ڪتاب جو نالو: سُڏڪا سُڏڪا سنڌ
مصنف: عبد سنڌي
ڇپائيندڙ: سرويچ سجاولي اڪيڊمي- سنڌ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2011
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 28 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 650 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 322 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب سڏڪا سڏڪا سنڌ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر عبد سنڌي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سنڌسلامت پاران
  • ارپنا
  • اداري پاران
  • مُهاڳ:
  • پنهنجي پاران
  • تاثر
  • تاثر
  • تاثر
  • تاثر
  • تاثر
  • تاثر
  • تاثر
  • تاثر
  • شاعري

  • وحدت
  • حمد
  • نعت
  • غزل

  •   -
  • ٿو ڪجي سُورن ڏُکن، گوندر غمن سان سامنو،
  • جواني آ گذري، گناهن جي پويان،
  • اڱڻ اسانجي ڪڏهن تون ايندين، اسين اوهانکي سدائين ساريون
  • ڪونه ٿو مونکي، وڏپڻ گهرجي،
  • باغ بهارون، اڃا به اڳتي،
  • اندر ۾ ڪي اڌمن اُماڙون هڻي ويا،
  • اي سونهن ڀريا ساجن، ايئن منهن نه مٽيندو ڪر،
  • تون نه آئين وري، تنهنجون يادون وريون،
  • جدائيءَ جا اِهي ڏينهڙا، وڃي ٻئي پاڻ روئنداسين،
  • رَس ۾ ڇڏي رهاڻيون، ميڙو متو ڇڏيوسين،
  • گذريو آ ڪجهه گذري ويندو،
  • پيار ۾ پنهنجو پاڻ ملهاءِ، ستين رنگين رنگجي وياسين،
  • دلدار جي هجر ۾، دلڙي چري چري،
  • نينهن ۾ نروار ٿي ۽ پيار جو پينار ٿي،
  • جڏهن عيش عشرت، جا وکر مون وهايا،
  • ٻڌايان حال دل ڪنهن کي، ٻڌڻ وارو ئي ڪونهي ڪو،
  • موسم جا هي ڏسندي ماڻا،
  • چيم هر موڙ تي هر هنڌ، سوا ڏک جي مليو ناهي،
  • تون شاد هجين، آباد هجين، مان درد لڪاءِ جيئندس پيو،
  • جفا جي بدلي رڳو وفائون، اسان ڏنيون ٿئي ٻيو نه ڏيندئي،
  • دنيا ته گهڻو گهايو هو، تنهنجي ديواني کي،
  • اسان کي پاڻ جي پنهنجو بنائيندين ته خوش هوندين،
  • ڪير چوي ٿو ڪونه ملون ٿا،
  • دلڙي ڦري ٿو دلبر، ڪنهن جي ڇڏين سهاري،
  • مريضِ عشق کي تنهنجو، صنم ديدار ٿوگهرجي،
  • يار جو چهرو گلابي گُل هُئو، وسري نٿو،
  • هيل به سانوڻ مينهن وسي ويا، ساجن توکي سار نه ڪائي،
  • هونداسين حياتي ته توسان پيار ڪنداسين،
  • محبت ۾ مران ٿو اڄ، جياريندين ته خوش هوندين،
  • شهر تنهنجي مان نِڪري وياسين، شايد توکي وسري وياسين،
  • هجن پر ته توڏي اڏامي اچان ها،
  • حُورن کان وڌ حسين آهين، حاڪم سڀ حيران ڪيا ٿئي،
  • ٻيا غم سڀ ويا وسري، اوهانجو غم حشام آهي،
  • مينهن سانوڻ جا وٺا هِن، ملڪ تي آهن ملهاريون،
  • ڍاپان نٿو مان تنهنجو درشن ڪري ڪري،
  • ڪا نوڪري به ناهي، ناهي وري مزوري،
  • حياتي حُسن وارن سان وڃي گذري ته پو واهه واهه،
  • روز رُسڻ کي، هڻ تون گولي،
  • مٺي ماءُ منهنجي، مٺي تنهنجي ٻولي،
  • سرويچ سجاوليءَ کي ڀيٽا
  • سائين محمد خان مجيديءَ کي ڀيٽا
  • اڄ قوم کي ٿو گهرجي ليڊر جي ڳالهه ڪر،
  • سنڌين کي ڪا سمجهه نه آئي، گُرڙ ويا سنڌ ڪُرٽي کائي.
  • اٿئي جي درد قومي ڪو، ته سنڌي قوم لئه ڪرتون،
  • سنڌ ۾ سَوَ سور سهندي، زندگيون گذري ويون،
  • جهاڳي جهاڳي هلبو جهنگ،
  • اي سنڌيو سڀ گڏ ٿيو، ڳالهيون ويهي ڪي ڳائجن،
  • آ دين سنڌ ايمان سنڌ، دک درد جو درمان سنڌ،
  • سنڌ جو ترانو
  • گيت سنڌوءَ جا ٺاهيان ويٺو،
  • تون موجن ۾ مسرور هتي، آئون ماني لئه مجبور هتي،
  • گهٽايو اُنهن کي گهٽي جيڪي ڄاڻن،
  • ويا رهبر به رهزن ٿي سچو ليڊر نٿو ڏسجي،
  • ٻُڌي ڀوتار جون ڳالهيون، چيو ڪمندار واهه ڙي واهه،
  • هرجڳهه هر وقت تي ٿئي قوم جنهنجو قتل عام،
  • ٻڌي نٿو جي ڪرين ٺهيو پر، پرين پيارا ڪِٽي ته نه ڪر،
  • سنڌي ٽوپي منهنجو شان، سنڌي ٽوپيءَ تان قربان.
  • ايڪتا جو ڏينهن
  • علم آهي روشني ڪا لاٽ ڇو ٻارين نٿو،
  • ٻاٽ اونداهه ۾، آ ڪو واڪو ٿيو،
  • مرض به ساڳيو مريض ساڳيا، حڪيم ساڳيو نشتر ساڳيا،
  • خبر ڏي خير جي قاصد، پڇڻ وارا اچن ٿا نه،
  • نئون سج اُڀارڻ وڏي ڳالهه آهي،
  • بيمار پيو آهي برن ۾ زندگي گذري ويس،
  • اڃا ڪيسين پيون هلنديون، پنهنجي تڪرار جون ڳالهيون،
  • منهنجن سورن سنديون ڳالهيون، وڃي سڄڻن سُڻاءِ ڪو،
  • الله ڄاڻي ڪٿي هوندين، نٿي ڄاتم هليو ويندين.
  • اسين ساريون گهڻو توکي، نه سارين ته به اسين تنهنجا،
  • اوهان جو هُئس ۽ اوهانجو ئي آهيان،
  • پکي پيار تنهنجي نه پياسين ته ڇا،
  • اڃا اچين پيو ڪڏهن تون ايندين؟
  • ڪڏهن کيلندي ڏسي کِلين، مگر روئندو ڇڏي وئين اڄ،
  • مون ڏوهه ڪيو ڪهڙو جو يار ڌڪاريو آ،
  • گهڙي کن ترس مِٺا، اڃا ڳالهيون ڪي ڪجن،
  • موٽي آ تون سانوڻ آيو، ڇو وئين سهڻا لڏي،
  • لاهوتي لڏي ويا، غمن ۾ گڏي ويا،
  • هُجئي حيف پيارا، پڇڻ ڪونه آئين،
  • جڏهن باغ اندر، تون بيٺين اچي،
  • پيار ۾ پيارا اسانکي، آزمائڻ ڇڏ کڻي،
  • لکئي لوح قلم جي نظر ٿي وياسين،
  • تنهنجي در جي دلبر، گدائي وڻي ٿي،
  • جفائن کي سهندي، وفا ٿي وياسين،
  • عشق ۾ آزار ڪهڙو، عشق وارن کان پُڇو،
  • اکڙين جو آرام کڻي وئين، اکڙين سان اٽڪاءِ اکيون،
  • مِٺا يار جاني، وساري ڇڏيو ٿئي،
  • مِٺا محبوب مل مونسان، مري ويندس خدا ڄاڻي،
  • ڪنهنجي آ ڌيءَ ڪنهنجي ماءُ، هر ڪنهن کي ٿي چئي او ڀاءُ،
  • نظم
  •   -
  • پاڻ سڀئي جي سنڌي آهيون
  • سڄو ڏينهن سورن جو سامان آهيان
  • ويڙهه بنا ٻي واهه نه آهي، ويريءَ سان وڙهه سينو ساهي
  • جهاتي پاءِ جڳ ڏٺوسين، جڳ هي سارو ٺڳ ڏٺوسين،
  • ڪاتيءَ هيٺيان ڪنڌ اسانجو، آزاديءَ ڏي پنڌ اسانجو،
  • مها ٻوڏ 2010ع
  • ٿر ۽ ڪاڇي لاڙ اُتر ۾
  • اليڪشن 1988ع
  • جن وٽ اجهو اٽو ڪونهي، ليڙ لنگهوٽي لٽو ڪونهي،
  • سنڌ سڏي پئي سڏ ورنايو، سنڌ بچايو سنڌ بچايو.
  • شال رهين تون تاءِ قيامت، سنڌ سلامت ساٿ سلامت،
  • سُڃ سڄو سنسار ڏسان ٿو، انسان ڪو لاچار ڏسان ٿو
  • سنڌي بکيا ۽ بدحال، ڌاريان کاشا ۽ خوشحال،
  • ٽوڻن ڦيڻن تعويذن مان، وريو آهي تنهنجو وارو،
  • تون ڳالهه ڪرين ٿو ٺاهه سندي
  • اي دل متان تون روئين، دلبر جي ڌار آهي
  • پاڻ سنواري نڪتو آهي، ماريندو لاکيڻا لال،
  • او دل جا گهُريا، ڪر پيار پرين،
  • درد جا رشتا رشتا آهن، کوٽا کوڙ هزار ميان
  • گيت

  •   -
  • راڳي گيت سنڌوءَ جا ڳاءِ،
  • ٻارو پنهنجو علم وڌايو، هرگز تنهن کان ڪين نٽايو.
  • اک مستانا يار يگانا،
  • ڪڻڪو بدن وارن ڊگهن،
  • ڏٺي سون سڄڻ اڄ اوهان جي به ياري،
  • هل ته هلي هُت پيرون ڇاڻيون، روزانو ٿا تڪيون تاڻيون.
  • تنهنجو آئون آهيان راڻو،
  • توکي ڪهڙي خبر منهنجا سهڻا صنم،
  • تون اهڙيون ٻوليون ٻول،
  • پيارا پرين پري کان، اکڙيون کڻي نهاريو،
  • اکيون آهن توسان اٽڪيون،
  • هي نينهن اوهان سان آهي،
  • اسان کان ڙي دلبر، ڪيا ٿئي ڪنارا،
  • موٽي آيون مندون، تون نه آئين وري،
  • ڪافيون

  •   -
  • متان سمجهين سڄڻ، ته ڪو خوش پيا گهمون،
  • دردن کي هاڻي دل ۾، لڪاءِ نٿو سگهان،
  • پرين پيار تنهنجو پلڻ جهڙو ناهي،
  • اوهان لئه هينئين ۾ ڇڏيم هنڌ ٺاهي،
  • محب مِٺا منٺار اويار، ڪر ڪو مونتي ڦيرو فضل جو،
  • ڪهڙا ڪهڙا ڏک ڏٺاسين،
  • پنهون آن ڏٺو ڪو، پنهل کي پئي ڳولهيان،
  • پيا مينهن پٽن تي وڄون ڏين وراڪا،
  • ڪهڙو ڪيو تو جادو، قابو ڪري وئين،
  • تو ڳالهيون ٻڌيون آهن، توکي عشق لڳو ناهي،
  • مِٺا منهنجون اکيون جر هارين ٿيون،
  • وايون

  •   -
  • سانولڙا درد ڏنا ٿئي ڇو؟
  • ساعت ساعت ڀانيان سال،
  • ڇني مون کان ناتو وڃڻ وارا،
  • عمر ڪڍ بند مان باندي، پٽي نه ته پاڻ مارينديس،
  • وڙهڻ جي بجاءِ چون ٿا ظالم کان بچو،
  • ناهي ڪو اختيار ميان،
  • دردن دل تي ديرا لايا، جيون جو دستور.
  • بيت

  • مٽي ۽ ماڻهو جو ازل کان ناتو،
  • مٽي ۽ ماڻهوءَ جو ازل کان ناتو،
  • ستيتاليهه جو سور، سڀني کان وڌ،
  • مارشل لا جو مطلب فوجي آمريت،
  • پنجين سال پڄاڻا، ووٽن جو وارو،
  • آجپي ۾ آهي سنڌ جو جياپو،
  • سمجهي سيّد کي پروڙيائين مام،
  • ماڙيءَ چڙهيو موج ڪري، کاءِ ٻوڙ پلاءُ،
  • بيحد تنهنجون نعمتون، ڪهڙيون جهٽلايان،
  • ڪونه لهي ٿو ڳوٺن ۾، اسڪولن جي سار،
  • جيڪو هوندو روز ۾ سڀ ڪو سو کاءِ،
  • چور جي چوريءَ ۾، ڦاٿي جڏهن جان،
  • چور جو بچاءُ ٿيو ڪوڙ تي قرآن،
  • دوستيءَ ۾ دم، سڀڪو هڻي ساٿ جو،
  • محبت ڪندو ڪير هت، ڪنهن کي آ مرڻو،
  • سنڌ ۽ سنڌين جو جنهن به ڪيو غم،
  • سنڌ ۽ سنڌين جو جن کي آ فڪر،
  • جي ٿي ويندي سنڌ مان، درياهه جي پڄاڻي،
  • سهندا ڪونه سنڌي ماءُ ميارون،
  • وڙهندا وجود لئه سمان ۽ ساند،
  • سر ڏني ٿو سُک ملي، جوٽيئين نه جهيڙو،
  • راولپنڊيءَ رت سان وهنجاري آ ڀيڻ،
  • سائي سُکي سنڌ جا ماڻهو بکيا ڇو؟
  • ساٺيڪو ٿيا سال، سور نه گهٽيا سنڌ جا،
  • سڃاڻپ سنڌين جي موهن جو دڙو،
  • ساک بچايون سنڌ جي، ساري سنڀالي،
  • اسلام جي آڙ ۾ دهشتگردي،
  • مذهب جي نالي ۾، افغاني پٺاڻ،
  • جنهن جي عداوت، سندم جيجل سنڌ سان،
  • سُکي هجن شال، سنڌي ۽ سنڌ،
  • سکن ڪارڻ سنڌ جي گهوريندس گهر ٻار،
  • ڊسمبر جي مينهن ۾ تکو اُتر واءُ،
  • ڊسمبر جي مينهن ۾ تکو اُتر واءُ،
  • ڊسمبر جي مينهن ۾ تکو اُتر واءُ،
  • ڊسمبر جي مينهن ۾ تکو اُتر واءُ،
  • ڊسمبر جي مينهن ۾ تکو اُتر واءُ،
  • ڊسمبر جي مينهن ۾ تکو اُتر واءُ،
  • ڊسمبر جي مينهن ۾ وڏڦڙا وسن،
  • سُڪاءِ سنڌوءَ کي سنڌ نه ڀانئج سُڃ،
  • شاهه سچل سامي، ويٺا رت روئن،
  • سائي سکي سنڌ جا ماڻهو سڀ ملور،
  • پاڻي ناهي سنڌ ۾، پيئندين ڇا ٻچڙا،
  • دوها

  • آزاد ڪي فضائون، گهرجن ٿيون زندگيءَ ۾،
  • مرده پرست ماڻهن ڪئي وهه آ حياتي،
  • گونگا انڌا ۽ ٻوڙا، سمجهن نٿا حقيقت،
  • منهنجي عزت ڪرڻ ۾، عظمت سندءِ سمايل،
  • تو ماڻهپو وڃاءِ سڀ ڪجهه ڪيو آ حاصل،
  • اونداهه ۾ وئي آ، سنڌ جا هُئي سُهائي،

  • ترتيب

    سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو 48 (اٺيتاليهون) ڪتاب سڏڪا سڏڪا سنڌ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر عبد سنڌي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.

    اسين ٿورائتا آهيون سجاول جي سهڻي دوست سارنگ حبيب چانڊيو صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني. ٿورا سائين عبد سنڌي جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. هي ڪتاب سرويچ سجاولي اڪيڊمي پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپنا

    ارپيان ٿو سندم جيجل ماءُ بصران کي جنهن مونکي جنم ڏئي ننڍپڻ ۾ سياري ۽ اونهاري جي سخت سيئن ۽ گرمين ۾ اکين کي اوجاڳا ڏئي پالي، تاتي، ۽ سنڀالي وڏو ڪري اسڪول وڃڻ جي لائق بنايو ۽ سندم بابي ميانجي عبدالرشيد شاعر کي جنهن مونکي فرش تان کڻي عرش تاءِ پهچائڻ لاءِ آڱر مان جهلي وٺي وڃي گورنمينٽ پرائمري اسڪول اوڀاڙا ۾ پهريئن ڪلاس ۾ داخل ڪرايو.
    پنهنجي حصي ۾ آيل چڱايون سڀ کين بخشيان ٿو.
    شال ڌڻي تعاليٰ ٻنهي کي جنت الفردوس ۾ جايون عطا فرماءِ (آمين).



    عبد سنڌي
    2011-09-15


    اداري پاران

    2008ع ۾ سرويچ سجاولي اڪيڊمي جو وجود رکي اوهان عقيدتمندن ۽ احترام لائق سڄاڻ ساٿين سان وچن ڪيو هئوسين ته سرويچ سجاولي اڪيڊمي پاران نه صرف سرويچ سجاولي صاحب ۽ ان جي اولاد پر ٻين اديبن ۽ شاعرن جو قلمي پورهيو پڻ ڇپائي اوهان مهربان مداحن تائين پهچائيندا رهنداسين ۽ اڄ ان واعدي جي تڪميل طور سجاول جي ڀلوڙ شاعر محترم سائين ’عبد سنڌي صاحب‘ جو هي شعري مجموعو ”سُڏڪا سُڏڪا سنڌ“ اوهان جي مبارڪ هٿن ۾ آهي.
    سائين عبد سنڌي شاعري جي تقريبن سمورين صنفن تي باڪمال نموني لکندڙ شاعر آهي، جنهن عشق محبت کان ويندي سماجي براين، معاشرتي متڀيد ۽ ڌرتيءَ جي ڏکن سورن تي پنهنجي قلم کي ڀرپور نموني استعمال ڪيو آهي، يقينن سندس شاعري سنڌ جي ڏکن، سورن ۽ دردن جو درمان بنبي ۽ پڙهندڙن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ والاريندي.
    سائين عبد سنڌيءَ جو شمار سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن ۾ ٿئي ٿو، ۽ سندس شاعري سنڌ جي سمورن سٺن رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي، پر باقائده شعري مجموعو پهريون ڀيرو ڇپجي رهيو آهي، ۽ ان کي ڇپڻ جو اعزاز سرويچ سجاولي اڪيڊمي کي نصيب ٿيو آهي، جنهن لاءِ ادارو سائين عبد سنڌي جو بيحد ٿورائتو آهي.

    سورج سجاولي
    چيئرمين
    سرويچ سجاولي اڪيڊمي سنڌ


    مُهاڳ:

    لُٽيل ڀنڀور جي واهر جو سڏ

    مادرِ وطن سنڌ اهلِ دل ماڻهن جو ملڪ آهي، هن ملڪ جا ماڻهو پنهنجي جيءَ جهان ۾ نرالا اسرار رکن ٿا. انهن جي اندر ۾ هڪڙي آڳ هجي ٿي، جيڪا ڪڏهن ڌڳندي ته ڪڏهن ڀڙڪندي رهي ٿي. اها آڳ سچائيءَ جي، محبت جي، عشق جي آڳ آهي، پاڻ ارپڻ جي آڳ آهي. هنن جون دليون انهيءَ آڳ سان منور رهن ٿيون ۽ شاعري انهن دلين جو لباس آهي. هو شاعريءَ کي پنهنجي دل مٿان ولين وانگر ويڙهي انهيءَ روشنيءَ کي نئين جاوداني، نئين چمڪ ڌمڪ ۽ نئين جرڪ ڏين ٿا. اهي ماڻهو جيڪي شاعري نٿا ڪن، جيڪي شاعر نه آهن، اهي به پنهنجي دل جي نگريءَ ۾ ڪوتا جا تيل ڦليل ڏيئا ٻاري رکن ٿا، ۽ جيڪي شاعر آهن، ڪوي آهن، ڪلاڪار آهن، انهن جي ته ڳالهه ئي نرالي آهي، انهن جي اندر ۾ تخليق جي سونهن پنهنجي پوري حسناڪي ۽ ڦوهه جوانيءَ سان کڙيل رهي ٿي، اها آڳ، اها روشني، اها سونهن جڏهن مجسم صورت وٺي لفظن جي شڪل ۾ ڪاڳر جي بدن تي لهي ٿي، تڏهن حُسن، ڏاهپ ۽ معنيٰ جا نوان نظارا پڌرا ٿين ٿا، جيڪي دلفريب، دلڪش ۽ من موهيندڙ هجن ٿا.
    سائين عبد سنڌي به تخليقڪارن جي انهيءَ لاجواب برادريءَ جو حُسناڪ حصو آهي، هو سنڌ جو آهي، سنڌ جي به لاڙ جو آهي، ان ڪري سندس ڪوتا جي ڦلواڙيءَ ۾ جيڪا رنگارنگي، نرملتا، سونهن حليمت، نزاڪت، ڪوملتا ۽ سڳنڌ آهي، اها لاجواب ۽ شاندار آهي. هن جي شاعريءَ ۾ محبت جي کٿوريءَ جي خوشبوءَ به آهي، وصال جا سون ورنا رنگ به آهن، وڇوڙي جون دلسوز آهون ۽ دانهون به آهن، پنهنجن ماڻهن جي هيڻي حال تي ملال به آهي، ته پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي وڃايل تشخص، وقار ۽ حيثيت جي بحاليءَ لاءِ جاکوڙ جو اونو به آهي.
    جيئن ته ڪائنات ۽ زندگي گوناگون آهن، ان ڪري شاعري پڻ گوناگون گهڻ طرفي، گهڻ رنگي ۽ سڀ پاسائين هجي ٿي. اها پاڻ کي ڪنهن هڪ يا ڪن مخصوص موضوعن جي قيد ۾ بند نٿي رکي، اها ڪائنات، زندگي، سماج، انساني رشتن، ڌرتيءَ جي گولي تي ايندڙ اٿلن پُٿلن، روز روشن توڙي پوشيدا حقيقتن، نِت نوَن جنم وٺندڙ لقائن، ننڍي کان ننڍن ۽ وڏي کان وڏن مامرن، مسئلن، اسرارن، رازن رمزن ۽ خدائي توڙي مانسڪ ڳُجهن جي ڀڃ کول کان وٺي حسن ۽ فن جي تخيلق ۽ اظهار جي نون گهاڙيٽن جي دريافت تائين انيڪ، اڻکُٽ ۽ اڻڳڻين موضوعن کي پنهنجو عنوان بناءِ ٿي. انهيءَ موضوعاتي گهڻس سان گڏ شاعريءَ جي هڪڙي تمام وڏي خوبي اها به آهي ته اها تصور جي لاحدن ۾ اتي به جهٽ هڻي ٿي. جتي عام طور تي نثر نه ٿو پهچي، لاحدن ۾ لوچڻ ۽ حدن لهڻ جي ۽ سپيريان جي سونهن جي قدمد تائين رسڻ جي اها حيرتناڪ خوبي ئي شاعريءَ کي عظيم بلندي، اَٿاهه گهرائي، بيڪران ويڪر، وشالتا ۽ لازوال عظمت عطا ڪري ٿي، اهڙي ئي گهرائي وشالتا، بلندي عظمت سائين عبد سنڌيءَ جي شاعريءَ مان پڻ لياڪا پائي ٿي. اها پنهنجي موضوعاتي وسعت، رنگا رنگي، گونا گونيت ۽ تخيل جي اڏام سبب پڙهندڙ جي جيءَ جهان کي سڀ رنگ سانول جهڙين ڪيفيتن ۾ رنگي ٿي ڇڏي.
    عبد سنڌيءَ جي شاعري هونئن ته گهڻ پاسائين، گهڻ طرفي، سڀ رنگي ۽ موضوعي گونا گونيت جي شاهڪاريت سان ڀرپور آهي. پر ان جا جيڪي وڏا، ڇانيل ۽ حاوي پاسا آهن، انهن ۾ سڀ کان ڳرو ۽ وزندار پاسو سندس قومي شاعريءَ وارو آهي، سندس قومي شاعريءَ ۾ جيڪا فني ۽ فڪري اڏام آهي، اها وڏي اثرانگيز آهي ۽ ان کي پائندگي حاصل آهي. سندس قومي شاعريءَ کي ٽن حصن ۾ ورهاءِ سگهجي ٿو. هڪ هو سنڌ ملڪ ۽ سنڌي قوم جي وڃايل قومي آزادي ۽ قومي تشخص جي حاصلات ۽ بحاليءَ لاءِ جاکوڙ جا سڏ ۽ واڪا ڪندو نظر ٿو اچي. سنڌي قوم جي هزارين سالا تهذيب، ثقافت، ٻولي، تمدن، تاريخ ۽ جدا گانا قومي تشخص ۽ ملڪي حيثيت جي بحالي ۽ بچاءُ صرف ئي صرف پنهنجي ”قومي راڄ“ جي صورت ۾ ئي ممڪن ٿو سمجهي. ان ڪري ڪٿي هو ڀاڳ کي جاڳ جي روشني ڏيڻ جي تاڪيد ٿو ڪري، ڪٿي لُٽيل ڀنڀور جي واهر جا سڏ ٿو ڪري، ڪٿي چانڊوڪين ۽ چيٽن جي رکواليءَ جون صدائون ٿوڪري پر هو هرصورت ۾ سنڌ تي سُهائي آڻڻ لاءِ جاکوڙ، جدوجهد ۽ اُميد جا ڏيئا ٻرندا رکڻ گهري ٿو. قومن ۽ ملڪن جي زندگين ۾ آزادي ئي سهائي آهي. جڏهن ته غلامي ٻاٽ اونداهه جي مصداق آهي، ٻاٽ مان جدوجهد جي لاٽ ئي ڪڍي سگهجي ٿي ۽ اها لاٽ آخرڪار وڌي، ويجهي، پکڙي بلند ٿي سهائي سهائي ٿي ٿي وڃي.
    سنڌ جي ملڪي قومي عظمت، تاريخي حيثيت، آزاديءَ لاءِ جدوجهد ۽ قومي جبر جي اُپٽار کانسواءِ سندس قومي شاعريءَ جو جيڪو ٻيو پاسو آهي، اهو طبقاتي جبر ۽ ڦُرلٽ کي نروار ٿو ڪري. سنڌ جو جاگيردار ۽ مردار مٿيون طبقو ڪيئن نه ڌارين جي هٿن ۾ ڪَٺ پتلي بڻجي پنهنجي ئي قوم جو مارو بڻيل آهي، ۽ ڪيئن نه ڄئور جيان عوام جو رت چوسي مچي مواڙ ٿي پيو آهي. اهو عبد جي شاعريءَ ۾ روز روشن وانگر عيان ٿئي ٿو. هو سخت ڀوتارڪي وڪڙ ۽ جڪڙيل سنڌي سماج تي زبردست چوٽ ٿو ڪري ۽ ان مان بند خلاصي ٿيڻ لاءِ عوام کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ ۽ پنهنجون واڳون پنهنجن هٿن ۾ وٺڻ تي آڀاري ٿو.
    سندس قومي شاعريءَ جو ٽيون پاسو خود تنقيدي يا سياسي، سماجي تنقيد وارو پاسو آهي، هر عظيم فنڪار ۽ ڪلاڪار رڳو پنهنجي قوم يا عوام جا ڳُڻ ڪونه ڳائيندو آهي، پر اهو ان تي تنقيد به ڪندو آهي، اها تنقيد ڪنهن ڪوفت، نفرت يا بڇان تي بيٺل ڪانه هوندي آهي، پر ان جي پٺيان شديد محبت جو جذبو ڪارفرما هوندو آهي. قومن جا عظيم محسن، رهنما ۽ ديدآور پنهنجي قومن جي آرسي به هوندا آهن. اها آرسي فقط سونهن، عظمت ۽ خوبيون نه ڏيکاريندي آهي، اها ڪوتاهيون، اوڻائيون، اوڳڻ ۽ سماجي برائيون پڻ پڌريون ڪندي آهي. اها تنقيد ان لاءِ هوندي آهي، جو اهي انسان پنهنجن قومن مان اهي اوڻايون ڪوري ڪڍڻ گهرندا آهن، ڇو ته اهي اوڻايون قومي جسم مٿان ڪنهن ڦٽ وانگر بدنما لڳنديون آهن. ڪنهن به خامي، اوڻائي يا خرابيءَ مان جان تڏهن ڇڏائبي، جڏهن اها شعور جي پڙدي تي پڌري ٿيندي. برائي يا خرابي جيستائين لڪل رهندي، تيستائين زندهه رهندي.ان ڪري جڏهن ڪو ڪلاڪار پنهنجي عوام تي تنقيد ڪري ٿو ته ان جي معنيٰ اها ٿي ٿئي ته هو پنهنجي عوام کي اڃا وڌيڪ سهڻو، لائق ۽ ڳڻوان ڏسڻ گهري ٿو. عبد سنڌي به سنڌي سماج ۾ پيدا ٿي پيل اهڙين اوڻائين جو تذڪرو ڪندي انهن جي خاتمي جي چاهنا ڪري ٿو. ڪنهن به اوڻائيءَ جو خاتمو ڪنهن نئين خوبيءَ جي پئدائش جا در کولي ٿو. سو سائين عبد سنڌي به سنڌي سماج کي سٺائين ۽ چڱائين جي نين رفعتن تي وٺي وڃڻ ٿو گُهري، تنهنڪري سنڌي سماج جي وڻ جو ڇانگيارو ٿي بيهي ٿو. هو سنڌي عوام کي سماجي برائين، سستي، ڪمزوري، خود ارادي ۽ اعتماد جي اڻهوند، ٺهلي ڦونڊ، لٻاڙ، اجاين جهيڙن جهٽن، ڦڏن، فشرين، نفاق، انتشار، اجتماعي شعور جي اڻاٺ ۽ ماٺ جي اوڙاهه مان نڪري قومي جياپي ۽ عوامي جياپي ۽ عوامي خوشحالي جي راهه تي رڙهندو ڏسڻ گهري ٿو.

    اونداهه ۾ وئي آ، سنڌ جا هُئي سهائي،
    هاڻي ته هڪ وڃو ٿي، ڪريو ڪا روشنائي.

    سنڌ سائي سُکي، ٿي پئي آهي ڏکي،
    ڀاڳ کي جاڳ ڏيو، روشني ڪا ڪيو.

    هڙپ ڪري ويا هڙئي بجيٽون، ننڍا وڏا هي نڀاڳا ناظم،
    پنجاهه لک ۾ وري پيجارو، نئين نڪوري ڪٿان ته آئي!؟

    وٺي ووٽ ميمبر، وري ڪين وريا،
    وتن راڄ رُلندا، نڀاڳن جي پويان.

    پنج سئو جي هڪڙي پرچي هر ڊاڪٽر لکي ٿو،
    اَڀرن ٻچن اَگهن لئه، پئسا ڪٿان ته آڻيون!؟
    چيو جن ته سِر ۾ پوَئي ڪم ته چئجان!
    اهي هاڻ سمجهيم لٻاڙون هڻي ويا.

    اوهان ڏنا ڏڍ دلاسا جيڪي، انهن جي پويان رُلي مئاسين،
    اوهان جون ڳالهيون وڏيون، ٻڌيونسين، مگر اوهان سي اڃا نه پاريون.

    اوهين ته آهيو امير ماڻهو، امير کاڌا امير پهرڻ،
    اسان ته دالين ۽ ڀاڄين لئه، اڃا ته ناهن چلهون به ٻاريون.

    اوهان جا گلشن اندر گذارا، گلن سان آهي اوهانجي رِلمِل،
    اسين پري کان ڏسون به جيڪر اُڀيون اسان تي تکيون تراريون.

    چيم هر موڙ تي هر هنڌ، سوا ڏک جي مليو ناهي،
    چيائون سچ چوڻ جهڙا، اڙانگا ڪم ڪندو آهين.

    نه نعرا نه جلسا، نه هوڪا نه واڪا،
    عُمر قيد گهارڻ، وڏي ڳالهه آهي.

    هتي مونکي ننڍي کنڊ جي وڏي اديب ۽ دانشور مائي ارون ڌتي راءِ ياد اچي وئي آهي. تازو بي بي سي تان نشر ٿيل سندس انٽرويو ۾ جڏهن کانئس اهو سوال ڪيو ويو ته، ”ڇا توکي جيل وڃڻ جو شوق آهي!؟“ ته ان جي جواب ۾ مائيءَ وراڻيو ته، ”نه مونکي هرو ڀرو جيل وڃڻ جو شوق ڪونهي، آئون جيل وڃڻ نه ٿي چاهيان، البت هڪ طرف سرڪاري جيل آهي، ٻئي پاسي ماڻهوءَ جي پنهنجي اندر جو وڏو جيل آهي، جڏهن ڪوئي ليکڪ سرڪاري جيل وڃڻ جي ڊپ کان پنهنجي ضمير جو سڏ نٿو ورناءِ سچ جي ڳالهه نٿو ڪري ته هو پنهنجي اندر جو جيل پنهنجي سِر تي ٿو کڻي. اهڙي جيل ۾ جڪڙجڻ کان سرڪاري جيل ۾ وڃڻ وڌيڪ بهتر آهي.“ سائين عبد سنڌي به اهائي ڳالهه ٿو ڪري، بلڪ ڪنهن حد تائين هن ارون ڌتي راءِ کان به ڪجهه وڌيڪ وزندار ڳالهه ڪئي آهي. هو نه صرف سچ جي ڳالهه، پر سچ لاءِ جدوجهد، جاکوڙ ۽ پتوڙ ٿو چاهي.
    جيڪڏهن زندگيءَ ۾ اهو تحرڪ ناهي ته زندگي زندگي نه ٿي رهي. نه فقط ڪوئي ڪلاڪار يا تخليقڪار، پر عام ماڻهو به جيڪڏهن متحرڪ، سرگرم ۽ پنهنجي دؤر جي سچ جو ساٿاري ناهي ته هو پنهنجي جيون کي عمر قيد ۾ بدلاءِ ٿو ڇڏي، جيڪا ڳالهه عبد جهڙي انسان لاءِ اجوڳي اَسونهيندڙ آهي.
    جيتريقدر عبد سنڌيءَ جي رومانوي شاعريءَ جو تعلق آهي، ته اها پڻ تمام جاندار، سگهاري ۽ شاهڪار شاعري آهي. سندس رومانوي شاعريءَ ۾ انساني احساسن، امنگن، اڌمن، جذبن ۽ اندر جي آنڌ مانڌ ۽ ولوڙ جي جيڪا اُپٽار ڪيل آهي، اها ايڏي ته لاجواب آهي، جو ماڻهو سمجهي ٿو ته اها سندس ئي من جي ڳالهه ڪيل آهي.
    عشق جي نفيس احساسن، عورتاڻي حُسن جي دلفريب چانڊوڪي، ادائُن جي دلڪشي ۽ دل جي دل لاءِ اجهل ۽ اروڪ ڇڪ کي جنهن فنڪاراڻي ڪمال سان لفظن ۾ تراشيو ويو آهي، اهو نهايت ئي وڻندڙ، آفرين لائق ۽ قابل ستائش عمل آهي، جيڪو جهڙي تهڙي شاعر جي وس جي ڳالهه نه آهي. شاعري درد جي سوداگري آهي، شاعري عشق هٿان لڻيل دل جي ٻنيءَ مان احساسن جو چونڊو ڪرڻ جو نالو آهي. تيلو تيلو ڪري گڏ ڪيل درد ۽ احساس جي سٿيءَ کي ڪُٽي ڇنڊي ڦوڪي جيڪي سالم ڪڻا ڪڍجن ٿا، اهي ئي لافاني شاعريءَ جو روپ وٺن ٿا.
    جڏهن عبد سنڌي اسان کي اهڙا احساس ڪڻا آڇي ٿو، ته اهي هيئن جرڪندا سامهون اچن ٿا.

    اهي ته ڪومل تيوَر نظرون،
    ناز نهارون اڃا به اڳتي.

    مُرڪي مُرڪي، مون به ڏٺو هو،
    تو به کنيا ها، نيڻ نماڻا.

    ايندو ايندو ڀيڄ ڀنيءَ جو، عشق عجب اسرار ميان،
    محبوبن جو ”عبد“ سڏاءِ، گهور مٿان گهرٻار ميان.

    مان مُرڪان ۽ هوءَ شرمائي،
    نينهن ڊڍِي مان نسرڻ گهرجي.

    ڪير چوي ٿو ڪونه مِلون ٿا،
    روز ملون ٿا ڪونه ڪُڇون ٿا.

    آمون سامهون رستي ۾ ٿي،
    تِرڇين نظرن ساڻ ڏسون ٿا.

    تجسُسُ ۾ احساس جو ڇا مزو آ،
    وٺڻ لئه ڪيو مون نقابن ڏي لاڙو.

    جنونِ حوس مون تي ايڏو ٿيو طاري،
    ڪيم جنتن ۾ به حُورن ڏي لاڙو.

    تنهنجي در جي دلبر گدائي وڻي ٿي،
    وفائي ته ڇا بيوفائي وڻي ٿي.

    منهنجي منزل اُڀ کان اڳتي،
    چنڊ مٿي مس چڙهيو آهيان.

    سائين عبد سنڌي جي رومانوي شاعري جي هڪڙي اهم ۽ وڏي خصوصيت اها به آهي ته اها سماجي نفسيات ۽ سماجي شعور جي زبردست عڪاس آهي. گڏوگڏ هو روايتي اک سان ڏسڻ بدران عشق ۽ محبت جي مامرن کي نئين نظر سان ڏسي ٿو. شيڪسپيئر جي هن ڳالهه ته ”او انگلينڊ! آئون تنهنجي غدارن سان به محبت ٿو ڪريان“ وانگر سائين چئي ٿو ته، ”اي محبوب تنهنجي وفائي ته ڇا بيوفائي به منهنجي دل ۾ لهي وڃي ٿي، وڻي ٿي ۽ مونکي پياري آهي.“ اسان جنهن قسم جي سماج ۽ ذهني سطح ۽ سماجي روين واري ماحول ۾رهون ٿا، اتي ان قسم جي ڳالهه نئين نرالي ۽ جدت سان ڀرپور آهي، اهڙي نواڻ اسانکي سندس شاعريءَ ۾ هنڌين ماڳين نظر اچي ٿي.
    جيتريقدر عبد سنڌيءَ جي شاعري جي فني پاسي جو تعلق آهي، ته اهو پڻ ڏاڍو سگهارو ۽ دل آويز آهي، آئون سمجهان ٿو ته ان لاءِ ايترو چوڻ ئي ڪافي آهي ته هو لاڙ جو آهي، لاڙ جتي حاجي احمد ملاح، صاحبڏنو شاهه، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي، سرويچ سجاولي، سيد اڪبر، علڻ شاهه، ارشاد ساگر ۽ محسن عباسي جهڙا شاعر پيدا ٿيا. اڃا به اڳتي شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو پيدا ٿيو. اها نالن جي ڪهڪشان جي ڊگهي جهرمٽ آهي، اهو تسلسل جاري وساري آهي، آپا مريم مجيدي، غلام حُسين رنگريز، حافظ محمد نظاماڻي، عبد ماڃوٺي، مانجهي، ڪوي، اياز امر شيخ، جمن سوهو، ديدار شاهه ساپڙي وارو، محمد ٻارڻ حبيب الله سانگي سجاولي، سورج سجاولي ۽ ٻيا ڪئين نالا آهن، جيڪي اُنهي جهرمٽ ۾ جرڪي رهيا آهن. انهي جهرمٽ ۾ سائين عبد سنڌي جو نالو نرالي ۽ منفرد ستاري سمان آهي، جنهن جي جوت ڏاڍي پياري ۽ وڻندڙ آهي.
    مون ويجهڙ ۾ پنهنجي هڪڙي تقرير ۾ ٻهڳڻي ڪوي مرهيات حسن درس لاءِ چيو هو ته ”حسن درس شيخ اياز جي دؤر ۾ پيدا ٿيو، پر سندس انفراديت اها هئي ته هن اياز جي اهل ڪرڻ بدران پنهنجو نرالو لهجو، نئون اسلوب ۽ الڳ انداز بيان پيدا ڪيو. هن جي شاعري تي اياز جي ڇاپ ناهي.“ اهڙا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر آهن، جن مان عبد سنڌي به هڪ آهي. هن جي ٻولي، هن جو لهجو، هن جو انداز سڀ هن جو پنهنجو آهي، ان تي ٻئي ڪنهن به پيشرو يا همعصر شاعر جي ڪائي ڇاپ نظر نٿي اچي. هن جي ٻولي عوام لاءِ آهي، عوام جي ٻولي آهي. پر ڏاهپ ۽ فن جي نقطن ۽ رمزن سان سرشار ٻولي آهي، جيڪا هر عام ۽ خاص جي سمجهه وٽان به آهي ته ان جي سمجهه کي هيٺين سطح کان کڻي مٿي آڻيندڙ به آهي.
    مونکي هن موقعي تي عربي جي زبردست شاعر نابغا ذبياني جي هڪڙي شعر جو ترجمو ياد اچي رهيو آهي، هن لکيو آهي ته:
    منهنجا محبوب!
    مون توکي ان مهل ياد ڪيو،
    جڏهن ڪڻڪ رنگيون بڙڇيون،
    منهنجو خون پي، ڍاپي، ڳاڙهيون ٿي چڪيون هيون.
    آئون سمجهان ٿو ته سائين عبد سنڌي جي هن ڪتاب، ”سُڏڪا سُڏڪا سنڌ“ ۾ موجود هيءَ شاعري ياد رهجي وڃڻ جهڙي شاعري آهي. اها تڏهن به ياد اچي سگهي ٿي، جڏهن محبوب جي گلنار چپن تي چمين جا ڏاڙهونءَ گل کڙندا هجن. ۽ اها تڏهن به گهايل چپن تي اُڀري ٻُري سگهي ٿي، جڏهن بڙڇيون سرخ ۽ جسم رت ۾ لال هجي ۽ انهيءَ گهاءُ گهاءُ لالائي مان اڀري اچي محبوب جي سُرهي سُرهي ۽ مُرڪ ڀري سار.

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت.
    نواز خان زئور

    ڳوٺ احمد خان زئور، ميرپور بٺورو
    ضلع ٺٽو.
    22 سيپٽمبر 2011ع


    پنهنجي پاران

    1966ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول اوڀاڙا مان پرائمري پنج درجا پاس ڪيم. تن ڏينهن ٻهراڙين ۾ مِڊل اسڪول ڪونه هئا، جيئن هينئر آهن، غربت جي ڪري وڌيڪ پڙهائيءَ جي سهوليت ڪانه ٿي تنهنڪري ٻن سالن تاءِ ڪاٺي، ڦانگي، ٻني ٻاري جو ڪم ڪيم ۽ مال چاريندو هوس. پر الله سائين مرحوم سائين حاجي شير علي شاهه صاحب کي جنت ۾ جايون بخشي جنهن ڳوٺ جي لاءِ مرڪزي سرڪار کان مڊل اسڪول منظور ڪرايو. اسڪول جي بلڊنگ ٺهڻ ۾ چار آنه روز تي مزدوري ڪيم ۽ جڏهن اسڪول ٺهي راس ٿيو ته ان ۾ پڙهڻ ويٺس اتان کان منهنجو اڌ ۾ رهيل پڙهائيءَ جو سفر وري شروع ٿيو، مڊل تائين تعليم پوري ڪري نائين ڪلاس ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول سجاول ۾ داخلا ورتم. ان زماني ۾ بيٽ آفيسر سائين حُسين بخش مگسي ۽ عثمان شاعر سجاوليءَ جا ڪلام لوڪ فنڪار ماستر احمد ملاح شادين مرادين ۾ ڳائيندو هو، انهن کان متاثر ٿي مونکي به شاعري ۽ ڳائڻ جو شوق ٿيو. ڳائڻ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ اڳتي هلي سجاول ۾ پنهنجو ميوزيڪل ڪلب ”لطيف ميوزيڪل ڪلب سجاول“ جي نالي سان کوليم جنهن ۾ منهنجو ٻانهن ٻيلي جي – ايم سومرو هو. اهو ڪلب مون ڏهه سال هلايو، جتي اُستاد گل حسن مڱڻهار، استاد غلام رسول مڱڻهار المعروف ڀاءُ غلام جاتيءَ وارو، ۽ عثمان مڱڻهار کان راڳ جي سکيا ورتم.
    پر جيئن ته آئون هڪ مذهبي گهراڻي جو فرد هُئس انڪري، فنڪار ٿيڻ لاءِ ڪافي رنڊڪون هيون. جنهنڪري فنڪار نه ٿي سگهيس باقي راڳ جي ڄاڻ، تال ۽ لئه ۾ ڳائڻ جي ڪجهه معلومات حاصل ٿي. فنڪار نه ٿيڻ جو اڄ به ارمان اٿم، باقي شاعريءَ ۾ منهنجو پهريون اُستاد محمّد عثمان شاعر سجاولي هو. 1973ع ۾ مون مئٽرڪ پاس ڪئي، علم سائنس پڙهڻ جي ڪري، علم، عقل ۽ شعور ۾ واڌارو ٿيندو ويو.
    شاعري نازڪ نفيس جذبن جي احساسن جو اظهار آهي، شاعري اها جيڪا سماجي اُٿل پُٿل جي صحيح عڪاسي ڪري، شاعريءَ ۾ شاعر جو پنهنجو مقصد پهرين شيءَ هوندو آهي. مقصد شاعريءَ جو جياپو هوندو آهي، ۽ فني پختگي يا بحروزن سندس سونهن هوندو آهي. جيئن ڄاول ٻار کي تنجڻ وجهبو آهي، مٿو رکي سهڻو بنائبو آهي، تيئن شاعريءَ ۾ بحروزن سندس تنجڻ هوندو آهي. مون به شاعري، حُسن ۽ راڳ کي پنهنجي زندگيءَ ۾ پسند ڪيو. آهستي آهستي، سونهن، پيار، محبت، انس، سُرت ساڃاهه سان دل لڳڻ لڳي. هر شيءَ ۾ سونهن نظر آئي، سهڻا نظارا، سهڻا ماڻهو سهڻا اکر، سهڻو هلڻ، سهڻو ملڻ، سهڻو نهارڻ سهڻو ڳائڻ وڻندا هئا. راڳ ۽ لئه ۾ يڪسانيت سمجهه ۾ آئي، ته وحدانيت جي رمز به سمجهه ۾ اچڻ لڳي. مون انهن کي اپنايو. انهن سان پيار ٿيڻ لڳو. ڇو ته دنيا جي هر شيءَ ڳالهاءِ ٿي پر ڪو سمجهڻ وارو هجي. اهي سڀ داخلي توڙي خارجي، حالتون ۽ ڪيفيتون مونکي شاعر بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيون. ۽ وري جڏهن سماج ۾ سياسي، سماجي ڪاروهنوار ۽ اُٿل پُٿل تي نظر پئي ته ان ۾ هارين، نارين، مسڪين، اٻوجهه ۽ بيوس ماڻهن مٿان جيڪي وڏيرن جا ظلم هوندا هئا، اهي ظلم ماڻهو ڪتابن ۾ پڙهن ٿا، پر مون اکين سان ڏٺا هئا. جنهنڪري دل تمام گهڻو دکي ٿيندي هُئي، دل ۾ خيال ايندا هئا ته انهن ظلمن جي خلاف جدوجهد ڪجي پر طاقت نه هئڻ سبب ڪجهه نه ڪري سگهندو هوس. پوءِ دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ انهن واقعن کي ننڍين ننڍين ڪهاڻين ۽ شعرن ۾ لکي ڇڏيندو هوس. جنهن کي ڊائريءَ جا ورق چئي سگهجي ٿو. 1976ع ۾ ڪاليج دوران سائين محسن عباسي ٺٽي وارو اسانکي سنڌي پڙهائيندو هو جنهن کان شاعريءَ ۾ بحروزن ۽ گرامر جي سکيا ورتم.
    1977ع ۾ مون هڪ اُستاد جي حيثيت سان سروس جوائن ڪئي. هاءِ اسڪول ٺٽو کان بدلي ٿي هاءِ اسڪول سجاول آيس جتي هڪ محنتي، روشن خيال اُستاد، سائين عبدالڪريم کٽي صاحب سان صحبت ٿي جنهن کان مونکي لکڻ، پڙهڻ، پڙهائڻ ۽ ڳالهائڻ جو ڏانءُ مليو. سندس رٽائر ٿيڻ جي آخري ڏينهن ۾ ساڳئي اسڪول ۾ هڪ نوجوان غلام محمد سومرو اڳتي هلي جي – ايم سومرو جي نالي سان وقت جي مخلص ۽ ڀلور صحافيءَ جو سنگ نصيب ٿيو. توڻي جو هو مونکان عمر ۽ تجربي ۾ ننڍو هو پر سندس سنگ سٺو لڳو. تنهن نه رڳو شاعري شايع ڪرائڻ لاءِ همٿايو پر شاعري شايع ڪرائڻ ۾ مدد ڪيائين. آئون انتهائي ٿورائتو آهيان، منهنجي دوست، منهنجي محسن محترم عزيز ڀٽي صاحب جو جنهن ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ منهنجي هڙان ۽ وڙان مدد ڪئي. منهنجو پهريون مضمون، (علم روشني آهي) گل ڦل ٻارن جي رسالي ۾ شايع ٿيو. ان جي مونکي ايتري خوشي ٿي جو رسالو کڻيو سڀني دوستن کي ڏيکاريندو رهيس. ايئن مختلف شاعريءَ جون صنفون اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳيون مشاعرن ۾ شاعري پڙهڻ لاءِ دعوتون ملنديون رهيون ۽ مشاعرن ۾ شاعري پڙهڻ شروع ڪيم، ماڻهن جي داد ڏيڻ تي همٿ وڌندي رهي.
    مشاعرن ۾ شاعري پڙهڻ کا اڳ۾ سائين محمد خان مجيدي، سرويچ سجاولي ۽ عثمان شاعر سجاولي کان هڪ دفعو نظر مان ضرور ڪڍائيندو هوس. هڪ دفعو هڪ شعر سائين محمد خان مجيديءَ کي ڏيکاريندي عرض ڪيم ته سائين هن مان ڪا ڪسر ڪڍو ته پاڻ ڏسي چيائين هن ۾ ڪا به ڪسر ڪانهي جيڪا ڪڍجي ان جو مطلب اهو ڪونه هو ته ڪو شاعريءَ ۾ ڪسر ڪانه هئي، پر اهو سندس منهنجي همٿ وڌائڻ جو انداز هو. ايئن وقت گذرندو ويو. 1989ع ۾ مشتاق هاشماڻي سنڌي ادبي سنگت سجاول جي هفتيوار گڏجاڻيءَ ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ۽ مونکي متعارف ڪرايائين. پوءِ باقائدي سنگت جي گڏجاڻين ۾ ويندو رهندو هوس. وقت به وقت سنگت سجاول شاخ جو سيڪريٽري رهيس، ان دؤر ۾ مون سنگت سجاول جي عورتاڻي شاخ جو بنياد وڌو ان جي پهرين سيڪريٽري ادي فوزيه ابڙو هئي. اڄ تائين سنگت سان سلهاڙيل آهيان. اهو ته هڪ ادبي اسڪول آهي، جتان ته تمام گهڻو حاصل ٿيو. ايئن لکندي لکندي ڪتاب جيترو مواد گڏ ٿي ويو. مونکي خواب خيال ۾ به نه هو ته ڪو منهنجو ڪتاب شايع ٿيندو. پر اها سائين سرويچ سجاوليءَ جي فرزند منهنجو پيارو شاگرد ذوالفقار سرويچ (سورج سجاولي) جي محنت ۽ سهڪار آهي جو منهنجو هي ڪتاب توهان جي هٿن ۾ آهي، آئون انتهائي ٿورائتو آهيان، منهنجن دوستن صحافين جو جن ۾ هدايت الله کٽي، اسلم ميربحر، جي ايم سومرو، لڌو مڇارو، جي ايم ميمڻ جن صاحبن وقت به وقت منهنجي شاعري ۽ مضمون کي سندن اخبارن ۾ شايع ڪرايو. آئون سنڌي ادبي سنگت سجاول جي سڀني عهديدارن ۽ ميمبرن جو پڻ ٿورائتو آهيان، جن منهنجو ڪتاب شايع ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. خاص ڪري انهن دوستن جو جن منهنجي ڪتاب لاءِ پنهنجا تاثرات هن ڪتاب ۾ قلمبند ڪيا آهن. جن ۾ محمد ٻارڻ جنهن صاحب منهنجي شاعري جي تقطيع ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي، اياز امر شيخ جنهن ڪتاب جو نالو ۽ ٽائيٽل لاءِ منهنجو ٻانهن ٻيلي رهيو. ۽ واحد سوز ملاح ساحل سنڌي، عبدالڪريم کٽي آهن. آئون انهن سڄاڻ، روشن خيال ۽ هم خيال دوستن ۽ محسنن کي به وساري نٿو سگهان جن ۾ سائين غلام حسين رنگريز صاحب، مرحوم قاسم پٿر، مرحوم ڊاڪٽر محمد خان مخمور، عبدالڪريم کٽي، ڊاڪٽر کيمچند لوهاڻه، وقار آغا، جي ايم سومرو، ذاڪر کٽي، مشتاق هاشماڻي، مظفر ميمڻ، عبد ماڃوٺي، رحمت الله ماڃوٺي، مرحوم حسام سومرو جن سان سياسي، سماجي، سائنسي، علمي، ادبي مذهبي ۽ تصوف تي وڏا بحث ٿيندا هئا. جن جي ڪچهرين مان مون تمام گهڻو پرايو، ۽ ٿورائتو آهيان، فرنٽ سجاول جي سرڪرده ڪارڪن ۽ هروقت سنڌ جو درد رکندڙ ڪامريڊ عزيز ميمڻ جو جيڪو ڪتاب شايع ڪرائڻ لاءِ مون کان باربار پڇندو هو.
    آئون منهنجي ڀيڻ سانئڻ مريم مجيدي صاحبه جو به تمام گهڻو احسان مند آهيان جنهن ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل لاءِ ٻه لفظ منهنجي نظر ڪيا.
    انتهائي ٿورائتو ۽ احسان مند آهيان، منهنجي محترم منهنجي سائين، سنڌ جو درد رکندڙ، سنڌ خاطر جيل جون سختيون ۽ اذيتون سهندڙ، سنڌ جي قومي قافلي جي سرواڻي ڪندڙ قومپرست سائين نواز خان زئور صاحب جو جنهن پنهنجي گوناگون مصروفيتن مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي منهنجي ڪتاب جو مهاڳ لکيو.
    آئون ڪو وڏو شاعر يا اديب ڪونه آهيان، وڏا شاعر ۽ اديب ته اهي هئا جن جي صحبت ۾ رهي مون انهن کان گهڻو پرايو. آئون پنهنجي شاعريءَ بابت ڪجهه به نه چوندس ته ڪو مون وڏا ڦاڙها ماريا آهن، بس سماجي ۾ جيڪي ڏٺم ۽ جيئن سمجهيم انهن واقعن ۽ حالتن کي لفظن جو روپ ڏنو اٿم، منهنجي شاعريءَ جو هي ڪتاب جيڪو توهان صاحبن جي هٿن ۾ آهي، اهو ڪيتري ٿو مقبوليت ماڻي، اهو توهان اهل ادب دوستن پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي، اميد ته مونکي اوڻاين کان واقف ڪندا.
    ٿورا نه ٿورا مونتي ماروئڙن جا.
    توهانجو ساڳيو
    عبد سنڌي
    15 سيپٽمبر 2011ع
    موبائيل: 0333-3220807


    تاثر

    مونکي عبد سنڌي جي اکين ۾ تهذيب جي تاريخ هر وقت لُڇندي محسوس ٿي آهي. پاڻ اڏول احساسن جو آسمان بڻيل انسان فرقن ۽ روايتن کان پاڪ نظر ايندو آهي. الئه ڇو هروقت من ۾ اهو گُمان عشق جون اکيون کولي اُڀرڻ لڳندو آهي، ته عبد سنڌي جي مٽيءَ کي ڀٽائي پنهنجن هٿن سان پاڻ گهڙي تنبوري جهڙي تار ڏئي سُرن جي سفر تي صدائُن جو سيلاني بڻائي ڇڏيو آهي. جنهن جي ورق ورق ۾ ڌرتيءَ جو درد دڌڪا ڪري وهي رهيو آهي. پاڻ قلندري صف جو اُهو سچو ڪوي آهي، جنهن جي قلم مان حق منصور جئيان ڪنڌ ڪپائڻ لاءِ ڪَر کڻندو رهي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ ڏاڍ کي ڏارڻ جا ڏس ۽ سنڌ جي آزاد صُبح جا گهرا گس وارثيءَ جو وطن بڻجي سچ جي سرحدن جي پاسداري جو پيغام ڏئي رهيا آهن. عبد سنڌي سنڌ جو اُهو صوفي شاعر آهي! جنهن جو روح رولاڪين جا رڻ لتاڙي عشق جي الله اڳيان سجدا ڏئي هر فرق کي فنا جي رستن جو راهي بنائي ڇڏيندو آهي. تڏهن ته سندس هر سرجيل سَٽ مان انقلاب جو آواز جرئتن سان جنگ وڙهندي اڄ به ساکائتن قدمن سان اڳتي وڌي رهيو آهي. هن سنڌ جي سُجاڳ صوفي شاعر کي دُعا آهي ته شال صدائين سنڌ جي سُڪل سينڌ لاءِ سنڌ ور جهڙا ريٽا گيت گهڙيندو رهي.

    اياز امر شيخ
    2011-10-10


    تاثر

    سائين عبد سنڌي بهترين انسان، سٺو اُستاد ۽ ڀلوڙ شاعر آهي، عوامي شاعرن سرويچ سجاولي ۽ محمد خان مجيديءَ جي صحبت ۾ رهندي هن پنهنجي شاعري کي خوب سنواريو ۽ سُڌاريو آهي، سندس شاعريءَ ۾ جتي عشق جا اُلاءُ ۽ پيار جي پالوٽ مهراڻ جي موجن جيان ڇلڪندي نظر اچي ٿي، اتي ڌرتيءَ ماءُ سان محبت ۽ انهيءَ سان ڪيل عقوبتن جي پڻ ڀرپور عڪاسي نظر اچي ٿي، پاڻ جتي ٻالڪ بڻجي ٻالڪپڻي جي موج مستين ۾ مهو نظر اچي ٿو، اتي جواني ۾ زندگيءَ جي اهنجن ۽ آزارن تي احتجاج ڪندي نظر اچي ٿو. هو ٻارن، ٻُڍن ۽ جوانن جي ترجماني ڪرڻ سان گڏ هن ڪائنات جي سڀ کان عظيم ترين ۽ مقدس هستي عورت جي اهنجن آزارن ۽ اِلتجائن کي اندر ۾ اوتي لفظن جي موتين سان مرهم رکڻ جي پڻ ڀرپور ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿو، سندس شاعري محبوب جي ماڻن کان ويندي سنڌ ڌرتي ۽ ان جي مارو ماڻهن جي ڏکن، سُورن، اهنجن، آزارن جو داستان هئڻ سان گڏ درمان به آهي، سندس شاعري غلامي لاءِ گار ۽ آزاديءَ جي علامت آهي. پاڻ سنڌ جو ترجمان ۽ بيباڪ شاعر آهي پر وقت آهر ڇپجي نه سگهڻ ڪري گمنامي جي غار ۾ پيل رهيو آهي پر سندس هي شعري مجموعو کيس عزت، عظمت ۽ سُڃاڻپ جي اعليٰ مقام تي ضرور پهچائيندو ۽ سجاول جي گهٽين ۽ ڳوٺن ۾ سڃاتو ويندڙ هي درويش صفت انسان سموري سنڌ ۾ پرهه جي باک جيان پنهنجي سڃاڻپ پاڻ پيدا ڪندو.

    سورج سجاولي


    تاثر

    عبد سنڌي هن دؤر جو سٺو شاعر آهي، سندس شاعريءَ ۾ سونهن وڇوڙي جون صدائون، رساما، عشق مجازي، عشق حقيقي کانسواءِ اصلاح به آهي. ته مزاحمت ۽ انقلاب به آهي، سندس شاعريءَ ۾ وزن جي بختگي به نظر اچي ٿي پاڻ شاعر سان گڏ سٺا اُستاد به آهن. پاڻ ذات جو شاعر آهي پر ڏات به وٽس آهي. جيڪا کيس اباڻي ورثي ۾ ملي آهي، سندس ڏاڏو مرحوم حاجي الهڏنو شاعر به شاعري ڪندو هو، سندس وڏو ڀاءُ محمد يوسف لاغر به شاعر هو، ان کانسواءِ مرحوم محمد عثمان ”شاعر سجاولي“ جيڪو سندس سئوٽ هو اهو به ڀلو شاعر هو پر اهي ٻهراڙيءَ ۾ رهائش پذير هئا ۽ ٻيو غربت جي ڪري سندس شاعري منظر عام تي اچي نه سگهي. عبد سنڌيءَ جي شاعري پڙهڻ کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته هي سندس سئوٽ محمد عثمان ”شاعر سجاوليءَ“ کان گهڻو متاثر ٿو ڏسجي، سندس ڪتاب ”سُڏڪا سُڏڪا سنڌ“ سنڌ جي ادبي کيتر ۾ واڌارو ٿيندو.
    هي پهريون دفعو آهي، جو ڳوٺ اوڀاڙا ۾ رهندڙ شاعر خاندان جي هڪ فرد جو ڪتاب منظرعام تي اچي ٿو. مونکي سندس هيٺيون شعر تمام گهڻو وڻندو آهي. جيڪو پاڻ سجاول هاءِ اسڪول ۾ بزم جيلاني ادب طرفان سڏايل مشاعري ۾ پڙهيو هئائين.
    ڪُنبا ڇو ٽارکو اپنا حلالي ٻار تي بندش،
    ڄڻيندو تون وتين جت ڪِٿ حرامي ٻار واهه ڙي واهه،
    ڀلا جي اڻپڙهيل آهين، ته صحافي تون به ٿي ويندين،
    لکان ٿو مان، تنهنجي نالي ڇپي اخبار واهه ڙي واهه،
    اڄوڪا ڪيسٽي شاعر کٽن دعائون پيا عاشق جون،
    نياپو گهر وڃي آهي ڏنو فنڪار واهه ڙي واهه.
    هاڻي اهو ڪتاب ڪيتري ٿو مقبوليت ماڻي اهو پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي.
    عزيز جعفراڻي سجاول


    تاثر

    عبدالله ”عبد سنڌي“ لاڙ جي مرڪزي علائقي ماڃر جي ڳوٺ اوڀاڙا لڳ ٽيماڻي تعلقه سجاول ضلع ٺٽو ۾ جنم ورتو. سندس ڳوٺ جي شاعر ذات جي ماڻهن کي ڏاتار شاعريءَ جي ڏات سان خوب نوازيو آهي. انهيءَ ڏات جي ڪري مٿن شاعر ذات پيئي. عبد سنڌي باشعور، قومپرست، حساس دل ۽ روشن خيال ذهن رکندڙ آهي. جتي به عام ماڻهوءَ ۽ ماڻهوءَ سان معاشري ۾ ظلم يا زور آوري ڏسي ٿو ته ان ظلم جي خلاف بغاوت تي لهي ايندو آهي، ۽ تيستائين سک سان نه ويهندو آهي، جيستائين ان کي پڌرو ڪري.
    سندس شاعري ڏاڍي پختي، پابند ۽ پياري آهي، پاڻ وحدة الوجودي شاعر به آهي، سندس خيال ۾ جت ڪِٿ وحدت جي وَسڪار پيئي وسي، يعنيٰ جرٿر تک تنوار ۽ تنهن واحد جي وائي پيئي ورجائجي.
    پاڻ غزل ۽ نظم جي صنفن ۾ ڏاڍو بختو شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ بختگي آهي، ڪٿي به بحروزن يا ماترائن وغيره ۾ هروڀرو ٿڙي ٿاٻڙجي نٿو.
    عبد سنڌي ڏاڍو خوددار شخص آهي، ڪڏهن به ڪنهن وڏيري يا ڪاموري جي خوشامند ڪندي کيس نه ڏٺو اٿئون، سندس شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ سان عشق به پڌري پٽ آهي، چويٿو:
    مَرسُون مَرسُون، سنڌ نه ڏِيسُون،
    واين ۾ ورجايان ويٺو.
    عبد سنڌي جنهنجي دل سنڌ ديس جي محبت ۾ مهراڻ وانگي ڇوليون پئي هڻي، پورهيت ڪڙميءَ جا سور ڏسندي سندس دل جهڄيو ٿي پوي ۽ چوي ٿو.
    نانگ لتاڙي پوک پچاءِ، تنهن وٽ ڪونهي کاڌي لاءِ،
    کنيو وڃي ڏس خالي جهولي، هاري سهندو سور هتي.
    ۽ وري ڌارين جي ڌانڌلين ۽ ڦرلٽ کي ٿو ڏسي ته پنهنجن جذبن کي هيئن ٿو لفظن جو روپ ڏئي:

    ’عبد‘ جو ويڙهو ويڙهي ويئڙا، مايا ملڪيت ميڙي ويئڙا،
    پڙ پاڏا ٿيا پرڏيهي ۽ ڏيهي منهنجا ڏور هتي،
    هي ڪهڙو آ دستور هتي، هي ڪهڙو آ دستور هتي.
    جڏهن رهبر! رهزن ٿا بنجن ۽ اڳواڻ اکيون ٻوٽيو مايا ميڙڻ جي چڪر ۾ هوندا آهن ۽ حرامخوري زورن تي هوندي آهي، تڏهن عبد کي به سک نٿو اچي ۽ وڏي واڪي چوي ٿو:
    لڳو آ راڄ رشوَت جو مري مسڪين ويا ماڻهو،
    وٺي رشوَت نٿو جيڪو، اهڙو افسر نٿو ڏسجي.
    پئي هنڌ وري هينئن ٿو ٻاڪاري.
    سياست ۾ ڪري سياست، هڻي ڌاڙا ڪروڙن جا،
    انهيءَ کي ڏس گلابن جا گلي ۾ هار واهه ڙي واهه.
    مطلب ته، انياءَ ۽ ناانصافيءَ خلاف جت ڪٿ سراپا احتجاج ڪندي شعر جي وسيلي ڄڻ ته ايف، آءِ، آرون پيو داخل ڪراءِ ته من ڪو حرامخور جهلجي پر پاڪستاني سرڪار آهي، جنهن جي ڪن تي جُونءَ ئي ڪانه ٿي سُري.
    ٻئي هنڌ وري سائين محمّد خان مجيديءَ جي ڪردار کي ساراهيندي مٽيءَ جو قرض چڪائڻ لاءِ پڙهندڙن کي پيو ڏس ڏئي ته:
    پڙهيو پنهنجي قوم جي خاطر، ڪڙهيو پنهنجي قوم جي خاطر،
    مير نه جنهنجي من ۾ هو سو، قومن جو ڪردار مجيدي.
    مطلب ته غزل، بيت، وائي، گيت، نظم، ڪافي ۽ دوها جهڙين صنفن ۾ ڪامياب طبع آزمائي ڪئي اٿس، سندس سموري شاعري پابند آهي.
    آئون نه اديب آهيان، ۽ نه شاعر، سو شاعريءَ جي ڏات سان مالا مال ’عبد سنڌيءَ‘ جي شاعريءَ تي ڪنهن به قسم جي ٽيڪاٽپڻي نٿو ڪري سگهان منهنجي دعا آهي، ته سندس ڏات ۽ فڪر کي سنڌي ادب ۾ مڃتا ملي، جيڪو سندس حق آهي، عبد سنڌيءَ جي شاعريءَ واري مجموعي جو عنوان ”سُڏڪا سُڏڪا سنڌ“ شاعريءَ جي حوالي سان واقعي قومي درد واري پڙهندڙ کان ڪٿي ڪٿي سڏڪا ڀرايو ڇڏي.
    مطلب ته عبد سنڌي ساري سنڌي معاشري ۾ جيڪو انياءُ ٿيندي ڏسي ٿو ان کي طنزيه انداز ۾ پڌرو ڪري ٿو. ۽ لکي ٿو:
    ڪرڻ هو چور کي قابو، مگر ڀاڳيو ويو بند ٿي،
    اسان جي حد جي صوبيدار جا پرڪار واهه ڙي واهه.
    ٻئي هنڌ سياستڪار کي مخاطب ٿيندي هيئن ٿو چوي.
    چوين ٿو ووٽ ماڻهن جا امانت قوم جي آهي،
    مگر هُت تون ضميرن جا ڪرين واپار واهه ڙي واهه.
    مطلب ته معاشري ۾ جيڪي اوڻائيون پسي ٿو انهن کي ڏاڍي دليريءَ سان پڌرو ڪيو اٿس.
    عبد سنڌي فطري طرح ڏاڍو حساس دل شخص آهي.
    شاه عبد الطيف ڀٽائيرح کي به ڏاڍي ڳوڙهي نظر ۽ فهم سان پڙهيو اٿس. تنهنڪري لطيف سرڪار جي رسالي ۾ شاعريءَ جي حوالي سان گهڻا غوطا هنيا اٿس، حساس دل انسان ته اڳيئي آهي، سو شاهه جي رسالي مان علمي طرح سٺي مايا ميڙي اٿس، جنهنڪري هروڀرو مذهبي سوچ کي انا جو مسئلو نٿو بناءِ ۽ آزاد راءِ پيش ڪرڻ ۾ ڪابه هچڪچاهٽ محسوس نٿو ڪري، پنهنجي شاعريءَ ۾ ايڪي ۽ اتحاد جو ڏس ڏيڻ لاءِ به سنڌي قوم کي چوي ٿو.

    قوم جنهن ۾ آ ٻڌي سا ’عبد‘ آ اڳتي وڌي،
    ڇڙو ڇڙ قومن سندو، ناهي رهيو ڪو مڙهه مقام.


    عبدالڪريم کٽي سجاول
    2011-08-25


    تاثر

    اياز چيو آهي ته:
    مون ڏات انوکي آندي آ،
    ٿي تند وڙهي تلوارن سان.
    ڏات خالق ڪائنات طرفان عطا ٿيندڙ اهڙي باڪمال شيءَ آهي، جنهن جي هڪ تند ڇڙڻ سان تجلا ڏيندڙ تلوارون به شڪست کائي وينديون آهن، ۽ جن خوشنصيب ماڻهن کي اُها پُر ترنم ڏات نصيب ٿيندي آهي، اُهي پنهنجي خاص رڌم ۽ لئه سان هن سڄي وايو منڊل کي پُر رڌم ۽ رنگين بنائي جُڳن تائين جڳمڳائيندي جيئندا آهن.
    منهنجو ساٿي، منهنجو پيارو، منهنجو محسن، ”عبد سنڌي“ به انهن ڏات ڌڻي شاعرن مان هڪ آهي، جنهن جي شاعري هر اهلِ دل جي اڱڻ تي اوتارا اڏي ٿي، ۽ انهن اوتارن ۾ نيون نيون محبتون، مُسرتون، اُمنگون، اميدون ۽ آجپي جي نوَن روشن رنگين رنگن سان سجائي ٿي.
    عبد سنڌي بظاهر هڪ سٻاجهو ۽ صوفي منش آهي ئي پر هُن جي اندر ۾ هڪ مردِ مجاهد به رهي ٿو، جيڪو هر پل ستارن کان اوچي منزل ماڻڻ لاءِ به نه رڳو پاڻ پنهنجي اَٽل قدمن سان اڳتي وڌي ٿو پر هو نئين نسل لاءِ به راهن ۾ روشنيون وکيريندو ٿو رهي.
    عبد سنڌي لاءِ هميشه اِهائي دعا آهي، ته هو سدائين ڏات ديوي جي آغوش ۾ ڊگهي ۽ صحتمند ڄمار ماڻي ۽ سندس سمورن حسين سپنن جون سڳنڌون ۽ سُندرتائون اسان جي حواسن ۽ اکين کي به نصيب ٿين.



    محمد ٻارڻ
    2011-9-19


    تاثر

    هڪ عظيم شخصيت جو فرمان آهي، ته ٻن قسمن جي نظرن سان شيون تمام ننڍڙيون نظر اينديون آهن!، هڪ غرور سان ۽ ٻيو دُور کان!.
    منهنجي خيال ۾ ته هن فقير تن انسان کي به صرف دور کان ئي ڏٺو ويو آهي، ڇو ته آئون پڻ شروع ۾ کانئس ڇرڪندو هوس ڇو ته سندس باري ۾ ماڻهن جي راءِ مثبت نه هوندي هئي، پر جڏهن مون کيس ويجهڙائيءَ کان ڏٺو مونکي سائين ’عبد سنڌي‘ فقير عبدالله جي نظر ۾ آيو، ڇو ته اهڙا پيارا انسان گهٽ ۾ گهٽ مصنوعي مرڪن ۽ مڪار روين کان پاڪ هوندا آهن.
    باقي سندس شاعريءَ تي هڪ ڏاهو انسان ئي ڪجهه لکي ۽ چئي سگهي ٿو، مونکي سندس هڪڙي تخليق.
    پڙهيو آهيان، ڪڙهيو ناهيان، ڪاٺ اڃا اڌ گهڙيو آهيان ئي ڪيئي ڪتابن جي برابر لڳندي آهي.
    شال مالڪ سندس علم ۽ عمل کي ايتري سگهه بخشي جو پاڻ اسان جهڙن انسانن لاءِ هڪ مثال بنجي وڃن وڌيڪ وقت وڏو منصف آهي.



    ساحل سنڌي سجاول
    2011-9-10


    تاثر

    اُستاد، شاعر، موسيقار ۽ اديب ”عبد سنڌي“ سنڌي ادب جي آڪاس جو اُهو وهائو تارو آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ سونهن، سچائي، خلوص ۽ ڌرتيءَ جي مسڪين اٻوجهه ماروئڙن جو درد سمايل آهي، لطيف جي هن پارکو، ارڏي ۽ اڏول شاعر جي خوبصورت لفظن ۾ هرڻيءَ جي ڇالن جهڙي مستي ۽ مور جي ٽهوڪار جهڙي حسناڪي به آهي، هن ڌرتيءَ تي ناپاڪ ارادن سان رهندڙ هزارين غيرن کي للڪار آهي.
    سندس غزلن، نظمن، واين ۽ بيتن ۾ ٻلوانن جي ٻانهن جهڙو ٻل آهي، لهندڙ سج جي ڳاڙهاڻ جهڙو درد آهي، سندس شاعريءَ ۾ جلترنگي رنگت چانڊوڪيءَ جي چيٽن جهڙي چانڊاڻ ۽ سرهاڻ جهڙن لفظن، تشبيهن ۽ استعارن ۾ دود ڦلن جهڙو ميٺاس آهي، ته مارن لاءِ چڪور جي چنڊ سان اُٿاهه چاهت جهڙي حب الوطني پڻ شامل آهي.
    سندس قومي انقلابي گيتن ۾ موج ڀريل مهراڻ جهڙي گجگوڙ به آهي. دردمند دلين جي دردن تي آٿت ۽ دلاسن جا پها به رکيل آهن، ته سڳداسي چانورن جهڙي خوشبو ۽ سرمئي شام جو وڻن جي اوٽ ۾ اڏامندڙ ڀنڀورين جهڙا نفيس ۽ دلڪش عڪس پڻ چٽيل نظر اچن ٿا.
    ڌڻيءَ در دعا آهي ته جهانگيئڙن جي جهول ۾ خوشين ۽ مُرڪن جا گلابن جهڙا انقلابي امن جا گيت ارپيندڙ، مايوس دلين کي قومي ايڪي ۽ جڳ ۾ اوچي ڳاٽ سان جيئڻ جو اُتساهه ڏيندڙ ۽ سنڌ ۾ غلاميءَ جهڙي گار کي لفظن جي تيرن سان للڪاريندڙ، روح کي راحت بخشيندڙ، هن فقيردل، يارن جي يار هردل عزيز فقير عبد سنڌي جي انقلابي ۽ شعوري قلم مان هميشه سچائي خلوص، وفا ۽ امن جي لاٽ ٻرندي رهي، سندس پرخلوص جذبن سان ڀريل هي پورهيو شال سنڌ واسين لاءِ لاڀائتو ثابت ٿئي (آمين).

    واحد سوز ملاح سجاول
    2011-09-11


    تاثر

    عبد سنڌيءَ جو شمار لاڙ جي پٽ ۾ ڀلوڙ شاعرن ۾ ٿئي ٿو، پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ جي ڪِرت سان لاڳاپيل هن ڏات ڌڻيءَ وٽ موسيقي روح جي سچائي آهي، ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ عنائيت ۽ موسيقي جو ميلاپ ايئن رچيل آهي جيئن بُت ۾ ساهه سمايل هوندو آهي، سندس شاعري جي هر صنف ۽ حُسن ۾ استعارن، تشبيحن ۽ تجنيسن جو استعمال وڏي سيبتائي سان ڪيل نظر اچي ٿو.
    هن جي شعرن ۾ ڌرتيءَ تي جيئڻ جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ انساني حيات جي جدوجهد جا اهڃاڻي روپ نشانبر ۽ چٽا سهڙيل ڏسبا 1986ع کان وٺي هيل تائين عبد سنڌي چانڊوڪيءَ ۾ اڏامندڙ چڪور جهڙا شعر جڳ مان اوندهه ٽارڻ، ڏاڍ ڏارڻ کان ويندي هر گهر جي چلهه ٻارڻ واري انو مان هيٺ لکي ٿو. سندس جمالياتي شاعريءَ ۾ به نينهن جي سونهن سان گڏ زميني وابستگي جون حڪايتون شامل آهن. اجتماعي درد ۽ پيڙا جو احساس هن جي ڪويتا جو محور بنيل آهي، جنهن کي لاڙي لهجو وڌيڪ سلوڻو ڪري ۽ ڏات جي خوبين جو نج فطرتي سهڻائپ جو اسلوب ۽ سٽاءُ اعليٰ قدرن واري شاعري ۾ ڳڻائڻ جي سگهه ڏيئي وڃي ٿو.



    مريم مجيدي
    18 سيپٽمبر 2011ع


    شاعري

    وحدت

    ڪٿي ڪهڙن رنگن ۾ تون، ڪٿي ڪهڙن رنگن ۾ تون،
    ڪٿي برپٽ بيابانن، ڪٿي آهين جهنگن ۾ تون.

    ڪٿي تون ڏور ڏيهن کان، ڪٿي ڀر ۾ آهين ڀيڙو،
    ڪٿي ميلن متن ۾ تون، وسائين ڪٿ سُڃو ويڙهو،
    ڪٿي تن ۾ تنوارين ٿو، ڪٿي ٻولين منن ۾ تون.

    ڪٿي سامهون حجابن ۾، ڪٿي ميلا ته خوابن ۾،
    ڪٿي تون آن سوالن ۾، ڪٿي جايون جوابن ۾،
    ڪٿي ٻوٽن ڪٿي ٽارين، پنن پاڙن سنگن ۾ تون.

    ڪٿي ڏاڍن مٿي ڏاڍو، ڪٿي هيڻن جو همراهي،
    ڪٿي سوليءَ مٿي سيجون، ڪٿي ڦيريو وجهين ڦاهي،
    ڪٿي تون عرش اعليٰ تي، ڪٿي ديرو دمن ۾ تون.

    ڪٿي پڌرو پٽن ۾ تون، ڪٿي تر تهخانن ۾،
    ڪٿي دم تنهنجو ڌرتين تي، ڪٿي تون آسمانن ۾،
    ڪٿي سج چنڊ ستارن ۾، ڪٿي ويجهو ونحن ۾ تون.

    ڪٿي عاشق اميرن تي، ڪٿي ڦيرا فقيرن تي،
    ڪٿي ڪوٺين قريبن کي ڪٿي راضي رقيبن تي،
    ڪٿي اوڏا اڏين پکڙا، غريبن جي ڪکن ۾ تون.

    ڪٿي ڳجهه ۾ ڪرين ڳالهيون، علي الاعلان ڪنهن دم تون،
    ڪٿي آرو ڪري اکڙين، ڪرين قتلام ڪنهن دم تون،
    ڪٿي تون ’عبد‘ جو اولو، ڪٿي چڻ چڻ چنگن ۾ تون.


    حمد

    قادر تنهنجي قُدرت جو، ڪنهن ڪين ڏٺو ڪو ڇيهه ۽ ڇيڙو،
    خوشيون چئن ڏينهن جو چٽڪو، سورن ڪونهي سنڌو سيڙهو.

    اهڙي تو آ رمز رکي جو اچ وڃ آهي ٻيو ڪجهه ناهي،
    نيٺ ته ڇڏڻو هر ڪنهن کي آ، دنيا جو هي مَتل ميڙو.

    مطلب جي تو دنيا ٺاهي، رشتن کي ويا زنگ لڳي،
    پُٽ وڙهي ٿو پيءُ سان، پنهنجي ڀاءُ نه آ ڪو ڀاءُ سان ڀيڙو.

    جنهن کي چاهين تنهن کان مالڪ، اڻ ٿيڻا ٿو ڪم ڪرائين،
    وچ درياهه مان پار اُڪاري، جيلاني ٿو ٻڏل ٻيڙو.

    عشق جي هيڏي ڪٿيئي قيمت، جنهن جي ملهه جو ڪو به نه ڪاٿو،
    ڪنڌ ڏنو هو ڪربل ۾ ڏس حُسين سان ٿيو هيڏو جهيڙو.

    ڪن کي بنگلا ماڙيون بخشين، ڪي ته ڪرين ڪنگال صفا،
    پاپي پيٽ ڀرڻ لئه پورهيت، عمر سڄي پيو ريڙهي ريڙهو.

    ’عبد‘ جون ڪين اُگهاڙج بديون، معاف ڪجائين مڙئي مديون،
    تنهنجي در کان پوءِ مونکي، ڪين سُجهي ڪو گهٽ ۽ گهيڙو.


    نعت

    اوهان جي آسري آهيان، سچا سردار سُڻ سڏڙا،
    مِٺا محبوب موليٰ جا، هينئين جا هار سُڻ سڏڙا.

    سوا تنهنجي نه ڪو ڀرجهل، نه ٿم ڪو آسرو ڪنهنجو،
    گناهن ۾ غرق آهيان، روئان پيو زار سُڻ سڏڙا.

    اوهان جي ئي شفاعت سان، مدايون ميٽجي وينديون،
    ولهو آهيان وسيلو ٿي، مِڙن مهندار سُڻ سڏڙا.

    پيس مهراڻ جي منهن ۾، نه سيڻا سنڊ ڪو ساٿي،
    اڪاري پار ڪر مونکي، اُڪارڻ هار سُڻ سڏڙا.

    دنيا جي حِرس ۽ لالچ، ولين جيئن مون وڪوڙيو آ،
    ڪڍي ڪُن مان مونکي ڪرتون پيارا پار سُڻ سڏڙا.

    هتي سڀ ڪوڙ جا رشتا، ڇڏي هُت هيڪلو هلبو،
    جتي ڪم ڪو نه ايندو ڪو، لَهج اُت سار سُڻ سڏڙا.

    پيو پَلپَل پُڪاريندس، علي احمد اُچاريندس،
    ڪميني تي ڪرم ڪر ڪو، اڙين آڌار سُڻ سڏڙا.

    نه مون انصاف جي گُهر آ، فضل جو ڪر مَٿم ڦيرو،
    اڀاڳي ’عبد سنڌيءَ‘ کي ٿيئي ديدار سُڻ سڏڙا.


    غزل

      -

    پڙهيو آهيان، ڪڙهيو ناهيان،
    ڪاٺ اڃا اڌ، گَهڙيو آهيان.

    ڦوڪي ڦوڪي، جَهڻ پيئان ٿو،
    رَٻ منجهان جو، سڙيو آهيان.

    تو وٽ جيون، جَرڪي پوندو،
    تڏهن ته تو ڏي، لڙيو آهيان.

    منهنجي منزل، اُڀ کان اڳتي،
    چنڊ مٿي مس، چڙهيو آهيان.

    دوزخ جو ڊپ، هاڻ ٿيئي ٿو،
    جنت مان جو، تڙيو آهيان.

    سمجهڻ واري، لاءِ ٻُڏڻ آ،
    بي سمجهن مان، اڙيو آهيان.

    ڪونه ٻُڌن ٿا، دانهون ڪوڪون،
    ’عبد‘ صدين کان، رڙيو آهيان.


    ٿو ڪجي سُورن ڏُکن، گوندر غمن سان سامنو،

    ٿو ڪجي سُورن ڏُکن، گوندر غمن سان سامنو،
    او زندگي تو ڇا ڏنو، او زندگي تو ڇا ڏنو.

    ماءُ ڪلهه مونکي ڄڻيندي، سور هو ڪيڏو سٺو،
    نوَ مهينن جي پڄاڻا، ماءُ پيٽان تو ڇنو.

    تو جوانيءَ ۾ وٺايا، عيش عشرت جا مزا،
    هاڻ پيريءَ ۾ ڪيو، مونکي اٿئي ڪوجهو ڪِنو.

    درد پيڙا سُور سختيون، سُهم صدما سَوَ هزار،
    حال جنهن کان ٿي پڇيم، لک سور تنهنجا ٿي رنو.

    زلزلا، طوفان، ٻوڏون، اڻ ڳڻيا ٻيا مرض موذي،
    ساڻ کڻيو ٿي اچين، هر جيو جنهن کان ٿي ڊِنو.

    مون ڏٺو مجبور هر، ماڻهو هئو تنهنجي ڪري،
    پيٽ خاطر ٿي پنايئي، هي به هو توکان پنو.

    پيار ۽ ڪم ڪار لئه ٿيون، ’عبد‘ عمريون ڪئين کپن،
    تون نڀائين ساٿ ٿي، سئو سال جو اڌ يا مُنو.


    جواني آ گذري، گناهن جي پويان،

    جواني آ گذري، گناهن جي پويان،
    ۽ پيريءَ ۾ هرڪو، ثوابن جي پويان.

    نه عزت نه دولت، نه صحت سلامت،
    اسين پو به آهيون، سلامن جي پويان.

    بکئي پيٽ اهڙو، ڪيو تنگ آهي،
    سنڌي سڀ آهن، زڪواتن جي پويان.

    نه مڇيون نه پلا، نه کائون ڪڪڙ ٿا،
    گذارو آ بصرن، پٽاٽن جي پويان.

    خدائي حُسن ڪو ڏسڻ ڏوه ڪونهي،
    حُسن ڇو رکيو ٿَوَ، نقابن جي پويان.

    وٺي ووٽ ميمبر وري ڪين وريا،
    وَتن راڄ رُلندا نڀاڳن جي پويان.

    هي مِسڪين ماڻهو وَتن روز رڙندا،
    سڄو ڏينهن سُکين ستابن جي پويان.

    لڪاءِ رکو ٿا، جنوني فدائي،
    ڪي مڪروه چهرا، ڌماڪن جي پويان.

    چمن ۾ ته ٻيا ڀي، گهڻا گل سُجهن ٿا،
    مگر ’عبد‘ آهي، گلابن جي پويان.


    اڱڻ اسانجي ڪڏهن تون ايندين، اسين اوهانکي سدائين ساريون

    اڱڻ اسانجي ڪڏهن تون ايندين، اسين اوهانکي سدائين ساريون
    اوهانجي فرقت فنا ڪيو آ، هجر ۾ هردم هنجون ٿا هاريون.

    زماني ڏاڍو ستم ڪيو آ، اوهان به دلبر ڌڪي ڇڏيو آ،
    سوين سلامي سکن جا آهن، ڏکن ۾ ڏسندي چون ٿا ڌاريون.

    هتي جو ماڻهو تڪي ٿو ناڻو، اسان لئه غربت بني آ گهاڻو،
    اسانجو جيون جنجال آهي، اوهان جي حُجري خوشين جون کاريون.

    اوهانجون روشن سموريون راهون، اسين انڌن جيان ڌڪا ٿا کائون،
    اسان جي گهر ۾ ڏيئو نه ٽانڊو، اوهان جون راتيون رڳو ڏياريون.

    اوهان جا گلشن اندر گذارا، گلن سان آهي اوهان جي رلِ مِل،
    اسين پري کان ڏسون به جيڪر، اُڀيون اسان تي تکيون تراريون.

    اوهان تي موڪون وسن ٿا مينهڙا، اوهان جا مهينا سدائين سانوڻ،
    اسين نه سنڀرون ڪا بوند هڪڙي، مري ويون ڄڻ مندون ملهاريون.

    اوهان ڏنا ڏڍ دلاسا جيڪي، انهن جي پويان رُلي مئاسين،
    اوهان جو ڳالهيون وڏيون ٻڌيون سين، مگر اوهان سي اڃا نه پاريون.

    اوهين ته آهيو امير ماڻهو، امير کاڌا امير پهرڻ،
    اسان ته دالين ۽ ڀاڄين لئه، اڃا ته ناهن چُلهون به ٻاريون.

    اسان سان جيڪر ڪڙو به ٻوليو، اسين اُهو پر مِٺو ٿا ڀانئيون،
    اسانجون ماکيءَ مِٺيون جي ٻوليون، لڳن اوهان کي ڪڙيون ڪساريون.

    اوهان ڪرم جي نظر نهاريو، اسين مئل ڄڻ ٿيون ٿا جيئرا،
    اسانجون اکڙيون سدائين آليون، اوهانجون ڪاريون ڪجل ڪٽاريون.

    اوهان جي درجو ڪڙو ٺُڪاءِ ٿڪي پو واپس ’عبد‘ ورياسين،
    ٻين تي تنهنجا ڪرم ڪروڙين، اسان لئه آهي لکيو ٿا پاريون.



    ڪونه ٿو مونکي، وڏپڻ گهرجي،

    ڪونه ٿو مونکي، وڏپڻ گهرجي،
    مونکي منهنجو ننڍپڻ گهرجي.

    ٻاتا ٻاتا، ٻوليان ٻول،
    گوڏن ڀر ٿو گِسڪڻ گهرجي.

    وري پڙهڻ اسڪول وڃان مان،
    جوت جواني جَرڪڻ گهرجي.

    واهه ۾ هڪجيڏن سان وهنجان،
    ترڪڻ تي ٿو، ترڪڻ گهرجي.

    پهريون ڪريان پيار وري پو،
    رسڻ ڪڏهن ۽ پرچڻ گهرجي.

    بهار بنجي جيون گهاريان،
    موسم مور نه پن ڇڻ گهرجي.

    سڏ ڪري جي سرڪ به ڏيندو،
    ڪين مونکي پو، ڪُرڪڻ گهرجي.

    سِڪ منجهان جو سڏ ڏيئي ٿو،
    رات انهيءَ وٽ ترسڻ گهرجي.

    پهل ڪري ٿو پيار ۾ جيڪو،
    دل انهيءَ جي، ڌڙڪڻ گهرجي.

    سر جا لاڳاپا جو لاهي،
    محبت ۾ سو، مرڪڻ گهرجي.

    ميڙ وفائون مڪيم توڏي
    هاڻ ته توکي سرچڻ گهرجي.

    ڏکڙا پالي عشق اُجاريون،
    نينهن ايئن ٿو نبرڻ گهرجي.

    مان مرڪان ۽ هوءَ شرماءِ،
    نينهن ڊڍي مان نسرڻ گهرجي.

    ’عبد‘ وڃي پئي سنڌ هٿن مان،
    رت سنڌين جو ٽهڪڻ گهرجي.


    باغ بهارون، اڃا به اڳتي،

    باغ بهارون، اڃا به اڳتي،
    سانوڻ سارون، اڃا به اڳتي.

    نينهن نياپا، اچڻا وڃڻا،
    سڄڻ سنڀارون، اڃا به اڳتي.

    اهي ته ڪومل، تيور نظرون،
    ناز نهارون، اڃا به اڳتي.

    عشق ته دردن ڀريون دانهون،
    چيخ پڪارون، اڃا به اڳتي.

    اڃا ته تند ڪري پئي تون تون،
    ڪنڌ ڪٽارون، اڃا به اڳتي.

    اٽي لٽي ۽ اجهي لئه گهرجن،
    وڏيون پگهارون اڃا به اڳتي.

    رک تون روزا، نمازون پڙهه پر،
    پرينءَ پچارون، اڃا به اڳتي.

    ’عبد سنڌيءَ‘ کي ڪين سُڃاتئي،
    خبرون چارون اڃا به اڳتي.


    اندر ۾ ڪي اڌمن اُماڙون هڻي ويا،

    اندر ۾ ڪي اڌمن اُماڙون هڻي ويا،
    نيئر نينهن پيرن ، پڇاڙون هڻي ويا.

    ٻني دل جي کيڙي ويا، سور پوکي،
    وڏا ڳن وجهاءِ وٽاڙون هڻي ويا.

    سُڃا پڊ پرين جا، نه ڀڻڪو سڻاڪو،
    وڏا ڏيئي ويڙها ۽ واڙون هڻي ويا.

    اکين لڙڪ لارون ، زبان بند آهي،
    الهه ڪهڙا منتر، ۽ جهاڙون هڻي ويا.

    سُتي ٿيون روئارين، روڙهون ڪُتن جون،
    وڌا چڪ سورن ۽ ڏاڙهون هڻي ويا.

    چيو جن ته سِر ۾ پوئي ڪم ته چئجان،
    اهي هاڻ سمجهيم لٻاڙون هڻي ويا.

    وڍي ’عبد‘ واڍا نه سگهيا انهن کي،
    سوين سور سيني ۾ پاڙون هڻي ويا.


    اي سونهن ڀريا ساجن، ايئن منهن نه مٽيندو ڪر،

    اي سونهن ڀريا ساجن، ايئن منهن نه مٽيندو ڪر،
    ڪا مهل ڏسي ڪنهن دم، دل ساڻ گڏيندو ڪر.

    جنهن وقت پرين توکي، ٿو ٻانهن وٺي جهليان،
    تنهن وقت وجهي ڀاڪر، ڪو قرب ونڊيندو ڪر.

    گڏ منهنجي رقيبن سان، ڇو يار گهُمين ٿو تون،
    ٻيا سور ڀلي سڀ ڏي اهڙو ته نه ڏيندو ڪر.

    هي’عبد سنڌي‘ تو لئه، ٿو روز هنجون هاري،
    تون پاڻ اچي تنهن کان، ڪو حال ته وٺندو ڪر.


    تون نه آئين وري، تنهنجون يادون وريون،

    تون نه آئين وري، تنهنجون يادون وريون،
    ساهه سانڍي رکيم، ڳالهه ڪنهن سان ڪريون.

    تو ملڻ جا هزارين، دلاسا ڏنا،
    تو جي ٻولون ڪيون، ڪين تو کان پريون.

    سور تنهنجي سڄڻ، سنڌ ساڙي ڇڏيا،
    برهه ڀڙڪا ٿيا بُت، ۾ باهيون ٻريون.

    دل کسي تون ويئن، در تي دانهيم اچي،
    تو ڪري پو ڇڏيون، بند در ۽ دريون.

    ’عبد‘ توکان پرين چاهتون ٿو گهري،
    هر دفعي جي سريون، بدنصيبيون سريون.


    جدائيءَ جا اِهي ڏينهڙا، وڃي ٻئي پاڻ روئنداسين،

    جدائيءَ جا اِهي ڏينهڙا، وڃي ٻئي پاڻ روئنداسين،
    ڳڻي ڳالهيون هنجون هاري، رڳو پيا سور چرنداسين.

    پياسو هي جنم منهنجو، مِٺا ڪيسين ڀلا رهندو،
    ڪڏهن ويندو وڇوڙو هي، ڪڏهن ڙي يار ملنداسين.

    هُجت ۾ پاڻ ٻئي هر هر، وڙهي پرچي وياسين ٿي،
    پري توکان صنم ٿي پو، وڃي ڪنهن ساڻ وڙهنداسين.

    ڏکن ۽ ڏاکڙن کانپوءِ، وڃي مَس مَس مليا هئاسين،
    مگر هي لوڪ ساڙولو، وري سورن ۾ سڙنداسين.

    وڇوڙي وڍ ڏنا آهن، جسم جهوري وڌو آ تو،
    اهي دانهون ڏبيون توکي، ٻئي ڪنهن کي نه چونداسين.

    گذارو ’عبد سنڌيءَ‘ جو ڏکن سان ٿي ويو آهي،
    پرين تون خوش هجين پيارا دعائون دل سان ڏينداسين.


    رَس ۾ ڇڏي رهاڻيون، ميڙو متو ڇڏيوسين،

    رَس ۾ ڇڏي رهاڻيون، ميڙو متو ڇڏيوسين،
    دنيا ۾ جو ڪيوسين، ڪتو وتو ڇڏيوسين.

    پوٺن تي پير ننگا، سڙندا رهيا پنڌن ۾،
    اڄ ڇانوَ کي پيا ڳولهيون، ڪاڙهو تتو ڇڏيوسين.

    گدرن، ونگن جي چوري، ننڍپڻ جي هئي شرارت،
    گهر جا ڪڪڙ کنياسين، نه ڪِٿ ڪو وٽو ڇڏيوسين.

    جِت ڪِٿ به جو مليو ٿي، ڍورن جيان چرياسين،
    بازار ۾ چڻن ۽ بيهن چٽو، ڇڏيوسين.

    ٽپ ٽاپ ٿي گهمياسين، ڪلهه قيمتي وڳن ۾،
    اوڇڻ رهيو نه بوڇڻ، لوئي کَٿو ڇڏيوسين.

    جي ڪو ڏيئي ٿوگاريون، موٽي نه تنهن کي ماريون،
    اڄ ماٺ ۾ ٿا گهاريون، جهيڙو جهٽو ڇڏيوسين.

    ماڻهن جا طعنا مهڻا، سر تي سٺم سدائين،
    موٽي چوڻ ته منهن تي، گفتو گُٿو ڇڏيوسين.

    اي ’عبد سنڌي‘ آسون، دل جون رهيون ئي دل ۾،
    جنهن لئه نٿي سري سو، رانجهن رتو ڇڏيوسين.


    گذريو آ ڪجهه گذري ويندو،

    گذريو آ ڪجهه گذري ويندو،
    وقت آهي سو نِڪري ويندو.

    موت حياتيءَ جو هي جهيڙو،
    نِيٺ ته هڪ ڏينهن نبري ويندو.

    دنيا آهي درياهه وانگي،
    عاشق ان مان اُڪري ويندو.

    ڇا لئه پٿر دل ٿيو آهين،
    لوهه به آخر پگهري ويندو.

    اربع عنصر جو هي مرڪب،
    وقت پنهنجي تي وکري ويندو.

    خاڪي پڃري ۾ جو ٻولي،
    پار پکي سو اُڏري ويندو.

    رات هميشه رهڻي ناهي،
    اوڀر کان سج اڀري ويندو.

    جنهن کي عشق اُٿاري ننڊ مان،
    ساجن ڏانهن سو سنڀري ويندو.

    جنهن کي راهه هدايت ملندي،
    ’عبد سنڌي‘ سو سُڌري ويندو.


    پيار ۾ پنهنجو پاڻ ملهاءِ، ستين رنگين رنگجي وياسين،

    پيار ۾ پنهنجو پاڻ ملهاءِ، ستين رنگين رنگجي وياسين،
    لوڪان ڏاڍو لڪياسين ته به نظرن نيزي ٽنگجي وياسين.

    ياد ته هوندءِ چانڊوڪين ۾، گهٽين ۾ ڪي گهاريل گهڙيون،
    جڏهن به ملياسين ٿي جاني، ٻک لڳي ٿي ٻنگجي وياسين.

    ساڳين گهٽين ساڳين گهيڙن، روز ملياسين روز کلياسين،
    ويريءَ اهڙو ور وڌو جو واري ۾ ٻئي ونگجي وياسين.

    نيڻن نارا نير ڏئي وئين، يادن جا زنجير ڏئي وئين،
    جڪڙيل آهيان جن ۾ جاني، زنجيرن جيان زنگجي وياسين.

    ويرين جي هن واديءَ ۾ ٿي پختو پنهنجو پيار ڪيم پر،
    ’عبد‘ اسانجو پيار اڌورو، ڏينڀوءَ ڪنهن کان ڏنگجي وياسين.


    دلدار جي هجر ۾، دلڙي چري چري،

    دلدار جي هجر ۾، دلڙي چري چري،
    در تان ڀلي ڌڪاري، ويندس وري وري.

    مون لئه اجهو ۽ آڌر، پاسو پرينءَ سندو،
    سهڻي بنا سَوَڙ ۾ ٺرندس ٺري ٺري.

    هُن پار منهنجو ميهر، ملڻو ته نيٺ آ،
    اڳيان جي آهي درياهه ترندس تري تري.

    سڄڻن جون روز سارون، موجن جيان اٿن،
    هُن جي وري اسان کان، ويئي سري سري.

    باهه برهه جي باري، سڙندن کي سُڌ سڄي،
    اي ’عبد سنڌي‘ توکي ٻنڀان ٻري ٻري.


    نينهن ۾ نروار ٿي ۽ پيار جو پينار ٿي،

    نينهن ۾ نروار ٿي ۽ پيار جو پينار ٿي،
    تون سراپا سونهن ۽ سهڻن سندو ئي يار ٿي.

    عشق ۾ عاقل نڪو عالم، سڏائڻ ٿو سونهين،
    عشق جي ڪرڻو اٿيئي، عقل کان لاچار ٿي.

    برهه باري آهه زاري، بردباري، رازداري،
    ڪيم ڪنهن سان سور سَل دل، تي نه ڪنهنجي بار ٿي.

    هر گهڙيءَ تو ساڻ گڏ آ، گل ۾ خوشبوءَ جي طرح،
    ساهه ۾ توسان سلهاڙيل، تون نه ان کان ڌار ٿي.

    جاءِ هر جلوو پرينءَ جو، پس تون جانب جو جمال،
    يار جو درشن جي پائين، سونهن جو حُبدار ٿي.

    ’عبد سنڌي‘ جي ڀلا محبوب سان ملڻو اٿئي،
    دل انهيءَ جو گهر اٿئي، هر دل سندو دلدار ٿي.


    جڏهن عيش عشرت، جا وکر مون وهايا،

    جڏهن عيش عشرت، جا وکر مون وهايا،
    تڏهن کان ڪيو مون، ثوابن ڏي لاڙو.

    جڏهن کان گناهن جا دفتر لڳي ويا،
    تڏهن کان ڪيو مون، نمازن ڏي لاڙو.

    مرڻ ۽ جيئڻ جو هجي ڍنگ ڪهڙو؟
    سو سوچي ڪيو مون، عقيدن ڏي لاڙو.

    اندر ۾ مفادن، وڏي جنگ جهيڙي،
    ڪيو مون عزيزن، رقيبن ڏي لاڙو.

    غمِ زندگيءَ جا، ٻه ٽي پل وساريان،
    تڏهن کان ڪيو مون، شرابن ڏي لاڙو.

    تجسُسُ ۾ احساس جو ڇا مزو آ،
    وٺڻ لئه ڪيو مون، نقابن ڏي لاڙو.

    نسل در نسل بس هجي مالڪي ڪا،
    ڪيو مون زمينن جي، کاتن ڏي لاڙو.

    جنونِ حوَس مونتي ايڏو ٿيو طاري،
    ڪيم جنتن ۾ به، حُورن ڏي لاڙو.

    عجب چرپڻو آ، تلاشِ خدا ۾،
    ڪيو مولوين آ، ڪتابن ڏي لاڙو.

    اميرن جڏهن ڪين، ڀانئيو اسانکي،
    ڪيم ’عبد سنڌي‘ فقيرن ڏي لاڙو.


    ٻڌايان حال دل ڪنهن کي، ٻڌڻ وارو ئي ڪونهي ڪو،

    ٻڌايان حال دل ڪنهن کي، ٻڌڻ وارو ئي ڪونهي ڪو،
    فراقي ڦٽ ڏيکاريان پر ڏسڻ وارو ئي ڪونهي ڪو.

    نگاهون ناز وارن جون، نهارڻ ساڻ مارينديون،
    محبت ۾ هلي مرجي، مرڻ وارو ئي ڪونهي ڪو.

    گلابن جون وٺي پاڻي، پرين جا پير هٿ ڌوئي،
    پياريان پرت جو پاڻي، پيئڻ وارو ئي ڪونهي ڪو.

    مِٺا ماڻهو مِٺيون ٻوليون، گهمن جت حُسن جون ٽوليون،
    گهمايان باغ محبت جو، گهمڻ وارو ئي ڪونهي ڪو.

    اڪيليون راتيون گهر ۾، غمن غرقور پيو آهيان،
    وجهي ڀاڪر سمهاري گڏ، سمهڻ وارو ئي ڪونهي ڪو.

    ڀلاري عيد روزن جي، روئي روئي گذاري مون،
    کِلي ڪو خوش ڪري مونکي، کلڻ وارو ئي ڪونهي ڪو.

    هجي پيرن هٿن سهڻو، بنا سينگهار پيو سونهين،
    انهيءَ سان دل ڳنڍڻ گهرجي، ڳنڍڻ وارو ئي ڪونهي ڪو.

    وطن پنهنجو ڇڏي تنهنجي، وطن جو ويس مون پاتو،
    گُهريم خيرات محبت جي، ڏيڻ وارو ئي ڪونهي ڪو.

    ڪبوتر ڏي وڃي ڪن ۾، نياپو ناز ور کي تون،
    نگاهن سان نهوڙيو ٿئي، پڇڻ وارو ئي ڪونهي ڪو.

    ٻڌايو ’عبد سنڌيءَ‘ کي مِٺو محبوب پيو اچنئي،
    لکي مون لوڏ لاکيڻي، لکڻ وارو ئي ڪونهي ڪو.




    موسم جا هي ڏسندي ماڻا،

    موسم جا هي ڏسندي ماڻا،
    ياد اچن ٿا پيار پراڻا.

    ڌار گذارين ٿا اڄ مونکان،
    ڪالهه هئاسين ساهه سيباڻا.

    نينهن نڪورو پيار اڌورو،
    دردن دل ۾ گهميا گهاڻا.

    هرسو آهن خيال اوهانجا،
    ڪين ڏسن ٿا هنڌ ۽ ٽاڻا.

    هر هنڌ ويهي پيار ونڊيوسين،
    ڪين رهيون ڪي ڀيڻيون ڀاڻا.

    واٽ تڪيندي واجهايوسين،
    خوب هئا سي لنگهه ۽ لاڻا.

    مرڪي مرڪي مون به ڏٺو هو،
    تو به کنيا هئا نيڻ نماڻا.

    پرزا پرزا دلڙي آهي،
    تنهن جا دلبر ڪهڙا ناڻا.

    هاڻي ڳڙندا ڳوڙها ناهن،
    اکين جا ٻئي ديپ اجهاڻا.

    من هي محبت ۾ ويو ريجهي،
    نفرت مان ڪجهه ڪين ٿو ڄاڻا.

    ’عبد سنڌي‘ اڄ ڇا پيو سوچين،
    ماڻهو ناهن محبت هاڻا.



    چيم هر موڙ تي هر هنڌ، سوا ڏک جي مليو ناهي،

    چيم هر موڙ تي هر هنڌ، سوا ڏک جي مليو ناهي،
    چيائون سچ چوڻ جهڙا، اڙانگا ڪم ڪندو آهين.

    چيم روزن نمازن کان، اڃا ڪجهه اڳڀرو آهي،
    چيئون ڪافر مٿي ڦريل، صفا دهرين سندو آهين.

    چيم مونکي ڏسڻ وارو، ڏسي ٿو نڪ مٿي چاڙهي،
    چيائون پٽ بنا پئسي، ڪِنو ڪوجهو گندو آهي.

    چيم ماڻهو وڏيرن جي اوطاقن جا سلامي ڇو؟
    چيائون ’عبد‘ تون هڪڙو، خدا جو ڪو بندو آهين.


    تون شاد هجين، آباد هجين، مان درد لڪاءِ جيئندس پيو،

    تون شاد هجين، آباد هجين، مان درد لڪاءِ جيئندس پيو،
    تون دوکو ڏئي دل شاد ڪجئين، مان نينهن نڀاءِ جيئندس پيو.

    تون پيار پروڪا ياد ڪري، لڙڪن کي پريشان ڪيم ڪجان،
    مان پنهنجو ماضي ياد ڪري، اشڪن کي وهاءِ جيئندس پيو.

    ڀل تنهنجي هٿن تي ميندي لڳي، ڀل تنهنجي لبن تي لالي لڳي،
    تون سورهن ئي سينگهار ڪجان، مان ورهه وساءِ جيئندس پيو.

    تون منهنجي مرڻ جو غم نه ڪجان، هي ’عبد‘ مئو ته به ڇا ٿي پيو،
    تون ميت پنهنجي سان پيو مِلجان، مان سور پراءِ جيئندس پيو.


    جفا جي بدلي رڳو وفائون، اسان ڏنيون ٿئي ٻيو نه ڏيندئي،

    جفا جي بدلي رڳو وفائون، اسان ڏنيون ٿئي ٻيو نه ڏيندئي،
    دغا جي بدلي رڳو دعائون، اسان ڏنيون ٿئي ٻيو نه ڏيندئي.

    هلي پيو حاڪم حڪم اوهانجو، ڪڍو تڏي تان تڙي انهيءَ کي،
    هميشه وانگر ڪرين هلائون، اسان ڏنيون ٿئي ٻيو نه ڏيندئي.

    اسانکي ايندي ڏسين ٿو جنهن دم، تڏهن ٿو حيثيت مڃائين پنهنجي،
    اکيون عقابي ڳجهيون ادائون، اسان ڏنيون ٿئي ٻيو نه ڏيندئي.

    ڀنڀا جي ڌوڻين گهٽا جو سعيو، وکون جي وارين جهان کي لوڏو،
    ذري ذري ۾ ذڪي نگاهون، اسان ڏنيون ٿئي ٻيو نه ڏيندئي.

    ’عبد‘ جو سرڙو انعام توکي، اچين ته نيزي ٽنگي ڏيان ني،
    سدائين اهڙيون سٺيون صلاحون اسان ڏنيون ٿئي ٻيو نه ڏيندئي.


    دنيا ته گهڻو گهايو هو، تنهنجي ديواني کي،

    دنيا ته گهڻو گهايو هو، تنهنجي ديواني کي،
    اڄ ¬تو به هڻي ڇڏيو، آ تير نشاني کي.

    جنهن ساٿ ڏيڻ جا ٿي هربار ڪيا واعدا،
    رستي ۾ لٽي هليو، هن دل جي خزاني کي.

    غيرن جون گلائون ڇو، پنهنجا به ڏٺم پرکي،
    پر ڪنهن نه پڙهيو ڪڏهن، دل تنهنجي فساني کي.

    پٿرن سان ڀري جهوليون، گلڙن جون ڪيئين ڳالهيون،
    مون عمر صحيح سمجهيو پي تنهنجي بهاني کي.

    پر ڪيف فريبين جي دنيا ۾ ويس اٽڪي،
    هربار ڏنو هر ڪنهن، ٿي ڏوهه زماني کي.

    هڪ درد مليو تنهنجو، ٻيو ’عبد‘ مليو ڇا هي،
    اچ تون به پٿر هڪڙو، بيهي هڻ ته بيگاني کي.


    اسان کي پاڻ جي پنهنجو بنائيندين ته خوش هوندين،

    اسان کي پاڻ جي پنهنجو بنائيندين ته خوش هوندين،
    ڳنڍيم هي نينهن جو ناتو، نڀائيندين ته خوش هوندين.

    اوهان جي نرم جوٽن تي، چوي ٿي دل سمهڻ گهرجي،
    ڀلا هي ڀال پنهنجا جي ڀلائيندين ته خوش هوندين.

    سڀئي شڪ جي نگاهن سان، ڏسن ماڻهو جڏهن توکي،
    ڪري اک ٽيڏ تون اکڙيون، ملائيندين ته خوش هوندين.

    رڳو مونکي ستائڻ مان، ورئي ڇا ٿو ملئي ڇاٿو،
    صنم ڏاڍو رنو آهيان، کلائيندين ته خوش هوندين.

    چپن جي چاشني چٽ سٽ، مکڻ ماکين کان وڌ آهي،
    رکي چپ چپ مٿي چپڙا، چمائيندين ته خوش هوندين.

    ڇڏي تنها وڃن ساٿي، سڀئي توکي دنيا وارا،
    اُتي هي ’عبد‘ ٻانهو ٿئي گهرائيندين ته خوش هوندين.


    ڪير چوي ٿو ڪونه ملون ٿا،

    ڪير چوي ٿو ڪونه ملون ٿا،
    روز ملون ٿا، ڪونه ڪُڇون ٿا.

    آمهون سامهون، رستي ۾ ٿي،
    ترڇين نظرن، ساڻ ڏسون ٿا.

    آسون دل جون، دل جو دل ۾،
    اندر ٻيئي ڀرون ڀڄون ٿا.

    کلندن کي آ لوڪ روئاريو،
    کلندن جو بس خير گهُرون ٿا.

    ’عبد‘ اکين ۾ آيو پاڻي،
    لوڪان لِڪيو لڙڪ پيئون ٿا.


    دلڙي ڦري ٿو دلبر، ڪنهن جي ڇڏين سهاري،

    دلڙي ڦري ٿو دلبر، ڪنهن جي ڇڏين سهاري،
    ڏاڍي پڪي ڪري دل، ويٺين وڃي وساري.

    جند ٿي جيئي اوهانجي، آٿت جي آسري تي،
    تو جي ڪيا اسان سان، واعدا وڃو سي پاري.

    جيئري ئي يار جانب، سُک چين وئين کڻي تون،
    عيدون ڪجن پو ڪهڙيون خوشيون وئين ٻهاري.

    لڙڪن سان نيڻ ڀرجي، ٽمٽار ٿي وهن ٿا،
    هر شام کي صبح ٿو، توکي سڏڻ لئه ساري.

    اچ ’عبد‘ اڄ سڏئي ٿو، دردن جو ڪر ڪو دارون،
    جانب جيار جيءُ يا، ماڳهين وڃوس ماري.


    مريضِ عشق کي تنهنجو، صنم ديدار ٿوگهرجي،

    مريضِ عشق کي تنهنجو، صنم ديدار ٿوگهرجي،
    ڪري سينگهار اچ مونڏي، اوهانجو پيار ٿو گهرجي.

    حياتي بيوفا آهي، هليا ان سان ڪريون دوکو،
    مرون گڏجي جيئون گڏجي، اهو اقرار ٿو گهرجي.

    اوهان جو ساٿ جي هوندو، ڏکيا ڏينهڙا ويندا ڪٽجي،
    حياتيءَ جي سفر ۾ همسفر ڪو يار ٿو گهرجي.

    اسانجي عشق جون آهون، وڃي هن عرش تي پهتيون،
    ٿئي معراج محبت جو، اکين جو ٺار ٿو گهرجي.

    جڏهن توسان ملڻ ٿيندو، سڀيئي سور پو سلبا،
    ملڻ کانپوءِ متان وڇڙين، اهو اعتبار ٿو گهرجي.

    ازل کان ’عبد سنڌي‘ آ، اوهان جي يار ڳولا ۾،
    مِٺا گهرجين ته تون گهرجين ، نه ٻيو سنسار ٿو گهرجي.


    يار جو چهرو گلابي گُل هُئو، وسري نٿو،

    يار جو چهرو گلابي گُل هُئو، وسري نٿو،
    نقش ٿي دل تي ويو سو، دل منجهان نڪري نٿو.

    نظرِتيور سان نهاري، گهاءِ ويو دل گهور سان،
    گس گُهمي پيو ٻيا گهڻا، پر هن گهٽيءَ گذري نٿو.

    ڪئين دلاسا ديد لئه، مونڏي مڪئين قاصد هٿان،
    پر ملڻ لاءِ مٺو مونڏي اڃا اسري نٿو.

    حالِ دل بيمار جو بس، ڪو وڃي هُن کي چوي،
    لادوا ڪيو آ طبيبن، نينهن هي نبري نٿو.

    عشق ۾ اهڙو چريو جو، ڪين ٿو ٻئي جي ٻڌي،
    اڄ به ساڳيو ’عبد سنڌي‘ سال ٿيا سُڌري نٿو.


    هيل به سانوڻ مينهن وسي ويا، ساجن توکي سار نه ڪائي،

    هيل به سانوڻ مينهن وسي ويا، ساجن توکي سار نه ڪائي،
    يار اوهان جي مون وٽ ناهيو، مون کي مند ملهار نه ڀانئي.

    سرتين پنهنجا سرتا ساريا، ويڙهيل وينڍا وار سنواريا،
    مند کي سرتين خوب ملهايو، مون لئه هئي سا مند اجائي.

    ڪالهه به توکي ڏاڍو ساريم، روئي تنهنجو نانءُ پچاريم،
    اوڙي پاڙي مان نه سکي ڪا، ڪانه ڏيڻ ڪا آٿت آئي.

    نينهن نڀاءِ پار پڄاءِ، عشق الهڙ کي چوٽ چڙهاءِ،
    هيڪ هجون ٻئي هِت هُت سهڻا، ٻن پوي هي جاڙ جدائي.

    مون گهر گهٽيون گس ٻهاريا، تو ڪيئن پنهنجا قول وساريا،
    گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ گهايل گهاريان، غم گوندر ۽ گهوڙا وائي.

    موٽي ايندين ميلا ٿيندا، پوءِ نه وچ ڪي ويلا ٿيندا،
    سانوڻ سان گڏ ساجن گهرجي، اڳ پو منهنجي آس اهائي.

    جنهن لئه صدقو ساهه ڪرايو، ساجن ’عبد سنڌيءَِ‘ گهر آيو،
    ڏور ڀڳا سڀ ڏک ڏولاوا، لوڪ ڏني مونکي واڌائي.


    هونداسين حياتي ته توسان پيار ڪنداسين،

    هونداسين حياتي ته توسان پيار ڪنداسين،
    مري يار وياسين ته توکي ياد اينداسين.

    ڀل زور دنيا جو به لڳاءِ ته لڳاءِ،
    هي نينهن جو ناتو آ ڇنڻ ڪونه ڏينداسين.

    وڃي سر ته وڃي يار لئه اِها ڳالهه ڀلي آ،
    محبت جي مِٺا ساک رکي نيٺ وينداسين.

    هي ’عبد سنڌي‘ عشق ۾ ٿي سرخرو ويندو،
    سوا تنهنجي مِٺا ٻئي جا ڪڏهن ڪونه ٿينداسين.


    محبت ۾ مران ٿو اڄ، جياريندين ته خوش هوندين،

    محبت ۾ مران ٿو اڄ، جياريندين ته خوش هوندين،
    سڄڻ سنئين منهن سان مونڏي، نهاريندين ته خوش هوندين.

    نه شربت ۽ ٿڌو گهرجي، اُڃايل عشق جو آهيان،
    هٿن سان پرت جو پاڻي، پيئاريندين ته خوش هوندين.

    چُمي ٻئي پير هٿ تنهنجا، اکين تي پيو گهمائيندس،
    ڪري نوڪر پنهنجي در تي، بيهاريندين ته خوش هوندين.

    اوهان جو عشق اهڙو آ، ڪُڇڻ جي ڪا گهٽي ڪانهي،
    ڪرم سان قرب جون ڪڻيون، چڳائيندين ته خوش هوندين.

    ڪڍو جي قلب مان ڪاوڙ، هينئون ڪنهن هنڌ ٿئي منهنجو،
    ڪري خوش مرحبا مونکي، کيڪاريندين ته خوش هوندين.

    ٿيو تون جو پري آهين، ننڊون ڇا جون سمهڻ ڪهڙو،
    سڏي اڄ ’عبد سنڌيءَ‘ کي ويهاريندين ته خوش هوندين.


    شهر تنهنجي مان نِڪري وياسين، شايد توکي وسري وياسين،

    شهر تنهنجي مان نِڪري وياسين، شايد توکي وسري وياسين،
    ڪاغذ تان ڄڻ اکرن وانگي، دل تان تنهنجي اُتري وياسين.

    لِڪ ڇپ جو هي پيار نه هوڪو، پيار پڙاڏو ڏيهه ٻُڌو ٿي،
    دشمن بيٺا دنگ جهلي، هي عشق درياهه هو اُڪري وياسين.

    ڪانه خبر پئي توکان دلبر، جهٽ پٽ ٿيندي هينئن جُدائي،
    واءُ وڇوڙي جو ڪو وريو، ورهه ٿيا جو وڇڙي وياسين.

    هاڻي تو وٽ پيار اسانجو، پڙهيل ڄڻڪ ڪتاب هُجن،
    پيار پچارون توکان وسريون، ماضي هئاسين گذري وياسين.

    تنهنجي اوچي ذات اُچو تون، منهنجي آهي ذات فقير،
    رسمن جي ٻئي ور چڙهياسين، ’عبد سنڌي‘ پو وکري وياسين.


    هجن پر ته توڏي اڏامي اچان ها،

    هجن پر ته توڏي اڏامي اچان ها،
    پکي ٿي اوهانکي سويلو پُڄان ها.

    مٺا بيوسي بيوفائي نه سمجهو،
    پڄي وس ته هڪڙو نه ڀيرو ڀڃان ها.

    ٻيو سڀ ته گهُورن سان گهاءِ ڦري وئين،
    رهيو سر ملڻ لئه مِٺو ڪيئن ڪيان ها.

    اسان ڏي اچڻ جي ڪريو ها عنايت،
    ٻڌي ڇير پيرن اڳيان تو نچان ها.

    سوا تنهنجي ڪهڙي آ ڪم جي حياتي،
    نه پنهنجو ڪرين ها ته پو ڪيئن بچان ها.

    اٿم آس تنهنجي هٿان ئي مرڻ جي،
    لڳن تير نظرون، مري پو پوان ها.

    چڱو ٿيو اچي ’عبد‘ احوال وَرتئين،
    پيو منجهه سورن کِجان ۽ کَپان ها.


    حُورن کان وڌ حسين آهين، حاڪم سڀ حيران ڪيا ٿئي،

    حُورن کان وڌ حسين آهين، حاڪم سڀ حيران ڪيا ٿئي،
    مورن کان وڌ ملوڪ آهين، ماڻهو سڀ مَستان ڪيا ٿئي.

    جت ٿو پنهنجا پير ڄمائين، تت ٿو ماڻهو ميڙ ڪرائين،
    وڻ ٽڻ واسي هليو آهين، ماري سڀ ميدان ڪيا ٿئي.

    ماکيءَ کان وڌ مٺاڻ تو ۾، گلاب کان وڌ سُرهاڻ تو ۾،
    ڪانهي ڪا ڪٿ ڪڙاڻ تو ۾، گهايل سڀ غُلمان ڪيا ٿئي.

    ڪيڙا نام نهال هزارين، پنبڻين ڪيا پئمال هزارين،
    حال ڪنا بي حال هزارين، سوگها سڀ سُلطان ڪيا ٿئي.

    تنهنجي لوڏ لکن کي لوڏي، اهو نڀاڳو تڪي نه توڏي،
    ڀاڳ وريس جي گڏينس گوڏي، ’عبد‘ مٿي احسان ڪيا ٿئي.


    ٻيا غم سڀ ويا وسري، اوهانجو غم حشام آهي،

    ٻيا غم سڀ ويا وسري، اوهانجو غم حشام آهي،
    اوهانجي يادگيريءَ کانسوا، هڪ دم حرام آهي.

    نه روزن ۽ نمازن جي اچي ٿي يادگيري ڪا،
    ملامت لوڪ ساري جي، مليو مونکي انعام آهي.

    نڪي دارون سوا دلبر، نڪي ڪم ڪن دعائون ٿيون،
    اوهانجي عشق اڪبر کي، سڄڻ منهنجو سلام آهي.

    ڪٿي توکي وڃي ڳولهيان، آهين هر جاءِ جلوه گر،
    نظر جيڏانهن به ٿو ڦيريان، مڙيئي تنهنجو مقام آهي.

    رڻن ۾ پاڻ ڇو روليان، پئي ٿو منجهه پرين ڳولهيان،
    الانسان سري وانا سره، ڪهيل تنهنجو ڪلام آهي.

    ڪڏهن من ٻاجهه پونئي بس، اچي تو سار منهنجي ڪا،
    ته ڪو هي ’عبد سنڌي‘ ڀي تنهنجي در جو غلام آهي.


    مينهن سانوڻ جا وٺا هِن، ملڪ تي آهن ملهاريون،

    مينهن سانوڻ جا وٺا هِن، ملڪ تي آهن ملهاريون،
    آ ته مِٺڙا ڪي پروڪا، قول پنهنجا هاڻ پاريون.

    تو چيو هو مينهن وسندا، پوءِ ملنداسين وري،
    مند ساري هاڻ مِل تون، قرب جون ڪريون ڪچهريون.

    ڪُوڪ ڪويل ڪن ڪڍي ٿي، ٻڌ ته تاڙي جي تنوار،
    وقت وهرن جو لنگهي ويو، سونهن ۾ آهين ساريون.

    واهه سڀ ڀرجي وهن پيا، ڇيل ڇٻرون تار تار،
    ڪوندريون ڪڏجن هلي ڪي، ڦاٽ ڦاٽن ٿيون پڃاريون.

    ڪار ڪڪرن وڄ وراڪا، گوڙ مينهن گهمسان ۾،
    ’عبد سنڌي‘ رات ساري، گهر خلاصي ۾ گذاريون.


    ڍاپان نٿو مان تنهنجو درشن ڪري ڪري،

    ڍاپان نٿو مان تنهنجو درشن ڪري ڪري،
    هاڪون حُسن سنديون، ٿيون ٻُڌجن پري پري.

    قربن ڪڙي ڪئي تو، قابو جا منجهه ڪمندن،
    سا ڪيئن وري ته واپس، دلڙي وري وري.

    جِت پيار کي نه پاپي اک سان ڏسي سگهي ڪو،
    ڳالهيون اتي ڪيون ڪي ويهي هري هري.

    ماريوس يا جياريو، ڪريوس هڪڙي پاسي،
    سهي ڪين ٿو سگهان، هي ماڻا ذري ذري.

    ديدون دوناليون بنيون، ڪاڪل ٿيا نانگ ڪارا،
    پوءِ ته ’عبد سنڌي‘ ڪيئن نه مري مري.


    ڪا نوڪري به ناهي، ناهي وري مزوري،

    ڪا نوڪري به ناهي، ناهي وري مزوري،
    گهر جي ضرورتن لئه، پئسا ڪٿان ته آڻيون.

    برساتون آيون ڀرجي، مند سانوڻي ته وسندي،
    پن جي پکن ٽوئن لئه، پئسا ڪٿان ته آڻيون.

    گوشت، مڇي پري ٿيا، داليون به اڄ مهانگيون،
    خرچن پکن ڳرن لئه، پئسا ڪٿان ته آڻيون،

    رکيل هئا جي پئسا، روزن تي سي کپي ويا،
    هن عيد تي لٽن لئه، پئسا ڪٿان ته آڻيون.

    اٿندا ته ٻار مون کان خرچي ضرور گهُرندا،
    ٻارن پنجن اٺن لئه، پئسا ڪٿان ته آڻيون.

    پنج سئو جي هڪڙي پرچي هر ڊاڪٽر لکي ٿو،
    اڀرن ٻچن اگهن لئه، پئسا ڪٿان ته آڻيون.

    گرميون ڪٽيوسين جيئن تيئن، آيو مٿان سيارو،
    سيءَ ۾ رلين هنڌن لئه، پئسا ڪٿان ته آڻيون.

    پئسا نه ٿيا دوا لئه، ڀاتي ويس گذاري،
    هاڻي ڪفن دفن لئه، پئسا ڪٿان ته آڻيون.

    ڳڻتيون ڪري گذر جون ڪلهه خودڪشي ڪيائين،
    پويان گُذر ٻچن لئه پئسا ڪٿان ته آڻيون.


    حياتي حُسن وارن سان وڃي گذري ته پو واهه واهه،

    حياتي حُسن وارن سان وڃي گذري ته پو واهه واهه،
    لڳو آ نينهن نانگن سان، وڃي نبري ته پو واهه واهه.

    زبان تي يار جو نالو، سڳي سئيءَ جيان سُري هرهر،
    ٻيو پئي ٻن سڄو هي جڳ، وڃي وسري ته پو واهه واهه.

    سندم هي نينهن نرالو آ، نياپن سان نٿو نبري،
    پکي ٿي پار پرين جي، وڃان اُڏري ته پو واهه واهه.

    منهنجي محبت آ ميهر سان، ملاءِ شال مون موليٰ
    اڙانگي عشق جو درياهه، وڃان اُڪري ته پو واهه واهه.

    ڪڏهن اُبتيون ڪڏهن سُبتيون، ويڙهاءِ ٿو اسان ٻن کي،
    اسان جي وچ منجهان دشمن وڃي نڪري ته پو واهه واهه.

    الاءِ ’عبد‘ ڇا ٿيندو، اندر ۾ اون هيءَ آهي،
    اسين ٻئي پاڻ ۾ ماکي ٿيون مصري ته پو واهه واهه.


    روز رُسڻ کي، هڻ تون گولي،

    روز رُسڻ کي، هڻ تون گولي،
    منهن مَٽڻ کي هڻ تون گولي.

    گڏجي سڏجي جيون گهاريون،
    ڌار رهڻ کي هڻ تون گولي.

    جنم جنم پيا ٻئي جيئنداسين،
    موت مرڻ کي هڻ تون گولي.

    لِک به تنهنجي لَک لهي ٿي،
    رات رهڻ کي هڻ تون گولي.

    ويجهائيءَ ۾ وصال آهي،
    ڏور ڏسڻ کي هڻ تون گولي.

    اک هجي بس تنهنجي اک ۾،
    ڳل چمڻ کي هڻ تون گولي.

    لعاب تنهنجو ميهي ماکي،
    کنڊ مکڻ کي هڻ تون گولي.

    ساهه ڏين پيا سڪ سنيها،
    اک ڀڃڻ کي هڻ تون گولي.

    ياريءَ ۾ رک يقين پختو،
    ڪار ڪٽڻ کي هڻ تون گولي.

    ’عبد‘ اڱڻ تي ايندو ڪرتون،
    لوڪ لکڻ کي هڻ تون گولي.


    مٺي ماءُ منهنجي، مٺي تنهنجي ٻولي،

    مٺي ماءُ منهنجي، مٺي تنهنجي ٻولي،
    سدا ياد رهندي، ڏني تو جا لولي.

    پڪو پيچ تو سان، پٽن جو آ سائڻ،
    جڏهن ڀي تو سڏيو، هلي رت هولي.

    متان سمجهين ڪانئر، مان غيرت جو ڪوڏيو،
    کڻي اک جو ميري، هڻان تنهنکي گولي.

    سدا تنهنجي سڏ تي، شهادت ويا ماڻي،
    انهن مان ئي آهيان، اها منهنجي ٽولي.

    گلي کان جهلي ’عبد‘ وٺي حق ڇڏيندس،
    پنهنجا حق وٺڻ لئه، نه جهلبي ڪا جهولي.


    سرويچ سجاوليءَ کي ڀيٽا

    سرويچ سجاوليءَ کي ڀيٽا

    غربتن جي حالتن ۾، قربتون تو وٽ هيون،
    همٿون ئي همٿون، بس همٿون تو وٽ هيون.

    بي ڊپو بيباڪ ٿي، لُچن لُنبن کي تو لُنبيو،
    جيءَ ۾ جايون ڏيائين، جرئتون تو وٽ هيون.

    تون سراپا سونهن ساگر جو هئين طالب چٽو،
    سونهن ۽ ساڃاهه سان، ڪي صحبتون تو وٽ هيون.

    تو ڪئي محبت مُٺن مسڪين ماڻهن سان سدا،
    مڻ مٺاين جي برابر محبتون تو وٽ هيون.

    وقت پنهنجو قيمتي مارن کي تون ارپي وئين،
    محنتون تو وٽ هيون ۽ فرصتون تو وٽ هيون.

    امن عالم ۾ هجي ۽ سنڌ ٿئي سائي سُکي،
    سنڌ جا ماڻهو جيئن هي حسرتون تو وٽ هيون.


    سائين محمد خان مجيديءَ کي ڀيٽا

    سائين محمد خان مجيديءَ کي ڀيٽا

    مٽيءَ جهڙو سون سراسر، ماڻهو مڻيادار مجيدي،
    ڌرتيءَ جي دشمن جو دشمن،ڌرتيءَ جو هو يار مجيدي.

    مٽي منهنجي مٽي آهي، ڌرتيءَ جو ويو قرض چُڪاءِ،
    اهڙو ماڻهو موتيءَ داڻو، هيرن وارو هار مجيدي.

    مِلڻو کِلڻو زنده دل هي، استادن جو هو اُستاد،
    ايندن ويندن پاڙيوارن، جو هو اکڙين ٺار مجيدي.

    علم ادب سان چاهه رکيائين، پاڻ پڙهيو ۽ ٻار پڙهايَئين،
    بابو آپا مريم جو ۽ ساگر جي هو سار مجيدي.

    جنهن ۾ خوشبو مٽيءَ جي ۽ سنڌ سان جنهنجو عشق اَپار،
    اهڙو ماڻهو مرڻو ناهي، جيئندو سال هزار مجيدي.

    پڙهي وڏا ٿي پوءِ پٽڙا، قوم پنهنجيءَ کي ڪم اچجو،
    مستقبل جي معمارن کي ڏيندي ويو ڏس پار مجيدي.

    پڙهيو پنهنجي قوم جي خاطر، ڪڙهيو پنهنجي قوم جي خاطر،
    مير نه جنهن جي من هو سو، قومن جو ڪردار مجيدي.

    پنهنجن سان هو ساٿ نڀاءِ، ’عبد سنڌي‘ ويو ساک بچاءِ،
    جنهن کي اڄ پيا ياد ڪيون هو هردل جو دلدار مجيدي.


    اڄ قوم کي ٿو گهرجي ليڊر جي ڳالهه ڪر،

    اڄ قوم کي ٿو گهرجي ليڊر جي ڳالهه ڪر،
    رهزن گهڻا مليا هِن، رهبر جي ڳالهه ڪر.

    انصاف قوم هن کي ناهي ڪڏهن مليو،
    انصاف ڏئي سگهي، تنهن افسر جي ڳالهه ڪر.

    دشمن سان ٿيندا ليکا، وٺبا حساب سڀ،
    چونڊون کٽي ڀڄي ويو ميمبر جي ڳالهه ڪر.

    ڪابل قنڌار گوادر ڪشمير ڇو پڇون،
    ڪينجهر ڪراڙ ڍنڍ ۽ منڇر جي ڳالهه ڪر.

    مسعود نوري ليليٰ، مهدي ڀلي ٻڌو،
    يوسف جمن ڪنور ۽ چندر جي ڳالهه ڪر.

    هن قوم کي ته ڌارين نشتر هنيا گهڻا،
    پنهنجا هڻن ٿا پٺ ۾ خنجر جي ڳالهه ڪر.

    سنڊي منڊي ۽ ٽوڊي ٻولي ٻين جي آ،
    اربع خميس جمع، ڇنڇر جي ڳالهه ڪر.

    هن سامراجي سسٽم ڪنهن کي به ناهي بخشيو،
    هر گهر ۾ ظلم ٿيو آ، گهر گهر جي ڳالهه ڪر.
    سرويچ ۽ مجيدي رنگريز ۽ امر،
    سانگي ادي مريم ۽ ساگر جي ڳالهه ڪر.

    مومل جي ماڙي ستيون مڪلي موهن دڙو،
    هو جي ڊهي ٿيا هِن کنڊر جي ڳالهه ڪر.

    هڪڙو هو پٽ امڙ کي سودو وٺڻ ويو،
    گس تان ويو ٿي اغوا نينگر جي ڳالهه ڪر.

    هڪ هڪ ڪري اسانجي سوڍن جا سروٺن،
    ان معتبر اداري جي مخبر جي ڳالهه ڪر.

    هر دؤر ۾ سلامي، جابر جا جي ٿين،
    سنڌ جي غدار قاتل، ڪمتر جي ڳالهه ڪر.

    جت موت جو آ منظر ۽ زندگي ڌڪا،
    کارو ۽ ڳاڙهو ڪيٽي بندر جي ڳالهه ڪر.

    ماکي ته ناهي ڇاڻيون، سوڀن کي سر کپن،
    جو آجپي لئه وڙهندو، لشڪر جي ڳالهه ڪر.

    هيءَ قوم پئي ستي آ، سمجهي نٿي اڃا،
    ڪنهن ننڊ جو آ پڙهيو، منتر جي ڳالهه ڪر.

    اي ’عبد سنڌي‘ هاڻي ڳالهيون ٻيون ڇڏي،
    ٻولي سنڌي ۽ سنڌ جي ڪلچر جي ڳالهه ڪر.


    سنڌين کي ڪا سمجهه نه آئي، گُرڙ ويا سنڌ ڪُرٽي کائي.

    سنڌين کي ڪا سمجهه نه آئي، گُرڙ ويا سنڌ ڪُرٽي کائي.

    اڳي پڻس هو هينئر هي آهي، سڀاڻي ٿيندو پٽس وڏيرو،
    غريب جو پٽ اهو ئي ساڳيو، مزور هاري يا ٿيندو واهي.

    ڦري رياست جي آڙ ۾ ويا، هو ناڻو پاڻي اڳي اسان کان،
    ڦرڻ پٽڻ لئه وري هي آهن، ٿيا مهاجر به ڀائي ڀائي.

    هڙپ ڪري ويا هڙئي بجيٽون، ننڍا وڏا هي نڀاڳا ناظم،
    پنجاهه لک ۾ وري پيجارو، نئين نڪوري ڪٿان ته آئي.

    مڪار پنهنجي ته ڀڀ ڀرڻ لئه، ڪيون گهڻيئي وڏيون غداريون،
    هزارين ايڪڙ زمين سنڌ جي، آ ڌارين وٽ وڃي کپائي.

    ڏٽا ڏئي تن ته ووٽ ورتا، وري هٿن ۾ لٺيون کنيائون،
    ڪُڇي ٿو جيڪو به حق لاءِ، پيا ڪن ان جي بند وائي.

    نٿا ڏسو ڇو ادا اڃا ڀي، علم ويو آ سنڌين کان کسجي،
    فضول سارا ادارا آهن، ڪٿي به ناهي سُٺي پڙهائي.

    ويا وسيلا ڪري هڙپ، سڀ سياسي ليڊر ٻيا ڪامورا،
    پنڻ جي لاءِ رهي آ باقي، غريب ساري خلق خدائي.

    اها اُبت ’عبد‘ جي ڏسان ٿو، قسم خدا جو ڪُسان ڪڙهان ٿو،
    عوام پاڳل حرامي ليڊر، عجيب بازي وئي بنائي.


    اٿئي جي درد قومي ڪو، ته سنڌي قوم لئه ڪرتون،

    اٿئي جي درد قومي ڪو، ته سنڌي قوم لئه ڪرتون،
    سوين سوڍا ويا سر ڏئي انهن جي پار ڪا پر تون.

    وٺي ووٽن تي ڪمداري، ڪٽين پيو قوم پنهنجيءَ کي،
    سقيمي قوم جي حالت ڏسي ڪجهه ڌيان ڪو ڌر تون.

    مُٺا مسڪين کاڌي لئه، نڪي انگ تي اٿن ڪپڙو،
    انهن بکين اگهاڙن ڏي ڪڏهن ڪر يارڪو ور تون.

    خوشيون جن کان ويون کسجي، غمن ۾ ٿيو گذرجن جو،
    انهن آسر وندن اڀرن اگهن جي آهه کان ڏر تون.

    متان وڪجي وڃين تون ڀي، وجهائين طوق غداري،
    وٺي حق جو سڌو رستو، رڙهي ٿي راڄ رهبر تون.

    وڏيرا اقربا پروَر، ڪندا هن فيصلا اُبتا،
    چٽي پوندي آ چاڪر تي وتايا هاڻ سا ڀر تون.

    ننگو دشمن ٿي بيٺو آ، نه ٻولي ڪا ٻڌي ٿو ٻي،
    سڌي ڪر راند سونٽي جي، وڃي مارينس يا مر تون.

    سچو ٿي قوم جو ليڊر، نه ڪر ڪو سانگ تون سرجو،
    گهتون گوهيون ڇڏي گس وٺ، صفا ڀاڙيو نه ٿي تر تون.

    رڳو نالي وڻائڻ لئه، ٻڌو ٿئي ڪوڙ تي سندرو،
    ادب جي آڙ ۾ ادبي، نه ٿي ڪو ’عبد‘ ليڊر تون.

    ڪِنو پاڻي پيئن ٿا پيا، سجاول شهر جا ماڻهو،
    مرڻ گهرجي جيئن ٿا پيا، سجاول شهر جا ماڻهو.

    گٽر اُٿلن گهرن ۾ ٿا، گهٽين ۾ گند پيو آهي،
    جهلي نڪ کي هلن ٿا پيا، سجاول شهر جا ماڻهو.

    وڏيرن جا نوازيل جي، سڀئي اُستاد گوسڙ ٿيا،
    پگهارون پر کڻن ٿا پيا، سجاول شهر جا ماڻهو.

    ڦري مورک مريضن کي، سکيا ٿا ڊاڪٽر آهن،
    وڏيون پرچيون ڏين ٿا پيا، سجاول شهر جا ماڻهو.

    زميندارن ڦري چٽ ڪيو آهي، هر سال هارين کي،
    ڪراچيءَ ۾ گهمن ٿا پيا، سجاول شهر جا ماڻهو.

    قيامت خيز گرمين ۾ به بجلي رات جو غائب،
    گرمين ۾ پچن ٿا پيا، سجاول شهر جا ماڻهو.

    وڌاءِ اگهه وڙن جا ڏس، ويٺا هِن سيٽيا سيٺيون،
    گراهڪن کي ڪُهن ٿا پيا، سجاول شهر جا ماڻهو.

    صحافي پيٽ جي خاطر، لتاڙي ڪوڙ جا ليڪا،
    ثنا گوئي لِکن ٿا پيا، سجاول شهر جا ماڻهو.

    چون ٿا ’عبد سنڌيءَ‘ کي گهڻو ڳالهائين ڇالئه ٿو،
    اڃا سچ کان ڊڄن ٿا پيا، سجاول شهر جا ماڻهو.


    سنڌ ۾ سَوَ سور سهندي، زندگيون گذري ويون،

    سنڌ ۾ سَوَ سور سهندي، زندگيون گذري ويون،
    غم سِتم غربت ڪٽيندي، زندگيون گذري ويون.

    ڪو نه پئسا ٿيا دوا لئه، ويا گهڻا چڳندي مري،
    لاش ماڻهن جا لٽيندي، زندگيون گذري ويون.

    ڪين ٿيو مُيسر ڪڏهن، پاڻي پيئڻ جي لاءِ صاف،
    کوهه تان پاڻي ڀريندي، زندگيون گذري ويون.

    روز پيون ڪُسجن ڪنواريون، ڪارو ڪاريءَ آڙ ۾،
    منهن مٿو مائون پٽيندي، زندگيون گذري ويون.

    ڪين ٿي پورت پگهارن مان، ملازم جي ڪڏهن،
    هٿ اڳيان خاشن ٽنگيندي، زندگيون گذري ويون.

    گهر ڌڃاڻي گهر اُگهاڙو، ٻار کاڌي لئه سِڪن،
    مڙس کي مڇون وٽيندي، زندگيون گذري ويون.

    بُرش پائوڊر ڪريمون، هيتريون هوندي به ڏس،
    ڄار جون پاڙون پٽيندي، زندگيون گذري ويون.

    ڪڇ ۾ پيلو ڪڪڙ، پٽڪو مٿي تي بوسڪي،
    ميل ڪڪڙن جا کٽيندي، زندگيون گذري ويون.

    کيت کيڙي ان ميڙي، پوءِ به هاري آ بُکيو،
    ٻج ٻنين ۾ ڇٽيندي، زندگيون گذري ويون.

    پير ننگا ڪوهه پنڌ، پاڻي ڀرڻ پياديون وڃن،
    پير پوٺن تي ڦٽيندي، زندگيون گذري ويون.

    ڪا سڃاڻپ قوم کي، دشمن سڄڻ جي ناهي ڪا،
    ويرين کي ووٽ ڏيندي، زندگيون گذري ويون.

    ’عبد‘ کان اڳ ٻيا به شاعر قوم لئه ڪڙهندا ويا،
    قوم کي متيون ڏسيندي، زندگيون گذري ويون.


    جهاڳي جهاڳي هلبو جهنگ،

    جهاڳي جهاڳي هلبو جهنگ،
    نيٺ ڏکن جو ٿيندو دنگ.

    هار نه همٿ هلندو هل تون،
    سنگت جو ڇن ساٿ نه سنگ.

    ڏاڍ ستم کي ڏاري وجهبو،
    باطل سان آ کليل جنگ.

    لاهي وٺبو سر سلطاني،
    چاهت مان ڏس چوري چنگ.

    ڏاڍو ٿي اچ ڏونگر ڏرندا،
    ڀونءَ کي پوڻو ناهي ڀنگ.

    آزاديءَ جي آس اهائي،
    ريج ڏئي رت ڌرتي رنگ.

    لک لکي وٺ قوم جي خاطر،
    ڏات هڻي ٿي ڏاڍو ڏنگ.

    پيار خدا جي آهي عبادت،
    پيار مان ڇو ٿيو آهين تنگ.

    ’عبد سنڌي‘ پيو لکندو رهندو،
    ذهن کي لڳڻو ناهي زنگ.


    اي سنڌيو سڀ گڏ ٿيو، ڳالهيون ويهي ڪي ڳائجن،

    اي سنڌيو سڀ گڏ ٿيو، ڳالهيون ويهي ڪي ڳائجن،
    ٿوري گهڻي تان جي رُٺل آهن سڀئي سرچائجن.

    زن زر زمين تان خوامخواهه، ٿيون خون جون نديون وهن،
    سنڌ جون ذاتيون قبيلا، پاڻ ۾ پرچائجن.

    بي جوڙ شادين کي ڇڏيون، ڪي من پسند مڱڻيون ٿين،
    هي ناريون جي ڪنواريون، سي پيار سان پرڻائجن.

    مکڙين جيان مرڪن سدا، هي گُل گلابي ٿا لڳن،
    ڪئين ٻارڙا ماڻڻ جواني، کان نه اڳ مُرجهائجن.

    علم سان هي زندگي، هوءَ پڻ ٿيئي هن سان سڦل،
    تنهنڪري ماڻهو سڀيئي، اڻ پڙهيا پڙهائجن.

    جي ڪن وفائون ٿا سدا، ۽ بي وفائي جي نه ڪن،
    سي سڀ مِٺا ماڻهو ويهي ير ڀاڪرن ۾ ڀانئجن.

    جو نينهن نيهائين جيان آ، ڏس ڏنو جيڪو لطيف،
    اهڙا نڀائڻ جا طريقا، پيا سڀن سمجهائجن.

    جي دين جو نالو وٺي، دهشت بپا ڪن سنڌ ۾،
    سي وحشتي ويري ڪمينا، ڪنڌ تن جا لاهجن.

    ڪي پيار جا پکڙا اڏي، هت محبتي ماڻهو گڏي،
    مچ ڪچهرين جا سڏي، پو جنتون ڪي ٺاهجن.

    رسندا نه پو راڻا ڪڏهن ۽ موملون روئنديون نه ڪي،
    ڪي ڪاڪ جي ٻنهي ڪنڌين، جي پيار گُل پوکائجن.

    جي روح کي راحت ڏين، ۽ سنڌ جي ساڃاهه ٿئي،
    پو ’عبد سنڌي‘ محفلن ۾ راڳ اهڙا ڳائجن.


    آ دين سنڌ ايمان سنڌ، دک درد جو درمان سنڌ،

    آ دين سنڌ ايمان سنڌ، دک درد جو درمان سنڌ،
    قعبو سندم قبلو سندم، ۽ منهنجي آ پهچان سنڌ.

    ڪيٽي بندر سکر ننگر، ڍٽ ڪوٽڏيجي لاڙ سر،
    موهن دڙو ڪاڇو ۽ ٿر، مٽجي نه ڪو نيشان سنڌ.

    ويڙها ونگڙ، ٻٻرا ڍنگهر، سائون سڱر کارا کٻڙ،
    ڇورا ڇٻڙ موڙي مڃر، وارين ولر ميدان سنڌ.

    هڪ ٿي ڪجي هچي مچي، جهنڊو لڳي ڪهاڙي کڄي،
    ڀيرون وڄن دشمن ڀڄن، موذي مرن مروان سنڌ.

    شاديون ٿين ميلا مچن، راڳي اچن ۽ راڳ ڪن،
    پُٽ پرڻجن مائون نچن، مارو ٿين مستان سنڌ.

    سرتيون سڄر سونهن ۾ سٻر، مارو سکر ڪانهي ڪسر،
    ويهي ڇٻر ور جي پچر ڪن نينهن جو وڌ مان سنڌ.

    منهنجو ڌرم منهنجو ڀرم، منهنجو مرڻ منهنجو جنم،
    منهنجو ڪفن منهنجو دفن، تون منهنجو سڀ سامان سنڌ.

    توکي ڏسان رهتي دنيا، ڀل مان هُجان يا نا هجان،
    تنهنجي جياپي لئه ڏيان سرجو نه مون ارمان سنڌ.

    ’عبد سنڌي‘ ٿو سڏائي، پاڻ پيو پنهنجو ملهاءِ،
    توڙ پيو توسان نڀاءِ، تنهنجو نگهبان سنڌ.


    سنڌ جو ترانو

    سنڌ جو ترانو

    توکي ٺاهيان توکي چاهيان، منهنجي مٺڙي سنڌ امڙ،
    توکي پوڄيان توکي پائيان، منهنجي مٺڙي سنڌ امڙ.

    تنهنجو پاڻي آب حيات، تنهنجو پاڻي پاڪ ئي پاڪ،
    تنهنجي مٽي سرمون پائيان، منهنجي مٺڙي سنڌ امڙ.

    تنهنجي موسم ميگهه ملهار، تنهنجا ٻيلا باغ بهار،
    تنهنجا گيت گهٽين ۾ ڳايان، منهنجي مٺڙي سنڌ امڙ.

    ٿرن برن جون ٿڌڙيون هيرون، وهواهه درياهه شاهه جون ويرون،
    توکان وڌ ٻيو ڪنهن کي ڀانئيان، منهنجي مٺڙي سنڌ امڙ.

    تو ۾ سچل شاهه ڀٽائي، حق جي ٻولي جن ٻڌائي،
    وايون ويٺو سي ورجايان، منهنجي مٺڙي سنڌ امڙ.

    شهر هجن شل تنهنجا شاد، تنهنجا ڳوٺ هجن آباد،
    آئون سپاهي تن جو آهيان، منهنجي مٺڙي سنڌ امڙ.

    تنهنجا جوڌا پٽ جيئن، توتان هي قربان ٿين،
    تنهنجا دشمن سڀ مِٽايان، منهنجي مٺڙي سنڌ امڙ.

    ’عبد سنڌيءَ‘ جو سنڌ سان پيار، ذري ذري تان ٿيان ٻلهار،
    شال امڙ جي ٿڃ ملهايان، منهنجي مٺڙي سنڌ امڙ.


    گيت سنڌوءَ جا ٺاهيان ويٺو،

    گيت سنڌوءَ جا ٺاهيان ويٺو،
    جوت اها جرڪايان ويٺو.

    ڪهڙا واهرو، ڪهڙا ويري،
    ساٿين کي سمجهايان ويٺو.

    آزاديءَ جو راز سمورو،
    سوليءَ تي به سکايان ويٺو.

    جي مون سچ سکاءِ ويا هن،
    تن جا پنڌ پڇايان ويٺو.

    سنڌ صدين کان سور سهي پئي،
    ويلي لئه واجهايان ويٺو.

    مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون،
    واين ۾ ورجايان ويٺو.

    سنڌ سنڌين جي آهي آهي،
    ڳالهه اها ئي ڳايان ويٺو.

    ’عبد‘ اسانجي ريت اهائي،
    ڀونءَ امڙ کي ڀانئيان ويٺو.


    تون موجن ۾ مسرور هتي، آئون ماني لئه مجبور هتي،

    تون موجن ۾ مسرور هتي، آئون ماني لئه مجبور هتي،
    هي ڪهڙو آ دستور هتي، هي ڪهڙو آ دستور هتي.

    نانگ لتاڙي پوک پچاءِ، تنهن وٽ ڪونهي کاڌي لاءِ،
    کنيو وڃي ڏس خالي جهولي، هاري سهندو سور هتي.

    هي ان اپائن منهنجا مارو، بنگلا ٺاهن منهنجا مارو،
    ۽ تون آهين عيشن ۾، ڪو مرم نه توکي مور هتي.

    هو ڏس پاپيءَ پاپ ڪيو آ، ڍاٽي پٽڙو ڍول ڪٺو آ،
    ويڙهه ڪري هُو واڳونءَ جيئن هي چئني عضوين چور هتي.

    ’عبد‘ جو ويڙهو ويڙهي ويئڙا، مايا ملڪيت ميڙي ويئڙا،
    پڙ پاڏا ٿيا پرڏيهي، ۽ ڏيهي منهنجا ڏور هتي.


    گهٽايو اُنهن کي گهٽي جيڪي ڄاڻن،

    گهٽايو اُنهن کي گهٽي جيڪي ڄاڻن،
    مِٽايو اُنهن کي مِٽي جيڪي ڄاڻن.

    نه گهٽڻا نه مِٽڻا نه ٽرڻا نه ورڻا،
    ورايو انهن کي وري جيڪي ڄاڻن.

    پري ٿيو پري ٿيو هي روڪون ڇڏي ڏيو،
    هٽايو انهن کي هٽي جيڪي ڄاڻن.

    اسان پڻ مٿان ڀونءَ ڀڄاءِ ڪڍيا هِن،
    ڀڄايو انهن کي ڀڄي جيڪي ڄاڻن.

    ڏئي ڏڍ دلاسا رکي آسرن ۾،
    مڃايو اُنهن کي مڃي جيڪي ڄاڻن.

    جَهڪڻ ۽ جُهڪڻ مان صفا ڪين ڄاڻون،
    جَهڪايو انهن کي جهڪي جيڪي ڄاڻن.

    اسين شينهن گجون ٿا کنوڻ گوڙ وانگي،
    ڊيڄاريو انهن کي ڊڄي جيڪي ڄاڻن.

    اسان من مٽيءَ سان ته مهاندو ڪو آهي،
    هڄايو انهن کي هڄي جيڪي ڄاڻن.

    اسان جا اصل کان اُچا ’عبد‘ ڳاٽا،
    جُهڪايو انهن کي جهڪي جيڪي ڄاڻن.


    ويا رهبر به رهزن ٿي سچو ليڊر نٿو ڏسجي،

    ويا رهبر به رهزن ٿي سچو ليڊر نٿو ڏسجي،
    ڪنارو قوم کي ٻڏندي ڪٿان ڪنهن پر نٿو ڏسجي.

    رڳو دهشت ۽ وحشت جو ويو آ دور چالو ٿي،
    صداقت جو شرافت جو ڪٿي ڪلچر نٿو ڏسجي.

    جمهوري دؤر جو ڳالهيون ڪرڻ وارا ڪٿي آهن،
    اسان جي تڪ منجهان چونڊيل مئو ميمبر نٿو ڏسجي.

    لڳو آ راڄ رشوت جو مري مسڪين ويا ماڻهو،
    وٺي رشوت نٿو جيڪو اهڙو افسر نٿو ڏسجي.

    هتي کليل ڪچهرين جو هلي ٿو ڍونگ هر افسر،
    مگر انصاف جا ٿئي بند کليل ڪو در نٿو ڏسجي.

    نڌڻڪيون قوم جون نياڻيون پيون لٽجن لڄون جن جون،
    اسان جي حاڪمن جي نرڙ تي ڪو سر نٿو ڏسجي.

    نڪي سي ناز نوريءَ جا نڪي تڙ تي تماچي ڪو،
    اڳوڻي سونهن ۽ سوڀيا سندو ڪينجهر نٿو ڏسجي.

    وڃن آثار مٽبا ٿا سندم سنڌ جي سڃاڻپ جا،
    ڊٺا ميدان پڙ خالي ڪٿي کنڊر نٿو ڏسجي.

    ڪڏهن پي پي ڪڏهن ليگي لڳي آ ويڙهه ڪرسيءَ تي،
    عوامي درد جو تن ۾ صفا عنصر نٿو ڏسجي.

    امن جو هو اڏايوسين پکي آڪاش تي جيڪو،
    ويو بک ٿي بندوقن جي پکيءَ جو پر نٿو ڏسجي.

    سڄي مان اڌ ويو ڦرجي بتو اڌ ملڪ آ باقي،
    رهيل اڌ جو به اڳيان ڪو چڱو مقدر نٿو ڏسجي.


    ٻُڌي ڀوتار جون ڳالهيون، چيو ڪمندار واهه ڙي واهه،

    ٻُڌي ڀوتار جون ڳالهيون، چيو ڪمندار واهه ڙي واهه،
    ٻڌي ڪمندار جون ڳالهيون، چيو ڀوتار واهه ڙي واهه.

    سياست ۾ ڪري سياست، هڻي ڌاڙا ڪروڙن جا،
    انهيءَ کي ڏس گلابن جا گلي ۾ هار واهه ڙي واهه.

    ڪري کليل ڪچهريون سڀ بنائڻ بل وڏا افسر،
    مگر آفيس ۾ رشوت سندا آزار واهه ڙي واهه.

    ڀلا جي اڻ پڙهيل آهين ته صحافي تون به ٿي ويندين،
    لکان آئون، تنهنجي نالي ڇپي اخبار واهه ڙي واهه.

    چوين ٿو ووٽ ماڻهن جا امانت قوم جي آهي،
    مگر هت تون ضميرن جا ڪرين واپار واهه ڙي واهه.

    ڪُنبا ڇوٽا رکو اپنا حلالي ٻار تي بندش!!،
    ڄڻيندو تون وتين جت ڪٿ حرامي ٻار واهه ڙي واهه.

    اهو سوچي پيو هرڪو ٻئي کي ڪيئن ڏجي دوکو،
    هلن پيا سڀ زماني جا ايئن وهنوار واهه ڙي واهه.

    پهرين آفر پوءِ آرڊر لٿي بندش هئي ڀرتين تان،
    مگر آفر مٿي مقرر هئا اگهه پار واهه ڙي واهه.

    اڄوڪا ڪيسٽي شاعر کٽن دعائون پيا عاشق جون،
    نياپو گهر وڃي آهي ڏنو فنڪار واهه ڙي واهه.

    ڪرڻ هو چور کي قابو مگر ڀاڳيو ويو بند ٿي،
    اسان جي حد جي صوبيدار جا پرڪار واهه ڙي واهه.

    وڌئين ماڻهو هڻي ماري ٿيس جلدي پروموشن،
    مگر مون کان گهرن ٿا پنج اي سي آر واهه ڙي واهه.

    لکڻ هڪ شعر جي بدلي ويو گهر ’عبد‘ جو ڦرجي،
    سنڌيءَ کي خوب ڀانئيو ٿئي اڙي سنسار واهه ڙي واهه.



    هرجڳهه هر وقت تي ٿئي قوم جنهنجو قتل عام،

    هرجڳهه هر وقت تي ٿئي قوم جنهنجو قتل عام،
    پڪ سمجهو قوم سا بس ٿي وئي آهي غلام.

    جو به بدمعاشي ٺڳيءَ ۾ وڌ هجي وارو نه ڏئي،
    پوءِ به تقريبن ۾ تن کي ٿو ملي ان پر انعام.

    علم جا گهر جيل خانه، گم ثقافت جا اُهڃاڻ،
    ڌاريان لوفر ڏسين جي گهر گهٽي ۽ گام گام.

    ڪار ڪم کوٽي ڪري سڀ، سڀ ڌنڌا ڌاڙي ڇڏي،
    خوامخواهه جو ميڙ ماڻهو هوٽلين ٿين هم ڪلام.

    جت هجي منصف انڌو ۽ محتسب ٻوڙو ڪنين،
    راڄ رشوت جو هجي راشي گهمن جت عام جام.

    جت صحافت ۽ ادب جي آڙ ۾ دوکو هجي،
    سچ گو صحافي لٽيرن سان گهمي جي صبح شام.

    قوم تنظيمن ۾ ساري ٿي وڃي تقسيم جي،
    ۽ جي تنظيمن جا ليڊر ٿي وڃن خود بي لغام.

    جت هجن جهيڙا برادر ۽ قبيلن ۾ وڏا،
    زنگجي رشتا وڃن پئي باهه ڀڙڪي انتقام.

    ڏس ته جت تعليم ٿي وئي آهه ذريعه روزگار،
    نوڪرين ننڍين وڏين تي ٿي وڃي مقرر جي دام.

    ڏس ته جت ڦرمار واري هڻ هڻان جي دور ۾،
    جو به ٿورو سچ لکي ٿئي زندگي تنهنجي حرام.

    قوم جنهن ۾ آ ٻڌي سا ’عبد‘ آ اڳتي،
    ڇڙو ڇڙ قومن سندو ناهي رهيو ڪو مڙهه مُقام.



    ٻڌي نٿو جي ڪرين ٺهيو پر، پرين پيارا ڪِٽي ته نه ڪر،

    ٻڌي نٿو جي ڪرين ٺهيو پر، پرين پيارا ڪِٽي ته نه ڪر،
    نٿو جي ويجهو ويهڻ ڏئين پر، وچان تون ايڏي وٿي ته نه ڪر.

    پيار جو پهريون تحفو پرتئي، چاهه منجهان گل چمي جو ورتئي،
    ويندي ويندي گهر ڏي پنهنجي، رستي ۾ سو ڦٽي ته نه ڪر.

    اسان کان پلجي نٿي هيءَ دلڙي، مگر تون پنهنجي پلي نه دل وڃ،
    جتان مٽڻ جي منع ڪرين ٿو، ساجن سا بند گهٽي ته نه ڪر.

    چيم ته عاشق هزار تنهنجا، ’عبد سنڌيءَ‘ جو اضافو ڪريو،
    کُتو ڏنو ٿئي جواب جاني، ڳالهه اها ڪٿ چٽي ته نه ڪر.


    سنڌي ٽوپي منهنجو شان، سنڌي ٽوپيءَ تان قربان.

    سنڌي ٽوپي منهنجو شان، سنڌي ٽوپيءَ تان قربان.

    ٽِڪن واري موتين واري، ڀرت ڀريل آ ڏاڍي پياري،
    ٽوپيءَ جو آ مُلهه مهان، سنڌي ٽوپيءَ تان قربان.

    سنڌي آهيان سنڌي ٿيندس، سنڌي ٽوپي وجهندو رهندس،
    توکي ڇو آ غير گمان، سنڌي ٽوپيءَ تان قربان.

    هي پڻ پاءِ هِن کي پاءِ، تون پڻ پاءِ هُن کي پاءِ،
    پاءِ وڃي گهم پاڪستان، سنڌي ٽوپيءَ تان قربان.

    ننڍڙو پاءِ وڏڙو پاءِ، مُور مٿي تان ڪوبه نه لاهي،
    آهي سنڌين جي جند جان، سنڌي ٽوپيءَ تان قربان.

    ٽوپي پاءِ اجرڪ اوڍي، ’عبد‘ گهمي ڏس ٻانهون لوڏي،
    پوڙهي مان ٿي پوندين جوان، سنڌي ٽوپيءَ تان قربان.


    ايڪتا جو ڏينهن

    ايڪتا جو ڏينهن

    سنڌي سڀ جي گڏجي پوندا، ڪجهه نه ڪجهه ٿي پوندو يارو،
    پاڻ سڀن کي صدين کان پو مس مس مليو آهي وارو،
    ڪجهه نه ڪجهه ٿي پوندو يارو.

    ڌرتي پنهنجي جيجل ماءُ، لاڙ اتر ۾ ساهه پساهه،
    ڪينجهر قعبو قبلو پنهنجو، موهن آهي ماضي سارو،
    ڪجهه نه ڪجهه ٿي پوندو يارو.

    سڀ جا سڀ سڀ سنڌي آهيون، قرب ڪمايون قدم وڌايون،
    ڀاڪر پاءِ ڏيو مبارڪ، ڇو نه هجي ڪو اڇو ڪارو،
    ڪجهه نه ڪجهه ٿي پوندو يارو.

    واهڻ وستيون گهر ۽ گهٽيون ٿر بر ڪاڇو سمونڊ پٽيون،
    ڪيٽي بندر کان ڪشمور، هڪ هڪ آهي هنڌ ڀلارو،
    ڪجهه نه ڪجهه ٿي پوندو يارو.

    مُنهن منجهان مهراڻ وهي ٿو، ڄڻ ته سنڌوءَ جي سينڌ ڪڍي ٿو،
    اولهه اوڀر اُجرو اُجرو، ساڄو کاٻو ڪنڌي ڪنارو،
    ڪجهه نه ڪجهه ٿي پوندو يارو.

    صوفين جي هيءَ ڌرتي ساري، شاهه محبت جو پوڄاري،
    ساگر ۽ سرويچ مجيدي، سچل سارو نور نظارو،
    ڪجهه نه ڪجهه ٿي پوندو يارو.

    قاضيءَ ڪيڏو قرب ڪيو آ، عليءَ اسانکي گس ڏسيو آ،
    گس انهيءَ تي پورا رهجو، ايڪتا جو هڻ هاڻي نعرو،
    ڪجهه نه ڪجهه ٿي پوندو يارو.

    هي جي سنڌ امڙ جا ڀاڳيا، ’عبد سنڌي‘ ڏس آهن جاڳيا،
    هٿ ۾ کڻندا ڏنڊا جهنڊا، دشمن ۾ جي وجهندا مارو،
    ڪجهه نه ڪجهه ٿي پوندو يارو.


    علم آهي روشني ڪا لاٽ ڇو ٻارين نٿو،

    علم آهي روشني ڪا لاٽ ڇو ٻارين نٿو،
    تون نه پڙهئين سو ٺهيو، پر ٻار ڇو پاڙهين نٿو.

    تون پٿر شيطان کي پٿريون هڻي هر سال ٿو،
    من اندر جو آهي سو شيطان ڇو مارين نٿو.

    هن اکين کي آ ضرورت، سونهن جي خوراڪ جي،
    ٻيا ته ويا منهنڙو مَٽي پر تون به نهارين نٿو.

    ڇو کٿابين کي پڙهائين ٿو الف اُبتو ڪري،
    پيو ملان معصوم مارين، درد ڇو ڌارين نٿو.

    عشق جي آزار ۾ ٻرٻر اڱارن جيان ٻران،
    ڇو دکائين ٿو دليون، دلدار دل ٺارين نٿو.

    آسرن ئي آسرن ۾ ٿيو اچي پوڙهو آهيان،
    گُهور سان گهاءِ وري هڪڙي گهڙي گهارين نٿو.

    سار تنهنجي ساهه سان، سئي ۾ سڳي جيان ٿي سُري،
    تون سبب ڪهڙي چئو ڇو ’عبد‘ کي سارين نٿو.


    ٻاٽ اونداهه ۾، آ ڪو واڪو ٿيو،

    ٻاٽ اونداهه ۾، آ ڪو واڪو ٿيو،
    ڪجهه به ڏسجي نٿو، روشني ڪا ڪيو.

    ظلم ڏاڍو ٿيو ننگ نياڻين سندو،
    ڪونه آهي بچيو روشني ڪا ڪيو.

    سنڌ درياهه ويو سڪي ناهي پاڻيءَ چُڪي،
    ڊيم ڊاهي ڇڏيو روشني ڪا ڪيو.

    شينهن وانگي گجو، مينهن وانگي وسو،
    دشمنن کي ڪُٽيو، روشني ڪا ڪيو.

    سنڌ سائي سُکي، ٿي پئي آهي ڏکي،
    ڀاڳ کي جاڳ ڏيو، روشني ڪا ڪيو.

    هي موهن جو دڙو، ڏس آ تاريخ جو،
    پار تنهن کان پڇو، روشني ڪا ڪيو.

    جنگ جوٽي رکو، حوصلن کي ڄڻيو،
    دوستن کي سڏيو، روشني ڪا ڪيو.

    وات واڳونءَ پٽيو، سنڌ جون سوڍيون،
    مورڙا ڪي ڄڻيو، روشني ڪا ڪيو.

    سور سهندي اچي سنڌ چوندي اچي،
    پوءِ به خاموش ڇو، روشني ڪا ڪيو.

    سنڌ ڪنهن کي نه ڏيو، جند گهوري ڇڏيو،
    سر تريءَ تي ڀلو، روشني ڪا ڪيو.

    ننگ پنهنجا بچن، دنگ پنهنجا بچن،
    پو پيا عيدون ڪجو، روشني ڪا ڪيو.

    ڏس ڏکڻ جي هوا وٽ ڪو پيغام آ،
    در ته کولي رکو، روشني ڪا ڪيو.

    ننڊ گهريءَ اندر قوم ساري سُتل،
    رهبرو جاڳجو، روشني ڪا ڪيو.


    مرض به ساڳيو مريض ساڳيا، حڪيم ساڳيو نشتر ساڳيا،

    مرض به ساڳيو مريض ساڳيا، حڪيم ساڳيو نشتر ساڳيا،
    جادو ساڳيو جنتر ساڳيا، وري به ايندا ميمبر ساڳيا.

    وري وڏيرا ڊوڙي ايندا، نانگ اٿو پر نوڙي ٿيندا،
    وري به موسم ساري ٻر مان، نڪري ايندا ڏيڏر ساڳيا.

    وري به ٿاڻا اوطاقن ۾، وري به گهاڻا اوطاقن ۾،
    وري وڏيرا کٽ تي ليٽي، وري وٽيندا شهپر ساڳيا.

    وري شبابن وري ڪبابن، وري شرابن جا دؤر هلندا،
    وري به محفل وري به مُجرا، وري سمهڻ لئه بستر ساڳيا.

    وري به ووٽ وٺڻ لئه ايندا، ڌوڙ اکين ۾ وجهندا ويندا،
    وري به ساڳيا دم دلاسا، ڏيندا ويندا ٻيهر ساڳيا.

    ملڪ به ساڳيو ساڳي گادي، ساڳيو حاڪم ۽ فريادي،
    منصف ساڳيو ڪورٽ ساڳي، وڪيل جا ٿئي وٽ ور ساڳيا.

    پهرين پي پي ۽ پو ليگي ليگيءَ مان پو ٿيندا پي پي،
    ڪرسين خاطر لوٽن جا ڏس، ڪرتب ساڳيا مڪر ساڳيا.

    سنڌي هي سادا صفا اياڻا، نٿا سڃاڻن دشمن پنهنجا،
    ويهين صدي وئي گذري آ پر، سوچون ساڳيون فڪر ساڳيا.


    خبر ڏي خير جي قاصد، پڇڻ وارا اچن ٿا نه،

    خبر ڏي خير جي قاصد، پڇڻ وارا اچن ٿا نه،
    ٻڪي ڪا ٻاجهه مان مونکي ڏيڻ وارا اچن ٿا نه!

    فراقي ڦٽ ڏسي منهنجو، هتي جا ويڄ ورچي ويا،
    هٿن سان پاڻ هو مرهم، مکڻ وارا اچن ٿا نه!

    اڙانگي جاءِ تي اٽڪيس، پرين ٿيو آهي بي پرواهه،
    ڪريو آهيان وڏي ڪُن ۾ ڪڍڻ وارا اچن ٿا نه!

    ڏيان ڦيرا چرين وانگي، گهمي جيئن اُٺ گهاڻي ۾،
    سڌي گس تان وٺي مونکي، هلڻ وارا اچن ٿا نه!

    وڇوڙي جو زهر ساري بدن ۾ ويو پکڙجي آ،
    زبان جي لعاب سان ماکي ڪرڻ وارا اچن ٿا نه!

    سفينو سير ۾ آهي، لڳن لهرون ٿيون طوفاني،
    اُڪاري پار ڪن سي ڪي پتڻ وارا اچن ٿا نه!

    هتي بيمار بستر تي، آهيان ٿيو بي بلو بلڪل،
    وٺي هو پاڻ سان مونکي وڃڻ وارا اچن ٿا نه!

    ڪيان دانهون وڏي واڪي، پڄن من پار پرين کي،
    سندم سورن سنديون سارون لهڻ وارا اچن ٿا نه!

    ٻڌايان حال دل ڪنهنکي، ٻڌڻ وارا ئي ڪونهي ڪو،
    ڪٿا هن درد منهنجي جي، ٻڌڻ وارا اچن ٿا نه!

    الاهي ’عبد سنڌيءَ‘ جي وڃي رهجي نه هيءَ دل ۾،
    مئي کانپوءِ مٺا مونکي وٺڻ وارا اچن ٿا نه!


    نئون سج اُڀارڻ وڏي ڳالهه آهي،

    نئون سج اُڀارڻ وڏي ڳالهه آهي،
    سُتل شينهن اٿارڻ وڏي ڳالهه آهي.

    نه نعرا نه جلسا نه هوڪا نه واڪا،
    عمر قيد گهارڻ، وڏي ڳالهه آهي.

    جي ويڙهي هڻي ويٺا آهن ڳچيءَ ۾،
    اهي نانگ مارڻ، وڏي ڳالهه آهي.

    سدا ساٿ جا جي، دلاسا ڏين ٿا،
    اُهي ساٿ سارڻ، وڏي ڳالهه ِآهي.

    سنڌو ماءُ مٿان جي ويا ٿي ته قربان،
    انهن کي وسارڻ،وڏي ڳالهه آهي.

    جتي گُهگهه انڌارو، سناٽو هجي اُت،
    اٿي شمع ٻارڻ وڏي ڳالهه آهي.

    ڪرڻ ڀينگ ڀونگي ته ڪا ڳالهه ناهي،
    عمر ڪوٽ ڏارڻ، وڏي ڳالهه آهي.

    جتي روز قاتل، ڪُهن ’عبد‘ ڪونڌر،
    اتي گهر گذارڻ، وڏي ڳالهه آهي.


    بيمار پيو آهي برن ۾ زندگي گذري ويس،

    بيمار پيو آهي برن ۾ زندگي گذري ويس،
    ڏک ڏولاون ڏوجهرن ۾ زندگي گذري ويس.

    ڄاءِ ڄمندي کان بکيو ۽ بُک ۾ پوڙهو ٿيو،
    بک جي ايئن ڀاڪرن ۾ زندگي گذري ويس.

    آ اميدن جي دنيا زاهد چيس رک تون اُميد،
    آسرن ئي آسرن ۾ زندگي گذري ويس.

    پيٽ پٺيءَ سان لڳو، هڏ ماس کان ٻاهر ڏٺا،
    کنگهه ۽ جهيڻن ٻرن ۾ زندگي گذري ويس.

    برف پئي ٿيو سيءَ ۾ ۽ ڪوڪ ڪاڙهن ۾ ٿيو،
    بانٺ ۽ ڪانن گهرن ۾ زندگي گذري ويس.

    کيت کيڙي قرض لاٿئين، ۽ گندي ڇنڊي اُٿيو،
    ڍور ڍڳن ۽ هرن ۾، زندگي گذري ويس.

    سنڌ جو نالو وٺڻ ايڏو گناهه آهي عظيم،
    قيد ڪوٽن ۽ ڪڙن ۾ زندگي گذري ويس.

    ڳوٺ ۾ بجلي نه هئي رستو نڪو اسڪول هو،
    ڪير چئي ٿو سوجهرن ۾ زندگي گذري ويس؟

    ڪن چيو ڪافر ۽ ملحد، ڪن ڪميونسٽ ٿي چيو،
    پوءِ ته لقبن ڪيترن ۾ زندگي گذري ويس.

    چوڪ ٿي وئي پهر چارئي، چئن دويوارن اندر،
    جاهلت جي چادرن ۾ زندگي گذري ويس.

    غم ڀلائڻ لئه موالين جي وڃي هو ور چڙهيو،
    چرس گانجو ۽ ٺرن ۾ زندگي گذري ويس.

    ’عبد‘ کي اونو اهو، جڳ جهان کي جانچي پيو،
    قوم جي ڏس فڪرن ۾ زندگي گذري ويس.


    اڃا ڪيسين پيون هلنديون، پنهنجي تڪرار جون ڳالهيون،

    اڃا ڪيسين پيون هلنديون، پنهنجي تڪرار جون ڳالهيون،
    ڪندوڪر تون مٺا ڪنهن دم، مونسان اقرار جون ڳالهيون.

    توکي پنهنجو بنائڻ جي، ڪيان ٿو گفتگو جنهن دم،
    انهيءَ دم تون حقارت مان، ڪرين انڪار جون ڳالهيون.

    گُلن جهڙيون حسين ڳالهيون، ڪيان مان گل گلابيءَ سان،
    ڏسو گهوڙا ظلم هيڏو، ڪري گل خار جون ڳالهيون.

    هُلن جي ڳوٺ ساري ۾، پچارون پيار پنهنجي جون،
    اچيو منهن تي چوين مونکي، ٻڌءِ سنسار جون ڳالهيون.

    نه آيو هو انجامي هو، اٿم اُڻ تُڻ عجيبن جي،
    اچو مونسان ويهي ڪريو، پرينءَ جي پار جون ڳالهيون.

    ڪڏهن توسان مٺا جاني، نه آ ڪو عشق ۾ ليکو،
    مگر تون ڇو وريو مونسان ڪرين وهنوار جون ڳالهيون.

    منهنجا سڀ دوست دل وارا، سندن سورن سنديون خبرون،
    ٻڌائڻ ٿا اچن مونکي، نٿا ڪن يار جون ڳالهيون.

    بنيو آ ’عبد‘ ديوانو، اوهان جي عشق ۾ جاني،
    انهيءَ سان اڄ اچي ڪريو پرين ڪي پيار جون ڳالهيون.


    منهنجن سورن سنديون ڳالهيون، وڃي سڄڻن سُڻاءِ ڪو،

    منهنجن سورن سنديون ڳالهيون، وڃي سڄڻن سُڻاءِ ڪو،
    ڏکيو ٿي وقت آيو آ، آهي ياري نڀاءِ ڪو.

    هِتي جيڏو به تڙپان ٿو، هُتي ڀي ڪا تڙپ آهي؟
    اها ساري خبر مونکي، اچي واپس ٻُڌاءِ ڪو.

    ڏٺي ڏينهن جو هڻي ڌاڙو، کڻي دل منهنجي دلبر ويو،
    روئڻ آ روز مون راڙو، اچي وارو وٺاءِ ڪو.

    وڏيون راتيون وڇوڙي جون، وجهن ٿيون وڍ گهوڙا ڙي،
    دکايل هن دکي دل کي، مٺو مُحبم ملاءِ ڪو.

    وڃي ڪي مڻ مٺاين جا، ولين تي پڻ ورهائيندس،
    رهي من رات ڪا مون وٽ، اها عرضي اگهاءِ ڪو.

    صنم منهنجو سدا ساري، ڀلا جي موت مون ماري،
    قبر هن ’عبد‘ سيرانديءَ، اچي گُلڙو لڳاءِ ڪو.


    الله ڄاڻي ڪٿي هوندين، نٿي ڄاتم هليو ويندين.

    الله ڄاڻي ڪٿي هوندين، نٿي ڄاتم هليو ويندين.

    سوا تنهنجي دنيا مان اڄ، خفا ٿي پيا صفا آهيون،
    وڇوڙو هي وڍي ٿو مون، نماڻيءَ کي ڪڏهن نيندين.

    ڪري سڏڙا سڄڻ توکي، روئي روئي رنو آهيان،
    اڳي سڏ سان ڏنئي سڏ ٿي، وري سڏ تون ڪڏهن ڏيندين.

    جتان ايندو هئين تون سي، نهاريم گهيڙ گهٽ سارا،
    ڏسان توکي نٿو تن تان، الهه ڪهڙي گسان ايندين.

    سوين ڏک جا ڏيئا مون لئه، وئين تون واٽ تي ٻاري،
    نه ڄاتم ’عبد‘ کي ايئن ڪو ڇڏي ايڏو پري ٿيندين.


    اسين ساريون گهڻو توکي، نه سارين ته به اسين تنهنجا،

    اسين ساريون گهڻو توکي، نه سارين ته به اسين تنهنجا،
    جڏو هي جيءُ اسانجو جي نه جيارين ته به اسين تنهنجا.

    اسين کوري جيان کامي، وياسين سورن تنهنجي ۾،
    اڃا باهيون برهه جون ٻيون به ٻارين ته به اسين تنهنجا.

    اسانجي نينهن جون نظرون کُتل تو ۾ صدين کان هِن،
    نه جي نظرون کڻي مونڏي نهارين ته به اسين تنهنجا.

    اوهان جي در سوا دلبر، ٻيا در ڌوڙ ٿو ڀانئيان،
    ڌڪا ڏيئي ڌڪي در تان، ڌڪارين ته به اسين تنهنجا.

    اسان جو تون اسين تنهنجا، اسان جي ٻي نه ٻولي ڪا،
    نه گهايل سان گهڙي هڪڙي جي گهارين ته به اسين تنهنجا.

    رکيم سر تنهنجي پيرن تي، پرين هي ’عبد‘ ڪر پنهنجو،
    ڪنيزن جو ڪتو سمجهي ڪوڪارين ته به اسين تنهنجا.


    اوهان جو هُئس ۽ اوهانجو ئي آهيان،

    اوهان جو هُئس ۽ اوهانجو ئي آهيان،
    اوهانکي ڇڏي ڇو ٻين جو ٿيان مان.

    اوهان ئي ڏنا ڏک، اوهان سان ئي اوريون،
    ٻين کي هي دانهون، وڃي ڇو ڏيان مان.

    اوهانجي حڪم کانسوا، ڪيئن هلان مان،
    چئو تون سڄڻ اڄ وڃان يا ويهان مان.

    چيئين ’عبد‘ ٿوري گهڻي ڏينهن ايندس،
    انهيءَ آسري تي اڃا پيو جيئان مان.


    پکي پيار تنهنجي نه پياسين ته ڇا،

    پکي پيار تنهنجي نه پياسين ته ڇا،
    اسين يار تنهنجا نه ٿياسين ته ڇا.

    سموري حياتي سکن لئه سڪياسين،
    ڏکيا ڏينهن تو بن ڪٽياسين ته ڇا.

    اسانکي اکين ۾ ڏنئي ڪين جايون،
    جدائيءَ ۾ تنهنجي جلياسين ته ڇا.

    رقيبن سان محبم ڏٺم جٽِ جنهن دم،
    ٻه ٽي زهر جا ڍڪ ڀرياسين ته ڇا.

    رڳو عشق تنهنجي ۾ آهون سريوسين،
    ٺلها هٿ پنهنجا ملياسين ته ڇا.

    ڳجهين جيان پٽي ٿو سڄڻ سور تنهنجو،
    وڃي هڏ باقي بچياسين ته ڇا.

    نيئر نينهن تنهنجي ٻڌو چئو کُنڀو آ،
    اسين توکي وسري وياسين ته ڇا.

    اڳيان عشق، منهنجا علم سڀ اُڏڻا،
    کڻي اُٺ ڪتابن پڙهياسين ته ڇا.

    چون ٿا ته ڪهڙو ٽٽي آسمان ٿو،
    ’سنڌي عبد‘ کي ڏک ڏناسين ته ڇا.



    اڃا اچين پيو ڪڏهن تون ايندين؟

    اڃا اچين پيو ڪڏهن تون ايندين؟
    مري مان وينديس، تڏهن تون ايندين!

    پيار تي پهرا ملڻ تي چوڪيون،
    چري مان ٿينديس، تڏهن تون ايندين.

    جنم جنم مان پياسي پياسي،
    وري به ٿينديس، تڏهن تون ايندين.

    ڇوٽ اُتر ۾ ڇلڪي ڇاتي،
    ٺري مان وينديس تڏهن تون ايندين.

    گُهٽ ٻوسٽ ۾ ’عبد‘ گذاري،
    ڳري مان وينديس، تڏهن تون ايندين.


    ڪڏهن کيلندي ڏسي کِلين، مگر روئندو ڇڏي وئين اڄ،

    ڪڏهن کيلندي ڏسي کِلين، مگر روئندو ڇڏي وئين اڄ،
    اڳي هئين راتيون رهندو، ڇڏي پر سج وڏي وئين اڄ.

    ڪڏهن من جي مٿان بستر، لڳاءِ يار ويٺين ٿي،
    سوين گهر هاڻ سورن جا، انهيءَ من تي اڏي وئين اڄ.

    ڪڏهن جاني جُدائيءَ جون، ڪري ڳالهيون رناسين ٿي،
    الا! منهڙو مٽي مونکان، رقيبن جي تڏي وئين اڄ.

    ڪڏهن گوڏا گڏي هٿڙن، رهيون روح جون رلياسين ٿي،
    ڀريئي هن ڳوٺ مان ڇا لئه، ڇڏي مونکي لڏي وئين اڄ.

    ڪڏهن لالڻ لُڏياسين ٿي، ٻڌي باغن وڻن پينگهون،
    وساري ’عبد‘ کي ويهي، غمن گوندر گڏي وئين اڄ.


    مون ڏوهه ڪيو ڪهڙو جو يار ڌڪاريو آ،

    مون ڏوهه ڪيو ڪهڙو جو يار ڌڪاريو آ،
    هي زهر وڇوڙي جو هُن مونکي پياريو آ.

    اڄ يار وري لنگهيو، ساڳيءَ ئي گهٽيءَ مان هو،
    سڏ تنهنکي ڪيم سڪ مان، هُن ڪونه نهاريو آ.

    ڇا قرب هُئا هن سان هٿ هٿ ۾ ڏئي هليو،
    اڄ لڙڪ ڏسي منهنجا هن ٽهڪ اڏاريو آ.

    ڇڏ يار رسامان تون، اچ مونڏي وري موٽي،
    اڄ ڪانگ ڪئي ڪان ڪان مون اڱڻ ٻهاريو آ.

    تنهنجي حُسن جي محفل ۾ هر ڪوئي اچي ويٺو،
    سڀني کي ڇڏي تو ڇو، هي’عبد‘ اٿاريو آ.


    گهڙي کن ترس مِٺا، اڃا ڳالهيون ڪي ڪجن،

    گهڙي کن ترس مِٺا، اڃا ڳالهيون ڪي ڪجن،
    سوا تو چين ڪٿي اکيون رتڙو ٿيون روئن.

    رهيون جي روح ۾ اٿم، سڄڻ ڪنهن سان نه ڪيم،
    رڳو توکي ٿو چوان، وڻن توکي نه وڻن.

    منهنجن سورن کي سڄڻ، ڪڏهن تو ڪين ڏٺو،
    منهنجو هي حال ڏسي، پيا جڳ وارا کِلن.

    اهي ڳالهيون جي چوان، پرين ڪنهن سان نه ڪجان،
    سڄڻ سانوڻ جون مندون، وري موٽي جي اچن.

    ڪٿي آ ’عبد‘ اُهو، جنهن لا تون روئين پيو،
    منهنجا همراز سڀئي، اچيو مونکان ٿا پڇن.


    موٽي آ تون سانوڻ آيو، ڇو وئين سهڻا لڏي،

    موٽي آ تون سانوڻ آيو، ڇو وئين سهڻا لڏي،
    آ اڱڻ منهنجي مِٺا ڇا کان وئين مونکي ڇڏي.

    ڇو ۽ ڇالا تو ڇنو آ ناتو منهنجي نينهن جو،
    دل ويچاري درد ماري، دانهن ڪريو توکي سڏي.

    ڪين ٿو ڪاٽي سگهان مان، هي اڪيليون راتيون،
    رويو راتيون ڏينهن ڪريان، سورن وڌو مونکي سٽي.

    جهڙ ڦڙ موسم جيءَ جلاءِ، تنهنجي هر هر ياد ستاءِ،
    ڏکيا توبن ڏينهن گذاريان، ويجهو منهنجي ويهه اڏي.

    سپرين توکي ساريندي، اڄ ’عبد‘ ڏنو دم آ هتي،
    پنهنجن هٿڙن ساڻ وڃي ڙي، منهنجو لالڻ لاش لٽي.


    لاهوتي لڏي ويا، غمن ۾ گڏي ويا،

    لاهوتي لڏي ويا، غمن ۾ گڏي ويا،
    دنيا دم گذر هيءَ ڇڏڻ کي ڇڏي ويا.

    ڪيو ياد ڳالهيون ٿين اکڙيون آليون،
    روئان رات پاليون، ولر ڪنهن وڏي ويا.

    رهي رات راڻا، عصر جو اُڏاڻا،
    هيم ساهه سيباڻا، نه ڪو سڏ سڏي ويا.

    ’سنڌي عبد‘ آئون، ڏسان رويو راهون،
    ستم غم سزائون اندر ۾ اڏي ويا.


    هُجئي حيف پيارا، پڇڻ ڪونه آئين،

    هُجئي حيف پيارا، پڇڻ ڪونه آئين،
    مريضِ محبت، ڏسڻ ڪونه آئين.

    ڏيئين ها هٿن سان خوشيءَ سان پيئان ها،
    پيالو زهر جو ڏيڻ ڪونه آئين.

    عزيزن رقيبن اوهان جو پڇيو آ،
    ڏنم دل هيءَ توکي وٺڻ ڪونه آئين

    اسان ٿي ته سمجهيو گُلن ساڻ ايندين،
    لڪن ۾ هي لاشو لٽڻ ڪونه آئين.

    سڀئي دوست دشمن پڇي ’عبد‘ کي ويا،
    رڳو تون ئي هڪڙو سڄڻ ڪونه آئين.


    جڏهن باغ اندر، تون بيٺين اچي،

    جڏهن باغ اندر، تون بيٺين اچي،
    سندءِ سونهن کان، گل گلابي لڄيا.

    جڏهن تو نهاريو، نگاهون کڻي،
    لکن عاشقن جا، جنازا کڄيا.

    جڏهن لوڏ لالڻ، ٽليئن ڊيل ٿي،
    هڙن حاڪمن جا، هينئان ٿي هڄيا.

    جڏهن وار کُليل، ٿي لهريا هوا ۾،
    ڪئي گوڙ کنوڻين، ۽ بادل گجيا.

    جڏهن جن کي جايون، ڏنئي جيءَ ۾،
    انهن ڀاڳ وارن، جا وارا وڄيا.

    جڏهن ’عبد‘ جانب، جُدا تو ڪيو،
    تڏهن ڦٽ فراقي، وري ٿي سُڄيا.


    پيار ۾ پيارا اسانکي، آزمائڻ ڇڏ کڻي،

    پيار ۾ پيارا اسانکي، آزمائڻ ڇڏ کڻي،
    قرب ۾ ڪرڪا ڪهل، ڪنهن کي ڪُهائڻ ڇڏ کڻي.

    تون مٿان صدقو سندم، هڏ چم هينئون جيرا بُڪيون،
    گهور تنهنجي گهوٽ گهاءِ، پاڻ ٺاهڻ ڇڏ کڻي.

    سونهن جا ساجن سندءِ، سامهون گلابي گل جهڪا،
    تون ڪجل ڪاني وجهي، اکڙيون ملائڻ ڇڏ کڻي.

    ڏور کان ڏسندي مِٺا، هيءَ سِڪ نٿي پلجي سگهي،
    ڀر بغل ڀاڪر وجهي، هاڻي نٽائڻ ڇڏ کڻي.

    سور ۾ سڙندي مِٺا، سانوڻ سيارا ويا لنگهي،
    ’عبد‘ کي عالم اندر رڻ ۾ رُلائڻ ڇڏ کڻي.


    لکئي لوح قلم جي نظر ٿي وياسين،

    لکئي لوح قلم جي نظر ٿي وياسين،
    ڏکن ڏوجهرن ۾ گذر ٿي وياسين.

    کڻي هٿ ۾ سونگي، ٿي اُڇليئون اسانکي،
    اروڙيءَ پيل ڪو بصر ٿي وياسين.

    رڳو سنڌ هڪڙي گهريسين اوهانکان،
    سموري حياتي حشر ٿي وياسين.

    چيائون حسينن کان ڏنگجي نه پئين تون،
    خبر هئي مگر جي خبر ٿي وياسين.

    لتاڙي لتاڙي چري مال جنهنکي،
    ڪنڌيءَ تي ڦٽل ڪا ڇٻر ٿي وياسين.

    صدين کان سدائين لٽيو خوب ڌارين،
    اسين ڄڻ ته ٺٽو ننگر ٿي وياسين.

    ادب ۾ مليو مان آهي اسانکي،
    اڙي ’عبد سنڌي‘ امر ٿي وياسين.


    تنهنجي در جي دلبر، گدائي وڻي ٿي،

    تنهنجي در جي دلبر، گدائي وڻي ٿي،
    وفائي ته ڇا بيوفائي وڻي ٿي.

    جهانن ۾ جيڪي، سو تنهنجين اکين ۾،
    کڻي ٿو ته ساري، خدائي وڻي ٿي.

    ذڪر تنهنجو ظاهر ڪري ڪين ڄاڻان،
    اوهان جي فڪر ۾ فنائي وڻي ٿي.

    ڪريو قرب جي ڪا عنايت اسان تي،
    اوهان جي اهائي ڀلائي وڻي ٿي.

    ڏسڻ ’عبد‘ تنهنجو، عبادت اسانجي،
    مٿان نانءُ تنهنجي، فدائي وڻي ٿي.


    جفائن کي سهندي، وفا ٿي وياسين،

    جفائن کي سهندي، وفا ٿي وياسين،
    مڱيندي وفائون، صدا ٿي وياسين.

    ڏنئي جي جفائون، وفائون سي ڀانئيم،
    اسين سور سختيون، سزا ٿي وياسين.

    ڏئي ٻن ٻيا در، اوهان در تي آيس،
    بنهه تنهنجا گولا، گدا ٿي وياسين.

    ڏٺم جت اوهانکي، سو محراب ڄاتم،
    پنهنجو سر نماءِ، ادا ٿي وياسين.

    جڏهن پاڻ پرين، پسڻ کي پسايو،
    تڏهن پاڻ پسندي، فنا ٿي وياسين.

    ڏٺم ’عبد‘ آڙاهه، وڃي عشق جو ڪو،
    پچي پاڻ تنهن ۾ صفا ٿي وياسين.


    عشق ۾ آزار ڪهڙو، عشق وارن کان پُڇو،

    عشق ۾ آزار ڪهڙو، عشق وارن کان پُڇو،
    مون ڪٽي ڪيئن رات ساري، سو ته تارن کان پڇو.

    قرب ۾ ڪُل جڳ وساريم، يار تنهنجي ياد ۾،
    ڪيئن ڪجي ٿو قرب ڪنهن سان، قربدارن کان پڇو.

    درد آ ڌاڪو ڄمايو، دل منجهان نڪري نٿو،
    درد جون دانهون نراليون، درد سارن کان پڇو.

    ٻار جيان روئڻ لڳي آ، دل منهجي هن درد کان،
    ڪيئن اها پرچي پوي، سو ’عبد‘ يارن کان پڇو.


    اکڙين جو آرام کڻي وئين، اکڙين سان اٽڪاءِ اکيون،

    اکڙين جو آرام کڻي وئين، اکڙين سان اٽڪاءِ اکيون،
    اکڙيون سانوڻ مينهن وسن ٿيون، سي ته اچي سمجهاءِ اکيون.

    اکڙين کي سِڪ آهه اوهانجي، روز ڏسن ٿيون راهه اوهانجي،
    موج ڀرئي مهراڻ جيان ٿيون، پلٽن سي پرچاءِ اکيون.

    گهٽ ۾ گهٽ ڪو دوست دلاسو، دل کي ڏيندا روز وڃو،
    روز اچان ٿو روز وڃان ٿو، در تي تنهنجي پاءِ اکيون.

    ’عبد سنڌي‘ هي آهي اوهانجو، يار قبولين يا نه قبول،
    لالڻ ٻئي سان لائيان ڪيئن جو، ويٺيون توسان لاءِ اکيون.


    مِٺا يار جاني، وساري ڇڏيو ٿئي،

    مِٺا يار جاني، وساري ڇڏيو ٿئي،
    جڏهن ڀي اچان ٿو، ڌڪاري ڇڏيو ٿئي.

    اوهان سان نه الفت، اسانجي ڪا آهي،
    ايئين چئي اسانکي ته، ماري ڇڏيو ٿئي.

    نظر سان نهاري، نگاهون الاري،
    اسان کي اُتي ئي، بيهاري ڇڏيو ٿئي.

    نهاري نهاري، منجهان پنهنجي محفل،
    سنڌي ’عبد‘ کي ڇو اٿاري ڇڏيو ٿئي.


    مِٺا محبوب مل مونسان، مري ويندس خدا ڄاڻي،

    مِٺا محبوب مل مونسان، مري ويندس خدا ڄاڻي،
    رهيل ڳالهيون رکي روح ۾، کڻي ويندس خدا ڄاڻي.

    مُئي کان پو مِٺا جاني، ڪندين جي تون ذڪر ڪنهن سان،
    اکين تنهنجين اندر ڳوڙها، ڏئي ويندس خدا ڄاڻي.

    الهه تنهنجي اکين مونسان، آهي ڪهڙو ڪيو جادو،
    اکين جي قيد خانن ۾، ڳري ويندس خدا ڄاڻي.

    وجهي ڀاڪر مليا ٿي جي انهن مان ايئن نٿي ڄاتم،
    رقيبن خوب ٻاريو آ، ٻري ويندس خدا ڄاڻي.

    زماني جي نگاهن ۾، ويو آ ’عبد‘ رسوا ٿي،
    هِتان ٽوڪون هتان طعنا، سهي ويندس خدا ڄاڻي.


    ڪنهنجي آ ڌيءَ ڪنهنجي ماءُ، هر ڪنهن کي ٿي چئي او ڀاءُ،

    ڪنهنجي آ ڌيءَ ڪنهنجي ماءُ، هر ڪنهن کي ٿي چئي او ڀاءُ،
    آنا ڏيو ڪي مونکي چار، ڪڇ تي آهس ڏٻرو ٻار.

    بس ۾ ويٺل ماڻهن آڏو جهول جهليندي پنندي پنندي،
    بيوس بيوس ٿي لاچار، ڪڇ تي آهس ڏٻرو ٻار.

    ميرا ڪپڙا انگ اگهاڙي، ورهين کان هيءَ سورن ساڙي،
    چيڙ چڳن ۾ اڻڀا وار، ڪڇ تي آهس ڏٻرو ٻار.

    پنج نياڻيون پيٽ بکايل، مڙسالو آ گهر ۾ گهايل،
    ٽي بيءَ جو هو آ بيمار، ڪڇ تي آهس ڏٻرو ٻار.

    ملڪ تنهنجي ۾ مالڪ سائين، پنندي عورت ڪيسين تاءِ،
    سريس سک نه سڀ ڄمار، ڪڇ تي آهس ڏٻرو ٻار.


    نظم

    /
    ---


      -

    هاڻ چوي پيو ايندو ويندو،
    پاڻي ڏي نه ته پاڻي ٿيندو،
    شادين لئه ٿو پاڻي گهرجي،
    آبادين لئه پاڻي گهرجي،
    جوَن، سارين پاڻي گهرجي،
    لئين، لاڻين پاڻي گهرجي،
    ڄانڀن، ڄارين پاڻي گهرجي،
    هارين نارين پاڻي گهرجي،
    جوش منجهان هي جاڳي اُٿيا،
    جونجهارن کي ڪير جهليندو.
    پيئڻ جي لئه پاڻي گهرجي،
    جيئڻ جي لئه پاڻي گهرجي،
    ڍنڍن جي لئه پاڻي گهرجي،
    ڍورن جي لئه پاڻي گهرجي،
    پوکن جي لئه پاڻي گهرجي،
    قومن جي لئه پاڻي گهرجي،
    پاڻيءَ ڪارڻ پٽ امڙ جو،
    هاڻ نه تنهنجي آڻ مڃيندو.
    هي پاڻي ننڍڙين ادڙين جو،
    هي پاڻي منهنجين امڙين جو،
    هي پاڻي ننڍن وڏن جو،
    هي پاڻي پوڙهن پڪن جو،
    هي پاڻي ايندڙ نسلن جو،
    هي پاڻي مانجهين ملهن جو،
    هي پاڻي کيرن پلن جو،
    هي سنڌو وهندو سير وٺي،
    پو سکر تاءِ پلو ايندو.
    هي پاڻي منهنجو آب حيات،
    پاڻي گهرجي ڏينهن ۽ رات،
    پاڻي سنڌوءَ جو سوغات،
    هر ڪنهن وائي آهي وات،
    هر ڪنهنکي پاڻيءَ جي تات،
    ڪونه ٻڌي ٿو ٻي ڪا بات،
    هر ڪنهن هٿ ۾ آهي ڏنڊو،
    ڪانئر تنهنجو ڪنڌ ڪٽيندو.
    پاڻي هوندو ٻيلا ٿيندا،
    صوف چڪو ۽ ڪيلا ٿيندا،
    ڀاڄيون قوت ڪريلا ٿيندا،
    چيٽ به ڇيل ڇبيلا ٿيندا،
    سکر منجهه حليلا ٿيندا،
    محبت وارا ميلا ٿيندا،
    پاڻي هوندو ڪين ڀلا پو،
    هاري ٻنيون ڪيئن وليندو.
    ميڙي ميڙي ماڻهو ميڙ،
    پاڻي لئه ڪو جهيڙو جهيڙ،
    درياهه تان دشمن کي ٿيڙ،
    بند انهيءَ جا گهٽ ۽ گهيڙ،
    ڀاشا ڪالا ڊيم اکيڙ،
    ڊيم ته تنهنجا ڊاهي ڇڏبا،
    هاڻ نه هت ڪو ڊيم اڏيندو.
    هي پاڻي ماهي گيرن جو،
    هي پاڻي مڙسن ميرن جو،
    هي پاڻي سوڍن هيرن جو،
    هي پاڻي وانگين ويرن جو،
    هي پاڻي آ ماهه ميرن جو،
    هي پاڻي ’عبد‘ فقيرن جو،
    اڄ پاڻيءَ خاطر سورهيه سنڌي،
    واري واري سان سر ڏيندو،
    پاڻي ڏي نه ته پاڻي ٿيندو.


    پاڻ سڀئي جي سنڌي آهيون

    پاڻ سڀئي جي سنڌي آهيون
    سنڌي آهيون، سنڌي آهيون
    هڪٻئي جا سڀ آهيون ڀائر
    هڪٻئي جي لئه آهيون واهر
    پنهنجو آ درياهه به ساڳيو
    پنهنجو دم ۽ ساهه به ساڳيو
    پنهنجو غم ۽ گهاءُ به ساڳيو
    پنهنجو چريا چاهه به ساڳيو
    پنهنجا در ۽ گهر به ساڳيا
    پنهنجا ٻنيون هر به ساڳيا
    پنهنجي آهي ٻولي ساڳي
    ماءُ به ساڳي لولي ساڳي
    گهيڙ گهٽيون ۽ گس به ساڳيا
    روح رهاڻيون رس به ساڳيا
    ريتون ساڳيون رسمون ساڳيون
    قربن واريون قسمون ساڳيون
    چانڊوڪيون ۽ چيٽ به ساڳيا
    کيت کرا ۽ کيٽ به ساڳيا
    تنهنجي منهنجي ساڳي سنڌ
    تنهنجي منهنجي ساڳي جند
    پنهنجي منزل مقصد ساڳيو
    پنهنجو آهي رت ست ساڳيو
    پنهنجا رستا رند به ساڳيا
    پنهنجا پيارا پنڌ به ساڳيا
    پنهنجا گهايل گيت به ساڳيا
    پنهنجا مٺڙا ميت به ساڳيا
    پنهنجي آهي ريت به ساڳي
    پنهنجو پيار ۽ پريت به ساڳي
    پنهنجا ڌرتيءَ دنگ به ساڳيا
    پنهنجا نينهن ۽ ننگ به ساڳيا
    پنهنجا ڀت ۽ ڪاڄ به ساڳيا
    پنهنجا سنڌي راڄ به ساڳيا
    تنهنجا منهنجا چور به ساڳيا
    لٽيل شهر ڀنڀور به ساڳيا
    تنهنجو دشمن منهنجو دشمن
    منهنجو دشمن تنهنجو دشمن
    پنهنجي سنڌي آهي ذات
    باقي ذاتيون سڀ صفات
    تنهنجي منهنجي ساڳي تات
    تنهنجي منهنجي ساڳي بات
    تنهنجي منهنجي منزل سنڌ
    تنهنجي منهنجي جيجل سنڌ
    پنهنجو هڪڙو ويڙهو آهي
    پو هي ڇاجو جهيڙو آهي
    هڪ وڃو ٿي هاڻي سائين
    پوءِ ته پنهنجو قيامت تاءِ
    ڪونه ڪندو ڪو ونگو وار
    پنهنجا ٿيندا ٻيڙا پار
    پاڻ سڀئي جي سنڌي آهيون
    سنڌي آهيون سنڌي آهيون.


    سڄو ڏينهن سورن جو سامان آهيان

    سڄو ڏينهن سورن جو سامان آهيان
    پريشان ساٿي پريشان آهيان

    عدالت جي اڳيان هي ميڙا ڏسو ڙي
    هي هيڻن تي حملا ۽ جهيڙا ڏسو ڙي
    الاڙي ڏسان ٿو ته حيران آهيان.

    وڏيري ڪري فون پٽ کي ٻڌايو،
    اجهو ڄاڻ نوٽيس مونتي به آيو
    مان ظالم اکين جو ته نيشان آهيان.

    وڏيرو جي آهي ته ڌاڙا هڻاءِ
    ٿو چوريون ڪراءِ ۽ ٻانهون کڻاءِ
    چوي ٿو اوهانجو نگهبان آهيان!


    ويڙهه بنا ٻي واهه نه آهي، ويريءَ سان وڙهه سينو ساهي

    ويڙهه بنا ٻي واهه نه آهي، ويريءَ سان وڙهه سينو ساهي
    سنڌ امڙ تان ڪر سر صدقو، ماءُ مِٺيءَ جي ٿڃ ملهاءِ
    ڌرتي رت جو ريج گهري ٿي، ڌرتيءَ جو تون قرض چُڪاءِ
    جنهن ۾ لکيل سور سنڌين لئه، اهڙو آئين ڇڏ تون ڊاهي
    پيار محبت امن شرافت، جو پرچارڪ ڦاسي کاءِ
    جن جت قومن جهيڙيو آهي، ورتئون پنهنجو دنگ ورهاءِ
    سنڌ کپي ٿي سنڌ ئي گهرجي، ٻولي ٻي ڪا ٻڌ نه ٻُڌاءِ
    جيئي سنڌ سدائين جيئي، ٻيا سڀ نعرا ڇڏ ڦٽاءِ
    ليکن پويان هلندي هلندي، پنهنجو ڇڏيئي ليکو لاهي
    سنڌين کي ٽولن ۾ ٽوڙي، مُلن ڇڏيا ذهن ورهاءِ
    ديس انهيءَ دستور نه گهرجي، جيڪو سنڌين کي ماراءِ
    قومي ليڊر ڪهڙي ڪم جا، جيڪي ويٺا سر بچاءِ
    پڙهي وڏو ٿيو پر هي سنڌي، آرڊر لئه در در واجهاءِ
    جوءِ وڏيري جي ماڙين ۾، پٽ جا ڪپڙا زيور پاءِ
    ڦاٽل چولي مان هارياڻي، گندي واريو لڱ لڪاءِ
    درياهه مان پئي واري اڏري، هاري پوکون ڪيئن پچاءِ
    ساٺيڪو سالن کان سورن ڇڏيا پنهنجا سنڌ سڪاءِ
    ڀونگيءَ ۾ بيمار نياڻي، طبيب تاءِ ڪيئن پڄاءِ
    پنهنجي ڌيءَ جي لاءِ وڏيرو، طبيب پنهنجي گهر گهراءِ
    گهر گهر مان ٿي هڪڙو ماڻهو، ميڙي ميڙي مچ مچاءِ
    ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين، ’عبد‘ اٿي ڪو سڏ ورناءِ.


    جهاتي پاءِ جڳ ڏٺوسين، جڳ هي سارو ٺڳ ڏٺوسين،

    جهاتي پاءِ جڳ ڏٺوسين، جڳ هي سارو ٺڳ ڏٺوسين،
    پٽ ڪري ٿو پيءُ سان ٺڳي ماءُ ڪري ٿي ڌيءَ سان ٺڳي،
    ڌيءَ ٺڳي ٿي پنهنجي ماءُ، ڀيڻ ٺڳي ٿي پنهنجو ڀاءُ.
    وٽ سٽ سارو وڳ ڏٺوسين.

    مرشد پير وڏيرا ٺڳ، ماڻهو من جا ميرا ٺڳ،
    ٺڳ بنيا سڀ سياسي رهبر، ڪوڙا قسمي قومي ليڊر.
    اهڙو جڳ نه اڳ ڏٺوسين.

    جوءِ ڪري ٿي ور سان ٺڳي، ور ڪري پيو گهرسان ٺڳي،
    ٺڳ بنيو آ ننڍڙو ٻار، جنهن جو پيءُ کڻي پيو آر،
    جيءُ جيءُ ڏيندي سڏ ڏٺوسين.

    اندر کوٽو ٿيو انسان، پهلي پئسا ڦر ڀڳوان،
    مسجد مندر ۾ بندگان سوچي نغمو ۽ نقصان،
    ميڙي ملڪيت مڏ ڏٺوسين.

    آهي وڏو واپاري ٺڳ، اگهه وٺي ڪاپاري ٺڳ،
    سودو وٺندڙ سوچ ويچاري، سيٺ مُئي کي الله ماري،
    دنيا ڍونڍ تي سگ ڏٺوسين.

    پوليس ڪاغذ ٺاهي ٺڳي، وڪيل وات وڙهاءِ ٺڳي،
    شاهد ڪوڙ ڳالهاءِ ٺڳي، منصف پئسا کاءِ ٺڳي،
    چور سپاهي گڏ ڏٺوسين.

    جنهن سان منهنجي دل هئي لڳي، سو به ڪري ويو مونسان ٺڳي،
    عاشق ٺڳ ۽ ٺڳ معشوق، طالب ٺڳ ۽ ٺڳ مطلوب،
    پاءِ پيرو پڳ ڏٺوسين.

    هر ماڻهوءَ سان ٺڳي آهي، تڏهن ٺڳيءَ ۾ پيو هو ڪاهي،
    سمجهه سياڻا ٿي هوشيار، صوفيءَ کان وٺ خبرچار،
    دل جو جانچي دڳ ڏٺوسين.

    ’عبد سنڌي‘ جڳ ٺڳي سارو، تنهنجو ٿيندو ڪيئن گذارو،
    تون به اٿي ڪا ٺڳي ٺاهي، جيڪو ٿو اشراف سڏاءِ،
    ڀونگو تنهنجو ڀڳ ڏٺوسين.


    ڪاتيءَ هيٺيان ڪنڌ اسانجو، آزاديءَ ڏي پنڌ اسانجو،

    ڪاتيءَ هيٺيان ڪنڌ اسانجو، آزاديءَ ڏي پنڌ اسانجو،
    ڌاڙيلا درياهه ڦري وئين، پاڻي ڇاڻي بند اسانجو،
    آزاديءَ ڏي پنڌ اسانجو.

    ڏنڊا ٻيڙيون هٿ ڪڙين ۾، ساڻو ساڻو سنڌ اسانجو،
    آزاديءَ ڏي پنڌ اسانجو.

    سيج گلن تي تون به نه سمهندين، ڪنڊن جو جي هنڌ اسانجو،
    آزاديءَ ڏي پنڌ اسانجو.

    ظالم توکي سمنڊ پيو، جاڳي پيو فرزند اسانجو،
    آزاديءَ ڏي پنڌ اسانجو.

    توسان ٺهندو سوبه نه هوندو، سنڌي غيرت مند اسانجو،
    آزاديءَ ڏي پنڌ اسانجو.

    منزل تائين ويندي ويندي، ڳاڙهو هوندو رند اسانجو،
    آزاديءَ ڏي پنڌ اسانجو.

    گيتن غزلن واين ۾ ڏس، باغي آ هر بند اسانجو،
    آزاديءَ ڏي پنڌ اسانجو.

    اجرڪ ٽوپي پٽڪي وارو، چهرو چهرو چنڊ اسانجو،
    آزاديءَ ڏي پنڌ اسانجو.

    دهشت تنهنجو دين ڌرم آ، شهر ڪيو ٿئي گند اسانجو،
    آزاديءَ ڏي پنڌ اسانجو.

    ’عبد سنڌي‘ سڀ سرمد آهيون، ڌرتي اڀي چند اسانجو،
    آزاديءَ ڏي پنڌ اسانجو.


    مها ٻوڏ 2010ع

    مها ٻوڏ 2010ع
    حڪومت هٿ وٺي هٿ سان، هڻايا بند کي گهارا
    ٻڏي ويا ٻوڏ ۾ ماڻهو، مري ويا مال ويچارا
    ڪنين جا ڀار وڇڙي ويا، ڪنين جا گهر ويا اُجڙي
    ڪنين جا ٻار وڇڙي ويا، ڪنين جا وَر ويا وڇڙي
    اچي ٿيا ميڙ مڪليءَ تي، ڏنا اُت بُک لامارا
    قيامت خيز گرمين ۾، انهن جي رات ڪيئن گذري
    بُکن ۾ پاهه ٿيا ٻچڙا، گهڻن جا ساهه ويا نڪري
    بنا کاڌي بنا پاڻيءَ، کُلي پَٽ تي سُتا سارا
    زميني ڦير ڪو ڦريو، اندر ۾ آئي تبديلي
    زمينون جي هيون ڀليون، ڪلرڪارو ويون سي ٿي
    زميني تهه بدلجي ويا، مٺا سڀ کوهه ٿيا کارا
    وڏي ڏک جا ڏسي ڏينهڙا، وري سي ٿيا ڪکن ڀيڙا
    اتي راشن نه پاڻي ڪو، ڪيا ماڻهن اچي ميڙا
    پيئڻ پاڻي نڪو پوکون، نڪي ٿيا ڪٿ به لابارا
    اُٿل اهڙي ڏٺي سين ڪين ڪڏهن زندگيءَ ۾ ڪا
    اجها ڊاهي ڪيائين پَٽ، فصل لوڙهي ڇڏئين سارا
    عنايت اين جي اوز ڪئي، مليو پي مال مسڪينن
    وڃي وڪيئون دڪانن تي، لڳو وجهه خوب واپارين
    وٺي ويا اڌ موڙيءَ ۾، ڀريائون پنهنجا ڀانڊارا
    وطن ڪارڊ گهڻا مليا، انهن کي جن ڏني رشوت
    وڏيرا ويا ڀڄي ڀاڙيا، عوامي ڪا نه ٿي خدمت
    اداڙي ’عبد‘ سنڌين جا ٻُڌا ڪنهن ڪين ٻاڪارا.


    ٿر ۽ ڪاڇي لاڙ اُتر ۾

    ٿر ۽ ڪاڇي لاڙ اُتر ۾
    ڌرتيءَ جا سڀ ٻنيون ٻارا
    جنهن ۾ قسمين ان ٿين ٿا
    سرنهن ڦلاريل گل ڦٽن ٿا
    سارا سارا سونهن نظارا
    پَٽَ پيارا منهنجا آهن
    تون ڇو ترقيءَ جي نالي ۾
    ڌارين کي آباد ڪرين ٿو
    سنڌين کي برباد ڪرين ٿو
    تو جي قبضا ڪالهه ڪياسي
    سمنڊ ڪنارا منهنجا آهن
    ۽ تون مونکي جنت آڇي
    مونکان منهنجي سنڌ ڦرين ٿو
    پاڻي روڪي ساهه سڪاءِ
    مون کان منهنجي جند ڦرين ٿو
    آئون تنين جو آهيان خالق
    جيڪو خالق سوئي مالڪ
    ذري ذري جو ٿي رکوالو
    مالڪ بنجي سينو ساهي
    وڙهندي وڙهندي ڪنڌ ڪپاءِ
    پنهنجي سنڌ سجاءِ ويندس
    پنهنجي پُٺ بچاءِ ويندس.


    اليڪشن 1988ع

    اليڪشن 1988ع

    وري ووٽ ٿيندا، وڏيرائي بيهندا،
    هتان هي جي ڪرندا، هتان هو ته چڙهندا،
    وري جام گاڏيون، ۽ ڪمندار ڪارها،
    وري هڻندا ورڪر گلي ڦاڙ نعرا،
    اکين ۾ اسانجي وجهي ڌوڙ ويندا.

    وريو ڄاڻ هاڻي ننڍيرن جو وارو،
    ويا ورڪ تي تن مليو آهي ڀاڙو،
    ٻٽي ڏينهن تن جا مزا خوب ٿيندا.

    ڪري ٻوٿ ماريون ۽ چڪوات جهيڙا،
    جي پر سال هوندا وڙهيل ڪي وڏيرا،
    هن سال هڪ پاٽ ۾ سي ته کيندا.

    نئين سر کڻون ٿا اوهان جي ڪمن کي،
    اسين خوب ڄاڻون اوهان جي غمن کي،
    اهي ڏڍ دلاسا ۽ ڏاٻون ته هڻندا.

    وري تڪ بندين تي تڪرار ٿيندا،
    ٽڪيٽن جي ورڇن تي انڪار ٿيندا،
    اهي ڍنگ ڍاري ٺهي نيٺ ٺهندا.
    وري پنج سالون وڏا ٺٺ ٿيندا،
    وڏيرن وڏن جا وڏا ڌڪ ٿيندا،
    ڪراچيءَ کان ويندا ۽ لاهور لهندا.

    غريبن جو وارو وريو آ نه ورندو،
    وٺي ووٽ ويندس وري سور چرندو،
    اُهي سور سَرندا اُهي ڦير ڦرندا.

    متان يار ڀلجين رڳو ڍنگ آهي،
    ڪري ظلم ڏاڍا ڪيئون دنگ آهي،
    ٽڪي جا ڦلا ڪي انهن مان نه ورندا.

    وري جيڪي چڙهندا ڪراچيءَ ۾ هوندا،
    اتي ’عبد‘ سنڌي ڪمن لاءِ رُلندا،
    ڪمن جا دلاسا سڄو سال ڏيندا.


    جن وٽ اجهو اٽو ڪونهي، ليڙ لنگهوٽي لٽو ڪونهي،

    جن وٽ اجهو اٽو ڪونهي، ليڙ لنگهوٽي لٽو ڪونهي،
    ٿانوَ ٿڦا ڇا وٽو ڪونهي، ڏينهن لنگهي ڳڻتين ۾ سارو،
    تن جو ٿيندو ڪيئن گذارو.

    جن وٽ پئسو ڪونهي پائي، پيٽ ڀريندا سي ڇا کائي،
    ڪن ڪچري مان هوءَ ڏس مائي، چونڊي بصر ڪنو ڪارو،
    تن جو ٿيندو ڪيئن گذارو.

    پير اگهاڙا چيڙا وار، بيهه ڪڍي پئي پاڻي تار،
    سرتي سارل ٽانڊو ٻار رڦڻي رڦڻي ڏيل ڏکارو،
    تن جو ٿيندو ڪيئن گذارو.

    جن وٽ ڪپڙو گندي ڪونهي، ڀت رڌڻ لئه هنڊي ڪونهي،
    جنڊ پري ٿيو جنڊي ڪونهي، ڪمن جو آ اڇو ڏارو،
    تن جو ٿيندو ڪيئن گذارو.

    جن جا ٻارهن ٻارهن ٻار، تن جا هوندا ڪهڙا پار،
    چارئي مندون ڏک ڏڪار، مانيءَ تي سي ڪن جي مارو،
    تن جو ٿيندو ڪيئن گذارو.

    سونهن وڃايئين ٻار ڄڻيندي، هٿ ڦٽايئين رڇ اُلهيندي،
    بازر ۾ جا هوڪا ڏيندي، وڪڻي پنهنجو پٽ پيارو،
    تن جو ٿيندو ڪيئن گذارو.

    جن وٽ اوڇڻ بوڇڻ ڪونهي، ڇانوَ ڏيڻ لئه ڪو وڻ ڪونهي،
    راتيون پارا ڍڪڻ ڪونهي، گوڏ گنجيءَ ۾ سيءُ سيارو،
    تن جو ٿيندو ڪيئن گذارو.

    قوم جو ڪهڙو حال ٿيو آ، ’عبد سنڌيءَ‘ احوال لکيو آ،
    هر ڪو هت بدحال ٿيو آ، هرڪو سکڻو آهي نعرو.
    تن جو ٿيندو ڪيئن گذارو.



    سنڌ سڏي پئي سڏ ورنايو، سنڌ بچايو سنڌ بچايو.

    سنڌ سڏي پئي سڏ ورنايو، سنڌ بچايو سنڌ بچايو.

    ٻنيون ٻارا هرسو چارا، سُڪا سنڌوءَ ڪپ ڪنارا،
    پاڻي آڻي ان اُپايو، سنڌ بچايو سنڌ بچايو.

    بکيا ڏکيا ڀينگا ڀونگا، هٿ ۾ ٺلها ٺلها ڏونگها،
    تن کي تڪڙو داد رسايو، سنڌ بچايو سنڌ بچايو.

    سيئن ساڙيا ڪاڙهن ڪاڙهيا، موتن ماريا ڪنهن ڪين ساريا،
    تن لئه اجها هاڻ اڏايو، سنڌ بچايو سنڌ بچايو.

    وار چڳون ٿيا چيڙون چيڙون، ڪپڙا گندي ليڙون ليڙون،
    ننگا ننگا انگ ڍڪايو، سنڌ بچايو سنڌ بچايو.

    هندو مسلم شيعا سُني، هر ڪنهن چاڙهي پنهنجي ڪُني،
    نفرت جي هيءَ باهه وسايو، سنڌ بچايو سنڌ بچايو.

    سنڌي ناريون لال ڪنواريون، ڪينهن ڪاريون توڇو ماريون؟
    پنهنجن پيارن سان پرڻايو، سنڌ بچايو سنڌ بچايو.

    علم ضروري عقل ضروري، وقت جي آهي هيءَ مجبوري،
    ننڍڙا وڏڙا ٻار پڙهايو، سنڌ بچايو سنڌ بچايو.

    ڏيهه سڄو پو سائو رهندو، موجن سان مهراڻ هي وهندو،
    گهر گهر خوشيون خوب ملهايو، سنڌ بچايو سنڌ بچايو.

    ’عبد‘ سنڌين کي سڏ ڪري ٿو، سارا سنڌي گڏ ڪري ٿو،
    قدم وڌايو منزل پايو، سنڌ بچايو سنڌ بچايو.


    شال رهين تون تاءِ قيامت، سنڌ سلامت ساٿ سلامت،

    شال رهين تون تاءِ قيامت، سنڌ سلامت ساٿ سلامت،
    مڙن مٿاهون تنهنجو مان، توتان گهوريان پنهنجي جان،
    توڻي تاتاري ترخان، تن لئه بنجان ڪنڊو ڪان،
    جيڪي تنهنجا دشمن ٿيندا، تن سان منهنجي آهي بغاوت.

    تنهنجن جوڌن جوٽي جنگ، آزاديءَ جو چوري چنگ،
    ڪوپا ڪوڏيا ۽ اڙٻنگ، نيٺ ته وٺندا پنهنجو دنگ،
    توسان پيچ پٽن جو پختو، توسان تن جي روح رقابت.

    جُڳ جُڳ جيئين سنڌ درياهه، منهنجو پاڻيءَ منجهه پساهه،
    تومان جڙيم هڏ چم ماهه، توسان چهٽيل منهنجو چاهه،
    مرڻ گهڙيءَ تئين آهي ڪرڻي، گهيڙ گهٽن جي هاڻ حفاظت.

    تو ۾ شاهه ڀٽائي آهي، جنهنکي هرڪو ڳاءِ ٻڌاءِ،
    جيڪو سور سڀن جا لاهي، ڀل ڪو پنهنجا زور لڳاءِ،
    توڏي ڪوبه نه ڪاهي ايندو، ڪانه اها آ ڪنهن کي طاقت.

    تنهنجون قرب ڪچهريون واهه واهه، تنهنجون پوکون پياريون واهه واهه،
    ٿر جون ٿڌڙيون واريون واهه واهه، ماکيءَ مٺڙيون ڄاريون واهه واهه،
    تنهنجي ملڪان ملڪ مشهوري، صدين جي تون آهين ثقافت.

    ’عبد‘ سنڌي سڀ سادا سادا، تن جا سادا سادا کاڌا،
    جن جا توڏي روح جا ڪاڍا، سي ته وڙهڻ جا ڏاڍا ڏاڍا،
    جيڪو رکندو پير پليت، تن سان توڙئون توڙ عداوت.


    سُڃ سڄو سنسار ڏسان ٿو، انسان ڪو لاچار ڏسان ٿو

    سُڃ سڄو سنسار ڏسان ٿو، انسان ڪو لاچار ڏسان ٿو
    ملڪ ڇڏي وئي آهي محبت، نفرت آ نروار ڏسان ٿو
    من جي من ۾ گهٽجي پيئي، واهه واهه جو وهنوار ڏسان ٿو
    چوڪي ڏيندي چوري ڪن پيا، پاپي پهريدار ڏسان ٿو
    هن ڀيري جن پاتيون ٽوپيون، پهروڪا پڳدار ڏسان ٿو
    مڙس هتي جا مورن جهڙا، ڌرتيءَ جا غدار ڏسان ٿو
    ڪالهه هُئا جي ڀيچي ڀائر، زالن ڪيا سي ڌار ڏسان ٿو
    ڍڪيل ڪرڻا تڙپي اٿيا، سامهون ڪڪرن ڪار ڏسان ٿو
    روڙهه ڪتن جي روزانو آ، ڏيهه مٿي ڏهڪار ڏسان ٿو
    قاتل ڪونڌر ڪانڌ ڪُٺو ٿئي، ناريءَ چاڙهيو نار ڏسان ٿو
    ماڻهوءَ کي پيو ماڻهو ماري، ڪونه ڪري اعتبار ڏسان ٿو
    ڪڪڙن ڏاڍا دس هنيا، پر لوڪ نه آهي سار ڏسان ٿو
    آدم جو اولاد سڀيئي، ڀيڙا ناهن ڀار ڏسان ٿو
    مردن ميرا ڪپڙا پاتل، جوين ۾ جنسار ڏسان ٿو
    سرويچن جي سنڌ روئي پئي، اڻڀا اڻڀا وار ڏسان ٿو
    ڌرتيءَ کي جو ڪين سُڃاڻي، ڌرتيءَ تي سو بار ڏسان ٿو
    لوفر آيا لوڊون ڀرجي، ڌارين جي ڌڌڪار ڏسان ٿو
    پار قنڌاران پٺاڻ آيا، جوکو کان قنڌار ڏسان ٿو
    من جن ماڻهن ميرو ناهي، هٿ هٿ ۾ سي يار ڏسان ٿو
    ’عبد سنڌيءَ‘ کي آهه عجب هي، مت موڙها مهندار ڏسان ٿو.


    سنڌي بکيا ۽ بدحال، ڌاريان کاشا ۽ خوشحال،

    سنڌي بکيا ۽ بدحال، ڌاريان کاشا ۽ خوشحال،
    سنڌ سڄي آ مالا مال، سنڌين جو ٿيو اهڙو حال،
    مرڻي پرڻي ڪپڙي گنديءِ، ڪونه ٿئي ٿي تن جي پوري،
    سڏڪا سڏڪا سنڌ سموري.

    سنڌي پنهنجي ڪاڻ ضرورت، پنيو پٽيو ڪن ٿا پورت،
    پورهئي ساڙين سونهن ۽ صورت، ڪونه ملي ٿي تن کي اجرت،
    مهنگا ٿي ويا ميها گجر، بصر ڀاڄيون توري موري،
    سڏڪا سڏڪا سنڌ سموري.

    مِٺڙي مِٺڙي تنهنجي ٻولي، ڄڻ ڪا مالڪ ماکي ٺاهي،
    خوشبو خوشبو تنهنجي مٽي، ڄڻ ڪا آهي مڻ مٺائي،
    تو۾ ڪيڏو قرب ڪمايل، تو ۾ ڄام تماچي نوري،
    سڏڪا سڏڪا سنڌ سموري.

    پنهنجي جيجل پنهنجي سنڌ، گهورينداسين توتان جند،
    جابر توسان جهيڙو ٿيندو، وڙهندو توسان ايندو ويندو،
    سنڌ کپي ٿي سنڌ ئي گهرجي، ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي مجبوري،
    سڏڪا سڏڪا سنڌ سموري.

    اسين ته سنڌ جا پٽ حلالي، اسين ته سنڌ جا وارث والي،
    جوڌا جانٺا جنگ جلالي، اسان جو سنڌ سان قرب ڪمالي،
    ڪنڌ ڪٽايون پر نه جهڪايون، مام پروڙي سين منصوري،
    سڏڪا سڏڪا سنڌ سموري.

    ’عبد سنڌي‘ سرويچ، مجيدي، سانگي، سورج، مريم ادي،
    ڀيڙا ٿي سڀ ڀينر ڀائر، ڪريو ڪا سنڌين جي واهر،
    شعر بنايو ن بم ۽ گولا، ڪن ڪري حاڪم ڪنٽوري،
    سڏڪا سڏڪا سنڌ سموري.


    ٽوڻن ڦيڻن تعويذن مان، وريو آهي تنهنجو وارو،

    ٽوڻن ڦيڻن تعويذن مان، وريو آهي تنهنجو وارو،
    جن جي حق حلالي روزي، تن جو ناهي پيٽ گذارو.

    تڪن جا وئين تڪ کڻي تون، مون وٽ ڪانهي هڪڙو ٻارو،
    تنهنجو بنگلو، روشن روشن، منهنجي گهر ۾ آهي انڌارو.

    تون ته پيئين پيو مِنرل واٽر، آئون پيئان پيو پاڻي کارو،
    مون وٽ سائيڪل موٽر ڪانهي، تو وٽ ڪلٽس ۽ پيجارو.

    ٿاڻن تي هن قبضا تنهنجا، چور ڇٽي ويو ڀاڳيو ڪارو،
    ڦورو بيٺا چوڪ سنڀالي، چوهڙ جاتي گجو گهارو.

    چاليهه رپئين ڪلو ويو ٿي، اٽو کٽو کارو ڏارو،
    مسڪينن کي ڪو نه ملي ٿو، اوکيءَ سوکيءَ ۾ اوڌارو.

    پورو سورو پيٽ ڀرڻ لئه، ٿانوَ ملي ۽ ڏيئي ٻهارو،
    گهر گهر جهوتون ڏيندي وڪڻي، مٿي تي رانديڪن کارو.

    جاڳ ته ورندو ڀاڳ چون ٿا، ننڊ اگهورمان جاڳو يارو،
    ’عبد سنڌيءَ‘ کي آس اها ئي، جاڳي من هي ڏيهه ڏکارو.


    تون ڳالهه ڪرين ٿو ٺاهه سندي

    تون ڳالهه ڪرين ٿو ٺاهه سندي
    پر ڳالهه ٻڌي وڃ درد وندي
    مان ڳالهه ڪريان ٿو حقن جي
    تون جيلن ۾ ٿو بند ڪرين
    مان سچ لکان ۽ سچ چوان
    تون ڪافر ملحد نانءُ سڏين
    مان ڳالهه ڪريان مقتول سندي
    تون قاتل جو ٿو ڪيس لڙين
    مان ڳالهه ڪريان ٿو سانگين جي
    تون سانگين لئه ٿو سور گهڙين
    مان ڳالهه ڪريان ٿو ڪينجهر جي
    تون ڪينجهر کي ٿو ڪان هڻين
    مان ڳالهه ڪريان ٿو پاڻيءَ جي
    تون بجليءَ جي ٿو کوٽ ڀرين
    تو ساڻ ڀلا پو ڪيئن ٺهان
    تو ڄاڻ نه منهنجن دردن جي
    ڇو ڳالهه ڪرين ٿو ٺاهه سندي!؟


    اي دل متان تون روئين، دلبر جي ڌار آهي

    اي دل متان تون روئين، دلبر جي ڌار آهي
    جنهن سان آ پيار تنهنجو توکان بيزار آهي

    ڇو ٿي ڀرين تون سڏڪا، جت ڪٿ آ بيوفائي
    توکي به پيار ملندو هيءَ ڳالهه آ اجائي
    اغيار هت گهڻا ٿيا ڪوڀي نه يار آهي.

    کولي سڀن کي ڏس تون، هر دل ۾ راز آهن،
    اُڏريو جڏهن به ڳيرو، ڦرندا ئي باز آهن،
    خاموش ٿا گذارين هر هنڌ آزار آهي.

    هيءَ پاپ جي آ نگري هر روز دل جو ڌاڙو،
    جيڏانهن به ٿو نهاريان هر هنڌ آ روڄ راڙو،
    هر ڪو هتي جو ماڻهو زارو قطار آهي.

    ڌاڙا دلين کي دم دم لڳندا هتي ئي آهن،
    سهڻا سڀيئي قاتل رهندا هتي ئي آهن،
    ’عبد‘ اڳي اصل کان گامون سچار آهي.


    پاڻ سنواري نڪتو آهي، ماريندو لاکيڻا لال،

    پاڻ سنواري نڪتو آهي، ماريندو لاکيڻا لال،
    مور اٿئي محبوب اسانجو، هرڻيءَ واري آهس چال،

    انگ اڙانگيءَ جاءِ اٽڪيو، رکجئين پنهنجي سُرت سنڀال،
    ماڻن سان ٿو ماڻهو ماري، مون وٽ آهن کوڙ مثال.

    مون کان مور نه وسريو آهين، ياد اچان من توکي شال،
    محبوبن جي منهن مٽڻ جي، ڪنهن سان ڪريان قيل مقال.

    منهنجين منٿن تنهنجن ماڻن، کي ويا گذري ڪيئي سال،
    آئون اياڻو نينهن نه ڄاڻا، پاڻ ڀليندو پنهنجا ڀال.

    هجت حاڪم سان ڇا ڪريان، ناهي مونکي ڪابه مجال،
    مونسان ملندو منهنجو ٿيندو، ’عبد سنڌيءَ‘ جا خواب خيال.


    او دل جا گهُريا، ڪر پيار پرين،

    او دل جا گهُريا، ڪر پيار پرين،
    ڪڏهن يار ڪندين، گفتار پرين.

    هنيئي قرب سندا، زنجير مِٺا،
    ڪيو دردن آ، دلگير مِٺا،
    وهيا نيڻن مان، اڄ نير مِٺا،
    ڪر درشن جو اقرار پرين.

    تنهنجا خواب ڏٺم، هيڻا حال ٿيم،
    ڪئين پانڌي پڇيم، ڏس ڪونه مليم،
    توکي پاند وڌم، ۽ منٿون ڪيم،
    ته به يار ڏنئي آزار پرين.

    تنهنجي ’عبد‘ کي آهي، تات مِٺا،
    روئان ڏينهن سڄو، پوي رات مِٺا،
    ڏنئي سور مونکي، سوغات مِٺا،
    ايڏو ظلم نه ڪر سرڪار پرين.


    درد جا رشتا رشتا آهن، کوٽا کوڙ هزار ميان

    درد جا رشتا رشتا آهن، کوٽا کوڙ هزار ميان
    ڪوڙ جا رشتا ڪوڙيون ڳالهيون، ڪوڙا ٻيا ڪم ڪار ميان
    ٻن ته ٻيائي هيڪ هُجون ٻئي، دم نه ٿيون ڪو ڌار ميان
    ايندو ايندو ڀيڄ ڀنيءَ جو، عشق عجب اسرار ميان
    محبوبن جو ’عبد‘ سڏاءِ، گهور مٿان گهر ٻار ميان.


    گيت

      -

    جي شاهه لطيف کي ڳائين ٿا، تن ماڻهن تان مان گهور وڃان.

    جي ميدانن ۾ مرد اچن، ۽ بزدل ٿي سي ڪين ڀڄن،
    جي پورا ڪن ٿا ٻول وچن، جي ناتو نينهن نڀائين ٿا.

    جي لڄن جا لڄپال اٿئي، جي مائن ڄڻيا لال اٿئي،
    جي ڏيندا وٺندا حال اٿئي، جي کير ولوڙي کائين ٿا.

    جي دشمن پنهنجو خوب سڃاڻي، سامهون بيٺا سينو تاڻي،
    ڪين وڪاڻا ڪنهن پر ناڻي، ڪين ڪڏهن ڪيٻائين ٿا.

    جي سارنگ سوري مينهن وسائينِ، هر ڪنهن کي ٿا پنهنجو ڀانئينِ،
    راڻو روح منجهاران ڳاءِ، رُٺل کي ريجهائين ٿا.

    سنڌوءَ پوڇڙ وارا ماڻهو، اکڙين جا هي تارا ماڻهو،
    ڪيٽي کاري وارا ماڻهو، مهمانن کي ڀانئين ٿا.

    (آٿرڪي ۾ جيڪا مهمان نوازي ٿي ان کان متاثر ٿي لکيل.)


    راڳي گيت سنڌوءَ جا ڳاءِ،

    راڳي گيت سنڌوءَ جا ڳاءِ،
    گُر ۾ سرندو ساز ملاءِ.

    هي جي اڀرا سڀرا ماڻهو،
    ڏک ڏکايا ڏٻرا ماڻهو،
    سک جي تن کي ڳالهه سڻاءِ.

    چارڻ وانگيان چنگ وڄاءِ،
    پو تون سر جي سين لڳاءِ،
    هرڪو ويندو ڪنڌ ڪپاءِ.

    هر ڪنهن جون ڏس اکيون آليون،
    مُرڪن جون ڪر تن سان ڳالهيون،
    آزاديءَ جا راز ٻڌاءِ.

    مانجهه ملهاري جوڳ ۽ راڻو،
    ’عبد‘ ٻُڌي ٿو هرڪو ماڻهو،
    سارنگ سوري مينهن وساءِ.


    ٻارو پنهنجو علم وڌايو، هرگز تنهن کان ڪين نٽايو.

    ٻارو پنهنجو علم وڌايو، هرگز تنهن کان ڪين نٽايو.

    صبح سويري هٿ منهن ڌوئي،
    ڪپڙا پهري نيرن کائي،
    اسيمبليءَ ۾ پاڻ پسايو.

    پاڻ پڙهو ۽ ٻيا به پڙهايو،
    پاڻ سکو ۽ ٻين سکايو،
    قادر جا ڪي درس ٻُڌايو.

    ڪوڙ ڪپت کان پري ٿي رهجو،
    سچ سچو آ سچ ئي چئجو،
    حق ڏي پنهنجو قدم هلايو.

    جنهن کي هِت هُت مان مليو آ،
    پڙهڻ منجهان پروان چڙهيو آ،
    اوهين به پنهنجو پاڻ ملهايو.

    بڇڙي سنگت بڇڙو ٿيندين،
    بهتر سنگت بهتر ٿيندين،
    بڇڙن پنهنجو مان گهٽايو.

    شرم حيا اخلاق نه ڇڏجو،
    گس ڏسي استاد سو وٺجو،
    عرشن تي استاد پڄايو.

    سنڌ سندا سينگهار ٿجو سڀ،
    سچ سندا واپار ڪجو سڀ.
    ’عبد‘ اوهان لئه گيت هي ٺاهيو.


    اک مستانا يار يگانا،

    اک مستانا يار يگانا،
    تنهنجا آهن شوق شاهانا،
    دلبر جانا.

    حسن سندءِ جون هرهنڌ هاڪون،
    دلين تي هن تنهنجون ڌاڪون،
    توتي عاشق ڪئين پروانا،
    دلبر جانا.

    جهڙپ اکين جي جهٽ پٽ جهوري،
    ماس ڳري ۽ هڏ چم ڪوري،
    لحظي ۾ تون لٽين خزانا،
    دلبر جانا.

    نيڻ خماريل نيم شرابي،
    تو وٽ ڪانهي جاءِ جوابي،
    اک جون اڻيون تير ڪمانا،
    دلبر جانا.

    نڪ نيلوفر قد صنوبر،
    هُل هنگاما تنهنجا گهر گهر،
    نازڪ نازڪ ٻئي دستانا،
    دلبر جانا.

    عقل اڪابر، فاضل عالم،
    رکي نه سگهيا دماغ سالم،
    تو ڪيا داناءُ سڀ ديوانا،
    دلبر جانا.

    تنهنجي محفل ۾ جو ويهندو،
    سوئي پيئندو سوئي جيئندو،
    باقي مرندا سڀ مردانا،
    دلبر جانا.
    ’عبد سنڌي‘ ڇا شاعر سنڌ جا،
    مشرق مغرب شاعر هند جا،
    لکندا تنهنجا پيا افسانا.
    دلبر جانا.


    ڪڻڪو بدن وارن ڊگهن،

    ڪڻڪو بدن وارن ڊگهن،
    جاڙن ڀرن، آهو اکين،
    دلدار دلبر واهه واهه.

    سهڻو صفا، قد ڪاٺ ڇا،
    هُن جي ادا هلا ڀلا،
    منٺار منور واهه واهه.

    سڀني سٺو نالي مِٺو،
    جنهن ڀي ڏٺو ڪاڪُل ڪٺو،
    رفتار رهبر واهه واهه.

    ڳالهيون سٺيون، ماکيءَ مِٺيون،
    کاريون کٽيون چوندو چٽيون،
    گفتار گوهر واهه واهه.

    صوفي سڄر، عاشق اپر،
    ٺٽو ننگر جنهن جو آ گهر،
    سرڪار سرور واهه واهه.

    هي ’عبد‘ پيرن جي پڻي،
    ڪر ٻاجهه تنهن تي تون ڌڻي،
    پڳدار پرور واهه واهه.


    ڏٺي سون سڄڻ اڄ اوهان جي به ياري،

    ڏٺي سون سڄڻ اڄ اوهان جي به ياري،
    هُئي ڳالهه ننڍڙي اها تو نه پاري.

    رڳو ڏڍ دلاسا ڏيو گڏ ويهارين،
    مِٺا خوش نظر سان نٿو تون نهارين،
    ايئن تو اسان جي آ دلڙي ڌتاري.

    اسين ڏک ۾ توسان سڄڻ گڏ هئاسين،
    توسان گڏ کلياسين توسان گڏ رُناسين،
    مگر تون ڇڏي وئين ڏسي بار باري.

    ڏسڻ ۾ ته سهڻا اندر ٽوهه کارا،
    ڏيکاري ڇڏيا ٿئي ڏٺي ڏينهن تارا،
    سٺم تنهنجي ڪاوڙ کٽي توڙي کاري.

    ڀلا ’عبد‘ آهي اڪيلو ته ڇا هي،
    اسان جو به موليٰ اسان ساڻ آهي،
    اسان دل ڏني پر اوهان آ ڌڪاري.


    هل ته هلي هُت پيرون ڇاڻيون، روزانو ٿا تڪيون تاڻيون.

    هل ته هلي هُت پيرون ڇاڻيون، روزانو ٿا تڪيون تاڻيون.

    لوڪ لَکڻ کان دور پيارا، چاهت ۾ ٻئي چور پيارا،
    وجهه وٺي ڪا محبت ماڻيون، روزانو ٿا تڪيون تاڻيون.

    پاپين کان هي پيار بچاءِ، ڄارين پنڙا سيج وڇاءِ،
    روز رهون ڪي روح رهاڻيون، روزانو ٿا تڪيون تاڻيون.

    کَن پل جيون دوکو آهي، جوڀن موٽي ملڻو ناهي،
    ڏاڻ وجهي هي جوانيون ڏاڻيون، روزانو ٿا تڪيون تاڻيون.

    ’عبد‘ جتي آرام هجي، سُک گام هجي ۽ چين ملي،
    اهڙي ڪا آزادي آڻيون روزانو ٿا تڪيون تاڻيون.


    تنهنجو آئون آهيان راڻو،

    تنهنجو آئون آهيان راڻو،
    ۽ تون منهنجي آهين راڻي.

    ساٿي پنهنجا ميلا ٿيندا،
    درد وڇوڙا دور ٿي ويندا،
    رهندي پنهنجي اَمر ڪهاڻي.

    پيچ پريت ۾ پختو پاءِ،
    پيارا پنهنجو پيار ملهاءِ،
    پنهنجي آهي پريت پراڻي.

    لوڪ سمورو ويري آهي،
    تنهن سان پنهنجو ڪو ڪم ناهي،
    پنهنجو سائين آهي ساڻي.

    ’عبد‘ اوهان لئه دل ٿي تانگهي،
    آءُ اسان ڏي جڳ اورانگهي،
    ٿيندي ناهي پيار پُڄاڻي.


    توکي ڪهڙي خبر منهنجا سهڻا صنم،

    توکي ڪهڙي خبر منهنجا سهڻا صنم،
    ساري رات رنم ڏاڍا سور سٺم.

    توسان ڳالهيون ڪيل ورجايم پي،
    ايئن من پنهنجو پرچايم پي،
    لڳي ننڊ سڄڻ تنهنجا خواب ڏٺم.

    تنهنجي نينهن نهوڙي ننڍڙي وهي،
    مري يار ويندس تنهنجا سور سهي،
    اهي ڳالهيون ڳڻي لڙي لڙڪ پيم.

    سڀ لٽجي ويو سڀ ڦرجي ويو،
    هي ’عبد‘ سنڌي تنهنجو آهي ٿيو،
    رهيا سورن جا سامان اٿم.


    تون اهڙيون ٻوليون ٻول،

    تون اهڙيون ٻوليون ٻول،
    آئون ڀريان ويٺو جهول.

    پاڻ اچي ڪو جيڪر ٺاهي،
    تو جهڙو ڪو جڳ ۾ ناهي،
    مون ڪيئي آهي وڙول.

    هٿ ۾ هٿ ڏئي يار هلون پو،
    لوڪ جون ڪهڙيون يار جهلون پو،
    هي سارو لوڪ سڙول.

    پاءِ ڳراٺيون ڪريون ڳالهيون،
    هرپل هونديون اکڙيون آليون،
    پو لهندا هينئڙي هول.

    موتين جهڙيون چونڊي مرڪون،
    ويٺو ڀريان تن مان سُرڪون،
    ڄڻ زور پڪل کيرول.

    ’عبد‘ اوهان لئه باسون باسيون،
    آءُ ته گهر گهر گهٽيون واسيون،
    اچ مونڏي منهنجا ڍول.


    پيارا پرين پري کان، اکڙيون کڻي نهاريو،

    پيارا پرين پري کان، اکڙيون کڻي نهاريو،
    ناز و ادا سان دلبر، ماڻا ڪري نه ماريو.

    نيڻن سان تو نهاري، اهڙو ڪيو آ جادو،
    بيوس بناءِ مونکي، دلڙي ڪري وئين قابو،
    روئندو وتان رندن ۾ ويهي گهڙي گذاريو.

    دنيا مان يار مونکي، ناهي ملي وفائي،
    دل درد ماري دلبر، دم ڪيم ڪر جدائي،
    آهيان اوهان جو آئون پنهنجو ڪري پڪاريو.

    زلفن جون هي زنجيرون، ڪارين جون ڌار ڪاهون،
    دم دم دوناليون ديدون، نازن ڀريون نگاهون،
    سڪ ۾ وري سڪائڻ باهيون ايئن نه ٻاريو.

    ڪهڙي طرح مان توکي ڳالهيون ڳُجهيون ٻڌايان،
    لڙڪن سان نيڻ ڀريا، لڙڪن کي ڪيئن لڪايان،
    مونکان نٿو تون وسرين ڪيئن ’عبد‘ ٿئي وساريو.


    اکيون آهن توسان اٽڪيون،

    اکيون آهن توسان اٽڪيون،
    دل پئي دانهون روز ڪري.

    دوست اوهان جي نينهن نوايو،
    هاڻ مٺي دل سور چري،
    دل پئي دانهون روز ڪري.

    ويئي اوهان جي ڪيئن سري آ،
    منهنجي مٺڙا ڪانه سري،
    دل پئي دانهون، روز ڪري.

    پنهنجو پيارا پيار امر آ،
    مونڏي اچ تون پير ڀري،
    دل پئي دانهون، روز ڪري.

    ’عبد‘ اوهانجي عشق اُجاريو،
    پل نه مٺا ٿي هاڻ پري،
    دل پئي دانهون روز ڪري.


    هي نينهن اوهان سان آهي،

    هي نينهن اوهان سان آهي،
    هي پيار پلڻ جو ناهي.

    مرڪي مرڪي نيڻ کڻي ٿو،
    تير اکين جا پار ڪرين ٿو،
    ايڏو سهڻل پاڻ نه ٺاهي،
    هي پيار پلڻ جو ناهي.

    لبڙا تنهنجا لال گلابي،
    وار ڪنڍا ۽ نيڻ شرابي،
    ويو گهورن سان اڄ گهاءِ،
    هي پيار پلڻ جو ناهي.

    واسي پنهنجا وار سڀيئي،
    ڇوڙين ڇو ٿو ڇنڊ ڪو ڏيئي،
    ڏي دلڙي يار وراءِ،
    هي پيار پلڻ جو ناهي.

    پيار ڪرڻ جي موسم آئي،
    ’عبد سنڌيءَ‘ کي آس اهائي،
    اچ اک سان اک اٽڪاءِ،
    هي پيار پلڻ جو ناهي.


    اسان کان ڙي دلبر، ڪيا ٿئي ڪنارا،

    اسان کان ڙي دلبر، ڪيا ٿئي ڪنارا،
    اهي سور سهندي لنگهي ويا سيارا.

    رڳو سور سختيون، سزائون ڏنيون ٿئي،
    وفائن جي بدلي، جفائون ڏنيون ٿئي،
    ويا مونکان وسري سڀئي دل وارا.

    اچي ڏس اکين سان، هينئين کان ڇڄون ٿا،
    مٺا مينهن سانوڻ جان، روئندي ڀڄون ٿا،
    روئي روئي نيڻن وهيا نير نارا.

    الله ڄاڻي مونکان، رُٺو ڇو تون آهين،
    ڪيم ڏوهه ڪهڙا، نٿو تون ٻڌائين،
    پلئه پور پايو اچن ٿا اونهارا.

    پُکي ڪونه تنهنجي، الاڙي پياسين،
    سڄي رات سهڻا، وڃي پو رناسين،
    ڪُٺل ’عبد‘ تو لئه ڪيا ويس ڪارا.


    موٽي آيون مندون، تون نه آئين وري،

    موٽي آيون مندون، تون نه آئين وري،
    ڪيئن اوهان جي، اسان کان سوا آ سري،

    چئو ڀلا ڪيئن اسان پنهنجي دلڙي پليون،
    تنهنجون محبت ڀريون، ڳالهيون ڪنهن سان سليون،
    سي ته ڳالهيون ڳڻي، ڳاهه ٿيندس ڳري.

    واءُ ڪهڙو وريو، ٿي جدائي وئي،
    سور ڏيندي صنم، سج سوين ويا لهي،
    ڏيل سارو ڏکن ۾ ويو آ ڏري.

    ڪالهه تنهنجون پرين هت پچارون ڪيم،
    اڄ به تنهنجي اچڻ جون اميدون اٿم،
    جي تون ايندين مِٺا هانوَ پوندو ٺري.

    زندگي آ زهر ’عبد‘ پيئندا وتون،
    هاڻ جاني ايئن، جڳ ۾ جيئندا وتون،
    منهنجون ڳالهيون ڪجان جي وڃان مان مري.


    ڪافيون

      -

    هيءَ دل ٽٽي وئي آ، تنهنجي ڏسي دغائي،
    هر بار مون نڀايو تو ڪئي آ بيوفائي.

    ڳالهيون وڏيون ٻڌاءِ، مونکي چريو بناءِ،
    تنهنجي چئي لڳي مون تن من ڇڏيو لٽاءِ.
    توسان رکي مون ياري پنهنجي عمر وڃائي.

    تنهنجي ڪري او جاني، پنهنجو وطن ڇڏيوسين،
    ڏيئي ڌڪا ٻين کي توسان هينئون گڏيوسين،
    ڪهڙو قدر ڪيو تو، ڪهڙي ڪيئي چڱائي.

    مونکي رڻن ۾ رولي، ڪهڙيون ڪيئي پڇائون،
    بيدرد آهين دلبر ڪنهنکي ڏيان هي دانهون،
    ’عبد سنڌيءَ‘ جي ڇا لئه دلڙي اٿئي دکائي.


    متان سمجهين سڄڻ، ته ڪو خوش پيا گهمون،

    متان سمجهين سڄڻ، ته ڪو خوش پيا گهمون،
    کڻي ننڊ وئين، سک ڪو نه سمهون،

    هي لوڪ خوشين ۾ گهاري ٿو،
    ۽ مونکي وڇوڙو ماري ٿو،
    سوا تنهنجي سڄڻ عيدون ڪانه ڪيون.

    وري مند وري آ يار وري،
    اسان ڪونه ڇڏيو تو ڪيئن سري،
    در در تي فقيرن جيان ٿا ڦرون.

    هن ويجهاڻيءَ ڇو آهين پري،
    ڇو ’عبد‘ اچين ٿو پردو ڪري،
    پري پردو ڪيو تنهنجا نيڻ چمون.


    دردن کي هاڻي دل ۾، لڪاءِ نٿو سگهان،

    دردن کي هاڻي دل ۾، لڪاءِ نٿو سگهان،
    روئندي رهي ٿي دلڙي، کِلاءِ نٿو سگهان.

    دردن جا دل تي دلبر ديرا لڳي ويا،
    غيرن جا پيار پنهنجي تي پهرا لڳي ويا،
    ته به پيار تنهنجو دل تان، مٽاءِ نٿو سگهان.

    جادو ڪري اکين سان دلڙي کڻي وئين،
    دل کي هميشه دلبر ڏاڍو وڻي وئين،
    ڪيڏو وڻين ٿو مونکي ٻڌاءِ نٿو سگهان.

    آيو هي ’عبد‘ آهي، خوش ٿي وري کِلو،
    پرچي پرين پيارا، موٽي وري مِلو،
    قاصد اوهان ڏي ڪنهن پر هلاءِ نٿو سگهان.


    پرين پيار تنهنجو پلڻ جهڙو ناهي،

    پرين پيار تنهنجو پلڻ جهڙو ناهي،
    عشق شينهن آهي، جهلڻ جهڙو ناهي.

    سڄي رات جيڪو سمهڻ ڪين ڏئي ٿو،
    جيئڻ ڪين ڏئي ٿو مرڻ ڪين ڏئي ٿو،
    اهو سور ڪنهن سان سلڻ جهڙو ناهي.

    سڄي رات سڏڪا نه واندو ويهي ٿو،
    ملڻ لاءِ مريو هي ماندو ٿئي ٿو،
    منجهيل من اسانجو کلڻ جهڙو ناهي.

    ’سنڌي عبد‘ کي آ لڳو برهه باري،
    اچي هاڻ ڪريو سندس پوئيواري،
    اوهان ڏي اچي پرهلڻ جهڙو ناهي.


    اوهان لئه هينئين ۾ ڇڏيم هنڌ ٺاهي،

    اوهان لئه هينئين ۾ ڇڏيم هنڌ ٺاهي،
    اندر ۾ اوهانجي الله ڄاڻي ڇاهي.

    اُتم ذات منهنجي، هُيم شان شاهي،
    لڳو نينهن توسان، ويم سڀ وڏائي،
    هلان ٿو مان هر ڪنهن اڳيان ڪنڌ جُهڪاءِ.

    کيئڻ کيڻ کاڌا، لڳا زهر مونکي،
    سوا تنهنجي گذري نٿو پهر مونکي،
    منجهان ننڊ نيڻن، وئي موڪلاءِ.

    ڏنا لوڪ طعنا، کلي پيو زمانو،
    اوهان سان ملڻ، لئه ڪيم هر بهانو،
    پٺيان مرضيون سڀ ڇڏيم تنهنجي لاهي.

    سڀئي سيڻ ناتا، ۽ رشتا ٽٽي ويا،
    مٺا مور ماڻهو اسان کان رُسي ويا،
    مگر پو به توسان، اچان پيو نڀاءِ.

    مِٺا ’عبد‘ کي تون، متان ڏيئين دوکو،
    زماني ۾ هُل ۽ هلي ويندو هوڪو،
    ايئن جي ڪندين پو منهنجو موت آهي.


    محب مِٺا منٺار اويار، ڪر ڪو مونتي ڦيرو فضل جو،

    محب مِٺا منٺار اويار، ڪر ڪو مونتي ڦيرو فضل جو،

    سمهندي سمهندي عمر وڃايم،
    ڪونه ويهي مالڪ ريجهايم،
    هاڻ روئان زارو زار او يار،
    ڪر ڪو مونتي ڦيرو فضل جو.

    جام جڏيءَ کي ڏيو صحبت جو،
    منڌ پياريو ڪو محبت جو،
    جانب جيءُ جيار او يار،
    ڪر ڪو مونتي ڦيرو فضل جو.

    هوت پنهل ڏي هلڻو آهي،
    سور نه ڪنهن سان سلڻو آهي،
    ٻئي ڏانهن ناهي نهار او يار،
    ڪر ڪو مونتي ڦيرو فضل جو.

    ’عبد سنڌي‘ اُٿ رب ريجهاءِ،
    عمر اجائي ڪين وڃاءِ،
    روئي رات گذار او يار،
    ڪر ڪو مونتي ڦيرو فضل جو.


    ڪهڙا ڪهڙا ڏک ڏٺاسين،

    ڪهڙا ڪهڙا ڏک ڏٺاسين،
    ساري ساري ٿڪجي پياسين.

    پنهنجي پر ۾ پاڻ پچاءِ،
    لوڪان ڪوسا لڙڪ لڪاءِ،
    هاري هاري ٿڪجي پياسين.

    محبت من ۾ مچڙو ٻاري،
    ڌڻ ڏکن جا دل ۾ ڌاري،
    چاري چاري ٿڪجي پياسين.

    شام صبح ٿي پاتم جهاتيون،
    توبن ساجن سکڻيون راتيون،
    گهاري گهاري ٿڪجي پياسين.

    پيار ۾ سريا مڻ سورن جا،
    دل واڙي ۾ ڌڻ سورن جا،
    واري واري ٿڪجي پياسين.

    وِرهُه جڏهن ٿي تنهنجو وريو،
    ’عبد سنڌي‘ ٿي ٻارڻ ٻريو،
    ٺاري ٺاري ٿڪجي پياسين.


    پنهون آن ڏٺو ڪو، پنهل کي پئي ڳولهيان،

    پنهون آن ڏٺو ڪو، پنهل کي پئي ڳولهيان،
    جسم هي جتن لئه، رڻن ۾ پئي روليان،

    سواري سڄڻ جي هتان هير ويئي،
    پياري پنهل جا پڇان پير پيئي،
    جبل جاڙ جيڏيون ٽڪر ۾ پئي ٽوليان.

    ڪري دوکو مونسان ٿيو سٿ روانو،
    جتن پويان وينديس، کلي ڀل زمانو،
    ٻاروچل ڏنم جا سا ٻولي ٿي ٻوليان.

    سنڌي ’عبد‘ منهنجو ويهڻ وهه ٿيو آ،
    پڪو پيچ منهنجو پنهل سان پيو آ،
    جنڊي جان پايو، جگر پئي جنجهوليان.


    پيا مينهن پٽن تي وڄون ڏين وراڪا،

    پيا مينهن پٽن تي وڄون ڏين وراڪا،
    مُڪا مونڏي مارن، ڪي نئين سر نياپا،

    لڳئي ڏينهن ڏاڍا وري آ وطن تي،
    پڇن ٿيون پنو هاريون، رکيو مَٽ مَٽن تي،
    سٺا ڪونه سانگين، ڪڏهن هي ڪڙاڪا.

    اچن پيون اتر کان، ڇُلي مينهن ڇاٽون،
    سهيليون صبح کان، وٺي ويٺيون واٽون،
    وساري ڇڏ يا ٿئي، سڀئي سڱ سياڪا.

    منڌيون منجهه ماٽين، آ گهو گهو گهرن ۾،
    وسي وڏ ڦڙي ڪئي، بهاري برن ۾،
    لڳي هير ٿڌڙي چُري پيا چهاڪا.

    اجهي ’عبد‘ ايندا، وٺي مونکي ويندا،
    نماڻي نيئر مان ڪڍي نيٺ نيندا،
    پنوهارن لئه پائيان، ٿي لڪيو ليڪا.


    ڪهڙو ڪيو تو جادو، قابو ڪري وئين،

    ڪهڙو ڪيو تو جادو، قابو ڪري وئين،
    نيڻن ۾ ننڊ ناهي، ڇا تون ڪري وئين.

    منهنجي ته ڪنهن بشر، سان دلڙي نٿي لڳي،
    اهڙو نه آهيان هاڻي جهڙو هُئس اڳي،
    جا پر ڪجي نه ڪنهن سان سا تون ڪري وئين.

    تون جي ڪندين جُدا، ته پو تنهن کان مري وڃان،
    تنهنجو ڇڏي ڀلا در، ڪيڏانهن وري وڃان،
    دلڙي لٽڻ جي اٽڪل ڪا تون ڪري وئين.

    منهنجا نصيب مونکان رانجهن رسي ويا،
    دنيا کان هاڻ ناتا، رشتا ٽٽي ويا،
    ’عبد سنڌيءَ‘ کي پاڳل، ها تون ڪري وئين.


    تو ڳالهيون ٻڌيون آهن، توکي عشق لڳو ناهي،

    تو ڳالهيون ٻڌيون آهن، توکي عشق لڳو ناهي،
    هي درد جو رشتو آ، تو سور سٺو ناهي.

    هت پير فقير ته ڇا وڏا وير ويا وٺجي،
    هي عشق اڙانگو آ، رشتا به ويندا ڪٽجي.
    بيمار محبت ۾ پر ڪو به سگهو ناهي.

    کلڻا جي هئا ماڻهو محبت ۾ مُٺا آهن،
    محبوب تنهنجي ماڻن لک راڻا ڪُٺا آهن،
    توکي ته اڃا ڪنهن ڀي اکڙين سان ڪُٺو ناهي.

    هي تخت ڇڏاءِ ٿو پر بخت بناءِ ٿو،
    هي ’عبد سنڌي‘ ڇا هي مها مير منجهاءِ ٿو،
    در در جوڳي بنجي تو يار ڏٺو ناهي.


    مِٺا منهنجون اکيون جر هارين ٿيون،

    مِٺا منهنجون اکيون جر هارين ٿيون،
    مندون توکي ملهاريون سارين ٿيون.

    هليئين ڪهڙو سڄڻ مونسان سانگ ڪري،
    وئين ويڙهو سندم ڀڙ ڀانگ ڪري،
    ٻري ڏيل ويو ٻُڪيون ٻارين ٿيون.

    رنو آهي اکين رت نير وهيو،
    تنهنجي هجر فراق فقير ڪيو،
    تون موٽ جدايون مارين ٿيون.

    اڄ ’عبد‘ اکين ۾ جايون ڪيو،
    هت گڏجي ويهڻ جون وايون ڪيو،
    نه ته ڳالهيون اندر ڳجهه ڳارين ٿيون.


    وايون

      -

    ساجن کي ساريو، روئان ويٺي رت.

    جيءُ هن جڏيءَ جو، او جانب جياريو،
    روئان ويٺي رت.

    ڪو نظرِ ڪرم ساڻ، نرمل نهاريو،
    روئان ويٺي رت.

    ڀري پيار پيالا، ڪي پرتئون پياريو،
    روئان ويٺي رت.

    تکي سير مان ’عبد سنڌيءَ‘ کي اُڪاريو،
    روئان ويٺي رت.


    سانولڙا درد ڏنا ٿئي ڇو؟

    سانولڙا درد ڏنا ٿئي ڇو؟

    عيدون اسان جون زهر ڪري وئين،
    هي ڇا ڪيو آ تو؟

    ڪنهن کي ٻڌايان درد ڪهاڻي،
    ساٿي نه ساريان ڪو.

    اکيون اُداسي زُلف پريشان،
    ليڙون لٽا ٿيا پو.

    ’عبد‘ مُئي کان پو پيو چوندين،
    مون لئه مرندو هو.


    ساعت ساعت ڀانيان سال،

    ساعت ساعت ڀانيان سال،
    تو بن ساجن ڪين سري.

    سگهڙا پارج ڪين وسارج، قول ڪيئي جي مونسين ڪالهه،
    تو بن ساجن ڪين سري.

    باهِه برهه جي ڀڙڪا کاڌا، هيڻا هيڻا ٿيڙم حال،
    توبن ساجن ڪين سري.

    تون ئي هڪڙو وڻيو آهين، ٻيا نه وڻن ٿا جوت جمال،
    تو بن ساجن ڪين سري.

    ٻيون سڀ وييون وسري ڳالهيون، تنهنجي آهم قيل مقال،
    توبن ساجن ڪين سري.

    ’عبد‘ اکين ۾ لڙڪن لارون، جر وهايان ويٺو جال،
    تو بن ساجن ڪين سري.


    ڇني مون کان ناتو وڃڻ وارا،

    ڇني مون کان ناتو وڃڻ وارا،
    ڪهڙو تنهنجو حال آهي.

    ڪهڙا ڪهڙا سور سٺا ٿئي،
    ڪهڙا ڪهڙا سُک مليا ٿئي،
    مونکي ڏک ته ڏيڻ وارا،
    ڪهڙو تنهنجو حال آهي.

    مون وانگي ڪو پيار نه ڏيندئي،
    دل وارو ڪو يار نه ٿيندئي،
    ڇا کان مونکي ڇنڻ وارا،
    ڪهڙو تنهنجو حال آهي.

    جڏهن اندر ڪنهن ٻاريو هوندئي،
    ’عبد سنڌيءَ‘ کي ساريو هوندئي،
    لوڪ جا طعنا سهڻ وارا،
    ڪهڙو تنهنجو حال آهي.


    عمر ڪڍ بند مان باندي، پٽي نه ته پاڻ مارينديس،

    عمر ڪڍ بند مان باندي، پٽي نه ته پاڻ مارينديس،
    سنگهاريون ڪيئن نه سارينديس.

    ولر واري سڀيئي ساري، پهن پاڻي پيئارينديس،
    سنگهاريون ڪيئن نه سارينديس.

    ڏنم جن ڏيج ۾ ڏنئورا، پنو هاريون سي پچارينديس،
    سنگهاريون ڪيئن نه سارينديس.

    تنهنجو هي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ، سهيلين کي سڻائينديس،
    سنگهاريون ڪيئن نه سارينديس.

    اداڙي ’عبد‘ مارن لئه نئين سج پئي نهارينديس،
    سنگهاريون ڪيئن نه سارينديس.


    وڙهڻ جي بجاءِ چون ٿا ظالم کان بچو،

    وڙهڻ جي بجاءِ چون ٿا ظالم کان بچو،
    فڪر آهي يا ڏچو!

    حق گهرو ڇا لاءِ ٿا، پنڻ لئه اچو،
    ليڊر آهي يا ڏچو!

    سردين ۾ سُڪڙو، گرمين ۾ پچو،
    موسم آهي يا ڏچو!

    سچ سوليءَ تي چڙهي، ڪوڙ تي نچو،
    جج آهي يا ڏچو!

    پوءِ به نه وڙهي آزاديءَ لئه، سنڌ جو ٻچو،
    قوم آهي يا ڏچو!

    ’عبد‘ چيو الله کي ڪم ٿي ويو ڪچو،
    بندو آهي يا ڏچو!


    ناهي ڪو اختيار ميان،

    ناهي ڪو اختيار ميان،
    دل وس کان هيءَ ويئي ويئي.

    ڏاگهه ڏکن جا سکڙا ڀانئيم،
    ورهه ڪيم واپار ميان،
    دل وس کان هيءَ ويئي ويئي.

    عشق ڇڏايم آڏ وڏائي،
    نوڙت ٿي نروار ميان،
    دل وس کان هيءَ ويئي ويئي.

    صورت مون من موهيو آهي،
    سونهن ٿيم سرڪار ميان،
    دل وس کان هيءَ ويئي ويئي.

    واهه وڻي ٿو ’عبد سنڌيءَ‘ کي،
    سورن جو سنسار ميان،
    دل وس کان هيءَ ويئي ويئي.


    دردن دل تي ديرا لايا، جيون جو دستور.

    دردن دل تي ديرا لايا، جيون جو دستور.

    خوشين کان تون پاڻ ڇڏاءِ، سانڍي رکجان سور،
    دردن دل تي، ديرا لايا.

    روز ازل کان هليو آهيان، منزل ڏاڍي ڏور،
    دردن دل تي، ديرا لايا.

    سورن مونکي آهي سونهايو، محبت جو منشور،
    دردن دل تي، ديرا لايا.

    هر شيءَ ۾ تو پاڻ سمايو، نوري پنهنجو نور،
    دردن دل تي، ديرا لايا.

    ’عبد‘ کي راتو ڏينهان پنهنجي، موليٰ جو مذڪور،
    دردن دل تي ديرا لايا.


    بيت

    مٽي ۽ ماڻهو جو ازل کان ناتو،

    مٽي ۽ ماڻهو جو ازل کان ناتو،
    جنهن به سُڃاتو، سو ماڻهو ٿو مان لهي.


    مٽي ۽ ماڻهوءَ جو ازل کان ناتو،

    مٽي ۽ ماڻهوءَ جو ازل کان ناتو،
    جنهن نه سڃاتو، ڌرتيءَ سو ڌڪي ڇڏيو.


    ستيتاليهه جو سور، سڀني کان وڌ،

    ستيتاليهه جو سور، سڀني کان وڌ،
    جسم اڌو اڌ، سنڌين جو ٿيو سنڌ ۾.


    مارشل لا جو مطلب فوجي آمريت،

    مارشل لا جو مطلب فوجي آمريت،
    جي آئي جمهوريت، ته وڏيرن تي وڙ ٿيو.


    پنجين سال پڄاڻا، ووٽن جو وارو،

    پنجين سال پڄاڻا، ووٽن جو وارو،
    عوام ويچارو، سدائين سورن ۾.


    آجپي ۾ آهي سنڌ جو جياپو،

    آجپي ۾ آهي سنڌ جو جياپو،
    سيّد نياپو ڏنو ڪلهه سنڌين کي.


    سمجهي سيّد کي پروڙيائين مام،

    سمجهي سيّد کي پروڙيائين مام،
    سَوَ سَوَ سلام آريسر جي عشق کي.


    ماڙيءَ چڙهيو موج ڪري، کاءِ ٻوڙ پلاءُ،

    ماڙيءَ چڙهيو موج ڪري، کاءِ ٻوڙ پلاءُ،
    ڊينڊ ۽ مُنڍا، گُذران غريبن جو.


    بيحد تنهنجون نعمتون، ڪهڙيون جهٽلايان،

    بيحد تنهنجون نعمتون، ڪهڙيون جهٽلايان،
    ڀلايون ڀانئيان جي مِلن ڪنهن مسڪين کي.


    ڪونه لهي ٿو ڳوٺن ۾، اسڪولن جي سار،

    ڪونه لهي ٿو ڳوٺن ۾، اسڪولن جي سار،
    وڏيري جا ٻار آمريڪن اسڪول ۾.


    جيڪو هوندو روز ۾ سڀ ڪو سو کاءِ،

    جيڪو هوندو روز ۾ سڀ ڪو سو کاءِ،
    ملن منجهاءِ، ماڻهو ماٺ ڪرايا.


    چور جي چوريءَ ۾، ڦاٿي جڏهن جان،

    چور جي چوريءَ ۾، ڦاٿي جڏهن جان،
    کڻي سو قرآن، سچو ٿيو سنسار ۾.


    چور جو بچاءُ ٿيو ڪوڙ تي قرآن،

    چور جو بچاءُ ٿيو ڪوڙ تي قرآن،
    اسانجو ايمان، قاضي ڄاڻي قيام سان،


    دوستيءَ ۾ دم، سڀڪو هڻي ساٿ جو،

    دوستيءَ ۾ دم، سڀڪو هڻي ساٿ جو،
    پوي ٿو جي ڪم، ته ڪڍايو وڃي ڪنڌ کي.


    محبت ڪندو ڪير هت، ڪنهن کي آ مرڻو،

    محبت ڪندو ڪير هت، ڪنهن کي آ مرڻو،
    پيار جو پرڻو، ڪارو يا ڪاري ٿئي.


    سنڌ ۽ سنڌين جو جنهن به ڪيو غم،

    سنڌ ۽ سنڌين جو جنهن به ڪيو غم،
    تنين جو قدم، ڪرارو قوم کان.


    سنڌ ۽ سنڌين جو جن کي آ فڪر،

    سنڌ ۽ سنڌين جو جن کي آ فڪر،
    انهن جو ذڪر سدا رهندو سنڌ ۾.


    جي ٿي ويندي سنڌ مان، درياهه جي پڄاڻي،

    جي ٿي ويندي سنڌ مان، درياهه جي پڄاڻي،
    ته پئسن تي پاڻي، صبح ملندئي سنڌ ۾.


    سهندا ڪونه سنڌي ماءُ ميارون،

    سهندا ڪونه سنڌي ماءُ ميارون،
    ڪري قطارون وڙهندا وجود لئه.


    وڙهندا وجود لئه سمان ۽ ساند،

    وڙهندا وجود لئه سمان ۽ ساند،
    وڏي آ ويڙهاند، سر ڏني ٿو سُک ملي.


    سر ڏني ٿو سُک ملي، جوٽيئين نه جهيڙو،

    سر ڏني ٿو سُک ملي، جوٽيئين نه جهيڙو،
    پوءِ تو ويڙهو، سلامت هوندو سنڌ ۾.


    راولپنڊيءَ رت سان وهنجاري آ ڀيڻ،

    راولپنڊيءَ رت سان وهنجاري آ ڀيڻ،
    وڍيندو هي ويڻ، سدائين سنڌين کي.


    سائي سُکي سنڌ جا ماڻهو بکيا ڇو؟

    سائي سُکي سنڌ جا ماڻهو بکيا ڇو؟
    تنهنکي سمجهي سو، جو ڪڙهي ٿو قوم لئه.


    ساٺيڪو ٿيا سال، سور نه گهٽيا سنڌ جا،

    ساٺيڪو ٿيا سال، سور نه گهٽيا سنڌ جا،
    ڀٽا ڪٺئون ڪالهه، صبح وارو سڀني جو.


    سڃاڻپ سنڌين جي موهن جو دڙو،

    سڃاڻپ سنڌين جي موهن جو دڙو،
    اٿي سڀ لڙو، ساک بچايون سنڌ جي.


    ساک بچايون سنڌ جي، ساري سنڀالي،

    ساک بچايون سنڌ جي، ساري سنڀالي،
    سڀئي هڪالي، ڌاريان ڪڍو ديس مان.


    اسلام جي آڙ ۾ دهشتگردي،

    اسلام جي آڙ ۾ دهشتگردي،
    سنڌ جي ڌرتي، رڱيندا رت سان.


    مذهب جي نالي ۾، افغاني پٺاڻ،

    مذهب جي نالي ۾، افغاني پٺاڻ،
    متان ٿين اڻڄاڻ، سڀ لٽيندا سنڌ کي.


    جنهن جي عداوت، سندم جيجل سنڌ سان،

    جنهن جي عداوت، سندم جيجل سنڌ سان،
    تنهن سان بغاوت، ڪندو رهندس قيام تئين.


    سُکي هجن شال، سنڌي ۽ سنڌ،

    سُکي هجن شال، سنڌي ۽ سنڌ،
    گهوريندس جند، سکن ڪارڻ سنڌ جي.


    سکن ڪارڻ سنڌ جي گهوريندس گهر ٻار،

    سکن ڪارڻ سنڌ جي گهوريندس گهر ٻار،
    وڏو اهو بار، لٿو ته لک ٿيو.


    ڊسمبر جي مينهن ۾ تکو اُتر واءُ،

    ڊسمبر جي مينهن ۾ تکو اُتر واءُ،
    مارو مسڪينا، سڄي رات سيءَ ۾.


    ڊسمبر جي مينهن ۾ تکو اُتر واءُ،

    ڊسمبر جي مينهن ۾ تکو اُتر واءُ،
    ڀڳل ڀونگا، ڀِڄي ڀِڄي ڀَت ٿيا.


    ڊسمبر جي مينهن ۾ تکو اُتر واءُ،

    ڊسمبر جي مينهن ۾ تکو اُتر واءُ،
    پکن چهاڪا، ٽمي ٽمي ڏينهن ٿيو.


    ڊسمبر جي مينهن ۾ تکو اُتر واءُ،

    ڊسمبر جي مينهن ۾ تکو اُتر واءُ،
    کاڌئون نه کاڌا، جاءِ نه رهي چُلهه جي.


    ڊسمبر جي مينهن ۾ تکو اُتر واءُ،

    ڊسمبر جي مينهن ۾ تکو اُتر واءُ،
    ڏٺو پاڻ الله ته مينهن، سنڌي ماريا.


    ڊسمبر جي مينهن ۾ تکو اُتر واءُ،

    ڊسمبر جي مينهن ۾ تکو اُتر واءُ،
    سانگي سٻاجها، رليءَ هڪڙيءِ روليا.


    ڊسمبر جي مينهن ۾ وڏڦڙا وسن،

    ڊسمبر جي مينهن ۾ وڏڦڙا وسن،
    سانگين سٻاجهن، ويهي رات وهائي.


    سُڪاءِ سنڌوءَ کي سنڌ نه ڀانئج سُڃ،

    سُڪاءِ سنڌوءَ کي سنڌ نه ڀانئج سُڃ،
    مري آئون اُڃ، وڙهندس وجود لئه.


    شاهه سچل سامي، ويٺا رت روئن،

    شاهه سچل سامي، ويٺا رت روئن،
    کجن ۽ کامن، سور پسيو سنڌ جا.


    سائي سکي سنڌ جا ماڻهو سڀ ملور،

    سائي سکي سنڌ جا ماڻهو سڀ ملور،
    ڪيڏا قيس ڪلور، ڏاڍا ڪيئي ڏيهه ۾.


    پاڻي ناهي سنڌ ۾، پيئندين ڇا ٻچڙا،

    پاڻي ناهي سنڌ ۾، پيئندين ڇا ٻچڙا،
    هي ساڳي ڪربلا جا يزيد ڪئي حُسين سان.


    دوها

    آزاد ڪي فضائون، گهرجن ٿيون زندگيءَ ۾،

    آزاد ڪي فضائون، گهرجن ٿيون زندگيءَ ۾،
    گُهٽجي ٿو دم هي منهنجو هن ڍير گندگيءَ ۾.


    مرده پرست ماڻهن ڪئي وهه آ حياتي،

    مرده پرست ماڻهن ڪئي وهه آ حياتي،
    جيون رهيو جنجل ۾، مرحوم ٿيو مماتي.


    گونگا انڌا ۽ ٻوڙا، سمجهن نٿا حقيقت،

    گونگا انڌا ۽ ٻوڙا، سمجهن نٿا حقيقت،
    پنهنجن به ڪين ڀانئيو واهه واهه ڙي واهه غريبت.


    منهنجي عزت ڪرڻ ۾، عظمت سندءِ سمايل،

    منهنجي عزت ڪرڻ ۾، عظمت سندءِ سمايل،
    زخمي ٿي پاڻ پوندين مونکي ڪندين جي گهايل.


    تو ماڻهپو وڃاءِ سڀ ڪجهه ڪيو آ حاصل،

    تو ماڻهپو وڃاءِ سڀ ڪجهه ڪيو آ حاصل،
    مون سڀ وڃاءِ ڇڏيو نه ماڻهپي کان غافل.


    اونداهه ۾ وئي آ، سنڌ جا هُئي سُهائي،

    اونداهه ۾ وئي آ، سنڌ جا هُئي سُهائي،
    هاڻي ته هڪ وڃو ٿي ڪريو ڪا روشنائي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515400
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205433
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ