ڪتاب جو نالو: ڪينرو ڪيسين وڄايان
مصنف: مشتاق سعيد
ڇپائيندڙ: ساحل پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 28 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 478 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 160 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ڪينرو ڪيسين وڄايان اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر مشتاق سعيد جي نظمن، وائين ۽ بيتن تي مشتمل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سنڌسلامت پاران
  • ارپنا
  • چئو تون مونکان پوءِ، ڪنهنجو ٿيندي ڪينرا؟
  • ڪجهه اکر پبلشر پاران
  • مُهاڳ
  • باک ٿي مونکان پُڇي
  • شاعر پاران
  • نـظـم/ آزاد نظم

  • ڇڏيل ڪينرو...
  • ڄَميا به آهيون مَريا به آهيون...!
  • گيت ته ڪڏهن مَرڻا ناهن...!
  • پيار جهڙو پاپ
  • زندگي آ ٻن صفحن تي...
  • خواب ڳولي ڏيو...
  • نئين زندگي
  • آبشار
  • تون ستارن جي ڪناري...
  • تون نه آئينءَ...
  • سِڪ...
  • جي ويا موٽيا نه آهن
  • اسانجو جو چنڊ تون آهين
  • نئين صُبح جا نياپا...
  • ها سنڌ وري پو ڳائبو...
  • ڪير آهيان...؟
  • ڀڳوانن جو ڇا ٿيندو....؟
  • بانسري
  • گيت ٻيهر ٿو جُڙي
  • ڇو ڀلا جاڳين پيو...؟
  • قوم جي تاريخ
  • موت ۽ مان
  • برکا
  • شمع
  • آئون تنهجي آرزو...
  • نئين لڳين ٿي
  • لاٽ
  • جاڳ
  • جهونو بڙ
  • مُحبت خود خُدا آهي
  • چنڊ سان وير
  • ٽين دنيا
  • سمنڊ جي سِير ۾
  • صدا
  • شاعري
  • آڌيءَ رات
  • هرڪو موٽي اچڻو آهي
  • ڪوُڪ ڪيڏي آ ڊُڪي
  • دنيا هڪڙو وڻ آ
  • اي خدا...
  • ذهن جو پيالو
  • ترسو ترسو
  • ماڻهوءَ جو ماس
  • وئشيا
  • تاريخن جا چاڪ
  • زور جي ميندي
  • جيءَ پئي ٿم جاٽ
  • ملڪيت
  • ماڻهوءَ جو اندر
  • چنڊ ستارو ناهيان
  • ڇانورو
  • لُڪَ ڪنهن کي لڳي....؟
  • آس
  • گرجا گهر
  • تون هليو ويو آن
  • ڇُرو
  • پَروڙي نه ڄاتم
  • سمجهو
  • شرافت جي پويان
  • قوم جون ڳالهيون
  • نثري نظم

  • بار بار محبت
  • موهن جي دڙي جو ڦيٿو
  • زندگيءَ جي معنيٰ
  • اٽي جو سير
  • نئين دنيا
  • شاعره
  • عبادت
  • سج جون رسيون
  • شاعر جون اکيون
  • سنڌ جون نينگريون
  • جلاوطن
  • دفن ٿيل جذبا
  • گلن جون قبرون
  • مون ۾ آهين تون....!
  • ڇيڻا
  • پيار
  • قبرستان
  • سچ جو بدلو
  • شهرِ خموشان
  • ٽُٽل خواب
  • نظر نه ايندڙ قيد
  • ياداشت
  • گل
  • وايون

  • آيوڙي آيو،
  • چنڊ چئو تون ڇو ڀلا...؟
  • ايڏي ڏِنگي رات،
  • مارئيءَ اڄ مونکي،
  • ڇڏي هوُ ته ويم، روڳي روح ٿيم،
  • توتي بسنت رُتِ آ،
  • وهندو جيئن درياهه،
  • سنڌڙي تنهنجي سار سڳنڌ،
  • بيت

  • سِرِڻين کان سِراءِ، جَهپجي ويندين جهٽ ۾
  • دوکي جي ديوار ۾،
  • واپس ڪيئن ورن،
  • پچ اول تون پاڻ،
  • سهڻي جي تون سِير ۾
  • اهڙي نه آهي ميان
  • منهنجي مُورت تون تون ئي منهنجي زيب
  • مايون جيئن سَڳيءَ سان،ويڙهي رکن وار
  • هر ڪنهن هڪ زبان ،ٻه ٻه جاڙا ڪَنَ
  • ڪِرِڻا ڪِرِڻا چنڊ، وِٿيون وِٿيون ڇِتِ

  • ترتيب

    سنڌسلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو اٺاويهون ڪتاب ڪينرو ڪيسين وڄايان اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر مشتاق سعيد جي نظمن، وائين ۽ بيتن تي مشتمل آهي.

    اسين ٿورائتا آهيون سجاول جي سهڻي دوست سارنگ حبيب چانڊيو صاحب جا جنهن نه فقط هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني. هي ڪتاب ساحل پرنٽرس حيدرآباد پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپنا

    جيجل سنڌ جي مهان ڪوي،
    شيخ اياز جي نانءُ......!
    جنهن جا گيت ،
    صدين جو ورلاپ
    ۽ مون لاءِ مشعل آهن.


    چئو تون مونکان پوءِ، ڪنهنجو ٿيندي ڪينرا؟

    چئو تون مونکان پوءِ، ڪنهنجو ٿيندي ڪينرا؟
    واڪا ڪندي ووءِ، صدين تولئه سنڌڙي...
    (شيخ اياز)



    پر ڪلهي تي ڪينرو ڪيسين وڄايان الوداع
    اي سنڌ توکي الوداع
    اي هند توکي الوادع
    (شيخ اياز)


    ڪجهه اکر پبلشر پاران

    ڌرتي ۽ اُن جي ٻولي جي واڌ ويجهه لاءِ هميشه شاعر، اديب ۽ ليکڪ جو ڪردار سڀ کان وڌيڪ ۽ اهم هوندو آهي. ان حوالي سان سنڌ ڌرتي سڀ کان وڌ خوشحال هجڻ گهرجي، جنهن شاهه لطيف، شيخ اياز، احمد ملاح، استاد بخاري، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي جهڙا اَمُلهه ماڻهو پيدا ڪيا آهن، ۽ اهو سلسلو اڃان اڳتي، اياز امر شيخ، ايوب کوسو، ساحر راهو ۽ مشتاق سعيد تائين هلندو اچي/ هلندو رهندو.
    مشتاق سعيد جا هِن کان پهرين ٻه شعري مجموعا شايع ٿي چُڪا آهن، هاڻي هي ٽيون شعري مجموعو ”ڪينرو ڪيسين وڄايان“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب کي ساحل پبليڪيشن ڇپرائي ادب ۾ ڪيترو واڌارو ڪيو آهي، اِن جو فيصلو اوهان پڙهندڙن تي ٿا ڇڏيون.
    اسان جي اِها ڪوشش رهي آهي ته سنڌي ادب ۾ سُٺا ڪتاب شايع ڪري سُٺي علم جو ڦهلاءُ ڪريون ۽ لائبريرين ۾ پُڻ واڌارو اچي، اسان کي اُميد آهي ته ساحل پبلڪيشن طرفان ڇپرايل هي پنجون ڪتاب سُٺن ڪتابن جي فهرست ۾ شامل رهندو، ڪتاب پڙهي اسان کي پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪندا.
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت

    مور ساگر
    03332634650


    مُهاڳ

    سنڌ اسان جي جند پرين!
    (باغي نسل جو شاعر)

    سنڌ جي جاگرافي جي محافظ شاعر شيخ اياز ڪٿي لکيو آهي ته شاعري سڄي عمر جي رياضت جو نالو آهي جيڪا شاعر جي گهري مشاهدي ۽ وسيع مطالعي جو نچوڙ هوندي آهي، باذوق ۽ حَسين شاعر مشتاق سعيد جوڪتاب
    ”ڪينرو ڪيسين وڄايان“ بلڪل ان ڳالهه جو چٽو اهڃاڻ آهي. هي ڪتاب ۽ ان ۾ موجود شاعري نه رڳو حسناڪين ۽ دلڪشين جو ڪاڪ ٽيل آهي پر سماجي شعور، سياسي آگاهي ، امپريلزم ۽ نيشنل ازم، غربت، پسماندگي جهڙن عالمگير خيالن سان ڀرپور ٽين دنيا جي هڪ حساس فرد طرفان ڳوڙهن سان ڀريل هڪ طاقتور ۽ باغياڻي طنز آهي. سامراجيت ۽ ملٽي نيشنل ڊاريڪشنز تي دنيا کي مُٺ ۾ قيد رکڻ جي تمنا ڪندڙ عالمي ۽ ملڪي سفاڪن ۽ رهزنن لاءِ مشتاق وٽ اهڙي زبان ۽ اهڙا لفظ آهن جيڪي فلسطين ۾ محمود درويش وٽ هئا، جيڪي ترڪي ۾ ناظم حڪمت وٽ هئا.
    غلام ملڪن ۾ شاعري هڪ اهڙي تلوار بڻجي پوي ٿي جنهن کي رُڪ جو پاڻي مليل هوندوآهي، جيڪا پنهنجي قوم کي پنهنجي ديس جي درياهن، ڍنڍن، پهاڙن، کيٽن ۽ ٻنين سان محبت جا درس ڏيندي ڏيندي دٻيل لفظن ۾ رسول حمزا توف وانگر اهو چوندي ويندي آهي ته جاڳو ديس تي ڏکيو وقت اچڻ وارو آهي ... سچ ته اهڙي شاعري حقيقي طور دنيا جي محڪومن ۽ مظلومن لاءِ ڏڍ ۽ اتساھ جو ازلي آڌار بڻجي پوندي آهي. هن ڪتاب جي ليکڪ جو تعلق ٽين دنيا جي غلام، پيڙهيل قوم سان آهي ان ڪري وٽس جماليات ۾ به مزاحمت آهي.
    جيڪو گوتم وانگر ڪڏهن گيان ۾ ويهي آڪاشن ڏانهن تڪي پوءِ سوچي ٿو پر پو هي هيڏو انياءُ ڇو ..؟ وک وک تي راوڻ جهڙي رات، بي مهلا وڇوڙا، پري تائين سناٽو ئي سناٽو ۽ وجود هستي يسوع وانگر ڪيستائين رت ڳاڙيندي رهندي ؟ منهنجي آڱرين ۾ ڪيڏو نه ٿڪ آهي ۽ درد جي پکيڙ ڪيڏي نه وڏي آهي ڇو نه ڪو شور اڀري ، ڪو آواز اٿي؟ ڇو نه ڪو نيرو سمنڊ اٿلي پئي؟ ڇو نه گهٽا جا گهنگهرو ڇنن ڇنن ٿي ڇڻڪن؟ ڇو نه رات جي روح ۾ خنجر ٿي لهي پئجي؟ ڇو نه ديس جي مک تان دز لاهجي، ڇو نه آزادي جا سرڪش پرچم اڀ تائين جهولائجن، ڇو، ڇو هي جمود نه ٽٽي سگهي؟ ڇو هي چمڙن ۽ چٻرن جو راڄ نٿو ختم ٿي سگهي؟ تاريخ کي آفريڪي ٻيلن جهڙي ڏائڻ قرار ڏيندڙ ڇو نه ٿا سمجهن ته تاريخ ڪنهن دور ديس جي پهاڙي حسينا به ٿي سگهي ٿي .وهندڙ درياھ روڪي سگهجن ٿا ته وحشتن جو ڇُريون ڇو نه ٿيون ڀڃي سگهجن؟ شايد اهوئي ڪرڀ هڪ حساس ماڻهو ۽ سچيت تخليقڪار جي من کي ايئن سٽي ٿو جيئن ڪا ڌوٻڻ گهاٽ تي ڪپڙن کي سٽيندي آهي، پوءِ اهو ڏات ڌڻي اڳتي وڌي ٿو وسعتون لتاڙي ٿو، نظرين جا نيئر، فتوائن جا ڦندا،ذهني عذاب، ڀوڳنائون، روحاني قيد، کاٻين ۽ ساڄين ڌرين جا دهمان، دين جون پوتيون پستڪ آئون تون، ڇا ڇو، ڪيئن؟ جا ڪڙول، ٽڙڻ جي مند ۾ ڇاڻڻ جون ڇڙٻون، بيوسي جا برپٽ، رڻ جون راتيون، اڪيلائپ جي اڀ هيٺان هڪ شاعر دلين جو ڌوٻي، پوءِ رنگ هارڻ لاءِ آتو ... رنگن جي دنيا ... حُسن جا رنگ، چاهت جا رنگ، پوپٽ جي پرن جا رنگ، مئي جا رنگ، ڪنڀارن جي آويءَ جهڙا رنگ ، درد جا رنگ ، خوشي جا رنگ،روشني جا رنگ، پوءِ هو روحن جو رنگريز ٿي پوي ٿو. رنگن جي ان دلڪش دنيا ۾ هن لاءِ سڄي ڪائنات پرينءَ جي پازيب جي وڄت جهڙي ٿي پئي ٿي، جنهن جي هر ڪنڊ ماڪ جي ڦڙن جهڙن لڙڪن سان آلي هوندي آهي، اهي سڀ سانوڻي جا رنگ گلن جي خوشبو، مينهن وساڙن جي مهڪ، بادلن جي بي پرواهي، حسناڪين جا منظر، لاڙ جي صبحن جهڙي ارڏائي، درياهه جي وهڪ، باک جو بدن ، سانجهه جا ڏيئا، سامونڊي بندر تي لنگر ٿيل ٻيڙا، اڏامندڙ پکي، باغي جوان، يتيم ٻار، نڌڻڪا نسل، درد دل ديس عاشقي جون اهي سڀ ڪفيتيون سانئن مرنا جي اداس ڌَنين جون روپ ڌاري مشتاق سعيد جي ڪتاب ڪينرو ڪيسين وڄايان ۾ نمايان ٿي بيٺيون آهن. مشتاق سعيد جي شاعري ۾ لاڙ جي نرمل صبحن ۾ لَيَن تي پوندڙ ماڪ جي ڌيمي خوشبو آهي، وطنجي سرحد تي شهيد ٿيندڙ سپاهي جي رت هاڻي اجرڪ جو تقدس بچائڻ کان وٺي ٻاگهل جي پوتي جا ٽڪر ميڙڻ تائين، دودي جي تلوار جي چمڪاٽن کان وٺي باکوڙي جي مقتل ۽ خوشبو ٿيل خون جي مهڪار تائين لاوارثي جي رڻ ۾ بيٺل اداس نسل جي ريزه ريزه ٿيل خوابن جي ماتم کان وٺي ٿر جي قتل ٿيل مورن تائين، ڀٽائي جو قسم سمورن ڳوڙهن، وڇوڙن، سوڳوارين، ماتمن ۽ اوسارن کي مشتاق سعيد ڪمال سان ميڙي هڪ اهڙي رڙ بڻائي ڇڏيو آهي جيڪا هڪ ڏينهن ثوراسرافيل بڻجي ويندي ۽ سڄي سنڌ قبرن ۾ ستل مُردن جيان جاڳي پوندي ، غلامي جا ڳٽ ڇيهون ڇيهون ٿي ويندا. سندس شاعري اهڙي برسات جي ڦڙي آهي جيڪا جنهن به سپ جي وات ۾ ويندي ته موتي ٿي نڪرندي ، هن جنهن جي صوفي جهڙي دل ۾ سڄو ديس ٽڪي ٿو،” هم اوست“ جي هوڪي کي ازل جي ناد سمجهي، هو تاريخ جي سدا مرڪندڙ انهن ڪردارن جي پيرن تي پير رکي سفر ۾ آهي جن جي ڏاٽ سڄي ڏيھ کي ست رنگي سانجھين ۾ بدلائي ڇڏيو.
    معاشي بدحالي ۽ سياسي بي رحمي واري دور ۾ به شاعري ۽ ادب جي ميدان ۾ زرخيز هي منهنجو پرين ديس جنهن جي مٽي جي ذري ذري کي نپوڙيو وڃي ته يا شهيدن جو رت ڦوهارا ڪري نڪرندو يا شاعري جا ٿڌا چشما ڦٽي نڪرندا، ان کي ڏات جي ديوار چين ڏيندڙن جو وڏو ڊگهو قافلو آهي، قاضي قادن ۽ مِيون عنايت کان وٺي، لطيف کان اياز تائين ڪي شاعر آڪاش جيڏا آهن، ڪي ڪارونجهر آهن ڪي سنڌو درياھ جيان آهن ته ڪي ڏات جا وڻجهارا آهن ڪي جوڳي آهن يا سامي آهن ڪي رومانوي شاعري جا بادشاھ ڪي انقلابي گيتن جا جرنيل شاعر ڪي روحاني رمزون ڏيندڙ صوفي سنڌ آهن ڪي ڪلاسيڪل شاعري جا مهندار آهن پر سڄو ڏيھ ڳاڙهو کهنبو آهي ان قافلي ۾ لاڙ جي سانوري سيم سجاول پنهنجو حَسين حصو رکندي آئي آهي. آپا مريم مجيدي ۽ اياز امر شيخ جهڙن شاعرن جي وچ ۾ نروار ٿي پنهنجو پاڻ کي الڳ بيهارڻ تي آئون مشتاق سعيد کي لفظن جي لوئي اوڍائيندي ٿو چپان ته جيئن لطيف ۽ سچل جي وچ مان اياز تاريخي اڀار کاڌو تيئن تون به اياز امر ۽ مريم مجيدي جي وچ مان نئين شبيھ ۽ نئين روپ سان نروار ٿيون آهين. اها نواڻ جي خوشبو اجري رکڻي آهي.
    انساني احساسن سان ٿيل ناحق جي تاريخ ته ڪائنات جيتري پراڻي آهي پر جڏهن کان سرحدن جي نئين ورهاڱي جو شڪار ٿيا آهيون تڏهن کان مشتاق جو ديس دلدل ۾ ڦاٿل آهي، مذهبن جي نالي تي لتاڙ، سياست جي نالي تي سوديبازيون، غربت جو گهاڻو، محبت جون محروميون، چاڪي جي ڏاند وانگر گهلبا رهيا آهيون. مشتاق وٽ جتي ڌرتيءَ جي ڌاڙيلن لاءِ ڌڪار وارو ارڏو اظهار آهي اتي سندس شاعري ۾ رومانس جو ندي جي لهرن جهڙو رقص به موجود آهي آڙين جي اُڏار جهڙا ريشمي احساس به نمايان آهن. مشتاق وٽ اظهار جو سرويچ ، مجيدي، مريم،۽ اياز امر، ارشاد ساگر ۽ سانگي وانگي البيلو انداز آهي ، مون سندس جيڪي نظم هن ڪتاب مان چونڊيا اهي سڀ نقل ڪرڻ جهڙا آهن پر ڊيگهه کان بچڻ ۽ پڙهندڙن جي مزاج جي مانوسيت کي نظر ۾ رکي مون اهي هتي ڏيڻ مناسب ناهين سمجهيا، اهو پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي ته اهي مشتاق جا هن ڪتاب ۾ موجود نظم ڪيئن ٿا روح ۾ لاهين پر سچ ته سندس نظمن ۾ بهار جهڙي رنگت آهي، وڄ جا وراڪا آهن، ڪنهن نوخيز نهار جا تجلا آهن، باک ڦٽي جو چڙن جي چونگار آهي، يڪتاري جا آلاپ آهن ۽ هن نطمن جو رنگ مشتاق جي بلڪل اداس مرڪ جهڙو آهي. مشتاق سڀني صنفن سان انصاف ڪري ٿو اهو انڪشاف مونتي سندس پهريون ڪتاب ڌيمي وِهڪ درياھ جي پڙهڻ وقت ئي ٿيو هو. مشتاق جي شفقت ۾ مونکي هن جا ٽهڪ ڏاڍا وڻندا آهن ڇو ته ٽهڪ زندگي جي علامت هوندا آهن ٽهڪ جن ۾ ڪنهن ڍولڪ نواز جي ٿاپ جو پراڏو هوندو آهي، ڪنهن وش ڪنيا جي مرڪ جي مهڪ هوندي آهي، سنجها ويلي جڏهن سج لٿي ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪنهن حسينا جي هٿ مان سون جو ٿالھ ڪِري پيو هجي ان دلنواز منظر کي فقط مشتاق جهڙو ڪو ڪوي ئي حيات جاوداني بخشي سگهي ٿو. مشتاق محرومين، مفلسين، ڌڪار، بک، اڻ برابري، غلامي، جمود، ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف تلوار جي ڌار جهڙا گيت ٿو سرجي، سندس شاعري پڙهندي پڙهندي مونکي وري به اياز جي ڪا آيت ٿي ياد اچي ته هر شاعرِ انقلاب، شاعر محبت نٿو ٿي سگهي پر هر شاعرِ محبت، شاعرِ انقلاب هوندو آهي. مشتاق جي شاعري کي کهنبو اوڍيل آهي سندس نظمن، واين ۽ بيتن کي ايترو حُسن آهي جيترو حُسن ايلورا ۽ اجنتا جي غارن ۾ ٻرندڙ ڏيئن کي آهي، جيترو حُسن ڪارونجهر جي شام کي آهي، جيترو حُسن مٺي جي سانجھ کي آهي، جيترو حُسن ڇاڇري جي باک کي آهي، جيترو حُسن سجاول جي گوناگين گهٽين ۾ آهي جيڪي مونکي اڻ سليل اسرارن جيان ڀاسنديون آهن، مونکي لڳندو آهي ته سجاول ۾ ڪي زمانا اڳ ڪي بادشاهن جون پَٽ راڻيون، ڪي ڪامڻيون رهنديون ۽ پولڪا پائي رقص ڪنديون هيون، مندر هئا، ڏيئا هئا ڄڻ هڪ اڻ ڏٺي تاريخ جي منهنجي ڪنن ۾ سرگوشيون ڪندي آهي، آئون سندس سونهن ۾ ايترو گهيرجي ويندو آهيان جو مونکان بي ساختا رڙ نڪري ويندي آهي ته مار سنڌ ڪيڏي خوبصورت آهي...!
    هي ڪتاب محبت جي پرستارن لاءِ اوجاڳن، اوسيئڙن، انتظارن، بيقرارين جي اڻ ڇهيل خيالن جي ورق گرداني سان ڀرپور آهي، جنهن ۾ آڌين جون محبت جي اڪيلي ڪيل پنڌ ۽ رات جي رهزنن جون بي راهه رويون به آهن. مونکي يقين آهي ته اهو وقت پري ناهي جڏهن ڪائنات جي نئين تاريخ شاعر لکندا، شاعر صدين جون صدائون هوندا آهن جن کي وقت جي دز ميرو نٿي ڪري سگهي. کٽندڙ ۽ هارائيندڙ سياستدان ۽ جرنل ايندا ويندا آهن پر شاعرن جا مسڪن دليون هونديون آهن، روح هوندا آهن، اهي سدا حيات رهندا آهن، انهن جي ٻولي، انهن جو فڪر، انهن جو گس ،انسانيت جي عظيم ڳانڍاپي جو اهڃاڻ هوندو آهي.ڀلا برصغير جو ورهاڱو ڪبير، تلسي ، لطيف ۽ سچل کي جدا ڪري سگهيو؟ منهنجي رُوح ۾ جيترو پيار اياز ۽ مشتاق لاءِ آهي اوترو نذار قاباني ۽ ناظم حڪمت لاءِ آهي، اها ڳالهه درست آهي ته هر شاعر جي زمين پنهنجي هوندي آهي سنڌ ۾ رهي اکيون پوئي فلسطين جي بيواه ٿيل ناري جي ڳوڙهن تي لکجي پر سنڌ جي ڪنهن ڀوتار هٿان عزت ۽ اپمان وڃائيندڙ هارياڻي کي نظرانداز ڪجي ته اها ڪا بين القواميت پسندي ناهي. ٽين دنيا جو اصطلاح ئي بک، ڏڪار، ذلت، آپيشاهي، محرومي، درد، ۽ ماتم جو آهي. مشتاق سعيد قومي جياپي لاءِ وڙهندڙ هر جنگ کي روحاني تناظر ۾ ڏسي ٿو، تڏهن هن جون اکيون هر شام غريبان تي نمرود جي آتش جيان پچي پون ٿيون، هو شبنم کي شعلو بنائي وڌي ٿو، ڏونگر ڏورڻ وارو، ٽَڪر ٽوڙڻ وارو، تاريخي ۽ لطيفي پنڌ سندس لاءِ مڪي ۽ هنگلاج جي پنڌ کان به وڌيڪ مقدس ٿي ٿو پئي. مون قومي درد، آزادي جي تانگهه، بقا جو رستو سندس شاعري ۾ ارزان ڏٺو آهي هو ذميوار ۽ ڪميٽيڊ تخليقڪار آهي.
    آئون چاهيان ها ته ڪنهن نقاد جي نڪ مٿان لٽڪيل وڏن ڪاون واري چشمي مان مشتاق جي شاعري جو ”وڍ ڪٽ“ ٿيل وجود ڏسي پوءِ لکي پئي سگهيس پر آئون پيار جي پورهئي کي پيار جي اک سان ڏسڻ کي گلابي حقيقت ٿو سمجهان، ندين، گلن ۽ پرين تي ته رڳو گيڙو رتيون ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، سنڌور جهڙيون سِٽون لکي سگهجن ٿيون. شاعري جي اپسرا جي ڊگهن ذلفن ۾ نرملتا سان آڱريون ڦيرائي ماڻهو آڪاس جيڏو آنند ماڻي سگهي ٿو. اها روايت هاڻ اڪارج ٿيڻ کپي ته تنقيد ۽ مهاڳ جي نالي ۾ ڪتاب ۽ شاعري جو مهانڊو ئي بدلائي ڇڏجي ،ڪلارڪن ۽ ڪامورن وانگر ادب لکڻ کان بهتر آهي ته وڃي ڪو ٻني ٻارو ڪجي،هاڻ نئين ڳالهه ٿيڻ کپي، نوان گل ڦٽڻ کپن، تازي مهڪ ڀري هوا گهلڻ کپي، شاعرن کي آزادي سان لکڻ ڏجي، ٻارن کي رانديون رهڻ ڏجن، عورتن کي کلڻ کان نه روڪجي نئين دور سان سنڌ کي انساني ماڻهپي، رواداري، سيڪيولرازم، شاعري ،ادب کي انسان دوستي طور متعارف ڪرائڻ سياستدانن کان وڌيڪ اديبن جي ذميواري آهي. اها ڳاڙهي سج اڀرڻ جي ڳالهه جيڪا لطيف ڪئي ان کي تازگي باکوڙي تي شيهد وطن قربان کهاوڙ ڏني ان ۾ جيڪا نئين نرالي دلڪش رعنائي اپريل جي گونگي ان رات ۾ ڌرتيءَ جي پٽ بشير قريشي ارپي، ان جهنڊي کي جهم جي پاڻي ۾ ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ شاعري کي جي ايم سيد جهڙي دل ڏيڻي پوندي. تاريخ جي اها للڪار مشتاق سعيد ورنائي آهي سندس شاعري ۾ اهي سڀ رنگ آهن جيڪي عظيم سنڌ جي ساک ڀرين ٿا آئون سمجهان ٿو ته سنڌ سهي سمورا ڳڻ ۽مثبت قدر ميڙي رهي آهي جن سان هو موجوده ۽ ايندڙ زمانن تائين دنيا جي نقشي تي اثر انداز ٿي سگهندي ...

    نواز شاھ ڀاڏائي ٺٽو
    7 آڪٽوبر 2012


    باک ٿي مونکان پُڇي

    صدين کان شاعري ئي اهڙو واحد ذريعو رهي آهي، جنهن نه صرف ڪائنات کي رنگين ۽ خوشبودار بڻايو آهي پر غلاميءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل انسانن کي اُتساهي آزاديءَ جي در تي آڻي بيهاريو آهي. سنڌ ڌرتي شروع کان ئي خوشقسمت رهي آهي ، جنهن ۾ شاعريءَ هميشه رهبري ۽ رهنمائي جو ڪم ڏنو آهي. هتي شاعريءَ جا کيت سدائين سرسبز ۽ شاداب رهيا آهن.
    اهڙي سرسبز کيتر جو هڪ شاعر مشتاق سعيد پڻ آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ وسيلي ادب جي جهول ۾ ڪيترائي موتي پلٽيا آهن. سندس شاعراڻي ڏات جي اها موتين مالها، ڏينهون ڏينهن واڌاري ڏانهن وڌي رهي آهي. هينئر هي سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”ڪينرو ڪيسين وڄايان“ اسان جي هٿن ۾ آهي. هن کان پهرين سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ”ڌيمي وهڪ درياھ جي“ ۽ ” ڀرپور سمندر گرجي ٿو“ آيل آهن. هي ڪتاب سٺي شاعريءَ جو مجموعو چئي سگهجي ٿو.
    مشتاق شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ ڪاميابي ماڻي اٿس. شاعر جي تخليقي ڏات تي هميشه هنن شين جو گهرو اثر ٿئي ٿو ماحول، مطالعو، مشاهدو ۽ طبيعت. ماحول، مطالعو ۽ مشاهدو ته هميشه حالتن جي پيداوار پئي رهيا آهن، جڏهن ته طبيعت صرف ۽ صرف قدرت جي عطا رهي آهي، ڏسڻ ۾ آيو آهي ته فرد جي طبيعت جو لاڙو جنهن طرف هوندو، تخليق ۾ به اهو ئي رنگ جهلڪندو نظر ايندو، شاعريءَ جو نمونو، پاڻ ڪڏهن به چونڊبو ناهي پر شاعر جي سوچ ۽ فڪر جو انداز ئي کيس ان رستي تي وٺي ويندو آهي.
    مشتاق جي شاعريءَ ۾ سندس مشاهدو، ۽ سوچ فڪر نمايان نظر اچي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ اندر جا احساس، اُڌما ڏيئي ٻاهر اچن ٿا جيئن هن نظم ۾ چوي ٿو ته،
    ٽين دنيا جا بکيا ماڻهو،
    خوابن جا ڀي لاش کڻن ٿا،
    ماني جي هڪ ڳڀري لاءِ،
    پنهنجو رت ۽ ماس ڏين ٿا.
    هن نظم ۾ سندس احساس جو درد پسي سگهجي ٿو. هڪ سچو شاعر، خوشيءَ ۾ پنهنجو اظهار جهڙيءَ ريت ڪري ٿو ان کان ٻيڻو اظهار هو ڏک مهل ڪندو آهي، جڏهن سماج ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافيون ڏسي، سندس اندر اڌ ٿي پوندو آهي ته هو اظهار قلم ذريعي ڪندو ۽ پنهنجي احساسن ۽ جذبن جي وارتا، نثر يا نظم ۾ ظاهر ڪندو.
    مشتاق پنهنجي احساسن کي هن نظم ۾ ڪيترو خوبصورت طريقي سان چٽيو آهي
    جنهن وقت سمندر لهرن سان،
    اڌ رات اُٿي ٿو چنڊ ڏس،
    ۽ تارن جو هي منڊ ڏسي،
    ٿي منهنجي جيءَ کي ڇڪ اچي،
    ڄڻ آڪاسن تان ڪا دنيا،
    ٿي منهنجي ڌرتيءَ ڏي نهاري،
    مان نيل گگن تي واجھ وجهي،
    ڄڻ ڪائي پرولي سوچيان ٿو،
    ۽ لوچيان ٿو.
    ڪيڏي گهرائي آهي هن نظم ۾، پڙهندڙ کي محسوس ڪرائي ٿو ته، هن سڄي ڪائنات ۾، هر انسان جي دل کي پنهنجي پنهنجي سوچ مطابق ڇڪ اچي ٿي ۽ هر انسان فطرت مطابق آزادي سان سوچي ٿو.
    هن ڪتاب ۾ نظم ،وايون، ۽ بيت، شامل آهن، جيڪي سندس شاعراڻي ڏات کي ظاهر ڪن ٿا. سندس قلم جي نوڪ مان جتي سماج جي چُڀندڙ رشتن ناتن لاءِ شاعري لکجي ٿي اُتي دل کي ڇهندڙ حَسين لفظن جي جوڙ جڪ پڻ ملي ٿي جيئن هنن چئن سٽن ۾ اسين بخوبي پسي سگهون ٿا،
    جا جوت ملي آ، جيءَ اندر،
    ڪائي ته شمع سا ٻاريندي،
    اڌ رات اَڪن جي پَنڙن تي،
    ڪا چانڊوڪي سا هاريندي.
    شاعر امن ۽ محبت جا پيامبر ٿيندا آهن. سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين تي هو رت جا ڳوڙها ڳاڙين ٿا. مشتاق به امن پسند انسان آهي جيئن هن نظم ۾ خدا سان شڪايتي انداز ۾ فرياد ڪري ٿو ته ،
    اي خدا، تون ڊاهي پَٽِ ڪر،
    مسجدون هي سڀ ڪليسا ۽ مندر،
    تون به هڪڙو جوڙ گهر.
    يعني سماج ۾ جيڪا فرقيواريت جي گرم هوا گُهلي رهي آهي، اُها نه هئڻ گهرجي هرجاءِ تي، هر مذهب ۾ خدا تعاليٰ هڪ آهي، ته پوءِ هي نفرتون ڇو آهن ؟ سڀني کي ملي هڪ ٿيڻ گهرجي ۽ پُرامن ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي. هر دور جو شاعر، ماحول ۽ معاشري جو ترجمان هوندو آهي. هن جي پارکو نظر سماج اندر ٿيندڙ ٽوڙ ڦوڙ کي ڏسي برداشت نه ٿي ڪري پوءِ هو قلم جو سهارو وٺي انهن تفريقن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي . مشتاق جا به هن ڪتاب جي سڄي شاعريءَ ۾ اهڙا ئي ميٺ محبت وارا ۽ پُرامن جذبا نظر اچن ٿا. هو ڌرتيءَ سان ٿيندڙ زيادتين تي به قلم کڻي ٿو ته طبقاتي نظام تي به اهنج محسوس ڪري ٿو. مشتاق سعيد ۾ اهي سڀ احساس موجود آهن جيڪي هن باشعور انسان ۾ هوندا آهن. دعا آهي ته ڌڻي تعاليٰ سندس قلم کي اڃان به وڌيڪ سگھه عطا ڪري.

    پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ


    شاعر پاران

    ڦُلڙيون ڦُلڙيون ڏات

    مونکي ٽئگور جو هڪ نظم اڪثر ياد ايندو آهي، جنهن ۾ هُن لکيو آهي ته ”تنهنجي رٿَ ظاهر ٿي ته آئون خوش ٿيس ته اڄ آئون مالا مال ٿي ويندس ۽ تون مونکي بنا گُهرڻ جي گهڻو ڪجهه ڏيندين، پر جڏهن تنهنجي رٿَ اچي مون وٽ بيٺي، مون توکان ڪجهه گُهري وٺڻ ٿي چاهيو، تون رٿَ مان لهي آئين ۽ مونکي ڪجهه ڏيڻ بدران تو
    مون اڳيان هٿ ڊگهيريو ۽ مونکي چيو ته تون وٽ ڇا آهي مونکي ڏيڻ لاءِ؟ آئون حيران ٿي ويس، پنهنجي گودڙيءَ مان اَنَ جو هڪ داڻو ڪڍي توکي ڏنم ۽ تون هليو وئين، ان شام جڏهن آئون پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ گودڙيءَ کي کولي جانچي رهيو هوس ته مونکي سون جو هڪ داڻو نظر آيو، تڏهن حسرت ۽ ڏک مان سوچيم ته ڪاش آئون پنهنجو سڀ ڪجهه توکي ڏئي ڇڏيان ها..!“
    ٽئگور جو اهو نظم پڙهڻ کان پوءِ سوچيان ٿو ته آئون زندگيءَ ۾ڪنهن کي به ڪجهه ڏئي نه سگهيو آهيان ۽ نه ئي ڪنهن کان ڪجهه وٺي سگهيو آهيان، بنهه خالي رهيو آهيان، مڪمل خالي پڻو، هڪ لاشخص جي روپ ۾ مون پنهنجو وجود ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، مونکي پنهنجو وجود ڪٿي به نظر نه ٿو اچي، ڪڏهن ڪڏهن ته اهو گمان ٿيندو اٿم ته آئون شايد آهيان ئي ڪونه، ڪٿي به ناهيان، نه ڌرتيءَ تي، نه افق ۾،نه چنڊ ستارن تي ۽ نه ڪنهن جي دل ۾، آئون ته آهيان ئي ڪونه، صرف هڪ خيال آهيان،خالي پڻي جو خيال، سندرتا کان خالي، فڪر کان خالي...!
    مون لطيف ۽ سرمست کان وٺي شيخ اياز تائين سنڌ جي سمورن ڪوين جي ڪويتا ۾ پاڻ کي ڳوليو آهي پر مونکي ڪٿي به پنهنجو وجود نظر نه آيو آهي...!
    آئون پنهنجي وجود جي ڳولا ۾ ڀٽڪي رهيو آهيان، آئون پنهنجو وجود ان شخص ۾ ڳولي رهيو آهيان جنهن لاءِ شيخ اياز چيو هو ته؛
    تون جو مونکان پوءِ اچين،
    ڪينجهرکان ڪارونجهر تائين،
    منهنجا گيت ٻڌين، مونکي ياد ڪرين،
    سنڌڙي ساري ڳاڙهو کهنبو ٿي ويندين تيسين،
    ۽ جي ان تي منهنجي ڦُلڙيون ڦُلڙيون ڏات ڏسين،
    شال اهو سمجهين،
    ڏات وڏي شيءِ ناهي پرسچ وڏي شيءِ آهي،
    جنهن شخص لاءِ اياز اهي سٽون لکيون، آئون ان شخص جي ڳولا ڪري رهيو آهيان پر مونکي ان جو ڪو ڏَس پتو نه ملي سگهيو آهي. آئون ڪنهن مهل پاڻ کي اتاهين تان هيٺ اونداهين ۾ ڪِرندي محسوس ڪريان ٿو ته ڪنهن مهل اڏامي چنڊ ستارن کان به مٿي ڏُور افق ۾ هليو وڃان ٿو ۽ وري ڦهڪو ڪري ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ اچي پوان ٿو، تڏهن محسوس ڪريان ٿو ته آئون ڪجهه به ناهيان...!
    آئون محسوس ڪريان ٿو ته منهنجي ڪلهي ۾ ٽوڪري آهي ۽ آئون سڄي ڪويتا کيتر وڙولي ڏات جون ڦُلڙيون ان ٽوڪريءَ ۾ ڀريان ٿو،پر جڏهن سانجهيءَ ويلي پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ پهچان ٿو ته ٽوڪري خالي آهي، ڏات جون ڦُلڙيون الائي ڪٿي واٽ تي ئي گم ٿي وڃن ٿيون...!
    آئون هڪ عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا آهيان، منهنجي ڪَنن ۾ ٻُرندڙ پڙلاءُ مونکي ولوڙي رهيا آهن، منهنجو اندر ايئن گرجي ٿو جيئن چنڊ جي چوڏهين رات ۾ سمنڊ گرجندو آهي. آئون ان ديس جو رهواسي آهيان جتي ڌارين جي لتاڙ جا نشان ايترا ته گهڻا آهن، جو پنهنجن جا پيرا بنھ نه ٿا لڀجن، منهنجي ڪَنن ۾ ترخانن ۽ ارغونن جي گهوڙن جي ٽاٻڙ ٽاٻڙ ۽ هڻڪارن جا آواز ٻُري رهيا آهن، آئون مڪليءَ تي لڙڪيل آخوند صالح جي ڪپيل زبان کي اچرج مان ڏسي رهيو آهيان، موهن جي دڙي جي کنڊرن ۾ پنهنجي سايي کان به ڇِرڪي رهيو آهيان ۽ محسوس ڪريان ٿو ته ٻيجل جو چنگ پوءِ به بس ئي نه ٿو ڪري...!
    منهنجا خواب سرحدن جا ليڪا لتاڙي پري پري جي ديسن تان ڀٽڪي موٽن ٿا، مونکي گوئٽي ۽ بائي شيلي جو صدائون بي چين ڪن ٿيون، سقراط ۽ سورويٽ جو سچ مونکي يونان مان گُهوري رهيو آهي، پر آئون ڪانئر آهيان، سڀ ڪجهه ڏسندي به خاموش آهيان، ٻُڌندي به ماٺ آهيان، آئون جڏهن به قلم کڻان ٿو ته منهنجا هٿ ڪنبڻ لڳن ٿا، ڪجهه لکي نه ٿو سگهان، پرھ ڦٽيءَ جو، وڻن جي ٽارين تي ويٺل پکين جون ٻوليون مونکي بيچين ته ڪن ٿيون پر آئون انهن پکين سان گڏ ٻوليون ٻولڻ کان محروم آهيان، آئون هڪ عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا آهيان ۽ پنهنجي وجود کي ڳولي رهيو آهيان...!

    اوهانجو پنهنجو
    مشتاق سعيد
    03332723101


    نـظـم/ آزاد نظم

    ڇڏيل ڪينرو...

    اياز تنهنجا اشعارمون لئه مشعل آهن،
    جو ڪينرو تون ڇڏي ويو آن،
    سوڄڻ ته مون آ ڪُلهي ۾ پاتو،
    اڃا به آتو،
    سنگيت آهي،
    ۽ گيت آهي،
    جو ذهن منهنجي مٿان لهي ٿو،
    سنگيت آهي،
    جو دل ۾ڪوئي ولوڙ ڏئي ٿو،
    سفر صدين جو تڳيو جو تو آ،
    اتان ئي پيرا کڻي اچان پيو،
    اوهانجا ديرا وٺي اچان پيو،
    جو گيت تو هو ڇڏيو اڌورو،
    انهيءَ کي پورو،
    ڪري سگهان يا مَري وڃان مان،
    اهو نه ڄاڻان مگر ٿو ڄاڻان،
    جو ڪينرو تون ڇڏي ويو آن،
    سو ڄڻ ته مون آ ڪُلهي ۾ پاتو.
    *


    ڄَميا به آهيون مَريا به آهيون...!

    اسان ته اڳ۾ هزار ڀيرا،
    ڄَميا به آهيون ،مَريا به آهيون...!
    اسانجي هستي پُڇين ٿو ڇاهي؟
    وجود وستي پُڇين ٿو ڇاهي ؟
    اسانکي موتين جي مهڪ ۾ ڏِس،
    ڦَٽيا جي جنگ ۾ تني جي هر هڪ چهڪ ۾ ڏِس،
    هوءَ ڪولهياڻيءَ جي ٻانهن ڪاري
    انهيءَ جا ڪنگڻ اسان ته آهيون،
    هوءَ باگڙياڻيءَ مٿي تي کاري ،
    انهيءَ جا اوڇڻ اسان ته آهيون،
    اسانکي تارن ڪتين ۾ ڳوليو،
    کِڙيا به آهيون ٽِڙيا به آهيون،
    اسان ته اڳ ۾ هزارڀيرا ،
    ڄَميا به آهيون مَريا به آهيون...!
    ڪڏهن وٺاسين ته سانوڻي ٿي ،
    ڪڏهن ٻَرياسين ته چاندني ٿي ،
    اسان ته ٽئگور جا ئي پاڇا،
    اياز ٿي هِت رهيا به آهيون،
    اسان ته اڳ ۾ هزار ڀيرا ،
    ڄَميا به آهيون مَريا به آهيون...!
    ٿرن بَرن ۾ ڪنڊا به آهيون،
    سنڌو جا ڳاڙها جهنڊا به آهيون
    اسان ته اڳ ۾ هزارڀيرا ،
    ڄَميا به آهيون مَريا به آهيون...!


    گيت ته ڪڏهن مَرڻا ناهن...!

    گيت ته ڪڏهن مَرڻا ناهن...!
    واڪا سڏڪا ورڻا آهن،
    تاريخن جا تهه ڦلوري ، جي به ڏٺاسين،
    سڏ وراڪا صدين تائين،
    تارن ،ڌرتيءَ،ندين تائين،
    گونج هُياسي گجڻا آهن،
    گيت ته ڪڏهن مرڻا ناهن...!
    هوجو ”وليم“ ”بائي شيلي،
    منهنجو ڄڻ هو ساٿي ٻيلي،
    هائنيءَ: جا گيت به ساڳيا،
    سچل جا سنگيت به ساڳيا،
    ٻيجل جو جيئن چنگ چُري ٿو،
    منهنجي دل جي ڀيرِ وڄي ٿي،
    وڏ ڦُڙي ۾ ٻيرِ وڄي ٿي،
    سانوڻ جي برساتن ۾ جو،
    پن پن مان پڙُلاءُ اچي ٿو،
    خاموشيءَ کي گهاءُ اچي ٿو،
    تاڪ ڪَنن جا کڙڪن ٿا جو،
    ساز انهن ۾ سَمڻا آهن،
    گيت ته ڪڏهن مرڻا ناِهن...،
    ڌرتيءَ جي آغوش ۾ ٿمجي،
    هڏا اسانجا سڙڻا آهن،
    گيت مگر پر مرڻا ناهن...،
    *


    پيار جهڙو پاپ

    پيار جو ڄڻ پاپ مونکان روز ٻيهر ٿي وڃي ٿو،
    هائو دلبر ٿي وڃي ٿو،
    هر جنم ۾ جيءَ جهاڙي،
    مصيبتن جا دڳ لتاڙي،
    ٿو سڏيان مان پيار کي هڪڙو گناهه،
    هائو پو ڀي،
    هر جنم سان،
    زندگيءَ جي هر ڀرم سان،
    جو وڌايان اُڀ ڏي ٿو هر قدم سان،
    پيار ٻيهر ٿي وڃي ٿو،
    پاپ جهڙو ٿو لڳي پر، ها مگر هي ٿي وڃي ٿو،
    *


    زندگي آ ٻن صفحن تي...

    ذات ۾ ڪا ڏات آهي،
    جا صِفا تون ٿي اچي ٿي،
    ماپيان ٿو اڀ کان ڌرتيءَ تائين ،
    ڪائناتون ٿي اچي ٿي،
    پيار جو دڳ ٿي وٺي،
    بوُند هرڪا بانوري آ، رُت جيڪا سانوري آ،
    پيار جي سا ڇانوري آ،
    پيار کان آجو نه آهي پانڌ منهنجي روح جو،
    ها مگر بس ٿي وڃي ٿو،
    هي گناهه مونکان اوس ئي ٿي وڃي ٿو،
    هر ڪنهن فڪر ۽ غور کان ايڏو پري،
    تاريخ جي هر دور کان ايڏو پري،
    ڪا زندگي آباد آهي ،يا نه آهي؟
    ها ڪيئن چئجي....؟
    هڪ راز آهي جو کُلي ٿو،
    ٻيو راز آهي جو لِڪي ٿو،
    هي زندگي آ ٻن صفحن تي،
    هڪ صفحو آ اڻ لکيل،
    ۽ ٻيوآهي ڀَريل،
    هڪ روح جي تحرير آ،
    جا ڪونه سمجهي آ سگهيو،
    آ جو نه سمهجيو، سو ويو،
    اسرار ۾ غلطان ٿي،
    اسرار اهڙو جو جتي،
    ڪا زندگي آباد آهي،يا نه آهي؟
    ها ڪيئن چئجي ...؟
    سا ڪيئن چئجي...
    *


    خواب ڳولي ڏيو...

    قديم آثار جا او صاحب،
    مونکي به منهنجا خواب ڳولي ڏيو افق مان...،
    سجايا جيڪي هُيا مون سپنا،
    پَرايا ٿي ويا، رهيا جي اپنا،
    اهي به مونکان ويا اُڏامي،
    اوهان زمينون به کوٽيو ٿا،
    صديون پُراڻا جي شهر ها سي ڳوليو ٿا،
    ته پولار کي ڀي ڏسو تلاشي،
    ڪتيون تراشي،
    وٺي ڏيو ڪا سندور جهڙي،
    چمڪ شفق کان،
    مونکي منهنجا خواب ڳولي،
    ڏيو افق مان....!
    *


    نئين زندگي

    تون ڏسين ٿو هي پپر،
    ڄڻ خزان ۾ ويو مَري آ،
    زندگيءَ کان نابري آ،
    پو به هن کي آس آهي،
    بهار ايندو،
    ۽ درياهه ٿي تارِ ايندو،
    هي وري ڀي پن جهليندو،
    چهچ ساوا پن جيڪي ويا ڇڻي ها،
    واءُ تن کي ويا کڻي ها،
    گونچ ٻيهر نسرندا ۽ِ،
    گل ٻيهر اُسرندا،
    زندگي ٻيهار ايندي،
    روپ نئين سان ها سَجيندي،
    پوءِ ڀي تون ڪيئن چئين ٿو.....،
    هي مَري ويو، ها مَري ويو،
    جو مَري ويو،
    تنهن جي ٻيهر موٽ ٿيندي،
    زندگيءَ جي اوٽ ٿيندي،
    ڪاش تون سمجهي سگهين ها،
    زندگيءَ جي راز کي ۽،
    موت جي آواز کي ،
    ڪاش تون سمجهي سگهين ها،


    آبشار

    مون اندر ڪو آبشار آ،
    پياس مونکي پئي ٿي ڳولي.....!
    ڄڻ ته آهيان ساڀيان مان،
    آس مونکي پئي ٿي لڳي..!
    مان اندر ۾ اجنبي هان،
    پو به ڪائي روشني هان،
    جا ازل کان پئي ٻَري ٿي،
    زندگيءَ جا راز بنجي،
    ڄڻ هوا جا ساز بنجي،
    ها مگر آواز بنجي،
    گونججان ٿو مان فضا تي،
    زندگيءَ جي ابتدا تي ،
    موت جي ڀي انتها تي،
    ڪي نشان اهڙا ڇڏيان ٿو،
    زندگي ٿي جن کي ڳولي ،
    ڪو اندر ۾ اسرارآ،
    مون اندر ڪو آبشارآ،
    پياس مونکي پئي ٿي ڳولي...!
    *


    تون ستارن جي ڪناري...

    عشق کي مان وائکو ائين ڪيئن ڪريان؟
    تون سمايل آن گهٽا گهنگهور ۾،
    مون ڏٺو توکي سڄي ڀنڀور ۾،
    هر ٺري ٿي رات جا تنهن ۾ به آن،
    ٿي وسي برسات جا تنهن ۾ به آن،
    ساهه کان ڀي آهين ويجهو،
    من اندر ٿي تات جا تنهن ۾ به آن،
    تون سمايل هر جڳهه، منظر اندر،
    ڪٿ ڏسان ٿو ،ٿو ملين مندر اندر،
    تون ستارن جي ڪناري ڀي رهين،
    تون ته ندين جي لهواري ٿو وَهين ،
    هي سمندر جو گَجي ٿو شور سان،
    لهر ۾ ڀي ٿو نچين تون ٽور سان،
    روپ تنهنجا هي سمورا،
    گيت پنهنجي ۾ ئي ڀريان،
    عشق کي مان وائکو ائين ڪيئن ڪريان؟
    *


    تون نه آئينءَ...

    تون نه آئينءَ تون نه آئينءَ پَر سَکي،
    چنڊ ساڳي ريت ئي اَڀري پيو،
    سج ساڳي تاب سان نِکري پيو،
    ها خبر ٿئي؟
    تون جي آهين گيت منهنجا ٿا سَجَن،
    سونهن تنهنجي ئي منجهان.
    وار تون ڇوڙين جڏهن ٿي،
    وار جي هر ڀڱ مان،
    سِٽِ ڪائي ٿو لکان،
    ها مگر،
    تون جي ناهين گيت منهنجا يادگيريون،
    ٿي وَسن ٿا،
    سانوڻيءَ جيئن ئي گَجن ٿا،
    لهر وانگي ڄڻ لڳن ٿا،
    ذهن جي ڪنڌيءَ مٿان،
    جاڳ سان ئي باک ٿئي ٿي،
    گيتِ ساڳي ريت ئي اُتري پيو،
    چنڊ ساڳي ريت ئي اُڀري پيو،
    تون نه آئينءَ تون نه آئينءَ پَر سَکي،
    سج ساڳي تاب سان نِکري پيو،
    *


    سِڪ...

    يار تنهنجي سِڪ ۾،
    جيتري آهي خوشي،
    ايتري آهي غمي،
    ۽ نمي،
    جا وَسي ٿي نيڻ مان،
    سائي منهنجي ساک آ،
    دل مگر بي باڪ آ،
    جا نه جنت ٿي گَهري،
    ۽ نه حُورون ۽ نديون،
    کير ۽ ماکيءَ سنديون،
    دل ته چاهي ٿي رُڳو،
    روبرو تنهنجي هُجان،
    سامنو تنهنجو ڪيان،
    واٽ ڏاڍي آ ڏُکي،
    جيتري آهي خوشي،
    ايتري آهي غمي.
    *


    جي ويا موٽيا نه آهن

    جي ويا موٽيا نه آهن،
    سال ٿيا موٽيا نه آهن،
    ڪيئن ويا ڪا ڏي ويا هِنِ؟
    هِتِ هُيا جي گڏ سي،
    هُتِ مليا يا ڌار آهن؟
    ڪيئن چوان ڪنهن پار آهن،
    پر مڻيا ماڻهوءَ سندي،
    ڏات جي هئي روپ ۾ جا،
    بات جي هئي روپ ۾ سا،
    ٿي بقا رهجي وئي آ،
    سانوڻيون جيئن ٿيون وسن ،
    ۽ گهٽائون جيئن اچن ،
    ٻول تن جا ٿا ٻُرن ،
    قول تن جا ٿا وڄن،
    واءُ جي هر ساز سان ۽،
    تار جي هر وَهِڪ سان،
    موتين جي مهڪ سان،
    سي ته ها ڄڻ ويا نه آهن،
    جي ويا موٽيا نه آهن،
    پر مڻيا ماڻهوءَ سندي ،
    ٿي بقا رهجي وئي آ،


    اسانجو جو چنڊ تون آهين

    الا مان ڇا چوان توکي ..؟؟
    سموريون ڪائناتون ۽،
    سمورا منڊ تون آهين،
    اسانجو چنڊ تون آهين،
    ڪڏهن اُڀرين افق تي ٿو،
    ڪڏهن چمڪين شفق تي ٿو ،
    ڪٿي لهرن اندر لهڪين،
    ڪٿي خوشبو اندر مهڪين،
    ڪنارا ڪُنڊ تون آهين،
    اسانجو چنڊ تون آهين،
    هزارين روپ ڌارين ٿو،
    هوائن ۾ رواني تون ،
    حقيقت جي نشاني تون،
    ڪٿي ظاهر ڪٿي باطن ،
    سموري ضرب تون آهين،
    سموري ونڊ تون آهين،
    اسانجو جو چنڊ تون آهين،
    *


    نئين صُبح جا نياپا...

    جنهن وقت سمندر لهرن سان،
    اڌ رات اُٿي ٿو چنڊ ڏسي ،
    ۽ تارن جو هي منڊ ڏسي ،
    ٿي منهنجي جيءَ کي ڇڪَ اچي،
    ڄڻ آڪاسن تان ڪا دنيا،
    ٿي منهنجي ڌرتيءَ ڏي نهاري ،
    مان نيل گگن تي واجهه وجهي ،
    ڄڻ ڪائي پرولي سوچيان ٿو،
    ۽ لوچيان ٿو،
    هو ٻٻرن جي هر ٽاريءَ تي ،
    جي ننڊ پکيئڙا آهن پيا ،
    ٿو چنڊ ڏسي هو ڪيئن سُتا؟؟
    هي ويل فجر جو جاڳن ٿا،
    ۽منهنجي گيتن وانگيان هو،
    ڪي گيت نيارا ڳائن ٿا،
    پَرَ ساهن ٿا،
    هر نئين صبح جي نياپن سان،
    هونينهن نِڪورا ٺاهن ٿا،
    ۽ ڪيڏو قرب وِراهن ٿا،
    *


    ها سنڌ وري پو ڳائبو...

    ها جئين جبل تان جهرِڻا هي،
    ٿا اوچائيءَ تان هيٺ ڪِرِن،
    ائين منهنجي هن حياتيءَ جا،
    ٿا ڏينهڙا قبرستان وڃن ،

    سازن ۽ آوازن ۾ جا،
    ڏس ڪيڏي تيز رواني آ،
    سو ساڳيو شور حياتيءَ ۾،
    پر پل کن جي ئي جواني آ،

    جا جوت ملي آ جيءَ اندر،
    ڪائي ته شمع سان ٻاريندي،
    اڌ رات اَڪَنِ جي پنڙن تي ،
    ڪا چانڊوڪي سا هاريندي،

    جئين رڻ تي هرڻيون ڊوڙن ٿيون،
    ائين شعر ڊُڪن ٿا مون من ۾،
    انڌياري ۾ ئي وڃڻو آ،
    پر آگ لڳا ئي ڪا بن ۾،

    جي ٻُورَ نمن ۾ ٻهڪي پيا،
    تنهن مُند وري پو ڳائبو،
    آ سنڌ اسانجي جند پرين،
    ها سنڌ وري پو ڳائبو،
    اي جند وري پو ڳائبو


    ڪير آهيان...؟

    ڪير آهيان ، ڪير آهيان؟
    موت توکي ڇا ٻُڌايان؟
    ڳِجهَه جي نظرن ڏٺو مان،
    ماس جو هڪ ڍير آهيان،
    چنڊ ڌرتيءَ ڏي ڏٺومان،
    ڌوڙ ۽ ڪا مير آهيان،
    گول ڌرتيءَ تي ڦِران ٿو،
    مان به ڪوئي ڦير آهيان،
    ها مگر ڪا شيءِ ئي ناهيان،
    پو به جيءَ مان جي ڦُٽن ٿيون،
    آبشارن جون نديون،
    سي صديون،
    وهڪرن سان ڊوڙنديون،
    ڪي وليون ڀي گل جَهلينديون،
    مان ڀلي ئي ڌوڙ لٽجان،
    سڏ ڌرتيءَ تي ئي رهندا،
    نيٺ ڪنهن کي جاڳ ايندي،
    موت توکي مات ايندي،
    *


    ڀڳوانن جو ڇا ٿيندو....؟

    مندر کي آ باهه لڳي وئي،
    ڀڳوانن جو ڇا ٿيندو....؟
    هر ڪنهن پنهنجي جان بچائي،
    ايمانن جو ڇا ٿيندو...؟
    گيان ۾ جيڪي گم هُياسي،
    پوڄا ۾ ئي مڌم هُياسي،
    تن ئي گيان اڌورا ڇڏيا،
    ڌيان به ها اڻ پورا ڇڏيا،
    مندر ٿي شمشان پيو پو،
    انسانن جو ڇا ٿيندو...؟
    ائين پيو هو ٽاڪوڙو جو،
    وسري ويا ڀڳوان سڀيئي،
    ٽڙڪي پيا ايمان سڀيئي،
    درد ته ساڳيا رهجي ويا پر،
    درمانن جو ڇا ٿيندو؟
    مندر کي آ باهه لڳي وئي،
    ڀڳوانن جو ڇا ٿيندو....؟
    *


    بانسري

    بانسري آ ڪاٺ جو هڪڙو ٽُڪِرِ
    ها مگر ڪيڏا نه سُرَ،
    ٿي ڪڍي ، جنهن وقت ڪنهنجي چپ تي،
    ڄڻ ته ٿي چُميون وٺي...!
    بانسريءَ تي چپ ڪنهنجا ٿا لڳن؟
    آڱرين سان لب ڪنهنجا ٿا لڳن؟
    ساز ۾ ڄڻ ساهه ٿو پَئي،
    روح جو ويساهه ٿو پَئي،
    ڪاٺ ۾ ايڏو اثر،
    ڪنهن رکيو آ، ڪا خبر؟
    ڪير ٿو هي ساز ڇيڙي،
    روح کي ريڀڻ سندا آواز ڇيڙي،
    ڪير آ سو ڪير آ؟
    ڪنهن مگر ڄاتو نه آ،
    بانسِريءَ جي روح اندر ڄاتونه آ،
    ساز ڪنهنجو ٿو وڄي،
    راز ڪنهنجو ٿو وڄي،
    ڪير آ سو ڪير آ،
    ڪنهن مگر ڄاتو نه آ،
    *


    گيت ٻيهر ٿو جُڙي

    هڪ سونهن آ جا ٿي ڇِڪي،
    بد صورتي پڻ ٿي ڏئي،
    ڪو جوش آ جو پيو ڌڳي،
    ڪو گيت ٻيهر ٿو جُڙي
    ها سونهن ۾ ڀي آ اثر،
    سوچيو مگر،
    بدصورتي ۾ پڻ ڪشش،
    ڪا ئي ته آ،
    جا آدميءَ کي ٿي ڇِڪي،
    ۽ روز ٿي ڏانوڻ وجهي،
    ڪوئي ته آخر ٿو ٿِڙي،
    ڪوئي گيت ٻيهر ٿو جُڙي،
    *


    ڇو ڀلا جاڳين پيو...؟

    باک ٿي مونکان پُڇي،
    ڇو ڀلا جاڳين پيو....؟
    رات ڀر تون ڇو ڀلا ناهين ستو....؟
    ڇا لکيو تو ڇا لکيو؟
    گيت ڪهڙو آ لکيو؟
    راڳ ڪنهن لئه ٿو رچائين چئو ڀَلا؟
    واس سان وڻ وڻ وَسائين ڇو ڀلا؟
    هي زندگي ڪي ڏينهڙا،
    جا دزگذر ويندي به ٿي،
    ها مگر ايندي به ٻي،
    هي ٿوهرن جا ٿاڪ ڏس،
    ۽ هر بدن تي چاڪ ڏس،
    جي ويا ڳائي اڳي،
    تون پير تن جا پيو پُڇين،
    جي ويا آڪاس ڏي،
    تون پار تن جا پيو پُڇين ،
    ڇو لکين ۽ ڇا لکين ڄاڻين به ٿو؟
    ۽ زندگيءَ جو ڪو مزو ماڻين به ٿو؟
    اڌ رات جو هن ٻاٽ ۾،
    ڪنهن لاٽ جو سايو ڪرين،
    ڪنهن ڪنڌيءَ جانچين پيو،
    ڇو ڀلا جاڳين پيو؟
    باک ٿي مونکان پُڇي،
    ڇو ڀَلا جاڳين پيو....؟
    *


    قوم جي تاريخ

    رات روهيڙي جيان آ،
    واسجي پَئي،
    ڌنُڌ ڪوهيڙي جيان آ،
    ڇائنجي وئي،
    ها مگر ڪو،
    جاڳ سان ئي جيءُ جوڙي ٿو پيو،
    ۽ ولوڙي ٿو پيو،
    ننڊ پنهنجي،
    نيڻ جي آڳر مٿان ڪي خواب سِرِجن ٿا پيا،
    قوم جي تاريخ جهڙا،
    باب سِرِجن ٿا پيا،
    جاڳ پويان ڀاڳ آهي،
    ها مگر ڪا واڳ آهي،
    جا ڇِڪي ٿي روز مقتل جي طرف ،
    اي دوستو ساکي ٿِجو،
    جو لکيو جاڳي اٿم،
    گيت سوئي جيت آهي،
    باک جو سنگيت آهي،
    *


    موت ۽ مان

    موت ۽ مان هڪٻئي کي،
    ٿا ڏسون گُهوري تڪي،
    مان به مُرڪي ٿو پوان ۽ هوبه ٿو مُرڪي پوي،
    ٿو چوي،
    آ هلون ٻئي ديس ڏي،
    ويس نئين پرديس ڏي،
    ها اُتي جت،
    شخص ٿي لاشخص ويندوآ عدم،
    ڄاڻِ جو ڪجهه ڀي ته ناهي،
    سوئي آهي،
    جو ڏسين ٿو، ڪجهه ناهي،
    مان چوان ٿو موت ٿورو ترس هاڻي،
    ڪجهه لکان مان،
    گيت جي رهجي ويا ها،
    شيخ کان سي مان لکان ٿو،
    پو هلان ٿو،
    موت ٿورو ترس هاڻي ،
    ڪجهه لکان ٿو،
    پو هَلان ٿو،
    *


    برکا

    ڇو نه برسينءَ ڇو نه برسينءَ؟
    رات تون برکا ٻُڌائي،
    ڇو نه برسينءَ ڇونه برسينءَ ،
    رات ڪيڏا گيت منهنجا ،
    ها اُڃارا،
    توبنا ڄڻ ها ٻُسارا،
    موتيا پڻ منتظر ها،
    ماڪ تولئه بي صبر ها،
    پل گهڙيءَ لئه ڪونه برسينءَ،
    ڇو نه برسينءَ ڇو نه برسينءَ؟
    باغ جون ڪَليون رُنيون پئي،
    ڏِسِ گهڻيون زندگيون رُنيون پئي،
    تون پُسائين جا ڇٻر ٿي،
    مان به تَنهن تي پيرڙا ڏئي،
    هر صبح جو ٿو هلان ۽،
    سج نئين جي آجيان مان،
    ٿو ڪريان،
    نئين سِري سان زندگيءَ کي،
    ٿو ڏسان،
    ڪيئن ڇڏيئي ڀيرو ڀُلائي؟
    رات تون برکا ٻُڌائي،
    ڇو نه برسينءَ ڇو نه برسينءَ؟


    شمع

    تون شمع آهين مگر،
    آئون تنهنجي روشني،
    پاڻ ٻيئي ٿا رهون،
    زندگي جي راز ۾،
    هر سُريلي ساز ۾ ،
    هر مڌم آواز ۾،
    تون جدا ناهين ڪڏهن،
    هت رهيس آئون جڏهن،
    نانءُ توکي مون ڏنو،
    ڏانءُ توکي مون ڏنو،
    تو بنا مان ناهيان،
    مون بنا تون ڪونه آن،
    رات ۾ جا سانت آ،
    سانت جو تون روح آن،
    مان به تنهنجو ئي مگر،
    ڄڻ ته پاڇو هان پرين،
    تات مون ۾ تو ڀَري،
    ڏات مون ۾ تو ڀَري،
    لفظ ۾ ڀي آ اثر،
    تون شمع آهين مگر،
    آئون تنهنجي روشني،


    آئون تنهجي آرزو...

    تون سراپا خوشبو آن،
    آئون تنهجي آرزو هان،
    باک ويلي تون اچين ٿي،
    منهنجي گيتن ۾ نچين ٿي،
    ڪونڀٽن جي جُهنڊ وانگي،
    مون منجهان ئي ڄڻ ڦُٽين ٿي،
    آئون توسان رچجي پو،
    گيت ڪيئي جوڙيان ٿو،
    زندگيءَ کي موڙيان ٿو،
    دور اهڙي دڳ تي،
    قافلا جت ويا لنگهي،
    پير تن جا ئي کڻي مان،
    پير اوڏانهن سوريان ٿو،
    مون بنا تنهنجي نه ڪائي،
    آ سڃاڻپ ٻي اجائي،
    پاڻ ٻيئي هڪٻئي کي،
    ائين ڳولي ٿا لهون جئين،
    بهارجي موسم گلن کي،
    رنگ ڏيئي ٿي لهي،
    تون ئي منهنجي روبرو آن،
    تون سراپا خوشبو آن،
    آئون تنهجي آرزو هان،


    نئين لڳين ٿي

    هر دفعي تون نئين لڳين ٿي،
    جئين ڇُهان ٿو تيئن وڻين ٿي،
    زندگيءَ ورجائجي ٿي،
    تو اندر ئي ڀائنجي ٿي،
    تون سراپا سونهن آهين،
    جا پُراڻي ڪين ٿئي ٿي،
    نينهن جي ڄڻ لونءَ آهين،
    جنهن پڄاڻي ڪين ٿئي ٿي،
    مان جڏهن توسان مِلان ٿو،
    پل گهڙي ماٺو ٿِيان ٿو،
    پو وري درياهه وانگي ،
    جوش سان ٻيهر گُڙان ٿو ،
    ڪا وري مانڌاڻ نئين آ،
    جيءَ مان جهرڻا ڦُٽن ٿا،
    گيت ڪيئي ائين جُڙن ٿا،
    اوڙڪون جيئن مينهن وسن ٿا،
    توبنا بيڪارآهي،
    هي حياتي بار آهي،
    تون ئي مونکي ڏانءُ ڏين ٿي،
    هر دفعي تون نئين لڳين ٿي،
    جئين ڇُهان ٿو تيئن وڻين ٿي،


    لاٽ

    آئون ڪاري ٻاٽ آهيان،
    ها مگر هڪ لاٽ آهيان،
    جا اندر ۾ پئي ٻَري ٿي،
    ها مگر ڏِسجي نه ٿي...!
    مون بدن تي ايترا چاڙهي ڇڏيا هِنِ پوش جو،
    روشني جي ڪا سُهائي،
    ڪنهن وِٿيءَ مان ڪونه آ،
    ٿو ڦِري آڪاس ۾ جو،
    موت منهنجي تاڪ ۾ آ،
    ڪنهن گهڙيءَ هو اوچتو ،
    وار مونتي ائين ڪندو جو،
    پوش اُڊڙي کِسڪندا پو.
    روشني ئي جرڪندي،
    لاٽ منهنجي آ اندر سا،
    پوءِ آخر ٻَرڪندي،
    ۽ دنيا روشن ڪندي،
    *


    جاڳ

    جاڳ اسانجو جيءُ نه جهوريو،
    جاڳ اسانکي سگهه ڏني آ،
    راتين جو جا تارن اُڀ مان،
    تڙڳي تڙڳي ايندي آهي،
    ڏات اسان تي لهندي آهي،
    ڪاغذ تي ڄڻ تارا ٽاڪي،
    گيت انوکا ڏيندي آهي،
    راتين ۾ رابيل ٽڙن ٿا،
    تن جو ڀونرا واس وٺن ٿا،
    تن جي خوشبو سان ئي مهڪي،
    جاڳ جي راڻي ايندي آهي،
    ڪيئي گيت اسانکي ارپي،
    نوا ئِي ابد جو ٿيندي آهي،
    ڏات اسانجي سگهه آ بڻبي،
    هوءَ جا مهاڻي ڍنڍ ڪناري،
    جِنجهوڪڙي ۾ ڄاراُڻي ٿي،
    آسون بڻجي واسون بڻجي،
    منهنجي گيتن منجهه لهي ٿي،
    فطرت ڪوئي چنگ آ چوريو،
    جاڳ اسانجو جيءُ نه جهوريو،
    جاڳ اسانکي سگهه ڏني آ،
    *


    جهونو بڙ

    جهوني بڙ جي ڀرپاسي ۾ ،
    هي جو آهي تلاءُ پُراڻو،
    ٻنهي جو آ نڀاءُ پُراڻو،
    شايد ٻئي گڏ ڄايا آهن،
    گڏ سامايا آهن،
    بڙ جي ٽاريءَ تي هڪ ڪِڻڇيءَ،
    اُڻيو پنهنجو آ آکيرو،
    جنهَن ۾ سندس ٻار ٻچن جو،
    سالن کان ئي آهي ديرو،
    ڪالهه صبح جو هن جو ٻچڙو،
    آکيري مان هيٺ ڪِرِي پيو،
    باز ڏنا پئي لامارا ۽،
    ٻچڙي کي ڏئي جهٽ کڻي ويو،
    ڪِڻڇيءَ ڏاڍو رڙيو ڪوُڪيو،
    باز مٿان پئي ڏاڍو ڀڙڪيو،
    ليڪن بازي بازکٽي ويو،
    ٻچڙي جو هو ماس پَٽي ويو،
    ڪِڻڇيءَ ڏاڍو ٻاڪاريو هو،
    بڙ ڀي روئي ڀڻڪيو ،سُڏڪيو،
    فطرت پر خاموش رهي ۽،
    قدرت ڀي خاموش رهي،


    مُحبت خود خُدا آهي

    محبت جو خُدا ڪونهي،
    محبت خود خُدا آهي،
    محبت جو نه ماپو آ،
    محبت جيءَ جياپوآ،
    جسم ناهي صدا آهي،
    محبت خود خُدا آهي،
    اياڻا تون ته ماپين ٿو،
    مگر توکان نه ماپي ٿي،
    وضاحت ڪيئن ڪندين تون چئو،
    اها ڪنهن کان نه ماپي ٿي،
    نه ٿي محدود سا بڻجي،
    نه ئي ڪنهن حد ۾ ٿي رهجي،
    اها هر رنگ ۾ ٿي رچجي،
    اها سازن سُرن سِرِجي،
    اها فطرت ۾ ٿي سَججي،
    اها ڪنهن کان نه ٿي ٿمجي،
    اها جَهل سان نه ٿي جهلجي،
    اها دل جي ڪَٿا آهي،
    محبت خود خُدا آهي،
    محبت جو خُدا ڪونهي،
    محبت خود خُدا آهي،


    چنڊ سان وير

    هي جي چمڙا اونداهين جا،
    تن جو چنڊ سان وير ازل کان....!
    پاڻياريون ٿيون تڙڪا جانچين،
    تڙ تڙ چنڊ سُهائي جرڪي،
    هرڻيون اوچي ڳاٽ اچن ٿيون،
    تل تراين باک ڀنڀرڪي،
    هر هڪ وک تي چنڊ چٽي ٿو،
    چانڊوڪيءَ جي چٽسالي آ،
    ٻاٻيها سڀ ٻهه ٻهه ڪن ٿا،
    چيٽن جي هي هريالي آ،
    ليڪن هي جي چمڙا آهن،
    اونداهه ۾ اونڌا لٽڪن ،
    بڙ جي جهوني سُڪل ٿُڙ ۾،
    هو جو ويٺل چٻرا آهن،
    تن جو ساٿ نه چانڊوڪيءَ سان،
    چنڊ تي تن جو خار وڏو آ،
    اونداهه تي عار وڏو آ،
    ٿر جي ٺريل واريءَ تي پر،
    ٽولن پويان ٽولا آهن،
    تن جي هٿ ۾ شعلا آهن،
    واهوندي جو واءُ وري ٿو،
    چانڊوڪيءَ سان چاڳ ڪري ٿو،
    چمڙا ڪنڌ لَمائن ٿا ۽،
    چٻرا منهن لڪائن ٿا،
    چئونرو چئونرو چنڊ سان چَمَڪي،
    اونداهه جي آڙ ٽٽي ٿي،
    چٻري جي چنگهار اُٿي ٿي،
    جن انڌيري هير ازل کان،
    تن جو چنڊ سان وير ازل کان
    *


    ٽين دنيا

    ٽين دنيا جا بکيا ماڻهو،
    خوابن جا ڀي لاش کڻن ٿا...!
    مانيءَ جي هڪ ڳڀري لاءِ،
    پنهننجو رت ۽ ماس ڏين ٿا،
    ٽين دنيا جا بکيا ماڻهو،
    خوابن جا ڀي لاش کڻن ٿا...!
    تن جا هٿ گَسي ويا آهن،
    تقديرن جي تحريرن مان،
    تن جا نالا مٽجي ويا هِنِ،
    هي جي اوچي ڳاٽ هلن ٿا،
    تن جو من ولوڙا کائي،
    تن جي ڪا تقدير نه آهي،
    چُرندڙ پُرندڙ لاش بڻيا هِنِ ،
    پنهنجون قبرون پاڻ بڻيا هِنِ،
    فُٽپا ٿن تي پير ڊگهيري،
    کن پل اک جهپائن ٿا،
    تن جو ڄڻ ته خدا ئي ناهي،
    آدم ڇو سڏرائن ٿا ....؟
    ها هو رت جو الٽيون اوڪِين ،
    هانڀارن سان ساهه کڻن ٿا،
    تتيءَ ويلي ٻوريون ڊوهي،
    رازق تان ويساهه کڻن ٿا،
    جانچي ڪنهن پل سي ته ڏسو ڙي،
    دنيا وارا هي ته ڏسو ڙي،
    هي جي ڌرتيءَ مالڪ آهن،
    ڀونءَ سڄيءَ جا خالق آهن،
    تن جا ننڍڙا ٻالڪ آهن،
    انگ اگهاڙا واجهائن ٿا،
    ماني ڪارڻ ٻاڏائن ٿا،
    جهول جهلي هر غير جي آڏو،
    لوئن ٿا ڄڻ غيرت پنهنجي،
    هيڻا جهيڻا لڙڪ ٽِمن ٿا،
    ٽين دنيا جا بکيا ماڻهو،
    خوابن جا ڀي لاش کڻن ٿا..
    *


    سمنڊ جي سِير ۾

    سمنڊ جي سِير ۾ سج ساڻو ٿي لٿو،
    ڄڻ ته ڪنهن ٻيٽ تي انجلي ليٽي پئي...!
    لهر ڀي ساز ڪو ڇيڙيو هو سانجهه ۾،
    رات ٺرندي رهي ،سِپن موتي ميڙيا،
    ڪوس ڇوليءَ جي ڄڻ ڪلي ليٽي پئي،
    ڄڻ ته ڪنهن ٻيٽ تي انجلي ليٽي پئي...!
    را ت جي سانت ۾ سمنڊ ڪوڏا جاڳيا،
    ڪو ته ٿو ڏيئڙو دور ڌرتيءَ تي ٻَري،
    ڪو ته تنهن اوٽ ۾ گيت نيارا ٿو لکي،
    لوڪ آ ننڊ ۾ڪو ته جاڳي ٿو پيو،
    عڪس آ چنڊ جو لهر تي تڙڳي پيو،
    شاهنبدر تي مگر گانگٽن جوشور آ،
    باک جي ساک تي رات ڀي گهنگهور آ،
    لاش جي بانس تي چنڊ اُٻڙڪا ٿو ڏئي،
    رات ماريا ويا جي ڪَلان جي ڪوٽ ۾،
    تن شهيدن اوٽ ۾،
    چنڊ ڀي ٿو چوي،
    هو وري اُڀرندو جو لٿو کاڻوٺ ۾،
    ڪالهه جو سمنڊ تي سج پُراڻو ٿي لٿو،
    ڄڻ ته ڪنهن ٻيٽ تي انجلي ليٽي پئي...!
    شور ۾ شهر جي هر گلي ليٽي پئي...،
    سانجهه جو پهر ڄڻ مڌ هاڻو ٿي لٿو،
    سج ساڻو ٿي لٿو،
    ڄڻ ته ڪنهن ٻيٽ تي انجلي ليٽي پئي...!


    صدا

    ڪُڙمي پنهنجي اَنَ کَري مان
    داڻا ڏي ڪي، دانُ گهران ٿو،
    سيد ناهيان،
    ڏَنِ نه گهرجي،
    مان ته مسافر پيادو آهيان،
    جوڳين پويان نڪتو آهيان،
    هو جو مونکي ڪالهه ڇڏي ويا،
    ڄڻ لڳي ٿو سال ڇڏي ويا،
    پيرين پنڌ الهندي ايندي،
    بُک بنايو نِستو آهيان،
    کڻي نه آيو ڪِستو آهيان،
    سيد ناهيان،
    ڏُنِ نه گهرجي،
    مونکي تنهنجي اَنَ کَري مان،
    ٿورو ٿو بس اَنِ ئي گهرجي،
    *


    شاعري

    ڪهڙو رَمتو اچڻو آ تون؟
    ڪنهن لئه وِلهه سان ائين وسين ٿي؟
    ڇيرون پائي ڇم ڇم ڇمڪين،
    آڌيءَ آڌيءَ رات سَجين ٿي،
    ڇا ڪو توڏي ڪَن ڌري ٿو؟
    چيخ نوا جي پڙلائن تي،
    ڪير ته اُڀري اوٽ وري ٿو؟
    هر ڪنهن ڪَنَ ڪپهه آ ڀريل،
    هر هڪ آدم چپڙا سبيل،
    ڪنهن جي ڪارڻ ڪوُڪ ڪرين ٿي...؟
    رات لڙيءَ جو ائين ٻُرين ٿي،
    ڪنهن جي پويان شاعري تون ،
    آڌيءَ رات جو ائين ڊُڪين ٿي...؟
    ڪنهن جي آخر ساک رکين ٿي،
    ڪنهن لئه ايڏا پنڌ ڪرين ٿي،
    ڪنهن جي پويان شاعري تون ،
    آڌيءَ رات جوائين ڊُڪين ٿي...؟
    ساهه سڀن جا سينواريل هِنِ ،
    ڪو به نه توکي ورنائيندو،
    ماڪ وسي ٿي مايوسيءَ جي،
    ڪو به نه توڏي ڪَنِ لائيندو.
    ڇا لئه ايڏي ڊوڙ وِجهين ٿي؟
    هاڻ سمهي پئو،هاڻ سمهي پئو،
    ڪنهن جي پويان شاعري تون ،
    آڌيءَ رات جو ائين ڊُڪين ٿي...؟


    آڌيءَ رات

    آڌيءَ رات چنبيليون ناهن،
    ڌڳندا ڌڳندا ٽانڊا آهن،
    جن کي جاڳ لڳي آ جيءَ ۾،
    تن جوڳين جا جلوا آهن،
    تارن تڙڪا واس نه ڀاسن،
    اُماڙيون ۽ شعلا آهن،
    مونکي مهڪ نه جاڳايو آ،
    ٻَرندي کوُريءَ ٻاڪا آهن،
    ڌرتيءَ دانهون دَهلائن ٿيون،
    ڪيئي پُڪارون تڙپائن ٿيون،
    تن ۾ ازلي پيڙاءُ آهي،
    ڪونجون جي هو ڪُرلائن ٿيون،
    رات اُٿي انڌياٽي تي۽،
    ڳوٺ ڳلين چئو واٽي تي جي،
    گيت اويرا ڳايان ٿو مان،
    ڇا ته سويرا ڳايان ٿو مان،
    ڇيرون،گهنگهرو پايان ٿو مان،
    جَرَ کي ناچ نچايان ٿو مان،
    تن جو ڪو هت ديرو ناهي،
    سي ته اُڏاڻا ڏور افق ڏانهن ،
    تن کي ڪئين تَرسائيندين تون؟
    منهنجا پير ڪَنائيندين تون،
    سانوڻ رُت جي وسڪاري ۾،
    مونکي رچيل پائيندين تون،


    هرڪو موٽي اچڻو آهي

    جهرڪيءَ جيڪي چُونڊي ميڙي،
    ڪک سمايا آکيري ۾،
    واچوڙن جي وَٽ سَٽ سان سڀ،
    اُڏري ويا سي هر ڀيري ۾،
    ڇا لئه تن سان ائين ڪرين ٿو؟
    اُڏري اُڏري ڪِٿِ ڪِرن ٿا،
    جِت ڪرن ٿا،
    ٻي ڪنهن جهرڪيءَ جي ٻچڙن جي،
    اوٽ ٿين ٿا،
    نئين سِرِ نئين آکيري اُڻجي،
    ٻيهر ڪنهن جو ڪوٽ ٿين ٿا،
    واچوڙن ۽ ڪک پنن جو،
    آهي ازل کان سانگ اهوئي،
    ڦيرو ساڳيو ڦِرِڻو آهي،
    تاريخن ۽ تهذيبن جو،
    وارو ور ور ورڻو آهي،
    هرڪو موٽي اچڻو آهي،
    روپ نئين ۽ راڳ نئين سان،
    راڳي ساڳيو رهڻو آهي،
    *


    ڪوُڪ ڪيڏي آ ڊُڪي

    ڪوُڪ ڪيڏي آ ڊُڪي وارياسي جي مٿان،
    تو ٻُڌي يا ڪين آ ؟؟
    بادلن کي ٿي سڏي،
    ٿي چوي،
    اي گهٽا برسي پئو،
    سنڌ ساري آ اڃاري،
    چند گهڙيون ترسي پئو،
    جڳ جاڳي پيو اڃا هت پياس ۾،
    هو هليا جي ڪالهه وياسي،
    ڪاته امرت ويا سمائي،
    بادلن جي اوٽ ۾،
    شعور جي هيڏي وڏي هِن کوٽ ۾،
    امِرتون اوتي ڏيو،
    بادلو برسي پئو،
    جو سِلو هو مس ڦٽو سو،
    ويو ڪلر جو ور چڙهي آ،
    آبياريءَ جي اڻاس به ايڏي ڊگهي....!
    جَڙ مٽيءَ ۾ تن ٻجن جي وئي سڙي آ،
    ڀونءَ کي اڄ گل ڳاڙها ٿا کپن،
    واس سان واسيل واڙا ٿا کپن،
    پهر پويون ڪوُڪ مُرجهايل لڳي ٿي،
    واءُ جي سوساٽ ۾ دٻجي متان
    ان کان اڳيان،
    اي گهٽا برسي پئو،
    چند گهڙيون ترسي پئو،
    امِرتون اوتي ڏيو.


    دنيا هڪڙو وڻ آ

    ساري دنيا هڪڙو وڻ آ،
    جنهن ۾ ماڻهو ائين جيئن گُلڙا...!
    سڀني جي جڙساڳي آهي،
    ٽاريون ٽاريون ساوا پنڙا،
    پاڙون ۽ ٿڙ ساڳي آهي،
    ها پر پو ڀي هي سڀ ماڻهو،
    هڪٻئي لاءِ ڄڻ اڻ ڄاڻو،
    ڪيڏا گهاتڪ وِيڇا آهن،
    عقل عقيدي جي ڀل ڀُوتي،
    ڪيڏو ڏورانهن بيٺا آهن،
    هي جي طبقا طبقا آهن،
    هڪڙا ماڻهو ننڍڙا آهن،
    هڪڙا ماڻهو وڏڙا آهن،
    تن جي وچ ۾ ويڇا آهن،
    ڪئين سرحدون جُڙيون آهن،
    ڌرتيءَ تي ڏس ليڪا آهن،
    ڪئين سرحدون جُڙيون آهن،
    انسانن ئي انسانن سان،
    ڪيڏويون ويڙهيون وڙهيون آهن...!
    ڇا ڪنهن سمجهيو؟
    ڇا ڪنهن سوچيو؟
    هڪٻئي جو رت وهائڻ لاءِ،
    ڪئين ترارون گَهڙيون آهن...!
    نفرت ايڏي سستي ٿي آ،
    محبت لاءِ وقت نه ڪنهنکي،
    ڪاش هتي ڪو ائين به سوچي،
    انسانن جو ساڳيو ڄَڻ آ،
    دنيا ساري هڪڙو وڻ آ،
    جنهن ۾ ماڻهو ائين جئين گُلڙا،
    *


    اي خدا...

    اي خدا تون پاڻ طبقن ۾ ورهائجي آن ويو....!
    ڪٿ ڏِسون مندر اندر ويٺو آهين،
    جان ڏسون مسجد اندر ديرو اٿئي،
    ڪنهن سَمي ڏسجي ٿوگرجا گهر تنهنجو،
    ڪنهن ڪليسا ۾ به آکيرو اٿئي،
    ائين ڏسي توکي هتي،
    آدمي آ اوپرو ڄڻ،
    ائين ڏسي توکي به طبقن ۾ ورهايل،
    آدمي ڀي آ ٽٽي ويو آدميءَ کان،
    اي خدا تون ڊاهي پَٽِ ڪر،
    مسجدون هي سڀ ڪليسا ۽ مندر،
    تون به هڪڙو جوڙ گهر ،
    آدمي کي آدمي ڪَرِ،
    *


    ذهن جو پيالو

    پهرين ذهن جي پيالي کي،
    ٿورو ٿورو خالي ڪر،
    ذهن سرءُ جو واءُ اٿئي،
    تنهن ۾تون هريالي ڪر،
    مون وٽ جيڪي موتي هِنِ،
    تن کي ٿوري جاءِ ڏئي،
    ذهنن تان زنگ لاهي ڏي،
    وسمئه جي اسرارن جو،
    توکي ٿو مان دانِ ڏيان،
    آڌي رات جي تارن جو ،
    توکي ٿو ايمان ڏيان،
    مان ڪو اونهو نينڍوهان،
    مون ۾ ڪيئي موتي هِنِ،
    آد جُڳاد کان جوتي هِنِ،
    مِيران جو يڪتارو هان،
    مُرکان جو مان گيت به هان،
    آءُ تون مون ۾ رلجي وڃ،
    ساک ازل جي بنجي وڃ،
    جنم جنم جي رازن کي،
    موت سندي اسرارن کي،
    سمجهڻ چاهين ٿو تون جي،
    پهرين ذهن جي پيالي کي،
    ٿورو ٿورو خالي ڪر،
    *


    ترسو ترسو

    ترسو ترسو ٿورا گل،
    پوکيان پتڻيءَ پاسي ۾،
    ايڏا ڇا جا آهن هُلَ؟
    هي جا ٻيڙي پار وڃي ٿي،
    تنهن ۾ مان به ته هلڻو آهيان،
    اهڙي ڪاري ڀونءَ نگر ڏي،
    ها ها مان به ته اُسهڻو آهيان،
    ڪوبه جتان کان موٽيو ناهي،
    ليڪن ٿوروترسو ڙي،
    ترسو ترسو ٿورا گل،
    پوکيان پتڻيءَ پاسي ۾....!
    هي جي وڻ ٽڻ پوکيان ٿو مان،
    تن ۾ نيٺ ڇُهارا ٿيندا،
    ڪيئي گونچ ڦُلارا ٿيندا،
    تن جي ڇانو ٿڌيءَ ۾ ويهي ،
    ٿَڪ ته ڀڃندا ڪيئي نسل،
    ترسو ترسو ٿورا گل،
    پوکيان پتڻيءَ پاسي ۾....!
    *


    ماڻهوءَ جو ماس

    ماڻهوءَ جي هن ماس جو،
    ملهه ئي ڪهڙو آ ڀلا....؟؟
    راتين جي هن سانت ۾،
    قبرن کوليو وات آ،
    سونهن جواني ساعت آ،
    مٽيءَ ۾ سڀ خاڪ آ،
    رهندا باقي پاڇلا،
    ماڻهوءَ جي هن ماس جو،
    ملهه ئي ڪهڙو آ ڀلا....؟؟
    ويم گهر جي وارڊ ۾،
    رت ٻلين جو کاڄ آ،
    بم ڌماڪن گونج ۾
    چٿڙيو ماس ۽ ڀاڄ آ،
    مرده خاني ماس جي ،
    ڪيڏي چُڀندڙ بانس آ،
    سڀ وڃن ٿا سانت ۾،
    ڏورانهين ڏانهن قافلا،
    ماڻهوءَ جي هن ماس جو،
    ملهه ئي ڪهڙو آ ڀلا....؟؟
    خوابَ، نڪوريون آرزو،
    جذبن جي ئي جاڳ تي،
    رهندا بڻجي سلسلا،
    ماڻهوءَ جي هن ماس جو،
    ملهه ئي ڪهڙو آ ڀلا....؟؟


    وئشيا

    هر وئشيا هڪ دل رکي ٿي...!
    جنهن ۾ هڪڙي آس پَلي ٿي،
    هن جا ڀي ڪي خواب هجن ٿا،
    جن تي روز عذاب هجن ٿا،
    ڪوٺي تي جي ساز وڄن ٿا،
    تن تي راتيون رقص ڪري ٿي،
    هر وئشيا هڪ دل رکي ٿي...!
    هُن جي جوڀن سان جي چنبڙن ،
    نوچي نوچي ماس پَٽين ٿا،
    سي ڇا احساسن کي ڄاڻن....؟؟
    ڪنهن جو پيٽ ڳڀي جي خاطر،
    نها نئينءَ کان هيٺ وِڪي ٿو،
    راتيون ساريون ائين پَٽجي ٿو،
    هن جون ڪجليون اکڙيون ڪائي،
    ڪوري ڪوري آس رکن ٿيون،
    راتين جي ڪاراڻ اچي ٿي ،
    مانيءَ خاطر پنهنجي تن کي،
    غيرن آڏو ها وڪڻي ٿي،
    پر وئشيا ڀي دل رکي ٿي...!
    هر وئشيا هڪ دل رکي ٿي...!
    *


    تاريخن جا چاڪ

    ڪا سڏي ٿي راتڙي،
    باک جو آهي ڀرم،
    روز ٿا ديپڪ جلن،
    دور ڪيڏو آ ڊگهو،
    چاڪ تاريخن چِڪيا،
    جي پُراڻا گهاوَ ها،
    روز ويتر ٿي کُليا،
    پَرَ ڇُٽا سي ڪين ڪي،
    پوبه هاري ٿو اُٿي،
    رات آڌيءَ جو ٻنيءَ،
    ۾ ٻيجارو ٿو ڇَٽي،
    نيٺ سو ڦٽندو سِلو،
    آ انهيءَ کي حوصلو،
    تن ۾ آ تاتڙي،
    باک جو آهي ڀرم،
    *


    زور جي ميندي

    زور جي ميندي رنگ ڪندي آ،
    مينديءَ جي هي فطرت آهي،
    ان جي پنهنجي قدرت آهي،
    هئين لڳي يا هونئن لڳي پر،
    ان جي پنهنجي رنگت آهي،
    ڇو ٿو مونکي بهڪائين تون؟
    ائين چوين ٿو زور جي ميندي،
    رنگ ڪڏهن ڀي ڪين ڪندي آ،
    تون ته اهوئي ساڳيو آهين،
    جنهن ٿي ٻُڌايو قسمت آهي،
    منهنجي گهر ۾ فاڪا فاڪا،
    تنهنجي گهر ۾ دولت آهي،
    ڇا هي منهنجي قسمت آهي؟؟
    ڪوڙا ڪوڙا قول نه ڏي تون،
    خالي سکڻا ٻول نه ڏي تون....!
    *


    جيءَ پئي ٿم جاٽ

    تارا تارا اُڀ تي، تڙڪا تڙڪا گهاٽ،
    جيءَ پئي ٿم جاٽ،
    واهوندي جي واءُ تي، ٽارين ۾ ٽڙڪاٽ،
    جيءَ پئي ٿم جاٽ،
    ڪولهي تڙ تي ڪولهڻيون، وهنجي ڇنڊين وار
    جيءَ پئي ٿم سار،
    ساگر ساگر ساهه سان، لهرن ڪئي لهڪار،
    جيءَ پئي ٿم سار،
    هي جي هرڻيون جُوءَ تي، واريءَ جو ويراڳ،
    جيءَ پئي ٿم جاڳ،
    من تپي ٿو ماڻهئان، ايڏي آڳ ڏهاڳ،
    جيءَ پئي ٿم جاڳ،
    *


    ملڪيت

    هوءَ جا منهنجي گهر جي ڪُنڊ ۾،
    ڪاٺي جي هڪ پيتي هُئي،
    تنهن جو تالو ڌڪ سان ٽوڙي،
    جهٽ ۾ جهڙتي ورتي وئي،
    ڇا ته مليو....؟
    دونهاٽيل ڪجهه سپنا مليا،
    گيت اڌورا پنا مليا،
    هو جي ورديءَ وارا ماڻهو،
    منهنجي گهر ۾ ڌوڪي آيا،
    در اُکيڙي ڪنداقن سان،
    ٺوڪي آيا،
    مون جي ڌرتيءَ گيت لکيا ها،
    آزاديءَ جا ميت لکيا ها،
    تِن تي تِن کي باهه لڳي هئي،
    بندوقن سان جهوڪي آيا،
    ڇا ته مليو....؟
    دونهاٽيل ڪجهه سپنا مليا،
    گيت اڌورا پنا مليا،
    *


    ماڻهوءَ جو اندر

    هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ ،
    هڪ سهڻو مندر ٿيندو آ،
    جو اُن جو گهنڊ ٻُڌي نه سگهيو،
    سو پنهنجو ڀيد پڙهي نه سگهيو،
    جنهن من جي مورت ڪين ڏِٺي،
    تنهن لاءِ پٿر جي صورت آ،
    جنهن من جو آ ڀڳوان ڇڏيو،
    تنهن لاءِ پٿر جي مورت آ،
    ڀل گهنڊ وڄائي گوڙ ڪري،
    ۽ راتو ڏينهان ويد پڙهي،
    پر ڇا ڄاڻي.
    سونهن اندر ساڃاهه به آهي،
    نياءَ سان انياءُ به آهي،
    *


    چنڊ ستارو ناهيان

    چنڊ ستارو ناهيان مان جو،
    اُڀ تي ائين سجايو ويندس،
    مچ اُماڙو ناهيان مان جو،
    ڀوُنگيءَ ۾ ڀڙڪايو ويندس،
    موکيءَ مٽڪو ناهيان مان جو،
    راتين منجهه رچايو ويندس،
    مان ته تنبورو تارِن بن جئين،
    مان هان مارئي مارِن بن جئين،
    مان ته مِٽيءَ جو پُتلو آهيان،
    مٽيءَ ۾ دفنايو ويندس،
    منهنجو ماس مٽيءَ ۾ دٻجي،
    سڙجي ڳرجي سَمجي ويندو،
    سالن کانپوءِ ٻارڻ ٿيندو،
    اُن تي ڪيئي ڦيٿا ڦِرندا،
    ائين روان ٿي وقت وري هي،
    روزاني جئين هلندو رهندو،
    اوکي پند ڏي رَمندو رهندو،
    *


    ڇانورو

    گدامريءَ جا وڻ واهه جي ،
    ڪپر مٿان لامون لاڙيئي،
    نه ڇانَوَ ٿي گهرجي،
    مَڇين کي تنهنجي،
    مسافرن کي تون ڇانَوَ ڏي،
    جي ڪافلا نڪتا واٽ تي،
    تن جوڳين کي ڪا واٽ ڏي
    ڪنهن لام کي اوڏانهن لاڙ تون،
    ڪنهن ڇانَوَ کي اوڏانهن تاڙ تون،
    نه واهه کي ڏي تون ڇانورو،
    ٿڪايلن،
    جي ساهه کي ڏي تون ڇانورو،
    *


    لُڪَ ڪنهن کي لڳي....؟

    لُڪَ ڪنهن کي لڳي....؟
    لوهه ٿيو ڪير آ...؟
    هِت رڳو نيڪيون تارزيءَ ۾ تُرن،
    سونهن جون صورتون دوزخن ڏانهن ڌِڪِن،
    آ ثوابن منجهان ،
    پاپ جي ڪا گَلي،
    ڏوهه ٿيو ڪير آ....؟
    لُڪ ڪنهن کي لڳي...؟
    لوهه ٿيو ڪير آ...؟
    سانورا توبنا جنتون ڇا ڪبيون؟
    مڌ جي ناههِ ڪو محبتون ڇا ڪبيون؟
    ٿورڙو سوچ تون ،
    پِيالِڙي ڪنهن ڀڳي،
    موهه ٿيو ڪير آ...؟
    لُڪ ڪنهن کي لڳي،
    لوهه ٿيو ڪير ...؟
    *


    آس

    هي اُهائي آس آ ، جا سپيءَ ۾ ٿي سَجي ،
    ڪاته ڪڻ ڪڻ هِت وسَي،
    جا اندر ۾ ٿي هُري ، جا مشعلون ٿي ٻَري،
    جا ڇڪي ٿي قافلا،
    جي گهٽائي فاصلا،
    زندگي آهي مگر ، سلسلوڪوساهه جو ،
    اڻ ڏٺي ويساهه جو،
    روز ٿا جذبا جلن ،
    گيت ڪئيي ٿا اُڏن ،ڏور تارن جي طرف ،
    پو به هي جي بي ظرف،
    ڪوئي واڪو ڪِئين ٻُڌن ؟
    روز ٿا خنجر ٺَپنِ ،خون جي ڪا پياس آ،
    ها مگر هڪ آس آ،
    ۽ گواهه آڪاس آ،
    گل جهڙا ٿا لکون، گيت جي پُرِتاب هِن،
    امرتي ڄڻ آب هِن،
    نوع آدم لئه مگر ،جام محبت ٿو رچي،
    ها اهائي آس آ، جا سِپيءَ ۾ ٿي سَجي،
    ڪا ته ڪڻ ڪڻ هِتِ وسي،
    ڪوئي موتي جوڙ جي...!
    *


    گرجا گهر

    ٿوروتيز ڳالهائي تون اي فادر گرجا گهر۾،
    منهنجي سَرتي ويٺي آهي منهنجي من اندر ۾،
    هوءَ به توکي ٻُڌندي هوندي،
    هوءَ به ڪنڙوڏيندي هوندي ،
    ها هوءَ منهنجي محبت کي فرسوده سمجهي،
    مون تي ڪوئي ڌيان نه ڏئي ٿي،
    منهنجي سِرِ جيل محبت کي هوءَ،
    چريائيءَ جو خواب سڏي ٿي،
    مان جي هُن لئه گيت لکان ٿو،
    تن کي هوءَ بيڪار چوي ٿي،
    هُن جي من جي پنهنجي ڌُن آ،
    تاڙن جي جا توتو اُڀري،
    ان ڏي هُنَ جو مورِ نه ڪَنِ آ،
    ليڪن تون جو اي فادر هِتِ،
    محبت جي سمجهاڻي ڏين ٿو،
    شايد تنهنجون ڳالهيون سمجهي،
    سوچي ويهي پنهنجي پر ۾،
    ٿوروتيز ڳالهائي تون اي فادر گرجا گهر۾،
    منهنجي مٺڙي ويٺي آهي منهنجي من اندر ۾،
    هوءَ به توکي ٻُڌندي هوندي،
    ٿورو پَرَ سوچندي هوندي،


    تون هليو ويو آن

    اڃا ته ڊاکون پڪيون ئي ناهن،
    اڃاته ڪيلا رسَيائي ناهن،
    مگر پرين تون هليو ويو آن،
    اسانجي هِجري کان ڏور پَرِيان،
    هرڻ جون ڇالون اڃا ڊُڪن ٿيون
    اڃا ته آهڙتپي ڪِرن ٿا،
    اَڪَنِ جا پنا اڃا تپن ٿا،
    اڃا ته بهارون وريون ئي ناهن،
    اڃا ته سَرڙا ڳڀيائي ناهن،
    مگر پرين تون هليو ويو آن،
    هي خام جيون چڪيءَ تي چاڙهيئي،
    پچي پڪو ٿيو صُراحيءَ وانگي،
    انهيءَ ۾ مڌ ڪو ڀَريو ئي ناهي ،
    لڳي ٿي اوکڙ ٻسيون هوائون،
    اڃا ته ماٽا متائي ناهن،
    مگر پرين تون هليو ويو آن،
    مگر پرين تون هليو ويو آن،
    *


    ڇُرو

    ڪو قابيل جي هٿ مان ڇُرو کسي،
    ڪوهابيل جي ڦٽ تي پهو رکي،
    ڪو انسان ڀي اهڙو ڄَمي پئي،
    جو انسان جي عظمت سگهي پَسي،
    ۽ مهنديءَ جي رنگ سان ڇڏي لکي،
    ڪو مُنڍ سان نئون شُجرو،
    ڪو آدم نئون پٽڙو ڄڻي وٺي،
    ۽ ڪائي حوا جي ڌيءَ نه مارجي،
    سڄي دنيا سنوارجي،
    نئين دنيا اُجارجي،
    ڪو قابيل جي هٿ مان ڇُرو کسي،
    ڪوهابيل جي ڦٽ تي پهو رکي،
    *


    پَروڙي نه ڄاتم

    پَروڙي نه ڄاتم اهي رنگ تنهنجا ،
    ڪٿي ڪائناتون ڪٿي دنگ تنهنجا،
    خدايا تو ڪهڙو فڪر هي ڏنو آ...؟
    نمازون پڙهي پو اُٿي جو هلياسين،
    شرابن جا ڀاڻا اُتي ئي ڏٺاسين ،
    جتي ئي هئاسي سفا سُڪَ ساڪن،
    نظر ۾ نه ڪائي خماريل جهلڪ هئي،
    ۽ دل ۾ نه ڪائي اَڄاتي جهجڪ هئي ،
    مگر مڌ مان جو چُڪو پي اٿياسين ،
    تڏهن مسجدون ڀي اکين ۾ لُڏيون پئي ،
    قدم لڙ کڙايا،
    سڀئي وحدتون ڀي اکين ۾ لُڏيون پئي،
    اهو ڇا فرق تو رکيو بندگيءَ ۾....؟
    اسان کي جو آهي اثر ڀانءِ پئي ويو،
    انهي لا چون ٿا وڏو پاپ آهي،
    وڃون مسجدن ڏي يا ساقيءَ جي ڀَرِ ۾؟
    خماريل خوشي آهي ڪنهن جي اثر ۾؟
    مگر راز تنهنجا اسان لئه نه سَهنجا،
    پَروڙي نه ڄاتم اهي رنگ تنهنجا ،
    *


    سمجهو

    سٺا نه سمجهو بُرا ئي سمجهو،
    اسانجي محبت قضا ئي سمجهو،
    وفا اسانجي جفا ئي سمجهو،
    دعا ڪريون ته به دغا ئي سمجهو،
    فخر اسان کي تڏهن به آهي،
    قدم ٻه ٽي ڪي اوهان سان گڏجي ،
    هليا ڦريا ۽ گهميا به آهيون،
    ڪلهو ملائي اوهان سان گڏجي ،

    اوهان ۾ ڪا شيءَ ڏٺي اٿئون جو،
    هٿن سان دلڙي ڪُٺي اٿئون جو،
    ويو آ پنهنجو وجود وسري،
    خدا جي آڏو سجود وسري،
    اوهان ۾ پنهنجو پساهه ٿا ڀانيون،
    جدا ڪري ڪٿ وڍي نه ڇڏجو،
    قسم اوهان کي اوهان جو آهي،
    اسان کي در تان ڌڪي نه ڇڏجو،

    اسان جو جيون خزان جون ٽاريون،
    اوهان ٿا ماڻيو رڳو بهاريون،
    اوهان جي لاءِ حَسين سپنا ،
    اسان جي لاءِ اکيون اوجاڳا،
    نه جوڙ لائق اسين لڳون ٿا،
    مگر تڏهن ڀي ڪڏهن ڪڏهن ئي،
    ٻه ٽي گهڙيون ڪي اسان سان گهاريو،
    اچن جي يادون جڏهن جڏهن ڀي،

    نه چاندني آ اوهان سواءِ،
    نه روشني آ اوهان سواءِ،
    نه چيٽ جا گل ڏسي سگهون ٿا،
    اُماس راتيون رڳو ڪٽيون ٿا،
    آ جهوپڙيءَ ۾ ننڍوڏيئو ۽،
    قلم اسان جي هٿن ۾ آهي،
    نه شاعري ٿي سمهڻ ڏئي ٿي ۽،
    پيا گيت لکجن پئي ڏات گهائي،

    جڏهن به تاڙن تنوار ڪئي يا،
    وِڄن به وڄندي ولهار ڪئي آ،
    جڏهن به لهرون ڪپن لڳيون يا،
    چُراند چنگ سان ڌنار ڪئي آ،
    جڏهن به ساون وڻن مٿاران ،
    حَسين چنڊ جا پون ٿا چلڪا،
    چوي ٿي دلڙي ڪو راڳ ڇيڙيون،
    رڳو پيا ڳايون اوهان جي ڪِوتا،
    *


    شرافت جي پويان

    ٽَڪي جي عزت آ اسان جي هتي پر،
    سڏايون ٿا خود کي وڏا ڪي تونگر ،
    پُڇي ڀل نه ڪوئي لئه سان هلون ٿا،
    پنهنجو پاڻ تي آڪڙيا ئي وتون ٿا،
    ڌڪا پيا جهليون ٿا اڃان پت جي پويان،
    لڪايون پيا خود کي شرافت جي پويان،

    کِلي مُرڪ سان ”جيِ ادا“ جو ڪري ٿو،
    اسان جي ئي پويان گِلا سو ڪري ٿو،
    ذري جو نه ڪنهن کي ڏٺي ئي وڻون ٿا،
    مگر پِو به ڪيڏيون نه ٻانهون هڻون ٿا،
    افعالن ڪيو آ حقارت جي پويان ،
    لڪايون پيا خود کي شرافت جي پويان،

    ڏسون ڪائي وئيشا يا شريفن جي عورت،
    تڪيون نورَ وانگي ڇڏي ڏيون ٿا غيرت،
    سڳي ڀيڻ ماءَ نياڻي وساري،
    ٽَرُو چور وانگي چتائي نهاري،
    اتان ئي لڳون ٿا شرارت جي پويان،
    لڪايون پيا خود کي شرافت جي پويان،

    اسين خاص چمچا وڏي پِير ميرن،
    اميرن سندا ۽ وڏيرن وزيرن،
    چغل خور آهيون نه پنهنجا ڏسون ٿا،
    ٽَڪَن جي ته عيوض ڪهائي ڇڏيون ٿا،
    سڄو ڏينهن آهيون عداوت جي پويان،
    لڪايون پيا خود کي شرافت جي پويان،

    اسان پاڻ خود کي ڏياريون ٿا ڌوڪا،
    مُلان جي تعويذن سندا ڏيون ٿا هوڪا،
    اسان پاڻ مرشد کي گهر ۾ ويهاري،
    ننگ پنهنجا تن جي ڇڏيون ٿا سهاري،
    انڌا آهيون تن جي ڪرامت جي پويان،
    لڪايون پيا خود کي شرافت جي پويان،
    *


    قوم جون ڳالهيون

    پوڙهو پيءُ سگهي نه ڪمائي، پٽ وڏو ٿيو ليڊر آهي،
    مزدوريءَ ۾ لئه ٿي گَهٽجي، مِيرن جهڙا خيال پچائي،
    گهر ۾ خالي هنڊا ٿالهيون، ڇا ته ڪيان هن قوم جو ڳالهيون،

    ڪاٽن ڪپڙو جيئن آ نڪتو، هر ڪنهن پِني سِني ورتو،
    ڦوڪيل ڪپڙو جيڪو پائي، پورهئي کي سو هٿ نه لاهي،
    پيٽ نه پرجي ڪتا پاليون، ڇا ته ڪيان هن قوم جون ڳالهيون،

    پُٽَ پڙهايم توکي تان تون، پيريءَ ڪو سهارو ڏين مون ،
    بابا پورهيو ڪيئن ڪيان مان،دوست سمورا مونتي کلندا،
    امان جون اچ وڪڻي واليون، ڇا ته ڪيان هن قوم جون ڳالهيون،

    ٻاهر ڏاڍا ٽهڪ ملن ٿا، گهر ۾ بُک جا چهڪ ملن ٿا،
    پوڙهو پيءُ پيو ٻوريون ڊوهي بُک ۾ ننڍڙي ڀيڻ به روئي،
    ٻارن جون هِنِ اکڙيون آليون، ڇا ته ڪيان هن قوم جون ڳالهيون،
    *


    نثري نظم

    بار بار محبت

    ڇا تو نه ڏٺو آهي....؟
    ٻار ماءُ جي ڇاتي مان کير پِئي ٿو،
    کاٻي پُستان مان کير ختم ٿيندي ئي،
    ماءُ ٻار جو وات،
    زوري ڪڍرائي ٿي ته،
    ٻار روئي ٿو ،
    پر جلدي ئي هوءَ ٻارڙي جو وات،
    ساڄي پُستان ۾ وجهرائي ٿي،
    ۽ ٻار ،
    وري سڪون سان چُوسڻ لڳي ٿو،
    تون اڃا به پُڇين ٿي ،
    ته آئون زندگيءَ ۾ بار بار محبت ڇو ٿو ڪيا،
    *


    موهن جي دڙي جو ڦيٿو

    دنيا اُن ڦيٿي کي ڏسي،
    گاڏيون،موٽرون ۽ خلائي گاڏيون ٺاهيون،
    پر موهن جي دڙي مان لڌل ،
    ڦيٿي واري ڍڳا گاڏي،
    اڄ به سنڌ جي ڌوڙ وارن رستن تي،
    چيڪاٽ ڪري هلي رهي آهي،
    ۽ ان ۾سوار،
    گوڏ ٻَڌل ۽ ڌوڙ ۾ ڀريل،
    ڀڀوت ماڻهو،
    بي مقصد ڀٽڪي رهيو آهي.....
    *


    زندگيءَ جي معنيٰ

    زندگيءَ جي ڪا معنيٰ نه آهي،....!
    زندگيءَ کي معنيٰ ڏيڻي پوندي آهي،
    زندگي ڪو جام ڪونهي،
    جو ڏوڪي ڇڏجي ۽ هضم ٿي وڃي،
    زندگيءَ ڪو ڏيئو ناهي،
    جو ٻاري ڇڏجي ۽ وسامي وڃي،
    ڇا تو ڪونجن جا ولر ڏٺا آهن؟
    ڇا تو ڪويلن کي نم جي وڻ تي ويٺي،
    اسُر جو ٻوليندي ٻُڌو آهي؟
    ڇا تو آڙين کي ڍنڍ تي ترندي ڏٺو آهي،
    اهي سڀ پکي،
    زندگيءَ کي ڇا ٿا سمجهن ؟؟
    انهن پکين کي ته،
    زندگيءَ جي وصف جي به خبرناهي،
    هو زندگيءَ تي ڪي به بحث نه ٿا ڪن،
    پر هو،
    زندگيءَ کي هڪ معنيٰ ڏين ٿا،
    ۽ شاعر کي مجبور ڪن ٿا ته اُنهن تي لکي،
    زندگيءَ هڪ اهڙو لفظ آهي،
    جنهن جي ڪا معنيٰ نه آهي،
    زندگي پنهنجي معنيٰ جي تلاش ۾،
    توهان ۾ سمائي آهي،
    ۽ توهان زندگيءَ کي معنيٰ ڏيو...!


    اٽي جو سير

    هوءَ هرڻيءَ جهڙي ٽهندڙ،
    ۽ ڪونج جهڙي حَسين نوجوان ناري،
    جنهن جي پَرڻي کي اڃا پندرهن ڏينهن مس ٿيا آهن،
    فليٽ ۾ پلنگ تي،
    هڪ وڏي پيٽ واري سيٺ سان،
    ننگي سُتل آهي....!
    ۽ سندس مڙس،
    جنهن جي هٿن تي اُڪريل تقدير جو ريکائون
    پورهئي سبب گَسي گم ٿي ويون آهن،
    فليٽ هيٺان،
    ڏاڪڻين وٽ ڪنڌ لمايو ويٺو آهي،
    ۽ انتظار ڪري رهيو آهي،
    ته هوءَ ڪيڏي مهل ٿي فليٽ تان هيٺ اچي،
    ته سيٺ کان مليل ڏوڪڙن مان ،
    اٽي جو سير،
    ۽ بتيءَ جو تيل وٺي گهر وڃون...!
    *


    نئين دنيا

    مان اهڙي ديس ۾ رهان ٿو،
    جتي جيون تي جواني ته اچي ٿي،
    پر جوانيءَ جي احساس کي محسوس ڪرڻ منع آهي،
    جتي حُسن ته نکري ٿو،
    جيئن اُڀ تي اڏامندڙ ڪونجون رقص ڪن ٿيون،
    پر حُسن کي عيان ڪرڻ،
    ۽ حُسن جي ساراهه ڪرڻ منع آهي،
    جتي حُسن کي چادرن ۾ ويڙهي خارش جو مريض،
    بنايو وڃي ٿو...!
    ها مان اهڙي ديس ۾ رهان ٿو،
    جتي انسانن جون آڱريون نشتر آهن،
    ۽ خوبصورتي کي ڏسندڙ اکيون ڪڍي اُڇلايون وڃن ٿيون،
    ڦاهيءَ جي سزا مليل،
    کوليءَ ۾ بند قيديءَ جي ڪَڙي سوچ جيان،
    سوچيان ٿو،
    ۽ انتظار ڪريان ٿو ته،
    ڪڏهن هيءَ دنيا ڀڄي ڀُري ڀورٿي پوي،
    ۽ هڪ نئين دنيا جُڙي پوي،
    يا مونکي هن سڙيل دنيا مان ڪڍي،
    ڪنهن ٻي دنيا ۾ موڪليو وڃي،
    جتي سونهن جواني ۽ سوچن تي ڪا پابندي نه هجي،


    شاعره

    تون جو هيڏي وڏي شاعره
    ۽ فلسفي به آن،
    تنهنجي لکڻين، اڻ کُٽندڙ ڳالهين،
    مان لڳي ائين ٿو،
    تون ٿر جي مور جو روپ آهين،
    تو چنڊ کان سفيدي وٺي،
    چنڊ چهري تي آ سجايو،
    تو مور جي پرڙن مان رنگ وٺي،
    لباس ۾ آ چٽيو،
    تون انقلابن جي علمبردار ۽،
    طلبقاتي پنجوڙن کان آزاد ٿي لڳين،
    تون پنهنجي لکڻين مان ڪو آڪاس ٿي لڳين،
    تون سسئي جو سڏ ،
    ۽ مخدوم بلاول جو هڏ ٿي لڳين،
    ها مگر،
    جڏهن به مون ذاتي طور تي،
    تنهنجي اندر ۾ جهانڪي ڏٺو آ،
    ته تون ڪيڏي نه ننڍڙي ٿي لڳين،
    تنهنجي ذهينت ۽ سوچ جي سطح،
    ڪنهن اڻ پڙهيل جاهل کان وڌ نه آهي،
    تون ذهني آزاديءَ جي خيال آڏو ،
    جيتامڙي ٿي لڳين،
    ايئن ڇو آ....؟؟
    ڇا تو واقعي به صدين جي غلاميءَ جو طوق،
    اڃا نه لاٿو آ...؟؟
    يا ڄٽاڻي ذهينت جي ٻوجهه هيٺ آهين،
    يا انا ۾ گم آهين،
    اُها انا،
    جنهن توکي کائي اندران کوکلو ڪري ڇڏيو آ،
    ٿورڙو جانچي ته ڏس،
    مان شايد تنهنجي مقابلي ۾ ڪجهه به ناهيان،
    ها مگر،
    جو ڪجهه منهنجي اندر آ،
    سوتو وٽ نه آهي،
    مون ڪائنات کي ڏنل ڳنڍ کولڻ جي ڪوشش ڪئي آ،
    ٿي سگهي ٿو هي ڳنڍ مونکان نه کُلي،
    ها مگر،
    هي ڳنڍ مون ڪئي ايتري ڍِلي آ،
    جو ايندڙ نسل ،
    ان کي آسانيءَ سان کولي سگهن ٿا...!
    *


    عبادت

    هڪ لنبي عرصي کان،
    نه ڄاڻ ڪيتري ڊگهي عرصي تائين،
    روحن جي دنيا ۾ رهي،
    تنهنجي عبادت ڪئيسين،
    وري به روحن جي دنيا ۾وڃي،
    تنهنجي عبادت ڪندا رهنداسين،
    نه ڄاڻ ڪيتري وقت تائين،
    شايد زمان ۽ مڪان کان آزاد ٿي،
    پاڻ کي تنهنجي ئي لاءِ ارپي ڇڏينداسين،
    ان وچ ۾،
    هن دنيا ۾ ٿورڙوئي وقت مليو آ،
    ان ٿورڙي وقت ۾،
    اسانکي پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ جي اجازت ڏي،
    ڪجهه گناهه ڪرڻ جي اجازت ڏي،
    ڪجهه فراخ دلءَ جو مظاهرو ڪر...!
    *


    سج جون رسيون

    اولهه سج جون رَسيون ڇڪي رهيو آهي،
    ۽ سج ڌيمي ڌيمي رفتار سان،
    اولهه ڏانهن ڌڪجي رهيو آهي،
    اوڀر رات جو رسيون ڇڪي پيو،
    ۽ رات وک وک سان ويجهي اچي رهي آهي،
    انهن ٻنهي رَسين ۾،
    انسان ڦاسي پيو آهي،
    سوچي ٿو ،
    رات بهتر آهي يا ڏينهن ....؟
    هڪ ۾ اٿاهه روشنيءَ جو سمنڊ آهي،
    ۽ ٻي ۾ ٽم ٽم ڪندڙ تارا ۽ چنڊ...!
    *


    شاعر جون اکيون

    ميرن لٽن سان،
    مٽيءَ ۾ ڀريل ٻار ،
    پَٽَ تان لڌل ٻه اکيون ٿيلهي ۾ وجهي کڻي آيو،
    ۽ ٻار بازار ۾ هوڪا ڏيڻ لڳو،
    آهي ڪو اکين جو خريدار ؟؟
    آهي ڪو جو هي اکيون خريدي ۽ مونکي،
    ماني ڳڀي جا پئسه ڏي؟
    ڪنهن به هُن ٻار ڏانهن ڌيان نه ڏنو،
    مان لنگهي ويس،
    نينگر کي پنج روپيه هٿ ۾ ڏئي،
    چيم مونکي اکيون نه گَهرجن،
    ڇو ته مون وٽ اکيون آهن،
    مونکي صرف اهو ٻُڌائي ته اهي اکيون ڪنهنجون آهن،
    ۽ تو ڪٿان آنديون،
    ٻارڙي چيو،
    هي اکيون رودڪيءَ جون آهن،
    اهو ايراني شاعر رودڪي،
    جنهن جون اکيون ڪڍي اُڇلايون ويون هيون،
    آئون اهي اکيون پَٽَ تان ڳولي کڻي آيو آهيان،
    ته شايد هڪ شاعر جي اکين عيوض،
    شل مانيءَ ڳڀي جا پئسه ملي پون..!


    سنڌ جون نينگريون

    اي سنڌ جون نينگريون،
    اوهانجي اندر ۾ پيار جو پويتر آبشار آهي،
    پر ٿميل آهي، گُهٽيل ۽ بند ٿيل آهي،
    اوهان ڄاڻو ٿيون ته اوهان تي،
    عرب ڪلچر جي غلامي زبردستي مڙهي وئي آهي،
    اخلاق جي نالي تي، عزت جي نالي تي،
    اوهان کان پيار ڪرڻ جو حق کسيو ويو آهي،
    غيرت جي نالي تي،
    اوهان کي ڪاريون ڪري ڪُٺو ويو آهي،
    اوهانجي حُسن مٿان ڪارو برقعو چاڙهي،
    اوهانکي فطري احساسن کان محروم ڪيو ويو آهي،
    اهي سڀ شيون،
    ڌارئين ڪلچر جي آڙ ۾ توهان تي ٿاڦيون ويون آهن،
    اي سنڌ جون نينگريون اوهانجي اندر جو مڌ،
    رکجي ڍڪجي ڪڙوزهر ٿي پيو آهي،
    اوهان پيار جي پويتر آبشار کي،
    پاڻ مان نڪرڻ جي جاءِ ڏيو،
    ته جيئن اهو آبشار،
    ڌارين جي غلامي جا طوق ٽوڙي سگهي،
    ۽ اوهان ،
    فطري احساس جي لُطف کان واقف ٿي سگهو،


    جلاوطن

    مان سنڌ کان جلاوطن ڪيو ويو آهيان،
    مونکان هراهوناتو ڇنڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي،
    جيڪو سنڌ سان جڙيل آهي،
    برابر منهنجو ذهن به ڪَسجي ويو آهي،
    پر اڄ به ،
    مونکي سنڌ جي ڍنڍن جا بِھِ ياد اچن ٿا،
    منهنجي زبان تي،
    انهن بِهِن، ڊينڊن ۽ تريل پٽاٽن،
    جو سواد موجود آهي،
    لَسي ۽ مکڻ جو ذائقو آهي،
    ڇا ڪوئي ڄاڻي ٿو ته ،
    جلاوطني زبان کان سواد،
    به کَسي سگهندي آهي ڇا...؟
    *


    دفن ٿيل جذبا

    اي پونيئرو کوٽي ته ڏسو،
    ڌوڙ چڙهيل قبرن ۾ ڪنهنجا ڪنهنجا لاش پيل آهن،
    هي اوهانجون پِيڙهيون آهن،
    جي اوهان لئه سِيڙهيون آهن،
    هتي احساس ۽ امنگون مدفون آهن،
    اهي احساس، اهي امنگون،
    جي اڄ به اوهانجي اندرَ ۾ ڄرڪن ٿيون،
    اي پونئيرو،
    هتي صرف دعا گُهري واپس نه وڃو،
    دفن ٿيل جذبن مان چڻنگ وٺي وڃو،
    ته جيئن اوهانجي اندر جي شمع،
    به روشن ٿي سگهي،
    ۽ اوهان ازلي نور بخشي سگهي...!
    *


    گلن جون قبرون

    هي منهنجو ديس آهي،
    ها هي منهنجو ئي ديس آهي،
    جو صدين جي طويل غلاميءَ ۾ رهڻ کانپوءِ،
    رک سان راڳيل اُجاڙکنڊر لڳي ٿو،
    هتي ڪِٽِ کاڌل ريل جا پَٽا آهن،
    وساڻل چُلهيون آهن،
    ۽ خيمن جون ٽُٽل رسيون آهن،
    انهن گلن جون وکريل پَتيون آهن،
    جن تي رائيفلن سان گوليون هلايون ويون هيون،
    ها هتي صرف ماڻهن تي نه پر،
    گلن تي به گوليون هلايون وڃن ٿيون،
    هو سامهون قبرستان ۾،
    اڻ ڳڻين گلن جون قبرون موجود آهن،
    *


    مون ۾ آهين تون....!

    تون هڪ اهڙي منزل آهين،
    جنهن کي حاصل نه ٿو ڪري سگهجي،
    صرف اميد رکي سگهجي ٿي....!
    ڇو ته،
    تنهنجو ڪو مادي وجود ناهي،
    توکي ڇُهي نه ٿو سگهجي،
    صرف محسوس ڪري سگهجي ٿو،
    تون ڏيئو ناهين،پر سُهائي آهين،
    تون چنڊ ناهين،پر چانڊاڻ آهين،
    تون لب ناهين،پر هڪ سُرِ آهين،
    اهڙو سُرِ،
    جيڪو ماٺارن کي مڌر بنائي ٿو،
    اهڙو سُرِ،
    جنهن کان ڪوئلون ۽ سمنڊ جو لهرون ساز وٺن ٿيون،
    تون هن ڪائنات جو جوهر آهين،
    تون مون ۾ سمايل آهين،
    پر آئون توکي پَسي نه ٿو سگهان،
    مون تنهنجي واکاڻ ۾ ڪيئي پَنا لکي ڇڏيا،
    پر توکي پَسي نه سگهيو آهيان،
    مان مَري ويندس پر تون هوندين،
    منهنجي اندر جو نچوڙ،
    ڪنهن ٻئي جي وجود ۾ اوتيندين،
    ۽ جي گيت مونکان رهجي ويندا،
    ڪنهن ٻئي کان لکرائيندين.....!
    *


    ڇيڻا

    هي مايون اسر جو اُٿي،
    مال جا ڇيڻا ميڙين ٿيون،
    ڇيڻن سان تغاريون ڀري،
    کڻي اچن ٿيون،
    ۽ ڪچين ڀِتين تي ٿڦي ڇڏين ٿيون،
    انهن لاءِ،
    اهي ڇيڻا ڪُل ڪائنات آهن،
    ڇو ته انهن ڇيڻن کي چُلهه ۾ ٻاري،
    مائرون پنهنجي ٻچڙن لاءِ،
    خيرات ۾ ورتل اٽي مان،
    رُکي ماني پچائن ٿيون،
    ۽ مان،
    جو انهن ڇيڻن جي بدبوءَ کان به پري ڀڄان ٿو،
    پر پوءِ به الائي ڇو،
    منهنجي گيتن مان انهن ڇيڻن جي ئي بوءِ اچي ٿي.....!
    *


    پيار

    تون پيار کي پنهنجي ملڪيت بنائڻ لاءِ،
    چوين ٿي ته ،
    پيار فقط ڪنهن هڪ انسان سان ٿيندو آهي،
    اهو تون ان ڪري چوين ٿي جو،
    تون پيار تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿي،
    تون پيار کي غلام ڪرڻ چاهين ٿي،
    تون پنهنجي لالچ ۽ بي ايماني کي،
    پيار جو نانءُ ڏئي ڦٻائڻ چاهين ٿي،
    پر پيار ته ،
    هڪ ڪائناتي جذبو آهي،
    پيار ته هڪ ئي وقت،
    ڪائنات جي هرهڪ شيءِ سان ٿي سگهندو آهي،
    ڇا تون سمجهين ٿي ته ،
    سج ڪنهن هڪ لاءِ اُڀرندو آهي؟؟
    چنڊ ڪنهن هڪ لاءِ چمڪندو آهي؟؟
    ندي ڪنهن هڪ لاءِ وهندي آهي؟؟
    ۽ خوشبوءَ ڪنهن هڪ لاءِ پکڙبي آهي؟؟
    ۽ خدا،
    ڪنهن هڪ لاءِ هوندو آهي...؟؟
    *


    قبرستان

    اي مسافر،
    هن قوم کي ڌيان سان ڏِسِ،
    هن قوم ڪارين جو قبرستان ٺاهيو آهي،
    جتي اهي عورتون دفن ٿيل آهن،
    جن محبت ڪرڻ جو ڏوهه ڪيو هو،
    جن خواب اُڻيا ها،
    جن پيار ونڊيو ۽ زندگيءَ کي ڇُهي ڏٺو هو،
    کين ان ڏوهه جي ڪري،
    ڪهاڙين سان ڳڀا ڳڀا ڪري،
    بنا غُسل ۽ بنا ڪنهن ڪفن جي دفن ڪيو ويو،
    سندن قبرن تي،
    ڪو به دعا گهرڻ ۽ اگر بتيون ٻارڻ،
    نه ايندو آهي...!
    هڪ ڏينهن هيءَ قوم،
    شاعرن جو قبرستان به ٺاهيندي،
    جتي انهن کي دفنايو ويندو،
    جيڪي گيت اُڻين ٿا،
    احساسن کي ڇُهي ڏسن ٿا،
    ۽ پوءِ،
    انهن تي ڪوبه،
    دعا گهرڻ ۽ اگر بتيون ٻارڻ نه ايندو،


    سچ جو بدلو

    تون چوين ٿي ته جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي،
    تون چوين ٿي،
    سچي ماڻهوءَ کي بدلي ۾ سچائي ملندي آهي،
    بُري ماڻهوءَ کي بدلي ۾ برائي ملندي آهي،
    تون چوين ٿي ته،
    تو ڪنهنسان سچو پيار ڪيو هجي ها،
    ته بدلي ۾ توکي به سچو پيار ملي ها،
    پر آئون چوان ٿو ته،
    تون غلط آهين،
    جيڪڏهن ائين هجي ها ته ،
    سچائي جي بدلي ،
    مسيح کي صليب تي لٽڪايو نه وڃي ها،
    آخري پيغمبر کي طائف ۾ پٿر نه هنيا وڃن ها،
    ۽ مخدوم بلاول کي ،
    گهاڻي ۾ نه پيڙايو وڃي ها،
    *


    شهرِ خموشان

    تو شهرِ خموشان مڪليءَکي،
    ڪيئن گهميو ۽ ڪيئن ڏٺو...!
    تو ترخانن جون،ارغونن جون،
    اجڙيل اجڙيل قبرون ته ڏٺيون ،
    تون سَمن جي دور جا ڪيئي ڪتبا ته ڏٺا،
    تو دولهه درياءَ خان جي ابدي ننڊ واري،
    آرامگاهه ته ڏٺي،
    تو سُرمئي شامن ۾ ڪيئي ڪجليون،
    اکڙيون ته ڏٺيون،
    پر افسوس،
    جو تو مڪليءَ مٿان لهرائيندڙ،
    آخوندصالح جي ڪپيل زبان نه ڏٺي،
    ۽ ان مان رت جا ڦڙا،
    اڄ به ماڪ جيان ٽِمي رهيا آهن،
    جن مان قلم ٻوڙي ،
    هڪ نئين تاريخ لکڻ وارو ٻار،
    اڃا شايد ڄائو ئي نه آهي،
    *


    ٽُٽل خواب

    بم ڌماڪي جا چچريل ماڻهو،
    اسپتال جي وارڊ ۾ ڪِنجهي رهيا هئا،
    ڊاڪٽرن ڪِنِ جون هڏيون جوڙيون،
    ڪِنِ جو چم ٽاڪا هڻي جوڙيو،
    ڪِنِ جون ڪپيل ٻانهون جوڙيون،
    ڪِنِ جو چچريل نڪ جوڙيو،
    پر سامهون،
    پوڙهو پنهنجي نوجوان ڌيءَ جو لاش،
    ڪلهي تي کڻي بيٺل هو،
    نينگريءَ جي لاش کي ڪاليج جي ڊريس پاتل هئي،
    پوڙهو ٻاڪاري چئي رهيو هو،
    منهنجي ڌيءِ جو ٽڪڙا ٿيل خواب جوڙي ڏيو،
    ڊاڪٽرخاموش تڪي رهيو هو،
    پر شاگردياڻيءَ جو ،
    ٽُٽل خواب نه ٿي جوڙي سگهيو...!
    *


    نظر نه ايندڙ قيد

    ڇا توکي خبر آهي؟؟
    توکي برقعا ڇو پارايا ويا آهن؟
    توکي ڪنهن ڀاڄيءَ جيان،
    ويڙهي ڇو رکيو ويو آهي؟
    توکي اخلاق ، حيا۽ عزت جي نالي تي،
    قيد ڇو ڪيو ويو آهي؟
    ان ڪري جو،
    هو تنهنجي حُسن کي ملڪيت بنائڻ چاهين ٿا،
    هو لالچي ۽ بي ايمان آهن،
    توکي وِندر ۽ حوس جو سامان سمجهن ٿا،
    انهن توکي،
    ڪپڙا ڌوئڻ ۽ ماني پچائڻ جي مشين بنايو آهي،
    سندن حوس اُجهائڻ ۽ ٻار ڄڻڻ جي مشين...!
    انهن جي حالت ان معذور ٻار جهڙي آهي،
    جنهن وٽ خوبصورت رانديڪو ته آهي،
    پر هو ان سان کيڏي نه ٿو سگهي،
    ۽ نه ئي وري ڪنهن ٻئي کي ڏيڻ چاهي ٿو،
    *


    ياداشت

    آئون اڪثرسڀ ڪجهه وساري ڇڏيندو آهيان
    مونکان تاريخ وسري ويندي آهي،
    حالتون ۽ لقاءُ وسري ويندا آهن،
    ڪڏهن ڪڏهن ،
    مونکان رستا ۽ گهٽيون به وسِري وينديون آهن،
    ڇا ڪاڻ ته،
    آئون ڏسي سگهندو آهيان،
    هر شيءِ کي سندس اصل روپ ۾،
    جانچي ڏسي سگهندو آهيان،
    ان ڪري مونکي ياد رکڻ جي ضرورت نه آهي،
    پر تون چوين ٿي،
    توکي هر شيءِ چِٽي ياد آهي،
    اهو ان ڪري جو،
    تون ڏسي نه سگهندي آهين،
    ڇا توکي معلوم آهي...؟
    ته جيڪي ڏسي نه سگهندا آهن،
    انهن جو حافظو ۽ ياداشت،
    تمام تيز هوندي آهي..
    *


    گل

    آئون حيران هوس،
    ته باغ جا گل ٽڙيا ئي رهيا،
    راتيون ڏينهن لنگهي ويا،
    پر گل مُرجهايا ئي نه ٿي...!
    پوءِ خبر پئي ،
    ته تون اُتان لنگهي هئينءَ...!
    *


    وايون

    آيوڙي آيو،

    آيوڙي آيو،
    جَرَ تي جُهوٽو ناوَ کي،

    ونجهه ويڙهون لهر سان،
    سڙهه کي واءُ ٿڪايو
    جَرَ تي جُهوٽو ناوَ کي،

    ڪَپَ تي ڪنهن ڪامڻيءَ،
    اوڏو هٿ وڌايو،
    جَرَ تي جُهوٽو ناوَ کي،

    ٻگهه اُڏاڻا بند تان،
    مانگر مُنهن لڪايو،
    جَرَ تي جُهوٽو ناوَ کي،
    *


    چنڊ چئو تون ڇو ڀلا...؟

    چنڊ چئو تون ڇو ڀلا...؟
    ننڊ منهنجي پيو لُٽين،

    ڪونه جُهوٽو ٿو اچئي،
    چيٽ چمڪين چاڳلا،
    ننڊ منهنجي پيو لُٽين،

    جاڳ منهنجي ٿي وڻئي؟
    يا مسافر قافلا،
    ننڊ منهنجي پيو لُٽين،

    گهاٽ تي ڇڻڪاٽ آ،
    ڪا ڀَري پئي ٿي دِلا،
    ننڊ منهنجي پيو لُٽين،
    *


    ايڏي ڏِنگي رات،

    ايڏي ڏِنگي رات،
    روز هڻي ٿي راتاها،

    من ۾ ڪائي ميک هڻي ٿي،
    رنگبرنگي رات،
    روز هڻي ٿي راتاها،

    ٽهڪائي ٿي دل جو درياهه،
    هاءِ اڍنگي رات،
    روز هڻي ٿي راتاها،

    سج لهي ويو ساموئيءَ تي،
    ڪيئن ته لنگِهي رات،
    روز هڻي ٿي راتاها،
    *


    مارئيءَ اڄ مونکي،

    مارئيءَ اڄ مونکي،
    ڪيو قيد ڪوٽ ۾...!

    اڳ هئي عمر وٽ،
    اڄ عمر انهيءَ اوٽ ۾،
    ڪيو قيد ڪوٽ ۾...!

    تاريخ ڏس بدلي آ،
    هن چاهت سندي چوٽ ۾،
    ڪيو قيد ڪوٽ ۾...!

    گهوٽ وِجهي گُهور ڏٺو،
    اڄ گُهورون آهن گهوٽ ۾،
    ڪيو قيد ڪوٽ ۾...!
    *


    ڇڏي هوُ ته ويم، روڳي روح ٿيم،

    ڇڏي هوُ ته ويم، روڳي روح ٿيم،
    اديون ڙِي اڃا پئي جيئان،

    جيئن ساز ڇِڙيا تيئن راڳ رَتو،
    ڪيئن ڇير ڇنم پتوڪو نه پيم،
    اديون ڙِي اڃا پئي جيئان

    جيئن رات ٺري مڌ ماٽي کُلي،
    تيئن پياس لڳم ڪين سُرڪ سَريم،
    اديون ڙِي اڃا پئي جيئان

    هيڏا پنڌ ڪري ڦَٽي وِڌم،
    پنهون پاڻ اندر هئه ڙي ڪونه ڏٺم،
    اديون ڙِي اڃا پئي جيئان

    جي نينهن هُيئي پوءِ ” سعيد“ ڀلا،
    اڃا ڪيئن جيئين ٿيئين ڇو نه ڀَسم،
    اديون ڙِي اڃا پئي جيئان
    *


    توتي بسنت رُتِ آ،

    توتي بسنت رُتِ آ،
    آئي آئي نينگري،

    ڇاتيءَ گونچ ڦُلاريا،
    ڪيڏي ماس اڻت آ،
    آئي آئي نينگري،

    من اجهاڳ سمنڊ ٿئي،
    جنهن جو ڪين ڪوانت آ،
    آئي آئي نينگري،

    جوڀن کُوري ڀڙڪندِي،
    ڪيڏي من تپت آ،
    آئي آئي نينگري،
    *


    وهندو جيئن درياهه،

    وهندو جيئن درياهه،
    رستو ٺاهي پاڻ،

    ائين منهنجي اندر ۾،
    آهي آب اٿاھ،
    رستو ٺاهي پاڻ،

    ڏيئا منهنجي ڏات جا،
    ازلي آ ويساهه،
    رستو ٺاهي پاڻ،

    ٻاهرگونچ ڦُلاريا،
    ڀونرن ڪئي آ ڪاھ،
    رستو ٺاهي پاڻ،

    اتر هِير اُڇاتري،
    سانوڻ منهنجي ساھ،
    رستو ٺاهي پاڻ،
    *


    سنڌڙي تنهنجي سار سڳنڌ،

    سنڌڙي تنهنجي سار سڳنڌ،
    تون ئي منهنجي آهين جند،
    سنڌڙي تنهنجي سار سڳنڌ،

    چاندنيءَ جهڙو اُجرو پاڻي،
    سنڌو درياھ تار سڳنڌ،
    سنڌڙي تنهنجي سار سڳنڌ

    تنهنجي مٽي مُشڪ لڳي ٿي،
    جيون تنهن تان وار سڳنڌ،
    سنڌڙي تنهنجي سار سڳنڌ،

    جيجل جيڪا ٿڃ پياري،
    رچجي وئي من پار سڳنڌ،
    سنڌڙي تنهنجي سار سڳنڌ،

    سِرِ امانت ماتا تنهنجو،
    جيجل تون ئي جيار سڳنڌ،
    سنڌڙي تنهنجي سار سڳنڌ،
    *


    بيت

    سِرِڻين کان سِراءِ، جَهپجي ويندين جهٽ ۾

    سِرِڻين کان سِراءِ، جَهپجي ويندين جهٽ ۾،
    تتر ٻوليون ٻولڙي، جوءَ نه جاڳائي،
    آکيرو اُت ٺاهي، جَهپَ نه جتي باز جي،


    دوکي جي ديوار ۾،

    دوکي جي ديوار ۾، جنهن به وڌي آ رُوڻ،
    سينو تنهن سپوت جو، گولين ساڻ پَروڻ،
    ڌرتيءَ ڪئي آ ڌُوڻَ، جاڳ نه آئي جهانگيئڙن،
    ***


    واپس ڪيئن ورن،

    واپس ڪيئن ورن، اڃا تني آسرو،
    آزاديءَ جي پيچڙي، اوچي ڳاٽ اچن،
    نديون رت وَهن، ته سنڌ سَجي ڪنوار جيئن،
    ***


    پچ اول تون پاڻ،

    پچ اول تون پاڻ، اندر کُوري ٻار،
    پوءِ پچائي گهاگهرا، ايءِ ڪنڀارن ڪارِ،
    ڪچا جي ڪنڀار، پڪو نه گَهڙو تن جو،
    ***


    سهڻي جي تون سِير ۾

    سهڻي جي تون سِير ۾،وٺين منهنجو نانءُ،
    لهر لتاڙي هاڻ ئي،اچان توڏي آنءَ،
    اتاولو هي هانءُ، دم دم درياھ پارڙي،
    ***


    اهڙي نه آهي ميان

    اهڙي نه آهي ميان، منهنجي سگهه سَريرَ،
    ڇوليون ڇُلن من اندر، تن کي ڪيئن تڙيان؟
    ڪيسين ماٺ ڪريان؟ اندر اُڌما آتا ڙي،
    ***


    منهنجي مُورت تون تون ئي منهنجي زيب

    منهنجي مُورت تون تون ئي منهنجي زيب،
    مون ۾ڪيئي عيب ،اُجاريندينءَ تون اچي،
    ***


    مايون جيئن سَڳيءَ سان،ويڙهي رکن وار

    مايون جيئن سَڳيءَ سان،ويڙهي رکن وار،
    ايئنءَ تنهنجي سارَ،سَلهاڙي آ ساھ سا،
    ***


    هر ڪنهن هڪ زبان ،ٻه ٻه جاڙا ڪَنَ

    هر ڪنهن هڪ زبان ،ٻه ٻه جاڙا ڪَنَ،
    ٻولڻ ٻوليون ٿورڙيون ،ٻڌڻ لا ٻهڪن،
    ٻُڌي جي نه ڪُڇن، سي نه منهنجي سَڱ ۾،
    ***


    ڪِرِڻا ڪِرِڻا چنڊ، وِٿيون وِٿيون ڇِتِ

    ڪِرِڻا ڪِرِڻا چنڊ، وِٿيون وِٿيون ڇِتِ،
    ٿاريلي ٿي ٻهڪي، ڳاڙهي جهڙي رَت،
    ڪونهي ڪائي ڪَٿِ، ڪونهي ماپو سونهن جو،
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 464
    ڪتابن جو مشاهدو: 373043
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 151962
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ