ڪتاب جو نالو: چانڊوڪيون ۽ چيٽ
مصنف: عبدالواحد آريسر
ڇپائيندڙ: ٽوڙي پبليڪيشن
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 1987
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 06 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1863 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 829 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”چانڊوڪيون ۽ چيٽ“ محترم عبدالواحد آريسر جي نثري ٽڪرن تي مشتمل ڪتاب آهي۔ اهي نثري ٽڪرا سچ ته ضمير کي جهنجهوڙي ڇڏين ٿا۔ ” چانڊوڪيون ۽ چيٽ “ ڪھاڻي آھي، پياسي ٿَر ۾ پيل خالي گھڙن ۽ ويران کوھن جي ۽ انھن ماڻھن جي به، جيڪي بُک وگھي، پنھنجا گھر ڇڏي، اُڃيا بُکيا ٿر مان وقتاً فوقتاً نامعلوم منزلن ڏانھن روانا ٿيندا آھن.
” چانڊوڪيون ۽ چيٽ “ پوري انسانذات جي تاريخ جي اُرھه مان گوھا ڪري وھي نڪتل تخليق جو وھڪرو آھي ۽ ھر تخليق تي تنقيد ضرور ٿيندي آھي ۽ تنقيد عام طور تي ان تخليق جي مڃتا برابر ھوندي آھي. اسان سنڌ جي ڏاھن مان پُراميد آھيون ته اھي سنڌ جي مسئلن ڏانھن تخليقي رويو اختيار ڪندا، ڇاڪاڻ ته ھن ڪتاب جو ليکڪ چوي ٿو ته ” سنڌ جي صورتحال ٽائيم بم تي ويٺل اُن معصوم ٻار وانگر آھي، جيڪو چاڪليٽ چوسڻ ۾ مگن آھي ۽ کيس اھا خبر ئي ناھي ته اوچتو بم ڦاٽندو ۽ ھو ڇيھون ڇيھون ٿي ويندو. “
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • چمڪيا منھنجي چِت ۾ چانڊوڪيون ۽ چيٽ
  • انتساب !
  • ٻه ٻول
  • مھاڳ
  • چانڊوڪيون ۽ چيٽ

  • چمڪيا منھنجي چِت ۾ چانڊوڪيون ۽ چيٽ

    چمڪيا منھنجي چِت ۾ چانڊوڪيون ۽ چيٽ

    ” اياز


    انتساب !

    سامراجي وحشيت جو شڪار ٿيندڙ ٽوڙيءَ جي شھيدن، شھيد ڪمال راھمون، شھيد رضا محمد بنگلاڻي، شھيد نور خاتون، شھيد حنا قذافي ۽ شھيد ثنا جي نانءُ.

    ” ڪڪر ڪوٽ برج پرين، جت سڄڻ سحرون ڪن،
    آئون مٿان تن، شل انڊلٺ ٿي اُڀران. “

    ” لطيف “

    * عبدالواحد آريسر


    ٻه ٻول

    ھن کان اڳ ٽوڙي پبليڪيشن طرفان اسان ٽي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا آھن، ۽ ھي چوٿون ڪتاب اوھان جي ھٿن ۾ آھي. اسان ڪوشش ڪئي آھي ته اوھان تائين سنڌ جي محب وطن دانشورن ۽ اڳواڻن جا لکيل ڪتاب پڄائيندا رھون ته جيئن سنڌي قوم ۾ صحيح، سامراج دشمن ۽ ترقي پسند قومي سوچ پيدا ٿئي. انھيءَ سلسلي ۾ اسان ھن ڀيري سنڌ جي عظيم دانشور، تاريخ دان، محب وطن اڳواڻ ۽ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين محترم عبدالواحد آريسر جو ھي ٻيو ڪتاب ھن ئي اداري پاران ڇپائي، پڌرو ڪري رھيا آھيون. جنھن مان آريسر صاحب جي ” مطالعي جي ميز تان تخيل جي اُڏام “ جي پروڙ پئجي سگھي ٿي. اميد ته سنڌ جا سمورا حلقا ھن ڪتاب کي پسند ڪندا.

    * عبدالحڪيم ميمڻ


    مھاڳ

    ھر ھڪ سماج جي اوسر ۽ ارتقا (EVOLUTION) جي پنھنجي ھڪ الڳ ٿلڳ فطرت (NATURE) ٿئي ٿي. ان سماج جي پيچيدگين (COMPLECATIONS) کي ايتائين سمجھي ئي نٿو سگھجي، جيستائين ان ” اوسر واري فطرت “ کي سمجھيو نه ويو آھي. سنڌ مُلڪ انسانذات جي قديم ترين ديسن مان آھي، ان ڪري ان جي فطرت ۾ اھا قدامت واري گھرائي سمايل آھي- ھينئر ” سنڌ “ ڪھڙي حالت ۾ آھي؟ ڇو آھي؟ ان جي حالت ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آھي يا نه؟ جيڪڏھن آھي ته پوءِ اھا ڪھڙي نوعيت جي ھئڻ گھرجي؟ انھن سڀني سوالن جا جواب اسان جا پنھنجا ”نادان دوست“ ۽ ”داناءِ دشمن“ مختلف ڏين ٿا. پر انھن سڀني جوابن ۾ ھڪ خاص ڳالھ جيڪا پنھنجو پاڻ کي زورائتي نموني محسوس ڪرائيندي آھي، اھا ھيءَ ھوندي آھي ته اھي سڀ جواب عام طور ” ڏيساور “ کان سمگل ڪيل ھوندا آھن ۽ انھن کي لاڳو ڪرڻ کان اڳ شايد سنڌ جي ان مخصوص قديم ۽ تاريخي گھرائيءَ واري مزاج جو ڪڏھن تخليقي تجزيو ڪيو ئي نه ويو آھي. ان ڪري سماجي سائنس جي ميدان ۾ سنڌي معاشري جي صورت ان ليبارٽريءَ واري وڃي بيٺي آھي، جيڪا ” اڻ گھڙيل “ سائنسدانن جي تجربن سبب ٿيل ڌماڪن ۾ پنھنجي سموري سائنسي ترتيب وڃائي ويٺي آھي، ۽ ان جي درو ديوار ۾ ڏار پئجي ويا آھن. ان جا سمورا شوڪيس چِچرجي ويا آھن – ان صورت ۾ سنڌ جو حقيقي باشندو رڙيون ۽ دانھون ڪري سماجي سائنس جي نام نھاد ڄاڻن کي وينتي ڪري رھيو آھي ته ”ٻيلي ھاڻي رحم ڪيو، ڪٿي مورڳو ليبارٽري ئي تباھه نه ٿي وڃي.“ جيتوڻيڪ عمومي طور تي سنڌ جي اھا صورتحال سرھائيءَ جوڳي ناھي، پوءِ به وقت جا سڀئي سُقراط، اڃا زھر جا پِيالا پي مري نه ويا آھن. انھن لاءِ اڃا زھر ھلاھل تيار ٿي رھيو آھي. اھا ئي سنڌ لاءِ وڏي اخلاقي سھائتا آھي.
    ”جاڳ“ جي ” آ ڳ “ فرد جي جيون کي ھر وقت ”متحرڪ“ رکي ٿي. جاڳ کيس ڪائنات جي گھڻ پاسائين سونھن کان آشنا ڪرائي ٿي، فرد اُن آشنائيءَ جي موٽ ۾ تخليق واري عمل ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ تخليق جو عمل ته ”انفراديت جي خول“ جا سمورا درد ڄڻ ته مُسرتن جي راھن جا ”مانجھادا“ ٿيندا آھن. فرد جو ڪردار انفراديت کي نِيچ سمجھي، اجتمائيت جي جي ڇٽيءَ ۾ پناھه وٺندو آھي، اجتماعيت زندگي، سماج، قوم ۽ پوري جڳ جي سونھن کي سَرس ڪري ٿي. ان اجتماعيت جي حوالي سان ماڻھو مسئلن جا نوان رخ ڏسي ٿو، انھن جي وسعتن جا دائرا ڳولڻ بجاءِ محسوس ڪري ٿو ۽ پوءِ ان جھد ۾ لڳي وڃي ٿو ته ھن ڪائنات جي گلشن کي ” رنگن ۽ خوشبوئن “ جي ڪائنات بڻائڻو آھي، جنھن ۾ ڪوبه ” بي موت “ نه ماريو وڃي، ڪابه ڪَلي کِڙڻ کان اڳ چيڀاٽي نه وڃي، ڪوبه ڪبوتر اڏامندي گوليءَ جو بک نه ٿئي، ڪوبه ” پوپٽ “ مھڪار کان محروم نه رھي، ڪابه آس ڪاريءَ وانگر ماري نه وڃي ۽ ڪابه قوم پنھنجي فطري حق، پيدائشي حق، ” آزادگي “ کان وانجھي نه وڃي- ۽ آزادگي ته نالو ئي آھي ھزارين آدرشن جو- ڌرتيءَ جي آزادگي- قوم جي آزادگي- انسانن جي آزادگي- معاشرتي حقن جي آزادگي- احساسن ۽ اظھار جي آزادگي- ۽ اسان محسوس ٿا ڪريون ته ” چانڊوڪيون ۽ چيٽ “ انھن مڙني آزادگين جي حاصلات جي چاھنا رکندڙ ۽ ان چاھت جي حصول لاءِ جدوجھد ڪندڙ ھڪ سچي سپتي تخليق آھي، اھڙي تخليق جنھن ۾ ھڪ طرف زھر جا ڪڙا ڍُڪ آھن ته ٻئي طرف آبشارن جي شفاف وھڪرن جھڙا خوبصورت ۽ ڪومل جذبا. سنڌ جي ھزارين ورھين جي اتھاس جي دز ۾ لٽجي ويل سچ جي سامين جا پيرا ڄڻ ته اُجرا اُجرا ٿي ڏسجڻ لڳا آھن ”چانڊوڪيون ۽ چيٽ“ ۾.
    ھيءُ دور جتي پاڻ سان گڏ ھزارين روشنايون، رعنايون کڻي آيو آھي، ھن جھان جا منڌل سُٽ سلجھائي اسان جي آڏو ظاھر ٿيو آھي، اتي ھن دور جي جرڪندڙ راتين ۽ روشن ڏينھن ۾ اٻوجھه انسانن سان ۽ قومي جبر جي ٽياس تي ٽنگيل ماڻھن سان پاڻ کي ” ڏاھا ۽ مھا ڏاھا “ سڏائيندڙ ڪيڏا نه ڪِيس ڪن ٿا جو ھو علاءُ الدين خلجيءَ جي ٽولي ۾ بيھي به پاڻ کي دودي جا وارث ٿا سڏائين. ان صورتحال کي سنڌ جو ھاڃو چئجي يا انھن مھا ڏاھن جي غداري- سڄو سنڌي لوڪ پنھنجي حيثيت متعلق مڪمل آگھي حاصل ڪري چڪو آھي، پر ان لوڪ جي ھڪ رواداري به آھي ته ھو ھر ڪنھن جي ڳالھه ڏاڍي سڀاءُ ڀرئي سليقي سان ٻڌندو آھي ۽ اسان جا ” ڏاھا “ ان سليقي واري ورتاءَ کي ھاءِ جيڪ (HIJACK) ڪري چون ٿا ته سنڌ جو ماڻھو پنھنجو ھزارين ورھين وارو مڪمل ۽ الڳ آزاد تشخص بحال ڪرائڻ نه ٿو چاھي پر ھو ته صرف بورزوا جمھوريت چاھي ٿو؟- ( جنھن ۾ ڪنھن به باغيرت ۽ باضمير ماڻھو جي عزت، عظمت، عصمت سلامت نه رھي آھي- تجربو ) ان ڪري ته ڀٽائيءَ چيو ھو ته:
    وڍيس ويڄن ............!

    ٻين انيڪ سارن مسئلن سان گڏ اسان جي ھن ديس جو ھڪ وڏو مسئلو اھو به رھيو آھي ته ھتان جي مسئلن کي گھڻو ڪري يا ته حقيقتن کان ڪٽي جدا ڪري، ڪن مخصوص زاوين کان ڏٺو ويو آھي يا وري رومانوي ۽ تصوراتي انداز ۾- ” چانڊوڪيون ۽ چيٽ “ ۾سنڌ، تاريخ ۽ پوري جڳ جي حوالي سان ڪجھ واقعن ۽ مسئلن کي تخليقي ۽ ” حقيقت پسند “ انداز ۾ کنيو ويو آھي- انھن مسئلن کي ضروري ناھي ته سڀيئي ماڻھو ايئن ڏسن، جيئن ”چانڊوڪيون ۽ چيٽ“ جو ليکڪ ڏسي ٿو. پوءِ به ھي ڪتاب سنڌ جي مسئلن تي سوچڻ لاءِ نيون راھون ضرور کوليندو. ( ڇاڪاڻ ته تخليقي عمل لاءِ اھو ضروري ناھي ته ھر ننڍي وڏي ڳالھ تي ڪو وڏو ليڪچر يا ٿيسز لکي وڃي ). ”چانڊوڪيون ۽ چيٽ“ ۾ ڪافي اھڙيون شيون به آھن جيڪي سنڌي ماڻھن کي سياسي دانشور سڏائيندڙن سان سندن رشتن ۽ لاڳاپن جو نئين سر جائزو وٺڻ لاءِ مجبور ڪنديون- ھن ڪتاب جو ليکڪ شروع کان عدم تشدد جو حامي رھندو اچي پر ھن ميڙاڪي ۾ آيل سندس کوڙ تخليقون پڙھندڙن کي گھٽ ۾ گھٽ ” جوابي تشدد “ جو مظھر محسوس ٿينديون. اھا صورتحال سنڌ جي سموري تاريخي مزاج جي محاصل آھي. ھن ليکڪ جي لکڻين ۾، ٿَر جي ويراني آھي، سنڌ جا ڏک آھن، سندس لکڻين ۾ سنڌ جي تاريخ جي ڊگھي سفر ۾ شھيد ٿي ويل سورمن جي محبوبائن جون ڳايل وڇوڙي جون وايون آھن. ” چانڊوڪيون ۽ چيٽ “ جي لکڻين ۾ سنڌ واسين جون اکيون کرڙيءَ جي شھيدن جو ڪيڏارو ڳائيندي محسوس ٿين ٿيون. انھن اکين ۾ آزاديءَ جون مسرتون ۽ امنگون رقص ڪندي محسوس ٿين ٿيون. لفظن جي تاثر مان جيڪي رنگ ٺھن ٿا، انھن رنگن پٺيان بي رنگ زندگيءَ جا عڪس به آھن ته ڪارونجھر جي ڪور تي ٽَھوڪا ڪندڙ مور جا سنھري پر به آھن. ظاھر ظھور ته شايد ائين ٿئي جو لفظن جي خوبصورت جڙاءُ ۾ اسان جون نظرون، رڳو تصور جي سونھن ۾ اٽڪي پون پر- ڏِسڻو اسان کي ڪاڇي ۽ ڪارونجھر جي گود ۾، ڀالوا جي ڀِٽ تي، کاروڇاڻ جي پٺ تي بي رنگ زندگي گذاريندڙ مارو ماڻھن جي جھوپڙن ۽ چؤنرن ۾ آھي. ھي لفظ، ھي چانڊوڪيون ۽ ھي چيٽ سموري سنڌ جون، سموري غلام دنيا جون، ۽ سموري چوٿين دنيا جون، ڪيھون/ رڙيون آھن. بيمار ماڻھو آھن، تعليم کان محروم ٻار، روزگار کان وانجھيل نوجوان، ۽ بُک جھولين ۾ کڻي ھلندڙ عورتون آھن- چانڊوڪيون ۽ چيٽ “ ۾ درد سمايل آھي راھه جي رھزنن ھٿان مارجي ويل مالڪ شھيد، ذڪريا ميمڻ، مٺو بليدي، امان الله وسطڙي، رضا بنگلاڻي، ڪمال راھمون، ھيمون ڪالاڻي ۽ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مڙني سنڌ جي شھيدن جو.
    ” چانڊوڪيون ۽ چيٽ “ ڪھاڻي آھي، پياسي ٿَر ۾ پيل خالي گھڙن ۽ ويران کوھن جي ۽ انھن ماڻھن جي به، جيڪي بُک وگھي، پنھنجا گھر ڇڏي، اُڃيا بُکيا ٿر مان وقتاً فوقتاً نامعلوم منزلن ڏانھن روانا ٿيندا آھن.
    ” چانڊوڪيون ۽ چيٽ “ پوري انسانذات جي تاريخ جي اُرھه مان گوھا ڪري وھي نڪتل تخليق جو وھڪرو آھي ۽ ھر تخليق تي تنقيد ضرور ٿيندي آھي ۽ تنقيد عام طور تي ان تخليق جي مڃتا برابر ھوندي آھي. اسان سنڌ جي ڏاھن مان پُراميد آھيون ته اھي سنڌ جي مسئلن ڏانھن تخليقي رويو اختيار ڪندا، ڇاڪاڻ ته ھن ڪتاب جو ليکڪ چوي ٿو ته ” سنڌ جي صورتحال ٽائيم بم تي ويٺل اُن معصوم ٻار وانگر آھي، جيڪو چاڪليٽ چوسڻ ۾ مگن آھي ۽ کيس اھا خبر ئي ناھي ته اوچتو بم ڦاٽندو ۽ ھو ڇيھون ڇيھون ٿي ويندو. “

    ناز سھتو
    27 اپريل 1987ع
    حيدرآباد سنڌ


    چانڊوڪيون ۽ چيٽ

    چانڊوڪيون ۽ چيٽ

    *

    دودو مھيريءَ جو پيءُ فوجي ميجر جي سامھون.
    ميجر:- پوڙھا ڇالاءِ آيو آھين؟
    دودي جو پيءُ :- منھنجو پُٽ گرفتار آھي. ھو ڊاڪٽري ان لاءِ پڙھي ٿو ته جيئن ڏکويل انسانذات جي خدمت ڪري سگھي. پر ھن کي گرفتار ڪري ڦٽڪا ھنيا پيا وڃن. آئون اھو چوڻ آيو آھيان ته منھنجي پُٽ کي آزاد ڪريو ته جيئن ھو وڌيڪ ڊاڪٽري پڙھي سگھي.
    ميجر:- تون پنھنجي پُٽ کي سمجھاءِ ۽ ان جي آزاديءَ لاءِ پنھنجي طرفان معافي نامو لکي ڏئي ته ھو اڳتي لاءِ سنڌ جي سياست نه ڪندو ته پوءِ اسان کيس آزاد ڪري ڇڏيون.
    صالح مھيري (دودي جو پيءُ) :- ميجر صاحب! جيڪي معافيون لکندا آھن، اھي دودن جا پيءُ نه ھوندا آھن ۽ نه ئي معافي ناما لکندڙن کي دودا پُٽ ڄمندا آھن. پنجابي ميجر اُٺيون چاريندڙ جت صالح مھيريءَ جي ڳالھ جي گھرائيءَ تائين پھچي نه سگھيو ۽ دودي جو پيءُ عدالت جي ڪمري مان ٻاھر نڪري ويو.

    *

    جِسم سمورو رت ھاڻو ھو. ڪليشن جي گولين ڄنگھ جو گوشت نبضن سميت اڏائي ڇڏيو ھو. سندس جانباز ساٿي ۽ کائڙ جي کاھوڙي ڪمال راھمونءَ جو لاش سندس اڳيان رکيو ھو ۽ ڄڻ چئي رھيو ھجي ته ٿَري ساٿ ائين نڀائيندا آھن. ساھه ته ڏيندا آھن پر ساٿين جو ويساھه ٽُٽڻ نه ڏيندا آھن. بزدل، ڀاڙي جي قاتل کي ھن جا ساٿي ٻَڌي، سندس سامھون وٺي آيا. قاتل ڊپ کان ايئين ڏڪي رھيو ھو، جيئن طوفان ۾ ڪانھن جا ڪانا ڏڪندا آھن. قاتل کي ٻَڌي ايندڙ ساٿين جو خيال آھي ته ھن کي ماريو وڃي، جنھن سينڊوز ڪمپنيءَ جي پنجابي انتظاميه کان ڀاڙو وٺي، اوھان کي قتل ڪرڻ ٿي چاھيو. زخمي نوجوان جي چھري تي سخت پيڙا ھوندي به باک جي ڪِرڻن جھڙي مُرڪ ڦھلجي ويئي ۽ پنھنجي ساٿين کي چوڻ لڳو، ” ڇڏي ڏيوس! قادر مگسيءَ جي گولي ايڏي ذليل ۽ بي مانائتي نه آھي جيڪا ھڪ سنڌي ماءُ جي ھنج خالي ڪري ۽ ڪنھن سنڌي انسان جي چپن تان مُرڪ ھميشہ لاءِ ختم ڪري ڇڏي، اھا ئي ته رني ڪوٽ جي رکوال کان مونکي تعليم ملي آھي. “

    *

    ھي فتوى فروش، ھي ڏاڙھي پوش غنڊا ۽ ھي حبِ وطن جا ٺيڪيدار: انھن کي صرف ڪارن، ڪوٺين، درآمدي، برآمدي، ليسنن، اٽي ۽ کنڊ جي ڊيپن سان محبت آھي. انھن کي وطن ۽ ڌرتيءَ جي مِٽيءَ سان محبت ناھي. انھن کي اُن محبت جي خبر ناھي جيڪا ڏُڪارن ۽ توپن جي ٺڪائن ۾ ٿَري انسانن کي ٿر جون تليون پاڻ سان ايئين چنبڙايو ويٺيون آھن، جيئن ٻه محبت ڀريون دليون پھريون ڀيرو ملنديون آھن. اھا محبت جا امرتسر جي ھاريءَ کي گولين ۽ بمن جي وسڪارن ۾ راويءَ جي ڪناري تي ماھيا ڳارائيندي آھي. اھا محبت جيڪا خوشحال خان خٽڪ جي سنگلاخ سرزمين ۾ انگريز سامراجيت جي گھوڙن جون لتون ۽ مغل شاھيت جي تلوارن جا گھاءَ کائڻ جي باوجود به اُتي جي ڪنواريءَ کان اھو چورائي ته، آئون ان جوان سان شادي ڪندس، جنھن غلاميءَ کي ھميشه لاءِ طلاق ڏني ھجي ۽ اھا محبت جيڪا مست توڪليءَ جي ڪاريزن واري ڌرتيءَ ۾ ٻڪريون چاريندڙ کي فوجين جا لڱ ڪانڊاريندڙ ظلم به پنھنجي ماتر ڀوميءَ کان جدا نه ٿا ڪري سگھن. پر ھي وطن جا ھٿرادو ٺيڪيدار جڏھن مذھب جو روپ ٿا ڌارين، ان وقت مونکي انھن جي چپن تي عورتن جي عصمتن جي رت جا ڦڙا نظر ٿا اچن، انھن جي واڇن مان معصوم ٻارن جو رت ڳڙندو ڀاسندو اٿم. انھن جي لباس تي ڳڀرو جوانن جو گرم رت ظاھر ظھور ڏسڻ ۾ ايندو آھي. اھي اڄ جا غدار ۽ مفاد پرست حب الوطني ۽ پاڪستان جي جوڙجڪ جا سرٽيفڪيٽ ورھائيندڙ چوندا وتن ته جي- ايم- سيد ۽ سندس ساٿي غدار آھن. جن کي نه غداريءَ جي معنى جي خبر آھي ۽ نه حب الوطنيءَ جي لذت جي ڄاڻ. تن کي آئون چوڻ ٿو چاھيان ته، ” اچو! ڏکڻ ايشيا جي ھن علائقي ۾، ۽ ماتر ڀوميءَ جي ھن سرزمين تي ھڏيون ڳڻيون ته ڪنھنجي ابن ڏاڏن جون گھڻيون ھڏيون پوريون ويون آھن. اچو ته اھي ڳوڙھا ڳڻيون جيڪي ھن ڌرتيءَ جي وينگسن جي نيڻن مان پنھنجن پيارن جي شھادت ۽ جدائيءَ ۾ وھيا آھن. اچو ته انھن معصوم آھُن ۽ دانھن جو شمار ڪريون، جيڪي ھتي جي ڪنوارين جي ڪومل دلين ۾ سدائينءَ لاءِ گھُٽبيون رھيون آھن. ته اھو سڀ ڪجھ پنھنجن جو گھڻو آھي. آءٌ ھن سرزمين جي نمڪ حلال فرزند جي حيثيت ۾ انھن سڀني ھڏين، سڀني قربانين، انھن سڀني ڳوڙھن، انھن مڙني آھُن ۽ دانھن جو وارث آھيان. آءٌ ڪنھن به صورت ۾ اھي ڪنھن ٻئي جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار نه آھيان ۽ نه ئي دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار آھيان. غدار اھي آھن، ملڪ ۽ قوم جا ويري پڻ، جن جي ھن سرزمين سان ڪابه جذباتي وابستگي نه آھي. جن کي ھن ڌرتيءَ جا لھلائيندڙ کيت ڏسي، نادر شاھه ۽ شاھه بيگ ارغون ياد ايندا آھن، پر مونکي اھي ساوا چھچ کيت ڏسي، ڀٽائي ياد ايندو آھي؛ دريا خان جا رت ڦڙا ياد ايندا آھن، موٽڻ ۽ محمود جون فوجون ۽ انھن جون لٿل سِسيون اکين اڳيان ڦرنديون آھن. بلاول جي ھڏين جا ڪڙڪاٽ ۽ ٽڙڪاٽ ٻڌڻ ۾ ايندا آھن. ۽ پوءِ آءٌ ھن ڌرتيءَ تي پنھنجي رھنما، پيارن ۽ پيارين سان گڏ گِيت ۽ ڪيڏارا لکڻ سان گڏ جيئڻ مرڻ جو سوچيندو آھيان.

    *
    چيو ويندو آھي ته راءِ ڏياچ جي سؤ سِسين جو مُلھ به ٻيجل جي تند کان سھانگو ھو. پر ڇا رڻمل سوڍي جي انھيءَ رت ڦڙي جي قيمت ٻيجل جي سُرندي جو سمورو سوز ادا ڪري سگھندو، جيڪو رتُ ڦڙو ٽلٽيءَ جي ميدان ۾ مخدوم بلاول جي چوڻ تي وھيو ھو ۽ انھيءَ سِسيءَ جي قيمت ڪير ڪٿيندو، جيڪا ٽلٽيءَ جي ميدان ۾ سارنگ سھتي جي ڪنڌ تان ڪري.

    *

    ھڪ ترقي پسند دانشور مون کان پڇيو ته، ” ھڪ ڀٽو اُھو ھو، جنھن اوھان جي راءِ مطابق سنڌ کي سمورن وسيلن سميت پنجابين وٽ گروي رکيو ۽ غلام بڻايو، ۽ ٻيو ڀٽو اھو، جيڪو ڦاسيءَ جي تختي تي چڙھي ويو. سندس پوئين ڪردار ۽ پھرئين ڪردار جي باري ۾ تنھنجي راءِ ڇا آھي؟ “
    مون الٽو ھن کان پڇيو ته پھرين مون کي ھڪ سوال جو جواب ڏي. روايت آھي ته، ” چنيسر نالي ھڪ سومرو دھليءَ جو ڪو لشڪر وٺي سنڌ ۾ آيو، دھليءَ جي لشڪر ھٿان سنڌ تباھه ٿي ويئي، دودن جو خاندان مارجي ويو ۽ پساھه ڏيندڙ دودي جي شھپر کي جڏھن دھلوي سپاھه جي ڪمانڊر لت ھنئي ته چنيسر ڪاوڙجي پيو ۽ تلوار ڪڍي ھندي فوج سان وڙھندي مارجي ويو. تون مھرباني ڪري چنيسر جي انھن ٻنھي لاڙن جي وضاحت ڪر. “
    ھن حيران ٿي مون ڏانھن ڏٺو ۽ چوڻ لڳو ته مون کي جواب ملي ويو.

    *

    پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ جڏھن پاڪستان سرڪار گڏيل قومن ۾ پنھنجي ميمبريءَ لاءِ درخواست ڏني ته ان وقت صرف ٻن ملڪن پاڪستان جي ميمبر ٿيڻ تي اعتراض ڪيو ھو. ھڪ افغانستان ۽ ٻيو چيڪوسلواڪيا. افغانستان جي مخالفت ته سمجھ ۾ اچڻ واري ڳالھ آھي، پر چيڪوسلواڪيا جي مخالفت جو سبب ھي آھي جو جڏھن ھٽلر چيو ھو ته چيڪوسلواڪيا اسان جو آھي، ڇوته ان ۾ جيڪي سوئيڊ جرمن ويٺا آھن سي فاتح ٿي چيڪوسلواڪيا ۾ آيا ھئا، ان ڪري انھيءَ ملڪ تي اسان جو حق آھي. ھٽلر جي انھيءَ دعوى تي سموري دنيا ٺٺوليون ڪيون، پر رڳو جناح صاحب ھو جنھن چيو ته ھٽلر صحيح آھي ڇوته جيئن اسان مسلمان فاتح ٿي ھندوستان ۾ آيا آھيون ۽ اڄ ھندوستان تي پنھنجي دعوى ۾ صحيح آھيون، تيئن ھٽلر به صحيح آھي ته چيڪوسلواڪيا سندن ملڪ آھي. جناح صاحب جي اھا ڳالھ ھٽلري قبضي خلاف وڙھندڙ قومپرستن ۽ ڪميونسٽن کي ياد ھئي. ان ڪري ھٽلر جي زوال کان پوءِ جڏھن اھي اقتدار ۾ آيا ته پوءِ اقوامِ متحدہ ۾ انھن پاڪستان جي شموليت جي مخالفت ڪئي ھئي ته جناح ۽ ھٽلر ۾ ڪوبه فرق نه آھي.

    *
    اڄ جي سِنڌ غلامن جو ٻيڙو آھي ۽ ٻيڙي جي ھر پھريدار جي ھٿ ۾ ھنٽر آھي، جيڪو پوري قوت سان ان ٻيڙي ۾ سوار ھر سرڪش غلام جي جسم تي ڦھڪا ڪندو ٿو رھي، پوءِ به ان ٻيڙي جا پھريدار ڪن مردن ۽ عورتن کي چوندا ٿا وتن ته اسان توھان نه رڳو ڀائر آھيون پر اوھان کي حاڪم مڃڻ لاءِ به تيار آھيون ۽ اھي نادان ھنٽر جي ڦھڪاءَ کي ڀٽائيءَ جي تنبوري جو آواز سمجھيو ويٺا آھن.
    *

    رامائڻ جو ھيرو رام چندر ۽ مھاڀارت جو ھيرو ڪرشن مھراج ٻئي دراوڙ ھئا، ۽ ڪاري رنگ جا ھئا، جن کي اڇي چمڙيءَ وارن پنھنجا پيغمبر ڪري مڃيو. انھن ٻنھي جو تعلق ڏکڻ ھندوستان سان ھو، جتي اڄ به دراوڙ گھڻائيءَ ۾ ٻُڌجن ٿا. اھا حقيقت منھنجي لاءِ نئين آھي ۽ ڇا اھا دراوڙن جي آرين تي فتح نه آھي!

    *

    چيو پيو وڃي ته سنڌ ۾ ٻاھران داخل ٿيندڙ بيروزگار آھن، روزگار جي ڳولا ۾ ھتي اچن ٿا، ان ڪري اھي ڦورو ناھن- ڇا سچ پچ ائين آھي ته ھر ٻاھران داخل ٿيندڙ ماڻھو بيروزگاري ۽ بُک سبب ٻئي مُلڪ ۾ اچي ٿو. جيڪڏھن ايئين آھي ته پوءِ ڏکڻ آفريڪا ۽ نميبيا ۾ گورا به ڦورو ناھن. سنڌ ۾ سڪندر يوناني، ابن قاسم ۽ شاھه بيگ ارغون به ويچارا بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي تغاريون کڻڻ لاءِ آيا ھئا.
    ھر مرڪندڙ عورت جي دل ۾ محبت جو ڪنول ٽڙيل نه ھوندو آھي، پر ڪنھن جي مُرڪ جي پٺيان دل ۾ ڪيني ۽ نفرت جو ٿوھر به ڦُٽل ھوندو آھي، بلڪل ان ريت ھڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ۾ ويندڙ ھر ڌاريون ماڻھو ابن بطوطـه يا بيروزگار نه ھوندو آھي پر گھڻي ڀاڱي اھو شاھه فقيرالله، ابن قاسم، ھلاڪو ۽ خان خانان به ھوندو آھي.پر جيڪڏھن واقعي سڀ بيروزگار آھن ته انھن جو ٺيڪو انسانيت جي نالي روس ۽ چين کي، مذھب جي نالي سعودي عربيه کي ڏيو ته خبر پوي. سادي نموني ھيئن سمجھو ته سويت يونين ۾ روزگار جي ڪا ھڪ آسامي ٿي نڪري ۽ ان لاءِ ھڪ اميدوار چيني آھي ۽ ھڪ روسي ته پوءِ روسي اھا نوڪري روسيءَ کي ڏيندا نه چينيءَ کي، اھو آھي سوشلزم ۾ نيشنلزم- ساڳي طرح ھڪ نوڪريءَ جو اميدوار عرب آھي ۽ ان ئي ساڳيءَ جو پاڪستاني عالم سڳورو، ته اھا نوڪري انھيءَ سعودي عربيه واري کي ملندي. اھو آھي اسلام ۾ نيشنلزم. البت پاڪستاني کي جاسوسي يا سپلاءِ لاءِ اھا نوڪري ڏين ته ٻي ڳالھ آھي.

    *

    خان ڳڙھه کان ننگر تائين سنڌ ڄڻ گدڙ کائي ويا- حيدرآباد جي قلعي تان آزاد سنڌ جو جھنڊو لھي ويو. اپر سنڌ جا چانڊيا ۽ بليدي به آڻِ مڃي ويھي رھيا، پر پوءِ به ننگر ٻريو پئي. ڪولھين، سوڍن جي صاحبي ۽ ٿر جي سئيزرلينڊ ننگر کي فرنگين جي ناپاڪ قدمن کان بچائڻ لاءِ ھر ممڪن طريقو اختيار ڪيو. پورا پنج مھينا ٿر جا ھٿيار ۽ ٿري روايتي جنگ جوٽي انگريزن جي مقابلي ۾ بيٺا رھيا. ٿرين سِر جو سانگو لاھي مڙساڻيون چوٽون کاڌيون. اھي جنگيون روپلي جي اڳواڻيءَ ۽ تدبير سان وڙھيون پئي ويون. نيٺ روپلو جھلجي پيو- سوڍا جاگيرن جي لالچ ۾ پيش پيا، روپلي آڻ مڃڻ کان انڪار ڪيو. ان ڪري انگريزن روپلي جي مٿي تي اٽي جا پِنوڙا ٺاھي، انھن ۾ گاسليٽ وِجھي باھه ڏني- ھٿن جي تِرين ۽ آڱرين تي تيل ۾ ٻڏل ڪپھ ويڙھي، انھن کي باھه ڏني ويئي. مڙس جو ڪارو جسم واسينگ وانگر ور کائڻ لڳو، اکيون ٽانڊن وانگر ٻرڻ لڳيون، ڏونرا سِيٽجي ويا، شھپر خنجر وانگر اڀا ٿي ويا. نَس نَس ۾ وسڪاري جي سڪندڙ گاھه جي سرھاڻ اچي ويئي. لھندڙ سج جي ڳاڙھاڻ ۾ ڪارونجھر ايئين ڳاڙھو ٿي ويئي، ڄڻ ڪنھن ٿري ڇوڪريءَ تلڪ لڳايو ھجي يا ڪنھن سائو رتو مولھيو ٻڌو ھجي آرڻ ۾ اچڻ لاءِ.
    روپلي سج جي لھندڙ ڪرڻن ڏانھن ڏٺو. ڪارونجھر مان اٿندڙ زندگيءَ کي مست بڻائيندڙ خوشبوءَ کيس اھي راتيون ياد ڏياريون جيڪي ڪنھن جي گرم ارھن ۽ ڪوسي جسم سان واسيل ھيون. ھن کي نوجوان ڪولھڻين جا راسوڙا ۽ مٽڪو راند ڪرڻ وقت گھاگھرن جا گھيرا ۽ پيٽن جا پيچرا ياد آيا. ھن ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ اتر طرف ڪنھن آواز ڏانھن ڏٺو. سندس زال اچي رھي ھئي، سندس پٺيو ڦاڙي تتر جا ٻه ٻچا اڏرڻ لاءِ آتا ھئا ۽ ڦٿڪي رھيا ھئا. ھن ماني ھيٺ رکي روپلي جي اکين ۾ ڏٺو. خبر ناھي عورت جي اکين ۾ ڪھڙو ڪامڻ ھوندو آھي جو انھن ۾ ڏسڻ سان ھلاڪو ۽ اورنگزيب جھڙا پٿر دل به پگھرجي ويندا آھن. سو جوان ڪولھڻ جي اکين ۾ ڏسڻ سان روپلي جي سرير جي پيڙا ڪنھن ازلي سور ۾ بدلجي ويئي. اکين ۾ اٿاھه پاٻوھه پلٽجي آيس. پينھنجي استريءَ کي ويجھو سڏيائين ايترو ويجھو جو ٻه جسم ھڪ ٿيڻ لاءِ تڙپندا آھن- ساھه ٻن ماڻھن جا، ھڪ ٻئي ۾ وچڙڻ ۽ اٽڪڻ لڳندا آھن. پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ چيلاٽا چرندا آھن. ھو ٻئي ايترو ويجھا ٿي ويا جو عورت جي مڌ ڀريل اکين مان رت ھاڻا ڳوڙھا روپلي جي ڏنڀيل جسم تي ڪريا ۽ روپلي سڙٻاٽ ڪيو، ” پرين! ھيءَ حياتي، ھي ھيج، ھي ڪارونجھر، ھي وسڪارا ۽ ھي چانڊوڪين ۾ جوانن جون ڏانڊين جون رانديون ڪيڏا نه سندر آھن، ھي گاھن جي سرھاڻ جيڪا ڪارونجھر جي ڪُک مان جنم وٺي ٿي، سا ڪنھن گوري جي ھَٽ تي ملي سگھندي؟ ھي سج لھڻ جي ويلي جو رنگ رتول، ھن حياتيءَ کان سواءِ ڪٿي ملندو. ھي ماکيءَ ۾ ٻڏل چميون ۽ مينديءَ رتا ھٿ ھن جيون کان سواءِ ڪٿي ھوندا؟ ڪٿي به نه، نرڳ ۾ نه سرڳ ۾. اھو سڀ ڪجھ ھن حياتيءَ ۾ ئي آھي، پر انھيءَ حياتيءَ جي سندرتا ۽ سرھاڻ به ھن ڪارونجھر جي ڪور ۽ ھن ڌرتيءَ سان ٻڌل آھي. کوھه ۾ پيل ماڻھوءَ کي ڪابه شئي سندر نه لڳندي آھي. ان ڪري حياتيءَ جي انھيءَ ھيج ۽ شرھاڻ سندرتا ملوڪ ٻائيءَ کان به وڌيڪ ڪا شئي قيمتي سندر آھي، مھانگي ۽ ابدي آھي. اھا ڌرتي ۽ ان جي آزادي؛ جنھن ۾ انسان جو نسل سدائين سندرتا ماڻي؛ ھميشہ مورن جي پرن جي ڦھلاءَ جو جلوو ھوندو آھي. ھاءِ- آءٌ مري رھيو آھيان، منھنجو جسم سڙي پيو. ساھه جون رڳون تنھنجي وارن جي سرھاڻ کڻي وڃڻ لاءِ انھن ۾ اٽڪي پيون آھن. ننگر ناس ٿي ويندو- ڪارونجھر ۾ مور ڏانھن ماريءَ جو ڪانُ ڪشجي ويو آھي، شايد وري مور جي رڙ ٻڌڻ ۾ نه اچي، جو فاتح نه رڳو پنھنجا ھٿيار ۽ ساز آڻيندا آھن، پر پکي به پنھنجا وٺي ايندا آھن ۽ پوءِ ڪجھ به نه رھندو- حياتيءَ جي ھيج سان گڏ آزاديءَ جي اُڏام به ڪاتر سان گھايل تتر وانگر بولاٽيون کائيندي، ڪارونجھر جي غفا ۾ گم ٿي ويندي، ڪوبه راڻو راڄ نه ڪندو. ننگر جا ڏھر ھيرڻ، ڏينن بدران گوليون اوڳاڇيندا. ھاڻ ڪو وڙھڻ وارو مون کي نه سُجھي. ڪارونجھر جو ڇا ٿيندو؟ ننگر جو ڇا ٿيندو؟ ، اھو ٻڌي ڪارونجھر جي ڪامڻيءَ جا چپ ڦڙڪيا، اکين ۾ ڪا امر جوت جرڪي ۽ روپي جي ڪنن ۾ ڪامڻيءَ جا اکر امرت اوتڻ لڳا.
    ” روپا! توکان پوءِ آئون چاند بيبي نه ٿي سگھيس ۽ ڪنھن ڪولھيءَ مونکي زال جي روپ ۾ قبول نه ڪيو ته به آئون پنھنجي ڪُک سائي ڪرائيندي رھنديس ۽ جيڪو نسل پيدا ٿيندو، تنھن کي تنھنجو سبق پڙھائينديس ته آزاديءَ جي گھايل تِتر کي ڪارونجھر جي غفا مان ڪارونجھر جي چوٽي عقاب وانگر اُڏايو، ان وقت تائين، جيستائين ھن ڌرتيءَ تان گوري جي پير جو آخري نشان به ختم ٿي وڃي. اھو منھنجو توسان وچن آھي! “ ايئين چئي ھن پنھنجا گيتا جي صفحن کان به وڌيڪ مقدس چپ روپلي جي چپن تي رکيا ۽ روپلي جو ڪنڌ ھڪ طرف ڍرڪي ويو.

    *

    ھندو لفظ سنڌ مان ورتل آھي، پراچين دور ۾ واديء سنڌ جي سڀني رھاڪن کي ھندو- سنڌي ھڪ معنى ۾ اچاريو ويندو ھو.


    *


    سالو بڙدي! مون جڏھن ”نئين مصر جا پراڻا ورق“ (DRY LEAVES FROM YOUNG EGYPT) ۾ تنھنجي فوٽوءَ ۾ توکي نوڙَن ۽ رَسن سان ٻڌل ڏٺو ھو، ان وقت مون واقعي سوچيو ھو ته اي- بي ايسٽوڪ (E.B. EASTWICK) توکي ڌاڙيل لکي سچ جو اظھار ڪيو آھي. پر جڏھن ٽوڙي جي ميدان ۾ مالڪ خشڪ، ذڪريا ميمڻ، امان الله وسطڙي، انور عباسي ۽ مٺو بليديءَ کي ڌاڙيل قرار ڏيئي شھيد ڪيو ويو تڏھن مون کي پڪ ٿي ويئي ته حاڪمن، ڪلائيو کان وٺي ميجر عباس تائين جيڪي ڪجھ سنڌي اَرڏن جي باري ۾ چيو آھي، سو حاڪمن جي مِڪر، فريب ۽ ڪُوڙ تي ٻَڌل تاريخي داستان آھي ۽ تون ڌاڙيل نه پر انگريزن جو دشمن ھئين.

    *

    سرمد چار رباعيون لکي، پنھنجي قيمتي حياتي گنوائي ڇڏي. پر مون جڏھن پڙھيو ته ابوالڪلام آزاد وصيت ڪئي ھئي ته مون کي سرمد جي پيرن کان دفن ڪجو تڏھن مون محسوس ڪيو ته سرمد جي چئن رباعين، اورنگزيب جي چاليھن سالن جي حڪومت تي ابدي فتح حاصل ڪري ورتي آھي. اورنگزيب کي ڪھڙي ضرورت ھئي جو ھن چاليھن ورھين جي خاطر انساني تاريخ جي طويل ترين شڪست جي لعنت جو طوق ڳچيءَ ۾ وجھي ڇڏيو- اڄ ننڍي کنڊ جو انسان سرمد جي رباعين پٽاندر جيون گھاري رھيو آھي نه ڪي ”فتوا عالمگيريءَ“ مطابق. سرمد! تون لافاني آھين جو محبت خاطر حياتيءَ سميت تو سمورو سرمايو لٽائي ڇڏيو.

    *

    اي اورنگزيب! تون ڪيڏو نه ڪٺُور آھين جو پنھنجي حَسين ۽ باذوق ڌيءُ کي سموري حياتي محبوب جي گرم ڀاڪرن ۽ انڊلٺي چُمين کان محروم رکي ڇڏيئي، سو رعيت کي ڪھڙي محبت ڏيئي سگھيو ھوندين!

    *
    برج البراجنا ۾ گھيري ۾ آيل

    فلسطينين کي کاڌي ۽ پاڻيءَ کان محروم ڪيو ويو آھي ۽ اھو ڪم شيعه امل مليشيا ڪيو آھي ۽ ڪري رھي آھي. انھيءَ حالت ۾ فلسطيني مجبور ٿيا آھن ته ڪتا ، ٻلا ۽ ماڻھن جو ماس کائين. جيڪي لاريون امدادي سامان کڻي برج البراجنا وڃي رھيون ھيون، تن کي شيعه عمل مليشيا روڪي ڇڏيو آھي- اھو ٻڌي مون سوچيو ته ڇا حسين جي نالي ۾ يزيديت ايئين ٿيندي آھي، جو حُسين جا پوئلڳ يزيد جي پيروي ڪري رھيا آھن.

    *

    نيل گگن جي وسعت ۾ ستارن جي سيج تي گانڌي ۽ ڀڳت سنگھ آمھون سامھون ويٺا آھن- ڀڳت سنگھ جي سدا ملوڪ مُھانڊي تي مُرڪ ڇانيل آھي. مھاتما گانڌيءَ جي مُک تي مھاتما ۽ ڳنڀيرتا ڇانيل آھي. اھنسا ۽ ھنسا تي بحث ھلي رھيو آھي. گانڌي سموري اُپکنڊ تي نظر ڊوڙائيندي چوي ٿو، ”ٻالڪ! جيڪو ڪنھن ماڻھوءَ جي جسم ۾ گولي پوکي ٿو، اتان گولي ئي ڦُٽندي آھي ۽ پوءِ گولين ڦُٽڻ جو ھڪ اڻ کُٽ سلسلو شروع ٿي ويندو آھي ۽ گولي ھلائيندڙ کي گولي ئي پلئه پوندي. ايئين ٿي نه ٿو سگھي ته اوھان ڪڻڪ پوکي چانور لُڻو.“ گانڌي ڳالھائي رھيو ھو، ان وقت به سندس سيني مان رت ڦوھارو ڪري وھي رھيو ھو ۽ ان جا ڇنڊا اُپکنڊ جي ڌرتيءَ تي ڪِري رھيا ھئا- ڀڳت، گانڌيءَ جي جسم مان وھندڙ رت ڏسي ٽوڪ واري مُرڪ مُرڪندي چوي ٿو، ”ٻاپو! اوھان ته ڪنھن جي جسم ۾ گولي پوکي ئي نه ھئي ته پوءِ اوھان جي سرير ۾ گوليءَ ڪيئن گھاءُ ڪيو. جڏھن ته مون ڪيترن ئي جسمن ۾ گوليون پوکيون پوءِ به مونکي پاسيءَ جو ڦندو نصيب ٿيو.“ ايئن چئي پنھنجي ڳچيءَ تي ڦاسيءَ جي رسي جي نشانن تي ھٿ ڦيري ٿو.
    گانڌيءَ چيو،” آئون انھن سڀني جي ڪُفاري طور سيني ۾ گولي سانڍيو ويٺو آھيان، جن انگريزن ۽ ٻين جي سينن ۾ گوليون پوکيون، ڇوته آئون ھندوستان جو مسيحا ھوس ۽ تون اڄ پنجاب جي ڌرتيءَ ڏي ڏس ته جيڪو ٻِج تو ڇٽيو ھو سو ڪيئن نه وڌي ويجھي وڏو ٿيو آھي.“ ڀڳت سنگھ، گانڌيءَ جي جسم مان وھندڙ رت تان نظر ھٽائي ھيٺ ڏسي ٿو، سندس ڀيڻ جو گھر- سندس ڀيڻ ” ھندوستان جي آزاديءَ ۾ شھيدن جو ڪردار“ نالي ڪتاب ۾ ڀڳت وارو بابُ پڙھي رھي آھي. سندس ننڍڙو ٻار پاٻوھه مان اڱڻ تي کيڏي رھيو آھي ته اوچتوھڪ پاپي دروازو کولي اندر داخل ٿئي ٿو، ھي پاپي، ڏاڙھي پوش غنڊو نظر اچي رھيو آھي- ھن ايندي شرط ريوالور جون چار گوليون مائيءَ جي سيني، پيٽ ۽ پيشانيءَ تي وھائي ڪڍيون. ھن ننڍڙي ڏانھن ڏٺو ته ھڪ زوردار لت ان کي لڳي. عورت جي جسم مان وھندڙ رت ڪتاب ڀڳت سنگھ جي نالي تي ڪري پيو. اھو ڏسي ڀڳت سنگھ اوڇنگار ڏيئي گانڌيءَ جي چرنن ۾ ڪِري پوي ٿو ۽ چوي ٿو ته، ” ٻاپو! ڇا مون اھڙو ڏينھن ڏسڻ لاءِ پنھنجي جان ڏني ھئي!؟ “ گانڌيءَ جي چھري تي ڪوبه تاثر نه ھو. جھڙوڪر جيڪي ڪجھ اڄ ٿي رھيو آھي، سو صديون اڳ ھن جو ڏٺل ھو. رڳو ايترو چيائين،” جيڪي گوليون تو پوکيون ھيون سي موٽي رھيون آھن ۽ اھو به ضروري ناھي ته اھي پوکيندڙ کي لڳن.“

    *

    آفريڪي جيل جي انڌار ڀوري ۾ بند ھڪ قيديءَ کي گوري سپاھيءَ اچي چيو، ”اڄ تنھنجي زندگيءَ جو آخري ڏينھن آھي. سڀاڻي کان پوءِ ھيءَ حَسين ڪائنات، ھيءَ ستارن جي مُرڪ، ھيءَ گُلن جي خوشبوءِ ۽ ڪنھن سَرھن ساھن ۽ والھانه ڀاڪرن جي آس ۾ جيئڻ سدائين لاءِ ختم ٿي ويندا. تون پنھنجي آخري خواھش ٻڌاءِ جيڪا قانون مطابق پوري ڪئي ويندي.“
    ڪاري قيديءَ جي چپن تي مُرڪ پکڙي، گل بابيني جھرا ڏند ظاھر ٿيا. ھن لوھي سيخن مان آفريڪا جو آسائتو اُڀ ڏٺو، دل آزاديءَ جي اُمنگن سان ڀرجي ويس. ھن آخري خواھش طور پنھنجي محبوبه سان ملڻ جي چاھت ڏيکاري.
    آفريڪي دوشيزہ آندي ويئي، ھن جي ھٿن جي ترين تي لڳاتار ھٿيار ھلائڻ ڪري گاٺون پئجي ويون ھيون. چپ ڪنھن اڻ ٿيڻي خواھش لاءِ ڦڙڪڻ لڳا. ھن جو پيٽ وڏو ۽ وڌيل ھو. ھوءَ ڏاڍي سَرھي نظر پئي آئي. قيديءَ ۽ ڇوڪريءَ جون اکيون مليون. قيديءَ ڇوڪريءَ کي اشارو ڪيو، ھوءَ ويجھي آئي. بنھ سيخن سان اچي لڳي. گرم سيخن سان پنھنجا ٻريل چپ ٽڪرايا. پر قيدي انھن مڌ ڀريل چپن ڏانھن ڌيان ڏيڻ بدران ڇوڪريءَ جي اُڀريل پيٽ تي چمي ڏيئي چوڻ لڳو.
    ” اي منھنجا اڻ ڏٺل ٻار ۽ اسانجي ابدي لمحن جا يادگار وجود! ھي گورو چوي ٿو، مون کي سڀاڻي جو سج ڏسڻ نصيب نه ٿيندو- آءٌ ڦاھيءَ چڙھي ويندس. ٺيڪ آھي. جڏھن تون آفريڪا جي ڌرتيءَ تي ايندين ۽ پھريون آواز ڪڍندين، تڏھن تون آزاد ھوندين، منھنجي ڦاسيءَ جو رسو تنھنجي لاءِ باک ٿي ايندو.“ ائين چئي قيديءَ منھن ڦيري ڇڏيو ۽ آفريڪي دوشيزہ تاريخ جي انوکي چميءَ تي مسرتن سان ڀرپور ٿي، پنھنجي منزل ڏانھن وڌڻ لڳي.

    *

    حيدرآباد جو شھر رنگ ۽ نور ۾ ٻڏل ھو. ڄامشوري جو پٿريلو ميدان جيڪو ڪڏھن ارغونن جي خلاف اسماعيل شوري ۽ جھونجھار شوري جي گھوڙن جي ٽاپن سان گونجندو ھو، اتي سنڌ جو سمورو علم ۽ شعور رومانوي سرگوشين ۾ ويڙھيو پيو ھو، حيدرآباد جون ھوٽلون بي عمل دانشورنجي بي معنى بحثن سان ٻريون پئي. اھڙي حالت ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل جي ڀرسان ھڪ کٽارا ڪار ھڪ لاش کڻي نيشنل ھاءِ وي تان سکر ڏانھن وڌندي پئي وئي. اھو لاش آزاديءَ جي مجاھد محمد صالح عاجز جو ھو. جنھن کي ڪَفن به سندس ڪن خيرخواھن خيرات طور ڏنو ھو. لاش سان گڏ ڪوبه جلوس نه ھو. اھو لاش جيڪو زندگيءَ ۾ ڪيترا سال جيل ۾ آزاديءَ جا گيت ڳائيندو رھيو ھو ۽ چڪيون پيھندو رھندو ھو. سو جڏھن حيدرآباد جيل جي ڀرسان مَٽيو ته حيدرآباد جيل جا برج لاش جي بيوسي ڏسي کلي چوڻ لڳا،”ڪٿي آھي اھا آزادي؟ جنھن جي آسري تي تون اسان کي ڊاھڻ جون اسڪيمون ٺاھيندو ھئين، تون ختم ٿي وئين. اسان ناقابل شڪست آھيون- اسان موجود آھيون.“
    بلڪل انھيءَ گھڙيءَ جيل ۾ دودي مھيريءَ جي دڏن تي ڦٽڪي ڦھڪو ڪيو ۽ دودي ڦٽڪي لڳڻ سان آزاديءَ جو نعرو ھنيو ۽ ٽڪٽڪيءَ تان لھڻ شرط ھن ڌرتيءَ جي انھيءَ حصي کي چُمي ڏني، جتي محمد صالح چڪيون پيٺيون ھيون- ۽ فتح جو نشان پنجابي ميجر کي ڏيکاريو- انھيءَ منظر کي ڏسي جيل جا برج جھڪي ويا ۽ لاش جي چھري تي نُور جي لاٽ اُڀري آئي. لاش جي ڀرسان ويٺل نياز جي چپن تي اياز جي ھيءَ سِٽ اُڀري آئي.

    ” جي راھه اجل ڪنھن ورتي آ،
    ته ھن ڀونءِ ڪئي ٻي ڀرتي آ.

    *

    ” انگريزو! ھندوستان خالي ڪريو. “ گانڌيءَ جو نعرو ”وطن يا ڪفن“ پيرپاڳاري جو نعرو ”سموري ننڍي کنڊ ۾ انگريزي سرشتو ناس ڪريو.“ حريت جي متوالن جو نعرو.
    بندوقن جي گولين سامھون نوجوان ايئين وڃڻ لڳا، جيئن محبوبه جي مُرڪ ڏانھن نوجوان دل ڇڪبي آھي. انگريزي سرشتي کي نوجوان ايئين اکيڙڻ لڳا، جيئن ھاري گُڏ ڪڍندا آھن. اھڙي ھڪ ڪاروائيءَ ۾ سنڌو ماتا جو ڳڀرو ھيموڪالاڻي جھلجي پيو ۽ ان وقت جي چالو انگريزي قانون مطابق ڦاسيءَ جي سزا جو حقدار ٺھرايو ويو. انگريزن تي ننڍي کنڊ ۾ دٻاءُ وڌي رھيو ھو. ان ڪري ھنن ڪوشش ڪئي ته ھيمون ڪالاڻي معافي لکي ڏئي ته کيس آزاد ڪريون. ان لاءِ پھرين ان وقت جي ڪانگريس جي صدر جيرامداس دولت رام کي ھيمونءَ وٽ موڪليو ويو ته نوجوان ھيمونءَ کان ايتري رحم جي درخواست لکرائي اچو ته ”مون جيڪي ڪجھ ڪيو آھي، ان تي پشيمان آھيان.“ ھيمونءَ حيران ٿيندي ڪانگريس جي صدر کي جواب ڏنو ته، ”توھان ڪھڙا ڪمانڊر آھيو جو ھلندڙ جنگ ۾ سولجر کي چئو ٿا ته پنھنجي مورچي کي صحيح سلامت دشمن جي حوالي ڪر ۽ پنھنجي مقصد تان ھٿ کڻي وڃ.“ اھو جواب ٻڌي جيرام داس موٽي ويو. نيٺ ھيمون جي ماتا کي ھيمونءَ وٽ موڪليو ڪانگريسين، ته جيڪي جيرام داس ھيمون کان مڃائي نه سگھيو آھي سو تون مڃائي اچ.
    سنڌو ماءُ ھيمونءَ جي سامھون ھئي. آسمان مان لٿل اپسرا. سينڌور جھڙو رنگ، ايئين پئي لڳو ڄڻ ساڌ ٻيلي جي سموري شفق ۽ پوترتا سندس چھري تي لھي آئي ھجي. جيتوڻيڪ پُٽ جي پريشانيءَ ڪري اوجاڳن اکين جي پاسن کي ڪاراٺي ڇڏيو ھو. پر پوءِ به اھي نشان بد زيبا لڳڻ بدران سرمي جون ريکائون ڏسڻ ۾ آيا. سندس نڪ جو ڪوڪو ايئين چمڪي رھيو ھو، ڄڻ راجا ڏاھر جي تاج جو ھيرو. ھيمونءَ وٽ پھچڻ کان اڳ جڏھن ھوءَ آھستي آھستي قدم کڻندي اچي رھي ھئي، ان وقت کيس ڏسي محمد صالح عاجز ۽ احمد کوسي انقلاب زندہ آباد جا نعرا ھنيا. انھن ٻنھي نوجوانن تي نظر پوندي، سنڌو ماتا جي گلاب جي مکڙين جھڙن چپن تي مُرڪ ڇانئجي وئي ۽ ھن ڀڻڪيو. انھن نوجوانن وٽ اڄ انھيءَ نعرن کان کان وڌيڪ پياري ڪابه شئي ناھي، ويندي حياتيءَ تائين به. ھوءَ باوقار طريقي سان اڳتي وڌندي، ھيمونءَ جي انڌار ڀونري وٽ آئي. ماءُ پُٽ جون نگاھون مليون، ڪا جوت جلي ۽ کن پل ۾ جھيڻي ٿي ويئي.
    سنڌو ماءُ: ”انگريز چون ٿا ته تو غلط ڪم ڪيو آھي. تون رڳو پنھنجي غلطي مڃ ۽ ايترو لکي ڏي ته مون جيڪي ڪجھ ڪيو آھي، ان تي پشيمان آھيان. ته پوءِ ھو توکي ڇڏي ڏيندا- منھنجون تو ۾ آسون آھن. آئون تنھنجي سدا ملوڪ مھانڊي تي موڙ ڏسڻ ٿي چاھيان، ڪن ٻين جون به تو ۾ ڪي اميدون ھونديون.“
    ھيمونءَ ڏاڍي اُڪير سان ماءُ جي گلاب جي پنکڙين جھڙن ھٿن تي ھٿ رکي چوي ٿو.
    ”ماتا! انگريز چون ٿا مون غلطي ڪئي آھي. گھڻو وقت اڳ عرب ديس دروھين به چيو ھو ته ڏاھر ڏوھه ڪيو آھي. پوءِ ارغونن به چيو ھو ته دريا خان، رڻ مل سوڍو ۽ سارنگ سھتو قاضي قادن جي معرفت پشيمانيءَ جو اظھار ڪري، جان بچائي ٿي سگھيا. پوءِ مغلن به سوڍن، سميجن، شورن ۽ سھتن کي چيو ته اوھان غلطي ڪئي آھي جو ناريجن ۽ پليجن جي معرفت پشيمانيءَ جو اظھار نه ٿا ڪريو. ھتان ٿورو ڀرسان کرڙيءَ جا ميدان آھن، جتي، ڪيترن مائرن، ڪيترين سھاڳڻين ۽ ڀينرن، پنھنجا ڪونڌر پُٽ، جانٺا وَر ۽ سلڇڻا ڀائر سينگاري موڪليا ھئا ته وڃي سنڌ مان افغان ڀاڄوڪڙن کي ڪڍي اچو. پر جي ڀڄي آيئو ته پوءِ اسان جو اوھان سان ڪوبه سڱ سياپو نه رھندو. ھو پريان اروڙ آھي، اتي به رڻ متو ھو، راڙو ٿيو ھو. اتي به ڪيترين ڀينرن جي ھٿن ۾ گجرا، اکين ۾ آس جا موتي ۽ پاندن ۾ سرھاڻ جا ڇڳا ھئا ته يُڌ جي ميدان مان سندن ڀائر سوڀارا ٿي ايندا ته سندن ڳچين ۾ گَجرا وجھي، مٿن سرھاڻ جي ڇُڳن جي ورکا ڪنديوسين. پر ائين نه ٿيو. اروڙ جا ڏيئا وسامي ويا، ڀينرن جي ھٿن جا گجرا اڄ به اروڙ جي ٽڪرين ۾ انھن فتح مند ڀائرن کي ڳولي رھيا آھن. مون کي پڪ آھي ته ھن ڌرتيءَ تي اھي سوڀارا ڀائر ضرور ايندا. پوءِ سميجيون سرھيون ٿينديون. اروڙ ٻھ ٻھ ٻرندو. اکين جي آسن جا موتي وڌيڪ آب تاب سان چمڪندا. ڀينرن جي ھٿن جا ھار فتح مند ڀائرن جي ڳچين ۾ پوندا. ائين چئي ھيمون ٿورو رڪيو ۽ پوءِ سنڌو ماءُ جي اکين ۾ پاٻوھه سان ڏسندي چوڻ لڳو، ”تون منھنجي ماءُ آھين، ۽ مون کي سڄي دنيا کان پياري آھين. پر منھنجي ھڪ ٻي به ماءُ آھي، جيڪا تنھنجي ۽ سڀني ديس واسين جي ماءُ آھي. اھا آھي ھن ننڍي کنڊ جي ڌرتي. مون کي افسوس آھي جو آئون تنھنجو چوڻ نٿو مڃان. جيئن حيدرآباد جيل ۾ سنڌ جو سورھيه پاڳارو اٽل بيٺو آھي. تيئن آئون به اسان سڀني سنڌين جي ماءُ تان صدقو ٿو ٿيان. مون کي معاف ڪجانءِ آئون تنھنجو چوڻ، جيڪو انگريز جو چوڻ آھي نٿو مڃان. مون ھنن کي ٻڌائي ڇڏيو آھي ته آئون ٻئي جنم ۾ موٽي ايندس ۽ جي ڏٺم ته ھتي گورو موجود آھي ته وري به گوري جي پاڙ پٽڻ لاءِ اھوئي ڪم ڪندس جيڪو ڪم ڪندي ھتي آيو آھيان. ۽ جيڪو ڪم سموري دنيا ۾ منھنجا انقلابي ساٿي ڪري رھيا آھن.“ اھو جواب ٻڌي سنڌو ماءُ جي نيڻ ڪٽورن جي سرھائي ھيڪاري وڌي وڃي ٿي ۽ ھوءَ انتھائي باوقار طريقي سان واپس موٽي ٿي.
    مون کي خبر ناھي ته ھيمون ڪالاڻي وري جنم وٺي آيو آھي يا نه؟ ۽ جي جنم ورتو اٿس ته خبر ناھي ڪنھن جي روپ ۾، باقي سنڌ ۾ گورو اڄ به موجود آھي، سندس ڦرلٽ وارو طريقو به موجود آھي. سندس سرشتو به باقي آھي، صرف روپ نئين سان، ويس بدل سان، رنگ ديسيءَ سان. ڇا سنڌ ۾ ڪابه اھڙي ڪُک ناھي، جنھن ۾ ھيمون تون قرار وٺي سگھيو ھجين!

    *

    ٿرپارڪر ضلعي جي ھڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ اَن جو ديرو ۽ تي پھرو ڏيندڙ ھڪ جھور پوڙھي عورت. اوچتو گوليءَ جو ٺڪاءُ ٿيو، ٺڪاءَ شرط پوڙھي ڪڻڪ جي کوڙيءَ تي ڪري. سندس ٻنھي مُٺين ۾ سون جي ڏنگين جھڙا ڪڻڪ جا داڻا ھئا ۽ ھوءَ بيٺل پوڙھي، ننڍڙي نينگر کي چئي رھي ھئي ته ”ابا! ڏسجو ماريا ڌاريان اَنُ نه کڻي وڃن.“ اھي لفظ ٿرپارڪر جي امر شھيد مائي بختاور، پنجابي چوڌريءَ ھٿان گولي کائڻ وقت چيا ھئا. پر آئون سمجھان ٿو ته اھو جملو سنڌ جي تاريخ ۾ ھر وڙھندڙ جوڌي ۽ شھيد جو جملو رھيو آھي. پھريون ”ماريو ڌاريون“ جيڪو ٻاھر کان آيو. جيڪو ڪنھن چڱي مقصد ۽ نيڪ ارادي سان نه آيو. جيڪو غلام بڻائڻ ۽ ڌرتيءَ جا وسيلا ڦٻائڻ آيو، جنھن جي ھڪ ھٿ ۾ ڪٽاري ۽ ٻئي ھٿ ۾ ڪوئي مقدس ڪتاب به رھيو آھي. سنڌ تي حڪومت ڪرڻ ۽ سنڌ ين کي غلام بڻائڻ پئي آيو آھي. ان جي لاءِ اسان پنھنجي ماتر ڀوميءَ جي ھر فرزند کي اھو سيکاريو آھي ته اھو ماريو ڌاريون آھي. اِن جو ھن سرزمين ۽ ان جي وسيلن تي ڪوبه حق ڪونھي. ان کي ڌِڪي ھن ڌرتيءَ تان ڌار ڪريو، وڙھو. جيڪڏھن وڙھڻ جي پڄت ناھي ته ان کي ماريو ڌاريو سڏيو. ان طريقي سان ان کي اوھان ھڪ ڏينھن ھن سون ورني ڌرتيءَ تان تڙي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندؤ ۽ ڌارئي جو ھتي نشان به نه رھندو ۽ شايد تاريخ جي کوجنا ڪندڙ کي ان جو بڻ بڻياد ڳولي لھڻ تي ڪا غير ملڪي يونيورسٽي پي-ايڇ-ڊي جي ڊگري ڏيئي ڇڏي.
    ٻيو لفظ ھو ” اَن “ سنڌ ۾ ھونئن به چوڻي آھي ته ” اَن آھي ته ايمان آھي. “ پر اَن ۾ رڳو ايمان ناھي. ان سان ئي ھيءَ دنيا خوبصورت آھي. ان سان ئي ھيءَ دنيا جنت آھي. ”ان“ سان ئي ھيءَ دنيا، ھي ملڪ، ھي قومون، ھي سھڻا ماڻھو، مُرڪڻا انسان، اصلي انساني من جي گھراين ۾ پنھنجي نيڻن جا ڇپر وڇائيندڙ ۽ ذھن جي جھروڪن ۾ ماڻ جا مانڊاڻ مچائيندڙ ماڻھو موجود آھن. ” ان “ جي وجود سان زندگيءَ جا رنگ رتول.

    *

    آئون پر امن غلاميءَ بدران خطرن سان ڀرپور آزادي پسند ڪريان ٿو.

    *

    ڪوبه شھري ايترو دولتمند نه ھجي جو ٻئي شھريءَ کي خريد ڪري سگھي. محنت، ذھن، ضمير ۽ جسم سميت۔ ۽ نه وري ڪو شھري ان پوزيشن ۾ ھجي جو پنھنجي محنت، ذھن، ضمير، جسم، ڏات ۽ رات سميت وڪرو ٿيڻ لاءِ مجبور ھجي.


    *

    منھنجا پيارا ڀائرو!

    اڄ آئون اوھان کان جدا ٿيڻ کان پوءِ پھريون ڀيرو اوھان سان ڳالھائي رھيو آھيان. اوھانکي اھو ٻڌائڻ جي ضرورت نه ٿو سمجھان ته پنھنجو واسطو سنڌ جي سر زمين جي ان حصي سان رھيو آھي، جنھن جي ٻاڙيءَ ٻاڙيءَ تي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ وڙھندڙ شھيدن جو رت ھاريو پيو آھي ۽ آئون سمجھان ٿو ته جيڪڏھن ان ڌرتيءَ جي ذري ذري کي نچوڙيو وڃي ته ان مان سنڌ جي شھيدن جو رت اُٻڙڪا ڏيئي، ڏياريءَ جي ڏيئن وانگر ٻرڻ لڳندو.
    جڏھن منھنجو ۽ ذڪريا جو واسطو ھن رنگ برنگي دنيا سان (جيڪا آزاد ماڻھن لاءِ ته ڏاڍي خوبصورت آھي، پر اسان سنڌين لاءِ غلاميءَ جي ڪري ڏاڍي ڪوجھي ۽ ڪروڌ سان ڀري پيئي آھي.) ڏٺو ته ھڪدم ٻه بزرگ اڳتي وڌيا، ۽ اسان جي زخمن کي پنھنجين مقدس پَڳن جي پلاندن سان صاف ڪرڻ کان اڳ ڀاڪرن ۾ وٺي، چُميون ڏيڻ لڳا. اسانجن نراڙن کي جن ۾ سنڌ جي سوچ ھئي. اسانجن ھٿن کي جن ۾ سدائين آزاد سنڌ جا جھنڊا رھيا. ذڪريا، شاھه عنايت جي ڀاڪرن ۾ ھو ۽ آءٌ درياءَ خان جي ھنج ۾. سنڌ جي انھن ٻنھي عظيم ۽ لافاني ھستين جي ھنجن ۾ پھچڻ کانپوءِ اسانکي پوري ڪائنات بدليل نظر آئي. اسانکي سنڌ جي اُڀ تي ڀليري باک جا ڪرڻا نظر اچڻ لڳا. سنڌ مٿان سرھائيءَ جا بادل پئي پسڻ ۾ آيا.
    ادئو! ھي سڀ ڳالھيون آئون توھان سان ان لاءِ ڪري رھيو آھيان، جو مون پنھنجي جان دريا خان ۽ شاھه عنايت شھيد واري سنڌ جي بحاليءَ لاءِ ڏني آھي.

    منھنجو آئيڊيل
    بندوق ضرور ھئي، پر اھا بندوق جيڪا شعور ۽ تنظيم جي تابع ھجي. منھنجا آئيڊيل، دريا خان، ھيمون ڪالاڻي ۽ جي- ايم-سيد آھن. توھان منھنجي شھادت کي ڪڏھن به مفاد پرستي ۽ ڏاڍ پرستيءَ لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏجو. وڌيڪ آءٌ توھان جي ننڍي ڀاءُ جي حيثيت ۾ ڪابه نصيحت ڪرڻ نٿو چاھيان ۽ نه ئي سنڌ جي نوجوانن لاءِ مون وٽ سڏ لاءِ پنھنجي زندگي قربان ڪرڻ کان وڌيڪ ڪو پيغام آھي.

    توھانجو ڀاءُ
    مالڪ

    اڄ ھڪ دوست ٻڌايو: اڄ جيل تي ويو ھوس، اتي عجيب منظر ڏٺم. جيل جي ”سِي“ ڪلاس واري ملاقاتي حصي ۾ پنجن فوٽن جي مفاصلي تي ٻاھرئين پاسي ھڪ خوبصورت ڇوڪري بيٺي ھئي. سندس وارن تي گھنگھور گھٽائون رقص ڪري رھيون ھيون، ھن جو بدن ڪوڪ شاستر جي پدمڻيءَ جھڙو ھو. پير پاريل جي پيرن کان به وڌيڪ خوبصورت ۽ نازڪ، ڳلن تي ڄڻ مينھن وساڙن جي پشم جو تھ چڙھيل، چَپ ڄڻ گولاڙي جي ٻن ڦاڪن تي ٿوھر جي لار لڳل، چھري تي ڪيئي چنڊ پئي کڙيا ۽ ٽڙيا. ڳالھاءَ ۾ سانجھ جي مانجھ رس پي ڇلڪيو. سامھون سنڌ جو فولادي عزم، سمنڊ جھڙي ذھن ۽ ھلڪي جسم وارو قيدي بيٺو ھو. جنھن جي چھري تي چاھتن جا ڪڪر پئي ڊوڙيا، ۽ چَپ گرم گرم ريشمي چمين لاءِ بھادر جي ڏؤنرن جي نسن وانگر پئي ڦڙڪيا. پر ٻنھي جي وچ ۾ پنجن فوٽن جو مفاصلو ۽ ڊبل لوھي جھنگلو ھو. بيتاب حسن ورھين جي اُڃايل غشق جي ٻانھن ۾ وڃڻ کان مجبور ھو. اھو قيدي دودو مھيري ھو ۽ سامھون بيٺل ڪامڻي سندس پريمڪا ھئي. اھو منظر ٻڌي، مون سوچيو، ”دودا توکي آئون بدقسمت چوان جو اھڙي دور ۾ پيدا ٿيو آھين جو نه ڊگري وٺي سگھين ٿو ۽ نه ئي حسن ماڻي سگھين ٿو يا خوشقسمت چوان جو تاريخ جي اھڙي دور ۾ پيدا ٿيو آھين، جو سنڌ کي تو جھڙن دودن جي ضرورت آھي.“


    *

    عوام بيشڪ طاقت جو سرچشمو آھي. اڄ ڏينھن تائين ھن ڪائنات ۾ جيڪو به حسن ۽ ان جو نکار پيدا ٿيو آھي، جيڪا دل ڪشي ۽ من موھيندڙ ڇڪ پيدا ٿي، اڀري ۽ اُسري آھي، سا عوام جي محنت ۽ جدوجھد جي وسيلي ٿي آھي. اھو عوام ئي آھي، جنھن بادشاھت جا تخت ۽ تاج لتن سان اڏائي ڇڏيا بلڪل ايئين جيئن فوٽ بال جو رانديگر بال کي ڪِڪ سان اڏائيندو آھي. اھو عوام ئي آھي، جنھن دنيا مان شخص شاھيءَ جي فرمانن کي دنيا جي ڳچ حصي مان ايئين گم ڪري ڇڏيو، جيئن سائنسدانن ماتا جي بيماريءَ کي ۽ اھو پڻ عوام آھي جنھن جي طاقت جي سيلاب کان ٽينڪون ۽ توبون کڻي ھلندڙ فوجن جا ڪمانڊر ايئين ڏڪندا آھن جيئن ڪنبڻيءَ جو مريض، ۽ اھو عوام ئي ھو جنھن ھزارھا ورھين تائين ھن ماتر ڀوميءَ جي پوتي ۽ پڳ، شاعري ۽ زبان زندھه رکي. پر عوام جي اھا طاقت ڪڏھن ڪڏھن ڏاڍي غلط استعمال ٿيندي آھي. ۽ پنھنجي ئي قوم، ڌرتيءَ ۽ ان جي رھواسين جي تباھيءَ لاءِ استعمال ٿيندي آھي. جيئن ھٽلر جي جرمنيءَ ۾. اتي جي عوامي طاقت، سڀ فڪر ۽ نظريا رد ڪري، ھٽلر زندہ آباد مردہ باد جا نعرا ھڻي، اقتدار ۾ آندو. نتيجي ۾ جرمن قوم جي ھلاڪت جو سامان پيدا ڪيو ۽ ھتي سنڌ ۾ سنڌي قوم، ڀٽي صاحب جي پٺيان لڳي پنجاب جي غلاميءَ جو ڳٽ خوشيءَ سان پنھنجي ڳچيءَ ۾ وڌو، جنھن کي لاھڻ لاءِ اڃا تائين تيار ناھي.

    *

    اڄ پنجاب جا سياستدان، دانشور ء۽ ڪي ڀاڙيتو مھاجر صحافي آرميءَ جي ڪمانڊرن ۽ حڪمرانن کي مشورا ڏيئي رھيا آھن ۽ ڏاڍي بي حيائيءَ سان چئي رھيا آھن ته سنڌ ۾ احتجاج ڪندڙ مردن ، عورتن ۽ ٻارن جي معصوم چپن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ پنھنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ، جھنڊا کڻي ھلندڙ ھٿن کي ۽ آزاديءَ سان رھڻ لاءِ سوچيندڙ دماغن کي جھڪائڻ ۽ مفلوج ڪرڻ لاءِ فوجي آپريشن ڪيو وڃي، سنڌ کي ساڙيو وڃي، ٻنيون ويران ڪيون وڃن، ۽ انسانن کي حياتيءَ جي رونق کان سدائين لاءِ محروم ڪيو وڃي ته جيئن صحيح اسلام ۽ پاڪستان قائم ٿي سگھن ۽ اھي ان وقت ئي صحيح صورت اختيار ڪندا، جڏھن سنڌ جي ڏيڍ ڪروڙ قوم کي سج جي روشني ڏسڻ کان محروم ڪيو وڃي. اھڙو ئي مشورو سوين سال اڳ ننڍي کنڊ جي اھڙن ئي ملان اسرار ٽائيپ مُلن ھندوستان جي ھڪ بادشاھه بُلبن کي ڏنو ھو ته ھاڻي ھندوستان ۾ صحيح اسلام آڻڻ لاءِ ضروري آھي ته سڀني غير مسلمن کي قتل ڪيو وڃي. ان تي بلبن جواب ڏنو ھو ته، ”مون وٽ ايتريون تلوارون ئي نه آھن، جيڪي ھتي جي اڪثريتي عوام کي قتل ڪري سگھن.“ اھو ته ھو بلبن جنھن خبر ناھي ڪھڙي مصلحت ۾ اھو جواب ڏنو ھو. پر سنڌين لاءِ حاڪمن وٽ ڪڻڪ جا ايترا داڻا ناھن جيتريون گوليون آھن. پر پوءِ به ھيءَ قوم ختم نه ٿيندي.

    *

    مون کي خبر ناھي ته اخبار نويس جو ترجمو ”صحافي“ ڪنھن ڪيو. پر جنھن به اھو ترجمو ڪيو، تنھن جديد دور جي اخبار نويسي يا جرنلزم (Journalism) جي روح کي پوريءَ ريت انھيءَ لفظ ۾ سموئي ڇڏيو آھي، ڇوته صحافي لفظ جي معنيٰ آھن صحيفي جو صاحب، يا صحيفو رکندڙ. قرآن پيغمبرن کي صحافي سڏيو آھي. جيئن صحف ابراھيم و موسيٰ، يعني ابراھيم ۽ موسيٰ ٻئي صحافي ھئا. جيئن ته پيغمبرن جو ڪم يا فرض آھي بدي ۽ باطل جي خلاف جھاد ۽ انسانن کي ٽولن، گروھن ۽ قبائلي ڇڪتاڻ مان ڪڍي ھڪ منظم، مربوط، سگھاري ۽ آزاديءَ لاءِ وڙھندڙ قوم، جماعت ۽ امن تيار ڪرڻ ۽ انسان کي ھر قسم جي غلاميءَ مان نجات ڏيارڻ، پوءِ اھا غلامي ڪوڙن خدائن جي ھجي، بادشاھن جي ھجي، قومن جي مٿان قومن جي ھجي يا محڪوم ۽ ضعيف طبقن تي طاقتور ۽ سرنديءَ وارن طبقن جي ھجي. بلڪل اھڙيءَ ريت اڄ جي صحافيءَ جو به اھو ساڳيو فرض آھي ته اھو ڪُوڙن خدائن جي حاڪميت، مڪار حاڪمن جي، شاھي جابر قومن جي ڏاڍائي ۽ طاقتور طبقن جي بالادستيءَ جي خلاف ايئن لکي، ايئن وڙھي ۽ جھاد ڪري جيئن پيغمبرن ڪيو. ڇوته ھن دور جو صحافي به پيغمبر آھي ۽ جڏھن به صحافت (Journalism) يعني پيغمبري، تابعداري ۽ اطاعت، لالچ ۽ نفعي خوريءَ جو شڪار بڻجي وڃي، ان وقت صحافيءَ تي وحي ۽ الھام جا نيسارا بند ٿي ويندا. تخليق جا ڪاريز پنھنجا رخ مٽائي ڇڏيندا، پوءِ صحافت پيغمبري نه رھندي پر صرف اخبار نويسي رھجي ويندي ۽ اخبار نويسيءَ جي اصطلاح جاگيردارانه دور جي آھي، جيڪا بادشاھن جي جاسوس لاءِ استعمال ٿيندي ھئي. بادشاھه ڇا ڪندا ھئا جو ڪن چالاڪ، حرفتي ۽ ذھين ماڻھن کي ھر علائقي ۾ پگھار تي رکندا ھئا ته جيئن اھي، اتي جي سرڪش سردارن، ۽ بغاوت لاءِ سوچيندڙ صوبيدارن، فوجي عملدارن، شاعرن ۽ فنڪارن جي ھر ھفتي بادشاھه کي لکت ۾ خبرون موڪليندا ھئا ۽ اھڙن جاسوسن کي ”اخبار نويس“ چيو ويندو ھو. اڄ پابند سماجن ۽ غلام ملڪن ۾ صحافي، ”اخبار نويس“ بڻجي ويو آھي ۽ صحافت جيڪا حقيقت ۾ حاڪمن ۽ جابرن سان عوام جي مخاطب ٿيڻ جو ذريعو ھوندي آھي سا اتي صرف حاڪمن جي عوام سان مخاطب ٿيڻ جو وسيلو ۽ عوام کي مارائڻ جي صلاحن سان ڀريل ھوندي آھي. اھا حالت جاگيردارانه وحشت ۾ ھئي. ته اُن وقت وحي ”سچ“ ”الھام“ فڪر جي ڪاريزن پنھنجا رخ شاعرن جي دماغن ڏانھن موڙيا ۽ شاعر ئي اھا دعويٰ ڪري سگھيا ٿي ته شاعري پيغمبريءَ جو حصو آھي. اياز کان معافي وٺندي آئون اڄ به چوان ٿو ته، ” شاعري اڄ به پيغمبريءَ جو حصو آھي، مڪمل پيغمبري ناھي، ڇوته مڪمل پيغمبري تبديلي پيدا ڪندي آھي. جيڪا صرف انقلابي سياست ۽ صحافت جي ذريعي ممڪن آھي. باقي ان تبديليءَ لاءِ ماحول پيدا ڪرڻ ۽ ان تبديليءَ کي مظبوط بڻائڻ ۾ شاعري اھم ڪردار ادا ڪري ٿي.“

    *

    ٻيجل جا پويان پساھه آھن. سندس چوڌاري ھيرن موتين جا ڍير لڳا پيا آھن. سندس عزيز ھڪ طرف لالچي نگاھن سان ھيرن ڏانھن ڏسن ٿا ته ٻئي طرف ھٿرادو اداسائيءَ سان ٻيجل ڏانھن ڏسن ٿا. ٻيجل جي زال ڪڏھن ڀنل نيڻ کڻي ٻيجل ڏانھن ڏسي ٿي ته ڪڏھن سندس عزيزن ڏانھن. ٻيجل جو سُرندو ڪِليءَ ۾ ٽنگيو پيو آھي، جنھن مان جھايون، جھوڙا ۽ جھومڪ ڪي ٽٽي ويا آھن ته ڪي پنھنجو آب تاب وڃائي چڪا آھن. سُرندي جون تندون ڪٽجي ويون آھن ۽ ڪاٺيءَ کي اڏوھي کائي وئي آھي. ٻيجل سڀني کان الڳ ٿلڳ ڦٿڪي ۽ تڙپي رھيو آھي. سندس زال جي ڳوڙھن کي ڏسي ٿو. ٻيجل جو آواز ”توکي روئڻ جو ڪو حق ناھي“ ”تنھنجي مڙس ڪنھنجو سُھاڳ لُٽيو ھو. پنھنجي فن سان ڪنھنجي حياتيءَ جي ھيج کي مٽائي ڇڏيو ھو. تنھنجو مڙس پاپي آھي. تنھنجي مڙس فنڪار ٿي جلاد وارو ڪم ڪيو ھو. سورٺ جي چَپن کي گرم گرم چُمين کان محروم ڪري ڇڏيو. ھن جي ڳلن کي ڪنھن اھڙي ڇھاءَ کان محروم ڪيو ھو، جنھنجو سُرور حياتيءَ جي پاتال تائين لھي ويندو آھي. ھن جي ڳچي ٻانھن جي ھار کان وانجھي ويئي. اھو سڀ مون ڪيو، جيڪو فنڪار ھوس. فنڪار جي ھٿ ۽ ساز ۾ سدائين امرت ھوندو آھي. پر منھنجي ھٿ ۾ فَن تلوار ۽ زھر بڻجي ويو. اھو سڀ مون کان مايا جي موھه ڪرايو. مايا جو موھه جيون جو ويري ھوندو آھي. اھو مايا جو موھه ئي ھوندو آھي، جنھنجي ڪري سورٺ وڌوا بڻبي آھي، جھونا ڳڙھه جھرندو آھي، جيون جا رنگ رتول دونھين ۾ بدلجي ويندا آھن، حياتيءَ مان رس ۽ چس نڪري ويندو آھي. ڪنوارين جي چپن تي پيا ملڻ جي بدران اوسارا وحشيانه رقص ڪندا آھن ۽ ڌرتي جھور پوڙھي ٿي ويندي آھي. اھو سڀ ڪجھ تڏھن ٿيندو آھي، جڏھن ھڪ فنڪار مايا تي موھجي پنھنجي فن کي جيون اجاڙڻ لاءِ ڪتب آڻيندو آھي. کڻ منھنجو ھو سُرندو جنھنجي تارن تي ڏياچ جو لھو لڳل آھي ۽ وجھي ڇڏ باھه ۾ ته جيئن اڳتي لاءِ دنيا ۾ اھڙو ساز نه رھي، جنھنجي وسيلي سھاڳڻين جا سُھاڳ لٽيا وڃن، ڪنوارين جي چپن تي پيا ملڻ جي گيتن بدران اوسارا وحشيانه رقص ڪن. ڌرتي وڌيڪ جھور پوڙھي ٿي وڃي، رنگ رتول دونھين جي ڪڪرن ۾ بدلجي وڃن، ڪنھن سورٺ جا چپ گرم گرم چمين لاءِ سڪندا رھن ۽ ڪنھنجي حياتيءَ مان رس ۽ چس نڪري وڃي. مونکي پڪ آھي باھه ۾ پيل سرندي جي تند ۽ ان تي راءُ جو رت ھاڻي ڪڏھن به جيون جي جوت اجھائڻ جي ڪم نه ايندا پر حياتيءَ کي سندرتا بخشيندا ۽ ھاڻي ڪڏھن به فنڪار جي ھٿ ۾ امرت بدران زھر جو پيالو ۽ جلاد جي تلوار نه ايندا. فن ۽ ساز ھميشہ حياتيءَ جي ھيج کي ھڳاءُ ڏيندا.“ اھي ٻيجل جا آخري لفظ ھئا، جن سان ھن ٻاھه ۾ پيل سُرندي تي نظر وڌي ۽ حياتيءَ جي آخري ھڏڪي ڀري.


    *

    ھٽلر (Hitler) جو ڪنڌ ايوابرائون جي ھنج ۾ آھي. ھن جي نظر ايوابرائون جي گھرين نيرين اکين ۾ کتل آھي. ايوابرائون جي سونھري وارن جون چڳون ھٽلر جي چھري کي ڇھي رھيون آھن. چانسلري عمارت آمريڪي جھازن جي بمباريءَ کان ايئين ڏڪي رھي آھي، جيئن ڪنھن ڪاموري جي دل نوڪري وڃڻ جي ڊپ کان ڏڪندي آھي.
    فضا ۾ ھٽلر جو آواز: ”ھاءِ مون ڪيڏا نه خوبصورت خواب ڏٺا ھئا جرمن قوم کي عظيم بڻائڻ لاءِ ۽ ان کي دنيا جو فاتح بڻائڻ لاءِ. انھيءَ مقصد کي ماڻڻ لاءِ مون زندگيءَ جا سڀ مزا ڇڏيا، آءٌ ھن عظيم ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويس. اُھي منھنجي خوشقسمتيءَ جا ڏينھن ۽ ڏاڍا خوبصورت پڻ. بلڪل تنھنجي اکين ۽ وارن جھڙا. جڏھن برلن ۽ ميونخ جي جلسي گاھن ۾ عورتن ۽ مردن جون تاڙيون ۽ نعرا مون تي وسڪيءَ جي بوتلن جو نشو طاري ڪري ڇڏيندا ھئا ۽ اڄ منھنجي بدقسمتيءَ جا ڏينھن آھن جو منھنجي قوم تباھه ٿي رھي آھي، منھنجي ڌرتي جلي رھي آھي. جرمنيءَ جا خوبصورت کيت سڙي رھيا آھن، جرمن جوان ڪسجي رھيا آھن. آئون جرمنيءَ کي عظيم بڻائي نه سگھيس. ھاءِ منھنجي جرمني- ايوا! منھنجي آخري خواھش ۽ خوشقسمتي اھا آھي، جو منھنجو مٿو تنھنجي ھنج ۾ آھي. اڄ آئون سمجھان ٿو ته مون شڪست کاڌي آھي اتحادين کان ۽ فتح حاصل ڪئي آھي تنھنجي دل جيتي.“
    ڏور فضائن مان نھروءَ جو آواز: ”ڪنھن قوم جي عظمت ۽ تھذيب جا معيار حقيقت ۾ ان قوم جا فلسفي، شاعر، اديب ۽ فنڪار قائم ڪندا آھن نه ايندڙ ويندڙ ۽ کٽيندڙ ھارائيندڙ سياستدان، جن جي حڪم تي فوجون حرڪت ۾ اينديون آھن. جھاز اڏامندا آھن ۽ بمباري ڪندا آھن. جلاد ڪوس ڪندا آھن ۽ جيل ڀريندا آھن.“
    ھٽلر جو آواز: ”ٺيڪ آھي، شھر تباھه ٿيندا، جوان ڪسندا، کيت سڙندا پر گٽار ۽ بوڙينڊو رھندا. ھيگل کي ڪوبه ختم ڪري نه سگھندو ۽ جرمن قوم وري به پوري سگھ سان اٿندي ۽ پنھنجي عظمت ھٿيارن وسيلي نه پر ھنرمند ھٿن ذريعي حاصل ڪندي. ڪاش اھو ھندي آواز مون تائين گھڻو اڳي پھچي ھا. پر ايوا ھني! اھو زھر جو ڪيپسول پھرين تون کاءُ ۽ پوءِ مونکي کاراءِ ته جيئن آمريڪي ڪتا اسانکي جيئري پڪڙي نه سگھن.“
    ڏُور اوڀر کان سوئيڪارنو جو آواز: ”عورت ۽ گُل کي صرف وحشي ۽ درندا ئي چيڀاٽيندا ۽ ماريندا آھن. عورت ۽ ڌرتيءَ کي فتح نه ڪريو پر انھن سان پيار ڪريو ته جيئن ٻنھي ۾ تخليقي عمل جاري رھي. گُل کي چيڀاٽيو نه، نه ته توھان جو ذھن به چيڀاٽجي ويندو.“ انھيءَ آواز تي ھٽلر ۽ ايوابرائون ڪوبه ڌيان نٿا ڏين ۽ آپگھات ٿا ڪن.


    *

    غالب چيو ھو، ”منھنجي بزرگن جا ٽٽل تير منھنجي ھٿن ۾ اچي قلم بڻجي ويا.“ پوءِ مونکي خبر ناھي ته غالب انھيءَ قلم سان قصيدا لکيا يا پنھنجن بزرگن جي تيرن وارو ڪم ورتو. پر جيڪڏھن جي- ايم- سيد شاعر ھجي ھا ۽ اھا سِٽ لکي ھا ته پوءِ انھيءَ سِٽ جي سچائيءَ تي مونکي ايترو ئي يقين ھجي ھا جيترو ھڪ مسلمان کي قرآن تي ھوندو آھي. پر پوءِ به مونکي پڪ آھي ته ڏاھر ۽ دريا خان، دودي ۽ ھوشوءَ جا ٽٽل تير جي- ايم- سيد جي ھٿ ۾ اچي واقعي قلم بڻجي ويا آھن. انھيءَ قلم سان جي- ايم سيد سنڌ ۾ سنڌ دشمنن خلاف اھو ڪم ورتو آھي جيڪو ڏاھر پنھنجن تيرن سان عربن خلاف ورتو؛ دودي خلجين خلاف، دريا خان ارغونن خلاف ۽ ھوشوءَ انگريزن خلاف. اھي سڀ جي- ايم- سيد جا بزرگ ھئا ۽ آھن، جن جا تير جنگ جي ميدان ۾ ٽٽي پيا. پر مون کي وشواش آھي ته جي- ايم- سيد جي قلم جي مقدر ۾ ٽٽڻ ۽ ھار کائڻ نصيب ناھي. باقي مونکي اھا پروڙ ناھي ته مخدوم بلاول جو قلم ڪنھنجي ھٿ ۾ اچي رڻمل سوڍي جي تلوار ٿو بڻجي ته پوءِ اي ڄامشوري جا ميدان! ”توکي قسم آھي احسان ميمڻ جي رت ۽ نسرين جوڻيجي جي آواز جو ته ان تلوار جي حفاظت ڪجانءِ“
    *

    اھو به شايد غالب ئي چيو ھو ته عجمي بادشاھن جي تاجن مان ھيرا پٽجي ويا ۽ انھن جي عيوض ۾ مونکي گفتگو جي اظھار جي جواھرن سان مالا مال ڪيو ويو آھي.
    جيڪڏھن مان اھو چوان ته منھنجي ديس جي حاڪمن جي تاجن مان جيڪي ھيرا ٽٽا سي مون وٽ اچي منھنجي گفتگو ۾ ھيرا ۽ جواھر بڻجي ويا آھن، تڏھن به منھنجي اھا دعويٰ صحيح ٿيندي. مون اھي ھيرا جواھر پنھنجي گفتگو جي ذريعي سڄي سنڌ ۾ سنڌي قوم وٽ پيش ڪيا آھن ته اوھان انھن سان پنھنجا جھول ڀري رکو. مون انھن ھيرن مان ڪٿي ٽانڊن جو ڪم ورتو آھي ۽ سنڌ دشمنن جون دليون جلايون آھن، ڪٿي ديپڪ راڳ بڻائي پاڻيءَ ۾ باھه لڳائي آھي. ڪٿي نوجوانن جي دلين ۾ آزاديءَ جي گلن جي روپ ۾ پوکيا آھن، ڪٿي ميگھ ملھار ڪري ڪنوارين دلين جي ڌڙڪن تيز بڻائڻ جو ڪم ورتو آھي ۽ ڪٿي اھي ھيرا کڻي ڀٽائيءَ جي سُر سارنگ جي روپ ۾ ورھائيندو رھيو آھيان. آئون محسوس ڪري رھيو آھيان ته اھي ھيرا پنھنجو اثر ڏيکارندا اچن ٿا. انھن جي جوت ۾ جيت جا جوھر نروار ٿيندا اچن ٿا ۽ اي سنڌ جا سانوڻؤ ۽ سيارئؤ! اوھانکي قسم آھي ڀيڄ ڀني جي ملاقات ۾ گرم ڀاڪرن جو ته مونکي انھن جواھرن کان محروم نه ڪجو ڇوته پوءِ مون وٽ ڪجھ به نه رھندو.

    *

    تون ڏاڍي سھڻي آھين. تنھنجي جسم جي خوشبوءِ ۾ شئمپن جي بوتل جو نشو آھي. تنھنجو بدن ڀاڪر ۾ اچي ٿو، ڄڻ ٺٽي جي ريشم سان ڀاڪر ڀرجيو وڃن. تنھنجي چپن تي نظر پوي ٿي ڄڻ ڄامشوري جي پھاڙن جي پويان لھندڙ سج جو آخري ڪنارو ياد اچيو وڃي. تنھنجي وارن جي واس وٺڻ لاءِ جبرئيل به لھي اچي ٿو. تنھنجي نيڻن جي ڪوملتا کي ڏسي ڀيڄ ڀنيءَ جا تل ۽ ترايون ياد اچيو وڃن. تنھنجي اُرھن کي ڪوھيڙي جي ڌنڌ ۾ ويڙھيل ٽڪرين جون چوٽيون ذھن ۾ ھونديون آھن ۽ ھڪ پراڻي تشبيھ ذھن ۾ ايندي آھي ته گلاب جي ھنن گلن ۾ ٻه ڀؤنر ويھي انھن جو واس وٺي رھيا آھن. تنھنجي کلڻ تي مور پنھنجا ٽھوڪا وساري ڇڏيندو آھي. تنھنجي مرڪڻ سان سڄي سنڌ پرھه جي روشنيءَ سان پالوٽجي ويندي آھي. تون ڳالھائيندي آھين ته تنھنجي آواز سان يزدان جي دل ۾ اڌما اٿندا آھن. تون منھنجي محبت آھين، توتان منھنجو سڀ ڪجھ قربان، پر اي منھنجي ماڪ جي ڦڙن جھڙي ۽ مقدس محبت، تون به سنڌ تان قربان.

    *

    ٿري چوڻي آھي: گل جي خوشبوءِ نڪ تائين مڙسن جي خوشبوءِ ملڪن تائين.
    ھن چوڻيءَ ۾ جيڪو اختصار ۽ ڀرپور مفھوم آھي، سو شايد پنھنجو مٽ پاڻ آھي. پر گل جي خوشبوءِ ڇا رڳو نڪ تائين محدود ھوندي آھي ۽ ان خوشبوءِ مان صرف نڪ ئي لذت حاصل ڪري سگھي ٿو. نه، پر گل جي خوشبوءِ نڪ کان وڌي دل ۽ دماغ تائين پھچي ٿي. انساني نس نس ۾ واس اوتيو مڙسن ۽ عورتن کي امنگن سان ڀريو ڇڏي. جنھن جي نتيجي ۾ داستان، قصا، ڪھاڻيون ۽ لوڪ رس جون آکاڻيون جنم وٺن ٿيون. انڪري گل جي خوشبوءِ رڳو نڪ تائين نه پر جسم ۽ جان جي ذري ذري تائين ھوندي آھي. پر اڃا خوشبوءِ چاھي مڙساڻين چوٽن جي صورت ۾ ھجي يا لفظن ۽ ھمت جي روپ ۾، زمان ۽ مڪان جون سرحدون لتاڙي صدين تائين نه بلڪ تاريخ جي اڻ ڳڻين ورھين تائين مڙسن جي دلين کي واسيندي رھندي آھي.
    ڪير ٿو چوي ته ڏاھر ۽ دودي، دريا خان ۽ ھيمون ڪالاڻي، ھوشو ۽ ننگر جي ڪردار جي خوشبوءِ يا نھرو ۽ ناصر، ڪاسترو ۽ ھوچي منھ جي خوشبوءِ رڳو ھڪ زماني، ھڪ صديءَ تائين پکڙيل رھي يا رھندي. نه، پر اھا تاريخ جي ڳاڻيٽي کان وڌيڪ ورھين تائين دنيا کي واسيندي رھندي.

    *

    آئون جنگ جو ويري آھيان، مونکي جنگ کان نفرت آھي. منھنجي اھا خواھش آھي ته ھر اھو ڪارخانو تباھه ٿئي، جنھن ۾ ڪائي گولي، ڪوئي بارود ۽ ڪوئي ٻارڻ ٺھي ٿو ۽ شل اھو سولجر موٽي پنھنجي ماءُ جو منھن نه ڏسي سگھي، جنھن ڪنھن حياتيءَ جي ڏيئي کي گل ڪرڻ لاءِ ڪلھي ۾ بندوق کنئي آھي. ان ڪري جو مونکي حياتيءَ سان پيار آھي. مونکي سُندر سپني سان پيار آھي. مونکي کيتن جي خوشبوءِ، ھاريءَ جي پورھئي ھاڻي جسم سان پيار آھي. مونکي سھاڳڻ جي سھاڳ، ڪنواري بدن جي ڪوملتا ۽ چنچلتا سان پيار آھي. آئون چاھيان ٿو ته جوانن جا سگھ ڀريا ڏونرا سلامت رھن، سوچيندڙ دماغن مان سرھي ۽ سدا ملوڪ سوچ جا سلا ڦٽندا رھن. منھنجي تمنا آھي ته ڪنھن ماءُ جي اکين مان ڳوڙھا نه ڪرن غم ۽ اندوھه جا، ۽ منھنجي چاھنا آھي ته ھيءَ ڪائنات جيڪا سندرتا سان، ٽھڪن ۽ مرڪن سان، رسڻ ۽ پرچڻ جي لمحاتي ڪيفيتن سان ٽمٽار ۽ خوبصورت آھي. جنھن ۾ اڃا جيتوڻيڪ بک آھي، بيماري آھي، جسمن جا سودا آھن، ضميرن جي خريد ۽ فروخت آھي، علم ۽ عقل تي ڏنڊي ۽ دولت جي بالادستي آھي. ان مان اھي سڀ ڪوجھايون دور ٿين ڇوته اھي ھن خوبصورت دنيا جي چھري تي بدنما داغ وانگر آھن. پوءِ اسان ھن ڪائنات جا پُٽ ۽ ڌيئون گڏجي ڪائنات جي چھري تان اھي داغ ڌوئي صاف ڪريون. پر ڪائنات کي رت ۽ باھه جو ڍير ٿيڻ نه ڏيون.


    *

    زندگي، آزادي ۽ محبت، انسان جا بنيادي حق آھن. ۽ اھي ايترائي پراڻا آھن جيتري انساني تھذيب جي قدامت ۽ ايترائي ابدي آھن جيتري ھيءَ ڪائنات. جيڪو به ماڻھو ڪنھن کي زندگيءَ کان محروم ڪري ٿو سو حقيقت ۾ زندگيءَ جي مزي کان ئي واقف ناھي. زندگي ڪنھن به روپ ۾ ھجي، پوءِ به ڏاڍي پياري آھي. اھوئي سبب آھي جو اياز چيو ھو ته، ”توڙي ھجي لولو لڱو پوءِ به مئي وليءَ کان ڪتو چڱو.“ آزادي اھو حق آھي. ھن ڪائنات جي ذري ذري ۾ پنھنجا جلوا پسائيندو ٿو رھي. گل آزاد آھي ته ان جو رنگ ۽ روپ ٻيو آھي. بادل آزاد آھن ته انھن جي ريکائن ۽ چالُن جي حالت ئي ٻي ھوندي آھي ۽ ”انسان آزاد آھي“ ذھن ۾، ضمير ۾، پورھئي ۾ ۽ پيشي جي چونڊ ۾ ته پوءِ اھو خالق نه پر احسن الخالقين ۾ شامل ٿيو وڃي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو ٿامس جيفرسن (Thomas Jefferson) چيو ھو ته، ”مونکي جيڪڏھن پوري دنيا سان وڙھڻو پوي رڳو ان لاءِ ته دنيا ۾ باقي رڳو ھڪ مرد ۽ ھڪ عورت بچندا جيڪي آزاد ھوندا، ھن معنيٰ ۾ ته عورت جي مرد تي ۽ مرد جي عورت تي حاڪميت ۽ بالادستي نه رھندي. پاڻ ۾ محبت ڪندا، ھن معنيٰ ۾ ته ٻنھي جي محبت رڳو مسرت جي تلاش ۽ تخليق جي عمل لاءِ ھوندي ته پوءِ آزاديءَ جا دشمنؤ، اي پيار تي پھرا وھاريندڙؤ ۽ حياتيءَ جا ويريو آئون انھي عورت ۽ مرد جي حياتي، آزادي ۽ محبت لاءِ سموري دنيا سان وڙھڻ لاءِ تيار آھيان.“

    *

    ھڪ جلسي ۾ ڪي نوجوان کِليا ۽ ٽھڪ ڏنائون، اسٽيج تي بيٺل جاھل مقرر جنھن کي اھا خبر ئي ڪانه ھئي ته زندگيءَ سان ڀرپور ٽھڪ کان وڌيڪ ڪا ٻي شيءِ قيمتي ڪانھي. ٽھڪ جن ۾ مورن جو ناچ ھوندو آھي. ٽھڪ جن ۾ ھرڻ جي چال ۽ ھرڻيءَ جي گھُور ھوندي آھي. ٽھڪ جن ۾ ڳاڱين جي مٺاس ۽ سانوري شام جي ٽلين جو رس ھوندو آھي، سي ته ڪائنات جي وڏي وٿُ ھوندا آھن. جڏھن ڪائي عورت ٽھڪ ڏيندي آھي ته ڄڻ پوري ڪائنات موسيقيءَ جي سُرن سان گونججِي ويندي آھي ۽ جڏھن ڪوئي مرد خوشيءَ سان ٽھڪ ڏيندو آھي ته خدا سميت خدائي رقص ڪرڻ لڳندي آھي.
    اھو ڪاوڙجي چوڻ لڳو ته ”شرم نه ٿو اچيو، کلو ٿا، اوھانکي ته مرڻ لاءِ سوچڻ گھرجي.“ ان تي مون چيو، ”اسان ھتي موت جي منصوبا بندي لاءِ گڏ نه ٿيا آھيون پر زندگيءَ جي چاھتن سان ڀرپور حياتي ماڻڻ ۽ زندھه رھڻ لاءِ گڏ ٿيا آھيون، جيڪو ماڻھو اسانکي موت جا مشورا ٿو ڏئي ان جي ذھنيت ۽ تارا مسيح جي ذھنيت ۾ ڪوبه فرق نه آھي. اسان تارا مسيح جا پوئلڳ نه پر ڀٽائيءَ جا پوئلڳ آھيون. اسان زندھه رھڻ لاءِ وڙھي رھيا آھيون ته جيئن اسان زندھه رھون. اسان جي قوم زندھه رھي. اسان ھن ماتر ڀوميءَ کي جنت بڻائڻ لاءِ انھن ماڻھن کي ٽھڪ موٽائي ڏيڻ ۽ پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن جي دلين ۾ پيار جي پالوٽ ڪرڻ لاءِ جدوجھد پيا ڪريون. البته انھيءَ راھه ۾ جي موت سامھون آيو ته ان سان به مرڪي ملنداسين.“

    *

    ڪالھه ھڪ دوست سان بحث ڪندي چيم ته، ”آئون موت جي سزا جي خلاف آھيان ڇوته اھا سزا شعوري طرح انساني نسل کي ختم ڪرڻ جي ھڪ ڪوشش آھي.“ ان تي وڪيل صاحب چيو، ”موت جي سزا ان ڪري ٿي ڏني وڃي جو ھڪ ته موت جي سزا پائيندڙ ڪنھن جي حياتيءَ جو ڏيئو گل ڪري ايندو آھي ۽ ٻيو ته موت جي سزا سان ٻين ماڻھن ۾ خوف پيدا ٿئي ٿو ۽ اھي قتل ڪرڻ کان ڪيٻائيندا رھندا. انکان سواءِ اھو به سوچ ته قتل ڪندڙ ڪنھنجو سھاڳ لُٽي آيو ھوندو. ڪنھنجون آسون ۽ اميدون ختم ڪري آيو ھوندو، ڪنھنجي ڪومل ڳَلن تي ڳوڙھن جون قطارون ۽ لڙڪن جو لارون ڇڏي آيو ھوندو.“ مون چيو، ” اھو صحيح آھي ته قاتل ڪنھنجو سُھاڳ لُٽي آيو ھوندو. ڪنھن جون آسون ۽ اميدون ختم ڪري آيو ھوندو. پر ڇا قاتل کي ڦاسي ڏيڻ سان لٽيل سھاڳ موٽي ايندو آھي، لڙڪن جا نيسارا بند ٿي ويندا آھن ۽ ڪنھن وينگس جو ڪپھن ۾ ٺار ٺرندڙ بسترو گرم ٿي ويندو آھي، نه ھرگر نه“ پر جڏھن توھان قاتل کي ڦاسيءَ تي ٿا چاڙھيو يا گولي ٿا ھڻايو ته ڇا ٻيو سھاڳ نه لٽبو آھي؟ ڪي ٻيون آسون ۽ اميدون ختم نه ٿينديون آھن. ڪن ٻين ڪپھ جھڙن ڳلن تي ڳوڙھن جون قطارون ۽ لڙڪن جون لارون پنھنجا نيسارا نه بڻائينديون آھن. ڪنھن ٻيءَ وينگس جو گرم بسترو ڪپاھن ۾ ھوندي به ٺار نه ٺرندو. باقي جيستائين موت جي ڀؤ ڪري قتل کان ڪيٻائڻ جو سوال آھي ته پوءِ توھان موت جي سزا جي ذريعي ڪيترا قتل روڪائي سگھيا آھيو. اڄ ڦاسي چڙھندڙن کان قتل ٿيندڙن جو تعداد وڌيڪ آھي.

    *


    حيدرآباد پريس ڪلب جي سبزہ زار تي پوپٽن جھڙا جسم ۽ ڀؤنرن جي آوازن جھڙي چڻ ڀڻ ھئي. لان ماڻھن سان سٿيل ھو. انھن سڀني ماڻھن ۾ ڪامريڊ غلام حيدر جا شھپر، قلم ۽ چائنا بوسڪيءَ جو پَٽڪو سمن ۽ سومرن جي دور جي سوڍن جي ياد ڏياري رھيو ھو. منھنجي ڀرسان ڪي ڄاتل سڃاتل چھرا موجود ھئا. آئون انھن جي چھرن تي گھذريل وقت جون ڪي يادگيريون ۽ پاڇا ڳولي رھيو ھوس ته اسٽيج تي ويٺل ھن دور جي سڀ کان وڏي شاعر جو آواز گوجيو.
    ”سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽي جنرل مون کي ھن تقريب لاءِ دعوت ڏني، تڏھن مون پھريون ته ھن کي لنوايو ڇو ته مان ستن سالن کان ٻيءَ ڪنھن ھڻ ھڻان ۾ ھوس.... مون ته اھو سارو وقت پل ٿي ٺاھي، انسان ۽ انسان جي وچ ۾، ابد ۽ ازل جي وچ ۾ ھڪ پل......... مون اڳ ئي چيو آھي ته مان به پنھنجي شاعريءَ ۾ ھڪ اھڙي پل بڻائي رھيو ھوس. انسان ۽ انسان جي وچ ۾، ازل ۽ ابد جي وچ ۾ ته تاج جويو آيو ۽ اچي منھنجي ڪم ۾ رخنو وڌائين. مون ھن کي پھريون لنوايو پر پوءِ ڪجھ سوچڻ لڳس، رڳو ٺاھڻ ته ضروري نه آھي، ڪجھ ڊاھڻ به ته ضروري آھي. ھي ڪوڙ جو ڪوٽ، جو ڏينھن رات اکين ۾ کٽڪي رھيو آھي، اھو اُنھيءَ اڏاوت سان ڪيئن ميل کائيندو، جا مون جوڙي راس ڪئي آھي! ھي اديب جيڪي ڪوڙ جي پاڙ پَٽڻ چاھين ٿا، انھن لاءِ منھنجو ساٿ ضروري آھي. ھائو مون کي اڳي وانگر انھن جو ساٿ ڏيڻو آھي. ھائو انھيءَ ڪم کي اوليت آھي، اھو ڪم پنھنجيءَ جاءِ تي افضل آھي، اڄ مان ستن سالن کان پوءِ اوھان وٽ آھيان ۽ ڀانيان ٿو ته آخر تائين اوھان سان رھندس........“
    اياز! اسان ۽ سنڌ توکي ڪڏھن نه وساريو ھو ۽ نه وساري سگھنداسين، تنھنجي موٽڻ تي سموري سنڌ ماءُ پنھنجا ڪشادا ڀاڪر کولي پنھنجي ڇاتيءَ سان لڳائي ٿي ۽ اسان تنھنجي شعر سان تنھنجي آجيان ڪريون ٿا.

    ”وڏا وڙ ڪيا نَـڙ، ڀلي آئين چارڻ!
    جڏا جيءَ جاڳي، پيا او جيارا!“

    *


    ھڪ پھاڪو آھي ته ”نڀاڳو پُٽ پينگھي ۾ پڌرو، سمھار سنئون ته ڦري ٿئي اونڌو.“
    ممڪن آھي ته ان پھاڪي جو مطلب اھو ھجي ته ماڻھوءَ جي طبيعت ۽ لاڙا اڳتي ھلي ڪھڙا ٿيندا، اھا خبر ماڻھوءَ جي ننڍپڻ جي عادتن مان پوندي آھي. پر اسان اڄ جنھن دور ۾ زندگي پيا گذاريون، تنھن ۾ پُٽن جي پروڙ يا ته گولين جي وسڪارن ۾ ٿيندي آھي يا لوھي سِيخن جي پٺيان ڪال ڪوٺڙين ۾. ننڍي ھوندي سنوان سمھندڙ به ڪيترا ميدان مان ڀڄيو وڃن يا جيل جي ديوارن جون سختيون نه سھي معافي ناما لکي ڏيئي ڀڄي ويندا آھن پر ڪيترا اونڌا سمھندڙ دنيا جا فاتح به بڻجي ويندا آھن، ھتي نالا ڳڻائڻ جي ضرورت نه آھي.

    *

    ڪار ۾ وڃي رھيا ھئاسين ۽ ٽيپ رڪارڊر تان حليم باغيءَ جي شاعريءَ جي ڪيسٽ ھلي رھي ھئي. منھنجي دوست مير دين محمد چيو ته يار بند ڪرينس. اھا شاعري جنھن ۾ رڳو ڳوڙھا آھن، رت اوڇارا آھن، نانگ جو سراپ آھي، آھون ۽ دانھون آھن. ڪا خوشيءَ جي، ڪا مُسرت جي ته ڳالھ ئي نه آھي. مون ڪيسٽ بند ڪري مير صاحب ڏانھن ڏسندي چيو: ھن دور جي سياست ۽ ھن دور جي سنڌ اسان کي ڇا ڏنو آھي؟ اسان جو ماڻھو ڪھڙي دور ۾ زندگي پيو گذاري، اھڙي حالت ۽ اھڙي ماحول ۾ جيڪڏھن توھان خوشي ۽ مسرت جي ڳولا ۾ آھيو ته پوءِ ھليا وڃو سوئيزرلينڊ يا ڪنھن اھڙي ملڪ جتي ڏک نه ھجي. ھتي سنڌ ۾ جيستائين بُک، بيروزگاري ۽ لانگ بوٽ جو راڄ آھي، تيستائين ھر سچي فنڪار جي قلم مان رتُ، ڳوڙھا ۽ باھه ئي نڪرندا رھندا. جيڪو اڄ جي سنڌ ۾ مسرت جي ڳولا ۾ ۽ مسرت جا گيت ٿو ڳائي سو اکيون ٻوٽيو پيو ھلي.


    *


    ھڪ پنجابي دانشور مون کان پڇيو ته، ”جي- ايم- سيد پاڪستان سان غداري ڪري، ان کي ڇو ٿو ٽوڙڻ چاھي جڏھن ته ھو ان جو خالق آھي.“
    مون حيرت مان ھن ڏانھن ڏسندي چيو ته، ”تون اھو مڃين ٿو ته جي-ايم- سيد پاڪستان جي خالقن مان آھي.“ ھن چيو، ”ان ۾ ڪھڙو شڪ آھي، پوري تاريخ ڀري پيئي آھي انھيءَ ڳالھ سان.“
    مون چيو، ”الله ھن ڪائنات جو خالق آھي، انسان جو خالق آھي: پوءِ اھو الله ھن ڪائنات جي سرشتي ۾ تبديليون ڪندو رھندو آھي. ڪڏھن معصوم ٻار کي ماري ڇڏيندو آھي ۽ ڪڏھن زندگيءَ سان ڀرپور جوانيءَ کي ختم ڪري ڇڏيندو آھي. پر اھڙن ڪمن تي به الله تعاليٰ کي ڪنھن ايئين نه چيو آھي ته اھو غداري پيو ڪري، اھو ان ڪري جو ھو خالق آھي ۽ خالق کي پنھنجيءَ تخليق ۾ تبديليءَ جو ھر ڪو حق ھوندو آھي. ھڪ مصور پنھنجي تصوير ۾ ڏينھن ۾ ڏھه ڀيرا تبديلي ڪندو آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن ان کي ڦاڙي ڇڏيندو آھي، پر اھو سندس حق آھي. جي- ايم- سيد به پاڪستان جي خالقن مان آھي، ان کي ھر ڪو حق آھي ته ان جي نقشي ۾ گھربل تبديليون ڪري ۽ جي وڻيس ته ان کي ٽوڙي ڇڏي. جناح صاحب ڪئبينيٽ پلان قبول ڪري پاڪستان تان ھٿ کڻي سگھي ٿو ته پوءِ جي- ايم- سيد کي اھو حق ڇونه آھي ته ھو سنڌ خاطر پاڪستان تان ھٿ کڻي وڃي.“

    *

    جيڪي ملڪ غلام ھوندا آھن، اتي محڪوم قوم ۾ ٻن قسمن جا ماڻھو ھوندا آھن. ھڪ اُھي جيڪي حاڪمن سان گڏ ھوندا آھن. صلاحڪارن يا سندن مُھرن جي جي حيثيت ۾ ۽ ٻيا اُھي آھن جيڪي پنھنجي ملڪ جي آزادي ۽ حريت لاءِ جدوجھد ڪندا آھن، وڙھندا آھن، قربانيون ڏيندا آھن ۽ انھيءَ راھه ۾ مري کپي به ويندا آھن. حاڪم ٽولا اھڙن آزاديءَ جي مجاھدن کي غدار سڏيندا آھن. پر حقيقت ۾ محڪوم قومن جي ماڻھن وٽ اُھي غدار ھوندا آھن، جيڪي حاڪمن جو ساٿ ڏيو ويٺا ھوندا آھن يا حاڪم قوم جا صلاحڪار ھوندا آھن يا حاڪم قوم جي حاڪميت برقرار رکڻ لاءِ دليل ڏيندا آھن ۽ حاڪم قوم جي دلال طور ڪم ڪندا آھن.
    اي سنڌ واسيو ! غدار اُھي آھن جيڪي سنڌ جا معاشي وسيلا ڌارين جي حوالي ڪن ٿا. غدار آھن اُھي مڙيئي، جيڪي مارڪسزم ۽ لينن ازم کي سنڌ جي غلاميءَ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻين ٿا. غدار آھن اُھي ھڙيئي جيڪي وڏي ۽ ننڍي ڀاءُ جي حوالن ۽ پنجاب جي مظلوم عوام جي ناتي سان سنڌ کي پنجاب وٽ گروي رکڻ چاھين ٿا. پوءِ انھن ۾ کڻي ڪھڙا به مقدس نالا ڇونه اچن ۽ ڪيڏا به وڏا ليڊر اُن صِف ۾ شامل ڇونه ھجن. پر غدار ۽ دشمن ۾ فرق آھي. غدار پنھنجي قوم مان ھوندو آھي ۽ دشمن ٻاھريون ڌاريون ۽ قابض. گھڻو ڪري غدار جي سزا جو فيصلو قوم کي آزاديءَ ملندي يا آزاديءَ کان پوءِ ڪرڻو پوندو آھي ۽ غداريءَ مطابق سزا ڏني ويندي آھي. پر دشمن لاءِ ته تاريخ طئي ڪري ڇڏيو آھي ته ان کي ڌرتيءَ تان ڌڪي ڪڍڻو آھي. ان جو اھو ئي وڏي ۾ وڏو ڏوھه ۽ جُرم آھي جو ھن قوم کي غلام بڻايو آھي، غلام بڻائيندڙ لاءِ ھر سزا جائز آھي.

    *


    پنجاب
    اسان جو وڏو ڀاءُ نه آھي. تاريخي ۽ پيدائشي لحاظ سان اسان سنڌي آڳاٽا ۽ الڳ آھيون. تاريخي طرح ڪڏھن به اسان رضامنديءَ سان گڏجي ڀائرن وانگر نه رھيا آھيون. ھن اسان سان ته ٺھيو پر دنيا جي ڪنھن به قوم سان ڀائرن وارو برتاءُ نه ڪيو آھي. يورپ، آفريڪا ۽ ايشيا جو ھر علائقو جتي پنجاب پھتو آھي، پوءِ انگريز آرميءَ ۾ سولجر جي حيثيت سان، بيري جي حيثيت سان، واپاريءَ جي ڍنگ سان، ھاريءَ جي رُوپ ۾، ڀڙوي ۽ رنڊيءَ جي رُوپ ۾، سو پنجاب جو ڏنگيل آھي ۽ اُن کان دانھون ڪوڪون ٿو ڪري. ڇوته پنجابي ڀائرن وانگر رھڻ سِکيو ئي نه آھي، پنجاب جڏھن سنڌ سان گڏ ھو ته عظيم چَچ ۽ ڏاھر جي تلوار جي ڪري اسان سنڌين جو پُٽ ٿيو ويٺو ھو نه ڪي ڀاءُ.
    ان ڪري اي لوڪو! اسان انڪار ٿا ڪريون ته پنجابي اسان جو ڀاءُ آھي، ھو اسان مان نه آھي. اڄ اسان تي زوريءَ قبضو ڪيو ويٺو آھي ۽ اسان اُن ڪوشش ۾ آھيون ته کيس ڀائرن وانگر رھڻ سيکاريون. پر اھو ڪم مون کي ڏاڍو ڏکيو لڳي رھيو آھي ۽ ماڻھو پنجاب مان ايڏا بيزار آھن جو اُنھن کي پنجابي عورتن ۾ به سونھن نظر نه ٿي اچي.


    *

    ھڪ ڀيري مون تقرير ڪندي چيو ته، ”جڏھن ڌاريون ماڻھو پنھنجي مُلڪ ۾ ويٺو آھي ته اسان کي سندس رھڻيءَ ڪھڻيءَ تي ڪوبه اعتراض نه آھي. پر جڏھن ھو پنھنجو مُلڪ ڇڏي ڪنھن ٻئي ملڪ تي قبضو ٿو ڪري ته پوءِ اھو غاصب، ظالم ۽ بدمعاش آھي، جيئن ھڪ عورت آھي سا جڏھن پنھنجي گھر ۾ وَر سان گڏ ھوندي آھي ته سُھاڳڻ سڏبي آھي. پر اھائي ساڳي عورت جڏھن پنھنجو گھر ۽ وَر ڇڏي بازار ۾ اچي ويھندي آھي ته اھا رنڊي، وئشيا ۽ فاحشه سڏبي آھي. ساڳي طرح جيڪڏھن پنجابي پنجاب ۾ ويٺو رھي ۽ اُتي جي چوڌري ۽ فوجي جنرل جي خلاف جدوجھد ڪري ته پوءِ اسان ان کي ايئين سلام ڪنداسين جيئن ڀڳت سنگھ ۽ عطاءُالله شاھه بخاريءَ کي سلام ٿا ڪريون. پر جڏھن اھو پنجابي سنڌ جي سرحد ۾ داخل ٿئي ٿو ته پوءِ اسان لاءِ قابل نفرت آھي، ھلاڪو آھي، ھٽلر آھي، چنگيز آھي.“ تقرير کان پوءِ منھنجو دوست چوڻ لڳو ته، ”تو عورت وارو مثال غلط ڏنو، ڇوته سھاڳڻ ۽ رنڊيءَ جي جسماني عمل ۾ ته ڪوبه فرق ڪونھي. باقي سھاڳڻ پنھنجو جسم ٿوري قيمت ۾ ڪن لفظن جي آڌار تي ھڪ مرد جي حوالي ڪري ٿي ۽ وئشيا پنھنجي جسم جي ڀرپور قيمت وصول ڪري ٿي، جيڪو سندس حق آھي. “ آئون حيران ٿي دوست ڏانھن ڏسندو رھيس.

    *


    ھڪ ڪامريڊ بحث ڪندي چيو ته، ” اوھان ھروڀرو پنجاب جي پٺيان ھٿ ڌوئي اچي پيا آھيو. جڏھن ته پنجاب ۾ به مظلوم ماڻھو آھن ۽ محڪوم طبقا آھن. ضرورت ھن ڳالھ جي آھي ته انھن سان جمھوريت جي جدوجھد لاءِ گڏجي محاذ ٺاھڻ گھرجي. “ مون انتھائي ادب سان چيو ته، ” تنھنجي گفتگو ٻڌي آئون محسوس ٿو ڪريان ته ھن علائقي جو ڪامريڊ ذھني طرح سُنڍ بڻجي ويو آھي. ھن ۾ تخليقي مسئلا سمجھڻ ۽ انھن جي سلجھاءَ جي صلاحيت ئي نه رھي آھي، ڇوته توکي معلوم ھئڻ کپي ته ھر حاڪم ۽ سامراجي قوم ۾ به مظلوم ۽ محڪوم طبقا ٿيندا آھن. جيئن آمريڪا اڄ دنيا جو سامراجي امام آھي ته اتي به مظلوم ۽ محڪوم طبقا موجود آھن. پر انھن طبقن جي موجودگيءَ جي ڪري ڪو آمريڪا جو سامراجي ڪردار تبديل نٿو ٿي سگھي ۽ نه ئي ھوچي منھ انھن طبقن سان وڃي ھڪ جھنڊي ھيٺ ڪو جمھوري فرنٽ ٺاھيو ھو.
    ساڳيءَ طرح جڏھن الجزائر، فرانس جو غلام ھو ۽ ھندوستان برطانيه جو ته ان وقت به فرانس ۽ برطانيه ۾ محڪوم ۽ مظلوم طبقا موجود ھئا. ساڳيءَ طرح محڪوم ۽ غلام قوم ۾ به ڪي فرد ۽ ٽولا حاڪمن جا ساٿاري ۽ حڪومت ۾ دلال طور شريڪ ھوندا آھن، جيئن الجزائر جا شيخ ۽ ھندوستان جا راجا ۽ سيٺ، فرينچ ۽ برطانوي اسيمبلين جا ميمبر به ھوندا ھئا پر انھيءَ جي باوجود الجزائري ۽ ھندي مجاھدن نه پنھنجي آزاديءَ تان ھٿ کنيو ۽ نه وري حاڪمن جي محڪوم طبقن سان گڏجي ڪا پارٽي ٺاھيائون. اڄ سنڌ به غلام ۽ محڪوم آھي پنجاب وٽ، ۽ حاڪم ۽ قابض پنجاب ۾ به محڪوم ۽ مظلوم طبقا موجود آھن ۽ غلام سنڌ ۾ به ڪي ڌُريون ۽ ٽولا سرنديءَ وارا ۽ حاڪمن جا ساٿاري آھن. حاڪمن طرفان جوڙيل ادارن ۾ موجود آھن، پر انھن جي ھتي موجودگيءَ سان سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪندڙن لاءِ پنجاب جي مظلوم ۽ محڪوم طبقن سان يا اديبن ۽ دانشورن سان ھڪ جھنڊي ۽ نعري ھيٺ ڪنھن گڏيل محاذ ٺاھڻ جو جواز پيدا ئي نٿو ٿئي.

    *

    جڏھن ڪائي قوم غلام بڻجي ويندي آھي ته ان وقت ان ۾ صرف ھڪ ئي طبقو ھوندو آھي غلامن جو، ٻيا سڀ طبقاتي تضاد غلاميءَ جي موجودگيءَ تائين دٻجي ويندا آھن.
    (مائوزي تنگ)

    *

    اي آزادي! تون حاصل ٿيڻ کان اڳ تنھنجي لاءِ جدوجھد ڪندڙن لاءِ ڏائڻ بڻجي ويندي آھين. پر حاصل ٿيڻ کان پوءِ سموري قوم لاءِ پرِي، محبوبه ۽ زندگيءَ جي مسرتن سان ڀرپور گيت بڻجي ويندي آھين. پر جن به تنھنجو خواب ڏٺو آھي تن لاءِ ته تون انڌار ڀونرن ۾ به چيٽ جو چنڊ ھوندي آھين ۽ ڦاسيءَ گھاٽ ۾ انڊلٺ ريکائون ٿي ايندي آھين.

    *

    مھاجرن جڏھن پاڪستاني ۽ اسلامي قوميت کان انڪار ڪيو ته اسان ان کي سٺو سوڻ سمجھيوسين. خصوصاً ھنن جو پنجاب سان تضاد ۾ اچڻ. اسان ھنن جي حمايت به ڪئي ۽ ھنن کي پنھنجن جلسن ۾ گھرايوسين. پر ان حيثيت ۾ ته اھي سنڌي آھن ۽ سنڌي قوم جو حصو جيڪو اردو ڳالھائي ٿو. اسان ھنن تي ھي واضح ڪرڻ گھرون ٿا ته اُھي اِھو طئي ڪن ته اھي سنڌ ۾ لُٽِجي آيا آھن ۽ اڄ اسان جا ڀائر آھن يا ھو فاتح آھن ۽ ڪن شھرن ۾ ٽائر ساڙي سنڌين تي حڪومت ڪرڻ ٿا چاھين. جيڪڏھن ھو اسان جا ڀائر آھن ته پوءِ اسان جي شھرن جا نالا بدلائڻ بند ڪن ۽ ھر مسئلي ۾ اسان سان سھڪار ڪن. پر جيڪڏھن فاتح آھن ته پوءِ کين ياد رکڻ گھرجي ته سنڌ ۾ گھڻا فاتح ٿي آيا، شھرن جا نالا به مٽايائون پر اڄ انھن جي قبرن جو نشان به ڪونه ٿو ملي ۽ جن جون قبرون ۽ مقبرا آھن، تن تي ڪُتا پيشاب ڪن ٿا ۽ گڏھه لِڏون لاھين ٿا ۽ سرزمين سنڌ جي مٽي تمام وڏن وڏن فاتحن جي لشڪرن کي ڳڙڪائي ويئي آھي ۽ جيڪي ھتي جا ڄاوا ٿي رھيا سي اڄ به ھزارين ورھيه گذرڻ جي باوجود موجود آھن. ڏيوجي ۽ ملجي جي صورت ۾ ۽ موجود رھندا باوقار طريقي سان مستقبل جي سنڌ ۾، جيڪا آزاد ۽ پاڻڀري ھوندي. اھا مون کي پڪ آھي. ان ڪري پناھگيرن کي پنھنجي دماغن مان اجائي ٽانءِ ڦون ڪڍي ڇڏڻ گھرجي.

    *

    ھڪ ڪامريڊ مون کي چيو، ”اوھان غلط آھيو ۽ ھميشہ غلطيون ڪندا آيا آھيو ڇوته 1969ع ۾ اسان (نام نھاد ڪميونسٽن) مھاجرن سان اتحاد پئي ڪيو تڏھن توھان مخالفت ڪئي ۽ اڄ انھن کي پنھنجن جلسن ۾ گھرايو ٿا.“ مون اچرج مان ھن ڏانھن ڏسندي چيو ته، ”جڏھن توھان ھنن جا پڇ لٽڪائو ٿي ھليا پئي ان وقت مھاجرن ون يونٽ جي حمايت ۾ بک ھڙتالون پئي ڪيون- مسلم قوم جي تصور کي سجدا پئي ڪيا- پنجاب کي محافظ ملت پئي سمجھيائون. ملڪي سياست کي مذھب جي تابع ڪري ھلائڻ جي ڪوشش پئي ڪيائون. ان وقت توھان ھنن سان گڏجڻ جون صلاحون پئي ڪيون. تڏھن اسان انھن جي لاڙن جي مخالفت ڪئي ۽ اڄ جڏھن اھي مسلم قوميت جي تصور تان دستبردار ٿي چڪا آھن. نظريه پاڪستان ھنن لاءِ ديو مالائي ڏند ڪٿا بڻجي ويو آھي، سياست مان مذھب کي بيدخل ڪرڻ جون ڪوششون ٿا ڪن ۽ سنڌ مان پنجابي حاڪميت جي پاڙ پَٽڻ لاءِ جدوجھد ٿا ڪن. ان وقت اھي اسان جي نظريي ۽ خيال کي ويجھا آھن. ان ڪري اسان ھنن کي پاڻ وٽ گھرايون ٿا ۽ توھان مخالفت ڪري اڻ سڌيءَ طرح پنجاب جي دلال وارو ڪردار ادا ڪريو ٿا ۽ توھان کي معروضي حالتن جي تبديلين جي ڪابه خبر نٿي پوي. ان ڪري توھان غلط آھيو ۽ اسان صحيح آھيون.“

    *

    آئون مارڪسوادي آھيان. آئون انھيءَ پوڙھي جرمن جي چرنن ۾ پنھنجو سِيس نمايان ٿو. جنھن نظرياتي طرح محنت کي سرمايي کان وڌيڪ باعزت ۽ باوقار سڏي انساني تاريخ ۾ پھريون ڀيرو مسڪين ۽ پورھيت کي اھو سيکاريو ته ھيءَ ڪائنات جي خوبصورتي ۽ ان ۾ شين جي ھيءَ جوڙجڪ تنھنجن ئي ھٿن ۽ ذھنن جو ڪارنامو آھي. ان ڪري ھن دنيا تي حڪومت ڪرڻ تنھنجو حق آھي، ڇو ته تون گھڻائيءَ ۾ آھين.
    آئون مارڪسوادي آھيان انڪري ته ھن اھو ٻڌايو ته آزاديءَ جو حق ھر قوم جو پيدائشي حق آھي. ان کي ڪنھن نعري، نظريي يا نظام جي ڪري ختم نه ٿو ڪري سگھجي. آئون ان ڪري به مارڪسوادي آھيان جو ھن پھريون ڀيرو قومن ۽ طبقن جي نه صرف ڳالھ ڪئي پر انھن جي آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪندو رھيو. آئون محنت کي عظمت بخشيندڙ، قومن جي آزاديءَ جي حق کي عالمي للڪار جي صورت ڏيندڙ ۽ پورھئي ۽ پيار تي پھرا ڏيندڙ چوڪيدارن جون کَلون لاھڻ جون اپيلون ڪندڙ ان پوڙھي جرمن کي سلام ٿو ڪريان، جنھن اھو چئي پاڻ تان ھر قسم جي اجارہه داري ختم ڪري ڇڏي ھئي ته آئون جيڪي ڪجھ چئي رھيو آھيان، سا ڪا جامد شئي نه آھي پر ان ۾ وقت ۽ زماني سان گڏ تبديليون ۽ ترميمون ٿينديون رھنديون، پر ڦٽڪار آھي انھن تي جيڪي انھيءَ پوڙھي جرمن جي لکڻيءَ کي جامد، غير متحرڪ ۽ اٽل سمجھيو ويٺا آھن.

    *


    ھڪ
    ڪامريڊ بحث ڪندي چيو ته اوھان جيئي سنڌ وارا جمھوري جدوجھد ۾ شريڪ نه ٿا ٿيو ۽ وسيع تر جمھوري محاذ ۾ شريڪ نه ٿا ٿيو جيڪو سامراج دشمن آھي يعني ايم- آر- ڊي. مون کيس چيو ته توکي خبر آھي ته مارڪسي نقطئه نظر مطابق جمھوريت ڇا آھي. ھن چيو ته تقرير ۽ تحرير جي آزادي، جلسي جلوس جي آزادي، ووٽ ڏيڻ ۽ جماعت ٺاھڻ جي آزادي.
    چيم ته جمھوريت جي اِھا به معنيٰ آھي ۽ ھيءَ به معنيٰ آھي ته، ”عوام جي حڪومت، عوام ذريعي، عوام لاءِ.“ پر مارڪس وٽ جمھوري جدوجھد يا جمھوريت جي معنيٰ آھي فيوڊلزم (FEUDALISM)جي مخالفت ۽ فيوڊلزم (جاگيرداريت) جي پاڙ اُکوڙڻ ڇوته يورپ ۾ جمھوريت انھيءَ اداري جي خاتمي سان آئي ھئي. ھاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته جنھن فرنٽ يا جمھوري محاذ ۾ ھر قسم جو فيوڊلسٽ ۽ لينڊ لارڊ ويٺو آھي، اھو ڪھڙي قسم جي جمھوريت آڻيندو، جيڪو جاگيردار پنھنجي سامھون ھاريءَ کي کٽ ۽ ڪرسيءَ تي ويھڻ نه ٿو ڏئي، سو عوام کي ڪھڙي قسم جي جمھوريت ڏيندو. اھو انھيءَ فرنٽ ۾ ويھي اليڪشن جي ڳالھ ٿو ڪري، رڳو انھيءَ لاءِ ته اسيمبليءَ ۾ چونڊجي وڃي ته جيئن ضلع جي عملدارن ۽ پاڻ جيڏن ۽ جھڙن ٻين وڏيرن تي رعب ۽ لئه رکي سگھجي. اھو آھي توھان جي انھيءَ جمھوري جدوجھد جو مقصد جنھن کي توھان ھن وڏيرڪي سماج ۾ آڻڻ ٿا گھرو ته جيئن ھڪڙن وڏيرن کي اقتدار تان لاھي ٻين کي انھيءَ ڪرسيءَ تي آڻي سگھجي. پوءِ چيم ته، ”مارڪس وٽ نيشنلزم جو مطلب آھي سامراج جي ھر شڪل ۽ صورت جي مخالفت، مزاحمت، ان جي گرفت مان قومن جي آزادي ۽ سامراج جو پوريءَ ريت خاتمو، ھر قومي آزاديءَ جي تحريڪ ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ سامراج دشمن ھوندي آھي ۽ اھا سامراج جي تمام ڊگھي ڄار جي ڪنھن ڪنڊ پاسي کي ضرور ٽوڙيندي آھي. پر جنھن محاذ ۾ تون ويٺو آھين اھو ته رڳو وڏي سامراج جو دلال آھي، پر ان وڏي سامراج جيڪي پلونگڙا ڄڻيا آھن تن جو محافظ آھي ۽ قومي آزادين جو دشمن پڻ. جڏھن ته اسان نيشنلزم (قومپرستيءَ) جي تحريڪ ھلائي رھيا آھيون، جيڪا سامراج دشمن به آھي ته جاگيرداريءَ جي اثرن کان پاڪ پڻ. ڇو ته، ھر قومي آزاديءَ جي تحريڪ دانشور، وچولو ڪلاس ۽ قومي سرمائيدار ھلائيندو آھي ۽ اھي عنصر جمھوريت جا ٿنڀا آھن. ھاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته سامراج دوست ۽ جمھوريت دشمن تون آھين يا آئون، جيڪو ڪنھن به اھڙي محاذ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار نه آھيان، جيڪو قومن جي آزاديءَ جو دشمن آھي، جيڪو صرف ووٽ وٺڻ جو ذريعو آھي، جيڪو ھن علائقي ۾ وڏي سامراج جو دلال، جاسوس ۽ ان جي پلونگڙن جو محافظ، نظرداري ڪندڙ، پالي پوسي وڌيڪ رت پياڪ رھزن ۽ قومن جو قاتل بڻائيندڙ آھي. اسان اڄ شعور جي انھيءَ منزل تي پھتا آھيون جو اھي دَلبا اسان کي پنھنجي منزل تان ھٽائي نه ٿا سگھن.“

    *


    مون چيو ته آئون ماڪسوادي آھيان جو ھن قومن جي آزاديءَ جي نه رڳو ڳالھ ڪئي آھي پر وڏي جرئت سان پنھنجي قوم جي انھن قدمن جي مذمت ڪئي، جن جي ذريعي سندس قوم ٻين قومن کي غلام ٿي بڻايو ۽ چيائين ته، ”جيڪي قومون ٻين قومن کي غلام بڻائينديون آھن سي خود غلام بڻجي وينديون آھن. “ پر جيڪڏھن مارڪس اھو نه چوي ھا ته پوءِ ڇا قومون پنھنجين آزادين تان ھٿ کڻي وڃن ھا. منھنجي قوم جي تاريخ آزاديءَ جي جدوجھد سان ڀريل ۽ شھيدن جي ريٽي رت سان ان جا صفحا شفق رنگ آھن. ڏاھر آزاديءَ لاءِ وڙھيو، دودو آزاديءَ لاءِ وڙھيو ۽ پنھنجي ڪَھول سميت ڪُسجي ويو. دريا خان، ھو سامھون مڪليءَ جي ھنج ۾ سُتو پيو آھي پنھنجي رت ھاڻي جسم سان صبح آزاديءَ جي انتظار ۾.
    ھو جھوڪ جا جھر جھنگ جرڪي رھيا آھن آزاديءَ لاءِ وڙھندڙ شاھه عنايت شھيد ۽ ان جي حق پرست ساٿين جي لھوءَ جي ڏيئن سان. مياڻيءَ جي ميدان ۾ ھوشوءَ جو نعرو اڄ به نيپيئر جي روح کي ڪنبائي رھيو آھي. ڪارونجھر جي ڪور تي مور جي رَڙ جي روپ ۾ روپلي جو آواز اڄ به گوري ۽ ان جي جانشين جي ھانوَ ۾ خنجر وانگر ٽُنبجي رھيو آھي. ڇا اھي سڀ آزاديءَ لاءِ ان ڪري وڙھيا ھئا جو انھن مارڪس پڙھيو ھيو. نه ھرگز نه- اھي سڀ پنھنجي قوم جي شان ۽ مانَ مٿي رکڻ لاءِ وڙھيا ھئا، حق تي ھئا، تاريخ جي زندگي ھئا ۽ قومن جي ضمير جي زندگيءَ جا ضامن ھئا. اسان لاءِ اھي ھر سچائيءَ کان وڌيڪ سچائي ھئا.

    *

    تازو مھاجر قومي تحريڪ جي اڳواڻ چيو آھي ته آئون سڀ ڪجھ مڃائي سگھان ٿو، ھاڻي مون کي لاشن جي پرواھه ناھي ڇوته مون گھڻا لاش ڏٺا آھن- ھن جو اشارو تازن فسادن ۾ مري ويلن ماڻھن ڏانھن ھو.
    مھاجر ليڊر جي بيانن ۽ تقريرن مان ايئين معلوم ٿو ٿئي ته ھن جو دماغ شھري ماڻھن جا ھجوم ڏسي ڪجھ بنھ مٿڀرو ٿي ويو آھي- ھو جيڪي ڌمڪيون ۽ مطالبا پيش پيو ڪري انھن جو رخ پنجاب سان گڏوگڏ سنڌين ڏانھن به ھجي ۽ انھن ھجومن ۽ انھن ۾ مري ويل ماڻھن جي حوالي سان ھُو سنڌين تي پنھنجي طاقت جو ڌاڪو ڄمائيندو ھجي- پر کيس خبر ھئڻ گھرجي ته جيڪا قوم ھزارن سالن کان ھن ڌرتيءَ تي رھندي آئي آھي اُن انھن ھجومن کان به وڏا ۽ وڌيڪ خطرناڪ ڪٽڪ ڏٺا آھن ۽ اھا رڳو دعائن، ڦيڻن، سڳن ڌاڳن جي سھاري تي اڄ ڏينھن تائين پنھنجي پوتي ۽ پڳ سلامت نه رکندي آئي آھي پر ھن پنھنجي وجود ۽ پنھنجي ڌرتيءَ جي سلامتيءَ لاءِ لاشن جا ست ماڙ اڏيا آھن. ھن پنھنجي ڏاھرن ۽ دودن، دريا خانن، ننگرن ۽ ڀونگرن، رڻملن ۽ سارنگن، بلاولن ۽ حيدرن، ھوشن ۽ ھيمن جھڙا ھزارين لاکيڻا لال پُٽ ڪُھايا آھن. ھڪڙي ھڪڙي ڏينھن ۾ وِيھ وِيھ ھزار لاش پنھنجي سپوت پُٽن جا ھن ڳائي وڄائي دفنايا آھن. اھا قوم اروڙ ۽ روپا ماڙي، ٽلٽي ۽ کرڙي، مياڻي ۽ دٻي، ننگر ۽ ساموئيءَ جي وارث آھي، جنھن پنھنجي ڌرتيءَ تي سؤ سؤ سالن تائين رت ۽ باھه جي راند ڏٺي آھي، جنھن پنھنجا کيت ۽ چيٽ رک جو ڍير بڻجندي ڏٺا آھن. جنھن سڪندر کان وٺي نيپيئر تائين فاتحن جو مقابلو ڪيو. جيڪا اڄ به لاکاٽ ۽ ٽوڙيءَ جا ميدان سينگاري سگھي ٿي. تنھن کي انھن ھجومن ۽ فرقه وارانه فسادن جي ذريعي پنھنجي تاريخي حَقن، واسطن ۽ پنھنجي سرزمين تان نه بي دخل ڪري ٿو سگھجي ۽ نه ئي محڪومن ۽ غلامن واري زندگي گزارڻ تي مجبور ٿو ڪري سگھجي- جيڪڏھن ڪنھن مھاجر / پناھگير جي دماغ ۾ سنڌي قوم جي ھي وقتي خاموشي ڏسي ڪا غلط فھمي پيدا ٿي ھجي ته ان کي فوري طور اھا پنھنجي دماغ مان ڪڍي ڇڏڻ گھرجي ۽ مڪليءَ جي قبرستان کي ڏسي وري ڏاھر ۽ دودي جي، دريا خان ۽ مخدوم بلاول جي اھا سنڌ ڏسڻ گھرجي جيڪا ڪارونجھر کان ڪشمور تائين پڳ ۽ پوتيءَ واري، ڇلي ۽ ڏور واري، لولين ۽ پرولين واري، لوڪ گيتن ۽ ڪيڏارن واري، سچل ۽ ساميءَ واري، ڀٽائي ۽ خليفي نبي بخش واري، شاھه عنايت ۽ مخدوم ھنڱوري واري سنڌ ڏسڻ گھرجي، جيڪا اڄ به سرمي، سينڌ ۽ شھپر جي موڙ سان موجود آھي، ڪوڏر ۽ ڪھاڙيءَ سان اڳتي وڌي رھي آھي.

    فاضل راھوءَ جي چاليھي ۾ سنڌ جا ھزارين پُٽ ۽ ڌيئرون موجود ھئا. جنھن ۾ اھي به ھئا، جيڪي ڪيترا ميل پنڌ ڪري سنڌ جي ھن ڏورانھين علائقي ۾ پھتا ھئا، انھن ۾ شاعر، اديب، عالم، فاضل، مقرر ۽ سگھڙ ھئا ته اوسارا ۽ پار ڪڍڻ واريون ڪولھڻيون ۽ ڪولھي به موجود ھئا، ٻروچ ۽ پٺاڻ ھئا، سرائڪي ڳالھائيندڙ به ھئا ته ٿري ۽ ڍاٽڪي ٻوليءَ وارا به ھئا. انھيءَ ساري ھجوم ۾ آئون اڪيلو مقرر ھوس، جنھن کي اڌ ۾ ڳالھائيندي روڪيو ويو ۽ چيو ويو ته بس ڪر، جڏھن مون چيو ته فاضل جا حقيقي قاتل اُھي آھن، جن اچي سنڌ جي سون ورني ڌرتي ۽ ان جي وسيلن تي قبضو ڪيو آھي. مون کان پوءِ جڏھن ملڪ قاسم تقرير لاءِ آيو ته مون ڏٺو ته ان جي دامن تي فاضل جي رت جا ڇنڊا ۽ داغ ۽ زبان تي فاضل جي واکاڻ جا ڪوڙا قصيدا ھئا. ان وقت مون ڏٺو ته پليجي جي چھري تي سرھائي ھئي ۽ ھزارين ماڻھن جي دلين مان ۽ زبانن مان ملڪ قاسم جي خلاف نفرت جون ڄڀيون پئي نڪتيون ۽ پليجو، ملڪ قاسم پنجاب جو ھڪ رٽائرڊ فوجي آفيسر جيڪو ان قوم جي نمائندگي ڪري رھيو ھو، جيڪا بلو کان فاضل تائين جي قاتل آھي ۽ انھن جي قتلن جي رت جا داغ ملڪ قاسم جي دامن تي ھئا، تنھن کي پنھنجو ڀاءُ ڪوٺي رھيو ھو ۽ ھن جي ڪوڙن قصيدن تي ٻھڪيو پئي.

    ”فاضل منھنجا دوست! اي منھنجا وڇڙي ويل دوست! سياستدان ڪڏھن جلاد کان به وڌيڪ بي رحم بڻجي ويندو آھي.“

    *

    ھڪ منھنجي دوست چيو ته سنڌي ماڻھو ايم- آر- ڊي جي تحريڪ ۾ تشدد تي ڇو لھي آيو، جڏھن ته ٻين صوبن ۾ اھا تحريڪ (جيڪڏھن اتي اھا تحريڪ موجود ھئي) پر امن رھي.
    مون ھن کي ٻڌايو ته توکي معلوم ھئڻ گھرجي ته سنڌي ماڻھو سڀ ڪجھ برداشت ڪري سگھي ٿو، پر دشمن جي گار ڪنھن به صورت ۾ سھڻ ھن جي وس کان ٻاھر آھي، ۽ ھو ھميشہ گار جو جواب گار سان نه پر ڪھاڙيءَ جي وار سان ڏيندو آھي. ايم- آر- ڊي جي ھلچل شروع ٿيڻ کان اڳ صدر پاڪستان سنڌ ۾ آيو ھو ۽ ھن گھڻو ڪري ميرپور خاص ۾ تقرير ڪندي چيو ھو ته، ”سنڌي ماڻھو اڃا به ست سال مارشل لا رکڻ ۾ نه رڳو خوش آھي پر ان جو پر زور مطالبو ۽ اصرار آھي ته اڃا ست سال مارشل لا رھڻ گھرجي.“ فوجي جنتا جي حڪومت جي وجود سان سنڌين جي عشق واري ڳالھ سنڌين لاءِ سياسي گار ھئي ۽ جڏھن تحريڪ شروع ٿي، تڏھن سنڌين انھيءَ سياسي گار جو جواب گار سان ڏيڻ بدران پنھنجي روايت پٽاندر ڪھاڙيءَ جي وار سان ڏنو، اھڙيءَ ريت اھا تحريڪ تشدد پسند تحريڪ ۾ بدلجي ويئي آھي. منھنجو انھن سياستدانن کي مشورو آھي، جيڪي محڪوم سنڌين ۽ حاڪمن کي ڀاءُ چوندا ٿا وتن، ته سنڌين کي سياسي گاريون نه ڏين ٻي صورت ۾ سنڌي ماڻھو ھاڻي گار جو جواب گوليءَ سان ڏيڻ به سکي ويو آھي- قسم آھي امان الله وسطڙي جي رت جو ته اھو سچ آھي.


    *

    جي- ايم- سيد:-
    مون ڌرتيءَ تي اک کولڻ کان ٿورو ئي پوءِ پاڻ کي ھن پوري ڪائنات ۾ اڪيلو، يتيم ۽ غلام ڏٺو. منھنجون ھن سرزمين تي ٻارنھن پيڙھيون دفن ٿي چڪيون آھن. منھنجي ھر پيڙھي غلاميءَ جي زندگيءَ کان انڪار پئي ڪيو آھي. ۽ ڀونءِ جي ھر ڀِينڊَ ۽ ڌرتيءَ جي ھر ماڻھوءَ سان محبت منھنجي ھر پيڙھيءَ جي سُتيءَ جي کير ۾ شامل رھي آھي. ان ڪري ھن سرزمين تي جڏھن گوري قدم رکيو تڏھن به منھنجي پيڙھي مخدوم بلاول جي مريديءَ جو ڀرم رکندي گوري جي سلاميءَ کان انڪار ڪيو. جيتوڻيڪ ان جي نتيجي ۾ منھنجي خاندان کي ڪافي ڪجھ ڀوڳڻو پيو ۽ جائداد جي گھڻي حصي تان ھٿ ڌوئڻا پيا. مون کي جيڪا جائداد ورثي ۾ ملي سا ھڪ مادي ھئي ته ٻي فڪري- مادي جائداد مون ھن ماتر ڀوميءَ مان غلاميءَ کي تڙي ڪڍڻ لاءِ گھڻي ڀاڱي خرچ ڪئي ۽ رھيل پنھنجي اولاد ۾ ورھائي ڇڏي. باقي فڪري جائداد جيڪا مخدوم بلاول ۽ شاھه حيدر کان مون کي ورثي ۾ ملي ھئي، ان کي مون نه رڳو سنڌ جي ھر گھر ۽ ھر ماڻھوءَ ۾ ورھايو آھي پر ان ڪيترا واڌارا ۽ سڌارا ڪري، مسئلن ۾ گھيريل سنڌ جي ڇوٽڪاري لاءِ استعمال ڪندو رھيو آھيان ۽ اي سنڌ جي سوا ڪروڙ قوم! منھنجي انھيءَ دولت جا وارث اوھان سڀ آھيو. ان دولت ۾ خيانت نه ڪريو، يعني سنڌ جي آزادي ۽ خوشحاليءَ کان سواءِ ڪنھن ٻئي مقصد لاءِ استعمال نه ڪريو، اڄ ان فڪري دولت جي آڌار تي آئون سمجان ٿو ته اڪيلو، يتيم ۽ محڪوم نه آھيان.


    *

    1965ع جي جنگ ۾ انڊين آرميءَ ھٿان مارجي ويندڙ ميجر راجا عزيز ڀٽي جنھن کي پوءِ ”نشان حيدر“ ڏنو ويو. تنھن ھڪ مضمون ۾ پنجاب جي راجا پورس کي پنھنجو ھيرو لکيو آھي. اھڙو ھيرو جيڪو پنھنجي مٽي، پنھنجي سرزمين ۽ پنھنجي ماڻھن لاءِ وڙھيو غير ملڪي حملي آورن جي خلاف. ان تي پنجابي اديب شفيع عقيل لکي ٿو ته ان وقت حملي آور کڻي سڪندر ھو، پر ان جي بدران کڻي ٻيو ڪير به حملي آور ھجي ھا ۽ پورس ان جو مقابلو ڪري ھا تڏھن به اھو اسان جو قومي ھيرو ھجي ھا.
    اھي سِٽون پڙھڻ کان پوءِ مون کي حيرت ٿي ته جڏھن اسان مھا راجا ڏاھر کي قومي ھيرو سڏيو، جيڪو پنھنجي مٽي، پنھنجي سرزمين ۽ پنھنجن ماڻھن جو مانُ بچائڻ ۽ ستين جو سيل سلامت رکڻ لاءِ وڙھندي شھيد ٿي ويو. ان لکڻ تي اسان جي خلاف سموري پاڪستان جي رياستي پروپيگنڊہ ۽ مشينري حرڪت ۾ اچي ويئي، ان وقت پنجاب مان ڪوبه آواز نه اٿيو ته ڏاھر کي قومي ھيرو سڏڻ ۾ سنڌي حق تي آھن ڇو ته اسان به پورس کي قومي ھيرو قرار ڏيئي چڪا آھيون.
    ان ڪري ئي آئون چوندو آھيان ته پنجاب جو ترقي پسند ۽ پورھيت وقت جي ھر موڙ تي پنھنجو تاريخي فرض ادا ڪرڻ ۾ گُٿو آھي، ان ڪري قومن جي آزادي ۽ ترقي پسند جدوجھد ۾ ھن مجرم وارو ڪردار ادا ڪيو آھي ۽ ھو تاريخ جي عدالت ۾ مجرم آھي.
    پر وڏي ڳالھ ته ھڪ بت پرست کي عزيز ڀٽي جيڪڏھن مسلم پنجاب جو ھيرو لکي ۽ ڪنھن جنگ ۾ اوچتو گولي لڳڻ سان مري وڃي ته ان کي نشانِ حيدر ملي. پر اسان محڪوم ۽ مظلوم ماڻھو جڏھن ڏاھر ۽ ھيمونءَ کي، روپلي ۽ ڄيٺانند کي پنھنجا قومي ھيرا سڏيون ته نه رڳو انڌار ڀونرن ۾ بند ڪيا ٿا وڃون پر اسان جا اھي ڪتاب ۽ مضمون پورس جا پوئلڳ ساڙيو ۽ ڦاڙيو ڇڏين. قانون ۽ اخلاق جو ٻٽو معيار ئي ثابت ڪندو آھي ته جيڪا شئي حاڪمن لاءِ جائز نه بلڪ فخر لائق ھوندي آھي، سا محڪومن لاءِ ناجائز، سزا لائق ھوندي آھي. اتان ئي اھو پڻ ثابت ٿيندو آھي ته ھڪ قوم حاڪم آھي ۽ ٻي محڪوم. جيڪڏھن ڪنھن آمريڪيءَ وٽ ريوالور آھي ته ڪو ھرج ناھي پر جيڪڏھن اھوئي ساڳيو ريوالور ڪنھن ويٽناميءَ جي ھٿ ۾ ڏسو ته ان کي گولي ھڻي ڪڍو. اھوئي سامراجيت جو دستور سموري دنيا ۾ ھالو چالو آھي جيڪو ھتي اسان سان پڻ لاڳو آھي.

    *

    آئون پنھنجي دوست سان گڏ گاڏيءَ ۾ نيشنل ھاءِ وي تان وڃي رھيو ھوس. اسان جي ڪار جڏھن نوشھرو فيروز ٽپي سکر ڏانھن وڌي رھي ھئي ته مون ڏٺو روڊ جي ٻنھي طرفن کان ننڍڙا سنڌي ٻار مٿي تي زيتونن، سنگتڙن ۽ ڏاڙھن جا ٽوڪرا، ماکيءَ جا شيشا ۽ ھٿن ۾ چنبيليءَ جا ھار کنيو بيٺا آھن ۽ ھر ايندڙ ويندڙ کي نماڻين نگاھن سان آڇي رھيا آھن- اسان جي اڳيان ويندڙ ڪار بيٺي، ان جو شيشو کُليو، ان مان ھڪ ڦڦڙ جھڙو ڳاڙھو ھٿ سونين چوڙين سان جھنجھيل ٻاھر نڪتو، جنھن ڦل، ڦول ۽ ماکيءَ جو شيشو ورتو ته اسان به ان ڪار جي ڀرسان گاڏي بيھاري، ڪار جي ڊرائيور کان پڇيو ته اوھان ڪير آھيو ۽ ڪيڏانھن ويندؤ؟ ھن جواب ڏنو: اسان پنجابي آھيون ۽ لاھور وينداسين. ھنن جي ڪار رواني ٿي ته مون پنھنجي دوست کي چيو ته ڏس ھي ڳاڙھي ڦڦڙ جھري پنجاپڻ جڏھن پنھنجي ڳوٺ وڃي رھي آھي، ان وقت اسان سنڌي ھن جو جھول، ڦلن، ڦولن سان ڀري ۽ ھن جو وات ماکيءَ سان مِٺو ڪري موڪلي رھيا آھيون. پر ھيءَ موٽ ۾ جنھن ٻار کي جنم ڏيندي، تنھن جي ھٿ ۾ گولي ھوندي جيڪا انھن ٻارن کي لڳندي جيڪي اڄ انھيءَ مائيءَ کي زندگي ۽ صحت جون سوکڙيون ڏيئي پنجاب موڪلي رھيا آھن ۽ ان جي ڀاڻيجي يا ڀائيٽي جي ھٿ ۾ ڪوڙو ھوندو جيڪو انھن ڦل وڪڻندڙ ٻارن جي حَقن لاءِ وڙھندڙن کي لڳندو.


    *

    ھڪڙي نقاد لکيو آھي ته،
    ”اھا دانھن جيڪا نئون ڄاول ٻار پنھنجي ماءُ جي جسم کان جدا ٿيڻ ويلي پنھنجو ناڙو ڪٽجڻ مھل ڪندو آھي. ان دانھن کي ادب صرف فلسطيني اديب بڻائي سگھيو آھي ۽ اھا دانھن آھي فلسطيني ماڻھن جو پنھنجي مادر وطن مان تڙجي نڪرڻ وقت ذھني ۽ دلي ڪرب ۽ فلسطيني اديب انھي ڪرب ۽ پيڙا کي ادب بڻايو آھي. اھڙو ادب ڪنھن به ٻي جاءِ تي تخليق ئي نه پيو ٿئي.“
    اھو صحيح آھي ته اڄ جو فلسطيني ادب جاندار آھي. پر ٻار جي ناڙي ڪٽجڻ وقت نڪتل دانھن کي رڳو فلسطيني اديب، ادب نه بڻايو آھي. ڪاش! اھو نقاد ڪيرت ٻاٻاڻي، موھن ڪلپنا، اتم، سندري، پوپٽي ۽ ڪَلا کي پڙھي ھا ۽ وينا شرنگي جي آواز جي لھرن کي محسوس ڪري ھا ته کيس خبر پوي ھا ته ماءُ کان وڍجي جُدا ٿيڻ وقت نڪتل دانھن ۽ پيڙا کي ٻين به ادب بڻايو آھي. ٻيا به پنھنجي ڌرتيءَ تان زوريءَ ڌِڪيا ويا آھن. ٻين کي به سرنھن جي ساڳ ۽ ڦلن جي سُرھاڻ کان پري ڪيو ويو آھي. ڪي ٻيا به آھن جن کي مٽيءَ ۾ پوريل مَٽن جي ٿڌي لسيءَ کان محروم ڪيو ويو آھي. تن به انھيءَ دانھن کي جاندار ادب بڻايو آھي.
    *

    ڄام نظام الدين سمون، جنھن کي بلوچي شاعريءَ ۾ ڄام نندو سڏيو ويو ۽ ان ئي شاعريءَ جي حوالي سان اسان سنڌي پيار ۽ ڪوڏ مان ڄام نندو سڏيندا آھيون. تنھن سنڌ تي چاليھن ورھين کان وڌيڪ حڪومت ڪئي ۽ پنھنجي ڀيڻ ھڪ فقير سان پرڻائي ڇڏي. جنھن جي ذات جي به خبر پئجي نه سگھي آھي.
    ٻئي طرف اورنگزيب عالمگير به لڳ ڀڳ ايترو ئي وقت ھندوستان تي حڪومت ڪئي. جنھن جي ڌيءُ زيب النساءِ ننڍي کنڊ جي سٺن فارسي شاعرن مان ھڪ ھئي سا جڏھن جوانيءَ سرحد تي پھتي ته بادشاھه اورنگزيب ان کي نظربند ڪري ڇڏيو ۽ ڪنھن سان به کيس ڳالھائڻ جي اجازت نه ھئي. انھن بيجاءُ وحشيانه پابندين ڇوڪريءَ کي ايترو ته بيزار ڪري ڇڏيو جو ھوءَ باددشاھه پيءُ کان نفرت ڪرڻ ۽ کيس چريو سمجھڻ لڳي، سندس خيال ھو ته بادشاھه سونھن، موسيقي ۽ محبت جو دشمن آھي جو کيس ڪوبه خوبصورت آواز نه وڻندو آھي. اھوئي سبب آھي جو ھڪ ڀيري بلبل جي چھڪڻ تي زيب النساءِ بيزار ٿي چيو يا ڊپ مان آلاپيو ته،
    اي عندليب نادان دم در گلو فروبند
    نازڪ مزاج شامان تاب سخن نه دارند
    يعني: اي بيوقوف بلبل بند ڪر ڳائڻ، جو بيوقوف بادشاھه کي ڪابه چڱي ڳالھ ٻڌڻ جي صلاحيت ئي نه آھي.

    *

    اي سِنڌو! تو وقت وانگر آھين. جيئن وقت ھر وقت اڳتي ۽ آئندہ ڏانھن پنھنجن چنبن ۾ فنا ۽ بقا جا بيشمار لمحا کنيو شھباز وانگر اُڏامندو ٿو وڃي. ھن جي مقدر ۾ ھڪ وِک جيترو به بيھڻ نه آھي. وقت جي انھيءَ اڏام ۾ تخليق ۽ تعمير جا بيشمار موتي آھن، جي ھن ڪائنات جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ ڪرندا ٿا رھن. تون به ايئين آھين. تنھنجي ھر لھر ۾ ھن ڌرتيءَ جي انسان لاءِ ھڪ نئون جياپو، نئين سگھ، نئين تخليق، نوان ساز ۽ سُر آھن. ھزارين ورھيه گذري ويا آھن، ڌرتيءَ جي گولي تي نه معلوم ڪيتريون اٿلون ٿيون آھن، طوفانن ۽ زلزلن، اُڀ کي ڇُھندڙ عمارتن کي، بادشاھن جي تختن واڻين جي ڇپر کٽن کي فنا جي غار ۾ ڌڪي ڇڏيو. پر تنھنجي لھرن، انھن جي موسيقي ۽ سونھن کي ڪوبه لوڏو نه آيو آھي، ۽ تون ھن ڌرتي ۽ ان تي رھندڙ قوم کي، ان جي کيتن ۽ ٻنين کي، ان جي ميدانن ۽ ٻيلن کي، انھن جي ساوڪ ۽ سُرھاڻ کي امرت بخشيندو رھيو آھين. مون کي يقين آھي ته جيئن وقت کي فنا نه آھي، جيئن تنھنجي لھرن ۽ انھن جي سنگيت کي فنا نه آھي ۽ تنھنجي ھن ڌرتيءَ ۽ ان تي رھندڙ قوم کي به فنا نه آھي ۽ تنھنجي ھر ايندڙ لھر اسان کي ٻڌائي ٿي ته ھر وقت نِستي ۽ نِٻل قوم کي نئين زندگي ۽ نئين اُمنگ ملندي رھندي. مون کي قسم آھي دنيا جي دل جي گھراين ۾ لھندڙ آواز جو ته اسان تنھنجي لھرن سان گڏ، اھي جيڪي جياپي جا نياپا آڻين ٿيون تن جي حفاظت ڪنداسين.

    *

    گاڏي تيزيءَ سان ڊوڙندي پئي ويئي. سنڌ جا ساوا کيت ۽ ٻنيون منھنجي نگاھن جي وسيلي دل ۾ محبوب جي مُرڪ وانگر لھندا پئي پيا. سامھون ھڪ ڳوٺ آيو. نج سنڌي ڳوٺ جو نمونو، مٽيءَ جا ڪچا گھر، چوڌاري وڻراھه، ڳوٺ کان ٻاھران پڪل انب وانگر جوڀن سان ڀرپور عورتون واٽر تان پاڻي ڀري رھيون ھيون. ڳوٺ جو اھو نظارو ڏسي منھنجي دوست چيو، ”ڏس ڪيڏو نه من مھڻو آھي سنڌي ڳوٺ جو نظارو.“ مون ڳوٺ ڏانھ ڏٺو ته ڳوٺ ۾ موجود اڪيلي پڪي جاءِ تي پيپلز پارٽيءَ جو جھنڊو جھولي رھيو ھو. ان وقت مون کان رڙ نڪري ويئي ۽ مون دوست کي چيو، ”ڏاھر جي لاش جي سيني ۾ ابن قاسم جو خنجر ٽنبيو پيو آھي يا دودي سومري جي دل ۾ خلجي جي تلوار ٽُنبي پيئي آھي.

    *

    ممڪن آھي سياسي سفر ۾ اسان جي عقل دوکو کاڌو ھجي، ھي به ٿي سگھي ٿو ته اسان جي سياسي بصيرت ٺوڪر کاڌي ھجي، اھو به امڪان آھي ته اسان سياسي مسئلي جي گھرائيءَ تائين پھچي نه سگھيا ھجون.
    پر اي! سکر جا شھر، اي کرڙيءَ جي شھيدن جا مقدس لاشئو، اي ڦاسيءَ جي ٽياس تي ھيمون ڪالاڻيءَ جي آخري مُرڪ، اي بکر جي اونداھي کوھه ۾، ارغونن ھٿان ڪرندڙ ڌاريجن جي حبالوطني ۽ اياز جي لازوال شاعري! اوھان سڀ سھاڳ رات جي گيت وانگر آواز ٿي ساکي رھجو ته اسان جي نيت ۾ ماڪ ڦڙن جي معصوميت ۽ اسان جي عمل ۾ ڪنواريءَ جي ٿڻن جو تقدس ھميشہ رھيو آھي. اسان ڪڏھن به مڻيئي تي موھجي نه ويا آھيون، اسان ڪڏھن به طلب جي تنوار نه ڪئي آھي، اسان ڪڏھن به استقبالي جلوسن خاطر سنڌ نه وساري آھي.
    (سکر بار ايسوسيئيشن کي خطاب تان کنيل ٽڪرو)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 466
    ڪتابن جو مشاهدو: 394160
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 159373
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ