيو هئوسين. تنهن هڪ هنڌ لاهي چيو ته اهو اٿانوَ ‘هپ هو هن روڊ’. گھڻو ئي آسپاس ڳوليوسين پر آفيس نه ملي. ٻه چار گھٽيون لتاڙي وري هڪ همراهه کان پڇيوسين ته ‘هپ هو هن’ ڪٿي آهي ته هن ٻڌايو ته هي آهي. پر اتي آفيس نه هُئي. پوءِ معلوم ٿيو ته ‘هپ هو هن’ ڪو رستو يا گھٽيءَ جو نالو نه پر سڄي علائقي جو نالو آهي، جيئن ناظم آباد، لطيف آباد، هيرآباد، گاڏي کاتو وغيره.
    ان رات هڪ ٿيڻ ۾ ڪي پنڌرهن منٽ هئا ۽ پوري هڪ وڳي آفيس طرفان ٻيڙي جهاز ڏي وڃڻي هئي. ٽائيم گذري وڃڻ تي ٻي ٻيڙي صبح جو هلي ها. آخر تنگ ٿي ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، هڪ رڪشا ۾ چڙهي ڀرواري پوليس اسٽيشن تي آياسين. در تي جيئن ئي رڪشا پهتي ته آءٌ تکو تکو ٿاڻي ۾ گھڙيس. ٻه چار پوليس وارا ۽ ڪي وڏا آفيسر اڱڻ ۾ ڪُرسيون وجھيو ويٺا هئا. هڪ انسپيڪٽر وائرليس تي ڪو نياپو موڪلي رهيو هو. مون تڪڙو تڪڙو کانئن پڇيو ته ڪو انگريزي ڄاڻي. هڪ اڳتي وڌيو ۽ ‘ها’ ڪئي ۽ مون يڪدم کيس ٻڌايو ته اسان فلاڻي جهاز سان تعلق رکون ٿا ۽ ‘هپ هو هن’ ۾ اسان جي آفيس آهي، اتي اسان کي هينئر جو هينئر پهچڻو آهي يا توهان ئي اتي فون ڪري ٻيڙيءَ کي روڪايو نه ته هڪ وڳي ڇُٽي ويندي.
    مون اڃا ڳالهه ئي ختم نه ڪئي ته فاروق پٺيان سڏ ڪيو. ان پُٺيان جهاز جو ٻيو عملو اچي رهيو هو. اسان جي آفيس ڪا ٿاڻي جي بلڪل سامهون، رستي جي ٻئي پاسي هئي ۽ ٻيا همراهه اتي ٻاهر ئي انتظار ڪري رهيا هئا. اسان کي جو ائين تکو تکو ٿاڻي ۾ ويندي ڏٺائون، سو سڀ وائڙا ٿي خبرچار معلوم ڪرڻ لاءِ ٿاڻي تي هليا آيا. پوءِ جڏهن کين خبر پئي ته “ڪيئن ڪِڪو ڪڇَ ۾ ۽ ڍنڍورو شهر ۾” مچايو اٿئون ته ڏاڍو کليا.


    ناريل جي رسُ جي فئڪٽري

    بهرحال اسان کي ان جُٺ جي خبر نه هئي ته ڪا واپسيءَ تي ٿيندي. اسان ته نڪرڻ وقت ان علائقي جو نالو لکي اڳتي ٽئڪسي (Pick-Up) ڳولي رهيا هئاسين ته جهاز جو ڪئپٽن ساونگ، سندس زال ۽ ٻه ٻار گڏيا. ڪئپٽن اسان کان پروگرام پڇيو ۽ اسان کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وانگر ڇپيل پروگرام بدران مُرليءَ تي لوڪ ڌُنون ٻڌائڻ بجاءِ، اصلي پروگرام ئي ٻُڌايوسين ۽ پاڻ به ٻُڌايائين ته هو به حاديه شهر ڏي خريداري لاءِ وڃي رهيا آهن ۽ جي اسان چاهيون ته هنن سان گڏ ساڳي گاڏيءَ ۾ هلون، جيتوڻيڪ ڪجھه دير لڳندي جو رستي تان گھمندا هلنداسين.
    اسان کي ٻيو ڇا ٿي کتو. ساڻن گڏ اسان جي آفيس جو ٿائي همراهه به هو جو انگريزي صاف ڳالهائي سگهيو ٿي. هو هر ڳالهه جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٻُڌائيندو رهيو.
    پهرين ان ئي شهر سونگ ڪلا جي سمنڊ جي ڪناري تي وٺي آيو. ڪلفٽن جهڙو نظارو هو. پر ڪراچيءَ جو ڪلفٽن هن کان ماڊرن ٿي ويو آهي، جو پڪيون عمارتون آهن. هتي ڪا به عمارت ته نه هئي بلڪ ڀرسان مٺي پاڻيءَ جون شاخون هئڻ ڪري، سمنڊ جي ڪناري جي اردگرد ڊگھا گھاٽا وڻ هئا، جن جي ڇانوَ ۾ ڪيتريون ئي ڪکائون هوٽلون هيون. ڪنهن نديءَ جو ڇوڙ (Delta) ٿي لڳو. هتي ماڻهو ترڻ ۽ آرام لاءِ آيا ٿي. صبح جو وقت هو، ان ڪري ايتري رش نه هُئي. ٿوري ٿوري فاصلي تي ٿائي، جوڙا جوڙا ٿي سئمنگ ڪاسٽيومن ۾ تري رهيا هئا. ڪي پٽ تي ڇانوَ ۾ ليٽي ناريل جو کيرُ يا ڪوڪا ڪولا پي رهيا هُئا. ڪجھه يورپي ۽ آمريڪي سياح فوٽو گرافي ڪري رهيا هئا.
    اسان جيئن ئي ڪار مان لٿاسين ته فوٽا وڪڻندڙ، چونئرا، کاڄا ۽ ڀڳڙا وڪڻندڙ، بوٽ پالش ڪرڻ وارا ۽ سگريٽ ۽ چاڪليٽ وڪڻندڙ ننڍا ننڍا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اسان کي ورائي ويا. هڪ ٻن کان ته پٽاٽو چپس ۽ چاڪليٽ وٺي جان ڇڏائيسين. ڪئپٽن چوندو هليو ته اجايو ڪن سن ڇو ٿا وٺو. فوٽو وڪڻندڙ ڇوڪرن جي هٿن ۾ ڪي خاص فوٽو هئا، جن ۾ ڏيکاريل هو ته هڪ ماڻهو يا عورت پنهنجي شڪل جي ماڻهوءَ کي هٿ تي کنيو بيٺو آهي. ڪجھه عرصو اڳ حيدرآباد، ڪراچي ۽ سکر ۾ به اهڙا فوٽو عام هئا ۽ ماڻهو شوق سان ڪڍائيندا هئا. پر هي ڪجھه مختلف هئا. ان ۾ ڪو به پنهنجي تصوير، هٿ ۾ بوتل جھلي ڪڍائي سگھيو ٿي ۽ بوتل ۾ اندر ساڳئي ماڻهوءَ کي بند ٿيل ڏيکاريل هو. ان قسم جي فوٽوگرافڪ لُچائيءَ (Trick) جا فوٽا ٻيا به ڪيترا نظر ايندا، پر ٿائلنڊ ۾ مٿئين قسم جا عام آهن. ڪئپٽن جي زال جي به دل ان قسم جي فوٽو خريد ڪرڻ تي ٿي رهي هئي ۽ مونکي به چوڻ لڳي ته اخبار ۾ مضمون سان گڏُ هتي جي هيءَ خاص شيءِ، فوٽو به ڏجانءِ. اسان اڃا پُٺيان فوٽو وٺي ڏسون مَس ته ڪئپٽن دانهن ڪري چيو ته بيڪار ۾ پئسا نه وڃايو. پنھنجي ڳچيءَ ۾ لڙڪيل ڪئميرا طرف اشارو ڪري چيائين ته پاڻ پنهنجا رنگين فوٽا ٿا ڪڍون. ساڳئي وقت فوٽو وڪڻندڙ ٻارن کي دڙڪا ڏئي ڀڄائڻ جي ڪيائين ٿي. پر ٻار به محسوس ڪري ويا هئا ته اسان گراهڪ پڪا آهيون. پر آخر تائين اسان خريد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگھياسين. ڪناري وٽ هڪ ٽڪري هئي، جنهن جي مٿان پٿر جي عورت جو Statue ٺهيل هو. ان تي ويهاري ڪپتان اسان جا گروپ فوٽو ورتا. ان بعد هڪ پپر جي وڻ هيٺ آرام ڪرسين تي ويهي ناريل جو رسُ پيتوسين. ڀر ۾ ئي هڪ عورت تازا ناريل رکيو ويٺي هُئي. ڪپتان جو ناريل آڻڻ لاءِ کيس چوڻ، يڪدم وڏو تکو ڪات ڪڍي، هوا ۾ لوڏي هڪ هڪ ناريل جي مٿئين حصي کي هنيائين ٿي ته يڪدم ڪپجي ويو ٿي. ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪا جلاد هجي. خير ڪم سي جلادن وارا هيس پر صورت جي جل پري هئي. پيئڻ لاءِ هر هڪ ناريل ۾ تيلي وجھي ڏيندي وئي ۽ ان سان گڏ پُڇندي به وئي ته ‘ڪيئن آهي، ڪيئن آهي’. اسان سڀ سرڪَ ڀري، ‘وير گُڊ، ويري گُڊ’ چوندا وياسين. اسان جو ٿرڊ آفيسر فاروق جو منهنجي ڀر ۾ ويٺو هو، تنهن جي تيلي ڀڄي پئي هئي سو چوسڻ سان رسُ وات تائين ڪو نه آيس ۽ بنا چکڻ جي وڪڻندڙ عورت جي اکين ۾ اکيون ملائي ‘وير گُڊ، ويري گُڊ’ چوڻ لڳو. تنهن تي آهستي پُڇيومانس؛ “ڪير؟”
    “ڇڏ يار چرچا.” شرمائڻ لڳو.
    ڀر ۾ آفيس جو ٿائي همراهه اسان کي سُس پُس ڪندو ڏسي پڇڻ لڳو؛ “ڇا ڳالهه آهي.”
    “فاروق جي تيليءَ مان رسُ اچي ڪو نه ٿو. شايد تيلي وچ تان ڦاٽي پئي آهي. ٻي کپيس.” مون هن کي انگريزيءَ ۾ سمجھايو. جيسين فاروق لاءِ نئين تيلي آئي، تيسين اسان سڀ رسُ پي چُڪا هئاسين ۽ ڪاٺيءَ جي چمچي سان ناريل جو اڇو گودو کائڻ لڳاسين.
    ناريل جو رسُ هن پاسي جي ملڪن ۾ عام طرح پيتو وڃي ٿو. بندرگاهه وٽ پڻ هڪ ناريلن وارو رسُ وڪڻندو آهي، جو ٻين کان سستو ڏئي. هڪ پيئڻ بعد خالي ناريل واپس وٺي وري ڀري ڏيندو آهي. پهرئين ڏينهن اسان به بيوقوف بڻياسين، پوءِ خبر پئي ته گاڏي هيٺان ناريل جي رسُ جي فئڪٽري کوليو ويٺو آهي. هيٺ هڪ وڏي پتيلي ۾ نقلي رسُ ۾ خوشبوءِ وغيره ملائي خالي ناريل جا کوپا ان جڙتو رسُ سان ڀري گراهڪن کي ڏئي ٿو.


    پلاسٽڪ جو کاڌو

    سونگ ڪلا شهر جون ٻه چار اهڙيون جڳهون ڏسڻ بعد، اسان حاديه شهر ڏي روانا ٿياسين. حاديه شهر بئنڪاڪ بعد ٿائلنڊ جو وڏو شهر آهي ۽ ڏکڻ ٿائلنڊ ۾ آهي. سونگ ڪلا شهر کان پنجويهه ٽيهه ميل کن پري ٿيندو. ٿائلنڊ ۾ چڱي سستائي آهي. ٽئڪسيءَ ذريعي اڍائي روپيا کن ٿي لڳا ۽ بس ذريعي روپيو کن. ان کان علاوه شهر جو شهر ۾ سواريءَ لاءِ هتي پڪ اپ نموني جون ننڍيون گاڏيون موجود آهن، جن ۾ ٻه اڳيان ڊرائيور سان ۽ ڏهه کن پٺيان ٻن رکيل بينچن تي وهن. اهي پڪ اپون شهر ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين اٺ آنا وٺن پر چپي چپي تي وڌيڪ مسافر چاڙهڻ ۽ لاهڻ لاءِ ترسن.
    سونگ ڪلا کان حاديه تائين رستو ڏاڍو ساوڪ وارو آهي. ٻنهي پاسي گھاٽا ناريلن ۽ رٻڙ جا وڻ ميلن تائين پکڙيل آهن. ڪٿي ڪٿي رستي تي ۽ ٽڪرين تي پري پري ٻُڌن جا عبادت گھر ۽ پگوڊا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. رستو ور وڪڙ وارو، سوڙهو ۽ گاڏين سان ڀريل هو پر ڊرائيور هوشيار ۽ تحمل وارا ٿا ڏسجن ۽ قانون تي عمل ڪيائون ٿي. ائين نه ته جيڪو ڏاڍو سو گابو. جتي چوواٽي تي ٻه گاڏيون هڪ ٻئي جي سامهون اچي اڳ نڪرڻ لاءِ منجھي پيون ٿي ته هڪ ٻئي کي گاريون ڏئي اڳ نڪرڻ بدران هرهڪ صبر کان ڪم وٺي ٻئي کي پهرين نڪرڻ جي لاءِ آڇ ڪئي ٿي. پاڻ وانگر نه ته جنهن جي وڏي يا مضبوط گاڏي اهو زبردستي، ڪمزور جو خيال نه ڪندي، ڪن صورتن ۾ وس پُڄندي بُجو ڏيندي، اڳ ۾ ڌوڪي وڃي.
    حاديه پهچي فاروق چيو ته؛ “هاڻ پاڻ کي ڪپتان ۽ سندس فئمليءَ کان الڳ ٿي جُدا راهه وٺڻ کپي، نه ته ڪپتان اڳيان ۽ خاص ڪري سندس زال اڳيان، نه آزادانه نموني سان هلي سگھبو نه ڳالهائي سگھبو.” سو نيٺ ڪپتان کان الڳ ٿي، شهر گھُمڻ ۽ خريداري لاءِ ٻيو رُخ ڪيوسين. اڃا پنج منٽ به مس هلياسين ته فاروق کي بُک کنيو ۽ ڪا ڍنگ جي هوٽل ڳولڻ لڳاسين. ڍنگ جي هوٽل مان مُراد اها نه ته ڪا سٺي مانيءَ واري سهڻي هوٽل پر جنهن ۾ کيسي مطابق دال ماني کائي سگھون.
    هن پاسي جي ملڪن جو اهو رواج آهي ته هوٽل ۾ جيڪو به کاڌو ملندو، سو نموني خاطر پليٽن ۾ هوٽل جي در وٽ شيشي جي ڪٻٽ ۾ رکيل هوندو. شايد ان ڪري به اهو ضروري هجي ته هتي ڀانت ڀانت جا سياح اچن ٿا، جن جي مختلف زبان ۽ کاڌو آهي، جيئن هو در وٽ ئي نموني جو کاڌو ڏسي، پسند ڪري سگھن. فقط نالي لکڻ سان ته چڱي طرح خبر نٿي پئجي سگھي ته کاڌو ڪهڙو آهي. ائين نالا ته اسان جي جهاز تي به بٽلر روز بدلائي لکندو آهي: ڪڏهن ‘هاچ پاچ سُوپ’ ۽ ‘ويجيٽيبل سُوپ’ ته ڪڏهن ڇا، جنهن جو نالو ڪڏهن ڪنهن انگريز به نه ٻُڌو هوندو۽ ڌاريو مهمان يا ڪراچي هيڊ آفيس وارا اسان جي کاڌي جو مينو (Menu) پڙهي بٽلر کي آفرين ڏيندا هوندا ته جهاز جي عملي جو ڪيڏو خيال اٿس. روز نئين شيءِ ٿو کارائين، پر کين ڪهڙي خبر ته روز ساڳيو سُوپ (Soup)، ساڳئي سواد ۽ رنگ وارو پي رهيا آهيون، پر ڏينهن وانگر نالا مختلف آهن، زندگي ساڳي آهي.
    جپان ۾ به هر هوٽل ٻاهران، ان هوٽل جي کاڌي جي هر شيءِ رکيل هوندي، پر فرق فقط اهو ته اتي نموني وارو کاڌو اصلي کاڌو نه، پر پلاسٽڪ جو کاڌو ٿئي. شيشي جي ڪٻٽن ۾ ڪيڪ، پيسٽريون، سيويون، ڪباب، اسٽيڪ ۽ مٽن چاپس مختلف پليٽن ۾ سينگاريا رکيا هوندا آهن، ويندي سلادن جا قسم، ڪوڪا ڪولا، بيئر، وائين ۽ ونيگر. پهرئين ڏينهن جپان جي شهر ڪوبي (Kobe) ۾ ته ڀُلجي پيس پر پوءِ غور سان ڪوڪا ڪولا واري گلاس کي ڏٺم ته ناسي رنگ جي شربت مٿان جيڪو برف جو ڳنڍو پيو آهي، سو هڪ ته چُري پُري ڪو نه ٿو، چنبڙيو پيو آهي ۽ ٻيو ته ڳري بلڪل ڪو نه ٿو! هونءَ آمريڪا ۾ ڪُتن لاءِ پلاسٽڪ جا هڏا ۽ گوشت جا ٽُڪر ملندا آهن، جي چيغم (Chewing Gum) وانگر ٿين ۽ ڪُتا سڄو ڏينهن ويٺا چٻاڙيندا آهن. ڪتا اهڙا به ڪي بيوقوف ڪو نه آهن، پر انهن جا گورا مالڪ انهن کي ٿلهو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڊائيٽنگ خاطر پلاسٽڪ جون هڏيون چٻاڙڻ جي عادت وجھندا آهن. هڪ مزيدار ڪارٽون ڪنهن رسالي ۾ ڏٺو هوم ته هڪ همراهه پنهنجي گھوڙي کي سائو اُس جو چشمو پارائي سُڪل گاهه کارائي رهيو آهي ۽ گھوڙو مزي سان کائي رهيو آهي.
    اسان هڪ ملئي هوٽل ۾ گھڙي وياسين. هتي ملايا جا ڪافي باشندا رهن ٿا، جو ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان مليل آهن. ملئي هوٽلون سڀ مسلمانن جون آهن ۽ انهن هوٽلن جي اها خاص نشاني آهي ته ٻاهران بسم الله لکيل هوندو.
    هن پاسي گانگٽ تمام سستا آهن. تنھنڪري گانگٽن جو ٻوڙ، ڪڪڙ جو ٻوڙ، چانور، مکڻ، ڊبل روٽي ۽ ڀاڄين جو سُوپ گھرايوسين. کاڌو به هن پاسي ڪو خاص مهانگو ڪونهي. اسان جي ملڪ جهڙو ئي اگھه آهي جو دنيا جي ڀيٽ ۾ تمام سستو سمجھڻ کپي. اسان جي ملڪ ۾ ريڊيا، واچون، ٽي ويون، ٽيپ رڪارڊر، ريڊيو گرام ۽ ٻيو عيش عشرت جو سامان کڻي نٿو ملي يا مهانگو آهي، پر هڪ ڳالهه آهي ته روزمره جي ضروريات جو سامان، کاڌو پيتو، ڌوٻي، حجام، درزي، ٽئڪسي ۽ بس وغيره جو خرچ ۽ ڀاڙن ڀُتن جي سستائيءَ ۾ دنيا جو ڪو ملڪ پُڄي نه سگھندو، باوجود اسان جي گھٽ ڪمائيءَ جي حساب تي به. آمريڪا ۾ مون کي ڪو اهڙو حجام ٻڌايو جو ساڍن ٽن ڊالرن، چاليهه روپين، کان گھٽ وٺندو هجي. ننڍي دڪان وارو به وارن ٺاهڻ جي في چاليهه روپيا وٺندو، جو سڀني حجامن جي يونين ٺهي پئي آهي. اسان وٽ ڪو چاهي ته ٻه روپيا ڏئي ايلفيءَ جي ڪنهن ايئرڪنڊيشنڊ ماڊرن هيئر سئلون تان وار ٺهرائي، جي پُڄي نه ٿو سگھي ته ٻن آنن ۾ به وار ٺاهڻ وارا سعيد منزل جي سامهون ملي ويندس. يورپ، آمريڪا يا جپان وغيره ۾ ته مون کي اڃا ڪو اهڙو درزي ڳولڻو آهي، جو سلائي، ڪپڙي جي قيمت کان گھٽ وٺي. ڪپڙو جي سؤ روپين جو هوندو ته سلائي ڏيڍ سؤ روپين کان گھٽ ٿيڻ جو ته سوچي به نٿو سگھجي. هاڻ مڙيئي پاڪستان ۾ به مزوري ۽ مزور جو مانُ وڌي رهيو آهي. خاص ڪري رازن، واڍن ۽ درزين جي ته في ڪافي وڌي چُڪي آهي. دراصل سڄي دنيا ۾ هڪ اهڙي تبديلي اچي وئي آهي، جنهن هيٺ پورهئي جو قدر ٿيندو وڃي.
    پورهيت هاڻ خوشحال ٿيندو وڃي. اهو ڏينهن پري ناهي جو يونيورسٽين مان فقط ڊگريون وٺي، ‘اڇن ڪالرن واري نوڪري’ ڳولهڻ وارن کي افسوس ڪرڻو پوندو ته هنن کي تعليم سان گڏُ پيٽ قُوت لاءِ ڪو پورهيو پڻ سکڻ کپندو هو. تعليم پنهنجي جڳهه تي آهي ۽ اها هر انسان لاءِ لازمي آهي، پر پئسي ڪمائڻ لاءِ دنيا ۾ جتي ڪٿي پورهيو ڪم اچي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ به آهستي آهستي اهو شعور پيدا ٿي رهيو آهي. ڪراچي، لاهور ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ ڪيترا درزي، واڍا، ويلڊر، مڪينڪ، مستري، پڙهيل ڳڙهيل نظر اچن ٿا جن کي پنهنجي هنر ۽ هٿن تي فخر آهي.


    پنڌ ضربيان پندرهن = صحيح هنڌ

    ماني کائڻ کان پوءِ فاروق جا خريداري شروع ڪئي ته رات ڪري ڇڏيائين. مون کي رڳو هڪ ٻن دڪانن تان رسالا ۽ اخبارون ۽ ٻيو ڪو هلڪو ڦلڪو سامان وٺڻ ڏنائين، باقي پاڻ پنهنجي پسند جي خريداري لاءِ مجال آهي جو هڪ دڪان ڇڏيو هجيس. رات ڪري ڇڏيائين. اها ٻي ڳالهه آهي ته ورتائين ڪو ورلي ٿي، جو پسند جي شيءِ نه ٿي مليس. پاڻ ٻه مهينا کن ٿيندا جو هڪ پارسي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري، يڪدم نوڪري تي آيو آهي. سو بيگم صاحبه لاءِ خريداري ڪندو رهيو. چيومانس، “پارٽنر ايڏي شاپنگ! توهان ۾ ڏيج پُڙو شاديءَ کان پوءِ ڏيڻ جي رسم آهي ڇا؟”
    مون کان جونئر آهي ۽ شرميلو پڻ. سو اڪثر خاموش ئي رهندو آهي. هر ڳالهه ٻُڌي فقط مسڪرائيندو آهي. بيحد پيارو ۽ سٻاجھو ڇوڪرو آهي. پر سامونڊي زندگيءَ مان سخت بيزار آهي. ٿورو ئي طوفان يا سمنڊ پنهنجي طاقت ڏيکاري ته همراهه جا هٿ پير ساڻا. پر ساڳئي وقت پاپ ميوزڪ (Pop Music) يا جاز (Jazz) تي سندس هٿن پيرن ۾ ٻيڻي شڪتي اچي ويندي آهي. انگريزي پوشاڪ، انگريزي کاڌي ۽ انگريزي ناولن جو متوالو آهي. بس فقط مولا مهر ڪري، سندس رنگ مشڪي نه ڪري ها! محمود جيڪو نيويءَ ۾ ‘ڪاليا’ جي نالي سان مشهور آهي، تنهن ان نالي تي ٻين جهازن تي ته اعتراض نه ڪيو، پر هن جهاز تي مڙيئي چئي ڏيندو آهي ته، “يار مون کان وڌيڪ ڪارو ته ٿرڊ آفيسر فاروق آهي.” پر اسان ڇا ڪريون، هي کڻي ڪارو وڌيڪ آهي، پر ڪم ۽ ڳالهيون ته گورن انگريزن واريون اٿس.
    بهرحال اسان جو ٿرڊ آفيسر صاحب خريداري ڪندي ڪندي هڪ هنڌ اچي ڦاٿو. کيس نائٽي، عورتن لاءِ سليپنگ سوٽ، ٿي کتي. اھا پوري ماپ جي ملي ڪا نه ٿي. هر دڪان تي وڏي ماپ جي ڏيکارين ته به هن لاءِ ننڍي. دراصل ٿائلنڊ جا ماڻهو قد جا تمام بندرا آهن، خاص ڪري هتي جو عورتون. ڪُجهه ڪُجهه بي ڊولا پڻ. اڪثر عورتن جي چيلهه تمام ويڪري ۽ ٽنگون ٿلهيون آهن. ٿي سگھي ٿو ته ڪلوپترا ۽ هيلن آف ٽراءِ جي ڏينهن ۾ اها سونهن جي نشاني هُجي ۽ بقول ڊاڪٽر جيمس برنس جي، جنهن پنهنجي ڪتاب سنڌ جي درٻار A Narrative a visit to the court of Sindh ۾ لکي ٿو ته: ۱۸۹۰ع ڌاري، يعني اڄ کان سؤ سال کن اڳ، جڏهن هو مير مُراد عليءَ جي علاج لاءِ سنڌ ۾ آيو هو ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ پڻ اهڙو جسم سونهن جي نشاني سمجھيو ويندو هو. اڄڪلهه جي سونهن جا قدر، ٻين قدرن وانگر بدلجي چُڪا آهن. عورت جي سونهن جنهن جو اظهار ڪو زمانو هو ته شاعر پنهنجي شعرن ۾ ڪندا هُئا، پر اڄ ان کي ٽيپ جي انچن ۾ ڪٿيو وڃي ٿو. ڇٽيهه انچ بريسٽس، ڇويهه انچ ويسٽ ۽ ڇٽيهه انچ هپس واهه واهه! بيوٽي ڪُئين!
    مس ايشيا! مس ورلڊ!
    هڪ دڪان تي سيلز گرل، هڪ ڊگھي نائٽي ڏيکاري جا ٿائلنڊ جي ڇوڪرين جي قد کان ته برابر ڊگھي هُئي، پر ته به ڪا خاص ڊگھي نه هُئي. ان تي وڪڻندڙ ڇوڪري تعجب کائڻ لڳي ته پاڪستان جون عورتون چڱيون ڊگهيون آهن. اسان ٻنهي جي ڇهه فٽ هڪ انچ قد ڏي نهاري، معصوميت سان پُڇڻ لڳي؛ “توهان ايترا ڊگھا ڇو آهيو؟”
    الٽو سوال ڪيومانس؛ “تون ايتري ڊينڊي قد جي ڇو آهين؟”
    مٿي آسمان طرف نهاري واجھائڻ لڳي، “ڀڳوان اسان جي بدن جي ڪجھه اسيمبلي ئي اهڙي ٺاهي آهي.”
    ٻاهر نڪري فاروق کي چيم؛ “ميان هاڻ ان ائٽم جي پچر ڇڏ. هتان ٿائلنڊ مان ملڻ مشڪل اٿئي. هلي هلي هاڻ ساڻا ٿي پيا آهيون.”
    “نه يار، ڪوشش ته تڏهن به ڪريون.”
    “ڪمال آهي، ڪوشش ته ڪريون. شيءِ آهي ڪا نه، باقي ڪوشش ڇا ڪريون؟ رُڳو ٿائلنڊ ته نه آهي. هانگ ڪانگ يا جپان مان کڻي وٺجانءِ.” سمجھايومانس.
    “اتي جا ماڻهو ته ٿائلنڊ کان به ڊينڊي قد جا آهن.” هن خاطريءَ سان مون کي ٻُڌايو، جو هو اڳ به هن پاسي جي ملڪن جا چڪر هڻي چُڪو آهي.
    “ته پوءِ ڀلا اڳتي لاس اينجلس/ آمريڪا به ته هلڻو آهي. اتان کڻي وٺجانءِ.”
    “اتي جي آمريڪي عورتن جو قد هيڪاندو ڊگھو آهي ۽ اتي جي ٺهيل نائٽي منهنجي زال کي پوري نه ايندي.”
    “ته پوءِ پارٽنر، تون به ڪجھه ته خيال ڪرين ها، پهرين ڪا نائٽي وٺين ها، پوءِ ان ‘سائيز’ جي زال ڳولين ها.”
    پوءِ سائين اتان مُڙيو ته وري ننڍڙي ٻار جا ڪپڙا ڳنهڻ لڳو ۽ سندس دُورانديشِيءَ تي دل ئي دل ۾ داد ڏيڻو پيو.
    پر اسان جو يار ايتري تي به بس ڪرڻ وارو نه هو. ان کان پوءِ وري برئزير وٺڻ شروع ڪيائين ۽ اسان ککا وکا تڏهن ٿي وياسين، جڏهن کيس نمبر جي خبر نه هُئي ۽ اندازي لڳائڻ ڪارڻ هن الٽو وڪڻندڙ ڇوڪريءَ کان هن جي برئزير جو نمبر پُڇيو. هوءَ مطلب نه سمجھي گھٻرائڻ لڳي ته اسان کي ٿيو ڇا آهي جو هن کي دڪان ۾ اڪيلو سمجھي غلط سلط سوال ڪري رهيا آهيون. جي ٿوري به سياڻي هُجي ها ته جرمن دڪاندار وانگر گراهڪ به نه وڃائي ها ۽ گھٻرائڻ جي به نوبت نه اچي ها.
    چرچو مشهور آهي ته جرمنيءَ ۾ هڪ همراهه ساڳي مسئلي ۾ انگي وٺندي مُنجهي پيو. دڪاندار به گراهڪ وڃائڻ نٿي چاهيو، سو کيس مدد ڪرڻ لڳو؛ “ڀلا توهان جي مٿي جي سائيز جي ڏيان.”
    “نه نه! اهو ته تمام وڏو آهي.” گراهڪ وراڻيو.
    “ڀلا سنگترو؟” دڪاندار سائيز معلوم ڪرڻ خاطر پڇيس.
    “نه نه اهو به وڏو ٿيندو.”
    “ڀلا بيضو؟”
    “جي ها بيضو.” خريدار خوش ٿي هائوڪار ڪئي، “پر فراءِ بيضو.”
    خريداريءَ کان پوءِ اسان اچي هوٽل ۾ ماني کاڌي. اها ڊنر خاص فاروق طرفان هُئي، جا رشوت ان لاءِ هُئي ته آءٌ سندس خريداريءَ بابت ٻئي ڪنهن سان ذڪر نه ڪريان. سو پڙهندڙن کي به عرض آهي ته ٻئي ڪنهن سان ڳالهه نه ڪن. جي ڪنهن سان ڪن به ته ان کي جھلي ڇڏين ته ٻئي سان نه ڪن.
    ماني کائي ٻاهر نڪتاسين. رات جا نَوَ پئي ٿيا. هڪ کان اڳ سونگ ڪلا شهر پهچڻو هئوسين، جو اتان پوري هڪ وڳي لانچ (Motor Boat) جهاز لاءِ ڇُٽڻي هُئي، جيڪو بندرگاهه کان ويهه ميل کن پري کُلئي سمنڊ (Open Sea) ۾ بيٺل هو.
    ٻاهر نڪري بس جي پُڇا ڪئيسين. ٻن ٽن ٿائي ماڻهن کان پڇيوسين، پر ‘زبان يار من ترڪي، من ترڪي نمي دانم’ وارو قصو. نه سندن ٿائي زبان اسان کي سمجھه ۾ اچي، نه ڪو اسان جي انگريزي يا سنڌي اڙدو هو سمجھن. اسان به اُٺَ وانگر سڌو ڌوڪيندا وياسين. جو هڪ ۾ اڃا ڪافي وقت هو. ايتري ۾ هڪ بئنڪ اڳيان سکُ چوڪيدار ڏٺوسين. پنجابيءَ ۾ خير عافيت ڪري پوءِ پڇيوسين؛ “او سردار جي سونگ ڪلا لاءِ بس ڪٿان ملندي؟”
    “ٽاور تان”
    “ٽاور ڪٿي آهي. ٽئڪسيءَ ۾ وڃون يا ويجھو آهي؟”
    “او اتي ويجھو ئي ته آهي. سامهون اها جنرل پوسٽ آفيس نظر پئي اچي. ان جيترو ٻيو اڳتي ويندائو ته ٽاور. ان کان پوءِ بس اسٽاپ.”
    بس. ڳالهه به ايتري. اسان ٻئي ٿائلنڊ جي پڪي رستي تي، خريداري ڪيل سامان جا ٿيلها ڳچيءَ ۽ ڪلهن ۾ لٽڪائيندا، ليفٽ رائيٽ ڪندا هلڻ لڳاسين. هلندي هلندي اڌ ميل کن ٿي ويو. اچيو ٿي بارش پوي. ماڻهو ڇيڻو به ڪو ورلي نظر آيو ٿي. هڪ هوٽل ۾ ساعت ٻه ويهي چانهه پيتيسين. تيسين بارش به سامت ۾ آئي. وري ساڳي پريڊ. اڌ ميل کن ٻيو به جڏهن هلياسين ته فاروق دانهن ڪري چيو، “يار، هن سک ته لاهه پٽي ڇڏيا. اڃا ته پوسٽ آفيس به ڪا نه ٿي اچي. ڪڏهن بس اسٽاپ تي پهچنداسين ۽ ڪڏهن سونگ ڪلا. پنهنجي هلڻ جو ته هاڻ ‘هارس پاور’ (Horse Power) ۽ ‘ول پاور’ (Will Power) ٻئي ختم ٿي ويا.”
    “ته پوءِ هاڻ پوسٽ آفيس جي بدران ڪا ٽئڪسي ڳول.”
    آخر هڪ ٽئڪسي ملي. رُڃ ۾ ڪنهن مُسافر کي پاڻيءَ سُرڪ ملي. ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي سڻائو سمنڊ مليو. اڌ ميل کن جڏهن ٻيو به هلي، تڏهن اسان کي جنرل پوسٽ آفيس نظر آئي ۽ ڏيڍ ميل کن ٻيو به هلي ته ٽاور نظر آيو ۽ پوءِ آخر ‘بس اسٽاپ’ آيو.
    فاروق چيو، چڱو جو سردار جي کان بس اسٽاپ جو پڇيوسين، جي سونگ ڪلا شهر جو پُڇون ها ته هو ان لاءِ به ائين چوي ها ته اجھو اهو سامهون اٿانوَ. اسان کي ته اڌ مُئو ڪري ڇڏيو ان سِکَ.
    منهنجا ڀائرو، ڪڏهن ڀُلجي به ڪنهن ملڪ ۾ سک کان رستو نه پڇجو ۽ جي پنڌ پُڇو به ته سکن جهڙيون مضبوط ٽنگُون ڌارجو يا ان ٻڌايل پنڌ کي گھٽ ۾ گھٽ پنڌرهن سان ضرب ڪجو، ته انشاءَالله صحيح هنڌ تي پهچي ويندائو.


    متفرقات-ٿائلنڊ

    ۳۸.۱ سانَ جي سواري
    اسان وٽ سنڌُ ۾، هر يا ڪاٺ جي گاڏيءَ ۾ هميشه ڍڳو جوٽيو وڃي ٿو. پر هتي ٿائلنڊ ۾ هر ۾ جوٽڻ لاءِ سانُ استعمال ٿئي. ان کان علاوه سانُ سواريءَ جي ڪم ۾ به اچي ٿو. رستن ۽ ٻنين ٻارن ۾ ڪڏهن ڪڏهن پوڙهيون عورتون سانَ جي نَڪ ۾ واڳ ٻڌي سندس اگھاڙي پٺيءَ تي سواري ڪندي نظر اينديون. اڳيان سندن مردن جي ڍڪيل ماني ۽ پُٺيان گاهه جي يا ٻج يا ڀاڻ جي ڳوڻ رکيل هوندي.
    ان قسم جو نظارو اسان سنڌين لاءِ عجيب آهي جو سنڌ ۾ سانَ کان اهڙو ڪم نه ورتو ويندو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان جو اهو سبب هجي ته هن جانور کي پاڻيءَ جو اوسو آهي ۽ سنڌ ۾ سخت گرميءَ کان علاوه پاڻيءَ جي پڻ اڻاٺ آهي.
    ٿائلنڊ کان علاوه ملايا ۾ پڻ سانَ تي ٻارن ۽ وڏن کي ڳوٺن ۾ سواري ڪندي ڏٺم.

    ۳۸.۲ ماماسان
    هن سان ملو. هيءَ ٿائلنڊ جي ڇوڪري جيني آهي. عمر ٽيويهه سال، ٻن ٻارن جي ماءُ ۽ بئنڪاڪ يونيورسٽي جي گرئجوئيٽ. سندس ٻار نانيءَ سان بئنڪاڪ ۾ رهن ٿا. پاڻ بئنڪاڪ کان ڪافي پري ڏکڻ ٿائلنڊ جي مشهور شهر حاديه ۾ رهي ٿي. حاديه شهر جي ٻين ڪيترين عورتن وانگر جيني پڻ هڪ ننڍڙي چڪلي جي سرپرست آهي. يعني هتي جي زبان موجب ‘ماماسان’ آهي. سندس مسواڙي گھر پنجن ڪمرن تي مشتمل آهي جنهن جي مسواڙ مهيني ۾ ڇهه سؤ ڀات آهي. ست ڇوڪريون جن مان ڪُجهه ڪاليج جون شاگرد پڻ آهن. هاسٽل بدران هتي رهن ۽ کائين. ڪاليج ڪو ورلي وڃن، جنهن جي سندن مائٽن کي خبر ناهي يا واسطو ناهي. هو آيل گراهڪن جي دل وندرائين. ڪمائيءَ ۾ اڌ سندن، اڌ ماماسان جو.
    “پڙهيل ڳڙهيل ٿي ڪري تو اهو ڌنڌو ڇو اختيار ڪيو آهي.” هڪ ليکڪ يا صحافي پاڻ کي رنڊيءَ ۽ پڙهندڙن جي نظرن ۾ شريف ڏيکارڻ خاطر ڀلا ٻيو ڪهڙو سوال پُڇي سگھي ٿو.
    “مجبوريءَ خاطر.” منهنجو مُڙس حادثي ۾ فوت ٿي ويو. ٻه نياڻيون اٿم. انهن جو ۽ پنهنجو پيٽ پارڻ خاطر. ڪجھه ڏينهن بکون ڪاٽي، بئنڪاڪ کان هتي هلي آيس. مائٽن کي اهو ٻُڌايم ته حاديه شهر جي هڪ آفيس ۾ نوڪري ملي آهي. هتي ته ان قسم جو ڌنڌو عام آهي، بلڪ فئشن پڻ. جاءِ جي مسواڙ، کاڌو پيتو ۽ ٻيو خرچُ پکو لاهڻ بعد به هزار کن مهيني ۾ بچت ٿئي ٿي. اڄڪلهه ٿائلنڊ ۾ نوڪريون ۽ ٻيا ڌنڌا ڪٿي آهن؟ جينيءَ ٻُڌايو.

    ۳۸.۳ جتي ڊالر جام، اتي ھر شيءِ غائب
    ان قسم جا اڏا فقط حاديه جهڙي شهر ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻه اڍائي سؤ کن آهن. بئنڪاڪ ۾ ته ان کان به مٿي آهن. جن کي آمريڪن هيڪاندو زور وٺرايو آهي، جيڪي ويٽنام ۾ جنگ دوران موڪلون گذارڻ ۽ پئسو خرچُ ڪرڻ لاءِ ٿائلنڊ ۽ ٻين ڀر وارن ملڪن ۾ اچن ٿا. اها ته عام ڳالهه آهي ته جتي به آمريڪن جي آمد شروع ٿئي، اتي ڊالر ته جام اچيو وڃن، باقي ٻي هر شيءِ، ويندي غيرت، ناياب بنجيو وڃي. اهو جپان ۾ ٻي وڏي لڙائي دوران ٿيو ۽ ٿائلنڊ ۾ اڄ ٿي رهيو آهي.

    ۳۸.۴ ٻڌ ڌرم ھندستان مان شروع ٿيو
    ٿائلنڊ جي تهذيب، ثقافت، مذهب، آرٽ ۽ رسم رواج تي ڀروارن ملڪن خاص ڪري هندستان ۽ هندو مذهب جو وڏو اثر آهي. دراصل هتي جو مکيه مذهب ٻُڌ ڌرم پڻ هندو ڌرم جي Modification آهي ۽ پهرين هندستان ۾ گوتم ٻُڌ ايجاد ڪيو.

    ۳۸.۵ ماسڪ ڊانس
    ٿائلنڊ ۾ هڪ خاص ناچ Mask Dance مشهور آهي. عورتون ۽ مرد پنهنجو منهن ڍڪي يا ان مٿان مختلف ديون ۽ ديوتائن جا پني ۽ پلاسٽڪ جا منهن چاڙهي، اسٽيج تي ناچ ڏيکارين. اهڙي قسم جي ناچن ڏسڻ جو حاديه، سونگ ڪلا ۽ ٿائلنڊ جي ٻين شهرن ۾، موقعو مليو.

    ۳۸.۶ ٿائي زبان ۽ سنسڪرت جي مماثلت
    هتي جي ماڻهن جي زبان ‘ٿائي’ آهي، جيڪا سنسڪرت زبان جي Modification سمجھڻ کپي. ساڳيا سنسڪرت وارا اکر منجھس آهن. مثال طور، ڪا، خا، گا، گھا وغيره وغيره. ايتري قدر جو ڪيترن ٿائي لفظن جي معنى ساڳي آهي، جيڪا سنسڪرت جي لفظن جي آهي. مثال طور چندرا (چنڊ)، ناري (عورت)، ثريا (سجُ)، راتڙي (رات)، ارونا (صبح) وغيره. ٿائي زبان جا ڪيترا پُراڻا لفظ چيني زبان مان ورتل آهن. مثال طور ٿائي زبان ۾ پاڻيءَ کي ‘نام’ سڏين ۽ کائڻ کي ‘جن’، انهن لفظن جي چيني زبان ۾ معنى ساڳي آهي.

    ۳۸.۷ ٿائيلينڊ ۾ مندو ڌرم جا ڪتاب پڙھايا وڃن ٿا.
    هتي ٻارن کي اسڪولن ۾ هندو ڌرم جا ڪيترا ئي ڪتاب ٿائي زبان ۾ ترجمو ڪري پڙهايا وڃن ٿا. مثال طور ڀڳوت گيتا، رامائڻ وغيره. ٿائي ماڻهن جي مذهبي ڏينهن ۽ گڏجاڻين جو حساب ڪتاب چنڊ مطابق ٿئي. هتي جي يونيورسٽين ۾ سنسڪرت زبان عام پڙهائي وڃي ٿي.

    ۳۸.۸ ماڻھن جي چھرن تي اڻ-لکو خوف
    هيءَ ٿائلنڊ جي ڌرتي آهي. ٿائلنڊ کي مسڪراهٽن جي ڌرتي سڏجي ٿو پر هتي جي سياسي ردوبدل ۽ حالتون، ڏينهون ڏينهن ڪرندڙ معاشيات، ايشيائي بُک ۽ بيروزگاريءَ هتي جي ماڻهن جي ڪومل چهرن تي مسڪراهٽ بدران خوف ۽ هراس جي جھلڪ پيدا ڪري ڇڏي آهي.

    ۳۸.۹ ٿائيلينڊ ۾ ٻڌ ڌرم
    ٿائلنڊ رٻڙ ۽ مصالحن جي پوک کان علاوه ٻُڌ ڌرم، ٻُڌ ڀڪشوئن ۽ ٻُڌن جي عبادت گھر، پگوڊائن کان مشهور آهي.

    ۳۸.۱۰ تنھنجو مذھب تو لاءِ، منھنجو مون لاءِ.
    هي هتي جو هڪُ پگوڊا آهي، مختلف رنگن ۽ عمارت سازيءَ جو شاهڪار. منجھس گوتم ٻُڌ جا مجسما رکيا آهن جي اڪثر هتي جي گھرن ۾ پڻ نظر ايندا. هڪ ڇوڪري، عمر سورنهن سترهن سال کن، وارن ۾ گُلن جي ويڙهه، ساڄي هٿ جي ٻاچ ۾ ڪاري رنگ واري منڊي ۽ ڪنن ۾ اڇي ٻُڙي وارا ائرنگ، هڪ پٿر جي بُت اڳيان هٿ ٻڌي، ڪجھه عبادت ڪري رهي آهي ۽ ٻي، ان ئي جيڏي گُلابي رنگ جي مني اسڪرٽ ۽ اڇي بشرٽ ۾ ڪجھه پري، پنهنجن خيالن ۾ خاموش انتظار ڪري رهي آهي. ذرا ڪن ڏئي ٻُڌون ته بت اڳيان ويٺل ڇوڪري ڪهڙي دعا گھري رهي آهي:
    “نموتسا ــ پڪ وتو ــ الهتو ــ سم ــ سمپوت ــ تسا” ٽي دفعا ساڳي عبادت دهرائي ٿي. ٿائي نه پر ڪا ڌاري زبان جي اها دعا آهي. ٿي سگھي ٿو ته سنسڪرت يا ڪا ٻي قديمي زبان هُجي. جنهن جي خود هن ڇوڪريءَ کي به خبر ناهي ۽ هي ٻي گُلابي اسڪرٽ واري ڇوڪري چُپ ڪريو ڇو ويٺي آهي؟
    “ڇو بيبي، تون ڪير آهين ۽ تون عبادت ڇو نٿي ڪرين؟”
    “مان هن جي ساهيڙي آهيان. هيءَ ٻُڌ آهي ۽ مان ڪرسچن. اسان جو چرچ يارهين وڳي شُروع ٿيندو. هتان پگوڊا مان ٿي پوءِ اسان اوڏانهن وينداسين. ان بعد مووي ڏسنداسين.”
    “اڇن آمريڪن جي ڪليسا گھرن ۾ ڪو ڪارو شيدي عبادت نٿو ڪري سگھي! ڇا ڪارن شيدين ۽ گورن جو مختلف خُدا آهي؟ يا ٻُڌن، هندن، ڪرسچن ۽ مسلمانن جو جُدا جُدا خالق آهي. پگوڊا ۾ ڪرسچن ڇوڪري عبادت نٿي ڪري سگھي. هندو، گوردواري ۾ عبادت نه ٿو ڪري سگھي. مسلمان پنهنجي رب سان چرچ ۾ نه ٿو ملي سگھي. خدا ته هر هنڌ موجود آهي. پوءِ اسان مان ڇو ڪن کيس مندرن ۾ ۽ ڪن مسجدن ۾، ڪن ڪليسائن ۾ ڪن گوردوارن ۽ پگوڊائن ۾ مقيد رکيو آهي؟”
    مون سان گڏُ هلندڙ احمد حسين مخدوم، جو فلسفو ڇيڙيو ۽ آءٌ ماٺ ميٺ ۾ وکون کڻندو رهيس.

    نرالو سڀن کان سڄو تنهنجو کاتو،
    تون بي انت آهين نه ڪنهن انت پاتو.
    تون هندوءَ ۾ آهين مسلمان ۾ ڀي،
    هنومان ۾ ڀي مسلمان ۾ ڀي.
    تون گبرو فرنگي ڪرستان ۾ ڀي،
    تون گيتا ۾ آهين ته قرآن ۾ ڀي.
    تون ڪاشيءَ ۾ ڪرشن، تون مٿرا ۾ ساڳيو.
    تون ڪعبه ۾ قادر، ڪليسا ۾ ساڳيو.
    تون زم زم ۾ ذاڪر، تون گنگا ۾ ساڳيو.
    تون بستي ۾ ڀڳوان، صحرا ۾ ساڳيو.

    ماستر چندر جو مٿيون راڳُ ان وقت منهنجي من جي مندر جي چانئٺ ٽپي مون کي مُنجھائڻ لڳو. پر ساڳئي وقت شاهه لطيف جو پڻ شعر سڄو قصو سلجھائڻ لڳو.
    سو هي سو هو، سو اجل سو الله
    سو پرين سو پساهه، سو ويري سو واهرو.


    پگوڊا جي خوبصورت عمارت ۽ خاموش، خوشبودار ماحول مان نڪتس ته در وٽ هڪ ٿائي فقير ڪِشتو اڳيان وڌايو. سندس ڪاري ڪِشتي ۾ چند سِڪا وجھي، وري پگوڊا طرف غور سان ڏٺم.

    ‘روحل’ راهه پرين جي، جان گھمي ڏٺوسين گھيڙ،
    ته ربُ مڙني ۾ هڪڙو، تنهن ۾ ڦندُ نه ڦيرُ،
    سا ڪيڏي ڪندي پير، جا سُتي ڪعبي وچ ۾!

    اسان پگوڊا جي رستي جي ڊگھي ڏاڪڻ لهي هيٺ اچي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺاسين. ٽئڪسي ٿائلنڊ جي ڏامر جي ڊگھي رستي تي ڊوڙڻ لڳي ۽ منهنجي دل شاهه جو شعر ورجائڻ لڳي:


    پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
    ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
    پنهون ٿيس پاڻ، سسئيءَ تان سُور ويا.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 538
    ڪتابن جو مشاهدو: 567622
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 216113
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ