ڪتاب جو نالو: ڪنهن نه سڃاتو
مصنف: الاهي بخش سانگي
ڇپائيندڙ: مڪتبه الحرا ٿريچاڻي سانگي (ضلع سکر)
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2011
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 28 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 705 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 208 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ڪنهن نه سڃاتو اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سابق تعليمي ماهر الاهي بخش سانگيجي شاعريء تي مشتمل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • ”ڪنهن نه سڃاتو“
  • ڪتاب
  • مرحوم حاجي عبدالمالڪ سانگي
  • محترم الاهي بخش سانگي
  • محترم مير عبدالحميد صاحب سانگي
  • متن

  • حمد
  • حمد
  • نعت
  • ميرُ مرسل
  • ”هاءِ محمد حسين!“
  • زبان حال
  • ”روهڙي“
  • سکن ۾ ها سوين سنگتي نه ساٿي آ ڪو سورن ۾
  • ”رفتار وقت“
  • ”بي بقا زندگي“
  • ”پڇتاءُ“
  • مگر
  • ”ڪاروانِ زندگي“
  • ”ابيات محبت رسول ﷺ“
  • ” حقيقت حال“
  • ” نينهن سندو نعرو“
  • حج لاءِ سانباها
  • ”التجا“
  • ”آرزوءِ دل“
  • ”ڪفاره گناهه“
  • ”التجا“
  • دست بسته تنهنجي گهر جي ٿو اڳيان دعائون گهران
  • ” اعتراف ۽ عجز انڪساري“
  • ” طواف ڪعبة الله “
  • ” تاثراتِ دل“
  • ”عبدالله بروهي“
  • ”مدينه ڏانهن روانگي“
  • ”گنبذخضراء“
  • ”مسجد نبوي ۾ دعا“
  • ”الوداع“
  • ”واپسي هوائي جهاز ۾“
  • ”وري واڳ وارج“
  • ”اڪير“
  • ”درد جي دوا“
  • ” دنيا فاني“
  • ”عرض“
  • ””شام زندگي“
  • ”اجايا انديشا“
  • ”تون ئي تون“
  • ”عيد الفطر“
  • ”رئيس اسدالله ٿيو عنايت“
  • ”دل تي غبار غم“
  • ”انقلاب دل“
  • چار ڏينهن آ چاندني پوءِ انڌيري رات آ
  • مرحوم حاجي عبدالمالڪ سانگي صاحب
  • ”راضي برضا“
  • مزاج
  • پيچ
  • حال دل
  • ”وطن عزيز“
  • ” انصاف جو نيلام“
  • ”دل مٿان ڌاڙو لڳو“
  • ” ڇو ڪيان توکان سوال؟“
  • ” لوڪ لهوارو، اسين اوڀارا“
  • ”حالات حاضره“
  • ”انتباه“
  • ”پهرو“
  • ”اعتراف ۽ التجا“
  • ” انصاف جو نيلام“
  • ” هر فرد آ پريشان“
  • ”خوشيءَ جو راز“
  • ”بيدل“
  • ”پيري“
  • ” روح رهاڻيون“
  • ” غم جانان غم دؤ ران!“
  • ” اي دل“
  • تون ياد ڪرين يا ڪين ڪرين، پر مان ته توکي پيو ياد ڪندس
  • ”شاهراهه عشق“
  • ”ڪلمه حق“
  • ”اعتراف ۽ التجا“
  • ”عرض“
  • دعا در درگاهه ايزدي
  • ”تمنا“
  • ”سفر“
  • ”نيت بد روٽي رد“
  • ”حال دل“
  • ”انصاف جو نيلام“
  • محب اهڙو ڪو ملي درد دل جو ٻڌي
  • ”عجب دور“
  • ”رفتار زمانه“
  • ”منزل مقصود“
  • ”اي عزيزو“
  • ” پيري“
  • ”ياد رفته“
  • ”خيالات پريشان“
  • ”لب جانب واهه“
  • خوشخبری
  • کس طرح

  • ترتيب

    ”ڪنهن نه سڃاتو“

    ”ڪنهن نه سڃاتو“
    (شاعري)
    الاهي بخش سانگي
    سابق تعليمي ماهر

    ترتيب
    الاستادالشيخ محمد حسن يحيٰ القرشي
    بي اي (آنرز) بي ايڊ
    ايم اي (اسلامڪ ڪلچر) ايم اي (عربي)


    مڪتبه الحرا ٿريچاڻي سانگي (ضلع سکر)


    ڪتاب

    ڪتاب
    مگر ڪنهن نه سڃاتو(شاعري)
    الاهي بخش سانگي(سابق تعليمي ماهر)
    ترتيب
    الاستاد شيخ محمد حسن يحيٰ القرشي
    اي ڪمپوزر
    عبدالجبار شيخ (اسسٽنٽ پروفيسر)
    تعداد
    هڪ هزار
    سال
    2011
    ڇپائيندڙ
    مڪتبه الحرا ٿريچاڻي سانگي ضلع سکر


    مرحوم حاجي عبدالمالڪ سانگي

    مرحوم حاجي عبدالمالڪ سانگي
    ماڻهو سڀ نه سهڻا ، پکي سڀ نه هنج
    ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه ، اچي بوءِ بهار جي
    سنڌ جي سر زمين تي خالق اڪبر جي خاص عنايت ۽ پڻ احسان آهي جو هن ڌرتيءَ تي ڪيترائي اهل الله، صالح سچار، بي باڪ ۽ هق گو هستيون پيدا ڪيون آهن جن جي ندگي مثالي حيثيت ۽ سندن صداقت هڪ ضرب المثل آهي. انهيءَ صداقت واري قافلي جي قطار ۾ اسان جي اکين جنهن هستيءَ کي ڏٺو سا هستي مرحوم حاجي عبدالمالڪ سانگي عرف حاجي ماڪن سانگي هو.
    جيئن ته عام طور اهو ئي مشهور آهي ته سانگي قوم، خانه بدوش قوم هئي ۽ ان جو ڌنڌو مال چارڻ ۽ مال جي چاري ۽ سک لاءِ ماڳ مٽائڻ ڪرت رهي يعني هو هڪ هنڌ ڪڏهن به ڳوٺ ٻڌي نه ويڍا. انهيءَ ڪري مٿن نالو سانگي يعني سانگ واري قوم پيو. مگر محقق ، تاريخ نگار انهيءَ تاويل سان اتفاق ڪونه ٿا ڪن. سندن دليل آهي ته سانگي قوم جي موجود معاشرتي حيثيت ڪلچر ۽ سنڌ جي قومي تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته اهڙي مهذب ۽ بهادر قوم ، ڪڏهن به خانه بدوش ٿي ڪونه سگهي ٿي. هن قوم ۾ صاحب بصيرت صوفي شاعر ۽ سگهڙ پيدا ٿيندا آيا آهن ۽ هن وقت به روان دوان آهن ۽ ساڳي طرح قومي هر دلعزيز ليڊر ۽ صاحب مناسب هستيون پڻ موجود اهن. اهڙي قوم کي خانه بدوشي واري خطاب سان ياد ڪرڻ زيادتي آهي.
    هڪ تاريخي اشاري سان اسين اهو ٻڌائي سگهون ٿا ته سانگي قوم اصل راجپوت قوم جي هڪ شاخ آهي. جنهن جو اصل نالو”سنگي راجپوت“ آهي جو هن وقت به انڊيا جي رياست اجمير ۾ مسواڙ ۾ پڻ موجود آهي.انهيءَ علائقي جا راجپوت راٺوڙ جن جو ڪجهه حصو رياست ميواڙ جي ”راجا راڻا سنگهه“ جي فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ ساڻس وفاداري۾ پيوسته هئڻ سبب راجا جي نالي جي نسبت سان ”سنگي“ مشهور ٿي ويو. اهڙي طرح راجپوت قوم جون ٻه شاخون هڪ شاخ راٺوڙ ۽ ٻي سنگي مشهور ٿي ويون.
    راجا راڻا سنگهه سال 1627ع ۾ مغل بادشاهه بابر سان آگرهه کان 37 ميل پري ڪنواهه جي ميدان ۾ جنگ ڪئي. جنهن ۾ راجا شڪست کاڌي ۽ زخمي ٿي فرار ٿي ويو ۽ لشڪر پڻ ڇڙوڇڙ بچي موٽي ماڳ آيو.(1) ۽ راجا راڻا سنگهه ٻن سالن کان پوءِ فوت ٿي ويو.
    رياست ميواڙ جا سنگي راجپوت ، سلطنت مغليہ جي خلاف وقت بوقت بغاوت ڪندا رهندا هئا، جن کي مغل حڪومت دٻائي ڇڏيندي هئي ۽ آخر اورنگزيب جي عهد ۾، راجا جسونت سنگهه جي ڀڙڪائڻ تي سوڍا حڪمرانن جي مدد سان سنگي راجپوتن اورنگ جي خلاف سخت بغاوت شروع ڪئي، جنهن بغاوت کي مات ڪرڻ لاءِ اورنگزيب پنهنجي وڏي پٽ شهزادي اڪبر کي وڏو لشڪر ساڻ ڏيئي سندن خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو، پر شهزادو اڪبر شڪست کائي ويو. شهزاده جي شڪست کانپوءِ اورنگزيب خود سال 1679ع ۾ وڏو لشڪر سڻ ڪري سنگي راجپوتن جي خلاف چڙهائي ڪئي ۽ سنگي راجپوت خائف ٿي ويا۽ هٿيار ڦٽا ڪري پيش پيا ۽ پڻ معافي ورتائون. اورنگزيب کين معاف ڪيو ۽ سندن درخواست تي جسونت سنگهه جي پٽ راڻا جي سنگهه کي سندس گاديءَ تي ويهاريو (جسونت سنگهه فوت ٿي ويو)
    اورنگزيب عالمگير اسلام سان دلي محبت رکندڙ هو. هن ڪيترائي اسلامي مدرسه ، دارالعلوم ۽ اسلامي تبليغ جا مرڪز قائم ڪيا ۽ سيالڪوٽ ۾ هڪ وڏو ديني درسگاهه قائم ڪيائين جنهن ۾ تعليم ۽ تدريس لاءِ ماهر استاد مولوي عبدالحڪيم ۽ مولوي عبدالله کي مقررڪيو۽ پنهنجي پراني استاد ملاصالح (ملا جيون) جي مشوري سان رياست ميواڙ ۾، جيڪو سنگي راجپوتن جو ڳڙهه هو هڪ وڏو ديني درسگاهه ۾ پڻ تبليعي مرڪز قائم ڪيائين. جنهن جو انتظام هلائڻ، پڙهائڻ ۽ ديني تبليغ لاءِ سنڌ ما ن برک علماء، استاد ۽ مبلغ گهرايائين ڇوته ان وقت ٺٽو عالم اسلام ۾ دين جو هڪ وڏ مرڪز هو ۽ مذهبي علوم ۾ ڪافي مشهور هو(1) قرين قياس آهي ته ان وقت تبليغ سان سنگي راجپوتن اسلام قبول ڪيو هجي ۽ وڌيڪ تعليم ۽ تربيت لاءِ استادن جي وساطت سان ٺٽي سنڌ ۾ آيا هجن ۽ پنهنجي خاندان سميت سنڌ ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي هجين ۽ بعد ۾ وقت گذرن سان ”لفظ سنگي، ڦري سنڌي لهجي ۾ الف اضافت سان ”سانگي“ ٿي ويو هجي ڇو ته اهڙو مثال پڻ هن وقت ۾ موجود آهي جو اردو جي لفظ ”مهنگي“ کي سنڌي لهجي ۾ الف جي اضافت سان ”مهانگي“ استعمال ڪيو پيو وڃي.
    بهرحال مرحوم حاجي عبدالمالڪ پنهنجي قوم جو رئيس ۽ پڳدار هو ۽ سندس قوم تي ڪافي ضابطو هو. مرحوم جي ابتدائي عمر جي عرصه جي ڄاڻ اسان کي اهڙي پوري ڪانه آهي البته اسان جي اکين جڏهن کيس ڏٺو ته هو ان وقت صاحب عظمت ۽ عظيم انسان و بزرگ هو. مرحوم پنهنجي ڪهاڻي پاڻ بيان ڪندي چيو ته:” منهنجو ابتدائي دور نهايت سرڪشي ۾ گذريو. وڏيرڪا سڀ وڪڙ موجود هئا ۽ دين کان بنهه بي خبر هوس. البته وڏيرو هوندي به ظلم ، زور ۽ زيادتي کان بلڪل بيزار ۽ پري هوس. غريبن ۽ مظلومن سان همدردي جو جذبو موجود هو. ۽ جڏهن سال 1928ع ۾ ٿريچاڻي شهر(جيڪو اڳ جهانگڙي روهڙيءَ جي قريب هو) درياهه سنڌ پاتو ۽ شهر پائجي ويو.
    ماڻهن لڏ پلاڻ ڪئي ۽ ٿريچاڻيءَ جو مشهور بزرگ حضرت مولانا عبدالعزيز رحه صاحب به لڏي هت سانگي شهر ۾ اچي آبادٿيا ۽ ڳوٺ جي هڪ حصي ۾ پنهنجو ڳوٺ ٿريچاڻي جي نالي سان ٻڌائون ۽ اتي جامع مسجد ۽ وڏو اسلامي مدرسو قائم ڪيائون.
    حضرت عبالعزيز صاحب رحه هڪ ڪامل ولي الله ، صاحب بصيرت، عالم باعمل درويش صفات جو مالڪ ۽ انسان ذات سان بي حد پيار ڪرڻ وارا هئا. سندن خدمت ۾ غير مسلم به حاضر ٿي فيضياب ٿيندا هئا. حضرت صاحب جن جي زيارت ڪرڻ ۽ ساڻن ملاقات ڪرڻ جو اتفاق هن طرح ٿيو جو هڪ دفعي آءٌ ٿريچاڻي جي جامع مسجد وٽان لنگهيس. جمعي جو ڏينهن هو. حضرت مولانا صاحب جن جمعي جي نماز کان اڳ جماعت کي نصيحت آميز وعظ فرمائي رهيا هئا. سندن تقرير نهايت پُر اثر هئي.آئون مسجد جي ٻاهران سندن تقرير ٻڌڻ بيهي رهيس. سندن تقرير جي چند جملن منهنجي دل تي بي حد اثر ڪيو. ۽ منهنجي دل دماغ ۾ حق جي تلاس جي تڙپ پيدا ٿي. آخر مسجد ۾ وڃي جماعت سان ويهي واعظ ٻڌڻ ۽ نماز پڙهڻ جو خيال پيدا ٿيوپوءِ انهيءَ ارادي سان مسجد ڏانهن وريس.
    وضو ۽ نماز جي ارڪان کان بي خبر هوس. آخر ٻاهران هڪ نمازيءَ جي مدد سان وضو ڪري مسجد اندر داخل ٿيس ۽ تقرير ٻڌڻ لڳس۽ نماز جماعت سان پڙهيم. حضرت جن جڏهن نماز کان فارغ ٿيا. تڏهن سندن خدمت ۾ حاضر ٿي باادب ويهي کين عرض ڪيم ته سائين! مون کي به الله تعاليٰ جي واٽ وٺايو ۽ الله جي نالي جو ذڪر ڏسيو. اهو ٻڌي پاڻ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ دين جا بنيادي ارڪان بيان فرمائي هڪ تمام ڊگهي نصيحت ڪيائون. جنهن ۾ دين ۽ دنيا جي فنائيت ۽ آخرتجي بقا ۽ ڀلائيءَ جا ڪيترائي مثال ڏنائون. بعد ۾الله جي نالي جو ذڪر ڏسيندي منهنجي ڀلائيءَ لاءِ هڪ ڊگهي دعا فرمايائون ۽ ٻڌايائون ته پٽ! تنهنجو هت اچڻ ڪو اتفاقي واقعو نه آهي. بلڪه الله تعاليٰ جو گُهر آهي جو تون هت آيو آهين. مرحوم وڌيڪ چيو ته م،نهنجو اصل نالو ”وڏيرو ماڪن“ هو. پوءِ ان کي ڦيرائي منهنجو نالو ”عبدالمالڪ“ رکيائون ۽ بيان ڪندي مرحوم وڌيڪ ٻڌايو ته:
    جڏهن ذڪر وٺي سندس مجلس مان ٻاهر نڪتس تڏهن ڏٺم ته منهنجي دل جي دنيا ئي ڦري وئي آهي. منهنجي سوچ ۽ فڪر ۾ ڦيرو اچي ويو ۽ دل کي قوت ۽ ذهن ۾ سرور ۽ سڪون پيدا ٿي ويو. هر شيءِ مان سرور اچڻ لڳو ۽ هر ڪم ۾ برڪت محسوس ٿيڻ لڳي. مون کي پوءِ گهر ۾ گهٽ آرام اچڻ لڳو. ٻني باري جو سماءُ ۽ سڌ لهي ۽ ڪڙمين ڪاراون کي سمجهائي ڏيئي، سڌو سنئون سندن خدمت ۾ حاضر ٿيندو رهندو هوس ۽ سندن فيض کان مستفيض ٿيندو رهندو هوس ۽ ڪڏهن ڪڏهن دعا لاءِ پنهنجي پٽ الاهي بخش کي به ساڻ وٺي ويندوهوس ۽ سندن خدمت ۾ ويهڻ وقت منهنجي جسم ۾ عجيب ۽ پُر سرور ڪيفيت پيدا ٿي ويندي هئي. الله جي خوف سبب دنيا کان دل کڄي ويندي هئي. اهڙيءَ طرح خالق اڪبر هڪ ڪامل ولي الله جي سويلي مون کي ايمان جو هڪ بي انتها خزانو نصيب فرمايو.
    مرحوم عبدالمالڪ هاڻي پنهنجي زندگيءَ جو آغاز هڪ نئين نهج تي ڪيو۽ دين اسلام جي احڪام جي پوري پوري پيروي ڪرڻ لڳو. صورت ۽ سيرت کي بلڪل سنت نبويﷺمطابق بڻيائين. هر ڪم دين اسلام ۽ شريعت محمدي ﷺ مطابق ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. جفاڪشي ۽ محنتي مزاج جو مالڪ ته اصل کان هو ۽ زميندار هوندي بهپنهنجي قوت گذراڻ لاءِ پنهنجي ٻني پاڻ کيڙيندو هو۽ باقي زمين ڪڙمين کي بٽائي تي ڏيندو هو. هڪ دفعو هڪ تترن جو شڪاري بندوق سميت مرحوم حاجي صاحب جي زمين وٽان لنگهيو. حاجي صاحب زمين کيڙي رهيو هو. پوءِ شڪاريءَ کانئس پڇيو ته حاجي صاحب ! اوهين پاڻ هَرُ ڪاهي رهيا آهيو. ڪڙمي اوهان وٽ ڪافي موجود آهن ۽ اناج جا انبار اوهان وٽ آهن. اوهان کي پاڻ پوک ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ کيس جواب ۾ چيائين ته آءٌ توکي ان جو جواب ڏيان ٿو، پر پهريائين ٻڌاءِ ته تون ٻن تترن جي حاصل ڪرڻ لاءِ ايڏي ساري جهنگ ۾ اچڻ جي ڇو تڪليف گوارا ڪئي آهي. حالانڪ اهي تتر شهر جي مارڪيٽ ۾ ٿورن پيسن ۾ آسانيءَ سان ملي سگهن ٿا، نه تڪليف ۽ نه وري خرچ. شڪاري جواب ۾ کيس چوڻ لڳو ته حاجي صاحب اهو برابر آهي پر جيڪو پنهنجي هٿ سان ۽ تڪليف ڪاٽي شڪار ڪري ان جي کائڻ ۾مزو ۽ خوشي ٿئي ٿي سا مارڪيٽ مان پکي خريد ڪري کائڻ ۾ هرگز اهو سرور ڪونه ٿو اچي۽ نه وري ٻئي جي شڪار ڪيل پکيءَ مان ڪومزو اچي ٿو. حاجي صاحب کيس چيو ته پٽ! توهان پنهنجي سوال جو پاڻ جواب ڏنو آهيته پنهنجي هٿ سان ڪمائي ۾ محنت ڪري جيڪا روزي حاصل ڪجي ٿي. ان جي کائڻ ۾ جيڪا لذت ، سرور ۽ خوشي حاصل ٿئي ٿي اها ڪنهن ٻئي ذريعي سان هرگز حاصل ٿي نه ٿي سگهي.
    مرحوم حاجي صاحب کي ڪاظاهري تعليم حاصل ڪون هئي. البته الله تعاليٰ کيس بي حد لياقت ، ذهانت جو خزانو عطاڪيو هو ۽ تجربه جي بنياد تي به کيس ڪافي مهارت حاصل هئي. هو هر انسان کي ان جي هلت، چلت ۽ گفتار مان ان جي مزاج ۽ نيت کي پروڙي وٺندو هو. صحيح فيصلو ڪرڻ ۽ انصاف تي نبيري ڪرڻ جو کيس خداداد مَلڪو حاصل هو. بي ريا ۽ حق انصاف تي هلندڙ هو. ڪيڏو به وڏو ماڻهو ڇو نه هجي کيس هق ۽ سچ سامهون چئي ڏيندو هو. مظلوم جي مدد ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو هو ۽ ظالم کي سندس ظلم کان روڪڻ لاءِ هرطرح جا اپاءَ استعمال ڪندو هو.مائٽن ۽ مٽن سان نهايت همدردي ۽ شفقت سان پڻ پيش ايندو هو. ڏک، سک ۾ ساڻن ساٿ ڏيندو هوبلڪه ڏکئي وقت ۾ سندن مالي مدد به ڪندو هو. چند شرير ۽ متعصب مائٽ کيس تڪليفون به پهچائيندا هئا. پرصبر۽ استقامت سان ڪم وٺندي کين درگذر ڪري ڇڏيندو هو.هڪ دفعي دوران گفتگو حضرت احمد علي لاهوري رحه صاحب لاهوريءَ جو ذڪر ڪندي ٻڌايائون ته حضرت لاهوري هڪ مجلس ۾ ٻڌايو ته ”مائٽن رشتيدارن کي پنهنجي پٺيءَ جو گوشت وڍي کارائيندو ته به اهي خوش ۽ راضي هرگز ڪونه ٿيندا. سو ان جو علاج اهو آهي ته پنهنجي مائٽن جو ڪوبه حساب پاڻ تي هرگز نه رکو ۽ پنهنجو حساب کانئن شفقت سان طلب ڪريو. اگر نه ڏين ته صبر کان ڪم وٺو.“
    مرحوم حاجي صاحب حصول رزق ۾ ڪافي سوچ ۽ اعتماد کان ڪم وٺندو هو يعني رزق حلال حاصل ڪندو هو. حرام جي روزي کان بلڪل پري پر شبهه واري شيءِ کان به ڀري ڀڄندو هو. ايتري قدر جو سندس فرزند محترم الاهي بخش سانگي سکر ۾ شاپ انسپيڪٽر آفيسر مقرر ٿيو. تڏهن سندس آمدنيءَکي مشڪوڪ سمجهي ان جي ڪا به شيءِ نه کائيندو هو ۽ نه گهر لاءِ ڪجهه وٺندو هو. توڙي جو سندس فرزند الاهي بخش ڪافي يقين ڏياريو ته هيءُ رزق حلال مان آهي تڏهن به کيس چيائين ته،”منهنجي دل گوارا نه ٿي ڪري. البته اها نوڪري ڇڏي، جيڪڏهن تون ماستريءَ جي نوڪري اختيار ڪندين ته مون کي ڏاڍي خوشي حاصل ٿيندي.“ پوءِ محترم الاهي بخش سانگي پنهنجي والد جي امر جي اطاعت ڪندي انهيءَ عهدي تان استعفيٰ ڏيئي ماستري جي سروس اختيار ڪئي. پوءِ پيءُ جي خوشي ۽ دعا کيس وڏي عروج تي پهچايو.
    علائقي جا اڪثر رهواسي پنهنجي تنازعن کي نبيرن لاءِ وٽس اينداهئا. ان کي نهايت خوش اسلوبيءَ سان نبيري ڌرين کي راضي ڪري ڇڏيندو هو. حضرت مولانا عبدالعزيز ٿريچاڻوي پنهنجي جماعت جي ماڻهن جا فيصلا نبيرڻ لاءِ کين ڏانهس موڪليندا هئا جن کي نهايت بهتر طريقي ۽ انصاف سان نبيريڇڏيندو هو. انهيءَ ڪري حضرت صاحب جن کيس ”مؤحد“ ۽ ”مجاهد“ جي لقبن سان سڏيندا هئا. جيڪو واقعي سندس حق هو. تجربه ۽ بصيرت جي بنياد تي مرحوم کي جيڪا به اڳڪٿي ڪندو هو اها اڪثرت سچي ٿابت ٿيندي هئي. بااثر شخصيت هوندي به سياست ۽ اهڙن معاملن کان بلڪل پري رهندو هو. نهايت مجبور ڪرڻ تي اليڪشن ۾ انهيءَ ماڻهو جو مدد ڪندو هو جنهن کي مناسب سمجهندو هو. مقامي وڏيرن ، زميندارن ۽ وڏن ماڻهن سان گهرا تعلقات هوندي به ڪڏهن به سندن درتي ڪنهن به مدد لاءِ ڪونه ويندو هو ۽ منجهن ڪا به اميد ڪونه رکندو هو. البته جڏهن وڏيرا ڪي وٽس ايندا هئا ته اخلاقي طور سندن ڪافي آڌرڀاءُ ڪندو هو. ايمان جي قوت ۽ توڪل علي الله سندس ايڏي ته مضبوط هوندي هئي جو چوندو هو ته اهي انسان پاڻ مفلس ۽ محتاج آهي. ٻئي جي ڇا مدد ڪري سگهندا. ڇو نه مدد لاءِ انهيءَ مالڪ حقيقيءَ کي پڪاريون جنهن جي ساري مخلوق محتاج آهي.
    صدقات ۽ خيرات ۾ مرحوم پيش پيس هوندو هو. ڪڏهن خفيه ۽ ڪڏهن اعلانيه خيرات ڪندو هو. پنهنجي زمين جو ڪجهه حصو مدرسه ٿريچاڻي ۽ جامع مسجد ٿريچاڻي لاءِ وقف(بخش) ڪري ڇڏيائين جيڪو اڄ تائين سندس صدقه جاريه آهي ۽ انهيءَ زمين مان مسجد ۽ مدرسي جون ضروريات پوريون ٿينديون رهن ٿيون.
    سال 1952ع ۾ پنهنجي نيڪ بخت ساٿي مرحوم حاجي عبدالرحيم صاحب جاگيراڻي سان گڏجي حج مبارڪ جي سعادت حاصل ڪري آيو. وطن واپس اچڻ تي بيت الله شريف ۽ روضه اطهر ۽ مسجد نبوي جي زيارت جي ڪيفيت ۽ برڪات جو بيان ڪندي نهايت آبديده ٿي ويندو هو.
    عفو ۽درگذر ڪرڻ کي ڏاڍو پسند ڪندو هو. ڪڏهن به ڪنهن جي غيبت ڪونه ڪيائين۽ نه وري ڪنهن جي خلاف ڪابه گارگند ۽ ناشائسته الفاظ استعمال ڪيائين. جيڪڏهن کيس ڪنهن به ڪابه تڪليف پهچائي ته ڪاوڙ مان صرف ايترو اظهار ڪندو هو ته الله تعاليٰ جانورن واري صفت مخلوق انسانن جي شڪل ۾ به پيدا ڪئي آهي.
    معاملات ۾ حق ۽ انصاف تي هلڻ ۾ مشهور ۽ معروف هو.پنهنجن ڪڙمين ۽ ڪاراون سان ڏاڍي سهڻي سلوڪ سان پيس ايندو هو ۽ کين خوش رکندو هو. انهيءَ ڪري اهي به سانس ڏاڍي محبت ڪندا هئا ۽ عزت سان پيش ايندا هئا.
    ڪوشش ڪري پنهنجي ذات جو ڪم اڪثر پاڻ ڪندو هو ۽ چوندو هو :
    ” پنهنجي خدمت جو بارٻئي ڪنهن تي هر گز رکڻ نه گهرجي توڙي جو گهٽ هجي ياوڌ.“
    مون راقم الحروف سان سندس ڏاڍو پيار هو. منهنجي ڏاڍي عزت ڪندو هو. آءٌ اڪثر سندس خدمت ۾ زيارت ۽ دعا لاءِ ويندو رهندو هوس ۽گهڻو ڪري کيس پنهنجي زمين تي ڪم ڪندي ڏسندو هوس. دوران محنت الله تعاليٰ جي ذڪر بالجهر ۾ مشغول ڏسندو هوس آءٌ ڪنهن به وڏي سفر تي روانو ٿيڻ کان اڳ دعا لاءِ سندس خدمت ۾ ضرور ويندو هوس ۽ پوءِ ڏسي پنهنجو ڪم ڪار کي ڇڏي مون سان مجلس ڪرڻ لا3 اچي ويهندو هو ۽ منهنجي ويهڻ لاءِ پنهنجي چادر وڇائيندو هو ۽ الله تعاليٰ ۽ سندس رسول ﷺ جي ڳالهه ٻولهه ڪندو هو.عالمن سڳورن ۽ الله وارن ج محبت ۾ اڪثر ويهڻ ڪري سندس ٻڌ سڌ ڏاڍي هئي. نصيحتن جا عجيب نسخا بيان ڪندو هو. هڪ دفعي بيان ڪندي فرمايائين ته:
    ” موجوده مسلمانن جي عقل ۽ايمان کي الائي ڇا ٿي ويو آهي هو معمولي مرض لاءِ ڪنهن ڊاڪٽر وٽ جڏهن وڃي ٿو ته هو ڊاڪٽر کيس چيڪ ڪري ڪجهه دوايون ۽ پرهيز ٻڌائي ٿو ۽ چند شين جي کائڻ کان منع * چند شين جي کائڻ جي هدايت ڪري ٿو. هو مسلمان مريض انهيءَ انسان ڊاڪٽر جي هدايتن تي پابندي سان عمل ڪندي گهر ۾ اچي چوي ٿو ته ” مون کي فلاڻي شيءِ جي کائڻ لاءِ ڊاڪٽر منع ڪئي آهيانهي ڪري اها هرگز نه کائيندس ٻي حالت ۾ مون کي نقصان رسندو ۽ فلاڻي شيءِکائڻ جي هدايت ڪئي آهي اها شيءِکائيندس سو منهنجي لاءِ اها تيار ڪريو ۽ فلاڻي شيءِ نه کائيندس جو ڊاڪٽر منع ڪئي آهي ورنه نقصان رسندو.“
    ساڳي وقت سندس خالق اڪبر روحاني بيمارين جي علاج لاءِ قرآن شريف ۾ بي حساب نسخا بيان فرمايا آهن ۽ انان کي سندس بچاءَ لاءِ بهترين طريقا کائڻ پيئڻ جا احڪام ۽ نقصانڪار شين جي کائڻ کان پرهيز ۽ پاسو ڪرڻ جون هدايتون فرمايون آهن مگر پنهنجي خالق اڪبر جي هدايتن کي نظرانداز ڪندي ان جي ابتڙ هلي خوب کائي ٿو يعني مسلمان هڪ عام انسان تي اعتبار ڪري عمل ٿو ۽ خالق اڪبر جي هدايتن تي اعتبار نه ٿو ڪري. افسوس آهي انهيءَ مسلمان جي عقل ۽ ايمان تي ۽ هڪ وڌيڪ مثال ڏيندي فرمايائين ته:
    ”موجوده زماني جي حساب ۾انسان جي عمر جو عام طور مدو تقريبا سراسري طور پنجاهه ورهيه آهي. جنهن مان پنج ورهيه ٻالپڻ واراڪڍجن ته سراسري 45 ورهيه عمر بيهي ٿي. انهن سالن ۾ 25 سال ورهيه انسان پڙهي ٿو يا هنر ۽ ڌنڌو سکي ٿو ته جيئن هو آخري ويهه ورهيه خوش ۽ سڪون سان گزاري. مسلمان جو اهو عقيدو آهي ته هيءَدنيا فاني آهي ۽ آخرت واري زندگي ابدي آهي. فاني دنيا جي زندگي جي 29 ورهيه جي بهتري لاءِ 25 ورهيه جاکوڙ ڪري ٿو ۽آخرت واري ابدي زندگي لاءِ جنهن ۾ موت هرگز نه آهي پورا پنجويهه ڏينهن به ڪونه خرچ ڪري ٿو. بلڪ آخرت لاءِ ڪابه تياري ڪونه ٿا ڪريون. اسين مسلمان ڪيڏا نه ڀليل آهيون!“ وڌيڪ فرمايائون ته:
    نيڪ ۽ صالح انسان جي صحبت ۽ اهل الله جي نظر اسان جي باطني بيمارين کي بلڪل ختم ڪري ڇڏي ٿي. انسان جو نفس سرڪش ۽ فريب ڏيندڙ آهي۽ انسان کي فريب ۽ غرور ۾ رکي سبز باغ ڏيکاري ۽ خيالات تي تصرف ڪري کيس گمراهه ڪري ڇڏي ٿو. نتيجتًا انسان دنيا جي حرص ، فريب ۽ لالچ ۾ اچي اصليت کان غافل ٿي وڇي ٿو. هڪ ديني مجلس ۾ هڪ ٻڌل حديث جو متن بيان ڪندي مرحوم ٻڌايو ته پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو آهي ته:
    ” حرص جو پيٽ هرگز ڀرجڻو ڪونه آهي. انسان کي جيڪڏهن سون جي هڪ ماٿري هوندي ته ٻي ماٿريءَ جي خواهش ڪندو. اهڙي طرح وري ٽين ماٿري جي خواهش ڪندو. اهڙي طرح خواهشون ڪندي ڪندي وڃي هلاڪت ۾ پوندو. البته حرص جو پيٽ قناعت ڀري سگهي ٿي يا مٽي(قبر).
    هڪ عالم سڳوري جي وعظ جو بيان ڪندي وڌيڪ ٻڌايائون ته:
    ”مون ڇهن شين کي ڇهن شين کي پوشيده رکي ڇڏيو آهي. پر ماڻهون انهن شين کي عير جڳهن تي تلاشڪن ٿا. تنهنڪري اها اصل واٽ ڪونه ٿا لهن يعني
    (1) علم کي مون بک ۽ سفر ۾ پوشيده رکيو آهي. مگر ماڻهو ان کي پنهنجي وطن ۽ پيٽ ڀريل حالت سان تلاش ڪن ٿا.
    (2) عزت کي مون شب بيداري(رات جي عبادت ) ۾ پوشيده رکيو آهي مگر ماڻهو انهيءَ کي بادشاهن ۽ حاڪمن جي درن تي ڳولهيندا رهن ٿا.
    (3) راحت کي مون جنت ۾ پوشيده رکيو آهي مگر ماڻهو ان کي دنيا ۾ تلاش ڪري رهيا آهن.
    (4) بلندي کي عجز ۽ انڪساري ۾ پوشيده رکي ڇڏيو آهي. مگر ماڻهو ان کي غرور ۾ تلاش ڪري رهيا آهن.
    (5) دعا جي مقبوليت کي مون لقمئہ حلال ۾ پوشيده رکيو آهي مگر ماڻهو ان کي لقمئہ حرام ۾ تلاش ڪري رهيا آهن.
    (6) تونگري کي مون قناعت ۾ پوشيده رکيو آهيم مگر ماڻهو ان کي حرص ۾ تلاش ڪري رهيا آهن.
    ۽ وڌيڪ ٻڌايائون ته:
    ”جيڪي شخص الله تعاليٰ تي ايمان آنڻين ٿا. انهن جي سڀ کان وڌيڪ محبت فقط الله تعاليٰ سان هوندي آهي. اهي هر وقت ۽ هر گهڙي الله تعاليٰ جي ياد ۾ مشغول رهند آهن. الله تعاليٰ کي ياد ڪرڻ ۾ کين تمام گهڻو سڪون حاصل ٿيندو آهي. اهڙن شخصن جو الله تعاليٰ تي ڪامل ڀروسو هوندو آهي. اهڙائي شخص آهنجن کي نه دنيا ۾ ڪو غم هوندو آهي ۽ نه وري آخرت ۾ ڪو خوف ۽ خطرو.
    اهي عظيم ۽ ڏاها انسان آهن، جن دنيا کي مسافر خانه سمجهيو ۽ آخرت واري زندگي کي پنهنجو حقيقي گهر.
    در حقيقت هيءُ اهل الله ۽ درويش شخص نه صرف سانگي قوم لاءِ پارس هو بلڪ علائقي جي تمام آبادي لاءِ رحمت ۽ برڪت جو باعث هو مگر هنولي الله کي ڪنهن به نه سڃاتو. سندس فيض کان محروم رهجي ويا. هيءُ اهل الله فرشتہ صفت درويش پنهنجي عمر پوري ڪري سال 1990ع ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. انا لله وانا اليہ راجعون.
    اتفاق چئجي يا محبت سندس وفات وقت آئون راقم الحروف ان جي پيراهن کان ويٺو هوس. ڪلمه طيب پڙهڻ سان گڏوگڏ سندس زبان مبارڪ مان لفظ”رحمت رحمت“ ٻڌندو رهيس ۽ اها نشاني الله وارن جي وفات وقت هوندي آهگي. جو رحمت جا ملائڪ موجود هوندا آهن ۽ الله جي رحمت ۽ جنت جي خوشخبري ڏيندا آهن.
    سندس اولاد:
    مرحوم درويش کي نرينه اولاد۾ صرف ٻه فرزند ٿيا. هڪ محمد حسين ۽ ٻيو الاهي بخش، محمد حسين سندس حياتي ۾ جڏهن پاڻ حج تي ويل هووفات ڪري ويو ۽ محترم الاهي بخش حال حيات آهي. جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو.


    محترم الاهي بخش سانگي

    محترم الاهي بخش سانگي
    جيئن ته مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته مرحوم حاجي عبدالمالڪ سانگي جي نرينه اولاد مان محترم الاهي بخش سانگي حال حيات آهي. هيءُ محترم سال 1923ع ۾ سانگي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. هيءٌ فطري طور نهايت هوشيار ۽ ذهين هو.پر جيئن ته شروعات ۾ سانگي ڳوٺ ۾ اسڪولي تعليم جي سهولت موجود ڪونه هئي يعني ڪوبه پرائمري اسڪول قائم ڪونه هو. انهيءَ ڪري سندس والد ديني مدرسه ۾ ملا سومرو سانگي وٽ قرآن مجيد جي تعليم حاصل ڪرڻ لا3 کيس ويهاريو. ذهانت ۽ هوشياري سب هن تمام جلد قرآن مجيد پڙهي پورو ڪيو ۽ پوءِ فقہ جا وڌيڪ مسئلا سکڻ لڳو. ٿرتيچاڻي شهر جي لڏي اچڻ سبب سانگيءَ ۾ پرائمري اسڪول قائم ٿيو ۽ الاهي بخش ام داخلا ورتي. هوشيار ۽ محنتي هئڻ سبب پهرين ٽي درجه ۾ هن امتيازي پوزيشن حاصل ڪئي ۽ ساري اسڪول جا ستاد کيس ڀانئڻ لڳا ۽ کيس مانيٽر مقرر ڪيائون. انهيءَ دوران هن مڊل اسڪول اسڪالرشپ جو امتحان پاس ڪري. اسڪالرشپ حاصل ڪئي ان بعد سنڌي فائنل امتحان پاس ڪيائين جنهن ۾ سکر سينٽر ۾ ٽيون نمبر پوزيشن حاصل ڪيائين. ساڳي وقت هاءِ اسڪول اسڪالر شپ امتحان پاس ڪري اتان 12 روپيه اسڪالرشپ حاصل ڪيائين.
    سيڪنڊري تعليم جي سانگي شهر ۾ سهولت نه هئڻ سبب محترم مزيد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سکر شهر ۾منتقل ٿيو ۽ هاسٽل مدرسه الاسلام Paying Boarderجي حيثيت ۾ رهي پنهنجي تعليم کي جاري رکيائين ۽ نيو ماڊل هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ ميٽرڪ جو امتحان تلڪ چاڙهي ها3 اسڪول مان پاس ڪيائين جنهن ۾ به امتيازي پوزيشن حاصل ڪيائين کيس فارسي زبان پڙهڻ جو ڪافي شوق هو. جنهن ڪري فارسي جي مختلف استدن کان فارسيءَجي تعليم حاصل ڪئي. فارسيزبان تي ڪافي عبور حاصل ڪيائين ۽ سال 1949ع ۾ مين اسڪول روهڙي ۾ ڪجهه وقت لاءِ پرائمري ٽيچر طورڪم ڪيائين ۽ وري جلد ميونسپل هاءِ اسڪول روهڙي ۾ انگلش ٽيچر ٿيو. ٿوري وقت کانپوءِ اها نوڪري ڇڏي سکر ميونسپل ۾ شاپ انسپيڪٽر جو عهدو ورتائين ۽ لا ڪاليج ۾ به داخلا ورتائين ليڪن پنهنجي والد جي ناراضگي سبب اهو عهدو ڇڏي وري تعليم کاتي۾ موٽي آيو. سانگي مڊل اسڪول ۾ انگلش ٽيچر مقرر ٿيو. ۽ اتان هاءِ اسڪول پنوعاقل ۾ ويو ۽ 1956ع ۾ گريجويشن ڪيائين ۽ سال 1961ع ۾ بي ٽي امتحان حيدرآباد مان پاس ڪيائين اتان واپس اچي ميونسپل هاءِ اسڪول پراڻو سکر ۾ انگلش ٽيچر مقرر ٿيو. ۽ جلد ايف اي ٿيو ۽ سال 1972ع ۾ هاءِ اسڪول پراونشلائزڊ ٿيو. سانگيصاحب محترم جو تبادلو هاءِ اسڪول پڊعيدن ٿيو 7 کيس ان جو هيد ماسٽر مقرر ڪيو ويو.
    ماهر استاد انگلش ، هر دلعزيز، پر خلوص ۽ همدرد استاد هئڻ سبب سڀئي شاگرد ۽ توڙي سندن والدين محترم جي ڏاڍي عزت ۽ احترام ڪندا هئا ۽ سندن لاءِ منجهن ڪافي محبت رهي. خصوصًا پراڻو سکر هاءِ اسڪول ۾ گهڻو عرصو رهڻ سبب شهرين ۾ ڪافي عزت ۽ احترام سندس لاءِ هن وقت به موجود آهي. پراڻو سکر ۽ ان جي آس پاس جا سوين شاگرد سندس تعليمي فيض کان فيضياب ٿيا جو هن وقت اهي وڏن وڏن عهدن تي مسڪن آهن.
    محترم سانگي صاهب جو طرز تعليم ۽ ليڪچر نهايت من موهيندڙ ۽ پر ڪشس رهيو. مخاطب ۽ شاگردن کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ هر ڳالهه کي باربار دهرائيندو آهي. ۽ ڪنهن به موضوع تي مفصل بيان ڪرڻ ۽ دهرائڻ سندس عادت ۾ شمار آهي. قابليت ۽ ذهانت ۾ کيس اعليٰ مقام حاصل هو. سانگي ڳوٺ ۾ اعليٰ تعليم جي سهولت نه هجڻ سبب پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ لا3 سال 1968ع ۾ پنهنجي اهل عيال سميت سکر شهر ۾ منتقل ٿيو. سندس رهائشگاهه جوا نتظام اڳ ئي پڻ موجود هو. پڊ عيدن ها3 اسڪول کان ٽرانسفر تي محترم سکر ۾ ڊسٽرڪٽ آفيسر ، ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيو ۽ سال 1983ع ۾ ايس ڊي او روهڙي جي عهدي تي فائز ٿيو ۽ آخر سال 1988ع ۾ رٽائر ٿيو.
    محترم سانگي صاهب پنهنجي سروس دوران سمورو عرصو خودداري، نهايت ايمانداري ۽ اخلاص سان گذاريو ۽ خوسامد کان هميشه متنفر رهيو ۽ ناجائز ڪنهن کي به فائدو رسائڻ کان پاسي رهيو ۽ ڪنهن جي دٻاءَ ۾ اچي ڪو به ناجائز ڪم ڪونه ڪيائين ۽ جائز ڪم ۾ ڪنهن کي به تڪليف هرگز نهڏيندو هو ۽ حرام آمدني کان بلڪل پري رهندو هو ۽ پرهيز ڪندو رهيو. البته پنهنجي زندگيکي باوقار ۽ باعزت رکڻ لاءِ ۽ اولاد کي پڙهائڻ جي اخراجات کي پورو ڪرڻ لاءِ موصوف پنهنجي زمين ۾ سڌارو ۽ واڌارو آڻي۽ خاص توجه ڏيئي پنهنجي آمدني ۾ اضافو آندو ۽ پنهنجي والد جي مفيد مشورن سان نه رڳو زمين جي پيداوار ۾ اصافو آندائين بلڪه مزيد زمين جا ٽڪرا به خريد ڪيائين ۽ مقامي ماهرين زراعت جي تعاون سان جديد طريقا ۽ اپاءَ اختيار ڪري پيداوار ۾ ڪثير اضافو آندائين ۽ ان سان گڏباعات ڏانهن به خاص توجهه ڏيئي آمدني ۾ اصافو آندائين. اهڙي وڏي آمدني اچڻ سبب کيس ڪڏهن به معاسي مشڪلات پيشڪونه آيون. پنهنجي سروس واري دور ۾ محترم نهايت خوس اسلکوبي واري روش اختيار ڪئي. آفيسرن جو احترام ۽ پنهنجي ماتحت سان شفقت سان پيش اچڻ جي اصول تي ڪاربند رهڻ ڪري ڪڏهن به کيس ڪي انتظامي مشڪلات پيش ڪونه آيون. انهيءَ ڪري محڪمه ۾ سندس ڪافي عزت رهي. ايمانداري ۽ اخلاص سبب سندس بالا افيسر کاتي جا پيچيده مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سانگي صاحب محترم جون خدمتون حاصل ڪندا هئا ۽ نهايت ايماندار هئڻ سبب محڪمه ۾ مثالي شخصيت مڃيو ٿي ويو. سندس والد صاحب پنهنجي عمر جي اخري عرصه ۾ گوشه نشيني اختيارڪئي ۽ زمين جا سمورا معاملا محترم سانگي جي حوالي ڪري ڇڏيا ۽ خود ياد الهي م مصروف ٿي ويو ۽ پنهنجي حياتي ۾ ئي کيس قوم جي سربراهي جي پڳ ٻڌايائين.
    مردانگي:
    سربراهي جي پڳ ٻڌڻ بعد محترم سانگي صاحب پنهنجي قوم جي اختلافات کي دور ڪرڻ لاءِ خاص ڪوششون ورتيون ۽ سندن فيصلا نبيري منجهن ٺهراءُ ڪرايو. ٻين ذاتين وارا ماڻهون به وٽن فيصلا نبيرڻ لاءِاچڻ لڳا جن کي به پنهنجي فراست سان نبيريندو رهيو. محترم جو مزاج بي خوف * نڊر آهي هو ڏاڍي ماڻهوکي حق چوندو رهيو. مظلوم جي مدد ڪرڻ ۽ طالم جي مخالفت ڪرڻ سندس سونهرو اصول آهي. اهڙين خاصيتن هئڻ سبب ڳوٺ ۾ سندس قوم جا چند شرير النفس عناصر ساڻس حسد ڪرڻ لڳا ۽ سندس خلاف طرحين طرحين جون سازشون ڪرڻ ۽ تڪليفون ڏيڻ لڳا. انهن جي اهرين حرڪتن کي مات ڪرڻ لاءِ ساڻن مردانگي سان مقابلو ڪندو رهيو. مشڪلات تڪاليف پيش اچڻ وقت محترم هميسه قران ڪريم جي هيءَ آيصت پڙهندو رهيو ۽ پنهنجي دل کي تقويت ڏيندو رهيو.
    ترجمه: (اي مالڪ) جنهن لاءِ تون گهرين ان کي عزت بخشين ۽ جنهن لاءِ تون گهرين تون ان کي ذليل ڪرين ۽ تنهنجي ئي هٿ۾ (سڀ) ڀلائي اهي. ۽ بيشڪ تون سڀ ڪنهن شيءِ تي وس وارو آهين .
    سياست:
    محترم سانگي صاهب پنهنجي والد وانگرسياست ۾ دلچسپي هرگز نه رکندو هو. رٽائر ٿين کانپوءِ قابليت ۽ قوم ۾ بااثر هئڻ سبب چند مکيه سياسي پارٽين سندن پارٽيءَ ۾ اچڻ ۽ پڻ پارٽيءَ جي عهدي وٺڻ لاءِ ڪافي آڇ ڪئي. مگر موصوف بنهه انڪار ڪري ڇڏيو. البته اليڪشن ۾ انهيءَپارٽي جي مدد ڪندو رهيو. جنهن کي هو مناسب سمجهندو هو.
    شعر ۽ شاعري:
    قدرتي طور تي شعر گوئي جو ملڪو منجهس موجود آهي. محترم ننڍي کان وٺي ئي شعر چوندو رهيو. اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ جڏهن اڃا ننڍرو ئي هو. اوڀرکان ڪڪر ڏسي هي شعر چوڻ لڳو
    اوڀارڻ اڄ، اچي تون وس،مهر ڀريا سدائين مينهن
    ٿئي سرسبز ساري سنڌ، ڏسي سانگي سڀاڳا ڏينهن
    وڏي وسڪار ٿئي ٿر۾، ٿئي ساوڪ سڄي ٻرڙ ۾
    مٺا مارون پوکن پوکون، ختم ٿين شل ڏڪر جا ڏينهن
    وسي برسات ڪاپاري، گل ۾ گلزار ٿئي واري
    ٿئي هٻڪار چوڌاري پاڙ ڇٽجي شل، لڳن ٿر بر ۾ ميلا محل
    اگهي”سانگي“سندي دعا شل، وسن مندائتامينهن
    محترم سانگي پنهنجي ساري زندگيءَ ۾ جڏهن به ڪنهن انوکي حالات ۽ مناظر جو مشاهدو ڪندو هو يا معاشري جي ستم ظريفيءَ تي نظر وجهندو هو ته مٿن عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي ۽ انهيءَ ڪيفيت ۾ ٺهه پهه مناسب ۽ وزنائتو شعر چئي وٺندو هو. جيڪو حالات جي مطابقت ڪندو هو ۽ انهيءَ ڪيفيت کي محترم ”فقير جو اچڻ“ نالو ڏيندو آهي. موصوف ڪافي ۽ طرحين طرحين اشعار چيا آهن. هن شعرن جي مجموعي کي ”گنجينه گوهر“ جو نالو ڏنو آهي. جنهن مجموعي مان چند اشعار بطور نمونه هن ڪتاب ۾ پيش ڪيا وڃن ٿا. مڪمل مجموعو تمام جلد طباعت هيٺ اچي ويندو.

    مذهبي ميلان:
    محترم ننڍپڻ ۾ پنمهنجي والد بزرگوار سان ديني مجلسن ۾ شريڪ ٿيندوهو. ازان سواءِ سندس والد صاحب جي پرهيزگاريءَ جو به مٿس ڪافي اثر رهيو. انهيءَ ڪري سندس لاڙو دين مذهب ڏانهن وڌيڪ ٿيو. فقيرن ۽ درويشن سان مجلسون ڪندو رهيو. سندس چوڻ آهي ته ”منهنجي دل ۾ دين جي چاهت ۽ جذبو تڏهن تمام وڌيڪ پيدا ٿيو. جڏهن منهنجي ٻي نمبر گهرواري زبيده خانم منهنجي عقد ۾ آئي.زبيده خانم ديني ماحول ۽ گهراڻي مان آئي. ڇو ته سندس پيءُ مرحوم محمد بچل سانگي هڪ نيڪ نمازي، پرهيزگار ۽ پڪو مسلمان هو. هن پنهنجي اولاد جي تربيت ديني ماحول سان ڪئي. زبيده خانم قرآن مجيد جي تعليم ۽ ديني مسائل جي ڄاڻ پنهنجي گهر ۾ ئي حاصل ڪئي. جنهن سبب نيڪيءَ جو اثر مٿس ڪافي مثبت پيو. محترمہ زبيده خانم به نهايت ديندار ۽ پرهيزگار ۽ عبادتگذار آهي. جنهن منهنجي ديني اصلاح ڪئي ۽ پنهنجي اولاد کي گهر ۾ ئي قرآن پاڪ جي تعليم ڏنائين ۽ کين ديني مسائل سيکاريائين. انهن جي ديني تربيت ۾ سندس ڪافي ڪردار آهي.“
    صدمو:
    محترم سانگي صاحب جي والد بزرگوار سال 1990ع ۾ وفات ڪئي. انهيءَ وفات جو کيس ڏاڍو رسيو. جنهنصدمي ۽ والد جي فراق کيس ڏاڍو نڍال ڪري ڇڏيو. جنهن جي ڪري هميشه آبديده رهندو هو ۽ چوندو رهيو ته،”منهنجي زندگيءَ جو سهارو هليو ويو ۽ رحمت ۽ برڪت به مون کان موڪلائي ويئي.“
    پنهنجي والد مرحوم جي قبر شريف پنهنجي حويليءَ جي پٺئين احاطي ۾ ٺهرائي ائي ئي دفن ڪيائين. سندس فراق ۾ ڪيترائي شعر چيا اٿائين. صبح شام سندس قبر تي حاضري ڀريندو ۽ فاتحه خواني ڪندو رهندو آهي ۽ ڪيترو وقت سندس مزاج مائوف رهيو.“
    پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ محترم پنهنجي مالڪ حقيق ڏانهن وڌيڪ متوجه ٿيو ۽ الله تعاليٰ جي ياد ۾ گهڻو مستغرق رهيو. پنهنجي سيرت ۽ صورت کي پاڻ سڳورنﷺجن جي سنت مطابق بڻايائين. صوم و صلواة جي پوري پوري پابندي ڪرڻ لڳو. حقوق الله ۽ حقوق العباد جو خاص خيال رکڻ لڳو ۽ انهيءَ تي نهج تي ڪاربند رهندي سال 1992ع ۾ حج مبارڪ جي سعادت حاصل ڪيائين ۽ پنهنجي والده مرحومه جي حج بدل ڪرائڻ جي اراده سان راقم الحروف کي به ساڻ وٺي ويو ۽ حج بدل ڪرايائين.
    دوران حج ڪعبة الله جي صحن ۾ پنهنجي والد مرحوم جي نعم البدل جي آس رکندي خالق اڪبر کان پنجين پُٽ عطا ڪرڻ جي دعا گهريائين جيڪا قبول ٿي ۽ خالق اڪبرکيس پنجون پُٽُ عطاڪيو. جنهن جو نالو پنهنجي والد ماجد تي ”عبدالمالڪ“ رکيائين. پوءِ جلد ئي مالڪ کانئس اهو موٽائي ورتو. اهو ننڍڙو چئن سالن جو ٿيو ته صدمه سندس زندگيءَ تي ڪافي منفي اثر وڌوجو هو هميشه رئندو ۽ گيت ڳائيندو رهيو ۽ وري ڪڏهن ڪڏهن خاموش رهندو هو ۽ اڪثر ائين چوندو هو ته:
    ”حياتي توڙي دنيا ٻئي فاني آهن ۽ انهن سان ناتولائڻ عبث آهي.“
    ۽ وري ڪڏهن ڪڏهن لوڪ کان لڙي
    سڀ لاڳاپا لاهي، الله جي ذڪر ۽ فڪر “ مستغرق ٿي ويندو هو ۽ ڪنهن سان به ملاقات ڪونه ڪندو هو. البته روحاني رشتي هئڻ سبب راقم الحروف کي ملاقات جوموقعو ڏيندو هو. ديني خدمات جو به کيس خاص خيال ۽ اونو آهي. پنهنجي والد صاحب جي جوڙيل ڪچي مسجد جيڪا کنڊرات بڻجي ويئي هئي، ان کي ڊهرائي صافڪرائي ان جاءِ تي پڪي وسيع ۽ شاندار مسجدٺهرائي آهي ۽ مسجد جو نالوپنهنجي والد جي نالي جي نسبت سان”مسجد رئيسه حنفيه“ رکيو اٿائين ۽ سندس ارادو آهي ته ڇوڪرين لاءِ هڪ وڏي ديني درسگاهه يعني ”مدرسة البنات“قائم ڪري قرآن شريف ۽ حديث مبارڪ جي تعليم ڏني وڃي.
    روحانيت:
    روحانيت ۾ موصوف صوفي مسلڪ جو آهي، مگر عام صوفين وانگر ڪين آهي. سندس چوڻ آهي ته صوفيلفظ”صفا“ مان نڪتل آهي ۽ صوفي اهو آهي جنهنپنهنجي دل کي ڌوئي صاف ڪيو هجي ۽ پنهنجي مالڪ، خالق اڪبر سان سان صاف دل هجي.
    راقم الحروف سان سندس گهرو تعلق ۽ روحاني رشتو پڻ آهي. انهيءَ ڪري ساڻس ڪافي مجلسون ٿينديون رهنديون آهن. سکر کان جڏهن به پنهنجي ڳوٺ سانگيءَ ۾ سندس اچڻ ٿيندو آهي ته ٽيليفون ڪري پنهنجي گاڏي موڪلي پنهنجي بنگلي تي گهرائي وٺندو آهي. دنيا جي عام ڳالهين کان پوءِ جڏهن روحاني ڳالهيون شروع ڪندو آهي ته ويٺي ويٺي مٿس هڪ ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي ۽ عشق جا اشعار چوندي وجد ۾ اچي ويندو آهي ۽ موج ۾ سازُ به کڻي وڄائيندو ۽ ”حق حق“ نعرو هڻندي پارسيءَ ۾ هي شعر چوندو آهي ۽ نچڻ لڳندو آهي:
    اشعار
    جہاں عشق است دیگر رزق سازی
    ہمہ بازی است الا عشق بازی
    (هيءُ عشق جو جهان آهي، باقي سڀ پيٽ پوڄا آهي،عشق جي کيل کان سواءِ باقي سڀ راند روند آهي.)
    غلام عشق شو کاندیشہ این است
    ہمہ صاحب دلان را پیشہ این است
    (اهو ئي هڪ دل ۾ ذڪر رک ۽ عشق جو غلام ٿيءُ. سڀني اهل دل جو اهوئي پيشو رهيو آهي)
    اگر بے عشق بودی جان عالم
    کہ بودی زندہ در دوران عالم
    (جيڪڏهن هيءُ جهان بنا عشق جي هلي ها ته جيڪر ڪوبه ڪونه بچي ها.)
    بندبگسل باش آزاد اے پسر
    چند باشی بندہ سیم وبند زر
    اي ٻچڙا عشق جي راهه ۾ سڀ رنڊڪون هٽاءِ. ڪيترا ڏينهن سون ۽ چانديءَ جي زنجيرن ۾ ٻڌلرهندين؟)
    ڳچ دير کانپوءِ جڏهن سندس اها ڪيفيت ختم ٿي وينديآهي ته خاموش ٿي ويهي رهندو آهي. هن وقت دنيا کان اڪثر لاڳاپا لاهي ياد الاهيءَ ۾ مشغول رهي ٿو. سندس چوڻ آهي ته: پنهنجي آخرت جي سفرجو سامان جوڙي رهيو آهيان.“
    ازواج ۽ اولاد
    موصوف ٻه شاديون ڪيونجن جا نالا”سدره“ ۽ ”زبيده خانم“ آهن. ٻئي سندس عزيزن مان آهن. سدره وفات ڪري چڪي آهي. ننڍي گهرواري زبيده خانم حال حيات آهي. وڏي گهرواريءَ سدره مان کيس چار نياڻيون ۽ هڪ فرزند عبدالحميدپيدا ٿيو. جو هن وقت ڪراچيءَ۾ ايڊيشنل ڪمشنر انڪم ٽيڪس آهي،جنهن جو مفصل ذڪر آئنده صفحن ۾ ايندو. ننڍي گهرواريءَ زبيده خانم مان کيس چارنياڻيون ۽ ٽي پٽ عبدالمجيد،عبدالرشيد ۽ عبدالصمد آهن جن جوبه ذڪر به ايندڙ صفحن ۾ ايندو.


    محترم مير عبدالحميد صاحب سانگي

    محترم مير عبدالحميد صاحب سانگي
    جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته محترم الٰهي بخش سانگيءَ جي زوجه اول مرحومه”سدره“ جي بطن مان نرينه اولادمان فقط عبدالحميد پيدا ٿيو.ابتدائي تعليم مقامي پرائمري اسڪول سانگيءَ ۾ ۽ ديني تعليم مدرسه ٿريچاڻيءَ مان حاصل ڪيائين. والد جي سکر منتقل ٿيڻ سان هيءُ به سکر ۾ آيو.۽ سيڪنڊري تعليم سکر۾ پريائين ۽ ساڳئي وقت اعليٰ تعليم جي حصول کي جاري رکندي، روينيو کاتي۾ ملازمت اختيارڪيائين. نهايت هوشيارت ۽ جفاڪش هئڻ سبب تعليم ۾ڪافي ترقي ڪيائين ۽ جلد سال 1982ع ۾ سي ايس ايس جي امتحان ۾ ڪامياب ٿي انڪم ٽيڪس کاتي ۾ انڪم ٽيڪس آفيسر جي عهدي تي فائز ٿيو ۽ ترقي ڪندي سال 1997ع ۾ ايڊيشنل انڪم ٽيڪس جي عهدي تي فائز ٿيو.جو هن وقت تائين ڪراچيءَ ۾ ساڳيءَ پوسٽ تي متمڪن آهي.
    محترم مير عبدالحميد صاحب سانگي نهايت سلڇڻو، بامروت ۽ مومن صفت شخصيت آهي. هونه صرف باوقار آفيسر آهي.بلڪ خلق جو خدمتگار، همدرد ۽ هڏ ڏوکي آهي. انهيءَ ڪري عوام کيس”مير“ جي لقب سان سڏيندوآهي. ننڍو وڏو کيس”مير صاحب“ سڏيندو آهي. کيس تعليم سان بيحد انس آهي. وٽس علمي ڪتابن جو هڪ تمام وڏو ذخيرو موجود آهي. محترم جي علمي ذوق جو اندازو سندس هڪ وسيع لائبريءَ مان لڳائي سگهجي ٿو. جنهن ۾ ديني ، ادبي، تاريخي،ثقافتي ۽ حڪمت تي مبنيهزارين ڪتاب موجود آهن. محترم صاحب سخاوت ۾ پڻ ڪافي هر دلعزيز آهي.
    پنهنجن وڏن جي عزت ڪندڙ ۽ احترام سان پيش اچڻ، ننڍن تي ۽ مائٽن مٽن تي شفقت سندس صفت ۾ شمار آهي. پنهنجي والد جو وڌيڪ اطاعت گذار ۽ پڻ نهايت فرمانبردار آهي. خصوصا پنهنجي والد صاحب جي دوستن جو به اهڙو ئي احترام ڪندو آهي. جهڙيءَ طرح پنهنجي والد صاحب جو ڪدو آهي. اهو ئي سبب آهي ته سندس والد صاحب پنهنجي شعر ۾ سندس تعريف بيان ڪندي سندس لاءِ سهڻين صفتن جو اظهار ڪيو آهي جو هڪ مثال ۽ قوي دليل آهي.
    سسندس ديني ڪمن ۾ به ڪافي دلچسپي آهي. انهيءَ جذبي تحت محترم پنهنجي ڏاڏي مرحوم عبدالمالڪ جي سنت کي جيئرو رکندي جامع مسجد ٿريچاڻيءَ ۾ جماعت جي سهوليت لاءِ پنهنجي ذاتي خرچ تي هڪ عاليشان اضافي دالان ٺهرايو آهي ۽ دينيخدمات جي سلسلي ۾ وقتبوقت انفاق في سبيل الله به ڪندو رهي ٿو. ازان سواءِ عربي ٻوليءَ جي ارتقاءَ لاءِ هڪ عربي سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر ڇپرائيپڙهندڙن لاءِ مقفت تقسيم ڪيو آهي ۽انگلش ميڊيم اسٽوڊنٽس جي ديني تعليم لاءِ هڪ انگلش ۾ ڪتاب نالي Teaching of Islam for Muslim’s Student ۾ شائع ڪرائي هزارن جي تعداد ۾ انگلش ميڊيم اسڪولن ۾ مفت تقسيم ڪيا آهن. انهيءَ ڪتاب ۾ اسلام جي بنيادي اصولن سان گڏوگڏ ڪجهه قرآني آيات جي معلومات پڻ شامل آهي ۽ محترمه پنهنجي والده محترمه سدره جو حج بدل ڪرايو آهي ۽ ازان سواءِ پنهنجي اهل عيال سميت عراق ۾ ڪربلا معلا جي زيارت ۽ نجف اشرف جي زيارت ڪندي شام جون زيارتون ڪندي حرمين شريفين جي زيارت جو شرف حاصل ڪيو آهي ۽ عمرو ادا ڪيوآهي.
    محترم چند مفيدموضوعن تي ڪجهه ڪتاب به تصنيف ڪياآهن. جن جا مسودا اڃا طباعت هيٺ ڪين آيا آهن.
    محتٿرم مير عبدالحميد سانگي هوميوپيٿڪ طريقه علاج ۾ مهارت رکندڙ آهي. ڪيترائي مريض سندس مفيد مشورن يا سندس علاج سان شفاياب ٿي چڪا آهن.
    محترم ميرصاحب کي ٻه گهرواريون آهن. هڪ سندس اباڻي ڳوٺ سانگيءَ ۾ سڪونت پذير آهي ۽ پنهنجي عيال سان خوشخرم رهي ٿي. سندس بطن مان نرينه اولاد ٻه فرزند نالي محمد حسين ۽ جاويد احمد آهن ۽ ٻي ننڍي گهر واري ساڻس ڪراچي گڏ رهي ٿي.جنهن جي بطن مان ٻه فرزند نالي محمد علي 7 عباس حيدر آهن ۽ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
    سندس والد محترم پنهنجي پٽ عبدالحميد جي واکاڻ ڪندي جيڪو شعر چيو آهي سو هيءُ آهي:
    ”سندس وڏو پُٽُ“
    وڏو پٽ آ منهنجو مکڻ، ماکي، مصري
    دعائن ۾ مون کان نه ويندو آ وسري
    سڀاڳو سخي ۽ ذهين ذڪي ۽
    طبيعت سندس آ فهيم و فقيري
    جري ۽ جفا ڪش ببر شير طبعًا
    شجاعت ۾ ثاني سندس ڪونه ويري
    مزاجًا آمسڪين صابر ۽ شاڪر
    مگرجوش آيس ته ڪندو ويري ڍيري
    مذهبي مجلسي مگر آهه ڪم گو
    مخالفبه ڏين کيس داد دليري
    اڙين جي ڪري ٿو سدا دستگيري
    کٽي ويومحبت ۽ شفقت آ پدري
    سندس بخت ۾ ٿا ڪيون پيا بهاري
    هوائي جهاز ۾ ڪيون ٿا پيا سواري
    ڪريون ٿا اسان جا به فرمائش ان کي
    سواءِ چون چرا ڪري ٿو هو پوري
    اگهي دعا”سانگي“ الاهي بخش جي
    عطا ٿئي پٽس کي عمر شال خضري
    محترم عبدالحميد سانگي صاحب جي ٻي گهرواري زبيده خانم جي بطن مان نرينه اولاد ۾ چار فرزند پيدا ٿيا نالي:عبدالمجيد، عبدالرشيد، عبدالصمد ۽ فرزند رئيس ننڍڙي عمر ۾ وفات ڪري ويو. باقي سندس ٽيئي فرزند الله جي فضل سان حال حيات آهن ۽ سڀئي نيڪ صالح تعليم يافته۽ پڻ فرمانبردار آهن.
    عبدالمجيد صاحب پنهنجي تعليم پوري ڪري سرڪاري سروس اختيار ڪئي آهي ۽ هن وقت گهوٽڪي ۾ انڪم ٽيڪس کاتي م انسپيڪٽر جي عهدي تي فائز آهي. شداي شده آهي کيس هڪ فرزند نالي اسدالله اڍائي سالن جو آهي ۽ هڪ نياڻي به آهي.ديندار، صلح پسند ۽ خدمت گذارآهي. نيڪيءَ جون منجهس ڪافي صفتون موجود آهن.
    عبدالرشيد اڃا ڪراچي ۾ بحريه يونيورسٽي ۾ زير تعليم آهي ۽ کيس علم جي حصول جو ڪافي شوق آهي ۽ سندس مصمم ارادو آهي ته هو اعليٰ تعليم لاءِ ٻاهرين ملڪن جو سفرڪندو.
    عبدالصمد اڃا ننڍڙو آهي ۽ سيڪنڊري اسڪول ۾ تعليم وٺي رهيو آهي. محترم سانگي صاحب جون سڀئي نياڻيون به تعليم يافته ۽ سلجهيل آهن ۽ تعليم کاتي ۾ لائق عهدن تي فائز آهن.
    مجموعه طور محترم سانگي جو خاندان مهذب، تعليم يافته ۽ ديني رغبت رکندڙ آهي.قرآن مجيد جي تعليم گهر ۾ ئي سندس زوجه محترمه زبيده خانم ڏيندي رهندي آهي.


    متن

    حمد

    حمد

    اي خالق ارض وسما! اي مالڪ ڪون و مڪان!
    تنهنجي تاري ٿو تڳان،تنهنجي رحمت ٿو گهران

    زندگي جو هي سفر آ ويو اجايو ٿي گذر
    ٿوڏسان سامهون قبر ڪو ڪرم پنهنجو ڪجان!

    ڪو چڱوڪم ڪين ڪيم پر گنہ بي حد ڪيم
    بارُ تن جو سر کنيم توکان معافي ٿو گهران!

    اي الله العالمين! ڪر رحم تون راحمين!
    گنہ ڪيئي مون ڪيم توکان ٿوشفقت پنان!

    درد جو دارون دوا، ڏين مريضن کي شفا
    ڪين ٿي مونکان خفا آئون به تنهنجو آهيان!

    پهر پيري جو پڳو، نيٺ ڇڏبو جهڳو!
    سورِ ”سانگي“ ڪو سڳو!مَنَ ملي معافي اڳيان!


    حمد

    حمد

    هر ڪنهن جي تون سار لهين ٿو ڀٽڪيل روحن راهه ڏسين ٿو
    ڪوجهن ڪارن پيار ڪرين ٿو دردوندن جي دانهن ٻڌين ٿو

    سڀڪو تنهنجي تاري لڳي ٿو هر ڪو تنهنجي لاري لڳي ٿو!
    داڻو هر ڪو تنهنجو چڳي ٿو سڀ تي مالڪ! مهر ڪرين ٿو!

    گپجي گناهن ۾ مون ويل هان حرص و هوس ۾ وتل هان!
    غافل بندو ننڊ سُتل هان هر ڪنهن تي تون رحم ڪرين ٿو!

    جهڙو تهڙو تنهنجو آهيان خالق! خلقيل تنهنجو آهيان!
    تنهنجي در تي سوالي آهيان سوالي خالي ڪوئي نه ڪرين ٿو!

    مهر جا مينهڙا موتي وسائج ڪعبو قبلو ٻيهر پسائج
    شهر مديني وري پڄائج عرض اڙين جا تون ئي ٻڌين ٿو!

    عشق الاهي بخش جو توسان ”سانگي“ جي سڪ ٻئي نه ڪنهين سان
    راضي رهه تون يار! انهيءَ سان در تان ڪنهن کي ڪين تڙين ٿو


    نعت

    نعت

    اي رسول دوجهان! تون آن محبوب خدا!
    منجهه دنيا ۽ آخرت، تنهنجي دَرَ جو آئون گدا
    شافع هو دو غم! توکي ڪيم پنهنجو صنم!
    ٻيا ڦٽا ڪيم سڀ صنم، توتان سندن سڀ ڪجهه فدا!
    آهه منهنجي التجا! دلسندن جي مُدعا!
    گڏ قيامت ۾ هجان، دم نه توکان ٿيان جُدا!
    ڏينهن قيامت، تنهنجي شفقت ۽ شفا،
    تو پنان توکان محمد(ﷺ)مون سدا!
    ڪاروان زندگي جو وقت پورو ڄاڻ ٿيو
    رهنمائي رهبري ٿئي ڪا مدد راهه خدا!
    عمر سانگيءَ جي سموري ٿي گڏ هلڻ ۾ گذري،
    ڪر شفاعت سان مرحمت تون اي محبوب خدا!
    آشيانو هي الاهي بخش ”سانگي“جو سدا،
    تا قيامت تون آباد رکجان يا خدا!


    ميرُ مرسل

    ميرُ مرسل

    پير منهنجو،ميرُ منهنجو،سونهن جو سردار!
    عشق مرشد رهنما، مون کي ڪيو بيدارُ!
    فرقه بندي ۽ تفرقو ڪين مونکي ٿو وڻي!
    ملڪ ساري جو وجود خدا هڪ ڏيههُ جو ڏاتارُ آ!
    اُنس ويو انسان مان، خطرو ٿيو انسان کي!
    انسان ويو شيطان ٿي، شيطان ٿيو بيڪارُ آ!
    بار ڪنهن جو ڪونه ڪنهن تي، بارسڀ جو آ خداتي
    ڪونه ڪنهن کي ڪو ٿو پالي، رب پالڻهار آ
    حق حقيقت سڀ ٻڌايم، جا ٿيم محسوس مون کي
    ڪو مڃي يا نه مڃي مرضي سندو مختار آ
    موچڙا پوندا انهيءَ تي،ڏينهن قيامت عزيزو
    جو وڙهائيندو ڌرين کي، خود به ٿيندو خوار آ
    ڇو وڙهو ٿا، خرچ ڪيو ٿا، ڪورٽ ڇا ڪندي؟
    جي اچو مون وٽ مٺا هر معاملو نروار آ!
    خلق ساري ٿي چوي، ”سانگي الاهي بخش“ لئه
    نيڪ آ،نيڪي ڪري ٿو، ڳوٺ جو پڳدارُ آ!

    \


    ”هاءِ محمد حسين!“

    محترم الاهي بخش سانگيءَ مختلف موقعن تي جيڪي اشعار چيا آهن، انهن منجهان چند منتخب شده پيش ڪجن ٿا. چنانچه پنهنجي ڀاءُ محمد حسين جي وفات تي جيڪو پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو۽ سندس والد صاحب ان وقت حج تي هو، صدمه سبب هيءُ شعر چيو اٿائين

    ”هاءِ محمد حسين!“
    دل تي غبار غم جو اکين ۾ آب آهي
    ڪهڙو ڪيان بيان مون دل ٿي ڪباب آهي
    محبوب ڀاءُ مون کان افسوس ٿي جدا ويو
    صدمي کان هيءُ منهنجو پُرزا رباب آهي
    معلوم هيءُ ڪري آئون خاموش ٿي وڃان ٿو
    انسان جي حياتي مثل حباب آهي
    مسرور ٿي نه بلبل ڪر ياد تون خزان کي
    آخر بهار جو به وڃڻو شباب آهي
    دنيا ۾ عيش آهي ڇو جو بهار آيو
    منهنجين خوشين تي ليڪن ڇانيل سحاب آهي
    پئجي حسين! توتي نالو شهيد ويڙو
    مثل”حسين﷦“توکي حاصل ثواب آهي
    ”سانگي“ نه آهه هر دم قائم جهان جو جلوه
    افسانو حياتي دنيا ڀي خواب آهي


    زبان حال

    وقت جي حالتن جو مشاهدو ڪندي محترم هي شعر چيوآهي


    ”زبان حال“
    رفاقت وئي رفيقن مان ۽ الفت وئي عزيزن مان
    زماني رنگ بدلايو شرافت وئي شريفن مان
    مناسب ڪين آ مون کي رکان مخفي بيان دل
    ٿيو معلوم آهه جيڪي اميرن مان غريبن مان
    ڏسو ٿا ڀاءُ پنهنجي ڀاءُ جو ويري ٿيو آهي
    وئي ساري سچائي اڄ ۽ وفا وئي آ قريبن مان
    پريشان حالُ پيءُ جو آهي،رهي پُٽُ ٿيو عيشن ۾
    خدايا ڪيئن نڪري اڄ وئي عزت عزيزن مان
    دعا ”سانگي“ سندي در مولا! هر دم اِها آهي
    مجاهدمرد پيدا ڪر فقيرن مان، اديبن مان


    ”روهڙي“

    محترم سانگي صاحب جڏهن روهڙيءَ ۾ ڪجهه وقت سروس ڪئي، انهيءَ دوران روهڙيءَ بابت پنهنجا تاثرات بيان ڪندي فرمائي ٿوته:

    سنڌ ساريءَ ۾ فقيرن جو آشيانوروهڙي
    تنهن ڪري آ عاشقن جو آشيانو روهڙي
    گلشن اسلام خالي ڪين آ هر گز مگر
    مست صوفين جو سدائين آستانو روهڙي
    دامن ڪهسار ڀي آ ساحل سنڌو به آ
    قدرتي نظارن جو ڄڻ خزانو روهڙي
    سير خاطر سبز ساحل جڏهن ٿا وک وجهون
    ٿي ٿئي معلوم جنت جو نمونو روهڙي
    تختئه دنيا نه خالي شادمانن کان ڪڏهن
    آهه منهنجي لاءِ ليڪن شادمانو روهڙي
    موج ۾ گذري حياتي ٿي عزيزو! هت مگر
    ڪين وسري ٿو گذاريم جو زمانو روهڙي
    ٿو نظر ”سانگي“ اچي اڪثر روزانو روهڙي
    ڇو ته هن جي روح جو آشيانوروهڙي


    سکن ۾ ها سوين سنگتي نه ساٿي آ ڪو سورن ۾

    محترم سانگي صاحب 1988ع ۾ رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي سنگت جو سلوڪ ۽ بي مروتيءَ جو اظهار ڪندي فرمائي ٿو:

    سکن ۾ ها سوين سنگتي نه ساٿي آ ڪو سورن ۾
    نه آهي حال ڀائي ڪو ڇڏي ويا ساٿ سورن ۾
    جنين سا بجا هر دم ڪيم ٿي راز جون ڳالهيون
    وساري تن ڇڏيو مون کي ڏسي جڪڙيل زنجيرن ۾
    افسريءَ ۾ سلامي ها سوين ڀوتار ۽ آفيسر
    مگر بيزار ٿي ويا سڀڏسي ويٺل فقيرن ۾
    نهارن شوخ نظرنسان ڏسي ويندا غريبن ۾
    سواري جن ڪئي مونسان چڙهي ٽانگن ۾ ڪارِن ۾
    نه ڪر افسوس تون”سانگي“ هي دستورآ دنيا جو
    خوشيءَ ۾ کوڙ خادم پر نهاري ڪونه ڏکڙن ۾


    ”رفتار وقت“

    محترم سانگي صاحب ماحول جو مشاهدو ڪندي وقت جي رفتار جي عنوان سان هيءُ شعر چيو آهي:

    بهاريءَ کان چمن سارو گل گلزار ٿيو آهي
    ستارو علم جو اڀري ۽ ڪجهه آيو مٿي آهي
    خزان جو ڀي مگر ان سان بپ تڪرار ٿيو آهي
    مگرتهذيب ۽ تمدن جو سنگسار ٿيو آهي
    ڏسان ٿو برقعو رنگيل عمومًاعورتن کي پر
    ڏسي تهذيب مغرب جي مَٽائي ريت آهي مشرق
    ڪن پنهنجن کان ٿيون پردو،نه ٻين کان عار ٿيو آهي
    سو سودو بيحيائي جو سرِ بازار ٿيو آهي
    اميرن عياشي لئه باغ محلات بي شمار
    ڪري ويران مسجد کي مڪان مسلم وسايا۽
    بکيو ۽ بي اجهي مفلس مگر بيمار ٿيو آهي
    ڏسو اسلام کان ڪيڏو نه هو بيزار ٿيو آهي
    سدائين آهه سرگردان چوان سچ آ،مفلس آ
    اڙي بزدل! بهادر ٿي ڪُڏي ميدان ۾ بيهه تون
    پريشان حال پر ڪڏهن نه ڪو زردار ٿيو آهي
    ڏسي اغيار جي آڪڙ غصو بيدار ٿيو آهي
    اتي ”سانگي“ ڏسي سستي ترانا تيز قومي ڪر
    ننڍوتوڙي وڏو اڄ قوم جوبيڪار ٿيو آهي


    ”بي بقا زندگي“

    محترم سانگيءَ جي رٽائرمينٽ کان ٻه سالپوءِ 1990ع ۾ سندس والد صاحب حاجي عبدالمالڪ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو کيس ڪافي صدمو رسيو هن فاني ۽ بي بقا زندگي جو تذڪره هن شعر ۾ بيان ڪيو آهي ۽ دنيا جي زندگي ۾ عدم دلچسپي۽ حج تي حرمين شريفين جي زيارت جي تڙپ ۾ پڻ بيت چيا آهن:

    دم تي ويساه ناهي اويار!
    ڪا هڻي ٿي سا ڪاهه اويار!
    موت مٿي ٿي آهه سدائين
    ويندو اوچتو ساهه اويار!
    ڪوٽ واريءَ جو قائم ڪيسين!
    نيٺ ته ڪِرڻو آهه او يار!
    نيٺ ته ڪرڻو آهه اويار دنيا آهي دار فاني
    رهڻو ڪنهن کي ناهه او يار
    دنيا دورنگي خواب آ خالي
    سارو ٺڳيءَ جو ٺاهه اويار!
    دنيا اچ، وڃ جوئي جهان
    جو آيو سو ويو آهه او يار!
    جوڀن جواني ڏينهن به ٽي ٿي
    ان پَڪَ ڀي ناهه او يار!
    ماڳ اسان جو آ دار بقا
    هلڻو اوڏهن آهه اويار!
    پير، فقير ۽ حڪيم حاذق
    ڏيندا سڀئي ساهه او يار!
    آهه مسافر هر ڪو هتڙي
    ماڳ نه ڪنهن جو ناهه آ يار!
    منهنجي والد حاجي ماڪن!
    پرتو توکي آهه او يار!
    جنت ۾ جاءِ ڏجس ان کي
    بهشت جو دروازه لاهه او يار!
    ويهين صدي مهينو جنوري
    هن جو ويڙا ساهه او يار!
    اڻويهه سو سال نوي ۾
    بابي ڏنو ساهه او يار!
    سو کان هن جي عمر مٿي هئي
    اٿڻ ويهڻ ۾ هو واهه او يار!
    ذهن ذڪاوت عقل سلامت
    حافظو هن جو واهه او يار!
    مال ۽ ملڪيت پٽ ۽ پوٽا
    پڙپوٽا به ڏٺاهه او يار!
    موحد مليل هو لقب ان کي
    راسخ رسم و راهه او يار!
    چوندو هو سچ سڀ کي
    توڙي هجي ڪو شاهه او يار!
    هن جو مون منهنجو هن ۾
    هيو سدائين ساهه او يار!
    هن جي ۽ منهنجي ڪابه ڪچهري
    ٿيڻي هاڻي ناهه او يار!
    هن جون ڳالهيون حڪمت واريون
    سانڍيل سيني ساهه او يار!
    چون مئن سان مري نه ڪوئي
    تازو غم پر آهه او يار!
    ڏاڏو ڪٿي آ بابو ڪٿي آ
    دنيا ڇڏڻي آهه او يار!
    چوٿون پهر ٿي عمر سنديءَ جو
    پيو ڪر الله، الله او يار!
    عمر گهڻي آ گذري وئي
    نيٺ ته هلڻو آهه او يار!
    ڏوهه ڪيا ٿم ڏوهي آهيان
    معافي ڏيئي لاهه اويار!
    توبهه منهنجي اڄ کان آهي
    معافي وٺي آهه او يار!
    توبه واري عمر ساري
    واهه نه ٻي ڪا آهه او يار!
    ميٽ مدايون منهنجيون مولا
    ڪوبه سهارو ناهه او يار!
    رٿون ويٺو رٿين ڇو ٿو؟
    ٺاهڻي ٿي سا ٺاهه اويار!
    مال مڏيون سڀ هتڙي رهنديون
    نيڪي هلڻي آهه او يار!
    ڇو ٿوميڙين مال مڏيون پيو
    نيئڙوڪجهه به ناهه او يار!
    هيءُ ڀي منهنجو هو ڀي منهنجو
    پنهنجو پر ڪجهه ناهه او يار!

    آهين مسافر سوا گهڙيءَ جو
    ستت ويندءِ ساهه او يار!
    وڃين پوريندءِ مٽيءَ ۾
    ڇڏ جلال و جاهه او يار!
    منڙو منهنجو مڪي وڃڻ لاءِ
    ماندو ڏاڍو آهه او يار!
    جيئري هيڪر مڪه مدينه
    شال ڏيکاري الله اويار!
    ”سانگي“ويٺو توکي ساري
    حج تي هلڻو آهه او يار!
    مڪه ۽ مدينه معافي وٺندس
    اها تمنا آهه او يار!
    ڇڏ اميري وٺ فقيري
    سر تان سانگو لاهه او يار!
    پيسو پائي نيڪ ڪمائي
    ڏي خدا جي راهه او يار!
    لڳ لاڳاپا ”سانگي“ سڀيئي
    سانگي هاڻي لاءِ او يار!
    خلق جي خدمت خوف الاهي
    اصل عبادت آهه او يار!
    جن سان تنهنجو قرب ۽ محبت
    تن سان ناتو نباهه او يار!
    جيڪي نمازون پڙهيون نٿي
    قضا ڪري سي پڙهه او يار!

    جيڪي اوڻايون مون سان ڪن
    تن سان ليکو ناهه او يار!
    نفس ڪري ٿو جنگ جا سعيا
    تون به سندرو ساهه او يار!
    جيڪي پسين ٿو پيو منجهه جهان
    سو سڀ خدا جو آهه او يار!
    جهڙي نيت تهڙي مراد
    اها ئي حقيقت آهه او يار!
    ڇو ٿو پَٽَ، پٽيهر پهرين؟
    سادا ڪپڙا پاءِ او يار!
    بنگلا ماڙيون ڦٽي ڪري تون
    لانڍي ڪکائون ٺاهه او يار
    گوشت مرغا ڇڏي بريانيون
    سادو کاڌو کاءُ او يار!
    دنيا داري ڇڏي ڪُراهي
    وٺ رباني راهه او يار!
    سانگي الاهي بخش سدائين
    خادم تنهنجو آهه او يار


    ”پڇتاءُ“

    ڇا کڻي آئين هتي ۽ ڇا کڻي ويندي هتان
    ڪجهه کڻي آئين نه هت ۽ ڪجهه نه کڻندي هتان
    اچي ويئي پيري مگر آ ثمر گڏ ڪين ٿيو
    وقت ڪم جو ٿيو گذر ڇا ڪري مون ڇا ڪيان
    ڪر همت هاڻي به مٺڙا جان ۾ دم آ اڃان
    ڇڏ مدائي ڪر چڱائي وقت ويو ناهي اڃان
    بند گفتگو ڪر غلط ۽ ڪم ڦٽا ڪر سڀ غلط
    دير دم ڀي ڪين ڪر جو اوچتو ويندين هتان
    توبه تائب ٿيو ٿيان ۽ دير دم ٿو ڪين ڪيان
    آڏو الٰہ العالمين جي مون سجدا پيو ڪيان
    ساراهه سانگي سندي جو بند ڪري ٿو سڀ بَدي
    شال هتڙان صاف سٿرو ٿي مولا تو وٽ پهچان


    ******************


    مگر

    ”يا رب العالمين تون مدد منهنجي پيو ڪجانءِ!“

    رهڻو نه آهه هتڙي فاني فنا زمانو
    انسان جي ضرورت بس آ زمين ڪانو
    ناهي ثبات ڪنهن کي آهي رڳو تغير
    قائم آهي ذات هُن جي باقي فقط فسانو
    آهي صلاح توکي ڪر قوم جي تون خدمت ڪجهه
    سوچ ۽ سمجهه رک ٿي ڪين وڃ ديوانو
    دنيا سان لائي دلڙي وهلور ٿي نه وڃ تون
    دنيا دارِ فاني قائم نه آ زمانو
    راحت نه روح کي آ (جان کي) ٿي زندگي آ زحمت
    ويٺو آن ته وائڙو بيٺو آن ته بي ڌيانو
    هر چيز بي بقا آ ڪنهن کي نه ڪا بقا آ
    ڏينهن چار آهه رونق ٿيڻو پوءِ آ ويرانو
    رهڻي نه هي رونق وڃڻي آ هيءَ دولت
    دنيا اٿي دورنگي ”سانگي“ ڳاءِ نه ترانو


    ”ڪاروانِ زندگي“

    ڪاروان زندگي جو آ سفر ڏزڍو طويل
    موت کي مقرر ڪيو منزل آ هڪ رب جليل
    موت کان ڊڄندو آ بزدل ۽ آ مرندو سو بار!
    زندگي ۾ موت کان ڊڄندو نه هوندو هو خليل
    موت جو ڏينهن آهه مقرر، جاءِ پڻ سڀ سبب
    ڪين آ تبديلي ان ۾ ڪو هجي خوش يا عليل
    موت کان پوءِ زندگي آ اڃا اڳتي اي عزيزو!
    کڻ ثمر هتڻان ان لئه ٿئين متان اُت تون ذليل
    روز محشر يار دنيا جا نه ڪم ايندا ڪڏهن
    ڪر يقين دل! ان جو قرآن ۾ ڏنل آهي دليل
    اي الاهي بخش ”سانگي“ ڪين ڪر ڳڻتي فڪر
    جاءِ تنهنجي آهه جنت ۽ عمر ناهي قليل


    ”ابيات محبت رسول ﷺ“

    نبي ڪريم ﷺ جن جي محبت ۽ ان جي شفقت جي آسري ۽ اميد ۾ محترم سانگي صاحب هي ابيات چيا آهن


    مير مرسل مہ لقا محبوب ۽ منٺار آ
    سچ پڇو يارو ته منهنجي سو هينئين جو هار آ
    آسرو آ ان جو شفقت جو مون کي روز جزا
    ڇو جو محبوب خدا نبين سندو سردار آ
    شان ۽ رتبو سندس ڪهڙو چئي ڪهڙو چوان
    مالڪ لولاڪ مرسل ۽ اڙين جو پڻ آڌار آ
    آرزو آهي وڃان هيڪر مڪي ۽ مديني
    جلوه جانب سندو ڪرڻو مون کي ديدار آ
    دل چوي ٿي دور دنيا جي هنگامن کان هجان
    ٿي وڃان گوشه نشين پر وڏو گهر ٻار آ
    مذهب اسلام ۾ رهبانيت آ ناروا
    من منهنجي جي نشيمن دور ڪا وڻڪار آ
    دور شهري شغل کان ڪا هجي جهڳڙي سندم
    ذڪر ۽ غور و فڪر جي لاءِ س درڪار آ
    ڇو نه ”سانگي“ خوش ٿئي جو مهر مالڪ آ ڪئي
    هن دنيا جي مال و دولت کان ٿيو بيزار آ


    ” حقيقت حال“

    ماحول جي حالات ۽ واقعات جو مشاهدو ڪندي محترم سانگي صاحب حقيقت حال جي عنوان سان مندرجه ذيل اشعار چيا آهن:

    ” حقيقت حال“

    هندو،مسلم ۽ سِک عيسائي
    آهن پاڻ ۾ ڀائي ڀائي
    سنڌي مهاجر، پختون، پنجابي
    سي ڀي آهن ڀائي ڀائي
    بريلوي يا پڻ ديوبندي
    شيعو سني ڀي ڀائي ڀائي
    سياستدان سوچي سمجهي
    آهي تن ۾ آندي ٻيائي
    ماڻهون چاهن ٿا امن و امان
    پر ليڊر آهن فتنائي
    سيٺين ۽ سرمائيدارن
    طبقاتي آ جنگ لڳائي
    خلق سڄيءَ جو خالق هڪڙو
    پر ملن آ مخلوق منجهائي
    خلق جي خدمت خوف الاهي
    اصل عبادت آهه اهائي
    رب کي جي ٿي راضي رکڻو
    من ۾ رک نه مور ٻيائي
    ميٺ محبت پورهيو پائي
    رزق حلال جي کاءُ ڪمائي
    ناهين اڄ ڪلهه ايڪو الفت
    دشمن ٿيو آ ڀاءُ جو ڀائي
    وڍيو ڪهاڙي وڻ تڏهن
    ڳن سندس جو سگهه وڌائي
    ڪتو سدائين ڪڙم جو ويري
    وات اهائي هر ڪنهن وائي
    سائي کي ٿو سهي نه ڪوئي
    بکئي کي ٿو ڏئي نه ڪوئي
    سنڌ ۾ ويو آهه ممڻ مچي
    جاگيردارن آ جٺ جڳائي
    ڌاڙيلن جي پشت پناهي
    ميرن، پيرن آهه ڪرائي
    ڌاڙا ڦرون ماراماري
    واهه جو هيءَ حڪومت آئي
    بئنڪون ڦرجن ڏينهن ڏٺي جو
    پوليس جي ٿئي خوب ڪمائي
    تعاون ڪنهن جو ڪنهن سان ناهي
    ملي نه مدد ڪنهن کي ڪائي
    روڊ ۽ رستا، ريل ڀي خطرو
    سفر لائقواهه نه ڪائي
    فتنو آهي بر ۽ بحر ۾
    شودن آهي ننڊ ڦٽائي
    سٻر سوٽي کڻجي هٿ ۾
    گڏهه نه ڪندو گوهي ڪائي

    ٻڌڻ وارو ڪوئي ڪونهي
    ”جَوَ ڍيري گڏهه واهي“
    وڏا وڏيرا صحيح سلامت
    شريف جي آ شامت آئي
    غريب، غربو وڃي ڪاڏي
    ڏاڍن آهه ڪئي ڏاڍائي
    قوم جي ڪثرت شرفاء غرباء
    غنڊا آهن ٻهه اڍائي
    ميمبر ٿيا آهن ملڪ جا مالڪ
    نوڪري ٽوڪري ملي نه ڪائي
    هجي ناڻو يا ڪا سفارش
    ميرٽ پيرٽ آهه اجائي
    آهه پريشان خلق خدا جي
    ظلم آهه پڻ ڌوم مچائي
    هلندي پڄندي آهي ان جي
    جنهن کي آهي مٿي رسائي
    انڌيرنگري چرٻٽ راجا
    ملڪ ۾ ماتم خبر نه ڪائي!
    ڪم نه ڪرين ٿو ڪين ڪنهن جو
    واهه وڏيرا تنهنجي وڏائي
    ٻڌاءِ آهين ماڻهون ڪنهن جو؟
    آفيسر جي آهه پڇا اهائي
    مالڪ جا ماڻهون جتيون گسائي
    پُٺِ ۽ مُٺِ آهه موج مچائي

    رشوت سان ٿا مال بڻائين
    ڪامورن کي ڪونهي خوف خدائي
    ڪونهي اختيار ڪوآفيسر کي
    سندس آهي سيٽ اجائي
    حڪم جو بنده اُٺڪ بيٺڪ
    عوام اڳيان ڪري وڏائي
    وون لئه هئا در درسوالي
    هاڻي لهن سار نه ڪائي
    وري اليڪشن اجهو آئي
    ڌوڙ جا ملندن ٻڪ اڍائي
    قتل وغارت روز ڏسن ٿا
    پر ڪهل ڪنهن کي ڪين آئي
    ڪڏهن ظلم جون پاڙون پٽبيون
    خلق خدا جي تنگ آئي
    قوم جو ڪردار نه آهه عجب
    چڙهتي سورج جي ڪري پذيرائي
    معيار شرافت آ بئنڪ بيلنس
    حقيقت جي پر خبر نه ڪائي
    وسائل رزق مهيا ملڪ ۾
    پر عادت ان جي آهه گدائي
    حرام و حلال جي پرواهه ناهي
    جو اچي سو وڃي کائي
    قدر قوم ۾ ناهي ان جو
    جوخادم سچو ۽ ڪري سچائي

    عِلمِ ا”صلَ جو هاڻ فقدان آ
    جهالت پڻ اجها آئي ڪہ آئي
    تهذيب مغرب جي يلغار آ
    تباهي قوم جي اجها آئي ڪہ آئي
    شامت اعمال ما صورت نادر گرفت
    مٿان قوم جي آ عذاب الاهي
    آهه”سانگي“ سندو تو در سوال
    مٿان ملڪ جي تون ڪر ڪا ڀلائي


    ” نينهن سندو نعرو“

    ڳچڙيءَ ۾ پائي ڳارو، جانب جو پڇان چارو
    هڻي نينهن سندو نعرو احوال حوال ڪريان سارو
    پيري جو پهر پهتو هٿ ڪين ڪيم رستولوڙيان ٿو ڪيل ڪيتو هٿڙن مان ويو وارو
    غفلت ۾ گذر ٿي ساري آ حياتي
    اچڻي آ مماتي ٿيندو ڪيئن گذارو!
    بيدار ٿي غافل زندگي آ اڃا باقي
    ڏي جام ڀري اقي ڀرپور وٺون وارو
    وقت ڪين ويو آهي وهنوار گهڻو آهي
    ڇڏ يار! کڻي سستي ڍولڻ ٿا هڻو ڍارو
    معشوق مجازي ويا ليڪو آ لنگهي اڄ
    ٿين ڪين ڪي راضي تن کان ٿا ڪيون ٽارو
    ڪر عشق حقيقي ڇڏ يار مجازي
    ”سانگي“ لڙهه لڳ محمد جي وٺ مولا جو سهارو


    حج لاءِ سانباها

    سن1992ع۾ جڏهن محترم سانگي صاحب حج تي وڃڻ لاءِ پيو سانبها ڪري تڏهن هيءُ شعر محترم چيو:



    پهر پيري جو آ پڳو، سانگي به حج تي هليو
    نيڪ ٽائين ۽ سوٽ پائڻ صاحب آ ڇڏيو
    ڇڏي آ هُنَ ڇيڪ ڏاڙهي سنت نبوي جي سبب
    مُڇون موزون رکي هُن مٽايو آ پڻ حليو
    زندگي بي بندگي، شرمندگي، آ بيگمان
    هن ان پابندي تي عزم پڻ پختو ڪيو
    توبه تائب ٿي مڪي ۾ بيت الله جي اڳيان
    سر جهڪائي سجدا ڪري پرين پرچائڻ آ هليو
    اي الاهي بخش سانگي ذات تنهنجي آ سانگي
    ٿي مثل سانگي رهڻ جو حڪم توکي آ مليو


    ”التجا“

    محترم مڪہ المڪرمة ۾ پهچڻ بعد بيت الله اڳيان بيهي، پنهنجي مالڪ کي هيءَ التجا ٿو ڪري ۽ هڪ وڌيڪ پٽڙو عطا ڪرڻ لاءِ التجا ڪيائين جو سندس مرحوم والد جي نالي رکڻ تي کيس تمنا هئي.



    جهڙو تهڙو تنهنجو آهيان تنهنجي در تي آيو آهيان
    واهه نه ٻي ڪا تو بن ڀانيان تنهنجي در تي آهيان
    ميٽ مدايون مالڪ منهنجيون غرق گناهن۾ ٿي آيو آهيان
    ڏوهه ڪيا ٿم ڏوهي آهيان، بخشس لاءِ تو در آيو آهيان
    توبه تائب تو وٽ ٿيان ٿو، وعده پختو پڻ ڪيان ٿو
    حڪم سندءِ تي هلڻ چاهيان ٿوڪرڻ نيزاري آيو آهيان
    تنهنجي ئي در در جو طالب آهيان هر هر تو وٽ اچڻ ٿو چاهيان
    پرت سندءِ جو پياسي آهيان تنهنجي ئي در تي آيو آهيان
    احسان تنهنجو چار ڏنا ٿي هڪڙو پٽڙو اڃا ٿو چاهيان
    پيءُ جو نالو مٿس رکايان تنهنجي در تي آيو آهيان
    هيءُ الاهي بخش آهه تنهنجو اڄ ڀي تنهنجو صبحاڻ ڀي تنهنجو
    ”سانگي“ صوفي صاف سڏايان تنهنجي در تي آيو آهيان


    ”آرزوءِ دل“

    کيس ستت الله پٽ عطا ڪيوجنهن تي پيءُ جونالو رئيس عبدالمالڪ رکيائين. ساڳئي وقت محترم ڪعبة الله جي زيارت جو شرف حاصل ڪندي هي شعر چيائين



    آرزوءِ دل لڳي جو زيارت ڪعبه ڪيم
    مالڪ ڪون و مڪان جي در اڳيان توبه ڪيم
    مرغ دل ڪر رقص اڄ جو ڪعبة الله خود ڏٺم
    خالق اڪبر جي در اڳيان گريه و زاري ڪيم
    دل جي بيماري گنهگاري ڪندي ڪو ڇو اثر؟
    آب زمزم سان عزيز شڪم کي شسته ڪيم
    يا الاهي! اڄ کان تنهنجي زات سان ٿو عهد ڪيان
    حڪم هائي ايزدي سان دل سندم بسته ڪيم
    ڪاروان زندگي جي آهه منزل آخري
    ٿي وڃان آسان منزل جي کڻي ويسه ڪيم
    ڪين مون کي آهه خطرو هن يا هُن جهان ۾
    ڇو ته مون اسلام تي ايمان کي پختو ڪيم
    يا الاهي! ڪر ”سانگي“ مٿان ڪو ڪرم
    ٿي وڃن سڀ معاف مون تان جي خطائون ۽ گنہ ڪيم


    ”ڪفاره گناهه“

    محترم سانگي صاحب پهرين ڏينهن عمره جو طواف ڪندي ڏاڍي رش هئڻ سبب ساٿين کان وڇڙي ويو ۽ پيڙهه ۾ ايندي جيڪي هن تڪليف ڪاٽي ۽ پريشاني هيٺ رهيو ان کي گناهن جو ڪفاره سمجهي هنن بيتن ۾ بيان ٿو ڪري ته:

    ڏينهن پهرين منجهه طواف ڪعبة الله تي پڪڙ
    حالت سڪرات ٿي پيٽ ۾ پيا ٿي وڪڙ!
    دل جي حالت دگر گون مون اکين سان ڏٺم
    ڪوبه ساٿي ڪونه ويجهو ٿئي ويئي ڏاڍي پڪڙ
    ٿي هوا وئي بند بلڪل سوڙهه جي ٿي انتها
    ساهه مٺ ۾ هو، وڳا ٿي منجهه ڪنن ڪيئي ڌڪڙ
    سوڙهه نڪرڻ ٿيو مشڪل، پير ويا نڪري سندم
    دل چيو ٿي درد مان اڄ ٿي گناهن جي پڪڙ
    نفسا نفسي جو سمون هو هر بشر هو بي مزي
    ساٿي سنگتي ويا جدا ٿيٿي رهي هئي وٺ پڪڙ
    عرض ڪيم الله کي معافي ملي ويندس مري
    رب کي پئي ٻاجهه ڪا ٿيندي ڍري ويئي
    ٿيا پريشان ساٿي منهنجا ٿي تلاش گمشده
    وس وڏا مون ڀي ڪيا پر رستا ها ور وڪڙ
    ٻارهن ٿيا ٿڪجي وڃي ويهي رهيس باب عزيز
    رات جو ساٿي مليا مولا ڪيا وڏا وڙ

    بستري داخل ٿياسون ٿي پئي تڪليف ڏاڍي
    ساٿ ساٿين جو ٿيو جن ٿي کنئين منهنجي هڙ
    ٿيا مناسڪ حج سندم پورا منيٰ۽ عرفات ۾
    ٿيو طواف ڪعبة الله منجهه ڏولي مثل هڙ
    ٿيا چڪر صفا ۽ مروه جا منجهه ڪرسي خير سان
    حج ٿيو منهنجو عزيزو!ٿي نه مون کي ڪا اڙ
    اي الاهي بخش”سانگي“ ڪرالله جا سو شڪر
    جنهن گهرائي حج ڪرايئي معاف توتان ٿيا ڀڀڙ


    ”التجا“

    محترم الاهي بخش جي حج جي ساٿين ۾سکر جي نيڪ پارسا ميمڻ خاتون هئي جنهن جو نالو ”امينه“ هو. هوءَ پنهنجي خاوند حاجي محمد يونس جي خدمت ڪرڻ سان گڏ سانگي صاحب جي بيحد خدمت ڪندي هئي ۽ سانگي صاحب کي ”بابا“ ڪري سڏيندي هئي ۽ سانگي صاحب به کيس نياڻيڪري سڏيو هو ۽ هن نيڪ بيبي کينرينه اولاد ڪونههو. پٽ پيدا ٿيڻ لاءِ سانگي صاحب کي عرض ڪيائين ته سندس لاءِ دعا گهري ته کيس الله تعاليٰ پٽ جي اولاد عطا ڪري.سانگي صاحب کيس فرزند صالح ڪرڻ لاءِ بيت الله وٽ ويهي الله تعاليٰ جي درٻار ۾ هن بيتن ۾ ٻاڏايو ۽ دعا ڪئي:


    يا الله العالمين تو وٽ سندم هڪ سوال آ
    تنهنجي خزانه ۾ نه ڪنهن به چيز جو ڪم ڪال آ
    ڪر”امينه“ منهنجي دختر اختر کي عطا
    پنهنجي رحمت سان ڪو پٽڙو اي سندم سو سوال آ
    تنهنجي در تان نه خالي ٿو وڃي ڪوئي سوالي
    ڀر امينه ڌيءَ جي جهولي اهو ئي عرض حال آ
    ڪنهن جي در تي آئون وڃان تنهنجي در کانسواءِ
    تنهنجي در جون آئون گدا تنهنجي در تي سوال آ
    تنهنجي رحمت جي رجاء ٿو ڪري سانگي عرض اڄ صبح
    ٿي وڃي شل شادمانو دل مٿان ملال آ
    منهنجي بيماري ۾ منهنجي خوب خدمت هن ڪئي
    جو سنديس دل ۾ پيرسن۽ هن ٻڍي جو خيال آ


    دست بسته تنهنجي گهر جي ٿو اڳيان دعائون گهران

    محترم سانگي صاحب جي الله تعاليٰ دعا قبولي ڪئي جو سوا سال کان پوءِ نياڻي امينه کي پٽ ڄائو ۽ سندس نالو محمد احمد رکيائين. جيڪو هن وقت ٻئي درجي ۾ اسڪول ۾ تعليم وٺي رهيو آهي ۽ قرآن شريف جي ديني تعليم به مدرسي ۾ حاصل ڪري رهيو آهي ساڳئي وقت بارگاهه ايزديءَ۾ پنهنجي لا3 پنهنجي خاندان لاءِبه دعا گهريائين


    دست بسته تنهنجي گهر جي ٿو اڳيان دعائون گهران
    ڪر ڪرم ڀر منهنجي جهولي جيڪي توکان مون پنان
    واهه مون کي ٻي نه آهي تنهنجي ئي در کان سواءِ
    تنهنڪري مسڪين سندءِ تي التجائون ٿو ڪريان
    اي خدا! تنهنجا خزانا ڪين کٽندا مور ڪڏهن
    هن بندي بدڪار کي ڏي دولت دين و دنيا
    ڪر ڪٽنب منهنجي مٿان تون بارش رزق حلال
    ٿي وڃن ڀرپور خالي خزانا مال سان
    نيڪ ۽ صالح ٿئي اولاد منهنجي اي خدا
    دين دنياٿئي سندن اکيون ٺرن شل مون ڏسان
    التجا ۽ آرزو منهنجي اڃان هڪ ٻي به آهي
    سنڌ ساريءَ ۾ امن ٿئي مرڪندو جيئن مون وڃان
    خاندان مست ”سانگي“ تي ٿئي نظر ڪرم
    ٿي وڇي هر فرد مالامال تنهنجي رحم سان
    مون الاهي بخش سانگي عرض توکي ڪيان
    شل هجي ڪلمه زبان تي مرڪندو تو وٽ اچان


    ” اعتراف ۽ عجز انڪساري“

    بيت الله جي اڳيان بيهي سانگي صاحب پنهنجي گنهگاري جو اعتراف ڪندي هيءُ شعر چيو آهي:



    گنهگار آهيان، گنهگار آهيان
    تنهنجي رحم جو مون طلبگار آهيان
    خطا ڪار آهيان ۽ خطا ڪار آهيان
    گناهن کان ليڪن مون بيزار آهيان
    ننڍي کان وٺي مون نه ڪئي نيڪي ڪا
    ازل کان ئي بڇڙو ۽ بدڪار آهيان
    ڏسي منهنجي بدين ۽ بريان جو بچڪو
    وڃي دل ڏڪي ٿي شرمسار آهيان
    اچي تنهنجي در تي ٻڍاپي ۾ پهتس
    ملي معافي مون کي عرضدار آهيان
    مجازي صنم مون ڇڏيا سڀ وساري
    سندءِ عشق ۽ محبت سان سرشار آهيان
    الاهي بخش ٿو ڪري عرض تو در
    ٿئي ڪا نوازش مون بيڪار آهيان
    نه ساٿي نه سنگتي ڪو ”سانگي“ سندو
    تنهنجي ئي مدد جو خواستگار آهيان


    ” طواف ڪعبة الله “

    محترم سانگي صاحب بيت الله جو طواف ڪندي پڻ هيءُ شعر چيو



    اي خدا تنهنجو احسان تنهنجو گهر ڀرسان ڏٺم
    روح ٿي تازگي جو درجو مان ڏٺم
    عشق تنهنجي جي ڪشش ناهي ته ٻيو ڇا هي وري
    جو اچي پهتس هتي ۽ پاڻ کي خندان ڏٺم
    آب زمزم سان اڇواجرو اندر پنهنجو ڪيم
    منجهه مسجد الحرام منڙو سندم شادان ڏٺم
    لهي ڪٽ ويئي قلب تان روشن ٿيو منهنجو ضمير
    پيا ڳڙي ڳوڙها سندم پاڻ کي گريان ڏٺم
    حجر اسواد کي چمي تن سندم تازي ڪيم
    ٿيو طواف ڪعبة الله جان جسو جنبان ڏٺم
    ٿيو سڪون قلب حاصل روح کي راحت رسي
    ٿيا وسوسا سڀ ختم ۽ روح کي رقصان ڏٺم
    ڇونه ”سانگي“خوش ٿئي جو پاڻ مالڪ آ گهرايو
    پايه تڪميل تي پهتل دلي ارمان ڏٺم


    ” تاثراتِ دل“

    ڪعبة الله پهريون دفعو جڏهن محترم سانگي صاحب ڏٺو ۽ سندس دل تي جيڪو اثر ٿيو ان جو اثر جو بيان ڪندي هي شعر اٿائين:



    ڪئي جيئن مون نظر پهريون مٿي خانه خدا يارو!
    سڪون دل ٿيو حاصل فڪر ويو ٿي جدا يارو!

    يقين ٿيو منهنجو محڪم پڙهيم جيئن مون نمازون هت
    گهريم دسعائون شفاعت لئه قبولي شل خدا يارو!

    مڪه جي سر زمين تي مون ڪيم سجده شڪر جڏهن
    رَسي ويئي روح کي راحت، اڃان شل هت سدائين يارو!

    نظاره مزدلفه، مني ڏٺم ۽ عرفات جو ميدان
    قيامت جو هو پڻ منظر ٿئي پئي جان جدا يارو!

    تههِ دِل سان ڪري شڪر خدا ٿي پئي زبان منهنجي
    ڏني توفيق جنهن مون کي ڏٺم خانه خدا يارو!

    وڃان مسرور ۽ مخمور ۽ مدهوش ٿي جڏهن
    پيران پيو آب زمزم جو ڪري شڪر خدا جو

    الاهي بخش”سانگي“ ٿو ڪري توبه گناهن کان
    ملي معافي وڃان خوش ٿي ڪيان شڪر خدا يارو!


    ”عبدالله بروهي“

    ڳوٺ سانگي جي هڪ ديني مدرسي قاسم العلوم ٿريچاڻي ۾ هڪ طالب نالي عبدالله بروهي پڙهندو هوڳ ۽ اصل تعلقه ميهڙ ڳوٺ فريد آباد جو رهندڙ هو. پر پنهنجي چاچي قاري عبدالڪريم برڳهيءَ سان گڏجي تعليم وٺڻ لاءِ ڪافي عرصو رهيو ۽ ديني نصاب هتي ئي پوپرو ڪيائين ۽ ڪجهه وقت سانگي ۾ ئي ڪاروبار ڪيائين ۽ پوءِ سعودي عرب هليو ويو اتي مڪه مڪرمه جي محله عزيزيه ۾ رهڻ لڳو ۽ اتي عربن سان گڏجي ڪاروبار ۾ شراڪت سان ڪندو هو سانگي ڳوٺ ۾ رهڻ دوران محترم الاهي بخش جي والد حاجي ماڪن صاحب ۽ پڻ الاهي بخش سان سندس ڏاڍي پريت۽ محبت هوندي هئي ۽ محترم الاهي بخش سال 1992ع ۾ حج جي ادائيگي تي ويو تڏهن عبدالله بروهي صاحب سان مڪه مڪرمه ۾ ملاقات ٿي عبدالله بروهي سانگيءَ جي ڏاڍي خدمت ڪئي ۽ ساڻس ڏاڍيون ڪچهريون ۽ روح رهاڻيون ڪيون سانگي سندس قرب کان ماتثر ٿيندي ان جي تعريف ۾ هيٺيون شعر چيو آهي.

    تنهنجيون خدمتون ۽ محبتون ياد رهنديون عبدالله
    قرب واريون پڻ ڪچهريون ياد رهنديون عبدالله
    تنهنجي ننڍپڻ جي ظرافت ۽ شرافت ياد
    خوب تنهنجيون خوش مزاجيون ياد رهنديون عبدالله
    تنهنجي رويه ۽ روش کان دل متاثر ٿي گهڻو
    تنهنجيون مٺڙيون مرحبائون ياد رهنديون عبدالله
    توکي ملندو خدمتن جو پڻ صله روز جزا
    تر و تازه ٻوڙ مانيون ياد رهنديون عبدالله
    سنڌ جون مهمانوازيون تو رکيون قائم مڪه ۾
    شفقتون هي شان واريون ياد يهنديون عبدالله
    آ الاهي بخش”سانگي“ تنهنجو دعاگو عبدالله
    تاحيات هيءُ مسرتون ياد رهنديون عبدالله


    ”مدينه ڏانهن روانگي“

    محترم سانگي صاحب مڪه مڪرمه ۾ حج مبارڪ جا ارڪان، عبادتون ۽ زيارتون پوريون ڪري مدينه ڏانهن روانو ٿيڻ وقت هي شعر چيو:


    اڄ ڇڏيون ٿا خانه خدا صبح ڏسنداسون مدينه
    ٿيو ختم هت رزق منهنجو ٿيو شروع هُت آب و دانه

    شل واري آڻي خدا مون کي مڪه ٿئي حج سندم
    يا ڪيان عمرٿئي دلري سندم شل آبگينه

    ٿئي زيارت ڪعبة الله جي سندم هر سال پئي مثل
    جيئن وڃي شيشه مثل ٿي صاف سٿرو شال سينه

    آرزوءِ دل اٿم ايندو رهان هت تاحياتي
    ٿئي ختم ڪٽ قلب تان ۽ ڪورجي دل جو به ڪينه

    عرض منهنجو ڪيئن نه اگهندو ڇو ته ڏسندس ڪعبة الله
    دل سچي سان دعا گهران ٿو تَنُ اڃا آهي توانه


    ”گنبذخضراء“

    مدينه منوره ۾ پهچي سانگي صاحب جي نظر جڏهن گنبد خضراء تي پئي تڏهن هيءُ شعر چيائين




    گنبد خضراء ڏٺم ۽ دل، اکيون منهنجيون ٺريون
    مسجد نبوي پسيم ۽ دل، اکيون منهنجيون ٺريون

    هيءَ تمنا من سندم جي روضه رهبر ڏسان
    ديدار ان جو اڄ ڪيم ۽ دل، اکيون منهنجيون ٺريون

    ٿيو وڏو ارمان مون کي ڪين جو جو مون مرقد ڏٺو
    الصلواة والسلام چيم۽ دل،اکيون منهنجيون ٺريون

    سوراخ مان ديدار جي ڪوشش ڪيم هر هر مگر
    ڪين ڪو ديدار ٿيڙم ۽دل، اکيون منهنجيون ٺريون

    روشني قطعي نه هئي منجهه روضه خير البشر
    پر جو سرور مون کي رسيم۽دل اکيون منهنجيون ٺريون

    دل الاهي بخش”سانگي“ جي ڪيو پئي صد سلام
    روضه رهبر کي اڳيان ڏٺم۽،دل اکيون منهنجيون ٺريون


    ”مسجد نبوي ۾ دعا“

    هاڻي ڪير اچي ۽ ڪڏهن اچي اها خبر نه آهي خادم کي
    شل مهر ڪري هت آڻي مالڪ ندر نماڻي نادم کي

    دعا مڪه ۾ اڃا گهريم ٻي ملي امينه ڌيءَ سندم کي
    پٽڙو هڪڙو بخش جو ڀاڱون سک ڏناجنهن خادم کي

    مسلم دنيا دردن ۾ آ سنڌسورن ۾ آ
    رحم ڪر اسان مسڪينن تي ڏي ستت سزا هر ظالم کي

    مست رهان شل مستي۾ ۽ هر دم تنهنجي بستي ۾
    وڃان نه ڪنهن جي وستي ۾ پيو آڻ هن خادم کي

    عرض الاهي بخش”سانگي“ ڪري ۽ ٿي سربسجود ٿو سانگي چوي
    عشق حقيقي عطا ٿئي هڻان بٺ مزاجي بالم کي


    ”الوداع“

    الوداع اي سر زمين پاڪدامن پاڪباز
    تو ۾ آهي آشيان رهنما ۽ ڪارساز
    ٿي تمنا دل جي پوري ڪعبة الله جي ڏسڻ سان
    حج ٿيو عمرا ٿيا شڪر خداءِ ڪارساز
    ٿيو طواف ڪعبة الله ۽ ٿيون نمازون سڀ ادا
    مسجد نبوي اندر دل سان پڙهيم پئي نماز
    حج ٿي ويو خير سان مولا ڪئي مون سان مدد
    شل قبولي قرب سان منهنجي عبادت بي نياز
    پهر پيريءَ جو گذر ٿئي خير سان خاطر خواهه
    شل هلائي اسلام تي پڙهندو رهان مون پيو نماز
    ڪر الاهي بخش سانگي کي ڪرم منجهه دوجهان
    هن ڇڏي آهي رکڻ ٻين سان سدائين سازباز
    تنهنجي در تي آهه منهنجي هيءَ دعا هر دم خدا
    زيارت مڪه مدينه سان سدائين پيو نواز
    صد شڪر تنهنجو خدايا! تو ملايو هڪ فرشتو
    جنهن ڪئي ٿي خوب خدمت ۽ هيو سو پاڪباز
    عرض منهنجو آهه توکي يا الٰہ العالمين
    ڪر فرشته جون مرادون پوريون اي ڪارساز


    ”واپسي هوائي جهاز ۾“

    واپسي ٿي اڄ اسان جي لک احسان رب جا
    حج ٿيو ۽ ٿي ويس حاجي لک احسان رب جا

    ياد آهيان ياد رهندس ڪئي فرشته هت وزٽ
    ۽ ٿي ويئي مزاج پرسي لک احسان رب جا

    عرض آخر ويندي ويندي مون ڪيان ٿو هٿ ٻڌي
    ٿئي سندس مراد پوري لک احسان رب جا

    ٻار ٻچڙا مون سان ملندا منجهه ڪراچي شام جو
    رات جو ٿيندي ڪچهري لک احسان رب جا

    ڇو نه ”سانگي“خوش ٿئي هار پوندا حب منجهان
    شل ٿئي جرني سچائي لک احسان رب جا


    ”وري واڳ وارج“

    محترم سانگي صاحب حج ڪريموٽي آيوتڏهن به تانگهه سندس حرمينشريفين ڏانهن رهندي رهي ٿيوري وڃڻ لاءِ واجهائيندو رهي ٿو ۽مالڪ کي ٻاڏائينديهيءُ شعر چوي ٿو:


    وري واڳ وارج مڪه ۽ مدينه
    نمازون پڙهائج مڪه ۽ مدينه

    مکيان مرسل سندءِ ملڪ جي دز
    گهٽيون سڀ گهمائج مڪه ۽ مدينه

    ويا ڏينهن گذري چائنٺ تنهنجي چمندي
    پرت سان پڄائج مڪه ۽ مدينه

    نه آ ڪو ڀروسو عمر بي بقا تي
    ستت رب رسائج مڪه ۽ مدينه

    مٺا مير مرسل تانگهي ٿي دل توڏي
    گهرائي رهائج مڪه ۽ مدينه

    الاهي بخش ٿو ڪري التجا
    ”سانگي“ کي سڏائج مڪه ۽ مدينه


    ”اڪير“

    پاڻ سڳورنﷺ جن جي عشق ۽ مدينه جي اڪير ۾ سانگي صاحب هيءُ شعر چيو آهي



    ٿي پکي اڏري اچي شل مدينه ۾ پڄاڻ
    تنهنجي مسڪن ۽ مدينه جي مٽي منهن کي مکيان

    ڏينهن گذري ويا گهڻا تنهنجي گنبذ کي ڏٺي
    آرزو آهي مرسل شل مدينه مون ڏسان

    روضه اطهر ڏسي اکڙيون سندم مون ٺاريان
    مسجد نبوي ۾ روز شب عبادت پيو ڪيان

    دل جي تمنا شل پڄي سنڌ ڇڏي تو وٽ پڄان
    روئي روئي تنهنجي در تي محب معافيون پيو وٺان
    حال منهنجي تي رحم ڪر پاڻ ڏي جلدي گهُراءِ
    دم تي ويسه ڪين آ مون متان هتڙي مران

    عرض ”سانگي“ جو اگهي موت شل تو وٽ ٿئي
    روح کي راحت رسي پُڇا کان شل بچان


    ”درد جي دوا“

    درد منهنجي جي دوا آهه مدينه جي هوا
    مرض منهنجي لاءِ پاڻي آ مدينه جي دوا

    ٿي پکي اڏري وڃان ملڪ مرسل جو ڏسان
    ڪين مونکي ٿي وني سانگي سندي آب و هوا

    پهر پيريءَ جو پڳو آهي، هاڻي ڇڏبو هيءُ جهڳو
    ڪو مزو ڪونهي هت ڪو ڪين رهڻو آ روا

    ٻيو دفعو جيئري مدينه جا منارا شل ڏسان
    روح کي راحت رسياکريون ٺرن سرمه سوا

    مال ملڪيت جي ڪمي توکي نه ڏيندو ڪا خدا
    ڪر سخا ۽ خدمتِ خلقِ خدا، اي ابن حوا

    ڇڏ الاهي بخش سانگي ڳوٺ سانگي ۽ سکر
    وڃ پرينءَ جي پار ڏي ۽ ڪر ڦٽو حرص و هوا

    دنيا جهان کان بيزراي ۽ ان جي بيوفائي جو اعتراف

    ”مون وڏي غلطي ڪئي“
    دنيا سان دل لڳائي مون وڏي غلطي ڪئي
    بي وفا سان اک اڙائي مون وڏي غلطي ڪئي
    ٽوهه کي سهڻو ڏسي گدري سندي صورت کنيم
    نظر چوڪ کان دل ڦرائي مون وڏي غلطي ڪئي
    رڃ مثل هو هن جو هرڪو وعدو عهد و پيمان
    پاڻ کي رڃ ۾ رلائي مون وڏي غلطي ڪئي
    بيوفا جي واعدن تير خواهه مخواهه وهلور ٿي
    دين و ايمان کي لٽائي مون وڏي غلطي ڪئي
    رات ساري خيالن ۽ بي قراري ۾ گذري
    صبح جو سينو سٽائي مون وڏي غلطي ڪئي
    هن جي سڪرن،دم دلاسن ۾ اچي ڦاسي ويم
    رات و ڏينهان ننڊ ڦٽائي مون وڏي غلطي ڪئي
    باخبر هن جي افعالن کان هيم توڙي کڻي
    پوءِ به ساڻس پيچ پائي مون وڏي غلطي ڪئي
    دل اڃان ساري مزو ٿي يار جي ياري سندي
    محب کان منهڙومٽائي مون وڏي غلطي ڪئي
    فڪر سانگي ڇو ڪري جو مهر مالڪ آ ڪئي
    پاڻ کي مجنون بڻائي مون وڏي غلطي ڪئي
    ڳوٺ سانگيءَ جا اباڻا سادڙا گهرڙا ڇڏي
    سکر ۾ هت گهر بڻائي مون وڏي غلطي ڪئي
    ڳوٺڙي ۾ وڻ وڏن جا قيمتي باغو زمين
    سي رلائي ۽ ڦٽائي مون وڏي غلطي ڪئي
    ڪونه مون کي ٿو سڃاڻي ڪونه ڪنهن کي ٿو سڃاڻا
    ڳوٺ مان لڏڙو لڏائي مون وڏي غلطي ڪئي


    ” دنيا فاني“

    دنيا دار فاني سان دلڙي لڳائي
    عمر يار ساري ڇڏي سي گنوائي

    ڪئي سي نه ڪڏهين ڪ ڪارِ نمايان
    هلون ٿا تڏهن يار ڪنڌڙو جهڪائي

    ڪئي سي نه خدمت ڪا خلق خدا جي
    سڄو مال ملڪيت ڇڏيو سي وڃائي

    عبادت، سخاوت نه ٿي پاڻ کان ڪا
    خدا شل هاڻ سندي رحمت وسائي

    ثمر ساڻ ”سانگي“ نه ڪوئي کنيو آ
    جو خود خدا جو پيو ٻانهو سڏائي

    ”ڇڏي ڏي“

    ڇڏي ڏي، ڇڏي ڏي،ڇڏي ڏي، ڇڏي
    دنيا جي ڌنڌن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي

    عمر تنهنجي باقي وڃي ڇا بچي آ
    تون جهيڙن جهٽن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي

    وڃي ويهه مسجد تڏي تي سدا
    فسادن ڦڏن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي

    دل و جان سان ڪر تون توبه اٿي
    گناهن گندن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي

    ڪري ياد رب کي وٺي ڏس مزو
    دنيا جي مزن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي

    خدا توکي اولاد صالح ڏني آ
    اجاين ڪمن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي

    پرائي پچر کان پري ٿي پرين!
    گلا غيبتن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي

    اٿي رات جو تون خدا ياد ڪر
    ندورن ننڊن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي

    اڳياڙي ڀلي جي پڇاڙي ڀلي آ
    براين بدين کي ڇڏي ڏي، ڇڏي
    دنيا آهي فاني! لڏيندين هتان!
    زمين و زمن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي

    ارادو پڪو ڪر چڱن تون ڪمن جو
    ڪمن تون ڀُٽن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي

    حقيقي حبيبن سان هينئڙو لڳائي
    مجازي بتن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي

    جهان رنگ و بوءِ جو وتئه مزو
    هاڻ ٻين تون سڌن کي ڇڏي ڏي، ڏي

    شروع خدمت خلق ”سانگي“ تون ڪر!
    پراڻن قصن کي ڇڏي ڏي، ڏي

    مزو آ تڏهن جي مڪه موت ٿئي
    هِتان جي دفن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي

    ونگووار تنهنجو ڪڏهن ڪين ٿيندو
    مخالف مندن کي ڇڏي ڏي، ڏي

    نگهبان تنهنجو خدا آهه ”سانگي“
    نگهبان ٻين کي ڇڏي ڏي، ڇڏي


    ”عرض“

    عرض منهنجو آهه مولا!مڃ سندم دل جي صدا
    خوش و خورم هر دم رهي تنهنجي در جو جي گدا

    گوشه تسڪين قلبي هن بندي بدڪار جو
    آ مڪه ۽ منجهه مدينه هر زمان اي ايزدا

    ڪر عطا رزق حلال پاڪ صاف آب داڻو
    پيءُ ڏاڏي جي زمينن مان ته کائون پيا سدا

    پهر پيريءَ جو پڳو آ ڪو سندءِ نظر ڪرم
    خير سان گذري وڃي شل! تنهنجو ٻانهو يا خدا!

    منهنجي ٻچڙن کي سدا ڪر سرخرو هر دوجهان
    ڏک نه ڏئي ڪو تون ڪڏهن تن کي اي منهنجا خدا

    آشيانو هيءُ الاهي بخش ”سانگي“ جو سدا
    تا قيامت تابنده و آباد رکجان اي خدا


    ””شام زندگي“

    زندگي جي شام آ ورد زبان قرآن آ
    مال ملڪيت جام آ ڪمزور پر ايمان آ
    مختصر هت قيام آ هر درد جو درمان آ
    خلق جو الزام آ پر ساڻ سڀ سامان آ
    خوف، خطر و خام آ قرآن جو فرمان آ
    عشق ٿيو بربام آ ۽ پرت جو پيمان آ
    هيءَ دنيا آهي فاني،ڪم نه رهندو ڪو هتي !
    ڪر عمل صالح سگها ڪم ايندو اتي
    جڏهن ڄڻيو پاليو وڏو ڪيو سا امڙ قادل ڪٿي!؟
    جنهن پڙهائي هت پڄايوسو ابو ماڪن ڪٿي!؟
    جنهن محبت سان هلايوسا سندم سوڍل ڪٿي!؟
    آئون هتي ۽ هوءَ هتي پر ماڳ ۽ منزل ڪٿي!؟
    جا اهي صدما سهي سا درد واري دل ڪٿي
    ڇڏ پچر دنيا جي سانگي! اي تنهنجو شان آ
    ڪوبه تنهنجو يار ڪونهي! هڪ خدا جي ذات آ
    حال ڀائي راز محرم سڀ اجائي بات آ
    جنهن جي توکي تات آهه تنهن کي تنهنجي تات آ
    فڪردنيا آ وڪوڙيو حالت سڪرات آ
    فڪر فردا ڪين ڪر جو رب سندءِ رحمان آ
    ڇا اڃان توکي کپي ٻيو سڀ ته توکي آهه حاصل
    زر زمين اولاد صالح پٽ پوٽا ساٿ شامل
    وقت پيري جو اٿيئي ٿي خدا کان ڪين غافل


    خدمت خلق خدا ڪر ٿيءُ انسان يار ڪامل
    وقت ويو ناهي اڃان بيدار ٿي پر ڪين ڪاهل
    تنهنجو رهبر تنهنجو هادي مصطفيٰ ۽ قرآن آ
    ساز سرندا سارنگيون سڀ ۽ مجازي معاملا
    سخن سازي، بت پرستي، موج مستي مامرا!
    محفل رنگ و بوءِ جا ڇڏ قصا ڪوڙا اجايا
    ڇيڙ ڪا تند تار تازي جا وڌائي حوصلا
    ڇڏ وساري يار ”سانگي“ هن دنيا جا دٻدٻا
    آئون ساقي ڏي پيالو من سندم مستان آ


    ”اجايا انديشا“

    اجايا انديشا ڇڏي ڏي ڇڏي
    خطرناڪ خدشا ڇڏي ڏي ڇڏي

    مناسب مثبت سدا سوچ رک
    مگر منفي رايا ڇڏي ڏي ڇڏي

    خدا تنهنجو ساڻي سدائين رهيو آ
    ٻيا سڀ سهارا ڇڏي ڏي ڇڏي

    ڀلي جون ڀلايون اڪيچار تو تي
    برائي جا بچڪا ڇڏي ڏي ڇڏي

    رزق جي ڪمي ڪانه رازق ڏني
    فقر جا افسانا ڇڏي ڏي ڇڏي

    عطا ڪئي خدا توکي اولاد صالح
    اڃان ٻي تمنا ڇڏي ڏي ڇڏي

    رفيق ملي توکي حور بهشتي
    نڀاڳا تون نخرا ڇڏي ڏي ڇڏي

    خدا جي ذڪر ۽ فڪر ۾ فنا ٿيءُ
    مجازي ترانا ڇڏي ڏي ڇڏي

    سڪون قلب آهه ”سانگي“ عبادت
    مشاغل اجايا ڇڏي ڏي ڇڏي


    ”تون ئي تون“

    الله هو،الله هو تون ئي تون ئي تون
    سڀ جو خالق سڀ جو مالڪ مولا آهين تون ئي تون
    سڀ ڪو توکي ياد ڪري ٿو سڀ جي وات آن تون ئي تون
    رحمت تنهنجي ڪونه ورهايل سڀ جو ساٿين تون ئي تون
    ”سانگي“ توکي عرض ڪري ٻئي جي جيڪو در نه وڃي
    معافي لاءِ ٿو منت ڪري عرض اگهائين تون ئي تون


    ”عيد الفطر“

    ”التجا“

    عيدالفطر جوموقعو مولا ڪيو نصيب
    ٻارن ٻچن سان گڏ موجود آ حبيب

    شڪر خدا ڪيان ٿو جو محتاج ڪين ڪنهن جو
    آهي صحت سلامت گهرجي نڪو طبيب

    پٽڙا عطا ٿيا پنج دولت ملي آ گنج
    مولا ويهاريو من ۾ خاصو اٿم خطيب

    فرصت جو وقت گذري،شعر و سخن ۾ يارو
    دعويٰ آ دلربا جي آهيان چڱو اديب

    اولاد آهه صالح ۽ رشڪ جهان رقيب
    پڳدار ڳوٺ ”سانگي“ ڪونهي ڪوئي رقيب

    مولا آ عرض منهنجو پوٽو مليم چوٿون
    عيد سعيد آهي کلندو سندم نصيب

    دل جي آ آرزو ٻيهر ڏسان مدينه
    دل سان گهران دعائون تو وٽ اچي حبيب

    خوش ۽ خرم آ سانگي قلبي سڪون هن کي
    اڳتي آ ننگ ننگي کي ٿيندو نه هو غريب


    ”رئيس اسدالله ٿيو عنايت“

    محترم سانگي صاحب جي الله تعاليٰ دعا قبول ڪئي چوٿون پوٽو عبدالحميد کي عطا ٿيو جنهن جو نالو سندس والد عباس حيدر رکيو ۽ پنجون پوٽو سندس پٽ عبدالمجيد مان پيدا ٿيو ۽ ان جو نالو رئيس اسد الله رکيو ويو ۽ مولا جو شڪر ڪندي هيءُ شعر چيائين:



    اسد الله ٿيو عنايت قادر ڪيو ڪرم آ
    مولا ڪئي مهر آ من آ خوش خرم

    رحلت رئيس ڪئي دل تي هو غم الم
    آمد اسد ڪئي غم ٿي ويو ختم

    ساقي! پيا پر ڪو جام،شراب شيرين
    من موج ۾ نچي جيئن ساٿي اٿم صنم

    سالن کانپوءِ صحن ٿي محفل مچي وئي
    رمضان جو مهينو قادر ڪيو ڪرم

    آيا اڱڻ عزيز خوش آ ننڍو وڏو
    مليون مبارڪون هر ڪو ٿيو خوش خرم

    ”سانگي“ جو ساز دل وهواهه جو وڄي
    سايه رحمت مٿس آ رحمان جو رحم


    ”دل تي غبار غم“

    محترم سانگي پنهنجي والد سڳوري جي وفات کان پوءِ صدمي سبب هي شعر چيو:



    دل تي غبار غم جو من تي ملال آهي
    ٿي زندگي به ڄڻ مون تي وبال آهي

    بابي سان پيار هو سو ڀي گذاري ويو
    دل کي لڳي وئي چوٽ جيئن جنجال آهي

    شڪر خدا به ڪر، ذڪر خدا به ڪر
    توکي پٽن ۽ پوٽن جو مليو عيال آهي

    مالڪ جي مهر تو تي سانگي اڃا به آهي
    تو وٽ زمين، جايون ۽ پڻ مال آهي

    شڪوه شڪايت ڇڏ، ڪرياد نعمتون
    توتي نه اچڻو سانگي ڪڏهن به زوال آهي

    مايوس ٿي نه ”سانگي“ تنهنجو خدا به آهي
    سوال ان کي جنهن وٽ ڪال آهن


    ”انقلاب دل“

    پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ محترم سانگي صاحب جي دل ۾ جيڪو انقلاب آيو ان جو تذڪرو هن شعر ۾ بيان ڪيو اٿس

    فوت بابو ٿي ويو دل جو مڻيو مٽجي ويو
    هن دنيا جي واسطن کان واسطو ڪٽجي ويو

    هڪ صدي کان ڀي زياده جي عمر ان جي هئي
    سلسلو آخر ان جو به موت سان ڪٽجي ويو

    واسطا ۽ وابستگيون سڀ هن جهان جون ٿيون ختم
    عشق دنيا عشق عقبيٰ سان مٽجي ويو

    هن دنيا جي حرص محبت کان آ هاڻي بس ڀلي
    روح ۾ عشق نبي آخرالزمان ويهجي ويو

    نيڪ ماڻهن عالمن توڙي فقيرن، شاڪرن سان
    ۽ عزيزن قرب وارن ساڻ جيءُ جڙجي ويو

    ڪين بچيو ڪنهن کان ڪڏهن حق جو ڪلمه چئي ڏيو
    ڪو متان سمجهي اٿين پيو خوف کان دٻجي ويو

    سرت سان ”سانگي“گذارج باقي مانده زندگي
    عشق آ الله سان هاڻي سندءِ اڏجي ويو


    چار ڏينهن آ چاندني پوءِ انڌيري رات آ

    چار ڏينهن آ چاندني پوءِ انڌيري رات آ
    هل هلان جي ڪار جاري ٿي سدا دن رات آ
    فَاذۡکُرُوۡنِیۡ اَذۡکُرُکُمۡ وَاشۡکُرُوۡلِیۡ وَلَا تَکۡفُرُوۡن
    جنهن جي تو کي تات آ تنهن کي تنهنجي تات آ

    زندگي تي ڪونه ڪنهن کي ڪوڪڏهن اختيار آ
    موت کي پر زندگي تي هر گهڙي ٿي گهات آ

    پير پيغمبر ولي ڀي ويا هتان آخر هلي
    ڪين رهندين تون به هتڙي دائم خدا جي ذات آ

    ڏات ناهي ذات تي جيڪو وهي سو لهي
    ڪر اٿي تدبير”سانگي“ جو نه سٺي سندءِ سانت آ


    مرحوم حاجي عبدالمالڪ سانگي صاحب

    الاهي بخش سانگي صاحب

    محترم سانگي جو ننڍڙوآخري فرزند رئيس عبدالمالڪ جنهن جي پيدا ٿيڻ لاءِ بيت الله شريف ۾ دعا گهري هيائين الله تعاليٰ اهو پيدا ڪيو ۽ جڏهن اهو پنجن سالن جو ٿيو ته بيمار ٿي پيو ۽ ڪجھ وقت کانپوءِ الله تعاليٰ کي پيارو ٿيو. سندس وفات جي صدمي ۽ ڏک سبب هيءُ شعر چيائين


    خشڪ مخمل ٿي ويئي ۽ بند ٿيو چنگ و رباب
    رئيس جي رحلت سبب ٿيا جگر و جيرا ڀي ڪباب

    بند ميخانو ويو ٿي پيا ڀڃي جام و صراحي
    هرطرف آهي خزان ۽ ٿي سندم شام شباب

    ڪو علاج غم دل نه آهي ڇڏ پچر منهنجي طبيب
    دل جو دلبر ويو جدا ٿي زندگي مثل حباب

    دل جا ارمان دل ۾ رهيا چئو عزيزو!ڇا ڪيان؟
    دل ۾ آهي روڄ راڙو ۽ اکين ۾ آهه آب

    يا الٰہ العالمين رحم ڪر ڪو راحمين
    ڏي قرار دل سندم کي رئيس کي ڪلمه ثواب

    خير رهند جو، گهري سانگي سندءِ بارگاهه مان
    شل رکين قائم سندس تون خاندان جو جاه و تاب


    ”راضي برضا“

    راضي برضا آهيان رهندس جو خير ٿئي
    پٽڙن ۽ پوٽڙن ڌيئرن جو خير ٿئي
    تو ئي عطا ڪيو ۽ تو ئي گهرائي ورتو
    باقي بچيل چئن پٽڙن جو خير ٿئي
    چئن پٽن سان گڏ اهل ۽ عيال جو
    مال و زر زمين ۽ مائٽن جو خير ٿئي
    تقدير جي تقاضا تدبير ڇا ڪري
    اکڙين سان پئي ڏٺوسي باقين خير ٿئي
    سڀ ڪجھ ڪيوسي قادر جيڪي پڄي سگهيو
    رحمان تون رحيم ننڍڙي جو خير ٿئي
    قسمت جو ڪرشمه هو سڀ ڪجھ سٺو سي پئي
    توکان سواءِ نه چاڙهو وڏڙن جو خير ٿئي
    انسان آهيان آخر فرشته ته ڪين آهيان
    دل تي لڳي آ چوٽ اکرين جو خير ٿئي
    معافي گهران ٿو مولا پنهنجي گناهه جي
    توبه ڪيان ٿو دل سان ٻچڙن جو خير ٿئي
    انسان آهه بيوس ڇا ٿو ڪري سگهي
    هر شيءِ تي تون حاوي، دکين جو خير ٿئي
    قادر ڪريم آهين، رحمان رحيم آهين
    صدمه سبب ٽٽل دلين جو خير ٿئي
    صبر جميل جي توفيق ٿئي عطا
    ويٺي وڃي نه ساهه ساهن جو خير ٿئي
    دنيا جهان فاني هر چيز آهه فاني
    ان سان نه نينهن لائڻ وارن جو خير ٿئي
    هر ڪنهن سان خير ٿئي، ڪنهن سان نه وير ٿئي
    وڙهندڙ خبيث ويري دشمن جو خير ٿئي
    توفيق ڏي خدايا! انسان ٿي رهان مان
    عشق رسول جي جذبن جو خير ٿئي
    الله ڪر عنايت، دل جي دنيا ٿئي روشن
    مَنَ تي اچي نه ميرُ ڪو سوچن جو خير ٿئي
    جنهن سان نه ٿئي پيار! راه و رسم رهي
    پر جي وڃي ٿي پيار پيارن جو خير ٿئي
    وڻ جي وڃن وڏا ٿي محبت ۽ پيار جا
    پيارن انهن وڻن جي ڦلڙن جو خير ٿئي
    مرجهائجي نه مکڙيون گلڙن سنديون وڃن
    سرهاڻ ڏين سڀ کي مکڙين جو خير ٿئي
    پيدا ڪرين جي ٻارڙا خالق! خدائيءَ ۾
    خلقيل انهن ٻچن ۽ ٻارن جو خير ٿئي
    ”سانگي“ سدائين تنهنجو گولو غلام آهي
    پيري سندو پهر آ محبن جو خير ٿئي


    مزاج

    باغ و بهار ڪر مزاج دل ۽ دماغ رک سجاڳ
    من کي ڪري جو موجزن آلاپ سو ڪو راڳ

    عشق مجازي ذريعو عشق حقيقي منزل
    دارالفنا آ دنيا! هتڙي نه ڪنهن جو ماڳ

    سوچن کي ڪر بلند ساده سفر گذر
    زنده رهڻ لاءِ ڪافي دلدار دال ساڳ

    خلق خدا جي خدمت سڀ کان چون ٿا افضل
    مسڪين جي مدد ڪر بيدار ڪر تون ڀاڳ

    سڀئي ڇڏي تون شوق رک خالق جي تند تنوار
    گهريون ننڊون ڇڏي ڪر مسجد وڃي تون ماڳ

    جوڀن جواني دل! غفلت ۾ ٿيئي گذر
    پهتي اچي ٿي پيري هاڻي ته ٿي سجاڳ

    ڪر ترڪ فڪر يار! تنهنجو فقط آ اڄ
    ماضي ويو گذر ٿي صبحان ملئه ته ڀاڳ

    تنهنجي عمر آ ڪافي پيري کي ويو پڄي آن!
    ڪر تون سفر جي تياري”سانگي“ ڇڏي نڀاڳ


    پيچ

    عشق۽ محبت مَنَ ۾ يارو ميلو خوب مچايو
    سونهن سندو سردار اڱڻ تي سنڀري يارو آيو آ

    درد جي دونهين يار دکائي راهه عشق جي يار ڏيکاري
    عشق اندر ۾ آڳ لڳائي محبت مچ مچايو آ

    باهه برهه جي سوز ۾ ساڙيو! شاهد آهي آڙو پاڙو
    نينهن جو ناتو يار نڀايو رنگ رنگي لايو آ

    دلڙي ڦٽي ڪري دنيداري برهه اندر ۾ ٻاهڙي ٻاري
    يار سان ٿي وئي پڪي ياري!ياري جي ماڻن ماريو آ

    پرت وراڻي ورهين واري دل تي ڪري ٿي سدا سواري
    سڪ جي سرڪي پيتئين مرڪي عشق منهنجو سرمايو آ

    اسان تڳون پيا تنهنجي تاري چاهت چوٽ چاڙهيو آ
    پيچ پرين ڪو اهڙو پاتو سانگي ڪنڊ ۾ سوگهو ڦاٿو آ

    سڪ جي سرڪي پيتئين مرڪي عشق
    منهنجو سرمايو آ


    حال دل

    دل جي حالت دوستو! ڪهڙي چئي ڪهڙي چوان
    مَنَ جي مندر آ جهري پيو ۽ ڪرڻ تي آشيان

    ڪو مزو دنيا ۾ قطعي ڪونه ٿو مون کي اچي
    آهه باقي زندگي جا، سا پيو پوري ڪيان

    آهه بهتر گهار دنيا ۾ مسافر جي مثل
    جيئن آئين خالي هٿئين تيئن ويندين تون هتان

    بي ثباتي آهه دنيا جي کان هر ڪو باخبر
    آهه طلسم جو چڪر اهڙو نه ڏي ٿو ڪو ڌيان

    رزق جائز جي طلب آ فرض تو تي ٿي مگر
    غصب ٻين جا حق ڪرين تون پيو متان

    ڳوٺ سانگي ساهه سياڻو وساري ڪين ڇڏ
    خير خيراتون ٿئي مسجد بنائج ۽ مڪان

    خدمت خلق خدا ۾ خرچ ڪر پيو مال و زر
    توکي ملندو ڏهه دنيا ۾ ۽ ستر منجهه هُن جهان

    ساري عمر جي عبادت کان عدل هڪ ڏينهن جو
    آهه بهتر تون وڃي پڇ ڪنهن وڏي عالم ڪنان

    پيءُ وانگر ڪلمه حق تون چئي ڏي ڇا به ٿئي
    حق وارن جي مدد ڪر بي خطر رات و ڏينهان

    جائنشين ٿي آهه مفتي ويو سندم دل جي اندر
    رهبري ان جي سندو سانگي ڪري ڪهڙو بيان


    ”وطن عزيز“

    گهنگهور گهٽائن ۾ تنوير ٿو ڏسان
    ممتاز ۽ منور تصوير ٿو ڏسان
    بيدار ٿيندي پنهنجي تصوير ٿو ڏسان
    پنهنجي وطن جي ٿيندي تعمير ٿو ڏسان!
    نوجوان قوم جو ميخوار ٿي ويو
    تعليم جو سرشتو بيڪار ٿي ويو
    سياست سندو سفينو زير بار ٿي ويو
    ڪشمير جي مٿان شمشير ٿو ڏسان!
    امان و امان جي حالت ڪهڙي بيان ڪجي؟
    ڪامورڪي به ذهنيت ڪهڙي عيان ڪجي!
    سرادر قوم جو ڀي ڇا داستان ڪجي؟
    مسڪين ماڻهو ملڪ جا دلگير ٿوڏسان!!
    هر چيز ٿي مهانگي، هر ڪو رهي پريشان
    جائز به ڪم نه ٿئي پيسا اگر نه ڏيان
    ڌاڙيل چور ڪو آزاد پيو پسان!
    جابر جي جا بجا جاگير ٿو ڏسان!!
    هر گوشو گوشو ملڪ جو گلزار ٿي وڃي
    ويران هي وطن سبزه زار ٿي وڃي
    بيڪار شل! وطن جو باڪار ٿي وڃي
    ٿينمدي وطن ۾ اهڙي تدبير ٿو ڏسان!!
    ”سانگي“ سندي دعا هر روز آ اها
    وطن عزيز کي ڪر آباد يا خدا
    شير وشڪر وڃن ٿي تنهنجا بندا خدا
    گهلندي وطن ۾ اهڙي ٿڌڙي هير ٿو ڏسان!!


    ” انصاف جو نيلام“

    ٿو سرِ بازار ٿئي انصاف جو سلام اڄ
    ظلم ۽ بيداد هر هنڌ آ ٿيو سربام اڄ

    ٿيو غنڊن ۽ لوفرن جو هت قدر اي دوستو!
    ۽ شريفن ، عالمن جو نانءُ ٿيو بدنام اڄ

    هير ڪا اهڙي گهلي جو ويا هتان جا وڻ سڙي
    جو ڪري محبت سچي سو ٿو وڃي بدنام اڄ

    جو چوي ٿو سچ ڪنهن کي سو وڻي ڪين اڄ
    ڪوڙ اڙ ۽ سچ مرچان سچ ٿيو ناڪام اڄ

    چؤ طرف چرخو هلي پيو هت ٺڳي۽ ٺاهه جو
    ٿي سچائي ۽ صفائي پئي سهي آلام اڄ

    ٿي الاهي بخش”سانگي“ راهه حق تي گامزن
    کڻ صراحي پُر ڪري پيءُ سچ ڪو ڄام اچ


    ”سانگي جو سفر“
    ڪاروان ِزندگي جو هي سفر آ پُر خطر!
    خير خوبي ساٿ وڃي ٿي اي دل من شل گذر!
    ڳوٺ سانگي ۾ جنم ٿيو جت پڙهيم مون پرت سان
    ڪار ڪم پنهنجي سزمين جو ۽ اميري جو گذر!
    موجِ ۾ گذري رهيو هو ”بورڊنگ“ ۾ وقت پنهنجو
    امتحان ٿيوپاس ٿياسي ڪين وسري ٿوپ سکر!
    ”روهڙي“ ۾ وئي ملي اي همنشين! هئي ماستري
    عشق جو آغاز ٿيو ۽ پئي چيوسي خوب شعر!
    ٿي رقابت راهزن! ۽ مون ڦٽي ڪئي روهڙي!
    پوءِ ٿيس” سانگي“ ۾ ٽيچر ۽ وسايم پنهنجو تر!
    موج ۾ گذري حياتي خير سان”سانگي“ اندر!
    پر نه وسريو يار! مون کان ”روهڙي“ جوئي شهر!
    نائبي آ صاحبي”جا پرت سان گذري پئي“
    پوءِ ڳڙهي چاڪر ڏٺوسي ٿيو پني عاقل چڪر!
    پوءِ ماڊل اسڪول باگڙجي پڊ عيدن هاءِ اسڪول
    مون هلائي سال ٻهه ۽ پوءِ وسايم پئي سکر
    ايس ڊي او ايجوڪيشن افسري سکر ڪيم
    ۽ اٺاسوي عيسوي ۾ مون ڪيو آهه رٽائر!
    ٿي ويو فرزند وڏو ائڊيشنل ڪمشنر!
    ٻيو به انڪم ٽئڪس ۾ ٿيو آ انسپيڪٽر
    هاڻي ”سانگي“ جو زمينداري ڌنڌو پنهنجو اباڻو
    ٿو رهي سانگي ڪراچي ۽ وسايو ٿس ”سکر“!


    ”دل مٿان ڌاڙو لڳو“

    آزاد اڙٻنگ لا ابالي دل مٿان ڌاڙو لڳو!
    موج مستي چاهه چستي روح مان ويندو رهيو!

    واهه جو دنيا دورنگي دو رخي!دَلبا ڏنئه
    شير دل، شهزور، منڙو زندگي ۾ مرده ٿيو!!

    ڳوهه ٿي واڳئون وئي ڄار ڄاهي آ وڌو
    ڇاندِ ڇوڪر آ وِڌي رن سندو آ راڄ ٿيو

    جا بجاءِ ٿي پچر پنهنجي ناچ نينگر آ وڌو
    مڙس ماڻهو ماٺ ٿيا راڄ ڀاڙين جو ٿيو

    ٿي وئي بيمار دل، درد جون دارون نه ٿيو
    کيد کدڙي آ وڌو چار سو چو ٻول ٿيو

    هو نه آهي هوش ۾ بي هوش تي ناهي ميار!!
    جي اچي ويس هوش ”سانگي“ درد جو درمان ٿيو


    ” ڇو ڪيان توکان سوال؟“

    راز پنهنجا پاڻ ڄاڻي ! ڇو ڪيان توکان سوال؟
    شل رهيل راضي مٿم ۽ پيو رکين منهنجو خيال!

    سڀ جو خالق سڀ جو مالڪ، سڀ جو آهين رب رازق!
    ڪار ساز دو جهان آن! ناظم جاه و جلال

    حال مارا خود بداني! من چگويم پيش تو!؟
    حڪم راني ڪامراني خرد تنهنجي جو ڪمال!!!

    جنهن کي چاهين، تون ڪرين مالڪ تخت و تاج
    ۽ ٿو آڻين حڪمرانن جي تباهي ۽ زوال

    جي ٿئين راضي خدا! مسڪين ٿين ٿا مالدار
    پر جي بگڙي تون پوين ضياع ٿي زر ۽ مال

    عرض آ ”سانگي“ سندو، تنهنجي درگه ۾ مدام
    شاد ۽ آباد رکجان تون سندس اهل وعيال


    ” لوڪ لهوارو، اسين اوڀارا“

    لوڪ لهوارو، اسان اوڀارا،چال اسان جي آهه نرالي
    لوڪ کان آهيون اسان نيارا چال اسان جي آهه نرالي
    ايرا غيرا نٿوخيرا سي به وٺن ٿا وقت جا وارا
    اسين وڃايون آيل وارا، چال اسان جي آهه نرالي
    جهيڙو منهنجو ڪنهن سان ناهي جهيڙو منهنجو بُري بشر سان
    ڪڍبا يارو بري جا تارا چال ساسان جي آهه نرالي
    سنگت اسان جي سڀ سان آهي، ويراسان جو ڪنهن سان ناهي
    نينهن جا هڻندا آهيون نعراچال اسان جي آهه نرالي
    ”سانگي“ الاهي بخش سڀن لئه جو خير گهري پيوخالق کان
    مالڪ جا هن ڀورا ڪارا چال اسان جي آهه نرالي
    ماڻهو وٺن ٿا واٽ وڏن جي چڱي هجي يا بري هجي
    اسان هلون پيا چڱا چارا چال اسان جي آهه نرالي
    ڍور ٿا ٻڌجن نوڙن سان پر ماڻهون ٻڌجن نيت سان
    پنهنجي ڳچي ۾ پيار جا ڳارا چال اسان جي آهه نرالي


    ”حالات حاضره“

    محفوط نه ڪوئي پنهنجي گهر وڃجي ته چئو ٻئي ڪنهن جي گهر
    اسلحه رکن پيا غنڊا گهر ڌاڙا هڻن پيا غريبن گهر
    وڃجي ته حاڪم وڃجي ته ڪاڏي؟ ڌاڙا ڦرون جاڏي تاڏي
    امن و امان رهيو نه ڪاٿي لٽجي هاڻي بحر و بر
    حاڪم آهن خوش و خورم مسڪين ماڻهو زير وزبر
    ڪنهن جو نه ٿئي ٿو ڪوئي ڪم هر ڪو ٿيو آ ڏاڍي ور
    ظالم ورتو آهي زور خوش و خورم غنڊو چور
    شرفا ٻڪريون، شودو شير جيئڻ جنجال پنهنجي گهر
    فرياد ڦرڙي ٻڌي نه ڪوئي راتيون گذرن جاڳي روئي
    اڪثريت اقليت تي ٿي آ حاوي حاڪم وٽ گڏ ٿئي پئي زر
    حاڪم سانگي ويو آ ڦرجي غنڊن سان ويو آهي اڙجي
    دل و دماغ ويو ٿس ڪڙجي مليس نه ٽي وي زيور زر


    ”انتباه“

    حاڪمان وقت جو هي حال آ
    ملڪ ۾ امن و امان جو ڪال آ
    ٿيو پريشان هر جوان ۽ ٻال آ
    هر حڪومت ٿي وئي بي حال آ

    هر طرف هيئن مٿان بيدادُ آ
    ٿي ويو حاڪم جڏهن بيداد آ
    ڇو جو حاڪم ٿي ويو بيداد آ
    ڪونه ڪو مظلوم جو ڪٿ داد آ
    هي اسان جو ملڪ جو احوال آ

    هر وصولي ٽئڪس جي ٿئي ظلم سان
    آبيانو، ڍل به وٺجي ظلم سان
    واپڊا جي ٿئي وصولي ظلم سان
    ٿيو وڌو مسڪين سان هت ويل آ

    زور ۽ ظلمن سندو هت اڄ آ
    اقتدار وقت جو هر کاڄ آ
    ڪونه هت محبت سندو مٺاج آ
    اهڙو اسان جي ملڪ جو ماحول آ

    هر حڪومت جي بنياد انصاف آ
    عدل کان ٿي هي خطو ويو صاف آ
    منطقي ان جو نتيجو صاف آ
    سر زمين پاڪ ٿي بدحال آ


    ڪونه ڪنهن جي ڪو ٻڌي ٿو ماجرا
    حال هر ڪنهن جا ويا ٿي هت برا
    ڏي حڪومت ٿي اجايا آسرا
    ملڪ جو اچڻو ستت زوال آ

    هر طرف جور و جبر جو دور آ
    ڪم نه ڪٿ ڪو ٿئي پر شور آ
    سڀ انسان ٿي ويو ڄڻ ڍور آ
    ٿيو غريبن جو برو هت حال آ
    ڪونه ڪو ڪٿ ڀي ڪڏهن محفوظ آ
    ريل رستو به ڪونه محفوظ آ
    گهر اميرن جو مگر محفوظ آ
    چور غنڊي جو مگر زر مال آ

    چيڪ ٿين ٿا لائسنس ماڻهن سندا
    پر وتن ڌاڙيل ٿا فائر ڪندا
    ڪيئن ڌنڌا ڌاڙي هتي ماڻهو ڪندا
    ڪو پڇڻوارو نهمائي لال آ
    ملڪ جي ٻيڙي آ ٻوڙي حاڪمن
    دين کان منهن آهه موڙيو صاحبن
    ملڪ جي آ واڳ ورتي جاهلن
    جَوَ ڍيري گڏهه رکپال آ

    ڪونه ڪنهن کي، ڪو ڪهين تي قياس آ
    جوءِ جا جوتا کائي سو باس آ
    ملڪ سارو يا خدا ٿيو ناس آ
    خوب کائين مفت جو ڄڻ مال آ
    ڪو ٻڌڻ وارو نه آهي ڇا ڪجي؟
    ڪو عدل انصاف ناهي ڇا ڪجي؟
    ملڪ سارو ڀينگ آ ڇا ڪجي؟
    ڇا نه ٿيندو بک بڇڙو ٽول آ

    آ تقاضا وقت جي کڻجي ڏنڊو
    ڇا ڪندو بد معاش توڙي جو غنڊو؟
    مُڙُ نه، توڙي تون هجين بلڪل منڊو
    مڙس ٿي تنهنجو خدا رکپال آ
    حاڪمو! بيدار ٿيو بيدار ٿيو
    خواب غفلت کير ڇڏيو بيدار ٿيو
    انقلاب خون آ نروار ٿيو
    ڇو ته هر ڪو ٿي ويو بي حال آ

    ديد”سانگي“ جي ڏسي ٿي دوبدو
    هو ٻڌي ٿو هر ڪهين جي گفتگو
    لپ سروس ڪم نه ايندي ششتشو
    وڏو وڏيرن جو به ٿيڻو برو حال آ


    ”پهرو“

    پهرو آ خود خدا جو سانگي جي گهر مٿان
    مولا جو موچڙو آ دشمن جي سر مٿان

    ورد زبان آ نالو، محمد ۽ خود خدا جو
    مون کي نه خوف خطروشيطان جي به سر مٿان

    دين و ڌرم اسان جو عشق رسول يارو
    جان و جسم به قربان، محمد جي در مٿان

    حڪم،خداجو پابند موحد جو هي آ فرزند
    مال و متاعقربان، دلبر جي سر مٿان

    دشمن جي دشمني، شيطان جي شرارت
    ناهي ڪو ڀؤ ۽ ڀولو ناري ۾ نر هٿان

    سايو آ خود خدا جو ”سانگي“ جو سر مٿان
    دهمان آ سندس، دشمن جي سر مٿان


    ”اعتراف ۽ التجا“

    ٿنفس کي ماري مڃائي مون ڪيو موليٰ آ مُڃ
    آب ڪوثر جي پيئڻ لئه آ لڳي وئي تاس اڃ

    زندگي گذري گناهن ۾ خدايا معاف ڪر
    ٿو ڏسان نامه اعمال ۾ سراپا صاف سڃ

    ڪو چڱو ڪم ڪين ڪيوآمنهنجا موليٰ مون ڪڏهن
    شام ٿي آ زندگي جي آهه اڳتي روهه رڃ

    اک کلي آهي تڏهن ڪمزور ٿيا عضوا جڏهن
    منهن ڏسان ٿو تن جا ڦريل جنڪيا ٿئي روز پنڃ

    باقي مانده زندگي شل!خير سان ٿئي پئي گذر!!
    جيئن نه اکين سان ڏسان ڪا خانداني ڊاهه ڀنڃ

    ٿئي الاهي بخش”سانگي“ جي دعا مقبول موليٰ
    خانداني خير ٿئيَ بد خواه ٿين سڀ ماتِ مُڃ


    ” انصاف جو نيلام“

    لا تقنطوا من رحمة الله مايوس ٿيڻ ڪفر آ
    آسان توڻي مشڪل، زندگي به هڪ سفر آ
    انسان پاڻ پيدا ٿيو ڪين آ مگر
    خلقيو خدا آ هن کي ڪرڻو سندس ذڪر آ
    انسان سر الاهي انسان کي فخر آ
    هر حال ۾ خدا جو ڪرڻو سدا ذڪر آ
    دنيا آ دار فاني هلڻو هتان آ جاني
    انسان آمسافر مرڻو به هر بشر آ
    پنهنجي مون واڳ والي تنهنجي حوالي ڪئي
    هاڻي نه مون کي مولا ڪوئي ڪڏهن فڪر آ
    اولاد، مال، ملڪيت مغرور ڪيو مگر
    دامن ڇڏيم نه تنهنجي، تنهنجو خدا شڪر آ
    من آ منجهي پيو دل ٿي رهي پريشان
    ڪر ڪا مدد تون مولا پيري سندو پهر آ
    رزق حلال ۾ ڪر ڪا ڪشادگي
    مال و رزق جو تو وٽ ڀريل خدا بحر آ
    احسان تو ڪيا بدڪار هن بندي تي
    پرتا ٿي ٻار ٻچڙا، مون کي نه ڪو فڪر آ
    ”سانگي“ غلام تنهنجو،پرَتو آ مولا توکي
    هر وقت ٿيو زبان تي، جاري سندءِ ذڪر آ


    پنهنجي ننڍڙي پٽ رئيس جي وفات تي سندس شعر
    تو عطا ڪيوتوگهرايو،حڪم تنهنجو بر چشم آ
    هئي امانت تنهنجي مولا! منهنجو هو نور چشم
    عرض منهنجو تو اگهايو جو ڪيم ڪعبي اڳيان
    ناز برداري ڪيم ۽ پيار جو مزڙو ورتم
    روڄ راڙو ڇوڪيان؟جو تو ورائي آ ورتو
    تنهنجو هو پر،منهنجي اکين جي ضيا ٿي وئي ختم
    بر رضاء ايزدي دل، آ سندم خوش ۽ خرم
    جي وتئه واپس امانت ڇو ڪيان رنج و الم
    چار پٽڙا پوٽڙا تنهنجا ڏنل آهن اڃا
    ڇا عنايت آ ايها اي خدا! ڪا مون تي ڪَم
    فطرت انسان عجيب سوچ منهنجي کان مٿي
    راز پنهنجا پاڻ ڄاڻي مون تي ڪر ڪو هاڻ رحم
    هيءَ دنيا آهه فاني ڪونه رهندو ڪو هتي
    پير پيغمبر هليا ويا، ڇا ٿيو جي پٽ ويم
    وقت مرهم، مرض ۽ غم چون ٿا سڀ چڱا
    منهنجي غمگين دل به ٿيندي يارو! خوش خرم
    ڪونه واپس ڪو مئو آيو ڪڏهن آهه عزيزو
    ٿي اجائي آههَ زاري ڪو ڪجي ٻيو ڪار ڪم
    فڪر دنيا ڪر ڦٽي پر،ڪر ثمر عقبيٰ سندو
    پيرسن بيدار ٿي ۽ ڪر چڱو ڪو ڪار ڪم
    غيب جو آ علم توکي، مالڪ ڪون و مڪان
    تون ٿو ڄاڻي واٽ پنهان! پنهنجي ڪم جا دم بدم
    آ سر تسليم خم، ”سانگي“ سندو تنهنجي اڳيان
    مثل ڪرين پيو اي خدا! سانگي مٿان نظر ڪرم


    ” هر فرد آ پريشان“

    حالات ٿيا دگر گون هر فرد آ پريشان
    ترقي جي تگ و دو ۾، ننڍڙو وڏو آ ڪوشان

    چؤ طرف آهه فتنو، ڪونهي سڪون ڪٿي ڀي
    ماحول تي آ اهڙو، هر ڪو رهي هراسان

    گهٽ ڪين آهه ڪنهن ۾، ليڊر ، مُلو، موالي
    هر ڪو چوي ٿو جيڪر ويٺومزا مون ماڻيان

    پنهنجو آ پيٽ پالڻو، هر ڪنهن کي اي عزيزو
    ڪنهن کي نه خيال ڪنهن جو ڀل ڪو ڪري پيو دانهان

    خود غرض ٿيو آ هر ڪو، تڏهين ممڻ متو آ
    ڇا جي آ دينداري سڀ ڪجھ روان دوان

    منڪر خدا جا هڪڙا ٻين جو آ دين دوکو
    ”سانگي“ انهي دنيا ۾ پيو ٿو گذر ڪيان مان

    .


    ”خوشيءَ جو راز“

    خوش ۽ خورم رهان ٿو، ڇو جو آ يار گڏ
    بي خوف ٿي گهمان ٿو، ڇو جو آ يار گڏ

    مشڪل ڪشا رهي ٿو همراهه هر گهڙي
    ڏک ڪين ڪو ڏسان ٿو،ڇو جو آ يار گڏ

    پرواز آهه پنهنجو جاني جو جوءِ ۾
    مشڪل نه ڪا پسان ٿو،ڇو جو آ يار گڏ

    ارمان آرزو دل جا ٿين ٿا ڀورا
    مؤجن ۾ مون رهان ٿو ڇو جو آ يار گڏ

    هر درد جي دوا، دارون آ دلربا
    مورن جيان نچان ٿو، ڇو جو آ يار گڏ

    محبوب مہ لقا جو هر حڪم آ اکين تي
    ”سانگي“ جوان رهان ٿو، ڇو جو آ يار گڏ


    ”بيدل“

    سنڌ جي شعرا سندو شعر و سخن اي دل ڪٿي
    پر انهن۾ اي عزيزو جذبه بيدل ڪٿي

    روهڙي آهي عشاقن ۽ فقيرن جو نشان
    پر ڏسان ٿو ڪين ڪوئي ڀي مثل بيدل ڪٿي

    شاد ۽ آباد رهندي تا قيامت روهڙي
    جو لڳي ٿي ڪين سانگي جي عزيزو دل ڪٿي

    روهڙي ٿي آ منور عشق جي اسرار سان
    مَٽُ نه سانگي آهه ان جي ۽ پنوعاقل ڪٿي

    مون ڇڏي سانگي سکر ۽ ٿيس اچي ٽيچر هتي
    در گاهون ٻيون ڀي گهڻيون پر درگاه بيدل ڪٿي

    ڪو مزوآيو نه ”سانگي“ کي سکر توڻي پَني
    سونهن ۾ آ سرس ٻي ڪا بلبل بيدل ڪٿي


    ”پيري“

    عمر طبعي ٿي گذر، آهه پيري جو پهر
    ڇو اجايو ڇڏجي گهر؟ ڇو نه گهمجي به پنهنجو تَرُ
    ڪيو حڪم مون کي ابي هو”ڪين ڪڍجان گهر کان ٻاهر“
    ”هت دوا درمل ڪيو ڀل پر نه ڇڏبو پنهنجو گهر“
    مون سدائين پيءُ جي حڪمن جي ڪئي پئي پيروي
    آ اڃان مون تي سندس ڪردار جو ڪافي اثر
    آهه بهتر ڳوٺ پنهنجي پيو ڪجي دارون دوا
    عمر طبعي کي پڳاهون،موت جوآ ڪونه ڊر
    ڪَم زماني جا رلي ويندا اگر رهيو سکر
    ڪين جهڙا ڀي ڪري هلندا مٿي پيا ڪنڌ ڪر
    ڪونه ٿو سانگي لاهي ٿو سگهان ان ذات جو
    پنج پٽڙا مالمڏيون، جنهنڏنو آ اقتدار
    جان ساري ۾ ٿئي محسوس هردم درد ٿو
    آهه شايد ٿيو اچي ويجهو سندم پويون گهر
    ڪرتوڪل ان خدا تي جو آ معراج خلق جو
    ڇڏنه سانگي تون نبي۽ مشڪل ڪشا جو يار در


    ” روح رهاڻيون“

    روح رهاڻيون ڪنهن سان ڪجن! محب ويا سڀ ملڪ عدم
    پل پل ٿا سندن پيا پور پون! محب ويا سڀ ملڪ عدم
    جن سان گذاريم گڏجي جاني! دنيا آخر ٿيڻي آ فاني
    دل جا ڪنهن سان حال ڪجن محب ويا سڀ ملڪ عدم
    ساٿي هيڙا ساهه سيباڻا،ڪين ٿا وسرن محب اباڻا
    يد اچن ٿا تن جا ماڻا نير وهائن نيڻ نماڻا
    يادون تن جون هينئڙي هرن! محب ويا سڀ ملڪ عدم
    انگل آرا محبت وارا! جن جا هُيڙا ناز ميارا
    ويڙا وڄائي پنهنجا وارا،نيڻ وهائن تن لئه نارا
    درد جا دل ۾ دونهان دُکن، محب ويا سڀ ملڪ عدم
    پرت جا جن سان پيچ مون پاتا،نينهن جا جن سان جوڙيم ناتا
    منهنجي ملڻ لئه هيڙا جي آقا،اڱڻ تنين کي آڻيم و آتا
    خواب ۾ اکريون تن کي پسن!محب ويا سڀ ملڪ عدم


    ” غم جانان غم دؤ ران!“

    غم جانان ـ غم دوران غم جام و صراحي ڇڏ
    ڇڏي ساري زمين و زر وڃي پکڙا مديني اڏ
    هتان جي مال و ملڪيت جي محبت کان مَٽي منهڙو
    حياتي کي بقا ناهي، سگهو سانگي مديني لڏ
    لکين احسان خدا تو تي ڪري سانگي سدائين ٿو
    عطا اولاد صالح ٿئه مدد تن لئه خدا کي سڏ
    شڪايت ڪر نه ڪنهن جي پرڏنگايون پنهنجون ڀي ڏس تون
    اميرن کي ڇڏي سانگي غريبن ساڻ گوڏوگڏ
    ڪري ڪي خير خيراتون، غريبن جا ڀري ڇڏ گهر
    اجايو ڪين ڪنهن سان ڀي نه پوندو ڪر ڪڏهن تون تڏ
    ستم سانگي زماني جا عزيزن جي غدارين جا
    وساري ڇڏ وساري ڇڏ، وساري ڇڏ وساري ڇڏ


    ” اي دل“

    دو رنگي دنيا جي ٿي اطوار ايهي
    ۽ پيري سندا ڀي ٿي، پر ڪار ايهي

    پسند ڪين پياسي، پرين کي اصل کان
    چٽا ٿيا مگر هاڻ، آثار ايهي

    اجايو پيا هون چڙهي چنبڙي تن کي
    ويا توڙي آهن ٿي بيزار ايهي

    حياتي ڏکن ۾ به ويندي گذر ٿي
    ڇڏي ڏي پرت جا تون وهنوار ايهي

    نه ايڏو پريشان ۽ مايوس ٿي تون
    ٺهي ويندا تو سان حسندار ايهي

    هلي ايندا تو وٽ هلي ايندا تو وٽ
    ٻُڌي دولت وڏن جي جهڻڪار ايهي

    خدا ۽ محمد سان نينهڙو لڳائج
    ڇڏي گلبدن جا تون رخسار ايهي

    نه ”سانگي“ ذڪر ڪر حَسينن جو هاڻي
    ڦٽي ڪر خدارا تون دلدار ايهي
    ”منٺار پرين! دل ٺار پرين“


    تون ياد ڪرين يا ڪين ڪرين، پر مان ته توکي پيو ياد ڪندس

    تون ياد ڪرين يا ڪين ڪرين، پر مان ته توکي پيو ياد ڪندس
    تون پيار ڪرين يا ڪين ڪرين، پر توکي ڏسي دل شاد ڪندس
    اهڙو اچي ويو دور پرين آهون ٿا ڪيون پر ڪين ليکين
    تون داد ڪرين بيداد ڪرين، پر مان نه ڪڏهن فرياد ڪندس
    سانگي جي فضا سانگي جي غذا، قربان زمينداري ڪري
    سانگي کي ڇڏي تو ڏانهن لڏي تنهنجو شهر اچي آباد ڪندس
    جڏهن کان ٿيو ديدار سندي بي آب ماهي جي جيان حال ٿيم
    منهنجي دل کي مليو نه قرار ڪڏهن، محمد پاڪ جو شهرآباد ڪندس
    راتين جو پئي من يار منجهي ڏينهن گذري پيو ڪرڪي ۽ ڪنجهي
    ڪڏهن کان نه رهي حالت آ ڳجهي تنهنجي چانئٺ چمي دل شاد ڪندس
    پيري جو پهرتو وٽ ٿئي گذر، اکڙين سان پسان شل تنهنجو شهر
    سانگي جو مديني ٿئي ڪو سفر، زندگي نه هتي برباد ڪندس


    ”شاهراهه عشق“

    شاهراهه عشق و محبت پر خطري اي جان من
    راهه ان تي جو هلي ٿئي دربدر اي جان من
    ڪين پيو ڪوئي پتوپ پيري اچي وئي اوچتو
    عشق و محبت جو مزو پر تازه تر اي جان من
    مون مزا ماڻيا سفر ۽ سير جا ڪيئي مگر
    سي مڪه مديني يثرب جي مثل مٽ ناهن سفر اي جان من
    موج ۾ گذري حياتي پئي سندم گهر ٻار سان
    ڪين وسري سو سفر پر روح پرور اي جان من
    هن جهان جو هر مسافر راهه پنهنجي آهه وٺندو
    راهه محمدجي مگر سڀ کان آ بهتر اي جان من
    آرزو آهي الاهي بخش جي هڪڙي اڃان
    عرض ”سانگي“ جو اگهي ٿئي حج ٻيهر اي جان من


    ”ڪلمه حق“

    ڪيئن ڪيان ڪاڏي وڃان مون ڇا ڪيان ۽ ڇا چوان
    يار سڀ ناراض ٿيندا جيڪڏهن ٿو سچ چوان
    ”ڪوڙ ڳڙ ۽ سچ مرچان“ ويا آهن چڱا چئي
    ڪين سچ ڪنهن کي وني ٿو ڇو بيان ان جو ڪيان
    دور ماده آ پرستي جو روان ۽ ٿيو دوان
    جو اختلاف عالمان دين جو آهي ثمر
    سربراهه قوم کي ڪرسي بچائڻ جو فڪر
    ملڪ ڀل ٽڪرا ٿئي پر هو رهي ڪرسي مٿان
    روز افزون اڄ مهانگائي ڪيو آهه ڇتو
    قوم جي هر فرد کي توڙي هجي پير و جوان
    ڪيئن غربت ملڪ و ملت جي ڇڏي جند جان من
    چند ماڻهن جو آ قبضو ملڪ جي دولت مٿان
    وئي وڏي بيروزگاري علم وارن ۾ گهڻي
    بک بڇڙي آ بلا جا ٿي ڪري ڊاڪو نوان
    اڪثريت ۽ اقليت جي فيل پاليسي وئي
    عدم ۽ انصاف تي هلندو اسان جو ڪاروان
    جيسيتائين ڪين آ خوف خدا انسان ۾
    ڪين ٿيندا قوم جا ڪنهن ٻي طرح ڪم سڀ نوان
    عرض ”سانگي“ جو اگهي شل سپر زمين هي پاڪ ٿئي
    گامزن بر راهه راست ڪامران ۽ شادمان


    ”اعتراف ۽ التجا“

    گنهگار آهيان، سيه ڪار آهيان
    خطا ڪارا آهيان، جفا ڪار آهيان
    بندو تنهنجو مولا مون بدڪار آهيان
    سزا سخت جو مون سزاوار آهيان
    گناهن تي ليڪن، شرمسار آهيان
    رحم ۽ ڪرم جو طلبگار آهيان
    ملي معافي موليٰ عرضدار آهيان
    گناهن کان مولا مون بيزار آهيان
    گناهن ۾ گذري سڄي زندگي آ
    ڪيم ڪانه تنهنجي خدا بندگي ڪا
    پکيڙيم دنيا ۾ گنہ گندگي جا
    ختم ٿئي خدايا پر آ گندگي سا
    ڪيم پاڻ آلاڻ آلودگي جا
    رهي ٿي شب و روز آفسردگي سا
    ٿيان نيڪ ٻانهو، ڪيان بندگي ڪا
    سندءِ قرب محبت سان سرشار آهيان
    خطائون ويون ٿي جو انسان آهيان
    گناهن سبب مون پشيمان آهيان
    محمد جو هر دم ثنا خوان آهيان
    مولا تنهنجو موحد مسلمان آهيان
    سندم تر جو مون ڀي چڱو خان آهيان
    غنڊن لاءِ قهري خدا ڪانُ آهيان

    اگر آهه پيري مگر جوان آهيان
    محمد ۽ تنهنجو پرستار آهيان
    ڇڏيان ٿو ڇڏيان دنيا جي ڌنڌن کي
    ڦٽي ٿو ڪيان پيو سمورن ڦڏن کي
    ڪيان ٿو بسيرو نُکن ۽ تَڏن کي
    ڇڏي عيش عشرت دنيا جي مزن کي
    وسايان ٿو هاڻي مساجد ، منارن کي
    ڪڍي مَنَ مان مذهب جي ڪوڙن بتن کي
    ڪيان دور انسان جي دردن دکن کي
    اڙين ۽ غريبن جو آڌار آهيان
    دنيا آهه فاني،فنا جو فسانو
    ختم آهه ٿيڻو ڪنو ڪارخانو
    نه رهندو ڪٿي ڪو، ڪوئي آشيانو
    حقيقت ٿو ڄاڻي سڄو ئي زمانو
    لڏيندو کٽو جنهن جو هت آب و داڻو
    ٿئي ”سانگي“ جڏهين، دنيا مان روانو
    ملي جاءِ جنت ۾ ٿئي شادمانو
    شفاعت سندءِ جو خواستگار آهيان


    ”عرض“

    عرض منهنجو آهه مولا مڃ سندم دل جي صدا
    خوش و خورم هر دم رهي تنهنجي در جو هي گدا

    گوشه تسڪين قلبي هن بندي بدڪار جو
    آ مڪي منجهه ۽ مديني هر زمان و سدا

    ڪر عطا رزق حلال و پاڪ صاف آب و داڻو
    پيءُ ڏڌاڏي جي زمينن مان ته کائون پيا سدا

    پهر پيري جو پڳو آ ڪر سندءِ نظر ڪرم
    خير سان گذري وڃي جيئن تنهنجي هي بند و خدا

    منهنجي ٻچڙن کي سدا ڪر سرخرو هر دو جهان
    ڏي نه ڏک ڪو تون ڪڏهن تن کي اي منهنجا خدا

    آشيانو هي الاهي بخش سانگي جو سدا
    تا قيامت تابنده آباد رکجان يا خدا


    دعا در درگاهه ايزدي

    معافي وٺان ٿو مولا پنهنجي گناهه جي
    دل ٿي گهري دعا تنهنجي پناهه جي
    ساري عمر گذر ٿي، ڪجهه ڪين ڪي ڪيم
    جوڀن جواني پنهنجي رائگان ٿي ويم
    مهڻا ملن ٿا مولا، غلطيون ئي مان ڪيم
    سامهون ٿين ٿا پنهنجا، ڪجهه مون اگر ڪڇيم
    منهنجون چڱايون سڀ برباد ٿي ويم
    هاڻي اچي لڳي آ، پنهنجي ساهه جي.
    ڪم زور ٿي ويو هاڻ،پوڙهو به ٿي ويو هان
    سانگي به ٿو رهان، ڀيروسکر به ڪيان
    محتاج ڪين آهيان، ڪم ڪار ٿو ڪيان
    تڏهين به ڪين ڪنهن کي هينئر ٿو مون وڻان
    الزام ٿا لڳن پيا سي ڀي ٿو پيو سهان
    تدبير ڏسڪيان، سڀني سان ٺاهه جي
    دنيا چون دورنگي، ڪنهن سان نه جنهن آ پاڙي
    ڪنهن کي چوان مان پنهنجو سڀڪو ڏسان ٿو ڀاڙي
    پاليا پڙهايا مون جي، تن ڀي آ دلڙي ساڙي
    آهيان دعاگو سڀ جو، وڌندي سندن پئي واڙي
    ناهيان مان چور ڪنهن جو، مڏڙي نه ڪنهن جي تاڙي
    اڳتي ڪجانءِ خير پيو پارت ٿي راهه جي

    دل تي غبار غم جو،سينو ڪباب آهي
    ڇانيل اڃان به بخت تي‏، شايد سهاب آهي
    جوڀن جواني زندگي، مثل حباب آهي
    هر جاندار جو وڃڻو شباب آهي
    هلندو دنيا مان هر ڪو، توڻي نواب آهي
    جاگير آ نه دنيا، ڪنهن ڀي گدا يا شاهه جي
    ”سانگي“ آ صاف صوفي، جنهن وٽ نه ڇوت ڇات
    ماري ڪيو آ من کي، مڙسي سان مرد مات
    مولا ڏسي نه ڪنهن جي، ڪڏهين ٿو ذات پات
    سبحان آهي سڀ جو، پڇندو نه ڪنهن جي ذات
    ٻولي نه ٻول ٻي ڪا، والي جي وائي وات
    هر ڪنهن سان ٺاهه ڪر، ڇڏ واٽ ڊاهه جي


    ”تمنا“

    پيري سندو پهر گهر ٻار ساڻ گذري
    محبوب يار مٺڙي منٺار ساڻ گذري
    دل تي اچي نه غم ڪو دلدار ساڻ گذري
    واندو ويهان نه ڪڏهين وهنوار ساڻ گذري
    اجڙي ويل زمين کي گلزار پيو ڪجي
    غفلت منجهان سڀن کي بيدار پيو ڪجي
    آئي وئي غريب جو سهڪار پيو ڪجي
    سانگي جي سر زمين تي خنڪار ساڻ گذري
    محتاج ٿيان نه اولاد توڙي ٻئي جو
    ويندو صحتسلامت، ٿورو کڻان نه ڪنهن جو
    روزو نماز ٿئي ادا، ڪم پيو ڪيان اڙين جو
    ڏک ڪين ڏسان، ڀڀڪار ساڻ گذري
    هيڻن جي ٿئي حمايت وهواهه ٿي وڃي
    ڪنهن سان نه ٿئي عداوت، وهواهه ٿي وڃي
    غربا سان ٿئي سخاوت، وهواهه ٿي وڃي
    باقي عمر سندم، منٺار ساڻ گذري
    پرورش ٿئي ٻچن جي، آرام ساڻ گذري
    ڦٽڪار آ ڦڏن تي، آرام ساڻ گذري
    جهيڙو ڪجي نه ڪنهن سان، آرام ساڻ گذري
    سانگي جو روزو شب غمٽار ساڻ گذري



    هيڻن جي ٿئي حمايت وهواهه ٿي وڃي


    ”سفر“

    عرصه جواني ٿيو گذر،پيري جو پهتو آ پهر
    آ خدا جو پر ڪرم، پيو گهمان ٿو هر شهر

    پيار وارن جا پون ٿاپور پلپل روز و شب
    آهه مجبوري گهمي پر سگهون تن جو نه تر

    لک احسان رب جا جنهن ڏنو اولاد صالح
    مال مڏيون حسب منشا، ڪين جهڪندو ڪنڌ ڪر

    انقلاب وقت جو ڪهڙو ڪجي يارو بيان
    ڪونه ڪنهن کي ڪو سڪون جنگ، جهيڙو بحر و بر

    زال توڙي مڙس ۽ اولاد جو جهيڙو هلي
    روز ڌاڙا ڦرون ڪونه حاڪم جو آڊر

    عرض ”سانگي“ جو اگهي ڏک نه ڪڏهين ”هُو“ ڏسي
    هن دنيا مان خير سان”هُن“ جو عزيزو ٿئي سفر


    ”نيت بد روٽي رد“

    اوڄاڻي او دي پر تون اپڻي توڙ نڀاءِ
    ڇا ڪندو ڪو يار ڪنهين جو ڪندو حڪم جي ڪين خداءِ
    عمر پرائي آهه امانتڪين ڪو تنهن کي آهه بقاءُ
    ڪرڻو هجئه جو اڄ ئي ڪر ۽ ڪين ويهي تون وقت وڃاءِ
    نيت ٿئي ٿي نانگ عزيزو، کائي وڇي ٿي کوٽن کي
    سوچ ڀلائي هر ڪنهن جي ۽ تون،وير نه ڪنهن سان پاءِ
    اندر ۾ هڪڙي ٻاهر ٻي، ٿي ريت آ راڄن ۾
    جيڪو کڻندو کڏ ٻين لئه، ڪرندو ان ۾ پاڻ ئي يار
    جيڪو ڀلائي ڪري ٻين سان، برڪت ان جي ئي لاءِ
    ”سانگي“ الاهي بخش گهميو تو آهي پرين جو پار
    ”هٿ ڏيئي يا ڪين ڏيئي ڪو تون ڀاڪر سڀ سان پاءِ“


    ”حال دل“

    دل جي حالت دوستو، ڪهڙي چئي ڪهڙي چوان
    من جو اندر آ جهري پيو ۽ ڪرڻ تي آشيان
    ڪو مزو دنيا ۾ قطعي ڪونه ٿو مون کلي اچي
    آهه باقي زندگي جا سا پيو پوري ڪيان
    آهه بهتر گهار دنيا ۾ مسافر جي مثل
    جيئن آئين خالي هٿئين تيئن ويندين تون هتان
    بي ثباتي آهه دنيا جي کان هر ڪو باخبر
    آهه طلسم جو چڪر اهڙو نه ڏي ٿو ڪو ڌيان
    رزق جائز جي طلب آ فرض توتي ٿي مگر
    هڙپ ٻين جا حق ڪرين تون پيو متان
    ڳوٺ ”سانگي“ ساهه سيباڻو وساري ڪين ڇڏ
    خير خيراتون نئين مسجد بنائج ۽ مڪان
    خدمت خلق خدا ۾ خرچ ڪر پيو مال و زر
    توکي ملندا ڏهه دنيا ۾ ۽ ستر منجهه هُن جهان
    عمر ساري جي عبادت کان عدل هڪ ڏينهن جو
    آهه بهتر تون وڃي پڇ ڪنهن وڏي بزرگ ڪنان
    پيءُ وانگر ڪلمه حق تون چئي ڏيڇا به ٿئي
    حق وارن جي مدد ڪر بي خطر رات و ڏينهان

    جاءِ نشين ٿي آهه مفتي ويو سندم دل جي اندر
    رهبري ان جي سندو”سانگي“ ڪري ڪهڙو بيان
    سير خاطر خوبصورت تيزرو ڪا ڪار گهرجي
    جنهن ۾ پنهنجي من گهرئي محبوب سان گهمندو رهان
    موج مستي موجزن آگر وٺي پيري وئي
    پرت جو پياسي هان يارو! واس وٺندو ٿو رهان
    سال ويا گذري گهڻان توسان ملي ئي منهنجا مٺا
    آءُ محفل کي مچايون واٽ ڏسندو ٿو رهان
    ڇو وئين ڀيرو ڀڃي ڪهڙي خطا ٿي آ وئي؟
    ڏي سزا اهڙي نه دلبر ٿي جدا تو کان وڃان
    ٿو ڪيان گڏ ساز و سامان بزم محفل مچي
    جذبه دل ٿئي جوان ۽ يار سان نچندو رهان
    عشق ۾ آهي مزو جو عاشقن کان سو پڇو
    سر چڙهي سوري مٿي يار محب سان ملندو رهان
    ڀر نه وٺجان ڪنهن به غنڊي جي هجي ويجهو کڻي
    ڪين موذي جي ڪڏهن ڀي ڪا مدد هرگز ڪجان
    سير خاطر خوبصورت گهر اڳيان باغيچڙو
    ٿي وڃي سرسبز جلدي پنهنجي اکرين سان ڏسان
    سنڌ ساري جي حسينن کي سڏائي پاڻ سان
    ”واهه جانب“ تي وٺي ”سانگي“ سندن پڪنڪ ڪيان

    ملڪ جي مڙني فقيرن کي گهرائي هيج مان
    خوب ”سانگين“ ۾ انهن سان صحبتون ويٺو ڪيان
    اولياءُ الله جي سڀني مزارن تي وڃي
    بزرگن جي صحبتن جو فيض ڀي وٺندو رهان
    مک مثل ماکي ۾ ٿي تون ڪينوڃ غرق و فنا
    هٿ هجئه ڀل ڪار ۾ دل هجئه دلدار سان
    آ ازل کان ئي اندر ۾ ٿي صحبت موجزن
    اي عزيزو حال هي آ ڇا ڪيان ڪاڏي وڃان
    زندگي گذري سندم آ درس ۽ تدريس ۾
    تنهنڪري ٿو تربيت تعليم ٻچڙن کي ڏيان
    جي اچي ڪو مرحلو مشڪل زماني ۾ کڻي
    رهنمائي ڪر سندم اي مالڪ ڪون و مڪان
    آ تڏو تونري سندم ٿي بسترو ويو ۽ کٿو
    ڪين گهٽ آ پر مزي ۾ بستري سو ڦوم کان
    عرض مولا آهه منهنجو خاتمو بالخير ٿئي
    شل هجي ڪلمو زبان تي مرڪندو تو وٽ اچان

    ”آرزو“
    روح جي راحت محمد مير و مرسل يار آ
    درد دل جو دائمي دارون دوا دلدار آ

    زندگي گذري گنهگاري ڪندي اي همنشين
    هاڻ پيري “۾ مگر محمد ٿيو منٺار آ

    هڪ دفعي حج تي ڪيم ديدار محبوب خدا
    هاڻ هر دم هر جڳهه ميسر سندس ديدار آ

    خوبرويان مجازي مہ لقا محبوبڙا
    ويا سڀئي وسري جڏهن محمد جو ٿيو ديدار

    سڀ ڇڏيونم مون زوراوريون ۽ گنهگاريون خدا
    ٿيو جڏهن کان مير مرسل من سندم تي سوار آ

    آ تمنا روح ”سانگي“ جي مديني موت ٿئي
    ڪو مزو ڪونهي هتي دل جو ٿي بيدار آ

    ” کڻ کلو ته ٿئي ڀلو“
    حالات زندگي ٿيا بد کان به يار بدتر
    تن کي ڪجي صنم ڪيئن؟ بهتر ۽ خوبتر؟
    ڏاڍو وڌي ويو آ، فتنو فتور اڄ
    مئخوار موج ۾ پر مومن آ دربدر
    مسجد ۾ مارڌاڙ پر، مئخانو بيخطر
    حيوان ديدور پر انسان بي بصر
    ڪونهي قدر ڪٿي ڀي شرفا جي جنس جو
    شودن جو شان هر هنڌ مٽجي ويا قدر
    غنڊن جو آ علاج مضبوط موچڙو
    چاهيو جي خير؟کڻجو سوٽي سدا سٻر
    جيڪو مڙيو سو مئو جيڪو ڀڳو سو ڀاڙي
    سچ آ چيو سياڻن توکي نه ڪا خبر
    سامان حرب کڻجي هر دم پيو پاڻ سان
    دعويٰ سان مون چوان ٿو ڊاڪو نه ايندو گهر در
    پنهنجو بچاءُ هر دم ڪرڻو آ پاڻ کي
    ٻئي تي نه ڀاڙ ڀاڙي دلبر ڪو ڌيان ڌر
    انسان آ اڪيلو آيو به آ اڪيلو
    وڃڻو به آ اڪيلو توکي نه آ خبر
    جيئڻ جو حق دليري نه ته آن ڪلر ۽ ڪيري
    ويري ڪندا ۽ ڍيري ويرن تي ڪر سو وار
    هر مرض جي دوا ٿي آهي جدا جدا
    ”سانگي“ جو سرتري تي، هن جا سلامي شير


    ”انصاف جو نيلام“

    ٿو سر بازار ٿئي انصاف جو نيلام اڄ
    ظلم ۽ بيداد هر هنڌ آ ٿيو سربام اڄ

    ٿيو لنڊن ۽ لوفرن جو هت قدر اي دوستو
    ۽ شريفن عالمن جو نانءُ ٿيو بدنام اڄ

    هير ڪا اهڙي گهلي جو ويا وفا جا وڻ سڪي
    جو ڪري محبت سچي سو ٿي وڃي بدنام اڄ

    جو چوي ٿو سچ ڪنهن کي سو وڻي ٿو ڪين اڄ
    ڪوڙ ڳڙ ۽ سچ مرچان سچ ٿيو بدنام اڄ

    چو طرف چرخو هلي پيو هت ٺڳي ۽ ٺاهه جو
    ٿي سچائي ۽ صفائي پئي سهي آلام اڄ

    ٿي الاهي بخش ”سانگي“ راهه حق تي گامزن
    کڻ صراحي پر ڪري پيءُ سچ سندو ڪو جام اڄ


    محب اهڙو ڪو ملي درد دل جو ٻڌي

    محب اهڙو ڪو ملي درد دل جو ٻڌي
    پرت اهڙي پيو ڪري روح ريڌو پيو وهي
    يار اهڙو ڪو هجي ڪين ٻئي سان جو ملي
    صرف مون سان پيو وهي ٻئي نه ڪنهن ڏي پيو ڏسي
    پراز دل ۾ جو رکي ڪين ٻئي سان جو سلي
    پيار اهڙو ڪري جو تا قيامت رهي
    يار اهڙو ڪو ڪجي پيار مون سان جو ڪري
    پيچ اهو جو وجهي ڪين جيڪو ٽٽي
    عمر ساري وئي ڇا وڃي آ رهي
    قبت تي جو اچي قرب سان قل پڙهي
    ڪو جو اهڙو ملي واڳ ان کي ڏيان
    حڪم ان جا مڃان سر به صدقي ٿئي
    عرض ”سانگي“ ڪري يار جاني ملي
    گهور ان تان وڃي موج مستي جو پيو ڪري
    يار هڪڙو ئي هجي جو خدا خود هجي
    ٻيو محمد هجي ٿي روانو وڃ مڪي
    محب مدني هجي ٻيو نه ڪوئي هجي
    دلربا سو ئي هجي ٻيو به ”سانگي“ ڪو هجي


    ”عجب دور“

    آيو آ عجب دور غنڊن آ وتو زور
    ماڻهو آ ٿيو ڍور چٻرو آ ٿيو مور
    هر شيءِ ۾ ملاوٽ ماڻهو ۾ ملاوٽ
    هر طرف ذلالت چو طرف رڳو شور
    محبت نه رهي ڪا شفقت نه رهي ڪا
    صحبت نه ملي ڪا هر فرد ٿيو بور
    تعليم ڪٿي آ تهذيب ڪٿي آ
    تربيت نه رهي ڪا هر طرف جبر جور
    ڪرسي آ جنهين وٽ هر شيءِ آ تهين وٽ
    ماني نه ڪنهن وٽ ظالم جو هلي زور
    آرام نه ڪٿي ڪو ڌاڙيل جو کٽڪو
    مسڪين تي ڪٽڪو خوس خورم رهي چور
    وهواهه جمهوريت چو طرف نحوست
    گهر گهر آ ٿي غربت فوجن جو اچي دور
    هاري آ پريشان مزدور پريشان
    انسان پريشان مانيءَ نه ملي ڀور
    ڪنهن جي نه ٻڌي ڪير لومڙ آ ٿيو شير
    ڀاڳئي سان وڏو وير، آزاد گهمي چور
    سچ جي ٿا چئون يار ماڻهون ٿا کائن خار
    ڪو ڪين لهي سار ”سانگي“ آ ٿيو طور


    ”رفتار زمانه“

    درد هزارين دوا نه ڪائي، ويڄ هزارين شفا نه ڪائي
    عشق اڄوڪو يار توائي، جي نه ڏنئه ڪجهه يار هوائي
    توبه زاري توبه زاري، عمر ساري اسان گنوائي
    پچر پرائي ريت نرالي، هر گهر آئي اسان نڀائي
    مڪان اهو ئي مٽي اهائي، زمان اهو ئي زمين اهائي
    محب اهي ئي وفا نه ڪائي، اسان ته ليڪن توڙ نڀائي
    باغ اهي ئي ، ذاغ اهي ئي ، بلبل ساڳي، ٻولي ٻيائي
    شاهه گدا سڀ کائڻ وارا، مست هزارين دعا نه ڪائي
    يار اڄوڪو حال نه پڇ، ڏاڍن جي ڀي حال نه پڇ
    هيڻن جو ڪو حال نه پڇ،ڏاڍن جو ڀي حال نه پڇ
    مون کان ڪوئي سوال نه پڇ، مال ۾ پُر پَرَ صفا نه ڪائي
    اڃان نه ترسو دور اچي ٿو، ترس نه ڪوئي ڪنهن تي ايندو
    پنهنجو پرائو ڪوئي نه ڏسندوهر ڪو پنهنجي پيٽ ڀريندو
    ڏاڍو رهندو مسڪين مرندو، مڙندو جيڪو سوئي مرندو
    ڊاڙ پئي هڻبي جان ڏيڻ جي، ٿيندي نه ڪائي وعده وفائي
    عشق الاهي بخش سانگي جو، سون تي يارو ڄڻ ته سهاڳو
    ساهه به صدقو جان به صدقو سر تي صدقو يار نڀاڳو
    قول جو يارو، پڪو پختو جڏهن به ملندو ساڳيو ئي ساڳو
    صاف ۽ سٿرو طور طريقو دل ۾ رکندو دغا نه ڪائي


    ”منزل مقصود“

    مون ڪٿي ۽ ٿي اڃا منزل ڪٿي
    من خدا مون کي ملي منزل ڪٿي
    جا پڄائي منزل مقصود تي
    ساري مون کي ملي شل ڪٿي
    من وڃي مسرور ۽ مخمور ٿي
    جي ٻڌان ٻولي مٺي ڪوئل ڪٿي
    سڀ سندم قربان ڪيان مون گر ملي
    درد جو دارون دوا درمل ڪٿي
    اي صبا قربان توتان مون وڃان
    جي ٻڌائين منهنجي آ مومل ڪٿي
    شادمانا ٿي وڃن جي هو اچي
    قرب جي ڪا هڪ ڪري محفل ڪٿي
    شاعرن جي شاعري ٿي خوب ڀر
    آ انهن ۾ جذبه بيدل ڪٿي
    رونق هر دو شهر آ خوب پر
    روهڙي ڪٿي ۽ پنوعاقل ڪٿي
    دل اندر آ موجزن رنج و الم
    جا اهي صدما سهي سا سا دل ڪٿي
    دور دنيا جو اٿي فاني فنا
    ڪين ٻڌنڌين نغمه بلبل ڪٿي

    جن ڄڻيو پاليو وڏو ڪيو
    سو ابو”ماڪن“امڙ قادل ڪٿي
    ڇا خوشي مير ٿئي خدمت ڪندي
    سا ٻين شغلن منجهان حاصل ڪٿي
    پرت جا پياسي پراڻا ويا مري
    ڪيئن مير ٿئي قرار دل ڪٿي
    سار ”سانگي“ جي لهي دلبر اگر
    ڪين مشڪل ڪار هي اي دل ڪٿي


    ”اي عزيزو“

    اي عزيزو! شام جو مون سان ملڻ ايندا ته ڪيو
    حال احوال دل جا ڏيڻ وٺڻ ايندا ته ڪيو
    فوت بابو ٿي ويو من جو مزو ويندو رهيو
    درد واري دل سندو درمان ڪرڻ ايندا ته ڪيو
    موت بيٺو آ مٿي تي نيٺ وڃڻو ساهه آ
    زندگي ۾ ڪا گهڙي مون وٽ ويهڻ ايندا ته ڪيو
    زندگي آ بي بقا ان تي نه ڪو ڀروسو
    قرب واري ڪچهري مون سان ڪرڻ ايندا ته ڪيو
    ڏينهن گذري ٿو وڃي محنت مزدوري ۾ سڄو
    واندڪائي جو مزو مون وٽ وٺڻ ايندا ته ڪيو
    ٿو الاهي بخش ”سانگي“ رند سانگين ۾ رهي
    پرت جا پياسي پرين، محبت ونڊڻ ايندا ته ڪيو


    ” پيري“

    پس پيريءَ جا پرڪار پرين، پس پيريءَ جا پرڪار پرين
    ٿو ڌار رهين دلدار پرين، تڏهين ته ٿيا هي حال پرين
    هڪ لانڍيءَ ۾ ٿو يار رهان،گڏ ڪڙمي ۽ ڪمدار ڪيان
    گهر گهاٽ صحن گلزار ڪيان، من ۾ آ مگر تنهنجي تار پرين
    ايڏو نه مون کان رهه ڌار پرين اچ پيار جي ڪريون سڪار پرين
    توتي ٿي اچي پئي خار پرين، ڇنڇر تي اچي لهه سار پرين
    تنهنجي منهنجي پرت پراڻي، ڪڏهين نه ٿيندي پاڻي راڻي
    منهنجي دل جي تون آ راڻي، آءُ مٺا منٺار پرين
    ڪار به تنهنجي يار، حوالي بئنڪ به تنهنجي يار حوالي
    ٻچڙا تنهنجي يار حوالي، مان ڀي تنهنجو يار پرين
    ”سانگي“ هر دم توکي ساري، ٻئي ڏي ڪڏهين ڪين نهاري
    ويهه نه ”سانگي“ يار وساري، ٻانهن جا وجهه هار پرين


    ”ياد رفته“

    گل هيا گلشن هيو،گلروءِ هيا، موسم بهار
    ساحل سنڌو هيو دامن ڪج ڪوهسار
    ساز سرندا ڇير ڇُمڪا ناچ گانا بيشمار
    محفل رند متي، ميسر حسن جا شاهڪار
    گردش جام و صراحي۽ ٻين پيا ميخوار
    موج مستي ۾ اچي ويا سرڪ پي سڀ بيقرار
    بيدل و بيڪس جي پروانن اچي چوري ڪا تار
    روهڙي ٿي موجزن ۽ مرڪز عشق و پيار
    روهڙي جي گهور جا گهايل ڏٺا ٿم بيشمار
    جن جا ڪپڙا، دل جا ٽڪرا جسم ۽ جان تارتار
    واٽ ويندي حور هڪڙي جا سهي تير نظر
    ٿي ويا ”سانگي“ جهڙا ڪيترائي گرفتار


    ”خيالات پريشان“

    دل ٿي چوي ته يار سان، ويهي گهڙيون ڪي گهاريان
    پيري جي هن سفر ۾ زخم جگر کي ٺاريان
    جاني هنيون آ جيءَ ۾ ٺاهي ڪوڪان قهري
    بيڪار سڀ دوائون، دلبر جي ديد ڌاران
    تقدير مخالف، تدبير ڇا ڪري
    محبوب ڏي نه منهن ٿو جنهن ساڻ اور اوريان
    نوخيز گل جي مکري، مرجهائجي وئي
    ٿيندي ڪڏهن شگفته باسان ٿو ويٺو باسيان
    محبوب ويو رسي آ، من پيو سندم منجهي آ
    ڪڏهين سکر ڪراچي ڪڏهين ٿو سانگي گهاريان
    ”سانگي“ ڪيو آ فيصلو عشق مجازي ڇڏجي
    پيري مڪي مديني، محمد جي در تي گهاريان


    ”لب جانب واهه“

    لب جانب گلستان ۾ مچي منٺار جي محفل
    مئي مدهوش ڪُن سان گڏ هجي دلدار جي محفل
    هجي هر دم ميسر دل دلدار جي محفل
    رهائش سان گڏوگڏ جا اٿم ميسر ننڍي مسجد
    انهيءَ ۾ شل هجي قائم ذڪر اذڪار جي محفل
    عمر ساري گذر ٿي آ گناهن ۽ فسادن ۾
    مگر هاڻي ميسر ٿي نبي سردار جي محفل
    مٽائي جاءِ ڪهنہ کي بنايم آشيان اهڙو
    جتي هر دم متل آهي چڱي گفتار جي محفل
    اڃان ڀي ياد تازه آ بتان خوبرويان جي
    وساري تن سڀن کي پر مچايم يار جي محفل
    سلامت شل رهي ”سانگي “سندي بلبل سدا هم دم
    رخ زيبا اکين آڏو مچي ميخوار جي محفل


    خوشخبری

    محترم الاہی بخش صاحب کی
    مگر
    ڪنهن نه سڃاتو
    کا اردو ترجمہ اور شعری مجموعہ
    گنجینہ گوہر
    عنقریب شایع ہوجائیگا


    کس طرح

    کو چئے جاناں میں گَر جاؤں تو جاؤں کس طرح
    ماجرائے دل سناؤں تو سناؤں کس طرح
    درد دل درد جگر ، حالت جامہ دری
    ہائے دلبر کو دکھاؤں تو دکھاؤں کس طرح
    ہے رواں دریائے آنسو فرقت دلدار میں
    راز دل گر میں چھپاؤں تو چھپاؤں کس طرح
    بے رخی دلدار کی سے شیشہ دل چور ہے
    اب بتاؤ؟ از سرِ نو گر بناؤں تو بناؤں کس طرح
    یار کی تصیر دل میں ہوگئی ہے نقش اب
    میں اسے دل سے مٹاؤں تو مٹاؤں کس طرح
    وائے قسمت وہ ہوا سانگی ابھی پردہ نشیں
    آنکھ اس سے اب ملاؤں تو ملاؤں کس طرح


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 464
    ڪتابن جو مشاهدو: 373079
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 151964
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ